ڪتاب جو نالو: رشتن جو رقص
مصنف: ريٽا شهاڻي
ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2005
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 693 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 383 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • انتساب !
  • • رشتن جو ڀرم : اداري پاران
  • • مهاڳ
  • • خوشنصيب ريٽا
  • • ريٽا شهاڻيءَ جون ڪهاڻيون
  • • اڄ جي ڪهاڻي ۽ مان
  • • رشتا ناچ نچن پيا ريٽا شهاڻي
  • 1. مرچي پارٽي
  • 2. نمي کڻي نهار
  • 3. اِن پُٽ، آئوٽ پُٽ
  • 4. اصلي
  • 5. نِڌڪڻي
  • 6. جهنجهلائٽ
  • 7. در، دريون، درپن
  • 8. ننڊ ڇو نه ٿي اچي
  • 9. نه، بابا، نه !
  • 10. وقت جي سئي .ائنٽي ڪلاڪ وائيز
  • 11. معصوم ڪردار
  • 12. ويچارو ٻار
  • 13. ڪاڪٽيل پارٽي
  • 14. مان آهيان نه !
  • 15. ٻه مونو لاگ
  • 16. ڪمائيندڙ زال
  • 17. شاديءَ جي پهرين رسم
  • 18. شاديءَ جي آخري رسم
  • 19. هڪ هو رشتو
  • 20. اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين!..........
  • 21. پرزم جا پرزا
  • 22. وقت جا نشان
  • 23. ٽاڪو نئون شيشو
  • 24. هاڻي بس به ڪر !
  • 25. ماءُ جي پيرن هيٺان.........!
  • 26. واڪنگ ، واڪنگ اسٽڪ
  • 27. چهري مٿان چهرا
  • 28. دنيا ڪو لات مارو ،دنيا سلام ڪري!
  • 29. ڇوٽڪارو
  • 30. سڀ منهنجو ڏوهه!
  • 31. پهرين پيٽ پنجوءَ جو.............!
  • 32. هڪ به شوڪ سڀا ٿيڻ ڏي ، يار!
  • 33. بچايو...........

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پندرهون ڪتاب رشتن جو رقص اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب هندستان جي برک سنڌي ليکڪا ريٽا شهاڻي جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون اسلاميه سائنس ڪاليج سکر جي اسٽنٽ پروفيسر محترم عبدالجبار شيخ صاحب جا، جنهن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ لاء موڪلي ڏنو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • انتساب !

    سنڌ جي سڄڻن
    جي نالي

    ريٽا شهاڻي


    • رشتن جو ڀرم : اداري پاران

    ادبي کيتر ۾ ڪهاڻي يا آکاڻيءَ جڪ هڪ الڳ مقام رهيو آهي.ماءُ پنهنجي روئندڙ ٻار کي آکاڻي يا ڪهاڻي ٻڌائي مٺي نند ڏانهن راغب ڪري ٿي.ننڍي هوندي ئي ٻار کي ڪهاڻي يا آکاڻي ٻڌائڻ جو رواج سنڌ ۾ گهڻي وقت کان هلندو اچي.جيڪو هن وقت تائين رائج آهي.ان ڏس ۾ ننڍڙن ٻارن توڙي وڏيءَ عمر جي ماڻهن تي به ڪهاڻيءَ جو پنهنجو هڪ اثر ٿئي ٿو.اهو ڪيترو ٿئي ٿو؟اُهو انهي ڪهاڻيءَ تي منحصر آهي.
    سچ چيو وڃي ٿو ته سماج جي مختلف لاڙن ۽ رخن کي ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ قلمبند ڪيو ويندو آهي ۽ انسان جي انهن بدلجندڙ روين ڪردارن ،احساسن ،هلت ،چلت ۽ سوچن تي لکڻ ئي ڪهاڻيءَ جي ڪاميابي آهي.تخليقي طور ان حوالي سان اسان جي سنڌ توڙي هند ۾ ڪيترائي ناليوارا ڪهاڻيڪار پيدا ٿيا.جن ۾ امر جليل ،نسيم کرل ،حفيظ شيخ ،غلام نبي آگرو، جمال ابڙو ،علي بابا ،طارق اشرف ،عبدالقادر جوڻيجو ،غلام نبي مغل ،طارق عالم ابڙو ،ڪلا پرڪاش ،موهن ڪلپنا ،وشنو ڀاٽيا ،سندري اتمچنداڻي ،ريٽاشهاڻي گوبند مالهي ۽ ٻيا ڪيترا ڪهاڻيڪار شامل آهن.ان ڏس ۾ جديد سنڌي ڪهاڻي جي ارتقائي سفر ۾ جتي اسان جي پنهنجن ڪهاڻيڪارن ،پنهنجي تخليقي پورهيي وسيلي ڪردار ادا ڪيو آهي.اتي انهن جي ڪيول مختلف ٻولين جي ڪهاڻين جي ترجمن کي پڻ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
    ريٽا شهاڻي جنهن سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا جيڪي مختلف صنفن تي ٻڌل آهن.انهن ۾ خاص طور سندس آتم ڪٿا”ٻپهريءَ جا ٻه پل”پنهنجو مٽ پاڻ آهي.جيڪو ڪتاب اسان پنهنجي اداري پاران 2004ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو جنهن کي سنڌ توڙي هند واسين پاران گهڻي پذيرائي حاصل ٿي آهي.ٻي وک طور هن اداري سندس ڪهاڻين جو مجموعو”رشتن جا رقص”(جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي)پڻ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.جنهن ۾ ليکڪه موجوده سماج ۽ ماحول جي ڪردارن کي وائکي ڪرڻ کانسواءِ طنز و مزاح ڀريل طرزِ تحرير وسيلي سماج جي مختلف ڪردارن ۽ سندن روين کي نهايت ئي مهارت ۽ فنائتي انداز سان قلمبند ڪيو آهي.
    هڪ هنڌ ليکڪه چوي ٿي ته “ڪهاڻي ءَ ۾ گهٽ ۾ گهت ٻن ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي.هڪ چوڻ وارو ۽ ٻيو ٻڌڻ وارو ۽ لکيل ڪهاڻي ۾ هڪ لکڻ وارو ۽ سوين ۽ هزارين پڙهڻ وارا”اها حقيقت هڪ ڪهاڻيڪار جي ڪاميابي ئي چئبي.
    ويجهڙائي ۾ جيڪي پاڪ هند لاڳاپا وڌيڪ سُڌريرا آهن.انهن سان اديبن ،دانشورن فنڪارن ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن جي ٻنهي ملڪن اندر اچ وڃ سبب نئون ماحول پيدا ٿيو آهي .جيڪا هڪ خوش آئند ڳلهه آهي.هونئن به هتان جي۽ هندستان جي رهڻي ڪهڻي سماجي مسئلن ۽ سوچ ۾ ڪو گهڻو فرق ناهي.تنهنڪري به هڪجهڙائي آهي لفظن ۾ سرحد جي ٻنهي پار ،تخليقڪارن اڳيان هڪجهڙا سماجي ،اخلاقي توڙي معاشي لاڙا رويا ۽ قدر موجود آهن.جيڪي کين هڪٻئي جي قريب تر ڪري سندن فطري رشتن جو ڀرم رکڻ ۾ مددگار ٿيندا.
    توڙي جو اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا اسان جي سماجي قدرن کي بدلائي نون لاڙن ۽ روين کي جنم ڏنو آهي.جنهن جو سنئون سڌو اثر پرنٽ ميڊيا خاص طور تي ادبي تخليقي ڪتابن تي پيو آهي.۽ نتيجي طور ڪتابي کيت تي ناڪاري اثر پيا آهن پر وري به تخليقي ادب جي اهميت اڄ به سلامت آهي.ثبوت طور هن مجموعي ۾ موجود ريٽا شهاڻيءَ جي مختصر ڪهاڻين تي محفوظ گرفت کي جيڪڏهن ڌيان سان نوٽ ڪيو ويو ته پرنٽ ميڊيا جي محفوظ مستقبل بابت وشواس آوس وڌي ويندو.
    هن ڪتاب جي پروفن ڏسڻ ۾ تاج جويي ۽ آسي زمينيءَ جي محنت کانسواءِ شري وليرام ولڀ جي مفيد مشورن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.جنهن لاءِ ادارو سندن ٿورائتو رهندو.

    موهن مدهوش
    28 اگسٽ 2005ع


    • مهاڳ

    لکڻ هڪ اهڙو اڻ کُٽ سفر آهي جنهن جو نه ڪو انت آهي نه ڪا منزل بس رڳو هلندي هليو وڃڻو آهي.ريٽا شهاڻي پڻ اهڙي ئي سفر تي نڪتل آهي جنهن جيتوڻيڪ لکڻ جي شروعات گهڻو دير سان ڪئي پر هاڻي جڏهن پنهنجي ڄمار جا ستر ورهيه گذاري چڪي آهي تڏهن به قلم کي هٿان نه ڇڏيو اٿس ۽ لڳاتار لکندي اچي.هن گذريل پاءُ صدي دوران مختلف موضوعن تي مشتمل ٽيهارو کن ڪتاب لکيا آهن.جن ۾ شاعري ،ناول ،ڪهاڻيون ،سفر ناما ،ساروڻيون ،ادبي مضمون ،تنقيد ۽ آتم ڪٿائي ادب جون صنفون شامل آهن.هن پنهنجي شروعاتي ڄمار دوران جيڪي ڪجهه پنهنجي ذهن جي صندوقڙيءَ ۾ سانڍي رکيو هو.اهو سمورو پنهنجي پئٽرن چاچي ۽ سنڌي زبان جي يُگ پرش دادا منگهارام ملڪاڻيءَ جي 1980 ع ۾ ديهانت کانپوءِ مختلف صنفن جي واهڻن وسيلي پٽن تي پيتيو آهي.
    ريٽا شهاڻي جو رچنا سنسار ٻهو مکي ۽ مختلف ڏسائن ۾ ڦهليل آهي.هر رچنا مان سندس انڀو،اڀياس ۽ اندروني سُوجهي صاف بکي ٿي.جيڪا موضوع جي گهرج ۽ ذهني ميلان پٽاندڙ پنهنجي اظهار جي صورت پاڻ سان گڏ کڻي اچي ٿي.جيئن ته پاڻ نِرت ڪلا ۽ سنگيت جي سُرن جي به ڄاڻ رکي ٿي تنهنڪري پنهنجين رچنائن کي انهن جي آهنگ سان جوڙي نهايت ئي خوبصورت اسلوب ۽ سيبتي انداز ۾ قلمبند ڪري زندگيءَ کي اتساهه ۽ امنگ سان جيئڻ جوڳي ڪري ڏيکاريو آهي.جنهنڪري سندس رچنائون هر صورت ۾ سندس لاءِ زندگي جيئڻ جو ٻيو نالو آهن.
    هڪ ٻوڌ ڪٿا ۾ آيل آهي ته ڪنهن ماڻهو جي ڪهاڻي ٻڌائڻ ان ڪري ناممڪن آهي.جو وٽس رڳو دک ئي دک آهن ۽ ديوتا جي انڪري جو وٽس مُک ئي مُک آهن ٻڌ پنهنجي شِش آنند کي اها ڳالهه اڍائي هزار ورهيه اڳ چئي هئي.ساڳي ڳالهه ٻين ڪيترن ڏاهن ۽ سڄاڻ ماڻهن کان سواءِ بُلي شاهه ڪجهه هيئن چئي ته “مون پنهنجي گهر جي ڇت تي چڙهي ڏٺو ته سڀني جي گهرن ۾ دک جي باهه دکي رهي هئي.”۽ اها اٽل حقيقت آهي ته هن دور جو سک حاصل ڪيل سنسار ۾ به ماڻهو اوترو ئي اڪيلو وياڪل ۽ دکي آهي.جيترو تڏهن هو.ريٽا اڄ جي دور جي اها ذهين ۽ حساس تخليقڪار آهي جنهن پنهنجي سهيوڳي دور ۾ زندگيءَ جي ٽٽل ،وکريل ،ظاهري ٿانئيڪو ٿيل پر وکريل ۽ وڃايل ڪردارن کي سميٽي پنهنجين لکڻين جو آڌار بنايو آهي.
    ريٽا شهاڻيءَ جو هيءُ مجموعو”رشتن جو رقص” 32 ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين تي مشتمل آهي جن ۾ هن ڀارت ۾ سنڌي سماج سان ڳنڍيل يا ڇنل ڪردارن جي اندر ۾ جهاتي پائي انهن جو اندر اپٽي پڙهندڙن اڳيان پڌرو ڪيو آهي.انهن ڪهاڻين جو ماحول ۽ ڪردار ڀارت جي شهري زندگي جي مٿين طبقي سان لاڳاپيل آهن.اهو ڍانچو جيتوڻيڪ سنڌ جي سماجي زندگيءَ ۽ ان سان لاڳاپيل آهن.ماڻهن جي مزاج ،روايتن ۽ ڪلچر کان گهڻو مختلف آهي ۽ هتي سنڌ ۾ ڀارت جي اسٽار پلس ۽ ان جهڙن ٻين چئنلن تي گليمر ۽ فيشن ايبل ماحول سان ڀرپور پيش ٿيندڙ ڊراما سيريلن کان مختلف نٿو لڳي.پر انهيءَ حقيقت کان ڪو انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهجي ته ڀارت ۾ رهندڙ سنڌين جي مٿئين طبقي جون زميني حقيقتون سنڌ جي سماجي سچاين کان مختلف آهن.انهيءَ جي باوجود ڀارت ۾ سرجندڙ سنڌي ساهت سنڌ جي ادب وانگر هڪ اهڙو مظبوط حصو آهي جنهن ۾ موضوعن جي گوناگونيت اسلوب جي نواڻ ۽ زندگيءَ جي انهن رخن تان پردو کنيل آهي.
    تخليقڪار نه ته رڳو دُک جون ڪهاڻيون لکي ٿو ۽ نه وري رڳو سُک جون،جو جيون جڳت ان جي اجازت نٿو ڏئي دُک سُک هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن.انهيءَ جي باوجود ناول،ڪهاڻي لکڻ لاءِ ضروري نه آهي ته ڪنهن فارمولي تحت تخليقڪار کي لکڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي.تخليق۽ فارمولو ٻئي الڳ الڳ شيون آهن.ريٽا لاءِ پنهنجي رچنائن لاءِ پهرين سرجڻ آهي ۽ پوءِ ان جي صورت گري.تنهنڪري پهريون عمل فطرت جو ڌرتيءَ سان جڙيل ٿئي ٿو ۽ ٻيو رڳو ان کي چٽو ڪري ٿو.ريٽا جون هي ڪهاڻيون سرجڻ ۽ انهن کي گهاڙيٽو ڏيئي چٽو ڪرڻ جي عمل مان گذريون آهن ۽ ڀرتري هريءَ مطابق ته “هوءَ هڪ سرجڻهار وانگر پنهنجين رچنائن معرفت موکش(نجات) حاصل ڪري ٿي.جيڪو جسم ۽ چيتنا(شعور) جي حدن کان گهڻو اڳاهون ڪري انهن کي انفراديت پيش ڪري ٿو.”
    ريٽا جي ڪهاڻين جو هيءُ مجموعو “رشتن جو رقص”سنڌ ۾ سري کان پهريون ڀيرو شايع ٿي رهيو آهي جنهن لاءِ پڪ اٿم ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.

    ولي رام ولڀ
    24 اگسٽ 2005ع
    (ليکڪه جو جنم ڏينهن)
    B-44 شريف اسڪوائر حسين آباد
    حيدرآباد 71000 سنڌ پاڪستان.


    • خوشنصيب ريٽا

    ريٽا شهاڻيءَ سان منهنجو سڃاڻپ جو رستو ۽ رشتو 1986ع کان آهي ۽ گذريل ويهن سالن ۾ هوءَ شخصي طرح ته مون کي ويجهي رهي ئي آهي.پر هڪ تخليقڪار طور بنهه ويجهي رهي آهي.ريٽا جون اڪثر تصنيفون سواءِ چند ڪتابن جي منهنجي ذاتي لائبريريءَ ۾ موجود آهن.ريٽا جا ناول ،ڪهاڻيون ،ادبي ۽ تنقيدي مضمون ،جائزا ۽ تبصرا ،شاعري ،مونو لاگ ،يادگيريون ،آتم ڪٿا ،جيونيون ۽ سفر ناما ڪيتري قدر پسند ڪيا ويا آهن.ان جواندازو سندس ڪتابن تي سنڌ ۽ هند جي رسالن ۾ ڇپيل جائزن ۽ برک اديبن پاران لکيک ليکن راين ۽ مهاڳن مان لڳائي سگهجي ٿو.
    ريٽا ،اسان سنڌ وارن لاءِ انڪري به فخر لائق ليکڪه آهي جو هوءَ سنڌي ٻولي جي سدا حيات عالم ۽ اديب منگها رام ملڪاڻيءَ جي ڀائيٽي آهي.پر ان کان وڌيڪ اسان کي فخر ان ڳالهه جي ڪري آهي.جو هن ادب جي جنهن به صنف تي قلم کنيو آهيان سان مڪمل نڀاءُ ڪيو آهي ۽ پاڻ کي هند توڙي سنڌ ۾ لوڪ پريه بڻايو آهي.
    ريٽا جي خوشنصيبن جودائرو وسيع آهي.هيءَ دادا منگهارام ملڪاڻيءَ جي پياري ڀائٽي آهي.پوپٽي هيراننداڻيءَ ،ڪلا پرڪاش سندري اتمچنداڻي ،تارامير چنداڻيءَ ۽ ماهتاب محبوب جي دل گهري ساهيڙي ۽ سهيوڳي ليکڪه آهي.دادا هري دلگير ،گوبند مالهي ،ڪيرت ٻاٻاڻيءَ ،دادا جشن واسواڻي ،پرڀو وفا ،هري موٽواڻي ستيش روهڙا ڪنيي ليکواڻي ۽ ولي رام ولڀ جي دعائن آسيسن ،آشير وادن۽ محبتن جو مرڪز آهي.ريٽا جي هڪ ناول”گونگن گگن جي گفتگو”جو مهورت جولاءِ 2001ع ۾ سندس ئي جنم ڀومي حيدرآباد سنڌ ۾ سندس پياري ساهيڙي ماهتاب محبوب جي گهر سائين محمدابراهيم جويي جي هٿان ٿيو.ٻئي مضمونن جي ڪتاب”جيون ۽ ساهت”جو مهورت سنڌي لنگئيج اٿارٽي حيدرآباد جي هال ۾ شوڪت شوري جي هٿان ٿيو.سندس ٽيون ڪتاب “ٻپهري جا پل(آتم ڪٿا جي ٻه ڀاڱا”گهنڊڄاڻ رڳو” ۽”ٻپهري جا ٻه پل”گڏيل صورت ۾)ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد ڊسمبر 2004ع ۾”شاهه سچل سامي امن ڪانفرنس جي موقعي تي ڇپائي پڌرو ڪيو ۽ ريٽا جي ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين جو نئون مجموعو “رشتن جو رقص”هينئر پڌرو ٿي رهيو آهي.
    ريٽا شهاڻي جو هيءُ ڪتاب “رشتن جو رقص”33 ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين تي مشتمل آهي.جنهن جو غور سان اڀياس ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو تهريٽا واقعن ،وارداتن ،مشاهدن ،۽ انڀوئن( تجربن) کي جيئن جو تيئن پني تي اتارڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي پر هن انهن واقعن وارداتن ،مشاهدن ۽ انڀوءن جي نهايت فنائتي اُٿت به ڪئي آهي.هن ڪهاڻين ۽ مني ڪهاڻين سرجڻ وقت نه رڳو پنهنجي شعور جا در اڦٽيل رکي آهن پر پنهنجي حساس من جون پيڙائون ۽ جذبا به ان ۾ سميٽيا آهن.جنهنڪري ئي سندس ڪهاڻيون يامني ڪهانيون اثرائتيون ۽ سماج جون حقيقي ڪهاڻيون محسوسجن ٿيون.
    رشتن جو رقص مجموعي جوناڪثر ڪهاڻيون هندستاني سماج جي مٿئين ڪلاس جي فردن جون ڪهانيون آهن .جن ۾ مرد عورتون ،ٻار آيائون،ملازم سڀ اچي وڃن ٿا.اهيسمورا ڪردار هن گهڙيا ڪونه آهن پر اهي سمورا سندس ماحول ۽ آسپاس ۾ آباد آهن.مٿئين طبقي ۾ انساني رشتن جا بدلجندڙ روپ ۽ رنگ جيڪي رخ ۽ جيڪا رفتار اختيار ڪن ٿا.ان جي اولڙا ۽ عڪس اهڙا چٽا ۽ واضح چٽيا ويا آهن جو رشتن جا رقص اسان پنهنجي اکين آڏو ٿيندي محسوس ڪريون ٿا.
    مني ڪهاڻي جو تجربو هند توڙي سنڌ ۾ ڪيو ويو آهي.ريٽا مني ڪهاڻي لکڻ جي ضرورت انڪري محسوس ڪئي يا سندس خيال ۾ مني ڪهاڻي وجود ۾ انڪري آئي آهي جو موجوده ڀڄ ڀڄان ۽ ٽي وي ڪلچر واري دور ۾ ماڻهن کي پڙهڻ جو وقت گهٽ ملي ٿو.مني ڪهاڻي جو مختصرپڻو ۽ تاٿر ئي آهي.جيڪو ان کي هڪ ڪامياب تخليق بنائي ٿو.ان ڏس ۾ ريٽا جون ڪهاڻيون نه رڳو ڪامياب ڪهاڻيون آهن پر ڪٿي ڪٿي ليکڪه پاران ڪهاڻيءَ ۾ ڇڏيل اڻپورائي ئي ڪهاڻي جي مڪملتا يا پورڻتا عروج يا چوٽي محسوس ٿئي ٿي.
    ريٽا جي هن ڪهاڻين ۾ اسان اهو چڱي ريت ڏسي سگهون ٿا ته موجوده دور ۾ عورت ۽ مرد جي رشتن جو توازن ڪيئن بگڙي رهيو آهي؟مٿئين ڪلاس جي عورتن کي حد کان وڌيڪ حاصل ٿيل آزاديءَ جا ڪهڙا اُگرا نتيجا نڪري رهيا آهن؟ٻار ۽ اولاد جا ناتا ڪهڙو رخ اختار ڪندا رهن ٿا؟گهرو جهيڙن جو ٻارن جي ذهن تي ڪهڙو اثر پئجي رهيو آهي؟ملازمت پيشه عورتن ۽ مردن جي ازدواجي رشتن ۾ ڪيئن ديوارون اڏجي رهيون آهن؟شهري سماج جي ظاهري معتبر ڪردارن جا اصل روپ ڪهڙاآهن؟اوچين عمارتن اندر ڏوهه برايون ۽ اوڻايون ڪيئن پلجن ٿيون؟سس ۽ ننهن جا تعلقات شاديءَ جون رسمون انساني نفسيات ۽ سوچ جا بدلاءَ ۽ ٻيا کوڙ سارا موضوع ريٽا جي ڪهاڻين جي تاڃي پيٽي ۾ اڻيل موجود آهن.
    مرچي پارٽي ۽ ڪاڪٽيل پارٽي ڪهاڻين ۾ اوچي سوسائٽيءَجا ٻه اهڙا رخ ۽ روپ اسان جي اڳيان آندا ويا آهن جن وسيلي هڪ طرف ويهين صديءَ۾ عورتن کي مليل آزاديءَجون حدون لتاڙيل معلوم ٿين ٿيون ته ٻئي طرف مرداني ٻهروپي سماج جي معتبر ڪردارن جي چهرن تان ماسڪ لهندي محسوس ٿين ٿا.هي ڪهاڻيون رڳو هندستان جي سماج جون نه آهن پر سنڌ جي شهري سوسائٽي خاص ڪري ڪاسموپوليٽين سوسائٽي جون به ڪهاڻيون آهن.ڪراچي ۽ حيدرآباد جي پلازائن ۽ بنگلن جون روشن ۽ رنگين راتيون”دل دريون درپن”ڪهاڻي کان ڪنهن به صورت ۾ مختلف نه آهن.انسانيت ۽ تهزيب کان وانجهيل سوسائٽي يورپ جي هجي ،هندستان جي هجي لاهور جي هجي يا ڪراچيءَ جي هجي.ان جا ڪردار “در دريون درپن” ڪهاڻي جي ڪردارن جهڙا ٿي سگهن ٿا.هيءَ ڪهاڻي هن مجموعي جي شاهڪار ڪهاڻي آهي جيڪا هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي جيڪو شولاپور مان بمبئي انٽرويو ڏيڻ اچي ٿو ۽ رستي تي ٿاٻڙجي ڪرڻ سبب ڄنگهه جو هڏو ڀڃائي ويهي ٿو ۽ کيس پنهنجي هڪ ويجهي عزيز جي خالي فليٽ ۾ پندرهن ڏينهن رهڻا پون ٿا هُو واندڪائيءَ ۽ ننڊ نه اچڻ جي صورت ۾ فلئٽ جي دريءَ وٽ ڪرسي وجهي سامهون واري بلڊنگ جي درين جي لڪڇپ راند ڏسڻ جو هيراڪ ٿي وڃي ٿو.اهڙا نظارا پلازائن ۽ اوچين بلڊنگن جي درين مان اسان مان الائي ڪيترن ڏٺا ضرور هوندا پر ريٽا جنهن تخليقي انداز ۽ سچائي سان ڪردار جي زباني فليٽن جي ٻهروپي زندگي جا عڪس چٽيا آهن.اهي سندس فن جو ڪمال آهن.مثال طور اپاهج ڪردار جي خودڪلاميءَ جا چند جملا “ناٽڪن جي ڪردار ويچارن کي ڪهڙي ڄان ته هڪ اڻڄاڻ اپاهج ،هڪ اونداهي ڪنڊ ۾ ويهي هنن جا چهچٽا ڏسي رهيو هو.هنن جا اڇا ۽ ڪارا سڀ پڌرا ٿي رهيا هئا پر منهنجي ڏسڻ سان هنن تي ڪهڙو فرق پوڻو آهي؟ها منهنجي ڄاڻ ضرور وڌي رهي آهي.نوان انڀوء ملي رهيا آهن.ماڻهن جا اصلي ۽ نقلي چهرا ڏسي رهيو آهيان.”
    “بچايو”مني ڪهاڻي هڪ اهڙي منتري جي ڪهاڻي آهي جيڪو عوام کي بجلي گهٽ استعمال ڪرڻ يعني بجلي بچائڻ جو ڀاشڻ ڏئي ٿو پر پاڻ سان گڏ سوين اسڪوٽر ۽ ڪارون جلوس ۾ کڻي هلي ٿو.جن ۾ ڪيترو پئٽرول ۽ ملڪ جي ڪيتري دولت خرچ ٿيندي هوندي.ان جو کيس احساس نه آهي.هيءَ ڪهاڻي “رياستي ٻهروپيت جو عمدو مثال آهي.”مرچي پارٽي، ۾ فئشنيبل ۽ وڏ گهراڻيون عورتون (whore)
    (طوائف) جي لباس ۾ آزاديءَ سان گانا ڳائي جشن ملهائي نام نهاد آزاديءَ جو اظهار ڪن ٿيون ۽ سندس اهو آزاديءَ جو غلط استعمال مردن کي مڇرائي وجهي ٿو.
    ريٽا جون اڪثر ڪهاڻيون سندس لفظن ۾ “کڻڪ ڪهاڻيون”(کن پل جون ڪهاڻيون) آهن پر انهن جي مختصرپڻي پويان طويل سماجي پس منظر ۽ دائرو موجود آهي.اهي محدود لفظن جي ڄار ۾ لا محدود ڪئنواس رکندڙ ڪهانيون آهن.جن ۾ گنڀيرتا ۽ سنجيدگي به آهي طنز ۽ مذاق به موجود آهي ته سماج جي ٻهروپي ۽ معتبر ڪردارن جي مڪاريءَ تي طنز به آهي.ننڍا ننڍا انڀوء تجربا ۽ موضوع وڏيون وڏيون حقيقتن تان پردو کڻن ٿا اِن پُٽ آئوٽ پُٽ، نمي کمي نهار ،ٻه مونو لاگ(بيٺو ۽ بيٺي)،وقت جي سئي (رشتن جي حوالي سان هڪ لاجواب مني ڪهاڻي) معصوم ڪردار ،مان آهيان نه ،شادي جي پهرين رسم ،شادي جي آخري رسم،وقت جا نشان مني ڪهاڻيون کن پل جون ڪهاڻيون آهن پر هر ڪهاڻي انساني نفسيات (منووگيان)۽ سماج و آئينو آهي.”پرزم جا پرزا” ۾ عقيدت ۽ احترام جا جذبا هڪ جملي ۾ ڪيئن پرزا پرزا ٿين ٿا.اهو پڙهڻ سان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو.اهڙي طرح ڪمئيندڙ عورت ۽ ماءُ جي پيرن هيٺان”ڪهاڻيون انساني رشتن جي ڀڃ پروڙ جو حد نشان آهن.”ٽاڪئون شيشو” ڪهاڻي هر ان ماءُ ۽ پيءُ کي ضرور پڙهڻ گهرجي جن جا جهيڙا ۽ رويا ٻارن جون ذهني صلاحيتون قتل ڪن ٿا.
    مطلب ته هن مجموعي جي ڪا اهڙي ڪهاڻي نه آهي جيڪا تاثر نه ڇڏي ۽ سوسائٽيءَ جي ڪنهن رخ جي اکيل نه ڪندي هجي.هن قسم جون سماجي ڪهاڻيون باوجود ان دعوي جي ته ڪهاڻيڪار جو ڪم واقعن کي پيش ڪرڻ آهي ۽ حل ڏسڻ نه آهي! سماج کي ڪونه ڪو دڳ يا رستو ضرور ڏيکارينٿيون.هنن ڪهاڻين ۾ سماج جي بدلاءَ جي سوچ موجود آهي.جيڪا ڳالهه ئي هنن ڪهاڻين جي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ آهي.پر اسان جي ماهر ڪهاڻيڪار ريٽا شهاڻي ڪٿي به تبليغ ،پروپگنڊا ۽ پرچار کان ڪم نه ورتو آهي.فن ڪلا ڏات ۽ ڏانءُ ان کي ئي چئبو آهي.

    تاج جويو
    24 اگسٽ 2005ع
    حيدرآباد سنڌ


    • ريٽا شهاڻيءَ جون ڪهاڻيون

    شريمتي ريٽا شهاڻيءَ کي سنڌي ساهت جي دنيا ۾ داخلٿئي گهٽ سال ٿيا آهن .ياد نٿو پويم پر اهو ڄاڻان ٿي ته ڪافي عرصي کان هوءَ لڳاتار لکي رهي آهي.هن جي سنجيدگيءَ سان قلم هلايو آهي ۽ مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
    بقول پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ “ساهت اهو جو زندگي جي ترجماني ڪري،ساهتڪار جي ذميداري آهي ته سماجڪ اوڻاين جي اوگهڙ ڪري پر ساهتڪار ته سماج سڌارڪ ۽ نه سنت جو اپديش يا پروچن ڏئي.ساهتڪار کي ڪلائمڪ نموني انساني جيون جي آرسي ڏيکارڻي آهي.”
    ريٽا جي اڪثر ڪهاڻين ۾ اڄ جي جيون جي آرسي آهي ۽ سماجڪ اوڻاين جي اوگهڙ ڪيل آهي.ڪن ڪهاڻين ۾ منوگيانڪ مسئلا به کنيا اٿائين.هن گهري نظر رکندڙ ۽ انڀوي ليکڪ جيان پنهنجين ڪهاڻين ۾اڄ جي جيون جا چتراڀاريا آهن.
    ساهت نسبت ان نقطي کي کڻي ته “ڪلا ڪلا لاءِ يا ڪلا زندگيءَ لاءِ”گهڻو تمام گهڻو نه ختم ٿيندڙ واد وواد ٿيو آهي.پروفيسر ملڪاڻيءَ “ڪلا زندگي لاءِ “واري اصول جو پيروڪار هو اسان مان گهٽ اها مڃتا کڻي لکندا رهيا آهن.ڪي جديد ليکڪ ان اصول کي بلڪل ريٽين ٿا.
    ليکڪه ريٽا شهاڻي ڪنهن به واد(ism) ۾ نه ٻڏي آهي.هن سهج سڀاءُ اڄ جي ڪٽنبي جيون ۽ سماجڪ ماحول ۾ جيڪي اوڻايون آهن.ٽٽندڙ رشتا آهن .ملهه(values) رهيا ئي نه آهن۽ پئسو ئي پير آهي.ان قسم جون تصويرون پيش ڪيون آهن.اسين اصول ڪهڙو به اپنايون لکڻ مهل اهو ڪم نه ايندو آهي.ياد به نه هوندو آهي.لکڻ مهل گهرجي ته سمجهنا ۽ بي ساختگي.
    ريٽا جون ڪهاڻيون پڙهڻ بعد مون کي ائين لڳو “قت جي سئي” ،معصومڪردار ،در دريون درپن ،لننڊ ڇو نه ٿي اچي ۽ نمي کمي نهار اهي ڪهاڻيون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معياري آهن.
    وقت جي سئي ڪهاڻيءَ ۾ ٻالڪپڻي جي ارڏاين ۽ ٻڍاپي جي بيوسين جو تضادي چتر آهي.ڪنهن وقت جيڪو پيءُ پنهنجي ٻالڪ پٽ جو پنڌ نه ڪري سگهڻ ،ٿاٻا کائڻ يا سوپ يا کير هارجي پوڻ جهڙيون ڳالهيون چوڻ وچان گوارا ڪيون.اهو پيءُ جڏهن برڌ اوسٿا(ٻڍاپڻ) ۾ پهتو آهي ته سندس پنڌ ڪندي ٿاٻڙجي پوڻ يا سوپ هارجي پوڻ انهن ڳالهين تان جوان پٽ ڏاڍو خفي ٿو ٿئي.”سڀاويڪ پيرسن پيءُ کي پٽ جي ٻالڪ اوسٿا دوران منظر اکين اڳيان ٿي ڦرن.پيءُ جو ويچارو ڪردار همدردي ٿو حاصل ڪري جيڪو ئي ليکڪه جو مقصد آهي.
    معصوم ڪردار ڪهاڻي جو ننڍڙو ٻالڪ پنهنجي دنيا ۾ محو آهي پنهنجي ماءُ پيءُ جي شادي جو سهڻو فوٽو ڏيکاريندي هو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپي.هن جي ماءُ ٻي شادي ڪئي آهي.سندس اصلي پيءُ ڪو ٻيو آهي.اهي ڳالهيون هنجي سمجهه جي دائري کان ٻاهر آهن.هن ٻالڪ جي اجهل خوشي سندس معصوميت جو ڀرپور احساس ڏياري ٿي.
    مون کي در دريون درپن ڪهاڻي مواد توڻي جڙت جي خيالن کان بهترين لڳي. وقت جا ٻرندڙ مسئلا رشتن ۾ ڏار ،منهن جو وڃائجڻ ،چهرن مٿان چڙهيل نقاب ،اڄ جي زندگيءَ جا بدصورت پهلو.مان جي ڪردار معرفت اڀاريا ويا آهن.مان جي ڪردار جي واقعاتي مجبوري ۽ تيز نظر ڪهاڻيءَ ۾ بلڪل ڦهڪيل ٿي لڳي.حقيقت ۾ ئي ٻيون ڪهاڻيون سڀ منهنجو ڏوهه ،چهري مٿان چهرا ،ڪاڪٽيل جي پارٽي ساڳين انساني ڪمزورين ۽ سماجي گراوٽن بابت لکيل آهن.پر هيءَ ڪهاڻي ادبي رنگ ۽ نوع جي ڪري الڳ ٿي بيٺي آهي ۽ ٻيون ئي ڪهاڻيون ڄڻ هن ڪهاڻيءَ ۾ سمائجي ويون آهن.
    ننڊ ڇو نه ٿي اچي؟هڪ هٿڻ هار نوجوان جي ذهن ۾ الڙ عمر جي شوقن ۽ وڏڙن جي نصيحتن جا پڙاڏا گونجي رهياآهن.انهن جي ٽڪر مان تناءُ(ڇڪ) پئدا ٿو ٿئي ۽ هن کي ننڊ نٿي اچي.سڌي سادي لهجي ۾ لکيل مانسڪ(ذهني) ڪشمڪش سبب پيدا ٿيل پيڙاءُ نسبت اثرائتي ڪهاڻي آهي.
    نمي کمي نهار مني ڪهاڻي آهي سس ننهن جي کٽي رشتي تي گهڻيئي ڪهاڻيون لکيون ويون آهن پر هن ڪهاڻيءَ جو لطف ئي ٻيو آهي.

    ڪلا پرڪاش
    آديپور ڀارت


    • اڄ جي ڪهاڻي ۽ مان

    ڪهاڻي ساهت جي گهڻي ۾ گهڻي پڙهڻ واري صنف آهي.پنهنجي ننڍي قدوقامت۽ دلچسپ نوع سبب اها پاٺڪن کي پياري آهي. ڪهاڻي گهڻي پڙهي وڃي ٿي ۽ ظاهر آهي گهڻي لکي وڃي ٿي.
    انساني سڀاءَ ۾ ڪهاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جو شوق مانو جيون(انساني زندگي) جي جنم کان وٺي رهيو آهي.جڏهن کان وٺي ماڻهن هڪ ٻئي سان گفتگو ڪرڻ شروع ڪئي.چاهي اشارن ۾ ،مدرسائن ۾ ،معني خيز آوازن ۾ يا صاف اڪريل لفظن ۾ ،ڪهاڻيءَ جو آغاز ٿي چڪو هو.سولن لفظن ۾ ڪنهن دلچسپ واقعي جي ورثن کي ڪهاڻيءَ جو درجو ڏئي سگهجي ٿو.ڪهاڻيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ماڻهن جي گهرج ٿيندي آهي.هڪ چوڻ وارو ۽ ٻيو ٻڌڻ وارو ۽ لکيل ڪهاڻيءَ ۾ هڪ لکڻ وارو ۽ سوين ۽ هزارين پڙهڻ وارا.
    ساهت ، سماج جوآئينو آهي ۽ سماج دائمي ڦرندڙ گهرندڙ آهي.تنهنڪري ڪهاڻي ڪلا ڪيترا ئي رستا طئي ڪري مختلف حالتن مان گذري اڄ واري روپ تي پهتي آهي.
    ڪابه ڳالهه ننڍي هجي يا وڏي هجي ياواقعو تهذيب هجي يا ادب ناول هجي يا ڪهاڻي ننڍي ڪهاڻي هجي يا وڏي ڪهاڻي ان کي وڌائڻ ۾ رڳو هڪڙو جزو جوابدار ڪونه هوندو آهي.ڪيترا واقعا بيشمار شخصيتون اڻ ڳڻيون ڳالهيون ان کي وڌائڻ ويجهائڻ نکارڻ ۽ سنوارڻ ۾ مدد ڪنديون آهن.رچناڪار جون رهنما بڻجنديون آهن .هن جي رچنا کي وسعتون خاصيتون ۽ رفتار بخشينديون آهن.هر رچنا سان ايئن ٿيندو آهي منهنجين ڪهاڻين سان به ايئن ٿيو.
    روبندر ناٿ ٽيگور پنهنجين ڪهاڻين جي ڀيٽ هڪ هلندڙ ٻيڙيءَ جي دريءَ جي نظاري سان ڪئي آهي.ڇاڪاڻ ته اها هڪ دري آهي.نظارو مڪمل ٿي ڪونه سگهندو.اهو زندگيءَجوصرف هڪ ننڍڙو حصو هوندو ڇاڪاڻ ته ٻيڙي هلي رهي آهي .اهو نظارو هر وقت تبديل ٿي رهيو هوندو.
    ڪڏهن ليکڪ پنهنجي ڪهاڻي ذريعي پنهنجي اندر جي صفائي Catharsis ڪندو آهي.هتي مان روسي ليکڪ ائٽن پبلو چيخوف جي هڪڙي ڪهاڻي جو ذڪر ڪنديس.جيڪا هن ويهين صديءَ جي شروعات ۾ لکي هئي.ان جي اصلي نالي جي مون کي ڄاڻ ناهي پر ان جي هنديءَ جي ترجمي جو نالو آهي”ايڪ ڪلارڪ ڪي موت”(اهاڪهاڻي سنڌيءَ ۾ “ڪلارڪ جي موت “جي عنوان سان ڪافي وقت اڳ ولي رامولڀ ترجمو ڪئي هئي۽ “انڊلٺ”ڊائجسٽ ۾ شائع ٿي هئي.)ناٽڪ ڏسندي مهل هڪ ڪلارڪ ڇڪ ڏني ۽ سندس ڇڪ جا ڪي ڇنڊا اڳيان ويٺل سندس آفيسر جي گنجي ٽپڻ تي پيا.بعد ۾ ليکڪ چيخوف پنهنجي دوست کي خط ۾ لکيو”ان ڪهاڻي لکڻ بعد مون کي لڳو ڄڻ ته مون پنهنجي وجود ۾ سمايل غلاميءَ جي احساس جي آخري بوند کي نپوڙي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو”“در اصل چيخوف جوڏاڏو غلام رهي چڪو هو.ليکڪ لاشعوري طور ڪهاڻي لکندي مهل پاڻ کان به لڪک جذبا پنهنجين لکڻين ۾ وجهي پنهنجي من کي اوجل ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. ڪهاڻيڪار جي تخليقيت جي پرڪريا(Process) ڪجهه هن طرح ٿيندي آهي.
    هو پنهنجي ڏٺل ماضيءَ ۽ اڻ ڏٺل مستقبل کان پاڻ ڇڏائي هتي ۽ هينئر جيئڻ لڳندو آهي.زبان ۽ مڪان هڪ هنڌ فريز(Freeze) ٿي ويندا آهن.۽ اهو کِڻ ،ان تخليقڪار جو کِڻ بڻجي پوندو آهي.هو پنهنجي فن سان ان کڻ کي جيئاري ڇڏيندو آهي.پاڻ کي نه بچائيندي سچائيءَ سان ٻئي جي نظر(خارجي نظر)سان ڏسڻ ۽ ڀوڳڻ جي صلاحيت “اڄ جي ڪهاڻي” جي پهرين تقاضا آهي. زندگي کي جيئڻ جو تيئن ڪاغذ تي لاهڻو ناهي .اهو چوڻ ته مون سان ايئن ٿيو يا فلاڻي سان ايئن ٿيو ڪافي ناهي.ان ۾ ڪجهه فنائتو هئڻ لازمي آهي.ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيءَ جو ماحول مقرر آهي.”کڻڪ”ماحول آهي جنهن ۾ تناءُ(ڇڪ) هراس ۽ ڪامپليڪس به هجن،ته ظاهر آهي سيڪس(sex) ان جو ئي حصو آهي.پر سيڪس کي رڳو جسماني پهلو ڪونه ٿيندا آهن،ان کي منووگيانڪ پهلو به ٿي سگهن ٿا.جڏهن پنهنجي ارد گرد ڪا ڳالههمن کي لوڏي ئي اندر ۾ ڪو وراڪو پوي ٿو.ان وقت چيتنا ،جا دروازا کلن ٿا.وشواس جوڳي ڳالهه ڳولڻ وارو ڪلاڪار پنهنجي اندر ۾ پنهنجي اڌ وسريل ماضيءَ ۽ اڻ ڏٺل مستقبل جي وچ ۾ ياترا ڪندو رهي ٿو.پنهنجين يادگيرين ۾ ڪجهه ڳوليندو رهي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن هو بنا ڳولڻ جي به انهن کي پاڻ وٺي ٿو.ڇاڪاڻ ته چيتنا جي دروازن پٺيان هر وقت ڀڻ ڀڻ کس کس جاري هوندي آهي.جنهن کي هن جا اندريان ڪن جهٽي وٺندا آهن ۽ قلم پاڻهي چرڻ لڳندو آهي.هن جو انتهه ڪرڻ هڪ اهڙي ندي بڻجي پوندو آهي.جنهن جا ڌارا کي سچيتيءَ جو وهڪرو(stream of consciousness) جو نالو ڏنو ويندو آهي.جتي زمان ۽ مڪان جي نقطا گڏجي رچناڪار جاکڻ بنجي پوندا آهن.چاهي ڪمري ۾ اڪيلا هجون ياماڻهن جي ميڙ ۾ اسان جي اندر ڪجهه ٺهندو ۽ جڙندو رهندو آهي.۽ اهڙي طرح ڪهاڻيءَ جو سرجڻ ٿيندو آهي.
    سرجڻ ۽ شلپ(گهڙت) گڏجي هڪ رچنا جو نرماڻ ڪن ٿيون.ڪڏهن ٻئي ڳالهيون هڪ ئي وقت ٿين ٿيون ته ڪڏهن اڻ لکي وڇوٽي رهي ٿي.ڪڏهن ذهن جي به شموليت رهي ٿي ته ڪڏهن ان بنا به تخليق ٿي وڃي ٿي منهنجون ڪهاڻيون سماج جي اوچي طبقي سان وابسته آهن پنهنجي ارد گرد ٿيندڙ معاشري جون اوڻايون پاڻهي منهنجين ڪهاڻين ۾ اچي وينديون آهن.هن ڪهاڻين ۾ گهڻي ڀاڱي انساني رشتن جون منجھائيندڙ تندون نظر اچن ٿيون ۽ گهريل مسئلن سان مکاميلو ڪرائين ٿيون.مان مڃان ٿي ته رچناڪار جي جوابداري سماج سڌارڻ جي ناهي نه ئي ڪنهن مسئلي جو حل ڪڍڻ ئي هن جو ڪم آهي صرف حالتن سان دوبدو ٿي انهن کي پاٺڪن جي اڳيان رکڻ. اڄ جي ڀڄ ڀڄان ۽ ٽي وي ڪلچر واري دور ۾ پڙهڻ جو وقت گهٽ ملڻ سبب هڪ نئين صنف مني ڪهاڻي وجود ۾ آئي آهي مني ڪهاڻي يعني ٿوري ۾ گهڻو چوڻ ۽ سگهاري انداز سانچوڻ ايئن چوڻ جو پڙهندڙن تي پنهنجو تاثر ڇڏي سگهي.مني ڪهاڻي، ڪوتا ۽ ڪهاڻي جي وچ ۾ ڪجهه آهي.ٻنهي جو ساڳيو جزو آهي سندن مختصر پڻو.پر اها ڪوتا گهٽ ڪهاڻي وڌيڪ آهي.ڪجهه شوخي ڪجهه شرارت ڪجهه مبهم درد ، ڪجهه طنز ،ڪجهه انتظار ۽ اچانڪپڻو ،اهي آهن مني ڪهاڻيءَ جون علامتون مختصر هئڻ سبب ان ۾ مون ڀاسا پاڻهي اچي ويندي آهي يعني ڪجهه ڳالهيون اڻ ڇپيل ڇڏيون وينديون آهن.ويهين صدي دنيا ڀر جي عورتن لاءِ حيرت انگيز تبديليون کڻي آئي ۽ اسين سڀ ان ڳالهه کان واقف آهيون.اسان جون عورتون به اڳي کان وڌيڪ سجاڳ ،خودمختيار ۽ آزاد ٿي پيون آهن.خاص ڪري شهري عورتون پر ان شفي(positive) صورتحال .اسان جي گهريلو حياتيءَ تي ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي ڇا ان جا سڀ نتيجا خوشگوار نڪتا آهن؟منهنجين ڪن ڪهاڻين ۾ اهڙين حالتن کي به درشايو ويو آهي.مردن جي صدين کان پاڙون پڪڙيل ذهنيت ،سڀاءُ ۽ وهنوار ۾ اهڙو تڪڙو ڦيرو اچڻ ڇا ممڪن يا سڀاويڪ آهي؟ڪيئن مٽي سگهندا.هو پنهنجن ويچارن کي پنهنجين مڃتائن کي؟عورت ۽ مرد جي رشتن جي ميزان ٽٽڻ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟منهنجين گهڻين ڪهاڻين ۾ اهڙا سوال اٿاريا ويا آهن مثال طور “سڀ منهنجو ڏوهه” ،چهري مٿان چهرا”،ڪمائيندڙ زال ،در درين درپن ،مرچي پارٽي ،جدا ٿي ويل جوڙن جي ٻارن جون ذهني پريسانيون ،عقوبتون بيان ڪن ٿيون.منهنجيون مني ڪهاڻيون آخر ٻارن جو ڪهڙو قصور آهي؟هنن کي ڇو ٿو ڀوڳڻو پوي؟چار ڪهاڻيون شهري اوچي طبقي جي پارٽين جا منظر پيش ڪن ٿيون.مرچي پارٽي ،در دريون درپن ،ڪاڪٽيل پارٽي ۽ چهري مٿان چهرا منهنجين ڪهاڻين ۾ نه غربت آهي نه مسڪيني نه سياست جا پيچيدا مسئلا آهن ۽ نه سماجڪ ڀيد ڀاوء اهي گهڻي ڀاڱي رشتن جي منووگيان سان لاڳاپا رکن ٿيون.هن مجموعي ۾ ننڍڙيون توڙي وڏيون بندريون توڙي ڊگهيون ڪهاڻيون شامل آهن.ڪي وڏيون ننڍيون ڪهاڻيون ته ڪي ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون آهن.ڪي مني ڪهاڻيون (جن کي هندي ۾ لگهو ڪٿا جو نالو ڏنو ويندو آهي) آهن ته ڪي مائڪرو مني ڪهاڻيون (جن کي هندي ۾ کشڻڪ سڏيو ويندو آهي ڇا اسين انهن کي کڻڪ(پل) ڪهاڻين جو نالو ڏيئي سگهون ٿا.) مان اڪثر سوچيندي آهيان ته ڪهاڻيءَ جي آڪار کي ڪيتري اهميت ڏيڻ گهرجي؟ڪي ڪهاڻيون ڏيل ۾ لنبيون هئڻ جي باوجود به ايترو ڪجهه ٻڌائي نه سگهنديون آهن جڏهن ته ڪي وري ننڍڙيون پتڪڙيون ڪهانيون گهڻو ڪجهه چٽي وينديون آهن.مان ننڍڙين ڪهاڻين کي “مختصر ڪهاڻيون” سڏڻ کان به ڪنارو ڪنديس ڇاڪاڻ ته اهي ننڍڙيون هوندي به مختصر ناهن هونديون.انهن جو دائرو لامحدود ٿي سگهندو آهي.اهي افق تائين پهچڻ جون صلاحيتون رکنديون آهن.انهن جون معنائون اڻميون ٿي سگهنديون آهن.هن مجموعي ۾ مون سڀني قسمن جون ڪهاڻيون گڏي سڏي پيشآ ڪيون آهن ڀل پڙهندڙ اندازو لڳائين ته ڪهڙي ڪهاڻي ڪهڙي آهي؟
    موضوع ۽ نوع جي هساب سان ڪي سنجيده آهن ته ڪن ۾ اڻلکو مذاق آهي ته ڪن ۾ طنزمون عورت ۽ مرد جي جي رشتن کي متوازن نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ صرف هڪ ڌر کي ڏوهه ڏيڻ کان ڪنارو ڪيو آهي نه Feminist بڻجڻ جي دعوي ٿي ڪريان ۽ نه مرد جو پاسو ٿي کڻان.سماج ۾ جن حقيقتن کي مون ڏٺو آهي ۽ محسوس ڪيو آهي اهي خود بخودمنهنجين ڪهاڻين ۾ اچي ويون آهن. مون کي ياد ٿو اچي ته پروفيسر اي.سي.برنڊلي مشهور انگريز نقاد جو آڪسفورڊ ۾ ڏنل ليڪچر جو هڪ گفتو”گنڀير سنسني خيز موضوعن تي معياري رچنا جي بنسبت مبهم ۽ معمولي موضوع تي سٺي ۽ معياري رچنا لکڻ ۾ وڌيڪ قابليت ۽ ڪلا جي درڪار آهي.”حاصل مطلب اهو آهي ته موضوع ڪهڙو به هجي اهم سوال پيشڪش جو.اها منهنجي خوشقسمتي آهي ته منهنجو ناول”گونگي گگن سان گفتگو” هند ۾ شايع ٿيڻ جي بدران حيدرآباد سنڌ (جولاءِ 2001ع) ۾ پڌرو ٿيو.۽ هاڻي هيءُ ڪهاڻين جو مجموعو ڀارت کان پهرين سنڌ ۾ ڇپجي رهيو آهي.جنهن لاءِ مان پنهنجي ننڍي ڀاءُ سمان موهن مدهوش جي بيحد شڪر گذار آهيان هو نهايت پيار صبر ،عزت ۽ احترام وچان منهنجو هيءُ ٻيو ڪتاب ڇپائي رهيو آهي.اميد ٿي ڪريان ته منهنجون هي ڪهاڻيون سنڌ جي پيارن پاٺڪن ۾ پسند پونديون آمين !


    ريٽا شهاڻي


    • رشتا ناچ نچن پيا ريٽا شهاڻي

    رشتا
    جيون کي ارٿ ڏين ٿا
    سوز ڏين ٿا
    هر روز ڏين ٿا
    رشتا
    ڏنگن ڀاڏن رستن تان
    لنگهن ٿا
    نقش ڇڏن ٿا
    جي ٺهن ٿا
    ۽ ڊهن ٿا
    جي ڀڄن ٿا
    ۽ ڀرن ٿا
    جڙن ٿا
    ۽ ٽٽن ٿا
    رشتا
    ناتا
    شيشا شيشا
    پرزا پرزا
    ڇا جنم جنم جا ناتا
    يا هڪ قوم جا ناتا
    رشتا ناچ نچن پيا
    روحاني ناتا
    جسماني ناتا
    طوفاني ناتا
    ڄڻ پاني پاڻي ناتا
    رت جا رشتا
    پاڻيءَ جا ناتا
    جل تي ڄڻ ڪنهن ليڪا پاتا
    نوراني ناتا
    ناداني ناتا بدنامي ناتا
    جگري جاني ناتا
    دم دم جا ناتا
    هر دم جا ناتا
    شيشا شيشا
    ٽڪرا ٽڪرا
    رشتا ناچ نچن پيا
    جيون کي غم ڏين ٿا
    ماڻهوءَ کي غم ڏين ٿا
    اکيون پُرنم ڏين ٿا
    اُمنگ دَم دَم ڏين ٿا
    رنگين ناتا
    غمگين ناتا
    شرميلا ناتا
    زهريلا ناتا
    درديلا ناتا
    نيڻ نشيلا ناتا
    پوءِ به هي ڪهڙا ناتا
    هي ڪهڙا رشتا
    شيشا شيشا
    پرزا پرزا
    رشتا ناچ نچن پيا


    1. مرچي پارٽي

    مهيش آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو.ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ سامهون ڪوٽ پهري رهيو هو ته انيتا اڳيان وڌي آئي ۽ سندس ٽاءِ جي ڳنڍ سنوارڻ لڳي.ڏانهنس پيار وچان نهارڻ لڳي
    “ڇو ڪهڙي ڳالهه آهي”اڄ تنهنجو پيار پيو اڇلون ڏئي؟
    توهان کي ٽاءِ ٻڌڻ به ڪٿي ٿي اچي پورِي؟هن نخري سان چيو
    “اڄ مطلب جي ڳالهه تي !”
    “ٻڌو اڄ مون تي هڪڙي مهرباني ڪندا ؟”
    “مهرباني”
    “ها رات جو ٿورو دير سان اچجو پليز !”
    ڇو؟
    “ڪلب مان ڊنر کائي ايندا ته بهتر ٿيندو”
    “مان پڇان ٿو آخر ڇو؟”
    “اڄ رات اسان جي گهر ۾ ليڊيز ڪلب جي پاران ڊنر رکيل آهي”
    “سو ڇا ؟ڇا مرد ان پارٽي ۾ شامل ڪونه ٿيندا؟”
    “نه نه هن ڀيري “ليڊيز پارٽي”آهي”
    “اڳئين ڀيري ته گڏيل سڏيل پارٽي هئي.زالون مڙسن سوڌيون آيون هيون”
    “اڳئين ڀيري جي ڳالهه الڳ هئي .ان وقت اسان فئشن شو جيان ڪجهه ڪيو هو لباس لاءِ به هڪ خاص ٻنڌن رکيو هوسين.هن ڀيري به رکيون اٿئون”
    “ها ،مون کي ياد آهي اها پائجاما پارٽي هئي.”
    انيتا کلڻ لڳي”سڀني کي رات جي ڪپڙن ۾ اچڻو هو ۽ سڀني ائين ئي ڪيو .ڪيڏو مزو آيو نه ؟ڪي نائيٽ سوٽ ۾ ڪي زالون نائٽيز ۾ ڪي گائون ۾ ڪن ته خاص ڪپڙا ويهي سبايا هئا.”
    “ها ڪافي دلچسپ هئي اها پارٽي هن دفعي جو ٽاپڪ ڪهڙو رکيو اٿو”
    “مرچي پارٽي”
    “اڙي واهه تڏهن ته ڪافي انٽريسٽنگ ٿيندي”
    تڏهن ڇا؟
    “۽ خوب لطف ايندو”
    “اڙي ،توهان کي ٿوروئي اچڻو آهي؟”مردن کي اچڻ منع آهي”
    “اڙي اهڙو ظلم ڇو؟”
    “ساري ،مرد اچي ڪونه سگهندا.”
    “اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن کي توهين مردن کان لڪايو ٿيون”
    “اها ڪلب زالن جي آهي زالون ئي سڀ قاعدا ٺاهينديون آهن قاعدن جو پالن ته ڪرڻو ئي پوندو نه !”
    “اڙي واهه! اسان جي ئي گهر ۾ اسان تي ئي قاعدا لاڳو ڪيا ويا وڃن؟اهو ته سراسر انياءُ آهي!”
    “بس ائين ئي آهي”
    “پر اسان جو ئي گهر ڇو چونڊيو ويو آهي؟”
    “مون پاڻئي ته آڇ ڏني.ڇا مان پنهنجو گهر آفر نه ٿي ڪري سگهان؟”
    “ڪري سگهين ٿي .مگر مان به ته گهر جو ڀاتي آهيان.مون کي ته اچڻو پوندو ۽ اچڻ گهرجي”
    نه نه مردن کي اچڻو ناهي.مان رُڪئيسٽ ٿي ڪريان اوهان ته پليز رات جو گهر ۾ دير سان اچو”
    “گهڻي بجي”
    “يارهين بجي کانپوءِ”
    “يعني ته سڀاڻي گهر اچان ته بهتر ؟اها ته زبردستي آهي سڄي رات گهر مان نيڪالي ملي آهي مون کي”
    “اڄ مهرباني ڪري منهنجي ڳالهه مڃو نه ! منهنجي واسطي”انيتا مهيش جي ڳلي ۾ ٻانهون وجهندي چيو

    “يار اميت اڄ تنهنجو ڪهڙو پروگرام آهي”مهيش پنهنجي آفيس مان فون تي ڳالهائي رهيو هو.
    “ڇو ڇو ٿو پڇين اهو سوال؟”
    “اڄ مان آفيس ۾ دير تائين ڪم ڪندس.اٽڪل ساڍي ڇهين لڳي تائين تون ڪلب اچين سگهندين؟”
    “ها ها مان فري آهيان”
    “برج جا ٻه ٽي رائونڊ کيڏنداسين ۽ پوءِ بار ۾ هلي ويهنداسين”
    “اڄ اڪيلو آهين؟”
    “ائين سمجهه وقت کي ڪيئن به ڪِل (kill)ڪرڻو اٿم
    “ مون سان به ته ساڳئي ويڌن آهي”
    “اهو وري ڪيئن”
    “پڇين ٿو ڪيئن تنهنجي گهر ۾ ئي ته زالن جي پارٽي آهي ۽ مردن جي انٽري تي پابندي لڳائي وئي آهي.”
    “مار پشپا به اتي ويٺي آهي؟عجيب ڳالهه آهي اهڙي ڳالهه نه ڏٺي نه ٻڌي”
    “نيٺ ماجرا ڇا آهي”“
    “خبر پئجي ويندي ڪجهه نه ڪجه ڪبو ضرور”
    “ڪو نه ڪو رستو ڪڍي وٺبو”
    “تون ڪلب ۾ وقت تي پهچي وڃ ڪجهه سوچي وٺبو”
    طئي ٿيل پروگرام مطابق ٻئي دوست ڪلب جي برج روم ۾ گڏيا ڪلاڪ کن برج کيڏڻ بعد بار ۾ وڃي ويٺا ۽ گپ شپ ڪرڻ لڳا
    “مهيش هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ آهي دلچسپ پر بيحد ڇرڪائيندڙ”
    “ها ڇونه يار”
    “اڄ پنهنجي بيڊ روم جي سائيڊ ٽيبل تي مون کي هڪ ڪارڊ لڌو اڄ جي ڊنر جو دعوت نامو ليڊيز ڪلب پاران”
    “اڙي جلدي ٻڌاءِ ڇا لکيل آهي ان ڪارڊ ۾”
    “لکيل آهي اوهان کي فئنسي پريس پارٽيءَ لاءِ نينڍ آهي “مرچي پارٽي”ڪم ڊريسڊ ائز آهور(Come dressed as a whore)
    “هور!”
    “يعني طوائف جي پوشاڪ ۾ اچو”
    “او ماءِ گاڊ هئو شاڪنگ”
    “وڌيڪ لکيل آهي اُتي چٽا ڀيٽي ٿيندي بهترين پوشاڪ واري طوائف کي انعام ڏنو ويندو”
    “۽”
    “مردن جي انٽري تي بندش آهي”
    “شڪر آهي”
    “ شڪر آهي ڇو؟”
    “اڙي ڪهڙي مرد جو ٻچو چاهيندو ته سندس زال کي ٻيو ڪو مرد اهڙي پوشاڪ ۾ ڏسي”
    “واقعي سچ ٿو چوين”
    مهيش ٿوري دير خاموش ٿي ويو هو.هن جون مٺيون ٽائيٽ ٿي ويون هيون ۽ سندس چهرو گلابي ٿيندو پئي ويو.جھڻ ته هو پنهنجي ڪاوڙ کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    “هي ماڊ عورتون ڪهڙا ڪهڙا نوان شغل ايجاد ڪري رهيون آهن !”
    صرف پنهجي مزي لاءِ اهڙا وندرائڻ جا ساٽن پيون ڳولهين”
    “ڊسگزٽنگ !وري مزو ته ڏسو منهجي ئي گهر ۾ منهنجي ئي اينٽريءَ تي روڪ وڌي اٿن” هن پنهنجي بند مٺ کي ميز تي زور سان هڻندي چيو.
    “شانت ٿي وڃ مهيش !جوش ۾ اچڻ مان ڪهڙو فائدو؟”
    مهيش چپ
    “هاڻي اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟”
    “اسين ته ان کي پارٽيءَ تي هلنداسين ضرور رڳو اسين ٻئي”گهڙيال ڏانهن نهاريندي.”
    “ساڍا يارنهن وڄڻ تي پارٽي ڀرپور جوش ۾ هوندي.اسين هلي ڏسنداسين پنهنجي ارڏانگنين کي “ورز” جي لباس ۾”هن جي لهجي ۾ مشڪ هئي ته طنز به”
    هنن اتي ئي ڊنر جو آرڊر ڏنو.اها کائي ساڍين يارهين وڳي ڪار ۾ ويهي مهيش جي گهر جو رُخ ورتائون.موٽر ٿوري فاصلي تي بيهاري چپ چاپ دٻيل قدمن سان بنگلي طرف وڌيا.

    اندران سنگيت جو آواز اچي رهيو هو پڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ کلڻ جو آواز .سمورو گهر برقي بتين سان روشن هو ۽ سينٽ جي سڳند ٻاهر تائين اچي رهي هئي.اوچتو هنن جي ڪنن تي زنانن ٽهڪن جو پڙلاءُ پيو.
    چوڌاري چهل پهل متل هئي.فلمي گانو ٻاهر تائين ٻڌڻ پئي آيو اُمراءُ جان ادا فلم جو هلي رهيو هو:
    تم کو اس انجمن مين آنا هئه بار بار
    ديوار ودر کو غور سي پهچان ليجئي
    دل چيز کيا هي آپ ميري جان ليجئي
    هو بنگلي جي پٺئين دروازي ڪچن طرف وڌيا ڪچن ۾ ايڏو ته گوڙ متل هو جو هنن کي گهڙندي ڪنهن به ڪونه ڏٺو .پهرين مهيش اندر ويو.ٿوريءَ دير بعد اميت گهڙيو.هنن جا قدم اسٽڊي طرف وڌيا.مهيش بتي ڪانه ٻاري کيس پنهنجي اسٽڊي جي جافرافيءَ جي پوري ڄاڻ هئي.فرنيچر جي بيهڪ جي پڻ.هو پاڻ هڪ ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ اميت کي ڪلهن کان پڪڙي ٻي ڪرسيءَ تي ويهاريائين اسٽڊيءَ جي هڪ دري سٽنگ روم طرف ٿي کلي ۽ اها کليل هئي.ان دريءَ مان هنن کي هال جو سمورو نظارو نظر آيو پئي.هو پنهنجي اوداهي ڪمري مان ٻئي ڪمري جو نظارو ڏسڻ لڳا.
    رنگا رنگي پوشاڪون ،چلڪندڙ زيور ،سينٽ جي خوشبو ،چوڙين جي ۽ گهنگهرن جي کن کن پوري ميڪ اپ سان زالون ناز نخرا ڪري رهيون هيون.چهرن تي ميڪ اپ ايترو ته پوتيل هو.اکين ۾ڪجل آءِ لائيٽر وعيره وغيره ايترو ته مکيل هو ڪپڙا اهڙا ته ڦريل هئا جو ٻين زالن کي ته ڇا هنن کي پنهنجين زالن کي به سڃاڻڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي.اڙي ڪهڙي آ منهنجي ارڌانگني؟ٻئي هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا.هو هڪ هڪ جي چهري کي غور سان ڏسڻ لڳا نيٺ شڪلين مان نه مگر آواز توڙي ڳالهائڻ جي انداز مان هنن پنهنجن ڌرم پتنين کي سڃاڻي ورتو.
    انيتا پاڪيزه فلم جي مينا ڪماريءَ جي لباس ۾ هئي۽ هن وانگر ئي اداڪاري ڪري رهي هئي.پشپا هڪ فرينچ ماڊل بڻي هئي.ڳاڙهي لُنڊي فراڪ ۾ مُنيون ٽنگون اگهاڙيون ڳاڙهو اوچي کڙي وارو سئنڊل ڳاڙهي تکي لپسٽڪ وار ڀورا چپن تي سگريٽ چڙهيل هئس.اميت پنهنجو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ اکين کي به پنهنجن هٿن سان ڍڪي ڇڏيو.
    هاڻي سڀ اسٽيج وانگر ٺهيل هڪ جڳهه تي لائين ۾ بيٺيون هيون هر هڪ ڄڻي اڳيان وڌي اداڪاري ڪرڻ لڳي.انيتا عرف پاڪيزه ،عرف مينا ڪماري اڳيان وڌي آئي ۽ پس منظر ۾ وڄايل راڳ
    “انهين لوگون ني لي ليئو دُپٽا ميرا دُپٽا ميرا هو جي دُپٽا ميرا هان هان دُپٽا ميرا”
    تي اداڪاري ڪرڻ لڳي
    سڀ عورتون خوب لطف وٺي رهيون هيون ۽ تاڙيون وڄائي داد ڏئي رهيون هيون
    ..۽ پوءِ ٻي عورت اسٽيج تي آئي
    هي وڏ گهراڻيون سٺن گهرن جوننياڻيون ۽ ننهون ڪهڙيون واهيات حرڪتون ڪري خود ئي پاڻ کي هيٺ ڪيرائي رهيون هيون ! هي ڇا ٿي رهيو آهي.ڇو ٿي رهيو آهي ؟مهيش ٺونٺ هڻي اميت کي اشارو ڏنو”هل هتان نڪري هلون”
    “اڄ رات مان تنهنجي گهر جي گيسٽ روم ۾ ئي گهاريندس .ٺيڪ آهي نه...”
    “ها بلڪل پنهنجو ئي گهر سمجهه”
    “صبوح جو سويل ئي نڪري ويندس او ڪي”
    “اوڪي”
    رستي تي هنن ڪجهه به ڪونه ڳالهايو.مهيش اميت جي گيسٽ روم ۾ انهن ئي ڪپڙن ۾ سمهي پيو”
    مهيش صبوح جو گهر پهتو ته انيتا پڇيس.”سڄي رات گم”
    “مون کي ته گم ٿي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو هو جناب جو حڪم بندي جي برچشم” مهيش سلام ڪندي طنزيه لهجي ۾ چيو ۽ پوءِ “انهين لوگو ني لي ليو دپٽا ميرا”جي راڳ جي طرز تي سيٽيءَ تي وڄائيندو ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو.
    انيتا عجب وچان هن ڏانهن نهاريندي رهجي وئي.
    انکانپوءِ مهيش هن سان ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو.بنا ڪجهه چوڻ جي آفيس هليوويو رات جو دير سان موٽيو ۽ سمهي پيو.ساندهه تي ڏينهن ائين ئيٿيندو رهيو .نيٺ چوٿين ڏينهن انيتا کي ڳالهائڻو پيو:
    “توکي ڇا ٿيو آهي ؟تنهنجو رخ بدليل بدليل ڇو آهي؟”
    “ڪجهه به ته ڪونهي”
    “مون سان ناراض آهين؟پر ڇو؟”
    “مون چيو نه ته ڪجهه به ڪونهي”هن خفي ٿيندي چيو
    “ان پارٽي جي ڪري”
    توکي جيڪي سمجهڻو هجي سمجهين سگهين ٿي”
    “اڙي اها ته صرف هڪ پارٽي هئي اوهان الائي ڇو ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻايو آهي؟”
    “مون کي ان باري ۾ ڪجهه ڳالهائڻو ئي ڪونهي” ۽ هو ڪمرو ڇڏي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويو
    چند ڏينهن بعد مهيش انيتا کي اچي ٻڌايو “سڀاڻي رات اميت جي گهر ڊنر پارٽيءَ تي هلڻو آهي”
    انيتا دل ئي دل ۾ خوش ٿي شڪر آهي ڳالهائڻ ته شروع ڪيائين”
    مگر هُن جي ٻيءَ سٽ انيتا جا هوش اڏائي ڇڏيا
    “ان پارٽي ۾ هڪڳائڻ واري به ايندي ۽ شايد ناچ به ڪري”
    انيتا ڇرڪ ڀريندي چيو ته “ڇا ڇا چيو توهان؟اتي ڳائڻي ۽ ناچ ڪرڻ واري ايندي؟”
    “ها” مهيش مرڪڻ لڳو
    “ڇا مجرو ٿيندو”
    “ڪجهه ائين ئي سمجهه ....۽ ٻئي هفتي اسان جي گهر ۽ انکان پوءِ مڪيش جي گهر ۽ ان کانپوءِ............”
    “ڇا”
    “مردن سان گڏ زالن کي به شرڪت جي اجازت آهي” هن مرڪندي فلڪ سان چيو ڄڻ ته هو زالن تي احسان ڪري رهيو هو.

    ان خبر انيتا جي تاڪ لڳائي ڇڏيا هن ته سمجهيو هو ته ٿورن ڏينهن ۾ مهيش پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو.هن کي وشواس هو ته هوءَ هن کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ويندي ۽ هو ساڳيو اڳئين جهڙو ٿي پوندو پر هتي ته ڳالهه ئي هڪ ٻيو موڙ وٺي رهي هئي! اهو موڙ سڀني زالن لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار ٿي سگهي ٿو ان جي ته هوءَ ڪلپنا به نه ٿي ڪري سگهي.
    “لڳي ائين ٿو ته سڀ مرد گڏجي ڪجهه ڪري رهيا آهن.هن جي خلاف ڪجهه سازش سٽي رهيا آهن پر ڇو؟هنن کي پارٽيءَ جي باري ۾ خبر پئجي وئي آهي ۽ هن سان ناراض آهن” هوءَ سوچڻ لڳي.
    “ڪٿي ڳالهه وڌيڪ خراب نه ٿي وڃي؟ڪٿي هنن جي گرهست جيون کي ڪو لوڏو نه اچي وڃي؟هنن جو سائو ستابو سنسار نه اجڙي وڃي” هوءَ چنتا ڪرڻ لڳي.
    حقيقت ۾ اها ڌمڪي واري خبر ٻڌڻ بعد زالون لُڏي ويون هيون ۽ هڪ ٻئي کي فون ڪري رهيون هيون.
    انيتا پشپا کي فون ڪرڻ جي باري ۾ سوچي رهي هئي ته پشپا جو فون اچي ويو.
    “ياد ڪندي فون ڪيو اٿئي مان توکي ئي فون ڪرڻ واري هئس”
    “سڀ سک ۾ “
    “ها ها ..پر تنهنجو آواز ڇو اهڙو گهٻرايل آهي؟”
    گهٻرائڻ جي ته ڳالهه ئي آهي”
    “ڇو ڇا ٿيو؟”
    “هتي سڀ ڳالهيون غلط ٿي رهيون آهن”
    “ڪيئن”
    “ڪيترن ڏينهن کان اميت جو مُنهن چڙهيل آهي ڄڻ ته مون سان ناراض آهي اصل ڳالهائي ئي نه ٿو”
    “ان پارٽي واري رات کان”
    “ها بلڪل ان رات کانپوءِ”
    “ هتي به ساڳيو حال آهي”
    “يعني”
    “مهيش به مون سان رُسي ويٺو آهي”
    “توسان نٿو ڳالهائي”
    “مون سان نٿو ڳالهائي”
    “اميت به چپ آهي مون سان ڪاوڙيل آهي”
    “مهيش هونئن ته خاموش آهي پر رکي رکي “دپٽا ميرا دپٽا “واري راڳ جون سيتيون پيو وڄائي”هن جو آواز روئڻهارڪو ٿي ويو.
    “تنهن جي معني هنن کي پارٽي واري ڳالهه جي خبر پئجي ويئي آهي”
    “خبر ته پوڻي هئي اها ڳالهه لڪڻ جهڙي هئي به ته ڪانه پر هاڻي ڇا ڪجي؟”
    “ڇاڪجي”
    “اڄ مس ڳالهايو اٿائين پر اهڙي ڳالهه چئي اٿائين جو منهنجي مٿان جنسي پهاڙ ٽٽي پيو آهي”
    “ڇا چيائين؟”
    .مون کي ٻڌايائينته تنهنجي گهر سڀاڻي پارٽي آهي”
    “منهنجي گهر پارٽي آهي”
    “ها”
    “۽ مون کي خبر ناهي”
    “ڏس نه ...خبر خبر نه اٿئي ته خبر پئجي ويندءِ اهو به ٻڌايائين ته هڪڙي ڳائڻ واري ۽ نچڻ واري ايندي”
    “ڇا پئي چوين”
    “اميت توکي پاڻهي ٻڌائيندو جڏهن ٻڌائيئي ته مون کي خبر ڏج”
    ٻي صبوح جو پشپا انيتا کي فون تي ٻڌايو “اها خبر سچ آهي”اڄ رات اسان جي گهر پارٽي آهي ۽ ڪجهه مُجري جيان ٿيندو”
    “پر تنهنجو آواز ڇو اهڙو ٿيو آهي؟”
    “مون سچي رات رنو آهي”
    “ڇو رنو اٿيئي؟”
    “روئان نه ته ڇا ڪريان؟منهنجو اميت سان ذري گهٽ جهڳڙو ٿي پيو.”
    “ذري گهٽ”
    “ها مون پاڻ کي روڪي ورتو نه ته وڏو جهڳڙو ٿي پوي ها”
    “ڇا ٿي پوي ها”
    “اها ئي ته تڪليف آهي ڪجهه به نٿو چوي”
    “مرچي پارٽي جي باري ۾ ڪجهه چيائين”
    “نه “
    ڪو ڏوراپو ڏنائين”
    “نه “
    “ڪمال آهي غصو ان ڳالهه تي اٿن پر ٻڌائن نه ٿا اسان کي ٽارچر ڪرڻ جو سٺو رستو ڳولهيو اٿن.”
    ان بعد انيتا جو فون شروع ٿي ويو ته بند ئي نه ٿئيڀني زالن جا فونس مشغول ٿي ويا.مرچي پارٽي جي ڪري سڀني زالن ۾ ڄڻ ته مانڌاڻ مچي ويو.سڀني جي اڳي ڪهاڻي هئي.سڀني جا مرد رٺل هئا سڀني جا مرد خاموش هئائ.ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو هنن کان بدلو وٺي رهيا هئا.
    هاڻي زالن کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيڻ لڳو هو.
    “شايد اسان مرچي پارٽي ڪري ڀُل ڪئي”
    “ڀُل ته ڪئي اٿئون پر هڪ رواجي ڀُل جي ڪيڏي وڏي سزا ملي رهي آهي”
    “تون ان کي رواجي ٿي سمجهين پر حقيقت ۾ شايد اها رواجي ڪانه هئي”
    “هاڻي ڇا ڪريون”
    “هاڻي ان تڪليف جو بهادريءَ سان مقابلو ڪرڻو پوندو”
    “رڳو مقابلو؟اسان کي ته حل ڳولهڻو پوندو”
    “حل ته ڳولهي لهبو پهرين اڄ جي پارٽيءَ کي مُنهن ته ڏيون”
    پارٽِي اهڙي خراب ڪانه هئي.جهڙي هنن سوچي هئي ڳائڻ واري به خراب ڪانه هئي خراب ڇا سٺي هئي.تمام سٺي هئي سهڻي ۽ آبرودار هئي.ڪپڙا به سُڌا پيل هئس.ڳائڻ به عمدو هئس.ادائون لاجواب مگر هن جون اهي سهڻيون صفتون سڀني زالن کي ڏنگي رهيون هيون.هنن جي دل ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيون هيون.هوءَ ڪڏهن ٺمري ڪڏهن داداره ڪڏهن ڪجري ته ڪڏه غزل ڳائي رهي هئي.ادائگي بهترين هئس ۽ اچار بيمٿال .مرد هُن کي ضرورت کان وڌيڪ توجه ڏئي رهيا هئا ۽ “واهه واهه”ڪري رهيا هئا.سڀ ڪجهه سٺو هو.مردن جي وهنوار کان سواءِ.هو گهڻو پي رهيا هئا.گهڻو ڳالهائي رهيا هئا ۽ گهڻو داد ڏئي رهيا هئا.اهي ڳالهيون عورتن جي دلين ۾ سوئا ٽنبيي رهيون هيون.اڄ مرد جهنگل جا بادشاهه بنجي پيا هئا ۽ عورتون هيسيل ڊنل هرڻيون پئي ڀاسيون.
    شڪر آهي هن ناچ نه ڪيو شڪر آهي هن رڳو سنگيت جي محفل مچائي ۽ ڪلاڪ ڏيڍ جي ادئگي بعد هنن کان رخصرت ورتي.
    ٻئي ڏينهن ليڊيز ڪلب ڪِٽي ڪلب جي ميمبرن جي ايمرجنسي ميٽنگ ڪوٺائي وئي.
    حقيقت ۾ ان ڪلب جي مکيه ميمبر شريمتي اسميتا سنگهه مهينو کن شهر کان ٻاهر وئي هئي ۽ مرچي پارٽيءَ وقت اتي موجود ڪانه هئي.هن کي پارٽِيءَ جا تفصيل ٻڌايا ويا.پڻ مردن جو رد عمل.هوءَ پاڻ حيرت ۾ پئجي وئي ته زالون اهڙي پارٽي جي باري ۾ سوچي به ڪيئن ٿي سگهيون زالن پنهنجي بچاءُ ۾ دليل پيش ڪيا پر هوءَ پنهنجي راءِ تي قائم رهي.
    “سڀ کان پهرين غلطي توهان اها ڪئي جو مردن کي ان خطرناڪ پارٽيءَ جو ڀاڱيدار نه بڻايو.گهٽ ۾ گهٽ هنن کي ٻڌايو ته ها ۽ هضو وٺڻ لاءِ دعوت ڏيو ها.توهان جوکم جو ڪم ڪيو آهي ۽ عجب ناهي ته اوهين ان جو نتيجو ڀوڳي رهيون آهيو”
    “اسان رڳو پوشاڪ ئي ته پاتي ٻيو ڪجهه ڪيوسين ٿوروئي” هڪ عورت وچ ۾ ٽوڪيو
    “مون کي لڳي ٿو ته عورت هوندي به اوهان سماج جي ان داغدار طبقي جي باري ۾ سوچي به ناهي سماج جي هڪ ڳنڀير مسئلي کي سمجهڻ جي بدران توهان ان جو مذاق اڏايو آهي”
    “اسان ته صرف فلمي راڳن تي اداڪاري ڪئي سو به صرف عورتن جي موجودگيءَ ۾؟” هڪ عورت فرمايو
    “انهن فلمي ڪهاڻين جي ڳجهي درد کي اوهان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟عورتن کان ڪهڙين مجبور حالتن هيٺ اهڙا ڪم ڪرايا ٿا وڃن؟ توهان ڪڏهن سوچيو آهي؟اوهان ته عورت جي زندگيءَ جي ان دردناڪ پهلوءَ کي پنهنجي منورنجن جو ساڌن بڻائي ڇڏيو”
    ٿوري دير لاءِ عورتون خاموش ٿي ويون
    “برابر اسان غلط ڪم ڪيو آهي هاڻي ان کي ڪيئن سڌاريون؟هڪڙيءَ چيو
    “اسان کي ان ڳالهه تي سوچڻو پوندو”ٻي چيو
    “توهين ڀلي سوچيو مان ڪلب جي پاران هڪ معافي نامو مردن کي موڪليان ٿي.سڀاڻي ٽائيپ ڪري توهان کي ڏيکاريندس”
    “ها ها اهو بهتر خيال آهي”
    “توهان سڀني کي ان خط تي دستخط ڪرڻا پوندا”
    “ها ها ڪنديوسين سڀني زالن گڏجي چيو
    “باقي پنهنجن مڙسن کي پوءِ پاڻهي سنڀالي وٺجو اها توهان جي جوابداري آهي ..آهي قبول”
    “قبــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــول آهـــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــي”


    2. نمي کڻي نهار

    ڇوڪري! توکي ڪنهن سنئين نموني پنڌ هلڻ سيکاريو ئي ڪونه هو ڇا؟هلين ڪيئن پئي؟اکيون آسمان ڏانهن ! تڏهن ته ڌڪو کاڌءِ!ٿورو اکيون هيٺ ڪري هلندي ڪر.ٿورو نِمي کِمي هلڻ سکُ”
    سمرتيءَ جي سَسُ جو ڳالهائڻ بس اهڙو هو! سدائين پيئي نُنهن مان وڏون ڪڍندي هئي.مگر اها به حقيقت هئي ته سمرتيءَ جو هلڻ هو طوفان ميل جيان هيٺ ته ڪڏهن نهاري ڪانه هلندي هئي.تڏهن ته ڌڪو به کاڌو هئائين ۽ هڪ اڌ هڏو به ڀڳو هئائين!
    “ڇوڪري هيٺ نهاري هلين ها ته ڌڪو به ڪونه کائين ها”سسڻس طعنو هنيو هئس.ڌڪو کائڻ بعد ۽ هڏو ڀڃائڻ بعد وڃي سمرتيءَ جو دماغ ٺڪاڻي آيو هو ۽ پنهنجي هلڻ چلڻ جي رفتار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين.
    هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو جڏهن سس به ڌڪو کاڌو ان وقت سمرتي پريان تماشو ڏسي اندر ئي اندر مسڪرائيندي رهي هئي.سسڻس ٻاڏائي به رهي هئي ته غصو به ڪري رهي هئي.
    ڇوري اتي بيهي ڇا پئي ڪرين؟ڪيترو چيو مانءِ ته هنفراسيءَ جو ڌاڳو کلي پيو آهي پير پيا اٽڪن.ڪٿي ڪو ڌڪو نه کائي.پر تون ٻڌڻ واري آهين ڇا؟هاءِ...هاڻي ڇا ڪريان؟ڇوري اچ ته سهين....ڇورا! تون به صرف تماشو ڏسي رهيو آهين! ماءُ کي اٿارين به نه ٿو”
    پٽ جيئن تيئن ڪري ماءُ کي اٿاري کٽ تي ويهاريو
    “اهو سڄو سمرتيءَ جو ڏوهه آهي؟”سس شڪايت ڪندي چيو
    “فراسي جو ڌاڳو جي ڪٽي ڇڏي ها ته مان ڇو ٿاٻو کان ها؟هوءَ هر هر ساڳيا لفظ دهرائيندي رهي.
    “امان ! ٿورو صبر کان ڪم وٺو!”پٽ ماءُ کي سمجهائيندي چيپ”ٿاٻو کائڻ لاءِ ڪو نه ڪو بهانو بڻجي ايندو آهي.فراسيءَ جوکليل ڌاڳو به هڪ بهانو آهي ٿاٻي کائڻ جو ڄاڻي ٻجهي ڪير غلطي ڪندو آهي.هيڏي عمر ۾ ايترو به سمجهي نٿا سگهو”
    “هل.......هل” جوءِ جا مڄو.......هليو آهي مون کي سمجهائڻ! مون کي سڀ خير آهي”ماڻس چيو”آيو آهين جوءِ جو پاسو کڻڻ! جي جوڻهين منهنجي چوڻ ڏانهن ٿورو به ڌيان ڏئي ها ته مان ڌڪو ڪانه کان ها!”
    پر سمرتي پريان بيهي دل ۾ چئي رهي هئي “امي جينظر هيٺ ڪري ٿورو نِمي هلو ها ته نه پير ڌاڳي ۾ اٽڪي ها ۽ نه ئي هيٺ ڪرو ها!” مگر اهي لفظ زور سان چوڻ جي همٿ سمرتيءَ ۾ ڪانه هئي.
    ---- *** ----


    3. اِن پُٽ، آئوٽ پُٽ

    “مائي اڄ ڀتين ۽ ڇتين تي جيڪي ڄارا آهن نه،اتن کي ٻهاريءَ سان لاهي وٺج”
    “جي ها ،بائي صاحب”
    “پَٽ تي ڪارا داغ به برش ۽ صابڻ سان ڌوئي وٺج”
    “جي ها بائي صاحب”
    “اڄ درين جي ڊسٽنگ به برابر ڪج”
    “جي ها بائي صاحب”
    مون عجب وچان هن ڏانهن نهاريو
    اڄ ڪٿان سج اڀريو آهي؟نه ڪا بهاني بازي ۽ نه ئي ڪا آناڪائي ۽ نه ئي وري ڪم چوري!
    “۽ پنج ڪل ڪڻڪ وٺي آئي آهين،سا به سوئي دٻي ۾ پري رکج”
    “جي ها ٻائي صاحب”
    “۽ اوچتو مون ڳالهه سمجهي ورتي”
    هن جي هر روز کان نرالي نمرتا ،نرمائي ،ڦڙتيءَ ۽ چستيءَ جو سبب سمجهي ورتم.
    منهنجو انومان صحيح نڪتو،جڏهن ڪلاڪ کانپوءِ هوءَ منهنجي سامهون اچي بيٺي.
    مون مسين هلائيندي هلائيندي پنهنجا پير روڪيا ۽ منهن مٿي ڪري چيو”ها،چئو”
    “بائي صاحب ،مون کي چاليهه رپيا ائڊوانس کپن.”
    “وري ائڊوانس جي ڳالهه”
    “منهنجي سس بيمار آهي.هن کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃڻو آهي”
    “توکي خبر آهي ته مون کي ائڊوانس وٺڻ جي عادت بلڪل پسند ناهي،ٻئي مهيني ۾ ڇا ڪندينءَ؟
    تنهن هوندي به مان اٿيس ۽ ڪٻٽ مان ويهه روپيا ڪڍي هن کي ڏنم هوءَ مُشڪي رهي هئي.
    “ٻئي مهيني ان کان به وڌيڪ ائڊوانس وٺڻ جو ارادو اٿئي ڇا؟”
    هوءَ کلندي کلندي پنهنجي ٻٽونءَ ۾ پئسا وجهندي ٻاهر وڃي رهي هئي.
    “ڇا هن جي سَسُ سچ پچ بيمار آهي يا اهو رڳو هڪ بهانو آهي؟.....
    جهڙي ڦڙتيءَ سان پئسن وٺڻ کان اڳ هوءَ ڪم ڪري رهي هئي اهڙي ڦڙتي جيڪر هر روز جي ڪم ۾ ڪري ته ڪهڙو نه سٺو ٿئي!” مان سوچڻ لڳيس.
    ان ڳالهه تي مون کي ٽيو ڏينهن واري ڳالهه ياد اچي وئي.
    منوهر ٽوئر تان موٽيو هو،شام جو چوڻ لڳو”هل بازار گهمڻ هلون!”
    بازار مان پنڌ ڪندي ساڙهين جي دڪان جي شوڪيس وٽان لنگهياسين.
    هڪ سائي ساڙهيءَ کي جنهن تي منهنجي گهڻن ڏينهن کان نظر هئي ڏسڻ لڳيس.منهنجي حسرت ڀري نگاهه جي معني سمجهي منوهر چيو:
    “توکي انهن ساڙهين مان ڪا ساڙهي پسند آهي ته وٺين ڇو نه ٿي؟”
    مون عجبوچان هن ڏانهن نهاريو
    هن ڪنڌ لوڏي چيو”ها ،وٺ نه !”
    اسين ٻئي اندر وياسين ۽ مون پنهنجي پسند جي ساڙهي ورتي مان بيحد خوش هيس.
    “گهر لاءِ ٻي ڪا شيءِ وٺڻي اٿيئي؟”
    مون منوهر جي ان موڊ جو فائدو وٺندي چيو”ها ٽوالن جي ضرورت آهي جهونا ٽوال وڃن پيا ڦٽندا ۽ ڦاٽندا ،وٺون؟”
    “ها ،ها ڇو نه ڇو نه”
    “واهه! اڄ ته ڪيتري عرصي کانپوءِ من پسند شاپنگ ڪري رهي آهيان”دل ۾ آيو
    “ٻيو ڪجهه کپيئي”
    “پنهنجي لاءِ چمپل وٺان؟”
    “اڙي پڇين ڇو ٿي؟وٺ نه!”
    ۽ ان رات ٿڪ هوندي به ،نه چاهيندي به مون کي......................!
    ---- *** ----


    4. اصلي

    ميجر پريتم داس ملٽريءَ مان رٽائر ٿيڻ بعد پونو وسايو هو.اُتي هن پاڻ کي ڪيترن اسڪولن ،ڪاليجن ۽ ٻين سنسٿاٿن(جماعتن) سان جڙيل رکيو هو.هو هلندي پڄنديءَ وارو شخص هو،نه رڳو ايترو پر هو ٻين جا ڪم ڪاريون ڪرڻ کان به ڪونه ڪيٻائيندو هو.وس آهر ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو.مگر هن جو سڀاءُ رُکو هوندو هو.هو ڇڙڪ جواب ڏيڻ ۾ استاد هو.ڳالهائڻ مهل ٻئي ڪنهن جيجذابت جي پرواهه ئي ڪونه ڪندو هو.
    “ميجر صاحب اوهان منهنجي پٽ کي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڏني آهي.اسان تي مهرباني ڪئي آهي.اسين اوهان جا شڪر گذار آهيون”
    “شڪر گذاري اوهين مالڪ جي ادا ڪريو”هو رکو جواب ڏيندو هو.
    “ميجر صاحب اسان دلي خواهش آهي ته اوهين اسان جي گهر پير ڀريو.اسان وٽ روٽي کائڻ اچو”
    “مهرباني! مون کي فرصت ناهي”
    “ميجر صاحب ،توهان ڪيترن ورهين جو منهنجي پي ايف بئنڪ مان ڪڍائي ڏنو آهي توهان جا احسان ڪيئن مڃون؟”
    “بس ،بس ،گهڻو ٿيو احسان مڃڻ جي ڪا ضرورت ناهي”
    ڪير هن جا ٿورا مڃيندو هو ته هن چِڙ لڳندي هئي.
    “پوءِ ميجر صاحب”
    “توهان جو ڪم پورو ٿيو؟هاني توهين وڃي سگهو ٿا”
    هن جا هاڙا خشڪ جواب ٻڌي ماڻهو سمجهي ويندا هئا ۽ هن کي هن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوندو هو.
    ٻيا هن جي گهر اچن ته ڀلي اچن پر هو ڪنهن جي گهر ڪونه ويندو هو.ماڻهو هن جي گهر ايندا هئا صرف ڪم سان سو به پهرين گڏجاڻيءَ جو وقت وٺي.
    هو پاڻ ميٽنگن وغيره تي ٻاهر ويندو رهندو هو ۽ ڏينهن جي وقت مشغول رهندو هو.هن کي پنهنجي گارڊن سان خاصو لڳاءُ هو.صبوح جو ڪلاڪ هو باغبانيءَ کي ڏيندو هو جيڪو هن جو دلپسند شُغل هو.هو پنهنجن هٿن سان وڻن ۽ ٻوٽن کي ڀاڻ ۽ پاڻي ڏيندو هو.انهن کي ڪپيندو ڪوريندو هو.آڪار ڏيندو هو،جيئن اهي وڌيڪ ڦلدائڪ ڦولدائڪ ٿين.هو هرطرح طرح جا پائوڊر ،يوريا ،روزمڪس،ٻوٽن کي ڪيڙن ۽ ماڪوڙن ۽ ٻين بيمارين کان بچائڻ واريون دوائون ،بازار مان خريد ڪري ايندو هو.نتيجي طور هن جو باغ سدائين ٽِپ ٽاپ رهندو هو ۽ اکين کي فرحت بخشيندو هو.شام جو هو ٻه ڪلاڪ پنڌ ڪرڻ ويندو هو.هو پنهنجن روزاني نيمن جو سٺو پالن ڪندو هو.
    مگر هو ڪنهن جي گهر وڃڻ کان وَنءُ ويندو هو.ڪنهن جي شادي مرادي يا ٻي ڪنهن پارٽيءَ تي ڪنهن به هُن کي ڪونه ڏٺو هو.ماڻهن هن کي نوتا(دعوت)ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا .مگر مجال جو هو اهاي قبول ڪري.جيڪڏهن پاڻ ڪنهن جي گهر نه ويندو ته ظاهر آهي ماڻهن به هنوٽ اچڻ بند ڪري ڇڏيو.
    هن جو پوٽو دهليءَ مان هنوٽ ڪجهه ڏينهن لاءِ آيو هو “امر”.هو چوڏهن سالن جو هو.پريتمداس هن کي خاص ڀائيندو هو ۽ هن سان دير تائين رهاڻيون ڪندو رهندو هو.جيڪا هن لاءِ غير معمولي ڳالهه هئي.هڪڙي شام هو امر کي پاڻ سان گڏ پنڌ ڪرڻ وٺي ويو واپس موٽڻ مهل ميجر هڪ ننڍڙي گهر طرف پنهنجا پير وڌايا.ان گهر جي اڱڻ جو دروازو کولي اندر وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳو.
    “بابا هي توهين ڪنهن جي گهر وڃي رهيا آهيو؟”
    “هتي منهنجو دوست رهندو آهي،سيٺ ڪندن مل”
    “توهان جو دوست؟ پر توپهين ته ڪنهن جي گهر ويندا ئي ڪونه آهيو؟”
    “ها اهو سچ آهي پر هيءُ خاص گهر آهي هتي مان هفتي جا ٽي ڏينهن نيم سان ايندو آهيان”
    “امر بابا ڏانهن نهاريو.
    ان وقت هن جي چهري جا ڀاوء ڦريويا هئا.منهن تي رونق اچي وئي هئس.چپن تي هئي مُرڪ ۽ اکين ۾ عجيب چمڪ چهرو هڪدم رليڪس ٿيل.اندر گهڙندي ئي هن زور سان چيو
    “سيٺ ڪندنمل آهيو ته چڱا ڀلا؟طبيعت ٺيڪ ٺاڪ؟”
    “ها ديوان صاحب بلڪل دُرست اچي ويا اوهين ڀلي آيا جيءُ آيا”
    “اڙي بابا ديوان صاحب ڪڏهن کان ٿي ويو.هو ته ميجر آهي۽ سڀ ڪو هن کي ايئن سڏيندو آهي.اهڙي ٻولي ته مون ڪڏهن به ڪانه ٻڌي آهي،امر ويهو سائين”
    اندران سيٺ ڪندنمل جي زال ٻاهر آئي.عجيب ڪپڙا پهريل هئس.هڪ طرح جوپائجامو ،مٿان چولو ،ان مٿان صدري ۽ مٿان وري رئو
    هن جي هٿن ۾ ڳاڙهي رنگ جي پاڻيءَ جا ٻه گلاس هئا.
    “اچو ڀائو!مون توهان لاءِ اڳ ۾ ئي شربت ٺاهي رکيو هو”
    “ڀاڄائي هي اٿيئي منهنجو صدورو پوٽو امر دهليءَ ۾ رهندو آهي ٿورا ڏينهن مون وٽ آيو آهي.”
    “اچ پٽڙا ،ويهه،شل ،جڳ جڳ جيئين! شل خوشيون ماڻين ۽ چوڙين وڃان توتان گهوري گهوري!”ٻئي هٿ امر جي مٿي ٿي رکي اهي ابتا ڪري پنهنجن ٻنهي ڪنن سان ڇهي گهور وجهڻ لڳي.
    هي امان ڇا پئي ڪري؟امر سوچڻ لڳو
    “هان پٽڙا پهرين هي شربت پي وٺ”
    “ڇا هيءُ شربت گلاب جو آهي؟”ميجر واڪو ڪري پڇيو
    “ها ها ابا هيءُ اصلي گلاب جل مان ٺهيل اٿو اسان پاڻ ڪڍيو آهي گلاب جي پنکڙين مان شڌ جل”
    “واهه واهه مزو اچي ويوتازن گلابن جي خوشبوءِ فرحت بخش آهي”
    “پٽڙا! پهرين پاپڙ کائي پوءِ شربت پيءُ هوءَ امر کي چئي رهي هئي.
    “ابا چهر کڻي اچان”
    چهر ٻهر ڇڏيو هتي ويهي کائبو ته باقي پنڌ ڪرڻ مان فائدو ئي ڪهڙو؟”ميجر زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو.
    “ڀلا چلم مان سوٽا ته ڀريندين نه يار”
    “هائو سيٺ واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئي!نيڪي پيو ڪرين ۽ پيو پڇين؟”
    “آڻ هتي چلم تيار آهي نه؟”
    “ها سائين توهان لاءِ تيار رکي اٿم سڀ حاضر آهي!” هن چلم هن کي وڌائي ڏني.
    هيءُ ته ڪجهه حقي جهڙو آهي ..امر سوچي رهيو هو.
    “هان وٺو هيءُ نڙ ۽ لڳايو سوٽا”
    ميجر چلم مان سوٽا ڀرڻ لڳو.
    “واهه ٻيلي ڇا ته لطف وٺايو اٿئي!”(گڙ گڙ گڙ گڙ)
    “اڱ ته سڪل آهن نه ديوان”
    “هائو سائين هائو”(گڙ گڙ گڙ)
    “اچي پيو نه لطف ديوان”
    “هائو سائين ڪهڙي ڳالهه ڪجي”
    امر واري وَٽيءَ سان انهن ٻن ٻڍڙن کي حيرت وچان تڪي رهيو هو جيڪي انهن لمحن جو خوب آنند وٺي رهيا هئا.
    نيٺ ميجر نڙ پاسيرو رکيو ۽ چوڻ لڳو”هاڻي موڪل ڏيو ته هلون”
    “ٻڌو پرينهن توهان لاءِ ڪُٽ جي وٽيءَ ۾ دسي دارون تيار رکندس وٺندا نه چشڪيون ان جون”
    “ها سائين اهڙيون مخمور چيزون آڇيندا ته صدقي صدقي”
    “ديوان توهين خوش ته اسين اول خوش”
    “توهين ته مون کي ٻالڪپڻ جون يادگيريون تازيون ٿا ڪرائي ڇڏيو جڏهن اسان جا وڏا سنڌ جي اڱڻن ۾ هر شام ڪُٽ جي وٽين يا تسرين مان دارونءَ جا مزا ماڻيندا هئا ۽ اسان ٻارنکي آڱر چٽائي چشڪو ڏياريندا هئا”
    “ها ديوان اسين ته تڏهن هئاسين ننڍڙا ٻارڙا هاڻي ته آهيون وقت جي ٻلهاري”
    “اها چوس وري ٿا ڏيارو مون کي”
    “ادا جو هوندو حڪم”
    “هاڻي موڪلايان ٿو اول خير پرينهن ملنداسين.ڀاڄائي آسرو گروءَ جو”
    “آسرو گُروءَ جو ابا”
    “سدائين گڏ سيٺ”
    “سدائين گڏ ديوان”
    ميجر ۽ امر ٻاهر نڪتا
    “بابا اڄ ته توهان جو بنهه نرالو روپ ڏٺو آهي”
    “پٽ هتي اچي مان ڪجهه ٻيو ٿي ويندو آهيان.هت اچي مان اصلي بڻجي پوندو آهيان تو ڏٺو نه!”
    “ها بابا “
    ٻن ڏينهن بعد جڏهن شام جو پنڌ ڪرڻ واسطي ميجر ٻاهر نڪتو ته گيٽ وٽ امر به تيار بيٺو هو.
    “اڙي تنهنجي ڪٿي جي تياري آهي”
    “ڪاڪي ڪندن مل جي گهر”
    ڇو بابا کِلو ڇو ٿا؟”
    “جهٽ ڪاڪو بڻائي ڇڏيس”
    “ڇو نه بابا؟”
    “ها ڇو نه ڇو نه”
    ---- *** ----


    5. نِڌڪڻي

    سمنڊ ۾ اُٿل پُٿل متل هئي.سامونڊي طوفان ايترو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو تيز هوا ستر ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ڇُتي هئي.وڄ جون چلڪائون ۽ ڪڪرن جي گجگوڙ ڊيڄاري رهي هئي.ساگر جون لهرون مٿي مٿي اڀري هاهاڪار مچائي رهيون هيون.جهاز ڇُٽڻ وارو هو.اوچتو وڏ ڦڙو مينهن پوڻ شروع ٿيو.ماڻهن جي پيهه ڌڪا ڌوڪيءَ سان جهاز تي چڙهڻ جي ڪوششڪري رهي هئي.اڙي جهاز ڇُٽي نه وڃي؟ماڻهنجي مٿن تي ڳٺڙيون هيون.باسڻ جا ٽوڪرا هئا.چئني پاسي بد انتظامي جهازپنهنجو توتارو وڄايو ۽ ماڻهن جو شور وڌي ويو.مان به ان گوڙ ۾ هڪڙي هئس.مان به هنن کي ڌڪا ڏيندي ،ٿاٻا کائيندي اڳتي وڌي رهي هئس۽ نيٺ جهاز جي اندر پهچي ويس.جهاز ۾ چُر پر ٿيڻ لڳي ۽ اهو هلڻ لڳو.مان جيئن تيئن ماڻهن کي ٺونٺيون هڻندي ڌڪا ڏيندي ڏاڪڻ طرف وڌيس.ائين ڪندي منهنجا پير چپيا ويا ،بدن چيڀاٽيو ويو پر مان ڏاڪڻ طرف وڌيس.۽ پوءِ مٿي پهتيس.اتي به گوڙ هو پر هيٺ کان گهٽ مان جهاز جي لوڙهي کي پڪڙي آسمان ڏانهن نهارڻ لڳيس.بندرگاهه اوجهل ٿيندو پئي ويو.اتي کوڙيل تختي نظر آئي.اتي لکيل هو “ڪاچي” “ڪاچي” “ڪاچي” ڪهڙو نه عجيب نالو آهي ان شهر جو نيپالي ٻوليءَ ۾ ڪاچي جوان ڇوڪريءَ کي چوندا آهن.”ڪاچي ڙي ڪاچي پريت منهنجي ساچي” گانو ذهن ۾ گونجڻ لڳو.اوچتو جهاز کي زبردست لوڏو آيو.مان پٽ تي ڪري پيس ۽ لڙهڪڻ لڳيس.ماڻهن جي پيرن هيٺان لتاڙجڻ لڳيس.هي سڀ مون کي ماري ڇڏيندا اڙي بچايو بچايو مان واڪا ڪرڻ لڳيس. ديڳڙا ٻاٽيون لڙهڪندا آواز ڪندا منهنجي مٿان پوڻ لڳا ۽ مان انهن جي ٻوجهه هيٺيان دٻجڻ لڳيس.
    “بڄايو بچايو”
    بادلن جي گجگوڙن جهاز جو توتارو منهنجا واڪا ،هراس ،شور ۽ پوءِ هڪدم خاموشي!سڀ آواز شانت ٿي ويا.منهنجن اکين جي پنبڻين ۾ لرزش آئي.منهنجي بيڊ روم جون ڌنڌليون ديوارون ڌڏڻ لڳيون.
    “ته اهو سڀ سپنو هو! شڪر آهي مان ان گوڙ ۾ ڪانه هئس.مون اڃا پنهنجون اکيون کوليون به ڪونه هيون ته وري ننڊ جي چڀيٽ ۾ اچي ويس.
    اهو درشيه(ڏيک)منهنجي چيتن(لاشعور) من جي پردي تي ان وقت به اڪريل هئا.طوفان شانت هو.جهاز تڪڙو تڪڙو هلي رهيو هو.
    ڇا اهو اسٽيمر هو؟ٻاڦ تي هلي رهيو هو يا پيٽرول تي؟منهنجي من ۾ جڳياسا(اڻ تڻ) جاڳي! مان هيٺ لٿس ۽ ڪئپٽن جي ڪئبن طرف وڌيس.اڙي ڪئبن ۾ ڪير به ڪونه هو.اسٽيمر کي ڪير هلائي رهيو هو؟اهو ته پاڻهي هلي رهيو هو.ها انجڻ هلڻ جو جھيڻو جھيڻو آواز اچي رهيو هو.
    ان جهاز کي دِشا(رخ) ڪير ڏيندو؟ان جي اسٽيئرنگ کي ڪير ڦيرائيندو؟ان کي ڀيانڪ ڇپن ۽ پهاڙن کان ڪير بچائيندو؟اهو بنا ڪنهن نظرداريءَ جي هيٺ هلي رهيوآهي،هن جهاز جو ڪو اوهي آهي نه واهي؟ڪو ڪاهڻوارو آهي ئي ڪونه؟هن جو الله ٻيلي آهي! هڪ بندرگاهه نظر آيو.جهاز پاڻهي بيهجي ويو ڪيئن؟بندر جي تختي تي لکيل هو ٽام بواءِ ڪهڙو انوکو نالو آهي؟ڪاچيءَ کان ٽام بواءِ تائين مسافر هيٺ لهڻ لڳا.پنهنجي سامان سوڌا ،باسڻن ،ديڳڙن ۽ ڳٺڙين سوڌا.
    پر مان ڪانه لٿس.مان سڀ منظر ڏسندي رهيس.
    اتان ٻيامسافر چڙهيا پر هاڻي پيهه ڪانه هئي.
    جهاز هاڻي آرام سان هلي رهيو آهي.الڳ الڳ بندرگاهن تي بيٺو ٿي هليو ٿي ڀن ڀن مسافر چڙهيا پئي لٿا پئي.نوان چهرا نوان لباس جتي جتي جهاز بيٺو پئي.ان پرديس جا ماڻهو لوڪ گيت ڳائي رهيا هئا.
    لوڪ ناچ ڪري رهيا هئا.ڪيڏي ڀنتا هئي سنسڪريتن ۾ اتي جي ڀاسا ٻڌڻ ۾ آئي پئي،اتي جو لباس ڏسڻ ۾ آيو پئي.اچانڪ اهي ساڳيا جهونا مسافر جيڪي اول اول پهرين بندرگاهه کان مون سان گڏ جهاز ۾ چڙهيا هئا. هڪ بندر کان چڙهڻ لڳا.
    وقت وڌي ويو هو شايد هو ڦاٽل لباس ۽ خسته حال سان ڪاچي بندرگاهه تان چڙهيا هئا.مگر هاڻي هو سڻڀا ستابا لڳي رهيا هئا.اُچا ڪپرا سندر ڳهڻا پهري خوشحال ڀاسي رهيا هئا.مون هنن کي سڃاتي ورتو.هي سڀ منهنجا هم وطني آهن.هو مون سان گڏ ڪاچي بندرگاهه تان چڙهيا هئا.مون هنن سان پنهنجي ڀاشا ۾ ڳالهايو ۽ سوال پڇيا.پر هو سمجهي نه سگهيا جواب نه ڏئي سگهيا .مان هنن کي چڱي طرح سان سڃاڻان.پر هو مون کي نه ٿا سڃاڻن.سچ پچ نه ٿا سڃاڻن يا نه سڃاڻن جو ناٽڪ ڪري رهيا آهن؟ڇو مون کي ڪير به ڇو نه ٿو سڃاڻي؟ڇو؟مان نڌڪڻي آهيان؟منهنجي ڀاشا نه ٿي ڳالهائي وڃي؟منهنجي پوشاڪ نه ٿي پهري وڃي؟مون کي پنهنجي ڪا پڇاڻ ناهي؟مون کي پنهنجي ڪا ڀومي ناهي! مان هن جهاز ۾ رُلي رهي آهيان در در جا ڌڪا کائي رهي آهيان.منهنجي نصيب ۾ صرف ڌڪا ئي ڌڪا آهن.مان هن آڪاش ۽ سمنڊ جي وچ ۾ هڪ لغڙ جيان لٽڪي رهي آهيان.مون کي پنهنجون پاڙون کوڙڻ لاءِ ڌرتيءَ تي جڳهه ناهي؟
    مان يتيم آهيان............مان نڌڪڻي آهيان مان زور زور سان واڪا ڪري روئڻ لڳان ٿي......مان ٻاڏائڻ لڳان ٿي.............مان بي آسري آهيان ،بي سهاري آهيان مان نڌڪڻي آهيان!
    جهاز مان توتارو وڄڻ لڳي ٿو جهاز جي چمنيءَ مان دونهون مٿي اٿڻ لڳي ٿو ۽ طرح طرح جا آواز منهنجي آواز سان گڏجي وڃن ٿا.مان نڌڪڻي آهيان! ان جوپڙاڏو چو طرف گونجڻ لڳي ٿو.
    اوچتو آواز بند ٿي ويا.هڪ سناٽو ! ۽ منهنجو ڪمرو منهنجي اکين سامهون اچي وڃي ٿو.

    ---- *** ----


    6. جهنجهلائٽ

    چندرا کي تيار ٿيڻ ۾ پنج منٽ وڌيڪ لڳا هئا.
    جيسين هوءَ گهر جون دريون دروازا بند ڪري ٻاهر نڪري.سندس گهوٽ اُتمچند گهٽيءَ ۾ ،گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏئي بيٺو هو.چندرا کي ٻاهر ايندو ڏسي هو کڙو ٿي بيٺو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻي وڃي کيس ٻانهن کان جهليائين ۽ چيائين “سنڀال ڊارلنگ آهستي”
    چندرا ٿاٻو کائيندي پاڻ کي بچائي ورتو.
    اتمچند وک وڌائي موٽر جو اڳيون دروازو پتني لاءِ کولي بيٺو.چندرا پنهنجي سيٽ تي ٺهي ويٺوته هن دروازو بند ڪيو ۽ وڃي ڊرائيور واريءَ سيٽ تي ويٺو ۽ موٽر اسٽارٽ ڪيائين.
    جڏهن موٽر رستي تي هلڻ لڳي ته پتنيءَ ڏانهن نهاري پيار ڀرئي ڏوراپي سان چيائين “مون توکي ڪيڏو چيو سويٽي ٻانهن کانسواءِ (sleeve less) بلائوز نه پاءِ هوا ٿڌي پئي لڳي.ٿڌ لڳي ويندءِ زڪام ٿي پوندءِ...هاڻي ڳالهه سمجهيئه نه؟آئيندي لاءِ اها ڳالهه خيال ۾ رکج.”
    ٻن منٽن جي خاموشيءَ کان پوءِ وري چيائين “مين اسٽريٽ ۾ جيڪي شيون خريد ڪرڻيون آهنانهن جي لسٽ ٺاهي اٿيئي نه؟”
    “ها” چندرا صرف ايترو چيو.
    “چمپلن جي دڪان تي به هلڻو آهي.پنهنجي لاءِ هڪ فلئٽ بنا کڙيءَ وارو چمپل وٺي ڇڏج.کڙي پائڻ پير لاءِ سٺي ناهي.ڊارلنگ توکي پيرن ۾ سور ٿي پوندو.”
    ٿورو ترسي “ڊاڪٽر وٽ هلنداسين رات پوري ننڊ ئي ڪانه ڪئي اٿئي.ڏاڍو پئي ڦٿڪين.ڊاڪٽر سان صلاح ڪر شايد ڪا دوا ڏي.”
    “تون رات جو پاڻي ڪانه پي سمهندي آهين نه؟ائين نه ڪندي ڪر پنهنجي صحت جو خيال رکندي ڪر.نيراڻي پاڻي پيئڻ جي عادت سٺي ۾ سٺي عادت آهي.هاضمو ٺيڪ رهندو آهي.ڊارلنگ! انهن ڳالهين تي هميشه عمل ڪندي ڪر.ٻيءَ حالت ۾ لاچار ٿي نون کي توکي پاڻي جو گلاس ڀري ڏيڻو پوندو.”
    چندرا ڪوبه جواب نه ڏنو.
    “ڳالهه ڪهڙي آهي؟اڄ ڇوخاموش آهين؟طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟مٿي ۾ سور ته ڪونه اٿئي؟”ئين چوندي اتمچند پيار مان مٿي ٿي هٿ ڦيريس ٿو.
    “اکين تي ڪارو چشمو ڇو نه پاتو اٿيئي؟اکيون پئي ڇنڀين؟نرڙ تي گهنج پئجي ويندءِ ...پرس مان عينڪ ڪڍي ڇو نه ٿو پائين؟”
    چندرا هئنڊ بيگ کولي ڪارو چشمو ڪڍي اکين تي چاڙهي ٿي.
    اهڙي نموني ڳالهائيندي ڳالهائيندي مين اسٽريٽ اچي ٿي وڇي.
    موٽر پارڪ ڪري وري اتمچند تڪڙو زال جو در کولڻ آيو پر چندرا جلدي پاڻهي در کولي ٻاهر لهي آئي.
    چندرا جو هٿ پڪڙڻ جي اتمچند ڪوشش ڪري ٿو.پر هوءَ ڌيري سان هٿ ڇڏائي ٿي وٺي.
    ٻئي رستو ڪراس ڪرڻ لڳن ٿا.اتمچند چندرا جي ٺونٺ پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.چندرا پاڻ کي ڇڏائڻ خاطر بيخياليءَ وچان کيس ڌڪو ڏئي ٿي......هو ٺوڪر کائي ڪرندي ڪرندي پاڻ کي بچائي ٿو وٺي.
    بريڪسن لڳڻ جو چيچڙاٽ وارو آواز!
    ٻن وکن جي دوريءَ تي هڪ موٽر بيهي وڃي ٿي ۽ پٺيان موٽرن جي ڊگهي قطار!
    پتي اکيون ڦاڙي وائڙن وانگر پتنيءَ ڏانهن نهاري ٿو.پتني وٺي ٿي اکيون هيٺ ڪري.ٻئي اڳتي وڌي رستو ڪراس ڪن ٿا ٻنهي مان ڪير ڪنهن سان ڪونه ٿو ڳالهائي،.........چمپل جي دڪان تي چڙهن ٿا.چندار چمپل وٺي ٿي.....ٻين دڪانن تي چڙهي گهر جون شيون خريد ڪن ٿا.....۽ ٻئي چپ!
    وري واپس پنڌ ڪري موٽر ۾ ويهن ٿا.اتمچند خاموشيءَ سان موٽر هلائيندي گهر جو رخ وٺي ٿو.
    گهر پهچڻ وارا ئي آهن.
    “ڊارلنگ هڪ ڳالهه ٻڌاءِ ڇا تون مون کي پيار نه ٿي ڪرين؟ڇا ماون توکي نه ٿو وڻان”
    چندرا ٿورو ترسي چوي ٿي
    “توهن جو گهڻو پيار مون کي اصل خفي ڪري ٿ ڇڏي”
    اُتمچند موٽر بيهاري زال ڏانهن وات ڦاڙي نهاري ٿو.


    7. در، دريون، درپن

    مان مُمبئيءَ جي فلئٽ جي دريءَ مان سامهون چئني طرف اُڀيون ٿيل عمارتون ڏسي رهيو هوس.اوچيون اوچيون عمارتون،ڪي ڏهه منزليون ڪي سترنهن منزليون ته ڪي ست منزليون ڪي وري بلڪل بندريون ٻن ٽن منزلن واريون هيون.مان پنهنجي عمارت جي ستين منزل تي هَوس.شام جا ست لڳا هئا.انڌيرو ڌيري ڌيري وڌندو پئي ويو ۽ چوڪنڊيون کڙڪيون ڌيري ڌيري روشن ٿينديون پئي ويون.پهرين هڪ ،پوءِ ٻه ،پوءِ چار ،ڏهه پنجاهه ،سو دريون ٻهڪڻ لڳيون ۽ نَو وڄندي وڄندي هزارن ۾ چونڪ ٻرڻ لڳا.اها وارڊن روڊ جي ايراضيءَ جي پٺ هئي.جتان ممبئيءَ جا گگن(آسمان) چمندڙ اسڪاءِ اسڪريپرسن (Sky scrapers) نظر اچي رهيا هئا.
    مان شولاپور مان انٽرويو ڏيڻ واسطي ممبئي نگريءَ ۾ آيو هوس رستي تي هلندي هلندي ٿاٻو کاڌم ۽ ٽنگ جو هڏو ڀڄي پيو.پرديس ۾ خرچ ۾ پيس ۽ تڪليف ٻئي پاسي.ٽنگ تي پلئسٽر چاڙهيو ويو. خوشقسمتيءَ سان منهنجي هڪ ويجهي مائٽ جو وارڊن روڊ تي فلئٽ خالي پيو هو.هن مون پندرهن ڏينهن لاءِ رهڻ جي آڇ قبول ڪري ورتي.انٽرويو ته مان اڳيئي ڏيئي آيو هوس ۽ پندرهن ڏينهن ۾ نتيجو به ظاهر ٿيڻو هو مون کي نوڪري ملڻ جي گهڻي اميد هئي.
    نئون شهر نه دوست نه دڙو سرير جڏو ۽ پئسي جي محدودگيءَ مون کي سڄو وقت ڪمري ۾ ئي گهارڻو پيو.هڪ ڇوڪرو ملي ويو هوم جو منجهند جي ماني ۽ رات جو کاڌو هوٽل مان آڻي ڏيندو هوم.توڙي ڪمري جي صفائي به ڪندو هو.مان ويساکين جي مدد سان رنڌڻي ۾ پنهنجي چانهه ٺاهي وٺندو هوس ۽ جهڙو تهڙو سنان ڪري وٺندو هوس.وقت ڪاٽڻ تمام ڏکيو ٿي پيو هو.سڄو ڏينهن اخبارون پڙهڻ ،ڪتاب پڙهڻ ۽ ليٽر لکڻ ۾ توڙي سمهڻ ۽ ليٽڻ ۾ گهاريندو هوس.باقي رات ڪاٽڻ ڏکي ٿي پوندي هئي.ڏينهن جو ننڊون ڪرڻ ۽ ڪنهن ڪم ڪار جي عدم موجودگيءَ جي ڪارڻ ،رات جو ننڊ اچڻ کان نابري واري بيهندي هئي.اول ته هن کي ريجھائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس.پر پوءِ ڇڏي ڏنم.نه ٿي اچي ته ڀلي نه اچي.مان پنهنجي دريءَ جي ڀرسان ڪُرسي رکي ويهي رهندو هوس.نوين ۽ ڏهين بجي رات جي وقت پيڪ(peak) ٽائيم هوندو هو.جڏهن گهڻي ۾ گهڻيون دريون روشن هونديون هيون ۽ ڪمرن اندر چهل پهل متل هوندي هئي.ٽي ويءَ جا رنگين پردا منهنجي سامهون اچي ويندا هئا.مان جيئرن جاڳندڙن انسانن کي هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ ويندو ڏسندو هوس ۽ پنهنجي ڪلپنا ۾ عجيب ڪم ڪندو ڏسندو هوس.ڪڏهن لڳندو هوم ته ڪي اڪيچار اکين وارا راڪاس مون ڏانهن نهاري رهيا آهن ته ڪڏهن وري لڳندو هوم ته آسمان هيٺ لڙڪي ايو آهي.ڌرتيءَ تي اُڀو ٿيو بيٺو آهي۽ اهي آسمان جا چلڪندڙ تارا هئا.جيڪي ٻڙڪي رهيا هئا.واندڪائيءَ ۾ منهنجي ڪلپنا مون کي الائي ڪٿي جو ڪٿي پهچائيندي هئي.وقت پوندي دريون گل ٿي وينديون هيون ۽ پوءِ ايڪڙ ٻيڪڙ اکيون وڃي بچنديون هيون.
    منهنجو فلئٽ منهنجي بلڊنگ جي ستينءَ ماڙيءَ تي هو ۽ بنهه سامهون واري بلڊنگ اسان جي بلڊنگ کان اٽڪل ٽيهن چاليهن فوٽن جي دوريءَ تي هئي.ان بلڊنگ جي ڇهين ستين ۽ اٺين ماڙ جا منظر مان آسانيءَ سان ڏسي سگهندو هوس،جيڪي مون کان هيٺ هئا.انهن جون ڪجهه جهلڪيون ڏسڻ ۾ اينديون هيون.پر مٿين ماڙين جي ڪجهه به خبر ڪانه پوندي هئي.بلڊنگ چڱي خاصي وڏي هئي. انڪري گهڻين ئي درين جو ديدار ڪري سگهندو هوس.
    ڌيري ڌيري مون کي درين جي اندر ٿيندڙ ڪارنامن کي ڏسڻ جي عادت پئجي وئي.جيئن پڪچر ڏسڻ جي عادت ٿيندي آهي.چانهه پيئڻ جي علت پوندي آهي.هر رات نون ناٽڪن پسڻ جو مرض لڳي ويو.ڪنهن رات ڪو ناٽڪ ڏسڻ جو وجهه نه به ملندو هو پر مان پنهنجي دريءَ جي ڀر ۾ رکيل ڪُرسيءَ تي آرام سان ويهي انتظار ڪندو رهندو هوس.ڪڏهن ويٺي ويٺي اک لڳي به ويندي هئم ۽ اوچتو ئي اوچتو ڪجهه ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو هوم.
    هڪ رات سامهون واري بلڊنگ جي ستين ماڙ جي هڪ فلئٽ ۾ پارٽي هئي.انڌيري ٿيڻ کان جهٽ پوءِ انگريزي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي ويو ۽ جيئن جو تيئن ان جو واليوموڌندو ويو.جوانن ۽ جوانڙين جي پارٽي هئي.دور کان هنن جي ڳالهائڻ ،کلڻ ۽ ٽهڪن جو پڙلاءُ ڪنن تي پوڻ لڳوهو.اهو ڪنڊ وارو فلئٽ هو .جنهن جي ڪنڊ ۾ ، هڪ ٽيرس به هئي،جا منهنجي دريءَ جي بلڪل سامهون ته ڪانه هئي پر مان ان جو ڪجهه حصو ڏسي سگهيس ٿي.ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي هٿن ۾ گلاس ڪن گلاسن ۾ شراب هوندو،ڪن ۾ ڪولڊ ڊرنڪس يا ڪجهه ٻيو ،ان جو مان اندازو لڳائي ڪونه ٿي سگهيس.پر منهنجي ناسُن ۾ وسڪيءَ جي خوشبوءِ گهڙي وئي.گڏوگڏ سگريٽ جو دُونهون به ڄڻ ته ويڙهي ويو پر اها منهنجي صرف ڪلپنا ئي هئي.
    ٿوري دير بعد انگريزي ڊانس به شروع ٿي وئي ،ڪي جوڙا ڊانس ڪري رهيا هئا ته ڪي وري لوهه جي ٻني کي جهلي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪري رهيا هئا ۽ گلاسن مان ڪجهه پي رهيا هئا.رات جا ساڍا ٻارنهن اچي لڳا هئا.پر کاڌي جو نالو نشان ڪونه هو.اوچتو ڀر واري ڪمري جي بتي ٻري ۽ منهنجي سامهون هڪ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو هڪ ٻئي جو ٻانهن ۾ جڪڙيل نظارو اچي ويو.ڇا ڪري رهيا هئا؟ان جي تفصيلن جي مون کي ڄاڻ ڪانهي.پر گهڻو ڪجهه ڪري رهيا هئا.اصل هڪ ٻئي کي چنبڙيا پيا هئا.ٿوري دير کانپوءِ بتي گُل ٿي وئي ۽ مان بُت بڻيو ويٺو رهيس.
    هاڻي بالڪنيءَ ۾ کاڌو لڳي ويو هو.چمچن ڪانٽن جي ڇن ڇن ۽ پليٽن جي ٽڪرائڻ جو جهيڻو آواز ڪنن تي پيو.جنهن وقت سڀ کاڌو کائڻ ۾ محو هئا.ان وقت وري اها ساڳي دري ٻرڻ لڳي.اهو ساڳيو ڇوڪرو سندس بيهڪ وارن ۽ ڪپڙن مان اهوئي پئي لڳو ٻي ڇوڪريءَ سان اندرگهڙيو ۽ وري ساڳئي درشيه جو دهراءُ ٿيو.ڄڻ ته ساڳي سين replay ٿي رهي هئي۽ هيءَ ڇوڪري جينس ۾.پهرين جا وار ڊگها هئا ته ٻيءَ جا ڪٽ وار.مان اچرج وچان ڏسندو رهيس.اڌ ڪلاڪ اندر ڇوڪري مٽي ورتائين! ڀائي.هيءُ سڀ ڇا ٿي رهيو آهي منهنجي ناقص سمجهه کان ٻاهر!
    ان بعد هڪ ٻه رات دلچسپ ڪونه ٿيو.ساڳيا روزمره ج گهريلو منظر ۽ ٽي ويءَ جا درشيه.
    هڪ رات ڪجهه دلچسپ ٿي گذريو.رات جا ٻه لڳا هئا.مان ٿوري ننڊ ڪري اٿيو هوس.ٽائليٽ جو خيال ٿيو پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويٺس.ڏائي پاسي واري ڳڙکيءَ مان چاليهن واٽس جهڙي بلب جي روشني اچي رهي هئي.مون ڏٺو ته پلنگ تي ڪو مريض ليٽيو پيو هو.شايد ڪو ٻار هو.پاسي ۾ ڊرپ جو اسٽينڊ رکيل هو ۽ نليءَمان سلائين يا ٻي ڪا دوا ٻار جي جسم جي اندر وڃي رهي هوندي.يونيفارم پهريل هڪ نرس پنهنجيءَ ٽوپيءَ سميت ڪجهه وقت اتي بيٺي هئي.پوءِ اتان ٻئي ڪمري ۾ ويئي هلي ۽ اتي جو چونڪ روشن ٿي اٿيو.اُهو ڪچن هو.نرس گئس جي اسٽووَ وٽ ڪجهه ڪري رهي هئي.شايد پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي رهي هئي.پوءِ آرام ڪرسيءَ تي ويهي ڪوپ هٿن ۾ جهلي چانهه پيئڻ لڳي.ڪيترو وقت ڪرسيءَ تي ويڍي رهي.سامهون واري اسٽول تي پنهنجون ٽنگون ٽيڙي ويٺي رهي.شايد اُتي ننڊ به کڄي ويس.هُتي ٻار اڪيلو پيو هو.مان به ويٺي ويٺي جهوٽا کائڻ لڳس اوچتو هڪ چيخ جو آواز ٿيو.مان ڇرڪ ڀري اٿيس.نرس پنهنجي ڪُرسي ڇڏي ڪمري ۾ ڀڄي وئي.ان کان اڳ ٻئي پاسي واري ڪمري ۾ به لائيٽ ٻرڻ لڳي هئي.ماحول ۾ چڱي گهٻراهٽ هئي.ٽينشن هو.گهر جو مالڪ نرس تي بگڙجي رهيو هو .مالڪياڻي ٻار جي مٿي تي هٿ رکي .هن جي مٿان جھُڪيل هئي نرس ٿرماميٽر سان ٻار جو ٽيمپريچر ڏسي رهي هئي.ڪمري ۾ چڱي گڙ ٻڙ متل هئي.ٻار جي نرڙ تي پتيون رکيو پئي ويون.اڌ ڪلاڪ اندر هڪ ڪار بلڊنگ جي ٻاهران بيٺي.مپن کي لڳو ته ڊاڪٽر اچي ويو هو.ڊاڪٽر ٻار کي سئي هنئي هوندي.نئين دوا ڏني هوندي.ڏيڍ ڪلاڪ ڪمري ۾ ڪجهه ٿيندو رهيو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي صبوح جي روشني ڦهلجي ويئي مان پنهنجي بستري تي وڃي سمهي پيس.
    مون کي اڻ تڻ هئي ڄاڻڻ جي ته ٻار کي رات جو ڇا ٿيوهو؟مان رات جو انتظار ڪرڻ لڳس.
    رات آئي ته مون هنن جي ڪمري اندر جهانڪيو.ڏٺم ته نرس بدلجي چڪي هئي.ڪالهه واري ٿلهي ۽ دمبڙي نرس بدران سنهي ڊگهي نرس بيٺي هئي.پاڻ ٻار جي ماءُ رکي رکي اچ وڃ ڪريرهي هئي.چند ڏينهن کانپوءِ مون ٻار کي هلندو چلندو ڏٺو.بالڪنيءَ تائين به آيو ۽ مان سمجهي ويس ته ٻار بهتر ٿيڻ لڳو هو.
    هڪ ٻي ڪهاڻيءَ ،نه نه ،ڪهاڻي نه ناتڪ لاءِ مون کي ٻن ڏينهن جو انتظار ڪرڻو پيو.ٻه ڏينهن وچ ۾ اهڙو ڪجهه انوکو واقعو ڪونه ٿيو.اهي ناٽڪ رات جو نوين کان شروع ٿيو۽ ناٽڪ مئچ هو.منهنجي بلڪل سامهون واري بلڊنگ جو بئٺڪ جو ڪمرو ۽ سمهڻ جو ڪمرو.ڊرائنگ روم جو وڏو دراوازو منهنجي سامهون کليل هو ۽ روشنيءَ ۾ مون کي گهڻو ڪجهه ۽ بلڪل چٽو نظر اچي رهيو هو.درين جي حالت ۾ رڳو ڪردارن جو مٿيون اڌ سرير نظر ايندو هو.دروازي مان ته ننهن کان چوٽيءَ تائين سڀ ڏسڻ آيو پئي.هڪ سُوٽيڊ بُوٽيڊ مرد عمر اٽڪل ٽيهه پنجٽيهه سال ۽ هڪ بيحد اسمارٽ عورت لڳ ڀڳ ان ئي عمر جي يا گهٽ هوندي.ان عورت بار جي پٺيان ٻاٽليءَ جو ٻوج کوليو ۽ ٻن گلاسن ۾ سوم رس اوتيو.اهو ڇا هو؟ وسڪي زم جن يا بيئر؟منهنجو اندازو لڳائڻ ممڪن نه هو.ٻنهي گلاسن سان گلاس ٽڪرايا ۽ مون پنهنجي ڪلپنا ۾ ٻنهي کيcheer چوندو ٻڌوپوءِ ته ناٽڪ شروع ٿي ويو.لپٽا لپٽي ۾ چما چمي.ڄڻ ته مان ڪا انگريزي فلم ڏسي رهيو هوس.اٽڪل اڌ ڪلاڪ ائين ٿيندو رهيو.وچ ۾ وچ ۾ هو گلاسن مان ڍُڪ به ڀريندا پئي ويا.پوءِ عورت ڪِچن مان کاڌو کڻي آئي ۽ ميز تي کاڌو بروسيو ويو.ٻنهي گڏجي کاڌو کاڌو.ان کان پوءِ ڊرائنگ روم جي بتي گُل ٿي وئي ۽ بيڊ روم جي بتي ٻري وئي.ائڪٽ نمبر ٽُو شروع ٿيو.مرد پنهنجي ٽاءِ لاٿي ،شرٽ لاٿي مان سندن دريءَ مان رڳو بسٽ سائيز ڏسي سگهيس ٿي يعني سرير جو مٿيون اڌ عورت باٿ روم ۾ ويئي. ڇو جو باٿ روم جي بتي ٻري ۽ پنهنجا ڪپڙا مٽائي يا لاهي بيڊروم ۾ گهڙي.عين ان وقت بيڊ روم جي بتي به گُل ٿي چڪي هئي.هنن ڪمري ۾ ڪٿي جهيڻي ٽيبل ليمپ ٻاري رکي هئي.ان جي روشني ڪجهه اهڙي نموني پئجي رهي هئي جو دريءَ جي سنهڙن سفيد پردن تي مون کي شئڊو پلي نظر آيو.لڳي ٿو ته بتي بند ڪرڻ کان اڳ هنن پردا ڇڪي ورتا هئا.جن اُلٽو هڪ اسڪرين جو ڪم ڪيو.هنن اهو اصل به ڪونه سوچيو هوندو ته پاڻ هنن جو ڪرم ڪانڊ ڄٽوئي ڄٽو پردن تي ڄٽجي رهيو هو.ڄڻ ته اجنتا ايلورا جو ڪلائمڪ تصويرون هيون.ڪڏهن مرد جو مٿو زال مٿان جهڪيل ته ڪڏهن عورت جو مٿو مرد مٿان جهڪيل بس.ڪلابازيون ٿي رهيون هيون.گهڻو ڪجهه منهنجي ڪلپنا تي به ڇڏيل هو.ڪيترو وقت ايئن گذري ويو.شايد چاليهه منٽ يا پنجيتاليهه اهو کيل جاري هو.
    اوچتو ڪمپائونڊ ۾ هڪ موٽر گهڙي موٽرون ته ائين به آيون پئي.ويون پئي.حالانڪه رات جي ان وقت آمد و رفت گهٽ هئي.پر ان موٽر جو آواز عورت سڃاڻي ورتو.هارن به شايد وڳو اها عورت ٽپو ڏئي اٿي کڙي ٿي پردي کي هٽائي هيٺ نهاريائين.ڪمري جي بتي ٻري وئي.سٽنگ روم جي بتي به ٻري وئي.مرد تڪڙو تڪڙو خميس پائي رهيو هو.ڪوٽ پائي رهيو هو.عورت هن کي ٽاءِ ٻڌڻ به ڪانه ڏني. هوءَ اهڙي گهٻرايل حالت ۾ هئي جو مرد جو بريف ڪيس هٿن ۾ ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائينس.هاڻي هال ۽ بيڊ روم جون بتيون بند ٿي ويون.ٻن منٽن بعد هال جي لائيٽ ٻيهر ٻري ۽ اها ٻاري هڪ ٻئي مرد جيڪو ان گهر جو مالڪ هوندو ۽ ان عورت جو پتي(ائين منهنجي عقل مون کي ٻڌايو)ها ،هن جي موٽر جو آواز سڃاڻي ئي پتني ۽ پنهنجي پريميءَ کي گهر مان ڌڪو ڏئي ڪڍيو هو ۽ پاڻ مِکر ڪري پنهنجي پلنگ تي ڪمبل اوڙهي ڪوڙي ننڊ ۾ غلطان ٿي وئي هئي.
    ايترو ڏسڻ منهنجي لاءِ ڪافي هو.مان دريءَ کان پري ٿي ويس.هيءُ ممبئي نگريءَ جي رات جي لائيف ڪهڙي عجيب غريب آهي؟يا ائين ته ڪونهي ته سڀني شهرن ۾ سڀني جڳهن تي ائين ٿيندو رهندو آهي؟رشتا مٽجندا رهندا آهنپتني پنهنجي پتيءَ کي ڌوکو ڏئي رهي آهي يا پتي پنهنجي پتنيءَ کي ؟اهو مرد ٻئي شهر مان آيو هو يا ساڳئي ئي شهر ۾ هو؟اهو ظاهر هو ته پتنيءَ جي اميدن جي برعڪس هو وقت کان اڳ گهر آيو هو.پتنيءَ کي هُن جي اچڻ جي اميد ئي ڪانه هئي.ان وقت رات جا ٻارنهن لڳا هئا.
    ها ،ياد آيو وڏن شهرن ۾ مرد ۽ زالون ڪلبن ۾ پتي راند ڪندا آهن.زمي يا برج ،شراب نوشيءَ به ٿيندي آهي.اها هڪ رواجي ڳالهه آهي شايد اهو پتي هر رات هڪ يا ٻين بچي اچڻ جو عادي هوندو.ان رات هو جلدي گهر اچي ويو هو.ڇا عورت پنهنجي مڙس جي اکين ۾ ڌوٽ وجهي رهي هئي؟ائين به ممڪن آهي ته اهو پتي پڻ ٻين عورتن سان لاڳاپا رکي ويٺو هجي ۽ پهريون مرد جيڪو ان عورت وٽ ويٺو هو.سو به ڇا شادي شده هو؟گهڻيئي سوال من ۾ اٿي رهيا هئا.جن جا جواب مون وٽ ڪونه هئا.
    ناٽڪن جي ڪردار ويچارن کي ڪهڙي ڄاڻ ته هڪ اڻڄاڻ اپاهج هڪ اُونداهي ڪنڊ ۾ ويهي هنن جا چڪچٽا ڏسي رهيو هو.هنن جا اڇا ڪارا سڀ پڌرا ٿي رهيا هئا.پر منهنجي ڏسڻ سان هن تي ڪهڙو فرق پوڻو آهي؟ها ،منهنجي ڄاڻ ضرور وڌي رهي آهي.نوان انڀو(تجربا) ملي رهيا آهن.ماڻهن جا اصلي ۽ نقلي چهرا ڏسي رهيو آهيان.اهو ته مون چند روشن درين دروازن مان ڪجهه نظارا ڏٺا.پر هن وقت رات جو ٻين لڳي هي جيڪي منهنجي چئني پاسي اونداهيون دريون آهن.انهن پٺيان ڪهڙا کيل ٿي رهيا آهن؟ضرور ڪجهه ته ٿيندو هوندو.ايڪڙ ٻيڪڙ باٿ رومس جي جهيڻن بتين کانسواءِ چوطرف انڌيرو هو.مان اٿي پنهنجي هنڌ طرف وڌيس.
    منهنجو پندرهن ڏينهن جو مدو هاڻي پورو ٿيڻ تي هو.هر شام بتيون ٻرڻ شروع ٿينديون هيون ۽ دريون اشارا ڪري مون کي نيون نيون ڪهاڻيون ٻڌائڻ لاءِ آڪرشت(تيار ڪرڻ)ڪنديون هيون.مان واندڪائي ۽ اڪيلائي ۾ انهن ڪهاڻين ۾ کوهجي ويندو هوس.انهن ڪهاڻين ۾ ڪجهه جوڙي،ڪجهه ڪاٽي ،نيون ڪهاڻيون اڻڻ لڳندو هوس.
    رات ته غضب جو ناٽڪ ٿيو ! رات جي اڃا شروعات ٿي هئي.هڪ پريوار ۾ جهڳڙو ٿي پيو.ناٽڪ مئچ هو.سامهون واري بلڊنگ جي ڇهين منزل وارو فلئٽ ،ٽيليويزن جي پردي تي ڪا ديسي پڪچر هلي رهي هئي.اوچتو ئي اوچتو چئنل مٽجي ويو.اسٽار ٽي وي جو نيوز چئنل شروع ٿي ويو.پڪ ئي پڪ گهر جي مالڪ ائين ڪيو هوندو.رموٽ ڪنٽرول جو بٽڻ دٻايو هوندو ڇاڪاڻ ته هڪ جوان ڇوڪري جوش ۾ اٿي پيءُ جي هٿن مان رموٽ ڪنٽرول کسي ورتو ۽ پردي تي وري پڪچر اچي ويئي.
    هاڻي مرد جوش ۾ اچي ويو.هو اٿي کڙو ٿيو.هن جي جسم جي حرڪتن مان مون کي ائين لڳو ڄڻ ڪن ڪاوڙ ڀريل گفتن جو ڪنن تي پڙلاءُ پيو.پردي تي وري نيوز آئٽم اچي ويو.ڇوڪرو به گهٽ ضدي ڪونه هو هن وري بٽڻ دٻايو ۽ پڪچر اچي وئي.هاڻي پيءُ اُلر ڪري پُٽ تي اچي ڪڙڪيو.ڄڻ ته ڌڪ ٿي هنيائينس.ان وقت ڪا مائي يعني پٽ جي ماءُ اچي ٻنهي جي وچ ۾ پئي.هوءَ ڪنهن جو پاسو کڻي رهي هئي.ان جو علم مون کي ناهي.گهر جا ٻيا ڀاتي به ان جهڳڙي ۾ شامل ٿي ويا.عين ان وقت سڄي پاڙي جون بتيون گُل ٿي ويون.پاور بند ته ٽي وي به بند چئني طرف انڌيري جو راڄ ٿي ويو.
    مون کان کل ڇُٽي نڪتي.هي پڙهيل ڳڙهيل وڏا ماڻهو ڪهڙين تڇ ڳالهين تي هڪ ٻئي سان وڙهي رهيا هئا.گهر جي اندر ئي اندر پر جي ڏسجي ويهي ته جهڳڙا تڇ ڳالهين تي ئي ٿيندا آهن.ٻاهران سڀ ٺيڪ ٺاڪ لڳندو آهي.
    پندرهن ڏينهن ڏسندي ڏسندي نبري ويا اڄ مان ٽنگ تان پلسٽر کولائڻ وڃي رهيو آهيان ۽ جلدي پنهنجي گهر هليو ويندس.
    فلئٽ ڇڏڻ مهل مون پنهنجي دريءَ وٽ بيهي چئني طرف نظر ڊوڙائي مون کي لڳو ڄڻ ته درين جي پٺيان گهر جي رهواسين سان منهنجي گهڻي وقت سڃاڻپ هئي.ڄڻ ته هنن سان منهنجو ڪو ناتو هو.هو مون کي بنهه ڪونه سڃاڻن پر مان هنن کي سڃاڻڻ لڳو آهيان.شايد ضرورت کان وڌيڪ .پر انهن ڳالهين کي اُتي ئي ڇڏڻ واجب آهي.مون کي ته پنهنجي زندگيءَ جي شروعات ڪرڻي آهي.
    مون پنهنجي ناٽڪ گهرن جي ياترن کان موڪلايو۽ انهن درن ۽ درين کي هٿ جوڙي الوداع چئي.جن مون کي اڻڄاڻائيءَ ۾ پنهنجن ڳجهن رهسين(خوشين) ۾ جهانڪڻ جو توڙي انساني چهرن مٿان چڙهيل نقلي چهرن کي ڏيکارڻ جو وجهه ڏنو هو.
    مون هلندي هلندي هنن کان معافي ڄڻ گهري ڇاڪاڻ ته مون بنا اجازت جي هنن جي شخصي جيون ۾ نهاريو هو.حالتون ڪجهه نراليون هيون.جن مون کي ائين ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
    ---- *** ---


    8. ننڊ ڇو نه ٿي اچي

    توکي انجنيئر بڻجڻو آهي.توکي پڙهڻو آهي.توکي ڪمائڻو آهي.................وڏو ماڻهو بڻجڻو آهي.ماءُ کي سُک ڏيڻا آهن تنهنجا وڏا ڀائر ڀينر سڀ محنت ڪن پيا.توکي به ڪوشش ڪرڻي پوندي.نه ته مون کي ڪوشش ڪانه ڪرڻي آهي.ڇوڪريان ؟مون کي ته راڳ پسند آهن.مون کي دليپ ڪمار جي پڪچر ڏسڻي آهي.هلي پيئي واهه واهه “تُو اگر جيون ڀر مين گيت گيت سناتا جائون مين بين بجاتا جائون”پر ٽڪيٽ جا پئسا ڪٿان ايندا؟بندوبست ڪري وٺبو” توکي پڙهڻو آهي پڙهڻو آهي ها ها پڙهڻو آهي پڙهندس ڀائي پڙهندس منهنجو مٿو نه کپايو.
    مون کي ميران بيحد وڻندي آهي.هوءَ به مون کي پسند ڪري ٿي.مون ڏانهن نهاري مشڪي ٿو.اشارا ڪري ٿي.مان هن سان گڏجندس.
    الا ڪهڙي ڦٽل ڦٽل ننڊ آهي.ڇا پيو ڏسان ننڊ ۾ ؟ميران ڪاڏي گم ٿي ويئي؟ڪيڏا ڏينهن ٿيا آهن ڏٺي به ڪانهي چون ٿا ته شادي ڪري ويئي! پر ايئن ڪيئن ڪيائين؟مون کي اشارا ڇو ڪيائين؟هوءَ مون کي دوکو ڏئي وئي! مون کي ڇڏي ويئي الا ريڊيو تي راڳ پيو اچي.”دوست دوست نه رها پيار پيار نه رها”مون کي روئڻ پيو اچي.زندگيءَ تي اعتبار نه رهيو هاڻي ڇا ڪريان ؟ويئي هلي ويئي هلي.
    توکي انجنيئر بڻجڻو آهي.توکي پڙهڻو آهي بيحد پڙهڻو آهي.زندگيءَ ۾ چڙهڻو آهي.ڪمائڻو آهي وڏو ماڻهو بڻجڻو ..ها پڙهندس پڙهندس.
    بي ايس سي جي رزلٽ آئوٽ ٿي آهي.سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيو آهيان.مون کي ته وڌيڪ مارڪون ملڻيون هيون سڀ بي ايمان آهن.هي پروفيسر پاسخاطري ٿا ڪن.مون کان گهٽ هوشيار ڇوڪرا وڌيڪ مارڪون کڻي ويا.سڀ چور بدمعاش آهن.
    ڪافي هائوس ۾ دوستن سان گپ شپ ..ڪيڏو مزو آهي واهه جو دونهون آهي.نڪ ۾ وات ۾ اکين اڳيان دونهون ڪافيءَ جي لذيذ سڳنڌ..واهه واهه وات مان دونهين جا ڇلا ڪڍڻ وڻن ٿا .نڪ مان به دونهون پيوڳ نڪري.اسٽائيل اسٽائيل اهوئي کپي مون کي سگريٽ وات ۾ بيئر جو گلاس سامهون ميز تي گجي مٿي پيئي اچي.اڙي هيٺ پيئي ڪري بيئر جو سڳنڌ ناسن ۾ گهڙي ويئي آهي.مون کي وڏو ماڻهو بڻجڻو آهي.مان ڪمائيندس ڪمائيندس.
    هي گرم گرم مٺائيءَ جو ٿالهه موهن ٿال مٺائيءَ جون چڪيون هي ڪنهن ٺاهيون آهن؟چڪيون سڌيون ڇو نه آهن؟مان ٿو ٺاهي رکان اڙي وچ ۾ ڪهڙيون گهڻيون آهن سوڙهيون گهٽيون ويڪريون گهٽيون! هنن گهٽين مون کي منجهائي ڇڏيو آهي مون کي ڪٿي پهچڻو آهي؟
    هيءَ ننڊ پوري ڇو نه ٿي اچي؟وچ وچ ۾ ڦِٽي ٿي پوي! هي ڪهڙا عجيب عجيب خيال آهن؟ڪهڙيون تصويرون پيون اچن اکين آڏو! مان منجهي پيو آهيان....مون کي ڪٿي پهچڻو آهي؟
    موٽر جي بيهجي وڃڻ جا چيچڙاٽ ڪنهن زور سان بريڪ دٻائي آهي ....اوندهه هيءَ ڪنهن جو جسم موٽر جي اڳيان پيو آهي؟اڙي موٽر جون بتيون ٻاريو...اڙي هيءُ مان آهيان...اڙي مون کي ڇا ٿيو؟
    اسپتال ۾ نرسون ،ڊاڪٽر ،سيون ،دوائون ،ٻاٽ اوندهه هي چلڪندڙ بلب ،هي ڇا ٿي رهيو آهي.مون کي ڇا ٿي رهيو آهي؟
    توکي وڏو ماڻهو جو بڻجڻو آهي....وڏو آفيسر ..آفيس مان خط ڪونه آيو آهي....ڪيڏا مهينا ٿي ويا آهن...خط آيو يا نه؟پگهار آئي يا نه؟ نوڪري آهي يا نه؟ ڪير مون کي ٻڌائي؟
    مان ڇا ڪريان؟ اوندهه اوندهه مون کي ننڊ ڇو نه ٿي اچي؟....مون کي ننڊ جي گوري ڏيو! ننڊ،اچ اچ پليز.
    گهري ننڊ ئي مون کي آرام پهچائي سگهندي.


    9. نه، بابا، نه !

    “يار ،ڪامپيوٽر ڪمال جي چيز آهي! ڪيتريون ڳالهيون هڪ وقت ڪري سگهجن ٿيون!!”
    “نه بابا، منهنجي وس جي ڳالهه ناهي.مان ته سڀاڻي کان وٺي ڪامپيوٽر ڪلاس تي ڪونه هلندس”
    “ڇو ،توکي ڇا ٿيو آهي؟هيءُ ته ڪامپيوٽر جو زمانو آهي.انٽر نيٽ جي جيتري ساراهه ڪجي ٿوري آهي.e.mail ذريعي اسين اک ڇنڀ ۾ دنيا جي ڪهڙي به ڪُنڊ ۾ پهچي سگهون ٿا.”
    “نه ڀائي ،مون کي ڊپ ٿو لڳي.”
    “ڊپ ڇا جو.”
    “هڪرو ته ڪوئو گهڙي گهڙي پيو ترڪي وڃي”
    “ڇا پيو چوين ؟ڪوئو؟”
    اڙي مائوس ٻيو وري ڇا؟
    دوست کلڻ ٿو لڳي”تون به حد ٿو ڪرين”
    “پهريون ته ترڪندو ئي ،جيسين تنهنجي قابوءَ ۾ اچي.مون سان به ائين ٿيندوهو.سڀني سان ايئن ٿيندو آهي بس نه!”
    “نه نه مون کي پسند ناهي.الائي ڪهڙا حڪم پيا اچن.اندران اندران.”هي ڪر ،هي نه ڪر ،دٻاءِ ،هڪ دفعو دٻاءِ ٻه دفعا دٻاءِ ۽ مان هلان حڪم جي تعميل ڪندو.واهه واهه الائي سمجهي ڇا تو پاڻ کي”
    “ڪير ڀائي ڪير!”
    “ڪڏهن غلطي ٿي وڃي ته مان پيو منجهان.ٻيو هٻڪان هٽڪان ۽ شرمسار ٿيان”
    “چوين ڇا پيو؟ڪنهن سان شرمسار ٿين”
    “اڙي هو جيڪو اندر ويٺو آهي!”
    “ڪير اندر ويٺو آهي”
    “اڙي هو جيڪو حڪم پيو ڏئي اندران ئي اندران ان لکت ۾ ۽ مان پيو نهاريان هيڏانهن هوڏانهن ۽ هن کي ڳولهيان؟”
    “مون کي تنهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي.”
    “سچي ڳالهه ٻڌايانءِ دوست ،شايد مون ۾ ئي ڪا ڪمي آهي.مان ڪامپيوٽر تي ويهان ته مون کي ڪنهن جي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو ڄڻ ته ڪو مون کي ڏسي رهيو آهي.پرکي رهيو آهي،جاچي رهيو آهي ۽ ڪري رهيو آهي ٽيڪا ٽپڻي! گهڙي چوي ته اِررڪئي آهي! اها به ڪا ڳالهه ٿي! مون کي نٿو وڻي.”
    “اڙي اها ته رڳو مشين آهي اليڪٽرانڪس مشين”
    “پر مشين کي ڪيئن ٿي خبر پوي ۽ منهنجيون غلطيون پيو جهٽي!”
    “توسان ته ڳالهائڻ ئي اجايو آهي.”
    “هي ته ڪو خُدا آهي جو نظر نٿو اچي.پوءِ به اسان کان ڪم پيو ڪرائي.”
    “ڏاڍيون عجيب ڳالهيون پيو ڪرين!‘ ڪامپيوٽر يگ ۾ رهڻو اٿيئي ته ڪلاس ۾ ته وڃڻو ئي پوندءِ”
    “نه بابا، نه “
    تون ته پٿر يگ ۾ رهڻ جي لائق آهين!”
    “ائين ئي سهين”


    10. وقت جي سئي .ائنٽي ڪلاڪ وائيز

    (رشتن جي حوالي سان)

    چوڌاري بلبن جي تکي روشنيءَ منهنجين اکين کي چڪا چوند ڪري ڇڏيو.ڊرائيور موٽر جو دروازو کولي بيٺو هو.مان سنڀالي سنڀالي هيٺ لٿس.وڻن ۾ رنگين بلب ،ساوا ،پيلا ،نيلا جهرمر ڪري رهيا هئا ۽ فضا کي جڳمڳائي رهيا هئا.ڄڻ ته مان ڪنهن پرستان ۾ پهتو هوس.ڪيڏي عرصي بعد مون ايڏي رونق ڏٺي هئي.
    “بابا،هلڻ شروع ڪريو نه؟بيهجي ڇو ويا آهيو؟”مون ديپڪ جو آواز ٻڌو .جو پنهنجن ڌيئن پنڪيءَ ۽ ڊاليءَ سان گڏ اڳتي وڌڻ جون تياريون ڪري رهيو هو.مان به هلڻ لڳس.مون کي لڳو ته منهنجا قدم لڙکڙائي رهيا هئا.مون ڪوشش ڪئي ته ٻين کي ان ڳالهه جي لکا نه پوي.ثابت قدمن،پر ڌيان سان پُٺيءَ کي سڌو ڪري هلڻ لڳس.
    پر هنن جي رفتار سان پُڄڻ سولو ڪونه هو.
    “بابا پاڻ سان لَڪڻ ڇو نه ٿا کڻو؟”هاڻي ديپڪ جي لهجي ۾ ٿوري تکاڻ اچي ويئي هئي.
    “نه نه مان ٺيڪ آهيان ،لڪڻ جي ڪهڙي ضرورت؟”
    مون پنهنجي رفتار کي ٿورو تيز ڪيوپر ...پاڻ کي سنڀالڻو به ته هوم.”
    لان تي ڪرسيون ۽ ميزون رکيون هيون .ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ،زالون ۽ مرد ،سهڻن لباسن ۾ بيٺا هئا،ڳالهائي رهيا هئا ۽ کلي رهيا هئا .....هوا ۾ ٿوري ٿڌڪار ٿوري نمي..سگريٽن جو دونهون،سينٽ جي خوشبوءِ.......
    ورديءَ پهريل دربان اندرين ريسٽارنٽ جو دروازو کوليو.مون نرم ڪارپيٽ تي پير رکيو.....روشني هڪدم ڌيمي ٿي ويئي هئي.ڪٿي اکين کي آزاريندڙ ٻاهريون تکيون بتيون ۽ ڪٿي هي ڊم لائيٽ وارو ماحول ننڍي پاور وارا بلب ،لائيٽ فٽنگس ۾ ٻري رهيا هئا ۽ ميزن تي ميڻ بتين جون لاٽون روشن هيون ۽ هلڪو هلڪو نور ڦهليل هو.
    هاڻي منهنجي هلڻ جي رفتار وڌيڪ ڍري ٿي ويئي هئي پر..پوءِ به مون ڪنهن کي پتو پوڻ نه ڏنو...مون کي ڏسڻ ۾ به تڪليف ٿي رهي هئي...پر هلڻو ته هو ئي ..نه ته وري.......!
    ديپڪ اڃا نئون نئون هلڻ سکيو هو.هن جا پير لڙکڙائيندا هئا...بدن ۾ ايڏي سگهه نه هئس،قدم پُختا ڪونه هئس،هلندي هلندي ڪِري پوندو هو پوءِ به مون سان ۽ ماءُ سان ضد ڪندو هو ۽ پنڌ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.مان يا ماءُ هن کي هنج ۾ کڻندا هئاسين ته زور ڏئي هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.هنج ۾ ڦٿ ڦٿ ڪندو هو.اسين هن جي بي آراميءَ تي کلندا هئاسين.هن جي جُريت تي ناز ڪندا هئاسين.هڪڙو ڀيرو اهڙي ئي نموني اسين ٻاهر ڊنر کائڻ ويا هئاسين.ان وقت اهڙين ڀڀڪيدار هوٽلن ۾ وڃڻ جو ته سوال ئي ڪونه هو.پنهنجي وت آهر ننڍڙي ڪنهن ريسٽارنٽ ۾ ويا هئاسين.هو لڙکڙائيندي،لرزندڙ قدمن سان هلي رهيو هو.ٿاٻا کائي رهيو هو پوءِ به اسان جو هٿ پڪڙڻ کان انڪار ڪري رهيو هو.نه ئي هنج ۾ چڙهڻ لاءِ تيار هو.ٿوري خفگي ٿي رهي هئي پر ان کان وڌيڪ هُن تي پيار اچي رهيو هو.هن جي همٿ ۽ پاڻهي پنڌ ڪرڻ جي سندس ڪوشش تي اسين ٻلهار وڃي رهيا هئاسين.هڪٻئي کي اشارا ڪري رهيا هئاسين ۽ هن جي ڪاميابيءَ تي فخر ڪرڻ لڳا هئاسين.جڏهن ڪجهه قدم پاڻ کڻي سگهيو ته هن کي هنج م کڻي خوب پيار ڪيو هوسين...۽ اڄ؟
    منهنجا پير لڙکڙائڻ لاءِ آماده آهن....پر مان ان حقيقت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.....ڪٿي مون کي لَٺ هٿ ۾ نه ڏني وڃي...ڪٿي مون کي ٻين جي هٿ کي پڪڙڻو نه پوي.ڪٿي مون کي ٻين جي نظرن ۾ پنهنجي لاءِ رحم ڏسڻ ۾ نه اچي...ڪٿي ڪو کهرو اکر نه ٻڌڻو پوي،ڪٿي ڪو دل تي چوٽ نه ڪري ،ڇاڪاڻ ته زخمن تي مرهم لڳئڻ وارو ته ڪو هوئي ڪونه...جيسين پنهنجي طاقت تي هلي سگهان ٿو.هلندو ايندس..پوءِ ..پوءِ جي چنتا مان هينئر ڇو ڪريان؟
    “بابا ،مينيو ڪارڊ ڏسي ٻڌايو ته توهين ڇا کائندا؟”
    مون پنهنجو چشمو کيسي مان ڪڍيو ۽ مينيو ڪارڊ اڳيان ڪري ڌيان سان پڙهڻ لڳس:
    “ڪوبه سوپ گهراءِ”
    “ڪوبه معني ڪهڙو”
    “مڪسڊ ويجيٽيبل سوپ”
    “۽ ٻيو؟”
    “توهين جيڪي گهرائندا ان مان کڻي ڪجهه کائندس”
    “بس، توهان جون اهڙيون ئي ڳالهيون آهن!” ديپڪ شڪل ٺاهيندي چيو
    ٿوري دير بعد سوپ ميز تي اچي ويو ۽ هاڻي اهو منهنجي سامهون هو.مون سوپ جوچمچو هٿ ۾ کنيو.پوءِ الائي ڇا ٿيو؟ شايد ڪٽورو پوري طرح رکيل ڪونه هو.مون ته ڪجهه ڪيو ئي ڪونه .ٿورو سوپ ميز تي هارجي پيو.گهڻو نه ٿورو ،سوپ جا ٿورا ڇنڊا ميز پوش تي به ڪريا ۽ ٿورا منهنجي ڪوٽ جي ٻانهن تي ڪريا.ويٽر ڊوڙندو آيو.
    “بابا ! توهين سنڀاليو ڇو نه ٿا؟.....توهان کي ٿيو ڇا آهي؟”
    ننڍڙو ديپڪ ميز تي چڙهڻ جو ضد ڪري رهيو آهي...هوٽل جي ميز ...ڪانٽا چمچا هٿن ۾ اٿس.اسين هن کي روڪڻ جي ڪوششڪري رهيا آهيون...هو ٻڌي ئي نه ٿو...اوچتو پاڻيءَ جو سڄو ڀريل گلاس ميز تي هارجي پيو نه رڳو ميز تي پر اسان جي مهمان جي ڪپڙن تي پڻ.مِس روزي گهٻرائجي اٿي کڙي ٿي ۽ پنهنجي سڙهي ڇنڊڻ لڳي،هوءَ اسان جي گيسٽ هئي.
    ديپڪ گلو ڦاڙي روئڻ لڳو.
    “نيور مائينڊ ماءِ بواءِ دڍڊونٽ ڪراءِ” اسان جي مهمان مروت وچان چئي رهي هئي.
    مان روئندڙ ديپڪ کي هنج ۾ کڻي ٻاهر وٺي وڃان ٿو .هن جو روئڻ بند ئي نه ٿو ٿئي.هن کي ريجهائڻ لاءِ ڪئڊبري چاڪليٽ جو سلئب وٺي ٿو ڏيان.....روئڻ بند ٿي ٿو وڃي.
    ................
    “بابا، توهين منهنجي لاءِ ڪئڊبري چاڪليٽ ڪونه وٺي آيا نه؟.......ماءِ فيورائيٽ چاڪليٽ” پنڪي چئي رهي هئي.
    “اڙي تنهنجي لاءِ چاڪليٽ وٺڻ ڪيئن وساريندس؟” ديپڪ جي لهجي ۾ نرمي اچي ويئي هئي.نه رڳو تنهنجي لاءِ ،پر ڊاليءَ لاءِ به آندا اٿم”هن پاٻوهه وچان چيو،”هن کيسي مان ٻه وڏا چاڪليٽ ڪڍيا ۽ ٻنهي ڄڻين کي ڏنا.
    “او ٿئنڪ يو پاپا ،ٿئنڪ يو لو پاپا!”
    مان ميزپوش جي آلي ٽڪري کي پنهنجي رومال سان سُڪائڻ جي ڪوشس ڪري رهيو هوس.


    11. معصوم ڪردار

    مون اڄ پاڻ کي آجو ڪيو آهي.ذهني طرح سان نه به کڻي پر جسماني طرح سان مان سڀني کان بلڪل الڳ ٿلڳ ويٺي آهيان.پنهنجن سڳن سنٻڌن کان ،دوستن مترن کان ،نوڪرن چاڪرن کان ،پنهنجي گهر کان دور ٿي وئي آهيان.برابر ذهني طرح سان مڪمل طرح ڇٽل ناهيان ۽ نه ئي ٿي سگهنديس. پر پوءِ به ...الڳ ٿلڳ آهيان.ائين اڪثر مان ڪندي آهيان.مان ٽرين ۾ سفر ڪري رهي آهيان ۽ جڏهن مان ائين ڪندي آهيان ڪجهه ساڪارتمڪ(سڦلائتي تخليق) سرجڻ ٿيندو آهي.اڄ به ڪجهه پختو ڪجهه الڳ ڪرڻ جو ارادو اٿم.
    ڇا لکان ؟ ڇا لکان؟ها اڄ ڪهاڻي لکنديس.اڄ مون کي هڪ ڪهاڻيءَ جي تلاش آهي.منهنجي چو طرف ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻيون آهن.ڪهڙي ڪهاڻي کڻان؟ڪٿان کڻان؟ڪهڙو ڪردار کڻان؟هتي منهنجي چوڌاري مسافر ويٺا آهن.ڪي اخبار پڙهي رهيا آهن؟ڪي اکيون پوري رلئڪس ڪري رهيا آهن.هنن جي اندر پنهنجون پنهنجون اڪيچار ڪهاڻيون آهن.ڪي آشائون ،ڪي نراشائون ،ڪي آڪانکشائون ،ڪي سمسيائون ،ڪي پريشانيون ،رشتن ناتن جا مونجهارا ،ننڍيون خوشيون ننڍا غم ،سڀ ڪجهه من اندر دٻائي جيون جو سفر طئي ڪري رهيا آهن.
    مان پنهنجي ڪهاڻي ڪٿان کڻان؟ڪنهن جي کڻان؟ڪنهن جي اندر جهاتي پايان؟
    اوچتو هڪ ننڍو ٻار عمر اٽڪل پنج سال ڪاريڊور مان پنهنجي رانديڪي واري پوليس ڪار پئسيج جي فرش تان “زون زون”جي آواز سان هلائيندو ڊوڙندو آيو.هن جي موٽر منهنجي ساڙهيءَ جي بارڊر ۾ اٽڪي بيهجي ويئي ۽ ابتي ٿي ويئي.
    “اڙي آنٽي توهان منهنجي موٽر جو ايڪسيڊنٽ ڪرائي ڇڏيو ڪار ڌار ٿي ويئي”
    “ساري سَن! موٽر خراب ڪونه ٿي!”
    “ها آنٽي ٿوري خراب ٿي مان رپيئر ڪرائيندس”هن ناٽڪ ڪندي چيو
    هو وري زون زون ڪندو موٽر هلائيندو نڪري ويو.
    هو وري موٽي آيو ۽ اڳين سيٽ تي ويهي رهيو.وري اٿيو ۽ منهنجي ڀرسان اچي بيٺو.
    “تنهنجو نالو ڇا آهي؟”مون کانئس سوال پڇيو
    “پنڪج”
    “توسان گڏ ٻيو ڪير آهي؟”
    “منهنجي ديدي”
    هن اڳينءَ سيٽ تي ويٺل ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪيو.
    اها “ديدي”ڏسڻ ۾ هڪ “آيا”پئي لڳي
    “پنڪج آنٽي ڪو تنگ نمت ڪرنا”ديديءَ چيو
    “اوڪي ديدي! ديدي ميرا فوٽو آلبم دينا پليز!”
    ديديءَ هن کي هڪ ننڍڙو آلبم ڏنو.
    “آنٽي هي ڏسو! منهنجي ممي ڊيڊي جي شاديءَ جو فوٽو ممي ڪيڏي سئيٽ آهي نه”
    مون آلبم کوليو.پهريون فوٽو هڪ شادي ڪيل جوڙي جو شاديءَ وقت نڪتل فوٽو هو.ڪنوار ڳاڙهي ساڙهيءَ ۾ ۽ گهوٽ شيرواني ڪرتي ۾ هو.هيٺ پٽ تي پنڪج پاڻ ويٺو هو.
    “ها تمام سندر” مون چيو
    “هي ڏسو آنٽي هي ممي هي ڊيڊي ۽ هي مان! آهي نه سٺو فوٽو”
    “ها ها ويري گڊ هي فوٽو ڪڏهن جو آهي؟”
    “شادي ڪالهه ٿي.آنٽي مون کي اسڪول وڃڻو آهي ته ان ڪري مان ديديءَ سان واپس گهر وڃي رهيو آهيان”
    “۽ ممي ڊيڊي”
    “هو ايندا نه؟ سڀاڻي مون سان ديدي آهي نه”
    “آءِ سي” هاڻي مان ٻار کان ڇا پڇان؟ته هو پنهنجي ممي ڊيڊي جي شاديءَ ۾ ڪيئن شريڪ ٿيو؟هو ڪيڏو خوش آهي! ڪيڏو معصوم آهي”
    “پنڪج چپ چاپ آگي آڪر بيٺو”آيا پنڪج کيڇڙٻيندي چيو
    ...۽ هو اڳيان وڃي ويٺو.ٿوريءَ دير بعد وري اثي بيٺو
    “ديدي باٿ روم”
    هو ديدي جو هٿ جهلي ٽائليٽ طرف وڌيو.
    منهنجي هٿ ۾ البم هو منهنجي پاسي واري ليڊيءَ مون کي چيو
    “مان هي آلبم ڏسي سگهان ٿي!”
    “ها ها ڇو نه”
    هن فوٽي جاچيندي چيو”اڙي هيءَ ته مسز ڀاٽيا آهي”
    “مسز ڀاٽيا؟”
    “ها هيءُ ڪئپٽن ڀاٽيا آهي؟”
    “نه نه هي ڪئپٽن ڀاٽيا ڪونهي”
    “توهان کي پڪ آهي ته توهين هن کي سڃاڻو؟” مون فوٽي واري عورت ڏانهن اشارو ڪندي چيو
    “او سو سيڪڙو پڪ! هو ديولائي ڪيمپ ۾ اسان جي ڀرسان رهندا هئا منهنجو پتي به آرمي آفيسر آهي.”
    “اها ڪڏهن جي ڳالهه آهي”
    “اٽڪل ڇهه سال اڳ ها ان وقت مسز ڀاٽيا پرگننٽ هئي.مون کي چڱي طرح سان ياد آهي.”
    مون پنڪج ۽ آيا کي ايندو ڏٺو ۽ ڌيري چيو”بهتر ٿيندو ته ان باري ۾ وڌيڪ نه ڳالهايون”
    “ها ها مان سمجهي سگهان ٿي.”
    پنڪج پنهنجي سيٽ تي ويٺو.وري اٿي بيٺو”آنٽي آلبم واپس ڏيو منهنجي ممي ڊئڊي جي شاديءَ جو آلبم”
    مون هن ڏي آلبم وڌايو
    “آنٽي سهڻا فوٽا آهن نه ممي ڊئڊيءَ جا”
    “ها بيحد سهڻا”
    مون ان ٻار جي مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو
    مون کي الائي ڇو دل ٿي رهي هئي ته ان معصوم ٻار کي گهڻو گهڻو پيار ڪريان!


    12. ويچارو ٻار

    “اها سٺي ڳالهه آهي ته پنڪج تو کي اصلي ڊئڊي ڪري قبوليو آهي توکي ڊئڊي ڪري ڪوٺي ٿو ۽ پيار به ڪري ٿو”
    “مان به ته هن کي اوترو ئي پيار ڪريان ٿو”
    “گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ڪجهه ڏيکاري نه ٿو ڏئي.”
    “پنجن سالن جي عمر ۾ اڍائي سال اڳ واري يادگيري ڀلا ڪيئن رهندي.” اوچتو پنڪج ڪمري ۾ ڊوڙندو آيو.
    “ مما مما ڏس ! ستيش جو ڀاءُ مون کي بال نه ٿو ڏئي.چئينس نه ته مون کي ڏي”
    “ٻه ڇوڪرا راند ڪندا ڪمري مان ٻاهر نڪري ويا.مما کي ڪجهه چوڻ جي ضرورت ئي ڪانه پيئي”
    “هيءُ ستيش جو ڀاءُ ،ستيش جو ڀاءُ ڇو پيو ڪري؟آخر هن ڇوڪري جو نالو ڇا آهي؟تنهن ڏينهن به چيائين ته ستيش جو ڀاءُ”
    “پشپا”پنهنجي نوڪرياڻيءَ کي سڏ ڪندي “پشپا پنهنجن ٻن پٽن جا نالا ته ٻڌاءُ هڪڙو ته آهي ستيش ۽ ٻئي جو نالو ڇا آهي؟”
    “مئڊم ٻئي جو نالو رميش”
    “ڇا ؟رميش ......چڱو تون ڀلي وڃ”
    مما ٽٻيءَ ۾ پئجي وئي.
    “تنهنجي معني هن جي اچيتن من ۾ اصلي پتا آهي.هن جو نالو
    به......۽ اهو اسان جي اڳيان ڳهڻ نٿو چاهي”
    “ان جو مطلب ڇا؟”ڊئڊي سوچڻ لڳو هو
    “ان جو مطلب ڇا؟.....تنهن جي معني ته.....!”
    “تنهن جي معني ته شايد هو اسان جي اڳيان خوش رهڻ جو ناٽڪ ڪري رهيو آهي.....”
    “ناٽڪ ۽ پنجن ورهين جو ٻار”
    “اهو هو لاشعوري طور ڪري رهيو آهي لڳي ٿو ته هن جي من ۾ مونجهارا آهن.”
    “او ماءِ پوئر بواءُ Oh my poor boy! ويچارو ٻار”


    13. ڪاڪٽيل پارٽي

    “هيلو منهنجو نالو ڪپل ورما آهي”
    “ هاءِ آءِ ايم روهت سپي! توهان سان گڏجي خوشي ٿي.”
    “مون لي به ٿي...رميش سپيءَ سان ڪو ڪنيڪشن؟”
    “او نو! الائي ڇو پهريون سوال اڪثر مون کين اهوئي پڇيو ويندو آهي؟”
    “اهڙو ئي شايد دنيا جو نيم آهي.مون کان به پڇيو ويندو آهي ته مان ديون ورما جو مئٽ ته ڪونه آهيان.”
    ٻئي زور زور سان کلڻ لڳن ٿا.
    .توهين جاچيندا ته فلمي هستيون ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي ڇانيل هونديون آهن.”
    “رڳو فلمي هستيون چو؟تئگور ۽ گانڌيءَ جهڙن نالن سان به ته رشتا جوڙيا ويندا آهن...اها سٺي ڳالهه آهي.”
    “۽ سڀاويڪ پڻ ....توهان ٻڌايو پنهنجي باري ۾.”
    “مون کي پنهنج پرائيويٽ فرم آهي.منهنجو بزنيس آهي امپورٽ ايڪسپورٽ جو.”
    “آءِ سي ،مان هندستان لورس ۾ آفيسر آهيان.حقيقت ۾ تعارف ڪرائڻ ته اسان جي ميزبان جو فرض آهي مگر اسين پاڻ هي هڪ ٻئي سان پنهنجي پنهنجي واقفيت ڪرائي رهيا آهيون.پاڻ ته ڀائي گپ شپ ۾ غلطان آهي.”
    “اسان جو هوست مسٽر ڀڳت ڪمال جو ماڻهو آهي.سچ پچ ڀڳت ماڻهو آهي.”
    “ڀڳت ماءِ نوٽ....................ڏسو هڪهٿ ۾ گلاس اٿس ۽ بغل ۾ ڇوڪري ...........ها ها ها ..پر توهان جو گلاس ڪٿي آهي.”
    “مان شراب ڪونه پيئندو آهيان.مسٽر ورما آءِ ائم ٽيٽوٽالر Teetotaler “
    “ڊونٽ ٽيل مي ! اڄ جي زماني ۾ اهڙين پارٽين تي ........ريئل ڀڳت”اچي ٿو ٽهڪن ۾ ڇٽڪي.
    “نه نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي .منهنجي ڀڳت ٿيڻ جو ته سوال ئي نٿو اُٿي.”روهت ٿورو شرمائي رهيو هو ۽ ٿورو مسڪرائي.
    “اڙي،توهين ته ڇوڪرين وانگر بلش(Blush) ڪرڻ لڳا آهيو.مان ته صرف مذاق ڪري رهيو هوس.مون کي حقيقت ۾ ڏڍو افسوس ٿيندو آهي جڏهن مان خُدا جي بڻايل هن نعمت کي ڪنهن کي ٺڪرائيندو ڏسندو آهيان ...او هو ،......آبِ حيات.......سوم رس..!”ڪپل پنهنجو گلاس مٿي ڪري پيار جي نظرن سان ڏسڻ لڳو.پوءِ پاڻ کي سنڀاليندي ائين نه” سمجهجو ته مان اوهان کي بگاڙي رهيو آهيان.”
    “نه نه مان توهان جو مذاق سمجهي رهيو آهيان .توهين ڪافي دلچسپ شخصيت جا مالڪ آهيو”
    “توهين به ته گهٽ ڪونه آهيو.ٽال ،هئنڊسم ،ويل ڊريسڊ ائينڊ آ پر توهان جون عادتون توهان جي شخصيت سان تال ميل نه ٿيون رکن.”
    “يعني”
    “اها...هٿ ۾ گلاس نه هئڻ جي ڳالهه”وريکلڻ ٿو لڳي”هڪ شاعر آهي جنهن جو نالو آهي خاموش غازيپوري چوي ٿو:
    مئخــــاني ۾ آئي زاهـــد
    ان ڪو ڀي انسان بنادو
    اهو غزل جگجيت سنگهه جو ڳايل آهي.
    “زاهد لفظ جو مطلب ته سمجهايو”
    “زاهد معني جيڪو شراب کان پرهيز ڪندو هجي.ساڌو يا ڀڳت جيئن توهين آهيو”
    “ان ڪو ڀي انسان بندو ...توهان جو مطلب آهي ته جيڪي شراب نه پيئندا آهن اهي انسان ڪونه آهن.”
    “نه نهن ڀائي مان ائين ٿوريئي ٿو چوان؟اهو ته شاعر ٿو فرمائي.هو وڌيڪچوي ٿو:
    دير و حرم مين بسني والو
    مئخارون مين ڦوٽ نه ڊالو
    واهه واهه ڇا ته شاعري آهي!” ڪپل پنهنجي ئي ڌُن ۾ چوندو پئي ويو.
    “پر ان جي معني ڇا آهي؟”
    “ان جي معني اها آهي ته توهين ڀلي شرافت جي مڪان ۾ رهو پر يارو اسان جي محفل ۾ اچو ته اسان جو مزو نه خراب ڪريو.اسان شراب نوشي ڪندڙن ۾ ته نه ڦوٽ وجهو.جهڳڙا نه ڪرايو.پاڻ اچو ته اسين توهان کي سڌاريون”هو ٽهڪ ڏيڻ ٿو لڳي.
    “پر ڀائي صاحب مون ته توهان کي ڪجهه چيو ئي ڪونه نه ليڪچربازي ڪئي. نه روڪيو نه ٽوڪيو” روهت پاڻ کي بچائي رهيو هو.
    “توهان برابر ڪجهه چيو ڪونهي پر توهان کي انسان بڻجڻ جو ڪو ارادو به ته ڪونهي.” هنکيس گلاس آڇيندي چيو.
    “اها انسانيت اوهان کي ئي مبارڪ هجي”
    “اڙي يار ناراض نه ٿيو.هٿ ۾ گلاس ته کڻو پوءِ ڀلي ته ان ۾ ڪجهه به هجي.”
    روهت هڪ ويٽر کي اشارو ڏئي ٿو ۽ ڪولڊ ڊرنڪ جو گلاس کني ٿو وٺي.
    “هاڻي ته خوس”
    “ها ففٽي پرسينٽ خوش”
    “هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ ڪانه ايندي آهي.”
    “ڪهڙي ڳالهه”
    “پيئڻ وارن کي ٻين کي پيئارڻ ۾لطف ڇو ايندو آهي؟”
    “گڊ ڪسچن”
    “جواب ڏيو”
    “ٻه ڄڻا نشي ۾ سٺا لڳندا آهن هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا آهن”
    “مان سمجهان ٿو ته هڪ ڄڻي جو نشي ۾ هجڻ ڪافي آهي گهٽ ۾ گهٽ ٻيو ته هوش ۾ هوندو”
    “ڏاڍو سٺو جواب آهي پر ويري لاجيڪل توهان جهڙن سياڻن ماڻهن وتان اهڙي ئي جواب جي اميد آهي.”
    “ڇا توهين وري منهنجي مذاق اڏائي رهيا آهيو؟”
    “نه نه مان ته توهان کي ڪامپليمينٽ ڏئي رهيو آهيان”
    “ٿئنڪ يو”
    “چڱو هني ٻڌايو توهان ج بيئر هاف ڪٿي آهي؟منهنجو مطلب توهان جي ڌرم پتني سان آهي؟”
    “مان بيچلر آهيان”
    “او گاڊ واءِ واءِ شراب به ڪونه پيئو مٿان وري شادي به ڪانه ڪئي اٿو”
    “ان ۾ تعجب جي ڪهڙيڳالهه آهي؟اهڙا مون جهڙا ماڻهو توهان کي گهڻا ئي ملندا.”
    “سچي ڳالهه ٻڌايانوَ مون کي توهان تي رشڪ ٿيڻ لڳو آهي.”
    “ائين ڇو چئي رهيا آهيو؟”
    “توهين بلڪل آزاد آهيو ۽ اسان کي ڏسو زنجيرن ۾ جڪڙيل.”
    هاڻي روهت کل روڪي نه ٿو سگهي”جناب سنڀاليو ڪٿي اوهان جي پتني نه ٻڌي وٺي.”
    “پتني هتي موجود ناهي تڏهن ته کلي طرح سان ڳالهائي رهيو آهيان.هوءَ هتي هجي ها ته منهنجي ڇا مجال جو اهڙي آزادي سان پي سگهان ۽ جي سگهان ۽ کلي ڳالهائي سگهان.”
    “مون کي پڪ آهي تهتوهين وڌاءُ ڪري رهيا آهيو”
    “اڙي توهين شادي شده ڪونه آهيو ان ڪري توهان کي پتو ئي ڪونهي تهويچارن پتين جو پتو ئي ڪتيل آهي.هو سڀ شاديءَ جي پهرين رات کانوٺي “جورو جا غلام” ٿي ويندا آهن.”
    “توهين واقعي ڏاڍا خوش مزاج آهيو”
    “اڙي مان مذاق ڪونه ڪري رهيو آهيان.مان گنڀير آهيان.هن پارٽيءَ ۾ ايل ڪنهن به شادي شده مرد کان پڇي ڏسو منهنجي ڳالهه جي تصديق اوهان کي ملي ويندي.
    هو روهت جو هٿ پڪڙي اڳيان وڌي ٿو.
    هڪڙو شخص هن سان ڳالهائڻ شروع ڪريٿو ۽ روهت وري پنهنجي ڀرواري هڪ ٻئي شخص سان ڳالهائڻ ۾ محو ٿي وڃي ٿو.پارٽي چڱي متل هئي ۽ جام ماڻهو هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا هئا.
    “مسٽر ڪپل ورما ،ڪيتري عرصي بعد ملاقات ٿي آهي. سڀ خيريت آهي نه؟”
    “ها بلڪل سڀ ٺيڪ آهي توهين ٻڌايو مسٽر بئنر جي؟”
    “مسز ڪپل ڏسڻ ۾ نه ٿي اچي؟”
    “هوءَ USA ويئي آهي تڏهن ته مان انجاءِ ڪري رهيو آهيان”
    تيسيتائين روهت اڳيان وڌي ويو هو.
    ان وقت هڪ ٻئي شخص اچي مسٽر بئنر جي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “توهان ۾ هڪ ڪم اٿم”
    “ها ها چئو مسٽر ڊيسائي ڪپل ورما جي پارٽيءَ ۾ اسان خوب انجاءِ ڪيو.هرشيءِ ٽاپ ڪوالٽيءَ جي هئي.اهو ٻڌايو ته امپورٽڊ وسڪي اوهين ڪٿان خريد ڪندا آهيو؟”
    “توهان جو مطلب بلئڪ ليبل وسڪيءَ سان آهي.”
    “ها ها اها يا ان کان به بهتر”
    “هڪ شخص آهي جنهن کان مان ولايتي سمگلڊ شيون خريد ڪندو آهيان.هڪ مزي جي ڳالهه ٻڌايانو اهو ساڳيو شخص ڇوڪريون به سپلاءِ ڪندو آهي”
    وات تي آڱر رکي”هُش هُش ذرا ڌيري سان ڳالهايو.منهنجي وائيف هتي ئي ڪٿي آهياها ٻڌي نه وٺي”
    کلندي ڀڻڪي “ڀائي اسين سڀ ساڳئي ٻيڙي ۾ سفر ڪري رهيا آهيون سڀني جي ساڳي حالت آهي”
    “مهرباني ڪري ان ماڻهو جو فون نمبر ڏيئي ڇڏيو”
    ها ها ڇو نه ....پر ٿورو ترسو..اهو شخص هن پارٽيءَ ۾ ئي موجود آهي.”
    “سچ هو ڪٿي آهي؟ائين ته منهنجو ڪم سولو ٿي پوندو”
    “هو ڏسو پريان گري سوٽ ۾ ٽال ۽ هئنڊسم ينگ مئن ! اهو ئي شخص آهي جيڪو wine & women سپلاءِ ڪندو آهي پر اها ڳالهه ڳجهي رکڻي آهي بلڪل بند دائري ۾ صرف اسان جي وچ ۾”
    ڪپلڏانهن نهاريندي “مسٽر ڪپل توهين به ذرا احتياط کان ڪم وٺجو؟”
    “توهين ڪا چنتا نه ڪريو”
    ڪپل ڊيسائي جي آڱر جي نشانيءَ جي پٺيان نظر ڊوڙائي ٿو ۽ هن کان ڇرڪ نڪري ٿو وڃي ڇو ته هو روهت سپيءَ ڏانهن اشارو ڪري رهيو هو.
    “توهان جو اشارو روهت سپيءَ ڏانهن آهي نه جيڪو ٿوري دير اڳ مون سان ڳالهائي رهيو هو”هو ڊيسائي کان پڇيو
    “ها ها اهوئي مسٽر سپي آهي”
    “پر سپي ته امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جوڌنڌو ڪندو آهي مون کي اڃا هاڻي ٻڌايائين”
    ڊيسائي ٽهڪ ڏيڻ لڳو”اڙي يار امپورٽ ايڪسپورٽ اهو ئي ٿيو ته هتي جو مال هتي ۽ هُتي جو مال هِتي”
    “او نو! شراب ۽ ڇوڪريون ....۽ هيءُ ڀڳت ....روهت سپي”


    14. مان آهيان نه !

    ممي ممي تون ڇو ويٺين روئين؟ پليز روءُ نه!”
    “ڪيئن ڇا پيو چوين؟ مان ڪٿي ويٺي روئان؟”ممي ٻئي پاسي مُنهن ڦيريندي چيو.
    “مون کي خبر آهي ته تون مون کان لڪائي لڪائي روئندين آهين”
    “اڙي ڇو لڪائينديس؟ مميءَ کلندي چيو
    “ان ڪري ته مون کي ڏک ٿيندو.”
    “نه نه ائين ڪونهي”
    “ڏس ڏس تنهنجون اکيون اڃا به آليون آهن.”مميءَ جي اکين تي هٿ ڦيريندي”ڏس ڏس ! منهنجي آڱر مميءَ کي ڏيکاريندي.
    “ڇڏ مون کي تنگ نه ڪر منهنجي آڱر به آلي آهي مان ڇو روئنديس؟”
    “ممي مون کي خبر آهي تون ڊئڊيءَ کي ياد ڪري روئندي آهين.مون کي نه ٿي ٻڌائين ڇو ته مان ننڍڙو آهيان.مان ننڍڙو؟” پنهنجي پيرن تي بيهي ٿو.”ڏس ڏس ڪيڏو ٽال آهيان،ڏس ڏس ! منهنجا مسلس!” پنهنجون ٻئي ٻانهون ٻيڻيون ڪري ٿو ۽ انهن کي سيٽي ٿو ۽ مُشڪون تاني ٿو.”ڏس ڏس منهنجا مسلس ڪيڏا مظبوط آهن.مان ڪيڏو قداوار آهيان.تنهنجي سنڀال مان ڪندس.تون اصل به اونو نه ڪر”
    “اڙي ڇا پيو چوين ؟!اجائي بڪ بڪ لڳائي اٿئي.مون کي ڪو اونو ڪونهي.جلد تيار ٿي وڃ.اسڪول ۾ دير پئي ٿيئي!”
    “ممي توکي مون کي پنهنجي سئڊ اسٽوري ٻڌائڻي پوندي.ڊئڊي ڪٿي آهي؟هتي ڇو نه آهي؟سڀني جا ڊئڊي هتي آهن منهنجو ڇو نه آهي؟”
    “هل هل مون کي به ڪم ڪرڻ ڏي اڙي اسڪول جي بس اچي ويئي آهي.جلدي هيٺ لهه چڱو مان ئي تو سان ٿي گڏ لهان.”
    “پوءِ ٻڌائيندين؟”
    “ها ها”
    رات جو سمهڻ مهل “ممي تو چيو هو تون ٻڌائيندينءَ ڪٿي آهي منهنجو ڊئڊي؟هو ڪڏهن ايندو؟”
    “تنهنجو ڊئڊي ولايت ۾ آهي هن کي اچڻ ۾ اڃا وقت آهي.”
    “ڪيترو وقت”
    “جام وقت”
    “ممي مان تنهنجي سنڀال ڪندس.پرامس! مان تنهنجو ڊئڊي ٿيندس نه نه (کلندي) ڊئڊي نه تنهنجو هسبنڊ ٿيندس(کلندي) نه نه هسبنڊ نه (پنهنجي مٿي ٿي ڌڪ هڻندي)هسبنڊ ڪيئن ٿيندس؟(کلڻ لڳي ٿو) مان تنهنجو وڏو ڀاءُ ....نه نه وڏو ڀاءُ ڪيئن...(وري پاڻ کي ڌڪ هڻي ٿو) ڇا پيو چوان مان؟مان تنهنجو فرينڊ ٿيندس....فرينڊ ٺيڪ آهي نه؟مان تنهنجي سنڀال ڪندس ...ڊونٽ ڪراءِ ممي ڊونٽ ڪراءِ .... مان آهيان نه.”


    15. ٻه مونو لاگ

    “مما تون اهڙي چپ چپ ڇو رهندي آهين؟تون کلي ڇونه ٿي!”
    “ڇا پيئي چئين؟تون خوش آهين؟ڪوڙ بلڪل ڪوڙ تون روئندي آهين مون کي خبر آهيمون کان لڪائي لڪائي روئندين آهين”
    “اڙي پنهنجو چهرو هن پاسي ته ڪر...مما مما توکي ڪهڙو ڏک آهي مون کي ٻڌاء نه! مان توکي کلائيندس! کِل کِل ڏس مان به پيو کلان! نه ٿو وڻي مون کي تنهنجو اهڙو سئڊ سئڊ چهرو!”
    .سچي ڳالهه ٻڌاءِ مما تون ڊئڊي کي ياد پئي ڪرين نه؟ڪٿي آهي منهنجو ڊئڊي ڪڏهن ايندو؟سڀ ٻار ته پنهنجن ڊئڊين سان رهيا پيا آهن! مون کي ڊئڊي ڇو نه آهي؟
    “مما مون کي پنهنجي ڊئڊي کپي.ڪير مون سان گڏ ڦٽاڪا ٻاريندو؟نه نه رڳو تون ڪيئن ٻاريندينءَ؟ وڏا وڏا بلب پئراشوٽس؟نه نه توکي ٻارڻ ڪونه ايندا رڳو تون ۽ مان ڏياري ڪيئن ملهائينداسين؟مون کي ڊئڊي کپي”
    “نه نه فرينڊس ڇا ڪندس؟مون کي فرينڊس نه کپن مون کي ڊئڊي کپي!کپي!”
    مونو لاگ..2
    ببلي
    “مما بابا ولايت مان ڪڏهن ايندو؟مون کي ڏاڍو ٿو ياد اچي؟”
    “ڪيترن ڏينهن کان فون به ڪونه ڪيو اٿس”
    “مما بابا مون کي پيار ڪندو آهي نه”
    “ها ڪندو آهي مون کي خبر آهي”
    “توکي ڇو نه ٿو فون ڪري تون ئي ڪرينس نه ڇو نه ٿي فون ڪرينس؟ٻڌاءِ نه مما”
    “او آءِ مس ماءِ بابا پليز مون کي آڻي ڏي آني ڏي نه”
    “مما ڇا چيو تو؟بابا جو پارسل آيو آهي!منهنجي برٿ ڊي لاءِ گفٽ موڪليو اٿس.مان پارسل کي ڇا ڪريان؟مون کي برٿ ڊي لاءِ منهنجو بابا کپي.ڇا چيو تو؟مون کي فون ڪندو؟نه نه فون مان ڇا ٿيندو؟پليز مما چئينس ته منهنجي برٿ ڊي تي مون وٽ اچي.چئينس نه مما پليز او هو آءِ وانٽ ماءِ پا پا”


    16. ڪمائيندڙ زال

    “رتنا اچ تون ڏاڍي منجهيل سُنجهيل پئي لڳين!” نرملا پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيو
    “منجهنديس نه ته ٻيو ڇا ڪنديس؟”
    “ڇو ڀيڻ ڇا ٿيو؟”
    “پهرين تون هن ڪرسيءَ تي ويهه ته ٻڌايان توکي”
    نرملا ڪرسيءَ تي ويهي رهي.”هاڻي ٻڌاءِ!”
    “هي ڇوڪريون ڇتي ءَ ذات جون الائي ڇا پيون ڪن؟”
    “ڀائي،هيل تائين ڇوڪرا ڇتيءَ ذات جا مڃيا ويندا هئا.تون ته نئين ڳالهه پيئي ڪرين!”
    “هاڻي ڇوڪريون به ڇڪرن کان گهٽ ناهن”
    “سڌي ڳالهه ٻڌاءِ نه نيٺ به ٿيو ڇا آهي؟”
    “بس زمانو ئي ابتو ٿي پيو آهي.هر وقت اٿن گهر کان ٻاهر پير .نوڪري ڪن ٿيون.سو ته چڱو پر موڪل ڏينهن به ڪنهن نهڪنهن بهاني گهر کان ٻاهر نڪريو وڃن.گهر ۾ ڄڻ ته پير ٽڪن ئي ڪونه ٿا هنن جا.ڪڏهن ميٽنگ ،ڪڏهن شاپنگ ،ڪڏهن پارٽي ،مٿان وري بيوٽي پارلر ڇا کليا آهن! هر وقت پيون ٺاهه ٺوهه ڪن.گهر گهوڙن کي چُلهه چورن کي.واري ڳالهه ٿي پئي آهي!”
    “ڪمال آهي عورتن جي حقن جي فائدي ۾ تحريڪ جي سرگرم بانيڪار وٽان اهڙيون ڳالهيون سُنهن ته ڪونه ٿيون”
    “حالتون ئي اهڙيون اچي ٿيون آهن جن مون کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو آهي.”
    “ڪهڙيون حالتون”
    “ڇوڪريون ڏس ته وهلور پيون وڃن.اصل هٿ ئي نه ٿيون اچن.اڄ هتي طلاق ،اچ هُتي طلاق ڪوبه گهر ڇٽل ناهي.”
    “سچ ٿي چوين.گهر گهر ۾ گهَپي ۽ ڪِلڪل لڳي پئي آهي.شهري گهرو زندگي کي دوزخ بڻجندي پئي وڃي.
    “مسئلو وڌيڪ گنڀير ٿيندو پيو وڃي”
    “پر تنهنجي ان موڊ جو ڪو ته سبب هوندو نه!”
    “ها ڪالههه کان وٺي اهڙيون ڳالهيون ڏٺيون اٿم ٻڌيون اٿم جو من پريشان ٿي پيو اٿم.”
    “نيٺ ٿيو ڇا آهي؟”
    “ڪالهه مان ڪولابا وئي هئس اُتان بس ۾ موٽي رهي هئس.ٻپهريءَ جو وقت هو.بس ۾ پيهه هئي ڪانه.منهنجي اڳينءَ سيٽ تي به عورتون ويڍيون هيون.اٽڪل پنجويهه ٽيهه سالن جي عمر هوندي سندن ۽ هيون سنڌيانيون.سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.هنن سمجهيو هوندو ته سندن ڀاشا ڪير سمجهندو،سو بنا ويچار جي ڳالهائي رهيون هيون.ٻين سيٽن تي غير سنڌي مرد ويٺا هئا.”
    هڪ عورت چيو”منوج پاڻ کي الائي سمجهي ڇا ٿو؟ڪالهه آفيس مان دير سان موٽيس ته منهن سُڄائي ويٺو هو.مان ٿڪي ٽُٽي آئي هئس.اڃا هٿ منهن به ڪونه ڌوتو هوم ته حُڪماڻي لهجي ۾ فرمان ڪڍندي چيائين”هڪ چانهه جو ڪوپ ٺاهي اچ”
    مون نرميءَ سان چيو”پاڻي پيئڻ ڏي.ٿورو فريش ٿي اچڻ ڏي ته رنڌڻي ۾ گهڙان ٿي”
    “واهه هڪڙو ته دير سان آئي آهين! مان ترسي ويٺو آهيان مٿان وري بهانا ٿي ڪرين!”
    “منوج ياد ڪر! مان نوڪريءَ تان موٽي آهيان.گهمڻ ته ڪانه وئي هئس.تون مون سان اهڙيءَ طرح ڇو ٿو ڳالهائين؟ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته تون مون کي چانهه جو ڪوپ ٺاهي ڏين.”
    هو طنز وچان چوڻ لڳو”واهه واهه ڪهڙي ڳالهه ڪجي.”۽ پوءِ ڪاوڙ ۾ ڀرجي “توهين زالون نوڪريون ڪريو ٿيون ته ڄڻ ته اسان تي ٿورو ڪري رهيون آهيو.پاڻ کي گهر جون مالڪيانيون سمجهڻ لڳيون آهيو.”
    “ها مالڪياڻيون ته آهيون.ان ۾ ڪو شڪ آهي ڇا؟تون به ٿو ڪمائين ته من به ٿي ڪمايان.گهر جو گاڏو گڏجي پيا هلايون.توکي مون تي حڪم هلائڻ جو حق ڪنهن ڏنو آهي؟”
    “پوءِ ڇا ٿيو؟”سندس ساهيڙيءَ کانئس پڇيو.
    “ٿيندو وري ڇا ؟رڳو هڪڙي ڏينهن نوڪرياڻي نه آئي ته گهر وٺي مٿي تي کنيائين.اهو ته مون پاڻ تي ڪنٽرول ڪري ورتو.ڇاڪاڻ ته ٻنهي ٻارن وٺي روئڻ شروع ڪيو.وڌيڪ ڪڇان ها ته ڌڪن بُجن جي نوبتاچي وڃي ها.”
    ايتري ۾ سندن بس اسٽاپ اچي ويو ۽ ٻه ئي ساهيڙيون بس مان لهي ويون.
    “پر مان پڇان ٿي رتنا ته ان ۾ ڇوڪريءَ جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ واهيات ته مڙس ڳالهائي رهيو هو.تون زالن کي اجايو پئي الزام هڻين”
    “ڀائي مرد ته اڳي به ائين ئي هئا.اڄ به ائين ئي آهن.هو ٿوروئي اهڙو سولو باز ايندا؟ٿيو ائين آهي جو ڇوڪرين ڪمائڻ شروع ڪيو آهي ته جواب ڏيڻ به شروع ڪيو آهي.ان جو نتيجو ڇا ٿيندو؟بس مان ته ان چنتا ۾ آهيان..ها ٻي ڳالهه به ٻُڌ....”
    “ڇا ٿيو وري!”
    “اڄ صبح جو پنڌ تي نڪتي هئس.پنهنجا ٻه رائونڊ پورا ڪري بينچ تي وڃي ويٺيس.ڀرواري بينچ تي وري ٻيون زالون ويٺيون هيون ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيون هيون.”
    هڪڙي چئي رهي هئي “ڪالهه رات جو هو دير سان ايو هو. اصل نشي ۾ ڌُت هو.”
    “ڇا هو پيئڻ لڳو آهي؟”ٻيءَ پڇيو.
    “ها ڇاڪاڻ ته مون کي آفيس ۾ يار آهن.”هن طنزيه لهجي ۾ چيو پر هن جي آواز ۾ هڪ سڏڪو به هو.
    “ڇا پئي چوين؟”
    “سچ ٿي چوان.توکي ته خبر آهي ته ڪجهه غلط ٿيڻ جي حالت ۾ مرد آدجڳاد کان زالن جي مٿان ئي الزام مڙهيندا آهن.هو چوي ٿو ته ڇاڪاڻ ته منهنجو وهنوار غلط آهي.انڪري پنهنجو غم غلط ڪرڻ لاءِ هن شراب پيئڻ شروع ڪيو آهي.”
    “پر تنهنجووهنوار غلط ڪيئن آهي؟”
    “هو تمام شڪي ٿي پيو آهي.ڪنهن به مرد سان ڳالهايان ٿي ته هو منهنجو يار ٿي ٿو پوي...هن وقت منهنجو يار آهي......ديپڪ شاهه.وقت بوقت منهنجا يار مٽجندا رهندا آهن.”هن جو لهجو تيز ٿيندو ويو.”ڀائي آفيس م ڪم ڪريون ٿيون.مردن سان لهه وچڙ ۾ ته اچبو ئي ....ڪڏهن گهر ۾ ڪنهن جو فون اچي وڃي يا ڀُل ۾ ڪنهن جو ذڪر ڪريان ته منهنجو يار ٿي پيو.”
    هن جي ساهيڙيءَکي الائي ڪهڙي کُٽيءَ کنيو جو چئي ويٺي “توکي گهڻو ٿو ڀانئي نه ان ڪري حسد ٿو ٿئيس.”
    “ان کي ڀانئڻ چئبو آهي؟”هن جو آواز اوچو ٿيندو ويو.اوچتو هن کي گهڻو ان ڳالههه جو احساس ٿيو ته کين ٻيا به ٻڌي رهيا هئا.پوءِ هيٺين سُرن ۾ چوڻ لڳي”هو شڪ جو شڪار آهي.اصل شڪ ۾ پاڳل ٿي پيو آهي.الائي ڇا پيو چوي؟مان ڇو برداشت ڪري ويٺي آهيان؟هڪڙو نوڪريڪجي مٿان وري طعنا تنڪا سَهجن.”
    رتنا چپ ٿي ويئي.نرملا به سانت ۾ هئي.ٿورو ترسي چوڻ لڳي “ڪالهه کان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي من ڏاڍو خراب ٿي پيو اٿم.”
    .پر ٻين جون ڳالهيون؟ سماج جي ڪهڙي دُرگني ٿي رهي آهي!مرد زالون ٻار سڀني جي حالت خراب ٿي رهي آهي.گهر گهر ۾ اهي ڳالهيون!آخر ٻارن ڪهڙو ڏوهه ڪيو؟گهر ۾ جھيڙا جهٽا ڦٽندا ڏسي.هنن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟”
    ٻئي ساهيڙيون سوچ ۾ پئجي ويون.
    اوچتو ڊور بيل وڳي.رتنا دروازو کولي”سروج؟تون هتي هن وقت؟رتنا جي ڌيءَ سروج اندر گهڙي آئي.هن جي هٿن ۾ سوٽ ڪيس هو.وار ٽڙيل پکڙيل اکيون سچيل چهري تي پريسانيءَ جون لڪيرون.
    “اڙي توکي ڇا ٿيو؟ڇا ڪنهن سان جهڳڙو ٿي اٿيئي؟”
    سروج اچي اوڇنگارن ۾ پيئي.پهرين ته ماءُ کي چنبڙي پئي ۽ پوءِ پنهنجو چهرو پنهنجن هٿن ۾ پڪڙي ورتائين.”ممي ممي مان ڪانه وينديس واپس هُن وٽ.هو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ ...ٽِپ ٽپ تي گاريون.ٽپ ٽپ تي شڪ ڪانه سهنديس هي سڀ؟ڇو سهان؟آخر مان به ڪمائي سگهان ٿي.”
    رتنا بيوسيءَ وچان لاچار اکين سان.پهرين نرملا ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ هن جون اکيون پنهنجي سڏڪندڙ ڌيءَ جي آڪار(صورت) ۾ کُپي ويون.


    17. شاديءَ جي پهرين رسم

    “اڙي آنتي توهين هتي ڪُنڊ ۾ ڇو ويٺا آهيو؟”
    “بس ايئن ئي”
    “هلو هلو هيڏو شاديءَ جو گوڙ ۽ مزو لڳو پيو آهي.”
    “نه نه مان ٺيڪ آهيان”
    “اڙي ريشما هتي اسين تنهنجي لاءِ ترسيا ويڍا آهيون”ڪنوار ماءُ واڪو ڪندي چيو،”ستن سهاڳڻين جا ساٺ ٿيڻا آهن.اسين هتي رڳو ڇهه آهيون اچ اچ جلدي اچ”
    “ممي آنٽي هتي ويٺي آهي هن کي سڏيو ها نه؟” ريشما چيو
    “هاڻي تون اچي ويٺي آهين؟جلد اچ.”
    ريشما ڇهن سهاڳڻين سان وڃي شامل ٿي.
    “پر آنٽيءَ کي به ته ڪوٺيو نه”
    ممي هن کي شوڪيندي چيو”هاڻي ماٺ ڪر! توکي سهاڳڻين جي مطلب جي سُڌ آهي نه؟”
    “پرممي منهنجي شاديءَ مهل به ته آنٽي ساٺ سوڻ ۾ شريڪ ٿي هئي نه؟”
    “تنهنجي سمجهه کي ڇا ٿيو آهي؟ان وقت انڪل هئا نه!”
    ريشما وات تي هٿ رکندي چيو”اڙي ها ...پر سو ڇا ٿيو؟”
    “چپ ڪر!....مان گهر هلي سمجهائينديسانءِ.”
    “مون کي هتي سمجهاءِ”ريشما ضد ڪندي چيو
    تڏهن ڏاڏيءَ ٻوڪ ڏنو”مان ٿي توکي سمجهايان...شاديءَ جي ساٺ سنوڻن مهل نئين نويليءَ مٿان ڏهاڳڻ جو پاڇو به نه پوڻ گهرجي.اهو اُپسون آهي!”
    “اهي سهاڳڻ ڏهاڳڻ ڇا ٿينديون آهن؟”ريشما کان زور سان وات مان نڪري ويو.سڀ زالون سهمجي ويون ۽ ان جڳهه ڏانهن نهارڻ لڳيون جتي آنٽي ويٺي هئي.
    اها جڳهه خالي هئي!


    18. شاديءَ جي آخري رسم

    ٻانڀڻ:وواهه (شادي) جون لڳ ڀڳ سڀ رسمون سمايت(پوريون) ٿيون آهن.هاڻي توهين ٻئي پتي پتني اهيو.هاڻي صرف لوڻ مئڻ جي رسم ادا ڪرڻي آهي.ڪنوار! مان توکي لوڻ جو ٻڪ ڀري ڏيندس.اهو ٻڪ ٻنهي هٿن ۾ جهلي توکي واري وٽيءَ سان گهر جي ڀاتين کي پنج پنج دفعا ڏيڻو آهي.پهرين تون سهري کي ڏيندينءَ سهورو توکي ڏيندو تون سهري کي ڏيندينءَ اهڙي نموني پنج دفعا ...ٺيڪ؟”
    ڪنوار “ها ٺيڪ”
    ٻانڀڻ:”۽ مان جيڪو چوندو ويندس.سو تون ان کي دهرائيندينءَ ٺيڪ؟”
    “ٺيڪ”
    “ها ته هي وٺ لوڻ! هاڻي ڇڏيو.”
    “مان سدائين پتيءَ جي آگيا هيٺ رهنديس”
    “مان سدائين پتيءَ جي آگيا هيٺ رهنديس”
    “پنهنجي سَسُ سهري جي شيوا ڪنديس”
    “پنهنجي سس سهري جي شيوا ڪنديس”
    “هنن سان عزت وچان پيش اينديس”
    “هنن سان عزت وچان پيش اينديس”
    “ڪڏهن جواب سوال ڪانه ڪنديس”
    “ڪڏهن جواب سوال ڪانه ڪنديس”
    “هن گهر جي عزت ساهه سان سانڍينديس”
    “هن گهر جي عزت ساهه سان سانڍينديس”
    “پريوار کي پتر سنتان پردان ڪنديس”
    ڪنوار چپ ٿي ويئي.
    “ڇو پٽ چئو نه”
    “مهراج هوءَ شرمائجي ويئي آهي”گهوٽ چيو
    “چڱو مان انت ۾ آسيرواد ڏيڻ مهل ائين چوندس.”
    ۽ ٻانڀڻ آشيرواد ڏيندي چيو”هي جوڙو سدائين خوش آباد رهي.گهر جا ڀنڊار ڀريل هجن پريوار ۾ سک شانتي رهي.شل ڪنوار ستن پُٽن جي ماتا بڻجي”
    تڏهن ڪنوار اکيون مٿي ڪري سوال پڇيو”مهراج ست پٽ ڇو؟”
    ۽ سندس ڀيڻ ريشما کيس سُر وٺائيندي چيو”ها ها ڌيئر ڇونه؟”
    “ڌيئڙيون! آسيرواد اهڙي نموني ئي ڏني ويندي آهي.اهڙي اسان جي پراڻي پرمپرا آهي.”
    ريشما “مهاراج هاڻي پراڻيون ڳالهيون ڇڏيو زمانو ڦري ويو آهي.....”
    ٻانڀڻ هن کي نظر انداز ڪندي پنهنجي آسيرواد جاري رکي.
    “شل اوهان جو گهر سڻڀو ستابو رهي !شل پُتر سنتان سان توهان جي پريوار جي شوڀا وڌي.


    19. هڪ هو رشتو

    نيليما ساري رات پاسا ورائيندي ڪاتي.ڪوشش ڪرڻ جي باوجود هوءَ ننڊ نه ڪري سگهي .اڄ هوءَ ايتري پريشان ڇو آهي؟جنهن ڳالهه جي تياري هوءَ ٻارهن سالن کان مسلسل ڪري رهي آهي.اها ڪرڻ جي ويل اچي ويئي آهي.پوءِ ڇا جو فڪر ڇا جي چنتا؟ٿي وڃي ختم ٿي وڃي هڪ هڪاڻي.سج اڃا اڀريو ڪونه هو پر پورب کان اُجالوڦهلجي رهيو هو ۽ روشني رات جي سياهيءَتي غالب پوڻ لڳي هئي.هُن اُٿي دريءَ جا پردا پري ڪيا ۽ پنهنجي ڊيسڪ ڀرڪرسيءَ تي ويهي ڊائري کولي لکڻ لڳي.
    اڄ جو سورج پنهنجي ڏينهن جو سفر پورو ڪرڻ کان اڳ مون کي هڪ اهم رشتي کام مُڪت ڪندو ۽ اڄ منهنجي ۽ هن جي رشتي جو سفر به پورو ٿيندو.رشتو ڪهڙو رشتو؟ڇا جو رشتو؟اهو هڪ مصنوعي رشتو هو.ان رشتي ۾ دم هوئي ڪٿي؟اهو هڪ مرڻينگ رشتو هو.اڌ مئل يا شايد اڌ کان به وڌيڪ مئل.اهو بيجان رشتو هو!ڪيئن مون ويهه سال نه نه ٻاويهه سال ان رشتي سان گڏ گهاريا ڏهن سالن تائين جيئن تيئن سُکيا سهنجا مگر پويانٻارهنسال بيحد ڏکيا ۽ اهنجا!! اڄ ان جي پُڄاڻي ٿيڻي آهي، بس نڪتو ساههُ اجهو ڄاڻ نڪتو!!.
    مان ائين ڇو محسوس ڪري رهي آهيان ته هيءَ دنيا سورن جي محور تي گهمي رهي آهي ۽ دنيا جا واسي طرح طرح جي سُورن ۾ مبتلا آهن.ڪن کي ٿورا،ڪن کي گهڻا ڪن کي هلڪا ته ڪن کي شديد سُر پر اُهي آهن ضرور.هر وقت آهن هر وقت آهن،هر هنڌ آهن.گهڻي انداز ۾ ،سور رشتن جي ئي پ4يدائش آهن يا ائين ته ناهي ته رشتا سُرن جي پيدائش؟ائين ته ناهي ته رشتا سورن جي پاڙن تي بيٺا آهن؟ماتا ۽ اولاد جو مقدس ناتو به ته سورن سان شروع ٿئي ٿو.ٻنهي طرفن کان ۽ مختلف دورن مان گذري ٿو .چوندا آهن ته رشتا انسان کي راحت بخشيندا آهن.مگر منهنجي خيال ۾ منهنجيءَ حالت ۾ يامنهنجي نظر ۾ ڳالهه ئي ڪجهه ابٽڙ آهي.سُورن منهنجا جهولڀريڇڏيا آهن.مگر مان ائين ڇو سوچي رهي آهيان؟منهنجي سوچ هڪ طرفي ڇو ٿي پيئي آهي؟ڇا مون کي ڪن رشتن سُک ڪونه ڏٺو آهي؟پنهنجي ماتا پتا پنهنجن سڳن سنٻڌن پنهنجن ٻارن وٽان مون کي سک جون گهڙيون ڪونه مليون آهن؟مليون آهن.بيشڪ مليون آهن! ليڪن اڄ منهنجي نظر ئي نراشاوادي آهي.مون کي هر هنڌ صرف سور نظر اچي رهيا آهن مان هڪڙي رشتي جي سورن جي ستايل آهيان.مان انهن کي ٻاهر ڪڍي چوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي ها اڄ هڪ اهم سور جو انت ٿيڻو آهي.هڪ رشتي جو انت ٿيڻو آهي؟اڄ مان پنهنجي زندگيءَ جي ان زخميل حصي کي ڪپي ڌار ڪري ڇڏيندس ۽ سور کان نجات حاصل ڪنديس.طلاقنامو تيار آهي.اسين به تيار آهيون.بس رڳو دستخط پوڻ جي دير آهي.ڇا اهو سولو ٿيندو؟سالن جا سال تياري ڪئي اٿم.مگر اڄ مان بلڪل تيار آهيان.اڄ مان شريمتيءَ مان ڪماري ياطلاق شده بڻجي پونديس.
    ها،ڪيڏو ڏکيو رهيو آهي! ڪنهنڄاتو هو تهايڏو ڪئن ٿيندو آهي؟هڪ ڌڪ سان ٻاويهن سالن جي رشتي کي ٽوڙڻ ! شاديءَ جا ست ڦيرا پوڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو آهي؟قسم واعدا ڪرڻ ۾ ڪنهن جي گهران ڇا ٿو وڃي؟ڪيڏيءَ آسانيءَ سان سڀ ڪجهه وساري سگهجن ٿا ؟پل کن ۾ جذبا ڦري سگهجن ٿا.سڀاءُ ،ويچار ،ڦري وڃن ٿا ،ڦري وڃن ٿيون ڀاونائون!! پر مان ڀُلائي نه سگهي آهيان.هيل تائين سنسڪارن جي اڻڏٺل زنجيرن سان جڪڙيل رهي آهيان.وساري نه سگهي آهيان پنهنجي شادي شده هئڻ جي احساس کي! مان دوزخ جي باهين مان گذري آهيان منهنجي لاءِ هيءُ رشتو ڪيڏو مُلهائتو هو! مونڪيڏي ڪوشش ڪئي ان ۾ جان ڦوڪڻ جي .پر سڀ بيسود ثابت ٿيو توکي مون وٽان صرف مليو مليو ۽ مون کي موٽ ۾ تو وٽان ڇا مليو آهي؟ذلت ،ٺوڪرون ،اپمان ،بيپرواهيءَ ڀريو وهنوار ۽ غير ذميندارانه هلت!! مگر اڄ مان پاڻ تي رحم ڇو کائي رهي آهيان؟پورو ٿيو اهو دور روئڻ ڌوئڻ وارو پاڻ تي قياس ڪرڻ وارو پاڻ کي الزام ڏيڻ وارو .اڄ کان منهنجي نئين زندگي شروع ٿيندي ۽ خود اعتماديءَ سان ڪنديس.مان ان کي شروع ! ها شروعات ۾ بنهه شروعات ۾ تون مون تي اڪن چڪن هئين.پوءِ توکي الائي ڇا ٿيو؟شاديءَ جي ٽن چئن سالن کان پوءِ تنهنجو ڌيان ٻئي طرف وڃڻ لڳو.
    مون کي هن جي مون ڏانهن بيپرواهيءَ ۽ احساس جي سرديءَ جي ڄاڻ تڏهن پئي جڏهن مون هڪ رات گهٻرايل حالت ۾ پنهنجي موٽر جي حادثي جي خبر هن کي ٻئي شهر ۾ جتي هو هئو ڏني هئي.منهنجو موٽر هلائيندي ائڪسيڊنٽ ٿي پيو هو.مون کي هن مان الائي ڪهڙي رد عمل جي اميد هئي؟
    مون هن کي ٻڌايو ٻُڌ منهنجي ڪار جو ائڪسيڊنٽ ٿي پيو....”منهنجي آواز ۾ گهٻراهٽ بيچيني ڊپ ۽ اهو لرزي رهيو هو.
    ۽ هن جوسوال هو”ڪهڙي ڪار” منهنجي ڪار ته ڪانه ڊرائيو ڪري رهي هئينءَ؟”
    “نه تنهنجي ڪانه هئي”
    ۽ مون فون رکي ڇڏيو منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ويون منهنجي روم روم روئي ڏنو هو.ائين به نه پڇيو “توکي ڌڪ ته ڪون لڳو زخمي ته ڪانه ٿئين؟ڪيئن ٿيو؟ڇا ٿيو؟پنجنامو نڪتو يا نه؟پوليس ڪيس ٿيو يانه؟”
    ڪجهه به نه! منهنجي موٽر تنهنجي موٽر بس رڳو ايترو!”
    پنهنجي موٽر ۾ ايڏو موهه ؟اهڙو ته ڪونه هو هُو اڳي؟ڇا مون هن کي سڃاتو ئ ڪونه هو؟
    ڪهڙو رشتو هو اسان جو؟احساس وهيڻو رُکو رُکو بلڪل خشڪ !!
    ان ڳالهه کي به ڏهه سال ٿي ويا.
    هاڻي هو گهڻو گهر کان ٻاهر وڃڻ لڳو هو.هن جي بيوفائيءَ جا داستانمنهنجنڪنن تائين پهچڻ لڳا هئا.مونکي هتا هُتان خبر اچڻ لڳي ته هو ڪن ڇوڪرينجي مايا ڄار ۾ ڦاسڻ لڳو هو.ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ سان ته ڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ سان رستو رکڻ لڳو هو.
    هن جو ڌيان گهر طرف ،مون طرف گهٽجڻ لڳو هو.گهر جي سموري جوابداري ٻن ٻارن جي سار سنڀال سس جي نگراني ،منهنجي مٿان هئي.هو راتيون گهر کان ٻاهر گذارڻ لڳو هو.ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ ته ڪڏهن ڪنهن شهر ۾ منهنجي ورجائڻ پُڇڻ ۽ روئڻوغيره ڪنهن ڳالهه جو اثر هن تي نه ٿي رهيو هو.ويتر
    منهنجي ڪجهه چوڻ تي هو ڏمرجي ٿي ويو.نيٺ هڪ ڏينهن هن چئي ڏنو”تون ڇا ٿي سمجهين مان توسان گڏ ڏاڍو خوش آهيان؟مون کي توسان گڏ هڪ ئي گهر ۾ زندگي گذارڻ گوارا ناهي.اسان کي جلدي الڳ ٿيڻو پوندو.”
    مان روئڻ لڳيس”مگر منهنجو قصور ڇا آهي؟اهو ته ٻڌاءِ ..ٻڌاءِ مونکي!”
    هو جاوب نه ڏيئي سگهيو.
    “منهنجو ڇا ٿيندو ؟منهنجي ٻارن جو ڇا ٿيندو؟مون کي جواب گهرجي” مون سڏڪا ڀريندي چيو.
    “مان توکي ۽ تنهنجي ٻارن کي ڪابه مالي تڪليف رسڻ ڪونه ڏيندس.تون ان باري ۾ بي فڪر ٿي وڃ.اها منهنجي جوابداري آهي.مان رڳو چاهيان ٿو ته تون بنا ڪنهن جهيڙي جهٽي يا ناگوار حالتون پئدا ڪرڻ جي مون کي آزاد ڪري ڇڏين.”
    منهنجي آزي نيازيءَ منهنجي روئڻ رڙڻ ڏانهن هن جو بلڪل ڌيان نه ويو.
    پوءِ به اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته هُو هڪ ڇوڪريءَ سان رستو وڌائي رهيو هو.جيڪا ٻئي شهر ۾ رهندي هئي مگر مڙس کان ڌار ٿي ويٺي هئي.هاڻي هو مون کان ڪچي طلاقنامي تي صحيح ڪرڻ جي گُهر ڪرڻ لڳو.ان لاءِ اسان ٻنهي کي فئملي ڪورٽ ۾ وڃي سائين(صحيح)ڪرڻو هو.ڇهن مهينن بعد پڪو دستاويز تيار ٿيڻو هو.هن کي اهو ڪچو ڪاغذ پنهنجي ساهيڙيءَ کي ڏيکارڻو هو جيئن هوءَ به پنهنجي مڙس کان طلاق گهري سگهي.اهو هو ان ساهيڙيءَ جو شرط يا ..............ارمان!.
    مگر مان ائين ڪرڻ لاءِ ڪٿي تيار هئس؟مون کي ڌمڪايو مون رُنو التجا ڪئي هٿ جوڙيا “مان ايڏو وڏو قدم ڪيئن کڻان؟”منهنجي مائٽن کي ڪيڏو صدمو رسندو؟منهنجو ٻارن جو ڇا ٿيندو؟هڪ صحيح ڪرڻ سان ڪيڏيون دليون ٽٽنديون.هڪ صحيح پوڻ سان ڪيڏا رشتا ٽٽندا؟”ليڪن هن جي اکين تي الائي ڪهڙي انڌ جون پٽيون چڙهيل هيون!”مان دستخط ڪانه ڪري سگهنديس اصل نه ڪري سگهنديس نه نه اهو ممڪن ئي ناهي...شل منهنجي ساڄي ٻانهن ڀڄي پوي منهنجي ساڄي ڪرائيءَ جو فريڪچر ٿي پوي.منهنجو هٿ زخمي ٿي پوي.ڪجهه به ٿئي جيئن مان صحيح ڪرڻ کان بچي وڃان ....”پر مون کي ڪجهه به ڪونه ٿيو مون کي صحيح ڪرڻي ئي پيئي.
    هو پنو کڻي جهٽ گهر ڇڏي هليو ويو.ڪيڏي تڪڙ هئي هن کي مهينن جا مهينا گم ٿي ويو.مگر ڇهن مهينن جي اندر ئي موٽي آيو.هن جي ساهيڙيءَ سان به ڪانه پئي.هو ڦڪو بڇڙو ٿي موٽي آيو.هن مون کي ڪابه سمجهاڻي ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه سمجهي.ڇو ڏئي سمجهاڻي مونکي؟ يا شايد ڪجهه ٻڌائڻ جي همٿ نه ٿي رهي هئي هنکي!
    ته هن مون کان معافي گهري نه پنهنجي وهنوار لاءِ افسوس ظاهر ڪيو نه وات سان نه پنهنجي ورتاءَ سان.آخر مرد آهي نه سو به ڀارتي مرد پتنيءَ جو آخر درجوئي ڪهڙو آهي؟گجر ۽ موريءَ جهڙو”اهڙي ئي سکيا ڏني ويئي آهي .شايد هنن کي پنهنجي ماءُ وٽان ٿي !زالون ئي ته زالن جون دشمن ٿي وينديون آهن.عورت نيٺ ويندي ڪاڏي؟ائين مرد سمجهن ٿا.هنن جي هٿن ۾ مربادائن جو پرمپران جو جهنڊو آهي يا ڏنڊو آهي.جنهن سان زالن کي ڪُٽڻ چاهين ٿا.ڪُٽي رهيا آهن هن تي اٻلا جو ٺپو لڳل آهي.
    مان هاڻي پنهنجو گهڻي ۾ گهڻو ڌيان ڪم ۾ ڏيڻ لڳيس ۽ پنهنجي ميدان ۾ ترقي ڪرڻ لڳيس.سماج ۾ منهنجو مان مرتبو وڌڻ لڳو.مگر هن نظر ۾ منهنجو وجود شونيه(ٻڙي) جي برابر هو.مان هن جي سامهون ساڳي جي ساڳي رهيس.مون پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪئي.جيئن هو پاڻ کي اظهاري سگهي.پنهنجي دل کولي پاڻ کي هلڪو ڪري سگهي.پنهنجي ناڪامياب سفر سبب هو موڳو ۽ مايوس رهڻ لڳو هو.هن کي ڊپريشن ويڙهي ويو هو.شايد هو ذهني طرح سان بيمار هو.گِلٽي هو مگر هو پاڻ کي اظهاري نه سگهيو.هن کي ته مون سان اکيون ملائڻ جي به جرائت نه ئي رهي هئي.مون کان هن کي الائي ڪهڙي اميد هئي؟هن وٽان رد عمل جي ڪوتاهيءَ مون کي خاموش ڪري ڇڏيو.هن طرف بيپرواهه ٿي ويس.آخر ڪيسيتائين هن جي پرواهه ڪندي رهنديس؟مونکي پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو.بس هاڻي گهڻو ٿيو!.
    ۽ هن کي هڪ ٻي ساهيڙي ملي ويئي.
    بس هاڻي منهنجي دل کٽي ٿي چُڪي هئي.مان پنهنجو سامان سڙو کڻي گهر مان نڪري آيس.هن ڀيري مون کي ڪونه ڇڏيو مون ئي هن کي ترڪ ڪيو.مون کي منهنجي آفيس طرفان فلئٽ ملي ويو ۽ مان اُتي رهڻ لڳيس.مون کي پنهنجي ٻارن لاءِ خوشگوار ۽ پر سڪون ماحول پئدا ڪرڻو هو.هنن ويچارن کي ته ٻالڪپڻ کان وٺي تناءُ ڀريو ماحول مليو هو.ماتا پتا جي ڇڪتاڻ جو هُو شڪار بڻجي پيا هئا.برابر هنن کي پتا جيڇپر ڇانو کانمحروم رهڻو پوندو ۽ پتا کي پنهنجي سنتان کان الڳ.مگر هيل تائين به ته حالتون صحيح ڪونه هيون.هو سٺو خاوند ڀلي نه هجي پر سٺو پيءُ ضرور آهي.هنن جي پنهنجين ڪمزورين هن کي پنهنجن ٻارن کان جُدا ڪري ڇڏيو آهي.هن خود اهڙيون حالتون پئدا ڪيون آهن.جن هن کي گهريلو خوشين ۽ راحتن کان وانجهيل رکيو آهي.سڀ ڪجهه هوندي به هو اڪيلو آهي.
    مگر مان هن تي افسوس ڇو ڪري رهي آهيان؟هن ڪڏهن منهنجي خوشي ۽ ناخوشيءَ جي پرواهه ڪئي آهي.جو مان ڪري رهي آهيان؟ڇا منهنجي دل ۾ اڄ هن جي لاءِ ڪو جذبو آهي؟آخر ڪهڙو آهي اهو جذبو؟
    اڄ ته ان رشتي جو انت ٿيڻو آهي هاڻي وقت اچي ويو آهي.اڄ جي سورج غروب ٿيڻ کان اڳ منهنجي ان رشتي جو سورج به ٻڏي ويندو.اڄ ته ان رشتي جو انت ٿيڻو آهي؟
    پر ڇا هڪ پني ٽڪريءَ تي صحيح پوڻ سان رشتي جو انت ٿي ويندو آهي؟


    20. اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين!..........

    اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين!..........
    سَسُون ٿيون ڳالهائين
    (پنج ڏهاڪا)

    سن 1964ع:

    ڪهڙو زمانو اچي ويو آهي.ڇوڪرين مان لڄ حيا ته صفا گم ٿي وئي آهي!اسين ته پنهنجي سس سهري سامهون مٿو ڍڪي اينديون هيونسين ۽ وڏڙن سامهون مڙسن سان به فضيلت ڀريو فاصلو رکنديون هيون سين.هي ڇوڪريون ٿيون آهن.مٿا اگهاڙا ڪري مڙسن سان لڳو لڳ ڪرسين تي ويهن پيون گپ شپ ڪن!.

    سن 1974ع:
    توبهه توبهه بلائن جهڙيو ننهون ٿيون آهن گهوٽ جو نالو پيون ڳنهن ۽ کين تون تون ڪريپيو سڏين هيءُ ڪو زمانو ٿيو آهي؟اسين ڪيڏو سنڀالي سنڀالي ڳالهائينديون هيون سين.

    سن 1984ع:
    اڄ جي ڇوڪرين کي ڪير سمجهائي؟سڄو ڏينهن پير گهرکان ٻاهر ۽ جيڪڏهن گهر ۾ هجن ته فون تي ٽان ٽان .اسان ته ڪڏهن به فون ائين ڪتب ڪونه آندو هو.مان ايترو فون ڪريان ها ته منهنجي سس گهر کان ٻاهر نه ڪڍي ڇڏي ها اسين ته ڀائي پنهنجي سسن کان ڊڄنديون هيون سين!

    .سن 1994ع:
    هي هيلٿ ڪلبون ڇا کليون آهن.سڀ ڇوڪريون پيون رڳو ڪسرتون ڪن.پنهنجو وزن وٺن يا پاڻ کي ٽيپ سان ماپين.توبهه وڃن پيون سنهڙيون سُڪڙيون ٿينديون ڄڻ ته ٺهن ٿيون اهي ته جوانن کان به جوانڙيون بڻجڻ جون ڪوششون آهن.۽ اهي پنهنجن ئي ٻارن سان چٽا ڀيٽي ڀل پيون دل خوش ڪن بدن ٿي ويندن ڪاٺيءَجهڙو ۽ ٻوٿ ايندن ٻاهر نڪري هي نُنهون ٿيون آهن.

    سن 2004ع:
    اسين نُنهون هونديون هيونسين ته گهر گهر لڳندو هو.هاڻي ته بس گهر اٻاڻڪو ٿي پيو آهي.گهوٽ وٺي وڃي جدا رهي آهي.ڪڏهن اچي ته ماريو موبائيل هٿ ۾ .هي موبائيل ٿي يا چٽي هر ڪو ڪن سان چنبڙائي پيو گهمي! ڄڻ ته ٻيو ڪو ڪم اٿن ئي ڪونه.پر ڀائي نُنهن کي ته ڪا فضيلت هئڻ گهرجي.ساهري گهر به سڀ وقت موبائيل تي بڪواس ويٺي ڪري! سڀ حدون لتاڙي ويون آهن! اسين به ته ساڳيون ننهون هيون سين! (انهن ساڳين سسن کان وسري ويو آهي ته اڍائي ٽي ڏهاڪا اڳ پاڻ به نُنهون هيون ۽ سندن سسن جو سندن لاءِ رايو ڪجهه اهڙو ئي هو)


    21. پرزم جا پرزا

    رات جو پهريون پهر راڳ تلڪ ڪاموڏ جي سرن جي وايو منڊل ۾ ورکا
    ساري گ س ري م پ ڌ م پ سا
    سا پ ڌ م گ ساري گ ساني سا
    ۽ هن جون آڱريون ستار جي تارن کي ڇيڙي رهيون هيون.ڪڏهن هلي رهيون هيون .ڪڏهين ڊوڙي رهيون هيون تهڪڏهن نچي رهيون هيون .هن جون اکيون ٻوٽيل هيون.مان ڪڏهن هن جي چهري کي ته ڪڏهن هن جي ترڪندڙ آڱرين کي ڏسي رهي هئس.رکي رکي درشڪن جي واهه واهه جي آواز سان هوٽل جو هال گونجي ٿي اٿيو.
    مون اکيون پوري ڇڏيون ۽ سنگيت جي سرن ۾ کوڪجي ويس.ريشب(رکب) ۽ شڙج(کوج) جي وچ ۾ هڪ شُرتي(سرن جي وچ ۾ جڳهه) هن اهڙي سهڻي وڄائي جو منهنجيون اکيون اوچتو کلي پيون ۽ ڇت ۾ لٽڪيل جهومر جي لڏندڙ بلورن ۾ اٽڪي پيون.جيڪي سنگيت جي تال تي جهومي رهيا هئا.نتيجي طور انهن ڇهن ڪنڊن وارن شيشن مان انڊلٺ جا رنگ نڪري ڇت ۽ ڀتين تي رقص ڪري رهيا هئا ۽ ان وقت جڏهن تارن تي ترڪندڙ هن جي آڱرين تي نظر پيم تي لڳم ته انهن مان پڻ بلوري رنگن جو چشمو ڦٽي رهيو هو.منهنجون اکيون وري هن جي چهري تي کپي ويون.ڪجهه ته هو هن جي چهري ۾ ڪلا جو جلوو هن جي ساڌارڻ شخصيت کي هن جي ڪلا ٻهڪائي ڇڏيو هو.منهنجي ڪلپنا هن کي اوچو اوچو اڏائي پهاڙ جي شکر(چوٽي) تي پهچائي ڇڏيو.پنهنجون منتر مُڳڌ اکيون وري ٻوٽي ڇڏيم ۽سنگيت جي مڌرتا کي اندر جي گهراين ۾ وڃڻ ڏٺم.
    مان خاص پنهنجي شهر ديرادون مان هن مشهور سنگيتڪار کي ٻڌڻ دهليءَ آئي هيس ۽ پنهنجي شاديءَ جي سالگرهه جي پارٽي لاءِ دعوت ڏيڻ پڻ.پروگرام پورو ٿيڻ کانپوءِ مون هن کي پنهنجي شهر ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ پڻ سندس هوٽل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجي گاڏيءَ ۾ لفٽ.
    گاڏي تيز رفتار سان رستي تي ڊوڙي رهي هئي.ڊرائيور اڳينءَ سيٽ تي هو ۽ مان پٺين سيٽ تي هن جو هٿ اڳينءَ سيٽ جي بئڪ رکيل هو.
    مان هن آڱرين ڏانهن نهاري رهي هئس ۽ انهن جي جادوءَ جي باري ۾ سوچي رهي هئس ته هن مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ پنهنجي آڱرين ڏانهن ۽ هن جي لبن تي مرڪ مڙي آئي.
    “ميران جي مون ٻيون ته گهڻيئي هل اسٽيشنون ڏٺيون آهن پر مسوري وڃڻ نصيب ڪونه ٿيو اٿم.عرصي کان دل اٿم اُتي وڃڻ جي.”
    “ٺيڪ آهي جڏهين ديرادون ايندا ته پروگرام ٺاهي وٺنداسين.”
    “سچ”
    ؛ها فرينڊس جو هڪ گروپ ٺهي ويندو منهنجو پتي به خوشيءَ سان هلندو”“
    “نه نه ائين نه”
    “تڏهن ڪيئن؟”
    “رڳو توهين .....۽ مان ...هلنداسين!”
    هڪ مترڪي جو احساس هماليه جي چوٽيءَ تان بلوري شِشو هيٺ ڪري چڪناچور ٿي ويو.


    22. وقت جا نشان

    پنهنجي ڀاڄائي ءَ جي مهمانن کي ڇڏڻ لاءِ جڏهن اسين سندن بلڊنگ جي ٻاهران هيٺ موٽر ۾ ٿي ويٺاهئاسين ته هو زور ڪري اسان کي پنهنجي فليٽ ۾ مٿي وٺي ويا ۽ اسان جي سٺي خاطرداري ڪيائون.اتي ٻن زالن جون نيون شڪليون پئي ڏسڻ ۾ آيون.اهي بمبئي مان آيل پئي لڳيون.
    هڪ ڄڻيءَ مون کي مخاطب ٿي مشڪي چيو”ريکا ڇا تون مون کي نه ٿي سڃاڻين؟”
    مون دستوري مرڪ سان هن ڏانهن نهاريو ۽ ٿورو سوچي چيم “مون کي ....معاف ...ڪجو ..نٿي سڃاڻان”توک ياد ڪونهي؟ مان سيتا آڏواڻي هن وقت مسز مير چنداڻي توکي حيدرآباد ۾ اسڪول ۾ پاڙهيندي هئس.”
    مون وري هن ڏانهن ڌيان سان نهاريو ۽ چيو”مون کي ياد نه ٿو اچي”
    پر پوءِ اوچتو ياد اچي ويم پر ڪهڙي نه زبردست جهٽڪي سان
    مس آڏواڻيءَ جو گول ،گورو ،سهڻو چهرو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو ۽ سندس شاهاڻي شخصيت اکين اڳيان نچڻ لڳي.اسين سڀ ڇوڪريون اصل هن جي پٺيان ديوانيون هونديون هيون سين.هيءَ مس آڏواڻي هن شخصيت ج ته پاچي ماتر به نه هئي.سنهڙي ڳلن ۾ کڏون پيل ٻڍڙي ڪارائيل ،صفا ڪا ٻي پئي لڳي.ڪيڏانهن ويئي منهنجي مس آڏواڻي؟
    گهر آيس پر منهنجي دل ۽ دماغ تي سيتا آڏواڻي ئي ڇانيل هئي.منهنجي ذهن تي هر وقت هن جو خيال طاري هو.سندس جهونو چهرو اصل وسري ئي نه پيو.پراڻيون وسريل يادگيريون وري هردي جي پردي تي اڀرڻ لڳيون....................
    مان سندس فيوريٽ اسٽوڊنٽ هئس ۽ مون کي ان ڳالهه تي فخر هو.ڪلاس جون سڀ ڇوڪريون هن کي ڀائينديون هيون ۽ مون تي رشڪ ڪنديون هيون.سندس گول چهرو گول ڪلها گول گول گوريون ٻانهون،ڊگهو قد هلڻ جو انداز ڳالهائڻ جو انداز اصل اسان سڀني کي موهي ڇڏيندو هو ڇا ته ساڙهيون پائيندي هئي ۽ ڪيئن نه وار سنواريندي هئي!.
    هڪ واقعو اکين اڳيان ڦرڻ لڳو.....
    ....اسڪول جي سالياني جلسي جي موقعي تي گرين روم ۾ هوءَ اسان جو ميڪ اپ ڪري رهي آهي.لپسٽڪ هڪ هٿ ۾ جهلي ٻئي هٿ سان منهنجي کاڏي پڪڙي چئي رهي آهي “تنهنجا چپ ته اهڙا ڳاڙها آهن جولپسٽڪ لڳائڻ جو ته ضروري ئي ڪونهي”پوءِ به هن منهنجن چپن کي رڱيو هو.
    مان ته بس ٺريپئي هئس(ان وقت مان ڏهن سالن جي مس هونديس)
    رات جو ننڊ ۾ مس سيتا آڏواڻيءَ جا ٻئي چهرا جهونو ۽ نئون ور ور ڪري هڪ ٻئي جي پٺيان من جي دريءَ مانپئي جهانڪيا،ڄڻ ته پروجيڪٽر مان ڪنهن ٻه سلائيڊز گهڙي گهڙيءَ ڀت تي پئي ڏيکاريا.
    مان سوچڻ لڳيس”ڇا هن جي صحت ٺيڪ نه رهي؟ڇا هن پنهنجي شڪل صورت جي اصل سنڀال ڪانه ڪئي؟ڇا ڏکن جا اهڙا ڪي پهاڙ اچي مٿان ڪريس جو ويچاريءَ جو اهڙو حال ٿي ويو آهي؟
    ۽ مان هن تي افسوس ڪرڻ لڳيس!
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڳالهه وسري ويم.
    ٻه ڏينهن ٿيا مارڪيٽ مان ڀاڄيون وٺندي وٺندي هڪڙي پار سياڻي سڃاڻپ واري(مون کان عمر ۾ ڪجهه وڏي)ڪن سالن کانپوءِ گڏي.اول ته مون کيس سڃاتو ئي ڪونه پر جڏهن ويجهو آئي ۽ اچي کيڪاريائين ته سڃاتم ته ڪير هئي؟مسز پوناوالا جي ڪنهن زماني ۾ منهنجيءَ ڌيءَ کي بئل ڊانس سيکاريندي هئي.هن جي شڪل مون کي ڦريل لڳي.منهن تي شايد سوچ هئس.چهرو ٿوٿريل پئي لڳس.اها سونهن ۽ پرسنلٽي جا ڪجهه سال اڳ منهنجس هئي.ساته هئي ڪانه!
    ڪيڏانهن ويئي مسز پونا والا جي سونهن سوڀيا؟ڇا ٿيو اهڙي زبردست شخصيت واري ليڊيءَ کي؟!
    ..۽ مان مٿس افسوس ڪرڻ لڳيس.
    ڪالهه صبوح جو ڊريسنگ ٽيبل جي آرسيءَ سامهون وارن کي برش ڪند ڪند منهنجي نظر پنهنجي چهري تي بيٺي ۽ اتي ئي ٽيبل تي رکيل پنهنجي شاديءَ تي نڪتل تصوير تي بيٺي.
    منهنجون اکيون کن پل لاءِ ڄڻ ته اتي وڃي اٽڪيون.ڪيتري دير ڪڏهن آئيني ۾پنهنجي عڪس ڏانهن ۽ ڪڏهن فريم ۾ جڙيل ميز تي رکيل چهري ڏانهن نهاريندي رهيس،نهاتريندي رهيس...
    ۽ پوءِ مسز ميرچنداڻي ۽ مسز پونا وال تيافسوس ڪرڻ ڇڏي ڏنم!!


    23. ٽاڪو نئون شيشو

    راجن راڪيٽ جيان اسڪول بس مان هيٺ لٿو.آپا جيڪا اُتي هن لاءِ ترسيل هئي.ان جي پرواهه نه ڪندي.ڊوڙندو ڊوڙندو گهر وٽ پهتو.لت سان گيٽ کوليندي .ڪمپائونڊ لتاڙي گهر جي کليل دروازي مان گهڙي ڪلهن تي لٽڪيل ٿيلهو تڪڙو لاهي.صوفا تي ڦٽو ڪري وڃي ماءُ کي چنبڙيو.
    “اڙي راجن جُتي مٽيءَ سان ڀريل ۽ وار جهنگلين وانگر وکريل هتان هليو وڃ.پهرين جُتي لاهي هٿ منهن ڌوئي صاف سٿرو ٿي اچ ۽ پوءِ اچي مون سان ڳالهاءِ”
    “ او مما ڏاڍي بک لڳي اٿم ڪجهه کائڻ لاءِ ڏي نه”
    ماڻس هٿ ۾ نئپڪن ڏيندي باٿ روم طرف اشارو ڪندي چيو”پهرين واش ۽ پوءِ ٻي ڳالهه”
    راجن ماءُ جو چيو مڃي هٿ منهن ڌوئي ميز جي ڪرسيءَ تي ويهي.پليٽ مان سئنڊوچ کائڻ لڳو ۽ کير جا تڪڙا تڪڙا ڍُ ڪ ڀرڻ لڳو.
    “ٻڌ راجن کائي وڃي يڪدم هوم ورڪ لاءِ ويهڻو اٿيئي.راند ڪرڻ پوءِ وڃج.هڪوار ٻاهر نڪتين ته هوم ورڪ ڇٽو.سمجهين ٿو منهنجي ڳالهه؟شام جو منهنجي ڪِٽي پارٽيءَ جي ميٽنگ آهي.”
    “او مما روز روز ميٽنگ”راجن شڪل ٺاهيندي چيو.
    “بس بس گهڻو ٿيو! پنهنجو ڪم ڪر.”
    اوچتو پٺيان قدمن جي آهٽ ٻڌي راجن ٽپو ڏئي ڪرسيءَ تي چڙهي بابا جي گلي ۾ کڻي ٻانهون وڌيون.”بابا آءِ لو يو”
    “يس ڊيئر آءِ لو يو ٽو”رميش پٽ کي ڳراٽڙي پائيندي چيو.
    “دئٽ از انف راجن! جلدي پنهنجو ڪم پورو ڪر”سنيتا ڇڙٻيندي چيو
    “او مما پيار ڪرڻ ڏي نه “
    رميش پٽ جي مٿي تي هٿڙو ڦيري باٿ روم ڏانهن هليو ويو.
    تيسيتائين سنيتا چانهه جي ٽري ۽ سئنڊوچز جي پليٽ ميز تي رکي.رميش ٽوال سان منهن اُگهندو ٻاهر آيو ۽ سئنڊوچز کائڻ شروع ڪيائين.سنيتا ڪوپ ۾ چانهه اوتڻ لڳي.
    “سنيتا جلدي ڪم پورو ڪري تيار ٿي.اڄ گرڌر جي گهر پارٽي آهي.منهنجي آفيس جا سڀ ساٿي اچڻا آهن.زالن سوڌا مون توکي ٽيون ڏينهن چئي ڇڏيو هو.”
    “مان گرڌر ورڌر جي گهر ڪانه هلنديس ،مون کي نه ٿيون وڻن توهان جون اهي پارٽيون.”
    رميش ٿورو تکو ٿيندي”مگر سنيتا مون جڏهن توکي ٽيون ڏينهن چيو هو.تو هلڻ قبول ڪيو هو.مون ته تنهنجو نالو به ڏيئي ڇڏيو آهي.سڀ ڇا چوندا؟”
    “جيڪي کپين سو چون انهن زالن مان هڪڙي زال آهي جنهن سان مان ڪجهه ڳالهائي سگهان ؟مان اتي اصل منجهان پيئي..ڀلا مان پاڻ کي تڪليف ۾ ڇو وجهان؟مون کي ڪلب ۾ وڃڻو آهي.مون کي سنگيتا پڪ اپ ڪرڻ اچڻي آهي.”
    “او ڊئم اٽ تون ته منهنجي عزت خاڪ ۾ ملائڻ واري آهين؟”
    راجن پنهنجينوڏين اکين مان ڪڏهن مميءَ ڏانهن ته ڪڏهن پاپا ڏانهن نهاري رهيو هو.هن جي هٿن مان پينسل ڪري پوي ٿي.سندس هيٺيون چپ لرزڻ لڳي ٿو.جنهن کي هُو پنهنجي ڏندن سان دٻائي ٿو رکي.
    “منهنجي ته هلڻ سان توهان جي عزت خاڪ ۾ ملڻ لڳي.سڀ عورتون ٿوروئ اينديون آهن؟ڪي ته ڪنوارا آهن؟
    رميش زور سان ميز تي مڪ هڻندي وڏي واڪي”پر منهني مرضي آهي ته منهنجي وائيف مون سان گڏ هلي.”
    زور سان “مان ڪانه هلنديس”
    راجن آهستي آهستي ڪرسي کسڪائي اٿي روم مان ٻاهر نڪري ويو.ٻاهرئين در مان نڪري گارڊن ۾ ڦيرا پائڻ لڳو.اندران ممي ۽ پپا جي ڳالهائڻ جو آواز اچي رهيو هو.هو بينچ تي ڪنڌ جهڪائي ويهي رهيو.هن جو چهرو وارن سان ڍڪجي ويو.هو هلڪا هلڪا سڏڪا ڀرڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن رات جو اٺين بجي رميش گهر آيو ته ڏٺائين ته راجن سٽنگ روم ۾ ڪارپيٽ تي ويهي السٽريٽيڊ وويڪليءَ جا پنا ورائي رهيو هو.بابا کي ڏسو ته سهين بورنيٽا جي اشتهار ۾ ڇوڪرو ڪيئن پيو ڊوڙي مسلس ته ڏسوس منهنجا مسلس ائين ڪڏهن ٿيندا؟”
    “او ماءِ سن! تون مظبوط ٿيڻ ٿو چاهين؟”
    “ها بابا مان اسٽرانگ ٿيڻ ٿو چاهيان”
    “مون سان گڏ ڪسرت ڪندين؟يا مون سان گڏ جاگنگ تي هلندين؟”
    “اڙي ها پپا جاگنگ تي هلنداسين”هو نچڻ ٿو لڳي.
    “ٺيڪ آهي سڀاڻي اٿندين سويل صبوح جو ڇهين لڳي؟”
    “ها ها بابا اٿندس”
    “ممي کي ڪونه ٻڌائندين؟”
    “ڪونه ٻڌائندس بابا “ٽپو ڏيندي
    “پڪ”
    “پڪ بابا”
    “پرامس”
    “پرامس بابا”
    “هٿ ملاءِ”
    هٿ ملائيس ٿو
    راجن نچي نچي ڳائي ٿو.
    “اسين جاگنگ تي وينداسين
    بابا ۽ مان ،مان ۽ بابا
    مزو ايندو مزو ايندو
    رميش پٽ ک پٺي تي چاڙهي ڳائڻ ۽ نچڻ ٿو لڳي
    ٻئي ڏينهن صبوح جو ستين بجي سنيتا گهر ۾ خوب گوڙ مچائي رهي هئي ۽ غصي ۾ آيا کان پُڇي رهي هئي.”ڪيڏانهن ويو صاحب ڪيڏي ويو راجن؟ٻئي گم”
    “مون کي ڪا خبر ناهي مئڊم”
    “ڪمال ڪيو اٿن بس هليا ويا بنا ٻڌائڻ جي بنا چتائڻ جي راجن جي اسڪول جو وقت اچي ڀريو آهي.”
    رميش ۽ راجن اڇيون قميصون ،اڇا شرٽس ۽ جاگنگ شوز پهريل سهڪندا سهڪندا گهر ۾ گهڙن ٿا ٻنهي جا چهرا پگهر ۾ تر آهن.
    سنيتا واڪي سان”توهان ٻنهي کي ٿيو ڇا هي؟بنا ٻڌائڻ جي بس هليا ويا؟بي جوابداريءَ جي به ڪا حد ٿيندي آهي مان پڇان ٿي هيءَ ڪهڙي فضيلت ٿيندي آهي؟ٻار کي هٿ وٺي ويٺا کاريو؟”
    رميش(سهڪندي) “سنيتا هڪ منٽ ترس اسان کي راجن کي سگهارو ڪرڻو آهي نه هن جا مسلس ٺاهڻا آهن نه؟”
    “اڙي اسڪول ۾پيئي دير ٿئي ۽ توهان کي مسخري سجهي آهي اصل گنڀير ڳالهه سمجهو ئي نٿا!!! ڏهن منٽن ۾ ڪيئن کائيندو ڪيئن تيار ٿيندو ۽ ڪيئن اسڪول ويندو؟
    “ساري سنيتا مون کان وسري ويو”
    “ساري چوڻ سان ڪم ڪونه هلندو مون کي توهان جون اهي ڳالهيون اصل نه ٿيون وڻن.”
    راجن کي اچي ٿي ٻانهن کان پڪڙي هو ڪڏهن مما ڏانهن ته ڪڏهن پاپا ڏانهن پيو نهاري هن جا چپ لرزڻ لڳن ٿا.جن کي هو پنهنجن مٿين ڏندن سان وٺي ٿو پڪڙي سنيتا ٻانهن کان جهلي اندر گهلي وٺي ٿي وڃينس
    ڪجهه ڏينهن بعد شام جو چئين لڳي.سنيتا آرام ڪرسيءَ تي ويهي سويٽر مڙهي رهي هئي ته دروازي جي بيل وڳي.
    “ڏس آيا ڪير آهي؟”
    آيا اچي ٿي کيس ٻڌائي”بابا جي ٽيچر آئي آهي.توهان سان ملڻ ٿي چاهي.”
    “وٺي اچينس اندر”
    اٽڪل ٽيهن سالن جي محترمه اندر گهڙي ٿي.
    “اچو اچو مسز ميرچنداڻي!توهان تڪليف ڪيئن ورتي؟ رهندا ته ساڳئي پاڙي ۾ آهيون پر گڏجڻ رڳو اسڪول ۾ ٿيندو آهي.اچو ويهو”
    مسز سامتاڻي مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.راجن جي باري ۾.”
    سنيتا جي شڪل لهي وڃي ٿي ۽ هوءَ ٽيچر جي چهري ۾ چتائي نهاري ٿي.
    “چئو مسز ميرچنداني ڪهڙو پرابلم آهي؟ منهنجي راجن ڪجهه ڪيو آهي ڇا؟”
    “نه نه راجن ڪجهه ڪونه ڪيو آهي.سچ ته هُو ڏاڍو پيارو ٻار آهي.مان هن کي دل سان پيار ڪندي آهيان پر ...ڪجهه ڏينهن کان هن جي هلت چلت مون کي چنتا ۾ وجهي ڇڏيو آهي؟”
    “ڇا ماءُ ٿي توهان کي هن ۾ ڪو فرق نظر ڪونه آيو آهي؟”
    سنيتا سوچڻ لڳي ٿي.”هاڻي توهين چئو ٿا ۽ مان خيال ڪريان ٿي ته ...برابر ......مگر مون کي کُليءَ طره سمجهايو؟”
    “ته ٻڌو مون مهيني کن کان راجن ۾ ڦيرو ڏٺو آهي.جيڪو ٻار هردم پيو نچندو ٽپندو هو ان ۾ هڪدم خاموشي اچي وڃڻ سٺو اهڃاڻ ناهي.هن جو من ڪنهن ٻئي هنڌ پيو وسي.پڙهڻ ۾ به ڌيان ڪانه آهن.هن مهيني جي يونٽ ٽيسٽ جون مارڪون به سٺيون ڪونه کنيون اٿس.ڪڏهن ڪڏهن هن جي چهري جي ياد کي ڏسي مان ڊڄي ويندي آهيان. اٺين سالن جو ٻار ڪهڙي اونهي خيال ۾ غلطان ٿي ٿو وڃي؟توهين ان ڳالهه جي سمجهاڻي ڏيئي سگهندا؟”
    “مسز ميرچنداڻي توهين اجائي پيا ڳڻتي ڪريو.راجن بلڪل ٺيڪ آهي.خوش آهي.هو اسان جو سڪيلڌو لاڏلو پٽ آهي.مان ۽ رميش هن کي بيحد پيار ڪندا آهيون.هو رڳو ڪا شيءِ گهري بس حاضر ٿي ويندي آهي.وڌندڙ ٻار ڪڏهن ڪڏهن مُڊي ٿيندو آهي.مان سمجهان ٿي ته توهان کي اجايو خيال اچي ويٺو آهي.هُو بلڪل ٺيڪ آهي.”
    “مسز سامتاڻي .....مون کي معاف ڪجو.توهان اهو جاچيو آهي ته راجن هڪلائڻ يعني اسٽئمر(Stammer)
    ڪرڻ لڳو آهي”
    سنيتا سوچڻ ٿي لڳي،ٿورو ترسي “ها جي سوچجي ويهي ته راجن جو ڳالهائڻ جو سلسلو ڪڏهن ڪڏهن اٽڪي ٿو پوي....سو ڇا؟”
    “اها سٺي نساني ناهي.توهين ان ڳالهه طرف ڌيان ڏيو.مون کي رڳو ايترو چوڻو آهي.”
    “توهان منهنجي راجن ۾ ايتري دلچسپي ورتي آهي.مان توهان جي ٿورائتي آهيان.ليڪن توهين بيفڪر رهو ڪابه چنتا جي ڳالهه ناهي.”
    “چڱو ڀلا مان هلان ٿي گهڻيئي ڪم رهيل آهن.ٽيوشن تي به وڃڻو اٿم.”
    “نمستي وري اسڪول ۾ گڏباسين”
    “نمستي”
    سنيتا ٽيچر کي در تائين اُماڻي آئي ۽ پوءِ اچي ڪرسيءَ تي ويهي رهي ڪجهه وقت سوچ ۾ پئجي وئي ۽ پوءِ سويٽر مڙهڻ ۾ لڳي ويئي.
    ٿوري دير بعد گيٽ کلڻ جو آواز ٿئي ٿوراجن آهستي آهستي ڪمري ۾ گهڙي ٿو.ڪنڌ هيٺ ٿڪل ،ٽٽل ،ٿيلهو ڪلهن تن لاهيپاسيرو رکي،صوفا تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي ٿو.
    سنيات “ڇو پٽ ڏاڍو ٿڪو پيو آهين؟”
    راجن”ها ممي ڏاڍو ٿڪ ٿيو آهي.”
    سنيتا “بک لڳي اٿيئي”
    راجن ڪنڌ ڌوڏي”ها” ڪري ٿو.
    سنيتا آيا کي سڏي ٿي جا پڪوڙا پليٽ ۾ کڻي اچي ٿي.راجن بيدليءَ سان کائي ٿو.
    “راجن هن جمعي تي اسڪول بند آهي نه؟ ٽي ڏينهن مها بليشور هلندين؟”
    راجن ڪنڌ مٿي ڪري مميءَ ڏانهن نهاري ٿو.چهري تي ٿوري رونق اچيس ٿي.”ها ممي هلندا....سين”
    “اسان جي ڪلب جي ليڊيز هڪ پڪنڪ جو بندوبست ڪيو آهي پنهنجين فيملين سان گڏ.پاپا کي اڄ چونداسين پاپا قبول ڪري ته هلنداسين مزو ايندو نه؟”
    “ها ممي”
    ٻاهر موٽر بيهڻ جو آواز ٿئي ٿو.ٿوريءَ دير ۾ رميش هٿ ۾ بريف ڪيس کڻي اندر گهڙي ٿو.اچڻ سان راجن جي وارن ۾ هٿ ڦيري ٿو.”هاءِ سن”
    “هاءِ پاپا”
    رميش باٿ روم ۾ وڃي ٿو.ٽوال سان منهن اُگهندو ٻاهر اچي ٿو.ميز جي ڀرسان ڪرسيءَ تي ويهيپڪوڙا کائڻ شروع ڪري ٿو.سنيتا چانهن پاڻي شروع ڪري ٿي.
    سنيتا:”ٻڌو اسان جي ڪلب جي ليڊيز هن ويڪ...اينڊ تي مها بليشور جي ٽرپ جو بندوبست ڪيو آهي.فئملين سان گڏ. راجن کي جمعي ڏينهن موڪل آهي.توهين به ٻه ڏينهن موڪل وٺو.ڪيڏو نه لطف ايندو.”
    راجن پنهنجيون وڏيون وڏيون اکيون کڻي مٿي پيءُ ڏانهن نهاريو ٿوري دير خاموشي.
    “مون کي ڪونه هلڻو آهي؟”
    “مان پُڇي سگهان ٿي ته ڇو؟”
    “آرتوار ڏينهن شام جو اشوڪ جي گهر ميٽنگ رکي وئي آهي.تنهن کان سواءِ تنهنجين ساهيڙين جي مڙسن جي ڪمپنيءَ ۾ مون کي مزو ڪونه ايندو.”
    “مگر اسان ٽنهي لاءِ مهابليشور جي آبهوا خوشگوار ۽ مفيد ٿيندي پليز”
    “مون چيو نه ته مان ڪونه هلندس.راجن به ڪونه هلندو سمجهئه نه؟توکي کپي ته تون وڃ پنهنجين ساهيڙين سان گڏ.”
    راجن جي چپن ۾ چرپر اچي ٿي ۽ اهي لرزڻ لڳن ٿا.جن کي هو پنهنجن مٿين ڏندن سان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    آهستي آهستي هُو اُٿي ٻاهر نڪري وڃي ٿو.باغ جي بينچ تي ويهي چهرو گوڏن ۾ لڪائي زار زار روئڻ ٿو لڳي.
    ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جو ڪمرو
    هڪڙي ڪُنڊ ۾ ڊيسڪ پيئي آهي.ٻئي پاسي هڪ سوڙهو پلنگ جنهن جي مٿان سفيد چادر وڇايل آهي.شيشي جي ڪٻٽ ۾ دوائن جون ٻاٽليون پيون آهن.
    ڊيسڪ جي سامهون واريءَ ڪرسيءَ تي ڊاڪٽر پاسي واري ڪرسيءَ تي سنيتا سامتائي ۽ سنيتا جي سامهون واري ڪُرسيءَ تي رميش سامتائي ويٺا آهن.
    رميش منجهيل پنهنجو مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي ويٺو آهي.سنيتا ڪنڌ هيٺ ڪري هلڪا هلڪا سڏڪا ڀري رهي آهي.۽ رومال سان اکيون اُگهي رهي آهي.
    سنيتا “ڊاڪٽر ڊاڪٽر ڪجهه ڪريو! منهنجي راجن کي بچايو اسان کانوڌيڪ برداشت نه ٿو ٿئي.”سڏڪا ڀري روئي ٿي.
    ڊاڪٽر:”مسز سامتاڻي مون توهان کي وري وري چيو آهي ته توهين پاڻ کي ضابطي ۾ رکو،ڪنٽرول ۾ رکي توهان جو روئڻ رڙڻ کيس وڌيڪ ڪمزور بڻائيندو.پهرين روئڻ بند ڪريو ۽ ٿڌي سيني مونکي ٻڌايو ته ڪالهه ڇا ٿيو؟”
    سنيتا اُٿي واش بيسن ۾ منهن ڌوئي ٿي،نڪ صفا ڪري.چهرو اُگهي ڪرسيءَ تي ويهي ٿي.
    “ڊاڪٽر راجن ڪوشش ڪري ٿو پر ڳالهائي نه ٿو سگهي.ممي ۽ پپا اکر به ڏاڍي مشڪل سان وات مان ٿا نڪرنس.نه کلي ٿو نه ڳالهائي ٿو رڳو پيو ئي پيو آهي اونگهه ۾”
    ڊاڪٽر :”اها چنتا ڪرڻ جي ڳالهه ناهي ڇو جو اهو منهنجين دوائن جو اثر آهي رات جو ڇا ٿيو؟”
    سنيتا “ڊاڪٽر رات جو ٻه دفعا راجن واڪا ۽ ڪيڪونڪري اٿيو”وري روئڻ ٿو اچي وڃيس.پر پاڻ کي روڪي ٿي وٺي.
    “ساري ڊاڪٽر راجن جو سڄو بدن پگهرجي ويو ۽ چپ ڦڙڪڻ لڳس.مون راجن کي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو.هو به مونکي چنبڙي پيو.آهستي آهستي پيار ڪري سمهاري ڇڏيو مانس.”
    ڊاڪٽر:”هي توهان ٻنهي جي صبر جو امتحان آهي صبر ڪندا ۽ جيئن مان چوان ٿو تيئن ڪندا ته راجن ٺيڪ ٿي سگهي ٿو.”
    سنيتا:”ڊاڪٽر صاحب توهانکي راجن کي ٺيڪ ڪرڻو ئي پوندو.سائڪياٽريءَ هيڏي ترقي ڪئي آهي.ڇا اسان جي جگر جو ٽڪرو ابهم ٻار اسان جي اکين اڳيان پيو پيڙا ڀوڳيندو؟نه نه ڊاڪٽر نه! مان هٿ ٿي جوڙيان پيرين ٿي پوان.منهنجي لعل کي بچايو”(وري اچي ٿي روئڻ ۾ ڇٽڪي)
    ڊاڪٽر(زور سان) مسز سامتاڻي بس ڪريو.جذباتڻ نه بڻجو توهان جي جذبات اڳ ۾ ئي گهڻو ڪجهه بگاڙيو آهي .هاڻي شانت ٿي وڃو.هن وقت توهان جو صبر ۽ ضابطو ئي ڪم ايندو.ٻيو ڪجهه به نه سمجهيو ڳالهه؟توهان ٻنهي زال مڙس ٻار اڳيان جهڳڙا ڪري معصوم ٻار جي دل جي نازڪ شيشي کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو.ڇا توهان جو اڃا ڍوء نه ٿيو آهي؟توهان کي دُکي ڏسي روئندو ڏسي راجن اڃا به وڌيڪ بيمار ٿي پوندو(سنيتا هلڪا هلڪا سڏڪا) پنهنجي ٻار جي خاطر پنهنجي جگر جي ٽڪري جي خوشيءَ خاطر توهان کي خوش رهڻو آهي.توهان جي دل ڀلي روئي پر ٻاهران کلڻو اٿو.پنهنجين ڀُلن پنهنجين خطرناڪ چُڪن جو پرائشچت(پڇتاءُ) ڪرڻو پوندو...ڪندا؟اٿو قبول؟”
    سنيتا ۽ رميش گڏ(روئي روئي) “ها ڊاڪٽر ڪجهه به ڪنداسين”
    ڊاڪٽر”روئي روئي نه مُشڪي مشڪي ،کلي کلي”
    سنيتا ۽ رميش(زوريءَمشڪي) “ها ڊاڪٽر اسين ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهيون”
    ڊاڪٽر: “گُڊ پنهنجي چنتا ۽ ڳڻتي راجن اڳيان ظاهر نه ڪريو.پاڻ ۾ پريم ڏيکاريو.” ٻئي ڪنڌ ڌوڻين ٿا.
    ڊاڪٽر:”جيئن جيئن توهين روئڻ بند ڪندا واه وواه بند ڪندا.جذبات جو نماءُ بند ڪندا پيار ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندا.راجن ۾ فائدو ڏسڻ ۾ ايندو.ان ڳالهه جي مونکي خاطري آهي.توهان جي سهڪار سان ئي مان اڳتي وڌي سگهندس.”
    رميش:”پر ڊاڪٽر راجن ٺيڪ ڪڏهن ٿيندو؟”
    ڊاڪٽر:”اهو چوڻ ڏکيو آهي.هاڻي توهين ٻاهر وڃو ۽ راجن کي اندر وٺي اچو.(ٻئي وڃڻ لاءِ اٿن ٿا) ياد ڪجو مون توهان کي ڇا ڇيو آهي؟”
    ٻئي ڪنڌ ڌوڻين ٿا ۽ ٻاهر وڃن ٿا.
    ٿوري دير کان پوءِ نرس جي مدد سان راجن کي اندر وٺي اچن ٿا.هڪ پاسي ماءُ جي ۽ ٻئي پاسي پيءُ جي گلي ۾ ٻانهن وجهي راجن آهستي آهستي منڊڪائيندو اندراچي ٿو.پٺياننرس هن کي چيلهه کانپڪڙي پئي هلي.ٽيئي گڏجي هن کي پلنگ تي ليٽائن ٿا.
    وڏيون وڏيون اکيون ڦاڙي راجن ڊاڪٽر ڏانهن وائڙن وانگر نهاري رهيو آهي.
    رميش ۽ سنيتا راجن ڏانهن نهاري زوريءَ مشڪن پيا.هڪ ٻئي ڏانهن نهاري به مشڪن پيا.رميش سنيتا جو هٿ ٿو پڪڙي ۽ هن جي وارن تي هٿ ٿو ڦيري.سنيتا ڏانهن نهاري مشڪي ٿي.راجن وري عجب ۾ ٻنهي ڏانهن ٿو نهاري ڪڏهنپيءُ ڏانهن ته ڪڏهن ماءُڏانهن.
    راجن جي چپن تي مٺي مرڪ اچي ٿي.هو ماءُ پيءُ کي هلڪو هلڪو گونگو مشڪندو ڏسندو ٿو رهي.سنيتا ڊاڪٽر ڏانهن نهاري ٿي ڊاڪٽر مشڪي ڪنڌ ڌوڻي ٿو ڄڻ ته هنن کي شاباس ڏيئي رهيو آهي ۽ ڏيئي رهيو آهي ڏڍ”!


    24. هاڻي بس به ڪر !

    جڏهن مکيه مهمان جي واقفيت ڏيڻ واسطي پروفيسر بٽاڻيءَ مائيڪ طرف وڌيو ته مکيه مهمان ڪمليشون جي هٿن ۾ پنن جي ٿهي کي ڏسي.ڀر ۾ ويٺل پرنسپال صاحب کي چيو”مهرباني ڪري پروفيسر کي چئو ته پنهنجي تقرير کي مختصر ڪري.مان هن جي مبالغي کان واقف آهيان”
    پر پروفيسر بُٽاڻيءَ جو ڀاشن شروع ٿي چڪو هو.”ڪمليشور جي پريچيه(سڃاڻپ) ڏيڻ سورج کي ديپڪ جي روشنائي ڏيکارڻ مثل آهي.هو جو ڪوي سمراٽ آهي.اُپنياس(ناول) جو راجا آهي.هو پنهنجي ڪلپنا شڪتيءَ سان پاڻ به عرش جو سفر ڪندو آهي ته ٻين کي به ڪرائيندو آهي.هڪ ڪويءَ چيو آهي”جتي نه پهچي روي اُتي پهچي ڪوي”هو سج تائين پهچي سگهندو آهي.چنڊ ۽ تارن تائين پهچي سگهندو آهي.هو سنڌي ساهت جو بي تاج بادشاهه آهي.سنڌي ساهت ۾ هن جو نالو سدا روشن رهندو...............
    مکيه مهمان بي آراميءَ وچان پنهنجي ڪرسيءَ ۾ چُري پُري رهيو هو ۽ چنتا ڀري درشتيءَ سان پرنسيپال ڏانهن نهاري رهيو هو ۽ پريچيه هلي رهيو هو”هن جي جيون مان ٻين کي سکيا وٺڻ گهرجي.هو هڪ آدرش پتي آهي آدرش پُٽ آهي ۽ آدرش پتا آهي...........................”
    “اڙي! هو منهنجي شخصي جيون جي باري ۾ ڇو ڳالهائي رهيو آهي؟”
    “جيڏا آڪاش ۾ ستارا آهن اوترا ئي هُن جا گُڻ آهن.........”پروفيسر بٽائيءَ جي چُپ ٿيڻ جا ڪي آٿار نظر نه اچي رهيا هئا.هو ساڳئي لهجي ۾ ساراهه جون پُليون ٻڌندو پئي ويو ۽ مائيڪ تي پنهنجي گجندڙ آواز تان ٻلهار ٿيندو پئي ويو.واقفيت پنهنجي وقت جي حدن ۽ مريادائن کي لتاڙي چڪي هئي.
    جيئن تيئن فنڪشن سمايت ٿيو.ٿورن مهينن کانپوءِ اهو ساڳيو پروفيسر بٽائي الائي ڇو ڪمليشور جي ڪنن تي پيو ته هو هن جي نندا ڪري رهيو هو”هي ڪمليشور پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو؟ڇا هن شهر جو هڪ واحد ليکڪ هُو ئي آهي؟ڇا اسين سڀ مري ويا آهيون؟يا اسان جي ڪا هستي ئي ناهي.پنهنجي ايڊٽ ٿيل رسالي ۾ مون کان رچنا جي گهُر نه ڪيائين! هو ايڊيٽر بنجڻ جي لائق ڪٿي آهي؟ڪنهن بڻايو آهي هن کي ايڊيٽر؟اچي منهنجي سامهون بيهي ڪري ڪوتا پاٺ.ٿي وڃي ڀلي چٽا ڀيٽي هن جي مون سان! ڏسون ڪير ٿو ڱٽي؟هوندو امير پنهنجي گهر جو اسين به گهٽ ڪونه آهيون؟
    اهي ڳالهيون ٻُڌي ڪمليشور مشڪي ويٺو پنهنجن جذبن ۽ لفظن ۾ ميزان رکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.هڪوار شروع ٿئي ٿو ته بس ئي نه ٿو ڪري.


    25. ماءُ جي پيرن هيٺان.........!

    “سما ٻڌ اچ وري گهر ۾ زبردست جهڳڙو ٿيو آهي.اصل مارڪٽ ٿيڻ لڳي”
    “ڪنهن ،ڪنهن تي هٿ هلايو”“
    “مما توکي خبر آهي ته جڏهن هوءَ غصي ۾ ايندي آهي ته الائي ڇا ڇا ڪندي آهي.مون کي ڌڪ هڻڻ شروع ڪيائين ۽ مون به ٻه ٽي هنيا مانس.”
    “پٽ هي توهين ڇا ڪري رهيا آهيو؟هيءَ ڳالهه ٺهي ٿي؟”
    “مما مان ڇا ڪريان؟هوءَ توکي گنديون گاريون ٿي ڏئي ۽ چوي ٿي ته مان به هن کي سُر وٺايان.نه ته هوءَ ڪجهه ڪندي.مون کي گهر کان ٻاهر ڪري ڇڏيندي ۽ ببلوءَ کي پاڻ وٽ رکندي”
    “پٽ تپکي همٿ کان ڪم وٺڻو پوندو.”
    “مما هوءَچوي ٿي ته مان ماءُ جو مڄو آهيان.ڇو ته مان هر ڪا ڳالهه توکي ٿو ٻڌايان.”
    “ته نه ٻڌاءِ نه مون کي! توهين زال مڙس پاڻ ۾ خوش رهو.مون کي ٻيو ڪجهه به نه گهرجي.”
    “مما هوءَ ٿي چوي ته مان توکي فون تي گنديون گنديون گاريون ڏيان.هن کي اهو سڀ ٻڌي خوشي ٿيندي.مون کي ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته مان ماءُ جو مڄو ناهيان نه ته ته هوءَ..............!”
    “نه ته ته هوءَ ڇا ڪندي؟”
    “نه نه مان نٿو ٻڌائي سگهان توکي....ٻڌ مما هن وقت مان ٻاهران ويٺو فون ڪريان.ڏهنمنٽن بعد گهر پهچي.هن جي اڳيان توکي گاريون ڏيندس.تون ڏک نه ڪجانءِ اهو رڳو هن کي خوش ڪرڻ واسطي ڪندس.تون رڳو ڳالهيون ٻڌج.”
    “چڱو پٽ”
    ٿوري دير بعد فون جي گهنٽي وڄي ٿي.
    “مما ته مون تي ۽ منهنجي سونوءَ تي ظلم ڪيا آهن.تون ظالم آهين؟”
    “ڇا پيو چوين؟”
    “مما تون ڪِني آهين.تون خراب سَسُ آهين.تو پنهنجي ننهن کي ڏک ڏنا آهن.مان توکي معاف ڪونه ڪندس.”
    “ڇا”
    “تو منهنجي زندگي برباد ڪئي آهي.”
    “..........................................”
    “تو اسان ٻنهي جي زندگي برباد ڪئي آهي؟”
    اهڙيءَ طرح هن جو فون تي گارين جو وسڪارو ٿيندو رهيو.مما چپ چاپ ٻڌندي رهي پوءِفون ڪٽ ٿي ويو.پندرهن منٽن بعد وري فون وڳو”مما هاڻي مان ٻاهران فون تي آهيان.مما ساري مما مون کي معاف ڪج.”نه پُٽ”
    “مما مون تنهنجي دل کي ڏکويو آهي.اهو مون رڳو هن جي چوڻ تي ڪيو.رڳو منهنجي وات ڪيو دل ۾ نه ڪيو آءِ لو يو مما ساري ساري”
    “پٽ ساري چوڻ جي ضرورت ناهي”
    “چو”
    “هوءَ چوي ٿي ته مما جو ڪوبه رد عمل ئي ڪونه ٿيو!”
    “هن کي ڪهڙي خبر؟”
    “هن فون جي اسپيڪر جو بٽڻ آن رکيو هو ۽ هوءَ سڀ ٻڌي سگهي ٿي.هوءَ چوي ٿي ته “مما ڪاوڙ ڇو نه ڏيکاري؟نه ئي هُن رُنو.هنکي غصو اچڻ گهربو هو.هوءَ هن کي اڃا سنتوش نه مليو آهي.”
    “مان رات جو وري گهران هُن جي اڳيان فون ڪندس ۽ وري گاريون ڏيندس.تون ريئيڪٽ ڪج ۽ موٽ ۾ مون کي گاريون ڏج.”
    “مان؟گاريون؟”
    “ها مما توکي ڪرڻو پوندو.مما منهنجي صدقي پليز!”
    “چڱو پٽ مان ڪوشش ڪنديس”
    “ڪوشش نه توکي ڪرڻو پوندو مما پليز!........نه ته ته هوءَ.....”
    “هوءَ ڇا؟”
    “نه نه مان ٻڌائي ڪونه سگهندس”
    هن فون رکي ڇڏيو.
    رات جو مانيکائي مما اڃا ليٽڻ جون تياريون ڪري رهي هئي ته فون جي گهنٽي وڳي.
    “توکي ڪو شرم آهي يا نه؟”
    پهرين ته مما گهٻرائجي ويئي پر پوءِ “شرم ته توکي ناهي جو ماءُ کي گاريون ٿو ڏين؟”
    “تون ڪهڙي ماءُ آهين؟تومنهنجي حياتي تباهه ڪئي آهي”
    “حياتي ته تو منهنجي تباهه ڪئي آهي”هاڻي هوءَ روئڻ لڳي هئي”
    “مان توکي ڏسي وٺندس.”
    “ڏسان ٿي ڇا ٿو ڪرين؟”هوءَ وڌيڪ روئي رهي هئي،
    “تون مون کي ڪٿي جو ڪونه رکيو آهي.توکي پرڻائي ڦاسجي ويئي آهيان”هن جي وات مان اکر ڏکيا ٿي نڪتا.
    “ها تنهنجي ته مرضي هئي ته مان ڪنوارو ٿي رهان”
    “ها اهو سچ آهي”
    پٽ پنهنجي فون جي اسپيڪر جو بٽڻ آن رکيو هو ۽ نُنهن ٻنهي ڌرين جي گفتگو ٻڌي رهي هئي.هن جي چهري مان خوشي بکي رهي هئي.هوءَ مڙس کي گاريون ڏيڻ لاءِ اتساهه ڏيارائي رهي هئي.کيس نيون نيون گاريون ٻڌائي.مدد ڪري رهي هئي.نيٺ جڏهن سندس سنتوش جو پيالو پُر ٿيو ۽ پوري خوشي ملي ته هن اُن جو اظهار ڪيو ۽ مڙس کي بس ڪرڻ جو اشارو ڏنو.مڙس فون جو ڄوغو رکي ڇڏيو.ان کان اڳ فون تي مما جي اوڇنگارن جو آواز برابر اچي رهيو هو.
    هن پاسي ماءُ فون رکي اکيون پوري ڇڏيون سندس روئڻ بند ٿي چڪو هو ۽ کيس ڄڻ ته سُن وٺي ويئي هئي.
    ڪجهه وقت کانپوءِ وري فون وڳو.
    “مما آءِ ايم سوري ..مون کي معاف ڪر ساري ساري”
    “هاڻي ڪنوار خوش ٿي؟” هن نرليڀ ڀاوء سان چيو
    “ها مما!”
    “۽ تون به خوش آهين”
    “ها مما هوءَ خوش ته مان به خوش توکي خبر آهي نه نه ته ته هوءَ............”
    “ٻئي خوش هجو شال”مما ڍرڪندڙ آواز ۾ چيو.


    26. واڪنگ ، واڪنگ اسٽڪ

    “ترسو ترسو انڪل ! موٽر مان نه لهو!”موهت چيو.
    “ڇو ڀائي ڇو نه لهان؟”
    “انڪل اڃا گاڏي ڇٽڻ ۾جام ٽائيم آهي پورو اڌ ڪلاڪ”
    مگر هيٺ لهڻ ۾ڇا آهي؟”
    “ٻڌو منهنجي ڳالهه! هيءَ ڪهڙي واڪنگ اسٽڪ کنئي اٿو پاڻ سان”
    “ڇو ڪهڙي خرابي آهي هن ڪاٺيءَ ۾.”
    “اڙي انڪل ڪمال ٿا ڪريو ! وڃو پيا هاليڊي تي هِل اسٽيشن تي رهندا اُوچي سُٺيءَ هوٽل ۾ اهڙي واڪنگ اسٽڪ! توبهه توبهه اڙي منهنجا انڪل آهيو.ڪجهه ته منهنجي اسٽيٽس جو خيال ڪريو!.”
    “ته ڇا ڪريان؟” انڪل عاجزيءَ وچان چيو.
    “اسٽائيل انڪل اسٽائيل مون کان سکو.”
    “الائي ڇا پيو چوين؟”
    “مون کي پنج منٽ ڏيو نه نه ست منٽ توهين گاڏيءَ مان هيٺ نه لهو مان اجهو آيس.”
    موهت جهٽ ڪاٺي کڻي اڳيان وڌيو.هن کي ڄاڻ هئي ته گاڏي پلئٽ فارم نمبر پهرئين تي بيٺي هئي ۽ گاڏو cc-2 گيٽ جي بلڪل سامهون بيهندو آهي.هو تڪڙو تڪڙو گاڏيءَ ۾ چڙهي پيو.هڪ دروازي کان چڙهي.گاڏي جو جائزو وٺي ٻئي دروازي کان لهي ويو.هڪ قُلي هڪ پارسي عورت جو سامان مٿي تي کڻي گاڏي طرف وڌي رهيو هو.اها عورت پنهنجي ڪنهن مائٽ جو هٿ پڪڙي آهستي آهستي پنڌ ڪري رهي هئي.امت قُلي کي انڪل جي ڪاٺي ڏيندي اشاري سان ۽ ڀڻڪي ۾ ڪجهه چيوقُلي ڳالهه سمجهي ويو.
    قُلي وري ان عورت کي ڪاٺي ڏيندي چيو”م؟ڊم هن اسٽڪ جي مدد سان پنڌ ڪريو توهان کي سولائي ٿيندي.”
    پهرين ته ان عورت هن ڏانهن عجب وچان نهاريو ۽ پوءِ لٺ وٺندي چيو”او بليس يو ماءِ سن.”
    گاڏو ته ويجهو ٿي هن قُليءَ عورت کي گاڏيءَ ۾ سولو ويهاريو.
    عورت هن کي واپس ڪرڻ لاءِ لٺ وڌائي.
    “مئڊم توهين هنکي پاڻ وٽ رکي سگهو ٿا.توهان کي لوٽا والا ۾ ڪم ايندي.”
    “رکانپڪ.”
    “ها مئڊم.”
    مئڊم هن کي ڏهين رپئي جي بدران پنجاهه رپئي جو نوٽ ڏنو ۽ آشيرواد پڻ.”
    “بليس يو ماءِ سن!.”
    گاڏي مان هلندي قليءَ چيئر ڪار جي ڀت تي لڳل هڪ هُڪ تي لٽڪيل.هڪ نئين چلڪندڙ واڪنگ اسٽڪ کي کڻي ورتو.ان جو مالڪ پٺئين دروازي وٽ اخبار خريد ڪري رهيو هو.قلي تڪڙو تڪڙو اڳئين دروزي کان هيٺ لهي ويو.ٻاهر بيٺل نوجوان کي هن اها لٺ سپرد ڪئي.جنهن جي عيوض هن وري هن کي پنجاهه روپيا خرچي ڏني.
    “هان انڪل وٺو هيءَ نئين شاندار لٺ.”موهت واچ ۾ نهاريندي چيو “پورا ست منٽ لڳا.”
    “اڙي تون ته ڪو جادوگر آهين؟” انڪل خوش ٿي موٽر مان لهڻ لڳو.cc-2 ۾ چڙهي انڪل اها ڇڙي پنهنجي پٺيان ڀت تي هڪ هُڪ تي لٽڪائي ڇڏي.
    لوٽا ولا اسٽيشن تي لهڻ لاءِ پهرين اُن ڇڙي جو اصلي مالڪ اُٿيو.
    “اڙي منهنجي اسٽڪ ڪاڏي وئي؟”مون ته هن پاسي رکي هئي.”هن ڀڻڪندي چيو ۽ ٻئي پاسي نهاريو.”اڙي هوڏانهن ڪيئن ويئي هلي.”
    “ٻڍاپي ۾ ائين ٿيندو آهي شايد وسري ويم ته ڪٿي رکي هئم.”
    هن اها اسٽڪ کڻي ورتي ۽ ان کي پڪڙي هيٺ لهڻ لڳو.
    ٻڍي مائي به ڪاٺي پڪڙي هيٺ لهڻ لڳي.
    جڏهن انڪل اٿيو ته ڪاٺي ندارد هُڪ تان ڪيئن گُم ٿي ويئي؟هن چوڌاري نهاريو.تڏهن هن هڪ مسافر کي ان ڪاٺيءَ جي آڌار سان پلئٽ فارم تيلهندو ڏٺو.هن جي سامهون ئي هڪ ٻڍي پارسياڻي سندس ئي لٺ جي سهاري هلندي پئي ويئي.سندس ئي جهوني لٺ هئي.پر هو چوي ڪيئن ته اها سندس ئي لٺ هئي.
    هن کي لڳو ڄڻ ته ٻئي ڇڙيون پاڻهي پنڌ ڪنديون.هن جي هٿ کي ڇڏي ٻين جي هٿن هليون ويون.هو لاچاريءَ وچان هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ لڳو.
    “منهنجا ته ٻه به ويا ته ڇهه به ويا. هاڻي هاڻهن جي ساگر مان بنا ونجهن جي ڪيئن پار پوندس؟مان ته ٽرين مان لهي به ڪونه سگهندس؟”نيٺ هن هڪ قُلي جي مدد گهري.هن جي ڪلهي تي هٿ رکي هيٺ لهڻ لڳو.
    “سيٺ اوهين لوناولا ۾ اڪيلا بنا ڇڙيءَ جي آيا آهيو؟”
    “اڙي منهنجي اسٽڪ چوري ٿي ويئي آهي” هن نرڙ تان پگهر اگهندي چيو.
    “مون کي ڪابه ڇڙي آڻي ڏي ڪٿان به ڪهڙي به.”
    “سيٺ پلئٽ فارم کان ٻاهر وڃڻو پوندو.”
    “هان هي وٺ پنجاهه جو نوٽ ڪابه ڇڙي سنهي ٿلهي ڏنگي پاڏي جهوني نئين آڻي ڏي.”
    قُلي کانئس نوٽ وٺي ٻاهر نڪتو.ٻاهريون گيٽ ته چڱو پري هو پر قُلي ان پاسي ڪونه ويو.انڪل کي لڳو ته هو ٻئي پليٽ فارم تي وڃي رهيو هو.پر هن کي پڪ ڪانه هئي.ڳاڙهين وردين ۾ سڀ قُلي ساڳيا پئي لڳا.”وري هن عمر ۾ اڪيلو سفر ڪونه ڪندس.”هن فيصلو ڪيو
    ٻين پلئٽ فارمن تي به ٻه گاڏيون آيون هيون.هڪ بمبئي ڏانهن پئي وئي ته ٻي پوني طرف ٻئي چيئر ڪارس واريون پئي لڳيون.
    ٿوري دير ۾ قُلي ڇڙي کڻي واپس آيو ۽ هن کي هٿ ۾ ڏنائين.
    “اڙي هيءَ ته اڳين ٻن ڇڙين کان گهڻي گهڻي اُچي آهي.بلڪل چلڪي پيئي.شايد ولايتي آهي.ها ها ميڊ ان يو ڪي ۽ فولڊنگ به آهي.واهه خوب مهانگي هوندي.” هو سوچي رهيو هو.
    “تو هيءَ ٻاهران خريد ڪئي؟”
    “ها صاحب”
    “پنجاهه رپئي ۾ “
    “نه صاحب هيءَ مهانگي آهي.سو رپئي جي .پنجاهه روپيا ٻيا به ڏيو.”
    انڪل کيسي مان پنجاهه رپئي جو نوٽ ڪڍيو ۽ هن کي ڏنو.
    “صاحب هيئن ڇو ٿا نهاريو؟مون ته توهان جو ڪم ڪيو؟”
    “ها ها تو منهنجو ڪم ڪيو.” پر هو سوچي رهيو هو هيءَ ڇڙي ته سو روپينکان به وڌيڪ مهانگي آهي.پڪئي پڪ ...وڏي ڳالهه ته هن کي ان ننڍڙيءَ اسٽيشن جي ٻاهران ڪيئن ملي؟”
    پوءِ به هو آهستي آهستي ڇڙيءَ جي سهاري گيٽ طرف وڃڻ لڳو.


    27. چهري مٿان چهرا

    “راج ڏس ته سهين سُشما پنهنجي شڪل صورت روپ رنگ جي ڪيڏي ٿي سنڀال رکي! ڏس ته ڪهڙي سلم(slim) ۽ سوڌي پئي لڳي! ڪنهن ائڪٽريس کان شڪل شبيهه ۾ گهٽ ته ڪانهي!”
    “اڙي پريتي ان ڳالهه کي نه وسار ته ڪنهن زماني ۾ هوءَ”مس پونا” رهي چڪي آهي ۽ راشٽريه سطح تي هوءَ انعام کٽي چڪي آهي.تنهن کانسواءَ هوءَ ماڊل به ته رهي چڪي آهي،ڪنهن وقت”
    “ها ڪنهن وقت! هن وقت هن جي عمر گهڻي هوندي؟ جوان جماڻ ڌيءَ اٿس ذري گهٽ سَسُ ٿيڻ واري آهي.”
    “هن جي عمر چاليهن پنجيتاليهن سالن جي وچ ۾ هوندي ضرور.”
    “پوءِ به ڏس نه ڪهڙي نه ٺاهوڪي پئي لڳي.چهري تي عمر جا نشان ڪٿي اٿس؟” پريتيءَ چيو.
    “مڃان ٿي .پر هوءَ پاڻ تي محنت به ته ڪيڏي ٿي ڪري! سڄو ڏينهن جم(gym) ۾ پيئي آهي.ڊائيٽنگ به زبردست ڪندي رهندي آهي ۽ پارلر ته آهن ئي آهن.”
    “ها ان طرح جي اوچي طبقي جون عورتون جيڪي پروفيشنل ناهن يعني اسان وانگر نوڪريون نه ٿيون ڪن.انهن کي ته بس وقت ئي وقت آهي ۽ سهوليتون به ته هر طرح جون ميسر آهن.”
    “سندس ڏيراڻي رتو به ته ان ساڳي قطار ۾ آهي.”
    “ها ڇو نه هي سوسائٽي ليڊيز ائين ئي آهن.پنهنجي شڪل ۽ فگر مينٽين ڪرڻ ۾ استاد هنن ۾ چٽا ڀيتي به ته زبردست آهي.هر ڳالهه ۾ ڪپڙن ۾ ،فيشن ۾،موٽرن ۾ ،ايتري قدر جو موبائيل فون ۾ به ڪنهن جو موبائيل گهڻي ۾ گهڻو ماد آهي مهانگو آهي ۽ بهترين.”
    ٻئي کلڻ لڳن ٿيون.”ٻالڪيون آهن ڄڻ ته.” راج چيو
    “ڇا ٿيون ڪپڙا پائين ۽ ڇا ٿيون شاپنگ ڪن.”
    “مگر سشما جي گهوٽ پريم جو نالو ته اهڙو سٺو ناهي.”
    “اهڙو سٺو ناهي جو مطلب ڇا؟.”
    “اڙي سڄو ڏينهن ريس ڪورس تي پيو آهي ياڪلبن ۾ ساهيڙيون به جام اٿس”
    “تون ئي ٻڌاءِ ساهيڙيون ڪنهن کي ڪونهن؟اهو به ته فئشن آهي اسان جي طبقي جو سُشما وري ڪهڙي کير ۾ ڌوتل آهي.”
    “يعني”
    “ڇا توکي خبر ناهي؟” هن جا ڪيترائي افيئرس پيا هلن لڳاتار اڄ هِن سان سڀان هُن سان”
    “واقعي! ڏاڍيون عجيب ڳالهيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن.اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ڄاڻڻ سڀ ٿا پر ڪڇن ڪونه ٿا.مڙسن کي ساهيڙيون آهن ته زالون به گهٽ ڪونهن.اهي به ته دوست رکي ويٺيون آهن.
    “وقت بوقت بدلين به پيون.”
    “ٻاهران سڀ ٺيڪ ٺاڪ لڳي رهيو آهي پر اندر وڏا گهوٽالا آهن.”اوڏي مهل سشما کلندي ٽڙندي هنن جي گروپ وٽ آئي ۽ هڪ خالي ڪرسي ڇڪي ويهي رهي.”هلو راج! هاءِ رتو ! توهين سڀ آرام سان آهيو نه؟سڀ اوڪي آهي نه؟”
    “او ييس بلڪل فرسٽ ڪلاس نائيس پارٽي!”
    “ٿئنڪ يو توهان سڀني کي ڊرنڪس وغيره ته هٿن ۾ آهن نه؟او گڊ ويٽر ويٽر ..هتي سنئڪس وغيره سَروِ ڪر”هن ويٽر کي سڏيندي چيو.
    “سشما تون اسان جي چنتا نه ڪر.اسين مزي ۾ آهيون.تون پنهنجي ٻين مهمانن کي وڃي ڏس ڀلي!”
    “اوڪي” چئي سشما ٻينمهمانن جي سنڀال لهڻ هلي ويئي.اها ئي کلندڙ مشڪندڙ چهه ٻهه ڪندڙ سشما.
    ٿوري دير بعد.
    “ڪهڙي سوچ ۾ پئجي وئي آهين پريتي؟”
    “مان سوچڻ لڳي آهيان راج ته هو صحيح آهن يا اسين صحيح هيون سين.”
    “مان سمجهي ويس ته تون ڇا ٿي چوڻ چاهين؟”
    “ڏس هي ڪيئن سمجهوتا ڪري ويٺيون آهن! چهري تي چهرو لڳائي پيون گهمن ڦرن! هنن جا ته گهر ڪونه ڊٺا نه؟هي سڀ ته ٻنهي جهانن جا سُک ماڻي رهيون آهن.اسان هٿ وٺي پنهنجو سڀ ڪجهه وڃايو.”
    “اجايو پاڻ تي افسوس نه ڪر.اسان جيڪي ڪيو سوچي سمجهي ڪيوسين.جيڪا ان وقت جي تقاضا هئي.ان کي منهن ڏنو سين.ڇا تون هنن وانگر ٻهروپي جيون گهاري سگهين ها؟اندران هڪڙي ۽ ٻاهران ٻي؟”
    “اصل به نه هرگز نه اهو ممڪن ڪونه هو اهائي ته اسان جي ڪمزوري آهي؟”
    “اها ڪمزوري ناهي .اها اسان جي طاقت آهي.”راج پختي لهجي ۾ چيو.
    “ڏس اسين ٻئي ساڳيءَ ڪشتيءَ جي ياترا ڪري رهيون آهيون.تو پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجي مڙس کي ڇڏيو توکي پنهنجا سبب هئا.اسين برداشت نه ڪري سگهيون سين ۽ الڳ ٿي ويون سين.”
    “پر ڪيڏو ڀوڳڻو پيو! اسان کي ته جدوجهد ڪرڻي پئي پر ٻارن کي به بي گهر ٿيڻو پيو.ڪيڏو سَٺو آهي هنن ويچارن.” پريتٿيءَ چيو.
    “پر نيٺ پار پيون سين نه؟ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي سواڀمان کي قائم رکي سگهيون سين! آهي ايئن يا نه؟”
    “تون ڇا ٿي سمجهين هنن جا ٻار ڪونه ڀوڳيندا هوندا؟سڀ اکين سان ڏسندا هوندا ،سمجهندا هوندا هنن جي اڳيان ڪهڙا مثال آهن؟”
    “پر اسين فيصلو ڪرڻ وارا ڪير آهيون؟”پريتيءَ تياڳ جي ڀاونا” سان چيو.
    “ها سچ ٿي چئين اسين ڇو ٻين جا فيصلا ڪريون؟اسان پنهنجي جيون جا فيصلا پنهنجي سمجهه مطابق ڪيا.”
    “اڙي توهين ڪهڙين ڳنڀير ڳالهين ۾ غلطان آهي؟”ونيتا جي آواز ٻنهي ساهيڙين کي چونڪائي ڇڏيو.”
    “ها ڀائي ڏسو ٻه پروفيشنل ۽ انٽليڪچوئل ليڊيز ڪنهن پيچيده گنڀير مسئلي جو حل ڳولهڻ ۾ رُڌل آهن” ونيتا جي گهوٽ سنجوءَ هنن کي چيڙائيندي چيو.
    “سنجو يو ناٽي مين ڊونٽ بي سارڪئسٽڪ “راج ڪوڙيءَ ڪاوڙ مان چيو.
    “چڱو پنهنجي پنهنجي کيتر ۾ سڦل ليڊيز ٻڌايو ڪهڙو سنجيده سبجيڪٽ آهي اوهان جو.”
    “سچ ٻڌايانو سنجو اسين سشما ۽ اهڙين ٻين عورتن جي زندگيءَ جي پنهنجي زندگين سان ڀيٽ ڪري رهيون هيون سين.”
    ونيتا عجب کائيندي چيو”اڙي سشما ۽ توهان جي زندگين ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ڪهڙي سمانتا آهي آخر.”
    “آهي نه”
    “ڪيئن”
    “توکي پريم جي ناموس جي ته خبر آهي نه؟”
    “ڪهڙي ناموس ؟”
    “اڙي هن کي ڪيتريون ساهيڙيون آهن؟ ڪيڏي فاسٽ لائيف اٿس؟هي پتنيون ڪيئن برداشت ڪري ويٺيون آهن؟اسان ڇو نه ڪيو؟”
    سنجو سوچ ۾ پئجي ويو.
    “هنن به پنهنجي لاءِ ڪي رستا ڳولهي ورتا هوندا.”
    ٽيئي زالون کلڻ لڳيون.
    “لڳي ٿو سنجو ته تون اسان جي سوشل گاسپ کان چڱي طرح واقف آهين.”
    پريتي کلندي چيو “لڳي ٿو سشما جي سوشل لائيف جي صحيح رڳ تي هٿ رکيو آهي سنجوءَ”
    “ٿئنڪ يو پريتي توهان مون کي مورک سمجهيو آهي ڇا؟پر منهنجي جواب تي ڌيان ڏيو.مون چيو “رستا ڳولهي ورتا هوندا؟” مون ڪونه چيو “رستا ڳولهي ورتا آهن”
    “ساڳي ڳالهه آهي توکي ڄاڻ آهي ته هنن ڳولهي ورتا آهن.”
    “ته پوءِ”
    “مون چيو ته هي سمارٽ زالون آهن.اسن کان وڌيڪ عقلمند آهن.جيئن تيئن سمجهوتا ڪريٻنهي جهانن جا سُک ماڻي رهيون آهن.شايد اسان ئي ڪجهه غلط ڪيو.”پريتيءَ سمجهاڻي ڏيندي چيو.
    “مون کي توسان ان ڳالهه تي اختلاف آهي پر مان پنهنجو رايو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهيندس.”
    “پر ڪجهه ته ڪامينٽ ڪر.”
    “ڏس هر ڪنهن جون حالتون نراليون آهن.سڀاوء نرالا آهن.سُور برداشت ڪرڻ جي شڪتي نرالي آهي.پڻ زندگيءَ ڏانهن رويو سڀ کان اهم چيز آهي رويو يعني ائٽيٽيوڊ ڪن به ٻن ڌرم پتنين جي حالتن ۽ فيصلن کي ڀيٽڻ جي غلطي ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي.توهان کي ڇا ڪنهن کي به نه!”
    تون شايد ٺيڪ چئي رهيو آهين”پريتيءَجواب ڏنو.
    “پر مان سمجهان ٿو ته We are the best “هن ونيتا جي ڳلي ۾ ٻانهن وجهندي چيو.”اسان جهڙو ٻيو ڪو جوڙو هوندو ئي ڪونه.”
    “هيل تائين” ونيتا هنکي وچ ۾ ٽوڪيو.
    “ڇا مطلب؟”
    “سو فار سو گُڊ So for so good”
    يعني توکي آئيندي تي ڀروسو ناهي؟توکي شڪ آهي.پاڻ تي ۽ مون تي به؟”سنجوءَ عجب وچان چيو.
    “ڪجهه چئي نٿو سگهجي”ونيتا ٽهڪ ڏيندي چيو.”زمانو تمام تڪڙو بدلجي رهيو آهي ڊارلنگ” هن ڊارلنگ تي زور ڏنو.
    “هل هتان مون کي چيڙائڻ واري.” سنجوءَ زال کي ٻانهن کان ڇڪيندي چيو.
    ونيتا ٽهڪ ڏيندي پئي ويئي.
    “اوڪي باءِ ليڊيز!”
    راج ۽ پريتي ڪيتري دير تائين انکلندڙ ۽ مذاق ڪندڙ جوڙي جي پڦٺ ڏانهن نهارينديون رهيون.
    سچ پچ اڄ ڪالهه جي جوڙن تي ڪهڙو بقاءُ آهي؟” راج چيو.


    28. دنيا ڪو لات مارو ،دنيا سلام ڪري!

    ريکا تون هتي ڇو بيٺي آهين؟”منهنجي ساهيڙيءَ مون کي ٻانهن کان جهليندي چيو.
    “ڏس هن هئنڊ بئگ جي مرمت ڪرڻ واريءَ موچيءَ وٽ ڪيڏي ڀيڙ آهي.مان پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهي آهيان؟”
    “ڪمال آهي تون هن ڪِيو ۾ بيٺي آهين؟”
    “ڇا ڪريان ؟”
    “تنهنجي ڪار ڪٿي آهي؟”
    “ڪار پارڪ ۾ !”
    “هل تون مون سان .....مان ٿي تنهنجو ڪم ڪريان.”
    “پر ..............”
    “اڙي هلکڻي” هن منهنجي ٻانهن کي ڇڪيندي پاڻ طرف گهليو.
    “هاڻي دروازو کول۽ جيئن مان چوانءِ تيئن ڪر.”
    مون موٽر جو دروازو کوليو ۽ هوءَمنهنجي ڀر واري سيٽ تي ويهي رهي.
    “هاڻي موٽر هلاءِ انموچيءَ جي دڪان طرف”
    جڏهن دڪان آيو ته وچ رستي تي هن موٽر بيهارڻ لاءِ چيو
    .مون موٽر بيهاري.
    هن دريءَ مان اسٽائيل ۾ واڪو ڪيو”اڙي پرس والي ايڌر آئو”هن انگريزي اچارن سان هندي ڳالهائندي هن کي سڏيو.
    موچي پنهنجو ڪم ۽ گراهڪ ڇڏي ڊوڙندو آيو ۽ هٿ جوڙي چوڻ لڳو “ڪيا حڪم هئه ميم صاحب”
    “يهه پرس لي لو هم ڪو جلدي بناڪي دو هم ٿورا دير ۾ آتا هئه”
    “جي اڇا ميم صاحب”
    “دس منٽ ۾آتا هئه”
    “جي اڇا ميم صاحب”
    ٻيا گراهڪ ماٺ ميٺ ۾ نهاري رهيا هئا.ٽرئفڪ پٺيان بيهجي وئي هئي.مان تپرس وچان هيڏانهن هوڏانهن نهاري رهي هئس ۽ پنهنجي کل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئس.
    “هاڻي تون ڀلي اڳتي هل..........مون کي هتي لاهه ....ڏهن منٽن کانپوءِ ان ئي اسٽائيل ۾پرس وٺندي وڃج.”


    29. ڇوٽڪارو

    “گهوڙا ڙي گهوڙا ........ڪيڏو سور آهي...هاءِ هاءِ ...مران ٿي ....ممي ممي ڇا ڪريان؟...ڏاڍو سور ٿئي ٿو...اڙي مون کي ڪهڙي خبر هئي ته ائين ٿيندو آهي ....او ...هو ...هو ڇا ڪريان؟”
    انيتا سور ۾ ٻاڏائي رهي هئي ۽ مان کيس آٿت ڏئي رهي هئس.
    “بس باقي ٿورو ..ايترو ...ته سهڻو ئي پوندو!”
    “ايترو؟ توهين ان کي ايترو ٿا چئو؟....ممي ڪيترو آهي سور ...اڙي رام ...زبردست سور....وري آيو سور...”
    مون پنهنجي پٽ سنجوءَ کي اشارو ڪيو ۽ مان اٿي پاسيري ٿيس.هاڻي سنجو اچي انيتا جي ڀر ۾ ويٺو ۽ هن جو هٿ پڪڙي ورتائين.مان سمجهي ويٺي هئس ته اهي ويم جا ئي سور هئا.هاڻي اهي هر ڏهين منٽين اچي رهيا هئا.
    مان سامهونڪاريڊار جي دروازي وٽ اچي بيٺس.پنڌرهن کن زالون اتي رکيل بينچن تي ويٺيون هيون.سڀني جا پيٽ ڪن جا ننڍا ڪن جا وچولا ته ڪن جا تمام وڏا نڪتل ،ويڍيون هيون ۽ ڊاڪٽرياڻيءَ وٽ اندر وڃڻ لاءِ پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيون هيون.انهن سڀني عورتن کي اهڙن ساڳين سورن مان گُذرڻو هو.ساڳيءَ طرح واڪا رڙيون ڪرڻيون هيون.انهن سورن سهڻ کانسواءِ ڇوٽڪارو ممڪن نه هو....۽ ان کانپوءِ؟
    هاڻي وري انيتا جي کٽ تان ڪُرڪڻ ڪنجهڻ جو آواز اچڻ لڳو هو.آيا وري سور ! ڏهه منٽ جو سک سان گذريا هئا.اهو ڪرڪڻ وڌندو ويو.سنجوءَ کي مون ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون وڃي سندس جڳهه والاري.
    “هاءِ ڙي هاءِ!... هي ڇا پيو ٿئي؟.........سور ڙي سور......ڏاڍو سور ..آ.....آ...او گاڊ ....سيو مي فرام دس پين.....هيلپ مي گاڊ..........ڇا ڪريان؟....باباڙي ...ممي..........!
    هن جي نرڙ تي پسيني جون بوندون اڀري آيون هيون.مان پنهنجي رومال سان انهن کي اگهڻ لڳي هئس ۽ آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس.........پر هوءَ پنهنجن سورن ۾ ئي بيزار هئي.سو هن کي ڪجهه اثر ئي ڪونه ٿي رهيو هو.هاڻي وري سور موٽ کائڻ لڳا ۽ هن پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون .مون کي لڳو ته هن کي آرام وچان اک لڳي ويئي هئي.
    ها سورن جو انت ڪڏهن ٿيندو؟ڪڏهن ٿيندو به يا؟ مان پاڻ کان پڇڻ لڳيس.
    مون کي ياد آيو ته ٻار ڄمڻ کانپوءِ به راتين جون راتيون جاڳڻيون پونديون آهن.هر پنجين ڏهين منٽين ٻار جون چڍيون مٽڻيون پونديون آهن.ٻار پيو روئندو آهي ۽ خبر ئي ڪانه پوندي آهي ته ڇو پيو روئي ڪڏهن پيٽ ۾ سور ڪڏهن ڪن ۾ سور ڪڏهن پيٽ خراب ته ڪڏهن ڏند نڪرڻ ڪري ڪانه ڪا تڪليف چوويهه ڪلاڪ هلچل ننڍڙي پراڻيءَ جي سنڀال جي جوابداري.....۽ ان وقت خيال ايندو آهي.”جڏهن پيٽ جي اندر هو ته ڪيڏي نه سولائي هئي.قدرت ماڻيهي پئي پنهنجو ڪم ڪيو.گهٽ ۾ گهٽ رات جو آرام سان سمهي ته سگهندي هئس.ها اهڙو خيال منهنجي من اندر آيو هو.ياد آيون اهي راتيون جڏهن ننڍڙي سنجوءَ کي هنج ۾ کڻي پلنگ تي ويٺي ويٺي جهوٽا کائيندي هئس...۽ مان اهو به ڄاڻان ٿي ته اها ئي ڪنواري نڻان پنهنجن جاڳندڙ ڪلاڪن ۾ منهنجي هنج ۾ ٻار کي ڏسي منهنجي خوشقسمتيءَ تي ايرکا ڪندي هئي.شايد ته مون کي ماتاپڻي جو سوڀاڳيه حاصل ٿيو هو.
    زندگيءَ جي اها هڪ تلخ حقيقت آهي ته هر ڪو شخص پنهنجي منجهيل من ۾ پنهنجي سامهون واري شخص کي پاڻ کان وڌيڪ خوشنصيب سمجهندو آهي.اهڙن وقتن تي وري منهنجي من ۾ خيال ايندو هو”ڪڏهن سنجو وڏو ٿيندو جڏهن ٻار جي نيپاج جي تڪليفن کان آجي ٿينديس.”
    پر جڏهن ٻار وڏا ٿيندا آهن ته وڏا مسئلا پاڻ سان کڻي ايندا آهن.ڀاري ۽ منجهائيندڙ مسئلا ڪيڏو سمجهائڻسان به هو مائٽ جي هڪ ڳالهه به نه مڃيندا آهن ۽ ان وقت بڇڙو من چوندو آهي “هن کان ننڍڙا هئا ته سٺا هئا ته گهٽ ۾ گهٽ چيو ته مڃيندا هئا.ٻي حالت ۾ هنن کي هڪ چماٽ سان سڌو ڪري ڇڏبو هو.هاڻي ته پنهنجي هڪ به نه ٿي هلي!..انسان هر حالت ۾ پاڻ کي لاچار سمجهي ٿو.گذريل پل کي بهتر ۽ ايندڙ پل جو آسائتين اکين سان انتظار ڪري ٿو.
    هاڻي وري “اونهه اونهه “جو آواز اچڻ لڳو.انيتا “سور سور “چوڻ شروع ڪيو هو.سور وڌندو ويو.
    “ممي ...ممي..........ڪجهه ڪريو ڪڏهن ملندو هنن سورن مان ڇوٽڪارو؟”
    “انيتا اونو نه ڪر توکي اوس ۽ جلد ئي ملندو.هنن سورن مان ڇوٽڪارو”


    30. سڀ منهنجو ڏوهه!

    اڄ ڪيڏو نه خاص ڏينهن آهي.منهنجي لاءِ ته آهي.هنن لاءِ الائي آهي يا نه؟ان جي مون کي ڪهڙي خبر؟اڄ اسان جي شاديءَ جي پندرهين سالگرهه آهي.مون ڪيو بيڪ ڪيو آهي.مون هن جي دلپسند ڊنر تيار ڪئي آهي.گهر کي ڦوڪڻن ۽ رنگين پٽين سان سجايو آهي.ڪئنڊل لائيٽ ڊنر جو پورو پورو بندوبست ڪيو اٿم.هاڻي مان بي صبريءَ سان مڪيش جو انتظار ڪري رهي آهيان.هن م،ون کي چئي ڇڏيو هو”شام جو ضروري ميٽنگ سبب هونئن کان به وڌيڪ بزي هوندس.”پوءِ به منهنجون اکيون ور ور گهڙيال طرف کڄي رهيون هيون.
    ايڏي دير؟شام جا ڇهه لڳي ويا ست به لڳي ويا آهن.سنجو به اسڪول مان گهر ڪونه موٽيو آهي.الائي ڪاڏي ويو هليو؟اڄ ڪلهه ته هن جو ڪو ٺڪاڻو ئي ڪونهي.سڄو وقت گهر کان ٻاهر وري ٻڌائي به ڪونه وڃي.اڪيلي هجڻ جو احساس مون کي شدت سان ستائڻ لڳو.پرديس ۾ اڪيلائپ ته هونئن به رهندي آهي.پر اڄوڪي ڏينهن مان وڌيڪ بيچين ٿيڻ لڳيس.نيٺ مون کان رهيو نه ويو.مون فون هٿ ۾ کڻي آفيس جو نمبر ڦيرايو.سندس سيڪريٽريءَ مون کي ٻڌايو ته ميٽنگ ان وقت تائين هلي رهي هئي.ان بعد مون سندس موبائيل فون جو نمبر ڦيرايو.ان تان به جواب نه مليو پڪ ئي پڪ هن فون بند ڪري ڇڏيو هو.مان لاچاريءَ وچان هٿ ٻڌي ويهي رهيس.اڌ ڪلاڪ کانپوءِ سندس فون آيو”مان پنهنجي بزنيس جي ساٿين سان ٻاهر ڊنر لاءِ وڃي رهيو آهيان.منهنجو انتظار نه ڪج.”
    “پر اڄ ته اسان جي.......................”
    ۽ فون ڪٽ ٿي ويو.
    هو رات جو ٻارهين لڳي کانپوءِ گهر آيو.مان رات جا ڪپڙا پائي پلنگ تي پاسا ورائي رهي هئس.
    هن بتي ٻاري گهر جي سجاوٽ ڏٺي.ميز تي رکيل سامان به ڏسي آيو هو.عجب وچان چوڻ لڳو “هي سڀ ڇا آهي؟”
    “هي سڀ ڇا آهي؟”توهين ٿا پڇو توهان کي ياد ڪونهي.اڄ جو ڏينهن؟”
    “اڄ جو ڏينهن ؟” هي سوچڻ لڳو “او ها ..ها.. ياد اچي ويو! اڄ اسان جي ويڊنگ انيورسري آهي نه؟”
    “اڄ ڪالهه ٿي چڪو آهي”مون گهڙيال ڏانهن نهاريندي چيو.منهنجي آواز ۾ هو هڪ سڏڪو.
    “تو مون کي ياد ڇو نه ڪرايو؟”
    “مان ياد ڪرايان؟هيترا سال ڪڏهن ياد ڪرائڻ جي ضرورت پيئي هئي؟”
    “پر توکي ته خبر آهي ته مان ڪيڏو بزي ٿو رهان؟جيئن پوءِ تيئن ڪم وڌندو ٿو وڃي توکي مون کي ياد ڪرائڻ گهربو هو.”
    “ها ڏوهه منهنجو”

    مان ننڍڙي شهر ڪولهاپور ۾ رهندڙ هڪ سادي سودي ڇوڪري هئس.اتي ئي ڄائي هئس.اتي ئي نپئي هئس ۽ اتي ئي ڪاليج ۾ گرئجويٽ ٿي هئس.منهنجي ڏاڏاڻن ڀارت اچي ورهاڱي وقت پنهنجو اباڻو ملڪ سنڌ ڇڏي اپر مهاراشٽرا جو ننڍڙو شهر وسايو هو ۽ ڏاڏي ڌنڌو ڌاڙي شروع ڪيو هو.وڏي پٽ هئڻ سبب منهنجي پيءُ کي ننڍي ڄمار ۾ ئي گهر جون سموريون جوابداريون سنڀالڻيون پيون هيون.
    مان ارڙهين ورهين جي ٿيس ته منهنجي شاديءَ جون ۽ اڪلائڻ جون ڪوششون ٿيڻ لڳيون.هتان هُتان مائٽيون اچڻ لڳيون.ان وقت مُڪيش جي به مائٽي آئي.مڪيش آمريڪا ۾ رهندو هو.هن کي اتي نئين نوڪري ملي هئي.شاديءَ لاءِ هو ڀارت آيو هو ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ ڪولهاپور چڙهي آيو.هڪ ئي نظر ۾ هن مونکي پسند ڪيو.جهڙي نموني جي ڇوڪري کيس کپندي هئي.گهريلو ڀارتيه سنسڪارن جي وچ ۾وڌيل ۽ انهن تي ئي اڏيل ڀارتي ناري ان جون جهلڪيون هن کي مون ۾ نظر آيون.الائي ڇو وديش ۾ آباد ٿيل هندستاني نوجوان شهري سمارٽ ڇوڪرين کان ڪنارو ڪري ڳوٺاڻين کي ترجيح ڏيندا آهن؟ان جو سبب شايد هنن جي اندر ويٺل پنهنجي انسيڪيورٽي هوندي آهي.وديش ۾ ڪجهه سال رهڻ بعد هو سمارٽ ته وقت پوندي ئي ٿي وينديون آهن.پر جهونا سنسڪار اڳتي هلي هنن جي گهر گرهستيءَ لاءِ لاڀدائڪ ثابت ٿيندا آهن.هن جهٽ مون کي پسند ڪري ورتو.مون به هن کي پسند ڪيو.حالانڪه منهنجي پسند ۽ ناپسند کي ايڏي اهميت هئي ئي ڪانه جيئن اڪثر ٿيندو آهي.مون کي سنگيت ۾ خاص رُچي آهي.مون کي هڪ ڀڄن ڳائڻ لاءِ چيو ويو ۽ هو منهنجي آواز تي اڪن ڇڪن ٿي پيو.گونگي گانءِ وانگر منهنجو پلئه هن جي دامن سان ٻڌو ويو.
    شاديءَ بعد هو مون کي ڪئليفورنيا ۾ وٺي ويو.هڪ هندستاني ننڍڙي شهر جي سڌي سادي ڇوڪريءَ کي آمريڪا ۾ ٿائينڪو ٿيڻ ۾ ڪافي ڏکيائي پيش آئي ۽ وقت ته لڳو پر مڪيش جي پيار مون کي اتي پنهنجا پير کوڙڻ ۾ مدد ڪئي.ڪهڙا نه سهڻا ،سهاوڻا ۽ رومانٽڪ ڏينهن هئا اهي! پياري پتيءَ جو پيار پائي مان ڦولي نٿي سمايس.نئون گهر نئين گرهستي ،نئين سنسڪرتي ۽ نوان نوان سپنا چو طرف بهار ئي بهار هئي.سال ڏيڍ اندر سنجيه جو به جنم ٿيو.مڪيش پنهنجو نئون ڌنڌو شروع ڪيو ۽ هن ترقيءَ جي راهه تي تڪڙيون تڪڙيون وکون وڌائڻ لڳو.
    ٻين زالن وانگر هن مون کي نوڪري ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.رڳو مون ايترو ڪيو جو ڊرائيونگ اسڪول جوائن ڪري ورتم ۽ موٽر هلائڻ سکي ورتم.چوڏهن سال الئي ڪيئن نبري ويا؟هن جو ڌنڌو وڌڻ لڳو ۽ هو گهر ۾ گهٽ وقت گهارڻ لڳو.مصروفيت جي ڪارڻ هن جو منهنجي لاءِ پيار به شايد گهٽجڻ لڳو هو يا شايد اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ هن مان گم ٿيڻ لڳو هو.هن کي سوچڻ ۽ ڪرڻ لاءِ گهڻيون ڳالهيون هيون.پرمون وٽ ڇا هو؟صرف گهر جو ڪم ڪار،گهر جي صفائي،وقت تي کاڌو ميسر ڪري ڏيڻ.جيسيتائين سنجو ننڍو هو مون ک سوچڻ جو وقت ڪونه ملندو هو.پر جيئن هو وڏو ٿيڻ لڳو،پر مون کي ڪيئن به ڪنهن به طريقي سان پاڻ کي مشغول رکيو.مون ڊائري لکڻ شروع ڪئي ۽ ڪجهه وقت پڙهڻ ۾ گذارڻ لڳيس.
    سنجو هاڻي اُڇاترا جواب ڏيڻ لڳو هو.هن جي اسڪول جون رپورٽون به تسلي بخش ڪونه هيون.مون کي لڳو ته هو سٺي سنگت ۾ ڪونه هو.مون مڪيش جو ڌيان اُن پاسي ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ان ڳالهه کي گنڀيرتا سان کڻڻ لاءِ تيار ئي ڪونه هو.هن ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي.ڄڻ ته مان وڌاءُ ڪري رهي هئس يا اهو صرف منهنجو تصور هو.
    ولايتي ماحول ۾ وڌندڙ ٻارن کي وڌيڪ ڇڙواڳي ڏني ويندي آهي.گهڻو ڪري هو پنهنجن نجي معاملن ۾ ٻين جي دست اندازي برداشت ڪونه ڪندا آهن.پر مان پنهنجي هندستاني سڀاءُ کي ڇا ڪريان؟مان هن کان اوڀر اچڻ جي باري ۾ سوال پڇڻ لڳيس.رات جو ليٽ اچڻ صبوح جو ليٽ اٿڻ.ڪمري ۾ صفائي نه جهڙي هجڻ.هر وقت لائوڊ ميوزڪ ۽ ناچ ٽاپ مون کي بلڪل نه ٿي وڻيو ۽ مون انهيءَ ڳالهين تي اعتراض اٿارڻ شروع ڪيو.نتيجي طور سنجوءَ مون سان پائي کنئي.هو ابتا سبتا جواب ڏيڻ لڳو.
    مون کي هن جي آئيندي جي چنتا ٿيڻ لڳي.جڏهن مون کي خبر پئي ته هو اسڪول ۾ اڪثر غير حاضر رهڻ لڳو هو ته مان بيحد پريشان ٿي ويس.
    پنهنجي روزاني نيم موجب مڪيش رات جو دير سان آيو.سنجوءَ جو ته ڪو پتو ڪونه هو.کاڌي جي ميز تي مون سنجوءَ جي اسڪول ۾ غير حاضريءَ جي ڳالهه ڇيڙي ۽ پنهنجي چنتا جو اظهار ڪيو ته مڪيش بگڙجي پيو.
    “اڃا گهر ۾ پير رک مس ته تنهنجين شڪايتن جا چٺا کُلي ٿا وڃن ڇا منهنجي مٿان ڌنڌي ڌاڙيءَ جون جوابداريون گهٽ آهن.جو گهر جا مسئلا ٻڌائڻ ويهي رهي آهين؟”
    “اهو تنهنجو ڊپارٽمنٽ آهي.آخر تون ڪهڙي مرض جي دوا آهين؟”
    “سنجو اوترو ئي توهان جو پٽ آهي.جيترو منهنجو.منهنجي خيال موجب هن کي پيءُ جي رهبريءَ جي سخت ضرورت آهي”شاديءَ کانپوءِ اڄ پهريون ڀيرو مان محڪم ۽ پختي آواز سان ڳالهائي رهي هئس.الائي ڪٿان مون ۾ همٿ اچي وئي هئي؟ها اهائي وقت جي تقاضا هئي.
    “هيل تائين تو پنهنجي لاڏلي پٽ جي سموري جوابداري کنئي آهي ۽ هن کي کارڻ ۾ تنهنجو ئي هٿ آهي.”
    “جيڪا ڳالهه غلط ٿئي ان جي قصوروار مان ئي آهيان”
    منهنجي آواز ۾ غصو هو ته سڏڪو به
    “ها تنهنجو ڏوهه آهي تون هن سان گهڻي گنڌ کنڌ ڪرين ٿي.تو غنڊه زنيءَ جو رويو اپنايو آهي.دست اندازي به ڪرين ٿي.زمانو ڦري ويو ان ڳالهه جي توکي ٻوجهه آهي يا نه؟هن کي تنهنجون اهي ڳالهيون ناگوار لڳن ٿيون”
    “توهان کي ائين ڪنهن چيو آهي؟”
    “سنجو پاڻ مون کي اها ڳالهه ٻڌائي آهي.”
    “ته ان ۾ منهنجو ئي ڏوهه آهي.”
    “ها”
    ڳالهيون ائين ئي بد کان بدتر ٿينديون ويون.سنجوءَ کي ماسترن ۽ پرنسيپال جي صلاح ساان هاسٽل ۾ ڀرتي ڪيو ويو.ڇاڪاڻ ته هن کي گهر ۾ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پيو هو.ائين ڪرڻ سان خرچ ٻيڻو ٿي ٿي پيو.پر ان کان سواءِ ٻيو ڪو چاڙهو به نه ڪونه بچيو هو.مڪيش جي آمدنيءَ ۾ اضافو ٿيو هو ۽ هو خرچ ڀري سگهيو ٿي.
    سنجوءَ جي هاسٽل وڃڻ کانپوءِ مانوڌيڪ ادس رهڻ لڳيس.اها اداسي ۽ واندڪائي مون کي اندر ئي اندر کائڻ لڳي.پنهنجي وطن ۽ عزيزن کان پري هئڻ جو احساس وڌي ويو ۽ مان مائٽن جي يادن ۾ کوهجي ويندي هئس.مان پنهنجي ڀاونائن ۽ ويچارتن کي قلم ذريعي اظهارڻ لڳيس ۽ ڪيترا ڪلاڪ ڪمپيوٽر جي سامهون گذارڻ لڳيس.
    مان پنهنجيماضيءَ جي تڪ تور ڪرڻ لڳيس.مون پنهنجي حياتيءَ جا انمول پنرهن سال پنهنجي پتيءَ پٽ ۽ گرهستيءَ کي ارپيا هئا.انهن جي پٺيان خرچ ڪيا هئا.ڇا اهي سڀ اجايا ويا؟مون کي موٽ ۾ ڇا مليو؟
    مڪيش پنهنجو ڪم وڌائي رهيو هو.هن جي نئين آفيس جو مهورت هو.هن هڪ ننڍڙي پارٽي رکي هئي.مان به هن سان گڏ اتي ويس.
    هن جي خانگي سيڪريٽري مارگريٽ لڳ ڀڳ ڏهن سالن کان هن وٽ ڪم ڪري رهي هئي.ان عرصي ۾ هن جي شخصيت ۾ سهڻو نکار آيو هو.هوءَ چڱي بردبار هوشيار سمارٽ ۽ آتم وشواس واري عورت بڻجي پئي هئي.مون کي هن جي ڪم ڪرڻ جو انداز پسند آيو ۽ مان هن جي قابليت تي رشڪ ڪرڻ لڳيس.گهر اچي مون پنهنجي من جي ڳالهه مڪيش سان ڪئي.
    “هنن ڏهن سالن ۾ مارگريٽ ۾ ڪيڏي نه صحتمند تبديلي آئي آهي ٻاهر ڪم ڪرڻ سان انسان ۾ ڦيرو اچي ٿو وڃي آهي نه ائين؟”
    “پر تو ته ڪجهه به ڪونه ڪيو نه؟”
    “مان پنهنجين گهر جي جوابدارين ۾ مشغول رهيس.”
    “پر تو مون کي ٻاهر ڪم ڪرڻ ڪٿي ڏنو؟”
    “مون ڪرڻ ڪونه ڏنو يا تنهنجي مرضي ئي ڪم ڪرڻ تي ڪانه هئي؟”
    “لڳي ٿو توهان کان سڀ وسري ويو آهي؟” مون ڏکويل لهجي ۾ چيو
    “ڇا وسري ويو آهي؟”
    “مون سنگيت سکڻ چاهيو هو توهان موڪل نه ڏني.ياد ڪريو مون توهان کي توهان جي آفيس ۾ مدد ڪرڻ جي آڇ ڏني هئي.پر توهان کي اها ڳالهه پسند نه آئي.توهان چيو هو “ڇا گهر ۾ ڪم گهٽ آهن؟تون گهر گهر سنڀال توهان ائين چئي ڳالهه ٽاري ڇڏي هئي.”
    “جي سچ پچ چاهين ها ته ڪم ڪري سگهين ها اهي سڀ بهانا آهن.”
    منهنجون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون.پر روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟مڪيش کي ته ڳوڙهن کان به چڙ آهي.هو انهن کي ڪمزور عورتن جو هٿيار سمجهندو آهي.مان انهن کي پيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳيس.”واهه ڳالهه ڦيري پنهنجي فائدي ۾ موڙ ڏيڻ جي ڪلا ۾ بيشڪ اوهين ڀڙ آهيو!”مون دل ئي دل ۾ هن کي داد ڏيندي چيو.
    منهنجو من تلخيءَ سان ڀرجي ويو.
    هر ڳالهه جا غلط ٿي رهي آهي ان جي نتيجي جو الزام مون تي ئي لڳايو پيووڃي ۽ لڳايو ويندو.
    “ها ڏوهه منهنجو ئي آهي” مون ڀڻڪي ۾ چيو.
    اهو سڀ ڪيسيتائين هلندو؟هاڻي مان پنهنجن پيرن تي بيهندس.پنهنجي نجي زندگي ءَ جا فيصلا پاڻ ڪنديس.ڪنهن جي به نه ٻڌنديس!
    مون پڪو ارادو ڪري ورتو.


    31. پهرين پيٽ پنجوءَ جو.............!

    “اڙي مون کي ان ماريي پنجوءَ ڏاڍو هلاک ڪيو آهي.”
    “ڇو پوپڙي ڇا ٿيو؟”
    “مون کي ٻڌاءءِ ته مون ماريي ڀڻيي کي ان لاءِ رکيو آهي نه ته منهنجي لاءِ کاڌو رڌي يا پنهنجي واسطي ويهي ديڳڙا ڀُڃي.”
    “سولو ٻڌاءِ نه ته آخر ٿيو ڇا آهي؟”
    “ٻڌ موليءَ ماءُ... . . مان اڪيلي جيوء ڇا کائي ڇا کائيندس؟هڪ ٿڌي ٺڙي سبزي ۽ ٻه ڦلڪا ٻيو ڇا؟”
    “پر پرابلم ڪهڙو آهي؟”
    “مان چوانس منهنجي لاءِ هڪ ڀاڄي ٺاهه سو به گهٽ ٿيل ۽ گهٽ مصالحن سان پر هو ٽي ٽي سبزيون پيو رڌي سو به پنهنجي پسند جون! خوب مرچن مصالحن سان چڱي طرح ڀُڃي ڀُڃي”
    “ته منع ڪرينس نه”
    “ڇورو ٻڌي ڪٿي ٿو”
    “ته ڪاوڙ ڪرينس دٻ ڪڍينس”
    “دٻ ڪڍانس ۽ مان؟مون کي گهوگهو ڏيئي ڇڏي ته؟”
    “ڇا پيئي چوين؟هيڏو جهونو نوڪر آهي تنهنجو.”
    “جهونو آهي تڏهن ته رکي ويٺي آهيانس نه ته ڏسو ته اخبارن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون ڳالهيون پيون ڇپجن.”
    “سچي ڳالهه آهي نوڪرن کان ته ڊڄڻو ئي ٿو پوي.” موليءَ ماءُ ونائيندي چيو.
    “پوءِ رکو ڇو ٿيون نوڪر” موليءَ پيءُ کين وچ ۾ ٽوڪيندي چيو.
    “توهان کي خبر آهي ته ڇو ٿيون رکون اسين نوڪر پنهنجي سک جي لاءِ ٻيو ڇا؟”
    “پوءِ دُکي ته نه ٿيو.”
    “اڙي اسان کي ڳالهائڻ ڏيو نه.”
    هو ٽيئي پوپڙي،موليءَ ماءُ ۽ سندس گهوٽ شام جو گارڊن جي هڪ بينچ تي ويهي گپ شپ ڪري رهيا هئا.
    “هاڻي مان توهان کي پنهنجي راموءَ جي ڳالهه ٻڌايان”موليءَ ماءُ ڳالهه کي وڌائيندي چيو”رات پڇيو مانس ڇا ٿو رڌين ڊنر لاءِ”
    ته چوي ٿوڳ “اڄ منهنجو کاڌو ٻاهر آهي.”
    “ماريا تنهنجو کاڌو ٻاهر آهي ته ڇا اسان لاءِ ڪونه رڌيندين؟”
    “فرج ۾ منجهند جو پالڪ پنير جي سبزي رکي آهي اها توهان لاءِ ڪافي آهي چار مانيون توهان لاءِ پچائي ٿو وٺان.”
    “۽ تو ڪجهه ڪونه چيس”
    “مان به تو وانگر ئي ڊڄڻي آهيان.”
    “۽ توهان ؟” پوپڙيءَ مولي پيءُ ڏانهن نهاريو
    “اهو ڪم آهي گهر ڌياڻين جو مان انهن ڳالهين ۾ پوان ئي ڪونه”
    “ڪمال آهي! مان ته ٿيس اڪيلي توهين ته گهٽ ۾ گهٽ ٻه آهيو.”
    “ڇڏيو ان ڳالهه کي مون کي پنهنجو هڪ قصو ياد اچي ويو ٻڌنديون.”
    “ها ها ڇو نه ....... .......ٻڌايو نه.”
    “مان ٽرين ۾ سفر ڪري رهيو هوس.گاڏي هڪ اسٽيشن تي بيٺي ته سامهون هڪ سمبوسن جو اسٽال ڏٺم پنهنجي دريءَ مان هڪ ماڻهوءَ کي سڏي ۽ کيس چار رپيا ڏيئي چيم “ڀائي صاحب مهرباني ڪري ٻه سمبوسا آڻي ڏيوم.”
    وري خيال آيم “ويچارو مفت ۾ ڇو منهنجو ڪم ڪري؟” چار رپيا ٻيا ڏيئي چيو مانس”ٻه سمبوسا توهين به وٺي کائو” خبر اٿو ڇا ڪيائين
    “ڇا،
    .هن واپس اچي چار رپيا موٽايا چي “هن وٽ رڳو ٻه سمبوسا هئا سو مون کنيا”
    “ته توهان کي ڪونه مليا؟”
    “نه ڀائي هن جو کائڻ وڌيڪ ضروري هو” ۽ هو اچي ٽهڪن ۾ ءڻڪيو.
    “اڙي توهين کلو ڇو نه ٿيون ؟توهان کي کلڻ اچي ئي ڪونه ڇا؟”
    “آهي ته کِل جهڙي ڳالهه...................سڀني کي اچي پنهنجي لڳي آهي اهو ته ٿيو پهرين پٽ پنجوءَ جو ٻيا سڀ پوءِ ......”
    “ائين ئي سمجهو ۽ ائين سمجهي کِلو”


    32. هڪ به شوڪ سڀا ٿيڻ ڏي ، يار!

    جيئن ته اخبار واري ٻاهرين دروازي جي چير مان “ٽائيمس آف انڊيا” روزاني اخبار جي ڪاپي اندر وڌي.شيوڪرام ان اخبار کي جهٽ هٿ ۾ کڻي ورتو.هو ڪيتري دير کان اخبار جو بي صبريءَ سان انتظار ڪريرهيو هو.هن پهريون صفحو غور سان ڏٺو ٻيو ۽ پوءِ ٽيون ،چوٿين صفحي تي هن کي مطلب جي شيءِ نظر آئي.ها،اُتي سندس ڦوٽو هو اڇو ۽ ڪارو نه تمام ننڍو نه تمام وڏو.....پر چڱيري سائيز هو ۽ چٽو به هو.هون کي خوشيءَ ڀريو سنتوش مليو مٿان سرو لکيل هو:
    اڳيون ڪارپوريٽر ۽ سماج شيوڪ شري شيوڪرام هن جهان ۾ نه رهيو.
    مشهور سماج شيوڪ شيوڪرام صبوح جو سويل پنهنجي دوست شري مرچو مل سان جُو هُو بيچ تي واريءَ تي چهل قدمي ڪري رهيو هو ته اچانڪ ساگر جي هڪ لهر هن کي پاڻ سان کڻي وئي.سندس ساٿيءَ مدد لاءِ واڪا ڪيا .هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي.پر هن جو جسم سمنڊ ۾ غائب ٿي ويو.پوليس جي تفتيش کانپوءِ هن جا ڦاقٽل ڪپڙا ۽ جُتي جو پادر مليا آهن.جنهن مان لڳي ٿو ته هن جو عموما موت ٿي ويو آهي.هن جيون جو ڳپل حصو سماج شيوا کي ارپڻ ڪيو هو ۽ هن نسوارٿ شيوا جا ڪاريه ڪيا هئا.هن جي ديهانت جو ٻڌي ماڻهن ۾ دک جي لهر ڇانئجي ويئي آهي.
    هن جي واکاڻ ۾ اٺ ڏهه سٽون ٻيون به لکيون ويون هيون.اهو سڀ پڙهي هنکي سنتوش مليو.پر اڃا پورو نه هو پنهنجي ساٿي مرچو مل جو انتظار ڪرڻ لڳو جيڪو ٻيون اخبارون کڻي اچڻ وارو هو.
    شيوڪرام هڪ ووادي شخص هو هن سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ مختلف گروهه هئا.جن جو هن جي مخالفت ڪندا هئا.پنهنجي کليل ۽ بيباڪ سڀاءَ سبب هن کي دوستن کان وڌيڪ دشمن هئا.هن سماج لاءِ گهڻو ڪجهه ڪيو هو ۽ ماڻهن جي دل وجان سان شيوا ڪئي هئي.هن ڪارپوريٽر جي حيثيت ۾ نوان نوان سڌارا به ڪيا هئا.هن کي اهو احساس هو ته پبلڪ هن جو ايترو قدر نه ڪيو هو.جيتري جو هو لائق هو.
    ٽي ڏهاڙا اڳ هن مرچو مل کي پنهنجي دل جي ڳالهه ٻڌائي هئي مرڄو مل هن جو ٻالپڻ جو ساٿي ۽ گهرو دوست هو.شيوڪرام جا هن تي گهڻا ئي ٿورا هئا.
    “سالن کان منهنجي هڪ دلي اپلاکا رهي آهي؟”
    “ها يار ڪهڙي آهي اها اپلاکا”
    “توکي سڌ آهي ته مون پنهنجي وت آهر غريبن ۽ گهرجائو ماڻهن جي مدد ڪئي آهي.مون کي ڪي ماڻهو پسند ڪن ٿا ۽ ڪيترا ئي ناپسند.تون ڄاڻين ٿو ته منهنجا وروڌي ماڻهو منهنجي خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائي رهيا آهن.مان جنتا جو پنهنجي باري ۾ رايو ڄاڻڻ چاهيان ٿو.”
    “؟اهو ڪيئن ڪيو ويندو”
    “ٻڌ دنيا جي اڳيان جي اها ڳالهه اچي ته مان پرلوڪ پڌاري ويو آهيان ته منهنجي باري ۾ ضرور اخبارن ۾ ايندو ۽ ماڻهو ڳالهائيندا.”
    “دوست تون سياڻو آهين توکي ته خبر هوندي ته مرڻ پڄاڻان ته دشمن به ڀلو ڳالهئيندا آهن.”
    “نه نه اهو ضروري ناهي منهنجي خواهش آهي ته ماڻهن ۾ اها خبر ڦهلائي وڃي ته مان سنسار مان ڪوچ ڪري ويو آهيان پوءِ ڏسون ته اخبارن ۾ منهنجي باري ۾ ڇا ٿو اچي.ڏسون ته شوڪ سڀائون وغيره ٿين ٿيون يا نه”
    “هي منهنجو دوست به الائي ڪهڙا ڪهڙا ويچار ٿو مغز ۾ پالي؟”مرچو مل سوچڻ لڳو.ظاهري طرح چيائين “پوءِ يار اهڙو ويچار عمل ۾ ڪيئن آڻڻ جو ارادو اٿيئي؟”
    “هيڏانهن ويجهو اچ ته توکي سڀ سمجهايان ٿو.”
    ٻئي ڏينهن صبوح جو سويل سج اڀرڻ کان اڳ ٻئي جدا جدا موٽرن ۾ جُوهُو سمنڊ جي ڪناري طرف وڌيا.مرچو مل پنهنجي وڍالا جي هڪ بيڊ روم واري فلئٽ جون ڪنجيون سيٺ شيوڪرام کي سونپيونهيون ۽ پاڻ سيٺ جي هڪ ڦاٽل قميص ۽ جُتيءَ جو پادر کڻي سمنڊ جي ڪناري تي پهچي ويو.ٻئي سمنڊ جي بلڪل ويجهو ڪناري جي ريت تي چهل قدمي ڪرڻ لڳا.ٿوري دير کانپوءِ سيٺ پاڻ ته هڪ موٽر اسٽارٽ ڪري نڪري ويو ۽ مرچو مل سيٺ جي قميص ۽ پادر سمنڊ جي حوالي ڪري ڇڏيا.جڏهن اهي ٻئي شيون هڪدم دور پهچ کان ٻاهر هليون ويون ته هن واڪا ڪرڻ شروع ڪيا.
    “بچايو بچايو.. ....،،سيٺ شيوڪرام کي سمنڊ جي لهر پاڻ سان کڻي ويئي.”صبوح جو سوجهرو ٿيڻ لڳو هو.ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو جيڪي هئا سي ڊوڙڻ لڳا.هڪ ٻن شخصن سمنڊ ۾ ڇلانگ به هنئي.مرچو مل پوليس کي فون ڪيو.ٿوري دير بعد ۾ پوليس پهچي ويئي.سمنڊ جي ڪناري وارا گارڊ پهچي ويا.سيٺ کي ڳولهڻ جي پرجوش ڪوشش شروع ٿي ويئي.هتان ايمبولينس تيار بيٺي هئي.هتان ٻيڙيون ۽ موٽر پوليس پنهنجي تلاش ۾ سرگردان هيون مگر سيٺ جي زنده يا مرده جسم کي هو ڳولهي نه سگهيا هئا.شام جو اٽڪل چئين لڳي هنن کي سيٺ جي ڦاٽل قميص ۽ جتيءَ جو پادر هٿ آيو.مڊ ڊي اخبار ۾ سيٺ جي گم ٿيڻ جون خبرون ڇپجي ويون”سيٺ شيوڪرام کي صبوح جو سئر ڪندي جُو هُو بيچ تي سمنڊ جي لهر پاڻ سان گڏ کڻي ويئي.هو اڃا تائين لاپتا آهي.”
    سيٺ جيئن تيئن اڪيلي سر ان وڊالا واري فلئٽ ۾ رات گذاري ۽ صبوح ساڻ هو اخبار جي خبر پڙهڻ لڳو.
    خوشقسمتيءَ سان شيپڪرام ڇڙوڇانڊ هو.هن شادي ڪانه ڪئي هئي.کيس نه ٻار هو نه ٻچو ۽ نه ئي ڪو پريوار.پرين مائٽن کانسواءِ هن ڪو خاص سنبنڌي هئو ڪونه.ها دوست بيشمار هئس.
    صبوح جو مرچو مل شهر جون سڀ روزانيون اخبارون کڻي اچي سيٺ جي سامهون ڦهلايون”هان هيءُ وٺ پنهنجو املهه ذخيرو”
    سيٺ کي ٻيو ڇا گهربو هو.هر هڪ اخبار ڻ سيٺ جي سارهه جا چٺا ڇپيل هئا.ساکن جون پليون ٻڌل هيون.ڪن ساراهه جا ڍڪ ڀريا ته ڪن ڳيتون پئي پيتيون.
    هو پنهنجي کيتر جو بيتاج بادشاهه هو”
    “هن جهڙو نسوارٿي سماج شيوڪ چراغ کڻي ڳولهڻ سان به ڪونه ملندو.”
    “هو هن دکي سنسار لاءِ سک جو سنديشو کڻي آيو هو”
    “هو اونداهي دنيا جو هڪ پرنور ڏيئو هو.”
    “.هڪ چمڪندڙ لاٽ هئي.”
    “هو جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر اهڙو شفاف دل انسان وري ڪٿان ملندو؟”
    “سماجڪ کيتر ۾ هڪ دور جو انت ٿيو.هڪ نئين دور جي شروعات جنهن جو مستقبل سياهه آهي.”
    “هو هڪ ڪوهنور هيرو هو”
    “سيٺ شيوڪرام هڪ سچو شيوڌاري”
    سيٺ شيوڪرام کڳيون هڻڻ لڳو.منهنجي جيون سڦلي ٿي ويئي مون جيڪي چاهيو مون کي مليو.
    واهه واهه ماڻهن مون کي صحيح سڇاتو.
    “هاڻي دوست تون پنهنجي جڳهه تي واپس پهچي وڃين ته بهتر ٿيندو.سڀاڻي ڪنهن به حالت ۾ منهنجي زندهه هجڻ جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ گهرجن.”
    “يار هڪ ٻه شوڪ سڀا ٿي وڃي”
    “نه نه اصل به نه ورنه تڪليف ۾ اچي وينداسين.”
    “مگر واپس وڃڻ جي رٿ ڪهڙي آهي؟”
    “هنڀيري مان توکي سمجهايان ..ٻڌ سنجها ٿيڻ کان اڳ ڪارو چشمو ،ٽوپي ۽ ڦاٽل پتلون پهري پنهنجي چهري کي اڌگابرو ڍڪي ناريمن پائنٽ جي ڏاڻي ڀر پهچي وڃ.ڪالهه صبوح جو هوا جو رخ ڏکڻ طرف هو.مون پڇا ڪئي آهي.لهرن کي ان طرف وڃڻ گهرجي.تون قميص لاهي هڪ هنڌ ويهي رهه.مان جلدي اتي پهچي ويندس.توکي موٽر ۾ وجهي پوليس کي تنهنجي لڀجڻ جي خبر ڏيندس ۽ اتي ئي پنهنجي دوست ۽ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ ۾ تنهنجي ملم پٽي ڪرائيندس ۽ آبرو دار ڪپڙا پهرڻ لاءِ ڏيندس.”
    “ملم پٽي؟”
    “اهو ته ڪرڻو ئي پوندونه! تون پنهنجي ننهن سان پاڻ کي رهنڊون پائي وٺ نه ته مان توکي پايان؟”اڳيان وڌي ٿو.
    “ٺيڪ آهي .................ٺيڪ آهي ڇڏ مون کي ٿي ويندو”
    “شايد رات جو ڪلنڪ ۾ وهڻو پوي.شايد نه به رهڻو پوي.پوليس اچڻ کان پوءِ توکي پنهنجي گهر پهچائيندس.تنهن کانپوءِ تون سنڀالي وٺج.”
    مرچو مل پنهنجي ٽي وي چالو رکي هئي.ان وقت خبرون اچي رهيون هيون.اچانڪ سيٺ شيوڪرام جو نالو ٻڌي هنن ٻنهي جا ڪن سرلا ٿيا.خبر هن طرح هئي.
    “ممبئي شهر جي مشهور سماج شيوڪ شيوڪرام جنهن کي جهُو ڪناري تي لهرون پاڻ سان کڻي ويون هيون جو لاش برآمد ٿيو آهي.لاش جو چهرو سڃاڻن کان ٻاهر آهي.مگر پوليس وارن جو چوڻ آهي ته اهو شيوڪرام جو ئي آهي.”ٻئي دوست اکيون ڦاڙي هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا.
    “هل اسان کي هاڻي ئي نڪرڻو پوندو.ڪڍ پنهنجو چشمو ۽ مڦلر ٻاهر.”
    “يار هڪ ٻه شوڪ سڀا ٿيڻ ڏي نه”
    هاڻي بس ڪر گهڻو ٿيو.”


    33. بچايو...........

    “پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو ! توهين ڪلپنا ڪريو ته توهين هماليه پهاڙ جي اوچي ۾ اوچي شکر مائونٽ ايورسٽ تي بيٺا آهيو.چئني طرف آهن برف سان ڍڪيل ننڍيون چوٽيون.اچانڪ ڪير هزارين ٽنن جا رفائينڊ تيل جا هزارين دٻا انهن چوتين تان هاريندو ٿو وڃي.اهو تيل لسي برف طان ترڪندو هيٺ ڀيانڪ کاهين ۾ کوهجي ٿو وڃي.”
    “هاڻي وري پنهنجي تصور ۾ ڏسو مٺي شڌ کير جي ٺهيل مٺي شڌ ڏهيءَ کان خوب ولوڙيو ويو آهي.مٿان خوشبودار پکڙيل پئي آهي.اتي ان لسي جون هزارين چاڏيون رکيون آهن.هزارن جي تعداد ۾ ۽..............
    انهن کي پهاڙن تي ليٽايو ٿو وڃي.لسيءَ جي ندين کي نه رڳو برف ٿڌو ڪري رهي آهي پر ڪٿي ڪٿي لسي پاڻ به برف ٿيندي پئي وڃي.پر گهڻي لسي گهاٽيءَ جي اونداهيءَ ۾ غرق ٿي ٿي وڃي.
    سڀ درشڪ حيرت ۾ دنگ منتري صاحب جو زوردار ڀاشڻ سُڻي رهيا آهن.ڪن جا وات ڦاتل ته ڪن جون ڏندن هيٺيان آڱريون.
    “ يا بيسڻ جا مڻ ئي مڻ آهن انهن ۾ بصر جو مصالحو ،ڪوتمير ۽ ساوا مرچ وجهي ذائقيدار پڪوڙا تيار ڪيا پيا وڃن ۽ انهن گرم گرم پڪوڙن کي هماليه جي چوٽي تان ڦٽو ڪيو پيو وڃي.”
    ڪن درشڪن جي واتن مان آه نڪري وئي ۽ ڪي وري پنهنجن چپن تي چپ ڦيرڻ لڳا.
    “هاڻي ٻڌايو توهين ٻڌايو ان کي ڪهڙو نالو ڏيان؟اهو قومي نقصان آهي يا نه؟ نئشنل لاس آهي يا نه؟
    سڀني پنهنجا ڪنڌ ڌوڻيا.
    “ته اهڙي ئي نموني جڏهن اوهين هڪ ڪمري مان ٻئي ۾ وڃو ٿا ۽ اوهان کي بتي وسائڻ وسري ٿي وڃي يا پنکو بند ڪرڻ وسري ٿو وڃي ۽ اهڙي نموني هزارين ماڻهو ائين ڪن ٿا ته اهو به اهڙو ئي قومي نقصان آهي.جهڙو جبل تي هزارين تيل جي دٻن جو ڪرڻ لسيءَ جو ڪنچنچنگا تان هارجڻ يا پڪوڙن جو کاهيءَ ۾ گم ٿي وڃڻ.”
    تاڙين سان هال گونجڻ لڳو.منسٽر پنهنجن ڏندن واري مسڪراهٽ سان چوڌاري نهاريو ۽ اوچن هٿن سان سنتوش ڀريو نمسڪار ڪيو.
    سندس وڏي شاهي موٽر تيار بيٺي هئا.موٽرن جي قطار ۾ ٻيا ماڻهو به ويهجي ويا.ڳاڙهي گهمندڙ لائيٽ واري موٽر جي پٺيان ٻين موٽرون ،جيپون وردي پهريل پوليس وارن جون موٽر سائڪليون سائرن جي آواز سان گڏ ڳاڙهيون بتيون بندوقون وائرليس سيٽ ڊوڙڻ لڳا……..


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 493
    ڪتابن جو مشاهدو: 468540
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 187990
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ