ڪتاب جو نالو: اسپيس اوڊيسي(سائنسي افسانا)
مصنف: ڪليم ٻُٽ
ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر اي آر ٻٽ ٽرسٽ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 19 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 279 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 96 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سائنسي افسانن جي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ ڪليم ٻُٽ ڪيو آهي.
ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون. سندس هي ڪم به منفرد آهي. هي سندس سائنسي افسانن جو ترجمو آهي، هي ڪهاڻيون راجيشوري سنگهه ۽ برجندرا سنگهه جي ڪتاب اسپيس اوڊسي، جيڪو لرنرز پريس، نيو دلي انگريزي زبان ۾ ڇپرايو آهي جو ترجمو آهي ۽ ان ۾ ٽي سائنسي افسانا ٽائيم مشين، ليزر ديوتا جا ٻار ۽ نيمسس شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ٽائيم مشين
  • ليزر ديوتا جا ٻار
  • نيمسس

  • ڪتاب بابت

    اسپيس اوڊيسي (سائنسي افسانا)
    ترجمو: ڪليم ٻُٽ
    ڇپرائندڙ: ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ
    سال: 2014ع
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: 1000
    قيمت: 70 روپيا


    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اسپيس اوڊيسي“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سائنسي افسانن جي ترجمي تي مشتمل آهي جنهن جو سنڌي ترجمو نامياري ليکڪ ڪليم ٻُٽ ڪيو آهي.
    ڪليم ٻُٽ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻي ۽ ناول جي حوالي سان نوجوان ٽهيءَ جو ڪافي متحرڪ نالو آهي. سندس ڪيتريون ئي لکڻيون وقفي وقفي سان پڙهڻ لاءِ اکين آڏو اينديون رهن ٿيون. سندس هي ڪم به منفرد آهي. هي سندس سائنسي افسانن جو ترجمو آهي، هي ڪهاڻيون راجيشوري سنگهه ۽ برجندرا سنگهه جي ڪتاب اسپيس اوڊسي، جيڪو لرنرز پريس، نيو دلي انگريزي زبان ۾ ڇپرايو آهي جو ترجمو آهي ۽ ان ۾ ٽي سائنسي افسانا ٽائيم مشين، ليزر ديوتا جا ٻار ۽ نيمسس شامل آهن.
    ٿورائتا آهيون پياري دوست ۽ ليکڪ ڪليم ٻُٽ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ هڪ غير سرڪاري ادارو آهي، جنهن جو مقصد سنڌ اندر علمي ۽ ادبي سرگرمين کي واڌ ڏيڻ آهي. هي ادارو سال 2010ع کان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان عرصي دوران سنڌ جص مختلف شهرن ۾ علمي ادبي ويهڪون ڪرائڻ، سيمينار، ورڪشاپ وغيره ڪرائڻ ته جئين سنڌ جي نوجوان نسل کي هڪ راهه ڏئي سگهجي. ان حوالي سان اداري جي منشور ۾ علمي ۽ ادبي ڪتاب ڇپائڻ به آهي. جنهن جي ڪڙي هي ڪتابچو آهي. هي ٽرسٽ جو ٻيون ڪتاب آهي، ان کاب اڳ ٽرسٽ ڪليم ٻُٽ جي ڪهاڻين جو ڪتاب هوش چند ۽ ڪوٽ لکپت ڇپرائي چڪي آهي. هي سندس سائنسي افسانن جو ترجمو آهي، هي ڪهاڻيون راجيشوري سنگهه ۽ برجندرا سنگهه جي ڪتاب اسپيس اوڊسي، جيڪو لرنرز پريس، نيو دلي انگريزي زبان ۾ ڇپرايو آهي جو ترجمو آهي ۽ ان ۾ ٽي سائنسي افسانا ٽائيم مشين، ليزر ديوتا جا ٻار ۽ نيمسس شامل آهن. هاڻي هي ڪتاب پڙهندڙن جي ملڪيت آهي، اسان کي ڪتاب بابت اوهان جي راءِ جو انتظار رهندو ۽ اوهان جي هر راءِ جو احترام ڪيو ويندو.


    ڊاڪٽر اي آر ٻُٽ ٽرسٽ
    ڄامشورو، 2014


    ٽائيم مشين

    ونود شرما بي صبري سان هيٺ مٿي هلي رهيو هو.
    هن بند دروازي پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي؟ هن سوچيو. دائي کيس يقين ڏياريو هو ته سڀ ٺيڪ ۽ ويم نارمل آهي، پر تنهن هوندي به شرما فڪرمند هو، ڇو جو هي سندس پهريون ٻار هو. اوچتو هڪ آواز خاموشيءَ کي چيري ڇڏيو ته شرما جي دل جو ڌڙڪو بهجي ويو، هن هلڻ بند ڪيو ۽ برف جيان ڄمي ويو، فڪرمندي ۾ بي ترتيب سوچون اينديون رهئس. هڪ لمحي کانپوءِ در کليو ۽ دائي مرڪندڙ چهري سان ٻاهر نڪتي.
    ”صاحب مبارکون هجن،“ هن وڏي واکي چئيس: ”اوهان کي پٽ ڄائو آهي، ماءُ ۽ ٻار ٻئي تندرست آهن.“ هن خبر تي شرما ذري گهٽ ڪرڻ لڳو.
    منهنجو پٽ، هن سوچيو: اسان هن تي ڪهڙو نالو رکون....؟ ۽ پوءِ هن جي ذهن تي سندس پياري چاچي جو نالو ترڻ لڳو، اهو ئي چاچو جنهن سندس شادي ڪرائي هئي.
    اسان کيس راڪيش سڏينداسين.... هن فيصلو ڪري ڇڏيو.
    وقت گذرندو رهيو............
    اشتهار وارو گانو ختم ٿيو ته ٽي وي اسڪرين هڪ سيڪنڊ لاءِ ڪاري ٿي وئي.
    آخر هو؛ راڪيش ڪاوڙ منجهان سوچيو: سندن شين کي صحيح طور ڇو نٿا پيش ڪن!! اسڪرين تي ٻيهر روشني ٿي وئي.
    خلا..... انسان جي آخري سرحد. راڪيش جي ڏهن سالن جي پٽ ارون زور سان پڙهيو.
    بڪواس؛ راڪيش پاڻ سان ڳالهايو: جيڪڏهن اسين پٿر جي دور جا انسان هجون ها ته پوءِ خلا انسان جو آخري سفر هجي ها، پر هاڻي نه..... هاڻي ته اها سرحد به انسان پار ڪري ويو آهي، ان وقت جڏهن ڪنهن نامراد چينيءَ آسمانن ڏانهن راڪيٽ امڻيو..... ۽ ائين ٿو ڀائنجي ڄڻ اها ٽي هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي...... اڄ جي انسان جي آخري سرحد وقت (ٽائيم) آهي، هڪ اهڙي روڪاوٽ جيڪا تمام جلدي ڀڄي پوندي.... جيڪڏهن انهن تجربن جيڪي راڪيش ليباٽري ۾ ڪري رهيو آهي ڪامياب ويا ته....!!
    فون جي گهنٽي وڳي....... راڪيش اٿي فون کئين.......
    ”ڊاڪٽر شرما پيو ڳالهايان،“ هن نرم پر کري لهجي ۾ ڳالهايو.
    ”نمستي ڊاڪٽر شرما، آئون ڪارلي آهيان.“
    ”اوهان کي به نمستي ۽ دلي اچڻ تي ڀليڪار،“ راڪيش کي سندس کري لهجي جو چڱي نموني اندازو هو، پر هڪ ته هو لاچار ۽ ٻيو اهو ته سندس ڪاميابي جو دارومدار ڪارلي تي ئي هو.
    ”مهرباني ڊاڪٽر شرما ته پوءِ ڇا پاڻ اڌ ڪلاڪ اندر اوهان جي ليباٽري ۾ ملون؟“ ڪارلي پڇيو.
    ”ڇا اوهان گهر جو رستو ڳولهي لهندا، آئون اوهان کي آساني سان کڻي سگهان ٿو.“ راڪيش ڳڻتي جوڳي انداز ۾ چيو.
    ”ان جي ضرورت ناهي، ڊاڪٽر شرما، اوهين ڪافي مشهور آهيو، هر ٽيڪسي واري کي اوهان جي ليباٽري جي خبر آهي، آئون اڌ ڪلاڪ ۾ اُتي هوندس.“ ڪارلي جواب ڏنو.
    راڪيش ليباٽري ٻاهران بيهي ڪارلي جو انتظار ڪرڻ لڳو. پنجن منٽن ۾ ڪارلي پهچي ويو ته راڪيش گرمجوش انداز ۾ هن سان مليو.
    ”اوهان جو سفر ڪئين رهيو؟“ هن ڪارلي کان پڇيو.
    ”ٺيڪ هو، پر آئون اهو چوندس ته ڏينهنو ڏينهن هوائي جهازن جو معيار گهٽجندو پيو وڃي، خير اهو ايترو ضروري ناهي، اچو ته ڪم جي ڳالهه ڪريون.“ ڪارليءَ حقيقت پسندي جو اظهار ڪندي چيو.
    ”جي بلڪل ته پاڻ ڪٿان کان شروع ڪريون؟“ راڪيش پڇئس، ڪارلي هڪ لمحي لاءِ سوچ ۾ ٻڏي ويو ۽ پوءِ چيائين: ”منهنجي خيال ۾ شروع کان ئي شروع ڪجي ته بهتر رهندو، مهرباني ڪري اوهان تفصيل سان پنهنجا نظريا سمجهايو، جنهن کانپوءِ اسان ليباٽرين ۾ هلي اوهان جا تجربا ڏسنداسين.“
    ”ٺيڪ آهي،“ راڪيش خوشيءَ منجهان جواب ڏنو: ”آئنسٽائين؛“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”اهو نظريو ڏنو ته ڪنهن به شيءَ جي مقدار (ماس) چرپر دوران مٽجندي آهي، ياد رهي ته مقدار (ماس) تبديل ٿيندي آهي، وزن (ويٽ) نه.....“
    ”مونکي خبر آهي،“ ڪارلي جواب ڏنو، راڪيش پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
    ”آئنسٽائين اهو دريافت ڪيو ته جيترو تيز هڪ جسم سفر ڪندو، ايتري ئي ان جي مقدار (ماس) وڌندي. هن هڪ فارمولو ڏنو جنهن ۾ مقدار ۽ رفتار (ماس ۽ ولياسٽي ) جو تعلق ڏيکاريل آهي.
    منهنجو پريون نظريو ان فارمولا تي ٻڌل آهي، جيڪو، جئين اوهان ڄاڻيو ٿا، اسان گذريل سال صحيح ثابت ڪيو هو. نيٺ هنن هڪ اهڙو راڪيٽ تيار ڪري ورتو جيڪو هڪ سيڪنڊ ۾ هڪ هزار ڪلو ميٽرن جي رفتار سان هلي ٿو. ان کان پوءِ هنن ان ۾ تمام زبردست اوزار استعمال ڪيا، جيڪي آن بورڊ ڪمپيوٽر سان ڳنڊيل آهن. ان منجهان هنن آئنسٽائين جي فارمولا جو جواب حاصل ڪيو، جنهن جي غلط هجڻ جي گنجائش نه هوڻ برابر آهي.“
    ”ها مون اهو پڙهيو آهي،“ ڪارلي چيو.
    ”ته سر؛“ راڪيش ڳالهه جاري رکي: ”ان فارمولا موجب ڪنهن به شيءَ جي رفتار جيڪڏهن روشني جي رفتار برابر ڪئي وڃي ته ان جي مقدار (ماس) لامحدود ٿي ويندي.“ ڪارلي هن ڳالهه تي ٿڌي دماغ سان سوچڻ لڳو ۽ بي يقيني ۾ مٿو ڌوڻي چيائين:
    ”هڪ شيءَ جي مقدار (ماس) ڪئين لامحدود ٿي سگهي ٿي؟“
    ”مونکي خبر آهي جيڪو آئون چوان پيو اهو اعتبار جوڳيو نه آهي،“ راڪيش صبر جو اظهار ڪندي جواب ڏنس، هن وقت تائين هو ماڻهن جي شڪي مزاج جو عادي بڻجي چڪو هو.
    ”پر ميٿاميٽڪس جي حساب سان آئون صحيح آهيان، جئين آئنسٽائين جو فارمولا ان ڳالهه جي شاهدي آهي. اوهان ميٿس واري منطق تي ڪوبه بحث نٿا ڪري سگهو.“
    ”ها پر،“ ڪارلي آهه ڀري جواب ڏنو: ”اڃا به ان ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ ڏکيو آهي.“
    ”۽ اهو،“ راڪيش چيو: ”نه وساريو ته لامحدوديت ٻين تي دارومدار رکندڙ لفظ آهي. لامحدود مقدار کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪا به مخصوص سمجهاڻي نٿي ملي. ان جو رڳو اهو مطلب آهي ته نسبتن تمام وڏي مقدار. مثال طور هڪ عام ڪيمرا ۾ لامحدوديت جو مطلب ويهه ميٽرن جو مفاصلو ٿي سگهي ٿو.“
    ”ها؛“ ڪارلي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو: ”جيڪڏهن ائين ڏسجي ته پوءِ ڳالهيون آسان ٿي وينديون ۽ پوءِ اسان اهو قبول ڪري سگهون ٿا ته ڪنهن به شيءَ جي مقدار روشني جي رفتار جيتري ٿيڻ سان لامحدود ٿي ويندي آهي، جئين ذرڙي (ايٽم) جي مقابلي ۾ ڌرتي جي مقدار لامحدود آهي، پر ڪائنات جي ڀيٽ ۾ ڌرتي جي مقدار نه هوڻ برابر آهي.“
    ”زبردست؛“ راڪيش پرجوش انداز ۾ چيو: ”هاڻي اوهان ڳالهه سمجهي رهيا آهيو.“
    ڪارلي هن ڳالهه تي خوش ٿيو ۽ چيائين: ”ٺيڪ اڳتي.“
    ”هاڻي اچي ٿو سڀ کان اهم حصو؛“ راڪيش ڳالهه تي زور ڏيندي چيو: ”هن فارمولا جيڪو هن مهل تائين غلط ثابت نٿي سگهيو آهي، موجب جئين ئي ڪنهن به شيءَ جي رفتار روشني جي رفتار کان وڌي وڃي ٿي ته ان جي مقدار (ماس) جو تصور کان ٻاهر هليو، تنهن ڪري آئنسٽائين موجب ڪابه شيءَ روشني جي رفتار کان مٿي نٿي ٿي سگهي.“
    ”ته پوءِ اوهان جو نظريو ڇا آهي؟“ ڪارلي بيصبري منجهان پڇيو.
    ”منهنجي نظريئي موجب؛“ راڪيش پرسڪون انداز ۾ جواب ڏنو: ”ڪنهن به شيءَ جي مقدار (ماس) روشني جي رفتار کان تيز کانپوءِ تصور کان ٻاهر انڪري ٿيو وڃي جو اها وقت ۾ پٺيان سفر ڪرڻ لڳندي آهي.“
    ”پر اهو ته ممڪن ئي ناهي.“ ڪارلي اعتراض ڪندي چيو.
    ”سر هي شيءَ ممڪن آهي بس رڳو اوهان جو دماغ ان کي قبول ڪري، مونکي يقين آهي اوهين منهنجا حامي ٿيندا....“ هن چيو، راڪيش ۾ ماڻهن تي اثر انداز ٿيڻ واري قابليت هئي جنهن جو هن استعمال ڪيو.
    ”ڏسو آئون ڪجهه شرطن تي ئي اوهان سان گڏ هلڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ”مهرباني،“ راڪيش ٿورا مڃندي چيو: ”۽ پنهنجي موقف کي وڌيڪ اثرائتو ڪرڻ لاءِ آئون اهو چوندس ته جيڪڏهن ڪا شيءَ وقت ۾ پٺيان سفر ڪري ته ان جو مقدار ڪالهه هڪ حقيقت هئي، پر اڄ تصور کان ٻاهر.“
    ”جي بلڪل،“ ڪارلي چيو.
    ”اهو؛“ راڪيش مرڪي چيو: ”منهنجو پهريون نظريو آهي ۽ ان کان اڳ جو آئون پنهنجو ٻيو نظريو پيش ڪريان، ڇو نه پاڻ لنچ ڪريون، منکي بک لڳي آهي.“
    ماني پوري ڪرڻ تائين ڪارلي مڪمل طور مطمين ٿي چڪو هو ۽ راڪيش جي ”ٽائيم ٽريول ٿيوري“ (وقت ۾ سفر ڪرڻ وارو نظريو) جو پڪو حمائتي ٿي پيو. راڪيش ٿڌو شوڪارو ڀريو، ڇو جو سندس وقت ۾ پٺيان يعني حال کان ماضي ڏانهن وڃڻ وارن تجربن ڪارڻ هن ڪيترين ئي مشڪلن کي منهن ڏنو هو، جڏهن ته پيسن جي کوٽ سبب سندس مالي حالت به خراب ٿي چڪي هئي. هاڻي هو ڪارلي تي سمورو بار رکي رهيو هو ته جئين کيس ٽائيم مشين ٺاهڻ لاءِ پيسا ملي سگهن. ڪارلي هڪ تمام وڏو صعنتڪار هو، بجلي جي سامان کان ڪپڙي جون شيون وڪرو ڪرڻ سندس ڪاروبار ۾ شامل هيون، هو سرف، ميڪ اپ ۽ رٻڙ منجهان ٺهيل شين جو پڻ واپار ڪندو هو. تان جو سندس ڪاروبار ۽ سياسي واسطا هئا تنهن هوندي به ڪارلي گمنامي جي زندگي گذارڻ پسند ڪندو هو، ميل جول کان پاسو ڪري پاڻ بچايو هئائين ۽ عوام جي اڪثريت شايد ئي سندس نالي کان واقف هوندي.......
    ٻئي راڪيش جي آفيس ۾ موٽي اچي سڪون سان ويهي رهيا........
    ”هاڻي پاڻ ٻين نظريئي تي ڳالهايون.“ راڪيش چيو.
    ”جي،“ ڪارلي جواب ڏنو: ”آئون ته اهو وسري وئس ته اوهان وٽ هڪ کان وڌيڪ نظريا آهن، ڇا هي به پهرئين نظريئي جيترو ئي دلچسپ آهي؟“
    ”جي ذري گهٽ ايترو ئي؛“ راڪيش سنجيدگيءَ سان چيو: ”ٻين نظريئي جو دارومدار پهرئين نظريئي کي سمجهڻ تي هو.“
    ”ته پوءِ اهو به ٻڌڻ گهرجي،“ ڪارلي هن ڏانهن جهڪندي چيو.
    ”ٻيو نظريو تڏهن ئي اڳيان وڌندو؛“ راڪيش ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”جڏهن مونکي پڪ ٿي وڃي ته پهريون نظريو درست آهي، ٻين لفظن ۾ ته وقت ۾ پٺيان سفر ڪرڻ ممڪن آهي. مون اهڙا طريقا ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن سان اهو ممڪن ٿي سگهي ته ڪا شيءَ روشني جي رفتار کان به وڌيڪ تيز سفر ڪري سگهي.“
    ”موجوده دور جي راڪيٽن سان ته اهو ممڪن ناهي،“ ڪارلي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو، هو راڪيش جي جوشيلي انداز ۾ سمائجڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ”انهن ۾ مونکي ڪا به نظر نٿي اچي،“ راڪيش لاپرواهي منجهان چيو: ”موجوده راڪيٽن، ايٽمي قوت يا اهڙي ٻئي ڪنهن به مادي سان جيڪڏهن اوهان روشني جي رفتار جي ذري برابر به ويجها آيا ته نوبل انعام جا حقدار هوندا.“
    ”ته پوءِ؛“ ڪارلي چيو، سندس ڀرون اڀا ٿي ويا: ”اسان کي روشني جي رفتار کان اڳيان نڪرڻ لاءِ هڪ نئين ايجاد ڪرڻي پوندي.“
    ”گهڻي؛“ راڪيش جواب ڏنو: ”سوچ ويچار، تحقيقي ڪتاب پڙهڻ ۽ ماهرن سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿي ماري ڪرڻ کانپوءِ آئون ان نتجي تي پهتو آهيان ته روشني جي رفتار کان اڳيان نڪرڻ لاءِ اسان کي لرزش (وائبريشن) جو استعمال ڪرڻو پوندو.“
    ”لرزش (وائبريشن.....!!“ ڪارلي بييقيني منجهان اهو لفظ ورجايو.
    ”جي لرزش (وائبريشن).... ۽ ٻيو اهو ته لرزش (وائبريشن) پڻ حرڪت آهي ۽ لرزش (وائبريشن) دوران اوهان رفتار پيدا ڪندا آهيو.“
    ”پر.....پر......“ ڪارلي اعتراض ڪيو، پوءِ اڀري آيل خيالن کي ذهن منجهان تڙي ڪڍندي چيائين:
    ”لرزش (وائبريشن) ته حرڪت کي ساڪت رکڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي، ان کي رفتار ڪئين ٿو سڏي سگهجي؟“
    ”اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسان کي ان بابت سوچڻ ۾ ايترو وقت لڳي ويو،“ راڪيش آهه ڀريندي چيو: ”ته اها حرڪت کي ساڪت رکڻ لاءِ هوندي آهي، پر هاڻي اسان وٽ ان جو به حل آهي، جيڪو سالن کان موجود هو پر ان تي اسان جي نظر نه وئي.“
    ”ڪهڙو حل؟؟“ ڪارلي تجسس منجهان پڇيو.
    ”متبادل ڪرنٽ..... اوهان جي گهر ۾ استعمال ٿيندڙ عام اي سي جو پاور. ڇو جو اهو ساڪت رکڻ لاءِ هوندو آهي، پر ان جو اهو مطلب نه آهي اها ٻڙي (0) آهي ۽ ان کي نظرانداز ڪري ڇڏجي، اها 220 والٽ جو پورو پاور ڏيندي آهي.“
    ”زبردست،“ ڪارلي ٿڌو ساهه ڀريندي چيو، سندس اکيون چمڪڻ لڳيون: ”تمام بهترين.“
    ”مهرباني،“ راڪيش ڪنڌ لوڏيندي چيو: ”اسان هن نظريئي تي ڪم ڪيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن شيءَ کي پوري لرزش (وائبريشن) ڏيون ته اها ان جي وجود جي بقا لاءِ ڪافي هوندي ۽ پاڻ ئي وڌندي ايتري تائين جو اها روشني جي رفتار کان اڳيان نڪري وڃي. اسان ان تي به ڪم ڪيو آهي ته شروعاتي لرزش گهڻي هجڻ گهرجي، اها ڪٿان کان مٿي ٿيندي ۽ مٿي هلندي ويندي. هن عمل کي اسان وائبرٽري اسڪيپ ولياسٽي يا وي اي وي سڏيون ٿا.“
    ”۽ پوءِ؟“ ڪارلي ويتر تجسس منجهان پڇيو.
    ”۽ پوءِ اسان جي اڳيان هڪ مشڪل اچي وئي.“ راڪيش رنج منجهان چيو.
    ”مطلب اوهان جو ٻيو نظريو ڪارائتو نه آهي؟“ ڪارليءَ بييقيني منجهان پڇيو.
    ”نه....نه......هرگز نه..... منهنجو اهو مطلب نه هو،“ راڪيش پاڻ سنڀاليندي چيو: ”پر هي منهنجو آخري نظريو نه آهي، مون وٽ ٽيون نظريو پڻ آهي جيڪو هن مشڪل کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيو ويو، پر ان تي پوءِ ٿا ڳالهايون، پهريان آئون اوهان کي ان مشڪل جي باري ۾ ٻڌايان.“
    ”جي بلڪل،“ ڪارلي چيو هو پوري ڌيان سان ٻڌي رهيو هو.
    ”مشڪل اها آهي ته ماضي جو سفر ڪرڻ جو سائنسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ زنده، سوچ سمجهه رکندڙ انسان ماضي ۾ موڪلڻو پوندو.“
    ”ته....!!“ ڪارلي ڪلها لوڏيندي چيو.
    ”ته اهو، جڏهن اسان لرزشي رفتار موجب عام ڪمپيوٽر ۾ پنهنجي ڄاڻ وڌي ته اهو نتيجو سامهون آيو ته ڪا به زنده مخلوق هن سموري عمل ۾ بچي نه سگهندي...... منهنجي چوڻ جو مطلب آهي جيڪڏهن ڪنهن به انسان هن سموري عمل ۾ حصو ورتو ته اهو ٽڪرن ۾ ڦاٽي پوندو يا ڪنهن ٻي طريقي سان مري ويندو.“
    ”اڇا،“ ڪارلي ٿڌو شوڪارو ڀريندي چيو: ”ته پوءِ؟“
    ”ان کانپوءِ مون پنهنجي ٽين تجربي تي ڪم شروع ڪيو،“ راڪيش جواب ڏنو.
    ”۽ اهو ڇا آهي؟“ ڪارلي تجسس منجهان پڇيو، پر سڌي جواب ڏيڻ بدران راڪيش پيپر ويٽ کڻي سوال ڪيو:
    ”اوهان کي خبر آهي ته اوهان ۾ ۽ هن پيپر ويٽ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“ هڪ لمحي لاءِ ڪارلي خاموش رهيو ڄڻ اُتي هو ئي ڪونه.....!! ۽ پوءِ هڪ ساهي ۾ چيائين:
    ”مون ۾۽ پيپر ويٽ ۾.... مون ۾ ماس ۽ رت آهي، هي شيشو آهي، آئون زنده آهيان ۽ هي مئل آهي، آئون.......“
    ”ترسو.....ترسو......“ راڪيش کيس روڪيندي چيو: ”مون بنيادي فرق پڇيو.“
    ”ان منجهان اوهان جو ڇا مطلب آهي؟“ ڪارلي حيرت منجهان پڇيو.
    ”منهنجو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن سائنسي بنيادن تي ڏٺو وڃي ته اوهان اليڪٽرانس جيڪي نيوڪلي جي آس پاس ڦرن ٿا کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهيو، ٻين لفظن ۾ ڪجهه انگ اليڪٽرانس، پروٽانس ۽ نيوٽرانس جا، صحيح....!!“
    ڪارلي هن ڳالهه تي غور ڪيو، سندس سوچ ۽ سمجهه کي هن هڪ ڏينهن ۾ ڪيترا ئي دچڪا لڳي چڪا هئا، پر تنهن هوندي به هو پاڻ تي ضابطو ڪيو ويٺو رهيو.
    ”صحيح؛“ هن نيٺ قبوليو: ”بنيادي بور تي اوهان صحيح آهيو.“
    ”۽ اها ئي حقيقت هن پيپر ويٽ جي به آهي،“ هن ان کي ٽيبل تي ڦيريندي چيو: ”بنيادي طور تي هي به اليڪٽرانس، پروٽانس ۽ نيوٽرانس جي انگ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.“
    ”اوهان صحيح پيا چئو،“ ڪارلي چيو: ”ته پوءِ اصل فرق ڪٿي آهي؟ ڇو آئون زنده ۽ هي مئل آهي؟“
    ”هي ئي ته اصل نقطو آهي جنهن تي اسان خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي پوندا آهيون.“ راڪيش هٻڪندي چيو: ”اسان جي زندگيءَ جو دارومدار ڊي اين اي، آر اين آي ۽ ٻين ڪيترن اهڙين شين تي آهي، گهڻيون ته اهڙيون آهن جن کي اسان اڄ تائين سمجهي ئي نه سگهيا آهيون. پر اها حقيقت پنهنجي جاءَ تي آهي ته هڪ جاندار ۽ غير جاندار شيءَ ۾ ماليڪيولر ليول جو فرق هوندو آهي.“
    ”پوءِ؟“ ڪارلي شڪي انداز ۾ پڇيو.
    ”پوءِ منهنجو ٽيون نظريو عمل ۾ اچي ٿو، اهو هي آهي ته جيڪڏهن اسان ڪنهن جاندار جسم جي رڳو ايٽمڪ ليول کي لرزش (وائبريشن) تي آڻيون ته اهو روشني جي رفتار کي پار ڪري ويندو ۽ اهڙي جسم کي اسان مردو نٿا چئي سگهون.“ راڪيش چيو.
    ”پر ٽڪرن ۾ ڦاٽي پوڻ واري ڳالهه جو ڇا ڪنداسين؟“ ڪارلي ٻيهر فڪرمندي منجهان پڇيو.
    ”ڏسو جيڪڏهن سڀئي ايٽم هڪ ئي وقت ساڳي رفتار سان لرزش (وائبريشن) ۾ آندا وڃن ته ايٽم سندن جاءَ تان ڪونه ٿڙندا ۽ جسم مڪمل طور محفوظ رهندو.“ هي ڳالهه ڪندي راڪيش کي احساس ٿيو ته هنن لفظن دوران هو پنهنجو اعتماد وڃائي چڪو آهي.
    ”اوهان جو نظريو اعتماد جوڳيو ته آهي پر هي ڪنهن ٻي انسان لاءِ هڪ خطرناڪ حادثو پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو.“
    ”جي ها،“ راڪيش چيو: ”انهيءِ ڪري فيصلو ڪيو اٿم ته سڀ کان اول هي تجربو آئون پنهنجي ئي جسم مٿان ڪندس.“
    ”اوهان ڇا.....؟“ ڪارلي بييقيني منجهان چيو.
    ”ڇو جو، جيڪڏهن ڪو ٻيو ويو ته اسان کي اها خبر نه پئجي سگهندي ته مشين ڪم ڪري پئي يا نه؟“ راڪيش صفائي ڏيندي چيو.
    ”پر جيڪڏهن هي تجربو ناڪام ويو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“ ڪارلي ويتر تجسس منجهان پڇيو.
    ”ته پوءِ بهتر اهو رهندو ته ان جي نتيجن کي آئون پاڻ ئي منهن ڏيان مونکي ڪو به حق ناهي ته آئون ڪنهن جي زندگي پنهنجي بنا تصديق ٿيل تجربي جي ڪري خطري ۾ وجهان، ڇا مونکي اهڙو اختيار حاصل آهي؟“ راڪيش چيو. ڪارلي ڪو به جواب نه ڏنو پر کيس خبر هئي ته راڪيش رڳو ان ڪري پاڻ کي قرباني جو ٻڪرو پيو ڪري جو هن کي پڪ آهي ته سندس نظريا ڪامياب ويندا ۽ هو پنهنجو نالو تاريخ ۾ وقت جو سفر ڪندڙ پهريون انسان طور درج ڪرائڻ گهري ٿو. تان جو هن رٿا جي ناڪام ٿيڻ جا گهڻا ئي انديشا هئا، پر ڪارلي راڪيش جي جذبن تي پاڻي نٿي ڦيرڻ چاهيو، جيستائين ڪارلي ڄاتو ٿي راڪيش پنهنجي زندگي ڏيڻ لاءِ به تيار هو.
    ”اوهين صحيح پيا چئو،“ ڪارلي ڪنڌ ڌوڻيدي چيو: ”اوهان ئي هنن تجربن جي تصديق ڪرڻ وارا پهريان شخص هجڻ گهرجو. پر ماضي ۾ سفر ڪرڻ کانپوءِ واپس حال ۾ موٽڻ جو ڪهڙو رستو هوندو؟“
    ”اسان کي ڪرڻو رڳو اهو پوندو ته هن سموري عمل کي واپس ورائي ساڳي شڪل ۾ آڻي بيهاريون،“ راڪيش سمجهائيندي چيو: ”وقت جو مسافر، جيڪو هن ڪيس ۾ آئون آهيان، ڌيان سان مليل جاءَ جي نشاندهي ڪندو ۽ واپس ورڻ لاءِ اڳواٽ وقت مقرر ڪري ڇڏبو، مشين جو فني ماهر موٽرن کي پٺيان ڪري اصل حالت ۾ آڻيندو ته مسافر ماضي کان حال ۾ موٽي ايندو.“
    ”صحيح،“ ڪارلي هاڪاري ۾ مٿو لوڏيندي چيو: ”آئون سمجهان ٿو اوهان کي آر وي جي چڪاس لاءِ پڻ وقت مقرر ڪرڻو پوندو، جئين هر ڪلاڪ ٻن ۾ چڪاس ٿيندي رهي ۽ اسان ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهون.“
    هنن هن معاملي وڌيڪ ڪجهه دير ڳالهايو، جنهن کانپوءِ ڪارلي راڪيش کي بنا وياج جي ڏهه لک روپين جو قرض ڏيڻ جي حامي ڀري ته جئين هو وڌيڪ تجربا ڪري سگهي. ذهني هن پاڻ کي ڏهن لکن تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو. ٽن ڏينهن کانپوءِ راڪيش جي هٿ ۾ پيسا آيا ته هو وڌيڪ تجربا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو. هن جو جذبو انتها جي آخري حد تائين وڌيل هو، جڏهن ته هن جي هيٺان ڪم ڪندڙن هن خواب کي حقيقي روپ ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيا، تان جو سندن ڪم جي پرچار دنيا تائين پهچي وئي.
    وقت گذرندو رهيو..........
    آخرڪار ان وڏي ڏينهن جي صبح ٿي. ٽائيم مشين جي پهريون ڀيرو صحافين اڳيان چڪاس ٿي رهي هئي ۽ راڪيش پاڻ ئي ان ۾ وهڻ وارو هو. تان جو هر ڪنهن کيس اها صلاح ڏني ته هي تجربو اول ڪنهن جانور تي ڪري ڏسجي، پر هن نه مڃيو..... ليباٽري صحافين، فوٽو گرافرن، ۽ ٽي وي وارن جنهن هندوستاني توڙي ٻين ملڪن جا صحافي هئا، سان ڀرجي وئي. ڪارلي ۽ راڪيش جي زال اڳئين صف بيٺل هئا، هنن کانسواءِ ڪنهن کي به اندر اچڻ جي اجازت نه هئي، سندن چهرن تي پريشاني صاف ڇلڪي رهي هئي، راڪيش جي زال پريشاني ڪارڻ ننهن کي چڪ هڻڻ لڳي، تنهن هوندي به ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ منهن تي مصنوي مرڪ سجايو بيٺي هئي. جئين ئي راڪيش اليڪٽرڪ ڪرسي تي ويٺو ته ڪيمرائن جا فليش ٻرڻ لڳا. تان جو اي سي هلي رهي هئي پر وڏين لائيٽن سبب هر ڪو پگهرجي چڪو هو. راڪيش خاموشي سان چپن ۾ ڪا دعا پڙهي ۽ پوءِ وڏي واکي سامهون رکيل مائيڪن ۾ چيائين:
    ”آئون تيار آهيان، هلو.“ سندس چيف اسسٽنٽ هڪ بٽڻ دٻايو ته ڪمري ۾ هڪ عجيب آواز اڀريو، اها ڪرسي جنهن تي راڪيش ويٺل هو ۾ هلڪي هلڪي لرزش (وائبريشن) پيدا ٿيڻ لڳي، ٿوري دير ۾ ڪرسي رفتار پڪڙڻ لڳي جنهن سان آواز پڻ وڌي ويو، جيڪو ڪميرائن ۽ وقفي وقفي سان ٿيندڙ هلڪڙي گفتگو ۾ ملي ٿي ويو، جئين ئي لرزش (وائبريشن) ٿيڻ لڳي ته راڪيش جي زال دعا پڙهڻ شروع ڪئي، ڪارلي جي مرڪندڙ چهري تي پريشاني جا آثار ظاهر ٿيڻ لڳا، ڪنهن کي به خبر نه هئي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي. موٽرن جو آواز هڪ رڙ بڻجي ختم ٿي ويو، مشين جو ٻاهريون حصو ڌندلو ٿي ويو ۽ راڪيش جي سڃاڻپ ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. هڪ منٽ اندر بنا ڪنهن آگاهي جي راڪيش اوچتو غائب ٿي ويو، ان کان اڳ جو ڪير ڪجهه ڪري سگهي مشين پڻ غائب ٿي وئي.
    ليباٽري ۾ گڏ ٿيل هجوم ان جاءَ کي جتي ڪجهه گهڙيون اڳ مشين پيل هئي کي تجسس ۾ تڪڻ لڳو. جئين ئي راڪيش جي زال سڏڪو ڀريو ته هڪ عورت وڏي واکي رڙ ڪئي، ڪارلي آهون ڀريندو رهيو..........
    اهو صاف ظاهر هو ته راڪيش جي زال ۽ ڪارلي جي دماغ ۾ ساڳيو خيال هڪ ئي وقت اڀريو هو، هڪ اهڙو خيال جنهن راڪيش جي زال کي سڏڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. ٻنهي اهو اندازو لڳائي ورتو هو ته مشين جي غائب ٿيڻ سان راڪيش ماضي ۾ ڦاسي پوندو ۽ ڪنهن به حال ڏانهن نه موٽي سگهندو.
    پر......، ڪارلي حيرت منجهان سوچڻ لڳو: راڪيش شرما هن وقت تائين ڪيترو پٺيان سفر ڪري ويو هوندو؟ جيڪڏهن هو 30 سالن کان گهٽ واري عرصي ۾ پهتو هوندو (جيڪا مشڪل سان راڪيش جي عمر هوندي، يا جنهن جو اندازو ڪارلي ڪيو هو) ته ڇا هاڻي ماضي ۾ ٻه راڪيش نه هوندا....!! هڪ اهو جنهن حال کان ماضي ۾ سفر ڪيو آهي، ۽ ٻيو اهو راڪيش شرما جيڪو حقيقت ۾ اُتي موجود هوندو. تاريخ يا سماج هن مسئلي کي ڪهڙي نظر سان ڏسندو ۽ ڪئين حل ڪندو؟؟ ڪارلي کي انهن سوالن جو ڪو به جواب نه مليو. پر قدرت وٽ هنن مسئلن کي حل ڪرڻ جو الڳ حساب ڪتاب آهي. راڪيش شرما وقت ۽ سندس موجده عمر کان پٺيان جو سفر ڪري ويو، هن ڌرتي جي ننڍڙي ايراضي جو پڻ سفر ڪيو.......

    32 سال اڳ ۾.....

    ونود شرما بي صبري سان هيٺ مٿي هلي رهيو آهي.
    هن بند دروازي پٺيان ڇا ٿي رهيو آهي.....؟؟ هن سوچيو، تان جو دائي کيس يقين ڏياري وئي ته سڀ ٺيڪ ۽ ويم نارمل آهي، پر تنهن هوندي به شرما فڪرمند آهي. ڇو جو هي سندس پهريون ٻار آهي ۽ جنگ جي ڪارڻ شهر ۾ ڪوبه ڊاڪٽر يا نرس موجود ناهي. اوچتو هڪ آواز خاموشي کي ٽوڙيو ته شرما جي دل جو ڌڙڪو بهجي ويو، هن هلڻ بند ڪيو ۽ برف جيان ڄمي ويو، فڪرمندي ۾ بيترتيب سوچون اينديون رهئس، هو ڪيتري ئي دير ائين بيٺو رهيو، کيس ڪو به اندازو نه هو ته ڇا ٿيو. هڪ لمحي کانپوءِ در کليو ۽ دائي مرڪندڙ چهري سان ٻاهر نڪتي.
    ”صاحب مبارکون هجن،“ هن وڏي واکي چيو: ”اوهان کي جاڙا پٽ ڄاوا آهن.“
    ٽن ڏينهن کانپوءِ، جيڏي مهل شرما جي زال وهنجي رهي هئي، اوچيو جادوئي طور هڪ ڀڳل ۽ مڙيل ڪرسي جهڙي ڪا شيءَ ان بيڊ مٿان اچي ڪري جنهن تي اهي جاڙا ٻار سُتل هئا. ان جي وزني لوهه هيٺان اچي هڪ ٻار مري ويو. آخر اها ڪرسي ڪٿان آئي..... ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڪنهن کي به نه ملي سگهي. نيٺ ڏکايل جوڙي پنهنجو ڏک وساري هڪ ئي پٽ کي قبول ڪري ورتو ۽ کيس سندس پيءَ جي پياري چاچي پٺيان ”راڪيش“ نالو ڏنو ويو.


    ليزر ديوتا جا ٻار

    ايسڊ ليڪ سٽي جي ڏکڻ اُڀر طرف، هڪلو علائقو جتي ڪيڪٽس ۽ جابلو پٿر ٽٽل نظر ايندا آهن. هن علائقي ۾ جيڪڏهن ڪو نئون ماڻهو ايندو آهي ته اهو سوچڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ته هو واقعي ڌرتي تي گهمي رهيو آهي يا چنڊ يا وري ٻئي ڪنهن سياري تي اچي ويو آهي.
    سج لهي رهيو هو ۽ ڪاري بادل گڏ ٿي طوفاني برسات کي دعوات ڏئي رهيا هئا، هوا جو تيز جهوٽو هنن کي اڳيان ڌڪيو ٿي ويو، علائقي مٿان آسمان ڪارو ۽ خوفناڪ ٿيندو ٿي ويو، جڏهن ته مٽي هوا ۾ ائين ٿي اڏامي ڄڻ ڪي شيطان ان سان راند ڪندا هجن. هي سڌو سڌو ڊينٽي جي انفيرنو ۾ ڪيل منظرڪشي جهڙو ئي منظر هو، جنهن ۾ پري پري تائين انسان ذات نظر نٿي آئي..... هي مڪمل منظرڪشي هئي، اسٽيج لڳي چڪو هو ۽ جبلن ۾ لڪل هڪ اونهي غار ڌيان جو مرڪز بڻيل هئي.
    شروع شروع ۾ ته هو هڪ ۽ ٻن ۾ ٿي آيا، پر پوءِ ڏهن ۽ ويهن ۾، آخر هو سون جي انگ ۾ اچڻ لڳا، ائين ڄڻ ڪنهن مها ٻوڏ ۾ ڪا وڏي طوفاني لهر. انهن ننڍا، وڏا، جوان، پوڙها، هٿن ۾ تازا ڄاول ٻار، کير پيندڙ به ته نوجوان به.... اڇا توڙي ڪارا، پيلا، ڳاڙها توڙي ناسي سڀ شامل هئا. هنن هوريان پاڻ ۾ ڳالهايو ٿي، ڪي خوش هئا، ته خوفزدا، ڪن جي من ۾ وري تجسس ڀريل. هو سامان سان گڏ اڳيان وڌڻ لڳا، مو پاڻ سان گڏ بچاءُ وارا ٿيلها کڻي نڪتا هئا. برسات جي ڪڻ ڪڻ ٻوڏ بڻجي وئي ۽ پوءِ ٻوڏ وري ڪڻ ڪڻ بڻجي وئي. جئين ئي سندن آخر ساٿي غار ۾ اندر آيو ته لوهه جو ٿلهو مضبوط در پاڻمرادو هيٺ اچي هوا جي زور تي بند ٿي ويو، ان در جو اڳيون حصو مڪمل طور وڏن پٿرن سان ڍڪجي ويو. ان جي پٺيان موجود هجوم اڳيان هلڻ شروع ڪيو، جئين جئين سوڙهي ۽ ويڪري ٿي ٿي ته سندن هلڻ جي رفتار به تکي ۽ ڍري ٿيو پي وئي، هو هلندي هلندي ڌرتيءَ جي پيٽ تائين وڃي پهتا. نيٺ هو هڪ ايڏي وڏي ڪمري ۾ پهتا جنهن جون ڀتيون ۽ ڇت ظاهر ئي نٿي ٿي، تان جو هر پنجن ميٽرن جي مفاصلي تي روشني هئي.
    هو پهچي ويا هئا......
    ننڍڙين ٽولين ۾ بيهي هو هوريان ڳالهائيندا رهيا، سندن گڏيل آواز ڪنهن اڻڄاڻ ڪناري سان ٽڪرائنجندڙ وڏي سامونڊي ڇولي جيان ٿي لڳو. اوچتو روشني گم ٿي وئي ۽ انڌيري ۾ چوطرف سائيون، ڳارهيون ۽ نيريون ليزر لائٽون ظاهر ٿي ويون، اهو ڏسي هر طرف خاموشي پکڙجي وئي، رڳو هزارين انسانن جي ساهن جو تيز وهڪرو ۽ پوءِ هڪ تجلي آئي ته هجوم فرش تي ڪري پيو، هر ڪو گڏن تي ويهي، نظرون جهڪائي ڇڏيون، سندن دل تيزي سان ڌڙڪي رهيا هئا، ڪافي ته اهڙا پڻ هئا جن جو سينو تجسس جي ڪري ڦاٽي رهيو هو.
    ديوتا ڳالهايو:
    ”منهنجا ٻارو،“ سندس آواز اونداهي ڪمري جي ڀتين سان لڳي پڙاڏو پيدا ڪرڻ لڳو: ”اوهان ڄاڻيو ٿا ته اڄ اسان هتي پنهنجي زندگي جي سڀ کان اهم مهم لاءِ گڏ ٿيا آهيون، جيڪو اسان جي هجڻ جو سبب آهي، اها مهان ڪارڻ جنهن جي ڪري اسان هي روپ ورتو. مهرباني ڪري مٿي اٿو ۽ پاڻ کي سڪون ۾ محسوس ڪريو. هن مهم کي پورو ڪرڻ لاءِ اوهان جو مڪمل ڌيان گهرجي، ۽ جيستائين اوهان جو جسم سڪون ۾ نه هوندو اهو ممڪن ناهي ۽ پوءِ اسان جي ناڪمي جو امڪان وڌي ويندو.“
    سندس لفظن تي جماعت اڀي ٿي ۽ مختلف جايون ورتن، ڪي بيهي رهيا، ڪي پلٿي هڻي ويٺا ته ڪي وري گوڏن تي ويٺا رهيا.
    ”ها هاڻي صحيح آهي،“ ديوتا چيو، ان کانپوءِ هن سخت لهجي ۾ ڳالهائيندي چيو: ”اڄ اسان هتي ان لاءِ گڏ ٿيا آهيون هاڻي کان پاڻ کي حق ۽ سچ جي تلوار بڻائي سگهون، دنيا ۾ گناهگار ۽ ڪافر وڌي رهيا آهن، ڌرتي تي دهشت جو راڄ پيو هلي، انسانن جو قتل عام ڳالهه ٿي چڪي آهي، هر هنڌ ڦر لٽ، جهيڙا فساد ٿي رهيا آهن، رشوتخوري کي عام ڳالهه سمجهيو وڃي ٿو، ايڊس باهه جيان پکڙجي رهي آهي، دهشتگرد بم ڌماڪن سان مزلومن کي اڏايو جڏئين، شراب نوشي جي ڪري ڪيترا حادثا ٿي رهيا آهن، ڪو به پنهنجي حصي جو ڪم نٿو ڪرڻ چاهي، پر هر ڪنهن کي عيش ۽ عشرت واري زندگي گهرجي.... وقت اچي ويو آهي منهنجا ٻارو... وقت اچي ويو آهي....“ هر لفظ سان سندس آواز تيز ٿيندو ٿي ويو تان جو هن آخري جملو رڙ ڪندي ڳالهايو. هن هڪ گهڙي لاءِ ڳالهائڻ بس ڪيو ته سموري جماعت چوڻ لڳي:
    ”وقت اچي ويو آهي، وقت اچي ويو آهي، وقت اچي ويو آهي.... اسان ليزر ديوتا جا ٻار انهن تي فتح ماڻينداسين ۽ کين برباد ڪري ڇڏينداسين..... وقت اچي ويو آهي.... وقت اچي ويو آهي....“ سندس آواز ۾ جوش ۽ ولولو هو، جئين جئين سندن آواز وڌندو ويو ته هڪ مخصوص آواز سندن نڙي منجهان جنم ورتو، جنهن جو پڙاڏو هر ڪن جي پردي سان ٿي لڳو، اهو آواز خوف تاري ڪندڙ هو. هجوم جون اکين بند هيون ۽ سندن چهرن منجهان ڪاوڙ ۽ نفرت جا جذبا صاف ڏسڻ ۾ ٿي آيا، ائين ڄڻ شيطان سندن جسمن ۾ داخل ٿي ويو هجي. ليزر جي روشني جيڪا ديوتا جي موجود هجڻ جو احساس ڏياري رهي هئي تيز ٿي وئي ۽ جئين جئين آواز جي شدت وڌي ته ان منجهان نئين ليزرن جنم ورتو، انهن جي شدت ايتري وڌي وئي ڄڻ هي ڪو تمام وڏو آتشفشان هجي، نيئن روشني اڳ موجود روشني ۾ گم ٿيڻ بدران ڇت جي هڪ مخصوص حصي سان ٽڪرائجڻ لڳي، ان منجهان اهو تاثر ٿي مليو ڄڻ تمام وڏا موتي چمڪندا هجن، هريان اهي موتي لرزش ڪرڻ لڳا ۽ آواز سان گڏ سندن رفتار پڻ وڌڻ لڳي، ان جي نتيجي ۾ طاقتور شعائن جنم ورتو جن ڌرتي جي تيهه کي لوڏي وڌو.
    تمام پري هڪ ٻئي غار ۾، هڪ اهڙي غار جيڪا سندس ٻارن جي تصور ۾ به نه هئي، ان ۾ ديوتا پنهنجي مخصوص ٽولو سان ويٺو هو، ان وقت هن کانسواءِ ٻيا به پنج ڄڻا هئا. هو پاڻ هڪ نفسياتي ماهر ۽ پشيور جادوگر هو. قد جو ڊگهو، سهڻو، جسم ۾ تندرست، ۽ وڏا ڪارا وار، وڏي گهاٽي ڏاڙهي ۽ وڏيون ٻاهر نڪتل اکيون هوس. هن سان گڏ هڪ جيولاجسٽ (ڌرتي جي علم جو ماهر)، هڪ فزڪس جو ماهر، هڪ اليڪٽرانڪ انجنئر ۽ هڪ ريٽائرڊ فوجي افسر ويٺل هو، ۽ هڪ ڪمپيوٽر جو ماهر جيڪي انهن ڏينهن ۾ تمام گهٽ هئا، اهو شخص هارڊ وئير توڙي سافٽ وئير ٻنهي جو ماهر هو. هن منجهان هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم جو ماهر هو پر هو سندن نجي يا پشيور زندکي کان بيزار ٿي چڪا هئا، ۽ ذهني طور بيمار ٿي چڪا هئا، اهو ئي ڪارڻ هو جو هنن پاڻ کي هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي حڪومتون دنيا ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن ۽ اهو ڪم هن پنهنجي ڪلهي تي رکيو، هن فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته ڌرتي تان انسانذات کي ختم ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ هن وٽ هڪ مڪمل منصوبو تيار هو، اهو هي ته هڪ سپرپاور ڊيمونيا کي پنهنجو ماتحت ڪري ٻئي سپر پاور هيلوينيا تي حملو ڪرائڻ جنهن کانپوءِ سموري دنيا ۾ جنگون لڳي وينديون. ان لاءِ هن بائبل جي ٻوڏ سان تباهي آڻڻ بدران هن ليزر جو استعمال ڪرڻ ٿي چاهيو.
    ٻه ڪيري1 ايڪس ايم پي_240 وارا سپر ڪمپيوٽر جيڪي هڪ سال اڳ هنن چورايا هئا، هڪ ڪنڊ ۾ سموري ڊيٽا، ڪي بورڊن، اسڪرينن ۽ ٻئي سامان سميت پيل هئا، اهي ڪمپيوٽر لڳيتو 300 ڏينهن کان هلي رهيا هئا جن جي مدد سان هو ڪيترا ئي مشڪل مسئلا حل ڪري ويا هئا. اهي حل سندن ئي مفرضا هئا، پر انهي کانسواءِ هنن وٽ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. اهو ڄاڻڻ ته زمين جي مختلف تيهن تي ليزر ڪئين اثر ڪندو تمام ڏکيو ڪم هو، پر ان جو نتيجو ئي ته سندن اصل ڪاميابي هئي، جنهن لاءِ هنن ڪيترين ئي شين تي غور ويچار ڪري مختلف پٿرن جا قسم ۽ ان جي بناوٽ کي ڄاڻڻ جي ڪشش ڪئي، هي ڪم ذري گهٽ ناممڪن هو، پر هنن آخر ناممڪن کي ممڪن ڪري وڌو.
    هڪ وڏي سائي اسڪرين، جيڪا هنن جي سامهون لڳل هئي تي روشني ٿي ۽ ديوتا ڳالهايو:
    ”ڇا اوهان کي يقين آهي ته هي ٻارهان آءِ سي بي ايم اسان جو مقصد پورو ڪندا؟“ سندس لهجي ۾ اڻتڻ هن جي ٻڌندڙن لاءِ اوپري هئي.
    مونکي لڳي ٿو هو تمام گهڻو پريشان آهي.... جرنل سوچيو ۽ پوءِ وڏي واکي چيائين: ”اي ديوتا انهن جي ناڪامي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿي، هنن راڪيٽن کي خاص مقصد لاءِ چونڊيو ويو آهي. هي جديد ايم آءِ آر وي آءِ سي بي ايم آهن، هر هڪ 12 کان 16 بم کڻي سگهي ٿو، هر منهن هڪ هائڊروجن بم پيل آهي جيڪو الڳ الڳ هنڌ تي وڃي ڪرندو. هي پاڻمرادو دشمن جي ريڊارن کي بند ڪري ڇڏيندا ۽ پنهنجي نشانن تي وڃي ڪرندا. هنن منجهان ڏهه فصد کي به نه ته پنهنجي نشاني کان موڙي ٿو سگهجي نه ئي وري تباهه ڪري سگهجي ٿو. هيلوانين کي رڳو اها خبر پوندي ته راڪيٽ نڪري چڪا آهن ۽ هو جنگ ڪرڻ تي مجبوري ٿي ويندا.“
    ”ڇا اوهان کي يقين آهي ته هي سڀ اڏامندا؟“ هڪ ڀيرو ٻيهر سندس آواز ۾ بييقيني هئي.
    ”جي بلڪل،“ جرنل اعتماد سان جواب ڏنو. هنن ڪيتري عرصي تائين ڏينهن رات هڪ ڪري سپرڪميوٽرن تي ڪم ڪيو هو ۽ اڃا به هو سندن اعتبار نپيو ڪري، تنهن هوندي به هن نرم لهجي ۾ چيو:
    ”اسان جو هي سڄو منصوبو ايترو ته ڏکيو آهي جو ڪير به ان کي چوري نه ڪري سگهندو، ٻيو اهو ته راڪيٽ ڇڏڻ جو حڪم رڳو صدر صاحب کان ئي ورتو ويندو، جنهن کي تصديق ڪرڻ لاءِ هڪ الڳ نظام آهي، سندس آواز کي آپٽيڪل اسڪين هيٺ رکيو ويندو. هن اسڪين دوران هڪ مشين صدر صاحب جي اک جو جائزو وٺندي، هي عمل به انساني هٿن جا نشان پرکڻ جيترو ئي نرالو آهي، جئين ان ڳالهه جي پڪ ٿي سهگي ته حڪم ڏيڻ وارو صدر صاحب پاڻ ئي آهي نڪي ٻيو ڪو سندس همشڪل. تصديق ٿيڻ کانپوءِ حڪم اُتي پهچايو ويندو جتي راڪيٽ فٽ ٿيل آهن، انهن هنڌن تي بيٺل ٻه ٻه مخلتف آفسر پيغام کي ڪوڊن وسيلي چڪاسيندا، هي ڪوڊ فلحا سيل ٿيل آهن. جيڪڏهن سڀ ٺيڪ ويو ته پوءِ هي حڪم هر راڪيٽ ۾ ڪمپيوٽر جي مدد سان الڳ الڳ لوڊ ڪيو ويندو. ان کانپوءِ ٻه افسر ڪنٽينرن منجهان ٻه چاٻيون ڪڍي ڪنسول ۾ هڪ ئي وقت هڻندا، صرف تڏهن ئي حملي ڪري سگهبو. ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ته هڪ ئي شخص ٻئي چاٻيون ڦيرندو اسان چاٻي جي سوراخن کي هڪ ٻئي کان رڳو ٽن ميٽرن جي فاصلي تي رکيو آهي.“
    جرنل جي هي سموري تقرير رڳو وقت جي خال کي ڀرڻ لاءِ هئي، ڇو جو اُتي ويٺل هر شخص کي هن منصوبي جي مڪمل ڄاڻ هئي، تان جو هو ظاهري طور خود اعتمادي ڏيکاري رهيا هئا پر سڀ من اندر ۾ خوفزده ان ڪري خاموشي سان اسڪرين کي تڪڻ لڳا.
    ”جئين ته هن سموري منصوبي کي دورائڻ ڏکيو ٿي پوندو، ان ڪري پاڻ شين کي ڪٽيندا ٿا هلون،“ جرنل چيو: ”هي جيڪي شعائون اوهان ڏسي رهيا آهيو اهي لڳ ڀڳ 100 ميلن جي ايراضي تائين پنهنجو اثر ڇڏينديون. ان جي اثر هيٺ ايندڙ علائقن ۾ اڳ ئي 12 آءِ سي بي ايم ميزائيل رکي ڇڏيا آهن، اهو ئي سبب آهي جو اسان هي علائقو چونڊيو. ڊومنيا ۾ ٻيو ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي هي ميزائيل حفاظت سان رکي سگهجن. اها اسان جي خوشقسمتي آهي جو خوف، ڌمڪي، لالچ ۽ چوري جهڙا هٿيار استعمال ڪري اسان اها ڄاڻ حاصل ڪري چڪا آهيون ته هنن جا ميزائيل ڪٿي لڪل آهن.“
    جئين اوچتو اسڪرين تي اڇاڻ ٿيڻ لڳي ته جرنل ڳالهائڻ بس ڪيو، هڪ خاموش ساهه جو آواز جنهن سبب هي ٽولو حيرت ۾ پئجي ويو تان جو ديوتا پاڻ به اڳيان جهڪي ويٺو. جرنل ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪيو: ”اسان جي هي ٽڪنالاجي جنهن جي لاءِ اسان کي ٻه سپر ڪمپيوٽر چورائڻا پيا ۽ هڪ سال محنت ڪرڻي پئي آهي، پاڻمرادو ٽارگيٽ علائَقي ۾ اليڪٽروميگنٽڪ شعائن کي ناڪارا ڪري ڇڏيندي. هو زمين ۾ لڪل تارن (ڪيبلس) کي پڻ ناڪارا ڪري ڇڏيندي جنهن ڪارڻ رابطي جا ذريعي جهڙو ڪر ريڊيو وغيره بند ٿي ويندا. ان کانپوءِ جلد ئي اسان ٻيون شعائون ڇڏينداسين جيڪي ڪمپيوٽرن کي ڪنٽرول ڪنديون ته جئين اسان آ3 سي بي ايم ڇوڙي سگهون، هڪ دفعو اهو ٿي ويو ته ميزائيل پاڻمرادو حملو ڪري ڏيندا ۽.....“ هن جو آواز خاموشي ۾ گم ٿي ويو. وڏي اسڪرين تي اڇاڻ ٿي وئي، هر ڪنهن جي دل جو ڌڙڪو وڌي ويو.
    رياست ڊومينا جي ڪپتان ڊلاني کي يقين ئي نٿي آيو ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، هو تيهه خاني ۾ بيهي آءِ سي بي ايم ميزائيلن جي چڪاس وارو ڪم ڪري رهيو هو، جيڪو سندس ڊيوٽي جو حصو هو، اوچتو ڳاڙهيون بتيون ٻرڻ لڳيون ۽ الرام وڄڻ لڳا. هن ڄاڻي ورتو ته ڪا ايمرجنسي آهي. پر ڊلاني آرام سان ڊرل واري حصي ڏانهن ويو، کيس اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي مشق ٿيل هئي. هي سندن ڦڙتي کي جاچڻ جو هڪ ٻيو طريقو آهي. هن سوچيو، اهڙا اوچتا سڏ رڳو ان لاءِ اها ته ڏسي سگهجي ته ڊلاني ۽ سندس همراهه چوڪس آهن. هن وقت هنن هر امتحان آساني سان پاس ڪيو هو ۽ ڪپتان کي پورو اعتماد هو ته هن ڀيري به هو پاس ٿيندا، پنجن منٽن ۾ هو ان حصي ۾ پهتو ته سندس سموري خوداعتماد ختم ٿي وئي، سندس ريڊيو ۽ ٻه الڳ لائنون جيڪي زمين هيٺان هيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هاڻي هو ٻيو ڪنهن سان به رابطو نٿي ڪري سگهيو. هن موجب هي هڪ اڻٿيڻي ڳالهه هئي، پر ان جي کيس پريشاني به ڪونه هئي، جيڪا ڳالهه کيس لوڏي وئي اها هي ته تان جو نه هن نڪو وري سندس همراهن ڪنهن بٽڻ کي هٿ هنيو هو تنهن هوندي به ميزائيل چالو ٿي چڪا هئا. جئين ئي الرام وڳو ته هن ان جي ذريعي کي ڏٺو ۽ ڄاتو ته هي سگنل لاڪنگ سسٽم کان ٿي آيو. انهن جي چڪاس ڪرڻ تي هو وائڙو ٿي ويو، اهي ڪنهن بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڪمپيوٽر وسيلي ڪم ڪندڙ سسٽم پڻ چالو ٿي ويو هو. هن هڪدم ڪنٽينرن ۾ پيل سيل ٿيل چاٻين جي چڪاس ڪئي، انهن کي ڪنهن هٿ به هنيو هو، ڪپتان سندس همراهن ڏانهن ڀڳو پر هو به سندس ڪنهن قسم جي مدد نٿي ڪري سگهيا، هو به ايترا ئي پريشان هئا جيترو سندن ڪپتان، هن ڪم ڪرڻ جي معياري اصولن تي هلندي هيڊڪواٽر سان ربطو ڪرڻ جي ڪئي پر ناڪام ويو، بي اعتباري ۾ هن سڀ سسٽم بند ڪيا پر انهن جو به ڪو فائدو نه ٿئس.
    ميزائيلن مٿان وڏي ڇت هوريان هوريان کلڻ لڳي ۽ پهريون راڪيٽ حملي جي جاءَ تي اچي ويو. جئين گهنٽي وڃڻ شروع ڪيو ته ڊلاني ۽ سندس ساٿي ڇپرن هيٺان اچي لڪيا.
    100 ميلن جي مفاصلي تي بيٺل جبل ايش تي چانڊوڪي ٿي ڪري، پر اها هڪ دوڪو ڏيندڙ سڪون هو، ڇو جو جبل جي هيٺام ڇاوڻي هئي. هيڊڪواٽر وارا پڻ هن اڻٿيڻي ڳالهه تي حيران ۽ پريشان هئا. سالن کان هلندڙ آرامي ڊسيپلن ختم ٿي رهيو هو ۽ ڀڄ ڊڪ مچڻ واري هئي. هيڊ ڪواٽر به هاءِ الرٽ ٿي چڪو هو.
    ڳاڙهي فون تي جرنل، هن ڊومنيا جي صدر جيڪو هن آريشن جو چيف ڪمانڊر هو، سان ڳالهائڻ لڳو.
    ”سر آئون ڄاڻيا ٿو اهو ناممڪن آهي،“ هن پنهنجي لهجي کي نرم کان نرم رکڻ جي ڪوشش ڪندي چيو: ”پر اها به حقيقت آهي اسان جو ٻارهن ئي اسٽيشنن سان مڪمل رابطو ڪٽجي چڪو آهي، هاڻي رڳو فائيبر گلاس يا آپٽيڪل ليزر جو استعمال ئي ڪرڻو پوندو، هي آٽوميٽڪ سسٽم آهي جيڪ خاص جنگي حالتن لاءِ تيار ڪيل آهي، افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته ان سان رڳو اسان هڪ طرف کان ئي رابطو ڪري سگهون ٿا، ۽ اهو اسان هيڊڪواٽر وارن کي صرف اهو ٻڌائي سگهي ٿو ته ميزائيل هن وقت ڪهڙي پوزيشن ۾ آهن.“
    ”جرنل ڇا اهو ممڪن ناهي ته تون رابطي جو اهو آخري ذريعو استعمال ڪري خبر وٺ ته ڇا ٿي رهيو آهي؟“ صدر هوريان پر سخت لهجي ۾ پڇيو.
    ”نه سر اهو نٿو ٿي سگهي،“ جرنل پختگي سان چيو: ”اسان وجهي ڇاڻي جنهن سان اڃا به رابطي ۾ آهيون، منجهان هيليڪاپٽر ۽ جيپون موڪلي ڇڏيون آهن، ڊيوٽي تي حاضر سينئر ترين ماڻهن کي ميزائلن ڏانهن روانو ڪيو آهي.“
    ”ڇا هو وقت ۾ اتي پهچي ويندا؟“ صدر پهچي، هن سڌي سوال تي جرنل خاموش ٿي ويو، جڏهن هن ٻيهر ڳالهايو ته سندس لهجي ۾ هٻڪ پيدا ٿي. ڊيوٽي جي طويل عرصي دوران هن ڪڏهن به هن قسم جي خطري کي منهن ڪونه ڏنو هو ۽ چيائين:
    ”آخري اطلاع موجب سڀ راڪيٽ اڏام ڀرڻ لاءِ تيار آهن ۽ جيڪڏهن هي ڄاڻ درست آهي ته اهي پنجن منٽن اندر اڏام ڀريندا. ٻي طرف پهرئين هيليڪاپٽر کي ويجهي ميزائيل تائين اڌ ڪلاڪ، جڏهن ته جيپ کي پنجيتاليهه منٽ لڳندا.“
    ”ڇا اوهان هيڊڪواٽر کان انهن ميزائيلن کي تباهه نٿا ڪري سگهو؟“ صدر جو لهجو ٿڌو ٿي ويو هو.
    ”سر هنن سان جڙيل هر نيوڪلير بم آن ٿي ويندو،“ جرنل چيو ته صدر ڪاوڙ منجهان چئس:
    ”جرنل منهنجي سوال جو جواب ڏئي.“
    ”نه صدر صاحب، انهن کي تباهه ڪرڻ لاءِ ميزائيلن جي رينج هجڻ ضروري آهي.“ جرنل جواب ڏنو.
    ”هي ميزائيل 35 منٽن ۾ نشانن سان وڃي لڳندا، ڇا اهو سچ آهي؟“ صدر پڇيو.
    ”جي سر ٻه چار منٽ هيٺ مٿي،“ جرنل جواب ڏنو ته صدر ڪاوڙ منجهان فون رکي ڇڏي، هڪ لمحي لاءِ خاموش ويهي هن ذهني سڪون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ ڊفينس سيڪريٽري سان رابطو ڪرڻ لڳو، ان دوران هن سندس هيلوانيا جي نمائندي جي اول روم ۾ اچڻ جو حڪم ڏنو. هيلوانيا ۽ ڊومينا وچ ڪجهه وقت لاءِ رابطا بحال ٿيل هئا.
    ”سيڪريٽري جنرل صاحب آئون اوهان کي يقين ڏياريان ٿو،“ ڊومينا جي صدر جي لهجي ۾ ندامت جو احساس هو: ”هي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي ان کان اسان اڻواقف آهيون.“ هي ڳالهه ڪنهن دشمن آڏو قبولڻ ڏکي هئي، پر وقت جي نزاڪت کي سامهون رکندي صدر اهو چئي ڏنو. جئين ئي ترجمونگار ترجمو پورو ڪيو ته صدر ٻيهر ڳالهايو: ”اوهان پوري طرح ڄاڻيو ٿا ته اوهان جي امن واري ۽ دنيا کي هتيارن کان پاڪ ڪرڻ واري جنگ ۾ اسان اوهان جا ساٿياري آهيون، اهڙي صورت ۾ اوهان تي حملي ڪرڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿي.“ ان کان اڳ جو هن جملي جو ترجمو پورو تي سيڪريٽري جنرل سندس سخت لهجي ۾ ڳالهئڻ لڳو، تان جو اهي لفظ صدر لاءِ بي معني هئا پر سندس دماغ ۾ هن معاملي جي نزاڪت ڪارڻ خطري جي ڳاڙهي بتي ٻرڻ لڳي ۽ هو صحيح به هو جئين سندس ترجمانگار لفظن جي ترجمو ڪيو ته اهي سندس منهن تي چماٽ جيان لڳا.
    ”ميزائيلن کي هيٺان واري ڳالهه هڪ دوکو هئي، اسان جو اکيون بند ڪرڻ لاءِ اوهان انهن ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، اوهان جي حمايت مڪار تي ٻڌل هئي. مونکي پڪ آهي ته اسان کي ڪنهن به قسم جو خطرو نه آهي، جيڪڏهن هجي ها ته اوهان ڪڏهن به اسان کي آگاهه نه ڪريو ها. اوهان جي منافقي منجهان چڱي نموني واقف آهيون.“ سيڪريٽري تلخ لهجي ۾ چيو.
    ”نه...نه... اسان ڪوبه دوکو نه ڏنو آهي،“ صدر هلڪڙو احتجاج ڪيو: ”ڪٿي ڪا غلط فهمي ٿي آهي، اسين ڪنهن به قسم جي چالاڪي نه پيا ڪريون.“
    هيلوانيا جي اڳواڻ جو لجهو ويتر تلخ ٿي ويو ۽ رڙ ڪندي چيائين: ”هڪ غلطي، اوهان جو عوام سمجهي ٿو ته اسان هنن ڳالهئين جو اعتبار ڪنداسين..... اوهان 12 آءِ سي بي ايم ميزائيلن جو رخ اسان طرف ڪري ڇڏيو آهي، هن ڳالهه جو انڪار نٿا ڪري سگهو، اهي اسان جي سيٽ لائيٽن تي صاف ڏسڻ ۾ پيا اچن.“ ترجمينگار جي لهجي ۾ پريشاني اڀرڻ لڳي.
    ”آئون ان کان انڪار نٿو ڪريان،“ صدر گٻراهٽ واري انداز ۾ چيو: ”منهنجو صرف اهو چوڻ آهي ته اسان اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان نه ڪيو آ.“
    ”ها....“ سيڪريٽري اعتراض ڪندي چيو: ”20 منٽن ۾ اوهان جا ميزائيل اسان جا ڪيترا ئي شهر تباهه ڪري ڇڏيندا، اها جنگ نه ته ٻيو ڇا آهي....؟؟ اوهان يا اوهان جي ملڪ جو ٻيو ڪو رهواسي سوچ سمجهه وڃائي ويٺو آهي، هاڻي آئون پنهنجي ملڪ لاءِ دفاعي قدمن کڻڻ تي مجبور آهيان.“ اهو ترجمو ڪندي ترجمينگار جو آواز ڏڪڻ لڳو هن کي اندازو ٿي چڪو هو ته ڪهڙي نوعيت جي ڳالهه ٻولهه هلي رهي آهي.
    ”مونکي يقين آهي ته اوهان انهن ميزائيلن کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جڏهن سان اوهان جي ملڪ کي ڪو به نقصان نه رسندو، اسان به انهن کي وچ ۾ ئي تباهه ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون.“ صدر چيو. ترجمينگار کان جيترو ٿيو پي ايترو جلدي ترجمو ڪندو ٿي ويو پر پوءِ به وچ وچ ۾ ڪو ڪو لفظ رهجي ٿي ويو. سيڪريٽري جنرل پنهنجي لفظن تي غور ڪيو.
    ”نه،“ هن حڪم واري انداز ۾ چيو: ”اسان ڪافي وقت وڃايو، اوهان ميزائيل ڇڏيا آهن ۽ هاڻي آئون پنهنجي فوج کي اهو ساڳيو عمل ڪرڻ کان نٿو روڪي سگهان، هتان جي سموري فوج ايڪشن ڪندي، صدر صاحب اوهان دنيا کي تباهي جي ڪناري تي وٺي آيا آهيو.“ ايتري ۾ لئين ڪٽجي وئي.
    ”سر فون ڪٽجي وئي، ڇا آئون هن سان ٻيهر رابطو ڪريان؟“ اهو آپريٽر جو آواز هو.
    ”نه بس،“ صدر نرم لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاڙهي فون کنئين.
    معني جنگ ٿي رهندي..... هن سوچيو.
    هوريان هوريان آسمان تي ننڍڙن ٽولن ۾ موت ۽ بربادي جا وڏا پکي اڏامڻ لڳا، پهريان هڪ پاسي کان ۽ پوءِ ٻئي پاسي کان. مختلف شين لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويا، آسمان اليڪٽرانڪ سگنلن سان ڀرجي ويا، دشمن جي ميزائلن کي ڪرائڻ واريون مشينون اڀيون ٿي ويون، مونجهاري ۽ بييقيني وارو ماحول پيدا ٿي پيو هو، جنهن لاءِ دنيا کي تياري ڪرڻ جو وقت ئي نه ملي سگهيو. جئين ئي هيلوانيا جي جيمرن ميزائيلن جو رخ پنهنجي ڌرتي کان موڙيو ته ٻيا پاڙيسري ملڪ نشاني تي اچي ويا. بيوان ۽ لومسٽر ۾، ڪنٽر سان گڏ دنيا جي اڌ درجن راڄ ڌانين ۾ ويٺل هرمجدون جي شروع ٿيڻ کي بي اعتباري سان ڏسي رهيا هئا. الرٽ فونون وٺنديون رهيون، پر ڪو ب اهو نٿي ٻڌائي سگهيو ته ڇا ٿي رهيو آهي. بيوان ۽ ڪنٽر جا ميزائيل به هن جنگ جو حصو بڻجي پيا، ٻيال ملڪ به جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پيا. ائين لڳي رهيو هو ڄڻ قومن کان عقل کسجي چڪو آهي ۽ ڌرتي وارا بيوقوف بڻجي پيا آهن. جئين ئي شهر غرق ۽ درياهه اٻرڻ لڳا ته ڌرتي تي ڏک جا پاڇا لڏڻ لڳا. لکين هزارين هومو سيفينس جو ماس ڳري هوا ۾ جزب ٿيڻ لڳو، لوهه پاڻي جيان پگلجڻ لڳو، جڏهن ته زمين تي سائو مادو ائين ٿي لڳو ڄڻ تازو گاهه ڦٽو آهي. رات ڏينهن ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ڏينهن جي روشني ايتري جو اڳ ڪڏهن ڪنهن نه ڏٺي هوندي. ٻه سو ٽن يا ٻه هزار ٽنن جي ٽي اين ٽي مواد سبب زمين لڏڻ لڳي، اها صورتحال هلندي رهي ۽ هلندي رهي.......
    ٻرندڙ ڌرتي جي هيٺان کان، هڪ آواز مسلسل ايندو رهيو:
    ”اهو وقت اچي ويو آهي..... اهو وقت اچي ويو آهي.....“


    نيمسس

    نيمسس، اسان جي سج جو ڪارو ساٿي...... اهو ئي نيمسس جنهنجي هڪ اندازي موجب 26 لک سالن جي طويل تاريخ آهي....... نيمسس، جنهن جي اڀرڻ سان تارا ٽٽي پوندا آهن، ڏڪار ايندو آهي، بم ڌماڪا ٿيڻ لڳندا آهن، هر ڀيري اچي ڌرتي کي ڪا نه ڪا سزا ضرور ڏيندو آهي، نيمسس جنهنجي ظهور سان نه رڳو اسان جي سياري جي شڪل بدلجي ويندي آهي پر ان جا منگنيٽڪ پول پڻ لڏي ويندا آهن، هن برف جي دور کي جنم ڏنو، سمنڊن جي سطح هڪدم ڪري پئي ۽ ان هج جھٽڪي سان ڪيترن ئي جيون کي تباهه ڪري ڇڏيو، نيمسس، جنهن هڪ ڀيرو اسان جي نظامِ شمسي جي پنجين سياري کي ممڪل تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان جاءَ تي سواءِ هڪ وڏي بي جان گولي جي ٻيو ڪجهه نه بچيو. نيمسس، جنهن کي موت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو اسان هڪ ٻئي ملاقات ڪرڻ ٿي آيو.
    ارٿ ڪائونسل جي ايمرجنسي ميٽنگ هلي رهي هئي، ان گڏجاڻي جو شروعاتي مرحلو ختم ٿيڻ تي هو، ڪير به ضرورت کان وڌيڪ هن گڏجاڻي کي ڊگهي ڪرڻ جي حق ۾ نه هو. ڊاڪٽر ڪومر جيڪو هڪ زبردست سائنسدان هو، جيڪو پنهنجي وقت جو ماهر فزڪس دان ۽ نوبل انعام سندس شهرت کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا هئا، اٿي گڏجاڻي سان مخاطب ٿيو، نيمسس جو مختصر تعروف ڏيڻ کانپوءِ هن وڌيڪ چيو:
    ”سچ اهو آهي ڪجهه وقت پهرئين تائين ته ڪنهن به نيمسس جي وجود تي اعتبار نه هو، پر ها ان لاءِ سالن کان ڪيترا ئي مفروضا جڙيل هئا، ڪجهه ماهرِ فلڪيات جوڙ ڪٽ ڪري اڻسڌي طرح ان جي وجود کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر افسوس سان چوڻ ٿو پئي ته سندن اهڙي دعوا تي ڪنهن به سائنسدان سنجيدگي سان غور نه ڪيو.
    تان جو ڪجهه خلابازن منٽ کي ڏٺو، پر اها ايلفا سنچيوري جي دائري ۾مصبط حرڪت هئي جنهن کي هو سندن ڄاڻ موجب سمجهائي نه سگهيا، تڏهن ئي سائنسدانن صدين کان پاڻ واري سج جي ڪاري ساٿي بابت هلندڙ مفروضن تي غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ انهن جوڙ ڪٽن جن تي مٽي جا تيهه چڙهي چڪا هئا تي ٻيهر غور ڪيو.
    ”موجود ڄاڻ سان گڏ هٿ ڪيل نئين ڊيٽا کي وري وري جاچڻ کانپوءِ اسان وٽ ڪنهن قسم جي شڪ جي گنجائش نه آهي ته نيمسس ڌرتي سان هڪ ٻئي ملاقات ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي.
    افسوس سان چوڻو پئي ٿو ته هن جي 25 لک سالن جي لڳ ڀڳ تاريخ آهي ۽ هر ڀيري هو ايترو ته نقصان ڪندو آهي جو اسان جي رهنمائي لاءِ ڪا به تصديق ٿيل ڄاڻ نٿي ملي. اسان جو جيڪا به ڄاڻ آهي اها اسان پنڊ پهڻ (فاصلس)، زميني لهرن ۽ ٻين تحقيقن منجهان حاصل ڪئي آهي. جنهن ڳالهه جي اسان تصديق ڪري سگهون ٿا اها هي آهي ته نيمسس سوين هزارين قطين ۽ تارن سان گڏ سفر ڪندو آهي، ان جو وڏو انگ زمين سان ٽڪرائجي ڌماڪن کي جنم ڏيندو آهي، جنهن جي ڪارڻ قهرام مچي ويندو آهي ۽ زندهيءِ جو نشان ئي مٽجي ويندو آهي.
    ”جئين ئي اسان کي پڪ ٿي ته هي نيمسس آهي ۽ اها پڻ خبر پئي ته ان سان انسانن کي وڏو نقصان رسندو، اسين ان ڳالهه تي ڪم ڪرڻ لڳاسين ته انسانذات کي ڪهڙي نموني بچائي سگهجي ٿو. سڀ کان اول اسان اهو سوچيو ته آٽوميٽڪ ڌماڪن سان وڏيون کائيون کوٽي سموري آباد کي حفاظت سان غارن ۽ تيهه خانن ۾ رهايو وڃي، پر جلدي اسان اهو ڄاڻي ورتو ته اهو ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. فني ۽ نفسياتي مسئلا ته هڪ پاسي، پر ماڻهن جي اهڙي هجرت جو ڪو به فائدو نٿي ها ڇو جو نيمسس جي اچڻ کانپوءِ ڪيترن هزار سالن تائين اسان جي سياري تي خراب ماحولياتي اثر برقرار رهندو، اهڙيون ماحولياتي تبديليون جانورن ۽ ٻوٽن کي تباهه ڪري ڇڏينديون آهن، جنهن سان انسانذات جي بقا کي خطرو ٿي ويندو، جيڪڏهن هو سڌن ٽڪائن منجهان بچي به ويا ته......
    ”اسان وٽ مسئلي جو ٻيو هلي اهو ته ايٽمي ميزائيلن ۾ اهڙيو بيٽريو استعمال ڪريون جن سان اهي ميزائيل ڌرتي جي وجهي ايندڙ هر قطي ۽ تاري کي خلا ۾ ئي تباهه ڪن، پر ان فيصلي تي پهتاسين ته هي رٿا به ڪم نه ڪندي، ڇو اهو ضروري ناهي ته ڌرتي ڏانهن ايندڙ هر شيءَ پٿر ئي هجي ۽ وڌيڪ اهو ته تمام وڏين قطين ۽ تارن کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ کان وڌيڪ ميزائيلن جي ضرورت پوندي، جنهن سان ڌرتي تي ايترو ئي اثر پوندو جيترو تارن جي ٽڪر سان.
    ”ٽيون اهو ته اسان هن ٻنهي حلن کي ملايون، يعني آبادي جي ڪجهه حصي کي غارن ڏانهن موڪليون ۽ ڪجهه مٿي رهي، ان کانپوءِ ميزائيلن سان حملو ڪريون، پر ان منجهان وڏو نقصان اهو ٿي ها، اهي جيڪي زمين جي مٿائين حصي ۾ هجن ها اهو سمجهڻ لڳن ها ته هنن سان ڀيڍ ڀاءُ ڪيو پيو وڃي، جنهن سان وڏن ٽولن جي شڪل ۾ اسان خلاف بغاوت ٿيڻ جو خطرو هو، ان ڪري هن حل کي پڻ ڇڏڻو پيو.“
    ”معني ته هاڻي اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون ۽ بربادي مقدر آهي؟“ هڪ گوشت سان ڀريل ٿلهي شخص بيصبري ۽ تجسس منجهان پڇيو.
    ”اسان وٽ چوٿون حل به آهي، جيڪو اسان استعمال ڪري سگهون ٿا.“ ڊاڪٽر ڪومر جواب ڏنو: ”پر اهو تمام گهڻو خطرناڪ آهي، ٻيو اهو ته اسان کي اهڙي ڪا جاءِ نٿي ملي جتي ان کي نفاذ ڪري سگهجي.
    ”۽ ڊاڪٽر صاحب اهو حل ڇا آهي؟“ ڳاڙهي جوڙي ۾ هڪ عورت پڇيو. ڊاڪٽر ڪومر جواب ڏيڻ ڳان پهريان هٻڪيو ۽ چيائين:
    ”اسان ڌرتي کي عارضي بنيادن تي ان جي معمول واري دائري (آربٽ) کان ڪڍي ڪنهن نئين دائري ۾ رکون، هڪ اهڙو دائرو (آربٽ) جيڪو نيمسس جي پهچ ۾ نه اچي. هڪ ڀيرو نيمسس تباهي ڪري واپس وڃي ته اسان ڌرتي کي ان جي اصل دائري (آربٽ) ۾ کڻي اچون ۽ وري پنهنجي ڪمن کي لڳي وڃو.“
    پهرئين ته هن گڏجاڻي ۾ ويٺلن کي سندن ڪنن تي يقين ئي نه آيو ۽ هر طرف اهڙي خاموشي ڇائنجي وئي جو سوئي به ڪري ته ان جو آواز پڻ صاف ٻڌڻ ۾ اچي، پر جئين ئي ڪومر جي لفظن جو تاثر ٽٽو ته هال ۾ گوڙ شروع ٿي ويو:
    ”زمين جو ڊائرو (آربٽ) مٽائي ڇڏيون... هي ڪهڙو واهيات مذاق آهي ڊاڪٽر صاحب....!!“ هڪ شخص ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب اوهان کي ڇا ٿو لڳي ته هي ڌرتي سنوڪر جو ڪو بال آهي جنهن کي پنهنجي مرضي سان هتان کان هُتي رکجي....!!“ ڪنهن ٻئي چيو.
    ”اوهان کي اها وري ڪئين خبر پئي ته اهو نئون دائرو (آربٽ) محفوظ هوندو...!!“ ڪنهن ڪنڊ منجهان آواز.“
    ”مڃي وٺون اوهان هڪ ڀيرو ڌرتي کي ان جي دائري (آربٽ) کان هٽائي به ويا، ته به ان ڳالهه جي ڪهڙي ثابتي آهي ته اوهان ان کي ٻيهر اصل ڊائري (آربٽ) تي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندا، فرض ڪريو ائين ڪرڻ ۾ اوهين ناڪام ويا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟“
    ڊاڪٽر ڪومر ٻئي هٿ مٿي ڪري وڌندڙ آوازن کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، هن محسوس ڪيو ته وڌيڪ سوال هن گڏجاڻي کي اڳيان وڌڻ نه ڏيندا.
    ”مهرباني ڪري مونکي هڪ موقعو ته ڏيو،“ هن چيو: ”آئون اوهان جي مڙني سوالن جا جواب ڏيندس ۽ سڀ شڪ ڏور ڪندس، صرف مونکي صبر سان ٻڌو.“ هوريان هوريان هال ۾ خاموشي اچي وئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”هن ڳالهه کان شروع ڪجي ته بهتر رهندو، جئين اسان کي اندازو ٿيو اسان جون انسانذات کي بچائڻ جون سموريون رٿائون عملي طور ڪارساز نه آهن، اسان هنگامي بنيادن تي سموري دنيا جي ڏاهن ماڻهن کي گڏ ويهاري پروگرام شروع ڪيا، جئين اسان مختلف تجزيا حاصل ڪري سگهون. اُتي موجود هڪ سائنسدان اها تجويز ڏني ته ڪجهه سائنسدانن خلائي تشترين لاءِ ڪششي ريفليڪٽر ٺاهي رهيا آهن، ته جئين انهن تشتريون آساني سان اڏامي ۽ لهي سگهن ۽ انهن ۾ پنهنجي توانائي پڻ هجي، اهي ريفليڪٽر مڪمل ٿيڻ تي آهن، اسان سچيو ڇو نه اسان به وڏي پيماني تي اهڙا ڪششي ريفلڪٽر ٺاهيون، انهن جي مدد سان سج جي ڪشش جي زور تي اسان عارضي طور ڌرتي کي ڪنهن محفوظ دائري (آربٽ) ۾ آڻي سگهون ٿا.
    ”ان تي ڪم ڪرڻ لاءِ اسان پنهنجي ذهينترين ماڻهن کي گڏ ويهاريو ۽ تيزترين سپر ڪمپيوٽرن جو استمال ڪيو، ان ڪم ۾ اسان کي ڪجهه هفتا لڳي ويا، پر نيٺ اسان هڪ اهڙو دائرو (آربٽ) مليو جنهن سان نيمسس جي اچڻ وقت ڪنهن به قطي يا تاري جي ٽڪرائڻ جو خطرو نه هجڻ برابر آهي. هن ڊائري (آربٽ) جو وڏو فائدو اهو هو ته هي دائرو (آربٽ) ڌرتي کي 0.02 اسٽرانوميڪل يونٽ يا 30 لک ڪلوميٽرن کان وڌيڪ تيز نه پيو هلائي. ان سان گڏ اسان اهو حساب ڪتاب پڻ ڪرڻ لڳاسين ته جيڪڏهن ڌرتي جو دائرو (آربٽ) مٽائڻ ممڪن آهي، ته پوءِ ڪششي ريفليڪٽر گهڻا وڏا هوندا، انهن جو انگ ڪيترو هوندو ۽ انهن کي ڪٿي فٽ ڪيو ويندو.
    ”هي آخري جوڙ ڪٽ ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم هو، تان جو اسان ان جي وجهو پهتا آهيون، پر اڃا به اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهيون ته اهڙا ريفليڪٽر ٺاهڻ لاءِ ڪهڙي مادي جو استعمال ڪنداسين. اسان ٿيوري جي حساب سان اهو فيصلو ڪيو آهي ته انهن جا ڪهڙا ڪهڙا جزا هجن، پر حقيقت انهن ۾ اڻويهه ويهه جو فرق اچي سگهي ٿو، تنهن هوندي به اهي فرق وڏي پيماني تي اسان جي جوڙ ڪٽ تي اثر انداز نه ٿيندا.“
    ”۽ اوهانجي ان جوڙ ڪٽ منجهان ڪهڙو نتيجو نڪتو آهي؟“ ڪنهن ننڍڙي ٻيٽ جي نمائندگي ڪندڙ شخص سوال ڪيو.
    ”اسان جي جوڙ ڪٽ منجهان اهو نتيجو نڪتو ته جيڪڏهن 30 زربيان 30 ميٽرن جا 1740 شيشا استعمال ڪيا وڃن ته زمين کي نئين دائري (آربٽ) ڏانهن ڌڪي سگهجي ٿو. جئين ئي خطرو ٽريو ته وري ساڳيا شيشا استعمال ڪري ان کي اصل جاءِ تي آڻي سگهجي ٿو. مونکي افسوس سان چوڻو پي ٿو ته هن جو هڪ منفي پهلو به آهي، ۽ اهو هي ته اسان کي ميررگرءُ، (هي اهو نالو آهي جيڪو اسان ان مادي کي ڏنو آ جنهن منجهان ريفليڪٽر ٺهندا) اسان ان جي اڃا تائين ڪا به پيداوار نه ڪري سگهيا آهيون. يقينن اسان وٽ اهو ابدتائي شڪل ۾ ته موجود آهي پر ان کي مطلوب روپ ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، هن وقت اسان اها شيءِ ته آهي جيڪا هن ڪششي ڇڪ کي روڪي سگهي، پر اسان کي اهڙي شيءِ کپي جيڪا ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي، ٻيو اهو ته ڌرتي کي لوڏڻ لاءِ اها ڌرتي کان ڪجهه وڏي پڻ هجي.
    ”اهو ڪئين ممڪن آهي؟“ نيري پڳڙي پهريل شخص سوال ڪيو. ڪجهه دير سوچڻ کانپوءِ ڪومر جواب ڏنو:
    ”مثال طور، اوهان ڪنهن وڻ ۾ رسي وجهي ڇڪ ڏيو ٿا، ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي ته اوهان وڻ ڏانهن هليا ويندا آهيو ڇو جو وڻ جون پاڙون زمين ۾ مضبوط هونديون آهن، تان ڇڪ اوهان ئي ڏني، هتي به ائين ئي ٿيندو شمسي طاقت جي زور تي ڇڪ ته اسان جو سيارو ڪندو، پر جئين ته اها ڇڪ ڌرتي کان ڪنهن وڏي شيءَ کي هوندي ان ڪري ڇڪجي اسان وينداسين.“
    ”۽ اها وڏي شيءَ ڪهڙي هوندي؟“ اُتي موجود سڀ کان ننڍي عمر جي ڇوڪريءِ جنهن اڃا جواني ۾ مس قدم رکيو هو، سوال ڪيو.
    ”مريخ..!!“ ڪومر جواب ڏنو: ”اسان جي نظامِ شمسي جو سڀ کان وڏو سيارو، اسان سج جي ڪشش سان مريخ کي ڇڪينداسين جيڪو ڌرتي کي نئين دائري (آربٽ) ۾ آڻي بيهاريندو.“
    ”ان سڀ ڪرڻ ۾ اسان کي گهڻو وقت لڳندو؟“ ڳاڙهو جوڙو پهريل عورت ٻيهر سوال ڪيو. ڊاڪٽر ڪومر ڪجهه گهڙين لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ اعتماد سان جواب ڏنائين:
    ”اندازي موجب نيمسس کي اسان جي نظامِ شمسي اندر داخل ٿيڻ ۾ 18 مهينا لڳندا. جئين ته اندازن موجب ان جي رفتار ڌرتي کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ هوندي، تنهن ڪري ان عرصي جي ٽن مهينن کانپوءِ ڌرتي غير محفوظ ٿي ويندي. اسان اهو به حساب ڪيو آهي ته ڌرتي کي محفوظ دائري (آربٽ) تائين پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ 1740 شيشا ٺاهڻ ۾ هڪ سال لڳي ويندو، انهيءِ ڳانپوءِ ٻه مهينا ٻيا گهرجن ته جئين شيشن صحيح هنڌن تي هڻي سگهون. ان جو مطلب هي آهي ته اسان وٽ ميررگرءُ تيار ڪري چڪاس ڪرڻ لاءِ صرف ڇهه مهينا آهن.“
    ”ڇا اسان زمين کي وڌيڪ تيزي سان هٺائڻ لاءِ وڌيڪ شيشن جو استعمال نٿا ڪري سگهون؟“ پٺيان ويٺلن منجهان ڪنهن سوال ڪيو.
    ”نه،“ ڊاڪٽر ڪومر اعتماد سان جواب ڏنو: ”ڇو جو 1740 کان وڌيڪ شيشن جي استعمال سان ڌرتي اڻبرابر ٿي پوندي، جنهن جي نتيجي ۾ آتشفشان ڦاٽي پوندا ۽ زلزلا اچي ويندا.“ ان کان پوءِ ٻيا به ڪيترا سوال ڪيا ويا پر ڊاڪٽر ڪومر صبر سان انهن جا جواب ڏيندو رهيو. سندس نرم رويو ۽ سوال برداشت ڪرڻ جي صلاحيت ويٺلن کي اهو تاثر ٿي ڏنو ته هي مسئلو سمجهدار ماڻهو جي هٿن ۾ آهي، اهو ئي ڪارڻ هو جو سڀ جلدي ئي چپ ٿي ويا، پر ويٺلن جي چهرن منجهان پريشاني صاف ظاهر هئي. ڌرتي جي تباهه ٿيڻ جا خدشا گهڻا ۽ ان کي بچائڻ لاءِ حل تمام ڏکيو....
    ان کان ڪجهه گهڙيون پوءِ ارٿ ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪومر جي جاءِ ورتي، هن منصوبي تي خرچ ٿيندڙ پيسي، انهن ماڻهن جا نالا جيڪي هن رٿا تي ڪم ڪندا ۽ ٻيا تفصيل ٻڌائڻ کانپوءِ هن ويٺلن کي اها تنبيهه ڪئي ته نيمسس بابت ڄاڻ هنن تائين ئي محدود رهي، جيڪڏهن اها ڄاڻ عام ماڻهن کي پئي ته وڏي سياسي وايومنڊل ٻري اٿندو، ايتري تائين جو حڪومت به ڪري سگهي ٿي. تنهنڪري تمام تياريون ڳجهي انداز ۾ ڪيون وينديون، جنهن کانپوءِ گڏجاڻي ختم ڪئي وئي.
    جئين ميمبر هليا ويا ته چيئرمين ڊاڪٽر ڪومر کي سندس آفيس ۾ وٺي آيو ۽ شراب جي جام تي کانس هن مسئلي بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ لڳو. ڪومر کيس اهو ئي ٻڌايو جيڪو هن ڪائونسل جي ميمبرن اڳيان ڳالهايو هو ۽ کيس پڪ ڏياري ته ان ڳالهه کي يقيني ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ته نيمسس جي اچڻ تائين ميررگرءُ ٺهي وڃي ۽ صحيح ڪم ڪرڻ لڳي.
    ”اوهان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته اصل ۾ هي ميررگرءُ آهي ڇا؟“ ڪومر ڪجهه گهڙين لاءِ اهو سوچڻ لڳو ته هڪ ساڌي سوڌي ماڻهو کي ڪهڙن لفظن ۾ سمجهائجي.
    ”ڏسو،“ نيٺ هن ڳالهايو: ”ائين سمجهو ته هي جست جو تمام وڏو سنڊوڇ آهي جنهن ۾ ننڍڙا شيشي ۽ فائبر ڪوٽي ڪري وڌل آهن. هر تيهه جا ذرڙا ٻئي تيهه جي مخالف طرف کان هيٺ مٿي رکيل آهن، جڌهن هي ٺاهي پورو ٿيندو ته ان منجهان ڪا به توانائي ڪشش سڌو پار نه ڪري سگهندي. هي هڪ زبردست ڌاتو آهي....“
    ”پر موجوده شڪل ۾ اهو اسان جي ڪنهن ڪم جو نه آهي؟“ هن ٻاراڻي سوال ڪومر جي جوش تي پاڻي ڦيري ڇڏيو: ”مونکي يقين آهي ته اوهان ان ۾ غلط اندازو نه هنيو هوندو ته نيمسس ڪهڙي ڊائري (آربٽ) تائين پهچندو ۽ ڪهڙي تائين نه.....“
    ”جي بلڪل...“
    ”هڪ ڀيرو اسان 30 لک ڪلوميٽر پري محفوظ دائري (آربٽ) ۾ اچي وياسين ته اسان ماحوليات تي ڪهڙا اثر پوندا؟“ ڪومر چيئرمين ڏانهن ڏٺو، هن ڀيري سندس اکين ۾ هن لاءِ عزت هئي، هو هڪ عام رواجي سياستدان نه پر هڪ باخبر شخص هو.
    ”يقينن ماحولياتي تبديليون اينديون،“ هن قبول ڪيو: ”پر اهي ايتريون ڳڻتي جوڳيون نه هونديون. برفاني حصا محفوظ رهندا، ها باقي ڪجهه علائقن جي فصلن تي اثر پوندو، پر اسان ان کان وڌيڪ ذخيرو ڪري وٺنداسين، انسان ۽ حيوان ٿوڙي پريشاني کي برداشت ڪرڻ جي قابليت رکندا آهن، پر اسان کي اميد آهي ته جلد کان جلد اسان ڌرتي کي اصل دائري (آربٽ) ۾ آڻي ڇڏينداسين.“
    ”آمين،“ چيئرمين وڏو ساهه ڀريندي چيو: ”هي ميٽنگ دوران اٿاريل اعتراض آهن.“ ۽ ڪجهه پنا هن جي حوالي ڪيائين.
    ”هنن کي غور سان پڙهي فيصلو ڪريو ته ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڪنهن کي ڪرڻو آهي. آئون پنهنجي فني ۽ انتظامي سيريٽرين کي حڪم ڏيان ٿو ته اوهان جي ڏنل هدايتن موجب ڪم ٿئي، جنهن تي منهنجي صحيح پڻ هوندي ته جئين ان ڳالهه کي يقني بڻائي سگهجي ته ڪنهن به ڪم ۾ دير نه ٿئي. هاڻي اوهان کي اجازت آهي، منهنجيون نيڪ تمنائون اوهان سان آهن.“
    ”مهرباني سر،“ ڪومر چئي اٿيو ۽ چيئرمين سان هٿ ملايائين.
    آفيس منجهان نڪرڻ کانپوءِ ڪومر چيئرمين جي سيڪريٽرين سان مختصر ڳالهايون ڪيون جنهن کانپوءِ هو اسپيس پورٽ تي بيٺل سندس راڪيٽ ڏانهن آيو، هن کي اڏام جو اشارو مليو ۽ پوءِ ڪجهه ڪلاڪن ۾ هو آربٽنگ اسپيس ليباٽري ۾ موٽي آيو، جيڪو ڪيترن مهينن کان سندس ٻيو گهر هو.
    اڳيان ڪجهه هفتا ته اک ڇنڀ ۾ گذري ويا، سومري دنيا جون ليباٽريون ۽ ڪجهه اهو جيڪي خلا ۾ هيون تن ۾ 24 ڪلاڪ ڪم هلندو رهيو. سوين سائنسدانن جن جو مختلف شاخن سان تعلق هو ميررگرءُ جي فارمولا تي ڪم ڪندا رهيا، سڀني جي اها خواهش هئي ته ڪو اهڙو ڌاتو ٺهي پئي جيڪو ڪشش جي عڪاسي ڪري. هڪ کان هڪ ڌاتو تيار ٿي ٿيو، ۽ ان کي هر هر چڪاسيو پي ويو، پر گهربل نتيجو حاصل نٿي سگهيو. دنيا جا اڳواڻ پريشان ٿيڻ لڳا، نيمسس ويجهي کان ويجهو ايندو ٿي ويو، ۽ اهو اُتي جو اُتي ئي هئا جتي مهينا اڳ ۾ هئا. اسپيس ليب ۾ ويٺل ڪومر پريشان ٿي نظر آيو، هن ڄاڻيو ٿي ته ڪم اڳيان نه وڌي رهيو آهي، پر هنن جيڪو ٺاهڻ ٿي گهريو سو نٿي ٺهيو، هو ۽ هن سان گڏ ٻيا سائنسدان ڪنهن نئين ايجاد ۾ لڳي ويا، جيڪا ڪارائتي هجي، پر ڪاميابي نه ملئين. هنن جزن تي وڌيڪ توانائي جو استعمال ڪيو پر هڪ حد کانپوءِ فائبر وغيره جا ذرڙا ڪرڻ وس کان ٻاهر هو، ان کانپوءِ هنن ڪجهه ٻيا جزا پڻ ملائي ڏٺا پر ان نئين تخليق به اثر نه ڏيکاريو.
    ڪومر جو مٿو ڦرڻ، هن کي خبر هئي ته هو گهڻو ڪم ڪري ويو آهي ۽ هاڻي کيس آرام جي سخت ضرورت هئي، پر ان وقت آرام لاءِ سوچي به نٿي سگهيو. ان وقت سندس ملازم پريشان منهن کڻي ڪومر وٽ آيو ۽ هڪ پرچي ڏيندي چيائينس:
    ”معاف ڪجو ڊاڪٽر ڪومر، پر هڪ ڏکائتي خبر آهي، اوهان جي گهر واري کي دل جو دورو پيو آ، هي خبر هيڊ ڪواٽر کان آئي آهي ان هيدايت سان ته اوهان ترت ئي ڌرتي تي اچو.“ ڪومر ويران نظرن سان ملازم ڏانهن ڏٺو، هي خبر ڪومر تي اثرانداز نٿي سگهي. سندس ذهن تي نيمسس وارو معاملو ايترو ته سوار هو جو سندس دماغ ٻئي ڪنهن شيءَ کي قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر پوءِ جڏهن هن غور ڪيو ته گهري ڏک ۾ هليو ويو.. گذريل ڪجهه هفتن کان هو ايترو ته مصروف هو جو کانس اهو به وسري ويو ته هن جو گهر ٻار به آهي. هاڻي ته سندس زال ۽ ٻار ان ڳالهه جا عادي ٿي ويا هئا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن جي ڏوري لاءِ ذهني طور تيار پڻ رهندا هئا، نيٺ هڪ نوبل انعامي آفتا سائنسدان جي زال ۽ ٻار سڏائڻ جي ڪا ته قيمت ڏيڻي پوندي نه....... ۽ ڪومر جو خاندان اها قيمت ڀري رهيو هو.
    پاڻ تي جلدي ئي قابو ڪري، ڪومر اجاين سوالن ۾ وقت وڃائڻ بدران هيٺان ڪم ڪندڙن کي اهي هيدايتون ڏئي ته هن جي غيرموجودگي ۾ ڇا ڪرڻو آهي، راڪيٽ تي چڙهي زمين ڏانهن موٽيو.
    ڪومر گهر پهتو ته سندس پٽ کيس يقين ڏياريو ته هاڻي هر ڳالهه معمول مطابق هئي، تان جو هي دورو خطرناڪ هو، پر ڪومر جي زال ان منجهان بچي وئي ۽ هن وقت ويجهي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ آهي. جڏهن تي ڪومر جي ڌيءَ ماءُ جي نگراني لاءِ هسپتال ۾ آهي. ايندڙ 48 ڪلاڪ هن هسپتال جي ويٽنگ روم ۾ گذاريا، سندس زال کي نجي وراڊ ۾ آندو ويو ته هو آرام ڪرڻ لاءِ گهر ڏانهن روانو ٿيو.
    پنڌ هلندي ڪومر پنهنجي علائقي ۾ پهتو، هو پنهنجين سوچن ۾ ٻڏل، اهو به وسري ويس ته ڪيڏانهن پيو وڃي، اوچتو ڪا شيءِ تيزي سان هن جي نڪ لڳي ته سندس اکين ۾ پاڻي اچي ويو. حيرانيءَ منجهان هن مٿي ڏٺو ته ڄاتائين ته گهٽي ۾ کيڏندڙ ٻارن جو رٻڙ وارو بال کيس لڳو آهي. هڪ ڇوڪرو هن ڏانهن ڀڄندو آيو ۽ چيائين:
    ”انڪل معاف ڪجو، اسان ڄاڻي وڻي اوهان کي ڪونه هنيو، بس بال ٽپ وڏو کائي ويو.“
    ”ڪا ڳالهه ناهي،“ اهو چئي هو اڳيان وڌيو، پر ڪجهه قدم هلي اُتي برف جيان ڄمي ويو.
    مونکي حل ملي ويو.... سندس دماغ جي پردن سان هي جملو ٽڪرايو..... هن کي يقين ٿي ويو ته اهو ئي آخري حل آهي ۽ هن گهر ڏانهن ڊڪ ڀري، ڪجهه ڪتاب ڪڍي ڪمپيوٽر اڳيان ويهي رهيو. ڇهن ڪلاڪن کانپوءِ خوشيءَ منجهان سندس هٿ ڏڪڻ لڳا، هن ترت ئي ليباٽري ڏانهن پيغام اماڻيو ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي.
    ڏهن ڏينهن کانپوءَ سندس گهرواري هسپتال کان موٽي ته کيس پيغام آيو ته هن جو اندازو صحيح هو، سندس فارمولا ڪم ڪري ڏيکاريو آهي ۽ 1740 وڏا شيشي ٺاهي ڌرتي کي نئين دائري (آربٽ) ۾ آڻجي، هاڻي دنيا محفوظ هئي.
    ان کانپوءِ ارٿ ڪائونسل جي چيئرمين کيس آفيس ۾ گهرايو، جئين ته هاڻي سندس زال صحتمند ان ڪري هو بيفڪري سان ميٽنگ ۾ ويو. چيئرمين هن سان گرمجوش انداز ۾ مليو ۽ زال جي صحت جو پڻ پڇيائنس.
    ”ڊاڪٽر صاحب اهو ته ٻڌايو اوهان هن نتيجي تي ڪئين پهتا؟“ هن سوال ڪيو تٿ ڪومر کيس سومري حقيقت ڪري ٻڌائي ته هو بي ڌياني ۾ گهر اچي رهيو هو جو گهٽيءَ ۾ کيڏندڙ ٻار جو رٻڙ وارو بال کيس نڪ تي لڳو جنهن کانپوءِ هن کي اهو خيال آيو، هي سڀ اتفاقن ٿيو. جڏهن ڪومر هن کي سمورا تفصيل ٻڌائي بس ڪيا ته چيئرمين خوش ٿيندي چيو:
    ”ڊاڪٽر صاحب اوهان ڪامياب ٿي ويا ۽ اهو به ڇهن مهينن بدران چار مهينن ۾، اوهان نه رڳو هڪ تمام وڏي کوجنا ڪئي آهي اوهان انسانذات جي بقا کي يقيني ڪري ڇڏيو آهي، ميررگرءُ جو نئيون قسم هنگامي بنيادن تي تيار ٿي رهيو آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته هاڻي عوام کي هن معاملي بابت آگاهي ڏيڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيندو.“
    ”جي سر بلڪل،“ ڪومر هاڪاري ۾ چيو.
    ”اوهان اسان جا هيرو ٿي ويندا،“ چئيرمين تجسس ڀري لهجي ۾ چيو: ”اوهان کي ٻيو ڀيرو نوبل انعام ملڻ تي مونکي ڪوبه تعجب نه ٿيندو، آئون اهو پيو سوچان ته ميڊيا وارا اوهان کي ڪهڙو نالو ڏيندا، دنيا جو محافظ، هن صدي جو ڏاهو يا تاريخ جو سڀ کان وڏو هيرو، دنيا کي تباهي کان ڪو هر روز ته نه بچائيندو آهي نه.....“
    ”اميد ٿا ڪريون ڪو اهڙو نالو ملي جيڪو اخلاقي قدرن تي پورو لهي،“ ڪومر جواب ڏنو.
    ٻئين ڏينهن جڏهن هنن 46_پوائنٽ جي سرخي ڏٺي ته ان ۾ ڪومر لاءِ ڄاڻايل هو:
    ”نيمسس جو نيمسس......“ هڪ اهڙو لقب جنهنجي هو لائق پڻ هو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816581
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281117
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ