ڪتاب جو نالو: صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو
مصنف: امر ساهڙ
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 07 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 1057 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 443 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • امر ساهڙ هِڪُ غير معمولي شاعر
  • ڇولين ٻَڌي ڇير
  • مومل جي مجازي نيڻن جهڙي شاعري...!
  • شاعِر پاران: شاعِري تنهائيءَ سان ڪيل گُفتگو آهي!
  • امر جي شاعري ۾ آزاد فضائن جهڙيون محبتون جَرڪن ٿيون
  • بیت

  • بيت
  • وايون

  • روايت کان بغاوت ڪندڙ شاعِري..!! فراق هاليپوٽو
  • ڪَجل ڪاري ريههَ جيان،
  • روز اچي ٿي ريٻارڻ
  • آئي آڌيءَ رات جو
  • ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا
  • اوتي ڏي تون پيار جو
  • ويٺا آهن واٽ تي
  • ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾
  • ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾
  • روحَل! تنهنجي راڄَ ۾
  • غزل

  • پنهنجي دُنيا ۾ مگن هڪ ملنگ ماڻهو : اياز رضوي
  • مون ۾ پاڻ اُتاري آئينءَِ
  • جَوانيءَ جاڳ جهڙي ڇوڪري
  • ڪري وَٺُ تون جيڪي ڪرين ڪاروايون
  • نيڻ جيڪي نَشائي هُيا
  • رنگَ هوليءَ رات جي، هر چيز کي
  • اڪيلو، اڪيلو، اڱڻ
  • ڪاري رات ڪميڻيءَ پويان
  • گهوڙا ڙي! هڪ گهوٽ مري ويو!
  • وقت جي سينڌ جا وار ويڙهي وَٺان
  • وَسي ٿي چاندني ڀٽَ تي
  • اوهان جي شهر ۾ آهيون
  • شهر سارو لڏي ويو آهي
  • اوڏڻ وانگر عشق اسان کي
  • هوا ۾ هيل هر پاسي رُڳو تنهنجو هُڳاءُ آهي
  • هِرک هٿڙن تي حِنا، ڏاڍي وَڻي
  • ڏاڍي ڏور ٿيندي ٿي وڃي
  • رهڻو رين - بسيرو ڪونهي
  • پيڇي ۾ پاڇا اچن پيا
  • رُت بَسنتي رات گُلن جي
  • هُوءَ ڇيڪ ڇتن کي ڇوڙيندي
  • رات، رات کي چوڻو پَوندو
  • دلربا دادِلو يَڪو گُهرجي
  • دردن جي دَرڪار اسان کي
  • هُوءَ ٿِي خُوشبو خواب وَئي آ
  • خيال پاڻ هَرتا اچن پيا
  • سِتم نڪو ڪا زحمت آهي
  • هينئڙو نه هار جاني!
  • کِلي کوڙ کاري جَواني
  • هيل وري ديوالي آئِي
  • چئو سِٽا

  • چئو سِٽا
  • نظم

  • فطرت ۽ مُحبت جي نيچرل رنگن جو شاعر : امر اقبال
  • منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا
  • صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو
  • سنڌ ڇڏي ويندڙ شاعر جي نانءُ
  • پنڪيءَ جي پيِءَ کي چئجان!!
  • تو ۾ مهڪ مٽيءَ جي مُرڪي
  • ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان...!!
  • تُنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا
  • هليو وين وَرتَ کي ويڙهي
  • تون وٽ ڇا او اينڪر آهي؟
  • مُقي سان ڳوٺ جو منظر
  • چُميءَ جي بي حُرمتي
  • چؤ راس ايندي ڪيئن؟
  • عشق منهنجو امام آهي
  • ڪويتا نيڻ ڄڻ هُن جا
  • نيٺ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا
  • اڙي او وڇوڙا!
  • زماني جي ظرف کان ناواقف نوجوان
  • بدنما داغ
  • ڌرتي ماتا! تو کي ڀيٽا
  • نا مَرد
  • اهل اُميدوار
  • محبت مانجهَه ڳائي ٿي
  • ظرف ۽ ضمير
  • عزتِ نفس
  • وري وؤٽ ڏيڻ...!!
  • ممنوع محبت
  • وڻ سڀئي وانڍا ٿِي ويا آهن
  • اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپَ آهيو!
  • سموري سنڌ سوچي ٿي
  • گيت

  • ڇير وڄائي ڇوري وو!
  • جيون رنگ رَچائي ٿر تي
  • هِن ديس مِٺي جي هارياڻي!
  • هيءَ جيڪا سنڌياڻي آهي، سائي ديسَ ڌڃاڻي آهي.

  • حق ۽ واسطا

    BOOK NO: (173)

    • صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو • Sehra Mun Men Saah Khane Tho
    (شاعري) (Poetry)
    • امر ساهڙ Aamr Sahar•
    ڇاپو پهريـون: جون 2016ع FIRST EDITION 2016
    ڪمپوزنگ مُڪيش هميراڻي (ساگر ڪمپيوٽرس مٺي)
    اسڪيچ: اي آر آزاد. ڪيليگرافي: امر گُل
    ٽائيـٽل@: ڪنول گروپ With All Rights Reserved
    ڪنول © KANWAL
    پبليڪيـشن قنبر Publication Kamber


    ملهه 250 روپيـا

    ¬
    ڪـتـابـن مـلـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر، حيدرآباد. - فڪشن هائوس، حيدرآباد -
    ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب، حيدرآباد
    سمبارا پبليڪيشن هائوس، سيد آرڪيڊ، حيدرآباد
    - رابيل ڪتاب گـﮬـر، لاڙڪاڻو - مهراڻ ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گـﮬـر، شڪارپور - سنڌيڪا ڪتاب گـﮬـر، سکر-
    تهذيب بڪ اسٽور، خيرپورميرس – الفقراء ڪتاب گـﮬـر، سانگـﮬـڙ
    الفتح نيوز ايجنسي، سکر – سراج بڪ اسٽور، قنبر


    ارپنا

    راڻي کيت بيماريءَ وگهي،
    مُسلسل بي موت مرندڙ،
    ٿر جي مورَن ۽ غِذائِي کوٽ جي نتيجي ۾،
    وقت کان اڳ ۾ ئي،
    مُرجهائي ويندڙ، معصوم ٿري ٻارڙن ۽
    اُنهن جي بيوس مائرن جي خالي ٿِيل جهولين جي نالي......!!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر، تخليقڪار ۽ ليکڪ امر ساهڙ جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. سعيد سومرو لکي ٿو:
    ’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون امر ساهڙ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    امر ساهڙ ـــ جنهن کي سندس پهرئين شعري مجموعي ’’اکين ۾ اُلڪا‘‘ سنڌي ٻوليءَ جي سگهاري ڪويسرَ جي سڃاڻپ ڏني ته نثر جي خوبصورت ڪتاب ’’خيالَ ڪَڙو کڙڪائن ٿا‘‘ هڪ پختگي سهڻي نثرنويس جي مڃتا به ارپي آهي. امرساهڙ جو اهو ادبي سفر هن نئين حسناڪ ڪتاب ’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ سان روان دوان آهي.
    امر ساهڙ جي ڪويتا اسان جي وقت جو نغارو آهي، جيڪو ذليل حالتن خلاف دانهي به ٿو ته محبوب ساعتن بابت ترجماني به ڪري ٿو.
    امر ساهڙ جنهن به صنف ۾ لکيو آهي، ته ان صنف جي مزاج موجب لکي هڪ ڏاهي ڏاتار جو ثبوت ڏنو آهي. هن جي غزل جي ٻولي ۽ لهجي ۾ غزل آهي ته نظم جي الڳ رڌم ۽ چاشني ۾ سنڌ جي گڏيل لهجن جي ميلاپ رکندڙ ٻوليءَ جو ڪمال واهپو جدا ڌيان ڇڪائي ٿو. وائي کان بيت تائين سندس اها خوبي نمايان آهي. فڪري ۽ فني اُڻت ۾ سرمست، سادا بيانيءَ سان پنهنجي موقف جي چٽي پيشڪش جو ڪامياب شاعر، امر ساهڙ نه صرف شاعريءَ ۾ زندگي ڀري پيو پر زندگيءَ جي حسن ۾ به اضافو خلقي پيو.
    ’’صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو‘‘ جديد سنڌي شاعريءَ جي رنگن جي عڪاسي ڪندڙ اهڙو مجموعو آهي، جنهن جي فڪر تي ڪنهن جي ڇاپ ناهي بلڪه امر ساهڙ جي ٻوليءَ جي ٻه رنگي ڍنگ سبب منفرد اسلوب طور ڏسجي ٿو. هُو گهٽ لکيو پر سٺو لکيو جي پيروي ڪندڙ شاعر آهي، جنهن جي هر هڪ تخليقَ پنهنجي جوهر ۾ سگهاري ۽ وڻندڙ آهي.

    سعيد سومرو
    ڪنول پبليڪيشن قنبر
    Cell: 0333-7523132
    Saeedsoomro4@yahoo.com


    امر ساهڙ هِڪُ غير معمولي شاعر

    هڪ نوجوان عِرفان لُنڊ جڏهن نئين ڪويتا ۾ ايئن ٿو لکي ته،
    هُن چيو:
    تنهنجا اڪثر نظم
    غير مُسلم ڇو آهن؟
    مون چيو مانس،
    موهن جي دڙي جي مٽي،
    اڃان ڪلمو ناهي ڀريو..!
    هي مڪمل نثر ناهي ڇا؟ پر اهو نثر سنڌ ۾ هزارين ماڻهن کي زباني ياد آهي. ڪهڙي ڳالهه آهي، جيڪا ڪنهن شعر کي زبان زد عام ڪندي آهي؟ ڇا هن جو عروض يا ڇند؟ يا ان جو ويچار، جيڪو اسان جي دل کي انتهائي ويجهو هجي. شاهه لطيف جي هزارين بيتن مان ”سائيم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سُڪار“ وارو بيت اسين بار بار ڇو ٿا دهرايون؟ هي ويچار جا ئي ڪرشما آهن. لُطافت جي حس تي پورو لهڻ کانپوءِ ڪيتري ئي شاعري پاڻهي مري ويندي آهي. پر ويچار جيترو مضبوط هوندو اُن جي طويل عُمر ايتري گهڻي ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ به هُوندي آهي. سڀ کان پهرين ته پاڻ کي انساني احساس جي شڪل، حالت ۽ حرڪت کي واضح ڪرڻو پوندو ته احساس مادو آهن به يا ناهن؟ ماڻهوءَ جا احساس به غير مادي آهن ۽ فلسفو به هڪ مادي قوت يعني دماغ جو غير مادي رفليڪشن آهي. شعور، وجدان، تخيل، اهي سڀ ڪنهن نه ڪنهن مادي قوت جو اولڙو آهن. بنيادي طور هر شاعر فلاسفر ئي هوندو آهي. پو اُن جي احساس جي طاقت آهي ته هُو مادي شين جو غير مادي اظهار ڪيئن ٿو ڪري ۽ غير مادي شين يعني احساسن کي شڪليون، شباهتون ۽ حرڪتون ڪئين ٿو ڏي. فلسفو خود تخليق آهي، اُن جو مون وٽ دليل اِهو آهي ته تخليق جي بنيادي تعريف اها آهي ته هر تخليق ٻئي تخليق کان جدا هوندي آهي. تخليق جي هڪجهڙائي تخليق کي تخليق نه رهڻ ڏيندي آهي. اُن کي پو اسين مينوفيڪچرنگ چوندا آهيون. ائين ئي فلسفي ۾ هر احساس جا پنهنجا پنهنجا الڳ خاڪا ۽ زاويا آهن. فلسفو جيترو وڌيڪ سمجهه ۾ ايندو، شاعر ايترو ئي تخليقي ٿي ويندو آهي. دوستن سان ڪچهريون ڪندي، جڏهن شاعريءَ کي ڪنهن سنياسي واري اک سان ڏسجي ٿو ته هڪ اڇوتي ۽ نئين سٽ، اُن ٻوُٽي وانگي محسوس ٿئي ٿي، جنهن کي ڳوليندي، ڳوليندي عُمر ڳري ويندي آهي. مون کي جڏهن امر ساهڙ جي شاعريءَ تي لکڻ لاءِ چيو ويو ته، مون سڀ کان پهرين سنياسي وانگر هڪ اڻ لڀ ٻوٽي جهڙي ڪا سِٽ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته، حيرتن جي حد ئي نه رهي. سندس شاعري جي جلايل جُهونا ڳڙهه جي وسيع ميدانن ۾ انيڪ اهڙيون اڻ لڀ سٽون مليون، جن کي ڇُهڻ سان ئي دل شفاياب ٿيو وڃي. رُوح آسودو، اکيون پُرنور ۽ احساسن جي طبيعت هشاش بشاش ٿيو وڃي. گيت، بيت ۽ وائي جهڙين صنفن کان ويندي غزل ۽ نظم تائين ته مون وٽ امر ساهڙ جو تعارف اڳي به هو، پر هي ڇا؟ امر ساهڙ ته نئين ڪويتا جو به لاجواب شاعر آهي. نتيجي طور مون اِهو طئه ڪيو ته امر ساهڙ جي ٻيئن شين تي پهرين ۽ سندس نئين ڪويتا تي سڀ کان آخر ۾ ڳالهائبو.
    امر ساهڙ پنهنجي نظم ’’ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان‘‘ ۾ چئي ٿو ته؛
    آءٌ مٽيءَ جو رانديڪو هان،
    واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
    جيڪو واءُ مٽائي ويندو،
    مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
    مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
    آيل! آءٌ اڪيلو آهيان،
    ٻرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
    جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
    صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي.
    ايلان ڪردي، جنهن جي ڦِڪي رنگ واري پينٽ ۽ سائي رنگ واري شرٽ واري فوٽوءَ دُنيا جي مُئل ضمير کي هڪ دفعو جاڳايو ضرور هو، پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ايلان ڪردي جي اُنهي تصوير تي جيڪي تبصرا ڪيا، شايد ئي ڪا ٻي خبر انهن ڏينهن ۾ ائين بريڪ ٿي هُجي. دنيا جي ڪا به ٻولي اهڙي نه رهي هُئي، جنهن ۾ ايلان ڪردي تي لکيو نه ويو هُجي، سنڌي ٻوليءَ ۾ به ايلان جو موت ۽ خود ايلان هڪ استعاري طور پيش ٿيا. ڪيترن شاعرن ايلان کي ۽ سندس موت کي نظمن ۾ بيان ڪيو. اُنهن ئي ڏينهن ۾ امر ساهڙ وري هي نظم لکي رهيو هو. جنهن ۾ ٿر جي هڪڙي ايلان جي دانهن سمايل آهي.
    ليڪن مون لئه مقدس آهي،
    تنهنجي هنج حياتيءَ جهڙي،
    جنهن جي ٿڃ سُڪي وئي ماتا.
    هِي ڪرب جي انيڪ جارح لمحن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا ٻُڌڻ ۽ ٻُڌي برداشت ڪرڻ انتهائي ڏکي آهي. هڪ ٻار جي ماءُ جي سُڪي ويل ڇاتي، مصور وانگر لفظن ۾ چٽيندڙ هِن شاعر وٽ اُنهي درد جو ذائقو هيئن به محسوس ڪري سگهجي ٿو ته،
    آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
    وينٽي ليٽر تي نه تڳائي.
    مون کي دل سان موڪل ڏي تون،
    آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
    هڪڙو وچن وٺان ٿو توکان،
    ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
    غربت جهڙي گار نه ڄڻجان.
    ڇا ته انهن سٽن ۾ درد آهي، تخليق جو درد هميشه تخليقڪار کان ڳُجهو هوندو آهي. هڪ مرندڙ ٻار جو پيغام، ان نام نهاد عالمي ڪٺ جي ضمير کي جنجهوڙيندو نه ته ٻيو ڇا ڪندو؟ جيڪو هر سال ڇهه ارب انساني آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لئه سٺ ارب ڊالر خرچ ڪري ٿو. اُڌارن ساهن جي مدد سان پوري ٿر جي وينٽي ليٽر تي لڳل زندگي جو اهم مسئلو ئي هن وقت بُک آهي. جنهن جو ردعمل اُهي ڪمزور ٻار آهن، جيڪي پنهنجي پيئرن ۽ مائرن کان يقين وڌيڪ سُجاڳ پڻ آهن. پنهنجي ڪمزور وجود سان دنيا جي انهي اهم مسئلي جي حل لئه نه صرف اهي ان احتجاج ۾ شامل آهن، پر شهادتون به ماڻي رهيا آهن. بک خلاف وڙهندڙ اُهي معصوم ٻار اهو به ڄاڻن ٿا ته کين بک سان وڙهندي مرڻو آهي، يا بُک وگهي مرڻو آهي؟
    امر ساهڙ هن نظم ۾ شروع کان وٺي آخر تائين سُجاگ ئي رهيو آهي. هو ڄاڻي ٿو ته هي بُک جي بدمعاش روش جيڪا پيڙهين کان وٺي اسان جا آنڊا برداشت پيا ڪن، ٿر ۾ مرندڙ ٻار هُجن يا مور هُجن، ٻنهي جي موت جا سائنسي سبب ڳولڻ ۽ اُنهن کي پڌرو ڪرڻ کان وس واريون ڌريون لنوائي رهيون آهن. هُو هِن نظم ۾ اڻ اظهاريل طور به اهو چئي ويو آهي ته؛ اُن ٿر جي ڀاڳ سان ڪير ريس ڪري جتي اڄ به انُ ايمان آهي، جتي تؤڪل پنهنجا ٻيڙا ڀري جڏهن لهندي آهي ته ڏک وسري ۽ سُک نِسري پون ٿا. امر ساهڙ جي هِن نظم ۾ موجود درد جي نغمگي ۽ ڏک جي لئي هر پڙهندڙ کي پاڻ سان گڏ ضرور وڄايو هُوندو.
    امر ساهڙ پنهنجي نظم ’’پنڪيءَ جي پيءُ کي چئجان‘‘ ۾ جيڪا هيٺين سِٽن ۾ منظر نگاري ڪئي آهي، اها به ڪمال جي آهي.
    ستاويهين ڊسمبر تي،
    اُڏندي ڍنڍ تي آڙي،
    پنڊيءَ جي توبچي تاڙي،
    لڳي گولي گهٽائن کي،
    اُتر جي ڄڻ هوائن کي.
    انهي نظم ۾ ڪونڀٽ جي ڏارن جو ڪرڻ، جهور پوڙهي وڻ جو خودڪشي ڪري ڇڏڻ، هيرڻ ۽ هُرٻي جو ذڪر ڪرڻ، ڀٽن جو ڀُڻڪڻ، بدين کي بديڻو چئي ان جي چُوڙن جو ذڪر ڪرڻ، هي حوالا انهي نظم جي خوبصورتي چئي سگهجن ٿا. نظرياتي طور انهي نظم ۽ اُن جي غير ادبي واڌ تي اختلاف به ڪري سگهجن ٿا. پر امر ساهڙ جي پنهنجي محسوس ڪيل غم جي پيش ڪيل تصوير، جيڪا نج اُنهن لقائن، ڏيکن ۽ منظرن تي آڌاريل آهي. جيڪي امر ساهڙ کي انتهائي ويجها آهن. ٿري عورتون بدين مان چُوڙا گهرائڻ کي فخر سمجهنديون آهن. پر جي اها خبر ڪنهن لوڪ گيت کان رهجي ويئي آهي ته ان لئه امر ساهڙ ڏي ئي اِها پهرين شاهدي ويندي ۽ شاعري ۾ اِهو سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ حصو ئي ڳڻيو ويندو. جيتوڻيڪ امر ساهڙ سنڌي جديد شاعري جي لڳ ڀڳ سڀني مُروج صنفن ۾ لکيو آهي، پر سندس خاص سُڃاڻپ نظم ئي آهي. سندس ڪيترائي نظم نه صرف حوالي طور ڪوٽ ٿين ٿا، پر اُنهن مان ڪيترن نون لکندڙن اُتساهه پڻ ورتو آهي. سندس اهڙو ئي هڪ نظم آهي ”صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو“ سندس هِي نظم ٿر جي هر اُنهي نياڻيءَ جي ڳالهه آهي، جيڪا پنهنجي خانداني ريتن، رسمن جو ٻارڻ بڻجي، ليڪي جي پرئِين پاسي پرڻجي ٿي وڃي. ٿر بابت جيڪي دوست علم رکن ٿا، اُنهن کي خبر هوندي ته ٿر جي تقريبن سڀني ذاتين جون مِٽيون، مائٽيون ليڪي جي پرئين پاسي به آهن. چوڏهن سالن جون پرڻايل ٻارڙيون پنجاهه سالن جي وٿيءَ کانپوءِ به پنهنجي اباڻن ڪکن کي ڏسي نه سگهنديون آهن. هِتي پرڻجي آيل يا هُتي پرڻجي ويل عورت کان غير مشروط طور تي اهو مڃرايو ويندو آهي ته، توکي پُٺتي مُڙي ناهي ڏِسڻو، توکي ياد ناهي رکڻو، تنهنجو نڪاح هڪ ويسر سان پڙهايو پيو وڃي. تون هڪڙي سڀ ڪجهه ڀُلائڻ واري رسم سان گڏ چونريءَ چڙهي رهي آهين. توکي ڪو به پيءَ ناهي، ماءُ ناهي، تنهنجي آندل ڄڃ تي ته لکين خرچ ٿي سگهن ٿا. پر توکي تنهنجي مري ويل ماءُ جو مُنهن ڏسڻ لئه پنهنجي ور جي غربت کي ڌيان ۾ رکڻو پوندو. ويرانين جي ور چڙهيل هن سڄي خطي جون شاديون، مُراديون، مرڻا، پرڻا، انتهائي دلچسپ آهن. امر ساهڙ جو هي نظم هڪ ڌيءَ جي پنهنجي پيءَ سان ڳالهه ٻولهه آهي. جيڪا ڪٿي، ڪٿي وري اُنهي ڇوڪري جي خودڪلامي به محسوس ٿئي ٿي. هِن نظم جون هِي سٽون ته صفا احساس کي چُهنڊڙيون ٿيون ڀرين.
    هڪڙي تنهنجي حڪم اُجاڙي
    ڪڙڪي ڄڻ ڪا تيز ڪهاڙي
    ڌرتيءَ کان هڪ ڌيءَ جدا ٿي
    هيءَ قيامت ڪيئن خدا ٿي؟
    يا
    سگريٽن جي ٽوٽن وانگر،
    ائش - ٽِريءَ ۾ روز اُجهان ٿي،
    تيليءَ وانگر طنز لڳي ٿي،
    ٻيهر ڀڙڪي آئون ٻَران ٿي.
    هِن نظم ۾ اها ڇوڪري جيڪي رڙيون ڪري ٿي، اها جماليات پنهنجي چنبن ۾ کڻي ايئن اُڏامي ٿي ۽ سندس اباڻي ديس ٿي پهچي، جنهن لئه هُوءَ چوي ٿي ته؛
    ڪجلاسر جي شام ڪُنواري،
    سُرمي جيئن سَجي ٿي مون ۾،
    مون ۾ مور ڪلنگيءَ وارو،
    روز نيارو رقص ڪري ٿو،
    حُب الوطنيءَ جو هيئن اظهار به صرف امر ساهڙ جهڙن غير معمولي شاعرن جو ئي ڪمال هوندو آهي. جيڪي لفظن کي زندگي بخشين ٿا ۽ تاريخي ڪردارن کي قبرن مان اُٿاري خيال جون پڳون پارائي هٿ ۾ واڳون ڏيئي، اڙل وڇيرا ٻيهر هڪلڻ جو انتظام ڪن ٿا. آريسر سائين جي نثر ۾ ته رتن سنگهه جي گهوڙي جا کُر، امرڪوٽ جي قلعي کي آڳاٽو ڇُهي چُڪا آهن. پر ڪنهن نظم ۾ اُن گهوڙي جو هِڻڪڻ، اُن جا پيرا سڀاڻي امر ساهڙ ڏي ئي ويندا.
    حُب وطن جي مون ۾ هڻڪي،
    رتن سنگهه جي گهوڙيءَ وانگر،
    ۽ پنهنجي اباڻي ملڪ لئه اِها نياڻي، هيئن به سوچي ٿي،
    آزاديءَ سان اُڏري آئون،
    ڏيئاري جي ڏينهن اچان ها،
    هوليءَ رات هوائن ڀيڙي،
    هڪڙي ياد اچي ٿي اڪثر،
    ويساکيءَ جي ويل اچي ٿي،
    راجا واري ريل اچي ٿي.
    نظم جو ڪلائمڪس به نهايت ئي جاندار آهي، جيڪو نظم جي پُڄاڻي لُڙڪن تي ٿو ڪرائي ۽ پڙهندڙ پاران هڪ سرد آهه ٿي اُڀري، جيڪا اهڙين سڀني اڀاڳڻين لئه فضا ۾ وکري ٿي وڃي.
    امر ساهڙ جو هڪ نظم آهي ”مقي سان ڳوٺ جو منظر“ هِن نظم ۾ جيڪا جمالياتي اُپٽار آهي ۽ اُن جو اهڙو ته جاندار نموني سان اظهار ڪيو ويو آهي، جو پوري طويل نظم ۾ هڪ به سٽ اهڙي ڪين ٿي ڏسڻ ۾ اچي جنهن ۾ ڪا ٿڪاوٽ هُجي يا ڪمزور اميجري جو ڪمزور استعمال ٿيل هُجي، پوري نظم جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هي نظم هڪ ڳوٺ جو واقعي به اڇي ۽ ڳاڙهي مُقي سان ڀريل هڪ منظر نه پر انيڪ منظرن جو ميڙ آهي.
    مٿي کي ميٽ سان ڌوئي
    ڪئي هر چيز چوٽي هُئي.
    جهڙين سٽن سان گڏوگڏ، ڪجل جي ريک وانگر ماڪ جي ڦُڙي جو ڪرڻ، صبحءُ جي سُرخ چولي، نينهن جي نيري نظاري، گج جي ڀرت ۾ ڀٽائي کي ڀرڻ ۽ ڀِٽن تان شام جي پاڇي جو ترڪي پوڻ، جهڙيون شاعراڻيون ترڪيبون استعمال ڪري امر ساهڙ اِهو ثابت ڪيو آهي ته روائتي فني گهاڙيٽي ۾ رهندي به شاعري کي پنهنجي پاران گهڻو ڪجهه ارپي سگهجي ٿو .
    پُڄائي اوڙ ڇيڙي تي،
    ڪنڊيءَ جي ڇانَو ۾ ڇوڙي،
    اڳئين جو اُٺِ کي هاريءَ،
    دُکائي پن جي ٻيڙي،

    يا
    ڏِٺائين واٽ تي ڏاچي،
    ولر کان ڌار پي وڙڪي،
    چڙي جي لار سان ڀيڙي،
    ڌنيءَ جي دل پي ڌڙڪي.
    هي هڪ اهڙي سماج جا معاشي عڪس آهن، جنهن جون کيڙيون ميڙيون سڀئي سانوڻ جي آسري آهن. ٿر جي ماڻهو معاشي ۽ سماجي طور تي به جام ڀوڳيو آهي. پر هِن نفسياتي طور به وڏيون جُٺيون سٺيون آهن. ٿر جي ماڻهو لئه اُٺ، گهر جو ڀاتي تصور ڪيو ويندو آهي. ٿر ۽ بئراج جي زرعي وصفن ۾ تمام گهڻو فرق هُجڻ باوجود به صدين کان ٿر جو ماڻهو ڏڪار جي ڏينهن ۾ بئراجي ڀاڱي ۾ رهندي، جيڪو ٻن الڳ الڳ سماجن جو زرعي نفسياتي جبر برداشت ڪري رهيو آهي، اُن تي گهڻو ڪُجهه لکي سگهجي ٿو. هي نظم منظرن کان ٿيندو حياتيءَ بچائڻ جي حيلي جي ڳالهه تي پُڄاڻي تي پهچي ٿو. جتان اها خبر پوي ٿي ته، شاعري زندگي کي ئي ويجهي آهي، يا ائين کڻي چئجي ته دُنيا ۾ شايد اِها شاعري ئي آهي جيڪا موت خلاف احتجاج ڪري ٿي، ۽ پوءِ اُن ۾ هر جاندار ۽ غير جاندار شامل ٿي پنهنجو پنهنجو آواز ڳولڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. هِن نظم جي سِٽ سِٽ مان هڪ، هڪ ڪردار، هڪ هڪ استعارو ۽ هڪ هڪ تشبيهه کڻي ٿر جي ادبي وايو منڊل ۾ ڪُجهه ٻيا به نظم لکجي چُڪا آهن. اِها ئي هن نظم جي ڪاميابي ۽ هِن نظم جي شاعر امر ساهڙ جي مڃتا چئبي.
    ”چُمي جي بي حُرمتي“ امر ساهڙ جو هي نظم فني لحاظ کان هڪ آزاد نظم ئي چئي سگهجي ٿو. هِي نظم هڪ ئي دائري ۾ ٻن فاعلن جي گرد ڦري ٿو. توڙ ي جو هن نظم ۾ امر ساهڙ طرفان ڪا به خود ساخته فني ڪاوش ته نظر نه پئي اچي، پر تنهن هوندي به هن نظم جو ردم ڪمال جو آهي ۽ اِهو ئي هڪ شاعر جو فڪري اثاثو هُوندو آهي. ٻاروتڻ جي يادگيرين کي دُهرائيندي هِن نظم جي ٿيم جو تاجي پيٽو ائين ٻڌل آهي ته
    ’’ڄڻ ته ڪا ڄارڙِي هُئين،
    پيلوءَ جيئن پچڻ کان اڳ ئي
    اچانڪ تون وڏي ٿي وئين،
    تنهنجي تراکڙي ڇاتي مٿان
    قلندر جي قبي جهڙا
    ٻه اڇا ڪبوتر اچي ويٺا‘‘
    هِن نظم ۾ هڪ وڃايل چُميءَ جو الميو آهي. هڪ پُراڻي پيار جي ڳالهه آهي جيڪي صرف ڳالهيون ئي رهجي ويون آهن. هڪ وڃايل چُميءَ جي وارتا ۽ اُن کي ڳولڻ جي جستجو آهي. نظم جون نگاهون نيريون محسوس پيون ٿين، ۽ اُن نظم جي شاعر بابت نج رُومانوي شاعر جهڙي راءِ قائم ڪرڻ ۾ اِهو نظم پنهنجي سموري توانائي سميت پڌرو بيٺو آهي.
    ’’نيٺ نا اُميد ٿي مون تنهنجي چُميءَ جو تڏو وڇايو‘‘
    جهڙا انيڪ احساس آهن، جيڪي هن نظم جي شاعر جي اندر جو سرمايو ٿيندي، پڙهندڙ کي پڻ مالامال ڪري ٿا وجهن.
    اِهو لکڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نٿو سمجهان ته امر ساهڙ نه صرف نظم ۾ نڀايو آهي، پر سندس غزل واري سُڃاڻپ به اهميت لائق آهي. امر ساهڙ جي پهتل ڪجهه غزلن کي پڙهڻ کانپوءِ مون انيڪ شعر ڳالهائڻ لئه چُونڊي نشانبر ڪيا هُئا، پر پوءِ انهي خيال ڪر کنيو ته، غزل اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ نه شاعر ڊوڙي، ڊُڪي ۽ ڀڄي سگهي ٿو، نه وري غزل جي خيال تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اُن ڪري امر ساهڙ جي هڪ غزل جي هِن بند مان لُطف وٺندي سندس غزلن وارا پنا ٻيڻا ڪري پاڻ اڳتي ٿا وڌون.
    ڏينهن ڪوئل سَندي ڪُوڪَ جا،
    باغ جي بادشاهي هُيا.
    غزل وانگر وري امر ساهڙ بيت جهڙي ڪلاسيڪل صنف ۾ تمام جاندار نموني سان نڀايو آهي. سندس هيٺان بيت سندس ڳُوڙهي مُشاهدي جو اُهڃاڻ آهن.
    ورت جيئن ويڙهي ڀاڳيو رکي ڀُوڻ تي،
    مون کي تيئن ميڙي، مُجب وِهاريو من ۾.
    يا وري؛
    ويڙهي وينڍ لاهُون، جئين ڪا جتڻ نينگري،
    اديون! ايئن آئون، وڇوڙين ويڙهي وتان.
    آئون مٿي لکي آيو آهيان ته، مون کي امر ساهڙ جي نئين ڪويتا تي سڀ کان آخر ۾ ڳالهائڻو پوندو. سندس نظمن تي ڳالهائڻ کان پهرين هِي چند ڳالهيون ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان. اِهو الميو ئي چئجي ته ڪجهه سالن کان سنڌي شاعريءَ تي رُڳو اخباري مالڪن، ايڊيٽرن، صحافين ۽ ڪالم نگارن ئي ڳالهايو آهي. جڏهن ڪو ڪالم نگار سنڌي شاعريءَ جون صديون ورهائي ٿو ته اُن تي ڪير به احتجاج نٿو ڪري ته بابا! تون شاعريءَ جو ماڻهو ئي ناهين، تو کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي صدي ۾ شاعريءَ جون ڪهڙيون گهرجون آهن. تون جو اِها ونڊ ورڇ ڪري رهيو آهين، اهِا جذباتي وابستگي ٿي سگهي ٿي، پر اِها تقسيم ڪيترو جٽاءُ ڪندي، ان بابت ڪا به اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته صدي يا دؤر جو وڏو شاعر توهان ڀٽائي کي چئو ٿا. جڏهن اُن صدي جي ميَن شاهه عنايت رضوي کي گُربخشاڻي جهڙو هڪ به شارح مليو ته ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي ويندي. گريوٿي ويووز جي هيءَ صدي، جنهن جو هرپل تبديلي جا انيڪ سبب کڻي نمودار ٿي گذري رهيو آهي. پر جي ڪو ان پوري صدي جي اثرن کي نظر انداز ڪندي سڄي صدي هڪ اهڙي شاعر کي دان ڪري ڇڏي جنهن جي شاعري جي ڪيترن سٽن کي انيڪ چيئلينجز سامهون هُجن. اُن صورتحال ۾ باقي پوري صدي کي اوهان هٿ سان جُنوني ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪيو ٿا. اڳي شاعري رُڳو رجعت پسند ۽ ترقي پسندن جي وچ ۾ ڦاٿل هُئي. هڪڙا روايت جا حامي، ۽ ٻيا تخليق جي نون لاڙن تي ڌيان ڏيڻ جي حق ۾ هُئا. هڪڙن وٽ اِها ئي ساڳي روايت آهي ته ٻين وٽ جدت پسندي. هڪڙا چون ٿا ته شاعريءَ ۾ فن جي ڪا به اهميت ڪانهي. ٻيا چون ٿا ته دُنيا جو ڪو به آرٽ فن کانسواءِ مڪمل ڪونهي. هڪڙا چون ٿا ته اِها شاعري ئي حب الوطني ۽ قومپرستي آهي، جنهن ۾ لفظ سنڌ جو جام استعمال هُجي. ٻيا چون ٿا ته سنڌ جي نالي وٺڻ کان سواءِ به سنڌ محسوس ڪرائي سگهجي ٿي. هڪڙا چون ٿا ته شاعري رُڳو پنهنجي وطن جي محاڪاتن ۾ ئي سُونهي ٿي، ٻيا چون ٿا ته شاعر ڪائناتي ٿيندا آهن. ڪٿان جي به ڳالهه ڪري سگهن ٿا. هڪڙا چون ٿا ته سنڌي شاعري دم خم ختم ڪري چُڪي آهي ٻيا چون ٿا ته پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرين جي. هڪڙا چون ٿا شاعري اها جيڪا سمجهه ۾ اچي، تاڙيون وڄن ۽ ياد ٿي وڃي، ٻيا چون ٿا ته شاعري اها جيڪا معنيٰ جا در بند رکي سوچڻ تي مجبور ڪري. هڪڙا چون ٿا ته رومانس اسان جو اسڪول آف ٿاٽ آهي. ٻيا چون ٿا ته اسين فلسفي جي مدرسي جا شاگرد آهيون، جتي رومانس سميت هزارين شاگرد به اسان سان گڏ پڙهي رهيا آهن. ان سڄي وايو منڊل ۾ هڪ نئون بحث به سنڌي شاعريءَ جو نصيب بڻيو، نئين ڪويتا جا چوٻول اُٿيا، هڪ نئين گُهر جو اضافو ٿيو. مون جهڙن نون شاعرن به انهي نئين لهر ۾ پاڻ کي ترندي محسوس ڪيو ته امر ساهڙ جهڙا سگهارا ۽ تجربيڪار شاعر به نئين ڪويتا کي اظهار جو سئولو گس سمجهي ان ۾ لکي رهيا آهن.
    ”ظرف ۽ ضمير“ نئين ڪويتا ۾ امر ساهڙ جو اهڙو نظم آهي جنهن جي بنياد تي امر ساهڙ کي شاعريءَ جو آبادگار چئي سگهجي ٿو. ”اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپ آهيو“ هِن نظم تي ڳالهائڻ کان بهتر آهي ته اُنهي نظم جون چند سٽون ورجائي امر ساهڙ جي تجربن مان سکجي ۽ مزو وٺجي.
    دنيا جو هر ماڻهو مون کي سُڃاڻي ٿو،
    پوءِ اِهو پڙهيل هُجي يا اڻپڙهيل،
    آئون آڱوٺي جي نالي سان سُڃاتو وڃان ٿو،
    ته ٺُٺيو به مون کي ئي چوندا آهن،
    آئون هر فرد جي هٿن پيرن ۾ هڪيو آهيان.
    سواءِ اُنهن جي، جيڪي ٺُونٺا آهن،
    آئون انساني جسم جو هڪ اهم عضوو آهيان،
    (جنهن کي دنيا جو هر ٻار ڌائي سگهي ٿو)
    اڳي اڻپڙهيلن کي آڱوٺي ڇاپ چئي،
    مُنهنجي عزتِ نفس مجروح ڪئي ويندي هُئي،
    مُنهنجو نالو اُن وقت بدنام ٿيو هو،
    جڏهن آڱوٺي ڇاپ ”ماستر“ ڀرتي ٿيا هئا،
    اوهان جي سموري بايو ڊيٽا،
    فقط هڪ آڱوٺي جو خرچ آهي،
    يعني اوهان جي اوقات هڪ آڱوٺو آهي،
    ته پوءِ اِهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي؟
    ته اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپ آهيو..!

    روحل ڪالرو
    ٽنڊوالهيار- سنڌ


    ڇولين ٻَڌي ڇير

    جهڙي ريت ”مهراڻو“ ٿر جي طبعي ڀاڱن ۾ سڀني ڀاڱن کان وڌيڪ نرمل ۽ نرالن نظارن تي مشتمل سائو، ستابو ۽ سهڻو طبعي ڀاڱو آهي بلڪل تهڙي ريت مهراڻي جا ماڻهو به نهايت ئي موچارا ۽ مڻيادار آهن. ماٺيڻي اوٺي کان عبدالقادر جوڻيجي، فقير مقيم ڪنڀر، سائين عزيز مهراڻوي، ممتاز نهڙئي، خالد جوڳي، خليل ڪنڀر ۽ ٻين ڪيترن ئي تخليقڪارن تائين جو تعلق ان مهراڻي سان آهي جيڪو ڪنهن حسين استعاري وانگر ٿر جي تعارف جو هڪ دلڪش حوالو آهي. ماڻهن ۽ منظرن جي ڪري مشهور ٿيل علائقي مهراڻي ۾ آباد ٻين سوين ڳوٺن مان مائي ڀاڳي جي لوڪ گيت جهڙو هڪڙو ڳوٺ ”ٿاڌات“ به آهي جتي سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر نثر نويس محبتي ۽ ماٺيڻي ماڻهو امر ساهڙ جو جنم ٿيو.
    امر ساهڙ جو ٻالڪپڻ ”ٿاڌات“ جي واري جي درن تي هلندي ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهندي يقينن ايئن ئي گذريو هوندو جيئن ٿر جي ٻين ٻارن جو ٻالڪپڻ گذرندو آهي. اڌ بُک، اڌ ڍئو، سال ۾ پيلي اسڪولي ڊريس يا مليشي جي اسڪولي جوڙي تي مشتمل هڪ وڳي جو لباس، هلڪي رٻڙ مان ٺهيل ڳري چپل جو ساليانو ساٿ ۽ سياري ۾ ڪنهن نيلامي سوئٽر جي سهاري موسمي جبر جو مقابلو ڪندڙ ٿري ٻارن کان امر ساهڙ ڪجهه کڻي مختلف زندگي گذاري هوندي پر ان الڳپڻي ۾ به سورن ۽ سختين جو مقدار ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سوايو ئي رهيو هوندو. ڇو ته ڪو به شاعر پنهنجي تخليقي اظهار واري لمحي اچانڪ شاعر نه بڻبو آهي بلڪه ان جي دل زندگي جي پهرين ڌڙڪي کان ئي هڪڙي شاعر جي دل هوندي آهي. جيڪا ٻالڪپڻ کان ئي محرومين، مُسرتن، ماڳن، مڪانن، ماڻهن ۽ منظرن کي عام ٻارن کان مختلف انداز ۾ محسوس ڪندي آهي. جڏهن ته اهو لمحو ڊگهي ۽ مرحيلوار محسوسات جو آخري نتيجو هوندو آهي جڏهن سندس چپ ڪو گيت گُنگنائيندا آهن يا سندس هٿن سان ڪوري ڪاڳر تي ڪو غزل، بيت، وائي يا نظم ڪويتا جي روپ ۾ تحرير ٿيندي آهي. ڳالهه جو واضح مقصد ته، شيون اڳ ئي موجود هونديون آهن ظاهر ڍڪ لهڻ کانپوءِ ٿينديون آهن.
    ان حقيقت جي گواهي جي سلسلي ۾ امر ساهڙ جي شاهڪار نظم ”ڪويتا نيڻ ڄڻ هُن جا“ مان هي سٽون پڙهي سگهجن ٿيون ته؛
    ڪويتا، کوهه جي سيرڻ، ڪويتا، جاٽ جوڀن جي،
    ڪويتا، اوڙ جو ڇيڙو، ڪويتا، ٿڪ ڪُڙمئي جي،
    ڪويتا، قرض هاريي جو، ڪويتا، عمر جي پونجي،
    ڪويتا، ڄڻ گهڙولي ڪا، ڪويتا، ڏِٺ پرولي ڪا،
    ڪويتا، لوڪ آکاڻي، ڪويتا، سارنگا جهڙي
    ڪويتا، نينهن نازڻ جو ڪويتا، بخت باليءَ جو
    ڪويتا، سونهن جي شوخي، ڪويتا، بيرُخي هن جي
    ڪويتا، ويڻ ڄڻ هن جا ڪويتا، نيڻ ڄڻ هن جا
    آئون پنهنجي سوچ جي آڌار تي اها ڳالهه پوري وثوق سان ايئن ٿو سمجهان ته مُهراڻي جي ڳوٺ ٿاڌات تي چمڪندڙ ٿڌي چنڊ، پرهه ويل پورب کان پڌري ٿيندڙ اڇاڻ، پاساڙي ۾ بيٺل ڪونڀٽ جي ڇڊي ڇانوَ کي چٽو ڪندڙ ڪچڙي مجهند، ڪانوَ جي اک ڪڍندڙ آرهڙ جي اُس، پوڙهي پياڪ جي نيڻن جهڙي شام ۽ ڪنهن حسينا جي وهنجي سڪايل وارن جهڙي رات اسان جي هن ماٺيڻي ۽ محبوب دوست جي دل ۾ تڏهن به ولوڙا وڌا هوندا جڏهن اڃا سندس هٿن مکڻ جي چاڻي جهڙي پهرين ڪويتا تحرير به نه ڪئي هوندي.
    غم خوشيءَ کان گهڻا دوستو – هام ڪهڙي هڻان دوستو،
    ڪيستائين ڀلا ڪلاجون – ڳالهيون مان ڳڻان دوستو.

    امر ساهڙ ٻالڪپڻ جا شاعراڻا پيرڙا مهراڻي جي مارڳ تي ڇڏي جڏهن نوجواني جي نشيلي وهي کي پهتو هو تڏهن سنڌي ٻولي جو تڏهوڪن معتبر ۽ مشهور رسالن مان سڀني کان وڌيڪ قومي رنگ ۾ رتل ماهوار ”ساڃاهه“ ۾ اڪثر امر ساهڙ جا نظم ڇپجڻ لڳا هئا ۽ هڪڙي پڙهندڙ جي حيثيت ۾ مون کي ڏاڍا وڻڻ به لڳا هئا. امر ساهڙ کي پنهنجو پسنديده شاعر سمجهڻ جي باوجود هڪڙي عرصي تائين آئون سندس اتي-پتي کان اڻواقف ئي رهيس. مون کي خدا نٿو ڀلائي ته اهو 1990ع جو سال هو جو مون کي هن دوست پاران پوسٽ ڪيل خط اچي مليو. واضح رهي ته ان زماني ۾ جيڏن-سرتن سان رابطي جو واحد وسيلو هڪٻئي ڏانهن لکجندڙ اهي خط ئي هوندا هئا جيڪي ٻين دوستن کان ممڪن آهي ته وڃائجي ويا هجن پر مون ان دؤر ۾ لکيل دوستن جي تفصيلي خطن سان گڏ اهي چٺيون-ڇپاٽيون به سنڀالي رکيون آهن جن ۾ هڪڙو پورو دؤر محفوظ آهي.
    امر ساهڙ ان پهرين تفصيلي خط جي آخر ۾ جيڪا پنهنجي پوسٽل ائڊريس ڄاڻائي سا اڄ ڇويهه سال گذرڻ کانپوءِ به ساڳي آهي يعني- معرفت سيٺ منٺار اوٺو، ڍورو بازار نئون ڪوٽ.
    هي لفظ لکڻ وقت آئون ڇويهه سال پوئتي وڃي جڏهن پنهنجو پاڻ کي ساروڻين جي سير ۾ ٿو اڇلايان تڏهن مون کي اسان ٻنهين جي شاعر ۽ قومي ڪارڪن هجڻ وارين هڪجهڙاين سان گڏ ٽئين هڪجهڙائي اها ياد ٿي اچي ته هن کي منهنجو خط ملندو هو. ”ڍوري بازار“ ۾ ۽ مون کي هن جو لکيل خط ملندو هو ڍوري ناري ۾ - يعني ”ڍوري“ جو وهڪرو به اسان جي سوچن جي وهڪري وانگر ساڳيو هو. اهو ئي بنيادي ڪارڻ آهي جو امر ساهڙ ۽ منهنجي وچان وهندڙ محبت جي ”ڍوري“ جو وهڪرو ڪڏهن به ماٺو ناهي ٿيو.

    جڏهن کان تو ڪيو جادو اڃا ان سحر ۾ آهيون،
    ٻڏون ٿا پيا، ترون ٿا پيا، نـگاهن نهر ۾ آهيون.
    نه رڳو ايترو پر منهنجي ٽيبل تي پيل سندس تازي شعري مجموعي ”صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو“ جي پريس ڪاپي جو پنو-پنو پڙهڻ کانپوءِ آئون ڇاتيءَ تي هٿ هڻي پوري پڪ سان چئي ٿو سگهان ته امر ساهڙ جي اندر ۾ وهندڙ تخليقي ڍوري جي وهڪ به ڌيمي ناهي ٿي. سندس شاعري جي هن مجموعي ۾ موجود بيت، وايون، گيت، غزل، نظم ۽ چؤسٽا پڙهڻ کانپوءِ هن جا لائق پڙهندڙ شايد منهنجي ان ڳالهه سان متفق ٿين ته، امر ساهڙ ڏات ۽ ڏيهه سان هڪ جيترو ڪميٽيڊ شاعر آهي. هو ڪافور ۽ قبرن جا قصا کڻڻ بدران وٺي جي هوا ۾ مهڪندڙ زندگي جي ڪهاڻي تي ويساهه رکندڙ اهڙو شاعر آهي جنهن جي هر سٽ ۾ پنهنجو وطن ۽ وطن وارا ساهه کڻندي نظر ٿا اچن.
    ڌرتيءَ سان گڏ ڌڙڪي پيئي، منهنجي دل درازن جهڙي،
    اوڏن جهڙي، رازن جهڙي – اهڙو ديس اڏڻ ٿي چاهي،
    جنهن ۾ ڪو به نه هيڻو هوندو – هر ڪو پاڻ وهيڻو هوندو.
    امر ساهڙ جون مٿيون سٽون سندس سهڻي نظم ” منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا“ مان کنيل آهن جيڪو پورو نظم پڙهڻ کانپوءِ مون کي ان فڪري ۽ نظرياتي تربيت تي پيار ٿو اچي جنهن مان پچي نڪتل امر ساهڙ جي قومي ۽ طبقاتي شعور جو رنگ هن زماني جي تيز اس به اڏائي ناهي سگهي. بلڪه منهنجو سرخ ڦريري جهڙو هي ساٿي اڄ به پُراُميد آهي ته؛
    نيٺ ته ڌونئرو ڏينهن به ٿيندو-نت نڪورو نينهن به ٿيندو
    نيڻ نه ڪنهن جا آلا ٿيندا-هڙئي هيج حوالا ٿيندا
    منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا-نم جي وڻ جون ڇائون ٿيندا.
    ٽي-ايس ايليٽ سميت ڪنهن به مشهور ۽ معروف نقاد جي قول جي ڪلهي تي چڙهي موشگافيون ڪرڻ بدران آئون صفا سڌي ۽ سادي ڳالهه ڪندي چوڻ ٿو چاهيان ته، جيڪا شاعري عوام جي روح جي پاڙن ۾ پلر جي پالوٽ بڻجي نٿي لهي سا امر ساهڙ جي شاعري ٿي نٿي سگهي؛
    رت جو ڏئين ٿي ريج ٻنيءَ کي، حد کان زيادهه هيج ٻنيءَ کي
    ڏيندي آهين ڏيج ٻنيءَ کي، او هارياڻي، او هارياڻي
    امر جون اهي سٽون پڙهندي محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ هي خود ڪا هارياڻي آهي جيڪا عوام جي دلين جي ٻنيءَ کي ريج به ڏي ٿي ۽ حد کان وڌيڪ هيج به ڏي ٿي. ڇاڪاڻ ته هڪڙي سچي شاعر جي حيثيت ۾ ان ”هارياڻي“ کي اها پڪ آهي ته اهو فصل رڳو ديس واسين جي دلين ۾ ئي پوکي سگهجي ٿو جنهن جي پچڻ کانپوءِ؛
    اڀ اجهو ۽ اولو ٿيندو ڍڪ ڍليءَ جو ڍولو ٿيندو
    چنڊ وطن جو چولو ٿيندو مارو پاڻ – وهيڻا ٿيندا
    نيٺ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا.
    آسن، اُميدن، همتن ۽ جرئتن جي هندوري ۾ لڏندڙ سنڌي شاعري جي هن ”شهزادي“ جي اُتساهه جا سرچشما اهي وڏا ماڻهو آهن جن کي ”امر“ سنڌ جي سڃاڻپ ٿو سمجهي.
    سنڌ جي آزادي پسند اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي نانءُ ڪيل سندس نظم جي پڄاڻي ڪيڏي پياري ڪئي اٿس ته؛
    مون سنڌ لاءِ جيڪي سفر ڪيا آهن
    يا ڪفر ڪيا آهن
    اهي سڀئي مون کي ”اندران“ جيئن عزيز آهن.
    اسانجي ٽهي کي پنهنجي محبت ۽ خلوص جي ڪشادي ڀاڪر ۾ ڀريندڙ رسول بخش درس لاءِ لکيل هي سٽ ڇا ته حسين سٽ آهي؛
    ڪينجهر کان به ڪشادو، دل جي درس فقير
    اسانجي محبتي دوست ڀارومل امراڻي جي سار چيلهار تي کڙيل چنڊ وانگر جڏهن امر ساهڙ جي اندر ۾ ٿي لهي تڏهن هو لکي ٿو؛
    ڀاروءَ جي ڀليڪار مور نٿي مون کان وسري
    ايئن جمن دربدر، حليم باغي، حسن درس، حاجي ساند ۽ موهن ڀڳت سميت جن به ماڻهن کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ساريو آهي، اهي هن جي اتساهه جو سبب آهن ۽ منهنجو خيال آهي ته جنهن شاعر جي اُتساهه جا سر چشما وطن-دوستي جي آبشار جيان سدا وهندڙ هجن اهو زماني جي رواجي ۽ روايتي اظهار کي اپنائي هلڪڙين هوائن جو شڪار ٿي نٿو سگهي.
    تو وٽ قيد ڪبوتر سارا مون وٽ تترن تيز اڏارون
    مون وٽ مست هوائن ۾ ٿا هرڻ هٺيلا ڊوڙون پائن.
    هو پنهنجي اُتساهه ۽ ويساهه جي سرچشمن سان جتي بي انتها محبت ڪري ٿو اُتي وطن کي لڄائيندڙ ڪردارن سان ايتري ئي شديد نفرت به ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته قومي شعور جي تعليم ۽ ترتيب هن کي اها ڳالهه سمجهائي آهي ته، رڳو محبت جو ميٺاج به ماڻهو کي ماري وجهندو آهي تنهنڪري ماڻهو کي با مقصد ۽ متوازن زندگي گذارڻ لاءِ نفرت جي جذبي کي به پنهنجي دل ۾ ايتري ئي جڳهه ڏيڻي پوندي جيتري محبت کي ڏيڻ ضروري آهي.
    ڪنهن مارئي کي مارئي ٿيڻ لاءِ رڳو مارن ۽ ملير سان محبت ڪرڻ ئي ڪافي ڪونهي پر عمر ۽ عمر جي ڪوٽ سان ايتري ئي شديد نفرت ڪرڻ به ضروري آهي. ان روايت کي پنهنجي روح سان مڃيندڙ امر ساهڙ جتي وطن-دوست ڪردارن سان محبت جي اظهار کي پنهنجي شاعراڻي آڏاڻي تي اڻيو آهي اتي وطن کي لڄائيندڙ ڪردارن لاءِ ساڳي شدت سان نفرت جو اظهار پڻ ڪيو آهي؛
    سياسي پنڊت سنڌ جا، تنهنجو دين نه ايمان،
    هر ماڻهو حيران، لڄي تنهنجي لڇڻ ڪيو.
    امر ساهڙ پنهنجي شاعراڻي اظهار ۾ مجموعي طرح حُسن ۽ حب الوطني جو اهڙو امتزاج آهي جنهن جي شاعري کي روايتي مهاڳ واري تشريح ذريعي پڙهندڙن تي بار بڻائڻ بدران آئون رڳو ايترو چوڻ چاهيندس ته هي ”ساهڙ“ اسان جو اهڙو سپرين آهي جنهن جي شاعراڻي تعاقب ۾ ههڙو حسين بيت به اچي سگهي ٿو ته؛
    ڌيري ڌريا پير، چانڊوڪيءَ لهرن مٿان،
    ڇولين ٻڌي ڇير، سجاڳ ڪيو سمنڊ کي.

    ميرحسن آريسر
    سرمد جو ڳوٺ-عمرڪوٽ
    24 فيبروري 2016ع


    مومل جي مجازي نيڻن جهڙي شاعري...!

    ٿر رڳو ڪجلا سرمٿان ڪُرلاءُ ڪري لهندڙ ڪونجن جي قطارن واري حسين منظر جو نالو ناهي ۽ نه ئي ڪو ڀالوا جي ڪنهن ڀٽ مٿان ٽهوڪا ڪري اڏامندڙ مور جي کيڙي مٿان بي خود بنجي ڊڪندڙ ڊيل جي تانگهه جو تصور آهي پر ٿرته پارڪر جي ڪنهن پدمڻي جي پٿون ٿيل پيرن ۽ ونگي پتڻ جي ويران واٽن تي وڃائجي ويل ملوڪ ماضي جي ناياب نشانين جي اذيت ڀريل احساسن ۽ نهٽي جي اجڙيل بازارن ۽ ڀڙڀانگ آثارن جو به نالو آهي. ڏڪار جي ڏهاڳ ڏينهن ۾ ساڻيهه جي سهاڳ کي ساريندي لاڙ ۾ لابارن لاءِ ويل ڪٽنب جي رولاڪين جو نالو به ٿر آهي. امــــــــــــــر ساهـــــــــــڙ انهن حسناڪين ۽ محرومين جو مصور شاعر آهي. هن جنهن ڪمال ڪاريگري سان ٿر جي انهي عڪس کي چٽيو آهي تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ بلڪل ائين ڏکيو آهي جيئن مالڻهور مٿان لهندڙ سج جي لالاڻ ۽ روهيڙي جي سرهاڻ کي سمجهائڻ سولو ناهي. امر ساهڙ جي شاعري تي ڪو اڀياس لکڻ بجاءِ انهي کي صرف ۽ صرف محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو .هن ڪاريگر ڪوي گيان جي گوڙي مندر ۾ صرف مطالعي ۽ مشاهدي جي زور تي پنهنجي ڏات جا ڏيئا نه ٻاريا آهن پر صحرا جا سڀ مرحلا هن جي وجود منجهان ڪونڀٽن جيان ڦٽي نڪتا آهن .هن جي شاعري ۾ جيڪي نرالا رنگ نظر اچن ٿا سا ته مٿس انهي ميگهه جي مهرباني آهي جنهن جڏهن وسڻ جا ويس ڪيا ته ٿري سونهن تجلا ڪري چوئنري مٿان چنڊ سان به چلولايون ڪرڻ لڳي ۽ اگر مُنهن موڙيائين ته رشتن جا روپ به بدلجي ويا . ٿانور ڀٽي مٿان اوڙڪون ڪري وسندڙ سورن جو ساوڻ ۽ روحل واءِ مٿان چمڪاٽ ڪندڙ ٻڪرال سندس هر سٽ ۽ هر غزل ۾ هٺيلن هرڻن جيان ڇال ڏين ٿا . وطن جي هر ادا تي فخر امر ساهڙ جي شاعري کي وڌيڪ جاندار بنائي ٿو .
    مون وٽ ونگو پتڻ آهي،
    اُن جو اُتر – ڏکڻ آهي،
    ڄڻ ڪنهن هٿ جو ڪنگڻ آهي،
    تو وٽ ڪو ئي ڪاڇو ڪونهي،
    “سنڌ پرينءَ جو پاڇو” ڪونهي.

    سنڌ وطن جا اهي سمورا لافاني ڪردار جن ساهه ڏئي پنهنجو ويساهه برقرار رکيو انهن کي هن پنهنجي شاعري ۾ جنهن انداز۾ جڙيو آهي، سندس انهي هنر کي جس هجي. دودي سومري ،مخدوم بلاول ،شاه عنايت ،دولهه درياءَ خان ،هوشو شيدي،هانسي سوڍي ،روپلي ڪولهي کان وٺي ڄام نندي ، سن جي سٻاجهي صوفي سائين جي ايم سيد،فاضل راهو، ذوالفقار علي ڀٽي، بينظير ۽ بشير خان قريشي سميت هن جتي هر ڪردار کي پنهنجي شاعري ۾ چٽيو آهي اتي هن ديس جي ڏات ڌڻين لطيف، اياز، حسن درس، حليم باغي سميت صادق فقير، مامي جمن دبدر، رسول بخش درس، ڀارومل ۽ حاجي ساند کي به نه وساريو آهي. سچ ته اهو آهي ته جکري جي جوءِ جي هن جوهري شاعر جي ڏات ۾ جسمان اوڏڻ جي نيڻن جهڙي جوت ۽ سارنگا لاءِ سڏونت جيڏي سڪ۽ ڇڪ سمايل آهي .
    مومَل جي مَجاز جون، ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪهاڻيون،
    رُساما، رِهاڻيون، ماري وِجهَندَئي مينڌرا!

    ڏياچ جو ڪٽيل ڪنڌ ۽ وڳهه ڪوٽ جي ويران رات هن جي لفظن مان ليڪا پائي ٿي .مومل جي مجازي نيڻن جهڙي هي شاعري ڪنهن به روح جي ڪينجهر ڪناري تماچي کي نورا پارائي لهرون لهرون بنجي نچائڻ لاء ڪافي آهي .اهو شخص جنهن سان آئون هيستائين ملي نه سگهيو آهان سو امر ساهڙ پنهنجي ذات ۾ به پڪ سان سندس شاعري جيان جادوئي سحر رکندو هوندو .


    امير منڌرو
    بدين - 2016-02-09


    شاعِر پاران: شاعِري تنهائيءَ سان ڪيل گُفتگو آهي!

    ڏهه، يارهين سالون اڳ يعني 2004ع ۾ مُنهنجي شاعِريءَ جو پهريون مجموعو ’’اکين ۾ اُلڪا‘‘ شايع ٿِيو هو. قطعي نظر اِن جي ته، اُنهي ڪتاب کي سو-ڪالڊ ادبي وڏيرن ڪيتري اهميت ڏِني ۽ ڪنهن ليکي، چوکي ۾ آندا يا ”ناني ويڙهن“ کي نظر ئي ڪو نه آيو. مون اُنهن جي ’’نظرِ ڪرم‘‘ طرف ڪڏهن به واجهايو ڪو نه. ڇاڪاڻ جو مون کي اُنهن کان ڪنهن سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي قطعي لوڙ ڪا نه هُئي، بقول احمد فراز جي؛
    ہزار شُکر کے ہم اہلِ حرفِ زندہ نے،
    مْجا ورانے ادب سے سْند نہیں مانگی۔
    پر مُنهنجا اُهي عام پڙهندڙ، جيڪي مون وانگر سادا، سٻاجها هُئا ۽ ڪنهن به بُعض ۽ ڪيني جي بيماريءَ کان بچيل هُئا، اُنهن کان جيڪا مانائِتي موٽ مون کي مِلي، اُن جو ڪاٿو اِنهي ڳالهه مان آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته، اُهي اَڄُ به اڻلڀ ٿِي وِيل ڪتاب ’’اکين ۾ اُلڪا‘‘ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايئن اُتاولا آهن، جيئن سنياسين جون اکيون جبلن ۾ جڙيون ٻُوٽيون ڳولڻ لاءِ سرگردان هُونديون آهن. ۽ کين اکين ۾ اُلڪا پڙهڻ جي تشنگي اڄ به ايئن ئِي تڙپائي ٿِي، جيئن ٿر- ٻاٻيهي کي پلر جي پياس تڙپائيندي آهي.
    2015ع ۾ مُنهنجو ريڊيو اسِڪرپٽ تي مشتمل ڪتاب ’’خيال ڪڙو کڙڪائن ٿا‘‘ شايع ٿيو. مُنهنجي پهرينءَ شعري مجموعي وانگر مُنهنجي اِنهي نثري ڪتاب کي به مُنهنجي لائق پڙهندڙن وٽان جيڪا پزيرائي مِلي، ۽ جيڪا محبت ڀَري موٽ مِلي، اُن مُنهنجي هيڪاندي همت وڌائي، مون ۾ نئون جذبو ۽ حوصلو پيدا ڪيو. جنهن جي بدولت ئي هڪ سال اندر آئون پنهنجو ٻيو ڪتاب آڻڻ جي همت ساري سگهيو آهيان. ڏهاڪو سالن جي ڊگهيءَ وڇوٽيءَ کانپوءِ منهنجو هِي نئون شعري مجموعو ’’صَحرا مون ۾ ساهُه کڻي ٿو‘‘ مُنهنجي انهي دعوا کي ثابت ڪرڻ لاءِ سگهارو دليل آهي ته، مون اسٽيجن، مُشاعرن ۽ ادبي ميلن کان پاڻ کي پري رکي، گهرجي ڪُنڊ ۾ گوشه نشيني اختيار ڪرڻ باوجود، شاعِريءَ سان سڱ ناهي ڇِنو، ڇاڪاڻ جو شاعِري جيڪا ڪڏهن مُنهنجو شؤق هُئي، اُها هاڻي مُنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو ۽ واحد ڪاز ۽ جواز آهي، اِها ئي مُنهنجي عبادت آهي. اِها ئي مُنهنجي رياضت آهي. جنهن مون کي اڪيلائي جي ’’اعتڪاف‘‘ ۾ هوندي به اڪيلي هئڻ جو احساس ٿيڻ ناهي ڏنو. مون ماٺ جو مُراقبو پائي به پنهنجي ڏات جي ڪاڪ تي رات اچڻ ڪو نه ڏني آهي.
    اِهـا مـاٺ معنيٰ، رکي ٿي زمانا!
    اسان ڏات ويٺا اڏيءَ تي ارايون.
    مُنهنجي شاعِري تنهائي سان ڪيل گُفتگو آهي، جنهن ۾ ڪئي اڄاتا ۽ اڇوتا آواز گُنگُنائِن ٿا. ڌرتيءَ جا، ڌرتيءَ واسين جا، منهنجي اندر ۽ ٻاهر جيڪي آواز ٻُرن ٿا، جيڪي آواز دانهن سمجهي دٻايا وڃن ٿا، اُهي سمورا آواز مُنهنجي شاعِريءَ ۾ پڙاڏا بڻجي گُونجن ٿا. مُنهنجي شعور، تحت الشعور ۾ جو ڪُجهه به موجود آهي، اِهو مُنهنجي شاعِريءَ جو سرمايو آهي. مون جيئن ۽ جيڪي ڪُجهه ڏٺو آهي يا محسوس ڪيو آهي، اُنهي کي ڪنهن شاعِراڻيءَ صِنف ۾ اوتي پاڻ کي هوا کان به هلڪو محسوس ڪيو آهي. هِيءَ وشال ڌرتي، هِيءَ ڪُل ڪائنات ۽ اُن جا جُملي رهاڪو مُنهنجي شاعِريءَ جا محبوب مُحرڪ آهي. اِهي مُنهنجي شاعِريءَ جو اُتساهه آهن ۽ اِهي ئي مون کي لِکڻ لاءِ خام مال مُهيا ڪن ٿا. ٿر، جيڪو سنڌو سڀيتا ۽ هاڪڙي تهذيب جو عڪاس ۽ امين آهي، سو مُنهنجي شاعِريءَ ۾ پنهنجين سمورين حُسناڪين ۽ پيڙائن سميت ساهه کڻي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ٿر کي منهنجي اکين سان ڏسي ته شامي پناهگيرن ۽ ٿر مان هر سال لاباري لاءِ لڏپلاڻ ڪندڙ دربدر ڀيلن ۽ ڪولهين جي دلين جا درد به ساڳي آهن ته سندن اکين جي لُڙڪن جو ذائقو به ساڳي، ٿر ۾ مرندڙ معصوم ٻارڙن جي مائرن توڻي فلسطيني ٻارڙن جي امڙين جي سيني ۾ ساڳي گوشت جي دل ڌڙڪي ٿي. پر چوندا آهن ته ’’پٿر پرائو سُور سڀڪا پنهنجا روئي‘‘ سو مون کي اِن ڳالهه تي قطعي ڪو پڇتاءُ يا ارمان ڪونهي ته مون ايشيا کنڊ جي سياسي، سماجي بُحرانن ۽ عالمي لقائُن کي پنهنجي شاعِريءَ جا موضوع بنائڻ بدران پنهنجي مَڏوهر ڏيهه جي ڏکن ۽ سُکن کي سندم شاعِريءَ ۾ پناهه ڏني آهي. ۽ اُن جُرم ۾ جيڪڏهن ’’ڪويتا- ڪيٽين‘‘ جا ڪمدار مون کي ’’شاعر برادريءَ‘‘ جي ڀَت پوت مان نيڪالي ڏيندا ته به مون کي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو. باقي منهنجي خيال ۾ خود شاعِرُ پنهنجي شاعِريءَ جي موضوع، مزاج، ماحول، موسيقي، مقصد ۽ ڪيفيت بابت پاڻ ئي ويهي وضاحتون ڪري ته اُهو قطعي مناسب ڪونهي. ڇو جو، اِهو حق اُنهن باشعور پاٺڪُن کي هُئڻ گهرجي، جيڪي شاعِريءَ سان محبت ڪن ٿا، ۽ شاعِريءَ جي روح کي سمجهن ٿا. اُهي ئي شاعِريءَ ۾ پِنهان ڪنهن پيغام کي پَروُڙي اُن مان ڪو حِظ حاصل ڪن، قبول ڪن يا رَد ڪن، اِهو سندن ئي صوابديدي اختيار آهي. ۽ هُونئن به شاعِريءَ ته خود وات وڪيل هُوندي آهي.
    شاعِريءَ ۾ هر ڪنهن جا پنهنجا گس ۽ گهاڙيٽا آهن، ڪي جدت جي جَڙي گهوڙي تي سوار آهن، ته ڪي وري ڪلاسيڪيت جي ڪرهن تي پاکڙا پلاڻي ويٺل آهن. پاڻ نه پنهنجي ماضيءَ سان ناتو ڇِنو آهي، نه ئي حال تان هٿ کنيو آهي ۽ نه ئي وري آئيندي کان اکيون ڦيريون آهن. پر پوءِ به پاڻ ڪنهن جي به جُتيءَ ۾ پير پائڻ جي نه ڪا دعوا ٿا ڪريون ۽ نه ئي ’’ٺُونٺيون‘‘ هڻي يا ’’چٺين چپاٽين‘‘ ذريعي ڪا جاءِ ماڻڻ جي ڪوشش ٿا ڪريون . پاڻ نه ڪنهن خدمت جي خوش فهمي ۾ مُبتلا آهيون نه ئي سنڌي ادب تي ڪو ٿڌو ٿورو ٿاڦيون ٿا، ڇاڪاڻ جو پاڻ ڪنهن جي خواهِش يا فرمائش بدران هميشه پنهنجي ’’درويش دل‘‘ جي آر ۽ اِصرار تي لِکيو آهي. پوءِ جهڙو به حال آهي، پريان نال آهي، مون پنهنجي شاعِريءِ جي سرزمين تي جيڪا به جاٽ ڀَري آهي، جيڪي به جوٽا ڏنا آهن يا آڙيڪا ڏِنا آهن. اُهي اوهان جي اڳيان آهن. اگر انهن ۾ ڪي ڪميون، پيشيون (فني يا فڪري) رهجي ويون آهن ته آئون اُهي ايئن قبول ڪرڻ لئه تيار آهيان، جيئن ڪا جيجل ماءُ پنهنجي ڪُسر ۽ ڪپوٽ اولاد جا عيب اکين تي رکندي آهي.
    آئون بيحد ٿورائتو آهيان سنڌ جي سدا ملوڪ آرٽسٽ ۽ مُنهنجي محبوب دوست محترم اي-آر آزاد جو، جنهن منهنجي هُجت کي مانُ ڏيندي، بيتن، واين، غزلن ۽ نظمن جا اِنتهائي دلڪش ۽ شاندار اِسڪيچز ٺاهي ڏنا. ٿورا ته مون تي سنڌ جي اُنهن سرموڙ شاعرن/اديبن جا به ٿر واريءَ کان وڌ، جن مون جهڙي معمولي ماڻهوءَ جي اڌ ڳالهاءُ يعني ميسيجز يا فون ڪالز کي مانُ ڏيندي مُنهنجي هِن ڪتاب بابت پنهنجا انمول ۽ عاليشان ويچار تاثرن، مضمونن ۽ راين جي روپ ۾ تحرير ڪري اُماڻيا آهن. جن ۾ سائين ڊاڪٽر آڪاش انصاري، احمد سولنگي، بخشڻ مهراڻوي، ادي رُخسانه پريت چنڙ، آپا مريم مجيدي، مير حسن آريسر، روُحل ڪالرُو، فراق هاليپوٽو، امر اِقبال، اياز رضوي ۽ امير منڌرو.
    وڏا وڙ سنڌ جي محبوب ماڻهوءَ سائين ارباب احسان ، سڳي ڀاءُ جهڙي دوست عبدالرئوف جماليءَ، محبوب دوست استاد آسي زمينيءَ، آصف عزيز مهراڻوي، نوجوان شاعر حسن نوشاد، عبدالله آس هنگورجي، الله ڏنو هالاڻي، مٺيءَ جي ڪمپوزر دوست مڪيش هميراڻي ۽ ڪنول پبليڪيشن جي روح روان سنڌ جي سريلي شاعر سعيد سومري جا، جن جو هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ کان وٺي ڇپائي تائين سجيلو ساٿ ۽ سهڪار سنگ سنگ رهيو.

    محبتن جو منتظر

    امر ساهڙ
    Cell: 0321-3661266


    امر جي شاعري ۾ آزاد فضائن جهڙيون محبتون جَرڪن ٿيون

    امر ساهڙ جي شاعري روح جي اُڪير جو اهڙو اظهار آهي جنهن مان انسان جي اندر جو آفاقي سچ، فطري لقاءُ ۽ جذبن جي جوت جو جولان چٽو، پٽو بکي ٿو. هن وٽ ٻوليءَ جو استعاري استعمال ۽ آدرشي احساس جو اڻ کُٽ سرمايو موجود آهي. ٿر جي هن ڪويءَ وٽ مشاهدي جي ڏاهپ ۽ مطالعي جي مَڻيا جي ڪا به کوٽ ناهي. هي پنهنجي سرجڻهاري سگهه سان انيڪ انوکا راز ۽ رنگ پنهنجي اڇوتي دلڪش انداز ۾ سرجيندو نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هن جا شعر پڙهندڙن جي من ۾ پيهي ويندا آهن. سندس سچائيءَ واري اُتساهه ڏياريندڙ ڏات مايوس ۽ ملول منن کي جاڳرتا جي جُوءِ جا نِت نوان دڳ ۽ ماڳ لوچڻ ۽ ماڻڻ جو حوصلو ڏيندي ڏيکاري ڏيئي ٿي.
    امر ساهڙ جي شاعري ۾ نه رڳو آزاد فضائن جهڙيون محبتون ساجهر جو سُهائو بڻجي جَرڪن ٿيون. پر هن نامياري قلم ڌڻي وٽ سنڌ ساڃاهه جو به سچو ويچار ۽ وکر سرس سانڍيل آهي. ان ڏس ۾ هي سنڌ ڌرتيءَ جي مسئلن ۽ دردن جو نه رڳو هوبهو عڪس ڏيکاري ٿو. پر مارو ماڻهن جي حالتن ۽ حقيقتن جو سچو ترجمان بڻجي وڃي ٿو. مون وٽ نياءُ واري نِهار اها ليکبي ته پنهنجو درد اورڻ روايتي طرح ته هرڪو ڄاڻي ٿو پر هڪ شاعر جي قومي سڃاڻپ طور پرک تڏهن ممڪن ٿئي ٿي، جڏهن هو قومي وجود، تهذيبي، تاريخي ۽ زميني حالتن پٽاندر نه صرف ديس ۽ ڌرتي وارن جي نمائندگي ڪري پر پوري ريت وارثي ڪرڻ جو فرض به نباهي. اِن ڪٿ تي پڻ امر جي ڏات امرتا ماڻيندي نظر اچي ٿي. امر ساهڙ هڪ پُختي ارادي وارو پُرعزم شاعر آهي. جنهن وٽ اُمنگ ۽ اُڌمو، ٻولي ۽ خيال جو اڻکُٽ خزانو آهي. وٽس سگهاري ڏات ۽ ڏانءُ جو سڦل ميلاپ، سهڻي جوڙ جڪ جو حَسين هُنر سادگيءَ جي سُونهن ۾ سمايل نظر اچي ٿو. جنهن آڌار سندس هي ڪتاب ادب ۾ اوَس اوچي پَد تي ليکيو ويندو.

    مريم مجيدي
    28 اپريل 2016


    بیت

    بيت

    آڻِج مون لئه عيد تي، عاجَ سندي ٻانهِين،
    ڇورا! مون ڇانهين، پوکي تولئه پيار مان.

    شفق سُرخي ڦهلائي، اُڀَ جي آڳُر تي،
    ڄڻ ڪنهن ڪاڳر تي، هاري ڳاڙهي مَس وِڌي.

    ٽِمڪيا پئي ٽيئي، ٽانڊاڻي جئين ٽيڙو،
    کنڀ کنڊيڙي کيڙو، مورن ڪيا مينهَن ۾.

    ڌيري ڌريا پير، چانڊوڪي لهرُن مٿان،
    ڇولين ٻڌي ڇير، سُجاڳ ڪيو سَمُونڊ کي.

    ڏِهرن ۾ ڏيئا، ٻاريا ٻانِهياريءَ پئي،
    لڪن منجهه لِــيئا، وَنيءَ پَاتا وَرَ جي لئه.

    ڪينجهر ۾ ڪنول، جوڀَن تُنهنجي جهڙِو،
    گيڙو ويس غزل، گوري غالب جو.

    چانڊوڪيءَ ۾ چيلهار، مَڌ پيئندي مون ڏِٺو،
    ڳليون، وڻ ڳڱاٽيل، کِليو ڪَن کيڪار،
    ڀاروءَ جي ڀليڪار، مُور نٿي مون کان وسري.

    مُور نٿي مون کان وسري، راڻاسر جي رات،
    ڏِيئا ڏيئا ڏات، جتي جاڳي ٿي پئي.

    وڻجاري سان وڃي، ڪو ڪريان ڪاروبار،
    ڀِڄان شال برسات ۾، ٻيليءَ سان ٻيهار،
    وِڇوڙي ۾ وار، اديون! مون اَڇا ڪيا.

    هُن کي حُسن پنهنجي تي، ايڏو هَٺُ، گُهمنڊُ،
    ساري رات سمنڊ، ٻانهُون کيس ٻَڌندو رهيو.


    o

    مون ڏِٺو مِٺيءَ کي، بيٺي گڊيءَ ڀِٽَ تان،
    هيٺ ڪنهن مندر مان، گُونجيا سُر گِٽار جا.

    لڙي سُرمَئي سانجهه، مِٺيءَ جي ماٿاريءَ تي،
    موهن ڇيڙي مانجهه، گڊيءَ سندي گود ۾.

    مون کان مالڻهور، پُڇيا پار پکين جا،
    خالي ڊُوهي کٻڙ جا آکيرا، اَجهورَ،
    مينهوڳيءَ ۾ مور، سُڃي سَيم ڪري ويا.

    ساري عُمر سيرڻ ۾، گُذري گوسيءَ جي،
    نه شڪوا سرديءَ جي، نه گِلا اُس ڪوسيءَ جي،
    ڏسي مُرڪ ڏوسيءَ جي، گُوندر ويس غائب ٿي.

    هوليءَ رات حَسن، مليو مندر ٻاهِران،
    ديدون اُنهيءَ دڳ تي، وَڏ-ڦڙي جيئن وَسن،
    پُوڄارڻ ۾ پَسن، اکڙيون سندس عاشقي.

    وَرت جيئن ويڙهي، ڀاڳيو رکي ڀُوڻَ تي،
    مون کي تيئن ميڙي، مُحب وِهاريو من ۾.

    ڌوٻي ڌوئي جيئن، لَٽا ڌوٻيءَ گِهاٽ تي،
    مادر! مون کي ايئن، ڌوتو درد پرينءَ جي.

    جوٽي جيئن ڪا جنڊ، اُٿي آڌيءَ رات جو،
    آيَلَ! اِيئنَ اُڪنڊ، پيڙي پيار ڪندڙ کي.

    ويڙهي وينڍ لاهُون، جيئن ڪا جتڻ نينگري،
    اديون! اِيئن آئون، وِڇوڙين ويڙهي وتان.

    o

    سُگهڙ جيئن سِبي، ڪَٻري رلي ڪُتر مان،
    جانِبَ اِيئن جڙي، ڇڏيو مُنهنجي جيءَ کي.

    وينگي جا وڏيرو، وڍي ٽار ٽيئي ويو،
    ڳُونڍ تي ڳيرو، سڄي رات روئندو رهيو.

    آڌيءَ جو اوٺار، جهيڪيون اُٺين جهوڪَ تي،
    سَرتيون! مون سنڀار، سُتي ساريا ساٿ جا.

    جکرا! تنهنجيءَ جُوءِ ۾، هاڻ نه ڪوئي هَٽُ،
    هاري ڏُور هَليو وَئين، موکي ڀَريل مَٽُ،
    ڍوليا! تولئه ڍَٽُ، ڪارا ويس ڪيو وتي.

    راڻاسَر تي رات، هَرڻي آئي هيجَ مان،
    پيَسُ ڪا نه پَروُڙ ته، گيدي هڻندا گهات،
    ڪانئر! تنهنجي ڪات، ڪيڏو قهر ڪري ڇڏيو..!

    چؤنري مٿان چنڊ، بيٺو تڪي ڀُونءِ کي،
    گُهوري وجِهي گُهنڊ، چيڙايو هُن چنڊ کي.

    ***
    - ڀارو مل امراڻي سُريلو ليکڪ دوست.
    - موهن ڀڳت: ٿر جو لوڪ راڳي.
    - مالڻهور: سائين پريم شِواڻي ۽ پريم شِواڻي جو ڳوٺ.
    - حَسن درس: سنڌ جو سرموڙ شاعر
    - وينگو: ٿر جو ناياب وڻ
    - ڍوليو: ٿر جو سماج سُڌارڪ سائين فقير مُقيم ڪنڀار.


    o

    اجهو اڄوڪي سنڌ جو، جهُونو شهر جهمپيرُ،
    ڪينجهر کان به ڪُشادو، دِل جو درس فقير،
    سدا جيءَ سو سفير، ماڻهوءَ جي مانِکي جو.

    ماڻهوءَ جي مانِکي جو، جنهن وٽ وڏو دُڪان،
    اهڙو عاليشان، ماڻهو ماڙيءَ تي مِلندو.

    ماڻهو ماڙيءَ تي ملندو، ڏاهو ڏات ڌڻي،
    ڳڻ جنهن جا ڳڻي، جڳ ٻُڌيا جهوڪ کي.

    تاڙي سندس تڏي تي، پيتي جنهن پياڪ،
    اُن کي ئي ادِراڪ، هوندو هر ڪنهن ڳالهه جو.

    سِڪ، سُونهن، سادگي، سراپا سندس وجود،
    تنهن مان ئي تازگي، مِلي مُحب وطنيءَ جي.
    ***

    (رسول بخش درس جي نالي)

    o

    مومَل جي مَجاز جون، ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪهاڻيون،
    رُساما، رِهاڻيون، ماري وِجهَندَئي مينڌرا!

    ماري وِجهَندَئي مينڌرا! مومَل جا ماڻا،
    راز نياز راڻا! سنڀالڻ سَولا ڪونهي.

    سنڀالڻ سَولا ڪونهي، پيار پَروڪا،
    جهاتيون، جَهروڪا، هوت پَسي هَليو ويو.

    هوت پَسي هليو ويو، ڪوجهيءَ، ڪميڻيءَ کي،
    وِڌوا ويڻيءَ کي، ڪنگڻ سُونهي ڪو نه ڪو.

    ڪنگڻ سُونهي ڪو نه ڪو، ساٿ بنا سَرتيون!
    پاڙيچين کي پَرتيون، مون جي ڏنيون سيراهُون.

    مون جي ڏنيون سيراهُون، ساجن سنگ سمهاري،
    هنجون هاڻ هاري، ساريندو سي هُوندو.

    ساريندو سي هوندو، گهاريل مون سان گهڙيون،
    قُرب مان جي ڪڙيون، روحَ جي رليءَ تي مون.

    رُوحَ جي رليءَ تي مون، ٽاڪِيا ڪيئي ٽنؤر،
    ڀُلجي مون وٽ ڀَنؤر، آيا آڌيءَ رات جو.

    آيا آڌيءَ رات جو، مون وٽ خواب – خيال،
    پَسي پرينءَ جمال، ويئي وِهامي راتڙي.

    ويئي وِهامي راتڙي، تڪيندي تارا، ڪتيون،
    ڀَروسَي جون بَتيون، اڃان اُجهامن ڪين ٿيون.

    اڃان اُجهامن ڪين ٿيون، مون جي ٻاريون ڏِياٽيون،
    پيار سنديون پاٽيون، اَچ ته ڀَري ڏِيان اُڪير مان.

    اَچُ ته ڀَري ڏِيان اُڪير مان، جهولي تون جُونجهار!
    گيتن جي گُونجار، جيڏيون! شال جَهڪي نه ٿِئي.

    جيڏيون! شال جهَڪي نه ٿِئَي، مُنهنجي تند-تنوار،
    ٻيجل جي ٻيهار، تند ڪپيندي ڪنڌ ڪنهن جو؟

    تند ڪپيندي ڪنڌ ڪنهن جو، هاڻ نه ڪوئي راءِ ڏياج،
    ڏنو جنهن ڏاجُ، ڪوري ڪنڌ هٿن سان.

    ڪوري ڪنڌ هٿن سان، ڏِنو جنهن ڏاتار،
    ڀينر! اوُ ڀتار، هاڻ نه رهيو هِن ديس ۾.

    هاڻ نه رهيو هِن ديس ۾، ڪو دُولهه دريا خان،
    آيل! هِيءُ ارمان، ماري وجهندو مُٺيءَ کي.

    ماري وجهندو مُٺيءَ کي، هيلوڪو هي ڏُڪار،
    ساجَن! ڪر سُڪار، مينهنَ وسائي مُرڪ سندا.

    مينهنَ وسائي مُرڪ سندا، وينگس وَڏ-ڦُڙي جيان،
    ٿڌي آئون ٿِيان، اچين جي اوهيرا ڪري.

    اچين جي اوهيرا ڪري، مُنهنجي ميري اڱڻ تي،
    پرينءَ ساڻ پتڻ تي، اُجري آئون ٿي پَوان.

    اُجري آئون ٿِي پَوان، اَڌُوتي اوڌار،
    گندي هيءَ گُنهگار، ڍولڻ اچي ڍڪيندو.

    ڍولڻ اچي ڍَڪيندو، مُنهنجا عَيب، ثواب،
    جيڏيون! پوءِ جواب، ڏينديس ڏاڍ ڌڻيءَ کي.

    ڏينديس ڏاڍ ڌڻيءَ کي، آڏي ڪاٺي آئون،
    لهندِيس پو لائون، ڀينر! هِن ڀنڀورَ سان.

    ڀينر! هِن ڀنڀورَ سان، مُنهنجو سڱ سِياپو،
    جُوءِ بِنا جياپو، ڪوئي ڪيرت کان پُڇي.

    ڪوئي ڪيرت کان پُڇي، وِڇوڙو وطن جو،
    ڪپڙو ڄڻ ڪفن جو، ماڻهو پنهنجيءَ مِٽيءَ سِوا.

    ماڻهو پنهنجي مِٽيءَ سِوا، بي پاڙي ول جيان،
    هر ڪا هام مِيَان! ڀُونءِ بنا بيڪار آهي.

    ڀُونءِ بِنا بيڪار آهي، آدَم! تُنهنجي اَنا،
    فقيراڻي فنا، سُونهي ٿِي هر شخص کي.

    سُونهي ٿِي هر شخص کي، هر ڪنهن اڳيان هٿ جوڙ،
    مُرڪن سدا موڙ، شل نه مُرجهائجن سنڌ جا.

    شل نه مُرجهائجن سنڌ جا، هِي باليشاهي ٻار،
    اَچُ ته توکي پيار، اوتي ڏِيان اکين مان.

    اوتي ڏِيان اکين مان، جَوانيءَ سندو جامُ،
    توکي عُمر تمام، نشو نينهن جو نه لهي پو.

    نشو نينهَن جو نه لهي پو، شال تُنهنجيءَ طلبَ مان،
    ڪارايل قلبَ مان، ايندو آواز اُن جو رهي.

    ايندو آواز اُن جو رهي، هستيءَ مان حق موجود،
    واري هِيءَ وُجود، اَچُ ته بچايون اِنسان کي.

    اَچُ ته بچايون اِنسان کي، ڏيئي ڏات ڀيٽا،
    مايوس مُک ميٽا، آهن ڇو عوام جا؟

    آهِن ڇو عوام جا؟ هيڻا حال سدائين،
    پوءِ به پاڻ پَڏائين، سياسي پنڊت سنڌ جا!

    سياسي پنڊت سنڌ جا، تنهنجو دينُ نه ايمان،
    هر ماڻهو حيران، لڄي تُنهنجي لڇڻ ڪيو.

    لڄي تُنهنجي لڇڻ ڪيو، سارو هي سنسار،
    ڀنگ پياڪ ڀوتار! آهين ڄڻ اٽي تي چَٽي.

    آهين ڄڻ اَٽي تي چَٽي، ويڪائو وڏيرا!
    آڌيءَ جو اَويرا، ٿارا ٿاڪ تي ٿو ڪرين.

    ٿارا ٿاڪ تي ٿو ڪرين، ڪنهن ويرَڻ وانگي،
    پرين! هاڻ پان کي ماٺ سُونهي نٿي مُور.

    ماٺ سوُنهي نٿي مُور، ڏاهي ڏات ڌڻيءَ کي،
    طمعَ تمام گهڻيءَ کي، فِي الحال ڦِٽي ڪري ڪوي!

    في الحال ڦِٽي ڪر ڪوي! هر ضرورت ذاتي،
    پَدمڻي پرڀاتي، ايندئي آجپو کڻي.

    ايندئي آجپو کڻي، ڪا تحريڪ تازي،
    بشيرخان بازي، خُون ڏيئي کٽي ويو.

    ¬¬¬¬ٿوهر هيٺاڻ ٿَڪُ، ڀڱو ڀاڳئيي پَئي،
    آڏو اُونڌيو لَڪُ، پيرَ ڀَرائي بيهي رهيو.

    ٿوهر هيٺان ڍورَ، ويٺا آهن واٽ تي،
    ماٿاريءَ تي مَور، ٽهوڪن ٽوليون ڪري.

    ٿوهر هيٺان ٻارَ، رَمن ويٺا رانديون،
    جوڀن مٿان جهارَ، هاريائڻي هڪلي پئي.

    ٿوهر هيٺان ٿاڪَ، آيلَ! اوٺارين جا،
    مٿان پيئي ماڪَ، وَسي وَڏي-ڦُڙي جيان.

    ٿوهر هيٺان پيَر، ڪالهه ڏِٺا مون ڪيترا،
    ڪولهين منجهان ڪير؟ اُٿي اڌ رات جو ويو.

    ٿوهر هيٺان ڊيلَ، اچي آري تي ويٺي،
    واهيري جي ويلَ، ايندو مور اُڪير مان.

    ٿوهر هيٺان لوڪَ، ويٺي ويچاريو هِيئنَ،
    قيد منجهان ڪيئن؟ ڪَڍجي پنهنجيءَ قوم کي.

    ڪڍجي پنهنجيءَ قوم کي، هاڻِ هِن عذابَ مان،
    خيال ۽ خواب مان، جيڪا جاڳي ئِي نٿي.

    ڪنڊيءَ مٿان ڪانگ، ويٺو ڪان، ڪان ڪري،
    هيٺيان ڪارو نانگ، ڦڻ ڪڍيو ڦُوڪون ڏي.

    ڪنڊيءَ هيٺان ڪُونج، راتوڪي رهجي وَئي،
    گهايل جنهن جي گُونج، پُڄي وئي پولارَ ۾.
    ***

    - ڪيرت ٻاٻاڻي: هند، سنڌ جو مشهور اديب.
    - ويرڻ: پيئڻ بلا
    - بشير خان قُريشي: سنڌ جو قومپرست اڳواڻ.


    وايون

    روايت کان بغاوت ڪندڙ شاعِري..!! فراق هاليپوٽو

    جيڪڏهن انسان پَرتوو الاهي آهي ته يقينن شاعري انسان جو پرتوو آهي. اهڙي شاعري، جيڪا ضمير ۽ شعور جي لڪيل جُزيرن جي سياحت جو ڪشٽ ئي نٿي کڻي، پر سماجي ۽ خارجي مسئلن جي سهي تفهيم ڪري اعليٰ اظهاريت جو حقيقي منصب به ماڻي ٿي، ۽ مُنهنجي يار امر ساهڙ جي شاعري نه رُڳو اُنهي پرک تي پوري لهي ٿي، پر اُن ۾ جيڪو احساساتي وهڪرو ۽ رومانوي عڪس آهن، اُهي پڙهندڙ کي هڪ اهڙي جهان سان آشنا ڪرائين ٿا، جتي هُو خود کي اُنهي شاعريءَ ۾ پسي سگهي ٿو. امر جي شاعريءَ ۾ جيڪا بي ساختگي آهي، اُها سندس دل جي پاتال مان نڪري نروار ٿي آهي. تڏهن ته اندر جو ڪرب اهڙا استعارا ۽ تشبيهون کڻي ظاهر ٿئي ٿو، جو سندس تخليقي جوهر تي پيار ٿو اچي. امر مون کي ڪٿي به ابهام جو شڪار نظر نٿو اچي، ڇو ته سندس اندر جي اُڇل اُنهي آرٽ کي پاڻ ۾ سمائي ٿي ڇڏي، جيڪا فن ۽ فڪر کي به پاڻ سان گڏ کڻي هلي ٿي ته ادراڪ جي ڪيترن پيچيدهه مُونجهارن کي به سُلجهائي ٿي، تڏهن ته سندس وجدان اهي حدون به پار ڪري ٿو، جيڪي روايت پرست شاعرن مقرر ڪيون آهن. هِن نه رڳو روائتي موضوعن کان ئي بغاوت ناهي ڪئي، پر پنهنجا نوان شاعراڻا تجربا به اسان اڳيان پيش ڪيا آهن. ۽ اُنهن جي ادبي ڪارج کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي. ٿر، جيڪو پنهنجي پُوري حسناڪي سان به امر جي شاعريءَ ۾ نظر ٿو اچي ته گڏ هُو ٿر جو سمورو ڪرب ۽ درد به اسان کي محسوس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. سندس تخليق ۾ اُها سگهه به آهي، جو روح جي گهراين ۾ به لهي ٿي وڃي. فرد جي لاشعور جي به ترجمان ٿيو پوي. مُنهنجي امر لاءِ بس اها ئي دعا آهي ته خدا سندس شاعريءَ کي اُٻهرن ۽ مٿاڇرن نقادن کان محفوظ رکي.

    فراق هاليپوٽو


    ڪَجل ڪاري ريههَ جيان،

    ڪَجل ڪاري ريههَ جيان،
    موهي ٿي مون کي،

    سُرمئي شام مِٺيءَ جي.
    سَورجَ لامُن مان لاهي،
    سوهي ٿي مون کي،

    سُرمئي شام مِٺيءَ جي.
    ڳوڙها ميڙي ڳلن تان،
    ڳوهي ٿي مون کي،

    سُرمئي شام مِٺيءَ جي.
    ڇوليِءَ وانگر ڇُلڪائي،
    ڇوهي ٿي مون کي،

    سُرمئي شام مِٺيءَ جي.
    رَههُ اڄوڪي رات امرَ
    ڊوهي ٿي مون کي،
    سُرمئي شام مِٺيءَ جي.


    روز اچي ٿي ريٻارڻ

    گهرٽياريءَ گهاٽ تي،
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.

    ڳُجهي ڄڻ ته ڳُجهارت ڪا،
    ڳــولــــــڻ اُوچي ڳاٽ تي،
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.

    گڏ پتيءَ سان گُوار ڪڍڻ لئه،
    صُبح سويرِي ساٽ تي،
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.

    سامَهون سارين کيٽ مان،
    جوئڻ ڪنهن کي جاٽ تي؟
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.
    ڌرتتيءَ جو دلا لاهي،
    ويهڻ ڪنهن لئه واٽ تي؟
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.

    نازڪ پنڇي نينهِن جا،
    ٽاهِڻ هاريءَ - ٽاٽ تي،
    روز اچي ٿي ريٻارڻ.


    ساٽ: ماڪ پوڻ سان تيل پوسَل.
    جوئڻ: ڏسڻ/جانچڻ.
    ٽاٽ: اڪ ۽ کَپ مان ٺهيل نوڙ، جنهن سان ٺڪاءُ ڪري هاري پکي اُڏائيندا آهن.


    آئي آڌيءَ رات جو

    ساجن! تُنهنجي سار،
    آئي آڌيءَ رات جو.

    پُوئي ڪنهن لئه پيار مان،
    هُوءَ گُلن جا هار،
    آئي آڌيءَ رات جو.

    خُوشبوءَ جي ڄڻ کوهه تان،
    وينگس ڌوئي وار،
    آئي آڌيءَ رات جو.

    گهيري هُن کي گهاٽ تي،
    چانڊوڪي چوڌار،
    آئي آڌيءَ رات جو.


    ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا

    گهايا تنهنجيءَ گهُور،
    ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

    ويهي هُن جي واٽ تي،
    روز پچائن پور،
    ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

    ڏاري وجهندا ڏاڍ کي،
    هِي جي هانسي تُور،
    ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

    لوڌي ڏُور لنگهائيندا،
    سنڌ وطن جا سُور،
    ڳڀرو ڪيئي ڳوٺ جا.

    ***
    هانسَو سوڍو: جنهن خلجيءَ جي خلاف دودي سومري سان گڏجي وطن جي وقار لئه ويڙهه ۾ سِرُ ڏيئي سَرهو ٿيو.


    اوتي ڏي تون پيار جو

    ناسي نيڻن مان،
    هڪڙو جام اڃان،
    اوتي ڏي تون پيار جو.

    ترسي تو وٽ راتِڙي،
    ٿورو ٿڪ ڀَڃان،
    هڪڙو جام اڃان،
    اوتي ڏي تون پيار جو.

    سڏ سان گڏ ئي سانورا!
    پيرين پنڌ پُڄان،
    هڪڙو جام اڃان،
    اوتي ڏي تون پيار جو.

    لُڙڪن جي برسات ۾،
    بيٺي روز ڀِڄان،
    هڪڙو جام اڃان،
    اوتي ڏي تون پيار جو.

    سَندئي سار سَميٽيو،
    وِکري هُوند وڃان،
    هڪڙو جام اڃان،
    اوتي ڏي تون پيار جو.


    ويٺا آهن واٽ تي

    ڪيئي ڇورا ڇيڳرا،
    تُنهنجي ئي تاڙ ۾،
    ويٺا آهن واٽ تي.

    آيل آڌيگامَ جا،
    لاهيارا لاڙ ۾،
    ويٺا آهن واٽ تي.

    سوچي ڪر تون شاعري،
    شاعر ڪي ساڙ ۾،
    ويٺا آهن واٽ تي.

    گهُم نه گهُور انڌيري ۾،
    ٻانڌاڻي ٻاڙ ۾،
    ويٺا آهن واٽ تي.

    اڃان به ڪيئي ڪاپَڙي،
    پارڪر جي پاڙ ۾،
    ويٺا آهن واٽ تي.

    ***
    آڌيگام: پارڪر جو پُراڻو ڳوٺ
    ڪاپِڙي خان کوسو: ننگرپارڪر جو دلير ماڻهو


    ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾

    ڪيسين ٿيندا ڪيسَ،
    ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾.

    ڦِرن پيا ٿي فرشتا،
    اڄڪلهه جا ابليسَ،
    ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾.

    رضاڪارن جي روپَ ۾،
    آهن کوڙ خبيسَ،
    ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾.

    مُون لئه مُنهنجي قوم ۾،
    ڪو نه هُياڪي جيسَ،
    ڍوليا! پنهنجي ڍاٽ ۾.


    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾



    ياد پيا ياراڻا،
    ڳڻتيون، ڳاراڻا،
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.

    سوجهاڪي جي ساک جون،
    ڳالهيون ڪر ڳوٺاڻا!
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.

    ڪنهن سان ڪَندينءَ ڪاڪ تي،
    مومل! هاڻ ماڻا؟
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.

    ڪنجريءَ جي ڪينجهر تي،
    ٽِڪُون ڄڻ ٽانڊاڻا،
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.

    مُڪ هڻن ٿا ماٺ کي،
    ٻاٻيهن ٻولاڻا،
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.

    وڏيرن جئين وِڦلن ٿا،
    پنهنجا درد پُراڻا،
    ٻاٽ انڌاريءَ رات ۾.


    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾

    ڪيئي ڪاليداس،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    بيت حليم باغيءَ جا،
    وطن سندو وشواس،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    هُو جي حاجي ساند آ،
    اُجرو ڄڻ احساس،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    ماما جُمن مانِکي جو،
    وَنڊي ويٺو واس،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    ڀوڳ ڪاڪي ڀلوءَ جا،
    آهن هيل اُداس،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    هرڪو ايندو هيجَ مان،
    عام هُجي يا خاص،
    روحَل! تنهنجي راڄَ ۾.

    ***
    - روحل فقير: سنڌ جو ڪلاسيڪل شاعر
    - حليم باغي: سنڌ جو سرواڻ شاعر
    - حاجي ساند: جديد سنڌ جو سُريلو شاعر
    - ماما جُمن: سنڌ جو قومي ڪارڪن ۽ ڪلاڪار
    - ڀلو فقير: لوڪ ڏاهپ جو ڄاڻو ۽ سگهڙ


    تارا، تارا رات الا او!
    تارا، تارا رات.

    ڪوئل ڪوڪي ڪا ڳائي ٿي،
    جُونجهَڪِڙي جو جاڳائي ٿي،
    ساري ڪائنات الا وو!
    تارا، تارا رات.

    چڙهندو آهين منهنجيءَ چت تي،
    جنهن پل ويهي گَهرَ جي ڇت تي،
    ڪانگ لنوي ڪو لات الا وو!
    تارا، تارا رات.

    وڇڙي جيڪا سکين مان آ،
    اُن جي جاري اکين مان آ،
    لُڙڪن جي برسات الا وو!
    تارا، تارا رات.

    ***


    غزل

    پنهنجي دُنيا ۾ مگن هڪ ملنگ ماڻهو : اياز رضوي

    موجوده سنڌي شاعري تي نظر وجهبي ته اڻ ڄاڻ، ڄاڻو ۽ بي سمجهه شاعرن جي گهڻائي نظر ايندي، حقيقي تخليقي شاعر آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مَس ملندا. آئون امر ساهڙ کي اُنهن آڱرين تي ڳڻجندڙ حقيقي، تخليقي شاعرن مان هڪ سمجهان ٿو. امر ساهڙ جي پيار جي پورهئي کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته سندس شاعري سنڌ جي سُورن جي ڪٿا به آهي ته ٿر جي درد جي ڪهاڻي به، ۽ ايشيا کنڊ جي گهائن جو نوحو به آهي. امر جي شاعري محبوب جي مُرڪ ۽ سُونهن جي ساراهه جا ڍُڪ به ڀري ٿي ته ڀاڙي تي ڌرتيءَ دشمن ڌارين جا بوٽ چٽيندڙ ويڪائو سياسي سيٺين تي لعنت به وجهي ٿي. امر جي شاعري پيار جي پهرينءَ چُميءَ جهڙي يادگار، ٿر جي چانڊوڪيءَ رات جهڙي خوبصورت به آهي ته ڪارونجهر جي مور جي رڙ جيترو گهرو درد به رکي ٿي. امر جا سانوڻ جي برسات جهڙا وڻندڙ خيال سندس شاعري جي وڏ ڀاڱي وينگس جو اُهو لباس آهن، جيڪي دورِ عهد جي عڪاسي ڪن ٿا. امر جي شاعريءَ ۾ روپلي ڪولهيءَ جو روح به آهي ته سندس شاعري آزادي جي سيني جيڏي دل به رکي ٿي. امر پنهنجي شاعِريءَ جيان عام زندگيءَ ۾ به سادو، سودو ۽ سخي مرد آهي. کيس نه زماني جي خدائن جو ماڻهو سڏائڻ جو شوق آهي، نه وري ڪنهن راشي ڪاموري جا بوٽ پالش ڪري ڪا رعايت وٺڻ جي تمنا آهي. پنهنجي دُنيا ۾ مگن هِي ملنگ ماڻهو پگهار حلال ڪرڻ کانپوءِ شاعريءَ جي ”سنڌ راڻي“ وٽ پناهه وٺي ٿو. پنهنجا احساس ۽ جذبا لفظن جي مالهائن ۾ پُوئي سنڌي شاعريءَ کي بيت، وايون، غزل ۽ نظمن جا نڪور گُلدستا ارپيندو رهي ٿو. امر جيڪڏهن مُطالعي ۽ مُشاهدي جي چيچ اڃا به مظبوطيءَ سان جهلي ته سنڌي شاعري کيس هميشه جيئرو رکندي.

    اياز رضوي


    مون ۾ پاڻ اُتاري آئينءَِ

    مون ۾ پاڻ اُتاري آئينءَِ،
    هڪڙي لهر اُٿاري آئينءَ.

    ڀاڪُر، بوسو خرچي ڏيئي،
    دل جو درد ڌُتاري آئينءَ.

    ايئن لڳي ٿو انڊلٺ کان تون،
    سڀئي رنگ اُڌاري آئينءَ.

    پوءِ پَٽيءَ جي پارت ڪهڙي؟
    الف لام اُچاري آئينءَ.

    ڪالهه ڪنڌيءَ تان وڻجاري کي،
    ڪيڏو ڏور اُڪاري آئينءَ.

    جيون- ڪيٽيءَ مان جوڀن جا،
    تِتر تيز اُڏاري آئينءَ.

    مُنهنجي گهُور انڌيري گهر کي،
    آئين نيٺ اُجاري آئينءَ.

    ڳوٺ اڃان سو ڳهريل آهي،
    جنهن ۾ رات گُذاري آئينءَ.

    نرم نِگاهُن جي بستر تي،
    سارو شهر سُمهاري آئينءَ.
    ***


    جَوانيءَ جاڳ جهڙي ڇوڪري


    جَوانيءَ جاڳ جهڙي ڇوڪري،
    اُلا ۽ آڳ جهڙي ڇوڪري.

    وڏيرن جو وَئي ڄڻ کاڄ ٿي،
    سَرينهَن جي ساڳ جهڙي ڇوڪري.

    جَهلي ڪنهن کان به جَهلجي ڪا نه ٿي،
    وَڇيريءَ واڳ جهڙي ڇوڪري.

    وَڻن جا وار ڦِلهوري وَئي،
    هَوا ڇُڙواڳ جهڙي ڇوڪري.

    ڇڏي ٿي ساز ڇيڙي سوچَ جا،
    پَهاڙي راڳ جهڙي ڇوڪري.

    اسان تي آرَ جا ڪي وارَ ڪر،
    چري ڪنهن چاڳ جهڙي ڇوڪري.

    اسان لئه آشياني جيئن آ،
    مِٺيءَ جي ماڳ جهڙي ڇوڪري.

    سَڙي ٿي آسَ جي اُس ۾ پئي،
    ڀٽُن جي ڀاڳ جهڙي ڇوڪري.


    ڪري وَٺُ تون جيڪي ڪرين ڪاروايون


    ڪري وَٺُ تون جيڪي ڪرين ڪاروايون،
    اسان پاڻ ڌُوڃي کنيون دلرُبايون.

    اِها ماٺ معنيٰ رکي ٿي زمانا!
    اَسان ڏات ويٺا اڏيءَ تي اَرايون.

    پري توکان پنهنجي سَري جي سگهي ها،
    وڃي هيڪلايون وري آزمايون.

    وِلهي وقت آڇي اسان کي عياشي،
    کڻي خواب اوڌر کنڌي تي کپايون.

    اوهان يار! سوچيو؛ پَوي ڪو نه گهاٽو،
    اسان عاشقيءَ مان ڪُڄاڙو ڪمايون؟

    اسان راند رهندي هُيون ڪِٿ وڃايون،
    اُهي يادگيريون وري هٿ نه آيون!

    عُمر وئي اُڳاڙي اُترَ ۾ جواني،
    کِجون هاڻ ڪنهن کي، ڪُها رت کِجايون؟

    اوهان شوق شاهي، ڪيو بادشاهي،
    اسان وڻ فقيري وڃي ٿا وسايون.

    هِتان ڀاڳ! ڀيرو ڀڃي وين سويرو،
    اَسان جي اَجهي ۾ سُمهاري سُڃايون.

    ٻٽي ڪوس ٻيهر ڀري ڏي ڀٽائي!
    اسان پياس پنهنجي ازل جي اُجهايون.


    نيڻ جيڪي نَشائي هُيا

    نيڻ جيڪي نَشائي هُيا،
    پاڻ لئه پارسائي هُيا.

    ڳل-ڳراٺي، چُمي چاهه مان،
    نينهن جي رُونمائي هُيا.

    ڏات مون تي وَئي وار جي،
    ديس جا درد داعِي هُيا.

    سڀ نظارا، نِگاهُون نشا،
    خوبصورت خُدائي هُيا.

    سُونهَن تنهنجيءَ سندا سوجهرا،
    رُوح لئه روشنائي هُيا.

    ڏينهن ڪوئِل سنديءَ ڪُوڪَ جا،
    باغ جي بادشاهِي هُيا.

    عشق! تنهنجي عِنايت هُئي،
    سُور مون وٽ سَوائي هُيا.

    قؤل تي جي نه قائم رهيا،
    مرد ماڻهو، نه مائِي هُيا.

    لاڙ ڪينجهر، ڪلاچي ڪَچو،
    حَسنَ جا حال ڀائي هُيا.

    درد جنهن ۾ نه هو ديس جو،
    شعر سي ڌوڙ، ڇائِي هُيا.

    ڀيلجي سڀ وسيلا ويا،
    وطن جا چور واهي هُيا.

    وار هُن جا وراڻي جيان،
    نيڻ ڄڻ سندس وائِي هُيا.

    سنڌ جي سانوڻِيءَ اَؤجَ جي،
    گيت لاڙي گواهِي هُيا.

    آجپي جا ڏِٺل خواب ئي،
    عُمر جي ڪُل ڪمائِي هُيا.

    تلخ تاريخ جا تجربا،
    آزمائش اجائي هُيا.

    ڪو زمين تي نشان ڪو نه هو،
    حادثا ڄڻ هوائي هُيا.

    سامراجي پَٺو سنڌ سان،
    توڙ تائين توائي هُيا.

    ڌُوڙ ۾ دفن ٿي سڀ ويا،
    فِيڪ فرمان روائي هُيا.


    رنگَ هوليءَ رات جي، هر چيز کي



    رنگَ هوليءَ رات جي، هر چيز کي،
    ڳوٺ ڀرسان ڳاٽ تي ڌوتو پئي.

    ماڪ جي پوشاڪ پائي پاڻ کي،
    سامروٽيءَ ساٽ تي ڌوتو پئي.

    ڇاڇري کي ڇينٽ وانگر ڇوڪريءَ،
    ڍوليي لئه ڍاٽ تي ڌوتو پئي.

    هر ڏسا هُٻڪار آهي ٿي ويئي،
    بُت جوانيءَ جاٽ تي ڌوتو پئي.

    ڪنهن لڄاريءَ لوڪ ساري کان لڪي،
    درد ڌوٻيءَ گهاٽ تي ڌوتو پئي.

    بوسڪي جهڙو بدن ڪنهن بانورو،
    چاندنيءَ چمڪاٽ تي ڌوتو پئي.

    وار کُليل واءُ ۾ وکريا پئي،
    وائلو هُن واٽ تي ڌوتو پئي.


    اڪيلو، اڪيلو، اڱڻ



    اڪيلو، اڪيلو، اڱڻ،
    ڏکيءَ کي ڏنگي تو ڏکڻ!

    تنها تو بنا راتيون،
    ڪٽي ڪير سگهندو سڄڻ!

    ڪنڌيءَ ڪاسبي جيءَ مٿان،
    نچي ٿو پيو نينهن ڄڻ!

    ٽهُوڪا ٻُڌي مور جا،
    اچي ڊيل ڊوڙي مڇڻ!

    ڀَڄي ڪيستائين ڀلا؟
    حياتيءَ سندو هي هرڻ!

    اڙي رات تارن ڀري!
    ننگر ڏي نِگاهُون ته کڻ!

    چٽي چاندنيءَ ۾ اَمر!
    ونگي جو وڻي ٿو پتڻ؟


    ڪاري رات ڪميڻيءَ پويان

    ڪاري رات ڪميڻيءَ پويان،
    ڌنئورو ڏينهن ڏِسان ٿو آئون.

    توکي ڪهڙي ڪل زمانا!
    جڳ ۾ ڪيئن جيئان ٿو آئون.

    ڌرتي لاءِ لباس جيان هِن،
    جيڪي گيت لِکان ٿو آئون.

    ڦورُوئن جي فرمانن کي،
    قطعي ڪو نه مڃان ٿو آئون.

    هُن جا ويڻ حياتيءَ جهڙا،
    پاڻيءَ جيئن پيان ٿو آئون.

    ڏيهه سڄي جو ڏوهي آهيان،
    خود تسليم ڪيان ٿو آئون.

    گُوندر مون ۾ گؤنچ ڪڍن ٿا،
    ٿر جو ٿاڪ ٿيان ٿو آئون.


    گهوڙا ڙي! هڪ گهوٽ مري ويو!

    گهوڙا ڙي! هڪ گهوٽ مري ويو!
    ماڻهو ڪو اڻ موٽ مري ويو!

    تهذيب سڄيءَ کي تيلي ڏيئي،
    ڳاٽ مٿي هڪ ڳوٺ مري ويو!

    ڦٿڪي، ڦٿڪي ڦوٽ پاٿ مٿي،
    آڌيءَ جو اڌڙوٽ مري ويو!

    رات ننگي سر نچندي، نچندي،
    ناچوءَ مُٺ ۾ نوٽ مري ويو!

    جنهن جي ٽاريءَ تي ٽڙياسين،
    هاءِ! اُهو اَخروٽ مري ويو!

    انصاف مُلان کان مرغُوب ٿيو،
    هڪڙو ڪارو ڪوٽ مري ويو.
    ***

    - (صادق فقير جي مرتيي تي لکيل)


    وقت جي سينڌ جا وار ويڙهي وَٺان

    وقت جي سينڌ جا وار ويڙهي وَٺان،
    راهه روشن ڪري، رات ريڙهي وَٺان!

    پوءِ يڪجا ٿيون يا ته وِکري وڃون،
    پل گهڙي ئي سهي، پاڻ ميڙي وٺان!

    نَينهن جون جو نمازون قضا ٿو ڪري،
    ڪاش! اُن ڪُفر سان جنگ جهيڙي وَٺان!

    وَڏ - وَزارت وٺي پو وڏيري چيو:
    “ڏاٺ ڪُوسي ڪري، ڏند ٽيڙي وَٺان!”

    روپ ڌاري وري روپلو ڪو اچي،
    خاڪ بي باڪ جا کيٽ کيڙي وَٺان.

    ڍاٽ کي ماٺ ٿي روز ماري مِيان!
    ڇير سان ڇاڇرو ڇڏ ته ڇيڙي وَٺان.


    وَسي ٿي چاندني ڀٽَ تي

    وَسي ٿي چاندني ڀٽَ تي،
    نَچي ٿي شاعِري سٽ تي.

    سڄي ٿي سُرخ ويئي آ،
    ڏِني ٿس ڪنهن مِٺي مِٽ تي؟

    وڃي ٿي ويڙهجي وَرَ سان،
    کِنوَڻ جي کينچلي کِٽ تي.

    سِبي ٿي عشق جا تارا،
    عُمر جي ٻانڌڻي ٻٽِ تي.

    هلي ٿا چين کي ڳوليون،
    ڀٽائي گهوٽ جي ڀٽ تي.

    پکيڙي پيار ٿي پيئي،
    چَپن ذريعي چُميءَ چٽ تي.

    اسين آمين چونداسين،
    پرين! تُنهنجي ڏنل پٽَ تي.


    اوهان جي شهر ۾ آهيون

    اوهان جي شهر ۾ آهيون،
    لڳي ٿو لهر ۾ آهيون.

    ڀلي ڏس آزمائي تون،
    وزن ۽ بحر ۾ آهيون.

    جڏهن کان تو ڪيو جادو،
    اڃان اُن سحر ۾ آهيون.

    حياتي! هاڻ ڇڏ کيٽا،
    پڇاڙيءَ پهر ۾ آهيون.

    ٻڏون ٿا پيا، ترون ٿا پيا،
    نِگاهُن – نهر ۾ آهيون.

    ڪَڙي رَسُول ڪنان ڪَوڙي،
    زماني زهر ۾ آهيون.

    نڪو اوهي نڪو واهي،
    ڪجي ڇا قهر ۾ آهيون.

    پچن ٿا پير واري تي،
    ڏکن جي ڏهر ۾ آهيون.

    گهِٽي تُنهنجي منجهان گُذري،
    ڳڱَاٽيا ڳهر ۾ آهيون.


    شهر سارو لڏي ويو آهي

    شهر سارو لڏي ويو آهي،
    يادگيريون ڇڏي ويو آهي.

    پاڻ پوکي گُلاب چاهت جا،
    پاڻ ئي پو ٿڏي ويو آهي.

    ڏيهه کي جنهن ڏني جواني هُئي،
    ڪير اُن جي تڏي ويو آهي؟

    هر خوشي پاڻ سان ٻُهاري هُو،
    غم مون سان گڏي ويو آهي.

    شاعريءَ جا سوين ڄامشورا،
    عشق مون ۾ اڏي ويو آهي.

    عشق وارن اکين ــ اشارن سان،
    شخص هڪڙو سڏي ويو آهي.


    اوڏڻ وانگر عشق اسان کي

    اوڏڻ وانگر عشق اسان کي،
    اوساريون ڏئي اڏيو آهي.

    پاڻ هڪل سان پهتا آهيون،
    سنڌ جڏهن ڀي سڏيو آهي.

    جهوڪ سڄي غمگين لڳي ٿي،
    لاڙ منجهان ڪو لڏيو آهي.

    سمنڊ ڪناري خواب ملاح جو،
    ڇوليءَ اُڇلي ڇڏيو آهي.

    آءٌ ته گڏجي اوٽو راڳيون،
    گارو محبت گڏيو آهي.


    هوا ۾ هيل هر پاسي رُڳو تنهنجو هُڳاءُ آهي

    هوا ۾ هيل هر پاسي رُڳو تنهنجو هُڳاءُ آهي،
    گهِٽي هر گام تُنهنجي جي، گُلِ لالا! گواهه آهي.

    اسان جو آرُ پيلوءَ جيئن پَچي آخر ڇڻي ويندو،
    اوهان جي ڪو نه ڇو آئي؟ اڃا چُونڊڻ نِگاهه آهي.

    سَنجي شمشير نيڻن جا، ڪَشي اَبرو اُلاري پو،
    گهٽائون گهُور سان گهايل، ڪرڻ گوريَ گُناهه آهي.

    اُماوَس رات آڌيءَ جو، کِڙيو جو کير-ٿر تي آ،
    سَمبارا! سينڌ تنهنجيءَ جي، ستارن جو شُعاع آهي.

    نڪو ٻڪرال جو ٻَهڪو، نه ڪوئي چنڊ جو چمڪو،
    کنيو ٿئي کِل تان پردو اُنهي جو ئي اُهاءُ آهي.

    زماني جي خُدائن جو اسان کي خوف ڪونهي ڪو،
    حياتيءَ کي اگر حاصل، پرين! تنهنجي پَناهه آهي.


    هِرک هٿڙن تي حِنا، ڏاڍي وَڻي

    هِرک هٿڙن تي حِنا، ڏاڍي وَڻي،
    مُرڪندي ماههِ لَقاَ، ڏاڍي وَڻي.

    نينهَن تُنهنجي جا نشا آئي کڻي،
    بي چَئي بادِ صَبا، ڏاڍي وڻي.

    بَدن تُنهنجي جيءَ ڀنل خوشبوءَ ۾،
    ڄامشوري جي هَوا ڏاڍي وڻي.

    رات ڳائي ريگزارن ٿي پئي،
    شاعِري تُنهنجي وَفا! ڏاڍي وڻي.

    روپ پيئي ٿي پَسائي پاڻ جا،
    آرسيءَ جي هر ادا ڏاڍي وڻي.


    ڏاڍي ڏور ٿيندي ٿي وڃي

    ڏاڍي ڏور ٿيندي ٿي وڃي،
    ڪيڏي ڪٺور ٿيندي ٿي وڃي.

    شايد انجام ٿي چاهي تڏهن،
    ايڏي ڀرپُور ٿيندي ٿي وڃي.

    آرسيءَ جيان هر ڪا آرزو،
    چڪنا چُور ٿيندي ٿي وڃي.

    روشنيءَ جا رنگ اُجاريو دوستو!
    اونداهه گُهور ٿيندي ٿي وڃي.

    گُهنڊ وجهي گهُوري ئي نٿي.
    اهڙي اکَ-پور ٿيندي ٿي وڃي.

    زخم پُراڻا ۽ مَرهم مهانگا،
    زندگي ناسُور ٿيندي ٿي وڃي.


    رهڻو رين - بسيرو ڪونهي


    رهڻو رين - بسيرو ڪونهي،
    هاڻي ڏُور سَويرو ڪونهي.

    هاءِ حياتي! تُنهنجي در تي،
    ڪنهن به پرينءَ جو پيرو ڪونهي.

    ڇورين وانگي ڇرڪو ڇو ٿا؟
    شاعر آ، سَئو - پيرو ڪونهي.

    ٻولڻ ۾ ڪُجهه ٻاڙو هُوندو،
    مَن جو ليڪن ميرو ڪونهي.

    پاڻ کپائِن ويٺا سڀئي،
    واندو ڪو به وڏيرو ڪونهي.

    آيل! تنهنجي اکڙين جهڙو،
    دُنيا ۾ ڪو ديرو ڪونهي.

    حُڪم سندءِ تي حاضر آهيان،
    ڀُونءِ ڀڱو مون ڀيرو ڪونهي.

    سڀئي لفظ شڪارين جهڙا،
    ڳالهين ۾ ڇو ڳيرو ڪونهي؟

    پاڻ ڪرين ٿو ماحول ڪِنو،
    فطرت وٽ ڪو ڦيرو ڪونهي.

    سنڌ سڄي ٿي سهمت جنهن سان،
    اهڙو هاڻ اُڏيرو ڪونهي.


    پيڇي ۾ پاڇا اچن پيا

    پيڇي ۾ پاڇا اچن پيا،
    ڄڻ زندهه لاشا، اچن پيا.

    چوٽ مِلڻ کان پوءِ ٺڪاڻي،
    ماڻهن جا ماشا، اچن پيا.

    ڪُرسيءَ جي ڪارڻ ئي ڊُڪندا،
    شخص چڱا، خاصا، اچن پيا.

    سنڌ ڌرتيءَ کي ڌاريا سمجهي،
    ڄڻ کنڊ پتاشا، اچن پيا.

    نظر تباهي پنهنجيءَ جا اَڄُ،
    تاريڪ تماشا، اچن پيا.

    امر! سنڀالي سنڌ جا واسي،
    ڀوميءَ جي ڀاشا، اچن پيا.


    رُت بَسنتي رات گُلن جي

    رُت بَسنتي رات گُلن جي،
    برسي ٿي برسات گُلن جي.

    هِن، هُن هر ڪنهن سان هڪجهڙا،
    ذات نه ڪائي پات گُلن جي.

    ساري رات سُتا ئي ناهن،
    باک ڪري ٿي بات گُلن جي.

    ٽاريءَ مان ٽُٽڻ کان پو ڀي،
    مُور نه ٿيندي مات گُلن جي.

    هر شام هِتان ئي گُذري ٿي،
    هُن ڀيڙي بارات گُلن جي.

    اڄڪلهه ڪنهن جي اوسيئڙي ۾،
    ڇاڻين ويٺي ڇاتِ گُلن جي؟

    ڄڻ ته پَني تي پوکي آهي،
    ڪويءَ ڪائنات گُلن جي.

    مور-ڪَلنگيءَ جهڙي مون کي،
    ڏنل آهي ڏات گُلن جي.

    هر ماڻهوءَ مڱيو مال امر!
    توکي ليڪن تات گُلن جي.


    هُوءَ ڇيڪ ڇتن کي ڇوڙيندي

    هُوءَ ڇيڪ ڇتن کي ڇوڙيندي،
    پو ٻيڙو جڳ جو ٻوڙيندي.

    هُن ڪُونَهه ڪڍي جي ڪَنجريءَ جي،
    پو ٽاڪا دل جا ٽوڙيندي.

    ڪِٿ وقِت ڪٽيندي تنهائي؟
    جَي مُنهن اسان کان موڙيندي.

    هُوءَ هاڻ حَويلي مان نڪري،
    ڪا واٽ وندرجي ووڙيندي.

    هُن وٽ آهي هُنر هٿيڪو،
    هُوءَ جهوري ٻيهر جوڙيندي.

    ڪيسين سُونهن سفر ۾ رهندي،
    ڪِٿ خيما نيٺ ته کوڙيندي.

    هُوءَ جا کِليو کاٽ هڻي ٿي،
    سا نيڻين - نَنڊ نِهوڙيندي.

    ***
    - گج/ ڪنجريءَ ۾ پُٺ بجاءِ ڌاڳن سان قابو ڪرڻ لاءِ ڪونهَن سِببي هُئي.


    رات، رات کي چوڻو پَوندو

    رات، رات کي چوڻو پَوندو،
    ڏينهُن، ڏينهُن کي مَڃڻو پَوندو.

    ڀلَ ته ڪري ڪو ڪاوڙ سائين!
    سَچُ ته مُنهن تي سَٽڻو پَوندو.

    هيءُ ته تؤڙيءَ جو تؤ آهي،
    آويءَ ۾ ڀي پَچڻو پَوندو.

    دڳَ ۾ ڏات ڏِيئن کي ٻاري،
    ساٿ سڄي کي هلڻو پوندو.

    پاڻهي ماڳ نه مِلندو پيارا!
    ڪُجهه ته اُنهي لئه ڪرڻو پوندو.

    آزاديءَ جو پنڌ ڏُکيو آ،
    پوءِ به اُن تي رَمڻو پَوندو.

    ڏاڍ اڳيان سِرُ ٽيڪڻ بدران،
    ڳاٽ اُچي سان جيئڻو پَوندو.

    رَسمن جون اورانگهي راهُون،
    نيٺ پرينءَ کي پَسڻو پوندو.

    سنڌ جي سينڌ سَنوارڻ خاطر،
    رت جو ريجُ به ڏيڻو پَوندو.

    امر! ڀلي ڪنهن ٽِياسَ تي ٽنگجي،
    سَچُ سچَو ٿي لِکڻو پَوندو.


    دلربا دادِلو يَڪو گُهرجي

    دلربا دادِلو يَڪو گُهرجي،
    چاهه ڪو چلولو يَڪو گهُرجي.

    جوش جاري رکو جوانيءَ جو،
    وطن کي وَلولو يَڪو گهُرجي.

    جي هُجي تازگيءَ سندي تمنا،
    زندگيءَ زلزلو يَڪو گهرجي.

    ڇا ڪبو عارضي سهاري کي،
    ڀُونءَ کي ڀَرجهَلو يَڪو گهُرجي.

    ڏات سان ڏيهه کي رکي روشن،
    شاعريءَ سِلسلو يَڪو گهُرجي.

    مَڇڻ مُرجهائجي وڃي وِکري،
    حُسن کي حوصلو يَڪو گهُرجي.

    ولر کان ڌار ٿي مري ويندي،
    ڪُونج کي قافِلو يَڪو گُهرجي.

    مورَ جو معاملو جُدا آهي،
    ڊيل کي ڍاڪلو يَڪو گهُرجي.

    اَمن ۽ آشتيءَ سَندي مُنڪر،
    فِڪر کان فاصلو يَڪو گُهرجي.

    ***
    ڍاڪلو: ٿر جو هڪ ڳوٺ 


    دردن جي دَرڪار اسان کي

    دردن جي دَرڪار اسان کي،
    گهُرجي ٿو نه قرار اسان کي.

    هاڻ سدائين ياد رهي ٿو،
    گهر ۽ ڪاروبار اسان کي.

    جيون صحرا پاڻ مُسافر،
    سانئڻ! ڏي سهڪار اسان کي.

    پاڻ خزان ۾ ئي خوش آهيون،
    بي چين ڪري نه بهار اسان کي.

    روز جيئاري ۽ ماري ٿي،
    تُنهنجي نيڻ - نِهار اسان کي.


    هُوءَ ٿِي خُوشبو خواب وَئي آ

    هُوءَ ٿِي خُوشبو خواب وَئي آ،
    ننڊ به ٿي ناياب وَئي آ.

    ٿر ٻاٻيهي جيئن جَواني،
    بي حد ٿي بيتاب وَئي آ.

    سڀئي ناتا رشتا ٽوڙي،
    بند ڪري هر باب وَئي آ.

    لال لهوءَ سان لاڙ سموري،
    سنڌ ڪري شاداب وَئي آ.

    هُن کانپوءِ هاڻ اسان کي.
    ڏيئي ڏات جواب وَئي آ.

    سڀئي ڏوهه اسان کي ڏيئي،
    ساڻ کڻي ڪي ثواب وَئي آ.


    خيال پاڻ هَرتا اچن پيا

    خيال پاڻ هَرتا اچن پيا.
    ٿِي سُونهَن سُندرتا اچن پيا.

    سي ئي مون کي موهيندا هِن،
    پاڻ ۾ جي پَرتا اچن پيا.

    حقدارن کي دُور ڌِڪاري،
    ڪُرسيءَ جا ڪرتا اچن پيا.

    سَچ جي ڳولا ۾ نڪتا سي،
    پائيندا امرتا اچن پيا.

    زرد پتن جيئن پيلا چهرا،
    سَرطان ۾ ورتا اچن پيا.

    اي مؤت! اڃا ڪُجهه مُهلت ڏي،
    ڏسِ! جيڏا، سَرتا اچن پيا.


    سِتم نڪو ڪا زحمت آهي

    سِتم نڪو ڪا زحمت آهي،
    رَنجش تُنهنجي رحمت آهي.

    ميت مَٽڻ جي مون تي مٺڙا!
    تُنهنجي ڪوڙي تهمت آهي.

    هڪ حُسناڪ نگاهه پرين جي،
    مون لاءِ وڏي نعمت آهي.

    ڪاڳر جي آڳرُ تي ڪڙڪي،
    ڪوتائن جي قسمت آهي.

    اُوچي شاعر جي نظرن ۾،
    انِسانن جي عظمت آهي.

    هڪڙي مون سان ويرُ رکي هُوءَ،
    جڳ سڄي سان سهمت آهي.


    هينئڙو نه هار جاني!

    هينئڙو نه هار جاني!
    ڏونگر کي ڏار جاني!

    هُن لاءِ حرصُ مايا،
    مون لاءِ گار جاني!

    جيڪو ڪريان نه پورو،
    ڪر سو نه آرُ جاني!

    مون کي اُڪير تُنهنجي،
    اَچُ نيڻ ٺار جاني!

    جيءَ گهُري ٿو امر جو،
    گڏ آءُ گهار جاني!


    کِلي کوڙ کاري جَواني

    کِلي کوڙ کاري جَواني،
    وَئي مَلهه ماري جَواني.

    هُيو عشق آتش فِشان پر،
    وَئي ڏينهُن ٺاري جَواني.

    ڪري ڳُونڌ ڳوڙها، وڇوڙا،
    پئي شؤق پاري جَواني.

    جَڙو وقت جو هو وَڇيرو،
    وَئي لانگ واري جَواني.

    ٻٽي خُواب کُنهبا اسان لئه،
    اَچين ها اُڌاري جَواني.

    فني خان جي حُڪم هڪڙي،
    ڇڏي ڌار ٽاري جَواني.

    سڄي سيمَ سُهائي ڪري وَئي،
    ٻئي نيڻ ٻاري جَواني.

    لڙي شام وانگر لڪن تي،
    وَئي جام هاري جَواني.


    هيل وري ديوالي آئِي

    هيل وري ديوالي آئِي،
    خوشين کان پر خالي آئِي.

    مينهَن وُٺي کان پو به الئه ڇو؟
    هيل نه ڪا هريالي آئِي.

    ليلان! تنهنجو لاش کپائڻ،
    قوم ڪري اک آلي آئِي.

    نازڻ! تنهنجا نوٽ کُٽا پو،
    ڪو نه وري ڪا بالي آئِي.

    پوڙهي وَرَ کان ورثي ۾ بس،
    وِڌوا کي هٿ والي آئِي.

    زال به هُن کان مُنهَن مٽي وَئي،
    جنهن پل سندس سالي آئِي.

    ڊڪٽيٽر سان ڊيلَ بدولت،
    فيڪ، حڪومت جعلي آئي.

    نٽهڻ اُس ۾ سار سڄڻ جي،
    بڻجي شام جُهڙالي آئي.

    ***
    ليلان: ڪُنري ويجهو وحشين هٿان مارجي ويل نياڻي.
    نازڻ: شاعر مير علي نواز ناز.


    چئو سِٽا

    چئو سِٽا

    گهورن جيئن گهُمي ٿو ليڪن،
    دل جو درد درهوڳو ناهي.
    هيلوڪو هي هيج چوي ٿو،
    پنهنجو پيار پروڪو ناهي.


    غم خوشيءَ کان گهڻا دوستو!
    هام ڪهڙي هڻان دوستو!
    ڪيستائين ڀلا ڪلا جون،
    ڳالهيون مان ڳڻان دوستو!


    وقت لڳي ٿو واگها بارڊر،
    جتڙي روز جُدايون آهن.
    عرش مٿي تون تنها هوندين،
    هيٺ ته کوڙ خُدايون آهن.


    وينگس ڪارا وار اُڏائي ويٺي،
    ڄڻ ته هوا ۾ ڄار اُڏائي ويٺي،
    کلندي، کلندي اک جي کانڀاڻيءَ سان،
    جوڀن وڻ تان جهار اُڏائي ويٺي.

    ¬¬
    پکين سان ڪچهري ڪري ٿي هوا،
    ڪچا ڪن اُنهن جا ڀري ٿي هوا.
    وڻن تي وڇائي رلي رات جي،
    ڊِگهي ننڊ گهري ڪري ٿي هوا.


    ڪو نه پڙهيو ڪنهن جوانيءَ جو ڪتاب،
    زنگجي ويو زندگانيءَ جو ڪتاب.
    عشق جي اسڪول جو آهي نصاب،
    حُسن! تنهنجي حُڪمراني جو ڪتاب.

    دلبر کان دور ٿيو هُوندين،
    بي چين ضرور ٿيو هُوندين.
    مگر وڇوڙي کانپوءِ مِٺا!
    ايڏو ڀرپُور ٿيو هُوندين.

    ايئن نه ٿيئَي جو اُداس ٿي وڃين،
    ۽ لُڙڪن جو لباس ٿِي وڃين.
    ايئن نه ٿيئَي جو عشق بازي مان ئي،
    نااُميد ۽ نِراس ٿي وڃين.

    جنهن وقت هوا جي جُهوٽي سان،
    ٿو نِم جي وڻ مان ٻُور ڇڻي.
    تنهن وقت اچانڪ منهنجي من مان،
    ٿو پيارا تنهنجو پُور ڇڻي.

    چيائين: ڏي خبر ڏيهه تنهنجي جي،
    چيم: دلرُبا ۽ دلنشين آهي.
    چيائين: منجهس ماڻهپو به ملي ٿو،
    چيم: امن ۽ انسانيت جو امين آهي.


    نظم

    فطرت ۽ مُحبت جي نيچرل رنگن جو شاعر : امر اقبال

    ٿر، سُهڻي سنڌ جي سُونَهن جو حسين استعارو آهي، ۽ سنڌ جي جن جن شاعرن به ٿر جي حُسناڪيءَ کي پنهنجين سِٽن ۾ سمايو آهي، اُنهن شاعرن مان امر ساهڙ پنهنجي ٽهيءَ جو هڪ اهم ۽ سَجيلو شاعر آهي، فطرت ۽ محبت جي مختلف رنگن کي بيساختگي سان نيچرل انداز ۾ پنهنجي غزلن، نظمن، بيتن ۽ واين ۾ سمائيندڙ امر ساهڙ ٿر جي مٽيءَ سان رِلمِل موضوعن، ماڳن، ڪردارن ۽ واقعن کي ڏاڍي سُهائيندڙ انداز ۾ اظهارڻ تي قدرت رکي ٿو. سندس طويل نظمن ۾ موجود ڪهاڻيپڻو اُنهن نظمن جي اصل هئيتي گهُرجن جو پورائو ڪندي نظر اچي ٿو. سادگي ۽ نهٺائپ وري امر ساهڙ جي ڏات کان وٺي ذات تائين گڏ، گڏ هلندي سندس سُڃاڻ جو حوالو بڻجي وڃي ٿي. امر ساهڙ گذريل ٻن ڏهاڪن کان لکندو پيو اچي. لکڻ جي شروعاتي سالن ۾ ئي معياري ادبي مخزنن ۾ ڇپجڻ کان وٺي هِن وقت تائين، سندس دل جي شاعراڻي زمين زرخيز ئي رهندي پئي آئي آهي. تخليقي سفر ۾ مسلسل پنڌ ڪندي امر ساهڙ ڪنهن به موڙ تي ورچي ناهي ويٺو. سندس شاعريءَ ۾ اڄ به ٿر جي آرهڙ ڏينهن جي تپش محسوس ڪري سگهجي ٿي. امر ساهڙ جو هيل تائين هڪ شاعريءَ جو ڪتاب ۽ هڪ ريڊيو اسِڪرپٽ تي مشتمل نثري ڪتاب شايع ٿي چُڪا آهن، ۽ هي سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي. امر ساهڙ، شاعر سان گڏ هڪ سُهڻو نثر نويس پڻ آهي ۽ اِها سندس تخليقي اظهار جي هڪ اظافي خوبي آهي.


    امر اقبال


    منهنجا گيت گهٽائون ٿيندا

    ڌرتيءَ سان گڏ ڌڙڪي پيئي،
    مُنهنجي دل دَرازن جهڙي،
    اوڏن جهڙي، رازن جهڙي،
    اهڙو ديس اڏڻ ٿي چاهي،
    جنهن ۾ ڪو نه ڪَميڻو هوندو،
    ڪو به نه ڏاڍو، هيڻو هُوندو،
    هرڪو پاڻ - وَهڻيو هُوندو،
    ڪو به وڏيرو وڌ نه هُوندو،
    ڌرتيءَ جو ڪو اڌ نه هُوندو،
    سڀني جا حق ساڳي هُوندا،
    راڄُ ڪندا اُت راڳي هُوندا،
    سڀئي ڌرم سَريکا هُوندا،
    ڪائي ذات ۽ پات نه هُوندي،
    ڏات ته هُوندي، ڏانءُ به هُوندو،
    هرڻيءَ جهڙو هانءُ به هُوندو،
    ڪوئي ڊَپُ ۽ ڊاءُ نه هُوندو،
    ڀوتارن جو ڀاءُ نه هُوندو،
    ڊاڪو توڻي ڊان نه هُوندو،
    اُن جو ڪو ارمان نه هُوندو،
    بُک وِگهي ڪو ڀيل نه مَرندو،
    ٻار ٻَري ۾ ڪو به نه ٻَرندو،
    ڪا به نه ڳڻتي، چِنتا هُوندي،
    جُوءِ ڌڃاڻي جَنتا هُوندي،
    ڪو نه مُجيري ماري هُوندو،
    ڪو به نه سِرڙيو هاري هُوندو،
    ڪين مَڄوءَ جي مرضي هَلندي،
    ڪير نه ڪنهنجو قرضي هوندو،
    ماڻهوءَ جو جت مانُ به هُوندو،
    دردن جو درمان به هُوندو،
    آجو هر انسان به هُوندو.
    ماضي جن جو مُهذب هُوندو،
    آئيندو ڀي اُجرو هُوندو،
    ڌنُ به هُوندو، ڌڻ به هُوندو،
    وينگي جو هر وڻ به هُوندو،
    روهيڙي جا رنگ به هوندا،
    بوڙينڊا ۽ چنگ به هوندا،
    مور پکيءَ جا کيڙا هُوندا،
    ڳيرا بازن ڀيڙا هُوندا،
    ڪوِئل هُوندي، ڪُونج به هُوندي،
    گهر، گهر جنهن جي گُونج به هُوندي،
    خوشبو هُوندي، کيٽ به هُوندا،
    چانڊوڪيون ۽ چيٽ به هُوندا،
    عشق جتي بي اونو هُوندو،
    کوهن تي ڪي کينچل ٿيندا،
    جن کي ڪائي جهلَ نه هوندي،
    ڪا به ٻيائي ٽلَ نه هُوندي،
    ڪو نه جتي ڪو رائِر هُوندو،
    هرڪو پنهنجو ميت سڏيندو،
    گوڏو، گوڏي ساڻ گڏيندو،
    ڳالهين جا ڪي ڳوٺ اڏيندو،
    سُرخ سَويرو ظاهر ٿيندو،
    ڪاري رات ڪَميڻي کُٽندي،
    ڀُونءِ مٿي ڪا باک به ڦُٽندي،
    نيٺ ته ڌنئورو ڏينهُن به ٿيندو،
    نِت نڪورو نينهُن به ٿيندو،
    مُرڪ نه ڪائي ميري ٿيندي،
    نيڻ نه ڪنهن جا آلا ٿيندا،
    هڙئي هيجَ حَوالا ٿيندا،
    مُنهنجا گيت گهٽائون ٿيندا،
    نِمَ جي وڻ جون ڇائون ٿيندا،
    ڌرتيءَ لاءِ دُعائون ٿيندا.

    


    صحرا مون ۾ ساهه کڻي ٿو

    هيءَ تاريخ پُڇي ٿي توکان،
    ڄڻ ڪا چيخ پُڇي ٿي توکان،
    وقت گهُري ٿو وَرندي ڏي تون،
    ريت ڪُڌيءَ جي رکشا خاطر،
    ڏيههَ نيڪالي ڏيئي مون کي،
    هاڻ اجائي هام هڻين ٿو،
    پنهنجي شانَ وڏائيءَ واري،
    ڳوٺ سَڄي ۾ ڳالهه ڳڻين ٿو،
    ليڪن جيءَ ۾ جهاتي پائي،
    پنهنجو پوتا - ميل ڪري ڏس!
    ڪيڏو اتياچار ڪيو تو؟
    هڪڙيءَ اَٻلا ڌيءَ ڪُنواريءَ،
    گهر ۾ ويهي عُمر گنوائي،
    جنهن جا ويٺي وار اڇا ٿيا،
    ٻئيءَ جا ڪهڙا ڪَم ڪچا ٿيا؟
    جو بيدرديءَ سان کيس کنڀي،
    اڙگي پار اُڪاري آئين،
    ڄڻ ڪو بار اُتاري آئين،
    گُونگيءَ گانءِ جهڙي ڏِڪري،
    جنهن جي مَن مندر ۾ ويهي،
    وينا ڪنهن نه وڄائي ڪڏهين،
    جنهن کي ڏيههَ سڄي ۾ ڏيهي،
    جيسُ نه ڪوئي جُڙيو جيڪو،
    تِلڪ لڳائي، سينڌ سَجائي،
    مُرڪي جنهن جي مانگ ڀَري ها،
    مينهن - وساڙن جهڙا تنهن جا،
    ٻاروتڻ جا خواب سُهانا،
    ڦُٽري ڦُوهه جواني ان جي،
    هڪڙي تُنهنجي حُڪم اُجاڙي،
    ڪڙڪي ڄڻ ڪا تيز ڪُهاڙي،
    ڌرتيءَ کان هڪ ڌيءَ جُدا ٿي،
    هيءَ قيامت ڪيئن خُدا ٿي؟
    سُڏڪا سُڏڪا سنڌ سڄي ٿي،
    عرش ڪنايون اوڇينگارون،
    فرش فضائون، سوڳ صدائون،
    وڻ، وڻ وِڄکيو وقت وِداعُ جي،
    فطرت ڦُونڌا، ڦونڌا ٿي پئي،
    توکي پر ڪو ترس نه آيو؟؟!
    جڳر سڄي جي جذبن توڻي،
    ارمانن جو اپمان ڪري،
    ٿانيڪو ٿي ويٺو آهين،
    پنهنجي ڌيءَ پتاشي جهڙي،
    ٿر مان ٿوهر جيئن ٿَڏاري،
    چؤنريءَ بدران چکيا چاڙهي،
    اُن جي هر هڪ آشا آئين،
    گنگا جل ۾ غوطا ڏيئي،
    لوڙهي ڄڻ ڪي لاشا آئين،
    ڪاري پاڻيءَ کان به ڪڙي تون،
    سخت سزا ڄڻ ڏيئي آئين،
    تُنهنجي ليکي ڪَڇ ۾ آئون،
    راجڪُماري راڻي آهيان،
    توکي ڪهڙي ڪل پِتا جي!
    آئون اڀاڳي ڪيئن جيئان ٿي،
    پنهنجا ڳوڙها پاڻ پيئان ٿي،
    سارو لوڪ سُمهي ٿو ليڪن!
    آليءَ ڪاٺيءَ جيئن اڪيلي،
    ساري رات سڙان ٿي آئون،
    ساسُو مون تي شڪ ڪري ٿي،
    ڪُرڪي ٿي ۽ ڪَڪَ ڪري ٿي،
    ڏينهن ۾ ڏهه ڏيهه ڀيرا مون کي،
    اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏي ٿِي،
    مون مان ڪيئي مَٽَ ڀَري ٿي،
    شيهي سان ڄڻ ڦَٽ ڀري ٿي،
    جنهن جي پُٽ مَواليءَ مون کي،
    سِگريٽن سان جسم سڄي تي،
    ڪيئي ڀيرا ڏنڀَ ڏِنا هِن،
    ڄڻ ڪنهن اُڏتي پنڇيءَ کي،
    کُونڌي اُن جا کنڀَ ڏِنا هِن،
    اُن کي ڪيئن پتي چانَ جيڪو،
    اَملَ ٺري جو عادي آهي،
    جنهن جي جهَرلو هوڏ-وڏائي،
    ڄڻ ڪا وائي بادي آهي،
    جنهن وٽ پنهنجو ٿاڪ نه ڪوئي،
    هاڻ رهيو حُسناڪ نه ڪوئي،
    اُن ئي گهر ۾ آئي آهيان،
    جيڪو جَر جي فوٽي وانگر،
    سگريٽ جي ٽوٽي وانگر،
    ائش-ٽريءَ ۾ روز اُجهان ٿي،
    تيليءَ وانگر طنز لڳي ٿي،
    ٻيهر ڀڙڪي آئون ٻَران ٿي،
    مون ۾ هڪڙو ديس دُلارو،
    آئيني جيئن اُجرو آهي،
    جنهن ۾ پاڻ پسان ٿي آئون،
    نيڻ نديءَ جا مون ۾ مُرڪن،
    ڀٽياڻيءَ جا ڀيدَ سمورا،
    ڪجلاسر جي شام ڪُنواري،
    سُرمي جيئن سَجي ٿي مون ۾،
    مون ۾ سانگاهه ڍنڍ سدائين،
    ڇُلڪي ٿي ۽ ڇوڙ ڪري ٿي،
    راڻاسر جي تار ترائي،
    مون ۾ تِڙڳي توڙ ڪري ٿي،
    مون ۾ مور ڪلنگيءَ وارو،
    روز نيارو رقص ڪري ٿو،
    مون ۾ چارڻ چنگ وَڄائي،
    مون ۾ مُرلي نانگ نچائي،
    سانوڻ جا سڀ سانگ سَجائي،
    مون ۾ ميران ٻائي جي ڄڻ،
    سُرندي جا سڀ ساز وڄن ٿا،
    رُوح رڙي ٿو راز وڄن ٿا،
    مون ۾ مندر گِرجا گُونجن،
    راڌا مون ۾ روز نچي ٿي،
    گوپين جهڙا غم ۽ گوندر،
    مون سان گڏجي مَٽڪُو ڪن ٿا،
    سَڏونت جهڙي سِڪ سَمائي،
    لاڳاپا ۽ لِڪ سَمائي،
    واءُ تکيرا واهُوندي جا،
    گهوڙن جيئن گهُمن ٿا مون ۾،
    مون ۾ جهوري جهَڪ لڳي ٿي،
    مون ۾ تؤڙي تيز ٿئي ٿي،
    ڏينهن تندرون جيئن تپن ٿا،
    راتيون مون ۾ روز ٺرن ٿيون،
    مون ۾ پيلو روز پچن ٿا،
    مون ۾ ڳاڙهي مَڪ ڇڻي ٿي،
    مون ۾ ڪِرڙ ڪڪوريل ڪيئي،
    مَروي وانگر موريل ڪيئي،
    وليون واس وِرهائِن مون ۾،
    گهانگهيٽيءَ جا گُل گهڻيرا،
    اجرڪ جيئن اڇائِن مون ۾،
    ٿوهر مون ۾ ٿڪ ڀڃن ٿا،
    اڪ ڦُلاريل اک ڀڃن ٿا،
    لِڪَ لِڪوٽي ڪن ٿا مون ۾،
    سارڌڙي جا سارا منظر،
    ننگراڻي جا ناسي ڏونگر،
    گهرٽياري جا گهاٽ پُراڻا،
    انچليسر جا اوسا، پاسا،
    سڀئي سيمون سيڙها مون سان،
    وارهاڙي ۾ ويڙها مون سان،
    ڀٽ، ڀٽ مون سان ڀيڙي ڀٽڪي،
    صحرا مون ۾ ساههُ کڻي ٿو،
    حُب وطن جي مون ۾ هِڻڪي،
    رتن سنگهه جي گهوڙيءَ وانگر،
    رڻ ڪنڌيءَ تان روز اُڪاري،
    مون کي سيما سار وطن جي،
    ڪاش! هُجان ها ڪانگ ڪبوتر،
    آزاديءَ سان اُڏري آئون،
    ڏِيئاريءَ جي ڏينهن اچان ها،
    ٽَيج سِرامڻ سکين سان گڏ،
    پينگهه لُڏان ۽ ڪوڏ ڪُڏان ها،
    گؤواڙي جا گس گهُمان ها،
    جهولَ جُئان ۽ ڏهر ڏسان ها،
    پاڻيارين جا پير پَسان ها،
    کوهه پُراڻو، سيرڻ ساڳي،
    هُرٻو توڻي هيرڻ ساڳي،
    ڏيکي ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا،
    هاءِ الائي ڪيئن لنگهي ويا؟
    امراڻي جي اڙٻنگ جهڙو،
    هُو جي اوُچو ڏونگر آهي،
    اُن جي اوٽ اجهو ٿي ڀانيان،
    جنهن جي جهوليءَ منجهه جُڳن کان،
    ڪوئي ڪيسوٻاءَ رهيو ٿي،
    ٻَلوتَ جهڙي ٻَلئي کي جنهن،
    لٺ سان لوڌي ڪڍيو ٿر مان،
    غيرن جي هِن گهاڻي - گهر مان،
    هوليءَ رات هَوائن ڀيڙي،
    هڪڙي ياد اچي ٿي اڪثر،
    ويساکيءَ جي ويل اَچي ٿي،
    راجا واري ريل اچي ٿي،
    ماضيءَ جو هڪ منظر کڻيو،
    ڳاراڻا ۽ ڳڻتيون ڳڻيو،
    اکڙيون ڀرجي اينديون آهن،
    مُقدر جا هي کيل تماشا،
    ليک لکي جا آهن ليڪن،
    پنهنجي ڪوڙي انا خاطر،
    ڌيءَ سڳيءَ کي دوکو ڏيئي،
    پٿر جي دل ڌاري آئين،
    مون کي جيئري ماري آئين،
    ها پر بازي هاري آئين،
    ها پر بازي هاري آئين!!

    

    (ٿر جي هر اُنهي نياڻيءَ جي درد ڪٿا، جيڪا پنهنجي پَريوار جي ريتن، رسمن جو ٻارڻ بڻجي پَرائي ڏيهه پَرڻجي وڃي ٿي).


    سنڌ ڇڏي ويندڙ شاعر جي نانءُ

    تو ته چيو هو: ”دل چَوي ٿي،
    هِن شهر جا سارا رنگ ڇڏي،
    موٽي مالڻهور وڃان مان“.
    ڪاش! ڪرين ها اِيئن پيارا!
    پوءِ مياري ڪِيئن ٿِئين ها؟
    پر تون پنهنجي ڀُونءِ ڀُلائي،
    ورچي، وڇڙي ڏُور هَليو وين،
    ڪهڙو پالي پُور هليو وين،
    پَنهنجي پوڙهي ماءُ ڇڏي وين،
    گهرو اُن وٽ گهاءُ ڇڏي وين.
    ڀيڻ ڇڏي وين، ڀاءُ ڇڏي وين،
    پيءُ ڇڏي ۽ پاڻ لڏي وين،
    ڪهڙي سنگت ساڻ سَڏي وين؟
    ڪارونجهر کي ڪوٺ ڏِئين ها،
    امراڻي کي عرض ڪَرين ها،
    ننگراڻي کي نينڍ ڏئين ها،
    سنڌ سڄي کي سينڍ ڏِئين ها،
    پاري ننگر پيرَ ڀَري ها،
    لاڙ به ليکي جهڙي ناهي،
    توکي جي ڪو تنگ ڪري ها،
    جهوڪ اُنهيءَ سان جنگ ڪري ها،
    سارو شهر مٺيءَ جو توسان،
    اُن جا رستا، گليون توسان،
    وَڻ وڏا ۽ وَليون توسان،
    سور اسان ڀي سليون توسان،
    غم کڻي تون گام اچين ها،
    صُبحءَ سويلي شام اچين ها،
    ڳوٺ ڳراٺي پائي توکي،
    ڀاتيءَ وانگر ڀانئي توکي،
    آڳيٺيءَ تي آڌيءَ تائين،
    ڳالهيون توسان ڳوٺ ڪري ها،
    آکاٽيءَ تي اُڀ سڄي جا،
    تارا ڪتيون توسان گڏجي،
    ٻهراڙيءَ جي ٻارن وانگر،
    اِٽي ڏَڪر راند رَمن ها،
    تنهنجيءَ جهوليءَ منجهه جهُلن ها،
    نم ۾ پينگهه ٻڌي ڪا ٻائي،
    توکي لوري لات سُڻائي،
    اوٽي تي ڪا عورت ويهي،
    تنهنجي لاءِ رُومال ڀري ها،
    کارڪ جيئن خيال ڀَري ها،
    تنهنجو ماضي حال ڀري ها،
    جنهن ۾ جهُونو جنڊ ڏسين ها،
    چَونئري منجهان چنڊ ڏِسين ها،
    ڳُونڌڻ ڳُڙجي ڳنڍ ڪرين ها،
    ڪُريون، ڪوڪڙ، کوکا کائي،
    کٻڙ، ڊُوهي کي ڊوهي ڏيئي،
    پيلُوءَ جهڙا پيار پسين ها،
    راڻاسر تي رات لڙيءَ جو،
    ڀوريلي جي باک ڏسي ٿي،
    ماٿاريءَ جي پاٿاريءَ تي،
    تنهنجا تازا پير پيا هِن،
    جن ۾ سارا ٿڪ سُمهاري،
    ٽهڪ ٽِڪي پيا، لُڙڪ لڏي ويا،
    پويان هڪڙي ياد ڇڏي ويا،
    جيڪا بُونَد بَڊي جيءَ وانگر،
    ڀُورا نيڻ ڀِڄائي ويندي،
    وڻ ئي يار! وَڄائي ويندي.

    


    پنڪيءَ جي پيِءَ کي چئجان!!

    ستاويهين ڊسمبر تي،
    اُڏندي ڍَنڍ تي آڙي،
    پنڊيءَ جي تو بچيءَ تاڙي،
    لڳي گولي گهٽائن کي،
    اُتر جي ڄڻ هوائن کي،
    چيو ٿي چاندنيءَ روئي،
    امن ۽ آجپي جا جي،
    ڏِٺا هِن ڏيهه ها سپنا،
    وِيا ٿي واٽ تان اغوا،
    پرهه جي پيار جا پنڇي،
    اُڏاڻا ڏار تان ڀڙڪي،
    پئي ڄڻ آسمان مان هُئي،
    اچانڪ وِڄُ ڪا ڪڙڪي،
    جَهپي ويو باز ڪا جهرڪي،
    مري ويا مور موهر جا،
    هِنئيان هرڻن سندا ڦاٽا،
    ڪري پيا ڏارَ ڪونڀٽ جا،
    ٽُٽي زيتون جا ٽاري،
    وئي اُن باغ کان وڇڙي،
    جتي جهُولي هُئي بي.بي،
    اُنهي وَڻ جُهور پوڙهي ڀي،
    ڪئي اڄ خودڪشي آهي،
    رهيو هيرڻ نڪي هُرٻو،
    وئي مُرجهائجي ميندي،
    سُڪا سُورجَ مُکي سڀئي،
    وڃايو واسُ مَروي ڀي،
    جُهريون جهمپير جون کجيون،
    سَرينهَن ڦُولار ڀي سُڏڪي،
    رُنا اُن رات روهيڙا،
    ڀٽن ڀيٽا ڏني ڀُڻڪي،
    سُڻي هُن جي شهادت جو،
    هٿن ۾ ٿانوَ پي ٿڙڪيا،
    بدن ۾ باهه جئين ڀڙڪيا،
    سوين شُعلا بغاوت جا،
    متي مهراڻ ۾ هلچل،
    ٽُٽا آڪاس مان ٽيڙو،
    گهڙيءَ ۾ سنڌ ٿي گيڙو،
    ڌُٻي هُئي ديس جي ڌرتي،
    لُڏي هُئي لاڙڪاڻي جي،
    قبر هڪڙي قديمي ۽،
    ڀُٽو تڙپي اُٿي ويٺو،
    ڏٺائين ڏيهه جون سڀئي،
    هُيون ماٺيون مَزارون پر،
    سمورا لاش پي لُڇيا،
    الئه ڇو ڪيئن ٿي ڪُڇيا،
    مُٺي ماٺي هُئي مڪلي،
    ڪُراڙي ڍنڍ ڪينجهر جي،
    تماچي تڙ مٿي تڙپيو،
    عنايت جهوڪ ۾ جَليو،
    نِدي هُن ڄامَ ٿي نهاريو،
    سنڌوءَ جي ٻي ڪناري ڏي،
    جتي جُهونو پيو جاڳي،
    بلاول گهوٽ گهاڻي مان،
    ڪئي للڪار قاتُل کي،
    لٿو سج لاڙ تي ريٽو،
    ٻُڏي رت ۾ ويو ڪاڇو،
    ڪِري پيو ڪوهه ڪارونجهر،
    رُنو ٿي روپلو ڪولهي،
    ڀڃي چُوڙا بديڻي جي،
    ڇني هر ڇوڪريءَ ڇڏيا،
    ٽِڪون ۽ ٽؤنر ڪنجريءَ جا،
    سُمهاري ٻار نيرانا،
    ڪري دانگي ڇڏي اُونڌي،
    مُٺيءَ هر ماءُ ئي هُوندي،
    بڻي نُصرت جيان بيواهه،
    ڏُهاڳڻ ڏيههَ جي ڌرتي،
    سنڌوءَ جي سينڌ ڀي اُجڙي،
    پُراڻي پڳ ٿِي پُرزا،
    سڙي سُورج جيان اجرڪ،
    اُجهامي چنڊ ويو اُڀ تان،
    ستارا رات جا ڇاڻي،
    ڪٿا هيءَ ڪير ٿو ڄاڻي؟
    ڀلا هُن ڪربلا کان اڳ،
    وطن کي ويس ڇو آهي؟
    مِٺا! هِي ماتمي ڪارو،
    حُسيني قافلي وانگي،
    حياتيءَ تان به هٿ ڌوئي،
    ويا سڀ وار جي جيڪي،
    مِٽيءَ لئه مارجي جيڪي،
    اباڻا شهر اُنهن جا،
    اڙي او لاڙڪاڻا تون!
    پنڪيءَ جي پيءَ کي چئجان،
    سُتي آ ننڊ گهريءَ ۾،
    اوهان جي گود ۾ جيڪا،
    اسان اُن سنڌ راڻيءَ جي،
    کٿوريءَ خون مان ٻوڙي،
    ٻئي هٿڙا، مَلي مُک تي،
    کنئي آ ساک سنڌڙيءَ جي،
    ڀٽائي گهوٽ سان ڀيڙي،
    ’’پڄاڻان اي پرين! تنهنجي،
    ڏجن ڀنڀور کي باهيون‘‘
    تِهان پو تند توبن سان،
    هٿين خالي وڙهي واهه جو،
    رَتين پيرين رڙهي واهه جو،
    اُنهي منظر سندي هڪڙي،
    ڏٺي جنهن جهلڪ جذباتي،
    وٺي تِن کي وَئي ڏڪڻي،
    لِڪي ويا لوڪ جي ڊپ کان،
    سمورا شينهن سَرڪاري.

    


    تو ۾ مهڪ مٽيءَ جي مُرڪي

    تنهنجيءَ ماڙيءَ تي تاڙيءَ مان،
    جنهن ڀي سُرڪ سَوائي پيتي،
    تنهن جو نينهنُ نيارو توسان،
    انگل توسان، آرو توسان،
    گهنگهور گهٽائن کان گهرو،
    ساٿ سَجيلو سارو توسان،
    توسان موکيءَ مَٽ سمورا،
    حُسناڪين جا هَٽ سمورا،
    وکر وڪامي تو وٽ تازو،
    فِڪر فسانا هَڪيا تو وٽ،
    نسل نئين جا تڪيا تو وٽ،
    هڪڙو دؤر حَوالي توسان،
    متقي مست جلالي توسان،
    جوڳي توسان، سامي توسان،
    هَڙئي شاعر حامي توسان،
    ماڻهو، ماڻهو مُتفق توسان،
    مُند به توتي مشفق آهي،
    رُت جي توسان ريسَ نه ڪائي،
    فطرت وٽ ڪو ڦير نه تولئه،
    ڪا به مَدي ۽ مير نه تولئه،
    جـﮬـوني شهر جهمپير مٿان هُو،
    جهُور کجيءَ مان جهاتي پائي،
    چيٽي چنڊ به توکي چاهي،
    تارا تُنهنجي تعارف وانگر،
    اُڀَ سڄي ۾ آويزان هِن،
    سڀ ستارا ساکي تنهنجا،
    رِند متارا راکي تنهنجا،
    جهَوڪ جتائي ياري توسان،
    سوچ اُنهي جي ڀاري توسان،
    صُوفي مَسلڪ سارا توسان،
    اناالحق جا نعرا توسان،
    سَرمد جهڙي سنڌ سموري،
    ڳوٺ اڀيچند جهڙو تنهنجو،
    رڻ سان تنهنجو رشتو ناتو،
    صحرا تنهنجو سنگتي آهي،
    دريا جو ڌرميلو توسان،
    سمنڊ پُراڻو ساٿي تنهنجو،
    بلڪِ گهر جو ڀاتي تنهنجو،
    سنڌوءَ جون سڀ لهرون توسان،
    ويرون توسان، ڇوليون توسان،
    لاهيارين جون لوليون توسان،
    ٻاٻيهن جون ٻوليون توسان،
    ديواليون ۽ هوليون توسان،
    سڀئي لوڪ پروليون توسان،
    نوري ڄام تماچي توسان،
    رني ڪوٽ ڪلاچي توسان،
    ڀُونءِ سموري ڀيڙي توسان،
    پيار جي پوکي کيڙي توسان،
    سَنَ مان جيڪا سوچ ڦٽي آ،
    اُن جي چُونڊي ميڙي توسان،
    توسان تعلق ڄام ندي جو،
    رُوپا ماڙي ڪوٽ وڳهه جو،
    شهر بٺورو ڀيڙو توسان،
    اُن جو هر هڪ ڇيڙو توسان،
    مڪلي توسان، منڇر توسان،
    عشق ٺٽي جو انڇر توسان،
    راهُوڪي ڀي راضي توسان،
    موئِن دڙي جو ماضي توسان،
    ماڃر تنهنجي ماتر ڀُومي،
    ڀاءُ بديڻو ڀانئي توکي،
    لاڙ گلي سان لائي توکي،
    بڙ جو ڍورو ڀيڻي تنهنجي،
    ونگو پتڻ ويڻي تنهنجي،
    ٿر سڄي تي ٿورو تنهنجو،
    هانسيسر کي هورو تنهنجو،
    ميهڙ توڻي مورو تنهنجو،
    ڏيهه جهونگاري ڏورو تنهنجو،
    وڻ، وڻ تنهنجي وائي آهي،
    ڀيڙو شاهه ڀٽائي آهي،
    سچل جي سرمستي توسان،
    رُوميءَ وارو رقص به توسان،
    سيوهاڻي هر شخص به توسان،
    مستومست قلندر توسان،
    مسجد توسان، مندر توسان،
    ڪوبه مذهبي متڀيد نه تو وٽ،
    کر سان ڪوئي کيڌ نه تو وٽ،
    تو وٽ نوڙت ناسي ڪپڙا،
    پائي پاڻ پسائي پئي ٿي،
    مُحبت مينهن وَسائي پئي ٿي،
    جنهن ۾ وهنجي وار سُڪائن،
    ڍوري جا سڀ ڊُوها کٻڙ،
    امراڻي جا اڙٻنگ ماڻهو،
    ننگراڻي جا ناسي ڏونگر،
    تنهنجا ڌوڙي ڀيچي آهن،
    روحل واءَ رچايون آهن،
    ڪيئي مچ ڪچهريون توسان،
    کرڙي توسان، کاهُڙ توسان،
    وسنديون، ويڙها واهُڙ توسان،
    تو ۾ مَهڪ مٽيءَ جي مُرڪي،
    ساري سِرشٽيءَ جي مُرڪي،
    واءُ ڏکڻ جو واقف تنهنجو،
    سارو ڏيهه سُڃاڻي توکي،
    تانگهه وطن جي تاڻي توکي،
    مُحبت ويئي ماڻي توکي،
    موت ڪندو ڇا هاڻي توکي؟!


    

    (سنڌ جو ناميارو ڪهاڻيڪار اديب ۽ محبتي ماڻهو مُحترم سائين رسول بخش درس ڪجهه عرصو اڳم سخت علالت جي حالت ۾ اسپتال داخل ٿيو هو اُن وقت نظم جي صورت ۾ کيس پيش ڪيل خراج تحسين)


    ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان...!!

    آئون ڪوئي ڪردي ناهيان،
    دنيا جو ڪيئن ڌيان ڇڪايان؟
    آءٌ مُسافر پنڇيءَ وانگي،
    جنهن جو ڪو به ٺڪاڻو ڪونهي،
    مُنهنجو ڪهڙو تعارف ماتا!
    مُنهنجي ڪا به سُڃاڻپ ڪانهي،
    آءٌ مِٽيءَ جو رانديڪو هان،
    واريءَ تي ڄڻ ليڪو آهيان،
    جيڪو واءُ مِٽائي ويندو،
    مون وٽ پيلي پينٽ ڪٿي آ؟
    مون وٽ سائي شرٽ به ناهي،
    مُنهنجا پير اُگهاڙا آهن،
    مون وٽ ڪوئي بوٽ به ڪونهي،
    جنهن ۾ ڪو جوراب هُجي ها،
    صحرا ڪوئي سمنڊ به ڪونهي،
    جنهن ۾ ڪو غوراب هُجي ها،
    جيڪو مون کي پار اُڪاري،
    آيل! آءٌ اڪيلو آهيان،
    ٻَرندڙ ڪوئي ٻيلو آهيان،
    جنهن جي آڳ اُجهائڻ خاطر،
    صحرا ۾ ته سُتي ڀي ناهي،
    ڌرتيءَ تي ڪو راڄ ته ڇا پر،
    مون وٽ پنهنجو پَڊُ به ڪونهي،
    جنهن تي ڪوئي جهوپو اڏجي،
    جنهن مان ڪونه ڪڏهن ڀي لڏجي،
    مون کي لوڪ تڙي ٿو تڙ تان،
    ’’ڀَڄ پري ٿي ٿوري ٿريا!
    تون ۾ آهي ڍپ اڌوتا!
    پٽيا! تون ته پليتُ به آهين‘‘
    مسجد مون تي ممنوع آهي،
    مندر ۾ به اجازت ڪونهي،
    مون سان ڪا به رعايت ڪونهي،
    دانگيءَ تي ڪو نانءُ به ڪونهي،
    نانءُ ته ڇا پر ٿانءُ به ڪونهي،
    جنهن ۾ پاڻيءَ لپَ پيئان مان،
    اِيئن ٻُڌائي ڪيئن جيئان مان؟
    اَڪَ پُڙي ۾ اَڇَ پنان ٿو،
    ڳڻتين جا ڄڻ ڳچَ ڳنان ٿو،
    ليڪن مون لئه مُقدس آهي،
    تنهنجي هَنجَ حياتيءَ جهڙي،
    جنهن جي ٿڃ سُڪي وئي ماتا!
    تُنهنجي ڪو نه ٻُڌي ڪنهن داتا،
    آيل! ساهه اُڌارا آڻي،
    وينٽي ليٽر تي نه تڳائي،
    مون کي دل سان موڪل ڏي تون،
    آئون هلان ٿو هاڻ هِتان کان،
    وچن وٺان ٿو هڪڙو توکان،
    ٻيهر ڪوئي ٻار نه ڄڻجان،
    غربت جهڙي گار نه ڄڻجان،
    توکي ڪوئي حاتم طائي،
    هڪڙو سير اٽي جو ڏيئي،
    اوڇا ويڻ اُگهاڙا ڏيندو،
    پنهنجي تون تذليل ڪرائي،
    ڌرتيءَ جيڏو درد پِرائي،
    هيئن تماشو ڪيسين ٿيندين،
    زندهه لاشو ڪيسين ٿيندين!!؟

    


    تُنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا

    تُنهنجو جيون سانوڻ مينهڙا،
    مُنهنجو جيون آرهڙ ڏينهڙا.

    تُنهنجي دنيا چوڏهينءَ جهڙي،
    مُنهنجي دنيا ڌيما ڏِيئڙا.

    تُنهنجا سپنا سُندر ساڀيان،
    مُنهنجا سپنا واريءَ گهرڙا.

    تُنهنجو نينهُن ته برکا رُت جيئن،
    مُنهنجو نينهُن ته پَن ڇَڻ ڏينهڙا.

    تُنهنجو پيارُ ته ميلَ مِلڻ جا،
    مُنهنجو پيارُ ته آ اوسيئڙا.

    تُنهنجا ٽهڪ ته انڊلٺ ريکا،
    مُنهنجا ٽهڪ به لُڙڪن جهڙا.

    ***


    هليو وين وَرتَ کي ويڙهي

    لَڏين ٿو لاڙ ڏي ليڪن،
    ٻُڌاءِ ٻانَهن تُنهنجيءَ کان،
    پرين! ايڏو پَري آئون،
    دڳين ديدُون ڌري آئون،
    اُڏايان ڪانگ مان ڪيسين؟
    سڄڻ جي سانگ مان ڪيسين؟
    ڇڄي هِتڙي جيئان آئون،
    اڪيلي ٿي پيئان آئون،
    تنهائي کي تِڪُون ڏيئي،
    نِگاهُن جون نِڪُون ڏيئي،
    اُڃايل جسَم کي آڇي،
    مِٺا! هر ياد ماضيءَ جي،
    اچان ٿي کُوههَ تي کڻيو،
    مگر تون مُندَ کان اڳ ۾،
    هَليو وين وَرتَ کي ويڙهي،
    هُيان هڪڙي ڄڻي آئون،
    ڳهيلي ڳوٺ جي تڙ تي،
    تسي تي تو بنا پاڻي،
    مِلي ٿو هاڻ مُشڪل سان،
    گهڙي ۾ لَپ گاري جي،
    اچان جيڪا ڀَري آئون،
    اُجهامي اُڃ ڪيئن اُن مان؟
    اَڪُوڙي ۽ عَجوڙيءَ جي،
    ٻنهي کي رَٻ ٻاجهَر جي،
    ڏِيان پٽڙي رڌي آئون،
    مگر معصُوم مَروان کي،
    ڪَرايان ماٺ سو ڇا تي؟
    ڪُني ۾ ڪوپ پاڻيءَ جو،
    وجهي جُهڳيو ولوڙيان ٿي،
    ڪَجي ڇا قحط ڪاري ۾،
    نڪو آ ڏُڌ ڏاچيءَ ۾،
    پَٺُوڙيءَ پُونَهن پنهنجيءَ ۾،
    صفا هڪڙي سُتي ڪونهي،
    وَرههَ ٿيا کيس وَهڪيءَ کي،
    ٿڻن ۾ ٿڃ ڪانهي ڪا،
    سُڪي ويئي سَندم ڇاتي،
    اَڌُوتي سينڌ ۾ آيل!
    وجهان ڪيئن وَرَ بنا آئون،
    تري ڪا تيل کاري جي،
    وڏا واسينگ ويڙهڻ لئه،
    ڌُئان ڪيئن دلرُبا آئون،
    پُسايل پاٽ ۾ جيڪو،
    مٿي جو ميٽ پيو آهي،
    لڳي ٿو ريٽ پيو آهي،
    انهي ۾ ڪنهن سِڪي جهڙي،
    سَنديئي سار ڳولڻ لئه،
    اکين جي پَرڻ سان پيئي،
    دڳن جي ڌوڙ ڇاڻيان ٿي،
    سڄو ڏينهن سيم مان ڀٽڪي،
    وَروڙي خواب آڻيان ٿي،
    گهڙي هڪڙي گهرين ليٽي،
    اکين مان اُونگهه کي لوڌي،
    اُٿان ٿي روز آڌيءَ جو،
    مَنڊي هُن جنڊ جهُوني کي،
    پيهان ٿي پُور جوڀن جا،
    سوين ناسُور جوڀن جا،
    ڇَڙيان ٿي ڇَڄ ۾ آئون،
    ڪَڙيان ٿي گج ۾ آئون،
    ٽِڪُن وانگي اُهي ٽاڻا،
    اُهي مُرڪون، اُهي ماڻا،
    جڏهن ڀي جڳمڳائن ٿا،
    تڏهن سَچ پچ سڄڻ سائين!
    صفا ڪنهن شرم ٻُوٽيءَ جيئن،
    وڃان ٿي ويڙهجي آئون،
    سنڀاري ساٿ تنهنجي کي،
    رُڳو ويٺي رُئان آئون،
    ڳچيءَ ۾ ڪنهن ڳَهي وانگر،
    ڪَرائي ڪانڌ جي ڪونهي،
    ٻنهي ٻانهين بنا ٻوکي،
    جَواني ڪنهن ڏُهاڳڻ جيئن،
    وڍي ٿي ويڻ سان مون کي،
    سُتي تو سيڻ سان مون کي،
    الائي ڪي زمانا ٿيا!
    بُکي هِن پيٽ جي خاطر،
    مڃان ٿي کوڙ هِن تو وٽ،
    سوين ڪارڻ جُدائيءَ جا،
    مگر توکان سواءِ ساجن!
    اچي ڪيئن ننڊ نيڻن کي،
    وڇوڙي ويل ويڻن کي،
    وِهاڻي جيئن وَرائي مان،
    رکان ٿي ڪنڌ جي هيٺيان،
    سَنجهي مان جي سُمهان آئون،
    سڄي پو رات سپنن ۾،
    گڏِي توسان گهُمان آئون،
    خُدا جو سُنهن کڻي توکي،
    چَوان ٿي او ڌڻي! توکي،
    نٿي هيڪل سُهان آئون،
    هُجون ها ڪاش! جي ڀيڙا،
    سَجايان سينڌ مان پنهنجي،
    چندُن سان واسيان چوٽي،
    پچائي هٿ پنهنجي سان،
    ڏيان ها ڪانڌ کي روٽي،
    وڃي جي وَرَ سَندءِ ڦاٽي،
    پُراڻيِءَ پڳ جي اوٽي،
    سِبان ها ساههَ – ڌاڳي سان،
    سمورا ڦاٽ دُوريءَ جا،
    لِڦُون، ڇالا مَزوريءَ جا،
    هُجن تنهنجي هٿن تي جي،
    چَپن سان چُونڊيان آئون،
    ڦُٽين جيئن ڦٽ جيون جا،
    وِجهي ڏاٽو لُڻان آئون،
    اکين ۾ ٿي اُڻان آئون،
    سوين سينگار جا سپنا،
    وِيا وسڪار جا سپنا،
    وطن کان دُور ٿي دلبر!
    حياتيءَ – روڊ تي ڪڪرا،
    ڪُٽيندي ڪرم پنهنجي جا،
    ڏسي اُن ڏيههَ جو راجا،
    وري تاريخ وَرجائي،
    پُراڻي ريت پاريندي،
    وجهي ها پابندي پان تي،
    پُڇي جي پاڻ کان رشتو،
    سَڏايان ڀيڻ مان تُنهنجي،
    ڀٽي ٿانوَرُ ٿئين ها تون،

    

    (ڀٽي ٿانور هاڪڙي جي ساڄي ڪپ تي فضل ڀنڀري ويجهو رهندڙ هڪ اهڙو ڪردار، جيڪو ڏيهه ۾ ڏُڪار سبب زال سميت لڏي ڪنهن ٻي مُلڪ ۾ ويو. جتي جو اِهو قانون هو ته ڪي به زال مڙس گڏ رهي مزوري ڪري نٿا سگهن، ان مجبوريءَ سبب ٿانور پاڻ کي گونگو ظاهر ڪيو ۽ زال کي سمجهايائين ته هُوءَ ماڻهن کي ٻڌاءِ ته اسين پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ آهيون، اُن کانپوءِ کين گڏ رهڻ ۽ پورهيو ڪرڻ جي اجازت ملي ۽ اهڙي طرح هڪ بيوس عورت وَرُ مٽائي ڀاءُ ڪري به ساڻس گڏجي پيٽ خاطر پورهيو ڪيو).


    تون وٽ ڇا او اينڪر آهي؟

    تون ٽوڪ ڪرين ٿو ٽوپيءَ تان،
    مُنهنجي پوتيءَ ۽ پڳ مٿان،
    گربي کُنهبي ۽ گج مٿان،
    اجرڪ تان، لوئيءَ لڄ مٿان،
    هيءَ جا تنهنجي چٿر آهي،
    مون لئه ڄڻ ڪو پٿر آهي،
    تون جو پاڻ پڏائين ويٺو،
    ببَر شيرُ سڏائين ويٺو،
    پر تو پنهنجي پُٺ ڏِٺي آ؟
    تو وٽ تنهنجو پنهنجي ڇا هي؟
    پيرن هيٺ زمين پَرائي،
    عرش پرائو، فرش پرائو،
    ڪا به ڪهاڻي تنهنجي ڪانهي،
    ديس ڌڃاڻي تنهنجي ڪانهي،
    مون وٽ نُوري نوڙت واري،
    تو وٽ ڪو به تماچي ڪونهي،
    ڄام ندو يا سامي ڪونهي،
    مون وٽ شاهه ڀٽائي آهي،
    وڻ، وڻ جنهن جي وائي آهي،
    مون وٽ جکرو جس کرو آ،
    تو وٽ ڪو به قلندر ڪونهي،
    نادر شاهه سڪندر هوندو،
    پر ڪا ڍنڍ ڪراڙ نه آهي،
    جنهن جي نيري پاڻيءَ ۾ ڪو،
    نيل-ڪنول جو گُل اڇائي،
    تو وٽ ڪو به منهوڙو ڪونهي،
    جنهن تي ڪائي ٻيڙي بيهي،
    ڀُونءَ سڄي اُن ڀيڙي بيهي،
    تو وٽ ڪا به ڪلاچي ڪونهي،
    وَڏِڦ، لونگ، الاچي ڪونهي،
    مون وٽ مينديءَ کيٽ کڙن ٿا،
    چنڊ کڙي ٿو چيٽ کِڙن ٿا،
    تو وٽ ٻني ٻارو ڪونهي،
    ڳوٺ گهِٽي ۽ چارو ڪونهي،
    مون وٽ سنڌو درياهه آهي،
    جنهن جي لهرن منجهه لُڙهي ٿي،
    چانڊوڪي ڪا چانديءَ جهڙي،
    جنهن جي جَر تي ڏيئا موهڻ،
    ڪيئي ناريون اينديون آهن،
    مون وٽ ونگو پتڻ آهي،
    اُن جو اُتر – ڏکڻ آهي،
    ڄڻ ڪنهن هٿ جو ڪنگڻ آهي،
    تو وٽ ڪو ئي ڪاڇو ڪونهي،
    ’’سنڌ پرينءَ جو پاڇو‘‘ ڪونهي،
    مون وٽ ڳوٺ ڳڙهي جو آهي،
    اُن ۾ هڪ تاريخ سُتل آ،
    هڪڙو پُورو دؤر دفن آ،
    مون وٽ گهوٽ بلاول ڀرسان،
    هُو جي جُهونو جوڳي آهي،
    جيون ڀر جنهن قيد ڪٽيو هو،
    ڌن تي مُور نه ديس مٽيو هو،
    مون وٽ شاهه عِنايت آهي،
    جنهن جي هيءَ روايت آهي،
    ”جيڪو کيڙي سو ئي کائي“
    مون وٽ دودي جهڙو جوڌو،
    جنهن وٽ ڀاڳو ڀان رهيو ٿي،
    عزت رهي ٿي، مان رهيو ٿي،
    ڄڻ ته سنڌوءَ جو شان رهيو ٿي،
    تو وٽ ڪوٽ وِڳهَه جو ڪونهي،
    مون وٽ رُوپا ماڙي آهي،
    اُن تي اُڏندي آڙي آهي،
    ڄڻ ڪا وينگس لاڙي آهي،
    تو وٽ ٻاگهُل ٻائي ڪونهي،
    مون وٽ پورب ڄائي آهي،
    تو وٽ ڇا هرجائي آهي؟
    مون وٽ شهر ٺٽي جو آهي،
    اُن ۾ ماٺي مڪلي آهي،
    تو وٽ ڪيٽي بندر ڪونهي،
    لاڙ نڪي لسٻيلو آهي،
    مون وٽ شاهه بندر تي بيٺل،
    هڪڙو جُهور بتيلو آهي،
    جنهن تي ٻار ملاحُن جا ڪي،
    روز جهليندا جهينگا آهن،
    پاڻيءَ تي ڄڻ پينگها آهن،
    منڇر، ڪينجهر ماڃر مون وٽ،
    شاهه لڪي ۽ صدر مون وٽ،
    صحرا، پهاڙ سمندر مون وٽ،
    تو وٽ ڪو المنظر ڪونهي،
    ساڌ-ٻيلو ۽ سکر ڪونهي،
    مون وٽ پاري ننگر پنهنجو،
    گوڙيءَ ڏهرا مندر پنهنجو،
    تو وٽ ديبل بندر ڪونهي،
    مون وٽ راجا ڏاهر آهي،
    جيڪو سنڌ جو ساحر آهي،
    مون وٽ هُوشوءَ هٿين خالي،
    ’’مَر ويسون پر سنڌ نه ڏيسون‘‘
    جي نعري ساڻ نڀائيندي،
    سون – مياڻي خُوب ملهائي،
    مون وٽ سُهڻي ساهِڙ خاطر،
    روز گهڙي سان گهيڙ لنگهي ٿي،
    سَسُئي ڏِنگا ڏُونگر ڏوري،
    پير پٿون ڪيا پُنهون ڪارڻ،
    مون وٽ مومل مردن جهڙا،
    ويس ڪري ڀي ريجهايو ٿي،
    راڻي پنهنجي ريساڙي کي،
    مون وٽ ڀينر بختاوَر هُئي،
    جبُر سان هُئي جنگ اُنهيءَ جي،
    مون وٽ مارئي مُحب وطن،
    سون مٿي جنهن سيڻَ نه مٽيا،
    مون وٽ صُوفي منش سمورا،
    پنهنجي ۾ ئي پورا، سُورا،
    دل ڌُتارڻ وارا تنهنجيءَ،
    تيريءَ ميريءَ مان ڇا ڄاڻن؟
    هيرا، ڦيريءَ مان ڇا ڄاڻن؟
    مون وٽ مِنظر مينهُن وُٺي جو،
    باک ڦُٽي جو، ڏينهن ڏِٺي جو،
    هُوءَ جا کڻيو هيل اَچي ٿي،
    ڄڻ ڪا ڊُڪندي ڊيل اچي ٿي،
    مون وٽ ڳيرا ڳٽ، ڳِٽ ڪن ۽،
    ”مور پَپهيا ميٺا ٻولَن،
    ڪوئل شور مچائي مون وٽ“
    تو وٽ قيد ڪبو تر سارا،
    مون وٽ تترن تيز اُڏارون،
    سينڍنُ ۾ ڀي سڄڻ سنڀارون،
    مون وٽ مست هوائن ۾ ٿا،
    هرڻ هٺيلا ڊوڙون پائن،
    تو وٽ ڪُونج به قيدي آهي،
    ۽ هر گُونج به قيدي آهي،
    مون وٽ ڪوري ڪاتاري هِن،
    جيڪي جوڙ ڳنڍيندا آهن،
    ڄڻ ڪي موڙ ڳنڍيندا آهن،
    مون وٽ موئن دَڙو آهي،
    ڳاٽ اُچي سان کڙو آهي،
    تو وٽ ڪوئي ڀڙو ڪونهي،
    تنهنجي ڪا تاريخ ٻُڌائي؟
    تو وٽ ڪا تهذيب به ڪونهي،
    تنهنجو ڪهڙو ڪلچر آهي،
    تو وٽ ڇا او اينڪر آهي؟؟


    مُقي سان ڳوٺ جو منظر

    وَرهين کان پو وُٺو هو ٿر،
    حياتي ڄڻ ته موٽي هُئي،
    مٿي کي ميٽَ سان ڌوئي،
    ڪئي هر چيز چوٽي هُئي،
    پرهه جي مک تان پوتي،
    هِٽائي سج پي هوريان،
    ڀنل هِن ڀونءَ ڀوريءَ تي،
    ڪجل جي ريک جيئن قطرو،
    ڪِريو ٿي ماڪ جو ڪوئي،
    صُبحءَ جي سُرخ چولي تي،
    ڀَريو ٿي ڀرت جان فطرت،
    مُقي سان ڳوٺ جو منظر،
    نِمن جي اوٽ مان نڪتو،
    نظارو نينهَن جو نيرو،
    اڱڻ تي اوٽليءَ ڀرسان،
    ولوڙيو کير هُن ويٺي،
    مَنهين تي مورَ ها ويٺل،
    ڳليءَ ۾ ڳئون پي ڌاتي،
    پراڻيءَ پار جي پَريان،
    رڙهيا پي ريٽ تي جيڪي،
    مَزي سان مينهَن – ماماڻا،
    اُنهن جي ريشمي بُت کي،
    ڇُهڻ لئه ڇيڳرا ڪيئي،
    گِهٽيءَ ۾ ٻار پي ڪُڏيا،
    مَليو پي هُن اٽو هٿ سان،
    ڪلهي تي وار پي ڪُڏيا،
    اُنهيءَ جي ئي ادائن ڏي،
    نِهاري نازبو مُرڪيو،
    هوا لوڏيو هندورو پي،
    جتي هڪ ٻار پي مُرڪيو،
    کنگهيو پي کٽ تي جهُونو،
    ڪُراڙيءَ ڪنڌ پي ڌُوڻيو،
    مَٿن ڄمار پي مرُڪيو،
    کڻي رنگين رلڪي ۾،
    کٿيري کاڄ آئي هُئي،
    ڪري حيران هلڻيءَ سان،
    سمورو راڄُ آئي هُئي،
    ٻنيءَ ۾ ٻانهن کي لوڏي،
    پُڳي جو هارياڻي هُئي،
    پڄائي اوڙ ڇيڙي تي،
    ڪنڊيءَ جي ڇانوَ ۾ ڇوڙي،
    اڳئين جو اُٺ کي هاريءَ،
    دُکائي پَن جي ٻيڙي،
    ڏِٺائين اک ڏيڍيءَ سان،
    وَني وڻ هيٺ ويٺل هُئي،
    رکي جنهن گج گوڏي تي،
    ڀَريو ويٺي ڀٽائي کي،
    ڏئي اُن ڏند جي هيٺان،
    ڇني هڪ تند ڌاڳي جي،
    وَٽي، ويڙهي، وڌي سُئي جي،
    بنههَ باريڪ پَاکي ۾،
    ڏسي اُن ڏيک دلبر کي،
    صفا هُو شخص پي ٺريو،
    مٿان آڪاس اُجري تي،
    سَمو پي سانورو تريو،
    ڇڊو ڪو ڇانورو تريو،
    وِچئين جي ويل ٿيندي ئي،
    وري هُوءَ وانڍ ڏي واپس،
    ڏٺائين واٽ تي ڏاچي،
    ولر کان ڌار پي وڙڪي،
    چَڙي جي لار سان ڀيڙي،
    ڌنيءَ جي دل پي ڌڙڪي،
    اچانڪ ڏُور ڪنهن ڏِس کان،
    سُئي هُن سينڍ ۾ جيڪا،
    ڌنارن ڌُن هُئي ڇيڙي،
    وڃي ٿورو وري پريان،
    مُڙي هُن جي نِهاريو هو،
    وجهي ڄڻ وقت کي ڏانوڻ،
    زمانو هُن بيهاريو هو،
    وري ورهانڊ جي ٽاڻي،
    وريو پي ڌڻ واهڻ ڏي،
    ڀٽن تان شام جا پاڇا،
    پيا ها پاڻ ئي تِرڪي،
    لَڪن تان سج پي لڙيو،
    رَتا نوان رنگ سڀ اوتي،
    تڳوسر جي ترائيءَ تي،
    اڪيلو هرڻ هو آيل،
    اُنهي جو عڪس پاڻيءَ تي،
    مَٿي کان تار پاڻيءَ تي،
    الائي ڪير آئي هُئي،
    لِڪائي پير آئي هُئي،
    سڄڻ جي سيمَ تي تنها،
    مسافر قافلي مان ڪنهن،
    وڄائي بانسري ويٺي،
    نديءَ تي نينگريءَ ڀرسان،
    نچيو پي مور ڪو نيلو،
    پکي آڪاس ۾ پيلو،
    ڀڄي ويو باز کان ڀڙڪي،
    وڻيو ٿي واهه جو مَنوا!
    حياتيِءَ لئه اِهو حيلو.

    


    چُميءَ جي بي حُرمتي

    تون اڃان ٻارڙي هئين،
    ۽ اکين جي تارڙي هُئين،
    راند رُوند سان رابطو هُيئي،
    وڻ وڻ سان واسطو هُيئي،
    گُلن سان هُيئي گهرائپ گهڻي،
    نِمَ جي لام ۾ لُڏندي هُئين،
    هڪ ٽنگ تي ڪُڏندي هُئين،
    ڄڻ اُڀَ ۾ اُڏندي هُئين،
    جي ٿورڙو ٿڪجي ٿي پَئين،
    ته واريءَ تي وِڇاڻ ڪري،
    ريگزارن سان رِهاڻ ڪري،
    مون سان گڏجي مِٽيءَ منجهان،
    گُڏين جا گهر جوڙيندي هُئين،
    ۽ مَٽڪُو راند رَمندي هُئين،
    جي چَلهر ۾ چُڪتو ڪوڏيون،
    مون هٿان هارائيندي هُئين،
    ته ٺڪر سڀ ٺامَ جهڙا،
    بلورن سان ڀَڃندي هُئين،
    پاڻ کي پروليءَ وانگر،
    کِل، ڀوڳ ۾ کولي ڇڏيئي،
    راز افشان ڪري رولي ڇڏيئي،
    اُڀ-کُڙيين اڱڻ تي بيهي،
    اڌ رات جو آرس ڀڱئي،
    جهُڳا سڀ جَهڻ ڪَيئي،
    ڇُڳا سڀ ڇاڻي ڇڏيئي،
    خيرپُور جي کجين جا،
    ڊگها وڻ ڍيري ڪيئي،
    ڪَچي ڪچنار جي ڪنهن،
    ٽارِڙي جيئن ٽڙڪي پَئين،
    ڄڻ ته ڪا ڄارِڙيءَ هُئين،
    پيلوءُ جيئن پچڻ کان اڳ ئي،
    اچناڪ تون وڏي ٿِي وئين،
    تُنهنجي تراکڙي ڇاتي مٿان،
    قلندر جي قُبي جهڙا،
    ٻه اڇا ڪبوتر اچي ويٺا،
    اُن کان اڳ جو، سندءِ جواني،
    اَسوءَ جيئن اوهيرا ڪري،
    مُنهنجي وجود جي وڻ مٿان،
    ولين وانگر ويڙهجي وڃي،
    تو کي جوان ٿيڻ جي جُرم ۾،
    مون کان ائين الڳ ڪيو ويو،
    جيئن پيدائش وقت ٻار کي،
    ماءَ جي ناڙيءَ مان ڪٽي،
    الڳ ڪيو ويندو آهي،
    جواني جُدائي جو ڪارڻ بڻي،
    ٻَرندڙ ٻيلي جو ٻارڻ بڻي،
    اُهي ڏينهن، اَڄوڻا ڏينهن،
    مون وري نه مَٽڪو راند رمي،
    ۽ نه ئي گُڏين جا گهر جوڙيا،
    لائق ٿيڻ کان اڳ، لوڪ کان لِڪي،
    تون مون کي جيڪا مِٺي ڏِني هُئي،
    اُها مون مور جي کنڀَ وانگر،
    شاهه جي رسالي ۾ رکي ڇڏي،
    اڳياني ڪتابن تان دز ڇنڊيندي،
    اُها الاهي ڪٿي گُم ٿي ويئي،
    مون ڏاڍي ڳولا ڪئي،
    جسم جي جَهڙتي ورتي،
    بدن جون بَخاريون ڏٺيون،
    پُراڻيون پاٿاريون ڏِٺيون،
    گهر جو هر گُلدان جانچيو،
    در، دريون دلان جانچيو،
    ڪمري جون چارئي ڪُنڊون،
    ڪتابن جا ڪٻٺ، الماريون،
    ۽ نِمن جون ٽاريون نِهاريون،
    پاڙي وارن کان پُڇا ڪئي،
    گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۾ پڙهو گُهمايو،
    ڌراڙن، وَڇارن کي وڙول ڏني،
    اخبارن ۾ اشتهار ڇپرايا،
    پر ڪٿان به ڪو پتو ڪو نه پيو،
    نيٺ نا اُميد ٿي مون،
    تُنهنجي چُميءَ جو تڏو وِڇايو،
    ۽ اڄ اوچتو هڪ خط مِليو،
    جنهن کي کولي پڙهڻ کانپوءِ،
    مُنهنجي حيرانگيءَ جي حد نه رهي،
    تُنهنجي چُميِءَ تحرير ڪيو آهي،
    ته “آئون عاقل ۽ بالغ آهيان،
    مُنهنجا هڙئي حواس سالم آهن،
    آئون بُري، ڀلي جي،
    تميز ڪري سگهان ٿي،
    مون کي نه ڪنهن وَرغلايو آهي،
    ۽ نه ئي ڪنهن ڀڄايو آهي،
    آئون پنهنجي رضاخوشيءَ سان،
    ڪتابن جي قبرستان مان نڪري،
    ڳڱاٽيل ڳڀروئن جي ڳلن مٿان،
    ڀونئر وانگر ڀري رهي آهيان،
    هڪ ڳل کان ٻئي ڳل تائين،
    ٺينڳ ٽپا ڏيئي رهي آهيان،
    مون کي مُنهنجي آوارگي عزيز آهي،
    اُن ڪري مون پنهنجا هڙئي حق واسطا،
    پاڻ وٽ محفوظ رکيا آهن،
    ته جيئن منهنجي مرضي کانسواءِ،
    ڪو به ڪُراڙو شخص،
    مُنهنجي چُميءَ جي بيحُرمتي ڪري،
    پنهنجن چِکڙيون لٿل چپن تي،
    ڳَر بنا ڳريل ڳلن جي ٽائيم لائين تي،
    ٽئگ ڪري نه سگهي.‘‘


    چؤ راس ايندي ڪيئن؟

    ڦوٽهڙي رُت جي ڦُوهه جوڀن ۾،
    برکا جي نخريلي نار،
    تُنهنجي سُونهن سوڀيا جيئن،
    صُبح ساجهر سان،
    جُهڙ، جُهڙالا ويسَ ڍڪي،
    نيري اُڀ جي آڳُر تي،
    ريشمي هوا جي سنگم تي،
    رقص سُريلو ڪري ٿي پئي،
    کِلي ٽِڙي، ۽ ٽِلي ٿي پئي،
    سُرمئي سانورا بادلڙا،
    تُنهنجي ٽنڊيلي ٽور جيان،
    نچندڙ نيلي مور جيان،
    هوا جي نازڪ هندوري ۾،
    اولهه کان اوڀر ڏِس ڏي پيا،
    رمندا وڃن ٿا،
    اُڏندا وڃن ٿا،
    واهُوندي واءُ جي ڌُوڻ سان،
    گهنگهور گهٽا جي لامن مان،
    بُوند ڀليري ڇڻي ٿي پئي،
    روح اُڃي کي وڻي ٿي پئي،
    سَرءُ رُت جي ڇاڻيل پتن تي،
    اڪن جي نيرين ڦُلڙين تي،
    چپڙا پنهنجا رکي ٿي پئي،
    نيل گگن جي چادر مٿي،
    رنگرتي هُوءَ انڊلٺ ريکا،
    تُنهنجي موهڻي مُرڪ جيان،
    روپ سروپ پکيڙي ٿي پئي،
    بانوري نار جي نِگاهُن تي،
    وڄ ٿي ڪائي وراڪا ڏي،
    وڻ جي لام مٿي ويٺل،
    دُکي ڪويل ڪُوڪي ٿي پئي،
    ڀٽ تي ڊيل لئه مور اڪليڙو،
    ٽهوڪي ٿو پيو،
    دُور آڪاس ۾ ڪُونج اڪيلي،
    ڪُڻڪي ٿي پئي،
    ڏُور هو تڙ تي،
    چوڙيلين جا چهچٽا،
    مال جون ٽليون،
    سينڍ جا سُريلا هُو آواز،
    ڳُر لائي اڄ ڳائين ٿا پيا،
    مگر ساڳئي سمي او سکي!
    منزل جي ڳولا ۾ ڀٽڪيل،
    اجنبي ڪنهن مُسافر جي،
    دل جي اُداس ٿر مٿي،
    اوسيئڙي جي رُت آرهڙ،
    وڇوڙي جا اُٿندڙ واچُوڙا،
    اُڏري پيا اکيون لُٽين،
    اُڪير جي لُڪ جي ڄَر،
    جيءَ ۾ جهوريءَ جا جهولا،
    اُڻ، تُڻ آ ترويلا،
    ٽانڊن جي ڪِرِ تي،
    ڪنهن جي ناڪام حسرتن جون،
    ارٿيون ٿيون جلن، احساس پڄرن ٿا،
    چؤ! راس ايندي ڪيئن؟
    تو سوا مون کي مٺي!
    نئين موسم ڀي ڄَڻ ته؛
    ڪو ماتمي ڏيک ٿي ڀاسي،
    ۽ لِکي جو ليک ٿي ڀاسي.

    


    عشق منهنجو امام آهي

    هٽايو هِي هڙئي حيلا، وسيلا،
    هٿرادو طريقي سان نه تڳايو مون کي،
    هِي وينٽي ليٽر وڃي وڏيرن کي لڳايو،
    جيڪي جيئري ئي مري چُڪا آهن،
    آئون اُڌارن ساهُن جو عادي ناهيان،
    مُنهنجي ڦڦڙن ۾ ڦوڪي هوا نه ڀريو،
    مون کي عارضي عُمر جي عطا نه گهُرجي،
    مون کي مزي سان مرڻ کان نه روڪيو،
    مان مڪان ۽ زمان کان ماورا آهيان،
    مان منصوري مَسلڪ سان منسوب ماڻهو،
    عشق منهنجو امام آهي،
    جنهن جو سڀئي سُنتون مون ادا ڪيون آهن،
    مان گُستاخ نگاهُن جي ڪافر ادائن جو مُنڪر ڪئين ٿيان؟
    مون صنم ڪدي ۾ ڪيئي نمازون قضا ڪيون آهن،
    مان ساقي جي سخاوت جو گرويدهه هان،
    مان مئي خاني جي تعظيم و تڪريم ڄاڻان،
    مان محبت جا سڀئي مَسيحا سُڃاڻا،
    ها مگر هاڻ ٿڪجي پيو آهيان،
    زندگيءَ جي زندان ۾،
    بي چين ۽ بي قرار آهيان،
    اُنڪري آزاد فضا ۾ اُڏرڻ ٿو چاهيان،
    مان موت سان مُرڪي ملڻ ٿو چاهيان،
    مگر منهنجي آخري خواهش آهي ته؛
    مُنهنجي آڏو مئي جو پيالو رکو،
    لڳ ۾ لطيف جو رسالو رکو،
    حُسناڪي جو ڪو ته حوالو رکو،
    مان موت سان گڏ مئي پيئڻ ٿو گُهران،
    اُن کانپوءِ اوهان جي مرضي،
    جيڪا وڻي سا فتوا جاري ڪريو،
    مون کي هر سزا منظور آهي،
    ڇاڪاڻ جو؛
    مون سنڌ لاءِ جيڪي سفر ڪيا آهن،
    يا ڪُفر ڪيا آهن،
    اُهي سڀئي مون کي ’’اِنــدرا‘‘ جيئن عزيز آهن،


    (عبدالواحد آريسر جي اسپتال داخل ٿيڻ وقت لکيل نظم)


    ڪويتا نيڻ ڄڻ هُن جا

    ڪَويتا: ڇينٽَ جو ڪپڙو،
    ڪَويتا: ڄڻ پَٽوري ڪا،
    ڪَويتا: کڻ کارڪ جو،
    ڪَويتا: ٽؤنر ڪنجريءَ جو،
    ڪَويتا: کيل اَجرڪ تي،
    ڪَويتا: ڪاسبي جهڙي،
    ڪَويتا: ڪـامڻيءَ جهڙي،
    ڪَويتا: اک بــــــــــــــــــــادامـــــي،
    ڪَويتا: رنگ ڪڻڪائون،
    ڪَويتا: تِرَ موهيڙا،
    ڪَويتا: گُل رهيڙا،
    ڪَويتا: ڳوٺ جون ڳليون،
    ڪَويتا: ٽُڪَ تي رليون،
    ڪَويتا: رقص مورن جو،
    ڪَويتا: عڪس پاڻيِ جو،
    ڪَويتا: کُٻ کاڏيءَ جو،
    ڪَويتا: بيل گاڏيءَ تي،
    ڪَويتا: ڄَڃ جهڙي آ،
    ڪَويتا: ويس لاڏائون،
    ڪَويتا: عاج جي ٻانهين،
    ڪَويتا: گاج جهڙي آ،
    ڪَويتا: جڳ جوڳيءَ جو،
    ڪَويتا: رُوح روڳي جو،
    ڪَويتا: تاب ۽ تجلو،
    ڪَويتا: وَڄُ جو پاڻي،
    ڪَويتا: ڏينهُن هوليءَ جو،
    ڪَويتا: رات ڏِيئاري،
    ڪَويتا: رُت آرهڙ جي،
    ڪَويتا: مُند مينهوڳي،
    ڪَويتا: آرُ آگم جو،
    ڪَويتا: تيز بارش جيئن،
    ڪَويتا: سِجُ نيزي تي،
    ڪَويتا: ڄَر ڄيري جي،
    ڪَويتا: وِکَ ڳيري جي،
    ڪَويتا: حُسن هرڻيءَ جو،
    ڪَويتا: مور جي ڪلنگي،
    ڪَويتا: ننڊ پنڇيءَ جي،
    ڪَويتا: هيرَ جهڙي آ،
    ڪَويتا: کيرَ جهڙي آ،
    ڪَويتا: کاڄُ کاٽو نبا،
    ڪَويتا: ساڳ ڄانڀي جو،
    ڪَويتا: ڀاڳ ڪانڀي جو،
    ڪَويتا: ٻُڪ ٻاجهر جي،
    ڪَويتا: جنڊ جو ڦيرو،
    ڪَويتا: چيٽ جهڙي آ،
    ڪَويتا: ڄيٺ جهڙي آ،
    ڪَويتا: کوههَ جي سيرَڻ،
    ڪَويتا: جاٽ جوڀن جي،
    ڪَويتا: اوڙ جو ڇيڙو،
    ڪَويتا: ٿَڪ ڪُڙميءَ جو،
    ڪَويتا: قرض هاريءَ جو،
    ڪَويتا: پيٽ پورهيت جو،
    ڪَويتا: عُمر جي پُونجي،
    ڪَويتا: پَن جي ٻيڙي،
    ڪَويتا: ڀُونگريءَ جهڙي،
    ڪَويتا: ڪُوڪَ ڪوئل جي،
    ڪَويتا: انبَ جي ٽاري،
    ڪَويتا: وَل چنبيليءَ جي،
    ڪَويتا: ٻانهَن ٻيليءَ جي،
    ڪَويتا: ناز بُوءَ جهڙي،
    ڪَويتا: مَئي ڪدي جهڙي،
    ڪَويتا: رسُ تاڙيءَ جو،
    ڪَويتا: خواب لاڙيءَ جو،
    ڪَويتا: سارَ سُڳداسي،
    ڪَويتا: مَڪ جئن مَهڪي،
    ڪَويتا: اَڪ جون ڦلڙيون،
    ڪَويتا: ٻُور ڪُونڀٽ جو،
    ڪَويتا: پنڌ ڪاڇي جو،
    ڪَويتا: سيرَ سامُونڊي،
    ڪَويتا: ويرَ وانگر آ،
    ڪَويتا: وَنجُهه ٻيڙيءَ جو،
    ڪَويتا: وقت وڻجارو،
    ڪَويتا: ڏيک ڏهرن جو،
    ڪَويتا: لاڙ جهڙي آ،
    ڪَويتا: ماڳ مڪليءَ جو،
    ڪَويتا: ياد ماضيءَ جي،
    ڪَويتا: شهر ٺٽي جو،
    ڪَويتا: ڍنڍ ڪينجهر جي،
    ڪَويتا: تڙ تماچيءَ جو،
    ڪَويتا: وَڙ تماچيءَ جو،
    ڪَويتا: نياز نُوريءَ جو،
    ڪَويتا: پارُ ميهر جو،
    ڪَويتا: سِڪ سُهڻيءَ جي،
    ڪَويتا: رَنجُ راڻي جو،
    ڪَويتا: ميڙ مُومَل جو،
    ڪَويتا: چنگ چارڻ جو،
    ڪَويتا: تند ٻيجل جي،
    ڪَويتا: سُوز سورٺ جو،
    ڪَويتا: پُور پُنهل جو،
    ڪَويتا: سُور سسئي جو،
    ڪَويتا: ڇانگ ڇيلن جي،
    ڪَويتا: ڀالوا جهڙي،
    ڪَويتا: مارئي جهڙي،
    ڪَويتا: سوچ صُوفيءَ جي،
    ڪَويتا: عشق سرمد جو،
    ڪَويتا: هيرَ رانجهي جي،
    ڪَويتا: جُوءِ جکري جي،
    ڪَويتا: ڀيڻ دوديءَ جي،
    ڪَويتا: ٻانهَن ڀاگهُل جي،
    ڪَويتا: ساٿ سوڍي جو،
    ڪَويتا: پارڪر جهڙي،
    ڪَويتا: روپلو ڪولهي،
    ڪَويتا: هاڪ هوشوءَ جي،
    ڪَويتا: چيخ ڪاريءَ جي،
    ڪَويتا: دانهن ڌرتيءَ جي،
    ڪَويتا: رڙ قيدي جي،
    ڪَويتا: درد ٿاڻي جو،
    ڪَويتا: گهاءُ گهاڻي جو،
    ڪَويتا: هَڏ بلاول جا،
    ڪَويتا: سَڏ سُوريءَ جا،
    ڪَويتا: گهاٽ ڦاسيءَ جو،
    ڪَويتا: ڳوٺ ڳڙهيءَ جو،
    ڪَويتا: ڄڻ قلندر ڪو،
    ڪَويتا: گس ڀٽائي جو،
    ڪَويتا: دڳ درازن جو،
    ڪَويتا: ڄڻ گهڙولي ڪا،
    ڪَويتا: ڏِٺُ پرولي ڪا،
    ڪَويتا: لوڪ آکاڻي،
    ڪَويتا: سارَنگا جهڙي،
    ڪَويتا: نينهُن نازڻ جو،
    ڪَويتا: بخت باليءَ جو،
    ڪَويتا: سُونهَن جي شوخي،
    ڪَويتا: بي رُخي هُن جي،
    ڪَويتا: ويڻ ڄڻ هُن جا،
    ڪَويتا: نيڻ ڄڻ هُن جا.


    نيٺ ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا

    ديسَ ڌڻي سڀ ڌيڻا ٿيندا.
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.

    لهرُن ۾ سنڌ لوڙهي ڇَڏيئه،
    آس، اُميدون ٻوڙي ڇَڏيئه،
    درياهه! دليون ٽوڙي ڇڏيئه،
    ڪهڙا ڌاڳا، ڦيڻا ٿيندا،
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.
    لاڙ، اُتر جا شَهر سَمُورا،
    لوڙهي ڇڏيا لهَر سَمُورا،
    غم-گهٽائون، قهَر سَمُورا،
    هاڻ جهَڪا ۽ جهيڻا ٿيندا،
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.

    اُڀ اَجهو ۽ اولو ٿيندو،
    ڍَڪُ ڍليءَ جو ڍولو ٿيندو،
    چنڊ وطن جو چولو ٿيندو،
    مارُو پاڻ - وَهيڻا ٿيندا،
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.

    رُوڻيون پيون، ريلا پيئڙا،
    ٻوڏ وڏيءَ ۾ ٻيلا پيئڙا،
    وانگيئڙن کي ويلا پيئڙا،
    پوءِ به ڪين ڪميڻا ٿيندا،
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.
    نيٺ ڪچي مان نعرو لڳندو،
    ڀيڄ ڀٽائيءَ وارو لڳندو،
    هاڻ نه ڪوئي گهارو لڳندو،
    حال نه پنهنجا هيڻا ٿيندا،
    نيٺ ٻُڏي جا ٻيڻا ٿيندا.


    اڙي او وڇوڙا!

    نه مُرڪون نه مينڍون،
    نه سرگم نه سينڍون،
    رُڳي هاءِ گهوڙا،
    اڙي او وڇوڙا!

    جنين کان جَواني،
    رُسي ٿي رَواني،
    تنِين کي لڳن ٿا،
    هِينئين تي هٿوڙا،
    اڙي او وڇوڙا!

    اُڃارا، اُڃارا،
    سنڌوءَ جا ڪنارا،
    گهُمڻ لئه اچن ٿا،
    جتي کوڙ جوڙا،
    اڙي او وڇوڙا!

    ڪندا عيد ڪهڙي،
    خِوشي خريد ڪهڙي،
    پَون ٿا جنين کي،
    وِري جا ولوڙا،
    اڙي او وڇوڙا!

    جيئڻ جي جُرم ۾،
    سدائين تُرم ۾،
    بنا ڏوهه جي ڀي،
    سَٺا سنڌ ڪوڙا،
    اڙي او واڇوڙا!

    اُڃايل اَڪن جون،
    ڀِٽن ۽ لڪن جون،
    پلر لئه پُڪارون،
    ٻُڌئي ڪو نه ٻوڙا!
    اڙي او وڇوڙا!


    زماني جي ظرف کان ناواقف نوجوان

    وَريو هو ڳوٺ ڏي واپس،
    کپائي خُواب سڀ کيرا،
    ٻَٽي ناسي ٻَٽي نيرا،
    ٻَڌا هُئس ٻانهن ۾ جيڪي،
    وَٽائي پيرَ کان ماڻِس،
    سدائين ساههَ سان ساڻس،
    رهيا سي ريشمي ڌاڳا،
    جڏهن هُو شهر ۾ آيو،
    نئين مان نوڪريءَ سانگي،
    صفا ساڌو، سَٻاجهو هو،
    زماني جي ظرف توڻي،
    سياهه زلفن سندي گهيرن،
    گهٽائن کان گهڻو غافل،
    نڪو هو نينهَن کان واقف،
    مگر حُسناڪ هو اهڙو،
    بدن ڀُورو جَوان جوڀن،
    بنهه بي باڪ هو اهڙو،
    گلي جنهن مان به گُذريو ٿي،
    هزارين نيڻ حَسرت مان،
    تڪيندا ئي رهيا تنهن کي،
    گِهٽيءَ جي موڙ تائين سي،
    ويا وِچڙي وِکن ڀيڙا،
    مُڙي هُن اوچتو مُرڪي،
    ڏِٺو هو ڏانوَ اهڙي سان،
    ڇڏائي ٿانوَ ويا هَڙئي،
    هٿن مان هانوَ ويا هڙئي،
    دريءَ جي سيرَ مان سِرڪي،
    ويا ٿي پار پَردن مان،
    نشانا ٻن نِگاهُن جا،
    اکين ۾ عاشقي اُتري،
    دلين جا ديپَ روشن ٿِيا،
    مگر هُو وَڏ-گهراڻي جي،
    وڏيري راجَ راڻي هُئي،
    جتي ڪنهن عشق جي آمد،
    گندي ڪنهن گار جهڙي هُئي،
    مگر محبت مَها هوندي،
    ٻنِهي جي ٻار جهڙي هُئي،
    سُهائي رات جي صدقي،
    اُهي آشير جي خاطر،
    ٻڌي ٻانهون وڃي ويٺا،
    مندر ۾ مُورتيءَ اڳيان،
    اچناڪ ڪنهن ڪيو فائِر،
    قتل ٿِي سا وَني ويئي،
    اُنهي الزام ۾ عاشق،
    ڪيو ويو قيد ٿاڻي ۾،
    گُذاري عمر گهاڻي ۾،
    جڏهن هُو جيل مان نڪتو،
    سِموري سُونهن غائب هُئي،
    اَڇا اڌ سينڌ ۾ آيل،
    گِرهوڙي گُهورگها توڀي،
    ڏِسڻ کان ڏُور ٿي ويس،
    جهڏي جي جاگرافي جيئن،
    جواني جهور ٿي ويس،
    ڪُلهي تي لاش جوڀن جو،
    ڪڏهن بازار ۾ ڀٽڪيو،
    ڪڏهن فُٽ پاٿ تي ڦٿڪيو،
    ڪڏهن هُو پاڻ کي پائڻ،
    وِڃايل واٽ تي وِڄکيو،
    اچانڪ رات آڌيءَ جو،
    امڙ جي ياد ايندي ئي،
    وَريو هو ڳوٺ ڏي واپس،
    مگر ماڻِس مَري ويئي،
    ٻَري ۾ ئي ٻَري ويئي،
    چون ٿا هاڻ سو چريو،
    اُهو سگريٽ جو عادي،
    چٻاڙي چرس کائي ٿو،
    موالين سان مَزارن تي،
    ٺري جي هر ٺِڪاڻي تي،
    نشي لئه هاڻ ناڻي تي،
    کپائي خون ٿو ويٺو،
    مَري ويل ياد ماضيءَ جي،
    ڪري مدفون ٿو ويٺو.


    بدنما داغ

    مرگلا پهاڙ جي اڳيان،
    پٿريلي پڌر تي،
    ڇيڪ سائي ڇٻر تي،
    هُوءَ جا بُٺي آهي.
    رَک جي مُٺي آهي،
    اُتي آمر سُتو آهي،
    جو شڪاري ڪُتو آهي،
    جنهن بُش جي بڇ تي،
    تاريخ جي اڇ تي،
    گِڦ ڳاڙي هُئي،
    سنڌ ڏاڙهي هُئي،
    جو ڇتو ٿي پيو هو،
    لوڪ سان اتو تي هُيو،
    تنهن تاريخ جي ماس ۾،
    اُميد ۾ ۽ آس ۾،
    نيش کوڙيا هُيا،
    رت ۾ ٻوڙيا هُيا،
    اُنهي جا اُهڃاڻ اڃان هِن،
    روح رتوڇاڻ اڃان هِن،
    چچريل هر چيخ ۾،
    انساني تاريخ ۾،
    ڪنهن بدنما داغ جيئن.


    ڌرتي ماتا! تو کي ڀيٽا

    مان لکندس،
    تو لئه ڌرتي!
    مُنهنجي سَرتي!
    گيت پربت جي،
    ريت جا،
    جذبن سندي،
    جيت جا،
    ايستائين،
    جيستائين،
    رات کُٽي،
    باک ڦُٽي،
    مان ڳائيندس،
    تو لئه سنڌڙي!
    مُنهنجي جندڙي،
    ايستائين،
    جيستائين،
    جوڌا جاڳن،
    ننڊ نڀاڳيءَ مان،
    سينو تاڻي،
    سوڀون ماڻن،
    مان لڙندس ليڪن!
    وحشي ويرين سان،
    جن ڏينهن ڏٺي جو،
    ديس مِٺي جو،
    چين لُٽيو آهي،
    تن تاتارين لئه،
    سندم شاعريءَ جي،
    هر ڪا سٽ،
    گوليءَ کان گهٽ ناهي،
    نوڪ قلم سندي،
    تيز بندوق جيان،
    گيتن جي گونجار،
    ڀڙوي ڀوتار جي،
    پڳمٽ يار لئه،
    ماءُ تي گار جيان،
    مُنهنجي هر ڪوتا،
    سندس سُونهن، سنُدرتا،
    ۽ اُن جي امرتا،
    او ڌرتي ماتا!
    تو کي ڀيٽا،
    تو کي ڀيٽا.


    نا مَرد

    وقت جي تاريخ طئه ٿِي،
    وقت جي مَنهين کوڙ ڏِني وئي،
    وقت جي ڪاڄ جو ڪم شروع ٿيو،
    وقت جي ماءُ ڪپڙن ۾ نٿي ماپي،
    وقت کي اکيو ٻڌي وَنواه ويهاريو ويو،
    وقت هڪ ڌڪ سان ڍَڪڻي ڀڱي،
    وقت کي روز تيلائو لڳندو رهيو،
    وقت جي گهڙي ڀَري وئي،
    وقت لئه ميندي مَلي وئي،
    وقت جي هٿن تي حِنا لڳي،
    ڳوٺ جي ڳيتار ماين،
    ڳيچن جي جَهڪورَ ۾،
    وقت جا وينڍا ڌوتا،
    وقت وهنتو ته بدن پي بَکيو،
    وقت مٿي تي موڙ ٻڌا،
    وقت جي سرگس لئه،
    اُٺن تي گُلن سان غاشيا سَجيا،
    وقت ڳوٺ جي ريل ۾ چار ڦيرا ڏِنا،
    وقت وڏي اُسر جو اُٿي،
    ڪُميت گهوڙي تي چڙهيو،
    وقت پاڳوڙي ۾ پيرَ وِڌا،
    وقت پِڙي جي پويان پويان،
    پاڻ به تورڻ تي ويو،
    وقت جي واڳ جهلڻ لئه،
    وقت کان لاڳ وٺڻ لئه،
    سالين ساٺ، سئوڻ ڪيا،
    وقت جي گواهن گيٽ ٻاهران ئي،
    وقت جي مرضي معلوم ڪئي،
    وقت ڪنهن گونگي جيان،
    چُپ چاپ رهيو، خاموش هُيو،
    وقت کي هٿ سان ڪنڌ ڌوڻائي هائو ڪرائي وئي.
    وقت مُلان اڳيان ماٺِڪو هُيو،
    وقت رب جي رضا تي راضي رهيو،
    وقت مُهر ۾ ماٺِ ڏِني،
    وقت نڪاح نامي تي صحيح ڪئي،
    وقت لائون لڌيون،
    وقت جو وقت سان ٽڪراءُ ٿيو،
    وقت ۾ ڪا ڪشش، ڪو ڪرنٽ ڪو نه هو،
    وقت ڄڻ ڪنهن ڄار ۾ ڦاسي پيو،
    وِقت جي وِهانءَ کان اڳي،
    مردانگي مَخفي هُئي،
    پر لانوَن واريءَ رات لکجي پئي،
    ڇاڪاڻ جو وقت نامَرد هو،
    سو پهرين رات ئي،
    پَتنيءَ کي پُٺي ڏيئي سُتو!!


    اهل اُميدوار

    تون اُنهي رات ويندي، ويندي،
    مُنهنجي وهاڻي هيٺان،
    پنهنجو پرسَ وساري وَئي آهين،
    جنهن ۾ چند مُدي خارج چُميون،
    ۽ هڪڙي عُمر رسيده ياد پئي آهي،
    مون اِهي سڀئي رف پنا سمجهي،
    رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ رکي ڇڏيون،
    اچانڪ اهي اڌ رات جو اُٿي اچي،
    مُنهنجي ڌِيان جي دهليز تي،
    ڌرڻو هڻي ويهي رهيون،
    ننڊ ۾ خلل وجهڻ جي ڏوهه ۾،
    انهن کي آئون ٽِن مهينن تائين،
    ’’تَحفظ پاڪستان‘‘ جي قانون تحت،
    خفيا اِدارن جي تحويل ۾،
    ڏيئي سگهيس ٿي، مگر مون کي،
    اُلڪو اِهو آهي ته ڪٿي،
    DNA ٽيسٽ ۾ مُنهنجو توسان،
    ڪو تعلق نه ظاهر ٿِي پَوي!
    ۽ تنهنجي ياد جي بيواهه جهڙي بدن تي،
    مُنهنجي آڱرين جا اُهڃاڻ نه مِلن،
    اُن ڪري آرڪائيولاجي وارن جي،
    ويب سائيٽ وِزٽ ڪيم،
    جنهن جي لوگي تي لکيل آهي،
    ته؛ ’’مُدي خارج چُمين ۽،
    پاروٿين يادگيرين مان،
    وائِرل انفيڪشن ٿي سگهي ٿو،
    اُن ڪري اعتراض جوڳو مواد،
    اسان جي ويب سائيٽ تي،
    اَپُ لوڊ ڪرڻ ممنوع آهي‘‘
    سُري کاڌل ساروڻين ۽،
    ڪُوئن جي ڪُتريل چُمين کي،
    هاڻ هِتي آسان قسطن تي،
    يا ڪِرائي تي وٺڻ وارو به ڪونهي،
    اِن ڪري اڄ ئي آئون توکي،
    اِهي تنهنجي پُراڻي پتي تي،
    ايزي پئسا ذريعي اُماڻيان ٿو،
    تون ڪنهن ويجهي دُڪان تي وڃي،
    پُراڻي پيار جو پاس وَرڊ ڏيکاري،
    ڊائون لوڊ ڪرائي سگهين ٿي،
    ۽ آئون تنهنجي امانت مان آجو ٿي،
    ايندڙ اليڪشن ۾ آساني سان،
    ڪنهن ڪِنگ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي،
    چُونڊ وڙهڻ جي اهل ٿي سگهندس،
    ڇو ته؛ آئين جي شِق نمبر 62 تحت،
    اُميدوار جو صادق، آمين ۽،
    پرهيزگار هُئڻ لازمي آهي.


    محبت مانجهَه ڳائي ٿي

    محبت ماند ڪائيءَ ۾،
    وَڻن سان واندڪائيءَ ۾،
    وڃي احوال اوري ٿي،
    ڪڏهن ڪَٻري رلي ڪوري،
    چپن سان چنگ چوري ٿي،
    مُحبت ماڃيو ويٺي،
    مِٽيءَ تان ميرُ ماضيءَ جو،
    ڏٺائين ڏوڪ تي ڏوري،
    پراڻو پيرُ ماضيءَ جو،
    مُحبت عشق کي آڍي،
    ڪري ٿي شاعري ڪنهن لئه؟
    مُحبت ماندڪائي ۾،
    لِکي ٿي ڊائري ڪنهن لئه؟
    مُحبت ماڻِيا مُرڪي،
    وڇوڙا واندڪائيءَ ۾،
    مُحبت مَچ ڪچهري تي،
    سدائين هٿ سيڪي ٿي،
    جواني جهوڪ تي آڻي،
    جِهلڻ لئه پاڻ جهيڪي ٿي،
    مُحبت مَئه ڪٽورا پي،
    سهي ساجن سُڃاڻي ٿي،
    مُحبت مرد ماڻهوءَ جا،
    سمورا ساز ڄاڻي ٿي،
    بَدن جون بيهڪون توڻي،
    رڳُن جا راز ڄاڻي ٿي،
    ازل جي آرزوءَ جا ڀي،
    ڳُجها آواز ڄاڻي ٿي،
    مُحبت ڊيگهه - ويڪر ۾،
    جسم جي جاگرافي کي،
    نظر جي نوڪ سان ماپي،
    بَدن جي بالڪُوني مان،
    اکين جون عادتون ڳولي،
    چپن جون چاٻيون کولي،
    حُسن جي ريزڪي هَٽ تي،
    کپائي کِل ٿِي ويٺي،
    مُحبت ڪانڌ کي ڪنگي،
    ڪري هٿ جي ڦڻي ٺاهي،
    مُحبت وقت کي ڏي ٿي،
    ڳُجهارت ڪا ڳڻي ٺاهي،
    مُحبت گهاٽ تي گهُمندي،
    وڳي ۽ ويس کان وانجهيل،
    وَڻن کي وِلهَه سان ڌوئي،
    رُتن کي رت سان ريٽي،
    پکين جا پير ڊاهي ٿي،
    مُحبت مُرڪ جي سُٽ سان،
    ڪَتي رنگين ڪشميرو،
    اُڻي ٿي عاشقي اُوني،
    سِبي ٿي شال ياراڻي،
    اکين تي آڱريون ڏيئي،
    رمي ٿي راند ٻاراڻي،
    مُحبت ماڪ جا موتي،
    ڪري ڪنٺمال پائي ٿي،
    مُحبت دير سان ماني،
    پَچائي مار کائي ٿي،
    مُحبت جي هٿان مُحبت،
    هميشه هار کائي ٿي،
    مُحبت ڳوٺ سان ڳالهيون،
    ڳرهي ڳل تي رکي هٿڙو،
    مُحبت مِرچ چُونڊيندي،
    گهڙولي گُنگنائي ٿي،
    سَڏائي سُنگ ۾ صُوفي،
    مُحبت مانجهه ڳائي ٿي،
    مُحبت ڪالهه لوڙهي تان،
    لِڪي لاري ڏِٺي بيٺي،
    ڪُراڙي ڪانڌ ڪاوڙ مان،
    سندس ’’ساري‘‘ ڏِٺي بيٺي،
    مُحبت خواب سان کيٽا،
    ڪري ٿي ننڊ نيريءَ ۾،
    پُراڻي يار پيريءَ ۾،
    بَدن جي بانسري ڇيڙي،
    سُڻائي کيس سرگوشي،
    مُحبت چاهه جا چانگا،
    وڃي واري وري آئي،
    چون ٿا؛ چارئي مُندون،
    کِلي کاري ويئي آئي!،
    مُحبت حق بخشايل،
    ڀڃي سڀ بند دروازا،
    ڀڄي وئي ڀيل سان ڀيڙي،
    ٻنهي کي ٻانهَن جي ٻيڙي،
    ڇڪي وَئي ڇاڇري تائين،
    مُحبت واندڪائيءَ ۾،
    گهراڻو گهر ڇڏي نڪتي،
    گِرهوڙيءَ گُهور هڪڙيءَ سان،
    سڄو پاڙو سڏي نڪتي،
    مُحبت عشق جي اُس ۾،
    سُڪائي سار ٿي پيئي،
    مُحبت گهڻگهُرا، گهرا،
    گُهرائي يار ٿي پيئي،
    مُحبت مَست قلندر کان،
    مڱي محبوب ميرو ٿي،
    ڀٽائي گهوٽ تان ڀُلجي،
    ڀڃي ساڪين ڀيرو ٿي،
    مُحبت ڳُجهه ڳالهاڻي،
    ڳچيءَ مان ڳهه، ڳٽا لاهي،
    مُحبت رات ماضيءَ سان،
    سُتي سارا لٽا لاهي.


    ظرف ۽ ضمير

    آئون توکي،
    پنهنجون ٻئي اکيون، گُڙدا،
    سموري شاعري،
    ۽ هڪڙي ڏيجات ٻڪري ڏيان،
    جي موٽ ۾ تون مون کي،
    ٻنيءَ جي هڪ ٻاوِڙي ڏِين،
    ته جيئن اُن ۾ آئون،
    ظرف ۽ ضمير پوکي سگهان،
    ڇاڪاڻ جو،
    مون کي لڳي ٿو ته؛
    سگهو ئي سنڌ مان ظرف ۽ ضمير،
    اِئين اڻلڀ ٿي ويندا،
    جيئن ٿر مان ٿوهر ۽ ڦوڳ،
    اڻلڀ ٿي ويا آهن...!!


    عزتِ نفس

    ڪالهه هڪ ڪارنر گڏجاڻيءَ ۾،
    تراڻي بِنا تئي،
    پُراڻي پادَر،
    ڦِٿل ٽماٽي،
    ۽ بيڪار بيضي،
    شديد ردِعمل جو اظهار ڪندي؛
    چيو ته؛ ’’سنڌ جي ويڪو وڏيرن،
    ۽ ڀاڙي ڀوتارن خلاف،
    اسان کي استعمال ڪرڻ،
    اسان جي تاريخي ڪردار جي،
    سنگين توهين آهي،
    جنهن سان اسان جي،
    عزتِ نفس مجروح ٿئي ٿي،
    اِن ڪري اسان عاليٰ عدالت کي،
    اپيل ٿا ڪريون ته اُها،
    اِنهي سازش جو ازخود نوٽيس وٺي،
    اسان سان انصاف ڪري،
    ٻئي صُورت ۾،
    اسان احتجاج طور،
    ڍڪڻ ۾ ڍُڪ ڀري مَرنداسين،
    جنهن جي ذميواري،
    اسان کي مِس يوز ڪرڻ وارن،
    مٿان عائد ڪري اُنهن خلاف،
    FIR ڪٽرائي وڃي.


    وري وؤٽ ڏيڻ...!!

    اسان ڏي هيل اُهي ئي اچن،
    جِنين جي هٿ-تِرين تي،
    حَياتيءَ جون لڪيرون هُجن،
    يا لِڦُون لاباري جون هُجن،
    لٽا ڀَل ته ليڙون، ليڙون هُجن،
    جِنين جي جُتين ۾ چَتيون چَمَ جون،
    ڀَل ته ڪنهن ڪم جون ڪونهي،
    مگر جن ڪڏهن به ڪا،
    جهرڪي نه ماري،
    اڇي کيرجهڙي،
    اُجري نه ڪئي ڪاري،
    پر وطن لئه واهه جو وڙهيا،
    جيسين به رڳن ۾ رت هُيو،
    تيسين رمندا رهيا،
    جڏهن پنڌ پيرن ڇڏيو،
    تڏهن گوڏن ڀر گسکيا،
    جڏهن هاجَ هٿن ڇڏي،
    تڏهن سيني ڀَر سُريا،
    مگر ڪنهن وَڏ-ڌڻيءَ وانگر،
    وڃي ڪو نه ويٺا ولايت ۾،
    نڪو ڪيائون ننڊون،
    عُمر ڀر ايوانن ۾،
    نڪو ڪُرسيءَ جو ڪڏهن،
    ڪيائون سانگ يا سَٺو،
    نڪي ٺيڪي تي ڏنائون ٺٽو،
    نڪي ماڻهپي کي ڀانيائون مَٺو،
    نڪي پيٽ خاطر ٻيٽ،
    وڪيائون وطن جا،
    نڪي ڀاڱا ڪيائون،
    ڀٽائي جي ڀُونءِ کي،
    جن مُقدس مڪي جيئن سمجهيو،
    وطن سان وفا جن جي ايمان جو جزو آهي،
    اسان ڏي هيل اُهي ئي اچن،
    جِنين جو جيئڻ ۽ مرڻ مِٽيءَ سان آهي،
    باقي ڪنهن ڀَڙوي ڀوتار جي بَڇَ تي،
    يا دهلوي دلي جي چوڻ تي،
    وري وؤٽ ڏيڻ ايئن آهي،
    جيئن سڳيءَ ماءُ سان سُمهڻ..!!


    ممنوع محبت

    هُو جو اجنبي اوپرو شخص هو،
    جنهن تو کي حاصل ڪرڻ لاءِ،
    پنهنجن کان ايئن پرهيز ڪئي،
    جيئن شُگر جو مريض مٺاڻ کان،
    پرهيز يا ڪِري ڪندو آهي،
    جنهن تُنهنجي دُک، درد کي،
    ايئن وَنڊي وِرڇي کنيو،
    جيئن جيالن ۽ ڀائي لوگن،
    ڀٽائيءَ جي ڀُونءِ کي،
    اقتدار خاطر اڌو اڌ ڪري،
    پاڻ ۾ وَنڊي ورهائي رکيو،
    جنهن تنهنجن صحرا جهڙن،
    سُڪل ٺوٺ چَپن تي مُرڪ،
    ۽ اکين ۾ اُميدن جو ڏيئو روشن رکڻ لئه،
    سڀئي سپنا نيلام ڪري ڇڏيا،
    جيڪو تنهنجن غمن جو گراهڪ،
    ۽ اڪيلاين جو اُميدوار هو،
    جيڪو تنهنجن لُڙڪن جو لڄپال هو،
    جنهن تنهنجي تنهائيءَ کي،
    پنهنجي ڀاڪُر ۾ ايئن ڀريو هو،
    جيئن ڪا جهرڪي باز جي ڀَؤ کان،
    پَرن ۾ پنهنجا ٻچا لِڪائيندي آهي،
    اُها معصومِڙي محبت،
    جيڪا تو کي جيجل ماءُ وانگر،
    وڏي ڄمار ماڻڻ جون دُعائون ڏيندي هُئي،
    ۽ اُهو پاڪ پويتر پيار،
    جيڪو تو کي سڳي پيءَ وانگر،
    اشهد آڱر مان جهلي،
    زماني ۾ زندهه رهڻ جا گُر سيکاريندوهو،
    اڄ اُها ئِي اڇوت محبت،
    تنهنجن نيڻن جي نيل – گگن تان،
    ايئن هيٺ لاٿي وئي آهي،
    جيئن ڪو ئي ڪولهي،
    ڪنهن اُتم ذات جي اڱڻ تي،
    پير ڌرڻ کان پهرين،
    جُتي اوٽي کان هيٺ لاهيندو آهي،
    ۽ هاڻ تنهنجي اندر جي شِوَ مندر ۾،
    مُنهنجي محبت جي آرتي اُتارڻ،
    ايئن ممنوع آهي،
    جيئن ڪنهن ملالا جو،
    مڪتب ۾ وڃڻ ممنوع آهي..!!


    وڻ سڀئي وانڍا ٿِي ويا آهن

    کٻڙن جي خصي ٿيڻ کانپوءِ،
    ڄمونءَ جي ڄمار ننڍي هُئڻ ڪري،
    ڄارين ٿوهرن سان هم – بستري ڪئي آهي،
    نازبُوءَ جي نا بالغ هُئڻ ڪري،
    موراڙيون اڪن سان اُڌري ويون آهن،
    ڪُونڀٽن کي ڪانگهارين ديويَن سان،
    اعتراض جوڳيءَ حالت ۾ ڏِٺو ويو آهي،
    روهيڙا رَنول ٿيڻ ڪري،
    هيل وري اڱارجِي ويا آهن،
    ڪانڊيري ڪيلي جي وڻ سان،
    ناجائز تعلقات قائم ڪيا آهن،
    گُگُرال جو وڻ وِڌوا وانگر،
    اڃان تائين عِدت ۾ ويٺل آهي،
    ۽ ڪيميڪل لڳ ڪُهاڙيون،
    کيس ڪاري ڪري مارَڻ لاءِ،
    مُهم تي تي نڪتل آهن،
    زيتون سَندي ذات کان ٻاهر،
    شاديءَ جو سوچي به نٿا سگهن،
    بادام بَدي کانسوا سڱ ڪو نه ڏين،
    وؤنڻن کي واڱڻائي ٿيڻ کان اڳ ۾،
    واهُوندي واءُ سان حق بخشايو ويو آهي،
    تُلسيءَ تماشو ٿيڻ بدران،
    نارنگيءَ جي نٿ لهرائي آهي،
    بانسَ جي وڻ بانسريءَ ۾،
    پناهه ڳولي ورتي آهي،
    ڏاڙهُونءَ کي ڏُهاڳ ڏيڻ لاءِ،
    آلو بُخارن اَکر ڪرايا آهن،
    انب ٽي ڀيرا ٽُنبڻ کانپوءِ،
    ماحولياتي آلودگيءَ تي الزام هنيا آهن،
    ساٺيڪو سالن جي سِرنگهوءَ،
    سِيڻِ کي سُريت بڻايو آهي،
    ٻانورين ٻُوهن سان ٻکجڻ کانپوءِ،
    ناجائز نِمورين کي جنم ڏِنو آهي،
    گيد وڙي گهران ڀڳل ڇوڪريءَ جيئن،
    تُوتَ جي وڻ سان پيار جو پَرڻو ڪيو آهي،
    چندن جي وڻ کي چرمڪيءَ سان،
    رنگ رليون ملهائيندي ڏِٺو ويو آهي،
    ليمي لَيَن سان لائون لڌيون آهن،
    انگور ايڊز جي مرض ۾ مُبتلا ٿي ويا آهن،
    شهتوت جو وڻ شهوَتي هُئڻ ڪري،
    مينديءَ سان هَني مُون ملهائِڻ ويو آهي،
    ڪِرڙ جي ڪٽپڻي ڪرڻ کانپوءِ،
    ڪنڊيءَ ڪَسا ڪيرائي ڇڏيا آهن،
    پَپيتو اُبڪي جي ڪري اگهو ٿِي پيو آهي،
    صندل جو وڻ صَنوبر سان سُتل آهي،
    ڦوڳ جي وڻ نَس بَندي ڪرائي،
    نسل جي پاڙ تي رَنبو رکي ڇڏيو آهي،
    ديال جا پڙتال سان پير ڏِٺا ويا آهن،
    چَڪُونءَ جي چنبيليءَ سان ياري،
    مَٿو، مٿي تي لڳل آهي،
    پانَ جو وڻ پپر کي ڀَڄائي ويو آهي،
    کِپَن کان خلع مِلڻ کانپوءِ،
    مُرٽون پاڻ مُرادو جلاوطن ٿي ويون آهن،
    املتاس جون اکيون اُٿي پيون آهن،
    ڳاڱيال هيرڻ تي هيجار ٿي پئي آهي،
    ٻير کي ٻٻر مان ٻوڪجڻ لاءِ،
    سياري جي سخت ضرورت آهي،
    نِمن جي نامَردي کانپوءِ،
    کجين خودڪشي ڪري ڇڏي آهي،
    تِمر جي وڻ طُهر ڪرائي ڇڏي آهي،
    ۽ وڻ سڀئي وانڍا ٿي ويا آهن.


    اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپَ آهيو!

    دنيا جو هر ماڻهو مون کي سُڃاڻي ٿو،
    پوءِ اُهو پڙهيل هُجي يا اڻ پڙهيل،
    آئون آڱُوٺي جي نالي سان به سڃاتو وڃان ٿو،
    ته ٺُٺُيو به مون کي ئي چوندا آهن،
    هر پوڙهي پَڪي، عربي عجمي،
    مرد، مائي يا خواجه سرا جي،
    هٿن - پيرن ۾ موجود آهيان،
    سواءِ انهن جي، جيڪي ٺُونٺا آهن،
    آئون رنگ نسل ذات، پات،
    ۽ مذهبي متڀيد کان آجو آهيان،
    صُوفي يا سيڪيولر به ناهيان،
    مُنهنجو ڪو به مسَلڪ ڪونهي،
    ڪا به نُک، ڪا به قوم ڪونهي،
    ڪا ڌرتي، ڪو آسمان ڪونهي،
    آئون اِنساني جسم جو هڪ عُضوو آهيان،
    (جنهن کي دُنيا جو هر ٻار ڌائي سگهي ٿو)،
    موئِن دڙي جي تاريخ کان به پُراڻو آهيان،
    خالقِ ڪائنات جڏهن ڪُن فيڪون چَئي،
    اِنساني جسمن ۾ رُوح ڦوڪيو هو،
    آئون تڏهن به هَڪيو، تڪيو هُئس،
    اڳي اڻپڙهيلن کي آڱوٺي ڇاپَ چئي،
    مُنهنجي عزتِ نفس مجروح ڪئي ويندي هُئي،
    تڏهن تپيدار فوتي کاتا ڦيرائڻ لاءِ،
    يا عشر زڪوات جا چيئرمين،
    بيواهُن جا وضيفا ڳڙڪائڻ لاءِ،
    مون کي مِس يوز ڪندا هُئا،
    پر هاڻ فِنگر پرنٽ سڀني کان،
    حق ۽ واسطا واپس وٺي،
    گوگِل جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن،
    مُنهنجو نالو اُن وقت بدنام ٿيو هو،
    جڏهن آڱوٺي ڇاپَ ”ماستر“ ڀرتي ٿِيا هُئا،
    مٿان وري نادرا وارن مُنهنجي مدد سان،
    ماڻهن جي اصلي ۽ نقلي هُئڻ جا،
    نوان، نوان انڪشاف ڪيا آهن،
    هاڻ اِهو زمانو اچي ويو آهي،
    جو مُنهنجي هڪ ئي اشاري سان،
    اوهان جا سڀئي راز افشان ٿي وڃن ٿا،
    مُنهنجي اِنهي ڪِرت کوجي ڪُتن ۽،
    پيرين جي پيٽ تي لت ڏِني آهي،
    ڪُجهه به هجي دُنيا جو هر ڌنڌو،
    مُنهنجي مرضيءَ جي مَرهونِ منت آهي،
    آڱريون ته هُونئن ئي برابر ناهن،
    پر آئون ڪانڊيري مان درخت،
    اُن ڪري بڻيو آهيان جو،
    اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي دؤر،
    مُنهنجي هيڪاندي اهميت وڌائي آهي،
    اوهين اعليٰ تعليم يافته هئڻ باوجود،
    جڏهن به ڪنهن سان ايگري ٿيندا آهيو،
    ته آڱوٺو ڏيکاري اوڪي ڪندا آهيو،
    يا ڪنهن کي ڪم کان ٺُپ جواب ڏيڻ لاءِ به،
    اڱوٺو ڏيکاري جانِ ڇڏائيندا آهيو،
    اوهان مُنهنجي موجودگيءَ جا مُنڪر ٿي نٿا سگهو،
    ڇو ته، منهنجي مدد ۽ مرضيءَ کان سواءِ،
    اوهان جو نه ته ايڊنٽي ڪارڊ ٺهي سگهي ٿو،
    نه ئي موبائيل فون جي ڪا سِمَ ملي سگهي ٿي،
    نه مُلازمن جي بايو مئٽرڪ ٿي سگهي ٿي،
    نه ئي وؤٽن جي ويريفڪيشن ٿي سگهي ٿي،
    مطلب ته اوهان جي سموري بايوڊيٽا،
    فقط هڪ آڱوٺي جو خرچ آهي،
    يعنيٰ اوهان جي اوقات هڪ آڱوٺو آهي،
    ته پوءِ اِهو تسليم ڪرڻ ۾ ڪهڙو هرجُ آهي؟
    ته اوهين سڀ آڱوٺي ڇاپَ آهيو...!!!!


    سموري سنڌ سوچي ٿي

    سموري سنڌ سوچي ٿي،
    لُڇي تڙپي ۽ لوچي ٿي،
    ڀَري سُڏڪا پُڪاري ٿي،
    مِٺا! هيءَ ماٺ ماري ٿي.
    اڃان ڀي رات جي موسم،
    سُڃي سڪرات جي موسم،
    نه ٽاڻو ڪو به ٽاري ٿي،
    مِٺا! هيءَ ماٺ ماري ٿي.
    اڃان ڀي ڏاڍ آ جاري،
    وطن جي واڍ آ جاري،
    اِها ڳڻ ڳوت ڳاري ٿي،
    مِٺا! هيءَ ماٺ ماري ٿي.
    اڃان هر واٽ تي ٿاڻا،
    گهِٽي ۽ گهاٽ تي ٿاڻا،
    حياتي قيد گهاري ٿي،
    مِٺا! هي ماٺ ماري ٿي.
    اڃان هر ڳوٺ جي گهر ۾،
    ڪُراڙي گهوٽ جي گهر ۾،
    جواني ڪير ڳاري ٿي،
    مٺا! هيءَ ماٺ ماري ٿي.


    گيت

    ڇير وڄائي ڇوري وو!

    گوري، گوري، گوري وو!
    ڇير وڄائي ڇوري وو!

    شهر سڄي کي ساڙين ٿِي،
    تون به ته ڪنهن کي تاڙين ٿِي،
    چوري، چوري، چوري وو!
    ڇير وڄائي ڇوري وو!

    آڌيءَ ٽاڻي روز اچي،
    ڏي ٿي هُن کي ننڊ مِٺي،
    لوري، لوري، لوري وو!
    ڇير وڄائي ڇوري وو!

    حُسن پري ڪنهن حُور مٿان،
    هُن جي هڪڙي گُهور مٿان،
    گهڻن حياتي گهوري وو!
    ڇير وڄائي ڇوري وو!


    جيون رنگ رَچائي ٿر تي

    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي،
    جيون رنگ رَچائي ٿر تي.

    هاءِ اُڃارو صحرا سارو،
    وقت وَڃي ٿو ٿي وڻجارو،
    تنهَن کي ڪو ترسائي ٿر تي،
    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي.

    سيمَ سُڪي ٿي ٺوٺ الا ڙي!
    ڳاٽ مٿي هر ڳوٺ الا ڙي!
    موت وِيو مُرجهائي ٿر تي،
    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي.

    پَن، ڇَڻ رُت جو پهرو آهي،
    غم اڳي کان گِهرو آهي،
    جيءُ پيو گهٻرائي ٿر تي،
    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي.

    صادق جهڙي راڳيءَ کان پو،
    ڪير ڀلا چئو! ڀاڳيءَ کان پو،
    گيتن کي گرمائي ٿر تي،
    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي.

    واريءَ جي واچُوڙي جهڙي،
    مُند ڏسي ماچُوڙي جهڙي،
    سانجهه پئي شرمائي ٿر تي،
    مؤلا! مينهُن وَسائي ٿر تي.
    جيون رنگ رچائي ٿر تي.
    ***


    هِن ديس مِٺي جي هارياڻي!

    او هارياڻي! او هارياڻي!
    هِن ديس مِٺي جي هارياڻي!

    اُس ۾ جهار اُڏائين ويٺي،
    وِکريل وار، اُڏائين ويٺي،
    ڄَڻ ته ڄمار اُڏائين ويٺي،
    او هارياڻي! او هارياڻي!

    روز خوشيءَ مان کيٽ لُڻين ٿي،
    ٻنيون، ٻارا ٻيٽ لُڻين ٿي،
    ڀُونءَ سڄيءَ لئه ڀيٽ لُڻين ٿي،
    او هارياڻي! او هارياڻي!

    رت جو ڏين ٿي ريج ٻنيءَ کي،
    حد کان زياده هيجُ ٻنيءَ کي،
    ڏيندي آهي ڏيجُ ٻنيءَ کي،
    او هارياڻي! او هارياڻي!

    گرميءَ ۾ ڀي گاهه ڪڍين ٿي،
    لابارا ۽ لاهه ڪڍين ٿي،
    شُوڪاري سان ساهه ڪڍين ٿي،
    او هارياڻي! او هارياڻي!

    وَر سان حال ونڊيندي آهين،
    ڇوڙي وار ڇنڊيندي آهين،
    سارو جڳ مَنڊيندي آهين،
    او هارياڻي! او هارياڻي!
    هِن ديس مِٺي جي هارياڻي!


    هيءَ جيڪا سنڌياڻي آهي، سائي ديسَ ڌڃاڻي آهي.

    هيءَ جيڪا سنڌياڻي آهي،
    سائي ديسَ ڌڃاڻي آهي.

    اَرٽُ هلائي اُنَ ڪَتي ٿي،
    تارن جهڙا تُن ڪتي ٿي،
    ڌرتيءَ جي ڄڻ ڌُن ڪتي ٿي،
    اهڙي سُگهڙ سِياڻي آهي.

    ڇَڄَ ۾ ويٺي اَنُ ڇڙي ٿي،
    ماڻهوءَ جو ڄڻ مَنُ ڇڙي ٿي،
    واسُ ڇڙي ٿي، وَنُ ڇڙي ٿي،
    ڄڻ ڪا رات جي راڻي آهي.

    ڀتِ اَڏي ٿي، ڀور ڪري ٿي،
    پَيرُون چُونڊي پيٽ ڀَري ٿي،
    جنڊ منڊي ڄڻ ڏُک ڏري ٿي،
    اُن جي عجب ڪهاڻي آهي.

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 951240
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 321824
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ