ڪتاب جو نالو: رڃ ۽ پڙاڏا
مصنف: ماڻڪ
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1992
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 25 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 588 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 354 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. 1992ع ۾ روشني پبليڪيشن پاران ”ٽي واليٽ“ جي سري هيٺ وري ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • رُڃ ۽ پڙاڏا
  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6

  • رُڃ ۽ پڙاڏا

    هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو.

    پهرين مئي 1976ع


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رُڃ ۽ پڙاڏا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ماڻڪ جو لکيل ناوليٽ آهي.

    ماڻڪ جي سڃاڻ هڪ منفرد ۽ الڳ ليکڪ واري آهي، جنهن لاءِ شوڪت شورو لکي ٿو ”ماڻڪ، بي رحم، قاتل ۽ ظالم ليکڪ، سنڌي ليکڪن جي ڊگهي قطار کان هٽيل، ڪٽيل ۽ الڳ. جنهن کي سنڌ ادب جا تارا ٺيڪيدار، ليکڪ مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهن ۽ پڙهندڙ هن کي شوق سان پڙهڻ کانپوءَ گاريون ڏيندا آهن.“
    هيءُ ناوليٽ پهرين ”ميسوڻي“ جي سري هيٺ 1961ع کان 1968ع ڌاري لکيو ويو. وري ٻيهر 1973ع کان 1975ع جي وچ ۾ ”رڃ ۽ پڙاڏا“ جي سري هيٺ لکيو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ پاڻ ارپيندڙ دوستن شاهنواز ٽالپر ۽ عبد الحڪيم راڄڙ جا، جن هي ناوليٽ نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. جلد اسان ماڻڪ جا ٻيا ناول ۽ ڪهاڻيون به سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ آنلائين اپلوڊ ڪنداسين، جيئن هن وساريل ليکڪ جون لکڻيون نئين سر ماڻهن تائين پهچايون.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    1

    ڏھاڙيءَ وانگر آفيس مان نڪري:
    نپوڙيل ذھن سان، ساڻي جسم سان گھليندي گھليندي گھر جي در تي پھچڻ تائين، احساس نيستا، وڃايل، اڻ ڄاڻ پنھنجو پاڻ کان.
    ڪلف کولي اندر گھڙڻ سان: ڪلھه وانگر اڄ به، تپيل ھوا جي اوچتي جھوٽي وانگر خالي خالي گھر جي عجيب سانت، ٻسي زندگي، موت جھڙي ويرانيءَ جو احساس ڇپائيندڙ .
    گھر، لڳندڙ: ڄڻڪ، زندگي، زندگيءَ جي چرپر ۽ تازگي ڪي گھڙيون اڳ موڪلائي ويل. مروٽيل روح ۾ رانڀوٽا ھڻندڙ ڀيانڪ سپني سان سانت.
    ان کي سرءَ واري اداسي وڌيڪ چٽو ڪندڙ. چاپوڙا لٿل ڀتين تان مٽجندڙ اس جا تڙڪا، ان ٻاسائيءَ کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائيندڙ.
    جھوليءَ کٽ تي پاڻ سٽيندي، نپوڙيل ذھن ۽ نستن احساسن ڪارڻ ھيڻائيءَ جو ڳھر سنڌ سنڌ. جي سور مان ملندڙ، مٺڙو، ھلڪڙو سرور ڀريو مزو.
    پاڻ تڳندڙ ويساھ سان ته : ٿڪ ڀڄندڙ!
    مروٽيل احساس، ساڻا سنڌ، ڪا مھل، ڳپل تائين ائين ئي چڪنا چور، اڌ – مئا – پيل، ڳپيل جھوليءَ کٽ اندر، جيئن جو تيئن، ڪيتريءَ مھل تائين بي سرتو.

    وڌندڙ اوندھ، سانت ۽ ويرانيءَ کي وڌيڪ ڀوائتو بنائيندڙ. اوچتو، ڊگھي، اونھي ساھ سان: مروٽيل حواسن اندر، زندگيءَ جي ويران ھجڻ ، ڪنھن زبردست کوٽ ھجڻ جي چيريندڙ وھڪ جي رواني.
    ھيءَ حياتي به ناسن مان ڊگھو، اونھون کنيل ٻيو ساھ، جسم جي چرپر: ٻنھي ھٿن جون آڱريون ملائي ٺڪاءَ ۽ جسم کي سيٽي ٽڙڪاٽ.
    ھن چرپر سان ڦٿڪندڙ، بولاٽيون کائيندڙ روح، ان ڀوائتي، سانت واري ويرانيءَ ۾.
    ٻرندڙ تيلي جوشعلو، سگريٽ جو ڪش، ڪش مٿان ڪش ڦھلجندڙ دونھون.
    عاشي. ڀريل، مٿي اڀريل ڳٽاءَ خماريل اکيون. سانورو رنگ، در کوليندي، : ”ادا، دير ڪيئي؟“ پريشاني ليئا پائيندڙ منھن منجھان،
    ڪشن مٿان ڪش، ڦھلجندڙ دونھون، آڳر جي ڪنڊ ۾ اجڙيل چلھه، ڀرسان پيل ڪاٺيون. چلھه ۾ اڱر ۽ ڇار. پٺيري ويٺل عاشيءَ منجي تي. ٻرندڙ باھ چلھه ۾، تئي تي پچندڙ ماني. عاشي جو مٿي تان رئو سرڪي ويل، ڊگھي ڪاري، چوٽيءَ جو گل زمين کي ڇھندڙ.
    پڇتاءَ: ڀانيان ٿو کيس ڀڳي ھي ٻيو مھينو اچي ٿيو آھي، اوچتو، سگريٽ جي ٻاڙ. ٻرندڙ تيلي جو شعلو. ڪش مٿان ڪش. ڦھلجندڙ دونھون.
    زندگي جو ھي سفر به ڪيڏو ڀوائتو آھي!
    “Your mother died reach immediate.”
    ڏڪندڙ ھٿن ۾ تار پوري زور سان ڌڙڪندڙ دل. سمجھه ۾ ڪجھه نه ايندڙ. ڏڪندڙ ھٿ، ڦاڙيندڙ پنو، لکندڙ درخواست موڪل جي.
    ”ماءُ مرئي، اڃان ته ماءُ جيئري ٿئي. يڪو وڃي پرديس ۾ “ ڀاڪر ۽ چميون، دعائون گھنجيل منھن جي سسيل اکين ۾ ڳوڙھا، ڳوڙھا ٽمندڙ، ڊگھي نڪ جي چوٽي ڳاڙھي ٿيل. سنھڙا چپ دعائون ورجائيندڙ.
    ”عاشي ، ائي امان! ڀايڙي لاءِ پاڻي ڪوسو ڪونه ڪندين ءَ ته ھٿ منھن ڌوئي.“ اکر، اکر مان پاٻوھ ٽمندڙ.
    ”ھا امان، اجھو ٿي ڪيان.“
    ويندڙ عاشي رڌڻي ڏانھن. ڊگھي چوٽي جو گل پولھه تي ، ھاڻ ٺينگ ڏيندڙ.
    ” س ابا، شل ڌڻي وڏي ڄمار ڏيئي“، اونھو ساھ، ساھ ۾ ڳتيل پيڙا جو پڙلاءُ، ”مرحيات پڻھين جي وڃڻ کان پوءِ جيڪو جيءَ ۾ ست ھيم، جان ھيم ، سا ابا؛ توھان جي لاءِ ٻچا، وسان ڪين گھٽايم. بس، ھاڻي ته اچي پڳي آھيان. تون به ھاڻ جوان آھين، پنھنجي پيرن تي بيٺل عاشي به اچي چڙھي آھي. الاءِ ڪيترو جيئان. ھاڻي ته ھيءَ جھوري اٿم ته، پنھنجو گھر وسائي ۽ نياڻي جو بار لاھي پوءِ وڃي قبر . . . .“
    زالن جي روئڻ جو آواز.
    اڱڻ جي وچ ۾ کٽ تي پيل، اڇي ڪپڙي ۾ ويڙھيل.
    ”ادا – امان ھاءِ “ عاشيءَ جي اوڇنگار.
    ”ابا، ماڻھين کي آخري ڀيرو.“
    ”بس ٻچا رب جي رضا ھئي، بندو ڇا ٿو “
    رت – بنا، اڇو ڪاڳر جھڙو منھن اکيون پوريل.
    ”ھاءِ امان. منھنجي جيجل “ عاشيءَ جي اوڇنگارن جو لڳاتار سلسلو.
    لڳاتار سلسلو.
    خاموش، بت بڻيل، ھڪ ھنڌ بيٺل.



    ڳوٺ جو گھر: ڪچو اڱڻ ورانڊو ٻه ڪوٺيون – پينگھو – ڪوٺي ۾ کٽ تي ھنڌن جو ڍير – ھلڪي اوندھ – ليپي ڏنل مٽيءَ جو سڳنڌ – عاشيءَ سان راند: اک ٻوٽ – گڏين – چيڪلي – آڳ بڄائڻ – لڪ – لڪوٽيءَ
    سرءَ جي مند: ٻپھريءَ جا ورندڙ پاڇا . موٽيل اسڪول مان، کائڻ کان پوءِ
    ”عاشي اچ ته راند ڪريون.“
    ”ڪھڙي؟“ ”ڳٽي ۾ چگھه“
    ”تون ٻڌاءِ“
    ”نه ڀائي تون ٻڌاءِ”
    ”مان ٻڌايان؟“ گھڙي سوچ کان پوءِ تڪڙي آواز ۾ پينگھي ۾ گاڏيءَ گاڏيءَ.
    ”چڱو.“
    ”مان ڊليون ٿو ٿيان ۽ تون گاڏي ۾ چڙھجانءِ، ھا نه.“
    ”چڱو.”
    ”ھا – ”
    زَم سان لڏندڙ پينگھو
    ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇُه – ڪوَ – ڪوُ ڪوُ !
    ”پاسو ڪيو ڀائو، پاسو ڪيو. گاڏي اچي ويئي. ڪُو – ڪوُ ڪوُ! “ زم سان لڏندڙ پينگھو بيٺل. اچو اچو، جلدي وھو، نه ته گاڏي ھلي ويندو. وڏي واڪي.
    عاشي: مٿي تي پوتي – برقعو ٿيل. بغل ۾ ڪپڙي جي گڏي. ھٿ ۾ ڪپڙن جي ھڙ. وھندڙ پينگھي ۾
    عاشي ٽڪس ورتي اٿئي؟
    ”نه ڀائي.“ عاشي بغل ۾ گڏي کي لوڏيندي؛ پرچائيندي.
    ”مائي پھرين ٽڪس وٺ پوءِ گاڏيءَ ۾ چڙھ .”
    ”چڱو گاڏي وارا ڳوٺ جي ٽڪس ڏي. ھڪ منھنجي ھڪ منھنجي ھن ڪڪيءَ جي .“
    ڪوُ – ڪوُ ڪوُ ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇهُ – ڇُه سان ھلندڙ پينگھو.
    ”مئا پينگھي جي پويان ڇو اچي پيو آھين. لھه ته ٽنگ نه ڀڃانءِ.“
    ”امان راند ٿا ڪريون.“ ايلاز
    ”نه نه پينگھو ڀڄي پوندو . پڻھين جيئرو ويٺو آھي جو ٺھرائي ڏيندو. “
    لٿل، ھارايل منھن.
    ”اڙي شيطان ڪن کولي ٻڌ: ھينئر گھڙي کن لاءِ ليٽان ٿي، جيڪڏھن گوڙ ڪيو اٿئي ته پاڻھي خبرون پوندئي.“
    سُسُ پُس ۾ عاشي چوندڙ: ادا شبو، ھاڻي ڇا ڪيون؟
    چپن تي آڱر: ”شٽ“ سرٻاٽ ۾ .؛ امان کي سمھڻ ڏي.
    ”عاشي ڪھڙي راند ڪيون؟“
    ”اک ٻوٽ.“
    ”نه ڀائي گوڙ ٿيندو.“
    ”ڀلا گھر _گھر رھون. تون ٿيءُ بابا ۽ مان امان ھيءَ گُڏي اسان جي ڌيءُ.“
    ”چڱو، پنھنجو گھر ھن ڪوٺيءَ ۾ ٿا ڪيون.“
    بند ڪوٺي، منگھه مان ڇڻي ايندڙ روشني. عاشي ڪوڙ – پچاڻيءَ ۾ ٻوڙ رڌيندڙ. لائي، ڀڳڙن ۽ بوڙينڊن جو کاڌو کائڻ کان پوءِ عاشي ڪوڙي اوٻاسي ڏئي چوندڙ : ”ائي الا! رات ٿي وئي آھي. اچو ته سمھون.“
    آمھون سامھون ستل. ڪوڙ ۾ اکيون ٻوٽيل.
    ڪوٺيءَ جي ٿڌاڻ ۾ ڪجھه ڪجھه محسوس ٿيندو. اڻ ڄاتل سرندڙ اڳتي عاشي ڏانھن، ”عاشي ٿورو اورتي سر“ پاسيرا ٻه جسم مليل. چمي، ڀاڪر – عاشيءَ جي ببڙيءَ کي چھنڊڙي. زور سان ڀاڪي.
    ”ھاءِ الا! شبو ڪيڏو مزو ٿو اچي.“
    ھلڪو ڏڪندڙ آواز، شبو مون کي ته سيءُ ٿو ٿئي، ٿورو اورتي سِرُ.
    اوچتو لپاٽ – حواس وڃايل. ”مئا بدافعال، اھو افعال سکيو آھين . ڀيڻ سان.“
    لپاٽ مٿان لپاٽ. ڄنڊن ۾ ھٿ، ڇڪي مٿي بيھاريل. عاشيءَ کي لت. ”اٿ ڇوري، ڪار مُنھين، بي حيا.“
    عاشيءَ جو ھيسيل ڊنل، رت بنا منھن.
    ”ھل ڙي ٻاھر.“ تکو، کھرو آواز. ڳاڙھيون اکيون. ”وري جي ھن لوفر سان کيڏي آھين ته چڏا چيري لوڻ ٻرڪيندي سانءِ، ڪُتي ڪنھن جاءِ جي.“
    ڪنڊ ۾ بيٺل. ڪنڌ ھيٺ، پشيماني ۽ مبھم پر گھري ڏوھ جو احساس.
    منھن ۾ گھروڙيل بُجو: ”ٿُڪ ٿئي بي غيرت. ڄمندي موت نٿي آيئي.“
    سگريٽ جي ٻاڙ. وڌندڙ اوندھ ۾. ٻرندڙ تيليءَ جو شعلو. وساميل تيلي. دکندڙ سگريٽ جو ٽانڊو.
    ياد اٿم: اھا شام ۽ اھا رات، ڳپل مھل تائين پيڙا ڇولين ۾ گناھ ۽ پڇتاءَ جي گھري احساسن ھيٺ ڇيڇاڙ ۽ لوءِ پوءِ . ڀڻڪ سان پڪو پھه ڪيو ھيم ته: ھاڻي ڪڏھن به عاشيءَ سان نه کيڏندس . نيٺ ھوءَ ڇوڪري آھي مان ڇوڪرو.
    ان ڏينھن کان پوءِ عاشيءَ سان ڳالھائڻ ڇڏي ڏنو ھئم. ساڻس نظرون ملائيندي شرم پئي آيو . کانئس پري پري ۽ ڇڊو رھڻ لڳس. امان سان ڳالھائيندي لڄ ٿيندي ھئي. عجيب ڏوھ جو احساس کائيندو ھو.
    ۽ ان کان پوءِ ھڪ ڀيرو – اوڏيءَ مھل امان اندر ستي پئي ھئي. مان اسڪول مان موٽيو ھئس. ورانڊي ۾ عاشي، اڪيلي گڏين راند کيڏي رھي ھئي. ڳچيءَ مان ڪتابن جي ڳوٿري لاھي کٽ تي ڦٽي ڪيم. مانيءَ لاءِ چلھه ڏانھن وڌڻ لڳس. عاشي اٿي اڳ وٺي بيٺي.
    منھن ۾ ڏسندي ؛ ”ڀائو شبن تون رُسي ويو آھين؟.“
    ڪوبه جواب نه ڏنم.
    ”ھان ادا ٻڌاءِ نه. تون سچي پچي رسي ويو آھين. “ ھان؟
    ”عاشي، ھاڻ اسان ھڪٻئي سان نه کيڏنداسين.“
    ”ڇو ڀلا ، ادا“
    ”ان ڪري جو مان ڇوڪرو ۽ تون ڇوڪري آھين نه. ان جي ڪري.“
    ان ڏينھن وارو امان جو منھن ڪڏھن وساري نٿو سگھان: تپي ڳاڙھو ٽانڊاڻا اکيون، تن مان نفرت جو ڇٻيون. اھا نفرت ڪڏھن وساري نٿو سگھان. ۽ اھو خال، جيڪو عاشيءَ سان راند کيڏڻ ڇڏي ڏيڻ کان پوءِ کٽڪو لڳو ھو.


    2

    ¬ست پيا ٿين اڳو پوءِ ماني به کائي اچان ۽ سگريٽ به وٺي اچان. ڀانيان ٿو، سڄي رات جاڳڻو پوندو، جھڙو سوچ رخ اختيار ڪيو آھي.
    لڳاتار راتين جي ھي جاڳ ھون، علاج ٿيڻ گھرجي. ٽرنڪو لائيز بھتر آھي. پر، اوچتو جيڪڏھن خودڪشيءَ جو خيال.
    بڪواس آھي. ھڪ ته اھڙي جرئت ڪانه اٿم، ٻيو ته ڪيڏي به ڪڙي زندگي آھي، ان کي چھٽيل رھڻ ۾ مزو اچي ٿو. ھيءَ حقيقت مڃڻ گھرجي، وقتي خودڪشيءَ جا ايندڙ خيال، رڳو جذباتي اظھار آھن. ھا، ذھني عياشي. ھيءَ به ھڪ قسم جو رومانس آھي. ذھني داد – عشرت آھي. ھُنه
    مانيءَ جي خيال سان، پٺاڻ جي جھوپڙا ھوٽل جي ٿڌي دال، اگري ڌپ وارو ٻوڙ ۽ سڪل مانيءَ جو دل ڪچي ڪندڙ تصور.
    گرم ماني دٻڪيءَ تي، ديسي چينيءَ جي پياليءَ ۾ گوشت جو ٻوڙ: دونھون نڪرندڙ. وڻندڙ لذيذ گرھ.
    ”عاشي ٻوڙ ته واھ جو رڌو اٿئي.“
    ”ادا گرم مسالا وڌا اٿمانس نه.“
    عاشيءَ ويٺل تاڪيءَ تي، چلھه جي ڀرسان ٻرندڙ. باھ جو ڄڀون. آلين ڪاٺين جا ٽڙڪا. تئي تي عاشي اٿلائيندڙ ماني.
    مثل بک جو احساس. رڳو سگريٽ وٺي ٿو اچان. اوچتو! سگريٽ وٺي ، واپس اچڻ، کٽ تي ليٽي ڪتاب پڙھڻ، سمھڻ سمھي ڇت ۾ گھوري پاسا ورائي، ننڊ جي ڪوشش ڪرڻ جا تصور ذھني الٽي ڏياريندڙ. ان سان گڏ، گھر ۾ اڪيلي ھجڻ، اڪيلائپ ۽ سانت جا احساس ڏنگيندڙ.
    انڌاھون ڦليليءَ وارو روڊ –
    ڦليليءَ جو ڪپ: ڇٻر، گاھ ۽ ٻوڙن سان ڍڪيل. پاسي کان اڇي موريءَ ڏانھن ويندڙ، اونڌاھون رستو. وڻندڙ ٿڌ، پري کان شھر جون روشنيون. روڊن جي ٿنڀن تي ڌونڌاٽيل، روشنيءَ جو ڀرم پيدا ڪندڙ ميونسپلٽيءَ جا بلب ڪپ جي مٿانھين زمين تي اڏيل جھوپڙيون. تن ۾ جھڪي، پرسرار لڳندڙ لالٽين جي روشني ڦليليءَ جي ساڄي ڪپ تي روڊ سان لڳ ڦھلجي آيل قبرستان.
    ھن سانت ۽ اوندھ ۾ ڪيڏي نه مانوسيت واري پنھنجائپ ٿي لڳي! دل ٿي چوي، زندگيءَ جو سمورو سفر ائين گذري وڃي زندگيءَ جو سفر، اڪيلو ئي اڪيلو، ڪيڏو اڻانگو. خاموش.
    ڳالھايو اٿم ته پنھنجو پاڻ سان.
    شام لھندڙ سج جا پاڇولا ڀتين تان گم ٿي ويل. در جي چائنٺ اڪرندي، سامھون در کولي بيٺل عاشيءَ جي پنبڻين جي جھالرن اندر، چمڪندڙ ۽ اوسيئڙي ۾ ڀريل اکين سان، اکين جو ٽڪراءُ.
    بوٽ لاھڻ سان تيز ۽ تکي، نڪ ۾ گھڙي ويندڙ ڌپ. ذھن ۾ ٽِڪ ٻڌل، عاشيءَ جون اوسيئڙي ڀريل ۽ ڪجھه چوندڙ، پر چئي نه سگھندڙ اکيون.
    ماني کائيندي.
    ”ادا.“
    ”ھون.“
    ”توکان ھڪ ڳالھه پڇان؟“ جھڪندڙ آواز.
    ”ڪھڙي؟“ کوکلي اندر جو آواز.
    ”تون.“ ھٻڪ، ”توھان سدائين چپ ڇو رھندا آھيو؟“
    ”ھي! ٿيڙ، سنڀاليندي، بس – اَھئين.“
    ”ادا، ڪا ته ڳالھه آھي، جڏھن اوھان ڳوٺ ۾ رھندا ھو، تڏھن به ڏاڍا کيڏندا ڪڏندا ۽ ڳالھائيندا رھندا ھو.“
    بيزاري. نه وڻندڙ اھو ذڪر.
    ”ادا، امان جي وفات کان پوءِ ، جڏھن کان مان اوھان سان ھت، حيدرآباد ۾ آئي آھيان، سچ پچ ھيءُ گھر مون کي کائڻ ايندو آھي. ھيانءُ ٻوساٽبو آھي.“ گھڙي ماٺ کان پوءِ، ”نڪا آھي ڪا وسنھه ۽ نه ئي وري ڪو . . . .“ ھٻڪ سان: ”ادا، امان به ويچاري آسون پلي وڃي آرامي ٿي. اوھان جيڪر شادي ڪري ڀاڄائي . . . . “
    عاشي: ڪنڌ جھڪيل، آڱر کي ويڙھيندڙ رئو.
    ”ھا ادا، ھاڻي ته اوھان به دير سان ٿا اٿو سو مونکي ڊپ . . . “
    ”نه، عاشي ڊڄڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي. شھر آھي، ڪو جھنگ ٿوروئي آھي.“
    چپ.
    ياد اٿم: سڄي رات ننڊ ڪانه آئي ھئي. اھو ته مان به نٿو ڄاڻان چپ ڇو ٿو رھان.
    ويچاري عاشي – منھنجي شاديءَ جا خواب ڏسي ڏسي پاڻ . . . ڪٿي منھنجي شادي جي ذڪر پٺيان ھوءَ پنھنجي لاءِ احساس ته نه ڏياري رهي آھي ؟ ممڪن آھي. انھيءَ ذڪر کان پوءِ ھڪ مھيني ۾ ئي ھوءَ ڀڄي . . .
    نه مون کي اھو چوڻ جو حق نٿو پھچي. ته چوان: ھوءَ ڀڄي وئي. ھوءَ منھنجي ٻانھي نه ھئي. مون وٽ پالتو جانور وانگر پاليل يا ٻڌل ڪانه ھئي، جو مان ھن جي، وڃڻ کي – ٻين لفظن ۾ خودمختياري سان پنھنجي واٽ اختيار ڪرڻ کي چوان ته ڀڄي وئي. ھوءَ آزاد ۽ خودمختيار ھئي. (ھئڻ گھرجي) ھن کي پنھنجي زندگيءَ بابت فيصلي ڪرڻ ۽ واٽ جي چونڊ ڪرڻ جو مڪمل اختيار ھو. (ھئڻ گھرجي)
    ھا، البت جيڪڏھن مون کي پنھنجي فيصلي کان واقف ڪري ھا ته . . . .
    ممڪن آھي ھن ائين ضروري سمجھڻ مناسب نه سمجھيو ھجي، انھيءَ ڪري – يا، ھيءُ به ممڪن ٿي سگھي ٿو ته منھنجي خاموش، ائبنارمل لڳندڙ ورتاءَ ۽ سندس ۽ منھنجي وچ روايتي گھري ناتي ۾ منھنجي ڌاريائپ واري انداز ڪري، ھن کي ٻڌائڻ ڏکيو لڳندو ھجي ۽ ھوءَ اخلاقي جرئت جي گھٽتائيءَ جي ڪري ، دل جھلي نه –
    بھرحال، مون کي پراميد رھڻ گھرجي. سندس لاءِ دل جي سچائي سان نيڪ خواھشون رکندڙ مخلص دل جي اھائي تمنا ٿي سگھي ٿي ته، ھوءَ جتي به ھجي خوش ھجي. ۽ جنھن اندازي موجب مان سوچيان ٿو ته، ھوءَ سامھون رھندڙ ماستر سان ئي . . .
    جيڪو اوچتو رات گم ٿي ويو، سٺي سڀاءُ جو لڳندو ھو – ڇڏ انھيءَ ذڪر کي، جوڪجھه ٿيو – ھُون، پاڙي ۾ ۽ آفيس ۾ جيڪو ڪجھه چيو وڃي ٿو ، ھا، انھيءَ جي مون کي پرواھ نه ڪرڻ گھرجي. ھڪ ته ھن ڪري جو، اھا ڀڻ ڀڻ آھستي آھستي روزمرھ جي انيڪ واقعن ۾ پاڻمرادو ڍڪجي ويندي . جڏھن انھيءَ ۾ نواڻ نه رھندي، تڏھن ڪوبه ڄڻو، مون سان لاڳاپو رکندڙ انھن ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏيندو. اھا انھن جي ضرورت آھي ته، ھھڙي قسم جي واقعن ۾ ڍونڍ وارو پھلو ڳولي، انھيءَ کي چٽيندا رھن. پر منھنجي لاءِ اھم ڳالھه ھيءَ آھي ته مان چپ رھان. البت ھيءٌ چٽيءَ ريت سمجھان ٿو ته ڏيکاءَ واري ھمدردي اھا منافقت آھي، جنھن کي مان ڪڏھن معاف ڪري نٿو سگھان. جڏھن ته اھو ڀليءَ ڀت سمجھان ٿو ته، ڏيکاءَ واري ھمدردي ڪندڙ اھي انسان، پر پٺ پنھنجي راءِ زنين ۾ ڪھڙي ريت مون بابت ڪرپٽي مٽيندا ھوندا. خير. منھنجو ڇا، بس منھنجي لاءِ اھم آھي ته، عاشي نه – ڏس، شبير تون سوچ جي پٽڙي تان لھي رھيو آھين – مان به ڪيڏو نه عجيب ڏينھون ڏينھن وڌيڪ.
    ٿڌ وڌي رھي آھي. حيدرآباد جي رات گھميل ٿڌ ۾ عجيب قسم جو ڳھر آھي، جيڪو لڱ لڱ ۾ نشو ڀريو ڇڏي.
    آفيس، ميز فائيلن سان سٿيل. ڪرسي، لڳندڙ وجود جو اڻڇڄندڙ جز بڻيل.
    منافق.
    شبير صاحب، ھو، ٻڌوسين ته خبر ناھي سچ يا آھي يا . .. . اوھان جي سسٽر . . . .
    -- ھا.
    -- پوءِ، ڪا خبر پيئي؟
    -- نه. پر منھنجو اندازو آھي ته اسان جي گھر جي سامھون ھڪ ماستر رھندو ھو، انھيءَ سان . . .
    -- پوءِ، اوھان ڪا جاچ يا ڪوشش –
    -- نه. مان ڇا ٿو ڪري سگھان.
    (جڏھن ته ھن پنھنجي مرضي ۽ خواھش موجب ڪنھن به صاحب سان پنھنجي زندگي ڳنڍڻ جو فيصلو ڪيو.)
    -- نه، ته، به ھوءَ . . . .
    -- چپ.
    (ظاھر آھي ته ، اھڙو فيصلو ڪرڻ کان اڳ ھن پنھنجي مستقبل جي باري ۾ چڱي ريت سوچيو ھوندو ۽ ھيءُ به ظاھر آھي ته، ھوءَ پنھنجو پاڻ لاءِ نقصان جو ڪڏھن سوچي به نٿي سگھي. جو ڪو به انسان پنھنجو پاڻ کي ڇيھو رسائڻ نه چاھيندو)
    -- نيٺ ادا، تنھنجي ڀيڻ ھئي، تون ھن کان وڏو ۽ مرد ماڻھو . . . .
    -- چپ.
    (کانئس وڏي ھجڻ ڪري يا مرد ماڻھو ھجڻ ڪري، مون کي سندس مستقبل جي فيصلي ڪرڻ جو ڪوبه حق ته پھچي نٿو سگھي.)
    ھارڊ¬ بورڊ جي پارٽيشن سان ھيڊ ڪلارڪ جو ڌار ڪيل ڪمرو. ڪمري مان ايندڙ ڀڻ ڀڻ نما سرٻاٽ ۾ آواز،
    -- ڪرئڪ آھي.
    -- نه يار، بي غيرت آھي. (فيصلو)
    -- ڀلا غريب ماڻھو. نه اڳ نه پٺ. ڪڇي ٿو خواري تنھن کان مٺي به ماٺ ، مُٺي به ماٺ.
    -- ھونئن به ھڪ چُتون ڇوريءَ لاءِ مٿا ڪُٽ ڇو ڪري.
    -- ھا، ڪني آڱر وڍي ڀلي آھي.
    -- اھڙين ڀاڄوڪڙ رن کي ته گھٽو ڏئي اندرئي اندر پوري ڇڏجي.
    بزدل، منافق. تنگ نظر. ڪريل، دراصل اھا چوڻي درست آھي؛ ته ڏوھ وارو احساس رکندڙ، فيصلي واري احساس کي گھٽڻ لاءِ وٺندا آھن. اھوئي سبب آھي جو ھو، فتوى ڏيڻ ۾ ڪابه دير نه ڪندا آھن.
    خير. جيتوڻيڪ آفيس ۾ ھن قسم جي سرٻاٽن ڪنھن حد تائين ڪوفت ڏني آھي. پر اھو سڀ ڪجھه وقتي آھي. ستت ئي ، اھي سرٻاٽ ۽ راءِ زنيون ختم ٿي وينديون. پر جڏھن انھن سڀني ڳالھين تي منھنجو وس نٿو ھلي ۽ نه ئي ھلي سگھندو، ته ڇو مان سوچي سوچي اجايو پاڻ کي پريشان ڪري رھيو آھيان.
    اوچتو: ڀنڀلائي.
    اھو به ٿي سگھي ٿو.
    ڪٿي مان پنھنجو پاڻ کي زوريءَ لاتعلق رکڻ جي ڪوشش ۾ ھھڙي قسم جي دليل بازي ڪري ٺڳي ته نه رھيو آھيان!
    پنھنجي ڪمزوري ۽ وس نه پڄڻ سبب، سوچ جو ھيءُ انداز . ..
    پاڻ ٺڳڻ . ھُئه –
    ذھن خالي. ڀنواٽي.
    ڪا مھل ائين.
    جيڪڏھن ائين آھي به، ته پوءِ مان سمجھان ٿو ته، جيڪڏھن، مون کي زندھ رھڻو آھي ، ۽ ھنن حالتن ۾، جتي منھنجو وس نٿو ھلي، ته پوءِ: پاڻ ٺڳڻ ضروري آھي. ھڪ ضرورت؛ جا بھرحال زندھ رھڻ ۾ ھٿي ڏئي ٿي. ھڪ بي وس؛ لاچار انسان . . .
    پوليس ۾ رپورٽ . . . . ؟
    ريلوي اسٽيشن جو ويٽنگ روم. رات جا ٻارنھن. انتظار ڪندڙ، اڪيلو ويٺل، ويٽنگ روم ۾ اوچتو. پنج پوليس وارا ھڪ عورت، لڳندڙ مسافر، کي اندر وٺي آيل، بي وسي ٽمندڙ منھن منجھان.
    ”مسٽر ڪمرو خالي ڪر. انڪوائري ڪرڻي آھي.“
    چپ چاپ ٻاھر نڪري آيل.
    ڪمري جو در بند.
    عورت جون دانھون. ڪوڪون.
    دانھون ڪوڪون ماٺ ٿيل.
    ڳپل دير کان پوءِ پوليس وارا نڪرندڙ ڪمري مان، حُليا ڦريل، ورديون وريل.
    ڪانڊارجنڊڙ وار. ڪنا. قانوني رھزن. ڏوھاري. جن جي جسم تي تحفظ لاءِ قانوني جبو اوڙھيل آھي. رت جي ولوڙ ۾ تيزي : کانئن نفرت، انتھائي نفرت جي اظھار لاءِ لفظ نه ملندڙ، جوش جو غلبو سڄي وجود تي، ڀيڻچو .....
    رستي جي هڪ ڪپ سان ويٺل چڻن وارو. پوليس واري جي چمڪندڙ ڪاري بوٽ جي لت ٿالهه تي. چڻا پکڙيل. پوءِ هڪ ڀرڀور لپاٽ، چڻن واري جي ڳل تي –
    نفرت سان گڏ بغاوت.
    ھي اھي ڪميڻا ڏوھاري آھن، جن جي ھر ڏوھ کي قانون جو تحفظ مليل آھي.
    وڏيري جي اوطاق، گجندڙ ٿلھو صوبيدار. ھيسيل ڊنل، ڦتوءَ جي ڀيڻ.
    ”ڪڃري ٻڌاءِ ته ڦتو سان گڏ ڪير ٻيا ھئا؟“
    ”سائين ڌڻي ٿو ڄاڻي مون کي . . . ”
    ”چپ ڪر لونڊي. ٻيا تنھنجا جهن .... ھا جو نٿي ٻڌائين.“ چڏن ۾ لت.
    ”رئيس، ھيءَ ائين ڪانه مڃيندي . اڙي او – “
    ڦتوءَ جي ڀيڻ جي ڪانچ ۾ پونگڙو دانھون ريھون ڪندڙ، ٽپڪا ڏيندڙ، ٻاڏائيندڙ، ايلاز ڪندڙ . . .
    ٿاڻي جي ڪوٺي. اگھاڙي پيل عاشي، دانھون، ڪيڪون ڪندڙ. ڪنجھندڙ، ڪڻڪندڙ وردين جو ڍڳ. اگھاڙا بيٺل پوليس وارا
    نس نس ۾ نفرت، ڪاوڙجي باھ ڏنڀ ڏيندڙ.
    ڄڻڪ خواب مان سجاڳ ٿيل. موڳو، ھيڻو وجود. پاڻ ٺڳڻ لاءِ ئي سھي، پُر اميد رھڻ کان سواءِ ڇا ٿو ڪري سگھي. ڪيڏو لاچار، بي وس. زندگيءَ جي رُڃ ۾ ڀٽڪندڙ روح؛ جو آھي؛ ھستي رکي ٿو. پوءِ به ناھي جو تڇ آھي؛ ھيڻو آھي.
    گھري، ڳتيل، روح جي پاتال تائين عجيب قسم جو درد ڏيندڙ پيڙا.
    ڊگھو، اونھو ساھ، لڳندڙ پيڙا جو درد.
    ڪش مٿان ڪش.


    3

    قبرستان: ٻرندڙ ڏيئو ھڪ قبر تي.
    قبرستان جي ھيءَ سانت! سنسان ماحول واقعي ڀوائتو لڳندڙ آھي. پر پوءِ به عجيب قسم جو انس –
    ھن دور ۾، جڏھن جيئرن انسانن جي رھڻ جو مسئلو ايڏو شديد ٿي ويو آھي، تڏھن مئلن کي غير ضروري طور ھيڏي ساري زمين ڏيڻ ڇا بيوقوفي ۽ جھالت نه آھي ! ھن جاءِ تي چئن پنجن منزلن واريون ٻه ٽي بلڊنگون خوشيءَ سان اڏجي سگھن ٿيون. جن ۾ ڪيترن ئي جيئرن انسانن کي سولائي سان رھائي سگھجي ٿو. ممڪن آھي، اڳتي ھلي ضرورت مجبور ڪري ته پوءِ
    ٻرندڙ ڏيئي واري قبر شايد نئين آھي.
    موت اٽل آھي.
    گھر: اجڙيل ويران، لڳندڙ کنڊر. ماضيءَ جو ھڪ يادگار. ماضيءَ ۾ ڪا زندگي ھئي، احساس ۽ جذبا ھئا. چرپر ۽ حياتيءَ جا آثار ھئا.
    ذھني ٿيڙ . . . .؟
    عاشي . . . .؟ ھا، اھا زندگي عاشي ھئي، جنھن جي وجود جي موجودگي؛ ڀرڀور زندگي جو اظھار ھو. ھن جي وڃڻ ڪري پيدا ٿيل ھيءُ ويراني جو احساس، انھيءَ احساس ۾ اڪيلائي، اٻاڻڪي ڳتيل! ھتي اچڻ کان اڳ، جڏھن ھوءَ نه ھُئي، اڪيلو ھوس تڏھن اڪيلائيءَ جو احساس نه ھو. پنھنجي وجود جي موجودگي جو احساس نه ھو. ڪتاب. ھا، ھڪ روٽين لائيف جو کوھ مان پاڻي ڪڍندڙ بند اکين سان پاڻي ڪڍندڙ بند اکين واري ڏاند وانگر بي منزل ڦيرو ھو. ڪڏھن نه کُٽندڙ. ھن جي اچڻ، وڃڻ؛ ڪجھه جاڳايو، جو اڳ جاڳيل نه ھو. بنھه ڪجھه ھوئي نه، ھن پيدا ڪيو. لڳي ٿو ھن جي اچڻ کان اڳ، پيدا نه ٿيل ھئس. ھن جي وجود زندگي ڏني. ھن جي اچي، ھلي وڃڻ زندگيءَ جي ھجڻ جو احساس.
    زندگيءَ جو احساس ڪيڏو نه پيڙا ڀريو؛ اذيت ناڪ آھي. ڇا انسان ائين آھي؟ پوءِ به زندگي سان پيار! شايد . . . خير! سچ چيو آھي: زندھ رھڻ جي خواھش؛ ڪيڏي ڪمزوري آھي!
    قبر تي ٻرندڙ ڏيئي جي ٽم – ٽم.
    پر موت اٽل آھي.
    اوچتو: موت جو ڊپ سڄي وجود کي وڪوڙي ويندڙ: جڏھن موت اٽل آھي ؛ پوءِ ڊپ . . .
    ڪمرو: در ۾ اندران ڪڙو چڙھيل، کٽ تي بي جان جسم پيل: منھن سڌو، ھڪ ٻانھن کٽ جي ٻانھينءَ کان ھيٺ لڙڪندڙ وات ڦاٽل؛ اکيون کليل.
    اِتي، ائين ڪي ڏينھن گذري ويل.
    ڌپ. ڪِيليون پٽيندڙ. مکين جا ميڙ. ڪينئان رڙھندڙ. ننڍا وڏا ڪيئان؛ وچڙيل، چرندڙ لاش تي. جسم جو ڳپل حصو کاڌل. ٽنگ، مختلف ھنڌن تي. پٽيل، ٽُڪيل، کاڌل، ھڏا نظر ايندڙ.

    ماڻھن جو گوڙ.
    ڳڻتي – الڪو – ڊپ.
    مان به عجيب آھيان. جڏھن مرڻ کان پوءِ مون کي ڪنھن به ڳالھه جو احساس نه رھندو ته پوءِ ھي بيوقوفيءَ وارو خيال ڇو! بي جان جسم جيئرن جي حوالي، وڻين ته گند جي ڍير تي ڦٽو ڪن، وڻين ته – بھرحال، اھو مسئلو جيئرن جو رھندو مئلن جو نه.
    موت جو خيال موٽندي، ذھن خالي، احساس ستل، ڌاريو پنھنجو پاڻ کان، ڌاريو، پوري ماحول کان، جنھن ۾ ھلندڙ.
    پاسو ورايل، وڌيل اوندھ. اوندھ جو ڏنڀيندڙ احساس. ٻرندڙ بلب. چوڦيڙ لڳندڙ سنسان، ڄڻڪ قبرستان ۾؛ بلب، ٻرندڙ ڏيئو.
    قبر جي مٿان ڏيئو ٻري رھيو آھي.
    سڌو سنئون ليٽيل کٽ تي، لڳندڙ مئل، پيل قبر ۾:
    ”بڪواس آھي.“
    اڪيلائي جو احساس. ننڊ جي ڀرڀور خواھش ھوندي به، اکين ۾ ننڊ نالي ماتر به نه!
    ڪتاب پڙھان. اوچتو خيال
    HOMER – ODYSSEY
    ڪتاب جو خيال اچي غائب ٿي ويل. نظرون ڀت ۾ کتل. ڀت تي پوندڙ پيلي پيلي روشني پراسرار لڳندڙ. ھنڌ – ھنڌ تان ڀتين جا چاپوڙا لٿل، رنگ ڦٽل. عجيب قسم جون شڪليون: اُڏامندڙ گھوڙو. ڊگھي نڪ واري ڏائڻ. جبلن جي قطار. اڏامندر پکي. لھرون. بن مانس. ھرڪيولس.
    شڪليون چُرندڙ: اوچتو ھڪ نئين شڪل: اگھاڙي عورت. يڪ – ٽڪ اڀا ٿيل گوڏا.
    عاشي اگھاڙي، اگھاڙي ماڻھو سان. بي وس، پگھريل، ڪاراٽيل منھن. اذيت جي احساس کي دٻائيندڙ. مٿان چڙھيل، اڌڙوٽ، بت ۾ ڀريل، اگھاڙو –
    بدن ۾ تيز، گرم رت جي ڊوڙ. پگھر ۾ شل بي وس، ڪمزور ڪريل ھجڻ جو گھرو، گھرو احساس.
    بي وسيءَ جي اونھي، گھري ڊگهي ساھ کڻڻ ۽ اکيون ڇنڀڻ سان، ڀت تي پوندڙ روشنيءَ ۾ عجيب شڪليون گم ٿيل – ڪٿان ڪٿان چاپوڙا لٿل. چاپوڙا لٿل ھنڌن تي چتائي ڏسي، انھن شڪلين کي ڳولڻ جي ڪوشش.
    ذھن خالي. اداسي ۽ پيڙا جو گھرو احساس اداسيءَ ۽ ڏک جو اھڙو گھرو احساس؛ روح جي اونھائي ءَ ۾ ، ھيٺ؛ پاتال تائين رھڙجي پھتل. ڪجھه ڦاٽل ھنئينءَ ۾ ، ٻاھر نڪرندڙ. ڪجھه منجھيل، ھيٺ روح جي پاتال ۾، ٻاھر نڪرڻ چاھيندڙ.
    بي وسي – چٽو احساس، ساڃھه سان، انجو.
    اکيون ڳوڙھن سان ڀرجي آيل. ھستي ھڪ ھنڌ، ڄميل بوتي جيان. وھندڙ ڳوڙھا.

    اوچتو سڏڪا، ڄميل بوتي ۾ سياٽي سان چرپر.
    سڏڪا . . . .
    سڏڪن مٿان سڏڪا. بوتو سڏڪا ڀريندڙ.
    سڏڪا . . . ڪا مھل.
    ٿميل سڏڪا ، ھڪ ھنڌ ڄميل وجود. اکيون کتل ھڪ ھنڌ.


    اوچتو : پاڻ – سجاڳيءَ جي احساس سان: روئڻ ۽ سڏڪن جو احساس. اھو احساس. ويساھ ۾ نه ايندڙ سپني سمان لڳندڙ. عجيب کل جھڙو. مرڪ چپن تي، ڄڻڪ پنھنجو پاڻ تي ٺٺول. مرڪ ڦھلجندڙ، پنھنجو پاڻ تي تعجب جي احساس سان! پوءِ ٽھڪ، ٽھڪ مٿان ٽھڪ. پنھنجو پاڻ تي.
    ٽھڪ . . . .
    ٽھڪن سان ، اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيل.
    ڪيڏو عجيب!
    ٿھميل ٽھڪ. ھڪ ھنڌ ڄميل وجود. اکيون کتل ھڪ ھنڌ.

    اوڊيسيس رئندڙ. سڏڪا ڀريندڙ.
    ھن رنو. انھيءَ رئندڙ عورت وانگر، جيڪا پنھنجي مئل مڙس جي لاش مٿان پاڻ ڦٽو ڪري وڏي واڪي سڏڪا ڀري رھي ھئي. جيڪو بھادريءَ سان وڙھندي، پنھنجي شھر ۾ پنھنجن ماڻھن آڏو ، گھر ۽ ٻارن جو بچاءُ ڪندي مئو ھو . . . . ساڳي رحم طلب حالت ۾ اوڊيسيس رنو.
    پنھنجي روئڻ تي ايندڙ کل.
    ڪيڏي حماقت! کلندڙ، ڦھليل چپ.
    سمھان. ڪافي وقت ٿي ويو آھي.
    ننڊ نالي ماتر به اکين ۾ نه.
    سگريٽ جي ٻاڙ. لڳڻ ھن وقت تائين خواب ۾، جو سگريٽ جي طلب جو ذرو به احساس نه ٿيل.
    ٻرندڙ تيليءَ جو شعو. سگريٽ جو ڪش، ڪش مٿان ڪش. ھونئن ته ننڊ ڪانه ايندي. بھتر آھي ته اوڊيسيسيءَ جا ڪجھه صفحا پڙھان، ته پوءِ من –
    رڙھندڙ اکر ھڪ ھنڌ بيٺل.
    رڙھندڙ ڪارا اکر . . . .

    اوچتو: نيٺ مان جيئان ڇو ٿو؟ جيڪڏھن مان مري وڃان، يا نه ڄمان ھان، ڪھڙو فرق پوي ھا؟
    ھن کان اڳ جڏھن اڪيلو ھئس؛ روٽين لائيف ۾ ھڪ مشيني پرزي وانگر چرپر ۾ ھوس، ته مون کي پنھنجي جيئري وجود جو احساس نه ھو. آفيس – ھوٽل – ماني – گھر – ڪتاب – ننڊ ضروري حاجتن جو مشيني انداز ۾ پورائو. آفيس . . . . امان جي موت ۽ عاشيءَ جي موجودگيءَ، مون کي پنھنجي وجود جو احساس ڏنو ۽ عاشيءَ جي وڃڻ کان پوءِ، اڪيلائيءَ جو پنھنجي وجود جي بار ۽ وزن جو احساس! ھن کان اڳ، ڪتابن جي معنى منھنجي آڏو ھن کان وڌيڪ ڪانه ھئي ته : مان پڙھان ٿو، جو ٻالڪپڻي کان وٺي ڪتاب پڙھڻ جو چشڪو لڳل اٿم. ھر ڪتاب جي اھميت، ان کي پڙھڻ جي وقت تائين ھئي ۽ بس! ائين جيئن ڪاڳر جي گلاس ۾ پاڻي پي، ان کي ڦٽو ڪري ڇڏجي. ۽ ھيئنر اکرن جي ھنن ڍيرن ۾ ڄڻڪه ڪجھه نظر اچيم ٿو. گھڻو ڪجھه، لڳيم ٿو. ھيءَ ڪارا ڪارا اکر مون کي چھنڊڙيون پائي رھيا آھن. عاشيءَ ۽ حادثي ۽ امان جي موت، مون کي پنھنجي ھستي جو احساس ڏنو، جڏھن ته ھيءَ اکر ڪيلين وانگر منھنجي ھستي کي چڪ پائي رھيا آھن!
    بڪواس آھي. سڀ ڪجھه بڪواس. ھيءُ ڇا سوچي رھيو آھيان: اجايو، بي مطلب. ھينئر سمھان. صبح جو آفيس بتي وسايان.
    اوندھ، اکيون پوريل. ننڊ لاءِ ھٿرادو جاکوڙ. پاسن جو ورائڻ. سڌو ستل. اکين تي ٻانھن.
    اوچتو: احساس، اڪيلائيءَ جو. سانت ۽ اوندھ ۾ پيل ھستيءَ، بي چين وجود ۾ ڪجھه کٽل ھجڻ جو، جو ھئڻ گھرجي.
    خالي ويران گھر: عاشي جو ڇڏيل خال جو احساس اونھارو – ٿڌي ھير ھلندڙ. چانڊوڪي رات. چوڌاري سانت. پاسو ورائڻ سان ٿڌو ٿڌو مزو ڏيندڙ. پريان عاشي ستل. گول مٽون، سانورو منھن، چانڊوڪيءَ ۾ وڌيڪ پرڪشش لڳندڙ. پوريل اکيون، گھاٽين، ڊگھين، ھلڪو وريل پنبڻين ۾ وڌيڪ خوبصورت لڳندڙ. دل چوندڙ، ائين ئي چنڊ جي روشنيءَ ۾ عاشيءَ جو منھن ڏسندو رھڻ لاءِ. گھرو ڳتيل مزو ايندڙ ۽ ڇڪ.
    ڀرڀور خواھش: ڳٽي تي ھٿ ڦيرائڻ جي. لسو، نرم ڳٽو. پوءِ ٻنھي ھٿن ۾ جھلي، چمڻ جي. چمڻ سان گڏ، نرم لسن ڳٽن تي نڪ گسائڻ جي –
    اوچتو: عاشي جو منھن ٻنھي ھٿن ۾ جھليل. نرم نرم ڳٽا. اکيون، اکين ۾. ٻنھي جي اکين ۾ ڳوڙھا. عاشي سڏڪا ڀريندڙ. لڪايل منھن سيني ۾. پٺي ٺپريندڙ.
    ستايل، قياس جوڳا، بي وس ٻه وجود.
    ننڍڙي عاشي دانھن ڏيندڙ:
    ”امان ، شبو کي ڏسين ٿي.“
    ”ڇورا نپٽيا، ڀيڻ کي ستائيندي لڄ نٿي اچيئي. نه منھنجي گُڏي تون مون وٽ آءُ. ڇا ٿو ڪرئي لوفر ڇورو.“
    ”امان، ڳٽن تي چڪ ٿو پائي ۽ چھنڊڙيون ٿو ھڻي.“
    نرم اڀريل، گول مٽول ڳٽا.
    گھر ۾ آيل مھمان عورت جي ننڍڙي ڇوڪري اوچتو رانڀاٽ ڪري روئيندڙ.
    ”امان، او امان.“ عاشي تيز وکن سان دانھن کڻي ويندڙ، ٻڌايان ڪڪي ڇو ٿي روئي – ”ھو شبو آھي نه، انھيءَ کيس ڳٽي ۾ چڪ ھنيو آھي نه، انھيءَ ڪري“ –
    ”اي ڇورا، باڇاھ پير جي ڪا مار پوندئي، تون ته ٻارن لاءِ جھڙو آھين کردجال.“
    خردچال – چپن تي مرڪ ڦھليل.
    ڪونئرا، نرم ڳٽا، لسا لسا، تکي ڇھاءَ سان محسوس ٿيندڙ. چمي. پوءِ ڳٽن تي ھلڪيون ٿڦڪيون ھڻڻ جي ڀرڀور سڌ.
    ستل عاشيءَ: منھن کان نظر ھيٺ : سيني تي. ساھ کڻڻ ڪري سيني جو اڀار ھيٺ مٿي ٿيندڙ. معصوم، سٻاجھڙو منھن.
    عاشيءَ سان وھنجندڙ اڱڻ ۾. قميصون لٿل. پراڻي ڦاٽل اجرڪ جون گوڏون پيل. وٽي سان پاڻي مٿان نائڻ سان، اَڳر جو ڇنڪار ڪندڙ.
    ”عاشيءَ ٿورو ھيڏي اچ.“
    پاڻيءَ جون ڦينگون اڏائيندي، ايندڙ.
    ببڙيءَ تي آڱر رکندي، ”عاشيءَ، ھيءُ ڪارو ڪارو ڇا اٿئي؟“ ببڙيءَ کي چھنڊڙي.
    ”الا – مري ويس ، امان – “ عاشي دانھون ڪندڙ، پٽ سان پير سٽيندڙ.
    ”اڙي شبو، ھچا ڪا پوئي، تون ڇوريءَ جي پٺيان ھٿ ڌوئي اچي پيو آھيان.“
    پٽ سان پير سٽيندي سٽيندي عاشيءَ جي گوڏ ڇڙُي، ڪري پيل.
    نظرون کتل عاشي جي اوگھڙ تي.
    گناھ جي احساس جو پڙاڏو. پڙاڏا . . . .


    4

    سمجهان ٿو، هيءَ احساس روائتي اخلاقي قدرن سبب ئي هجي. پر هن تجسس جي حقيقت پنهنجي جاءِ تي ٺوس آهي. ڇا عورتن کي به، مردن جي باري ۾ ڄاڻڻ جو ههڙو تجسس ٿيندو هوندو؟
    نه چاهيندي به، عورت جي اوگهڙ نظرن ۾ پيل کتل. زال_ شاديءَ جي ڪيترا سال اڳ مروٽيل، چيڀاٽيل خواهش اجاگر ٿيندڙ.
    هڪ مرد لاءِ زال جو هجڻ لازمي ضرورت؟
    زال مڙس لاڳاپا: امان بابا جي زال
    اڻ _ وسهندڙ، عجيب لڳندڙ! چر_پر ڪندڙ ٻه اگهاڙا وجود.
    اڻ وڻندڙ. ويساهه ۾ نه ايندڙ ڪراهت.
    ان ڏيک کي ڪيترن ڏينهن تائين ذهن مان ڪڍي نه سگهيو هوس ٻنپهرن مهل:
    جڏهن ٻاهر کيڏي کيڏي گهر آيس عاشي ورانڊي ۾ گڏين راند ۾ رڌل هئي. مان اندر ڪوٺيءَ ۾ وڃڻ لڳس. عاشيءَ رڙ ڪئي: ”نه نه اندر نه وڃ“. ”ڇو؟“ مون کي چڙ آئي هئي. ”نه نه، ڇورا نه. بابا جهليو آهي“. جهڪي آواز ۾ پر لفظن تي زور. مونکي هٿائين وڌيڪ تجسس. در کولڻ لاءِ زور.اندران ڪڙو چڙهيل. در جي ڳڙکڙي مان اندر نظر: امان ۽ بابا اگهاڙا. عاشيءَ جو سس پس ۾ پريشان آواز، ”نه ڏس ڇورا، نه ڏس. بابا لاک لاهي ڇڏيندءُ.“
    ڏيک ذهن ۾ ٽڪ ٻڌل امان لڳندڙ مظلوم، بي عزت ٿيل، ساڻس همدري، ايندڙ مٿس قياس گاڏڙ پيار. بابا لڳندڙ وحشي، ظالم، لڳندڙ ڊپ، هيبت، نفرت.
    عاشيءَ کي ڏٺم. ٻئي هڪ ٻئي کي ڦڪا ڦڪا لڳي رهيا هئاسين. ڏوهاري!
    ڪيترن ڏينهن تائين امان کي همدرديءَ، قياس ۽ مبهم اڻ_واضح پيار، جنهن ۾ همدرديءَ ۽ قياس اُتم هو، جي نظرن سان ڏسندو رهيس ۽ بابا کي نفرت ۽ حقارت جي نظرن سان!
    هيءُ لاڳاپو منطتقي؛ پوءِ به غير منطقي لڳندڙ، فطري؛ پوءِ به غير فطري، ويساهه ۾ نه ايندڙ، لڳندڙ. معقول نا معقول لڳندڙ! امان ۽ بابا ... ممڪن آهي، هن ٺوس حقيقت کي وڌيڪ لڪائڻ، ڍڪڻ، پر اسرار بنائڻ ڪري ئي .....
    اوچتو: عاشي اگهاڙي، اگهاڙي ماڻهوءَ سان ستل. وار کليل، چنبڙيل کليل پيشانيءَ تي. پگهر ۾ شل. فٿڪندڙ، پاڻ ڇڏائيندڙ، مٿان چڙهيل اگهاڙي مرد کان .....


    ٿاڻي جي ڪوٺي. اگهاڙي پيل عاشي، دانهون ڪندڙ، ڪنجهندڙ، ڪڻڪندڙ. وردين جو ڍڳ.
    جسم ۾ تيز گرم رت جو لوڙ. ذهن ۾ ٽڙڪاٽ: ڪاوڙ، باهه جون ڄڀيون نڪرندڙ. ڄاڙيون ڀڄيل. تارونءُ مان ٽڙڪات نڪرندڙ... ذهن خالي.
    ذهن خالي. رت جي ولوڙ ۾ ماٺائي. پڄرندڙ وجود ٿڌو. اونهي شوڪاري سان، چپن تي مرڪ مڙهيندي: اهو هڪ نيچرل پراسيس آهي. انهيءَ ۾ عورت پنهنجي پيسو حيثيت ۾ اوتروئي ماڻي ٿي، جيترو مرد ايڪٽو حيثيت ۾. نه ڄاڻ ڇو منهنجي ذهن ۾، انهيءَ خيال سان، اهو ڀيانڪ تصور ڇو ٿو اڀري! نه ٿيڻ گهرجي. اهو سڀاويڪ آهي. بابا سان سمهندي، امان به ايتروئي ماڻيو هوندو، جيترو بابا. پوءِ منهنجي ذهن ۾ امان قياس ۽ همرديءَ لائق ڇو، بابا ڏاڍو، ڀوائتو ڇو! مطلب ته عاشي به اوتروئي ماڻيندي هوندي، جيترو سندس مرد ساٿي، جنهن سان هوءَ رضا خوشيءِ سان وئي آهي. البت هن عمل ۾ بنيادي سوال ”جبر“ ۽ ”رضا“ جو آهي. ها: ....
    بڪواس. هي ڪهڙي ويچار وهڪ ۾ لڙهي رهيو آهيان. عجيب بيوقوفي. ڏس. مسٽر شبير! توکي هينئر سمهڻ گهرجي. رات ڪافي گذري چڪي آهي. صبح جو توکي آفيس ۾ به ڪم ڪرڻو آهي. ڇا سمجهيهءُ. ها، شاباس، هاڻي ننڊ ڪر.
    اکيون پوريل. ننڊ لاءِ هٿرادو جاکوڙ: خيال کان جان ڇڏائڻ، ڌيان مٽائڻ لاءِ، ڊگهو ساهه. بيڪار. پاسي جي اٿل. انگن جي ڳڻپ، هڪ ٻه ٽي چار پنج ڇهه ست اٺ نو ڏهه يارهن... اسي ايڪاسي.... هڪ سو هڪ هڪ سو ٻه ... بيڪار.
    هزار تائين ڳڻيان.
    .....نو سو اٺ نوسو نو نوسو... بڪواس آهي. بلڪل بڪواس. انسان جو ننڊ تي وس هلڻ گهرجي. نيٺ_ ننڊ جون گوريون _ هون، گهر ۾ هئڻ گهرجن. تمام ضروري آهي. پر سوال آهي ته هينئر مان ڇا ڪيان؟ پسار؟ ورزش؟
    ايندڙ پنهنجو پاڻ تي جک. هي دماغ به. بتي ٻاري پڙهان: ODYSSEY ذهني اورٽ ڏياريندڙ. مٿو ڳورو ڳور. سمهان ٿو. فيصلي واري لهجي ۾. وهاڻي کي ٻک. ٿڌو ٿڌو، نرم وهاڻو. سياٽو. اکيون بند. وهاڻو ٻک ۾ نرم نرم لڳندڙ. ننڊ اکين مان اوپري ٿي ويل. بي چيني. اوچتو هڪ اڻ_ ڄاتل خواهش: نرم ڪونئري جسم واري عورت، ڀاڪر ۾ هجڻ جي، ٻکيل، وچڙيل. ان سمهڻ ۾ اڻ _ ڄاتل مزو ايندڙ عورت جا لسا لسا سٿر. گڏ ستل عورت کي ڀرپور، ڇڪ، هڪ اندروني بي چيني جوش واري سگهه سان ڀاڪر. وچڙيل، بي چين ڄنگهن ۾ پاڻمرادو اوتيل سگهه جو زور. بي چيني وڌندڙ، اندروني اٿل پٿل سان ايندڙ مزو....
    ڳوٺ جي کڏ، ٻوڙن ۾ محمد ڌوٻيءَ جي گڏهه، جانو، يارو، بگو، گلو _ جانوءَ جي گوڏ لٿل. گڏهه سان _ ٻيا پنهنجي واري جي اوسيئڙي ۾.
    ”اچ شبو تون به وَٽ وٺ“، يارو.
    ”نه يار“.
    ”ڇو؟ ڊڄين ٿو“. بگو.
    ”ڊڄندس ڇو.“
    ”پوءِ مڙسي ڪانه ٿئي ڇاڙي؟“ گلو جي ٽونڪر .
    ”وڃ ڙي“.
    ”اڙي شبن، توکي خبر آهي ته هيءُ استاد _ گهر آهي، جوءِ سان سمهڻ کان اڳ هن تي آزمائش ضروري آهي. ڇا ٻڌءِ ٻچُو“.
    گڏيل ٽهڪ ..
    ”اڙي جانو يار جلدي ڪر اسان کي به وارو ڏي“.
    جانو پگهر ۾ شل، گوڏ سنڀاليندڙ، ڳنڍ ڏيندڙ، يارو پنهنجو وارو وٺندڙ، گوڏ هيٺ پيل_
    ”يار اِٽَ هڻندي“، سادگيءَ وچان.
    ”اسان جي هيرايل آ پٽ“. يارو سهڪندي
    ”شبو، جي محمد ڌوٻيءَ کي ٻڌايو اٿئي ته پوءِ پٽ تنهنجو خير ڪونهي“. گلو.
    ”نه _ منهنجو ڇا وڃي“.
    ”ها، ياد رکجانءِ جي ٻڌايو اٿئيس ته هيءَ ڏاڙهي آ: پوءِ توسان ڪنداسين“. جانو.
    ”هل ڙي ڀڙوا. جڏهن چوان ٿو ته نه ٻڌائيندس، پوءِ اها ٽڙ ٽڙ ڇاجي ٿو ڪرين“. ڪاوڙ.
    ”نه شبو، جانو ڀوڳ ٿو ڪري“، بگو سمجهائيندي، ”اڙي يار، تون ڊڄين ٿو. اسين ڪونه پيا ڪيون“. اک ڀڃندي.
    ”وٽَ وٺ يار ... بابا ٻڌو، هن کان پوءِ شبوءَ کي وارو وٺرائينداسين“.
    گڏهه_مرڪ چپن تي
    ماڻيل مزي جو احساس، ياد جي پڙاڏي ۾.
    ويچاري، بي وس!
    جتي به، جنهن جو جيترو وس پڄي ٿو، پاڻ کان بي وس تي، پنهنجو وس نهايت ڪميڻائپ سان هلائي ٿو.
    گڏهه _ عاشي _ پاڻ _ ويچارا
    هون سڀ ويچارا. بي وس!
    لڳندڙ ويچارو، پنهنجو پاڻ کي. ويچارگيءَ جو اهو احساس، پنهنجي بي وس هجڻ، پنهنجي ئي نظرن ۾ خسيس هجڻ جي احساس کي جاڳائيندڙ. ڪريل پنهنجي _ آڏو. خسيسپڻي جو احساس، لڳندڙ، ڪنهن اندروني، روحاني ايذاءُ تي پهو. هڪ ڀرپور خواهش جي سجاڳ: ڪو همدردي ڪري، پيار ڪري، ڳراٽري پائي.
    همدردي خيرات آ _
    نفرت_
    عاشيءَ سان ڳراٽڙي پاتل. رئندڙ ٻئي، خاموشيءَ سان! رئڻ ۾ ايندڙ هڪ قسم جو مزو آسيس!
    هارڊ بورڊ جي ڪيل پارٽيشن پٺيان هيڊ ڪلارڪ جي ڪمري منجهان ايندڙ سر ٻاٽ:
    _ڪرئڪ آهي.
    _نه ادا، بي غيرت آهي.
    _ويچارو. ڀلا ڇا ڪري،
    ويچارو، ويچارو..... پڙاڏو، ذهن جي گنبذ اندر.
    ويچارو: سمجهندي پنهنجو پاڻ کي، اداسيءَ سان گڏ گهري روحاني چوٽ جي ايذاءَ جون سٽون. ان اداسيءَ گاڏڙ، پيڙا ۾، پنهنجو پاڻ سان ان محسوس ٿيندڙ همدردي، ايندڙ قياس. ڪلارڪ، پٽيوالا، عاشي، امان، فقير، آس پاس رهندڙ سڀ قياس جو ڳا! بي غيرت ٿيل. ڳتيل درد.
    نيٺ؟_
    آفيس ۾ اوچتو آيل وزير: سڀ وائڙا ٿي، ڊڄي اٿي بيٺل. وڏو صاحب لوسي ڪتن وانگر اڳيان پٺيان چاپلوسي ڪندي ڳالهائيندڙ.
    _ مان اوهان جي ڪم مان مطمئن ناهيان. اوهان سست ڪاهل آهيو. وڏائيءَ وچان تحڪمانه انداز
    _ بس سائين...
    _ هوءَ ڪرسي خالي پئي آهي.
    _ سائين ڪلارڪ موڪل تي آهي.
    _ ڇو موڪل تي آهي. سيڪريٽري هن جي سپينشن جو آرڊر ڪڍ. موڪلون ٻوڪلون ڇڏي ڏيو، عوام جي حڪومت آهي. عوام اوهان کان پورو حساب وٺندو. لڳندڙ رٽيل لفظ.
    _ سائين، هن جي نياڻي سخت بيمار آهي انهي ڪري .... هڪ ڪلارڪ جي جرئت.
    وزير جون شوريل، رانڀوٽا هڻندڙ، هن کي انتهائي ڪريل سمجهندڙ نظرون: تنهنجو نالو ڇاهي ڙي.
    ايندڙ چڙ، دل چوندڙ پيپر ويٽ کڻي ٺڪاءُ ڪرايانس. ساڳي وزير جي اخبار ۾ تصوير: جهڪي انتهائي چاپلوسيءَ وچان وڏي وزير کي هٿ ملائيندڙ.
    ڪريل اڻ وڻندڙ بڇڙي شڪل.
    ذهن خالي. سڄي وجود ۾ نفرت، ڪراهت ڀريل.
    مسيت مان نڪرندڙ نمازين جو ميڙ ، اڳيان هڪ ڏاڙهيءَ وارو اڌ روٽ. ڳچيءَ ۾ پيل جوتن جو هار. جتيءَ چور .... واڪا، ٿڪون، بُجا، لعنتون، ٿفون. مسيت جو پيش امام ڏند ٽيڙي ٻڌائيندڙ ايندڙ ويندڙن کي؛ سائين ڏسو لعنتيءَ کي، الله جي گهر مان جُتي ٿي چورايائين. پوءِ گهروڙي بجو هن جي منهن ۾: ٿڪ ٿئي ڀيڻان دوزخي.
    آواز: هن لعنتيءَ جون مڇون، ڏاڙهي، ڀرون ڪوڙيا وڃن. ڦڪو، رت بنا منهن. اڇيون، سڪل اکيون، خشڪ چپ، وائڙو، پريشان، حيران، ٻڏل پنهنجو پاڻ.
    لنگهندڙ ڪار بيٺل، دريءَ مان ڀڇندڙ ڪار هلائيندڙ. خوشامندي لهجي ۾ ٻڌائيندڙ پيش امام: ”رئيس اوهان کي ڇا ٻڌايان. ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي! لعنتي مسجد شريف مان جُتي چورائي“....
    ڪار مان لهندي، هن کي هڪ ڀرپور چماٽ وهائيندي: ”اڙي ڀيڻچوت توکي شرم ڪونه آيو.“
    هو چپ، موڳو، ڦاٽل اکيون، رت بنا منهن. ڪڇي جهڙي ڀت.
    ”جواب نٿو ڏين دلا“. ٻي چماٽ
    ڀڻڪندڙ، لڏندڙ، ٻاڏائيندڙ چپ: ”سائين، رئيس رب ٿو ڄاڻي ٽن ڏينهن کان وٺي منهنجي گهر واري بيمار... سڪرات ... منهنجي هڙ ۾ کوٽي پائي به ... مزوري ڪونه... ڏاڪدر چيو.. اُڀ ساهي“.
    ”اڙي انهيءَ ڪري رب پاڪ جي گهر مان جتي ٿي چورايئي. ٿڪ ٿئي ڀيڻان ڪڃر.“ بجو.
    چپ. بوتو.
    ”اڙي جي پالي نٿا سگهو ته شاديون ڇو ٿا ڪيو. پرائيوٽ هلايو. باقي رب جي گهر مان ... لعنت هجئي ڀيڻان_ مولوي صاحب هن خبيث کي ٿاڻي تي وٺي وڃوس، مان صوبيدار کي فون ٿو ڪان.“
    جوش ۾ ٿڙ ٿڙ ڪنبندڙ هستي: بي وسي سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. ها، ڪمزوري سڀ کان وڏو ڏوهه آهي. جيڪڏهن هو، ڪنهن مسيت مان جتي چورائڻ بدران ڌاڙو هڻي ها ته _

    سرڪاري اسپتال: ڏٻرا، ڪنجهندڙ، ڪڻڪندڙ، هڏن جا پڃرا مريض، بي وس، لاچار، لائين ۾ بيٺل، ڊگهي لائين، آهستي اڳتي رڙهندڙ. اوچتو لائين بيهجي ويل.
    _ڊاڪٽر چانهن پي رهيو آهي.
    _ نه نرس سان....
    _ سالو، اسين هتي مرون پيا، هيءُ عياشيون ڪري رهيو آهي.
    نڪرندڙ، شرمايل، ڊاڪٽر جي ڪمري مان نرس، ڪنڌ هيٺ ڪيو تيز تيز ويندڙ.
    ڪنهن ڳوٺ مان کڄي آيل ڳوٺاڻو مريض، کٽ تي. پوين پساهن ۾. ڊگها ساهه کڻندڙ.
    _ڊاڪٽر صاحب، سيگهه ڪر همراهه
    _ اڙي ها ها چپ ڪر ڄٽ، ٻڌم. مٿو نه کاءُ. ڇڙٻ. چنڊ گهڙين اندر مئل مريض.
    حيثيت، سگهه! زنده رهڻ لاءِ.
    هر هنڌ، هر ڄڻو، جتي به، جنهن به، جيتري به، اختيار ۽ حيثيت جو مالڪ آهي، انهيءَ آڌار تي، انتهائي ڪميڻائپ سان، ان جو فائدو وٺي ٿو. وٽس آيل حاجتمند جي بي وسي ماڻي ٿو. نه ته به اهڙي ڪوشش ڪري ٿو.


    5

    سانوري پر چٽي نکريل رنگ واري نوجوان فقيرياڻي. ڪڇ تي ٻار. هلڻ جي لوڏ ۾ خاص ماڻو.
    ”او رئيس، ڌڻيءَ جي نالي ڏي_“
    ”گهڻو کپئي؟ قميص جي اڳ هيٺان چڏن ۾ کنهندڙ رئس جو هٿ ۽ اکين ۾ آڇ“
    ”جيڪو ڏين.“
    ”اچ پٺيان“
    جيئري رهڻ جي هيءَ ڪمزوري! ڪيڏي نه_
    انڪار_
    بغاوت_
    ها، جيڪڏهن سڀ بي وس، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڊوهه_ سرڪش
    ڏند ڪرٽيل، لوندڻيءَ وٽ ٽڙڪاٽ. لڱ لڱ ڦڙڪندڙ:
    ڪڃر. هنن جي _
    رانڀوٽا، لتون، ٺونشا..._
    رانڀوٽا، لتون، ٺونشا هڻندڙ جسم، ساڻو، پگهر، سهڪ.
    نه_
    هنن جي _
    ڄنڊن ۾ هٿ، مضبوط پڪڙيل، ڌونڌاڙ، ڀت سان ٽڪر،
    ٽڪر مٿان ٽڪر، هڪ ڀرپور، خواهش: ڀت سان ٽڪر هڻي هڻي ماري ڇڏڻ جي. سڄو جسم ڪنبندڙ. گڦ وهندڙ. مڇريل.
    سوئر جا پٽو، مان نٿو مڃان.
    مان نٿو مڃان.
    مسٽر شبير، هي فائيل نهايت ضروري آهي. اڄ ئي مان نٿو مڃان، ٻڌءِ ڪونه.
    هڪ زوردار لپاٽ هيڊڪلارڪ جي منهن تي، هليو وڃ هليو وڃ _ حڪم
    ماڻهن جو ميڙ: اوهان سڀ حرامي آهيو. سوئر جا پٽ مادرچو.... مان پڇاءِ ٿو توکي اها جرئت ڪيئن ٿي هان؟
    پيٽ ۾ لت.
    ها؟ عاشيءَ کي ڀڄائڻ جي جرئت ڪيئن ٿيءِ؟
    تنهنجي ته... اها توکي جرئت ڪيئن ٿي؟
    منهن ۾ مڪ، نڪرندڙ رت نڪ مان
    مڪ مٿان، مڪ، لت مٿان لت
    سهڪندڙ
    اوچتو ذهني ڇرڪ سان، سرت: ڏڪندڙ آڱرين، ڪنبندڙ پوري جسم جي. وهندڙ پگهر جي. پگهر ۾ آلي ٿيل گنجيءَ جي. پگهر جي تيزابي، تکي بوءِ جي.
    نڪ ۾ گهڙي ويندڙ تيزابيت واري پگهر جي تيز بوءِ، دماغ تائين پهچندڙ. نه چاهندي به پگهر جي تيزابيت کي لڳاتار ساهه کڻي وري وري سنگهڻ جي ڪوشش. بڇان پنهنجو پاڻ کان. گهٽ ۽ ٻوساٽ جو احساس وڌندڙ. ڪنبندڙ هستي، ان تيزابيت ۾ ڳرندڙ. قميص ۽ گنجي لاهي ڇڏيان. پٺن کي آلي گنجيءَ جي آلاڻ چڀندڙ. سڄي ڪمري ۾ تيزابيت جي بوءِ پکڙيل. ساهه ٻوساٽجندڙ. ايندڙ اورٽ. الٽي ايندڙ.
    لاٿل قميص ۽ گنجي، اڌ بدن اگهاڙو. گرمي ۽ گهٽ وڌندڙ. منجهندڙ ساهه. دل ڪچي ٿيندڙ. ڪرڀ، پنهنجي ئي جسم کان. ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ڊگها ڊگها ساهه کڻڻ جو خيال ۽ تازي هوا جي جهوٽن مان ايندڙ مزي جو تصور نئين حياتي ڏيندڙ. پر ليٽيل ساڳي هنڌ تي.
    جيڪڏهن مان هينئر مري وڃان؟ مري وڃڻ جي سوال پٺيان، مري وڃڻ جو رومانٽڪ خيال لڪل. مري وڃڻ جي سڌ گاڏڙ خيال سان، زندگيءَ جي مبهم هجڻ، بي معني هجڻ جو گهرو ۽ هستيءَ جي تجرباتي سطح تي وڌيڪ درست لڳندڙ خيال. بي وسيءَ جو احساس ان کي وڌيڪ هٿي ڏيندڙ.
    ٻوساٽيجندڙ ساهه. اوچتو اٿي، ٻاهر اڱڻ ۾ اچي ڊگها ڊگها ساهه. ڪانچ جا ور مٿي کڻي پسار اڱڻ جي. وڻندڙ ٿڌڙي،


    ۴۱
    گهميل هوا. زندگيءَ جي تازگيءَ جو احساس اوچتو، ان احساس سان: اڪيلائيءَ جو وڍيندڙ احساس. هڪ گهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن انسانن جو وجود لازمي آهي: خيال.
    پر اڳي، عاشيءَ جي اچڻ کان اڳ؛ مون ڪڏهن ٻئي انسان جي موجودگيءَ جي ضرورت محسوس ڪانه ڪئي هئي، اهڙو خال محسوس ڪونه ٿيندو هو، جنهن کي ڀريو وڃي. روٽين ۾ گم ٿيل زندگي هئي. هن جي وڃڻ کان پوءِ، ٻئي انسان جي موجودگيءَ جي ضرورت، بلڪه پنهنجي وجود ۾ هڪ کٽل، خال محسوس ڪيان ٿو! ڪيڏو عجيب آهي!
    ڄايس ڇو؟
    هڪ حادثو! ٻن وجودن جي ميلاپ جو نتيجو. پر منهنجي هستيءَ جي پيدائش، جوڙ ۾ منهنجو حصو ڪيترو؟ منهنجي مرضي..
    اوچتو: پيٽ ۾ وٽ. هيڻائيءَ جو تکو احساس. يادگيري: رات جي ماني ڪانه کاڌل. بک. هيڻائيءَ ۾ بک جي انتها وڌيل. پر ڪجهه کائڻ جي تصور سان مئل بک جو احساس. بک، جا لڳل، پر مئل.
    هينئر سمهڻ گهرجي. رات ڪافي گذري_ ڀانيان ٿو ته _ ننڊ لاءِ هڪ ڀيرو وڌيڪ جاکوڙ ڪيان... بهتر ٿيندو کٽ ٻاهر ڪڍي سمهان.
    ٿڌڙي، جسم ۾ ڪتڪتائي ڪندڙ هوا. مٿي اُڀ ۾، ڪارنهن ۾ ٽمڪندڙ تارا. نظر کتل اڀ ۾.
    گول ڌرتي ڦرندر. چنبڙيل ان ۾. چنبڙيل، لڙڪندڙ پتڪڙا پتڪڙا انسان. ڪيئن وانگر رڙهندا.
    رڙهي رهيا آهن، چنبڙيل انسان.
    ڪاڪوس ۾ گندي پاڻيءَ جو دٻو، دٻي ۾ رهندڙ ڪينئان.
    لڳي ٿو اڄ به سڄي رات.
    بڪواس. سمهڻ گهرجي. پاسو ورائي پوريل اکين. اوندهه. ذهن سجاڳ. اوندهه ڪاري، اوندهه ناسي، ڳاڙهاڻ مائل. ٺهندڙ، ڊهندڙ، ايندڙ ويندڙ، عجيب جاميٽريڪل شڪليون، گول، ٽڪنڊا، عورت جا اڀا چڏا، هيٺ پٽ تي وهندڙ ڳاڙهو، چٽو ڳاڙهو رت جو تلاءُ.
    عاشي: پيڙا وچان بگڙيل، ڪرب ڀريل، دونهاٽيل اڻ چٽو منهن.
    بي چيني. ورايل پاسو، چڏن ۾ وهاڻو. ڊگها ساهه. ننڊ لاءِ جاکوڙ: ڊگها ساهه کڻي. سيلف سجيشن: مون کي هينئر ننڊ ڪرڻ گهرجي. گهري ۽ مٺي ننڊ. مون کي هينئر سمهڻ گهرجي. ڊگها ساهه. هينئر مون کي گهري ننڊ اچي رهي آهي. غنودگي. ها، سڪون ڏيندڙ ننڊ اچي رهي آهي. پوريل اکيون. پوريل اکين اندر ڪاري اوندهه پکڙيل. ٻه اگهاڙا انسان: ٻٽ ٿيل، وحشاڻي انداز ۾ چر پر...
    ڇورا نه ڏس.
    مون کي هينئر اجايا خيال نه اچڻ گهرجن. سڪون واري ننڊ اچي رهي آهي.
    پوريل اکين اندر ڪاري اوندهه ناسي طوفان ۾ تبديل ٿيل. اوچتو ٺڪاءُ. ڌرتيءَ جو تيز ڦرندڙ گولو. چٽو احساس پوري ويساهه هيٺ: زلزلو. ڌرتيءَ جو گولو ڦاٽل، ڪپهه جي پڻين وانگر اڏامندڙ ذرا. ٺڪاءُ. وڏا لوڏا، جهٽڪا. گرمائش چوڌاري پکڙيل تئُه. لڙهندڙ، گرم، ٽچڪندڙ وهڪري ۾...
    ڊپ. اوچتو اکيون پاڻمرادو کليل. لڏندڙ کٽ.
    چند گهڙين تائين نيٺ، بنهه ڪجهه به نظر نه ايندڙ. پوءِ ڏڪندڙ دل سان چوڌاري نهار. ڊگهو ساهه. مٿي آسمان ۾ هلندڙ هوائي جهاز جو آواز ڪنن تي، مٿي نهار: ٽمڪندڙ تارا، چرندڙ هوائي جهاز جون ڳاڙهيون سايون بتيون.
    هيڪلي گهر ۾ هيڪلي هجڻ جو تکو احساس. در جي کٽ کٽ.
    چور؟
    شعوري سطح تي پاڻ کي نديندي: ڀاڙي. هٿرادو کنگهه، پنهنجي زندهه هستيءَ جي نماءَ لاءِ ته آهي. پر اندر من ۾ اٿيل ڊپ کي دٻائڻ ڪاڻ.
    کنگهندي اٿي، پيشاب لاءِ ڪاڪوس ڏانهن ويندي، ٻاهرين بتي ٻاريندي جا هن مهل تائين نه ٻاريل. ڪنڍن ۽ درن جي ڪڙن جي جاچ، هن اندروني انديشي سان ته چور نه هجي.
    پيشاب ڪري، کٽ تي اچي، ڄنگهون هيٺ لڙڪائي، سٿرن تي وهاڻو رکي سوچيندڙ: ننڊ لاءِ. سڀاڻي آفيس ۾ ڪم ڪينءَ؟
    گم پنهنجو پاڻ کان.
    اوچتو: ننڊ انهيءَ ڪري ڪيان جو آفيس ۾ ڪم ڪرڻواٿم! آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ننڊ ڪيان.
    ذهني اورٽ ايندڙ. نفرت. پهرين ڀيرو چٽو احساس ته: آفيس، آفيس جو ماحول اڻ وڻندڙ. لڳندڙ: گهڻو اڳ ماضيءَ ۾، جڏهن اڪيلو حيدرآباد آيو هو، زندهه رهڻ لاءِ گذر جي وسيلي واسطي، تڏهن پهرين هن نوڪريءَ ۾ دلڪشي هئي، پوءِ انهيءَ احساس جي موت سان: پاڻ آفيس جو هڪ پرزو بڻيل. حياتيءَ جي هن اهم حصي تي ڪڏهن به ڌيان سان نه سوچڻ جي باوجود، اهو سڀ ڪجهه سڀاويڪ لڳندڙ، سوچ جي تندن کي نه ڇهندڙ.
    ڪيڏوعجيب آهي. سچ پچ: ننڊ انهيءَ ڪري ڪرڻ گهرجي جو آفيس ۾ ڪم ڪرڻو اٿم، آفيس ۾ ڪم انهيءَ ڪري ڪرڻو اٿم جو، زندهه رهڻ لاءِ اتان ڪجهه ملي ٿو. نه ته مان، ننڊ نه اچڻ جي پرواهه نٿو به ڪري سگهان.
    جيئرو ڇو ٿو رهان؟ اٽڪيل، ڦاٿل سوال ذهن ۾: نوڪري ڪرڻ لاءِ، نوڪريءَ جي عيوض، پگهار وٺڻ لاءِ، پگهار انهيءَ لاءِ جو زنده رهڻو اٿم ۽ زنده انهيءَ ڪري رهڻو اٿم؟ نوڪري ڪرڻي اٿم!
    بڪواس.
    مرڻو اٿم. زندگيءَ جي پڄاڻي نيٺ موت ته آهي ئي.
    هيءُ سڀ ڪجهه ڪيڏو احمقانه ۽ عجيب ڍونگ آهي سرت سان.
    نه چاهيندي به، ... ماحول کي، نوڪريءَ کي، هيءُ جيڪو ڪجهه آهي، ان کي جيئن جو تيئن رکڻ لاءِ، انهيءَ ۾ محض چرپر ڪرڻ لاءِ زنده رهڻ.
    آفيس. انکان سخت نفرت. ٻئي ڏينهن، ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن ۽ ان کان پوءِ ٻئي ڏينهن....
    آفيس نه وڃڻ لاءِ دل.
    ٻه_ ٽي ڏينهن موڪل وٺان_
    خيال: پر. اهي ٻه ٽي ڏينهن ڇا ڪندس؟
    آفيس جي روٽين واري ڪم ۾ رڌل پنهنجو وجود ۽ ان کان پوءِ جي عام رواجي زندگيءَ واري روٽين ۾ گم ٿيل هستي، جنهن جي هجڻ جو ڪڏهن احساس نه رهيو، عاشيءَ جي وڃڻ کانپوءِ نمايان ٿي بيٺل: ڪيڏي اڪيلي، پيڙا ڀري، خال محسوس ڪندڙ، پنهنجي روپ ۾: ڀوڳيندڙ.
    پوءِ به جيئڻ لاءِ ڀرپور آس رکندڙ!
    مان آهيان جو احساس، انهيءَ احساس پٺيان ڇو آهيان جو سوال. ڇو جي پٺيان سوچ جو لڳاتار سلسلو. اها سوچ، جيڪا پنهنجيءَ هستيءَ کي ڌونڌاڙي ڇڪي، اُڀو ڪري آڏو بيهاريندڙ. ڇو ؟ نيٺ ڇو؟ ڪلارڪي ڪرڻ لاءِ؟
    هي سڀ انسان انهيءَ ڪري جيئن ٿا، جيئڻ جي جاکوڙ ڪن ٿا، ذليل ٿين ٿا، ذليل ڪن ٿا، سرخرو ٿين ٿا، سرخرو ٿي ماڻين ٿا، سرخرو ٿيڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪميڻايون، ذلالتون، ڪريل کان ڪريل ڏوهه ڪن ٿا، رڳو انهيءَ لاءِ جو _ عجيب مشڪري آهي.!
    جيئڻو آهي. جيئڻ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي. شادي ڪرڻي آهي. شاديءَ لاءِ نوڪري ڪرڻي آهي. ٻار ڄڻڻا آهن. ٻار پالڻا آهن. وري شاديون.... وري بار .... وري_
    هڪ اڻ_ کٽ سلسلو.
    مرڪ چپن تي _ مرڪ ڦهلجندڙ. مرڪ جو احساس. مرڪ جو احساس احمقانه لڳندڙ. کل پنهنجو پاڻ تي. پنهنجي منهن کلڻ تي. ايندڙ کل پنهنجو پاڻ تي.
    اوچتو سنجيدگيءَ سان: ڪٿي منهنجي دماغ جي ڪا رڳ ته نه ٿڙي رهي آهي!
    سخت ڳڻتيءَ سان: مون کي ڇا ٿي ويو آهي!
    لڳندڙ عجب، پنهنجو پاڻ تي، لڳندڙ ڌاريو پنهنجو پاڻ کي.
    ڌاريو، پنهنجو پاڻ آڏو. هڪ پرولي، جا سمجهه ۾ نه ايندڙ.
    منجهيل ذهن.
    پاڻيءَ جي اُساٽ.
    پاڻي پيئندي، لهندڙ اڃ مان مزو ايندڙ. پاڻي پي، کٽ تي اچي ليٽيل سگريٽ جي ٻاڙ. ٻرندڙ شعلو.
    ذهن کوکلو. خالي
    کوکلي ذهن اندر، ٿڪل ڪاهل، سوچ جي چرپر.
    حرامزادي عاشي. هن جي ئي پاڻمرادي خيال اچڻ سان ويچارن جو هيءُ سلسلو _ پاڻ ته موجن ۾ هوندي. اجايو مونکي _ اوچتو ڇرڪ سان پاڻ ته موجن ۾ هوندي، جو پڙاڏو پنهنجي ذليل هجڻ، انتهائي ڪريل قسم جي ڏوهه ڪرڻ، بزدليءَ ۽ ڪانئرپڻي جو وڍيندڙ احساس.
    ممڪن آهي هو کيس ڀنڀلائي وٺي ويو هجي.
    پر هنن حالتن ۾ مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ بي وسي. ان ڏوهاري هجڻ جي وڍيندڙ احساس جي اذيت کي گهٽ ڪرڻ لاءِ منطقي سوچ جو سهارو: جڏهن هوءَ پنهنجي مرضيءَ سان وئي آهي. هن پنهنجي اختيار جو ايترو استعمال ڪيو جو، مون کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت به محسوس نه ڪيائين. انهيءَ جي معني ته: هن پنهنجي نئين زندگيءَ لاءِ جيڪا نئين واٽ ورتي انهيءَ ۾ هڪ ته هوءَ خوش هئي ۽ ٻيو ته هن منهنجو دخل مناسب نه سمجهيو. انهيءَ حالت ۾ مان ڪير ٿيندو آهيان جو...
    بڪواس. تون محض ڏوهاري هجڻ جي وڍيندڙ احساس کان پاڻ _ بچائڻ لاءِ، پاڻ ٺڳيندڙ سوچ جو اهو انداز اختيار ڪري رهيو آهين.
    ڦڪي، بي حيائيءَ واري مرڪ.


    6

    پنهنجو پاڻ ٺڳڻ لاءِ. مرڪ جو ڦهلاءُ: معني خيز مختصر ”هون“ سان. ضروري آهي. لازمي ٿيو پوي. نه ته_
    شام کان وٺي هن مهل تائين مان جا پيڙا ڀوڳي رهيو آهيان. هن پيڙا ۾، پاڻ_ سجاڳيءَ هيٺ، آءُ جو پنهنجو پاڻ آڏو، اصل روپ ۾ پيش ٿيو آهيان. اصل روپ: بي وس، لاچار، ڦاٿل، اٽڪيل زندگيءَ جي اوڙاهه ۾. هيڪلو. هڪ اداس روح. ان اصل روپ کان وقت طور پاڻ _ ڇڏائڻ لاءِ، مان جا ننڊ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو آهيان، سو پاڻ _ ٺڳڻ، هڪ ضرورت آهي.
    ۽ جڏهن مون، پنهنجي هستيءَ کي اصل روپ ۾ شفاف نظر سان ڏٺو، بي مقصد آهي. ڪلارڪي، گهر، ڪلارڪي. هڪ روٽئين. چاڪيءَ جي ڏاند وانگر! منهنجي مٿان ٿاڦي وئي آهي، يا مون اها مخصوص حالتن هيٺ پنهنجو پاڻ مٿان مڙهي آهي، نيٺ ان جو _ ها، ان چڀندڙ احساس کان پاڻ _ بچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ريت ٺڳڻ لازم ٿيو پوي:
    ۽ مون جڏهن ڏٺو، عاشيءَ کي ايترو چاهيندي به، ممڪن آهي هوءَ به مطمئن نه هجي ۽ نه چاهيندي به اتي رهڻ تي مجبور هجي ۽ مون ڏٺو، بي وس پنهنجو پاڻ کي. عاشي بي وس آهي، مان بي وس آهيان. هو ڪمزور بي وس آهي.
    ؟ ....
    ڇاڪاڻ ته ڪمزور آهيون.
    ها، ڪمزوري سڀ کان وڏو ڏوهه آهي.
    ... چاهيندي به نٿو ڪجهه ڪري ___ ها عاشي، منهنجي پياري، مٺڙي! ڪير ڪتي جو ڦر چوي ٿو ته، مان تنهنجي لاءِ ڪجهه نٿو ڪيان. مان ڪيان ٿو، جو منهنجي وس ۾ آهي: رئان ٿو: نيٺ تنهنجي لاءِ ڇو ٿو رئان؟ هان؟ ها، تنهنجي لاءِ ڇو ٿو رئان: انهيءَ ڪري جو توسان انس اٿم نه. انهيءَ ڪري جو توسان ....
    سڏڪندڙ عاشي، سيني ۾ منهن لڪائي روئندڙ. ٽمندڙ ڳوڙها اکين مان، وهندڙ ڳلن تي.
    نيٺ ڪمزور، ڪمزور ڇو آهن؟
    هون _ جيئري رهڻ لاءِ بغاوت، ارهه زورائي _
    پهتل : ڄڻڪ نتيجي تي.
    نه پر _
    جيڪڏهن هوءَ خوش آهي _
    يا خوش نه به آهي، تڏهن به مونکان وڌيڪ مضبوط آهي. جو هن ٽوڙيو ان مظبوط روايت جي ڀت کي. مون کي اعتراف .
    بيزاري، ذهني ٿڪاوٽ، اوٻاسيون، آلس.
    کٽ تي سڌو سنئون ليٽيل. ذهن خالي. ٿڪل ٿڪل. اڌ اگهاڙي بدن کي لڳندڙ ٿڌڙي ٿڌڙي هوا، ڳهر پيدا ڪندڙ، ننڊ جون ٿڦڪيون ڏياريندڙ. هلڪڙو وڻندڙ، مٺو مٺو سيءُ. پاسي ورائڻ تي دل. پاسو ورايل: گوڏا پيٽ ڏانهن، ٻانهون چڏن ۾: ڪونگڙو.
    ٿڌ، سيءَ جو احساس مئل.
    رڻ _ پٽ. ڀٽڪندڙ ان ۾ هيڪلو. ڊڪ . ڊڪي رهيو آهي. ڊڪي رهيو آهي. ڊڪي رهيو آهي ... ڊپ. پٺيان ماڻهن جا انبوه، هڪ هنڌ بيٺل. هيڪلو سهڪندڙ .چوڌاري نهار. پري پري تائين ڀوائتو رڻ پٽ.
    آفيس: ويٺل ڪرسيءَ تي. فائيلن جو ڍڳ. وڏي صاحب جو بگڙيل، ڏمريل منهن. کائنس نفرت.
    _ توکي جو مون چيو هو.... ڪريل سمجهندڙ، ذليل ڪندڙ ورتاءُ.
    _ ها سائين.
    خار. مان تنهنجي بابي جو نوڪر ناهيان. ڏيڍ سئو پگهار ۽ فائيلن جو ڍير. چڙ. ڍڳو هڪ ئي گولائيءَ ۾ گهمندڙ، گهاڻي اندر.
    گهر: اوسيئڙو ڪندڙ عاشي. گهر: ويران، چوڌاري سانت پانيل. مٽيءَ جا تهه چڙهيل. چلهه وٽ ڇار، تئو اونڌو پيل. اڪيلو گهر ۾. ڊپ. ڊپ جو وڌڻ. هيڪلائيءَ جو تکو احساس، واڪا ڪرڻ جي ڀرپور خواهش. پر ساهه منجهيل. ڪير گهٽو ڏيندڙ؟ منجهندڙ ساهه اکين اڳيان اونداهه. چوڌاري ڦهليل ڪاراڻ. ڪاراڻ ۾ اڇا اڇا ترورا. گهاٽو، ناسي، ڪارو دونهون، مٿي اڀ ڏانهن ويندڙ ٻوساٽ، ڊگهي ساهه کڻڻ جي ڪوشش.
    عاشي رئندڙ. ماڻهوءَ کي گهوگها ڏيندڙ، چڙهيل سندس مٿا ڌڪ ڌڪ مٿان ڌڪ.....

    اڀا گوڏا عورت جا. ڀريل سٿر. سٿر ٿلها ٿيندڙ عورت، عاشيءَ سان ملندڙ جلندڙ. گهر ۾ ٻهاري ڏيندڙ سوڙهو چولو پاتل: ڪڇن وٽ پگهر. عاشيءَ جو ڊيڄاريندڙ چهرو. وار وکريل، پيڙا ٽپڪندڙ منهن مان. گوڏا اڀا. چوڌاري ڪارنهن ڦهليل. ڪاراڻ ۾ نانگ تيز تيز هلندڙ. تيز ڀڄندڙ نانگ، پگهر ۾ شل. ڊپ. ڊپ وڪوڙيل سڄي وجود کي. بيٺل هڪ هنڌ، ڏسندڙ تيز تيز هلندڙ نانگ کي. ناگ ڏنگيندڙ عاشيءَ کي. عاشي رڙيون ڪندڙ. ڏسندڙ بي وسيءَ ۽ لاچاريءَ وچان عاشيءَ کي. پهرين خيال نانگ کي مارڻ جو. پوءِ ڊپ وچان ڀاڄ. تکو ڀڄي رهيو آهي: رڻ پٽ. تکو ڀڄي رهيو آهي. نه کٽندڙ، نظرن جون حدون اورانگهيندڙ رڻ _ پٽ. ڀڄندڙ.
    ڀڄي ڀڄي بيٺل هڪ هنڌ. سهڪندڙ سڄو. چوڌاري نهار: رڻ پٽ ئي رڻ پٽ. هيڪلو بيٺل، سهڪندڙ رڻ پٽ ۾. اوچتو اڪيلائپ جو تکو، ڀئُه ڏياريندڙ احساس. ڊڄندڙ پنهنجو پاڻ کان ڊپ جو ڦهلاءُ پوري جسم ۾. رڻ پٽ ۾ اڪيلو پاڻ، ڊپ ۾ ڦنڊيل، سهڪندڙ دل، سوال بڻيل پنهنجي پاڻ آڏو.
    اوچتو عاشي ظاهر ٿيل. ميرا ڪپڙا، چيڙهيل وار. ڊڪي عاشيءَ کي ڳراٽڙي: رئندڙ گڏ. بنا سڏڪن، ماٺ ۾، ڳوڙها ڳاڙيندڙ، سڪل ڳوڙها. هڪ ٻئي کي ڏسندڙ ڌارين نظرن سان. ڄڻڪ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ.
    سڀ ڪجهه گم ٿيل.
    هوا جي ٿڌڙي جهوٽي سان، هلڪي هلڪي چڀندڙ ٿڌ.وڌندڙ تنهن ٿڌ جو احساس. وڌيڪ ڪونگڙو: ٻئي سٿر مليل. ٻانهون چڏن ۾ کتل.
    ڀريل ڳٽا نوجوان عورت جا ستل کٽ تي. سنئين سڌي، وڏيون پوريل اکيون، هلڪيون وريل پنبڻيون.
    هلڪي هلڪي چڀندڙ ٿڌ جو احساس وڌندڙ. مليل سٿرن جي گرمائش. چڀندڙ ٿڌ ۾ مليل سٿرن جي گرمي وڻندڙ.
    ڪتڪتائي ڀريندڙ پچڪاري. سٿرن ۾ آلاڻ. گرم گرم آلاڻ. گرم گرم آلاڻ ٿڌڙي ٿڌڙي لڳندڙ. ڇرڪ سان اٿندي، شلوار اڳ وٽا ڏسندي؛ آلي آلي.
    صبح جي اڇاڻ چٽيءَ ريت ڇانيل. ٽپ ڏئي اٿليل ذهن ۾ گهاٽي دونهين وانگر ڇانيل، وڪوڙيل خيال: آفيس ساڻا، ستل، مروٽيل حواس.
    پرزي جي چر پر: ڪاڪوس، غسلخانو، ڪپڙن جي تبديلي.... روح نڪتل، نپوڙيل هستي هڪ ئي چڪر جي ڦرڻيءَ ۾ ڦرندڙ، ڦرندڙ رهندڙ . مٿل، سواءِ ڪنهن جيئري احساس جي چر پر ڪندڙ.

    ڏهاڙي وانگر آفيس ڏانهن......


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375233
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406602
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ