ڪتاب جو نالو: گوري گهاگهر ۽ گوندر
مصنف: ڀوَن سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 408 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 185 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب 15 پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. هو لکي ٿو:
”ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان نا انصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ڪتاب بابت
  • پهرئين ڇاپي لاءِ ٻه اکر
  • ٻئي ڇاپي لاءِ ٻه اکر
  • گوري گهاگهر ۽ گوندر (پرڏيهي ڪهاڻيون)

  • رتن جوت جا گل
  • هڪ تنهنجي لاء
  • گوري، گهاگهر ۽ گوندر
  • ڪرسمس جو وڻ
  • ڇهون فرمان
  • نارنگيون
  • اڻ کٽ قافلا
  • پرڀات جو جنم
  • سعديءَ جي آخري بهار
  • سوکڙي
  • توکي مرڻ گهرجي...!؟
  • نيسو منهنجو دوست
  • ڌرتي منهنجي ماءُ
  • هوءَ ڪير هئي؟
  • ازلي اُڃ

  • سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب 15 پرڏيهي ڪهاڻين جو سنڌي ترجمو آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. هو لکي ٿو:
    ”ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻو پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان نا انصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: گوري گهاگهر ۽ گوندر
    موضوع: پرڏيهي ڪهاڻيون
    سنڌيڪار: ڀون سنڌي
    ٽائيٽل ڊزائين: زاهد
    ڪئليگرافي: عڪس
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: فيبروري 1985ع
    ڇاپو ٻيو: مارچ 2015ع
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-32115821

    مُلهه : 150/=


    پهرئين ڇاپي لاءِ ٻه اکر

    مون هي ترجمو ڇو ڪيو؟
    سانڀر ۾ اچڻ کان پوءِ، جيئن ئي پرڏيهي ادب پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي لڳو ته، منهنجي ديس واسين وانگر، پرڏيهه ۾ رهندڙ انسانن جون به، ساڳيون پيڙائون ۽ ساڳيون خوشيون آهن. سڄي ڌرتيءَ تي پلجندڙ انسان جا مسئلا، مطالبا، مقصد، احساس، پيار ۽ نفرت جا ماڻ، ساڳيا آهن. منهنجي ڏيهه جي ڪلاڪار جيان پرڏيهه جي ڪلاڪار جو به، ساڳيو آدرش آهي. فرق رڳو اهو آهي ته هرڪو ڪلاڪار ان آدرش کي ماڻڻ، ۽ جڳ ۾ سونهن ۽ سچائي اوتڻ لاءِ، پنهنجي ماحول، پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪردارن، ۽ واقعن کي قلم جي نوڪ ذريعي ڪاڳر تي منتقل ڪري ٿو.
    ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ سڀ سچا ڪلاڪار، سونهن ۽ سچائيءَ جي انهيءَ اڻمٽ رشتي ۾ ڳنڍيل آهن، جيڪو ڌرتيءَ ۾ پاتل ڦارن ۽ ليڪن، ۽ انسانن جي وچ ۾ وڌل ويڇن کان، بي نياز ۽ بالاتر آهي.
    شايد انهيءَ ئي رشتي، مون کي هن ترجمي ڪرڻ تي اتساهيو ته جيئن، آءٌ پرڏيهه جي پيڙائن ۽ خوشين کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن ۾ ورهايان.
    جيتريقدر ترجمي جي ڏانءُ، فن، ۽ ٽڪنڪ سان نڀائڻ جو تعلق آهي ته، آءٌ ٻي ٻوليءَ جي مزاج، ماحول، محاورن، بيهڪ ۽ انداز (اسٽائيل) کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پنهنجائپ ڏيڻ ۽ ان کي پنهنجي ڌرتيءَ جي رنگ ۾ رڱڻ ۾ ڪيتريقدر ڪامياب ويو آهيان؟ بجاءِ پاڻ ڪنهن ٽيڪاٽپڻي ڪرڻ جي، آءٌ اهو فيصلو پڙهندڙ، نقاد ۽ وقت تي ڇڏي ڏيڻ بهتر ٿو سمجهان.

    ڀوَن سنڌي
    ٽنڊو باگو
    20 جولاءِ 1984ع


    ٻئي ڇاپي لاءِ ٻه اکر

    فيس بڪ تي جڏهن سنڌي انعام سان ملاقات ٿي ته، هن پهريون سوال اهو ڪيو ته، سائين جي آءٌ نٿو ڀلجان ته توهان اُهي ئي ساڳيا ڀون سنڌي آهيو. جنهنجو ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جي نالي سان ڪهاڻين جو ڪتاب ترجمو ٿيل آهي. مون کيس هائوڪار ۾ ورندي ڏني ته هن چيو : ننڍي هوندي کان اسان کي جنهن ادب اُتساهيو آهي ۽ شعوري اوسر ڪئي آهي اُن ۾ جن ڪتابن جو هٿ آهي تن ۾ ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ به شامل آهي. جي اجازت ڏيو ته آءٌ اُن سڄي ڪتاب کي ٻيهر شايع ڪريان.
    حيرت جي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪن واقعن جي ڪڙي به عجيب طريقي سان پاڻ ۾ ملي ٿي. ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جو پهريون ڇاپو به ان انداز سان مارڪيٽ ۾ آيو. اها 1984ع جي ڳالهه آهي ٿيو ايئن جو ڪنهن ڪم سانگي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وڃڻ ٿيو. اُتي نثار حسينيءَ سان ملاقات ٿي ڳالهين ڳالهين ۾ نثار حسيني پڇيو : اڄ ڪلهه شاعري کانسواءِ ٻيو ڇا پيو لکين ؟ مون چيو : اڄڪلهه مون تي پرڏيهي ادب جو ڀوت سوار آهي، سو پرڏيهي ڪهاڻيون پيو ترجمو ڪريان. نثار حسيني ٺهه ٺهه چيو : ڪهاڻيون مون کي ڏي ته مان آگم پبلشنگ ايجنسي طرفان ڇپرايان. ايئن ئي ڳالهين ڳالهين ۾ ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچي ويو. ٻنهي واقعن ۾ هڪجهڙائي ايئن آهي ته نثار حسيني به اُن وقت آگم پبلشنگ ايجنسي پاران نئون نياپو رسالو ڪڍندو هو ۽ سنڌي انعام به نئون نياپو نالي سان پبلڪيشن هلائي ٿو.
    تقريبن ٽيهن سالن کان پوءِ ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ جوهي ٻيو ڇاپو اچي رهيو آهي. اُن وقت ۽ هن وقت تائين ڪافي حالتون بدلجي چڪيون آهن. ڪئين نظام ڊهي ته وري ڪئين اڏجي چڪا آهن. ذهنن جي اوسر ۽ سماجن ۾ تبديلي وقت سان گڏ ڪلاڪارن کي نوان موضوع، نوان اسلوب ۽ گهاڙيٽا عطا ڪيا آهن. پر پوءِ به سموري ڌرتي تي وسندڙ ماڻهن جا جذبا، خواهشون ۽ احساس هڪڙي ئي مالا ۾ پويل آهن. درد جو روح سان رشتو جيڪو پاتال کان به گهرو آهي ۽ خوشين جو ڪينواس جيڪو آڪاش جي وشالتا کان به وسيع آهي.سدائين من اندر ۾ ڇوليون هڻندو رهيو آهي ۽ رهندو. اُنهيءَ جي ڌارا ڪڏهن به سڪڻي ناهي ۽ نه ئي اُن جي تند ٽٽي آهي. ”گوري گهاگهر ۽ گوندر“ ۾ آيل هي ڪهاڻيون به اُن وهندڙ ڌارا ۽ نه ڇڄندڙ تند جو حصو آهن. جيڪي انسان جي لطيف ۽ ڪومل جذبن کي هميشه پاڻ ڏي ڇڪينديون رهنديون.
    ترجمو تخليقي ادب ۾ اچي ٿو يا نه. ان بحث ۾ آءٌ پوڻ نه ٿو چاهيان. پر مان ڄاڻان ٿو ته ترجمو ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڀوڳنائن کي ڀوڳڻون پوي ٿو. سڀ کان پهرين ڪهاڻين جي چونڊ، جنهن لاءِ انيڪ ڪهاڻيون پڙهڻيون پون ٿيون پوءِ اُنهن مان پنهنجي ماحول، حالتن ۽ مزاج سان ٺهڪي ايندڙ ڪهاڻين جي چونڊ ڪرڻي پوي ٿي. اُن کان پوءِ ترجمي ڪرڻ مهل اهو به خيال رکڻو پوي ٿو ته جنهن ماحول مان اها ڪهاڻي کنئي وئي آهي اُن سان ناانصافي نه ٿئي ۽ ساڳئي وقت اُن کي پنهنجي ماحول ۾ اهڙي ريت سموئجي جيئن اوپرائپ جو احساس به نه ٿئي. هر ٻولي جي پنهنجي سونهن آهي ۽ اُن جي محاورن جي پنهنجي بيهڪ آهي، ترجمي ۾ خاص طور تي ٻولي ۽ محاورن جي بيهڪ کي پنهنجو روپ ڏيڻ جبل چوٽي سر ڪرڻ کان گهٽ ناهي. ڪڏهن ڪڏهن ته محسوس ٿيندو آهي ته ترجمو ڪرڻ پنهنجي تخليقي پورهئي کان به وڌيڪ ڏکيو ۽ ٿڪائيندڙ ڪم آهي.
    اهو ئي سبب آهي جو ڪڏهن ته دل ڀرجي ۽ ٿڪجي پوندي آهي دل چوندي آهي ته جنهن پورهئي تي پنهنجو نالو نشان به نه هجي اُن لاءِ ايترو رت ڇو ولوڙجي ؟ پر وري جڏهن ڪي چڱا خيال، نوان لاڙا ۽ سچ سان سجيل رستا اُن پرڏيهي ادب مان ڪر کڻي اُٿندا آهن ته دل جا چار ئي طبق روشن ٿي ويندا آهن ۽ دل بي اختيار چئي ڏيندي آهي ته جنهن جوت منهنجو اندر روشن ڪيو آهي ۽ روح ريجهايو آهي، اُن تي منهنجي ديس واسين جو به اوترو ئي حق آهي جيترو منهنجو پنهنجو. شايد انهي ئي جذبي تحت مون پنهنجو ترجمي جو سفر جاري رکيو آهي ۽ جلد ئي هڪ ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو اوهان جي هٿن ۾ هوندو.
    گوري گهاگهر ۽ گوندر جي ٻي ڇاپي تي پڙهندڙن کان ترجمي جي ڏانءَ، فن، ٻولي، سٽاءُ ۽ ٽيڪنڪ تي راءِ وٺڻ منهنجي خيال ۾ اجايو ورجاءُ ٿيندو.
    -ڀوَن سنڌي
    حيدر آباد


    گوري گهاگهر ۽ گوندر (پرڏيهي ڪهاڻيون)

    رتن جوت جا گل

    آئڪسل بئڪنتاس

    ڪئگوبردا جبل جي چوٽي سڄو سال ڪڪرن ۾ ڍڪيل رهي. قلعي کي ڏسندي ائين لڳو ٿي ته ڄڻ، سفيد ديوارن ۾ ڪارا ڪارا اوچا منارا کتل هجن. پري کان ائين محسوس ٿيو ٿي ته ڄڻ، محافظ ڪوٽ جي ڀتين تي پهرو ڏيئي رهيا هجن ۽ قلعي جي لوهي دروازن کي تالا لڳل هجن. ڪيڏي مهل لڳو ٿي ته ڪنهن اجنبي شخص کي، جبل تي چڙهندي اوچتو ڏسي وٺڻ تي، محافظ حرڪت ۾ اچي ويا هجن.
    پر جڏهن هوا ڪڪرن کي ڇڙوڇڙ ڪريو ڇڏيو ۽ مٽيءَ جا ذرڙا هوا ۾ ضم ٿيو وڃن، ته سڀ کان پهرين منارن جون چوٽيون ظاهر ٿين ٿيون ۽ پوءِ قلعي جون ديوارون، جيڪي اڌ ڌرتيءَ ۾ کتل آهن. نه هتي ڪي لوهي دروازا لڳل آهن، ۽ نه ئي ڪي محافظ پهرو ڏيئي رهيا آهن.
    ماٺ ڪئگوبردا جي کنڊرات تي حڪمراني ڪري ٿي. فقط سرڪش باسوط جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو توب خاني مان ٿيندو سنگ مرمر جي ڀتين سان ٽڪرائيندو اڳتي نڪري وڃي ٿو. جتي هزارين بگهڙ پاڻيءَ جي جهرڻن ڀرسان رڙيون ڪندي ۽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ پاتل لوهي پٽن کي چڪ هڻندي نظر اچن ٿا.
    شڪرن ۽ ڳجهين قلعي جي ڀتين ۾ پنهنجا آکيرا ٺاهيا آهن. پهرين هنن ڦڙ ڦڙ ڪندي پير کنيا ۽ پوءِ، گوڙ ۽ شور ڪندا کنڊراتن مٿان گولائيءَ ۾ اڏامڻ لڳا. اڃان ٿوري دير ئي نه گذري، جو جابلو سرڻ به، ساڻن شامل ٿي ويئي. هن جي چهنب تلوار جهڙي، چنبا ڀالي جيان نوڪدار ۽ پک ڪوٽ جي زرهه جهڙا آهن.
    ڪئگوبردا تي جيڪو سڀ کان وڌيڪ قداور گل پيدا ٿئي ٿو، اهو رتن جوت آهي. خون جيان لال، سندس ڏانڊي اهڙي جهڙا تتر جا پير. گل کنڊرن ۾ پنهنجي مست جوڀن سان کِڙي ٿو. جڏهن بادل، اداس ۽ ويران قلعي جي ديوارن مٿان، اچي بيهن ٿا. تڏهن ڏانڊي هيٺ نمي ٿي ته جيئن گل پنهنجو مٿو پهاڙ تي ليٽائي سگهي. پوپٽ گل جي گود ۾ ويهندي، گل کي هندوري جيان محسوس ڪري ٿو ۽ دنيا کيس ڪرمچي جي گل جيان تازي تواني، سندر ۽ خوشبوءَ سان واسيل ڀاسي ٿي.
    پريان هيٺ باسوط جي سامهون، توبخاني جي ڀرسان ڪافي ڪمرا آهن. صبح جي وقت ۾ ڇت جي ننڍڙن گول سوراخن مان، دونهان اٿن ٿا جيڪي آسمان سان ملي ڪڪرن ۾ گم ٿي وڃن ٿا. ٻنپهرن جي سخت گرميءَ ۾، ڪڪڙ ڪڪڙوڪو ڪري ٿو ۽ ڪو جهور پوڙهو پنهنجي گهر جي ڇانو ۾، اوٻاسيون ڏيندي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي وڃي ٿو. ۽ واقعن کي گڏ ڪرڻ لاءِ واريءَ ۾ اڱرين سان ليڪا ڪڍي ٿو.
    ڪيترا نسل هتي پنهنجون حياتيون گهاري ويا هوندا؟! ڪيترن ماڻهن جا، هتي پير پٿون ۽ لٽا ليڙون ٿيا هوندا؟! ڪيترن هتي جي ڪکن پنن ۽ ڪاٺ کي اجهي طور استعمال ڪيو هوندو؟! بهار جي مند ۾، جڏهن رتن جوت ڪئگوبردا جي لاهين تي، پنهنجي ڦوهه جوانيءَ سان ڦولاربا هوندا، تڏهن ڪيترا ڌراڙ، ڌڻ چارڻ جبلن تي ويا هوندا ۽ واپسيءَ ۾ پنهنجن پلاندن ۾ پنر ڀريو هوندن ۽ سياري ۾ ان کي ٻاجهر جي مانيءَ سان کاڌو هوندن؟
    هڪ تتيءَ ويل جو ٽي گهوڙي سوار، ڪئگوبردا جي جبل تي پهتا. ٽن مان ٻن جي لباس ۽ گهوڙن تي چڙهڻ جي انداز مان لڳو ٿي ته، هو ڪنهن شهر جا رهاڪو هئا، ۽ انهن هن کان اڳ، قلعو ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
    ٽيون ماڻهو انهن جو سونهون هو. ٻيئي ماڻهو، گهوڙي جي هني کي سوگهو جهلي ويٺا هئا. جڏهن ته ٽيون ماڻهو، گهوڙي تي لڏي لمي رهيو هو ۽ گيت جهونگاري رهيو هو. هڪ اداس ۽ اٻاڻڪو گيت! سندس گيت ۾، ويران توبخاني جهڙي نراسائي ۽ اُڀي ٽڪري ۽ ڏور اڏيل ڳوٺ تي ڇانيل مايوسيءَ جو ذڪر هو.
    قلعو ڪڪرن ۾ ائين ڍڪيل نظر اچي رهيو هو، جيئن ڪا عورت، برقعي ۾ نظر ايندي آهي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ڪڪرن پردي جيان رسڪي، قلعي جي ديوارن ۽ چوٽين کي ظاهر ڪيو ٿي ۽ وري ڍڪي ٿي ڇڏيو. پهريون گهوڙيسوار، پنهنجين نظرن کي ديوار مان پار ڪري، نٿي ڏسي سگهيو. هن جي ذهن جي پردي تي، قلعي سان لاڳاپيل ڏند ڪٿائون گهمڻ لڳيون: جڏهن هتي شهزادا راڄ ڪندا هئا ۽ جڏهن هٿيارن سان سٿيل گهوڙا، لوهي دروازي جو ٻاهريون رستو لتاڙيندا هئا ۽ ويڙهاڪ سپاهي پنهنجون تلوارون گهمائيندا، جنگ جي ميدان مان موٽندا هئا. اهي سڀ آکاڻيون وقت سان گڏ، تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ٿي ويون هيون. اهي هڪ آثار قديمه جي ماهر جون اکيون هيون. هو هاڻ ڏسي سگهيو ٿي، اهي جوڌا ۽ انهن جي شان ۾ ڳائيندڙ شاعر. انهن جا تيز وهندڙ قلم ۽ اُنهن مان نڪرندڙ چڀندڙ اکر. هاڻ هو ٻڌي سگهيو ٿي، جنگي گهوڙن جي سنبن جا آواز. هن کي اڀي ٽڪريءَ تي چڙهڻ ۾ ڪيڏي نه تڪليف ٿي رهي هئي. جڏهن ته پراڻي نسل جا ماڻهو جابلو ٻڪري جيان، آسانيءَ سان جبل جون چاڙهيون چڙهي سگهيا ٿي.
    هو نيٺ اچي ڳوٺ پهتا. پهريون گهوڙي سوار، قديم رستي تي هلڻ لڳو. هن کي ڪو به ٻار ڌوڙ ۾ ڪڏندي نظر نه آيو. ۽ نه ئي ڪو ٻاڪرو ڌڻ هن ڏانهن حيرت ڀرين نظرن سان نهاريندي سندس ڀرسان گذريو.
    ٻيو گهوڙي سوار جنهن کي ڏسندي لڳو ٿي ته هو ڪئگوبردا جي چوٽيءَ تي ماضيءَ ۾ آيل وهڪرن جي ڳولا لاءِ ڪو نه آيو هو. هن جي ڪل پونجي هڪ ڊرائينگ پيڊ ۽ پينسل هئي. جيئن ئي هن کي ڪو چهرو، يا ساوڪ سان سٿيل پهاڙي ڏيکائي ٿي ڏني هن ان کي پينسل جي ذريعي ڊرائينگ پيڊ تي منتقل ڪيو ٿي.
    هو جڏهن پهرئين گهر جي ويجهو پهتا، ته ڪيترائي ڪتا، انهن تي الرون ڪندا آيا. ڪتن جي ڀونڪڻ جو آواز ٻڌي، ڪيترائي ماڻهو ڏيڍيءَ مان ليئو پائي انهن کي ڏسڻ لڳا.
    ٻارڙا جيڪي مٽيءَ ۾ کيڏي رهيا هئا، گهوڙن جي پويان ڪتن کي ڀونڪندي ڏٺو. سونهين ڪتن کي چهبڪ سان اُلرون ڪندي، ڀڄائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اجائي ويئي. ڪتن قلعي جي ديوار تائين سندن پيڇو ڪيو ۽ ان کان پوءِ هو پوئتي مڙيا ۽ ڀڄي ويا.
    قلعي جي پٿرن ۾، ڄڻ ته ساهه پئجي ويو هو. هو آثار قديمه جي ماهر سان ڳالهائڻ لڳا، هو هڪ هڪ پٿر جي ويجهو ويو، انهن کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري، انهن جو اڀياس ڪرڻ لڳو. هو پير جي آڱر سان زمين کوٽي، ان مان ظاهر ٿيندڙ پٿرن کي چتائي ڏسڻ لڳو. آخر ۾ هو ديوار تي چڙهي ويو ۽ مناري جي ننڍڙي سوراخ وٽ اک رکي، اندر جانچڻ لڳو. هو ديوار ۾ پيل ڏارن کي نوٽ بڪ ۾ درج ڪندي، ڏاڍيان رڙيون ڪندي ڳالهائڻ لڳو.
    سونهون گهوڙي کي ٻڌي، ديوار کي ٽيڪ ڏيئي سگريٽ پي رهيو هو. هو زوردار رڙين تي، پيرن ڀر اٿي بيهي رهيو. هن سوچيو ته، شايد شيش محل ۾ موجود ماڻهوءَ کي نانگ ڏنگي وڌو آهي.
    فنڪار ديوار ۾ پيل ڏارن جو ۽ نوڪدار مناري جو خاڪو ٺاهي رهيو هو. جڏهن هن قلعي جو گيٽ ٺاهي ورتو ته هن جي پينسل هوا ۾ ئي ساڪن رهجي ويئي. هن جي پيرن جي آواز تي ڳجهه آکيري مان اُڏري مناري مٿان لامارا ڏيڻ لڳي. ٻيون ڳجهيون به کنڀ ڦڙڪائينديون اڏامڻ لڳيون.
    گهوڙا ڊپ وگهي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي ويا. جڏهن آثار قديمه جي ماهر، رڙيون ڪري اعلان ڪيو ته هن شهزادي باقر جو، دفن ٿيل تاج ڳولهي لڌو آهي ته فنڪار کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته، هو ڇا بابت ڳالهائي رهيو هو. هو اصل ۾، اڏامندڙ ڳجهين جي زوردار ڦڙ ڦڙ جو، پيڇو ڪري رهيو هو. ۽ هنن جي رت جهڙين ڳاڙهين چهنبن کي چتائي ڏسي رهيو هو. هن کي سندن گهيري ۾ چڪر ڪاٽڻ، ڪنهن به معجزي کان گهٽ نه لڳو. هن کي خيال ئي نه رهيو ته ڪيڏي مهل هن جو ٽوپلو هن جي مٿي تان اڏامي، هن جي هيٺان جبل جي چوٽيءَ تي وڃي ڪريو.
    هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو، جنهن جي ور ۾ ڏانٽو ۽ مٿي تي پٽڪو ٻڌل هو، جبل جي چاڙهي چڙهي سونهين جي ويجهو آيو. هن اجنبي گهوڙي سوارن کي، جبل ۾ لڳل شيشي مان ڏٺو هو. جڏهن ڳوٺاڻي سونهين کان، انهن اجنبي گهوڙي سوارن بابت پڇيو ۽ معلوم ڪرڻ چاهيو ته، هو ڇو پراڻن کنڊرن ۾ گهمي رهيا آهن، ته هو ڪو به تسلي بخش جواب ڏئي نه سگهيو ۽ پوءِ ڳوٺاڻي خود ئي چيو ته ڪئگوبردا جي اوتانهين چوٽين تي، ڪنهن نامعلوم هنڌ تي سونن سڪن سان ڀريل هڪ دلو دفن ٿيل آهي.
    ڳوٺاڻو ڪجهه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ، هو مڙيو ۽ واپس چاڙهيون لهي، توبخاني جي طرف ٻاجهر جي کيت طرف هلڻ لڳو. هو هلندي هلندي، پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو: ’ڪيڏو نه ڀلو ٿئي جي قلعي ۾ دفن ٿيل خزانو هٿ چڙهي وڃي، ڪاش مون کي دفن ٿيل خزاني جي سڌ هجي ها! ته ڪر مان ان مان کوڙ ڍڳيون خريد ڪريان ها....‘ اهي پور پچائيندو هو اچي کيت ۾ پهتو. پنهنجي واسڪوٽي لاهي، اجاين خيالن کي پاسي ڪري، فصل لُڻڻ لڳي ويو.
    رتن جوت کنڊرن ۾ جهولي رهيو هو. پر آثار قديمه جي ماهر، ان تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي سندس ڌيان رتن جوت يا جبل تي وڇايل سائو گاهه، ڇڪائي سگهيو. سڀ ڪجهه سندس پيرن هيٺان اچي چيپاٽجي ٿي ويو.
    هن جي اڳيان دنيا، هڪ وڏو عجائب گهر هئي جنهن ۾ ڪابه ساهه واري شيءِ، موجود ڪانه هئي. هن عشق پيچ جي هڪ وڏي جهڳٽي مان، جيڪو جبل کي ڀاڪر ۾ وراڪيو بيٺو هو، هڪ گل پٽيو. هن رتن جوت جو گل، جيڪو جبل جي ڦار ۾ لڏي رهيو هو پٽيو. هن پٿرن تي پيار مان هٿ گهمايو ۽ انهن تان مٽي هٽائي، جيڪا انهن تي اڪريل عبارتن کي کائي رهي هئي. فنڪار اهو سڀ ڪجهه، جنهن ۾ آثار قديمه جي ماهر جي دلچسپي هئي اسڪيچ ڪيو. هن کنڊرن کي، ڊرائينگ پيڊ تي لاٿو جبل ۾ آکيرو اڏيندڙ عقاب ۽ ديوارن جي پاڙ ۾ لڏندڙ ۽ جهومندڙ رتن جوت جي گلن کي، هن پنهنجي ڪلا ۾ محفوظ ڪيو.
    *
    هو منجهند جو قلعي کان روانا ٿيا. رواني ٿيڻ کان اڳ، آثار قديمه جي ماهر کنڊرن جي چؤگرد هڪ ڀيرو وري چڪر هنيو ۽ پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ داخل ڪيو ۽ پوءِ تيز وک کڻڻ لڳو، ته جيئن هو پنهنجي ساٿيءَ کي رسي سگهي.
    هن ڀيري سونهون کين ڪافي پري وٺي ويو. جيڪڏهن آثار قديمه جو ماهر، شهزادي باقر ۽ ماضيءَ جي واقعن بابت سوچي رهيو هو، ۽ جيڪڏهن فنڪار جي ذهن ۾، سدابهار رتن جوت ۽ باسوط جا وهندڙ آبشار ڦري رهيا هئا، ته سونهون وري کيرڻي، سڻڀي ماني ۽ پنير بابت خواب لهي رهيو هو.
    هنن پهرئين گهر وٽ گهوڙا ڇوڙيا ۽ انهن کي ٻڌي، سوڙهي دروازي کان گهر ۾ داخل ٿيا. بکايل گهوڙن اُتاولائپ مان پنهنجا ٻوٿ گاهه ۾ هڻي ڇڏيا.
    گهر جي اندر، دروازي لڳ ٺهيل چلهه جي ڀرسان هڪ ٻارڙو ويٺو هو. هو گرم گرم رک تي، کنڀيون پچائي رهيو هو. جيئن ئي هن اجنبي ماڻهو ڏٺا ته ڇرڪي ويو. هو اهو فيصلو ڪري نه سگهيو ته آيا هو کنڀيون ٻرندڙ باهه ۾ڇڏي وڃي، يا انهن کي ڪڍي کڻي وڃي. ماءُ جي پيرن جي ٺپ ٺپ تي، هن جو ڪجهه حوصلو وڌيو. هن پڪل کنڀيون چلهه مان ڪڍيون ۽ انهن کي پٿر تي رکي انهن جي ٿڌي ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو.
    هن جي نوجوان ماءُ اندر داخل ٿي ۽ هن جي اکين کي اُگهيائين ۽ گهر جي ڪنڊ ڏي هلي ويئي. هن بسترن جي ٿهي مان ٻه وهاڻا ڪڍيا ۽ آيلن جي اڳيان رکيا.
    سونهين، آثار قديمه جي ماهر جي ٿيلهي مان کاڌي جو دٻو ڪڍيو.
    ”پياري ڀيڻ! اسان کي بک لڳي آهي،“ هن چيو: جيڪڏهن توهان وٽ کير آهي ته اسان کي چانهه ٺهي ملندي؟ اسان وٽ کنڊ آهي.“
    نوجوان عورت چلهه ڏانهن ويئي ۽ ونجڻي هڻي، باهه ٻارڻ لڳي. رئو هوا جي هڪ جهوٽي سان سندس مٿي تان اڏامي ويو. فنڪار جون نظرون سندس اڇي پيشاني، ٻيلي جيان گهاٽن وارن ۽ گهرين اکين تي کپي ويون. عورت چلهه تي جهڪي ويٺي هئي. فنڪار جون اکيون چلهه مان ايندڙ دونهين سبب گهڻي دير تائين کيس ڏسي نه سگهيون. هن کان اڳ هن کيس ڪٿي ڏٺو هو؟ ساڳيا ئي ونگيل ڀرون، ساڳيون ئي ڪاريون ڪجليون اکيون، اهو ئي سندر چهرو. جڏهن عورت ديڳڙي چاڙهڻ لاءِ ٿورڙو اٿي ته، هن جو رک سان ڀريل چهرو، اهي ئي ونگيل ڀرون اهي ئي ڪاريون ڪجليون اکيون، هن کان تمام ٿوري وٿيءَ تي رهجي ويون.
    ڪيترا نه سال گذري ويا! ڇا ڪي به ٻه چهرا، ايترا هڪ جهڙا ٿي سگهن ٿا.؟ ايتريقدر جو منهن مهانڊو به ساڳيو.
    هن عورت جو چهرو سج جي تپش سبب، ٿورڙو لڙاٽجي ويو هو. پر هن جون اکيون ته ساڳيون سمنڊ تي مليل انهيءَ عورت جهڙيون هيون. ٻنهي جي ساڳي سنهڙي چيلهه، ساڳيو ئي نرم لسو جسم. جسم جو هر انگ ساڳيو ئي ته هو ٻنهي جو.
    دلفريب لوڏ ۽ خاموشيءَ سان، نوجوان عورت هنن لاءِ چانهن آندي. جنهن به مهل هو جهڪي ٿي، يا اٿي ٿي، يا هلي ٿي، ته سندس ٻانهن ۾ پيل چانديءَ جي چوڙن، ۽ جسم تي پهريل ڪپڙن ائين آواز ٿي ڪيو، ڄڻ ته ڪي ٽليون وڄي رهيون هجن.
    سمنڊ تي مليل عورت کي پاتل لباس به ته هلڻ سان، اهڙي ئي موسيقي پيدا ڪئي هئي. پر کيس ڀوري ڪوٽي ۽ ڪارو مخمل جو ٽوپلو، جنهن تي نارنگي رنگ جا گل جڙيل هئا، پاتل هو.
    اها عورت هن کان تمام گهڻو پري وڃي چڪي هئي. شايد هو خيال ئي خيال ۾، باسوط نديءَ مان ترندو، سمنڊ جي ان ڪناري وٽ پهچي ويو، جتي هو ڪنهن وقت هن عورت سان ويٺل هو.
    سونهين کاڌي جو ٻيو دٻو کوليو. آثار قديمه جو ماهر، مسلسل ڪپڙي ۽ ان تي رکيل ٽامي جي ٿانون کي ڏسي رهيو هو. ڇوڪرو کنڀين کائڻ کان پوءِ حيرت ڀرين نظرن سان ڏٻي کي، ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ ته هو انتظار ڪري رهيو هو ته، اجنبي ڪڏهن ٿا هن کي خالي ڪن. سونهين هن جي، تيز گهوريندڙ اکين کي تاڙي ورتو. ۽ ڏٻو هن ڏانهن اڇلايائين. ڇوڪري ٽپ ڏيئي ڏٻو کنيو ۽ هن کي اٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو. ڪتو جيڪو ڀرسان ويٺل هو، گوشت جي بچيل ٽڪر کي چٻاڙڻ لڳو. انهيءَ پل ڇوڪرو اٿيو ۽ تڪڙو ڊوڙڻ لڳو. ته جيئن هو، کين چمڪدار اڇي پيتي ڏسڻ لاءِ وٺي هلي. جيڪا هونئن کنڊرن ۾ ڳولڻ هنن لاءِ مشڪل هئي.
    عورت چلهه جي ڀرسان ويٺي رهي ۽ ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ، ڪٽليءَ جو ڍڪ کولي پاڻيءَ جي ٽهڪڻ جي پڪ ڪري رهي هئي.
    باهه جي تپش سبب، سندس جسم پگهر سان شل ٿي ويو هو. هو چلهه ۾ ڪاٺيون اندر ڪندي، پنهنجون اکيون دونهين کان بچائڻ لڳي، جيڪو ڪڪرن وانگي اٿي رهيو هو. ۽ ڪانن جي ديوار جي سوراخن مان گذري رهيو هو.
    فنڪار کي چلهه جي ڀرسان ويٺل عورت جون ٽنگون، سندس ڊگهي لباس مان ائين پئي لڳيون ڄڻ ته ڪا جادو گرڻ، ايندڙ دونهين مان مستقبل ڏسي رهي هجي.
    سمنڊ تي مليل عورت، ڪڏهن به اگهاڙين پيرين نه هلندي هئي ۽ نه ئي ڪڏهن چلهه جي ڀرسان ويٺي هئي.
    سمنڊ ٻرندڙ جبلن مان نڪرندڙ لاون جيان، گجگوڙ ڪري رهيو هو ۽ صبح جي وقت، پهاڙن سان ٽڪرائي رهيو هو. ڪارو مخمل جو ٽوپلو پاتل عورت، ڪناري تي ويٺي رهي ۽ واريءَ تي آڱر سان ليڪا ڪڍندي رهي. ۽ ذري ان کي ڊاهيندي به رهي. هو پنهنجي هٿن ۾ ڪاٺيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري رهيو هو. لهرون نرم گاديلي جيان سندن پيرن کي ڇهي رهيون هيون. ۽ ڪاٺيءَ جي ٽڪرن کي سمنڊ ۾ اماڻي ٿي ڇڏيو. جيئن ئي لهرون وري اُنهن ڪاٺيءَ جي ٽڪرن کي ڪناري تي کڻي آيون، عورت واعدو ڪيو ته هوءَ ساڻس شادي ڪندي. ۽ دنيا اوچتو ئي اوچتو هن کي بي انت سمنڊ جيان لڳي ۽ هن کي سندس دل به اُن جو هڪ حصو لڳي.
    اُن کان پوءِ ڏينهن بدلجي ويا. زندگيءَ هنن کي اوچتو هڪ ٻئي کان پري ڪري ڇڏيو. هن وٽ هن جي دل ۾ فقط وڃي رهيون سندس ڪاريون ڪجليون اکيون، ڀوري ڪوٽي ۽ سنهيون اڱريون، جنهن سان هن واريءَ تي لکيو ٿي ۽ پوءِ پنهنجي واعدي کي پاڻ ئي ڊاهيو ٿي.
    ڍڪ هنڍي اُڀامڻ سبب ٺڙ ٺڙ ڪرڻ لڳو. عورت ٿانوَن جي کوکي مان، ڪجهه پليٽون ۽ چٽيل گلاس ڪڍيا ۽ دسترخوان تي آڻي رکيا. جيئن ئي هو دسترخوان تي جهڪي ته، سندس رئو مٿي تان رسڪي، ڪلهن کان ٿيندو هيٺ ڪري پيو. سمنڊ تي مليل عورت جا به وار ڊگها، ڳچي سنهڙي ۽ چمڙي هن جيان شفاف هئي.
    ڇوڪرو ڊوڙندو اندر آيو. هن جي هٿن ۾ خالي ڪيل ڏٻو هو. ٻيا ڇوڪرا جيڪي دروازي وٽ بيٺل هئا، اجنبي ماڻهوءَ کي گهوري نهاري رهيا هئا. ڇوڪري جي خوشيءَ جي حد نه رهي، جڏهن کيس کاڌي جو ٻيو ڏٻو به ڏٺو ويو. هن ڀيري هو ڊوڙيو ڪو نه تڏي تي ئي ويهي رهيو. هن جي ماءُ، هن کي چانهه جي پيالي ڏني ۽ فنڪار سندس گلاس ۾، وڏو چمچو کنڊ جو وڌو. ڇوڪري کي چانهن مان نڪرندڙ بوڙين کي ڏسندي ڏاڍو مزو آيو. هن پنهنجي آڱر گلاس ۾ وڌي ته جيئن هو انهن کي ٻاهر ڪڍي سگهي. جيتوڻيڪ گرم چانهه سندس چپ ساڙيا ٿي پر هن ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍي. ڳرندڙ کنڊ هن کي ڏاڍو محفوظ ڪيو. آثار قديمه جي ماهر مرڪي ڏنو، ۽ ان کي ماڻهوءَ جي ماضيءَ جي پس منظر ۾ ڏسڻ لڳو. عورت ٻيهر ڪٽلي چاڙهي ۽ پنهنجي پٽ جي شرارتن تي مرڪندي رهي.
    هن جي مرڪ فنڪار کان ڳجهي نه رهي، اها مرڪ هن کي ڄاتل سڃاتل لڳي. جڏهن ماڻهو هڪ ٻئي سان مشابهت رکندا هجن ته، سندن مرڪون به ساڳيون ئي هونديون آهن. سڀ کان پهرين سندس مٿيون چپ چريو ۽ پوءِ ٻئي چپ هڪ ٻئي کان جدا ٿيا. ۽ ائين مرڪ سندس اکين ۾ به اُڀري اٿي.
    فنڪار پنهنجو ڊرائينگ پيڊ کيسي مان ڪڍيو. پهاڙن جي ڪڍيل نقش ڀرسان هن ڦڙتائيءَ سان باهه جي ڀرسان ويٺل عورت جو خاڪو ٺاهيو.
    سندس بت هن کي ڄاتل سڃاتل لڳو. هُو پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو ۽ هن کي ائين لڳو ته هن اڳ به ڪئين ڀيرا ساڳيو خاڪو ٺاهيو آهي.
    ڇوڪري کان سواءِ ٻي ڪنهن جي به ڊرائينگ پيڊ تي نظر نه پيئي. ڇوڪري کي اڇي شيٽ تي هرڪا شيءِ ائين وڻندڙ لڳي جيئن بهار جي مند ۾ وهندڙ ڪوئي جهرڻو.
    ٿوري دير کان پوءِ سونهين گهوڙا واپس آندا. هن گهوڙي تي سنج رکيا ۽ نوجوان عورت کي خدا حافظ چوڻ لاءِ مڙيو. هوءَ اٿي ۽ تڙتڪڙ ۾، رومال پنهنجي پيشانيءَ تي ڏنائين. هن جون آڱريون هن جي ڀڪوڙيل هٿ مان نڪتيون. آثار قديمه جي ماهر پڻ، کيس الوداع چوڻ لاءِ هٿ وڌايا پر هن پنهنجو هٿ، دل تي زور سان ڌٻائي رکيو ۽ ڪنڌ جهڪائيندي کيس الوداع چيو. فنڪار ڇوڪري کي، ڪجهه چانديءَ جا سڪا ڏنا ۽ سندس پٺي ٺپري.
    گهوڙا ڪئگوبردا جي جبل جون لاهيون لهي، وادين ۾ هلڻ لڳا. جبل جي وادين ۾ سفر دوران ٽيئي پنهنجن پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويا.
    رستي جي پاسن کان، رتن جوت جا گل پنهنجي جوڀن سان جهولي جهومي رهيا هئا. فنڪار ٿورو جهڪيو ۽ گل پٽي پنهنجي ڊرائينگ پيڊ جي ان صفحي ۾ رکيو، جنهن ۾ هن انهيءَ نرم نازڪ عورت جو چلهه جي ڀرسان ويٺل تصويري خاڪو ٺاهيو هو. پٿر گهوڙن جي سنبن سان ٽڪرائيندا واديءَ ۾ کڙڪاٽ ڪرڻ لڳا.
    مست سمنڊ ۽ ان ۾ اڀرندڙ لهرون، فنڪار جي ذهن تي ڇانئجي ويون. هو لهرن جي جهوليءَ کي ڪناري وٽ کڻي اچي ٿو. سڀ کان پهرين ڪاري مخملي ٽوپلي واري دوشيزهه ۽ پوءِ هڪ ڊگهي لباس ۽ پٺن تي لٽڪندڙ وزني چوٽيءَ واري هڪ نوجوان عورت ۽ تنهن کان پوءِ هڪ ڊٺل ۽ تباهه ٿيل قلعو ۽ رتن جوت جا گل، جيڪي قلعي جي ديوارن ۾ جوڀن پائن ٿا ۽ مست هوا ۾ جهولن ۽ جهومن ٿا.
    *
    هاڻ شام ٿي چڪي هئي.
    هڪ پوڙهو ڳوٺاڻو، ساڳي رستي کان جبل تي چڙهي رهيو هو. ڏانٽو هن جي چيلهه ۾ ٻڌل هو. هو وساڻل ۽ ٿڪل لڳو ٿي. سڄو ڏينهن ٻاجهري لڻڻ سبب، سندس سنڌ سنڌ ساڻو ٿي پيو هو ۽ شايد ان ڪري هو لٺ تي جهڪي، آهستي آهستي پير کڻي رهيو هو. ۽ ٿورو هلڻ کان پوءِ، هو ٿڪجي ٿي پيو. ساهي پٽڻ لاءِ، گهڙي پل لاءِ بيٺو ٿي. بيهڻ سان، هن جون ٽنگون ڏڪيون ٿي. هي اهوئي ساڳيو ماڻهو هو. جنهن بابت سونهين ٻڌايو ٿي ته، هن کي کنڊرن ۾ دفن ٿيل خزاني جي ڄاڻ هئي. هن پنهنجي ٻنيءَ مان مٿي نهاري ڏٺو ته، گهوڙي سوار هيٺ اچي رهيا هئا. هن کي لڳو ته سون سندن خرزينن ۾ هو. سون جيڪو صدين کان ان پٿر جي هيٺ دفن ٿيل هو، جنهن تي هو ويهندو هو ۽ آس پاس ۾ رڍون ۽ ٻڪريون چاريندو هو. انهن سوچن کيس پريشان ڪري ڇڏيو. يا شايد انهيءَ ڪري ته هو ٿڪجي پيو هو. هو ان بکايل رڇ جيان لڳي رهيو هو، جنهن کي پورو ڏينهن شڪار لاءِ ڀٽڪندي شام ٿي ويئي هجي ۽ پوءِ به شڪار پلئه نه پيو هجي.
    جڏهن هو گهر جي ٻُنڀي وٽ پهتو ته هن ڪتي کي لت هنيئي، جيڪو سندس آڌرڀاءُ لاءِ اچي رهيو هو. هن ور مان ڏانٽو ڪڍي گهر جي ڪنڊ ۾ اڇلايو. ۽ ان کان پوءِ لٺ کي چلهه جي پاسي رکي، تڏي تي ويهي رهيو. باهه مان اُلا اٿي رهيا هئا. ڪٽلي ٽهڪي رهي هئي ۽ ٻه ڏٻا وهاڻي مٿان رکيا هئا.
    ان کان اڳ جو لاهيارو پنهنجا ڊگها جوتا لاهي ۽ ان مان ڪک ڪچرو ڪڍي، هن جي زال اندر داخل ٿي. سندس ٻانهن ۾ پيل چاندي جي چوڙن ۽ سلوار جي جهجن سرن هلڻ سان ائين آواز ٿي ڪيو ڄڻ ته ڪي ٽليون وڄي رهيون هجن. سندس ٻانهن ۾ چوڙا چمڪي رهيا هئا ۽ هن جو پٽ هن جي چولي سان چنبڙيل هو، ۽ سندس هٿ ۾ خالي دٻا هئا.
    ڇوڪرو پنهنجي پوڙهي پيءُ ڏانهن ڊوڙيو ته کيس جيئن سندس خزانو ڏئي سگهي.
    پوڙهي کي اوچتو محسوس ٿيو ته گهوڙي سوار تڏي تي ويٺا آهن. ٻارڙي پنهنجي پوڙهي پيءُ کي چانديءَ جا سڪا ڏيکاريا، جيڪي اوپري گهوڙي سوارن کيس ڏٺا هئا.
    پوڙهي ڇوڪري کي ڌِڪو ڏنو ۽ خالي ڏٻا اڇلايا ته اهي پٽ تي ائين ڦرڻ لڳا، جيئن اڳ ڇوڪري جي هٿن ۾ هنبڙي رهيا هئا. ڇوڪري ٽپ ڏيئي، اهي ٻيهر کنيا. ان کان پوءِ هن پنهنجو منهن، پنهنجي نوجوان ماءُ جي چولي ۾ لڪائي ڇڏيو ۽ رئڻ لڳو. سندس پيءُ کي ان جو ڏاڍو ڏک ٿيو. هن کيس سڏيو ۽ سڪا ڏيکارڻ لاءِ چيو. ڇوڪرو لڙڪ لاڙيندو مرڪندو آيو. سڪا هن جي مٺ ۾ ڀڪوڙيل هئا. ٻار نهايت معصوميت مان فنڪار ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن ئي کيس چانديءَ جا پيارا سڪا به ڏنا آهن سندس ماءُ جي تصوير پڻ ٺاهي، کيسي ۾ رکي آهي.
    پوڙهي ڪڙميءَ جي دل تي ڄڻ کنوڻ ڪري پئي. هن جي اندر ۾ شڪ جاڳي اٿيو ۽ هن پنهنجون اکيون ڦوٽاريون. هو سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. نوجوان عورت پنهنجي پٽ ڏانهن نهاريو ۽ منهن جو پنوئي لهي ويس. مڙس، پنهنجي زال جي چهري جو رنگ تبديل ٿيندو محسوس ڪري ورتو. ٻئي پل ۾، هو پيرن ڀر اٿي بيٺو. هن لٺ کنئي ۽ زور سان، نوجوان عورت جي پٺن ۾ وهائي ڪڍي.
    نوجوان عورت جا بٽڻ ڇڄي پيا. سندس ويڙهيل چوٽا ڦٽي ويا. ڪٽلي اڀامڻ لڳي. ڀڳل لٺ ڪنڍ ۾ رکجي ويئي. هوءَ سور سبب لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ لڳي، پر هن ڪابه دانهن ڪوڪ ڪانه ڪئي. هوءَ پنهنجو هٿ چيلهه تي رکي ٻاهر نڪري ويئي ۽ پاڻمرادو رئڻ لڳي. ٻارڙو هن جي پويان پويان ويو. سندس ٻنهي هٿن ۾ اڃا به ڏٻا هئا. هو ماءُ جي چولي ۾ منهن هڻي لڪڻ لڳو.
    پوڙهو ڪڙمي سڄو وقت ڪرڪندو ۽ ڪنجهندو رهيو، ان کان پوءِ هو اٿيو، ۽ اٿي ٻاجهر جي ماني کاڌائين، ۽ رڍ جي اُن مان ٺهيل ٽوپلو سيراندي هيٺ رکي، تڏي تي ليٽي پيو.
    هڪ دفعو وري ڪئگوبردا جي پهاڙن تي خاموشي ڇانئجي ويئي. جيئن ئي رات جي اونداهي پنهنجا پر پکيڙڻ لڳي چلهه ۾ باهه به وسامندي ويئي ۽ ڳوٺ جا ڪتا، مرن جي ڊپ کان گهرن جي ٻاهران ڀونڪڻ لڳا. رڍون گاهه تي ليٽي پيون. نوجوان عورت، تڏي تي ويٺي رهي ۽ ٻارڙي کي انتهائي پيار مان پنهنجي جهول ۾ لڪائي ڇڏيو.
    هڪ ڪارو ڪڪر جبل مٿان ديو جهڙي گوگيتي جيان ريڙهيون پائيندو گهرن ڏانهن وڌڻ لڳو.
    جيئن ئي ستل رڍن تي ماڪ پئجي ويئي، تيئن ئي اوندهه جبلن ۽ ساوڪ کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو.
    ماڪ، رتن جوت جي گلن تي وسي ويئي. ننڍڙو پوپٽ خوشبوءَ سان واسجي ويو ۽ گل جي گود ۾ جهولڻ لڳو ۽ پوپٽ کي ائين لڳو ته ڄڻ دنيا رتن جوت جي گل جيان آهي، جنهن جي ذري ذري ۾ سندرتا رچيل آهي. ۽ جنهن جي سرهاڻ هر ڏس ۾ واسيل ۽ ڦهليل آهي.

    ***


    هڪ تنهنجي لاء

    مئڪسم گورڪي

    منهنجي دوست، هڪ دفعي مون کي هيءَ ڪهاڻي ٻڌائي. هيءَ انهيءَ زماني جي ڳالهه آهي جڏهن آءٌ شاگرد جي حيثيت ۾، تعليم حاصل ڪري رهيو هوس. تڏهن آءٌ، اهڙين عورتن جي وچ ۾ رهندو هوس، جن بابت توهان سمجهي ويا هوندا ته، آءٌ ڇا چوڻ چاهيان ٿو. انهن عورتن ۾، هڪ بجليءَ جي کنڀي جيان ڊگهي هئي ۽ سڀ ماڻهو هن کي ٽريسيا جي نالي سان سڏيندا هئا. هوءَ بت ۾ ڀريل هئي ۽ هن جا ڀرون ڊگها ۽ ڪارا هئا. سندس ڊگهي منهن تي اکين جي مٿان ڊگها ۽ ڪارا ڀرون ڪهاڙيءَ جيان ڏيکائي ڏيندا هئا. هن جا ڪهاڙي نما ڀرون، ڳرو آواز، ڪوچبان جهڙي هلڻي ۽ مهاڻن جهڙيون ٿلهيون ڪرايون، مون کي ڏڪائي وجهنديون هيون. آءٌ بلڊنگ جي آخري منزل تي واقع فليٽ ۾ رهندو هوس ۽ هن جي جُهڳي، منهنجي فليٽ جي بلڪل سامهون هئي. جيستائين هوءَ پنهنجي جهڳيءَ ۾ موجود هوندي هئي، تيستائين، آءٌ ڊپ وچان پنهنجي فليٽ جو دروازو، بند رکندو هوس ته جيئن، هوءَ فليٽ اندر نه هلي اچي. پر ائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن، جنهن کي منهنجي بدقسمتي ئي چئجي، منهنجي نه چاهيندي به هوءَ مون کي ڏاڪڻ تي، يا اڱڻ ۾ ملي ئي ويندي هئي. هوءَ مون کي ڏسي، مرڪندي هئي. هن جي مرڪ، مون کي سدائين وهه جا ڍڪ ۽ بي رحم لڳندي هئي. هن جون اکيون ڀوائتيون ۽ چهرو ڏائڻ جيان ڏيکائي ڏيندو هو. اهڙي موقعن تي، هوءَ مون سان ڳالهائيندي به هئي.
    ”ڪهڙا حال اٿئي؟ محترم شاگرد!“ ۽ مٿان وري سندس احمقاڻي کل، مون کي وڌيڪ کانئس نفرت ڏياريندي هئي. مون ڪئين دفعا، هن جي ناقابل برداشت حرڪتن سبب، فليٽ ڇڏڻ جو سوچيو پر هر دفعي، مون کي فيصلو تبديل ڪرڻو ٿي پيو، ان جا به کوڙ سبب هئا. هڪ ته منهنجو فليٽ سٺو هو، ٻيو ته فليٽ جنهن گهٽي ۾ واقع هو اتي هر وقت سانت رهندي هئي ۽ ساڳئي وقت، فليٽ جي هڪڙي دري اهڙي پاسي ٿي کلي، جتي، قدرت پنهنجي ڦوهه جوانيءَ سان مون کي محسور ڪرڻ لاءِ هر وقت موجود هوندي هئي.
    هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي. صبح جو وقت هو، آءٌ پنهنجي ڪوچ تي ايئن ئي ليٽيو پيو هوس ۽ ڪاليج نه وڃڻ لاءِ، بهاني گهڙڻ تي سوچي رهيو هوس ته مون ڏٺو، ته در کليو ۽ ٽريسيا جو ڳرو آواز ڪمري ۾ گونجيو:
    ”سٺي صحت مبارڪ هجنئي، محترم شاگرد!“
    ”تون ڇا ٿي چاهين؟“ مون سوال ڪيو. مون ڏٺو، مون کي هوءَ مايوس مايوس نظر اچي رهي هئي... سندس چهري جو اهو رخ، سندس عام طبيعت کان، قطعي مختلف هو ۽ مون کي سمجهه ۾ نه آيو.
    ”ڏس محترم شاگرد! مون کي تنهنجي مدد کپي: ڇا تون، منهنجي مدد ڪرڻ پسند ڪندين؟!“
    آءٌ خاموش ويٺو رهيس ۽ پنهنجو پاڻ سوچڻ لڳس. ان کان اڳ جو آءٌ ڪجهه ڳالهايان، هن جو ڳرو آواز، منهنجون سوچون ٽوڙيندي منهنجي ڪنن تائين پهتو:
    ”آءٌ هڪ خط لکائڻ چاهيان ٿي. مون کي اهو ئي عرض ڪرڻو آهي.“ سندس چهري تي گهٻراهٽ ۽ آواز ۾ نرمي اچي چڪي هئي.
    ”اڙجي ويس“ مون سوچيو ڀلا ڪري به ڇا ٿي سگهيس! آءٌ اٿيس، پنو پين کنيم ۽ ٽيبل لڳ ڪرسيءِ تي ٿي ويٺس.
    ”هلي آ، منهنجي ڀرسان ٿي ويهه ۽ لکاءِ جيڪي لکائڻ چاهين ٿي.“
    هوءَ منهنجي ڀرسان، ڪرسيءَ تي ٿي ويٺي ۽ مون ڏانهن پريشان ۽ گنهگار نظرن سان نهارڻ لڳي.
    ”چڱو! ٻڌاءِ ڪنهن کي خط لکان؟“
    ”سيٽمنا شهر جي وارسا روڊ تي رهندڙ بولس ڪاميٽ کي.“
    ها، لکاءِ،
    ”لک، منهنجا پيارا بولس... منهنجا محبوب... منهنجا وفادار عاشق، شل خدا توکي محفوظ ۽ خوش رکي. تنهنجي دل سون جيان سونهري آهي، پوءِ ڇو تو گهڻي وقت کان تنهنجي جدائيءَ ۾ اداس رهندڙ، ننڍڙي پياري گڏڙي ٽريسيا کي خط نه مڪو آهي.“
    ”ننڍڙي پياري گڏڙي!؟“ مون کان بي دڙڪ ٽهڪ نڪري ويو. پنجن فٽن کان به ڊگهي، پٿرن جهڙا ٿلها هٿ، ڳرو ۽ بيڊولو بدن، منهن اهڙو ڪارو ڄڻ، سڄي ڄمار چمنيءَ ۾ گهاري هجيس ۽ ڪڏهن به ڀلجي منهن نه ڌوتو هجيس ته به سڏائي ٿي پياري گڏي. خير!
    مون پڇيو ”ڀلا اهو بولس وري ڪير آهي؟“
    ”بولس! محترم شاگرد،“ هن ائين وراڻيو ڄڻ مون هن نالي جي توهين ڪئي هجي.
    ”بولس منهنجو نوجوان دوست آهي.“
    ”نوجوان دوست؟“
    ”سائين تون گهڻو عجب ڇو ٿو کائين. ڇا مون جهڙي ننڍڙي معصوم ڇوڪريءَ جو نوجوان دوست ٿي نٿو سگهي؟“
    هوءَ؟ ۽ ڇوڪري؟؟ ۽ معصوم؟؟؟ بهرحال
    ”ڇو نه! ڇو نه!“ مون چيو سڀ ڪجهه ممڪن آهي. بلڪل ٿي سگهي ٿو. ”ڀلا ٻڌاءِ اهو نوجوان تنهنجو گهڻي وقت کان دوست آهي؟“
    ”ڇهن سالن کان.“
    ”ٺيڪ آ. ٺيڪ آ“ مون چيو. ها هاڻي اڌ ۾ ڇڏيل خط اڳتي لکاءِ“
    .......... ۽ آءٌ اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته ٽريسيا مون کان ڪئين ڀيرا الائجي ڪيترا خط مختلف ائڊريسن تي بولس ڏانهن لکايا. انهيءَ اميد تي ته من ڪٿان مٺي موٽ ملي پر جواب نه اچڻو هو نه آيو.
    ”سائين توهان منهنجي لاءِ خط لکي وڏا وڙ ڪيا آهن.“ ٽريسيا جي آواز ۾ نرمي هئي. ”شايد آءٌ توهان لائق ڪا خدمت ڪري سگهان؟“
    ”مهرباني“
    ”شايد، سائين اوهان جون قميصون سيبو ٽوپو گهرن ٿيون؟“
    مون کي سندس ڪپڙن واري آڇ چڙ ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئي. کيس سخت لفظن ۾ ٽوڪيم ”مون کي تنهنجي خدمتن جي ضرورت ناهي. سمجهيئي؟“
    ۽ هوءَ واپس پنهنجي جهڳيءَ ڏانهن هلي ويئي. هڪ هفتو يا ٻه هفتا مس گذريا هوندا، آءٌ انهيءَ شام دريءَ جي ڀرسان بيٺو هوس. ۽ سوچي رهيو هوس ته اهڙو ڪو ڪارائتو ڪم ذهن تي تري اچي ته جيئن آءٌ سستي ڇڏي اٿي کڙو ٿيان. آءٌ انهيءَ شام ڏاڍو اداس هوس. پر موسم بيڪار هئڻ سبب، مون ٻاهر به نڪرڻ نٿي چاهيو. شايد اهو ئي سبب هو جو مون وقت کي ڪٽڻ لاءِ پاڻ تي سوچڻ شروع ڪيو. منهنجو اهو عمل به ڏاڍو بور هو. پر الائجي ڇو ان جي باوجود به مون ان مهل، ٻيو ڪجهه ڪرڻ به نٿي چاهيو ۽ پوءِ اوچتو در کليو. ”خدا شل رحم ڪري!“ ڪوئي اندر داخل ٿيو.
    ”محترم شاگرد مون کي پڪ آهي ته هينئر واندو ئي هوندين.“ اهو ٽريسيا جو آواز هو.
    ”ها،“ مون چيو، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
    ”سائين منهنجو عرض آهي ته مون کي هڪ خط لکي ڏيو.“ ”ڏاڍو سٺو. بولس ڏانهن لکي ڏيان نه؟“
    ”نه. هن دفعي بولس جي طرفان مون (ٽريسيا) ڏي خط لکي ڏي.“
    ”ڇا؟“ مون گرم ٿيندي چيو ”تنهنجو دماغ ته خراب نه آهي؟“
    ”منهنجي حرڪت کي تون جيئن احمقانه سمجهين ٿو: تيئن ناهي محترم شاگرد.“ ٽريسيا جي لهجي ۾ گهٻراهٽ هئي.
    ”آءٌ توکان معافيءَ جي طلبگار آهيان. هو منهنجو دوست آهي. نه فقط دوست پر محسن ۽ سهارو پڻ آهي. جيئن مون (ٽريسيا) کي هڪڙي مٺڙي پياري دل آهي تيئن بولس کي به هڪڙي مٺڙي مٺڙي دل آهي. جيئن آءٌ هن کي ياد ڪريان ٿي تيئن هن کي به منهنجي ياد ستائيندي هوندي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ چوان ٿي ته بولس جي پاران (ٽريسيا) ڏانهن خط لک.“
    مون ڏٺو هن جو چهرو اداس هو. هن جون آڱريون ڏڪي رهيون هيون. پهريائين ته آءٌ منجهي پيس پر پوءِ جلد ئي معاملي کي سمجهي ويس.
    ”مائي ڳالهه ٻڌ!“ مون مٿس واضح ڪندي چيو: ”نه ته ڪنهن بولس جو وجود آهي ۽ نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو. تون مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهي آهين. تون مون کي گهڻو وقت پريشان نٿي ڪري سگهين. منهنجو ڪو به ارادو ڪونهي تنهنجي محبوب تي فضول وقت وڃائڻ جو- سمجهيئي؟“
    ۽ مون ڏٺو هوءَ اوچتو ڏڪي وئي ۽ مون کان پري ٿي بيٺي. هوءَ سواءِ جاءِ ڇڏڻ جي پيرن کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ لڳي ۽ اندر ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي. جنهن مان ائين ٿي لڳو ته هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو پر چئي نٿي سگهي. آءٌ غور سان ڏسڻ لڳس ته آخر معاملو ڪٿي ٿو ختم ٿئي. مون کي جلدئي محسوس ٿيو ته، مون کيس خط نه لکي ڏئي سندس دل رنجائي آهي. مون کي پنهنجي رويي تي گهڻو ڏک محسوس ٿيو.
    ”محترم شاگرد!“ هن اوچتو ڳالهايو ۽ اهو چوندي هن هٿ لوڏيو ۽ دروازي ڏانهن وڌي ۽ ٻاهر نڪري ويئي.
    مون کي پنهنجي رويي تي ڏاڍو ڏک ٿيو. مون محسوس ڪيو ته ڪيئن به، مون کي ائين نه ڪرڻ گهربو هو. هوءَ هلي ويئي پر منهنجو ضمير جهنجهوڙي ويئي ۽ منهنجو سڪون به پاڻ سان کڻي ويئي. مون کي لڳو ته مون عورت جو اپمان ڪيو آهي. بلڪه پنهنجو به اپمان ڪيو آهي. مون فيصلو ڪيو ته آءٌ سندس گهر ويندس ۽ کيس ٻيهر پنهنجي گهر اچڻ جي دعوت ڏيندس ۽ هوءَ جيڪي ڪجهه لکائيندي سڀ لکندس.
    آءٌ سندس گهر ۾ داخل ٿيس. مون چؤگرد نهاريو. ڏٺم ته هوءَ ٽيبل جي ڀرسان گوڏن ۾ منهن پايو ويٺي هئي.
    ”منهنجي ڳالهه ٻڌ!“ مون چيو.
    آءٌ جڏهن به پنهنجين ڳالهين ۾ اهو جملو استعمال ڪندو آهيان ته ان ۾ پنهنجي حماقت لڳندي اٿم ۽ ڏاڍو شڪي ٿيندو آهيان. بهرحال.
    ”منهنجي ڳالهه ٻڌ!“ مون چيو.
    هوءَ پنهنجي سيٽ تان اٿي. چمڪندڙ اکين سان مون ڏانهن وڌي ۽ منهنجي ڪلهن تي ٻيئي هٿ رکندي هوريان ڳالهائڻ شروع ڪيو. يا شايد پنهنجي مخصوص ڳري آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”محترم شاگرد! ڏس!! اهو صحيح آهي ته بولس نالي ڪنهن نوجوان جو وجود ڪونهي ۽ اهو به صحيح آهي ته نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو وجود آهي پر ڇا تون خط جا ٻه اکر لکندي لهي پوندين. تون سٺو ڇوڪرو آهين ۽ ڪيڏو نه سٺو لڳين جو تون منهنجي لاءِ خط جا ٻه اکر لکي سگهين.“
    ”مون کي معاف ڪر! آءٌ اڳ ئي پنهنجي ڪيئي تي ڏاڍو شرمسار آهيان. پر اهو ڇا آهي؟ ڇا واقعي بولس جو ڪو وجود ناهي. جيئن تون چوين ٿي؟“
    ”ها ڪو به وجود ڪونهي.“ هن وراڻيو.
    ”۽ ٽريسيا؟“ مون سوال ڪيو.
    ”۽ نه ئي ڪنهن ٽريسيا جو.“ هن جواب ڏنو.
    ”آءٌ ئي ٽريسيا آهيان.“
    مون کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو. مون هن تي اکيون کپائي ڇڏيون ۽ سوچڻ لڳس ته اسان ٻنهي مان ڪنهن جو به دماغ ٺڪاڻي تي نه آهي. هوءَ ٻيهر ٽيبل ڏانهن ويئي ۽ ڪا شيءِ هٿ ۾ کڻي واپس موٽي ۽ نهايت عاجزيءَ مان مخاطب ٿي چوڻ لڳي.
    ”جيڪڏهن توکي بولس ڏانهن خط لکڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ته هان هي وٺ تنهنجا لکيل خط آءٌ پاڻهي ٻين کان خط لکائينديس.“
    مون ڏٺو هن جي هٿ ۾ منهنجا بولس ڏانهن لکيل خط هئا.
    ”ٻڌ ٽريسيا!“ مون خفا ٿيندي چيو ”آخر هن سڄي ڊرامي کيڏڻ جو مطلب ڇا آهي؟ ڇا لاءِ تون ٻيهر خط لکائڻ چاهين ٿي. جڏهن ته تو اڳيان لکيل خط به هيلتائين پوسٽ نه ڪيا آهن؟“
    ”ڪيڏانهن موڪليان.؟“
    ”بولس ڏانهن،“ مون وراڻيو.
    ”چيم ڪو نه ته انهيءَ نالي سان ڪنهن به ماڻهوءَ جو وجود ڪونهي.“
    مون کي سندس اها ڳالهه بنهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي ۽ مون کي چڙ ڏيارڻ ۽ رواني ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. جيئن ئي آءٌ روانو ٿيڻ تي هوس هن جو آواز منهنجي ڪنن تائين پهتو.
    ”حقيقت ڇا آهي؟“ ٽريسيا جي آواز ۾ ڪمزورن واري هيڻائي هئي. ”آءٌ توکي ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته اهو سچ آهي ته بولس نالي ڪنهن به نوجوان جو وجود ڪونهي.“ اهو چوندي هن پنهنجون ٻانهون ڊگهيريون، ڄڻ ته هن کي خود به اهو سمجهه ۾ نه اچي رهيو هجي ته، آخر ڇو اهڙي ماڻهوءَ جو وجود ڪونهي. ”پر مون چاهيو آهي ته، هن جو وجود هئڻ گهربو هو ۽ بلڪل هئڻ گهرجي...“ هن جو آواز جيئن پوءِ تيئن جهيڻو ٿيندو ويو. ”ڇا آءٌ باقي مخلوق وانگر انسان نه آهيان؟ ها، ها، آءٌ ڄاڻان ٿي چڱي پر ڄاڻان ٿي. جيتوڻيڪ...... بولس ڏانهن خط لکائڻ ۾ ڪنهن کي به نقصان نه پهتو آهي پر پوءِ به آءٌ ڏسان پيئي.......“
    ”معاف ڪجانءِ...... ڪنهن کي؟“
    ”يقينن بولس کي“
    ”پوءِ هن جو ته ڪو به وجود ڪونهي.“
    ”افسوس! صد افسوس!! پر ڇا ٿي پيو جو هو ڪونهي؟ هن جو ڪو به وجود ڪونهي؟ پر هن جو وجود ٿي سگهي ٿو!
    آءٌ جو هن کي خط لکان ٿي ته ائين ئي لڳي ٿو ڄڻ هو موجود آهي. ۽ ٽريسيا.......... جيڪا آءٌ آهيان. هو مون کي جواب لکي ٿو. ۽ پوءِ آءٌ هن کي ٻيهر خط لکان ٿي.........“
    اها ڳجهارت آخر مون ڀڃي ورتي ۽ مون پاڻ کي حد درجي جو نيچ انسان محسوس ڪيو. مون کي پنهنجي حرڪت تي ڏاڍو شرم محسوس ٿيو. مون کي هاڻ محسوس ٿيو ته، مون کان ٽن چئن وکن جي پنڌ تي، هڪ اهڙي مخلوق به رهي ٿي، جنهن جو هن دنيا ۾ ڪو به ڪونهي، جيڪو هن کي پيار ڏي. ۽ اُن مخلوق جيئڻ ڪاڻ ۽ پنهنجو پاڻ کي مطمئن رکڻ ۽ تسلي ڏيڻ لاءِ پنهنجو دل گهريو دلبر خود ايجاد ڪري ورتو آهي.
    هوءَ مسلسل ڳالهائيندي رهي، ڄڻ ته ڪو درياهه اٿلي پيو هو.
    ”ڏس سائين تو مون کي بولس ڏانهن خط لکي ڏنو ۽ مون اهو خط، ٻي ڪنهن کي ڏنو ۽ ان اهو خط، مون کي پڙهي ٻڌايو ۽ جڏهن هن اهو خط پڙهيو ته، مون هن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ مون کي ائين لڳو ته بولس موجود آهي ۽ مون تو کي عرض ڪيو ته، مون کي ٻيو خط لکي ڏي. جيڪو بولس جي طرفان ٽريسيا ڏانهن هجي. مون کي چڱي پر يقين آهي ته بولس هن دنيا ۾ موجود آهي ۽ اهو تصور منهنجي ڊگهي ۽ دکي زندگيءَ کي، سونهن ۽ سڪون بخشي ٿو.“
    مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو ۽ مون پنهنجو پاڻ تي ملامت ڪئي. انهيءَ ڏينهن کان، مون هر هفتي ۾ ٻه خط لکڻ شروع ڪري ڏنا. هڪ خط ٽريسيا جو بولس ڏانهن، ۽ ٻيو بولس جو ٽريسيا کي جواب. آءٌ انهن خطن ۾، ٽريسيا جي معصوم جذبن ۽ سامايل سپنن کي، سٻاجهڙي ٻوليءَ جي سندر لفظن ۾، بيان ڪندو هوس....... هوءَ اهي لفظ غور سان ٻڌندي هئي...... ۽ روئندي هئي. ڳري آواز هئڻ جي لحاظ کان آءٌ چوندس ته هوءَ شينهن جيان گجندي هئي. ۽ منهنجي خطن لکڻ جي موٽ ۾ هوءَ منهنجي قميصن جا بٽڻ ٽاڪيندي هئي ۽ جوراب ۽ ٻين ڪپڙن کي چتيون هڻي ڏيندي هئي....... ۽ شايد هن قصي جي شروع ٿيڻ جي ٽن مهينن کان پوءِ، هن کي ڪنهن سبب جي ڪري، جيل ۾ وڌو ويو ۽ انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هن وقت هوءَ مري چڪي آهي.
    منهنجي دوست سگريٽ جو ڦلو ائشٽري ۾ ڦٽي ڪيو. اُداس ۽ گهري سوچ سان آسمان ڏي نهاريو ۽ نتيجي تي پهتو.
    ٺيڪ آهي هڪڙن انسانن، پاڻ کي سکي بنائڻ ۽ لطف اندوز ڪرڻ لاءِ بهتر طريقا ڳولي ڪڍيا آهن. ان جي عيوض ٻين انسانن کي، کين خوشيون ۽ سک ڏيڻ لاءِ بکون ۽ ڏک ڪاٽڻا ٿا پون. اسان پنهنجي وڏماڻهپي ۽ قابليت تي، ناز ٿا ڪريون ۽ اسان جي خودغرضي ۽ پيٽ ڀرڻ جي لاڙي جي نتيجي ۾، ٻين انسانن کي ڪشتو کڻڻو ٿو پوي ۽ مٿان وري سڄي دنيا کي اهو ڏيکارڻ ته اسان خود ڪفيل آهيون. سمجهه ۾ نٿو اچي. اسان جون اهي سموريون حرڪتون خوبصورت بيوقوفيون نه پر ظالمانه سازشون آهن. اسان جنهن کي اڇوت ڪلاس چئون ٿا. مان پڇان ٿو اڇوت ڪلاس ڪهڙو آهي! آءٌ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ڇا انهي ڪلاس جي ماڻهن کي، پهريائين ساڳيا هڏا، ساڳيا عضوا ساڳيو رت، ۽ ساڳيون تنتون نه آهن؟ اسان کي گذريل ڏينهن کان اڄوڪي ڏينهن ۽ اڳين نسل کان اڄوڪي نسل ذريعي، انسانيت ۽ اخلاقيات جو درس ڏنو وڃي ٿو. ۽ شيطان سڀ ڄاڻي ٿو ته اصل حقيقت ڇا آهي. اسين انسانيت جي واعظ جي ڪري بگڙي چڪا آهيون. اسين جيڪي پاڻ کي، اوچي طبقي جا فرد سڏايون ٿا. حقيقت ۾ اسين ئي ڪريل ۽ اڇوت ڪلاس آهيون ۽ جيئن مون کي لڳي ٿو ته اسين خود غرضي ۽ خود ڪفيليءَ جي، گهري کڏ ۾ ڪري چڪا آهيون. ۽ اسان خود پنهنجي احساس برتريءَ جي بيماري جو، شڪار ٿي چڪا آهيون پر ان جي باوجود به، اها حقيقت ايتري ئي پراڻي آهي جيترا جبل ۽ ماٿريون ايتري پراڻي جو ان بابت ڳالهائيندي به شرم ٿو اچي. جيتوڻيڪ ايتري پراڻي آهي پر ها.... ان جو وجود ڀلا ڪٿي آهي؟
    ***


    گوري، گهاگهر ۽ گوندر

    رفائيل آرميئين

    مسافر گهوڙي جي واڳ هٿ ۾ جهلي، پيادو هلي رهيو هو. گهوڙي کي ڏسندي لڳو ٿي ته اهو گهڻو وقت طنبيلي ۾ ٻڌل رهيو هو ۽ گهڻي وقت کان ان تي، ڪنهن سواري نه ڪئي هئي. رستي ۾، هن کي ريڍار ملي ويو. هو تازي ڄاول گهيٽي کي ڪڏائي رهيو هو.
    ”تنهنجو ڏينهن شل سٺو گذري، تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ مسافر پڇيو.
    ”تنهنجو ڏينهن به شل سٺو گذري. آءٌ سرگيئڪ ڏانهن پيو وڃان،“ ريڍار گهيٽي جي ريشمي پُٺيءَ تي هٿ ڦيرائيندي وراڻيو.
    ”ته تون برفاني پهاڙن ۾ بهار ساڻ کڻيو پيو وڃين.“
    ”ڪهڙي بهار؟ آءٌ ته پاڻ سان گهيٽو کڻيو وڃان.“
    ”گهيٽو بهار جو ٻيو نالو ئي ته آهي.“
    ريڍار هن عجيب غريب جواب تي مٿس کليو ۽ کيس وڌيڪ چتائي ڏسڻ لڳو.
    ”تون پنهنجي خبر ڪر؟ برفاني پهاڙن ۾ ڇا ٿو ڏيڻ وڃين؟“ هن چٿر ڪندي پڇيو. مسافر هن جي اکين ۾ کلي چٿر محسوس ڪئي، پر ڪو به جوابي حملو نه ڪيو.
    ”ڪجهه به نه، اٽلو آءٌ اتان ڪجهه نه ڪجهه پاڻ سان واپس آڻڻ چاهيان ٿو.“
    ”ڇا تون زميندار آهين؟“ ريڍار جي سوال ۾ اشتياق سمايل هو.
    ”نه.“ مسافر ورندي ڏني.
    ”ته پوءِ؟“
    ”مان گيتن جو ڳولائو آهيان.“
    ريڍار انهيءَ جواب کي بيوقوفاڻو خيال ڪندي کلي ڏنو.
    ”هيلتائين ٻڌوَ، ته ڪنهن گيت گڏ ڪيا؟“
    ”ها پر اهي ڪري سگهجن ٿا.“ مسافر ٻي ڪنهن جا خيال پنهنجن لفظن ۾ چيا. ”توکي گيتن جي تلاش ڪرڻ گهرجي، شايد ئي توکي سڌ هجي ته تنهنجي ٿيلهي ۾ ڪيترا گيت لڪل هجن.“
    ”آءٌ تنهنجو مذاق سمجهان ٿو. منهنجي ٿيلهي ۾ آخر گيت ڇو هوندا؟ منهنجي ٿيلهي ۾ ته فقط، پنير، ماني ۽ نديءَ جي ڪپ تي ڦُٽندڙ سائو ڦوڌنو آهي.
    مسافر مرڪي ڏنو.
    ريڍار گهيٽي کي زمين تي ڇڏي ڏنو ۽ ٿيلهو کولڻ لڳو. گهيٽو ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳو. بهار ڪيڏي نه وڻندڙ، مست ۽ روح کي جوان ڪندڙ هئي! بهار پنهنجين ٽنگن کي ڦهلايو ۽ پوءِ پنهنجو ننڍڙو ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ پنهنجن پيرن جي هيٺان منهن لنگهائي گاهه کائڻ لڳو.
    ”هلي آ، هتي ويهه اسين ٻيئي گڏجي سرگئيڪ هلنداسين.“ ريڍار چيو. ”پنير ۽ ڦوڌنو اسان کي تازگي ڏيندو هلندو.“
    ٻيئي پيادا هلڻ لڳا. هنن گهيٽي کي پاکڙي سان ٻڌل ٿيلهي ۾ وڌو ۽ ان جو منهن ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. اهي سرگئيڪ شام جو پهتا. ڳوٺ کان ٻاهر سندن رستو هڪ رڍن جي ڌڻ بلاڪ ڪيو. گهيٽو رڍن جي ڌڻ کي ڏسي درد مان ٻاڪارڻ لڳو. سمورو ڌڻ اڳتي نڪري ويو پر هلڪي رنگ واري رڍ بيهي رهي ۽ پريشان نظرن سان هيڏانهن، هوڏانهن نهاريائين ۽ پيڙا وچان ٻاڪارڻ لڳي.
    ”فقط اها ماءُ جنهن کان پنهنجو ٻار وڇڙي ويو هجي، هڪ يتيم جي دانهن ۽ پيڙا کي سمجهي سگهي ٿي.“
    ”ها،“ ريڍار هن سان متفق ٿيندي چيو.
    ”سدائين ائين ٿيندو آيو آهي ۽ سدائين ايئن ٿيندو رهندو“ ”تون ته گيتن جي ڳولا ۾ نڪتو آهين؟“ هن اوچتو سوال ڪيو. هن وقت سندس آواز ۾ نه اها حيرت هئي ۽ نه ئي ڪا چٿر سمايل هئي.
    ”هوڏانهن ڏس!“ ريڍار روڊ جي ور تي ٺهيل گهر ڏانهن اشارو ڪيو. ”ماڻهو هتي پنهنجي سانگي جو انتظار ڪندا آهن. گهر ڌڻين پنهنجو گهر روڊ جي ڀرسان انهيءَ ڪري اڏيو آهي ته جيئن ڪو آڌي مانجهي موٽندڙ مسافر رات جا چار پهر ٽڪي سگهي. گهر جي مالڪڻ پوڙهي عورت جو پٽ پرڏيهه ويل آهي. هن پنهنجي ننهن کي چئي ڇڏيو آهي ته پنهنجي گهر جا دروازا هميشه کليل رکجانءِ ته جيئن ڀٽڪيل مسافر هتي آرام ۽ سڪون ماڻي سگهن.“
    ريڍار ٿيلهو پاکڙي مان ڪڍي پنهنجن ڪلهن تي ڪيو. تنهن کان پوءِ هن پنهنجي همسفر کي خدا حافظ چيو ۽ روانو ٿي ويو. ٿوري وقت گذرڻ کان پوءِ مسافر اچانڪ پويان نهاريو. ڏور بنهه ڏور هن کي ميرانجهڙي شام ۾ اڇي ٽٻڪي ڏيکائي ڏني. اهو گهيٽو هو جيڪو دل ڏاريندڙ ٻاڪارون ڪري رهيو هو ۽ هڪ دفعو وري گهيٽو اوندهه ۾ گم ٿي ويو. بهار اوندهه ڳڙڪائي ويئي ۽ هن کي سندس پيڙا وڌندڙ محسوس ٿي.
    مسافر ڳوٺ ۾ اڏيل پٿرائين گهر ۾ رات گذارڻ لاءِ ٽڪيو. پوڙهي عورت جي ننهن، گهوڙي کي طنبيلي ۾ ٻڌو ۽ مسافر کي پاڻي آڻي ڏنو. جڏهن هن هٿ منهن ڌوئي ورتو ته گهر جي مالڪڻ پوڙهي عورت، کانئس پڇيو. ”اسان تنهنجو بسترو ڪٿي لڳايون.“
    ”ڇت مٿي.“
    ”جيئن هو چوي ٿو تيئن ڪر.“ هن پنهنجي نوجوان ننهن کي چيو.
    ”بستري جي تڪليف نه ڪريو. مون کي سڪل گاهه آڻي ڏيو. آءٌ گاهه تي سمهڻ وڌيڪ پسند ڪريان ٿو.“
    پوڙهي عورت حيرت وچان ڏانهنس نهاريو ۽ مٿي سڏ ڪيو. سڏ تي جيئن ئي سندس ننهن هيٺ نهاريو، هن چيو ”هيلتائين ڪنهن ٻڌو ته آرمينين خاندان آيل مهمان کي گندو يا خراب بسترو ڏنو؟“
    پوڙهي عورت جي ننهن هڪ ٻئي جي پٺيان هيٺ ڄاريدار چادرون اڇليون. انهن مان هڪ تي اوڀر جي ديو- پري جي آکاڻي، بادامي رنگ ۾ اڪريل هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ بادامن ۽ امر ڦل جا داڻا روشن ڌرتيءَ تي وکري ويا هجن. مسافر پنهنجو هٿ چادر مٿي گهمايو. هن کي ان ۾ پنهنجي ننڍپڻ جو ڇهاءُ محسوس ٿيو. هو انهن چادرن تي ڇپيل انڊلٺي رنگن کي ڏسندي ڪڏهن به نه ٿڪندو هو. ۽ انهن چادرن تي اڪريل گيت، نرم ۽ نازڪ چيلهه واريون جوانيون ۽ اڻ کٽ روڊن تي گهمندڙ بادامين اکين واريون ڇوڪريون چير ڪري سندس دل ۾ گهڙي وينديون هيون ۽ اهو چير ٻاهران ريٽجي، کين هميشه لاءِ سندس جسم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندو هو.
    هو خانقاهه جي ديوارن جي ٻاهران انهن ماڻهن سان به مليو هو، جيڪي ترڪ قتلام کان بچي نڪتا هئا ۽ هن هڪ ڀيرو وري اهي چادرون ڏٺيون هيون. جيڪي هينئر ٻه بدقسمت پناهگيرن کي ويڙهيل هيون. پر بادامي رنگ تي چٽيل نقش کيس زياده دير تائين ديو- پريءَ جي آکاڻي ۾ گم نه ڪري سگهيا. پر ان جي بدران انهن چادرن تي اڪريل نقشن کيس ”جينسري“ جا لانگ بوٽ ياد ڏياريا. جيڪي هر وقت هن جي دل کي لتاڙڻ لاءِ تيار هوندا هئا. انهيءَ دل کي جيڪا هن جي ڌرتي ماءُ هئي. هاڻ هن پنهنجو هٿ چادر تي ائين گهمايو ڄڻ ته هو انهن نامراد بوٽن جي نقشن کي ميسارڻ چاهيندو هجي.
    ”ڇا تون حجاب ٿو ڪرين؟“ پوڙهي عورت ڏکويل آواز ۾ چيو.
    ”ٺيڪ آهي....... پر ............ دراصل مون کي بستري تي سمهڻ جي عادت ڪونهي.“
    ”جيڪا تنهنجي مرضي.“ هوءَ تنهنجي لاءِ گاهه آڻي ٿي. اهو ٻڌندي نوجوان عورت ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي. چؤطرف خاموشي ڇانيل هئي. سواءِ هڪ تڏ جي چر چر جي آواز جي. اوچتو هڪ ڪوئو ٽپ ڏيئي ڇت جي سوراخ مان نڪري چانڊوڪيءَ ۾ هليو ويو.
    پوڙهي عورت مهمان جي اڳيان ڊٻل روٽي ۽ ڦيڏر (ڦٽل کير) مان ٺهيل سوپ ۽ پڪل ماني آڻي رکي ۽ کيس ويهڻ لاءِ چيو.
    ”تون ڪٿان آيو آهين؟ ڪير آهين؟ ڪنهن جو پٽ آهين؟“ پوڙهي عورت هڪ ٻئي پٺيان يڪا سوال ڪري ڏنا.
    مسافر مانيءَ کي پيالي ۾ آهستي آهستي ڀور ڀور ڪيو: ”آءٌ آرمينين آهيان.“ هن سوپ ۾ چمچو هلائيندي چيو.
    ”مون کي به ائين لڳو ٿي.“
    ”آءٌ ڪيوتائي کان آيو آهيان. گيورڪ سوگومن جو پٽ آهيان. منهنجو نالو ڪوميتاس آهي. ۽ آءٌ پادري آهيان.“ هن جي هڪ ساهيءَ ۾ هڪ ئي سر ۾ جوابن تي پوڙهي عورت کي مٿس شڪ پيو.
    ”تون ڪهڙي قسم جو پادري آهين. ايستائين جو جبو به ڪو نه ٿو پائين؟“
    ”آءٌ هتي عبادت لاءِ نه پر گيت گڏ ڪرڻ آيو آهيان.“
    هو پڪ ڪوڙ پيو ڳالهائي. پوڙهي عورت خيال ڪيو ”گيت ڪا ڪڻڪ ته ناهي جو ان کي ميڙي گڏ ڪجي.“ هن چيو ۽ اهو چوندي کيس گهوري نهارڻ لڳي. هوءَ کيس ائين گهوري نهاري رهي هئي ڄڻ هن ڪو وڏو ڏوهه ڪيو هجي. هن کيس ڪو به جواب نه ڏنو ۽ کائڻ ۾ ئي رڌل رهيو.
    ”جيڪڏهن تون واقعي پادري آهين ته منهنجي پٽ لاءِ دعا گهر“ هن بنا ڪجهه سوچڻ جي چيو.
    ڪوميتاس هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ پيالي ۾ چمچو هلائڻ لڳو. پيالي مان چمچي جي هلائڻ جو آواز ٻرڻ لڳو، پوڙهي ماءُ جي جهور اکين مان لڙڪ لڙي، ڳلن تي ڳڙڻ لڳا.
    ”هو پرديس ويل آهي. اها ويل ۽ هيءَ ويل هن جو ڪو به نياپو نڙو يا ڏس پتو ڪونهي.“ لفظ هن جي گلي ۾ اٽڪي پيا. هوءَ جهيڻي ۽ گهٽيل آواز ۾ ڳالهائڻ لڳي.
    ”منهنجي ننهن هن جي اوسيئڙي ۾ جيئن پوءِ تيئن اجهامندي ۽ ڳرندي ٿي وڃي. هوءَ گهاگهر کڻي پهاڙن ڏي نڪريو وڃي ۽ چشمي ڀر ويهي رستن ڏانهن آسوند اکين سان سندس واٽون نهاريندي ٿي رهي.“
    ڪاٺ جو چمچو اوچتو پيالي ۾ ڪري پيو.
    ”هو هينئر ڪٿي آهي!“
    ”مون کي باڪو کان سندس هڪ خط پهتو هو. جنهن ۾ ڄاڻايو هئائين ته هو سرءُ جي مند ۾ اچي رهيو آهي، سرءُ ويو، سيارو آيو، مٿان بهار به اچي ويئي پر هو نه موٽيو آهي!“
    لڙڪ لڙندا هاڻ سندس کاڏي تي اچي پهتا هئا. پادري چمچي کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر اهو پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪو هو.
    ”آءٌ هن لاءِ ضرور دعا گهرندس. مون کي سندس نالو ٻڌايو. مون کان جيترو ٿي سگهيو کيس ڳولي اوهان کي خط جي ذريعي ڄاڻ ڪندس.“
    ”مون کي هاڻ پڪ آهي ته جيڪڏهن تون پادري ناهين ته به خط ضرور لکندين.“
    ”پر خدا گواه آهي ته آءٌ پادري آهيان.“
    ”ته پوءِ لک: آندرانڪ ٽيڪيڪائن پٽ مئناس“
    ڪوميتاس پنهنجو موسيقيءَ جو ڪتاب کوليو ۽ ان ۾ نالو درج ڪيو.
    ”هٿ ڇو روڪي ڇڏيئي. ڇا توکي اسان جو رڌو ڪو نه ٿو وڻي؟“
    ”نه ائين ناهي، دراصل مون کي ايتري بک ڪونهي“ ڪوميتاس ورندي ڏني.
    هاڻ رات ٿي چڪي هئي. تارن ڀريو آسمان ڏور تائين پهاڙن مٿان ڇپر جيان بيٺو هو. ڇت تي ڏيئو ٻري رهيو هو ۽ نوجوان عورت سندس بسترو وڇائي رهي هئي. ڪوميتاس گوڏن ڀر ويهي رهيو. پوڙهي عورت به ان جي ڀرسان ويهي رهي.
    ” اوٻاجهارا ڌڻي! ڀٽڪيلن کي پنهنجي امان ۾ رک.“ ڪوميتاس ڌڻيءَ کي ٻاڏائيندي چيو.
    ”شل ائين ئي ٿئي.“ پوڙهي عورت چيو.
    نوجوان عورت اٿي ڏيئو کنيو. هن کي ٻرندڙ ڏيئو اڀ ۾ چمڪندڙ تاري جيان لڳو. هوءَ ڏاڪڻ لهي هيٺ آئي ۽ انهن وٽ روشني آندائين ۽ تارا آسمان ۾ ئي ٽمڪندا رهيا.
    نوجوان عورت جو چهرو اَويساهيءَ جي شعلي سان ٻري پيو ۽ چوڏس ڦهليل اونداهيءَ ۾ روشني ڦهلجي ويئي. هن جون اکيون هرڻ جيان گهريون هيون. ڀرون ڀنئور جهڙا ڪارا وار واسينگن جهڙا ۽ ڳلن ۾ خوبصورت چُگهه هئا.
    ”تون ڪنهن لاءِ دعا گهري رهيو آهين؟“ نوجوان عورت پڇيو.
    ”ان سان تنهنجو تعلق ناهي. تون اندر هلي وڃ“ پوڙهي عورت حڪم جي انداز ۾ چيو.
    ”اوٻاجهارا ڌڻي! ڀٽڪيلن کي پنهنجا امان ۾ رک.“ هن ساڳيا لفظ دهرايا.
    ”خدا تنهنجو سڏ ڪو نه ورائيندو. ڀلا ٻوڙي به ڪڏهن ٻڌو؟“ نوجوان عورت چيو. ڪوميتاس کي سندس اکين ۾ چٿر نظر آئي. ”هن هيلتائين ڪنهن جي به ناهي ٻڌي ۽ نه ئي هاڻ ڪنهن جي ٻڌندو.“
    ”مون توکي چيو ته اندر هلي وڃ“ هن رڦندڙ آواز ۾ سختي آڻيندي چيو ”خدا هر ڪنهن جي ٻڌي ٿو ۽ ها ڪنواري مريم جي پڻ.“
    ”تون خدا کي ڇو ٿي ٻاڏائين؟ جيڪڏهن هو ايتروئي سٺو هجي ها. ته هو پنهنجي زال کي ايترو دکي نه ڪري ها ۽ نه ئي کانئس پٽ جدا ڪري ها.“
    ”مريم جي شان ۾ ائين ڳالهائڻ گناهه آهي. ڪنواري مريم کي زال سڏڻ نه گهرجي. شل خدا اسان کي معاف ڪري.“
    ”ڇا تون سمجهين ٿي ته آءٌ به زال آهيان؟ اندرانڪ پرڏيهه ويل آهي. جيڪڏهن تنهنجو خدا ايترو مهربان آهي ته هن مون کي بنا مڙس جي ٻار پئدا ڪري ڇو نه ڏنو؟ ڇا مريم مون کان به خوبصورت هئي؟“
    ڪوميتاس هن ڏانهن نهاريو. آسمان ۾ چمڪندڙ تارن جيان سندس منهن ڏيئي جي ڦٿڪندڙ روشنيءَ ۾ ٻري رهيو هو. هوا ۾ سندس وار باهه جي اُلن جيان اٿي رهيا هئا. سندس ڀروئن جي هيٺان رکي رکي هلڪا هلڪا شيڊ اڀري رهيا هئا. ڏيئي جي روشني سندس گهرين اکين سان ٽڪرائجي موٽ کائي رهي هئي ۽ سندس ڳلن ۾ پيل چگهه ڪيڏي مهل اونداها ته ڪيڏي مهل روشنيءَ سان ٽمٽار ٿي ٿي ويا. سندس مٿئين چپ تي پيل سونهري لڪير اونده ۾ ٻري رهي هئي.
    ”تو اسان جي بيعزتي ڪئي آهي. اندر هل“ پوڙهي عورت کيس هٿ مان جهليندي چيو.
    هاڻ ڪوميتاس اڪيلو رهجي ويو ۽ آسمان ڏي نهارڻ لڳو. هو انهن ڀٽڪيلن بابت سوچي رهيو هو، جيڪي جيون جي اڙانگن پيچرن ۽ ورن وڪڙن ۾ رلي ويا هئا ۽ هيلتائين واپس نه موٽيا هئا ۽ پويان پنهنجا گهر، اباڻي ڌرتي ڇڏي ويا هئا. هر شئي خاموش هئي، چوڏس ماٺ ئي ماٺ هئي. پوءِ به هن کي محسوس ٿيو ته ڪوئي دانهون ڪري رهيو هو: ’پنهنجي ڌرتيءَ کي ڇڏي پرڏيهه نه وڃ. ڇو ٿو چوين ته پنهنجي جيجل ڌرتي ننڍي آهي، ڌرتي ماءُ ننڍي ناهي پر ان جو اولاد پاڻ کي ڪمزور ٿو سمجهي، پنهنجي گهرن کي خيرآباد نه چئو! فاتح گهڻي وقت تائين رهي نه سگهندو، هن کي هر حالت ۾ موٽڻو ئي پوندو.“
    اڳ جيئن هر شيءِ خاموش هئي سواءِ ڍڳيءَ جي رنڀ ۽ ڪتي جي ڀونڪن جي. جيڪي پري کان اچي رهيون هيون.
    هو اڪثر جڏهن اڪيلو هوندو هو ته پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندو هو. اهڙي وقت ۾ سندس رڍ جي ٻوٿ جيان سوڙهي چهري تي گنڀيرتا ڇانئجي ويندي هئي. هن جون اکيون گهرائيءَ ۾ ٻڏي وينديون هيون ۽ دماغ خيالن جي پاتال ۾ پيهي ويندو هو، ان وقت هو پنهنجا چپ، ايترو ته زور سان ڀڪوڙيندو هو جو، اهي لال ٿي ويندا هئا. ائين ڪندي هو مايوس ٿي ويندو هو، ۽ پوءِ رکي رکي اميدون ڀڙڪيلي شعلي جيان سندس اڳيان تجلا ڏيئي ٻرنديون هيون ۽ هو پنهنجو پاڻ مرڪي ڏيندو هو. اهڙن موقعن تي ماڻهو پادريءَ ڏانهن حيرت وچان نهاريندا هئا ۽ ڪوميتاس انهن کي سالم دماغ سان خطاب ڪندي چوندو هو: ”مون کي اداس پائي اوهان کي حيرت نه کائڻ کپي! توهين پڪ ڄاڻو ته ان جي پويان ضرور ڪو نه ڪو سبب هوندو. يقينن ڪا ڳالهه هوندي. پر گهڙي پل ۾ آءٌ جڏهن پنهنجو پاڻ مرڪي ٿو ڏيان ته اوهين گهٻرائجي ٿا وڃو. منهنجا دوستو پنهنجون خوشيون بچايو.“
    خيال هن جي دماغ کي گهيري ويا. ڪوميتاس گهر ڏانهن نهاريو، پوڙهي عورت دروازي وٽ بيٺي هئي.
    ”فادر! هن ڏي گهوري نه نهار. هوءَ اڃان جوان آهي ۽ سمجهي ٿي ته خدا کيس وساري ڇڏيو آهي. شل خدا منهنجي پٽ ۽ منهنجي ننهن تي رحم ڪري. ڇا تون منهنجي پٽ لاءِ دعا نه گهرندين؟“
    ڪوميتاس گوڏن ڀر جهڪيو پر هن دعا نه گهري، هو خاموشيءَ سان آسمان ۾ گهوري نهارڻ لڳو. هن جا خيال خدا ڏانهن نه پر هن جي مخلوق ڏانهن هليا ويا. پوڙهي عورت ٿوري ٿوري وقفي کان پوءِ جهيڻي آواز م آمين جا لفظ دهرائي رهي هئي. پر هو پنهنجن خيالن ۾ ايترو گم هو جو ٻڌي نه ٿي سگهيو.
    هاڻ هو حقيقت ڏانهن موٽي آيو.
    ”آمين.“ پوڙهي عورت چيو.
    ”آمين.“ هن دهرايو
    ٻيئي اُٿيا.
    ”ته تون هتي گيت گڏ ڪرڻ آيو آهين؟ منهنجي ننهن ڳائڻ ڪو نه ڄاڻي، هتي جون نوجوان عورتون لڄاريون آهن، شايد اهي کيتن ۾ فصل لڻڻ وقت هيڪلائيءَ ۾ يا رات جي خاموشيءَ ۾ جڏهن هرڪو گهري ننڊ ۾ ستل هوندو آهي، ڳائينديون هجن.“
    ”نوجوان عورت بتي کڻي آئي.“
    ”ڏسي اچ، ڇت تي پادريءِ کي ڪا تڪليف ته نه آهي.“ پوڙهي عورت چيو.
    هوءَ لالٽين کڻي ڏاڪڻ چڙهڻ لڳي، روشني پوڻ سبب ڪاٺ جا ڏاڪا ٻري ٿي پيا.
    ”ڇا تون ڳائيندي آهين؟“ ڪوميتاس هن جي ويجهو پهچڻ مهل هڪدم چيو.
    هن ڪو به جواب نه ڏنو.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    هينئر به هن ڪو به جواب نه ڏنو.
    ”مون کي تنهنجي واتان گيت ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿيندي.“
    هن لالٽين ڇت تي رکي ۽ تڙتڪڙ ۾ هيٺ لهي آئي: ڇت تي، هو اڱڻ ۾ نوجوان عورتن، پوڙهي عورت ۽ سندس نڻان جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو ۽ انهن جا کليل ٽهڪ چٽا ٻڌي سگهيو ٿي.
    ”تو ضرور هن کي ٻڌايو هوندو ته تنهنجو نالو ارڪناز آهي ۽ تنهنجو مڙس پرڏيهه ويل آهي. جيڪو هيل تائين ناهي موٽيو.“
    ”هن بابت ان قسم جون ڳالهيون نه ڪر.“ پوڙهي عورت ڳالهه وچ ۾ ڪٽيندي چيو.
    ”ڇو نه! هوءَ گهاگهر کڻيو پهاڙن ڏانهن نڪريو وڃي ٿي ۽ چشمي ڀر ويهي رستن ڏي آسوند اکين سان آندرانڪ جي واٽ نهاريندي رهي ٿي. هوءَ نه مريم کي مڃي ٿي ۽ نه ئي خدا ۾ ڀروسو اٿس.“
    ڪوميتاس کي انهن تي ڪابه ڪاوڙ نه آئي پر هن کي ارڪناز تي ڏاڍو رحم آيو.
    ”ارڪناز کي بتي کڻڻ لاءِ مٿي موڪل.“ انهن مان هڪ عورت چيو ۽ ٻين کلي ڏنو. سندن ٽهڪ دروازي سان ٽڪرائجي واپس آيا. دروازو کليو ۽ روشنيءَ جا ترورا ٿوري دير لاءِ ظاهر ٿي، اوندهه ۾ گم ٿي ويا. ۽ پوءِ وري خاموشي ڇانئجي ويئي.
    ڪوميتاس ٻانهن تي ڪنڌ رکي ليٽڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن کي ننڊ نه آئي. هن حواس کڙا ڪري، آس پاس ڌيان ڏنو. انهيءَ اميد تي ته من ڪو گيت ڳائي: ڪو دير سان موٽندڙ مسافر يا ڪا ماءُ ٻار کي گود ۾ ڪڏائيندي يا ڪا ڇوري يار جي اوسيئڙي ۾. پر هن کي گيت ڪوبه ٻڌڻ ۾ نه آيو.
    ”ڪوميتاس هو تنهنجي چوڻ تي ڪڏهن به گيت نه ڳائيندا. گيت ٻڌڻ لاءِ ته توکي لڪي اچڻو پوندو.“ هن دل ئي دل ۾ خيال ڪيو.
    ڇا هو انهن نوجوان عورتن جي پويان وڃي سگهيو ٿي جيڪي مال چاري رهيون هيون. انهن هن کي ڏٺو پي. پر جي هنن نٿي به ڏٺو تڏهن به انهن کي ڳائيندي ٻڌي نٿي سگهيو. شايد انهيءَ ڪري ڪنهن پرڏيهيءَ جو خيال آهي ته ”هن ڌرتيءَ تي گيت ڄاوا ئي ڪونهن.“ پر ڇا اهڙو به ڪو ماڻهو هوندو جنهن وٽ گيت نه هجن. هن کي گرجا ۾ ٿيل اهي بحث ياد پيا. مانڪ دعويٰ سان چيو ٿي ته ڪمانچو ۽ تارا هن ڌرتيءَ جي پيٽ ۾ جنم ورتل ساز ئي هئا. ۽ انهن مان نڪرندڙ مخصوص آلاپ، هن ڌرتيءَ جا ئي گيت هئا جيڪي پيڙا، درد ۽ روحن جي گرميءَ سان ٽمٽار هوندا هئا.
    ”پرڏيهين کي ڀلا اسان جي ڪلا جي ڪهڙي ڄاڻ؟“ هو سوچن جي ساگر ۾ لڙهي ويو: ’اسان جي روحن جو راز اسان جي آرڪيٽيڪچر ۾ دفن ٿيل آهي، اسان جا عبادت گاهه سادا پر اڃان به طاقتور آهن. اسان جا گيت ساڳيائي آهن. اهي ئي شوخ ۽ اگهاڙي حسن جيان اڻ سينگاريل.‘
    هو گرجا جي ٻاهر آيو. ڳوٺاڻي گرجا جو اوچو منارو نيري آسمان جي سامهون، سينو تاڻيو بيٺو هو. ان جو قد بهڻ جي وڻ کان به اوچو لڳي رهيو هو. هاڻ هو ڪجهه به سوچي نه رهيو هو. هن جون اکيون بند ٿي ويون هيون ۽ هن جي ڇپرن جي هيٺان، ڪاراڻ هزارن ڪارن ٽٻڪن جيان، ائين ڏيکائي ڏيئي رهي هئي ڄڻ، ڪنهن اڻڄاتل هٿ چؤطرف تِر هاري ڇڏيا هجن. شايد اهو ئي سبب هو جو اونداهه، جيڪا هن کي ويڙهي ويئي هئي، کيس لامحدود ۽ بي انت لڳي.
    هو اسرويل اٿيو. هن جي تڏي جي ڀرسان، تڏ چر چر ڪري رهي هئي. تڏ يقينن سڄي رات چر چر ڪري رهي هوندي. پر شايد پنهنجين سوچن ۾ گم هئڻ سبب هو ٻڌي نه سگهيو هوندو.
    پوڙهي عورت واڙو کوليو، رڍ ٺينگ ٽپا ڏيندي نڪتي ۽ مينهن جي پٺيان هلڻ لڳي. ان ويل آسمان ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته، ڪنهن مٿس نيري مس هاري ڇڏي هجي، جنهن کي ڪڏهن به ميساري نه سگهجي.
    مينهن گاهه چري ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڍڪڻ لڳي.
    ”ارڪناز مينهن ٻاهر نڪري ويئي آهي!“ پوڙهي عورت رڙ ڪئي.
    ارڪناز مينهن کي ورائي وٿاڻ ۾ بند ڪيو ۽ گهاگهر کڻي ٻاهر نڪري ويئي.
    ”تون اسر مهل پاڻي ڀرڻ ڇو ويندي آهين؟“
    ”آندرانڪ به اسر مهل سفر هليو هو.“
    کُڏ واري ڪٽهڙي جي سوراخن مان هو پهاڙ ڏانهن ويندڙ رستو ڏسي سگهيو پئي. گهاگهر ڪوهيڙي ۾ نيري نظر اچي رهي هئي ۽ هوءَ جيئن جيئن جبل تي چڙهي رهي هئي، تيئن تيئن گهاگهر سندس جسم جو هڪ حصو بنجندي ٿي ويئي. گهڙي پل لاءِ ڪوميتاس کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اهو پيار ونڊيندڙ دلين جو ڪو جوڙو هو، جن جا منهن هڪ ٻئي ڏانهن جهڪيل هئا ۽ جيڪو ٿوري پنڌ تي جبلن ۾ گم ٿيندڙ چشمي ڏانهن وڃي رهيو هو ۽ تنهن کان پوءِ هن کي لڳو ته ڄڻ هن ڪو گيت ٻڌو آهي يا ڪو گيت ضرور ٻڌندو.
    ”هن گهاگهر کنئي ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمي ڏانهن نڪري ويئي.....“
    شايد هن اهو ئي گيت پهاڙن جي گود ۾ پلجندڙ وادين ۾ ٻڌو هو. پر ڪٿي ٻڌو هو؟ اهو هن کي ياد نه پيو. هر هنڌ جوان ڇوريون چيلهه تي گهاگهرون کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪرنديون هيون ۽ هر هنڌ الڙ جوانيون پنهنجن پيارن جي ڳولا ۾ نڪرنديون هيون. جن مان ڪي جيون جا موتي ڀري موٽنديون هيون ته ڪي لڙڪن سان ٽمٽار گهاگهرون ساڻ ڪري واپس ورنديون هيون.
    سج اڀرڻ ۾ ٿوري ئي ڪا اوير هئي. ڳوٺ پهاڙن جي گود ۾ اڏيل هو. ڇت مٿان هو چشمي ۽ ان ڏانهن وڌندڙ ارڪناز کي ڏسي سگهيو پئي. ڪوميتاس پنهنجي ٿيلهي مان ڪڻڪ جا داڻا ڪڍيا. رستو چشمي ڏانهن ور وڪڙ کائيندو وڃي رهيو هو ۽ جبلن ۾ گم ٿيندو ٿي ويو. هاڻ هو چشمي کان اڀرندڙ آلاپ جيان اونائي رهيو هو. ارڪناز ڳائي رهي هئي:
    ”هن گهاگهر کنئي ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمن ڏانهن نڪري ويئي.......“
    هن گيت ڪهڙين وادين ۾ جنم ورتو هو؟ ان جي هن کي به خبر نه هئي. هر جڳهه هر هنڌ، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي پرينءَ کي ڳوليو هوندو. جن مان ڪن خوشي ماڻي هوندي ته ڪن ڪجهه به نه!
    ڪوميتاس پنهنجو موسيقيءَ جو ڪتاب کوليو ۽ ان ۾ تڪڙو لکڻ لڳو. هن اڌ بند اکين سان لکيل بند ڳايو ۽ وري رستن ڏانهن ڏسڻ لڳو. جيڪي ٿورو هلڻ کان پوءِ گم ٿي ٿي ويا ۽ هن کي لڳو ته ڄڻ هو ارڪناز کي پنهنجي مڙس کان موڪلائيندو ڏسي رهيو هجي. هوءَ پيرين اگهاڙي هئي ۽ هن جا سج جيان سونهري پير ماڪ ڀنل هئا. هن کي لڳو ته ڄڻ سج سندس سونن ايرينگن ۾ چمڪي رهيو هجي. سندس ڳلن ۾ چگهه هئا ۽ سندس ڀرونئن ۾ وونگ پيل هئا.
    ”جلدي خط لکجانءِ ۽ ها جلدي موٽڻ جي ڪجانءِ.“ ارڪناز هوريان چيو.
    جڏهن تقلق پکي واپس ورندو آهي ته ٻارڙا ڇت تي نچندي ٽپندي چوندا آهن ته، تقلق پکي وري موٽي آيو. ”ها..... آءٌ به وري موٽي ايندس.“ اندرانڪ تسلي ڏيندي چيو.
    اندرانڪ سفر تي هليو ويو ۽ ارڪناز چشمي ڀر گهاگهر چيلهه تي کنيو بيٺي رهي.
    ڪوميتاس کي لڳو ته ڄڻ اهو سڀ ڪجهه هاڻي ئي ٿيو هجي. بلڪل هينئر هن جي سامهون ارڪناز پنهنجي ور کان موڪلايو هجي. ۽ هاڻ ئي آندرانڪ سفر تي اسهيو هجي ۽ ور وڪڙ کائيندڙ رستي ۾ گم ٿي ويو هجي.
    ”فادر! ارڪناز پاڻي ڀري آئي آهي. ڇا تون وهنجڻ پسند ڪندين!؟“ پوڙهي عورت جو آواز کيس خيالي دنيا مان ڪڍي اصلي دنيا ۾ کڻي آيو. هو ڏاڪڻ لهي هيٺ آيو ۽ ٻاهر هٿ منهن ڌوئي اندر داخل ٿيو.
    نوجوان عورت سندس گهوڙو طنبيلي مان ڇوڙي ٻاهر آندو. ڪوميتاس سڀني کان موڪلايو. جيئن ئي هو لانگ ورائي گهوڙي تي چڙهيو، پوڙهي عورت جو آواز هن جي ڪنن تائين پهتو. ”فادر ڇا تون آندرانڪ کي خط لکندين؟! ۽ ان ۾ کيس اسان ڏي خط لکڻ لاءِ چوندين!؟“
    ارڪناز ڪجهه به نه ڳالهايو. هو پنهنجي سس جي ڀرسان خاموش هيٺ ڪنڌ لاڙي زمين ۾ گهوريندي رهي.
    ”جيئن ئي مون کي هن جو جواب آيو، آءٌ اوهان جي ڳوٺ جي چرچ ۾ اچي شڪريئي جي دعا گهرندس.“
    ”شل ان دعا جي بلي اسان کي خدا پنهنجي رحمت ۾ رکي.“ پوڙهي عورت چيو.
    .... .... ....

    ڪئين مهينا گذري ويا. ڪوميتاس کي اوچتو باڪو کان سندس خط جو جواب پهتو: ”......... آندر نڪ ليٽڪميڪائن هڪ ڀٽڪيل رمتو گذريل سرءُ جي موسم ۾ وفات ڪري ويو. شل خدا سندس ماءُ ۽ بيواهه تي رحم ڪري....“
    هن خط کي وري وري پڙهيو ۽ کيس هنن جي ڳوٺ ۾ شڪريي جي دعا گهرڻ جو واعدو ياد آيو. هن ڀيري ڪوميتاس جبو پاتو ۽ اُتي پنهنجي پهچڻ جو اطلاع موڪلي ڏنو.
    اهي اونهاري جا پويان ڏينهن هئا. چراگاهه مان تتر جي ٻولڻ جو آواز آسانيءَ سان ٻڌڻ ۾ پئي آيو. هيل گرمي به تمام گهڻي پئي هئي. ڪوميتاس جي گهوڙي اڏامڻ چاهيو، پر ڪوميتاس واڳ کي نه ڇڪيو. کيس ڪابه تڪڙ ڪانه هئي.
    جڏهن هو ڳوٺ ۾ روڊ جي ڀرسان پٿرائين گهر جي ويجهو پهتو ته هن واڳ ڄاڻي واڻي مخالف طرف موڙي ته جيئن، هن کي پوڙهي عورت يا ارڪناز سامهون ملي نه وڃن.
    ڳوٺاڻا گرجا ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. ڪوميتاس کي ٻن عورتن جي موجودگي محسوس ٿي. پوڙهي عورت سندس هٿ چميو، پر ساڻس ڪجهه به نه ڳالهايو. هن ايئن ٿڌو ساهه کنيو ڄڻ ته ڇوٽڪارو پاتو هجيس. هن کي ارڪناز جي اکين ۾ ٻرندڙ سوال محسوس ٿيو: ”هو کيس خط بابت ٻڌائي ئي ڇڏي!“ هن سوچيو.
    ٽڻ، ٽڻ، ٽڻ. گرجا جو گهنڊ وڄي رهيو هو. لوبان جي خوشبوءِ پوري گرجا ۾ ڦهليل هئي. ڪوميتاس لباس خاني ۾ ٿي بيٺو ۽ جماعت کي ڏسڻ لڳو. پوڄاري ديوار جي لڳ گوڏا کوڙي ويهي رهيا. ارڪناز جو ڌيان عبادت ۾ نه هو، پر هوءَ مسلسل پادريءَ ڏانهن نهاري رهي هئي. سندس اکين ۾ هڪ ئي سوال هو ”ڇا، تو هن جو ڪو نياپو نڙو يا پار پتو آندو آهي؟“
    ڪوميتاس کي خود تعجب ٿيو، جڏهن هن بجاءِ عبادت ڪرڻ جي ڳائڻ شروع ڪيو. ڪوميتاس جو گيت ڏور تائين گونجي، لهرون پيدا ڪري رهيو هو.
    ”هن گهاگهر کنئي ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمن ڏانهن نڪري ويئي........... هوءَ پنهنجي پريتم کي جنهن کي هوءَ چاهيندي هئي، ڳولي نه سگهي....“
    ڳوٺ جي مهنت حيرت ڏيکاريندي چيو: ”ڏسو! پادري مقدس عبادت جي بجاءِ گرجا ۾ ڪنهن وڃايل پيار بابت گيت ڳائي رهيو آهي.“
    ”فادر! هي تون ڇا ڪري رهيو آهين؟ ڳوٺ جي مهنت پادريءَ کان سوال ڪيو. ”تون گرجا ۾ بيٺو آهين. مٿان اسان کي خدا ڏسي رهيو آهي ۽ سامهون مقدس صليب آهي.“
    ڪوميتاس هن کي ٻڌو اڻٻڌو ڪري ڇڏيو ۽ جهونگارڻ ۾ ئي مست رهيو: ”هن گهاگهر کنئي ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمن ڏانهن نڪري ويئي......“
    هن گيت ڳائيندي ڪنڌ ورايو. سامهون پوڙهي عورت آهستي آهستي چپن ۾ ڀڻڪي عبادت ڪري رهي هئي ۽ سندس ڪلها جهڪيل هئا. ارڪناز عبادت ڪونه ٿي ڪئي ۽ مسلسل پادريءَ ڏانهن نهاري رهي هئي. هو سندس ئي گيت ڳائي رهيو هو، جيڪو هوءَ چشمي ڀر ڳائيندي هئي. پادري گيت ڳائي رهيو هو ۽ هوءَ پادري ڏانهن گهوري نهاري رهي هئي. پر سندس اکيون گرجا ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي روشنيءَ کي به موٽائي نٿي سگهيون. اوچتو ئي اوچتو هن پير کنيا ۽ گرجا مان ٻاهر نڪري ويئي.
    گيت ختم ٿيڻ کان پوءِ پادريءَ انهن ڀٽڪيل رستن لاءِ دعا گهري جيڪي پنهنجو ڏيهه ڇڏي پرڏيهه اسهيا هئا ۽ وري پنهنجي ڌرتيءَ تي هر ڏيڻ نه آيا، نه ئي پنهنجي کيتن ڏي نظر ڪيائون ۽ نه ئي پنهنجن ڏاندن کي پاڻي پيارڻ لاءِ وريا. ڪوميتاس تڙتڪڙ ۾ دعا گهري گرجا مان ٻاهر نڪري آيو.
    -ڳوٺ جو مهنت هن جي پويان آيو ”فادر!“ هن ڳالهايو ۽ سندس اکيون، چنجهيون ٿي ويون. ”ڇا خدا جي گهر ۾ ڪنهن کي اجازت آهي ته هو گيت ڳائي؟“
    جيڪو به خدا جو آهي اهو دراصل ماڻهن جو ئي آهي ۽ جيڪي ڪجهه ماڻهن وٽ آهي اهو دراصل خدا جو ئي آهي.“ اهو ڄاڻندي به ته ڳوٺ جو مهنت اها سموري ڄاڻ ڳوٺ جي بزرگن کي ڏيندو، ڪوميتاس چوندي نه ڊنو.
    ڪوميتاس ڳوٺاڻن کان موڪلايو. هن گهوڙي جي واڳ پٿرائين گهر وٽ ڍري ڪئي.
    پوڙهي عورت روڊ جي ڀرسان سندس اوسيئڙي ۾ بيٺي هئي. مِٺ ماٺ ۾ هنن ڀر واري روڊ تي هلڻ شروع ڪيو. ارڪناز چشمي ڏانهن ويئي آهي هن چيو ٿي ته ”آءٌ پاڻي ڀري جلدي موٽي ٿي اچان ته جيڪڏهن ڪو ڀٽڪيل رُستو هتان لانگهائو ٿئي ته ان جي اُڃ اجهائڻ لاءِ ان کي ٿڌو پاڻي پياري سگهجي.“
    ڪوميتاس پنهنجي نڙيءَ ۾ ڳنڍو محسوس ڪيو، سندس نڙيءَ ۾ لفظ اٽڪي پيا. پوڙهي عورت جون اکيون لڙڪن سان تار ٿي ويون ۽ اهي لڙڪ هاڻ ڳلن تان ٿيندا ڌرتيءَ تي ڪري رهيا هئا.
    ”هن جي قبر جي مٿان پرڏيهه جي ڌرتي شل روشن ۽ وسندڙ هجي.“ پوڙهي عورت چپن ۾ ڀڻڪيو ۽ سواءِ موڪلائڻ جي پٿرائين گهر ڏانهن رخ رکيو.
    ڪوميتاس ٽِه واٽي تي بيهي، ان ويندڙ عورت کي ڏسندو رهيو، جنهن جي پَڙي جي ڪنار ڌرتيءَ سان گهلجي، ڌوڙ جا ڪڪر اُڏاري رهي هئي. هو اتي ئي بيٺو رهيو ۽ سندس دل مان درد ڀريو آلاپ اُڀرڻ لڳو:
    ”هن گهاگهر کنئي ۽ پاڻي ڀرڻ لاءِ چشمن ڏانهن نڪري ويئي. هوءَ پنهنجي پياري کي ڳولي نه سگهي. هوءَ پنهنجي يار کي ماڻي نه سگهي.“
    هن گيت ڪٿي جنم ورتو هو؟! هن کان اڳ هي گيت هن ڪٿي ٻڌو هو؟!
    هر هنڌ الڙ جوانيون پنهنجن پيارن جي ڳولا ۾ نڪرن ٿيون. جن مان ڪي جيون جا موتي ڀري موٽن ٿيون، ته ڪي وري لڙڪن ڀريل گهاگهرون ساڻ ڪري واپس ورن ٿيون!!
    ***


    ڪرسمس جو وڻ

    دوستو وسڪي

    مان بنيادي طور هڪ ڪهاڻيڪار آهيان ۽ ها مان مڃان ٿو ته، هيءَ ڪهاڻي جيڪا مان توهان کي ٻڌائڻ چاهيان پيو، ان جو خالق مان پاڻ آهيان، پر مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته، ڪنهن به وڏي شهر ۾، ڪرسمس جي موقعي تي، جڏهن فضا ۾ ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل هجي، ههڙي قسم جي ڪهاڻي جنم وٺي سگهي ٿي.
    منهنجي ڪهاڻيءَ جو هيرو هڪ ڇوڪرو آهي. هن جي عمر ڇهه سال يا اڃان به گهٽ ٿيندي. اهو ڇوڪرو پنهنجي ڀڳل ٽٽل ڪاٺ جي گهر، جنهن ۾ ٿڌ ۽ سيءُ تمام گهڻو آهي، ننڊ مان اٿيو آهي. هن کي ڦاٽل ۽ لنڊا ڪپڙا پيل آهن، ۽ سيءَ ۾ ڏڪي رهيو آهي. گهڻي سيءَ سبب سندس وات مان دونهان نڪري رهيا آهن ۽ اداس اکين سان بنا ڪنهن مقصد جي سامهون نهاري رهيو آهي. هن کي بک به ڏاڍو ستائي رهي آهي. ڪيترائي دفعا هميشه وانگر هو پنهنجي ڪاٺ جي ٺهيل سخت بستري تي ويو آهي، جتي ڀر ۾ سندس ماءُ تڏي تي ليٽي پئي آهي. سندس سيرانديءَ کان، ڪاٺين جو ويڙهو رکيل آهي جنهن کي هن وهاڻي طور استعمال ڪيو آهي. ”هو هتي ڪيئن پهتي آهي؟“ هو ماءُ ۽ پنهنجي باري ۾ سوچي رهيو آهي. هن کي ياد آيو آهي ته ڪيئن نه جاءِ جي مالڪ کين پوليس جي مدد سان گهر مان ڌڪي ڪڍي ڇڏيو هو. هنن ڪيئن نه جاءِ جي مالڪ کي، ڪرسمس تائين مهلت ڏيڻ لاءِ ايلاز ۽ منٿون ڪيون هيون، جنهن ۾ صرف ٻه ڏينهن وڃي بچيا هئا. پر جاءِ جي مالڪ سندن هڪ به نه ٻڌي ۽ مجبوراً کين ڳوٺ ڇڏي، هتي اچڻو پيو هو.
    هاڻ هو پنهنجي ماءُ ڏانهن نهاري رهيو آهي. اسي ورهين جي جهور پوڙهي، جيڪا ڪنهن وقت ۾ نرس رهي آهي، اڄ بي سهاري ليٽي پئي آهي. هوءَ سنڌن جي سور وچان ڪرڪي ڪنجهي رهي آهي ۽ پنهنجو پاڻ پٽي ۽ کنهي به رهي آهي. ڇوڪرو به ڊپ وچان، وٽس ويجهو وڃڻ کان لنوائي رهيو آهي ۽ گهر جي ٻاهران اچي ويٺو آهي. هن پاڻ کي سڪون بخشڻ لاءِ، پاڻيءَ گلاس پيتو آهي. پر هو ماءُ جي لڳاتار دانهن سبب سڪون ماڻڻ ۾ ناڪام ويو آهي.
    رات جيئن پوءِ تيئن ڪاري ٿي رهي آهي. روشنيءَ لاءِ، هن وٽ بتي به ڪانه آهي. هو اوندهه ۾ ئي گهر ۾ گهڙيو آهي ۽ هن ماءُ کي هٿ لائي ڇهيو آهي. هو محسوس ڪري رهيو آهي ته، سندس ماءُ جي چرپر ختم ٿي چڪي آهي ۽ سندس بدن ڀت جيان ٿڌو ٿي ويو آهي. ”هتي ته تمام گهڻي ٿڌ آهي.“ هو سوچي رهيو آهي.
    هاڻي هو بي سرتو اٿيو آهي ۽ گهر کان ٻاهر نڪري، گهٽيءَ ۾ آيو آهي. هو ان کان اڳ ئي روانو ٿي وڃي ها، پر هن کي پاڙي واري ڪتي کان ڊپ ٿي رهيو هو، جيڪو سڄو ڏينهن پاڙي واري جي در جي دڪيءَ تي ويٺو ڀونڪندو آهي. هينئر ڪتو ويٺل ڪو نه آهي. جنهنڪري هو آسانيءَ سان گهٽيءَ ۾ نڪري آيو آهي.
    ڪهڙو نه عمدو شهر آهي. هو سوچي رهيو آهي، هن کان اڳ هن اهڙو سٺو شهر ڪڏهن نه ڏٺو هو. هو جنهن ڳوٺ کان آيو آهي ان ۾ رات جو سدائين اوندهه هوندي هئي. گهٽيءُ ۾ فقط هڪ شمعدان ٻرندو هو. جيئن ئي سج لهڻ شروع ڪندو هو، ماڻهو گهٽيون خالي ڪرڻ لڳندا هئا ۽ گهرن ۾ بند ٿي ويندا هئا. جي ڪجهه گهٽين ۾ باقي رهندا هئا ته، اهي هئا، ڳوٺ جا ڇتا ڪتا، جن مان ڪي ته سڄي رات تائين پيا ڀونڪندا هئا. پر اتي ته گرمي به گهڻي هوندي هئي ۽ کيس کائڻ لاءِ به، ڪجهه نه ڪجهه ملي ويندو هو. ۽ هتي........ هتي وٽس کائڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي. هو سوچي رهيو آهي؛ هتي ڪيڏو نه گوڙ ۽ شور آهي؛ ڪيتريون نه بتيون ٻري رهيون آهن. هو رستي تي هلندي هلندي ڪيترا ماڻهو، گهوڙا ۽ گاڏيون ڏسي رهيو آهي ۽ هن هتي اچي سيءُ تمام گهڻو محسوس ڪيو آهي. هن ڏٺو ته گهوڙن جي وات مان به دونهان نڪري رهيا آهن. هاڻ هن کي بک تمام گهڻو تنگ ڪيو آهي. هو دل ئي دل ۾ چاهي رهيو آهي ته من مانيءَ گرهه ملي وڃي. جيئن هو پنهنجي پيٽ کي ڇاٻ ڏيئي سگهي. اوچتو ئي اوچتو، هن پاڻ کي نڀاڳو محسوس ڪيو آهي. پوليس وارو هن جي ڀرسان، بنا ڪنهن ڌيان ڏيڻ جي لنگهي ويو آهي.
    هاڻ هو ٻي گهٽيءَ ۾ نڪري آيو آهي. هيءَ ڪيڏي نه ڪشادي ۽ ڊگهي گهٽي آهي. هو سوچي رهيو آهي ته، شايد هن گهٽيءَ ۾ هو ڪجهه وقت گذاري سگهندو. هو ڏسي رهيو آهي ته، ڪيئن نه هرڪو ماڻهو خوشيءَ وچان ٽهڪ ڏيئي رهيو آهي. ڪي ڊوڙي رهيا آهن ته ڪي گاڏين ۾ سفر ڪري رهيا آهن. هتي ڪيڏي نه روشني آهي. ها، پر هي ڇا آهي؟ هن جي نظر هڪ وڏي شيشي جي دريءَ تي پئي آهي. هن دريءَ اندر ليئو پاتو آهي. هو ڏسي رهيو آهي هڪ وڻ، جو ڇت تائين ڊگهو آهي. اهو ته ڪرسمس جو وڻ آهي. سڄو وڻ روشنيءَ سان ٻري رهيو آهي. منجهس سون جا پن لڳل آهن ۽ ڀرسان صوف ۽ ٻيو فروٽ رکيل آهي. هو ڏسي رهيو آهي، گڏيون، گهوڙا ۽ ٻار- ٻار، جيڪي صاف ۽ سٿرا ڪپڙا پهريل آهن ۽ ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلي رهيا آهن، کلي رهيا آهن، ڪڏي رهيا آهن، ڪي کائي رهيا آهن ته ڪي پي رهيا آهن ۽ هاڻ هن ڏٺو آهي هڪ ڇوڪري کي، جيڪا ميڙ مان ڇوڪر کي جدا ڪري ساڻس نچي رهي آهي. ڪيتري نه پياري ڇوڪري آهي. هو، ڪمري جي دري مان ايندڙ جهيڻي جهيڻي موسيقي پڻ ٻڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ کيس پير جي آڱر ۾ سخت سور آهي ۽ سندس هٿن جون آڱريون پڻ سڪي ويون آهن، پر هو اهو سڀ ڪجهه وساري، انهيءَ ماحول مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ عجب کائي رهيو آهي ۽ ٽهڪ به ڏيئي رهيو آهي. اوچتو ئي اچتو هن کي پيرن ۽ هٿن جي آڱرين ۾ سور محسوس ٿيو آهي ۽ هن درد وچان رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون آهن ۽ هاڻ هن اتان، هلڻ شروع ڪيو آهي، هاڻي هو ٻي دريءَ وٽ اچي پهتو آهي.
    هتي پڻ، هو هڪ ڪرسمس جو وڻ ڏسي رهيو آهي. ٽيبل تي، هر ڪنهن قسم جا ڪيڪ پيل آهن، هو ٽيبل جي ڀرسان، ٽي عورتون بيٺل ڏسي رهيو آهي. اهي جيڪو به وٽن اچي ٿو، تنهن کي ڪيڪ ڏيئي رهيون آهن. دروازو کليل آهي ۽ گهٽيءَ ۾ تمام گهڻا مرد ۽ عورتون، اوڏانهن وڃي رهيون آهن ۽ ڪيڪ وٺي رهيون آهن. هن اوچتو ئي اوچتو هلڻ شروع ڪيو آهي ۽ دروازي منجهان گهر ۾ داخل ٿيو آهي ۽ ڪيڪ وٺڻ لاءِ، هٿ وڌايو آهي. موٽ ۾ هنن کيس دڙڪا ۽ ڇڙٻيون ڏنيون آهن. هڪ عورت هن ڏانهن هڪ ڪوپيڪ (سڪو) اڇليو آهي، هن جون آڱريون، ٿڌ سبب سڪي ويون آهن ۽ انهن مان چرپر ختم ٿي ويئي آهي ۽ سندس هٿن مان ڪوپيڪ (سڪو) ڇڏائجي وڃي پٽ تي ڪريو آهي.
    ميڙ ۾ شريڪ عورتن هن کي ڌڪا ڏيئي، ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي. هو ڊپ وچان ڪنبي رهيو آهي ۽ هن بنا ڪنهن منزل جي ڄاڻ جي، هلڻ شروع ڪيو آهي. هو رڙيون ڪرڻ چاهي ٿو، پر ڊپ جي ڪري هن ڪيڪ اندر ۾ دٻائي ڇڏي آهي. هاڻي هو ڊوڙي رهيو آهي. هاڻي هو سخت پريشاني محسوس ڪري رهيو آهي ۽ هن کي اوچتو ئي اوچتو، اڪيلائپ محسوس ٿيڻ لڳي آهي ۽ هو ڊڄڻ لڳو آهي.
    ”او خدا اسان تي رحم جا ڪڪر وساءِ!“
    هي وري ڇا آهي؟ هو ڏسي رهيو آهي، ته ماڻهو ميڙ جي صورت ۾ بيٺا آهن ۽ ڪچهري ڪري رهيا آهن. هن دريءَ جي اندران جهاتي پاتي آهي ۽ ڏسي رهيو آهي ته، ٽي گڏا جن کي ڳاڙهو ۽ سائو لباس پاتل آهي، ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ اهي زندهه هجن. انهن ٽن مان، هڪڙو ننڍڙو پوڙهو آهي، جيڪو وڏو وائلن وڄائي رهيو آهي ۽ باقي ٻه ننڍا گڏا، ان جي ويجهو بيٺل آهن ۽ ننڍا به وائلن وڄائي رهيا آهن ۽ هو ايئن ئي پنهنجو وقت گذاري رهيا آهن ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي به رهيا آهن ۽ هنن جا چپ به چري رهيا آهن. جن مان اندازو لڳي ٿو ته، هو ڪجهه ڳالهائي رهيا آهن. ڇا ڳالهائي رهيا آهن؟ اهو ته شيشي جي دري هئڻ سبب، ٻڌڻ ۾ نٿي اچي سگهيو. پهرين نظر ۾ هن محسوس ڪيو آهي ته، اهي جيئرا آهن. پر جڏهن هن چتائي نهاريو آهي ته، هن کان کل نڪري ويئي آهي. اڙي هي ته گڏا آهن. هن اهڙا گڏا اڳ ڪڏهن ڪو نه ڏٺا هئا، ۽ نه ئي، اهڙن گڏن بابت، هن ڪنهن واتان ٻڌو هو، گڏا ڪيڏا نه پيارا آهن! هي گڏن کي ڏسي گدگد ٿي رهيو آهي. اوچتو هن محسوس ڪيو آهي ته کيس ڪنهن قميص مان سوگهو جهليو آهي. هن پاسو ورائي ڏٺو آهي ته، هڪ ظالم ڇوڪرو سندس ڀرسان بيٺو آهي ۽ کيس مِٽي ۾ گڏي، ٺونشو وهائي ڪڍيو آهي. هن جهٽ ڏيئي، سندس ٽوپي به لاهي ورتي آهي ۽ کيس ڌڪا ڏيڻ شروع ڪيا آهن. هو پٽ تي ڪري پيو آهي ۽ رڙيون ڪري رهيو آهي. هاڻ کيس ڊپ ٿيڻ لڳو آهي، ۽ هو ٽپ ڏيئي اٿيو آهي ۽ ڀڄڻ شروع ڪيو آهي. هو ڀڄي رهيو آهي. هن کي اها خبر ڪونهي ته، هو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. هو ڀڄندو ڀڄندو اچي قبرستان ۾ پهتو آهي ۽ ڪاٺ جي بنڊ تي اچي ويٺو آهي.
    ”هو هتي مون کي ڳولهي ڪو نه سگهندا، ڇو جو هتي تمام گهڻي اوندهه آهي.“ هو سوچي رهيو آهي.
    هن ڊپ وچان پاڻ کي ڪونڪڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ساهه کي به روڪي ڇڏيو آهي ۽ اوچتو ئي اوچتو، هو پاڻ کي خوش محسوس ڪري رهيو آهي. هاڻ هن جي هٿن پيرن ۾ سور نه رهيو آهي ۽ ايترا گرم ٿي ويا آهن جو هو محسوس ڪري رهيو آهي ته هو چلهي جي ڀرسان ويٺو آهي. هاڻ هو، ننڊ ڪرڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. هيءَ ننڊ ڪرڻ لاءِ، ڪيڏي نه پياري جڳهه آهي. ”آءٌ ڪجهه دير هتي آرام ڪندس ۽ پوءِ وري به پيارا پيارا گڏا ڏسڻ ويندس.“ هن دل ۾ چيو آهي ۽ کلي به ڏنو آهي. هو گڏن بابت سوچي رهيو آهي:
    ”هي گڏا ايئن نظر اچي رهيا هئا ڄڻ زنده هجن.“ هن اوچتو محسوس ڪيو آهي ته سندس ماءُ ڳائي رهي آهي.
    ”امان! ڏس آءٌ هتي ننڊ ڪريان ٿو، ننڊ لاءِ هتي ڪيڏي نه پياري جڳهه آهي.“
    ”ڪرسمس جي وڻ هيٺ اچ منهنجا ننڍڙا نينگر.“ نرم آواز هن جي ڪنن تائين پهتو آهي.
    هن سوچيو آهي شايد اها هن جي ماءُ آهي. پر، جلدئي هن محسوس ڪيو آهي ته، اهو آواز سندس ماءُ جو ڪو نه آهي. ڪير کيس سڏي رهيو آهي. هو ڏسي ڪو نه سگهيو آهي. پر هن محسوس ڪيو آهي ته، ڪير هن ڏانهن اچي رهيو آهي ۽ کيس ڀاڪر پائي رهيو آهي. هو به سندس هٿ، ڏانهنس وڌائي رهيو آهي...... ۽ هاڻ، هو ڏسي رهيو آهي، هتي ڪيڏي نه روشني آهي، ”اڙي! هي ته ڪرسمس جو وڻ آهي. هن اهڙو پيارو وڻ هن کان اڳ، ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.“ هن سوچيو آهي. هو ڪٿي پهچي چڪو آهي؟ هن جي چئن پاسن کان گڏا ۽ گڏڙيون آهن. پر نه، اهي گڏا ۽ گڏڙيون نه آهن اهي ته پيارا پيارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون آهن. اهي سڀ، هن کي گول ڦري ويا آهن ۽ چميون ڏيئي رهيا آهن. هاڻ هو ڏاڍو خوش ٿي رهيو آهي. هن ڏٺو آهي ته، سندس ماءُ کيس ڏسي کلي رهي آهي.
    ”امان! منهنجي پياري امان! ڏس هتي ڪيڏو نه مزو لڳو پيو آهي.“ هو ور ور ڪري پتڪڙن ٻارن کي چمي رهيو آهي ۽ پيار ڪري رهيو آهي ۽ چاهي رهيو آهي ته هو کين انهن گڏن بابت ٻڌائي جيڪي هن دريءَ منجهان ڏٺا آهن.
    ”ڇوڪرا ٻڌايو اوهين ڪير آهيو؟ ڇوڪريون ٻڌايو اوهين ڪير آهيو؟“ هو پڇي به رهيو آهي ۽ ٽهڪ به ڏيئي رهيو آهي.
    ”پيارا ڇوڪرا هي حضرت عيسيٰ جو ڪرسمس جو وڻ آهي.“ هنن جواب ڏنو آهي.
    ”حضرت عيسيٰ ان ڏينهن تي، انهن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي، پنهنجو ڪرسمس جو وڻ ڏيندو آهي جن وٽ، پنهنجو ڪو نه هوندو آهي......“
    هن محسوس ڪيو ته سڀ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون جيڪي هتي موجود هئا. ان وانگر ئي هئا. هن وانگر ڪي، سخت سيءَ ۾، ننڍن گهرن ۾ مئا هئا ۽ ڪي، ماءُ جي گود ۾، بک وگهي مئا هئا ته ڪي وري ريلوي جي ٿرڊ ڪلاس گاڏي ۾، هوا جي دٻ نه جهليندي مئا هئا، هو ڏسي رهيو آهي ته، اهي سڀ ٻارڙا هتي موجود آهن ۽ فرشتا نظر اچي رهيا آهن. حضرت عيسيٰ انهن سڀني جي وچ ۾ بيٺو آهي ۽ هو انهن ۽ سندن مائرن تي رحمت جا هٿ گهمائي رهيو آهي..... ۽ انهن جون مائرون، هڪ پاسي کان بيٺيون آهن ۽ روئي رهيون آهن. هرڪا پنهنجي جگر جي ٽڪر کي سڃاڻي رهي آهي. ننڍڙا پتڪڙا ٻار، پنهنجي مائرن ڏانهن اچي رهيا آهن ۽ پنهنجن ننڍڙن پتڪڙن هٿن سان، سندن لڙڪ اگهي رهيا آهن ۽ کين چئي رهيا آهن ته، اهي هاڻ نه روئن ڇاڪاڻ ته هو هاڻ ڏاڍا خوش آهن.
    ۽ صبح جو حمالي ڪاٺ جي بنڊ تي برف ۾ ڄميل هڪ ڇوڪري جو لاش ڏسي رهيو آهي ۽ سندس ماءُ جو لاش پڻ ڏسي رهيو آهي. هوءَ هن کان اڳ مري چڪي آهي.
    مون هيءَ ڪهاڻي ڇو ٺاهي آهي جيڪا ڊائريءَ جي عام واقعن تي ٻڌل آهي؟ مون اوهان سان وعدو ڪيو هو ته منهنجي ڪهاڻي سچن واقعن تي ٻڌل هوندي. ڇوڪري ۽ سندس ماءُ جي انجام بابت مون جيڪي ڪجهه اوهان کي ٻڌايو ان لاءِ آءٌ يقين سان چوندس ته ڪنهن به وڏي شهر ۾ ڪرسمس جي موقعي تي جڏهن فضا ۾ ڌنڌ ۽ ڪوهيڙو ڇانيل هجي ته هڪ ڀڳل ٽٽل ڪاٺ جي گهر ۾ ائين ضرور ٿيو هوندو.
    باقي جيتري قدر حضرت عيسيٰ جي ڪرسمس جي وڻ واري واقعي جو تعلق آهي آءٌ اوهان کي ڪو نه ٻڌائيندس ته ائين ٿيو به هوندو يا نه...

    ***


    ڇهون فرمان

    ڪزاڪ گل نازرين

    هر ڪنهن چيو ٿي ته هو هڪ مهان شاعر هو. ڇا هو خدا کي مڃندو هو؟
    پادري هن کي جهنم جي ۽ نوجوان وئيشا جي آکاڻي ٻڌائي هئي پر هو مذهبي ماڻهو نه هو. هن جي نظر ۾، خود قرباني سواءِ بيوقوفي ۽ جهالت جي، ٻيو ڪجهه به نه هئي. ان جي باوجود به، هو پنهنجي وهيءَ جي ڇوڪرين ۾، پنهنجي جوانيءَ سان ڀرپور رس ڀريل چپن، خوبصورت چهري ۽ گهنڊيدار ڪارن وارن جي ڪري، سڃاتو ٿي ويو. هن جي چهري ۾، سڀ کان وڌيڪ ڪشش ڪرڻ واريون هيون، سندس ڪاريون اکيون، جيڪي جتي به هڪ پل کتيون ٿي ته سوڀ ماڻي ٿي ورتائون. هن ڪڏهن به ٽاءِ استعمال نه ڪئي هئي. شايد اها جابلو علائقن ۾، پاتي نٿي ويئي ۽ نه ئي هن ڪڏهن فيشني ڪپڙا پاتا ٿي.
    يونيورسٽيءَ جون ڇوڪريون جڏهن به پنهنجي جيڏين ۾ هن جو ذڪر ڪنديون هيون ته هڪ ڄاڙي کور ۽ جهڳڙالو جي حيثيت ۾. پر پوءِ به هو پارگوف کي، جيڪو ڪارو پائپ پيئندي نظر ايندو هو، سڏ ڪنديون هيون، ۽ کانئس واهيات چرچا ۽ لطيفا ٻڌنديون هيون. هن کي اهي واهيات چرچا ۽ لطيفا پنهنجي ماءُ جي موجودگي ۾ ٻڌائيندي به ڪو شرم محسوس ڪونه ٿيندو هو، جيڪا پٿر جي دور جي عورت لڳندي هئي.
    هن هرهڪ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ نوجوان عورتون حيرت ۾ ڪو نه ٿي پيون پر اهي ته سادگيءَ سان سندس پيار ۾ ڦاسي ٿي پيون.
    ڇهون فرمان آهي ”جوڀن لٽايو“ پر مهاڻي ۽ واڍي کي جيون ۽ جوڀن جي ڪهڙي ڄاڻ. ٻه هزار سال اڳ جڏهن هنن جي ڀر ۾ نوجوان وئيشا رهندي هئي ته به هنن ويٺي مقدس ڪتاب لکيا.
    آسمڪ ڪنواري مريم هئي. گيگم چوندو هو ته آسمڪ هڪ ڏينهن ضرور نئين عيسيٰ کي جنم ڏيندي. جيڪو اسان جي تهذيب جو خاتمو آڻيندو ۽ ان کان پوءِ ڀولڙو وري ڪهاڙي ايجاد ڪندو ته جيئن ائٽم جي دنيا وري خلقي سگهجي.
    هر نسل حشر جي ڏينهن جي پنهنجي انداز ۾ تشريح ڪري ٿو.
    آسمڪ واقعي ڪنواري مريم هئي، آسمڪ ڪارو پائيپ، ڪارا گهنڊيدار وار ۽ هڪ ئي نظر ۾ فتح پائيندڙ ڪاريون ڪجليون اکيون ڏٺيون هيون. پر هن انهن کان، هارائڻ نٿي چاهيو. سندس سهيليون هن کان ساڙ کائينديون هيون ۽ نوجوان ڇوڪرا ڌڪار وچان چوندا هئا: ”آسمڪ؟ ڪيتري نه سندر آهي؟ سندس هلڻ، کلڻ ۽ ڳالهائڻ، ڪيترو نه وڻندڙ ۽ عجيب ٿو لڳي. نه اڳ ٻڌو نه اڳ ڏٺو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪ ڀيرو رڙ ڪئي هئي جڏهن هن جو پير ڪوڪي مٿان پيو هو.
    هر ڪنهن جي راءِ هئي ته، قدرت هن کي ايترو خوبصورت ٺاهڻ ۾ اجايو وقت وڃايو هو. هوءَ پارگوف کي، اهميت ڪو نه ڏيندي هئي ۽ نه ئي پارگوف هن کي کنگهندو هو. پارگوف هن کي اهميت نه ڏيندو هو، جو هوءَ سڀني ڇوڪرين ۾، سڀ کان وڌيڪ پرڪشش سندر ۽ اداس رهندي هئي. هوءَ هن کي گهڻو ڪري اکين هوندي به، اهڙي انڌي نظر ايندي هئي، جيڪا ڏانهس نهاريندي به ڪو نه هئي ۽ ڪجهه ڏسي ڪو نه سگهندي هئي.
    ”هل ته ٿيٽر ۾ هلون“ پارگوف چيو: آسمڪ جون اکيون چمڪي اٿيون.
    ”هل دير نه ڪر. آءٌ پاڻ کي اداس اداس محسوس ڪري رهيو آهيان.“
    ”ڇا تون ٿيٽر ۾ تڏهين ويندو آهين جڏهن، پاڻ کي اداس محسوس ڪندو آهين؟“ آسمڪ سوال ڪيو.
    ” نه منهنجو اهو مطلب نه آهي “
    ”جيما بابت ڇا راءِ آهي تنهنجي؟“
    ”هن ۾ ڪو به مزو ڪونهي. بلڪل بنڊل ڇوري آهي ۽ بور به.“
    ”ڇا آءٌ به؟“
    ”اسين هڪ ٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاڻون به ڪو نه ٿا.“ پارگوف چيو ۽ مرڪي ڏنو.
    ”ڇا تون مون کي چاهين ٿو؟“
    ”ها.....“
    ”ڇو؟“
    ”تون نئين آهين، سندر آهين ۽ انهيءَ ڪري جو، اڃا تائين مون کي خبر به ناهي ته تون ڪير آهين.“
    ”ته پوءِ يقينن آءٌ توسان ٿيٽر ڪو نه هلنديس.“
    ”مون کي پڪ آهي ته تون ضرور هلنديئن! تون مون سان گڏ نه هلڻ لاءِ پنهنجي دل ۾ فيصلو ڪري به وٺين ته به تنهنجا قدم تنهنجي دل جو فيصلو قبول نه ڪندا.“
    جارجين اداڪار پنهنجي گروپ سان گڏ ٿيٽر ۾ شو پيش ڪري رهيو هو. پورو شهر اهو شو ڏسڻ لاءِ آيل هو.
    جڏهن ٿيٽر جي هڪ پارٽ ۾ جارجين اوٿلو کي آرمينين ڊيسڊيمونا کي گهوگهو ڏيندي ڏيکاريو ويو ته پارگوف به ائين ئي آسمڪ جي نڙيءَ تي زور ڏنو. پارگوف جي تعجب جي حد نه رهي جو آسمڪ سندس انهيءَ حرڪت تي بجاءِ چڙڻ جي جذباتي ٿي ويئي.
    ”هل ته هوٽل ۾ هلون.“ پارگوف اٿڻ واري انداز ۾ چيو.
    ”ڇا فنڪار سٺي اداڪاريءَ ڪري فن جي بلندين کي ناهي پاتو؟“
    ”مهان ڇونه لڳندا فنڪار، تون جو انهن جي وڪالت ٿي ڪرين. هونئن به هر شيءِ سندر ڇو نه لڳندي؟ تون جو گڏ آهين؟“
    ”ڇو؟ مون ته مشڪل سان ئي ڪو ڳالهايو آهي.“
    ”خير ڇڏ انهيءَ فضول بحث کي. هل ته هوٽل ۾ هلون، اها منهنجي خواهش آهي.“
    ”ته پوءِ آءٌ ڪونه هلنديس.“
    ”اوهه! هل ته هلون!“
    ٽي ٽڙندڙ ۽ مرڪندڙ چهرا هنن جي سامهون آيا. ٽيئي شاگردياڻيون هيون. ٽنهي پارگوف کان ميڙون منٿون ڪري آٽوگراف ورتا. ان کان پوءِ، سدائين لاءِ اهي آٽوگراف، سندن جيون ۾، هڪ تاريخي دستاويز جي حيثيت ۾ محفوظ ٿي ويا.
    ٽيئي ڊگهن وارن واريون ڇوريون واپس هليون ويون.
    ”تون ماڻهن ۾ ڏاڍو مشهور آهين.“ آسمڪ ڪوڙي مرڪ مرڪندي چيو.
    ”آءٌ سٺو جو لکان ٿو. آرمينين کي منهنجي روپ ۾ نيٺ هڪ سٺو ۽ مهان شاعر ملي ٿي ويو.“
    ”نه انهن کي تنهنجي ضرورت ڪونهي.“
    ”تون چوڻ ڇا ٿي چاهين.“
    ”اهي توکي سچيءَ دل سان نٿا چاهين. تون خوشفهميءَ ۾ مبتلا آهين. هو ڀلا اهڙي ماڻهوءَ کي واکاڻيندا به ڇو جنهن کي فقط پنهنجي قابليت ۽ رڳو پاڻ سان ئي پيار هجي.“
    ”ان جو مطلب ته آءٌ قابل ماڻهو آهيان.“
    ”۽ ها فنڪار پڻ!“
    ”ته پوءِ مون ۾، باقي ڇاجي کوٽ آهي؟“
    ”مون کي خبر ناهي.“
    ”ڇا توسان ڪڏهن ڪو پيار ۾ اٽڪيو آهي؟.... آءٌ اهو ڪو نه ٿو پڇان ته تو ڪڏهن پيار ڪيو آهي يا نه. مون کي پڪ آهي ته تو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي پنهنجي استادن مان ڪنهن هڪ کي ضرور گهاءُ رسايو هوندو.“
    ”نه مون ڪڏهن به پيار ناهي ڪيو. آءٌ ان جذبي کي نٿي چاهيان، جيڪو پاتال کان مٿي اُڀرندو هجي.“
    ”اسين پيار ڪرڻ لاءِ زنده رهون ٿا.“ پارگوف بي ربط چوندو ويو:
    ”اسين شاعري ڪريون ٿا ۽ ٻن هزار سالن کان پوءِ به اسين فقط آرمينين سان پيار ڪرڻ لاءِ زنده رهون ٿا.“
    ”ٺيڪ آهي پوءِ ڀلي پيار ڪر.“
    ”ڪنهن کي؟“
    ”مون کي.“
    پارگوف کلي ڏنو. ”آءٌ پيار ڪريان پر تون مون کي ڌڪاري ڇڏيندين. ڪنواري طوائف ته منهنجي پيار تي پورو لهي ٿي. پر تون ته ڪنواري مريم آهين.“
    ”مون کي خبر آهي، ماڻهو ته ايتري قدر به چون ٿا ته آءٌ نئين عيسيٰ کي جنم ڏينديس“ آسمڪ ايئن چوندي کلي ڏنو ۽ ويٽر کي سڏ ڪيو. ”منهنجي مڙس لاءِ هڪ بوتل انگوري شراب آڻ.“
    ويٽر آرڊر وٺي هليو ويو، پارگوف پيئڻ جو سوچي منجهي پيو.
    ”تو ڇا چيو؟“
    ”ڇا تون انگوري شراب جي هڪ بوتل به پي نٿو سگهين؟“
    ”آءٌ پي سگهان ٿو.“
    ”هڪ بوتل پيئڻ ڪو مسئلو به ناهي، آءٌ پاڻهي بل ادا ڪنديس. هونئن به اسين ٻيئي شاگرد ئي ته آهيون.“
    ويٽر موٽي آيو، ”معاف ڪجو مون کان اهو پڇڻ وسري ويو ته توهان ڪهڙو برانڊ پيئڻ پسند ڪندئو!؟“
    ”منهنجو مڙس فقط بهترين برانڊ ئي پيئڻ پسند ڪندو.“
    پارگوف اوشواس مان هن ڏانهن نهاريو.
    ”مونڏانهن ايئن گهوري نه نهار. تنهنجو ايئن نهارڻ سٺو نٿو لڳي“ هن چيو ۽ کلي ڏنو.
    ”هي گهڙيون جيئن پوءِ تيئن رنگين ٿينديون وڃن.“
    ”ان کان به وڌيڪ رنگين ۽ دلچسپ، جنوريءَ جي اها گهڙي هوندي، جنهن ۾ اسان شادي ڪنداسين.“
    ”ڇا توکي خبر آهي ته هيل تائين منهنجون ڪيتريون زالون هجن ها، جيڪڏهن آءٌ انهن سڀن ڇوڪرين سان شادي ڪريان ها، جيڪي مون تي مرنديون هيون.“ پارگوف وراڻيو.
    ”پر تون مون سان ضرور شادي ڪندين ڇو جو آءٌ سڀني کان نرالي آهيان.“ آسمڪ پنهنجي لفظن تي زور ڏيندي چيو.
    پوءِ جيئن ئي اُهي هوٽل مان ٻاهر نڪتا ته آسمڪ چيو، ”گور“ مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي ۽ ”نزلڪ“ تمام معصوم ۽ پياري ڇوڪري آهي....... تون پائپ پيئندي سٺو ڪو نه ٿو لڳين. سچ پچ توکي ته اها به خبر ڪونهي ته پائپ پئجي ڪيئن! مون کي وڌيڪ چوڻو ناهي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو پارگوف آسمڪ جي باري ۾ سوچيو. جيترو ئي هن گهڻو سوچيو اوتروئي هن کي مٿس چڙ آئي، هن آرسي وٽان لنگهندي ان ۾ نهاريو هن کي پائيپ پيئندي پاڻ تي ڏاڍو رشڪ آيو.
    ”آسمڪ غلط ٿي چيو..... آسمڪ ڪوڙي هئي.“
    هو معمول جيان پائيپ پيئندي يونيورسٽيءَ مان ٻاهر اچي رهيو هو، ته پروفيسر لالائن، کيس ڪاريڊور ۾ روڪيو.
    ”نوجوان! مون تنهنجو ڪتاب پڙهيو آهي مون کي ڏاڍو پسند آيو. اڳتي هلي تون مهان شاعر ٿي سگهين ٿو. جيڪر ٽرڙائپ ۽ اپمان ڇڏين ته!“
    ”ڇا؟“
    ”ڪا ڳالهه ناهي. پيرڊ بدلجڻ جو بيل لڳي رهيو آهي.“
    ”اڄ شام جو منهنجي ماسيءَ سان ملڻ هلنداسين.“ رسيس جي دوران آسمڪ بنا ڪنهن ارادي جي چيو.
    ”ڇا جي لاءِ.“
    ”هوءَ پراڻي دؤر جي عورت آهي. هن چيو ٿي ته جيستائين هوءَ منهنجو منڱيندو نه ڏسندي، تيستائين اسان جي شاديءَ بابت هوءَ فيصلو نه ڪندي.“
    ”بس خاموش به ٿي!“
    ”تون وري ساڳيو پائپ پي رهيو آهين؟“
    ”مون کي ڪير روڪي سگهي ٿو.“
    ”جيڪڏهن تو پائپ پيئڻ نه ڇڏيو ته سمجهه آءٌ توسان شادي ڪونه ڪنديس.“
    ”آءٌ چوان ٿو بڪواس بند ڪر!“ پارگوف ڪاوڙ مان چيو.
    ”ليڪو نه لنگهه، مون ڪالهه به توکي ان بابت چيو هو.“
    عجيب ڳالهه هئي جو ايڏي تکين مٺين ڳالهين کانپوءِ به هو وري شام جو پاڻ ۾ مليا.
    ”سڀ چون ٿا تون ڪنواري مريم آهين.“
    ”سڀ غلط آهن. تنهنجو ڪالر ڏاڍو ميرو ٿي ويو آهي.“
    ”ان ۾ تنهنجو ڇا وڃي.“
    ”اهو منهنجي فرض ۾ شامل آهي ته، آءٌ پنهنجي مڙس جي پرگهور لهان.“
    ”آءٌ تنهنجي مذاق کي سمجهان ٿو. مون کي بيوقوف بنائڻ جي ڪا ضرورت نه آهي.“
    ”آءٌ بلڪل سنجيدهه آهيان. تون ان کي مذاق ٿو سمجهين؟“
    ”پر آءٌ....“
    ”مون سان پيار ڪر.“
    ”آءٌ پاڻ کي انهيءَ لاءِ مجبور نٿو ڪري سگهان.“
    ”تون پنهنجي دل کان پڇي ڏس! ٺيڪ آهي آءٌ پنهنجا لفظ واپس وٺان ٿي ۽ ها اسين پنهنجي ماسيءَ جي گهر به ڪو نه ٿا هلون.“
    سارڪ جي گهر جون چاٻيون پارگوف جي کيسي ۾ کڙڪي رهيون هيون.
    ”هل ته هلون.“
    ”ڪيڏانهن؟“
    ”اچ ته سهين.“
    ”آءٌ مذاق ڪري رهي هيس. منهنجي ماسيءَ جو ڪو به وجود ڪونهي.“
    ”ڪا ڳالهه ناهي، هلي آ.“
    آسمڪ بستر تي ليٽي پيئي. سندس چولو سٿرن کان ٿورڙو مٿي رسڪي ويو.
    ”هون! ته تون چوين ٿي ته اسان ٻيئي شادي ڪيون.“ پارگوف گهٽيل آواز ۾ چيو.
    ”وڌيڪ ڪجهه به نه.“
    هن بي اختيار کيس چمي ڏني ۽ پوئتي هٽيو.
    ”آءٌ تنهنجي شاديءَ جي مراد هتي پوري ٿيڻ نه ڏينديس.“ هن اهو چوندي مرڪي ڏنو.
    ”ته پوءِ تون هتي ڇو آئيينءَ.“
    ”تون راهه رُلي چڪو هئين. تنهنجي نظر ۾ ته بس هر شيءِ معمولي ۽ خسيس آهي، چڱو هل ته هلون.“
    ”تون ڪيڏانهن به وڃي نٿي سگهين.“
    ”پاڳل نه ٿيءُ، توکي چڱيءَ طرح خبر آهي ته آءٌ وڃي رهي آهيان ۽ تون مون سان هاڻ خواب گاهه ۾ ئي ملي سگهين ٿو.“
    پارگوف جي چهري تي سواءِ پيار جي، انيڪ رنگ بدليا ڪاوڙ، حيرت، زخم ۽ پيڙا.
    ”پاڻ کي ڏوهاري نه سمجهه.“ ائين چوندي آسمڪ کيس ڀاڪر پاتو. ”هن کان اڳ ڪنهن به توسان سچو پيار ناهي ڪيو. هنن توسان ڌوکو ڪيو ۽ تون هنن کي دوکو ڏيندي پاڻ دوکو کائي وئين ۽ امر پيار توکان ڪوهين ڏور رهيو. مون کي پنهنجي گهر وٺي هل پارگوف!“
    اُن رات وٽس سچي ۽ مهان ڪوتا جنم ورتو. ڪوتا جو مکيه ڪردار هڪ غير معمولي ۽ قابل نفرت ڇوڪري هئي.
    پارگوف ۾ آيل تبديلي سندس دوستن کي ڏاڍو مايوس ڪيو. اوچتو ئي پارگوف جو پائيپ گم ٿي ويو ۽ هن پنهنجو گهڻو وقت خواب گاهه جي دريءَ جي هيٺان ئي بيهي گذاريو ٿي. هن پاڻ کي هر ڀيري چؤواٽي تي پيل بينچ تي ويٺل پاتو ۽ هڪ ڏينهن جڏهن هن ٽاءِ ٻڌڻ سِکي ورتي ته، هو به ٻين ماڻهن جيان ڏيکائي ڏيڻ لڳو.
    ***


    نارنگيون

    اڪوتگاوا

    سياري جي هڪ جهڙالي شام جو آءٌ ريل جي سيڪنڊ ڪلاس دٻي ۾ ويٺو هوس ۽ ريل جي ڇٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. حيرت جي ڳالهه اها هئي ته، دٻي ۾ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به مسافر ڪونه هو. پليٽ فارم خالي پيو هو ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي عزيز، مائٽ، يا دوست کان موڪلائڻ لاءِ ڪو نه آيو هو. پليٽ فارم تي مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. پر ڪيڏي ڪيڏيءَ مهل ٻليءَ جي پونگڙي جو اُداس آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. اهو سڀ ڪجهه منهنجي مزاج وٽان هو. سستي ۽ بيزاري، منهنجي وجود کي ڌنڌلي آسمان جيان وڪوڙي ويئي هئي. سستي به ايڏي جو ٿيلهي مان شام جي اخبار ڪڍڻ به ڪو نه ٿي پڳي.
    ٿوري دير کان پوءِ سيٽي وڳي. آءٌ ڏاڍو ٿڪل هوس ۽ سيٽ کي ٽيڪ ڏيو، دريءَ جي شيشي مان ٻاهر نهاري، ريل جي ڇٽڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. هاڻي ٻليءَ جو پونگڙو پنهنجي پوري قوت سان ميائو ميائو ڪري رهيو هو ۽ ان جي وچ ۾ رکي رکي گارڊ جي سيٽيءَ جو تيز ۽ چڀندڙ آواز پڻ اچي رهيو هو. مون کي پليٽ فارم ۽ ان تي موجود هر شئي کان نفرت هئي. هڪ ڇوڪري، جنهن جي عمر اٽڪل سورنهن سال هئي، سيڪنڊ ڪلاس گاڏي جو دروازو کولي، اندر ڌوڪي آئي ۽ ريل جهٽڪي سان آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيو. پليٽ فارم ۽ اُن تي موجود سڀ قابل نفرت شيون، آهستي آهستي، منهنجي نظرن کان اوجهل ٿينديون ويون. مون انهيءَ عذاب مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ تي، سگريٽ دکايو ۽ ڇوڪريءَ تي اکيون کپائي ڇڏيون، جيڪا منهنجي سامهون ويٺي هئي.
    هوءَ ٻهراڙيءَ جي ٻالي ڀولي ڇوڪري هئي ۽ منهنجي معيار ۽ مطالعي کان قطعي مختلف هئي. هن پنهنجي مٿي جي اڻڀن وارن کي ڳنڍيون ڏيئي پوپٽ جيان، گل ٺاهي ڇڏيو. هن جون سرديءَ سبب ڦاٽل ڳلون اڻ وڻندڙ لڳي رهيون ۽ ايتريون ته ڳاڙهيون هيون ڄڻ اُنهن کي ڪنهن هٿن سان مهٽي ائين ڪيو هجي. هن جي جهول ۾، هڪ وڏي هڙ رکيل هئي ۽ سندس پوتي ڪلهن تان هيٺ لڙڪي رهي هئي. هوءَ هڙ ۽ ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ کي پنهنجن سڪل ۽ گدلن هٿن ۾ ائين قابو ڪريو ويٺي هئي ڄڻ ته اُهي سندس آخري سهارو هئا. هن جي چهري ۾ جَهريون پيل هيون ۽ سندس ڪپڙا ميرا ۽ ڦاٽل هئا. هن مون کي ذرو به متاثر نه ڪيو هو ۽ صفا ڄٽ ۽ جاهل ڇوري هئي جنهن کي، اها به خبر ڪو نه هئي ته ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ تي سيڪنڊ ڪلاس ۾ سفر نٿو ڪري سگهجي.
    مون هن جي پريشان ڪندڙ وجود کي وسارڻ جي شعوري ڪوشش ڪندي، سگريٽ دکايو ۽ ٿيلهي مان اخبار ڪڍي، پڙهڻ شروع ڪئي. ريل گاڏيءَ جي تيز هلڻ سان، جهڪي روشنيءَ ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو ۽ تيز روشنيءَ ۾ اخبار جي سرخين مون ۾، انهن کي پڙهڻ جو اڻ ميو شوق پيدا ڪيو.
    اخبار جي ڪالمن ۾ روزمره جي زندگي جا واقعا ۽ عام خبرون هيون. جهڙوڪ: اقتدار جا جهيڙا. امن جو مسئلو، گهوٽ ڪنوار جا نبيرا، رشوت جا ڪيس، ٽيجهي جو اطلاع ۽ طلاق نامه وغيره. ريل گاڏي جيئن ئي سرنگهه ۾ داخل ٿي ته، مون کي لڳو ته ريل ڄڻ پوئتي هلي رهي هجي. مون ان جي تصديق لاءِ شعوري طور پنهنجون نظرون هڪ سيٽ کان ٻي سيٽ ڏانهن ڊوڙايون.
    ڇوڪري ساڳيءَ طرح منهنجي اڳيان چپ چاپ ويٺي هئي. مون کي لڳو ته دنيا جون سڀ ڪوجهايون ۽ برايون انسان جي روپ ۾ اچي منجهس سمايون هيون. مون کي هن کان ڪراهت اچي رهي هئي. ريل، سرنگهه، ڇوڪري، اخبار.......... مون کي سڀني کان نفرت ٿي رهي هئي. سڀ ڪجهه ٿڪائيندڙ ۽ نفرت لائق ئي ته هو. سڀني ۾ بيهودگي ۽ ڪميڻائپ کان سواءِ ڀلا ٻيو ڇا هو؟ مون اخبار کي واپس ٿيلهي ۾ رکي، اکيون بند ڪري، هن کوکلي دنيا کان پري، ٻي دنيا ۾ کوئجڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي.
    ڪيترائي منٽ گذري ويا. اوچتو ئي هڪ اڄاڻ ڊپ جي احساس وگهي، منهنجيون اکيون کلي ويون. مون ڏٺو ته هوءَ پنهنجي جڳهه تان اٿي، منهنجي ڀرسان اچي ويٺي هئي ۽ نهايت بي خبريءَ مان، دري کولڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. دريءَ جو ڳرو فريم کولڻ جي ڪوشش ۾، سندس جهريون پيل ڳلون اڃا به وڌيڪ ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ هن جي سهڪ، جو آواز، ريل گاڏيءَ جي گوڙ ۾ به، آسانيءَ سان ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. مون کي هن جي انهيءَ حالت تي، ڪجهه رحم آيو.
    پر مون ڏٺو ته، هاڻ اسين ٻي سرنگهه جي ويجهو پهچي چڪا هئاسين. جبل اسان جي ويجهو اچي رهيا هئا ۽ ايئن لڳو ٿي ته اُهي اسان جي مٿان چڙهي ويندا. ڇوڪري لڳاتار دري کولڻ لاءِ، ننهن چوٽيءَ جو زور لائي رهي هئي. مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته، هن دري ڇو کولڻ چاهي ٿي؟ مون کي سندس اهو انگل، ناگوار گذريو، ۽ مون سخت غصي ۽ ڪاوڙ مان نهاريو. پر هوءَ ان کان بي نياز، پنهنجي ڏڪندڙ هٿن سان دري کولڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هئي ۽ پوءِ...... ريل گرجندڙ آواز سان سرنگهه ۾ داخل ٿي ۽ ساڳئي وقت دري به زوردار ٺڪاءُ سان کلي پئي. دريءَ جي کلڻ سان ڪاراٺ ۽ هوا، زوڪاٽ ڪندي ڌوڪيندي اندر آئي. ڪاراٺ ۽ دونهين، منهنجي منهن کي ڪارو ڪري ڇڏيو. منهنجو ساهه منجهڻ لڳو ۽ مون کي کنگهه ورائي ويئي. جيڪڏهن مون کي کنگهه نه ورائي ها ته، آءٌ کيس انهيءَ حرڪت جي عيوض، اهڙي زوردار ڇنڀ پٽيان ها جو عمر ڀر ياد ڪري ها. پر هن جي صحت تي ڪو به اثر نه پيو. هن ڳچي ٻاهر ڪڍي، سڌو ان طرف نهارڻ شروع ڪيو، جنهن طرف ريل هلي رهي هئي. هن جا اڻڀا وار، هوا ۾ اڏامي رهيا هئا. جلد ئي گاڏيءَ ۾ ڦهليل ڪاراٺ ۽ دونهون گم ٿي ويو ۽ ڌرتيءَ جي سيني تي ڦٽل ساون کيتن مان ايندڙ، تازي هوا گاڏي ۾ داخل ٿيڻ لڳي.
    ريل سرنگهه مان نڪري، جبلن جي وچ ۾ اڏيل ڳوٺ جي ويجهو لنگهي رهي هئي. هاڻ ڳوٺ جي ڦاٽڪ جي ڀرسان ڪکايون جهوپڙيون ۽ انهن جي ڀرسان گندگي، صاف ڏسڻ ۾ پي آئي. ان ڦاٽڪ جي ڀرسان ٽي ڇوڪرا بيٺا هئا، جن جا ڪپڙا ڦاٽل، وار اڻڀا ۽ ڳلون ڦٽل هيون.
    اهي سڀ ننڍڙا هيا. ۽ ائين ٿي محسوس ٿيو ته مسلسل کلئي آسمان هيٺ بيهڻ ڪري، سندن قد ننڍڙو ٿي ويو هو. سندن ڪپڙن جو رنگ به سندن اداس ۽ ڏکويل ڳوٺ جهڙو هو. جيئن ئي ريل اتان گذري، هنن گهوريندڙ اکين سان، اندر نهارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجا هٿ مٿي کڻي هوا ۾ لوڏيا ۽ پنهنجا چپ ننڍڙن پکين وانگر کوليا، ته جيئن هو پنهنجي وڌ ۾ وڌ قوت سان خدا حافظ چئي سگهن.
    ان وقت ڇوڪري، جنهن پنهنجو اڌ جسم دريءَ کان ٻاهر ڪڍي رکيو هو، پنهنجون ٻاهون ڊگهيون ڪيون ۽ پنهنجا هٿ لوڏي کانئن موڪلايو، ۽ پوءِ........ آسمان مان انهن ڇوڪرن جي ڀرسان، چار پنج آسماني رنگ جهڙيون نارنگيون ڪريون. اهو منظر، مون کي ڪجهه وقت لاءِ سوچن جي ساگر ۾ کڻي ويو.
    مون کي هاڻي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويو. ڇوڪري جيڪا شايد گذر سفر جي ڳولا ۾، پنهنجو ڳوٺ ڇڏي ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، پنهنجي جهول ۾ پيل نارنگيون پنهنجي ڀائرن ڏانهن اڇلايون، جيڪي حيرت ۽ آسوندي اکين سان، پنهنجي ڀيڻ کي خدا حافظ چوڻ لاءِ، ڦاٽڪ تي آيا هئا.
    نما شام جي وقت، غريب ڳوٺ جو اداس ڦاٽڪ جتي، ٽي معصوم ٻارڙا، جيڪي ننڍڙن پکين سمان هئا ۽ نارنگيون، جيڪي هنن جي وڏي ڀيڻ انهن ڏي اڇليون هيون...... اهو سمورو منظر اک ڇنڀ ۾ منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي ويو. پر منهنجي دل تي سدائين لاءِ، هڪ نه مٽجندڙ ڏنڀ ڏئي ويو.
    مون کي هاڻ محسوس ٿيو ته، مون ۾ زندگيءَ جو وهڪرو موٽي آيو هو. مون کي زندگي هاڻ ڏاڍي پياري لڳي رهي هئي. مون حيرت مان، نوجوان ڇوڪريءَ ڏانهن ائين نهاريو ڄڻ، هوءَ ڪنهن ٻي مٽيءَ مان ٺهيل هجي. هاڻ، هوءَ منهنجي سامهون، پنهنجي سيٽ تي واپس وڃي ويٺي هئي. ۽ پنهنجي ڦٽل ڳلن کي رئي سان ڍڪي، ٿرڊ ڪلاس جي ٽڪيٽ ۽ هڙ کي، پنهنجن هٿن ۾ ائين مضبوط جهليو ويٺي هئي ڄڻ ته اهو ڪو قيمتي خزانو هجي.
    انهيءَ وقت مون کان ٿڪاوٽ وسري وئي. ۽ مون کي پنهنجي هٿ ٺوڪي بيزاري، اَڪارت ۽ واهيات زندگيءَ تي سخت نفرت ٿيڻ لڳي.

    ***


    اڻ کٽ قافلا

    نائرير عدليان

    ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي، ريلن، بسن ۽ هوائي جهازن کان به، گهڻا اٺ هوندا هئا. ماڻهو اٺن تي، هڪ ڳوٺ کان ٻي ڳوٺ، هڪڙي شهر کان ٻئي شهر، هڪڙي ملڪ کان ٻئي ملڪ، ڏي سفر ڪندا هئا. ماڻهو اٺن وسيلي رڻ لتاڙيندا هئا ۽ سپاهي اٺن تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾، دشمن جي سامهون ٿيندا هئا.
    انهن ڏينهن ۾، اٺن جو وڻج واپار اُتم ليکيو ويندو هو. پڙين ۾ اٺن جو وڏو وڪرو ٿيندو هو. ۽ ماڻهو وڏي شوق مان اُٺ خريد ڪندا هئا. اٺ هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ آندا ويندا هئا ۽ ماڻهو انهن جي اڏامندڙ مٽيءَ ۾ ويڙهه وڏي چاهه سان ڏسندا هئا.
    وقت گذرڻ سان گڏ اُٺن جو ملهه ۽ مان گهٽجڻ لڳو. اُٺ گڏهه کان به سستو وڪامڻ لڳو. جلد ئي اٺ ان جي ٻوري ۽ صوفن جي ٽوڪري جي عيوضي ۾ ملڻ لڳو. ايئن اٺ جي اگهه ڪرڻ تي ڪنهن کي به تعجب نه ٿيو.
    هن وقت ۾ اُٺ بيڪار جانور آهي ۽ هاڻ اهو فقط سرڪس يا چڙيا گهر ۾ ئي ڏسي سگهجي ٿو. هن دور جي ٻار کي جيڪڏهن اٺ ڏيکاريو وڃي ته کيس اٺ جو ٿوهو غيرمعمولي ۽ عجيب لڳندو ۽ هو ضرور ان کي ڪنهن پربت جهڙي هاٿي، يا ڪنهن سرندڙ عجيب مخلوق جو هڏو سمجهندو.
    ڪيترين صدين کان وسريل ۽ انساني شعور مان ميساريل اُٺ، هڪ ڏينهن پراڻي نائري جي حسين گاديءَ واري شهر مان گذرڻ لڳا.
    انهن جي اوچتي ظهور هڪ عجيب ڪيفيت ۽ وڏو هل هنگامو برپا ڪيو. ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم، اُٺن کي گهيري ويو ۽ ميڙ ۾ موجود هر ماڻهو خوشيءَ ۽ حيرت وچان کين ڏسڻ لڳو.
    ”اڙي هي ته اٺ آهن!“ ماڻهن جي ميڙ مان هڪڙي ايترو تڪڙو چيو ڄڻ ته کيس ڊپ هجي ته، ڪٿي اهي اٺ ٻي ڪنهن مخلوق ۾ تبديل نه ٿي وڃن. ”ڏسو هنن جي پٺيءَ ۾ ڪٻ آهي!“ ٻئي ايئن ڳالهايو ڄڻ ته پراڻي زماني ۾ اٺن جو ٿوهو سڌو هوندو هو. ”ڀائو هي ته جهڙا وحشي مرون!“ ٽئين ٽيڪا ٽپڻي ڪئي، هن ايستائين ساڳيا لفظ پي دهرايا جيستائين سندس ڀر ۾ موجود ماڻهن ۽ خود کيس پنهنجن چيل لفظن تي وشواس نه ٿيو.
    چوٿين اکين ڏٺي شاهد جي حوالي سان ٻڌايو: ڪنهن اٺ کان پڇيو ته تنهنجي ڳچي وِنگي ڇو آهي؟ تنهن تي اٺ وراڻيو: ”رڳو ڳچي ڇو، دلبر! آءٌ ته سڄو ئي ڪٻو آهيان.“
    ”مزو ته نه ڦٽاءِ“ ميڙ مان آواز اڀريا. لڳو ٿي ته ميڙ جي حيرت ۽ خوشي ختم ٿيڻ واري ئي نه هئي.
    اُٺ آهستي آهستي وڏي رعب تاب ۽ پنهنجي نرالي چال ۽ انداز سان ميڙ اندر هلي رهيا هئا. سندن ڳچيءَ ۾ پاتل چڙن مان ٽڻ ٽڻ جا سريلا آواز فضا ۾ موسيقيءَ جون لهرون اُڀاري رهيا هئا. ڏامر سج جي تپش سبب رجهي رهيو هو. نٽهڻ اس ۾ اٺن جو اهو قافلو ڪنهن مشرقي گيت جيان ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ ڀاسيو ٿي.
    گهٽين، شهر جي وچ ۾ گڏجي چوُراهو ٺاهي ڇڏيو هو ۽ ايئن گهٽين جو پاڻ ۾ سدائين لاءِ هڪ رشتو قائم ٿي ويو هو. جيئن ئي ڳاڙهي بتي ٻري ته پيادا روڊ ٽپڻ لڳا ۽ سائي بتي ٻري ته ڪارون زوڪاٽ ڪنديون گذرڻ لڳيون ۽ پوءِ وري واري واري سان ڳاڙهيون ۽ سايون بتيون هڪ ٻئي جي پويان اکيون ڇنڀڻ لڳيون ۽ اٺن جو قافلو ان لِڪلڪوٽيءَ کان بي خبر چڙا وڄائيندو روڊ پار ڪرڻ لڳو.
    گائڪ اٺن جي قافلي کي پنجينءَ ماڙ تان ڏٺو. ۽ کانئس حيرت وچان اوچتو ئي اوچتو رڙ نڪري ويئي. جيئن ئي هن هيٺ لهڻ لاءِ ڊوڙڻ شروع ڪيو ته هن گهر جي دروازن جي زور سان بند ٿيڻ، ۽ پيرن جي ٽاپ ٽاپ جا آواز ٻڌا.
    هرڪو جلديءَ ۾ هو ۽ کين ڊپ هو ته، ڪٿي اهڙو خوبصورت نظارو سندن اکين کان اوجهل نه ٿي وڃي.
    ٻار گهرن مان ٻاهر نڪتا ۽ هڪ ٻئي کان اڳيان نڪرڻ جي چڪر ۾ هڪ ٻئي کي ڌڪا ڏيڻ لڳا. اهو موڪلن جو وقت هو. اسڪول بند هئا ۽ شاگردن سڄي شهر کي کڻي مٿي تي کنيو هو.
    گهڙيءَ پل لاءِ قافلو رڪجي ويو هو. سڀني کان اڳيون اُٺ ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ اڳتي چرڻ کان نابري واري بيٺو. هو مالڪ جي لاپرواهي، يا شايد گذريل ڪجهه ڪلاڪن کان ٿيندڙ حرڪتن، يا ڪنهن ٻئي جي ڀڙڪائڻ تي صفا اڙي هڻي بيهي رهيو. پر ان جي ڪنهن کي خبر نه هئي ته ڇو بيهي رهيو؟
    اٺن جي ڊگهي قطار هاڻي ويهي رهي. ٽريفڪ جام ٿي ويئي ان وقت گرمي به سهپ کان ٻاهر هئي. ماڻهو ۽ اٺ هڪ ٻئي کي گهوري نهارڻ لڳا. ڪائي شيءِ چمڪي ۽ اٺن جي اکين ۾ پيهي ويئي. ماڻهن هڪ ڀيرو وري بازي کٽي ورتي.
    اٺ چڙا وڄائيندا شهر مان لنگهي رهيا هئا. اڃايل ۽ منجهيل خيالن، ماڻهن ۽ اٺن ٻنهي کي پريشان ڪري ٿي ڇڏيو. هونءَ گهٽين ۾ رهندڙ هر گهر جا نوجوان توڙي ٻڍا، اٺن جي پويان پويان ميڙ سان ڊوڙڻ لڳا ۽ انهن جي پويان وري لڳا ٻارڙا.
    ماڻهو اٺن جي پويان ڊوڙي رهيا هئا. انهن ۾ ڪابه ڪمي ڪانه ٿي آئي، بس رڳو شڪليون مٽبيون رهيون ٿي. جيئن سرءُ جي مند ۾ وڻن مان پن ڇڄي ٽڙي پکڙجي ويندا آهن، تيئن ماڻهو به ميڙ ۾ ايندا ويا ۽ گهٽين ۽ پاڙن ۾ گم ٿيندا ويا.
    ميڙ ۾ هڪ گلابي ڪپڙا پهريل ڇوڪري به هئي. جا تيز تيز ڊوڙي رهي هئي ته جيئن، پوئتان رهجي نه وڃي. هوءَ ڊوڙي ٿي ۽ بيٺي ٿي ۽ ڊوڙي ٿي، سندس اکين ۾ عجيب حيرت ۽ چمڪ هئي.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ گائڪ پڇيو.
    ”اَئنا“ هن بنا نهارڻ جي جواب ڏنو ۽ ڪجهه دير رکي چيائين ”۽ تنهنجو؟“
    ”گائڪ.“
    هو ٻئي ڊوڙي رهيا هئا.
    ”تنهنجي عمر ڪيتري ٿيندي؟“ گائڪ سوال ڪيو.
    ”تيرنهن سال.“ هن جواب ڏنو پر اکيون قافلي ۾ ئي کتل هيس. ”تنهنجي؟“ هن پڇيو.
    ڇوڪرو چوڏهن سالن جو هو پر هن کيس پنهنجي عمر تيرنهن سال ئي ٻڌائي. هن جيتوڻيڪ ڪوڙ ڳالهائڻ نٿي چاهيو پر هن ائين ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن ڇوڪريءَ جو ساٿ ڇڏڻ به نه ٿي چاهيو.
    اٺن ۽ ڪارن موٽرن کي آخر شاهي روڊ تي بيهڻو پيو ته جيئن جنازو گذري سگهي. جيڪڏهن سيارو هجي ها ته ماڻهو احترام سان پير اگهاڙا ڪن ها، پر هي ته اونهارو هو. گرم، ساڙيندڙ اونهارو.
    هڪ اوٺار کان شايد پنهنجي اٺ جي کل مان ٺاهيل ٽوپي، لاهڻ وسري وئي. هو شايد ڪافي وقت کان پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ جا گيت، ان جو مذهب ۽ رسم رواج وساري ويٺو هو.
    بينڊ تان مارچ دوران غمگين ۽ اداس ڌن وڄي رهي هئي. ڪارن ۽ موٽرن جو لشڪر اداس هارن وڄائي رهيو هو. ميڙ ۾ موجود ڪيترائي ماڻهو روئي رهيا هئا، پار ڪڍي رهيا هئا.
    ٿوري دير لاءِ هرڪو پاڻ کي يتيم بي يارو مددگار ۽ گنهگار سمجهڻ لڳو هو.
    ”جاگرافيءَ بابت تنهنجي ڇا راءِ آهي؟“
    ”ڪافي دلچسپ مضمون آهي.“ آئنا جواب ڏيندي مرڪي ڏنو. هو هڪ ٻئي کي ايترو پسند اچي ويا جو هنن جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ جو شوق وڌي ويو.
    ”مون کي قافلي جي اڳيان هلندڙ اٺ سڀني کان وڌيڪ پسند آهي. آئنا چيو.“
    ”آءٌ به ان کي پسند ڪريان ٿو.“ ٻنهي ساڳين ئي شين کي پسند ڪيو پي. کين خبر هئي ته ائين ڇو هو!
    ”هل ته ان اٺ کي ڀاڪر پايون!“ آئنا چيو.
    ”هل ته اسين پاڻ کي ان اٺ جي پيرن ۾ اڇليون.“ گائڪ چيو. پر هنن ائين ڪو نه ڪيو ۽ ائين ڪرڻ ماڻهن جو ڪم به نه هو.
    ”تون تصور به نٿي ڪري سگهين آءٌ ان اوٺار تي ڪيترو رشڪ ڪريان ٿو.“
    ”آءٌ پڻ“ آئنا ورندي ڏني.
    ”هو جڏهن به چاهي پنهنجي اٺ کي چمي ڏئي سگهي ٿو. ان تي سواري ڪري سگهي ٿو ۽ جي چاهي ته کيس دنيا جي آخري ڇيڙي تائين وٺي وڃي سگهي ٿو.“
    ”ها، ها جيڪي به چاهي ڪري سگهي ٿو.“
    ”هي پهريون دفعو آهي جو مون ههڙو خوبصورت اٺ ڏٺو آهي.“ آئنا چيو ۽ ٿڌو ساهه کنيو.
    ”مون به هن کان اڳ اهڙو خوبصورت اٺ ناهي ڏٺو. نه سرڪس ۾ نه ئي جانورن جي باغ ۾.“ گائڪ چيو.
    ٿوري دير لاءِ هر ڪنهن هڪ ٻئي کي وساري ڇڏيو ۽ پنهنجي پنهنجي دنيا جي مستيءَ ۾ گم ٿي ويا.
    ان کان پوءِ گائڪ اڳئين اٺ جي ڀر سان ويو، هن پيار مان مٿس هٿ ڦيرايو ۽ ڇڪ ڏيئي ان جي وارن جو ڇڳو پٽيو.
    اوٺار هن جي حرڪتن کي ڏسي ورتو. هن اڻمٽ گهري نگاهه سان هن ڏانهن نهاريو. گائڪ ڏڪي ويو ۽ سندس منهن جو پنو ئي لهي ويو. وارن جو ڇڳو جنهن لاءِ کيس ايڏي تڪليف ڪرڻي پئي هئي، هن لاءِ ڪنهن خزاني کان گهٽ نه هو. هن ان خزاني جو اڌ آئنا کي ڏنو. اڌ ڇڳو ڏيڻ مهل هو ايئن ڪنبي رهيو هو ۽ سندس ساهه ائين سُڪي ويو هو، ڄڻ ته هو وارن جو اڌ ڇڳو نه پر، پنهنجي دل جو اڌ ڏيئي رهيو هجي ۽ آئنا اڌ ڇڳو، جيڪو هن لاءِ به خزاني کان گهٽ ڪين هو، حاصل ڪندي ائين ڪنبي رهي هئي ۽ سڄو ساهه ائين سڪي ويو هوس ڄڻ ته اهو وارن جو اڌ ڇڳو نه پر سندس دل جو اڌ حصو هجي.
    ٻڍا ۽ جواڻ وٽن ڊوڙي آيا ۽ انهيءَ اڌواڌ دل مان ذري حاصل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳا ۽ اهڙيءَ ريت، انهن پنهنجي اڌواڌ دل هزارن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏي. ايتري قدر جو هنن وٽ هاڻ فقط هڪ هڪ وار وڃي بچيو هو.
    اوچتو ئي اوچتو ٻه پوڙهيون عورتون سندن ويجهو آيون، جيڪي باقي بچيل وار وٺي روانيون ٿي ويون.
    گائڪ ۽ آئنا گهٻرائجي هڪ ٻئي کي گهوري ڏسڻ لڳا ۽ هي جيڪي ڪجهه مٿن وهيو واپريو سو کين حقيقي ۽ خواب جيان غير حقيقي ڀاسڻ لڳو.
    ٽڻ... ٽڻ... ٽڻ اٺ چڙا وڄائيندا ڏور وڃي رهيا هئا. ميڙ هاڻي وکري رهيو هو. سج الهي رهيو هو. چونڪن ۽ گهٽين تي مٽيءَ جون ڄڻ چادرون وڇائجي ويون هيون. گهرن ۽ وڻن تي گهم ڇائنجي ويئي هئي ۽ هي شام به گذريل سوَن شامن جيان لڙي رهي هئي.
    ”آءٌ اٺن جي وارن جي بدلي هزار روبل ڏئي سگهان ٿي.“ آئنا چيو.
    ”آءٌ اٺ جي وارن جي عيوض هر شيءِ ڏيئي سگهان ٿو.“ ائين چوندي گائڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”ڪير آهي جيڪو ائين ڪندو؟!“ ائين چوندي آئنا به ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    هو ٻئي اداس ۽ پريشان هئا. ڇاڪاڻ جو هنن وٽ ڪابه اهڙي قيمتي شيءِ ڪا نه هئي، جنهن جي بدلي اهي اٺ جا وار حاصل ڪري سگهن.
    هڪ فوجي دستو گهٽيءَ ۾ مارچ ڪري رهيو هو. اهو نظارو پڻ دلچسپ ۽ وندرائيندڙ هو. اٺ وڃي چڪا هئا ۽ ٻارڙا گهٽيءَ ۾ لڳل تختي: ”ممنوع علائقو“ جي سامهون بيٺا هئا.
    سپاهي مارچ ڪري رهيا هئا ۽ جوڀن سان ڀرپور ترانو ڳائي رهيا هئا. ڇوڪري انهن ڏانهن گل اڇلايا. گل انهن تائين نه رسيا پر رستي جي ڀرسان ئي ڪري پيا. سپاهين گلن جي وکري وڃڻ تي مرڪي ڏنو ۽ مارچ ڪندي لانگهائو ٿيا. سڀني کان پوئينءَ قطار ۾ مارچ ڪندڙ هڪ سپاهي، جنهن جون اکيون نيريون هيون ۽ ڦوهه جوان هو، جهڪيو ۽ گلن کي چونڊي انهن جي خوشبوءِ ساهه جي ذريعي اندر اوتي ۽ اڳتي نڪري ويل سپاهين سان ٻيهر شامل ٿيڻ لاءِ ڊوڙيو.
    هاڻ هو ممنوع علائقو لنگهي آيا هئا.
    ”سپاهي ڪيڏانهن هليا ويا!؟“ آئنا حيرت وچان پڇيو.
    اٺ ڪيڏانهن گم ٿي ويا؟“ گائڪ حيرت وچان چيو.
    هن کان اڳ هنن ڪڏهن به پاڻ کي ايڏو اداس محسوس نه ڪيو هو. هنن اٺن کي پيار ڪيو ٿي ۽ ڄاتو ٿي ته اٺن به ساڻن پيار ڪيو ٿي ۽ چاهيو ٿي ته اهي سدائين هتي رهن.
    پر کانئن شايد ڪا غلطي ٿي ويئي هئي.
    ”اٺ ڪهڙو رستو وٺي ويا؟“ ٻارڙن واٽهڙن کان پڇيو ۽ ڏسيل پاسي ڊوڙڻ لڳا.
    ”ڇا اهي شهر ڇڏي بيابان ۾ وڃن ته اتي ملي ويندا؟“
    سج ڪافي وقت ٿيو جو لهي چڪو هو. سندن مٿان رڳو آسمان ڇانيل هو ۽ چوڏس خاموشي ئي خاموشي ڦهليل هئي.
    ٻار تازي کيڙيل کيت مان گذريا. هن کان اڳ هنن ههڙي خوشبوءِ دار کليل ڌرتي نه ڏٺي هئي. هي ڌرتي کين ڪونڊين ۾ ڦٽل گلن ۽ شهر جي محلاتن ۽ چوُسولن کان بلڪل مختلف لڳي. هنن کي ٽِواٽي تي هڪ پير مرد ويٺل نظر آيو. اهو اندازو لڳائڻ مشڪل هو ته سندس عمر ڪيتري هئي. گائڪ هوريان هوريان سندس ويجهو آيو ۽ کانئس سوال ڪيائين: ”ڇا توهان هتان اٺ ويندي ڏٺا.“
    ”ها!“ پير مرد وراڻيو
    ”هو ڪهڙو رستو وٺي ويا؟“
    ”پهريون رستو توهان کي جلدي انهن تايئن پهچائيندو! ٻيو رستو دير لڳائيندو!! ٽيون رستو اوهان کي ڀلائيندو ۽ ڪٿي ڪو نه پهچائيندو!! پير مرد وراڻيو.
    ”ٽنهي رستن مان پهريون رستو ڪهڙو آهي؟“
    پير مرد ڪو به جواب نه ڏنو ڄڻ گهري ننڊ کيس هنج ۾ ليٽائي ڇڏيو هجي.
    ٻارن اکيون پوري هڪڙو رستو وٺي هلڻ شروع ڪيو. کين اها ڄاڻ ڪو نه هئي ته ڪو ورتل رستو کين اٺن ڏانهن وٺي ويندو يا رلائي ڇڏيندو. هلندي هلندي هو ساڻا ٿي پيا ۽ بيهي آس پاس نهارڻ لڳا. هنن پري کان جبل، انهن مان ڦٽي نڪرندڙ آبشار ۽ انهن تي بيٺل ساوا ساوا وڻ ۽ ٻوٽا ڏٺا ۽ هنن انهن جي اوٽ ۾ ڏٺا....
    ”اڙي اُٺ!!“
    هو خوشيءَ وچان وحشين جيان رڙيون ڪرڻ لڳا ۽ بي سرت ٿي اڳتي ڊوڙيا. اڃان هنن ٿورڙا ئي قدم کنيا هوندا جو هڪدم بيهي رهيا: ”اڙي هي ته اٺ ته ڪو نه آهن هي ته نائري جي قديم ڌرتيءَ جا جهونا ۽ قديم پهاڙ آهن. جيڪي ڊگهي قافلي جيان هڪ ڇيڙي کان ٻئي تائين ڦهليل آهن
    ***


    پرڀات جو جنم

    پرل بڪ

    آڌي رات جو، هڪڙو ڇوڪرو، بيهوشيءَ جي حالت ۾ اسپتال ۾ آندو ويو. اسپتال جا سڀ وارڊ فل هئڻ سبب، کيس انتهائي نگهداشت جي ڪمري ۾ داخل ڪيو ويو. جنهن ۾ پوڙهو مئڪليوڊ اڳ ۾ ئي، آڪسيجن تي رکيل هو. ڇوڪرو جنهن جي عمر سورنهن يا سترهن ورهيه هئي، ڪار جي هيٺان اچي زخمي ٿيو هو. ڀورا وار، ڏٻرو بدن، رت ڇڏڻ سبب مرجهايل چهرو. هو ڪير هو؟ ڪنهن کي به خبر ڪو نه هئي ۽ نه ئي، ڪنهن سندس متعلق ڄاڻڻ ضروري ٿي ڄاتو.
    اسپتال ۾ ان وقت مڪمل خاموشي ڇانيل هئي. ڪلاڪ کن کانپوءِ اسپتال ۾، زندگي وري معمول تي اچي ويندي. مريض کنگهندا، ڪنجهندا، ۽ ٿڌا ساهه کڻندا ۽ ٻارڙا روئڻ شروع ڪري ڏيندا.
    روم نمبر ٽيويهين ۾ پڻ خاموشي ڇانيل هئي. زيرو جي جهڪي روشني ۾، نرس پوڙهي مئڪليوڊ کي ڏسي سگهي پي، جيڪو بستر مرگ تي ليٽيل هو. نرس اٿي ٻي بستري تي ليٽيل، ڇوڪري مٿان چادر وڌي. هاڻي هو ساهه کڻي رهيو هو، پر اڃا به کيس ائين ڪرڻ ۾ تڪليف پئي ٿي. نرس ڪمرو ڇڏڻ کان اڳ، جيئن ئي پوڙهي مئڪليوڊ جي نبض ڏسڻ چاهي ته، هن کي ان ۾ ڪابه حرڪت محسوس ڪو نه ٿي. هن ٽيليفون تي، مريض جي گهر وارن ۽ ڊاڪٽرن کي جلد پهچڻ جو اطلاع ڏنو.
    ٿوري ئي دير ۾، هڪ پوڙهي عورت، ان جو نوجوان پٽ، ان جي قد آور ۽ سهڻي ننهن ۽ هن جي نوجوان ۽ هوبهو پيءُ تي ويل ڌيءَ، ڪمري ۾ داخل ٿيا. مسز مئڪليوڊ نهايت حوصلي ۽ دل جي مضبوطيءَ سان، پاڻ سنڀاليو بيٺي هئي. رڳو نرس محسوس ڪيو ته، ٽوپلي لاهڻ مهل مسز مئڪليوڊ جا هٿ ڏڪيا هئا.
    ڊاڪٽر وقتي طور تي سرت ۾ آڻڻ جي سئي ڀري پوڙهي مئڪليوڊ کي هنئي ۽ رواني ٿيڻ کان اڳ، کين ٻڌايو ته هن سئيءَ سان، هو وڌ ۾ وڌ ڪلاڪ تائين، هوش ۾ اچي سگهي ٿو. تنهنڪري آخري گهڙين ۾، هن سان جيڪي ڪجهه به، ڳالهائڻو هجي ڳالهائي وٺن.
    ”ڏس! اسين سڀ آيا آهيون،“ مسز مئڪليوڊ چٽي ۽ صاف آواز ۾ چوڻ شروع ڪيو، ”اسان تنهنجي لاءِ گهيٽي جا ڪپور آندا آهن. پنهنجي باغ ۾ هاڻ بهار ڦوهه جوانيءَ ۾ آئي آهي.“
    ”بابا! توهان لاءِ اسان ڪچوريون پڻ آنديون آهن،“ جارج پيءُ ڏانهن نهاريندي ڳالهايو ”رِٿ امان کان اڄڪلهه ڪچوريون ٺاهڻ پيئي سکي، هوءَ کڻي ڇا به ڪري پر امان جهڙيون ڪچوريون ٺاهي نٿي سگهي.“
    ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ رٿ ائين چوندي پنهنجا ڏند ڀڪوڙيا، پر وڌيڪ ڪجهه به نه ڳالهايو.
    ”رٿ تمام سٺي بورچياڻي آهي.“ جارج سندس غصي کي، ٿڌو ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”توکي ياد هوندو جڏهن، مون ڪرسمس تي پهريون دفعو ڪچوريون ٺاهيون هيون، جيڪي اڌ ڪچيون ۽ اڌ پڪيون رهجي ويون هيون. مسز مئڪليوڊ وچ ۾ ڳالهايو ”مون ڄاتو ٿي ته، تون ضرور ڪاوڙ ڪندين. پر تو ان وقت هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو هو ته، تو مونسان ڪچوريون ترائڻ لاءِ، شادي نه ڪئي آهي.“
    ”بابا هن سال به، چيري جي وڻ ۾ گل ٽڙندا. ميري چيو ”مئنا ۽ ڪٻريون، جن کي ڪئلينڊر جي خبر ڪونهي، ۽ نه ئي پڙهيل آهن، پر ڪيئن نه بهار جي مند ۾، ساڳئي وقت تي پهچيو وڃن. ۽ ٽارين تي ويهي گلن سان گڏ لڏن ٿيون. چيري، ڪچوريون ۽ تفريح، منهنجا دل پسند مشغلا آهن.“
    ”مون کي ياد آهي ته، آءٌ ۽ تنهنجو پيءُ هر آچر تي، ڪيڏانهن نه ڪيڏانهن ضرور گهمڻ لاءِ نڪرندا هئاسين.“
    ٻئي بستري تي ليٽيل ڇوڪري جي اکين جا، ڇپر مٿي کڄيا، پر ڪنهنجو به ان ڏي ڌيان نه هو. ڇوڪري کي، پاڻ به خبر نه هئي ته، ڪو سندس اکين جا ڇپر چري پري رهيا هئا. دماغ جي اٿاهه قافلي ۾، هن کي ڪمري ۾ اٿندڙ آواز، پڙاڏي جيان ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا.
    ”اسان جو ٻالڪپڻو ڪيڏو نه سٺو گذريو.“ ميريءَ جو خماريل آواز فضا ۾ گونجيو. ”دل چوي ٿي ته، آءٌ امان، بابا ۽ اوهان سڀني سان گڏ، وري ٻالڪپڻي ۾ موٽي وڃان.“
    ”چپ.“ مسز مئڪليوڊ چپن تي هٿ رکندي چيو: ”اوهان جو پيءُ، ڪجهه ڳالهائڻ چاهي پيو.“ هو سڀ اڳتي سريا. پوڙهي چپ چوريا، اکيون کوليون ۽ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو.
    ”پيارا!“ مسز مئڪليوڊ ڳالهايو. ”توکان سواءِ گهر ڪيڏو نه اُٻاڻڪو ٿو لڳي.“
    ”پياري........“ پوڙهي ٿڌو شوڪارو ڀريو.
    ”اسين سڀ موجود آهيون.“
    ”بابا، جارج توهان کي سلام چوڻ آيو آهي.“ رٿ وچ ۾ ڳالهايو. ”ننڍڙي هال چيو ٿي ته جڏهن توهان گهر ايندا ته هو توهان کي پنهنجي سائيڪل ڏسيندو جيڪا، توهان اسان کي سندس سالگرهه تي وٺي ڏيڻ لاءِ چيو هو.“
    ”مون کي ڪرسمس جو ڏهاڙو ڏاڍو وڻي ٿو.“ هڪ دفعي وري ميريءَ جو خماريل آواز، فضا ۾ لهرون پيدا ڪري رهيو هو. ”جڏهن اسان هڪ ٻئي ۾ ويهي کلندا ۽ خوش ٿيندا آهيون ۽ رات جو فضا ۾ گونجندڙ گيت، ڪيڏو نه دل لڀائيندڙ هوندو آهي.“ هن مٺڙي سريلي آواز ۾ گيت جهونگاريو. ”هي ٻارڙو جيڪو آرام پيو ڪري، ڪيترو نه پيارو ۽ سندر آهي........“
    ٻي بستري تي ليٽيل ڇوڪري جون اکيون، اڌ کليل هيون. هن پنهنجو مٿو چوريو، پر ڪجهه ڏسي نه سگهيو. پر هو ڪمري ۾ اٿندڙ آواز چٽيءَ ريت ٻڌي سگهيو ٿي، هو هاڻ به گيت ٻڌي سگهيو ٿي.
    ”مون کي....... هر ڳالهه ياد آهي.“ پوڙهي مئڪليوڊ جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو.
    ”ڪرسمس جو ڏينهن،“ مسز مئڪليوڊ چيو، هن جون اکيون سندس مڙس تي ئي کتل هيون. ”اهو خوشين جو ڏينهن هوندو آهي ۽ اسين سڀ گڏجي خوشيون ورهائيندا آهيون ۽ هاڻ ته اسان وٽ هال ۽ بيڪر به ڄاوا آهن.“
    ”ميريءَ جو ههڙن ڏينهن ۾ وهانءُ ٿي ويندو.“
    جارج چيو. ”اسان جي ڪٽنب وانگي، هن جو به وڏو ڪٽنب ٿي ويندو.“
    ”پر، اسين نه بدلباسين، اسان جي ڪٽنب ۾ جنم وٺندڙ نون انسانن سان اهو رشتو اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيندو.“ ميري چيو.
    ڇوڪرو هاڻي ڏسي سگهيو ٿي. هو هاڻ اکيون کولي سگهيو ٿي. هن ٻئي بستري تي هڪ پوڙهو ماڻهو ليٽيل ڏٺو، جنهن کي چوگرد ماڻهو ويڙهيو ويٺا ها.
    ”شاباس ٻارو! پوڙهي ٻڏندڙ آواز ۾ سڪون سان وراڻيو. پوڙهو اڃا پوريءَ ريت هوش ۾ ڪو نه آيو هو.
    ”توهان ٻنهي کي، اسان جي خواهش جي ڪيئن نه سڌ پئجي ويندي هئي.“ ميريءَ جي آواز ۾ نماڻائي هئي. ”هڪ دفعو مون گاهه مان منڊي ٺاهي پاتي ته، توهان يڪدم صحيح ڪري ورتو ته، مون کي هڪ منڊيءَ جي ضرورت هئي.“
    ”پر اها توهان کي ڪيئن خبر پيئي ته، مون کي بي- اي جي امتحان ۾ هڪ گهڙيءَ جي ضرورت هئي؟“ جارج پڇيو.
    ”ڀلا اسان کي پتو ڪيئن نه پوندو؟“ پوڙهي مئڪليوڊ چپ کولي، ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اکين جا ڇپر مٿي کنيا.
    ٻي بستري تي ليٽيل ڇوڪرو، هاڻ سڀ ڪجهه محسوس ڪري سگهيو ٿي. هن کي هاڻ زخم ۾ سور به ٿيڻ لڳو. هو ڪيڏانهن وڃي رهيو هو جڏهن، کيس ڪار ڌڪ هنيو؟ ڪيڏانهن به نه. هن جو ڪو به ماڳ ڪو نه هو. هو ڌارين ماڻهن کان، اڻ ڄاتل هنڌ کان، اڻ ڄاتل جڳهه ڏانهن ڀڄي رهيو هو. سندس پرگهور لهندڙ ڪير به ته ڪو نه هو. هن کي ڪابه ڪرسمس جي اهڙي گهڙي ياد نه پيئي، جنهن تي ڪنهن کيس، گهڙيءَ کن لاءِ پيار ڏنو هجي.
    ”ايندڙ آچر ايسٽر جو ڏڻ آهي.“ مسز مئڪليوڊ چيو. هينئر به ايسٽر جا گل ڦوهه جوانيءَ ۽ مستيءَ ۾ جهولن ٿا. هينئر ايسٽر جي وڻ ڇهه گل جهليا آهن، جڏهن ته گذريل سال ٽي گل.
    ”پنج گل“ پوڙهي مڪليوڊ ذهن تي زور ڏيندي ڳالهايو.
    ٻي بستري تي ليٽيل ڇوڪرو اهي ڳالهيون ڌيان سان ٻڌي رهيو هو. ايسٽر جو لفظ، هن اڳ به ٻڌو هو. ماڻهو ان ڏينهن نوان ڪپڙا پهري، چرچ ۾ ويندا هئا. پر ڇو ويندا هئا؟
    پوڙهي مئڪليوڊ جون اکيون وري بند ٿي ويون. مسز مئڪليوڊ ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو. هو ڄاڻي ويئي ته سندس مڙس هاڻ ڪجهه گهڙين جو مهمان هو. پر هن جو آواز اڃا به چٽو ۽ صاف هو. هن ٻارڙن کي گهر وڃڻ لاءِ چيو. هنن هڪ ٻئي ڏي نهاريو. سڀ ڪجهه ڄاڻندي به هو نه رنا.
    ”بابا خدا حافظ!“ جارج چيو ”اسين وري صبح جو ملنداسين.“
    ”بلڪل صبح جو سويل پيارا بابا.“ ميري اهو چوندي پوڙهي پيءُ تي جهڪي. هن جي چهري تي پيار ۽ ڪوملتا هئي.
    پوڙهي اکيون کوليون پر ڪجهه نه ڳالهايو.
    ٻي بستري مان، ڇوڪرو پوڙهي ۽ پوڙهيءَ کي ڏسڻ لڳو. هن زور سان رئڻ چاهيو. هن ڇو ٿي رئڻ چاهيو؟ ڇاڪاڻ ته هن کي ڪو به پيءُ نه هو، ۽ هن جي ماءُ کيس ننڍي هوندي، اڪيلو ڇڏي ويئي هئي. انهيءَ لاءِ ته هن جو ڪو به ڪٽنب ڪو نه هو ”تون ائين ئي انيڪ ٻارن جيان، يتيم خاني ۾ وڏو ٿيندين ۽ ڪڏهن به خوشيون ماڻي نه سگهندين.“
    ”تون منهنجي لاءِ هڪ سٺو خاوند ثابت ٿيئين ۽ منهنجي هر خواهش جو پورائو ڪيو. تو مون کي هميشه لاءِ خوش ۽ سدا مسڪرائيندڙ عورت بڻايو ۽ اسان پنهنجين خوشين، مرڪن ۽ پيار مان لافاني مرڪ مرڪندڙ ٻارڙا خلقيا آهن.“ هن ساهي کنئي ۽ پنهنجن جذبن کي قابوءَ ۾ رکي، وري ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”هاڻ آءٌ ان ڪاٺ جي بنڊ وٽان ڪو نه لنگهندي آهيان، جتي تو مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو هو، ڇاڪاڻ جو آءٌ هاڻي توکي، اتي پنهنجو هٿ پڪڙيندي نه ڏسندي آهيان.“ ائين چوندي هن پنهنجا ٻيئي هٿ، پوڙهي ڏانهن وڌايا ۽ سندس هٿ، پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ دٻائي رکيو.
    ”آءٌ هتي ئي آهيان پياري--- او پياري.“ مئڪليوڊ جو آواز، ڄڻ دل جي پاتال مان نڪتو. هن جي دل جو ڄڻ بند ٽٽي پيو. پر هن پنهنجا چپ ڀڪوڙي ڇڏيا ۽ ان کان پوءِ وري هن جي آواز ۾ ڄڻ سگهه اچي ويئي. ”آءٌ ڪاٺ جي بنڊ تي توکان سواءِ وڃڻ ته ٺهيو پر تصور به نٿي ڪري سگهان.
    ”پياري مارٿا!“ پوڙهي جي آواز هن جي غنودگي ٽوڙي.
    ”ها آءٌ تو وٽ ئي آهيان.“
    پوڙهي اوچتو ئي اوچتو پنهنجيون اکيون کوليون ۽ کيس ڏسي مرڪي چيو: ”سدا بهار زندگي........“ هن جو آواز وري خاموشيءَ ۾ ٻڏي ويو، سندس هٿ ڍرا پئجي ويا، ۽ هن جون اکيون هڪ ڀيرو وري پورجي ويون.
    مسز مئڪليوڊ روئي رهي هئي. لڙڪ سندن ڳلن تان، هيٺ ڪري رهيا هئا. ڪجهه گهڙين کان پوءِ، هن پنهنجي مڙس جو هٿ هيٺ رکيو ۽ پيتي کولي، ڪتاب ڪڍيو ۽ ٻڏل آواز ۾ زور سان پڙهڻ لڳي:
    ”خدا منهنجو پاسبان آهي ۽ آءٌ....“
    ڇوڪري اهي لفظ ٻڌا، هن اِهي لفظ يتيم خاني ۾ آچر جي اسڪول ۾ ٻڌا هئا. پر تڏهن انهن جي ڪابه معنيٰ نه هئي. هاڻ هن کي، انهن لفظن جي صحيح معنيٰ جي خبر پئجي چڪي هئي انهن لفظن جي معنيٰ هئي ”پوڙهي ماڻهوءَ کي، جڏهن مرڻ جي پڪ هجي قطعي ڊڄڻ نه گهرجي.“
    ”توکي ڊڄڻ جي ضرورت ناهي.“ پوڙهي عورت هن کي چئي رهي هئي ”توکي هڪ گهر آهي، اسين توکي پيار ڪريون ٿا، هوءَ هميشه اهو ڪاٺ جو بنڊ ياد رکندي، جتي هنن هڪ ٻئي سان پيار ۽ واعدا ڪيا ٿي ۽ ائين ئي هڪ خاندان جو جنم پيو. پهرين هو فقط ٻه هئا ۽ پوءِ جارج ۽ ميري پيدا ٿيا، پوءِ جارج جا ٻارڙا ۽ هڪ ڏينهن ميريءَ جا ٻارڙا.......“
    ڇوڪرو هاڻ وهاڻو سيراندي رکيو، ليٽيو پيو هو. هن جو مٿو جلي رهيو هو. پر هاڻ هن کي سور ۾، شدت محسوس ڪانه ٿي ٿي.
    ”منهنجا پيارا خدا حافظ“ مسز مئڪليوڊ پوڙهي جي چپن کي چمندي چيو. ”ان وقت تائين جڏهن اسان ٻيهر ملنداسين.“
    ”سڀ ڪجهه ختم ٿي چڪو آهي.“ ڊاڪٽر اندر داخل ٿيندي چيو.
    ”اڃا سڀ ڪجهه ختم نه ٿيو آهي ۽ ٿي به نٿو سگهي.“ مسز مئڪليوڊ وراڻيو. ”حياتي جيڪا اسان پاڻ ۾، گڏ گذاري آهي، پنهنجي دڳ تي روان دوان، ائين ئي هلندي رهندي، هڪ لافاني جيون جيان.“
    ”ها بلڪل.“ ڊاڪٽر بنا ڪجهه سمجهڻ جي ئي جواب ڏنو.
    پر ڇوڪرو سمجهي ويو ته، هن ڇا ٿي چوڻ چاهيو. هن ڇت ڏانهن نهاري، سوچڻ شروع ڪيو. اڳي هن کي خبر نه هئي ته، جيون ڪهڙي مايا هئي، ان جو آدرش ڇا هو، ان جي منزل ڪهڙي هئي. پر هاڻ هن کي، جيون جي مهانتا ۽ آدرش جي، سڌ پئجي چڪي هئي. زندگي ڪنهن جي پيار ۾، ڦاسڻ لاءِ ئي هئي ته جيئن دلين ۾ پيار اوتي سگهجي، ۽ جيون جون گهڙيون کلندي ۽ مرڪندي گهاري سگهجن ۽ انهن مرڪن مان سنسار جي رچنا ڪري سگهجي ۽ سرشتي کي ويجهه ۽ امرتا بخشي سگهجي. ڪا ڳالهه ناهي جيڪڏهن هن کي اڳي ڪنهن به پيار ڏنو ناهي، هو خود ئي پنهنجو سنسار چٽيندو، جنهن ۾ پيار ئي پيار هوندو. هو چئوڏس خوشيون ئي خوشيون ورهائيندو.
    ڊاڪٽر پوڙهي مٿان پردو وجهي ڇڏيو ۽ جلد ئي ٻه ماڻهو، اسٽريچر کڻي آيا ۽ پوڙهي کي ان تي کڻي ويا. ڇوڪريءَ ڪجهه به نه ڪڇيو. هن کي خبر هئي ته، هاڻ ڇا ٿي رهيو هوندو. گهر جا ڀاتي گهر ۾ ئي موجود هوندا، جيڪو انهن جو پنهنجو گهر هو ۽ هو ان ۾ معمول جيان ناشتو ڪندا هوندا ۽ جارج پنهنجي ماءُ کي چوندو هوندو، گهٻرائڻ جي ڳالهه ناهي. کيس پيار ڪرڻ لاءِ، ننڍڙا ٻارڙا موجود هوندا. پر اهو سڀ ڪجهه هوندي به، هوءَ پوڙهي کي وساري نه سگهندي. ها ڪڏهن به نه. انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه هو ته، هنن هڪ ٻئي کي بي انتها پيار ڪيو ٿي ۽ سدائين ڪندا رهندا.
    ڇوڪري جي من ۾، جيئڻ جو جذبو ڪَرکڻي اڀريو. هاڻ هن کي خبر پئي هئي ته، هن ڇو جنم ورتو هو ۽ هاڻ هن مرڻ نٿي چاهيو. فقط سمهڻ چاهيو ٿي........
    صبح جو، هن کي دير سان جاڳ ٿي. ڪمرو بلڪل صاف لڳو پيو هو. ٻيو بسترو خالي پيو هو ۽ ان مٿان صاف ۽ ڌوتل چادر وڇايل هئي. دريءَ مان سج جا ڪرڻا ڌوڪي پي آيا، سڄي ڪمري ۾، هو اڪيلو هو. پر زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هن سوچيو ته، هو اڪيلو نه هو. هن کان پوءِ هو ڪڏهن به اڪيلي زندگي نه گهاريندو. هو پنهنجو گهر آباد ڪندو ۽ ڪنهن سندر عورت جي ڳولا ڪندو، عورت ٿيندي ئي سندر آهي. هو ۽ پوڙهي عورت به ته سندر ڪامڻي هئي. هاڻ هو پوڙهي مئڪليوڊ کي، ڏسي سگهيو ٿي، جڏهن جوان هو. هڪ ڊگهو خوبصورت ۽ سگهارو نوجوان، جيڪو ڪاٺ جي بنڊ وٽ بيٺل سندري کي، شاديءَ لاءِ چئي رهيو هو. هو به ان جهڙي ڪنهن سندريءَ کي ڳوليندو، جيڪا ٻارن تي مهربان هجي. هڪ اهڙي ڪامڻيءَ سان شادي ڪندو، جنهن کي خبر هجي ته سٺو کاڌو ڪيئن ٺاهجي ۽ ڪيئن ڪرسمس جي وڻ کي سينگارجي. پوڙهو ڪيڏو نه خوش نصيب هو جو، هن کي سڀ گهر جا ڀاتي الوداع ڪرڻ آيا هئا ۽ انهن جي وچ ۾، هو ڪيترو نه سڪون سان مري رهيو هو. ”توکي به ان وقت مرڻ ۾ ڪو به ڏک نه ٿيندو، جڏهن تون ٻئي ۾ سمائجي زنده رهين“ هن خيال ڪيو ”جڏهن توکي زنده رکڻ لاءِ هن سنسار ۾ تنهنجي پنهنجي رچنا موجود هجي ته پوءِ مرڻ ۾ ڪهڙو عار.“
    نرس ڪمري ۾ داخل ٿي، ”زخمي نوجوان! ناشتي بابت ڇا خيال آهي؟“
    ”منهنجا زخم ته ڪڏهوڪا ريٽجي چڪا آهن“ ڇوڪري کلي ڏنو. ”آءٌ بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهيان. نرس! مون کي ڪو ڀلو ناشتو ڪراءِ، سچ پچ ته مون کي ڏاڍي بک لڳي آهي.“

    ***


    سعديءَ جي آخري بهار

    آوتڪ آئزڪين
    بهار اچي چڪي هئي.
    هي انهن بهارن مان هئي. جيڪي، ڌرتيءَ کي نئون روپ ۽ نئون جوڀن ڏين ٿيون. ڏکن ۽ خوشين جو شاعر سعدي هن قسم جون سؤ بهارون ڏسي چڪو آهي
    سعدي انهي ڏينهن ننڊ مان صبح جو سوير اٿيو. هو رونالبد نديءَ جي ڪناري تي جڙيل باغ ۾ ويو، ته جيئن هو بلبلن جا گيت، جن ۾ بهار جي سوڀيا ۽ سندرتا جو ذڪر هو، هڪ دفعو وري ٻڌي سگهي.
    هن جون نظرون شيراز جي کيتن ڏانهن کڄي ويون. هن ڏٺو سڄو باغ، قدرت جي حسين گلاب جي گلن سان جهنجهيو پيو هو، جيڪي ڪوهيڙي جو گهونگهٽ اوڍيو، اسر جي گهري ننڊ ۾ ستل هئا.
    سعدي موتئي جي گلن جي ڀرسان، ڇٻر تي ويهي رهيو. هن کن پل لاءِ گلاب جي مکڙيءَ کي هٿن ۾ لوڏيو ۽ دل ئي دل ۾ ڀڻڪيو: ”گلاب جي مکڙي صبح جي ٿڌڙي هير لاءِ پنهنجا چپ ائين کولي ٿي، جيئن ڪا ڪنواري سندري پنهنجي من گهرئي محبوب جي ڀاڪر ۾ مرڪي ڏي.“
    جيتوڻيڪ سعدي هاڻي ٻڍو ٿي چڪو هو ته به هو ۽ سندس روح اڌ بند ڪنن ۽ اکين جي ذريعي، حيرت ۾ وجهندڙ واقعن ۽ دنيا جي روپ سروپ کي، اڄ به چڱيءَ پر محسوس ڪري سگهيو ٿي. اڄ به سندس روحاني ۽ مقدس شاعريءَ ۾، ڏورانهين خاموشي، ۽ گيتن جو پڙلاءُ، ٻڌڻ ۾ آيو ٿي. زمرو خط پکي، جيڪو تارن جي بادشاهي ۾ ڪوهه ڪاف جبل جي چوٽيءَ تي پنهنجو آکيرو اڏيندو آهي، تنهن اڄ به ساڻس ڳالهايو ٿي.
    چمڪدار اکين ۽ ڀورن پرن وارين بلبلن اڄ به سندس دلفريب رباعيون ڳايون ٿي، جن ۾ اڄ به اوتري پيار جي گرمي ۽ مستي محسوس ٿي ٿي.
    اڳي جيان اڄ به انهن گيتن سعديءَ جي من ۾ اهو ئي مانڌاڻ ٿي پيدا ڪيو. اڄ به اهي رباعيون ۽ گيت، سندس دل ۾ پڙاڏي جيان گونجيا ٿي.
    اڄ به صبح جي ٿڌڙي هير لڏندڙ ۽ لمندڙ گلن کي، ڪنواري دوشيزه جيان چمي ڏيئي مرجهايل گلن جا سلام ٿي ڏنا ۽ سعديءَ جو روح، پيار جي انهيءَ انوکي اظهار کي، اڄ به سمجهي سگهيو ٿي.
    ”هڪ پيار ڀري دل ئي قدرت جي ٻولي کي صحيح نموني سمجهي سگهي ٿي. دنيا سرسنگيت سان ڀريل آهي. ۽ سندس سونهن لافاني آهي.“ هن کي پنهنجا اهي لفظ ياد آيا، جيڪي هن گهڻو اڳ چيا هئا. جن کي بلبلن پنهنجي مٺڙي آواز ۽ حسين گلن پنهنجي من موهيندڙ خوشبوءَ جي ذريعي، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو هو.
    ائين سوچيندي هن پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون ۽ هن کي ائين لڳو ڄڻ ساري سنسار جو عڪس سندس دل جي آئيني ۾ سمائجي چڪو آهي، هن کي ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ دنيا، سندس دل ۾ موٽي آئي آهي.
    هن جي اکين اڳيان، هينئر به هندستان جون خاموش نديون ڦرڻ لڳيون، جيڪي ڪنول جي ڪومل گلن سان سٿيون پيون هونديون هيون.
    هن کي ياد آيا اهي هاٿي، جيڪي جهنگل ۾ بلڪل وائڙا وائڙا ۽ مايوس نظر ايندا هئا. هن جي ذهن تي تري آيا دهليءَ جا سونا محلات، جن ۾ رهندڙ سندرين کي وارن ۾ ڪرمچي گل لڳل هوندا هئا.
    هن طوران جا طوفاني ميدان به ڏٺا هئا ۽ اهي ارڏا انسان پڻ، جيڪي چمڪندڙ تلوارن سان طوفان جي پرن تي، آسمان ۾ اڏامندا هئا.
    هن جي ذهن جي پردي تي ڦري رهيا هئا بيابان، ۽ نٽهڻ اُس ۾ هرڻن پٺيان ڊوڙندڙ شڪاري، ۽ انهن مٿان لامارا ڏيندڙ سرڻيون.
    هن ڊگها ۽ نه کٽندڙ قافلا پڻ ڏٺا هئا، جيڪي چڙا وڄائيندا، عبادت ڪندا ۽ ڳائيندا مڪي ڏانهن وڃي رهيا هئا.
    هن جي دل تي تري آيا مصر جا مشهور احرام ۽ حيرت ۾ وجهندڙ عجب اسرار، هن کي ياد آيو نيرو ۽ اٿاهه ساگر، هن کي ياد آيون دمشق جون بخمل جيان نرم نازڪ دوشيزائون، جيڪي پنهنجي ريشمي بدن ۽ ڪومل ٻانهن سان، کيس ڀاڪر ۾ ايئن سمائينديون هيون جيئن ڳچيءَ ۾ هار.
    سعدي هڪ ٿڌو ساه کنيو ۽ پنهنجي پوريل اکين کي پٽي مٿي نهاريو.
    ”افسوس منهنجا هڪ سئو سال، هڪ حسين ۽ پياري خواب جيان گذري ويا. زندگيءَ جا هڪ سئو سال، هڪ پل ۾ گذري ويا. ائين ڄڻ هو هڪ رات جو کيل يا تماشو هو. توهان جيڪي منهنجون ڪوتائون، مٺڙيون بلبلون، گلاب جون حسين پنکڙيون، ۽ نرم نازڪ دلفريب ۽ خوشي بخشيندڙ دوشيزائون آهيو، توهان سڀ منهنجيون انهيءَ عرصي دوران محبوبائون رهيون. توهان جو هن سڄي عرصي ۾ مون سان بيحد پيار ۽ ساٿ رهيو!“
    صبح جي سج باغن، گلن، گاهن ۽ پهاڙن کي روشن ڪري ڇڏيو ۽ جڏهن سج، ڪنهن اڻڄاڻ منزل ڏانهن روانو ٿي ويو ته رات، انهن سڀني جي مٿان هيرن جڙيل چادر پکيڙي ڇڏي.
    جيئن ئي هن نيري آسمان ۽ سج جي سونهري روشنيءَ ۾، اڏامندڙ پکين ڏانهن نهاريو، هو خيالن جي اونهي ساگر ۾ هليو ويو. هن انهن ڏي عجب ۽ حسرت ڀرين نگاهن سان نهاريو ۽ بي اختيار چئي ڏنائين:
    ”بيشڪ دنيا عجيب ۽ پراسرار آهي. هڪ سندر ۽ دلچسپ ڪهاڻي آهي. هن جي سونهن لافاني ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي.“
    هن دنيا جي عجب اسرارن تي وري ڳالهايو. ”دنيا کي آئون هر روز ڏسان ٿو. ۽ هر روز اها مون کي نئين ڀاسي ٿي. ۽ ايئن لڳي ٿو ڄڻ آءٌ دنيا کي، پهريون دفعو ڏسي رهيو هجان. دنيا، جيتوڻيڪ کليل ڪتاب آهي، پر تڏهن به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. دنيا جيتوڻيڪ پراڻي آهي، ته به نئين ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سدائين جوان جماڻ ۽ لافاني جوڀن سان ڀرپور. منجهس لافاني حسن آهي. جنهن جو، ڪنهن سان به مقابلو نٿو ڪري سگهجي.“
    سعدي دنيا تي هڪ دفعو وري نظر وڌي، هن کي ان جا گهڻا ڪارج ۽ عجب ڪرشما نظر آيا. هن جي ذهن تي تري آيا ٻه ڪبوتر، جيڪي ڳاڙهي مرجان جهڙن پيرن سان، چراگاهه تي چڳي رهيا هئا ۽ گهوگهو ڪري رهيا هئا ۽ سعدي ٻيهر ڏاڍيان ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”دنيا سندر آهي ۽ موهي ٿي ۽ اُن ۾ موجود هر شئي، نظر نه ايندڙ جادوگرياڻيءَ جي هٿ ۾ جهليل جادوئي لٺ جي تابع آهي ۽ ان جادوگرياڻيءَ، جادوئي لٺ جي ذريعي سڄي دنيا کي، حسين پرين ۽ خوبصورت دوشيزائن جي آکاڻي ۾ منتقل ڪيو آهي.“
    پر! سعديءَ جي خيالن ڦيرو کاڌو. ”دنيا تباهيءَ ڏانهن وڃي ٿي، ٽڪرا ٽڪرا ٿئي ٿي، ۽ تبديل ٿيندي رهي ٿي، پر جيڪي ڪجهه، وري تخليق ٿئي ٿو ۽ هن شاندار دنيا ۾ ٻيهر تعمير ٿئي ٿو، ڇا اهو هن عجيب اپسرائن جي عجيب آکاڻيءَ جو ورجاءُ ناهي؟ اها ڪهڙي قوت آهي، جيڪا هرڻ جي دل، پيار ۾ ماندي ٿي ڪري ۽ کيس اُڀن پهاڙن تي چڙهي، انهن سان سڱ ٽڪرائڻ تي مجبور ٿي ڪري؟ اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو گلاب جي گلن کي خوشبو ورهائڻ لاءِ اڀاري ٿو؟ اهو ڪهڙو جذبو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي اڻڄاتل دائري مان ڪڍي ٿو ۽ کيس رت ۽ گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڪ ٿو ڪري ته جيئن هو سوچي سگهي ۽ پريشان زندگي نه گهاري؟؟؟“
    سعديءَ جي سوچ ۾ اڃا ولولو آيو. ”اهو ڪهڙو اُڌمو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي سندس خواهشن جي تڪميل لاءِ اڳتي آڻي ٿو ۽ منجهس جيئڻ جو جذبو پيدا ڪري ٿو ۽ کيس موت کان نفرت ٿو ڏياري.“
    ”او پيارا! منهنجا محبوب!! تون هڪ اهڙي قوت آهين، جنهن تي فتح پائي نه ٿي سگهجي. او خوبصورت وحشي!! آءٌ توکي ازل کان سڃاڻان ٿو، پر اڄ تائين تنهنجو انت نه لهي سگهيو آهيان ۽ نه ئي سروپ ماڻي سگهيو آهيان.“
    سعديءَ کي اندر جي انسان ٻڌايو ته هيءَ ان جي آخري بهار هئي.
    هن جي آخري بهار!
    باغ جو دروازو کليو. صبح جي ٿڌڙي هير سان گڏ سعديءَ جي محبوبا، جيڪا اڪثر وٽس ايندي هئي، اندر داخل ٿي.
    هن جي شرابي چپن ۽ اگهاڙين سفيد ٻانهن هميشه سؤ ساله شاعر جي بي آرام ۽ اونداهي راتين کي روشن ڪيو هو.
    سعدي کيس هميشه پنهنجي ڦوهه جواني، ۽ اٿاهه مرڪندڙ دل سان چاهيو هو. هن کيس گلستان جي لافاني ڪوتا ۾ محفوظ ڪيو هو.
    نزهت هن ڏانهن گلاب جي گلن سان ڀريل هٿ وڌايا، ۽ کيس خوشبودار گلن جيترو پيار ڏنو.
    شاعر اداس نظر اچي رهيو هو. اداسي ۽ پيڙا، سندس هيڊن چپن تي پڌري هئي.
    ”او شاعر! تون اداس ڇو آهين. او فاني دنيا جا مرڪندڙ رهواسي! تون ڇو دکي آهين.“
    سعدي خاموش رهيو.
    ”آءٌ تنهنجي خاموشي ۽ گهنڀيرتا کي پيار ڪريان ٿي، او سعدي؛ تنهنجي اداسيءَ ۾ خاموشي ۽ ڏاهپ سمايل آهي. ڇا تنهنجي پوتر زبان اهو چيو ناهي ته املهه موتي ۽ هيرا زخمن مان جنم وٺن ٿا؟ مون کي تنهنجا چيل لفظ اڄ به ياد آهن ته لوبان جيترو وڌيڪ سڙي ٿو، اوتري ئي سندس سڳنڌ چوڏس ڦهلي ٿي ۽ دل کي وڻي ٿي.“
    سعدي پنهنجي محبوبا ڏانهن هيڊي مرڪ مرڪندي گهوري نهاريو.
    ”ڏس مون توکي پنهنجي باغ مان گلاب جا بخمل جهڙا نرم، نازڪ ۽ ڪومل گل پٽي ڏنا.“
    هن سعديءَ مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ شاعر جي اداس چهري کي لسين ۽ روشن آڱرين سان ڇهيو.
    ”او آڪاش جي اپسرا! تون مون کي جيڪي گلاب جا گل ڏيندي رهي آهين، انهن کان وڌيڪ سندر گل دنيا ۾ ناهن ۽ انهن جي سڳنڌ ڪڏهن به جهڪي نٿي ٿئي. ۽ اهي ڪڏهن به ڪومائجن نٿا.“
    ها! اهو سعدي جيڪو گلن جي پياري ۽ وڻندڙ خوشبوءِ جو واس پنهنجي اندر ۾ اوتي ٿو، اهو انهن جي ننڍڙي زندگي تي ڀلا ڇو سوچي.؟ جڏهن گلن جي خوشبو تنهنجي هر ساهه ۾ رچي ويندي ۽ ان جو توتي غلبو ٿي ويندو، ته توکي اهو ياد به نه رهندو ته، گل ته گهڻو اڳ ڪومائجي چڪا آهن.“ نزهت شاعر جي چيل رباعي پنهنجي چانديءَ جهڙي آواز ۾ دهرائي. جيئن ئي هن پنهنجا واسينگن جهڙا وار، سعديءَ جي چهري تي ڦهلائي ڇڏيا، ته باغ مان وڻندڙ ۽ خوشبودار هير لڳڻ شروع ٿي، جيئن ئي سعديءَ پنهنجا ڏڪندڙ هٿ، نزهت جي وارن ۾ گهمايا ته آسمان مان انڊلٺ جهڙا کنڀ ڦڙڪڻ لڳا. اهي کنڀ زمرو خط پکيءَ جا هئا، جيڪو آڪاش ۾ اڏامي رهيو هو.
    ۽ سعدي پنهنجي روح جي اٿاهه ساگر ۾ ٽُٻي هنئي. دنيا هڪ خوبصورت پرستان جي آکاڻيءَ جيان، سندسن اکين اڳيان ڦرڻ لڳي، ان کان پوءِ هن پنهنجي پياري دوشيزه جي روشن چهري، ۽ شفاف مرڪ تي نظر وڌي. سندس اکين مان ٽمندڙ لڙڪن سندس پراڻي دل کي ڀسم ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ هن پنهنجي محبوبا جو هٿ پنهنجي چپن جي ويجهو آندو ۽ کيس چمي ڏيئي پنهنجي تڙپندڙ ۽ ڦٿڪندڙ دل جي ويجهو زور سان هٿن ۾ دٻائي رکيو.
    ”او ديوي! منهنجي شاعري! گلستان جي آخري صفحي تي پنهنجي ڪومل هٿن سان منهنجا هي آخري لفظ لک!“
    ”اسين پنهنجين خواهشن لاءِ پيدا نه ٿيا آهيون، اسين عجب اسرار ۾ جيون گهاريون ٿا ۽ رنج ۽ پيڙا ۾ مرون ٿا.“
    ***


    سوکڙي

    آنهه ڊڪ

    با ۽ سندس زال، آڌيءَ رات تائين جاڳندا رهيا. ٻئي خاموش بيٺا هئا ۽ ڪافي دير تائين، هنن هڪ ٻئي سان هڪ اکر به نه ڳالهايو. اوچتو با خوشي وچان رڙ ڪئي ”مون فيصلو ڪري ورتو آهي.“ هن جي زال ڪجهه به نه ڳالهايو. سندس اکڙين مان لڙڪ ڳڙندا، ڌرتيءَ تي ڪرڻ لڳا. واچ ٽاور مان رکي رکي ايندڙ، بندوق جي ٺڪائن خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي ڇڏيو. دشمن جي قبضي هيٺ آيل ڳوٺ ۾، اها عام ڳالهه هئي، تنهنڪري ڪنهن جو اوڏانهن ڌيان نه ويو. جڏهن گولي يا ٺڪاءَ بند ٿي ٿيا ته بانس جي بستري تي ستل 16 ورهين جي نينگر جا کونگهرا صاف ٻڌڻ ۾ آيا ٿي.
    ”نينگر ڪڏهن روانو ٿيندو؟“ هن ڏکاري لهجي ۾ پڇيو.
    ”پروگرام جي خبر ڪونهي، پر هو ستت روانو ٿيندو.“
    ”او خدا!“ ائين چوندي هن روئي ڏنو.
    ”اوهين عورتون روئڻ جون ڀليون آهيو.“ با چيو.
    ”ڇا تون اهو برداشت ڪري سگهنديئن ته تنهنجو پٽ غدارن جي فوج ۾ ڀرتي ڪيو وڃي؟“
    هن جي زال کي خبر هئي ته سندس مڙس مضبوط ارادي جو مالڪ آهي. هڪ ڀيرو هن ڪو به فيصلو ڪري ورتو ته، ان تان کيس هٽائڻ ناممڪن هو. گذريل ٻن هفتن کان هو کيس سمجهائي رهيو هو ته، هو پنهنجي پٽ ترنگ کي، دشمن جي ڪئمپ ۾ رهائڻ پسند نٿو ڪري، هو کيس هر حالت ۾ آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ۾ موڪليندو. ’سندس سامان تيار ڪر ۽ جيڪي پئسا بچائي رکيا اٿئون، انهن کي، هٿ به نه لائجان. اهي نينگر لاءِ آهن. ترنگ اسان جو اڪيلو پٽ آهي. هو هاڻي ڦوهه جوانيءَ ۾ پير پائي رهيو آهي ۽ آساني سان ڀاڙيتو فوج جي ڦندي ۾ ڦاسي سگهي ٿو. انهيءَ لاءِ بهتر آهي ته، اسان جلد فيصلو ڪري وٺون. جيڪڏهن آزاديءَ جي جنگ ۾ وڙهندي هو مري به ويو ته به، مون کي ان جو ڏک نه ٿيندو.“ با زال کي سمجهائيندي چيو.
    جڏهن پهريون دفعو هن جي مڙس ساڻس ڳالهايو هو ته هوءَ پريشان ٿي ويئي، پر جڏهن هن دشمن جي ڪئمپ جي ماحول تي سوچيو ته هن به پنهنجي پٽ کي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ۾، موڪلڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. هن نٿي چاهيو ته سندس پٽ ڀاڙيتو ۽ غدارن جي فوج ۾ شامل ٿي، انقلابين تي گوليون وسائي، جن کين ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي هئي. هن کي اهي گهڙيون ياد پيون جڏهن، هن پنهنجي پٽ کي جنم ڏنو هو. ان وقت آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ فوج ئي، نرس ۽ ننڍڙي ڄاول ٻار لاءِ ڪپڙا، لٽا ۽ ٻيو گهربل سامان ڏنو هو. جڏهن ته هنن وٽ خود سواءِ ڦاٽل ڪپڙن جي، ٻيو ڪجهه به نه هو. انقلابي حڪومت کين گذاري لاءِ هڪ گهر ۽ ٻه ايڪڙ زمين پڻ ڏني هئي ته جيئن هو پنهنجي ٻار جي، آسانيءَ سان پرورش ڪري سگهن. پر ٽن مهينن کان پوءِ، دشمن جي فوج کين ٿڏا ۽ لتون هڻي گهر ۽ زمين ٻنهي تان بي دخل ڪري ڇڏيو. ۽ هنن کي دشمن جي ڪئمپ ۾، رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. اها ڪئمپ جيل کان به بدتر هئي. جتي هو هر وقت ڊيڄاريا ۽ ڌمڪايا ويندا هئا.
    پنهنجي پٽ جي روانگيءَ لاءِ هوءَ هڪ هفتي کان لڳاتار ڳجهه ڳوه ۾ ڪپڙا ٺاهڻ لڳي. هن جو اندر کامي رهيو هو. پوءِ به ته هوءَ هڪ ماءُ هئي. با بستري تي کونگهرا هڻي رهيو هو، پر هن کي ننڊ نه ٿي آئي. هوءَ اٿي ۽ پنهنجي پٽ کي، لالٽين جي جهڪي روشنيءَ ۾ ڏٺائين. ترنگ گرمي هئڻ ڪري، قميص لاهيو ستو پيو هو. ڪيڏو نه سگهارو ۽ سهڻو جوان نظر اچي رهيو هو. هوءَ لالٽين جي روشنيءَ ۾، چتيون هڻڻ لڳي. جيئن ئي هن سئيءَ سان ٽاڪڻ شروع ڪيو، هن جون اکيون وري به لڙڪن سان ڀرجي ويون. رکي رکي ڀاڙيتو فوج طرفان، ڇٽندڙ گولين جو ٺڪاءُ ۽ پهرو ڏيندڙ فوجين جي ٽاپ ٽاپ جا آواز پڻ اچي رهيا هئا. چوڌاري لڳل سرچ لائٽون، ڪنهن راڪاس جيان شڪار جي تاڙ ۾ نوس نوس ڪري رهيون هيون. پر چوگرد لڳل تارون بيٺل پاڻيءَ ۾ موت جو ناچ ڪري رهيون هيون. اندر ڪئمپ ۾ به ڪيڏو نه هراس ۽ خاموشي ڇانيل هئي!
    ”آءٌ ڪيئن جيئندس؟“ پيءُ جي سوال تي پٽ جواب ڏنو.
    ”مون اڳ ۾ ئي انقلابين جي فوج ۾ شامل ٿيڻ جي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ آءٌ هاڻي ئي وڃڻ چاهيان ٿو. رات جي اونداهيءَ ۾ ڇو لڪي وڃان؟ آءٌ ڏينهن ڏٺي چٽي ۽ صاف شفاف روشنيءَ ۾ وڃڻ چاهيان ٿو.“
    ”نه منهنجا پٽ،“ پوڙهي با وراڻيو. ”رات جو وڃڻ بهتر ٿيندو. مون سڀ انتظام ڪري ڇڏيا آهن. جئين ئي چاچا ٽو ڊيوٽي سنڀالي، تون نڪري وڃجانءِ.“
    ”پوڙهي صحيح ٿي چيو“ ترنگ سوچيو، ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ هن چيو: ”منهنجي وڃڻ کان پوءِ هو توهان کي کوڙ تڪليفون ڏيندا.“
    ”ان جي پرواهه ناهي. اهم ڳالهه فقط اها آهي ته تون صحيح سلامت نڪري وڃين.“
    نينگر چپ ويٺو رهيو. هو سوچي رهيو هو ته منهنجي وڃڻ کان پوءِ ڇاڇا ٿي سگهيو ٿي. امان لاءِ ڪاٺيون ڪير ڪري ايندو؟ امان جي اکين ۾ منهنجي وڇوڙي جو سوچيندي لڙڪ ڀرجي ايندا. هن ان ڏينهن بابت سوچيو جڏهن هو فاتح جي حيثيت ۾ موٽندو تڏهن هو پنهنجي مائٽن، چاچي ٽام ۽ زانهه کي آزاد ڪرائيندو. ڪئمپ تي موجود سڀني پهريدارن کي هٽائيندو. سڀني ڪنڊائين تارن ۽ ٽاور کي اڏائي ڇڏيندو. انقلاب جي مدد ڪندڙ چاچا ٽو کي ڇڏي، باقي سڀني غدارن کي نديءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندو. هن جي اڳيان جنگ جا نظارا ڦرڻ لڳا.
    ”سڀني مشڪلاتن کي مڙس ٿي منهن ڏجانءِ. تو کي جيڪا جوابداري سونپن ان کان نه ڪيٻائجان! جيڪڏهن تون انقلاب آڻڻ چاهين ٿو ته، تڪيلفون ته ضرور ڏسڻيون پونديون.“
    ترنگ تڪليفن کان ڪو نه ٿي ڊنو. هن ڪئين ڀيرا ٻه ٽي ڏينهن لڳاتار سارين جي ٻنين ۾، گپ ۽ گاري ۾ بنا کاڌي کائڻ جي ڪم ڪيو هو. جيتوڻيڪ بک بڇڙو ٽول آهي. پر هن پڪو پهه ڪيو هو ته هو اهڙين حالتن ۾ مايوس نه ٿيندو ۽ اهو ڪم جيڪو هن کي سونپيو ويندو، مڪمل ڪري پوءِ ساهه پٽيندو. ترنگ ڪنڊائين تارن جي لوڙهي ڏانهن نهاريو، هن کي ان جي پريان کاهيون ۽ ان جي پويان وهندڙ ندي، ساوا ساوا کيت ۽ انهن جي پويان هن جو پنهنجو اباڻو ڳوٺ ڏسڻ ۾ آيو.
    ”هڪ ڳالهه...............“ هن جي پيءُ جو آواز وري فضا ۾ گونجيو. ”......جو خاص خيال رکجانءِ. پنهنجا حوصلا هر وقت جاءِ رکجان ۽“ هن ورجائي چيو.
    ترنگ پنهنجي پيءُ ڏانهن نهاريو. هو پنهنجي پيءُ جي مڪمل هدايتن جي روشنيءَ ۾، هن جي پيار جي ڪٿ ڪرڻ لڳو. هڪ پيءُ پنهنجي پٽ کي جنگ جي محاذ تي موڪليندي، ڪهڙين حالتن مان گذري ٿو؟ هو ان جي حالت مان اندازو لڳائي نه ٿي سگهيو. هن کي پنهنجي پيءُ جي پيار سان گڏ، ماءُ جي مامتا به ياد پئي. هن سوچيو جڏهن هو روانو ٿي چڪو هوندو ته، هن جي ماءُ يقينن روئي ڏيندي. ڀلا روئي به ڪيئن نه، هو سندس اڪيلو ئي ته پٽ هو. جيڪڏهن هن کي هڪ ڀيڻ به هجي ها ته، هوءَ سندس غيرموجودگيءَ ۾ هن لاءِ وڏو ڏڍ هجي ها. رڌ پچاء ۾ سندس مدد ڪري ها. هي ڇاجي خوشبوءِ پئي اچي؟ شايد کيس وڻندڙ گانگٽ آهن؟ هن کي ياد آيو، هن گهڻي وقت کان گانگٽ ڪو نه کاڌا هئا، ڇو جو هتي ان جي شڪار تي بندش هئي. هن کي اهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن هو هيپ ندي ۾ گانگٽ ڦاسائيندو هو.
    مانيءَ کان پوءِ، با پنهنجي پٽ کي ڪاڳر ۽ پين کڻي اچڻ لاءِ چيو. ان کان پوءِ هن پنهنجي پٽ کي، دروازي تي ڪڙي نگاهه رکڻ لاءِ چيو. انقلابي فوج ڏانهن خط لکندي هن جي ذهن تي اهي امر شهيد تري آيا، جن ڌرتيءَ ڪاڻ جانيون ڏنيون. هن دل ئي دل ۾، انهن جي عظمت کي سلام ڪيو. هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا، ۽ هن جا هٿ ڏڪڻ لڳا. هن کي سمجهه ۾ نه آيو ته، هو خط ڪٿان کان شروع ڪري. با بستري تي ليٽي لکندو رهيو. هن هر هڪ اکر کي ڏهه ڀيرا ڪاٽيو ٿي. جڏهن ترنگ کنگهي ڪنهن جي اچڻ جو آواز ٿي ڏنو ته، هن ڪاڳر ۽ پين تڏي هيٺان لڪائي ٿي ڇڏي. خط لکڻ ۾ هن کي سڄو ڏينهن لڳي ويو. ان قسم جو خط هن اڳ ڪڏهن به نه لکيو هو.
    رات جي ماني هن سويل ڀرو کاڌي. با جي زال کي کاڌو نڙيءَ کان هيٺ ئي نه پيو لهي. ترنگ به تمام گهٽ ماني کاڌي. با سڪون سان ماني کائي رهيو هو. هن پنهنجي پٽ کي مخاطب ٿي چيو: ”پٽ ڍءُ ڪري ماني کائي وٺ، شايد ماءُ جي پڪل تولاءِ هيءَ آخري ماني هجي.“ ترنگ جلدي ماني کائي اٿيو. هو سگهاري آواز ۾ ماءُ کي مخاطب ٿيو:
    ”امان دل نه لاهه، کلي اجازت ڏي. منهنجو سامان ڪٿي آهي؟“
    ”هي پيو آهي“ هن پنهنجي پٽ کي هڪ وڏو رومال ڏنو. ان ۾ هن جي لاءِ ڪجهه مٺائي، ۽ ڪپڙا ٻڌل هئا، رومال مان مٺائيءَ جي خوشبو اچي رهي هئي. ترنگ جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي آيون. هن پنهنجو منهن ڦيرائي ڇڏيو، جيئن سندس ماءُ سڀ ڪجهه ڏسي نه وٺي.
    هن سوچيو انقلابي فوج ۾ اهو رومال کيس هميشه ماءُ جي ياد ڏياريندو رهندو. ان کان پوءِ سندس ماءُ هن کي ننڍڙو ٻٽون ڏنو. ”هن ۾ تنهنجي لاءِ ڪجهه پئسا آهن،“ سندس ماءُ چيو. ترنگ ٻٽون کوليو ان ۾ چوونجاهه پياسٽر پيل هئا، هن هڪ کنيو ۽ باقي واپس ڪندي وراڻيو:
    ”سپاهيءَ کي ايترن پئسن جي ڪڏهن به ضرورت ناهي پوندي.“ ماءُ جي گهڻي زور ڀرڻ تي، هو هڪ وڌيڪ پياسٽر کڻڻ تي راضي ٿيو.
    با خط ڇوڪري جي حوالي ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته، هو اهو خط به انقلابي فوج جي ڪنهن به سپاهيءَ کي ڏي. ان کان پوءِ، هن کيس ڀڄي وڃڻ جي رستي کان آگاهه ڪيو. گهر جي دروازي تي ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي پٽ کان موڪلايو.
    ترنگ مکيه دروازو ٽپي ٻاهر پهتو. ان کان پوءِ هو ڪنڊائين تارن مان لنگهي کليل ميدان ۾ ڊوڙڻ لڳو. هو ٿوري دير لاءِ ترسيو، جيئن ساهي پٽي سگهي. هن محسوس ڪيو ته هتي جي هوا، ۽ دشمن جي فوجي ڪئمپ جي هوا ۾ ڪيڏو نه فرق هو. هُن نديءَ وٽ پهچي ڪپڙا لاهي، رومال ۾ ويڙهيا ۽ هڪ هٿ مٿي ڪري ترڻ شروع ڪيو، ندي ۾ پوندڙ سرچ لائيٽ جي روشني واڳونءَ جيان هن جي ڳولها ۾ هئي، پر هن ان جي پرواهه نه ڪئي. هن ندي پار ڪري ڪپڙا پاتا ۽ پڪو روڊ ڇڏي، ڪچي رستي تي گپ ۽ چڪ مان هلڻ شروع ڪيو. هن اڃا ٿوروئي پنڌ مس ڪيو هوندو، جو هڪ آواز ڪنايائين ”بيهي رهه.“ ستت ئي ڪجهه سپاهي نظر ٿيا ۽ بندوقون تاڻي بيهي رهيا. هڪ پڇيو ”ڪير آهين؟“
    ”پناهه گاهه مان آيو آهين“ نينگر وراڻيو. ”چاچا ٽام سان ملڻو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي اسان جي پويان اچ.“ هو هنن جي پويان هلڻ لڳو. ترنگ اتي پهچي خط ڪڍيو ۽ ٽام کي ڏنو، گوريلا اڳواڻ خط ورتو ۽ بتيءَ جي جهڪي روشني ۾ پڙهڻ شروع ڪيو.
    ”انقلاب ۽ آزادي جي محاذ جا ڀائرو!
    منهنجي زال ۽ مون کي فقط هڪ پٽ آهي. گذريل وقت ۾ انقلابي فوج، اسان تي انيڪ مهربانيون ۽ ٿورا ڪيا. انهن اسان کي مفت ۾ زمين، ۽ رهڻ لاءِ اجهو ڏنو، جتي اسان سڪون ۽ آرام سان زندگي گذاري. اسين انقلاب، ۽ انقلابين جا وڏا قرضدار آهيون. منهنجو پٽ هاڻ ڦوهه جوانيءَ ۾ پهتو آهي. اسين نٿا چاهيون ته هو ڀاڙيتو فوج ۾ داخل ٿي اسان جي محسنن تي گوليون هلائي. اسان هي نوجوان، انقلاب ۽ آزاديءَ لاءِ توهان کي سوکڙيءَ طور موڪلي رهيا آهيون. هي اڃا ناتجربيڪار آهي. هن کي هڪ سٺو انسان ۽ سچو سپاهي بنائيندا ته اسين توهان جا تا ڄمار ٿورائتا رهنداسين.“
    فقط... نگوين وان با ... هڪ غريب هاري.
    خط جي هيٺان ڪوئلي ۽ اکروٽ جي تيل مان ٻوڙيل، ٻن آڳوٺن جا نشان به هئا.
    گوريلا اڳواڻ ترنگ جي ويجهو آيو ”نوجوان تون شايد اسان جي جٿي ۾ شامل ڪيو وڃين. هاڻ ڪافي دير ٿي وئي آهي ۽ ها مون وٽ هڪ وڏي مڇرداني آهي. اچ انهيءَ ۾ اچي آرام ڪر.“ گوريلا اڳواڻ جي ان آڇ تي ترنگ مرڪي ڏنو.
    ***


    توکي مرڻ گهرجي...!؟

    ڪيوڊٽ قدرت

    جنوريءَ، موسم جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو هو. ميرانجهڙي آسمان هيٺ، دنيا به ميرانجهڙي ڏيکائي ٿي ڏني. ماڻهو ڪم ۾ رڌل ٿي نظر آيا. گهٽيون اٻاڻڪيون ۽ ماڻهن کان وانجهيون هيون. شاهه بلوط جي ڊگهن وڻن هيٺان پيار ونڊيندڙ دليون ڏسڻ ۾ نٿي آيون. مسجدون ۽ جهرڻا ويران ٿي ويا هئا. تفريح ۽ گڏجاڻين جون جڳهيون، جتي ٻارڙا اُونهاري ۾ اچي رانديون رونديون ڪندا هئا، هاڻي اتي زندگيءَ جا ڪي به رنگ نه هئا. پر چشما پوءِ به صفا ويران نه ٿيا هئا. گهڻو ڪري هر ڏينهن، ڪنهن نه ڪنهن ويل ڪو نه ڪو سڄي ڏينهن جي کاپي لاءِ، اتي پاڻي ڀرڻ ويندو ئي هو.
    ڌرتتي ٽاڻي، هڪ ڇوڪرو جيڪو جهرڻي تي پاڻي ڀرڻ لاءِ ويو هو، گهٽين مان رڙيون ڪندو ڊوڙندو گذريو: ”آغا درشن گذاري ويو!! آغا درشن گذاري ويو!!“
    آغا درشن انهيءَ پاڙي جو ڄاتل سڃاتل پخالي هو. هن جي ڄمار لڳ ڀڳ پنجاهه ورهيه هئي ۽ کيس ڪاري گول ڏاڙهي هئي. هو ان ڄمار ۾ به جانٺو جوان لڳندو هو. هو پنهنجي زال ۽ ٻن ٻارن سان، انهيءَ پاڙي ۾ هڪ جهڳيءَ ۾ رهندو هو.
    معمولي اُپت سبب، سندس گذارو مشڪل سان ٿيندو هو. ٻه ڊٻا ۽ هڪ ڪنواٺي، جنهن جي ڇيڙن ۾ گهنگهرو ٻڌل هوندا هئا هن جي ڪل ميڙي پونجي هئي. هو پاڻيءَ جي ڪنواٺي ڪلهي تي کڻي، هر روز پرهه ڦٽيءَ کان پاڙي ۾ هوڪو ڏيڻ شروع ڪندو هو.
    ”پاڻي وارو، آيو پاڻي وارو.“ سندس هلڻ سان ڪنواٺي ۾ ٻڌل گهنگهرو ماحول ۾ موسيقيءَ جون لهرون اڀاريندا هئا.
    هن جو گجندڙ آواز پاڙي جي هڪڙي ڪنڊ کان، ٻي ڪنڊ تائين، پڙاڏو ڪندو پهچندو هو. جن به گهر ڌياڻين کي، پاڻيءَ جي ضرورت هوندي هئي اهي کيس سڏينديون هيون. ”آغا درشن هڪ ور ڏي“ ”ٻه ور“ ”ٽي ور.“ ۽ پوءِ آغا درشن چشمي تان پاڻي ڀرڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويندو هو ۽ پاڻي ڀري گهرن تائين پهچائيندو هو. چشمي کان گهرن ۽ گهرن کان چشمي تائين، هو ڪئين ور ڪندو هو. اهو سندس روز جو معمول هو. هن کي پاڻيءَ جي هر چڪر جا، ٽي ”ڪرش“ ملندا هئا. ايتري آمدنيءَ مان، پنهنجي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ ائين هو جيئن، سئيءَ سان کوهه کوٽجي. انهيءَ اپت مان چئن ڄڻن جو پيٽ ڀرڻ هن لاءِ ناممڪن هو. پر هو پوءِ به خدا جا شڪرانا بجا آڻيندو هو. سندس زال گل ناز کي، هفتي ۾ ٽي يا چار دفعا، مختلف گهرن ۾ پورهئي جو ڪم ملي ويندو هو. جنهن مان هوءَ، پنهنجي مڙس جي محدود آمدنيءَ ۾، معمولي واڌارو ڪندي هئي. هو گهر ۾ پڪائيءَ سان پاڻي کپائيندي هئي ته جيئن، سندس مڙس واڌو پاڻي وڪڻي، ڪجهه سرس ڏوڪڙ ڪمائي سگهي.
    ۽ هاڻي! اوچتو ئي اوچتو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. آغا درشن جي موت جو ڪارڻ، هاڻي ڪو راز به نه رهيو هو. ڪنواٺي جو وزن نه سنڀاليندي، هن جو پير ترڪي ويو ۽ منهن ڀر وڃي پٿرن تي ڪريو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته، هو ايترو جلد مري ويندو؟ هو پٿرن کان به سخت جان هو، پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته پٿر سندس ميڄالو ئي ڪڍي ڇڏيندا؟ شايد سخت جان ۽ مضبوط ماڻهو ائين ئي ٽٽندا آهن؟ شايد ان قسم جي ماڻهن کي، اهڙوئي موت نصيب ٿيندو آهي؟
    گل ناز پنهنجي مڙس جي موت جي خبر ٻڌندي ئي، ڄمي پارو ٿي وئي. ڇا اها هن جي سهاري بنجڻ جي سزا هئي؟ يا اها سندس گناهن جي سزا هئي؟
    ”او خدا“ ايڏو ظالم نه ٿيءُ. پر هي ته هڪ حادثو هو. هن حادثي جا ته اکين ڏٺا شاهد هئا، جن ٻڌايو ته هن جو پير ترڪي ويو هو. هرڪو ان نموني مري سگهي ٿو.
    ها! شايد هرڪو ان نموني مري سگهيو ٿي، پر اهي پويان پنهنجي ٻارن ٻچن جي لاءِ، ڪجهه ڇڏي ويا ٿي، گهٽ ۾ گهٽ ايترو جو ٻارن جي گذاري لاءِ، گهڻو نه ته به ڪافي هو. درشن آغا جيڪا پنهنجي خانداني موڙي ڇڏي، اها هئي هڪ ڪنواٺي ۽ ٻه ڊٻا.
    ’گل ناز هاڻي ڪيئن ڪنديئين؟‘ هن گهڻو ئي سوچيو، پر ڪو به فيصلو نه ڪري سگهي. هن لاءِ پنهنجو ۽ ٻن ٻارن، جن مان هڪ جي ڄمار نو سال ۽ ٻئي جي ڇهه سال هئي، گذارو ڪرڻ مشڪل هو. هن کي مشڪل سان هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڀيرا، ڪپڙن جي ڌوئڻ جو ڪم مليو ٿي. هاڻي هوءَ ان ڪمائيءَ مان ڪيئن ٻن ابهم ٻارن جي ڪک ڀري سگهندي؟ اڳ ته پاڻي به هٿ تي هو، هاڻ پاڻي ڪٿان ايندو؟ گهڙيءَ پل ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو. هن سوچيو ٿوري يا گهڻي پاڻي سان ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ هن کي جيڪڏهن سنهو ٿلهو ڪو ڪم ملي وڃي ته پوءِ ڪا پرواهه ناهي. پاڻي جنهن سان هن کي ڪيڏو نه پيار هو. اهو هاڻي هن لاءِ ڌڪار جوڳو هو. هن کي ان جي وهڪري ۾ ويساهه گهاتي ۽ دشمني ڏيکائي ڏيڻ لڳي.
    جيڪڏهن ڪنهن به گهر ۾ قضيو ٿي پوي ته پوءِ فوري طور تي ان گهر ۾ ڪوبه ڀاتي چلهه ٻارڻ يا رڌ پچاءُ جو، ڪو نه سوچيندو. پهرين شيءِ جيڪا ان حالت ۾ گهرجي ڀاتين کان وسري ويندي آهي اها هوندي آهي ماني. ۽ ايئن وڌ ۾ وڌ، چاليهه ڪلاڪ يا ٻائيتاليهه ڪلاڪن تائين ٿئي ٿو، ۽ جيئن ئي پيٽ ۾ وڍ پوڻ شروع ٿين ٿا، ۽ چپ خشڪ ٿي وڃن ٿا ته، گهر جي ڀاتين مان ڪو چوي ٿو: ”اسان کي ماني کائڻ گهرجي.“ ۽ ماني کائڻ سان وري زندگي معمول تي اچي ويندي آهي ۽ ائين ئي زندگيءَ جو وهڪرو جاري ساري رهي ٿو.
    قضئي واري گهر ۾ رسم و رواج مطابق، همدرديءَ طور پاڙي وارا هڪ يا ٻن ڏينهن تائين ماني موڪلي ڏيندا آهن. گل ناز ۽ سندس ٻارن لاءِ پهرين ماني اڇي بنگلي جي مالڪ، رئيس آفندي موڪلي. بنگلي جي بيهڪ مان ئي ظاهر هو ته، ان ۾ رهڻ وارا تمام مالدار هئا. آغا درشن جي مرڻ جي ٻئي ڏينهن، ٻنپهرن جو هڪ نوڪرياڻي اڇي بنگلي مان نڪري، گل ناز جي جهڳيءَ ۾ داخل ٿي. سندس ٻنهي هٿن ۾ کاڌي جو هڪ وڏو ٿالهه هو، جنهن ۾ قسمين قسمين کاڌا، تريل گانگٽ، پڪل ڪڪڙ، رڌل گوشت، پلاءُ ۽ مٺائي، وغيره رکيل هئا.
    ان ڏينهن حقيقت ۾ ڪنهن به کائڻ نه ٿي چاهيو. ڀلا جنهن جي گهر ۾ قضيو ٿي وڃي، ان جي ڀاتين کي ماني ڪيئن وڻندي؟ پر جيئن ئي نوڪرياڻي ٿالهه تان پوش هٽايو ته سڀني جو روح رسڪي ويو. چپ چاپ سڀ اچي تڏي تي ويٺا. شايد ان ڪري جو اڳ ڪڏهن به هنن اهڙو عمدو کاڌو ڪو نه کاڌو هو، يا شايد ان ڪري جو سندن خواهشن کي، ڪافي گهاءَ رسيل هئا. پر اصل ۾، عمدي کاڌي سڀني کي وات ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو. منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ، هو وري رات جو تڏي تي گڏ ٿيا ۽ ٻنپهرن جي بچيل مانيءَ جو چسڪو ورتن.
    ٻي ڏينهن، ٻي پاڙيسري ماني موڪلي. اهو سلسلو ٽي چار ڏينهن هليو. پر پوءِ جيڪو کاڌو آيو ٿي اهو اڇي بنگلي جي کاڌي جي ڀيٽ ۾ تِڇ برابر هو. ان هوندي به اهي کاڌا جيڪي سندن گهر ۾ رڌجندا ٿي آيا، ٻاهران آيل کاڌا انهن کان هزار بار سٺا هئا. جيڪڏهن اهو سلسلو لڳاتار جاري رهي ها ته، گل ناز ۽ سندس ٻارن کي سڄي ڄمار آغا درشن جي موت جو غم، وسري وڃي ها. پر جڏهن کاڌي جا ٿالهه اچڻ بند ٿيا، ۽ اهي ڪوئلا هڪ يا اڌ سير، جيڪي هو ماني پچائڻ لاءِ گهرائيندا هئا، خريد ڪرڻ جي سگهه نه ساري وٺي نٿي سگهيا، تڏهن هنن محسوس ڪيو ته، سندن ڏک ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ آهي ۽ ان پيڙا جو ڪو انت ناهي.
    پهرئين ڏينهن، جڏهن ماني اچڻ بند ٿي ته، هنن گهٽين ۾ پيرن جي ٺپ ٺپ ٻڌي انهيءَ اميد سان در ڏانهن ڊڪ پاتي ته شايد ڪو مانيءَ جو ٿالهه پوش سان ڍڪيو انهن ڏانهن کنيو پيو اچي. پر هنن ماڻهن کي معمول مطابق انهن گهٽين مان پنهنجي ڪم سانگي لنگهندي ڏٺو. رات جو مانيءَ مهل پيرن جي ٺپ ٺپ هنن جو ڌيان نه ڇڪايو، ڇاڪاڻ ته، هنن ڄاڻي ورتو هو ته هاڻ هنن ڏي ڪير به ماني نه موڪليندو پر هن کي، اڳي جيان پاڻ ماني ٺاهڻي پوندي. گذريل ڪجهه ڏينهن کان، هنن تمام عمدي قسم جو کاڌوکاڌو هو. تنهنڪري هنن لاءِ، گل ناز جي هٿن جي رڌل پٽاٽن جو اڻڀو ٻوڙ کائڻ، ڏاڍو ڏکيو هو. پر هنن ۾ ڪجهه پچائڻ جي پهچ به ته نه هئي. هو. آخر ڪري به ته ڇاٿي سگهيا. ٽن چئن ڏينهن تائين، جيستائين گهر ۾ ٿورو سيڌو سامان هو، هنن کي لانگهو ڪاٽڻو نه پيو. پر پوءِ وارا ڏينهن هنن کي ڏکيا ڏسڻا پئجي ويا. انهن ڏينهن ۾ هنن بچيو کچيو بصر، سڪل ليما ۽ ٻيو جيڪي ڪجهه هِتي هُتي نظر آين، پيٽ کي ڇاٻ ڏيڻ لاءِ پئي واپرايو ۽ نيٺ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن گهر جا سڀ ٺڪر ۽ ٿانوَ خالي هئا. انهيءَ ڏينهن هو ٺلهن آنڊن لنگهڻ سمهي رهيا.
    ٻيو ڏينهن به پاڻ سان لنگهڻ کڻي آيو. ڌرتتيءَ جي وقت ننڍڙي ٻارڙي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. ”امان آنڊا ٿا وٽجن!“ ”پٽ ٿورو صبر ڪر، ڪو نه ڪو ته سڏ ورائيندو.“ ماءُ وراڻيو. بک هنن کي بيحال ڪري ڇڏيو هو. هنن پنهنجو پاڻ کي ٻوڏار ۾ محسوس ڪيو. انهيءَ ڪري هنن ليٽڻ بهتر سمجهيو. ليٽڻ سان هنن کي ائين لڳو ته ڄڻ هو خواب ڏسي رهيا هجن. هنن اڳيان ڪنهن مهل سائي ته ڪنهن مهل ڳاڙهي رنگ جا دائرا ڊهن ٺهڻ لڳا. هنن جا ڪن پڙاڏي جيان وڄڻ لڳا.
    ٻئي ڏينهن گل ناز هڪ خواب لڌو. هن ڏٺو ته گهٽيءَ ۾، ڪو ڪپڙا ڌوئڻ واريءَ جي تلاش ۾ هو. ’گل ناز کي ٻڌائي ڇڏجانءِ ته هو صبحاڻي ڪپڙا ڌوئڻ اچي.‘ گل ناز جنهن کي، پاڻيءَ کان نفرت ٿي چڪي هئي سا هاڻي آتي هئي ته هو ان قسم جو ڪو آواز ٻڌي. پر گهٽيءَ ۾ لنگهندڙ ماڻهن گل ناز کي ڪم تي گهرائڻ لاءِ سوچيو به نه هو. اٽلندو سڀني جي اها وائي وات ”غريب عورت پريشانيءَ ۽ ڳڻتيءَ ڪري هاڻي ويچاري ڪنهن به ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهي آهي.“
    ان ڏينهن صبح جو، ڪنهن به اٿڻ جو نه سوچيو، هنن جي اکين آڏو ماني ڦرڻ لڳي. ننڍڙو ٻارڙو هر هر چئي رهيو هو. ”ڏس! امان! اها ماني پئي وڃي.“ هن ائين هٿ ڦهلايو ڄڻ هو ان مانيءَ کي جهپڻ چاهيندو هجي.
    ’ڪيترو نه عمدو کاڌو آهي. ڪيڏي نه منجهس خوشبوءِ آهي...‘
    وڏي ڇوڪري کاڌي جي بدران مٺائي ڏٺي. هن سوچيو ته هو ڪيترو نه هٻڇي هو، جو هن ٿالهه ۾ آيل سڀ مٺائي هڪ ئي ويلي تي کائي ڇڏي. هاڻي جيڪڏهن ٻيهر مٺائي ملي وڃي ته هو ان مان گهڻن ڏينهن تائين پيٽ جي باهه ٿڌي ڪندو.
    گل ناز بستري تي ليٽندي پنهنجن ٻارن جا آواز ٻڌندي رهي.
    هن پنهنجا چپ ڀڪوڙي ڇڏيا جيئن کانئس درد وچان رڙ نه نڪري وڃي. سندس اکين مان لڙڪ ٽمي ڳلن تي ڪري رهيا هئا. گهر کان ٻاهر گهٽيءَ ۾، زندگي اڳي جيان، روان دوان هئي. هيءَ گهٽي جنهن ۾ هن زندگي جا ڪئين سال گذاريا هئا، ان ۾ ٿيندڙ چرپر ۽ اٿندڙ آواز کيس سمجهه ۾ اچي رهيا هئا.
    دروازو زور سان بند ٿيو. ننڍڙو ڪيوٽ اسڪول وڃي رهيو آهي. هو هميشه اسڪول وڃڻ مهل زور سان دروازو بند ڪندو آهي. ان جي جڳهه تي سندس وڏو ڀاءُ سليمان هجي ها ته، دروازو آهستي بند ڪري ها. ٻنهي ڀائرن جي طبيعت ۾، ڪيڏو نه فرق آهي. ۽ هاڻ گهٽيءَ مان پوڙهي عورت جي ٺپ ٺپ جو آواز اچي رهيو آهي. هوءَ ٻوڙ ٻاڙي وٺڻ وڃي رهي آهي. ۽ هاڻ تحسين آفندي، گهٽيءَ مان لنگهي رهيو آهي. هو حجامڪو ڌنڌو ڪندو آهي. هو هميشه هن وقت دڪان کولڻ لاءِ گهٽيءَ مان لنگهندو آهي ۽ هاڻي گهٽيءَ مان حسن لنگهي رهيو آهي. هو ادريس آغا جو پوٽو آهي. هو تيستائين هن گهٽيءَ مان چڪرلڳائڻ بس نه ڪندو جيستائين هن جي شادي، سندس پسند جي ڇوڪريءَ سان نه ٿي آهي. ۽ هي اسڪول ماستر جي هلڻ جو آواز آهي ۽ هي موچي فضل الله ڳالهائيندو گهٽيءَ مان وڃي رهيو آهي. ۽ هاڻ سيمل بي لنگهي رهيو آهي، جيڪو انڪم ٽيڪس آفيسر آهي. ۽ هاڻ ڊبل روٽي وارو، هوڪو ڏئي گذري رهيو آهي. هو هميشه هن وقت ايندو آهي. گهوڙي جي ٻنهي پاسن کان ٻڌل ٿيلها ڊبل روٽين سان ڀريل هوندا اٿس.
    ڊبل روٽين وڪڻڻ واري جو هوڪو پهرين، وڏي ڇوڪري ٻڌو ۽ هن پنهنجي ننڍي ڀاءُ ڏانهن نهاريو، ٻنهي جون اکيون پاڻ ۾ مليون. ننڍڙي ٻارڙي ڀڻ ڀڻ ڪئي. ”ڊبل روٽي!“ هوڪو هاڻي ويجهو اچي رهيو هو. گل ناز اٿي پوتي اوڍي ۽ فيصلو ڪيو ته، هو گهورڙيئي کان ٻه ڊبل روٽيون اوڌر تي وٺندي ۽ جڏهن ڪپڙن جي ڌوپ مان پئسا ملندا، ته کيس واپس ڪندي. هن ڄاڙيءَ تي هٿ رکيو، ۽ ڪجهه سوچي وري دروازو بند ڪري ڇڏيو. هن جو سمورو ڌيان هوڪي ڏي هليو ويو. آواز جيئن جيئن ويجهو ايندو ويو، تيئن تيئن سندس همت جواب ڏيندي وئي. آواز جڏهن باقي ڪجهه وکن تي رهجي ويو ته، هن بي ڌڙڪ دروازو زور سان کوليو.
    هن جون اکيون، جيئن پوءِ تيئن ڦهلجي ويون. ڊبل روٽين سان سٿيل ٿيلها، زمين سان لڳي رهيا هئا. ڊبل روٽيون بلڪل سنهي اٽي مان ٺهيل هيون. ڊبل روٽيون، بلڪل تازيون ۽ نرم هيون. انهن کي ڪيڏو نه خوبصورتيءَ سان ٺاهيو ويو هو. انهن کي کائيندي ڪيڏو نه مزو ايندو!! هڪ وڻندڙ خوشبو هن جي نڪ مان داخل ٿي، نڙي مان ٿيندي جسم ۾ لهي وئي. گل ناز ڳيت ڏني. ڄڻ ته هُو پنهنجو وات کولي ڪجهه چوڻ چاهيندي هجي. گهورڙيو زور سان هوڪو ڏئي رهيو هو. ”ڊبل روٽيءَ وارو، آيو ڊبل روٽيءَ وارو.“ هوءَ اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي بيهي رهي، ۽ ڊبل روٽيءَ سان ڀريل ٿيلها ڀرسان لنگهندي ڏسي رهي هئي. ماني خدا جي رحمت سان ڀرسان لنگهي رهي هئي. پر هن هٿ نه ڦهلايو. گهوڙو آهستي آهستي، پڇ لوڏيندو گهٽيءَ مان وڃي رهيو هو. گل ناز خدا حافظ!
    در بند ڪري هوءَ واپس ڪمري ڏانهن وئي. هوءَ ٻارن ڏانهن نهارڻ جي همت ساري نه سگهي، جيڪي آسوندي اکين سان ڏانهنس نهاري رهيا هئا. اوچتو ئي اوچتو خالي هٿين هئڻ سبب هن پاڻ کي شرمندو محسوس ڪيو. جهڳيءَ ۾ ماٺ ڇانيل هئي. ڪنهن ڪجهه به ڪو نه ڪڇيو. وڏي ڇوڪري اکيون پوري ڇڏيون ته جيئن هو پنهنجي ماءُ جا خالي هٿ ڏسي نه سگهي ۽ هن پنهنجو منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ڇڏيو. ننڍڙي ڇوڪري به ساڳيو عمل ورجايو. هن پنهنجا پير پاجامي ۾ هڻي ڇڏيا ۽ پنهنجون ٻانهون گنديءَ ۾ لڪائي ڇڏيون. هن پاڻ کي ائين لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي ڄڻ، هوءَ پنهنجو پاڻ کي ٺلهائپ ۽ سکڻائپ ۾ گهلڻ چاهيندي هجي. هوءَ ٽٽل ڦٽل اڳڙين جيان، نظر اچي رهي هئي. جهڳيءَ جو ماحول بلڪل سنجيدو ٿي ويو ۽ خاموشي وڌندي ٿي ويئي. اڌ ڪلاڪ تائين ڪنهن به چرپر ڪانه ڪئي ۽ نه ئي ڪا ٻڙڪ ٻاهر ڪڍي. نيٺ ننڍڙي ٻارڙي کان رهيو نه ٿيو. هن بستري مان ئي ڳالهايو.
    ”امان! او امان!!“
    ”جي پٽ؟“
    ”منهنجي اکين اڳيان اوندهه ڇائنجي ويئي آهي.“
    ”پٽ دل نه لاهه“
    ”آءٌ مري رهيو آهيان. سچ پچ ته مري رهيو آهيان.“
    وڏي ڇوڪري اکيون پٽيون، ۽ پنهنجي ڀاءُ ڏي نهاريو. ننڍڙو ڇوڪرو خاموش هو. هن جي ڳلن ۾ کڏون پئجي ويون هيون ۽ هن جو جسم رت ڇڏي ويو هو. گل ناز وڏي ڇوڪري کي اشارو ڪيو. ٻئي ماءُ پٽ جهڳيءَ کان ٻاهر نڪري آيا. گل ناز آهستي ڳالهايو. ”تون بوڊس کان رکال تي سيڌو وٺي اچ.! چئجانس ته اسان جلد ئي پئسا موٽائي ڏينداسين.“
    ڇوڪري جي بدن تي ڪپڙا اهڙا ته سنها هئا جو اهي سيءَ جي دٻ جهلي نه سگهيا. هن جي ٽنگ ۾ ست ڪو نه هو، ۽ هن کي ڀتين کي ٽيڪ ڏيئي، آهستي هلڻو ٿي پيو. نيٺ هو جبل تي واقع دڪان تي پهچي ويو، دڪان کي گرم رکڻ لاءِ، ڪنڊ ۾ چلهه پي ٻري. ڇوڪرو ٻين گراهڪن جي وڃڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن، سيٺ سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائي سگهي. گرمائش هن کي ڏاڍو سرور ٿي پهچايو. جڏهن دڪان مان سڀ گراهڪ هليا ويا ته. هو سيٺ وٽ ويو ۽ کيس سيڌو تورڻ لاءِ چيو، هن ايئن چوندي، پنهنجي کيسي ۾ هٿ ڦيرايو ڄڻ ته، انهن مان پئسا ڪڍندو هجي ۽ پوءِ اهو ظاهر ڪندو هجي ته، پئسا ته کيس گهر وسري ويا هئا. ٿورو گهٻرائجي هن ڳالهايو ”سيٺ! آءٌ پئسا گهر وساري آيو آهيان. ٻاهر ڏاڍي ٿڌ آهي، آءٌ سڀاڻي جڏهن ايندس ته، توهان جا پئسا کڻي ايندس.“
    بوڊس ڇوڪري جي اٽڪل کي سمجهي ويو. هن چشمي مان نهاريندي چيو: ”تون ڪيڏو نه ڏٻرو آهين جنهن وٽ گهر ۾ پئسا هوندا آهن، اهو ڏٻرو ٿيندو ناهي. پهرين پئسا کڻي اچ پوءِ سيڌو کڻي وڃ.“
    ڇوڪرو ڏاڍو شڪي ٿيو، ۽ روانو ٿي ويو. بوڊس پنهنجي زال ڏانهن نهاريو ”ويچارا غريب“ هن چيو: مون کي رحم ٿو اچي. انسان ڌرتيءَ تي ڪيڏي نه ذليل زندگي گهاري ٿو.“
    ڇوڪري کان هاڻ ٻاهر جي ٿڌ برداشت نٿي ٿي، پاڙي جي ڪنڊ تي واقع اڇي گهر جي چمنيءَ مان دونهون اٿي رهيو هو. هن گهر ۾ رهندڙ ماڻهو، ڪيترا نه خوش هئا. هو پنهنجي گهر ڏانهن جيترو به تکو ڊوڙي سگهيو ٿي ڊوڙيو. هن جا ڏند ٿڙڪي رهيا هئا، ۽ سڄو بدن ڪنبي رهيو هو. گهر ۾ داخل ٿي، هن پنهنجي ماءُ ۽ ڀاءُ سان ڪجهه به نه ڳالهايو. هن جي خالي هٿن، کين سڀڪجهه اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو. هن رلي کنئي جنهن مان، هن لاءِ اڃا گرمائش ختم ڪو نه ٿي هئي ۽ تڏي تي ليٽي پيو.
    گل ناز پنهنجي پٽ کي ڊڄندڙ اکين سان ڏسي رهي هئي. ڇوڪرو مسلسل ڏڪي ۽ رڦي رهيو هو. ڏڪڻي هڪ ڪلاڪ کن هلي، ۽ پوءِ بخار ويڙهي ويس. اکيون ڏرا ڏئي ويس ۽ ٿوري ساعت ۾ بت ساهه ڇڏي ويس. گل ناز ڇوڪري مٿان رلي لائي، ۽ پنهنجن ٿڌن هٿن سان سندس ٻرندڙ پيشاني کي، ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    شام تائين گل ناز جهڳيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن چڪر ڪاٽڻ لڳي. هوءَ منجهي پئي، هن کي سمجهه ۾ نه پي آيو ته هوءَ ڇا ڪري. هوءَ ڪيڏي مهل جهڳيءَ ۾ آئي ٿي ته ڪيڏي مهل ٻاهر ٿي نڪتي. هن خالي ۽ وساڻيل اکين سان، گهر جي ڀتين، ڇت ۽ ٽٽل فرنيچر ڏي نهاريو. جلد ئي هن محسوس ڪيو ته، هن کي بک جو احساس ختم ٿي ويو هو. شايد ائين گهڻي ٿڌ سبب ٿيو هو. يا بک سبب آنڊا سڪي ۽ سسي ويا هئا.
    هاڻي سج لهي چڪو هو. اوندهه پاڻ سان، اڻ کٽ خزانا کڻي آئي هئي. ڇوڪري ڏانهن نهاريندي، هن کي اوچتو خيال آيو ’ڇا ڪو به اهڙو ڪونهي جيڪو هن وقت ۾ مدد ڪري؟‘ هن کي ياد آيو ته شاهي بازار ۾ هڪ ڪٻاڙيءَ جو دڪان هو جيڪو پراڻيون ۽ استعمال ٿيل شيون خريد ڪندو هو. هاڻ ته رات پوڻ سبب، اهو به بند ٿي چڪو هوندو. هن ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن هلي پاڻ کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نيٺ بيمار پٽ جي ڀرسان، اچي ويهي رهي.
    وڏي ڇوڪري جو بخار، جيئن پوءِ تيئن وڌندو ويو. گل ناز بلڪل خاموش ۽ پنڊ پهڻ بڻيو، نينگر ڏانهن نهاري رهي هئي. ننڍڙي ڇوڪر کي بک سبب، ننڊ نه ٿي آئي. هُو اکيون کولي پنهنجي وڏي ڀاءُ ڏانهن نهاري رهيو هو. وڏو ڇوڪرو ڪنجهي رهيو هو، ۽ بخار جي سبب لڇي ۽ ڦٿڪي رهيو هو. هن جو آرام حرام ٿي چڪو هو. نڙي خشڪ ٿي وئي هئس ۽ اکين سان ڏسڻ جي باوجود به هن کي ڪجهه به نظر نٿي آيو. ننڍڙو ڇوڪرو پنهنجي هنڌ مان، لڳاتار وڏي ڀاءُ ڏي گهوري رهيو هو. جڏهن وڏي ڇوڪري وري بخار سبب وڦلڻ شروع ڪيو ته هو، هنڌ مان اٿي ويٺو ۽ تمام جهيڻي ۽ نٻل آواز ۾، ماءُ کان پڇيو ”امان! ڇا ادا مري ويندو!؟“
    عورت ڏڪي وئي. هن ڊپ هاڻين اکين مان پنهنجي ننڍڙي پٽ ڏي نهاريو. ”پٽ ائين ڇو ٿو چوين.“ ننڍڙو ڇوڪرو ماءُ جي اکين کي ڏسي، هڪ منٽ لاءِ ماٺ ۾ ٻڏي ويو ۽ ويجهو اچي ڀاءُ کان لڪائيندي پنهنجي ماءُ جي ڪن ۾ آهستي چيو.
    ”امان جي ادا مري ويندو ته اڇي بنگلي وارا پاڻ کي ماني موڪليندا.!!؟؟

    ***


    نيسو منهنجو دوست


    هوانس تومانين

    ٻهراڙيءَ جا ٻار، اسين هميشه پاڻ ۾ خوش گذاريندا هئاسين. اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو به اسڪول ڪونه هو ۽ نه ئي، اسان جي پڙهڻ ۽ سکڻ لاءِ ڪو سبق هو. پکين وانگر اسين آزاد زندگي گذاريندا هئاسين. پنهنجي ئي ڌن ۾ پورا هوندا هئاسين اسين ٻارڙا هڪ ٻئي کي ڏاڍو پيار ڪندا هئاسين اسين ٻارڙا هڪ ٻئي کي ڏاڍو پيار ڪندا هئاسين ۽ اسان جي پاڻ ۾ سچي دوستي هوندي هئي. اسين گهرن ڏانهن نچندا ٽپندا ويندا هئاسين ۽ پنهنجي پيٽ جي باهه، پنير ۽ ماني ٽڪر سان ٿڌي ڪري واپس ڊوڙندا راند جي ميدان تي ايندا هئاسين.
    ڪنهن ڪنهن مهل، اسان پاڻ ۾ ڪچهريءَ لاءِ گڏبا هئاسين ۽ هڪ ٻئي کي آکاڻيون ٻڌائيندا هئاسين.
    اسان جي ٻالڪپڻن جي دوستن ۾ هڪ دوست، جنهن کي کوڙ ساريون آکاڻيون اينديون هيون، ان جو نالو هو نيسو. هن کي ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ، سندر پرين جون آکاڻيون به اينديون هيون.
    اونهاري جي چانڊوڪين ۾، اسان کليل ٻنين ۾ ڪاٺ جي بنڊ تي ويهندا هئاسين ۽ آس ڀرين اکين سان نيسو ڏانهن پيا نهاريندا هئاسين. ان وقت هُو اسان کي جنت جي پکين، کير جهڙين اڇين پرين ۽ اوندهه ۽ روشنيءَ جي بادشاهن جون آکاڻيون ٻڌائيندو هو. سچ ته هو ان وقت اسان کي ڏاڍو پيارو ۽ سندر لڳندو هو.
    ”نيسو، اسان کي اڃا به آکاڻيون ٻڌاءِ، اسين توکي انڌي بادشاهه ۽ طوطي واري آکاڻي ٻڌڻ کان سواءِ، ڪو نه ڇڏينداسين ۽ ها توکي گنجي ۽ کسري ماڻهوءَ جي آکاڻي به ٻڌائڻي پوندي نه ته ڪِٽي.“
    هڪ ڏينهن، اسان جي ڳوٺ ۾ اسڪول کليو. منهنجي مائٽن مون کي اسڪول موڪلي ڏنو. ٽيهارو کن ٻين ٻارن به اسڪول ۾ داخلا ورتي. ڳوٺ جا ڪافي ٻارڙا اسڪول پڙهي ڪو نه سگهيا. ڇاڪاڻ جو سندن غريب مائٽن ۾ داخلا في ڀرڻ جي پهچ ڪانه هئي. منهنجن ڪافي دوستن کي، جن ۾ نيسو به شامل هو ان سبب ڪري داخلا ڪو نه ملي.
    اسين زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ٻئي کان جدا ٿياسين ۽ اسان کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪندڙ استاد ۽ اسڪول ئي ته هو.
    اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ نيسو جو، مٽيءَ ۾ ليٿڙيون پائي واويلا ڪندڙ آواز ٻري رهيو آهي. ”آءٌ اسڪول وڃڻ چاهيان ٿو.“ اڃا تائين منهنجي ڪنن جي پردن سان سندس پيءُ جو گجندڙ آواز ٽڪرائي رهيو آهي. ”توکي پڙهائڻ لاءِ پئسا ڪٿان آڻيان.“ مون وٽ ته ايترا به پئسا نه آهن جو، آءٌ توهان لاءِ ان خريد ڪري سگهان ته جيئن توهان بکون ۽ لانگها نه ڪاٽيو. نيسو تون سمجهين ڇو نٿو.“
    نيسو ۽ منهنجا ٻيا دوست، جيڪي پئسن نه هئڻ سبب اسڪول پڙهي نه سگهيا. اسڪول جي درين مان منهن هڻي، اسان کي حسرت ڀرين اکين سان ڏسندا هئا. پر ماستر کين ائين ڪرڻ کان روڪيندو هو. هو کين دڙڪا ڏيئي، پري ڀڄائي ڇڏيندو هو. ايتري تائين جو رسيس، ۾ به، ساڻن ملڻ جي اجازت نه ڏيندو هو. ماستر چوندو هو ته، رولو ڇوڪرن سان نه کيڏو. هو اوهان کي خراب ڪندا. اسان جا دوست ٻاهر ويهي اسڪول جي وقت پوري ٿيڻ ۽ اسان جي ٻاهر اچڻ جو انتظار ڪندا هئا. جيئن ئي موڪل جو گهنڊ وڄندو هو ته ٻاهر اسان جا دوست اسان کي ورائي ويندا هئا ۽ اسين سڀ گڏجي گهرن ڏانهن ويندا هئاسين.
    پنهنجي تعليم جي پهرئين سال ۾ مون آهستي آهستي نوان دوست پيدا ڪيا. سال جي پڇاڙي تائين، نيسو ۽ ٻين دوستن، جيڪي اسڪول ۾ داخل نه هئا، اسڪول جي ٻاهران اسان جو انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
    پرائمري تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ منهنجي پيءُ مون کي ڀر واري شهر جي سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اهو ماحول، ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ، مون کي نئين ۽ اڻ ڏٺل دنيا ٿي لڳي. گهڻو ڪري سڀني گهرن کي، ڳاڙهيون ڇتون هيون ۽ شهر جا ماڻهو عمدن ۽ صاف ڪپڙن ۾ نظر ايندا هئا. انهن استادن ۾ هڪ عورت به هئي. منهنجي لاءِ اِها هڪ عجب ۾ وجهندڙ ۽ وڻندڙ تبديلي هئي. نئين اسڪول ۽ نئين ماحول جي مناسبت سان، منهنجي ڪپڙن ۾ پڻ تبديلي آئي هئي. هاڻي آءٌ خوبصورت ۽ صاف يونيفارم پائي اسڪول ويندو هوس. آءٌ موڪلن ۾ جڏهن ڳوٺ ويندو هوس ته نيسو ۽ منهنجا ٻيا پراڻا دوست خبر پوندي ئي پهچي ويندا هئا ۽ مون ڏي حسرت ڀري نگاهن سان پيا نهاريندا هئا. آءٌ انهن سان ڀاڪرين پوندو هوس. مون کي ياد نه آهي ته ان مهل اسان هڪ ٻئي کي ڇاڇا ٻڌائيندا هئاسين، پر مون کي ياد آهي ته، هاڻي اسان جي پراڻن لاڳاپن ۾ اها گهرائپ نه رهي هئي. پهرين شيءِ جنهن تي هو نگاهون ڄمائيندا هئا، اهو هو منهنجو يونيفارم. نيسو منهنجي يونيفارم کي چتائي ڏسندو هو، ۽ پوءِ ڪڪڙ جهڙي آواز ۾ چوندو هو. ”تنهنجو اسڪولي يونيفارم ائين ٿو لڳي، ڄڻ ان کي تنهنجي پڇ مان کنڀَ پٽي ٺاهيو ويو آهي.“
    هر ڪنهن کلي ڏنو. مون تان ٺٺولي ڪئي وئي ۽ مون کي ڏوهاري ٺهرايو ويو. پر موٽ ۾ مون ڪو به جواب نه ڏنو. ان کان پوءِ، منهنجي جئڪٽ جي ڪپڙي تي روشني وڌي وئي. سڀني نيسو کي سر کڻايو ۽ منهنجي عمدي جئڪٽ جي واکاڻ ڪئي. منهنجيون نظرون سندن ڪپڙن ڏانهن کڄي ويون ۽ مون کي پهريون ڀيرو اهي ڦاٽل، ميرا ۽ گدلا نظر آيا. مون کي پهريون ڀيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪوجهائي نظر آئي.
    سيڪنڊري تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ، منهنجي پيءُ مون کي اڳتي پڙهائڻ لاءِ، اڃا به وڏي شهر موڪليو. ۽ جڏهن آءٌ اتان واپس وريس، ته منهنجا پراڻا ساٿي به مون سان ملڻ لاءِ آيل هئا. مون ڏٺو، هاڻي هو ڪافي وڏا ٿي چڪا هئا. هو منهنجي ڀرسان ائين باادب بيٺا رهيا ڄڻ ته، منهنجا هاري هجن. سڄي ڳالهه ٻولهه وچ ۾ رڳو هڪ ڄڻي مون کان معلوم ڪيو. ”ڇا هن کي اڃا اهي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچن ٿا؟ اتي مٿان نيسو به ڳالهايو. ”ڇا توکي ياد آهي ته اسان رات جو تنهنجي اڱڻ ۾ پيل ڪاٺ جي بنڊ تي ويهي، هڪ ٻئي کان آکاڻيون ٻڌندا هئاسين؟“
    ”آءٌ ڀلا ڪيئن وساري سگهان ٿو؟ اهي گهڙيون ته منهنجي گهاريل پيارين گهڙين مان هڪ آهن.“
    مون کي محسوس ٿيو ته نيسو منهنجي وراڻيءَ کان ڏاڍو خوش ٿيو. تڏهن به هُو مون کان، ڇڊو ٿي رهيو ۽ پاڻ کي اوپرو محسوس ڪرڻ لڳو.
    جڏهن به شهر مان منهنجو ڳوٺ اچڻ جو پروگرام ٿيندو هو ته، منهنجو پيءُ نيسو جي پيءُ جو گهوڙو، ڀاڙي تي ڪندو هو، ۽ نيسو، ان گهوڙي جي واڳ جهليندو هو، جنهن تي آءٌ چڙهندو هوس. مون کي ان وقت ڏک ٿيندو هو جڏهن منهنجي نظر، نيسو جي ڦاٽل ڪپڙن ۽ پراڻين چتين لڳل بوٽن تي پوندي هئي. اڃا اسان ٿورڙوئي پنڌ ڪيو هوندو، مون چيو: ”آءٌ پنڌ هلڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيان ٿو.“ ائين چوندي آءٌ گهوڙي تان هيٺ لٿس. ڪيڏي مهل اسان پيدل ته ڪيڏي مهل واري واري تي گهوڙي تي چڙهياسين. نيسو ڏاڍو خوش ته ٿيو ٿي پر مون محسوس ڪيو ته هو منهنجي دوستي ۽ سچائيءَ جي جذبن کي نٿو سمجهي، اٽلو هو منهنجي پيدل هلڻ جي حرڪت کي بيوقوفي ٿو سمجهي. مون کي ڪجهه رنج رسيو پر وڌيڪ خراب صورتحال ته هاڻي اچڻي هئي.
    اسان هڪ واڙي ۾ ڊاٻو ڪيو. مون واڙي مان ڇانهي پٽي ۽ مون ڇانهيءَ کي وڍڻ لاءِ نيسوءَ کي چاقو ڏنو. جڏهن ڇانهين کائي روانا ٿيڻ تي هئاسين ته مون کي ياد پيو ته نيسو مون کي چاقو نه ڏنو آهي. نيسو قسم کڻي ويو. جيتوڻيڪ مون کي پڪ هئي ته نيسو چاقو واپس نه ڪيو آهي ته به، مون کيسا جانچي ڏٺا. خير! اسين روانا ٿياسين. اڳتي هلي پتو پيو ته، ماڻهن نيسو وٽ چوري ٿيل چاقو ڏٺو هو. منهنجي دل کي صدمو رسيو. انهيءَ ڪري نه ته، منهنجو چاقو چوري ٿي ويو. پر انهيءَ شڪ ته مون پاڻ وڏو ڏوهه ڪيو هو. جنهن سبب منهنجي دوست کي، معاشري ۾ خوار ٿيڻو پيو هو ۽ جنهن کي سماج درگذر ڪري ڇڏيو هو.
    جڏهن اسان ڳوٺ پهتاسين ته، مون نيسو کي گهوڙي جي ڀاڙي جي عيوض ۾ پنهنجي جئڪٽ لاءِ خريد ڪيل ڪپڙو ڏنو. نيسوءَ ڪپڙي جي تعريف ڪئي ۽ چيو ”پر بابو؛ ڇا تون مون کي خرچي ڪو نه ڏيندين؟“
    نيسو غريب آهي... نيسو جاهل ۽ اڻپڙهيل آهي... نيسو ڳوٺاڻي زندگيءَ جي نااميدي ۽ غربت جو چيڀاٽيل ۽ تباهه ڪيل انسان آهي... جيڪڏهن هن کي سٺي تعليم ملي ها ۽ کيس سٺا موقعا ميسر ڪيا وڃن ها ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگيءَ جي هر ڊوڙ ۾ هو مون کان اڳتي هجي ها. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ جڏهن نيسو تي سوچيان ٿو ته دل ئي دل ۾ چوان ٿو ته هو بي ڏوهي آهي. هو منهنجي نظر ۾، اڄ به عظيم آهي ۽ آءٌ اڄ به هن سان ايترو پيار ڪريان ٿو جيترو ٻالڪپڻي ۾ ڪندو هوس. مون دل سان چاهيو ته، نيسوءَ جي حيثيت اڄ به اهائي هئي، جيڪا خاموش چانڊوڪين راتين ۾ هوندي هئي. پر مون کي لڳي ٿو ته، ائين ممڪن نه آهي، هاڻي ائين نٿو ٿي سگهي.
    پوءِ جلد ئي هڪ ٻي تصوير جنهن ۾ بي شرمائي آهي، اونداهي آهي، منهنجي ذهن جي اسڪرين تي ٺهيو پوي.
    تعليم ختم ڪري آءٌ ٻيهر اباڻي ڳوٺ پهتس. ڳوٺ جي وڏي ميدان ۾ ماڻهن جو وڏو هجوم جمع هو ۽ ان ۾ شور غل برپا هو. چبوتري تي نيسو رسن سان ٻڌل هو ۽ شرم کان هن جو ڪنڌ هيٺ جهڪيل هو. مون کي ٻڌايو ويو ته هن کي چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾، ڦٽڪن جي سزا ٻڌائي وئي آهي. منهنجي ضامن پوڻ تي هن کي آزاد ڪيو ويو پر منهنجيون اکيون کيس اڃا به نٽهڻ اس ۾، چبوتري تي ٽنگيل ڏسن ٿيون. ۽ ماڻهن جي گوڙ ۾ سندس ڪنڌ، اڃا به جهڪيل آهي.
    اسان جي ڳوٺ ۾ ان قسم جا ڏوهه يعني چوري وغيره ٿيڻ ۽ ان تي ڦٽڪا هڻڻ هڪ عام ڳالهه هئي. پر آءٌ هن واقعي کي وساري نٿو سگهان، ڇو جو آءٌ ننڍڙي معصوم نيسوءَ کي، وساري نٿو سگهان، جيڪو چانڊوڪين راتين ۾ ڪاٺ جي بنڊ تي، اسان کي آکاڻيون ٻڌائي رهيو آهي.
    نيسو صاف دل، پيارو ۽ مٺڙو نيسو....... منهنجو ننڍپڻ جو ساٿي! ٻالڪپڻي جو جاني دوست...!!
    ***


    ڌرتي منهنجي ماءُ


    نيم هي

    مورچو هاڻي مڪمل ٿي چڪو هو. هيلتائين جي مهمن ۾، هي سڀ کان ڏکيو ڪم هو. جنهن ۾، مون کي خندق کوٽڻ ۽ دشمن تي بندوق هلائڻ جو ڪم هڪ ئي وقت تي ڪرڻو ٿي پيو. آءٌ هاڻي پوسل ۽ گچيل زمين تي، وڻ کي ٽيڪ ڏيئي وهندي، پاڻ کي ڏاڍو ٿڪل ٽٽل محسوس ڪري رهيو هوس.
    سب سيڪٽر واري پاسي کان رکي رکي، بندوقن جا ٺڪاءَ ايندا ٿي رهيا ۽ وري پوءِ خاموشي ڇائنجي ٿي ويئي. آءٌ گولابازي ٻيهر شروع ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس، پر ائين ڪونه ٿيو.
    ”ٺيڪ آهي هو تيارين ۾ ئي هوندا.“ مون خيال ڪيو ۽ آسمان ڏي نهاريو. منهنجي مٿان گهاٽا وڻ، تنبو بڻجي بيٺا هئا. دشمن جي فوجي هوائي جهازن جي تيز روشني، وڻن جي جهڳٽن سان مورچي ۾ پي آئي ته ڄڻ ڏينهن ٿي ٿي ويو. اوچتو هڪ ديو جيڏو جهاز، گوڙون ڪندو اسان جي مٿان لنگهي ويو.
    رات جي پوئين پهر کان پوءِ پرهه ڦٽي. وڻن تان ماڪ ڳڙي، زمين تي ڪرڻ لڳي. آءٌ پنهنجي پناهه گاهه کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ لاءِ، ڪهاڙو کڻي ڇانڀون ۽ ٿڙ ڪپڻ لاءِ، جهنگ ۾ نڪري ويس. منهنجا ٻيا ساٿي به ساڳئي ڪم ۾ جنبي ويا. هيءَ زمين جيتوڻيڪ ڪافي سخت هئي، پر منهنجي کوٽيل پناهه گاهه ڪنهن به حالت ۾ بري ڪو نه هئي.
    مون مٽيءَ ۽ وڻن جي ساون پنن سان خندق کي ڍڪيو ۽ پنهنجا مٽيءَ هاڻا هٿ سوٽ سان اگهيا. ان کان پوءِ، پنهنجي جنگي سامان مان پيٽرول ٻڏل اڳڙي ڪڍي، بندوق کي صاف ڪرڻ لڳس. ڪارتوس لوڊ ڪندي ۽ سنگين کي صاف ڪندي مون دل ئي دل ۾ چيو: ”آءٌ هن بندوق جي گولي دشمن جي سيني مان پار ڪري ڇڏيندس.“ بندوق جي ڳن کي پنهنجي ڳل سان گسائيندي، مون پاڻ کي رات جي وسندڙ ماڪ جيان تازو توانو محسوس ڪيو ۽ انهي ڇهاءَ، ۾ جنگ ڪرڻ جي جذبي کي اڀاريو. بندوق کي وڻ جي ڀرسان رکي، پنهنجو ٿيلهو کولي، ان مان ڪارتوس ۽ سگريٽ جي دٻي ڪڍي کيسي ۾ رکيم.
    مُٺ کن چانورن، لپ کن پاڻي ۽ سگريٽ جي دٻي مان پوري رات تائين، آسانيءَ سان منهنجو گذارو ٿي سگهيو ٿي. هينئر چٽو ڏينهن هو. جهنگل مان، دونهين جهڙي ٻاڦ، آسمان ڏي اٿي رهي هئي. سج جي روشنيءَ ۾، مٽي جا ذرڙا تارن جيان ٽمڪي رهيا هئا. مئنا صبح جي ماڪ جهٽيندي، مٺڙو راڳ آلاپي رهي هئي ۽ هڪ ٽاريءَ کان ٻي ٽاريءَ تي ڪڏي رهي هئي. ڳائڻ جي دوران سندس پڇ ائين لڏي رهيو هو ڄڻ ته، وقت کي شڪست ڏئي رهي هجي. جنگ جي ميدان ۾ مئنا جو سريلو آواز منهنجي من کي پوتر ۽ اٿاهه سونهن ۽ روشنيءَ سان، مالامال ڪري رهيو هو ۽ مون ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ، ڪنهن نديءَ جي شفاف پاڻيءَ مان وهنجي نڪتو هجان. هوانهو جيڪو منهنجي ڀرسان مورچو کوٽي رهيو هو، تنهن مئنا ڏانهن نهاريو ۽ ٻارن جيان مرڪي ڏنو. اسڪواڊ اڳواڻ هوانگ ۽ پوري ستين اسڪواڊ، مئنا ڏانهن پيار ڀرين نظرن سان ڏسڻ لڳي. پر اسان گهڻي دير تائين مئنا جي سريلي ۽ دل لڀائيندڙ آواز مان، مزو نه ماڻي سگهياسين. اسڪواڊ اڳواڻ اسان جو ڌيان وڏي سڪل وڻ ڏانهن ڇڪايو ۽ چيو: ”ڇا توهان کي خبر آهي ته، ٻين يونٽن، سب سيڪٽر ۾ دشمن کي ڪيڏو نقصان رسايو آهي؟ اسڪواڊ هڪ هٿيارن سان ڀريل ڪار به هٿ ڪئي آهي ۽ اهي ئي هٿيار دشمن جي خلاف استعمال ڪيا پيا وڃن. اڄ اسان جو وارو آهي ۽ ها اسان جو وار خالي نه وڃڻ گهرجي.“
    اسڪواڊ اڳواڻ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي ويو، ۽ سوچڻ لڳو ته ڪهڙو حڪم ڏي. مئنا وڻ تي مسلسل ڳائي رهي هئي. هوانگ مٿس گهري نظر وڌي ۽ ڳالهائڻ کي ٻيهر جاري رکيو:
    ”مورچن کي هڪ دفعو وري مضبوط ڪيو، ۽ ان کان پوءِ ماني کائي مورچن ۾ هليا وڃو.“ هوانهو ۽ مون کي گارڊ مقرر ڪيو ويو. اسين پنهنجين خندقن ڏانهن موٽياسين، ۽ انهن کي محفوظ بنائڻ لاءِ ان جي چئوڦير وڌيڪ ڇانڀون رکيون سين ۽ ان کان پوءِ ماني کائڻ ويٺاسين. جيٽن جي گوڙ ماٺي ماحول ۾ ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو هو. هوانهو پنهنجا هٿ سوٽ سان اگهيا.
    ”هو اچي رهيا آهن،“ مون ڏانهن نهاري هن آهستي چيو: ”اسان مان پهرين گارڊ جي ڊيوٽي ڪير ڪندو؟ ٺيڪ آهي پهرين آءٌ ٿو ڊيوٽي ڏيان. تون پنهنجي مورچي ۾ وڃ، ۽ جڏهن آءٌ تنهنجي مورچي ڏانهن مٽي اڇليان ته تون منهنجي مدد لاءِ اچجانءِ.“
    آءٌ جهڪيس ۽ پاڻيءَ چڪو پيتم. جيٽ اسان جي مٿان ٻه ڀيرا لامارا ڏنا ۽ پوءِ هيٺ لٿا.
    ”پراڻي اٽڪل“ مون دل ئي دل ۾ چيو. هڪ جيٽ پنهنجو رخ مٽايو ۽ اسان جي خندق ڏانهن وڌڻ لڳو. مون تمام احتياط سان، مورچي جي منهن کي ڇانڀن سان لڪايو ۽ هيٺ لڪي ويهي رهيس. بندوق کي مٽي مان ڪڍي، ٻن دستي بمن جون پنون کولي، پنهنجي اڳيان رکي، پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيم. جيٽ ويجهو اڏامي رهيو هو. هن منهنجي مورچي ۾ ڪرنٽ ڀري ڇڏيو ۽ مورچي جي منهن تي ڏنل ڇانڀن کي چيڀاٽي ڇڏيو. منهنجي چئن ئي پاسن کان بم پي ڪريا، ان ڪري آءٌ سڄو ڏڪي رهيو هوس. مون خيال ڪيو ته، جيڪڏهن ڌماڪن جي اها بوڇاڙ رهي ته پناهه گاهه تباهه ٿي ويندي. مون کي لڳو ته ڄڻ، منهنجي هڪڙي ننڍڙي ڊونڊي طوفان ۾ گهيرجي ويئي هئي. پنهنجي پويان مون ان وڻ جي ڪرڻ جو چرڙاٽ ٻڌو، جنهن تي ٿوري دير اڳ مئنا ٻولي رهي هئي.
    ڌماڪيدار بمن کان پوءِ، دشمن اڳتي بم اڇلڻ شروع ڪيا. ڌرتي ڄڻ آڳ ۾ رجي رهي هجي. مون اٿندڙ گئس ۽ ٻاهر جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ، ٿيلهي مان ٽوال ڪڍي آلو ڪيو ۽ پنهنجو منهن اگهيو.
    هاڻ هوائي جهازن مان بندوقون ڇٽي رهيون هيون، جن هوا کي به ٻوڙو ڪري ڇڏيو هو. پنهنجي پناهه گاهه جي اوٽ ۾ مون سڪون سان سگريٽ دکايو. گولا زمين جي مٿاڇري تان ٿيندا مون ڏانهن آسانيءَ سان پهچي سگهيا ٿي. مون سگريٽ مان وڏا ڪش هنيا ۽ اوڏي مهل دونهان ڪڍندي مون کي اڻ مئي خوشي ۽ سڪون محسوس ٿيو. سگريٽ منهنجي ٿڪاوٽ ختم ڪري ڇڏي ۽ مون ۾ بي انتها حرڪت پيدا ڪئي. مون کي لڳو ته آءٌ مورچي مان ٽپ ڏئي ٻاهر نڪري آزاد فضا ۾ ٽپا ڏئي رهيو آهيان. پر اڃا ڪجهه دير انتظار ڪرڻو پئجي ويم. دشمن زمين تي لهڻ لاءِ، تياري ڪري رهيا هئا. پنهنجن تجربن مان مون کي خبر هئي ته دشمن هميشه لهڻ کان اڳ، ڊپ وچان انڌا ڌنڌ بمباري ڪندا آهن. مون کان هاڻي رهيو نٿي ٿيو. مون کي، گذريل رات ياد پئي، جڏهن آءٌ دشمن جي سرچ لائيٽ جي روشنيءَ کان پاڻ کي لڪائي به رهيو هوس، ۽ کاهي به کوٽي رهيو هوس. ائين ڪندي مان ماندو ٿي پيو هوس، پر پوءِ به مون پنهنجي کاهي کوٽي پوءِ ئي ساهه پٽيو. سپاهيءَ واري زندگي ۾، منهنجي اها هڪ نه وسرندڙ رات هئي. مون سخت ۽ ٺوٺ ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو. هن ڌرتيءَ جو چپو چپو، مون کي زندگي جي هر گهڙيءَ ۾ ياد پوندو.
    پنهنجي جيجل جي آزاديءَ لاءِ، مون پنهنجي پيار کي وساري ڇڏيو. سچ پچ ته، مسلسل ٻارنهن ڪلاڪ پنهنجي مورچي لاءِ کوٽائي ڪيم. انهي ڏکئي ۽ ٿڪائيندڙ ڪم جي دوران، آءٌ هڪ ڀيرو مايوس به ٿيس. وسندڙ گولين مون کي مجبور ٿي ڪيو، ته ساهي نه پٽيان. ۽ هاڻي اها پناهه گاهه دشمن جي گولن ۽ بمن کان منهنجو بچاءُ ڪري رهي هئي. ها! اها پناهه گاهه منهنجي ماءُ ئي ته هئي، جنهن جي هنج ۾ مونکي ڪيڏو نه سڪون ملي رهيو هو. مون پنهنجا هٿ مورچي جي ڀت تائين آندا، ٿڌاڻ منهنجي هٿ کي ڇهي ورتو. مورچي جي ڀتين تي آڱريون ڦيريندي، مون ابدي خوشي محسوس ڪئي. لنگهه مان داخل ٿيندڙ روشني، کن پل لاءِ مورچي ۾ سوجهرو ٿي ڪيو. منهنجي ذهن ۾ هڪ خيال اڀريو. مون بي اختيار 200 جو انگ، مورچي تي ڪوريو.
    ها، هن مورچي سميت، منهنجي کوٽيل مورچن جو تعداد هاڻي ٻه سؤ ٿي ويو هو ۽ هي مورچو انهن سڀني مورچن ۾ مون لاءِ سڀ کان ڏکيو ثابت ٿيو هو. سخت پورهئي کان پوءِ کوٽيل هن مورچي ۾، آءٌ پنهنجي ڳوٺ کان ڪوهين ڏور ويٺو هوس. مون کي پنهنجي هٿن سان کوٽيل، ٻه سؤ مورچن ۾ آرام ۽ اوجاڳي ۾ گهاريل، ٻه سؤ راتيون ياد آيون ۽ انهن کي ياد ڪندي، آءٌ پنهنجي خيالن ۾ گم ٿي ويس. بم جي هڪ ڌماڪي منهنجي خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. آلي مٽي منهنجي مورچي ۾ اچي ڪري. شايد هوانهو مون کي مدد لاءِ سڏي رهيو هو. آءٌ کليل ٻه دستي بم ۽ رائفل هٿ ۾ ڪري ريڙهيون پائيندو، مورچي جي لنگهه تي آيس. پهرين ٿوري دير لاءِ آسپاس جو جائزو ورتم، ۽ پوءِ اٿي بيٺس ته سج جي تيز روشني، مون تي وسي وئي. هوانهو مون کي ڏسي پڇيو:
    ”تون ڇالاءِ ٻاهر نڪتو آهين؟“
    ”تو جو مدد لاءِ ياد ڪيو.“ مون وراڻيو.
    ”شايد ڌماڪي سبب اُٿيل مٽي تنهنجي مورچي ۾ ڪري آهي، تنهنڪري تنهنجي ذهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيو هوندو ته، اها مٽي مون اڇلي آهي. آءٌ بلڪل ٺيڪ آهيان، ۽ اڃا مون کي مدد جي ڪابه ضرورت ڪانهي.“ هوانهو ٿيلهي مان پٽي ڪڍندي وراڻيو. منهنجي نظر هن جي زخم تي پئي.
    ”ته زخم رسيو اٿئي.“
    هوانهو کٻو هٿ مٿي کنيو ۽ چيو: ”ڪا ڳالهه ناهي معمولي ئي ته زخم آهي.“ ائين چوندي هن پٽي کولي ۽ زخم تي ٻڌي.
    ”پٽي جلدي پنهنجو اثر ڏيکاريندي.“
    ”تون هاڻي مورچي ۾ هليو وڃ.“ هوانهو مورچي ۾ گهڙي ويو. مون چؤطرف نهاريو. رڳو دونهون ئي دونهون هو، جيڪو ڌرتيءَ جي سيني کان، آسمان ڏي اٿي رهيو هو ۽ پريان، اسان جي پلٽڻ پوزيشن سنڀاليو بيٺي هئي. هڪ بم بلڪل مورچي جي ويجهو اچي ڪريو ۽ ان آسپاس جي ڇانڀن ۽ وڻن کي، پاڙان اکوڙي ڇڏيو. مون سڪون جو ساهه کنيو ۽ مٿي آسمان ڏانهن نهاريو، جنهن ۾ جيٽ ڊوڙي رهيا هئا. اهي تمام اوچو اڏامي رهيا هئا. اوچتو اوڀر کان، رات جهڙا ڪارا هوائي جهاز ظاهر ٿيا.
    ”ٽين بمباري“ مون ڏاڍيان چيو. هوائي جهازن هڪ چڪر لڳايو ۽ ان کان پوءِ، انڌا ڌنڌ بم وسائڻ لڳا. ڌماڪن ڌرتيءَ کي لوڏي ڇڏيو ۽ مون کي لڳو ته اهو زلزلو اسان کي ڌرتيءَ تان کڻي، آسمان تي اڇلي ڇڏيندو. مون پنهنجي ٽنگن کي، مضبوط جهليو ۽ ڪوشش ڪئي ته جيئن زمين تي نه ڪران.
    بمباري هاڻي بند ٿي چڪي هئي. مون منهن تي چڙهيل دز اگهي، ۽ پنهنجا هٿ پناهه گاهه جي ڀتين تي ڦيريا. ڀتين تي وڏا وڏا ڏار پئجي ويا هئا ۽ مورچي جو لنگهه پڻ تباهه ٿي چڪو هو. اڃا ٿورڙي دير مس گذري هوندي جو، وري بمباري شروع ٿي وئي. بم ايترو ويجهو پي ڪريا جو مون کي لڳو ته، شايد هيءَ پناهه گاهه منهنجي وڌيڪ حفاظت نه ڪري سگهندي ۽ آءٌ شايد ختم ٿي وڃان.
    مون هيلتائين، کوڙ هنڌن تي مورچا کوٽيا هئا. سامونڊي علائقن تي، سنون سڌن پٽن ۾، يا وري اوڀر جي رت جهڙي ڳاڙهي مٽيءَ ۾. هر جنگ جي ميدان ۾، مون پناهه گاهه کوٽي ۽ هر پناهه گاهه منهنجي لاءِ انيڪ ۽ نه وسرندڙ يادگيريون ڇڏي ٿي وئي. مون کي جياندهه جهڙي ارڏي ڌرتي ياد پئي. جتي مون اتان جي ڳوٺاڻن سان لونار جو ڏڻ ملهايو ۽ اتي منهنجي هڪ گوريلا عورت سان ڏيٺ ٿي، جنهن مون سان گڏجي جنگ لڙي ۽ جيڪا پوءِ منهنجي مڱ به بنجي وئي. ۽ هاڻ آءٌ ان ڌرتي تي وڙهي رهيو آهيان، جيڪا منهنجي اباڻي ڌرتيءَ کان ڪوهين ڏور آهي. جنهن بابت مون ڪڏهن سيني ۾ سوچيو به نه هو. ڌرتي ماءُ کي پيل غلاميءَ جي زنجيرن، مون کي هت آندو، ۽ هن پناهه گاهه سڄي رات، منهنجي ائين حفاظت ڪئي جيئن ماءُ، پنهنجي سڪيلڌي کي هنج ۾ وٺندي آهي. هي پناهه گاهه منهنجي زندگيءَ جو حصو بنجي وئي هئي. مون کي محسوس ٿيو ته هيءَ ڌرتي منهنجي ٻي ماءُ آهي. ٿوريءَ دير ۾، جڏهن دشمن هن ڌرتيءَ تي لهندا ته، آءٌ سينو تاڻي سندن مقابلو ڪندس ۽ کين نيست و نابود ڪندس. آءٌ هن ڌرتي جي هڪ هڪ انچ لاءِ لڙندس، ڇاڪاڻ ته هيءَ اسان جي ڌرتي آهي. غدارن جي ناهي.
    ويڙهاڪ جهاز پويان هيليڪاپٽر ڇڏي ويا، جيڪي اسان جي مٿان چڪر ڏئي رهيا هئا. منهنجي مورچي ۾ اوچتو مٽيءَ جو لپو اچي ڪريو. مون پويان نهاريو. اسڪواڊ اڳواڻ هوانگ، وڻ جي پويان بيٺو هو. منهنجي نهارڻ تي هن ڳالهايو: ”مون کي پڪ آهي ته هو جلد ئي هتي لهندا. ڌيان ۽ احتياط سان ڀلي ڀت آڌر ڀاءُ ڪج. دستي بم اڳواٽ رٿيل منصوبي هيٺ جيئن ئي بگل وڄي ته اڇلائجان. جيڪڏهن ڪو مورچي ۾ گهڙي اچي...، هوانگ سنگين هوا ۾ لهرائي ۽ مرڪيو. ڳالهه کي جاري رکي هن مون کي چيو: ”تنهنجي پناهه گاهه اڃا ڪافي مضبوط آهي. ڇا ائين ڪونهي؟ اسان کي هن ڌرتيءَ جو ٿورو مڃڻ گهرجي، جنهن اسان جي بي انتها بمباريءَ ۾ به حفاظت ڪئي. هوانهو کي به اطلاع ڏي.“
    مون هوانهو جي کاهيءَ ڏي مٽي اڇلائي. هن منهن ڪڍي ٻاهر نهاريو. مون کيس اسڪواڊ اڳواڻ جي حڪم کان آگاهه ڪيو. مون اڃان ڳالهه ختم ئي مس ڪئي جو، ويڙهاڪ هوائي جهاز آسمان ۾ ظاهر ٿيا ۽ هيٺ بم ڪيرائڻ لڳا. هڪ بم منهنجي پناهه گاهه جي ڪنڊ وٽ ڪريو. مون کي کٻي هٿ ۾، ڪا شيءِ لڙڪندڙ لڳي. چيچ هٿ کان ڪٽجي چڪي هئي ۽ فقط کل جي ذري هٿ سان ڳنڍيل هئي. مون نفرت مان، هوائي جهازن ڏي نهاريو ۽ چيچ کي پنهنجي اصل جڳهه ڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر نه لڳي سگهي جنهن ڪري کيس ڪٽي زخم کي پٽي ٻڌي ڇڏيم.
    جهازن جو هڪ سيلاب هو، جيڪو مسلسل بم وسائيندو رهيو. جيئن ئي آءٌ پناهه گاهه ۾ بيٺي اسڪواڊ اڳواڻ ۽ هوانهو کي صورتحال کان باخبر رکي رهيو هوس ته، هڪ جهاز دونهين دار بم اڇليو ته جيئن جهازن جي هيٺ لهڻ لاءِ، جڳهه پيدا ڪري سگهي.
    ”ٺيڪ آهي هاڻي صورتحال رخ مٽائيندي.“ مون اطمينان محسوس ڪيو. دشمن کي اها ڄاڻ نه هئي ته هو چئني طرفن کان گهيريل هو. مون ٻه هينڊ گرنيڊ ڪڍي، پناهه گاهه جي منهن تي رکيا. رائفل کي لوڊ ڪري، سنگينن جو رخ دشمنن ڏانهن ڪيم ۽ انتظار ڪرڻ لڳس.
    جهاز هاڻي زمين کان فقط پنجن ڇهن فوٽن جي بلنديءَ تي، اڏامي رهيا هئا. دشمن هينڊ گرنيڊ اڇليندا هيٺ لٿا. هنن ٽي قطارون ٺاهيون. ڪمانڊر شرابين وانگر حڪم ڏيئي رهيو هو. ڇاڪاڻ ته کين پڪ هئي ته سندن بمباري اسان جن مورچن کي تباهه ڪري ڇڏيو هوندو.
    ”توهان کن پل ۾ تباهه ٿي ويندا“ مون چپن ۾ ڳالهايو. منهنجي حالت هاڻي برداشت کان ٻاهر هئي. مون گرنيڊ کي مضبوطيءَ سان هٿ ۾ جهليو. اسان جي اسڪواڊ تي حملا ڪيا. مون ويجهو دشمن جي جٿي تي هڪڙو گرنيڊ اڇليو. پوءِ ٻيو اڇليو پوءِ...... اسان جا فوجي نهايت ڦڙتائيءَ سان گوليون هلائڻ لڳا.
    ”هاڻي گهيري ۾ آڻيندڙ نيٽ ڇڪڻ گهرجي.“ مون خيال ڪيو. دشمن جون متيون منجهي پيون هيون. جيئن اسان نيٽ ڇڪي، دشمن ۾ ٽاڪوڙو مچي ويو. مون گاهه تي ريڙهيون پائيندڙ غدار تي گولي هلائي. هو ٿوري دير لاءِ ڦٿڪيو ۽ پوءِ سدائين لاءِ ليٽي پيو. جيئن ئي بگل وڳو، اسان جا فوجي مورچن مان نڪري آيا. آءٌ به ٽپ ڏيئي مورچي مان نڪري آيس. مون اسڪواڊ اڳواڻ هوانگ ۽ هوانهو کي ڏٺو، جيڪي ڌڙاڌڙ مشين گنن مان فائر ڪري رهيا هئا. دشمن جا فوجي ڊزنن جي حساب سان ڪرندا ٿي ويا. اسان جو اسڪواڊ ائين اڳتي وڌي رهيو هو، جيئن ٻوڏ جي موسم ۾ ميڪانگ نديءَ ۾ لهرون اٿنديون آهن! هي هڪ طوفان هو. فقط ڏهن منٽن ۾ جنگ جي ميدان ۾ ماٺ ڇائنجي وئي.
    اسڪواڊ اڳواڻ منهنجي ويجهو آيو. مون کيس ڀاڙيتو فوجيءَ کان ڦريل گن ڏني. منهنجي کٻي هٿ تي پٽي ڏسي چيائين.
    ”زخمي ٿيو آهين.“
    ”ها منهنجي چيچ بم سان ڪٽجي وئي آهي پر اڃا به رائفل هلائي سگهان ٿو.“
    هو ڀاڙيتو فوج جي ڪمانڊر جي لاش وٽ رڪيو ۽ نمي ان جي کيسي مان دستاويز ڪڍي، پنهنجي کيسي ۾ وڌائين. ۽ مون ڏانهن مڙي حڪم ڏنائين: ”جنگي قيدين کي ڪئمپ ڏانهن وٺي وڃ.“
    ”اسان جي يونٽ ۾ منهنجي ڊيوٽيءَ جو ڇا ٿيندو؟“
    ڇا مون کي هنن کي ڪئمپ تائين وٺي وڃڻو پوندو؟“ مون مايوس ٿيندي پڇيو.
    اسڪواڊ اڳواڻ ناڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو. ”تون کين اڳئين جٿي تائين پهچائي واپس موٽي اچجانءِ.“
    مون مرڪي ڏنو. اسڪواڊ اڳواڻ به مرڪيو. آئون جنگي قيدين ڏانهن ويس، جيڪي جهنگل ۾ بي ترتيب بيٺا هئا.
    سج جي گرمي دشمن جي لاشن کي ساڙي رهي هئي. منهنجي پيرن هيٺان زمين جلي رهي هئي.
    آءٌ ۽ منهنجا ڪجهه ساٿي جنگي قيدين تي پهرو ڏئي رهيا هئاسين. پريان مشين گنن جا آواز اچي رهيا هئا، جن جوش ۽ ولولو پيدا ٿي ڪيو.
    جنگي قيدين کي کڻندڙ جٿو، چئين بجي شام جو پهتو. آءٌ قيدي حوالي ڪري، ٻيهر پنهنجي ڊيوٽيءَ تي پهتس. هوانهو ان وقت ماني کائي رهيو هو.
    ”ڇا صبح جو وڏي حملي جو پروگرام آهي؟“ هوانهو ڪنڌ لوڏيو.
    ”هي فائرنگ جا آواز ڪٿان پيا اچن؟“
    ”اسان جي يونٽ مان“ هوانهو جواب ڏنو.
    ”ڪا خبر پيئي؟“
    ”هنن ٻن ڪمپنين کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ اسان هڪ کي“ هن پنهنجي آڱر مٿي کڻندي چيو.
    ”هڪ بٽالين جي خاتمي کان پوءِ، مون کي ڊپ آهي ته اسان سان وڙهڻ لاءِ دشمن وٽ ٻيا ڪي فوجي نه بچيا هجن. جي ائين آهي ته مون کي ان جو سڄي ڄمار ڏک رهجي ويندو. ڇا منهنجي وڃڻ کان پوءِ هنن بمباري ڪئي؟“
    ”ها......“
    مون چؤطرف نهاريو. مشڪل ئي سان ان جڳهه کي سڃاڻي سگهيس. بمن ۽ راڪيٽن، سڀني وڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. ائين پي ڀاسيو ته زمين تي ٽريڪٽر گهمي ويو هجي.
    ”ڇا ڪو زخمي ٿيو؟“
    هوانهو هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    پنهنجي مورچي ڳولڻ ۾ مون کي ڪافي وقت لڳو. پناهه گاهه جو لنگهه تباهه ٿي چڪو هو. آءٌ مورچي ۾ اندر گهڙيس، ان جو تر آلو ٿيو پيو هو، پر ڀتيون اڃا ٺيڪ حالت ۾ هيون.
    اڃا آءٌ مورچي کي جاچي رهيو هوس ته، اسڪواڊ اڳواڻ جو آواز ڪن تي پيم: ”ڪوچ لاءِ تياري ڪريو.“ ان کان اڳ جو آءٌ ڪو سوال ڪريان هن چيو: ”اميد آهي ته جنهن هنڌ هلون ٿا اتي دشمن گهڻي تعداد ۾ ايندو.“
    اسان جو يونٽ روانو ٿيو. هڪ دفعو اسان وري اڻ ڏٺل ڌرتيءَ ڏانهن روانا ٿياسين. اتي آءٌ پنهنجو 201 مورچو کوٽيندس. جيڪو منهنجي سڄي رات لاءِ وفادار ٿي رهندو. ۽ منهنجو بچاءُ ڪندو ائين، جيئن ماءُ پنهنجي ٻار کي هنج ۾ کڻندي آهي. اتان به آءٌ پنهنجي ڌرتيءَ جي غدارن کي هڪالي ڪڍندس. آءٌ تيستائين بندوق ڦٽي نه ڪندس، جيستائين منهنجي جيجل ڌرتي، آزادي ۽ عظيم آدرش نه ٿي ماڻي. جيستائين جيجل تان غدارن ۽ ديش دروهين جو خاتمو ٿي نه ٿو وڃي
    ***


    هوءَ ڪير هئي؟

    ڪرچ آرمين

    آءٌ بنا ڪنهن مقصد جي، ايئن ئي روڊ تي پسار ڪري رهيو هوس ته ڪنهن پويان سڏ ڪيو. ”روبن!“
    مون پويان نهاريو. ڏٺم ته هڪ ڇوڪري، مون ڏانهن ڊوڙندي اچي رهي هئي. هوءَ قد جي پوري پني، ۽ عمر ۾ مون کان ٻه سال کن ننڍي ٿي لڳي. سندس انگ انگ ۾ جوڀن جي بهار جهلي ٿي ۽ سندس چهري تي، معصوم ٻار جيان مرڪ هئي. مون کي پڪ هئي ته مون هن کي اڳي به ڪٿي ڏٺو هو. پر ڪٿي؟ هوءَ ڪير هئي.؟؟
    ”ڇو روبن“ هن چلولائيءَ واري انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي ٻارن جيان ڪتڪتائي ڪرڻ لڳي. آءٌ توکي ڪيتري عرصي کان ڳوليندي رهي آهيان! تون ان جو تصور به ڪري نٿو سگهين!“
    ”ها!“ مون وراڻيو ۽ ذهن تي گهڻو زور ڏنو ته من، سندس نالو ذهن تي تري اچي، منهنجي ڪوشش اجائي وئي.
    ”آءٌ گذريل پنجن ڏينهن کان هتي آهيان، هاڻ جڏهن واپس وڃي رهي آهيان، ته تون مليو آهين. پر ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه؟ تون يقين ڪر، مون توکي ڏاڍو ڳوليو. تنهنجو ڏس تنهنجي منهنجي ڏيٺ وارين ڇوڪرين کان پڇيم، پر ڪنهن به تنهنجو ڏس پتو ڪو نه ڏنو.“
    سندس ايتري پنهنجائپ ۽ پيار ڀريي لهجي مان ظاهر هو ته، مون کيس چڱيءَ پر سڃاتو ٿي. منهنجي ساڻس هڪ ڀيرو نه، پر ڪيترا ڀيرا ملاقات ٿي چڪي هئي. ايتري ڏيٺ هوندي به، آءٌ کيس ايترو جلدي ڪيئن وساري ويٺس؟ ايتري قدر جو مون کي، سندس نالو به ياد ناهي رهيو. منهنجي زندگي ۾ آيل ڇوڪرين ۾ هوءَ سڀني کان وڌيڪ سندر ۽ ڪامڻي هئي. پوءِ به منهنجي ذهن تان ميسارجي ڪيئن وئي؟
    ”پنهنجي خبر ڪر“ سندريءَ پڇيو. ”تو اهو وقت ڪيئن گذاريو؟ هاڻ ڇا پيو ڪرين؟؟ ڪجهه سڌريو به آهين يا اڃا اهڙو ئي شرارتي، چريو چرٻٽ ۽ ڀوڪ بصر آهين.؟؟؟ جاني مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، جو منهنجي روانگيءَ ۾ ٻه ڪلاڪ هئڻ سبب آءٌ توسان گهڻو وقت نٿي گهاري سگهان.“
    هوءَ ائين ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ اسان جي پاڻ ۾ ڪا صدين جي ڏيٺ ويٺ هجي. سندس ايتري پنهنجائپ مون ۾ بي اختيار کيس چمي ڏيڻ ۽ ڀاڪر ۾ وٺڻ جي خواهش پيدا ڪئي. ڇا آءٌ ڪنهن وقت ۾، کيس پيار نه ڪندو هوس.؟ ۽ شايد ان کان پوءِ جي عرصي ۾ آءٌ کيس ٻيهر پيار ڏئي نه سگهيس. هوءَ هڪ اهڙي مومل هئي، جنهن جي عشق ۾ توهان کي هر حالت ۾ راڻي بنجڻ جو شوق پيدا ٿي سگهيو ٿي ۽ مون کي سندس نالي تائين جي به خبر نه هئي. آءٌ انهيءَ دوشيزه جو، جنهن مون کي ايترو پيار ڪيو ٿي، ڀلا ڪيئن نالو پڇي سگهيس ٿي. مون نٿي چاهيو ته هوءَ منهنجي ڪنهن به حرڪت سبب ڪاوڙجي وڃي يا سندس ڪومل جذبن کي گهاءُ رسي.
    ڀلا مون کي سندس نالي پڇڻ مان ورندو به ڇا؟ ڪجهه به نه، ته پوءِ بهتر ائين ٿيندو ته جيئن صورتحال آهي تيئن ئي رهڻ ڏجي. ٿي سگهي ٿو ته ڳالهين وچ ۾، هوءَ اُهو ڪجهه ڳالهائي، جنهن مان سندس نالي ۽ ڏس پتي جي سڌ پئجي وڃي. پر هن سڄي گفتگو دوران پنهنجي متعلق ڪجهه به نه ڳالهايو. هن کي فقط ۽ فقط مون ۾ دلچسپي هئي ۽ هوءَ فقط اهو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ اتاولي هئي، جيڪو مون ڳالهائڻ چاهيو ٿي.
    ”روبن! ڪجهه ته ڳالهاءِ. تون ايترو جلدي ڇو بدلجي ويو آهين؟ اڳوڻن ڏينهن ۾ تون ڏاڍي يخي هڻندو هئين. مون کي تنهنجو اهو انداز ڏاڍو پسند هو. ڇا تون منهنجي لاءِ اهو ساڳيو چريو چرٻٽ ۽ يخي باز ٿيڻ پسند نه ڪندين؟“ ”اوهه!“ هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي اوچتو ڳالهائڻ بند ڪيو. ٿوري دير رکي هن وري ڳالهايو.
    ”ڇا مون توکي کوٽي ته نه ڪيو. متان توکي ڪيڏانهن وڃڻو هجي.“
    ”نه، نه....“ مون تڙتڪڙ ۾ وراڻيو.
    ”مون کي معاف ڪجان جو آءٌ ههڙي نموني توتي چٽي ٿي آهيان، پرين! آءٌ ڪڏهن به ائين نه ڪريان ها، جيڪڏهن تنهنجي جاءِ تي ڪو ٻيو هجي ها. مون سان هٿ ۾ هٿ ڏي. ڀلا ايڏيون تڪڙيون ۽ وڏيون وکون ڇو ٿو کڻين؟ ڪهڙي تڪڙ پئي اٿئي؟ جاني! مون سان گڏ گڏ هل.“
    مون ساڻس پير پير سان ملائي هلڻ شروع ڪيو، پر ٿوري ئي دير ۾ محسوس ڪيم ته، مون اهو ٺيڪ نه ڪيو. جيتوڻيڪ منهنجو ڪو به پيڇو نه ڪري رهيو هو، پر پوءِ به آءٌ ڏاڍو شڪي ٿيس.
    مون ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر مون ڇا چوڻ چاهيو ٿي؟ مون کي جيڪڏهن سندس پسند، ناپسند جي ٿوري به ڄاڻ هجي يا اها خبر هجي ته آءٌ جنهن سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو اها ڪير آهي ته به آءٌ ڪجهه ڳالهائي سگهان، پر مون کي ته هن بابت ذري به ڄاڻ ڪانهي.
    هوءَ چوي ٿي ته ڪجهه نه ڪجهه ڳالهاءِ. ٺيڪ آهي، پر آءٌ ڇا ڳالهايان؟ آءٌ ته کيس سڃاڻان به ڪو نه ٿو. آءٌ انهيءَ مسئلي تي اڃا سوچي رهيو هوس ته هوءَ بيهي رهي.
    مون کي سامهون واري گهر ۾ وڃڻو آهي. تون منهنجو اتي انتظار ڪر. مان جلدي واپس ٿي اچان. ڏس! جاني هليو متان وڃين.“
    هوءَ گيٽ مان داخل ٿي، اندر ويئي. اهو گيٽ باغ ۾ کليو ٿي ۽ باغ جي ڀرسان ڪافي گهر هئا. مون کي خبر نه پيئي ته هوءَ ڪهڙي گهر ۾ ويئي. نه ته جيڪر آءٌ ٻئي ڏينهن ان گهر ڌڻيءَ کان پڇان ها ته اها ڇوڪري، جيڪا هڪ ڏينهن اڳ اوهان وٽ آئي هئي، سا ڪير هئي؟
    ڏهه منٽ گذري ويا، پر هوءَ نه وري. شايد هن کي مون بابت قائم ڪيل تصور جي اصل ڄاڻ پئجي چڪي هئي. يا شايد شراب جي نشي ۾ ڌت هوءَ ڀلجي مون کي پنهنجو محبوب سمجهي ويٺي هئي؟ پر هن جي ڳالهائڻ مان لڳو ٿي ته هوءَ نشي جي حالت ۾ ڪونه هئي. هن جي ڳالهائڻ جي انداز ۽ چهري تي اڀرندڙ تاثر ۾ صداقت صاف نظر اچي رهي هئي.
    ويهه منٽ گذري ويا، پر هوءَ نه موٽي. آءٌ پاڻ کي يقين ڏيارڻ لڳس ته، هوءَ ان قسم جي ڇوڪري ڪانه هئي، جنهن بابت مون هن اوچتي ملاقات ۾ تصور ڪيو هو. مون کي شايد ڀل ٿي هئي مون ان گيٽ تي آخري نظر وڌي، جنهن مان لنگهي هوءَ اندر گم ٿي ويئي هئي ۽ آهستي آهستي هلڻ شروع ڪيم. مون کي اها سڌ ئي نه رهي ته آءٌ ڪيڏانهن وڃي رهيو هوس. آءٌ ان طرف مڙيس، جتان آيو هوس. شايد آءٌ حقيقت ڏانهن موٽي رهيو هوس.
    ”روبن!“ مون پويان نهاريو. ساڳي سندري مون ڏانهن ڊوڙندي اچي رهي هئي.
    ”هون!ته تون مون کان لڪي ڀڄڻ ٿو چاهين. ايئن نه؟“
    ”نه! نه!!“ ايئن وراڻيم ڄڻ ته مون کان ڪو ڏوهه ٿيو هجي يا مون ساڻس ڪو دوکو ڪيو هجي.
    ”آءٌ ويس ٿوروئي ٿي بس ايئن ئي پسار ڪندي پاڻ کي وندرائي رهيو هوس.“ سندس پيار ۾ ڪيڏي نه سچائي هئي!
    ”روبن! منهنجي ڪري توکي گهڻو انتظار ڪرڻو پيو. انهيءَ لاءِ معاف ڪجانءِ ۽ ها..... مون کي تمام گهڻي دير ٿي ويئي آهي ان ڪري آءٌ تنهنجي لاءِ ڪجهه خريد به نه ڪري سگهي آهيان.“
    اسان هڪ پاسي ٿي بيهي رهياسين. هن ڪجهه چوڻ چاهيو ٿي، پر بس اچڻ سبب چئي نه سگهي.
    ”ڏس! منهنجي بس به اچي ويئي. مون کي هٿ لوڏي الوداع نه چئجانءِ، جيڪڏهن مون کي ڪنهن توسان ڏسي ورتو ته دڙڪا ڏيندو. ڪيڏي نه بدنصيبي آهي، جو گذريل پنجن ڏينهن ۾ آءٌ گهڻي ڳولا جي باوجود توکي پائي نه سگهيس ۽ وري جي مليو آهين ته اهڙي وقت ۾، جڏهن منهنجي اُسهڻ جو وقت ڀرجي آيو آهي. پيارا روبن! پنهنجي صحت جو ضرور خيال رکجانءِ.“
    بس جي پائيدان تي پير رکڻ کان اڳ هن پوئتي نهاريو ۽ رڙ ڪري چيو ”جاني خط ضرور لکجانءِ! ائڊريس جي ته توکي خبر ئي آهي. جي تو پهرين خط نه لکيو ته آءٌ توکي زندگيءَ ڀر خط نه لکنديس.“
    آءٌ ذري گهٽ ڪرڻ تي هوس، جو بس جو دروازو بند ٿيو ۽ بس هلڻ شروع ڪيو. اها منهنجي ننڍڙي ڪائنات جي پراسرار ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هئي، جنهن جو آءٌ اڄ تائين انت پائي نه سگهيو آهيان.
    سندري رواني ٿي ويئي. مون کي هوءَ ان کان پوءِ وري ڪڏهن ڪٿي به نه ملي ۽ نه ئي هن بابت ڪا خبر به پيئي. پر هوءَ منهنجي لاشعور ۾ سدائين لاءِ محفوظ ٿي ويئي. هن کي آءٌ هيلتائين به وساري نه سگهيو آهيان. جيتوڻيڪ هن جي مون کي ڪابه ڄاڻ ڪونهي ته هينئر ڪٿي آهي.
    ڪافي سال گذري چڪا آهن. سچو پيار منهنجي جيون ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هيلتائين آءٌ گهڻين عورتن جي صحبت ۾ رهيو آهيان، پر گهڙيءَ کن لاءِ آءٌ خود حيرت ۾ پئجيو وڃان ۽ مون کي اها سندري اڄ به انهن سڀني عورتن ۾ اُتم ڀاسي ٿي. اها ڪامڻي، جنهن بابت آءٌ ڪجهه به نٿو ڄاڻان، مون کي اڄ به انهن عورتن کان مٿانهين ٿي ڀاسي، جن سان منهنجي ڏيٺ ويٺ آهي.
    شايد منهنجي زندگيءَ جو اهو سڀ کان اُتم پيار آهي. جيتوڻيڪ آءٌ کيس صفا ڪونه سڃاڻان، پر هڪ ڳالهه هينئر به بنهه صاف آهي ته:
    آءٌ اڃان تائين به ان سندريءَ جي تلاش ۽ اوسيئڙي ۾ آهيان، جيڪا منهنجو انتظار ڪندي هئي ۽ مون کي ڳوليندي وتندي هئي.
    تون ڪٿي آهين؟ مهرباني ڪري تون مون کان انهيءَ ڪري ناراض نه ٿي، جو مون توکي خط ناهي لکيو. مون کي تنهنجي ائڊرس ياد ناهي. مون کي تنهنجو نالو وسري ويو آهي. سچ پچ ته مون کي تون وسري ويئي آهين. جيتوڻيڪ آءٌ انهيءَ کي پنهنجي توهين ٿو سمجهان، پر اها حقيقت به ته آهي. ۽ ها...... جڏهن ته تون ڄاڻين ٿي ته مان چريو چرٻٽ ۽ ڀوڪ بصر جو به آهيان. مون کي ڀوڪ بصر ۽ چريو چرٻٽ سمجهي معاف ڪر جو مون تو جهڙيءَ سندريءَ کي وساري ڇڏيو ۽ ها توکي وسارڻ جي سزا آءٌ خاموشيءَ سان ڀوڳي رهيو آهيان ۽ آءٌ پنهنجي زندگيءَ جي باقي عرصي ۾ توکي وساري نه سگهندس. مون کي تنهنجو سدائين اوسيئڙو رهندو ۽ ڇا اها گهٽ سزا آهي؟
    تون مون تي مهربان هئينءَ، تنهنجو مون سان سچو پيار هو ۽ آءٌ وڏي واڪي چوان ٿو: ”هاڻي يا مستقبل ۾ ڪهڙيون به حالتون رهن، تون ايئن ئي منهنجي دل تي ڇانيل رهنديئينءَ. تون منهنجي هر ساهه ۾ سمايل رهنديئينءَ. منهنجي من مندر ۾ سدائين تنهنجو واسو رهندو ۽ ٻڌ، تون جيڪڏهن اوچتو ڪنهن گهٽيءَ ۾ يا ڪنهن رستي تي مون کي ڏسي وٺين ته، مون کي پنهنجي نالي (روبن) سان سڏ ڪجانءِ ۽ ان وقت آءٌ خاموشي اختيار نه ڪندس. ان وقت آءٌ توکي هزارين دلچسپ ۽ نيون نيون ڳالهيون ٻڌائيندس، پر سڀ کان پهرين، آءٌ توکان هڪڙو سوال ضرور ڪندس:
    ”پر........ تون ڪير آهين؟ تنهنجو نالو ڇا آهي؟“

    ***


    ازلي اُڃ

    رسيا ڪوچار

    هن آهستي آهستي اکين جا ڇپر مٿي کنيا ۽ آس پاس نهارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. هو اڃا مڪمل طور هوش ۾ ڪو نه آيو هو. هن جي جسم ۾ ڄڻ ته ساهه ئي ڪو نه هو. هو ٻيلي مان ايندڙ ڌماڪن جو آواز ٻڌي نٿي سگهيو. هن جي آڏو برف ڄمڻ جا نظارا فلم جيئن ڦرڻ لڳا. هن پردي تي ڏٺا سڪل گاهه، سورج مکيءَ جا گل ۽ ڏانڊيون جن جي مٿان برف ڄمي پئي هئي، اها سياري جي اچڻ جي پهرين نشاني هئي.
    سورج جا تيز ڪرڻا هن جي اکين سان ٽڪرايا ته، هن جا ستل سور جاڳي پيا. هن کي لوندڙيءَ ۽ مٿي ۾، سخت سور محسوس ٿيڻ لڳو. ڌنڌلا نظارا هاڻ هن جي اکين آڏو چٽي ۽ واضح شڪل وٺڻ لڳا. هن کي سامهون هڪ ٽڪنڊي جهڙو گهر نظر آيو، جنهن جي ويجهو جبل مان نڪرندڙ آبشار وهي رهيو هو ۽ سندس آواز ايئن لڳي رهيو هو، ڄڻ ڪا ساهه واري خلقت ساهه کڻي رهي هجي. کيس گهر جي ڀرسان ڪجهه وڻ به ڏسڻ ۾ آيا.
    ’وڻن جا پن اڇا ڇو هئا؟‘ هاڻي هو پوري طرح جاڳي چڪو هو. سندس ڪنن جا پردا هاڻي ماحول جي خاموشيءَ کي ٽوڙيندڙ آوازن کي، جهٽي سگهيا ٿي. کيس ڌيال پکيءَ جون رڙيون هاڻي پنهنجي ڪنن جي ويجهو محسوس ٿيون.
    غيرارادي طور هن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جلد ئي هو ڀڳل ڇت جيان، وري ڪري پيو. هن محسوس ڪيو ته ڄڻ سندس هڏا ٽڙڪي ڀڄي ڀري رهيا هجن. ان پيڙا کيس تسلي ڏياري ته، سندس دماغ ڪم ڪري رهيو هو ۽ هو واقعي زنده هو.
    هن جي دماغ سوچڻ شروع ڪيو. کيس ياد آيو ته، سندس نالو ميخائل هو. هاڻ هو ٻيلي جي هل ۽ هنگامي ۾ به پنهنجو نالو ٻڌي سگهي ٿو.
    سج اڀرڻ ڪري هاڻ هر ڏس ۾ روشني ئي روشني ڦهليل هئي. کيس هاڻ پڪ ٿي ته هو مڪمل هوش ۾ هو ۽ کانئس ڪير به حافظو کسي نٿي سگهيو. هاڻ هو پنهنجي وجود کي محسوس ڪري سگهيو ٿي. هو آسپاس جي نظارن کي چڱيءَ طرح ڏسي ۽ محسوس ڪري سگهيو ٿي ۽ هو مشين گنن مان نڪرندڙ ڳورو ۽ گجندڙ آواز ٻڌي سگهيو ٿي، جيڪي بلڪل ويجهڙائيءَ کان اچي رهيا هئا.
    هو ڳچ وقت کان هتي، هن حالت ۾ پيو هو. سندس ان عمل کي ڪيترا ڪلاڪ گذريا هوندا، جڏهن هن دشمن جي بارود جي ذخيري ۾ بم اڇليو هو. جنهن جي نتيجي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو هو ۽ ڌرتيءَ تي ڇانيل اونداهيءَ ۾ روشني ۽ دونهين جا بادل ڇانئجي ويا هئا. انهيءَ دونهين جي بادلن پويان سندن آڏو سندس ساٿين جا ناقابل شڪست چهرا تري آيا.
    هن پنهنجي پوري قوت ميڙي، ريڙهيون پائڻ شروع ڪيون. هو اُڀريل سج طرف کسڪڻ لڳو. کيس پنهنجون ٽنگون ڪاٺ جيان سخت محسوس ٿي رهيون هيون. سخت سور سبب هو، ٿوري رڙهڻ کان پوءِ ٿڪجي ٿي پيو ۽ سائي گاهه ۽ وهندڙ آبشارن جي بستري تي گهڙي پل لاءِ آرام ٿي ڪيائين ۽ بندوق مان نڪرندڙ گولين جي ٺڪائن تي، طرف تبديل ٿي ڪيائين. هاڻ کيس پڪ ٿي ويئي هئي ته هو بچي ويندو.
    هو سڄو ڏينهن ۽ رات ريڙهيون پائيندو رهيو. هاڻ هو نديءَ جي ڪناري تي پهتو ۽ ندي تري، وري رڙهڻ شروع ڪيائين. ٽئين ڏينهن جي صبح جو هو جبل جي اوٽ ۾ قائم ڪيل ڪئمپ ۾ پهتو.
    ”مون کي ڪمانڊر سان ملايو.“ ايترو چوندي هو وري بيهوش ٿي ويو. سپاهين تمام سخت ڪوشش کان پوءِ هن جا چپ کوليا ۽ ووڊڪا جا ڪجهه ڦڙا سندس وات ۾ نايا، جيڪي سندس نڙيءَ کان ٿيندا هيٺ هليا ويا. دل کي ڀائيندڙ سڳنڌ، سندس جسم ۾ ملي ويئي. زخمي سپاهي وري ان دنيا ۾ موٽي آيو، جيڪا ٿوري دير اڳ سندس اکين اڳيان گم ٿي ويئي هئي. سپاهين مانيءَ ٽڪرو سندس وات ۾ وڌو. هن ان کي چٻاڙيندي محسوس ڪيو ته، هو ڪيترو نه نٻل ٿي چڪو هو.
    هڪ دفعو وري سندس اکين آڏو ڄاتل سڃاتل چهرا ڦرڻ لڳا، پر اهي حقيقي هئا نه ڪي خيالي، جيڪي سندس ٿڪل دماغ پهرين سوچيا ٿي.
    ”تيخون!“ هن بي اختيار زور سان ڳالهايو. ايئن ڪندي هو سڄو ڳاڙهو ٿي ويو. هڪ گرم هٿ سندس پيشانيءَ کي ڇهي رهيو هو. هاڻي هو خواب ڪو نه ڏسي رهيو هو. اهو سچ پچ ته ڪمانڊر جو هٿ هو.
    ”آرام ڪر منهنجا پٽ!“
    اهو ساڳيو ئي پيار ڀريو آواز ڪمانڊر جو هو، جنهن ٽي ڏينهن اڳ چيو هو: ”وڃ اسان کي تو ۾ مڪمل ڀروسو آهي.“ هن ڪمانڊر کي چوندي ٻڌو ”هن کي ٻيو به وودڪا جو گلاس پياريو.“
    ميخائل هڪ ئي ڌڪ سان سڄو گلاس پي ويو ۽ خالي گلاس هڪ سپاهيءَ کي ڏنو، جيڪو ڪمانڊر جي ڀرسان بيٺو هو.
    ”اسان سمجهيو ته تون مري چڪو آهين.“ ڪمانڊر اهو چوندي مرڪي ڏنو. ”ايتري قدر جو اسان تنهنجي سوڳ ۾ تعزيتي گڏجاڻي به ڪري ڇڏي. پر توکي جيئرو ڏسي اسان کي ڪيتري خوشي ٿي آهي، ان جو تون اندازو به نٿو ڪري سگهين!“
    ميخائيل حيرت مان ڪمانڊر ۽ سپاهين ڏانهن نهاريو ۽ سندس ڳالهايل لفظن، ۽ حيرت ۾ وجهندڙ مرڪن کي محسوس ڪرڻ لڳو. هاڻ هن کي هر شيءِ پياري لڳي رهي هئي. سپاهي، ٻيلي جي سرءُ ۽ ان جي بهار ۽ جنگ جو دونهون..
    ”مرڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟ آءٌ زنده رهڻ چاهيان ٿو.“
    ”سچ ٿو چوين.“ ڪمانڊر وراڻيو.
    ميخائل جو دماغ هاڻي صحيح ڪم ڪري رهيو هو. هرڪو منظر ۽ واقعو هن جي ذهن تي صاف ۽ چٽو ٺهڻ لڳو.
    ”آءٌ فتح جي آخري ڏينهن تائين، جڏهن نازين کي مڪمل طرح شڪست ايندي، زنده رهڻ چاهيان ٿو. سوڀ اکين سان ڏسڻ کان پوءِ، مرڻ ۾ ڪو به هرج نه آهي ۽ نه ئي ان جو مون کي ڪو ڏک رهندو.“
    ڪمانڊر کلي ڏنو. هن سپاهين ڏانهن نهاريو ۽ وڏي واڪي چيو: ”ڪمانڊر منهنجو گواهه رهجانءِ! ميخائل سوڀ جي سج اڀرڻ کان پوءِ مرڻ ۾ ڪو به عار محسوس نه ڪندو.
    اهو آڪٽوبر 1941ع جو وقت هو. ڌرتي ماءُ بندوقن مان نڪرندڙ گولين جي ٺڪائن سبب، ڌٻي ۽ ڏڪي رهي هئي.
    ڏينهن ۽ هفتا گذري ويا. ڌرتي رت سان رنڱجي چڪي هئي. ڪمانڊر جنگ ۾ مري چڪو هو. ان جي ڊويزن جا بهادر فوجي ۽ ميخائل جا دوست سپاهي مارجي چڪا هئا ۽ سندن نالا، تاريخ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ محفوظ ٿي چڪا هئا. برفاني سيارو گذري چڪو هو. هاڻي برف ڳري رهي هئي ۽ گذريل سال جو وهيل رت، ڌرتيءَ تان ڌوئي رهي هئي.
    هڪ ڀيرو وري بهار آئي. کيت ۽ ميدان چهچ ساوا نظر اچي رهيا هئا. شهيدن جي قبرن تي بهار جو پهريون سائو گاهه ڦٽو هو. بهار وئي ته اونهارو اچي ويو.
    ڏکڻ ڏي نازي فوج ڊان ندي پار ڪري، وولگا ۽ ڪائوڪس ڏانهن وڌي رهي هئي.
    وري ٻي سرءُ آئي، وري ٻيو سيارو آيو. ايئن نظر اچي رهيو هو ڄڻ جنگ ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
    ميخائل پنهنجو پاڻ سان سچو هو. ۽ هو هميشه جنگ ۾ سرگرم ۽ گرم خون سان رهيو. ڪئين دفعا هن سوچيو ته جيڪي سپاهي، هن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وڙهي رهيا هئا، اهي دراصل بندوق جي دونهين ۽ توبن جي گوڙ ۽ گهمسان جا ڄاول هئا ۽ انهن جي ان کان سواءِ ٻي ڪابه زندگي هئي ئي ڪانه.
    هاڻ جنگ ۾ تيزي اچي وئي هئي. انقلابي فوج دشمن تي ڀرپور حملو ڪيو، جنهن کي دشمن جي طاقت روڪي نه سگهي. ميخائل ۽ سندس دستو اڳتي وڌندو رهيو. هن جي آڏو سوين هزارين چهرا ايندا ويندا رهيا. هو انهن سڀن کي سڃاڻندو هو. ڀورا وار، ڪتابي چهرا، ڪوئلي جهڙا ڪارا ڀرون ۽ گهريون اکيون.
    ميخائل چاهيو هو ته هو سدائين پنهنجن ساٿين ۾ رهندو ۽ کانئن ڪڏهن به جدا نه ٿيندو، پر پوءِ کيس هڪ ڏينهن لڳو ته موت دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي آهي.
    ميخائل ۽ سندس ٻن ساٿين کي دشمن جي ڪئمپ ۾ جاسوسيءَ لاءِ موڪليو ويو. هو پورو هفتو ٻيلي ۾ ڀٽڪندا رهيا. ڏينهن جو هو گهاٽن وڻن ۾ لڪي پناهه وٺندا هئا ۽ رات جو سفر ڪندا هئا. سندن هڪ ساٿي زخمي ٿي چڪو هو. هنن ٻنهي کي پنڌ ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ساٿيءَ کي به کڻڻو ٿي پيو. رات جي اونداهيءَ ۾ ڪيڏي مهل بمن ۽ راڪيٽن جي بماريءَ سبب روشني ڦهلجي ٿي ويئي. دشمن جي ڪئمپ جي ويجهو هنن هڪ گهچڻ ۾ ڊاٻو ڪيو. ٿڌي پاڻيءَ سبب سندن پير ڄمي چڪا هئا. هو ڇاتيءَ تائين گپ ۾ اندر رهيا، ته جيئن رات جو دشمن طرفان وسندڙ گولن کان بچي سگهن.
    زخمي سپاهيءَ جو خون ميخائل جي ڪلهي کان ٿيندو هيٺ ڳڙيو. هن پنهنجي دوست کي ڌرتي ماءُ جي حوالي ڪيو ۽ پوءِ موت جو پٽو ڪراس ڪيو.
    اهو هڪ ڏينهن اڳ جو واقعو هو. اڄ فقط ٻن ڄڻن ساوا گاهه لتاڙيندي، ٻيلو ڪراس ڪيو. ٻيلي مان روح کي ڀانئيندڙ سڳنڌ اچي رهي هئي. ميخائل پنهنجي ساٿيءَ جي ڪلهي تي ٻانهن رکي، پنهنجي زخمي ٽنگ کي ساهي ڏني. سندن پيرن هيٺان سائو سائو گاهه هو ۽ مٿي آسمان بلڪل نيرو ۽ صاف نظر اچي رهيو هو. سندس ساٿيءَ کي اوچتو ڪجهه ياد پيو ۽ پوءِ سندس آواز فضا ۾ گونجڻ لڳو: ”ياد ڪر تو حملي لاءِ ڪيڏي نه تڙپ ۽ خواهش ڏيکاري هئي. تو چيو ڪين هو ته آءٌ ان ڏينهن کي ڏسڻ لاءِ زنده آهيان ۽ ان لاءِ آءٌ مرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندس. ڇا تو اهي لفظ ڪمانڊر کي ڪين چيا هئا؟ ڇا ايئن نه آهي؟ ته آءٌ توکي ٻڌايان ٿو ته اهو وقت اچي ويو آهي.“
    ”تنهنجو مطلب ته موت اچي ويو اهي؟ اڃا جنگ ۾ جڏهن اڌوري سوڀ مس حاصل ٿي هجي، ڪير مرڻ چاهيندو؟ تنهنجي خيال ۾ آءٌ پنهنجي وطن کي آزاد ڏسي نه سگهندس؟ نه ايئن بلڪل ڪو نه ٿيندو، پر جڏهن اسان پنهنجي وطن لاءِ آزادي حاصل ڪري سوڀارا ٿي موٽون ته پوءِ مون کي ڪو به ڏک نه ٿيندو ته، ڪا بندوق مان نڪرندڙ گولي، منهنجو خاتمو آڻي. امن ۽ آزاديءَ ۾ مرڻ جو مون کي ڪو به افسوس نه ٿيندو.“
    جنگ ختم ٿيڻ جو ڪو به امڪان نظر نٿي آيو. بهار جلدئي گذري ويئي. ڪڻڪ جي ٻوڙن جا ڪک ڳرا ٿي پيا هئا. هي جنگ جو چوٿون اونهارو هو. رستن جي مٽي، سپاهين جي چهرن، بندوقن، ٽئنڪن، فوجي گاڏين، لاشن ۽ ٻيلي جي وڻن ۽ گاهن تي ڄمي تهه ٿي ويئي هئي. ڌرتي ڌماڪن سبب آبشارن جيان ڦاٽي پيئي هئي. هر شيءِ بارش جي تيز وهڪري وانگر وهي پيئي هئي. ڌرتي درد وچان ڪنجهي ۽ ڪرڪي رهي هئي. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ويڙهه سبب ڌرتيءَ تي نين قبرن جو واڌارو ٿيو هو. گرمي سهپ جڳي نه هئي. مٿان بارش به واڄٽ وڄائي ڇڏيا هئا ۽ پوءِ سرءُ جي موسم آئي. پن ڇڻڻ لڳا ۽ جنگ ۾ به تيزي اچي ويئي.
    هڪ ڏينهن ميخائل پهاڙ جي چوٽيءَ تان دشمن جي ٺڪاڻي جو نشانو چٽي رهيو هو. اهي سڀ ڪوششون، نازين جي نئين حملي جي جواب ۾ ڪيون پئي ويون. نازي سندس مورچي ڏانهن وڌي رهيا هئا. ميخائل جيتوڻيڪ سوچيو ته اهو سودو کيس مهانگو پوندو ته به، هن فائرنگ جو حڪم ڏنو.
    ”تون خوش قسمت آهين، جو توکي ڪو نقصان نه رسيو“ انهيءَ ڏينهن سڄي دنيا جي اخبارن ۾ هيءَ خبر عام هئي. انقلابي فوج سرحد لڳ پهچي ويئي.
    ”تون موت کي هڪ دفعو وري ٺڳڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين.“ سندس ساٿيءَ اهو چوندي مرڪي ڏنو. ٻئي هڪٻئي جي ڀرسان هڪ آلي گپ واري کڏ ۾ ليٽيا پيا هئا. مٿان هلڪي ڦڙڦڙ پئجي رهي هئي. ميخائل پنهنجو هٿ پنهنجي ڀرسان ليٽيل ساٿيءَ ڏانهن وڌايو، ۽ وڏي واڪي رڙ ڪئي: ”منهنجا دوست! آءٌ آخري سوڀ تائين جيئڻ جي اميد رکان ٿو ۽ ان کان اڳ موت مون کي ماري نٿو سگهي.“
    هڪ ٻي سرءُ گذري وئي. هڪ ٻيو سيارو لنگهي ويو ۽ هاڻي وري بهار آئي هئي. ميخائل جي ريجمنٽ دشمن جي ڳوٺن ۽ شهرن مان لنگهي رهي هئي. اوپري ڌرتيءَ جي مٽي، هنن جي بوٽن سان چهٽي پيئي هئي. اوپري آسمان هنن جي مٿان هو. گلاب جا گل کلي ۽ مرڪي رهيا هئا، پر بندوقون رڙي رهيون هيون. دنيا جون نظرون جنگ ۾ کتل هيون. ميخائل جنگ جي ميدان ۾، مسلسل وڙهي رهيو هو. سندس جسم جي هر زخم ۾ باهه ٻري رهي هئي.
    هڪ دفعو وري موت هن جي چئوڦير پنهنجو ڄار ڦهلايو. سرجن سندس آپريشن ڪئي. هڪ دفعو وري هن لاءِ دنيا جي هر شيءِ، ويسر جي ساگر ۾ ٻڏڻ لڳي. دنيا سوڀ جو ڏينهن ملهائڻ جي تيارين ۾ هئي، ۽ هيڏانهن ميخائل موت سان آمهون سامهون هو. مئي جو سج اسپتال جي درين پٺيان ٻڏي رهيو هو.
    ”ڇا تون منهنجو پلنگ دريءَ جي ويجهو گسڪائي آڻيندين؟“ ميخائل چيو.
    هن جو بسترو دريءَ ڀرسان آندو ويو. زخمي ميخائل دريءَ جي ٻاهران، کليل ميدانن ڏانهن نهارڻ لڳو. انهيءَ شام ميخائل آزاديءَ جي خوشيءَ ۾ ڇٽندڙ گولين جا ٺڪاءَ ٻڌا ۽ سوڀ جي خوشيءَ ۾ ٻرندڙ ڏياٽيون ڏٺيون، جيڪي نئين آسمان کي روشن ڪري رهيون هيون.
    اباڻي ڌرتي ۽ ان جا ساوا جبل، ۽ سدا وهندڙ درياهه هن کان ڪوهين ڏور هئا. سندس ٻالڪپڻي مٿس مرڪي ڏنو ۽ هن تي پنهنجي اباڻي ڌرتيءَ جي ڪک مان جنم وٺندڙ ڪهاڻيون، جادوئي اثر ڪرڻ لڳيون. هن جي ڌرتي، جتان هن جنگ جي شروعات ڪئي هئي، کانئس ڪيترو نه پري هئي. هن کي ياد آيا پنهنجي ڪمانڊر جا لفظ: ”تون هڪ ڏينهن ضرور سوڀ اکيئين ڏسندين.“
    ..........”تون موت کي هڪ دفعو وري شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وئين. تون جلد ئي صحتمند ٿي اٿندين. مون کي ان ۾ يقين آهي، ڇاڪاڻ جو جڏهن جيجل ماءُ آزاد هجي ته تون قطعي مرڻ پسند نه ڪندين. ڪيئن نه؟“
    ميخائل مرڪي ڏنو. ”تون سچ ٿو چوين ڪمانڊر، موت ڪا سٺي شيءِ به نه آهي، جو پسند ڪجي. اسان کي اڃان ته پنهنجي گهر موٽڻو آهي. اسان کي زندگيءَ ۾ اڃان گهڻو ڪجهه ڏسڻو پيو آهي ۽ اڃان ته جيجل ڌرتيءَ ڪاڻ گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي ۽ ها انهيءَ لاءِ، آءٌ زنده رهڻ چاهيان ٿو.“
    ”تون هڪڙو ئي ناهين منهنجا دوست! زنده رهڻ لاءِ ته، اسين سڀ وڙهون پيا.“
    هاڻي مئي 1945ع جو وقت اچي ويو هو

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170156
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ