ڪتاب جو نالو: تاريخ ۽ اسان
مصنف: ارڏو اترادي
ڇپائيندڙ: ليکڪ
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 16 آڪٽوبر 2018 ع
پڙهيو ويو: 500 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 103 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
بلوچن جي تاريخ ۽ اينٿراپالاجي تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ تاريخدان ۽ شاعر ارڏو اترادي آهي.
ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو. ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ لکڻ تي مجبور ڪيو. جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • سڀ حق ۽ واسطا اداري/مالڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • قول
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • ميرباجڪ
  • سردار خانبهادر مير شير محمد خان(دوم)بجاراڻي
  • ذات باجڪاڻي جي پڳ جو احوال
  • محترم جناب شير احمد صاحب
  • محترم انور حسين صاحب
  • محترم سعيد احمد خان
  • محترم اعجاز علي خان
  • محترم سجاد احمد خان(ميجر)
  • محترم جناب اڪبر خان
  • محترم مشتاق احمد ولد مير جمال خان
  • محترم ثناالله ولد مير حبيب الله خان
  • محترم نصير محمد ولد سخي صحبت خان
  • الحاج جناب غلام مصطفيٰ صاحب
  • محترم ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب
  • محترم عابد حسين صاحب
  • 2۔محترم زاهد حسين صاحب
  • 3۔محترم ڪاشف حسين صاحب
  • محترم مير احمد”مير” صاحب
  • الحاج جناب نادر علي صاحب
  • محترم منظور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب
  • محترم مسرور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب
  • محترم خالد حسين ولد الحاج نادر علي صاحب
  • محترم غلام سرور ولد ميرحسن خان
  • محترم ڊاڪٽر گل حسن صاحب
  • محترم امجد حسين صاحب
  • محترم منور حسن ولد حاجي ارصلاح خان
  • محترم ظهيرالدين صاحب
  • محترم فضل الدين صاحب،ولد حاجي ارصلاح خان
  • محترم محمد اسلم ولد محمد حيات خان
  • محترم غلام محمد صاحب
  • محترم فيض محمد صاحب ولد مرزان خان
  • محترم عبدالحفيظ ولد امام بخش خان
  • محترم اشفاق احمد
  • محترم زبير احمد صاحب
  • محترم محمد يوسف ولد غلام محمد صاحب
  • محترم جناب علي مراد صاحب
  • محترم عرفان علي ولد امداد علي
  • محترم جناب اميربخش صاحب
  • محترم جناب اڪبر علي صاحب
  • محترم عمران اڪبر صاحب
  • محترم جميل احمد صاحب
  • محترم فائق علي صاحب
  • محترم معشوق علي ولد عبدالغفار صاحب
  • محترم شڪيل احمد ولد عامل خان
  • محترم فضل محمد ولد محمد مبارڪ
  • محترم قلندربخش ولد محمد مبارڪ خان
  • محترم جواد احمد
  • محترم محمد شعبان صاحب
  • محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه
  • محترم غضنفر علي ولد محترم محمد شعبان صاحب
  • ”مير“ محسن علي ولد محترم محمد شعبان صاحب
  • محترم ظفر الله ولد دادن خان
  • محترم غمٽار صاحب
  • محترم اسدالله ولد غمٽار صاحب
  • محترم عبدالله ولد غمٽار صاحب
  • محترم قدرت الله (مالماڻي)
  • مرحوم عبدالعزيز خان ولد محمد مريد خان
  • محترم جناب عبدالڪريم ولد محمد مريد خان
  • محترم عبدالستار ولد محمد مريد خان
  • محتر م خاوند بخش ولد محمد نواز خان
  • محترم جناب حفيظ الله ولد سونهارو خان
  • محترم ممتاز علي ولد سونهارو خان
  • محترم لياقت علي خان ولد گلبهار خان
  • محترم محمد صديق ولد محمد امين خان
  • ارصلاح خان باجڪاڻي”ارڏو اترادي”
  • محترم جناب محب الله صاحب
  • محترمه نصرت محب صاحبه
  • محترم الهڏتو ولد نوخاف خان
  • محترم سڪندر علي ولد الهڏتو خان
  • محترم عبدالرزاق ولد الهڏتو خان
  • محترم عبدالحق ولد الهڏتو خان
  • محترم شاهه محمد ولد عبدالحق
  • محترم رحمت الله ولد راڻو خان
  • محترم اڪبر علي ولد راڻو خان
  • محترم جناب غلام محمد صاحب(هيفٿاڻي)
  • محترم عبدالڪريم ولد غلام محمد صاحب
  • محترم جناب ڊاڪٽرآفتاب حسين صاحب
  • محترم ديدار حسين صاحب
  • محترم ضمير حسين صاحب
  • محترم جناب مهربان خان
  • محترم جناب جان محمد”جان“باجڪاڻي صاحب
  • محترم الحاج ناٿو فقيرسائين
  • محترم محمد ابراهيم ولد الحاج ناٿو فقير
  • محترم خالد حسين ولد حاجي سخيرو خان
  • محترم احمد نواز ولد حاجي سخيرو خان
  • محترم فضل محمد عرف قاضي صاحب
  • محترم غلام رسول صاحب
  • محترم شاهنواز ولد عبدالعزيز
  • محترم خالد حسين ولد عبدالمجيد
  • محترم محمد عظيم ولد محمد عثمان
  • محترم هزار خان ولد تاج محمد
  • محترم فيض محمد ولد محمد طاهر خان
  • عبدالحميد ولد درمحمد خان
  • محترم راجه غلام فريد ولد ڪريمڏنو
  • محترم رسول بخش خان
  • عبدالهادي ولد حاجي وسند خان
  • محترم فدا حسين ولد رسول بخش خان
  • هيبت خان
  • محترم جناب محب علي صاحب
  • محترم محمدعلي ولد شاهنواز خان
  • محترم معشوق علي ولد جعفران خان
  • محمد شمن ولد وزيرخان
  • محترم شيرمحمد ولد وزير خان
  • محترم نظر محمد ولد محمد بخش فقير سائين
  • عبدالرشيد ولد ميران خان
  • محترم شاهه علي ولد ڌڻي بخش خان
  • نور احمد ولد ڌڻي بخش
  • محترم محمد اشرف ولد عبدالحميد خان
  • محترم استاد ڪمال الدين صاحب
  • محترم استاد جمال الدين صاحب
  • محترم عبدالجبار صاحب
  • محترم جمع خان ولد نظرمحمد خان
  • محترم حبيب الرحمٰن ولد آچرخان
  • محترم ڪجلو خان صاحب
  • محترم انجنيئر عبدالمجيد صاحب
  • محترم امتياز صاحب
  • محترم آفتاب احمد
  • محترم چاڪر علي
  • محترم هوران خان
  • محترم ميرخان ولد سُهندڙو باجڪاڻي
  • محترم منظور احمد صاحب
  • محترم ڊاڪٽر ناظم الدين صاحب
  • محترم نورنبي (مظهر) باجڪاڻي
  • محترم فتح الدين ولد حاجي ربنواز خان
  • محترم استاد مولوي عبدالحميد صاحب
  • ضروري ڳالھه
  • پس ورق ۾ تاثرات

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب جي ترتيب شاعر ارڏو اترادي ڪئي آھي. جنهن ۾ ”تاريخ ڪيئن لکجي ۽ ڪيئن لکي وئي آھي“ ۽ بلوچ قبيلي جي تاريخ شامل آھي، انکان پوءِ باجڪاڻي جا معزز شخصيتن جا پروفائل (با تصوير) ۽ باجڪاڻي ذات جو شجرو پڻ شامل آھي.
    ھن ڪتاب جو مھاڳ مشھور اديب گل حسن ڪلمتي لکيو آھي.. ٿورائتا آهيون مانواري ارڏي اُتراديءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    سڀ حق ۽ واسطا اداري/مالڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو:تاريخ ۽ اسان
    مصنف:ارڏو اترادي
    ڇپائيندڙ:
    ڪمپوزنگ: عرفان ڪريم مغل
    ريڪمپوزنگ : عبيد ٿهيم
    ڇاپو پهريون سال 2011ع
    ڊجيٽل ايڊيشن: سال 2017ع
    قيمت:150روپيه


    ارپنا

    سنڌ جي پروقار دلير سياستدان مرحوم نهال خان باجڪاڻي جي نالي
    هي تعارفي ۽ تاريخي ڪتاب ارپيان ٿو۔
    جنهن جي اڏول ، ارڏائي ۽ ذهين هجڻ جا ڪافي مثال هن ضلعي جي تاريخ ۾ موجود آهن۔
    اهڙا انسان دوست ۽ ڀرجهلا صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن۔


    قول

    قول

    اي عزيزو!
    اچو ته هڪٻئي سان محبت ڪريون
    ڇو ته محبت خدا جي طرفان آهي
    ۽ جيڪو محبت ڪري ٿو
    اهو خدا کي سڃاڻي ٿو
    جيڪو محبت نه ٿو ڪري
    اهو خدا کي نه ٿو سڃاڻي
    ڇو ته خدا محبت آهي
    ڪنهن به انسان ذات ڪڏهن خدا کي نه ڏٺو آهي
    پر جيڪڌهن اسين هڪ ٻئي سان محبت ڪريون ٿا
    ته خدا اسان ۾ رهي ٿو
    ۽ سندس محبت اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿي۔
    انجيل(ايوحنا 7،10،11)
    سامي مڱ اڀڱيا(زبير سومرو ڪتاب تان ورتل)


    ليکڪ پاران

    ليکڪ پاران
    منهنجي ننڍڙي ڪاوش جو ڪارڻ نئين نسل کي تاريخي ڄاڻ ڏيڻ، تاريخ لکڻ علم ادب لاءِ اتساهه پيدا ڪرڻ آهي۔اهو ڪم انهن کان تڏهن ٿيندو جڏهن هو تعليم پرائڻ جو جذبو پاڻ ۾ پيدا ڪندا۔تعليم کانسواءِ دنيا ۽ دين ۾ ڪا ترقي ڪانهي، هڪ شاعر چيو آهي ته:
    اوج اعليٰ تي رسائي علم ٿو انسان کي
    علم سان آدم سڃاڻي ٿو سچي سبحان کي۔
    جيئن ته تاريخ ماضي جو آئينو آهي،ان جي روشني ۾ هر قوم کي شاندار مستقبل جون راهون تلاش ڪرڻيون آهن۔تنهنڪري ترقي يافته قومون پنهنجي نئين نسل کي ابتدائي تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين حقيقي تاريخي ڄاڻ ڏين ٿيون۔
    بدقسمتي سان بيٺڪي ملڪن کي سامراج هر وقت حقيقي علم (علم معنيٰ ڄاڻ)کان اونده ۾ رکيو آهي۔اسانجي ڌرتي به انهن ڱئين ۽ چوٿين دنيا جي ملڪن مان آهي۔ هونئن ته هي ڌرتي ست هزار سالن کان آباد آهي پر سرسبز ۽ شادا بي ڪري هميشه حملا آورن جي ڌڪن ۾ پئي ڌڪجي بچندي آزاد ٿيندي ۽ غلام ٿيندي پئي اچي۔ان آزادي ۽ غلامي جي ويڙهه اسان جي قوم جي ترقي واري وڻ کي وڌڻ نه ڇڏيو آهي۔آزادي وارن دردن ۾ وڻ مس مس وڌڻ شروع ڪيو ته مٿان ڪنهن نه ڪنهن دهشتگرد ملڪ ان تي اچي حملو ڪيو۔انهن حملن خاص ڪري هتان جي شعور علم کي ڪاپاري ڌڪ لڳايو تاريخي ڪتاب ڦاڙي ساڙي لوڙهيا ويا۔ترقي جي وڻ کي وڍي ساڙي ناس ڪيو ويو ترقي، تعليم، شعور ۽ هنر جي ميدان ۾ اڳين دورن کان اڃا پوئتي آهيون۔موهن جي دڙي واري ڏاند گاڏي جي ڦيٿن ۾ جيڪا سرائي پيل آهي سا اڃا ڪاٺ جي ۽ ان ۾ ڪلي يا نٿ به اهائي ڪاٺ جي آهي۔موهن جي دڙي وارا پڪن گهرن ۾ رهندا هئا مگر اسانجي ماروئڙن جا گهر اڃا ڪکانوان آهن۔ٿر جا مارون پنهنجن حاڪمن هوندي اڃا تائين غربت ۾ آهن اڃا تائين ماروي ۽ ماروئڙن سان ساڳيا ويل وهن پيا۔
    هن ڌرتيءَ تي سامراج مختلف روپ ڌاري مختلف ازم ارادا کڻي ڪاهي آيو آهي۔قديم بيٺڪين کان جديد بيٺڪين تائين هن ڌرتي ڌڻين ڪڏهن ڌارين سان ويڙهه ڪئي ته ڪڏهن ديسي دلالن ماڻهو ماريا ۽ مارايا۔ پڳن ۽ پرڳڻين جي حاصلات کانپوءِ اڄ تائين پاڻ ۾ قبيلائي ويڙهه جاري آهي۔رند ۽ لاشار، چانڊيا ۽ مگسي ڪونڌر ڪهائي بس مس ٿيا ته ٻيون ذاتيون شروع ٿيون۔اوڳاهي ۽ تيغاڻي مال جي چوري تي، جکراڻي ۽ مارفاڻي گدري جي چوري تي چاچڙ ۽ سبزوئي مال جي چوري تي ان کان علاوهه ساوند ۽ سبزوئي زمين جي ويڙهه ۾ مانجهي مرد مارائڻ کانپوءِ فيصلو ٿيو وري سندن وچ ۾ چوري تان جهيڙو ٿيو جيڪو هن وقت تائين هلندڙ آهي ۽ جکراڻي پوک جي ڀيلي تان ويڙهي ناس ٿيا، ان ٿوري عرصي ۾ چوري ڌاڙا ڏينهن ڏٺي جو عام آهن۔انهن کي لانچر ۽ ٻيا هٿيار ٻيلن جي اندر اچي پيا ملن، چورن ۽ ڌاڙيلن جا سردارن عيوضا مقرر ڪيا۔هاڻي هو مال ڪاهي وڃن، ڀاڳيو مارن يا پاڻ مرن سراسر فائدي ۾ آهن، هاٿي جيئري لک مئي ٻه لک۔
    فوجي جنرل حميد گل اخبار ۾ بيان ڏنو هيو ته ڌاڙيل چند ڪلاڪن ۾ ختم ٿي سگهندا۔اوهان حد جي صوبيدار کي گولي جي آڏو بيهاري پڇو ته اهو اوهان کي ٻڌائيندو ته ڌاڙيل فلاڻا آهن ۽ اهي ڪهڙي ڀوتار سردار وٽ رهن ٿا۔پوءِ سرڪار سڳوري انهن کي ڪجهه نه چوندي ڇاڪاڻ ته سرڪار جون اسيمبليون ڏڪي وينديون۔
    هي به حقيقت ٿي سگهي ٿي ته قبيلا وڙهائڻ ۽ سردارن تي خير ڪرائڻ لاءِ سختي نه ڪرڻ جو هي به هڪ سبب ٿي سگهي ٿو ته قبيلائي ويڙهه واري مچ کي مچائڻ ڪليشن ۽ لانچر گهر ويٺي پهچائڻ واري واپار سان گڏ قوم جا ويڙهو پٽ وريام جا ختم ٿين ته ان ۾ سرڪار ۽ سردار جي ڪو سامهون نه اچي۔ قوم ۾ ڪڏهن اتفاق ۽ اتحاد نه ٿئي۔معيشيت تباهه ٿئي تعليم برباد ٿئي۔
    چورن ۽ ڌاڙيلن جي آڙ وٺي پوليس جي بجا= ملڱري اچي بجيڱ کائي کپائي ۽ اها ملڱري ٻين ملڪن ڏانهن مرڻ لاءِ ڇو وڃي؟ان حڪمت عملي سان گڏ وڏن وڏيرن سردارن کي اهو چئي هيسائجي ۽ حڪومت ۾ آڻي بيعت ڪرائجي ته توهان چورن ڌاڙيلن جا وڏا آهيون ۽ توهان ئي سرپرستي ڪري مال کائو ٿا ۽ انسان مارايو ٿا امن امان برباد ڪريو ٿا۔ٻي صورت ۾ اسان سرڪار سان سڌا ٿي هلو۔
    اهي هيون چند ڳالهيون جن مان هر دور ۾ هي قوم پئي گذرندي آئي آهي انهن حالتن ڪري علم شعور تباهه ٿيندو رهيو۔جن ماڻهن وٽ شعور نه هوندو آهي انهن ماڻهن کي آزادي ۽ غلامي ۾ ڪو فرق محسوس نه ٿيندو آهي، شعور کان سواءِ انسان پنهنجا قدر وڃائي ويهندو آهي۔هڪ شعور ئي ته آهي جيڪو انسان ۽ جانور ۾ فرق ڏيکاريندو آهي ٻي صورت ۾ ماڻهو هڪ ڳالهائيندڙ جانور آهي،اهو جانورن وانگر پنهنجي کاڌي، پنهجي اولاد(ڦر) ۽ نفساني خواهشن تي وڙهڻ لاءِ رسا ڱوڙائي هڪ ٻئي سان وڙهندا آهن۔
    ٻيو ته،هي قومون ويڙهه جهيڙن ۽ جهيڙن کانپوءِ لڏپلاڻ ڪري پيڱ جي باهه کي ٻل ڏيڻ، مال چارڻ ڪري اسڪول مڪتب جي ويجهي نه ويون۔ اهو ئي سبب آهي جو هنن اول پنهنجي تاريخ پاڻ نه لکي، انقلابن ۽ لڏپلاڻ سبب حقيقي ليکڪن شاعرن تاريخدانن جا ڪتاب ساهه سان سانڍي نه سگهيا،ان ڪري اڄڪلهه جا تاريخ دان گهڻو ڪري ڌارين مورخن، عربن، انگريزن يا درٻاري اديبن شاعرن جي لکڻين کي معتبر سمجهي حوالا ڏيئي تاريخ لکن ٿا۔اها حقيقت آهي ته انهن درٻاري مورخن جيڪا به تاريخ لکي آهي ۽ خاص ڪري بيٺڪي ملڪن جي گهڻن ذاتين قبيلن کي ڌاريو ڪري پيش ڪيو آهي ۽ جتي حملو ڪري آيا انهن ماڻهن کي انهن جي ثقافت کي نيچ ڪري پيش ڪيو آهي۔
    ڌارين جي لکڻين قوم ۾ اتفاق اتحاد بجا= نفرت نفاق پيدا ڪيو۔پنهنجائپ، پيار امن ختم ڪرائڻ لاءِ ئي ائين لکيو آهي ته هتان جا قبيلا ۽ ذاتيون سڀ ڌاريا آهن، مار، ڦر، ڌاڙن کي فروغ مليو۔نفسانيت کي اوليت ۽ روحانيت کي قيد ڪيو ويو،صوفين درويش تي تلوارون وهائي شهيد ڪيو ويو۔
    آئون مٿين تاريخن تي اتفاق نه ڪندي شڪ ۽ ڏند ڪٿائن، خوشامند وارين لکڻين کي رد ڪرڻ لاءِ اهڙن تعارفي ڪتابن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ هي ڪتاب لکي رهيو آهيان۔هي ڪتاب صدين کانپوءِ اسان کي هن ماڻهن جي باري، جن يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهيا آهن انهن ماڳ مڪانن لاءِ واضح نشاندهي طور ثابت ٿيندو۔اهڙن ئي ڪتابن ته موهن جو دڙو، آمري، رني ڪوٽ، عمرڪوٽ، ڪوٽ ڏيجي جا قلعا واضح ڪيا۔انهن جي کوٽائي ۽ کوجنا اسانجي ثقافت کي اجاگر ڪيو آهي۔
    آئون ڪو ذات يا قبيلا پرست نه آهيان،آئون اهڙي ڪتاب لکڻ جي شروعات ڪري سنڌوءَ دريا جي لهرن ۾ پٿر پيو اڇلائيان،جيئن ٻيا قبيلا به قلم کڻن اهڙا ڪتاب اسانجي حقيقي انسائيڪلوپيڊيا ثابت ٿيندا۔اڃا انسائيڪلوپيڊيا ٻين ڪتابن حوالن جي بنياد تي لکيا ويا آهن جن ۾ ڪيترا تضاد ۽ جهول آهن اگر اسانجي برک اديبه ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ سائين تاج جويو صاحب جن کي ههڙا ڪتاب ملن ته اسانجي سنڌي انسائيڪلوپيڊيا سون تي سهاڳو ثابت ٿئي۔ اچو ته اهڙا ڪتاب لکون،اچو ته حقيقي روزانو ڊائري لکون ۽ ڇڀائيون يا قلمي نسخا انهن ڏانهن موڪليون۔جن به ڌارين جي تاريخ سامهون آندي آهي۔ ان مان اڪثر غلط ۽ بي بنياد غير سائنسي غير منتقي نتيجه ڏنا آهن ڇا بدوي سعودي عربيه جا نه آهن ڇا ڪارا اصلي آمريڪي رهاڪو نه آهن ڇا ڪرد ايران ۽ عراق جا باشنده نه آهن هالانڪه هنن کي ڪيتريون صديون ٿيون آهن جو اُهي انهن ملڪن جا شهري آهن۔تاريخ ۾ ثابت آهي ته بلوچ امير حمزه يا ٻئي همزه جي اولاد نه آهن۔ان دور کي ڀيڱيو ته بلوچ سنڌ جي پرڳڻي مڪران جا بادشاهه جلدي ڪيئن ٿي ويا ايتري آدمشماري ڪيئن وڌي ويئي۔بلوچن جي باري ۾ گنگارام سمراڱ تاريخ ۾ ٻه هزار سال اڳ بگٽي ۽ ڦاناڻي کي قلاتي سڏي ٿو۔وڌيڪ حواله اڳتي ڏنل آهن هتي انهن جو ورجا× ٿيندو۔
    هتي هڪ اهو به عرض ڪريان ته،ذات ۽ قبيلا نالا صرف سڃاڻ لاءِ هوندا آهن،دنيا ۾ چٽو اهو آهي جنهن جا عمل چٽا آهن۔مگر محبوب مدني مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ذات قريش پاڻ به سڏايو۔پاڻ سڳورا جڏهن مڪي کان مديني اچي رهيا ته اسين سڀ اڄ محبوب مدني سڏيون ٿا ۽ انهن پاڻ مدني سڏايو، ٿوري وقت لاءِ ائين کڻي چئجي ته بلوچ صدين کان سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۾ رهن ٿا۔ڇا اڃا سنڌي نه آهن، بلوچ هنن جي وڏي مير احمد خان عرف بلوچ کي سڏيندا هئا۔هاڻوڪي بلوچستان ۾ بلوچن جي قوم جو وجود تمام ٿوري عرصي کان آهي سي به سنڌ جي مڪران سيستان وغيره پرڳڻن جي حوالي سان ۽ بين القوامي حوالي سان بلوچستان ۾ رهندڙ سڀئي ذاتيون بلوچ آهن ۽ سنڌ ۾ سڀئي رهندڙ ذاتيون سنڌي هئڻ ۾ فخر ڇو نه محسوس ڪن۔هو پنهنجي ڌرتي کي ماتر ڀومي سڏي ڇو نه مآئون جي لوئي ۽ لڄ تي قربان ٿين۔غلام محمد لغاري ڌاري سامراج سان وڙهندي ڀاڄ کائڻ تي دانهن ڪئي هئي ته
    ڪجامي رود سنڌ مادر ما بلوچان است
    ترجمو:ڪاڏي ٿا وڃو، سنڌ اسان بلوچن جي مآئون آهي۔
    اسانجا ڪافي نوجوان پڙهيل پوڙها بزرگ هن ڪتاب ڏانهن ڌيان يا تاريخ سان دلچسپي نه ٿا ڏيکارين ۽ چون ٿا ته ڇا هئاسون ڪٿان آياسون۔ ڪير آهيون؟ اها ضرورت نه آهي۔هن وقت اهو سوچجي ته اسين ڪيئن ترقي ڪريون، نوڪري هجي، ڇوڪري هجي، ڪار بنگلو هجي، پيڱ جي پوڄا ٿئي۔ڇا دنيا ۾ يهودي آسودا نه هئا۔ڪيئن ڇڙوڇڙ ٿي دنيا ۾ رلندا رهيا نيٺ اهو احساس اڀاريو ويو ته پنهنجي ڌرتي هجي،اسين گڏجي رهون ۽ ان ڌرتي تي ٻئي جو پاڇو نه هجي، بيت المقدس تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڇو پيا ڪن، حالانڪ فلسطيني يهودي عرب ٻئي نسل آهن، فلسطيني چون ٿا ته اسانجي مذهبي جنگ نه آهي، هي قومي ويڙهه آهي۔
    ڇا موهن جي دڙي آباد ٿيڻ وقت سنڌي آسودا نه هئا۔هينئر مالي حالت ۾ ڇو پوئتي آهن۔آسودگي شعور سان آهي شعور تاريخ پڙهڻ ۽ پرجهڻ سان آهي۔باشعور قوم کي ڪابه طاقت دير تائين غلام رکي نٿي سگهي۔آزادي انسان جو بنيادي حق آهي، آزاد قومون پنهنجن شهيدن، محسنن، وڏن بهادرن جا ڏهاڙا، ان ڪري ملهائينديون آهن ۽ انهن تي مضمون مقالا لکي ايندڙ نسل ۾ قرباني جو جذبو پيدا ڪري آزاد رهڻ لاءِ شعوري سگهه برقرار رکندا آهن۔
    آخر ۾ آئون هڪ شاعر جو مثال پيش ڪريا ٿو ته:
    پوڙهي شاعر ڱيئگور کان ڪنهن پڇيو ته تون قومي آزادي لاءِ گيت شعر پيو لکين، ڇا توهان آزادي اکين سان ڏسندو×؟
    چيائين ته جڏهن منهنجي قوم آزاد ٿئي، ان وقت شام جو آسمان جي لالاڻ ۾ تارو اڀرندو، ان اڀرندڙ ستاري ۾ اوهان چتائي ڏسجو ته ان ۾ اوهان کي منهنجو روح مرڪندي نظر ايندو۔
    اهڙي طرح هر قوم جو هر فرد جڏهن پڙهندو باشعور ٿيندو، پنهنجي تاريخ پاڻ لکندو، تڏهن منهنجو روح به اوهان جي من ۾اوهان کي مرڪندي نظر ايندو۔
    منهنجو هي تاريخي تعارفي ڪتاب اڻپورو مختصر ضرور آهي۔مگر هن کانپوءِ ڪو منهنجو ڀاءُ هن کي مڪمل ڪندو ڇاڪاڻ ته ڪافي تعليم يافته سرنديءَ وارا آهن۔
    هي تعارفي ڪتاب آهي مون تاريخ تي مختصر جائزو لکيو آهي۔تاريخ تي ڪافي بلوچ لکي رهيا آهن۔جن ۾ چند حقائق آهن گهڻي قدر ڌارين ليکڪن جي آڌار تي لکيو ويو آهي مون صرف انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي وري به ڪوتاهي ٿي هجي ته درگذر ڪندا۔
    منهنجي ذات وارن گهڻن هن تعارفي ڪتاب لاءِ همٿائيو پر پوءِ تصويرن ۽ تعارف ڏيڻ ۾ تمام ٿورن مدد ڪئي۔آئون انهن کان رنج نه آهيان، ڇاڪاڻ ته مونکي اها ڄاڻ آهي ته غلام قومن ۾ اهڙيون تمام گهڻيون خاميون هونديون آهن۔فقط
    اوهان جي ٻيلپي ۾
    ارڏو اترادي
    ڪنڌڪوٽ
    0301-3976274


    مهاڳ

    مهاڳ

    محترم جناب گل حسن ولد محمد خان ڪلمتي بلوچ جولاءِ 1959ع ڌاران ڳوٺ عرضي بلوچ گڏاپ ملير جي مهان مٽي مان جنم وٺي هن سنسسار ۾ سير ڪرڻ آيا. ابتدائي تعليم راڌو جوکيو مان حاصل ڪري مئٽرڪ مراد ميمڻ مان پرائي گونا گون روشني جي شهر ڏانهن قدم وڌائي ڊپلومه، ۽ ايم.اي صحافت ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڊگريون حاصل ڪري هن وقت لوڪل گورنمينٽ ۾ 18 گريڊ ۾خدمتون سرانجام ڏيئي رهيا آهن.
    محترم گل حسن ڪلمتي صاحب ستن ڪتابن جا ليکڪ ۽ رضا علي عابدي BBC جي ڪتاب(سنڌوءَ جو سفر ڪهاڻي)جو سنڌي ۾ پڻ ترجمو ڪيو اٿن پاڻ سٺا محقق تجزيه نگار آهن.محترم گل حسن صاحب ڪراچي سنڌ جي مارئي جهڙو ڪتاب لکي سنڌي ادب کي انمول تحفو عطا ڪيو اٿن.
    ارڏو اترادي بنيادي طور شاعر آهي، جيڪڏهن ارڏي کي سنڌ دوست يا قومپرست شاعر چيو وڃي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.قوم پرست شاعري جي ڪري سنڌ جي قوم پرست اڳواڻن عاجز باجڪاڻي کي ارڏو اترادي جو لقب ڏنو.اها 1981ع جي ڳالهه آهي،اها شايد ڪنهن کي نه خبر هجي ته سندس اصل نالو ارسلاح آهي، پنهنجي پهرئين شاعري جي ڪتاب”جنگ جو اعلان“ 1988ع کان وٺي هو مسلسل لکي رهيو آهي.ارڏي جي محبت ۽ عشق جو محور سنڌ رهيو آهي. سنڌ سان بيپناهه محبت ارڏي کي هي ڪتاب”تاريخ ۽ اسان”لکڻ تي مجبور ڪيو.جيڪا سنڌ جي جديد تاريخ لکڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي.
    جيڪڏهن اسان تاريخ جا ليکڪ ايمانداريءَ سان پنهنجي ضلعي، تعلقي ۽ قبيلي جي تاريخ لکڻ جي شروعات ڪريون ته اسان سنڌ جي جديد تاريخ لکي وٺنداسين، ماضي جي درٻاري ليکڪن وانگر بادشاهن، وزيرن ۽ قبيلائي جهيڙن کي هروڀرو وڌائي انهن جي بيجا تعريفن ۾ صرف نه ڪريون.غير جانبداري ۽ ايمانداري سان تاريخ کي قلمبند ڪريون ته بهتر نتيجا نڪري سگهندا. ارڏي پنهنجي ڪتاب جي شروع ۾ انهيءَ نقطي تي بحث ڪيو آهي.پر هو گهڻو ڪري سنڌ جي تاريخ تي کليل اهڙن قديم ڪتابن کي درٻار ي ليکڪن جي لکڻ جي حوالي سان رد ڪري ٿو.اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت به آهي پر سنڌ جي تاريخ نه هئڻ ڪري انهن ڪتابن جي آڌار تي اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو، انهن ليکڪن جي ڪتابن مان اسان کي سنڌ جي تاريخ لکڻ جي شروعات ڪرڻي پوندي.
    انگريزن سان اختلاف صحي آ، انهن وطن پرستن کي دهشت گرد، ڌاڙيل ۽ چور لکيو پر انهن شين جي باوجود انهن سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو. قديم آثارن جي کوٽائي ڪري تاريخ جي دفن ٿيل بابن کي ظاهر ڪيو آهي.
    اسان وٽ تاريخ جو حشر انتهائي خراب آهي،جيڪڏهن اسان سنڌ جي تاريخ تي نظر ٿا وجهون ته هڪ هزار سالن جو خال آهي ٽي سو سال ق م کان اڳ سڪندر اعظم جو سنڌ مان گذرڻ جي تاريخ کانپوءِ جيڪڏهن نظر ڊوڙايون ٿا ته ستين صدي عيسوي ۾ راءِ سهاسي جي گهراڻي جو ذڪر ملي ٿو.هڪ هزار سال جي وٿي آهي تاريخ خاموش آهي.اصل ۾ اها تاريخ ئي آهي جنهن کان اسان کي ماضيءَ جي پروڙ پوي ٿي اسان کي اها ڄاڻ ملي ٿي ته ماضي ۾ قوم ۽ قبيلن ۾ تعلقات ڪهڙا هئا انهن جي رهڻي ڪهڻي، ثقافت جي خبر پوي ٿي اهو سڀ ڪجهه اسان کي آثار قديمه جي ماهرن جي ڪري ڪجهه نه ڪجهه ممڪن ٿيو آهي.
    جس هجي ارڏي اترادي کي جنهن پنهنجي قبيلي ۽ قبيلائي وٿاڻن جي تاريخ ۽ تفصيلي احوال گڏ ڪيو آهي ۽ تحقيق ڪئي آهي.آئون تاريخ جو شاگرد آهيان، مونکي خبر آهي ته تاريخ لکڻ ۽ خاص ڪري قبيلائي تاريخ لکڻ جو ڪم ڪيترو نه ڏکيو آهي.جنهن لاءِ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند دوست کي به قبيلائي پرستي جا طعنا ملن ٿا، هن وقت سنڌ قبيلائي جهيڙن ڪري معاشي طور تي انتهائي پٺتي پيل آهي.تعليم جو حشر برو آهي پر هڪ تاريخ لکندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي انهيءَ پاسي به ڌيان ڏيڻ گهرجي ته سنڌ کي قبيلائي جهيڙن مان ڪيئن آجو ڪري ٿا سگهون.جنهن لاءِ تعليم انتهائي ضروري آهي.تعليم سان هنر ۽ شعور ۾ واڌارو ٿئي ٿو.پڙهيل ماڻهو قبيلائي سردار ۽ وڏيري جي ڪڌن ڪرتوتن کي وائکو ڪرڻ ۾ ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو آهي.ارڏي جي شاعري پڙهڻ سان اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته هو ڪيتري نه بهادري سان سچ چوي ٿو.
    اسان وٽ ملڪي تاريخ سان گڏ هتان جي قبيلن، قومن ۽ راڄن جي تاريخ لاءِ ڪو مواد موجود نه آهي.انگريزن جي لکيل گزيٽيئرن، چچ نامو، تحفت الاڪرام، جنت السنڌ ۽ ٻين ڪتابن ۾ اڻپورو مواد موجود آهي جيڪو نه هئڻ جي برابر آهي.جنهن لاءِ تاريخ لکندڙ دوست به مونجهاري جو شڪار ٿين ٿا.ويجهڙ ۾ جن دوستن قبيلن جي تاريخ لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اهي به لڪير جا فقير ثابت ٿيا.بنا ڪنهن تحقيق ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي ماضي جي لکيل ڪتابن جي آڌار تي پراڻن غلطين کي ورجايو ويو آهي.
    ڪتاب”تاريخ ۽ اسان”۾ ارڏي اترادي سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ ۽ خاص ڪري بلوچ قوم جي تاريخ تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر انتهائي مختصر ۽ نه هئڻ جي برابر بلوچن جي باري ۾ مختلف مصنفن جي باري ۾ لکيل مواد جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ارڏي پنهنجي پاران ڪنهن نتيجي تي پهچڻ بجاءِ اها ذميواري هڪ خط وسيلي مون تي رکي آهي.باقي جيئن ته ڪتاب جو گهڻو حصو انهيءَ تي لکيل آهي.ارڏي اترادي پنهنجي ڪتاب ۾ هن ڳالهه طرف به ڌيان ڇڪايو آهي ته صدين کان بلوچن ۽ سنڌين سان واسطا ۽ رابطه رهيا آهن راءِ سهاسي کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان جا موجوده خطه هڪ رهيا آهن.موهن جي دڙي ۽ مهر ڳڙهه جي تهذيب هڪ آهي پر پوءِ گهڻا ليکڪ جنهن ۾ هن اياز ڀڳت جو مثال ڏنو آهي بلوچن کي ڌاريو لکي هڪ نئين فتني کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.انهيءَ حساس مسئلي تي ارڏي اترادي قلم کڻي هڪ ڏکيو ڪم پنهنجي لاءِ منتخب ڪيو آهي.
    ارڏي ڪتاب ۾ ليکڪ پاران مواد کان وٺي”باجڪاڻين”جي تاريخ تائين علم حاصل ڪرڻ، قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ، علم ۽ ادب لاءِ اتساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هڪ هنڌ هو لکي ٿو ته:
    “قبيلائي جهڳڙا ڪري پنهنجن کي ئي ماري رهيا آهيون پنهنجا ڪونڌر ماري ۽ مارائي پنهنجي سگهه پاڻ ختم ڪري رهيا آهيون.جيتري جفاڪشي سان قومپرست در در وڃي جهيڙن ٽارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اوتري شدت سان سامراجي قوتون جهيڙا واڌئن پيون.”
    قبيلائي جهيڙن جي ڪري سنڌ جي علم، شعور، ترقي ۽ معشيت کي جيڪو ڌڪ گذريل ٽيهن سالن کان لڳو آهي اهو ترخانن، مغلن ۽ ارغونن جي حملن کان به وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿيو آهي،قبيلائي جهيڙن سان علم، شعور ۽ ڏاهپ جا رستا بند ٿي وڃن ٿا، ٻار اسڪول وڃڻ قلم کڻڻ بجاءِ هٿيارن سان کيڏن ٿا. لائبريريون ۽ علمي درسگاهن کي مورچن طور استعمال ڪري ترقي جا رستا بند ڪيا وڃن ٿا.اسان سنڌي ماڻهو اڃان انهيءَ اونداهي مان نڪري نه سگهيا آهيون ته ٻئي پاسي پڙهيل لکيل ماڻهو بلوچ ۽ سماٽ جي ڳالهه کي هوا ڏئي سنڌ کي نئين فتني ڏانهن ڌڪڻ جون گهڻن سالن کان ڪوششون ڪري رهيا آهن پر سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڪري انهن ماڻهن کي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جنهن جو ذڪر ارڏي نهايت بي باقي سان ڪيو آهي ته سنڌ ۾ صدين کان رهندڙ بلوچن کي ڌاريو لکيو ويو آهي انهن کي اهو احساس ڏياريو وڃي ٿو ته اوهان ڌاريا آهيون اوهان کي واپس وڃڻو آهي.جيڪڏهن ڌارين ۽ اصلي رها ڪن جي ڳالهه ڪبي ته پوءِ انتهائي معذرت سان چوڻو پوندو ته سنڌ ۾ فقط ڪولهي، ڀيل ۽ هندو بچندا ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ رهندڙ سومرا، ڪلهوڙا پنهنجو پاڻ کي عربن سان ڳنڍڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا.سيد به عرب آهن، باقي سما به پاڻ کي هندستان جي راجستان جو ڄاڻائي فخر محسوس ڪن ٿا.
    سنڌ، بلوچستان ۽ ٻين علائقن ۾ گهڻ قومي معاشرو آهي جيڪو صدين ۾ جڙي هاڻي هڪ قوم ۽ هڪ تهذيب جي صورت ۾ نروار آهي.تاريخي طور تي هر ڪنهن کي اهو حق حاصل آهي پنهنجي بنياد کي ڳولي ان تي فخر ڪري پر قومي طور تي اها ڳالهه وسارڻ نه گهرجي ته سنڌ ۾ رهندڙ تمام قبيلا انهن جو ماضي ۾ تعلق ڪهڙي قوم، ملڪ ۽ علائقي سان هجي اهي سنڌي آهن، بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچ آهن.
    سنڌي ۽ بلوچ جي هيت ترڪيبي(قومن جي بنجڻ جو عمل)۾ مختلف نسلن ۽ مختلف دورن جي لڏپلاڻ جو وڏو عمل دخل آهي.جنهن لاءِ سنڌين ۽ بلوچن کي ڪنهن خاص نسل سان ڳنڍڻ غير منطقي ۽ غير سائنسي آهي سنڌي ۽ بلوچ قوم جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ رهن ٿا.هڪ گهڻ نسلي قوم آهن. جنهن ۾ مختلف نسل ۽ قوم، معاشي، سياسي، قبيلائي مجبورين ڪري هڪ ٻئي ۾ جذب ٿي تاريخي مرحلا طئي ڪري هڪ قوم جي صورت اختيار ڪئي آهي.اڄ به انهن جي بنيادي ترڪيب کي الڳ الڳ بحث ۾ آڻي سگهجي ٿو.انهن جي نسلي تاريخ تي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن جي بنياد تي لکي سگهجي ٿو پر انهن کي سنڌي قوم مان الڳ ڪري نٿو سگهجي.
    ارڏي پنهنجي ڪتاب جو گهڻو حصو بلوچن جي تاريخ ۽ باجڪاڻين جي شجري متعلق لکيو آهي بلوچن جي تاريخي حوالي سان اڃان تائين ٿيندڙ ڪجهه تاريخدانن پاران بلوچن جي تاريخ تي بحث به ڪري ٿو پر حتمي طور ارڏو به ڪنهن نتيجي تي نٿو پهچي ۽ مير جلال خان کان پوءِ بلوچن جي شجري ۽ تاريخ کي ٻين گهڻن وانگر سچ مڃي ٿو.مون سميت گهڻا تاريخ جا ڄاڻو مير جلال خان واري نسلي شجري سان اختلاف ڪن ٿا.هاڻي هيٺ آئون مختصر مختلف تاريخدانن، تاريخي ڪتابن ۾ بلوچن جي حوالي سان جيڪو بحث ڪيو آهي پيش ڪيان ٿو.
    بلوچن جي ابتدا متعلق مختلف رايا ڏسڻ ۾ اچن ٿا هر مورخ پنهنجي مطابق بلوچن کي ڪنهن نه ڪنهن بالادست قوم سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.تمام مورخن جي ڳالهين کي ڏسڻ کانپوءِ اها راءِ جڙي ٿي،اها ڪجهه هيٺين ريت آهي.
    ڪجهه مورخ بلوچن کي عرب قوم جو حصو قرار ڏين ٿا، انهن مطابق بلوچ قوم شام جي علائقي حلب ۾ رهائش پذير هيا ۽ حضرت حمزه جي اولاد مان آهن،حضرت علي جا مريد هئا ۽ يزيد جي لڙاين کان تنگ ٿي حلب کان هجرت ڪري ڪرمان ۾ اچي رهائش پذير هئا ۽ هتان مير جلال خان جي اڳواڻي ۾ مڪران طرف هجرت ڪري آيا.مير جلال خان جو قافلو 44 قبيلن تي ٻڌل هو ۽ انهيءَ جي اولاد مان بلوچن جا وڏا قبيلا بڻيا،انهن ۾ رند، لاشار، ڪورائي، هوت، علي بلو ۽ ماڻي جتو آهن.
    امير حمزه جي اولاد ۽ حلب ۾ رهائش لاءِ هڪ روايت سينه به سينه نثر ۽ نظم جي صورت ۾ موجود آهي جيڪڏهن ڪابه روايت تاريخ جي خلاف هجي اها مسترد ڪئي ويندي آهي.بلوچن جي دعويٰ آهي ته هو امير حمزه جي اولاد مان آهن يقينا ڪنهن غلط فهمي جو نتيجو آهي.سگهڙ جي هيٺين شعر تي اها روايت هلندي اچي ٿي.پراڻو جيڪو نظم آهي هن جو ڪجهه حصو سنڌي ترجمي سان هيٺ ڏجي ٿو.
    شڪر الله جو ڪريان ٿو ان جو حمد بيان ڪريان ٿو،
    اهو هن جهان جو مالڪ آهي،
    هيءُ دنيا خاڪ ۽ مٽي ٿي ويندي،
    فقط الله جو نالو رهندو،
    اسين حضرت علي جا مريد آهيون،
    اسان جو دين ۽ ايمان محفوظ ۽ ثابت آهي،
    اسين بلوچ “پاڪ نبي”جي امت آهيون،
    جو جهان جو والي آهي،
    اسين بلوچ حضرت امير حمزه جي اولاد آهيون،
    ۽ فتح اسان کي نصيب ۾ آهي،
    اسين حلب کان هلي يزيد سان جهيڙو ڪيو،
    واقع ڪربلا کانپوءِ اسين بمپور پهتاسين،
    اتان کان اسان جي اڳين منزل سيستان هئي،
    هتي سيستان جو بادشاهه شمس الدين هو،
    جنهن جو بلوچن سان ورتاءُ دوستاڻو هو،
    جڏهن بدرالدين تخت تي ويٺو،
    هن بلوچن سان دشمني شروع ڪئي،
    پوءِ بلوچ سردار مير جلال خان جي اڳواڻي ۾،
    چوئيتاليهه قبيلن سان سيستان کان نڪري هارين بندرگاهه پهتا.
    جيڪو علائقي ڪيچ کان ساڄي پاسي واقع آهي،انهيءَ نظم ۾ جن قبيلن جو ذڪر آهي، انهن ۾ هوت، کوسا، ڪورائي، لاشاري، دريشڪ، مزاري، رند، ڊومڪي، چانڊيا، ڪلامتي(ڪلمتي)پوج، جتڪاڻي، جتوئي، گولا، گوپانگ، دشتي، گورگيج مڪمل بلوچي نظم 100 سٽن تي ٻڌل آهي.
    حضرت امير حمزه حضرت محمدﷺ جو چاچو هو ۽ هم عمر به هو حضرت امير حمزه احد جي جنگ ۾ سن 3 هجري مطابق624ع ۾ مڪه جي ماڻهن سان وڙهندي شهيد ٿيو، اسلامي تاريخن مطابق حضرت حمزه کي ڪو ٻيو اولاد نه هو ۽ نه ئي هن ٻي شادي ڪئي. اولاد ۾ امير حمزه کي فقط هڪ ڌي حضرت اممه هئي.
    تاريخ تي نظر وجهنداسين ته فردوسي شاهه نامه ايران ۾ سڀ کان پهرئين بلوچن جو ذڪر ڪيسخرو (1144 کان 1116 ق.م)جي دور ۾ ڪري ٿو.ڪيخسرو جي جانشين شاه وش جي زير ڪمان فوجي دستن جو احوال بيان ڪندي فردوسي لکي ٿو ته ڇهين نمبر تي بلوچن جو دستو هو.جيڪو ٻه ميل ڊگهو هو ۽ انهن جي جهنڊي تي چيتي جو نشان هو.اهو ڪيئن ممڪن آهي.جنهن قوم جو ذڪر تاريخ ۾ قبل از مسيح هجي ۽ هو پاڻ کي هزارين سال پوءِ حضرت امير حمزه سان منسوب ڪن.ڇاڪاڻ ته تاريخ جي اڻڄاڻائي، شعور ۽ تعليم نه هئڻ ڪري اڪثر سگهڙن کان غلطيون ٿيون آهن.
    فردوسي بلوچن جو ذڪر رستم ۽ سهراب واري قصي ۾ به ڪري ٿو.رستم اصل ۾ سيستان(زابلستان)جو هو جيڪو بلوچن جو اصلي وطن سمجهيو وڃي ٿو. رستم جي هٿان پنهنجي پٽ سهراب جي موت کانپوءِ رستم پنهنجي ملڪ ۾ قيد تنهائي ۾ رهيو.
    توراني فوجن جڏهن ايران تي حملو ڪيو ته ڪيڪاوس هڪ ڀيرو ٻيهر رستم کي جنگ لاءِ سڏ ڪيو پر رستم خود ميدان جنگ ۾ نه ويو پر بلوچي فوج کي ايران جي حفاظت لاءِ موڪليو.ڪيڪاوس پنهنجي پٽ شاهه وش جي اڳواڻي ۾ ٻارنهن هزار سوار ۽ ٻارنهن هزار پيادل فوج توراني سان مقابلي لاءِ روانو ڪئي.فردوسي انهي موقعي تي شاهه نامي ۾ لکي ٿو ته
    گزين ڪرداز آن نامدران سوار
    دليران جنگي دهه و دو هزار
    هم از پهلوئي پارس کوچ و بلوچ
    ز گيلا ن جنگي دوست سروچ
    (انهن گڏيل ٿيل نامور شهسوارن مان تقريبان ٻارنهن هزار جنگي سوار هئا.انهن بهادرن سان گڏ فارس کان ڪوچ ۽ بلوچ، جنگجو گيلاني ۽ دشت سروچ جا جوان هئا.)
    انهيءَ جنگ ۾ بلوچن جو سپهه سالار رستم اشڪش کي مقرر ڪيو هو.فردوسي لکي ٿو ته ڪيخسرو جڏهن سلامي ورتي ته ڇهين نمبر تي بلوچ فوجي هئا جن جو دستو ٻن ميلن تائين ڦهليل هو انهن جي جهنڊي تي چيتي جو نشان هو.
    (ان جي زير ڪمان ڪوچ ۽ بلوچ بهادرن جو لشڪر هو، جيڪي وڙهڻ لاءِ تيار هئا)
    انهن وٽ جهنڊو هو جنهن تي چيتي جو نشان ٺهيل هو، اهو جهنڊو جنگ ۽ پيڪر جي علامت هو.بلوچن متعلق فردوسي جو شعر ته لمبو ڊگهو آهي هتي مون ڪجهه اشعار پيش ڪيا آهن.
    ڪيخسرو 530ق م ۾ فوج جي ڪمان سنڀالي،انهيءَ ڪهاڻي ۾ ڙال جو به ذڪر آهي،جيڪو رستم جو پي، هو، سڪندراعظم جڏهن سنڌ مان ٿيندو هاڻوڪي بلوچستان جي حدن مان گذريو ته هن کي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو، هوريتي قبيلن جي ماڻهن سڪندر جو مقابلو ڪيو ۽ موجوده ڪلمت بندر واري جاءِ تي سخت جنگ لڳي.
    شاهنامي مطابق سڪندر جي بلوچستان ۾ اچڻ کان اڳ بلوچستان ۽ ان جو اولهه وارو حصو ڪيڪاوس، ڪيخسرو، لهراسپ، بهمين، هوءِ دراب جي هٿ هيٺ رهيو.
    سڪندراعظم جي جنرل نيرڪوس کي پاڻ کان اڳتي وڃڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان سنڌ کان علاوهه بلوچستان متعلق جيڪو ڪجهه لکيو اهو انتهائي اهم آهي نيئر ڪوس اهو سفر 325 ۽ 324 ق م ڪيو.هن بلوچن کي ماهي خور جو لقب ڏنو.جڏهن سڪندر اعظم انهن علائقن مان گذريو ته هن وٽ هڪ لک ويهه هزار سپاهي هئا،سڪندر جي وقت ۾ لکڻين ۾ مڪران کي گدروشيا لکيو ويو آهي، اهو علائقو لسٻيلا کان ڪرمان تائين هو، سڪندر کانپوءِ ايران ۾ اشڪاني خاندان جي حڪومت قائم ٿي.اشڪانين جي زوال کانپوءِ ساساني خاندان حڪومت ڪئي.ساساني اردشيربابڪان پنهنجي حڪومت منظم ڪرڻ کانپوءِ زابلستان(سيستان)طرف ڌيان ڏنو بلوچن ڏانهن پنهنجا سفير موڪليا.بلوچن آڻ نه مڃي.هر حملي ۽ ارد شير کي شڪست نصيب ٿي فردوسي لکي ٿو ته:
    (اردشير جي دور ۾ به بلوچن سان جنگيون ٿيون ۽ شهنشاهه انهن جي سرڪوبي لاءِ دانائن کان راءِ ورتي)
    هڪ جاءِ تي فردوسي لکي ٿو ته
    کر ھرگز بلوچی نہ یابند خورد
    چون ازتیغ داران و مرادان گرد
    جيڪڏهن ڪو بلوچ هٿ لڳي چاهي ٻار هجي، جنگي جوان هجي، پوڙهو هجي هن کي ختم ڪري ڇڏيو)
    انهيءَ جنگ کانپوءِ فردوسي لکي ٿو ته ايران مان بلوچن جو خاتمو ٿيو،نوشيروان 579ع ۾ گذاري ويو.هرمز تخت تي ويٺو، ٻارنهن سال بعد خسرو پرويز پيءُ هرمز کي قتل ڪري حڪومت تي ويٺو.
    ارد شير جي وقت گهڻا بلوچ شام ترڪي ۽ هاڻوڪي بلوچستان جتي اڳ ۾ بلوچ موجود هئا هجرت ڪري ويا، ڪوئيٽا ۽ دشت واري علائقي ۽ بلوچن جو ذڪر رستم جي پيءُ ڙال جي وقت ۾ فردوسي ڪئي هئي ڙال جهڙي پهلوان به اطامت قبول ڪئي هئي.فردوسي لکي ٿو ته:
    يعني زابل کان ٽن ڏينهن جي پنڌ تي هڪ بلند پهاڙ آهي، هن جبل جي پاسي دشت خرگاهه (مستونگ)۽ ٻئي پاسي دشت جو علائقو آهي هتان هندستان لاءِ رستو وڃي ٿو.ان دشت ۾ وڏي تعداد ۾ خانه بدوش ڪوچ، افغان، لاچين، ڪرد ۽ بلوچ آباد آهن.
    انهيءَ مختصر تاريخ ڏيڻ جو مقصد اهو هو ته تاريخ مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته حضرت امام حسين جو قافلو 2 محرم 61 هجري مطابق 2 آڪٽوبر680ع تي خميس ڏينهن ڪربلا پهتو ۽ 10 آڪٽوبر680ع ۾ ڪربلا ۾ آخري معرڪو ٿيو جنهن ۾ امام حسين پنهنجي جانثارن سميت جام شهادت نوش ڪيو،جيڪڏهن فرض ڪريو ته يزيد سان بلوچن جون جنگيون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ اموي حڪومت جي ظالمن کان تنگ ٿي انهن بمپور ڏانهن هجرت ڪئي، جيڪو سال 1223ع آهي اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ قافلو 61هجري مطابق 680ع ۾ حلب کان هليو ۽ 557ع سال بعد هو بمپور پهچي ٿو.سوال ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ ايترا سال بلوچ ڪٿي رهيا؟
    اڳ ۾ لکيم ته ارد شير جي وقت ۾ ظالمن کان تنگ ٿي ڪجهه بلوچ قبيلا حلب آيا ۽ انهن يزيد سان جنگيون ڪيون، ڇاڪاڻ ته يزيد جي وقت ۽ هن کان هزار سال اڳ بلوچن جو ذڪر سيستان ڪرمان ۽ موجوده بلوچستان ۾ تاريخي ثبوتن سان موجود آهي.تنهنڪري تمام بلوچن کي حلب ۽ ان جي ڀرپاسي وادي البلوص جو ڄاڻائڻ غلط آهي.ڪجهه بلوچ قبيلا سيستان کان هجرت ڪري آباد ٿيا هئا ۽ انهيءَ نظم ۾ جنهن بدرالدين بادشاهه جو ذڪر آهي،جنهن کي سيستان جو بادشاهه چيو وڃي ٿو.تاريخ ۾ سيستان ۾ بدرالدين نالي ڪنهن بادشاهه جو ذڪر نٿو ملي.شمس الدين جي وفات کانپوءِ بدرالدين جو ذڪر اچي ٿو ممڪن آهي بدرالدين بادشاهه نه پر فوج جو سپهه سالار هجي جنهن جو رويو بلوچن سان سٺو نه هو.
    جيستائين مير جلال هان جو تعلق آهي، تاريخ ۾ هڪ قدآور شخصيت آهي مير جلال هان کي اهو امتياز حاصل آهي ته اڄ هر بلوچ چاهي ٿو ته هن جو تعلق ڪهڙي قبيلي سان هجي پنهنجي مورث اعليٰ مڃي ٿو هر بلوچ پنهنجي شجري جي افتتاح مير جلال هان کان ڪري ٿو.مير جلال هان جو عهد(1100،1185)آهي، چون ٿا ته وفات کانپوءِ هن کي ايراني شهر بمپور ۾ دفن ڪيو ويو تاريخ جي ڪنهن ڪتاب ۾ مير جلال هان جو ذڪر ڪونهي بقول ڊاڪٽر شاهه محمود مري جي ان جي موجودگي بلوچي زبان جو مضبوط ۽ پڪي جو فولڪلور جي يقيني بنياد تي آهي.
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته هاڻوڪا تمام بلوچ قبيلا ڪنهن نه ڪنهن طرح مير جلال هان جي اولاد مان آهن ته پوءِ مير جلال هان کان هزارين سال اڳ جن بلوچن جو ذڪر تاريخ ۾ موجود آهي.جنهن جو ذڪر فردوسي به ڪيو اُهي ڪير هئا؟ ۽ بلوچن کي مير بلوچ کان شروع ڪيون ته پوءِ هزارين سال اڳ ۾ زابل، سيستان، ڪرمان ۾ موجود بلوچ ڪهڙي کاتي ۾ وڌا ويندا؟مير جلال هان جڏهن 44 قبيلن جي اڳواڻي ۾ سيستان مان هجرت ڪري آيو ته پوءِ انهن 44 قبيلن جي پويان اولاد ڪئي ۽ ڪير آهن؟خود مير جلال هان جا يارنهن ڀائر هئا، سڀ بلوچ جيڪڏهن مير جلال هان جي پٽن مير رند، مير لاشار، مير هوت، مير ڪورائي، مير عالي، مير بلوءِ مائي، جتوئي جي اولاد مان آهن ته پوءِ باقي ڀائرن جي خاندان کي ڪٿي ڳوليون؟سڪندر اعظم جي وقت جي ميدان زطن هوتن ۽ ڪلمتين سڪندر اعظم سان مهاڏو اٽڪايو اُهي ڪيڏانهن ويا؟مير جلال هان جي هجرت کانپوءِ هزارين بلوچ زابل کان وٺي بندر عباس تائين موجود هئا.اُهي ڪهڙي نسلي کاتي ۾ شمار ڪيا وڃن؟مير جلال هان جي هجرت کان اڳ ايران جي بمپور واري علائقي ۾ لاشار، سرباز واري علائقي ۾ موجود مگسي انهن علائقن ۾ رهڻ ڪري لاشاري ۽ مگسي مشهور ٿيا.انهن کي تاريخ ۾ڪٿي بيهارڻ گهرجي؟جنگال، ڄاموٽ، جيڪو مير جلال هان کان اڳ ايراني علائقي باهو، دشت ۽ لسٻيلي ۾ موجود هئا ۽ حڪمران هئا.انهن بلوچن کي مير جلال هان جي ڪهڙي پٽ ۽ اولاد ۾ فٽ ڪنداسين.
    ل هان جي ڪهڙي پٽ ۽ اولاد ۾ فٽ ڪنداسين.
    سڪندراعظم ان کان اڳ ۽ ان کان پوءِ موريد عهد، اشوڪ اعظم جو دور(273 ق م)ٻڌهه، ساساني، نوشيروان، راءِ خاندان، چچ، زامر وغيره ۽ چچ ڪرمان جي سرحد تائين علائقو سنڌ ۾ شامل ڪيو، عرب، محمد بن قاسم جو مڪران ۽ سنڌ تي حملو، تاريخ جو هڪ ڊگهو سفر آهي جنهن ۾ بلوچ هاڻوڪي بلوچستان کان وٺي بندر عباس ۽ زابل تائين رهندا هئا.سنڌ ۾ محمد بن قاسم کان به اڳ بلوچ موجود هئا.حضرت عمر رضه جي دور ۾(634،643) عبدالله بن عبيدالله مڪران تي حملو ڪيو، مڪران ۾ سعد نالي شخص زبردست مزاحمت ڪئي.حضرت عثمان جي دور ۾(644،656)۾ عبدالرحمنٰ بن ثمره سيستان کان وٺي ڪيچ مڪران جو علائقو فتح ڪيو.حضرت علي جي دور(655،661)۾ 658۾ شاعر بن داعو کي هند جي فتح لاءِ موڪليو ويو.ڪوهه قيقانان(قلات) ۾ 20 هزار بلوچن سندس مقابلو ڪيو.بلوچن کي شڪست ملي.هزارين نوجوانن کي قيد ڪيو ويو. عورتن کي غلام بڻايو ويو.
    انهيءَ تاريخ جي ڏيڻ جو مقصد اهو آهي ته مير جلال هان کان اڳ لکين بلوچ بلوچستان ۾ آباد هئا جن حمله آورن جو بهادري سان مقابلو به ڪيو.
    جيستائين رند جو تعلق آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته تمام رند مير رند جيڪو مير جلال هان جو اولاد هو انهيءَ جي نسل مان آهن.تاريخ تي نظر وجهبي ته معلوم ٿيندو ته سومرن جي دور ۾ حنيف سومري(1025ع) ۾ رند جو ذڪر سنڌ ۾ ملي ٿو، دودي سومري جي دور ۾ مير صالح رند جو ذڪر ملي ٿو.سومرن جي دور ۾ دودائي بلوچن جو ذڪر به سنڌ ۾ ملي ٿو جيستائين مير رند جي دور جو تعلق آهي اهو 1420ع کان 1445 آهي.مير جلال هان کان اڳ اعلمش رومي ۽ گل چراغ جي دور ۾ به رندن جو وجود هو.ڪي تاريخ دان چون ٿا ته انهن جو تعلق به رند قبيلي سان هو.رندن جي باري ۾ هڪ خيال اهو به آهي ته زرتشت جي الهامي ڪتاب رند جي مڃڻ وارن کي رند به چيو ويندو هو.انهن مان عبدالڪريم رند ايران تي بادشاهت به ڪئي.مورخن جي خيال ۾ اهي رند بعد ۾ رند چوائڻ لڳا ۽ بلوچ قبيلن ۾ شامل ٿيا.
    مري قبيلو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته رندن جي شاخ مان آهن ۽ مير بجار جي اولاد مان آهن پر تاريخ تي نظر وجهنداسين ته اموي دور ۾ هشام بن عبدالمالڪ 724 ۾ عمر بن هبيره کي عراق جي گورنري تان معزول ڪري جنيد بن عبدالرحمنٰ مري کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو.هو 730ع ۾ ترقي ڪري خراسان جو گورنر ٿيو.يزيد بن مهلب جي ڌيءَ سان شادي کانپوءِ خليفي جي عتاب هيٺ رهيو ۽ گورنري تان معزول ڪيو ويو.شام ۽ عراق جي سرحد تي مري نالي انتهائي خوبصورت شهر به موجود آهي.جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مري قبيلي جو وجود تمام آڳاٽو آهي.
    جيستائين لاشارين، مگسين، گشڪورين ۽ ڊومڪين جو تعلق آهي.اهي سب تاتارين جي حملي وقت ۽ ان کان اڳ انهن علائقن ۾ رهندا هئا جيڪو انهن قبيلن سان منسوب آهن.لاشار جو علائقو ايران جي شهر بمپور ۽ مگسي جو علائقو ايران جي علائقي سرباز ۾ موجود آهن.جتي 2003ع ۾ آئون وڃي چڪو آهيان.انهن علائقن ۾ رهڻ ڪري انهن قبيلن کي لاشاري، مگسي چيو ويو.
    گشڪوري ۽ ڊومب وارا علائقا اڄ به موجود آهن ۽ مير جلال هان کان گهڻو اڳ اهي ماڻهو انهن علائقن ۾ رهندا هئا.جنهن جي پويان انهن کي گشڪوري ۽ ڊومڪي چيو ويو.
    هوت قبيلي جو ذڪر مون اڳ ۾ ڪيو هو ته جڏهن سڪندراعظم مڪران مان گذريو ته هوريتي قبيلي سندس مقابلو ڪيو.ڪلمتي به پاڻ کي هوت قبيلي ۾ شامل ڪن ٿا.ڪلمت اهو علائقو آهي، جنهن جو ذڪر يوناني مورخ هيرو ڊوٽس جي تاريخ ۾ ملي ٿو.ڪلمت واري جاءِ تي سڪندر سان سخت جنگ لڳي هئي.جتي هڪ پراڻي قبرستان جي باري ۾ مشهور آهي ۽ سڪندر جي فوجين جون قبرون آهن.سرياني، عبراني ۽ عربي ۾ مڇي لاءِ”حوت”جو لفظ استعمال ٿيندو هو.ساحلي علائقي ۾ رهڻ ڪري سڪندراعظم به انهي علائقي کي Iethyophrsi جو نالو ڏنو جنهن جي معنيٰ”ماهي خور”قياس آهي ته اڳتي هلي ماهي خوران مان علائقي جو نالو بگڙجي مڪران ٿيو هجي اهو الڳ بحث آهي.مڇي کائڻ ۽ مڇي واري علائقي ڪري”حوت”جو لفظ مشهور ٿيو جيڪو بعد ۾”هوت”بڻجي ويو.
    اهي سڀ واقع مير جلال خان جي هجرت کان گهڻو اڳ آهن، جو مڪران ۽ سنڌ تي حملو، تاريخ جو هڪ ڊگهو سفر آهي جنهن ۾ بلوچ هاڻوڪي بلوچستان کان وٺي بندر عباس ۽ زابل تائين رهندا هئا.هاڻوڪي بلوچستان ۾ رهندڙ بلوچن مير جلال هان سان هجرت نه ڪئي ۽ نه ئي انهن جي اولاد مان آهن،انهن جي پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ۽ حيثيت آهي،مير جلال هان کان اڳ مڪران ۾ ميد، هوت، ڪلمتي، جنگال، ڄاموٽ موجود هئا، انهن هنن علائقن ۾ حڪومت ڪئي هئي.ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته جيئن امير حمزه جي اولاد، يزيد سان جنگ، حلب کي تمام بلوچن جو وطن قرار ڏيڻ واريون ڳالهيون تاريخ غلط ثابت ڪيون تنهنڪري مير جلال هان واري ڳالهه تي به ڇنڊڇاڻ جي ضرورت آهي،مون جيڪي مٿي سوال پيش ڪيا آهن خود انهن سوالن ۾ جواب موجود آهي. بلوچن جي تاريخ ۾ ڪو جلال هان قدوآر شخصيت طور موجود هوندو هن کان انڪار ڪونهي پر بلوچ قبيلن کي انهيءَ جي اولادن مان ظاهر ڪرڻ تاريخ سان ناانصافي آهي، جنهن تي تاريخدانن کي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي.
    مون هن مهاڳ ۾ بلوچ لفظ تي بحث نه ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته اهو هڪ تمام وڏو ۽ وسيع موضوع آهي جنهن تي گهڻن مصنفن تفصيل سان لکيو آهي پر هو اڃان به ڪنهن نتيجي تي نه پهتا آهن،انهن مورخن جي ڪتابن جي پڙهڻ کانپوءِ حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب”مڪران”۾ لکي ٿو ته انهي ڳالهه ۾ محقق ٽن گروهن ۾ تقسيم آهي.
    پهريون گروهه انهن ماڻهن تي مشتمل آهي ته بلوچ عرب نسل مان آهن انهن مطابق بلوچ قوم شام جي شهر ۾ رهائش پذير هئا.يزيد سان لڙاين کانپوءِ انهن هجرت ڪئي ۽ ايران آيا.
    ٻئي گروهه جو خيال آهي ته بلوچن جو مسڪن بابل هو انهن مطابق بلوچ(بلوص)بابل جي بادشاهه نمرود جو لقب هو،اهي بل(بعل)ديوتا جا پوڄاري هئا. انهن بابلي سلطنت جو بنياد رکيو.مگر ڪجهه اڻ وڻندڙ حالتن ڪري اُهي هجرت ڪري سيستان ۽ هاڻوڪي بلوچستان ۾ اچي آباد ٿيا.
    ٽيون گروهه انهن ماڻهن تي مشتمل جيڪي فردوسي جي شاهنامي ۽ عرب جفرافي دانن جي ويچار کي بنياد بڻائي انهيءَ نتيجي تي پهتل آهن ته بلوچ قوم ايراني شاخ سان تعلق رکي ٿي.بلوچ جو نالو هميشه ڪوچ سان آيو آهي جيڪو اصل ۾ هڪ ئي قوم جون ٻه شاخون آهن، هي ابتدائي طور ايران جي علائقي بخيره فرز، ڪرمان،سيستان، دشت، مڪران ۾ آباد هئا.نوشيروان جي وقت کان اها هجرت هاڻوڪي بلوچستان ڏانهن جاري رهي ۽ آخري هجرت مير جلال هان جي سربراهي ۾ ٿي، اهو واقعو 14هين صدي ۾ پيش آيو.
    جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ وانگر بلوچستان ۾ به هڪ نسلي گروهه نه آهي، بلوچن ۾ به مختلف نسلن ۽ قومن جا ماڻهو شامل ٿي بلوچي رنگ ۾ رنگجي ويا آهن،آريا، دراوڙ، ايراني، ترڪي، ساساني، توراني ۽ عرب وغيره هتي اچي هميشه لاءِ بلوچ قوم ۾ ضم ٿي ويا آهن، هن پوري خطي ۾ آرياڻن کان گهڻو اڳ 3000 کان 1500 سو سال ق م ۾ موئن جو دڙو، هڙپا ۽ مهر ڳڙهه جون تهذبيون عروج ٿي هيون تاريخ دانن جو چوڻ آهي ته اهي سڀ دراوڙ هئا.دراوڙ ترقي يافته هئا. اهي عظيم تهذيب جا مالڪ هئا.انهيءَ تهذيب جا آثار نال قلعه گل حمد ۾ ملن ٿا.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ وانگر بلوچستان به 8000 سال ق م ترقي يافته خطو هو.آرياڻن وانگر ٻين قومن به انهن سرسبز علائقن جو رخ ڪيو ۽ پوءِ بعد ۾ آيل سڀ ملي هڪ قوم جي شڪل ۾ اڄ موجود آهن.
    مهاڳ تمام وڏو ٿي ويو آهي گهڻيون ڳالهيون اڃان بحث طلب آهن جن لاءِ هڪ الڳ ڪتاب جي ضرورت آهي، انهيءَ بحث جو مقصد بلوچ قوم نسلن موڙخن جي ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ هو.
    آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ارڏي اترادي کي تاريخي ڪتاب لکڻ تي واڌايون ۽ دعا آهي ته هو هميشه ائين لکندو رهي شعر ۾ نگياريندو رهي.باقي باجڪاڻين متعلق مون کي ايتري ڄاڻ نه هئي،هن تي انهيءَ ڪري قلم نه کنيم ۽ باجڪاڻين متعلق ارڏي هي ڪتاب لکي مون جهڙي تاريخ جي شاگرد جي معلومات ۾ به اضافو ڪيو آهي.


    حق موجود، سنڌ موجود
    گل حسن ڪلمتي
    ڪراچي
    21-07-2010


    ميرباجڪ

    ميرباجڪ

    المش رومي کان شجرو مير احمد خان عرف مير بلوچ جو ان جي اولاد مان مير جلال خان هو۔ان دور کان به اڳ بلوچ مڪران پرڳڻي جا بادشاهه پڻ رهيو۔
    مير جلال خان کي چار پٽ هڪ نياڻي هئي۔جيڪي هي هئا(1) رند(2) لاشار(3) ڪورائي(4) هوت ۽ ڌيئون جتو۔
    رند مان رند قبيلو ۽ لاشار مان لاشاري قبيلو ٿيو۔اڳتي وڌي اهي بلوچن جا ٻه وڏا طاقتور قبيلا ليکجڻ ۾ آيا۔رندن جو پڳدار مير چاڪر خان ۽ لاشارين جو پڳدار مير گهرام خان سگهارا سربراهه بڻيا۔
    جڏهن مير چاڪر خان ۽ مير گهرام خان جو زمانو آيو۔هنن جي پاڻ ۾ ٻڌي هئي سي مڪران کان سبي تائين پرڳڻان فتح ڪندا آيا۔اهو لڳ ڀڳ زمانو 1400ع ليکجي ٿو۔ان دوران رندن ۽ لاشارين جي اندر شاطر ماڻهن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔ان کان علاوهه اهي به شڪ هئا ته ڀروارن ملڪن جي حاڪمن ٻه ويڙهائڻ جو چالون کيڏيون۔بلوچستان جي پرڳڻن جو فتح ڪرڻ بلوچن جو حاڪم ٿيڻ ترڪن کي اکين ۾ ڪنڊو محسوس پئي ٿيو ۽ سنڌ جي بادشاهه کي سبي پرڳڻي جي فتح به ڳران گذري هجي۔مگر ٻاهرين بابت شڪ ۽ پاڻ ۾ اندرين حالتن جي پڪ آهي۔رندن کي بلوچستان جي تخت ڀائيواري ۾ گهرام ۽ لاشارين کي برداشت ڪرڻ سٺو سوڻ نه پيو لڳي۔چون ٿا ته هنن جون پاڻ ۾ ڱيهارو جنگيون ٿيون۔حقيقت ۾ اهي جنگيون بلوچن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ ڌاري سامراج کي ڌرتي ڦرڻ جو جواز هو۔مگر اقتدار جي لالچ تخت جو اڪيلو وارث ٿيڻ واري سوچ غالب ٿيڻ لڳي جيڪا سندن خامي هئي۔
    تاريخ شاهد آهي ته جيڪي به سامراج هئا انهن جن ساٿارين سان گڏ ٿي ملڪ فتح ڪيا ۽ بعد ۾ اهي ساٿارين سان به وڙهيا۔ڪالهه آمريڪا طالبان سان گڏجي روس سان وڙهي بعد ۾ طالبان سان به وڙهيو۔اهڙي ريت شرپسندن، درٻاري شاعرن ٻنهي ڀائرن جي اولاد جي ويڙهه واري ڱانڊن کي هوا پئي ڏني۔
    چون ٿا ته ٻنهي ڀائرن جي اولاد جي ويڙهه جو ٻيو ڪارڻ ظاهر ۾ گوهر جتڻي تي مير چاڪر خان ۽ مير گهرام خان جو عاشق ٿيڻ آهي۔
    هوڏانهن مير چاڪر جي ڪمال کي زوال مريد جي مٽيندي بددعائن آندو، جنهن جي مٽيندي(هاني مريد جي مٽتيندي هئي جيڪا مير چاڪر پنهنجي حوالي ڪئي)۽(اهو مضمون اها ڪهاڻي طويل آهي جنهن جو هتي ذڪر غير ضروري آهي)
    رندن جنگ کي وڌائڻ لاءِ لاشارين سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ بهانا پئي ڳوليا۔ اتفاق سان شڪار ڪرڻ وقت لاشارين مير چاڪر خان جي ڌيءَ جي اٺن مان اٺ ڀل ۾ ڪهي کاڌو جنهن تي مير چاڪر ۽ رند ڪاوڙيا ۽ ويڙهه ڪرڻ لاءِ لاشارين سان زيادتي ڪرڻ لڳا، جنهن تي مير چاڪر رات جو مير گهرام وٽ ميڙ به ٿي ويو۔مگر ٺاهه نه ٿيو۔تنهن تي ويڙهه وري شروع ٿي مير باجڪ نه ٺهيو ۽ پنهنجن کان ناراض ٿي سنڌ ڏانهن روانو ٿيو سندس گجر سڄي واڱ تي منٿون ڪندو آيو۔مگر باجڪ هڪ به نه ٻڌي ڪن جو چوڻ آهي ته
    مائي مريم يا مائي گوهر جتڻي جا قصا مستند نه آهن، اهي ڳالهيون شڪ ڏند ڪٿائن جي آڌار تي شاعرن ڪهاڻيڪارن گهڙيون آهن۔بهرحال ويڙهه اقتدار جي هئي۔جنهن ۾ لاشارين جي نسل ڪشي ڪرڻ لاءِ مير چاڪر خان ارغونن کان مڱي مائڱي جي آڌار تي مدد ۾ لشڪر وٺي آيو۔ويڙهه ۾ هارائڻ جا آثار ڏسي رندن ويڙهه کي تيز ڪرڻ لاءِ ارغونن کي جذبي ڏيارڻ لاءِ پنهنجي محسن ارغونن جي سپهه سالار جي پٽ حيدر کي رندن ماريو۔اها حقيقي خبر جڏهن ارغونن کي پئي ته حيدر کي ته رندن ماريو۔ٻئي ڏينهن تي جنگ جو رخ تبديل ٿيڻ ۽ رندن سان ويڙهه ڪرڻي هئي ته مير چاڪر خان رندن جي اڱالي سان رات جي پيڱ ۾ پنجاب ڀڄي ويو۔اتي مير چاڪر خان جي مزار اڳوڻي منڱگموي ويجهو ست گهر جي نالي سان مشهور آهي۔ان منڱگمري کي اڄڪلهه ساهيوال سڏن ٿا۔
    جيئن سنڌ ۾ چينسر پنهنجي ڀاءُ ڌرتي ڌڻيءَ دودي کي پڳ جي ساڙ کان مارائڻ لاءِ دهلي کان خلجي جو لشڪر وٺي آيو۔تيئن مير چاڪر خان، مير گهرام کي مارائڻ لاءِ ارغونن کي وٺي آيو۔وري چينسر جي اولاد شرم کي پرچائڻ لاءِ چوڻ لڳا ته دودو ڀا، کي پڳ کڻي واپس ڪري ها۔هيڏي قوم نه مارائي ها۔ بس “دودو ڌوڙ چينسر ڇائي، هن جي ڪسر هن کي آئي”دودو ته شهيد ٿي ويو ان دودي جي دليري عظمت کي وڃائڻ لاءِ پوين اهي چوڻيون مروج ڪيون۔اهڙيءَ ريت مير چاڪر جي ڪرتوتن کي پردي ڏيڻ لاءِ پويان چون ٿا ته مير گهرام به ڄا۾ نظام الدين(ڄام نندو)کان سنڌين جي لشڪر لاءِ ماڻهو موڪليو۔مگر سنڌين مدد نه ڪئي ۽ رسد نه پهتي۔بهرحال مير چاڪر خان چنيسر ٿي چڪو۔نتيجي ۾ نه سنڌ جو تخت چنيسر کي نصيب ٿيو۔نه وري بلوچستان جي بادشاهه مير چاڪر خان ماڻي۔ تاريخ وڏي بي رحم ٿيندي آهي۔اها حقيقت آهي ته ڪيترين قومن ۾ اهي واقعا پيش آيا۔جن جن پنهنجن کي ٻين کان مارايو تن کي بادشاهي مان ڪک به نه مليو۔افغانستان جي بادشاهي نجيب جي حڪومت اسانجي اکين آڏو آهي۔نجيب تخت کان دستبردار ٿيو،طالبان آمريڪا جي معرفت حڪومت هٿ ڪري نجيب کي ڦاهي ڏيئي لاش کي سگريڱن جا ڏنڀ ڏنا ويا۔پوءِ طالبان جو حشر آمريڪا 11 سيپٽمبر وارو ڊرامو رچائي ڇاڪيو۔اهو ڊرامو اڃا هلي ٿو۔
    خير انهن رندن جي حالتن مير باجڪ خان اتر سنڌ اوڀر بلوچستان ۾ ۽ سندس اولاد اچي آباد ٿيو ۽ بجاراڻي جي سرداري ۾ رهيو۔
    مير باجڪ خان جي اولاد کي باجڪاڻي ۽ گجر جي اولاد کي گجراڻي سڏيو وڃي ٿو۔باجڪاڻن جو شجرو پنهنجي دور تائين تحرير ڪيو آهي۔مٿي مير گهرام خان کان لاشار، مير جلال خان، مير احمد عرف بلوچ کان المش رومي تائين رسايو اٿم مگر هي مختصر شجرو آهي۔مگر بلوچ ٻه هزار سال پراڻا آهن۔
    گجر کي غلام يا ڀاءُ سڏڻ ۾ تاريخ مستند نه آهي،بهرحال جيڪو ڏکي وقت ۾ سر ڏئي ساٿي ٿي آيو سوئي ته ڀاءُ هوندو آهي۔
    هن وقت باجڪاڻي ذات ستن پاڙن کان وڌيل آهي،باجڪاڻي پنهنجي دور ۾ ضلع لوڪل بورڊ ۽ جرڳي جا ميمبر ۽ يونين ڪائونسل جا چيئرمين رهيا آهن۔علمي لياقت آهر هن وقت تمام گهڻا گريجوئيٽ ۽ پوسٽ گريجوئيٽ ۽ آفيسر پڻ آهن۔مضمون جي وڌي وڃڻ ڪري ڀاءُ گجر جو ذڪر ۽ شجرو شامل ڪري نه سگهيو آهيان۔مگر محترم غلام نبي خان صاحب(چيف انجنيئر روڊس)۽ ان جي پاڙي جي جوڌن جوانن فضل محمد خان تپيدار کي نٿو وساري سگهجي۔جن وڏي همدردي سان پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪيترا مسڪين پڙهائيا ۽ انهن جا گهر روشن ڪيا۔محترم استاد صيفل خان، سچل خان، قيصر خان، محترم عبدالغني، محترم عبدالحميد صاحب جن کي وسارڻ نه گهرجي۔گجراڻي استاد، اهل علم به تمام گهڻا آهن۔انهن تي ڌار ڪتاب لکي سگهجي ٿو۔آئون اهڙن هر دل عزيزن کان معافي وٺان ٿو ڇاڪاڻ ته انهن جو ذڪر تحرير ڪونه ڪري سگهيو آهيان۔اميد ته هو باشعور ۽ عالم آهن۔هو پنهنجي تاريخ پاڻ سهيڙيندا ۽ عالم جن باجڪاڻين مون سان تعارف، تصوير ڏيڻ ۾ تعاون نه ڪيو۔اهي به هي ڪتاب ڏسي هڪ قدم اڳتي وڌائيندا۔هو سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سٺا زميندار ناظم آهن۔منهنجي مدد نه ئي صحيح، پنهنجي مدد پاڻ ضرور ڪندا۔


    سردار خانبهادر مير شير محمد خان(دوم)بجاراڻي

    سردار خانبهادر مير شير محمد خان(دوم)بجاراڻي

    سنڌ سونهاري بلڪه پوري برصغير ۾ ايڏي وڏي سرداري شايد ڪنهن جي هجي جنهن ۾ ايتريون ذاتيون هجن جيتريون سردار خانبهادر مير شير محمد خان بجاراڻي جي سرداري ۾ آهن۔سنڌ بلوچستان ۾ رهندڙ ٻين ذاتين سان گڏ باجڪاڻي به شامل آهي۔انڪري هن تعارفي ڪتاب ۾ ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهي شامل ڪريان ٿو۔ سردار خانبهادر مير شير محمد خان بجاراڻي (دوم) هڪ اعليٰ صفت بزرگ، مدبر، ڏاهي انسان مرحوم سردار خانبهادر مير نور محمد خان صاحب جن جو لائق فائق وڏو فرزند آهي۔
    سردار صاحب جن جي گهراڻي جو ٻيو گهر سمجهو ته اسيمبليون آهن۔پاڻ ايم پي اي به رهيا آهن۔سردار صاحب جي خاص خوبي اها آهي ته هو واعدي وچن جو پڪو انسان آهي۔وڏي ڳالهه اها آهي ته هن کي ماڻهن جي وڏي سڃاڻ آهي۔
    سردار خان خانبهادر مير شير محمد خان جو ٻيو ڀاءُ مير ڪرم خان جيڪو مير هزار خان بجاراڻي صاحب جي نالي سان پوري پاڪستاني سياست ۾ مشهوري آهي۔
    مير هزار خان صاحب 1970ع ۾ ڌاران علم پرائي وطن واپس وريو ته هن کي جناب ذوالفقار علي ڀڱو صاحب اول وزير بڻائي پوءِ والد صاحب جي ڇڏيل سيڱ تي چونڊرايو ۽ ڪيئي ڀيرا چونڊجي آيو ۽ وزير ٿيو۔
    ڪن سياستدانن کي پارڱي جي ڱڪيڱ جو آسرو هوندو آهي مگر بجاراڻي خاندان لاءِ پارڱيون واجهائينديون آهن۔


    ذات باجڪاڻي جي پڳ جو احوال

    ذات باجڪاڻي جي پڳ جو احوال

    ذاتين ۽ قبيلن ۾ پڳ جو رواج انسان ذات جي گڏيل زندگي گذارڻ دوران وجود ۾ آيو۔
    زراعت جي دور کان اڳ مال جا چراگاهه، سرسبز علائقه شڪارگاهه مقرر ٿيڻ لڳا۔شڪارگاهن ۾ چوري، زوري شڪار ڪرڻ هڪٻئي جو مال ڪاهڻ جڏهن معمول ٿيو۔تڏهن هرعلائقي جي ماڻهن بچآئون ڪرڻ يا بدلي وٺڻ لاءِ گروهه، ڱولا ٺاهيا ان وقت ڏاهن ماڻهن کي اڳواڻ يا پڳدار مقرر ڪيا ۽ انهن کان صلاح مشورا پئي ورتا۔اڳتي هلي پڳدار جي وفات کانپوءِ ان جي پٽ کي پڳ ٻڌائڻ يا بادشاهه جي پٽ کي بادشاهي ڏيڻ جيئن خلافت ملوڪيت ۾ تبديل ٿيڻ وغيره جو رواج عروج تي ٿيو۔
    تڏهن عقلمند ڏاهي پڳدار سردار بادشاهه جي مرڻ کانپوءِ اها پڳ ان جي بي عقل پٽ کي ٻڌائن پيا ته اها ذات، اهو قبيلو ان جي سرداري رولڙي جو شڪار پئي ٿي۔ان وقت ڏاها ماڻهو پنهنجي برادري جو ڪٺ ڪري اها پڳ ڪنهن سمجهدار کي ٻڌائيندا هئا۔
    سنڌ ۾ پڳ تي ويڙهه جي ڳالهه دودي چنيسر کان ڪهاڻين ۾ آئي۔ جڏهن مير جلال خان جي اولاد وڌي قبيلن جي صورت اختيار ڪئي ته رندن پنهنجي سرداري جي پڳ مير چاڪر خان تائين هلائي ۽ لاشارن پنهنجي سرداري جي پڳ مير گهرام خان تائين هلائي، جيڪي مانجهي مرد سڏجڻ لڳا۔
    مير گهرام خان لاشاري جو وڏو پوڱو مير باجڪ خان ولد مير بکر خان جڏهن اتر سنڌ ۾ آيو ته پڳ مير گهرام خان جي ٻئي نمبر پٽ مير رامن خان جي اولاد کي عطا ٿي۔
    بلوچستان ۾ تعليم جي کوڱ رهي تنهن هوندي به ٻن ٽن صدين اندر بلوچ سردارن سرداري جا دفتر رکيا۔تنهن هوندي به باجڪاڻي ذات وارن سرداري پڳ سنڀالڻ جي پوئواري ان ڪري نه ڪئي ته مير باجڪ سنڌ ۾ آيو ۽ بجاراڻي جي سرداري ۾ رهيو۔هوئن به سردار اهو ٿئي جيڪو راڄ سنڀالي۔انهن جي واهر ڪري جيڪو سردار راڄ ڀاڳ تائين نٿو پهچي ته اهو نظام بيڪار ٿئي ٿو۔
    چند سال اڳ جيڪب آباد شهر ۾ سردار ڌڻي بخش خان لاشاري جڏهن لاشارين جو جلسو ڪرائيو هو۔ان ۾ اسانجا باجڪاڻي ڪجهه پوڙها ۽ جوان شريڪ ٿيا هئا۔ان جلسي ۾ آئون (راقم الحروف)به هيس۔ان اسٽيج تي مون اردو ۾ شعر پڙهيو هو ۽ تقرير ۾ هڪڙي باجڪاڻي چيو ته اسين اوهان جي جلسي ۾ سردار مڃائڻ خاطر ڪونه آيا آهيون۔بلڪه هڪ ڀاءُ جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيا آهيون۔باجڪ کي سنڌ ۾ آئي تقريبا ساڍا ڇهه سو سال ٿيا آهن۔باجڪاڻي کي بظاهر بجاراڻي جي مقدمي جي پڳ آهي۔پر هن کي سردار هن وقت تائين وڏو مان مرتبو ڏيندا آيا آهن۔پسگردائي جا سردار گردار مقدم مير رحمدل خان، مير نهال خان ۽ مير عبدالرحمنٰ خان کي آڌر ڀائون (Protocol)ڏيندا آيا آهن۔
    مير باجڪ خان جي پڳ مرزان خان اول جي پٽ مستاغ تائين جڏهن آئي ته هو صفا سادو سودو ماڻهو ثابت ٿيو۔ان وقت خلافت ملوڪيت جي رسم ڱوڙي باجڪاڻن مير ميهال خان کي پڳ ٻڌائي۔جيڪا پوءِ مير رحمدل خان تائين هلي۔
    مير رحمدل خان جي وفات کانپوءِ نور محمد خان کي پڳ ٻڌرائي وئي۔ڪجهه وقت کانپوءِ نور محمد ڏوهي ٿيل عورت ورتي(i)جنهن تي باجڪاڻي ڪاوڙيا ۽ انجو ڀاءُ علي حسن ان وقت ننڍو هو۔ان جي چاچي مير نهال خان کي پڳ جي آڇ ٿي مگر هن انڪار ڪيو۔پوءِ ان جي چاچي مير عبدالرحمنٰ خان کي پڳ ٻڌرائي وئي۔
    ان دور ۾ خانبهادر سردار مير شير محمد خان بجاراڻي اول جي سرداري هئي۔ان دور ۾ مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي، مير ارسلا خان بنگلاڻي ۽ مير محمد صلاح خان ڏاهاڻي ناليوارا بهادر اڏول مقدم هئا۔
    مير عبدالرحمنٰ خان ان وقت خانبهادر سردار مير شير محمد خان بجاراڻي(اول)جي ڀا، مير فتح محمد خان بجاراڻي کي لوڪل بورڊ جي اليڪشن ۾ شڪست ڏني هئي۔
    هي دور باجڪاڻي ذات لاءِ بادشاهي دور هو۔ڇاڪاڻ ته مير نهال خان باجڪاڻي ان وقت ضلع ۾ جرڳي جو ميمبر هو۔مون کي ننڍي هوندي شاعري ۽ ڪهاڻين سان دلچسپي هئي۔هڪ رات بابا سائين وڏن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته مير نهال خان باجڪاڻي ۽ ارسلا خان بنگلاڻي کي دل جا پاور هئا۔ان وقت کان ذهن ۾ هئو ته ماڻهو وٽ دل جا پاور ڪيئن ٿيندا آهن۔جڏهن وڏو ٿيس تڏهن سردار مير سندر خان سندراڻي، مير مهراڻ خان بجاراڻي ۽ مير عبدالرحمنٰ خان جن وٽ دل جا پاور ڏٺم، غلطيون هر انسان کان ٿينديون آهن مگر اهڙا انسان قومن کي صدين کان پوءِ به مشڪل ملن۔
    مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي سنه 1970ع ۾ وفات ڪئي۔پڳ مير بلند خان کي ٻڌرائي وئي۔هوڏانهن ڪن علي حسن خان جي پٽ نور حسن خان کي اٿاريو ۽ اڀاريو ته جيئن باجڪاڻي ذات انتشار جو شڪار ٿئي۔لعل نصيباڻي(نسيواڻي)شعر چيو هو ته
    مهينهان ڪيچي زيندغ دائين راجري رنبو
    بلوچي شاعري جو ترجمو:
    جيستائين مينهون ۽ ڪيچي(باجڪاڻي)جيئرا آهن تيستائين راڄ لاءِ رنبا آهن)
    اهي ٻئي ڀوتارن وٽ ويهي باجڪاڻن جي خلاف ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندا هئا۔مگر اڪثر باجڪاڻي ذات جي دورانديش ڏاهن ماڻهن سازشن کي ڪامياب ڪرڻ نه ڏنو۔پوءِ جيڪي نورحسن جي پاسي لڪ ۾ هئا وقت گذرڻ تي نورحسن جي نااهلي ثابت ٿيڻ تي پنهنجي موت مري ويا۔
    مير بلند خان باجڪاڻي سچ پرست قول جو پڪو دنيا جي لوڀ لالچ کان پاڪ صاف ڳالهائڻ جو کرو آهي، هو هڪ ڀيرو جنهن ڳالهه تي بيٺو يا جنهن جي طرف ٿيو وري نه ڦرندو آهي۔هي سياست جي اٽڪل بازي کان پري اصولي آهي ان ڪري عملي سياست ۾ گھٽ ڪامياب رهيو۔
    مير بلند خان باجڪاڻي 1926ع ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم کان مٿي نه پڙهيو۔اهڙي طرح مير عبدالرحمٰن خان ڪنهن به پٽ کي اعليٰ تعليم حاصل نه ڪرائي۔ان وقت انهن کي اهو خيال به ڪونه هو ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي دور جا ڄڻ ته بادشاهه هئا۔


    محترم جناب شير احمد صاحب

    محترم جناب شير احمد صاحب
    محترم جناب شير احمد صاحب ولد محترم جناب مير بلند خان باجڪاڻي جي گهر پهرين مئي 1963ع ۾ پيدا ٿيو۔هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي ۾ پرائي مئٽرڪ سال 1979ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي۔سال1985ع ۾ بي ايس سي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ ۾ ايم اي سال 1989ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪري ورتائين۔


    محترم انور حسين صاحب

    محترم انور حسين صاحب
    محترم انور حسين صاحب ولد مير امان الله خان باجڪاڻي جي ڪوٽ ۾ پهرين آگسٽ 1956ع ۾ پيدا ٿيو۔پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري۔مئٽرڪ سال 1973ع ۾ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين۔سال 1975ع ۾ بي اي ۽ سال 1977ع ۾ ايم اي (ايڪنامڪس) جي ڊگري ڪري ورتائين۔
    محترم انور حسين 8 نومبر 1989ع ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ 17هين گريڊ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو۔محترم انور حسين صاحب جا ٻه پٽ خليق انور ۽ بابو امان الله خان ميڊيڪل جي تياري ڪري رهيا آهن۔
    بلنداڻي سرداري بادشاهي حيثيت جا ماڻهو رهيا، انهن مان مير امان الله خان دورانديش ڏاهو علم دوست انسان هو جنهن پٽن ۽ ڀائيڱن کي علم پرائڻ ڏانهن راغب ڪيو، اڄڪلهه گريجوئيٽ آهن۔


    محترم سعيد احمد خان

    محترم سعيد احمد خان
    محترم سعيد احمد خان ولد مير امان الله خان باجڪاڻي اسڪول جي رڪارڊ(جي آر)موجب 1960ع ۾ مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو۔هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرائيمئٽرڪ سال 1977ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين۔
    محترم سعيد احمد خان بي اي سال 1988ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري زمينداري سنڀالي سياسي ۽ سماجي ڪم ۾ مشغول رهيو، خدا جي فضل سان مير امان الله خان جو ڱيون فرزند، محترم فدا حسين به گريجوئيٽ آهي۔


    محترم اعجاز علي خان

    محترم اعجاز علي خان
    محترم اعجاز علي خان ولد مير نور الله خان باجڪاڻي سنه پهرين آگسٽ 1970ع ۾ ڳوٺ مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو۔ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان پرائيمئٽرڪ 1985ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين۔
    محترم اعجاز علي خان بي اي سال 1993ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽ ايم اي ايڪنامڪس 1995ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتائين۔
    محترم اعجاز علي خان نوڪري کان وڌيڪ زمينداري کي ترجيح ڏني، آئون اڳ ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته هيئون گهراڻو بادشاهه ٿي رهيو آهي۔


    محترم سجاد احمد خان(ميجر)

    محترم سجاد احمد خان(ميجر)
    محترم سجاد احمد خان عرف ميجر ولد مير مهراب خان باجڪاڻي جي ڪوٽ ۾ 1970ع ۾ پيدا ٿيو۔ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي مان پاس ڪريمئٽرڪ 1992ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪري 1996ع ۾ بي اي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين۔
    محترم سجاد احمد خان جو ٻيو ڀاءُ ارشاد احمد خان انگريزي چار درجه پڙهيو ۽ ننڍو ڀاءُ مير عبدالرحمنٰ خان(دوم)مئٽرڪ پڙهي رهيو آهي۔


    محترم جناب اڪبر خان

    محترم جناب اڪبر خان

    سن 1968ع ۾ اڪبر خان هڪ صوفي لاڪوفي فياضي فقير مير گلڻ خان باجڪاڻي ولد مير جمال خان باجڪاڻي جي ڪوٽ ۾ جنم ورتو۔
    محترم اڪبر خان پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ پڙهيومئٽرڪ سال 1982ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين ۽ بي اي سال 1984ع ۾ ۽ سال 1992ع ۾ ايم اي سياست ۾ پاس ڪري 1995ع ۾ ايل ايل بي پاس ڪيائين۔
    محترم اڪبر خان 1986ع ۾ جيئي سنڌ محاذ تعلقه ڪاميڱي جو ميمبر ٿيو۔پر پوءِ جلد 1987ع ۾ سنڌ بلوچ پختون فرنڱ جي شاگرد ونگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1988ع ۾ ڪنفيڊرل اسڱوڊنڱ فرنڱ جي ضلعي جيڪب آباد جو صدر ٿيو۔هي ڊڪ ڊوڙ جو ماهر ڄام صادق علي جي وڏ وزارت واري دور ۾ آدمشماري معاون ڪاميٽي ضلع جيڪب آباد جو سيڪريٽري ٿيو ان کان علاوهه سنڌي شاگرد الائينس جو ڪنوينر، نوجوان سماجي اتحاد ڪنڌڪوٽ سٽي جو آرگنائيزر به رهيو آهي۔هن وقت استاد بخاري اڪيڊمي جو چيئرمين آهي۔محترم اڪبر صاحب ادب ۽ شعرو شاعري سان دلچسپي رکندي “بابر” جي تخلص سان شاعري به ڪئي۔سندس پٽن جا نالا اديب اڪبر ۽ شفيق اڪبر مان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته هو هڪ روشن خيال ۽ جاکوڙي رهيو آهي،مگر هر تحريڪ هر تنظيم تي ڇاپ جاگيردار سياستدانن جي هئڻ ڪري اهڙن وچولي طبقي جي ماڻهن کي اڀرڻ جو موقعو گھٽ ملندو آهي۔هن وقت به عوام دوستي خدمت خلق ۾ خوش ۽ سرگردان آهي۔اهڙن ماڻهن ۾ سياستدانن سان گڏجي هلڻ ڪري ٺيڪا پلاٽ حاصل ڪيا۔مگر هي اڄ به پنهنجي ذهن ۽ ضمير سان مطمئن آهي۔


    محترم مشتاق احمد ولد مير جمال خان

    محترم مشتاق احمد ولد مير جمال خان
    سنه 1961ع ڌاري پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري 1977ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ 1987ع ۾ بي اي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين۔
    مير جمال خان وڏو زميندار هو، هن کي ٻه پٽ هئا۔(1)مير گلڻ خان(2)مشتاق احمد ڪيتري زمين هئي سا ته خبر ناهي مگر هن وقت مشتاق احمد خان 200 جريب زمين بچائي آهي۔


    محترم ثناالله ولد مير حبيب الله خان

    محترم ثناالله ولد مير حبيب الله خان

    سنه 8 مئي 1989ع ۾ پيدا ٿيو۔هن پرائمري تعليم مير عبدالرحمنٰ خان باجڪاڻي جي ڳوٺ مان پرائي 2005ع ۾ ڪيڊٽ ڪاليج فتح جنگ ضلع اٽڪ (پنجاب)راولپنڊي بورڊ مان مئٽرڪ پاس ڪري ورتي،هن وقت مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ ۾(اليڪٽريڪل شعبي ۾) سليڪشن ٿي ويو آهي۔
    آئون انهن پيارن ذات وارن شاگردن کان معافي ٿو وٺان ته ڇاڪاڻ هن ڪتاب ۾ سواءِ ثناالله جي ڪو اهڙو شاگرد شو نه ڪيو آهي جنهن ڊگري نه ورتي هجي۔
    محترم ثناالله جو نالو فقط ان ڪري شامل ڪيم ته محترم حبيب الله خان ولد عبدالحق علم دوستي جو اهڙو ثبوت ڏنو آهي جو نرم دل باجڪاڻي ٿي ضلع اٽڪ جهڙي ڏورانهن طرف هڪ جيتا مڙو موڪليو۔محترم حبيب الله خان جو اهو قدم ٻين جي دلين ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ جهڙو آهي۔اهڙو ئي شوق شال سڀني سنڌ واسين جي دامن گير رهي آمين۔
    محترم حبيب الله هڪ ڏاهي، بهادر اڳواڻ مير نهال خان باجڪاڻي جي اولاد مان آهي۔مير نهال خان جهڙا اڳواڻ قومن کي صدين کانپوءِ مشڪل سان ملندا آهن۔اگر هو هن وقت هجي ها ته بلنداڻن کانسواءِ به ذات باجڪاڻي علم جي طلب ۾ برطانيه پهچن ها۔ان خال کي ڀرڻ لاءِ محترم حبيب الله خان ڪوشش ڪئي مگر وقت ۽ حالتون شايد باجڪاڻي ايڪي، اتحاد پيار، محبت سهڻي صلاح کان تمام پري آهن۔هن وقت سهپ جو ماحول ڪوهين ڏور آهي۔مجبور ٿي”اهي ڏينهن اهي شينهن”ياد ڪريون ٿا ته شال وري ڪو وآئون وري۔


    محترم نصير محمد ولد سخي صحبت خان

    محترم نصير محمد ولد سخي صحبت خان


    محترم نصير محمد سنه 1958ع ڌاران ڳوٺ سخي صحبت خان باجڪاڻي ديهه ڊڀاني تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو۔ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪريمئٽرڪ سال 1978ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين۔بي اي ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان 1985ع ۾ پاس ڪري ورتائين۔
    محترم نصير محمد 30 ڊسمبر 1989ع ۾ اسٽنٽ سوشل ويلفيئر آفيسر ڪنڌڪوٽ مقرر ٿيو۔
    سخي صحبت خان کي پنج پٽ ٿيا(1)يار محمد خان(2)دوست محمد خان(3)محمد علي خان(4)نصير محمد خان(5)گل حسن خان، انهن مان فقط هڪڙو ئي نصير محمد خان پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو۔سندس ڀائڱيا علم پرائن ٿا،اميد ته ايندڙ نسل کي علم جي روشني عطا ڪندا۔


    الحاج جناب غلام مصطفيٰ صاحب

    الحاج جناب غلام مصطفيٰ صاحب

    (شاهه صاحب)

    جيئن ته ڀلاري ڀڱ ڌڻي جي شاعري معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان وسيع بليخ ۽ هر دور ۾ جديد آهي۔
    هت موقعي ۽ مناسب جي لحاظ کان آئون ايترو چوندس ته مٿين شعر جون سڱون الحاج جناب غلام مصطفيٰ صاحب ۽ غلام نبي خان گجراڻي صاحب سان ٺهڪي اچن ٿيون هي ٻئي عظيم انسان پنهنجي ذات وارن ۽ پسگردائي وارن قبيلن لاءِ علم پرائڻ، شعور وڌائڻ، خوشحال ٿيڻ جو پيغام کڻي جنم وٺي آيا۔ هي نه صرف شعور وڌائڻ لاءِ مثال بڻيا پر نئين نسل کي هڙئون وڙئون مدد ڪري همٿائيو۔ڪيترا پسگردائي وارا مسڪين ماڻهو هنن جو مثال ڏيندي پنهنجي اولاد کي علم ڏياريو۔خود باجڪاڻي ۽ گجراڻي ذات جا نوجوان آهن، ٻنهي جي همٿائڻ ۽ همدردي سان آفيسر آهن، اڄڪلهه انهن جي گهرن ۾ اگر ايئرڪنڊيشن ۾ انهن جا وڏا ۽ اولاد آرامي آهن ته پڪ سان اهي دعائون انهن ٻنهي شخصيتن کي ابدي دنيا ۾ ضرور ملنديون۔
    اسانجا شعور وارا ماڻهو جڏهن پنهنجن ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏسي اسڪول وڃڻ تي انهن مرد مومن انسانن کي ضرور خراج تحسين پيش ڪندا هوندا۔
    الحاج جناب غلام مصطفيٰ صاحب غريب گهراڻي گدا علي باجڪاڻي جي گهر پيدا ٿيو۔مسڪيني حال ۾ ان وقت انجنيئر ڊگري وٺڻ ناممڪن چون پيا۔هن پاڻ ٻڌايو ته چار ڏينهن پئسا نه پهتا آئون ٻئي ويلا هڪ ڊڳڙي وٺي ڳڙ سان وڃي مسجد ۾ کائيندو هوس جيئن گڏ پڙهندڙ اميرن جا ڇوڪرا نه ڏسن۔
    هن نومبر 2007ع ۾ وصال ڪيو،هو(آبپاشي کاتي مان) سپرڱينڊنگ انجنيئر جي عهدي تان رڱائرڊ ٿيو،هن جي ڏاهپ ميٺ محبت انسان دوستي کان تمام گهڻا ماڻهو متاثر هئا۔هو اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه رهي ٿو، محترم شبير علي خان بجاراڻي، محترم عبدالحڪيم خان ايڊوڪيڱ ۽ ڊاڪٽر شاهل خان بجاراڻي صاحب کان علاوهه پري پري کان مدبر،ڏاها، دانشور، اديب تڏي تيآيا،جن چيو ته صاحب اسان وٽافيسر ٿي رهي ويو، هي اسان لاءِ آفيسر نه پر هڪ شفيق عزيز هو،اسان سان شادي غمي ۾ ڀائرن وانگر ايندو هو، ائين سمجهو ته برادري جو فرد هو،محترم شبير علي خان بجاراڻي ۽ محترم عبدالحڪيم خان بجاراڻي جن چيو ته غلام مصطفيٰ صاحب هڪ فرد نه پر هڪ ادارو هو، هن فاني دنيا ۾ ميٺ محبت فلاحي ڪمن کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه رهڻو آهي۔

    هي پرائڻ جي جڳهه آ، سڀ پرائي ويا هتان،
    هِت پرايئه ڪجهه نه ارڏا،هُت هڻين هٿڙا متان
    (ارڏو اترادي)


    محترم ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب

    محترم ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب
    محترم مشتاق احمد صاحب ولد الحاج جناب غلام مصطفيٰ باجڪاڻي صاحب تاريخ 18 آگسٽ 1957ع ۾ ڳوٺ حاجي گدا علي باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو۔هن پرائمري تعليم ڪامران خان باجڪاڻي مان پرائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان سال 1973ع ۾ مئثرڪ پاس ڪري ڪجهه وقت ڪيڊٽ ڪاليج پيڱارو ۾ پڙهيو، هي اسانجي ذات ۾ پهريون شاگرد ڪيڊٽ ڪاليج پهتو هو۔
    محترم ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب سال 83۔1982ع ۾ ايم بي بي ايس جي ڊگري وٺي 1987ع ۾ صحت کاتي ۾ نوڪري تي فائز ٿيو۔
    جناب ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب پنهنجي والد محترم وانگر انسان دوست صوم الصلوات جو پابند آهي کيس حج ڪرڻ جي سعادت به حاصل ٿي۔
    ڊاڪٽر صاحب هن وقت ضلع سکر تعلقه پنوعاقل ۾ ايم ايس آهي،هن جا ڱي پٽ گريجوئيٽ ۽ ٻيا نينگر ۽ نياڻيون علم جي زيور سان سينگاريل آهن۔


    محترم عابد حسين صاحب

    محترم عابد حسين صاحب
    محترم عابد حسين ولد محترم الحاج ڊاڪٽر مشتاق احمد صاحب سال 1975ع ۾ پيدا ٿيو،سال 1992ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر مان مئٽرڪ پاس ڪري 2002ع ۾ بي اي سول جي ڊگري حاصل ڪيائين،2005ع کان اسٽنٽ ڊائريڪٽر واڱر مئنجيمينڱ ۾ برسر روزگار ٿيو۔


    2۔محترم زاهد حسين صاحب

    2۔محترم زاهد حسين صاحب
    محترم جناب ڊاڪٽر الحاج مشتاق احمد صاحب جي گهر ۾ 1980ع ڌاران شهر ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو۔مهراڻ ماڊل اسڪول پنوعاقل مان 1997ع ۾مئٽرڪ پاس ڪري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان 2007ع ۾ بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين۔


    3۔محترم ڪاشف حسين صاحب

    3۔محترم ڪاشف حسين صاحب
    محترم ڪاشف حسين محترم الحاج مشتاق احمد صاحب جي گهر ڳوٺ حاجي گدا علي خان 1986ع ۾ جنم وٺي هن دنيا ۾ آيو،پرائمري پبلڪ اسڪول سکر ۽ الشهباز پبلڪ اسڪول پنوعاقل مان 2002ع ۾مئٽرڪ پاس ڪري ورتائين۔
    هن انسٽيٽيوٽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي سکر مان 2007ع ۾ بي بي اي جي ڊگر ي حاصل ڪئي۔


    محترم مير احمد”مير” صاحب

    محترم مير احمد”مير” صاحب
    محترم مير احمد عرف مير صاحب محترم الحاج غلام مصطفيٰ جن جي گهر ۾ پيدا ٿيو،هن جي پيدائش اٽڪل موجب 1967ع ڌاران ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي ۾ ٿي،هنمئٽرڪ 1977ع ۾ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ميرس مان ڪري سال 85۔1984ع ڌاران B.E جي ڊگري حاصل ڪري 1986ع ۾ جونيئر انجنيئر واپڊا اسڪارپ ۾ ٿيو۔
    محترم مير احمد صاحب کي اڪثر مير صاحب سڏيندا آهن،هن کي يارويس دوستي جو پڪو چون ٿا،هي جيئن ته خيرپور ميرس ۾ پڙهيو، هن تي مير علينواز”ناز”۽ محبوبه مائي بالي جي بنگلي وارن گلن جي خوشبو× اثر ڪيو۔هن جي پاڙي جا اڪثر ماده پرست ۽ روحانيت کان پري آهن۔
    چون ٿا ته مير احمد صاحب هڪ علم دوست گهراڻي مان پڙهيل محترمه سان پرڻو ڪيو،هي هن جي ٻي شادي آهي،اسانجي ذات وارن ڪيترن ئي ٻه شاديون ڪيون مگر اڪثر ذات کانسواءِ ٻئي عورت کي ڌاري جي نگاهه سان ڏسي ناخوشگوار ماحول پيدا ڪيو۔هوئن به اڄ جي دور ۾ هڪ کان وڌيڪ شاديون هڪ الميو آهي۔هوئن به ٻه ٺڪر ٺهڪندا آهن ان ماحول کي منهن ڏيڻ هر ڪنهن جي وس کان ٻاهر آهي۔ان ڪري مير صاحب،مائڱن کان هميشه لاءِ تمام پري رهي پيو۔
    ڪير سچو آ ، ڪير ڪچو آ،
    سنڌ اندر هي وڏو ڏچو آ۔
    (ارڏو اترادي)


    الحاج جناب نادر علي صاحب

    الحاج جناب نادر علي صاحب

    علم جو سيکاري سو استاد ٿئي،
    هي احسان انسان کي ياد ٿئي،
    اُٿي قوم جي گهر ڏيئو ٻار”ارڏا”
    تنهنجي روشني ساڻ آباد ٿئي۔
    (ارڏو اترادي)
    استاد ٿي علم ڏيڻ پيغمبري پيشو آهي،اڄڪلهه استاد اهو ٿئي ٿو جنهن کي ٻين ادارن ۾ نوڪري نه ٿي ملي، فقط پگهار وٺڻ يعنيٰ خيرات حاصل ڪري ٿو مگر دل و جان ۽ ايمان سان رزق ڪمائڻ جو خيال به ڪونه آهي۔
    پر جيڪڏهن اهي استاد بنا لوڀ لالچ، ذات پات، رنگ نسل ۽ منفي سوچ کان مٿانهون ٿي علم عطا ڪرن ٿا ته بيشڪ اهي ٻنهي دنيائن ۾ مان ۽ شان وارا ٿين ٿا۔
    اهڙي ئي بزرگ صفت انسان دوست استاد نماز روزي جي پابند، خير خواه الحاج جناب ناد رعلي باجڪاڻي جو ذڪر ڪريان ٿو۔
    الحاج جناب نادر علي بيبرڪ باجڪاڻي جي گهر ڪڏهن ۽ ڪهڙي ڏينهن پيدا ٿيو، ڄمڻ جي تاريخ لکڻ جو رجهان ڪونه هو، هو سنڌي فائينل يعنيٰ ست درجا پڙهي، پرائمري ٽيچر ٿيندي امتحان ڏيندي ترقي ڪندي انگريزي ماستر ٿي، ايس ڊي او جي عهدي تي سن 1996ع ۾ رڱائرڊ ٿيو،1968ع ۾ جڏهن آئون بورڊ جي امتحان(نائين ڪلاس)جي تياري پيو ڪريان،ان وقت ڪجهه هندو استاد 30 روپيه مهيني جي حساب سان شام جي ڱيوشن ڏيڻ لڳا،مون ان وقت 10 روپيه بورڊنگ في(10 روپيه غريب شاگردن لاءِ لوڪل بورڊ ڀريندو هو)جيڪا منهنجي مامي مولوي نورالدين “مسرور” جي چوڻ سان مير صبح صادق خان کوسي، مير سڪندر علي کوسي ڏانهن سفارش ڪري لکي موڪليو ته هي ڇوڪرو برابر غريب آهي اڌ في معاف ڪندا ۽ گهران مهيني ۾ پنج روپيه خرچي ملندي هئي سو ڱيوشن في ڪٿان آڻيان۔
    مون کي باباچيو ته بيبرڪ باجڪاڻي جو نينگر استاد آهي چون ٿا ته غريبن کي مفت پڙهائيندو آهي ان وٽ وڃ آئون ان وٽ گهر ويس،ان چيو ته سڀاڻي کان وٺي غوثپور هاءِ اسڪول جي رهائش وٽ ايندا رهو ۽ اتي ان جو ساٿي استاد محمد حنيف بروهي(تعلقه ڳڙهي خيري وارو)ان هاءِ اسڪول ۾ پڙهائيندو هيو، ان مهربان سائنس هال شام جو کولي سائنسي تجربا ڪرائيا ٻنهن مفت پڙهائيو۔
    بظاهر باجڪاڻي برادري جي ڇوڪرن سان گڏ پسگردائي وارن ۾ انجنيئري جو شوق جناب غلام مصطفيٰ صاحب ڪري ٿيو پر گهڻي محنت شعور ۽ ڀلائي الحاج جناب نادر علي صاحب جهڙي مرد مومن جي هئي۔جناب محمد حنيف بروهي صاحب هن وقت ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ سائنس جا ليڪچرار آهن۔
    اڃا به ڪي آهين، ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي
    (شاهه صاحب)


    محترم منظور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب

    محترم منظور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب

    سن 1963ع ڌاران ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي مان پرائي۔
    محترم منظور احمدمئٽرڪ سال 1978ع ۾ ڪمپرهنس هاءِ اسڪول خيرپور ميرس مان پاس ڪري B.E (آر سي ايڇ) مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو مان سال 1988ع ۾ پاس ڪري چوپائي مال جو واپار ڪرڻ شروع ڪيو۔


    محترم مسرور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب

    محترم مسرور احمد ولد الحاج نادر علي صاحب
    سنه 1971ع ڌاران ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،هن ابتدائي تعليم ساڳي ڳوٺ ۾ پرائي سال 1985ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان مئٽرڪ پاس ڪيائين۔محترم مسرور صاحب 1996ع ۾ ايم ايس سي ايگريڪلچر يونيورسٽي ڱنڊوڄام مان پاس ڪري 1996ع ۾ ئي بي ايڊ جي ڊگري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان به پاس ڪيائين۔محترم مسرور احمد صاحب 1997ع ۾ پي ايس ڱي ٿيو،هن وقت تائين درس ڏيئي رهيو آهي۔


    محترم خالد حسين ولد الحاج نادر علي صاحب

    محترم خالد حسين ولد الحاج نادر علي صاحب

    سن 1973۔3۔10 ۾ ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،هن ابتدائي تعليم به ساڳي ڳوٺ ۾ حاصل ڪري 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ سال 1998ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان B.E اليڪٽريڪل ۾ پاس ڪري 2000ع ۾ واپڊا حيسڪو ۾ لائين سپرٽيڊنٽ طور مقرر ٿيو۔


    محترم غلام سرور ولد ميرحسن خان

    محترم غلام سرور ولد ميرحسن خان
    جنم 1955۔3۔1 ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،هن ابتدائي تعليم به ساڳي ڳوٺ مان حاصل ڪري انگريزي پڙهڻ ويو۔(i)
    محترم غلام سرور صاحب 1987ع ۾ بي اي پاس ڪيائين،سال 1976ع ۾ رجسڱريشن آفيس ۾ ڪلارڪ ٿي،26سال نوڪري ڪري 2003ع ۾ رڱائرڊ ٿيو، چون ٿا ته هن آفيس جي ڪلارڪن وڏا پئسا ڪمائيا پر هن ماڻهو صرف ماڻهن جا ڪم ڪري پنهنجي ضلعي ۾ محبت دوستي حاصل ڪئي۔


    محترم ڊاڪٽر گل حسن صاحب

    محترم ڊاڪٽر گل حسن صاحب

    محترم گل حسن صاحب ولد حاجي ارصلاح خان باجڪاڻي تاريخ 7جون 1957ع ۾ حاجي گدا علي خان جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو۔پرائمري تعليم ڪامران خان باجڪاڻي مان پرائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان 1973ع ۾مئٽرڪ پاس ڪري 1983ع ۾لاڙڪاڻو ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس جي ڊگري ورتائين۔10سيپٽمبر 1987ع ۾ تعلقه ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ ڊاڪٽري نوڪري تي فائز ٿيو۔
    محترم گل حسن صاحب،انسان دوست هر دل عزيز بي وڏائي نماز جو پابند الله لوڪ حد کان وڌيڪ سادو سودو آهي، هر ڪنهن تي اعتبار ڪرڻ سان زماني ۾ گهڻو پوئتي رهيو آهي وري به سياڻن جو قول آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي آهي مگرٻڏندي ناهي۔


    محترم امجد حسين صاحب

    محترم امجد حسين صاحب
    محترم گل حسن صاحب جو فرزند امجد حسين 2 مارچ 1980ع ۾ پيدا ٿيو۔پبلڪ اسڪول سکر مان مئٽرڪ پاس ڪري 2006ع ۾ الڪڱريڪل ۾ بي اي جي ڊگري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه سنڌ مان حاصل ڪيائين۔


    محترم منور حسن ولد حاجي ارصلاح خان

    محترم منور حسن ولد حاجي ارصلاح خان
    05 اپريل 1979ع ۾ ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي، تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو۔هن پرائمري تعليم ساڳي ڳوٺ ۾ ئي پرائي سال 1994ع ۾مئٽرڪ جو امتحان گورنمينٽ هاءِ اسڪول بالاچ خان ڏاهاڻي مان پاس ڪيائين۔
    هن 2007ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي اردو ۾ پاس ڪئي۔هن وقت سکر ڊويزن ۾ عارضي طور 11 گريڊ ۾ ڊيٽا ڪليڪٽر لائيو اسڱاڪ مارڪيڱنگ پراجيڪڱ ۾ سروس ڪري پيو۔


    محترم ظهيرالدين صاحب

    محترم ظهيرالدين صاحب
    2 مارچ 1970ع ۾ محترم ظهير الدين صاحب ولد حاجي ارصلاح خان باجڪاڻي حاجي گدا علي خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ان ئي ڳوٺ ۾ پرائمري پنج درجه پاس ڪري نائين درجي تائين سيڪنڊري پائلٽ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو۔ان وقت محترم الحاج غلام مصطفيٰ صاحب جي نوڪري لاڙڪاڻي ۾ هئي۔تعارفي سلسلي مان خبر پوي ٿي ته جتي جتي نوڪري ڪيائين اڪثر ڪڱنب جا ٻارڙا پاڻ سان وٺي ويندو هيو ۽ اتي انهن کي پنهنجي سنڀال نگراني ۾ تعليم ڏياريندو هيو۔محترم ظهيرالدين صاحبمئٽرڪ سال 1984ع ۾ پاس ڪري 1994ع ۾ بي اي جي ڊگري اليڪٽريڪل ۾ پاس ڪيائين،سال 1996ع ۾ هري پور هزاره ۾ پي ٽي سي اسٽنٽ ڊويزنل انجنيئر طور ٽريننگ ڪري پهرين پوسٽنگ پنوعاقل ضلع سکر ۾ ٿيس۔هن وقت ڪراچي ۾ سروس ڪري پيو۔محترم ظهير الدين صاحب تي گهڻو محترم الحاج غلام مصطفيٰ صاحب جن جو اثر انسان دوستي ۽ همدردي وارو آهي۔


    محترم فضل الدين صاحب،ولد حاجي ارصلاح خان

    محترم فضل الدين صاحب،ولد حاجي ارصلاح خان
    سال 1968ع ڌاري ڳوٺ گدا علي خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم به اتي ڪيائين 1983ع ۾ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول غوثپور مان مئٽرڪ پاس ڪيائين۔1989ع ۾ ايڪنامڪس ۾ گريجوئيٽ ٿيو ۽ هنيئر انگريزي استاد آهي۔


    محترم محمد اسلم ولد محمد حيات خان

    محترم محمد اسلم ولد محمد حيات خان
    محترم محمد اسلم پهرين فيبروري 1974ع ۾ ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي ئي ڳوٺ مان ابتدائي تعليم پرائي،مئٽرڪ غوثپور مان 1990ع ۾ ڪيائين ۽ بي اي جي ڊگري 1994ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪري سال 1995ع ۾ گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن(واپڊا)۾ نوڪري ڪرڻ شروع ڪئي۔هنيئر گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾ اڱيڊنڱآهي۔


    محترم غلام محمد صاحب

    محترم غلام محمد صاحب
    محترم غلام محمد ولد مرزان خان باجڪاڻي اسانجي ذات باجڪاڻي جي شجري مطابق وڏ گهراڻي سان تعلق رکندڙ هڪ مدبر ۽ همدرد انسان آهي۔هي شخص سنه 1948ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي، ديهه انڙ تعلقه تنگواڻي ۾ پيدا ٿيو۔هن پرائمري تعليم به ساڳي ئي ڳوٺ مان پرائي،مئٽرڪ سال 1966ع ۾ اڳوڻو لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جيڪو هاڻوڪو گورنمينٽ هاءِ اسڪول تنگواڻي آهي ان مان پاس ڪئي ۽ بي اي سال 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري ايل ايل بي سال 1976ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآبادمان پاس ڪيائين۔
    محترم غلام محمد صاحب 1975ع ۾ بئنڪ يو بي ايل ۾ آفيسر ٿيو ۽ ڊسمبر 2007ع ۾ آفيسر گريڊون(مئنيجر)ٿي رڱائرڊ ٿيو۔


    محترم فيض محمد صاحب ولد مرزان خان

    محترم فيض محمد صاحب ولد مرزان خان
    سنه 1964ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان ۾ پيدا ٿيو ۽ابتدائي تعليم به انهيءَ ڳوٺ جي اسڪول مان پرائي،مئٽرڪ 1981ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين ۽ بي اي سال 1990ع ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي ڱنڊوڄام مان پاس ڪيائين۔
    محترم فيض محمد صاحب1993ع کان سب انجنيئر واڱر مئنجيمينڱ ڊپارٽمينٽ ۾ سروس ڪرڻ شروع ڪئي ۽ اڃان تائين ان ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي۔


    محترم عبدالحفيظ ولد امام بخش خان

    محترم عبدالحفيظ ولد امام بخش خان
    سنه 1980ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول ميان داد خان بهلڪاڻي مان پرائي،مئٽرڪ سال 1995ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀٽائي ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين۔
    محترم عبدالحفيظ تعليم جاري رکندي بي اي سال 1999ع ۾ ۽ ايم اي ايڪنامڪس سال 2002ع ۾ ساڳي يونيورسٽي شاهه عبدالطيف خيرپور ميرس مان پاس ڪري 2008ع ۾J.S.Tطور مقرر ٿيو۔


    محترم اشفاق احمد

    محترم اشفاق احمد

    محترم اشفاق احمد ولد مرزان خان باجڪاڻي سال 1969ع ۾ ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو۔محترم اشفاق احمد پڻ گريجوئيٽ آهي۔


    محترم زبير احمد صاحب

    محترم زبير احمد صاحب

    محترم زبير احمد صاحب ولد مرزان خان باجڪاڻي سنه1972ع ۾ ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽انهيءَ ئي ڳوٺ جي اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي۔مئٽرڪ سال 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين۔
    محترم زبير احمد صاحب بي اِي سال 1998ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري سال کان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو آهي۔


    محترم محمد يوسف ولد غلام محمد صاحب

    محترم محمد يوسف ولد غلام محمد صاحب

    سنه 1984ع ۾ ڳوٺ ڪامران خان ۾ پيدا ٿيو ۽ ابتدائي تعليم ميان داد بهلڪاڻي اسڪول مان پرائيمئٽرڪ سال 1999ع ۾ ڀٽائي هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين۔
    محترم محمد يوسف 2004ع ۾ پولي ڱيڪنيڪل ڪاليج جيڪب آباد مان ڊپلوما ڪري بعد ۾ بي اي سال 2008ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين۔
    في الحال ورڪس اينڊ سروس ڊپارٽمينٽ ۾ بطور سب انجنيئر ڪم ڪري رهيو آهي۔


    محترم جناب علي مراد صاحب

    محترم جناب علي مراد صاحب
    محترم جناب علي مراد ابن دلشاد خان باجڪاڻي سن 6 آگسٽ 1956ع ۾ ڳوٺ الھ وڌايو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ساڳي ئي ڳوٺ ۾ پرائي 1972ع ۾ مئٽرڪ گورنمنٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقو ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪري انٽر سي اينڊ ايس شڪارپور مان 1981 ۾ ڄامشورو مان گريجوئيٽ ٿيو.
    محترم علي مراد صاحب 1982ع ۾ ملازمت اختيار ڪئي هنيئر ڊپٽر ڊائريڪٽر اي ڊي اي اسلام آباد آهي، محترم علي مراد صاحب ماٺيڻي طبعيت نماز روزي جو پابند فقير آهي، حضرت عاليجاه حافظ محمد صديق رحمة الله ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي جن جي خاص الخاص طالبن منجھان آهي. مٿس سجاده نشين حضرت قبلا سائين ميان عبدالخالق صاحب جن جي وڏي شفقت حاصل آهي، چوندا آهن ته سائين جن جڏهن اسلام آباد ويندا آهن ته هن جي بنگلي تي رحمت جي پالوٽ ٿيندي آهي ۽ هو هو جو آواز هلندو آهي.


    محترم عرفان علي ولد امداد علي

    محترم عرفان علي ولد امداد علي
    سن 1982ع ڌاران ڳوٺ الھ اڏيو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان پرائي گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان 1997ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 2003ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجوئيٽ ٿيو.


    محترم جناب اميربخش صاحب

    محترم جناب اميربخش صاحب
    محترم اميربخش صاحب الله بخش باجڪاڻي جي گھر پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ سخي پير جان خان باجڪاڻي ۾ پڙهيو. جنم جي تاريخ اسڪول جي رجسٽر موجب 1950 آهي. انٽر سکر ڪاليج مان پاس ڪري انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو سنڌ مان سال 1977ع ۾ BE ڪري اول پرائيوٽ ڪمپنين ۾ ٻه سال ڪم ڪري 1980 ۾ سي ڊي (اسلام آباد) ۾ رهڻ بعد 1988 ۾ ايف آءِ اي ۾ رهيو انکانپوءِ 1991ع ڌاران سي ڊي اي ۾ ڊائريڪٽر ٿي اڄ تائين اُتي ئي ڪم ڪري رهيو آهي.
    محترم اميربخش جا ٻه ڀائر منيرحسن ۽ شبير هسن پڻ ٻئي گريجوئيٽ آهن، ان کانسواءِ محترم اميربخش صاحب جا ٻه پٽ اجمل ۽ نشاط ٻئي گريجوئيٽ آهن، هوئن ته خير سان سڄو گھر تعليم يافته آهي.
    محترم اميربخش صاحب آفيسر گھٽ يارويس تمام گھڻو آهي، هن جي ٻي اوطاق آفيس آهي.


    محترم جناب اڪبر علي صاحب

    محترم جناب اڪبر علي صاحب
    ديا ۾ انسان دوست صوفي منش ماڻهو اڄڪلھ تمام ٿورا رهيا آهن، اهڙي پياري پرين محترم جناب اڪبر علي صاحب کي جڏهن فون ڪيم ته آئون هڪ تعارفي ڪتاب لکي رهيو آهيان جيڪو اوهان ۽ عزيزم محترم ڪرم الله صاحب جي تعارف کانسواءِ اڌورو ليکيو ويندو، جواب ۾ چيائين ته يار تعارف ڇاپي ڇا ڪندين؟ چار دن ڪي چاندني ڦر انڌيري رات“ اهڙا تعارفي ڪتاب انهن شيخن ۽ ميمڻن ۽ ٻين ذاتين جا لککجن جن پي_ايڇ_ڊي ڪئي. اسانجي معمولي ڊگرين تي به ڪافي ذاتيون ۽ زميندار خوش نه آهن. اگر اسان ايڏا وڏا عالم، دانشور، فيلسوف ۽ سائنسدان ٿيون ها ته حاسد مارائي ڇڏن ها. هينئر به سامراجي چال سان قبيلائي جھڳڙا چوٽ چڙهيل آهن. علم شعور تباھ پيو ٿئي، چيم ته هي منهنجو ڪتاب نئين نسل ۾ علم لاءِ اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ آهي. جيڪي ڪجھ اسين آهيون يا نه آهيون مگر تاريخ جي ورقن ۾ اسان ۽ اسانجا ماڳ مڪان هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندا ۽ هي تاريخي تعارفي ڪتاب پڙهي خدا ڪري ڏيھ پرڏيھ جا علم دوست انسان دوست پاڻ ۾ جذبو پيدا ڪن. هو پنهنجي پنهنجي سموري ذات، قبيلي، قوم لاءِ قلم کڻي ادب ۾ واڌارو آڻين. ڀلا انگريزن کي اسان جي سنڌ جي سڀيتا تي لکڻ مان ڪهڙو لاڀ حاصل ٿئي پيو. ڇا انهن جي ڪتابن جا حوالا اسانجي تاريخدان ڏيئي انهن جا نالا زنده نه ڪيا آهن؟ اهڙن ڪتابن مان لکڻ جي لاڀ کي زمان ۽ مڪان جي حوالي سان ليکڪ ئي ڄاڻن خير جو ڪم ڏسڻ ۾ ننڍڙو ۽ معمولي نظر نه ايندو آهي، اهو فيصلو وقت تي ڇڏيون ٿا.
    محترم جناب اڪبرعلي صاحب ولد لعل بخش خان باجڪاڻي پنهنجي اباڻي ڳوٺ سخير پير جان خان باجڪاڻي ۾ سال 1954ع ڌاران پيدا ٿيو. انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ پرائمري تعليم پرائي، سال 1970ع ۾ مئٽرڪ ڪنڌڪوٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪري ورتائين، 1977ع ۾ انجنيئرنگ سول جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان جيئن حاصل ڪيائين ۽ پوءِ هي ان ئي سال منگلا پاورپلانٽ ۾ آفيسر ٿيو.
    سال 1978ع ۾ گڊو ٿرمل پاور هائوس سنڌ ۾ روسي يونٽ پلانٽ 3 ۽ چئنا يونٽ 4 جو ڪم پورو ڪرايو، سال 1998ع ۾ ڄامشورو حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر ٿيو، هن وقت ميراڻي ڊيم تربت بلوچستان پروجيڪٽ ۾ 19 هين گريڊ ۾ خدمتون سر انجام ڏيئي رهيو آهي.


    محترم عمران اڪبر صاحب

    محترم عمران اڪبر صاحب
    محترم عمران اڪبر ولد محترم اڪبر علي صاحب باجڪاڻي سن 1982ع ڌاران ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم پبلڪ اسڪول گڊو مان حاصل ڪئي مئٽرڪ 1997ع ۾ پاس ڪري BE سال 2006ع ۾ مڪينيڪل شعبي ۾ پاس ڪري هينئر في الحال پرائيوٽ ڊسڪون ڪمپني ڏهرڪي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


    محترم جميل احمد صاحب

    محترم جميل احمد صاحب
    محترم جميل احمد ولد محترم سائين امداد علي جي گھر ۾ 8 فيبروري 1980ع ۾ جنم ورتو، هن پرائمري تعليم ڳوٺ حاجي الھ اڏيو خان ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ 1995ع ۾ گورنمينٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول غوثپور مان ۽ بِي_اِي سول قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان 2003ع ۾ پاس ڪئي.
    محترم جميل احمد صاحب 2007ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور (سول) سي ڊي اي اسلام آباد ۾ ملازمت شروع ڪئي.


    محترم فائق علي صاحب

    محترم فائق علي صاحب
    محترم فائق علي ولد سڪندر علي باجڪاڻي سن 1980ع ڌاران ڳوٺ حاجي الھ اڏيو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم وٺي مئٽرڪ 1995ع ۾ گورنمنٽ هائير سيڪنڊري اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي. محترم فائق علي صاحب سن 2003ع ۾ قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان بي_اي ڪري سال 2007ع ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سي_ڊي_اي اسلام آباد ۾ ملازمت شروع ڪئي.


    محترم معشوق علي ولد عبدالغفار صاحب

    محترم معشوق علي ولد عبدالغفار صاحب
    محترم معشوق علي 2 فيبروري 1983ع ۾ ڳوٺ حاجي الھ اڏيو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. مئٽرڪ 2001ع ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين. سال 2007ع ۾ بي اِي قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان پاس ڪيائين.
    محترم معشوق علي جو والد محترم هڪ ادب دوست شاعر روشن خيال اسسٽنٽ انجنيئر هو مگر جلد بقاءِ واري ملڪ ڏانهن هليو ويو، افسوس انجي شاعري ملي نه سگھي.


    محترم شڪيل احمد ولد عامل خان

    محترم شڪيل احمد ولد عامل خان
    سن 1967ع ۾ ڳوٺ سخي پيرجان خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪري مئٽرڪ سال 1983ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين، هن سال 1994ع ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جو امتحان پاس ڪيو، محترم شڪيل احمد 27 آگسٽ 1995ع ۾ نيشنل بيڪ آف پاڪستان ۾ ڪيشيئر مقرر ٿيو. شڪيل احمد کي والدين دعا ڪئي ته پٽ جڏهن وڏو ٿيندين پئسن جا انبار اڳيان هوندئي هنيئر ايتري قدر مصروف آهي جو دوستن، عزيزن جي سڏڻ تي به مشڪل سان ڪنڌ ڦيرائي ڏسندو آهي، نظر پئسن ۾ سڀني سڏيندڙن کي سڄو ڏينهن پيو جيءُ جيءُ چوندو آهي.


    محترم فضل محمد ولد محمد مبارڪ

    محترم فضل محمد ولد محمد مبارڪ
    سن 4 اپريل 1956ع ۾ ڳوٺ الھ اڏيو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم ان ڳوٺ مان پرائري مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪري بي اي 1984ع ۾ ۽ ايم_اي سال 1992ع ۾ پاس ڪري ورتائين.
    محترم فضل محمد گريجوئيٽ ٿيڻ کان اڳ ۾ 1976ع ۾ پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪئي ۽ 1995_96ع ۾ بي_ايڊ جو امتحان ڏيئي هڪ بهترين استاد ٿيڻ لاءِ قابليت وڌائي، سال 1977ع کان استاد ٿيو ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ سپروائيزر آهي.


    محترم قلندربخش ولد محمد مبارڪ خان

    محترم قلندربخش ولد محمد مبارڪ خان
    سن 1985ع ڌاران ڳوٺ حاجي الھ اڏيو خان باجڪاڻي، تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم مير رحمدل خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پرائي، مئٽرڪ 2001ع ۾ دليجان خان ملڪ مان پاس ڪيائين، هڪ شاعر جي ناتي سان تعارف لکان ٿو. محترم قلندربخش جو ادبي ميدان ڏانهن وڌيڪ لاڙو ٿيو، هن جا خط پٽ شاعري هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن اخبار ۾ (بقول هن جي) ڇپجي ٿي. هن وقت ڪهاڻي ”دل جو درد“ هڪ سؤ صفحن تي لکيل آهي. محترم قلندربخش غزل ۽ وائي جو سٺو شاعر آهي، هتي غزل جون ڪجھ سٽون پيش آهن.
    اداس قلندر باجڪاڻي
    روئندي روئيندي گذريو جيون،
    هاءِ! خزان ۾ اجڙيو جيون،

    اوکي راھ م تڙپي تڙپي،
    عشق ڪڙن ۾ جڪڙيو جيون،

    مرڪي مرڪي جنهن کي ساريم،
    نيٺ ته پنهنجو وسريو جيون،

    توکي روز پڪاري ”قلندر“،
    پنهنجي شهر ڏي سنبريو جيون.


    محترم جواد احمد

    محترم جواد احمد
    محترم جواد احمد ولد محترم شهيد شجاعت علي جي گھر ۾ 1987ع ۾ جنم ورتو، هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ الھ اڏيو خان باجڪاڻي تعلقه تنگواڻي مان ڪئي، مئٽرڪ سال 2002ع ۾ دليجان خان ملڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان پاس ڪري بي ڪام ۽ ايم ڪام سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان پاس ڪري ورتائين.
    هن 2011ع ۾ هينڊس اين جي اوز ۾ نوڪري وٺي پنهنجي ڪٽنب لاءِ گذر معاش سان وقت جي گاڏي کي گيڙي رهيو آهي، جتي پياري پاڪستان ۾ لياقت کي ماريو ويو اتي سنڌي ويچارا اعليٰ عهدن تائين پهچڻ جو خواب به نٿا ڏسي سگھن.


    محترم محمد شعبان صاحب

    محترم محمد شعبان صاحب
    محترم جناب محمد شعبان ولد ڪامران خان باجڪاڻي سال 1945ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ مان پرائي، تنهن بعد مئٽرڪ سال 1966ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪيائين ۽ بي اي سول ۾ سال 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان پاس ڪري ورتائين.
    محترم جناب محمد شعبان صاحب انهيءَ ئي سال 1975ع ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪل گورنمينٽ ۾ ايس ڊي او ٿيو ۽ سال کان پوءِ واپڊا سول ايس ڊي او ۽ سال 2005ع ۾ انجنيئر جي عهدي تي رٽائرڊ ٿيو.
    محترم جناب محمد شعبان صاحب يونيورسٽي دوران شاگرد يونين ۽ قوم پرست ليڊر رهيو، ان دوران سندس خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا جيڪي ڊگري وٺڻ کانپوءِ به هلندا رهيا. جيڪي صوفي لا ڪوفي فياضي فقير حضرت بابا شاھ ڏنا رحمة الله عليه جن جي دعا سان ختم ٿيا.
    محترم جناب محمد شعبان صاحب جن تي گھڻو صوفي ازم جو اثر رهيو، جنهن ڪري هو پيار امن، محبت ۽ ڀائيچاري ۽ انسان دوستيءَ جو قائل آهي، هن پنهنجي پونئرن ڀائيٽن ۽ ٻين ڪيترن ئي غريبن کي تعليم ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي. هينئر رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪنهن ڪمپني ۾ قابليت ڪري انجنيئر پڻ آهي.


    محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه

    محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه
    آئون تعارف تحرير ڪرڻ کان اڳ ڪُجھ حقيقت عرض ڪريان ٿو، اتر سنڌي جي بلوچ قبائل جا ماڻهو نياڻين کي سائنسي تعليم يعنيٰ انجنيئري، ڊاڪٽر، فلاسافي يا ڪنهن شعبي ۾ اعليٰ تعليم ڏيارڻ جي حق ۾ ڪو هڪ اڌ گھراڻو مشڪل سان هجي.
    هتي آئون پنهنجي ذات واري ماڻهو جي زباني پيش ٿو ڪريان هن ٻڌايو ته اسانجي ملڪ جي نياڻي ننڍي هوندي کان سندس ڀائيٽي جي نالي ٿيل هُئي، جڏهن هيءُ ڇوڪري انٽرسائنس تائين پڙهي ته اسان ڀڄ ڊڪ ڪري بورڊ کان وڃي مارڪون گھٽائي آياسون، ان لاءِ ته متان هوءَ ڊاڪٽري ۾ چونڊجي وڃي ۽ پوءِ اسانجو صاحب اسانجي هڪ به نه ٻڌي. سو سڄو معاملو ان لاءِ اسان ڪيو ته اها ڇوڪري ٻاهرين ڪاليجن ۾ نه پڙهي. جتي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ ڊاڪٽري پڙهندا آهن. ۽ ٻه چار درجه پڙهڻ ڪافي آهي ۽ اسانجي گھر ۾ اچڻ واري ٻاهر نه پڙهي.
    اهڙي ريت هڪ ٻيو واقعو آهي ته اسانجي ضلعي ۾ هر پنجين ميلن تي سردار آهن ۽ سياستدان پڻ آهن. انهن سياستدانن مان هڪ لائق انسان پنهنجي نياڻي ڊاڪٽري تائين پڙهائي. جڏهن ان محترمه سائڻ جي شادي پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪرائي وئي ۽ انهي محترمه پنهنجي جاگيردار مڙس کي چيو ته، اسانجي ضلعي ۾ جديد ٽيڪنالاجي واري ڪلينڪ ڪانه آهي. وڏي سفر کانپوءِ نياڻيون ٻين ضلعن ۾ لاعلاج حالت ۾ کڻائي وڃن ٿيون. ڇونه پنهنجي ڀر واري زمين تي اڏيل محل ۾ اهڙو شفا خانو کوليون آئون هيترا سال علم به پرائي چڪي آهيان ۽ انجو فائدو قوم کي ملي. تنهن تي هن انڪار ڪيو ۽ عظيم سوچ واري شهزادي کي گھريلو عورت بڻائي ويهاري ڇڏيو ته اسانجو شان نه آهي.
    مٿئين حقيقت کي نظر ۾ رکي سوچيو ته ڪا وچولي طبقي يا هيٺين طبقي جي نياڻين جي وارثن ۽ پٺ تي پيل ضلعي جي ماڻهن جو ڇا حال هوندو، جيڪڏهن ڪو باشعور فرد پنهنجي نياڻي پڙهائيندو ته اول سو ڀيرا سوچيندو ته اسانجا عزيز قريب ۽ ڀرپاسي وارا سردار وڏيرا خوامخواه به اڱريون کڻندا ۽ ڪنهن نه ڪنهن جاهل ماڻهوءَ جا ڪن ڀري بي ڏوھ مارائي ڇڏيندا، پوءِ تنهن تي ويڙهائي قبيلن جون تباهيون ڪرائيندا، ان ذهني پيڙاءُ ۾ سنڌ سڄي پيڙهجي ٿي خير..
    محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه هن علائقي جي اها خوش نصيب مهان عورت آهي، جنهن ڪامران خان باجڪاڻي جي ڪوٽ ۾ محترم محمد حسن جي گھر ۾ سن 1978ع ۾ جنم وٺي ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان پرائي مئٽرڪ 1994ع ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول غوثپور مان ۽ اتان ئي انٽرسائنس پاس ڪري ايم بي بي ايس پڙهڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻه پهتي ۽ 2003ع ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي.
    بقول هن ڊاڪٽر صاحبه جي ته منهنجي اها خوشنصيبي آهي ته مونکي بابا سائين ۽ محترم جناب چاچا سائين محمد شعبان صاحب جهڙا علم دوست روشن خيال انسان الله پاڪ عطا ڪيا. جن مونکي نه صرف گھر ۾ اسپتال کولي ڏني پر 2007ع کان پي پي ايڇ آءِ هيلٿ سينٽر تي نوڪري ڪرڻ جي به اجازت پڻ ڏني جتي آئون پنهنجي وارثن سان گڏ ڪار تي ويندي آهيان . ان ۾ وڏن جو چوڻ آهي ته اڪثر سنڌ جون غريب عورتون مهانگائي واري دور ۾ خانگي اسپتالن ۾ علاج لاءِ نه ٿيون اچن. اگر خلق خدا جي خدمت ڪجي ته پوءِ ڇو نه گھر کان ٻاهر قدم رکجي. اهڙي ريت سنڌي نياڻين خاص ڪري اتر سنڌ جي نياڻين لاءِ راھ هموار ڪرڻ نيڪ نيتي سان هڪ قدم اڳتي وڌائڻ عزت ۽ عظمت جي لائق آهي.
    محترمه ڊاڪٽر سڪندره صاحبه جهڙي باعزت پروقار اڏول انقلابي نياڻي تي نه صرف ذات باجڪاڻي بلڪه سنڌي سماج کي فخر هجڻ کپي اهڙين سمورين نياڻين تي رحمد جي چادر شال رب العزت هميشه دائم قائم رکي. (آمين)


    محترم غضنفر علي ولد محترم محمد شعبان صاحب

    محترم غضنفر علي ولد محترم محمد شعبان صاحب
    سن 4 فيبروري 1980ع ۾ ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ جنم وٺي ساڳي ئي پنهنجي ڳوٺ ۾ ابتدائي تعيم حاصل ڪئي 1995ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڊو مان پاس ڪيائين، سندس ڇهين ڪلاس ۾ ڪلاس ٽيچر آءٌ هيس. هن بي اي سال 1999ع ۾ ۽ ايم اي ايڪنامڪس ۾ 2003ع ۾ ايل ايل بي سال 2006ع ۾ ساڳي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪري ورتائين.
    محترم غضنفر علي صاحب 2003ع کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت سکر ۾ جج جو ريڊر آهي.


    ”مير“ محسن علي ولد محترم محمد شعبان صاحب

    ”مير“ محسن علي ولد محترم محمد شعبان صاحب
    محترم مير صاحب 13 فيبروري 1983ع ۾ ساڳي پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ جنم ورتو ابتدائي تعليم واپڊا پبلڪ اسڪول گڊو ۾ پڙهي مئٽرڪ 1998ع ۾ غوثپور هاءَ اسڪول مان پاس ڪيائين. بي ڪام سال 2005ع ۾ ۽ ايم اي ايڪنامڪس 2005ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.


    محترم ظفر الله ولد دادن خان

    محترم ظفر الله ولد دادن خان
    محترم ظفر الله 1968ع ڌاران جنم وٺي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ڪامران خان ۾ پرائي، مئٽرڪ سال 1982ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي، بي ايس سي سال 1989ڳ ۾ ۽ ايم ايس سي 1992ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪري ايل ايل بي به ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتائين. محترم ظفر الله بي ايڊ 1996ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ايم ايڊ سال 2001ع ۾ الخير يونيورسٽي آزاد ڪشمير مان پاس ڪيائين. محترم ظفر الله 1993ع کان بطور سائنس ٽيچر تي تعليم کاتي ۾ آيو، هينئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ يعني سترهين گريڊ ۾ مقرري جي انتظار ۾ آهي. ڌڻي پاڪ شال ڪامياب ڪريس (آمين) محترم ظفر الله هڪ باهمت جفاڪش زمانه گشت انسان آهي.


    محترم غمٽار صاحب

    محترم غمٽار صاحب
    محترم غمٽار ولد محمد ابراهيم خان باجڪاڻي سن 1961ع ڌاران ڳوٺ ڪامران باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم به ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ حاصل ڪئي مئٽرڪ 1977ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪري بي ايس سي سال 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين ايم اي سال 1988ع ۾ ايڪنامڪس ۾ پاس ڪئي.
    محترم غمٽار سال 1983ع ۾ ويڪسينيٽر ٿيو، سال 1986ع ۾ وري ايڇ ايس ٽي سائنس ٽيچر ٿيو، انکانپوءِ 1989ع ۾ ريسرچ ورڪس اينڊ سرورس آفيسر ٿيو.


    محترم اسدالله ولد غمٽار صاحب

    محترم اسدالله ولد غمٽار صاحب
    سن 1983ع ۾ ڳوٺ ٻيڙو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، ابتدائي تعليم فيض محمد خان ڏاهاڻي مان پاس ڪري مئٽرڪ 2002ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول بالاچ خان ڏاهاڻي مان پاس ڪئي.
    محترم اسدالله هن وقت بي اي سول قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان آخري سال جو امتحان ڏيڻ جا فارم ڀرائي چڪو آهي، الله پاڪ کيس ڪامياب ڪري . (آمين).


    محترم عبدالله ولد غمٽار صاحب

    محترم عبدالله ولد غمٽار صاحب
    سن 1981ع ۾ ڳوٺ ٻيڙو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم فيض محمد خان ڏاهاڻي اسڪول ۾ پرائي مئٽرڪ سال 1996ع ۾ گونرمينٽ هاءِ اسڪول بالاچ خان ڏاهاڻي مان پاس ڪئي. ان کانپوءِ بي اي سال 2004ع ۾ قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان سول انجنيئرنگ ۾ پاس ڪيائين.


    محترم قدرت الله (مالماڻي)

    محترم قدرت الله (مالماڻي)
    محترم قدرت الله ولد غلام محمد باجڪاڻي سن 1989ع ڌاران ڳوٺ حسيب خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم به ساڳي ڳوٺ 2005ع ۾ انٽرپاس ڪري بي بي اي ورچوئل يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪري گھر واپس آيو. سال 2011ع ۾ هينڊس اين جي اوز ۾ عارضي نوڪري ڪري رهيو آهي.
    افسوس جو سنڌي قوم مالي مشڪلاتن ڪري اڳتي تعليم جاري نٿي رکي سگھي، ان نفسانفسي جي دور ۾ ڪو غريب حالت ۾ مدد نٿو ڪري سگھي نه ته اهڙن هوشيار ڇوڪرن جي اڃان پڙهڻ جي عمر آهي. شال رب پاڪ مدد ڪرين. (آمين).



    مرحوم عبدالعزيز خان ولد محمد مريد خان

    مرحوم عبدالعزيز خان ولد محمد مريد خان

    سن 1970ع ۾ هن ئي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن ئي ڳوٺ ۾ (راقم الحروف)وٽان پرائمري تعليم حاصل ڪري انگريزي پڙهڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي(چيف سردار مير سندر علي سندراڻي)مان 1986ع ۾مئٽرڪ پاس ڪئي 1998ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان بي اِي ۽ ايم اي ايڪنامڪس شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڊگري وٺي واپس گهر آيو۔نوڪري ملڻ کان اڳ ۾ 27 ڊسمبر 1998ع ۾ هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو۔انا الله وانا عليه راجعون۔


    محترم جناب عبدالڪريم ولد محمد مريد خان

    محترم جناب عبدالڪريم ولد محمد مريد خان
    اسڪول رڪارڊ موجب 1973ع ۾ هن ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ هن ئي پرائمري اسڪول مان(راقم الحروف)وڱ پنج درجه سنڌي پاس ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان 1987ع ۾مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 1999ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان بي اِي ڱئين پوزيشن ۾ حاصل ڪري ورتائين۔هينئر واپڊا اليڪٽرڪ سڱي لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ آفيسر آهي۔


    محترم عبدالستار ولد محمد مريد خان

    محترم عبدالستار ولد محمد مريد خان

    سن 1975ع ۾ هن ئي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽پرائمري تعليم هن ئي ڳوٺ مان پرائي مئٽرڪ سال 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان پاس ڪيائين سال 1998ع دڙي ۾ ايم اي پاس ڪيائين، هينئر واپڊا اليڪٽرڪ سڱي ۾ ميٽر ريڊر آهي۔
    محترم محمد مريد خان جو ننڍو فرزند عبدالغفار سال 2005ع ۾ پوليٽڪنيڪل ڪاليج جيڪب آباد مان ڊپلوما ڪري واٽر مئنجمينڱ ۾ سب انجنيئر آهي۔ ان کان علاوهه محمد مريد جون ٻئي نياڻيون علم جي زيور سان نوازيل آهن۔


    محتر م خاوند بخش ولد محمد نواز خان

    محتر م خاوند بخش ولد محمد نواز خان

    سن 1981ع ۾ هن ئي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم هتان ئي حاصل ڪريمئٽرڪ 1996ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان پاس ڪيائين بي ايس سي آنر ۽ ڪمپيوڱر(پنجاب)مان پاس ڪري پبلڪ اسڪول ۾ استاد آهي۔هن کان وڏو ٻيو ڀاءُ محترم امام بخش ڊپلومه پاس ڪري واپڊا ٿرمل گهر مظفرڳڙهه پنجاب ۾ اڱينڊنڱ آهي۔


    محترم جناب حفيظ الله ولد سونهارو خان

    محترم جناب حفيظ الله ولد سونهارو خان

    محترم حفيظ الله سن 4 مئي 1975ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هتان جي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري سال 1990ع ۾مئٽرڪ هاءِ اسڪول دڙي(چيف سردار مير سندر خان سندراڻي)مان پاس ڪري سال 1994ع ۾ بي ايس سي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ۽1999ع ۾ ايم اي اڪنامڪس ۾ ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتائين۔هنيئر ايل ايل بي جي آخري سال ۾ آهي۔
    محترم حفيظ الله فياضي درگاهه انباهه شريف(چڪ)(i) وارن جي مکيه طالب حضرت بابا شاهه ڏنه رح صوفي لاڪوفي فقير سائين جن جي سجاده نشين حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله سائين جن جو طالب ٿيو۔الله پاڪ شال پنهنجي هادي جي نظرِ ڪرم سان استقامت عطا ڪري(آمين)۔

    (i)فياضي درگاهه حضرت داتا فيض محمد شاهه جيلاني رح جن جي نالي پٺيان مشهور آهي۔جنهن کي اهل علم ۽ اهل نظر انسان داتا فيض درياءَ سڏيندا آهن۔جن جو رسالو پاڪ حضرت بابا ميرل جاگيراڻي سائين رحمت الله عليه جي تخلص سان ڇپيل آهي۔دنيا ۾ اڄ تائين ڪنهن به شاعر پنهنجي شاعري ٻئي جي نالي سان تخلص نه ڏنو آهي، اها ئي رمز چئجي ته هيئون هن ۾ ۽ هو هِن ۾ سمايل هيڪڙائي جو درس آهي۔
    انهي ئي درگاهه عاليه جا سجاده نشين حضرت داتا شاهه ولايت جيلاني رح جن نه صرف ولايت جا صاحب هئا پر مٿاهين ملڪ اعليٰ پائي جا شاعر به هئا۔جن فرمايو ته:
    “شاهه ولايت عشق کي ناچو ٿي نچايم”
    حضرت داتا ولايت علي شاهه جيلاني جن جو رسالو پاڪ مختصر “انباهه ۾ آڙاهه”پڻ ڇپيل آهي۔ان کان علاوهه حضرت داتا بگن شاهه جيلاني دوم جن جا ٻه شاعري جا ڪتاب پڻ ڇپيل آهن”داتا شاهه ولايت” ۽ “داتا بگن”سائين جن جا ڪيترا ٻول رهيل آهن انهن جي رسالن مان ڪيترا شعر نه ڇپجي سگهيا آهن۔اها خبر تصديق سان موجوده سجاده نشين حضرت بابا جان محمد سائين جن ٻڌائي سگهندا۔
    حضرت داتا فيض دريآئون رحمت الله عليه ۽ حضرت داتا شاهه ولايت رحمت الله عليه جن جا جيڪي رسالا ڇپيل آهن،انهن ۾ احوال ۽ سن غير تصديق هجڻ ڪري فقرآئون جي اسرار گهڻي گهر تي حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله جن تحرير ڪري رهيا آهن،هن ۾ انباهه شريف جي اوليا× ڪرام جو احوال حضرت بابا بگن سائين جن دوم تائين مفصل ۽ جامع لکي رهيا آهن۔
    حضرت بابا عبدالملڪ عرف جمال الله ولد محترم مولوي غلام رسول بجاراڻي صاحب جن جي گهر 3 مارچ 1951ع ۾ هن ڪائنات ۾ آيا،پرائمري تعليم حاجي الف خان بجاراڻي جي ڳوٺ پرائي ۽ مدرسه دالفيوض ڪنڌڪوٽ ۾ 74۔1973ع تائين علم حاصل ڪيائون ۽ مولوي ٿيڻ جي علم ۾ دستاربندي تائين پهتا ان علم کي خيرباد چئي باطني علم ڏانهن توجهه ڏيڻ لڳا ڇاڪاڻ ته سائين جن 1967ع کان باطني علم ڏانهن راغب هئا،ديني، دنوي ٻئي علم حاصل ڪندا رهيا، ان دوران دنوي علم جي قابليت سرڱيفڪيڱ تي ڪنڌڪوٽ ميونسپل ۾ انتظامي عملدار پڻ ٿيا، سائين جن ويهن ورهين جي ڄمار ۾ حضرت بابا فقير شاهه ڏنا سائين جن جي بيعت ملڻ جو شرف عطا ٿين۔هِن وقت پنهنجي مرشد هادي جي درگاهه عاليه(نزد ڪنڌڪوٽ)جا سجاده نشين آهن۔
    حضرت بابا شاهه ڏنا سائين جن وصال جي ويجهڙائي واري عرصي ۾ انباهه شريف داتا شاهه ولايت شاهه رحمت الله عليه وٽ حضور ۾ عرض ڪيو ته فقط اوهان جي امر پيروي ڪندي اسان هڪ عبدالملڪ ئي مريد ڪيو، جيڪو اسانجي حال وسله جو مالڪ هوندو۔
    حضرت بابا شاهه ڏنه سائين رحمت الله عليه جن جي وصال کانپوءِ سندس مرشد جي وصعيت جي تائيد ڪندي حضرت بابا بگن سائين رحمت الله عليه (دوم) جن ڪنڌڪوٽ جي سُنگ وارن فقيرن کي امر ڪندي فرمائيو ته اڄ کانپوءِ ڪنڌڪوٽ جي سمورن فقيرن جي سنگ جو بابو عبدالملڪ سائين آهي۔ هي اوهان جو بابو آهي۔انباهه شريف جي اوليائن جي هر ميلي تي ڪنڌڪوٽ جي سڄي سنگ جي سرواڻي ڪندا رهندا آهن۔


    محترم ممتاز علي ولد سونهارو خان

    محترم ممتاز علي ولد سونهارو خان

    سن 9 جون 1979ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم هن ئي ڳوٺ مان حاصل ڪئي۔سال 1995ع ۾مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان پاس ڪري 2003ع ۾ بي ايس سي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين،هنيئر(اي ايس ايف)ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس ۾ نوڪري ڪري رهيو آهي۔ان کان علاوه ننڍو ڀاءُ سميع الله عرف مور خان پولي ڱيڪنيڪل ڪاليج جيڪب آباد ۾ آخري سال ۾ ڊپلوما ڪري رهيو آهي۔


    محترم لياقت علي خان ولد گلبهار خان

    محترم لياقت علي خان ولد گلبهار خان
    سن 1971ع ڌاران هن ئي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ ڄائو ۽ ابتدائي تعليم تنگواڻي شهر(هاڻوڪي تعلقي)۽مئٽرڪ 1988ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپورمان پاس ڪيائين۔سال 93۔1992 ۾ پولي ڱيڪنيڪل ڪاليج جيڪب آباد مان ڊپلوما پاس ڪيائين ان کان علاوهه پرائيويٽ طور بي اي جي ڊگري به حاصل ڪيائين۔
    12 آگسٽ1991ع ۾ آبپاشي کاتي ۾ داروغو ٿيو، محترم لياقت علي شوقيه طور ڪڏهن ڪڏهن اداڪاري به ڪندو رهيو آهي۔1993ع ۾ اسٽيج ڊرامه پڻ ڪيائين جنهن ۾ فلم شير خان ۽ فلم زخمي دل جون ڪيسڱون وڱس موجود آهن۔ان کان علاوهه شاهه عبدالطيف سوشل ويلفيئر جو صدر به رهيو۔


    محترم محمد صديق ولد محمد امين خان

    محترم محمد صديق ولد محمد امين خان

    سن 1979ع ڌاران ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن ئي ڳوٺ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي پڙهڻ ويو جتان 1996ع ۾مئٽرڪ پاس ڪيائين سال 2005ع ۾ بي اي جي ڊگري ورتائين۔ان کانپوءِ اسٽينڊر چارٽرڊ بئنڪ ڪراچي ۾ سروس ڪيائين۔
    محمد صديق راڳ ويراڳ سان دلچسپي رکندي ڪجهه شاعري به ڪيائين، هو پنهنجي ۽ ٻين جي شاعري تمام پياري اندز ۾ ڳائيندو آهي۔


    ارصلاح خان باجڪاڻي”ارڏو اترادي”

    ارصلاح خان باجڪاڻي”ارڏو اترادي”
    حالانڪ پنهنجو تعارف پاڻ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي پر جيئن ته هن ڪتاب ۾ سڀني جو تعارف مون ئي سهيڙي لکيو آهي۔ان حوالي سان آئون به هن ئي ذات جوفرد آهيان، منهنجو تعارف وري ڪو ٻيو لکي اهو مناسب نه سمجهندي پاڻ ئي لکيو آهي۔
    منهنجو نالو ارصلاح ولد کوهدل خان ذات باجڪاڻي ديهه گلوالي هاڻوڪي تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور سنڌ ۾ 17 مئي 1949ع ۾ جنم ورتو۔
    ابتدائي تعليم پهريائين مير لشڪر خان بجاراڻي جي ڳوٺ ۾ استاد الله بخش ولد عبدالرحيم اوڳاهي صاحب جن وٽ پڙهيم، اتان جيئن لڏي ڪنڌڪوٽ جي ويجهو هاڻوڪي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ديهه شيران ۾ آياسين ته باقي پرائمري تعليم پرائمري اسڪول شيران ڀيه ۾ استاد عبدالواحد ڀيو، استاد غلام حسين چاچڙ ۽ استادمحمد منٺار سومرو جن وٽا پڙهي ٻه سال انگريزي دڙي(چيف سردار مير سندر خان سندراڻي جي مڊل اسڪول ۾)استاد امان الله سندراڻي صاحب، استاد برٿ لعل وٽ پڙهي پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ 1969ع ۾ پاس ڪري آبپاشي کاتي ۾ سيرواهه ڳڙهي خيرو ۾ گيج ريڊ ٿيس، ٽيليگراف، ٽائيپ رائيٽري ۽ آبداري سکيم پئي ته نهري پٽيواري(آبداري)گھوٽڪي فيڊر ۽ روهڙي ڪئنال لاءِ نئون سسٽم کوليو،ان ۾ آبداري جو آرڊر مليو۔ 1970ع کان پنوعاقل، گھوٽڪي،ميرپور ماٿيلو، ڳڙهي خيرو ۽ ٺل ۾ نوڪري ڪيم 1972ع ۾ ممتاز علي ڀڱو صاحب جي وزيراعليٰ جي دور ۾ ريڊيڪشن ۾ نوان آبدار (اسان کي) لاهي ڇڏيائون۔
    ڪجهه وقت مير هزارن جي بسن تي سوڍو خان چنه وٽ ڪنڊيڪٽران کان پوءِ عريضي نويس ٿيس پر پوءِ 74۔1973ع ۾ ٻئي سال پرائمري ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ڪنڌڪوٽ ۾ پنهنجي خرچ تي پڙهيم۔11 جنوري 1975ع کان پرائمري ٽيچر ٿيس،بعد ۾ بي اي، بي اي ايڊ ۽ ايم اي سنڌي ۾ 1985ع ۾ پاس ڪري سال 1988ع کان ايڇ ايس ٽي گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڊو ۾ ٿيس،هن وقت گريڊ 17 بي ۾ پڙهائي رهيو آهيان، گزيٽيڊ ٿيڻ (هيڊماستري)کان انڪار ڪري صرف استاد ٿيڻ کي بهتر سمجهيم۔
    ادبي حوالي سان شروعات ۾ “ارصلاح”عاجز باجڪاڻي”عاجز بلوچ جي تخلص سان شاعري ڪيم، 81۔1980ع کان”ارڏو اترادي”جي تخلص سان شاعري ڪيم۔
    منهنجي شاعري جا ٻه ڪتاب ڇپيا،ڪيترن اخبارن، رسالن ۾ تعارف ۽ شعر انٽرويو پڻ ڇپيا، باقي گهڻي شاعري جو مواد، مقالا، مضمون، ڪهاڻيون،خط، آتم ڪهاڻي ترتيب هيٺ آهن۔ گهڻي شاعري اخبارن ۽ رسالن ۾ وارن موٽائي موڪلي۔
    نه ڇپيا اهي شعر اخبار افسوس
    اهي ڊائري ۾ اُتاري وڃان ٿو
    لک شعر اهڙا مون کان پوءِ به شاعر
    ڇڏي قوم تنهنجي سهاري وڃان ٿو

    مون ڪيترائي ڪتاب پڙهيا،ڪيترن سماجي ادبي سرگرمين ۾ ڀاٽي ڀائيوار ٿيس، ڪيترن سياستدانن کي پڙهيم ۽ ويجهو ٿي ڏٺم خدا شناسي لاءِ پيرن فقيرن درگاهن جا درشن ڪيم، پرکڻ پروڙڻ جي پاڻ وٽ طاقت ڪانه هئي پر پيار محبت امن سڪون صوفين وٽ سمجهي حضرت داتا فيض درياءَ رح(انباهه شريف چڪ ضلع شڪارپور)جن وٽ حضرت بابا عبدالملڪ سائين جي شفقت، صحبت پهچايو،ان وقت داتا حضرت بگن سائين جن سجاده نشين هئا۔انهن نام جو قرب ڪيو(داتا جن جو ذڪر صحفه 58 تي آيل آهي)
    “فيض جي درياءُ مان ڏي جام تون،
    ساقي ساغر جو به وارو ٿي وڃي
    (ڪتاب ياد توکي ڪريان ص 39)
    مونکي چار پٽ ۽ چار نياڻيون آهن،پٽ سڀئي تعليم يافته آهن ۽ نياڻين مان ٻه پڙهيون ۽ ٻه نه پڙهي سگهيون۔


    محترم جناب محب الله صاحب

    محترم جناب محب الله صاحب
    محترم محب الله ولد ارصلاح(ارڏو اترادي) 3نومبر 1978ع ۾ هن ئي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم هن ئي ڳوٺ مان حاصل ڪريمئٽرڪ 1994ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان پاس ڪيائين سن 2003ع ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڄامشورو سنڌ مان B.E پئٽروليم ۽ گئس ۾ پاس ڪيائين،ان کان علاوهه ايم اي سوشيالاجي ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان به ڪيائين۔
    محب الله روزگار جي حوالي سان ڪمپنين سان سنڌ پنجاب، ڪوهاڱ،قطر دبئي وڃي چڪو آهي۔هن وقت او جي ڊي سي ۾ ڱريني انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي۔
    محب الله کي ننڍي هوندي کان ئي ادبي شوق ڏيارڻ لاءِ ماهوار گل ڦل ادبي رسالو پڙهائڻ شروع ڪيم، هن وقت هو سنڌي، اردو، انگريزي ادبي ڪتاب خريد ڪري پاڻ پڙهي مون ڏانهن موڪليندو رهندو آهي۔هن وقت سندس ڀاءُ ظفر الله ۽ اسد الله ٻئي انٽر سائينس ۽ آيت الله ڏهين ڪلاس ۾ پڙهي رهيا آهن جن جي نظرداري ۽ مالي مدد جو خاص خيال رکي پيو۔
    محب الله هڪ خوش اخلاق دورانديش ۽ انسان دوست آهي کيس الله پاڪ باغ بهار وڏي ڄمار عطا ڪري آمين۔


    محترمه نصرت محب صاحبه

    محترمه نصرت محب صاحبه
    محترمه نصرت محب جي تعارف کان اول آئون سندس والد محترم جو تعارف پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ لازمي سمجهان ٿو۔جيڪو منهنجو حال محرم رازدان رهيو آهي۔چوندا آهن ته شاعري قدرت جي ڏات آهي مگر اکرن جي اصلاح لاءِ استاد هجڻ ضروري سمجهي وقت بوقت منهنجي شاعري تي سرسري نگاهه ڪندا رهيا آهن۔ان ڪري ڪتاب پيران پير دستگير ۾ پنهنجي شاعري جو استاد لکائيم۔
    استاد حافظ عبدالقادر”عبد”ڇلگري (مري) هوئن ته ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي،هو اول قرآن پاڪ جا حافظ ٿيا،بعد ۾ دنوي تعليم پرائي پرائمري ٽيچر ٿيا، حافظ صاحب نه صرف استاد حافظ، شاعر ، اديب، عالم عامل صوفي منش عظيم انسان آهن۔سندس هادي مرشد سلطان العارفين حضرت باهو رح سلطان جي آل مان حضرت حافظ حبيب سلطان رح جن جا طالب آهن۔
    نالي مٺي نالي چٽي حافظ عبدالقادر”عبد”ڇلگري جن مري قبيلي جي عالم ۽ آفيسر گهراڻي سان تعلق رکن ٿا،
    محترمه نصرت صاحبا 27 مارچ 1983ع ۾ ديهه دين ڳڙهه تعلقه ٺل ضلع جيڪب آباد حافظ سائين عبدالقادر ڇلگري جي گهر پيدا ٿي۔جيئن ته ان سال جي آخر ۾ ٺل شهر ۾ اچي ويٺا۔گورنمينٽ پرائمري اسڪول نور محمد ڀڱي ۾ محترمه پنهنجن وڏن ڀائرن سان گڏ ابتدائي تعليم حاصل ڪري 1999ع ۾ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ٺل مان مئٽرڪ پاس ڪيائين،محترمه نصرت محب صاحبه سال 2007ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ايم ايس سي باٽني جي ڊگري حاصل ڪري گل ماڊل پبلڪ اسڪول اينڊ ڪاليج جيڪب آباد ۾ ليڪچرار ٿي،هن وقت ڪميشن جي تياري ڪري رهي آهي ۽ ايم فل پڙهي رهي آهي،
    محترمه نصرت محب صاحبه جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ان ڪري شامل ڪري رهيو آهيان جو 31 مئي 2009ع ۾ محترمه نصرت جي شادي محب الله باجڪاڻي سان ٿي، هوءُ هن وقت محترمه نصرت محب جي نالي سان هن قبيلي ۾ شامل آهي۔


    محترم الهڏتو ولد نوخاف خان

    محترم الهڏتو ولد نوخاف خان
    الهڏتو ولد نوخاف خان باجڪاڻي ديهه شيران تعلقه هاڻوڪي تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو۔هن 1973ع ۾مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پرائيويٽ طور پاس ڪئي۔کيس محترم مولوي غلام رسول بجاراڻي جي معرفت مير صبح صادق خان کوسه جن لائين مين واپڊا اليڪٽرڪ ۾ نوڪري وٺرائي ڏني۔بعد ۾ 1985ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بي اي جي ڊگري حاصل ڪيائين،هنيئر لائين سپرٽيڊنٽ طور ڪم ڪري رهيو آهي،هن جفاڪشي سان ٽن پٽن ۽ هڪ نياڻي کي علم پڙهايو۔


    محترم سڪندر علي ولد الهڏتو خان

    محترم سڪندر علي ولد الهڏتو خان
    سن 1963ع ڌاري ديهه شيران تعلقه(هاڻوڪي)تنگواڻي ۾ پيدا ٿيو،1980ع ۾مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي مان ڪيائين ۽ 1994ع ۾ بي اي جي ڊگري شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪئي۔هن وقت واپڊا اليڪٽرڪ سٽي ۾ لائين مين آهي۔
    محترم طارق علي ۽ محترم اختر علي هن ئي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ ابتدائي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن هو هو هن وقت محترم طارق علي انجنيئرنگ ۽ محترم اختر علي ڊاڪٽر جي ٻئي سال ۾ پڙهي رهيا آهن۔


    محترم عبدالرزاق ولد الهڏتو خان

    محترم عبدالرزاق ولد الهڏتو خان

    سن 1971ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ هن ئي ڳوٺ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪري 1987ع ۾ پولي ڱيڪينڪل ڪاليج جيڪب آباد مان ڊپلوما(انٽر)پاس ڪري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه ۾ سيلف فنانس ۾ داخلا وٺي انجنيئرنگ پاس ڪري ورتائين۔ هنيئر 2005ع کان واڱر مينجمينڱ ۾ سب انجنيئر طور ڪم ڪري رهيو آهي۔


    محترم عبدالحق ولد الهڏتو خان

    محترم عبدالحق ولد الهڏتو خان
    سال 1965ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان ۾ پيدا ٿيو،سال 1984ع ۾مئٽرڪ غوثپور هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين،1983ع ۾ واپڊا اليڪٽرڪ سڱي ۾ لائين مين ٿيو، سال 1991ع ۾ ايم اي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين۔محترم عبدالحق جي نياڻي انٽر پاس ۽ فرزند ارجنمد محترم شاهه محمد انجنيئرنگ پڙهي رهيو آهي۔هي ٻئي پي، پٽ ماٺيڻا ۽ دوستي جا پڪا انسان آهن۔


    محترم شاهه محمد ولد عبدالحق

    محترم شاهه محمد ولد عبدالحق
    محترم شاهه محمد ولد عبدالحق باجڪاڻي ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ سن 1989ع ڌاران جنم وٺي آيو۔هن ابتدائي تعليم به هن ئي ڳوٺ ۾ پرائي سال 2004ع ۾مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول دڙي تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ پاس ڪيائين۔سال 2011ع ۾ B.E اليڪٽريڪل جي ڊگري قائد عوام يونيورسٽي نوابشاهه مان حاصل ڪيائين۔ان کان علاوهه ايم اي سوشالاجي ۾ پڻ پاس ڪيائين۔هن صاحب جي باري ۾ سندس والد محترم جي احوال ۾ اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان۔


    محترم رحمت الله ولد راڻو خان

    محترم رحمت الله ولد راڻو خان

    سن 1971ع ڌاران ڳوٺ محمد مريد ۾ پيدا ٿيو،هن ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم پرائي، 1987ع ۾ پولي ڱيڪينڪل ڪاليج جيڪب آباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين 97۔1996ع ۾ بي اي خيرپور يونيورسٽي مان پاس ڪيائين۔
    سال 1995ع ۾ پي ڱي سي ايل ۾ سپروائيزر ٿيو ۽ سرڪاري موڪل تي بي اي اليڪٽريڪل جي آخري سال ۾ پڻ پڙهي رهيو آهي۔


    محترم اڪبر علي ولد راڻو خان

    محترم اڪبر علي ولد راڻو خان
    سن 1970ع ۾ ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو،ابتدائي تعليم هن ئي اسڪول مان(راقم الحروف وٽان)حاصل ڪري 1988ع ۾مئٽرڪ پاس ڪيائين۔
    محترم اڪبر علي هڪ ڏينهن گهر ۾مون تي تنقيد ڪندي چيو ته هيتري ماستري جي پگهار اٿو ڪيئن ٿا خرچ ڪيو تنهن تي چيم ته الله پاڪ اوهان کي به ماستري نوڪري ڏيندو، هنيئر ان ئي اسڪول ۾ استاد آهي،قدرت جي طرفان دعا ته قبول ٿي پر معاشي مشڪلات ڏانهن ڏسي چيم ته هاڻي اوهان ٻڌايو ته پئسا ڪيڏانهن ٿا ڪريو، کيس خدا صبر عطا ڪريس هن 1993ع ۾ بي اي جي ڊگري به حاصل ڪئي۔


    محترم جناب غلام محمد صاحب(هيفٿاڻي)

    محترم جناب غلام محمد صاحب(هيفٿاڻي)

    محترم جناب غلام محمد صاحب نيڪ محمد خان جي گهر ۾ پهرين آگسٽ 1951ع ۾ جنم ورتو۔
    هن صاحب پرائمري تعليم ڳوٺ صلاحي ملڪ مان حاصل ڪريمئٽرڪ سال 1967ع ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول تنگواڻي(هنيئر گورنمينٽ هاءِ اسڪول آهي)تنهن کانپوءِ بي اي سول ۾ سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو سنڌ مان 76۔1975ع ۾ پاس ڪري 1977ع ۾ ڪميونڪيشن(هاڻي ورڪس اينڊ سروسز سنڌ)کاتي ۾ اوئر سيئر طور نوڪري ورتائين۔ان ئي کاتي 90۔1989ع ۾ اسٽنٽ انجنيئر ٿيو۔
    محترم غلام محمد صاحب ٻارن جي تعليم خاطر شهر جيڪب آباد ۾ اچي سموري اولاد کي علم جي دولت سان آراسته ڪيو۔چار پٽ گريجوئيٽ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيا جن مان هڪ ايل ايل بي ۽ هڪ ڊاڪٽر جي ڊگري تائين رسيو۔ٻه نياڻيون انٽر سائنس ۽ ٻيا ٻار هيٺين ڪلاسن ۾ پڙهي رهيا آهن۔هنن ۾ علم جي روشني ڏسي منهنجو روح خوش پيو ٿئي۔
    محترم غلام محمد صاحب هن ڳالهه ۾ به اڃا پيارو ۽ پسند آهي ته هو محبوب مدني ۽ انجي آل پنجتن جو وڏو حبدار آهي هي تمام هڪ هرالعزيز آهي۔الله پاڪ شال سدائين هن صاحب کي شاد ۽آباد رکي(آمين)


    محترم عبدالڪريم ولد غلام محمد صاحب

    محترم عبدالڪريم ولد غلام محمد صاحب

    عبدالڪريم ولد غلام محمد صاحب سن 1980ع ڌاران ڳوٺ نيڪ محمد خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو۔ابتدائي تعليم نور محمد جمالي تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پرائي۔مئٽرڪ 1995ع ۾ سردار محمد امين خان کوسو ميموريل هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪري بي اي سال 2005ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين۔
    محترم عبدالڪريم 2002ع ۾ پوليس هيڊڪواڱر لاڙڪانه ۾ بطور اسڱريڪڱر (پي ڱي ايس)۾ ڪم ڪري رهيو آهي۔


    محترم جناب ڊاڪٽرآفتاب حسين صاحب

    محترم جناب ڊاڪٽرآفتاب حسين صاحب

    محترم جناب آفتاب حسين صاحب،ولد محترم جناب غلام محمد صاحب 11 جولاءِ 1988ع ۾ پنهنجي ڳوٺ نيڪ محمد خان ۾ جنم ورتو۔ ابتدائي تعليم القاسم پبلڪ اسڪول ۽ ايس ايم(محمد امين کوسو) هاءِ اسڪول جيڪب آباد ۾ 2003ع ڌاران پاس ڪري ايم بي بي ايس پڙهڻ لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻه ويو۔اميد آهي ته اسانجي ذات ۾ هي ناليوارو اسپيشلسٽ ڊاڪٽر ثابت ٿيندو۔هوئن ته اسانجي ذات ۾ ڪافي ڊاڪٽر ايم ايس تائين پهتل آهن۔


    محترم ديدار حسين صاحب

    محترم ديدار حسين صاحب

    محترم ديدار حسين ولد محترم غلام محمد صاحب 1978۔1۔3 ۾ ڳوٺ نيڪ محمد خان باجڪاڻي تعلقه تنگواڻي ۾ جنم ورتو۔ سندس ابتدائي تعليم نور محمد جمالي تعلقه تنگواڻي ۾ ٿي ۽مئٽرڪ 1992ع ۾ حميده هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان پاس ڪري بي اي سال 1996ع ۽ ايم اي سال 1998ع ۾ ايل ايل بي سال 2008ع ۾ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڱئي ڊگريون پاس ڪيائين۔
    هن وقت حسيڪو واپڊا ۾ اي ايل ايم آهي،محترم ديدار حسين هڪ خوش خلق ڏاهو هوشيار عزيزن جو عزيز يارن جو يار آهي، کيس دعا آهي ته هر ميدان ۾ ڪامياب ٿئي، ڇاڪاڻ ته هن نازڪ دور ۾ هن قبيلي کي اهڙن انسانن جي علمي سهڪار جي اشد ضرورت آهي۔


    محترم ضمير حسين صاحب

    محترم ضمير حسين صاحب

    محترم ضمير حسين ولد محترم غلام محمد صاحب ڳوٺ نيڪ محمد خان باجڪاڻي ۾ 1987۔8۔3ڌاران پيدا ٿيو ۽ابتدائي تعليم فيلڪن هائوس پبلڪ اسڪول جيڪب آباد ۽مئٽرڪ جيڪب آباد ڪاليج آف سائنس مان 2002ع ۾ پاس ڪري ۽ 2009ع ۾ بي ايس(آ= آر)آخري سال سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڏئي رهيا آهن۔
    ڳوٺ سخيرو خان

    هن ڳوٺ جي نوجوان گريجويئڱ ٿيل نالن جي ذڪر ڪرڻ کان اڳ ۾ آئون جناب شهيد مولا بخش خان حاجي سخيرو خان ۽ حاجي علي محمد خان(مجنون)باجڪاڻي جهڙن بهادر اڏول انسانن جو ذڪر ڪرڻ پاڻ تي فرض ٿو سمجهان ڇاڪاڻ ته پهاڙ پٿريلي ڌرتي تي پهاڙ جهڙا ماڻهو ئي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهندا آهن۔ نه ته هزارها سالن کان ڦرلٽ تي گذارو ڪندڙ بگٽين جي ڀرسان ڪير زمينون آباد ڪري هي پنهنجي ۽ پسگردائي وارن تي نه صرف ڇپر ڇانو ٿي رهيا پر ٻاٽ اوندهه ۾ علم جي لاٽ ٻاري ڏيکاري، اڄڪلهه جا گريجوئيٽ هنن جي همت همدردي جا شاهد آهن۔


    محترم جناب مهربان خان

    محترم جناب مهربان خان

    مهربان خان 1964ع ڌاري بازاري خان باجڪاڻي جي گهر (ڳوٺ حاجي سخيرو خان) ۾ پيدا ٿيو۔ابتدائي تعليم هن ڳوٺ مان ئي پرائي 1980ع ۾مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مانجهي پور(بلوچستان)مان پاس ڪيائين ۽ ايم اي پاس آهي پنهنجي تڪ جي يونين ڪائونسل جو ناظم آهي۔
    مهربان اڪثر نالي جا مهربان ٿيندا آهن پر هي انهن کان نرالو آهي هن کي ڳوٺ ۽ پسگردائي وارا وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسي ووڱ ڏيندا آهن۔


    محترم جناب جان محمد”جان“باجڪاڻي صاحب

    محترم جناب جان محمد”جان“باجڪاڻي صاحب

    محترم جناب جان محمد ولد ڦوڳاني خان باجڪاڻي سن 1963ع ڌاران ڳوٺ حاجي سخيرو خان باجڪاڻي ديهه سنهڙي بلوچستان ۾ پيدا ٿيو۔ هنمئٽرڪ 1978ع ۾ هاءِ اسڪول جهڱ پٽ بلوچستان مان پاس ڪيائين ۽ ايم اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سال 1988ع ۾ ڪيائين ۽ ڪميشن جو امتحان سال 1988ع ۾ پاس ڪري ڊولپمينڱ آفيسر بلوچستان ۾ ٿيو ۽ 2001ع کان ڱي ايم او ڊيرابگٽي ۾ آهي۔


    محترم الحاج ناٿو فقيرسائين

    محترم الحاج ناٿو فقيرسائين

    ناٿو فقير ولد يار محمد باجڪاڻي ڳوٺ سخيرو خان ديهه سنهڙي بلوچستان ۾ عمر جو وڏو حصو گذاريو، فقير سائين جي حج تي ويل پاسپورڱ موجب پيدائش 1912ع آهي۔هن 1980ع ۾ حج بيت الله جي سعادت حاصل ڪئي۔سن 1991ع ۾ ويس مڱائي ابدي دنيا ڏانهن هليو ويو،اناالله وانا عليه راجعون۔
    فقير سائين هڪ سچو انسان فقير صفت شاعر ٿي گذريو آهي هن حج ولايت وڃڻ کان واپس اچڻ تائين سڄو سفر شعر ۾ ٻڌايو۔هن سنڌي زبان ۾ به ڪجهه شاعري مرشد هادي ڀورل سائين اسم گرامي حضرت ميان عبدالرحمٰن عليه رحمت(سجاده نشين درگاهه عاليا صوفي القادري سائين حافظ محمد صديق صاحب ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي)جن جي باري ۾ ٿيل آهي، هن جي شاعري سهيڙڻ جو جيسين شوق جاڳيو تيسين فقير سائين برقو مڱائي وڃي هيڪڙائي هيڪ ٿيو۔

    درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف جو فيض هند سنڌ قائم ۽ دائم آهي، هن درگاهه مان حضرت مولانا عبيد الله سنڌي رحمت الله عليه جهڙا ڪيئي فيضاب ٿيا ۽هر سال ڪيترائي طالب علم فيض حاصل ڪن پيا۔هن وقت هن درگاهه عاليه جا موجوده سجاده نشين حضرت سائين ميان عبدالخالق صاحب جن آهن۔
    محترم سائين حضرت ميان عبدالخالق امن پيار، محبت جا المبردار آهن هي علم جي نور جي نه صرف لاٽ مگر مچ مچايون ويٺا آهن۔پاڻ هر سال حضرت سائين جن پنهنجي پير معان هادي فقير سائين حضرت محمد صديق عليه جن جي عرس مبارڪ تي وڏا وڏا عالم پري پري کان آڻي درس الاهي ڏيارڻ فرمائيندا آهن ۽ اهي تقريرون پڻ ڇپائي عام ڪندا آهن۔هن وقت درگاهه عاليه پير آف ڀرچونڊي نه صرف پيرن جي گادي آهي پر هڪ اعليٰ ادارو آهي۔

    سنڌي شعر
    شاعر آهيان شعرن جو
    پير ڀرچونڊي واري پيرن جو

    سائين عبدالخالق هادي
    الله وسائي تنهنجي گادي

    بلوچي شعر
    گشي ناٿو هزا يکين
    همي محمدﷺ نام برحقين

    مناں فرمان ٿ الله
    سبق گشخ مين شاه

    ڀرچونڊيءَ والله
    اي دوست کن نگاه

    سائين مئين سچائين
    مهڻايانش منا بچائين

    مئين ويزايا ٺاهائين
    ڱڪيڱامڃا ڪڱائين

    مارا بيت الله پهچائين
    مرشد مئين ڀورل سائين


    محترم محمد ابراهيم ولد الحاج ناٿو فقير

    محترم محمد ابراهيم ولد الحاج ناٿو فقير
    سن 1980ع ڌاران پيدا ٿيو، هن ابتدائي تعليم ڳوٺ حاجي سخيرو خان باجڪاڻي ۾ پرائي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول رند علي جعفرآباد ۾ مئٽرڪ 1997ع ۾ ۽ اوسته محمد بلوچستان مان 2003ع ۾ بي اي پاس ڪري 2006ع ۾ جي ايس ٽي مقرر ٿيو.


    محترم خالد حسين ولد حاجي سخيرو خان

    محترم خالد حسين ولد حاجي سخيرو خان
    سن 1976ع ۾ پيدا ٿيو، پنهنجي ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪري 1991ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول تنگواڻي سنڌ مان مئٽرڪ ۽ 1997ع ۾ بي ايس سي ۽ 2000ع ۾ ايم اي شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ مان پاس ڪري ورتائين. 1996ع ۾ جي ايس ٽي هاءِ اسڪول رند علي (بلوچستان) ۾ مقرر ٿيو. هن 2001ع ۾ بي ايڊ الخير يونيورسٽي جي برانچ مان ڪيائين.


    محترم احمد نواز ولد حاجي سخيرو خان

    محترم احمد نواز ولد حاجي سخيرو خان
    سن 1978ع ۾ پيدا ٿيو. پنهنجي ڳوٺ مان ئي پرائمري تعليم پرائي سال 1995ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رند علي (بلوچستان) مان مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ سال 1999ع ۾ بي اي بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان پاس ڪري 2006ع ۾ واپڊا هيلپر ڪوئيٽا ۾ مقرر ٿيو.


    محترم فضل محمد عرف قاضي صاحب

    محترم فضل محمد عرف قاضي صاحب
    فضل محمد ولد حاجي گولو خان 1968ع ڌاران ڳوٺ حاجي سخيرو خان ضلع جعفرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن ئي ڳوٺ ۾ پرائمري پنج درجا پڙهي، مانجھي پور هاءِ اسڪول بلوچستان مان مئٽرڪ 1983ع ۾ ڪيائين ۽ بي اي سال 1992ع ۾ پاس ڪيائين. فضل محمد ”قاضي“ سال 1985ع کان آبپاشي کاتي ۾ داروغو ٿيو. ڪجھه وقت ڳوٺ ۽ پسگردائي جي ماڻهن کي دوا درمل جو به ڪم ڪندو هو. هن جي همدردانه طبعيت ڪري عوام کيس عزت جي نگاه سان ڏسندو آهي.


    محترم غلام رسول صاحب

    محترم غلام رسول صاحب
    جناب غلام رسول شهيد مولابخش خان باجڪاڻي جي گھر ۾ 1972ع ڌاران ڳوٺ حاجي سخيرو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. 1986ع ۾ پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج جيڪب آباد مان مئٽرڪ ۽ بي اي 1994ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور سنڌ مان پاس ڪري 1988ع کان پرائمري ٽيچر ۽ 1992ع کان پي ٽي بئرو آف ڪريڪيولم ڪوئيٽا بلوچستان مان پڻ ڪيائين.


    محترم شاهنواز ولد عبدالعزيز

    محترم شاهنواز ولد عبدالعزيز
    سال 1983ع ڌاران پيدا ٿيو، هن ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪري 1998ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رند علي ۽ بي اي سال 2007ع ۾ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان پاس ڪيائين.
    سال 2006ع کان جونيئر انسٽريڪٽر فيڊرل گورنمينٽ وڪيسنل ٽريننگ سينٽر ڪراچي ۾ مقرر ٿيو. هن وقت 14 بي گريڊ ۾ ڪوئيٽا ۾ درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم خالد حسين ولد عبدالمجيد

    محترم خالد حسين ولد عبدالمجيد
    پهرين جون 1978ع ۾ ڳوٺ سخيرو خان ۾ پيدا ٿيو. هن ئي ڳوٺ مان پرائمري تعليم حاصل ڪري 1996ع ۾ مئٽرڪ 1999ع ۾ بي اي اوسته محمد بلوچستان مان پاس ڪري 2000ع ۾ مڊل اسڪول لهران ضلع سبي ۾ جي ايس ٽي طور درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم محمد عظيم ولد محمد عثمان

    محترم محمد عظيم ولد محمد عثمان
    سن 1977ع ڌاران ڳوٺ سخيرو خان ۾ پيدا ٿيو. هن ئي پرائمري اسڪول مان ابتدائي تعليم ورتي، 1995ع ۾ مئٽرڪ تنگواڻي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري سال 2003ع ۾ بي اي شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپورميرس سنڌ مان پاس ڪئي 2007ع کان جي ايس ٽي هاءِ اسڪول ڪنڊڙي ضلع جعفر آباد بلوچستان ۾ درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم هزار خان ولد تاج محمد

    محترم هزار خان ولد تاج محمد
    سن 1976ع ڌاران ڳوٺ تاج محمد باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري ڳوٺ جي ئي اسڪول مان پرائري 1994ع ۾ جھٽ پٽ (ڊيراالهيار) مان مئٽرڪ پاس ڪيائين ۽ 2007ع ۾ بي اي بلوچستان يونيورسٽي مان پاس ڪيائين.
    هزار خان باجڪاڻي 2000ع ۾ جي ايس ٽي ٿِي سي_ٽي جو امتحان 2001ع ۾ ڏنائين. هن وقت 14 بي گريڊ ۾ رند هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي.


    محترم فيض محمد ولد محمد طاهر خان

    محترم فيض محمد ولد محمد طاهر خان
    سن 1964ع ڌاران ڳوٺ سخيرو خان ديھ سنهڙي تعلقه صحبتپور ضلع جعفرآباد بلوچستان ۾ پيدا ٿيو. فيض محمد ابتدائي تعليم پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ورتي ۽ پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنهور ۾ انگريزي پڙهڻ ويو جتان مئٽرڪ 1981ع ۾ پاس ڪيائين.
    بي اي سال 1981ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس سنڌ مان ۽ ايم اي ايڪنامڪس 1993ع ۾ ۽ بي_ايڊ بلوچستان يونيورسٽي ڪوئيٽا مان پاس ڪيائين. فيض محمد جي وي سال 1984ع کان 1989ع ۾ ايس_ايس_ٽي سائنس ٿيو. هن وقت 18 گريڊ ۾ درس ڏئي رهيو آهي.


    عبدالحميد ولد درمحمد خان

    عبدالحميد ولد درمحمد خان
    سن 1964ع ڌاري ڳوٺ سخيرو خان ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم هن ئي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين 1981ع ۾ مئٽرڪ هاءِ اسڪول پنهور بلوچستان مان ۽ 1994ع ۾ ايم اي ۽ ان کان علاوه بي ايڊ 1999ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس سنڌ مان پاس ڪري 1984ع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ درس ڏيئي رهيو آهي.


    محترم راجه غلام فريد ولد ڪريمڏنو

    محترم راجه غلام فريد ولد ڪريمڏنو
    پهرين جنوري 1977ع ۾ جنم ورتائين، هن ئي ڳوٺ سخيرو خان مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ 1992ع ۾ مئٽرڪ تنگواڻي هاءِ اسڪول ضلع ڪشمور سنڌ مان ۽ ايم اي سال 1998ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪري ورتائين. سال 1995ع ۾ هاءِ اسڪول مچ بلوچستان ۾ جي ايس ٽي طور مقرر ٿيو. 2001ع ۾ بي ايڊ پاس ڪيائين هينئر مڊل اسڪول سعيدو جکراڻي بلوچستان ۾ آهي.


    محترم رسول بخش خان

    محترم رسول بخش خان
    محترم رسول بخش ولد حاجي وسند علي باجڪاڻي پهرين نومبر 1969ع ۾ ڳوٺ حاجي جمع خان بگٽي ديھه سنهڙي تعلقه جھٽ پٽ بلوچستان ۾ پيدا ٿيو.
    ابتدائي تعليم ڳوٺ حاجي سخيروخان باجڪاڻي ۾ پڙهيو ۽ مئٽرڪ 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنهور بلوچستان مان پاس ڪري 1991ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان گريجوئيٽ ۽ 19994ع ۾ اڪنامڪس ۾ پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو، محترم رسول بخش خان 1991ع ۾ جي ايس ٽي ٿيو هو پر پوءِ جلد 1993ع ۾ سب اڪائوٽنٽ ٽريزري آفيس جھٽ پٽ ۾ 14 گريڊ سرور مليس.


    عبدالهادي ولد حاجي وسند خان

    عبدالهادي ولد حاجي وسند خان
    12 ڊسمبر 1972ع ۾ ڳوٺ حاجي جمع خان بگٽي ديھه سنهڙي تعلقه جھٽ پٽ بلوچستان ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم ان ئي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين، مئٽرڪ 1993ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڊيرا الهيار (جھٽ پٽ) مان ۽ بي اي سال 1997ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس سنڌ مان پاس ڪيائين هن وقت پنهنجي واپار جي ڌنڌي ۾ مصروف آهي.


    محترم فدا حسين ولد رسول بخش خان

    محترم فدا حسين ولد رسول بخش خان
    سن 6 جون 1994ع ۾ شهباز ڪالوني ڊيرا الاهيار (جھٽ پٽ) ۾ پيدا ٿيو ابتدائي تعليم ان ئي شهر ۾ حاصل ڪري مئٽرڪ 1999ع ۾ پاس ڪيائين ۽ بي اي اليڪٽرانڪس ۾ (بلوچستان ۾) پاس ڪيائين، فداحسين، ڊرامه لکندو آهي ۽ خود ڊرامه ڪرائيندو آهي. هن اداڪار کي تمام گھڻي شاعري علامه اقبال صاحب جي ياد آهي.


    هيبت خان

    هيبت خان
    هيبت خان باجڪاڻي ديهه ڪنڌڪوٽ تعلقه ڪنڌڪوٽ ضلعه ڪشمور ۾ پنهنجو ڳوٺ بڻائي ويٺو آهي. هن جي تعليم ته ايتري نه آهي مگر وڏو هوشيار چالاڪ زماني واري ماڻهو آهي. هن جي سڄي عمر ٽرانسپورٽ ۽ ليبريونين سان گذري، پاڪستان جي ليبريونين کي هن خوب سڃاتو، اليڪشني سياست ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪيائين مگر ڪامياب نه ٿيو. محترم هيبت خان جا چار پٽ گريجوئيٽ پوسٽ گريجوئيٽ آهن (1) طارق حسين ، (2) آفتاب حسين، (3) ظهور احمد، (4) سهيل احمد.
    محترم آفتاب حسين ايل ايل بي پاس ڪري ڪراچي ۾ وڪالت جي پريڪٽس ڪري رهيو آهي.
    محترم هيبت خان جي ڳوٺ جا ڪافي نوجوان گريجوئيٽ آهن. تعليم ڏانهن نوجوانن کي شوق ڏيارڻ وارو پهلو هيبت خان جي ساراهه جوڳو آهي.

    ** نوٽ : هيبت خان جي پٽن اڻپورو تعارف موڪلي ائين سمجيو ته هنن اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي..!!


    محترم جناب محب علي صاحب

    محترم جناب محب علي صاحب
    محترم محب علي ولد جعفران خان باجڪاڻي جي گھر ۾ سال 1962ع ڌاران ڳوٺ الله اڏيو خان باجڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم ساڳي ئي ڳوٺ ۾ پرائري سال 1981ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪري بي اِي 1989ع ۾ مهراڻ يونيورسٽي ڪئمپس نوابشاھ (هن وقت قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ جي نالي مشهور آهي).
    محترم محبت علي صاحب ڊسمبر 1989ع ۾ ئي سنڌ ڪچي آبادي اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر طور لاڙڪاڻه ريجن ۾ سرڪاري نوڪري جا فرائض انجام ڏئي رهيو آهي ۽ اڃاتائين ئي ساڳي عهدي ۽ ساڳي جاءِ تي آهي.
    هن هردلعزيز انسان سان منهنجي ملاقات ڪانه ٿي آهي، مگر منهنجي ڀاءُ محمد مريد خان ۽ ٻيا عوام دوست ماڻهو سندس تعريف ڪن ٿا (چون ٿا ته محترم محمد امين کوسو (ڪانگريزي فرد ٺل) هڪ خط محترم بشيراحمد مورياڻ (ان وقت ڊي سي هو) ڏانهن لکيو هو ته تنهنجا ٻئي جھان چٽ آهن.
    (1) رشوت نه کائڻ ڪري تنهنجا گھرڀاتي دال لاءِ سڪن ٿا.
    (2) بالا آفيسرن جي حڪم تي جائز ناجائز عمل ڪري ڪرسي بچائڻ ٿو چاهين.
    تنهن تي مونکي ياد آيو ته محترم محب علي صاحب جي تعريف ان ڪري آهي جو هو راشير آفيسر نه آهي باقي شال رب پاڪ خوشامند کان بچائي کيس خوددار ٿيڻ جي توفيق عطا ڪري ۽ محبت علي شال محب علي ٿي رهي. (آمين)


    محترم محمدعلي ولد شاهنواز خان

    محترم محمدعلي ولد شاهنواز خان
    10 آڪٽوبر 1980ع ۾ ڳوٺ هيبت خان ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ان ئي ڳوٺ مان پرائي مئٽرڪ 2000ع ۾ سنڌ ماڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪئي بي اي سال 2004ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان ڪيائين.
    محمد علي ڊپلومه ايسوسيئيٽ انجنيئر (ڊي اي اي) مڪينيڪل ۾ ڪيائين. ان کان علاوه ايم اي فائينل ۾ پڙهي رهيو آهي.


    محترم معشوق علي ولد جعفران خان

    محترم معشوق علي ولد جعفران خان
    سال 1972ع ۾ ڳوٺ بشام خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو هن مين پرائمري اسڪول ڪنڌڪوٽ مان سنڌي پنج درجا پاس ڪري مئٽرڪ سال 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان ڪيائين.
    محترم معشوق علي ايم اي پوليٽيڪل سائنس سال 1993ع ۾ ۽ بي ايڊ سال 1989ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪري 2000ع ۾ پرائيويٽ طور ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان پڻ پاس ڪيائين.
    محترم معشوق علي 1990ع ۾ پرائمري ٽيچر طور مقرر ٿيو. هن علم جي ميدان ۾ تمام سٺي جفاڪشي ڪئي. واقعي هڪ استاد لاءِ علم حاصل ڪرڻ عالم ٿيڻ تمام ضروري آهي. کيس جس هُجي.


    محمد شمن ولد وزيرخان

    محمد شمن ولد وزيرخان
    محترم شمن علي پهرين جنوري 1975ع ۾ ڳوٺ هيبت خان باجڪاڻي تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ان ئي ڳوٺ مان ابتدائي تعليم حاصل ڪيائين.
    هن بي اي شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪري، سياسي طرح يونين ڪائونسل ملير ڪنڌڪوٽ ۾ ڪائونسلر ٿيو.


    محترم شيرمحمد ولد وزير خان

    محترم شيرمحمد ولد وزير خان
    سن 1970ع ڌاران ڳوٺ هيبت خان باجڪاڻي ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ان ڳوٺ مان ئي حاصل ڪري مئٽڪر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪئي بي اي شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان پاس ڪيائين. هي 1995ع ۾ پرائمري ٽيچر ٿيو. هي ڪل 9 ڀائر آهن، انهن مان ڪيترائي ڀائر پڙهيل آهن؟ هن ڳوٺ جي ماڻهن جي اڻپوري معلومات موڪلي ڄڻ مون تي وڏو احسان ڪيو آهي
    وزيرعلي خان جي پٽن مان بلڪه هيبت خان جي ڳوٺ وارن ۾ هڪ اعليٰ صفت علم دوست يارن جو يار شاهنواز ولد وزيرخان هو، جنهن جي وڃڻ سان هيبت خان جي برادري ۾ وڏو خال پيدا ٿيو. شاهنواز خان ۽ شهيد محمد رفيق خان پنهنجو مٽ پاڻ هئا.


    محترم نظر محمد ولد محمد بخش فقير سائين

    محترم نظر محمد ولد محمد بخش فقير سائين
    نظر محمد سن 3 جولاءِ 1969ع ڳوٺ حاجي الله اڏيو خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو، پرائمري تعليم سخير پير جان خان باجڪاڻي مان پرائي مئٽرڪ 1984ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين. هن بي اي 1988ع ۾ ۽ ايم اي 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪئي. هن 1987ع کان 1995ع تائين ملازمت ڪري ڇڏي زمين سنڀالڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
    نظرمحمد شاعري ڪرڻ سان گڏوگڏ سٺو فنڪاربه آهن، مگر اهو فن پنهنجي دل ۽ دوستن تائين محدود رهجي ويو آهي، شاعري، اڻ ڇپيل مواد جي صورت ۾ سازن سان گڏ اوطاق جي اندر رکيل آهن.


    عبدالرشيد ولد ميران خان

    عبدالرشيد ولد ميران خان
    سال 1957ع ڌاران ڳوٺ سخي پيرجان خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪنڌڪوٽ ۾ پرائي 1978ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هن بي اي 1986ع ۾ سنڌيونيورسٽي ڄامشورو مان ۽ ايم ايڊ سال 1998ع ۾ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام مان پاس ڪيائين.
    عبدالرشيد سال 1980ع ۾ پي_ايس_ٽي ٿيو ۽ 1992ع کان ايڇ_ايس_ٽي آهي مظفر علي پٽ عبدالرشيد به گريجوئيٽ آهي.


    محترم شاهه علي ولد ڌڻي بخش خان

    محترم شاهه علي ولد ڌڻي بخش خان
    جنم 1972ع ڌاران ڳوٺ ڌڻي بخش خان باجڪاڻي ديهه سونواهه ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ محمد مريد خان باجڪاڻي ۾ حاصل ڪئي. مئٽرڪ سال 1984ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان پاس ڪري بي اي سال 1988ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي طيرپور ميرس مان پاس ڪيائين. محترم شاهه علي 1992ع ۾ پرائمري ٽيچر طور مقرر ٿيو.
    محترم شاهه علي بظاهر حضرت حافظ محمد صديق رحمة الله علي (ڀرچونڊي شريف) جن جو پانڌيئڙو فقير آهي، مگر دنيا جي لحاظ کان وڏو تيز ماڻهو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته مالڪ جي مهر سان هن جي من ۾ فقيري ئي رهي.


    نور احمد ولد ڌڻي بخش

    نور احمد ولد ڌڻي بخش
    محترم نوراحمد جو جنم اسڪول رجسٽر مطابق 1 آڪٽروبر 1972ع آهي، پيدائشي هنڌ ڳوٺ پنهنجو ديهه سونواهه اٿس، هن ابتدائي تعليم شيران ڀيه مان پرائي مئٽرڪ سال 1987ع ۾ گورنمينٽ هاءِ سيڪنڊري اسڪول غوثپور تعلقه ڪنڌڪوٽ مان ۽ بي اي سال 1994ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪيائين. نوراحمد 22 آڪٽوبر 1992ع ۾ گورنمينٽ پرائمري ٽيچر طور مقرر ٿيو. ان دوران بي ايڊ سال 1995ع ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان پاس ڪيائين.
    نوراحمد کِلُ مک خوش طبع، نوجوان آهي، هن جي محبت عقيدت پيرسائين حضرت ميان عبدالخالق صاحب رحمة الله عليهه گادي ڌڻي درگاهه حضرت قبلا سائين محمد صديق رحمة الله علي ڀرچونڊي شريف ڏهرڪي جن سان تمام گھڻي آهي، خاص ڪري هر عيد درگاهه عاليه جي حضور ۾ پڙهندو آهي. الله پاڪ کيس صدق دل سان سڪ سندس سيني ۾ دائم قائم رکي (آمين).


    محترم محمد اشرف ولد عبدالحميد خان

    محترم محمد اشرف ولد عبدالحميد خان
    سن 1979ع ڌاران تعلقه تنگواڻي جي ڳوٺ عبدالحميد خان ۾ پيدا ٿيو ۽ پرائمري تعليم محمودخان بجاراڻي مان پرائي 1994ع ۾ بالاچ خان ڏاهاڻي هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري ورتائين.
    بي اي سال 1998ع ۾ بي_بي_اي سال 1999ع ۾ ۽ ايم_بي_اي سال 2001ع ۾ ڪري پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين.
    محترم محمد اشرف جيترو هوشيار آهي سمجھان ٿو ته اوترو اڏول آهي، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ اهليت بجاءِ پٺ مٺ ۽ لٺ وارو وڏو عهدو وٺي سگھي ٿو. خير في الحال واپڊا اليڪٽرڪ سٽي ۾ 2002ع کان ميٽر ريڊر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


    محترم استاد ڪمال الدين صاحب

    محترم استاد ڪمال الدين صاحب
    محترم ڪمال الدين ولد محمدبخش خان باجڪاڻي سن 1968ع ڌاران ڳوٺ ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ساڳي ڳوٺ ۾ پرائي انگريزي پڙهڻ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ويو جتان مئٽرڪ سال 1983ع ۾ پاس ڪيائين. محترم ڪمال الدين بي ايس سي لاءِ 1990ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس ۽ ايم_ايس سي به ساڳي يونيورسٽي مان پاس ڪري 1993ع ۾ سائنس ٽيچر طور گورنمينٽ هاءِ اسڪول گڊو ۾ ٿيو. ان نوڪري دوران ايم ايڊ جِي ڊگري به حاصل ڪري ورتائون. هينئر 17هين گريڊ ۾ ساڳي اسڪول ۾ درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم استاد جمال الدين صاحب

    محترم استاد جمال الدين صاحب
    جمال الدين ولد محمد ابراهيم باجڪاڻي 1957ع ڌاران محمدشريف خان باجڪاڻي جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم دليجان ملڪ مان ۽ مئٽرڪ 1975ع ۾ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي. هن 1983ع ۾ بي_اي ۽ 1992ع ۾ ايم_اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس مان پاس ڪيائين.
    محترم جمال الدين 1980ع ۾ جي_ايس_ٽي طور مقرر ٿيو، سال 1988_89 ۾ بي ايڊ سکر مان پاس ڪري هن وقت گريڊ 17 بي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور ۾ درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم عبدالجبار صاحب

    محترم عبدالجبار صاحب
    محترم عبدالجبار ولد محمد حسن باجڪاڻي جنم 1956ع ۾ ديهه بهلڪاڻي ۾ ٿيس، هن ابتدائي تعليم بالاچ خان ڏاهاڻي جي ڳوٺ ۾ حاصل ڪئي، محترم عبدالجبار مئٽرڪ سال 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪري بي اي سال 1981ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري حاصل ڪئي. ان کان پوءِ 1983ع ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪيائين.
    محترم عبدالجبار 1982ع کان هن وقت تائين اسڪارپ واپڊا ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


    محترم جمع خان ولد نظرمحمد خان

    محترم جمع خان ولد نظرمحمد خان
    1968ع ۾ نزد دليجان خان ملڪ جي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، هن پرائمري تعليم مين پرائمري اسڪول ڪنڌڪوٽ ۽ 1979ع ۾ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ مان مئٽرڪ پاس ڪئي، ايم ايس سي سال 1984ع ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام مان پاس ڪري پي_اي_آر_سي پاڪستان ايگريڪلچرل ريسرچ ڪائونسل ۾ سي_او سائنٽيفڪ آفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي.


    محترم حبيب الرحمٰن ولد آچرخان

    محترم حبيب الرحمٰن ولد آچرخان
    سن 1984ع ۾ ڳوٺ حاجي ربنواز خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سخي پيرجان خان باجڪاڻي ۾ پرائي مئٽرڪ 1998ع ۾ گل محمد خان بجاراڻي (عرف جلو) مان پاس ڪري بي_اِي اليڪٽريڪل قائدعوام يونيورسٽي نوابشاھ مان پاس ڪري 2008ع ۾ جونيئر انجنيئر ليسڪو واپڊا ۾ سرڪاري نوڪري ملي هنيئر تائين پنجاب ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    محترم حبيب الرحمٰن صاحب جي گھڻي مدد محترم جناب غلام نبي خان گجراڻي صاحب جن ڪئي، اڄ به انهيءَ جو ٿورائتو آهي.


    محترم ڪجلو خان صاحب

    محترم ڪجلو خان صاحب
    محترم ڪجلو خان، قائم الدين باجڪاڻي جي گھر ۾ پهرين جنوري 1969ع ۾ ديهه نار تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ ڄام ننڍو ڀيو مان پرائي مئٽرڪ 1984ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي.
    محترم ڪجلو خان سال 1988ع ۾ روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم ٿيو. ن ان دوران ايم اي (سياست ۾) سال 1991ع ۾ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪري پوسٽ گريجوئيٽ ٿيو. محنت سان سال 1995ع ۾ جيلر ٿيو ۽ هن وقت ڪنڌڪوٽ جيل گھاٽ جو جيلر آهي.
    محترم ڪجلو خان جو والد قائم الدين روينيو ۾ ڪوٽوال ٿي رهيو. هو بااخلاق چڱو ماڻهو هو پر پٽ جي محنت کي سلام آ جو اڄ روينيو جا عملدار هن گھر کي عزت جي نگاھ سان ڏسن ٿا.


    محترم انجنيئر عبدالمجيد صاحب

    محترم انجنيئر عبدالمجيد صاحب
    محترم عبدالمجيد ولد حاجي صحبت خان باجڪاڻي 6 اپريل 1957ع ۾ هن ئي ڳوٺ ديهه ميٽا هڙ ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم قائم خان اوڳاهي ۾ پڙهيا (محترم عاربي خان اوڳاهي کان ۽ استاد محترم مولوي عبدالرحيم اوڳاهي جن هئا سندس اولاد جيڪي سڄي پسگردائي ۾ اعليٰ پائي جا استاد ليکيا وڃن ٿا) اهي هن ليکڪ کان وٺي برک شاعر اديب محترم رشيد احمد لاشاري تائين ڪيترن ئي اهلِ علم ۽ اهلِ قلم جا قابلِ احترام استاد رهيا.
    محترم عبدالمجيد صاحب مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ ۽ بي_اِي مڪينيڪل انجنيئر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو مان سال 1984_85ع ۾ پاس ڪري سن 1985ع مارچ ۾ ئي پهرين چائنه ڪمپني ۾ انجنيئر ٿيا. سال کانپوءِ واپڊا ٿرمل پاور اسٽيشن گڊو ۾ اڄ تائين انجنيئر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
    محترم عبدالمجيد صاحب پروقار نماز روزي جو پابند، بي وڏائي الله لوڪ انسان آهي، سندس اولاد پڻ تعليم يافته آهي.


    محترم امتياز صاحب

    محترم امتياز صاحب
    محترم امتياز ولد عبدالمجيد باجڪاڻي صاحب پنهنجي ساڳئي ڳوٺ صحبت خان باجڪاڻي ديهه ميٽاهڙ تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ سن 1982ع ۾ جنم ورتو، ابتدائي تعليم ٿرمل پاور اسٽيشن گڊو جي پبلڪ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪري بي_اِي سال 2005ع ۾ دائود ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچي مان پاس ڪيائين.
    محترم امتياز صاحب جڏهن انجنيئرنگ جي ڊگري ورتي تڏهن سرڪاري نوڪريون ملڻ مشڪل هيون. امتياز صاحب هڪ دورانديش انسان جي گھر ۾ جنم وٺندڙ صبر ۽ شڪر کي پلئه پائڻ وارو انسان هو ۽ شڪر آهي وري به الله پاڪ ٽن سالن کانپوءِ 2008ع ۾ عيسيٰ سيمينٽ فيڪٽري نوري آباد ڪراچي ۾ روزگار جي لام لاڙي ڏني، هي هڪ فهميدو ۽ گھٽ ڳالهائيندڙ انسان آهي.


    محترم آفتاب احمد

    محترم آفتاب احمد
    محترم آفتاب احمد ولد محترم محب علي باجڪاڻي ويٺل ڳوٺ بشام خان باجڪاڻي ديهه ڪنڌڪوٽ ضلع ڪشمور، هن 14 اپريل 1988ع ۾ جنم ورتو ۽ ابتدائي تعليم مين گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪنڌڪوٽ ۽ مئٽرڪ 2003ع ۾ شاهه عبداللطيف ماڊل اسڪول مان پاس ڪئي 2007ع ۾ بي_اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڌڪوٽ (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس) مان پاس ڪرڻ کان پوءِ ايم اي انگلش ريگيولر سنڌيونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو آهي.
    ان سان گڏوگڏ اهو به عرض ڪريان ته اسانجي ذات ۾ اهي تمام ٿورا ڪي باهمت انسان آهن جيڪي انگلش ادب ۾ پاس ڪرڻ ۽ ڪميشن ۾ ٻاهري ملڪ وڃڻ لاءِ سچا سوڀارا ۽ سهڻا خواب ڏسڻ چاهين ٿا. اچو ته اسين سڀ انهن لاءِ نيڪ دعائون ڪريون. جيڪي پنهنجي ديس قوم جا سچا آفيسر، دانشور ۽ ڀرجھلا انسان ثابت ٿين. (آمين)


    محترم چاڪر علي

    محترم چاڪر علي
    محترم چاڪرعلي پٽ غلام نبي (ملان) باجڪاڻي ويٺل ڳوٺ ديهه گلوالي تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ سن 1 نومبر 1976ع ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سخي پيرجان خان باجڪاني ۾ پرائڻ بعد 1992ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هائيرسيڪنڊري اسڪول غوثپور مان پاس ڪئي. ۽ بي ايس سي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪيائين.
    محترم چاڪر علي اُن جاءِ تي پيدا ٿيو ۽ رهي پيو، ان جي گھر جي ڀرسان اسانجو گھر هو جتي آءٌ به پيدا ٿيس. ان کان وڌيڪ اها خوشي جي ڳالهه آهي ته هيءُ به فقر جي لاڙي سان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي سنڀاليندڙن جو مريد ٿيو آهي، شال رب پاڪ ان ڳالهين تي بيهڻ جي همٿ عطا ڪريس. (آمين)


    محترم هوران خان

    محترم هوران خان
    محترم هوران خان ولد شيرخان باجڪاڻي 02 اپريل 1960ع ۾ ڳوٺ شيرخان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم ڪامران خان باجڪاڻي ۾ پرائي مئٽرڪ 1975ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين.
    محترم هوران خان 1988ع ۾ اسسٽنٽ انجنيئر نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ۾ ٿِي، اڄ تائين ساڳي کاتي ۾ ڪم ڪري رهيو آهي.


    محترم ميرخان ولد سُهندڙو باجڪاڻي

    محترم ميرخان ولد سُهندڙو باجڪاڻي
    15 آڪٽوبر 1969ع ڌاران ديهه خيرواهه ڪچو تعلقه ڪنڌڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول نورحسن کوسو ۾ پرائي مئٽرڪ 1985ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪري هن وقت پوسٽ گريجوئيٽ آهي.
    ميرخان سال 1995ع کان ٽيچر آهي هن وقت تائين تعليمي کاتي ۾ ترقي لاءِ ايم_ايڊ ڪري چڪو آهي.


    محترم منظور احمد صاحب

    محترم منظور احمد صاحب
    محترم منظور احمد ولد الهڏتو خان باجڪاڻي ڳوٺ الهه اڏيو خان باجڪاڻي ۾ 1956ع ڌاران جنم وٺي سنسار ۾ آيو.
    هن ابتدائي تعليم الله اڏيو خان باجڪاڻي مان حاصل ڪري مئٽرڪ سال 1972ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان انٽر شڪارپور مان پاس ڪري مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي مان سال 1982ع ۾ بي_اي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين، نوڪري به ان ئي سال مليس.
    محترم منظور احمد صاحب، هن وقت سکر نارٿ سنڌ اربن ڪارپوريشن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.


    محترم ڊاڪٽر ناظم الدين صاحب

    محترم ڊاڪٽر ناظم الدين صاحب
    محترم ناظم الدين ولد شاهمور خان باجڪاڻي 1954ع ڌاران ڳوٺ حاجي گدا علي خان باجڪاڻي تعلقه تنگواڻي ضلع ڪشمور ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ڪامران خان باجڪاڻي ڳوٺ مان ورتائين.
    محترم ڊاڪٽر ناظم الدين 1987ع ۾ چانڊڪا ميديڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڊگري وٺي پاس ٿيا ۽ ڪنڌڪوٽ سول اسپتال ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.


    محترم نورنبي (مظهر) باجڪاڻي

    محترم نورنبي (مظهر) باجڪاڻي
    محترم نورنبي (مظهر) ولد غلام نبي خان باجڪاڻي ڳوٺ حاجي گداعلي خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن تعليم گريجوئيٽ ڪرڻ سان گڏ درس ڏيڻ جاري رکيو.
    محترم نورنبي جاءِ ٽي ڀائر، هرهڪ محترم دريا خان، بختياراحمد ۽ عبدالملڪ پڻ گريجوئيٽ آهن.


    محترم فتح الدين ولد حاجي ربنواز خان

    محترم فتح الدين ولد حاجي ربنواز خان
    سن 1973ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم ڀروراري ڳوٺ سخي پيرجان خان باجڪاڻي مان پرائي مئٽرڪ سال 1989ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول غوثپور مان پاس ڪيائين ۽ بي اي 1993ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان پاس ڪيائين ۽ ان ئي يونيورسٽي مان بي ايڊ سال 1995_96 ۾ پاس ڪيائين ۽ ايم ايڊ سال 2000ع ۾ ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي شاخ مان پاس ڪيائين.
    محترم فتح الدين سال 1992ع کان بطور جي_ايس_ٽي درس ڏئي رهيو آهي.


    محترم استاد مولوي عبدالحميد صاحب

    محترم استاد مولوي عبدالحميد صاحب
    محترم عبدالحميد ولد مولوي جناب شاهنواز صاحب 1960ع ڌاران ڳوٺ ڪيچي خان باجڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ميرواهه (بنگلاڻي) ۾ پرائيائين جتي سندس والد محترم مدرس هئا.
    محترم استاد، ديني علم جون سندون، مولوي، عالم فاضل، فارغ التحصيل جامع اشرفيه والس روڊ سکر ۽ سند عالميه وفاق المدارس ملتان مان ۽ ايم اي هن وقت اسلاميات . استاد محترم نوڪري 1985ع کان اورينٽل ٽيچرس (او_ٽي) هاءِ اسڪول چيف سردار مير سندرخان سندراڻي (دڙي) ۾ 17 بي گريڊ، ۾ درس و تدريس جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهي.


    ضروري ڳالھه

    ضروري ڳالھه
    جن به تعارف جا فارم ڀري نه موڪليا ۽ تعاون ڪونه ڪيو انهن جا نالا بغير تفصيل پيش ڪريان ٿو. آءٌ سمجھان ٿو ته رهيل گريجوئيٽ اڃا به گھڻا هوندا، جيڪي ڪافي ڳڻپ ۾ نه آيا آهن، تن جي تعاون نه ڪرڻ تي آءٌ رنجيده نه آهيان، ڇاڪاڻ ته غلام قومن جي نفسيات اهڙي ٿيندي آهي.
    (1) نثال احمد ولد جلال الدين
    (2) اسراد احمد ولد جلال الدين
    (3) وقار احمد ولد جلال الدين
    (4) رياض احمد ولد جلال الدين
    (5) صدر الدين ولد طاهر علي
    (6) حاڪم علي ولد طاهر علي
    (7) عزيز الله ولد شاهمور
    (8) بجار ولد شاهمور
    (9) نجم الدين ولد شاهمور
    (10) مسعود احمد ولد الحاج نادرعلي صاحب
    (11) جميل احمد ولد ارصلاح
    (12) محمد صلاح ولد واحد بخش
    (13) منٺار احمد ولد واحدبخش
    (14) عبدالمالڪ ولد غلام نبي
    (15) رضا محمد ولد غلام نبي
    (16) منيراحمد ولد الله بخش خان
    (17) شبيراحمد ولد الله بخش خان
    (18) احمديار ولد عبدالرحيم خان
    (19) منظور احمد ولد الهڏتو
    (20) ڪرم الله ولد محمد هاشم
    (21) مولابخش ولد تاج محمد
    (22) الله بخش ولد تاج محمد
    (23) عبدالرزاق ولد محمد حيات
    (24) جاويد ولد محمد امين
    (25) عبدالعزيز ولد ٻرڙو
    (26) طاهر ولد ٻرڙو
    (27) نويد ولد ٻرڙو
    (28) محمد عظيم ولد محمد عثمان
    (29) غلام قادر ولد ڪامران
    (30) محمد عظيم ولد مراد علي (بابو)
    (31) نصرالله ولد محمد سليمان
    (32) عبدالعزيز ولد زنگي
    (33) منظور حسين ولد حاجي علي محمد خان (مجنو)
    (34) عبدالرحمٰن ولد حاجي علي محمد خان (مجنو)
    (35) مٺل ولد خيربخش
    (36) ضياءُ الحق پنهل ولد خيربخش
    (37) ارشاد ولد دودو
    (38) استاد امداد علي ولد محمد الياس
    (39) غلام ياسين ولد بشام خان
    (40) جاويد ولد بشام خان
    (41) ڪيهر ولد بروهي
    (42) علي محمد ولد بروهي
    (43) حفيظ الله ولد بروهي
    (44) فاروق ولد استاد محمد عمر (ظلم ٽوڙ)


    ليکڪ ۽ ڪتاب بابت


    پس ورق ۾ تاثرات

    پس ورق ۾ تاثرات
    ارڏو اترادي هڪ سماجي ڪارڪن محبت وطن، اديب، شاعر، استاد آهي سندس ڪيتريون تحريرون مختلف سنڌي ڪتاب، رسالن ۽ اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجنديون رهن ٿيون.
    هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ علم پرائڻ تاريخ لکڻ لاءِ نئين ٽهي ۾ اتساهه پيدا ڪرڻ ۾ سٺو ثابت ٿيندو.
    ڊاڪٽر خالد حسين مزاري رحيم يارخان

    ارڏو اترادي سنڌ جو مزاحمتي شاعر روشن خيال اديب آهي، هن جا ٻه ڪتاب ڇپيل آهن، هي پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”جيڪي قبيلا قومون علم نه پرائينديون پنهنجي تاريخ پاڻ نه لکنديون. ٻيا ليکڪ تن جي سياسي، سماجي، ثقافتي تاريخ بهتر نه لکي سگھندا“.
    حاڪم علي ڪٽوهر ٺل، 03063183101

    ارڏو اترادي هڪ بهترين شاعر آهي جنهن جي شاعري وقت ۽ حالتن جي پوري پوري عڪاسي ڪري ٿي. اهڙي ريت هي ڪتاب پڻ تاريخ لکڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هي ڪتاب بظاهر بلوچ قبيلي تي لکيل آهي، مگر ڌارين تاريخدانن، ديسي دلالن جن حاڪمن جي ڇانوءَ ۾ ويهي تاريخ لکي آهي، انهن تي ڀرپور تنقيد پڻ آهي.
    راجه ڊومڪي، ڊي_سي_او آفيس جيڪب آباد


    ارڏو اترادي سڄاڻ اديب، شاعر، امن، آهنسا مظلوم ۽ محڪوم قومن جو ساٿاري آهي. هن جو هي ڪتاب ”تاريخ ۽ اسان“ اهڙو ڪتاب آهي جنهن ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي تاريخ سان گڏ سنڌ بلوچستان جا ماڳ، مڪان، محفوظ ڪيا ويا آهن. هي ڪتاب هر روشن خيال، ادب دوست ۽ اديبن ڏانهن قلم کڻڻ لاءِ دعوت آهي.
    حميد سبزوئي، ڪراچي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258265
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386395
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ