ڪتاب جو نالو: محبت ماريا ماڻهو
مصنف: ڀوَن سنڌي
ڇپائيندڙ: نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 28 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 600 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 259 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب 11 پرڏيهي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. مهاڳ ۾ طارق قريشي لکي ٿو:

”ڀَون سنڌيءَ جي ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۾ واضح نظراچي ٿو ته هن وٽ مناسب چُونڊ آهي. پنهنجي پاٺڪ کي ڪهڙي ڪهاڻي پڙهائڻي آهي، ڪهڙو خطو گھمائڻو آهي ۽ ڪيئن ۽ ڇا ڏيکارڻو آهي. هن کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي زندگي ڪيئن البيلي ۽ کيچلي هوندي آهي ته ڪٿي ته ماڳهين هوءَ ڪيڏي نه ڪٺور ۽ ڪروڌي بڻيل هجي ٿي. حياتيءَ جو حسناڪيون هر هنڌ هڪجھڙيون ڪونهن ۽ جيون هر ڪنهن لاءِ جاڙ به ڪونهي. محترم ڀَون سنڌيءَ کي جتي به سنڌ سان ۽ سنڌ جي حالتن سان هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ته هن ان لکڻيءَ کي چُونڊي کنيو آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪتاب بابت
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • اُڃ اُجهي ئي ڪو نه ٿي
  • محبت ماريا ماڻهو (پرڏيهي ڪهاڻيون)

  • هُن پار
  • هڪ معمار جو موت
  • جواري
  • آئون موٽي ايندس
  • صبح ٿئي ٿو
  • سدا بهار
  • ڪوريئڙيءَ جو چار
  • ڀولڙي جا ڪرتب
  • ڪي رند پروڙين راز
  • واڙ جي هُن پار
  • محبت ماريا ماڻهو

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”محبت ماريا ماڻهو“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب 11 پرڏيهي ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي، جنهن جو ترجميڪار ناميارو شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڀون سنڌي آهي. مهاڳ ۾ طارق قريشي لکي ٿو:
    ”ڀَون سنڌيءَ جي ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۾ واضح نظراچي ٿو ته هن وٽ مناسب چُونڊ آهي. پنهنجي پاٺڪ کي ڪهڙي ڪهاڻي پڙهائڻي آهي، ڪهڙو خطو گھمائڻو آهي ۽ ڪيئن ۽ ڇا ڏيکارڻو آهي. هن کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي زندگي ڪيئن البيلي ۽ کيچلي هوندي آهي ته ڪٿي ته ماڳهين هوءَ ڪيڏي نه ڪٺور ۽ ڪروڌي بڻيل هجي ٿي. حياتيءَ جو حسناڪيون هر هنڌ هڪجھڙيون ڪونهن ۽ جيون هر ڪنهن لاءِ جاڙ به ڪونهي. محترم ڀَون سنڌيءَ کي جتي به سنڌ سان ۽ سنڌ جي حالتن سان هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ته هن ان لکڻيءَ کي چُونڊي کنيو آهي.“
    هي ڪتاب نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ ڪراچي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون ڀون سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: محبت ماريا ماڻهو
    موضوع: پرڏيهي ڪهاڻيون
    سنڌيڪار: ڀوَن سنڌي
    تعداد: هڪ هزار
    ڇاپو پهريون: جولاءِ 2016
    پاران: نئون نياپو اڪيڊمي،
    C-4 سچل ڳوٺ، گلشن اقبال ٽائون، ڪراچي سنڌ
    Ph # 021-32624153, 34690389
    Cell # 0333-2311528

    مُلهه ؛ 300/=


    ارپنا

    پورڻتا
    جي نانءُ!
    جنهن ۾،
    نه تون-
    تون آهين.
    ۽
    نه مان-
    مان آهيان
    - ڀون سنڌي


    مهاڳ

    اخبارن ۽ رسالن ۾ نوڪريءَ لاءِ منهنجي ڪئاليفيڪيشن ۽ ان آڌار تي مون کي مليل جيڪي ذميواريون رهيون، اهي انگريزِيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ئي هيون. طبع زاد لکڻين سان گڏ، ترجمو ڪرڻ مون کي ڄڻ ڏيج ۾ مليو آهي، سو ترجمي جو ڪم اڄ تائين ڪندو پيو اچان. هن وقت به ٻارڙن لاءِ هڪڙو ڪتاب ترجمو ڪري رهيو آهيان. اِهو ان لاءِ ٻُڌايان پيو ته ترجمي جهڙي ڏکئي پورهئي جو قدر ۽ ان ۾ نُور نچوئڻ جي زحمت ملڻ جو مون کي سمورو نه سهي ته ڪجهه نه ڪجهه احساس ته ضرور هوندو. ترجمو ڪرڻ طبعزاد تحرير کان هزرين ڀيرا اڻانگو ڪم آهي جنهن ۾نه رُڳو تخليق جي ڪرب مان گذرڻو پوي ٿو پر تحقيق جي آويءءَ ۾ به پچڻو پوي ٿو.
    ادب جي شاگرد جي حثيت ۾، آئون انهن سڀني محترم لکارين، ترجما نگارن ۽ سفرناما لکندڙن جو احسانمند آهيان جن جي محنتن ۽ پورهئي سبب مون دنيا جا هزارين رنگ پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهيا.
    ڪنهن جا نالا کڻي ڪنهن جا نالا کڻجن، ٽالسٽاءِ، دوستووسڪي، چيخوف، شولوخوف، اليگزيندر سيرافيموچ، ڪافڪا، ميلان ڪنڊيرا، برٽند رسل، اوهينري، گارشيا مارڪيز، سلويا پلاٿ، جيڪ لنڊن، آسڪر وائلڊ، ارنيسٽ هيمنگوي، برٽالٽ بريخت، سمرسٽ ماهم، خليل جبران، پال ٿيرو، گرو رجنيش، پرل ايس بَڪ، موپاسان، پائلو ڪوهلو، ڪاميو، والٽيئر، شيڪسپيئر، سعدي، عمر خيام ۽ ريشارد ڪاپوشنسڪي کان ويندي ٽيگور تائين، جن جن عالمن اسان جي ذهن کي آباد ڪيو، ان شادابيءَ ۾ ايترو ئي ڪردار انهن مترجمن جو آهي جن جي اوجاڳن ۽ پورهين اسان کي عالمي ادب سان رُوشناس ڪرايو.
    شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ (رح) کان علامه آءِ آءِ قاضي (رح) تائين، محترم سائين محمد ابراهيم جوئي صاحب کان شري ولي رام ولڀ تائين، محترم رسول بخش پليجي کان مرحوم رشيد ڀٽيءَ تائين، م.ن محزون کان عبد الله الفائز تائين. انعام عباسيءَ کان سليم انور عباسيءَ تائين، سنڌ ـ پرست سائين عطا محمد ڀنڀري کان مانواري انعام شيخ تائين، سائين غلام حسين رنگريز کان سائين پرويز تائين ۽ محترم يُوسف سنڌيءَ کان ڀَون سنڌيءَ تائين انهن سمورن محسن ماڻهن جا اسان جي ٻوليءَ، ادب ۽ خاص طور مون تي ته ڄڻ ذاتي ٿورا آهن جو هنن جي بدولت اسان رنگبرنگي دنيا جون گونا گون آکاڻيون ۽ ناول پڙهيا،جن ۾ محبت جا جام اوتيل هئا، اعليٰ انساني قدر هئا، انسانيت سان پيار هئو، وطن دوستي ۽ مذهبي رواداري ۽ نفرت کان نفرت هئي. ساڳيءَ ريت سفرناما جن ۾ سنڌ جي شيدائي محترم الطاف شيخ جا ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جهڙي روح محترم ارباب عبد الحي پليجي جي ڪتابن اسان جي ڪايا پلٽ ڪئي. گھٽ ۾ گھٽ اهو ته سکيو ته بني نوع انسان جي مرڪ به ساڳي آهي ته لڙڪ به هڪجھڙا آهن. آدم جي اولاد کي کي حدن ۽ سرحدن ۾ ڪاٺ ڪيو ويو آهي نه ته دنيا جي هر ديوار برلن ڪڏهوڪو ڊهي پٽ ٿيل هجي ها.
    پنهنجي پنجين ڪتاب جو مهاڳ يا پيش ـ لفظ لکڻ لاءِ محترم ڀَون سنڌيءَ منهنجو ته الائي ڪيئن انتخاب ڪيو جو اسان قلم ـ برادريءَ جا ٻئي ڀائر، هڪٻئي سان روبرو ڪڏهن مليا به نه آهيون، سو ان مان ايئن ڀانئيان ٿو ته اهو مون کي قدرت طرفان اعزاز ملڻو هئو. پر هڪ عطار جي دڪان جي سرهاڻ کي ساراهڻ لاءِ لفظ ڪهڙو ڪم ڪندا، جيڪو به هتان گذرندو واس ته پاڻهي وٺي ويندو.

    محترم ڀَون سنڌيءَ جي ترجمي ڪيل ڪهاڻين جو هيءُ ڳٽڪو جنهن جو عنوان ”محبت ماريا ماڻهو“ سندس چوٿون ڪتاب آهي. هن جو پهريون ڪتاب ”گوري گھاگھر ۽ گُوندر“ هئو، ٻِيو مجموعو ”ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص“ هئو، ٽِيون ڳٽڪو ”درد بڻيو دلربا“ چوٿون ”محبت ماريا ماڻهو“ ۽ جلد ايندڙ ڪتاب ”روح جون رولاڪيون “ هئو. منهنجي اندازي مطابق ترجمي لاءِ ڪهاڻين جي چُونڊ جو معيار محترم ڀَون سنڌيءَ وٽ رُڳو وڏا نالا، شاهڪار لکڻيون يا ڪي شهپارا ناهن، پر اهو ادب آهي جن ۾ زندگي بخش قدر ۽ آفاقي سچايون آهن. مون محترم ڀَون سنڌيءَ جون ترجمو ڪيل جيڪي به ڪهاڻيون پڙهيون آهن انهن ۾ انسان جون وارتائون، وارداتون، ڪيفيتون، ورتاءُ ۽ لڇڻ ملن ٿا. هي اهي ڪهاڻيون آهن جن ۾ داستان گوئي آهي جيڪو ڪلاسڪ ادب جي هڪ ادا آهي جن ۾ مُشاهدي ۽ تخيل جي طاقت شامل هوندي آهي. لڳ ڀڳ دنيا جي هر ڪنڊ جي هڪ ڪهاڻي آهي جنهن ۾ اتان جا غم ۽ خوشيون، اميدون، خوف ۽ ريتون رسمون ته آهن پر احساس جيڪو هر جذبي کان اُتم آهي اهو پڻ بدرجه اتم موجود آهي. آرميني ليکڪ ائبگ ايواڪيان جي ڪهاڻي جو مرڪزي ڪردار گيگم ايرڪ ڪيڏو نه اوچو ۽ آدرشي انسان آهي جنهن معذوري، ذات ـ پات، دين ۽ ڌرم کي هڪ پاسي ڪندي هڪ خانه بدوش گُونگي ۽ ٻوڙي ڇوڪري ٽيوٽي کي جيون ۾ شامل ڪيو.
    محترم ڀَون سنڌيءَ جي ترجمو ٿيل ڪهاڻين ۾ واضح نظراچي ٿو ته هن وٽ مناسب چُونڊ آهي. پنهنجي پاٺڪ کي ڪهڙي ڪهاڻي پڙهائڻي آهي، ڪهڙو خطو گھمائڻو آهي ۽ ڪيئن ۽ ڇا ڏيکارڻو آهي. هن کي خبر آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ۽ ڪٿي ڪٿي زندگي ڪيئن البيلي ۽ کيچلي هوندي آهي ته ڪٿي ته ماڳهين هوءَ ڪيڏي نه ڪٺور ۽ ڪروڌي بڻيل هجي ٿي. حياتيءَ جو حسناڪيون هر هنڌ هڪجھڙيون ڪونهن ۽ جيون هر ڪنهن لاءِ جاڙ به ڪونهي. محترم ڀَون سنڌيءَ کي جتي به سنڌ سان ۽ سنڌ جي حالتن سان هڪجھڙائي ڏسڻ ۾ آئي آهي ته هن ان لکڻيءَ کي چُونڊي کنيو آهي جيئن لوهو شيانگ جي لکيل چِيني ڪهاڻي ” هڪ معمار جو موت“ ڄڻ ته سنڌ جي ڪچي يا ڪاڇي جي ڀرپاسي جي ڪنهن ڳوٺ جي اسڪول جي ڪهاڻي هجي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اسان جي تعليمي سرشتي ۽ ٿاپيل نصاب جو بيان آهي.
    هن ڪتاب ۾ موجود ترجمو ٿيل هر ڪهاڻيءَ جو پنهنجو رنگ آهي. آمريڪي ڪهاڻيڪاررابرٽ آرٿر جي ڪهاڻي جُواري ته هڪ زبردست آئٽم آهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته انسان جي ذهانت ۽ عقلمندي اڳيان مافوق الفطرت طاقتون به بيوس آهن. آدم جو فرزند هاڪاري ڪم ڪري ته الائي ته ڇا مان ڇا ڪري سگھي ٿو پر جيڪڏهن بدلڇڻو ٿئي ته شيطان کي مات ڏيو وجھي. وڌيڪ اپٽار ڪري ڪهاڻيءَ جو سسپنس ختم ڪونه ڪندس ها باقي ترجمي جي ڳالهه ڪندو هلان ته ٻوليءِ جي بلاغت ساراھ جوڳي آهي، لفظ سادا سولا ۽ سهنجا ڪتب آندل آهن. جملا ننڍا ننڍا ۽ بيهڪ ۾ ٺهڪندڙ، ڪٿي به توهان کي هروڀرو اوپرا لفظ نه ملندا. ڪو لفظ شامل به آهي ته تحرير جي رواني ۽ دلچسپي وڌائي ٿو.
    ڪهاڻي” آئون موٽي ايندس“ جاپان جي ڪهاڻي آهي. ڊبليو ڊبليو وليمس جي هن ڪهاڻيءَ جي چُونڊ به واکاڻ لائق آهي، جنهن ۾ هڪ آمريڪي جڏهن هيروشيما پهچي ٿو ۽ نئين نسل جي نگاهن ۾ اڄ آمريڪين لاءِ نفرت هجڻ جي احساس ۾ وڪوڙجي ٿو ته مون کي2002ع ۾ کٽمنڊوءَ جي هڪ ٽريننگ ۾ گڏيل ڍاڪا جو منيب الرحمان ياد اچي ٿو وڃي جنهن تعارف ٿيڻ تي منهنجي پاڪستاني هجڻ جو ٻڌو ته سندس نگاهن ۾ ڏاڍي نفرت ڏٺي هئم. هن ئي ڪهاڻيءَ ۾ مرڪزي ڪردار ٽام کيتن ۾ ڪم ڪندڙ هارين بابت سوچي ٿو. ليکڪ لکي ٿو: ” ٽام ڄاتو ٿي ته ملڪ ۾ هارين لاءِ ڪجھ به نه رهيو هو، معزز هاريءَ جو هر حال ۾ تحفظ ٿيڻ گھرجي. واپار جا معاهدا، درآمد جي اجازت، وڏا محصول هن جي ناڪاميءَ کي مقدر بڻائيندي کيس غير محفوظ ڪن ٿا. قوم جي عام راءِ ۾ ڪم از ڪم هڪ مضبوط واپاري ۽ هاريءَ کي ساڳيو مقام ملڻ گھرجي...“ هي اهي جملا يا ڳالهيون آهن جو، مون کي لڳي ٿو ته، هڪ ڪميٽيڊ ۽ اصول پسند ليکڪ جي ترجيح بڻجن ٿيون ته انهن کي پنهنجي ٻوليءَ ۽ ادب جو حصو بڻائي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته محترم ڀَون سنڌيءَ ترجمي تي وڏي محنت ڪئي آهي پر ان کان وڌيڪ اهم اهو آهي ته هن جي چُونڊ عاليشان آهي. چوڻ جو مطلب اهو ته هن مجموعي ۾ سڀ ڪهاڻيون نه ته ڪي ڪلاسڪ ادب ۾ شمار ٿين ٿيون ۽ نه وري ڪي ماسٽر ـ پِيس آهن، پر اهو انتخاب جو ڪمال آهي ته مترجم اهي تحريرون پنهنجي جھوليءَ ۾ گڏ ڪري ادب جي دامن ۾ عطيو ڪيون آهن. جن جو ڪارج آهي جن ۾ مقصد آهي ۽ جيڪي فن جو نمونو به آهن. ”آئون موٽي ايندس“ ڪهاڻي انهن احساسن جي ڪهاڻي آهي جتي ماڻهو ڪنهن منڊ ۾ منڊيل هجڻ ڪري فريز ٿي چڪو هوندو آهي ۽ وقت جي تيز ندي ڇُلندي وهندي رهندي آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهي ڪيفيتون آهن ته محبت ۾ ڪو مقسُوم جڏهن زماني جي ظرافتن کان گھٻرائجي پنهنجي ماضيءَ جي ڪنهن پناھگاھ ۾ پهچڻ لاءِ ڊوڙندو آهي ته هو ٻن زمانن جو اسير ٿي چڪو هوندو آهي. ماضي جيڪو هڪ طلسمي زنجير بڻجي هن کي قابو ڪري پاڻ ڏي ڇِڪيندو آهي، ته حال هر وک تي پنهنجي سمورين هولناڪ سچاين سان اهو ڏنڀ ڏيندو آهي ته هاڻ هر شيءِ بدلجي وئي آهي، ڪجھ به ساڳيو ناهي رهيو.
    هن مجموعي ۾ ”صبح ٿئي ٿو“ ڪهاڻي پڙهندي مون کي البرٽ ڪاميو جو ناول ”اسٽرينجر“ ياد آيو. جڏهن ته اي ايم فورسٽر جي ” واڙ جي هن پار“ ڪهاڻيءَ پڙهڻ کان پوءِ مون اڳيان اشفاق احمد جا ڪيترائي مابعد الطبعياتي ٽيلي ناٽڪ ورجائجي ويا.
    جن ٻن ڪهاڻين ۾ آفاقي سطح جي سچائي آهي ۽ جن جي ذريعي خصوصي توجھه جي طالب (معذور) ۽ اهي به يتيم ٻار ۽ ان کان علاوه جانورن سان محبت جو احساس ڏياريل آهي اهي آهن ميخائل زوش چينڪو جي ڪهاڻي ”ڀولڙي جا ڪرتب“ ۽ ائبي بليئر جي ڪهاڻي ”محبت ماريا ماڻهو“ جيڪا هن ڪتاب جي ٽائيٽل ڪهاڻي پڻ آهي.
    جمال ابڙي جي ڪهاڻي ”شاھ جوڦَرُ“ جهڙو مزو ڏنو اٿم سنگاپور جي ڪهاڻيءَ ”ڪي رند پروڙين راز“ جنهن جي پنچ ـ لائين، اصل ۾ ڪهاڻيءَ جو آخري جملو آهي، هڪ خوبصورت ڪهاڻي آهي ۽ مترجم کي، ترجمي لاءِ ڪيل چونڊ تي داد جو حقدار بڻائي ٿي. سمرسٽ ماهم جي ڪهاڻي ”سدا بهار“ خالص جذبن جي مالڪ هڪ من ـ موجي خاتون جي ڪهاڻي آهي. ترجما نگار ڪهاڻيءَ جو ترجمو ڪندي، ڪٿي به ڪهاڻيءَ جي روح کي رنجايو ناهي.
    جيئن باڪمال شاعرن جي غزل جو لڳ ڀڳ هر بند ئي شاھ ـ بند هوندو آهي، هر بند کڻي نه به هجي ته به گھٽ ۾ گھٽ هڪڙو بند ته شاھ بند ضرور هوندو آهي، بلڪل تيئن ئي هن ڪتاب جي جيڪا شاھ ـ ڪهاڻي آهي ۽ ترجمو به ايڏو سهڻو ٿيل اٿس جو صفا اصلوڪي (طبع زاد) ڪهاڻي ٿي لڳي، اها آهي هڪ تامل ڪهاڻي جنهن جو نالو آهي ”ڪوريئڙي جو ڄار“. راج گوپال آچاريه جي هن ڪهاڻيءَ کي دٻليءَ ۾ بند ٿيل درياھ محسوس ڪيم. نهايت مختصر پر عرب ۽ عجم جي تصوف ۽ ويدانيت جو خلاصو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ گوتم جي ڏنل سکيا به آهي ته گرو نانڪ جو گيان ، حلاج جي حلاوت به ڏسجي ٿي ته رومي ۽ عطار جي رهاڻ پڻ !
    ياد نه ٿو اچي ته محترم ڀون سنڌيءَ سان ڪڏهن ڪا ملاقات ٿي آهي الائي نه، پر هن جي ڪتابن کي پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته هن جون ترجمو ڪيل لکڻيون ئي هن جي ڪچهري آهن جن کي يادگيرين ۾ سنڀالي رکڻ گھرجي. ها البته ڪڏهن ٻن گھڙين لاءِ مکا ميل ٿئي ته آئون واڌايون ڏيندس ته سنڌي ادب کي ڏيهان ڏيهي ڪهاڻين سان شاهوڪار ڪيو اٿس. شال حوصلو سلامت هجيس.

    طارق قريشي

    ڪراچي، سنڌ
    28 جنوري، 2016


    اُڃ اُجهي ئي ڪو نه ٿي

    سنڌيڪار جو نوٽ
    منهنجي پرڏيهي ادب مان ترجمو ٿيل چئن ڪهاڻين جي ڪتابن گوري گهاگهر ۽ گوندر، ستارن پويان ڊوڙندڙ شخص، درد بڻيو دلربا ۽ روح جون رولاڪيون کان پوءِ هي چوٿون ڪتاب محبت ماريا ماڻهو اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    ادب جي ذريعي اسان کي انسان جي زندگي جي اندر جي سونهن، اُن جي اُتم ۽ اعليٰ ڪارج ۽ منزل ۽ ٻين انيڪ پهلوئن جي چڱي پرسڌ پوي ٿي، جيڪي هونئن عام زندگي ۾ انسان جي نظرن کان اوجهل هجن ٿا.
    ادب ۾ ترجمي جي افاديت ۽ اهميت کان قطعي انڪار ڪري نٿو سگهجي. ترجمي لاءِ چئي سگهجي ٿو ته، اُهو تخليقي ادب جو پنهنجي اصل ٻولي مان، ٻي ٻولي ۾ نئون جنم آهي، جنهن جا خدوخال ۽ ويس وڳا، ڪنهن حد تائين ڀلي اصل تخليق کان مختلف هجن ٿا، پر اُنجو روح ۽ تاثر ساڳيو ئي هجي ٿو.
    اٽالو ڪئلونو جو چوڻ آهي ته، ”بنا ترجمن جي، آئون صرف پنهنجي ملڪ جي سرحدن تائين محدود رهان ٿو، پر ترجمي نگار مون کي پوري دنيا سان متعارف ڪرائي ٿو“. اها ترجمي جي سگهه ئي آهي، جنهن جي ذريعي تخليق جي سونهن، سوڀيا ۽ آدرش، بنا پاسپورٽ جي انساني سرحدن کي اورانگهي، ٻي دنيا ۾ نه صرف داخل ٿئي ٿي، پر سموري ڌرتي تي جوڙيل سرحدن کي ملائي، فقط هڪ سچو ۽ حقيقي علائقو جوڙي ٿي، جنهن جي ذريعي نه صرف، انسانن جي درميان پيل وٿيون ختم ٿين ٿيون، پر اُن ۾ انساني اعليٰ قدر ۽ محبتون پڻ مڃتا ماڻين ٿيون.
    ڪهاڻي کيتر ۾ انسان وٽ کوڙ سارا ڀلا ليکڪ آهن. ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ناهي ته، ڪو اسان وٽ سٺين ۽ معياري ڪهاڻين جي ڪا کوٽ آهي. پر جيئن ته پنهنجي عقل کي ئي عقلِ ڪُل سمجهڻ عقلمندي ناهي، تيئن رڳو پنهنجي ئي ادب کي اعليٰ ادب سمجهڻ ۾ به ڪا عقلمندي ناهي. انهي لاءِ ضروري آهي ته، اسان نه صرف ٻاهريئين ادب جو مطالعو ڪريون، پر ان سان پنهنجي ادب کي ڀيٽي اڳتي وڌون. پرڏيهي ادب تائين هر اديب يا پڙهندڙن جي پهچ ٿي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ جو اُن کي پڙهڻ لاءِ اُن ٻولي جي چاڻ هئڻ ضروري آهي، جيڪا هر عام و خاص لاءِ ممڪن ناهي. انهي ڪري اُهي ترجمائي آهن، جن جي ذريعي اسين دنيا جي مختلف ٻولين جي سرجندڙ ادب کي، هر ماڻهو جي پهچ تائين نه صرف آسان بنائي سگهون ٿا، بلڪه اُن جو پنهنجي ادب سان موازنو ڪري، ادبي کيتر ۾ وڌيڪ جلا ۽ جوت سان ڏات جا ڏيئا روشن ڪري سگهون ٿا.
    پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي، پرڏيهي ادب سان روشناس ڪرائڻ جو مقصد اِهو آهي ته، جيئن اسين باقي دنيا جي ماڻهن جي لطيف جذبن، احساسن، خوشين، دردن ۽ وجود جي وارتائن کي نه صرف سمجهي سگهون، بلڪه گڏيل انساني اعليٰ قدرن ۽ محبتن جا مينار جوڙڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.
    گڏيل انساني قدر ۽ محبتن جا مينار جوڙڻ لاءِ لازمي آهي ته، اُن لاءِ ادب مان چونڊ به اعليٰ معيار جي هجي، مون ان لاءِ اسان جي ماحول ۽ سماج جي ثقافتي ۽ تهذيبي ورثن ۽ پس منظرن، لاڙن، روين، جذبن، خواهشن ۽ احساسن کي ڌيان ۾ رکي، ترجمي لاءِ ڪوشش ڪري اهڙي ادب جي چونڊ ڪئي آهي، جيڪو اُنهن کي، شعور جي اُتاهين منزل ڏانهن اڳتي وٺي وڃي ۽ هو انسانذات جي آجپي ۽ آدرش جي ڪارج ۾ پنهنجو حصو ادا ڪري سگهن.
    پرڏيهي ادب مان چونڊ جي به پنهنجي ڀوڳنا آهي. ايئن جيئن بارش جي هزارين بوندن مان، ڪا هڪ بوند ئي سپ ۾ موتي سرجڻ جو ڪارڻ بنجي ٿي. تيئن اٽڪل ڏهه ٻارنهن ڪهاڻيون پڙهڻ کان پوءِ ڪا هڪ ئي ڪهاڻي چونڊجي اچي ٿي، جيڪا پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي روح جي رشتن کي جهنجهوڙڻ لاءِ ڪارگر لڳي ٿي. انهي لحاظ کان اِهو ڪم ڄڻ جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جيترو ٿڪائيندڙ ڪم آهي. پر جيئن جبل جي چوٽي سر ڪرڻ جي پويان، پنهنجو سحر آهي تيئن، ادب جي مطالعي جو به پنهنجو سحر آهي. ۽ نه فقط سحر پر هڪ اهڙي اُڃ، بلڪل موکي جي مٽن جيان، جن کي اوتي به متارا اڻ ڍاپيا ئي رهيا. هڪ اهڙي اُڃ جيڪا اُجهي ئي ڪا نه.
    ڪهاڻي جي ترجمي جي چونڊ کانپوءِ، اُن جي فن، ٽيڪنڪ، ٻولي جي سونهن ۽ اصل ليکڪ جي خيال سان نباهه جو خيال رکڻو پوي ٿو. خصوصن ٻولي جي معاملي ۾ ته، انتهائي نفاست سان لفظن جو جڙاءُ ڪرڻو پوي ٿو، جيئن اصل ٻولي جي خوبصورتي ترجمي ۾، پنهنجي معنيٰ، مفهوم ۽ سونهن وڃائي نه ويهي رهي ۽ ساڳئي وقت اُن ۾ اوپرائپ به محسوس نه ٿئي، اُن کان سواءِ اصل ٻولي م ڪم آيل تشبيهن ۽ محاورن کي پڻ پنهنجي ٻولي سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ، باريڪ بيني سان چٽڻو پوي ٿو، جيئن اصل ليکڪ جي تخليقي پورهيئي سان ناانصافي نه ٿئي ۽ نه ئي اُن ۾ جهول يا بگاڙ محسوس ٿئي. صحيح معنيٰ ۾ سٺو ترجمو اُهو ئي آهي، جنهن ۾ اصل ليکڪ جي ڪهاڻي جو روح ۽ سرور ايئن محسوس ٿئي، ڄن اُها ڪا ڌارين ٻولي جي نه، پر اسان جي پنهنجي ٻولي جي تخيلق ٿيل ڪهاڻي آهي.
    ڪهاڻي جي ان سموري فني ۽ فڪري بحث جي پس منظر ۾ منهنجو ڪيل ادبي پورهيو ڪٿي بيٺل آهي؟ ۽ ادب ۾ ڪهڙي جاءِ والاري ٿو؟ اُن تي توهان پنهنجي راءِ ڏيو. اها ئي اهم ليکبي، مجنو کي ته ليليٰ ڪڏهن به ڪاري نظر نه ايندي ۽ خصوصن پرڏيهي ادب مان ڪيل پنجن ڪتابن جي ترجمن کان پوءِ منهنجي ڪهڙي راءِ....؟
    هونئن به ڪنهن جي ادبي قدڪاٺ ۽ حيثيت جو فيصلو نقاد، وقت ۽ تاريخ تي ئي ڇڏيو وڃي ته بهتر آهي. منهنجي خيال ۾ اُنهن کان وڌيڪ منصف ٻيو ڪير به ٿي نٿو سگهي.

    ڀونءِ جو بندو
    ڀوَن سنڌي
    حيدرآباد
    Email: bhawansindhi1@gmail.com


    محبت ماريا ماڻهو (پرڏيهي ڪهاڻيون)

    هُن پار

    ائبگ ايواڪيان

    گيگم ايرڪ ڪوڏر زمين تي رکي ۽ هيڏي هوڏي نهارڻ لڳو. پوري ڪائنات تي ڪوهيڙو ڇانيل هو. هو زمين تي وڇايل گاهه جي چادر تي ويهي رهيو ۽ ڪوهيڙي کي هٽائڻ لاءِ هن پنهنجون اکيون مهٽيون. اکيون کلڻ تي هن موت جي فرشتي کي پنهنجي سامهون پاتو. سندس هڪڙي هٿ ۾ بيدمشڪ جي سائي ٽاري ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏانٽو هو. ۽ سندس پيرن جي چوگرد ڪوهيڙو ڦهليل هو. سندس پاڇو باغ ڏانهن کلندڙ دروازي تي پئجي رهيو هو.
    ”گيگم هليا....“
    آواز مان ائين محسوس ٿي ٿيو ڄڻ اهو پاتال مان اچي رهيو هجي. گيگم کي محسوس ٿيو ته هن موت جي فرشتي کي اڳي به ڏٺو هو. پر ڪٿي؟ بائبل جي مقدس ڪتاب ۾؟ يا شايد خواب ۾؟ هن کي ياد نه پيو. هن کي پگهر وهي هليو. هن پڪاريو.
    ”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن!“
    ڪمري ڏانهن وڌندڙ پنهنجي نهرن جي قدمن جي آواز تي هن چيو، ”ڇا تون ٿوري دير رکي نٿو اچي سگهين؟“
    ”نه“، جواب آيو. ”اُتي ٽيوٽي تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي.“ عورتون پاڇي کي ڏسي ڏڪي ويون. کن پل ۾ پاڇوگم ٿي ويو. توڙي جو وڻن ٽڻن ۽ ٻي آسپاس ڪوهيڙو ڇانيل رهيو.
    ”ڪنهن کي سڏي وٺو، ته جيئن هو مون کي مٿي وٺي هلڻ لاءِ توهان جي مدد ڪن. منهنجون گهڙيون پوريون ٿي چڪيون آهن. آءٌ هي دنيا ڇڏي وڃي رهيو آهيان.“
    عورتون هراسجي ويون. سئرن پار ڪڍي رئڻ لڳي. ساتنڪ زور سان رڙيون ڪرڻ لڳي ”ڪانگ آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس!“
    اُهي پاڙيسرين کي وٺي آيون ۽ گيگم ايرڪ کي سهارو ڏيئي ماڙي تي وٺي ويون. اُهو ماڻهو جنهن ڪافي ملڪ لتاڙيا هئا، هينئر بي سهاري ليٽيو پيو هو. هن جون اکيون بند ٿي ويون هيون. هڪڙي حد آهي جنهن تي ماڻهو جڏهن پهچي ٿو ته پويان نهاري ٿو. هو ڇا ٿو ڏسي؟ هن پوئتان ڇا ڇڏيو هو.
    دنيا ۾ ڪيڏي نه غير يقيني آهي! زندگي جي هڻ هڻان مان جڏهن فرصت ملي ٿي ۽ اُنهن فرصت جي گهڙين ۾ جڏهن دل خوشيون ماڻڻ چاهي ٿي، جڏهن ڊگهن ۽ لتاڙيل رستن جي دز جوتن مان ڪڍي من وڻ جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ چاهي ٿو، ته باغ جو دروازو زور سان چيچاٽ ڪري کلي ٿو ۽ ڪوئي سڏي ٿو، ”هليا گيگم“
    ”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن!“
    هن جي ننڍي ننهن سئرن هن جي ڀرسان ويهي لڙڪ ڳاڙهي رهي هئي ۽ سوچي رهي هئي، ”ڪاش آءٌ پهاڙن تان ڪري مران! آءٌ هن ڀيانڪ دنيا ۾ گيگم ايرڪ کان سواءِ زنده رهڻ نٿي چاهيان.“
    ۽ پوءِ پنهنجي ڊپ کي مٽائڻ لاءِ هن جي دماغ ۾ خيال جنم وٺن ٿا، سمبت جلد گهر موٽي ايندو.... منهنجو مڙس سمبت جنهن کي ڀڀڪيلا ڪپڙا پهريل هوندا، پگهر ۾ شل ۽ وين جي اُڏايل مٽي سان ڀڀوت چهرو، منهنجي پويان آرا جبل ٿي بيهندو... گيگم ايرڪ چوي ٿو ”آءٌ هي دنيا ڇڏي وڃي رهيو آهيان.“ پر اسان مان ڪير هن دنيا ۾ سدائين لاءِ رهندو؟ پر هتي پيار سدائين رهندو ۽ ماڻهو سدائين رهندا. آءٌ سمبت کي هڪڙي انداز سان پيار ڪريان ٿي ۽ گيگم ٻئي انداز سان. اسان. کي پوڙهي کي قبر ۾ لاهيندي ڪيڏو نه افسوس ٿيندو. هو ڪڪرن ۾ مٿي کڄي ويندو ۽ هن جي مٿان لوئي ڍڪجي ويندي.
    ”نه.“ هن ڏک مان رڙ ڪئي. ”هو اسان کي ڇڏي نٿو سگهي!“
    ساتنڪ هن جي وڏي ننهن ڪمري ۾ دلو کڻي داخل ٿي. هوءِ پهرئين وانگي، ”ڪانگ آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس!،“ چوڻ واري هئي جو هن جي وچٽ ننهن ورسينڪ اندر داخل ٿي.
    اُهي ٻيئي پلنگ جي پاسي کان ويهي رهيون ۽ اُن شخص ڏي نهارڻ لڳيون جنهن جي زندگي جي ويرهاڻ لهي رهي هئي.
    هن جا پٽ کچاتر، سرگس ۽ سمبت تڙ تڪڙ ۾ دروازو زور سان کوليندا داخل ٿيا. سندن قدمن جي کڙڪي تي پوڙهي گيگم پنهنجون اکيون کوليون ۽ چيو، ”ٻارڙن کي وٺي اچڻ لاءِ ڪنهن کي موڪليو“. اُنهن جو پاڙيسري گريسون ٻارڙن کي وٺڻ ويو. جلد ئي گيگم ايرڪ جا پوٽا ۽ پوٽيون جن جا هٿ مس ۾ ڀريل هئا، اندر داخل ٿيا. اُهي پنهنجي ڏاڏي جي چوگرد ٿي ويٺا. هن اُنهن ڏي گهڻي دير لاءِ نهاريو، جيئن هر ڪو ئي آخري گهڙي ۾ ڪندو آهي. تنهن کان پوءِ هن پنهنجي پٽن ڏي نهاريندي چيو، ”آءٌ نٿو چاهيان ته توهين ڊاڪٽر ڏانهن وڃو. جيڪڏهن توهين ائين ڪندا ته آءٌ سڪون سان مري نه سگهندس.“
    باغ مان آهن ۽ ڪنجهڻ جا آواز اچي رهيا هئا. جتي پوڙهين عورتن موت جي بوءِ سونگهي ورتي هئي، اچي گڏ ٿيون هيون.
    ”باغ مان پوڙهين ڏانئڻين کي ٻاهر ڪڍو! آءٌ هتي آسپاس روڄ راڙو ڏسڻ نٿو چاهيان.“ گيگم ايرڪ چيو.
    سڀ ڪمري مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ اُٿيا. گيگم دروازي جي بند ٿيڻ ۽ پنهنجي ڪٽنب جي قدمن جو نرم آواز ٻڌو. هن جي دنيا جي دولت، هن جي ڪائنات جا ڪردار ايئن ڏاڪڻ لهي رهيا هئا جيئن ذرو به آواز نه ٿئي.
    ”ساتنڪ! ورسينڪ! سئرن! پردا ورايو روشني منهنجي اکين کي ڏکي ٿي لڳي. آءٌ سمهڻ چاهيان ٿو. مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو جڏهن ضرورت پيئي اوهان کي سڏي لاهيندس.“
    پر گيگم ايرڪ سمهڻ ڪو نه ٿي چاهيو. هن پنهنجي ڇاتي تي ٻانهون ورايون ۽ اکيون بند ڪيون. هو انهي حد کي ڇهي رهيو هو، جتي پهچي هر ڪو پوئتي نهارڻ بند ڪري ٿو ڇڏي.
    جڏهن ماڻهو کي پنهنجي موت جي سڌ پئجي وڃي ٿي، تڏهن هو چاهي ٿو ته دل کولي ڳالهائي، پنهنجا ڏوهه مڃي ۽ دنيا وارن اڳيان پنهنجي آخري خواهش جو اظهار ڪري. پر گيگم جي خواهش به عجيب هئي، اها ته هن پوئتي ڏسڻ ٿي چاهيو. هڪ دفعو وري هن انهن رستن کي ڏسڻ چاهيو ٿي، جن تي هن سفر ڪيو هو. هو اُنهن پوڙهن مان نه هو، جيڪي سڄو ڏينهن ويهي پنهنجن پوين کي ماضي ۾ ٿيل قتلام ۽ ناانصافين بابت ٻڌائيندا هئا. گيگم پڻ وان علائقي مان هو ۽ هن اُهي قتلام ۽ ناانصافيون پنهنجن اکين سان ڏٺيون هيون. هو يتيم ڪيو ويو هو ۽ پريشانيون ۽ مصيبتون کيس پنهنجي اباڻي ڌرتي کان ڪوهين ڏور وٺي ويون هيون. هن لڳاتار محنت ڪئي. هن کي محنت ۽ پورهئي مان فرصت ئي ڪا نه ٿي ملي جو هو ماڻهن سان ويهي پنهنجو حال اوري ۽ سورسلي سگهي. هن بي انت هوندي به ننڍڙي ڏيکائي ڏيندڙ دنيا جو هڪ ڪنڊ کان وٺي ٻي ڪنڊ تائين سفر ڪيو هو. هو جتي به ويو، هن پنهنجا ڏک خاموشي ۾ دفن ڪري ڇڏيا. هن کي ڏکن ايترو ته ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو هو، جو هو جيڪڏهن اُنهن کي وان ندي ۾ اُڇلي ها، ته به اُهي مهي جيان ولوڙجي ڪنارن تائين اچي پهچن ها.
    هتي ميگري ۾ وان علائقي جا ڪافي ماڻهو هئا. گڪساپ، ميسروپ، شموان..... سڀني کي پنهنجين ذميوارين جو احساس هو. هو خلقت کي پوءِ اُها متاثر ٿئي نه ٿئي، چوندا هئا، ”آءٌ صحيح معنيٰ ۾ وان علائقي جو ڄائو آهيان!“ گيگم ايرڪ جي خيال ۾ هن جو پيءُ کچا ترايرڪ وان جو هڪ سچار ماڻهو هو. هن ڪهاڙي کنئي ۽ خوني ترڪن تي ڪاهي پيو جن جي هٿن ۾ بندوقون ۽ خنجر هئا. هن ٽن ڄڻن کي ماري وڌو ۽ چوٿين تي اکروٽ جي وڻ هيٺان حملو ڪرڻ تي ئي هو، جو هن کي گولي لڳي ۽ پوءِ ترڪ اندر گهر ۾ گهڙيا ۽ پوءِ......
    پوءِ اُنهن کچا ترايرڪ جي ڌيئن الماس ۽ فيروز تي حملو ڪيو جن کي سندن پيءُ باغ م وڏين مٽي جي نادين ۾ لڪائي ڇڏيو هو. اُنهن ڇوڪرين کي وارن کان گهلي کلي ميدان ۾ آندو. گيگم جيڪو سڪل وڻ جي پويان لڪل هو اُن واقعي جو چشم ديد گواهه هو. پهرين دنيا هن جي اڳيان ڪاري ٿي ويئي ۽ پوءِ ڳاڙهي. هن کي اهو سڀ ڪجهه ياد آيو جيڪو اُتي ٿي گذريو. هو اکروٽ جي وڻ ڏي وڌيو. پنهنجي پيءُ جي ڪهاڙي کنيائين ۽ پهرئين ڌڪ ۾ حملو ڪري هڪڙي خوني کي ماريائين ۽ پوءِ تيزي سان اڳتي وڌي ٻئي قاتل کي گهر جي ڏاڪڻ تي ماريائين ۽ اڄ جي ڪوهيڙي جيان، وقت جي ڊگهي چادر وراڪجي اُن واقعي کي ڍڪي ڇڏيو.
    ”آءٌ هيلتائين ڪيئن زنده رهيس؟“ هن حيرت مان زور سان ڳالهايو. جيتوڻيڪ هن جيون اکيون بند هيون تڏهن به هن کي محسوس ٿيو ته سندس نهرون هن ڏي نهاري رهيون هيون.
    ۽ پوءِ ڊگها رستا شروع ٿيا. وان ندي جي ڪناري رهندڙ کچاتر جو پٽ گيگم جانڊاهي الشمدس ڏانهن روانو ٿيو ۽ اُن کان پوءِ يورپ ۽ اُتان آمريڪا ڏانهن. هن پهرين هڪ هاڪر ۽ پوءِ ڀنگي جو ڌنڌو ڪيو. هن ڪيتريون ئي اوجاڳي سان ڀرپور راتيون گذاريون، بک ۾ ،ٿڌ ۾، بلبن جي هيٺان، پارڪ جي بينچن تي؟ هو ڪنهن به جاءِ يا شئي کي پياري وان سان ڀيٽي نٿي سگهيو. هتي جو آسمان، ڌرتي، پاڻي، وڻ، چنڊ ۽ نه ئي تارا هو پنهنجي وان سان مقابلي ۾ آڻي ٿي سگهيو. سڀني ۾ هڪ ڪرب هو. هن کي باسيو ته اهي سڀيئي ماڻهو جا تخليق ٿيل هئا نه ڪه قدرت جا. هن کي آمريڪا ۾ مليون ته فقط ٺوڪرون ۽ بدنصيبون، هن وري پنهنجو سفر جاري رکيو. جيڪڏهن ڪنهن هن کان پڇيو ٿي ته، ”گيگم تون ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ ته هن اُن جو هڪ ئي جواب ڏنو ٿي ”اُن جو ڪو فرق نٿو پوي، ڇو جو مان وان واپس وڃي نٿو سگهان.“
    ۽ هڪ ڏينهن هو پريشيا پهتو.
    ڪازون جو شهر هن جي دماغ ۾ اڄ به شيشي جيان شفاف ۽ چٽو نظر اچڻ لڳو. بهڻ جي وڻن جو سرڙاٽ، پهاڙن جي وچان وهندڙ آبشارن جو شور، تڏن جي چرچر ۽ چڪي جو آواز ،اڄ به هن جي ڪنن ۾ گونجيو ٿي. ۽ هڪ بهار جي برساتي رات ۾ جپسي ڇوڪري ٽيوٽي، ڊڄڻي هرڻي جيان هن جي خالي دل ۾ داخل ٿي ۽ هن جي ٽن پٽن کچاتر، سرگس ۽ سمبت جي ماءُ بنجي ويئي.
    ناقابل بيان خوبصورت يادن جي تري اچڻ تي گيگم جي چهري تي سدا بهار مُرڪ ڦهلجي ويئي. ٽيهه سال گذري ويا ۽ انهن ٽيهن سالن ۾ هن جي اڳيان ٽيوٽي ايترو صاف ۽ واضح نظر نه آئي هئي جيترو اڄ اچي رهي هئي.
    هن جي حافظي هن کي ماضي جو هڪ وڌيڪ چهبڪ هنيو. هن کي اُهو ڏينهن ياد آيو، جڏهن هن پنهنجا بچايل ڇهه سو تومانس هڪ ڦٽل چڪي جي مالڪ کي هٿ ۾ ٿمائيندي چيو، ”هاڻ تون وڃين سگهين ٿو.“
    چڪي جو مالڪ جو نالو رسول هو چڪي جي پاسي کان ٿي ويهي رهيو. ڇاڪاڻ جو چڪي، جيڪا هن جي ڪل ڪائنات هئي ڇڏڻ نٿي چاهي.
    گيگم جيڪو هاڻ هن جي ڪائنات جو مالڪ بڻيو هو وٽس ويو ۽ پڇيو، ”منهنجا ڀاءُ رسول هاڻ تون ڪيڏانهن ويندين؟.“
    رسول خاموش هو. هو شايد سوچي رهيو هو ”اُن جو فرق نٿو پوي ڇو جو اهو طئه آهي ته هاڻ آءٌ چڪي تي رهي نٿو سگهان.“ گيگم ايرڪ اکيون کوليون ۽ هن کي اُهو سڀ ڪجهه جو پهرين ڏٺو هئائين اُن مان ڪجهه به نظر نه آيس. نه ڇت هئي نه پردا ۽ نه ئي دروازي کان ٻاهر ماڻهو خاموش بيٺل هئا. اوچتو ئي هن رڙ ڪئي. ”منهنجا ڀاءُ رسول! جيڪڏهن آءٌ وان نه وڃان ها ته ڪيڏانهن وڃان ها؟“
    عورت ڪمري ۾ ڌوڪي آئي. سئرن جيڪا پنهنجي جذبن کي روڪي نٿي سگهي، رڙين کي روڪڻ لاءِ آڱريون مهٽڻ لڳي. سرگس دري جي ڀرسان پنهنجي زال ورسينڪ ۽ کچاتر جو رستو روڪيو بيٺو هو.
    ”هن کي کڻي وڃ،“ گيگم پنهنجي وڏي ننهن ساتنڪ کي چيو، جيڪا ڏاڙهون جو رس کڻي آئي هئي. هن پنهنجو دلو بالڪوني ۾ رکيو ۽ نتيجي ڪڍڻ واري انداز ۾ چيو، ”تون سمجهين ٿو ته آءُ هتي موجود سڀني مان خراب آهيان.“
    ”ساتنڪ!“ هن جي مڙس کچا تر کيس تنبيهه ڪئي. هوءِ پنهنجن گوڏن تي مڪون هڻي هن کي چوڻ واري هئي ”آءٌ گيگم ايرڪ کان پوءِ سڀني کان گهر ۾ وڏي آهيان!“ پر کچاتر جي مداخلت تي هن غصي مان اکيون لال ڪندي چيو: ”آءٌ تنهنجي زبان ڇڪي ٻاهر ڪڍنديس.“
    ورسينڪ سئرن کي ڏاڪڻ لهڻ ۾ مدد ڪئي. ساتنڪ اُنهن جي پويان ويئي. ٽيئي عورتون کوهه جي ڀرسان ويهي رهيون. تڪليف پهچائيندڙ پوسل ۽ مايوسي پيدا ڪندڙ خاموشي، ٽنهي کي هڪ ٻئي جي ويجهو اچڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ هر ڪنهن جي پنهنجي زندگي هئي. پر پوءِ به اُهي ٽيئي پاڻ ۾ ڏيراڻيون هيون ۽ دنيا جي ڪا به طاقت اُنهن جي وچ ۾ ويڇو وجهي نٿي سگهي. اُنهن جا ور پڻ اُنهن جي ويجهو ٿي ويٺا ۽ خاموشي سان سگريٽ جا ڪش هڻن لڳا. آسمان بلڪل نيرو هو ۽ اُن ۾ ڪبوتر اُڏامي رهيا هئا. باغ جي ڀرسان لوڙهي کان لنگهندڙ واٽهڙو، جنهن جو پاڇولو لوڙهي تي پئجي رهيو هو، اِهو معلوم ٿيڻ تي ته هن گهر ۾ هڪ ماڻهو زندگي جا آخري ساهه کڻي رهيو آهي، ڇا سوچيندو هوندو.؟
    ٽيوٽي هن وٽ آئي هئي. هنجون اکيون خوشي مان کلي ويون. هن ڏانهس وڃايل هرڻي جيان نهاريو. اُهي پاڻ ۾ وان جي ڳوٺاڻن وانگر مليا ۽ بلڪل خاموش هڪ ٻئي کي ڏسندا رهيا. ايئن ٿي لڳو ته سندن خاموش لڙڪ، دنيا جي گوڙ ۽ فساد کي وهائي ويندا.
    اِها بهار جي هڪ برساتي رات هئي. ڪنهن چڪي جي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي. ”ڪير ٿي سگهيو ٿي؟“
    ”ڪير آهي؟“ گيگم رڙ ڪئي. جيڪڏهن تون خراب نيت سان آيو آهين ته هليو وڃ!“
    ڪو به جواب نه آيو پر ٺڪ ٺڪ اڃان به ٿي رهي هئي. در حقيقت ڪوئي دروازي کي ايترو ته زور سان ڌڪ هڻي رهيو هو، جو اُهو ڀڄي به سگهيو ٿي. گيگم پنهنجي ڪهاڙي کنئي ۽ دروازو کوليو. ٻاهر ڪو به بدمعاش ماڻهو بيٺل ڪو نه هو. پر بارش ۾ پسيل جپسي ڇوڪري بيٺي هئي. هنجيون اکيون سايون هيون ۽ ٻنهي ڀرن جي وچ ۾ سائو نشان ۽ بت تي سائو وڳو پهريل هوس. هوءِ اندر ڊوڙي. هن هڪ هٿ دل تي دٻائي رکيو هو ۽ ٻئي هٿ سان اوندهه ڏي اشارو ٿي ڪيو. پريئين ڀر ترڪ بلو چوگن ۾ ويٺل هئا. اُنهن مان هڪڙي رڙ ڪئي. ”او جانڊاهي! ڇوڪري کي ٻاهر ڪڍ نه ته اسين تنهنجو گهر اُجاڙي ڇڏينداسين!.“
    گيگم کي من ۾ آيو ته هو هنن کي ورندي ڏي ته ”توهان ڀل ڪوشش ڪري ڏسو! ڪتئو! آءٌ توهان کي سڃاڻان ٿو. آءٌ وان جو رهواسي آهيان. مون توهان کي پنهنجو گهر اُجاڙيندي سڃاڻي ورتو هو. توهان ئي کچا تر ايرڪ کي ماريو ۽ منهنجين ڀيڻن کي جهنڊن کان جهلي گهليو هو.“
    ”پر ڇا هو اِهو سڀ ڪجهه چئي سگهيو ٿي؟“
    هن پنهنجي ڪهاڙي هوا ۾ لهرائي ۽ رڙ ڪري چيو، ”توهان منهنجي گهر ڏي ميري اک کڻي نهاري ته ڏيکاريو، آءٌ توهان جو اهڙو حشر ڪندس جو توهان جا وڏا به قبر مان ڇرڪ ڀري اُٿي ايندا.“
    پريئين ڀر ويٺل سپاهين پاڻ ۾ سس پس ڪئي ۽ پوءِ اُنهن مان هڪڙي هڪل ڪري چيو، ”او جانڊاهي اسان توکي ڏسي رهنداسين.“
    سائو لباس پهريل ۽ ٻنهي ڀرن جي وچان سائي نشان واري جپسي ڇوڪري ڊپ هارين اکين سان ڀت کي چهٽيو بيٺي رهي. گيگم هن ڏي چتائي نهاريو ڄڻ کيس پنهنجين اکين تي اعتبار ئي نه ايندو هجي. اُن کان پوءِ هن دربند ڪيو ۽ پنهنجي قميص کي ڳنڍ ڏيندي چيو، ”ڇوڪري ڊڄ نه، آرام سان ٿي ويهه، ڪير به توکي نقصان نه رسائيندو. تون ڪٿان جي آهين؟“
    ڇوڪري پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ پنهنجن چپن کي جنبش ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن ڪجهه نه لڳايو.
    ”شايد هوءِ ڊپ وچان نٿي ڳالهائي؟“ هن خيال ڪيو. ساڳئي وقت چڪي ۾ ڇرڇر جو آواز ماحول ۾ سر پکيڙڻ لڳو. بيد مشڪ کي بارش پسائي ڇڏيو هو ۽ ايئن لڳو ٿي ته پرهه نه ٿيندي. ڇوڪري کي اُتي ئي گهري ننڍ وٺي ويئي. گيگم هن کي ڀاڪر ۾ کنيو ۽ کٽ تي ليٽائي ڇڏيو. هن چاهيو ته هو سندس آلو لباس بدلائي پر هو شرم وچان ايئن نه ڪري سگهيو. اُن جي بدران هن پنهنجو گرم ڪمبل ڇوڪري مٿان پائي ڇڏيو.
    هن کي هڪ ڏينهن اڳ چيئرمين سان ڪيل گڏجاڻي ياد نه پئي ۽ نه ئي اُهو ڪجهه جيڪي هن اُتي ڳالهايو. هن کي اهو به ياد نه آيو ته اِهو ڪنهن چيو ته، ”تون ڪيڏي مهل باغ ڏسڻ ويندين؟“
    پر گيگم کي اُها برساتي رات ۽ هن جي ننڍي گهر ۾ چٽجي ويل منظر اڄ به ياد پيو ٿي.
    بهار جي پرهه نيٺ ڦٽي.... رات جو ڪڪر پنهنجا آخري ڦڙا به وسائي گم ٿي ويا. گيگم باغ ۾ ويو. هن پهرين لمندڙ بيد مشڪ ڏانهن نهاريو جيڪو بارش ۾ ڀنل ڇوري جيان لڳو ٿي، ۽ پوءِ پنهنجي دنيا ڏانهن جنهن تي هن جا ڇهه سو تومان خرچ ٿيا هئا. ۽ پوءِ هن وان بابت سوچيو.
    ”کچا ترايرڪ“!. گيگم ڏاڍيان ڳالهايو. ”توکي گهر ۾ هڪڙي سٺي بندوق رکڻ گهربي هئي نه ڪه ڪهاڙي ۽ شراب!“
    جپسي ڇوڪري ندي ڪناري هلي رهي هئي.
    ”گڊ مارننگ ڀاءُ جانڊاهي.“ هن وٽس ويجهو ايندي چيو، ”هنن سوئرن کان منهنجي ڌي کي بچائڻ لاءِ آءٌ نهايت شڪر گذار آهيان.“
    ”ڇا هوءِ تنهنجي ڌي آهي؟“
    ”ها منهنجي اڪيلي ڌي“ عورت ڏکهاري لهجي ۾ چيو. ”هوءِ ڳالهائي ۽ ٻڌي نٿي سگهي.“
    ”ڇا هن کي پيءُ ڪونهي؟“
    ”هو جڏهن کان ڏکڻ ويو وري واپس نه موٽيو.“
    گيگم ٿوري دير لاءِ سوچيو ۽ پوءِ پڇيو، ”ڀلا توهين هتي ڪيئن آيا؟“
    ”آءٌ پنهنجي ڌي لاءِ آئي آهيان. هاڻ اسين پنهنجي ڪئمپ پٽي ڏکڻ وڃي رهيا آهيون.“
    ”ڇاجي لاءِ؟“
    ”ڪم ڪرڻ لاءِ. هينئر ڏوڏي جي لاباري جي منڌ آهي ۽ اسان جپسين لاءِ هتي ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي.“
    ”تنهنجي ڌي جو نالو ڇا آهي؟“
    ”ٽيوٽي.“
    اُن وقت چڪي جو دروازو کليو. هوءِ پنهنجي ماءُ کي ڏسي ديوار جي ڀر بيهه رهي. هن هڪ هٿ سان دل کي دٻائي رکيو هو ۽ ٻيو هٿ غصي مان لوڏي ڄڻ چئي رهي هجي ”نه! نه!“
    هن جي ماءُ ساڻس ڳالهايو پر هن پنهنجو هٿ وري هوا ۾ لهرايو.
    ”هوءِ توسان هلڻ نٿي چاهي.“
    ”آءٌ اِهو ڏسان پيئي. پر آءٌ ڇا ڪريان؟ ڪتا هن جي تاڙ ۾ آهن. جيڪڏهن هنن سوئرن پنهنجون اکيون هن تي کنيون ته اهي هن جون آخري گهڙيو هونديون.“
    ”آءٌ هنن کي ٽيوٽي جي ويجهو به اچڻ نه ڏيندس. آءٌ هنن جي کل لاهي ڇڏيندس.“ گيگم ڪاوڙ مان چيو. ”هن کي هتي رهائي. ٿي سگهي ٿو ته هن کي ڪوئي ريڊار ملي وڃي، جيڪو هن سان شادي ڪري وٺي. هي ڏاڍي خوبصورت آهي.“
    عورت وري ڏکهاري لهجي ۾ مرڪيو“ ڪير ٻوڙي ۽ گونگي زال رکڻ پسند ڪندو؟“ هن رومال سان پنهنجا لڙڪ اُگهيا ۽ اُٿڻ لڳي.
    ”ترس.“ گيگم رڙ ڪئي. هن پنهنجو ٻٽون کوليون ۽ هن کي ڪجهه پئسا ڏيندي چيو ”هي توکي ضرورت جي وقت ڪم ايندا.“
    ”نه ڀاءُ مهرباني. مون وٽ ڪافي پئسا آهن.“
    هوءِ ڪجهه قدم اڳتي ويئي ۽ وري پوئتي موٽي. هن آڱر مان فيروزي ٻڙي واري منڊي لاٿي ”جي خدا ڪري ۽ ٽيوٽي جي شادي ٿئي ته هن کي هي منڊي ڏجانءِ ۽ جيڪڏهن مري وڃي ته هن جي قبر ۾ رکجانءِ.“
    گيگم کي سمجهه ۾ نه آيو ته هو ڇو عورت سان گڏ ڪنڌ هيٺ ڪري هلڻ لڳو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو. اُهي جڏهن بيدمشڪ جي وڻ وٽ پهتا ته هو بيهه رهيو ۽ پٿر تي ٿي ويٺو. جپسي عورت اکين کان اوجهل ٿي ويئي. هو گهڻي دير تائين اُتي ويٺو رهيو ۽ ڪئين خيال هن جي ذهن ۾ ڦرڻ لڳا. اهي خيال خدا طرفان ٺاهيل هن نامڪمل دنيا بابت هئا، جنهن ۾ اسين رهون ٿا. هن جي ذهن ۾ خيال سئنيما جي اسڪرين تي هڪ ٻئي جي پويان تبديل ٿيندڙ سلائڊن جيان نروار ٿي رهيا هئا. ”اسان کي ڇو ٿو ڏوهه ڏنو وڃي؟ اسان جا گهر ڇو ٿا جلايا وڃن؟ ڇو اسان جي عورتن جي عصمت دري ڪئي وڃي ٿي؟ اسان جا ماڻهو ڇو ٿا ماريا وڃن؟ اسان سڄي دنيا ۾ ڇو دربدر ڪيا وڃون ٿا؟ ڇو سج جي ڪرڻن جهڙي سهڻي ٽيوٽي گونگي ۽ ٻوڙي ٿي ڄمي ٿي؟ ڇو جپسي هي جوان کيت ۽ باغ ڇڏي لڏين ٿا؟ ۽ هي بيدمشڪ ۽ بهڻ جا مست هوائن جا جهولا ڇڏي تپندڙ سج ۾ ڏوڏي کي چونڊڻ لاءِ ڏکڻ ڏي اُسهن ٿا؟ ڇا اِها بدمعاشي ڪونهي؟ ۽ جيڪڏهن ڪو حقيقت پسند آهي ته ٻڌاءِ؟ هن دنيا جي تخليق جو ڇا اِهو مقصد آهي؟“
    ”اهو ٺيڪ ته ناهي!“
    هن جا پٽ آواز تي ڊوڙندا اندر آيا. سئرن پنهنجا هٿ ڪرتي سان اُگهندي داخل ٿي.
    ”اهو ٺيڪ ته ناهي!“ گيگم ايرڪ چيو، ”هن ۾ سبزباغ آهن، بهڻ جا وڻ آهن... بارش ۾ پسيل بيدمشڪ... کچا تر!“ هن رڙ ڪئي.
    ”آءٌ ويٺو آهيان بابا.“
    ”هر ڪو هليو وڃي. آءُ سمهڻ ٿو چاهيان.“
    سئرن اڪيلي روم مان وڃڻ جي همت نه ساري سگهي. هن دل ئي دل ۾ ڪنواري مريم جو پانڌ پڪڙيو ۽ ٻاڏايو، ”ڪنواري مريم گيگم ايرڪ کي موت کان بچاءِ هن کي اڃان ٿوري حياتي ڏي.“
    گيگم وري پنهنجي دنيا ۾ موٽي آيو. جڏهن هو چڪي تان واپس موٽيو ته هن ڏٺو باغ کي پاڻي ڏنو پيو هو. پوءِ...... راتيون بهارن جي جهونڪن سان مهڪي اُٿيون، روشنيون چڪي ۽ بهڻ جي وڻن مٿان پهرو ڏيڻ لڳيون ۽ اٽي جي ذرڙن مان ليئا پائيندڙ ٽيوٽي جون سايون اکيون خوبصورتي جو جادو ڄمائڻ لڳيون ۽ جيڪڏهن هو سائي ٽوپي پائي پهاڙن تي ٽهلي ٿي، ته پيار اُن کي ڀاڪرن ۾ ڀرڻ لاءِ پنهنجون ٻانهون ڦهلايون ٿي.
    ترڪ ڀرواري ڪناري تي وري ظاهر ٿيا. اُنهن مان هڪڙي رڙ ڪئي ”اوجانڊاهي! بهتر ٿيندو ته اسان کي ڇوڪري واپس ڪر نه ته توکي ڪهي ڇڏينداسين.“
    اهو پرڀات جو وقت هو ۽ سنهي ڦڙڦڙ پئجي رهي هئي. ڪجهه هارين ويجهي ڳوٺ کان اناج آندو هو. گيگم بارش ۾ بيٺو رهيو ۽ بلو پتلون پهريل ترڪن ڏي گهوريندو رهيو.
    ”اچو!“ هن رڙ ڪئي. ”آءٌ توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو.“ اُنهن هارين مان هڪڙو پوڙهو هو. اُن جي حليئي ۽ بيهڪ مان گيگم اندازو لڳايو ته هو وان جو ٿي سگهيو ٿي. شايد ان ڪري جو هو سڪل ڪاٺي جيان هو ۽ مسلسل پوئتان پي نهاريائين. ”ماڻهو پوئتي ڇو ٿا نهارين؟ شايد خدا جي زمين گول هئڻ ڪري؟ ۽ ان ۾ ڪو شڪ به ڪونهي ته جيڪڏهن توهان مسلسل پوئتان نهاريندئو ته سفر ختم ٿيڻ تي فقط پاڻ کي ئي ڏسي سگهندئو.“
    جيتوڻيڪ پوڙهو ماڻهو نه ئي آرمينين هو ۽ نه ئي وان جو رهواسي. هو ته ٻين هارين سان گڏ پنهنجو ان چڪي تي کڻي آيو هو. هو وڻ جي هيٺان ٿي ويٺو. ڪجهه تماڪ تري تي مهٽي پائپ ۾ پاتائين ۽ مزي سان پائپ دکائي دونهان ڪڍڻ لڳو.
    ”توهين ڪهڙي سبب ماڻهن ڏانهن ڇتن ڪتن وانگي نهاريو ٿا؟“ هن پريئين ڀر بيٺل سپاهين ڏانهن نهاريندي رڙ ڪئي، ”ڪتئو ڇو توهين پاڻ ۽ پنهنجي خاندان جي مسئلن ڏي ڌيان نٿا ڏيو؟“
    ترڪ سپاهي وات ڦاڙي ٽهڪ ڏيندا رهيا. گيگم چڪي ڏي نهاريندو رهيو. ٽيوٽي چڪي ڀرسان ويٺي رهي.“ مون کي خبر ناهي ته هاڻ رسول ڪٿي آهي؟ جنهن مون کي پنهنجي چت چور ڪائنات فقط ڇهه سئو تومانن ۾ وڪرو ڪئي. وري به هو ڪيڏو نه خوش نصيب آهي جو هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي.“ گيگم جيئن ئي پوڙهي هاري جي چهري ۾ نهاريو هن کي وري خيال آيو، ”وري به هو ڪيڏو نه خوش نصيب آهي جو هو هن دنيا ۾ اڪيلو ناهي. ساڻ رسول آهي، پوڙهو هاري آهي جنهن پري کان اناج آندو آهي ۽ ساين اکين واري ڇوڪري ٽيوٽي آهي جيڪا دنيا جو آواز اندر جي پاتال مان ٻڌي ٿي.“
    بهار ختم ٿي چڪي هئي. بادام جي وڻن پنهنجو جوڀن لٽائي ڇڏيو هو. گيگم چڪي جي ڇت تي ستو پيو هو. هڪ ڏينهن هن کي ننڍ نه آئي. تارا آسمان ۾ هڪ ٻئي کي اکيون ڀڃڻ لڳا، ڏور ڪناري تي ڪوئي ڳائي رهيو هو.
    ”آءٌ اهو رستو ڪڏهن ڳولي لهندس جيڪو منهنجي گهر تائين وڃي ٿو.“
    اُن ڏينهن هر شئي شيشي جيان شفاف ۽ روشن هئي. گيگم ندي تي ويو ۽ وهنجيو. چڪي تي اچي هن پنهنجي ڪاري پتلون ۽ اڇي قميص کنئي. هن مڇن ۽ مٿي جي وارن کي گلاب جي پاڻي سان ڌوتو ۽ ٽيوٽي کي چيو، ”هل ته شهر هلون. اسان کي ڪنهن سان ملڻو آهي.“
    اُهي ٻيئي پيدل نڪتا ۽ سونهري وڻن جي پاسن کان ٿيندا ڪاغذوان پهتا، جولاءِ جو سج مٽي هاڻن پنن مان ليئا پائي رهيو هو ۽ هوا اُنهن جي خوشبو کي دور تائين ڦهلائي رهي هئي.
    گيگم ٽيوٽي کي حاجي حبيب جي دڪان تي وٺي ويو ۽ رسيپشن تي ويٺل عورت کي چيو ته، ”جڏهن آءٌ هن کي وٺڻ اچان ته هوءِ بلڪل تيار هجي.“
    اُن کان پوءِ هو ڪاگرامن خان جي شراب خاني ۾ ويو. گيگم ٻن بوتلن جو آرڊر ڏنو. هن هڪڙي اُتي ئي پيتي اُن کان پوءِ هن سڀني کي خدا حافظ چيو ۽ در ڏانهن منهن ڪري اُٿيو. هن پائپ دکايو. آسمان ڪيڏو نه صاف هو.
    ٽيوٽي سائو وڳو پهريو هو. هن جا وارڪنگي ٿيل هئا ۽ ڪلهن تائين لڙڪي رهيا هئا. هن کي سائو چپل پاتل هو. هوءِ گلاب جي پاڻي سان وهنجي هئي ۽ چهري تي گلاب جي خوشبوءِ سان ڀرپور پائوڊر هنيو هئائين. گيگم پنهنجو کيسو کولي اُن مان سڪو ڪڍي ٽيبل تي اُڇلايو.
    هاڻ هو ٻيئي گڏوگڏ هلي رهيا هئا. گيگم ٽيوٽي کي چرچ جي ٻاهران بيهه سندس انتظار ڪرڻ جو اشارو ڪيو.
    جڏهن عبادت پوري ٿي چڪي. گيگم هو وانس پادري جي ويجهو آيو. ”تون خدا جي گهر ۾ دير سان پهتو آهين.“ پادري ائين چوندي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريو. ”آءٌ ته توکي معاف ڪري سگهان ٿو پر لارڊ نه.“
    ”خدا رحمدل آهي.“ گيگم اهو چوندي هيڏي هوڏي نهاريو. چرچ مان هاڻ عبادت گذار وڃي چڪا هئا. نائب پادري ميڻ بتيون لائي رهيا هئا.
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته تون ڪنهن ڪم سان آيو آهين!؟ ڪهڙو ڪم آهي؟“
    گيگم پنهنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ نرمائي واري لهجي مان چيو ”آءٌ چرچ ۾ شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    ”اهو نيڪ ڪم آهي. اڃان اُن جو وقت به آهي. ڇا تون ڪاگرامن جي ڌي سان شادي ڪرڻ چاهين ٿو؟“
    ”نه فادرۡ.“
    ”ته پوءِ رکئٽيو جي ڀيڻ سان!؟“
    ”نه! هوءِ عيسائي ناهي پر هوءِ جپسي ڇوڪري آهي. مون هن کي شينهن جي وات مان کسيو آهي ۽ هاڻ آءٌ هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    فادر هو وانس ڄڻ ٻوڙو بنجي ويو.
    ”ملر گيگم تنهنجو مذهب ڪهڙو آهي؟“
    ”مذهب؟“
    ”تنهنجي قوميت ڪهڙي آهي.“ فادر هو وانس رڙ ڪئي.
    ”آءٌ آرمينين آهيان. آءٌ عيسائي آهيان ۽ وان جو رهواسي.“
    ”ڇا دنيا ۾ ڪا عيسائي ڇوڪري توکي نظر ۾ نه آئي جنهن سان تون شادين ڪرين؟“
    گيگم ميڻ بتي مان اُٿندڙ دونهون ڏٺو جيڪو ور وڪڙ کائي سنهي ڪالم وٽان مٿي اُڀري رهيو هو. هن پٺيرو ئي چرچ کان ٻاهر قدم رکيو ۽ تڪڙو روڊ تي نڪري آيو. هن ٽيوٽي ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ چرچ جي اوچي ديوارون ڏانهن .
    ”فادر هو وانس سٺو ماڻهو ناهي“ هن سو چيو، ”پر ان جو اِهو مطلب ڪونهي ته چرچ صحيح ڪونهي.“
    ”هل ته هلون“.
    هڪ دفعو وري سونهري وڻن جو پاسو وٺي هو ٻيئي هلڻ لڳا. جولاءِ جو سج آسمان ۾ مٿي چڙهي آيو هو ۽ زمين تي پاڇولا ۽ گرمي پيدا ڪري رهيو هو. رستو ايئن لڳو ته ڄڻ اهو گيگم جي ڳرن قدمن هيٺان لتاڙ جي دفن ٿي ويندو.
    ”جڏهن پهاڙن مٿان رات جي چادر پرڙا ڦهلائيندي ته اسين پهچي وينداسين.“ هن سوچيو.
    جنهن مهل هو پهتا ته سنجها پهاڙن تي ريڙهيون پائي رهي هئي. گيگم پهاڙن جي چوٽي ڏي نهاريو. هن کي لڳو ته پهاڙن جي لاهين تي ٻيرن جي وڻن ۾ ڪيئن هرڻ ڀٽڪي پنهنجي مائرن کي ڳوليندا هوندا.
    ندي ڪاري ٿيندي ويئي. سنجها جي ٿڌڙي هير بيدمشڪ ۽ بهڻ جي وڻن کي ڄڻ وهنجاري هڪ ٻئي جي ويجهو ٿي آندو.
    ”هل ته ڇت تي هلون.“ گيگم ٽيوٽي کي چيو، ”اڄ اناج ناهي ڀل ته چڪي ساهي پٽي.“
    اُهي ٻيئي ڇت تي ويا. گيگم پنهنجو ٿيلهو کولي اُن مان فيروزي ٻڙي واري سوني منڊي ڪڍي. ٽيوٽي منڊي پاتي ۽ پنهنجو سر گيگم جي ڇاتي تي رکيو. ”آءٌ تنهنجي آهيان.“ ٻوڙي ۽ گونگي جپسي ڇوڪري اُن زبان ۾ ڳالهايو، جنهن کي دنيا دل جي زبان ڪوٺي ٿي.
    اُگهاڙو چنڊ پهاڙن جي مٿان اُڀري بهڻ جي ڊگهن وڻن هيٺان لڪي ويو.
    خدا جي مرضي سان کچاتر 1931ع ۾ ڄائو. گيگم بائبل جي اندريئين صفحي ۾ لکيو ۽ پوءِ هن ٽي دفعا پنهنجي پٽ کي صليب جو نشان لڳايو.
    سرگس 1933ع ۾ ڄائو.
    سمبت 1935ع ۾ ڄائو.
    خدا جي مرضي سان منهنجي دل جي قانون واري زال ٽيوٽي هن دنيا کي 1936 ۾ ڇڏيو. ڪو به پادري، هن جي لاءِ آخري رسمون ادا ڪرڻ نه آيو. مون پنهنجي پٽن سان گڏجي هن کي سومر تي دفن ڪيو.
    1939ع جي اونهاري ۾ آءٌ پنهنجن ٻارڙن کي ڪاغذوان خريداري لاءِ وٺي ويس. جڏهن واپس ٿياسين ته پنهنجي چڪي تباهه ٿيل ڏٺيسين. اهو ڪم بلو پتلون پاتل ترڪن جو ڪيل هو.
    مون رسول کي تهران ۾ ڏٺو. هو شراب ۾ ڌت هو ۽ پيالي ۾ اکيون کپائي شايد پنهنجي چڪي بابت سوچي رهيو هو. مون هن کي پنج تومان ڏنا ۽ چيو ”منهنجا بدنصيب ڀاءُ آءٌ پنهنجي ٻارن کي وٺي اباڻي ڌرتي ڏانهن وڃي رهيو آهيان.“
    جولاءِ 1946ع ۾ اسان پنهنجي پياري وطن آرمينيا پهتاسين. جيئن ته صفحي ۾ وڌيڪ جڳهه ڪا نه بچي هئي تنهنڪري هن پنهنجي اولاد جي شادين ۽ پوٽن پوٽين جي ڄمڻ جون تاريخون ڪنڊن پاسن کان لکيون ۽ جڏهن پورو صفحو ڀرجي ويو ته هن وڌيڪ داخلا رکڻ بند ڪئي.
    ”کچاتر جا پٽ گيگم! تنهنجي ياد ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي.“
    گيگم ايرڪ سوچيو. ”تو دنيا جي هر ڏس جو سفر ڪيو ۽ ڪنهن کي به نه رنجايو. تو ٻوڙي ۽ گونگي جپسي ڇوڪري سان شادي ڪئي ۽ هن سان زندگي جا ڇهه سال گڏ گذاريا ۽ فادر هو وانس، جيڪو هڪ خراب ماڻهو هو (خدا جي هن روح کي سڪون بخشي) جي مطابق جي اسان جي شادي خدا جي احڪامن کان انحراف جو نتيجو هئي ته پوءِ خدا اسان تي ڪيئن مهربان ٿئي ها!؟ ۽ اسان کي ٽي خوبصورت نهرون ٽي پٽ ۽ پنج پوٽا پوٽيون ڇو عطا ڪري ها؟“
    ”فادر هو وانس ڇا اِهو سڀ ڪجهه ڪافي ناهي؟“
    گيگم ايرڪ پنهنجون اکيون کوليون ۽ هڪ دفعو وري دري جي پردي پويان موت جي فرشتي کي بيٺل ڏٺائين. هن جي هڪ هٿ ۾ سائي بيدمشڪ جي ٽاري هئي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏانٽو هو.
    ”گيگم آءٌ اچي ويو آهيان.“
    ”مون پنهنجو فرض پورو ڪيو.“ گيگم چيو ”جيئن کچاتر ايرڪ ڪيو. ”جيڪڏهن تون چوين ٿو ته هن دنيا جي پويان ٽيوٽي منهنجو انتظار پئي ڪري ته آءُ ضرور هلندس. پر مون کي خبر ناهي ته منهنجي بدقسمت ڀاءُ رسول جو ڇا ٿيو؟ ۽ مون کي اِهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو هن وشال ۽ عظيم دنيا ۾ الائجي ڇو رسول پارن ماڻهن لاءِ جڳهه نٿا پيدا ڪن.“
    گيگم پنهنجون اکيون زور سان بند ڪيون. لڙڪ هن جي ڳلن تي ڪريا.
    مئي جي هڪ روشن ڏينهن ۾ هن جي اباڻي وطن آرمينيا جي شهر ميرگي ۾ هن جا پٽ، نهرون ۽ پوٽا پوٽيون ميڙڪيو ويٺا هئا. کچاتر جو پٽ گيگم ايرڪ وهاڻي تي ليٽيل هو.
    ***


    هڪ معمار جو موت

    ليو هو شيانگ

    وقت ۽ حالتون ڳوٺاڻي ٻار جي نرم ۽ نازڪ ڪلهن تي ننڍڙي ڄمار ۾ روزمره جي ذميوارين جو ٻوجهه وجهي ڇڏين ٿيون، جيڪو عام طور تي وڏپڻ ۾ پوڻ گهرجي. هو بهارن ۾ گاهه ڪري ٿو ۽ اونهاري ۾ فصل لڻي ٿو. هو گهر جي اڏاوت لاءِ سرون ڍوئي ٿو ۽ کيتن ۾ ڪسيون کوٽي ٿو. انهن حالتن ۾ ڪير هن کي اسڪول موڪلڻ چاهيندو؟ پر شهر مان هڪ سرڪاري حڪم جاري ٿئي ٿو ته، جيڪو به گهر جو وڏو پنهنجن ٻارن کي جيڪي ڇهن سالن جي عمر کان مٿي ٿي چڪا آهن، اسڪول نه موڪليندو ته ان کي جيل موڪليو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ڪهاڻيءَ جو هيرو، جيڪو هڪ ڳوٺاڻو ٻارڙو آهي، مائٽ ان کي اسڪول موڪلين ٿا.
    اسڪول مان پهريئين ڏينهن هو اٺن ڪتابن ساڻ گهر واپس موٽيو. هن جو ڏاڏو، ڏاڏي، ماءُ ۽ پيءُ هن جي چوگرد مڙي آيا ۽ اسڪولي ڪتابن جي تصويرن کي حيرت سان ڏسڻ لڳا.
    ”تصويرن ۾ ڏيکاريل ماڻهو چيني نٿا لڳن!“ هن جي پيءُ اوچتو ڏاڍيان ڳالهايو. ”غور سان ڏسو! انهن مان ڪنهن کي به اهڙا ڪپڙا پهريل ناهن جهڙا پاڻ پهريون ٿا. هنن کي چمڙي جا بوٽ پاتل آهن. اهو ولايت ۾ رواج آهي. هنن تصويرن کي ڏسي مون کي شهر جي گهٽين ۾ پرچار ڪندڙ پراڻا پادري ياد اچن ٿا.“
    ”تصوير ۾ چرخي تي سٽ ڪتيندي ڏيکاريل عورت پڻ ولايتي لڳي ٿي.“ ڏاڏي چيو ”اسين چرخو هلائڻ مهل ساڄو هٿ استعمال ڪندا آهيون. جڏهن ته هوءَ کاٻي هٿ سان چرخو هلائي رهي آهي.“
    ”جيڪڏهن اها عورت ولايتڻ لڳي ٿي، ته هي ڊرائيور پڻ چيني ڪو نه ٿو لڳي.“ ڏاڏي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ”ڇا توهان ڪڏهن چيني ڊرائيور کي گاڏيءَ جي پاسي کان ايئن بيٺل ڏٺو آهي جيئن هن فوٽو ۾ نظر اچي ٿو؟“
    ”سائين چوي ٿو هنن ڪتابن جي قيمت هڪ ڊالر ۽ ويهه سينٽ آهي.“ ٻارڙي ڪتابن ۾ نظرون وجهندي اوچتو ڳالهايو. هن جي ڳالهه سڀني جون متيون منجهائي ڇڏيون.
    ڏاڏي انهن مان سڀ کان پهرين پنهنجو ردعمل ظاهر ڪيو، ”هو يقينن چاهيندا ته اسان پهرين ڪتابن جي قيمت ادا ڪريون ۽ پوءِ ٻارڙي کي اسڪول موڪليون. ٻارڙي کي اسڪول ويندي اڃا مس هڪ ڏينهن ٿيو آهي ۽ هتي اسان جو هڪ ڊالر اڳ ئي خرچ ٿي چڪو آهي. ڀلا هيڏي مهانگي تعليم ڪير برداشت ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن اسان اڌ سال بنا بتيءَ جي روشني جي گذاريون ۽ مڪائي جا گهٽ ۾ گهٽ اٺ مڻ وڪڻون ته به ايترا پئسا گڏ ڪري نٿا سگهون. منهنجي خيال ۾ پڙهائي جي شروعات ۾ هڪ ڪتاب ڪافي آهي. جڏهن هو اهو ڪتاب پورو ڪري ته پوءِ هن کي ٻيو ڪتاب وٺي ڏجي.“ ڏاڏي چيو.
    ”آخر هي ڪتاب ايڏا مهانگا ڇو آهن جڏهن ته انهن جي هر صفحي تي هڪ تصوير سان گڏ فقط ٽي چار سٽون لکيل آهن!“ ڏاڏي ڳالهه جاري رکي. ”جنتري جنهن ۾ ڪافي مواد آهي ۽ ڇپائي به سٺي ٿيل آهي ته به اُن جي قيمت فقط پنج سڪا آهي. پوءِ هي ڪتاب هڪ ڊالر کان به وڌيڪ مهانگو ڇو؟“
    ڪتاب جيڪي ڪجهه گهڙيون اڳي هنن عجيب حيرت مان پي ڏٺا. انهن لاءِ پريشاني جو سبب بنجي ويا. ٻارڙي جي مائٽن ان مسئلي کي سڀ کان اوليت ڏيندي سارو ڏينهن بحث ڪيو ۽ ان نتيجي تي پهتا ته اسان کي بنا ڪنهن انا ڪاني جي اها رقم ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪا پهريون ڀيرو گهري ويئي هئي. رقم جو پورائو ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو ٿيو ته ويجهڙائي ۾ ٻارڙي جي ماءُ کي جيڪي پئسا ڪنن جي والين جي وڪري مان مليا هئا، انهن مان ڪتابن جي قيمت ڀري وڃي.
    ٻارڙي جي پيءُ ٻارڙي کي نصيحت ڪندي چيو، ”تون هاڻ نون سالن جو ٿي چڪو آهين، جلد ئي وڏو ٿي ويندين، جيتوڻيڪ اسان کي توکي پڙهائڻ جي سگهه ڪونهي تڏهن به پيٽ تي پٿر رکي توکي اسڪول موڪليون ٿا، ان جي باوجود جي تون نه پڙهندين ته ڏاڍو پڇتائيندين.“
    ٻارڙي پنهنجي پيءُ جي هدايتن کي هنيئين سان هنڊايو ۽ ٻي ڏينهن اسر ويل اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. جڏهن هو اتي پهتو ته پٽيوالي هن کي چيو. ”ڪلاس نوين بجي کان اڳ شروع نه ٿيندا. جڏهن ته هينئر صبح جا ساڍا پنج ٿيا آهن. تون ڪافي سويل آيو آهين. جيئن ته استاد اڃان ننڊ ۾ آهي تنهن ڪري ڪلاس روم به هاڻي کلي نه سگهندا. بهتر آهي ته هن وقت تون گهر هليو وڃ. ٻارڙي اسڪول جي گرائونڊ کي ڏٺو ۽ هن محسوس ڪيو ته ان وقت اتي هو اڪيلو شاگرد هو. دري مان استاد جي کونگهرن جو آواز اچي رهيو هو. هن اسڪول جي چوگرد چڪر هنيو پر ڪو به در کليل نه ڏٺائين. سواءِ گهر وڃڻ جي هن وٽ ٻيو ڪو به چارو نه هو. هن جي ڏاڏي اڱڻ کي ٻهارو پي ڏنو ته اوچتو سندس نظر ٻارڙي تي پيئي. ”ان ٻارڙي کي عالم بنائڻ جي ڪهڙي ضرورت جنهن لاءِ قدرت نصيب ۾ گڏ ڪڍڻ لکي ڇڏي هجي!؟ ڏسو اڃان اسڪول ويندي مس ٻيو ڏينهن ٿيو آهي جو هي گسائڻ لڳو آهي.“ ٻارڙو اڃا پنهنجي صفائي پيش ڪري ئي ڪري جو ماڻس هن کي ٻه زودار چماٽون وهائي ڪڍيون ۽ کيس نيرن لاءِ ڪاٺين ٻارڻ جو حڪم ڏنو. اهو چوڻ اجايو هو ته ڪتابن تي هنن جيڪا ڳري قيمت خرچ ڪئي هئي سندن موڊ خراب ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي.
    جڏهن ٻارڙو ناشتي کان پوءِ ٻيهر اسڪول پهتو ته استاد جيڪو اڳيئي ڊائس تي بيٺل هو ”اسڪول ليٽ اچڻ“ جي موضوع تي ليڪچر ڏيئي رهيو هو. وڌيڪ سادي نموني سمجهائڻ لاءِ هن مثال طور هڪ ننڍڙي ۽ معصوم پريءَ جي آکاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي، جيڪا رستي جي پاسي ۾ سونن سڪن جي ڀريل ٿيلهي ساڻ رکيو ويٺي هئي ۽ هن اها سونن سڪن سان ڀريل ٿيلهي ان اجنبي کي ڏيڻ چاهي ٿي. جيڪو سڀ کان سويل پهچي. اسان جو هيرو ان قصي کان ڏاڍيو متاثر ٿيو ۽ هن کي لفظ پري ۽ سون جي سڪن پاڻ ڏي ڏاڍو ڇڪيو. پر هو استاد جي ٻڌايل آکاڻي مان اهو سمجهي نه سگهيو ته سويل پهچڻ مان هن جي ڇا مراد هئي؟.
    ٻنپهرن جو ساڍي ٽين وڳي اسان جو ننڍڙو هيرو اسڪول مان واپس گهر پهتو. ان مهل هن جو پيءُ کيتن ڏانهن ٻيهر وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو. خوشقسمتيءَ سان سندس پيءُ ٻين ٻارڙن کي به اسڪول مان موٽندي ڏٺو جن سان گڏ استاد جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ نيٽ هو پڻ اچي رهيو هو. هن جي پيءُ کي يقين اچي ويو ته سندس ٻارڙو گوسڙو نه هو. بهرحال هن کي ان ولايتي اسڪول جي طور طريقن تي حيرت ضرور ٿي.
    ٻارڙي جا اسڪول ۾ پهريان ڇهه ڏينهن پهريئين سبق جي پڙهڻيءَ ۾ گذريا. اهو سبق هو ”هيءَ آهي امڙ.“ اهو نٿو چئي سگهجي ته ٻارڙو ڪو موڳو هو. هو روزانو اسڪول کان پوءِ سبق جو دور ڪندو هو. ”هي آهي امڙ.... هي آهي امڙ“ سبق جو دور ڪندي هن کي نما شام ٿي ويندي هئي. کاٻي هٿ ۾ ڪتاب جهلي ساڄي هٿ سان ڪتاب جي سٽن تي هٿ ڦيرائيندي ۽ ڪنڌ کي جهولائيندي حاضر دماغي سان سبق جو ايئن ورد ڪندو هو ڄڻ هن کي ڊپ هو ته متان نظرون ۽ ڌيان هٽائڻ سان ڪتاب جون سٽون پر ڪري اڏامي هن کان ڪوهين ڏور نه هليون وڃن.
    هو هر وقت دور ڪندو هو. ”هي آهي امڙ“ هن جي ورجاءَ تي هن جي ماءُ جي دل ڀرجي ايندي هئي. لڳاتار پنج ڏينهن هن جي ڪنن ۾ اهو آواز ٻرندو رهيو. ڇهين ڏينهن هو وڌيڪ برداشت ڪري نه سگهي. هن ٻارڙي جي هٿ مان ڪتاب کسيندي چيو ”مون کي ڏسڻ ڏي ته تنهنجي ماءُ ڪهڙي آهي؟“ اهو سوچيندي ته سندس ماءُ اهو ڄاڻندي خوشي محسوس ڪندي ٻارڙي سبق سان لاڳاپيل عورت جي تصوير، جنهن کي ڊگهي ميڪسي ۽ چمڙي جو بوٽ پاتل هو ۽ وار گهنڊيدار هئا، تنهن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”هي آهي امڙ.“ٻارڙي جي ماءُ کي رڙ نڪري ويئي. ٻارڙي جي ڏاڏي، ڏاڏو ۽ پيءُ ڏڪي ويا ۽ سمجهين ته شايد هن تي شيطاني قوتن حملو ڪيو آهي. پهرين هن فقط رڙيون ڪيون ۽ ڪجهه نه ڳالهايو. پر جڏهن هنن کائنس رڙين جو ڪارڻ پڇيو ۽ زور ڀريو ته هن چيو، ”آخر هي ٻارڙو هن ڏائڻ ماءُ سان ڪٿي مليو آهي.؟“
    جڏهن هنن مايوسي جو ڪارڻ ڄاڻي ورتو ته پيءُ چيو، ”اسان ٻارڙي کي چونداسين ته هو استاد کان پڇي ته هوءَ ڪنهن جي ماءُ آهي. ٿي سگهي ٿو ته استاد جي ماءُ هجي!؟“
    ٻي ڏينهن اسر کان اڳ ماءُ پٽ کي اٿاريو ۽ کيس اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ڪيو ۽ کيس استاد کان سبق واري ماءُ بابت جواب پڇڻ جي هدايت ڪئي، جنهن سڄي رات کيس پريشان ڪيو هو. ٻارڙو اسڪول مان موٽي آيو ۽ ماءُ کي ٻڌايائين ته اڄ آچر هئڻ سبب اسڪول بند هو. ٻيو ته استاد اڳين رات جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ شراب پيئڻ سبب گهري ننڊ واري حالت ۾ هو، جنهن ڪري هو کائنس سوال جو جواب پڇي نه سگهيو. ماءُ ٻارڙي جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو دکي ٿي ۽ آچر جي موڪل هئڻ تي خفا پڻ ٿي.
    سومر تي اسيمبلي ۾ استاد اسڪول جي قاعدن ۽ قانون تي روشني وجهندي چيو ته، ”جيڪو به سکڻ چاهي ٿو ان کي سوال پڇڻ کان ڪڏهن به ڊڄڻ نه گهرجي. جنهن به شاگرد جي ذهن ۾ جڏهن به ڪو سوال اڀري ته کيس اهو سوال استاد کان اسڪول ۾ يا مائٽن کان گهر ۾ ضرور ڪرڻ گهرجي.“ اهوئي سبب آهي جو اسان جو هيرو اٿي بيٺو ۽ استاد کان سوال پڇيائين ته، ”سائين ڪتاب ۾ سبق آهي ته ”هي آهي امڙ.“ پر اصل ۾ هوءَ ڪنهن جي ماءُ آهي؟“ استاد پهرين کان وڌيڪ آهستي ڳالهايو. ”اها هر ان جي ماءُ ٿي سگهي ٿي جيڪو هي ڪتاب پڙهي ٿو. هاڻي تو سمجهيو؟“
    ”نه“ ٻارڙي وراڻيو. هن جي جواب استاد کي ٿوري دير لاءِ پريشان ڪري ڇڏيو. پر هن صبر مان چيو، ”آخر تون سمجهين ڇو نٿو؟“
    ”هي ٺوڙهو ٻارڙو به جيتوڻيڪ اهو سبق پڙهي پيو پر هن جي ماءُ ڪتاب واري ماءُ جهڙي ڪا نه ٿي لڳي.“
    ”هن ٺوڙي جي ماءُ هڪ ٻانهن کان جڏي ۽ ڪاڻي آهي.“ ٻارڙي جي هم ڪلاسي هوشلين ڳالهايو.
    ”۽ توکي ڪا به ماءُ ڪونهي. هو ءِ گهڻو اڳي مري ويئي.“ ٺوڙهي ٻارڙي پنهنجي بچاءُ ۾ چيو.
    ”پنهنجو پاڻ ۾ نه اٽڪو.“ استاد بورڊ صاف ڪندي چيو، ”اسين هاڻ نئون سبق شروع ڪريون ٿا.“ استاد ڪتاب ۾ مرد جي تصوير جنهن جي نڪ تي چشمو ڍرڪيل هو. اشارو ڪندي پڙهيو. ”هي آهي بابا.“
    ٻارڙي جي اسڪول ورڻ کان پوءِ ماءُ ان ڪتاب واري ماءُ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان هئي، جو هن جي ڪنن تي ٻارڙي جو آواز پيو. ”هي آهي بابا“ هو نئين سبق کي سر ۾ جهونگاري رهيو هو. نئين سبق جو دور ٻڌندي ٻارڙي جي ماءُ ٻارڙي کان ڪتاب واري ماءُ بابت پڇڻ جي همٿ نه ساري سگهي. ڇاڪاڻ جو هن کي ڊپ اچي ورايو ته، متان سندس مڙس اهو ڄاڻڻ چاهي ته هن پنهنجي پٽ لاءِ ڪڏهن کان نئون پيءُ هٿ ڪيو آهي؟ هو پريشان ۽ حيرت زده هئي ته آخر ڪتاب۾ پيءُ ۽ ماءُ تي ڇو ٿو زور ڏنو وڃي جڏهن ته اهي سڀني کي اڳيئي آهن.!؟
    ٻي ڏينهن ٻارڙن ٻه نوان جملا سکيا، ”ڍڳو باهه وسائي ٿو“، ”گهوڙو سيويون کائي ٿو.“ هن ڳوٺ ۾ تمام گهڻا جانور ڏٺا هئا. خود به مال چارڻ ويندو هو. پر هن ڪڏهن به ڪنهن گهوڙي کي سيويون کائيندي ۽ ڍڳي کي باهه وسائيندي ڪو نه ڏٺو هو. ان ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي هئي؟ هن کي سمجهه ۾ نه آيو. پر ڇا ڪتاب به غلط ٿي سگهيو ٿي؟ جيئن ته هن جي اندر ۾ اڀرندڙ سوالن جا وٽس جواب نه هئا ان ڪري هن استاد جي گذريل هفتي اسيمبلي ۾ ڪيل هدايتن جي پوئواري ڪندي پنهنجي پيءُ کان ان بابت پڇيو. پيءُ چيو. ”آءٌ هڪ دفعي ولايتي سرڪس ڏسڻ ويو هوس. مون اتي هڪ گهوڙو ڏٺو، جيڪو گهنڊ وڄائي ۽ بندوق هلائي سگهيو ٿي. شايد ڪتاب ۾ انهن گهوڙن ۽ ڍڳن جو ذڪر ڪيل ٿو ڏسجي.“
    ٻارڙي جي ڏاڏي ان وضاحت سان متفق نه ٿي ۽ چيو. ”اهو ڍڳو جنهن جو ڪتاب ۾ ذڪر آهي اهو ڪو عام ڍڳو ناهي. دراصل ۾ اهو شيطان آهي ۽ گهوڙو اصل ۾ راڪاس جو روپ آهي. توهين شايد بي خبر آهيو. انهن کي ماڻهن جهڙا ڪپڙا پاتل هوندا آهن. انهن اڃا تائين انسانن لاءِ پنهنجي ذهنيت تبديل ناهي ڪئي.ايئن ڪرڻ لاءِ به هنن کي اڃا گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو سال کپن.“ ڏاڏي پنهنجي ڳالهه کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ انهن ديون جا قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا، جيڪي هوائن کي قيد ۽ بارش تي حڪم هلائي سگهيا ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻارڙي کي سڄي رات خواب ۾ بگهڙ جي کل پاتل ديو نظر اچڻ لڳا، جن جي خوف کان هو رڙيون ڪري جاڳي ٿي پيو.
    ٻي ڏينهن هن استاد کان پڇيو ”ڇا هي ولايتي ڍڳو آهي جيڪو باهه وسائي سگهي ٿو؟“
    استاد کلي ڏنو ۽ چيو ”تون لفظي معنيٰ ٿو ڪڍين. ڪتاب ۾ فقط اُنهن شين کي اڀاريو ويو آهي. اهو سچ ناهي ته ڪو ڍڳو به باهه وسائي سگهي ٿو. ۽ گهوڙو سيويون کائي ٿو.“
    استاد جي ڪيل تشريح ٻارڙي کي هڪ پل لاءِ مطمئن ڪيو. پر ڪتاب ۾ آيل ڪافي ڳالهين هن کي منجهائي وڌو. ڊبل روٽي، کير، بال، باغيچي ۽ ٻين شين بابت ڪتاب ۾ جنهن ريت ذڪر ٿيل هو، هن عام زندگي ۾ انهن کي ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيو هو، جو هن کي انهن تي حيرت ٿئي. هو ان نتيجي تي پهتو ته شايد ڪتاب پنهنجي طريقي سان شين جي اهميت ۽ حيثيت مڃرائي ٿو.
    ٻئي ڏينهن اسڪول جي استاد تجويز ڪيو ته ٻارڙا چانهه پارٽي جو ايئن انتظام ڪن جيئن ان جو ڪتاب ۾ ذڪر آهي. طئه ٿيو ته اڳيئين ڏينهن هر ڪو ويهه سينٽ آڻي، جيئن شهر مان نارنگيون، صوف، چاڪليٽ، بسڪيٽ ۽ ٻيون شيون گهرائي سگهجن. اسان جي هيري ڄاتو ٿي ته هو انهن شين لاءِ مائٽن کان پئسا گهري ڄڻ مار کي دعوت ڏيندو. جڏهن هو ڪاپين لاءِ پئسا گهرندو هو ته، هن جي ڏاڏي ڪرڪندي چوندي هئي ته ”اسڪول اسان جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي.“ پر ڪتاب ۾ ڇپيل چانهه پارٽي جي تصوير اڏامي هن جي ننڍڙي دماغ ۾ آکيرو ٺاهي ورتو هو. هو پاڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ فيصلو ڪري ورتائين ته هو پنهنجي ماءُ کان انهن پئسن مان ڪجهه گهرندو، جيڪي هن پنهنجا زيور وڪڻي گوبيءَ جو ٻج وٺڻ لاءِ گڏ ڪيا هئا.
    ٻارڙي جو ڏاڏو ڊگهي عرصي کان کنگهه جو مريض هو. ڪنهن هن کي ٻڌايو هو ته نارنگين جا ٻج هن کي کنگهه ۾ فائدو ڏيئي سگهيا ٿي. جيئن ته چانهه پارٽي ۾ نارنگين جو به ذڪر هو، ان ڪري هن سوچيو ته ڏاڏي جو طرف حاصل ڪرڻ لاءِ بهتر ٿيندو ته ڳالهه کي اتان کان شروع ڪجي. ٻارڙي چيو ”اسين ڪجهه نارنگيون خريد ڪنداسين.“
    ”تون نارنگيون وٺندين؟“ ڏاڏي پڇيو، ”پر ڇاجي لاءِ؟“
    ”اسين هڪ چانهه پارٽي ڪرڻ چاهيون ٿا.“ ٻارڙي وراڻيو.
    ”چانهه پارٽي ڇا هوندي آهي؟“
    ان جو مطلب آهي ته اسين گڏ ويهنداسين ۽ گڏجي چانهه پيئنداسين.“ ٻارڙي چيو، ”اهو ڪتاب ۾ لکيل آهي.“
    اهو ڪهڙي قسم جو ڪتاب آهي جنهن ۾ يا ته جانورن جي ڳالهائڻ بابت لکيل آهي يا وري سيکاريل آهي ته ڪيئن کائجي پيئجي ۽ راند ڪجي! جيئن ئي ٻارڙي اسڪول وڃڻ شروع ڪيو آهي ان ۾ عجيب تبديلي آئي آهي. هو ڪم ڪار جي معاملي ۾ بلڪل سست ۽ کاڌي جي معاملي ۾ وڃي ٿو. انگل وڌائيندو.“ ڏاڏي چيو.
    ”هن ڪتاب ۾ رڳو ولايتي کاڌن جو ذڪر آهي، نه ته منجهس مڪائي ۾ پڪل گوشت جو ذڪر آهي ۽ نه ئي بصر جي ساڳ جو.“ ڏاڏي چيو.
    ”پٽ يادگيري ڪري پنهنجي ڏاڏي جي کنگهه لاءِ نارنگين جا ڪجهه ٻج ضرور آڻجانءِ.“ ماءُ چيو.
    ” نارنگين لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندس؟“ پيءُ پڇيو.
    ”استاد....“ ان کان اڳ جو ٻارڙو پنهنجي ڳالهه پوري ڪري انهن سڀني جي ڪنن تائين روڏي ٻار جي سڏڪڻ جو آواز پهتو. جيڪو سندن گهر جي اُڀرندي پاسي واري گهر ۾ رهندو هو. پهرين هن اوچتو رڙ ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي پيءُ جي زوردار آواز ٻڌائين. ”اسان ۾ لوڻ خريد ڪرڻ جي به پهچ ڪونهي ۽ توکي ٽافيون ٿيون کپن.“
    ذري گهٽ ساڳيو واقعو هوشلين جي گهر به دهرايو ويو جيڪو هنن جي گهر جي اولهه طرف هو. هن جو چاچو زور سان چلائي رهيو هو، ”مون توکي پنهنجي سڪي آمدني مان ڪتاب خريد ڪري ڏنا. ڇاڪاڻ ته اهي تنهنجي پڙهائي لاءِ ضروري هئا، پر مون وٽ تنهنجي بسڪيٽن لاءِ پئسا ناهن. توهان کي ڪير ٿو چوي ته اهڙيون پارٽيون ڪريو؟“
    ٻارڙي کي پنهنجو حشر سجهي آيو. ٻارڙي جي پيءُ هن ڏي مڪو اُلاريو پر خوشقسمتي سان وچ ۾ ٽيبل هئڻ ڪري ڌڪ گسي ويو ۽ ٽيبل تي پيل چانورن جا پيالا ٽٽي پيا. ڏاڏو ان خيال جو هو ته ٻارڙي کي اسڪول مان ڪڍي وٺجي. پر هن نٿي چاهيو ته ان جي نتيجي ۾ سندس پٽ جيل وڃي. ڪافي ڊگهي بحث مباحثي کان پوءِ اُهي ان نتيجي تي پهتا ته ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻارڙي کي اسڪول موڪلڻ ئي بهتر آهي.
    ان بي عزتي کان پوءِ به اسان جي ننڍڙي هيري پنهنجي خاندان ۾ وڃايل حيثيت کي بحال ڪرڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ پڙهائي ڪرڻ جو وچن ڪيو. هو روزانو اسڪول موٽڻ کان پوءِ ايستائين ڪتاب مان هٿ ڪو نه ڪڍندو هو جيستائين انڌارو نه ڇائنجي وڃي. هن کي محسوس نه ٿيو ته ڪو هن جي مصيبتن جو ڪارڻ ڪتاب ۾ ئي موجود هو.
    ڏاڏي محسوس ڪرڻ لڳي ته هن جو پٽ شادي کان پوءِ هن جي ايترو ويجهو نه رهيو هو، جيترو پهرين هو.۽ خاندان ۾ هن جي حيثيت جيئن پوءِ تيئن گهٽجي رهي هئي ۽ هاڻ جيئن ئي هن ٻارڙي کي زور سان سبق پڙهندو ٻڌو ٿي، ”منهنجي خاندان ۾ مون کي آهي هڪ پيءُ.... هڪ امان.... هڪ ڀاءُ.... هڪ ڀيڻ“ ته هن جي پريشاني ويتر وڌي ٿي ويئي ڇاڪاڻ جو سبق ۾ ڪٿي به ڏاڏي ۽ ڏاڏي جو ذڪر ڪو نه ٿيل هو. نيٺ هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن غصي مان رڙ ڪئي. ”مطلب ته هي سڄو گهر هاڻ توهان جو آهي ۽ منهنجو ان ۾ ڪو به حصو يا حيثيت ڪونهي.“ هوءِ پاڳل راڪسڻ بڻجي ويئي ۽ بدحواسي مان سر کڻي ٿانو ڀڃڻ لڳي.
    ”بس امان وڌيڪ ڪاوڙ نه ڪر.“ ٻارڙي جي پيءُ چيو. ”اسين هن کي اڳتي اهڙو ڪتاب پڙهڻ نه ڏينداسين. توڙي جو ان لاءِ مون کي جيل وڃڻو پوي.“ ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن هن جو پيءُ يعني سندس پٽ اسان جي هيري کي کيتن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ وٺي ويو ۽ اسڪول جي استاد حاضري رجسٽر ۾ هن جي غير حاضري لڳائي ڇڏي.
    ***


    جواري

    رابرٽ آرٿر

    هو هڪ جواري هو. ماڻهو هن کي سام جي نالي سان سڏيندا هئا. هڪ دفعي سندس ملاقات شيطان سان ٿي ويئي. اُن ملاقات جي نتيجي ۾ دنيا مان ڏوهن جو تعداد ڪافي گهٽجي ويو. ڏوهن جي تعداد گهٽجڻ جي پويان ڪهڙا سبب ڪار فرما هئا؟ اُنهن تي ڪير به روشني وجهي نه پيو سگهي. سام ۽ شيطان جي وچ ۾ ٽي شرط لڳل هئا. بدقسمتي سان شيطان ٽيئي شرط هارائي ويٺو.
    ٽيهن ورهين جو سام جنهن جو قد ڇهه فٽ هو. گهنڊيدار وار ۽ چهري مان بدمعاش نظر آيو ٿي. واقعي، حقيقت به اِهائي هئي. هو ننڍپڻ کان ئي جوا جو عادي هو. جيڪي به کيس هٿ چڙهندو هو، داءُ تي لڳائي ڇڏيندو هو. جواري هئڻ جي باوجود به هو اهڙيون اٽڪلون ڪندو هو جنهن ۾ جيتڻ جا نوي سيڪڙو امڪان هجن. هو کٽڻ جي اهميت جو تمام گهڻو قائل هو.
    شانن نالي خوبصورت ڇوڪري هن جي محبوبه هئي. بدقسمتي سان هن کي جوا کان سخت نفرت هئي. هن چاهيو ٿي ته سام جوا ڪرڻ ڇڏي ڏي. شروع شروع ۾ هن جو خيال هو ته سام هن لاءِ جوا کان توبهه ڪري ويندو ۽ سام اهڙو واعدو به ڪيو هو، پر هو واعدو پاڙي نه سگهيو. هو جيستائين جوا نه ڪري، آرام نه اچيس. جوا هن لاءِ ايئن ضروري بنجي چڪي هئي جيئن جاندار لاءِ کاڌو. جيئن ڪو ساهوارو کاڌي بنا زندهه نٿو رهي سگهي تيئن هو جوا بغير سڪون ماڻي نٿي سگهيو. نتيجو اِهو نڪتو جو سندس محبوبه هڪ ڏينهن کيس سندس ڏنل منڊي واپس ڪري ڇڏي. اها منڊي محبت جي يادگار هئي. سام پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪري نٿي سگهيو، تنهن ڪري هن انتهائي پيڙا مان نه چاهيندي به منڊي واپس وٺي ڇڏي. شانن لڙڪ هاريندي هلي ويئي. سام ڪافي دير تائين خيالن ۾ غلطان رهيو ۽ ڏک وچان منڊي کي جانچيندو رهيو. جڏهن اوندهه وڌڻ لڳي ۽ سموري ماحول تي اوندهه جي چادر ڦهلجي ويئي، هو اُٿيو ۽ دٻيل دٻيل قدمن سان هلڻ لڳو جوا جي اڏي طرف.
    جڏهن هو تاڙ جي وڻ جي ڀرسان لنگهي رهيو هو ته هن کي محسوس ٿيو ته، ڄڻ وڻ مان ڪو ئي پاڇو جدا ٿيو ۽ سندس سامهون ديوار بڻجي بيهه رهيو. سام هن ڏي چتائي ڏٺو. هڪڙو ماڻهو سندس سامهون بيٺو هو. هو لباس مان خوش پوش لڳو ٿي. مٿي تي ڪاري ٽوپي پاتل هئس ۽ چپن تي هڪ پرڪشش مرڪ. هن نرم ۽ مٺي آواز ۾ سام کي کيڪاريو. سام هن تي اکيون کپائي ڇڏيون ۽ ذهن تي زور ڏيئي، هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پاڇولي جو ٽڪ ٻڌي بيهه رهڻ هن لاءِ حيرت ڪن هو.
    ”سام“. هن ڳالهايو ”آءٌ شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهيان ته تو مون کي ڪونهي سڃاتو؟“
    سام هن کي چتائي ڏسڻ لڳو ۽ پوءِ پنهنجي وجدان تي ڀروسو ڪري مضبوط لهجي ۾ چيو، ”منهنجي کيسي ۾ سئو ڊالر آهن تون اُنهن کي داءُ تي لڳل سمجهه. آءٌ ٻڌائي سگهان ٿو ته تون ڪير آهين.“
    ”منظور آهي.“ هن پاڻ تي اعتماد ڪندي چيو.
    ”منهنجو خيال آهي ته تون شيطان آهين.“ سام بنا ڪنهن هٻڪ جي چيو. سام جو وجدان، پرکڻ ۾ غلط نه نڪتو. هو واقعي شيطان هو.
    ڪافي وقت کان سام شيطان جو ذڪر ٻڌندو آيو هو. جيئن ته شيطان پاڻ به مشهور جواري هو ۽ اڄ هو سام جون صلاحيتون پرکڻ لاءِ آيل هو. سندس چهري تي سام جي جواب سان غصو اُڀريو. سام کائنس پهريون شرط کٽي چڪو هو. ڪجهه دير رکي وري شيطان ڳالهايو.
    ”ٿي سگهي ٿو ته آءٌ شيطان نه هجان؟ تنهنجا سئو ڊالر مون تي ٿيا. پر مون وٽ اڃان به ڪافي رقم آهي. اُها سڄي رقم تنهنجي ٿي جيڪڏهن تون ثابت ڪري ڏيکارين ته آءٌ واقعي شيطان آهيان!؟“
    شيطان اِها ساڳي شرط پهرين به ڪيترن ماڻهن سان رکي هئي ۽ اُهي سڀ جا سڀ اها شرط هارائي ويا هئا. پر سام ٻي قسم جو ماڻهو هو.
    ”مون کي منظور آهي.“ سام پنهنجي هٿ ۾ جهليل بيد جولڪڻ هوا ۾ هلائيندي چيو. ”آءٌ هن بيد جي لڪڻ سان توکي ماريندس. جيڪڏهن تون هڪ عام ماڻهو هوندين ته مارکائي ويندين. پر جيڪڏهن تون واقعي شيطان آهين ته مار ڪو نه کائيندين، ڇاڪاڻ جو مان ڄاڻان ٿو ته شيطان انسان کان مار کائڻ ڪڏهن به پسند نه ڪندو.“
    سام هن ڏانهن زور سان بيد جو لڪڻ اُلاريو. نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو نڪرڻ گهربو هو. شيطان ٽپو ڏيئي هن کان لڪڻ کسي ورتو ۽ وڻ تي چڙهي ويو. هن جي بدن مان سلفر جي بوءِ اچي رهي هئي. هن غصي مان رڙ ڪندي چيو،
    ”بس ٺيڪ آهي. تو کٽي ورتو. پر اڃان به هڪ شرط باقي آهي.“ سام ٻڌو هو ته، شيطان جڏهن به ڪنهن انسان وٽ ايندو آهي ته اُن کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي شرطون کٽڻيون پونديون آهن. شيطان ٿورڙو سهي، وري ڳالهايو.
    ”هن ڀيري آءٌ هڪ راند کيڏيندس. آءٌ شرط ٿو لڳايان ته تون هن ڀيري ڪو نه کٽيندين. ياد رک ته توکي کٽڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڇو جو تو جي هي شرط هارائي ته تنهنجي حياتي منهنجي وس هوندي.“
    سام وٽ جند ڇڏائڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو به ڪو نه هو. راند ته هن کي هر حالت ۾ کيڏڻي ئي هئي.
    ”منظور آهي.“ سام چيو، ”پر هن ڀيري شرط جي نوعيت آءٌ طئه ڪندس. ڇو جو پهرين ۽ ٻي شرط جي نوعيت تو طئه ڪئي هئي.“
    شيطان پهرين ته منجهي پيو، پر پوءِ سام جي ڳالهه مڃي ورتائين. ”ٺيڪ آهي.“
    ”آءٌ شرط لڳايان ٿو.“ سام شيطان ڏانهن کلي نهاريندي چيو. ”تون اِهو نٿو چاهين ته آءٌ هن ڀيري به توکان شرط کٽيان.“
    شيطان جي وات مان اُلا نڪرڻ لڳا هئا. سام هن جي اندر جي ڳالهه چئي ورتي هئي ۽ اهڙي طرح شيطان هي شرط به هارائي ويٺو هو.
    ”اڄوڪي رات کان تنهنجي لاءِ بدنصيبي جي شروعات ٿئي ٿي.“ شيطان ڪاوڙ وچان چيو، ”هاڻ تون زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن کان ڪا به بازي کٽي نه سگهندين. منهنجون غيبي قوتون تنهنجي سوڀ ۾ هميشه ديوار بنيون رهنديون.“ اهو چئي هو سام جي نظرن کان اوجهل ٿي ويو.
    سام ڪجهه گهڙين تائين خالي خالي نظرن سان آسمان ڏي نهارڻ لڳو ۽ جڏهن هن جا حواس درست ٿيا ته هو سوچڻ لڳو. ”آءٌ به عجيب ماڻهو آهيان. بيٺي بيٺي خواب ڏسي رهيو آهيان.“ واپسي ۾ هن ٻئي ڏينهن تي ٿيندڙ راند جا ٽڪيٽ خريد ڪيا ۽ گهر موٽي آيو.
    صبح جو هن کي پنهنجي رٺل محبوبه شانن کان سواءِ ڪجهه ياد نه هو. انهي ئي پريشاني جي حالت ۾ هو وهنجيو، ڪپڙا تبديل ڪيائين ۽ ناشتو ڪري ريس ڪورس گرائونڊ پهچي ويو. اڄ هن کي شرط لڳائڻ لاءِ ڪافي سوچڻو پيو. اڄ نه ڄاڻ ڪهڙي سبب وجدان سندس همٿ افزائي ۽ رهنمائي ڪو نه ٿي ڪئي. گهوڙن جي چونڊ ۾ به هن کي ڪافي اوکائي محسوس ٿي رهي هئي.
    ريس شروع ٿي ۽ هو اُن ۾ گم ٿي ويو. ٿوري ئي ساعت ۾ هن جو چونڊيل گهوڙو ٻين کان 10 وال کن اڳيان نڪري ويو. سام اطمينان جو ساهه کنيو. پر اوچتو ئي هڪ عجيب سانحو پيش آيو. سام جو گهوڙو جيتڻ جي نشان کان فقط 10 وال اوريان آٿڙجي پيو، جنهن ڪري سندس رفتار گهٽجي ويئي ۽ هڪ ٻيو گهوڙو هن کان اڳتي نڪري جيتڻ جي نشان تائين پهچي ويو. سام پنهنجو ٽڪيٽ مروٽي هوا ۾ اُڇلي ڇڏيو.
    پر هو اڃان مايوس ڪو نه ٿيو هو. ريس جا ڇهه مقابلا اڃان باقي هئا ۽ هن جي کيسي ۾ اڃان به ڪافي پئسا موجود هئا. ٻي ريس ۾ به هن جو گهوڙو ڪافي اڳتي هو. مگر نه ڄاڻ ڇو هن جو لغام ٽٽي پيو ۽ بازي هارائي ويو.
    ٽين ريس ۾ به سام کي ناڪام جو منهن ڏسڻو پيو. گهوڙو بي قابو ٿي ويو ۽ بازي هارائي ويو. سام گهٻرائجي ويو!.
    چوٿين ريس ۾ هو پر اُميد هو. مگر اُميد زياده دير تائين قائم نه رهي. هن جو گهوڙو جيتڻ جي نشان وٽ آٿڙجي ڪري پيو ۽ وري اُٿي نه سگهيو.
    اهي واقعا واقعي ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ هئا. سام جيڪو به گهوڙو چونڊيو ٿي اُنجي شامت ٿي آئي. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن کي پنهنجي ناسن ۾ سلفر جي بوءِ محسوس ٿي.
    پنجين ريس ۾ هن ننڍي قيمت وارو ٽڪيٽ ورتو. هن ريس جو به سٺو نتيجو نه نڪتو. هن جو چونڊيل گهوڙو تمام پوئتي رهجي ويو.
    ڇهين ريس شروع ٿيڻ کان اڳ سام سوچيندو رهيو. هن جو کيسو تقريبن خالي ٿي چڪو هو. باقي بچيل رقم هن نهايت خبرداري سان داءُ تي لڳائڻ جو سوچيو. هن ڪو به ٽڪيٽ نه ورتو. هن پنهنجي هڪ گهري دوست کي هٿ ڪيو. ان سان سندس ڪافي گهرا واسطا هئا. ريس شروع ٿي ته سام هن جي ڀرسان بيهه رهيو. گهوڙا جهڳٽي جي شڪل ۾ پول جي طرف وڌي رهيا هئا. سام پنهنجي دوست کي مخاطب ٿيو. ”آءٌ هڪ ڊالر جي بدلي ڏهه ڊالر داءُ تي لڳايان ٿو. ستون نمبر گهوڙو کٽي نٿو سگهي.“
    سام جي دوست حيرت مان ڏانهس نهاريو. ستون نمبر گهوڙو ڪافي پوئتي هو. اُن جي کٽڻ جو سوال ئي ڪو نه ٿي پيدا ٿيو. سام پنهنجي دوست کي ٻڏتر ۾ ڏسي چيو، ”سوچين ڇا ٿو؟ ٻڌاءِ. هاڻ ڏهن جي بجاءِ ويهه ڊالر لڳا.“
    هن جي دوست کي ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهيو ٿي. هن چيو، ”مون کي منظور آهي.“ اڃان هن جي وات مان اِهي لفظ نڪتا ئي مس جو ستين نمبر گهوڙي کي ڄڻ پر لڳي ويا. هن وچون فاصلو بجلي جي رفتار جيان طئه ڪيو. ماڻهن کي گهوڙي جي برق رفتاري حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. اِهو جيتڻ جي نشان تي پهچندڙ پهريون گهوڙو قرار ڏنو ويو.
    سام خاموشي مان ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ پنهنجي دوست کي ويهه ڊالر ادا ڪيا. هن جي دوست کائنس انهي احمقانه شرط بابت پڇڻ چاهيو. پر سام سوالن جوابن جي موڊ ۾ ڪو نه هو. هو هڪ خالي پيل جڳهه تي وڃي ويٺو. هاڻ هن کي ڪو به شڪ نه هو ته ڪو ڪلهه پيش آيل واقعو صحيح ڪو نه هو. هن سوچيو ته شيطان پنهنجي شڪست جو انتقام وٺڻ تي لهي آيو هو.
    سام جو گذر سفر جوا تي هو. جيڪڏهن هو لڳاتار ايئن هارائيندو رهيو ته متان هن کي هميشه جي لاءِ جوا ڇڏڻي پئجي وڃي. سام کي اها ڳالهه قطعي پسند نه هئي.
    آخري ريس شروع ٿيڻ کان اڳ سام پنهنجا کيسا ڏٺا. گهر تائين پهچڻ جو ڪرايو ڪڍڻ کان پوءِ وٽس چاليهه ڊالر پاڇي ٿيا ٿي. هن ڪجهه دير تائين حالتن جو جائزو ورتو ۽ پوءِ آخري ريس جي لاءِ ٻن ٻن ڊالرن جا ست ٽڪيٽ خريد ڪيا. اهي ست ئي ٽڪيٽ اُنهن ستن گهوڙن لاءِ هئا جيڪي ريس ۾ حصو وٺي رهيا هئا. سام پنهنجي سيٽ تي وڃي سڪون سان ويٺو ۽ سوچڻ لڳو، هاڻي ڏسان ته شيطان مون کي کٽڻ کان ڪيئن ٿو روڪي سگهي؟ آخر ستن گهوڙن مان ڪو ته جيتيندو ئي....
    اڃان ٿوري دير ئي نه گذري جو زور سان مٽي جو طوفان اُٿيو ۽ گرائونڊ ۾ لڳل شاميانو اچي پٽ پيو. جيڪڏهن سئيس گهوڙن کي بروقت نه جهلين ها ته هوند شامياني ۾ وچڙي ڪري پون ها. ظاهر آهي ته هن ريس جو ڪو به نتيجو نه نڪتو. ماڻهن کي سندن خريد ڪيل ٽڪيٽن جي قيمت واپس ڪئي وئي.
    اها ڳالهه طئه ٿي چڪي هئي ته شيطان سام کي ڪنهن به شرط ۾ سوڀارو ڏسڻ ڪو نه ٿي چاهيو. هاڻ سام لاءِ ڪاميابي جو ڪو به رستو نه هو. پر هن اڃان به جوا تان هٿ نه کنيو. هو مسلسل ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪهڙي به طريقي سان بازي کٽي سگهي. پر هن کي سدائين ناڪامي ئي پلئه پئجي رهي هئي.پر هڪ ڳالهه سا ضرور ٿي هئي ته هن شيطان کي به پريشان ڪري ڇڏيو هو.
    سام ۽ شيطان جي ملاقات کان ٻه هفتا پوءِ جو ذڪر آهي. ٻنپهرن جو وقت هو. شيطان پنهنجي نائب کي تجربي گاهه ۾ پاڻ وٽ گهرايو. ان تجربي گاهه ۾ هو نوان نوان گناهه متعارف ڪرائڻ لاءِ تجربا ڪندو هو. نائب حاضر ٿيو ته شيطان پڇيو.
    ”مون توکي سام جي باري ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون هيون اُنهن تي عمل ٿي رهيو آهي. يا نه؟“
    ”جي حضور.“
    ”ته هن هيلتائين ڪنهن به شرط ۾ کٽيو ته ناهي؟“
    ”جي بلڪل نه“. نائب وراڻيو.
    ”ڇا هو ڀينگيو ٿي چڪو آهي؟“
    ”جي ها، تقريبن ايئن ٿي چڪو آهي.“
    ”ته ڇا هو جلدئي خودڪشي ڪري پنهنجو روح اسان جي حوالي ڪندو.؟“
    ”نه حضور!“ نائب ڊڄندي ڊڄندي وراڻيو، ”هو نالائق اڃان پاڻ مان مايوس ڪو نه ٿيو آهي.“
    ”هون!؟“ شيطان جي وات مان گهگ وهڻ لڳي.
    ”هن جي اها جرئت؟“
    ”حضور!“ نائب مٿو ٽيڪي جواب ڏنو. ”هو بلڪل مطمئن آهي ۽ عجيب و غريب منصوبا ٺاهي جيتڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. نتيجن منهنجي بهترين ورڪرن کي، پنهنجون ٻيون سڀ ذميواريون هڪ پاسي رکي چوويهه ڪلاڪ سام جي نگراني ڪرڻي پئجي رهي آهي. جيڪڏهن توهان اجازت ڏيو ته ڪجهه عرض ڪريان.“
    شيطان ها ڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
    نائب چيو ”ٽي ڏينهن اڳ سام پنهنجي دوست سان شرط رکي ته اڄ ٻنپهرن کان اڳ بارش نه پوندي. توهان يقين ڪريو ته هن اِها شرط ٻنپهرن کان فقط ٻه ٽي سيڪنڊ اڳي رکي. هاڻ سام جي ڳالهه کي غلط ڪرڻ لاءِ ٻنپهرن کان پهرين بارش هئڻ ضروري هئي. مجبورن مون کي تقريبن ٻه سو اٺ ڍينڊڙا شيطان گڏ ڪرڻ پيا. مون انهن کي حڪم ڪيو ته ڪيئن به ڪري سمنڊ مان پاڻي جا بخار مٿي پهچايو، ته جيئن ٻنپهرن کان اڳي بارش پوي. حضور! اوهين ڄاڻو ٿا ته اِهو ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو. وقت تمام گهٽ هو. پر مون کي اهو چوندي خوشي ٿي ٿئي ته اسين ان مشن ۾ ڪامياب وياسين.“ هن ٿوري دير لاءِ ساهه کنيو ۽ وري ڳالهايو، ”اڃان ڪالهه جي ڳالهه آهي. سام مسلسل هارائڻ سبب ريس جي گهوڙن تي هڪ عجيب و غريب ۽ منجهائيندڙ شرط لڳائي. ڪجهه نه پڇو. بدمعاش سام مختلف گهوڙن لاءِ مختلف دعوائون ڪيون. فلاڻو گهوڙو فلاڻو نمبر ايندو ۽ فلاڻو گهوڙو فلاڻو نمبر.... اها شرط ايڏي ته منجهيل هئي جو اسان جا بهترين دماغ به منجهي پيا. اُنهن مون سان آخري وقت ۾ رابطو قائم ڪيو ۽ پڇيو ته هاڻ ڇا ڪجي؟ سام هڪ شرط اها به لڳائي هئي ته هي ريس توڙ تائين ختم نه ٿيندي. هاڻ منهنجي سامهون فقط هڪ ئي رستو هو ته سڀ گهوڙا هڪ هنڌ پهچائي راند ختم ڪرايان. توهان خود سمجهي سگهو ٿا ته اِهو ڪم ڪيترو نه منجهيل ۽ ڏکيو هو. توهان کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان کي اجازت ڏيو ته اسين آئينده سام جا معمولي شرط نظرانداز ڪندا ڪريون. نت اسين ڪنهن به مصيبت ۾ ڦاسي سگهون ٿا.“
    شيطان آڳ جي اُلن جهڙين اکين سان هن ڏانهن گهوريو. ”قطعي نه.“ هو گر جيو ”آءٌ پنهنجي لفظن تي قائم رهندس. هو ڪڏهن به ڪائي شرط نه کٽي. توهين هن جي چوڪسي جاري رکو.“
    سام تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ گهيرجي چڪو هو. هن جا کيسا خالي ٿي رهيا هئا. هن جي گذر جا وسيلا سڀ ختم ٿي رهيا هئا. بينڪ اڪائونٽ ۾ پئسو به نه بچيو هو. شانن به هن سان ملڻ صفا بند ڪري ڇڏيو هو. سام جي حالت تمام خراب ٿي چڪي هئي. پر هو اُنهن ماڻهن منجهان ڪو نه هو، جيڪي ڪنهن مصيبت يا ڏکئي وقت ۾ گهڻو وقت پريشان رهندا آهن.
    هو هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويو. اتفاق سان هن کي شانن جو هڪ مائٽ ملي ويو. هن جو نالو ٽم هو. ٽم هن کي پاڻ ڏي سڏيو. ٻيئي پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ لڳا. ٽم هن کي ٻڌايو ته شانن جڏهن کان ساڻس تعلقات ٽوڙيا آهن تڏهن کان اُداس رهڻ لڳي آهي. اها ڳالهه سام لاءِ اُميد افزا هئي. هن سوچيو ممڪن آهي ته آءٌ جي ٻيهر ڪوشش ڪريان ته شانن مون کي قبول ڪري وٺي!، هن پنهنجو خيال ٽم تي ظاهر ڪيو. ٽم ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”تون جيستائين جوا کيڏڻ بند نه ڪندين تيستائين هوءِ راضي ڪو نه ٿيندي.“
    ”جيڪڏهن هن کي پڪ ٿي وڃي ته آءٌ ڪنهن به شرط ۾ ڪامياب ڪو نه ٿو وڃان ڇا هوءِ پوءِ به راضي ڪو نه ٿيندي؟“
    ”هتي ڪاميابي يا ناڪامي جو ڪهڙو سوال؟ جوا بهرحال جوا آهي“. ٽم ڪنڌ لوڏيندي وراڻيو. ”خير ڇڏ انهن ڳالهين کي ٻاهر بارش پيئي وسي. تنهنجو ڇا خيال آهي هي بارش ڪيستائين جاري رهندي؟“
    ”سڄو ڏينهن وسندي رهندي“. سام بي دلي مان چيو ”۽ رات جو به اُن مان جان ڪو نه ڇٽندي. آءٌ جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهيان سچ چئي رهيو آهيان. پر ٽم! آءٌ جيڪڏهن چاهيان ته بارش فقط پنجن منٽن ۾ روڪي سگهان ٿو.“
    ٽم کان کل نڪري ويئي. ”ڀلا آءٌ به ته ڏسان.“
    ”ڏسندين؟“ سام اعتماد سان چيو.
    ”هي ڪهڙو مذاق آهي؟“ ٽم دلچسپي مان چيو ”ته پوءِ لڳائي شرط هڪ ڊالر جي تون اها شرط لڳائي ته بارش پنجن منٽن اندر بند ٿي ويندي. آءٌ چوندس ته هي بارش هاڻي جو هاڻي بند ٿيندي.“
    ٽم اکين جا ڇپر جهڪائي ڇڏيا. سام وري ڳالهايو، ”منهنجا دوست مون کي پڪ آهي ته آءٌ هي شرط هارائي ويندس ۽ منهنجي لاءِ اهو ضروري ٿي پوندو ته آءٌ توکي هڪ ڊالر ادا ڪريان. جي تون سنگت ۾ مون کي ماني کارائڻ جو ذمو پاڻ تي کڻي ته شرط لڳائڻ لاءِ تيار آهيان.“
    ٽم بنا ڪنهن هٻڪ جي شرط لڳائي. شرط جو نتيجو اهو ئي نڪتو جو نڪرڻو هو. فقط پنجن منٽن ۾ بادل ٽڙي پکڙي ويا ۽ سج چمڪڻ لڳو.
    ٽم حيرت وچان سام ڏانهن ڏٺو. ”اڙي هي ته عجيب ڳالهه ٿي ويئي!“ هن جي چهري تي ڪئين رنگ اُڀرڻ لڳا. ”اهو ته واقعي ڪمال ٿي پيو. جيڪڏهن تنهنجي خواهش جي مطابق هر واري ايئن ٿيڻ لڳي ته تون ته هزارين ڊالر ڪمائي سگهين ٿو.“
    سام ڇرڪ ڀريو ”ڇا چيئي؟ ڇا ائين به ٿي سگهي ٿو!؟“ هن گهٻراهٽ مان ڳالهايو. ”آءٌ چاهيان ته طوفان آڻي سگهان ٿو ۽ جڏهن چاهيان ته اُن کي ٽاري به سگهان ٿو. مون کي صرف ڪنهن سان شرط لڳائڻي پوندي آءٌ جيڪا به شرط لڳائيندس نتيجو اُنجي اُبتڙ نڪرندو. اها آهي اصل حقيقت جيڪا منهنجي لاءِ عذاب ۽ تباهي جو ڪارڻ بنجي چڪي آهي.“
    ”ٺيڪ آهي! پر هي عذاب نازل ڪرڻ وارو ڪير آهي؟“ ٽم حيرت مان پڇيو.
    سام ٽم کي ڪن ۾ سندس نالو ٻڌايو. ٽم جون اکيون حيرت مان ڦهلجي ويون. سام چيو ”منهنجي ويجهو اچي هڪڙو وڏو ساهه کڻي سونگهه.“
    ٽم وڏو ساهه کڻي سونگهيو. ”سلفر جي بوءِ ٿي محسوس ٿئي.“
    سام اطمينان مان ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي. ”هاڻي ته مڃيندين نه؟“
    ”مڃان ٿو دوست!“ ٽم چيو، ”منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه سُجهي آئي آهي. شايد تو ٻڌو هجي ته هتي ڪافي ماڻهو سٺي موسم لاءِ انشورنس ڪرائيندا آهن. انهي مقصد لاءِ هو وڏيون رقمون ادا ڪندا آهن. اها انشورنس به زندگي يا حادثن جي ويمي جيان هوندي آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُن کي قانوني حيثيت حاصل آهي ۽ اِهو ڪاروبار غيرقانوني به ناهي.“
    سام چانهه پيئندي پيئندي رڪجي ويو. هن جي اکين ۾ خوشي جي چمڪ اُڀري آئي بلڪل ٺيڪ ٿو چئين منهنجا دوست“.
    ”سام.“
    ٽم جذباتي لهجي ۾ چيو، ”هن آچر تي رائل سنس جي سينٽ پئٽرڪ ۾ پريڊ ٿيڻ واري آهي. فرض ڪر ته رائل سنس وارا توکي چون ته سٺي موسم جي ضمانت ڏي. ضمانت پوري ٿيڻ تي توکي ويهه ڊالر ادا ڪيا ويندا. جي ضمانت پوري نه ٿي يعني موسم سٺي نه رهي ته توکي ٻه سئو ڊالر ادا ڪرڻا پوندا. پنهنجي قسمت ۾ جي سٺي موسم رهي ته ويهه ڊالر ڪيڏانهن به ڪونهي ويا ۽ هاڻ هڪڙي ٻي ڳالهه. فرض ڪر تون مون وٽ اچين ٿو ۽ چوين ٿو ”موسم جي متعلق هڪ شرط لڳايون ٿا.“ ٽم چيو ”آءٌ توکي ڏهه ڊالر ڏيندس ۽ چوندس ته هن آچر تي بارش ڪو نه پوندي“. تون چئجانءِ ”ضرور پوندي“ ظاهر آهي شرط جي معاملي ۾ تون کٽي نٿو سگهين. نتيجو اِهو ٿيندو جو ان آچر تي بارش ڪو نه ٿيندي. تون هارائيندين ضرور پر رائل سنس جا ويهه ڊالر تنهنجا ٿي ويندا.“
    ”ڏاڍي سٺي تجويز آهي.“ سام متاثر ٿيندي چيو، ”ڇا انهي قسم جو ويمو ٿي سگهي ٿو؟“
    ويمو نه پر ان کي هزارن ڊالرن جو ڪاروبار چئو منهنجا دوست“
    ”ته پوءِ ڏاڍو سٺو.“ سام اُٿي بيٺو. ”ٽم اڄ کان تون منهنجو ڀائيوار آهين.“ هن کيسي مان ويهه ڊالر ڪڍيا ۽ ٽم کي ڏيندي چيو ”هان وٺ! هن رقم مان منهنجي لاءِ ڪنهن آفيس جو انتظام ڪر. آفيس جي دروازي تي بيما ڪمپني جو بورڊ لڳائي ڇڏجانءِ.“ ڪجهه وقت رکي سام وري ڳالهايو ”هي وٺ هڪ ڊالر آءٌ شرط لڳايان ٿو ته جيئن ئي آءٌ شانن جي گهر پهچندس ته هوءِ مون کي ڌڪا ڏيئي ڪڍي ڇڏيندي ۽ مون سان ڳالهائڻ تائين به پسند نه ڪندي. جيڪڏهن اِها ڳالهه صحيح نه نڪري ته هڪ ڊالر تون رکي ڇڏجانءِ“.
    ”منظور آهي.“ ٽم مسڪرائيندي چيو، ”آءُ چوان ٿو ته هوءِ دل، جي گهرائي مان تنهنجي آجيان ڪندي ۽ تنهنجي گود ۾ ويهي دير تائين توسان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندي.“
    ڪجهه دير کان پوءِ ٻيئي شانن جي گهر جي سامهون بيٺا هئا.
    ”هون ته تون آيو آهين؟“ شانن سام کي اجنبي انداز مان ڏسندي چيو، ”مون توکي چيو هو ته مون سان هاڻ ڪڏهن به ملڻ نه اچجانءِ؟“
    ”ها تو چيو هو پر آءٌ اچي ويو آهيان.“ سام مسڪراهڻ لڳو. ”ڪهڙو فائدو؟“ شانن بي رخي مان ڳالهايو. سام اڳتي وڌي هن جا هٿ پاڻ ڏي ڇڪيا ۽ بدستور مسڪرائيندي چيو ”آءٌ هڪ ڊالر جي شرط لڳائي چئي سگهان ٿو ته تون مون کان نفرت ڪرين ٿي.“
    شانن غالبن اِهو ئي چوڻ واري هئي جو هن کي ايئن محسوس ٿيو ته ڪنهن هن جي زبان قبضي ڪري ورتي هجي. هن ڳالهايو. ”نه منهنجا سام نه، اها ڳالهه ناهي. مون کي تو کان نفرت ڪونهي. توسان مون کي بي پناهه محبت آهي.“ شانن کي خود به حيرت ٿي ته هوءِ ڇا چئي رهي هئي.
    ”آءٌ هڪ ڊالر جي شرط ٿو لڳايان ته تون مون سان شادي ڪو نه ڪنديئين؟“
    شانن چوڻ ٿي چاهيو ته ها آءٌ شادي ڪو نه ڪنديس. پر هن کي پنهنجي زبان تي هن جو پنهنجو اختيار ڪٿي هو؟ هوءِ چئي ويٺي ”ها آءٌ توسان شادي ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    سام ۽ شانن جي شادي ٿي چڪي آهي. سام جي انشورنس ڪمپني خوب هلي رهي آهي. هو هاڻ لک پتي بڻجي چڪو آهي. ٽم هن جو ڀائيوار ۽ اڪيلو رازدان آهي. سام ان سان ملي شيطان کي شڪست مٿان شڪست ڏيئي رهيو آهي.
    سام ۽ شانن جي سٺي ۽ خوشگوار ماحول ۾ زندگي گذري رهي آهي. خوشحالي ۽ خوشگوار زندگي جي لاءِ برابر شرطون لڳنديون رهن ٿيون. ۽ ظاهر آهي ته سام هي سڀ شرطون هارائيندو رهي ٿو ڇو ته شيطان پنهنجي هوڏ تان لهڻ لاءِ قطعي تيار ڪونهي.
    اٽڪل سال کن اڳ سام ۽ ٽم جي وچ ۾ شرط لڳي هئي. سام چيو ٿي ته هن سال ڇوڪري ڄمندي. جي نه ڄمي ته هو ڏهه ڊالر ادا ڪندو.“
    ٽم چيو ”نه توکي ڇوڪرو ڄمندو.“ سام ظاهر آهي ته شرط هارائي ويٺو. هن کي ڇوڪرو ڄائو آهي ۽ هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ ڇوڪري جي ڄمڻ تي شرط لڳل آهي.
    ***


    آئون موٽي ايندس

    ڊبليو ڊبليو وليمس

    سرءُ جي هوا جو جهوٽو هڪ وساريل ڪتاب جي صفحن کي کولي ڇڏي ٿو ۽ من ۾ هڪ ڌنڌلو تصور اُڀري اچي ٿو. چنبيلي جهڙو سج صبح جو خواب ڏسندڙن کي روشني جي گرم تلاءُ ۾ وهنجاري ڇڏي ٿو. بندرگاهه جي تازي ۽ چست هوا گودين جي چڀندڙ بوءِ سان ملي وڃي ٿي. صبح جو سورج مٿي ايندي ئي بندرگاهه جو هل هنگامو آهستي آهستي جهڪو ٿيندو وڃي ٿو. فروٽ ۽ سبزي کان خالي ٿيل جايون بيابان ڏيکائي ڏين ٿيون. فقط ڪجهه دلال ڇاپري هيٺان ننڍا کرا آهن. مڇي جي مارڪيٽ سڄي ڏينهن لاءَ بند ٿي چڪي آهي. ايتريقدر جو بندرگاهه جي پاڻي ۾ پڻ بيابان جهڙي خاموش ڇانيل آهي. فقط ڪنهن ڪنهن مهل طئه شده جهازن جي چرپر پاڻي جي ماٺار ۾ لهرون ۽ شور برپا ڪري ٿي. سئسبو جو بندرگاهه هڪ عجيب سرور واري ننڊ ستل آهي، هڪ عجيب سرور جنهن ۾ هن پنهنجي گذريل زندگي جا سڄا سارا چوويهه سال گهاريا آهن.
    ٽام ڪول بندرگاهه جي گهاٽ تي ويٺو آهي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب آهي جيڪو تمام گهڻو وساريو ويو آهي. روشني هن جي ڪارن وارن تان ٿيندي منارن تائين گهمي ٿي ۽ وچ ۾ هن جو ڇهه فٽ ڊگهو پاڇولو نظر اچي رهيو آهي، هن جي چهري تي نيريون اکيون نمايان نظر اچي رهيون آهن ۽ هن جي ويڪري کاڏي هن جي مضبوط ارادي ۽ سگهه کي ظاهر ڪري ٿي. جيتوڻيڪ هاڻ هو جوان نه رهيو آهي، پر هو پوڙهو به نه ٿيو آهي ۽ نه ئي هو پاڻ کي خيالن ۾ به ايئن سمجهي ٿو. هن جا خيال گذريل ۽ ايندڙ سالن ۾ گردش ڪن ٿا. ڪنهن وقت هو اُداس ٿين ٿا ۽ ڪنهن وقت خوشي محسوس ڪن ٿا. پر گهڻو ڪري هن جي ذهن ۾ ٿاڦوڙا هڻندڙ يادن ۾ حيرت ۾ وجهندڙ لوهه جهڙي مضبوطي آهي.
    سئسبو جي بندرگاهه تي بيٺل هڪ ڇوڪري ٽام جو جپان ۾ پهريون ديدار هو. ڪمونو گلن سان سجيل، هوءِ نيول بيس کان شهر ڏي ويندڙ پل تي هن جو انتظار ڪري رهي هئي. هوءِ خوبصورت هئي ۽ جوڀن هن ۾ سمنڊ جي ڇولين جيان ڇلڪي رهيو هو. هن پنهنجي اندر ۾ پيار جهڙن جذبن کي ڪر کڻندي محسوس ڪيو. هن جي خيال ۾، جيئن هن کي ياد آيو ته هوءِ ايڏي خوبصورت نه هئي. پر هن کي اڃان به سندس بدن تي پهريل اُن مان ٺهيل لباس نٿو وسري جنهن ۾ هوءِ ڏاڍو جچي ٿي ۽ هن کي وڻي ٿي ۽ هاڻي ريشمي لباس ۽ وڏين کڙين وارا سئنڊل پاتل عورتون جيڪي يوڊو ندي تي هلن ٿيون، هو اُنهن کي حقارت سان ڏسي ٿو. هن کي حيرت ٿي ٿئي ڄڻ هو اُها دهشت وڃائي چڪو آهي. جنهن سان هن دنيا کي قبوليو هو. ڇا وڌيل عمر ۽ پوري زندگي جي سفر، هن جي حياتي ڏانهن روين ۽ محسوسات ۾ ڪمي آندي هئي؟ هن حيرت مان سوچيو ۽ پوءِ هن کي حقيقتون ڇهڻ لڳيون. هو اهو ئي ڪجهه ڳولڻ لا ته سئسبو آيو هو.
    هن اوساڪا کان ان ئي مهل سيٽ بڪ ڪئي. ٽريول ايجنٽ هن کان پڇي پڪ ڪئي ته واقعي اهو سئسبوئي هو، جنهن ڏانهن هن وڃڻ چاهيو ٿي. ٽريول ايجنٽ ورجائي ورجائي چيو ته سئسبو ننڍڙو شهر هئڻ ڪري منجهس پرڏيهين لاءِ ايڏي رهائش ميسر نه هئي. ايجنٽ اندازو ڏيکاريو ته ”سرءُ ۾ سردي ٿيڻ سان ئي اُتر ۾ وڻ پنهنجو رنگ تبديل ڪرڻ شروع ڪندا آهن. ممڪن آهي تون نيڪُو وڃڻ کي ترجيح ڏين؟“ ايجنٽ وري پڇيو ”يا جيڪڏهن تون اُس پسند ڪرين ٿو ته آئون توکي اوڪينو ڏانهن ويندڙ ٽوئر گروپ ۾ شامل ڪرائي سگهان ٿو.“ ايجنٽ ڪجهه سوچڻ کان پوءِ جڏهن چوٿون ڀيرو پڇيو ته ڇا هو واقعي سئسبو وڃي رهيو هو؟“ تڏهن ٽام وراڻيو ”ها واپار جي سلسلي ۾.“ ايجنٽ قبول ڪرڻ جي انداز ۾ مرڪيو ۽ هن کي ٽڪيٽ ۽ هوٽل جي رسيد ڪٽي ڏني.
    ٽام ڪول وري پنهنجي ماضي ۾ وڃي رهيو هو. هن جي زندگي ۾ ڪجهه سالن کان تلخين پنهنجو گهر وسائڻ شروع ڪيو هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هڪ ڀيرو وري زندگي ۾ ڪا نواڻ آڻجي ۽ اُن کي نئون رخ ڏجي. اها ڪا هن جي ڪاروباري زندگي نه هئي، جنهن ڪري هو ڪو پريشان هو يا هن کي پرواهه هئي. هن جي روزي آمريڪن ايئر ڪرافٽ ۾ ايسٽرن نمائندي طور محفوظ هئي. پر اها هن جي ذاتي زندگي هئي، جيڪا هن جي لاءِ مسئلو بنيل هئي. اول ته هن جو ننڍو پٽ آمريڪا ۾ تعليم پرائڻ لاءِ ويل هو. سندس پٽ جي وڇوڙي هن جي دل کي ڪجهه خالي ڪري ڇڏيو هو. اُن کان سواءِ هن جي ٻي گهرواري نيويارڪ ۾ بهتر زندگي کي ترجيح ڏيئي هن کي ڇڏي هلي ويئي هئي. هن جي وڃڻ کان هڪ مهينو پوءِ، ڪمپني هن کي هانگ ڪانگ مان آرام ده جڳهه تان بدلي ڪري جاپان ۾ نئين جڳهه تي رکي ڇڏيو. نقصانن ۽ تبديلين هن کي اڌڙوٽ عمر ۾ تڪليف پهچائي ۽ هو مسئلن ۾ گهيرجي ويو.
    سئسبو جي سفر دوران هيمنگوي ۽ رچنائڊ هن جا ساٿي هئا. هن هيمنگوي کي پنهنجي پراڻي وفادار دوست جي حيثيت ۾ کنيو هو ۽ رچي کي ان خيال کان ته هو کيس جاپاني مزاج ۽ ان جي روح بابت واقفڪاري ڏيندو هلي، جنهن جي هن پهرين کان سکيا ورتي هئي. جيئن ئي ٽرين اوساڪا کان هلي مقدس يوڊو ڏانهن وڌڻ لڳي هيمنگوي بنا فل اسٽاپ جي ڳالهائڻ شروع ڪري ڏنو. جيئن ٽرين هيروشيما جي حدن ۾ داخل ٿي ٽام ٻن خوش لباس بئرن سان ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويو.
    هيروشيما اسٽيشن تي ٽرين جي اندر ويهندي هن پنهنجي ڪتاب تان نظرون هٽائي، نون ۽ جديد منارن ڏانهن نهاريو جيڪي آسمان جي بلندين کي ڇهي رهيا هئا ۽ پوءِ هن کي اوچتو ئي ان جاءِ تي پنهنجي موجودگي جو احساس ٿيو ۽ هڪ گناهه جو ڪرب هن جي من ۾ لهرن جيان اُڀريو. هن کي لڳو ته ٽرين ۾ ويٺل سوين گهريون ۽ چونچيون اکيون هن کي گهوري رهيون هيون. هنن جون الزامن سان ڀريل نظرون خارن مان هن جي بدن ۾ ڊرل جيان سوراخ ڪري رهيون هيون. هن اُنهن ڏي نهارڻ کان پاڻ روڪيندي جلدي مان دري کان ٻاهر نهاريو. پر هن جو ذهن هن کي محسوس ڪرائي رهيو هو ته هو اڃان به هن ڏي گهوري نهاري رهيا هئا. هڪ جذبو هن جي اندر ۾ اُڀريو ۽ هن جي دل چاهيو ته هو رڙيون ڪري چوي، ”مون کي غور سان ٻڌو! ان ۾ منهنجو ڪو به ڏوهه نه هو. آءٌ تڏهن ٻارڙو هوس جڏهن هن جاءِ تي بم اُڇلايو ويو هو.“ هن کي اهو جذبو وقتي طور اُتان دور وٺي ويو. پر جيئن ئي هن اُن جي گهرائي ۾ ڪرب کي ڇهيو، هو وري مايوسي ۾ وٺجي ويو. ”هن جو هيروشيما تي بم ڪرڻ سان ڪهڙو سروڪار؟ ۽ خصوصن ٽرين تي سفر ڪندڙ هڪ اهڙي مسافر لاءِ جنهن پرل بندرگاهه تي حملي ۾ حصو ورتو هجي. پر انهي خيال ايندي هن جيڪو گناهه جو ڪرب محسوس ڪيو ٿي اُن هن کي آٿت به پهچائي ٿي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڳئي روٽ تي هن سان گڏ سفر ڪندڙ نوجوان آمريڪين سان ڳالهائيندي، هن محسوس ڪيو ته هيروشيما تي هنن جي وڏڙن جي ڪيل حملي ۽ آندل تباهي تي هنن کي اڄ به ضمير ملامت ڪئي ٿي. ٽام محسوس ڪيو ته نوجوانن تي ان گناهه جو وزن اڄ به باري هو، جڏهن هنن هيروشيما تي ڳالهايو ٿي. ڪجهه وقت کان پوءِ ٽام کي لڳو ته جيئن ئي نسل گذرندا ٿا وڃن اُن جو ڪرب شديد ٿيندو ٿو وڃي. جاپان ۾ رهندڙ ڪي ماڻهو کڻي ڀلي اُن کي ايڏو نه ويچارين، پر هيروشيما جو ماڻهو اُن جي تباهي جي ڪرب کان ڪڏهن به پاڻ کي آجو ڪري نٿو سگهي. هن کي محسوس ٿيو ته سندس من ۾ اڳي ان بابت ايڏا خيال نه آيا هئا، جيترو هيروشيما جي حدن ۾ داخل ٿيڻ سان پيدا ٿيا هئا.
    جيئن ئي ٽرين هيروشيما کان ڏکڻ طرف هلڻ لڳي ٽام جي خماريل دماغ، جنهن ۾ هن گناهه جو ڪرب محسوس ڪيو ٿي، سرسبز نظارا پنهنجي جڳهه وٺڻ لڳا. دري کان ٻاهر شهر هونشو جا منظر پراڻي ۽ تباهه ٿيل جاپان تي ڇانئبا نظر اچڻ لڳا. آڪٽوبر جي سج جي روشني ۾ سون جيان ٻهڪندڙ چانورن جو فصل ايئن لڙيل هو ،جيئن لاباري جي منڌ ۾ ڪاري رنگ جا وڳا پهريل هاري فصل لڻندي جهڪندا آهن. مردن کي ڪانن مان ٺهيل ٽوپلا پاتل هئا ۽ عورتن جي مٿي تي گلن سان سجيل ٽوپلا ڄڻ گهونگهٽ جو ڪم ڏيئي رهيا هئا. هلڪن گهرن نارنگي رنگن جي بورڊن ۾ اڇي رنگ جا اُڀريل اکر، گهٽين ۾ ننڍڙن صفائي ڪندڙ جيان ايئن لڳا ٿي ڄڻ جديد ڪمپيوٽر جي دور ۾، پراڻي جنگ جي ميدان تي ويچاري رهيا هجن. ٽام ڄاتو ٿي ته ملڪ ۾ هاري لاءِ ڪجهه به نه رهيو هو. معزز هاري جو هر هال ۾ تحفظ ٿيڻ گهرجي. واپار جا معاهدا، درآمد جي اجازت، وڏا محصول هن جي ناڪامي کي مقدر بنائيندي کيس غير محفوظ ڪن ٿا. قوم جي عام راءِ ۾ ڪم از ڪم هڪ مضبوط واپاري ۽ هاري کي ساڳيو مقام ملڻ گهرجي، هن پنهنجو پاڻ راءِ ڏني.
    جڏهن ٽرين چو ڏهين سرنگهه مان گذرڻ لڳي ته ٽام جي ذهن ۾ هاري جي مستقبل جي جاءِ تي بک جو احساس اُڀريو. هن محسوس ڪيو ته هاڻ هن کي ٻنپهرن جي ماني کائڻ گهرجي. هو جيئن ئي ڪار ڏانهن وڌيو ته اُن جا در غلام جيان حڪم جي بجا آوري ڪندي پنهنجو پاڻ کليا ۽ هن محسوس ڪيو ته اڳيان پڪ سان ڊائننگ ڪارئي هوندي. بنا ڪنهن ڄاڻايل وضاحت جي ڊائننگ ڪاربند هئي. پر سنيڪ بار کليل هئي.
    ڪائونٽر تي پنهنجي واري جو انتظار ڪندي ٽام جي نظرن، ٻين مسافرن جو پيڇو ڪيو جيڪي ڊائننگ ڪار جي مهاڙي تي لڳل اسپيڊو ميٽر تي کتل هيون. انڊيڪيٽر جو ڪانٽو 160 ڪلوميٽر ڪلاڪ جي رفتار سان گهمي رهيو هو ”تيز ۽ صحيح رخ ۾ هلڻ گهرجي.“ ٽام سوچيو، ”پر ايترو تيز به نه جيترو فرانس ۽ اولهه جرمني جون ٽرينون هلن ٿيون.“ جيئن ئي مسافرن سئي کي حرڪت ڪندي نهاريو ته هن کي اُن جي تهه ۾ قومي فخر تي رهڙ محسوس ٿي. قطار ۾ بيهندي هن کي حيرت ٿي ته ماڻهو جن کي پنهنجي اعليٰ هئڻ جو پڪو احساس آهي، اصل ۾ ڪيترا نه ڪمتر آهن. ٽام کي ڊگهي توهين جي سلسلي ۾ قومي ڇوٽڪاري بابت ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيل لفظ ياد آيا. اڳي ئي قرضن کي ڪراس ڪيل جاپان جي قومي ريلوي جلد ئي هڪ تيز رفتار ٽرين هلائيندي. بيشڪ اها دنيا جي مهانگي ترين ٽرين هوندي ۽ مئگنيٽ ٽريڪ تي هلندي ۽ في ڪلاڪ 500 ڪلوميٽر کان مٿي فاصلو طئه ڪندي. پئسن کي کڻي ڇڏيو، اها قومي رتبي کي بچائيندي ٽوڪيو کان اوساڪا تائين هڪ ڪلاڪ وٺندي. اُتي ئي ٽڪ ٻڌي نهاريندي، ٽام سوچيو ته تيز رفتاري سدائين لاءِ بهتر ناهي. آهستي آهستي هلڻ پڻ سٺي ڳالهه آهي.
    جڏهن آخر ۾ هن جو ڪائونٽر تي وارو آيو ته هن گاڏڙ ساڏڙ جپاني لهجي ۾ مختلف نمونن تي مشتمل سئنڊوچ باڪس ۽ ڪوهي جو آرڊر ڏنو. يونيفارم پاتل ڪلارڪ هن ڏي نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي انداز سان نهاريو. هن ٻيهر آهستي هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ”سئنڊوچ ۽ ڪوهي“ ڪلارڪ کي اها خبر ئي نه هئي ته پرڏيهي صحيح نموني جپاني ٻولي ڳالهائي نٿا سگهن. نيٺ ٽام سئنڊوچ تي هٿ رکي سمجهايو ۽ اشارتن ڪافي لاءِ به پڇيو.
    ”هي ڪوهي.“ ڪلارڪ ٽام کي سئنڊوچ ۽ ڪافي ڏيندي چيو. هن وڌيڪ لفظن جو انگريزي ۾ اضافو ڪيو. ”ٿينڪ يو“.
    واپس پنهنجي سيٽ تي ويهندي، ڪافي جو مگ هٿ ۾ جهلي ۽ سئنڊوچ وات ۾ وجهندي هن جاپانين جي تصويرن تي نظرون گهمائيندي ڊونالڊ رچي جي مختلف ماڻهن بابت ويچاريو. اُن آمريڪن ساٿي کي ياد ڪندي. جنهن تقريبن پنهنجي پوري جواني جاپان ۾ گذاري هئي ۽ کيس جاپانين جي سوچڻ جي انداز جي پوري ڄاڻ هئي، هو رچي جي نيچر جي عاشق ڪشو ڪتاوا کي ڄاڻي سگهيو ٿي، جڏهن ته ٽام مشاهدو ڪري سگهيو ٿي ٽرين جو، جيڪا هن کي هڪ غار مان گذاري بي خبري مان سمنڊ ۾ واقع ٻيٽ ڪائشو ۾ وٺي وڃي رهي هئي. ان مهل هن کي محسوس ٿيو ته سمنڊ ٽرين جي ٻئي پاسي کان آهي ۽ هو سوچيندي ان نتيجي تي پهتو ته رچي جاپانين لاءِ ايئن نه سمجهه ۾ ايندڙ آهي جيئن هو هن وقت. ۽ جيڪڏهن آمريڪن جاپانين کي نه سمجهه ۾ ايندڙ لڳن،ته تصور ڪيو ته جاپانين کي آمريڪين کي سمجهڻ ۾ ڪيتري نه مشڪل پيش ايندي.
    ريل جي سيٽي نشاندهي ڪئي ته هڪاتا جو سفر پنهنجي اختتام تي پهچڻ وارو هو ۽ ٽام سئسبو لاءِ وڏي ٽرين مان لهي ننڍي ۾ چڙهيو. هن پنهنجي سفر جي ساٿين کان موڪلايو. هو هاڻ گهرائي ۾ وڃي رهيو هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هو اُنهن نظارن ۾ کوئجي وڃي، جن ۾ هن جون يادون ڪوهيڙي جيان ڌنڌليون ٿيل هيون.
    ساوڪ سان ڀرپور ۽ نوڪدار جبل ايئن ظاهر ٿيا ٿي ڄڻ ته آبشارن سان ڀرپور وهڪرن ۾ وڏا پهڻ. انهن جي جهلڪ ٽام کي آمريڪا جي شهر بيننگٽن جي فلائينگ ڊيڪ تان ڪائشو جي پهرئين نظاري جي ياد ڏياري. هو ڪاڪپٽ ۾ ويٺل هو ۽ هن جي اکين آڏو ڪائشو جو خوبصوت ۽ دل فريب منظر هو. ڪائشو جا نوڪدار جبل جيڪي هن اُڏام دوران اڄ کان چويهه سال اڳ ڏٺا هئا،اڄ به هن جي دل تي نقش هئا ۽ هاڻي هو اُنهن ئي منظرن کي ٽرين جي دري کان ٻاهر پسي رهيو هو. سواءِ ان جي اُهي هاڻي کان ننڍا نظر آيا ٿي. يا هاڻ جيئن نظر آيا ٿي اُهي اڳي کان وڏا هئا. جيئن ئي هو ڳوٺ جي نظارن ڏي نهاري ٿو، سوچڻ لڳي ٿو.
    ٽرين ٻنين ۽ ڳوٺن کي ڇڏيندي اڳتي وڌي ٿي ۽ ڪائشو جي اوڀر ۾ واقع وچ ميدان مان گذري ٿي. هڪ ناسي لباس پهريل عورت ڳوٺ جي پيچري تان هلندي محسوس ٿئي ٿي. ٽام جي دل ڌڪ ڌڪ محسوس ڪري ٿي. ”ٿي سگهي ٿو ته هوءِ اڃان ان بار ۾ ڪم ڪندي هجي جتي منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي.“ هو پنهنجو پاڻ کي ٻڌائي ٿو ”ڪاش! مون کي بار جو نالو ياد اچي وڃي.“
    سئسبو اسٽيشن سان ٽام جون ڪي به يادون وابسته ناهن ۽ هو ٽرين تان لهي، جلدي سان پليٽ فارم ڪراس ڪندو ٻاهر گهٽي ۾ اچي ٿو.
    هن جي هوٽل اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي هئي. ٽريول ايجنٽ هن لاءِ نقشي تي هوٽل جي نشان کي مارڪر سان چٽو ڪري ڇڏيو هو ۽ هن لاءِ اُن کي ڳولڻ ڪو به مسئلو نه هو.
    هونئن ته هن هوٽل پنهنجا شاندار ڏينهن ڏٺا هئا، پر هن جو اٺون نمبر ڪانن سان ٺهيل ڪمرو ڏاڍو خوبصورت هو. ڊسڪ ڪلارڪ ائميرشين ڏسڻ ۾ ڏاڍو فضليت وارو نظر آيو ٿي. هن جي جائزي وٺڻ تي ٽام محسوس ڪيو ته، هن کي آمريڪين کان چڙ هئي ۽ جاپانين کان پڻ کين اهميت نه ڏيڻ تي ڪاوڙ هئي. جاپانين جو ٻين نسلن يا ڪراس نسلن لاءِ سهپ وارو رويو ناهي. ٽام کي ان جي خبر هئي. هن کي جاپان جي سرڪار جا ڪارن ۽ آمريڪين ۽ هسپانوين لاءِ رمارڪ ياد پيا. همعصر ساٿين جو اهو عمل هن کي صحيح نه لڳو. ٽام سوچيو شايد اهو انهي ڪري هو جو جاپاني پراڊڪٽس تي آمريڪا حاوي هو. هو اُن جو اظهار ٻارڙن جي رانديڪن تي سوئر ۽ ٻيون شڪليون پينٽ ڪري ڪن ٿا. ٽام کي تڏهن به ڏاڍي حيرت محسوس ٿي. جڏهن هن جي ذهن تي جاپان جي هيٺين جاتين لاءِ استعمال ٿيندڙ غلط نالو تري آيو. اڃان هو حيرت زده ئي هو جو ڊيسڪ ڪلارڪ هن لاءِ ماني جو ٽوڪن کڻي آيو.
    هو هتي هو. ٽام کي اعتبار نٿي آيو. پر اها حقيقت هئي ته هو سئسبو ۾ واپس پهچي چڪو هو. هو ماضي ۾ واپس موٽي آيو هو ۽ زندگي هڪ دفعو وري خوبصورت ٿي ويئي هئي. هن ماضي جي ناڪامي تي ڦٽڪار وڌي ۽ هن کي گهڙي پل لاءِ ٻه ٽٽل شاديون ۽ چار وڇڙيل ٻار وسري ويا. هو وري شروع واري زندگي ۾ موٽي آيو هو. ٺيڪ آهي هو شروع واري هنڌ تي پهچي چڪو هو. هن سوچيو هن کي اهو سڀ ڪجهه هڪ ڪورس ۾ ڳايل گيت جي سٽن جيان لڳو، ”اسان جي خوابن ۽ يادن ۾ هر شئي خوبصورت آهي.“ هو هن کي هڪ دفعو وري ڳوليندو، جيڪڏهن هن کي سندس نالو ياد پوي ته هو وري تازي ذهن سان هن جي ڳولا شروع ڪندو. پر هو ڄاڻي ٿو ته هو وري اُهو ڪجهه ڪڏهن به شروع ڪري نٿو سگهي. هو هاڻ اُهو ڪجهه آهي جيڪو هن کي تجربي ٺاهيو آهي. هن کي سئسبو ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي ڪجهه ڏينهن لڳا ته جيئن هو اُن کي تصور مان ٻاهر ڪڍي سگهي.
    تنهن ڪري هو لڳاتار چئن ڏينهن تائين سئسبو جي گهٽين ۾ گهمندو رهيو. ڪنهن به شئي هن جي دلچسپي نه وڌائي. هن کي ڪٿي به مزو نه آيو. هر ڪو ساڳيا اولهه جي اسٽائيل جا ڪپڙا پهري ٿو. مين شاپنگ مارڪيٽ ۾ ساڳيون شيون وڪامن ٿيون جيڪي نيويارڪ، پيرس ۽ اوساڪا ۾ وڪامن ٿيون. هو ماضي جي نمتز پارڪ ۽ نيول بيس ڏانهن وڃي ٿو. پر هاڻ اهو تبديل ٿي چڪو آهي. اڪسا ڪچو جو چڙيا گهر اُتي نه رهيو آهي ۽ ڪئشمي جو مڇي جو بندرگاهه هاڻ تفريح گاهه ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، جتي هر وقت ماڻهن جا حشام نظر اچن ٿا. يميهاري ڊيڪ جبل جتي هنن هڪ اونهاري جي ڏينهن ۾ پڪنڪ جو مزو ورتو هو، هاڻ اُتي هڪ وڏي دوربين نسب ڪئي وئي آهي. ٽام ڏک مان ياد ڪري ٿو. اُهو سڀ ڪجهه جيڪو ماضي ۾ ٿي گذريو، اڄ به هن کي ياد پوي ٿو.
    هن کي ڳولڻ جي خواهش من ۾ سانڍي ٽام سيلر ٽائون جي بار ۾ رات جي وقت وڃي ٿو. پر سڀ ڪجهه بدلجي چڪو آهي. پهرين ته هن کي سيلر ٽائون کي ڳوليندي ٻه ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا ۽ جڏهن هو اُنکي ڳولي لهي ٿو، ته هن کي سڀ ڪجهه بدليل لڳي ٿو ۽ ڇوڪريون جيڪي هتي ڪم ڪن ٿيون هن جي ڌي کان به ننڍيون آهن ۽ اُنهن سان ڳالهائڻ ۾ هن کي گهٽ دلچسپي لڳي ٿي، ناکئا ۽ خلاصي جيڪي بار ۾ نظر اچن ٿا پڻ نوجوان آهن. اُهي عام طور نه سمجهه ۾ ايندڙ جهازين ۽ توبچين جي ٻولين ۾ ڳالهائن ٿا. ٽام پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿو. جڏهن هو محسوس ڪري ٿو. ته اڄ کان چويهه سال اڳي هو اُنهن جهڙو ئي هو.
    تنهن ڪري هو ڪناري تي اڪيلو ويهي وساريل ڪتاب کولي ٿو ۽ هاڻ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس نٿو ڪري. هو پاڻ کي هڪ ئي وقت جوان ۽ ڏاهو محسوس ڪري ٿو، ايئن جيئن هو اڳي هو ۽ هو جيڪي ڪجهه اڳي ڄاڻندو هو، هاڻي به ڄاڻي ٿو. ٽام دنيا تي زور سان کلي ٿو ۽ پوءِ پاڻ تي اڃان به زور سان کلي ٿو. ۽ جيئن ئي هو اُنجي گهرائي ۾ وڃي ٿو ته پاڻ کي تازو توانو ۽ چست محسوس ڪري ٿو ۽ بلند حوصلي ۽ ڀرپور سگهه سان ريلوي اسٽيشن ڏانهن نهاري ٿو ۽ يوڊو جي ڪنارن تي هن جو انتظار ڪندڙ پنهنجي نئين زندگي لاءِ ڊگهي سفر تي اُسهي ٿو. جيئن ئي هو ٽرين پڪڙي ٿو، سج اڪاسڪي جبلن ۾ لهڻ شروع ڪندي سئسبو کي ٻوڙڻ شروع ڪري ٿو ۽ هو شفق جي لالاڻ ۾ خوشي ۽ سڪون ماڻي ٿو.
    ***


    صبح ٿئي ٿو

    وردڪس پيٽروشين

    اسين ٽين منزل تي رهون ٿا. منهنجي ڪمري جي دري گهٽي ڏانهن کلي ٿي. هڪڙي لحاظ کان اها صحيح آهي ته ٻي لحاظ کان غلط.. صحيح انهي ڪري آهي جو آءٌ گهٽي ۾ بيٺل پنهنجي دوستن جي آواز کي آساني سان ٻڌي سگهندو آهيان ۽ سندن سڏ جو بروقت جواب ڏئي سگهندو آهيان. ۽ غلط انهي ڪري جو.....ان لاءِ ڪافي سبب آهن. خاص سبب اهو آهي ته ٻاهر جو گوڙ اندر اچڻ سبب صبح جو دير تائين سمهڻ تقريبن نا ممڪن آهي. منهنجي گهڻو ڪري نوين بجي اک کليو وڃي ۽ ڪنهن وقت ته رات ۾ به .....جيڪڏهن منهنجي اٺين وڳي اک کلي ويئي ته بابا جي نظرن کان ڪٿي ٿو بچي سگهجي. ۽ اُن وقت اڪثر اسانجي هن قسم جي گفتگو ٿيندي آهي.
    ”بابا! صبح جو سلام.“
    ”ايترو سويل اُٿيو آهين؟ بيمار ته ناهين؟“
    ”نه.“
    ”اڄ ڇاٿو ڪرڻ چاهين؟“
    ”سڀاڻي وانگي.“
    ”ڪهڙو ڪم؟“
    ”ڪلهه وانگي.“
    ”تون ڪجهه ڪرڻ جو ڇو نٿو سوچين؟“
    ”زندگي تمام مختصر آهي ۽ سوچڻ لاءِ وقت ئي ڪٿي آهي؟“
    ”اسانکي ساڳي گفتگو روزانو نه ڪرڻ گهرجي.“
    آءٌ روزانه اٺين بجي اُٿڻ نٿو چاهيان پر اُنجي باوجود به مونکي مهيني ۾ هڪ ٻه دفعا اهي ليڪچر ٻڌڻا ٿا پون.
    “ته تون بيوقوفي واريون حرڪتون ڪري پاڻ کي اڪابر ٿو سمجهين.“
    ”ٺيڪ آهي آءٌ کڻي اڪابر ناهيان پر توهان جيڪي ڪم ڪريو ٿا اُنهن سان به ڪو ماڻهو وڏو ڪونه ٿو بنجي وڃي.“
    ”بڪواس بند ڪر.“
    امان صورتحال جي سنگيني کي سمجهي اچي وچان ٽپي پوندي هئي ”آريشاکيچڪ اچي ويو آهي” هوءَ چوندي هئي.“
    کيچڪ منهنجي پي جو ڊرائيور آهي. امان جي ان ڳالهه جو مقصد اهو هوندو هو ته ڪار هيٺ تيار آهي، بابو اُن ۾ روانو ٿئي جيئن اسانجو بحث ٽٽي ۽ معاملو ٿڌو ٿئي. بابا کي ايترو وقت ئي نه هوندو هو ته هو ساڳئي معاملي تي وري اچي ٻيهر ڳالهائي. بابي جي وڃڻ کانپوءِ، آءٌ امان سان مختلف موضوعن تي ڳالهائيندو هوس، جن ۾ اول ذڪر ڪنهن ڇوڪري جو ايندو هو.
    سدائين جيان هڪ صبح جو امان مونکي ڪافي آڻي ڏني. آءٌ هاڻي بسترو ڇڏڻ وارو ئي هوس جو دري مان هڪ وڏي ڪرين ڏيکائي ڏني. مون سمجهيو ته ڪرين ٿوري دير کانپوءِ هلي ويندي. پر ايئن نه ٿيو. اُنجو اُتي ڪافي دير کڙو رهڻ مون ۾ بوريت جو احساس وڌائڻ لڳو بلڪل ائين ئي جيئن سئنيما ۾ ڪارخانن جا سلائيڊ ڏسي آءٌ اکيون بند ڪري ڇڏيندو آهيان. مون نيٺ خفا ٿيندي دري بند ڪري ڇڏي.
    ٻئي ڏينهن صبح جو به ڪرين اُتي بيٺي هئي. ڪيڏو نه عذاب هو. سدائين جيان آءٌ بستري ۾ ستي، اهو فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس ته اُٿان يا نه؟ مونکي هڪ بجي دوستن سان ملڻو هو ته پوءِ هاڻ اُٿي ڪريان به ڇا؟ جيڏي مهل آءٌ اهو سوچي رهيو هوس اوڏي مهل ڪرين هيٺ مٿي ۽ کٻي سڄي گهمي رهي هئي. اهو منظر ڪيڏو نه بور ڪندڙ هو. آءٌ جيئن ئي دري بند ڪرڻ لاءِ اُٿيس ته منهنجي نظر ڪرين هلائيندڙ ڇوڪري تي پيئي. هو سڌو مون ڏانهن نهاري رهي هئي. جيئن ته منهنجو بدن اُگهاڙو هو، انهي ڪري واپس وڃي بستري ۾ ڪريس. آءٌ ضرور مشڪرو نظر اچي رهيو هوندس، جو هنجون نظرون مونتي کپي ويون هيون. هوءَ ڪيڏي نه شوخ هئي ۽ مون ڪيڏي نه بي حيائي جو مظاهرو ڪيو هو. مون امان کي سڏيو. هن پردا بند ڪيا. پوءِ آئون اُٿيس ۽ ڪپڙا پاتم. سج ڪافي مٿي چڙهي آيو هو.
    ٽيئين ڏينهن به اُتي ڪرين موجود هئي ۽ ڇوڪري پڻ. مون دري کولي ۽ اشارو ڪري هنجو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪايو. هن هيٺ نهاريو هوءِ ڏاڍي خوبصورت هئي. مون اڳ ڇو هن کي مس ڪيو هو.
    ”اوءِ!” آسمان مان هيٺ لهي اچ. “ مون رڙ ڪئي.
    ڇوڪري شيشي مان ڪنڌ ڪڍيو ۽ چيو ”آءٌ پنجين وڳي آسمان مان هيٺ لهنديس.“
    آءٌ واعدي مطابق پنجين وڳي هيٺ لٿس. هوءَ پنج لڳي ڏهن منٽن تي هيٺ لٿي. آءٌ هن کي ڏسي کوئجي ويس. هن پنهنجا ڪپڙا تبديل ڪيا هئا ۽ هوءَ اُنهن ڪپڙن ۾ اڃا به وڌيڪ خوبصورت لڳي رهي هئي.
    ”منهنجو نالو ميري آهي.“ هن ڳالهايو.
    ”۽ منهنجو نالو جئڪ“ مون هن کي پنهنجو اصل نالو ڪونه ٻڌايو. ظاهر آهي اهو منهنجي مزاج جي خلاف هو، ته آءٌ کيس صحيح نالو ٻڌايان ۽ ٻيو ته مون چاهيو ٿي ته آءٌ کيس اهڙو نالو ٻڌايان جيڪو سندس نالي سان خوب جچي سگهي.
    هن مونڏانهن نهاريو ۽ مرڪي ڏنو.”هاڻي ڇا پروگرام آهي؟“
    مون سئنيما هلڻ جي تجويز ڏني.
    ”آءٌ نٿي هلي سگهان. هي شام آءٌ واندي ناهيان“
    ”تو وٽ منهنجي لاءِ ڪا تاريخ خالي آهي؟“
    ”ها.“
    ”سڀاڻي بابت ڇا خيال آهي؟“
    ”ٺيڪ آهي سڀاڻي“
    اسان ڪافي دير تائين هن جو انتظار ڪيو. اوچتو منهنجي نظر هن تي پيئي.
    ”ميري؟“
    ”هيلو جئڪ.“
    دوستن ٺونٺ هئي. آرمين چيو ”چوويهن سالن جي لڳي ٿي.“
    هن جو مطلب هو ته جئڪ منهنجو چوويهون نالو آهي. پر ڪا ڳالهه ناهي. هوءَ اڌ مڙي ۽ منهنجي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    ”تون ڪٿان پئي اچين؟“ مون پڇيو.
    ”اتان جتان مونکي اچڻ گهرجي.“
    ”هٿ ۾ ڪهڙو ڪتاب اٿئي؟“
    ”سوڀارو سردار.“
    ”اوهه؟ مون ريمارڪيو کي ڪافي ڪجهه پڙهيو آهي. پر آءٌ حيران آهيان ته هڪ ڇوڪري سا به مشين آپريٽر لٽريچر ۾ ايڏي دلچسپي رکي ٿي!؟ تون شايد انهي ڪري پيئي پڙهين جيئن اُن تي تنقيد ڪري سگهين، ڇا ايئن ڪونهي؟ اهو غصو ئي آهي.“ اهي منهنجا پنهنجا نه پر هينري جا چيل لفظ هئا جيڪي هن مونکي ريمارڪيو جو ڪتاب ڏيندي چيا هئا.
    ”آءٌ هنجي لکڻ جي اسٽائل کي پسند ڪريانٿي“.
    ”ڇا تون مونکي پسند ڪرين ٿي؟“
    هن اُن کي مذاق سمجهيو.
    ”جئڪ ڇا تون شاگرد آهين؟“
    مون کي خبر ناهي ته مون ڇو چيو ته، ”آءٌ ڪونه آهيان.“
    ”ته پوءِ تون ضرور ڪو ڌنڌو ڪندو هوندين؟“
    ”ها.“
    ”تون پڪ رات جي شفٽ ۾ ڪم ڪندو هوندين تڏهن ته صبح جو دير تائين ستل هوئين.؟“
    ”بلڪل صحيح. آءٌ رات جي وقت ۾ ڪم ڪندو آهيان.“ مون چيو ،”ڊيوٽي تي وڃڻ کان اڳ آءٌ تازي هوا کائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويندو آهيان.“
    ”اهو هڪ سٺو خيال آهي.“ مون محسوس ڪيو ته هنجو مون ڏانهن ڏسڻ جو انداز تبديل ٿيندو پئي ويو. مون هن جي هٿ کي پڪڙي پنهنجي ويجهو آندو. هن اعتراز نه ڪيو.
    ”ڇا تون مونسان گڏ سڀاڻي سئنيما هلنديئين؟”
    ”ٺيڪ آهي.“
    مون گهڻو ڳالهائڻ نٿي چاهيو. مون تارن ڏي نهاريو. مون سوچيو ته آسمان ۾ تارا انهي ڪري نٿا اُڀرن ته هو شاعري جي زبان ۾ واکاڻيا وڃن. پر هو ته شاعرن جي ڄمڻ کان به گهڻو پهرين آسمان ۾ موجود آهن ۽ آسمان ۾ تڏهن به کڙندا رهندا، جڏهن هن ڌرتي تي سونهن ۽ ٻاجهه ڀريا شاعر باقي نه هوندا.
    آسمان ۾ تارا شايد انهي ڪري موجود آهن، جيئن هو کيس ڇوڪري سان ٻي ملاقات لاءِ سوچڻ ۾ مدد ڪري سگهن. ۽ پوءِ ميري ڳالهايو، ”مونکي گهر ڇڏڻ جي تڪليف نه ڪر اهو ڪافي پري آهي.“
    ”مون ڪجهه ڪونه ڳالهايو. آءٌ ڪري به ڇاٿي سگهيس؟ مون پنهنجي طريقي سان ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي. ڇا ايئن نه هو؟ هوءَ بس ۾ چڙهي رواني ٿي ۽ آءٌ پنهنجي دوستن ڏانهن.
    دوست اڃان سئنيما جي آس پاس بيٺا هئا.
    ”معاملو ڪٿي پهچايئي؟“
    ”هنکي ڪيستائين کو ٽيئي؟“
    ”هنجون ٽنگون ڏاڍيون خوبصورت آهن.“
    ”شايد هوءَ ميڊيڪل جي شاگردياڻي آهي.“
    مون هنن کي ٻڌايو ته هوءَ ڪير هئي. ڪنهن به پهرين مونتي اعتبار نه ڪيو ۽ پوءِ هو کل ۾ ٻڏي ويا.
    ”ههڙيون خوبصورت ٽنگون هڪ ڊگهي ڪرين سان ڪيئن وڃي سگهيون ٿي.“ آرمين چيو.
    ”يار هاڻ هلو ته هلي گهٽيون ماپيون.“
    اسان ابو ڊين گهٽي ۾ هلڻ شروع ڪيو. مون هن گهٽي ۾ واقع اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي هئي. ۽ مان مڃانٿو ته آءٌ گذريل ٻن سالن کان هن گهٽي ۾ کڙ ڪتر ٿيندو رهيو آهيان. مان مڃان ٿو ته اها ڪا تفريح جي جاءِ به ڪونه هئي، پر ٻيو ڪو مشغلو به ته ڪونه هو. شهر ۾ اهڙي ٻي ڪا سٺي جڳهه به ڪونه هئي، جتي ڪا چڪي پي ڊانس ڪري وقت ڪاٽي سگهجي. ٻي ڳالهه ته اسان هر رات هڪ ٻئي جي گهر ۾ دعوتون ڪري به ڪونه ٿي سگهاسين. تنهنڪري اسان گهٽين ۾ پيا رلندا هئاسين. هلي هلي منهنجا بوٽ به گسي ويا هئا. گهٽين ۾ ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. مون ميڙ ۾ نهاريو. مونکي ڪو به اهڙو ماڻهو نظر نه آيو، جنهن کي چاهڻ تي دل گهري. مون پاڻ کي ماڻهن جيان سمجهڻ جي ڪئين ڀيرا ڪوشش ڪئي آهي ۽ هر ڀيري ناڪام ويو آهيان. بنيادي طور آءٌ تبديلي پسند آهيان. ڪافي ماڻهو مونکي فضول نظر آيا آهن. جيڪڏهن اُنهن جو وجود نه هجي ها ته ڪر سئنيما ۾ ٽڪيٽ وٺڻ تي ايڏي رش ۽ تڪليف نه ٿئي ها، بسن ۾ چپ چپان نه هجي ها ۽ مونکان ڪو به اهو پڇڻ وارو نه هجي ها ته ”آخر تون ڪو ڌنڌو يا ڪارائتو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟“
    آءٌ دوستن جي گفتگو تي ڌيان ڪونه ڏيئي رهيو هوس. مونکي اڳي ئي خبر هئي ته هو اُهو ئي ڪجهه چوندا جيڪو آءٌ ابو ڊين گهٽي ۾ ڪافي وقت کان ٻڌندو آيو آهيان. پر منهنجي ڪجهه ڪرڻ لاءِ اُتي هو به ڇا؟ ٽاور ڪرين ۾ ڪو به مزو نه هو. هر چيز بيڪار ۽ بي سبب نظر آئي ٿي. فقط تارن ۾ نهارڻ ۾ ئي مزو آيو ٿي.
    ”مون نئون رڪارڊ خريد ڪيو آهي. هلو ته منهنجي جڳهه تي هلي ٻڌون.“ ٽم چيو.
    اسين هن جي جڳهه تي وياسين. جيتوڻيڪ اڃا آڌي رات ڪونه ٿي هئي ته به ڪافي درين ۾ اوندهه هئي. تم رڪارڊ پليئر تي هٿ رکيو. ”تون هتان تارا ڏسي نٿو سگهين تنهنڪري بهتر آهي موسيقي کي ٻڌ.“ اها ڏاڍي دل کي سرور پهچائيندڙ هئي. “ڇا آهي؟” ڪوئي دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو هو، تم دروازو کولڻ لاءِ ويو.
    ڏاڪڻ تي هيٺ هڪڙو بيمار ٻار بيٺو هو، ”ڇا توهان سڀاڻي تائين موسيقي بند ڪري سگهو ٿا؟“
    ”سڀاڻي تائين؟“ هنن هر شيءِ کي سڀاڻي تائين ملتوي ڪرڻ چاهيو ٿي پر ڇا ٻار جي بيماري سڀاڻي تائين ملتوي ٿي نٿي سگهي؟
    آءٌ گهر ڏانهن روانو ٿيس.
    ”ڇا تون ڪڏهن بور محسوس ڪندي آهين؟“ اهو پهريون سوال هو جيڪو مون ميري کان ٻي شام جو ڪيو. هن مونڏانهن حيرت مان نهاريو، ”ڪنهن ڪنهن وقت“
    ”اُن وقت ڇا ڪندي آهين؟“
    ”مثال جي طور جيئن هاڻي آءٌ بوريت مٽائڻ لاءِ فلم ڏسڻ چاهيانٿي.“ائين چوندي هن مونڏانهن ويجهو ٿيندي گهوري نهاريو، ”تون چاهين ته هر نموني پاڻ کي مشغول رکي سگهين ٿو.“
    منهنجيون نظرون هاڻ آسمان ۾ کپي ويون هيون. پر اڃا ته فقط ست ٿيا هئا. تارا اڃان ڪونه اُڀريا هئا. اسين سئنيما ۾ وياسين. پهرين ته مون پردي ڏي نهاريو ئي ڪونه. جڏهن بتيون وساميون ته مون ۾ ميري کي ڇهڻ جي خواهش ڪر کڻي اُٿي. مون اوندهه ۾ سندس هٿ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي. اهو ڏاڍو ٿڌو هو.
    ”ڇا توکي ٿڌ ٿي پوي؟“ مون ڀڻڪيو.
    ”نه.“ هن چيو. پر هن پنهنجو هٿ پري نه ڪيو. آءٌ هن کي آرمين جي جڳهه تي وٺي ويندس مون فيصلو ڪيو. هو اڄ گهر ۾ اڪيلو آهي.
    ميري منهنجو هٿ ويجهو ڪري ورتو. ”اهو تمام گرم آهي.“
    منهنجيون اکيون هاڻ اوندهه ۾ ڏسڻ لڳيون هيون. مون هن ڏي وري نهاريو، ”آءٌ يقينن هن کي آرمين جي جڳهه تي وٺي ويندس“
    ”پردي ڏانهن ڏس ۽ پنهنجو هٿ پري ڪر.“ مونکي سندس حڪم جي بجا آوري ڪرڻي پيئي.
    آءٌ ان خيال جو آهيان ته ڇوڪري جي معاملي ۾ سلسلو ڪنهن ننڍڙي ڳالهه کان شروع ڪجي ته هوءِ جلدي ڦاسي پوندي.
    جيئن ئي سئنيما ڇڏيسين، اسان مان ڪنهن به فلم تي ايترو گهڻو نه ڳالهايو. ميري فقط اهو چيو، ”اها بيڪار فلم هئي“
    ”آءٌ توسان پنهنجي خوش مزاج سنگت کي ملائڻ چاهيان ٿو.“ مون چيو ”ا ُتي اسان موسيقي ٻڌنداسين ۽ تون بور به نه ٿينديئين.“
    آءٌ بور نٿي محسوس ڪريان. پر ها توکي ڊيوٽي تي پهچڻ ۾ دير ٿي ويندي.“
    ”بيشڪ.“ مون هنکي ٻڌايو هو ته منهنجي شفٽ ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيندي. وردي پوش سيٽي هنئي.
    اسين سڄي واٽ ڳالهائيندا هلياسين. ميري چيو، ”هو ڏس!؟ هو اسان ڏي نهاري رهيو آهي.“
    “اوهه” مونکي مذاق سجهي آيو، ”اسان کي به ايئن ئي ڪرڻ گهرجي جيئن اهو ڪري ٿو.“
    ”صبح جو سلام! جئڪ شفٽ ڪيئن رهي؟“
    ”بلڪل ٺيڪ. جيتوڻيڪ آءٌ ڪافي ٿڪجي پيو آهيان.“ مون بستري مان ئي جواب ڏنو.
    هن مون ڏانهن نهاريو ۽ ڪرين کي ڪنٽرول ڪيو. ڪرين جي ٻانهن هڪ ڀت کي مٿي کڻي رهي هئي. رات جو گهڻو دير سان پهچڻ سبب گهڻو ٿڪ محسوس ڪري رهيو هوس. اسانجو ماضي جيڪو دوستن ۽ ڇوڪرين (جن مان ڪن کي سڃاڻندو هوس ته ڪن کي نه) سان گهاريو هو ڪيترو نه سٺو هو.
    اسان گڏجي پيئندا هئاسين ۽ نچندا هئاسين ۽ بحث ڪندا هئاسين. مون ٽن يا چئن ڇوڪرين کي چميو ۽ ٻن سان ملڻ جي تاريخ به رکي. هڪڙي جو نالو آلا هو. هوءَ ڏاڍي خوبصورت هئي. ”آءٌ هن کي آرمين جي گهر وٺي ويندس“ ڪنهن چيو. ”اچو ته اُنهن جي نالي پيون جن کي خبر آهي ته جيون ڪيئن گهارجي.“ اُن کان پوءِ آلا مونڏي جهڪي ته جيئن آءٌ هنجي چولي ۾ ڇلڪندڙ جوڀن کي پسي سگهان. ”هن اڳي به ڪئين ڀيرا اسانتي جوڀن لٽايو آهي“ مون چپن ۾ سس پس ڪئي ۽ پوءِ چپن تي وسڪي جو گلاس آڻيندي نڄاڻ ڇو ميري بابت سوچڻ لڳس. ”ڇا ميري بابت به اها راءِ رکي سگهجي ٿي؟ “ ڇا هن کي خبر ناهي ته حياتي جو مزو ڪيئن وٺجي؟ ”هي واقعي حقيقي زندگي آهي.“ آلا چئي رهي هئي. منهنجو هڪ هٿ هنجي چيلهه تائين ڦهليل هو ۽ ٻئي هٿ ۾ شراب جو پيالو”ڇڏينس کڻي.“ آءٌ ته ميري بابت سوچي رهيو هوس، ڇو هوءَ ڪرين کي ڇڏي نٿي ڏي؟ ڇو هوءَ حقيقي زندگي نٿي ماڻي؟ هڪ خوبصورت ٽنگن واري ڇوڪري آسمان تي چڙهڻ کان سواءِ ٻيو ڪو بهتر ڪم ڇو نٿي ڪري!؟، آلا ريمارڪيو جي ڪتاب سوڀارو سردار بابت ڳالهائڻ لڳي. ”آءٌ عام انسان کان هٽي ڪري ريمارڪيو جي هر برانڊ جي شراب کي واپرائڻ جي طريقي کي پسند ڪريانٿو.“
    آءٌ جڏهن گهر پهتس ته نشي ۾ وٺجي چڪو هوس. مون پاڻکي ننڊ جا گهيرٽ ايندي محسوس ڪيا. ميري مون ڏانهن ڏٺو مونکي اُٿي ڪپڙا پائڻا پئجي ويا.
    هاڻي مونکي ميري نظر ڪونه ٿي آئي. پر آءٌ اڃان به اڌوري ٺهيل گهر ڏي نهاريندو آهيان جڏهن اُن ۾ اسان شروع ۾ داخل ٿيا هئاسين، ته گهٽي ۾ ڪو به گهر نه هو ۽ هاڻي اُتي ڪيترا نه گهر ٺهيل هئا. هاڻي آءٌ آساني سان ماڻهن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌي سگهيس ٿي ۽ ميري جي گهر مان ايندڙ مترڪن جي ٺڪ ٺڪ جا آواز پڻ. اِهي آواز مونکي چڙ ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئا. پر مون ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته ماڻهو ڇا بابت ڳالهائي رهيا هئا. مون اُنهن کي ويجهڙائي کان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪافي جملا منهنجي پلئه پيا. ۽ اُن مهل منهنجي ڪنن تي امان جو آواز پهچندو هو. ”آئون توکي ڪافي اندر ڏيئي وڃان يا ٻاهر اچي پيئندين؟“
    آءٌ ماني کائڻ جي ڪمري ۾ ويس.
    مونکي هر ڪا شيءِ سست لڳي، ڪافي پيئڻ ۽ گهر ٺاهڻ. هاڻي هڪ وڳو هو. مونکي اڃان چار ڪلاڪ گذارڻا هئا. آءٌ سئنيما ڏي روانو ٿيس. ٽم ۽ ويل اڳي ئي موجود هئا. اُهي ٻاهريئين پلر وٽ بيٺا نهاري رهيا هئا. مونکي مٿن حيرت آئي ’هو ڇا سوچي رهيا هئا ته اهي پلر ماڻهن جا ٺهيل ڪونه ٿي ٿي سگهيا؟‘
    هر ڪا شئي بور ڪندڙ هئي.
    ”بون جور!“ ٽم رڙ ڪئي.
    ”بون جور!“ مون ورندي ڏني.
    اُهي منهنجي لاءِ جڳهه ٺاهڻ لاءِ ٿورڙو هٽيا. اسان خوبصورت ڇوڪرين کي لنگهندي ڏٺو لازمي ٻيا ماڻهو به اُتان لنگهي رهيا هئا، پر اسان اُنهن تي ڌيان ڪو نه ڏنو. اسان اُنهن کي شاعرن ۽ وردي وارن لاءِ ڇڏي ڏنو.
    ”هنن جي چيلهه ته ڏس“ ويل چيو.
    ٽم چتائي نهاريو ۽ چيو ”اسان کي اڄ ڇا ڪرڻو آهي؟“
    ”اهو ڪو مسئلو ناهي.“ ويل اسان ڏانهن ايندڙ ڇوڪري کي ڏسي اشارو ڪيو. ”مون اڄ رات لاءِ ڪم ڳولي ورتو.“
    ”بون جور ڇوڪرا“
    ”بون جور! اسان سر ۾ سر ملايو.
    ويل روانو ٿي ويو. اسين بيٺا رهياسين. سادين ۽ سٻاجهين اکين سان نهاريندڙ ڇوڪرين ۽ ماڻهن سان گهٽي ڀريل هئي. مون ڏٺو ته ڪجهه ماڻهو خوش نظر اچي رهيا هئا ته وري ڪي اُداس. هڪڙو ماڻهو پنهنجي منهن وڦلي رهيو هو. هڪڙي ڇوڪري رڙيون ڪري رهي هئي.
    ”ڇا آءٌ هتان لنگهي سگهان ٿو؟“
    مون ٻنهي پلرن تائين ٽنگون ڦهلائي رستو بند ڪري ڇڏيو هو. اهو نوجوان جي ڳالهائڻ جو آواز هو. هن کي سادا ڪپڙا پهريل هئا ۽ ايئن لڳو ٿي ته هن ٻن ٽن ڏينهن کان ڏاڙهي به ڪو نه لاٿي هئي. هنجي بغل ۾ هڪ ڪتاب هو.
    ”گستافي معاف“ آءٌ هن ڏي ڇو نهاري رهيو هوس؟ آءٌ سمجهي نه سگهيس. مون ٽنگون هٽائي هنکي گذرڻ ڏنو. هو ٽم ۽ مونڏانهن خالي پيلي نظرن سان نهاريندو هليو ويو.
    مونکي پنهنجي ڪاري قميص ۾ گرمي ٿي رهي هئي. مون اُنجي شڪايت جڏهن ٽم سان ڪئي ته هن چيو،”پيرس ۾ انکي ڏاڍو شوق سان پاتو وڃي ٿو.“ مون جڏهن کائنس پڇيو ته ”هنکي ڪيئن خبر پيئي؟“ ته هن ان سوال جو جواب ڏيڻ جي بجاءِ چيو ”مون اڄ جي لاءِ ڪجهه نوان رڪارڊ اُڌارا ورتا آهن ۽ اسان ڇو نه هلي هنجي جڳهه تي اُهي ٻڌون.“
    آءٌ ميري سان پنجين بجي مليس.
    ”ڇا تون مونکي پاڻ سان وٺي هلندين؟“ هن چيو، ”تون مون کي اڃان اهو به ڪو نه ٻڌايو آهي ته تون ڪٿي ڪم ڪندو آهين؟“
    آءٌ گهڙي پل لاءِ ته سراپجي ويس ۽ پوءِ منهنجا چپ چريا، ”اها فوجي راز جي ڳالهه آهي“
    ”تون مونکي نه ٻڌاءِ جيڪڏهن ٻڌائڻ نٿو چاهين.“
    هڪ موالي هيٺ گهٽي مان لنگهي رهيو هو ۽ ڳائي سڀني جو ڌيان ڇڪائي رهيو هو. جيتوڻيڪ اهو صبح جو وقت هو پر هو، چانڊوڪي جي منظر سان لاڳاپيل گيت جهونگاري رهيو هو. مون هن ڏي نهاريو ۽ پوءِ پارٽي ۾ مليل ڇوڪري بابت سوچڻ شروع ڪيو، جنهن ريمارڪيو بابت ڳالهايو پي.
    ”آءٌ دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته هن سڀ ڪجهه وودڪا کي ئي سمجهيو ٿي.“ مون چيو، ”نه ڪِ ريمارڪيو جي ڪردارن وانگيان جيڪي هر قسم جو برانڊ واپرائين ٿا.“
    ميري حيرت مان نهاريو ”ريمارڪيو ڪو طعامن جي لسٽ جو نالو ناهي. مونکي خبر ناهي ته هو ڇا پيئندا هئا. پر آءٌ ريمارڪيو کي ڏاڍو پسند ڪريان ٿي.“ هوءِ اوچتو خاموش ٿي ويئي. ايئن ڄڻ هوءِ پنهنجن ئي لفظن ۾ گم ٿي ويئي هجي.
    اونهاري جي شام اسان تي مهربان هئي. اسين سئنيما پهتاسين. دوست هميشه جيان اُتي موجود هئا. ويل، آرمين ۽ ٽم.
    ”بون جور ڇوڪرا!“ ٽم چيو.
    مون پنهنجو هٿ لوڏي هن کي کيڪاريو.
    ”ڇا تون هنن کي سڃاڻين ٿو؟“ ميري پڇيو.
    ”ها پر ڇو؟“
    ميري مون ۾ ڏسي رهي هئي ۽ آءٌ فرش ۾ ڏسي رهيو هوس، جيڪو لاتعداد بوٽن جي کڙين جي گسڪڻ سبب پالش ٿي ويو هو.
    ”هي هتي ڏينهن ۾ ڪيترا ڪلاڪ چڪر لڳائيندا رهندا آهن؟“
    ”ڪنهن وقت ته سڄو ڏينهن به“. مون نهايت سوچي سمجهي جواب ڏنو، ڇاڪاڻ جو ميري اِهو سوال سڌو مون کان ڪيو هو.
    ”اهو ڏاڍو سٺو ڌنڌو آهي.“ هن ساڳئي لهجي ۾ چيو ”منهنجي خيال ۾ هنن هٿ مهٽي مهٽي پلرن تي به نشان ڪري ڇڏيا آهن.“
    آءٌ پنهنجي خاموشي تي پاڻ حيران ٿيس ۽ منهنجون نظرون پلرن تي پنهنجن ڪيل نشانن کي ڏسڻ لاءِ گهميون.
    ”هو ڇا ڪندا آهن؟“ هن حقارت ڀرئي لهجي مان پڇيو.
    ”هو انسان آهن؟“
    ”مون ڌنڌي بابت پڇيو آهي؟ اهو ته ڪو ڌنڌو ته نه ٿيو!“
    ”ڇو نه؟“ مئڪسم گورڪي چوي ٿو: دنيا ۾ سٺي ۾ سٺو ڌنڌو آهي انسان ٿيڻ.“
    ميري کلي ڏنو ”تون هنن مفت خورن لاءِ سٺو بچاءُ جو وڪيل ٿي سگهين ٿو.“
    ڪنهن به هيلتائين مونکي مفت خور نه ڪوٺيو آهي ۽ آخر ڪنهن کي حق به ڪهڙو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو قانون آهي جنهن تحت لازمي طور تي هرهڪ کي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي؟
    ”تون اُنهن کي مفت خور ڇو ٿي ڪوٺين؟“ مون آپي کان ٻاهر نڪرڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ جيتري نرم لهجي ۾ ممڪن هو ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. مون کي بزرگن جون نصيحتون ڪو نه وڻن. هو ڪڏهن به نٿا چاهين ته ڪو ماڻهو سڪون سان جيون گهاري.
    ”ڇا تون اُنهن کان به خراب آهين جو اُنهن جي وڪالت ٿو ڪرين؟ پر تون ته جلدي هليو ويندين ۽ وڃي سڄي رات پورهيو ڪندين!“
    ڇا آءٌ اُنهن کان خراب هئس؟ نه بلڪل نه. اهو ئي سبب هو جو جيئن اُنهن ڪيون ٿي مون به ڪيو ٿي پر ميري تون جلدي گهر وڃي سمهي پونديئين، ڇاڪاڻ جو توکي صبح جو سويل ڇهين بجي اُٿڻو آهي، جيئن ڪم تي دير نه ٿئي. تون حقيقي زندگي گهارڻ لاءِ گهڙي پل رڪجي نٿي سوچين. تون معمول جيان روزانه اُٿين ٿي ۽ ڏسين ٿي ته وقت جا هٿ رات جي يارهن ڏانهن اشارو ڪن ٿا، تو وٽ فقط هڪ ڪلاڪ باقي هوندو آهي. پر آءٌ توکي ورندي ڏيڻ لاءِ کوڙ سارو وقت چاهيان ٿو.
    ”ڇا تون سمجهين ٿي ته هرڪو ڪم سولو آهي؟“
    ”نه.“
    مون سمجهيو ته هوءِ چوندي ته هنجو ڪم وندر جيان هو. پر هن ايئن ڇو نه چيو؟
    ”تون ڪاليج ڇو نٿي وڃين؟“
    ”آءٌ امتحان پاس ڪري نٿي سگهان. مون ڪجهه ڏينهن ٿيندا ٽيون ڀيرو امتحان ڏنو آهي.“
    ”۽ هاڻي؟“
    ........
    مون گذريل ٽن ڏينهن کان دري ناهي کولي. آءٌ وڌيڪ سمهڻ چاهيان ٿو، ته جيئن عجيب و غريب اڻ هريل خيالن کان جند ڇڏائي سگهان. ڀلا هر هڪ کي ڇو ڪم ڪرڻ گهرجي؟ جي ڪڏهن سڀني اوچتو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ته ڇا ٿيندو؟ اهو سڀ ڪجهه سوچڻ هڪ بور ڪندڙ عمل هو. اهي سوال فلاسافي ڏانهن کڻي ٿي ويا. مون ڳاڙهي شراب کي پيئڻ ئي بهتر سمجهيو.
    آءٌ ٻاهر نڪتس. ڏاڍي گرمي هئي. مون ڇو پنهنجون اکيون گهٽي جي ٻئي پاسي کپائي رکيون هيون. ڇا آءٌ ميري لاءِ واٽ نهاري رهيو هوس؟ مون پنهنجو پاڻ مرڪي ڏنو. اهو خيال ڪرڻ به حيرت ۾ وجهندڙ هو ته هڪ لوهه جو راڪاس (ڪرين) هنجو وفادار غلام ٿي سگهيو ٿي. ميري جا ڪتاب ڪرين جي سيٽ ۾ پيل هئا. مون شهر کي اڳي ايترو اوچائي کان ڪڏهن نه ڏٺو هو. منهنجي ٽماڙ واري دري مان اُهو سڀ ڪجهه جيڪو اوهين به ڏسي سگهيا ٿي، سو هو گهٽي جو سامهون وارو پاسو جنهن ۾ هنن ڏينهن فقط گپ ئي گپ هئي......... آءٌ هوٽل ۾ ويس. اهو ڏينهن جو وقت هو ۽ بيرن کي سواءِ پاڻ ماني کائڻ جي ٻيو ڪو به ڪم نه هو. اڪيلي گراهڪ جيڪا هوٽل ۾ هئي، سا هئي گرمي. مرڪن منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. آءٌ سيٽ تي وڃي ويٺس. آءٌ دري مان هر لانگهائو کي ڏسي سگهيس ٿي. هڪ ڇوڪري گل وڪڻي رهي هئي.
    ...................
    ميري رڪارڊ پليئر تي مڙي
    مونکي خبر ناهي ته ڇو پر اُن ڏينهن شام جو بلڪل پوري پنجين وڳي گهر مان ٻاهر نڪتس. مون هنکي ٻڌايو ته ڪارخاني ۾ نئين ڊيوٽي شيڊول سبب آءٌ گذريل ٽن ڏينهن ۾ هڪ پل به واندو ٿي نه سگهيس. پر هي رات مونکي بلڪل ڇٽي آهي.
    ۽ هاڻي آءٌ ميري جي گهر ۾ هوس.
    هنجي ماءُ ٻئي ڪمري ۾ هئي. هنجو ڀاءُ جيڪو شاگرد هو پنهنجي فيلڊ ورڪ تان ايندڙ هفتي پهچڻو هو. مونکي حيرت لڳي ته آخر انهن سڀني ۾ مونکي دلچسپي ڇو هئي؟ ڪوئي وائلن تي عام رواجي گيت ڳائي رهيو هو.
    ”ڇا توکي وائلن پسند آهي؟“
    ”نه.“
    ”آءٌ ان کي پسند ڪريان ٿي.“ ميري فخر مان چيو. مونکي ڊپ هو ته هوءِ وري واعظ ڪرڻ شروع ڪندي. گيت وڄي رهيو هو. منهنجي دل کي اوچتو جهٻي آئي. پر جلد ئي گيت ختم ٿي ويو. ميري ٻيو گيت لڳايو.
    ”ڇا تون ڊانس ڪرڻ پسند ڪندين؟“
    آءٌ اڃان اوٻاسي ڏيئڻ تي ئي هوس جو ڪمري ۾ اوچتو زندگي موٽي آئي. مون سوچيو اهو ساڳيو وائلن هو جيڪو ٽم وٽ به هو. ڇا ميري ۽ ٽم جي پسند هڪڙي آهي؟ ميري گيت جي ڌن تي پير لوڏي رهي هئي ۽ مسڪرائي رهي هئي.
    ”اسانکي نچڻ گهرجي.“ مون چيو ”ڇا توکي اها پسند آهي. منهنجو اشارو موسيقي ڏانهن آهي.“
    ”ها.“
    ”وائلن بابت ڇا خيال آهي؟“
    آءٌ وائلن کي پڻ پسند ڪريان ٿي.
    ”ٽم کي يقينن حيرت ٿيندي.“
    ”ٽم ڪير آهي“
    ”ٽم؟“ مونکي سمجهه ۾ نه آيو ته مون ٽم جو ڇو ذڪر ڪيو. ”اوهه ٽم! هڪ ماڻهو آهي جنهن کي آءٌ سڃاڻانٿو. هو چوندو آهي....“
    اسان هڪ ٻئي کي چميو. مونکي خبر ناهي ته ايئن ڪيئن ٿيو. مونکي ايئن لڳو ته ڄڻ هن کان اڳ مون ڪنهن ڇوڪري کي نه چميو هجي. رڪارڊ ختم ٿي ويو. مون چاهيو ٿي ته وائلن مان نرم ۽ مٺڙو سر اُٿندو رهي.
    ”امان هتي آهي...“ ميري ڀڻڪيو.
    آءٌ هنکي چمندو رهيس. هڪ خيال منهنجي دماغ ۾ اُڀريو پر مونکي اُن جي مناسبت سان ڪو به شعر ياد نه آيو. مونکي ويل ياد آيو، جيڪو هڪ ڀيرو پيار ۾ ڦاسي پيو هو ۽ اسان کيس ڏاڍو پريشان ڪيو هو. پوءِ مون محسوس ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته ميري مونکان منهنجي ڊيوٽي جي جاءِ بابت پڇي. منهنجون ٽنگون ڪنبڻ لڳيون. آءٌ دري ڏي وڌيس ۽ سگريٽ دکايم ميري چيو ،”امان کي پڪ ننڍ اچي ويئي هوندي.“
    وري ساڳي دل کي گرمائيندڙ موسيقي جاري هئي پر هاڻ آءٌ نچيس ڪو نه ٿي. آءٌ شهر ڏي ڏسڻ لڳس، جيڪو جيتوڻيڪ سانت هو پر مونکي ٽيپ رڪارڊ جيان وڄندڙ لڳو. مون کي لڳو ته مونکي بابا سڏي رهيو هو. ”تون سڀاڻي ڇا ڪندين؟“ ۽ مون محسوس ڪيو ته آءٌ اُن جو موزون جواب ڏيڻ جي ڪڏهن به لائق نه ٿي سگهندس. ۽ شايد منهنجو اُهو ئي جواب هوندو، ”ڪلهه جيان ساڳيو.“
    ”ڇا تون واقعي پيار.....؟“
    ميري شرم وچان مرڪي ڏنو. هوءِ سمجهي نه سگهي هئي.
    ”منهنجي مراد موسيقي سان.“
    ”ها.“
    ”اُهي چون ٿا ته هي مفت خورن جي موسيقي آهي.“
    ”موسيقي تي اُنجو ڪو به فرق نٿو پوي.“
    آءٌ گهٽي ۾ هلڻ لڳس ۽ چاهيم ته اها ڪڏهن به ختم نه ٿئي. گهٽي ننڍي هئي ۽ مونکي گهڻو ڪجهه سوچڻو هو. آءٌ سوچي رهيو هوس، موسيقي جي لئه، وائلن جي ورلاپ ۽ اکين بابت. جڏهن هن چيو، ”امان کي پڪ ننڍ اچي ويئي هوندي.“ هن ڪيئن نه ڌڪار وچان منهنجي دوستن کي مفت خور سڏيو هو ۽ منهنجين چمين جي هوءِ ڪيئن نه پيار ڀري موٽ ڏيئي رهي هئي. ڇو مون هنکي پنهنجي اصليت بابت ڪو نه ٻڌايو؟ ۽ مون هي شروع کان ڇا ڪيو؟ آءٌ مفت خور آهيان؟ اوهه هي دوست اچي ويا.
    ”بون جور ڇوڪرا!“
    مون مشڪل سان ڪنڌ لوڏيو.
    ”هليا.“
    مون کان ڪنهن به نه پڇيو ته آءٌ ڪيڏانهن ويو هوس ۽ ڪنهن به هڪ اکر نه ڳالهايو ته اسان ڪيڏانهن وڃي رهيا هئاسين. پر اسين هئاسين. فقط گهٽين ماپڻ لاءِ نڪتا هئاسين. اسين ڄاتل سڃاتل گهٽي ۾ هلي رهيا هئاسين ۽ آءٌ هرهڪ لانگهائو کي ڏسندو رهيس. ڇا آءٌ هنن کان خراب هئس! ڇاڪاڻ جو مون ڪم ڪرڻ نٿي چاهيو؟ پر ڇا ايئن ڪرڻ ضروري هو. بابا آخر جنگ ۾ ڪنهن جي لاءِ وڙهيو؟ هن ڇو پنهنجون ڏينهن ۽ راتيون هڪ مشن جي تڪميل لاءِ جاڳندي گذاريون؟ ۽ ڇو ڪڏهن به هن اِهو ڪو نه چيو: ”تو ڪافي ڪم ڪيو آهي. صحيح زندگي گهارڻ لاءِ واقعي تو صحيح وقت جو تعين ڪيو آهي.“
    ”اسين سڀاڻي ملنداسين. هن کي به پاڻ سان وٺي اچجانءِ.“ ويل چيو.
    ”ڪرين آپريٽر“. ٽم سر ۾ سر ملايو. مون ڪنڌ لوڏيو. هوءِ ڇوڪري ڪٿان آئي هئي؟ آءٌ هن سان ايترو وقت ڇو گڏ رهيس؟ ۽ ڇو منهنجي لاءِ گذريل ڏينهن کي ذهن تان ميسارڻ ڏکيو ٿي پيو هو؟
    ”هل ته اندر هلون“. ڪنهن چيو ۽ اسين هوٽل ۾ داخل ٿياسين.
    .......
    ”صبح جو سلام! جئڪ شفٽ ڪيئن رهي؟“
    هوءِ مون سان آسمان مان ڪونه ڳالهائي رهي هئي. هوءِ مونسان گڏ فٽ پاٿ تي بيٺي هئي. اها رات منهنجي لاءِ بيڪار هئي جو آءٌ ستين بجي کان ٻاهر هوس ۽ هاڻ ميري ساڻ هئي.
    ”ڇو ايترو سويل؟“
    ”گرمي هئي. “
    ”ڇا تون آسمان ڏي هلڻ چاهيندين؟“ هن وري ڳالهايو.
    مون پاڻ ۾ مذاق جي سگهه ساري.
    ”فلائي راڪيٽ ۾ سفر ڪندڙ بيلڪا ۽ اسٽريلڪا ڪتن وانگر.“
    ”نه صرف مون سان گڏ ڇهين ماڙ تائين“
    ”مون سمجهيو. آسمان مان زندگي تي هڪ نظر وجهڻ جو موقعو ملندو. هتي ته هرڪا شئي ٻئي کان بد ترين آهي.“
    اسين ڪئبن ۾ ٿي ويٺاسين. ماڻهن سڀني طرفن کان ميري کي هٿ لوڏي کيڪاريو.
    ”اڄ توسان نئون شاگرد ٿو ڏسجي؟“ ڪنهن پڇيو.
    ميري مونڏانهن فخر مان نهاريو.
    ”هن کي پنهنجا ڪئين شاگرد آهن. توهان کي خبر آهي ته هي ڪٿي ڪم ڪندو آهي؟“
    جيئن ئي هن اِهو چيو مون پاڻ کي بي يارو مددگار ڄاڻي مرڪي ڏنو. ڇاڪاڻ جو هن کي منهنجي ڪم ڪرڻ جي جڳهه جي خبر ڪو نه هئي. ميري پنهنجي آفيسر سان ڳالهايو ۽ مونکي هن سان مٿي چڙهڻ جي اجازت ڏني ويئي. منهنجون ٽنگون ۽ ٻانهون خود به خود لڏڻ لڳيون ۽ هاڻ اسان آسمان ۾ هئاسين. منهنجي هيٺ منهنجو اباڻو ڳوٺ هو. مونکي لڳو ته مون اُنکي ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو هو. مون درجن کن ڪرينون ڏٺيون. مونکي لڳو ته هو مونڏي پنهنجون ٻانهون ڊگهيري رهيون هيون. ۽ اهي نوان گهر مٿي وڃي رهيا هئا ۽ ميري مشين جي ڪنٽرول ڪئبن ۾ ويٺي هئي.
    ”آءٌ هيٺ لهڻ چاهيان ٿو. تو پنهنجا ڪتاب ڪٿي رکيا آهن؟“
    ”تون هيٺ لهڻ چاهين ٿو؟ هو ڏس!“ اُن کانپوءِ هن مونکي آرسي ڏسي جيڪا لوهه جي ديوار تي ٽنگيل هئي ”اها منهنجي ڊرسينگ ٽيبل آهي. تون ٿڪي پيو هوندين؟“
    جيئن مون آرسي ڏي ڏٺو ته پنهنجي مرڪ کي لڪائي نه سگهيس. ميري چيو ”مون هن وقت تائين پنج گهر ٺاهيا آهن... منهنجو مطلب آهي ته اسان.“
    ”پنج گهر!“ ۽ مون؟ مون هن شهر ۾ جي ڪم ڪيو هو ته، اهو ته پاڻ پيدا ٿيو هوس ٻيو ڪجهه به نه.
    .......
    هڪ نوجوان سئنيما جي ٻاهران اسان وٽ آيو.
    ”مونکي افسوس آهي ته مونکان دير ٿي ويئي.“
    ”مونکي توکي پنهنجي ڀاءُ سان ملائيندي خوشي ٿي ٿئي.“ ميري چيو.
    ”جئڪ“ هن مونڏي چتائي نهاريو ۽ پوءِ هن مونڏانهن پنهنجو هٿ وڌائيندي چيو ”ميري مونکي تنهنجي بابت ٻڌايو هو.“
    ”منهنجو نالو آرسن آهي“ مونکي خبر ناهي ته مون آهستي ڳالهايو يا رڙ ڪئي. مونکي لڳو ته آءٌ اُها ساڳي هوا کائي رهيو آهيان. جيڪا هو ٻيئي، جن سڀني تي اعتبار ٿي ڪيو ۽ هر شئي ۾ پختو يقين هئن. مون محسوس ڪيو ته ميري جي چهري جو رنگ هيڊو ٿي ويو. هنجي ڀاءُ سندس هٿ پري هٽايو. هن جو هٿ ڪرين جو ٽاور جيان هوا ۾ لٽڪيو رهيو.
    ”جئڪ ڪو خراب نالو ناهي.“ هن لحاظ واري انداز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”جئڪ لنڊن منهنجو پسنديده ليکڪ آهي. ڇا توکي هنجو ڪم پسند آهي؟“
    مونکي مجبور ٿي ها ڪرڻي پيئي. ايئن پڇي رهي هئي ڄڻ ته مون هنجو ڪتاب پڙهيو هجي ۽ هوءِ منهنجي ان بابت راءِ ٻڌائڻ لاءِ بيچين هجي.
    هوءِ اڃان به اُن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ بي چين هئي. تنهنڪري هوءِ مشڪل سان جهيڻي آواز ۾ چئي سگهي ”هل ته اندر هلون! اسانکي دير ٿي ويئي آهي.“
    ”مونکي اُميد آهي ته تون مونکي معاف ڪنديئين جو آءٌ توکان بغير فلم جو اڳيون شو ڏسي چڪو آهيان.“
    ”ميري منهنجي هٿ کي ڇهيو، ”توکي ڊيوٽي تي وڃڻ ۾ اڃان ڪافي وقت آهي.“
    ”آءٌ ڪنهن به جڳهه تي ڪم ڪو نه ڪندو آهيان.“ مون ڏاڍيان سڄي حقيقت بيان ڪئي ۽ اُن کانپوءِ چيو، ”ميري خدا حافط..“
    آءٌ ٽريفڪ جي گوڙ مان هلڻ لڳس ۽ پنهنجن دوستن کي پلر وٽ انتظار ڪندي ڏٺم.
    ”بون جور!“ ٽم رڙ ڪئي.
    ”بون جور!“ ٻين سر ۾ سر ملايو.
    پر ماڻهن جي ميڙ مونکي اڳتي ڌڪيو. مون ڏٺا ڪيئي پلر جيڪي ماڻهن ٺاهيا هئا ۽ مون فقط هڪڙو ئي ڪم ڪيو هو اُهو، هو، ”پاڻ کي پيدا ڪرڻ، مون مٿي نهاريو. اُڀ ۾ تارا هئا. اُهي چمڪي رهيا هئا انهي ڪري نه ته شاعر اُنهن تي قصيدا لکن. اُهي اُتي تڏهن به نظر اچن ٿا، جڏهن ڪير ڪنهن تي اعتبار ڪو نه ٿو ڪري. ٿي سگهي ٿو ته، ڪير ڪنهن کي منهن ته آساني سان ڏيئي وڃي ۽ پوءِ دير سان اندر ۾ جهاتي پائي پنهنجو پاڻ کي ڏسي. ٿي سگهي ٿو، ايئن بلڪل ٿي سگهي ٿو ته ڪو ئي دير سان پنهنجي روح جي آسمان ۾ تارا ڏسي وٺي.
    آءٌ گذريل ٽن هفتن کان صبح جو سويل اُٿندو آهيان. نه ئي مون کي بابو ملندو آهي ۽ نه ئي ميري کي سڏيندي ٻڌندو آهيان. ”صبح جو سلام جئڪ! تنهنجيون راتيون ڪيئن ٿيون گذرن“
    ۽ ها رات ته ڪڏهوڪي گذري چڪي. هاڻ ته صبح ٿي چڪو آهي.
    ***


    سدا بهار

    سمرسيٽ ماهام

    منهنجي زال وقت جي پابندي قطعي ڪونه ڪري. اهوئي سبب آهي جو هوٽل ڪليرج ۾، مون سان اڳواٽ طئه ٿيل ٻنپهرن جي ماني تي هوءَ اڃان نه پهتي هئي. جيتوڻيڪ مان خود به ڏهه منٽ ليٽ پهتو هوس. پر هن کي نه ڏسي مونکي ڪابه حيرت نه ٿي. مون ڪاڪ ٽيل جو آرڊر ڏنو. من کي ڀائيندڙ موسم هئڻ جي ڪري لائونج ۾ ٻن يا ٽن ٽيبلن کي ڇڏي باقي سڀئي ٽيبلون ڀريل هيون. ڪافي ماڻهو ماني کائي چڪا هئا ۽ مٿان ڪافي يا چانهه پي رهيا هئا. باقي مون پارا ماڻهو وسڪي جي بوتل سان کيڏندي، اوسيئڙي جي عذاب کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. عورتون اونهاري جي لباس ۾ جيتوڻيڪ ڏاڍيون هشاش بشاش ۽ خوبصورت نظر اچي رهيون هيون، پر انهن ۾ ڪو به چهرو اهڙو ڏسڻ ۾ نه ٿي آيو جنهن تي ڏهن پندرنهن منٽن کان وڌيڪ نظر کپائي سگهجي. اهي ڏسڻ ۾ خوش مزاج، نازڪ، زرق برق لباس ۾ ملبوس ۽ چلوليون نظر آيون ٿي. پر انجي باوجود به اُهي روايتي قسم جون عام عورتون لڳيون ٿي ۽ انهن ۾ ڪا به عورت اهڙي نه هئي، جنهن کي ڏسڻ جي حسرت من ۾ ٻيهر پيدا ٿئي. هاڻ ٻه ٿي چڪا هئا ۽ مونکي بک به ڏاڍو تنگ ڪري رهي هئي. منهنجي زال اڪثر چوندي هئي ته، هن کي فيروزي هيرو ۽ واچ پائڻ قطعي پسند نه هئا. ڇاڪاڻ جو فيروزي هيرو رنگ ڇڏيو سائو ٿيو وڃي ۽ واچ بيهي ٿي رهي. انهي ڪري هن پنهنجو سڀ ڪجهه قسمت تي ڇڏي ڏنو هو. فيروزي هيري لاءِ ته آئون ڪجهه چئي نٿو سگهان. پر واچ تيستائين نٿي خراب ٿئي، جيستائين ان جو بي دردي سان استعمال نٿو ٿئي. اڃان آئون انهن ئي خيالن ۾ هوس جو بيرو منهنجي ويجهو آيو ۽ نهايت سنجيده انداز ۾ چيو، ”توهانجي بيگم صاحبه جو بلڪل هاڻي فون تي توهانجي لاءِ پيغام آهي ته، هوءَ ڪنهن سبب ڪٿي رڪجي پيئي آهي، انهي ڪري توهان سان مانيءَ تي ساٿ ڏيئي نه سگهندي.“
    آئون ڏاڍو منجهي پيس. هيڏي ساري ڀريل هوٽل ۾ اڪيلو ماني کائڻ عجيب لڳم. پر هاڻي ڪلب ۾ وڃڻ جو وقت به گذري چڪو هو ۽ بک به ڏاڍي لڳي هئي. ان لاءِ بهتر سمجهيم ته اتي ئي ماني کائي وٺجي. مون ڊائننگ روم ۾ نظر ڦيرائي. منهنجي دل ڪا خاص مطمئن نه ٿي، جيئن عام طور تي قدآور شخصيتن کي ڏسي ٿيندي آهي، ۽ نه ئي فيشن ايبل هوٽل جي بيرن کي سندن نالن جي خبر هئي. پر انهي موقعي تي مون کي الائجي ڇو پڪ هئي ته، ضرور ڪنهن نه ڪنهن قدآور شخصيت سان ڏيٺ ٿيندي؟ هوٽل جي بيري دماغ جي پٽيءَ ۾ اڳيئي ٽيپ ٿيل جملن ۾ ٻڌايو ته، هوٽل جي هر ٽيبل اڳواٽ ئي بڪ ٿي چڪي هئي. مون نا اميديءَ مان وڏي هال ۾ نظرون ڊوڙايون. اوچتو هن تي نظر پوڻ سان مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. آئون ليڊي الزبيٿ ورمنٽ کي اڳيئي سڃاڻان. هوءَ منهنجي پراڻي دوست هئي. هوءَ اهڙي طرح مرڪي ڄڻ باور ڪرائيندي هجي ته هوءَ اڪيلي هئي. آئون هن ڏي ويس.
    ”ڇا تون هڪ بکايل ماڻهو تي رحم کائيندي پنهنجي ڀرسان ويهڻ ڏينديئين؟“
    ”بيشڪ. پر مان تقريبن ماني کائي چڪي آهيان.“
    هوءَ وڏي هال ۾ پلر جي ڀرسان ننڍي ٽيبل تي ويٺي هئي ۽ جڏهن آئون ويهي چڪس ته مون محسوس ڪيو ته ماڻهن جي هُل کان پاسيرو اسان نويڪلي ماحول ۾ هئاسين.
    ”اها منهنجي خوش نصيبي ٿيندي.“ مون چيو، ”مان بک مان بيحال ٿي چڪو آهيان.“
    هن هاڪار واري انداز ۾ مرڪي ڏٺو. مرڪ هن جي چپن کان ٿيندي پوري چهري تي ڦهلي ۽ پوءِ نازڪ اکين منجهه سمائجي ويئي. ايئن ڪير به چئي نٿي سگهيو ته الزبيٿ ورمنٽ ڪنهن عام سانچي مان ٺهيل عورت هئي. مان هن جو جوڀن ڏسي نه سگهيس. پر مون گهڻن ماڻهن کان ٻڌو هو ته هوءَ پنهنجي زماني ۾ ايتري ته پياري ۽ من موهڻي هئي جو کيس ڏسندي ئي من ۾ ڀونچال اچي ويندو هو. مون کي هن وقت به اها ڳالهه سورنهن آنا سچ باسي ٿي. جيتوڻيڪ هن وقت هوءَ پنجاهه سالن جي ٿي چڪي هُئي ته به هنجو ڪو جواب نه هو. هن جي تباهه ٿيل حسن مان هن جي جواني جي سدا بهار سونهن ۽ سوڀيا جون مکڙيون اڃان به کليون ٿي. هنجي بي نياز سونهن کي ڪنهن سان ڀيٽي نٿو سگهجي. آئون تراشيل چهرن کي پسند نه ڪندو آهيان. ڇاڪاڻ جو اهي سدائين هڪجهڙا لڳندا آهن. منهنجي نظر ۾ اهي عورتون بيوقوف آهن جيڪي پنهنجا جذبا ۽ شخصيت پائوڊر، سرخي ۽ لپ اسٽڪ جي بيجا استعمال سان اڍنگي نموني اُڀارڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. الزبيٿ ورمنٽ انهي انداز جو نقل نه ڪيو پر ان کي هڪ نئون روپ ڏنو. سندس ميڪ اپ جي نرالي انداز سونهن کي وقت سان گڏ جهڪو ڪرڻ جي بجاءِ سندس چهري کي وڌيڪ ٻهڪائي ڇڏيو هو. جيتوڻيڪ سندس وار ڪلر ڪيل هئا پر ان جي باوجود به اهي قدرتي وارن جيان نرم ملائم، چمڪيلا ۽ گهور ڪارا نظر آيا ٿي. هن سدائين پاڻ کي تيار ۽ وقت سان هم آهنگ ڪري رکيو هو ۽ هن ڪڏهن به پاڻ کي جوڀن جي مستي کان ٻاهر رکڻ جو نه سوچيو هو. اهو ئي سبب هو جو هوءَ هن وقت به نرم نازڪ ۽ من موهڻي نظر آئي ٿي. هوءَ لسو ريشمي ڪپڙو پائيندي هئي. ان تي اڀريل هلڪي لڪيرن جيان سندس شخصيت اڀري آئي ٿي. هن جي ڳچي ۾ سدائين خوبصورت هيرن جو جڙيل هار نظر ايندو هو. سندس ٻيو زيور زمرد سان جڙيل اها منڊي هئي، جيڪا هن کي شادي ۾ نشاني طور ملي هئي. منڊي ۾ جڙيل ڪاري زمرد جي چمڪڻ تي سندس سفيد آڱر وڌيڪ نکري اٿي ٿي. فقط هن جي نهن تي ٿيل ڳاڙهي نيل پالش هن جي عمر کي لڪائڻ کان انڪار ڪيو ٿي. انهن ۾ نوجوان ڇوڪرين جي ننهن جهڙو نازڪپڻو، لسائي، ۽ گولائي نه هئي ۽ انهن کي گهڻو ڏسڻ سان ڪوفيت ٿي محسوس ٿي، ۽ اُهي ڪنهن شڪاري پکي جا تيز چنبا لڳا ٿي.
    الزبيٿ ورمنٽ هڪ غير معمولي عورت هئي. هن جو جنم نواب ايس ٽي ارٿ جي گهر ٿيو هو. هن ارڙهن سالن جي عمر ۾ هڪ تمام شاهوڪار ماڻهو سان شادي ڪئي، ۽ بد ڪرداري ۽ سستي شهرت ماڻڻ ۽ نالي ڪڍڻ لاءِ بي جا خرچ ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هوءَ بي راهه روي ۾ فخر محسوس ڪندي هئي. شايد اهو ئي سبب هو جو ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ ، هن جي مڙس کيس ڪنهن اسڪينڊل جي جنم وٺڻ جي ڊپ کان طلاق ڏيئي ڇڏيو. اُن کان پوءِ هن هڪ ڪيس ۾ ڦاٿل ٽن جوابدارن مان هڪ سان شادي ڪري ورتي ۽ ارڙهن مهينن کانپوءِ اُن کان به جان آجي ڪري ورتي. ۽ ان کانپوءِ هن جي پويان عاشقن جي قطار ٺهي ويئي. هوءَ عياشي سبب ڏاڍو مشهور ٿي. هن جي ڇرڪائيندڙ سونهن ۽ اسڪينڊلن جو ذڪر محفلن ۾ لڳاتار موضوع بنيو رهيو. جيتوڻيڪ اهو ذڪر گهڻو عرصو نه هليو، پر ان ماڻهن کي اجائي گپ شپ جو موقعو ضرور فراهم ڪيو. هن جو نالو مشهور ۽ نالي وارين هستين ۾ وٺجڻ لڳو. هوءَ جوئارڻ هئي، فضول خرچ هئي، من موجي ۽ چنچل هئي. جيتوڻيڪ هوءَ پنهنجن عاشقن سان وفادار نه هئي، پر پنهنجن دوستن ڏانهن سندس رويو سدائين ڀانئڻ وارو هوندو هو ۽ اها مستقل مزاجي سندس طبيعت ۾ شامل هئي. هن جا ڪافي دوست ان راءِ جا هئا ته هن جو عمل کڻي ڪهڙو به هو، پر پنهنجي جاءِ تي هوءَ هڪ سٺي عورت هئي. هوءَ صاف دل هئي، اعليٰ ظرف ۽ وڏي حوصلي واري عورت هئي. هوءَ منافق نه هئي. هوءَ سخي دل ۽ مخلص عورت هئي. منهنجي نظر ۾ هوءَ هڪ عظيم عورت هئي. اڄ جي دور ۾ جڏهن سوچڻ جو انداز تبديل ٿي چڪو آهي. ماڻهو چاپلوسي ڪرڻ کي آرٽ سمجهڻ لڳا آهن، جڏهن انهن کي پنهنجي ڪلاس جي ماڻهن کان سرد رويو ملي ٿو، تڏهن اهي پنهنجو قدبت وڌائڻ لاءِ ليکڪن، مصورن ۽ موسيقارن جي اڳيان گهٽيا نموني جهڪن ٿا. جڏهن ته هوءَ مونکي هميشه هڪ نارمل ۽ جلدي هائوڪار ڪندڙ دوست محسوس ٿي آهي. هوءَ انهيءَ نوازيل طبقي مان هئي، جيڪا بنا ڊپ جي اهو سڀ ڪجهه چئي سگهي ٿي، جيڪي هن چوڻ چاهيو ٿي. هوءَ حاضر جواب هئي. هوءَ سدائين پنهنجي ماضي تي ٽهڪ ڏيئي ڳالهائڻ پسند ڪندي هئي. هن جي گفتگو جيتوڻيڪ بنا سوچ ويچار جي هوندي هئي، ته به سٺي لڳندي هئي. هوءَ ڪجهه به نه لڪائيندي هئي، هوءَ هڪ ايماندار عورت هئي.
    ۽ پوءِ هن هڪ حيرت ۾ وجهندڙ حرڪت ڪئي. هن چاليهه سالن جي عمر ۾، هڪ ايڪويهه سالن جي ڳڀرو نوجوان سان شادي ڪئي. هن جي دوستن جي چوڻ مطابق سندس سموري زندگيءَ ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ چريائپ وارو قدم هو ۽ جيڪي کيس ننهن کان چوٽي تائين سڃاڻندا هئا، انهن کي ان ڳڀرو نوجوان لاءِ به پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ جو هو هڪ سادو سودو ۽ شريف انسان هو ۽ انهن جي نظر ۾ اها بي شرمائيءَ جي حد هئي جو هن جي تجربيڪاري جو فائدو وٺجي. اهو ئي، سبب آهي جو انهن ليڊي الزبيٿ ورمنٽ سان وڌيڪ لاڳاپا رکڻ بهتر نه سمجهيو. اها واقعي هئي به انتها. هنن ان جي تباهي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ جو هنن کي اها خبر هئي ته الزبيٿ ورمنٽ ڇهن مهينن کان وڌيڪ ڪنهن سان نباهي نٿي سگهي ۽ هنن کي اها به پڪ هئي ته هر نئين ڏينهن نت نئين اسڪينڊل ۾ نالو کڄڻ ڪري هو ڳڀرو نوجوان کيس پاڻهي ڇڏي ويندو. پر اهي سڀ غلط هئا. مونکي خبر ناهي ته سندس من ۾ اها تبديلي وقت گذرڻ جي پيداوار هئي، يا پيٽر ورمنٽ جي معصوم دل هن جي دل ۾ پيار جو ڇهاءُ محسوس ڪرايو هو. پر اها حقيقت هئي ته، هوءَ هن جي وفا شعار زال ثابت ٿي رهي هئي. هو غريب هو ۽ هوءَ فضول خرچ هئي. پر هاڻي هوءَ هڪ ڪفايت شعار زال بنجي چڪي هئي ۽ ايترو محتاط ٿي ويئي هئي، جو هن جي خلاف اٿندڙ سڀ اسڪينڊل خود به خود خاموش ٿيندا ويا. پيٽر ورمنٽ جي خوشي ئي صرف هن جو مقصد هو. ان ۾ ڪنهن کي شڪ به نه هو ته هن پيٽر ورمنٽ کي انتها مان چاهيو ۽ ڀانيو ٿي. ڪافي گهڻي عرصي کان الزبيٿ ورمنٽ جيڪا ماڻهن ۾ موضوع بڻي رهندي هئي ان بابت گفتگو جو باب بند ٿي چڪو هو.اهو محسوس ئي نه ٿي ٿيو ته هوءَ ڪا اها ساڳي عورت هئي، جنهن جا اسڪينڊل ۽ چرچا عام ۽ خاص جي زبان تي هوندا هئا. هوءَ هاڻ بلڪل بدلجي چڪي هئي ۽ مونکي اهو خيال ايندي دل ئي دل ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ته مستقبل ۾ جڏهن هوءَ مان مرتبي جا ڪيئي سال گذاري پوڙهي ٿي چڪي هوندي ته ماڻهو سوچيندا، اها اوباش عورت ڪا ٻي هئي جيڪا گهڻو اڳ مري چڪي هئي. عورتن کي وسارڻ جي تمام وڏي دل هوندي آهي.
    پر مون کي ڪير ٻڌائي سگهندو ته من اندر جي قسمت جي خاني ۾ ڇا بند پيل آهي؟ اک ڇنڀ ۾ سڀ ڪجهه تبديل ٿي چڪو. پيٽر ورمنٽ ڏهن سالن جي بي مثال قربت جي باوجود باربرا ڪئنٽون نالي ڇوڪريءَ جي عشق ۾ دل وڃائي ويٺو. هوءَ خوبصورت هئي ۽ ڪنهن زماني ۾ پرڏيهي کاتي ۾ انڊر سيڪريٽري رابرٽ ڪئنٽون جي سڀ کان ننڍي ڌيءَ. هوءَ تمام نرم نازڪ ۽ من موهڻي هئي، بيشڪ هن کي الزبيٿ ورمنٽ سان رتيءَ برابر به ڀيٽي نٿو سگهجي. سڀني ماڻهن کي خبر هئي ته ڇا ٿي رهيو هو. پر ڪنهن کي به سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڪو الزبيٿ ورمنٽ وٽ ان جو ڪو حل موجود هو؟ انهن کي تجسس هو ته هوءَ ڪيئن ٿي ان مسئلي کي منهن ڏي. هي مسئلو هن جي ماضي جي تجربن کان قطعي مختلف هو. هن هميشه پنهنجن چاهيندڙن کي ٿڏيو هو. ڪنهن به هن کي برباد نه ڪيو هو. مون سوچيو ته هوءَ مس باربرا ڪئنٽون جي ڪيل حرڪت تي ضرور ڳالهائيندي. مونکي سندس همٿ ۽ چالاڪي جي پوري خبر هئي. منجهند جي ماني تي گپ شپ ڪندي مونکي اهو سڀ ڪجهه دل ۾ آيو، پر هن ان قسم جو ڪو به ذڪر نه ڪيو. هوءَ پهريائين جيان خوبصورت، من موهڻي ۽ کليل ذهن جي مالڪ نظر آئي ۽ هن ڪو به اهڙو تاثر نه ڏنو ته هوءَ ڪا مصيبت ۾ ڦاٿل هئي. هوءَ ايئن ڳالهائي رهي هئي جيئن اڳي ڳالهائيندي هئي، يا ايئن کڻي چئجي ته اڃان به نهايت خوبصورتيءَ سان زير بحث موضوعن تي حاضر دماغي ۽ مزاحيه انداز ۾ ڳالهائي رهي هئي. سندس گفتگو مان مونکي ڏاڍو مزو آيو. ۽ ان نتيجي تي پهتس ته شايد ڪو معجزو ٿيو هو جو پيٽر کان منهن مٽائڻ جو هن تي ڪو اثر نه ٿيو هو. مون اندر ئي اندر ۾ فيصلو ڪري ورتو ته، هن جو پنهنجو پاڻ سان پيار عظيم ۽ هر شئي کان مٿانهون هو. هوءَ اهو سوچي به نٿي سگهي ته هن جو شان يا طاقت ڪڏهن گهٽ به ٿي سگهيو ٿي.
    اسان ٻنهي ڪافي پي ورتي ۽ سگريٽن مٿان سگريٽ دکايا. هن مون کان ٽائيم پڇيو.
    “ٽن ۾ پندرنهن منٽ گهٽ آهن.”
    ”مون کي بل جو پڇڻ گهرجي.“
    ”تون نه. مونکي تنهنجي ماني جهلڻ ڏي.“
    ”بيشڪ.“ هن مرڪيو.
    ”ڇا تون جلدي ۾ آهين؟“
    ”منهنجو پيٽر سان ٽين بجي جو ٽائيم رکيل آهي.“
    ”اوهه! اهو ڪيئن آهي؟“
    ”بلڪل ٺيڪ ٺاڪ.“
    هوءَ ٿورڙو مرڪي. هڪ سست ۽ خوشي سان ٻهڪيل مرڪ، پر مونکي ان جي تهه ۾ مذاق نظر آئي. هو گهڙي پل لاءِ گهٻرائجي ويئي ۽ پوءِ مون ۾ گهوريندي چيو، ”شايد تون غير معمولي صورتحال کي وڌيڪ پسند ڪرين ٿو. پيٽر ڏي موڪليل نياپي مون کي ڪيترو پابند بنائي ڇڏيو آهي، ان جو تون اندازو به نٿو ڪري سگهين. مون پيٽر کي فون ڪري چيو آهي ته ”تون مون سان ٽين بجي مل. آئون هن کي طلاق ڏيڻ لاءِ چوڻ چاهيان ٿي.“
    ”تون ايئن نٿي ڪري سگهين.“ مون جهٽڪو محسوس ڪيو ۽ سوچي نه سگهيس ته اهڙي موقعي تي ڇا چئجي، ”منهنجي خيال ۾ توهين بهتر نموني رهي سگهو ٿا.“
    ”ڇا تون سمجهين ٿو ته مون کي اها سموري خبر ناهي جيڪا دنيا کي آهي؟ آئون ايتري بيوقوف ناهيان جيترو ٻيا سمجهن ٿا.“
    هوءَ انهن عورتن مان نه هئي جنهن کي اهو ٻڌائي يقين ڏياري سگهجي ته هو ان تي اعتبار نٿو ڪري ۽ نه ئي آئون کيس اهو سمجهائي ٿي سگهيس ته هو سندس ڳالهه سمجهي نٿي سگهيو. آئون گهڙي پل لاءِ خاموش رهيس.
    ”پر تون طلاق ڇو ٿي وٺين؟“
    ”باربرا جو پيءُ رابرٽ ڪئنٽون انتهائي کر دماغ پوڙهو آهي. مون کي تمام گهڻو شڪ آهي ته جيڪڏهن پيٽر مون کي طلاق نه ڏيندو ته هو باربرا جي ساڻس شادي نه ڪرائيندو. ۽ رهيو سوال منهنجو، توکي ته اڳيئي خبر آهي ته منهنجي لاءِ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي. هڪ طلاق گهٽ يا وڌ.“
    هن پنهنجا خوبصورت ڪلها لوڏيا.
    ”تون ڪيئن ٿي سمجهين ته هو باربرا سان شادي ڪرڻ ٿو چاهي؟“
    ”هو هن سان ننهن کان چوٽي تائين عشق ۾ ڦاٿل آهي.“
    ”ڇا هن انجو توسان ذڪر ڪيو آهي؟“
    ”نه، هن کي ان حد تائين يقين آهي ته مون کي ان ڳالهه جي ذري به خبر ناهي. هو انتهائي بدبخت محبوب نڪتو. هو پيٽ تي پٿر رکي ڪوشش پيو ڪري ته جيئن منهنجي دل نه ڏکائي.“
    ”شايد اها محبت وقتي چريائپ هجي!؟“ مون گمان ظاهر ڪيو، ”اها گهڙي جلدي گذري ويندي.“
    ”پر آخر ڇو؟ باربرا جوان آهي، خوبصورت آهي، ڪامڻي آهي، اُهي هڪ ٻئي لاءِ موزون آهن ۽ ٻئي پاسي مون وٽ ڇا آهي جو اها گهڙي جلد گذري ويندي!؟ اهي ٻئي هڪ ٻئي کي پيار ڪن ٿا ۽ انهن جو هن وقت جو پيار سڀني کان مٿانهون آهي. آئون پيٽر کان اوڻويهه سال وڏي آهيان. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ماءُ جي عمر کان وڏي عورت سان پيار ڪري ته ڇا تون سمجهين ٿو ته هو ٻيهر ان کي پيار ڪرڻ لاءِ واپس موٽي ايندو؟ تون هڪ ناول نگار آهين. توکي انسان جي فطرت جي ٻين کان وڌيڪ خبر هوندي!؟“
    “تون قرباني ڇو ٿي ڏين؟”
    ”جڏهن ڏهه سال اڳ هن مون سان شادي ڪئي ته مون هن سان واعدو ڪيو هو ته هو جڏهن به چاهيندو ته هوءَ کيس جدا ٿيڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي. تون ڏسي سگهين ٿو ته اسان جي عمرن ۾ ڪافي فرق آهي. انهي ڪري آئون سمجهان ٿي ته اهو فيصلو صحيح آهي.”
    ”۽ ڇا تون کيس پاڻ سان جيون گهارڻ ۽ نباهڻ جو واعدو ياد ڏيارڻ نٿي چاهين؟“
    هن پنهنجن سنهڙن هٿن ۾ جنبش آندي ۽ مونکي اونداهيءَ ۾ زمرد جي چمڪي تي بدسوڻ محسوس ٿيو.
    ”اوهه! تون اهو خوب ڄاڻين ٿو ته مان کيس ايئن چئي سگهان ٿي، پر فضيلت ۽ بردباري به ته ڪا شيءِ آهي.؟ آئون توکي سچ ٻڌائڻ چاهيان ٿي ته، انهي ڪري ئي آئون هتي منجهند جي ماني کائڻ آئي آهيان. هي اُها ئي ٽيبل آهي جنهن تي مون پيٽر کي پسند ڪيو هو. اسان هن ئي ٽيبل تي رات جي ماني کاڌي هئي ۽ آئون اتي ئي ويٺل هئس، جتي هاڻ ويٺل آهيان. تڪليف دهه ڳالهه اها آهي ته آئون هن سان پيار ۾ ايترو ته اونهو وڃي چڪي هئيس جيترو اڳي ڪڏهن به نه ويئي هئيس.“ هوءَ گهڙي پل لاءِ رڪي ۽ مون ڏٺو هن پنهنجا ڏند زور سان ڀڪوڙيا.”ٺيڪ آهي، مون سوچيو مون کي هاڻ وڃڻ گهرجي، پيٽر کي پنهنجي لاءِ ڪنهنجو انتظار ڪرڻ پسند نه هو.“
    هن مون ڏانهن بي توجهي مان نهاريو. مون کي ڏک ٿيو ۽ هن مون کي خدا حافظ چوڻ به گوارا نه ڪيو. اوچتو هن مرڪي ڏنو ۽ معنيٰ خيز انداز ۾ هن پير کي لوڏيو.
    ”ڇا تون پسند ڪنديئين ته مان توسان گڏ هلان؟“
    “وڌ ۾ وڌ هوٽل جي دروازي تائين.” ليڊي الزبيٿ ورمنٽ مرڪي ڏنو.
    هوٽل جي ريسٽورنٽ ۽ لائونج مان چهل قدمي ڪندا، جڏهن گيٽ جي ٻاهران پهتاسين ته مون کانئس ٽيڪسي جو پڇيو.
    “نه آئون مزي سان پهچي وينديس. اڄ موسم به ڏاڍي پياري آهي.” ايئن چوندي هن مون سان هٿ ملايو. ”تو سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي، آئون سڀاڻي ٻاهر هلي وينديس. پر سرنهن جي موسم ۾ شايد لنڊن ۾ ئي هجان. مون کي فون ڪجان.“
    هوءَ مرڪي پٺتي مڙي ۽ هلڻ لڳي، مون هن کي ڊيوس اسٽريٽ ڏانهن ويندي ڏٺو، هوا ۾ اڃا تائين بهار جهڙي مستي هئي ۽ ڇتن جي مٿان نيري آسمان ۾ اڇا بادل آواره گردي ڪندا وڃي رهيا هئا. هوءَ قد بت ۽ بيهڪ مان اڃا به هشاش بشاش نظر آئي ٿي. هوءَ ڏاڍي نرم نازڪ ۽ من موهيندڙ شخصيت جي مالڪ هئي. رستي ويندڙ ماڻهن گهڙي ساعت رڪي نظرون کڻي ڏانهس ڏٺو ٿي. مون هن کي نازڪ ادا سان ڪنهن شناسا ڏانهن مڙندي ڏٺو جيڪو ٽوپلو هوا ۾ لهرائي کيس اشارو ڪري رهيو هو ۽ مون سوچيو ته، هو هزار سالن ۾ به ان ڳالهه کي نه قبوليندو ته ڪو هوءَ ڀڳل دل جي مالڪ هئي. آئون اهو وري وري ۽ بنا هٻڪ جي چوندس ته هوءَ هڪ ايماندار عورت هئي.
    ***


    ڪوريئڙيءَ جو چار

    راج گوپال آچاريا

    ساڌو وڻ هيٺان تپشيا ڪري رهيو هو. ڌڻيءَ جي در جي اڳيان توبهه زاري ڪندي، هن جو ڌيان وڻ مٿي ويٺل پکين ڏي کڄي ويو. جيڪي پاڻ ۾ پيار ۽ محبت ونڊي رهيا هئا. هن جو من ڀنڀليو ۽ سندس من ۾ خواهش پيدا ٿي ته، جيڪر هو به پکي هجي ها ته، ڪيڏي نه سکي زندگي گذاري ها.
    هن جي خواهش ان وقت ئي اگهامي حقيقت جو روپ ورتو. ڏسندي ڏسندي هو جهرڪ جو روپ وٺڻ لڳو ۽ پنهنجي ساٿي جهرڪيءَ سان اڏامي ويو.
    ساڌو، جهرڪ ۽ جهرڪي پنهنجو جيون خوشي ۾ گهارڻ لڳا. هنن پنهنجي پيدا ڪيل ٻچن کي لاڏ ڪوڏ سان پاليو ۽ انهن جي کاڌي، لاءِ هو آکيري ۾ جيت جڻيا آڻڻ لڳا. هڪ ڏينهن معمول جيان ساڌو جهرڪ داڻي پاڻي جي تلاش ۾ نڪري ويو، پر واپس نه موٽيو. هن ٻي جهرڪيءَ سان گهارڻ شروع ڪيو.
    نيٺ جهرڪيءَ ڏک مان چيو، ”جهرڪ انساني فطرت ظاهر ڪئي!“
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ساڌو جهرڪ کي پنهنجي پهرين ساٿڻ جهرڪي وڻ تي ملي ويئي. ساڌو جهرڪ، پهرين ته شرم کان پري ٿي ويٺو، پر پوءِ آهستي آهستي هن جي ويجهو آيو.
    ”چين! چين! تون منهنجي ويجهو نه اچ.“ جهرڪيءَ چيو.
    ”چين! چين تون ايئن ڇو ٿي چوين؟“ ساڌو جهرڪ چيو.
    ”تون هڪ سٺو پکي ناهين“ جهرڪيءَ وراڻيو.“ جي ڪڏهن تون سٺي فطرت جو مالڪ هجين ها ته مون کي ۽ پنهنجن ٻچن کي اڪيلو ڇڏي نه وڃين ها ۽ نه ئي ڪو ٻيو ساٿي رکين ها.“
    ساڌو جهرڪ ڏاڍو لڄي ٿيو ۽ اڏامي وڃي، ٻي ٽاريءَ تي ويٺو. هڪ ٻليءَ ان کي تاڻيو جيئن ئي جهرڪ جي نظر ٻليءَ تي پئي ته هو ڏڪي ويو ۽ سرت وڃائي پٽ تي ڪريو ۽ مري ويو. مرندي ئي ساڌوءَ جهرڪ جو چولو ڇڏيو ۽ واپس اصل روپ ۾ اچي ويو ۽ سماڌي ۾ گم ٿي ويو. ٻليءَ ساڌوءَ جي ويجهو آئي ۽ هن کي سونگهيو. ساڌوءَ ۾ اڃا ٿورڙو پکي جو روح سمايل هو.
    ساڌوءَ ٻليءَ کي سراپ ڏنو. ٻلي ساڌو جي ڀرسان ٿي ويٺي ۽ هن وانگي سماڌي ۾ گم ٿي ويئي.
    ”ڇا انسان پاڻ ۾ پکيءَ جي فطرت پيدا ڪري نٿو سگهي؟“
    ساڌوءَ سماڌي اندران ڳالهايو.
    ”بلڪل ناممڪن،“ ٻليءَ جواب ڏنو.
    ”سو وري ڪيئن؟“ ساڌوءَ پڇيو.
    ”فطرت هڪ ظالم قوت آهي.“ ٻليءَ ميائون ميائون ڪئي.
    ”مون به ڪئين ڀيرا فطرت بدلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، پر جڏهن به آئون ڪو پکي يا ڪوئو ڏسندي آهيان ته سڀ ڪجهه وساري ويهندي آهيان ۽ پاڻ کي قابو ۾ نه رکي سگهندي آهيان. انسان جي فطرت به تقريبن ساڳي آهي. ماڻهو به اسان ٻلين وانگر مستقل مزاج ناهي.“
    ”هلي وڃ.“ ساڌوءَ ڪروڌ مان چيو پر هو اندر ۾ پاڻ کي تمام گهڻو شرمندو محسوس ڪري رهيو هو. ”تنهنجي موجودگي ۾ منهنجي تپشيا ۾ ڀنگ ٿو پوي.“
    آڪاش مان ديوي لٿي. ”منهنجا ٻچا!“ هن ساڌوءَ کي چيو، ”تون اڃان خواهشن مان به جند ڇڏائي نه سگهيو آهين. تپشيا ته پري جي ڳالهه آهي.! تنهن ڪري وڃ ۽ پهرين وڃي گرهستي فرض نڀاءَ ۽ پوءِ اچي سماڌيءَ ۾ ويهه.“
    ***


    ڀولڙي جا ڪرتب

    ميخائل زوش چينڪو

    شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ جانورن جو باغ هو. اُهو ڪو ايڏو وڏو نه هو. اُن ۾ هڪ چيتو، ٻه واڳون، ٽي نانگ، هڪ اُٺ پکي ۽ هڪ چٻارا ڪڍندڙ جانور يا سادن لفظن ۾ کڻي ڀولڙي چئجي، رکيل هئي. اُن کان سواءِ اُن ۾ خسيس ۽ عام قسم جا پکي، مڇيون، ڏيڏر ۽ ٻيا جانورن جي دنيا جا، ڪجهه غير ضروري ۽ بي عقل جانور پڻ رکيل هئا.
    ٻي عظيم جنگ ۾، جڏهن فاشسٽ هن شهر تي حملا ڪري رهيا هئا، ته هڪ بم سڌو اچي جانورن جي باغ ۾ ڪريو، جنهن اُن تفريگاهه کي تباهه ڪري ڇڏيو. ٽي نانگ موقعي تي ئي مري ويا ۽ شايد انهي دردناڪ موت جي دپ سبب اُٺ پکي به مري ويو. ٻين جانورن کي بظاهر ڪو نقصان ته ڪو نه ٿيو، پر اُهي ڌماڪي جي خوف سبب ڊپ ۾ وڪوڙجي ويا.
    انهن سڀني جانورن ۾ سڀ کان زياده، اسان جي ڀولڙي متاثر ٿي ۽ ڊڄي ويئي. زوردار ڌماڪي هن جي پڃري جي هڪ ڀت کي، پاڙ کان ئي اُڏائي پٽ ڪري ڇڏيو ۽ اسان جي ڀولڙي کي، پڃري کان ٻاهر باغ جي رستي تي اُڇلي ڇڏيو.
    هوءِ ڌماڪي جي زوردار دٻاءُ سبب زمين تي ته اچي ڪري، پر هڪ عام ماڻهو جيان گهڻو وقت اُن تي ليٽي نٿي سگهي. جيئن جنگي حالتن ۾ ڌماڪن ٿيڻ جي صورت ۾ فوجي ماڻهن کي پاڻ بچائڻ لاءِ زمين تي ليٽڻ جون هدايتون ڏيندا آهن. اُن جي برعڪس اسان جي ڀولڙي، ٽپو ڏيئي وڻ تي چڙهي ويئي. اُتان ٽپو ڏئي جهنگلي تي چڙهي وئي ۽ جهنگلي تان وري روڊ تي، هوءِ پاڳلن جيان ڊوڙندي ۽ ٽپندي رهي.
    ۽ هوءِ ڊوڙندي ۽ ٽپندي شايد سوچي رهي هئي، ”اوه! هو جيڪڏهن هتي به بم اُڇليندا ته مون کي سندن اها حرڪت قطعي پسند ناهي.“ هوءِ پنهنجي پوري سگهه سان رستن تي ڊوڙي رهي هئي.
    هوءِ سڄي شهر کي لتاڙيندي، هاڻ شهر کان ٻاهر هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هئي. ڀولڙي جيئن ته انسان نه آهي. هُن کي اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇاجي لاءِ ٿي رهيو آهي، ۽ نه ئي هن کي ان شهر ۾ رهڻ جو ڪو خاص مطلب يا مقصد نظر اچي ٿو.
    هوءِ ڀڄندي ۽ ڊڪندي رهي، ۽ ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پئي ۽ وڻ تي چڙهي وئي، هن پنهنجي بک جي باهه کي وسائڻ، ۽ پنهنجي وڃايل سگهه کي موٽائڻ لاءِ، ڪجهه مکيون ۽ ٻيا جيت کاڌا ۽ اُنهي ئي وڻ جي ٽاري تي، جنهن تي هوءِ ويٺي هئي، هن کي ننڍ اچي وئي.
    اُن وقت هڪ فوجي گاڏي هاءِ وي تان گذري رهي هئي. فوجي جي نظر وڻ تي ستل ڀولڙي تي پئي. هن کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي. هن خاموشي سان وڻ تي چڙهي، پنهنجو ڪوٽ اُن مٿان اُڇلي جهلي ورتو ۽ پنهنجي گاڏي ۾ وجهندي سوچيو.
    ”اهو بهتر ٿيندو ته هو اُن کي پنهنجن دوستن مان ڪنهن هڪ جي حوالي ڪري بجاءِ ان جي، جو هوءِ هتي بک، ٿڌ ۽ ٻين مصيبتن جو شڪار ٿي وڃي“.
    اهو سوچيندي هو گاڏي ۾ ڀولڙي کي ساڻ کڻي روانو ٿيو. هو بورسوف شهر پهتو. هو پنهنجا ڪم ڪار اُڪلائڻ لاءِ گاڏي مان لٿو، ۽ ويندي ويندي ڀولڙي کي چيائين:
    ”ڊارلنگ! منهنجو هتي ويهي انتظار ڪر، آئون جلدي موٽي اچان ٿو“.
    پر اسان جي ڀولڙي ڪٿي ٿي انتظار ڪري؟ هوءِ گاڏي جي ڀڳل شيشي مان، ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪتي ۽ گهٽين ۾ گهمڻ لڳي.
    هوءِ ڪنهن حسين دلربا وانگي ڪيڏي مهل آهستي، ته ڪيڏي مهل ٺينگ ٽپا ڏيئي ته وري ڪيڏي مهل پنهنجو پڇ هوا ۾ لهرائي، گهٽين ۾ هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ لڳي. ماڻهن کي هن جي ادائن تي ڏاڍو لطف محسوس ٿيو. اُنهن مان هر ڪنهن چاهيو ٿي ته، هو کيس پڪڙي وٺي. پر اهو ڪم ايترو آسان نه هو. هوءِ ڦڙتيلي هئي ۽ پنهنجن چئن پيرن تي تيز ڊوڙي سگهي ٿي. بيشڪ اُهي هن کي پڪڙي نٿي سگهيا، پر اُهي هن کي بنا عقل واري ڊوڙ ۾ ٿڪائي ضرور سگهيا ٿي.
    هوءِ ڊوڙي ڊوڙي هاڻ ٿڪجي پئي هئي، ۽ هاڻ هن کي بک به اچي ڏاڍو ستايو هو. پر شهر ۾ هن کي ڪٿي کاڌو ملي سگهيو ٿي؟ گهٽين ۾ هن جي کائڻ جهڙي ڪا به شئي نه هئي. هوءِ پنهنجي پڇ سان، ڪنهن هوٽل يا سماجي ڀلائي جي اداري ۾ وڃي نٿي سگهي. ٻيو ته هن وٽ پئسا به نه هئا ۽ نه ئي ڪو رعايتي ٽوڪن يا راشن ڪارڊ هو. هوءِ ڪافي ڊنل هئي. هن جي حالت بلڪل هڪ ڀيانڪ سپني جهڙي ٿي چڪي هئي.
    آخرڪار هوءِ هڪڙي سپر اسٽور ۾ گهڙي وئي. هن پنهنجي حواسن تي زور ڏيندي سوچيو: ”هتي کائڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ملي ويندو“. هن صحيح سوچيو هو. اُتي سيلز گرل گراهڪن کي سبزيون، گجر، بيٽ، چڪندر ۽ ٻيو سامان ڏئي رهيو هيون.
    هن اسٽور ۾ ماڻهن جي ڊگهي قطار ڏٺي. هوءِ اُن قطار ۾ ته بيهه نٿي سگهي. ۽ نه ئي ماڻهن کي ڌڪا ڏئي، ڪائونٽر جي اڳيان پهچي سگهي ٿي. هوءِ فقط گراهڪن جي مٿن (سرن) تان ٽپا ڏئي، سيلز گرل تائين پهچي سگهي ٿي. ۽ اسان جي ڀولڙي ايئن ئي ڪيو. هوءِ ماڻهن جي مٿن تان ٽپندي ڪائونٽر تي پهتي. هن نه ئي گجرن جي ڪلو جو اگهه پڇيو، بس جهپو هڻي گجر وات ۾ وڌا ۽ ڦڙتي سان ڀڄندي، دڪان مان ٻاهر نڪري وئي. هوءِ پنهنجي خريداري مان مطمئن هئي. ڇو ته هڪ ڀولڙي ڪڏهن به اهو سمجهي نٿي سگهي ته، ايئن ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿئي ٿو؟ ۽ بنا کاڌي جي هئڻ ۾ ڪهڙي عقل مندي آهي؟
    بيشڪ اسٽور ۾ هل هنگامو مچي ويو. ماڻهو رڙيون ڪرڻ لڳا. سيلز گرل جيڪا اُن وقت گوگڙو توري رهي هئي، پريشان ٿي وئي، ۽ اهو فطري به هو. اوهان يقيني طور ڊپ م وٺجي ويندا، جيڪڏهن توهان جي سامهون هڪ عام گراهڪ جي بدران، هڪ وارن سان ڳتيل پڇ لوڏيندڙ گراهڪ، اوچتو ظاهر ٿئي ۽ خريد ڪيل شئي جا پئسا به نه ڏي.
    ماڻهو ڀولڙي جي پويان گهٽي ۾ ڊوڙڻ لڳا. هوءِ ڊوڙندي به رهي ۽ گجر به کائيندي رهي هن کي اِهو سمجهه ۾ نٿي آيو ته هي سڀ ڪجهه ڇو ۽ ڇا لاءِ ٿي رهيو هو.
    هن جي پويان ٻار ۽ وري اُنهن جي پويان نوجوان ڊوڙي رهيا هئا ۽ اُنهن جي پويان پوليس وارو سيٽي وڄائيندو ڊوڙي رهيو هو.
    اوچتو ئي اوچتو الاهجي ڪٿان هڪ ڪتو ظاهر ٿيو ۽ ڀولڙي جو پيڇو ڪرڻ لڳو. هو ڀولڙي جي پويان نه صرف ڊوڙندي ڀونڪڻ لڳو، پر سنجيده ڪوشش به ڪرڻ لڳو، ته جيئن هو کيس چڪ هڻي پڪڙي وٺي.
    اسان جي ڀولڙي تيز دوڙڻ لڳي، هوءِ ڊوڙندي ڊوڙندي شايد سوچڻ لڳي ”اوه! اِهو ڪيڏو نه خراب ٿيو جو مون جانورن جي باغ کي ڇڏيو. پڃري ۾ زنده رهڻ ڪيترو نه آسان ۽ بهتر هو. آئون يقيني طور تي واپس جانورن جي باغ وڃڻ چاهينديس، جيئن ئي اُهو مون کي نظر آيو.“
    تنهن ڪري هوءِ پنهنجي پوري توانائي سان ڊوڙڻ لڳي، پر ڪتي هن جو پيڇو نه ڇڏيو ۽ ذري گهٽ هن کي پڪڙڻ لاءِ ويجهو پهچي ويو.
    هاڻي اسان جي ڀولڙي جان بچائڻ لاءِ هڪ جهنگلي تي چڙهي ويئي. ۽ جيئن ئي ڪتي ٽپو ڏيئي هن کي ٽنگ کان پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، ته اسان جي ڀولڙي هن تي پنهنجي پوري سگهه سان گجرن جو وسڪارو لاهي ڏنو، جن سان ڪتي جو نڪ رتورت ٿي پيو ۽ هو سورمان رڙيون ڪندو واپس پنهنجي ٻر ڏانهن وڃڻ لڳو ۽ سوچڻ لڳو: ”شهر واسيو! آئون پنهنجي گهر ۾ ڪر آرام ۽ سڪون سان ويٺو هجان ها، جي توهان وانگر ڀولڙي کي پڪڙڻ لاءِ نه نڪران ها، ۽ نه ئي مون سان اهڙو اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي ها.“
    حاصل مطلب ڪتو واپس ڀڄي ويو ۽ اسان جي ڀولڙي ٽپو ڏيئي هڪ گهر جي اڱڻ ۾ پهچي ويئي.
    اڱڻ ۾ اُن وقت هڪ ڇوڪرو جنهن جو نالو ايلوشا پوپوف هو، ڪاٺيون ڦوڙي رهيو هو. ڪاٺيون ڦوڙيندي هن جي نظر ڀولڙي تي پيئي هن کي ڀولڙي ڏاڍي پسند آئي. هن پنهنجي زندگي جي حسين خوابن ۾ سدائين چاهيو هو ته، هن وٽ هڪ ڀولڙي هئڻ گهرجي. ۽ هاڻ اُها هن جي سامهون هئي. ايلوشا پنهنجو جيڪٽ لاٿو ۽ ڀولڙي مٿان اُڇلي، اُن کي پڪڙي ورتو، جيڪا اُن وقت ڏاڪڻ جي هيٺان ويٺل هئي.
    ڇوڪرو ڀولڙي کي گهر کڻي آيو. اُن کي کاڌو کارايائين، چائي پياريئين ۽ اسان جي ڀولڙي ان خدمت تي ڏاڍو خوش ٿي. پر هن جي خوشي گهڻي وقت تائين قائم رهي نه سگهي. ڇاڪاڻ جو ايلوشا جي ڏاڏي، هن کي ڏسندي ئي ناراضگي جو اظهار ڪيو.
    هن ڀولڙي تي نه صرف غصي جو اظهار ڪيو، بلڪه اُن تي حملو ڪرڻ به چاهيو. اهو انهي ڪري جو جڏهن هو چانهه پي رهيا هئا ته، ڇوڪري جي ڏاڏي جيئن ئي پنهنجي چٻاڙيل مصري پليٽ ۾ رکي، ته ڀولڙي جهپو هڻي مصري کڻي لاٿي ۽ پنهنجي وات ۾ وجهي ڇڏي. ظاهر آهي، ڀولڙي انسان ته ناهي. ماڻهو جيڪڏهن ڪا شئي کڻڻ چاهيندو ته هو قطعي ڏاڏي جي اکين جي سامهون نه کڻندو. پر اها حقيقت آهي ته، ڀولڙي هي سڀ ڪجهه ڏاڏي جي موجودگي ۾ ڪيو ۽ ذري گهٽ هن جي اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيا.
    ڏاڏي چيو: ”اهو انتهائي نامناسب ٿيندو ته، هڪ پڇ وارو جانور اسان سان گهر ۾ گڏ رهي. هن مون کي پنهنجي غير انساني حرڪتن ۽ شبيهه سان ڊيڄاري ڇڏيو. هوءِ مون تي اوندهه ۾ حملو ڪندي، هوءِ منهنجي مصري کائي ويندي. آئون ڀولڙي جي نسل سان گڏ اپارٽمينٽ ۾ رهڻ کان قطعي انڪار ڪريان ٿي. اسان مان ڪنهن هڪ کي جانورن جي باغ م هئڻ گهرجي. ڇا آئون جانورن جي باغ ۾ وڃان؟ نه، بهتر آهي ته هوءِ اُتي وڃي ۽ آئون پنهنجي اپارٽمينٽ ۾ رهان.“
    ايلوشا پنهنجي ڏاڏي کي چيو: ”نه ڏاڏي تون جانورن جي باغ ۾ نه وڃ. آئون پڪ ٿو ڏيان ته هاڻي ڀولڙي تنهنجي ڪا به شئي نه کائيندي. آئون هن کي انسانن جيان بنائيندس. آئون هن کي چمچي سان کائڻ سيکاريندس ۽ ڪوپ ۾ چانهه پيارڻ سيکاريندس. جيتريقدر ٽپا ڏيڻ جو تعلق آهي ته، آئون هن کي ڇت ۾ لٽڪندڙ ليمپ تي چڙهڻ کان منع ڪري نٿو سگهان. بيشڪ هوءِ اُن تان تنهنجي مٿي تي ٽپو ڏيئي سگهي ٿي. پر اُن ۾ ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. ڇاڪاڻ ته اِها ڀولڙي ئي آهي جنهن کي آفريڪا ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ٽپا ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي.“
    ٻئي ڏينهن ايلوشا اسڪول ويو ۽ ويندي ويندي پنهنجي ڏاڏي کي ڀولڙي جي پارت ڪندو ويو. پر هن جي ڏاڏي اُن تي ڌيان نه ڏنو. هن سوچيو: ”هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا آئون هڪ راڪاس جي سارسنڀال ڪريان؟“ اُن جي اسبابن تي سوچيندي ڏاڏي کي آرام ڪرسي ۾ ننڍي اچي ويئي.
    ۽ پوءِ اسان جي ڀولڙي بال جيان گدندي کليل دري مان ٻاهر نڪري رستن تي هلڻ لڳي. ڪنهن کي به هن جي ٻاهر نڪرڻ جي سببن جي خبر نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ پسار ڪرڻ نڪتي هجي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ اڳي وانگر ڪنهن اسٽور مان بنا پئسن جي ڪجهه خريد ڪرڻ چاهيندي هجي.
    اُن وقت هڪ ڪمزور پوڙهو گئورلش گهٽي مان گذري رهيو هو. هو اُن وقت اسٽيم باٿ لاءِ وڃي رهيو هو ۽ هن جي هٿ ۾ هڪ ننڍي ٽوڪري هئي، جنهن ۾ صابڻ ۽ انڊرويئر پيل هو.
    هن ڀولڙي کي ڏٺو ۽ هن کي پهرين نظر ۾ پنهنجين اکين تي يقين ئي نه آيو ته، ڪو هو واقعي ڀولڙي کي ئي ڏسي رهيو آهي، هن کي خيال ۾ آيو ته جنهن مهل کان هن بيئر جو پيالو پيتو آهي، هن کي مختلف شڪيلون ڏسڻ ۾ اچي رهيون هيون.
    تنهن ڪري هن وري تجسس مان ڀولڙي کي چتائي ڏٺو، ۽ هوءِ به هن کي غور سان ڏسي رهي هئي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ سوچيندي هجي: ”هي ڪهڙي قسم جو ڪانگن ۽ ٻين پکين کي ڊيڄارڻ لاءِ کيتن ۾ لڳل بوتو (گڏو) آهي، جنهن جي هڪڙي هٿ ۾ ٽوڪري آهي؟.“
    ۽ هاڻ گئورلش کي سورنهن آنا پڪ ٿي ته، اِها سچ پچ ۾ ئي ڀولڙي هئي نه ڪه خيالن ۾ ايندڙ ڀولڙي ۽ پوءِ هن سوچيو: ”جيڪڏهن آئون سچ پچ مان هن کي پڪڙي وٺان، ۽ پوءِ هن کي مارڪيٽ ۾ کڻي وڃان، ۽ پوءِ هن کي 100 روبل ۾ وڪڻي وٺان. ۽ پوءِ آئون اُنهن پئسن مان 10 دٻا بيئر جا وٺان“. انهن خيالن کي دماغ ۾ آڻيندي، گئورلش ڀولڙي کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي ”ڪٽي.... ڪٽي.... ڪٽي! هيڏانهن اچ... هليا ڪٽي.....!.“
    پر نه -هن کي خبر هئي ته هوءِ ٻلي ناهي جو سندس ٻچڪار تي هلي اچي. پوڙهو گئورلش سمجهي نٿي سگهيو ته، هو کيس ڪهڙي ٻولي ۾ سڏي. ۽ پوءِ هن کي اندازو ٿي ويو ته، هوءِ جانورن جي دنيا جي، وڌ ۾ وڌ اعليٰ مخلوق هئي. تنهن ڪري هن پنهنجي کيسي مان کنڊ جو ڳنڍو ڪڍيو ۽ ڀولڙي کي ڏيکاريندي چيو: ”پياري ڀولڙي ڇا تون هي کنڊ جو ڳنڍو کائڻ پسند ڪنديئين؟.“
    هن چيو: ”ٺيڪ آهي جيڪڏهن تون چوين ٿو ته آئون کانءُ ٿي....“ ڀولڙي اِهو چوڻ چاهيو ٿي پر چئي نٿي سگهي. ڇو جو هن کي اها خبر نه هئي ته ڪيئن ڳالهائجي. قصو مختصر هوءِ هن جي اڳيان وڌي آئي ۽ جهپو هڻي کنڊ جو ڳنڍو پنهنجي وات ۾ وجهي کائڻ شروع ڪيو.
    گئورلش هن کي پڪڙي ورتو، ۽ ٽوڪري ۾ وڌو. ٽوڪري هلڪي هلڪي گرم ۽ اندر سوڙهي هئي. ۽ اسان جي ڀولڙي اُن مان ٽپو ڏئي ٻاهر نٿي اچي سگهي. ٿي سگهي ٿو ته هوءِ سوچيندي هجي: ”هتي ڪيڏو نه مزو ۽ آرام آهي.“
    گئورلش سوچيو ته هو کيس پهرين گهر وٺي وڃي. پر پوءِ هن سوچيو ته، جي هو گهر ويو ته واپس ڪو نه موٽي سگهندو. انهي ڪري هو ڀولڙي سان گڏ، وهنجڻ لاءِ حمام جي طرف روانو ٿيو ۽ سوچيو: ”آئون پاڻ سان گڏ هن کي به وهنجاريندس. ۽ پوءِ هو صاف سٿري ۽ پياري لڳندي. ۽ پوءِ آئون هن کي ٽائي پارائيندس ۽ پوءِ مون کي مارڪيٽ ۾ ان جا پئسه به سٺا ملي ويندا.“
    تنهن ڪري هو ڀولڙي سان گڏ حمام تي آيو ۽ هن سان گڏ وهنجڻ شروع ڪيو.
    اسٽيم باٿ ۾ پاڻي گرم هو، جيئن آفريڪا ۾ هوندو آهي، ۽ اسان جي ڀولڙي کي اهڙي گرم پاڻي واري ماحول ۾ ڏاڍو مزو آيو. پر اهو خوش گوار ماحول گهڻو وقت برقرار رهي نه سگهيو. گئورلش هن جي بدن تي صابڻ هنيو ۽ ٿوري گجي هن جي وات ۾ هلي ويئي، جيئن ته اُن جو سٺو ذائقو نه هو. پر ايئن به نه هو ته، هوءِ اُن جي ڪري روئڻ شروع ڪري، يا رانڀوٽا پائڻ شروع ڪري ۽ وهنجڻ کان انڪار ڪري. بهرحال اسان جي ڀولڙي اُن کي ٿڪڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ اُن ڪوشش ۾ صابڻ جي گجي هن جي اکين ۾ هلي ويئي. ان صورتحال ۾ اسان جي ڀولڙي پاڳل ٿي پئي. هن گئورلش کي آڱر ۾ چڪ هنيو ۽ هن جي هٿن مان ڇڏائي اسٽيم باٿ مان ايئن ٽپو ڏنو جيئن ڪو ڀڳوڙو فوجي، جنگ جي ميدان مان تيزي سان فرار ٿيندو آهي.
    هوءِ ڀڄندي اُن ڪمري ۾ پهتي، جتي ماڻهو ڪپڙا بدلائي رهيا هئا. هن کي اوچتو ڏسي سڀ ڊڄي ويا. ڪنهن کي به هوش نه رهيو ته، اِها ڪا ڀولڙي هئي. هنن کي لڳو ته اها ڪا گول شئي هئي، جنهن جي مٿان اڇو فوم لڳل هو. هوءِ ٽپو ڏئي صوفه تائين پهتي. اُتان ٽپو ڏئي آتشدان تي چڙهي وئي ۽ وري اُتان ٽپو ڏئي ماڻهن جي ڪلهن تي ڇلانگون لڳائڻ شروع ڪيون ۽ وري اُتان ٽپندي واپس آتشدان تي وڃي ويٺي.
    خوف مان حراسجي ويل گراهڪ رڙيون ڪندا حمام مان ڀڄڻ لڳا ۽ اسان جي ڀولڙي پڻ ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳي. هيٺ ڪئشيئر جو ڪائونٽر هو ۽ پاسي ۾ هڪ ننڍڙي دري هئي. ڀولڙي دري مان ٽپو ڏيندي سوچڻ لڳي: ”اُتي هن کي شايد وڌيڪ سڪون ملي سگهندو ۽ اُتي شايد گهڻو هل هنگامو ۽ ماڻهن جي ڌڪ ڌڪان به نه هوندي“. پر اُتي بوٿ ۾ هڪ ٿلهي ڪيشيئر عورت ويٺي هئي جنهن هن کي ڏسندي ئي ڊوڙپاتي ۽ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون.
    ”مدد ڪريو! مدد ڪريو! شايد منهنجي بوٿ ۾ بم ڦاٽو آهي. مون کي ساهه ۾ منجهه ختم ڪرڻ جا ڦڙا پياريو.“
    اسان جي ڀولڙي انهن رڙين مان بيزار ٿي پئي. هوءِ ٽپو ڏئي بوٿ مان نڪري آئي ۽ وري رستن تي هلڻ لڳي.
    هوءِ رستن تي ڊوڙي ۽ ٽپي رهي هئي. هن جو پورو جسم آلو هو ۽ صابڻ جي گجي سان ڀريل هو ۽ ماڻهو هن جي پويان لڳل هئا. سڀني کان اڳيان اڳيان ٻارڙا هئا، اُنهن جي پويان نوجوان ۽ پويان هڪ پوليس وارو ۽ بلڪل اُن جي پويان پوڙهو گئورلش جيڪو انڊرويئر ۾ هو ۽ بوٽ هن جي هٿ ۾ هو.
    اوچتو ئي اوچتو الاهجي ڪٿان اُهو ئي ساڳيو ڪتو، جيڪو ڪالهه هن جي پويان لڳو هو، ٽپ ڏئي رستي تي ظاهر ٿيو. اُن کي ڏسي اسان جي ڀولڙي سوچيو: ”ٺيڪ آهي شهر واسيو! هاڻي منهنجي موڪلائڻ جو وقت اچي ويو آهي.“
    پر هينئر ڪتي هن جو پيڇو نه ڪيو. ڪتي فقط ڀولڙي کي ڊوڙندي ڏٺو. هن کي پنهنجي نڪ ۾ ڏاڍو سور محسوس ٿيو ۽ واپس موٽي ويو. شايد اهو سوچيندي ته: ”مون وٽ اضافي نڪ ڪونهي جو آئون ڀولڙي جو پيڇو ڪريان“. جيتوڻيڪ هو پوئتي ضرور موٽيو، پر هن تي ڪاوڙ مان ايئن ڀونڪيو ڄڻ ته چوندو هجي: ”ڀڄي وڃ! پر اِهو نه وسارجانءِ ته آئون هتي ئي آهيان.“
    اُن وقت اسان جو ڇوڪرو ايلوشا پوپوف اسڪول مان موٽي رهيو هو. هو گهر ۾ پنهنجي پياري ننڍڙي ڀولڙي کي نه ڏسي، پاڻ کي ڏاڍو ڏکارو محسوس ڪرڻ لڳو ۽ هن جي اکين مان لڙڪ ڳڙهي پيا. ۽ سوچڻ لڳو: ”هاڻ شايد هو پنهنجي ننڍڙي پياري ۽ محبوب ڀولڙي کي وري ڏسي نه سگهندو.“
    ۽ اهو سوچيندي هو بستري مان اُٿيو ۽ انتهائي ڏکويل محسوس ڪندي رستي تي نڪري آيو. هو پريشان پريشان رستي تي هلڻ لڳو، ته اوچتو هن کي ماڻهو ڊوڙندا نظر آيا. هن پهرين نظر ۾ اهو ڪو نه سوچيو ته، ڪو ماڻهو هن جي ڀولڙي جي پويان ئي ڊوڙي رهيا هئا. هن سوچيو ته شايد اُهي خطري جي سائرن وڄڻ سبب ڊوڙي رهيا هئا. پر پوءِ هن جي نظر ڀولڙي تي پيئي جيڪا ڪافي آلي ۽ گجي سان ڀريل هئي. هو ڊوڙي اُن جي ويجهو ويو ۽ هن کي ٻانهو ورائي اهڙي ريت ڀاڪر ۾ ڀريائين، جيئن ڪو ٻيو کائنس اُها کسي نه وڃي. سڀ ماڻهو بيهه رهيا. هنن ڇوڪري جي چوگرد گهيرو ٺاهي ورتو.
    ميڙ مان اسان جي پوڙهي گئورلش، پنهنجي زخمي آڱر سڀني کي ڏيکاريندي چيو: ”شهريو! هن ڇوڪري کي جيڪو منهنجي ڀولڙي کي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهي کڻي وڃڻ نه ڏيو. آئون سڀاڻي اُن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ويندس. هي منهنجي ڀولڙي آهي. جنهن منهنجي اڱر کي چڪ به پاتو آهي. هر ڪو ڏسي پڪ ڪري وٺي ڏسو هي منهنجي سڄيل آڱر ۽ اهو اُن جو ثبوت آهي ته آئون بلڪل سچ ڳالهائي رهيو آهيان.“
    ڇوڪري ايلوشا چيو: ”نه هي ڀولڙي هن جي ناهي. هي ڀولڙي منهنجي آهي. توهان خود ئي ڏسو. هوءِ ڪيئن نه پنهنجي مرضي سان منهنجي ٻانهن ۾ آئي ۽ ڪيڏي نه پرسڪون ۽ خوش ويٺي آهي. اهو ان جو ثبوت آهي ته، آئون جيڪو چوان پيو اُهو ئي سچ آهي.“
    پر هاڻي هڪ ٻيو ماڻهو ميڙ ۾ ڌوڪيندو اڳيان آيو. اُهو ئي ساڳيو فوجي، جنهن ڀولڙي کي پڪڙي گاڏي ۾ وڌو هو، رڙڪندي چيو: ”نه هي ڀولڙي توهان ٻنهي جي ڪونهي. پر هي فقط منهنجي ڀولڙي آهي، ڇاڪاڻ جو مون هن کي هتي آندو هو. پر جيئن ته آئون وري ڊيوٽي تي واپس وڃي رهيو آهيان، تنهن ڪري آئون ڀولڙي کي اُن ڇوڪري کي ڏيڻ چاهيندس، جيڪو پيار مان هن کي ڀاڪر ۾ ڀري ويٺو آهي، نه ڪه اُن شخص کي جيڪو بي رحمي سان هن کي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ چاهي ٿو، فقط ان لاءِ ته جيئن هو بيئر جون بوتلون خريد ڪري سگهي. ڀولڙي تي فقط ۽ فقط ڇوڪري جو حق آهي.“
    ۽ پوءِ ميڙ ۾ موجود سڀني ماڻهن تاڙيون وڄايون ۽ ايلوشا خوشي مان نه ماپندي، ڀولڙي کي ڀاڪر ۾ اڃان به مضبوط ڀريو ۽ نچندو ڪڏندو گهر وٺي آيو.
    گئورلش پنهنجي زخمي آڱري سان واپس حمام ڏانهن وهنجڻ لاءِ هليو ويو.
    ۽ ان کان پوءِ اسان جي ڀولڙي ڇوڪري ايلوشا پوپوف سان گڏ رهڻ لڳي. هوءِ اُن سان هن وقت به گڏ رهي ٿي. ويجهڙائي ۾ آئون بورسوف شهر ويس ۽ هاسيڪار ايلوشا جي گهر اِهو ڏسڻ لاءِ ويس ته، هوءِ ڪيئن ساڻس گڏ گذاري رهي آهي. اوه! هوءِ هن سان تمام سٺي ۽ بهتر نموني گڏ رهي ٿي. هاڻ هوءِ ڀڄي نه ٿي وڃي. هاڻ هوءِ تمام گهڻو فرمانبردار بنجي چڪي آهي. پنهنجو نڪ رومال سان صاف ڪري ٿي ۽ ٻين ماڻهن کان مصري جي تڙ ڦري نٿي کائي. تنهن ڪري هاڻ ڇوڪري جي ڏاڏي به هن مان ڏاڍي خوش آهي. هوءِ هاڻ هنتي غصو ڪو نه ٿي ڪري ۽ نه ئي هن کي واپس جانورن جي باغ ۾ موڪلڻ چاهي ٿي.
    جڏهن آئون ايلوشا جي ڪمري ۾ داخل ٿيس، ته هوءِ ٽيبل تي ويٺي هئي. هوءِ ڪيشيئر جيان خاص انداز سان ويٺل هئي. جيئن فلمن ۾ نظر ايندو آهي ۽ چمچي سان ڪڻڪ جو ڏارو کائي رهي هئي.
    ايلوشا مون کي چيو، ”مون پنهنجي ڀولڙي جي انسانن جيان تربيت ڪئي آهي ۽ هاڻي نه صرف ٻارڙا پر وڏا به هن کي ڏسي هن جي خوش اخلاقي ۽ ماڻهپي جو اثر وٺندا آهن، ۽ ٻين کي هن جو مثال ڏيندا آهن.“
    ***


    ڪي رند پروڙين راز

    گوهه سن ٽب

    ڪيئن آيو؟ پئسه ڪيڏانهن ويا؟
    وانگ کي پڪ هئي ته پئسه بريف ڪيس ۾ ئي پيل هئا. پر پنج ڏهن ڊالرن وارا ڪڙڪ نوٽ هاڻي اُن ۾ ڪو نه هئا. جڏهن ته هن ڪيترائي ڀيرا بريف ڪيس کي هٿ هڻي ڏٺو. هن بريف ڪيس جي هر خاني کي جانچيو. هن پنهنجي پرس، ڪپڙن ۽ ڪار جي به چڱي ريت ڳولا ڪئي، پر هن کي ڪٿي به پنج ڏهن ڊالرن وارا ڪڙڪ نوٽ هٿ نه آيا.
    هن پنهنجي ڏينهن جي سموري ڪار گذارين تي ذهن ڊوڙايو. پهريون ۽ آخري ڀيرو، هن نوٽن کي صبح جو تڏهن ڏٺو هو، جڏهن سيڪريٽري اُهي هن جي حوالي ڪيا هئا. هن اُنهن کي ڳڻيو ۽ پرس ۾ سڌا وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ اُنهن کي پنهنجي بريف ڪيس ۾ رکي ڇڏيو. هن جي سيڪريٽري روزا لازمي طور تي هن کي ايئن ڪندي ڏسي رهي هئي، ڇو جو هوءِ هن جي پاسي ۾ ساڄي طرف کان بيٺل هئي.
    اُن کان پوءِ هن بريف ڪيس کي پنهنجي ٽيبل تي، اُن لاءِ مقرر ٿيل جڳهه تي رکي ڇڏيو. ڇا ڏينهن جي دوران ڪنهن اُن مان پئسا ڪڍي ورتا؟ فقط هڪ ئي امڪان هو. ماڻهو روزانه کليل ڪمري مان گذرندا هئا. پر روزا جي ويهڻ واري جڳهه جي، اُها ٽيبل بلڪل سامهون هئي، جيڪا هر وقت هن جي نظر ۾ رهندي هئي.
    ٻيو ڪهڙو امڪان ٿي سگهيو ٿي؟ ڇا هن ڪٿي پئسه وساريا هئا؟ يا ڪنهن کي ڏنا هئا؟ بلڪل نه، ڇو جو هن ڪٿي به بريف ڪيس ڪو نه کوليو هئي.
    اُن ڏينهن ڊرائيور هن کي سپر مارڪيٽ وٺي ويو هو. هن کي گهر ڏانهن رستي ويندي، پنهنجي زال لاءِ ڪجهه سامان وٺڻو هو.
    ”اوهو! ته پڪ اها حرڪت اُتي ئي ٿي هوندي“. هن عارف وٽ ڪار ۾ بريف ڪيس ڇڏيو هو.
    هن وقت پوڙهو عارف هن جو ڊرائيور هو. وانگ کي خبر هئي ته هن جي وڏي فيملي آهي ۽ هن کي سڀني گهرڀاتين جو پيٽ ڀرڻو پوي ٿو. عارف اُنهن ماڻهن مان هو، جيڪي سدائين پئسن جي کوٽ ۾ رهندا آهن. اڃان ڪالهه ئي هن مون کان ٻي پگهار مان ڪٽي ڏيڻ لاءِ ايڊوانس رقم جي گهر ڪئي هئي. لازمي طور تي عارف ئي منهنجي بريف ڪيس مان پئسه کنيا هوندا!
    وانگ روزا وٽ هن جي گهر هلي ويو. روزا يقين سان چيو ته هن کيس صبح جو بريف ڪيس ۾ پئسه وجهندي ڏٺا هئا. پر هوءِ دعويٰ سان چئي سگهي ٿي ته عارف پئسه چورائي نٿو سگهي.
    ”هو ايماندار ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ۽ هن جي ساک جا ڪافي سٺا حوالا پڻ آهن.“ روزا ٿڌو ساهه ڀريندي چيو.
    عارف کان پڇا ڳاڇا ڪيئن ڪجي؟ وانگ اُن لاءِ هڪ خاص قسم جي پلاننگ ڪري ورتي. ماڻهن جي نفسيات ۽ اُنهن جي ردعمل کي سمجهڻ جي صلاحيت جي ڪري، هن جي ذهانت جي هميشه ساراهه ڪئي ويندي هئي. ۽ اُن کان علاوه، هن جو نوڪري ۾ تجربو، ۽ پنهنجي اسٽاف ۾ قابليت ۽ گفتگو ڪري قائل ڪرڻ ۽ ڪم وٺڻ جو انداز، ڪا ڍڪيل ڇپيل ڳالهه ڪو نه هئي.
    تڏهن ته هن جي اڳوڻي باس، هن کي هڪ ڀيرو هن جي ساراهه ڪندي چيو: ”تون آڏي پڇا ڪرڻ ۾ ماهر آهين. توکي خبر آهي ته ماڻهن کان سچ ڪيئن اوڳرائجي!.“
    وانگ مرڪي ڏنو جيئن ئي هن کي موٽ ۾ ڏنل پنهنجي ڏاهپ ڀري ورندي ياد آئي: ”آئون نه صرف ڪنهن کان اندر جو سچ اوڳرائي سگهان ٿو، پر منهنجو ساڻن رويو به انتهائي شفقت ۽ ٻاجهه ڀريو هوندو آهي.“
    ٻئي ڏينهن صبح جو وانگ کي خبر هئي ته، هن کي ڇا ڪرڻو هو ۽ اُن کان وڌيڪ هن کي اها به خبر هئي ته، اُن جو نتيجو به ڇا اچڻو هو!؟ هن ذهني طور اُن منظر جي ريهرسيل به ڪري ورتي هئي، ۽ هن کي اُن مان پيدا ٿيندڙ مونجهارن ۽ مسئلن جي به پوري سڌ هئي.
    جڏهن عارف ڪم تي آيو ته، وانگ هن کي ڏاڪڻ تان مٿي ايندي ڏٺو. هن کي ايئن محسوس ٿيو ته عارف اڳي جي ڀيٽ ۾، گرفتاري جي ڊپ کان ٿورڙو آهسته سان گيٽ کوليو.
    ”عارف!“ وانگ زور سان سڏ ڪيو. عارف مٿي نهاريو ۽ يقينن ڇرڪجي ويو.
    وانگ هن کي رهائشي ڪمري ۾ وٺي ويو. ”هتي ويهه“ وانگ پنهنجو حڪم رعبدار آواز ۾ وري دهرايو. عارف عاليشان ڪارپيٽ تي پيل عاليشان ڪرسي جي ڀرسان منجهيل ۽ پريشان بيٺو رهيو.
    وانگ دانستن هن جو وقت وٺي رهيو هو. هن عارف کي باز جيان گهوري ڏٺو. عارف اڳيئي پريشان هو. ۽ وانگ هن کي وڌيڪ پريشان ڪرڻ چاهيو ٿي. وانگ جو خيال هو ته، هو اهڙي طرح هن کي اُلجهائي اُن جي ڪوڙ ۽ بي ايماني کي ظاهر ڪري سگهيو ٿي. انهن معاملن ۾ ماڻهو کي هميشه نفسيات جو استعمال ڪرڻ گهرجي.
    هاڻي وانگ پنهنجو بريف ڪيس ڪافي جي ٽيبل تي رکيو. هن ڏٺو ته عارف جون نظرون هڪ دفعو اُن تي گهميو، پر وري اُن طرف نه کڄيون. اُن جي بجاءِ هن جون نظرون، ڪارپيٽ ڏانهن کڄي ويون ۽ پوءِ اُهي هيٺ ئي جهڪيل رهيون.
    ”آها!“ هو پاڻ سان لاڳاپيل جرم کي ڏسڻ جي جرئت ڪو نه ٿو ڪري سگهي. شايد بريف ڪيس هن کي پريشان ڪري ٿو ۽ هو اُن کي ڏسڻ جي همٿ ساري نٿو سگهي.“
    ”عارف!“ وانگ اوچتو زور سان ڳالهايو. ”بريف ڪيس کي ڏس!.“
    ”ها، مسٽر وانگ“ عارف ورندي ڏني. ”هڪ وفادار پر جيب ڪتري جو چهرو!“ وانگ دل ئي دل ۾ چيو.
    ”آئون توکي ٻڌائن چاهيان ٿو ته ڪالهه ڇا ٿيو؟“ مسٽر وانگ تيز لهجي ۾ چيو.
    ”ڇا ٿيو مسٽر وانگ؟“ عارف جون اکيون ڳجهارت بنيل سوال تي ڇڪجي ويون.
    ”مون جڏهن سپر مارڪيٽ ۾ بريف ڪيس تو وٽ ڇڏي“. وانگ هن کي ڇتو ڪرڻ جي انداز ۾ چيو.
    هڪ بي چيني عارف جي اکين ۾ ظاهر ٿيڻ لڳي. وانگ اُن کي پرکي ورتو. هن چيتي جي پنجي جيان ٻيهر حملو ڪيو:
    ”مون جڏهن بريف ڪيس ڪار ۾ رکيو هئي، ته اُن ۾ ڪجهه پئسا هئا. پر مون جڏهن گذريل رات چيڪ ڪيا ته اُهي اُن ۾ ڪو نه هئا.“
    عارف هاڻي بلڪل لرزي ويو. هن جو پورو چهرو پيلو ٿي ويو. ڪجهه دير لاءِ هو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو. وانگ انتظار ڪرڻ لڳو. هن جي سوچيل خاڪي مان، هڪ نڪتو اِهو هو ته عارف ان ڳالهه تي ئي ٽٽي پوي ۽ سچي ڪري ڏي. پر عارف پاڻ کي سنڀالي ورتو. ايتريقدر جو هن پنهنجو هوش ۽ حواص قائم رکندي، پنهنجي چهري تي ڏک ظاهر ڪندي پڇيو:
    ”توهان جو مطلب ته مون پئسا کنيا آهن؟“
    وانگ جواب ڪو نه ڏنو. اُن جي بدران هن عارف جي اکين ۾ نهارڻ شروع ڪيو. ڪجهه دير لاءِ هو هن جي اکين جو مشاهدو ڪندو رهيو. ۽ پوءِ عارف وري پنهنجيون اکيون هيٺ ڪري نهارڻ لڳو. ”گناهه جي هڪ ٻي ثابتي.“ وانگ سوچيو.
    وانگ حقيقتن کي انتهائي صبر سان اڳتي وڌائڻ لڳو. ”هن روزا کان پئسا وصول ڪيا. هن اُهي منهنجي موجودگي ۾ بريف ڪيس ۾ وڌا. هن بريف ڪيس کي تقريبن اڌ ڪلاڪ لاءِ عارف وٽ ڪار ۾ ڇڏيو ۽ شاپنگ ڪرڻ ويو ۽ جيئن ئي هو گهر پهتو ته، هن ڏٺو ته بريف ڪيس ۾ پئسا ڪو نه هئا. پيش ايندڙ واقعا خود حقيقتون بيان ڪري رهيا هئا.
    ڪجهه گهڙين لاءِ خاموشي ٿي ويئي. پوءِ عارف ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”مسٽر وانگ! مون توهان جا پئسا ڪو نه کنيا آهن، آئون.....“
    ”ٿورو ڳالهائڻ بند ڪر عارف.“ وانگ وچ مان ڳالهه کي ڪٽيو، ”مون کي ٿورڙو غور سان ٻڌ. آئون هڪ تجربيڪار ماڻهو آهيان. مون تقريبن ويهه سال انتظامي معاملا هلايا آهن. مون کي مختلف ڪلائينٽس سان روبرو ڳالهه ٻولهه جو وسيع تجربو آهي. آئون ماڻهن جي نفسيات بابت به گهڻو ڪجهه ڄاڻان ٿو. آئون ماڻهن جو اندر ڏسي ۽ پڙهي سگهان ٿو. ماڻهو مون کي بيوقوف بنائي نٿا سگهن ۽ آئون ماڻهن ۽ اُنهن جي مسئلن کي چڱي طرح سمجهي سگهان ٿو.“
    وانگ ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويو. عارف پاڻ کي منجهيل منجهيل محسوس ڪرڻ لڳو، پر خاموش رهيو.
    ”مون کي خبر آهي ته توسان مالي مسئلو آهي. تنهنجي ايڏي گهڻي آمدني به ناهي. توکي هڪ وڏي فيملي آهي......“
    ”پر منهنجا گهڻا ٻار ڪم تي لڳل آهن.“ عارف پاڻ سنڀاليندي ڳالهه ڪئي.
    ”ڪا ڳالهه ناهي.“ وانگ نرمائي مان چيو، ”پر ڳالهه اها آهي ته توکي هر وقت پئسن جي ضرورت رهي ٿي ۽ اِهو جواز ئي ڪافي آهي. مون توکي پنهنجي بريف ڪيس سودو ڪار ۾ اڪيلو ڇڏيو هو.“
    عارف احتجاج ڪندي ڳالهائڻ لاءِ وات کوليو، پر وانگ هن کي روڪي ورتو.
    ”نه نه، عارف وچ ۾ نه ڳالهائي. آئون توکي اڃان وڌيڪ ٻڌائڻ چاهيان ٿو. آئون تنهنجين تڪليفن کي سمجهان ٿو مون کي تو لاءِ همدردي آهي. منهنجي لاءِ اهم ڳالهه اِها آهي ته آئون سچ کي پڌرو ڪريان، ۽ اُن کان به وڌيڪ آئون چاهيان ٿو ته، اسان جي وچ ۾ خلوص وارا رشتا قائم ٿين.“
    عارف وانگ جون ڳالهيون ڪنڌ هيٺ ڪري ٻڌي رهيو هو. پهريون ڀيرو وانگ محسوس ڪيو ته، هاڻ هو سندس اندر کي ڄاڻي رهيو هو. وانگ ان ڳالهه کي ورجائيندو ۽ وڌيڪ لفظن م سمجهائيندو ويو ته، هُو دراصل هن سان خلوص، ايمانداري ۽ احترام جو رشتو استوار ڪرڻ چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هو اُن ڳالهه تي زور ڏي ٿو.
    ”عارف هاڻي ڇا ٿو چئين؟ ڇا تون مون سان مخلص آهين؟.“ عارف جون متيون منجهي ويون، هو سمجهي نه سگهيو ته هو ڇا چوي؟.
    ”مسٽر وانگ! مسٽر وانگ!“ هو ائين چئي خاموش ٿي ويو.
    ”قبول ڪر ته تو پئسا کنيا آهن.“ وانگ تمام گهڻو اُتاولو ٿيندي چيو.
    ”پر مسٽر وانگ! مون ڪو نه کنيا آهن.....“ عارف چوڻ شروع ڪيو.
    ”عارف!“ وانگ اندر ۾ پيدا ٿيل غصي تي ضابطو آڻيندي چيو، ”ڪيڏو نه خراب ٿيندو! تون اهو نٿو سوچين ته تنهنجو انڪار توکي تباهه ڪري ڇڏيندو. توکي ان جو ذرو به احساس آهي ته توکي ان سبب جيل به ٿي سگهي ٿي؟ مون وٽ ثبوت آهن مون کي پڪ آهي ته تنهنجون فنگر پرنٽس بريف ڪيس جي ٻاهر توڙي اندر ضرور موجود هونديون. پوليس لاءِ اِهوئي ثبوت ڪافي آهي“. وانگ ٿوري دير خاموش رهي وري چيو:
    ”عارف اُن کان سواءِ آئون توکي اڃان به وڌيڪ ڏکيو پئجي سگهان ٿو.“
    هاڻ عارف انتهائي صدمي جي حد کي پهچي چڪو هو. هن جو ڀورو چهرو اڃان به وڌيڪ پيلو ٿي ويو. هن جون آڱريون ڏڪڻ لڳيون. هن جا چپ چريا، پر هو ڳالهائي نه سگهيو.
    وانگ ڪجهه پلن لاءِ درد جو پڇتاءُ محسوس ڪيو. هن نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو:
    ”عارف!“ هن ڀيري وانگ ڌيمي لهجي ۾ چيو، ”منهنجو تمام وڏو تجربو آهي. جتي مون ڏاهپ به سکي آهي ته اُتي منهنجي دل ۾ رحم به آهي. آئون پوليس ۾ رپورٽ ڪرڻ نٿو چاهيان. ايتري قدر جو آئون هن مسئلي کي ٻين جي ڪنن تائين آڻڻ به نٿو چاهيان ۽ اهو فقط اسان ٻن جي درميان رهندو. آئون اُن کي اڄ کان پوءِ وساري ڇڏيندس. آئون فقط اِهو چاهيان ٿو ته، تون مون سان ايمانداري سان هل. فقط اهو قبول ڪر ته تو پئسا کنيا آهن. آئون توکي فقط ايترو ئي چوان ٿو. آئون توکي معاف به ڪري ڇڏيندس مون کي خبر آهي ته توکي پئسن جي سخت ضرورت آهي. تنهن ڪري آئون توکي اهي پئسا ڪڏهن واپس ڪرڻ جو به نه چوندس.“
    عارف جون اکيون مٿي کڄيون۽ وانگ جي اکين سان ٽڪرائجي مليون. جيڪڏهن وانگ عارف جون اکيون پڙهي سگهيو ٿي ته، هن کي اُن ۾ مونجهارو، جيڪو غير يقيني، ڊپ ۽ احسان سبب پيدا ٿيل هو، نظر اچي سگهيو ٿي.
    پر عارف خاموش هو، ۽ هو خاموش ئي رهيو. وانگ عقلمندي سان اُن خاموشي ۾ شامل ٿيڻ بهتر سمجهيو. وانگ کي ذهني طور پوڙهي عارف لاءِ احساس جاڳيو. ”آئون گناهه کان نفرت ڪريان ٿو. پر آئون گناهگار سان همدردي رکان ٿو.“ وانگ رحمدلي مان سوچيو.
    هن سندس خاموشي تي غور ڪيو. هن ڄاتو ٿي ته ڪنهن به ماڻهو جي خاموشي ۾ تضاد اُڀاري اُن جي نفسياتي اُلجهن تائين پهچي سگهجي ٿو. هو عارف سان وڌيڪ نرمي سان مخاطب ٿيو.
    ”ان ڳالهه تي چڱي طرح غور ڪر ۽ پوءِ ٻنپهرن جي وقت واپس اچي مون سان ڳالهائي.“ وانگ نتيجو اخذ ڪندي چيو.
    ”اهو ذهن ۾ رک ته مون کي پئسن سان ڪا به دلچسپي ڪونهي. آئون توکي پسند ڪريان ٿو ۽ آئون چاهيان ٿو ته، تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ تعلقات جڙيا رهن. جڏهن اسين گڏ ڪم ڪريون ته، اهم ڳالهه اها آهي ته اسين ان ڪم م خوش ۽ مطمئن هجون. اسان جو هڪ ٻئي تي اعتماد هجي، ۽ اسان جي ۽ اسان جي ڪمن جي وچ ۾ ايمانداري ۽ ڀروسي جي فضا قائم هجي. مون کي ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي، بلڪه پڪ آهي ته پئسا تو کنيا آهن. پر عارف! آئون توسان رعايت ڪريان ٿو، تون رڳو قبول ڪر، آئون واعدو ٿو ڪريان ته، آئون ماضي کي وساري ڇڏيندس ۽ اسين اڄ کان ئي هڪ نئين رشتي جي شروعات ڪنداسين، جيڪو خلوص ۽ اعتماد تي قائم هوندو.“
    وانگ جي ايمانداري ۽ شفقت ڀريل اکين عارف جي پريشان چهري کي ٻهڪائي وڌو.
    وانگ اُٿيو ۽ ڊرامائي انداز ۾ پنهنجو رومال ڪڍيو ۽ اُن سان بريف ڪيس کي احتياط سان کنيو جيئن هن جي آڱرين جا نشان اُن تي نه اچن. عارف ان سڄي عمل کي پنهنجين پريشان اکين سان ڏٺو.
    ”اُن تي سٺي نموني غور ڪجانءِ.“ وانگ دهرايو ”مون کي ٻنپهرن جو ورندي ڏجانءِ.“
    عارف ڪنڌ لوڏي اُٿيو ۽ خاموشي سان لائونج مان ٻاهر نڪتو. هن جي ڏڪندڙ قدمن هن جي دل ۾ هيجان پيدا ڪيو ٿي.
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ روزا جڏهن ٻنپهرن جي ماني کان پوءِ موٽي ته اِهو ٻڌڻ لاءِ بي چين هئي. وانگ مسڪرائي رهيو هو.
    ”ڇا هن قبول ڪري ورتو؟“ روزا جون اکيون اُن جو اُميد ڀريو جواب ٻڌڻ لاءِ ٻهڪي اُٿيون.
    ”ها، هن قبول ڪري ورتو.“ وانگ ان جي تصديق ڪندي خوشي مان نٿي سمايو. ”مون جڏهن هن کي چيو ته آئون ساڻس گڏجي ڪم ڪرڻ کي، قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو. جيئن ئي مون هن کي چيو ته، اڄ کان پوءِ هو منهنجي نظر ۾ مخلص ۽ اعتبار جوڳو هوندو، ته ان ڳالهه هن کي ڏاڍو متاثر ڪيو. آئون هاڻ ان مسئلي تي ڏاڍو مطمئن آهيان. هاڻ سچ پچ آئون هن کي پسند ڪريان ٿو. آئون نٿو سمجهان ته، هاڻ هو مون وٽ ٻيهر ڪا اهڙي حرڪت ڪندو.“
    ”اوه! توهانجي شخصيت واقعي حيران ڪندڙ آهي. ڪيڏي نه خوش اسلوب انداز سان توهان مسئلي کي حل ڪيو.“ روزا پنهنجي هيرو جي عقلمندي تي داد ڏيڻ کان سواءِ نه رهي سگهي. وانگ هن کي اکر به اکر گذريل واقعي جي ڄاڻ ڏني. ۽ روزا کي اُن جي رازداري رکڻ جو قسم کڻايو. ان جو مقصد اهو هو ته، هن جي ۽ عارف جي درميان جيڪو ڪجهه وهيو واپريو، اُنهن جي درميان ئي رهي (سيڪريٽري انهن ڳالهين کي اهميت ڪو نه ڏيندا آهن. اُهي سدائين باس جي ڪار گذارين جو حصو بنيا رهندا آهن ۽ اُهي اُن جي مطابق ئي پنهنجيون اوليتون تبديل ڪندا رهندا آهن. هنن جي پنهنجي ڪا به انا نه هوندي آهي).
    وانگ هن کي وڌيڪ متاثر ڪرڻ لاءِ ٻڌايو:
    ”۽ توکي خبر آهي ته آخر ۾ مون ڇا ڪيو؟“
    ”نه- مون کي ڄاڻ ناهي.“ روزا چيو.
    مون پنهنجو بريف ڪيس کنيو ۽ پنهنجي رومال سان سڄي بريف ڪيس کي هن جي اڳيان اُگهيم. پوءِ مون چيو ”ڏس! هاڻ مون تنهنجي خلاف آخري ثبوت به مٽائي ڇڏيو.“
    ”اوه! ان رمز ۾ وڏو راز سمايل هو!“ روزا ٿڌو شوڪارو ڀريو. هن جو خوبصورت چهرو پنهنجي هيرو جي عبادت ڪرڻ لاءِ ٻري اُٿيو. ”توهان انسان جي نفسيات کي واقعي بهتر نموني سمجهو ٿا. فقط ڪجهه ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا ته ههڙي صورتحال کي ڪيئن حل ڪجي. توهان واقعي ذهانت سان ڀرپور ۽ منفرد آهيو.“
    وانگ پنهنجي ذهانت ۽ قابليت تي ڏاڍو مطمئن هو. ۽ هو خوشي مان نه سمائيندو گهر ڏانهن روانو ٿيو. هن سوچيو، ”ان ۾ ڪهڙو هرج هو جو اِهو واقع ڪنهن کي نه ٻڌائجي. نيٺ به ته ان ۾ انسانن جي ذاتي مسئلن کي سمجهڻ ۽ حل ڪرڻ جي رهنمائي جو مثال موجود هو!“
    اُن شام عارف ۽ هن جي زال سلميٰ پاڻ ۾ گڏجي ويٺا ۽ خاموشي سان رات جي ماني کان پوءِ اُن تي سوچڻ لڳا. عارف پنهنجي زال کي سڄو قصو جيڪو ٿي گذريو، تفصيل سان ٻڌايو. جيتوڻيڪ ازدواجي زندگي جي پوري عرصي ۾ هو ڪڏهن به، پنهنجي زال سان نجي مسئلن تي نه ڳالهائيندو هو. پر پوءِ به هو گڏيل زندگي گذاريندا هئا ۽ هڪ ٻئي جي ضرورت بنيل هئا.
    سلميٰ کي پنهنجي عارف جي خبر هئي. هن ۾ ڇا سٺو هو ۽ ڇا خراب؟ ڪهڙيون چڱايون هيون ۽ ڪهڙيون برايون؟ هن سڀ ڪجهه ڄاتو ٿي. هن کي خبر هئي ته هن جو مٿس اعتبار هو ۽ مڪمل اعتماد پڻ. ۽ هن کيس پنهنجي جذبن کان به آگاهه ڪيو هو. ۽ ڪيئن نه هو سوچيندي سوچيندي، نيٺ اُن فيصلي تي پهتو هو ته، هو مسٽر وانگ کي اُهو ئي جواب ڏي جيڪو هن چاهيو ٿي.
    ”هو سٺو انسان آهي.“ عارف خاموشي سان پنج يا ڇهه ڀيرا دهرايو. ”هو صاف دل انسان آهي، هو سنئين سڌي ڳالهه ڪري ٿو، هن کي ماڻهن جي وچ ۾ مخلص ۽ سٺا رشتا استوار ڪرڻ بابت تمام گهڻي ڄاڻ آهي ۽ هو ڪيترو نه مخلص آهي، جڏهن هو چوي ٿو، ته پئسا هن لاءِ ڪا معنيٰ نٿا رکن.“ عارف جي دل وانگ جي ساراهه سان ڀرجي ويئي. هو وانگ جي جذبن کي سمجهي سگهيو ٿي ۽ اُن کي دل جي گهراين تائين محسوس ڪيو ٿي.
    ”حالتون منهنجي لاءِ ڏکيون ٿي وڃن ها، جيڪڏهن آئون هوڏ تي قائم رهان ها.“ عارف سوچ ويچار بعد چيو، ”منهنجي آڱرين جا نشان لازمي طور موجود هوندا جڏهن مون بريف ڪيس کي گاڏي ۾ رکيو هو. ان صورتحال ۾ آئون پنهنجي نوڪري وڃائي سگهيس پي. اهڙي صورتحال ۾ ڪيئن مسٽر وانگ مون کي نوڪري ۾ رکي ها؟ پر ان کان به اهم ڳالهه اِها هئي ته، منهنجي ڪري هي سٺو ماڻهو ناخوش ۽ پريشان ٿئي ها، ۽ اهو سڀني کان برو گناهه هجي ها.“
    وڏي عمر جي تجربي عارف کي سچ ۽ انصاف جي تقضائن ۽ توقعات ۾ حالتن ۽ ماحول تحت رونما ٿيندڙ تبديلين جي روشني ۾ پيش اچڻ جو انداز سيکاري ڇڏيو هو ته ڪيئن نه ٻين جي چڱائي جو خيال ڪري ذهني سڪون ماڻجي.
    سلميٰ ۾ عارف جيتري ڏاهپ ۽ سمجهه ڪو نه هئي. هن کي پنهنجي مڙس جي سوچ ۽ فيصلي تي پختو يقين هو. پر هڪ پيار ڪندڙ زال جي حيثيت ۾، هن کي اڃان به دل ۾ ڪنڊو چڀندي محسوس ٿيو ٿي.
    ”آئون چاهيان ٿي.....“ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو پر اڌ ۾ ئي پنهنجي ڳالهه کي ڪٽي ڇڏيو. عارف هٿ وڌائي پيار مان هن جي ڳلن کي ڇهيو.... هاڻ ٻنهي کي وڌيڪ چوڻ جي ضرورت نه هئي.
    ”ها. مسٽر وانگ ڏاڍو سٺو ماڻهو آهي هو ڳالهه کي سمجهي به ٿو ۽ دل ۾ احساس به رکي ٿو.“ جيئن ئي عارف دل ئي دل ۾ انهن جملن کي ورجايو، هن جا خيال هڪ ڀيرو وري ڀٽڪي ويا ۽ هو حيرت مان سوچڻ لڳو.
    ”آخر مسٽر وانگ پئسا وڃايا ڪيئن؟.“
    ***


    واڙ جي هُن پار

    اي ايم فورسٽر

    منهنجي پئڊوميٽر (قدم يا مفاصلي ماپڻ جو اوزار) تي 25 جي ريدنگ ظاهر ٿي. جيتوڻيڪ اِهو ڏکوئيندڙ عمل هو ته هلڻ بند ڪجي. پر ڇا ڪجي؟ آئون ٿڪجي پيو هوس. انهي ڪري هڪڙي ميل جي لڳل پٿر تي ويهي رهيس، ماڻهو مون کان اڳيان نڪري ويا پي. اڳي جيان هنن چرچا ۽ ڀوڳ ڪيا ٿي. پر آئون ساڻو ٿي چڪو هوس ۽ مون اُنهن کي ورندي ڏيڻ جي پاڻ ۾ سگهه نٿي ساري. ايتريقدر جو تعليمي ماهر مس ايليزا ڊمبلي ماضي ياد ڏياري، همٿائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ موٽ ۾ مون ورندي ڏيڻ جي بجاءِ هوا ۾ ٽوپلو لوڏي مرڪي ڏنو.
    پهريئن پل ۾ مون سوچيو ته، آئون بلڪل پنهنجي ڀاءُ جيان ٿيندو پيو وڃان، جنهن کي آئون سال ٻن کان روڊ جي سائڊ تي ڇڏي ويندو رهيو آهيان. هن پنهنجو ساهه ڳائڻ ۾ کٽائي ضايع ڪيو ۽ پنهنجي سگهه، ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ برباد ڪئي هئي. پر مون پنهنجو سفر تمام گهڻو عقلمندي سان جاري رکيو هو فقط هاءِ وي جي يڪسانيت هئي جنهن مون کي دٻائي ۽ پريشان ڪري رکيو هو. پيرن جي هيٺان مٽي، ۽ روڊ جي ٻنهي طرفن کان کرکريون واڙون (لوڙها) جيتريقدر مون کي ياد آيو ٿي.
    ۽ آئون اڳيئي، پوئتي کوڙ ساريون شيون ڇڏي آيو هوس. بيشڪ پوئتي اسان جيڪي شيون ڇڏيون ٿي، ڌوڙ اُڏامي اُنهن تي ڄمي وئي ٿي ۽ پوءِ اُهي پٿرن جيان ڏيکائي ڏنيون ٿي. منهنجو جسم ايترو ٿڪجي ۽ ٽٽي پيو هو جو اُهو منهنجي شين جو بار به کڻي نٿي سگهيو. آئون پٿر هٽائي واڙجي پاسي منهن ڪري ليٽي پيس ۽ دعا گهرڻ لڳس ته منهنجي توانائي موٽي اچي.
    هڪ هوا جي جهوٽي منهنجي جسم کي آٿت پهچائي، شايد اُهو واڙ مان گذري مون تائين پهتو هو ۽ جڏهن مون اکيون کوليون ته روشني جي چمڪ، شاخن جي جهڳٽن ۽ سڪل پنن مان ظاهر ٿي رهي هئي. واڙ پهريئن جيان گهاٽي نه هئي. مون ڪمزوري جي حالت ۾ جهاتي پائي، اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته، واڙ جي هن پاسي ڇا هو؟ اُتي ڪير به نظر ڪو نه آيو ٿي؟ يا مون ۾ کوجڻ جي سگهه ئي ڪا نه بچي هئي؟ اسين روڊن تي هلندڙ پنهنجي گفتگو ۾ اِهو ڪڏهن به ڌيان ۾ نه آڻيندا آهيون ته روڊن جو ٻيو پاسو به هوندو آهي. جيڪو اسان جي نظرن کان اوجهل رهندو آهي.
    آئون اُن تجسس جي پويان منظر تي هرکجي ويس ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳس، ”آئون هڪ منٽ ۾ ئي هن پاسي کي ڏسي واپس اچي ويندس.“ ڪنڊن منهنجي چهري کي ڦٽي وڌو هو، ۽ مون کي پنهنجين ٻنهين ٻانهن کي ڍال جي طور استعمال ڪرڻو ٿي پيو ۽ اُهي منهنجا پيرئي هئا، جن مون کي اڳيان ڌڪيو ٿي. مون جيڪو پنڌ ڪيو هو، ان جي اڌ جيترو آئون پوئتان ڇڏي آيو هوس. منهنجو پاڻ سان کنيل سامان جو ڪافي حصو، ڀڄي ڀري خراب ٿي چڪو هو ۽ منهنجا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا. پر آئون طئه ڪري چڪو هوس ته، هاڻ منهنجي لاءِ واپس موٽڻ ممڪن نه هو. ۽ مون کي انڌاڌنڌ سگهه ۽ ڦڙتي سان وڌڻو هو، ڇاڪاڻ جو اِهو خيال مون کي هر وقت ستائيندو رهيو ٿي ته، ڪيڏي مهل به منهنجي سگهه جواب ڏيئي سگهي ٿي ۽ آئون مٽي ۾ ملي سگهيس ٿي.
    اوچتو ئي اوچتو ٿڌو پاڻي منهنجي ڳچي جي چوگرد محسوس ٿيو ۽ مون کي لڳو ته، آئون هاڻ هميشه جي لاءِ ٻڏي رهيو هوس. آئون واڙ مان نڪري اُونهي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري پيو هوس. آئون ٿاڦوڙا هڻي نيٺ ڪناري تي پهچي ويس ۽ مدد لاءِ لاءِ رڙيون ڪرڻ لڳس. مون کي ڪناري جي هن طرفان کان، ڪنهن ماڻهو جي کلڻ ۽ ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”هڪ ٻيو!“ آئون گپ مان پاڻ کي آجو ڪري اُٿيس ۽ سهڪندي سهڪندي سڪي زمين تي ليٽي پيس.
    جيتوڻيڪ پاڻي جي کڏ هاڻي منهنجي نظرن کان اوجهل ٿي چڪي هئي، پر مون تي بدحواسي اڃان به طاري هئي، ڇو جو مون پنهنجي حياتي دوران، ايڏي وڏي ايراضي ۾ ڦهليل چراگاهه ۽ سج جي روشني ڪڏهن به نه ڏٺي هئي. نيرو آسمان هاڻ ڦهلجندو ٿي ويو. ۽ اُن جي هيٺان زمين جبلن، وڻن ٽڻن، گاهن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي شڪلين ۾ پڻ ڦهلجندي ٿي ويئي. پر هتي جبل ايڏا اوچا نه هئا ۽ هن زميني منظر ۾ ڄڻ انساني جوڙجڪ جو انداز نظر آيو ٿي. تنهن ڪري جيڪڏهن لفظ ان منظر جي وسعتن جي اظهار لاءِ اڻپورا پئجي وڃن، ته ڪو به اُن کي گارڊن يا پارڪ ڪوٺي سگهيو ٿي.
    جيئن ئي مون هوش سنڀاليو مون پنهنجي بچائيندڙ کان پڇيو:
    ”هي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟“
    ”ڪيڏانهن به نه، خدا جو شڪر آهي!“ هن ايئن چوندي کلي ڏنو. هن ماڻهو جي عمر 50 يا 60 سال هوندي عمر جو اهڙو ڏهاڪو جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ اسان پاڻ سان گڏ روڊ تي هلندي اعتبار نٿا ڪري سگهون. پر هن جي لهجي ۽ انداز ۾ اهڙي ڪا به فڪرمندي جي ڳالهه ڪو نه هئي. هن جو آواز 18 ورهين جي ڇوڪري جهڙو لڳو ٿي.
    ”پر هي رستو ڪيڏانهن ته ويندو هوندو؟“ مون زور سان رڙ ڪئي. مون کي اُن تي تمام گهڻي حيرت ٿي جڏهن هن چيو ته، ”منهنجي حياتي بچائڻ تي هن جو شڪريو بچا آڻي.“
    ”هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هي رستو ڪيڏانهن وڃي ٿو؟“ هن جبل تي نظر ايندڙ ڪجهه ماڻهن ڏي نهاريندي زور سان رڙ ڪندي چيو. ۽ موٽ ۾ هنن هوا ۾ ٽوپلا لهرائيندا کلي ڏنو.
    پوءِ مون ڏٺو ته پاڻي جي کڏ جنهن ۾ آئون ڪريو هوس، تمام گهڻي اونهي هئي ۽ اُن جي ساڄي توڙي کاٻي طرف گهاٽي واڙ ڦهليل هئي، هتي واڙ سرسبز هئي ۽ اُن جون پاڙون شفاف پاڻي ۾ نظر آيون ٿي. پاڻي جي کڏ ۾ مڇيون ترندي نظر آيون پي ۽ اُها چوگرد سائي ۽ اڇي رنگ جي جهنگلي گلن ۾ ويڙهيل هئي. ۽ مسافرن لاءِ سڪون ۽ خوشي جو سبب بنيل هئي. پر جڏهن مون ڄاڻي ورتو ته، اها آخري حد هئي جا رڪاوٽ بنيل هئي ته گهڙي پل ۾ ئي منهنجون سڀ خوشيون وڃائجي ويون، جيڪي مون کي سائي گاهه، آسمان، وڻن، خوش پوش مسڪرائيندڙ ماڻهن، ۽ عورتن مان پلئه پيون هيون. ۽ مون محسوس ڪيو ته اها جڳهه ڪا ٻي نه پر جيل هئي، جنهن ۾ اُهي سڀ خوبصورتيون ۽ اُنهن جي وشالتا قيد هئي.
    اسين بائونڊري کان پري نڪري وياسين ۽ پوءِ هڪ رستي تي هلڻ لڳاسين، جيڪو اُن سان پورو چوٽي تي هو ۽ چراگاهه مان لنگهيو ٿي. مون کي هلڻ ۾ ڏکائي ۽ تڪليف ٿي رهي هئي ۽ پنهنجي ساٿي کان پويان رهجي ويو هوس. اڳيان نڪرڻ جو ڪو فائدو به ڪو نه هو، جو اهو رستو ڪيڏانهن به ڪو نه ٿي ويو. مون ڪنهن سان به گڏ پنڌ ڪو نه ڪيو هو جڏهن کان مون پنهنجي ڀاءُ کي ڇڏيو هو.
    آئون هن کي وندرائڻ لاءِ هلندي هلندي اوچتو بي دليان چوندو هوس. ”هي پڪ سان خطرناڪ آهي. ڪو به اڳتي نٿو وڌي سگهي. ڪا به واه نظر نٿي اچي. هاڻ اسين جيڪي روڊ.....“
    ”ها مون کي خبر آهي“.
    ”مون چوڻ چاهيو ٿي ته، اسين مسلسل اڳتي وڌي سگهون ٿا.“
    ”مان ڄاڻان ٿو.“
    ”اسين سدائين سکون ٿا، اڳتي وڌون ٿا، ترقي ڪريون ٿا. ڪيئن نه مون پنهنجي مختصر زندگي ۾ کوڙ ساريون ڪار گذاريون ڏٺيون آهن. مثال طور ٽرانسول جي جنگ، مالي سوال، ڪرسچن سائنس، ريڊيم وغيره“.
    مون پنهنجو پيڊوميٽر ڏٺو. اُهو اڃان به 25 جي نشان تي بيٺل هو. نه هڪڙي ڊگري گهٽ نه هڪڙي ڊگري وڌ.
    ”اوه! اهو بيهه رهيو آهي. مون توکي ڏيکارڻ ٿي چاهيو. اهو جيترو وقت آئون توسان گڏ هلي رهيو هوس هلڻ گهربو هو. پر اِهو منهنجي پنڌ کي فقط 25 ڊگري تي ڏيکاري پيو.“
    ”هتي ڪافي شيون ڪم نٿيون ڪن.“ هن چيو. ”هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهو هتي لي ميٽ فورڊ جي رائفل آندي پر اُن ڪم نه ڪيو.“
    ”سائنس جا قاعدا عمل ۾ بين القوامي حقيقت ۽ حيثيت رکن ٿا ۽ سڀني هنڌن تي هڪجهڙي نموني لاڳو ٿين ٿا، ٿي سگهي ٿو ته کڏ ۾ پاڻي اُن کي نقصان پهچايو هجي ۽ انهي ڪري اُها پنهنجو ڪم نه ڏيکاري سگهي هجي. عام حالتن ۾ هر ڪا شئي ڪم ڪندي آهي. سائنس ۽ روح جي اڳتي وڌڻ جي خواهش ۽ ڪوشش ئي اُهي قوتون آهن، جن اسان کي اڄ جيڪي ڪجهه آهيون، ٺاهيو آهي.“
    آئون جيئن ئي پري ٿيندو ويس مون کي اُنهن ماڻهن جي، جيڪي اسان جي پاسي کان گذريا هئا، محبت ڀري ڀليڪار ياد اچڻ لڳي، اُنهن مان ڪجهه ڳائي رهيا هئا، ته ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. ڪجهه باغن ۾ ڪم ڪري رهيا هئا، ته وري ڪجهه گهريلو هنر واريون شيون ٺاهي رهيا هئا. اُهي سڀ خوش نظر اچي رهيا هئا ۽ شايد آئون پاڻ به خوشي محسوس ڪريان ها، جيڪڏهن اِهو وساري سگهان ها ته، اِها جڳهه ڪيڏانهن ڪو نه ٿي ويئي.
    آئون هڪڙي نوجوان کان ڇرڪي ويس جيڪو اسان جي رستي تي، اوچتو ظاهر ٿيو. هن جي مٿي تي ڪاٺين جي ڀري هئي. هو سرسبز کيتن کي لتاڙيندو آيو ۽ اچي چشمي ۾ ٽپو ڏنو ۽ اُن ۾ ترڻ لڳو، هتي واقعي سچي پهچي توانائي ۽ سگهه موجود هئي. مون زور سان رڙ ڪئي، ”ڳوٺاڻي زندگي جي وندر ۽ مشغلو! ٻيا ڪٿي آهن؟.“
    ”هتي ٻيا ڪير به ناهن.“ منهنجي همسفر جواب ڏنو ۽ جيئن ئي اسان هڪ گهاٽي ۽ وڏي گاهه مان گذرياسين، ته هڪ ڇوڪري جي ڳائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءِ پنهنجو پاڻ کي پنهجي سريلي آواز سان وندرائي رهي هئي. هن وري چيو. ”هتي ٻيو ڪير به ڪونهي.“ مون پاڻ کي متيون منجهيل ۽ هن ماحول ۾ پاڻ کي فضول پيداوار محسوس ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳس: ”ته پوءِ هن سڄي منظر جو مطلب ڇا آهي؟.“
    هن وراڻيو: ”ان جو مطلب ڪجهه به نه آهي پر اهو وجود رکي ٿو.“ هن لفظن کي آهستي آهستي ايئن دهرايو ڄڻ آئون ڪو ننڍڙو ٻار هجان.
    ”آئون سمجهان ٿو“ مون خاموشي سان چيو. ”پر آئون ان سان متفق ناهيان. هر هڪ حاصلات بيڪار آهي جيستائين اُن جو ڳانڍاپو يا تعلق ترقي سان نٿو هجي. آئون تنهنجي حد ۾ گهڻي وقت تائين بيجا دخل اندازي ڪرڻ نٿو چاهيان. مون کي هاڻ لازمي طور تي روڊ تي وڃڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيڊوميٽر کي درست ڪرڻ گهرجي.“
    ”پهرين توکي گيٽ (دروازا) ڏسڻ گهرجن.“ هن چيو. ”جيتوڻيڪ اسان لاءِ گيٽ آهن پر اُهي اسين ڪڏهن به استعمال نٿا ڪريون.“
    مون اُن جي ڳالهه کي مان ڏيندي مڃي ورتو ۽ گهڻي مفاصلي طئه ڪرڻ کان پوءِ، اسين کاهي وٽ اُن هنڌ تي پهچي وياسين جتي اُن مٿان ڪشادي پل بيٺل هئي. پل جي منڍ تي هڪ وڏو گيٽ لڳل هو، جيڪو هاٿي جي ڏندن جي آج جيان سفيد هو ۽ واڙ جي چوديواري ۾ ٺاهيل کانچي ۾ لڳل هو. گيٽ ٻاهر کليو ٿي. مون خوشي مان رڙ ڪئي ۽ اُن مان ٻاهر نڪري روڊ تي آيس. انهي روڊ تي جنهن کي مون ڇڏيو هو. پير گپ سان ڀريل ۽ ٻنهي پاسي ڀوري رنگ جون واڙون، جيستائين نظر وئي ٿي، ڏسڻ ۾ آيون ٿي.
    ”اهو منهنجو روڊآهي“ مون رڙ ڪئي.
    هن دربند ڪيو ۽ چيو“. پر اِهو تنهنجي حصي جو روڊ ناهي. هن گيٽ جي ذريعي ئي انسانذات آڳاٽو لاتعداد دورن مان گذري ۽ اُن کي پهريون ڀيرو پسار ڪرڻ جي خواهش تي بند ڪيو ويو.“
    مون اُن جو انڪار ڪيو. مون محسوس ڪيو ته رود جو جيڪو حصو مون ڇڏيو هو، اُهو ٻن ميلن کان وڌيڪ نه هو. پر هن پنهنجي صدين جي ضدي طبيعت جي بنياد تي وري چيو ،”اهو ساڳيو رستو آهي، اها ان جي شروعات آهي، جيتونيڪ ايئن لڳو ٿو ته اِهو اسان کان پري ٿيندو وڃي ٿو، ڪڏهن ويڪرو ته ڪڏهن ٻيڻو ٿي وڃي ٿو پر اِهو اسان جي حدن کان ٻاهر يا پري ناهي ۽ ڪنهن وقت ڪٿي نه ڪٿي اُن کي ڇهي ٿو.“ هو کاهي طرف جهڪيو ۽ هن پريشاني مان گپ مان پنهنجا پير آجا ڪيا. جيئن ئي اسان چراگاهه مان واپس گذرڻ لڳاسين، مون هن کي هن جي غلطي تي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو:
    ”رستو ڪنهن وقت ويڪرو يا ٻيڻو ٿي وڃي ٿو، اُن جي پڪ آهي. پر اِهو اسان جي نظم و ضبط جو حصو هجي ٿو پر اُن تي ڪير شڪ ڪندو ته اُن جو عام لاڙو يا رخ اڳتي نه آهي؟ ڪهڙي منزل ڏانهن جنهن جي اسان کي خبر نه آهي؟ ممڪن آهي ته اِهو رستو ڪنهن پهاڙ ڏي ويندو هجي، جتي اسين آسمان کي ڇهي سگهندا هجون. ٿي سگهي ٿو ته اهو رستو سمنڊ ۾ ويندو هجي، ۽ اُن جي گهرائي ۾ موجود جبل جي پاڙ کي ڇهندو هجي. پر اهو رستو اڳيان ئي وڃي ٿو. ان ۾ ڪير شڪ ڪندو؟ اِهو خيال ئي آهي، جيڪو اسان کي پنهنجي پنهنجي طريقي سان حاصل ڪرڻ تي اُڪسائي ۽ آماده ڪري ٿو ۽ اسان ۾ همٿ ۽ سگهه پيدا ڪري ٿو. جيڪا تو ۾ ڪو نه آهي. هاڻ اُهو ماڻهو جيڪو اسان جي ڀرسان گذريو. اهو صحيح آهي ته هو سٺي نموني ڊوڙي سگهيو ٿي، سٺي نموني تري سگهيو ٿي ۽ بهتر نموني ٽپو ڏئي سگهيو ٿي، پر اسان جي نظر ۾ اُهي به ماڻهو آهن جيڪي اڃان به تيز ڊوڙي سگهن ٿا، اڃان به بهتر انداز ۾ تري سگهن ٿا ۽ اڃان به وڌيڪ اوچائي تائين ٽپو ڏئي سگهن ٿا، خصوصي صلاحيتون ۽ گڻ توکي حيرت ۾ وجهي سگهن ٿيون ساڳئي نموني اُها ڇوڪري......“
    اتي مون پنهنجي پاڻ ڳالهه ڪٽيندي رڙ ڪئي. ”اها منهنجي لاءِ ڪيڏي نه خوشي جي ڳالهه هئي. آئون قسم کڻي چئي سگهيس ٿي ته اها مس ايليزا ڊمبلي هئي جنهن جا پير آبشار ۾ نظر آيا ٿي!.“
    هن کي يقين هو ته هوءِ ئي اُها هئي
    ”ناممڪن! مون هن کي روڊ تي ڇڏيو هو. ۽ هن کي شام جو ٽن برج ويلس ۾ ليڪچر ڏيئڻو هو. ڇو هن جي ٽرين ڪينن اسٽريٽ اندر ڇڏيندي.... بيشڪ منهنجي واچ ٻين شين جيان بيهه رهي هئي. هوءِ سڀني ۾ آخري عورت هئي جيڪا اُتي موجود هئي.
    ”ماڻهو گڏجاڻين ۾ هميشه هڪ ٻئي کي حيرت ۾ وجهندا آهن. سڀ شفقتون ۽ صنفون واڙ مان ئي اينديون آهن ۽ هر وقت اينديون رهنديون آهن. جڏهن هو ڊوڙ ۾ اڳيان نڪري ويندا آهن، جڏهن هو پوئتان نهاريندا آهن، جڏهن هو مري ويلن کي ڇڏڻ ايندا آهن. آئون اڪثر بائونڊري جي ويجهو بيهه، رستي جي آوازن کي ٻڌندو آهيان. توکي خبر آهي ته اُهي ڪهڙا هوندا آهن؟..... ۽ حيرت لڳندي اٿم جڏهن ڪو الڳ ٿي ويندو آهي. اها منهنجي لاءِ تمام خوشي جي ڳالهه هوندي آهي جڏهن آئون ڪنهن کي کاهي مان ڪڍندو آهيان، جيئن مون تنهنجي مدد ڪئي. اسان جو ڳوٺ آهستي آهستي والارجي رهيو آهي جيتوڻيڪ اهو سموري انسانذات لاءِ وسيلو ٺاهيو ويو هو.“
    ”انسانذات جا ٻيا مقصد آهن.“ مون آهستي چيو، منهنجو خيال هو ته هو اُن جي معنيٰ چڱي طرح سمجهي سگهيو ٿي. ”۽ مون کي اُنهن ۾ شامل ٿيڻ گهرجي.“ مون هن کي شام جي وقت خدا حافظ چيو، اُن وقت سج لهي رهيو هو ۽ منهنجو اندازو هو ته، آئون رات ٿيڻ کان اڳ ئي رستي تي پهچي ويندس. منهنجي گهڙيال کي ڏسندي، هن مون کي جهليندي رڙ ڪئي، ”بهتر آهي تون هاڻي نه وڃ.“ مون هن کان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ جو اسان کي عام ماڻهن ۾ دلچسپي نه هوندي آهي ۽ هن جي شرافت ۽ شيلتا مونتي گران گذري رهي هئي. پر منهنجين سڀني ڪوششن جي باوجود به پوڙهي ماڻهو مون کي وڃڻ نه ڏنو. جيئن ته ڪشتي راند ۾ منهنجي مهارت ناهي، انهي ڪري مون هن کي مان ڏيندي هن جي پويان هلڻ مناسب سمجهيو.
    اها حقيقت هئي ته آئون جتي موجود هئس اڪيلي سر ان جڳهه کي ڳولي نٿي سگهيس. ۽ مون کي اُميد هئي ته جڏهن مون کي جڏهن ٻيا نظارا ڏسڻ ۾ ايندا جن بابت پريشان هوس ته هو ضرور مون کي اوڏانهن واپس موٽائي سگهندو. پر مون فيصلو ڪري ورتو ته، ٻهراڙي ۾ ننڍ نه ڪبي. ڇو جو مون کي اُعتبار نه هو ۽ اُنهن ماڻهن تي پڻ، جن ۾ دوستانه شئي نالي ڪجهه به نه هو. جيتوڻيڪ آئون بکايل هئس، پر آئون اُنهن جي شام واري ماني يعني کير ۽ ڦل فروٽ ۾ شامل نه ٿيس. ۽ جڏهن اُنهن مون کي گل ڏنا ته مون اُهي بنا سواس وٺڻ جي ئي ڦٽي ڪري ڇڏيا. رات جو اُهي جانورن وانگر ليٽي پيا. ڪجهه جبلن جي پٿريلي زمين تي، ته وري ڪجهه پٽ تي اُڳيل گاهه تي لهندڙ سج جي جهڪي روشني ۾، آئون بک، ٿڪاوٽ ۾ ساڻو پنهنجي خشڪ طبيعت گائيڊ جي پويان تڪڙو تڪڙو هليس ٿي ۽ منهنجي ڪنن ۾ بي ساخته ڀڻ ڀڻ جو آواز پهتو ٿي، ”مون کي زندگي ڏي، جدوجهدن ۽ فتحن سميت، سڀني ناڪامين ۽ نفرتن سميت، اُن جي اونهين وسعتن، معنائن ۽ اڄاتل منزلن سميت!.“
    آخر ۾ اسان انهي جڳهه تي پهتاسين، جتي گول کاهي جي مٿان ٻي پل ٺهيل هئي ۽ جتي هڪ ٻيو گيٽ لڳل هو، جنهن واڙ جي حدن کي ورهايو ٿي. اهو پهريئن گيٽ کان مختلف هو ۽ اندر کليو ٿي. مون جهڪي روشني ۾ هڪ دفعو وري اهڙو رستو ڏنو جهڙو آئون اڳي ڇڏي آيو هوس. ناهموار، مٿي وارو، جنهن جي ٻنهي پاسي جيستائين نظر وئي ٿي کرکريون واڙون هيون.
    مون کان اُن منظر تي خاموش رهيو نه ٿيو ۽ مون کي لڳو ته، هاڻ مون تي پنهنجو ڪنٽرول ختم ٿي چڪو هو. هڪڙو ماڻهو اسان جي ڀرسان گذري رهيو هو، جيڪو رات گذارڻ لاءِ جبل ڏي وڃي رهيو هو. هن جي ڪلهي تي هڙ هئي ۽ هٿ ۾ پاڻي جو دٻو. آئون اسان جي هن ڊوڙ ڊڪ واري منزل کي وساري ويٺو هوس. آئون اُهو رستو به وساري ويٺو هوس، جيڪو منهنجين اکين جي اڳيان گذريو هو. آئون ڊوڙندو هن وٽ پهتس ۽ هن جي هٿن مان پاڻي جو دٻو کسي پاڻي پيئڻ لڳس.
    جيتوڻيڪ اهو بيئر جيترو تيز ۽ قوت بخش نه هو، پر اُن منهنجي ٿڪل ۽ ٽٽل جسم تي جلدي اثر ڪري ورتو. مون غنودگي ۾ پوڙهي ماڻهو کي گيٽ بند ڪندي ڏٺو ۽ هن کي اهو چوندو ٻڌو، ”اها ئي جڳهه آهي، جتي تنهنجو رستو ختم ٿئي ٿو ۽ هن گيٽ جي ذريعي انسانيت، جيڪا اتي ڇڏي وڃي ٿي سا اسان وٽ اچي وڃي ٿي.“
    جيتوڻيڪ منهنجا حواس ويسر ۾ ٻڏي رهيا هئا، پر ايئن لڳو ته ڄڻ اُهي ڦهلجي ماضي جي منظرن ۾ پهچي ويا هئا. اُهي بلبلن جا جادوئي گيت سمجهي سگهيا ٿي ۽ نظرن کان اوجهل سڪل گاهه جي خوشبوءِ سونگهي سگهيا ٿي ۽ مرجهايل آسمان ۾ ٽمڪندڙ ستارن کي پسي سگهيا ٿي. اُهو ماڻهو جنهن جو بيئر مون چورايو هو ۽ جنهن منهنجي ننڍ جي اثرن کي آهستي آهستي گهٽايو هو اُهو ڪو ٻيو نه پر مون جڏهن ڪنڌ کڻي ڏٺو ته اُهو منهنجو ڀاءُ هو!.
    ***


    محبت ماريا ماڻهو

    ائبي بليئر

    مون کي فريڊي سان ٿيل پهرين ملاقات اڃان به ياد آهي. هو گود ۾ وٺندڙ ٻارن جي اداري ۾، جتي آئون نوڪري ڪندو آهيان، پالڻي ۾ بيٺو هو. هو مون کي ڏسي ڏند ڪڍي کليو. ڪيڏو نه خوبصورت ۽ پيارو ٻارڙو آهي. مون سوچيو.
    هن جي بورڊنگ مڌر (ٻارن جي سنڀال لاءِ اداري طرفان مقرر ڪيل ملازمه) هن کي پنهنجين ٻانهن ۾ سنڀاليو ويٺي هئي.
    ”ڇا توهان فريڊي جي لاءِ والدين (فيملي) ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا“
    پوءِ مون اهو اِهو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏٺو. فريدي کي پيدائش کان ئي ٻانهون ڪو نه هيون.
    ”هي تمام گهڻو چست، کڙو تڙو ۽ ٺاهوڪو ٻارڙو آهي. هي هن وقت ڏهن مهينن جو آهي ۽ پنهنجو پاڻ هلي چلي ٿو ۽ ٻاتڙائي ڳالهائي ٿو.“ هن کيس چمي ڏني ۽ چيو ”هن کي مسز بليئر لاءِ بڪ ڪريو.“
    فريڊي مون تي ڏند ڪڍي کليو ۽ پنهنجو من بورڊنگ مڌر جي ڪلهي ۾ لڪائي ڇڏيو. ”هاڻي فريڊي تنگ نٿو ڪري“ هن چيو، ”هو سچ پچ مان پيار ڪندڙ آهي.“ هن پنهنجي ڳالهه ۾ واڌارو ڪندي وري چيو ”ڪيڏو نه سٺو ٻارڙو آهي!“
    فريڊي مون کي پنهنجي پٽ جي ياد ڏياري ڇڏي، جڏهن هو به هن جي عمر جو هو. ساڳيا گهنڊيدار وار ۽ ساڳيون ڀوريون اکيون.
    ”توهان هن کي وساري نٿا سگهو، ”مسز بليئر؟ توهان ڪوشش ڪري ڏسو!“
    ”آئون وساري نٿي سگهان.“
    آئون مٿي ويس ۽ هن جو بورڊنگ رڪارد کڻي موٽيس.
    فريڊي، عمر 10 مهينا، فرقو پروٽيسٽنٽ، خانداني پس منظر انگريز ۽ فرينچ نسل، اکيون ڀوريون، وار ڀورا ۽ گهنڊيدار، چمڙي ڳوري ۽ صاف. فريڊي بنا ٻانهن جي پيدا ٿيو باقي اُن کان علاوه، مڪمل صحتمند، هن جي بورڊنگ مڌر جي خيال ۾ هو اعليٰ ذهانت جو مالڪ آهي. هو خود ئي هلي ٿو ۽ ڪجهه لفظ ڳالهائي ٿو. فريڊي اُتساهيندڙ ۽ پيارو ٻار آهي، جنهن کي هن جي جنم ڏيندڙ (اصل) ماءُ ڇڏي وئي ۽ هاڻ گود وٺجڻ لاءِ موجود آهي.
    هو گود وٺجڻ لاءِ تيار آهي. مون خيال ڪيو. پر هن کي گود وٺڻ لاءِ ڪير تيار ٿيندو؟
    اها خوش گوار اونهاري جي صبح هئي ۽ گهڙيال ۾ ڏهه وڳا هئا، ۽ گود وٺندڙ ادارو جوڙن سان ڀريل هو. جوڙن جا انٽرويو ٿي رهيا هئا. جوڙا ٻارن سان ملي رهيا هئا. خاندان جن ۾ هو ڄاوا هئا، هنن جوڙن جا خواب به، هميشه انهن جهڙائي ساڳيا هوندا آهن. اُنهن کي اهڙي ٻار جي گود وٺڻ جي خواهش هوندي آهي، جيڪو تهذيبن اُنهن جيان هجي، ۽ ممڪن جي حد تائين صحتمند ۽ هٽو ڪٽو هجي ۽ اُن کان به اهم ڳالهه ته، اُن کي ڪا به تڪليف يا مسئلو نه هجي.
    ”جيڪڏهن اسان جي گود وٺڻ کان پوءِ هن کي ڪو مسئلو ٿئي؟“ اُهي اڪثر چوندا آهن، ”اهو جوکم ته ٻين والدين کي به پيش اچي سگهي ٿو. پر اُهو ٻار کڻڻ، جنهن کي اڳ ۾ ئي ڪو مسئلو هجي، اهو ته سنئون سڌو ۽ اکين ڏٺو جوکم جو ڪم آهي.“
    ۽ پوءِ ڪير اُنهن کي معيار ڏيئي سگهي ٿو؟
    آئون اڪيلو ڪو نه هوس، جيڪو فريڊي لاءِ والدين جي ڳولا ڪري رهيو هو. هر ورڪر جيڪو ڪنهن جوڙي سان مليو ٿي، اُن مان اُميد رکي ٿي ته هو فريڊي کي گود وٺندا. پر اونهارو پنهنجو جوڀن لٽي گذري ويو ۽ فريڊي پنهنجي پهرين سالگره تائين به اسان جي اداري ۾ ئي رهجي ويو.
    ”فريڊي هاڻي وڏو ٿي ويو آهي.“ فريڊي ٻاتڙائيندي ۽ کلندي ورائي ورائي چيو، ”فريڊي هاڻ وڏو ٿي ويو آهي.“
    ۽ پوءِ مون اُنهن کي ڳولي ورتو.
    اهو ڪم به ايئن شروع ٿيو، جيئن روز جي معمول جو ڪم شروع ٿيندو آهي. منهنجي رڪارد ۾ هڪ ڪيس جي داخلا هئي. هنن کي ٻار گهربل هو. هنن جي گهريلو زندگي بابت معلوم ڪيم. اُنهن مان عورت جو نالو فرانسس ۽ مرد جو نالو ايڊون پيئرسن هو. عورت 41 سالن ۽ مرد 45 سالن جو هو. عورت گهريلو ڪم ڪار سان لاڳاپيل هئي ۽ مرد ٽرڪ ڊرائيور.
    آئون اُنهن سان ملڻ ويس. اُهي هڪڙي ننڍڙي گهر ۾ رهيا پي، جنهن کي هڪ وڏو ڪشادو اڱڻ هو. اُن ۾ ڪافي پراڻا وڻ لڳل هئا ۽ روشني جهجهي مقدار ۾، بنا حجاب جي داخل ٿي ٿي. هنن ٻنهي منهنجو گيٽ تي آڌر ڀاءُ ڪيو.
    مسز پيئرسن منهنجي لاءِ اوون ۾ گرم ڪيل بسڪيٽ ۽ دونهان ڪڍندڙ گرم گرم ڪافي کڻي آئي. اُهي ٻيئي منهنجي سامهون، صوفه تي گڏجي هٿ ۾ هٿ ملائي ويٺا. ٿورڙو رکي مسز پيئرسن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”اڄ اسان جي شادي جي ارڙهين سالگرهه آهي.“
    ”اهي ارڙهن سال نهايت خوش گوار گذريا.“
    مسٽر پيئرسن پنهنجي زال ڏانهن نهاريندي چيو ”سواءِ.....“
    ”ها“ مسز پيئرسن چيو ”سوا.....؟ هميشه سواءِ، سواءِ ئي رهي ٿو.“
    هن روم جي چوطرف نهاريو ”هي ڪافي صاف سٿرو آهي.“ هن چيو، ”ڇا توکي خبر آهي؟“
    آئون پنهنجي رهڻ واري ڪمري ۽ ٽن ٻارن متعلق سوچڻ لڳس جيڪي هاڻ جوان ٿي چڪا آهن. ”ها“ مون چيو ”مون کي خبر آهي.“
    ”شايد اسين هاڻ گهڻا پوڙها ٿي چڪا آهيون؟“
    مون مرڪي ڏنو ”توهان کي ائين سوچڻ نه گهرجي“ مون چيو. ”اسان مان ڪو به ايئن ڪو نه ٿو سوچي.“
    ”توهين هميشه اهو سوچيو ٿا ته شايد هن مهيني ايئن ٿئي ۽ پوءِ وري ايندڙ مهيني ۾ يقين.“ مسٽر پيئرسن چيو ”امتحان، ٽيسٽون، سڀني قسمن جا ڪم پورا ٿيندا رهن ٿا پر پوءِ به هميشه جيان ڪجهه نه ٿو ٿئي. توهين اُميد مٿان اُميد رکو ٿا ۽ وقت کسڪندو وڃي ٿو.“
    ”اسان هن کان اڳ به گود وٺڻ جو سوچيو هو.“ مسٽر پيئرسن چيو، ”هڪ اداري چيو ته، اسان جو گهر ننڍو هو. تنهن ڪري اسان هي گهر ورتو. پوءِ هڪ ٻئي اداري چيو ته، آئون ايڏا پئسا ڪمائي نٿو سگهان جو ٻار کي گود وٺي سگهان. اسان به مڃي ورتو. پر اسان جي هڪ دوست توهان جي متعلق ٻڌايو ۽ اسان آخري ڪوشش وٺڻ جو فيصلو ڪيو.“
    ”مون کي اُن تي خوشي آهي.“ مون چيو.
    مسز پيئرسن پنهنجي مڙس ڏي فخر واري نظرن سان نهاريو. ”ڇا اسين پنهنجي مرضي سان ٻار پسند ڪري سگهون ٿا؟“. هن پڇيو، ”منهنجي مڙس کي هڪ ڇوڪرو گهرجي ٿو.“
    ”اسان توهان لاءِ ڇوڪري جي ڪوشش ڪنداسين.“
    مون چيو ”ڪهڙي قسم جو ڇوڪرو؟“
    مسز پيئرسن کلي پئي. ”انهن جا گهڻا قسم ٿيندا آهن؟ اسان کي بس ڇوڪرو گهرجي. منهنجو مڙس راند جو شوقين آهي. هاءِ اسڪول جي وقت ۾ فٽ بال کيڏندو هو ۽ باسڪيٽ بال راند پڻ ۽ گهٽين ۾ به کيڏندو هو. هن لاءِ ڇوڪرو ئي بهتر رهندو.“
    مسٽر پيئرسن مون ڏي نهاريو. ”آئون سمجهان ٿو ته، هن وقت تون يقين سان ڪجهه ٻڌائي نٿو سگهين. هن چيو، ”پر تون اسان کي اندازو لڳائي ٻڌائي سگهين ٿو ته تون ڪيترو جلدي اهو ڪم ڪري سگهين ٿو؟ اسان تمام گهڻو انتظار ڪيو آهي.“
    آئون گهٻرائجي ويس. اسان کي سدائين اهڙي قسم جي سوالن کي منهن ڏيڻو پئجي ويندو آهي.
    ”ايندڙ اونهاري تائين انتظام ٿي سگهي ٿو؟“ مسز پيئرسن چيو ”جيئن اسين هن کي سمنڊ جي ڪناري تي وٺي وڃي سگهون.“
    ”ايڏو دير سان ڇو؟“ مسٽر پيئرسن چيو. ”توهان وٽ هن وقت ڪو به ڇوڪرو ڪونهي؟ توهان وٽ لازمي ڪو ننڍڙو ٻارڙو هوندو.“ ٿورڙو رکي هن وري ڳالهايو ”بيشڪ اسين ٻين ماڻهن جيترا پئسا ڏيئي نٿا سگهون. اسان وٽ ايتري گهني بچت ٿيل ناهي.“
    ”پر اسان وٽ گهڻو پيار آهي.“ پيئرسن جي زال چيو ”اسان اُهو ڪافي بچا ئي رکيو آهي.“
    ”ٺيڪ آهي.“ مون احتياط کان ڪم وٺندي چيو ”هڪ ننڍڙو ڇوڪرو آهي جيڪو تقريبن 13 ورهين جو هوندو.“
    اوه! مسز پيئرسن چيو ”ننڍڙي خوبصورت عمر!“
    ”مون وٽ هن جي هڪ تصوير آهي.“ مون پرس مان تصوير ڪڍي هنن کي ڏيکاري. ”هو ڪافي دلچسپ ۽ پيارو ٻارڙو آهي.“ مون چيو ”پر هن کي پيدائشي ٻانهون ڪونهي.“
    هنن خاموشي سان تصوير جو ڳوڙهو معائنو ڪيو. ۽ پوءِ ٻنهي هڪ ٻئي ڏي نهاريو.
    ”فرئن تنهنجو ڇا خيال آهي؟“
    ”ڪڪ بال!“ مسز پيئرسن چيو، ”تون هن کي، بال کي ڪڪ هڻڻ سيکاري سگهين ٿو.“
    ”رانديون ايتريون اهم ناهن.“ مسٽر پيئرسن چيو ”هو سکڻ لاءِ پنهنجو دماغ استعمال ڪري سگهي ٿو. ٻانهن کان سواءِ هو هلي سگهي ٿو پر دماغ کان سواءِ نه. هو ڪاليج وڃي سگهي ٿو. اسين هن لاءِ پئسا بچائينداسين.“
    ”ڇوڪرو ته آخر ڇوڪرو ئي آهي“. مسز پيئرسن پنهنجي ڳالهه تي زور ڏيندي چيو. ”هن کي راند کيڏڻ جي ضرور خواهش ٿيندي. تون هن کي سيکاري سگهين ٿو.“
    ”آئون هن کي سيکاريندس، ٻانهون سڀ ڪجهه ته ناهن، ٿي سگهي ٿو ته اسين هن کي نيون ٻانهون لڳرائڻ جي پوزيشن ۾ ٿي وڃون“.
    ٿوري دير لاءِ اُنهن منهنجي موجودگي کي وساري ڇڏيو. ”ٿي سگهي ٿو ته، مسٽر پيئرسن صحيح هجي.“ مون سوچيو ”ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن وقت فريڊي کي هٿرادو ٻانهون لڳايون وڃن. هن کي ڪلها آهن جن ۾ آساني سان ٻانهون فٽ ٿي سگهن ٿيون.“
    ”ته پوءِ توهان هن کي ڏسڻ چاهيندئو؟“
    هنن مون ڏي نهاريندي چيو، ”اسين ڪڏهن هن سان ملي سگهون ٿا؟“
    توهان جي خيال ۾ هو شايد توهان کي گهرجي؟“
    ”شايد؟“ هن چيو، ”ڇا مطلب آهي شايد جو؟“
    مسز پيئرسن مون ڏانهن نهاريو،
    ”هو بلڪل اسان کي گهرجي.“ هن جي مڙس چيو.
    مسز پيئرسن تصوير کي ڏسڻ لڳي ۽ اُن سان ڳالهائيندي چيو، ”تون اسان جو انتظار ڪري رهيو آهين!“ هن وري چيو ”ائين نه؟“
    ”هن جو نالو فريڊي آهي“. مون چيو. ”پر توهان اُن جو نالو مٽائي ٻيو نالو رکي سگهو ٿا.“
    ”نه.“ مسٽر پيئرسن چيو. ”فريڊرڪ پيئرسن، ايئن ڳنڍڻ سان سٺو لڳندو؟“
    ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو.
    بيشڪ ڪجهه رسمي ڪاررايون هيون ۽ اسان اُنهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪرسمس جون لائٽون شهر جي گهٽين ۾ ٻري رهيون هيون ۽ گلن جون لڙيون، جتي ڪٿي هر جڳهه تي سجايل نظر آيون ٿي.
    آئون مسٽر پيئرسن ۽ هن جي زال سان انتظار ڪرڻ واري ڪمري ۾ مليس، ٻنهي جي مٿان هلڪي هلڪي برف چهٽيل هئي.
    ”توهان جو پٽ اڳ ۾ ئي تيار ويٺو آهي.“ مون اُنهن کي ٻڌايو، توهان مٿي ڏاڪڻ تي هلو، آئون هن کي کڻي اچان ٿو.“
    ”مون هن لاءِ پاڻ سان پوپٽ آندا آهن.“ مسز پيئرسن چيو ”جيڪڏهن هو اسان کي پسند نه ڪري، ته اسين هن کي پوپٽن سان ريجهائي وٺي هلنداسين.“
    فريڊي جي بورڊنگ مڌر هن کي نئون اڇو سوٽ پاتو ۽ ڪالر تي ڳاڙهن بيري جي جهڳٽن سان جڙيل مقدس سائي ٽاري لڳائي. هن جا گهرا گهنڊيدار وار چمڪي رهيا هئا.
    ”گهر پيو وڃان.“ جيئن ئي بورڊنگ مڌر فريڊي کي منهنجي ٻانهن ۾ ڏنو، هن ٻاتڙي ٻولي ۾ مسڪرائيندي چيو.
    مون هن کي اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي. بورڊنگ مڌر چيو ”مون هن کي اهو ٻڌايو آهي ته هو پنهنجي نئين گهر وڃي رهيو آهي.“
    بورڊنگ مڌر هن کي چمي ڏني ۽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. ”پيارا! گڊبائي، هميشه سٺو ٻارڙو ٿي رهجان.“
    ”سٺو ٻارو!“ فريڊي خوشي مان ٻهڪندي وري چيو، ”گهر پيو وڃان.“
    آئون هن کي هنج ۾ کڻي ننڍي ڪمري ۾ آيس، جتي پيئرسن ۽ هن جي گهر واري سندس انتظار ڪري رهيا هئا. جڏهن آئون اُتي پهتس ته، مون هن کي هنج مان لاهي فرش تي بيهاري، ڪمري جو در کليل ئي ڇڏي ڏنو.
    ”ڪرسمس جون مبارڪون.“ مون چيو.
    فريڊي اچانڪ اُٿيو، ۽ پنهنجي اڳيان ويٺل ٻنهي ماڻهن کي غور سان ڏسڻ لڳو. اُنهن هن کي سڏيو.
    مسٽر پيئرسن هڪ گوڏي تي زور ڏيندي اُٿيو، ”فريڊي هيڏانهن اچ، فريڊي پنهنجي بابا وٽ هلي آ.“
    فريڊي هڪ پل پويان مڙي مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ واپس مڙي آهستي هلندي هنن ڏانهن ويو. ۽ هنن پنهنجون ٻانهون ڦهلائي هن کي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتو.
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170150
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ