ڪتاب جو نالو: درد بڻيو دلربا
مصنف: ڀوَن سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 14 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 422 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 161 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. گڏوگڏ هن پرڏيهي ادب مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. هو هيستائين هڪ سئو کان وڌيڪ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي. ڀوَن سنڌي جي هن ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ 13 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ ڪرچ سرڪيشينن جي لکيل آرميني ڪهاڻي پڻ آهي. لڳي ٿو ته ڀوَن سنڌي آرمينين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جو خاص طور اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن کان متاثر ٿي ترجمن ڪرڻ تي آماده ٿيو آهي. ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ شامل ڪهاڻيون 1994ع کان 1998ع جي عرصي دوران پندرهن روزه عبرت مئگزين ۽ هزار داستان ۾ ڇپيل آهن جيڪي آرميني، انگريزي، اٽالين، جپاني وغيره ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين جا ترجما آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • پبلشر جو جو نوٽ
  • مهاڳ
  • سنڌيڪار جو نوٽ
  • درد بڻيو دلربا (پرڏيهي ڪهاڻيون)

  • مون من اوهان موهيو
  • پيار جي ڀاڪر ۾
  • درد بڻيو دلربا
  • ايزيڪا بيلي
  • پهاڙن تي
  • پنهنجي ڳولا ۾
  • هو جي راهن ۾ مئا
  • جنم جا رشتا
  • جهنگل جي هڪ رات
  • قاتل مسيحا
  • زينچي جونڪ
  • گيتا
  • ڪوريئڙي جي تند

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب 13 پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي.
    ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. گڏوگڏ هن پرڏيهي ادب مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. هو هيستائين هڪ سئو کان وڌيڪ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي. ڀوَن سنڌي جي هن ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ 13 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ ڪرچ سرڪيشينن جي لکيل آرميني ڪهاڻي پڻ آهي. لڳي ٿو ته ڀوَن سنڌي آرمينين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جو خاص طور اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن کان متاثر ٿي ترجمن ڪرڻ تي آماده ٿيو آهي. ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ شامل ڪهاڻيون 1994ع کان 1998ع جي عرصي دوران پندرهن روزه عبرت مئگزين ۽ هزار داستان ۾ ڇپيل آهن جيڪي آرميني، انگريزي، اٽالين، جپاني وغيره ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين جا ترجما آهن.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي ۽ ڪتاب کي سنڌي ٻولي جي با اختيار اداري پاران سال 2015 جو بھترين ترجمي جو ڪتاب جي اعزاز ۽انعام سان نوازيو ويو. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: درد بڻيو دلربا
    موضوع:پرڏيهي ڪهاڻيون
    سنڌيڪار:ڀون سنڌي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: نومبر 2015
    پاران:نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-2311581

    مُلهه ؛ اچي ڪاپي 200/=
    سادي ڪاپي 150/=


    ارپنا

    خوابن ۽ خواهشن
    جي نانءِ!
    جيڪي ڪڏهن به نٿيون مرن
    ۽ جيون جي جوت کي،
    هميشه جلائي رکن ٿيون.
    -ڀوَن سنڌي


    پبلشر جو جو نوٽ

    پبلشر جو جو نوٽ

    ڀون سنڌيءَ جون ترجمو ڪيل هي ڪهاڻين جو ڪتاب،”درد بڻيو دلربا“۽ ٻيو ڪهاڻي ڪتاب، ”ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص“ اصل ۾ هڪ ڏاڍي پراڻي سار سان سلهاڙيل آهن...
    جڏهن مان اڃا ڪتابن جي دنيا منجهه نئون نئون لٿو هئس، تڏهن انقلاب ۽ پيار، بس اهي ئي ٻه ماڳ هئا، باقي ٻيو سنسار ۾ مون لئه ڪجهه به نه هئو...
    مان ڪتاب پڙهندو هئس، نجم عباسيءَ جا، خليل جبران ۽ ڪرشن چندر جا... جن مان نجم عباسي انقلاب ئي انقلاب ۽ جبران ۽ ڪرشن پيار، وڇوڙو، وفا ۽ بي وفائيءَ جي ڪيفيت منجهان پار اُڪاريندا هئا...
    انهن ئي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مون پنهنجن من پسند ليکڪن جي ڪتابن جي ڳولا پئي ڪئي جو، منهنجي اک وڃي ڀون سنڌيءَ جي ترجمو ڪيل ڪهاڻين جي ڪتاب: ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ تي پئي. ٻيو ڪجهه جو نه مليو ته اهو ئي کڻي ورتم...
    ۽ هير پٽاندڙ ڪتابن جي هٽ ٻاهران ڦٽ پاٿ تي ئي ويهي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڏنم...
    پهرين ڪهاڻيءَ ئي منهنجي لاءِ آکاڻين جي نئين نڪور دنيا ڏانهن اڪيچار در کولي ڇڏيا...
    ٻه ٽي ڪهاڻيون ته اتي ويٺي ئي پڙهي ويم ۽ پوءِ تڪڙو تڪڙو اسٽيشن ڏانهن وڌيس جو ريل اچڻ واري هئي ۽ ڳوٺ ورڻ لاءِ اهائي سواري سهنج ڀري هئي...
    ۽ ٻه ٽي ڪهاڻيون وري هلندڙ ريل ۾ دريءَ ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي پڙهي ويم ۽ وڏي رات تائين اهو ڪتاب پڙهي پوروڪيم...
    ۽ پوءِ ٻيا کوڙ سارا ڪتاب پڙهندي اڳتي وڌي ويم...
    ۽ وڏو وقت به گذري ويو، مان ڳوٺ مان نڪري ڪراچيءَ اچي ويس ۽ هاڻي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ ڪتاب ڇاپڻ وارو پڻ ٿي پيو هئس...
    ۽ هڪ ڏينهن فيس بڪ تي جو ڀون سنڌيءَ جو نالو نظريم ته وري اهو زمانو ۽ ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ ياد اچي ويو، مون چيٽ روم ۾ ترت ڀون سنڌيءَ کي دوستيءَ جو سنيهو موڪليو ۽ هن ڀليڪار جو ڪيو ته اڄ هي ٻه ڪتاب پڌرا ٿي پيا آهن ۽ اڃا اڪيچار ڪتاب پڌرا ٿيڻ لاءِ آتا آهن ۽ اڄ نه سڀاڻي اهي به اوهان جن هٿن منجهه هوندا...
    ڀون جو ترجمو ڪيئن آهي ۽ سندس ڪهاڻين جي چونڊ ڪهڙي آهي اهو ته اوهان هي ڪتاب پڙهي پاڻ ئي ڄاڻي وٺندا، باقي ڪجهه شوڪت حسين شورو صاحب به پنهنجي ننڍڙي نوٽ منجهه ڀوَن جي ترجمي ۽ چونڊ بابت چڱي راءِ ڏني آهي وڌيڪ پڙهو ۽ پنهنجي راءِ کان آگاهه ڪرڻ نه وساريندا....
    اوهان جو
    سنڌي انعام
    چيئرمين
    نئون نياپو اڪيڊمي


    مهاڳ

    ترجمو ڪنهن به ٻوليءَ ۾ وڏي اهميت رکندڙ آهي. هر موضوع تي لکيل ڪتابن جا ترجما ڪرڻ سان ٻولي وڌيڪ شاهوڪار بڻجي ٿي. سائنس ۽ ٻين اهم موضوعن تي لکيل ڪتابن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرڻ وقت جي انتهائي وڏي ضرورت آهي. اهڙي ريت ادب جي ميدان ۾ مختلف ٻولين جي شاهڪار لکڻين جهڙوڪ ناولن، ڪهاڻين، شاعري، تنقيدي مضمونن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻن سان ان جي وسعت ۾ واڌارو ٿئي ٿو. ان سان تازگيءَ جو احساس ۽ ٻوليءَ جي زندهه ۽ محترڪ هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.
    ورهاڱي تائين سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمن جو ڪم شاندار نموني سان جاري هو. ورهاڱي سبب نه رڳو ان جي رفتار گهٽجي وئي، پر ان کي جهڙوڪ بريڪ لڳي ويو. اڳتي هلي اهو ڪم جيڪو ادارن کي ڪرڻ کپندو هو، ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو. سرڪار طور بيورو آف ٽرانسليشن قائم ڪيو وڃي ها ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ جي لاءِ فائديمند ثابت ٿئي ها. پر ان ڏس ۾ سرڪاري سطح تي ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، وري به انفرادي طور اسان جا ڪجهه اديب ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ان اهم ڪم کي جاري رکندا پيا اچن. ڀوَن سنڌي به انهن ٿورن اديبن ۾ شامل آهي.
    ڀون سنڌي بنيادي طور ڪهاڻيڪار ۽ شاعر آهي. گڏوگڏ هن پرڏيهي ادب مان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيون آهن. هو هيستائين هڪ سئو کان وڌيڪ پرڏيهي ڪهاڻيون ترجمو ڪري چڪو آهي. پر ڪتابي صورت ۾ انهن مان ڪي ٿوريون ئي ڪهاڻيون اچي سگهيون آهن.
    ڀوَن سنڌي جي هن ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ 13 ڪهاڻيون شامل آهن جن ۾ ڪرچ سرڪيشينن جي لکيل آرميني ڪهاڻي پڻ آهي. لڳي ٿو ته ڀوَن سنڌي آرمينين ٻوليءَ ۾ لکيل ڪهاڻين جو خاص طور اڀياس ڪيو آهي ۽ انهن کان متاثر ٿي ترجمن ڪرڻ تي آماده ٿيو آهي. ڀوَن سنڌي جو هن کان اڳ ۾ پرڏيهي ڪهاڻين جي ترجمي جو پهريون ڪتاب ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ ڇپجي چڪو آهي ۽ جنهن ۾ شامل 15 ڪهاڻين مان 8 ڪهاڻيون آرمينيا جون آهن.
    ڪتاب ”درد بڻيو دلربا“ ۾ شامل ڪهاڻيون 1994ع کان 1998ع جي عرصي دوران پندرهن روزه عبرت مئگزين ۽ هزار داستان ۾ ڇپيل آهن جيڪي آرميني، انگريزي، اٽالين، جپاني وغيره ٻولين ۾ لکيل ڪهاڻين جا ترجما آهن.
    اهو مترجم جي صوابديد تي آهي ته هو ڪهڙي لکڻيءَ کي ترجمي ڪرڻ جي لاءِ بهتر سمجهي ٿو. باقي اصولي طور ڪا به ڪهاڻي، ناول يا شاعريءَ کي ترجمي ڪرڻ چونڊڻ وقت اهو خيال رکيو ويندو آهي ته ان جي حيثيت سندس ٻوليءَ ۾ شاهڪار واري کڻي نه به هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ بهترين ضرور هجي. ان لاءِ عالمي ادب ۽ ان جي پرک جو وسيع مطالعو هجڻ ضروري آهي. باقي هِتان هُتان هٿ هڻي مڙئي ترجمو ڪري ڇڏڻ لاڀائتو ڪم ڪونهي. ان سان نه پنهنجي ٻوليءَ جي ادب ۾ اضافو ٿيندو ۽ نه پڙهندڙن کي پرڏيهي ادب جي سٺين لکڻين جي واس وٺڻ جو موقعو ملندو.
    ڀوَن سنڌي جي ترجمي جي لاءِ چونڊ ڪنهن حد تائين سٺي آهي. ٻي ڳالهه ته هن وٽ سٺي ترجمي ڪرڻ جو ڏانءُ آهي. البته جيڪڏهن هو دنيا جي ناميارن ليکڪن جي ڪهاڻين مان چونڊ ڪري ته اڃا وڌيڪ لاڀائتو ڪم ٿي سگهي ٿو.
    هن مجموعي ۾ چئن جڳ مشهور ليکڪن جون ڪهاڻيون شامل آهن، جن مان البرٽو مورا ويا ته دنيا جو مڃيل ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار آهي. اڪوتگاوا کي جپاني مختصر ڪهاڻيءَ جو ابو سڏيو وڃي ٿو. هن ڏيڍ سئو کن ڪهاڻيون ۽ شاعريءَ ۾ هائيڪو لکيا آهن. ”نڪ“ ڪهاڻي لکڻ تي هن کي وڏي شهرت ملي. جپاني لوڪ ڪهاڻي جي آڌار تي لکيل هن ڪهاڻيءَ ۾ زينچي نالي ٻُڌ پروهت جو مُک ڪردار آهي. هن کي پنهنجي علم ۽ ڄاڻ تي ڀروسي ڪرڻ بدران ان ڳالهه جي ڳڻتي آهي ته سماج ۾ کيس سندس نڪ سان پرکيو ويندو.
    رابن مور آمريڪن ليکڪ آهي جنهن جو لکيل French Connection منشيات جي موضوع تي هڪ مشهور ناول آهي. ان تي هالي ووڊ ۾ فلم به ٺهي هئي. جين هل جو تعلق بي بي سي سان رهيو آهي. هن جا ٽي ناول ڇپيل آهن.
    ڀوَن سنڌي جون سهڻي سلوڻي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون دنيا جي ادب جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون، اميد آهي ته هو ترجمي جي ان اهم ڪم کي جاري رکندو.
    شوڪت حسين شورو


    سنڌيڪار جو نوٽ

    جڏهن ننڍڙو هوندو هئس ته سمهڻ وقت روز امان آکاڻي ٻڌائيندي هئي. اُنهن آکاڻين جا ڌنڌلا ٿي ويل منظر ۽ لفظ ڪڏهن ڪڏهن اڃا به ذهن جي ڪينواس تي اُڀري اچن ٿا ۽ مونسان ڳالهائن ٿا. اُنهن آکاڻين ۾ پکي هئا ته خونخوار جانور به هئا ۽ جادوگر به. عام طور تي اُهي آکاڻيون هڪ شهزادي ۽ هڪ شهزادي جي چوگرد ڦرنديون هيون. جڏهن شهزادي کي ڪو ظالم جادوگر کڻي وڃي قيد ڪندو هو ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو. پر اُنهن آکاڻين جو شهزادو نيٺ ڪشالا ڪڍي وڃي جادو نگريءَ ۾ وڃي پهچندو هو ۽ جڏهن جادوگر کي ماري شهزاديءَ کي واپس محل ۾ وٺي ايندو هو، ته منهنجي خوشي ماپندي نه سمائبي هئي. عام طور تي انهن آکاڻين، ۾ جڏهن شهزادي تي ڏکيا ڏينهن ايندا هئا ته ٿورڙو ڏک به ٿيندو هو، پر اُهو وقتي هوندو هو، ڇاڪاڻ جو انهن آکاڻين جو شهزادو (هيرو) ڪڏهن به شڪست نه کائيندو هو ۽ سدائين ڪاميابيون ماڻي موٽندو هو ۽ انهن آکاڻين ٻڌندي نه ڄاڻ ڪيڏي مهل اک لڳي ويندي هئي.
    ۽ پوءِ جيئن وڏو ٿيندو ويس، انهن آکاڻين جو ڪينواس به وڏو ٿيندو ۽ ڦهلجندو ويو. هاڻي اُهي آکاڻيون ڦري ڪهاڻيون ٿي ويون. انهن جا ڪردار ڪي خيالي دنيا جا رهواسي نه هئا، پر حقيقي طور تي هن دنيا جا چرندڙ ڦرندڙ انسان هئا. جن جون تڪليفون، درد، ڪرب، خوشيون غميون، رنجشون ۽ روسامبا دل جي بلڪل ويجهو محسوس ٿيندا هئا ۽ نيڻن جي ننڊ اُڏائي ڇڏيندا هئا. جيئن جيئن انهن ڪهاڻين جو مطالعو وڌندو ويو، تيئن تيئن انهن جي گهرائي ۾ پلجندڙ آد جڳاد جي انسان جي دردن محرومين ۽ اُن جي بي وسي جي ڪرب جو ڇهاءُ دل ۽ دماغ کي پريشان ڪري ڇڏيندو هو. انهن ڪهاڻين ۾ غمن جو ته بي انت ساگر هوندو هو پر خوشين جا تمام ٿورڙا لمحا هوندا هئا.
    هڪ خطي کان ٻي خطي تائين، هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ تائين، ۽ هڪ ٻولي کان ٻي ٻولي تائين جي ادب کي پڙهڻ کانپوءِ پتو پيو ته، توڙي جو اُنهن ملڪن ۽ قومن جو ماحول، رهڻي ڪهڻي الڳ الڳ آهي پر انساني جذبن احساسن، خوشين ۽ دردن جي اظهار جو انداز اُهو ئي ساڳيو آهي، جنهن جو ناتو سنهي تند جي ذريعي ڌرتي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين جي انسانن سان جڙيل آهي.
    منهنجو پرڏيهي ڪهاڻين کي ترجمي ڪرڻ جو مقصد، اُن انساني تند کي جوڙي رکڻ آهي ۽ پڙهندڙن کي محض تفريح نه پر انسان ذات جي وچ ۾ حقيقي رشتن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکڻ به هڪ سبب ۽ مقصد آهي. ڇاڪاڻ جو جيستائين هن سڄي ڌرتي تي پلجندڙ انسانن جي جذبن ۽ احساسن کي هڪ مالا ۾ نه پوئينداسين تيستائين گلوبل وليج جو تصور ممڪن ئي ڪونهي.
    اُن کانسواءِ منهنجي اندر ۾ پلجندڙ اُن ٻار کي به هر ڪنهن جي دل ۾ زندهه رکڻ جي خواهش آهي، جيڪو امڙ کان جيڪي آکاڻيون ٻڌندو هو اُن ۾ جيتوڻيڪ وقتي ڏک ڏولاوا ته ضرور هئا پر اُنهن آکاڻين جي ڪلائيميڪس ۾ شهزادي کي ماڻي وٺندو هو ۽ چوڏس خوشيون ۽ جشن هوندا هئا.
    اهو مقصد تڏهن حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اسان پرڏيهي ادب جو مطالعو ڪري هن ڌرتي جي سمورن انسانن جي مزاجن، احساسن ۽ جذبن کي سمجهون ۽ انسانذات جي وچ ۾ وڌل ويڇن، حد بندين ۽ نفرتن کي تڙي هڪ مالا جوڙيون، جنهن ۾ هر انسان بنا ڪنهن رنگ، ذات، نسل ۽ مذهب جي تفريق جي سمايل هجي ۽ هن ڪائنات جي جياپي ۽ آئيندي جو محور خوشيون ئي خوشيون هجن ۽ امڙ جي ٻڌايل آکاڻين جا هيرا سموري ڌرتي تي سوڀارا ٿين ۽ جشن جو ماحول هجي ۽ نه ڄاڻ خوشي خوشي ۾ ڪيڏي مهل بي اوني ننڊ اچي وڃي.
    جيتريقدر پرڏيهي ادب جي ڪهاڻين جي چونڊ اُنهن جي ترجمي جي ڏانءَ، فن، ٽيڪنڪ ۽ پرڏيهي ٻولين کي پنهنجي ٻولي ۾ سموئڻ ۽ پنهنجائپ جو ماحول ڏيڻ جو سوال آهي ته آئون پنهنجي پڙهندڙ ۽ نقاد کي بهترين منصف سمجهان ٿو. جيڪڏهن انهن طرفان ڪا راءِ ايندي ته آءٌ ان کي پنهنجي رهنمائي سمجهندس.

    ڀُونءِ جو بندو
    ڀوَن سنڌي
    حيدرآباد
    Email: bhawansindhi1@gmail.com


    درد بڻيو دلربا (پرڏيهي ڪهاڻيون)

    مون من اوهان موهيو

    ڪرچ سرڪيشين

    توهين ڇوڪريون به ڪيڏيون نه بدلجي ويون آهيو. سچ پڇ ته مان جڏهن جوان هئس ته اُن وقت جون ڇوڪريون توهان وانگي نه هيون. مون کي پڪ آهي توهين ضرور چونديون ته وقت گذرڻ سان تبديلي اچڻ فطري عمل آهي ۽ اسانکي وقت سان گڏ قدم ۾ قدم ملائي هلڻ کپي. ها، اهو بلڪل صحيح آهي. پر اهو سئو سيڪڙو به صحيح ناهي. مونکي غلط نه سمجهو. فقط وڏي کوپري ۽ ماڊرن لباس اوهان ۾ تبديلي آڻي نٿو سگهي. اهو سڀ ڪجهه ناهي. مان به جديد فيشن جا ڪپڙا پهريان ٿو. پر اُن سان مان ڪو ماڊ ڪونه ٿو ٿي وڃان. اهو انهي ڪري جو منهنجي انهي معاملي ۾ دلچسپي ناهي.
    توهين سمجهنديون هونديون ته مان اصل موضوع کان هٽي ويو آهيان. ها ته وري اُنتي موٽي ٿا اچون. مون ڇا پئي چيو؟ ها ته توهين ڪيڏيون نه بدلجي ويون آهيو.
    بهتر آهي ته حقيقتن کي خود ڳالهائڻ ڏيو. توهانکي ٻڌائيندو هلان ته مان گهڻا سال اڳي پيار ۾ ڪيئن ڦاٿس ۽ ڪيئن منهنجي پاڙيسري جو پٽ ڪئرين به ويجهڙائي ۾ دل اڙائي ويٺو.
    منهنجو پيار.
    اسانجو شهر ايڏو وڏو نه هو. اسانکي گڏيل ٻنيون هيون. چئرمين جو نالو گارسو هو. ماڻهو هنکي پرپٺ زنگ کاڌل پوڙهو گارسو ڪري ڪوٺيندا هئا. چون ٿا ته هن تي اهو نالو سندس ڊرائيور رکيو هو.
    گارسو کي پيدل هلڻ پسند نه هو. فارم جي ڪار هن لاءِ بوٽن جو ڪم ڏيندي هئي. هن کي فيلڊ ڊسٽرڪٽ ڪاميٽي يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو پوندو هو ته ڪار ۾ ئي ويندو هو. جيڪڏهن هن کي ڪنهن سان ڳالهائڻو هوندو هو ته ڪار بيهاري شيشو کولي منهن ٻاهر ڪڍي اُن سان ڳالهائيندو هو. هو بنا ڪنهنجي پرواهه ڪرڻ جي ساڻس بحث ڪندو هو ۽ دٻائيندو هو. هو پنڌ اصل ڪونه ڪندو هو. ايتريقدر جو گهر جي دروازي تائين به ڪار ۾ ايندو هو. جيڪڏهن ممڪن هجي ها ته هو بستري تائين به ڪار هلائي پهچي ها. ٿورن لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته گارسو تي ڪار جو ڀوت ائين سوار هو، جيئن لوهه کي جلدي زنگ ورائي ويندو آهي.
    مون هن کي ڪڏهن به بيٺي نه ڏٺو هو. مون هنکي سدائين ڪار جي شيشي مان ئي ڏٺو هو. جيتريقدر مونکي خبر هئي ته، هنجي ڪار ۾ چار ويل هڪ وڏي آواز وارو هارون ۽ هڪ جوڙو بتين جو لڳل هو، جيڪي رات جو ٻرنديون هيون. ۽ هن وٽ هڪ ڊرائيور هو جيڪو سدائين هن سان گڏ هوندو هو ۽ اسان وانگر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين وڃڻ جي هن کي ڪڏهن به اجازت نه ملندي هئي. هو سدائين ڌوڙ اڏائيندو ويندو هو. مان اُها دوڙ وساري نٿو سگهان. اُها دز هنجي ڪارتي ، چهري تي، اکين تي ۽ ڪپڙن تي سدائين چهٽيل هوندي هئي. دز هنجي پالش ٿيل بوٽن کي کائي ڇڏيو هو ۽ اُها هنجي ساهه ۾ به شامل ٿي چڪي هئي. ڇڏيوس کڻي! هو سڄو زنگ کاڌل هو. هو ڳالهائيندي جڏهن ٿڪ اُڇلائيندو هو ته ڊرائيور کي اُنتي پير رکڻ جو حڪم ڏيندو هو.
    جڏهن ڪار ڏامر جي لسي ۽ چلڪڻي روڊ تي ڊوڙڻ لڳندي هئي، ته دز به بيهه رهندي هئي. گارسو هارين جي سلام جو مشڪل سان ڪنڌ لوڏي جواب ڏيندو هو ۽ سڌو آفيس ۾ هليو ويندو هو.
    ”هو وري منهن سڄايو ويٺو هو. هنجي اندر ۾ طوفان برپا هو يا اچڻ وارو هو.“ پوڙهو وانو هنجي چهري تي جڏهن غصو ڏسندو هو ته اڪثر چوندو هو.“ ڪير هن کان پڇي ته هو آخر ڇو پنهنجي نڪ کان پري ڏسي نٿو سگهي.“
    هو فقط ويجهو ئي ڏسي سگهندو هو. هنجي اکين تي ڪٽ چڙهيل هو. هن پنهنجي هيٺان زمين کي ڏسڻ جي ڪڏهن به ڪوشش نه ڪئي، ۽ نه ئي پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن کڻندو هو. هو ٻيو ڪجهه به نه فقط زنگ کاڌل پوڙهو گارسو هو.
    نئين ٽهي جون نينگريون! توهان مونکان پڇي سگهو ٿيون ته پيار ۽ پوڙهي گارسو جي وچ ۾ آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇلانگ ڏيئي نتيجي تي نه پهچو. زندگيءَ اسان کي سيکاريو آهي ته مٽي سون ٿي سگهي ٿي. لهرن جو رنگ به ته مٽي جهڙو آهي. ڪهڪشان به ته مٽي جيان ئي آهي.
    زنگ کاڌل پوڙهي گارسو کي هڪ ڌي هئي هنجو نالو هو آروڪ جنهن جي معنيٰ آهي سج جيان چمڪندڙ. هنجي ماٽيجي ماءُ جو نالو مادام روزا هو. آروڪ ته سج جيان هئي پر روزا گلاب جيان نه هئي. مان هِن کي مادام ڪانڊيري ڪوٺيندو هئس. ويچاري آروڪ زنگ کاڌل پوڙهي گارسو ۽ ڪانڊيري جي وچ ۾ ڦاٿل هئي. هن کي اسر کان به اڳ ۾ اُٿڻو پوندو هو ۽ آڌي رات کان اڳي سمهڻ نصيب ڪونه ٿيندو هئس. هنتي فقط ٻنپهرن جي ماني ٺاهڻ جي ذميواري ڪونه هئي، باقي هنجو سڄو وقت گهر جي هاج ۽ پور هيئي ۾ گذرندو هو.
    ”جلدي ڪر نڀاڳي! ڇا پيئي ڪرين؟ بصر آڻي ڏي.“
    ”تون ته مردار ٻلي کان به چٽ آهين. تيز هلي نٿي سگهين.؟“
    ”ڪپڙن کي هوا ۾ سڪاءِ“
    اهي لفظ مادام ڪانڊيري ڳالهائيندي هئي ۽ زنگ کاڌل پوڙهو گارسو انهن ۾ واڌارو ڪندو هو.
    ”آروڪ منهنجي جوتن کي پالش ڪر.“
    ”آروڪ منهنجي ڪوٽ تي ڪيڏي نه مٽي چڙهي ويئي آهي.“
    ”گهرجي ٺاهي صفائي ڪر ۽ مٽي لاهي.“
    هو ٻيئي آروڪ کي قطعي ڪونه ڀانئيندا هئا. ۽ آروڪ... منهنجي لاءِ سج کان به زياده اهميت رکندي هئي. مون جڏهن هنجي لاءِ اندر ۾ ڇهاءُ محسوس ڪيو. تڏهن هوءِ نائين درجي ۾ هئي ۽ آءٌ ڏهين درجي ۾. اسانجا ڪلاس روم هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. اسانجا گهر به هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا. مطلب ته اسان پاڻ ۾ سج ۽ زمين جيان هئاسين. سدائين هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ۽ سدائين هڪ ٻئي کان پري.
    آروڪ نازڪ ۽ خوبصورت هئي. هنجيون اکيون ڊگهيون، ڪاريون ۽ ڊپ هاريون هيون. جيتوڻيڪ هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي پوءِ به مادام ڪانڊيري، هن کي ڏسڻ به پسند ڪونه ڪندي هئي ۽ سدائين هن کي تڪليف پهچائيندي رهندي هئي.
    پوڙهو گارسو به ساڳي ڪار هلندو هو. تنهنڪري آروڪ جون ڪاريون ڪجليون اکيون سدائين ڳوڙهن سان ٽمٽار هونديون هيون.
    مون هن جو دروازي جي ٻاهران انتظار ڪيو. ”توکي خدا شايد واندڪائي ۾ ويهي ٺاهيو آهي. آروڪ! تون ڪيڏي نه سندر ٿي لڳين.“
    هن مون ڏانهن حيرت مان نهاريو. مون محسوس ڪيو ته هنکي منهنجي لفظن تي يقين ڪونه هو. ”ڇا هو مونکي گهٽ ٿا ڳالهائين جو باقي تون ٿو ڪسر پوري ڪرين.“
    ”پر آءٌ سچ ٿو چوان آروڪ. سچ پچ تون ڏاڍي سندر آهين.“
    هوءِ ناراض نظر آئي ٿي. پر هنجي اکين ۾ حجاب ۽ چهري تي مرڪ نمايان هئي. ٺيڪ آهي ٻيو به ڪجهه چوڻو اٿئي ڇا؟“ هن هلڻ جي ڪئي.
    ”اڄ شام جو باغ ۾ ملجانءِ. آءٌ اُتي تنهنجو انتظار ڪندس.“
    هوءِ ٿوري دير لاءِ پريشان ٿي ويئي. ۽ پوءِ جلدي جلدي قدم کڻندي گهر هلي ويئي.
    اُن شام هوءِ باغ ۾ آئي ۽ شام روشني سان ڀرجي ويئي. ”هيلو!“ هن شرمائيندي چيو.
    اسين ڪافي وقت خاموش رهياسين. منهنجي چپن تائين ڪافي پيار ڀريا لفظ پهتا، جيڪي هن کان اڳي نه آيا هئا پر اُهي ٻاهر نڪري نه سگهيا ۽ دل ئي دل ۾ رهجي ويا. هن مونڏي گهوري نهاريو ۽ پوءِ نظرون جهڪائي خاموش ويهي رهي.
    ”مونکي تنهنجي اچڻ تي ڏاڍي خوشي ٿي.“ مون چيو، ”تون ايڏي ته پياري آهين، ايڏي ته پياري آهين...“
    ”انهي ڪري ئي آءٌ آيس. مون کي اڳي ڪنهن به ايئن ناهي ڀانيو.“ ايئن چئي هوءَ وري خاموش ٿي ويئي ڄڻ هن کي ايئن چوڻ تي افسوس ٿيو هجي. گهڙي پل ترسي هن وري ڳالهايو. ”ڇا تون مذاق ته ڪونه ڪري رهيو آهين؟ يا سچ پچ؟“
    ”قسم سان سچ ٿو چوان تون واقعي سج جهڙي سندر آهين.“
    اسين اُٿياسين ۽ حسرت ڀري نگاهن سان هڪ ٻئي کان موڪلايوسين. اسانجي اها ملاقات بنا ڪنهن چڪ چمي ۽ قسمن واعدن جي اختتام تي پهتي. پيار جنهن اسان کي قيد ڪري ڇڏيو هو، اُهو لفظن جو روپ وٺي، اسانجي زبانن تائين اچي نه سگهيو. اسان خاموشي سان هلي رهيا هئاسين ۽ من ئي من ۾ هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري چميوسين ٿي. ۽ پوءِ ساڳئي رستي تان هڪ ٻئي کان جدا ٿياسين، جنهن اسانکي پاڻ ۾ ملايو هو. مادام ڪانڊيري آروڪ کي دير سان پهچڻ تي ٻه ڀيرا ڏاڍي مار ڪڍي.
    ...... وري بهارون کيتن ۾ جهومڻ لڳيون. اُهي اسانکي سڏي رهيون هيون. هڪ موڪل جي ڏينهن آءٌ ۽ آروڪ سدابهار جا گل پٽڻ وياسين.
    بهار ۾ ڪيڏي نه مستي هئي. پهاڙ، چراگاهه ۽ واديون ساوڪ سان سٿيل ۽ سج جي سونهري ڪرڻن تي جرڪي رهيون هيون. گل مڌمست هوا ۾ جهومي رهيا هئا. پهريون ڀيرو ان ماحول ۾ آروڪ جو ٽهڪ گونجي اُٿيو ۽ سندس چهرو خوشي مان ٻهڪي پيو. هن پوپٽ کي جهليو ۽ وري کيس آزاد فضا ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”آءٌ واقعي چري آهيان.“ هن چيو.
    هو سچ پچ سج جيان لڳي رهي هئي. جڏهن هوءِ وادين ۾ مخمل جيان وڇايل ڇٻر تي ويهي گل دستو ٺاهڻ لڳي ته آءٌ هن ڏي مڙيس ۽ هنجي نازڪ ڳچي تي چمي ڏنم. هنجي چمڙي مخمل جيان نرم هئي. منهنجي چپن کي گلن جي خوشبوءِ ۽ سج جي تپش محسوس ٿي. هن ڪو به اعتراض نه ڪيو. پر جڏهن مون هن ڏي ڏٺو ته هن جون اکيون ڊنل ۽ لڙڪن سان ڀريل هيون.
    ”تو ايئن ڇو ڪيو؟“ هن رئندي پنهنجو منهن ٻنهي هٿن سان ڍڪي ڇڏيو. ڇا مون ڪا غلطي ڪئي هئي؟ هن کي چمڻ ۾ ڪهڙو ڏوهه هو؟ هنجيون اکيون لال هيون جنهن مان لڳو ٿي ته هن کي ڪنهن ڌڙڪا ڏنا هئا. پر مون ته کيس پيار ڪيو هو.
    اسان واپس گهر ڏي هلڻ لڳاسين. اوچتو ئي اوچتو دوڙ اسانجي اڳيان ديوار جيان ظاهر ٿي. آروڪ بت بنجي ويئي. ”اڙي اهو ته بابا آهي.“
    هن جو پيءُ اڳي ئي ڪار جو در کولي چڪو هو. دوڙ جو راڪاس اسان ڏي وڌي رهيو هو، ۽ پوءِ جڏهن هو هيٺ لٿو ته مونکي سمجهه ۾ اچي ويو ته گارسو کي ٻه ٽنگون هيون نه ڪي چار ويل. مون کي اهو گمان ۾ به ڪونه هو ته ڪو هو ايڏو ڊگهو ۽ ويڪرن ڪلهن وارو شخص هوندو.
    ”آروڪ هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“
    پهرين هن گل دستو لڪائڻ چاهيو پر پوءِ کيس گلدستو ڏيڻ لاءِ هٿ ڊگهيريو. هن گل دستي کي غصي مان پٽ تي اُڇليو.
    ”ڪني ڇوري! تون هن بکئي سان هتي ڇا ڪري رهي آهين؟“ هن رڙ ڪئي.
    دوڙ گلن کي ڍڪي ڇڏيو. مونکي لڳو ته اها اسانکي به ڳڙڪائي ويندي. گارسو مون ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”ڇورا! تون پنهنجي حيثيت ڏس. تون اجايو پاڻي مان نڪري رهيو آهين.“ هن آروڪ کي چوٽن کا گهلي زوري ڪار ۾ ڌوڪيو. ڪار رواني ٿي، پويان دوڙ ڇڏي ويئي. ”هن ڪار کي ڌوئڻ جي ڪيڏي نه ضرورت هئي.!“
    اُن ڏينهن شام جو روز جيان پوڙها ماڻهو فارم جي آفيس جي ٻاهران بيٺل هئا. هو سخت ڪاوڙيل هو. هن جي اندر ۾ طوفان اُٿي رهيو هو. پوڙهي ماٽو چيو.” ڪو هن کان پڇي ته هو ڇو پنهنجي نڪ کان پري ڏسڻ جي ڪوشش نٿو ڪري.“
    هو نه فقط پنهنجي نڪ کان پري ڏسي ڪونه ٿي سگهيو پر ڪٽ هنجي اکين تي به چڙهيل هو. اهو ئي سبب هو جو هو نه ته پنهنجي پيرن هيٺان زمين کي ڏسي سگهيو ٿي، ۽ نه ئي هنجيون اکيون نيري آسمان جي جلوي کي پسي سگهيون ٿي. ”هن سان ڳالهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هو ته فقط زنگ کاڌل پوڙهو گارسو هو، اُن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.“
    طوفان اسانجي مٿي ٽٽي چڪو هو. هاڻي اسان جو ملڻ ناممڪن ڪيو ويو هو. ايتريقدر جو آروڪ جو اسڪول اچڻ به بند ڪيو ويو هو.
    آءٌ گريجوئيشن کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ يروان هليو ويس. ڪجهه وقت کانپوءِ مونکي پتو پيو ته آروڪ جي شادي ٿي ويئي، ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ وري پتو پيو ته، زنگ کاڌل پوڙهو گارسو نوڪري تان لهي چڪو هو. ماڻهو چون ٿا ته هاڻ هنکي ٻه ٽنگون ۽ ٻه ٻانهون هونديون آهن. ۽ هو پنهنجون ٽنگون هلڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي. هاڻ شهر جو رستو به صاف رهي ٿو سڙڪن تي ڪابه ڌوڙ ڪونه ٿي اُڏامي ۽ ڌوڙ، نه ئي ڪارن تي، اکين ۾ ۽ ماڻهن جي ساهه ۾ وڃي ٿي.
    دل جي هر ڪنڊ ۾ اڄ به آروڪ جي ڳچي جو ڇهاءُ محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ سج جي ڪرڻن جهڙي گرمي ۽ گلن جهڙي خوشبوءِ هوندي آهي.
    ڇا ڇوڪرين ۾ واقعي اها حيرت ڪندڙ ڳالهه ناهي؟ ۽ ها - اها ڪا ايڏي پراڻي تاريخ به ڪانهي جو جنهن بابت اوهان کي ڄاڻ نه هجي.
    اهو سڀ ڪجهه جيڪي ٿي گذريو اُن کي ويهه سال ئي ته مس گذريا هوندا.
    ڪئرين جو پيار.
    ”هاءِ ڪئرين!“
    آروڪ سڏي رهي هئي. جڏهن به هوءِ دري مان نظر ايندي هئي ته جذبا اسانجي روح ۾ ڪر کڻي اُڀرندا هئا ۽ اسانجون دليون اوچتو ئي اوچتو خوشي سان ٽمٽار ٿي وينديون هيون. نيري لباس ۾ آروڪ ايئن لڳندي هئي ڄڻ ته نيرو آسمان زمين تي هيٺ لهي آيو هجي. ڪئرين آواز ٻڌي ڏاڪڻ تان لهندو هو ۽ پوءِ هو آروڪ جي چيلهه کان ٻانهن ورائي املهه ۽ نيري آسمان کي ساڻ وٺي پيار جي رستن تي کوئجي ويندو هو.
    ۽ پوءِ اڱڻ اسانجي اکين اڳيان اونداهو ٿي ويندو هو. ايتريقدر جو اسي سالن جي پوڙهي وانو کان ٿڌو شوڪارو نڪري ويندو هو ۽ سندس جهيڻو آواز اسانجي ڪنن تائين پهچندو هو. ”ڪيڏي نه خوبصورت ڇوڪري آهي. اها ئي هڪ اهڙي سندري آهي جنهن کي آءٌ چمي ڏيڻ چاهيان ٿو.“
    اسانجو پاڙيسري آنئي يراني هن ڏانهن ڏسي حسرت مان چوندو هو. ”هوءِ ايڏي سندر آهي جو خود پنهنجي جوڀن تي فدا هوندي.“ ايئن چوندي هو پاڻ به دنيا کان لاتعلق ٿي هن جي عشق ۾ کوئجي ويندو هو.
    اسانجو پاڙيسري ڪارو جنهن کان آروڪ نفرت ڪندي هئي، آروڪ ۽ ڪئرين جي وڃڻ کانپوءِ ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويندو هو ۽ پگلي سرجو مشهور گيت ”کل چريا کل“ ڳائيندو هو. گيت ڳائيندي هنجي نڙي خشڪ ٿي ويندي هئي، پر تڏهن به هنجي من کي خوشي پلئه نه پوندي هئي، ۽ نه ئي ڪڏهن ٽهڪ ڏيئي کلي سگهندو هو. ۽ پوءِ هو من کي پرڀائڻ لاءِ وشال رستن تي نڪري پوندو هو.
    اهو روز جو معمول هوندو هو. پاڙي وارا روز اڱڻ ۾ هنجي ديدار ڪرڻ لاءِ اکيون وڇائي انتظار ڪندا هئا.
    ”خراب موسم جا آثار نظر اچن پيا. بارش پوڻ واري آهي.“ پوڙهو وانو ٿڌو ڏينهن محسوس ڪندي چوندو هو.
    آنئي يراني هن ڏي رحم ڀرين نظرن سان ڏسندو هو ”ويچارو وانو! هو ههڙي گرمي ۾ به ايڏو ٿڌو هو. شايد پيري جي ڪري کيس ايئن محسوس ٿئي ٿو.
    ڪارو انهي موسم ۾ نظر نه ايندو هو. ۽ نه ئي هن جي گيت جي جهونگار ڪنن تائين پهچندي هئي. اُنهن ڏينهن ۾ آءٌ هن لاءِ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندو هوس. ”هو نيٺ به ته پنهنجو آواز محفوظ ڪري رهيو هو.“
    جيڪڏهن ڇوڪري دير ڪندي هئي ته ڪئرين ڏاڪڻ تان آهستي هيٺ لهندو هو. اسين به هنجي ڳرن قدمن جو آواز ٻڌندا هئاسين. جيڪڏهن هنجي قدمن جو آواز نه ايندو هو ته اُن جو مطلب آروڪ اڃان ڪونه پهتي هئي. جيڪڏهن هو اوچتو ڳائڻ شروع ڪندو هو، ته اسين سرهائي محسوس ڪندا هئاسين ۽ ڊوڙي اڱڻ ۾ هنکي ڏسڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا هئاسين.
    اسان جو گهر وڻن ۽ ٻوٽن جي ساوڪ ۾ گم ٿيل آهي. جيڪي هر سال گهاٽا ۽ ڊگها ٿيندا رهن ٿا. ۽ گهر واسين کي حسد ڀريل اوپرين نظرن کان بچائن ٿا. هن ساوڪ جو به پنهنجو مزو آهي. هي ٽريفڪ جي گوڙ کي ڳڙڪايو ڇڏي ۽ سج جي تپش کان بچائي ٿي. سياري ۾ ڌنئري جهڙي برف سان ڍڪي رهي ٿي ۽ سائبيريا جهڙو سما لڳي ٿو ۽ خزان جڏهن سڀ ڪجهه اُجاڙيو ڇڏي، تڏهن اسانجو باغ پوڙهي وانو جيان ڏيکائي ڏي ٿو. باغ ٿڌو رهي ٿو. پوڙهو وانو به ٿڌو آهي ۽ ايئن لڳي ٿو ته ڄڻ سياري جو سج اُن مان اُڀري ٿو.
    هرڪو اسانجي باغ کي پيار ڪندڙن جو باغ سڏي ٿو. جوڙا هتي هر منڌ ۾ ڏينهن رات هڪ ٻئي ۾ پيار ونڊيندي چميون ڏين ٿا. جيڪڏهن ڏينهن رات ۾ چويهن کان به مٿي ڪلاڪ هجن ته به ڪر هو هڪ ٻئي کي چمندا رهن.
    دنيا ۾ سڀ کان سٺو فعل آهي چمي ڏيڻ. جڏهن به مان ٻن پيار ڀرين دلين کي چمندي ڏسندو آهيان ته منهنجي به دل نه رهندي آهي، ۽ آءٌ اهو وساري ويهندو آهيان ته ڪو مان به ٻن ٻارن جو پيءُ آهيان ۽ ساڳيو عمل دهرائيندي پنهنجي زال جي چمي وٺڻ لاءِ ايئن ويندو آهيان، جيئن ڏهه سال اڳي ويندو هوس. مطلب ته ڪئرين ۽ آروڪ جو پيار اسان لاءِ هڪ سٺي روايت هئي جيڪو مونکان شروع ٿي پوڙهي وانو تي ختم ٿيندو هو.
    سياري ۾ ڪئرين ۽ آروڪ اسانجي هيٺئين هال ۾ ملندا هئا ۽ رات جو دير سان هڪ ٻئي کي خدا حافظ چوندا هئا.
    ”ٺيڪ آهي. هاڻي آءٌ هلان ٿي. مونکي رات جي موڪلاڻي جي چمي ڏي.“ آروڪ چوندي هئي.
    ”آءٌ توسان وري گهر تي ملندس.“ ڪئرين جواب ڏيندي هنکي ڀاڪر ۾ ڀري چمي ڏيندو هو.
    ”تون ٿڌو ڇو آهين ڊارلنگ.“ آروڪ جي آواز ۾ مٺاس ۽ اکين ۾ پيار ڀريل هو.
    ”ڇا تون ٿڌي ڪونه آهين؟“
    اُهي هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ بهانا ۽ سبب گهڙيندا هئا ۽ پوءِ ڪئرين هنسان ملڻ لاءِ گهر تي ويندو هو ۽ جڏهن موٽندو هو ته من اُداس ۽ جسم لڙکڙائيندو محسوس ٿيندو هوس. انهن بابت ڪير به غلط نه ڳالهائيندو هو.
    ”ٻنهي کي گڏ ڏسي ڪيڏي نه خوشي ٿئي ٿي.“ آنئي يراني چيو.
    ڪئرين جي ماءُ هنجو آواز ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي، ”توکي شهر ۾ هن کان وڌيڪ ٻي ڪا ڇوڪري نه ملندي.“ هن پنهنجي مستقبل جي ننهن ڏي نهاريندي چيو ۽ پوءِ وري پنهنجي پٽ ڏي اشارو ڪندي چيو: ”منهنجو ڪئرين به ته ڏاڍو سندر آهي.“
    هوءِ بلڪل صحيح هئي.
    نوجوان جوڙي جي خوشي ذري گهٽ ٻه ڀيرا قسمت جي ورچڙهي پرزا پرزا ٿيڻ تي هئي پر پيار وري به سوڀ پاتي.
    بهار اچي ويئي هئي. آروڪ پنهنجو ڪوٽ لاهي ڦٽو ڪيو ۽ هڪ ڀيرو وري ايئن لڳو ته ڌرتي آسمان کي پنهنجي آغوش ۾ ورتو هو ۽ ڌرتي تي جوڀن جا رنگ نکري پيا هئا.
    ڪئرين بهارن ۾ ڄائو هو. مونکي خبر آهي ته آروڪ به بهارن ۾ ڄائي هئي. ۽ مونکي ان ڳالهه جي به پڪ آهي ته خود بهار به ٻي ڪنهن منڌ ۾ نه پر بهارن ۾ ئي ڄائي هوندي.
    سڄو گهر ڪئرين جي سالگرهه ملهائي ٿو. هرڪو ان خوشي ۾ پنهنجا تحفا موڪلي ٿو. يقينن آروڪ سڀني ۾ خوش نصيب هئي.
    جڏهن ڌڪاريل ڪارو مشهور گيت ”کل چريا کل“ ڳايو ته آروڪ سڀني کان گهڻيون تاڙيون وڄائي هن کي داد ڏنو ۽ ڪارو خوشي مان نه ڍاپندي وري جهونگارڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن هن ابابيل پکين جي اُڏام جي پس منظر ۾ ناچ ڪرڻ شروع ڪيو ته هن آروڪ کي ساڻس ساٿ ڏيڻ جو چيو. آروڪ هن سان شام تائين رقص ڪيو.
    ٻئي ڏينهن هر ڪنهن جي وات ۾ انهي ڳالهه جو چرچو هو ته ڪارو آروڪ کي گهر وٺي ويو ۽ هنکي پنهنجي چاهت جا قصا ٻڌايائين. ڪنهن کي به اها خبر نه پئي ته اها ڳالهه ٻاهر ڪيئن نڪتي. پر هڪ ڳالهه بلڪل ظاهر هئي ته ڇوڪري هن کي نهايت شفقت ۽ ٻاجهه ڀرين جذبن سان ٻڌو ۽ جدا ٿيڻ تي هن مرڪندي سندس گلي جي سوز جي وري به واکاڻ ڪئي.
    اُن ملاقات تي اسانجي باغ ۾ ڪافي گرما گرم بحث هليا.
    آنئي يراني ڳالهايو.“ تون چوڻ چاهين ٿو ته هوءِ انهن سڀني خوبصورت ڇوڪرين جيان آهي؟“
    گهڻي بحث مباحثي کانپوءِ پوڙهي وانو کان راءِ ورتي ويئي. اها جيتري حيرت ڪندڙ خبر هئي، پوڙهي وانو کي اُن تي اوتري حيرت نه ٿي.
    ”ڇوڪري واقعي ڏسڻ جي شئي آهي.“ هن آهستي چيو. ”هيڏي ساري سونهن هڪڙي ماڻهو لاءِ تمام گهڻي آهي.“
    نوجوان کلي پيا. هو اُن نتيجي تي پهتا ته پوڙهو وانو ڇڙواڳ محبت ۾ يقين رکي ٿو.
    ڪئرين وري آواز ڏنو. آروڪ آسپاس نظر نه ايندي هئي. هاڻ ڪنهن کي به هنجي غير حاضري جي ڪري بيچيني يا تڪليف محسوس نه ٿيندي هئي. هن ڪئرين سان دوکو ڪيو هو. تنهنڪري هن لاءِ افسوس ڇا جو؟ پر اڃان تائين به اُداسي جا ڪڪر باغ مٿان گهمي رهيا هئا.
    ڪارو پنهنجو گيت ڳائڻ بند ڪري ڇڏيو هو. هو هاڻ پنهنجي بالڪوني ۾ به نظر نه ايندو هو. جيڪڏهن هو ڪڏهن بالڪوني ۾ نظر ايندو هو ته آنئي يراني هن ڏي هڪ بي خوف نظر ڦيرائيندي چوندو هو. ”مونکي اڳيئي پتو هو ته هو ڪنهن ٻئي ڇوڪري جي دل موهيندو. هن جو چهرو انڊيا جي اُنهن ڌاڙيلن جهڙو آهي جيڪو ڪالي ديوي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ قتل ڪندا هئا.“
    ”هو سٺو ماڻهو آهي. ڇوڪريون هنکي پسند ڪن ٿيون. مونکي هن تي رشڪ آهي.“ پوڙهي وانو جواب ڏنو.
    ”هن ۾ ڪهڙي چڱي ڳالهه آهي؟ هن پنهنجي دوست سان دوکو ڪيو“
    ”پوءِ به.“ پوڙهي وانو چيو.
    ”ڪئرين!“
    اهو آروڪ جو آواز هو. اسين سڀ پنهنجي بالڪوني ۾ وياسين. هڪ ڀيرو وري اسانجون اکيون ۽ دليون خوشي سان ڀرجي ويون. ڪئرين ڏاڪڻ لهي هيٺ آيو ۽ هن آروڪ کي آواز ڏنو. هن پنهنجي ٻانهن آروڪ جي چيلهه ۾ واري ۽ پوءِ پنهنجي اَملهه ۽ خوبصورت آسمان سان گڏ پيار جي رستن تي هلڻ لڳو.
    ”آئون سمجهي نٿو سگهان.“ پوڙهي وانو چيو. ”تون ڇا نٿو سمجهي سگهين؟ آنئي يراني رڙ ڪئي. ”هن ڪارو کي دوکو ڏنو.“
    ”ها. هوءِ سٺي ڇوڪري آهي.“ وانو پنهنجي راءِ بدلائيندي چيو. ”هن جي مائٽن جا ٿورا مڃو.“
    ڪارو پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ درد مان اُهو گيت ڳائڻ لڳو. پاڙيسرين ڪئرين کان پڇيو ته ”ڇا اهو سچ هو ته ڪارو ڇوڪري کي زوري ڀڄائڻ ٿي چاهيو؟“
    ”ها.“ ڪئرين چيو. هن جڏهن ڪارو بابت ڳالهايو ته هو بلڪل سنجيده هو ۽ هن جي ڳالهه ۾ ڪابه چڙ يا غصو نه هو. بلڪه هن ان واقعي جا وڌيڪ تفصيل به نه ٻڌايا. تاهم هن کي پنهنجي آروڪ تي ڏاڍو فخر هو.
    ”ڇا توهين سمجهو ٿا ته فقط آءٌ هڪڙو ئي آروڪ جي پيار ۾ گرفتار آهيان. هن جي ذهن ۾ انيڪ پور پلجن ٿا. هنکي ايترو سوچڻ جو وقت ئي ڪٿي ٿو ملي جو هوءِ سڀني کي انڪار ڪري ڇڏي.“
    ڪئرين خاموش هو ۽ اسان وري ڏاڍو خوشي محسوس ڪري رهيا هئاسين.
    اوچتو خطري جو سائرن وڳو.
    آروڪ جي مائٽن شادي کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن جي پوڙهي پيءُ ان موضوع تي ڳالهائڻ به مناسب نه سمجهيو. هن ڪئرين جي مائٽن کي ٻڌايو ته، ”هو في الحال پنهنجي ڌي جي شادي ڪرڻ جو ڪو به ارادو ڪونه ٿو رکي، ۽ جي ٿيو ته به هو موچي جي پٽ سان سندس شادي ڪرائڻ قطعي پسند نه ڪندو.“
    ”تون گهڻو پيو وڌي لڳين“. هن ڪئرين جي پيءُ کي مخاطب ٿيندي چيو. ”جيڪڏهن ايترو اوڳاري نٿو سگهين ته هٻڇ ڪري زياده نه کاءُ.“
    گهر ۾ موجود هر شخص کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. ”آءُ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته هنجو پيءُ آخر نڪ کان پري ڇو نٿو ڏسي سگهي؟“ آنئي يراني چيو.
    ”هو فقط ويجهو ڏسي ٿو“ پوڙهي وانو نتيجو اخذ ڪندي چيو.”هو پنهنجي طبقي جي عڪاسي ڪري ٿو.“
    ”ڪئرين!“
    تقريبن صبح ٿي چڪو هو. محلي وارا راتوڪي لباس ۾ ئي بالڪونين مان جهانڪڻ لڳا. آروڪ هيٺ بيٺي مسڪرائي رهي هئي. هن جي هٿ ۾ سوٽ ڪيس ۽ ڪلهي ۾ ٿيلهو هو. هنجي اکين ۾ عجيب چمڪ ۽ هر حملي ۽ جبر کي روڪڻ جي سگهه نمايان نظر اچي رهي هئي.
    ڪئرين ڏاڪڻ لهي هيٺ آيو. هن آروڪ کي آواز ڏنو ۽ پوءِ ٻيئي خوش ٿيندا چاڙهيون چڙهي مٿي ويا. ڪئرين جي ماءُ هننجو دروازي تي آڌرڀاءُ ڪيو: ”سج جيان روشن منهنجي مٺڙي آروڪ شال سدا سرهي هجين.“
    آروڪ هاڻ اسان جي پاڙي جي وڏي گهراڻي جو حصو بنجي ويئي آهي. اسانکي پنهنجي سوڀ ۽ املهه خزاني جي ملڻ تي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿئي ٿي. آروڪ جي ابدي ۽ سدابهار ٽهڪن ڪارو جي گيت کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي. ۽ هاڻ اسانجو قيمتي اُڀ پنجين ماڙ تي سدائين موجود آهي ۽ اُن جي مٿان نيرو آسمان پنهنجا پر پکيڙي روحن کي راحت پهچائيندو رهي ٿو.
    ”نيٺ هوءِ پنهنجي اصل ماڳ پهچي ويئي“ آنئي يراني چيو.
    ”پيار لافاني آهي.“ پوڙهي وانو چيو، پيار موت کان به طاقتور آهي. انهي ڪري ئي مئسڪم گورڪي چيو ته، ”ها پيار ۾ وڏي طاقت آهي، پر فقط اُنهن لاءِ جيڪي خود به طاقتور هجن.“
    ڇوڪريون توهين ڪيئن نه ماڻهن کي بدلائي ڇڏيو ٿيون. دنيا توهان سان تبديل ٿئي ٿي. ايتريقدر جو اسي سالن جو وانو جيڪو اڌ ٻوڙو، ڪمزور ۽ جهور پوڙهو آهي اُهو به اوهانکي پسي پاڻ کي نئين ٽهي جو نوبنو نينگر محسوس ڪري ٿو.
    آخر توهان ۾ ڇا آهي جو توهانجي هڪ اشاري تي سارو جڳ جهومي اُٿي ٿو...!
    ***


    پيار جي ڀاڪر ۾

    جين هل

    فريڊ بهار جي منڌ ۾ ٿڪل ۽ بيمار حالت ۾ دير سان پهتو ۽ ائين نهارڻ لڳو، ڄڻ چاهيندو هجي ته، ڪوئي ته هجي جنهن کي هو پنهنجي چر ۾ وٺي وڃي ۽ ساڻس پنهنجا سور سلي. هو پنهنجن پيرن تي ٿوري دير اڳ پهتو هو ۽ گهڻي ٿڪاوٽ سبب ڪافي اُداس نظر اچي رهيو هو. هو پهريئين هفتي تائين هر شئي کان غافل رهيو. ان ۾ ڪو به شڪ نه هو ته، هن جو طئه ڪيل سفر انتهائي مشڪلاتن ۽ خطرن سان ڀريل هو ۽ هڪ ننڍڙي عمر جي تازي ڪُتي لاءِ اُن مان پار پوڻ ڪو آسان ڪم نه هو.
    شروع ۾ ٻين ڪتن هن کي اهميت نه ڏني ۽ هن کان پري ڀڄندا هئا. پر جيئن ئي هن جي حالت سڌري ۽ زخم ڇٽڻ لڳا، هن اُنهن جي چؤگرد گهمريون پائي پاڻ ڏي مائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هو اڪثر ڏيڍي جي سامهون ويهي ائين نهاريندو رهندو هو، ڄڻ پنهنجا پراڻا ڏينهن ياد ڪري رهيو هجي.
    پهرين ڏينهن ۾ هن نه ته مون تي ڪو ڌيان ڏنو ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن گهر ڀاتيءَ جي ويجهو آيو. جڏهن اسان هن کي سڏيو ٿي، ته هن تازي ڪتي واري مخصوص ڪروڌ واري فطرت جو نماءُ ڪندي، اُن تي ڪو به ڌيان ڪو نه ٿي ڏنو. اسان سوچيو هاڻي يا پوءِ هڪ ڏينهن هو نيٺ اسان جي ماحول ۾ هري مري ويندو، ۽ اسان جي چئوڦير لاڏ ڪوڏ مان گهمريون پائيندو ۽ فريڊ ڪري سڏڻ تي ڊوڙندو ايندو. انهي ڪري اسان في الحال هن کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو.
    جڏهن فريڊ کي اسان وٽ ٻه ٽي مهينا گذريا ته فريڊ جاسوسن جيان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. هن کي هڪڙي ننڍڙي راند ڏاڍي وڻندي هئي. يا ائين کڻي چئجي ته هن کي پنهنجي پسنديده رانديڪي سان کيڏندي ڏاڍو مزو ايندو هو. اُهو هو منهنجي باغيچي جو پراڻو چمڙي جو هٿ پوش. هو ڊوڙندي ۽ ڀئونڪندي اُن کي هوا ۾ اُڇليندو هو ۽ وري جهٽيندو هو. انهي اُميد سان ته ٻيا ڪتا به ساڻس ان راند ۾حصو وٺندا پر افسوس! ٻين ڪتن کي اُن ۾ دلچسپي ڪونه هئي. گهڙي کن کان پوءِ هو هٿ پوش واپس ڏيڍي وٽ کڻي ويندو هو.
    فريڊ هفتي ۾ هڪ يا ٻه دفعا پنهنجي وندر سانگي گم ٿي ويندو هو ۽ اونده ٿيڻ تائين گم رهندو هو . اها تازي ڪتن جي مخصوص فطرت هئي. پر هڪ ڀيري جڏهن هو ڪافي ڏينهن تائين گهر نه پهتو ته مون کي پريشاني ٿيڻ لڳي. هڪ لڱان آءٌ رات جو ڊيوٽي تان واپس موٽي رهيو هوس ته مون هن جو اڇو بوٽ ڏٺو. هو واپس موٽي آيو هو. مون هن کي ڪجهه کاڌو ۽ پاڻي آڻي ڏنو ۽ آءٌ جڏهن هن کي ڏيڍي وٽ ڇڏي واپس ٿيڻ لڳس ته مون هن جي ڪنجهڻ جو آواز ٻڌو.
    آءٌ واپس موٽيس ۽ هن کي ٻاهر ڪڍيم. ڏٺم ته هن کي ساڄي ٽنگ ۾ گولي لڳل هئي. اسان جي جانورن جي ڊاڪٽر جي راءِ هئي ته تڪليف پنهنجي جاءِ تي پر گولي بنا ڪنهن نقصان پهچائڻ جي نڪري ويئي هئي. اسان محسوس ڪيو ته هو ڪجهه ڏينهن ۾ صحت مند ٿي ويندو.
    فريڊ جو گهڻو وقت ڏيڊي ڀرسان گذرڻ سبب هو تمام گهڻو پريشان رهڻ لڳو. چمڙي جو هٿ پوش هن جو اڪيلو دوست هو. هن کي ٻين ۾ اعتماد بحال ٿيڻ ۾ تمام گهڻو وقت لڳو. اُن لاءِ آءٌ هن کي ذميوار بنائي نٿو سگهان. جنهن به ڪتو خريد ڪيو آهي ۽ اُن جي سنڀال ۾ وقت ۽ موسم جي مناسبت سان کاڌو خوراڪ ۽ رهڻي ڪهڻي جو خيال نه رکيو آهي، ته ظاهر آهي هو اُن حالت ۾ سرد مهري جو انداز اپنائي سگهي ٿو. اسان جو ننڍڙو ڪتو فريڊ ان حالت ۾ به گذريل زندگي جيان گهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هو هر لانگهائو کي اکين ۽ دل سان سلام ڪندي پڇ لوڏي سندس ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ لڳو. جيتوڻيڪ فريڊ گهايل هو پر ڪجهه ماڻهن وانگر هو وقت اچڻ تي حيرت ۾ وجهندڙ شان جو مظاهرو ڪندڙ لڳو ٿي.
    جڏهن هن کي ڌڪ لڳو ۽ آءٌ هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي ويس ته مون ڏٺو ته هو منڊ ڪائي هلي رهيو هو ۽ پنهنجي ڦٽ کي آرام ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مون گهرائي سان جانچيو. هن جو رنگ ڪيترو نه گهرو خاڪي هو. هن جي کل نرم ۽ ملائم هئي پر هو ڪيترو نه بهادر هو. مون هن جي ننڍڙي دل کي پنهنجي ڪرائي تي ڌڙڪندي محسوس ڪيو. هن پنهنجو منهن پاسيرو ڪري ڇڏيو هو، ڄڻ ته هو مون کي پهتل تڪليف جي معافي وٺي رهيو هجي.
    اونهاري جي آخر تائين فريڊ مون سان پڪو رشتو جوڙي ورتو هو. جڏهن آءٌ گهر وٽ پهچندو هوس، ته هو مون وٽ ڏيڍي وٽان ڀڄندو ايندو هو، صرف اهو ڄاڻائڻ لاءِ ته هن کي منهنجو ڪيترو نه اونو هو. اهو چوڻ بيڪار آهي ته مون هن جا سڀ انگل کنيا. مون ڏيڍي جي هيٺان ڪاٺين جا ٽڪرا هڻي اهڙي طريقي سان چر ٺاهي جيئن هن کي وڌ ۾ وڌ آرام ملي سگهي ۽ اُن جي نتيجي ۾ مون کي به سڪون محسوس ٿيڻ لڳو. آءٌ سوچيان ٿو ته اسين ڪيڏا نه خود غرض ٿي ويا آهيون. ڪتا اسان کي تمام گهڻو پيار ڏين ٿا ۽ اسان جي سنڀال ڪن ٿا ۽ اسان جو خيال رکن ٿا. پر اسين اُنهن جي کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو ذرو به خيال ڪو نه ٿا ڪريون.
    فريڊ چر ۾ آرام ڪندو رهيو. هن جي اها عادت ته پنهنجي هر مشغلي کي روڪي، مون ڏانهن گهوري نهارڻ منهنجي دل کي ڪمزور ڪندي هئي، ۽ مون کي محسوس ٿيندو هو ته شايد هو ڪو راڪاس ڏسي رهيو هجي. هن مون کي ڪڏهن به ويساهه نه ڏياريو ته ڪو اسان جو رشتو فاني آهي. آءٌ اڪثر ڏسندو هوس ته هو منهنجي ڪار جي پاسي کان ٿورڙو آهستي آهستي هلندو هو، ۽ ڪنڌ کي هيٺ ڪري روڊ تي نهاريندو هو، ۽ پوءِ ڪنڌ کي لوڏي هو واپس پنهنجي چر ۾ اهو سوچيندي هليو ويندو هو: ”اڄ نه ته شايد سڀاڻي.“
    ۽ اُهو صبح نيٺ آيو. آءٌ گاڏي هلائيندي رستي ۾ ننڍين وڏين مصيبتن ۾ ڦاسي پيس، ۽ چاهيم ته ڪو منهنجي ڀر ۾ ويهي اُنهن کي اڄ نه پر سڀاڻي لاءِ جدا ڪري ڏي. فريڊ ان ڪم لاءِ موزون هو، جنهن لاءِ ساڻس راز ونڊي سگهيس ٿي. هو منهنجي لاءِ رستو هموار ڪندو ويو ۽ اڳتي وڌڻ جي همٿ پيدا ڪندو ويو ۽ منهنجي لاءِ ڪمن جي ورهاست ڪري اُنهن کي ترتيب ڏيندو ويو. هاڻي ننڍڙي مٽي واري سوراخ جي گهرائي خالي ٿي چڪي هئي. پراڻو هٿ پوش گم ٿي چڪو هو ۽ آئون آساني سان تصور ۾ آڻي سگهيس ٿي ته فريڊ هميشه جيان آهستي آهستي قدم کڻندو وڃي رهيو هو، ۽ وڃڻ جي ڪيل واعدي جي علامت بڻجي ويو هو.
    پورو هفتو پنهنجو پاڻ کي ڏڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم. اُن کان پوءِ چر ڏي ويس منهنجي نظر ڪاٺ جي ڄاري جي فريم تي پيئي، جيڪو مون رنگ ڪرڻ لاءِ ڪڍيو هو اُن کي واپس چر ۾ رکي ڇڏيم. شام جو وري چر ڏي ويس ۽ من ئي من ۾ هن لاءِ خوشي جو خيال آيم نه ڪه رحم يا پريشاني جو. هو سٺي حال ۾ ڇڏي ويو ۽ گهاٽو سڀ چڱائيءَ ۾ تبديل ٿيو. هن جي لاءِ منهنجي اندر ۾ ڪوبه خود غرضي جو جذبو نه اُڀريو ۽ مون روحاني طور پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪيو.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رستي ويندي هڪ ٻهراڙي جو ماڻهو مليو، جيڪو مون کي ڏسي بيهي رهيو. ۽ مون کان پڇيائين:
    ”تو وٽ هڪڙو ڪتو هو جيڪو گم ٿي ويو هو؟“
    مون چيو ”ها پر خبر ناهي هو ڪيڏانهن ويو؟“ هن تنهن کان پوءِ مون کي ٻڌايو ته، ”ڪنهن فريڊ کي گولي هنئي هئي ۽ هو روڊ جي پاسي کان پيو هو. مون اُن کي دفن ڪري ڇڏيو. اُن وقت مون کي خبر نه هئي ته اهو توهان جو ڪتو هو.“
    مون وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه رهيو. پر ڪجهه منٽن کان پوءِ مون سندس اُن ڪرم نوازي لاءِ ٿورا مڃيا. هن مون کان پڇيو ته:
    ”هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته اهو ڪم ڪنهن ڪيو؟“ ۽ مون اُن تي سوچيندي جواب ڏنو: ”مون کي خبر ڪو نهي.“ هن کي ٿورڙي حيرت ٿي پر مون اُن جو نوٽيس نه ورتو. هن مون کي سلام ڪيو ۽ واپس ٽرڪ ۾ چڙهيو. هن ٽرڪ جي دري جو شيشو هٽائي اُن مان چمڙي جو هٿ پوش اُڇليو،
    ” هي توهان جو آهي؟“ هن پڇيو. مون بنا ڪجهه چوڻ جي هٿ پوش کنيو ۽ هلڻ لڳس.
    آءٌ گهر پهچي ماٺ ڪري ويهي رهيس منهنجي زال اندر آئي.
    ”تو کي ايڏي دير ڇو ٿي ويئي؟ رستي ۾ ڪنهن روڪي رکيو هو ڇا؟“ ۽ پوءِ منهنجي هٿ ۾ هٿ پوش ڏسي چيو ”مون کي ان کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي.“ هن مون کان دستانو وٺي اُن کي ڪاٺ جي ڄاري جي فريم ۾ رکيو ۽ واپس اندر هلي ويئي. هوءَ هڪ يا ٻن منٽن ۾ وري واپس موٽي آئي ۽ مون کي هڪ ٻيو گلاس ڏيئي وري هلي ويئي. آءٌ اتي ئي ويهي رهيس ۽ سج کي لهندو ڏسندو رهيس. مون رات جو آسمان ۾ جيئن ئي تارا ڏٺا ته منهنجي من ۾ هڪ خواهش ڪرکڻي اُڀري، ان قسم جي خواهش تمام گهڻي وقت کان پوءِ منهنجي من ۾ اُڀري، جڏهن آءٌ ننڍڙو ٻارڙو هوس. مون سوچيو ۽ اندازو لڳايو ۽ جيتوڻيڪ هاڻي اُنهن خواهشن جو پورائو ممڪن هو به يا نه؟ پر تڏهن به منهنجي من ۾ خواهش اڀري ته جيڪر مان به...
    ***


    درد بڻيو دلربا

    جون ملس

    ڪير به ان جو مطلب سمجهي نٿو سگهي. شروع شروع ۾ اهو جادوئي دورباسي ٿو ۽ پوءِ ڍينگو ڍيري ٿي پوي ٿو. ۽ هڪ سٺي ۽ سهل زندگي تباهه ٿي وڃي ٿي. مون پنهنجي آئيني ۾ هڪ اجنبي جو اُجڙيل چهرو ۽ ڊنل اکيون ڏٺيون. ڪافي بيمار ۽ جهور پوڙهو.
    ”مونکي ڇا ٿي ويو هو؟“
    منهنجي ڪهاڻي مان توهان سٺو سبق حاصل ڪري سگهو ٿا. اُن لاءِ ضروري آهي ته توهان کي اها ڄاڻ هجي ته مون زندگي جا سڄا سارا پنجيتاليهه سال دنيا جي دستور جي پوئواري ڪندي، عام ماڻهن جيان هڪ ئي ڌڳ تي گذاري ڇڏيا. اسڪول، شادي، ٻار، گهرو ڪم ڪار، لکڻ جو مشغلو، هڪڙو ماحول، هڪ ئي گهر ۽ ساڳي دنيا. ۽ پوءِ منهنجي زندگي جي وچ واري عرصي جي ڪمن ڪارين ۽ مشغولين منهنجي معمول واري زندگي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو.
    تبديلي مٿان تبديلي. نت روز نئون مسئلو. طلاق، مالي بحران، خاندان جو وکرڻ، مون پاڻ کي لکڻ جي ذريعي زندهه رکڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مشڪل سان زندهه رکيو، ان اُميد سان ته ڪا عظيم تبديلي منهنجي زندگي جي ڪا يا پلٽ ڪري ڇڏيندي. مون ان ئي اُميد سان انگلينڊ کان ڪيليفورنيا جو سفر ڪيو، جتي قسمت هڪ ڀيرو وري منهنجو ساٿ ڏنو.
    منهنجي آمدني اوچتو ئي اوچتو وڌي ويئي. ۽ آءٌ اُن ئي ڌڳ تي ثابت قدمي سان اڳتي وڌندو رهيس. ظاهر آهي گهر کان هيڏو ڏور شان ۽ دٻدٻي واري زندگي ماڻڻ لاءِ ئي ته نڪتو هوس، مون کي هڪ ڪم سونپيو ويو. ڪم اهو هو ته مان بهار جي منڌ ۾ آمريڪا جو ڊگهو سفر ڪريان. ٽڙندڙ گلن کي سرجيندڙ سر زمين، جيڪا مون اڳي ڪانه ڏٺي هئي اُنتي لکان!
    هاڻي آءٌ سيلاني بنجي ويس ۽ بي خودي جي مستي ۾ اڻ ڏٺل جي تلاش ۽ اُن مان تجربا ماڻڻ لاءِ نڪري پيس. اُن سفر مونکي اڻمين خوشين سان ڀري ڇڏيو، ۽ انهن خوشين کان سواءِ ٻيو ڪجهه به... خوشي کانسواءِ انهن لاتعداد تبديلين سبب ذهن ۽ جسم تي دٻاءُ حد کان زياده وڌندو ويو. مون کي تمام گهڻي خوشي ملي هئي ۽ ڏاڍو ٿڪي پيو هوس. ننڍ گهٽ ٿي نصيب ٿي ۽ پوءِ.... هڏن ۾ منحوسيت پيدا ڪندڙ سور پيدا ٿي پيو.
    ”دٻاءُ؟“ ڊاڪٽر ڀڻ ڀڻ ڪئي ”ڪجهه سور!؟ ڇو پاڻ لاءِ تڪليفون ۽ عذاب ايجاد ڪجن؟؟“
    انتهائي تڪليف ده حالتن ۾، مون زوري لکڻ جي حد پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڊهي پيس. ۽ تنهن کانپوءِ... وري ميڪسيڪو جي جهنگلي جيوت تي ڪم ڪرڻ جي دوران ڪري پيس. گرم ڏينهن، سرد ڏينهن، ماڪ ڀنل راتيون، خاموش بيابان، ۽ گجندڙ سمنڊ. مونکي انهن سان جنون جي حد تائين عشق هو. پر آءٌ ٿڪاوٽ کان لرزي اٿيس ۽ منهنجو سنڌن جو سور جيئن پوءِ تيئن ويو شديد ٿيندو.
    جنوري ڌاري آءٌ ڪيليفورنيا موٽي آيس. اُن علائقي ۾ آءٌ مشڪل سان سڃاتو ويندو هوس. هڪ دفعو وري آءٌ ماڻهن لاءِ اجنبي بنجي ويس. آءٌ ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري سبب ٽٽي پيس، ايئن جيئن شيشو ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو آهي. دماغ، جسم، روح، جذبا، احساس سڀ مونکان رشتو ٽوڙيندا دور ٿيندا ويا.
    سور انتهائي خطرناڪ هو، ۽ مان ذري گهٽ پاڳل بنجي چڪو هئس. ننڍ نه اچڻ جي بيماري ٿي پيئي هئي ۽ رکي رکي اکين اڳيان اوندهه ڇانئجي ويندي هئي. هڪ ڀوائتو ۽ خوفناڪ دٻاءُ.. ۽ پوءِ منهنجا اڃان به خراب ۽ بدنصيب ڏينهن شروع ٿيا. بستري تان ٻه ٽي ڀيرا لهڻ سان سندن جي سور جو عذاب اڃان به وڌيڪ ڀوڳڻو ٿي پيو. آءٌ اُٿي بيهه نٿي سگهيس. هلي نٿي سگهيس. ڪپڙا بدلائي نٿي سگهيس، گاڏي هلائي نٿي سگهيس. پنهنجن سٺن ڏينهن ۾ کاٻي هٿ سان پين جهلي ساڄي آڱرين مان ٺڪاءُ ڪڍندو هوس ۽ گذارو ڪندو هوس ۽ هاڻ...... جيڪو لکندو هوس اُهو رد ڪيو ويندو هو. اها منهنجي پهرين ناڪامي هئي، جيڪا اڳي ڪڏهن به پلئه نه پيئي هئي.
    منهنجي بچت جيڪا منهنجو اڪيلو سهارو هئي، آهستي آهستي ختم ٿي رهي هئي. حال کان مستقبل تائين ڦهليل خوف مونکي ڏڪائي ڇڏيو هو. ملڪ جي هُن پار جيڪي مونکي چڱي پر سڃاڻيندا هئا، تن کي مون تي آيل مصيبتن جي خبر نه هئي. هتي ڪوبه ويجهو يار دوست يا مٽ مائٽ نه هو، جيڪو حال ڀائي ٿئي. ڪئين مهينا گذري ويا. مونکي اُهي ڏکيا ڏينهن ۽ رهزن راتيون اڄ به ياد آهن.
    آڪٽوبر ڌاري مون وري هڪ ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو. جنهن منهنجي بيماري کي سنجيدگي سان ورتو. اسان هڪ ڪلاڪ تائين پاڻ ۾ بحث ڪيو. ڊاڪٽر منهنجي لاءِ ڪجهه ٽيسٽون تجويز ڪيون. جڏهن اُنهن ٽيسٽن جون رپورٽون آيون ته ڊاڪٽر اُنهن جي آڌار تي پنهنجي ماهرانه راءِ ڏني. ڊاڪٽر جي راءِ مونکي اڌورو سڪون ۽ اڌورو صدمو پهچايو. آءٌ فٽنگ ٿي چڪو هوس. رت جي جزن ۾ خطرناڪ حد تائين بي ترتيبي ۽ بگاڙو اچي چڪو هو. وزن ۽ بلڊپريشر وڌي ويو هو. منهنجي جسماني ۽ ذهني حالت پريشاني جي حد تائين ڳنڀير ٿي چڪي هئي. اها وڌيل عمر جي ڪري به ٿي سگهي ٿي. مون سوچيو به نه هو ته هڪ سال جي قليل عرصي ۾، ايترو پوڙهو نظر اچڻ لڳندس، جيترو هونئن ڪر سالن کانپوءِ نظر اچان ها.
    ”شديد دٻاءُ جون سڀ علامتون موجود آهن.“ ڊاڪٽر چيو، ”مان حيران آهيان ته تون اهڙي حالت ۾ ڪيئن ٿو گذارين؟“
    منهنجي جسماني سور کي نالو ڏنو ويو. مونکي وائي سور ٿي پيو هو. منهنجي جسم جو مدافعتي سرشتو ڪمزور ٿي چڪو هو، نتيجن هڏن جي جوڙن مٿي سوڄي وڌي ويئي هئي، جنهن مان رکي رکي شديد سور اُڀريو ٿي.
    ذهني دٻاءُ منهنجيون متيون منجهائي ڇڏيون هيون. ”اُن کان ڪافي حد تائين بچي سگهجي ٿو؟ شايد ايئن ڪري سگهجي ٿو!؟ آخر ڇو منهنجو زندگي جي سموري قيمتي سال ۾ منهنجي جسم ۽ دماغ هڪ ئي رستو اختيار ڪيو؟ ايئن ڇو ٿي رهيو هو؟؟“
    ٻئي مهيني مون دٻاءُ بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪئي. جڏهن ڪا غير معمولي خواهش يا چئلينج (حقيقي يا خيالي، جيڪو اسانجي وس ۾ يا وس کان ٻاهر هجي) اسانجي سامهون اچي ٿو ته اسانجي دماغ ۾ گهنڊ وڄي ٿو، ۽ فوري طور تي جسم جو مدافعتي سرشتو ڪم تيز ڪرڻ شروع ڪري ٿو. نتيجي ۾ رت ۾ شامل جزا، ٻارڻ، کنڊ ۽ چرٻي رت جي دوري کي وڌائن ٿا ۽ دل تيزي سان جسم جي عضون ۽ مشڪن کي رت پهچائي ٿي. ڀڃ گهڙ ۽ ساهه جو سرشتو تيزي سان هنگامي صورتحال کي منهن ڏي ٿو ۽ اهڙي ريت، مشڪن، چمڙي، غدود، جيري، اکين جي تارن، ڪنن جي پردن، مطلب ته جسم جي هرهڪ عضوي جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ ڪارڪردگي وڌي ٿي. ايتريقدر جو اسين چاهيون ته حڪم به هلائي سگهون ٿا. (جي اهو ڊپ جي رد عمل طور پيدا ٿيو آهي ته اُنجي خبر بگهڙن کي هوندي).
    پر اسين بگهڙن کي ڪيئن منهن ڏيونٿا؟ ڇا هن سڌريل دور ۾ زندگي کي زوري جاڳائڻ جو اهو طريقو موزون ناهي؟ اُن جو جواب هائوڪار ۾ ٿي سگهي ٿو. پر جيئن ته اسان موجوده شڪل ۾ اچڻ لاءِ، هزارين سالن جي ارتقا ئي عمل مان گذريا آهيون، انهي ڪري اسان هر ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون ٿا. تڏهن ته اسان هاڻي به پنهنجي تمام ترقوت سان ڀرپور رد عمل ڏيکاريون ٿا. اهو وقت جي لحاظ کان صحيح عمل آهي.
    حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته دٻاءُ صرف ڏکئي وقت جي پيداوار ناهي، بلڪ خوشي پڻ دٻاءُ جو ڪارڻ بنجي سگهي ٿي. جيئن ٻار جو ڄمڻ يا بهتر ڌنڌو، جيڪو زندگي جي جيئڻ جي ڍنگ کي نئون روپ ۽ نئون انداز ڏئي ٿو. دٻاءُ اسان جي اندر جا خزانا کولي ٿو ڇڏي، جيڪي اسانجي راويتي زندگي ۾ اڻ ميون خوشيون اوتي ڇڏين ٿا ۽ سرور منجهه رکن ٿا. اسين راند روند، پورهيئي ۽ ڊيڄاريندڙ فلمن کي ڏسي دٻاءُ جو مزو وٺون ٿا. ۽ اهڙي طرح برداشت کان ٻاهر جهڙي زندگي پلئه پوي ٿي، جنهن ۾ سٺي دٻاءُ جي سهڻ جي شڪتي يا قوت ختم ٿي وڃي ٿي.
    پر حد کان زياده دٻاءُ جيڪو ماڻهو تي هڪڙي ڌڪ ۾ يا مرحليوار غلبو ڪري ٿو وٺي، سو سواءِ درد ۽ ڳوڙهن جي جنم نٿو وٺي. بيمار يا ٿڪل جسم يا دماغ (يا ٻيئي) جنهن به پل چوٽ کائي ٿو ته اُنجي شڪست جو نتيجو دٻاءُ جي شڪل ۾ اچي ٿو، جڏهن ته ڪافي تحقيق ڪندڙ ان خيال جا آهن ته انسان جي ڪمزورين (بيمارين) ۾ دٻاءُ جو لاڙو اڳ ئي موجود هجي ٿو. دٻاءُ جا آثار اُنهن ماڻهن ۾ عام پاتا وڃن ٿا، جن کي اڪثر مٿي ۾ سور يا ٿولهه جي شڪايت رهندي اچي ٿي. دٻاءُ ايترو تباهه ڪن آهي، جيترو شراب جو واهپو يا گهرو جهڳڙو ۽ اُنجو نتيجو ايترو ڪرب ناڪ آهي، جيترو اوچتو موت يا خودڪشي.
    ۽ اسان پاڻ ۾ معاهدو ڪري ورتو.
    جڏهن منهنجي هن سان ملاقات ٿي تڏهن آءٌ درد وچان منڊڪائي هليس ٿي. منهنجيون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون ۽ مايوسي سبب اڌ چريو ٿي چڪو هوس. مون هنکي ٻڌايو ته ”آءٌ پاڻ ۾ تبديلي آڻڻ چاهيانٿو. پاڻ کي ٺيڪ ٺاڪ ڪرڻ جي ڏکئي ڪم ۾ هنجي مدد وٺڻ چاهيان ٿو.“
    ”منهنجي خواهش آهي ته هرڪو مريض ان طريقي کي محسوس ڪري.“ هن چيو.
    اهو ئي سبب آهي جو اسين، منهنجي دٻاءُ جي بي ترتيبي جو علاج ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ لڳاسين. اسان اهو طئه ڪيو ته ان بيماري تي قابو پائڻ لاءِ جيترو ٿي سگهيو، گهٽ ۾ گهٽ دوائن جو سهارو وٺنداسين. اسان فقط سنڌن جي سور لاءِ دوائون ورتيون، ۽ اهو طئه ڪيوسين ته باقي گهربل نتيجا، زندگي جي انداز کي تبديل ڪري حاصل ڪبا.
    مون کاڌي ۾ کنڊ، لوڻ، چرٻي ۽ ڪوليسٽرول ۽ ڪيفين وارين شين جو استعمال گهٽايو. ۽ تازين ۽ ساين ڀاڄين، چڻن، مڇي ۽ ملائي لاٿل کير ۽ پروٽين سان ڀرپور شين جو استعمال وڌايو. شراب جو روزانو استعمال بند ڪري، ڪڏهن ڪڏهن اندر جي اُڃ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ هڪ اڌ پيگ تي اڪتفا ڪرڻ لڳس. ۽ اُن سان گڏوگڏ وٽامنس جي شربت جو واهپو پڻ شروع ڪيم.
    منهنجي ڊاڪٽر مونکي کلي ۽ تازي هوا ۾ ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ ورزش ڪرڻ جي صلاح ڏني. ڇا هن کان منهنجو وائي سور وسري ويو هو؟ ڇا ان ۾ ڪو راز سمايل هو؟ ها ان ۾ راز ئي سمايل هو. هن چيو، ”تون جي سنجيدگي سان ڪوشش ڪرين ته آهستي آهستي گرم پاڻي جي تالاب ۾ تري سگهين ٿو ۽ ورزش واري سائيڪل هلائي سگهين ٿو.“
    مونکي ورزش کان نفرت آهي. پر ڇو؟ اُن لاءِ مون وٽ ڪو مناسب دليل ناهي. غير ضروري توانائي جيڪي تناءُ پيدا ڪري ٿي ورزش اُن کي جهڪو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. اُها جسم ۾ ڪوليسٽرول ۽ جسم جي اجائي ۽ فضول ٿولهه کي گهٽ ڪري، وزن تي ظابطو رکي ٿي. ذهن کي تازو توانو ۽ جسم کي ڦڙتي بخشي ٿي ۽ سڪون وري ننڍ کي وڌائي ٿي. مونکي اها پڪ هئي ته ورزش منهنجي وائي جي سور مان ڇوٽڪاري جو پڻ ڪارڻ بنبي. مون ورزش جي سائيڪل آندي ۽ورزش شروع ڪري ڏني.
    منهنجي ڊاڪٽر راءِ ڏني ته ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا انتر ڌيان (خيالن ۾ گم ٿيڻ) سان پڻ فائدو ماڻي سگهجي ٿو. آءٌ ڊاڪٽر جي ان تجويز کان ڏاڍو متاثر ٿيس. مون کي اڳ ئي خبر هئي ته انتر ڌيان سان جسم ۾ اهڙيون تبديليون رونما ٿين ٿيون، جيڪي دٻاءُ کي روڪين ٿيون. پر ڪنهن به ڊاڪٽر هن کان اڳ مونکي اهڙي صلاح نه ڏني هئي. مون اڃان به من جي تسلي لاءِ، ڊاڪٽر جي ڏنل راءِ بابت نفسياتي ماهر سان صلاح ڪرڻ مناسب سمجهي.
    جسم دماغ ٺاهي ٿو ۽ دماغ جسم کي هلائي ٿو. هر ڏينهن مون کي ياد ڏياريو ته آءٌ هڪ اڪيلو منجهيل وجود هئس. دٻاءُ منهنجو نيٺ ڪجهه به نه بگاڙيو. ۽ هاڻ مون پنهنجي زندگي جا وکريل ذرڙا گڏ ڪرڻ شروع ڪيا. دٻاءُ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون هيون جنهن سبب ڪمزوري ويئي ٿي وڌندي، ۽ مون پاڻ ۾ اهڙيون تبديليون آڻڻ شروع ڪيون جنهن سبب صحت ويئي ٿي سڌرندي.
    مون هڪ حيرت ۾ وجهندڙ قانون سکيو. ”جڏهن جسم ٿڪل هجي ته دماغ جي ورزش ڪري ذهن کي تازو رکو. ۽ جڏهن دماغ ٿڪي پوي ٿو ته جسم جي وزرش ڪريو.“ منهنجون جيڪي به ضرورتون هيون اُنهن جي تڪميل لاءِ اندر مان پيغام پهچندا رهيا. ’سج جو لهڻ منهنجي روح جي تازگي لاءِ سٺو سوڻ آهي. وٽامن سي جي پورائي لاءِ نارنگيون بهتر آهن. وقت جو انتظار نه ڪريو گهڙي کي نه ڏسو. هاڻي ئي سمهي پئو. پيار جو جذبو اندر ۾ آنڌ مانڌ پيدا ڪري ته گهر ڏي رخ ڪريو.‘
    منهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ آهستي آهستي سڌارو اچي رهيو هو. مون کي اهو محسوس به ٿي رهيو هو. ڊاڪٽر چيو، ”اها تبديلي تنهنجي جيئڻ جو انداز ٻيهر بدلائي ڇڏيندي.“
    جيئن ئي مون نئين ڌڳ تي هلڻ شروع ڪيو ته مونکي محسوس ٿيو ته، اڄ جي دور ۾ دٻاءُ جا ڪافي ڪارڻ خود اسانجي ذهن جي پيداوار آهن. روز جا دوکا ۽ فريب، غلط ڪم، سنسني خيز ۽ همٿ هاريندڙ خبرون، ٽريفڪ جو گوڙ شور، هنگامن سان ڀرپور وڏا ميڙاڪا ۽ جلوس، پنهنجي حيثيت کان مٿي رتبي ماڻڻ جي خواهش ۽ ٻيا کوڙ سارا خود ساخته مسئلا دٻاءُ کي غير ضروري طور تي وڌائن ٿا. زندگي ۾ تمام گهڻي تيز رفتاري اچي ويئي آهي. تمام گهڻا ادارا کلي ويا آهن، جن ۾ پاڳل بگهڙ شڪار واسطي وات پٽيو ويٺا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اسين خود پنهنجين پيدا ڪيل بيمارين ۽ مسئلن ۾ پاڻ گهيرجي ويا آهيون.
    پر هاڻ مون ڄاڻي ورتو ته اسين پنهنجو دماغ استعمال ڪري خود پنهنجي دماغ جي تناءُ کي جهڪو ڪري سگهون ٿا. دٻاءُ فقط واقعن يا حادثن جي پيداوار ناهي، پر اُنجي پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ اهو آهي ته اُسين اُنهن واقعن ۽ حادثن جو ڪيئن ۽ ڪيترو نوٽيس وٺون ٿا. اسين ان صورتحال کي تبديل ڪري سگهون ٿا. پنهنجو پاڻ سان ڪيل زيادتين ۾ ڪمي آڻي سگهون ٿا. جي فقط اهو قبول ڪري وٺون ته ڇا ناهي جو تبديل نٿو ڪري سگهجي؟ اسين هر ڪم ڪري سگهون ٿا. ڪنهن ڪم کي اوليت ۽ اهميت ڏيڻ يا نه ڏيڻ اسانجي وس ۾ آهي. ڪوشش ڪري پنهنجن مسئلن کي پاڻ حل ڪجي، نه ڪه، شراب، سگريٽ، مختلف کاڌن يا ٻين مسئلن ۾ وڪوڙجي پنهنجي لاءِ خود ساخته دٻاءُ پيدا ڪجي.
    دٻاءُ جي طوالت کي اڳواٽ قبول ڪندي، اسان کي اُن جي حل لاءِ منصوبه بندي ڪرڻ گهرجي. اضافي بوجهه گهٽائڻ گهرجن ۽ اها تبديلي آهستي آهستي آڻجي. جيڪڏهن اسان پوءِ به شديد دٻاءُ جو شڪار رهون ته پوءِ، اسان کي پيدا ٿيندڙ حالتن کان هوشيار رهڻ گهرجي. اسان تبديلين کي ڪيئن محسوس ڪريون ٿا ۽ ڪهڙو رويو اختيار ڪريون ٿا؟ اسان اُن تي ڪيئن سوچيون ٿا، ۽ ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪريون ٿا؟ اُن لاءِ اسان کي بنا ڪنهن دير ڪنهن ماهر کان مدد وٺڻ گهرجي.
    هڪ سال کانپوءِ مون اِهو سوچڻ بلڪل ڇڏي ڏنو ته، آءٌ ڪا بيڪار يا غير اهم شئي هئس. منجهائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ دور ختم ٿي چڪو ۽ مون وري بلند حوصلي سان ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هاڻي بهار پنهنجي جوڀن ۾ محسوس ٿئي ٿي. مون هڪ ليڊي ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو. جيئن ته اهو دور ختم ٿي چڪو هو تنهنڪري اُن تي ڳالهائڻ فضول هو. آءٌ انساني جذبن کي دٻائيندڙ خيالن کي پوئتي ڇڏي آيس. ۽ نتيجن منهنجي اندر جي شڪتي، منهنجي وائي سور کي چڪنا چور ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي (جيڪو سدائين مون سان گڏ هوندو آهي) هن مون کي پنهنجو پاڻ تي قابو پائڻ ۽ ظابطو رکڻ پڻ سيکاريو.
    منهنجو سوچڻ جو انداز تبديل ٿي ويو. ماضي کي پوئتي ڇڏي مستقبل ۾ ڏسڻ لڳس. آءٌ واپس انگلنڊ موٽيس. ساوا ميدان، ماکي جي مکين جي ڀُون ڀُون، گهر، اولاد، يار دوست اها جون جي منڌ هئي ۽ دل کي ڏاڍي ڀانئي ٿي.
    ”گهر اچو، رهڻ لاءِ“ منهنجن پيارن مونکي نياپو مڪو.
    ”آءٌ واعدو ٿو ڪريان، ايندڙ سال ضرور ايندس. آءٌ توهان کان جدا رهي نٿو سگهان.“
    ڏهن مهينن کان پوءِ ٻيهر طبيعت ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي ذاتي ڊاڪٽر وٽ ويس. جيتوڻيڪ منهنجو وائي جو سور ۽ منهنجي پيڙا ناقابل علاج هيون، پر آءٌ اُنهن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل دٻاءُ تي گهڻو اڳ قابو پائي چڪو هوس. ”جون تو پاڻ ۾ زبردست حيرت ۾ وجهندڙ تبديلي آندي آهي.“ ڊاڪٽر چيو. ”ها مون ڪري ڏيکاريو. مون پاڻ مڃائي ڏيکاريو.“ مون وراڻيو.
    ۽ اهڙي طرح مون پاڻ مڃائي ورتو. ۽ پنهنجي باقي زندگي ۾ به مڃائي رهندس. دٻاءُ کان بچاءُ ئي اُنجي صحيح دوا آهي، جيڪا نه صرف سادي بلڪه اثر واري پڻ آهي.... جيڪا جيون کي وڏي عمر بخشي ٿي ۽ جيون ۾ سدا سرور ۽ مزو برقرار رکي ٿي.
    اونهاري جي هڪ صبح جو آسمان ۾ خوبصورت انڊلٺ، ڪنهن سان ايندڙ وقت ۾ واپس موٽي اچڻ جو وچن ياد ڏيارڻ لاءِ جلووا فروز هئي. مون جيڪي سوچيو اُن لاءِ تياري ڪري ورتي، اهو منهنجي زندگي جو تمام وڏو ڪارنامو هو. آءٌ اهو خواب ۾ به آڻي نٿي سگهيس ته جنت کان جهنم تائين 2000 ميلن جيترو طويل فاصلو، منهنجي جسم ۽ دماغ جي لڪل حصن کي، ماضي جا اُهي سڀ لمحا موٽائي ڏيندو! اهو ڪنهن جانباز جي بهادري کان به وڌيڪ معجزو ۽ ڪنهن جادو کان گهٽ ڪم نه هو.
    ۽ هاڻ من اندر ۽ من کان ٻاهر جي دنيا بابت صلاح، آءٌ گهر وڃڻ لاءِ تيار آهيان. آءٌ تيار آهيان انهن موقعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، جن جي شهرت مونکي بيتاب بنائي ڇڏيو هو. آءٌ پوئتي نه پر هر قدم اڳتي وڌائڻ چاهيان ٿو. اهو ئي سبب هو جو مونکي پنهنجو گهر ياد پيو.
    بيشڪ اهو منظر دٻاءُ پيدا ڪندو. پر ها هڪ لطف پيدا ڪندڙ دٻاءُ، هڪ سرور پهچائيندڙ تبديلي. نون پراڻن چهرن سان ميلو ٿيندو. هڪ دفعو وري انگلنڊ ۾ رهڻ جو موقعو نصيب ٿيندو. وري سياري جو مزو وٺبو. روح کي تسڪين ۽ سرور پهچائيندڙ دٻاءُ.
    ۽ مون هاڻ بهتر نموني دٻاءُ تي قابو پائڻ ڄاڻي ورتو آهي. ڀلا پوءِ انتظار ڇو ڪريان؟ مان هاڻي ئي سفر تي اُسهان ٿو.
    ***


    ايزيڪا بيلي

    البرٽو موريا

    اڄ صبح جو مونکي هڪ خط موصول ٿيو جنهن ۾ لکيل هو:
    ”هي خط وينز ويلا کان روانو ڪيو ويو آهي ۽ مشهور و معروف برنيگو جو تحرير ڪيل آهي. هاڻي هي خط سموري دنيا ۾ وڃڻ گهرجي. توکي کپي ته تون هنجون چوويهه ڪاپيون لکي، اُنهن کي مختلف ائڊريسن تي روانو ڪر. نون ڏينهن کانپوءِ توکي هڪ دلچسپ ۽ حيرت انگيز واقعو پيش ايندو. جيڪڏهن تون وهم پرست ناهين، تڏهن به نتيجن کان بي خبر نه رهجانءِ. اُتر آمريڪا جي جنرل بانگا کي پنج ملين ڊالر انعام مليو. ڪولمبيا جي شهر ورسيلي جي ايزيڪا بيلي کي به ان سلسلي جو خط مليو، جيڪو هن لاپرواهي مان اُڇلي ڇڏيو ۽ هنجو خاندان آفت ۾ گهيرجي ويو. هنجا مٽ مائٽ سڀ مري ويا ۽ هوءَ پيسي پيسي لاءِ محتاج ٿي ويئي.
    ”1940ع ۾ وينزويلا جي فوج جي هڪ جنرل والٽر بيروچ هن خط جون ڪاپيون پنهنجي سيڪريٽري کان ٺهرايون. نتيجا فوري طور تي سامهون آيا ۽ هنجا حالات بهتر ٿي ويا. هڪ ٻي ملازم کي هن جي ڪاپي ملي، پر هو اُنجون ڪاپيون موڪلڻ ڀلجي ويو، جنهنجي نتيجي ۾ هن جي نوڪري ويندي رهي. پوءِ هن ڪاپين موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چند ئي ڏينهن ۾ هنکي اڳي کان بهتر نوڪري ملي ويئي. سلا ۾ هڪ ٻئي شخص کي ان سلسلي جو خط موصول ٿيو. جنهن کي هن لاپرواهي مان اُڇلي ڇڏيو. ۽ نون ڏينهن کانپوءِ هو ڪار جي حادثي ۾ تباهه ٿي ويو. اهو سلسلو ٽٽڻ نه گهرجي.“
    مون هي خط پڙهيو ۽ سوچن جي ڌارا ۾ لڙهي ويس انهن چند سٽن ۾ ڪيترا نه دلچسپ سوال اُٿاريا ويا هئا. آءٌ فطرتن خواب ڏسڻ جو عادي آهيان، ۽ هي خط مونکي ڏينهن ۾ خواب ڏيکارڻ لاءِ ڪافي هو. سڀ کان پهرين ڳالهه اها هئي ته ڪنهن پر اسرار اتفاق جي تحت انهن تمام فردن، جن جو ذڪر هن خط ۾ هو، خواهه اُهي خوش نصيب هئا يا بدنصيب، اُنهن سڀني جو تعلق لاطيني آمريڪا سان هو. ۽ اُنهن سڀني جا نالا ب سان شروع ٿيا ٿي. برينگو، بيلي، بيروچ، يا بانگا. ۽ وري واقعن جي تفصيلن جو خوب صورت انداز هو. مشهور ۽ معروف (پر مشهور ۽ معروف ڇو؟) برنيگو! سلا جو قصو (رومن ڊڪٽيٽر) کان پنج ملين ڊالر جو انعام (ڪهڙو انعام؟ ڪهڙي شئي جو انعام؟) هڪ ملازم (اُن جي ملازمت ڪٿي هئي؟) اُنجي ملازمت (اُنجي نوڪري ڪهڙي هئي؟) هڪ حادثو (ڪهڙو حادثو؟ ڇا جو حادثو؟)
    انهن تمام شين کان زياده پرڪشش ايزيڪا بيلي جي ذات هئي، جنهنجي باري ۾ ٻڌايو ويو هو ته، هوءِ پيسي پيسي جي محتاج بنجي اڃان تائين به زنده هئي. ايزيڪا بيلي منهنجي خوابن جو ڄار اُڻڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. خوبصورت، خوددار ۽ جرئت مند - هن خط جا نقل موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ هوءَ بدنصيبي جو شڪار ٿي ويئي هئي. (مگر ڪهڙي بدنصيبي؟) هن مٽن مائٽن جو صدمو برداشت ڪيو (ڪهڙا مائٽ؟) ۽ پيسي پيسي لاءِ محتاج ٿي ويئي هئي؟ هن تي ڇا ٿي گذريو؟ هن ان آفت جو ڪهڙي طريقي سان مقابلو ڪيو؟ هوءِ هاڻ ڪٿي هئي!؟
    منهنجي زال جي داخل ٿيڻ سان منهنجي خوابن جو سلسلو ٽٽي پيو. ”ڏس! اڃان تائين ويٺي ويٺي سگريٽ ڦوڪي رهيو آهين ۽ خواب ڏسي رهيو آهين. جڏهن ته هن وقت توکي ڪم تي روانو ٿي وڃڻو هو. ڇا ڳالهه آهي؟ ڪيئن ويٺو آهين؟ پنهنجي اخبار جي دفتر ڇو ڪونه وين؟ ڇا توکي معلوم آهي ته چار وڄي چڪا آهن؟“
    مون محتاط انداز ۾ جواب ڏنو ”مونکي روم کان گذرڻ واري ڪنهن مشهور ۽ معروف شخصيت جو انٽرويو وٺڻو هو پر اڄ ڪابه مشهور ۽ معروف شخصيت روم کان گذري نه رهي آهي. انهي ڪري مون وٽ اڄ ڪوبه ڪم ناهي!“
    ”منهنجي ذهن ۾ هڪ تجويز آهي. تون جنرل بانگا کان انٽرويو ڇو نٿو وٺين؟“
    آءٌ ڇرڪي ويس. ”توکي ڪيئن خبر آهي؟“
    ”ڪهڙي شئي جي خبر؟ ان جنرل جي ڪري هيڏو هنگامو متل آهي. توکي اُن جي ڪابه خبر نه آهي؟ تون ويٺي رڳو خواب ڏسي رهيو آهين؟“
    ”ڪهڙو هنگامو؟“
    ”سڀني اخبارن ۾ تفصيلات ڇپيا آهن! تون به ڪيتري قدر غافل آهين. آهين نه؟ هان ڏس!؟“
    هن اخبار منهنجي سامهون رکي. پهريئين ئي صفحي تي ٽي ڪالمي سرخي هئي ”جنرل بانگا جي خلاف مظاهرا“ جنرل هڪ هوٽل ۾ مورچا بند هو، ۽ هن اعلان ڪري رکيو هو ته هو گادي واري هنڌ ٽن ڏينهن تائين رهندو.
    ”هل. هاڻي اُٿي تياري ڪر ۽ جنرل جو انٽرويو وٺي لائي“ منهنجي زال چيو.
    ”پر ائين معلوم ٿو ٿئي ته هي شخص خون جو پياسو آهي. هنجي ڪلهي تي هزارين ماڻهن جو خون آهي. اُنجي علاوه هو بنيادي طور تي چور نظر اچي ٿو.“
    ”اُن سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ تون صحافي آهين يا نه؟ جنرل بانگا جي اخباري اهميت آهي يا نه؟“
    مختصر اهو ته منهنجي زال مونکي قائل ڪري ورتو. منهنجي زال منهنجي سيڪريٽري بنجي هوٽل تي فون ڪيو ۽ اُن وقت منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جو مونکي انٽرويو لاءِ فوري طور تي وقت ملي ويو. بانگا ٺيڪ هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هوٽل جي ڪمري نمبر 415 ۾ مون سان ملاقات لاءِ آماده ٿي ويو هو.
    منهنجي زال مشورن جي معاملي ۾ ڏاڍي فراخدل آهي. هن چيو ”هن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺجانءِ. اهڙو انٽرويو وٺجانءِ جنهن سان ٿوري گهماگهمي پيدا ٿئي. هن وقت تائين هو ڪيترن ماڻهن کي ٺڪاڻي لڳائي چڪو آهي. ڪيترا ڪروڙ هيلتائين چورائي چڪو آهي ۽ اهڙيون ٻيون سڀ ڳالهيون، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح اُنجي زبان تي اچن. بس ٿوري خوشامد جي ضرورت پيش ٿيندي. تون پنهنجن اُنهن ساٿين جهڙي روش اختيار نه ڪجانءِ!، جيڪي پنهنجو پاڻ کي قوم سڌارڪ سمجهي ويٺا آهن. اُنهن احمقن کي به اهميت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، جن مظاهرا شروع ڪري ڏنا آهن. ايئن محض حسد جي سببان ڪيو وڃي ٿو. اُنهن مان هڪ به اهڙو ناهي، جنهن کي جيڪڏهن ڪو هن به موقعو ملي ته دولت حاصل ڪرڻ لاءِ جنرل کان ٻيڻي ڦرلٽ، قتل ۽ رتوڇاڻ تي لهي نه اچي. اُهي چون ٿا ته جنرل ڪروڙ پتي آهي. بلڪه ارب پتي آهي! خوش نصيب آهي! اُٿ هاڻي پنهنجو نيرو سوٽ پائي ۽ اُن سان گڏ ڪارو بوٽ. سفيد رنگ جي قميص ۽ گهري رنگ جي ٽاءِ مناسب رهندي. آخر هو جنرل آهي! ۽ هي ڳالهه ياد رکجانءِ ته جڏهن به هن کي مخاطب ٿين ته، هميشه ”ايڪسيلينسي“ ضرور چئجانءِ. سمجهي وين نه؟“
    ۽ مون پنهنجو نيرو سوٽ پاتو ۽ نئون نوٽ بڪ ۽ نئون قلم خريد ڪري هوٽل جي طرف نڪري پيس. هوٽل جي سامهون مشتعل ماڻهن جو هجوم هو، جنهن کي وردي وارن قطار ٺاهي هن وقت تائين روڪي رکيو هو. هجوم ۾ ڪجهه ماڻهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ هئا جن تي ”بانگا واپس موٽي وڃ،“ ”قاتل مرده باد“، ”بانگا کي ٻاهر ڪڍو“، ”بانگا کي سوري تي لٽڪايو“ ۽ اهڙيون ئي ٻيون عبارتون لکيل هيون. پر جڏهن آءٌ هوٽل جي اندر پهتس، ته مون ڏٺو ته اُتي جي زندگي ٻاهر جي مظاهرن کان قطعي متاثر ٿيل نه هئي. هر شئي معمول جي مطابق هئي. روشنين سان هوٽل جڳمڳائي رهي هئي. گراهڪ اچي وڃي رهيا هئا ۽ آرڪسٽرا هڪ دلڪش ڌن وڄائڻ ۾ مصروف هو. آءٌ آجيان ڪانئونٽر تي ويس ۽ جڏهن مون اُتي پنهنجو نالو ٻڌايو ته ،جواب مليو ته منهنجو انتظار ڪيو پيو وڃي. پوءِ مون کي لفٽ جي ذريعي ٽين منزل تي پهچايو ويو. ڊگها ڊگها ڪاريڊور، مدهم روشنيون، ۽ نرم قالين. آءٌ آهستي آهستي قدم کڻي ڪمري نمبر 415 جي طرف وڌيس. دروازي تي پهچي مون ٺڪ ٺڪ ڪئي.
    مونکي ويهڻ جي ڪمري ۾ آندو ويو. ڪمرو شاهانه ٺٺ سان سجايو ويو هو. سڄو سفيد ۽ سونهري، هڪڙو دروازو کليل هو ۽ اُن سان لاڳاپيل ڪمري ۾ هڪ بي ترتيب بسترو نظر اچي رهيو هو. ڪمري جي وچ ۾ هڪ نوجوان بيٺو هو. جنهنجي چهري تي ڏاڙهي هئي، ۽ هنجون مڇون انتهائي نفاست سان تراشيل هيون. هن مونکي مخاطب ٿيندي چيو، ”آءٌ پرسنل سيڪريٽري آهيان. جنرل منجهند جو آرام ڪري هاڻ سجاڳ ٿيو آهي ۽ پنهنجو لباس تبديل ڪري رهيو آهي. جيئن ئي هو تيار ٿي ويندا توهان سان ملاقات ڪندا.“
    ”مهرباني.“
    آءٌ ويهي رهيس. مون نوٽ بڪ ۽ قلم ڪڍي لاٿو. سيڪريٽري دري جي ويجهو ويو ۽ ٻاهر ڏسڻ لڳو. منهنجي طرف هنجي پٺ هئي. هڪ پوڙهي ماڻهو جو زڪام ۽ عمر رسيدگي سبب لرزندڙ آواز اُڀريو ۽ هن جهجهڪندي چيو.
    ”منهنجو بوٽ!“
    سيڪريٽري تيزي سان آواز جي طرف وڌيو ۽ ٻئي ڪمري ۾ غائب ٿي ويو. ڪجهه پلن جي خاموشي کانپوءِ وري ساڳيو آواز اُڀريو.
    ”منهنجو سوٽ“
    ”منهنجي بيگ“
    ”منهنجو پستول“
    ”منهنجا تمغا“
    ”منهنجي ٽوپي.“
    وري خاموشي ۽ ڊگهي خاموشي! آخر سيڪريٽري دروازي وٽ ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن چيو،
    ”جنرل هاڻ انٽرويو جي لاءِ تيار آهي.“
    ”ليڪن جنرل آهي ڪٿي؟“
    ”جنرل سامهون اچڻ کانسواءِ ئي انٽرويو ڏيندو آهي. توهانکي جيڪي پڇڻو هجي اُهو پڇو. هو خواب گاهه مان جواب ڏيندو.“
    ”پر ڇو!؟“
    ”ان ۾ ڪنهن ڇو جي گنجائش ناهي. بس ايئن ئي آهي.“
    مونکي دل ۾ آيو ته جنرل پنهنجي غير مقبوليت جي پيش نظر شايد قاتلانه حملي کان خوف زده آهي. سيڪريٽري جلدي مان اهو چوڻ به ضروري سمجهيو ته، ”برسبيل تذڪرو يا ٻين سياسي، مذهبي، معاشي، سماجي يا مختصر ته عوام سان تعلق رکڻ وارن سوالن جا جواب ڏيڻ جنرل صاحب قطعي پسند نٿو ڪري. لحاظا جنرل صاحب کان فقط ذاتي نوعيت جا سوال ڪري سگهجن ٿا.“
    ”ذاتي مان ڇا مراد آهي؟“
    ”مثلن اهڙا سوال جن جو تعلق فنون لطيفه جي ميدان، ذاتي پسند يا ناپسند سان هجي. سير و سياحت سان هجي، فيشن سان هجي يا اهڙي ڪنهن ٻئي موضوع سان هجي.“
    ”ماڻهن جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ڇا جنرل ڪنهن خاص فرد جي باري ۾ جواب ڏيڻ پسند ڪندو؟“
    ”ها. بشرطيڪ اُهو عوام جو نمائندو نه هجي.“
    آءٌ ٺهي ٺڪي ويٺس. ”ان صورتحال ۾ آءٌ چاهيندس ته جنرل مونکي هن سوال جو جواب ڏي. ڇا اوهان ڪڏهن ايزيڪا بيلي نالي جي ڪنهن عورت کان واقف آهيو؟“
    مونکي حيرت ٿي جڏهن هڪ ڳري آواز ۾ مونکي جواب مليو ”ها“.
    ”ايزيڪا بيلي ڪير آهي؟“
    ”هڪ ڏکايل ۽ مصيبت جي ماريل.“
    ”مصيبت جي ماريل ڇو؟“
    ”ايزيڪا جو مڙس منهنجي مخالفت تي سندرو ٻڌي بيهه رهيو. منهنجا ڪجهه شيدائي هڪ رات بيلي جي گهر ۾ گهڙي ويا. اُنهن ايزيڪا بيلي جي خلاف تشدد جو مظاهرو ڪيو. اُنهن هنجي مڙس، ٻارن ۽ ملازمن کي قتل ڪيو ۽ هنجي گهر کي باهه لڳائي. زيادتي ضرور ٿي، مگر اهو واقعو سياسي جدوجهد جي پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي.“
    ”اُن وقت ايزيڪا بيلي جي عمر ڇا هئي؟“
    ”پنجويهه سال.“
    ”ڇا هوءِ خوبصورت هئي؟“
    ”انتهائي خوبصورت مگر باهه سان هنجو چهرو بري طرح سڙي چڪو هو.“
    ”۽ هاڻ هوءِ ڪٿي آهي؟“
    ”هاڻ هوءِ منهنجي گادي واري شهر جي بدترين علائقي ۾ رهي ٿي.“
    ”هوءِ هاڻ ڇا ٿي ڪري؟“
    ”خواري“
    ”خواري مان توهانجي ڇا مراد آهي؟“
    ”هوءِ خيرات پنندي آهي. رات جو هڪ جهوپڙي ۾ سمهي رهندي آهي. جوٺي ماني سان پنهنجو پيٽ ڀريندي آهي ۽ چتيون لڳل ڪپڙا پائيندي آهي.“
    هڪ دفعو وري خاموشي جو طويل وقفو اچي ويو. آءٌ سوال ڪرڻ جي لاءِ نئون موضوع تلاش ڪري رهيو هوس. آخرڪار مون سوچي ورتو ۽ سوال ڪيو.
    ”ايڪسيلينسي! ڇا توهان کي ياد آهي ته توهان کي ڪڏهن پنج ملين ڊالر جو انعام مليو هجي؟ جيڪڏهن توهان کي اهڙو ڪوئي انعام مليو آهي ته، اوهان اهو ٻڌائڻ فرمائيندئو ته اهو ڪهڙي ڪارنامي تي انعام هو ۽ اُهو اوهانکي ڇو ڏنو ويو؟.“
    آءٌ بيتابي مان پنهنجي سوال جو انتظار ڪري رهيو هوس جو وري اُهو ڳرو آواز اُڀريو.
    ”پنج ملين ڊالر جو انعام مونکي ان سبب ڏنو ويو هو جو هڪ فوجي ڪاروائي جي دوران، جيڪا ٽي مهينا جاري رهي هئي، مون گادي جي هنڌ جي ڀرسان واقع جبلن ۾ لڪيل دهشتگردن جي هڪ گروهه کي جڙ کان اُکاڙي ڦٽي ڪيو هو.“
    ”۽ اهو انعام توهانکي ڪنهن ڏنو هو؟“
    ”حڪومت ڏنو هو.“
    ”اُن وقت حڪومت جو سربراهه ڪير هو؟“
    ”مان پاڻ حڪومت جو سربراهه هئس.“
    ”ته صورتحال اها بيٺي ته توهان خود انعام تجويز ڪيو ۽ خود انعام حاصل ڪيو.“
    ”يقينن.“
    آءٌ حيران رهجي ويس. سيڪريٽري مداخلت ڪندي چيو، ”انٽرويو جو وقت ختم ٿي چڪو آهي توهان تشريف کڻي وڃي سگهو ٿا.“
    ”مگر مونکي اڃان ڪجهه ٻيون به ڳالهيون معلوم ڪرڻيون آهن.“
    ”هاڻي ممڪن ناهي. انٽرويو ختم ٿي چڪو آهي.“
    هن مونکي انتهائي بدفضيلتي ڪندي ڌڪو ڏيئي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. هاڻ مون وٽ واپس گهر وڃڻ کانسواءِ ڪو ٻيو چارو ڪونه هو. گهر وڃي مون انٽرويو جي هر تفصيل کي، يعني خط، احتجاجي مظاهرن، جنرل ۽ اُنجي سيڪريٽري ۽ ايزيڪا بيلي تي مشتمل هر ڳالهه پوري احتياط سان قلم بند ڪيو. پر ڇا توهين يقين ڪندئو ته ايڊيٽر مونکي چيو ته، هو انٽرويو شايع نٿو ڪري سگهي ڇو جو آءٌ جنرل کي خود سندس ذات جي باري ۾ ڳالهائڻ تي اُڪسائڻ ۾ بري طرح ناڪام ويو هوس. بس ڪنهن ايزيڪا بيلي جو ذڪر ضرور هو، جيڪا قطعي هڪ غير معروف شخصيت هئي، اهو ئي سبب هو جو نه ته ڪا هنجي اهميت هئي، ۽ نه ئي هوءِ ڪا اخبار جي خبر جي حوالي کان ايڏي اهم ۽ دلچسپ هئي.
    ***


    پهاڙن تي

    سورين ايويزيئن

    ٻاهران وڏن ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا ۽ هڪ نوجوان زور سان ڳائي رهيو هو. ريڙهن ۽ ٽريفڪ جو زوردار آواز هوا ۾ شور برپا ڪري رهيو هو.
    مطالعي واري ڪمري ۾ هڪ ماڻهو جو پورو ڌيان پٿر تي اُڪريل لکت تي کتل هو. دريون کليل هيون. هنجا ڀورا وار هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا، ۽ پنا کڙ کڙ ڪري رهيا هئا. پر اسڪالر ٿڌڙي هير ۽ سڙڪن جي شور کان بي نياز پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو.
    شايد هي منظر ٻئي نموني به بيان ڪري سگهجي ها.
    ته ٻاهران نه ئي وڏن ٽهڪن جا آواز اچي رهيا آهن. نه ئي ڪو نوجوان زور سان ڳائي رهيو آهي ۽ نه ئي ڪو اسڪالر پٿر تي اُڪريل عبارت کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    ها مان مڃان ٿو ته هن قصي کي اڃان به ٻئي نموني ٻڌائي سگهجي ٿو............
    بتي جي جهڪي روشني ۾، نوجوان عورت جو ڌنڌلو چهرو چٽو نظر اچي رهيو هو. هو پٽ تي ٽنگ مٿان ٽنگ چاڙهيو ويٺي هئي. هرڪو ڏسي سگهيو ٿي ته، هوءِ هڪ هٿ سان هندوري کي لوڏي رهي هئي. هڪ ماڻهو جنهنجون مڇون ڪاريون هيون، سندس سامهون ويٺو هو. جهڪي روشني ۾ هنجون مڇون اصل کان به وڌيڪ ڪاريون ۽ گهاٽيون نظر آيون ٿي. هن جون اُداس ۽ پريشان اکيون ڦڙ ڦڙ ڪندڙ شعلي تي اٽڪيل هيون.
    شعلي مان مسلسل گهوريندي هن کي لڳو ته ڄڻ ڪنڊ ۾ پيل ڏانٽو به چمڪي رهيو هو. ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ وَٽ نه پر پٽ تي پيل ڇلي روشن ٿي اُٿي هئي ۽ اُنجي سوراخن مان ترورا گذرندا ديوار جي ڀرسان پيل دلي تي اُڪريل ڪرمچي چٽن کي وڌيڪ چٽو ۽ روشن ڪري رهيا هئا. هندوري خاموشي ۾ ڌيمي ڌيمي موسيقي پيدا ٿي ڪئي ۽ ڪنڊ ۾ پيل ڪوري دلي اُن موسيقي کي پڙاڏي ۾ منتقل ڪري ٿي ڇڏيو. هزارين سال پراڻي، اڌ گولائي ۾ اڏيل ڪمري جون ڀتيون گواهه هيون ته هتي ڪافي وقت کان خاموشي رهي هئي.
    پر ساڳئي وقت ٻاهر......
    ٿورڙو پري لڳاتار فائرنگ ٿي رهي هئي، جنهن ڀر واري جڳهه ۾ پڙاڏو ٿي پيدا ڪيو ۽ اونداهي ڪاري رات ۾ روشني جا لڙڪ ٿي ڳاڙهيا.
    گهرن ۾ روشني گهڻي وقت کان اُجهامي چڪي هئي پر هڪڙي دري، روشن ۽ حيرت ڀريل اکين سان اوندهه کي گهوري رهي هئي. اهو داشنڪ هيڊ ڪوارٽر هو. يارهين فوج جا هراول دستا ائگرا جي کاٻي ڪناري پهچي چڪا هئا. ايندڙ حملو آخري مورچي کي تباهه ڪري ڇڏيندو، جنهن کي داشنڪ پهاڙي آرمينيا چوندا هئا.
    داشنڪ هيڊ ڪوارٽر جي هڪ ڪمري ۾ ليفٽيننٽ گلمباروف هڪ هاري کي ٿڏا هڻي ماري رهيو هو. هاري ذري به دانهه ڪانه ٿي ڪئي. هاري جي خاموشي ليفٽيننٽ کي وڌيڪ وحشت ۾ آڻي ٿي ڇڏيو ۽ هو مٿس وڌيڪ تشدد ڪرڻ لڳو، ۽ کيس وارن کان گهلڻ لڳو. هاڻ هو آپي کان ٻاهر نڪري زور سان چلائڻ لڳو، ”ته تون انقلابين سان ڪونه وڙهندين؟ ته تون بيمار آهين؟ ڇا تون.....؟“
    اندر ڪئپٽن انوش آگمئين پنهنجي هڪڙي ٽنگ ٽيبل مٿي رکي، ريوالور کي آڱرين ۾ ڦيرائيندي ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو. ”آءٌ پڇان ٿو توهان حملي ۾ ڪيترا ماڻهو موڪليا هئا؟“ ”بڪواس بند ڪر نالائق،“ هن پنهنجو ريوالور ٽيبل تي اُڇليو ۽ مڇين کي وٽڻ لڳو،”ڇا؟ اهو نه سوچ ته تون هتان ڀڄي ويندين گلمباروف ڪلاڪ کن ۾ اچي ويندو. آءٌ هن کي چوندس ته جيڪڏهن تو ۾ ذري به مستي ڏسي ته هو تنهنجو پيٽ ڦاڙي ڇڏي.“
    هن رسيور رکيو ۽ جلدي ٻيهر کنيو.
    ”ڇا هي سئچ بورڊ آهي؟“ ”مون کي ڏي خان“ ته تون برخوردار؟ ڇا تو ڪمڪ رواني ڪئي؟“ انوش پنهنجي ريوالور جو منهن ٽيليفون ڏانهن ڪيو، ڄڻ هو ساڻس ڳالهائيندڙ کي ڊيڄارڻ چاهيندو هجي. ”ڇا تون اتي ويهي انقلابين جو انتظار ڪري رهيو آهين؟ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! تون مصيبتن کي پاڻ ڏي سڏي رهيو آهين. انقلابي توکي ڪونه ماريندا پر آءٌ ايئن ضرور ڪندس. ڇا تون مونکي ٻڌي رهيو آهين؟ آءٌ پنهنجي سنڀال پاڻهي ڪندس. ڏهه گاڏيون صبح ٿيڻ کان اڳ موڪلي ڏي. ها هڪ ٻي ڳالهه. اهو غريب هاري گولين سان اُڏائي ڇڏ. اُن جو حال ڏسي شاهوڪار اسانکي سڀ ڪجهه جيڪي وٽن آهي پاڻهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويندا.“
    هن رسيور هيٺ رکيو ۽ مڇن کي وٽڻ لڳو. ۽پوءِ مرجهايل گلن کي هٿن ۾ مهٽڻ لڳو، جن ڪافي وقت کان پهاڙن تي گهمريون پائيندڙ هوا ۽ سورج جي ڪرڻن کي نه ڇهيو هو.
    ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. انوف رسيور کنيو.
    چيف آف آرمي اسٽاف ڳالهائي رهيو هو. ”ها جنرل“ هن پنهنجي ٽنگ ميز تان هٽائي ۽ سڌو ٿي ڪرسي تي ويهندي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”ايڪسيلنسي آءٌ توهان کي ٻڌائيندو هلان ته اسانجي بهادر دستن دشمن جا ڪافي فوجي ماريا آهن جن اسانجي ڪئمپ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ۽ ها سونا کمبر ۽ خان سياگ جا ڪافي هاري رضا ڪارانه طور تي انقلابين خلاف وڙهي رهيا آهن. توهان ڇا ٿو چئو سر؟ ته منهنجي سيڪشن ۾ سپلاءِ پروگرام جي مطابق جاري رهندي.“
    ڪئپٽن پنهنجي ٽنگ غيرارادي طور ميز مٿي رکي پر جلد ئي هو ڪرسي تي سڌو ٿي ويٺو.
    ”جيڪو حڪم سر.“
    هن واپس رسيور ايئن آهستي رکيو ڄڻ هنکي ڊپ هجي ته متان وري نه گهنٽي وڄي ۽ پوءِ ٿوري دير تائين جڏهن هن کي گهنٽي ٻيهر نه وڄڻ جو يقين ٿيو ،ته نهايت اطمينانن سان ٽنگ ٽنگ تي چاڙهي هن پاڻ سان ڳالهايو. ”انوف! اهو ته نسورو ڪوڙ هو. پر مونکي ڇا چوڻ گهريو هو؟ جي صحيح صورتحال ٻڌايان هانس ته هو ڪتو ته مونکي شوٽ ڪري ڇڏي ها. هنن نالائق انقلابين سڄي دنيا کي ڊانوا ڊول ڪري ڇڏيو آهي. خدا جي شل مار پوين.“
    ”ڪئپٽن!“ گلمباروف رڙيون ڪندي اندر داخل ٿيو. هو پنهنجو نيٽ هوا ۾ ايئن هلائي رهيو هو ڄڻ ڪو وحشي گهوڙو واڳ ڇنائي ڀڳو هجي. ”هو اچي رهيا آهن.“
    انوف پاڻ کي بستري ۾ اُڇلايو ۽ پنهنجو منهن وهاڻي ۾ لڪائي ڇڏيو، جيئن هو وساري سگهي ۽ ايئن ڪندي آٿت محسوس ڪري سگهي ته انقلابي اڃان آگارا ۾ ئي آهن.... ته هاري هنن کان نفرت ڪن ٿا ۽ داشنڪ جي مدد ڪرڻ کان انڪاري آهن... ته هن جرنل سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته ان قسم جو آرمينيا نٿو ٺهي سگهي..... هو ٽپ ڏيئي اُٿيو. ”تنهنجي ڇا مراد آهي؟“
    گلمباروف ڪجهه ڪونه ڳالهايو. هو ٿوري دير رکي هليو ويو. هاري پٽ تي ليٽيو پيو هو. هن ٿورو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ دروازي جي پويان ايندڙ آوازن کي ٻڌڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو.
    ڏيئو هاڻ اُجهامي چڪو هو. ڇلي ۽ نار جو نيسر هاڻ اوندهه ۾ گم ٿي ويو هو. پر ڏانٽو اڃان به اوندهه ۾ چمڪي رهيو هو. دلي تي اُڪريل ڪرمچي چٽ جيتوڻيڪ اوندهه ۾ الوپ ٿي ويا هئا. پر پوءِ به اُهو اڳي وانگر انساني آوازن جيان پڙاڏو پيدا ڪري رهيو هو.
    ”نازان! آءٌ وڃي رهيو آهيان.“
    مرد جو هٿ پينگهي ۾ ويٺل عورت جي نرم هٿن کي ڇهڻ لاءِ وڌيو.
    ”هينئر آڌي رات آهي. تون ڪيڏانهن ويندين؟“
    ”آءٌ ڏسڻ چاهيان ٿو ته هو انقلابين متعلق ڇا ٿا چون؟ ۽ آءٌ اهو به ڄاڻڻ گهران ٿو ته ڇا انقلابي واقعي اسانجي مدد ڪن ٿا؟“
    گهگهه اونداهي ۾ اسٽيپن هڪ لڪل جاءِ تان جتي دلي مان زون زون جو آواز گونجي رهيو هو رائفل کنئي.
    نازان پنهنجو هٿ رسڪايو ۽ ڊپ وچان رڙيون ڪرڻ لڳي. ٻارڙو ڇرڪ ڀري جاڳي پيو. اسٽيپن پنهنجي زال کي ٿورو پري وٺي ويو ۽ هنجي پيرن تي ڪري پيو. هن نازان کي ٻيهر ڏيو جلائڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ هن حسرت ڀرين نيڻن سان پنهنجي هڪ سال جي ٻارڙي مٿان رلي لاٿي.
    ”ڊئوڊ!“ هو ٻارڙي جي نرم ڳلن کي پنهنجي آڱر سان ڇهندي ڀڻڪيو ”۽ آءٌ تنهنجي لاءِ وڃي رهيو آهيان جيڪڏهن انقلابي واقعي سٺا ماڻهو آهن ۽ جيڪڏهن توکي سٺي زندگي ملي ته پوءِ ڪا پرواهه ناهي جي آءٌ زندهه موٽي نه اچان.“
    هن ٻارڙي کي چميو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪتو.
    ”اسٽيپن!“ ڏيڊي وٽ اُگهاڙن پيرن بيٺل نازان بيقراري مان پڪاريو.
    ”آءٌ موٽي ايندس!“ اسٽيپن جي آواز اوندهه جي ڪرب کي ٽوڙيو. هنجي قدمن جو آواز جيئن پوءِ تيئن ڌنڌلو ٿيندو ويو.
    نازان ڪجهه دير ڊپ ۽ حسرت ڀرين نگاهن سان بيٺي رهي. هوءِ پري کان ايندڙ گولين جا ٺڪاءُ ٻڌي سگهي ٿي جيڪي جبلن سان ٽڪرائجي پڙاڏو پيدا ڪري رهيا هئا. ۽ هن کي لڳو ته اهي ٺڪاءُ اوندهه ۾ جلندڙ ڏيئي جي روشني کي ڳڙڪائي ڇڏيندا. هن جي چوگرد هر شئي اوندهه جي ڪرب ۽ ڊپ ۾ گهيرجندي ويئي. ننڍڙو ٻارڙو اوندهه جي خوف کان زوردار رڙيون ڪرڻ لڳو.
    پرهه ڦٽڻ مهل انقلابي فوج هڪ ٻيو حملو ڪيو ۽ کين وري ناڪام ٿي موٽ کائڻي پيئي. داشنڪ جو ايگل جبل جي چوٽي تي قبضو هو، جتان هو آساني سان کيتن کي باهه لڳائي سگهيا ٿي. آگارا وادي ڏانهن سواءِ غفا جي ٻيو ڪو به رستو نه هو. گذريل يارهن ڏينهن کان انقلابي غفا مان لنگهڻ جون ناڪام ڪوششون ڪري رهيا هئا.
    ................
    اها هڪ جون جي روشن صبح هئي. آگارا جا ميدان ڪوهيڙي ۾ ڍڪيل هئا. اوچتو ايگل جبل جي چوٽي سج جو پهريون ڪرڻو جهٽي ورتو.
    اسٽيپن ايگل جبل تي اُڳيل گاهه تي ليٽيو پيو هو. سڄو جبل هنجي چوگرد ڦهليل هو. گن مشينون هنجي کاٻي پاسي کان گجي رهيون هيون. سج مٿي چڙهي آيو هو ۽ سڄي وادي ۾ سونهري ماکي پکيڙي ڇڏي هئي. انقلابين جا دستا تيار بيٺا هئا. جيئن ئي اسٽيپن سج جي سونهري ڪرڻن ۾ وهنجيل وادي ڏانهن نهاريو، هن انقلابين بابت سوچڻ شروع ڪيو.
    جتي هو ليٽيل هو اُتان داشنڪ جي ڪيمپ پڻ نظر اچي رهي هئي. پر هن اُن بابت سوچڻ نٿي چاهيو. اسٽيپن کي اُنهن بابت اڳي ئي ڪافي ڄاڻ هئي. داشنڪ مشين گنن جي پويان ٿي بيٺا ۽ ڌڙاڌڙ فائر ڪرڻ شروع ڪيا. انهي عمل انقلابي فوج کي مورچن اندر رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ جوابي عمل کي روڪي رکيو. انقلابين جبل جي چوٽين تي فائر ڪرڻ شروع ڪيا. کيتن ۾ ايئن پڙاڏو پيدا ٿيو ٿي جيئن هنجي ڪمري ۾ دلي پڙاڏو ٿي پيدا ڪيو. سڀ ڪجهه ڌنڌلن بادلن ۾گم ٿي ويو ٿي. جڏهن ڌنڌ هٽي ٿي ته داشنڪ جي پوزيشن وري چٽي نظر آئي ٿي، ۽ هڪ ڀيرو وري مشين گنن مان آواز اُٿيا ٿي.
    ڊئوڊ جي زندگي ۽ مستقبل، هيٺ سونهري وادي ۾ ساهه کڻي رهيو هو. کاٻي پاسي ته اسٽيپن پنهنجو پاڻ کي چئي رهيو هو ”ان جو مطلب ته داشنڪ منهنجي پٽ تي فائرنگ ڪري رهيا آهن.“
    هن پنهنجو رڍ جي کل مان ٺهيل ٽوپلو بندوق جي مٿان رکيو ۽ هيٺ چتائي نهاريو. اُن کانپوءِ هن پنهنجو ساهه بند ڪيو ۽ توبچي جي فائرنگ جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن داشنڪ هنجي بندوق جي ٺڪاءُ جو آواز ٻڌي نه سگهن.
    توبچي جيئن ئي توب جو منهن کوليو اسٽيپن فائرنگ شروع ڪري ڏني. داشنڪ پنهنجو سڄو بدن مشين گن تي اُڇلي ڇڏيو.
    داشنڪ جو ڪمانڊر ترخان دستن وٽ وڃي اُنهن جي همٿ وڌائڻ ۽ پوزيشن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجو گهوڙو تيزي سان ڊوڙايو ۽ جبلن ۾ گم ٿي ويو. گهوڙي پنهنجي ڳچي لوڏي ۽ هڻڪار ڪندي خطري جي نشاندهي ٿي ڪئي، ترخان پاسي ۾ لڳل پنهنجو ريوالور ڪڍيو. جيئن ئي هو لاش جي ڀرسان لنگهيو، هو جهٽڪي سان سڌو ٿي بيٺو ۽ هنجي نطر چشمي کان ٿيندي جبل جي چوٽي ڏانهن کڄي ويئي. هن کي پڪ ٿي ته مشين گن هلائيندڙ تي پٺ تان حملو ٿيو هو.
    اسٽيپن پنهنجي ڳل کي آڱرين سان دٻائي رکيو ۽ انقلابي فوج کي ڏسڻ لڳو، جيڪا هاڻ مورچن مان ٽپا ڏيئي وادي ۾ ڪاهي رهي هئي. مشين گن هن کان ٿورڙي مفاصلي تي هئي، جيڪا گهڻي وقت کان خاموش هئي ۽ منجهائنس باهه جا اُلا نڪري رهيا هئا.
    هن ڀيري اسٽيپن توبچي جي رڙ جو انتظار نه ڪيو. هن فائرنگ ڪئي ۽ مشين گن خاموش ٿي ويئي. ترخان جون نظرون ايگل جبل تي کتل هيون. اسٽيپن ٿوري ساعت لاءِ پريشان ٿي ويو ۽ پوءِ وري فائرنگ شروع ڪري ڏني. هن ڀيري هنجو نشانو هو داشنڪ ڪمانڊر ترخان. هن فائر گسي وڃڻ تي هڪ ڊگهو ٿڌو شڪارو ڀريو. داشنڪ هن کي نشانو بنايو ۽ پوءِ سڀني طرفن کان هنتي گولين جو وسڪارو شروع ٿي ويو. ڪلهي ۾ پهتل گهري گهاءُ هنجي سموري جسم کي سور ۾ وڪوڙي ڇڏيو.
    توبچي جنگ جي ٻولي ۾ گجگوڙ ڪندي ،سائي شرٽ پاتل ماڻهو جيڪو جبل تان ڪلٽيون کائي رهيو هو ۽ جنهن جي هٿ ۾ ڳاڙهو بينر هو، هاءِ ڪمان کي اطلاع ڏنو. سج جا ڪرڻا، جن جبل کي ٻهڪائي ڇڏيو هو اُنهن بينر کي پڻ چمڪائي ڇڏيو هو.
    اسٽيپن جي سگهه هاڻ جواب ڏيئي رهي هئي. هو پري کان ايندڙ فائرنگ جي آوازن کي خواب سمجهي رهيو هو.... هر شئي هنجي اکين اڳيان ڌنڌلي ٿي رهي هئي. وهيل خون ايگل جبل تي اُڳيل گاهه کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو هو. ۽ اُهو سج جي ڪرڻن ۾ اُڪريل چٽن جيان ڏيکائي ڏيئي رهيو هو.
    ”هيلو! هيلو! ڇا هي سئچ بورڊ آهي“ ڪئپٽن ٽيليفون تي ڳالهائي رهيو هو. ۽ جلد ئي هن ٽيليفون رکي ڇڏيو. ”شايد لائن ڪٽجي ويئي؟“ هو گلمباروف ڏانهن مڙيو جيڪو سندس ويجهو بيٺو هو ۽ اڃان تائين نيٽ هنجي هٿ ۾ هو. هنجي هٿ ۾ نيٽ ايئن لڳي رهيو هو جيئن ڪتي ۾ پڇ.
    ”ڇا ٿيو؟“ ليفٽيننٽ ايئن پڇيو ڄڻ هو ڪجهه نه ڪجهه ڄاڻڻ چاهيندو هجي.
    ڪئپٽن هن کي پاسيرو وٺي ويو. ”هو اچي رهيا آهن! انقلابي اچي رهيا آهن!“ ڪنهن دري مان بيچيني وچان ڳالهايو ۽ اهي اکر انوف جي دل ۾ ڇپي ويا.
    ”اهو وڏو حملو آهي؟ ايئن نه!؟“ انوف ڊوڙيو ۽ ٻاهر ويو جتي سنجهيل گهوڙو سندس انتظار ڪري رهيو هو. هن پير رقيب ۾ پائي اڃان لانگهه ئي مس ورائي جو گلمباروف هنتي فائر ڪيو. انوف پويان مڙيو. هن پنهنجو ريوالور ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ليفٽيننٽ ڏي حقارت ڀرين نظرن مان نهاريو. جلد ئي هن جي اکين اڳيان ڌنڌ ڦهجلي ويئي ۽ هن کي زمين ڦرندي محسوس ٿيڻ لڳي.
    گلمباروف پنهنجي ڪمانڊر جي گهوڙي تي ڳوٺ ۾ داخل ٿيو. اوچتو فائر ٿيو ۽ گهوڙي پوئتي ڀاڄ کاڌي، هڪ هاري جنهنجي هٿ ۾ بندوق هئي گهوڙي کي جهلڻ لاءِ ڊوڙيو. جيتوڻيڪ هنجو بدن گلمباروف جي ڀڳل نيٽن ڪري چور چور ٿي چڪو هو، هو تڏهن به ڊوڙيو پر هنکي جهلي نه سگهيو. انقلابي فوج جا دستا ڳوٺ ۾ داخل ٿيا. اُهي مٽي ۾ ڀريا پيا هئا. ۽ ڪافي ٿڪل نظر اچي رهيا هئا. عورتن مردن ۽ ٻارن جا انبوهه اُنهن کي ورائي ويا. اُنهن سپاهين کي چميو، اُنهن سان هٿ ملايا ۽ عورتن اُنهن کي دلن جو ٿڌو کير پياريو.
    نازان اُگهاڙي پيرين گهر جي ٻاهر ڌڪي تي بيٺي رهي. ٻارڙو سندس ڪڇ ۾ هو. هو انقلابي فوجين ۾ پنهنجي ور کي نظرون گهمائي ڳولڻ لڳي.
    ڪارو آسمان تارن سان روشن ٿي ويو. آسمان ۾ تارا ڪيڏا نه مٿي هئا ۽ هيٺ ڪافي ڏور... اسٽيپن کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڪٿي هو؟ هي ڪارو آسمان ۽ ٿڌا تارا ڪهڙي جڳهه تي هئا؟ هن ٻيهر اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هنجي اکين جا ڇپر بند ٿي رهيا هئا. هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن هن هڪ دفعو ٻيهر ڇپر بند ڪيا ته اُهي سدائين لاءِ بند ٿي ويندا. هن کي محسوس ٿيو ته سندس ساڄي ٻانهن نستي ٿي چڪي هئي. هن کاٻي هٿ سان ماڪ ڦڙن کي پنهنجي اُڃايل چپن ۽ اکين تائين آندو. هن اوندهه ۾ نهارڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ بيپناهه فائرنگ جي ڪري سفيد دونهون اُٿي رهيو هو. پر هو پنهنجي چو طرف ڦهليل اوندهه کي هٽائي نٿي سگهيو. هر ڪا شئي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڪاري ٿيندي ويئي. سفيد دونهون آهستي آهستي گم ٿي رهيو هو. هاڻي اُهو وکري ڏيئي جي ڦڙڪندڙ جهڪي روشني جي شڪل اختيار ڪري رهيو هو. اسٽيپن کي محسوس ٿيو ته هاڻ هو ايگل جبل تي نه پر پنهنجي گهر ۾ ئي هو. کليل دروازي مان هو آساني سان پنهنجي گهر ۾ ٻڙندڙ ڏيئي جي روشني کي ڏسي سگهيو ٿي. هر گهر ۾ ڏيئا ٻري رهيا هئا. ’ڏيئن جي مدهم روشني ۾ ڪيڏي نه پيڙا، انتظار ۽ ڊپ سمايل هو!‘ هو ننڍ مان جاڳڻ مهل نازان جي مٺڙن پر ٿڌن شوڪارن، هندوري مان پيدا ٿيندڙ آواز جيڪي جبلن ۾ پڙاڏو برپا ڪندا هئا ۽ ڊئوڊ جي رڙين ٻڌڻ جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو.
    جيئن ئي هنجي اکين جا ڇپر هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيڻ لڳا هنجي آڏو ڏيئن جون روشنيون وڌيڪ جهڪيون ٿينديون ويون. هڪ ڀيرو وري اسٽيپن پنهنجي ٻرندڙ پيشاني ۽ لرزندڙ چپن کي ماڪ ڦڙن سان آلو ڪيو. هو هاڻ سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو. هڪ دفعو وري رات جي پيٽ ۾ اُٿندڙ باهه جا اُلا. اسٽيپن اوچتو محسوس ڪيو ته اصل ۾ اُهي تارا هئا ۽ هو جبل جي چوٽي مٿي هو. هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ سڀ ڪجهه هنجي اکين آڏو سئنيما سلائڊ جيان چٽو نظر اچڻ لڳو. هنجي بندوق... اُن مان ڪيل فائر جيڪو هن مشين گن هلائيندڙ داشنڪ تي ڪيو... هنجو وادي ۾ ڦٿڪندڙ لاش.... انقلابي فوجن جو مورچن مان نڪرڻ ۽ وادي ۾ داخل ٿيڻ... ۽ اُن کان پوءِ هنجو وري داشنڪ ڪمانڊر تي فائر ڪرڻ ۽ گسي وڃڻ.... انقلابي فوج جي سپاهين جو وادي ۾ پهچڻ.... هٿن ۾ ڳاڙها بينر ۽ اُنهن جو سج جي روشني ۾ ٻهڪي پوڻ.
    ”جيڪڏهن هو...... سٺا.... ۽ مهربان...... ته منهنجو ڇوڪرو ضرور هميشه لاءِ خوشيون ماڻيندو....
    هڪ دفعو وري هنجا ڳرا ڇپر بند ٿي ويا. هنجا چپ خشڪ ٿي ويا ۽ هنجي دل ٻڏي ويئي.
    هنجي بي جان ٻانهن مان خون اڃان به وهي رهيو هو جيڪو جبل تي اُڳيل گاهه ۾ رات ۾ کڙندڙ گلن کي تازگي بخشي رهيو هو ۽ پوءِ اسٽيپن بي يارو مددگار ڪاري ڪارو نڀار ۾ گم ٿي ويو.
    ٻاهران تمام وڏن ٽهڪن جا آواز اچي رهيا هئا ۽ هڪ نوجوان زور سان ڳائي رهيو هو. گاڏن ۽ ٽريفڪ جو زوردار آواز هوا ۾ شور برپا ڪري رهيو هو.
    مطالعي واري ڪمري ۾ هڪ اڌڙوٽ عمر جي اسڪالر جو پورو ڌيان، پٿر تي اُڪريل لکت تي هو. دريون کليل هيون. هنجا ڀورا وار هوا ۾ اُڏامي رهيا هئا ۽ پنا کڙ کڙ ڪري رهيا هئا. پر اسڪالر ٿڌڙي هير ۽ سڙڪن جي شور کان بي نياز پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو. هو ماضي بلڪل ڏور ماضي ۾ هليو ويو هو، جڏهن اڃان موٽرون ۽ ڪارون ايجاد نه ٿيون هيون ۽ ماڻهو فقط اُڏامڻ جا خواب ڏسندو هو. ۽ جڏهن شهر قلعن ۾ گهيريل هوندا هئا ۽ جڏهن ڇيڻين سان ٽڪيل مجسما ڀتين ۾ نسب ٿيل هوندا هئا. هو اُنهن ڪردارن جي زندگي ۽ ماحول جي اڀياس ۾ محو هو، جو هڪ نرم ۽ نازڪ خوشبوءِ سان واسيل هوا جي جهونڪي هنجي پيشاني کي ڇهيو.
    هفتن جي پويان مهينا گذري ويا. هن جا سگريٽ جلي رک جي شڪل وٺندا ويا. هاڻ هنجي ڀورن وارن ۾ اڇا وار به داخل ٿيندا ويا. پر هن اُن جي پرواهه نه ڪئي. هن هر حال ۾ ماضي جو انت ڳولڻ چاهيو ٿي.
    هن جي مطالعي جي ڪمري جو دروازو کليو ۽ هڪڙو ٻارڙو ”بابا بابا“ چوندو اندر داخل ٿيو.
    اسڪالر ٻارڙي جي آواز تي ڪنڌ کڻي مٿي نهاريو ۽ ماضي مان حال ۾ موٽي آيو.
    ”اسٽيپن هيڏانهن اچ.“ هنجي پي ايئن چوندي پنهنجي ٻانهن هنجي ڪلهن تائين آندي.
    ”بابا! توهين گهڻو وقت هنن پراڻن پٿرن تي ڇو ٿا خرچ ڪريو؟“
    ”پٽ! انهي ڪري ته جيئن آءٌ توکي تنهنجن وڏن بابت ٻڌائي سگهان ته هنن پنهنجي زندگي ۾ ڇا ڇا ڪيو ۽ ڪيئن پنهنجي زندگي گهاري.“
    ٻارڙي مرڪي ڏنو ۽ پٿر تي اُڪريل لکت تي جهڪي اُن کي غور سان ڏسڻ لڳو. هنجو پي واپس ڪرسي تي اهلي پيو. هڪ ڀيرو وري گهٽين جا گوڙ جهڪا ٿي ماٺا ٿي ويا. هن پنهنجي هٿن ۾ نهاريو. پراڻي دور ۾ ڪجهه ته هو جيڪو هن تي دير سان ظاهر ٿي رهيو هو. هن پنهنجي جواني جي ڏينهن کي ياد ڪيو ۽ پنهنجي پي کي.... جنهن بابت هنکي ڪا ڄاڻ ڪونه هئي. هو حيرت ۾ پئجي ويو. سندس پي پنهنجي پويان ڌرتي تي ڪابه نشاني يا فوٽو وغيره ڪونه ڇڏيو هو. هنجي ماءُ کيس ٻڌايو ته هنجي پي آڌي رات جو هڪ لڪل جاءِ تان رائفل کنئي ۽ اهو چوندي گهران روانو ٿيو ته ”آءٌ هڪ ڏينهن واپس موٽي ايندس.“ پر هو وري ڪونه موٽيو.
    اسڪالر انت پائي نه سگهيو. هن کي اها سڌ تا عمر نه پئجي سگهي ته، ڪو هنجو پيءُ ايگل جبل جي چوٽي تي رهي ٿو. هو اهو به نٿو ڄاڻي ته، هنجي پي جي بهادري ۽ موت ئي هنجي لاءِ اهو ممڪن ڪيو ته هو هڪ آزاد ۽ بي بها زندگي جو تحفو ماڻي سگهي ۽ اسڪالر ٿي سگهي، جيڪو ماضي ۽ مستقبل ٻنهي جي سڌ لهي سگهي.
    ***


    پنهنجي ڳولا ۾

    رابن مور

    مون هاڻي ڳالهائڻ جو فيصلو ڪيو جو ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
    هوءِ رسيور کڻي ٿي ۽ اُن تي ڳالهائي ٿي. ڊوڙندڙ ننڍڙا ننڍڙا زرڙا هنجي ڏور کان ايندڙ آواز کي سميٽي وائر جي ذريعي انتظار ڪندڙ جي ڪن تائين پهچائن ٿا.
    ”هيلو“ ۽ رسيور تي هڪ معافي ۽ معذرت سان ڀريل مرڪ اُڀري ٿي ۽ تڪڙي پولارن ۾ گم ٿي وڃي ٿي.
    وائرن مان گونجندڙ ڌاتو ئي آواز رسيور ۾ اُڀري ٿو. هوءِ پوئتي هٽي ٿي. غصو ڏياريندڙ فون کي ٿورو ڪن کان پري هٽائي ٿي... وري ٻڌي ٿي ۽ ورندي ڏي ٿي.
    ”نه فل نه. مون اڃان ڪپڙا به نه بدلايا آهن.“
    ”ڇو...؟“ ڳرو ڌاتو ئي آواز گونجيو. ”آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿي ته تون ڪٿي آهين ۽ تنهنجو ڪهڙو پروگرام آهي؟“ بجلي سان چارج ٿيل خاموشي چوڌاري ڦهلجي ويئي جنهن کي ڌاتو ئي آواز وري ٽوڙيو۔. ”فل آءٌ دوست سان گڏ آهيان ۽ آءٌ...هڪ سيڪنڊ.“ ”مون وٽ ڪمري ۾ هڪ پراڻو دوست...“ ۽ هو چوي ٿو ته اهو انتهائي اهم ڪم آهي...“ ڇا تنهنجو هيٺ بوتل پيڻ جو موڊ آهي.“
    ”ڇو نه؟“
    گراهم بيل جي مصنوعي ڪن ۾ هن چيو ”ٺيڪ آهي فل اسين پنجن منٽن ۾ گڏجون ٿا. ها فل اسين جلدي ملون ٿا. ها فل ٺيڪ آهي پنجن منٽن ۾. ها فل خدا حافظ.“
    فل ڪنهن ڳالهه جي ڪري پريشان نظر اچي ٿو.
    ”اهو طئه آهي ته هو پنهنجي محبوبه جنهن کي هو جنون جي حد تائين چاهي ٿو، حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.“
    ”ڇا؟“
    ”حسبِ معمول، دلچسپ. مونکي اُٿي منهن ڌوئڻو آهي. آءٌ خوفناڪ نظر اچان ٿو. هڪ شعلي جيان.... ٺيڪ آهي.“ ۽ پوءِ دروازي مان جهاتي پائي..... گهڻو وقت ٿيو آهي؟“
    ”ساڍا ٻارنهن.“ اسين هڪ وڳي تائين موٽي اينداسين. تيستائين ٿوري ننڍ ڪري وٺ. توکي سڀاڻي اُٿي ڪم ڪرڻو آهي.“
    ”گولي آءٌ هاڻي اُٿيو آهيان. پر فل پنهنجو پراڻو دوست آهي. تون اُنجو دل ۾ نه ڪر. ايئن نه؟“
    ”نه! جيڪڏهن تون به نٿو ڪرين.“
    ”ايماندار! جلدي هڪڙو بيئر جو گلاس ٿي وڃي.“
    دروازو کلي ٿو ۽ هوءِ آرسي جي سامهون بيٺل نظر اچي ٿي. هاڻ هنجا ٻه روپ نظر اچن ٿا. ”اهو ڇا آهي؟ هڪ ئي ٻه دفعا. اهو ڇا آهي؟“
    هن جا چپ قدرتي ڳاڙها آهن جيڪي لپسٽڪ جي ڪري اڃان به وڌيڪ گهرا نظر اچن ٿا.
    ”ڇا تون لپسٽڪ هڻندي آهين؟“
    ”ٿوري پر ڇو؟“
    ”ٿورڙو ترس.“
    آءٌ هن کي چمي ڏيان ٿو. هنجون پنڀڻيون هنجي ڀورين اکين تي جهڪن ٿيون ۽ جيئن ئي آءٌ پوئتي هٽان ٿو هنجون اکيون جهومندي ۽ ڪڏندي مٿي کڄن ٿيون ۽ تڏهن خدا جو وجود ڪمري ۾ محسوس ٿئي ٿو.
    ”تون ڏاڍو پيارو آهين.“ هوءِ مرڪي ڏي ٿي.
    ”خدا ڏسي رهيو آهي.“ آءٌ پنهنجو هٿ پري هٽايان ٿو.
    ”بهتر آهي اسان ايئن ئي هلندا رهون.“ فل ذري گهٽ ديوار سان ٽڪرائيندي چيو.
    ”تون ٺيڪ ٿو چوين.“ ڇوڪري زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو.
    چنڊ خوردبيني جو آخري ننڍو حصو آهي، جيڪو واري جي سونهري بيابان تي اُڏامندڙ ڌنڌلن واري جي ذرڙن جو عڪس چٽي رهيو آهي. رات ماڻهن سان ڀريل آهي. روشني درين ۽ آبشارن مان ٻاهر پٿرن تي پئجي رهي آهي.
    هنجي هلڪي اوني ڪپڙي ۾ ڍڪيل ٻانهن منهنجي ٻانهن ۾ آهي. هوءِ مرڪي ٿي ۽ رات اُڏامي وڃي ٿي.
    ”اهو ٺيڪ نه ٿيندو ته آءٌ تنهنجي ٻانهن جهلي هلندي رهان.“ هوءِ چوي ٿي.
    هوءِ ايئن ڪري ٿي ۽ اسين گلن جي باغ مان گلن جي پاسي کان هلون ٿا جيڪي اسانجي رستي ۾ وڇايل آهن.
    ”فل آءٌ جيئن ئي هن کي ڏسان ٿي، محسوس ڪريانٿي، اُن ماڻهو جي حيثيت ۾ جيڪو سدائين بار ۾ اڪيلو ويٺو هوندو آهي، لڳاتار پيگ مٿان پيگ چاڙهيندو رهندو آهي، کلندو آهي ۽ لفظن ۽ حرڪتن سان زور ڏيندو آهي“. اها آءٌ آهيان ۽ اهو منهنجو ڪرشمو آهي جو آءٌ هنجي انهي اڪيلائي کي ڪوڙو ڪوٺيان ٿي ۽ رد ڪريان ٿي.“
    فقط آءٌ ئي هن جو عڪس هيس ڇاڪاڻ جو فل جڏهن منهنجو هٿ پنهنجي آلي هٿ جي تري ۾ زور سان پڪڙيندو هو ته آءٌ توهانکي ٻڌايان ته فقط آءٌ ئي هڪڙي عجيب شئي هن شيرڊين اسڪوائر جي رستي تي محسوس ٿيندي آهيان. هو منهنجو هٿ ڇڏائڻ تي بڙ بڙ شروع ڪري ڏيندو هو.
    هوءِ بستري تي ليٽڻ چاهي ٿي. هوءِ ٿڪجي پيئي آهي ۽ ڪپڙا بدلائڻ چاهي ٿي ۽ سمهڻ چاهي ٿي ۽ ايئن ئي هوءِ مونکي ڪجهه ٻڌائڻ چاهي ٿي ۽ مونکي هن ۾ اعتبار آهي. ۽ يقينن سوئر جي ڪن ۾ آئون چوان ٿو ته مونکي هن ۾ اعتبار آهي. تنهنڪري هوءِ چوي ٿي ”آءٌ انتهائي ٿڪل آهيان ۽ مونکي سڀاڻي سڏي وٺجانءِ وري صبح جو ملنداسين“ ۽ پوءِ ڇا ٿو ٿئي. آءٌ توهان کان پڇان ٿو ته پوءِ ڇا ٿو ٿئي. پر هوءِ ٿڪل، ڪپڙا تبديل نٿي ڪري ۽ هوءِ ۽ سندس ڀيڻ بيس، بيس جي مڙس سان ڪامرس اسٽريٽ جي ٻاهران نه بلڪ اسڪوائر ۾ ملن ٿيون. ڇاڪاڻ جو روٿي کي خبر آهي ته آءٌ اسڪوائر ۾ ڪڏهن به نه ايندو آهيان ۽ خدانخواسته جي آءٌ هنن جو پيڇو ڪريان. پر آءٌ هن بار جي هل هنگامي ۾ پنهنجي طبيعت وارو ماڻهو آهيان. تنهنڪري مون هنن کي ويندو ڏسڻ مناسب نه سمجهيو هو. هو ڪرائسز ڏانهن وڃي رهيا هئا. آءٌ پنهنجي وقت تي اُٿيس ۽ پئسه ڪيش ڪرايم ۽ ڪرائسز ڏانهن ويس پر هو اُتي نه هئا. هاڻي منهنجي لاءِ اهو دلچسپي جو ڪارڻ آهي ته هو ڪٿي آهن. مون محسوس ڪيو ته هاڻ هو هر من اسٽريٽ ۾ آهن ۽ اُنهن سان ٻيو ماڻهو به گڏ آهي ۽ مون کي اُن ۾ جهنم جيتري پڪ آهي. ۽ توهانکي خبر آهي ته آءٌ ان تي ڌيان نٿو ڏيان ۽ مونکي ڪنهن ڳالهه جي پرواهه به ناهي ۽ اها اهڙي ڳالهه ناهي، جنهن تي ماتم ڪجي. توهين سمجهي ويا هوندا ته آءٌ ڇا ٿو چوڻ چاهيان؟ هن هڪ ٻيو نوجوان حاصل ڪري ورتو آهي. ڏاڍو سٺو ٿيو. پر آءٌ اُن تي ڪو به ماتم ڪرڻ نٿو چاهيان ته هوءِ بي همٿ آهي ۽ ڪنهن سان به ٻاهر وڃڻ نٿي چاهي، جنهن ۾ آءٌ به شامل آهيان. آءٌ فقط اُهو سچ معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو جيڪو بي سبب آهي. آءٌ اوهان کان پڇان ٿو؟ ۽ هاڻي اُهي هر من اسٽريٽ ۾ هيٺ لهي رهيا آهن. مون پنهنجي کيسي ۾ پيل ڊالرن ۾ هٿ وڌو آهي. پر آءٌ ان لاءِ اندر وڃڻ نٿو چاهيان جو جاسوسي ڪندي محسوس ٿيان. توهان سمجهي ويا هوندا ته آءٌ ڇا ٿو چوڻ چاهيان؟ اهو ڪافي دلچسپ ٿيندو جو توهان اندر وڃو ۽ مونکي ڄاڻڻ ڏيو ته جيڪڏهن اُهي هتي هجن ۽ آءٌ توهانجي پويان اچان ۽ آءٌ توهانکي ڏسان. توهان هڪ نظر سان ڪيئين وانگر ويڙهجي هنن کي ڏسو.
    اسين سڏ پنڌ تائين هلياسين ۽ هرمن بار جي منهن تي بيهه رهياسين.
    ”فل“ هوءِ کيس ٻڌائي ٿي.“ تون هنن کي ڪنهن به ڳوٺ ۾ ڳولي نٿو سگهين. جيڪڏهن تون به سمجهين ٿو ته اهو صحيح آهي. هنن ٽانگو جهليو ۽ شهر ڏانهن هليا ويا.“
    ”اهو تنهنجي زندگي تي ٿورو ناهي. هينئر هڪ وڳو آهي. صحيح آهي نه؟ جيڪڏهن روٿي ٽين بجي بستري مان اُٿي ته فقط پوءِ ئي هوءِ صبحاڻي ڏهين وڳي جي فيشن شو ۾ پهچڻ لاءِ اُن کي صحيح وقت سمجهي. اوه نه..... هينئر اُهي ڳوٺ ۾ صحيح آهن آءٌ هنن کي ڏسي سگهان ٿو ۽ توهان هن ڇوڪري کي ڪيئين وانگر ويڙهجي ڏسي سگهو ٿا.“
    هوءِ ڊپ کان ڪلهو لوڏي ٿي ”ٺيڪ آهي آءٌ جان کي استعمال ڪنديس ۽ چوگرد جانچينديس.“ هوءِ مونڏانهن نهاري ٿي.
    ”مونکي هتي فل سان گڏ انتظار ڪرڻ بهتر ٿيندو.“
    هوءِ کلي ڏي ٿي. ”آءٌ ان کي صحيح نٿو سمجهان ته اسين ٻيئي جان ڏي وڃون.“
    هوءِ مونکي اک ڀڃي ٿي ۽ پٿريلي زمين تان قدم کڻندي لوهي دروازي مان گذري ٿي.
    ”ٻڌ“. فل مونکي چوي ٿو ”سڀ ڪجهه جيڪي آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو اُها سچائي آهي. پوءِ آءٌ کيس چوان ٿو ته منهنجا زيور ۽ پئسا جيڪي مون توکي ڏنا اُهي واپس ڪر ۽ اسين سڀ ڪجهه لکت ۾ ختم ڪريون ٿا. اهو صحيح قدم آهي. ڇا ايئن ڪونهي؟ اهو خسيس عمل نه ٿيندو ته آءٌ ان جي لاءِ ڪو سبب ويهي گهڙيان. ايئن آهي؟ ۽ آءٌ هاڻ بلڪل حقيقت پسند آهيان. منهنجو چهرو به ايئن ظاهر ڪري ٿو ته اُهو چيڪ به مون لکيو ته ”نِڪ سٺو نه آهي.“ هن مونکي ڇا ڏنو؟ توهان کي خبر آهي؟ مون پنهنجو سڄو ڌندو تباهه ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ مون وري پيئڻ شروع ڪيو آهي. ڊاڪٽر چوي ٿو ته توکي پيئڻ نه گهرجي. توکي هڪ بيڪار دل آهي. هوءِ منهنجي لاءِ پيئڻ جو ڪارڻ بني آهي. آئون جنهن کي هڪ بيڪار دل آهي هتي ٻيڙي تي هلڻ چاهيان ٿو. تنهنڪري آءٌ جڏهن کيس چوندو آهيان ته منهنجي پراڻي ٻيڙي واپس ڪر ته اها خسيس ڳالهه ناهي؟ ڇا آهي؟ تڏهن جڏهن آءٌ ثابت ڪري سگهان ته هوءِ ڇا ڇڪي رهي آهي تڏهن آءٌ کيس چئي سگهندس ته مونکي اُهو سڀ ڪجهه واپس ڪر ڇا آءٌ ايئن ڪري نه سگهندس؟“
    ”اهو ئي سڀ ڪجهه جيڪو تون حقيقت ۾ چاهين ٿو ڇو نٿو ڇوڪري کي ٻڌائين؟“
    ”۽ هن کي ڀلي اهو چوڻ ڏي ته آءٌ خسيس ماڻهو آهيان. اوهه نه! هن کي سامان ڏيندس ۽ پوءِ هن جو جهڪڻ ڏسندس تون نهاريندين ته مونکي کلندو ڏسندين.“
    هوءِ ڏاڪڻ تي پنهنجو ڪنڌ جهڪائيندي چڙهي ٿي. ”فل اُهي هتي ناهن.“
    هو ڇوڪري جي ٻانهن ايئن پڪڙي ٿو ڄڻ هنکي ڊپ هجي ته هوءِ ڇڏائي ڀڄي ويندي. ”ٻڌ! جيڪڏهن هو هتي ناهن ته هو پڪ هيپي ۾ هوندا. هل ته اوڏانهن هلون. آءٌ توکي بوتل به پياريندس.“
    هوءِ مون ڏي نهاري ٿي. آءٌ ڊڄي وڃانٿو. اسين ڊگهي اسڪوائر تي رات جي خاموشي ۾ هلون ٿا.
    هيپي ۾ ڪو به واقف ڪار ڪونه ٿو نظر اچي. اسين بوتل پيون ٿا.
    ”منهنجي لاءِ بيئر“ آءٌ بيري کي چوان ٿو.
    ”پيارا اچ“ هوءِ چوي ٿي. ”تون نشانو چٽڻ چاهين ٿو؟“
    آءٌ ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪريان ٿو.
    فل نشاني لاءِ ڇيرن جو آرڊر ڏي ٿو. منهنجي ۽ هنجي هٿ ۾ بيئر آهي. ۽ بيرو سخت پريشان آهي، ڇاڪاڻ جو پويان فقط هڪ بيئر بچيو آهي. بيئر جي پهريئين گلاس موڊ نه ٺاهيو ۽ ٻيو گلاس آنڊي کي ايئن لڳو ڄڻ ڪو ٺوس مايو اُنکي ڇهي رهيو هجي. ۽ مون اوچتو پاڻ کي پهاڙين تي لڙکڙائيندو محسوس ڪيو. سوچڻ لڳس ڇا مونکي وڃڻ گهرجي؟ ۽ سمهڻ گهرجي؟ شيلف تي اڃان ڪافي شراب موجود هو.
    هوءِ هوش ۾ هئي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿي ته مون کي ڇاٿي رهيو هو.
    ”فل“ هوءِ کيس چوي ٿي ”روٿي هتي ڪونهي هل ته هلون. مون کي ننڍ لڳي آهي. آءٌ گذريل رات کان سمهي نه سگهي آهيان ۽ ڏاڍي ٿڪي پيئي آهيان.“
    اسين روانا ٿيون ٿا. آءٌ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪريان ٿو.
    ۽ هاڻي اسين ڪرسٽوفر اسٽريٽ تي هلي رهيا آهيون. ماڻهو بارش جو مزو وٺندي پٽ تي ليٽاڙون پائي رهيا آهن..... پاڻي جا دُٻا تارن چنڊ ۽ رنگين روشنين جي چمڪ کي موٽائي رهيا آهن. اسانجا قدم رستي تي دٻن ۾ ڀريل پاڻي سان ٽڪرائجي پڙاڏو پيدا ڪري رهيا آهن. مون هر قدم آهستي کنيو ٿي ڇاڪاڻ جو مون چاهيو ٿي ته هوءِ مونسان اڪيلي ڊگهي وقت تائين ساڻ هجي ۽ ايئن ئي اسان هلندا رهون.
    ”هاءِ“ فل چيو ”ٿورڙي دير لاءِ جئڪ ڊيلني تي بيهون. منهنجي چاهت ۽ اُڃ اڃان وڌي ويئي.
    پرڀات ڇتن تي ريڙهيون پائي ٿي ۽ ڪاوڙيل ڀوريون آڱريون اسانجي اکين ۾ وجهي ڇڏي ٿي. اسانجي ڳولا مڪمل ٿي. هاڻ ڪابه جڳهه نه رهي جتي ڳولا ڪجي. بار سڀ بند ٿي چڪا هئا. اسين ڪنڊ تي ٿي بيٺاسين. نشي ۾ ٻڏل ۽ ٿڪاڻل. مونتي بيئر غالب پئجي چڪو هو ۽ رکي رکي اوڪارا اچي رهيا هئا.
    اسان ڪلاڪن تائين نهاريندا رهياسين، ڳوليندا رهياسين ۽ آئون سمجهان ٿو ته اسان اهو وساري چڪا آهيون ته، اسان کي ڇا جي ڳولا هئي. آءٌ سمجهان ٿو ته اسان مان هرڪو پنهنجي لاءِ هو. بارو اسٽريٽ هڪ جابلو وادي آهي ۽ جيتوڻيڪ اُها گوڙ ۽ شور ڪندڙ هوا جا تيز وهڪرا برپا ڪري ٿي، پر جيئن ئي اسان اُن ۾ جهولون ٿا ته نه اسانکي ڏينهن نظر اچي ٿو ۽ نه ئي رات جو احساس ٿئي ٿو. پر هڪ ڀوري ٿڌ جنهن ۾ اسان سدائين لاءِ گم رهون ٿا.
    وقت انتهائي چالاڪي سان اُن ۾ آهستي آهستي قدم کڻي ٿو ۽ اسانجي زندگين جا پل چورائي وٺي ٿو.
    هاڻ اسين واپس اپارٽمنٽ ۾ پهچي چڪا آهيون. آءٌ دروازي وٽ بيٺو آهيان. منهنجون اکيون اهو منظر ڏسي رهيون آهن. فل ويل چيئر ۾ ويٺو آهي. هنجو ڪنڌ هڪ پاسي لڙهيل آهي. ۽ هنجون اکيون بند آهن ۽ اُن ۾ ڪو به حسد نه آهي. هو سڪون سان ويٺو آهي. رانديڪو بهار جي مستي جيان جهولي رهيو آهي، جيڪو ٻارڙي وساري ڇڏيو آهي، ۽ جنهن کي ٻيا رانديڪا هٿ اچي ويا آهن.
    بستري تي پيرن ڀر بيهندي هوءِ پنهنجا چپ مونڏانهن وڌائي ٿي. آءٌ هن کي چمي ڏيانٿو.
    اسين ڪجهه به ڪو نه ٿا ڳالهايون. آءٌ هن کي بستري مان اُٿندي ڏسان ٿو. آءٌ هنجي ڀرسان ويهڻ چاهيان ٿو. هنجي هٿ کي ڇهي وري ڇهان ٿو. هنجي ريشمي وارن جو ڇهاءُ وٺان ٿو ۽ هنجي خماريل اکين کي پنهنجين آڱرين سان ڇهان ٿو.
    پر هاڻ ڪافي دير ٿي چڪي آهي. فل جي پاڳلاڻي تلاش اسانجي رات گڏ گذارڻ تي ڌاڙو هنيو.
    آءٌ هن ڏي مڙيس. هنجا ڊگها اکين جا ڇپر ڦهلجي ويا. هنجا چپ چريا، پر آءٌ اُهي لفظ ٻڌي نه سگهيس. مون هنجي ڳل کي ڇهيو. هنجي چپن کي وري ڇهيو. هو گرمائش مان مون ڏي مائل ٿي.
    خدا هڪ دفعو وري ڪمري ۾ موجود محسوس ٿيو ۽ مان ڄاڻان ٿو ته اسانجو اهو عمل پوڄا کي ڀنگ ڪرڻ نٿو ڪوٺي سگهجي. ڇاڪاڻ جو مان ڄاڻان ٿو ته خدا کي پيار ۽ خوشي پسند آهي ۽ کيس اُنجي تلاش آهي، ۽ جڏهن هو اُن کي ڳولي لهي ٿو ته هو اُنکي پرکي ٿو ۽ پوءِ شايد اُن مٿان ٻاجهه ڀريا هٿ گهمائي ٿو.
    هاڻ هوءِ گهري ننڍ ۾ آهي ۽ آءٌ پاڻ کي هڪ ئي وقت مئه ۾ ورتل، گنڀير، دکايل ۽ خوش محسوس ڪريان ٿو. آءٌ خاموشي سان پوئتي موٽان ٿو ۽ در بند ڪريان ٿو.
    پنجن منٽن اندر آءٌ بليڪر اسٽريٽ تي پهچي چڪو آهيان ۽ هلي رهيو آهيان. رستي ويندي منهنجي ٿڌي دماغ ۽ سخت جان ٽوني سان ملاقات ٿئي ٿي. هو ڪم تي وڃي رهيو آهي.
    ٽوني ڪنڌ موڙي مونڏانهن ڏسي مرڪي ڏي ٿو ۽ سلام ڪري ٿو.
    ***


    هو جي راهن ۾ مئا

    لنسان تين

    اها 1942ع جي ڳالهه آهي.
    ڪاروباري ڪم سانگي پدو کان ڪوالالمپر ويندي مونکي رستي ۾ پوندڙ هڪ جيل وٽان لازمي گذرڻو هو. جيئن ئي منهنجي اُنتي نظر پيئي، ته مونکي قيدين جو ڳچ تعداد جيڪو اڌ اگهاڙو هو جيل جي ٽاور جي لوهي سيخن سان جڪڙيل ڏسڻ ۾ آيو. اُنهن مان ڪجهه قيدين جا چهرا بک وگهي مرجهائجي ويا هئا ۽جڏهن ته اندر گهڻي سوڙ هئڻ سبب ڪافي قيدي هڪ ٻئي سان ايئن ٽڪرائجي رهيا هئا، جيئن کڏين ۾ فارمي ڪڪڙ هڪ ٻئي سان ٽڪرائيندا آهن. جپانين طرفان جيل کي فقط هڪ ڪيمپ تائين محدود ڪيو ويو هو، جتان قيدين کي مختلف جڳهن تي جبري پورهيئي لاءِ روزانه لارين ۾ واڙيو ويندو هو.
    جيل کان سڏ پنڌ تي موٽر گاڏين جو هڪ ورڪشاپ هو، جنهن تي جپانين قبضو ڪري اُنکي ٽرانسپورٽ جي اڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ورڪشاپ جا اسپيئر پارٽس جاپانين لاءِ جنگ ۾ ڏاڍا ڪارائتا ثابت ٿيا هئا. جيئن ته اهو ملائيشيا جي وڏن ورڪشاپن مان هڪ هو، انهي ڪري جپانين اُنتي قدم رکندي ئي اُن کي فوجي استعمال طور ڪتب آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
    ورڪشاپ جي سامهون چائنيز اسپورٽس ڪلب جي قد آور عمارت چٽي نظر آئي ٿي، جنهن جي پاسي ۾ هڪ خوبصورت ۽ سرسبز لان ايئن ڏيکائي ڏيئي رهي هئي، ڄڻ رنگين ڀرت ڀريل ڪا وڏي چادر وڇايل هجي. جنگ کان اڳي جڏهن موسم خوشگوار هوندي هئي ۽ جڏهن سج جا ڪرڻا اُن لان کي سونهري لباس پهرائي ڇڏيندا هئا، تڏهن نوجوان جوڙا اتي اچي کيڏندا ۽ روح رهاڻيون ڪندا هئا ۽ هاڻ جپانين جي قبضي کان پوءِ ان کي ممنوعه علائقو قرار ڏنو ويو هو.
    جپانين ڪلب کي ٽرانسپورٽ جي اڏي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو، جتي هر وقت نيون ۽ پراڻيون گاڏيون بي ترتيبي سان پارڪ هئڻ سبب اڌ کان مٿي ايراضي ڀريل نظر ايندي هئي. ميدان جي وچ ۾ جپاني طرز تي ٺهيل چوڪي، جيڪا تقريبن ٽي فٽ اوچي هئي پري کان ايئن ڏيکائي ڏيئي رهي هئي، ڄڻ ڪوئي ڪڇون مخمل جي قالين تي ٽنگون ٽيڙي سمهي پيو هجي. چوڪي جي هيٺان پيٽرول جو ڪافي ذخيرو ٿيل هو.
    جپاني سڀني کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندا هئا. اُهي سموري آبادي سان دشمن جهڙو ورتاءُ ڪندا هئا. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ جوڳي هئي. ڇاڪاڻ جو قيدين جي اڪثريت چينين تي مشتمل هئي ۽ اُهي چينين سان وڙهي رهيا هئا، تنهنڪري اُنهن کان لازمي طرح ڇرڪيل هئا. هو پنهنجي چوگرد ڪاٺ جو جهنگلو کڙو ڪرائي رهيا هئا ۽ هنن ان ڪم تي گورن قيدين کي لڳايو هو ۽ اُنهن کي روزانه صبح جو انهي ڪم تي موڪليو ويندو هو.
    ڪاٺ جو جهنگلو ايڏو اوچو نه هو. اُهو زمين کان فقط چار فٽ مٿي هو، جيڪو مالي ميل بلڊنگ کان شروع ٿيو ٿي ۽ بس اسٽاپ جي ويجهو راند جي ميدان تائين ڦهليل هو.
    هن منصوبي تي هڪ سئو کان مٿي قيدي لڳايل هئا. اُنهن جا پٺا اُگهاڙا هئا. ڪجهه قيدي کانٽي کڻي رهيا هئا ۽ وري ٻيا اُنهن ۾ ڇڙون هڻي رهيا هئا. سج ڏاڍو ظالم هو. اُنکي ڪنهن تي به رحم نٿي آيو. هو پگهر ۾ شل هئا، پر هو ڪم بند ڪرڻ جي جرئت ڪري نٿي سگهيا. فوجي دستن جي سخت پهريداري هيٺ هو خاموشي سان ڪم ڪري رهيا هئا.
    ”جون! آئون هاڻي وڌيڪ هلي نٿو سگهان. هڪ ڪمزور ساٿي پنهنجي ٻئي ساٿي کي هوريان چيو. هن پنهنجي پيشاني جي پگهر کي هٿ سان اُگهيو. جپاني فوجي آڏي اک سان هن ڏي نهاريو. هو پنهنجي ساٿي جيان بلڪل جوان لڳو ٿي. هن جي عمر ٻاويهه سالن کان مٿي نٿي لڳي. هن جي اکين مان ايئن محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ ڪجهه ڳولي رهيون هجن. شايد اُهي هنجي ذهن ۾ گم ٿيل سوچن جي تلاش ۾ ڀٽيڪل هيون؟
    ماڻهو جنهن کي هن جون چئي مخاطب ڪيو هو، اُهو هن کان عمر ۾ وڏو هو ۽ تقريبن ٽيهن سالن جو لڳو ٿي. هن جي شخصيت رنگ ۽ ڍنگ سان ڀرپور ۽ ڏاڍي من موهيندڙ هئي. هن چاهيو ٿي ته هو پنهنجي دکي ساٿي کي ايئن آٿت ڏي ۽ سهارو بنجي، جيئن پيءُ پٽ لاءِ بڻجندو آهي، پر هو چاهيندي به ايئن ڪري نٿي سگهيو. ”مدد ڪرڻ کان لاچار آهيان. پيٽر اسانکي هر حالت ۾ ڪم کي جاري رکڻو آهي. توکي خبر آهي ته پاڻ قيدي آهيون ۽ ٻيو ڪجهه به نه. توکي جيڪا به صورتحال آهي، اُنکي قبول ڪرڻ گهرجي ۽ اُميد جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي.“
    ”مون کي سختين سهڻ جو تجربو ڪونهي. توکي ته خبر آهي جون! آءٌ تن ڏينهن يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس جڏهن پڪڙيو ويو هوس، ۽ پوءِ يونيورسٽي ۽ آرام دهه گهر کان ڇني هتي جيل ۾ واڙيو ويس. ان کي جنگ چئبو آهي؟“
    ”ها انکي جنگ چئبو آهي. هر ماڻهو جي سڪون ۽ امن جو خاتمو. هتان کان پهرين آءٌ ڊاڪٽر هوس ۽ سڊني ۾ پريڪٽس ڪندو هوس. آءٌ تمام گهڻو سکي هوس. هڪ پيار ڪندڙ گهر واري ۽ پري جهڙي نينگري. ٺيڪ آهي. هاڻ اُهي منهنجو انتظار ڪن ٿا ۽ مونکي پڪ آهي ته هن زندگي جو هڪ ڏينهن ضرور خاتمو ايندو.“ هن اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ڪنڌ مٿي کنيو ۽ ايئن محسوس ٿيو ته ڄڻ دعا گهر رهيو هجي.
    پيٽر پنهنجي ڪوڏر کنئي ۽ ڪم کي جاري رکيو. هن جون تي لڪ چوري نظر وڌي ۽ پنهنجي من ئي من ۾ سوچيو، اهو گدلو مزور به ڪيڏو نه خوش گذاريندو هوندو، جيڪو هن جيل کان ٻاهر کليل هوا ۾ پورهيو ڪري ٿو ۽ هتي هڪ سفيد پوش ماڻهو جي به ڪيڏي نه بري حالت ٿي ويئي آهي. اڌورا ڪپڙا، اُگهاڙي ڇاتي، وڌيل ڏاڙهي ۽ ميري چمڙي. نه فقط جون پر سڀ سفيد پوش هتي ساڳي پيڙا ۾ آهن.
    ”ٽين! ٽين! ٽين!“ هنن جي ڪنن تائين انتهائي بي سرو ۽ ڳرو آواز پهتو. پهريدار دروازي وٽ بيهه ناڪاره ٿيل ٽرڪ جي ويل رم کي زور سان وڄائي ٻنپهرن جي ماني جي وقفي جو اعلان ڪري رهيو هو.
    ”هي!“ ٻه جپاني سپاهي گارڊ روم ۾ آفيسر کي سلام ڪري واپس مڙيا ۽ دروازي ڏانهن مارچ ڪرڻ لڳا. جيئن هو ٻن پهريدارن کي ٻنپهرن جي ماني لاءِ آجو ڪري سگهن.
    اها قيدين لاءِ پڻ ٻنپهرن جي ماني جي رسيس هئي. اُنهن اوزارن مان هٿ آجا ڪيا ۽ ٿڪاڻل پيرن سان روڊ جي پاسي تي وڇايل ڇٻر ڏانهن آرام ڪرڻ لاءِ هلڻ لڳا. ڪجهه قيدي ڇٻر تي ويهي رهيا ته وري ڪن گهڙي پل لاءِ جهوٽو هڻڻ بهتر سمجهيو. ڪي سگريٽ جا ڪش هڻڻ لڳا ۽ ڪجهه جن وٽ ڪيلا بچيل هئا، کائڻ لڳا.
    بورچيخاني مان ٻه جپاني سپاهي ٻاهر نڪتا. هنن جي هٿن ۾ ڪاٺ جا وڏا هنڊا هئا جن ۾ قيدين لاءِ ٻوڙ چانور ۽ سوپ هو. هنن قيدين ۾ ماني ورهائي. هڪڙي ڇانئڻي چانورن جي ۽ هڪڙي وڌڻي سوپ جي ۽ هڪري ٻوڙجي. اُنهن کي ڏنل پيالا ننڍا هئا. جنهنڪري کين کاڌي وٺڻ لاءِ خالي کير ۽ سگريٽن جا کوکا به استعمال ڪرڻ ٿي پيا. ڪافي قيدي جپاني طرز جي کاڌي سان مانوس نه هئا. اُنهن جي من ۾ پنهنجي ڌرتي جي اسٽائل جي ماني کائڻ جي خواهش ڪرکڻي اُڀري. پر جنگي ڪيمپ ۾ اُنهن جي خواهش جي تڪميل ممڪن نه هئي. هنن لاءِ جيڪو کاڌو به جپانين تجويز ڪيو ٿي، اُن تي گذارو ڪيو ٿي، ۽ ذرو به پوئتان ڪونه ٿي بچايو، ڇاڪاڻ جو کاڌو اڳ ۾ ئي اڻ پورو هو.
    جون ۽ پيٽر ٻنهي پنهنجا پيالا خالي ڪيا. جون وٽ ڪجهه ڪيلا هئا جن مان ٻه هن پيٽر ڏي اُڇليا.
    ”مهرباني! ڊاڪٽر توکي اڃان تائين ماني مٿان فروٽ کائڻ جي عادت باقي آهي.“
    جون ڪلهو لوڏيندي مرڪي ڏنو. هڪ جپاني سپاهي اُنهن جي پاسي کان گذريو. پيٽر پنهنجي دوست کي ٺونٺ هڻندي ڀڻ ڀڻ ڪئي ”ڇا شان آهي!؟“
    ”اهو گهڻي وقت تائين نه هلندو.“ جون جواب ڏنو.
    ويل جي رم جي ٻيهر وڃڻ سان قيدي ڪم ڏي واپس موٽيا. ٻي صبح جو جون ۽ پيٽر کي مالي ميل بلڊنگ جي کاٻي پاسي ڏانهن منتقل ڪيو ويو. جنگ کان اڳي هي شوروم پڻ برطانيه ۽ اٽلي جي گڏيل ملڪيت هوندو هو. جڏهن جپاني آيا ته عملو روانو ٿي ويو ۽ پويان ڇڏي ويو خالي بلڊنگ جيڪا هاڻ دشمن پيٽرول جي ڊيپو طور استعمال ۾ آڻي رهيو هو. بلڊنگ ۾ جڳهه نه هئڻ سبب تيل جا ڊرم ٻاهر ميدان ۾ پڻ پيل هئا، ۽پناهه گاهه جي چوگرد خاردار تارون وڇايل هيون. پيٽر ۽ جون کي بلڊنگ جي اڳيان پيل ڊرم هٽائي کاٻي پاسي رکڻ جي ڪم تي معمور ڪيو ويو هو. هڪ جپاني سپاهي اُنهن جي چوڪسي تي رکيل هو. پيٽر جسماني توڙي ذهني طور ٿڪجي چڪو هو. هو ٿوري دير ساهي پٽڻ لاءِ ويهي رهيو ۽ پنهنجي پيشاني تان پگهر اُگهيو. جيئن ئي جپاني سپاهي هنجي پاسي کان لنگهيو، هن انگريزي ۾ ڪجهه ڳالهايو. جپاني سپاهي کي انگريزي ڪانه ٿي آئي. هن کي پيٽر جي ڳالهائڻ تي چڙ وٺي ويئي. هو ٿوري دير لاءِ رڪيو ۽ پيٽرول جي ڊرم کي خارن مان زوردار لت هنئي ۽ پوءِ پيٽر کي زوردار ٿڦ وهائي ڪڍي. جپاني سپاهي جي بي سبب اڍنگي رويي تي پيٽر غصي مان ڳاڙهو ٿي ويو. ۽ کيس منهن تي زوردار ٺونشو هنيو. جپاني سپاهي لڏي ويو پر هن جلدئي پاڻ کي سنڀالي ورتو. هن ڪلهي مان بندوق لاٿي ۽ پيٽر کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي. هنجو ڌڪ گسي ويو. پيٽر هن کي گلي مان جهلي پيٽ ۾ ٻه ٺونشا وهائي ڪڍيا.
    ”پيٽر هاڻي ڇڏينس“ جون ٻنهي کي ڇڏائڻ لاءِ اڳيان وڌيو. هن ٿڙڪندڙ آواز ۾ چيو، ”خدا جي واسطي صورتحال کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر. تون هڪ قيدي آهين. ڇا توکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟“
    پيٽر جڏهن جون جو آواز ٻڌو ته هن جپاني سپاهي مان هٿ ڪڍيا ۽ هنکي مارڻ بند ڪيو. جپاني سپاهي جڏهن پيٽر جي چنبي مان آزاد ٿيو ته هن مٿس بندوق تاڻي. ”تنهنجي همٿ ڪيئن ٿي! آءٌ توکي اُڦٽ ماريندس.“
    هو جپاني ٻولي ۾ ڳالهائي رهيو هو. پيٽر...... ۽ جون پنهنجا هٿ مٿي کنيا.
    جپاني سپاهي ڪنڌ ورائي مدد لاءِ سڏ ڪيو. چار جپاني سپاهي بلڊنگ مان ڊوڙندا نڪتا. جون محسوس ڪيو ته پيٽر سچ پچ وڏي مصيبت ۾ گهيرجي چڪو هو. هن کي مٿس رحم آيو. اِهو سوچيندي ته هاڻ هو ساڻس ڇا ڪرڻ وارا هئا، هن جا لڱ ڪانڍارجي ويا.
    پيٽر لاءِ پنجن جپاني سپاهين سان مهاڏو اٽڪائڻ ممڪن نه هو. هو کيس لتن، مڪن ۽ بندوق جي ڪنڌاڪن سان ڪٽي رهيا هئا. ڪجهه ئي منٽن ۾ نوجوان پيٽر گرائونڊ تي ساڻو ٿي ڊهي پيو. هن جي سموري بدن مان رت وهي رهيو هو ۽ بيهوشي جي عالم ۾ هو. جپانين هن تي آخري نظر وڌي ۽ وڏا ٽهڪ ڏيندا سينو تاڻي واپس وڃڻ لڳا.
    جون ذري گهٽ رڙيون ڪرڻ تي هو. هو گوڏن ڀر جهڪيو ۽ پيٽر جو معائنو ڪيو. هو اڃان زنده هو. هن کيس ڀاڪرن ۾ کنيو ۽ پڇيو ”پيٽر تون ٺيڪ ته آهين؟“ پيٽر ڪو به جواب نه ڏنو ڇو جو هو اڃان بيهوش هو. هن جو سڄو منهن ۽ مٿو رت سان ڀريل هو.
    هڪڙو ٻيو سوئر بلڊنگ کان ٻاهر نڪتو ۽ مٿان بيهي چوڪسي ڪرڻ لڳو. جون هن کي عاجزانه انداز ۾ پنهنجي گهايل دوست لاءِ پاڻي آڻڻ جي منٿ ڪئي. جپاني سپاهي مٿس نفرت مان گهوري نهاريو ۽ پوِء هلڻ لڳو. ٿوري دير رکي وڌيڪ چار سپاهي ساڳئي تونگر سان ڊوڙندا هنن ڏي آيا. جون پنهنجي دوست کي گرائونڊ تي ليٽايو.
    ”خدا جي واسطي هن کي نه ماريو“
    پر هنن پيٽر کي اُتي مارڻ نٿي چاهيو. جيڪو به شاهي فوج جي سپاهي جي توهين ڪندو هو، ته هو اُن جو ڪورٽ مارشل ڪندا هئا. اُهي واپس ويا ۽ هڪ ٽرڪ کڻي آيا. هنن پيٽر کي ميدان مان کڻي ٽرڪ ۾ اُڇليو.
    ٽن ڏينهن کانپوءِ هڪ شام جو جڏهن ڳاڙهو سج آسمان ۾ ٻڏي رهيو هو، جيل جو شاهي دروازو کوليو ويو. جيئن ئي دروازو کليو هڪ سائي ٽرڪ جيل جي دروازي کان ٻاهر نڪتي. هڪ ننڍڙي قد جو جپاني سپاهي جيڪو ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل هو، ايترو ٿڌو محسوس ٿي رهيو هو جهڙو سنگ مرمر جو پٿر. هنجي چهري تي ذري برابر به مرڪ نه هئي. سموري ٽرڪ خالي هئي سواءِ ڪاٺ جي تابوت جي. اُنجي پاسي کان ٿڪل ۽ ٽٽل جون ٻارن جيان سڏڪا ڀري روئي رهيو هو.
    ***


    جنم جا رشتا

    پن زي

    هو سپرنٽينڊنٽ آفيس مان ٻاهر نڪتو. هنجا ڪپڙا ميرا ٿي چڪا هئا ۽ بغلن مان پگهر جي بدبوءِ اچي رهي هئي. هن جا ڪلها لڙڪي آيا هئا. هو هڪ سپاهي جي پهري ۾ اُن ٻني مان گذري رهيو هو، جتي قيدي پنهنجيون ڀاڄيون پوکي رهيا هئا. اُن کانپوءِ هو پاسن کان لڳل سرن جي وچان رستي کان ٿيندو بند لوهي دروازن وٽان گذرڻ لڳو.
    هڪڙو ٻيو سپاهي جيڪو مينِ لوهي گيٽ جي اندران معمور ڪيل هو، لوهي گيٽ جي ننڍڙي دري کولي، جيئن هو ٻاهر وڃي سگهي. سپاهي جيڪو هن سان گيٽ تائين گڏ آيو هو، هن کي پري ويندو ڏسندو رهيو ۽ رڙ ڪري پڇيو. ”اي دوست! وري واپس ڪڏهن موٽي ايندين؟“
    هن ٻيئي اکيون ٻوٽي کلي ڏنو. ايئن ڪندي هنجا سنياريل ڏند ٻاهر نڪري آيا. هن پوئتان ڪنڌ ورائي نظرن ئي نظرن ۾ جيل کي خدا حافظ چيو، جتي هن ڀيري هن لاڳيتو ڇهه مهينا ڪاٽيا هئا. هن جي وات مان بنا ڪنهن مطلب جي نڪتو:
    ”ٺيڪ آهي، ٺيڪ آهي......“
    جنهن وقت هنجي وات مان کهري آواز ۾ اهي لفظ نڪتا، ٺيڪ اُن وقت هنجي پويان مين لوهي گيٽ جي زور سان بند ٿيڻ جو آواز هنجي ڪنن تائين پهتو.
    جيل مان آزادي ماڻڻ تي هن ڏک محسوس ڪيو. ”ڪيڏانهن وڃان؟“ هنجي من ۾ خيال گردش ڪرڻ لڳا. هن غيرارادي طور ڪنڌ ورائي جيل جي اڳيان ڏامر جي رستي ڏانهن نهاريو.
    هي اُها مهل هئي جڏهن اُڀرندي ڪناري جا مئخانا بند ٿي چڪا هئا. آسمان جهڙالو ۽ ڀورو ڏيکائي ڏنو ٿي. اُتر جي هوا رکي رکي پاڻ سان هلڪي هلڪي ڦڙ ڦڙ آندي پي. اهو هڪ اُداس منظر هو. پر ايترو به اُداس نه، جيترو هن کي جيل جي کولي ۾ محسوس ٿيندو هو. صبح جو سج اڃان ڪونه اڀريو هو. آسمان ۾ اڃان بادل ڇانيل هئا. مايوس ۽ منجهيل ذهن سان، هو بنا ڪنهن مطلب جي رستي تي هلڻ لڳو.
    رستي تي ڌنڌلاڻ ۾ هن کي ڪا شئي نظر آئي. هن جهڪي اُن کي کنيو اهو سگريٽ جو پائپ هو، جيڪو شايد ڪنهن واٽهڙو ڦٽو ڪيو هو ۽ بارش ۾ ڀڄي پيو هو. هن پائپ کي اُگهي کيسي ۾ وڌو ۽ پوءِ هن کي ياد آيو ته، هن وٽ اڃان هڪ ڊالر ۽ ڪجهه سڪا پاڇي بچيل هئا.
    هن جو هٿ پاڻ مرادو کيسي ڏانهن وڌيو. کيسي ۾ پيل پئسن جي ڇهاءُ هن کي ڏاڍو لطف پهچايو. اهي پئسه هنکي جيل جي ڪاري چڪر ۾ ورتل سخت پورهيئي جي اُجوري طور مليا هئا. هن کي پئسن جو ڇهاءُ گهڻو وقت خوش رکي نه سگهيو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ ڪنڌ لوڏيو.
    ”ٺيڪ آهي! پر آخر ڇو خوشي جلدي کسجيو وڃي؟“
    هن اکيون کڻي آسپاس نهاريو. هن کي محسوس ٿيو ته هو جيل ڏي وڃي رهيو هو.
    ”لعنت هجي! هي ته غلط رستو آهي. آءٌ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان؟ ڪٿي مونکي شيطان ته گمراهه نه ڪري رهيو آهي؟“ هن من ئي من ۾ بڪڻ شروع ڪيو. هاڻ هو واپس دنيا ۾ موٽي آيو هو ۽ هنجو وري ڪئنٽونيز ڪلب وڃڻ جو ڪوبه ارادو ڪو نه هو. جيتوڻيڪ جيل جي اوٽ ۾ اڏيل شهر ڏي فقط هڪ ئي رستو ويو ٿي. پر نه ڄاڻ ڇو هن جا قدم سدائين غلط رستي ڏي کڄي ويندا هئا.
    ”خدا جي ڪا لعنت پوي! آخر مونکي صحيح رستو ڇو نٿو سجهي؟“ هن پنهنجي عادت کان مجبور ٿيندي پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”ڪهڙو به رستو ڇو نه هجي پنهنجي لاءِ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.“
    ٿوري دير ساهي پٽي هن وري هلڻ شروع ڪيو. پر هاربر ڪلب جي هيڊ ڪوارٽر تي پهچڻ کان اڳ هو ڪافي ڦيرو ڪري چڪو هو.
    بندرگاهه تي فقط هڪ جهاز خالي ٿيڻ لاءِ لنگر انداز ٿيل هو. مزور سڀ وڃي چڪا هئا، ڪلب خالي ٿي چڪو هو ۽ خاموشي اهڙي ڇانيل هئي، جهڙي ڪنهن سنياسي جي آستان تي هوندي آهي.
    هن سڄي عمر هڪ ڇڙي جي زندگي گذاري هئي. ۽ ڪڏهن به هنکي گرم ۽ نرم هٿن جو ڇهاءُ نصيب نه ٿيو هو. پر جڏهن ڪئنٽونيز ڪلب جو در کولي بورچيخاني جي پاسي واري هال ۾ ويو، ته هو هڪ وڏي ماڻهو جي شوقين مزاج ۽ بگڙيل ٻار جيان ڏيکاءُ ڏيڻ کان پاڻ کي جهلي نه سگهيو. هن بغل ۾ جهليل ڪپڙا ڪاٺ تي اُڇليا ۽ دري کولي هيڏي هوڏي نهاريو. هن محسوس ڪيو ته هر شئي ايئن ئي هئي، جيئن ڇهه مهينا اڳ هن کي ياد هو. ايتريقدر جو آهه هنگ جو سڻي مان ٺهيل بسترو، تيل سان ڀريل وهاڻو ۽ پگهر جي بدبوءِ سان ڀريل ميرن ڪپڙن تائين سڀ ساڳيا هئا. ڪجهه به ته نه بدليو هو.
    آهه هنگ جو خاڪو ان جي من جي ڪينواس تي ڪڪرن جيان چٽجي ويو. ويهه سال اڳي اهو نوجوان بلڪل هن جيان ئي لڳو ٿي. ڇا هو آهه هنگ جيڏو سگهارو ۽ طاقتور نه هو؟ پر هن جي زندگي جي پوءِ وارن ويهن سالن بابت سوچيندي، جنهن ۾ هو سدائين لاءِ هليو ويو هو، ڇا آهه هنگ بهتر مستقبل جي اُميد ڪري سگهيو ٿي؟ جيتوڻيڪ هو پڻ اُن ڪمري ۾ رهندڙ ٻين دوستن جيترو ئي مصيبت زده هو، پر پوءِ به هن جي اندر ۾ اُنهن جي لاءِ همدردي جو جذبو اُڀري آيو.
    ها - شايد آهه هنگ هنجي سٺن دوستن مان هڪ هو. هو بندرگاهه تي ڀنگي جي نوڪري تي لڳل هو. لڙائي کي بند ٿئي اڃان ٿورو وقت مس گذريو هو. جنگ کان گهڻو اڳي آهه هنگ جي سٺي ڪمائي هوندي هئي، ۽ ڏکئي وقت ۾ هن منهنجي مدد ڪرڻ کان ڪڏهن به نه ڪيٻايو هو. بيشڪ هو منهنجي سٺن دوستن مان هڪ هو.
    ”شل مهاتما ٻڌ سدائين هن سان گڏ هجي!“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”هي نوجوان يقينن هڪ سٺي دل جو مالڪ آهي ۽ شايد هنن ڏکين ڏينهن ۾ هو پنهنجي بهتري لاءِ ڪجهه ڪري وٺي. ۽ پوءِ ماڻهو وري اها ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ”ڏسو! ڪيئن نه هر ماڻهو کي زندگي ۾ هڪ موقعو فراهم ٿئي ٿو.
    ”پر موقعي مان ڇا مراد آهي؟ سڀ ڪجهه اڳيئي نصيب ۾ لکيل هجي ٿو.“ ۽ پوءِ هن کهري آواز ۾ پنهنجو پسنديده شعر جهونگارڻ شروع ڪيو.
    ڪوئي ٻڌائي خدا ڇا ٿو چاهي؟
    ۽ فقط تڏهن-
    جڏهن عمر وڃي ٿي وڌنڌي.
    ماڻهو پوئتي ٿو نهاري.......
    هنجا خيال مسلسل آواره گردي ڪري رهيا هئا. هو پنهنجو پاڻ سان، هميشه جيان جڏهن جيل مان نڪرندو هو ڳالهائي رهيو هو ۽ جهونگاري رهيو هو. ان مهل هن کي خبر نه پوندي هئي ته هو ڇا سوچيندو هو يا ڇا ڳالهائيندو هو ۽ ڇا ڳائيندو هو.
    هو اهو به وساري ويٺو ته هن وقت گهڻو ٽائيم ٿيو هو. هاڻ بندرگاهه جا پورهيت ڪلب ڏانهن موٽي آيا هئا. هو پنهنجي قدمن ۽ جهونگارڻ جي آواز تي سجاڳ ٿي ماضي مان حال ۾ موٽي آيو ۽ گهڙي پل ساهي پٽڻ کانپوءِ ساڻن ملڻ لاءِ ڪمري کان ٻاهر نڪتو.
    هنن سڀني سندس چوگرد گهيرو ٺاهي ورتو ۽ هنجي اهڙي نموني آجيان ڪئي، جيئن ڪو سپاهي جنگ ۾ هنن کان وڇڙي واپس يونٽ ۾ موٽي آيو هجي. آهه شائو جنهنجا چپ سهي جيان هئا ۽ ميڙ ۾ مڙني کان اڳيان هو، تنهنجي مٿس سڀني کان پهرين نظر پيئي ۽ رڙ ڪندي چيو:
    ”اڙي اوا انڌا گجگوڙي! تون وري ٻاهر نڪري آئين؟“ هن کي پاڻ تي رکيل حجتي نالو ڇهن مهينن کانپوءِ ٻيهر ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي. سهي جي چپن جهڙو آهه شائو ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو. هن مذاق مذاق ۾ کلندي چيو:
    ”آخر هو توکي سدائين لاءِ مفت جي ماني ۽ رهائش ڪٿي ٿا ڏيئي سگهن.“
    اڄ بورچيخاني ۾ ٻوڙ ٺاهڻ جو هنجو وارو هو. هو سدائين پنهنجي واري اچڻ تي پريشان ٿي ويندو هو. هو انڌي گجگوڙي ڏانهن نهاري کليو:
    ”خدا جو شڪر آهي، اسانجو انڌو گجگوڙي واپس اچي چڪو آهي. هاڻي ڪنهنکي به بورچيخاني ۾ وڃڻ جي تڪليف ڪرڻي نه پوندي.“
    بندرگاهه تي ڪم جي وقفي واري وقت ۾ ڪلب جي رونق موٽي ايندي هئي. ڪجهه پورهيت آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيا ته، ڪجهه وري زور سان سگريٽ جا ڪش ڀري مزو وٺڻ لڳا. ۽ جن جو اڄ ماني ٺاهڻ جو وارو هو سي بورچيخاني ۾ ڪم کي لڳي ويا. اڌ ڪلاڪ جي ان وقفي ۾ انڌي گجگوڙي پنهنجن ساٿين سان گڏ ٻنپهرن جي ماني کاڌي. جڏهن سڀئي پورهيت واپس ڪم تي هليا ويا ته هو ڪلب ۾ وري اڪيلو رهجي ويو. ۽ آسپاس وري خاموشي ڇائنجي ويئي.
    پوڙهو اُٿي بورچيخاني ۾ ويو ۽ هن مزي مزي سان برتن صاف ڪرڻ شروع ڪيا. جڏهن هو بورچيخاني جي صفائي جو ڪم پورو ڪري واپس پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو ته، آهه هنگ جو ڄاتل سڃاتل آواز هن جي ڪنن تائين پهتو:
    جيڪڏهن ڪرڻ چاهين ٿي شادي،
    ته ڪر مونسان،
    ڪڏهن به ڀلجي نه ڪر ٻئي سان.
    آهه هنگ اوچتو پوڙهي جو سنهڙو پاڇو ڏسي بيهه رهيو ۽ ڪلهي تي هٿ رکندي چيو:
    ”اي انڌا گجگوڙي! تون ڪڏهن ٻاهر آئين؟“
    پوڙهي آهه هنگ جو هٿ جهلي اُنکي ڀليڪار واري انداز ۾ لوڏيندي چيو.
    ”اڄ ئي صبح جو.“
    آهه هنگ پنهنجي سڻي جي بستري تي ليٽي پيو ۽ هڪ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”وقت ڪيترو نه تيزي سان گذري پيو. ڏسندي ڏسندي ڇهه مهينا کن پل ۾ گذري ويا.“
    ”صحيح ٿو چوين.....“ انڌي گجگوڙي کي چوڻ لاءِ وڌيڪ لفظ نه سجهيا.
    ”هاڻي تون ڇا ٿو ڪرڻ چاهين؟“
    هن پنهنجو ڪنڌ لوڏيو.
    ”آءٌ سمجهان ٿو تنهنجي لاءِ هتي بورچيخاني ۾ ڪم ڪرڻ بهتر آهي. ٻيو ڪم توکان پڄي ڪونه سگهندو؟“
    ”ٺيڪ آهي. آءٌ توسان متفق آهيان.“
    ”آءٌ تو بابت سوچيندو رهندو آهيان. تون ته ڄاڻين ٿو ۽ مون ڪافي جانچ به ڪئي آهي. هڪ ته خالي جايون ناهن ۽ ٻيو ته جڏهن اُنهن کي خبر پوي ٿي ته اُها تنهنجي لاءِ ٿي کپي ته......“
    هي نوجوان فقط پنجويهه سالن جو هو، پر هنجي ڳالهائڻ مان ايئن لڳو ٿي ته ڪوئي بزرگ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي هدايت ڪري رهيو هجي ۽ جنهنجيون اکيون مهڻن ۽ شڪايتن سان ٻرندڙ هجن.
    ”توکي پنهنجو الزام پاڻ تي ڌرڻ گهرجي پوڙها. ڀلا هي شيطان سگريٽ توکي ڇا ٿو ڏي؟“ انڌي گجگوڙي پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي دوست جي کرين ڳالهين تي شرم محسوس ڪرڻ لڳو.
    ”تون سمجهه دار آهين. پوءِ ڇو نٿو نشو ڇڏين؟،“
    ”نوجوان تون صحيح ٿو چوين. پر توکي ته سموري قصي جي خبر آهي. مون اڄ کان ڏهه سال اڳ هڪ ڀيرو نشو ڪرڻ ڇڏيو هو.“
    ”وري پوءِ ڇو شروع ڪيئي؟“
    ”اهو هڪ ڊگهو قصو آهي. آءٌ مرڻ گهڙي تائين ان عورت کي وساري نه سگهندس.“ هو ايئن چوندي ماضي جي يادن کي ميڙڻ لڳو ” آءٌ اُنهن ڏينهن پاکو تي ۾ مرغيون ۽ بدڪون وڪڻندو هئس. هڪ ڏينهن آءٌ آفيم جي نشي ۾ ڌت هئڻ ڪري روڊ تي ڪري پيس. مون اُن ڏينهن کان پوءِ نشو ڪرڻ ڇڏي ڏنو. پر جلد ئي منهنجي ملاقات اُن موٽي شيطان عورت سان ٿي.....“
    ”هوءَ ڪير هئي؟ ڇا اها لو اسٽوري آهي؟“
    ”خدا جو سونهن ايئن ناهي.“ انڌي گجگوڙي جي اندر جو ڄڻ درياهه اُٿلي پيو. ”هڪ ڀيري آءٌ مارڪيٽ ۾ مرغيون وڪڻي رهيو هئس جو اُها سوئر جهڙي ٿلهي عورت منهنجي دڪان جي اڳيان گذري. هنجا ڊگها وار پڇ وانگي لٽڪي رهيا هئا. هن جي ڪڇ ۾ ننڍڙو ٻارڙو هو ۽ هٿ ۾ پرس. هن منهنجي دڪان جي اڳيان ٿاٻو کاڌو ۽ هنجي هٿ مان پرس ڇڏائجي اچي منهنجي دڪان ۾ ڪريو. پرس ۾ ايترا گهڻا پئسا هئا، جو مان ڪر سڄي عمر ۾ به ڪمائي نه سگهان ها. پئسو هر برائي جي جڙ آهي. مون پرس کنيو ۽ سڌو آفيم جي اڏي تي ويس، جتي شهر جون تمام خوبصورت ڇوڪريون هر آئي جي خدمت لاءِ موجود هونديون آهن. افسوس جو اها هڪ سچي ڪهاڻي آهي.“
    آهه هنگ محسوس ڪيو ته پوڙهو پيار جي دنيا ۾ گم ٿي چڪو هو. پر هن ڳالهه کي ختم ڪرڻ وقت جڏهن ٿڌو شوڪارو ڀريو ته هن کي مٿس ڏاڍو رحم آيو.
    ”ٺيڪ آهي. پر جي تون اڃان به چاهين ته نشو ڇڏي سگهين ٿو؟“
    ”ايئن ڪيئن ٿي سگهي ٿو نوجوان؟“ انڌي گجگوڙي اوٻاسي ڏيندي چيو. ”جيڪڏهن تون مون کي هدايت ڪرين ته به آءٌ نشو ڇڏي نٿو سگهان. بنا نشي جي آءٌ پاڻ کي بيمار محسوس ڪريان ٿو. ايتريقدر جو اُن کانسواءِ آءٌ هلي به نٿو سگهان.“
    ”پر توکي نشو هر حالت ۾ ڇڏڻ گهرجي. تون جڏهن جيل ۾ هوئين تڏهن نشو نه ڇڏيو هوئي؟“
    ”نه. ننڍڙا ٻارڙا! توکي ان راز جي خبر ئي ناهي! اسين آفيم جا موالي، سچ پڇين ته دنيا جا انتهائي هوشيار ۽ مضبوط ترين ماڻهو آهيون. اسان کي جڏهن ٻاڙ لڳي ٿي ته اسين ڪٿان نه ڪٿان رستو ڳولي ڪڍون ٿا. ۽ آفيم جو هڪ يا ٻه ڳوڙها واپرائي پنهنجي ٻاڙ مٽايون ٿا.“
    آهه هنگ کي هن جي ان حالت انتهائي تڪليف رسائي. پر هو چاهيندي به هنجي لاءِ ڪجهه نٿي ڪري سگهيو. هو ايترو ئي ڪنگال ۽ پريشان حال هو، جيترو هنجو دوست هو. هن کي نون سالن جي عمر ۾ سندس اڳي ماءُ گهر مان ٺيلهي ڪڍي ڇڏيو هو. هو تڏهن کان جپسين واري زندگي گذاري رهيو هو. پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪرڻ جي باوجود هنکي فاقا ڪڍڻا ٿي پيا. هن وقت هو هڪ ماهي گير وٽ هڪ ڊالر جي اُجوري تي ڪمائي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن جي قسمت گهڻي مهرباني ٿيندي هئي، ته هو ٻي ٽي ڊالر به ڪمائي وٺندو هو. ۽ جڏهن بندرگاهه تي ڪم ڪار نه هوندو هو ته هنکي پيٽ گذر جي لاءِ ٻيا در ڀيٽڻا پوندا هئا. سيٺين جي روزاني غذا ۾ مڇي ۽ گوشت شامل هوندو هو، جڏهن ته هنکي چانور به نصيب ٿيا ته ٺيڪ، نه ته خالي پيٽ سمهڻو پئجي ويندو هو. انهي فرق جو ڪارڻ اهو نه هو ته ڪو هو سگهارو يا جانٺو مڙس نه هو، يا هو سخت پورهيو ڪري نٿي سگهيو يا ڪو هو ٻين کان گهٽ پورهيو ڪندو هو، يا هنکي عقل ڪونه هو. پر پوءِ به هو سمجهي نٿي سگهيو ته آخر ايئن ڇو ٿي ٿيو..... هنکي فقط اها خبر هئي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪا غلطي ضرور هئي. ڊاڪن، بدمعاشن ۽ چورن کي ڏسو.... هو ڪيڏي نه عيش واري زندگي گذارين ٿا. هن پنهنجو رت ٽهڪندو محسوس ڪيو ۽ غصي مان چپ ڀيڙي دري کان ٻاهر سمنڊ ڏي نهارڻ لڳو. هو ٻيئي خاموش هئا.
    بندرگاهه کان ڳرين ڪرينن جو شور اچي رهيو هو، جنهن سان گڏ پورهيتن جي ڪم جو آواز پڻ مليل هو.
    اوچتو آهه هنگ کي ڪجهه ياد آيو ۽ هن پنهنجي دوست کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيو.
    ”آءٌ توکي هڪ ڳالهه ٻڌائڻ ته وسري ويس.“
    انڌي گجگوڙي هن ڏي سواليه نظرن سان نهاريو.
    ”ڇا توکي بالڊ هيڊ ياد آهي؟ جيڪو ندي جي ڀرسان واڙي مان ڇانيون چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪڻندو هو؟“ آهه هنگ ڳالهه کي جاري رکيو، ”گذريل سال هو آيو هو ۽ چيائين ٿي ته هن کي هڪ وڏي ڪارخاني ۾ مڪينڪ جي نوڪري ملي ويئي آهي. ڇا هو توکي ذهن تي اچي ٿو؟ ٺيڪ آهي. ٽيون ڏينهن هن بس ڊرائيور کي منهنجي لاءِ نياپو ڪيو ته، هو ماهانه سو ڊالر ڪمائي وٺي ٿو ۽ آءٌ جي ڪجهه پئسه هٿ ڪريان، ته هو منهنجي لاءِ مڪينڪ جي نوڪري جو انتظام ڪري سگهي ٿو.
    ”اها ڏاڍي سٺي خبر آهي. پوءِ ته توکي وڃڻ گهرجي.“ انڌي گجگوڙي جو آواز کهرو ٿيندو ويو ۽ هاڻ هو لرزي به رهيو هو.
    ”ها تو ته چئي ڇڏيو. پر پئسا ڪٿان اچن؟“
    پوڙهي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پئسن کي آڱرين ۾ ڦيرائيندي خيال پچائڻ لڳو، ”ڇا هنجي لاءِ اهي ڪافي ٿيندا؟“ هن پنهنجي پريشان حال دوست تي نظر وڌي ۽ ايترو ڏک محسوس ٿيس، جيترو ڪنهن اسڪول جي ٻارڙي کي اسڪول دير سان پهچڻ ڪري، پيرڊ گذري وڃڻ سبب ٿيندو آهي. زندگي روزگار جي تلاش ۾ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين، ڌڪا ٿاٻا کائيندي ختم ٿيڻ نه گهرجي. اپر ڪلاس جو هرڪو معتبر غريبن جي ڀلائي ۽ اُنهن جي زندگي کي بهتر بنائڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. پر هرڪو پنهنجي مٿي ڪٿي زندگي گذاري ٿو ۽ پاڻ ئي پنهنجي لاءِ جتن ڪري ٿو. هرڪو پنهنجي لاءِ جيئي ٿو ۽ ٻئي کي جڳهه نٿو ڏي. هاڻ هن نوجوان کي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ موقعو ميسر ٿيو هو، پر اڳيان هڪ وڏي رڪاوٽ هئي..... پئسو.“
    ٻنهي دوستن جي عمر ۾ ويهارو سالن جو فرق هو پر پوءِ به هو ٻيئي هڪڙي ٻيڙي جا سوار هئا. ٻيئي ساڳين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا هئا ۽ ٻنهي کي هڪ ٻئي جي لاءِ همدردي هئي. جيئن ته نوجوان کي پنهنجي زندگي کي سهل بنائڻ جو هڪ موقعو ميسر ٿيو هو. پر پوڙهو هن سان اُن مهل ۾ چاهيندي به هٿ ونڊائي نٿي سگهيو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. ”آءٌ هنجي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڇا ڪري سگهان ٿو؟“
    هو پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي چڪو هو ۽ بلڪل خاموش هو. آهه هنگ دري کان ٻاهر سمنڊ ڏي نهارڻ لڳو. جڏهن نوجوان ڏور سمنڊ ۾ ٻيڙي کي بندرگاهه جي ويجهو ايندي ڏٺو ته، هو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ ملاح کي مڇي لهرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوڙهو ڪمري ۾ پنهنجين سوچن سان گڏ اڪيلو رهجي ويو.
    جيتوڻيڪ آهه هنگ جو مسئلو هنجي ذهن تي اڃان به ڇانيل هو. تڏهن به هنکي بورچيخاني ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس هو، هنکي اها خبر نه هئي ته رات جي ماني تي ڪيترا ماڻهو هوندا، پر هن اندازي تي ڳچ چانور سڪل مڇي سان گڏي پريشر ڪڪر ۾ وڌا. جڏهن مڇي جو ڀت تيار ٿيو ته، هن ٻين جو انتظار ڪرڻ کانسواءِ ٻه ٿالهيون چانورن جون کاڌيون ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيو.
    گهٽي کان ٻاهر به هنجي ذهن تي اهو مسئلو ڇانيل رهيو ته هو ڪهڙي ريت پنهنجي دوست جي مدد ڪري سگهيو ٿي. جيئن ئي هو هوٽل مانٽائو کان گذريو ته اوچتو هن کي خوشي محسوس ٿي. ڳاڙهين ۽ ساين بتين هنکي ويهه سال اڳي جي ڪيل حرڪت ياد ڏياري. هو ٻيئي هٿ پويان ورائي هلڻ لڳو ۽ هوٽل جي ڪنڊ ۾ ڪرسي تي ويهي رهيو. هن ڪافي جو آرڊر ڏنو ۽ مزي مزي سان ڍڪ ڀرڻ لڳو ۽ هڪڙي ٽيبل کان ٻي ٽيبل تائين نطرون گهمائي جائزو وٺڻ لڳو.
    ڪجهه منٽن ۾ هن نيٺ اُن کي ڳولي ورتو جنهنجي کيس تلاش هئي. هو اُٿيو ۽ اڌڙوٽ عمر جي سيٺ ڏانهن وڌيو، جنهنکي عمدي قسم جو لباس پهريل هو. هو هنجي پاسي ۾ ٿي بيٺو ۽ کيس آهستي ڪن ۾ چيائين:
    ”محترم! ڇا توهانکي ڇوڪري کپي؟“
    سيٺ جو وات پاڻي ٿي ويو. هن مرڪي ڏنو ۽ پڇيو: ”ڪهڙي قسم جي؟“
    ”هڪ نوجوان ڇوڪري، جيڪا تازو ڌنڌي کي لڳي آهي ۽ پهريون ڀيرو آئي آهي. سندس عمر مشڪل سان ويهه سال ٿيندي.“ پوڙهي ڪوڙ ڳالهايو.
    ”ڪيترو وٺندي؟“
    ”هوءِ پنجاهه ڊالر وٺندي. پر هنجي شرط آهي ته کيس پئسا اڳواٽ ڏنا وڃن.“
    ”ٺيڪ آهي. هوءِ جيڪڏهن واقعي ايڏي خوبصورت آهي ته پئسن جو ڪو مسئلو ڪونهي.“
    سيٺ هن کي پنجن ڊالرن جو نوٽ هٿ ۾ ٿمائيندي، شوق مان نه ماپندي چيو،“ هي وٺ تنهنجا چانهه پاڻي جا پئسا. آءٌ ٻاهر ڪار ۾ انتظار ڪريان ٿو. تون ڇوڪري کي اُتي وٺي اچ.“
    انڌي گجگوڙي محسوس ڪيو ته هو ڏاڍو اُتاولو هو. پر ساڳئي وقت مڇي جيان ڏاڍو چالاڪ ۽ هوشيار به هو. تنهنڪري هو کائنس پوري رقم اڳواٽ وٺڻ جي همٿ نه ساري سگهيو.
    ”اوهه نه سائين ڪا ڳالهه ناهي! جيڪڏهن ٻين ماڻهن کي خبر پئجي ويئي ته هوءِ ڇا پيئي ڪري، ته ڪم ڦٽي ويندو. مونکي پنهنجو ڪمرو نمبر ٻڌايو. آءٌ کيس اُتي ٿو پهچائي ڏيان.“
    سيٺ کي پهرين ته سندس ڳالهه تي حيرت ٿي. پر پوءِ ٿورڙو سوچيندي چيائين. ”ٺيڪ آهي آءٌ فرسٽ فلور تي ڪمري نمبر 13 ۾ ٽڪيل آهيان. جلدي موٽجانءِ. جڏهن تون اُنکي وٺي ايندين ته آءٌ توکي ٻيا به ڏهه ڊالر خرچي ڪرائيندس.“
    ”ٺيڪ آهي. ٺيڪ آهي. آءٌ پندرهن ويهن منٽن ۾ ڇوڪري کي وٺي اچان ٿو.“
    ”شاباس! فرسٽ فلور ڪمرو نمبر 13 نه وسارجانءِ.“
    انڌو گجگوڙي هوٽل مان ايئن جلدي نڪتو جيئن ڦاٿل مڇي ڄار جي سوراخ مان ڀڄي نڪري. ٻاهر نڪري. هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو. ”هاءِ بدبختي! مون سمجهيو ته آءٌ مرغو ٿو ڦاسايان پر هي ته ننڍڙو جيتا مڙو نڪتو.
    هن پهرين ڪلب واپس وڃڻ جو سوچيو پر پوءِ سوئر جهڙي سيٺ سان منهن مقابل ٿيڻ جي ڀئو کان فيصلو بدلائي ڇڏيو. هن پوءِ ٿڌي دماغ سان سوچڻ شروع ڪيو. جيئن ته پنج ڊالر تمام ٿورا هئا. اُنهن کي ڪهڙي ڪم ۾ آڻي سگهجي ٿو؟ ۽ نيٺ هو نتيجي تي پهتو. ”مونکي سڌو سئنيما وڃڻ گهرجي.“
    هو پهريئين شوکان ڪجهه وقت اڳي اُتي پهچي ويو. سئنيما جي گيٽ تي ماڻهن جي وڏي رش لڳل هئي. هو ماڻهن جي انبوهه ۾ شڪار ڳولڻ لاءِ گهڙي ويو. اڃان ڪجهه گهڙيون ئي نه گذريون جو هنجي نظر هڪ اڌڙوٽ عمر جي شخص تي پيئي، جنهن کي مغربي لباس پهريل هو. هنجي پينٽ جي پوئين پاسي جي پاڪيٽ ۾ مخمل جو ٻٽون نمايان نظر اچي رهيو هو. هو آهستي آهستي ماڻهن جي ميڙ مان گذرندو، هن تائين پهتو ۽ انتهائي هوشياري سان، پنهنجيون ٻه آڱريون هنجي کيسي ۾ وجهي ٻٽون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جيئن ته هو پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ هاڻ هن ۾ اُها جواني واري ڦڙتي نه رهي هئي. اهو ئي سبب هو، جو هو جاءِ واردات تي ئي پڪڙجي پيو. اڌڙوٽ عمر جي شخص کيس زور سان ٿڦ وهائي ڪڍي ۽ رڙ ڪندي چيو ”شيطان! تو منهنجي کيسي ڪٽڻ جي همٿ ڪيئن ڪئي؟“
    پوڙهي کي پوليس اسٽيشن وٺي آيا. آهه هنگ کي جڏهن واقعي جي خبر پيئي ته کيس ڏاڍو ڏک پهتو.
    ”ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. ٻه ٽي سال اڳي هن واعدو ڪيو هو ته هو وري چوري نه ڪندو. ۽ جڏهن ته هن ۾ جواني واري ڦڙتي به نه رهي هئي، هن تڏهن به.....“
    هن فيصلو ڪيو ته، هو پنهنجي دوست جي لاءِ پوليس اسٽيشن ويندو ۽ هنجي ضامن تي آزادي لاءِ ڪوشش وٺندو. هن جڏهن پوڙهي کي سلاخن جي پويان ڏٺو، ته هو پنهنجي تلخي کي روڪي نه سگهيو.
    ”اڙي او انڌا گجگوڙي! آخر توکي ڪهڙي تڪليف هئي جو تو هي احمقانه حرڪت ڪئي؟“
    پوڙهي پنهنجيون اکيون ڪجهه دير لاءِ جهڪائي ڇڏيون، ۽ پوءِ اکيون مٿي کڻي پنهنجي دوست ڏي نهاريندي شرمائيندي چيائين:
    ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته آءٌ وري هتي آيل آهيان.“
    ”دوست تون ڀلا ڪنهن کان لڪي سگهين ٿو؟“ آهه هنگ ڳالهه کي جاري رکندي چيو ”انڌا گجگوڙي! جڏهن ڄاڻين به ٿو ته هاڻ تون پوڙهو ٿي چڪو آهين، ۽ ايتري حد تائين جو تنهنجي نظر به چٽي نٿي پوي. پوءِ توکي ائين ڪرڻ جو من ۾ خيال ڪيئن آيو؟“
    پوڙهي شخص جواب ۾ فقط ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”توکي ڪلب ۾ مفت جي ماني ملندي هئي پوءِ توکي پرايا کيسا ڪٽڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟“
    انڌي گجگوڙي نه ئي ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ نه ئي پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪيو. هو اڪثر آفيم جي الزام ۾ جيل ويندو رهندو هو. ۽ سي. آءِ. ڊي وارا، گهڻو ڪري هنجي ڪيس کي عام رواجي ڪري وٺندا هئا. مستقل موالي هئڻ سبب، هنکي لاعلاج سمجهي خانه پوري ڪري ڇڏي ڏيندا هئا. پر هن ڀيري هو جيب ڪتري جي الزام ۾ گرفتار ٿيو هو.... اهو ڪو عام رواجي ڏوهه ڪو نه هو. تنهنڪري هو خاموش رهيو. ٿوري دير رکي هن آهستي ڳالهايو.
    ”حقيقت ۾.....“
    هو ڳالهه پوري ڪري نه سگهيو ۽ خاموش ٿي ويو. هنکي محسوس ٿيو ته ڪا ڳالهه هنجي اندر ۾ هئي جنهن هنکي سچ چوڻ کان روڪيو ٿي.
    آهه هنگ نٿي چاهيو ته سندس دوست کي ڪا تڪليف رسي ”جيڪي ڪجهه ٿي چڪو اُن تي پريشان نه ٿي. ڪجهه مهينن جي ئي ته ڳالهه آهي. اُهي به ڄاڻ گذري ويندا. آزاد ٿيڻ کانپوءِ ماني ۽ رهائش جو فڪر نه ڪجانءِ. آءٌ ويٺو آهيان.“
    پر پوڙهو ڪجهه ٻيو سوچي رهيو هو. ”آهه هنگ منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌ! تون بالڊ هيڊ وٽ وڃ ۽ ڪوشش ڪري ڪم سکي پنهنجي زندگي کي بهتر ۽ سهل بنائڻ لاءِ جتن ڪر. مون وٽ اڃان ڏهه ڊالر باقي آهن جيڪي توکي ڀاڙي خرچ لاءِ ڪم اچي سگهن ٿا. منهنجو فڪر نه ڪر آءٌ ههڙي قسم جي زندگي سالن کان گذاريندو آيو آهيان. آءٌ چاهيان ٿو ته گهٽ ۾ گھٽ تون روشن مستقبل ماڻين ۽ تنهنجي جيون جي جهول خوشين سان ڀرجي وڃي.“
    آهه هنگ کي پنهنجي دوست جي لفظن ڏاڍو متاثر ڪيو. هن پوڙهي پنهنجي آزادي داءُ تي لڳائي کيس خوشيون ڏيڻ لاءِ سوچيو. آهه هنگ پوڙهي جا هٿ جهلي پنهنجا لڙڪ اُگهيا ۽ جذباتي ٿيندي چيو:
    ”پنهنجو خيال رکجانءِ. شل ڏکيو ڏينهن نه ڏسين“ ايئن چوندي هن کيس خدا حافظ چيو.
    انڌي گجگوڙي جون اکيون هاڻ لڙڪن سان ڀرجي آيون. هو تمام گهٽ ڏسي سگهيو ٿي. هن ڪوهيڙي ۾ پنهنجي نوجوان دوست جو سنهڙو ۽ ڌنڌلو عڪس ڏٺو. جيتوڻيڪ هو جهور پوڙهو ٿي چڪو هو پر هنجي آواز ۾ اڃان به همٿ ۽ حوصلو موجود هو.
    ”اڳتي وڌ! منهنجا پٽ پئسه کڻ. مونکي پڪ آهي ته هڪ ڏينهن ضرور تون هن وشال دنيا ۾ پنهنجو رستو ٺاهي وٺندين.“ ۽ پوءِ هن سلاخن مان هٿ ڪڍي پنهنجي دوست کان موڪلايو.
    ***


    جهنگل جي هڪ رات

    تن ڪانگ پينگ

    جون 1947. بارش جي موسم، جيڪا ڏکڻ چيني سمنڊ جي اُتر اوڀر جي مون سون هوائن جي ذريعي پينسولا جي اُڀرندي پٽي تائين پهچي ٿي، پوئتان سوڪهڙو ڇڏي وڃي ٿي. پئهانگ، ترنگانو، ڪيلانٽن ۽ جور جهنگل جي پوسل واري زمين ۽ کڏون کوٻا خشڪ ٿي چڪا هئا. ننڍيون نديون ۽ آبشار وهڻ بند ٿي چڪا هئا. وڏيون نديون جن مان ٻيڙين جي ذريعي لنگهڻو پوندو هو، اُنهن ۾ پاڻي جي بوند به ڪانه بچي هئي.
    موسم جو فائدو وٺندي آءٌ ڌاتن جي تلاش ۾ بانڊي کان پاڪنگ وڃڻ لاءِ پئهانگ ۽ ترنگانو جي سرحد تي دوشيزه جي وارن جهڙي گهاٽي جنگل ۾ نڪري پيس.
    اُن سفر دوران منهنجي ڪئمپنگ بانڊي جي سونهين حامد صالح تمام گهڻي رهنمائي ڪئي. هن کي جهنگل جي هر رستي ۽ طرف جي خبر هئي. اهو ئي سبب هو، جو هُو منهنجي لاءِ گهمندڙ ڦرندڙ قطب نما ثابت ٿيو. هن هڪڙو قدم به غلط نه ٿي کنيو. هن کي چڱي پر خبر هئي ته ڪهڙو پيچرو وٺي ماڻهو جبلن جي وڏين چاڙهين کان بچي سگهيو ٿي، ۽ ڪهڙي جڳهه کان ڦري ندين ۽ آبشارن جي تيز وهڪرن کان بچي سگهيو ٿي. هو ڪمان مان نڪتل تير جيان بلڪل سڌو هليو ٿي.
    حامد جي عمر لڳ ڀڳ چاليهارو سال هئي. هو صحت مند قدآور ۽ مظبوط هڏن جو جانٺو جوان هو، پر ڏسڻ ۾ ڏاڍو ڀوائتو ۽ گدلو نظر آيو ٿي. هنجو مٿيون ڏند چپن کان ٻاهر نڪتل هو ۽ کاٻي اک کان کاٻي ڪن تائين زخم جو ڊگهو ۽ گهرو نشان هئس. ٻيو ڌڪ جو نشان سندس پيشاني تي هو، جنهن سندس چهري کي اڃان به وڌيڪ خوفناڪ بنائي ڇڏيو هو. هنجو سڄو مٿو پٽڪي ۾ ڍڪيل هو ۽ بدن تي ميرو ڪڙتو، ۽ اُن مٿان ڪوٽ پاتل هو ۽ چيلهه تي ڪهاڙي ٻڌل هئس. هن جي حليئي کي ڏسي مونکي اڳيئن زماني ۾ جهازن کي ڦريندڙ درياهي لٽيرا ياد آيا.
    پر هن درياهي لٽيري مونکي ملاين جي گهاٽي جهنگل ۾ تمام سٺو ساٿ ڏنو، ۽ سمورو وقت جهنگل جي بي تاج بادشاهن جا دلچسپ قصا ٻڌائي وندرائيندو هليو. هن مونکي ٻڌايو ته جڏهن هاٿين جو ڌڻ جهنگل ۾ نڪرندو آهي، ته ڪيئن نه جهنگلي جيوت گهيرو ٺاهي پنهنجن ٻچن کي بچائيندي آهي. هن ڊگهي ۽ سنهڙي رتن نانگ جو ذڪر ڪندي چيو ته، هو ڪيئن نه جانورن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي، اُنهن کي چچلائي ماريندو آهي. اُن کانسواءِ هن مونکي ٻيا به ڪئين دلچسپ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ قصا ۽ واقعا ٻڌايا.
    “توهان منهنجين ڳالهين تي شايد تيستائين اعتبار نه ڪندئو جيستائين پاڻ پنهنجين اکين سان نه ڏسندئو.“ هن چيو. ”رتن نانگ جو رنگ به رتن جهڙو هوندو آهي. اُنجو مٿو ۽ پڇ ڏسڻ ۾ ڪونه ايندو آهي، ۽ ڪنهن کي به اُن جي صحيح ڊيگهه جي خبر ناهي. هو رسي جيان ويڙهجي جهنگل جي پيچري تي ليٽي پوندو آهي. جڏهن به سوئر، هرڻ، چيتو يا ٻيو ڪو بدنصيب جانور اُتان لنگهندو آهي، ته هو پنهنجي شڪارجي چوگرد ڦندو ڦهلائي اُنکي گهيري وٺندو آهي. هو ايترو طاقتور آهي جو ڪو به جانور جيڪڏهن هڪ دفعو سندس ڄار ۾ ڦاسي پوي، ته پوءِ پنهنجي جند ڇڏائي نٿو سگهي. جڏهن شڪار ٿڪجي ساڻو ٿي پوندو آهي، تڏهن رتن نانگ اُنجي ڳچي وٽ ڏنگ هڻي سوراخ ڪري، اُن جو رت چوسي وٺندو آهي ۽ پوءِ اُنکي ڦٽو ڪري ڇڏيندو آهي. مونکي جهنگل مان لنگهندي ڪيترائي ڀيرا مرده جانورن جا جسم نظر آيا آهن.”
    آءٌ اهڙين ڏند ڪٿائن جي دلچسپ ماحول ۾ حامد سان گڏ جهنگل مان گذري رهيو هئس. شام تائين اسان ڏهن ميلن کان مٿي پنڌ ڪري چڪا هئاسين. هاڻ سج لهي رهيو هو ۽ جهنگل جو نظارو آهستي آهستي جهڪو ٿيندو گم ٿيندو ويو. اسان فيصلو ڪيو ته اوندهه ٿيڻ ڪري سفر کي في الحال ملتوي ڪري ڊاٻو ڪجي ۽ وري سج جي اُڀرڻ سان سفر تي اُسهجي. حامد مونکي هڪ وڏي جبل جي اوٽ ۾ ڪيمپ ڪرڻ جي مقصد سان اوڏانهن وٺي هليو.
    مون پنهنجي ڪلهي مان ٿيلهو لاهي زمين تي رکيو. ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيم. ٿيلهي ۾ ڪجهه بسڪٽ، ٿڌي پاڻي جون بوتلون، هڪ سرچ لائٽ، قطب نما ۽ ڪجهه ڌاتن جا نمونا هئا، جيڪي مون سفر دوران گڏ ڪيا هئا. منهنجي ٿيلهي ۾ اُن کان علاوه ناياب جانورن جا سڱ، ڏند ۽ ڦوڪڻي پڻ هئي، جيڪا مون لوڻ ۽ سگريٽن جي عيوض ساڪائي جي سونهين کان سنگي ٽڪائي ڏانهن ويندي ورتي هئي. جيتوڻيڪ انهن شين جي وزن منهنجي بار ۾ واڌارو ضرور آندو هو، پر انهن جي موجودگي منهنجي سفر ۾ سرور ۽ مزو به پيدا ڪيو هو.
    جيئن ته آءٌ سفر سبب تمام گهڻو ٿڪجي پيو هئس، انهي ڪري اهو سوچڻ جي بنا ته منهنجي هيٺان ڇا هو، پٽ تي ئي ليٽي پيس. جيتوڻيڪ پٽ ناهموار هو، تڏهن به مون محسوس ڪيو ته آءٌ ڄڻ ڊبل اسپرنگ گاديلي تي ستل هجان.
    حامد پاڻ کي هڪ تجربيڪار بورچي ثابت ڪيو. هن آرام ڪرڻ کان اڳ باهه دکائي. جڏهن آءٌ ڪاٺ جي بنڊ وانگي سڌو ٿي سمهڻ لڳس ته هن مونکي چتاءُ ڏنو ته، ”ڪهاڙي کي پاڻ کان الڳ نه ڪجانءِ. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي ته سڀ جانور باهه کان ڊڄن ٿا پر تڏهن به منهنجي لاءِ اهو بهتر ٿيندو ته پاسي کان ڪهاڙي ضرور رکان.“
    ”هتي هن پٽ ۾ ڪهڙا جانور آهن؟“ مون پڇيو.
    ”چيتو.“ هن جو جواب هو.
    هن هڪ دٻو کوليو. اُن مان ساري جاپن ڪڍيا ۽ اُن مٿي ڪتر ڪيل بادام ڇڙڪي ڪيڪ وانگر ويڙهي وات ۾ پاتو. هن ساري جي پن کي چٻاڙيندي ننڍڙي آواز ۾ چيو. ”مون هن جڳهه تي ٻن چيتن کي ماڻهو جي ماس تي وڙهندي ڏٺو هو.“
    ”هو مونکي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.“ مون سوچيو.
    ”اوهه! ۽ تون اُن منظر کي تماشو سمجهي ڏسندو رهيئين؟ يا تو وٽ اُن مهل هن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه هو؟“ مون مذاق مان پڇيو.
    ”ڇا؟ آءٌ هن کي ڇڏايان ها؟ منهنجي ڪر وس ۾ هجي ها ته آءٌ اُن ماڻهو جو ڪر قيمو ڪري ڇڏيان ها. مون چاهيو ته چيتو هن جا هڏا پڻ ڳڙڪائي ڇڏي.“ هن مون ۾ گهوريندي کنئري لهجي ۾ جواب ڏنو.
    مونکي هو اسٽيج جي هڪ ڪامياب فنڪار جيان لڳو. ”ڀلا ڇا ماڻهو کي قيمو ڪري سگهجي ٿو؟“
    مون آسمان ڏانهن نهاريندي وراڻيو. ”مٿي خدا آهي.“
    ”خدا!؟“ هن رڙ ڪئي. ”جيڪڏهن مٿي خدا هجي ها ته اسان غريبن جي هي حالت نه هجي ها.“
    ”هو ڪيڏي نه سٺي ادا ڪاري پيو ڪري.“ مون ننڊاکڙو محسوس ڪندي سوچيو.
    ”حامد“ مون هن کي مخاطب ٿيندي چيو، ”هاڻ سمهڻ گهرجي. مونکي وڌيڪ عربستان جي اونداهين راتين جا قصا نه ٻڌائي ۽ نه ئي مونکي موت جو ڊپ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪر.“
    ”سائين آءٌ مذاق ڪونه ٿو ڪريان. آءٌ بلڪل سچ پيو چوان. جيڪڏهن توهانکي ڪڪڙ جيڏي دل نه هجي ته آءٌ توهانکي ثابت ڪري ڏيکاريان.“
    ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“ مون وچان ڪٽيو منهنجي همٿ ڪر کڻي اُڀري آئي. ”جيڪڏهن منهنجي ڪڪڙ جيڏي دل هجي ها ته آءٌ توسان گڏ ايترو پري تائين نڪري نه اچان ها.“
    هو چپ چاپ ويهي رهيو. ۽ درد ڀرين نظرن سان نهارڻ لڳو.
    ”هلي آ“
    ”تون مونکي ڇا ٿو ڏيکارڻ چاهين؟“ آءٌ اُٿيس. ”ڇا تون مونکي اُهي چيتا ٿو ڏيکارڻ چاهين جيڪي ماڻهن جي ماس تي وڙهن ٿا؟“
    هن جي چهري جي تاثرات مان ائين نظر اچي رهيو هو ڄڻ ته منهنجي لفظن هن کي چڙ ڏياري هجي. هو بنا ڳالهائڻ جي اُٿيو. مون پنهنجي ڪهاڙي کاٻي هٿ ۽ ٽارچ ساڄي هٿ ۾ کنئي ۽ هنجي پوئتان جبل جي پريئين پاسي ڏانهن هلڻ لڳس.
    هن اڳيان هلي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٽارچ هنئي.....منهنجي اڳيان هڏين جو پورو جبل هو. ڪجهه کوپڙين جي اکين مان گاهه پڻ اُڀري آيو هو.
    ”هنن جو شڪار مون ڪيو آهي.“ هن چيو. مون کان اوچتو ڇرڪ نڪري ويو. ڊپ وچان منهنجا وار اُڀا ٿي ويا.
    ”تون......تون؟“ آءٌ مشڪل سان ئي اهي لفظ چئي سگهيس.
    هڪ قاتل سان گهاٽي جهنگل ۾ گڏ هئڻ ڪنهن به حالت ۾ هڪ گول دائري ۾ شينهن سان گڏ هئڻ کان بهتر نه هو.
    مونتي ڄڻ سڪتو طاري ٿي ويو. ”هو ڪيڏي مهل به مونتي هڪ تير انداز جي ڦڙتي جيان حملو ڪري سگهيو ٿي. ۽ آءٌ به ڪهاڙي جو بک ٿي هنن جبلن ۾ اُڇليو ويندس ۽ هڪ ڏينهن هنن ويچارن جيان منهنجا به هڏا وڃي باقي بچندا.“ اهو خيال ايندي منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪهاڙي کي ايترو مظبوطي سان جهليم جيترو جهلي سگهيس ٿي.
    ”سائين! ڊڄو نه. جڏهن ماڻهو مري وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه ختم ٿيو وڃي، باقي هڏا وڃي بچن ٿا. توهانکي ڪنهن ڳالهه جو ڊپ ڪرڻ نه گهرجي.“
    هنجا لفظ مونکي سڪون پهچائي نه سگهيا ۽ آءٌ بيچيني مان ٻه قدم پوئتي هٽيس.
    حامد هڪ فتويٰ صادر ڪندڙ جج جيان پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ ڪيمپ ڏانهن واپس موٽيو. آءٌ ٻن ٽن وکن جي فاصلي تي هنجي پوئتان هلڻ لڳس. هو باهه جي ڀرسان ٿي ويٺو آءٌ هنجي سامهون ٿي ويٺس اسان ٻنهي جي وچ ۾ باهه هئي.
    جهنگل ۾ مڪمل اوندهه ڇانيل هئي. کٿوري جهڙي خوشبوءَ واري آسمان ۾ هاڻ فقط ڪجهه تارا کڙيل هئا. سواءِ جيتن جي آواز جي جهنگل ۾ مڪمل خاموشي ڇانيل هئي.
    هن جون خوني اکيون باهه تي ٽڪيل هيون. باهه جي ڀڙڪي ۾ هن جو خون سان ڀريل وحشي چهرو ٻري اُٿيو ٿي، ۽ آڳ جي اُلن ۾ آسپاس جو منظر بنهه اونداهو ۽ ڀيانڪ ڏيکائي ڏنو ٿي. مونکي لڳو ته روحن جا پاڇا هنجي پويان رقص ڪري رهيا هئا.
    منهنجو رت وڌيڪ تيز ڊوڙڻ لڳو هو، ۽ مون پنهنجي ڪهاڙي اڃان به وڌيڪ مضبوطي سان جهلي رکي هئي. پر هو آسپاس جي ماحول کان بي نياز، فقط باهه ۾ ٽڪ ٻڌي نهاري رهيو هو ۽ گهڙي کن رکي اُن ۾ خشڪ ڪاٺيون وجهي رهيو هو.
    اسين ٻئي خاموش هئاسين. مونکي خبر ناهي ته گهڻي وقت خاموش رهڻ کانپوءِ مون ڳالهايو:”تو ڇو هيڏن ماڻهن کي ماريو؟“
    ”مون ڇو ماريا؟“ هن ائين چيو ڄڻ هاڻي ئي خواب مان اُٿيو هجي.
    اوچتو هن پنهنجا ٻئي هٿ خونخوار چيتي جيان زمين تي کپايا. هنجي وڏين اکين ۾ ڪاوڙ ۽ وحشيت اُڀري آئي.
    ”شيطان!“ هن رڙ ڪئي. ”هي سواءِ رت پياڪ درندن جي ٻيو ڪجهه به نه هئا!“
    هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو. انڌاري آسمان ۾ نهاريندي هن رڙ ڪئي. ”هي رتن نانگ وانگي هئا جيڪي اسانکي ڄار ۾ ڦاسائي اسانجو خون چوسين ٿا، ۽ زندگي کي جيئري جهنم بنائي ڇڏين ٿا. جڏهن مون اُنهن کي ڳترا ڳترا ڪيو ته، اُنهن جي ڦٿڪڻ جي منظر منهنجي روح کي ڏاڍي خوشي ۽ سڪون پهچايو ٿي.“
    مون محسوس ڪيو ته ماضي ۾ هن سان ڪو تلخ واقعو ٿي گذريو هو. مونکي هنجي حالت تي ڏاڍو رحم آيو. مون هن کان پڇيو. ”ڇا توکي اڳ ڪنهن رنجايو هو؟“
    منهنجي سوال جو هن فوري طور تي ڪو به جواب نه ڏنو، شايد هو من ئي من ۾ جواب تيار ڪري رهيو هو. ۽ پوءِ ٿوري دير رکي هن باهه ۾ گهوريندي جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو، ”منهنجو پيءُ جڏهن آءٌ ڇهن سالن جو هئس ته وفات ڪري ويو. اسانجا ڪي به ويجها مائٽ نه هئا، جيڪي اسانجو ڏکئي وقت ۾ ڀرجهلو بنجن. بابا وفات وقت جيڪي شيون هڪ سوڙهي ۽ ڦٽل گهر ۾ ڇڏيون، اُهي هيون ڪجهه ڪپڙن جون پراڻيون ڊريسون، امان ۽ آءٌ. ڪئمپونگ جي پينگلو جي ننڍي ڀاءُ دعويٰ ڪئي ته، منهنجي پي هن کان ڪجهه پئسه اُڌارا ورتا هئا. ۽ اُن عيوض هن منهنجي ماءُ کي زوري چو ٿين زال طور قرض ۾ رکيو. اسانوٽ هن شاهوڪار جي رحم و ڪرم تي رهڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو به نه هو. امان جي شادي کانپوءِ به، اسان اُن سوڙهي ۽ ڦٽل گهر ۾ رهڻ تي مجبور هئاسين. هو منهنجي ماءُ کي هر مهيني فقط ٿورو ڪچو سيدو ڏيندو هو. جڏهن آءٌ هنکي بابا ڪوٺڻ کان انڪار ڪندو هئس، ته هو مونکي لتن ۽ مڪن سان ماريندو هو. منهنجي ماءُ هن ڏاڍي شخص کي ڊپ سبب ورندي نه ڏيندي هئي،۽ درد ۽ ڪرب وچان روئي ڏيندي هئي. مون ڏٺو ائين چوندي حامد جي اکين مان لڙڪ ڳڙي ڳلن تائين پهتا.
    “هن ظالم شخص ٻن ٻين ڇوڪرن جيڪي هن وٽ پگهار تي هئا، سان گڏ مونکي چوپايي مال جي چاڪري تي لڳائي ڇڏيو هو. هن وٽ تقريبن پنجاهه مينهون هيون. آءٌ جڏهن ٻارهن سالن جو ٿيس ته منهنجي ماءُ هن جي عذابن کان جند ڇڏائي وفات ڪري ويئي.“
    ”پوءِ؟“
    هو نسورو سچ ڳالهائي رهيو هو.
    ”امان جي مرڻ جي باوجود به هن منهنجي جند نه ڇڏي. هن مونکي حڪم ڪيو ته آءٌ ساڳيو ڪم ڪندو رهان. ۽ پوءِ هڪ ڀيري هي مرون مونکي سندس پنجويهه مينهون پئهانگ وڪڻڻ لاءِ گڏ وٺي هليو، ڇاڪاڻ جو ڪيلانٽن جي ڀيٽ ۾ اُتي مال جون قيمتون ٻيڻيون ٽيڻيون هيون. مون هن سان اُن سفر ۾ آخري ڀيرو ڪمپني ڪئي. مون هن ئي جڳهه تي هنجو خون ڪيو ۽ هنجي سر کي ڳترا ڳترا ڪري قيمو ڪيو. مون هنجو سڄو مال وڪڻي ڇڏيو ۽ جڏهن سڀ پئسه کپائي ورتم ته واپس ڪيلانٽن آيس. مون اُتي ماڻهن کي ٻڌايو ته اسانکي رستي ۾ ڌاڙيل ڦري آيا، جن اسانکا سڀ پئسه ڦري ورتا ۽ هنکي قتل ڪري ڇڏيو. ڪنهن کي به مونتي شڪ نه جاڳيو ته ڪو مون ئي هن کي قتل ڪيو هو.
    ۽ پوءِ پنهنجي پراڻي تجربي جي بنياد تي، آءٌ اُنهن ماڻهن جو جيڪي مال وڪڻڻ لاءِ نڪرندا هئا سونهون بنجي ويس. ڇاڪاڻ جو آءٌ اُنهن چند ماڻهن مان هئس، جيڪي هن جهنگل جي گسن گهيڙن ۽ پيچرن کان چڱي پر واقف هئا. رات جي وقت آءٌ هنن کي منجهائي ڄاڻي ٻجهي هتي وٺي ايندو هئس. ۽ جڏهن هو گهري ننڊ ۾ سمهي پوندا هئا ته، آءٌ هنن کي قتل ڪري ڇڏيندو هئس. ۽ پوءِ اُنهن جو مال وڪڻي پئسه کپائي ڇڏيندو هئس. مونکي منهنجي ڪهاڙي سان ڪيل شڪارن جو تعداد ياد ناهي. آءٌ اُنهن جا لاشا هن جبل جي پويان ان جڳهه تي اُڇلي ڇڏيندو هئس. هڪڙي دفعي مونکي پريشاني جو منهن به ڏسڻُ پيو. اهو هيئن جو منهنجو شڪار ڏاڍو برجستو ۽ طاقتور هو. مون هنجي گهري ننڊ پوڻ جو انتظار ڪيو، ۽ جڏهن هن کي گهري ننڊ وٺي ويئي ته مون ڪهاڙي سان مٿس حملو ڪيو. پر منهنجو نشانو گسي ويو ۽ هو سجاڳ ٿي پيو. هن ٽپو ڏيئي مونتي جوابي حملو ڪيو. انهي وٺ پڪڙ ۾ هن مونکي ٻه ڀيرا پڪڙي به ورتو، ۽ هي جو منهنجي پيشاني تي گهري زخم جو نشان آهي اهو هنجو رسايل آهي. پر آءٌ سنڀالي ويس ۽ هن کي ماري پنهنجي رڪارڊ ۾ واڌارو ڪيم.“
    هن گهڙي پل لاءِ ساهي پٽي ۽ وري ڳالهه کي اُتان جاري رکيو. ”سائين پر هي سارا واقعا ويهه سال اڳ جا آهن.“
    هن وڏو ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن جو پڇتاءُ تمام وڏو هو، ۽ اهو سندس گذريل انتقام جي بلڪل اُبتڙ هو.
    ”سائين ! آءٌ هاڻي پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ مون ڪافي زندگيون ۽ موت اکين سان ڏٺا آهن. شروع شروع ۾ مون هن سوئر کي ماريو ڇاڪاڻ جو مون هن کا سخت نفرت ٿي ڪئي، ۽ پوءِ مون ٻين کي به مارڻ شروع ڪيو، ڇاڪاڻ جو مونکي پئسن هٿ ڪرڻ جو اهو سڀ کان آسان طريقو سمجهه ۾ آيو.“
    هن وري اونهون ساهه کنيو. ”پر جيڪڏهن اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا ته اسان تي لازمي آهي ته ٻين کي به زندهه رهڻ ڏيون. سائين! توهان اڃان جوان آهيو ان سان ڪو فرق نٿو پوي ۽ مستقبل ۾ اوهانکي زندگي ڪيئن گهارڻي آهي يا ڇا ڪرڻو آهي. توهان کي اها ڳالهه ضرور سمجهه ۾ اچڻ کپي. پر هنر مند، پڙهيل ڳڙهيل ۽ مٿئين طبقي جا ماڻهو انهي نموني نٿا سوچين. پر اسان جهڙا ماڻهو جن زندگي جا انيڪ لاها چاڙها ڏٺا آهن، تن هي سکيو آهي ته جي اسين زندهه رهڻ چاهيون ٿا ته ٻين کي به زندهه رهڻ ڏيون.“
    اهي سڀ گفتا هڪ قاتل جي وات مان نڪري رهيا هئا. مونکي ڏاڍي حيرت ٿي. ڇا اهو هڪ خواب هو؟ پر نه. اها هڪ حقيقت هئي. جهڪي ٿيندڙ باهه جي پس منظر ۾ روحن جا پاڇولا ڦيرا ڏيئي رهيا هئا. هڪ دريائي ڦورو منهنجي سامهون ويٺو هو. اها سڀ حقيقت هئي نه ڪي خواب.
    آءٌ منجهي پيس. منهنجي سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو ته ڇا چوان. هنجي تڪليف تي مونکي رحم آيو ۽ هن لاءِ من ۾ همدردي جاڳي. پر آءٌ پنهنجو پاڻ کي يقين ڏياري نه سگهيس. منهنجو هٿ سڄو وقت ڪهاڙي تي رکيل هو ۽ آءٌ اُن کي ايترو مظبوطي سان جهليو ويٺو هئس جيترو جهلي سگهيس ٿي. آءٌ مايوسي ۽ پريشاني سبب ٿڪجي به ڏاڍو پيو هوس پر مونکي همٿ نه ٿي ته گهڙي کن لاءِ سمهي پوان. آءٌ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيس. منهنجي اکين آڏو هڏاون پڃرن جو جبل گهمي رهيو هو ۽ کوپڙيون موت جو رقص ڪري رهيون هيون. جيتوڻيڪ هڪ سرد ۽ پوسل واري جهنگل جي ان رات منهنجي دماغ کي نستو ڪري ڇڏيو هو، ته به هڪ عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خيال منهنجي ذهن ۾ اڀريو.
    ”ماڻهو جو وڏي ۾ وڏو دشمن ٻيو ڪير به نه پر هو پاڻ آهي. “
    ***


    قاتل مسيحا

    بن هئچٽ

    طبي ماهرن جي گڏجاڻين ۾ اڪثر طب سان لاڳاپيل معجزن جو ذڪر نڪرندو رهندو آهي، جيڪي انساني ذهن کي ڇرڪائي ڇڏين ٿا ۽ انسان خود حيرت زده رهجي وڃي ٿو.
    طب سان لاڳاپيل انهن عجيب گروپن مان اهڙو ئي هڪ گروپ نيويارڪ شهر جي نالي وارن ماهر ڊاڪٽرن تي ٻڌل هو، جيڪو ايڪس ڪلب جي نالي سان مشهور هو. گذريل ٽيهن سالن کان هر ٽين مهيني، انهي ڪلب جي ميمبرن جي گڏجاڻي والٽن هوٽل جي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ٿيندي آئي هئي، جنهن ۾ هو سج اُڀرندي تائين اڄاتل بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ، ڊگها بحث مباحثا ڪندي نظر ايندا هئا.
    ايڪس ڪلب جي هاڻوڪي گڏجاڻي جنهنجو هن ڪهاڻي سان تعلق آهي، هڪ طوفاني بارش واري رات جو ٿي رهي هئي. خراب موسم هئڻ جي باوجود چوڏهن ئي پراڻا ميمبر ميٽنگ ۾ موجود هئا. اڄوڪي گڏجاڻي ۾ هڪ نئين ڳالهه اها به هئي ته، ان گڏجاڻي ۾ ميمبري حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نئون ڊاڪٽر سيموئل وارنر به شامل هو، جنهن ننڍي عمر ۾ طب جي دنيا ۾ غير معمولي ذهانت ۽ قابليت سبب خوب نالو ڪمايو هو. ڊاڪٽر سيموئل وارنر کي اڃان ايڪس ڪلب جي ميمبر شپ جو شرف حاصل نه ٿيو هو. چوڏهن ميمبرن جن کيس ڪلب ۾ اچي پنهنجي ذهانت ظاهر ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي، اُهي سڀ جا سڀ پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ناليوارا ۽ مڃيل اسپيشلسٽ هئا. هن ڪلب جا اڌ کان مٿي ميمبر ڊاڪٽر وارنر جا حال حيات طب جا مشهور هيرو هئا.
    ناميارن ڊاڪٽرن سان ملڻ کانپوءِ ڊاڪٽر سيموئل وارنر هڪ ڪنڊ ۾ ٿي ويٺو، ۽ اشار ئي اشارن ۾ برانڊي جو پيگ وٺڻ کان ڪنڌ لوڏي ناڪار ڪئي. هن جو سينو تاڻيل هو ۽ هو ڪرسي ۾ ائين سيٽجي ويٺل هو، جنهن مان اهو قطعي محسوس ڪونه ٿي ٿيو ته ڪو هو ميٽنگ ۾ ويٺل هو. پرائين ٿي محسوس ٿيو ته، هنجي اڳيان ڄڻ ڪوجن يا ڀوت جو ظهور ٿيڻ وارو هو.
    رات جو ٺيڪ نائين وڳي نامياري ڊاڪٽر وليم ٽڪ ايڪس ڪلب جي ميٽنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو.”ڊاڪٽر سيموئل وارنر!“ هن مخاطب ٿيندي چيو، ”ايڪس ڪلب جي قيام جو مقصد مختصر لفظن ۾ فقط اهو آهي ته هر ميمبر هر ٽين مهيني هتي گڏ ٿي، ان عرصي دوران سندس هٿان ٿيل خونن جو کلي دل سان اقرار ڪري. منهنجو اشارو طبي خون ڏانهن آهي. کلي دل سان خون جو اقرار ڪرڻ سان، بيشڪ دل کي سڪون پهچي ٿو ۽ دل مطمئن ٿئي ٿي ته، اهو خون جيڪو ٿي چڪو اُن جو ڪارڻ جوش نه پر بيوقوفي يا نا سمجهي هئي. اسانجي زير بحث اُهي ڪيس آهن جن ۾ اڪثر ڊاڪٽر، غلط تشخيص يا غلط دوائن يا آپريشن جي غلط طريقه ڪار سبب مريض کي ماريو ڇڏي، جيڪو هونئن زندهه رهي سگهي ها ۽ پنهنجي طور زندگي گهاري سگهي ها.“
    ”مونکي خوشي آهي ته هي منهنجي پهرين ميٽنگ آهي.“ نئين ميمبر شپ حاصل ڪرڻ لاءِ آيل ڊاڪٽر سيموئل وارنر بي صبري مان چپ چوريا ۽ پوءِ وڏي سڏ ڳالهايو، ”پر آءٌ هڪ اهم ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    ”قتل بابت؟“
    ”ها“ ڊاڪٽر وارنر چيو.
    ”ڏاڍو سٺو!“ جهوني پروفيسر ڪنڌ لوڏيو. ”۽ اسانکي توکي ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي. پر اسانوٽ توکي ٻڌڻ کان اڳ ٻه قاتل ضمير جي ڪٽهڙي ۾ اچي پنهنجي روئداد ٻڌائيندا.“ ڪلب جي ميمبرن محسوس ڪيو ته نوجوان ڊاڪٽر جي دماغ تي ضرورت کان زياده خوف سوار هو ۽ ساڳئي وقت هنن کي پڪ هئي ته سيموئل وارنر پنهنجي پهرين ميٽنگ ۾ هڪ زبردست خوفناڪ ۽ روح کي گرمائيندڙ واقعي سميت موجود هو.
    نامياري نيورولاجسٽ ڊاڪٽر فلپ ڪرتيف وارنر جي ڪلهي تي هٿ رکندي خاموشي سان چيو. ”اسان سڀني کان غلطيون ٿيون آهن. بهرحال جيڪي ڪجهه به آهي، اُهو سڀني جي اڳيان آهي.“
    ”جيڪڏهن تون ڊاڪٽر سيموئل وارنر جو هٿ جهلي پاڻ کي مطمئن ڪرڻ چاهين ٿو ته، مهرباني ڪري ائين خاموشي سان ڪر ۽ اجايو وقت نه وڃائي.“
    پوڙهي پروفيسر ٽڪ ڊاڪٽر ڪرتيف کي تنبيهه ڪندي چيو، ”هي ڪو ضمير جي مجرمن جو شفاخانو ناهي. هي غلطين جي نشاندهين جي اسپتال آهي. اسان سڀني جو مقصد سائنسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آهي. اڄوڪي رات جو پهريون ڪيس.“ ڊاڪٽر ٽڪ ڳالهه کي جاري رکندي چيو ”ڊاڪٽر وينڊيل ڊئوس سڀني آڏو پيش ڪندو.“
    جيئن ئي پيٽ جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر اُٿي بيٺو ته ڪمري ۾ مڪمل خاموشي ٿي ويئي. “مونکي گذريل اونهاري ۾ دير سان هڪ گهر تي سڏايو ويو جيڪو هارويز نالي فٽر جو هو.“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”سينيٽر بيل علائقي جي غريب عوام لاءِ مفت کاڌي جو اهتمام ڪيو هو. کاڌو زهريلو ٿيڻ (Food Poisoning)سبب ٽيئي ٻارڙا بيمار ٿي پيا هئا. سينيٽر غلطي کي محسوس ڪندي ازالي طور مونکي اچڻ لاءِ عرض ڪيو. آءٌ جڏهن هارويز جي گهر پهتس ته مون ڏٺو ته ٻه ٻارڙا، جن جي عمر ترتيب وار نو ۽ يارهن سال هئي لڳاتار اُلٽيون ڪري رهيا هئا. سندن ماءُ مونکي ٻارڙن جي واپرايل زهريلي کاڌي جا تفصيل ٻڌايا. اها هڪ منجهيل صورتحال هئي. مون اُنهن لاءِ هيرڻ جو تيل (Caster Oil) تجويز ڪيو. ٽيون ٻارڙو جنهنجي عمر لڳ ڀڳ ست سال هئي ايترو بيمار نظر نٿي آيو، جيترو هو ٻيئي ٻارڙا هئا. هو ڪمزوري سبب هيڊو نظر اچي رهيو هو ۽ هلڪو بخار به هئس. هن کي آت ضرور آيا ٿي پر اُلٽيون ڪونه هئس. هن کي ڏسي آءٌ ان نتيجي تي پهتس ته مٿس زهريلي کاڌي جو گهٽ اثر ٿيو هو. احتياطن مون هن لاءِ به هيرڻ جي تيل جو ساڳيو وزن تجويز ڪيو.
    آڌي رات جو ٻارڙن جي پي اچانڪ در کڙڪايو ۽ ستن ورهين جي ٻارڙي جي تشويش ناڪ حالت جو ذڪر ڪيو. باقي ٻن ٻارن جي حالت ڪافي سڌري چڪي هئي. مون هن کي آٿت ڏيندي چيو ته پريشاني جي ڪا ڳالهه ناهي. ننڍڙي ٻارڙي کي وزن ڏيڻ ۾ دير سبب کاڌي جي زهر جو اثر اڃان باقي آهي، ۽ قوي اُميد آهي ته هو صبح تائين مڪمل صحتياب ٿي ويندو. مون وري به ٻارڙيءَ کي اونڌو ليٽائي چڪاس ڪيو ۽ اطمينان ٿيم ته، هن جي جسم ۾ ڦهليل زهريلي کاڌي جي اثر کي زائل ڪرڻ لاءِ مون صحيح دوا تجويز ڪئي هئي.
    ٻئي ڏينهن مون ڏٺو ته ٻئي وڏا ٻارڙا مڪمل ٺيڪ ٿي چڪا هئا پر ستن سالن جو ننڍڙو ٻارڙو صفا ڪمزور ۽ هيڊو ٿي چڪو هو. ٻارڙي کي 105 ڊگريون بخار هو ۽ هنجي جسم مان پاڻي خارج (Dehydration) ٿي وڃڻ سبب، هنجون اکيون سڪڙجي ويون هيون، نڪ ٻاهر نڪري آيو هو، چپ خشڪ ٿي ويا هئا ۽ چمڙي ليڙي ٿي ويئي هئي.“
    ڊاڪٽر ڊئوس گهڙي پل لاءِ خاموش ٿي ويو. ڦڦڙن جي بيماري جي نامياري ڊاڪٽر ملٽن مورس خاموشي کي ٽوڙيندي چيو ، ”۽ چند ڪلاڪن کانپوءِ ٻارڙو يقينن مري ويو هوندو؟“
    ڊاڪٽر ڊئوس ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. ”ٺيڪ آهي.“ ڊاڪٽر مورس سنجيدگي مان وراڻيو. ”جڏهن تو ننڍڙي ٻارڙي کي پهرئين ڀيري چڪاس ڪيو، تڏهن هن کي وڌيل آنڊي ۾ زخم (Appendicitis) هو. تنهنجي تجويز ڪيل هيرڻ جي تيل سبب وڌيل آنڊو(Appendix) ڦاٽي پيو. وري جڏهن تون ٻئي ڀيري ٻارڙي کي ڏسڻ وين ته اُن وقت هيرڻ جي تيل جي اثر سبب، پيٽ جي جهلي صحيح ٿي چڪي هئي ۽ زهريلي کاڌي جو اثر گهٽجي چڪو هو. تنهنڪري تنهنجو ڌيان ڪنهن ٻئي پاسي ڏانهن نه ويو ۽ تون پنهنجي تجويز ڪيل علاج تي مطمئن ٿي وئين.“
    ”ها“ ڊاڪٽر ڊئوس آهستي چيو، ”ها بلڪل ائين ئي ٿيو هو.“
    ”هيرڻ جي تيل (Castor Oil) سان خون!” پوڙهي پروفيسر ٽڪ ڀڻ ڀڻ ڪئي ”هاڻ ڊاڪٽر ڪنيٽ وڊ جو وارو آهي.“
    اسڪاٽ لينڊ جو تعليم يافته ناميارو سرجن اُٿي بيٺو. هن پنهنجي اسپتال جي ساٿي ڊاڪٽرن ۽ نئين ميمبر ڏانهن نهاريندي چيو، ”ڊاڪٽر وارنر تون ته ڄاڻين ٿو ته پتي جي تڪليف ڇا ٿيندي آهي؟ مون وٽ مريضياڻي کي رات جو دير سان آندو ويو. مريضياڻي کي پيٽ جي ساڄي پاسي مٿئين حصي ۾ سخت سور هو، جيڪو پٺن ۽ ساڄي ڪلهي تائين ڦهليل هو. اها پتي جي سور جي واضح علامت هئي. مون مريضياڻي کي سور ختم ڪرڻ جون دوائون لکي ڏنيون. پر صبح جو به سورجي ساڳي شدت مان، مونکي محسوس ٿيو ته ڪٿي پتو ڦاٽي نه پيو هجي. ان ڪري مون هنجو فوري آپريشن ڪيو. پر هنجو پتو بلڪل صحيح سلامت هو. ۽ هوءَ اُن جي باوجود به ڪلاڪ کن کانپوءِ مري ويئي.“
    ”پوسٽ مارٽم جي رپورٽ ڇا ٿي ظاهر ڪري؟“ ڊاڪٽر سئني پڇيو.
    ”ٿورڙو سوچڻ ڏي.“ ڊاڪٽر وڊ جواب ڏنو. ”تنهنجي خيال ۾ مرض جي شناخت ٿي سگهي ٿي؟“
    ڇا تو مريضياڻيءَ کان مرض بابت تفصيلي ڄاڻ (History) ورتي هئي؟“ ڪرتيف گهڙي رکي ڳالهايو.
    ”نه.“ وڊ جواب ڏنو. ”اُن وقت ايمرجنسي سبب مريضياڻي کان تفصيل وٺڻ ممڪن نه هو.“
    ”آهه“ ٽڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو. ”ته تو انڌي اعتمادي جيان عمل ڪيو.“ هن ڪلب جي ڊاڪٽرن ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو، ”ڊاڪٽر وڊ هٿان عورت جو خون انهي ڪري ٿيو جو هو سور جو ڪارڻ سمجهي نه سگهيو. پتي جي سور کانسواءِ ٻيو سور جو ڪهڙو ڪارڻ ٿي سگهيو ٿي، جيڪو اسانجو ناميارو ڊاڪٽر ڄاڻي نه سگهيو؟“
    ”دل“ڊاڪٽر مورس جلدي مان وراڻيو، ”تون صحيح رخ ۾ سوچي رهيو آهين.“ ووڊ وراڻيو.
    ”مريضياڻي جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ٻڌائي ٿي ته هن جو، ساڄي ڪورونري شرياني جي هيٺئين حصي ۾ رت بلاڪ ٿيڻ سبب موت واقع ٿيو.“
    ”سورجي صحيح نشاندهي نه ٿيڻ سبب موت!“ پوڙهي ٽڪ ڪاوڙ مان چيو. ”محترم دوستو! اسان اڃان تائين انهن ٻاراڻين حرڪتن سبب ٿيل ڏوهن مان ڪجهه به پرايو ناهي، سواءِ انهي جي ته سائنس ۽ بيوقوفي ٻئي پاڻ ۾ هٿ سان هٿ ملائي گڏ هلي رهيون آهن. جڏهن ته اسانوٽ ميڊيڪل سائنس جي ڪافي جديد ڄاڻ موجود آهي. آءٌ وثوق سان چئي سگهانٿو ته، جيڪڏهن هو اهو خون ڪري ها، ته يقينن هنجي ڪا شاگردياڻي قسمت کي ئي جوابدار ٺهرائي ها. جڏهن ته اسانجو هي ڊاڪٽر اصل مجرم جيان ويٺو آهي، ۽ پگهر هن جي پيشاني تان ٽمي رهيو آهي ۽ اُهو سڀ ڪجهه بنا هٻڪ جي ٻڌائڻ چاهي پيو ته،جيئن هنجي من کي آٿت ملي. معزز ڊاڪٽرو! هاڻ اوهانجي اڳيان هڪ نوجوان مجرم ڊاڪٽر سيموئل وارنر کي پيش ڪريان ٿو.“
    ڊاڪٽر وارنر پنهنجي ڳچي رومال سان اُگهي.”منهنجو مريض هڪ سترهن سالن جو ڳڀرو نوجوان هو. هو با صلاحيت ۽ متاثر ڪندڙ خوبين سان گڏ هڪ ڀلوڙ شاعر پڻ هو. مونکي سڏڻ کان هو ٻه هفتا اڳي بيمار ٿيو هو. مون هنجي تشويش ناڪ حالت ڏسي هنکي فوري اسپتال منتقل ڪرڻ تجويز ڪيو. هنجي بيماري جي شروعات پيٽ جي کاٻي پاسي کان شديد قسم جي سور سان ٿي هئي. هن مونکي پهرين گهرائڻ جو سوچيو. پر جيئن ته هن جو سور ٽن ڏينهن اندر ختم ٿي چڪو هو ۽ هو پاڻ کي مڪمل فٽ فاٽ محسوس ڪرڻ لڳو هو، تنهنڪري هن مونکي گهرائڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. پر هو گذريل ٻن ڏينهن کان شديد بخار ۾ وٺجي چڪو هو. ۽ هو جڏهن مون وٽ آيو ته هن کي ڪافي جلاب پڻ هئا، جنهن ۾ رت ۽ پونءَ شامل هو. هنجي رپورٽن مان ظاهر هو ته هنکي پيٽ ۾ جيوڙا به نه هئا. رپورٽ جي آڌارتي مون هن لاءِ السر تجويز ڪيو. ۽ ها، نه ته رپورٽ مان ۽ نه ئي مرض جي بيماري جي علامتن مان وڌيل آنڊي جي زخم (Appendicitis) جو گمان ٿيو ٿي. علاج جي باوجود مريض پوئتي پوڻ لڳو. هن کي آنڊي ۾ سوڄ وڌڻ لڳي. ٻن هفتن جي نهايت محتاط علاج جي باوجود مريض دم ڏيئي ڇڏيو.“
    ”۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ يقينن پتو پيو هوندو ته تو مريض لاءِ غلط علاج تجويز ڪيو؟“ ڊاڪٽر وڊ پڇيو.
    ”مون مردي جو پوسٽ مارٽم نه ڪيو. ڇاڪاڻ جو نوجوان جي والدين جو مون ۾ ڪامل يقين هو، ۽ نوجوان جو مون ۾ پڻ اوتروئي اعتماد هو. اُنهن سڀني کي خاطري هئي ته آءٌ هنجي زندگي بچائڻ لاءِ هرڪا ڪوشش وٺي رهيو هئس.“
    ”ته پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين ته تون پنهنجي علاج ۾ غلط هوئين؟“ ڊاڪٽر هيوم سوال ڪيو.
    ”حقيقت هي آهي ته،“ وارنر جو چهرو غصي مان ڳاڙهو ٿي ويو. ”مريض بجاءِ چڱو ڀلو ٿيڻ جي مري ويو. مون غلط تشخيص سبب هنکي ماري ڇڏيو.“
    ”اهو ته ان جو منطقي جواب ٿيو.“ ڊاڪٽر سئني چيو.
    “ٺيڪ آهي معزز ڊاڪٽرو!” پوڙهي ٽڪ لرزندڙ آواز ۾ چيو. ”اسانجو با صلاحيت ڊاڪٽر جيڪو عظيم شاعر جيان تهذيب يافته آهي پنهنجي تشخيص ڪيل علاج تي لڳايل الزام جي تهه تائين پهچي چڪو هوندو.“
    ڪنهن به نه ڳالهايو سرجن جي پريشاني کين سوچڻ تي مجبور ڪيو.
    ”ته مري ويل شاعر جي قصي ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور غلطي ٿي آهي، ۽ ڪا ڳالهه اهڙي آهي جنهن تي اڃان غور ناهي ڪيو ويو.سڀئي ڊاڪٽر مسئلي جي تهه تائين پهچڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ لڳا.
    ”گهڻو اڳي مريض وفات ڪئي؟“ ڊاڪٽر روسن پڇيو.
    ”گذريل اربع تي.“ وارنر جواب ڏيندي سوال ڪيو ”ڇو؟“
    “تنهنجي چوڻ جي مطابق نوجوان جي مائٽن جو تو ۾ مڪمل ڀروسو هو.“ ڪرتيف چيو. ”پوءِ ڀلا تون ڪهڙي ڳالهه کان پريشان هوئين؟ ڇا پوليس جي ڪا انڪوائري هلي رهي هئي؟“
    ”نه“ وارنر چيو “جيتوڻيڪ مونکان گناهه ٿيو هو پر ٻڌو!“ هو مسلسل ڳالهائيندو رهيو. ”پر جي توهين چاهيو ته به منهنجي علاج کي غلط ثابت نٿا ڪري سگهو.“
    هنجي ڪيل دعويٰ سڀني ميمبرن کي چڙ ڏياري.
    ”علاج ۾ ڪٿي نه ڪٿي غلطي ضرور ٿي آهي.“ وڊ وارنر ڏي نهاريندي آهستي چيو.
    ”فقط هڪڙي ئي غلطي.“ وارنر تڪڙ ۾ چيو. ”۽ اُها آهي ڪيس جو منجهيل هئڻ. محترم ڊاڪٽرو! توهان صاف دلي سان هڪ سادي سودي ڏوهه کي فوري طور تي قبولي وٺو ٿا، جيئن مونکي اڄوڪي رات جي ڪيسن ٻڌڻ مان محسوس ٿيو آهي.“
    ڊاڪٽر سئني نرمي مان چيو. ”ڊاڪٽر وارنر جو ڪيس تشخيص تي گهٽ تحقيق جو، هڪ بهترين مثال چئي سگهجي ٿو. هن جيڪي اهڃاڻ بيان ڪيا آهن اُن مان بيماري جا گهڻا ئي ڪارڻ ڪڍي سگهجن ٿا.“
    وارنر کي ڄڻ جهٽڪو لڳو. ”ڇاتون پنهنجي بي عزتي جي پويان ٿورڙو سائنس کي به ذميوار سمجهين ٿو؟“ هن سوال ڪيو.
    ”تو پيٽ جي سوڄ کي بيماري جو ڪل ڪارڻ ڪري ورتو. “ڊاڪٽر ڊئوس چيو. ”جڏهن ته تنهنجو ڌيان پيٽ جي جهلي ڏانهن به وڃڻ گهربو هو.“
    ”۽ السر کان سواءِ زخم ٿيڻ جي ٻين سببن ڏانهن پڻ توکي سوچڻ گهربو هو.“ سئني ڊاڪٽر ڊئوس جي ڳالهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو.
    ڊاڪٽر وارنر پنهنجو منهن آلي رومال سان اُگهيو ۽ نرمائي مان اقرار ڪندي چيو ”منهنجو ڌيان زخم ٿيڻ جي ٻئي ڪنهن ڪارڻ ڏانهن قطعي ڪونه ويو.“
    “”توکي اُنتي سوچڻ گهربو هو.“ ڪرتيف مرڪيو.
    ”ذرا سوچيو.“ پوڙهي ٽڪ اڌ مان ڳالهه ڪٽي. ”هيڏانهن هوڏانهن نه ڀٽڪو. سوچيو ته زخم ڇو پيدا ٿيو؟“
    ”مريض سترهن سالن جو کائيندڙ پيئندڙ نوجوان هو. هو يقينن گوشت کائيندڙ هوندو.“ ڪرتيف پنهنجي راءِ ظاهر ڪئي.
    ”منهنجو اندازو آهي ته مرغي جو ڪنڊو کاڌي جي نلي ۾ اٽڪي پوي ٿو ۽ معدي تائين نٿو پهچي سگهي.” ڊاڪٽر وڊ چيو.
    ”وارنر اصل ۾ اهو نڪتو اهم آهي.“ پوڙهي تڪ چيو. ”اسان ڳالهه جي تهه تائين تقريبن پهچي چڪا آهيون. ڦهلجندڙ سوڄ مان مراد هئي ته زخم وڌي رهيو هو. بيماري ۾ ورتل دوائن مان ظاهر ٿئي ٿو ته، اهو زخم السرجي ڪري نه هو، ڇو جو دوائن ڪو به اثر نه ڏيکاريو. ان قسم جي سوڄ لاءِ هاڻ چئي سگهجي ٿو ته، مريض ڪا شيءِ ڳڙڪائي هئي. اسان هيلتائين ڳڙڪايل ٽاچنين ۽ ڪڪڙ جي هڏين جا ڪئين آپريشن ڪيا آهن. پر هن ڪيس ۾ ٻئي پاسي ڏانهن به ڌيان وڃي ٿو.“
    ”مڇي جو ڪنڊو.“ ڊاڪٽر سئني چيو.
    ”بيشڪ.“ ٽڪ تائيد ڪئي.
    ڊاڪٽر سيموئل وارنر صحيح تشخيص جي ڄاڻ پوندي فوري طور تي پريشاني جي عالم مان اُٿي بيٺو. ٽڪ ڊاڪٽرن جي گڏيل فيصلي جو اعلان ڪرڻ شروع ڪيو.
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته اسين سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته ڊاڪٽر وارنر پنهنجي مريض کي السر جون دوائون ڏيئي اُن جو خون ڪيو. جڏهن ته هو مڇي جي ڪنڊي سبب پيدا ٿيل زخم جو آپريشن ڪري، نوجوان شاعر جي حياتي بچائي سگهيو ٿي.“
    ڊاڪٽر سيموئيل وارنر اُن ڪمري ڏانهن تيزي سان ڊوڙيو جتي هنجو ڪوٽ ۽ ٽوپلو ٽنگيل هو.
    ”تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“
    ڊاڪٽر وڊ هن کي پٺيان کان سڏ ڪندي چيو. ”جڏهن ته اسانجي ميٽنگ اڃان جاري آهي.“
    ”مون وٽ ايترو وقت ناهي.“ وارنر ڪوٽ پائيندي چيو. ”توهان ڪيس جي صحيح ڇنڊ ڇاڻ ڪري چڪا آهيو. حقيقت اها آهي ته منهنجو مريض اڃا زندهه آهي. آءٌ گذريل ٻن هفتن کان هنجو السر جو علاج ڪري رهيو هوس، ۽ اڄ منجهند جو ان نتيجي تي پهتو هئس ته مون مرض جي غلط تشخيص ڪئي هئي. ۽ مون کي پڪ هئي ته جي هن جي مرض جي صحيح تشخيص نه ٿي ته، هو ايندڙ چويهه ڪلاڪن ۾مري سگهيو ٿي. آءٌ توهان سڀني جو مرض جي تهه تائين پهچڻ ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ تي شڪر گذار آهيان، جو اُن سان مونکي منهنجي مريض جي حياتي بچائڻ ۾ مدد ملندي.“
    اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ايڪس ڪلب جا سڀ ميمبر سينٽ مائيڪل اسپتال ۾ وارنر کي آپريشن جي تياري ڪندي ڏسي رهيا هئا. ڪنهن به نه ڳالهايو. نرس سرجن جي هٿن ۾ آپريشن جا اوزار ڏيندي رهي. هن جا هٿ رت سان ڀريل هئا.
    طب جي دنيا جي چوڏهن ناليوارن ڊاڪٽرن جون آسونديون اکيون نوجوان شاعر تي کتل هيون، جنهنکي مڇي جو ڪنڊو اٽڪي پيو هو. نه ڪوئي بادشاهه ۽ نه ئي ڪو پوپ هنجي ساهه کي واپس ورائي سگهيو ٿي. پر اهو ڪم جي ڪير ڪري سگهيو ٿي ته فقط هڪ ڊاڪٽر ئي ڪري سگهيو ٿي.
    اوچتو آپريشن ڪندڙ سرجن جي هٿن ۾ ڪا شيءِ ظاهر ٿي.
    ”هن کي صاف ڪر.“ هن نرس کي آهستي چيو،”۽ معزز ڊاڪٽرن کي ڏيکار!“
    پوڙهو ٽڪ اڳتي وڌيو ۽ نرس جي هٿن ۾ نهاريندي چيو.
    ”مڇي جو ڪنڊو.“
    ايڪس ڪلب جا ميمبر اُن جي چوگرد ائين مڙي ويا ڄڻ اُنهن کي ڪو بي بها خزانو هٿ آيو هجي. ٽن هفتن کانپوءِ نوجوان شاعر مڪمل صحتيابي ماڻي، هڪ ڀيرو وري پنهنجي ڀرپور جواني ۽ امر شاعري سان هن رنگين ۽ خوبصورت دنيا ۾ سدا بهار ٽهڪن سميت واپس موٽي آيو.
    ***


    زينچي جونڪ

    اڪوتگاوا

    اڪينو شهر ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو، جنهن زينچي نيگو جي نڪ بابت نه ٻڌو هجي. پنجن کان ڇهن انچن تائين ڊگهو نڪ جيڪو شروع کان آخر تائين هڪجهڙو ٿلهو هو، چپ جي مٿئين حصي کان کاڏي تائين پيو لڙڪندو هو.
    گذريل پنجاهه سالن کان انهي نڪ جي موجودگي، هنجي لاءِ تڪليف ۽ پريشاني جو ڪارڻ بڻيل هئي. هڪ سچي دنيا تياڳي جي حيثيت ۾ هو جواني جي ڏينهن کان وٺي هن ڏينهن تائين ڪليسيا سان واڳيل هو. هو خانقاهه ۾ ايندڙ ماڻهن ۾ پنهنجي ڊگهي نڪ بابت جيڪو هنجي لاءِ پريشاني جو ڪارڻ بنيل هو، ڪڏهن به ذڪر ڪونه ڪندو هو. هڪ پادري جي حيثيت ۾، جنهن جو پيشو ماڻهن جي نظر ۾ مقدس هجي ۽ جنهنجي ذمي ڀرپور جذبي ۽ چاهه سان جنت جي عجائبن جي ساراهه ڪرڻ هجي، پوءِ ڀلا اهڙي ماڻهو لاءِ ڪيئن مناسب هو ته، هو پنهنجي ڊگهي نڪ سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين جو انهن ۾ ذڪر ڪري پنهنجي حيثيت گهٽائي. اصل ۾ هن سمجهيو ٿي ته هو ماڻهن کي عبادت ۽ جنت جي عجائبن جي ساراهه ۾ مشغول رکي، کين پنهنجي نڪ بابت سوچڻ کان پري رکي سگهيو ٿي. بظاهر هن ان عمل ۾ فخر محسوس ڪيو ٿي، پر اصل ۾ هن کي اندر ئي اندر ۾ اهو ڊپ ويٺل هو ته ڪٿي معمول جي گفتگو ۾ هنکي ماڻهن کان پنهنجي نڪ بابت ٻڌڻو نه پئجي وڃي.
    هنجو نڪ بيشڪ هڪ ناقابل برداشت عذاب هو. اول ته هو پنهنجو پاڻ کاڌو کائي نٿي سگهيو. جيڪڏهن هن ڪوشش به ڪئي ٿي ته هنجي نڪ جو ڇيڙو چانورن جي پيالي ۾ ٻڏڻ لڳو ٿي. اهو ئي سبب هو جو ماني کائڻ وقت هنکي پنهنجو هڪ چيلو سامهون ويهارڻو پئجي ٿي ويو، جيڪو هنجي نڪ جي ڇيڙي کي ٻه فٽ ڊگهي ۽ هڪ انچ ويڪري لٺ سان پري هٽائي رکندو هو، جيئن اهو پيالي ۾ ٻڏي نه پوي. ماني کائڻ جو اهو طريقو ظاهر آهي ته هڪ پادري لاءِ قطعي مناسب نه هو، جنهن جو نڪ ڪو ٻيو ماڻهو جهلي.
    هڪ ڀيري هڪ خدمتگار جيڪو چيلي جي جڳهه تي ڪم ڪري رهيو هو، اُن کان هنجو نڪ ڇڏائجي ويو ۽ وڃي پيالي ۾ ڪريو. انهي واقعي تي خانقاهه ۾ ڪائٽو جي مسئلي جيان ڪافي غور ويچار ٿيو. جيتوڻيڪ هن عملي طور اُن کي ڊگهي نڪ جي ڪارڻ طور قبول ڪري ورتو، پر اُن سان هنجي شهرت تي جيڪي ڇنڊا پيا اُهي مٽجڻ جوڳا نه هئا.
    اڪينو شهر جا رهواسي اڪثر چوندي ٻڌبا هئا ته، اها پادري جي خوشنصيبي هئي جو هو سنساري ماڻهو نه هو. نت يقينن ڪا به عورت اهڙي شخص جي زال بنجڻ لاءِ قطعي تيار نه ٿئي ها، جنهنجو نڪ ايترو ڊگهو هجي. ڪي ماڻهو ته ايتريقدر چوڻ ۾ اڳتي وڌي ويا ته شايد ڊگهي نڪ جي ئي ڪري،هو مقدس احڪامات حاصل ڪري نه سگهيو هو.
    هن ڄاتو ٿي ته هنجو مقدس پيشو، هن جي نڪ جي عذاب کان ڇوٽڪاري لاءِ ڪا به پناهه گاهه يا سهارو نه ٿي سگهيو هو. شادي يا ٻين تقريبن ۾ هنکي ماڻهن واتان تعريف جا ڪلمات ٻڌڻ جو گهٽ موقعو نصيب ٿيندو هو، جنهن سان هنجو ڳاٽ اوچو ٿئي. هنجو فقط هڪڙوئي مقصد هو ته، ڪنهن به طريقي سان پنهنجي رتبي تي پهتل زخمن کي ڇٽائي ۽ پنهنجي شان جي ديوار کي پهتل نقصان جي مرمت ڪري.
    هن هرڪا ڪوشش ڪئي ته هنجو نڪ ڪيئن به ڪري اصل کان ننڍو نظر اچي. جڏهن ڪو به نه هوندو هو ته هو پنهنجي نڪ کي مختلف زاوين کان ڏسندو هو، ۽ اُنجي بار کي گهٽائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو هو. هو نه فقط نڪ کي مختلف زاوين سان ڏسندو هو بلڪه ڳل ۽ کاڏي کي آڱر سان دٻائي انتهائي صبر سان آئيني ۾ نڪ جو جائزو وٺندو هو. پر ائين ڪندي به هو ڪڏهن پاڻ کي مطمئن نه ڪري سگهيو ته ڪو هنجو نڪ ننڍو هو. بلڪه هو جيئن ئي اُنجو گهرو مشاهدو ڪندو هو، هنکي پنهنجو نڪ اڃان به ڊگهو باسندو هو. اهڙن موقعن تي هو آئيني کي واپس پيتي ۾ بند ڪندو هو ۽ ٿڌا ساهه کڻندو نهايت اُداسي مان عبادت گاهه ڏي ويندو هو ۽ ٻاجهه جي ديوي جا ڀڄن ڳائيندو هو.
    هن ٻين ماڻهن جي نڪن جو بغور مشاهدو ڪيو. اڪينو جي عبادتگاهه ۾ تمام گهڻن ماڻهن جو اچڻ وڃڻ رهندو هو. هتي ٻڌ ڌرم بابت وڏا ميڙاڪا ٿيندا هئا ۽ ٻاهران ايندڙ پادرين جي رهائش ۽ اُنهن جي خطبن لاءِ جوڳو انتظام ڪيو ويندو هو. خانقاهه سان لڳ غفائون هيون، جنجي غسل خانن ۾ هر وقت گرم پاڻي جو انتظام هوندو هو. خانقاهه ۾ ايندڙ زيارتين ۽ پادرين جون نظرون سدائين اُن ماڻهو جي تلاش ۾ گهمنديون هيون، جنهن کي هڪ ڊگهو ۽ يڪسان ٿلهو نڪ هو. ائين ڪندي هو پاڻ تان بوجهه هلڪو محسوس ڪندا هئا، ۽ دلي طور ڏاڍو سڪون محسوس ڪندا هئا، ته ڪم از ڪم هو اُن عذاب کان آجا هئا. زينچي هنن کي نهايت غور مان جانچيندو هو. هنجو ڌيان زيارتين جي ريشمي پوشاڪن، سڻي مان ٺهيل ڪپڙن ۽ پادرين جي گيڙو ٽوپين ڏانهن قطعي ڪونه ويندو هو. پر هنجي اکين کي جنهن شيءِ ٽڪ ٻڌي نهارڻ تي مجبور ڪيو ٿي اُهي اُنهن جون پوشاڪون نه پر اُنهن جا نڪ هئا. هن جي مشاهدي ۾ ڪنڊي وانگر وريل نڪ پڻ آيا، پر اُنهن سڀني نڪن ۾ ڪو به هنجي نڪ جيان عجيب و غريب نه هو. هنجي هر نئين مشاهدي ۽ کوجنا هن کي گهگهه اونداهي ۾ لامحدود مايوسي ۾ مُبتلا ڪيو ٿي.
    ٻين سان گفتگو جي دوران غير شعوري طور تي هن پنهنجي لڏندڙ ۽ لمندڙ نڪ کي آڱرين جي وچ ۾ آندو ٿي، ۽ پوءِ جلدئي اُن حرڪت تي ندامت محسوس ڪندي شرم ۾ وٺجي ويو ٿي. هنجي بدنصيبي هن کي نا اُميدي جي حد تائين پهچائي ڇڏيو هو.
    ان نا اُميدي جي عمل ۾ پاڻ کي آٿت ڏيڻ ۽ مطمئن ڪرڻ لاءِ هن پاڻ جهڙي نڪ کي ٻڌ ڌرم جي مقدس ڪتابن ۾ ڳولي لهڻ لاءِ تمام گهڻو مطالعو ڪيو، پر اُنهن ۾ ڪٿي به اهڙي ڊگهي نڪ بابت ذڪر ڪونه هو. ”ڪيترو نه سڪون ۽ آٿت بخشيندڙ عمل ٿئي ها، جيڪڏهن ڪتابن ۾ هن کي گهڙي پل لاءِ ئي نظر اچي ها ته، غيبي قوت رکندڙ ميولن يا ذهانت جي ڪري مشهور شاليهسن کي هڪ ڊگهو ۽ يڪسان ٿلهو نڪ هو.“
    هن کي مطالعي مان معلوم ٿيو ته ٽين عيسوي صدي ۾ ٿي گذرندڙ مشهور بادشاهه ليو هسن کي تمام ڊگها ڪن هوندا هئا. گهڙي پل لاءِ هن سوچيو، ”ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها جي هنکي ڊگهن ڪنن جي بجاءِ هڪ ڊگهو نڪ هجي ها.“
    اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته، هن پاڻ کي ذهني سڪون پهچائڻ لاءِ ڪئين ڪوششون ڪيون ۽ نسخا آزمايا ته جيئن هو پنهنجي نڪ کي ننڍو ڪري سگهي. هڪ ڀيري هن نانگ سونگيل ڪدو جو ڪاڙهو پيتو ۽ ٻئي ڀيري هن ڪوئي جي پيشاب ۾ نڪ کي ڌوتو. پر ايترين حقارت آميز تڪليفن جي باوجود به، هنجو پنجن کان ڇهن انچن تائين هم چورس ڦهليل ڊگهو نڪ هنجي چپن جي هيٺان پيو لڙڪندو هو.
    خزان جي هڪڙي ڏينهن هنجو هڪڙو چيلو، پنهنجي مالڪ جي ڪم ڪار سان ڪيوٽا ڏانهن سفر تي اُسهيو ۽ هنجي اڪينو موٽڻ کان اڳ هنجي واقف ڪار طبيب، هن کي نڪ کي گهٽائي ننڍي ڪرڻ جا عجيب ۽ حيرت ۾ وجهندڙ راز ٻڌايا. اهو طبيب جيڪو جپان کان چين آيل هو، اُن وقت جي مشهور خانقاهه جوراڪو سان لاڳاپيل پروهت هو.
    زينچي بظاهر بيپرواهي اختيار ڪندي علاج جي تڪڙي شروع ٿيڻ کان ان بهاني لنوايو ٿي ته، هن کي فقط ماني کائڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي، پر هو دل ئي دل ۾ پنهنجي چيلي کي ريجهائڻ لڳو هو ته جيئن هو علاج ۾ دير نه ڪري. چيلي به پنهنجي مالڪ جي منصوبي کي ناڪام ڏسڻ نٿي چاهيو. ۽ نيٺ هڪ ڏينهن علاج شروع ٿيو.
    فارمولا تمام مختصر هئي. نڪ کي پهرين گرم پاڻي ۾ ٽهڪائڻو هو ۽ پوءِ اُنتي وزن دار لت رکي زور ڏيئي چپڻو هو.
    خانقاهه جي غسل خانن ۾ جيئن ته پاڻي روزانه گرم ٿيندو هو. انهي ڪري چيلي کي پاڻي جي انتظام ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه ٿي، ۽ هو جهٽ ڏيئي ڪڙائي ۾ گرم پاڻي کڻي آيو. پاڻي ايترو گرم هو جو ڪير اُن ۾ آڱر وجهڻ جي به همٿ ساري نٿي سگهيو. اهو ڊپ هو ته ڪٿي زينچي جو چهرو ٻاڦ جي ڪري رجي نه وڃي. تنهنڪري ڪڙائي مٿان ڪاٺ جو ڍڪ ٺاهي رکيو ويو ۽ اُن مان هڪڙو سوراخ ڪيو ويو، جيئن هنجو نڪ آساني سان اُن سوراخ مان اندر پاڻي ۾ داخل ٿي سگهي. نسخي مطابق جيترو نڪ ٽهڪندڙ پاڻي ۾ اندر وڃڻو هو اوتروئي علاج ۾ فائدو ٿيئڻو هو.
    “”عاليجناب جي خيريت هجي.“ چيلي ٿوري دير رکندي چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو ته اهو هاڻ ڪافي ٽهڪي چڪو آهي.“
    سرڪاري پادري زينچي بيجا مرڪندي سوچڻ لڳو ته جنهن به هي لفظ ٻڌا هوندا، اُن جو ڌيان قطعي ان ڳالهه ڏانهن نه ويو هوندو ته ڪو، انهن لفظن جو تعلق نڪ گهٽائڻ جي علاج سان هوندو.
    گرم پاڻي ۾ ٽهڪڻ سبب هنجو نڪ ائين خارش ڪرڻ لڳو ڄڻ هن کي مڇرن چڪ پاتا هجن.
    جڏهن نڪ کي سوراخ مان آجو ڪري ڍڪ مٿي رکيو ويو ته چيلي اُن ٻاڦيل نڪ تي ٻنهي پيرن سان چڙهي جسم جو پورو زور لڳائي دٻايو. زينچي جيڪو ڀر۾ ليٽيو پيو هو، ۽ جنهنجو نڪ ڪاٺ جي ڍڪڻ تي وڇايل هو خاموشي سان پنهنجي چيلي جي ٽنگن کي هيٺ مٿي حرڪت ڪندي ڏسندو رهيو.
    ”ڇا تڪليف ٿي ٿئي عاليجناب؟“ چيلي پنهنجي پادري جي مرجهايل چهري کي ڏسي رکي رکي پڇڻ لڳو، ”طبيب مونکي چيو هو ته نڪ کي زور سان دٻائي رکجانءِ ڇا سور گهڻو ٿو ٿئي؟“
    زينچي شعوري طور ظاهر ڪرڻ لاءِ ته هنکي تڪليف ڪونه ٿي ٿئي، پنهنجو ڪنڌ لوڏڻ چاهيو پر هو ائين ڪري نه سگهيو، ڇاڪاڻ جو هن جو نڪ بري طرح دٻايل هو. هن پنهنجون اکيون اهڙي طريقي سان گهمايون، جنهن مان ظاهر ٿيو ٿي ته هن کي اندر جو اندر ۾ ڏاڍي تڪليف هئي ۽ غصو پڻ. پر جلدئي پنهنجي چيلي تي نظرون مرڪوز ڪندي هن وراڻيو ”نه تڪليف ڪونه ٿي ٿئي.“ هن پنهنجي چيلي کي ته بظاهر اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو علاج مان ڏاڍو سڪون محسوس ڪري رهيو هو، پر هن جو ڦوڦو ٿيل نڪ سخت خارش سبب جيڪا پيڙا کيس ڏيئي رهيو هو اُنجو فقط هنکي ئي احساس هو.
    هن جي نڪ جو اهڙي طريقي سان علاج ڪجهه عرصي تائين جاري رهيو. جڏهن به هنجي چهري تي ڦلڻا ظاهر ٿيا ٿي، ته هنجي چيلي پنهنجي منهن ڳالهايو ٿي، ”مونکي طبيب ٻڌايو هو ته ڦلڻن کي اوني ڪپڙي سان پٽي وٺجانءِ، ائين ڪرڻ سان جلدي فائدو ٿيندو.“
    نڪ پڪل ڪڪڙ جيان نظر آيو ٿي. هنجون ڳلون ڦوڪجي آيون هيون. جيتوڻيڪ هنکي ڪافي تڪليف ٿي رهي هئي، پر پوءِ به انکي برداشت ڪندي هن چيلي کي هدايت ڪئي ته هو علاج کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جاري رکي، ته جيئن سندس نڪ عام ماڻهن جي نڪ جيان ڏيکائي ڏي. اها هڪ کليل حقيقت هئي ته پادري پنهنجي چيلي جي شفقت ڀرئي رويي ۽ خدمت سبب ڪڇي نٿي سگهيو. پر اصل ۾ هن نٿي چاهيو ته هنجي نڪ کي ڪنهن بي جان مادي جيان ورتو وڃي، يا هڪ اهڙي مريض جيان جنهنجو اُن سرجن جي هٿن ۾ آپريشن ٿي رهيو هجي، جنهن تي هو اکيون پوري اعتماد ڪري نٿي سگهيو. زينچي نهايت پيڙا مان پنهنجي چيلي کي نڪ ۾ ٿيل سوراخن مان ڏٺو. نڪ سڪڙجي چڪو هو. علاج ختم ٿيو ۽ چيلي پاڻ کي هلڪو محسوس ڪندي چيو ”عاليجناب! توهانجو شان سلامت رهي. هاڻ فقط هڪ دفعو نڪ کي ٽهڪائڻو پوندو ۽ پوءِ اُهو صحيح نظر ايندو.“
    زينچي ڀرون ۾ گهنڊ وجهي اُن علاج جي اجازت ڏني، جنهن هن کي هيڏي ساري پيڙا ۾ وڌو هو.
    جڏهن هن جو نڪ ٻئي ڀيري ڪڙائي مان ڪڍيو ويو ته اهو ڏسي حيرت ٿي ته، اُهو توقع جي حد کان ننڍو ٿي چڪو هو ۽ اهو هڪ عام گهنڊيدار نڪ کان قطعي مختلف نه هو. پنهنجي ننڍي ٿيل نڪ تي هٿ ڦيرائيندي هن حجاب ۽ عجيب عالم جي پريشاني مان آئيني ۾ جهانڪي ڏٺو، جيڪو هنجو چيلو هن لاءِ جهلي بيٺو هو.
    هنجو اصلي نڪ جيڪو کاڏي کان هيٺ پيو لڙڪندو هو اُن جو ان حد تائين گهٽجڻ ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه هو، ۽ اهو هاڻي هنجي مٿين چپ کان هيٺ لڙڪيل ڪونه هو. ۽ هاڻي اُهو سندس اصل نڪ هن لاءِ صرف هڪ ياد بنجي رهجي ويو هو. ڳاڙهيون ڦرڙيون جيڪي نڪ تي ظاهر هيون، اُهي زور سان دٻائڻ ۽ رهڙن سبب آيل هيون.
    ”هاڻ مونتي ڪير به نه کلي سگهندو.“ پادري پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ۽ آئيني ۾ نهاريو. پنهنجي چهري جي موٽندڙ عڪس کي پسي هن پنهنجو پاڻ کي مطمئن ۽ نارمل محسوس ڪيو.
    پر اهو سڄو ڏينهن هن کي ڊپ ورائي رهيو ته ڪٿي هنجو نڪ ٻيهر وڌي نه وڃي، تنهنڪري هو عبادت ۽ ماني کائڻ دوران چورن واري انداز سان نظرون بچائي نڪ کي ڇهندو رهيو ۽ هر ڀيري جڏهن هن کي محسوس ٿي ٿيو ته هنجو نڪ صحيح ۽ ساڳي شڪل ۾ چپ جي مٿان هو، ۽ ماضي جيان اُهو چپ کان هيٺ نه لڙڪي رهيو هو، ته هن اندر ئي اندر ۾ ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ڪئي.
    صبح جو سويل اُٿڻ مهل هن وري نڪ کي ڇهيو ۽ هن کي اطمينان ٿيو ته اهو ڪالهه جيان ننڍو هو. تمام گهڻن سالن کانپوءِ هن اهو ساڳيو سڪون ۽ خوشي ماڻي هئي، جيڪا هن گهڻو اڳ ٻڌمت جا مول ۽ متا پائڻ لاءِ تپشيا مڪمل ڪري پاتي هئي.
    پر زينچي کي ڪجهه ڏينهن اندر ڪافي نوان مشاهدا ٿيا. هڪ واپاري جنهنجو واپار سانگي اڪثر اڪينو مان گذرڻ ٿيندو هو، اڳي ڪڏهن به ايڏي خوشي محسوس نه ڪئي هئائين. هڪ لفظ به بنا ڪڇڻ جي هو ٽڪ ٻڌي پادري جي نڪ کي ڏسندو رهيو. فقط ايترو ڪجهه نه ٿيو. خدمت گار جنهن هڪ دفعو زينچي جو نڪ ٽهڪندڙ پاڻي جي پيالي ۾ وڌو هو، اُن جو عبادت گاهه ۾ زينچي جي پاسي کان گذرڻ ٿيو. گهڙي پل لاءِ هن پاڻ کي کلڻ کان روڪڻ لاءِ ساهه بند ڪري اکيون هيٺ ڪري ڇڏيون. پر ٻي پل ۾ هو هڪ زوردار ٽهڪ کي روڪي نه سگهيو. زينچي جا چيلا جيڪي سامهون ويهي هنجي خطبي کي ٻڌندا هئا، سي هنجي پٺيري ٿيڻ تي کل کي روڪي نه سگهيا هئا.
    زينچي شروع شروع ۾ خدمتگارن ۽ چيلن جي ٽهڪن کي پنهنجي مهانڊي ۾ تبديلي جو سبب سمجهيو. پر ڪافي وقت گذرڻ کانپوءِ به عبادت جي دوران جڏهن هنجو ڪنڌ هيٺ جهڪندو هو، ته هو آساني سان عبادت جي دوران خلل پيدا ڪندڙ آوازن کي محسوس ڪندو هو ۽ اُن پل هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هو.”زينچي نيگو!چهري جي تبديلي بظاهر اُنهن جي کلڻ جو سبب نٿي ٿي سگهي. اُنهن جي کل اُن کل کان قطعي مختلف هئي، جڏهن تنهنجو نڪ ڊگهو هوندو هو. جيڪڏهن تنهنجي خيال ۾ ڊگهو ۽ بڇڙو نڪ وڌيڪ کل جهڙو هو ته هاڻوڪي ننڍي ۽ سٺي نڪ کانپوءِ اهو مسئلو ختم ٿيڻ گهربو هو. يقينن اُنجي پويان ڪو ٻيو سبب هوندو؟ اُهي هن کان اڳي ڪڏهن به اهڙا نه روڪي سگهڻ جهڙا ٽهڪ ڪونه ڏيندا هئا.“
    ويچارو غريب ۽ کل مک پادري اهڙن موقعن تي ڏاهپ ۽ رحم جي ديوي فيوجين جي ديوارتي ٽنگيل تصوير ڏي نهاريندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن اڳي پنهنجي چهري تي موجود پراڻي ڊگهي نڪ کي ياد ڪندو هو، ۽ هڪ تيز وهڪري ۾ ٻڏندڙ ماڻهو جيان ماضي جي جاهه و جلال کي ياد ڪري، اُداسي ۾ وٺجي ويندو هو. اها ڏاڍي افسوس لائق ڳالهه هئي جو ويچارو زينچي فيصلي جي قوت نه رکڻ ڪري مونجهاري کي حل ڪرڻ جي اهل نه هو.
    هرڪو ماڻهو پاڻ سان ٻه اُبتڙ جذبا سانڍي هلندو آهي. هرڪو ماڻهو ٻئي جي بدقسمتي تي همدردي جتائيندو آهي. پر جڏهن اُهو ماڻهو اُن بدقسمتي جي دٻڻ مان نڪرڻ جو بندوبست ڪندو آهي ته هو نه فقط اُن تي وڏو ٽهڪ ڏيئي پاڻ کي سڪون پهچائيندو آهي، بلڪه اڃان به اُن وٽ پهچي حسد مان هنکي خراج پيش ڪندو آهي. ڪن حالتن ۾ ته هو اُن کي ماضي جي بدنصيبي ۾ وري اُڇلائڻ چاهيندو آهي ۽ ساڳئي وقت اُن ۾ پنهنجو بغض ۽ ڪينو پڻ شامل ڪري ڇڏيندو آهي.
    زينچي سڀ ڪجهه لٽائي ۽ وڃائي سکيو ته هو ڇاجي ڪري نڌڻڪو ٿيو هو. هنجي پريشاني جو ڪارڻ هو پاڻ نه هو پر اُهي هئا اڪينو جي خانقاهه جا پادري ۽ زيارتي.
    جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويا زينچي وڌيڪ اُداس ۽ عاجز ٿيندو ويو. هو ڪنهن به مهل ڏاڍيان نه ڳالهائيندو هو. ايتريقدر جو چيلن پاران پرپٺ اُهي جملا ٻڌڻ تي به، ”عاليجاهه کي گناهن جي سزا ملي رهي آهي.“ هو ڪڏهن به آپي کان ٻاهر نه نڪرندو هو ۽ نه ئي کين ڪجهه چوندو هو.
    پر هڪ ڀيري هڪ خدمتگار جي هڪ ڪميڻي حرڪت زينچي کي ڏاڍي ڪاوڙ ڏياري، ٿيو هيئن جو هڪ ڏينهن هڪ وحشي ڪتي جي ڀونڪڻ جي آواز تي زينچي دري مان هيٺ نهاريو. هن ڏٺو ته هنجي خدمتگار جي هٿ ۾ ٻه فٽ ڊگهي هڪ لٺ هئي ۽ هو وحشي ڪتي جي پويان ڊوڙندو هڪل ڪري چئي رهيو هو”هنجي نڪ ڏانهن نهار! آءٌ چوانٿو ته ڪتا هنجي نڪ ڏانهن نهار نت توکي هن لٺ سان ڪٽيندس.“ زينچي کي ڏاڍو غصو آيو. هن وڌي وڃي لٺ خدمتگار جي هٿ مان ڦري کيس زور سان وهائي ڪڍي. هي اُهائي لٺ هئي جيڪا ڪو وقت اڳي زينچي جي ڊگهي نڪ کي جهلڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي.
    زينچي کي پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ساڳئي وقت هن کي ڊگهي نڪ جي ننڍي ٿيڻ تي چڙ پڻ آئي.
    هڪڙي رات جو سج لٿي مهل اوچتو ئي اوچتو تيز هوا شروع ٿي، ۽ خانقاهه ۾ لڳل گهنڊن جي زور سان ٽڪرائڻ جا آواز هنجي آرامگاهه تائين پهچڻ لڳا. ٿڌ ايڏي پئجي رهي هئي جو هو سمهي نٿي سگهيو. بستري ۾ پاسا ورائيندي هنکي خارش محسوس ٿي. هن نڪ تي هٿ گهمايو ته هن کي اهڙي سوڄ محسوس ٿي جهڙي جلندر جي بيماري ۾ اڪثر ٿيندي آهي. ساڳئي وقت هنکي بخارپڻ ٿيڻ لڳو.
    ”اهو حيرت جي حد تائين ايترو ننڍو ٿي چڪو آهي جو آءٌ بيماري ۾ مبتلا ٿي سگهانٿو.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو ۽ ائين ڪندي هن پنهنجي نڪ تي لاڏڪوڏ مان ائين هٿ گهمايو جيئن هو قربا نگاهه ۾ ادب مان واس ڌوپ ڪندي ۽ گل چاڙهيندي ڪندو هو.
    ٻئي ڏينهن هو معمول جيان سويل اُٿيو ۽ هن کي محسوس ٿيو ته خانقاهه جو باغيچو ائين روشن هو ڄڻ اُنتي سون وڇايل هجي، ڇاڪاڻ جو گنڪو ۽ شاهه بلوط جي وڻن مان سڄي رات پن ڇڻي، باغيچي ۾ وڇائجي ويا هئا ۽ خانقاهه جي ڪلنگي ڪوهيڙي سان ڍڪجي چڪي هئي. ڪلنگي مٿي لڳل ٽامي جا ڪڙا سج جي جهڪي روشني ۾ چمڪي رهيا هئا. ورانڊي ۾ ويهندي جنهن جا سڀئي در اڳيئي کليل هئا هن هڪ اونهون ساهه کنيو ۽ ساڳي پل هڪ خواهش هن جي اندر ۾ اُڀري جيڪا اڳي به ڪنهن پل هنجي اندر ۾ اُڀري هئي ۽ جنهن کي هاڻ هو وساري چڪو هو.
    لاشعوري طور هن پنهنجي نڪ تي هٿ ڦيريو، ۽ هن کي محسوس ٿيو ته اُهو جيڪو گذريل رات تائين ننڍو هو، غائب هو ۽ اُنجي جڳهه تي ساڳيو پنجن کان ڇهن انچن وارو ڊگهو نڪ موجود هو، جيڪو هنجي چپن کان هيٺ لڙڪي ۽ لڏي رهيو هو. هن کي محسوس ٿيو ته هڪ ئي رات ۾ اهو ايترو وڌي چڪو هو جيترو اڳي هو ۽ اُن ئي پل هنجي روح کي ايتري تازگي ۽ خوشي محسوس ٿي، جيتري هن کي نڪ جي ننڍي ٿيڻ تي ٿي هئي.
    ”هاڻ مونتي وري ڪير به کلي نه سگهندو.“ هن پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
    هنجو ڊگهو نڪ سرءُ جي صبح جي ٿڌڙي هير ۾ لڏي رهيو هو.
    ***


    گيتا

    راجندر سگهه بيدي

    آءٌ بيزار آهيان، تمام گهڻو بيزار، انسان کان، ديوي کان، ديوتا کان، خدا کان ۽ اُن اڻ ڄاڻائي کان، جنهن کي انسانيت جو هڪ وڏو حصو خدا جي نالي سان ياد ڪري ٿو.
    پر بيزار ٿيڻ سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟....توهان هڪ مورتي جي پوڄا ڪريو ٿا، ان کي پاڻ کان، انسان کان وڏو درجو ڏيو ٿا، ۽ مقامي طورتي انکي پنهنجي لاءِ آخري حقيقت سمجهو ٿا ۽ هڪ ڏينهن اها پنهنجي جڳهه تان ڪري ٽٽي پوي ٿي. اهڙي حالت ۾ توهان ڪنهن سان شڪايت ڪندئو؟ ڪنهن کي ڏوهه ڏيندئو؟ ڇا توهان ساڪن شين ۾ حرڪت جي منجهيل حسابي مساواتن ۽ انهن جي قديمي شڪلين ۾ ڦاسڻ پسند ڪندئو يا ان سائنسي حقيقت تي پنهنجو منهن مٿو پٽيندئو ته پٿر نه صرف زندگي رکي ٿو پر هڪ پري جو، نه محسوس ٿيندڙ ۽ مستقل ارادو پڻ!؟ ڇا اهو ممڪن ڪونهي ته پٿر ڪنهن اندرين قوت سان پاڻ کي ڪيرائي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هجي؟
    هڪ اڪابر ان ڳالهه جو ڀلا ڪهڙو جواب ڏيئي سگهي ٿو، سواءِ ان جي ته هو چپ رهي ۽ دنيا جي سڀني بي وقتائتن ۽ تڪليفده موتن جي ڪرب کي بنهه ڏور دل جي اندر پنهنجي آفاقي غم جو حصو بنائي ڇڏي، ۽ پوءِ هڪسلي جي مسخري پائلٽ وانگيان اُنجي اڳيان لنگهي وڃي ۽ اُن منزل تي پهچي انتظار ڪري، جتي وقت جون حدون بيوس ٿي وڃن ٿيون ۽ انساني بيزاري عقل کان سوال ڪري ٿي ۽ انجو جواب ماڻي ٿي.
    گيتا کي اُنوقت موت وٺي ويو جڏهن هوءَ زندگي جي بلندين تي هئي. ماتا کان بچڻ لاءِ هن کي ڪيترا ڀيرا ٽڪا لڳائڻ جو چيو ويو، پر هن سدائين انڪار ڪري ٿي ڇڏيو، ڇو جو سندس پيءَ کي انسان جي انهن ڪوششن جي باوجود به ماتا ٿي پيئي هئي، جنهن ۾ هنجون اکيون هميشه جي لاءِ هليون ويون هيون. گيتا جيڪا هڪ سٺي ڌيءَ ۽ ڀيڻ، زال، ماءُ ۽ دوست هئي ۽ سڀني جو چيو مڃندي هئي آخر ڇو ضد ٻڌي ويهي رهي؟ هي ڪهڙو انڪار هو جيڪو هنجي زبان مان نڪتو هو؟ ڪهڙو هٿ هو جيڪو هنکي موت جي طرف ڇڪي رهيو هو؟ ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن گيتا کان اها غلطي نه ٿئي ها ته اڄ هوءَ پنهنجن ٻارن مڪي ۽ ڪاجل، پنهنجي مڙس شمي، پنهنجن ڀاءُ ڀيڻن ۽ لاتعداد عزيزن ۽ دوستن جي وچ ۾ هجي ها. پر جي هن جو چهرو خراب ٿي وڃي ها يا اکيون هليون وڃن ها ته ڇا ٿئي ها؟ گيتا جيڪا زندگي ۾ صرف پنهنجن ئي شرطن تي جيئڻ جي عادي هئي، سا ڪيئن مشروط زندگي سان مصالحت ڪري ها؟ اُنکي ان حال ۾ ڏسي سندس لکين چاهيندڙن جو ڪهڙو حال ٿئي ها؟ پنهنجن چاهيندڙن جي حالت کي ڏسي سندس ڪهڙو حال ٿئي ها؟ ان قسم جا سوال اڻ ڄاڻائي جي حدن کي ڇهڻ لڳن ٿا، ۽ نيٺ عقل جو ماريل ماڻهو اُن حقيقت جي سامهون ڪنڌ جهڪائي ڇڏي ٿو جيڪا هڪ ئي ڇلانگ لڳائي زندگي جي سڀني سچاين جي اڳيان اچي بيهي رهي ٿي، ۽ اها آهي موت. اهو سچ آهي ته گيتا اڄ موجود ڪونهي. هن پار هنجي وڏي پن تي ٽپڪندڙ ماڪ جي ڦڙي کي چتا جي باهه، دونهين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هوءَ بمبئي جي بان گنگا مساڻ ۾ جلائجي چڪي آهي ۽ هن جو روح هڪ اهڙو سڪون ماڻي چڪو آهي، جنهنجي خواهش گيتا ڪڏهن به قطعي نه ڪئي هئي، ڇو جو هن بي چيني جو راز پائي ورتو هو.
    بان گنگا جي مساڻ سان لڳ اُهو مندر هو جتي ڏهه سال اڳي گيتا پنهنجو هٿ شمي جي هٿ ۾ ڏنو هو ۽ پيار نباهڻ جو قسم کنيو هو. هن ته پنهنجو قسم پاڙيو پر شمي جي قسم جو ڇا ٿيو؟ هوءَ شمي سان محبت ڪندي هئي. اهڙي محبت جنهنجو اختيار اسانجي شاسترن ۽ اسانجي مريادا هڪ زال کي ڏنو آهي. هوءَ هڪ ئي وقت زال، دوست ۽ ماءُ هئي ۽ هڪ فاصلي کان پنهنجي مڙس جي ٻاراڻي حرڪتن کي جانچيندي رهندي هئي. شمي جي پيار ۾ به اها ئي؟....هئي. جنهنکي مون گيتا جي ڳالهين مان ڄاتو آهي. اهو ئي سبب هو جو گيتا جيترا دفعا بيمار رهي شمي پنهنجا سڀ ڪم ڇڏي گيتا جي نگهداشت ڪندو رهيو. بستري تي موت جو انتظار ڪندڙ گيتا سان هن محبت جا ننڍا وڏا واعدا ڪيا ۽ محبت ڀريا پل گذاريا، جيڪي هڪ طرح جا واسطا هئا پر اُهي قسمت کي منظور نه هئا. جڏهن اُنهن جي شادي ٿي هئي ته مندر جا بت، ساحل جا پٿر، سمنڊ جون لهرون ۽ اُن وقت جو آسمان سڀ ڪجهه ڄاڻندا هئا. پر پوءِ به اُنهن سڀني گڏجي اُن حسين جوڙي کي ڪجهه سالن جي لاءِ عيش عشرت جي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي هئي.
    اک فرصت گناہ ملی، وہ بھی چاردن
    دیکھی ہے ہم نے، حوصلے پروردگار کے
    مون سندس بي چين روح کي انجي ننڍپڻ کان ئي ڏٺو آهي. گيتا لاهور ۾ اسانجي پاڙي ۾ رهندي هئي. اُن وقت به هوءَ ڳجهارت جيان لڳندي هئي. هاڻي آئي ناهي ۽ هاڻي وئي ناهي. هنجي سنهڙي بدن ۽ ڳوري چهري ۾ هڪ ئي شئي سندس جسم جي باقي بيهڪ کان الڳ هئي، اُهي هيون هنجون اکيون جن ۾ حيرت هئي تمنا هئي، خوب کان خوب تر ٿيڻ جي تمنا. هن هر ڳالهه جي انت تائين ڄاڻڻ چاهيو ٿي ۽ اُنجي لاءِ هوءَ ڪيتري به قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار هئي. هنجي اکين ۾ تارا تيز چرخي جيان هليا ٿي ۽ ائين هو به سهي، ڇاڪاڻ جو اُنهن کي سئو سالن جو سفر چوٽيهه سالن ۾ طئه ڪرڻو هو. گيتا جون اکيون درسي ڪتاب تي ايترو نه ترسيون جيترو زندگي جي ڪتاب تي. ۽ اهو ئي سبب هو جو هوءَ مضمون جي آرپار وڃي سگهي ٿي. نه ته عام ڪتاب ۾ لفظ ۽ وري ڪاغذ، نظر جي اُڏام کي قيد ڪري وٺندا آهن. هن جي حيرت انگيز سُڌ ٻُڌ هڪ عام تعليم يافته ماڻهو کان تمام گهڻو مٿي هئي، ڇو جو هنجي علم جو دارومدار وجدان تي هو. ليڪن هنجي نگاهن ۾ ڪنهن جاءِ هڪ پل ساڪن هو، جنهن کي تمام گهٽ ماڻهن ڏٺو هو. نظرن جي انڊلٺ ۾ هڪ جڳهه خالي هئي جتي ڪوئي به نه پهچي سگهيو هو.
    ڪجهه ماڻهن پيداواري لحاظ کان انهن اکين جي سحر کي ڄاتو، ۽ شايد اهوئي سبب هو، جو هو انهن کي صرف شوخي، چلولائي ۽ ڪٿي هڪ اڌ جذباتي سين ۾ فلمائي سگهيا. پهرين فلم جنهن ۾ گيتا منفرد اداڪاري ڪئي اُها سهاڳ رات هئي، جنهن ۾ شوٽنگ دوران ئي هدايتڪار انهن نظرن جي کڄڻ ۽ جهڪڻ جي وچ ۾ گيت ۽ جادو به ڏسي ورتو ۽ پنهنجي ٻي تصوير جو نالو ”بانورا نيڻ“ رکي ورتو. ليڪن گيتا جي نالي وٺـڻ جي باوجود به، هو اُن عقاب ٻارن جي قوت ۽ اُن جي اُڏام جو اندازو لڳائي نه سگهيا. اُن جو اندازو گيتا کي به هو پر غير شعوري طور تي. آخر ڪو ته سبب هو جو جڏهن گيتا پنهنجي تصوير ”رانو“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ته هن پنهنجي اداري جو علامتي نشان ٻه اکيون تجويز ڪيون. وڏيون وڏيون اکيون جيڪي هڪ طرف ته بدري ناٿ جي مندر تي بيٺل ڀڳوان وشوناٿ جون اکيون هيون، جيڪي پري کان اچڻ وارن ياترين کي ڏسنديون هيون ۽ انهن جي حفاظت ڪنديون هيون. ۽ ٻئي طرف ديوي جون اکيون هيون، جيڪي انساني زندگي کي اُنجي گناهه ۽ ثواب ۾ ڏسن ٿيون. ۽ اُنجي سوچن جي آرپار هليون وڃن ٿيون ۽ هر جذبي سان گڏ رنگ بدلائينديون رهن ٿيون. هاڻي اُنهن ۾ ديا آهي، هاڻ اُنهن ۾ ڪروڌ ۽ هاڻ اُنهن ۾ ڪمال جو غصو، هاڻ جزا آهي، هاڻ سزا آهي ۽ پوءِ ٺهراءُ ۽ سانت. اکيون نه فقط دل جو آئينو آهن، بلڪه ٻاهر جي دنيا کي به ڏسن ٿيون ۽ اُن جو عڪس دل ۾ اُتاري ڇڏين ٿيون. اُنهن جو پهريون ۽ آخري مقصد آهي ڏسڻ ۽ پنهنجو پاڻ ڏيکارڻ. ليڪن هر جڳهه خاموش رهڻ. اهڙي خاموشي، جو شاهه شهنشاهه به اُنجي اڳيان پاڻي ڀري ۽ اها گيتا جي خاص ڳالهه هئي. هوءَ ڳالهه ڪرڻ واري جي طرف ٽڪ ٻڌي ائين ڏسندي هئي جو بعض اوقات اُهو پريشان ٿي ويندو هو. ليڪن اُنکي جلد ئي گيتا ۽ پنهنجي رشتي جي باري ۾ اندازو ٿي ويندو هو. هينئر هوءَ اوهانجي دوست آهي، هينئر دشمن، وري دوست نه دشمن. هستي سان اڳيئي ٽمٽار اکيون، هڪ ئي پل ۾ کلي اڻڄاڻ منزلن ۾ گم ٿي ويون آهن.
    مونکي ان سان دلچسپي ناهي ته گيتا فلمي دنيا ۾ ڪاميابي جو پهاڙي رستو ڪيئن طئه ڪيو. يا هوءَ ڪهڙين ڪهڙين تصويرن (روپن) ۾ آئي. مونکي ڪتاب سان دلچسپي آهي ان جي بابن سان نه. جيڪڏهن فلم ۾ اُنکي ڪاميابي جو منهن ڏسڻو پيو ته اُن لاءِ ڪهاڻي يا منظر اُنجي وجداني سمجهه ۾ اچي ويو، يا ڪوئي ذهين هدايتڪار وري جزوي طريقي سان اُنکي گيتا جي ذهن ۾ منتقل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. ليڪن اسانجا اڪثر هدايتڪار مجبوري جي ڪري گيتا کان اُهو ڪم نه وٺي سگهيا جنهن جي صلاحيت گيتا ۾ هئي. اهوئي سبب هو جو هوءَ ڪنهن سٺي ڪهاڻي، ڪنهن سٺي خيال ۽ سٺي جذبي جي تلاش ۾ سرگردان رهندي هئي. ڪنهن ماحول جي مناسبت ۽ ڪردار جي سٺي هئڻ سان هن کي ڪم ڪرڻ ۾ مزو ايندو هو، ۽ ڪڏهن صرف آگ ٽاري وٺندي ۽ پنهنجن تنهائي جي پلن ۾ روئي ڏيندي هئي.
    مونکي اندازو به نه هو ته ڪو فلم ۽ اداڪاري جي باري ۾ گيتا جي نظر جي پرواز ايتري بلند هئي. چوندا آهن ته عنقا جو آکيرو بلندين تي هوندو آهي، پر گيتا جو ٺڪاڻو اُن اکيري کان به مٿي هو. يعني اُتي جتي ڀڳت ڪبير جي ڀڄن جي مطابق بغير بادلن جي بجلي چمڪي ٿي ۽ بنا سورج جي روشني ٿئي ٿي. جتي اکين کان بغير موتي پرکيا ويندا آهن ۽ بنا لفظن جي گيت جهونگاريا ويندا آهن. مونکي ياد آهي ته هڪ ڀيرو ڳالهين ڳالهين ۾، مون اهڙين فلمن ٺاهڻ وارن جو نالو کڻي ورتو، جن کي نه صرف اسانجي ملڪ بلڪه ٻاهرين ملڪن ۾ به ماڻهو مڃين ٿا. ڪنڌ ورائي ڏٺم هنجي اکين مان لڙڪ وهي هليا هئا. اُن کان پهرين جو آءٌ اُنجو سبب پڇان، گيتا منهنجي سامهون هٿ ٻڌي ٿڙڪندڙ چپن سان التجا ڪري رهي هئي ته آءٌ آئينده سندس سامهون وري ڪڏهن اُنهن ماڻهن جو نالو نه کڻان. جذبات جي وهڪري ۾ هوءَ چند اهڙا نالا به وٺي وئي هئي جيڪي هنجا ويجها هئا. هن فلم “رانو” کي ڪنهن اهڙي ئي انوکي انداز ۾ ٺاهڻ چاهيو ٿي. هن پنهنجي لاءِ اُهو مقام ٺاهي رکيو هو، جنهن تي اڄ تائين ڪو به نه پهتو هو. شايد مرڻ کان سواءِ هوءَ خود به پهچي نٿي سگهي. مونکي به تڏهن پتو پيو ته گيتا ڪهڙي ديس جي واسي هئي.
    آءٌ نٿو ڄاڻان. اُن کي آءٌ ان وقت جي خوشقسمتي چوان يا اُن وقت جي بدقسمتي، جو پڻ منهنجن ۽ سندس عزيزن ۽ دوستن جي منع ڪرڻ جي باوجود گيتا منهنجي ناول ”ايڪ چادر ميلي سي“ کي فلمائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، گيتا وٽ هي ناول منهنجو دوست ديد صاحب کڻي ويو هو. جنهن کي نيٺ هن فلم جو هدايتڪار ٿيڻو هو. اسانجو گيتا کي منع ڪرڻ جو سبب اهو هو ته، ”ايڪ چادر ميلي سي“ جي ڪهاڻي اسانجي مروجه ڪهاڻين کان بنهه مختلف هئي. ڪهاڻي شروع ٿيڻ سان ئي هنجي هيروئن رانو چئن ٻارن جي ماءُ ڏيکائي ڏي ٿي. اڳيان هلي هنجي بدڪاري جي ڪارڻ، هنجو مڙس قتل ٿيو وڃي ۽ رانو کي پنهنجي ڏير تي چادر پائي هن سان شادي ڪرڻي پوي ٿي. جيڪو عمر ۾ هن کان يارهن سال ننڍو ۽ جنهن کي هن هڪ ٻار جي حيثيت ۾ پاليو هو. گيتا کي رانو جي ڪردار ۾ هڪ وڏي گهرائي نظر آئي ۽ هن اُنتي جان ڏيئي ڇڏي. رانو ۽ گيتا ۾ ڪهڙي هڪجهڙائي هئي؟ غالبن اها ته ٻنهي ڏک ڏٺا هئا. پنهنجي فلسفيانه تخليل ۾ رانو ديوي هئي، ڇو ته هن زندگي کي ڀرپور طريقي سان ماڻيو. هن مار کاڌي، مار پنهنجي پيٽ، پنهنجي ڌيءَ، پنهنجي محبت جي لاءِ ،هن شراب جي بوتل کولي ۽ پوءِ پنهنجي ڏير کي خوش ڪرڻ لاءِ هن کي پياري به، ليڪن انهن سڀني ڳالهين جي باوجود به ڏير هنجا سڀ پاپ عيان ڪيا. فقط اهو ئي نه، هو خود ديوي ٿي ويئي. هوءَ رحم ۽ ٻاجهه جي پرساد ورهائڻ لڳي.....رانو جي ڪردار گيتا جي دل ۾ هڪ عجيب قسم جي بي چيني پيدا ڪري ڇڏي هئي ۽ هوءَ ڄاڻي ويئي هئي ته زندگي جي برائي ۽ ڀلائي جي پڇاڙي نجات ۾ ئي آهي. تڏهن ته منهنجي ناول جي هيروئن ۽ هيءَ هيروئن ٻنهي نيٺ ڇوٽڪارو ماڻي ورتو ۽ آءٌ وچ ۾ ئي رهجي ويس.
    ان ڳالهه کان گيتا جا تمام ويجها مائٽ به واقف نه هئا، ته گيتا کي پيءُ نه هئڻ جو احساس کائيندو رهندو هو. هن جون سڀ حرڪتون هڪ يتيم ڇوڪريءَ جيان هيون. هوءَ کلندي هئي ته بي تحاشا کلندي هئي ۽ سميٽبي هئي ته هڪ گل جي طرح پنهنجون پنکڙيون ڪجهه اهڙي انداز سان بند ڪندي هئي، جو سڀ ڪيڙا ماڪوڙا اُن ۾ گهٽجي مري وڃن. اُن جو اندازو مونکي انوقت ٿيو جڏهن درسوا ۾ هنجي پيءُ جو موت ٿيو. آءٌ مردي کان تمام گهڻو ڊڄندو آهيان. پر نه ڄاڻ اهو ڪهڙو رشتو هو جو مون پنهنجن هٿن سان گيتا جي پيءُ کي وهنجاريو. تڏهن کان گيتا منهنجي طرف ان انداز سان ڏسڻ شروع ڪري ڏنو، جيئن ڪائي ڌيءَ پنهنجي پيءُ جي طرف ڏسندي آهي. اهوئي سبب هو جو هوءَ مونکي پنهنجي تصوير ”رانو“ جو پيءُ ڪري سڏيندي هئي.
    گيتا جي دل ۾ تخليق ۽ اُنجي خالق جي لاءِ بي پناهه محبت ۽ عقيدت هئي، چاهي اهو زندگي ۽ فن جو ڪهڙو به شعبو هجي. هوءَ چوٽي جي مصورن، موسيقارن، شاعرن ۽ مصنفن جي آڏو ائين هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيندي هئي، ڄڻ هنجي پنهنجي ڪا شرط لڳل هجي. هوءَ اُنهن کي دل ئي دل ۾ عزت ڏيڻ لڳندي هئي، جيڪا هڪ عام ماڻهو ڪنهن اوتار يا وليءَ کي ڏيندو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته جڏهن ڪوئي هنجي ايثار يا بلند معيار تي پورو نه لهندو هو، ته هو مايوس ٿي ويندي هئي ۽ هن کي ڇڙٻون به ڏيئي ڪڍندي هئي. هوءَ مثالي هئڻ جي قائل هئي ۽ ان سلسلي ۾ هنکي ڪيترا ڀيرا پنهنجي آسپاس جي ماحول سان ٽڪر به کائڻو پوندو هو. ليڪن جيئن ته گيتا جو هر پل جستجو سان ڀريل هو، ان لاءِ هوءَ مڇي وانگيان هميشه وهڪري جي خلاف، زندگي جي آبشار جي مٿان پهچڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي هئي. ان دوران اهڙا پل به ايندا هئا جو هوءَ عملي زندگي سان مصالحت جي معاملي ۾ هارائي به ويهندي هئي. تڏهن هوءَ بلڪل خاموش ٿي ويندي هئي ۽ صرف ڪنهن ڊگهي نظر رکندڙ کي ئي اُنجي اندروني ڪيفيت جو پتو پئجي سگهندو هو. هن جو روپ سمنڊ جيان هو، جيڪو مٿين سطح تي شانت نظر اچي ٿو، ليڪن اندر پنهنجي سيني ۾ طوفان سانڍي هلي ٿو. تڏهن ته اُنجو راز اوڳاڇڻ مشڪل ئي نه پر نا ممڪن هو..... البته خبر تڏهن پوي ٿي جڏهن ڪجهه ٻڏل ٻيڙيون ۽ سڙهه ٽٽل حالت ۾ ڪناري تي پهچن ٿا.
    انکان پهرين مونکي هڪ فلمي رسالي ۾ گيتا جي باري ۾ لکڻ جو اتفاق ٿيو. گيتا مونکي چيو، ”توهان ليکڪ آهيو، جيڪو جي چاهي منهنجي باري ۾ لکو ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن جي پرواهه نه ڪيو.“
    مون چيو،”ائين ٿي نٿو سگهي گيتا!“ ۽ پوءِ پنهنجي مبهم انداز سان هن کان پڇيو، ”ڇا آءٌ اُن پاتال ۾ سرجندڙ طوفان جي باري ۾ لکي سگهانٿو؟ جنهن جو ڀيد تو مونتي ظاهر ناهي ڪيو. پر تنهنجو چهرو تنهنجون اکيون اُن جي نشاندهي ڪن ٿيون؟......ڇا اهو سڀ ڪجهه لکي ڇڏيان؟“
    گيتا سان گڏ ديد به ويٺو هو. گيتا هڪدم مڙي منهنجي اکين ۾ ڏٺو ۽ چئي ڏنائين ”نه“.
    ان کانپوءِ گيتا رانو جي شوٽنگ لاءِ پنهنجو يونٽ وٺي بنگال ۽ پوءِ پنجاب هلي ويئي. جتي هن عام ڳوٺاڻين سان ماني کاڌي، اُنهن جهڙا ڪپڙا پاتا، اُنهن جيان جاڳي، اُنهن جيان ستي ۽ انهن کان زندهه رهڻ جو سبق سکيو. جنهن کانپوءِ زنده رهڻ جي حسرت نٿي رهي. هڪ تلاءُ جي ڪناري رانو جو گهر هو، جنهن ۾ گيتا رهندي هئي. اُن گهر جا دروازا اڄ به ائين ئي کليل آهن، جيئن ڇرڪ ڀرڻ کانپوءِ ڪنهنجو منهن کلندو آهي.
    گيتا ٻه سال رانو سان ستي ۽ ان سان گڏ جاڳي. هو اُن کي مصنف کان گهڻو ڄاڻڻ لڳي هئي. هوءِ خود رانو بنجي چڪي هئي. هوءِ مونکي خط به لکندي هئي ته اُنتي رانو جي ئي صحيح هوندي هئي. پوءِ هوءِ واپس بمبئي هلي آئي ۽ 21 جنوري تي صبح جو 11 وڳي ڏهن منٽن تي رواني ٿي ويئي. اهو سڀ ڪجهه ڪيترو جلدي ٿيو…… پوڻي يارهين بجي ته آئون هن سان عيادت لاءِ سندس ويجهو هوس. گيتا جو سهرو پرٿويراج، راجڪپور، هن جو مڙس شمي، ڊاڪٽر سڀني يقين ڏياريو ته هاڻ هو خطري کان ٻاهر آهي اُنهن جي چهري تي رونقون موٽي آيون هيون ۽ مايوسين جا نشان مٽجڻ لڳا هئا. ٻاهر اچي مون پنهنجي زال جي تسلي لاءِ اُن کي فون ڪيم.
    گهر پهتس ته منهنجي زال روئي رهي هئي. هڪڙو ٻيو فون اچي ويو هو.

    آءٌ گهر مان پنهنجو اُهو ڪتاب جيڪو پنجابي ۾ ڇپيل هو ۽ جنهن تي گيتا جي تصوير هئي، اُنکي پاڻ سان گڏ کڻندو ويس. مون چاهيو ٿي ته اُنکي به گيتا سان گڏ شعلن جي نظر ڪري ڇڏيان، ڇو ته گيتا اُنکي مونکان زياده سمجهي سگهي هئي. پوءِ مون سوچيو شايد اها جذباتيت ٿيندي ۽ فلمي دنيا جا ماڻهو اُنکي اجايو ڏيکاءُ ڪوٺيندا.
    چتا جا شعلا بلند ٿيا. منهنجي همٿ جواب ڏيئي ڇڏيو. آءٌ اُتان پاڻ لڪائي سمنڊ جي طرف هلڻ لڳس ۽ ڪتاب سمنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيم. ٿوري ئي دير ۾ اُهو لهرن سان گڏ واپس اچڻ لڳو. گيتا مونکي منهنجو ڪتاب واپس ڪرڻ لڳي. مون چيو ، ”نه گيتا هي تنهنجو آهي اُن کي تون ئي فلمائينديئين، ٻيو ڪير به نه.“
    ٿي سگهي ٿو اڄ کان پنجٽيهه چاليهه سال پوءِ ڪنهن وڏين وڏين اکين واري اداڪارا جي نظر هن ڪتاب تي پوي ۽ هوءَ پنهنجو پاڻ کي اُن ۾ ڏسي وٺي ۽ اُنکي فلمائڻ جو فيصلو ڪري وٺي، پر هن کي اها خبر نه هوندي ته پوئين جنم ۾ هوءَ ئي گيتا هئي.
    ***


    ڪوريئڙي جي تند

    اڪوتگاوا

    جنت ۾ هڪڙي خوشگوار ڏينهن، مهاتما ٻڌ ڪنول ڀري تلاءَ ڪناري پسار ڪري رهيو هو. ڪنول جا گل سفيد موتين جيان چمڪندي مستيءَ ۾ جهولي رهيا هئا ۽ اُنهن جي سونين ڏانڊين مان اُٿندڙ سدابهار سڳنڌ ماحول کي معطر ڪري رهي هئي. اها جنت جي صبح هئي.
    رحمدل ۽ ٻاجهاري ٻڌ، ڪناري تي پسار ڪندي، هڪ پل لاءِ ڪنول جي پتين تي نظر وڌي، جيڪي تلاءُ جي مٿاڇري تي تري آيون هيون. ڪنول جي تلاءَ هيٺان تمام گهڻي گهرائي مان، جهنم جو ڌنڌلو عڪس نظر اچي رهيو هو. ڪنول جي تلاءُ جي شفاف پاڻي مان جهنم جي کاهيءَ ۾ رت جي تلاءُ ۽ ڇري کان به تيز ۽ چهنبدار جبل جو ڀوائتو منظر ائين چٽو نظر اچي رهيو هو، جيئن شيشي جي ٻيڙيءَ مان هيٺ نهارڻ سان نظر ايندو آهي.
    جهنم جي ان حصي ۾ ٻاجهاري ٻڌ هڪ شخص کي ڏٺو. هن جو نالو ڪانڊاتا هو، جيڪو ٻين گنهگارن سان گڏ ذلت آميز عذاب ڀوڳي رهيو هو ۽ درد وچان ڦٿڪي رهيو هو. هو پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ڌاڙيل هو، جنهن ڪيترا ئي گهر آڳ جي نظر ڪيا هئا. ڪئين بي بها جانيون ورتيون هيون ۽ اُن کان علاوه انيڪ سنگين ڏوهه پڻ ڪيا هئا. هن کي پنهنجي سمورن گناهن سان ڀريل زندگي ۾ ڪيل هڪ نيڪ ڪم ياد آيو. هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ گهاٽي ٻيلي مان لنگهي رهيو هو ته، هن هڪ ڪوريئڙي کي رستي تي ريڙهيون پائيندي ڏٺو. پهريائين هن جي من ۾ آيو ته هو اُن کي پير هيٺان چيڀاتي ڇڏي، پر پوءِ هڪ نيڪ جذبو هن جي من ۾ اُڀريو، ”جيتوڻيڪ هي هڪ معمولي مخلوق آهي پر ساهه ته هن کي به پيارو هوندو! اهو منهنجو پنهنجو پاڻ تي ظلم ٿيندو جي آءٌ بنا ڪنهن خاص سبب جي هن جي ننڍڙي حياتي جو انت آڻيان.“ پنهنجي ضمير جي آواز جو سڏ ورائي هن سندس حياتي بخشي ڇڏي.
    ڪانڊاتا جي انهي نيڪ ڪم کي ياد ڪندي، ٻاجهاري ٻڌ کي هن تي ديا آئي ۽ هن جي من ۾ آيو ته، کيس انهي نيڪ ڪم جي سلي ۾ جهنم مان نڪرڻ جو هڪ دفعو موقعو فراهم ڪجي.
    هن جي نظر جنت جي ڪوريئڙي تي پئي، جيڪو ڪنول جي گلن جي چوگرد پنهنجو سونهري ڄار اُڻي رهيو هو. ٻاجهاري ٻڌ ڪوريئڙي جي تند نرمائي سان جهلي، موتين جيان چمڪندڙ ڪنول جي گلن جي پتن منجهان لنگهائي هيٺ جهنم ڏي گذاري.
    جهنم جي تري ۾ واقع رت جي تلاءُ ۾ ڪانڊاتا ٻين گنهگارن سان گڏ ڦٿڪي رهيو هو. هونئن ته جهنم جي ان حصي ۾ گهگهه اونداهي هئڻ سبب ڪجهه به نظر نٿي آيو پر جنت ۾ واقع ڪنول جي گلن مان وقفي سان خارج ٿيندڙ ڪرڻا، جنهن پل جهنم ۾ واقع جبل جي ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار سطح سان ٽڪرايا ٿي، ته روشني ٿي پيئي ٿي ۽ اُن پل سڀ ڪجهه چٽو نظر اچڻ لڳو ٿي. نه ته جهنم جو اهو حصو جنهن ۾ ڪانڊاتا ٻين گنهگارن سان رکيل هو، سڀ کان وڌيڪ خوف ناڪه، ويران ۽ اُجڙيل هو. ان حصي ۾ پلجندڙ ڪرب ۽ عذاب کي لفطن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نه هو. ان حصي جي آس پاس قبرستان جهڙي خاموشي هئي ۽ ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نٿي آيو سواءِ آهن ۽ سڏڪن جي، جيڪي درد ۽ پيڙا وچان گنهگارن جي خشڪ چپن مان، انتهائي اذيتناڪ ماحول ۾ نڪتا ٿي. جهنم جي اونداهي کاهي ۾ اُڇلايل ماڻهن تي ايتريون ته عقوبتون ۽ عذاب نازل ڪيا ويا هئا، جو هاڻ هنن ۾ رڙيون ڪرڻ جي سگهه به نه رهي هئي. اهڙين حالتن ۾ ظالم ڌاڙيل ڪانڊاتا، رت ۾ ٻڏل هو ۽ ڦٿڪندڙ ڏيڏر وانگر هٿوراڙيون هڻي رهيو هو.
    هڪ ڏينهن هن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ اُداس آسمان ڏانهن نهاريو. هن ڏٺو ته ڪوريئڙي جي سونهري تند هن ڏي وڌي رهي هئي. تند مان ذرق برق روشني نڪري رهي هئي. ڪانڊاتا کي اچي ڊپ ورايو ته متان اُنتي ڪنهن گنهگار جي نظر نه پئجي وڃي. خوبصورت تند جي اچانڪ ظاهر ٿيڻ تي هن جو من خوشي مان ٻهڪي اُٿيو. جيڪڏهن هو ان تند کي جهلي مٿي چڙهي، ته هن کي پڪ هئي ته اهڙي ريت هو ٻاهر پهچي ويندو، هن سوچيو جيڪڏهن ٻي ڪا رڪاوٽ نه پئي ته، ممڪن هو ته هو جنت ۾ پهچي وڃي. ۽ شايد هن کي پوءِ ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار جبل تان هلڻو نه پوي ۽ نه ئي رت جي تلاءُ ۾ لوڙهڻو پوي!
    اِهو سوچي هن تند کي ٻنهي هٿن سان مضبوط جهليو ۽ تند جي مٿي چرڻ سان هو به مٿي چڙهڻ لڳو. جيئن ته هو پنهنجي وقت جو هڪ نامي گرامي ڌاڙيل هو، تنهن ڪري ان قسم جي اٽڪل هن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي. جيتوڻيڪ جنت جهنم کان لکين ميل پري هئي ۽ هن اُن لاءِ تمام گهڻي ڪوشش به ورتي هئي، پر پوءِ به هن کي پڪ ڪا نه هئي ته ڪو هو اُتي پهچي سگهيو ٿي. ٿوري دير تند تي لٽڪڻ سان هن کي ٿڪاوٽ محسوس ٿي ۽ هن محسوس ڪيو ته شايد هو گهڻو وقت تند جي سهاري هلي نه سگهندو. پر هن وٽ ٻيو ڪو چارو به نه هو. تند سان زور سان چنڀڙجي هن گهڙي پل لاءِ هيٺ نهاريو.
    هن ڪيڏو نه سٺو ڪيو جو ڪوشش ڪري تند سان لٽڪي پيو! هن کي هيٺ رت جو تلاءُ نظر آيو، جنهن ۾ ڪجهه پل اڳ هو لڇي ۽ ڦٿڪي رهيو هو. هن جي پيرن هيٺان روشني جي ڪرڻن جي چمڪ تي خوفناڪ ۽ ڇري کان به تيز ۽ نوڪدار انڌارو جبل چٽو نظر اچي رهيو هو. جيڪڏهن هو پوري همٿ ۽ جذبي جي پختگي سان تند سان چهٽيو رهيو، ته آساني سان جهنم مان جند ڇڏائي نڪري ايندو. ڪوريئڙي جي تند کي مضبوطي سان جهلي هن خوشي وچان هڪ وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پوءِ گجندڙ آواز ۾ رڙ ڪئي. ”مون نيٺ ڪاميابي ماڻي ورتي!.... هاها....!“ هن کي گهڻي وقت کان پوءِ ايڏا ٽهڪ نصيب ٿيا هئا. ٽهڪ ڏيندي اوچتو هن هيٺ نهاريو. هن ڏٺو ته هن جي پيرن کان هيٺ ڪيئي گنهگار ماڪوڙين جي ڊگهي قطار وانگي، ڪوريئڙي جي تند سان لٽڪي پيا هئا. ان منظرکان هو پهريائين ڏاڍو لطف اندوز ٿيو ۽ پوءِ هن تي سڪتو طاري ڪندڙ خوف پيدا ٿيو. هن جيون اکيون ۽ وات ائين پٽجي ويا جيئن خواب ۾ ڪنهن احمقانه حرڪت تي ٿيندو آهي، هي ڪوريئڙي جي تند جيڪا مشڪل سان هن جو وزن مس جهلي سگهي ٿي، سا ڪيئن هيترن ماڻهن جو بار کڻي سگهندي؟ ڇا ٿيندو جي تند رستي ۾ ڇڄي پيئي؟؟ ۽ پوءِ هو جيڪو ههڙي نااُميدي جي حالت ۾ به جفاڪشي سان ايڏو مٿي، نڪري آيو هو، واپس جهنم ۾ ڪري پوندو! هاڻ سڀ ڪجهه هن تي ڇڏيل هو. هن ڏٺو اڃا به هزارين گنهگار رت جي تلاءَ مان ڪوريئڙي جي سنهي تند تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. تند جي ڇڄڻ ۽ واپس جهنم جي ڪن ۾ ڦٿڪڻ جي عذاب کان بچڻ لاءِ هن تڪڙو فيصلو ڪري لاٿو.
    ”او مردود گنهگارو“ ڪانڊاتا وڏي آواز ۾ گجيو، ”هي ڪوريئڙي جي تند توهان جي بابي جي ناهي جو هن تي لٽڪيا آهيو. هي ڪوريئڙي جي تند منهنجي آهي. توهان کي ڪنهن ان تي چڙهڻ جي اجازت ڏني آهي؟ هيٺ لهو! شرافت سان سڀ هيٺ لهو!!“
    اُن ئي پل ڪوريئڙي جي تند جيڪا هونئن ڪافي مضبوط هئي ۽ گهڻن ماڻهن جو بار کڻي رهي هئي، ا ُن هنڌ وٽان زلزلي نما جهٽڪو آيو جتان ڪانڊاتا اُن کي مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو. کن پل ۾ ڪانڊاتا وڃي خوفناڪ ۽ هيبت ناڪ رت جي تلاءُ ۾ ڦهڪو ڪيو، ۽ هن جون اکيون ڪوريئڙي جي روشن تند کي ڏسندي رهجي ويون، جيڪا بنا چنڊ ۽ تارن جي انڌاري آسمان ۾ مٿي کڄي رهي هئي.
    ڪنول جي تلاءُ جي ڪناري تي گهڙي ساعت بيهندي ٻاجهارو ٻڌ، اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، جيڪو هيٺ ٿي چڪو. جڏهن هن ڪانڊاتا کي رت جي تلاءُ ۾ ٻيهر ڳري پٿر جيان ٻڏندي ڏٺو ته هن اُداسي مان نهاريو ۽ پوءِ هلڻ لڳو.
    ڪانڊاتا جي بي حس ۽ ڪوجهي دل، جنهن جهنم مان ٻين جي حياتي کي ٻلي تي چاڙهيندي پنهنجو رستو ڳولڻ چاهيو، ٻاجهاري ٻڌجي نظر ۾ هڪ شرم ناڪ ۽ گهٽيا حرڪت هئي.
    جهنم جي دنيا کان بي نياز ڪنول جا گل جنت ۾ جهولندا رهن ٿا. موتين جيان چمڪندڙ ڪنول جا گل پنهنجون پتيون ٻاجهاري ٻڌجي قدمن ۾ وڇائي ڇڏين ٿا ۽ اُنهن جي سونين ڏانڊين مان اُٿندڙ سدا بهار خوشبوءِ، سواس سواس ۾ رچي جنت ۾ ٻنپهرن جي ٿيڻ جو اعلان ڪري ٿي.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 909966
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 307256
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ