ڪتاب جو نالو: جَلِي منهنجي جاڳَ
مصنف: ڊاڪٽر مخمور بُخاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 11 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 944 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 180 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران
  • انتساب
  • جلي منهنجي جاڳ
  • پڙهڻ ته پرجھڻ

  • پڙهڻ ته پرجھڻ بابت
  • تاريخ ۾ جهاتي: هالا جي نعتيه شاعري
  • سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت
  • محمد ابراهيم جويو: نئين سنڌُ جو اڏيندڙ
  • محمد عثمان ڏيپلائي: جي پنهنجو نُور نچوئي ويا....
  • آزاد نظمَ جي اؤسر (ڪَٿَ): سک سمهڻ ”شمشير“ اڃان ڪٿ
  • تنوير عباسي: گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي
  • قمر شهباز : جيئن واس جدا ٿئي مکڙين مان
  • منصور ويراڳي: منصور سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان
  • مدد علي سنڌي: ڪا روشني ته ٻاريو
  • حميد شهيد : شعرُ ”شهيد“ الهام اگر آ
  • سليم چنا : تنهنجي ننڊ به جاڳ
  • انور ڪاڪا : آئون پنهنجي دوزخ ۾ به اجنبي آهيان!
  • آيو جنين مان واسُ

  • آيو جنين مان واسُ بابت
  • شاهه عبداللطيف ڀٽائي : ڀٽائي اڄ به اسان جو سونهون آهي
  • علامه غلام محمد مهيسر : سنڌ جو هڪ سدا حيات عالم
  • شيخ اياز: ڪنهن ڪنهن جي روپ مان ڪوري ڪاليداس
  • لڇمڻ ڪومل: سنڌ توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي
  • راشد مورائي: بيمار قوم جي لئه ”راشد“ حڪيم گھرجي
  • شمشير الحيدري: اسان جون مسافتون شمشير طئه ڪيون!!
  • پير عُبيد راشدي: حساسيت، ڪهاڻي ۽ عبيد راشدي
  • سيف بخاري ”تنها“: جلد وڇڙي ويل شـاعر
  • ڊاڪٽر شمس الدين شاهه راشدي: رُتُ جي ريت نرالي آ.....!
  • ڪيئن وساريان

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO. 70

    جَلِي منهنجي جاڳَ
    ليکڪ: ڊاڪٽر مخمور بُخاري
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: آڪاش ڪمار آسواني ۽ عرفان احمد چانڊيو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 200/- روپيه


    JALEE MUHINJI JAAG
    (Essays & Article)
    Writer: Dr. Makhmoor Bukhari
    First Edition: 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Akash Kumar Aswani & Irfan Ahmed Chandio
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 200/-


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جليِ منهنجي جاڳ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي سدا حيات شخصيتن تي لکيل تحقيقي مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو ليکڪ ناميارو محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري آهي.

    تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو. ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران

    ڊاڪٽر مخمور بُخاري سنڌُ جو سڄاڻ ليکڪُ آهي جنهن ننڍي ڄمارَ ۾ تحقيقَ جي ميدانَ ۾ مختلف موضوعن تي اهم ڪَمُ ڪري نالو ۽ پذيرائي ماڻي آهي.
    تحقيقَ جي محنت طلب ۽ نور نچوئيندڙَ ڪَمَ سان گڏوگڏ ڊاڪٽر مخمور بُخاريءَ ڪيترو ئي تخليقي ڪَمُ پِڻُ ڪَيو آهي. هن ڪتاب ۾ موجود سندس مضمونَ مختلف اديبن ۽ ڪتابن متعلق آهن. اِهي مضمونَ اڀياسي ۽ تاثراتي نوعيت جا آهن. موضوعن جي رنگا رنگيءَ سبب هي ڪتابُ يقيناً پڙهندڙن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بڻجندو.
    ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ هن ڪتاب ۾ موجود مڙني مضمونن ۾ پنهنجي ڏاتِ ۽ مطالعي جو سهڻو اظهارُ ڪيو آهي.
    ”پوپٽ“ پاران هن کان اڳ ۾ ڊاڪٽر مخمور بخاريءَ جو ڪتاب ”سچل، ساڃاهه شعور“ ڇپجي پڙهندڙن ۾ مڃتا ماڻي چُڪو آهي. اُميدَ اٿم ته سندس هي نئون ڪِتابُ پِڻُ اهڙي ئي مانائِتي موٽَ حاصل ڪندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس
    خيرپور ـــ سِنڌُ


    انتساب

    افو بابا...
    (بيَبي عريفا شاهه بخاري)
    (جنم: 23 سيپٽمبر 2011ع ـــــ وڇوڙو: 7 مارچ 2014ع)

    ابديت ڏانهن ويندڙ رستا واريءَ جا ٺهيل هوندا آهن، جيڪي هر قدم کڻڻ کان پوءِ ڊهي پوندا آهن. موت حيات جا گس روڪي ٿي. ازل اٽل آهي. پر ڪي وڇوڙا زندگي لاءِ اذيت ٿي پوندا آهن.
    اهڙي اذيت؛ جنهن جي لمحي لمحي ۾ انسان ٽٽندو آهي، ڀرندو آهي ۽ وري ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي ميڙيندو آهي ۽ وري ٽٽي پوندو آهي.
    زندگي ۾ ڪي حادثا/ واقعا ايترو ته اوچتو ظاهر ٿيندا آهن ۽ ايتري ته تڪليف پهچائيندا آهن جي تيز ڌار سان کل به لاهجي ته شايد اها اذيت به گهٽ محسوس ٿئي. پنهجن هٿن سان پنهنجي وجود جي حصي کي مٽي جي آغوش ۾ سمهاري اچجي ته اهو جيئري ئي موت کان گهٽ نه آهي ۽ هڪ ماءُ ۽ پيءُ اهڙي درد جو تصور به نه ڪري سگهندا آهن، پر وقت جي انتها اها آهي، بي اختياريءَ جو الميو ماڻهوءَ کي درد جي انگاس تي لڙڪائي ڇڏيندو آهي.
    معصوميت جي عمر ٿوري هوندي آهي.
    معصوميت جي عمر ڇو ٿوري هوندي آهي؟
    درد جي رات ڊگهي هوندي آهي.
    درد جي رات ڊگهي ڇو هوندي آهي؟
    هر سوال جو جواب نه هوندو آهي.
    هر سوال جو جواب ڇو نه هوندو آهي؟
    موت جي چائنٺ ٽپڻ کان پوءِ ڪير به اتان واپس نه ٿو اچي.
    موت جي چائنٺ ٽپڻ کان پوءِ اتان ڇو نه ٿو ڪير واپس موٽي؟
    انسان کي خدا بااختيار به ڪيو آهي.
    پر انسان کي خدا ان کان وڌيڪ بي اختيار ڇو ڪيو آهي؟

    افو بابا...
    رنگين ڦوڪڻن پويان ۽ پوپٽن پويان
    ڊڪڻ جي عمر هئي اڃا تنهنجي
    اڃا تنهنجي معصوميت جي گلابن کي
    زماني جي بي رحم هوا، ڇُهيو نه هو
    اڃان تون، خدا جي مقرر ڪيل فرشتن سمان هئين
    اڃان تون، اجري باک جهڙي
    مستقبل جي نويد هئين
    پر اوچتو ئي اوچتو
    ڪنهن ٻار جي هٿ مان ڇڏائجي آسمان ڏانهن
    اڏاميل ڦوڪڻي جيان اڏامي وئين
    نه ختم ٿيندڙ
    درد جي هڪ ڊگهي مسافت
    اسان لاءِ ڇڏي وئين
    پر تون آسمان تي ستاري جيان
    کڙي پئي آهين
    ڪيترين راتين کان
    آئون توکي ان نکٽ ۾ ڳوليان پيو
    ۽ سدا جيان مون کان لڪي پاڻ کي ڳولائي رهي آهين
    او منهنجي جان، ”افو بابا“
    تنهنجو بابا
    تنهنجي اها لڪ ڇُپ جي راند
    سهي نه سهگندو
    او منهنجي ”افو بابا“، نه ڪر اِها شرارت
    تون موٽي اچ هيڪر
    ڏس تنهنجا سمورا رانديڪا
    ان رات کان سمهي نه سگهيا آهن
    تنهنجي امان ۽ امي سڀئي
    عليزه، امينا ۽ اقرا سڀئي
    پڦو ۽ امي، ابا سڀئي
    تنهنجي ڏاڏا ۽ آنٽي مما سڀئي
    سڏڪي رهيا آهن
    تڙپي رهيا آهن
    ”افو بابا“
    ڪاش! تون هيڪر موٽي اچين
    ڪاش! تون هيڪر موٽي اچين ها.

    ٽهڪ تنهنجا هوائن ۾ ٻرندا رهن ٿا
    ۽ تنهنجو معصوم چهرو
    منهنجي اکين جي فريم ۾
    ڪنهن تصوير جيان نقش ٿي پيو آهي
    تنهنجي اکين ۾ ٽڪيل سوال جي جواب ۾
    آئون تنهنجو هميشه ڏوهاري رهندس
    ها ڪيڏو نه ڪِيسُ آ
    ”مسيح“ توکي ٽهڪ موٽائڻ بدران
    تنهنجي حياتي کسڻ جو ذريعو بڻي
    آئون تنهنجو بابا! ايترو ته بي اختيار
    توکي واپس گهر جي پڌر ۾
    راند ڪندي ڏسي نه سگهندس
    نه ئي تو کي تنهنجي پسند جا
    بسڪيٽ ۽ چاڪليٽ کارائي سگهندس
    ايترو بي اختيار، جو تنهنجو آلاپ،
    ”بابا مون کي جيئڻو آهي“
    آءٌ موٽ ۾، ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان
    سواءِ هر رات
    ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ جي
    ۽ روئڻ جي!
    ڏس، ”افو بابا“
    تو سان بي انتها پيار ڪندڙ
    تنهنجو بابا
    ڪيترو نه بي اختيار آهي؟


    جلي منهنجي جاڳ

    خاموشي اهڙي زبان آهي جنهن سان نه سلڻ جهڙيون ڳالهيون به ماڻهو اوري ويندو آهي. جڏهن چپ خاموش هجن ته پوءِ خاموشي زبان بنجي ويندي آهي ۽ اکين کي زبان ڏئي وجهندي آهي ۽ پوءِ اکيون جڏهن اورڻ ڪنديون آهن ته صدين جا ٿڪ لهي ويندا آهي. جن ڪيفيتن کي لفظ اظهاري نه سگهن انهن جذبن کي خاموشي ئي بيان ڪندي آهي:

    مان خاموش هيس
    ۽ اکين
    الائي ته ڪيترا
    نه اورڻ جهڙا خيال به
    تو سان اوري ڇڏيا
    الا!
    هي اکيون به
    ڪيڏيون ته پاڳل آهن

    لکڻ به عجيب عادت آ. انسان پاڻ کي يا ته لفظن سان بيان ڪري ٿو يا رنگن سان. هي سموري حياتي رنگ رنگ ڌاڳن جي الجهيل ميڙ جيان آهي. هر گهڙي رڳو اُن کي سلجهائڻ ۾ گذريو وڃي. حياتي جو بار جي محسوس نه ڪجي ته ڪجهه به نه آهي؛ پر جي اُن کي محسوس ڪجي ته سڄي حياتي رڳو بار آهي. شعور دک ڏئي ٿو. ڏاهپ ڏنگي ٿي. ماڻهو وتي ٿو ويڳاڻو ڦرندو. انسان جيئن جيئڻ چاهي ان طرح ڇو نه ٿو جيئي سگهي! آخر ڇو ماڻهو کي حياتي ته ڏني وڃي ٿي پر ان کي گذارڻ لاءِ آزادي ڇو نه!؟

    مان
    ساهه ته کڻي رهيو آهيان
    گهمي رهيو آهيان
    پر
    زندهه نه آهيان
    منهنجا سڀ خواب
    قيدي بڻايا ويا آهن
    منهنجي احساسن کي
    بي رحم لفظن جي پٿرن سان
    سنگسار ڪيو پيو وڃي
    مان هي هوش واري حياتي بجاءِ
    هڪ مدهوش زندگي گذارڻ چاهيان ٿو
    پر ائين ٿي نه سگهندو
    جو ـــ مان؛
    بنان سنگهرن جي به
    جڪڙيل آهيان
    مان ساهه ته کڻي رهيو آهيان
    پر؛ زندهه نه آهيان!!

    زندگي سواليه نشان کان اڳتي ٽپي نه ٿي سگهي. سواليه نشان کان اڳتي هوندو به ڇا؟ خبر ناهي منهنجي شاعري ۾ زندگي ايتري اهم ڇو آهي؟ اڄ جڏهن بنا ارادي هي سٽون لکي رهيو آهيان ته مون کي پنهنجو هڪ بنا عنوان نظم ياد پوي ٿو، اهڙا کوڙ سارا نظم مون پنهنجي موبائيل ۾ محفوظ ته ڪري رکيا آهن پر انهن کي ڪاغذن تي اتاريو ناهي. ائين به جيڪي نظم ڪاغذن تي اتاريل آهي انهن جي وري ڪهڙي ترتيب آهي. اهي وري ڪهڙا مون وٽ ڪي درست طريقي سان سانڍيل آهن. زندگي ۾ ترتيب يڪسانيت جو سبب بڻجندي آهي! اُن لاءِ بهتر آهي ته شين ۾ بي ترتيبي هجڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اُن مان ئي زندگي پيدا ٿيندي آ. عزم پيدا ٿيندو آ ۽ ڪا نئين تخليق جنم وٺندي آ. تخليق به عجيب آ! ڪڏهن ڪڏهن ته حدون اورانگهي بي مهلي هلي ايندي آ ننڊ به ڦٽائيندي آ. خوابن کي به ناراض ڪري وجهندي آ ۽ ڪڏهن ڪڏهن پوري شعوري ڪوشش جي به لفظ به پني تي لکي نه سگهبو آ. ڇاڪاڻ جو تخليق ذهن جي شعوري ڪوشش هرگز نه آهي؛ بلڪ هي ته لاشعوري حرڪت آ. ڄڻ ڪا واردات آ جيڪا اوچتو ئي اوچتو ٿي گذرندي آهي ۽ پاڻ کي سنڀالڻ ان مهل ايترو ته ڪَٺن بڻجي ويندو آ جو ڪا خبر نه پوندي آ ته هي ڪهڙي وارتا آهي؛ پر طوفان جي گهٽجڻ کان پوءِ جسم تان جڏهن مٽي ڇنڊي اٿندو آهيان ته پاڻ کي ڏاڍو ڏٻرو ۽ ڪمزور محسوس ڪندو آهيان. سوچيندو آهيان ته ڀٽائي ڪيئن آنند ماڻيو هوندو.!! سچل جڏهن نچي نچي ساڻو ٿيو هوندو ته هو ڪهڙي منزل تي پهتل هوندو! ۽ بلهي شاهه به حق تي هو ته هُن پنهنجي مرشد کي پرچائڻ لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا!! سامي جڏهن مٽ ۾ هڪ وڌيڪ پرچي وڌي هوندي ته اُن به اُن گهڙي هڪ سڪون ضرور ماڻيو هوندو. پر اهو سڪون، اهو مسرت جو لمحو به لمحي لاءِ اچي ٿو ۽ پوءِ ڀٽائي چواڻي
    ڳوليان ڳوليان مَ لهان شال مَ ملان هوت

    گهڻو عرصو ڀٽائي جي اُن ڪيفيت کي سمجهي نه سگهيو هيس ۽ جڏهن سمجهڻ جهڙو ٿيس ان وقت تائين ڪيتري دز مون کي لَٽي چُڪي هئي. ائين به ماڻهو ان وقت ئي سمجهندو آهي جڏهن ڪجهه وڃائي چڪو هوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه وڃائجي وڃڻ جي خوف ۾ ايترو ته خوفزدو ٿي ويندو آهي جو پنهنجي زندگي کي حرڪت ڏيڻ لاءِ هڪ قدم به نه کڻندو آهي ۽ پوءِ هو سڄي حياتي ان خوف ۾ ئي گذاري ڇڏيندو آهي، ان جي اُها زندگي درياءُ جيان وهندڙ نه ٿيندي آهي...... ۽ زندگي جيڪڏهن آبشارن جيان نه هجي ته اُها زندگي ان ڪئنواس جيان هوندي آهي جنهن تي ڪو به مصور ڪڏهن به ڪا لڪير نه ڪڍندو آهي! بس اهو ڪئنواس ڪورو ئي رهجي ويندو آ!! ۽ ڪيترو نه بهتر آهي ته هڪ ڪوري ڪئنواس جي بجاءِ ڪنهن مصور جي ڪا معمولي تخليق ئي بڻجي وڃجي!!

    هڪ بي نانءُ
    ڊگهي حياتي جي بجاءِ
    هڪ مختصر
    بامقصد حيات گذار
    هڪ گل ئي ٿي
    ڀل ريگستان ۾ ئي ٽِڙُ
    ات تنهنجو حُسن به
    ائين نکري پوندو
    جيئن باک ڦٽندي آ!!

    هجومن ۾ الائي ڇو اڪيلائي محسوس ٿيندي اٿم. دوستي جو مفهوم يا آئون خود سمجهي نه سگهيو آهيان يا پنهنجي مزاج جهڙو ڪو دوست نه مليو اٿم. هتي هر ڪو پنهنجي مفاد جي جنگ وڙهي ٿو. دوستي ۾ به جي مفاد اچي وڃن ته پوءِ ڇا ڪجي.؟ ۽ دوست پنهنجي انا ۾ ايترا ته خود غرض بڻجي وڃن جو هنن جي آڏو دوستي ڪا معنى ئي نه رکندڙ هجي ته پوءِ ڪنهن جي ڪلهي تي پنهنجي اندر جو بار هلڪو ڪجي.
    هڪ دوست (شناسا) چيو هيم ته تون اڃان ٻار آهين، تنهن ڪري هر ڪنهن مان سچائي جي آس رکين ٿو. ان جي اکين ۾ نهاريندي خاموش ٿي ويو هيس الائي ته ڇو کيس چئي نه سگهيس ته ”ها مان دوستي ۾ ٻيو ڪجهه ٿيڻ کان ٻار رهڻ ئي پسند ڪندس!!“
    الا! جي اسين پنهنجن انائن جي خول مان نڪري اچون ته هي دنيا وري ان طرح ٿي پوندي جهڙي روز ازل خلقي وئي هئي!!
    انسان لاتعداد خواهشن جو جهان پاڻ سان گڏ کنيو وتي. نه ختم ٿيندڙ خواهشون. هر رات هڪ خواب ڏسي ٿو ۽ ٻئي ڏينهن ننڊ مان جاڳڻ کان پوءِ ان خواب جي ساڀيا پويان ڊڪڻ شروع ڪري ٿو ۽ نيٺ ساڻو ٿي وري ننڊ جي آغوش ۾ هليو وڃي ٿو، جتان وري خواب کڻي جاڳي ٿو. اهڙي ريت هر لمحي هڪ نئين جستجو جي سفر ۾ محو رهي ٿو. سفر در سفر جيڪو کٽي نه ٿو.!!
    لفظُ؛ پنهنجي اندر ۾ وڏو جهان رکي ٿو. لفظ نه بدصورت آ ۽ نه ئي خوبصورت. لفظ نه تلخ آ ۽ نه ئي ميٺاج سان ڀريل. پر لفظ بدصورت يا خوبصورت، تلخ يا شيرين ادا ڪندڙ جي ڪيفيتن سان ئي بڻجن ٿا. اندر ۾ جي سُرهاڻ ۽ سُرهائي ڀريل آهي ته لفظ به آڳنڌ ۾ ٽڙيل گُلابن سمان لڳندا آهن؛ پر جي اندر ۾ رڳو ڪڙاڻ ڀريل آهي ته لفظ به ڪنڊن وانگر ايذائيندا آهن. لفظ اندر جي ترجماني ڪن ٿا، پر ڪڏهن ڪڏهن ته لفظ مغرور سڄڻ جيان لاپرواهه بڻجي ويندا آهن ۽ اورڻ اوريندي به دل جا حال احوال بيان ڪري نه سگهبا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته محبوب آڏو سڀ ڪجهه بيان ڪبو آهي. اظهاربو آهي. ٻاڏائبو آهي. پر انهن تي ڪو اثر ئي نه ٿيندو آهي. ان ويل لفظ به ڄڻ پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهين ۽ بي روح لفظ ڄڻ ڍانڍا پسبا آهن.

    اي خدا
    منهنجن لفظن ۾ اثر پيدا ڪر
    مان لفظ کان سواءِ
    ڪي به ناهيان!!

     بخاري محله، ڊاڪٽر مخمور بُخاري
    هالا نوان ــ سنڌُ


    پڙهڻ ته پرجھڻ

    پڙهڻ ته پرجھڻ بابت

    سنڌي ادب ۾ نئين روايتن کي قبول ڪرڻ جو ؛ دنيا جي زرخيز ادب وانگر رجحان موجود آهي، اُن ئي اثر هيٺ اسان جي تخليقڪارن هڪ نئين لاڙي ۽ فني تبديليءَ ڏانهن ڌيان ڌريو آهي. اهڙا لاڙا ۽ رجحان شاعريءَ جي حوالي سان هجن يا نثر جي اعتبار کان، اُنهن کي پنهنجي مخصوص ماحول ۽ وقت جي گُهرج پٽاندڙ پنهنجو ڪَرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.


    تاريخ ۾ جهاتي: هالا جي نعتيه شاعري

    سنڌ جي قديم شهرن ۾ هالا جو تذڪرو به لڳ ڀڳ ڇهه سؤُ سالن جي عرصي کان آڳاٽو تصور ڪيو وڃي ٿو. شهر جڙندا آهن ۽ پنهنجو جوڀن جواني گذاري تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن. شاندار روايتون ئي ڪن ڪن شهرن جي سڃاڻپ هونديون آهن. جنم ڀومي سان انسيت به فطري ٿئي ٿي، هالا سان منهنجو تعلق به اهڙو ئي آهي. هن شهر جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا اڄ به ان طرح موجود آهن، جنهن طرح اهي ڪالهه موجود هئا؛ ته هن شهر جا ڪي باب اڄ اسان خبر ناهي ته ڇو وساري ڇڏيا آهن. اڄ هي سٽون لکڻ کان پهرئين مون مٿي هڪ عنوان قائم ڪيو آهي ”تاريخ ۾ جهاتي.“ هي عنوان ماضي جا ورق ورائڻ ۽ ڪالهه جي آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڳولڻ جي مون پاران هڪ ننڍڙي ڪوشش آهي. اڄ به مسلم دنيا ۾ محبوب خدا آخري نبي زمان حضرت محمد ﷺ جن جي ولادت باسعادت کي سڀاوند تسليم ڪيو وڃي ٿو. خدا جي محبوب جي آمد بلاشڪ سموري انسانيت لاءِ مسرت جي نويد هئي. هالا جي نامياري محقق، عالم ۽ شاعر مخدوم صالح ڀٽي جي نعت جون سٽون ذهن ۾ ترن ٿيون:

    عرب هو جهالت ۾ تاريڪ جڏهن،
    نبي پاڪ نورالهديٰ بنجي آيو.

    سو ان نسبت سان اڄ هالا جي ڪن اهم معتبر، معروف ۽ غيرمعروف شاعرن جي نعت گوئي جو ڪجهه تذڪرو هنن سٽن ۾ ڪرڻ مناسب لڳي ٿو ڇاڪاڻ جو اڳ به لکي آيو آهيان ته هن شهر جي سڃاڻپ جا ڪي باب اڄ اسان وساري چڪا آهيون.
    نعت توڙي مولود بنيادي طرح شاعري جي ڪا صنف ناهي، بلڪ هي هڪ موضوع آهي جيڪو شاعري جي ڪنهن به صنف ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو. گهڻو ڪري مولود يڪي يا ٻيڻي ڪافيءَ جي صورت ۾ چيا ويندا آهن، پر ان کان سواءِ به مختلف گهاڙيٽن ۾ مولود جو موضوع آندو ويو آهي، جڏهن ته نعت خاص طور غزل جي هيئت ۾ چئي وڃي ٿي، پر اها به ڪا حتمي صورت ناهي، نعتيه بيت، قطعا، چؤسٽا ۽ ڪافيون به چيون ويون آهن. مولود ۾ خاص طور حضوراڪرم ﷺ جي ولادت واري ڳالهه بيان ڪجي ٿي ته نعت ۾ مٺي مرسل جي صفت، ثنا، ساراهه بيان ڪئي وڃي ٿي.
    سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۾ بيت وڏي اهميت رکي ٿو. بيت جي ئي صورت ۾ ابتدائي سنڌي نعتيه شاعري ملي ٿي. ميون عيسيٰ جنهن کي اسان هالا جو شاعر تسليم ڪيون ٿا. هن شاعر بابت ڪا خاطر خواهه تحقيق نه ٿيڻ سبب کيس ملاڪاتيار طرف دفن ٿيل ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته حقيقت ان کان مختلف آهي. ميين عيسيٰ بابت تفصيل ڳالهه ٻولهه ته ڪنهن ٻئي ڀيري ڪنداسين، پر ايترو ضرور چئبو ته هي شاعر هالا ۾ ئي دفن ٿيل آهي. سندس بيتن جي رسالي مان ڪجهه اهڙا بيت پيش ڪجن ٿا جن ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي ثنا، صفت ۽ انهن سان عقيدت ۽ محبت جو ذڪر موجود آهي:

    رات سهائي، ڀُون سنئين، نه ڪا آڏي اَڏَ،
    لا الٰہ الا الله، ٻيا ڇَڏ، جُڏ وُئَنَ جَڏ،
    محمدّ رسولُ الله ٿِي، گوهر انهين گڏ،
    جو سڄڻ ڪيو سَڏ، ٿو اُماڻي اٻوجهيون.

    جَڳ سيڪڙو جنهن جو، سو سڄڻ ڏٺائون،
    سين پَسَڻُ پاڪيزي پرين، جي پُنينِ مُدعائون،
    حمــد ثنــاءُ سائيــن جـــو، ڪـوڏان ڪيائون،
    چٽيـــــون چيائــــون، صلواتــــــون سـرور تي.

    سنڌي ادب ۾ مولود جي جنهن شاعر باقائده شروعات ڪئي اهو آهي هالا پراڻا سان تعلق رکندڙ مخدوم عبدالرؤف ڀٽي، جنهن جو تخلص هو ”عاصي“ يعني ”گناهگار“. هن جا هن وقت تائين ستر کن مولود لوڪ ادب جي سيريز واري ڪتاب ”مولود“ ۾ شايع ٿيل آهن ان کان سواءِ سندس مداحون ۽ مناجاتون پڻ چيل آهن. مخدوم صاحب جا چيل مولود اڪثر هڪ تُڪي (يڪي) ڪافيءَ جي صورت ۾ آهن. سندس هيٺيون مولود گهڻو مشهور ۽ مقبول رهندو اچي:

    منــارا ميــر مُرســـل جا، ڏســان شــل ڏيهـه سڀ ڏوري
    هلــي هالا، مٽيـان مســڻ، انــڙپور کــي ڇڏيــان اوري
    مٽيارين جي ڪعبي کان، گهليون مانجهند ڇڏيان گهوري
    ڪـوٽ ڪـوٽڙي، کهـا، کـوکـر، سونـڊا، سيريــون ڇڏيـان سوري
    ننگـر بنـدر ۽ بـاگـاڻـا، ڪـراچـي کـــان وڃـان ڪـوري
    مسقـط، مطـر ۽ مـربالـون، ڪـو مڪــــلان مٽيـان مـوري
    مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجهـــــان اکين ڀتر ڀوري
    ”عبدالرؤف“ چئي سرڪيان صدقو، رکـــان ڪرسي اڳيان ڪوري

    مخدوم عبدالرؤف ڀٽي سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو همعصر هو، ڀٽي صاحب هالا پراڻا ۾ سن 1682ع ۾ جنم ورتو ۽ سنه 1752ع ۾ حج لاءِ عربستان ويو، جتي حج بعد لاڏاڻو ڪيائين. آئون پنهنجي شهر جي حوالي سان مخدوم عبدالرؤف ڀٽي کي ئي پهريون ماڻهو تسليم ڪيان ٿو جنهن شاعراڻي فضا ۾ آقاءِ دوجهان جي ولادت باسعادت کي باوقار نموني پيش ڪيو:
    حُسن هدايت حاضر ٿيڙو، جڏهن ڄام نبي هو ڄايو،
    عطر عنبير سان عالم واسيو، جڏهن سرور ڄام سامايو،
    ”عاصي عبدالرؤف“ اوهان ڏي آيو، تنهن جو عرض اگهايو.

    تاريخ جي ورقن تان دز هٽائيندي اسان اڳيان وڌون ٿا ته حيرت جي انتها نه ٿي رهي. هي ڇا! هي به هالا پراڻا جي مٽيءَ کي اعزاز حاصل آهي. سنڌيءَ جو پهريون صاحب ديوان شاعر خليفو گُل هالائي به ان ئي مٽي جي خمير مان رچي بسي پير ڳوٺ جي مٽيءَ مان فيض حاصل ڪري ڪافيءَ جي يگاني شاعر پير علي گوهر شاهه ”اصغر“ جي صحبت ۾ رهندي سنڌي زبان کي الف- ب جي 52 اکرن جي پٽي جي ترتيب تي غزل جو ديوان ڏنو. هن جو هي ديوان بمبئي جي محمد حسين پٽ محمد سليم جي پريس مان 1275هه/ 1858ع ۾ ان وقت شايع ٿيو جڏهن هو پاڻ حج جي ارادي سان عربستان وڃي رهيو هو ۽ هيءُ ديوان خليفي گُل خود ئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن ديوان جا ڪجهه ڇاپا ان کان پوءِ به نڪتا آهن، پر افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي ته هن وقت تائين خليفي گُل هالائي جي زندگيءَ بابت، نه ان جي ديوان کان سواءِ ٻئي شاعري بابت ۽ نه ئي ديوان بابت ڪنهن قسم جو تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم ڪيو ويو آهي، سو راقم ان بار کي پاڻ مٿان ڪجهه وڌيڪ محسوس ڪيو آهي ۽ پنهنجي وس آهر اُن ڪرت ۾ مشغول رهندو اچي. سو ان ئي ديوان گل ۾ خليفي گُل جا شاهڪار غزل به موجود آهن، هن ائين به غزل جي لوازمات کي پورو ته ڪيو ئي آهي سو هن نعتيه غزل ۾ پڻ محبوب خدا جي سونهن، سوڀيا کي خوبصورت تشبيهن سان نروار ڪيو اٿس:

    الف الله قد قامت، منهنجي دلدار جي صورت
    حقيقت ذات وجهه الله، سهڻي يار جي صورت

    آهي منهن ”والضحيٰ والشمس“، سج چنڊ کان گهڻو روشن
    ”سورة واليل“ ۾ ڀنڀرن وارن جي، ڪار جي صورت


    اکيون چشمو حياتي جو، مٿن جي ڪاڻ ”کالکوثر“
    پيالي پُرطهورا جي، نشي سرشار جي صورت

    بدن باغ بهشتي، صوف، ڏاڙهون، گُل منجهس قسمين
    آهي ”جنات“، ”عدن، تحتها الانهار“ جي صورت

    نه ڪيو ”گُل“ ڪوڙ دل جيڪي، ڏٺو منجهه ديد دلبر جي
    ”وماڪذب الفؤاد و مارئى“ مختيار جي صورت

    خيلفي قاسم، خليفي گُل کان پوءِ ان جي کيڙيل سنڌي غزل جي زمين ۾ هَر هلايو ۽ ”ديوان قاسم“ جي عنوان سان پنهنجا غزل وديا ونود پريس ڪراچي مان شايع ڪرائي پڌرا ڪيا. ديوان قاسم مان اچو ته هڪ نعتيه غزل پڙهندا هلون:

    مير مرسلؐ مڪي سندو مهتاب
    جنهن جهجهو وٽ الله عزت آب

    ڏڏ هارين سندو اڙين آڌر،
    جڳ اندر جوت عالمن ارباب

    اڄ ادا ڪر الله جا احڪام
    ته سڀَا تو اُتي اچي نه عتاب

    زهد جي زور سان ڪجي ”قاسم“
    نقش ناڪام خود پسند خراب

    خليفي گُل ۽ خليفي قاسم جي پاڙي ۾ هڪ نرالو ۽ خوبصورت شاعر به پيدا ٿيو، جنهن کي به اسان ٻين ڪيترن ئي شاعرن جيان وساري ڇڏيو آهي. اهو سريلو شاعر آهي صوفي آسورام؛ جيڪو وري پهرئين سوشلسٽ صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه جو معتقد رهيو. تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل سنڌ ۾ انگريز دور جو هي شاعر هالا جو ٽيون صاحب ديوان شاعر آهي. هي هندو مذهب سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود خدا جي هيڪڙائي ۽ انسانيت جو وڏو قائل هو، هن پنهنجي شاعري ۾ مختلف جاين تي اهڙا مضمون آندا آهن، خاص طور حضوراقدس جي حضور ۾ هڪ خوبصورت مناجات چئي آهي جنهن ۾ عاجزي، هيڻائي ۽ خلوص مان پنهنجي مدعا بيان ڪندي چئي ٿو:

    تون آهين نور نوراني، مٺو محبوب سبحاني
    نه ڪو ٻيو تنهنجو ٿيو ثاني، ڪرم ڪر يا رسول الله ﷺ.

    امت ساري سندو شافع، ڏکن مرضن سندو رافع
    سڄو جڳ ٿيو توکان نافع، رحم ڪر يا رسول اللهﷺ.

    سوا لک تي مٿي مَرڪين، تارن ۾ چنڊ جئن چمڪين
    سدا ٻهڳڻ پيو ٻهڪين، مهر ڪر يا رسول الله ﷺ.

    مدائين ۾ ”آسو“ ورتو، وهائي آب ٿو اَرتو
    اوهان کي هت هُتي پرتو، ڀرم ڪر يا رسول الله ﷺ.

    صوفي آسورام جا ٽي شعري مجموعا ”پريم غنچا“، ”ديوان آسو“ ۽ ”رساله آسو“ ته سرجيل آهن جن کي يڪجا ڪري نئين سر شايع ڪرائڻ جي گهڻي ضرورت آهي.
    هالا جي مٽيءَ مان 19 فيبروري 1884ع تي هڪ نرالي شاعر جنم ورتو، جيڪو اڄ تائين پنهنجي علمي، سماجي، مذهبي ۽ شاعراڻي ڪرادر سبب سنڌي ادب ۾ گهربل مَقام ماڻي نه سگهيو آهي، بلڪ کيس اڄ ته هالا جو ادبي ماحول به گهڻو تڻو وساري ويٺو آهي، هيءُ سٽون لکندي سندس هڪ شايع ٿيل ۽ ٻئي اڻڇپيل شاعراڻيون تصنيفون منهنجي سامهون آهن. ان شاعر کي اسان الحاج پيرو محمد ”سائل“ انصاري جي نالي سان ياد ڪيون ٿا. هيءُ اهو مرد مجاهد شخص هو، جنهن وٽ سنه 1920ع ۾ خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ برصغير جا اهم سياستدان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين
    جي. ايم. سيد هڪ رات ڳجهي گڏجاڻي ڪرڻ آيا هئا. هن شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ اسلامي جذبي جو ڀرپور ۽ خوبصورت اظهار ڪيو آهي. سندس شعري سفر ۾ حج بيت الله جو منظوم سفرنامو پڻ آهي، جيڪو مثنوي جي فارم ۾ سنه 1939 ۾ رقم ڪيو ويو هو. منهنجي مختصر علمي ڄاڻ موجب هيءَ سنڌي جو پهريون منظوم سفرنامو آهي. ٻولي ۽ ادب لاءِ خدمتون سرانجام ڏيندڙ ادارن کي هيءُ اهم ۽ تاريخي دستاويز شايع ڪرائڻ گهرجي.
    پنجهتر ورهين جي الحاج پيرو محمد ”سائل“ انصاري جي ”ڪليات سائل هالائي عرف گلستان المعرفت“ ۾ مذهبي جذبي سان سرشار شاعريءَ جا ڪيترائي خوبصورت ۽ رنگين گل موجود آهن، سندس هي حمد اڄ به عام ۽ خاص جي زبان تي آهي، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ڪيترن ئي ماڻهن کي ان شاهڪار حمد لکڻ واري شاعر جي نالي جي ڄاڻ ناهي:

    حسبي ربي جل الله، شافي ڪافي حق الله
    مافـي قلبي غير الله، مير مــــحمد صـــل الله
    لاالٰہ الاالله، لاالٰہ الا الله

    قائم، دائم، رَب شڪور، جابر، جامع، نافع، نور
    هادي، مَهدي، حق، صبور، اڪبر، اعليٰ عاليجاهه
    لاالٰہ الاالله، الا الٰہ الاالله

    واجد، ماجد، حاڪم، حُي، سامع، قامع، جَل غني
    وارث، والا شـــان ولـــي، شاهـــد غائب بي پرواهه
    لاالٰہ الا الله، لا الٰہ الاالله

    اڃان به اڳتي سندس ”ڪليات سائل“ مان هي بهترين نعت جون سٽون پڙهو:

    اسان جو رهبر اسان جو هادي، رؤف آهي، رحيم آهي
    خدا جو پيارو سخي آهي، جواد آهي، ڪريم آهي

    اهو مزمل، اهو مدثر، اُهوئي طاهر، اهوئي مطهر
    طلب علم جي ڪندڙ زيادهه، جهان ۾ سڀ کان عليم آهي

    اهو ئي احمد، اُهو مُحمد، اُهوئي مَحمود، سوئي حامد
    شفيق آهي، رفيق آهي، شڪور آهي، حليم آهي

    اُهوئــــي شافــــــع، اهـــو ئــــــي نافــــع، اهـــــو ئــــي دافـــع، اهو ئي رافع
    عــطا خــــدا ڪيــــــس علــــم حڪمــــت، عليــــم آهي حڪيم آهي.

    هالا جي ادبي اتهاس ۾ ابڙا خاندان خاص طور جان فيملي کي وڏي اهميت حاصل آهي، ان جي تسلسل ۾ منصور ويراڳي کان ويندي ارشد هالائي، منور هالائي، رشيد هالائي ۽ اڄ جي نوجوان قلمڪار ۽ ڪمپيئر سهيل ابڙي تائين ڪيترائي نالا علمي، ادبي ۽ شعري روايتن جي ڪري معتبر ۽ معروف آهن. هن خاندان جو اڳواڻ معروف شاعر منصور ويراڳي جو والد ”جان محمد اضعف هالائي“ هو؛ جنهن جي ئي نالي پٺيان هن خاندان کي ”جان ساگهر“ پڻ سڏيو ويندو آهي. اهوئي اضعف هالائي مولود ۽ نعت جو معروف شاعر ٿي گذريو آهي، هن جو پهريون شعري مجموعو ”احوال محمدي“ جي نالي سان شايع ٿيو، جنهن ۾ سندس نعتيه شاعري گڏ ٿيل آهي. هي هالا جو پهريون شاعر چئبو جنهن جي نعتن ۽ مولودن جو مجموعو ”انجمن مولود النبي هالا“ تنظيم پاران شايع ٿيو ۽ ڪيتري نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته مڪمل نعتيه ديوان به سندس ڀائٽي شوڪت ابڙي جو ”بهشتي درشن“، جي عنوان سان تازو ئي هالا مان شايع ٿيو آهي. اضعف هالائي جي نعت جون ڪجهه سٽون هن ريت آهن:

    حبيبِ خدا آ، امامِ نبوت
    رسولن جو سردار، امت لئه رحمت

    اطاعت سندس آ، اطاعت خدا جي
    اهو آ حقيقت ۾، روحِ عبادت

    محمدؐ جو نالو، پيارو پيارو
    رسي روح کي، جنهن سان راحت ئي راحت

    خدا مير مُرسلؐ کي، معراج بخشيو
    اڳي ڪين ڪنهن تي، ٿي اهڙي عنايت

    محمدؐ جي تعريف، ”اضعف“ ڪندين ڇا؟
    خدا خود سندس ڪئي آ، وصفِ رسالت

    اضعف هالائي جو فرزند ۽ بهترين شاعر ارشد هالائي جي هن نعت جون سٽون اڄ به هالا جي هر مذهبي ايوان مان گونجنديون رهنديون آهن:

    بُلبل سندي زبان تي، مٺڙو آ نام تنهنجو
    ڪُوڪُو ڪندي ڪري ٿي، ڪوئل ڪلام تنهنجو

    چيها چَتون چون ٿا، صاحب سلام تنهنجو
    هڪوار ڪين ليڪن، دائم مدام تنهنجو

    ”ياسين، والضحيٰ“ ۽ تعريف تنهنجي ”طٰہ“
    ”ڪوثر“ سندو تون والي، ”ڪوثر“ جو جام تنهنجو

    وقتِ نزع هجي شل، ”صلي على“ زبان تي
    اِن پر لڏي هتان هي، ”ارشد“ غلام تنهنجو.

    هالا جي هن ادبي اتهاس مان ڪيترن شخصيتن جو ذڪر هت ڪجي؟ انهن جي نعتيه سٽن کي پيش ڪجي؟ منهنجي ته هن شهر جي هر گهٽي ۾ ادب جي تاريخ جو ڪونه ڪو ورق دفن ٿيل آهي ۽ بحيثيت مسلمان؛ محبوب خدا سان پنهنجي عقيدت ۽ محبت جو اظهار هر شاعر ڪيو آهي، پر هنن صفحن ۾ فقط چند اهڙن فردن جو تذڪرو ڪيو ويو آهي، جيڪي وڏي علمي اتهاس جا مالڪ آهن، پر کين اڄ وساريو ويو آهي. اهڙوئي هڪڙو غير معروف شاعر جو تذڪرو نه ڪرڻ به پڙهندڙن سان زيادتي ٿي سگهي ٿي. هالا جي ڀرسان پير بلاولي جي مُقام ۾ ابدي ننڊ سُتل راضي فقير به پنهنجي نرالي شعري ڍنگ سبب اهميت رکي ٿو. راضي فقير ذات جو لاشاري هو، سندس جنم به اتفاقاً 12 ربيع الاول 1317هه/ 1899ع تي ٿيو ۽ اپريل 1964 ۾ هيءَ جهان ڇڏيائين. پاڻ شاهه عبداللطيف سان والهانه عقيدت ۽ محبت رکندڙ هو ۽ ان ئي اثر هيٺ راضي فقير، شاهه جي رسالي جي تتبع تي 13 سو کن بيتن ۽ واين جو رسالو جوڙيو، جيڪو ويجھڙائي واري دور ۾ شايع ٿيو آهي. هن رسالي ۾ ڪيترن ئي جاين تي نعتيه بيت آيل آهن، جن مان نموني طور هت ڪجهه پيش ڪجن ٿا.

    جوڙي جوڙ جهان جي، پاڻ ڪيائين پسند
    خاوند خاص خلقيو، موچارو محمدؐ
    ”انا مولاڪ وانت محبوبي“، صحي چيو صمد
    راهه وٺائي رند، جوڙيائين جوڙ جهان جي

    ”وحده لاشريڪ لہ“، جن اُتو ڏينهن ازل
    تن مڃيو محمدؐ ڪارڻي، مٺو مير مرسل
    ان تان خوف خلل، مولا مڙيئي معاف ڪيا

    محبوب مُحمدؐ ڪرين، ٻيو مڙئي مجاز
    نوراني نماز، پسڻ آهي پرين جو
    هن وقت تائين هالا جي شاعرن جو تذڪرو ڪندا آيا آهيون، پر اسان کي هالا ۾ مذهبي شاعريءَ جي حوالي سان هڪ مڪمل ادبي تنظيم پڻ ملي ٿي، جيڪا هالا جي ادبي اتهاس ۾ پهرئين ادبي تنظيم جو درجو رکندڙ ”انجمن مولود النبيؐ “سنه 1916ع ۾ جڙي. هن تنظيم جا اڳواڻ هئا الحاج پيرو محمد ”سائل“، جان محمد ”اضعف هالائي“، حاجي علي محمد متقي ۽ انجم هالائي، هن تنظيم جي پليٽ فارم تان هالا ۾ خاص طرح مولودن ۽ نعتن جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون. هالا ۾ هيءَ پنهنجي نوعيت جي پهرين ادبي تنظيم آهي، جنهن خاص هڪ مقصد لاءِ ڪردار ادا ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي هالا ۾ اها روايت بڻجي وئي ته ربيع الاول جي مهيني سان گڏوگڏ شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعي تي مولود ۽ نعت جون محفلون منعقد ڪيون وينديون هيون ۽ اهو اثر گهڻو عرصو هالا ۾ موجود رهيو.
    تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان اسان کي سنڌ جي هڪ قديم علمي مرڪز هالا جو هڪ منفرد عڪس نظر آيو آهي، جنهن ۾ ان فطري جذبي جو هجڻ به عام آهي جنهن تحت اسان آقاءِ دوجهان حضرت محمد ﷺ جن سان عقيدت ۽ محبت رکون ٿا ۽ ان عقيدت ۽ محبت ۾ اسان ڪڏهن ڪائنات جي ان عظيم هستي جي ثنا ۽ صفت بيان ڪري نه سگهنداسين بقول هالا جي آڳاٽي شاعر مير محمد ”مادح“ جي:

    بدليو زمانو جَهَل جو، جنهن نگاهه سان
    ان جي نگاههِ نور ۾، نورهديٰ جو شان
    مدح محمديؐ جي، نه ”مادح“ کي ڪا مجال
    ڪيئن ٿئي ادا زبان سان، رسولِ خدا جو شان.

    (ٽماهي مهراڻ، 4/2012)


    سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت

     مخدوم امين پکن ڌڻي ۽ مخدوم طالب الموليٰ:
    سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت


    سنڌ جي مٽيءَ جي خمير ۾ ڪي عجيب عنصر موجود آهن، جيڪو هتان جو آهي، اهو نرالو آهي ۽ جيڪو هتي ٻاهران آيو، اهو اُن ۾ جذب ٿي، ڪانه ڪا نئين صورت اختيار ڪريو وٺي. هيءَ ڳالهه فقط سنڌ جي روايتن، ريتن رسمن، مزاج توڙي علم ۽ ادب، شعر ۽ شاعري، فني هيئتن جي پس منظر ۾ ڪجي ٿي. ادب ۾ روايت، بنياد جو ڪم ڏيندي آهي. وقت ۽ حالتن جي تبديل ٿيڻ سان روايت جو بنياد پختو به ٿيندو آهي ته اُها جدت ڏانهن سفر به ڪندي آهي. روايت کي جدت سان ملي جلي هلڻ لازم آهي. سنڌي ادب اِن حوالي سان پنهنجو شاندار علمي ورثو رکي ٿو. ان جي روايت جا بنياد پختا ۽ جدت سان همڪنار آهن. اڄ جي ترقي پسند ۽ محب وطن شاعرن، سنڌ جي آڳاٽين صنفن: خاص طور بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين سر جياري، نئين انداز سان لکي، انهن کي مقبول صنفون بنائي ڇڏيو آهي. هي ٽيئي صنفون، سنڌ جي شاندار ڪلاسيڪي شعري ورثي جون امين آهن، جنهن ۾ سنڌ جي ثقافتي، سماجي، سياسي، معاشي ۽ علمي تاريخ جا اڻ وسرندڙ باب رقم ٿيل آهن. هنن گهاڙيٽن جو جنم به تاريخ جي ڪتابن ۾ ويجهي دور ۾ ئي ٿيل ڏسجي ٿو.
    ڪافيءَ جو جنم، ان جي ارتقا ۽ اوسر سنڌ ۾ ٿي آهي. ان کان پوءِ هن پاڙيسري زبانن جهڙوڪ: سرائڪي، پنجابي ۽ ڪڇيءَ ڏانهن سفر ڪيو ۽ مقبول ٿي. هن صنف جي نالي ۽ ان جي گهاڙيٽن بابت اسان جي عالمن ڪافي علمي بحث ڪيو آهي، پر باوجود ان جي هن صنف جي مقبول عام ٿيڻ ۾ هر دور جي حالتن جو هٿ رهيو آهي. ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۽ ان جي موضوعن ۽ مضمونن ۾ موجود وسعت ۾ هن صنف جو جنم ۽ ارتقا لڪل آهي. هر شاعر پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿئي ٿو ۽ ان جي اها سوچ ان جي اظهار مان ظاهر به ٿئي ٿي. خيال جڏهن لفظن جي صورت اختيار ڪندو آهي ته اهو پاڻ سان پنهنجو شعري سانچو (هيئت) به کڻي ايندو آهي. ان وقت شاعر شعوري طور ڪابه ڪوشش ڪري نه سگهندو آهي، بلڪ سندس احساس ۽ جذبا جڏهن سندس سوچن ۽ خيالن جي صورتگري ڏانهن وڌندا آهن ته ان جي ذهن ۾ نقش ٿيل ”شعري هيئتون“ ان جي احساسن جي خوشبوئن سان واسجي ۽ نکري نروار ٿينديون آهن، هن نُڪتي کي سرائڪي اديب محترم حفيظ خان پنهنجي ڪتاب ”کافي واديء سندهه کي شعوري تاريخ“ ۾ هن طرح آندو آهي:
    ”کافی نہ تو کوئی مخصوص شعری ہیئت ہے، نہ کلاسیکل موضوع، نہ خاص انداز کی گائکی اور نا ہی کوئی سماجی اجارہ داری، کافی تو ایک مزاج ہے، بولتا ہوا رَويہ ہے، ابدی مکاشفے کا ورثہ ہے، جو اس مزاج کی فریکوئنسی پر ٹیون ہوئے شاعر پر کسی عطا کے لمحے مین اترتا ہے، اور اپنی طبعی حیات جینے کے بعد وہ شاعر اس ورثے کو اپنے اثاثے کے اضافے کے ساتھ آگے منتقل کردیتا ہے۔ ”کافی“ کے واسطے کسی مخصوص زبان کی بھی قطعی ضرورت نہیں، کافی کسی بھی زبان میں، کسی بھی رسم الخط میں ہو، ”کافی“ ہی رہے گی، بشرطیکہ وہ رب، انسان اور کائنات کے ابدی تعلق کو بدلتے ہوئے زمانوں میں بھی نت نئی فکری توجیہات اور کرشما ساز محبت کے مضامیں کے وسیلے سے مستحکم رکھے“(ص 50)
    هن اقتباس مان اسان کي ڪافيءَ جي وسعت اڃا به وڌيڪ نظر اچڻ لڳي ٿي، جهڙيءَ ريت ڪافيءَ جي فن، فڪر ۽ گائڪيءَ ۾ تبديليون اچي رهيون آهن يا آنديون پيون وڃن، ان مان اڳتي هلي حفيظ خان جي ڳالهه کي سؤ فيصد حمايت حاصل ٿيندي. ڪافي اسان جي مزاج جو حصو ڪالهه به هئي ۽ اڄ به آهي ۽ اسان جي شاعرن ان ۾ هر پهلوءَ کان پوءِ، ڀلي اهو فني هجي يا فڪري خوبصورتي پيدا ڪئي آهي.
    هنن صفحن ۾ برصغير جي روحاني، علمي ۽ ادبي خاندان طور سڃاتي ويندڙ هالا جي”سروري خاندان“ ۾ ڪافيءَ جي ٻن وڏن شاعرن مخدوم امين محمد ”پکن ڌڻي“ ۽ مخدوم زمان طالب الموليٰ جي ڪافين بابت ڪجهه گفتگو ڪئي ويندي:
    سروري خاندان ۾ علم، ادب ۽ شعر، شاعريءَ جي روايت حضرت مخدوم نوحرحه کان شروع ٿيل ڏسجي ٿي. مخدوم صاحب جو ڪيل قرآن شريف جو فارسي زبان ۾ ترجمو ۽ هٿ آيل ”ست سنڌي بيت“ ان ڳالهه جو مضبوط دليل آهن، ان کان سواءِ مخدوم نوحرحه جي پوٽي مخدوم فتح محمد جو تصوف بابت فارسي زبان ۾ ”رساله فتحيه“ پڻ نادر نمونو آهي. هن خاندان جتي روحانيت ۽ تصوف جا باڪمال شخص پيدا ڪيا، اُتي ان ئي خاندان مان سنڌي شاعريءَ جي قديم روايتن سان لاڳاپيل شخص به پيدا ٿيندا رهيا. اهڙن قديم شعري روايتن ۾ ”بيت ۽ ڪافي“ خاص طور شامل آهن. مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“ ۽ مخدوم طالب الموليٰ، سنڌي شاعريءَ جي هن روايت سان جڙيل ٻه اهم نالا آهن. هت مختصر طور هنن ٻنهي شاعرن جي ڪافين جو جائزو پيش ڪجي ٿو:

    مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“:

    مخدوم محمد امين پکن ڌڻي، پنهنجي دور جو ڪافيءَ جو اهم شاعر ٿي گذريو آهي. سندن ڪتاب ”ڪليات امين“ ۾ ڪل ٽيهه سنڌي ۽ ارڙهن سرائڪي ڪافيون موجود آهن، جيڪي فن ۽ فڪر جي حوالي سان اهم آهن. فني طرح سندس سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون هڪوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي ڪافيءَ جي هيئت ۾ چيل آهن، جن ۾ ڪن ٻيڻين ۽ ٽيڻين ڪافين جا ٿلهه وري هڪ سٽا آهن ته گڏوگڏ انهن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان انفراديت پيدا ڪئي وئي آهي. هن کان اڳ سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي ردوبدل سان سچل سرمست پهريون ڀيرو سٺ کان وڌيڪ نمونا ايجاد ڪيا هئا، جن جي کانئس پوءِ جي شاعرن پيروي ڪئي.
    هتي مخدوم امين سائينءَ جي ڪافين جي گهاڙيٽن جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
    هيڪوڻي ڪافيءَ جي هيئت واريون ڪجهه ڪافيون، مخدوم صاحب وٽ ملن ٿيون، جن جا ٿلهه ۽ بند هڪ سٽا آهن. ٿلهه جو پهريون پد ۽ مصرع جو آخري پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن:

    ٿلهه: ماندو مون مهمان، ڪالهه هئا جي ڪاپڙي،
    بند: سنڱ ساميئڙن جا، هالين ٻُجهن هاڻ.
    (ڪليات امين، ص 131)

    ڏيڍي ڪافيءَ جا به مثال اسان کي ”ڪليات امين“ ۾ ملن ٿا. ڏيڍي ڪافيءَ جو ٿلهه هڪ سٽو ۽ بند ڏيڍو آهي. ٿلهه جو آخري پد مصرع جي وراڻيءَ سان همه قافيه آهي، جنهن جي پڇاڙيءَ ۾ رديف به استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته هر مصرع جو جدا جدا پهريون ۽ ٻيو پد همه قافيه آهن:

    ٿلهه: جانب جدائي ڇاهي، آءَ، مهل هيءَ ملڻ جي!
    بند: اميد اوهان جي آهيان، سا لوڏ ڪيئن لڪايان،

    سهڻا سچي سُخن جي!
    (ص 139)

    ٻيڻي ڪافيءَ جا ٿلهه هڪ سٽا ۽ بند ٻيڻا آهن، جن ۾ قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا ٺاهيا ويا آهن:

    ٿلهه: سڪ ساهڙ جي سِڌاري، وڌي سيني عشق اڀاري،
    بند: سُرڪي پيتائون سُور جي
    تنهن ڳاراڻي ٿي ڳاري، ڪيائون پرت پناري.
    (ص 131)

    هن جي ٿلهه ۽ بند ۾ قافييءَ سان گڏ رديف به آيل آهي.

    ٿلهه: جانب جدائي لاهي، ڪر مون اچي ملڻ جي،
    بند: ساجن اوهان کي ساريان، نت واٽڙيون نهاريان.
    ڏينهڙا گهنگهر گذاريان، اچي واهر ڪر وِلهين جي.

    (ص 134)

    هن جو ٿلهه به ٻه سٽو آهي:

    ٿلهه: بانگِ الست ربي، چئي عشق جن تي آيو،
    مــــيدان معرفت ۾، ڪونتل تنين ڪُڏايو.
    بند: ڏسي عشق جا اشارا، وِهندا سي ڪئين وچارا،
    نــيڻين وهـــائي نـــارا، هَئي هَيء جو هُل مچايو.
    (ص 137)

    ٽيڻي ڪافيءَ جو ٿلهه ٻن پدن وارو ۽ بند هڪ هڪ پد جو ٽن سٽن جو آهي. هر سٽ جو هڪ ئي پد رکيو ويو آهي. ٿلهه جو آخري پد بند جي ٽئين پد سان همه قافيه آهي، جڏهن ته هر بند جون جدا جدا پهرئين ۽ ٻئي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.

    ٿلهه: جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي!
    بند: هـــــنودي بتـخــــاني آيـــا،
    ترڪن طعنا تن تي لايا،
    پريم پٿر ۾ ناهي ناهي!
    (ص 133)

    چئوڻي ڪافيءَ ۾ پڻ قافين جي مٽ سٽ سان ڪجهه نمونا جوڙيا ويا آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه چئن پدن ۽ ٻن سٽن جو آهي ۽ بند هڪ هڪ پد جو چار سٽو آهي:

    ٿلهه: عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي، يارو!
    عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي، يارو!

    بند: عـــشق آڻــي ڪـيا دل ۾ ٿاڻا،
    تـــسبيــح تــقويٰ اٿـــــي اڏاڻا،
    مــــور ڇــــــڏي ويــا مـاڻا ٽاڻا،
    راز ڏسي سڀ رنگـي يارو!
    (ص 136)

    ”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافين جي گهاڙيٽن مان هت چند مثال ڏنا ويا آهن، جن مان اسان کي هن صاحب جي فني وسعت جو پتو پوي ٿو. جن مان ”يڪي ڪافي“ جو پهريون ۽ ٻيڻي ڪافيءَ جي ٻئي ۽ ٽئي مثال وارين ڪافين جا گهاڙيٽا، هن کان پهرين سچل سائينءَ جي رسالي ۾ ملن ٿا.
    ”ڪافي“ بنيادي طور راڳ سان تعلق رکي ٿي. مخدوم صاحب جون ڪافيون به مختلف راڳن ۽ راڳڻين جي قالب ۾ اوتيل آهن. پندرهن مختلف راڳن ۾ سندن اٺيتاليهه (48) سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون موجود آهن. جن ۾ ”آسا“ ۽ ”ڪلنگڙي“ ۾ هڪ هڪ سنڌي، ”ڀيرويءَ“ ۾ چار سنڌي، هڪ سرائڪي، ”ٽوڙي گنڌاريءَ“ ۾ هڪ سنڌي، ٻه سرائڪي، ”تلنگ“ ۾ چار سنڌي ٻه سرائڪي، ”ڪاريهل“ ۾ ٽي سنڌي، ”جوڳ“ ۾ پنج سنڌي هڪ سرائڪي، ”ڪوهياريءَ“ ۾ پنج سنڌي، ”ڀوپالي ڪلياڻ“ ۽ ”ڪلياڻ“ ۾ هڪ هڪ سنڌي، ”ڀاڳيسريءَ“ ۾ ٻه سنڌي، ”کنڀات“ ۾ ٻه سنڌي ۽ ست سرائڪي، ”کنڀات ڪماچ“ ۾ هڪ سرائڪي، ”گجراتيءَ“ ۾ ٻه سرائڪي ۽ ”ڪاريهر ڪيدار“ ۾ ٻه سرائڪي ڪافيون موجود آهن.
    موضوعاتي طور مخدوم صاحب جون ڪافيون حُسن ۽ عشق، مجاز، حقيقت، وحدت الوجود جهڙن بيانن ۾ اڻيل آهن. مجاز، حقيقت ڏانهن ويندڙ رستو آهي. عشق، انساني جبلتن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. حُسن کي پسڻ ۽ پسند ڪرڻ اُن جبلت جي پٺيان وارو جذبو آهي. جبلت سان گڏ جذبي جو هجڻ به لازمي آهي. جماليات پسندي، انسان کي حساسيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. سموري ڪائنات ۾ سُونهن ۽ سُرهاڻ جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. ”پکن ڌڻي“ اکين جي متعلق چوي ٿو:

    اکيون تنهن جون ڪجليون ڪاريون،
    ڌاڙي ڪـــــــــارڻ دلبــــــــر ڌاريـــون.
    هو گهر اجاڙن گليون، يار!
    ”امين محــــمـــد“ اکــــڙيون رڙيـــون،
    زلف زنجير، قــلابـــيـــن ڙيــــون.
    وه ڪين ڇٽن سي جهليون، يار!

    (ص 132)
    هن ڪاڪل قهري ڪمند ۾، برهه جي بازار ٿئي،
    عاشق هجين تان سر اُڇل، درشن جي درڪار ٿئي.

    (ص 154)
    عاشق کي، سڄڻ جي سڪ ۾ سڪندي، سورهن سال گذري وڃن ٿا- پکن ڌڻيءَ جي هن ڪافيءَ ۾ اهو تذڪرو پڙهڻ جهڙو آهي:

    زلف جي ڦاهيءَ ۾ ڦاسڻ جو، فڪر في الحال آهه!
    ساهه سر صدقو ڪريان، هي محب تنهنجو مال آهه.
    عشق جي عينن اڃاين جو، جيئڻ جنجال آهه.
    اي ”امين محمد“ سڄڻ لئي، سڪندي سورهون سال آهه!

    (ص 4-153)

    عشق جي اپٽار ڪندي ”پکن ڌڻي“ پاڻ کان اڳ جي شاعر قادربخش ”بيدل“ جي هيٺينءَ ڪافيءَ جي بلڪل ڀران ڪافي چئي آهي:

    بيدل: عقل جو ويو اختيار، عشق اَنَاالۡحَق جو دم ماريو!
    عشق عقل جي لڳي لڙائي، عشق کٽي، جنگ عقل هارائي،
    هـــيڪل هـــــڪ هـــسوار، ڪـــيڏي ڪـــٽــڪ کــي برهه ڀڄايو آ.
    (ديوان بيدل)
    امين سائين چئي ٿو:

    عشق آندا سامان سينگاري، جلد بهادر جنگي يارو!
    عقل هليو اسباب اٿاري، مرد مبارڪ ننگي يارو!

    (136)
    عشق جي منزل اڻانگي، پيچرا دشوار، رڳو رائو رُڃ، پنهنجي رت سان وضو ڪري، پوءِ يار جي سامهون پيش ٿيڻ. هي سمورا مرحلا ۽ معاملا ٿڪائيندڙ ۽ جسم جي اذيت کان اڳتي روح جي ڳلين ۾ ڀٽڪڻ جهڙا آهن ۽ پوءِ جيڪا واٽ ان حالت ۾ ڳولي لهن ٿا، اها بندي کي مجاز کان حقيقت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. ”پکن ڌڻي“ تن کي تَسيا ڏئي، من اندر ۾ ”حق“ جي حقيقت لهڻ لاءِ اڪيلائيءَ ۽ ويراني ۾ مجاهدا ڪندو رهيو. جنهن جاءِ تي عبادت ۽ رياضت ۾ مشغول رهيو، اهو علائقو ”راهونڊ“ جي نالي سان موجود آهي، جتي پاڻ فقيراڻا پکا اڏيا هئائون. پکا ڇا آهن؟ مٽيءَ جو هڪ دڙو آهي، ڀرسان مسجد شريف ۽ هڪ کوهه موجود آهي. دڙي تي اڪيلائيءَ ۾ ويهي حق تعاليٰ جي رازن رمزن تي ويچار ڪندا هئا. جنهن ڪري کين ”پکن ڌڻي“ به سڏيو وڃي ٿو. سندس ڪافين ۾ فلسفه وحدت الوجود جو ذڪر ڪجهه هن طرح موجود آهي:
    آک ”اَنَاالۡحَق“ ٿي اظهار،
    وڃ وحدت وچ ملڪ مٽيندا!

    وحدت وجود وڃا ڪر ويکو، اي سيان، جوانو، شيخو،
    ”لا“ دي لذت پاوي جيڪو، جان جسم ڪري ننگ نثار!
    همت هُوَڻ دي پاڙ پٽيندا!
    (ص 188)

    ”پکن ڌڻي“، حسين بن منصور ”حلاج“ جو ذڪر به ڪيترين جاين تي ڪندو نظر اچي ٿو:
    • ماڙيءَ تي منصور حوران دي، چڙهه ڪر چاش چکيوي (ص 188)
    الله هو ڪر عبدي والي، من ڪي مرگهه مريوي!
    • جسمي حال ”حلاج“ سڏاڪر، آڻ اناالحق ڳاوين (ص 188)
    • مئن اهو مَنصور ڪُهايا، جنهن اناالحق آڻ الايا (ص 191)
    • آک ”اناالحق“ آپ ڪهايم. (ص 185)
    • سر تي حال حلاج دا چايو سي (ص 180)
    ”پکن ڌڻي“ انسانيت جي اعليٰ فڪر جو قائل هو. هن ڄاتو ٿي ته سنڌ کي ان دور ۾ متحد ٿيڻ جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته سندس دور ۾ سنڌ مٿان ڌاريان حڪمران قابض هئا، تنهن ڪري سنڌ ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏئي رهي هئي، ان صورت ۾ ضروري هو ته اول ته هتان جي سمورن ماڻهن کي رنگ، نسل، مذهب ۽ فرقي جي بنياد تي ورهائجڻ کان بچائجي. انهن کي هڪ ڪجي ته جيئن سنڌ جي ”قومي وحدت“ کي ٻيهر حاصل ڪرڻ ۾ اڳڀرو ٿي سگهجي. پکن ڌڻيءَ، پنهنجي شاعريءَ کي قوم جي وحدت لاءِ استعمال ڪيو هو. چوي ٿو:

    وچ مســــــجـــد مـــيخــــاني اوئـــي،
    بتــخــــانـــي وچ اور نـــه ڪــــوئي،
    جـس ول ويکون سمجهون سوئي،
    چوڏس چارا هي چندو ڪا!
    (ص 192)

    ڪــــٿ هـنـدو، ڪـٿــان مــؤمن مــــذهـب،
    مئن هون ٺاڪر، دواري مئن دل هون!
    (ص 193)

    جي ميخاني ملندو مولا، بتخاني ۾ ڇاهي ڇاهي؟

    هــــنودي بـــــتخــــــاني آيا،
    ترڪن طعنا تن تي لايا،
    پريم پٿر ۾ ناهي ناهي!
    (ص 133)
    سنڌ جي بيباڪ شاعر سچل سرمست به ماڻهن کي فرقن ۽ مذهبن ۾ ورهائجڻ کان روڪيو ۽ کين هڪ ٿيڻ جي ڳالهه چئي هئي:

    وقت اها ٿئي ويل، دُوئي دور ڪرڻ جي،
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل،

    هندو مؤمن سان ملي، محبت جا ڪر ميل،
    متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي.
    (عاشقي الهام، ص284)
    ”پکن ڌڻي“ انسان جي اعليٰ رتبي جو قائل آهي. انسان ڪائنات ۾ سمورين مخلوقات ۾ عقل، سمجهه، شعور، ساڃاهه سبب اعليٰ، اشرف، اتم آهي، تنهن ڪري کيس اهڙن ڪمن ۾ نه ڦاسجڻ گهرجي، جنهن سان سندس مان ۽ مرتبي ۾ فرق اچي. سچل سائينءَ جي ڪلام ۾ ان نُڪتي کي وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي. سچل جي هڪ اهڙي ئي ڪافيءَ جي ڀَران ”پکن ڌڻي“ سائينءَ هيءَ ڪافي چئي آهي:

    سچل: سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،
    مار نغارا ”اَنَاالۡحَـق“ دا، سولي سر چڙهيجي.
    (رسالو سچل سرمست)

    پکن ڌڻي: سو ڪـــــوئي ڪـــام ڪـــريوي،
    جنهن وچ خاص خدا خود ٿيوي.

    ماڙي تي منصور حوران دي، چڙهه ڪر چاش چکيوي. (ص8-187)

    ”ڪليات امين“ ۾ موجود ڪافي ”آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار“. سچل سائينءَ جي ڪافي ”دم دم جا ديدار وو، اپر اسان جي نار تي“ جو تتبع آهي. هت ٻئي ڪافيون ڏجن ٿيون.

    سچل سرمست:


    دم دم جا ديدار وو، اپر اسان جي ”نار“ تي،
    بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالهه ڪريان آئون ڪيهي،
    وهن ڌارو ڌار، ”ڳاڌيءَ“ جي ڳٽڪار تي!
    ”ڀاروني“ هڪڙي چُڪريون ٻيئي، ”آرا“ انهن جا آهن اِهي ئي.
    وهن بارو بار وو، لٺ واري للڪار تي.
    ”ڦرهيون“، ”ونگڙون“ آهن اوڀاريون، ”اِرڙيون“ سرنهن ”مالهه“ موچاريون،
    ”جهلڻ” جا جهلڪار، وو، ”لوٽن“ واري ڌڌڪار تي.
    ڍڍي چونڪ، جوئر جا نسري، ڳنا تنهن جا ماکي مصري،
    کِيرُن جا به خمار، وو، آهن پيهيءَ واري پونجارتي!
    ڪانگن ڪانگيرو، وهين واهيرو، ڪٻرين، ڳيرن ڪيو اچي گهيرو،
    ڳوڙهن جا وسڪار، وو، جهرڪين جي جنسار تي!

    آيو ”نيسر“، ”پاڙڇ“ ۾ پاڻي، مرشد اچي ٿيڙم ساڻي،
    سا جوئر پچايم جار، وو، آهن ڪم ”سچل“ جا ڪلتار تي.
    (رسالو سچل سرمست 514)

    پکن ڌڻي:
    آهي دم دم جو ديدار، آهي پلپل جو ديدار،

    منڊل اسان جي نار تي!

    بگا ڏاند ٻڌاسون ٻيئي، هڪل تني جي پري وڃي پيئي،
    وهن ٿا ڌارو ڌار، ڳاڌيءَ واري ڳٽڪار تي!

    چوئي پاسي چڪريون سڀئي، ارڙا تني جا ساڳيا سيئي،
    ”لوٽن“ جي لارو لار، ”لٺڙي“ وهي للڪار تي.

    ڊڍا چونڪ جهلي وڃي نسريون، ڳناتن جا ماکي مصريون،
    پڄي ٿيا تارو تار، پيهي واريءَ پوڪار تي.

    ”امين محمد“ اميد آهي، لس لابارا ڇڏيائون لاهي،
    ڳوڌن ڳاهه ڇڏئا وڃي ڳاهي، وائر جي وسڪار، داڻا کڻو درڪار تي.
    (ص 2-151)

    مخدوم امين ”پکن ڌڻيءَ“ جي ڪافي فڪر ۽ فن جي حوالي سان اهم آهي. هن جون ڪافيون گهٽ ملن ٿيون، پر فني پختگيءَ جي بنياد تي اسان کيس سنڌ جي اهم ”ڪافي گو شاعرن“ ۾ ڳڻي سگهون ٿا. سندس ڪافين جو تتبع به ان دور ۾ ڪيو ويو، اهڙن شاعرن جا ڪجهه مثال ”ڪليات امين“ ۾ پروفيسر محبوب علي چنه جمع ڪيا آهن، جن موجب حسن بخش شاهه ڊٺڙي وارو، نواب ولي محمد لغاري، مرزا قليچ بيگ، صالح شاهه راڻيپور وارو ۽ فقير محمد کٽياڻ خاص طور شامل آهن.



    مخدوم طالب المولى:
    سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت جيتوڻيڪ مخدوم محمد امين ”پکن ڌڻي“ کان شروع ٿي، پر ان کي عروج تي مخدوم طالب الموليٰ سائينءَ جن پهچايو. هن هڪ ئي وقت عروضي شاعريءَ سان به نڀايو، گڏوگڏ سنڌي شاعريءَ جي ديسي صنفن بيت ۽ ڪافيءَ سان به خوب نڀايو. مخدوم صاحب ڪافيءَ ۾ نوان تجربا ڪري، ان کي جديد ڪافيءَ جو رنگ ڏنو. موسيقيت، رواني ۽ سادي اسلوب سبب سندس ڪافي منفرد شڪل اختيار ڪري بيٺي آهي. سندن ڪافين جو ذخيرو ”ڪچڪول طالب“، ”بي پير اکيون“، ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ ۽ ”آب حيات“ ڪتابن ۾ موجود آهن. هنن ڪتابن ۾ مخدوم صاحب جون لکيل ٻيون صنفون غزل، بيت، مخمس وغيره به شامل آهن، جڏهن ته انهن ۾ ڪافين کي دور مطابق هڪ هنڌ يڪجا ڪرڻ سان اسان مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو فني ۽ فڪري تجزيو آسانيءَ سان ڪري سگهنداسين.
    ڪافي سنڌ جي آڳاٽين شعري صنفن ۾ شمار ٿئي ٿي. هن صنف جو باقاعدي ترتيب وار اڀياس اسان کي سنڌ جي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ معاشي حالتن کي سمجهڻ ۾ به وڏي مدد ڏئي سگهي ٿو. هن صنف جو پکڙجڻ ۽ عام ۾ مقبول ٿيڻ به هن صنف جي وسعت کي ظاهر ڪري ٿو. مخدوم طالب الموليٰ عروض سان ڀرپور نڀائيندي ڪافيءَ جهڙي ديسي صنف کي اختيار ڪيو، ان جو هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته جنهن به شاعر جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کتل آهن، اهو روايت کان منهن نه ٿو موڙي سگهي، بلڪ روايت کي جدت سان ڳنڍي ٿو. روايتن سان جڙيل گهاڙيٽن کي اختيار ڪري، ان جي فن ۾ وسعت پيدا ڪري ٿو ته ٻئي طرف ان ۾ نوان نوان موضوع شامل ڪري موضوعن ۽ مضمونن جي رنگيني پيدا ڪري ٿو. مخدوم صاحب به ساڳيءَ طرح ڪيو آهي. هن ڪافيءَ جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان ان کي فروغ ڏنو آهي ته ٻئي طرف ان ۾ موضوعن، مضمونن ۽ مختلف ٻولين جي لفظن جي آميزش سان خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، سندس ڪافي يڪي، ڏيڍي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چؤڻي آهي. هي ڪافين جا عام گهاڙيٽا آهن. هن ۾ نواڻ قافين جي مٽاسٽا ۽ مضمون سان پيدا ڪئي ويندي آهي. مخدوم صاحب موسيقي شناس هو، پاڻ هارمونيم وڄائي ڄاڻندو هو. کيس راڳن ۽ اُن جي ٺاٺن جي چڱي خاصي ڄاڻ هئي. تنهن ڪري سندن ڪافيون به مختلف سُرن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ آسا، ڀيروي، گنڌاري، سنڌي ڌناسري، تلنگ، لوڙائو، پِيلو، ڪسوري، پهاڙي، جوڳ، مانجهه، ڪوهياري، راڻو، بهاڳ، درباري، کنڀات، جهنگلو، بلاول ۽ ٻيا سُر شامل آهن. مخدوم امين پکن ڌڻيءَ جي ”ڪليات امين“ ۾ شامل ڪافيون به مخدوم طالب الموليٰ مختلف سُرن ۾ ترتيب ڏئي رکيون هيون.
    شاعريءَ جي ڪنهن به صنف جو گهاڙيٽو وڏي اهميت رکندو آهي. اُن لاءِ ان جي سمجهه شاعر لاءِ بيحد ضروري آهي ۽ جيڪي شاعر صنفن جي فن تي دسترس رکندا آهن، اهي ئي انهن ۾ تبديليون آڻيندا ۽ نوان تجربا ڪندا آهن. سچل سائين ڪافيءَ جو اهو پهريون شاعر آهي، جنهن اُن جي گهاڙيٽن ۾ قافين جي مٽاسٽا سان تبديليون پيدا ڪري، هن صنف جي حوالي سان ايندڙ شاعرن لاءِ نوان گس جوڙيا. هن جا اهي تجربا ڪامياب ثابت ٿيا، تنهن ڪري سنڌي شاعريءَ جي صنفن مان جيترا فني تجربا ڪافيءَ جي هيئت ۾ ٿيا، شايد ڪنهن به صنفي هيئت ۾ نه ٿيا هوندا ۽ ڪافيءَ جي مقبول عام ٿيڻ جو اِهو به ڪارڻ آهي.
    مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ جتي يڪي، ڏيڍوڻي، ٻيڻي، ٽيڻي ۽ چئوڻي جا گهاڙيٽا شامل آهن، ته انهن ۾ هن قافين جي مٽاسٽا ۽ ٿلهه جي سٽن توڙي تُڪن جي گهٽ وڌائيءَ جهڙا تجربا به ڪيا آهن. هتي مختصر طور اهڙا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:
    مخدوم صاحب جي ڪافين ۾ يڪي ڪافيءَ جا به نمونا موجود آهن. هن ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند هڪ هڪ سٽ ۽ ٻن تُڪن جا آهن، جن جي ٿلهه جي پهرينءَ تُڪ ۽ بند جي آخري پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو آندل آهي:

    ٿلهه: هرجا حاضر ناظر، مولا جنهن جو آهي،

    بند: طالب! مولا مليو طلب توحيدي، الا اعليٰ شان اڪابر.
    (ڪچڪولِ طالب، ص 32)

    ڏيڍوڻي ڪافيءَ جا نمونا به طالب الموليٰ وٽ موجود آهن، هن مشهور ڪافيءَ جو ٿلهه چئن تڪن ۽ ٻن سٽن جو آهي، جڏهن ته بند جي سٽ ٻن تُڪن جي آهي، هڪ پد واري سٽ وراڻيءَ طور آندي وئي آهي. قافيو ٿلهه جي پهرئينءَ تڪ ۽ بند جي ٽين تڪ يعني وراڻيءَ ۾ آيل آهي. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو ۽ چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن، جن جو بند سان ڪو تعلق ناهي. هن ڪافيءَ جي گائيڪيءَ جي خوبصورتي، ان جي بندن سان گڏوگڏ ٿلهه جي قافين ۾ لڪل آهي:

    ٿلهه: سهڻل جا سينگار وهوا، دل کي وڻن ٿا،
    دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا: ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا.
    بند: نڪ نجيب جو ننڍڙو ننڍڙو، سنهڙو سنهڙو ڪُنڍڙو ڪنڍڙو،
    رنگ ڀريا رخسار.
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 339)

    ٻيڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا اسان جي هن شاعر وٽ موجود آهن. هن هيٺينءَ ڪافيءَ جو ٿلهه توڙي بند، ٻن ٻن سٽن ۽ چئن چئن پدن جا آهن، جن ۾ ٿلهه جو ٻيو، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن ان سان گڏ رديف به ڪم آندل آهي. هن قسم جون ڪافيون هوبهو غزل جهڙيون لڳن ٿيون، فرق فقط وزن جو رهي ٿو. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

    ٿلهه: مــــست الفت ۾ ڪيا ڪئين ورهه ويچارا هڻي،
    پــرت ســان ڪــيڙا پڌر ڌڪ درد دل وارا هڻي.

    بند: درد وارن جـــي او ســـــهـــڻا، ويـــڄ واهــــر ڇــا ڪندا.
    چاڙهه چاڙهيءَ مان سڄڻ، تون تن کي ڇُوڪارا هڻي!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 352)
    اڍائيوڻي ڪافيءَ جو نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. جنهن جو ٿلهه توڙي بند پنجن تڪن ۽ اڍائي سٽن جا آهن. ٿلهه جو پهريون، چوٿون ۽ بند جو چوٿون پد پاڻ ۾ همه قافيه آهن. جڏهن ته ٿلهه جو ٻيو پد، ٿلهه توڙي هر بند جي وراڻيءَ طور استعمال ڪري خيال تي زور ڏئي منجهس موسيقيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. هي ڪافي مخدوم صاحب 2 اپريل 1948ع تي لکي هئي.

    ٿلهه: آ يار دلربا تون، محبوب مهلقا تون،
    توکان جدا ڪريان ڇا، سڀ منهنجا آسرا تون.
    محبوب مهلقا تون!

    بند: دلدار يار جاني، ڇا قرب جي ڪندين ڪا، مون ساڻ مهرباني،
    شــــب روز پيــــو نــــهاريان، ڪـــنهن دم، ڪـــندين عــطا تون.
    محبوب مهلقا تون.
    (ڪچڪولِ طالب، ص 30)

    هن ڪافيءَ ۾ عروضي وزن مفعول فاعلاتن، مفعول فاعلاتن، ڪم آندل آهي.
    ٽيڻي ڪافيءَ جو به نمونو به مخدوم صاحب وٽ موجود آهي. هن ڪافيءَ جو ٿلهه ٻن سٽن ۽ بند ٽن سٽن ۽ هڪ هڪ پد جو آهي، قافيو ٿلهه جي پهرئين ٻي ۽ بند جي ٽين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ آيل آهي، جڏهن ته هر بند جي پهرين ۽ ٻي سٽ پاڻ ۾ همه قافيه آهن.

    ٿلهه: اکـــين ۾ عـــجيـبـن جون آهن آکاڻيـون،
    سُتيون ڪين ڪڏهين سدوريون سياڻيون،

    بند: نـــهاري نـــــهاري، اهــــي ڪــونه ٿڪيون،
    اصل کان ڪيون پرت، پختيون ۽ پڪيون،
    هو سڪ ۾ سڄڻ جي سراسر ساماڻيون.
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 429)

    چئوڻي ڪافيءَ جا ڪيترائي نمونا مخدوم صاحب وٽ ملن ٿا، جن ۾ قافين جي مٽاسٽا ٿيل آهي. سندن اهڙين ڪافين جا ٿلهه ٻه سٽا ۽ بند چار سٽا آهن، جڏهن ته ڪن ڪافين جا ٿلهه به بند وانگر چار سٽا آهن.

    ٿلهه: مـــينــهن ڪــــريــــن تـــــــون مــتـــان،
    منهنجي اکين سان ريس رئڻ جي!

    بند: موسم جو محتاج تـــــون آهـــــيـــن،
    پنهنجـي وس ۾ هــــرگـــز ناهـــيــن،
    تـــــوکــــــي ڀـــــــلا ڪـــــئــــن مــڃان،
    ڪين وسين ٿو، ڪرين وسڻ جي!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 428)

    هڪ پد واري مٿينءَ ڪافيءَ ۾ قافين جي استعمال، اُن ۾ لئڪاري پيدا ڪئي آهي. چئوڻي ڪافيءَ ۾ چئن سٽن ۽ اٺن پدن واري ٿلهه واري ڪافيءَ جو نمونو هن ريت آهي:

    ٿلهه: ڪري قرب اچڻ، وري موٽي وڃڻ،
    اهــــا رســـم رکــــڻ، اخـتيار نه ڪر!
    هــڪ ڀــيــرو مـلڻ، ڇـــني نـاتو ڇڏڻ،
    مهڻا منهن تي ڏيڻ، اختيار نه ڪر!
    بند: ويــــا ورهه وري، آئـــين ڪونه وري،
    دل درد ڀــــــري، ڳــــڻـتـيـن ۾ ڳــــري،
    ٿي نيٺ چري، منهنجي ڪانه سري،
    هيئن منهڙو مٽڻ، اخـــتيــار نه ڪر!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 369)

    مخدوم صاحب جتي گهاڙيٽن ۾ ڪيتريون تبديليون آڻي خوبصورتي پيدا ڪئي آهي، اُتي سندس هڪ ڪافيءَ جو هيٺيون ٿلهه منفرد انداز سان اسان جو توجهه ڇڪائي رهيو آهي، جنهن جون پنج تڪون آهن ۽ چئني پدن جو پهريون لفظ تبديل ڪري معنيٰ ۽ مفهوم کي سمجهائڻ لاءِ زوردار بڻايو ويو آهي:



    ٿلهه: آبِ حــــيات پيـــار او ســاقــــي،
    ننڍڙن پنهنجن لال لبن ســان،
    سنهڙن پنهنجن لال لبن سان،
    مٺڙن پنهنجن لال لبن ســـان،

    سهڻن پنهنجن لال لبن سـان،
    آب حــيــات پيار او ســـاقـــــي!
    (آب حيات،ص7)
    سندس هڪ ڪافيءَ جي قافين ۾ تصغيريت جو نمونو به موجود آهي:

    ڪِــــئـــن وســاريـــا ويهــي تــو،”قالـوا بَليٰ“ اقرارڙا،
    ڪري ڪين سگهندين، سڄڻ سان عشق ۾ انڪــارڙا.
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، 330)

    مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ توحيد، حبِ رسول، تقويٰ، حقيقي عشق، حُسن ۽ عشق جهڙا موضوع سمايل آهن، هر انسان جي سرشت ۾ الله آڏو جُهڪڻ، ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ، نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي چپي چپي تي ڦهليل فطري حُسن کان متاثر ٿيڻ، انسان جي سونهن پسڻ، ان کي ماڻڻ ۽ ان کي پنهنجي تصوراتي دنيا ۾ سمائڻ جهڙا عنصر موجود رهن ٿا. شاعر اُن معاملي ۾ وڌيڪ حساس ٿئي ٿو، جو هو هر هڪ عنصر کي گهرائيءَ سان پرکڻ بعد پنهنجي تصور ۾ ان کي سمائي، نه رڳو ان جو اثر قبولي ٿو، پر ان کي پنهنجي تخليقي سگهه سان اثر پيدا ڪندڙ پيرائي ۾ اظهاري به ٿو. مخدوم صاحب هر صورت ۾ الله کي پسي ٿو. هر نظر، هر منظر ۾ هڪ ”هو“ ئي آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي:

    هادي حڪمتدار، اِلا الله، سائين آهي سڀ صورت ۾!
    ”ڪل شيءِ“ خود محيط جو آهي، وچ ۾ وار وٿي ڪا ناهي!
    غالـب آهي غفــار اِلا الله، ذات ســمائي ويو صـفات ۾!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 307)

    سمورن صوفي شاعرن مٿئين قسم جو فلسفو بيان ڪيو آهي، گڏوگڏ پاڻ ۾ ان کي ڳولڻ ۽ پوءِ هڪ منزل تي اچي هرشيءِ ۾ حق کي پسڻ جهڙا فلسفا بيان ڪيا آهن. مخدوم صاحب پنهنجي هيٺينءَ ڪافيءَ ۾ ”حق تعاليٰ“ سان جنهن انداز سان مخاطب ٿيو آهي، اهو تخاطب اهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو ان سان بي پناهه محبت رکي ٿو. اها حجت ته اهڙوئي فرد هلائي سگهي ٿو. سچل سرمست به بندي ۽ خالق جي تعلق کي بيباڪيءَ سان اظهاريو آهي، پر هن ڪافيءَ ۾ هي انداز منفرد به آهي ته خوبصورت به!
    نرمل رخ تان لاهه نقاب، لڪندي لڪندي عمر گذاريئي!
    روحن جت هو ميڙ مچايو، پيچ پرين تو تڏهين پايو،
    ورتئي مون کان ”ها“ جو جواب، ڪيئن ٿي پيارا مون کي پڪاريئي!
    سهڻا سائين ياد اٿئي سا، قرب ۾ مون سان ڳالهه ڪيئي جا،
    توئي عجيب ڏنو هي آب، وقت انهيءَ ۾ ويجهو وهاريئي.
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 308)

    ڪافيءَ جو هي انداز نرالو به آهي ته ڇرڪائيندڙ به! هي حجت جو انوکو انداز آهي. اها حجت ته تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن حقيقي عشق جي سُرڪي چکجي. هڪ ٻي ڪافيءَ ۾ مخدوم صاحب جي ان حجت جو ڄڻ ڪو سِرو هٿ پيو اچي، چئي ٿو:

    جن جي سر تي عشق اطهر ٿيو، اچي جلوه نما،
    سي هليا سبحان ڏي، ”هو هو“ جا هونگار هڻي!

    ات فقيري فيض جا، چشما ٿيو جاري پون،
    جت اچي ويهي ٿو، حضرت عشق اوتارا هڻي!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، 352)

    مجاز، شاعريءَ جو هڪ اهڙو موضوع آهي، جيڪو هر شاعر وٽ پنهنجي پنهنجي پئماني ۽ رنگ، ڍنگ سان نروار ٿيل آهي. مخدوم صاحب جي ڪافيءَ ۾ به اهڙو موضوع دلڪش ۽ دلنشين انداز سان موجود آهي. سندس هن مشهور اڍايوڻي ڪافيءَ ۾ سُونهن ۽ سوڀيا کي ظاهر ڪرڻ جو مترنم نمونو ڏسو:

    وار وڪوڙيل ڪنڍڙا ڪارا، سينڌ سڌي پئي ڏي چمڪارا،
    مشڪ سان موهيل خوشبو وارا، تن ۾ گلاب جا گل!

    پرين لڳن ٿا ڏاڍا پيارا!

    واهه جو ٻڌين ٿو ونگيو وانگوڙو، سمجهي سڀڪو نانگ جو جهوڙو،
    تـنهنـجـو قــســم آءٌ نـاهيــان ڪــوڙو، منهنجا محب مٺل!

    ڦڻيون ڪڍيو ڄڻ ڏين ڦوڪارا!
    (ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 338)

    هن ڪافيءَ جو تخاطب مرداڻو آهي، ته وري ڪٿي ڪٿي مخدوم صاحب جي ڪافيءَ جو مخاطب زنانو به آهي. هن ڪافيءَ ۾ حقيقت ۾ عورت جي سونهن سوڀيا جي ساراهه ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري پنهنجي سماج جي روايت پٽاندڙ ئي هن ڪافيءَ جو مخاطب مذڪر آهي. هن خوبصورت ترنم واري ڪافيءَ ۾ تشبيهه جو خوبصورت نمونو به موجود آهي.

    هيرو نڪ ۾ آهي هزاري، بولو بئنسر ميناڪاري،
    چندن هـــار ســـڄو ســونهــارو، بــرهه لائــيـن بَڪل؛
    ڄڻ چمڪن ٿا چنڊ ۽ تارا.

    مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافين ۾ سُونهن سوڀيا، حُسن ۽ عشق، عجز عاجزي، تڙپ بيقراري، آنڌ مانڌ، لُڇڻ ۽ لوچڻ، سڪ ۽ اُڪير جا ڪيترائي عڪس ۽ نقش موجود آهن. هن جي ڪافين ۾ هڪ اهڙو جهان سمايل آهي، جنهن ۾ جڏهن رڳو دري کولي جهاتي پائجي ٿي ته ماڻهوءَ تي عجب جهڙي مسرور ڪن ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، جنهن آڏو مَڌ جو سرور به ڦِڪو ٿيو پوي. دل دنبوري جيان وڄڻ شروع ٿئي ٿي، جسم موسيقيءَ جي لئه تي رقص ڪرڻ شروع ڪري ٿو ۽ ڄڻ ڪائنات ۾ ڪو مڌر سُر جاڳي پوي ٿو. شاعر جا جذبا، احساس ۽ ڪيفيتون جڏهن موسيقت سان پُر ٿي سُر ۽ تال جي صورت اختيار ڪري اسان جي بصري سماعتن سان ٽڪرائجن ٿا ته ان وقت ڄڻ هر ذهن ڪيف ڪڪوريل بڻجيو پوي، سندس ڪجهه اهڙين شاهڪار سِٽن جا عڪس هت پسڻ ضروري آهي:

    تون ڇا هئين، ڇا مان ڇا ٿي وئين،
    جڏهن تنهنجو ٿيس ته جدا ٿي وئين!

    عــجـــب عـــشـــق آهــي اسـان جـو الــستي،
    ڪڏهن بُت پرستي، ڪڏهن خُود پرستي!

    لڳايم نينهن جو ناتو، اهو ناتو نِڀائيندس!

    عمر بند رکبيون نه ڪنهن جون نياڻيون،
    مڙئي منهنجون شاهد اَٿئي گهر ڌياڻيون!

    تـــو دلـــڙي يـار ڌُتـاري، پر ير، ڪـانه ڪيئي پوئواري،
    تنهنجا ڪيسَ پيارل ڪارا، آهـــــن پيچ انهن جا پيارا،
    ڪن وَنگ وجهڻ لئي وارا، پائــــن ڳٽ ڳچي ۾ ڳارا!

    سڪندي ٿـيڙم سال، ويٺي ساجن ساريان،
    ساجـــــــن ســـــــاريـــــان، ڪــــيئن وســاريـان.

    تو سان نرمل نينهن نڀائيندس، ٻي پاسي دل نه لڳائيندس!

    تون پهرئين نظر ۾ کسي دل کڻي وئين.

    اکـــيـــون عــــزم واريــون عقابي عقابي،
    هو مارڻ سان ڪن ٿيون شتابي شتابي.

    مون نه ٿي ڀانيو ته آخر، ڌار ويچاري ڪندا،
    پر اڃا آهن اميــدون، محـــب موچاري ڪندا!

    مخدوم صاحب جتي ڪافين کي موضوع ۽ مضمون سان به رنگيني بخشي آهي، اُتي هن انهن ۾ اندروني قافين ۽ لفظن جي ورجاءَ سان به هڪڙي لئڪاري پيدا ڪئي آهي، هر ٻڌندڙ، ڀلي اُهو موسيقيءَ جي علم کان اڻ واقف هجي، پوءِ به اُن جي ترنم ۽ رواني، سلاست ۽ سادگيءَ کان متاثر ٿيڻ کان رهي نه ٿو سگهي. هي بند ڏسو:

    ســـــهڻـــــل جــــــــــا ســيــــنــــگــــار، وهــــوا دل کي وڻــــــن ٿــــا،
    دل کي وڻن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، ڏاڍا ٺهن ٿا، من کي موهن ٿا!

    ڪـــارا ڪـــارا، ڪنڍڙا ڪنڍڙا، سهڻا سهڻا، سنهڙا سنهڙا،
    وانگوڙي ۾ وار!

    تيل ڦليل، ڦڻيون ڦوڪارا، ڌوپيل واسيل ڪيسَ هُو ڪارا،
    گَهرا گُهنڊيدار،

    گڏ گذارڻ اٿــڻ ۽ ويهـــڻ، طالـــب مـــــولا رُســــڻ ۽ پَــــــــرچڻ،
    محبت جا معيار!

    هنن بندن ۾ جيڪا دلڪشي، رنگيني، رواني ۽ دلنشيني موجود آهي، اها ان جي ٻوليءَ ۽ اسلوب سبب آهي.
    ڪافيءَ سنڌ جي نج ديسي صنف آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جو استعمال به نج ڪيو ويندو آهي ته جيئن ان جي اصليت به قائم رهي، پر وقت سان گڏوگڏ عام مروج ٻوليءَ ۾ جيڪي مثبت تبديليون ٿينديون رهن ٿيون، اُهي اسان جي شاعريءَ تي به اثرانداز ٿينديون رهن ٿيون. خيال فقط ان ڳالهه جو رکڻو آهي ته ٻين ٻولين جا اثر قبول ڪندي، اسان پنهنجي ٻوليءَ جي اصليت، ان جي صورت خطيءَ، لهجن توڙي وياڪرڻ جي بنيادي اصولن کي وساري نه ويهون. وقت سان گڏ ٻوليءَ ۾ ٿيندڙ اهڙيون تبديليون مخدوم صاحب به قبول ڪندي؛ انهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي آندو آهي. مثال طور سندن هڪ ڪافيءَ جي بند ۾ اکين کي ”ڪميونسٽ“ سڏيو ويو آهي ته گڏوگڏ شاعر اکين کي روس ۽ چين جي عقيدن جي انڪارين/ ڪميونسٽن سان ڀيٽيندي چوي ٿو ته کيس هر لمحي بيقرار رکيو ويٺو آهن:

    هو تسليم ڪنهن کي، ڪڏهن ڪين ڪن ٿيون،
    يقيناً اهي ٻئي، ”ڪميونسٽ“ آهن.
    اٿن ڄڻڪ روسين ۽ چينين جون چاليون!

    مخدوم صاحب عروضي شاعر به هو ته ”غزل“ جي اصل ديس واري ٻوليءَ کي ضرورت مطابق غزل ۾ سموهڻ جو حامي پڻ. ان ڪري سندس غزلن ۾ صراحي، مينا، ساقي، جام وغيره جهڙا لفظ ۽ ترڪيبون موجود آهن، اتي عربي، فارسي لفظن جي آميزش اسان کي سندس ڪافيءَ ۾ ملي ٿي، پر اها ڪافيءَ جي خوبصورتيءَ کي متاثر نه ٿي ڪري، بلڪ ان ۾ رلي ملي لئه ڪاري پيدا ٿي ڪري. هت چند مثال پيش ڪجن ٿا:
    ڪٿي تير تبر، ڪٿي تيغ تفنگ،
    ڪٿي هرڪا نظر، آهـي جامِ فگن،
    تنهنجو هر ڪو اشارو، زهد شڪن.

    مٿي مختصر طور مخدوم طالب الموليٰ جي ڪافيءَ بابت گفتگو ڪئي وئي آهي، ان جي پس منظر بابت ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ لکيو آهي.

    ”موجوده دؤر ۾ حضرت مخدوم طالب الموليٰ سائين ڪافيءَ جو بلند پايه شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي ڪافين ۾ رس، رچاءُ ۽ موسيقيت بدرجه اُتم موجود آهي. اهوئي سبب آهي، جو جڏهن سندس ڪافيون ڳايون وينديون آهن، ته روح کي راحت رسندي آهي ۽ قلب کي قرار حاصل ٿيندو آهي. سندس ڪافين ۾ عرفان ۽ ايقان جا نُڪتا به ملن ٿا؛ ته مجازي عشق جا جذبا به مؤثر انداز ۾ ملن ٿا.
    مخدوم صاحب جون ڪافيون، جدت ۽ انفراديت، فني پختگيءَ ۽ موسيقيت جي لحاظ کان سنڌي ادب جو شاهڪار ڪافيون بنجي پيون آهن.“
    (ٽماهي مهراڻ، ص 308، 1/2013)

    مخدوم طالب الموليٰ سنڌي شاعريءَ جي هن ڪلاسيڪي صنف کي جنهن نئين انداز ۽ جدت سان پيش ڪيو آهي، اهو تجربو، نه فقط ڪامياب ثابت ٿيو آهي، پر سندن اهڙي قدم سان ڪافيءَ جهڙي صنف نئين رنگ، ڍنگ سان نکري نروار ٿي بيٺي آهي. پاڻ عملي طور به ڪافيءَ کي جيئارڻ لاءِ ”ڪافي مشاعرا“ منعقد ڪرايائون، گڏوگڏ ڪافيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ ”ڪافي“ نالي سان تحقيقي ڪتاب به لکيائون، جيڪو مواد، ترتيب ۽ اسلوب سبب سنڌي ادب ۾ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
    ڪافيءَ کي سرائڪيءَ جي مشهور محقق ۽ اديب محترم حفيظ خان، ”موضوعاتي نظم سڏيو آهي ته ان کي سنڌو ماٿري جي شعوري تاريخ“ به سڏيو آهي. هن جي اها راءِ سموري سنڌي ڪافين جي مطالعي بعد بلڪل درست نظر اچي ٿي.
    هن مضمون ۾ سروري خاندان ۾ ڪافيءَ جي روايت بابت جيڪو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان مان به اها ڳالهه نظر اچي ٿي ته اسان جا هي ٻئي وڏا ”ڪافي گو“ شاعر پنهنجي وقت جي حالتن کان باخبر هئا ته هنن شعري هيئتن ذريعي عام ماڻهن کي سُک، سڪون، پيار، محبت، امن، آشتي، ميٺ، مروت، ڌرتيءَ سان پيار، برابري، سَهپ ۽ رواداريءَ جو پيغام پڻ ڏنو آهي.


    (سنڌي لئنگيج اٿارٽي پاران 22 ڊسمبر 2013 تي ڪرايل ”ڪافي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ تحقيقي جرنل ”سنڌي ٻولي“، جنوري_ مارچ 2014 ۾ شايع ٿيل)


    محمد ابراهيم جويو: نئين سنڌُ جو اڏيندڙ

    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،
    ٻئو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کيرري!
    (شاهه)

    ڏُڌ تي ڏهي هر ڪوئي رَڙڪي، عاشق باهه رڙڪيندي هُو،
    تــــنَ چٽُــــورا، مــــن منــــڌاڻي، آهيــــن نال هلينــــدي هُو،
    دُکان دا نتڙا، ڪــڍي لشڪاري، غمان دا پاڻي پينــــدي هُو،
    نام فقير تنهان دا باهو، جهڙي هڏان تُون مکڻ ڪڍيندي هُو!
    (سلطان باهو)

    سائين محمد ابراهيم جويي ”شاهه، سچل، سامي“ ڪتابَ ۾ هنن ٽنهي شاعرن بابت لکيو آهي ته: ”هي ٽئي شاعر، نئين سنڌ جا نقيب آهن!“ آءٌ اُن ڳالهه کي جيڪڏهن اڳتي وڌائڻ جي همٿ ڪريان ته چئي سگهجي ٿو ته: شاهه، سچل، ساميءَ کان اڳتي هڪ جديد ۽ نئين سنڌ جا اڏيندڙ، سائين جي. ايم. سيد، شيخ اياز ۽ ابراهيم جويو آهن. هنن ٽنهي شخصيتن جدا جدا مورچن تي ويهي هڪ نئين سنڌ کي اڏيو آهي. سائين جي. ايم. سيد هزارن سالن کان خودمختيار رهندڙ سنڌ جي ”قومي حيثيت“ کي مڃرائڻ لاءِ عملي ڪم به ڪيو ته اُن سان گڏ قلمي پورهيو به ڪيو. ”پيغامِ لطيف“، ”ديار دل، داستانِ محبت“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“، ”سنڌ جا سورما“ ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب ”سن جي سيد“، سنڌ جي سجاڳيءَ لاءِ تصنيف ڪري سنڌ آڏو پيش ڪيا. اُن کان اڳتي ادب جي مورچي تي سائينءَ جي ڪم جي تسلسل ۾ شيخ اياز، سنڌ جي وجود ۾ پنهنجي پُراثر شاعريءَ ذريعي هڪ نئون روح ڦوڪيو، اهڙو روح، جنهن ماڻهن ۾ ذهني سجاڳي پيدا ڪندي، اُنهن کي اٿڻ ۽ جاڳڻ تي مجبور ڪيو:

    • منهنجي سنڌڙي، منهنجي سنڌڙي، سنڌڙي منهنجي ماءُ!
    • مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦُٽندا سُرخ گلاب!
    • ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌُ، پوءِ به نعرا نينهن جا،
    • سنڌڙي جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مُرڪندي.
    • هي ماڻهو وِهه جو ڍُڪ ٿيا، جئن لُڪ لڳي، تئن رُڪ ٿيا

    ادب جي هن مورچي تي هڪ اهڙو شخص به بيٺل/ڄميل نظر اچي ٿو، جيڪو ڪڏهن به زماني جي لاهن چاڙهن، جهَڪُن جَهولن، لڱ ساڙيندڙ گرمين ۽ ڄاتل سڃاتل چهرن جي بي حسيءَ کان مايوس نه ٿيو، دل نه لاٿائين، پر هميشه اڳي کان اڳڀرو نظر ايندو رهيو. ارادي جي پختگي، حوصلي ۽ همٿ سان ڌرتيءَ طرف ايندڙ هر طوفان کي منهن ڏيندو، سهندو رهيو آهي. اُهو ارڏو، اٽل، باهمٿ، بردبار، فهم فراست ۾ برجستو، مخلص، سچو، ساڃاهه ۽ سُرت رکندڙ، ڌرتيءَ جو کرو سپاهي، حفاظت ڪندڙ اسان جو سائين محمد ابراهيم جويو آهي، جنهن کي ڏسي، مون کي ڪنهن ڏاهي جا هي لفظ ياد پوندا آهن:
    ”جسمن جو ٿَڪُ ڪابه حيثيت نه ٿو رکي، رڳو روحَ نه ٿڪجڻ گهرجن.“
    سو، اها حقيقت آهي ته جن به جسم جي ٿَڪَ کي ڪجهه نه سمجهيو، انهن جو روح هميشه تازو توانو رهيو. اهڙن فردن جا حوصلا پهاڙن جيان اَٽَل ۽ مضبوط رهيا آهن. هو ڀٽائي سائينءَ جي هنن سٽن جا ڄڻ ته هوبهو عڪس ٿي پيا آهن:

    سُڪا سَنڊَ ڪَڇُن ۾، کرڪڻا پيرين،
    ٽمندي نيڻين، آن ڪي کاهوڙي گڏيا؟

    ماءُ کاهــوڙي هليــــا، دُکائــي دونــــهان،
    ڇپر جا ســونهان، ڏوٿين ڏٿ چِتائــيو!

    گنجو ڏونگر گام، پيهي ڄڻ پروڙئــــو،
    ڪري تن تمام، لوچــي لاهوتــي ٿئا!.

    سائين ابراهيم جويي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته هو سائين جي. ايم. سيد ۽ شيخ اياز سان گڏ ”نئين سنڌ جو اڏيندڙ“ آهي. هن جديد سنڌي ادب جي سونهين، مرزا قليچ بيگ کان پوءِ نيون راهون گهڙيون، ”ٽماهي مهراڻ“ ڪڍڻ کان وٺي شيخ اياز جي ڪتابن جي مهاڳن لکڻ تائين ئي فقط ڏسجي ته جويي صاحب جو ڪم موتين جيان جرڪندي نظر ايندو. اياز جي ڪتابن جا مهاڳ رڳو ڪي سطحي مهاڳ ناهن، بلڪ اُهي سنڌي ادب جا اُهي شاهڪار ”تنقيدي مهاڳ“ آهن، جن جي حيثيت سنڌي ادب ۾ انتهائي اهم آهي. اُهو سچ آهي ته هر شاعر پنهنجي ماضيءَ سان ڳنڍيل هجڻ باوجود پنهنجي دور جو عڪس هوندو آهي. هو جنهن دور ۾ زندهه رهندو آهي، اهو دور مٿس وڏيون ذميواريون عائد ڪندو آهي، اُن صورت ۾ پنهنجي دور جي. اُهو ئي شخص اڳواڻي ڪندو آهي ۽ پنهنجي پٺيان ايندڙن لاءِ نم جي ٿڌيءَ ڇانوَ سمان ثابت ٿيندو آهي.
    جويي صاحب، شيخ اياز جي شاعريءَ جي جيڪا اوک ڊوک ۽ پرک پروڙ ڪئي آهي، اُهو ڪم به شاعر جي ڪم کان گهٽ ناهي. چوڻي آهي ته: ”هيري جو مُلهه جوهري ئي ڪَٿِيندو آهي“، اُن صورت ۾ ”هيرو“ ۽ ”جوهري“ ٻئي برابر جي حيثيت جا مالڪ هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته ”هيري“ جي اهميت جو ڪاٿو ڪٿندڙ خود به خداداد صلاحيتن جو مالڪ هوندو آهي- اُهو سچ آهي ته جڏهن شيخ اياز معاشري جي بيقدري ڏسي لکيو ته:

    ”ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾،خوشبوءِ ئي اجائي وئي!“

    سنڌ جي هن سُرهي گُل جي سُڳنڌ کي محسوس ڪرڻ ۽ گل جي نرم پتين کي ڇُهڻ جو احساس ڪنهن گداز جسم کي آڱرين سان ڇيڙڻ ۽ مَڌ جي سرور جھڙو محسوس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، اُهو رڳو محمد ابراهيم جويو هو، جنهن اياز جي ڪتابن جا مهاڳ لکي کيس سڃاڻپ ڏني.
    سائين جويي صاحب، شيخ اياز جي نون (9) ڪتابن جا مهاڳ لکيا آهن، اياز زندگيءَ ۾ پنهنجن نون ڪتابن جا مهاڳ فقط جويي صاحب کان ئي ڇو لکايا. ان ڳالهه جي شاهدي جويي صاحب جي مهاڳن مان ملي ٿي، جنهن انداز سان هن جديد سنڌي شاعريءَ جي حُسناڪي ۽ اهميت هنن مهاڳن ۾ بيان ڪئي وئي آهي، اُنهن اياز جي شاعريءَ تي امرتا جي ڇاپ هڻي ڇڏي آهي. جويي صاحب، اياز جي ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ جي مهاڳ ۾ سنڌي شعر جي مزاج بابت ڪيڏي نه سهڻي ڳالهه ڪئي آهي:

    ”شعر جي ترنمي سانچن ۾ اياز اڪثر فارسي بحر وزنن ۽ هندي ڇندن جو ميلاپ ڪيو آهي. مثلاً: زير نظر سڀ گيت (ڪتاب ”هي گيت اڃايل مورن جا“ ۾ شامل گيت) ماترائن جي حساب سان ٻڌا ويا آهن، پر فارسي بحروزن تي به اُنهن مان اڪثر شعر ٺهڪي بيهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ ماترائن جي حساب سان شعر چوڻ مان فائدو اِهو ٿو ٿئي ته اُن ۾ سنڌيءَ جي ڪنهن به متحرڪ حرف کي ساڪن ڪرڻو ڪونه ٿو پوي، جيئن فارسي بحر وزن جي تقاضائن مطابق ڪرڻو پوندو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ٻوليءَ جي بگاڙي جو امڪان نٿو رهي. اياز جيتوڻيڪ شعر جي ماپن ۽ نمونن جا ڪيئي تجربا ڪيا آهن، پر اُنهن مان هر هڪ ۾ هن شعري هيئت جي خالص سنڌي روايتن کي بنيادي طور قائم رکيو آهي، بلڪ اُنهن کي اڳتي نيئي، اُنهن مان نوان شعري ماپا ۽ نمونا ايجاد ڪيا آهن.“
    (شيخ اياز جو سڄو شعر، جلد1-ص850).

    اُن ئي مهاڳ ۾ هڪ ٻئي هنڌ لکيل آهي: ”اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنهنجي خالص موڙي آهي، وس پڄندي هو اُن کي ئي ڪم آڻي ٿو“ (جلد 1-ص 846). - ۽ اهو به سچ آهي ته اياز نئين دور ۾ ڪلاسيڪل صنفن کي وري لکيو، پر کيس اُن جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟ - اُن جو جواب ”ڀؤنر ڀري آڪاس“ ۾ خود اياز پاران لکيل هنن سٽن مان اسان کي ملي ٿو:

    ”بيت سنڌي زبان جي منفرد صنفِ سخن آهي. شايد ئي دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ جي مقفيٰ شعر ۾، هم-قافيه لفظ اِئين سٽ جي وچ ۾ ملندا، جيئن بيت ۾ آهن. اِهو سنڌي بيت جو ڪمال آهي ته اُن جي پهرينءَ ۽ پوئينءَ سِٽ جي آخر ۾ نه قافيو آهي، نه رديف، پر ان جي باوجود بيت ۾ ترنم ۽ هم آهنگي، ٻيءَ هر صنفِ سخن کان زياده آهي“. (جلد 1، ص 13)

    هتي جڏهن سائين ابراهيم جويي جي ذڪر ۾ شيخ اياز جي بيت جو ذڪر نِڪتو آهي ته پوءِ ڇو نه ٿورو ٿورو؛ سنڌي ٻوليءَ جي اُنهن خوبصورت جديد بيتن جو ساءُ به چکجي، جنهن جو ذائقو يقيناً روح ۾ نئين تازگي ڀريندو:

    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي، رنگ رليل آڪاس،
    رُتيــــن رَتيــــون راتــڙيون، اُڏاڻــــا اِحســــاس،
    چِتِ ۾ چوڏهينءَ چنڊ جئن، اُڀري ڪائي آس،
    پريان پريان پاس، آيون ڳالهيون ڳُجهه جون.

    ستارن جــي سيــــج تي، سُتــــس ساري رات،
    پڌري ٿي پرڀات، چُميندي ڪنهن چنڊ کي،

    چُوسيون چانڊوڪيون، تنهنجي مٺڙي منهن مان،
    راتيــــن جــــو روڪيون، واڳون اسـان وقت جون،

    آئــــي رُت رابيل جــي، دل ۾ دُود دُکــــيو ،
    ناهي ساهه سُکيو، توبن پل لئه اي پرين!

    چهڪي پيو چاهه، مهڪي پئي محبوبڙي،
    سُرهو هن جو ساهه، آهي بُوءِ بسنت جــــي!

    اياز سنڌي شاعريءَ ۾ فڪري تجربا ڪيا. هن ڪلاسيڪل صنفن: بيت ۽ وائيءَ ۾ جديد رنگ ڀريو ۽ اُنهن کي انتهائي خوبصورت بڻايو ۽ اُن ئي اياز جي شعر کي جڏهن تز ۽ تيز تنقيد مان گذرڻو پيو ته اها ڏاهپ سائين ابراهيم جويي جي ئي هئي. ”ڪي جو بيجل ٻوليو“ جي مهاڳ ۾ سائين جويو صاحب لکن ٿا:

    ”فرانس جي اديب، زان ڪاڪشو (Jean Cocteau) کان ڪنهن پڇيو ته ”جيڪڏهن ڪنهن گهر کي باهه لڳل هجي ۽ اُن ۾ اندر هڪ ٻار هجي ۽ هڪ فنپارو هجي، ته تون اندر وڃي اُن مان ڇا ٻاهر کڻي ايندين؟“ جواب ڏنائين ته ”آءٌ اتان باهه کڻي ايندس!“ اياز جي شاعريءَ ۾ اها باهه به آهي، پر اُن ٻار ۽ فنپاري ٻنهي جي بچاءَ لاءِ آهي. اياز اُها باهه ڏاڍ ۽ ڪُوڙ جي ڪوٽ کي لڳائي، اُن ڪوٽ کي ڊاهڻ ۽ ڀسم ڪرڻ گهري ٿو، ڇو ته اُتان ڪروڙن ٻارن ۽ ڪروڙن فنپارن جي تباهيءَ ۽ برباديءَ جا سبب ۽ سامان هر وقت گهڙيا، ٺهندا ۽ ٻاهر ايندا رهن ٿا.“ (مون ڏات انوکي آندي آ، ص 63-62)

    هنن مختصر اقتباسن مان شيخ اياز جي ڪلام جي هر دور ۾ اهميت جو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو. هر شاهڪار تخليق پنهنجي دور کان گهڻو پوءِ به ايتري ئي معنيٰ دار هجڻ سبب عام مقبول هوندي آهي، جيتري کيس پنهنجي دور ۾ مقبوليت حاصل هوندي آهي.
    سائين ابراهيم جويو جنهن کي ”سٻاجهو ساڃَهوَندُ“ به سڏيو ويو آهي، اُن جي شفقت، علميت، شخصيت اُن ميوي دار گهاٽي وڻ جيان آهي، جنهن جي صُحبت ۾ رهندي ڪيترائي وڏا ذهن پيدا ٿيا. ائين کڻي چئجي ته سائين جويي صاحب اهڙن ذهنن کي سِراڻ تي تکو ڪري، سنڌ، سنڌي ٻوليءَ، ثقافت، تعليم ۽ تهذيب جي بچاءَ لاءِ ميدان ۾ لاهي، علمي ۽ عملي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو وڏو هَدف مقرر ڪري ڏنو آهي.
    سائين ابراهيم جويي متعلق شيخ اياز صاحب جا هي لفظ اسان حوالي طور آڻي سگهون ٿا، جيڪي مٿن هوبهو ٺهڪي اچن ٿا:
    ”ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي اُن ماڻهو جي تشريح آهي!“

    ڪــيرت ڪاڻياريون گھڻيون، ڪــــنهن ڪنهن منجھه ڪَلا؛
    جنهــن ۾ جــــيءَ جلا، ڪــــانکي تنهــــن جو ڪــــــينرو
    (اياز)


    محمد عثمان ڏيپلائي: جي پنهنجو نُور نچوئي ويا....

    تاريخ جي هر دؤر ۾ فڪر، دانش ۽ شعور کي ڦهلائڻ وارا ڪردار پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن قلم کي عَلم سمجهي کنيو ۽ پنهنجي سر تي قوم جي سجاڳيءَ وارو ڪم رکيو ۽ هو ان ڪم ۾ طويل جدوجهد ۽ ٿڪائيندڙ سفر کان پوءِ به سرخرو رهيا، ڪامياب رهيا. مقصديت سان ڀريل هنن جو جملو جملو قوم جي اهنجن جو اُپاءُ ثابت ٿيندو رهيو.
    عثمان ڏيپلائي جو نالو ئي ان جي ڪم جي سڃاڻپ آهي. هن جي شخصيت جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهڙو دور ذهن ۾ گردش ڪرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن وقت اندر هن خطي جي نئين انداز سان تشڪيل ٿي رهي هئي. توڙي جو هي خطو هزارن سالن جي شاندار تهذيبي، ثقافتي، تمدني، علمي پس منظر رکندڙ هو، پر اها به حقيقت آهي ته تاريخ جي مختلف دورن ۾ هن خطي جي جاگرافيائي صورت تبديل ٿيندي رهي آهي ته ان سان گڏوگڏ انتظامي حالتن جي تبديل ٿيڻ به هڪ فطري امر آهي.
    ٽالپر دور جي پڄاڻي بعد انگريز هن سڄي برصغير تي قابض ٿيا ته انهن جي تهذيب ۽ خيال پڻ هتان جي ماحول تي حاڪميت سبب اثرانداز ٿيا. ورهاڱي کان پوءِ ان ماحول ۾ هڪ نئين تبديلي رونما ٿي، جنهن سبب سنڌ ان حوالي سان وڌيڪ اثر هيٺ رهي. ڏيپلائي صاحب جو قلم جڏهن سنڌ جي تشخص جي سڃاڻپ جو دفاع ڪندي مخالفن تي تلوار جيان وار ڪري رهيو هو، حقيقت ۾ هيءُ اهوئي وقت هو جڏهن هڪ جدا مُلڪ جي صورت ۾ سنڌ جي اصل سڃاڻپ کسي پئي وئي؛ ان وقت جبل جهڙي ارڏي شخص ڪيترن ئي طوفانن کي برداشت ڪيو، تڪليفون سٺيون، جيل ڪاٽيا، مالي تنگدستي کي منهن ڏنائين، پر رَتي برابر به پنهنجي مقصد تان نه هٽيو، اَٽَل رهيو، مضبوط رهيو، ڇاڪاڻ ته جيڪي ماڻهو ذهني طور پاڻ کي ڪنهن مقصد سان ارپي ڇڏيندا آهن، اهي ڪڏهن به پنهنجي اصل مقصد تان نه هٽندا آهن. ڏيپلائي صاحب به چند اهڙن شخصن مان هو، جيڪي ڪڏهن به مقصد تان هٽڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيا!
    کرڪڻا لاهي سُک، نه ستا ڪڏهن،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
    (شاهه)
    ڏيپلو جيڪو عثمان ڏيپلائي جي سڃاڻپ بڻيو ته جنهن جي سڃاڻپ عثمان ڏيپلائي بڻيو، اهو خطو خشڪ سالي، اَڻانگن پيچرن ۽ سهولتن جي اڻهوند وارو علائقو رهيو آهي. مون کي سنڌ جو ٿر ڪنهن تخليقڪار جي ذهني حالت جهڙو لڳندو آهي. اُٿاهه پيڙاءُ، جذبن جي آنڌمانڌ ۽ گَهري سوچ مان تخليق جو جڏهن گُل ڦُٽندو آهي ته اهو خيالن، جذبن، اَحساسن جي سُڳنڌ سان پنهنجي آسپاس جو ماحول معطر ڪري ڇڏيندو آهي، ٿر مان پيدا ٿيل رائچند هريجن جهڙي تاريخدان، حليم باغي، نفيس احمد ”ناشاد“، سروپچند شاد جهڙن شاعرن، وليرام ولڀ جهڙن مترجم ۽ اديب ۽ عثمان ڏيپلائي جهڙي افسانه نگار، ناول نگار، سماجي تاريخدان، صحافي جو جنم به ان گُل جيان آهي، جنهن پنهنجي تخليق جي سُرهاڻ سان ڪيترائي ذهن مُعطر ڪيا، هن جي اِها جدوجهد ڪيتري حد تائين ڪامياب وئي، اهو وقت ثابت ڪري چڪو آهي ۽ اهو به ثابت ڪري چڪو آهي ته ”جيڪو سنڌ لاءِ جيئي سنڌ ڪڏهن به ان کي فراموش نه ڪندي“. ان جو مُلهه ڪڏهن به نه وڪاڻبو. ان جي نالي جو ورد هر زبان تي رهندو، تاريخ جي هر صفحي ۾ ان جو ذڪر ضرور ملندو. هن جنهن انداز سان پنهنجي ڌرتي جو قرض نه رڳو فرض سمجهي لاٿو پر ان فرض ۾ ڌرتي سان عشق جو به هڪ نرالو انداز موجود آهي. هن چاهيو ٿئي ته فرد پير پرستي، وهم پرستي، فرقي پرستي جي ساهه مُنجهائيندڙ روين مان نڪري، الله جي طرفان عطا ٿيل عقل کي استعمال ڪري ڪائنات ۾ موجود هرهڪ شيءِ تي غور ويچار ڪري ۽ سوچي پنهنجي حيثيت تي ته انسان وهم پرستي لاءِ نه خلقيو ويو آهي، انسان ٻين انسانن جي آڏو جُهڪڻ لاءِ زمين تي نه آيو آهي، بلڪ هن کي عقل، سمجهه، شعور، ساڃاهه ڏئي ڪائنات کي منطق/دليل سان سمجهڻ ۽ زمين تي مثبت انداز سان مُنظم طريقي سان رهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. پر ڪن خاص سوچ رکندڙ انسان هميشه هن پُربهار دنيا کي ماڻهن لاءِ ڪنڊن جي سيج بڻائڻ ۾ ڪا ڪَسر نه ڇڏي آهي. اهڙا ئي ماڻهو ٻين ماڻهن تي حاڪميت چاهيندا آهن، ان لاءِ هو مختلف طريقا اختيار ڪندا آهن. ماڻهو کي مذهبي طور ڌمڪائي ان کي زير ڪري پنهنجو ماتحت بنائڻ جو طريقو عام آهي. تنهنڪري عام ماڻهو وهم پرستي ۽ پير پرستيءَ جو شڪار رهندو آيو.
    محمد عثمان ڏيپلائي ان صورتحال ۾ ترقي پسند سوچ جو مظاهرو ڪندي ڪيترائي ناول، افسانا ۽ ليک لکيا، هن جو اهو سفر اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصو هلندو رهيو. جنهن جو مقصد سنڌ جي ماڻهن کي ان دقيانوسي سوچ مان ڪڍي ترقي پسندي جي راهه تي هلڻ لاءِ آماده ڪرڻ هو، جنهن ۾ هيءُ صاحب ڪامياب به ويو، هفتيوار انسان، ماهوار، هفتيوار ۽ روزانه عبرت، ماهوار ساڻيهه، روزاني سنڌ ٽائيمس ۾ سندس تز ۽ مقصديت وارا ليک، سندس ڪتابي سلسلا ۽ ناول، ڪهاڻيون، افسانا وغيره سندس ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هئا، ڇاڪاڻ ته هن ڄاتو ٿئي ته رڳو ٺلهيون تقريرون ڪري ڇڏڻ سان مقصد کي حاصل نه ٿو ڪري سگهجي، ان لاءِ هن ادارا قائم ڪيا، پريسون لڳايون، ڪتاب لکيا، رسالا، اخبارون، ڪتابي سلسلا جاري ڪري، انهن کي سنڌ جي وستي وستي، واهڻ واهڻ، هر شهر، هر ڳوٺ، هر گهٽي، هر طبقي، فڪر ۽ فرقي جي ماڻهن تائين پهچايو، جيڪو ئي هن جي اصل مقصد هو ته ڪهڙي به ريت سندس پيغام ماڻهن تائين پهچي.
    عثمان ڏيپلائي هڪ عهد ساز گهڻ رُخي شخصيت جو نالو آهي، جنهن جو ڪم مقصديت سان ڀرپور هجڻ باوجود به نعريبازي جي ليبل کان بچيل آهي، منجهس ٻولي جي حُسناڪي، طنز ۽ مزاح سميت ٻيون به خوبيون نظر اچن ٿيون، هو بلاشبه هر دور ۾ زندهه رهندڙ سنڌ جو مانائتو دانشور ۽ اديب آهي.

    جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تنهنجي جوت جلائي ويا،
    سـي لـڙڪ مٽـي ۾ لوئـي ويا، پـر ڇا ڇا موتي پائي ويا.

    آ ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
    جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.

    هو پيار پتنگا کامـي ويا ۽ ڪيـڏو دور اڏامـي ويا،
    پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾، هو پنهنجي جوت سمائي ويا.

    (شيخ اياز)
    (ٽماهي مهراڻ، 1/2014)


    آزاد نظمَ جي اؤسر (ڪَٿَ): سک سمهڻ ”شمشير“ اڃان ڪٿ

    سنڌي ادب ۾ نئين روايتن کي اپنائڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ جو؛ دنيا جي زرخيز ادب وانگر رجحان موجود آهي، ان ئي اثر هيٺ اسان جي اديبن، شاعرن، محققن ۽ نقادن هڪ نئين لاڙي ۽ فني تبديليءَ ڏانهن ڌيان ڌريو آهي. اهڙا لاڙا ۽ رجحان شاعريءَ جي حوالي سان هجن يا نثر جي اعتبار کان هجن، انهن کي پنهنجي مخصوص ماحول ۽ وقت جي گُهرج پٽاندڙ پنهنجو ڪرڻ جي ڪوشش ورتي آهي.
    سنڌي شاعريءَ ۾ آزاد نظم جهڙي هيئت به ان ئي رجحان هيٺ عام ٿي آهي. هن صنف تي ڪافي اعتراض به ٿيا ته بحث به. پر ٻئي طرف نظم جي هن گهاڙيٽي کي قبول ڪندڙن پاران ان جي حق ۾ دليل ڏنا ويا.
    شمشيرالحيدري سنڌي ادب جو اهو معتبر شاعر، نقاد ۽ عالم هو جنهن وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ”آزاد نظم جي اوسر“ نالي ڪتاب لکيو، جيڪو پنهنجي موضوع، مضمون ۽ ترتيب جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ هڪ يادگار جي حيثيت رکي ٿو. هن مقالي ۾ شمشيرالحيدري هڪ سُڄاڻ نقاد جي حيثيت ۾ آزاد نظم جو ڪيس وڙهيو آهي ۽ وقت جهڙو بي رحم جج پنهنجو فيصلو ڄڻ شمشير جا مضبوط دليل ٻڌڻ کان پوءِ ان جي حق ۾ ڏيئي ڇڏيو! ان لاءِ هنن صفحن ۾ آزاد نظم جي ان ڪيس کي ورائي پڙهڻ ۽ ان بابت ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي ضرورت، ان لاءِ به آهي جو ڏسون ته سنڌي ادب جي ويڄ/ نقاد شمشيرالحيدري سنڌي شاعريءَ جي روح جو ڪيس ڪيئن وڙهيو آهي.

    آزاد نظم جي اوسر:
    هيءُ مقالو، بنيادي طرح هيٺين ستن بابن ۾ ورڇيل آهي:
    باب پهريون: جديد شاعري
    باب ٻيو: سنڌي شاعريءَ جو مزاج
    باب ٽيو: آزاد نظم جو تاريخي پس منظر
    باب چوٿون: آزاد نظم اردو ۾
    باب پنجون: غزل کان آزاد نظم تائين
    باب ڇهون: آزاد نظم جو فن
    باب ستون: سنڌي آزاد نظم جو مستقبل

    هنن ستن بابن ۾ جنهن ڪمال سان سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل، روايتي، عروضي ۽ جديد دور جو مطالعو ڪيو ويو آهي، اهو اڀياس شمشيرالحيدري جهڙو باڪمال نقاد ئي ڪري پيو سگهيو. ڇاڪاڻ ته هو خود به آزاد نظم جو باڪمال شاعر هو. اڄ کان لڳ ڀڳ مُني صدي اڳ جڏهن سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي ابتدا ٿي ته ان تي ڪافي اعتراض ڪيا ويا. عروض ۽ روايت سان سلهاڙيل شاعرن ۽ نقادن ان کي شاعري مڃڻ کان انڪار ڪيو. قطع نظر ان جي ته شعر پنهنجي ظاهري ڍانچي (فن) جو نالو ناهي، پر ان ڍانچي/ سانچي ۾ ماپيل سٽون/ لفظ جيڪڏهن پنهنجي اندر ۾ ڪو جذبو، احساس ۽ خيال جي اُڇل نه ٿا رکن، ان وقت تائين اُهي لفظ ۽ اُهي سٽون بي روح ٿين ٿيون ۽ آزاد نظم خيال جي اُڇل جو اَنوکو تجربو آهي. جديد شاعريءَ واري باب ۾ حيدري صاحب سنڌي شاعريءَ سان جُڙيل جِدت جي متعلق لکي ٿو:

    ”سنڌي جديد شاعري اڃا تجرباتي دور مان گذري رهي آهي، جنهن کي ان جو تشڪيلي دور چئي سگهجي ٿو. دراصل هر ڪا نئين شاعري هڪ مسلسل تجربو هوندي آهي.“ (ص 16)
    ڪنهن به ٻوليءَ جو شاعر پنهنجي شاندار روايت/ ڪلاسيڪيت کان پنهنجو پاند آجو ڪرائي نه سگهندو آهي، ڇاڪاڻ ته سندس ٻولي، لولي، سوچڻ، لوچڻ، تهذيب، تمدن، ثقافت سڀ ڪجهه ان روايت سان ڳنڍيل هوندو آهي، جيڪا روايت پنهنجي شاندار رڪارڊ جي بنياد تي ان زبان جي ادب ۽ شاعريءَ جي ڪلاسيڪيت جو درجو حاصل ڪري وٺندي آهي، پر ان جو مقصد هرگز نه ٿو ٿئي ته فقط روايت جي پٺيان اکيون ٻوٽي هلجي. دنيا جي ڪيترين ئي زبانن جي اعليٰ فهم رکندڙ اديبن، شاعرن ۽ نقادن روايت ۽ جدت جو سنگم قائم رکيو آهي، ساڳئي وقت سنڌي شاعريءَ ۾ به روايت سان جدت کي ڳنڍي هلڻ جو مثال موجود آهي.
    ايران کان اڏامندي جڏهن غزل اسان وٽ پهتو ته هتان جي شاعرن ان کي فن ۽ مزاج مطابق قبول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. فن ته قبول جوڳو هو/ آهي، پر ان جو ايراني مزاج سنڌي مزاج سان ٺهڪي ڪيئن اچي؟ اهو سوال انهن ماڻهن لاءِ انتهائي ڳورو هو جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ ان جي روايت سان جڙيل مزاج کان واقف هئا. خليفي گُل هالائي جي ذهني تربيت ڪافيءَ جي شاعر پير علي گوهر ”اصغر“ وٽ ٿي، اِن لاءِ اُن جيڪو پهريون ڀيرو سنڌي غزل جو مڪمل ديوان ”ديوان گُل“ ڏنو. اهو هو ته عربي بحرن تي مشتمل پر اُن جا استعارا، تلميحون، تشبيهون مطلب ته سمورو ڪجهه سنڌي هو. ڇاڪاڻ ته هو روايت سان جُڙيل هجڻ باوجود شاعريءَ ۾ نئين هيئتن ڏانهن وڌي رهيو هو، اها اُن دور ۾ هڪ نئين اُمنگ هئي. هڪ نئين واٽ جنهن تي گُل کان پهرئين ڪي ٻيا شاعر نور محمد ”خسته“، حافظ عالي، مرزا تقي، ميان ڇتن، مُلا اويس شڪارپوري، مُلاصاحبڏنو ”صاحب“ ۽ خليفو ڪرم الله شڪارپوري به هليا، پر ڪو پڪو پختو رستو جوڙي نه سگهيا. ها البته رستي جا نشان مقرر ضرور ڪيائون. شعري هيئت ڪافيءَ سان لاڳاپيل خليفي گُل غزل چيا. سانچو فارسيدانن وارو استعمال ڪيائين، ان ۾ گَپ ۽ گَارو پنهنجو ڳوهيائين ۽ سنڌي غزل جي عمارت جوڙيائين:

    آيو اڄ يار گهر پيهي، وئا ڏُکڙا ورئا سُکڙا،
    مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، وئا ڏُکڙا ورئا سُکڙا،

    کلئو اڄ باغ گل رنگي، هزارو هيج مان زنگي،
    نباهئــــو نينـهــــن نــــــــر نيهـــــــي، وئـــا ڏُکـــــڙا ورئا سُکڙا.
    (ديوان گل، ص4، 1858ع)

    ”گُل“ بابت شمشيرالحيدري لکي ٿو:
    ”سنڌيءَ ۾ غزل جو پهريون نشان ”گُل“ جو ديوان آهي. غزل جي انهي شاعريءَ ۾ اسان کي فارسيت بجاءِ ٺيٺ سنڌي مزاج نظر ايندو، زبان، ماحول، فضا ۽ سمورا اسم هتي جا آهن، وڻ ۽ وليون ماڻهن جا ڌنڌا ۽ عادتون، ماڳ ۽ منظر سڀ مقامي آهن، بحرن ۾ عروضي قانون واري سختي ڪانهي ۽ صوتي اچارن تي قافيا به موجود آهن، جيئن سنڌيءَ جي ڪلاسيڪل شاعري ۾ آهن، سنڌي غزل جي اها پهرئين روايت هئي، جا تصوف جي دور سان متعلق آهي، پر گهڻو پوءِ جي غزل گو شاعرن جن کي اسين ”بي تعلق دور جا فارسيت زده شاعر“ چئون ٿا، انهيءَ روايت سان پنهنجو تعلق قائم نه ڪيو.“ (ص 22)

    گُل جي واٽ تي قاسم نه هلي سگهيو، ان جي غزل ۾ فارسيت جو رنگ غالب آهي. گُل کان پوءِ سانگيءَ جو غزل ان جي واٽ تي هليو ۽ وڌيڪ جَرڪيو. ”سنڌي شاعري جي مزاج“ واري باب ۾ حيدري صاحب لکي ٿو:
    ”سنڌي غزل ۾ ٻي اهم روايت ”سانگيءَ“ قائم ڪئي، جنهن پهريون ڀيرو عشقيه شاعريءَ کي مڪمل روپ ڏنو. سانگيءَ جي ڪلام ۾ به اسان کي ايراني منظر نٿا ملن، سندس زبان ۽ لب لهجو به مقامي آهي ته ان جي پيشڪش به پنهنجي اٿس. ڪلاسيڪي تلميحون به استعمال ڪيون اٿس ته ترڪيبون ۽ استعارا به. عروضي اصولن جي سختيءَ کي سانگيءَ به نه قبوليو آهي.“
    (ص 23-22)

    سانگيءَ کان پوءِ مرزا قليچ بيگ نثر ۽ نظم ۾ نوان بنياد رکيا. جيتوڻيڪ هن به عربي عروض جي مطابق شعر چيو، پر ان ۾ پنهنجي روايت ۽ مزاج کي قائم رکيو. سنڌ ۾ غزل جو وارد ٿيڻ به بادشاهن جي درٻار سان وابسته آهي ۽ ڪيترن ئي درٻاري شاعرن ان کي ان لاءِ واپرايو ته سندن انعامن ۽ مان مرتبي ۾ واڌارو ايندو، پر هنن تاريخ کان اڻڄاڻ شاعرن اهو سوچيو ئي نه، ته سڀاڻ جي نقاد جي نظر ۾ سندن شاعراڻي حيثيت ڇا رهندي؟ ساڳئي وقت غزل سان گڏ مثنوي، مسمط، رُباعي، مخمس ۽ مسدس جهڙيون شعري هيئتون به فارسيءَ مان سنڌيءَ ۾ پهتيون. هنن ۾ مسلسل بيانيءَ وارو پهلو موجود آهي، جيڪو سنڌي بيت، وائي ۽ ڪافيءَ ۾ به موجود آهي. منهنجي خيال موجب نظم به ان ئي بيت ۽ وائي ۽ ڪافيءَ جي بنيادي هيئت مان ئي ڦُٽي نڪتو آهي. سنڌي آزاد نظم ابتدا ۾ پابند نظم ۾ سفر ڪيو. صاحب مصنف سنڌيءَ جي ڪن ابتدائي ۽ شاهڪار نظمن جا نالا ڄاڻايا آهن.

    ”سنڌ ۾ عربي عروض ۽ فارسي آلوده غزل ته پهتو، پر ڪن ساڃاهه وند شاعرن ان کي پنهنجي مزاج سان قبول ڪيو ته ڪن ان کي ان جي فارسي مزاج سان قبول ڪيو. اهڙا شاعر شعر جي روح تائين ته نه پهچي سگهيا مگر ٺلهو فن جي پٺيان پنهنجيون زندگيون ڳاري ويٺا. هن ايڏي وٺ وٺان کان پوءِ به سنڌي شاعريءَ جي روايت قائم رهي، ڇاڪاڻ ته جنهن به شعر جون پاڙون پنهنجي زمين ۾ کُتل هونديون آهن، اهو شعر هزارن سالن جي حياتي ماڻيندو آهي. فارسي غزل کي سنڌي مزاج سان قبول ڪندڙ ان ۾ محبوب ”رقيب رو سياه“ جي بجاءِ ڪلاسيڪل شاعريءَ جيان محبوب کي مذڪر بجاءِ مؤنث ۾ پيش ڪيو.“ (ص 26).
    شمشيرالحيدري ان بحث کان پوءِ لکي ٿو:
    ”پنهنجي ماضي جي زندهه روايتن جي حفاظت سان گڏ، هر ڪا شاعري پنهنجي دور جون نيون روايتون به قائم ڪندي آهي، ڇو ته ان جو پنهنجو زمانو ۽ بدليل حالتون هونديون آهن، جديد شاعريءَ جو هيئت جي تجربن ۾ سڀ کان وڏو اضافو ”جديد نظم“ آهي.... مواد جي لحاظ کان زماني جي جديد ترين فڪر ۽ بين الاقوامي احساس کي سنڌي شاعريءَ ۾ جڳهه ڏني ويئي آهي. بنيادي روايتن جي حوالي سان هيءَ ڳالهه شايد سڀ کان اهم آهي ته جديد نظم نگاريءَ ۾ ڪٿي به مغربي منظر نه ايندا.“ (ص 27-26)

    بحث کي گڏ ڪندي شمشيرالحيدري ڪي نتيجا به ڪڍي ٿو:
    (1) سنڌيءَ جي ”عظيم شاعري“ (ڪلاسيڪل) عروضي پيمانن تي نه بلڪ هندي وزن ۽ موسيقيءَ جي اصولن تي ٻڌل آهي.
    (2) عروضي پابنديون سنڌي مزاج سان ٺهڪندڙ نه آهن ۽ سنڌي شاعرن انهن تي ڪڏهن به مڪمل طرح عمل نه ڪيو آهي.
    (3) ٺيٺ ايراني ماحول واري روايتي شاعري، شروع کان اڄ تائين، سنڌي شاعريءَ جي ڪنهن به دور سان نه ٿي ٺهڪي ۽ اها سنڌي مزاج کان مختلف آهي.
    (4) سنڌي شاعري شروع کان اڄ تائين ٻاهريون صنفون فقط اظهار جي سانچي طور اختيار ڪيون آهن. هڪڙي گروهه انهن ۾ زبان، مواد، ماحول، ڪردارن ۽ اسلوب جي لحاظ کان مڪمل طرح ايراني شاعريءَ جي تقليد ڪئي، تنهنڪري سنڌي شاعريءَ جي ارتقا ۾ ان جو ڪوبه دخل ڪونهي.
    (5) جديد شاعري، ڪلاسيڪي دور جو نئون تعبير آهي ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي. (ص 28-27)

    سنڌيءَ ۾ آزاد نظم اردو کان پوءِ آيو آهي، اردو اسان جي تمام ويجهڙائيءَ واري زبان آهي جو ڏينهن رات اسان جو ان زبان سان واسطو پئي ٿو، ان زبان جا اديب ۽ شاعر بُت شِڪن آهن، هو وقت ۽ حالتن سان گڏوگڏ شعر جي خصوصيت، اهميت، مزاج سان گڏوگڏ هيئتن ۾ به ڦير ڦار ڪندا رهن ٿا. شمشيرالحيدري جي ”آزاد نظم - اردو ۾“ جي سري هيٺ ڪيل تفصيلي گفتگوءَ مان اهو ظاهر آهي ته اردو دان محمد حسين ”آزاد“ 15- آگسٽ 1867ع تي ”نظم اور کلام، موزون کے باب ميں خيالات“ جي عنوان سان ليڪچر ۾ روايتي شاعريءَ جي سطحيت ۽ غير سنجيدگيءَ جي خلاف ڳالهايو. (ص 36)
    اڳتي هلي 1874ع ۾ هڪ مشاعري ۾ آزاد ۽ حاليءَ پنهنجا نظم پڙهيا. اها ڳالهه ان وقت ۾ رِوايت شِڪن هئي، پر باوجود ان جي، هنن ٻنهي صاحبن جا نظم خيال ۾ ته نوان هئا پر هنن جي هيئت ۽ اسلوب ساڳيو مثنوين ۽ قصيدن جهڙو هو، پر تنهن هوندي به هنن جي نظمن اردو شاعريءَ کي نوان موضوع ڏنا (ص 37). اهڙيءَ ريت اردو جي هنن روشن خيال اديبن ۽ شاعرن جي ڪوششن ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اردو شاعريءَ ۾ آزاد، حالي، اسماعيل ميرٺي، مولانا عبدالحليم شرر، مولوي حيدر علي طبا طبائي، مولوي عبدالحق ۽ سجاد حيدر يلدرم تبديليون آنديون، اهي تبديليون فن ۽ فڪر جي حوالي سان هيون، ان طرح اهي تبديليون سفر در سفر آزاد نظم تائين پهتيون. لڳ ڀڳ 1900 عيسوي ۾ مولانا عبدالحليم شرر بنا قافيي جي نظم ۾ ڊرامو لکيو، جيڪو ”دلگذار“ رسالي ۾ شايع ٿيو، جنهن کان پوءِ اردو شاعريءَ ۾ اهي هيئتي تجربا ڪامياب ٿيا، ن.م راشد ۽ ميراجي 1935ع کان آزاد نظم ڏانهن باقاعده قدم وڌايو.
    شمشيرالحيدري جي هن گفتگوءَ کان پوءِ اسان جي سامهون اردو زبان ۾ آزاد نظم جو پس منظر چٽو ٿي بيهي ٿو، جنهن مان سمجهي سگهجي ٿو ته اردو جا اديب ۽ شاعر رِوايت شِڪن رهيا آهن، هنن جلد ئي وقت سان گڏ پنهنجي شاعريءَ جي مزاج کي سمجهي ان ۾ تبديليون آنديون.
    ”آزاد نظم جي اوسر“ مقالي جو پنجون باب ”غزل کان آزاد نظم تائين“ اهم باب آهي، جنهن ۾ ”سنڌي شاعري ۾ نظم جو لاڙو“، ”نظم جو فني مزاج“، ”آزاد نظم جي اصليت“ جي عنوان هيٺ سنڌي شاعري جي ڪَومَل مزاج، گهاڙيٽن اندر تبديلي جي گنجائش، سنڌي سماج جي حالتن جي پس منظر ۾ نظم جي فطري ضرورت بابت جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي آهي، ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌيءَ ۾ بيت ۽ وائي بنيادي گهاڙيٽا آهن، جنهن مان ئي نظم جو وجود ٿيو. حيدري صاحب جي خيال موجب خليفي گُل جا ڪجهه غزل مسلسل غزل آهن، جيڪي نظم کي ويجها آهن. ڪافيءَ داخلي ۽ بيت خارجي ڪيفيتن جي ڀرپور ترجماني ڪن ٿا ۽ آزاد نظم انهن ٻنهي ڪيفيتن جي گڏيل تصوير آهي. مقالي جو مصنف لکي ٿو:

    ”فني مزاج جي لحاظ کان ”نظم“ جي صنف ئي آهي، جنهن ۾ داخلي ۽ خارجي ڪيفيت يعني ”غمِ جانان“ ۽ ”غمِ دوران“ يا ”جذبي“ ۽ ”فڪر“ جو بهترين ميلاپ پيدا ٿي سگهي ٿو“.
    (ص 60)

    آزاد نظم جي وجود ۾ اچڻ جي بنيادي سبب بابت لکي ٿو:

    ”زندگي جي اڄوڪيءَ سخت ڪشمڪش واري حالت ۾ ”ذاتي ڏُکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي، ۽ سڄي دنيا جي ملڪن ۽ تهذيبن جي هڪٻئي ۾ قربت وڌي وڃڻ ڪري ”انساني ڏکن“ جو دائرو به وسيع ٿي ويو آهي. شخصيت ۽ انسانيت جي انهي تاريخي احساسات جي ڀرپور ترجمانيءَ لاءِ گهربل وسعت جي تصور مان ئي ”آزاد نظم“ جي صنف جي ايجاد عمل ۾ ئي آئي آهي.“ (ص 60)

    سنڌيءَ ۾ مرزا قليچ بيگ وڏو انقلاب آندو، هن پرڏيهي ادب کي ترجمي جي صورت ۾ سنڌيءَ ۾ منتقل ڪيو جنهن کي مرزا صاحب جا آزاد ترجما سڏي سگهجن ٿا جو اصل جي خيال کي سنڌيءَ ۾ آڻيندي ان کي مقامي ماحول ڏنو. اهڙيءَ ريت سنڌي ادب ۾ نوان خيال ۽ گهاڙيٽا متعارف ٿيا. مرزا صاحب خود به طبعزاد نظم لکيا. هن جا نظم سنڌي شاعريءَ ۾ تبديلي جو سبب بڻيا. ڪشنچند بيوس به جديد شاعريءَ ڏانهن مضبوط وکون کنيون ۽ اِهائي واٽ اختيار ڪندي ورهاڱي کان ڏهاڪو سال اڳ سوڀراج ”فاني“ سنڌيءَ جو پهريون آزاد نظم لکيو جيڪو ”سنڌو“ رسالي ۾ شايع ٿيو(ص 86). اهڙيءَ طرح شيخ اياز، شيخ راز، نارائڻ شيام ۽ ڪن ان وقت جي نوجوان شاعرن آزاد نظم تي تجربا ڪيا (ص 86).
    ورهاڱي کان پوءِ هن صنف به پنهنجو سفر جاري رکيو. شيخ اياز، تنوير عباسي، امداد حسيني، گورڌن محبوباڻي، نعيم دريشاڻي، شيخ راز، قمر شهباز، تاج بلوچ، واسديو نرمل، ارجن شاد ۽ ٻين ڪيترن ئي آزاد نظم لکيا. هن وقت هيءَ صنف نوجوان شاعرن جي محبوب صنف بڻجي چڪي آهي. ڪيترائي بهترين آزاد ۽ نثري نظم لکيا ويا آهن، پر ان سان گڏ نئين ٽهي ان لاءِ رياضت جي عمل کي هن وقت گهٽائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ صنف جيتري آسان نظر اچي ٿي. اوتري ئي اها ڏکي، وقت گهرندڙ، گهري مطالعي ۽ مشاهدي تي آڌاريل آهي.
    شمشيرالحيدري هڪ سُڄاڻ نقاد وانگر آزاد نظم جي دنيا ۾ ابتدا، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ان جي ارتقا، سنڌي شاعريءَ جي مزاج، گهاڙيٽن ۾ تبديلين ۽ آزاد نظم جي فن بابت هن مختصر، پر جامع مقالي ۾ انتهائي ڌيان، گيان ۽ سنجيدگيءَ سان لکيو آهي.
    هيءُ ڪتاب موضوع ۽ ان جي مضمونن ۽ مواد جي ترتيب جي حوالي سان اڌ صدي گذرڻ بعد به انتهائي اهم ۽ ڪارائتو آهي، جنهن جو مطالعو سنڌي ادب جي شاگردن ۽ استادن لاءِ اڄ به ضروري آهي.
    شمشيرالحيدري جي سنڌي ادب لاءِ ڪيل هيءَ محنت، اڄ به اسان کان گهڻو مانُ گهري ٿي!!
    (ٽماهي مهراڻ، 3/2013)


    تنوير عباسي: گيت تنوير جو ڳائي ڇڏجي

    سُونهن ۽ دلڪشي جا ڪيترائي رنگ ٿي سگهن ٿا. ڪنهن جي نيڻ کان ويندي ڪارن زُلفن تائين، ڪنهن جي مٺي گفتار کان ويندي سوچ جي نزاڪت تائين، خوابن کان ويندي ڪَومَل اَحساسن تائين، سُونهن سُرهاڻ، خوبصورتي، رنگيني ۽ دلڪشي جو هڪ وڏو جهان ڪائنات ۾ رَقصان آهي؛ پر اُن جهان کي ان سُونهن جي رنگ رنگ ڌاڳن کي هڪ هنڌ سميٽي اچجي، هڪ هنڌ ترتيب سان اُڻجي اهو شاعر ئي ٿي سگهي ٿو، شاعر جو اندر خيالن، جذبن، احساسن، خوابن، خوبصورتين ۽ دلڪشين جي دنيا هوندي آهي. اُهي خوبصورت شاعر جيڪي پنهنجي ذهن، سوچ، اکين ۾ سُونهن ۽ سَچائي کڻي هلندا آهن. انهن جي هر سٽ، هر لفظ، هر تخليق ۾ زندگي جو گيت هوندو آهي. پنهنجي ميت جي سار هوندي آهي. اوسار هوندي آهي. خوشبوءِ، سونهن ۽ سُرهائي جو سنيهو هوندو آهي. نينهن جو مينهن هوندو آهي، جيڪو هن جي شعرن جي معرفت اسان مٿان وسندو آهي ۽ پوءِ اسان جا من ان شاعر جي ڪيفيتن، جذبن احساسن ۽ خيالن ۾ ڀُڄندا رهندا آهن:

    رات مـان آيــو سنــدءِ، وارن جــو واس،
    تـون وسيـن ٿـو، روح جي ئي آس پاس.

    ٿي ته ڏس تـون، گيت ڪـو سنگيت جو،
    پائي ڏس تون، منهنجي لفظن جو لباس.

    ڪيڏو نه حَسيِن خيال آهي اسان جي هن خوبصورت ڪوي تنوير عباسيءَ جو ته پرين ته منهنجي روح جي آس پاس ئي واسو ڪيو ويٺو آ ۽ پوءِ جڏهن پرين روح جي آس پاس ئي هجي ته رات مان ڇو نه ان جي وارن جو واس اچي! اها ڪيفيت به ڏاڍي عجيب آ، جيڪا ماڻهو کان سفر ڪرائي ٿي. سفر اُهو جو انسان پنهنجي اندر جي دنيا ۾ ڪري ٿو ۽ اُهو سفر_ سفر من اندر ئي آهي جنهن جو انت ته ڪٿي به ناهي_ بس اندر جي دنيا ۾ ڏکن، سُکن، تڪليفن، سُرهاين، احساسن، جذبن، خوشي ۽ غصي جو هڪ گهاٽو جهنگ آهي جنهن کي هر ماڻهو هر وقت لتاڙيندو رهي ٿو، اُن سفر جي محسوسات کي ڪو شاعر، ڪو تخليقار ئي لفظن جو روپ ڏئي عيان ڪري ٿو ۽ بيان ڪري ٿو:
    تنوير عباسي بنيادي طور تي سُونهن جو شاعر آهي، خوبصورتي جو شاعر آهي، زندگي جو شاعر آهي، خوابن جو شاعر آهي، احساسن جو شاعر آهي. هن پنهنجي نظم ”مانڊاڻ“ ۾ زندگي کي ڳايو آهي. ان جي روپ رنگ کي چٽيو آهي چئي ٿو:
    زندگي ۾ ڪڏهين تنهنجي، مرڪ جو ميٺـــــاج هو،
    تنهنجي اکڙين جو خمار،
    تنهنجي جوڀن جو بهار،
    وقت جو اهــــڙو جو دل تــي،سونهن جو ئي راڄ هو،
    ساري دنيا هئي حسين،
    مون به ٿوري دير لئه، لاتي هئي لُنئون اوپرين.

    سو تنوير جي لفظ لفظ مان واس اچي ٿو، زندگي جي المين جي تصوير اڀري ٿي، سُونهن جا رنگ گهرا ٿين ٿا، زندگي ور ور ڏئي جهومي ٿي، نَچي ٿي_ڪُڏي ٿي، زندگيءَ جي المين جا داستان ته کٽڻا ناهن، پر ڇا سٺو نه آهي ته پاڻ مان ٻين کي خوشي ڏجي، مرڪون ڏجن، گيتن ۾ خوشبوئون ڏجن، سُونهن ڏجي، سُرهاڻ ڏجي، نينهن ڏجي، شاعر جو لفظ لفظ خوبصورت احساسن جو جهان بڻجي پوي_ سو اسان جي انتهائي پياري شاعر تنوير عباسي وک وک تي نينهن جا نياپا ڏنا آهن، سونهن جي سُرهاڻ وکيري آهي، هِن جا خيال بنهه نوان آهن، ڄڻ هن اسان جي فطري ڪيفيتن کي پنهنجي لفظن ۾ ويهي چٽيو آهي.

    تون جو مون ڏانهن، ائين نهارين ٿو،
    مون کي مارين ٿو، يا جيارين ٿو،

    تون وراڻي، پڙاڏو تون، سڏ تون،
    پاڻ ئي پاڻ کي، پڪارين ٿو،

    عشق عجيب ڪيفيت آهي_جنهن جي اندر ۾ ڪنهن مُکڙي جيان ٽڙندو آهي ته ان جي زندگي جا رنگ رُوپ ئي مَٽجي ويندا آهن، هُن جي سوچ جو مَحور فقط اُهي ئي خماريل نيڻ هوندا آهن، جن جي ڪٽورين مان هو نينهن جي مَڌ جون سُرڪيون ڀريندو آهي. برهه جي باهه آڏو ته عاشق کي ٻي ڪا به تپش محسوس ئي نه ٿيندي آهي، هن جو اندر ته هر گهڙي عشق جي آتش ۾ جلندو آهي ۽ هو نينهن جي نشي ۾ مست الست رهندو آهي. عشق جي ان ڪيفيت/ حالت کي ڪوي جو قلم جڏهن پينٽ ڪندو آهي ته ان ڪَوِي جا لفظ به سَون سَريکا بڻجي ويندا آهن ۽ پڙهندڙ کي اڻ پيتي جا خُمار مخمور بڻائي وجهندا آهن. تنوير عباسي اهو ڪوي آهي جنهن جا سَون سَريکا لفظ نينهن جي نشي ۾ خُماريل نيڻن جهڙا آهن، اهڙا نيڻ جيڪي جڏهن ڪنهن ڏانهن کڄن ٿا ته ان کي مخمور بڻائي وجهن ٿا ۽ تنوير پنهنجي عشق جي ڪٿا جي شروعات ڄڻ هنن سٽن سان ڪري ويٺو:

    اکڙيون ڪيئن اڙيون،
    سارو لـــوڪ لتاڙي آيُون، توڏي ڪيئن لڙيون،
    اکڙيون ڪيئن اڙيون.

    ۽ اڳتي ڪجهه هن طرح پنهنجي ڪيفيتن ۽ جذبن جو اظهار ڪندي تنوير چئي ويٺو:

    سَوڪَهڙي تي ساوڪ آڻي، سانوڻ مينهن پيا،
    تو سان نينهن ٿيا.
    ڳاڙها، پِيلا، ناســــي نيلا، ڄڻ ڪي گل ٽڙيا،
    تو سان نينهن ٿيا.

    ۽ پوءِ جڏهن نينهن جي نسري پوي ۽ موتئي جي واس ۾ پرين جي بدن جي خوشبوءِ عاشق کي بي حال بڻائي وجهي ته پوءِ ننڊ ته نيڻن کان ڪوهين ڏور هلي وڃي ٿي ۽ اهڙي حالت اسان جي هن ڪوي سان ٿيڻ به لازم آهي:

    سارو ڳوٺ ڳهرجــي ويــــو آ،
    ســـاري خلق سُتـــي پئي آهي،
    منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي،

    ٻيو ڪو جاڳي يا نه تڏهن ڀي،
    منهنجي اَک کُلي پئي آهي.
    منهنجي ننڊ ڦٽي پئي آهي.

    هو پنهنجي عشق ۾ خود اعتمادي رکي ٿو لوڪ ڀلي ڇا چئي پر هو پنهنجي عشق ۾ صادق آ ۽ اُن لاءِ هن وٽ برهه جي خود اعتمادي آهي:
    پنهنجو پيار به پارس آهي،
    لوهه لوهه کي سون بنائي.

    پنهنجي مٽي سُرهي آهي،
    جڳ ۾ جا خوشبوءِ ڦهلائي.

    تنوير عباسي هڪ اهڙو ڪوي هو جنهن بنهه سادگي سان پنهنجن جذبن، احساسن ۽ ڪيفيتن کي لفظ جي مالها ۾ ڪمال ڪاريگري سان پويو آهي. هن جي اظهار جي انداز جي اها سادگي ئي آهي، جنهن کيس بنهه نرالو بڻائي وڌو، هن جي انڊلٺي شاعري مان هت ڪيترا رنگ چٽجن؟ چئي ٿو،

    شرم ٻوٽي ڇهڻ ساڻ ڪُومائجي،
    تو کي هٿ لايان، تون ٽڙي ٿي پوين.
    سج جي روشني جهٽي اولڙو،
    چوڏهين چنڊ وانگر کڙي ٿي پوين.

    ۽ سندس ڪجهه حُسناڪي سان پُر سٽن جو سواد به وٺجي:

    ڪونج جهڙي ڳچي،
    ڊيل جان ٽوڙ آ،

    وار ڀنڀا ڀنل
    رنگ ئي اور آ.

    پاڻ خاموش ۽
    شهر ۾ شور آ.

    پير پنهنجا ڏسي،
    جي ڪوئي مور آ.

    دل ۾ آهي اهو،
    دل جو جو چور آ.

    هت پنهون ٿا کڄن،
    هي ڀنڀور آ.

    تنوير عباسي جيتوڻيڪ پيشي جي لحاّظ کان M.B.B.S ڊاڪٽر هو پر هن ماڻهو جي اندر جي دنيا کي لفظن ۾ پينٽ ڪيو ۽ ڏاڍي سادي سودي انداز ۾ اهو به چئي ڏنو:
    مان تنوير آهيان پوان شل قبول

    سو اڄ سندس ٻارهين ورسي تي اسان کيس اُن ئي سِڪ ۽ اُڪير مان ياد ڪيون ٿا ۽ تاريخ پاڻ ئي ثابت ڪندي ته ”او تنوير“ تون الائي ته ڪيترن نسلن وٽ قبول پئجي چڪو آهين؛ تنهنجا لفظ هوائن ۾ ٻري رهيا آهن، ۽ الائي ڪيترن چپن تي چري رهيا آهن ۽ اسان کي تنهنجا ئي هي لفظ اهو يقين ڏياري رهيا آهن ته تون اڄ به هت موجود آهين اسان جي حواسن ۾، دلين ۾، هر لکندڙ لفظ ۾ تون گڏ آهين. او تنوير جيڪا تو شمع ٻاري هئي اسان سڀ قلم جا پروانا اڃا به ٻاريندا اچون.
    (ماهوار پرک، نومبر 2011ع)


    قمر شهباز : جيئن واس جدا ٿئي مکڙين مان

    زندگي جي ڪتاب تي ڪڏهن ڪئين واقعا، لمحا اهڙي انداز ۽ ڍنگ سان پاڻ مرادو تحرير ٿي ويندا آهن جو اُهي واقعا ۽ لمحا انهن گهڙين ۾ ايترا اهم ۽ غير معمولي نه لڳندا آهن پر وقت جي دز ۾ لٽجڻ کان پوء انهن سمورن واقعن جو اثر ايترو ته گهرو ٿي ويندو آهي جو ان کان پاڻ کي جدا ڪرڻ ڏاڍو اوکو ٿي پوندو آهي.
    قمر شهباز جيڪو سنڌي ادب ۾ريڊيو، ڪهاڻي، ڊراما ۽ شاعري جي حوالي سان هڪ سدا حيات ۽ سدا بهار نالو آهي جيڪو پنهنجي تخليق ۾ اسان کي گهڻو مٿي جرڪندي نظر اچي رهيو آهي، ان ئي قمر شهباز جي هڪ گيت جو هي سٽون منهنجي ابتدائي ادبي دور ۾ وڏي معنى رکن ٿيون:

    جي سونهن گهرين ها ساٿيئڙا،
    مان چانڊوڪي چورايان ها.

    جـي پيـار گهريـن هـا پـانـڌيئـڙا،
    مـان مـرڪـي جــان جلايـان هـا.

    جي گيت گهرين ها منهنجا پرين،
    مـان سُـڏڪـن جـي سُـر ڳايـان ها.

    جـي سـوچ گهريـن هـا سانولڙا،
    مـان روح جي لـوچ لڪايـان ها.

    هو جيڪو عشق ۾ پاڻ ارپڻ جو فڪر رکندڙ هو ان جي تازي لکيل ڪهاڻي ”تياڳ“ ۾ ان جو چٽو ثبوت آهي. پاڻ تي سرجيل قمر شهباز جي اها ڪهاڻي محبتن جي اڻکٽ سفر جي طويل ڪٿا آهي. حاصلاتون، جهاڳڻ، لوچڻ ۽ تڙپڻ کان پوء به پلئه پون ٿيون يا نه اهو ته وقت ئي فيصلو ڪري ٿو. قمر شهباز جي مٿين گيت ۽ سندس ڪهاڻي تياڳ مون کي سندس ئي حيات جا ٻه پاسا لڳن ٿا. چئي ٿو:

    چپ چاپ اڪيلن راهن ۾،
    ڇو نِٽهڻ اُس جو تاءُ گهريئي.

    مان درد ڇپائي نيڻن ۾،
    هر ويل ٿو مُرڪان ويڻن ۾.

    ۽ پنهنجي ڪهاڻي ”تياڳ“ ۾ لکي ٿو:

    ”عبادت سمجهي پوڄيندو رهيس ان پاڇي کي، جيڪو سدائين ساڻ رهيم ته سهي، پر منهنجو نه هو، جهول ڀري ورتم آس جي ڪُومائل مُکڙين سان، بنواس ائين ئي ته وٺندا آهن دل وارا چاهتن جي دنيا مان.“

    ان ئي ڪهاڻي ۾ هڪ ٻيو جملو ڪيڏي نه گهري معنى رکي ٿو: ”يادن جي هجوم ۾ اڪيلو ئي ڪڏهن آهيان.“
    چاهتن جي سنسار مان بنواس وٺڻ ۽ يادن جي هجوم ۾ حيات جو سفر روان دوان رکڻ به وڏو آرٽ آهي جيڪو هڪ فنڪار ئي پورو ڪري سگهي ٿو. ائين به عشق جي حاصلات ممڪن ئي ناهي. عشق لا حاصل جي ان ڪيفيت جو نالو آهي جيڪو پل پل ۾ عاشق کي وڃائي ٿو ۽ عاشق پاڻ وڃائڻ کان پوءِ ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو. عشق سحر آهي جيڪو ادب لاءِ آڪسيجن جي حيثيت رکي ٿو. قمر شهباز ان سحر ۾ پاڻ کي جڪڙيل ڏٺو تڏهن سندس ڪهاڻي ”تياڳ“ جون هي سٽون ڪيتريون نه معنى دار ٿي پيون آهن:
    ”ورهه ٿي ويا اٿم، ائين اکيون بند ئي، کوليندس ته خواب ٽٽي پوندو. بيابان موٽي ايندو ۽ وريام اُن ۾ ڪٿي وڃائجي ويندو.“
    ”تياڳ“ يا سندس ٻيون ڪيتريون ئي تازيون لکيل ڪهاڻيون جنهن ۾ ”جڏهن بيت تنهنجا رنا هئا ڀٽائي، ڏاڏي آدم جو سوال، رئيس جي پُراسرار بيماري“ حساس ۽ سوچيندڙ ڪهاڻيون آهن. جنهن ۾ هن ڏاڍي نفاست ۽ پيڙاءُ مان حالتن جو اڀياس آرٽ جي ذريعي ڪيو آهي. هِن جون اِهي ڪهاڻيون سوچيندڙ ذهن ۽ حساس دل جون اثرائتيون ۽ ڇرڪائيندڙ ڪهاڻيون آهن. ”جڏهن بيت تنهنجا رنا هئا ڀٽائي“ جون ابتدائي سٽون ئي حقيقت پسند آهن. اڄ به اسان جي سماج جي ٺيڪيدارن جي اها ئي حالت آهي. چَهرا مٽائڻ ۽ جوڙجڪ تبديل ڪرڻ سان سماج جي ٺيڪيدارن جي سوچ، ذهنيت ته تبديل نه ٿِي ٿي سگهي. ”رئيس جي پراسرار بيماري“ ان ئي بدبودار سماج تي گهروڙي ڏنل ڀونڊو آهي. سندس ان ڪهاڻي جو آخري جملو:
    ”رئيس کي لُوسڻ جو نڪ پيدا ٿي پيو آهي! جيترو ٿو ڪٽجي اوترو ئي ٿو وڌي، هاڻي ته ڏاٽي کان به ڳالهه چڙهي وئي آهي“ يا هن ڪهاڻي ”ڏاڏي آدم جو سوال“ هن سماج جي حقيقي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ غيرت ۽ عزت جا معيار کوکلا ۽ بي بنياد آهن، انفرادي سطح تي خسيس مفادن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي روپ، ٻهروپ اختيار ڪيا وڃن ٿا، اُهي انتهائي غليظ ۽ مڪروهه ڪندڙ آهن. هي ڪهاڻي ڌپ ڪري ويل سماج جي غلاظتن جي ڪهاڻي آهي، جنهن ڏاڏي آدم جو سوال ڪچهري ۾ ويٺل مڙس ماڻهن کي هڪ لمحي لاءِ لوڏي ڇڏي ٿو ۽ ڪيتري دير تائين دکندڙ سگريٽ ”مينهان خان“ جي آڱرين کي ساڙيندو رهي ٿو.
    قمر شهباز حقيقت ۾ هڪ ڪميٽيڊ ليکڪ هو. هن جڏهن جڏهن به لکيو ته پنهنجي ڌرتي وارن لاءِ لکيو، انهن جي متعلق لکيو. هن جي سامهون ادب ڪا واٽ وندر نه هئي پر هن جا ليک، شاعري، ڪهاڻيون، ڪالم اِن ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته قمر شهباز ادب کي گهگهه اوندهه ۾ روشني جو ڪرڻو سمجهيو آهي. هن جي سامهون پنهنجن ماروئڙن، سانگيئڙن سان ٿيندڙ ناانصافيون، اڻ برابريون، ظلم، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، بربريت، ڦرمار، پيرپرستي توڙي رئيس پرستي جا ناڪاري رويا گُهٽ، ٻوساٽ واري سماج جا هانءُ ڇڄيندڙ، معصوم جذبن، ارمانن، احساسن ۽ محبتن تي راتاها هڻندڙ جا مڪروهه چهرا هن جي سامهون ڏاڍي غرور ۽ تڪبر سان بيٺل هئا، جن کي هو هر روز پنهنجي لفظن جون بڙڇيو هڻندو هو. هن جي اندر ۾ ڌرتي سان لازوال محبت جو درياءُ وهي رهيو هو. هن پنهنجي عمر جي آخري پد تائين لکيو ۽ ڇا ته شاهڪار لکيو! هن جي اندر جو تخليقڪار ڪڏهن ماٺو نه ٿيو. هن جو آزاد نظم ”سراب آزادي جو“ هن جي تخليقي جوهر جو اعلى مثال آهي. هن طويل آزاد نظم ۾ قمر شهباز جيڪو ردم قائم رکيو ۽ جيڪا خيال جي رواني ۽ گهرائي هن نظم ۾ ڇلڪي رهي آهي اها ئي ان نظم جو حقيقي روح آهي:

    ۽ اُهي
    جِن وڃائي ڇڏيون هيون
    جواني جو راتيون،
    محبت جون باتيون
    سلاخن جي پويان
    گمنام رهندي
    سوين درد سهندي

    ۽ اُهي
    جن جي پيرن ۾ پازيب پيا ها
    زنجيرن جا
    ۽ ڪراين ۾ گجرا ها ٻيڙين سندي
    مالها سجي هئي

    ۽ اُهي سڀ
    جي ڪُوڙن بدوڙن ڪوڙن جي
    ڀوَ کان ڊنا ڪين ها
    ۽ جن جي اکين ۾
    عزم جي ڏياٽي سواءِ ڪجهه نه هو

    ۽ جن جي ازم ۾ عزازيل جهڙي
    خودي هئي
    خدا هئي.
    (ماهوار ”روح رهاڻ“ مارچ اپريل 2009، ص33)

    وقت جي دز ۾ وڃائجي ويل پنهنجي ماروئڙن کي ڪيڏي اذيت ۽ پيڙاءُ مان ساريندي قمر شهباز اُجري باک جا سپنا پنهنجي نيڻ ۾ سجائي رکي ٿو:

    ۽ اُهي سڀ
    صدين کان وڃايل، اڃايل، ستايل،
    ڪروڙين ۽ اربين ۽ پدمين غلام
    جنين زندگي ۾ بهارون نه ماڻيون
    سهارن جي ڳولا ۾ ڀٽڪيا جي در در
    ۽ جن جون بنا ملهه نياڻيون وڪاڻيون
    ڪڏهن جابرن جي
    ڪڏهن آمرن جي
    ڪڏهن قاتلن جي
    هو بوٽن هيٺيان چيٿاڙيا، چيڀاٽيا
    چيچاڙيا ويا
    ڪهاڙن ۽ ڪاتين ۽ تيرن ۽ تبرن
    ۽ نيزن، گولين ۽ بارود جي باهه ۾
    هو سائي، ميڪاٽيا ۽ ساڙيا ويا

    ۽ اُهي سڀ
    صدين کان وڃايل، اڃايل، ستايل
    ڪروڙين ۽ اربين ۽ پدمين غلام
    ڌرتي جي دزن مان ٻيهر اٿي پيا
    انهي آس تي
    ته تارن ۽ ڪتين ۽ ٽيڙن جي وچ ۾
    نئون ڪو گرهه هاڻي نروار ٿيندو
    ۽ ظالم ۽ جابر ۽ آمر ۽ ڪانئر ۽ قاتل
    جي سر تي وڏو وار ٿيندو!

    قلمڪار پنهنجي فڪري سگهه سبب ايڏو ته طاقتور فرد ٿئي ٿو جو هن جي قلم کان ايوانن جا بُرج لُڏن ٿا. ڌرتي ڌٻي ٿي ۽ استحصالي قوتن ۾ ڄڻ زلزلو اچي وڃي ٿو. قلمڪار جو قلم صدين تائين جيئندو آهي، قلمڪار قومن جو امانتدار ٿئي ٿو هن سچائي ۽ ايمانداري مان ادا ڪيل ڪم هن جو تاريخ ۾ جياپو آهي. تنوير عباسي قلمڪار جي اهڙي عظيم مقصد جي پس منظر ۾ چيو هو:

    اسان کي قلم جو قسم آ
    اســـــان جو قلـــــم محترم آ
    اسـان جو قلــــم عَلــم آ
    (سج تري هيٺان)

    سو قمر شهباز به سنڌ جي انهن سرموڙن اديبن، شاعرن منجهان هو جنهن هر وقت پاڻ کي ڌرتي سان سلهاڙيل رکيو. 17 جون 2006ع تي ڪلڪتي، انڊيا ۾ هڪ سيمينار ۾ ڳالهائيندي هن هڪ نئين جهان جا سپنا اڻيا هئا، هڪ اهڙو جهان جنهن ۾ ميٺ، محبت، سهپ، رواداري، ڀائيچاري سان گڏ ماروئڙن جي مُک تي مرڪن جو، خوشين جو قحط نه هجي، بلڪ هر پاسي، هر طرف ميگهه ملهار هجي، ڀٽ آباد هجن، ويڙهيچن جا ويڙها وسن ۽ ڌرتيءَ جا اصلي ۽ حقيقي وارث پنهنجي مٽيءَ ۾ شاد رهن.
    قمر شهباز هڪ نئين، اُجري ۽ دوکي ۽ دولاپ کان پاڪ جهان جي آس، اُميد، خواهش ۽ خواب پنهنجي نيڻن ۾ سجائي اسان کان جدا ته ٿي ويو پر هِن جو اِهو خواب اڄ نه ته سُڀاڻ ساڀيان ضرور پائيندو.

    (ماهوار امرتا)


    منصور ويراڳي: منصور سڄڻ آڏو ڪئي پيش صداقت سان

    اڄ جنهن شخصيت بابت اوهان سان مخاطب ٿي رهيو آهيان؛ اُن بابت لکڻ لاءِ گھڻي عرصي کان سوچيندو اچان، پر جڏهن پنج سال اڳ اها شخصيت هي جهان ڇڏي وئي ته بارها چاهڻ جي آئون ڪجھ نه لکي سگھيو هيس سواءِ سندس پٿر تي رکيل تعزيتي نوٽ بڪ ۾ ٻه چار سٽون لکڻ جي. ان کان وڌيڪ اڃان تائين ٻيو ڪجھ به ان بابت لکي نه سگھيو آهيان.
    اهو هڪڙو سوال منهنجي آڏو به آهي، خبر ناهي ته ڇو آئون پنهنجن مهربان استادن / دوستن بابت لکي نه سگھيو آهيان. لکڻ ته دادو سان تعلق رکندڙ نامياري محقق الهنواز رڪڻائي تي به چاهيان ٿو جنهن سان ڪيترا ڀيرا علمي بحث به ٿيا ته کانئس ڄاڻ به حاصل ڪيم. لکڻ ته آئون پنهنجي محترم دوست مولا بخش ڪاڪا تي به ٿو چاهيان، جنهن جي وڇوڙي جي خبر اڄ به هانءُ کي ڏنگيندي رهندي آهي؛ پر اڄ اوهان سان جنهن جي سار اوسار ونڊڻ گھران ٿو ان کي سڄي سنڌ جا عالم، اديب، شاعر، منصور ويراڳي جي نالي سان ڄاڻين ٿا.
    ڪي فرد اهڙا هوندا آهن جيڪي ادارن جي ڪري سڃاتا ويندا آهن ۽ ڪن فردن جي ڪري وري ادارا سڃاتا ويندا آهن. منصور ويراڳي سنڌ جي قديم علمي مرڪز هالا جي سڃاڻپ جو هڪ سدا حيات باب آهي. هن شخص سان سڃاڻپ جا مون وٽ ڪيترائي حوالا آهن. ذاتي ۽ ادبي؛ پر انهن شناسائي جي ناتن ۾ هڪ حوالو مون کي هميشه مضبوط نظر ايندو آهي، اُهو آهي راڳ جي راڻي عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل منصور صاحب جون هي سٽون:

    محبوب ڪئي مون تي اڄ خاص عنايت آ
    هي قرب انهيءَ جو آ، اظهار محبت آ.

    عمر جي ان حصي کان ڪلام ٻڌندو اچان جڏهن اها ڄاڻ نه هئي ته شاعري ۽ نثر پنجين موسم جي جنم کان پوءِ ئي تخليق ٿيندو آهي. اڃان جڏهن اها شناس ئي نه هئي ته پيڙاءُ جو ذائقو ڪڏهن ڪڙو ٿي سگھي ٿو ته ڪڏهن مٺو به. اڃان اوجاڳن اکين سان عشق ڪرڻ جي سانباهه ئي نه ڪيا هئا. اڃان روح کي روين جا رانڀوٽا ئي نه پيا هئا. اڃان سُڏڪن جي پڙلاءُ کان سماعتون آشنا ئي نه ٿيون هيون. اڃان درد شام ٿيڻ تي محبوبا جيان ناز نخرا نه ڪندو هو، اڃان اک مان ڳوڙهو نه ڳڙيو هو ۽ ڳوڙهو لفظ به نه ٿيو هو، حياتي جي ان حصي ۾ عابده پروين جي آواز ۾ منصور ويراڳيءَ جا ٻول سماعتن سان ٽڪرائيندا ذهن تي نقش ٿيندا ويا.
    منصور ويراڳيءَ سان شناسائي جو هي هڪ مضبوط حوالو آهي، مون وٽ جنهن کان پوءِ ٻئي ڪنهن حوالي هجڻ جي به ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته تخليقڪار جو پڙهندڙ سان ۽ پڙهندڙ جو ليکڪ سان اِهو ئي هڪ واحد رشتو/ ناتو آهي، جنهن جي معرفت ليکڪ/ شاعر زندهه رهي ٿو. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته منصور ويراڳي گھڻ رخي شخصيت هجڻ سبب ڪيترائي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا جن کي دنيا سڃاڻي ٿي ۽ اُهي شاگرد منصور صاحب کي پنهنجو مهربان استاد سڏڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، سندس اهڙن شاگردن مان جڳ مشهور سائنسدان مرحوم پروفيسر ڊاڪٽر وڏل شاهه بخاري اهميت رکي ٿو. ڊاڪٽر بخاري جڏهن علم ڪيميا ۾ Ph.D جي لاءِ لنڊن ۾ تحقيق ۾ رڌل هو ته ان عرصي دوران هو پنهنجي محترم استاد منصور ويراڳيءَ ڏانهن خط پڻ لکندو هو (يقينن اهڙا خط منصور صاحب جي پوئينرن وٽ محفوظ هوندا)، جن ۾ شاهه صاحب پنهنجي روزمره جي معمول، کوجنائي ڪاميابين ۽ ٻين معاملن تي پنهنجي مهربان استاد سان مخاطب ٿيندو هو. منصور صاحب جي ٻين اهم شاگردن مان ناميارو سفرنامانگار ۽ سياح الطاف شيخ جو نالو به شامل آهي. ان هڪ دفعي چيو هو:
    منصور ويراڳي هڪ ادارو آهي، منهنجو گھڻو ساٿ سائين سان نه رهيو. منهنجي سائين سان هالا اچڻ تي ملاقات ٿيندي هئي. 1955ع ۾ سائين مون کي ڇهين درجي ۾ پڙهايو فقط ٻه ليڪچر ڏنائين جي وساري نه ٿو سگھان. سائين هڪ مڪمل شخصيت رکندڙ هو، هو صحيح نموني سان مڪمل مسلمان هو، سندس ڄمار خوش مزاجي ۾ گذري، آئون سندس شخصيت ۽ تحرير مان متاثر ٿيو آهيان.

    اها يقينن خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ شاگرد پنهنجي استاد جو احترام ڪري، اُن سان محبت ڪري ۽ کيس ياد رکي ۽ هڪ پڙهندڙ پنهنجي محبوب شاعر کي پنهنجي سوچ ۾ساري ۽ ان جي لفظن کي
    ياد ڪري. سائين منصور ويراڳي جنهن جون ڪيتريون ئي سٽون امر ٿيون، آلاپيون ويون ۽ اڄ تائين اسان جي سماعتن سان اهڙا پڙلاءُ ٽڪرائين ٿا ۽ روح کي مسرور ڪري ڇڏين ٿا:

    جُهڙ آ لڳائي جھرمر، هر گام ٿي ملهاري،
    وڄڙين ڏنا وراڪا، بوندن ڪئي بهاري

    مينهن جي مند آئي، سانگين کي ٿي سرهائي
    پاڻي بنا ترائي، خالي بچي نه ڪائي
    سارنگ موج لائي، جر ٿي ويو آ جاري

    هالا جي مٽيءَ کي ڪا عجيب امرتا پلئه پيل آهي جنهن جي مٽي مان ڪيترائي سُريلا (ليريڪل) شاعر پيدا ٿي چڪا آهن.
    مخدوم طالب الموليٰ جهڙو ڪافيءَ ۽ غزل جو يگانو سريلو شاعر شايد هن مٽي مان وري ڪڏهن جنم وٺي سگھي! جنهن جون لا تعداد سٽون اڄ به هوائن ۾ ائين گونجي رهيون آهن ڄڻ هي شاعر هن ڌرتي تي آيو ئي ڪنهن باڪمال تخليق لاءِ هو.

     تو دلڙي يار ڌتاري پر ڪانه ڪئي پوئواري....
     عجب عشق آهي اسان جو الستي.....
     اکيون عزم واريون عقابي عقابي....

    ۽ هن ئي مٽي مان هڪ اهڙو شاعر به پيدا ٿي چڪو آهي جنهن کي اسان ڄڻ فقط ڪنهن نصاب جو حصو سمجھي وساري چڪا آهيون، اهو آهي خليفو گل هالائي. جنهن کي فقط ايترو ياد رکيو اٿئون ته هو سنڌي زبان جو پهريون صاحب ديوان شاعر هو؛ پر ان جي ديوان کي ته اسان مان ڪيترن ئي کولي نه پڙهيو آهي ۽ نه ئي ان کي ڳايو آهي. خليفي گل جو هي غزل نيم ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳائي نه ٿو سگھجي؟

    آيو اڄ يار گھر پيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا
    مليو پرڏيهه ۾ ڏيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا
    ڪرم ڪيئڙو ڪميني سان، لائي دل دوست سيني سان
    ڳجھ اندر ڳالهه ڪيهي، ويا ڏُکڙا وريا سُکڙا

    هي مڪمل غزل لئي ۽ رڌم تي لکيل آهي. تازو سريلي راڳي ذوالفقار علي کي هي غزل ڪمپوز ڪري ڳائڻ لاءِ چيو به هيم. ڪيڏي نه حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اسان جي خليفي گل جي فقط انهن غزلن کي ئي بار بار پيش ڪندا آيا آهيون جن ۾ ٻولي جي دقت سبب عام پڙهندڙ وٽ ڪا خاص ڪشش ناهي. خليفي جي ڪمال غزل کي اسان اڃان تائين دفن ڪيو ويٺا آهيون. سو پاڻ ذڪر پئي ڪيو منصور ويراڳي جو، جيڪو پڻ هنن سريلن شاعرن جي سٿ ۾ پنهنجي انفراديت سان جرڪي رهيو آهي، ڇاڪاڻ جو هن جي خمير ۾ سنڌ جي شعري روايتن جو ڊگھو سفر موجود آهي، سندس خاندان جو جدامجد ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسڪ شعري روايت جو هڪ سگھارو نانءُ آهي، جنهن جا ملندڙ بيت ۽ ٽيهه اکري ان ڳالهه جي ساک ڀرين ٿا ته ميون عيسيٰ سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ صوفياڻي شاعري ۾ پنهنجي اسلوب، انداز جي خوبصورتي ۽ موضوع سبب سدا حيات آهي. سندس بيتن جي رسالي ”ميون عيسيٰ جا سنڌي بيت“ مان هڪ بيت نموني طور پيش ڪيون ٿا:
    اوريين پَرين پار ۾، سو هئين سهس هزار
    پَر جنهن کي سڪ سرير ۾، محبت محض ميهار
    اک نه کڻي هن عالم ڏي، ري پانهنجي يار
    ريهون سان سينگار، سُهڻي سونهڻن وچ ۾

    سو اهڙي طرح سائين منصور جو والد جان محمد ”اضعف“ هالائي پڻ نعتيه شاعري جي حوالي سان هڪ معتبر ۽ معروف نالو آهي. جنهن جا پڻ ٻه شعري مجموعا ”احوال محمدي“ ۽ ”واٽون ويهه ٿيون“ شايع ٿيل آهن، اهڙي ريت محترم منصور ويراڳي جي خمير ۾ پڻ اُهي اتهاسڪ پس منظر جاڳي ٿو، سندس قلم مان نظم ۽ نثر جا لاتعداد ڪتاب نروار ٿيا، جن جي جيڪڏهن فهرست ويهي جوڙجي ته ڪجھ هن ريت جڙندي: وطن جي راهه ۾، شام و سحر، سوري جنين سيج، صداءِ وطن، رت جا ڳوڙها، ڪاڪ نه جھليا ڪاپڙي، اندر جا آلاپ، هُن پار، مزدور جو لاش، غيرت، جيون ساٿي، سڄڻ سفر هليا، عاشق عزازيل، زندگي هڪ خواب، سانگي ۽ سور، هيرا جواهر، ڪنول جي ڪهاڻي، وڳر ڪيو وتن، عوام جي دولت، دو آنسو (اردو).
    اهڙي طرح سندس حياتي اسلامي جذبي سان سرشار گذري، ننڍي وهي ۾ ئي مسلم اسٽوڊنٽس نئشنل گارڊس جو سالار مقرر ٿيو، ساري حياتي ان جذبي هيٺ معاشري جي تشڪيل ۾ نه رڳو قلم سان ڪردار ادا ڪيائين؛ پر ڪيتريون ئي علمي ادبي تنظيمون پڻ جوڙيائين جن ۾، دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسئيشن، دي سنڌ انٽرنيشنل ڪرسپانڊنس ڪلب، بزم گلستان، دي سنڌ انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا، سنياسي ادبي سنگت هالا شامل آهن. هنن ادارن مان خاص طور ”دي سنڌ رفيق ويلفيئر ايسوسئيشن“ وڏي اهميت رکي ٿو. هن اداري پاران ”رفيق نائيٽ اسڪول“ قائم ڪيو ويو جنهن تحت غريب، مسڪين شاگردن کي مفت تعليم ڏئي هڙان وڙان خرچ ڪري کين سرڪاري امتحان ڏياريا ويندا هئا. جنهن مان ڪيترن ئي فردن فائدو حاصل ڪيو ۽ بعد ۾ عزت ڀريو روزگار حاصل ڪيو،
    هن عظيم ڪم جي پس منظر ۾ اسان کي جيڪو شخص بيٺل نظر اچي ٿو، اهو آهي منصور ويراڳي، جنهن جي شخصيت جو هڪ پهلو صحافت پڻ آهي. پاڻ سروري اسلاميه ڪاليج هالا جي سنه 1951ع ۾ شايع ٿيندڙ پهرئين ميگزين جو اعزازي سيڪريٽري رهيو، ان کان سواءِ ماهوار ”منزل“ نالي هڪ ادبي رسالو پڻ هالا ۾ جاري ڪيائون. انٽرنيشنل اڪيڊمي هالا جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي اديبن، شاعرن جا ڪتاب پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايائين جن جي به هڪ ڊگھي لسٽ آهي.
    8 آڪٽوبر 1930ع تي مانجھند ۾ جنم وٺندڙ منصور ويراڳي جي وفات جي خبر 13 فيبروري 2008ع تي مون ان وقت ٻڌي جڏهن منهنجي Ph.D جي رزلٽ/ ائپروول جو اعلان ٿيو. هڪ طرف پنهنجي محبوب شاعر ۽ مهربان ادبي رهنما جو لاڏاڻو ته ٻئي طرف پنهنجي زندگي جي هڪ اهم ڪاميابي جي خوشي. اهڙا لمحا ته عجيب ٿين ٿا پر اهڙا لمحا عجيب ڪيفيتن ۽ احساسن کي به جنم ڏين ٿا. زندگي ائين به احساسن ۽ ڪيفيتن جي بار هيٺان گذرندي آهي ۽ ٽيپو ٽيپو برف جيان ڳرندي رهندي آهي. اڄ هن شخص جي پنجين ورسي تي جڏهن اوهان سان مخاطب آهيان، تڏهن وري ڪٿان عابده پروين جو اهو ساڳيو آواز گونجي رهيو آهي؛ پر عجب آهي ته اهو آواز جڏهن پهريون ڀيرو منهنجي ڪنن تي ٻيو هو ته هي جهان منهنجي لاءِ ڪجھ ٻيو هو ۽ اڄ ڪجھ ٻيو ٿي پيو آهي. ڪا گھڻي مسافت ناهي پر ٿورو ئي سهي لڳ ڀڳ ويهن ٻاويهن ورهين جو سفر آهي:

    محبوب ڪئي مون تي، اڄ خاص عنايت آ
    هي قرب انهي جو آ، اظهار محبت آ

    محفل ۾ رخ انور جي، جلوه فروزي سان
    مجلس جي وڌي رونق ۽ رنگِ نزاڪت آ

    ”منصور“ سڄڻ آڏو، ڪئي پيش صداقت سان
    جذبات نگاري آ ۽ دل جي حقيقت آ

    (عوامي آواز سنڊي ميگزين، 17 فيبروري 2013ع)


    مدد علي سنڌي: ڪا روشني ته ٻاريو

    احساسن جي زبان کي لفظن جي صورت جي ضرورت نه هوندي آهي، اها پنهنجي صورت پاڻ ئي جوڙيندي آهي.
    - شاعري احساسن جي صورت آهي
    - شاعري جذبن جي صورتگري آهي
    - شاعري ذهن ۾ جنم وٺندڙ خيالن جي خوبصورتي ٿي سگهي ٿي، ته ان سان گڏ شاعري گهڻو ڪجهه هُجڻ جو پنهنجي اندر ۾ ساهس ساري ٿي. شاعري ۾ اِها سگهه هُجڻ به گُهرجي جو تخليق روح کي گهاڻي ۾ پيڙهڻ بعد ئي ڪا صورت اختيار ڪندي آهي.
    تخليق باهه جو سمنڊ ترڻ ئي ته آهي. ٻيو ڇا آهي.
    چوندا آهن شاعري سونهن ۽ عشق مان ڦُٽي ٿي. خيال ڀلو آهي. سچ ٿا مرد چون... حَساسيت، حُسنائيت ڏانهن ۽ حُسنائيت، حَساسيت ڏانهن وٺي وڃي ٿي. پنڌ جو انت اچي ئي نٿو. انت تخليقڪار جو انت آهي ۽ ڀٽائي کان وٺي اسين سڀ ”ڳوليان ڳوليان مَ لهان.“ واري حالت ۾ رهڻ چاهيون ٿا. سمنڊ ڪناري به پياسا ۽ تاسارا رهڻ چاهيون ٿا. ڇاڪاڻ ته تاس لٿي ڄڻ قلم تي ڍؤ جي ڪٽ چڙهي ويندي ۽ تخليقڪار جو انت...!
    ماڻهو ڪهڙي به وهي ۾ هجي پر سندس ذهن کي سوچيندو رهڻ گهرجي. وهي عشق ۽ تخليق جي ڪرب کان نه ٽهندي آهي. ”سَچُو عشق نه ٻڍا ٿيوي“ ۽ سو مدد به مون کي هر وهي ۾ هڪ سوچيندڙ، لوچيندڙ ئي لڳو آهي. هن جي تخليق جو انت شل ڪڏهن نه اچي.

    رونے سے اور عشق میں، بے باک ہوگئے
    دهوئے گئے ہم اتنے، کہ بس پاک ہوگئے
    (غالب)

    سو وقت جي چَڪ تي ڦرندي ڦرندي مٽي پنوڙي جي ڪا صورت اختيار ڪري وٺڻ وانگر تخليقڪار به اندر جي آويءَ ۾ پاڻ مراد ئي پچي رچي ريٽو ٿيو پوي.
    مدد علي سنڌي، جي اڄ سڃاڻپ ڪهاڻيڪار، شاعر، سفرناما نگار، مضمون نگار ۽ ڪالم نگار واري ته آهي پر سندس دوستن وٽ سندس سڃاڻپ ”دوست“ واري آهي. ماڻهو سڀ ڪجهه هجي پر وٽس ماڻهپو نه هجي ته هو ڪنهن ڪم جو نه ٿو رهي پر ساڳي ريت ماڻهو وٽ ڪجهه به نه هجي ۽ فقط ئي فقط وٽس ”ماڻهپو“ هجي ته هو گهڻو مَانَ لهي ٿو. مدد وٽ گهڻو ڪجهه آهي ته گڏوگڏ وٽس اهو ماڻ ماپو به آهي جنهن تحت هو مَانُ ڏئي، مَانُ لهي ٿو. سو سندس تخليق ۾ جهاتي پائيندي اوچتو سندس شخصيت به ذڪر هيٺ اچي وئي، ڇونه اچي، ڪنهن به تخليقڪار جي شخصيت ۽ ان جي تخليقي عمل کي ٻن جدا جدا دريائن جيان ته نه ٿو جاچي سگهجي!
    سنڌي زبان ۾ پهريون مڪمل نثري نظم جو ڳٽڪو ”پُنرمِلن“ مدد علي سنڌي جي اندر جي طوفان جو آئينو ڀائيندو آهيان ۽ اهوئي طوفان ”دل اندر درياوَ“ (مڪمل نثري ڪليات) تائين مون کي گهٽجندي نه ٿو محسوس ٿئي. پنرملن ۾ چئي ٿو:

    طوفان لڳو
    ۽ ڪري پيا
    ڪن وڻن مان ساوا ۽ سڪل پن
    مون ڏٺو:
    انهن سڪل ۽ ساون پنن ۾،
    شامل هو:
    منهنجي اندر جي ڪنهن سڪل ٽاريءَ جو
    ڪوئي پيلو پن. (ص17)

    دور دور تائين
    راهه ڪائي
    روشن نه هئي. (ص82)

    ۽ ”پنرملن“ جو صفحو ورائيندي هنن سٽن تي نظر پوڻ سان بدن مان سيسراٽ نڪري ٿا وڃن. ڪيترو سچ، درد، پيڙاءُ، آنڌمانڌ، تڙپ، لوڇ پوڇ جو اظهار ڪيڏن نه سادن لفظن ۾ ڪري ٿو:

    هي بهار جي مند آهي
    ۽ هن مند ۾ اڪيلائي ڏاڍو کائيندي آهي. (ص63)

    ”جئه ديو“ جي گيت جو ترجمو مدد ڪري هن پنهنجي ۽ الائي ڪيترن جي اندر جي عڪاسي ڪئي آهي. هن خيال کي مان رات جي سانت ڀريل لمحن ۾ بار بار ورجايان ويٺو. اندر ۾ ڪجهه ڀرندي ڀائيان ٿو ۽ اکين ۾ آلاڻ جو احساس جاڳي پوي ٿو.

    هي بهار جي مند آهي
    ۽ هن مند ۾ اڪيلائپ ڏاڍو کائيندي آهي.

    ۽ ان ڪتاب ۾ ڪنهن هنڌ مدد جو هي نثري نظم خبر ناهي ڪنهن جي ڪيفيتن جي ترجماني ڪري رهيو آهي.

    زندگي ڪيڏي
    نه اداس
    آ تنهنجي وڇوڙي
    کان پوءِ.
    وقت مرهم بڻجي وڃي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ ڪجهه وساري ويهجي ٿو، پر اهوئي وقت ڪڏهن ڪڏهن واپس ساڳي جاءِ تي آڻي بيهاريندو آهي. زندگي جا اِهي حادثا به ڏاڍا عجيب ٿين ٿا. نهوڙي به وڃن ٿا ته ڪڏهن جياري به وڃن ٿا.

    تنهنجي
    ۽
    منهنجي
    ملاقات
    آ،
    ڪنهن
    ڀيانڪ
    وڇوڙي
    جي
    شروعات.

    سو بس شروعات ئي حادثو آ پوءِ جيون جا لمحا لمحا ڇونه حادثن ۾ سفر ڪن.
    ”پنرملن“ جيڪو 1982ع ۾ ڇپيو ان کي مون 1996ع ۾ پڙهيو، ان جو هڪ نظم منهنجي لاءِ اڄ به وڏي ڪشش رکي ٿو. ”بهاري لال“ جو اهو نظم مدد پنهنجي لفظن ۾ هن طرح ٿو اظهاري:

    چنچل عورت جا نيڻ
    سنهڙي گهونگهٽ جي وچ مان
    ائين چمڪي رهيا آهن
    ڄڻ گنگا جي شفاف
    پاڻي مان
    ٻه مڇيون
    ٻاهر نڪرڻ لاءِ
    ڦٽڪي رهيون آهن.
    مدد علي سنڌي جي هر سِٽ مان هڪ نئون جهان جاڳندي نظر ايندو. اُن جي اُن جهان ۾ ڪيترائي رنگ، ڪيتريون ئي خوشبؤُن، ڪيترائي احساس، جذبا، خيال جرڪندي ۽ چمڪندي پيا ڀائنبا ۽ انهن جي سُونهن سَوڀيا وتي روز بروز وڌندي. واقعا ۽ حادثا هر ماڻهو جي زندگي ۾ رونما ٿين ٿا. تخليقڪار انهن کي آرٽ جي ڌاڳي ۾ پوئي لفظن جا موتي ٿو بڻائي وجهي ۽ اهو ڪمال اسان جو سائين مدد علي خوب ڪري ڄاڻي ۽ هن جي حصي ۾ ان جي بدلي پڙهندڙن ۽ دوستن جون محبتون پلئه پيون آهن. هن جي ڪتاب ”پُنرمِلن“ مان اداسي جو پِيلو رنگ گهڻو ڇلڪندي نظر اچي ٿو؛ پر هو هردم هڪ پُراُميد تخليقڪار جيان رهيو آهي. نراسائي زندگي جي ساٿياڻي ضرور رهندي آهي. پر نراشا جي پنڌ تي آشا جا ديپ ٻارڻ هڪ باهمٿ ۽ قوم لاءِ سجاڳ شاعر جي اوليت آهي. اهڙي اوليت اسان کي مدد وٽ نظر اچي ٿي، هو پُراميد آهي نااميد ناهي ڪلهه به ۽ اڄ به.

    رات جي ڪاراڻ
    تيزي سان ڇائنجندي پئي وڃي
    دوستو-دشمنو
    ڪا روشني ته ٻاريو
    هي اُماس جي رات
    هن اداسي جي شهر کي
    اونداهو ڪري ڇڏيندي
    پوءِ ڪوئي ڪنهن کي
    ڳولي نه سگهندو
    هٿ هٿ کي ڏسي نه سگهندو
    دوستو ۽ دشمنو
    رات جي ڪاراڻ ۾
    ڪا اميد جي شمع ته ٻاريو.

    اهو فڪر/خيال اسان جي سُونهن ڀري سنڌ جي خمير ۾ سمايل آهي. اسان جي صوفين به انسانيت جي ڳالهه ڪئي آهي. انسان شناسي جي ڳالهه ڪئي آهي. امن، سُک، سُرهاڻ، سُونهن ۽ سَچَ جي ڳالهه ڪئي آهي. اها ئي ڳالهه مدد پنهنجي مٿين نظم ۾ ڪئي آهي. اڄ کان ٽيٽيهه سال اڳ لکيل اهو نظم ان لاءِ به زنده آهي جو اسان لاءِ حالتون اڳ کان به ڳنڀير آهن. آدم آدم جو ماس پٽڻ لاءِ هر وقت دليل ڏيندي نظر اچي ٿو. ماڻهپو موڪلائي ويو. رشتن جو تقدس ورلي ڪو قائم رهيو. پيٽ جي دوزخ سڀ ڪجهه ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو. رڳو گُهٽ، ٻوساٽ، گُهگُهه اونداهه، هٿ، هٿ کي ڏِسي، سو ڪٿي ٿو ڀاءُ، ڀاءُ کي ڏسي، دوستي مفادن جي ور چڙهي وئي. انسان پنهنجي ڌپ ۽ بدبودار دنيا جوڙي ورتي. سو ڪٿ ٿو پاڻ کي فطرت سان جوڙي ۽ ڪٿي ٿو پنهنجي اندر ۾ سُونهن، سُرهاڻ، سُڳنڌ ڀريل دنيا ٿو ڳولي. پر، ڪوي جي قلم تي اها ڪَٽ نه چڙهڻ گهرجي. هر طرف جڏهن انڌ، انڌڪار جو راڄ هجي ته ڪوِي جو قلم، عَلم بڻجي ويندو آهي. سو نااميدي جي پد تي اميد جو سج روشن ٿي پوندو آهي ۽ اسان جي مدد علي سنڌي جو قلم هر دور ۾ ڪَٽ کان بچيل رهيو آهي. تنهن ڪري هو آس، اميد، سَچ ۽ سُونهن جو قلم کڻي اڄ به اڳيان ئي اڳيان مرڪندي نظر ٿو اچي.

    (ماهوار سوجهرو، مدد علي سنڌي نمبر، آڪٽوبر 2013ع)


    حميد شهيد : شعرُ ”شهيد“ الهام اگر آ

    خلقڻهار انسان کي شعور ڏئي کيس اشرف المخلوقات بڻايو. شَعُور انسان کي دک عطا ڪيو ۽ دک ئي حَساسيت کي جنميو ۽ اُن حَساسيت انسان ۾ پنجين موسم کي پيدا ڪيو، ان پنجين موسم جون ڪيتريون ئي ڪيفيتون، ڪيترن ئي رنگن ۾ ماڻهوءَ تي اثر انداز به ٿين ٿيون. اندر جي اُن موسم جنهن کي اسيــــــــــن ”پنجين موسم“ سڏيون ٿا، اُن جي هڪ ڪيفيت شاعري چورائي ٿي. شاعري جيڪا وجداني ڪيفيت جي محتاج ٿئي ٿي، اُن ۾ حساسيت، پيڙاءُ، اڪيلائي، بيقراري روح ڦوڪي ٿي ۽ پوءِ ئي هڪ تخليقڪار سچل سرمست چواڻي:

    حدين وڃـــــــي هر ڪو لاحد وڃي پير،
    ”سچو“ سو فقير جو حد لاحد لنگهي ويا.

    وانگيان حد لاحد اڪري وڃي تخليق جا گُل پنهنجي جهولي ۾ ڀَري اچي ورهائي ٿو. اِهو سفر من اندر جو سفر آهي، جيڪو وقت ۽ عمر جي قيد کان آجو ٿئي ٿو. شاعر من اندر سفر جو اُهو مسافر آهي، جنهن جڏهن به ڪا بهترين تخليق ڪئي هوندي ته ان جي اندر جي دنيا ۾ وڏي ڀڃ ڊاھ ٿي هوندِي، اُن اندر کي چيريو ڦاڙيو هوندو. اردو جي هڪ شاعر افضال احمد سيد جون سٽون ياد پون ٿيون:


    انگلی چاقو سے کٹ گئی
    اور خون شاعری بن گیا
    حميد شهيد عمر جي ان حصي ۾ جڏهن عام طرح لکڻ پڙهڻ کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري هڪ ڊگهي ابدي سفر جي تياري شروع ڪبي آهي، ان وقت هي پنهنجي اندر کي بار بار ولوڙي پنهنجي جهولي ۾ تخليق جا گُل ڀري اسان کي آڇي رهيو آهي. هن وٽ حَساسيت، رومانس، مزاحمت ۽ ڌرتي سان محبت جا ڪـــــــــــيترائي دلڪــش ۽ سُــــونهن ڀـــــريا مثـــــــال آهن. هو وقت شناس شاعر آهي. هن جو نظــــــــم ”ماچيس جي تيلي“ اسان جي اڄ جي تاريخ آهي. انساني سڀاءُ جي مَٽجندڙ ڪيفيتن ۽ مزاجن جو آئينو آهي. ماچيس جي هڪڙي تيلي گهڻا ممڻ مچائي سگهي ٿي، اسين جيڪي پنهنجي انائن، خودغرضين، ذاتي ۽ گروهي مفادن جي ڪري هڪ گهر اندر پنهنجا پنهنجا ليڪا ڪڍي، پنهنجن پنهنجن خولن اندر قيد ٿيا ويٺا آهيون، حميد شهيد جيڪو هڪ شاعر جي حيثيت ۾ وقت جي نبض تي پنهنجا هٿ مضبوطيءَ سان جهليو ويٺو آهي، سو پنهنجي هن نظم ”ماچيس جي تيلي“ ۾ چئي ٿو:

    پاڻ جي آهيون غريبن ۾ غريب
    بُک ۽ بيماري جنين جو آ هميشه کان نصيب
    هڪڙي ننڍي کنڊ ۾ قيدي اسين
    هڪڙي گهر جا ڀاتي ۽ ڀيدي اسين
    اک ۾ اک، دوڏن اندر دوڏا وجهي
    باهه نفرت جي ٿا ڀڙڪايون نوان ڇوڏا وجهي
    جنگ ڄڻ ڪُڪُڙن جو ڪوئي ميل آهه
    خوب ٿيندو هي تماشو، واهه جو هي کيل آ
    پاڻ هُن سان ڪيئن ملون، ٿيڻي نه آهه
    هن جو مذهب آ جدا ۽ منهنجو ”مَهذب“ آ جدا
    هن جو ٻيو پرماتما ۽ منهنجو پنهنجو آ خدا
    ۽ وري هن کي به ٽيڳر آ لڳي
    اڄ مغز منهنجي ۾ پڻ آهي مڳي
    هن کي طاقت جي گهڻي آ
    مون وٽ به آهن جام بم
    هي ڪلسٽر بم ۽ هي نيپام بم
    هٿ ۾ ائٽم بم کڻي ٽلندا وتون
    مُڇ وٽي ۽ ڳاٽ اوچي ساڻ کلندا وتون
    باهه بُک جي پيٽ ۾ آ، پوءِ ڪونهي ڪوئي غم
    دم دمادم ٿي وڃي! يارو دمادم ٿي وڃي
    خلق ڀل بُک ۾ مري اڃ ۾ لُڇي
    ڪنهن ۾ هِمٿ آھ جو مون کان پُڇي
    ملڪ جي تاراج ٿئي ٿو، ڀل ٿئي
    مسئلو پاڙيسريءُ جو حل ٿئي.

    نظم ”گلوبل وليج“ به ”ماچيس جي تيلي“ جو تسلسل آهي. جيڪو ڏاڍو ڀرپور آهي. ظالم پاڻ کي ڪڏهن به ظالم نه چوندو. فرعون پاڻ کي ڪڏهن به غلط نه سمجهيو، پر هر فرعون لاءِ موسى ته پيدا ٿيندو، جنهن صحيح ۽ غلط جي پرک جو شعور ڏنو آهي. ”اڇي محل“ واري حويلي لاءِ به موسى پيدا ضرور ٿيڻو آهي. شهيد چواڻي ته:

    پيدا هڪ فرعون جي ٿيندو
    فرعون جي لاءِ موسى به ته ايندو!
    فرعون آ ها ها ڪار مچائي
    موسى ڪيڏي دير لڳائي.

    حميد شهيد اسان جو انتهائي خوبصورت شاعر آهي. هن ڏاڍي ذميواري ۽ حساسيت مان لکيو آهي. هن وٽ شاعري فقط سکي جي ڪارن وارن کان شروع ٿي ان جي نڪ جي ڪوڪي تي ختم نه ٿي ٿئي، بلڪ هن شاعري کان تلوار وارو ڪم ورتو آهي.
    شاعر ٻاٽ اونداھ ۾ روشني جو ڪرڻو آهي. قومن جي سماجي، اخلاقي ۽ معاشي حالتون جڏهن بد کان بدتر ٿي وڃن ۽ اِن حالت ۾ جيئڻ تان ارواح کڄي وڃي ته اُن وقت شاعر روشني جو هڪڙو ڪرڻو ٿي اڀرندو آهي جيڪو عام ماڻهو کي شعور ڏئي ٿو. انهن کي سوچڻ، سمجهڻ جو ڏانءُ سيکاري ٿو. انهن جي رهنمائي ڪرڻ جي سگهه فقط ڪنهن اديب ۽ شاعر ۾ باقي رهي ٿي. حميد شهيد پنهنجي شاعري ۾ جتي ڏاڍو وقت شناس شاعر آهي اُتي هو خبر ناهي ڪهڙي خيال کان ههڙا شعر به لکي ٿو:
    اڄ غلط کي غلط چوڻ به غلط،
    هن سچائي کان مون ڪئي توبهن.

    تون به مون جئن ”شهيد“ ٿي ويندين،
    حق جي وائي کان مون ڪئي توبهن.

    حميد شهيد ڀلي چوي ته هن حق جي وائي ورائڻ کان ”توبهن“ ڪئي آهي، پر اهو غلط آهي هن جي ڪتاب ”هيڪلايون نويڪلايون“ ۾ ڪيترائي اهڙا شعر موجود آهن جنهن ۾ هن شاعر جي حيثيت ۾ رهنماءُ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي:

    بي ضميرن سان ٺاھ ڇو ڪريان؟
    هي ڪبيرو گناھ ڇو ڪريان؟

    چڻنگ بڻجي ڪو پل ڪيان روشن،
    هئن حياتي تباھ ڇو ڪريان؟

    اڳتي چئي ٿو:

    هڪڙي لغزش جو وقت آھ اڃان،
    هي به ضايع پساھ ڇو ڪريان؟


    ڊيم ٺاهيو، ضرور ٺاهيو، پر،
    شاھ دريا کي واھ ڇو ڪريان؟

    حميد شهيد جو نظم ”ڇا اسين سڀ ٿر وڃون“ هڪ سوچيندڙ نظم آهي، جيڪو پنهنجي وقت جو عڪاس آهي، هڪ سوال آهي، جنهن جو جواب اسان کي ڏيڻو پوندو. ٿر کان پوءِ اڳيان ڇا آهي؟ ڊگهي مزاحمت جيڪا سڀاڻي ساھ کڻڻ شروع ڪندي، اها اڄ ڇونه ٿي اسان جو ڪردار بڻجي؟ ڪيترو نه گهرو سچ آهي هنن سٽن ۾:

    زلزلو آيو نه ڪو طوفان هو
    کن ۾ منهنجو گهر سڄو شمشان هو
    ڪير هي شيطان هو؟ ها ڪير هي شيطان هو؟
    ٻاهران آيل هي ڌاريان بي وطن
    جن تي تن من پنهنجو ڌن گهوري ڇڏيم
    هڪ خواب جي تعبير پويان
    هن ديس جي تعمير پويان
    جن کي جيءَ جان ۾ جايون ڏنيون
    دل جي ڌرتي ۽ ٻنيون سايون ڏنيون
    پر عرب جو اُٺ اڄ تنبو اندر
    ۽ عرب خود دربدر!

    اهو تاريخي سچ آهي، هجرت ڪري آيل نون مهمانن کي اسان ڇا ڇا نه ڏنو، پنهنجي ڌرتي، قديم ورثو، تاريخ، سڀ ڪجهه انهن کي ڏنوسين، انهن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيوسين، پر موٽ ۾ اسان کي انهن پاران ڇا مليو؟ نسلي متڀيد، لساني فساد، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪن فردن اهو تفرقو وڌو. اڄ هو اسان جي هر وسيلن تي حاوي ٿيڻ لاءِ، اسان جي تاريخ، ثقافت، تهذيب، ٻولي تي راتاهو هڻڻ لاءِ، هر وقت سرگردان آهن ۽ اهو به شاهد آهي ته هنن گهڻو ڪجهه ڪيو به آهي. اسان جا شهر، ڳوٺ، پاڙا اِن لاءِ اوپرا بڻايا پيا وڃن. اسان کي اسان جي گهرن اندر اوپرو ۽ اجنبي بڻائڻ جا جتن ڪيا ٿا وڃن اِن ئي حالتن جو عڪاس آهي شهيد جو هي نظم ”ڇا اسين سڀ ٿر وڃون“:

    پنهنجا گلشن ۽ پلازائون جڏهن ٺاهي ويا،
    اڄ هو منهنجو ڳوٺ ۽ گهر گهاٽ ئي ڊاهي ويا!
    ۽ چون ٿا شهر مان نڪري وڃو!
    ڪيڏانهن وڃون ۽ پنهنجي ڪهڙي گهر وڃون!
    ڇا اسين سڀ ٿر وڃون؟؟؟

    هي سوچڻ واري صورتحال آهي پر اسين ڪيڏانهن به ڪونه وينداسين، هر گهٽي، هر رستو، هر شهر، هر ڳوٺ اسان جو پنهنجو آهي، هر ڪنهن جو آهي، ان کي ڇڏي وڃڻ جو اسان سوچي به ڪونه ٿا سگهون! جيڪڏهن ڌرتي جي سڳنڌ ڪنهن کي نه ٿي آئڙي ته اُهي پنهنجا مزاج بدلائن، اُهي ”سنڌڙي، سُر سنگيت سُڳنڌ“ سان پنهنجو پاند اٽڪائي من مان مير لاهي ڏسن ته ڌرتي ماءُ جي پوتر ۽ سُکي ستابي هنج جي گرمي ۽ سڳنڌ ڇا ٿيندي آهي
    شهيد سڄاڻ شاعر آهي، هن جي سادن لفظن ۾ به معنى سمايل آهي، هن جڏهن پنهنجي غزل جون هي سٽون مشاعري ۾ پڙهيون هيون ته ٽهڪڙو مچي ويو هو.

    ميمڻ، ڪوري روز کڄن ٿا،
    حيــــرت آ اڄ شاھ کڄي ويو.

    واقعي به اها ڳالهه اسان جي روايتن جو حصو رهي آهي ته ڌاڙيل سيد يا نياڻي اڳيان اچي وڃڻ تي ڦر جو مال اتي موٽائي واپس هليا ويندا هئا يا جنهن گهر جو نمڪ کائبو هو ان سان وفاداري نڀائبي هئي، پر اڄ اها ديد ڌاڙيل، ڦورو مان ته وئي پر ڄڻ هر ڪنهن مان احترام جو اهو عنصر گهٽ ٿيندو ٿو وڃي، هن غزل جو هي ٻيو بند انتهائي اهم آهي:
    پاڻيءَ واري تان پيا جهيڙيون،
    مُرڳو سڄو درياھ کڄي ويو.

    حميد شهيد جتي غزل جي هر بند جو ٻئي بند کان مختلف هجڻ واري وصف جو قائل آهي، اُتي سندس مٿين غزل جا ٻئي بند ترتيب وار رکي پڙهڻ گهرجن:

    ميمڻ ڪوري روز کڄــن ٿا،
    حيرت آ اڄ شاھ کڄـــي ويو.

    پاڻيءَ واري تان پيا جهيڙيون،
    مُرڳو سڄو درياھ کڄي ويو.

    هي ٻئي بند خيال جي هڪجهڙائي جا مثال آهن، توڻي جو هي لفظ اسان تي شاعر جي واتان چٿر ٿا لڳن. جتي اسان جي سماج مان سڃاڻپ ۽ شناس جي ديد گهٽجي وئي آهي، اتي اسان پنهنجين ننڍڙين نااتفاقين جي نتيجي ۾ وڏيون سزائون ڀوڳيون ٿا. اسان جي ماضي جا قصا ۽ ڪردار اڄ به تاريخ ۾ ساھ کڻي رهيا آهن. اسان انهن کان به ڪجهه نه پرايو آهي، اڄ به اسان جي حالت ڄام فيروز سمــــــي ۽ مير علي مراد ٽالپر جهڙي آهي،. اڄ به اسان ۾ نائومل جهڙا گيدي ڪردار موجود آهن ۽ اسان سندس حرڪتن تي اکيون پوري پاڻي واري تان پيا جهيڙيون يا شاھ جي کڄي وڃڻ واري تمثيل تي محفلن ۾ ٽهڪ پيا ڏيون، پر پنهنجي حالت زار تي نه سوچيون ٿا، نه روئون ٿا، بس اڻڄاڻن وانگر کلون ٿا!! اسان وساري ويٺا آهيون هڪ نئين صبح جي تعبير پويان اسان کي جستجو ۽ اڻٿڪ محنت ڪرڻي پوندي.
    حميد شهيد پنهنجو ڪردار ادا ڪندي اڃان به تعبير پويان جاڳي پيو ۽ پنهنجي تخليق سان پنهنجو فرض ادا ڪندي چئي ٿو:

    جيستائين سنڌ جاڳي، جاڳ پنهنجو ڀاڳ آ،
    واهرو جيسين ورن، تيسين سدا جاڳان پيو.

    شهيد جي شاعري جا ڪيترائي مزاج آهن، هن جي شعر ۾ وقت شناسي، رومانس، مزاحمت ۽ حساسيت به موجود آهي، هن جو نظم ”کيل ختم ٿيو“ خوبصورت نظم آهي، جيڪو حيات، موت جو منظر چٽي ٿو، سائين امداد حسيني مهاڳ ۾ پڻ هن نظم جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:

    ”حميد شهيد مختلف هنڌن، صنفن ۾ موڊ ۽ ڪيفيت ۾ موت، حيات بابت لکيو آهي، پر اهو کيل ختم نه ٿو ٿئي، نوان ويس ڌاري اچــــن ٿا ۽ زندگي جو کيل جاري رهي ٿو ـــ زندگي وانگي.“

    زندگي ـــ موت ـــ زندگي، وهندڙ درياءُ جيان ڪائنات اندر فطرت جو روان دوان هڪ سلسلو آهي جيڪو پنهنجي اندر ڳجهه به رکي ٿو ته ٻئي طرف ان راز جي پروڙ به ان حيات جي تسلسل جو جز آهي، صوفين جي نظر ۾ ”حيات“ پاڻ سڃاڻڻ وارو مختصر عرصو آهي، روح جسم اندر قيد آهي، جيڪو محبوب سان وصال چاهي ٿو. موت وصال جو ذريعو آهي. عربي فقرو آهي:

    ”الموت جسر يوصل الحبيب للقاء الحبيب“
    ”موت هڪ پُل آهي جيڪا هڪ دوست کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي“

    حميد شهيد جي هن نظم جون هي سٽون به ان ئي خيال جون آهن:
    جيون ٽيپ جنب جي جيئڙا،
    جيل ختم ٿيـو، کيل ختم ٿيو.

    توڙي جي زندگي پاڻ سڃاڻڻ جو ذريعو هجي يا موت حبيب سان ملڻ جو بهانو، پر زندگي ڏاڍي پياري آهي، خوبصورت رنگن ۽ گهاءُ ڏيندڙ ڏکن سان ڀرپور جيون پنهنجا رنگ ترنگ آڇي ٿو. زندگي پيار آڇي ٿي، سونهن آڇي ٿي، سوڀيا آڇي ٿي، خواب، احساس، جذبا آڇي ٿي، زندگي خار ۽ ڪنڊا آڇي ٿي، زندگي محروميون ۽ اڪيلايون، نويڪلايون به آڇي ٿي، زندگي هر رنگ هر منظر آڇي ٿي. شيخ اياز چواڻي:
    سو درد ها
    سو دک ها
    پر زندگي پياري هئي
    اڌ رات جو ٻٻرن مٿان
    جا چاندني پياري هئي!

    حميد شهيد، ڪعبة الله جي زيارت به ڪري آيو. خيرن سان عمرو به ادا ڪيائين ته حاجي به ٿي آيو، پنج وقت جو نمازي به آهي، پر خوشقسمتي چئبي جو هو مذهب ڏانهن انتها پسندي وارو رويو نه ٿو رکي. ظاهري مذهبي ٺاھ ٺوھ کان من جي مالها جپڻ جو قائل آهي، دين اسلام جو روح به اهو آهي. مَذهبَ روح جي پاڪائي جا فلسفا بيان ڪندا آهن. اسلام دنيا جي سمورن مذهبن کان اعليٰ آهي جيڪو پڻ روح جي پوترتا جي تبليغ ڪري ٿو؛ شاھ لطيف ته ان فلسفي کي ڏاڍي ڳوڙهي اندز سان سمجهايو آهي:

    ظاهــــــــر ۾ زاني، فـــــڪر منجهه فنا ٿيا،
    تنين کي تعليم جي، ڪُڙھ اندر ڪاني،
    حــــــرفُ حَقانـــــي، دور ڪيـــائـون دل ۾.
    (شاھ)

    شهيد جو مذهب ڏانهن رويو صحتمنداڻو آهي. چئي ٿو:

    هڪ ئي سجده خلوص جو ڪافي،
    هيئن ڇو پيشــــــاني داغدار ڪجي.
    (پيار جا پوپٽ ۽ چاهت جا گلاب)

    دين تبليغ سان نه اينــــدو آهه،
    دين، دل جي يقين سان آهي.

    اڃان به اڳتي هڪ هنڌ چٽي طرح چئي ٿو:

    هٿ ۾ هر دم ”شهيد“ جي تسبيح،
    من جي مالا کڻي جپي نه جپـــــــي.
    شهيد جا ٻيا به ڪيترائي نظم، غزل ۽ چؤسٽا ”وردي“، ”ڪچرو گهر“، ”شاعر“، ”سنـــــــڌو جو خواب“، ”اي پرين…“، ”قومي مفاد“، ”بند“، ”دانگي“، ”چٽ چئٽ“ اهڙيون تخليقون آهن جن تي سوچي سگهجي ٿو، لکي سگهجي ٿو، ڳالهائي سگهجي ٿو. هو جنهن دور ۾ زندهه آهي ان دور جي سمورين حالتن کان نه رڳو هو باخبر آهي، پر هن جي شاعري ۾ اهڙا ڪيترائي نقش چٽيل آهن جيڪي کيس وقت شناس، باهمٿ ۽ حوصله مند شاعر ثابت ڪن ٿا.
    حميد شهيد جي هن مجموعي ”هيڪلايون نويڪلايون“ ۾ ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي رنگ چٽيل آهن. خاص طور رومانيت ”شهيد“ جي شاعري جو وڏو محرڪ آهي. هونئن به شاعر جي جمالياتي حِس عام فرد کان وڌيڪ سگهاري ٿئي ٿي، هو هر منظر، نظر ۽ هر صورت ۾ ڪونه ڪو جمالياتي عڪس ڳولي ان مان Inspiration حاصل ڪري ٿو. حميد شهيد وٽ به اهڙا کوڙ سارا مثال موجود آهن، جنهن سان سندس ان فطري جذبي جي ترجماني ٿئي ٿي، هو پنهنجي هڪ غزل ۾ بي اختيار چئي ٿو:
    چاهتون، چاهيون نه چاهيون ٿيو وڃن،
    پنهنجي وس ۾ يار ناهيون، ٿيو وڃن.

    لغزشون انســان آهيون، ٿيو وڃن،
    پاڪ پوتي پاڻ ناهيون، ٿيو وڃن.

    هڪ ٻئي هنڌ چئي ٿو:

    پيرين اگهـــاڙي آيـو آهيان،
    پريـــن پــاڙي آيو آهيان.

    وارن جا واسينگ چمـڻ لئه،
    لُنڊيون لتاڙي آيو آهيان.

    حميد شهيد وٽ عشق جيئڻ جو اتساھ آهي، هن جي اندر ۾ اڄ به هڪ عاشق موجود آهي، هن جي عاشقي هن جي اڃ، تات ۽ طلب وڌائي ڇڏي ٿي:

    اڄ به مَنَ ڪو پياسو مَنُ پاڻي پئي،
    آس جا ڪورا گهڙا، مهڪي اٿيا.

    سندس جمالياتي حِس جا ڪجهه خوبصورت رنگ ڏسو:

    وِڄُ وراڪو، نه چنڊ جو چمڪو،
    پاند پوتيءَ جو سِرڪيو آهي.

    نانءُ وٺڻ سان مهڪي اڱڻ ٿو،
    چـــاهت ۾ ڇـــا راحـــت آهــــي.

    نيڻ نشيلا کڻ سپرين،
    شـــام لٿـي آ رنگ رتي.

    ناز مان هڪ گل هڻي ويندو رهيو،
    پيار جو پهريون پهڻ ڳولهي لــڌم.

    دل کي چيري چهڪ ڏئي وئين،
    مون تي ڪيڏا ٽهڪ ڏئي وئين،
    ڀِيلڻ! ڪنهن جي عشق ۾ ڇوري،
    لشڪاري کي لهڪ ڏيئي وئين.

    چيلاٽــــن جا چَـــڪ لهـــي ويــا،
    توکي ڏسڻ سان ٿڪ لهي ويا

    خدا تي ايمان پختو ٿئـي ٿو،
    حسين صورت اگر ڏسون ٿا.

    شهيد جيڪو بقول سائين امداد حسيني ”رڳو خانداني شاعر نه آهي بلڪ اصلي نسلي خانداني عاشق پڻ آهي“ سو ان جي عشق جي ڪٿا ڪنهن به نه ٻڌي آهي ۽ نه ئي ڪنهن سمجهي آهي. رُڃ جيان هن جو من پيار جي تمام جي سُڌ رکيو ويٺو آهي، هن جي اندر جي بيقراري، تڙپ، لوچ پوچ، هن کان ههڙيون ئي سٽون لکرائين ٿيون:

    ڪنهن به نه دل جو درد سڃاتو، توبه نه سمجهيو تـو به نه ڄاتو،
    پيار جو رشتو نينهن جو ناتو، توبه نه سمجهيو تو به نه ڄاتو.

    منهنجي اکين جي تاس ڏٺي تو؟ صحرا جي هي پياس ڏٺي تو؟
    من ڇو ماندو، تن ڇو آتو؟ تو به نه سمجهيو توبه نه ڄاتو؟

    حميد شهيد جا ڪيترائي اهڙا شعر آهن جيڪي سچ پچ ڪوٽ ڪرڻ جهڙا آهن، هن وٽ پنهنجن خيالن جي اظهار لاءِ نيون تشبيهون، ڪنايه ۽ لفظن جون معنائون پڻ آهن. سندس هڪ چؤسٽو ”وهاڻو“ مرداڻي سماجي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هڪ عورت کي (زال کي) مولٽي فوم جي وهاڻي سان تشبيهه به عجيب آهي، جيڪا دل کي نه ٿي آئڙي. هڪ عورت محبت ۽ اعتماد تي پنهنجا جذبا، احساس، خواهشون ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه هڪ مرد جي نانءُ ڪري ڇڏي ٿي. پوءِ مرد کي زندگي جي هڪ موڙ تي اها عورت (زال) جيڪا ڪڏهن، هن جي خوابن، خواهشن، احساسن ۽ محبتن جو محور هوندي هئي، کيس مولٽي فوم جو وهاڻو لڳي ٿي. جڏهن عورت جي جسماني حُسنائيت تبديل ٿي وڃي ٿي ته پوءِ مرد کي اها ئي عورت مولٽي فوم جو وهاڻو ڇو ٿي لڳي؟ شاعر پنهنجين خواهشن کان به وڌيڪ ٻي جي اندر ۾ لهي ان جي احساسن، جذبن ۽ موسم کي لفظن ۾ پينٽ ڪري اهو ان جو ڪمال چئبو!!
    هالا؛ سنڌي شاعري خاص غزل جي حوالي سان ادب جي اتهاس ۾ وڏي حيثيت رکي ٿو. خليفي گُل کان خيلفي قاسم تائين هالا جو غزل پنهنجا رنگ روپ ڌاري بيٺو آهي. هالا جو شاعراڻو ماحول خاص طور مشاعرن جون محفلون پنهنجي مخصوص لهجي ۽ رنگ ترنگ رکن ٿيون، جنهن تي وڏي وقت تائين عروِضي، روايتي ۽ ڪلاسيڪي رنگ غالب رهيو، گهڻي وقت کان پوءِ هالا جي نج شاعراڻي ماحول ۾ جدت جو پهريون پٿر معصوم هالائي روايت جي بيٺل پاڻي ۾ اڇلايو، جنهن کان پوءِ سوز هالائي جي شاعري ان جديد رنگ ۾ پختي ٿي ظاهر ٿي. جنهن هالا جي شاعراڻي ماحول کي هڪ خاص صورت ڏني. اهڙي ريت امتياز ابڙي، عرفان مهـــدي، سيف بخاري تنها، ڪوثر هالائي، جاويد سوز هالائـي، سهيل ابڙي، مخمور بخاري ۽ حسين سرور جديد شاعري جو رنگ اختيار ڪيو. هن فڪري تبديلي جو ڪارڻ جديد سنڌي شاعري جا سرموڙ شاعر: شيخ اياز، تنوير عباسي، استاد بخاري، عبدالڪريم گدائي، نارائڻ شيام، نياز همايوني، امداد حسيني ۽ تاج بلوچ شامل هئا. هالا جي جديد رنگ اختيار ڪيل شاعرن ۾ حميد شهيد پنهنجي هن ٻئي مجموعي ”هيڪلايون نويڪلايون“ کان خاص طور پوءِ مون کي ڪجهه اڳڀرو بيٺل نظر اچي ٿو. هن وٽ پنهنجي شاعري لاءِ لاتعداد موضوع آهن ۽ انهن موضوعن کي گهاڙيٽن جي قالب ۾ اوتڻ لاءِ وري وٽس بيساختگي پڻ آهي:

    ماٺ ڪرڻ ڇا سوکو ڪم آ،
    شيشا چٻاڙي آيو آهيان.

    سنڌو اڃاري رَتُ گهريو ٿي،
    ڳوڙها ڳاڙي آيو آهيان.

    حميد شهيد جيڪو شاعري قومي امانت سمجهي ان جي حفاظت ڪري رهيو آهي؛ اهو پنهنجي ذات جي اندر بي باڪ، مخلص، همدرد ۽ ميٺاج وارو شخص آهي. هو اها قومي امانت سنڌ جي اسرندڙ نئين ٽهي جي حوالي ڪرڻ چاهي ٿو:

    وڏن جي مليل امانــــــــــــــت آهي،
    هي خواب جيڪي اسين ڏسون ٿا،

    نئين ٽهي کي هي خواب ســـــونپي،
    اسين وڃون ٿا، اسين وڃــــــــــون ٿا.

    حميد شهيد جي نيڻن ۾ جرڪندڙ روشن صبح جو خواب اسان جي لاءِ هن ڌرتي جو قرض آهي، جيڪو فرض سمجهي اسان کي ادا ڪرڻو پوندو. پر ان راهه ۾ اسان کي حميد شهيد جهڙن شاعرن جي رهنمائي جي ضرورت آهي:

    پير کڻڻ جي دير فقط آ،
    ماڳ ملڻ ۾ دير نه ٿئي ٿي.

    شعر ”شهيــــــد“ الهام اگر آ،
    شعر چوڻ ۾ دير نه ٿئي ٿي.

    (ٽماهي مهراڻ،4/2008ع)


    سليم چنا : تنهنجي ننڊ به جاڳ

    رات جي سانت ۾ ٽيبل تي وکريل ڪاغذن ۾ سليم چنا جون وايون ائين هوا جي زور تي وکري ويون آهن، جيئن ناري جا کليل وار بيچئي ۽ کيچلي هوا سان مقابلو ڪندي سندس مُک تي وکري وڃن. سليم جي واين ۾ جا نفاست، سونهن ۽ تازگي آهي، ان مان محبوبا جي ادائن جهڙو ساءُ ضرور حاصل ٿئي ٿو. منهنجي نظر ۾ شاعري هڪ اهڙو لمحو آ؛ جو وجدان جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿو، پر ان لمحي جي تسلسل ۾ ڪيترائي پس منظر، پيش منظر ساهه کڻدا رهن ٿا.
    اِهي پس منظر/ پيش منظر ڇا ٿي سگھن ٿا..؟ اِهي اُهي وارتائون ئي آهن، جيڪي ڪوي سان ٿي گذرن ٿيون. انهن وارتائن ۾ هو ڇا وڃائي ٿو، ڇا حاصل ڪري ٿو، بس شاعري اُن وارتائن جي اُها ڪٿا آهي جيڪا وڏي ڪاريگري سان ڪوي ٻڌائي ٿو. سليم چنا سان پيش ايندڙ وارتائن جي ڪٿا سندس هن واين جي مجموعي ۾ اسان کي پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، هو ان ۾ اسان کي ڇا ٻڌائي رهيو آهي ته اُن جي ڪٿا جي کول / اپٽار کان پوءِ ئي اسان ڄاڻي سگھنداسين. وارتائن جو حال بيان ڪرڻ به اوجاڳن جي مُند ۾ ٿڪائيندڙ سفر ڪرڻ سمان آهي. ڪوي جو اهو سفر در سفر ڪٿي به رڪجي نه ٿو، عشق جي مَڌُ جي چُسڪي کانئس تخليق جو سفر ڪرائي ٿي. سليم جي هنن سٽن ۾ سندس عشق جي وارتائن جو اورڻ اوريل آهي.

    تون ته حويلي جي مهه راڻي
    ســــــاري آهـــين هـــيرن کـــاڻ
    تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي
    تون ته گلن جيئن پؤتر آهين
    مـــون ۾ جــــڳ ڏٺي گــــدلاڻ
    تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي

    نينهن ناتي جو احساس ئي اهو آهي. هو پنهنجي محبوب کي سمورين ڪوتاهين جي باوجود اُن کي پوتر/ پاڪ / معصوم ڄاڻيندو آهي.
    ”مون ۾ جڳ ڏٺي گدلاڻ“....... عشق جي اِها تقاضا آهي ته اُن جي ڪاون اُڀن راهن مٿي پيرين پنڌ ڪجي پوءِ ڀلي پير پٿون ئي ڇو نه ٿي وڃن، عشق ته اسان کان اهو به گھري ٿو ته خود کي فنا ڪري ڇڏ، مٽائي ڇڏ، هستي جو ڪوٽ ڊاهي نيستي ڏانهن سفر ڪر ۽ هي نفرتن جي سوداگر دنيا ڪڏهن به عشق جي نفاست، نفسيات ۽ عاشق جي حالتن ۽ ڪيفيتن کي سمجھي ئي نه سگھي آهي، هن جي نظر ۾ ته عاشق ۾ رڳو گدلاڻ ئي آهي، ميراڻ آهي، پر، عاشق صادق جي اها نيستي ”تنهنجي منهنجي ڀيٽ نه ڪائي.“ کيس محبوب ته ڇا پر عشق جي راهه ۾ اعليٰ پد تي پهچائي ٿي. محبوب جي آڏو عاشق جون عاجزيون به سندس ماڻا هئڻ جي برابر آهن. سليم پنهنجي سکي جا ماڻا کڻندي ڪيتري نه سادگي ۽ نهٺائي مان کيس عرض ڪري ٿو:

    ٻيلي مون ڏي ٻاجھ سين،
    واري نيڻ نهار
    مون کي پنهنجي پاتڻي.

    سندس عشق جي مسافت گھڻي طويل ٿي ڏسجي، مسلسل جاڳڻ، رلڻ، تڙپڻ ۽ اوجاڳن سان اکين جو سڙڻ مان اسان کي هن ڪوي جي عشق جي بيقراري ۽ آنڌ مانڌ جو احساس هن جي هنن لفظن مان جاڳي ٿو:

    ڪاريون راتيون ڪوجھيون
    ڪيڏي آهه اُماس!
    پنڌ گھڻو پرتي اڃان.
    ***
    هئه هئه کيهه ٿيو وڃي
    بستر. وهاڻو
    ڀينگ ٿيو ڀاڻو
    نيڻ جلن ٿا جاڳ ۾
    نينهن نماڻو
    ڀينگ ٿيو ڀاڻو

    اوجاڳن ۾ راتيون
    ڪنهن جي ڪاڻ ڪٽڻ
    ڏاڍو ڪم اوکو ميان

    جڏهن رڳو اوجاڳن جي موسم هجي، بيقراري جو واسو هجي، روح ساجن بنا هر لمحي تڙپي، لُڇي ته پوءِ هر سُو سُڃ ئي سُڃ لڳندي. ڪيتري نه سادگي ۽ بي ڊپائي مان هو پاڻ کي پنهنجن عيبن سميت پنهنجي محبوب جي آڏو پيش ڪري ٿو:

    شال قبولين تون پرين، هي پنهنجو نادار
    هلي آهيڪار!



    هن کي خبر آهي هُن ۾ ئي هِن جي تقدير آهي:

    سانئڻ! تنهنجي روپ ۾
    منهنجي آ تقدير
    سدا منهنجي سامهون

    تاساري من جو اورڻ ڪوي هيئن اوري ٿو:

    مَڌُ مَٽَن ۾ هو گھڻو
    ڍُڪ به ڪونه مليو
    توبن پريتم بانورا
    هندوري ۾ هوندي به
    ڪونهي پيار پليو
    تو بن پريتم بانورا

    اهو به عجيب احساس آهي. ڪنهن جي ٻانهن جي حصار ۾ هجڻ باوجود ان جي هٿ جي ليڪن ۾ نالو ئي نه هجي ته ان کان وڌيڪ من اندر ۾ ڀُرڻ / ٽٽڻ ٻيو ڇا هوندو؟ اِهو ته ائين ٿيو ڄڻ ندي ڪناري من پياسو رهي ۽ ڪنهن جي هجڻ جي باوجود من مندر ۾ ڪا ميگھ ملهار ئي نه هجي ۽ نه ئي ڪا ماڪ پوي ۽ نه ئي ڪلين ۽ گلن جي پنکڙين کي ڪا تازگي ملي ۽ نه ئي رات جي سانت ۾ ڪو تن جو ستار وڄي ۽ نه ئي ڪنهن جي مُڌر آلاپ تي ڪا ڪنواري ڇرڪ ڀري اٿي ۽ پنهنجي اڻپورن سپنن جي ساڀيان ڳولي.

    ڪٿان اچي پئي ٽاڪ منجھند جو
    چولو آلو آهه پگھر ۾
    نينگر توکي ڊپ نه ڪو!؟

    عجب خيال آهي جماليات جو. اڳ شاعر جمالياتي خيال لاءِ چنڊ جي چانڊاڻ، سُرهاڻ ۽ شام سمي جو منظر چٽيندا هئا، پر سليم هن خيال ۾ ٽاڪ منجھند جو منظر ڪيتري نه حُسناڪي ۽ نفاست مان چٽي اسان کي ڇرڪ ڀرائي ٿو. پگھر ۾ وينگس جي بدن کي چُهٽيل چولو ڪنهن قيامت کان گھٽ ته نه هوندو. الائي اسان جي هن شاعر اهو منظر راهه ويندي ڪٿي پسيو ۽ پنهنجي اک جي لينس ۾ ان جو عڪس محفوظ ڪري ورتو ۽ پوءِ ڪهڙي لمحي ان جو اهو ادراڪ وجدان جي صورت ۾ اسان آڏو ظاهر ٿي ٽاڪ منجھند جي لڱ ساڙيندڙ گرمي کي ڪنهن خوبصورت احساس ۾ بدلائي ڇڏي ٿو.
    ان فطري سونهن جو جيڪو احساس اسان جو هي ڪوي پنهنجي لفظن ۾ جيئاري ويٺو اهڙو ئي دلڪش ۽ سُونهن ڀريو مثال سندس سينئر شاعر مختيار ملڪ جي ترائيل ۾ ملي ٿو:

    ٿاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي،
    لــــڱ ســــمورا پـــــــاڻـــــي لارون،
    شايد! مون کي ڏسندي مرڪي،
    ٿاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي.

    ڪاوڙ هــــــوندي، ٿـــــورو مُرڪي،
    شـــــــرم ســـــــمايل کــــڻي نهارون!
    ٿـــــاٻي سان ويس گھاگھر ڇُلڪي،
    لــــڱ ســــــــمورا پـــــــاڻـــــــــي لارون

    (اماس ۾ به سوجھرو، ص 123)

    اهڙو هڪڙو سُونهن ڀريو اظهار سليم وٽ ٻيو به موجود آهي. هي پنهنجي چوڻ ۾ ڪيترو بي باڪ آهي! شايد مٿس حُسن عشق جي مئي جي مستي ڇانيل آهي، تڏهن ئي ته بي ساخته اظهاري ٿو.




    چنگ چپن جا چوريون
    ماڻيون بدن بهار
    پوءِ الاءِ ملون نه ملون
    ڪيسين سانڍيندينءَ ڀلا
    انگ انگ اسرار
    پوءِ الاءِ ملون نه ملون

    شاعر جا سپنا اُجري باک جا سپنا هوندا آهن. هو لفظ جي اهميت ۽ ان جي اثر کان باخبر هوندو آهي، تڏهن ئي ته هو لفظ کان تلوار وارو ڪم به وٺي ڄاڻيندو آهي. سليم چنا لفظ جي اهميت ۽ اثر کان باخبر شاعر آهي. هن پنهنجي لفظن کي ڌرتي ماتا جي مٽي ۽ سنڌو جي مقدس پاڻي سان ڳوهي اسان آڏو آندو آهي.
    هو نااميد ناهي. هُن جي اکين جا خواب، هو ڄاڻي ٿو ته اڄ نه سُڀاڻي ساڀيان جو حقيقي روپ ضرور پائيندا. ها اها اميد ئي اڳتي وڌڻ، اڃان به اڳتي جو اُتساهه ڏئي ٿي:

    ماڻينداسين ماڳ
    سپنا سَرجن ٿا پيا
    سوکو آنءُ سواد سان
    پنهنجون پليون ۽ ساڳ
    سپنا سَرجن ٿا پيا
    ٻيهر وطن جي ملي
    وريا من کي واڳ
    سپنا سَرجن ٿا پيا
    هئه هئه ڦول ڦلاريا،
    چوڏس آهڳساڻ
    پرهه ڦٽي ٿي هاڻ

    هو پنهنجي نظرياتي ۽ قلمي ڪميٽمينٽ کي نڀائيندڙ شاعر آهي:

    ٻاري رکيم ڌرتي تي
    شعلن جو شمشان
    آزادي منهنجو اعلان
    آهي ويٺل اندر ۾
    ڪو آدرشي انسان
    آزادي منهنجو اعلان

    هن جي شعلن جو شمشان ڇا آهي، ڌرتي لاءِ، هن جي جذبن ۽ احساسن جو ڇوليون هڻندڙ ساگر آهي.

    توکي سوريءَ سڌ او ساٿي!
    توکي سوريءَ سڌ
    مٽي جي مهڪاءَ لئه
    رت جو ريج ڏيڻ
    ڏاڍي اوکي ڳالهڙي

    يا اڳتي وڌيڪ چئي ٿو:

    مون سين جي هلندين، ريٽي رت رڱبين
    آهي جھيڙو جُوءِ جو
    مرندين تون ميدان، سورهيه تون سڏبين
    آهي جھيڙو جُوءِ جو
    جي تــو ماڳ ملهايو، موتين ۾ تــرندين
    آهي جھيڙو جُوءِ جو

    ڌرتي لاءِ وڙهندڙ جوڌن ۽ جوانن جو اسان شاعرن پنهنجي مزاحمتي شاعري ۾ ته خوب ذڪر ڪيو آهي پر لطيف سائن جي ورلاپ:


    اڃان وئڙم ڪال، هو ليکيـندي ورهه ٿئا،
    من ڪو ماڻو تن لئي، جيئن سـان ڦلن مال،
    اڱــــــــــڻ ايــنـــدم شــــال، آسَرَ ڀري آهــــــــيان.
    (سر سامونڊي)

    جي پس منظر ۾ جاڳندڙ دُک، پيڙاءُ ڇهيو ئي ناهي، ڌرتي لاءِ وڙهندڙ جوڌن جي ونين جي ان فطري ڪيفيتن ۽ جذبن جي ڀرپور عڪاسي ته سليم جا هي لفظ نه ٿا ڪن پر اسان کي انهن حالتن طرف وٺي ضرور وڃن ٿا.
    ڌرتي ڪارڻ دولهه ملهيا
    ريٽو ريٽو رت ڏنائون
    گھوٽ وري گھر آيا
    ٿيا ونين جا وارا نيارا
    تن جا گھرا گھاءَ چميائون
    گھوٽ وري گھر آئيا.

    اسان جي هن شاعر جي اکين ۾ ستابي ۽ سائي سنڌ جو جيڪو اجرو خواب جرڪي ٿو ان لاءِ اسان سڀ ڌڻي در هٿ کڻون ٿا. سليم جي هنن لفظن ۾ توڙي سادگي جو ڀرپور اظهار آهي، پر اِها سادگي سندس شاعري کي ڪيترو نه خوبصورت بنايو ويٺي آهي:

    سانگي سُکَ سمهن
    گلڙا گاهه ڦٽن
    اهڙا ڏينهن اچن
    الا! او اهڙا ڏينهن اچن
    جيڏيون جھول جھلي
    پيرون خوب پٽن
    اهڙا ڏينهن اچن
    الا! او اهڙا ڏينهن اچن
    شال ترسي پوين
    هاءِ برسي پوين
    ملڪ تي مينهڙا
    اوءِ جوڳيئڙا

    مينهن اجھو ئي اٺا
    وڄ کوٽي نه آ
    موٽ سانگيئڙا
    اوءِ جوڳيئڙا

    وري جڏهن ملهاريون ٿيو پون، ترايون تَر ٿيو وڃن ته سانگيئڙن ۽ ماروئڙن جي مُک تي مُرڪون موٽيو اچن ته ان ڪيفيت ۽ سُرهائي کي سليم چنا ڪيتري خوبصورت انداز ۾ اظهاري ٿو:

    جھمريون پايو ٿو نچان،
    نکري پيا اڄ ڏينهڙا
    نيٺ وسي پيا مينهڙا
    جڳمڳ ٿي وئي زندگي
    ڏهر ڏهر ۾ ڏيئڙا
    نيٺ وسي پيا مينهڙا

    گجگوڙ ڪن گھٽائون،
    ٿڌڙيون لڳيون هوائون
    ڀرجي ويون ترايون
    هٿ هٿ تُري مکڻ،
    مالڪ سڻيون دعائون
    ڀرجي ويون ترايون

    سليم چنا، مَڌُر ۽ دلنشين جذبن ۽ اَحساسن وارو ڪوي ڪار آهي. هن جي سٽن ۾ فطري سُونهن جا ڪيترائي نازڪ عڪس ساهه کڻندا رهن ٿا، جن ۾ هن ڪوي جي خوابن جا پاڇا، احساس، جذبا ۽ خيال لڇندا رهن ٿا.

    ڪٿي ڪوي جو هي قلم
    ڪٿي منهنجو هي مقام
    ڪوتا مون سان هم ڪلام.

    (سليم چنا جي واين جي مجموعي ”نيڻ نهار“ ۾ شامل)


    انور ڪاڪا : آئون پنهنجي دوزخ ۾ به اجنبي آهيان!

    لفظ جي جهان جي کوج به ائين آهي جيئن گهري نيري ساگر جي تهه مان ڪي سپون ، ڪي موتي هٿ ڪري اچجن. لفظ بي روح هوندا آهن، بنان ڪنهن ذائقي جي،صفا بي سود ... ! اِهي ته زندهه ٿين ٿا يا ڪو سواد ڇڏين ٿا، انهن جي ادا ڪندڙ جي اندر جي موسم سان!! اندر ۾ جي ٿوهر جي تلخي هوندي ته لفظ به اهڙو ئي اذيت ڀريو اَحساس پاڻ سان کڻي هلندا، جي اندر ۾ ڪا مٺاس هوندي ته لفظ به اهڙي ئي شيريني جھڙي احساس سان ساهه کڻندا رهندا!! هر انسان جي اندر ۾ هڪ وڏو جهان ساهه کڻي ٿو. تلخين، اذيتن، ذلتن، پيڙائن، نفرتن، اَحساسن، خوابن، چاهتن، خوشبوئن، وڇوڙن، ميلاپن... سچ ته الائي! ڇا ڇا هڪ انسان جي اندر ڍ۾ پلجي ٿو، نپجي ٿو، وڌي وڻ ٿئي ٿو ۽ پوءِ هر حال ۾ اِهي ڪيفيتون، اَحساس ۽ جذبا ڪٿارسس جي صورت ۾ انسان پاڻ مان ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪري ٿو. ان جي ان عمل ۾ ڪنهن فن، ڪنهن ڏانءُ، تخليقيت ۽ ڏات جو عنصر شامل ٿئي ٿو ته اها ڪنهن تخليقي شهپاري جي صورت اختيار ڪري وٺي ٿي.
    حَساسيت قدرت جي طرفان ملندڙ جَبلتن ۾ شمار ڪري سگھجي ٿي ۽ جيڪو انسان جيترو حساس ٿئي ٿو، ان جي ادراڪ جي سگھ به اوترو ئي تيز ٿئي ٿي. شاعري حَساسيت ۽ حُسنائيت مان جنم وٺي ٿي. شعر جو سڌو سنئون واسطو اَحساس سان آهي. شعر؛ شعور مان نڪتل آهي جنهن جي معنى آهي اَحساس ڪرڻ يا حَسِين خيال. هاڻ هي ٻه معنائون هڪ ئي بنياد مان ڦٽي نڪتيون آهن. حَساسيت انسان کي سوچڻ، لوچڻ، تڙپڻ ۽ هوراکورا ڏانهن وٺي وڃي ٿي. بيقراري، آنڌمانڌ، تڙپ، لوچ پوچ جي ڊگھي سفر کان پوءِ تخليقڪار جيڪو ثمر ساڻ کڻي ايندو آهي، اهو هڪ نئون نڪور ۽ اڇوت خيال هوندو آهي جيڪو ٻين کي پاڻ ڏانهن سڏڻ ۽ ڇڪڻ جي سگھ رکندو آهي .مون کي شعر جي جهان ۾ آزاد نظم ۽ خاص طور نثري نظم ٻين شعري صنفن کان ڏکي، ٿڪائيندڙ، تڙپائيندڙ، رت ولوڙيندڙ ۽ وقت گھرندڙ صنف لڳندي آهي، ڇاڪاڻ ته نثري نظم سڌو سنئون بنا ڪنهن ٽيڪ ۽ ٿوڻيءَ جي خيال جي اُڇل جو نالو آهي. خيال/اَحساس جيستائين ڪنڀر جي آويءَ ۾ پچڻ مثال اندر ۾ نه ٿو پچي راس ٿئي/پختو ٿئي، ان وقت تائين هڪ سگھارو ۽ اثر ڇڏيندڙ نظم نه ٿو لکي سگھجي. فرينچ زبان کان شروعات ڪندڙ هيءَ صنف انگريزي ادب جي معرفت اسان وٽ پهتي ۽ پنهنجي انفراديت جي ڪري پنهنجون پاڙون هتي به هاڻ پختيون ڪري چڪي آهي. سنڌ جي به اڻڳڻين شاعرن آزاد نظم/نثري نظم لکيو آهي ۽ خوب لکيو آهي ڪن جا ته خالص مجموعا به شايع ٿيل آهن.
    هن وقت انور جي مجموعي ”وصيت نامو“ کي اٿلائيندي مون هر گھڙي ان ۾ شاعر ڳوليو آهي ۽ هو مون کي پنهنجي هر نظم ۾ مليو آهي. انور سان شناسائي جو سفر، جي ساريان ٿو ته لڳ ڀڳ اهو ويهن ورهين تائين ڪڏهن ڌنڌلو ته ڪڏهن چٽو ٿي بيهي ٿو. ان ڪري آئون اها ڳالهه چئي سگھان ٿو ته مون انور کي ”وصيت نامو“ ۾ ڏٺو آهي . هن جا نظم به طويل آهن خود هن جي ڏک جي احساس وانگر...!اوجاڳن وانگر...! رولاڪين وانگر...! سو انور کي جڏهن جڏهن به پڙهڻ ويٺو آهيان، مون کي هن جي نظمن مان دک جو ڪؤڙو ذائقو آيو آهي؛ اهڙو ذائقو جيڪو اسان مان ڪير به چکڻ نه چاهيندو آهي... بس! محبت جي سُڪي ويل پتين جھڙو اذيت ناڪ احساس جڏهن محبوبا جي ٻانهن جيان اسان کي ويڙهي وٺندو آهي؛ ايترو ته زورائتو ڀاڪر جو ساهه به منجھڻ لڳي، ته پوءِ؛ اُن موسم ۾ تخليقڪار جيڪي به لفظن جا هار پوئيندو اُن ۾ ڀلا هوندو به ڇا؟
    انور جي نظم ”اوجاڳو“ ۾ سندس اندر جي سموري، تلخي سميٽجي آئي آهي:

    منهنجي ننڊ
    برف ۾ ڳري رهي آهي
    سڀاڻي پاڻي ٿي ويندي!
    ۽ پوءِ منهنجي ڪهاڻي ٿي ويندي
    جنهن جو عنوان هوندو ”اوجاڳو“
    ڇا تو ڪڏهن اوجاڳو پڙهيو آهي؟


    ”اوجاڳو پڙهڻ“، اوجاڳي ڪرڻ جيترو ئي ڏکيو عمل آهي ۽ ايترو ئي ٿڪائيندڙ هوندو اوجاڳو کائڻ ۽ پاڻ تي اوڙهڻ... جڏهن اوجاڳي جو ڪمبل اوڙهي خواب اڻڻ جي ڪوشش ڪجي ته خواب ته پري اکين ۾ ڪنڊا ڦٽي پوندا آهن جن جي چڀڻ جي تڪليف هرهر نئين اوجاڳي ڏانهن وٺي ويندي آهي! ۽ پوءِ زندگيءَ جيترن طويل اوجاڳن جو انت ڇا ٿيڻو آهي؛ شايد انور جي لفظن جيان:

    تنهنجي انتظار جون
    گھڙيون ختم ٿيڻ واريون آهن
    هُو جلد اونداهيءَ ۾
    خدا جي رنگين تصوير ٺاهي
    پاڳل ٿي ويندو !

    اونداهيءَ ۾ خدا جي رنگين تصوير ٺاهڻ به عجيب قسم جو خيال ٿو ڀانيان...! خدا لاءِ هر انسان پنهنجي پنهنجي انداز سان سوچي ٿو ۽ سوچڻ به گھرجي؛ ڇاڪاڻ ته هر فرد جو الله سان ذاتي تعلق آهي. پوءِ ان تعلق جي وچ ۾ ڪنهن ٻئي کي دخل اندازي نه ڪرڻ گھرجي... ها، ڪنهن به قيمت تي نه ! انور جو نظم ”خودڪشي“ به سندس طويل ڏک جي احساس ۾ ويڙهيل هڪ روئاڙيندڙ نظم آهي ، جنهن جون سٽون آهن:

    مون کي يقين آهي ته
    محبت ۾ ناڪاميءَ تي
    ڪيل منهنجي خودڪشيءَ کي
    تون ڪڏهن به شهادت نه سمجھندينءَ !

    هن نظم تي لکجي ته ڇا لکجي؟

    عشق، چاهت/ محبت جي انتها واري منزل جوڏاڪو/درجو آهي. ان حد کي سمجھي به ڪير سگھندو آهي؟ رولاڪ روح، تڙپندڙ، ٽٽندڙ، لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ جهان جيڪوانسان جي اندر ۾ ساهه کڻي ٿو، ان حالت/ڪيفيت کي ڄاڻي ٿو/سمجھي ٿو.پر جن وٽ ان ڪيفيت کي سمجھڻ جي حَساسيت ئي ناهي انهن وٽ محبت جي ناڪاميءَ تي ڪيل خودڪشي، شهادت جو درجو ته ڇا حاصل ڪندي پر انهن لاءِ ته خودڪشيءَ جي اذيت ناڪ پيڙا جو ذائقو به ڪا اهميت نه رکندڙ هوندو آهي شايد!! اُن صورت ۾ يا اُن المئي حالت ۾ حَساسيت ڇا کي جنم ڏيندي؟ لازم آ روح کي چيريندڙ اذيت ئي لفظن جي صورت اختيار ڪندي! حَساسيت انسان کان هميشه ان جي زندگيءَ جو دام ان کان گھڻو ئي حاصل ڪندي آهي. ائين ڇو آهي ته جيترو من شيشي جيان نازڪ هجي، لفظن جا پٿر به ان تي ئي بار بار وسن/ان کي ئي هر هر سنگسار ڪجي!
    انور جي نظمن ۾ اهو ڏک ۽ اهو سوال مون کي هر هنڌ نظر اچي ٿو سو آئون ان جي نظمن مان ڪَرَ کنيل ان دک ۽ ان سوال کي ڪيئن پنهنجي مٿان ويڙهيان ۽ جواب جا ڦڪا ڦڪا دليل ڏئي خود کي ڪنهن اڻ ڄاتل ڏک جي حوالي ڪيئن ڪريان، ڇوجو آئون ان جي سوال جو جواب ڏئي نه سگھندس! بس جيئن جيئن ان جي نظمن کي پڙهندو ٿو وڃان،پاڻ کي زرد پتن جي وڇوڙي جھڙي احساس ۾ ويڙهجندي ٿو ڀانيان!
    ”وصيت نامي“ ۾ فقط انور جي دُک ڪٿا لفظن ۾ آيل ناهي پر هن جي اندر ۾ پلجندڙ محبت جي نازڪ احساس جي ڪوملتا به لفظن جا موتيا بڻيا آهن.ائين به ناهي ته فقط هن پيڙاءُ کي پوئيو آهي. هن مهڪ ۽ ٽهڪ جي احساس کي هرگھڙي اپنائڻ جا به وڏا جتن ڪيا آهن. ”آغا خان هاسپيٽل ۾ اجنبي ڇوڪريءَ لاءِ هڪ نظم“ ۽ ”تلاوت“ نظم سندس اهڙن حسين خيالن جو ڀرپور اظهار آهن. نظم: ”آغا خان هاسپيٽل ۾ اجنبي ڇوڪريءَ لاءِ هڪ نظم“ الائي ڇو مون کي پنهنجي دوست انور ۾ پلجندڙ مکڙيءَ جي ٽڙي گل ٿيڻ جھڙي احساس ۾ ورتل لڳي ٿو. ان ڪري آئون اهو سمورو نظم بار بار پڙهڻ گھران ٿو ۽ سندس نظم ”تلاوت“ به هن جي معصوم محبت جي تصوير چٽي ٿو. سچ ته اهو آهي محبت جي تقاضا اها چئبي جو پرين جي نالي جو ئي سڄو وقت ورد ڪجي:

    مان
    الف ، ب جي ٻاونجاهه اکرن مان
    صرف تنهنجي نالي جي چئن اکرن جي
    روز تلاوت ڪندو رهندو آهيان !
    ۽ آس اٿم ته اهي ئي چار اکر
    منهنجي قبر جو ڪتبو به بڻجن.

    ”جانان! تون گواهه رهجان“ ۾ انور؛ زندگي سان پيار جو اظهار ڪيو آهي، اهڙو اظهار جيڪو هن پنهنجي هر نظم ۾ ڪرڻ گھريو آهي يا نظم لکڻ کان اڳ هن جي من اهڙي زندگي ڳولي آهي پر کيس اها زندگي ملي سگھي يا نه ان جو درست جواب ته انور خود ئي ڏئي سگھي ٿو؛ پر سندس هي لفظ:

    مون خدا کي چاهيو آهي يا نه!
    ان جي پڪ ناهي
    پر مون زندگيءَ کي چاهيو هو
    ها! مون توکي چاهيو هو!

    سچ ته هي زندگيءَ سان محبت جو خوبصورت مثال آهي. زندگي، رنگ، خوشبوءِ، چاهتون، صداقتون سڀ حُسنائيت جو ڏيک به ٿي سگھن ٿيون ته اوجاڳن، اذيتن، اهنجن ۽ ذلتن جو نه کٽندڙ طويل سفر به! پر انور جا لفظ: ”مون زندگيءَ سان پيار ڪيو!“ سندس اندر جي معصوميت جو عڪس ٿا ڀاسن. اها معصوميت ڪنهن بي سمجھ ٻار جي مرڪ ۾ هوندي آهي. ها! اها معصوميت ان ٻار جي ڪومل ڪومل نرم نازڪ ڏٺل خوابن ۾ ڏنل بنهه ننڍڙن ننڍڙن ٽهڪن جھڙي آهي.
    سندس مختصر نظم:

    ڏيئي اجھامي چيو:
    ”مون کي هاڻ ننڊ ٿي اچي.“

    واقعي معصوم ۽ من ۾ گھر ڪرڻ وارو نظم آهي.
    سندس نظم: ”وڃايل چميءَ کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪجان!“ فوٽ پاٿ تي پلجندڙ زندگين بابت آهي جن بابت اسان سوچيون ڪڏهن ٿا؟ ان سوچ ڏانهن انور جو نظم اسان کي وٺي اهو احساس ڏياري ٿو ته انهن بي رنگ زندگين کي شفقت ۽ محبت جي ڪيڏي نه ضرورت آهي. سندس نظم: ”صوف“ ۾ به هڪ خوبصورت خيال آهي. نظم ”اَنَ جو داڻو“ به حقيقت ۾ هڪ وڏي سماجي الميي جو عڪاس آهي.
    توهان جي هٿن ۾ جيڪو انورڪاڪا جو هي ”وصيت نامو“ آهي ان ۾ عام ”وصيت نامن“ جيان خاندان، جائداد ۽ دنيائي رسم رواج بابت ڪا اُپٽار ناهي ٿيل پر ان جي اُبتڙ ساڻس ٿيل سمورين ويساهه گھاتين،
    اڻ اظهاريل توڙي رهجي ويل اڌورين محبتن، ملاقاتن، ميلاپن، وڇوڙن، اذيتن، اهنجن ۽ ذلتن جي ڊگھي ڪٿا آهي. جنهن کي پڙهندي درد جو احساس وڻ ويڙهيءَ جيان ويڙهي وڃي ٿو. جيئن ”پنهنجي رقيب لاءِ هڪ نظم“ جون هيءَ سٽون:


    ۽ ڏس! هن جي هٿن جي ترين جون شامون به
    صرف تنهنجو مقدر آهن
    جن کي هاڻ تون جيڏيءَ مهل چاهين
    پنهنجي چپن سان ڇهي سگھين ٿو
    ۽ منهنجي بدنصيبي ڏس!
    آئون پنهنجي دوزخ ۾ به اجنبي آهيان!


    ”وصيت نامي“ جي درد ڪٿا ۾ رڳو انور سان ٿيل وارتائن جو بيان نه آهي پر ان ۾ سماجي براين، اڻ برابرين، زيادتين جا هنڌ هنڌ عڪس نظر ايندا. هن جا نظم خيال جي ڀرپور اُڇل جا مثال آهن ۽ هڪ سٺي نثري نظم جي اها ئي خوبي۽ ڪاميابي سمجھي ويندي آهي؛ سو انور پنهنجي همعصرن ۾هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ته مڃائي چڪو آهي؛ اتي هاڻ ”وصيت نامي“ سان سٺي نثري /آزاد نظم جي شاعر واري پنهنجي حيثيت به مڃرائي وٺندو. شل! انور جي قلم کي اڃان وڌيڪ تخليقي سگھ نصيب ٿيندي رهي ۽ هن جي ڏات جا ڏيئا ائين ٻرندا، چمڪندا ۽ جرڪندا رهن جيئن گھگھ اونداهيءَ ۾ کڙکٻيتي جي روشني ٽمڪندي؛ دنيا جي قائم رهڻ ۽ انسانن کي پُر اميد رهڻ جو سنيهو ڏيندي رهندي آهي!
    (انورڪاڪا جي شعري مجموعي ”وصيت نامو“ ۾ شامل)


    آيو جنين مان واسُ

    آيو جنين مان واسُ بابت

    ڀٽائي ڪيئن آنند ماڻيو هوندو.!! سچل جڏهن نچي نچي ساڻو ٿيو هوندو ته هو ڪهڙي منزل تي پهتل هوندو! ۽ بلهي شاهه به حق تي هو ته هُن پنهنجي مرشد کي پرچائڻ لاءِ ڪيڏا نه ڪشالا ڪڍيا!! سامي جڏهن مٽ ۾ هڪ وڌيڪ پرچي وڌي هوندي ته اُن به اُن گهڙي هڪ سڪون ضرور ماڻيو هوندو. پر اهو سڪون، اهو مسرت جو لمحو به لمحي لاءِ اچي ٿو.


    شاهه عبداللطيف ڀٽائي : ڀٽائي اڄ به اسان جو سونهون آهي

    شاعري جذبن جو اهو ٽڪساٽ آهي، جيڪو وجدان جي ڪيفيت ۾ تخليقڪار جوڙي راس ڪري ٿو، هن جي ان جهان ۾ ڪيترائي قدرتي رنگ ۽ عڪس جرڪندا آهن. انسان لامحدود طاقتن جو هڪ اهڙو مجموعو آهي، جيڪو اڄ تائين دريافت ٿي نه سگھيو آهي. وجدان انسان جي ان گوناگون اندر جي جهان جي دري کولي ان جي لڪيل سمورين طاقتن، رازن، رمزن کي وائکو ڪري ٿو. حَساسيت فطري جبلتن جي ذمري ۾ ڳڻي سگھجي ٿو، جيڪا هر فرد کي جدا جدا ڏني وڃي ٿي. حَساسيت ئي حُسنائيت مان جنم وٺي ٿي.
    شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن کي ڪيترائي فرد هڪ ولي الله، اولياءُ ۽ بزرگ تصور ڪن ٿا ان کي جيڪڏهن هڪ اهڙو شاعر تسليم ڪجي جيڪو هر دور جو شاعر هجي، ڀٽائي رڳو پنهنجي دور/وقت جو شاعر نه هو بلڪه هو اڄ جو شاعر آهي، سُڀاڻ جو شاعر آهي، هن جي شاعري کي هڪ نظريي/فڪر/ڌارا ۾ پابند نه ٿو ڪري سگھجي بلڪه هو ته ان آفاقي پيغام جو علمبردار هو، جنهن تحت ساري عالمِ انسانيت لاءِ دعاڳو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب انسان شناسي، انسان دوستي، پيار، محبت، امن، سُک، شانتي، ميٺ، مروت، رواداري، محبت ۽ ڀائيچاري جي ترغيب حاصل ڪئي، هن جي نظر ۾ مذهبن، فرقن، نسلن، قبلين، ذات پات کان وڌيڪ اوچو/ اعليٰ انسان هو، جنهن لاءِ هو سوچي رهيو هو.

    نڪر ناهه ڪلهي ڪري، هو مَ هوندن جيئن
    لاهوتي، لطيف چئي هون نه آديسي ائين
    سي ڪاپڙي ڪيئن جي ڌارين تعلق تر جيترو

    انساني جذبن، فطري ضرورتن ۽ حالتن جو جيڪو اڀياس ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو آهي اهو ان ڳالهه جي پُوري طرح چٽائي ڪري ٿو ته ڀٽائي انسانيت جو حامي آهي. مجازي سُونهن کان ويندي مزاحمت تائين، انسان شناسي کان ويندي مذهبي قاعدن قانونن تائين، سماجي حالتن کان ويندي تاريخ جي گھري شعور تائين، قدرتي منظرن/ عڪسن کان ويندي دريائي جيوت ۽ سمنڊ رستي وڻج واپار تائين، سنڌ شناسي کان ويندي ٻولي جي اڻکٽ خزاني تائين ڪيترائي اڻ ڳڻيا موضوع/ مضمون ڀٽائي صاحب پنهنجي ڪلام ۾ موتي جواهرن جيان ويهي ٽاڪيا آهن، اِها سُونهن، نفاست، آرٽ، بلاشڪ شاهه صاحب جي ڪمال حُسناڪي جو مثال آهي.

    سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن
    آندائون عميق مان، جوتي جواهرن
    لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن
    ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.

    شاهه لطيف جي هن ڪمال شاعري جي فڪري پس منظر ۾ اُن دور جون سياسي، سماجي، مذهبي حالتون هيون، شاهه جي ڦوهه جواني ۾ سن 1718ع ۾ سنڌ جي آجپي، سچ، حق، انساني برابري ۽ انصاف جي هڪ وڏي مزاحمتي تحريڪ جي باني شاهه عنايت جھوڪ واري کي ٺٽي جي مغل گورنر، ڪلهوڙا حڪمران ميان يار محمد ۽ ان جي فوج جي مدد سان شهيد ڪرايو ته ٻئي طرف 1733ع کهڙن جي عالم دين مخدوم عبدالرحمان کي ان وقت جي ڪلهوڙا حڪمران ميان نور محمد شهيد ڪرايو ته ساڳي وقت 1740ع ايراني ڦورو حڪمران نادر شاهه افشار سنڌ ۾ ڪاهي آيو ۽ سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي پاران عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪي ويهڻ سبب نادر شاهه ان تائين ڪاهي ويو ۽ جتان جتان گذريو اتان ڦرلٽ ڪندو ويو. شاهه لطيف پنهنجي دور جا ٽي اهم ڏکوئيندڙ واقعا ڏٺا ۽ انهن واقعن سبب پيدا ٿيندڙ سماجي ڀڃ ڊاهه کي به پرکيو. انهن حالتن ئي ڀٽائي گھوٽ کان هي سٽون چورايون.
    نه سي وَؤڻَ وَڻَن ۾، نه سي ڪاتياريون
    پَسِيــو بازارون، هينئڙو مُون لوڻ ٿئي.

    ”هينئڙو لوڻ ٿئي“ شاهه صاحب جي اندر جي پيڙاءُ، آنڌ مانڌ ۽ ذهني ڪيفيت جي ترجماني ڪري ٿي ته وري ٻئي طرف هو پنهنجي دور جو سبق سيکاري ٿو جيڪو بغاوت جو نه پر فرد جي ذاتي آجپي ۽ ان جي تشخص جي سڃاڻپ جو شعور آهي.

    سورهه! مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
    متان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.

    هن خبردار ٿي ڪيو وقت جي آقا کي ته تون هٿيارن هوندي به هيڻو آهين، لکين فوجي هوندي به بزدل آهين، ڇاڪاڻ ته تنهنجي عوام تو کان نفرت ڪري ٿي، هو تنهنجي غلامي، زور زبردستي برداشت نه ٿي ڪري سگھي ۽ تنهنجي ترار ڪيترن جا سر قلم ڪندي، هت ته هر فرد منصور جيان پنهنجو پاڻ ڪُهائڻ جي لاءِ تيار آهي.

    جڙ تڙ تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هيڪڙي
    سڀوئي شي ٿيا، سوريءَ سزاوار
    همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهئو چاڙهئين.

    لطيف جي شاعري خاص طور ڪيڏاري واري شاعري مزاحمت جو علامتي روپ آهي. توڙي امامن سڳورن جي شهادت جو قصو بيان ڪندي ڀٽائي صاحب هن سر ۾ جيترو پنهنجو مزاحمتي روپ ظاهر ڪيو آهي اهو ڪمال آهي!!
    هن دور رس نگاهه ۽ عظيم ذهن ۾ غلامي کي ٽوڙڻ جو جيڪو تصور هو ان لاءِ هن دور جي نظر ۾ فرد پنهنجي وجودي، روحاني آجپي لاءِ هر مزاحمت جو روپ ڌاري سگھي ٿو.

    ڏاڙهي رت رتياس، ڏند ته ڏاڙهون گل جيان
    چوڏهين ماهه چنڊ جيئن، پِڙ ۾ پاڳڙياس
    ميڙي ۾ مُحمد چئي، مَر مرڪي ماس
    تنهن سورهيه کي شاباس، جو مٿي پڙ پراز ٿئي


    ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا
    ڪارا ڪُند هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ
    ٿي تنين سي ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو.

    لطيف سائين جي رسالي مان هن جهڙيون ٻيون ڪيتريون سٽون چونڊي سگھجن ٿيون، جن جي روشني ۾ سمجھي سگھجي ٿو ته ڀٽائي صاحب جي نظر ۾ هڪ مڪمل صحتمند معاشري جو تصور هو. اسان ڏسون ٿا ته شاهه صاحب هڪ اهڙي دور ۾ رهيو جيڪو ڪيترن ئي حوالن سان سنڌ جو مَٽجندڙ ۽ بدلجندڙ دور هو، توڙي جو هي دور گذريل ارغون، ترخان ۽ مغل دور کان گھڻي قدر سُک ۽ شَانتي جو دور هو پر فرد اڃا به مسلسل پيڙا ۽ ذهني آنڌ مانڌ جو شڪار هو، ڇاڪاڻ ته هن ئي دور ۾ ٺٽي جي هڪ هاڪاري عالم دين کي ڪلهوڙن حڪمرانن طَرفان مذهبي پروانو جاري ڪيو هو. جنهن تحت غير مسلمن کي زور زبردستي مسلمان بڻايو ٿي ويو ته ٻئي طرف مٿي بيان ڪيل ٽي اهم قهري ڪاروايون سنڌ جي عام ماڻهن کي پريشان ۽ بيحال رکڻ لاءِ کوڙ هيون.
    هي سموريون حالتون ئي شاهه لطيف جي ان فڪري بنياد جو پس منظر بڻيون آهن، جنهن تحت هن انسان دوستي، انسان شناسي جو پيغام ڏنو آهي، هن پنهنجي شاعري جي تاڃي پيٽو اُڻيو ئي سورن، دردن، ڏکن، تڪليفن، پيڙائن ۾ آهي. هن پنهنجي قوم جا ڏک پنهنجي لاءِ سمجھيا آهن ۽ پنهنجي تخليق ۾ هڪ اهڙو جهان جوڙيو آهي جيڪو اڄ به اسان لاءِ اڳ جيان جرڪندڙ ۽ چمڪندڙ آهي، جنهن جي سُهائي سان اسان اڄ به پنهنجي وڃايل واٽ ڳولي سگھون ٿا ۽ ڀٽائي جي اکين ۾ جرڪندڙ اُجري صبح جي ان خواب جي تعبير بڻجي سگھون ٿا هڪ اهڙو معاشرو جوڙي سگھون ٿا، جنهن ۾ فرد،فرد سان پيار، محبت، سڪ، اُڪير سان پيش اچي، جنهن مان سهپ، رواداري، ميٺ، محبت ۽ سچائي جو هڪ اهڙو جهان جوڙيو جنهن ۾ اسان جون اڄ واريون نفرتون، ڪدورتون، منافقتون، بي ايمانيون ۽ دوکيبازيون نه هجن. پر ان لاءِ اسان کي پنهنجي اندر جا اهي ڪُوڙا سَچا بت ڀڃڻا پوندا جيڪي مايا جا پوڄاري آهن، فقط ڀٽائي سائين جي هنن لفظن جيان:

    سڀ ننگيون ٿي نڪرو لالچ ڇڏي لوڀ
    سپريان سي سوڀ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.

    ۽ پوءِ ڀٽائي جو اهو عظيم فلسفو کڻي اسان پنهنجي اصل منزل تي ضرور پهچنداسين!!

    (روزانه عبرت، 19 جنوري 2011)


    علامه غلام محمد مهيسر : سنڌ جو هڪ سدا حيات عالم

    وقت جي بي رحم روين ۾ ڪيتريون ئي شخصيتون، ڪردار لَٽجي ويندا آهن انهن جا اصل رخ ڌُنڌلا ٿي پوندا آهن ۽ نتيجتاً لافاني ڪردار جيڪي مستقبل جا امين هوندا آهن اهي ايندڙ نسلن کان تاريخ جي ورقن ۾ اوجھل ٿي ويندا آهن.
    سنڌ جي هر وستي، واهڻ، ڳوٺ ۾ اسان کي تاريخ جا نقش نگار چٽيندڙ ڪانه ڪا شخصيت ضرور نظر ايندي. هي سڄي سنڌ سون آهي. هن جو ذرو ذرو ماڻڪ موتين مثل آهي. نامور تاريخدان پير حسام الدين شاهه چيو هو ته: ”سنڌ جي تاريخ تي ايترو ته ڪم ڪرڻو آهي جو؛ سؤ سال هجن ۽ سؤ ماڻهو ويهي ڪم ڪن ته به شايد ڪم پورو نه ٿي سگھي۾“.
    سو سنڌ جي هرخطي جو هڪ الڳ مزاج نظر ايندو. هي سچل جي ديس ۾ حق موجود جي حالت، ان جي ڀرسان کُهڙن جا عالم شريعت جا سخت پابند يعني ٻه جدا جدا مزاج هڪ ئي وقت تي گڏوگڏ ساهه کڻندا رهن ٿا. ٻنهي جا پيروڪار/ مڃيندڙ موجود آهن. هن ئي ماحول ۾ علميت جا صاحب شريعت ۽ روحانيت جا مڃيندڙ به پيدا ٿيندا رهيا آهن جن ۾؛ پير راشد روضي ڌڻي جهڙو هاڪارو عالم، شريعت ۽ روحانيت جو صاحب وڏي حيثيت جو مالڪ آهي. هن ئي خطي مان ٻيا به ڪيترائي اهڙا فرد پيدا ٿيا آهن؛ اهڙن ئي هستين مان حضرت مولانا غلام محمد مهيسرؒ، جن جهڙو عالم، اهلِ دل بزرگ به پنهنجي علميت، سادگي، ڄاڻ، شعور، عقل، فهم، تدبر ۾ يڪتا هو. درحقيقت اهڙا ئي فرد هڪ صحتمند معاشري جي تشڪيل جو سبب بڻيا آهن، هنن جو ڪردار، فهم، فراست، عقل توڙي علميت سڀ معاشري جي فردن جي ذهني تربيت، اخلاقي قدرن جي بحالي کان ويندي پنهنجي ذات ۾ پوشيده حيثيت کي سڃاڻڻ جو شعور ڏيندا آهن، اهڙن فردن جي من ۾ ڪنهن به قسم جي لالچ، لوڀ، وڏائي، تڪبر، غرور نه هوندو آهي، بلڪ هنن جي علميت هنن ۾ نوڙت، نياز، عاجزي ۽ پنهنجو پاڻ ارپڻ جهڙا جذبا پيدا ڪندي آهي.
    علامه غلام مُحمد جو به اهڙن فردن ۾ شُمار ٿئي ٿو جن پنهنجي ذات مان ڪيترائي ڏيئا روشن ڪيا. ڪيترن ئي ذهنن جي تربيت ڪئي. هڪ لاٽ جلائِي جنهن جو سوجھرو اڄ به ڏسي سگھجي ٿو. هن جيڪي مختلف وقتن تي فتوائون جاري ڪيون ان جي علمي حيثيت به آهي ته ان دور جي مذهبي ۽ سياسي حالتن جو پس منظر به اُن مان پرکي سگھجي ٿو، ساڳي طرح کُهڙا شريف جي مخدومن جي وچ ۾ ٿيل اڻبڻت جي نتيجي ۾ شڪارپور جي سول جج طرفان مقرر ٿيل منصف جي حيثيت ۾ ڪيل علامه صاحب جي لکت وارو فيصلو سندن علمي حيثيت کي ته ظاهر ڪري ٿو؛ پر اهو دستاويز سنڌي زبان کي دفتري زبان سان گڏ قانوني زبان جي حيثيت پڻ مڃرائي ٿو. هن دستاويز مان علامه صاحب جي لسانيت جي ماهر طور پڻ سڃاڻپ بڻجي ٿي. اهڙي طرح سندن مُعتقد آغا ظفر علي خان، مئنيجر ”سنڌ زميندار اخبار“ روزانه جيڪو خط لکندو هو (جنهن جو ذخيرو خاندان وٽ موجود آهي) اُهي خط به ان دور جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ مذهبي حالتن جو هڪ اهم ماخذ آهي. آغا ظفر علي خان، پير علي مُحمد شاهه راشدي جي تحرير موجب ڏاڍو دلچسپ شخص هو. مذهبي ماڻهو به هو ته اخبار جو مئنيجر به هو. اهڙي شخص جا خط يقيناً ان دور جي حالتن جو عڪس هوندا. علامه صاحب جو هي سمورو ذخيرو اهتمام سان شايع ٿيڻ گھرجي. اهڙي ريت سندس مڪمل مُستند سَوانح حيات به شايع ٿيڻ گھرجي. جنهن ۾ خانداني پس منظر کان ويندي سندس تعليم، تربيت، استادن توڙي سندس شاگردن ۽ مُعتقدن بابت لکيو وڃي. ڇاڪاڻ ته علامه صاحب اهڙي شخصيت جا مالڪ هئا جن پنهنجي سموري حياتي کي شاهه صاحب جي هن شعر جيان گذاري:

    وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي
    ويچيندي ولايت ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ
    سا ڪا هڙ هلاءِ،آڳهه جنهن جي اُبهين

    هي انهن فردن جي جماعت جو سرڪردو هو جيڪي ڀٽائي جي هنن سٽن جا عڪاس رهيا:

    کُرڪڻا لاهي، سُک نه ستا ڪڏهن،
    اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.

    اهو سفر، اهو اوسيئڙو، اها اُڻ تڻ، اها آنڌ مانڌ ڪنهن دنيائي ثمر ميڙڻ لاءِ ناهي. بلڪ اها جدوجهد آهي فطرت کي جھاڳڻ جي. ان کي سمجھڻ جي، پڙهڻ کان اڳتي ڪڙهڻ جي، خدا جي هن وشال تجربيگاه ڪائنات ۾ سمايل رازن رمزن کي جانچڻ جي. اها جدوجهد ڪَٺن آهي. مُشڪل ضرور آهي. راهه ۾ ڪيتريون ئي تڪليفون اچن ٿيون ۽ جڏهن انهن سمورن مرحلن مان پار پئجي ٿو ته انسان جي اندر ۾ پوري ڪائنات سَمائجي وڃي ٿي. هن جو اندر علم جي نور سان روشن ٿي وڃي ٿو. هن جي ڏسڻ، سمجھڻ، محسوس ڪرڻ ۽ محسوس ڪرائڻ جا سمورا ڍنگ_ انداز بدلجي وڃن ٿا. هن جي اندر ۾ وڏائي ۽ تَڪبر جي بجاءِ نوڙت ۽ نياز پيدا ٿئي ٿو، هو خود کي؛ پاڻ عالم نه ٿو چورائي؛ بلڪ هن جو هر عمل، هر گفتگو، هر انداز هن جي عِلميت جي ساک ڀري ٿو. هو عام ماڻهو نه هوندي به عام ماڻهن جيان رهڻ سکي وٺي ٿو. هن کي پنهنجي ذات بابت ڪوبه ذهني مونجھارو نه ٿو رهي؛ بلڪ هن جي سوچ پختگي جي ان حد تائين پهچي وڃي ٿو جتي هن جي هر گفتگو علميت سان ڀريل لڳي ٿي.
    علامه صاحب، سلطان باهو جي مريد غلام حيدر جيڪب آباد واري جو مريد هو. سلطان باهو حق جي حقيقت کي ظاهر ڪندڙ گَھري مفهوم وارو اهم شاعر آهي. سچل سائين جو خانوادو پڻ سلطان باهو سان فڪري اُنسيت ۽ تعلق رکندڙ هو. باهو به ظاهري علم کان پري ڀڄي ٿو. هو اهڙن ماڻهن کي نِندي ٿو جيڪي پڙهن ٿا پر پنهنجي علم تي تڪبر ڪن ٿا، پنهنجي علم کي بادشاهن ۽ اميرن جي خوشنودي لاءِ استعمال ڪن ٿا. درحقيقت اهڙا فرد پڙهن ٿا پر ڪڙهن ڪين ٿا. سلطان باهو چئي ٿو:
    پڙهه پڙهه، علم مشائخ سَڏاوُن ڪرن عبادت دُوهري هُو
    اندر جُھڳي پئي لُٽيوي، تن من خبر نه مَوري هُو
    مولا والي سدا سُکالي، دل تُون لاهه تڪوري هُو
    باهُو رب تِنهان نُون حاصل، جِنهان جڳ نه ڪِيتي چوري هُو

    پڙهه پڙهه علم مَلُوڪ رَجھاوُن، ڪيا هويا اِس پڙهيان هُو
    هرگز ملڻ مُول نه آوي، ڦِٽي ڏُڌ دي ڪڙهيان هُو
    آک چنڊورا هٿ ڪي آيو، اس اَنگوري چُڻيان هُو
    هڪ دل خسته رکي راضي باهُو، لهين عبادت ورهيان هو

    (زماني جا عالم، علم حاصل ڪري بادشاهن کي راضي ڪن ٿا، انهيءَ علم پڙهڻ مان ڇا حاصل. ڦٽل کير ڪاڙهڻ سان مکڻ نه نڪرندو. اي چنڊورا توکي انگوريل داڻي جي چڳڻ مان ڇا حاصل ٿيو. اي باهو! چڪنا چور ٿيل دل جيڪڏهن راضي رکي سگھين ته ان سان سالن جي عبادت جو ثواب ملندئي.)
    علامه صاحب پنهنجي ذات ۾ هڪ اهڙو شخص هو؛ جيڪو علم کي تڪبر نه ٿو بڻائي. پاڻ کي پاڻ ئي عالم نه ٿو سڏائي. هو پنهنجي علم کي؛ پنهنجي سادگي بڻائي ٿو ۽ پوءِ ئي سندس چوڌاري ماڻهن جا ميڙ نظر اچن ٿا. بقول تنوير عباسي:
    مون ته گلاب لڳايا آهن پوپٽ پاڻهي آيا آهن

    سنڌ اڄ جنهن سياسي، سماجي، علمي، تعليمي ۽ معاشي فقدان جي ور چڙهيل آهي، ان حالت تي يقيناً سوچ کان اڳتي عملي طرح ڪجھ ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙي عمل ۾ سنجيدگي، ذميواري ۽ سچائي جو هجڻ به لازم آهي، جيڪڏهن نه ته اسان اهو دڳ نه ڳولي سگھنداسين ۽ ان حاصلات جي پنڌ ۾ اڄ اسان کي علامه غلام محمد مهيسر جهڙن شخصيتن، عالمن، مُفڪرن ۽ رهنمائن جي علم، دانش، تدبر، فڪر، فراست کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت ان لاءِ به آهي جو ههڙا مڙس مٿير، ٻاٽ اونداهه ۾ روشني جو ڪرڻو آهن ۽ اِهو روشني جو ڪرڻو ئي اسان کي پنهنجي اُن وڃايل دڳ تي پهچائي سگھي ٿو ۽ جيڪڏهن اهڙن ڏاهن، مُفڪرن ۽ مُعلمن مان ڪجھ نه پرايوسين ته پوءِ پنهنجي حالت به ڀٽائي سائين جي هنن لفظن جهڙي رهندي:

    محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مُئا
    چڙيءَ جيئن چهنج هڻي، لڏيائون لُئا
    حباب ئي هئا، واديءَ انهيءَ وچ ۾

    سو پنهنجي ايندڙ نسلن جي روشن مستقبل لاءِ اسان کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ان ميار کان بهرحال هرحال ۾ بچڻو آهي!!

    (8 جون 2014 تي ”حضرت علامه ميان غلام مُحمد مهيسرؒ “
    ادبي ڪانفرنس ۾ اعزازي مهمان طور پڙهيل).


    شيخ اياز: ڪنهن ڪنهن جي روپ مان ڪوري ڪاليداس

    روهيراڙي رات، سامهــون چنـڊ چٽاؤُ ۾،
    مون کان پوءِ به مهڪندي، موت نه ڪندي مات،
    جيئن منهنجي ڏات، مون کان پوءِ به ڏيهه ۾.

    شاعري، موسيقي ۽ مصوري آرٽ جا ڪمال آهن، جنهن جا احساس انسان جي اندر ۾ لهي روح کي ريجھائي سچ ته فطرت جي تمام قريب پهچڻ ۾ وڏي مدد ڪن ٿا. ڇاڪاڻ ته شاعري، موسيقي ۽ مصوري لاءِ تخليقڪار جي اندر ۾ عشق جو اونهو اتهاس جڙي پوندو آهي ۽ پوءِ هو ڪڏهن لطيف، ڪڏهن سچل، ڪڏهن روحل، ڪڏهن حمل ته ڪڏهن بلهي شاهه ته ڪڏهن رحمان بابا جو روپ وٺي ٿو. اتهاس جو سڄو ميدان اهڙن بيشمار شخصيتن سان ڀريل آهي ۽ آرٽ جي دنيا پنهنجي ڪمال سان انيڪ روح ريجھائي پئي، پر تخليق جو انت ته ڪٿي به ناهي، شايد تڏهن ئي ته شيخ اياز جو وجود اڄ به جديد سنڌي شاعري ۾ پنهنجي هڪ خاصيت اهميت جو ڪارڻ آهي.
    اياز جي اندر ۾ ويٺل هڪ عاشق ئي ته کيس آرٽ جي ڪمال تي پُهچائي ٿو. ۽ هو انيڪ ڪوتائون جوڙي سفر ڪندو رهي ٿو، ڪندو رهي ٿو، ڪٿي رڪجي نه ٿو، ماٺو نه ٿو ٿئي، ڪوتا جو هڪ ڊگھو سفر جيڪو هو ڪندو رهيو.

    سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لِک،
    سِٽ هـــڏي جــي مِک، ريلا تُنهنجــي رت جا.

    اردو جو شاعر افضال احمد سيد اهڙي پس منظر ۾ چيو هو:

    انگلی چاقو سے کٹ گئی
    اور خون شاعری بن گیا

    هڪ سٽ لکڻ لاءِ تخليقڪارڪيڏو ڀوڳي ٿو، پوءِ به اياز زندگي جو وڏو حصو آرٽ جي ان ڪمال جي نظر ڪري ڇڏيو، پر موٽ ۾ کيس لازوال محبت سان گڏوگڏ انيڪ خار ۽ ڪنڊا به جھول ۾ پيا. ڪجھ وقت لاءِ هو به مايوس ٿيو، تڏهن ئي ته ”وڄون وسڻ آيون“ ۾ لکيائين:

    هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،
    ڪجھ ڏات ڏسو، پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

    اهو اجايو/ سجايو شور هر فڪري باليدگي واري شاعر تي ڪيو ويندو آهي. ان جي وَڍڪُٽ ته هڪ صحتمند لاڙا رکندڙ نقاد ئي ڪري سگھي ٿو ۽ اياز جي شاعري جي پرک به ان ئي نقاد کي ڪرڻ گھرجي، جيڪو کيس پورو پڙهي، سمجھي ۽ اياز جي شاعري جي پس منظر کان به واقف هجي. ڪٿي اسان جي غير ذميوارين جي ڪري ائين نه ٿئي جو سُڀاڻ جو نقاد اياز کي اِتهاس ۾ صحيح جاءِ فقط اسان جي ڄنڊاپٽ جي ڪري نه ڏئي سگھي ۽ پوءِ اياز جون هي سٽون تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ مان ٻُرنديون رهن.

    خدا معلوم ڪنهن رنگين چمن ۾، ڇونه ڄاياسين،
    ٽڙياسيــن دامن صحرا ۾، خوشبو ئي اجـائي وئي.

    ”خوشبو“ لفظ جيڪو اياز پنهنجي سڄي فڪري ۽ تخليقي پورهئي لاءِ تشبيهه طور آندو آهي، سو ڄڻ ته اياز جي ڪوي واري ڪردار کي تمام مٿانهون محسوس ڪرائي ٿو.
    اياز جي شاعري ۾ جا تازگي آهي، سا ماڪَ پيل گُلن جهڙي نازڪ مزاج آ. حَساسيت، حُسناڪي، خوبصورتي توڙي اَحساس ۽ ڪيفيتن جي نازڪ خيالي اياز جي شاعري مان ائين ليئا پائي ٿي، جيئن صبح جي روشني رات جي اونداهي کي چيري بند ڪمري جي درين جي وٿين مان جھاتي پائيندي آهي. هن جي شعري حُسناڪي جا ته ڪيترائي مثال پيش ڪري سگھجن ٿا، پر هنن سٽن ۾ فطري حُسن جا ڪمال نقش چٽيل آهن.

    ٽاريءَ ٽاريءَ تي ٽهڪن ٿيون، ڪيئي مينهن ڦُڙيون،
    جھڙ جي جھاڳ هٽائي نڪتي، چوڏهينءَ چانڊوڪي،

    بُٺ تي بوند اُٺي اُٺي، او مٺڙا! بُٺ تي بوند اُٺي،
    تارا ڪڻ ڪڻ ، وڻ ڇڻ ڇڻ، پَرتي رات وٺي،
    او مٺڙا! بُٺ تي بُوند اُٺي.

    اياز جيڪو پنهنجي شاعري ۾ صدين جو اتهاس رکي ٿو، ان جي رنگ رنگ شاعري ۾ ڪٿي سکي جي نڪ جي ڪوڪي جي ڪوڪ آهي ته ڪٿي ڪارين چَڳُن جو سحر، ته ڪٿي حُسنائيت ۽ حَساسيت جو جهان آهي ته ڪٿي منصور جي دار جو درد، ته ڪٿي ڌرتي جي گھايل سيني جي رڙ آهي ته ڪٿي اڻ پوري پيار جي اذيت، ته ڪٿي ٽڙيل گُلاب جي سُرهاڻ. هن جي شاعري جذبن، اَحساسن ، سوچن ۽ خيالن جو اهو رنگين جهان آهي، جنهن ۾ لاتعداد خواب ساهه کڻن ٿا. چُرن ٿا ۽ پنهنجي هجڻ جو شديد اَحساس ڏيارين ٿا. هن جا؛ پنهنجي ساري حياتي ڪلا کي ارپي ڇڏي، هن کي ڪائنات جي عظيم تخليقڪار ڪيتريون ئي خوبصورت سِٽون تخليق ڪرڻ جي سگھ عطا ڪئي. هن جي سرشت ۾ ڌرتي جي مٽي جي سُڳنڌ رچيل بسيل آهي. هن جي قلم ڀلي ته ڪنهن ڪنواري جي ميندي رتڙن هٿڙن جي سُونهن کي نقش ڪيو هجي، پر ان نقش ۾ ڌرتي جا ڪئين اهڃاڻ چٽا پٽا نظر اچن ٿا.

    اوءِ اتر جا واءَ نه لٽ تون، پيرا پيارن جا،
    مارڳ تِن کي موهي ايندو، مرندا ويراڳي،


    سانجھ لٿي آ، جھانجھ وڄي ٿي، ڪوئي اچڻو آهي،
    ڪونج ڪئي آ گونج، هوا به آهي هيجن ڀري.

    هن جي سِٽ سِٽ، لفظ لفظ ۾ مٽي جي سُڳنڌ رچيل آهي. سنڌ سدا رهندي، اهو يقين اياز پنهنجن سٽن ۾ ورجائي ٿو. پر اهو يقين اياز سميت اسان جو ايمان آ. هي ڌرتي تاريخ جو شاندار ماضي پاڻ ۾ سانڍي رکيو ويٺي آهي. هي مٽي امن، سُک، شانتي، سُڪون، احترام، مُحبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جي مٽي آهي. هن ڌرتي سدا کان پوري عالمِ انسانيت جي لاءِ دعا جا هٿ ڊگھا ڪيا آهن. اسان سڀني جي فِڪري مرشد لطيف سائين چيو:
    سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلــــدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

    ۽ اياز جي سرشت ۾ سنڌ جو ضمير آهي ان چيو:

    ساڳ پنهنجو پلي، سنڌ پوءِ به ڀلي،
    ڀاڳ واري سدا، ڀؤن تي ڀرجھلي،
    تو چيو ”سنڌڙي“، مون چيو جندڙي،
    مون پرولي سلي! مون پرولي سلي،
    سنڌ مرڻي نه آ، ”اي اياز“ آ اڃان،
    اڃ جو آسرو، ڪا ته پاڻي کَلي.

    سانوڻ رُت ۾ جڏهن هر سُو ميگھ ملهار هجي، وڻ ٽڻ بارش سبب چهچ ساوا ٿي پون. هر نظر ۾ فقط فطرت جو حُسن جرڪي ته ان مند ۾ اياز جون هي سٽون سڄڻ جي سار اوسار جا گيت ڳائين ٿيون:

    سانـــوڻ ڪيئــــن اڪيلــــو آئيـــــن، ساجــــن کي به ته آڻ
    ساجن کي به ته آڻ
    موتئـــي جـــي مهڪــــار هـــوا ۾، ســــار ڀــــري سُــرهاڻ
    ساجن کي به ته آڻ

    بادل ٿي سؤ سانگ رچايان، آئون به ڪنهن جي ڪاڻ
    ساجن کي به ته آڻ

    شاعر هڪ زندگي کان وڌيڪ زندگيون جيئي ٿو ۽ هو هر ٻئي زندگي ۾ هڪ نئين زندگي کي ڳولي ٿو. پنهنجي اندر ۾ اذيتن، تڪليفن، احساسن ۽ جذبن جو جهان رکڻ جي باوجود هن جا لفظ ٻين جا ڳوڙها اگھن ٿا. هن جا لفظ ٻين جي زخمن تي مرهم ٿي لڳن ٿا. ٻين جي اڪيلائپ، اذيت ۽ تڪليف کي پنهنجو سمجھي ڀوڳي ۽ پوءِ لکي ٿو، هن جا هي لفظ تخليقڪار جي اهڙي حالت جي عڪاسي ڪن ٿا.

    سهنجو سمجھ نه سِٽ کي، نور نچوئي لِک
    سِٽ هــڏي جـــي مِک، ريـلا تُنهنجي رت جا.

    ڀٽائي جي پيرن کان ڪراڙ ڪنڌي تي ستل اياز جي وارن تي لٿل چاندي کيس ڪوتا کان ڪڏهن به ڏور نه ڪري سگھي ۽ هو سانوڻين جيان ڀرجي ڀرجي سنڌي شاعري جي ڪاڪ محل تي وسندو رهيو، ڀوڳيندو رهيو، لکندو رهيو ۽ آخري دم تائين هن جي تخليق جو سفر ڪٿي به رڪيو نه! تخليق جو اِهو سفر جيڪو هن کان پهرين ڪنهن ٻئي وٽان هن ڏانهن منتقل ٿيوهو. اُهو سفر هاڻ اياز جي فڪري وارثن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي ۽ اِهو سفر سدائين جاري رهڻو آهي. ڇاڪاڻ ته پنڌ جو انت اچڻو ئي ناهي، پر ان جي سفر ۾ جنهن ۾ لطيف کان شيخ اياز تائين اڻ ڳڻيا نالا شامل آهن، انهن جي جاءِ ٻيو ڪير به نه والاريندو پر اياز جي هنن لفظن جيان گھڻائي پوءِ عشق جا ماريل سڌڙيا اهو مَقام ضرور چاهيندا.

    ڪنهن ڪنهن جي روپ مان، ڪوري ڪاليداس
    آندي آهي شڪنتلا، جنهن ۾ سندس سواس
    هر ڪا ناري آس، شل آئون به اهڙي ٿيان
    (شيخ اياز)

    (روزانه عبرت، 28 ڊسمبر 2010ع)


    لڇمڻ ڪومل: سنڌ توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندي

    ڌرتي تي ليڪا کڻي ان جي جاگرافي کي ظاهر ڪن پر سچ اهو آهي ته احساسن، جذبن. خيالن، خوابن، خوشبؤن کي ڪا به جاگرافيائي حد بندي نه ٿي روڪي سگهي. خواب ڪٿي به ڏسجي سرحد جي هِن پار يا هُن پار اُهو خواب ئي هوندو_ سُرهاڻ هر حال ۽ هر ديس ۾ سونهن ۽ سوڀيا جو مظهر ته هوندي پر اِها ڪيترا ذهن ۽ جسم به مُعطر ڪندي، مطلب ته هي حدون ڌرتيءَ تي آهن پر ذهنن تي هنن حدن جو ڪو به عمل دخل نه آهي.
    دادا لڇمڻ ڪومل ڀلي سرحد جي هُن پار هِن رنگ واس جو جهان ڇڏيو هجي پر هتي سنڌ ۾ به سندس وڇوڙي جو دردناڪ احساس سڀن ساڃاهه وندن ڀوڳيو آهي. ڇاڪاڻ ته محبتون ۽ مسڪراهٽون هڪ ديس جون نه هونديون آهن!!
    سچ اهو آهي ته دادا لڇمڻ کي مون سميت ڪيترائي نوجوان لکاري سندس ”وهي کاتي جا پنا“ کان پوءِ ئي سڃاڻڻ شروع ڪيو. جنهن سچائي ۽ ايمانداري سان سنڌ ۽ هند جي هن ڏاهي پنهنجي زندگي جا ويهي کاتا خود کوليا آهن. اهو يقينن ڏکيو عمل آهي، ماڻهو اندر ۾ قبيح هجي ۽ ٻاهران اوچون پوشاڪون ڍڪي هلي ته ان کي منافقت ئي چئبو آهي، اڄ اُن منافقت جي ضرورت ڪٿي به ناهي؛ خاص طور ادب ۾ لڇمڻ ڪومل جهڙن ليکڪن کي هر دور ۾ ساراهڻ گهرجي؛ جيڪي بنا ڪنهن رک رکاءُ جي پنهنجي دور جي حالتن کي چٽڻ کان ويندي پنهنجن ڪچاين ۽ سچاين کي به بيان ڪري ٿو. حقيقت ۾ اِها ئي اُها مهانتا آهي جو اڄ اسان سموري سنڌي اديبن، شاعرن، ساڃاهه وندن جي دلين ۾ دادا لڇمڻ جي وڇوڙي جو تڏو وڇايل آهي. اسان هند ۽ سنڌ جا سمورا ڏات ڌڻي هڪ ٻئي سان پنهنجو ڏک اوريون ٿا. يقين آهي هر دور جو اديب دادا لڇمڻ جي لفظن، خيالن اسلوب ۽ سچائيءَ کي فراموش نه ڪري سگهندو. دادا لڇمڻ هڪ ذميوار ۽ سڄاڻ اديب هجڻ جي ناتي جيڪو ڪجهه به لکيو اهو اهم به آهي ته ان جي گهڻن ڳالهين تي سوچڻ به گهرجي. وهي کاتي جا پنا (ڀاڱو پهريون) ۾ سنڌ جي ماڻهن جو ڄڻ نفسياتي تجزيو ڪندي سنڌي ماڻهن جي هيڻن حالن جو سبب به ڄاڻايو آهي: لکي ٿو:
    ”مون کي اِها حقيقت هميشه ڏکوئيندي رهي آهي ته اسان جي قوم وٽ ڪڏهن به تاريخ جو شَعور ڇو نه رهيو آهي؟ اسان کي سنڌ جون تاريخون به عربن وٽان مليون آهن، جن ۾ ڪوڙا سچ ۽ سچا ڪوڙ درج ڪيا ويا آهن. سنڌي هندن ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي اتان تجارت ۽ معيشت ۾ ته گهري دلچسپي ورتي پر ڪڏهن به انهن وَسايل ملڪن جي تاريخ جا ورق نه ورايا. سندن دلچسپي رڳو اهو ڄاڻڻ ۾ رهي ته هتي ڪهڙو وکر وڌيڪ وڪامندو. جيئن پنهنجي برادري جي ٻين فردن کي اتي پاڻ وٽ گهرائي انهيءَ ئي ڌنڌي ڌاڙي ۾ کپايون ۽ مسلمان ته ڪڏهن پنهنجي ملڪ کان ٻاهر ته ڇا پنهنجن ڳوٺن کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ به تيار نه ٿي ٿيا.
    تاريخ طرف اهڙي بيپرواهي اڄ سنڌ کي اتي اچي بيهاريو آهي، جتي سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ته امير آهن پر سنڌ غريب رهجي وئي آهي“.
    (ص179، ڀاڱو پهريون)

    ڇا اهو سچ نه آهي؟ ڇا اها حقيقت نه آهي؟ جيڪو ڪجهه دادا لڇمڻ چئي رهيو آهي اهو سڀ ڪجهه هڪ دور ته ڇا پر هر دور جي ڳالهه آهي، سنڌ جي حالتن جو اهڙو شفاف تجزيو ڪرڻ هڪ ايمانداري وارو عمل آهي. اسان اڄ به پنهنجي شهر کان ٻاهر هر ٻئي شهر کي ولايت سمجهون ٿا. محنت ڪرڻ جو ڪو به خيال هاڻ اسان جي ذهنن ۾ پئدا نه ٿو ٿئي، هٿ جي پورهئي کي عيب تصور ڪيو وڃي ٿو. واقعي به اسان اڃان تائين تاريخ جي بي رحم واقعن مان ڪجهه خاص نه سکيا آهيون. پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ ان وقت ڏکيو نه رهندو جڏهن اسان جي محبت جو محور ڌرتي هوندي، ڪن حالتن ۾ مرڻ کان ڏکيو جيئڻ ٿي پوندو آهي ۽ ان وقت ۾ انسان کي اعتماد، حوصلي، همٿ سان اڳتي وڌڻ گهرجي. دادا لڇمڻ جي وهي کاتي جي پنن اٿلائڻ کان پوءِ نظر اچي ٿو ته هن باهمٿ انسان ڪيئن نه سنڌ مان پنهنجي ڌرتيءَ تان ڌارين وانگر ڌڪارجي جڏهن سرحد جي هن پار پهتو ته وٽس حوصلي، همٿ ۽ اعتماد کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ هو ان جي ئي بنياد تي اڳتي وڌي ٿو. ايترو اڳتي جو اسين اڄ کيس دادا لڇمڻ ڪومل جي نالي سان ساري رهيا آهيون.
    لڏپلاڻ هڪ ڏکيو ۽ اذيت پهچائيندڙ عمل آهي. ان عمل مان جيڪو به ماڻهو گذريو هوندو اُن کي اِن جي اذيت جو اَحساس ڪڏهن به وسري نه سگهندو. سنڌ مان هند لڏي ويل سمورا هندو اڄ به پنهنجي سنڌ کي ساري روئن ٿا ۽ خاص طور هڪ حساس دل رکندڙ شخص ته ٻين عام ماڻهن کان وڌيڪ اِن تڪليف کي محسوس ڪري ٿو. اهڙي اذيت جو احساس اسان کي هند جي ٻين اديبن جي آتم ڪهاڻين توڙي سنڌ جي سفرنامن مان ته محسوس ٿئي ٿو؛ پر دادا لڇمڻ جي پنن ۾ به اهو درد موجود آهي جنهن کي هن بيان ته ڪيو آهي پر اُن سان گڏوگڏ پنهنجي حياتيءَ جو سچ به ڳالهايو آهي. سندس ڪي جملا ايڏا تکا ۽ تُز آهن جو حقيقت کان به اڳتي نظر اچن ٿا. مثال طور:

    o مصلحت پرستي ماڻهوءَ کي مذهب جي اوٽ وٺڻ کان به باز نه ٿي آڻي. (ص226- ڀاڱو ٻيو)
    o تنهنجي خشڪ ساليءَ توکي زندگيءَ ۽ ادب ۾ ته خشڪ بڻايو ئي آهي پر زندهه رهڻ لاءِ به توکي روزانو چوڏهن گوريون کائڻيون ٿيون پون. منهنجي طبيعت کي بنا ڪنهن طبي امداد جي هر لفظ، سٽ ۽ جملي جو لُطف ماڻڻ ڏي. (ص103- ڀاڱو ٻيو)
    o شهر ته اهو ئي پر ماڻهو مٽجي ويا هئا. (ص95- ڀاڱو پهريون)
    o هتي دهليءَ ۾ جڏهن مان رستي تان ڪا ارٿي ويندي ڏسندو آهيان ته ائين محسوس ٿيندو آهي. ڄڻ هڪ ٻيو سنڌي لکندڙ، پڙهندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ويو. جي ڪراچيءَ ۾ به ڪو جنازو ويندو ڏسان ها ته لڳي ها هن شهر جو ٻيو اڏيندڙ ويو. (ص95- ڀاڱو پهريون)
    مُني صديءَ جي وهيءَ جا کاتا جڏهن ويهي کولبا ته ڳالهين جا به ڳهير جڙندا ويندا ۽ سو به لڇمڻ جهڙي ماڻهو جي حياتيءَ جا کاتا سي به هو خود ويهي کولي! پوءَ ته يقينن قصن مان قصا، ڳالهين مان ڳالهيون ائين بيان ٿينديون ڄڻ مينهن ڪڻيون ڌرتي تي تڪڙيون تڪڙيون وسنديون رهن!

    باهه مان گذرڻ ۽ باهه جي ڀرسان گذرڻ ۾ به وڏو فرق آهي. باهه جي تپش کي ته اهو ئي شخص شِدت سان محسوس ڪري سگهي ٿو جيڪو اُن مَچَ ۾ اُڇليو وڃي ٿو ۽ تمام ٿورا اهڙا شخص ٿين ٿا جيڪي ان مَچَ مان نڪري اچڻ کان پوءِ به ڀلي سمورا سڙيل ڇو نه هجن پر کِل اُنهن جي مُک تان ذري برابر به نه هٽي هجي. اهڙا شخص حقيقت ۾ بهادر ٿين ٿا. بهادري اها ته ناهي ته اوهان ڪنهن سان مقابلو ڪيو پر بهادري ته اِها آهي ته ”اندر جنين اڌ“ جهڙي حالت هجي پر پوءِ به ٻاهران مڪمل نظر اچجي، ته اِها دنيا جي سڀ کان وڏي بهادري چئبي يا وڏي ڪاميابي!!
    دادا لڇمڻ ڪومل جي کاتن جا پنا پڙهڻ ۽ ان جي دوستن کان ان جي اوريل ساراوسارکان پوءِ منهنجو اهو يقين ٿي ويو آهي ته دادا لڇمڻ! زندگي سان پيار ڪندڙ شخص هو. هو هڪ ڀرپور ٽهڪ ڏئي ڄاڻيندو هو! هن جي اندر جي دنيا جا رنگ ڪهڙا به هجن پر هو خود رنگ رنگ ڌاڳن جا ڄار اڻڻ ڄاڻيندو هو، اهڙا ڄار جنهن سان هو هر طرف رنگين ريشمي ڌاڳن يا سلڪ جي تاڪين جيان ويندو هو زندگي ڏانهن وڌندو! زندگي سان پيار ڪندڙ شخص ئي زندگي ڏانهن رويو محبت وارو رکندو آهي. هو پنهنجي زندگيءَ سان، ٻوليءَ سان، سنڌ ماءُ سان بي انتها پيار رکندو هو. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ جو نج استعمال ملندو. هن جي حياتي جو کاتو جڏهن کُلي ٿو ته ان ۾ فقط ئي فقط سنڌ آهي. هن جي سوچ جو محور سنڌ! ڇاڪاڻ جي هن جي خمير ۾ سنڌو جو پاڻي اوتيل آهي. سنڌ جي ڀنل مٽيءَ جو واس هن جي اندر ۾ واسيل آهي. پوءِ ڀلا سنڌ هن کان وسري به ته ڪيئن وسري!!
    سنڌي ٻوليءَ سان عشق جو هڪ ٻيو مثال دادا جواهو به موجود آهي ته جڏهن هندستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي تحريڪ هلي ته هند جي ڏاهن ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻين ساٿين سان گڏجي هن به ان ۾ اهم ڪردارا ادا ڪيو ۽ جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ وساري نه ٿو سگهجي.
    دادا لڇمڻ ڪومل ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ خوشحال زندگي گذاري رهيو هو، ورهاڱي کان پوءِ هن سرحد پار گهڻو ڀوڳيو. تڪليفون به برداشت ڪيون پر باوجود ان جي هن هر لمحي ۾ زندگي جي حسنائيت ڏانهن موٽڻ جا جتن ڪيا. حياتي الله طرفان مليل انتهائي خوبصورت تحفو آهي ان ڪري ان کي ماڻڻ، ان جي سمورين خوبصورتين، رنگينن، ادائن، روين کي ان طرح قبولڻ گهرجي جيئن هو آهن ۽ جيڪو شخص اِن ڳالهه کان سمجهي وڃي ٿو يقين ڄاڻو اهو دادا لڇمڻ جهڙي حياتي گذارڻ جو هنر سکي وٺندو. فطرت جي تقاضائن مطابق حياتي ان طرح ماڻڻ گهرجي! سو نهايت ادب سان هنن سٽن کي سهيڙيندي بس ايترو لکندس ته: هند جي هن محبتي ڏاهي، ساڃاهه وند دادا لڇمڻ ڪومل جي زندگي کي سمجهڻ کان پوءِ ان جي هميشه زندهه رهندڙ روين کي پنهنجي حياتي ۾ اختيار ڪرڻ جي سنڌ کي اڄ گهڻي ضرورت آهي! ۽ بس ان تي سوچڻ تي به!!

    (13/12/2014 تي دادا لڇمڻ جي پَرلَوڪ پڌارڻ واري اطلاع بعد لکيل.)


    راشد مورائي: بيمار قوم جي لئه ”راشد“ حڪيم گھرجي

    سانحو آهه، ”راشد“ اسان لاءِ هي،
    دل جو بيهي وڃڻ، ڌڙڪندي ڌڙڪندي!


    درد، پيڙاءُ ۽ ڏُک جي ڪا به انتها ٿي سگھي ٿي؟ ڏُک هڪ اهڙي ڪيفيت آهي، جيڪا لا انتها آهي. اُن جي گھرائيءَ ۾ لهڻ کان پوءِ جڏهن روح چيرجي وڃي ته اُن کي درد جي اذيت چئي سڏي سگھجي ٿو. اُن اذيت کي اهو ئي محسوس ڪري سگھي ٿو، جيڪو اُن حالت/ ڪيفيت مان گذري ٿو، جيڪو ان دوزخ ۾ هر لمحي خاموشيءَ سان جلندو رهي ٿو. ڪير به ڪنهن جو ڏک نه ٿو وٺي، ونڊي ضرور ٿو. جنهن جي حصي ۾ جيڪو ڏُک/ درد/ پيڙاءُ ۽ اذيت اچي ٿي، اُن کي اهُو ئي ڀوڳي ٿو. ٽيپو ٽيپو برف جيان ڳرندو رهي ٿو. اندر ۾ هڪ سُڏڪو ساڻ رهي ٿو. ننڊ جي پُر خمار احساس ۾ خوابن ۽ يادن جي وڻندڙ اذيت ڏيندڙ ڪيفيت ساهه کڻندي رهي ٿي. زندگي، زندگي رهندي به زندهه نه ٿي رهي. ٻاهر جي سمورين حواسن تي اندر جي موسم وڌيڪ اثر انداز ٿئي ٿي. پيڙاءُ جڏهن حد کان وڌي وڃي ٿي ته شيخ اياز جي لفظن جيان تخليق جي صورت اختيار ڪري ٿي:
    سَهنجو سمجھ نه سِٽَ کي، نور نچوئي لِک
    سِٽَ هڏيءَ جي مِک، ريلا تنهنجي رت جا.

    هر ڏک کي لفظ جي صورت وٺڻ تائين تخليقڪار جي اندر کي ڄڻ جنڊ جي پُڙن ۾ پيسجڻ جھڙي حالت مان گذرڻو پوي ٿو. جيڪا اذيت تخليقڪار پنهنجي سر ڀوڳي ٿو، اُن جي لفظ لفظ ۾ تڪليف جو اولڙو موجود رهي ٿو.
    اندر پئي ٿي باهه ٻري،
    ٻاهر مينهن وسي ٿو پيو.

    اِها به هڪ عجيب حالت آهي، جڏهن اندر درد، تڪليف سان ريزه ريزه هجي، اندران ماڻهو ٽٽل ڀريل هجي ۽ پوءِ به هن جي مُک تي مُرڪ هجي ۽ اُن مُرڪ جي زهر کي پَسڻ لاءِ به اُها اک گھرجي، جيڪا روح جي اذيت کان پوءِ لُڙڪ لاڙي! سائين راشد پنهنجي ڏک کي پنهنجي شاعريءَ ۾ ارپيو ۽ اهڙي انداز سان اوتيو، جو اُهو درد هِن جو درد نه رهيو، هر ڪنهن جو درد ٿي پيو. هن پنهنجي درد کي ٻين جي تڪليفن ۾ ڏٺو. پيٽ بکايل ٻارن جي حالت تي سوچيندي، هن کي پنهنجي بُک جو احساس ختم ٿي ويو. ٿر جي ڏڪار جي حالت کي ڏسندي، هن کي پنهنجو سُڪار به ياد نه رهيو. ٻئي جي اک ۾ ڳوڙهو ڏسندي، سائين راشد کي پنهنجي اکين مان ٽمندڙ ڳوڙهن جي تڪليف وسري وئي. هن پنهنجي درد کي، پنهنجي پيڙاءُ کي پاڻ مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو. بلڪه هو هر حال ۾ ٻين جي همٿ ۽ حوصلو ٿي رهيو.

    چهچ وڻ سونهن کي، نقصان ٿيو،
    جو ڪپيو ويو ڏار، منهنجو ئي هيو.

    ويڙهاند پيو ڪيان ٿو، هر درد غم، وقت سان،
    لعنت ضمير تي آ، جي ٺاهه ٿئي ذلت سان.

    متان ڪو لنگھڻ تي رات ڪاٽي، متان ڪو ويلي تي ويهي ماڻهو،
    سماءُ پاڙي جِي لهج سائين ۽ پورتن جو خيال رکجان،
    مندر ۾ ٿو وڃين ته مجنون، تون مورتن جو خيال رکجان.

    اسان جيئڻ جيارڻ جو ڏنو پيغام جو ”راشد“،
    هوائن ديس ۽ پرديس ڏي نياپا نيا هوندا.

    هرڪو جابر جي اڳيان، پيو هو جُھڪي،
    ”راشد!“ انڪار، منهنجو ئي هيو.

    سو ”انڪار“ جي همٿ سائين راشد ۾ ئي هئي، نه ته وقت ڪيترائي ڌِڱ جُهڪائي ڇڏيا ۽ هنن پنهنجن آقائن کي راضي رکڻ لاءِ لفظن جي حرمت جو به خيال نه رکيو. سنڌ جي شعوري تاريخ ۾ جيڪي فرد ڪڏهن به نه جُھڪيا سدائين خُود کي جلائي به روشن ڏيئي جيان گُھگُھ اونداهه ۾ روشني پيدا ڪندا رهيا، جيڪي خود کي هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي آڏو سيد جا سچا سپاهي ثابت ڪندا رهيا؛ اُنهن ٿورن فردن مان سائين راشد جو چهرو هميشه پُر سڪون رهيو، ڇاڪاڻ ته هو ڪڏهن به پنهنجي ضمير آڏو شرمندو نه ٿيو. هن ڪڏهن به اهڙو ڪو عمل نه ڪيو، جنهن سان هو پنهنجو چهرو ڏسڻ کان به ڪيٻائي. تڏهن ئي ته هُن ڏاڍي سُڪون سان زندگيءَ جي آخري وقت ۾ مون کي فون تي چيو هو ته : ”آءٌ (راشد) پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن آهيان، پُر سڪون آهيان، هاڻ موت آيو به ته، اِن جي مرڪي آجيان ڪندس.....“ هي لفظ، پنهنجي معنيٰ ۾ پوري زندگي گھرن ٿا ۽ هي لفظ اهو ئي شخص چئي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي ضمير آڏو جوابدار رهيو هوندو ۽ ڪڏهن به زماني جي آڏو نه جُھڪيو هوندو. اٽل ۽ اڏول رهڻ ڪيڏو مشڪل آهي، ڪيترو تڪليفده، ان جو اندازو منهنجا لفظ لڳائي ئي نه ٿا سگھن، ڇاڪاڻ ته جنهن سختيءَ مان سائين راشد جهڙو فرد حوصلي ۽ همٿ سان گذريو هوندو، ان جي حالت کي جيئڻ لاءِ مون وٽ لفظن جو حوصلو موجود ناهي. هو هن بيمار قوم لاءِ مسيحا هو، پنهنجن لفظن جيان:

    بيمار قوم جي لئه، ”راشد“ حڪيم گھرجي،
    بڻجي پَئج مسيحا، جيءُ ۽ جيار ماڻهو.

    سو سائين راشد پٿرن جي پُرخطر رستن تي هلندي، هن قوم لاءِ مسيحا ثابت ٿيو. هن خود کي جلائي اسان کي روشني ڏني، واٽ ڏسي، دڳ ڏيکاريو ۽ هاڻ اِهو بار هِن جي امانت جيان اسان کي سونپيل آهي ۽ اُهو به وقت ئي ثابت ڪندو ته اسان اُن امانت کي باسلامت ڪهڙيءَ ريت پنهنجي ايندڙ نسل ڏانهن منتقل ڪيون ٿا:

    حياتيءَ جو ”راشد“، سمورو ڪتاب،
    ڪيو مون اوهان ڏانهن، آ انتساب!

    تعزيتي نوٽ:
    اسان جي سوچ ۾ پري پري تائين به نه هو ته اسان ائين اڄ سائين راشد جي تڏي تي ويهي سائين راشد جي لاءِ ڪجھ لکنداسين.
    سائين راشد اسان جو حوصلو ۽ همٿ هو ـــ خود درد ۾ رهي به اسان لاءِ ڇَپر ڇَانو هو- سچ پچ سندس وڇوڙي تي دلي صدمو پهتو آهي. اڃا ڪجھ ڏينهن اڳ نوابشاهه اسپتال مان فون رستي منهنجي ٽن سالن جي گُلن جھڙي معصوم نياڻيءَ جي وڇوڙي تي مون سان ڏک ونڊيائين. سندس حوصلي ۽ همٿ سان ڀريل لفظ منهنجي لاءِ ڏڍ بڻجي پيا. ان ڏينهن چيائين: ”آءٌ مطمئن آهيان، هاڻ جي موت آيو ته اُن جي آجيان ڪندس، ڪنهن سان ڪا به ميار ناهي- توهان نوجوانن جي ڪلهن تي هاڻ بار آهي_ همٿ ڪجو....!“
    سائين راشد مورائيءَ جو وڇوڙو رڳو سندس خاندان جو نقصان ناهي، پر سنڌ جو هر باشعور فرد اُن ڏک کي پنهنجو سمجھي ٿو.

    (25-03-2014)
    (ڪتاب ”سڄڻن جي موڪلاڻي“ ۾ شامل)


    شمشير الحيدري: اسان جون مسافتون شمشير طئه ڪيون!!

    حياتي برف جيان هر لمحي ٽيپو ٽيپو ٿي ڳري رهي آهي، پوءِ ان کي ڪير سانڍي سگهندو؟ بس ساري سگهجي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن وساري به ڇڏجي ٿو...! پر سار وسار جي وچ واري پد تي ڪجھه رهجي وڃڻ جو امڪان به رهي ٿو. اهو ڇا آهي سار يا وسار!؟ شايد سار جو ئي عڪس آهي. اڻ چٽو منظر آهي! ۽ اهڙا ڪيترا منظر- عڪس منهنجي ذهن جي خاني ۾ پنهنجي جاءِ ولاري ويٺا آهن جيڪي ڪڏهن ڏاڍا چٽا هوندا آهن ته ڪڏهن ڌنڌليل!! اهڙن منظرن کي چٽو ڪري آئون جڏهن ڪجھه ڳولڻ ويهان ٿو ته؛ مون کي اهي ٻه ماڻهو نظر اچن ٿا جيڪي مون لاءِ ڪنهن حوالي سان اهميت رکن ٿا. هڪ قمر شهباز ۽ ٻيو شمشيرالحيدري سائين! هي ٻئي يگانا تخليقڪار پنهنجي تخليق سبب مون کي ياد رهندا!! پر افسوس ٻنهي سان ملاقاتن جا سلسلا طويل نه هئا بس ايترا هئا بقول سائين امداد حسيني جي:
    هڪڙو سگريٽ ته پي سگهجي ٿو
    ايتــــــرو تــــه جــــــي سگهجــــــي ٿــو

    محترم قمر شهباز سان ملاقات جيڪا ياد پئي ٿي، ڪراچي ۾ ريجنٽ پلازا جي ڪوهه نور هال جي در تي قلمڪار ڪنوينشن جي موقعي تي ٿي. جتي هن مون کي لکڻ جي حوالي سان سڃاتو ۽ سائين شمشير سان ملاقات پهريون ڀيرو ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس تي ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي ٿي. جتي هو مون کي پري کان درگاهه ڀٽائي جي ڳاني ۾ هڪ يگانو شاعر ۽ واقعي به حيدري لڳو ۽ پوءِ سگريٽ دکائيندي دکائيندي ساڻس ڪي حال به ٿيا ته ڪي شعر به کانئن ٻڌڻ جو موقعو به مليو ۽ ساڻن آخري ملاقات ڪجھه سال اڳ ڊاڪٽر اسحاق انصاري جي اوطاق تي مچ ڪچهري/ مشاعري جي موقعي تي ٿي. جنهن ۾ هدايت بلوچ، ڊاڪٽر عابد مظهر ۽ پير عبيد راشدي جو ساٿ پڻ هو، پر هي واقعو اڄ هتي ڇو؟ ان سوال جو جواب به هنن سٽن ۾ ڏئي ڇڏجي ته بهتر! هي ٻئي تخليقڪار پنهنجي ڀرپور تخليقي سگهه ۽ خوبصورت اظهار سان مون سميت ڪيترن ئي جي مشڪل آسان ڪري سگهيا آهن. جگجيت جي ڳايل غزل جيان:

    پیار کا پہلا خط لکھنے میں وقت تولگتا ہے،
    نئے پرندوں کو اڑنے میں وقت تو لگتا ہے۔

    سو اسان جي ان وقت کي قمر شهباز ۽ شمشير جون سٽون ئي طئه ڪري سگهيون! پوءِ اسان جي پلئه ۾ ڇا آيو. گل يا ڪنڊا. اِها ڪٿا ته وري ڪنهن ٻئي ڀيري ئي بيان ڪري سگهجي ٿي؛ باقي قمر شهباز جون هي سٽون:

    جي سونهن گُهرين ها ساٿيئڙا
    مـان چانڊوڪـي چورايـان ها
    جي گيت گُهرين ها منهنجا پرين
    مان سُڏڪـــن جي سر ڳايان ها.

    ۽ شمشير جون هي سٽون:


    تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
    ڄڻ ته سنڌو جي ٻئي ڪناري ويو.
    تنهنجي وارن جو واس جنهن ورتو،
    وقت جي سينڌ کي سنـواري ويو.

    الائي ته ڪيترا ڀيرا اسان جو طويل مسافتون طئه ڪري، وقت جي سينڌ کي سنواري ويون!........ پيار به عجيب آهي! ڪڏهن ڪٿي ڪهڙي حالت ۾ نروار ٿئي ٿو سو انداز به نرالو اٿس ۽ نه زمان جو قيدي نه مڪان جو!! بس ”سچو عشق ٻُڍا نه ٿيوي توڙي چٽي هوس ڏاڙهي“ ۽ عشق جو پنهنجو ئي رنگ آهي. ڍنگ آهي. اياز به ان عشق ۾ ئي گهڻو ڀوڳيو به آهي:

    پيار کان ڪونه ٿو مُڙين اڄ ڀي،
    ڪيترو اي ”اياز“ لوڙهيو ٿئي.



    پر ڏسجي ٿو عشق جي ڀنڀٽ ڀڙڪڻ کان سواءِ تخليق جي راڌا ريجهي نه ٿي ۽ شمشير به شاعر هو ۽ سچو پچو شاعر هجڻ وڏي ڳالهه آهي!! ۽ شاعر ٿيڻ ۽ شاعر هجڻ ۾ به وڏو فرق آهي ۽ شمشير سڀ ڪجھه هوندي به ڪجھه نه هو ۽ ڪجھه نه هوندي به شاعر هو ۽ فقط شاعر هو! هن جي مالها ۾ رڳو لفظ نه آهن بلڪه جذبن، احساسن، خوابن، سُونهن، سُرهاڻ، سُڳنڌ، سَچ جي ڪيفيتن جا سَاهه کڻندڙ عڪس موجود آهن. هن جا لفظ نه فقط سَاهه کڻن ٿا پر اُهي سَماج کي به آڪسيجن مهيا ڪن ٿا ۽ اهو ڪم ڪو سچو عاشق شاعر ئي ڪري سگهي ٿو. پنهنجي هڪ غزل ۾ شمشير نازڪ خيالي جو خوب مثال ڇڏيو آهي:

    وئي دل کي وڻي، تنهنجي اک جي اَڻي،
    کڻـي نيـڻ وري، تـون نهـار کڻـي،
    تنهنجــي زلفن ۾، اک اٽڪي پئي،
    ڪبـي اهــــڙي بـه آهي، سينڌ ڦڻي.

    ۽ هن وٽ سُونهن جي سَاراهه ڪنهن ڪمال خوبصورتي سان موجود آهي، اُهو سندس ئي نرالو ڍنگ ۽ انداز آهي:

    هو سُهڻي هئي، ڏاڍي سُهڻي هئي، ايڏي سُهڻي،
    جنهن کي ڏسندي، اکيون يَڪٽِڪ ڄمي ويون ٿي،
    صورت هن جي صبح سڀاڳو، رنگت شام شَفق
    جُهڙ مان سورج ليئو پائي، هن جي ائين جهلڪ،
    ڳالهيون هن جون کنڊ پتاشا، ماٺ به مصري تڙ،
    ٽهڪ ائين جيئن گنهگهريون گونجن، مُرڪي ته وَڄَ وَڪَڙَ

    عشق جا رنگ به نرالا ته ڍنگ به نرالا!! هر عاشق جي عشق ڪٿا الڳ الڳ ٿئي ٿي، ڪوئي ڪنهن لاءِ ڪائنات کي محورقص ڏسي ٿو. ڪوئي خود کي پرينءَ جو پرتو ڀائين ٿو. ڪوئي سُڳنڌ، سُرهاڻ سان سڄڻ کي ڀيٽي ٿو، ڪنهن کي محبوب چنڊ کان به وڌيڪ سَوڀيا وارو لڳي ٿو. ڳالهه فقط محسوس ڪرڻ ۽ ڪرائڻ جي آهي ۽ بس! پر اسان جي هن يَگاني شاعر سائين شمشير جي عشق جي ڪَٿَا به هن جي انداز جيان الڳ آهي. ڄڻ ڪڪر وسيا ته پر دل جي زمين ساڳي ٺوٺ، اڃايل من ۽ تاسو تن! انڊلٺ رنگ ته ڪڍيا پر اندر جي دنيا ساڳي ٻُسي. بي رنگ، مرجهايل. بَس اَهڙي ڪنهن مينهن جو انتظار. اوسيئڙو جيڪو وسي، وسي ۽ بار بار وسي ۽ من جي زمين کي سيراب ڪري وجهي ۽ پوءِ دل جي زمين تي نينهن جا ڪيترائي گؤنچ ڦٽي پون. ڪيترائي گُل گُلاب جا ٽڙي پون ۽ من موتيي ۽ مُگري جي مهڪار سان واسجي وڃي. پر اهو اوسيئڙو شمشير وٽ اڃا آهي. اها تڙپ اڃان ساهه کڻي پئي اها آنڌ مانڌ اڃان بي قراري کي پئي جنمي ۽ ڏاڍي ڌيمي انداز سان پنهنجي ان ڪيفيت کي اظهاريندي چئي رهيو آهي:
    دروازو کليل آهي، من ڪوئي اچي نڪري،
    سڀ لوڪ سُمهيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
    چنڊ رات چٽي آهي، ڪڪريون به وسي هليون،
    هر بات بڻيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.
    هن برهه جي بستي ۾، ”شمشير“ جيهو جوڳي،
    ڪجھه ڏينهن ٽڪيل آهي، من ڪوئي اچي نڪري.

    ۽ هن جو نظم ”اڌ صدي جو داستان“ نرالو به آهي ته من کي ڇهندڙ به!!
    شمشير؛ جيئن آئون اڳ لکي آيو آهيان ته هڪ شاعر آهي. تنهن ڪري اسان کي هن جي شاعري جا ٻه مکيه موضوع ملن ٿا: هڪ رومانس ۽ ٻيو مزاحمت! ۽ هِن جي مزاحمت به ڌرتي لاءِ آهي، سنڌ لاءِ آهي، سنڌو جي بقا لاءِ آهي، ڇاڪاڻ هن ڄاتو ٿي ته سنڌو جي بقا ئي سنڌ جي بقا آهي ۽ اهو هزارن سالن جو اتهاس آهي ته سنڌ جي مٽي هزارين ورهين کان پنهنجي اندر ۾ ڪيترن ئي مذهبن کان ويندي. روين، رسمن، رواجن، ريتن ۽ تهذيبن تائين گهڻو ڪجهه پاڻ ۾ سانڍيو ويٺي آهي ۽ اُها ئي پَوتر سنڌو آهي جنهن جي ڪنارن تي ويهي هندو مذهب جي رشين رِگ ويد جا اَشلوڪ رچيا هئا، هنن جي اهڙن اَشلوڪن ۾ پاڪ سنڌوءَ جي ساراهه بيان ٿيل آهي.
     او سنڌو! سج جي رهائش واري هنڌ (زمين) تي تنهنجو ستن ندين جو پاڻي ٽن طرفن کان تو ۾ پوي ٿو، تنهن ڪري تنهنجو پاڻي رُلندڙ ندين کان وڌيڪ آهي.
     تنهنجو آواز زمين کان آسمان تائين پهچي ٿو....... جڏهن ڪڪر گجگوڙ ڪري وسن ٿا، تڏهن سنڌو ڍڳي وانگر رنڀندي وهي ٿي.
     او سنڌو! ٻيون نديون کير ڏيندڙ ڳئوئن وانگي تو ڏانهن ڊوڙن ٿيون، جيئن ٻچن کي کير پيارڻ لاءِ ڳئون ڊوڙن ٿيون. انهن ندين جي تون اڳواڻي ٻنهي طرفن کان ڪرين ٿي. جيئن ڪو بادشاهه جنگ جي ميدان ۾ سينا پتي جا فرائض بجا آڻي ٿو!

    (تاريخ تمدن سنڌ- ص:36)

    ۽ شمشير به سنڌ جو اهوئي شاعر آهي، جنهن جي سرشت ۾ سنڌ ۽ سنڌوءَ سان پيار رچيل آهي. هو پاڻ کي ان کان پري ڪري به ته ڪيئن ڪري؟ هن جو نظم ”تهذيب دشمن“ هڪ سوچيندڙ ۽ سُجاڳ ذهن جو نظم آهي، جنهن ۾ هن اسان جي سامهون ٿيندڙ ۽ نظر نه ايندڙ حقيقتن ڏانهن آڱر کڻي ٻڌايو آهي. پر ڇا ٿو ٻڌائي اسان کي، ڪهڙي مَام آهي جيڪا اسان کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ڪهڙو راز آهي جيڪو شمشير اسان جي آڏو کولي ٿو بيان ڪري؟... ها! هو ڪجهه ته ٻڌائي رهيو آهي. ڪجهه ته سمجهائي رهيو آهي. اهو ئي ته اسان کي پنهنجا ويري سڃاڻڻا آهن ۽ پنهنجي سنڌوءَ کي بچائڻو آهي. ڇاڪاڻ ته ”نجات آهي پاڻي، حيات آهي پاڻي“.... ۽ اُن حيات ۽ سنڌو جي پاڻي کي؛ جي بچائڻو آهي ته پنهنجو ويري سڃاڻڻو پوندو. ڪُڙم قبيلي جو ويري، پوءِ ڀلي اهو ڪُڙم قبيلي جو ويري ڪُڙم قبيلي مان ئي ڇو نه هجي، ان جي اصليت کي سڃاڻڻو پوندو! شمشير جو اهو نظم ”تهذيب دشمن“ پنهنجي اندر ۾ جامع هجڻ باوجود وِشالتا رکي ٿو، ان تي ڳالهائڻ جي بجاءِ اهو سڄو نظم ئي هت پيش ڪجي ٿو:

    تهذيب دشمن

    ڳالهه ڳُجهڙي به هئي،
    ڳالهه پَڌري به هُئي.
    ڪالهه پوئين پهر
    ڪير آيا ويا،
    راڄ ساري اڳيان ڏيئي ساري کري کي ويا چُوچڙي.

    باهه ڀنڀٽ ڪيا،
    ڪي ته ماڻهو مئا،
    ڳوٺ جو ڳوٺ، کن ۾ ويو سارو سڙي


    ڳوٺ جي رَک مٿان،
    دونهن ۽ دز منجهان
    هڪ جُڳن جي جهُريل جهور ٻڍڙيءَ ٿي دلدوز دانهون ڪيون.
    ڇو ڀلا ڳوٺ منهنجو ئي هر هر اُجاڙيو وڃي ٿو،
    اباڻن ڪکن کي ئي ساڙيو وڃي ٿو؟
    اڙي ڪوئي آهي جو مون ڏي اچي؟
    اڙي ڪوئي آهي جو منهنجي ٻُڌي؟
    اڙي راڄ وارا،
    اڙي راڄ وارا،
    اِها وارتا ڪو ته مون کان پڇي.
    ڪير آيا ويا، ڪنهن ڏني چُوچڙي،
    ڪوئي آهي جو مون کي سُڃاڻي سگهي،
    ڪو ته مون کان پڇي.
    منهنجي ٻانهينءَ جي چوڙن تي تاريخ جا نقش ڄاڻي سگهي؟
    مان ته آهيان مُهيَن جي دڙي جي اُها نِرتڪي،
    جنهن سوين بار ”سُک نگر“ جي دٻيل کنڊرن جي مٿان
    ڳوٺ ٺهندي ڏٺا، ڳوٺ ڊهندي ڏٺا.
    ڪير ايندا رهيا
    ڪير ايندا رهيا
    ڪير ڏيندا رهيا هر دفعي ڳوٺ کي چُوچڙي؟
    مان جُڳن کان اُنهن کي، اُنهن جي اريءَ ۽ پريءَ کي سڃاڻان.
    هي دهشت ۽ وحشت جا باني مباني
    هي شيطان ثاني
    هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن، هي تهذيب دشمن ئي آهن نڀاڳا،
    مُهين جي زماني کان، سنڌوءَ ڪنارن جي تهذيب تي جي سڙن پوسرن ٿا
    اڙي راڄ وارا،
    اڙي راڄ وارا،
    اچو ۽ ڏسو، منهنجي هٿ تي هر تهذيب دشمن
    خبيثن کي شهه مات جي چال آهي لکيل:
    اوهان جِي؛ جَا شَهڪار تهذيب آهي قديم ۽ عظيم،
    ڪرشمو فقط آهي سنڌوءَ جي پاڻيءَ سندو.
    جي پاڻي نه آهي ته سنڌو ڪٿي؟
    جي سنڌو نه آهي ته تهذيب ڇا؟

    ته اي راڄ وارا،
    وڃي پنهنجي تهذيب جي لاءِ سنڌو بچايو،
    ۽ سنڌوءَ جي لئه ان جو پاڻي بچايو.
    نجات آهي پاڻي،
    حيات آهي پاڻي.

    هي پيغام مُهين جي دڙي جي ٻُڍي نرتڪيءَ جو،
    اوهان جي امڙ جو.

    شمشير الحيدري سنڌ جو سچو عاشق هو، هِن پنهنجي شعرن سان، سنڌ سان محبت جا ڪيترائي نقش ڇڏيا آهن. جيڪي وقت گذرڻ سان گڏو گڏ گهرا ثابت ٿيندا ۽ اِهو فيصلو به وقت ئي ڏيندو ته
    شمشير الحيدري سنڌي شاعري جي اُفق تي ڪٿي بيٺل آهي. وقت جيئن جيئن گذرندو ويندو آهي حقيقي شاعري جي پرک به خود به خود ٿيندي ويندي آهي، باقي هِن وقت اسان شمشير جي دور ۾ رهندڙ هن جي تخليق کي وڏي مَان ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسون ٿا ۽ هنن سٽن کي پڄاڻي تي پهچائڻ جو رستو مون کي شمشير جي هڪ آڳاٽي آزاد نظم ”انت بحر“ ۾ ئي نظر اچي ٿو:

    هڪڙي لهر پري کان اُڀري، ڊوڙي آئي ڪناري ڏانهن
    سر کي پٿر سان ٽڪرائي
    ريتيءَ ذرڙن کي جَرڪائي
    نغمن جو جادو ڦَهلائي
    گم ٿي ويئي انت بحر ۾

    انت بحر جي انت تري ۾
    سهسين سهڻا موتي سپجن
    جن سان جل پرين جون ٽوليون
    ڀري ڀري سڀ پنهنجون جھوليون
    ويون ڪناري تي ورکائي
    سورج داتا کي شرمائي.

    (ڪتاب: ”شمشير الحيدري فن ۽ شخصيت“ ۾ شامل)


    پير عُبيد راشدي: حساسيت، ڪهاڻي ۽ عبيد راشدي

    ڪهاڻيءَ جي سمجهاڻيءَ لاءِ مختصر طور ائين چئي سگهجي ٿو ته ڪهاڻي ماڻهوءَ جي جيون جي ڪيترن ئي لمحن، ڪيفيتن، احساسن ۽ جذبن جي عڪاس آهي. ائين کڻي چئجي ته ڪهاڻي اهو آئينو آهي جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي کَل ۾ لِڪيل سڀ ڪجهه ڏسي سگهي ٿو. ڪهاڻي خواب آ، ڪهاڻي خواب جي تعبير آ، ڪهاڻي ڪيفيت آ، ڪهاڻي ڪيفيت جو چٽو پٽو اظهار آ، ڪهاڻي خيال آ، ڪهاڻي حقيقت آ، ڪهاڻي سڀ ڪجهه آهي، ڪهاڻي، ڪهاڻيڪار جي پريتڻي يا پيارآ!!
    عبيد راشدي ۽ ڪهاڻي جو سنگم به حساسيت جي ڪري ئي ممڪن ٿيندي نظر آيو آهي. حساسيت شعور کي ادراڪ بخشيو ۽ ڏک جنم ورتو ۽ ڏک ڀوڳڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڀوڳنا لکڻ سيکاريو. هر تخليقڪار جو جنم حَساسيت، دُک ۽ ڀوڳنا مان ئي ٿئي ٿو. عبيد راشدي جنهن کي من ۾ ازل جي اڪيلائي، حَساسيت ۽ رولاڪي لڪيل آهي؛ جيڪا کانئس شاعريءَ کان ڪهاڻيءَ ڏانهن ڌوڪي آئي. عبيد جيڪو ڪلاکيتر ۾ شاعريءَ جي ديويءَ جي بدن تي پنهنجي آڱرين جو رقص ڪرڻ چاهيندو هو، تنهن کي خبر ناهي ته ڪوتا جي ديويءَ جي ڪهڙي ادا ايترو ته موهيو جو هو سُقراط وانگر وَهَه جو وٽو پنهنجي چَپن تي ڏاڍي خوشيءَ سان رکيو ۽ پوءِ ان وَهَه جي وٽي مان هُن جڏهن به ڪا سُرڪ ڀري آهي ته نئين ڪهاڻي تخليق ڪئي آهي.
    عبيد جي ڪهاڻي حقيقت جو عڪس آهي، هو جئين جيڪو ڪجهه ڏسي ٿو اُن جو عڪس پنهنجي اک جي لينس ۾ محفوظ ڪري وٺي ٿو ۽ پوءِ اِهو ئي ڪاغذ تي اُتاري ڇڏي ٿو ۽ پوءِ اِهو سلسلو جاري رکندي هو هر وک تي ڪهاڻي ڳولي ٿو. سمنڊ جو ڪنارو، ڪراچي يونيورسٽي جا ڪاريڊور، ڪلاس رومس، آفيسن، لائبريري، ڪئنٽين، روڊن رستن تي، بهادرآباد، طارق روڊ، دوپٽا گلي، گُلشن اقبال، روفي هيوِن، تلڪ چاڙهي، ڄامشورو، سنڌ يونيورسٽي، آرٽس فيڪلٽي، المنظر ريسٽورنٽ، هالا ۽ پير جهنڊو ۽ ٻيا ماڳ جتان هِن ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ڳوليون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ڀائيندو آهيان ته هِن ڪهاڻيءَ کي نه بلڪ ڪهاڻي هِن کي ڳوليو آهي.
    عبيد ڇا وڃايو آ، ڇا حاصل ڪيو آ، ان جو درست جواب ته عبيد خود ئي ڏئي سگهي ٿو؛ پر الائي ڇو مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته حساسيت هيمشه ماڻهوءَ کي ڀوڳڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڏک ۽ پيڙاءُ جو ذائقو هر ڀوڳڻ واري فرد لاءِ مختلف ٿئي ٿو. جواني ۾ وڇڙي ويل پنهنجي نوجوان وڏي ڀاءُ جي ڏک کان ويندي، مٽن مائٽن، دوستن، عزيزن ۽ هڪ جيڏن جي روين، محسوساتن، احساسن ۽ جذبن تائين هن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. مڃجي به کڻي ته تخليق جي عمل لاءِ ڀوڳنا لازم آهي پر جيستائين ڪو وڏو گهاءُ، پڇتاءُ يا وڇوڙو تخليقڪار جي پلئه نه ٿو پوي، تيستائين ڏات جي ديوي مهربان نه ٿي ٿئي. عبيد جي آوارگي، رولاڪي، لُڇڻ، تڙپڻ، ڀوڳڻ ڪنهن ڏانهن اشارو ٿا ڪن؟ اُن لاءِ اسان جي سامهون هِن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون موجود آهن، جنهن ۾ عبيد جي شخصيت، سوچ، محسوسات سڀ واضح آهن.
    عبيد حقيقي زندگيءَ ۾ ادا ڪيل ڪيترن مختصر ڊائلاگ تي به ڪهاڻيون لکيون آهن، جن ۾ ”گلابن به جهومي چيو قبول قبول قبول“، ”رفوگر“ ۽ ”ڀئونر ڀري آڪاس“ خاص طور ذڪر لائق آهن. عبيد جون هي ڪهاڻيون ڪن ننڍن ڊائلاگن جون پسمنظر آهن. شعور جي وهڪري ۾ لکيل سندس ڪهاڻي ”گلابن به جهومي چيو قبول قبول قبول“ رومانس جي چوگرد ڦري ٿي. ساروڻين سان ڀرپور هي ڪهاڻي عبيد جي ڪيترن رولاڪ ۽ وڃايل لمحن جو عڪس آهي. هو ڪهاڻيءَ ۾ ڪهاڻيءَ کي عڪس ڪري ٿو اهو سندس ڪمال آهي. هن جي ڪهاڻي ”روپ جي رِڻ ۾ پُرفِضا پاسو“ سندس حَساسيت جي عڪاسي ڪري ٿي. هو پراڻين شَين سان پيار ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته هو هر پراڻي شيءِ پوءِ اِها ڪا جاءِ هجي، گهٽي هجي، فرنيچر هجي اُنهن متعلق سوچي ٿو؛ انهن جي ٺهڻ جي وقت، انهن سان سلهاڙل ڪيفيتن، جذبن، احساسن ۽ خوابن کي محسوس ڪري ٿو ۽ پوءِ ئي لکي ٿو. هن جي ڪهاڻي ”روپ جي رِڻ ۾ پُرفِضا پاسو“ ۾ سندس اهڙين ڪيفيتن جو اڻکٽ اظهار موجود آهي:
    ”ورهين پڄاڻا تنهنجي ڳوٺ پهتو آهيان، ايترن ورهين ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو آهي، پراڻا گهر، پراڻيون ڀتيون ۽ گهٽيون ڊهي نيون ٺهي ويون آهن. ڳوٺ ۾ ڪو پراڻو گهر يا پراڻي ڀت، نئين ٺاهڻ لاءِ ڪيرائي ويندي آهي ته ڏک ٿيندو اٿم. لڳندو آهي ڄڻ انهن ڊٺل ڀتن سان آئون به ڊهندو ٿو وڃان.“

    هن ئي ڪهاڻيءَ جو هڪ ٻيو جملو به ڪيترو نه حقيقت پسنداڻو، ڀرپور ۽ اثرائتو آهي:
    ”اڳ ماڻهن جا گهر، اڱڻ ڪشادا، ته دليون به ڪشاديون هونديون هيون ۽ هاڻ گهر سوڙها ته دليون به سوڙهيون.“

    هن جي ڪهاڻين ۾ ڌرتيءَ سان محبت جا عڪس موجود آهن. ”اگهو انقلاب“ جي مرڪزي ڪردار ميان الهام الدين سنڌ جو اهو سچو ڪردار آهي جيڪو وڏيرڪي نظام ۾ نپجي وڏو ٿي يونيورسٽي ۾ پهچي ٿو ته هڪ آدرشي انسان بڻجي وڃي ٿو، پر اهي آدرش، نظريا سڀ عارضي ثابت ٿين ٿا ۽ اهو ئي فرد ان بدبودار سماج ڏانهن موٽ کائي ٿو ۽ هڪ روايتي وڏيرو بڻجي وڃي ٿو. ان الهام الدين جو حقيقي عڪس عبيد هن طرح چٽيو آهي:

    ”ميان الهام الدين منجهند ٻنيون گهمندي ڇا چيو ته: خيال ڪندا ڪريو، هت آس پاس سرن جي پراڻي بٺي ۾ نانگ بلائون نه هجن.“
    ”هُون هُون ڪٿي ميان الهام الدين ٻارن ۾ بيٺل پاڻيءَ ۾ پنهنجو عڪس ڏسي ته ڪونه چيو“

    ڪهاڻي ”پرتو پنهونءَ جو...“ ۾ عبيد، سنڌ جي خوشحالي ۽ وسڪار جو ذڪر ڪجهه هن طرح ڪيو آهي:
    ”ڪيترا سال ته مينهن ڦُڙي لاءِ سڪي ويا هئاسين.“
    ”ڀيڄ ڀيڄ مولا، ڪارڙو ڪمارڙو، اَنَ پاڻي ڏي ته مينهن وسن. نار تي واڍو، مينهن آيو ڏاڍو“

    عبيد راشدي جي ڪيترن ئي ڪهاڻين خاص ڪري ”زندگيءَ جو ڪلاسيفائيڊ پيج“، ”اَگهو انقلاب“، ”ته سَنگهارن سُک ٿئي“، ”کَل لهڻ جو سُک“، ”وردي“، ”پنجن آڱرين جي پڪڙ ۾ آيل ڪچهري“ ۽ ٻين ڪهاڻين ۾ ڪيترائي عڪس اهڙا آهن جن ۾ اسان ڪيترن کي پنهنجا پاڇا به نظر اچن ٿا. هڪ تخليقڪار جي اِها مهانتا چئبي جو هِن جي لکڻين سان پڙهندڙن جي اندر ۾ جذبن، احساسن جو آتشفشان ڦاٽي پوي. عبيد راشدي اُهو ڪهاڻيڪار آهي جنهن جي نصيب ۾ پڙهندڙن جي محبت آئي آهي. عبيد راشديءَ جون ڪهاڻيون سماجي ڀڃ ڊاهه جو ردِ عمل آهن. انهن خلاف ڀرپور آواز آهن، اخلاقي، معاشي، تمدني، علمي ۽ نفسياتي حالتن جو ڀرپور تجزيو آهن. معاشرتي، سياسي ۽ سماجي سطح تي اسان جي شعور ۾ جيڪو فقدان آيو آهي اُن ڏڪار جي تاريخ جو پرتوو عبيد جي ڪهاڻين ۾ موجود آهي، ڇاڪاڻ ته هو ڌرتيءَ جو قلمڪار آهي، اُن جو خمير هِن ئي مٽيءَ مان ڦٽي نڪتو آهي، هو لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ تخليقڪار آهي.
    (ماهوار سوجھرو، آڪٽوبر 2007)


    سيف بخاري ”تنها“: جلد وڇڙي ويل شـاعر

    هالا جي مردم خيز مٽيءَ مان 20 فيبروري 1977ع تي جنم وٺندڙ سيــــــد سيف الله شــــــاھ بـــخاري ادبي دنيا ۾ سيف بخاري ”تنها“ جي نالي سان ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن هو 4 مئي 1996ع تي هن دنيا کي الوداع چئي چڪو هو. هن جو جنم نج علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ ٿيو. سندس والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري هڪ تعليمي ماهر ۽ محقق جي سڃاڻپ رکندڙ آهي. جنهن جي نظر هيٺ سيــــف 1981ع کان پــــنهنجي تعليم جو آغاز سگا جي روشن تارا اسڪول هالا کان شروع ڪيو ۽ 1987ع ۾ ايم. جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول هالا ۾ داخل ٿيو، جتي 1989ع ۾ اٺين ڪلاس ۾ سڄي اسڪول ۾ ٽاپ ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ کيس اسڪول طرفان سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊ ڏني وئي. اهڙي طرح 1994ع ۾ انٽر پري انجنئيرنگ جو امتحان سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڏنائين ۽ حيدرآباد بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ تڏهوڪي وزير اعليٰ سنڌ سيد عبد الله شاھ طرفان پنج هزار روپيه انعام طور ڏنا ويا ان کان سواءِ اُن وقت جي گورنر ڪمال اظفر جي هٿان سيڪنـــــــڊري بورڊ حيدرآباد طرفان ”سَند“ ۽ پرائيز بانڊ انعام طور ڏنا ويا.
    سيف بخاري پنهنجي شاندار تعليمي رڪارڊ رکندڙ هالا جي انهن نوجوانن مان هڪ هو، جيڪو اين. اي. ڊي يونيورسٽي ڪـــــــراچي جا شاگرد ڳڻبا هئا. هي اِن يونيورسٽي جي سِول ڊپارٽمينٽ ۾ 1995ع ۾ داخل ٿيو جتي ٻي سال جي پڙهائي دوران 4 مئي 1996ع تي نسلي فساد جي ور چڙهي شهادت جو جام نوش ڪيائين.
    سيف پنهنجي اُڻويهه ورهين جي ڄمار ۾ نه رڳو پنهنجو بهترين تعليمي رڪارڊ قائم ڪيو پر پنهنجي خاموش طبع ۽ گهڻ سهو هجڻ واري خصوصيت جي ڪري نه فقط پنهنـــجن دوستن ۽ هم عصرن بلڪ پنهنجن استادن جي نگاھ ۾ به ممتاز رهيو.
    سيف جي سڃاڻپ سندس حياتي ۾ هڪ هوشيار شاگرد طور رهي پر سندس وفات بعد سندس اڻ ڇپيل شاعري، ڪهاڻي ۽ ڊائريون ان ڳالهه جو ثبوت ڏيڻ لڳيون ته هو هڪ بهترين شاعر، حَساس شخص ۽ حالتن کي سمجهندڙ انسان هو.
    ويهن ورهين جي نوجوان شاعر سيف بخاري ”تنها“ کي اسان کان جدا ٿئي لڳ ڀڳ 19 سال گذري چڪا آهن پر هن جي ياد جا تازا گُلاب هن جي مائٽن کان ويندي هن جي دوستن تائين جي دلين ۾ اڄ به ٽڙيل آهن.
    سيف ”تنها“ هالا سان تعلق رکندڙ هڪ اهڙو هوشيار شاگرد هو جنهن ڪي- جي کان ويندي انٽر ميڊيئيٽ تائين هميشه ٽاپ ڪيو، هو پنهنجن استادن کان ويندي هڪ جيڏن شاگردن جي نظر ۾ سدائين ممتاز رهيو. خاموش طبيعت وارو هي نوجوان شاعر پنهنجي جيون جون اوڻيهه بهارون ماڻي، 4 مئي 1996ع تي اسان کان اوچتو ئي اوچتو خاموشيءَ سان موڪلائي ويو، ڄڻ ويهين صديءَ جي هاڪاري شاعر شيخ اياز جي هنن لفظن جيان هو اسان کي ڪجھ چوندو ئي رهيو:
    ڀؤن نه آئي ڀانءِ
    الا مان اڏري ويندو سانءِ
    ڳائي منهنجا گيت غزل
    مون کي ياد ڪجان
    الا مان اڏري ويندو سانءِ
    گلابن ۽ موتئي جي مند ۾ ڀونءِ تان آڪاس ڏانهن اڏري ويل اسان جي هن حساس تخليقڪار جي وڇوڙي جو اذيت ناڪ احساس اڄ به سندس مٽن، مائٽن ۽ دوستن جي اندر ۾ ساهه کڻندو رهي ٿو.
    سيف بخاري پنهنجي مزاج ۾ ماٺيڻو شخص هو، هن جي ماٺ جو راز هن جي اچانڪ وفات کان پوءِ هن جي مائٽن تي ان طرح کليو جو هن جي دراز ۾ وکريل ڪاغذن ۽ ڊائري جي ورقن تي هن جي شاعري هن کان پوءِ هن جي هجڻ جو احساس ڏياري رهي هئي. سيف ڪنهن مهل ڪوتا جي ديوي کي راضي ڪري ورتو هو اها سڌ ته هن جي حياتيءَ ۾ ڪنهن کي به نه هئي، هن جي والد پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري پنهنجي لائق ۽ با سيرت نوجوان پٽ جي شاعري يڪجا ڪري ”سرس آهي سونهن ۾“ جي عنوان سان ڪتابي صورت ۾ سندس نالي سان قائم اڪيڊمي ”سيف بخاري اڪيڊمي هالا“ پاران 1997ع ۾ شايع ڪرائي سيف بخاري ”تنها“ کي سنڌ جي ادبي حلقن ۾ متعارف ڪرايو. سيف جي شاعري اشاعت جي هيٺ اچڻ کان پهرين سيف پنهنجن مائٽن، استادن، دوستن ۽ هڪ جيڏن لاءِ سيد سيف الله شاهه بخاري هو، پر جسماني وفات ۽ روحاني جنم کان پوءِ هو هاڻ اسان سڀني لاءِ سيف بخاري ”تنها“ بڻجي چڪو آهي. سيف ”تنها“ جي شاعري متعلق نالي وارو محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي راءِ آهي ته:
    ”سيف بخاري ”تنها“ ڪيترن ئي شاعرن کان مٿانهون ۽ چڱن شاعرن مان هڪ چڱي شاعر جي حيثيت رکي ٿو. هِن شاعري ۾ هڪ ئي وقت تي ”روايت“ ۽ ”انفراديت“ سان انصاف ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس شهر جو ڌڻي ۽ پنهنجي دور جو عظيم شاعر مخدوم طالب المولى ”اکين“ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ موضوع بڻايو آهي. ”تنها“ به اهو اثر قبول ڪري ٿو. اهڙي ريت ياراني بابت جيڪي سيف بخاري جا نظريا آهن، اُهي اسان کي حمل فقير جي خيالن جهڙا نظر اچن ٿا. تنها اهڙي ريت اثر قبول ڪندي به پنهنجي ”انفراديت“ قائم رکي آهي. يقين ڄاڻو ته بلند خيالي جي ندرت ۽ تخيل جي حوالي سان هن سيد سڳوري چڱن ڀلن شاعرن کي پُٺ تي ڇڏي ڏنو آهي“.
    سيف جي وفات کان پوء سندس والد ڊاڪٽر ممتاز بخاري طرفان شايع ڪرايل سيف جو شعري مجموعو”ســرس آهـي سُونهن ۾“ ۾ شامل سندس ڪيتريون ئي سٽون سندس ڌرتي سان محبت، ماروئڙن لاء سڪ ۽ حالتن جي بدلجڻ جو احساس جي عڪاسي ڪن ٿيون. هو جڏهن ڪراچي جهڙي رنگين مزاج شهر ۾ داخل ٿيو هو ته ان وقت بارود جي بوءِ ڪراچي جي رستن تي هر روز پکڙيل هوندي هئي. هن ان وقت انهن حالتن کي پرکي ورتو ۽ ڪــــــــــــراچي بابت هڪ نظم لکي پاڻ کي حساس شاعر پيش ڪيو.
    نگري هي ڪهڙي نگري آ
    ڏي اي خدا سمجهه هن کي ڪا

    نيپا ۽ مَسڪن هُيو ڪهڙو
    هي ملير سارو اُجڙي ويو
    مقصد اجاڙڻ هو جن جو
    تن کي خدا هو رلايو ڪو

    ڇا ڪلفٽن ۽ سفاري ڇا
    اي خدا ڏي سمجهه هن کي ڪا

    تو لئه لکان مـــــــــان ڪراچـــي ڇا
    سنڌڙي جي دل ديس جي مالها
    تون ملڪ جا خواب ۽ سپنا
    تون ڪيميا ۽ ڍير سرمايا


    توکي مارڻ به ڏکيو آ
    ڏي اي خدا سمجهه هن کي ڪا

    ساڳي وقت هو پنهنجي ڪيترن ئي شعرن ۾ پنهنجي ڌرتي لاء فڪرمند آهي.

    هـــاري کيـــــــــڙي ڌرتــــــــي، اَن ٿــــو اُپـــــائي،
    وڏيــرو ٿـــو کائـــي، هو سڪـــي ڳڀــي ڪاڻ.

    ڳڀي ڪاڻ سڪي پيو، هي جو ابهــــم ٻار،
    ڪنهن نه لڌي سار، بکايل هن معصوم جي.

    سيف وٽ پنهنجي شاعري جا جدا جدا رنگ آهن، هو جتي ڌرتي ۽ انسانيت جي ڳالهه ڪري ٿو اتي هن جي شاعري ۾ سُونهن جا اجرا رنگ به مهڪن ٿا. سُونهن جيڪا شاعري جو بنيادي مُحرڪ آهي، اُن سُونهن جو هڪ ڀرپور ۽ سَگهارو تصور شاعر جي ذهن ۾ سمايـل هوندو آهي. جنهن جو هو خوب اِدراڪ ڪري ٿو. سيف جي شاعري ۾ به اهڙا ڪيترائي جمالياتي خيال موجود آهن. جيڪي پنهنجي جاءِ تي ڏاڍا خوبصورت به آهن.

    منهنــــــجي دل جـــــــــــون آرزوئــــــــون،
    ويـــــــــــون بنــــــــجي ڀوڳـــــــــنائـــــون.

    ٿـــــــــــي چمـــــي جيئـــــن، گــــل کي شــــبنم،
    ڇيــــــر جـــــــون تـــــــــئين، مــــــــڌرتـــــــائون.

    پيهي در جي اوٽ ۾، تـــــڪيان ساري رات،
    مٿان ٿي پرڀات، ڳالهيون ڪندي پاڻ سان.

    صبح صــــادق تائين، اکيـــــــــــن پســـــــــايو پانـڌ،
    تنهنجي ياد سدائين، بي چين ڪري ٿي روح کي.

    پنهنجي مزاج ۾ انتهائي نفيس ۽ حساس سيف ”تنها“ پنهنجي جيون جي اڻويهن بهارن ۾ جيتوڻيڪ بظاهر ته ڪومائجي ويو پر انسان جو وڏو جياپو هن جي تخليق آهي، جيڪا هن جي اندر جو ڀرپور اظهار ٿئي ٿي. سيف به پنهنجي لفظن، پنهنجن شعرن جي روپ ۾ اڄ به موجود آهي. دنيا جي ادبي تاريخ ۾ جتي بنهه ننڍي عمر ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو ڇڏي هي جهان ڇڏي ويندڙ ”جان ڪيٽس“ جو حوالو موجود آهي اتي سنڌي ادب جي حوالي سان ورهاڱي کان اڳ نرمــــل جيوتـــــاڻي ۽ ورهــاڱي کان لڳ ڀڳ پنجاھ ورهيه پوءِ سيف بخاري ”تنها“ جو نالو موجود آهي جيڪي پنهنجي مختصر ڄمار ۾ تخليقي سرمايو ڇڏي پاڻ کي زندھ ڪري ويا.
    سيف بخاري ”تنها“ انتهائي حَساس ۽ سوچ ويچار ڪندڙ نوجوان هو، هُو فطرت جي نظارن کان ويندي ماڻهوءَ جي مَنَ تائين؛ جو گهرائيءَ سان مشاهدو ڪندڙ هو. سيف جهڙا ذهين، هوشيار ۽ ماڻهوءَ کي مان ڏيندڙ نوجوان ڪڏهن ڪڏهن جنم وٺندا آهن. هن جو وڇوڙو اڄ به پنهنجي مٽن مائٽن کان ويندي هن جي دوستن جي اندر ۾ ائين زندهه آهي ڄڻ اها ڪا اوڻيهه سال پراڻي ڳالهه ناهي بلڪ ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي. هن جو تخليقي پورهيو هن جي زندهه هجڻ جو شاهد آهي.
    ۽ اسان سيف جا ئي لفظ سيف بخاري لاءِ ورجايون ٿا:

    ڏاڍو ڏور هليو وئين يار
    ڪين لڌي تو اسان جي سار
    تنهنجي ياد ۾ ٿا نيڻ ٽمن
    روڪيندي به لُڙڪ وهن
    رشتو ٽوڙي ڇو ٿئين ڌار
    ڏاڍو ڏور هليو وئين يار

    (روزاني عوامي آواز، 4 مئي 2013)


    ڊاڪٽر شمس الدين شاهه راشدي: رُتُ جي ريت نرالي آ.....!

    زندگي حادثن جي وچ ۾ پلجندڙ ان اُبهم ٻار جيان آهي جنهن کي پنهنجي متعلق ڪا خبر نه هوندي آهي. زندگي رنگ رنگ الجهيل ڌاڳن جهڙي به، ته زندگي ڪنهن ڪچي ننڊ مان جاڳيل اکين جي خوابن جهڙي به آ، ته ڪنهن اڻپوري پيار جي ڪهاڻي جهڙي. ان ئي زندگي جي رنگ مَٽجڻ جي حد به وار جهڙي سنهڙي ليڪي جيتري ته آ!!
    صدين جا سپنا سجائي پل کان اڻ ڄاڻ حيات جو بار کنيو وتي پوءِ به انسان نه ڪڏهن ائين ڪري سگهيو آ نه وقت کي ماڻي سگهي ٿو پر پوءِ به ساھ جو تندو جيستائين ڳنڍيل آهي اوستائين وتي ٿو ورهين جا پور پچائيندو- حادثا ته حادثن جهڙا پر جنهن ۾ ڪنهن جي پيارن جي ساھ جا تندا ٽٽن، ڪنهن جي اکين جا خواب ڀُرن، ڪنهن جي جيون ۾ خزان جي مند اچي واسو ڪري انهن کي ئي اُنهن حادثن جي اذيتن، تڪليفن، درد ۽ پيڙاءُ جو احساس ٿئي ٿو.
    حيات جي سفر ۾ ڪير ملي ٿو، ڪير وڇڙي وڃي ٿو، ڪو ياد رهي ٿو، ڪو وسري وڃي ٿو........ عجيب نظام آ شناسائي جو، دوستي جو، روين جو، رشتن جو، احساسن جو..... ڪير ڪنهن کي ياد به آهي يا رڳو لمحي ڀر جي شناسائي جو احساس، پر لمحي جي شناسائي جو احساس، سالن جي ڄاڻ سڃاڻ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ به هوندو آهي، احساس جي زبان ڪوي جو قلم آ، تخليقڪار جو قلم آ، پر اُن قلم جي نِبَ تي ڇا مس سُڪي وئي آ......!؟ يا تخليقڪار جو اندر بي روح ٿي ويو آهي.......!!؟
    ڊگهي حياتي، مختصر حياتي، بس رڳو ساهن جي سُر سُر آ ٻيو ڪجهه به نه! حيات جو دائرو وسيع هجي يا مختصر اهو بامقصد ضرور هجي جو جڏهن اهو دائرو مڪمل ٿئي _ ساھ جو تندو ٽٽي ۽ ماڻهو محفل مان اٿي هليو وڃي ته پوءِ محفل ۾ ويٺل ان کي سارين، پڪارين ۽ اکين مان ان لاءِ لڙڪ لاڙين!!
    ڪائنات جي اصول موجب هر شيءِ انت ڏانهن گامزن آهي پر انت ڪهڙو؟ هت ته هر حد کان پوءِ ٻي حد شروع ٿئي ٿي ۽ ائين حد کان پوءِ حد ۽ وري ان کان پُوءِ وري حد _ ائين ڪائنات جيان لاحد ئي لاحد _ هر ڪردار کي پنهنجو ڪردار اسٽيج تي نڀائڻو آهي ۽ پوء واپس- اچڻ وڃڻ _ حيات _ موت، ڪائنات جي اَزلي قانون مُطابق آهي، جنهن کي مقرر وقت تي ظاهر ٿيڻو آهي ـــ پر ڪا ڪا شناسائي ياد بڻجي ويندي آهي ۽ اُها ياد پنهنجي هجڻ جو احساس به رکي ٿي.......... ياد به خاموش پيار جي چپ چپ بادل جيان آ، جيڪو هوريان هوريان دل جي زمين تي وسندو رهندو آ ۽ اکين جي ڇپر کي سدائين آلو رکندو آ _ اها ياد ئي تخليقڪار جو لفظ آ ۽ لفظ يادن ۽ ان ۾ پوئيل احساسن جي ڪري ساھ کڻندا آهن، زندهه رهندا آهن ۽ گهمندڙ ڦرندڙ بي روح انسانن ۾ احساس جو روح ڦوڪيندا آهن _ پر هت لفظ جي زندهه هجڻ ۽ ياد جي اندر ۾ رهجي وڃڻ واري سچ کي ڪير سمجهندو؟ بس هڪ سواليه نشان کان اڳتي ڇا ڳولبو _ جوابن جو ڊگهو سلسلو ....! پر هت ته هر ڪو پنهنجي سوال جو جواب به پنهنجو ٿو ڳولي. بس زندگي ايتري آهي سواليه نشان جيتري يا فل اسٽاپ جيتري يا ان کان به مختصر ......؟؟

    (ڊاڪٽر شمس الدين شاھ عرف پير شاھ جي 25 فيبروري 2010ع
    تي اوچتي روڊ حادثي ۾؛ وفات جي پس منظر ۾ لکيل. )


    ڪيئن وساريان

    ڪيئن وساريان:

     انهن لمحن کي جن ۾ ڏات جي عطا ٿي ۽ منهنجن خيالن، احساسن ۽ جذبن کي لفظن جي صورت نصيب ٿي.
     پنهنجي بابا پروفيسر ڊاڪٽر ممتاز بخاري کي، جنهن مون کي ادب جي واٽ ڏسي ۽ هلڻ سيکاريو.
     پنهنجي ڀاءُ ڊاڪٽر اسد بخاري، پنهنجي جيون جي ساٿياڻي، پنهنجي ٽن معصوم نياڻين ۽ سمورن گھر ڀاتين کي جن منهنجي بي ترتيب زندگي، اوجاڳن، رولاڪين سان گڏ گھر ۾ ڪتابن جي ٽڙيل پکڙيل ڍڳ کي نه فقط برداشت ڪيو؛ پر مختلف وقتن تي منهنجي حوصلا افزائي ڪندي، منهنجي هر ڪاميابي تي خوشيءَ جو اظهار پڻ ڪيو.
     پنهنجي محترم، محبتي ۽ مخلص تاج جويي کي، جيڪو هميشه هڪ وڏي ڀاءُ وانگر منهنجو ادبي رهبر، رهنماءُ ۽ ساٿي رهيو آهي.
     پاڻ جهڙن دوستن پير عبيد راشدي، فريد احمد ابڙي ۽ سهيل ابڙي کي، جن جي ساٿ سهڪار ۽ صلاحن کان سواءِ ”جلي منهنجي جاڳ“ شايد اوهان جي هٿن تائين نه پهچي ها!
     پياري دوست امر اقبال ۽ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين محترم قربان منگي کي، جن جي خلوص ۽ دلچسپي سبب هي ڪتاب مهلائتو شايع ٿي سگھيو آهي.
     پنهنجي شاگرد نوجوان آڪاش ڪمار آسواني، محنتي عرفان احمد چانڊيي کي، جن هِن ڪتاب جو سمورو مواد ڪجھ ڏينهن اندر ڪمپوز ڪري ڪتاب کي وقت سِر ڇپجڻ جو موقعو ميسر ڪيو.
     پنهنجي دوست حافظ احمد الدين انڍڙ کي، جنهن مواد گڏ ڪرڻ ۾ سهڪار ڪيو.

    bukharimakhmoor@gmail.com
    Cell: 0333-2687411 - 0302-3075701


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253550
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385558
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ