ڪتاب جو نالو: سچل جو فڪر
مصنف: حزب الله آءِ سومرو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: تصوف
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 10 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 730 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 187 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • حضرت سچل سرمست فارقي رحه
  • تصوف جي دنيا کي ضرورت
  • قادري طريقي جو صوفي باصفا
  • سچل سرمست جو فڪر
  • هين تون آپ الله
  • جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي!
  • ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي
  • پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو ۽ ان جون صورتون
  • انگريزي سامراج خلاف جدو جهد ۾ سچل سائين جوڪردار
  • سچل جي نظر ۾ ”ملا“ جو ڪردار
  • علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون
  • ڊاڪٽر بلوچ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون
  • حاميءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون
  • رشيد ڀٽيء وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيات
  • ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيات
  • سچل سرمست رحه جي مستند رسالي جي تربيت

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سچل جو فڪر“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري نقاد ۽ محقق حزب الله آءِ سومري جي تحقيقي لکڻين جو مجموعو آهي. قربان منگي لکي ٿو:
    ”هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.“
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران

    تصوف نه ته مذهب آهي ۽ نه وري مذهب بيزار تحريڪ آهي پر تصوف مذهب مان ڦٽل تحريڪ آهي. سنڌي معاشري ۾ ڪجهه دانشورن کان جڏهن اهي ڳالهيون ٻڌندو هوس ته لطيف اسلام مخالف هويا سچل اسلام کان باغي هو ته ڏاڍو ڏک ٿيندو هو ته ڪيئن نه اسلام جي علمبردارن کي اسلام خلاف استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻئي پاسي مذهبي حلقي ۾ صوفي سڳورن جي ظاهري طرح مذهب مخالف مقولن جن جي باطن ۾ اسلام جي روح جي ڳالهه ٿيل هئي، کي ڏسي صوفين کي اسلام مخالف سمجهو ويندو رهيو ۽ کائن نفرت ٿيندي رهي. اهو به منهنجي لاءِ ڏک جو باعث بڻجي رهيو هو. ان سلسلي ۾ مون ڪجهه مقالا لکيا آهن جن مان گهڻا سچل يادگار ڪميٽيءَ خيرپور پاران ٿيندڙ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل ۽ ڪتابي سلسلي ”سرمت“ ۾ شايع ٿيل آهي، پر جيئن ته سڀئي هڪ ئي جاءِ تي مستقل ڪتاب طور نه آهن جنهن سان انهي ٻنهي غلط رجحان ۾ گهٽتائي اچي ۽ اهي ٻئي گروپ اعتدال يا وچڙائپ طرف اچن، منهنجو هي ڪتاب انهن ٻنهي طبقن کي تصوف جي حوالي کان وچڙائپ ڏانهن آڻڻ ۾ اهم مددگار ثابت ٿيندو. آءُ ناميارن ليکڪن ۽ شاعرن قربان منگي ۽ امر اقبال جو ٿورائتو آهيان جن مهاڳ ۽ تاثرات لکي ڏنا.
    آءُ پوپٽ پبليڪيشن هائوس خيرپور جو شڪر گذار آهيان جن سچل جي پيغام تي آيل دز کي هٽائڻ ۾ منهنجي هن ڪوشش ۾ تعاون ڪندي هي ڪتاب ڇپايو آهي. آخر ۾ پڙهندڙن کي گذارش آهي ته اگر ڪي غلطيون ڏسن ته مون کي واقف ڪن، ته جيئن آءُ اصلاح ڪري سگهان.


    حزب الله –آءِ– سومرو
    ميمبر سچل يادگار ڪميٽي
    ايڊريس: سومرا محله نزد ماچيس فيڪٽري سول اسپتال
    روڊ – خيرپرو ميرس.
    موبائيل : 3290626-0300


    مهاڳ

    سنڌ جي سونهاري ڌرتي صدين کان صوفي سالڪن ۽ شاعرن جي ڌرتي رهي آهي اهڙن صوفي شاعرن پنهجي ڪلام ذريعي ڏاهن جا جيڪي ڏس ڏنا آهن انهن کي سمجهڻ ۽ انهن مان نوان نقطا نروار ڪرڻلاءِ تحقيق ڪندڙ، جستجو ڪري، گهرو مطالعو ڪري انهن ڳالهين کي ظاهر ڪندا آهن جيڪي ڳالهيون بظاهر هڪ عام پڙهندڙ جي ذهني رسائيءَ کان مٿاهيون هونديون آهن. حضرت سچل سرمست جي شاعري پنهنجي رنگ ۽ انداز سبب سنڌ جي ڪلاسڪيل شاعريءَ جي ورثي ۾ پنهنجو الڳ مقام رکي ٿي. سچل سائينءَ جي فڪر جي مختلف رخن تائين پهچڻ لاءِ محقق پنهنجي پنهنجي انداز سان تحقيق ڪن ٿا. سچل يادگار ڪميٽيءَ جي پليٽ فارم تان هر سال سچل ادبي ڪانفرنس منعقد ٿيندي آهي ۽ ان ادبي ڪانفرنس ۾ سڌ جا عالم، اديب، ڏاها سچل سائينءَ جي ڪلام جي حوالي سان پنهنجيون تحقيقون سامهون آڻيندا آهن، جيڪي پوءِ تحقيقي جنرل ”سرمست “ جي صورت ۾ شايع ٿينديون آهن. مون کي اهو اعزاز حاصل رهيو آهي ته سچل يادگار ڪاميٽيءَ جي بنيادي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجي سائين، سنڌي ٻوليءَ جي برک شاعر ڏاهي ۽ سچل جي شارح ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جي شفقت ڀريئ ساٿ ۾ سندس وڇوڙي کان پوءِ به ”سرمست“ جي ڇپائي ۽ ان جي سهيڙ جي ڪم ۾ شامل رهيو آهيان. هتي ان ڳالهه جو ذڪر ان ڪري ڪيو آهي جو، هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پُري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪانئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به مهنجي خيال ۾ سچل سائينءَ جي فڪرجي حوالي سان ڪي ٽيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي.
    حزب الله آءِ سومرو لکڻ جي حوالي سان هڪ محنتي ۽ ساڳئي وقت اڪثر جاين تي اختلاف راءِ رکندڙ ليکڪ رهيو آهي ڪتابن سان کيس پيار هوندو آهي. مون سدائين سندس هٿ ۾ ڪاغذ اخبارون ۽ ڪوئي ڪتاب سان ئي چاهه رکيو آهي. سندس مسلسل محنت کيس ادبي دنيا ۾ سڃاڻپ ڏني آهي. مان حزب الله آءِ سومري جي حوالي سان چوندس ته هن اڻ ڌريو ٿي جيڪا به تحقيق ۽ تنقيد ڪئي آهي ان نه صرف کيس مان ڏياريو آهي پر تحقيق جا نوان رستا به کوليا آهن، گڏو گڏ اها ڳالهه به چوندس ته حزب الله آءِ سومرو ذاتي حوالي سان هڪ بي ضرر ماڻهو ئي رهيو آهي. هن کي مون ڪنهن جي به سامهون يا پرين ذاتي حملا ۽ گلا ڪندي ناهي ڏٺو.
    مان سمجهان ٿو ته علمي، ادبي، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي مسئلن خيال آرائي ڪندي حزب الله تنقيد ۽ خاص ڪري تحقيق جي ميدان ۾ وڌندي نظر آيو آهي. سندس هيءُ ڪتاب ان ڳالهه جو شاهد آهي ۽ اها ڳالهه سندس ادبي قد ڪاٺ کي اڃان به وڌيڪ بلند ۽ مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي هن ڪتاب ۾ شامل سڀئي مقالا ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ گهڻي محنت کان پوءِ لکيل آهي. انهن ۾ جيڪي علمي بحث ڇڙيل آهن انهن تي اسان جا ڪتاب مانوارا اديب ۽ ڏاها ضرور آرائي ڪندا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته هن ڪتاب جي ڇپجڻ کان پوءِ سچل سائينءَ جي حوالي سان اڃا به ڪي ٽيون تحقيقون سامهون اچن.
    اسان جي تحقيقي ادرن جا حال ساريا پيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪوئي انفرادي حوالي سان ڪو ڪم ڪري ٿو ته اها بهتر ۽ خوش آئند ڳالهه آهي حزب الله آءِ سومرو هڪ مذهبي خيال رکندڙ ليکڪ آهي مذهبي هجڻ ڪا خراب ڳالهه ڪانه آهي مذهب ته زندگي کي گذارڻ جو هڪ جامع فلسفو هوندو آهي ۽ ان حوالي سان اسلام جي فلسفي ۾ ته الاهي وسعت آهي. مان سمجهان ٿو ته هڪ ليکڪ کي مذهب جي گهرائيءَ ۾ لهڻ گهرجي ۽ مون کي حزب الله آءِ سومرو اهڙي ڪوشش ۾ رڌل نظر ايندو.
    منهنجي دعا آهي ته حزب الله آءِ سومرو ساڳي ئي جاکوڙ ۽ جستجو جي جذبي سان ائين ئي لکندو رهي. تحقيق وارو شعبو جيڪو ڏکيو ۽ محنت طلب شعبو آهي. ان شعبي ۾ پنهنجون تعمري صلاحيتون خرچ ڪندو رهي ۽ ادب جي ان خالي ميدان کي ڀريندو رهي.

    2009-01-01

    قربان منگي
    ايڊيٽر
    سچل سوونيئر
    سچل سرمست يادگار ڪاميٽي خيرپور


    حضرت سچل سرمست فارقي رحه

    عبدالوهاب عرف سچل سرمست ولد ميان صلاح الدين ولد خواجه محمد حافط عرف ميان صاحبڏنو درازا خيرپور ۾ 1170هه مطابق 1757 ۾ پيدا ٿيو جڏهن ته 1152هه مطابق 1739ع وارو ٻڌايل سندس ولادت جو سنه صحيح نه آهي اهو فقط 1165ه ۾ وفات ڪندڙ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ سان ملاقات لاءِ ڪيو ويو آهي جڏهن ته فاروقين جي شجري جيڪو سچل چيئر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ محفوظ آهي ان ۾ سچل سرمست جي ولادت 1170ع لکيل آهي سندن والد ميان صلاح الدين جي وفات 1158ع ۾ ٻڌائي ويندي آهي جڏهن ته اهو سنه 1200هه آهي ڇو ته ڪجهه سال اڳ تائين سندن قبر تي اهڙو ڪتو لڳل هو پر هن وقت ٽٽي چڪو آهي . حضرت عمر فاروق رضه جي اولاد جي اولاد مان هئو جنهن تي فخر سان چيائون ته ”شڪر اولاد عمردي ها“ ميان عبدالوهاب جا استاد حافظ عبدالله قريشي ۽ ميان عبدالحق فاروقي هئا. ميان عبدالحق فاروقي سندن استاد، چاچو، مرشد ۽ سهرو هو. ميان عبدالوهاب شاعريءَ ۾ سچل، سچو، سچي ڏنو، آشڪار ۽ خدائي تخلص ڪم آندا آهن ۽ سچل سرمست جي نالي سان مشهور ٿيو. کين ستن زبانن سنڌي، سرائيڪي، پنجابي، اردو ۽ هندي، عربي ۽ فارسيءَ ۾ مهارت رکڻ سبب ”شاعر هفت زبان“ چيو ويندو آهي. سندن فارسي نظم جي ڪتابن ۾ ديوان آشڪار، ديوان خدائي، ساقي نامه، مثنوي رهبر نامه، مثنوي وصلت نامه، مسدس وحدت نامه ۽ غزل بحر طويل آهن. سندن سنڌي ڪلام جو رسالو ۽ سرائيڪي ڪلام جو رسالو پڻ آهن جن ۾ آعا صوفي، عثمان علي انصاري، نماڻو فقير ۽ مولوي محمد صادق راڻيپريءَ جا رسالا مشهور آهن. سچل سرمست بيت، ڪبت، وائي، ڪافي سه حرفي، غزل، مستزاد فرد، قطعه مثنوي، مرثيو، گهڙولي ۽ جهولڻو جي صنفن ۾ شاعري ڪئي آهي. سندن دور ۾ مير سهراب خان ٽالپر ۽ مير رستم خان ٽالپر حاڪم هئا. پاڻ مريد نه ڪندا هئا پر جن مانهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته کائن فيض ورتائون تن ۾ فقير نانڪ يوسف، فقير محمد صالح قادري، فقير محمد صلاح ڀيو، فقير گحرام جتوئي، فقير شير خان ڀنڀرو، جانو فقير شڪارپوري سيد خير شاهه، سيد پيرل شاه، سيد حسن ساه، سيد حيدر شاه، فقير محمد صديق، فقير عثمان چاڪي، فقير شير علي ۽ فقير محمد يعقوب سامل آهن.
    سچل سرمست جي نالي سان سچل اڪيڊمي، سچل سرمست لائبريري، سچل چيئر ۽ سچل سرمست يادگار ڪميٽي خيرپور جا ادارا ۽ تنظيمون سندن فڪر ڦهلائڻ ۾ مصروف آهن سچل يادگار ڪميٽيءَ طرفان هر سال ميلو، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، محفل موسيقي ۽ سگهڙ ڪانفرنس اهم تقريبون آهن جڏهن ته ”سرمست“ ۽ سوونيئر ”سچل“ به شايع ڪيا وڃن ٿا خيرپور ضلع ۾ هر سال 14 رمضان تي موڪل ٿيندي آهي جيڪا سندن ياد ۾ هوندي آهي. سندن خليو ۽ لباس هن طرح هو جو قدوچولو، رنگ صاف، کليل پيشاني وار ڊگها، مٿي تي سائي رنگ جو تاج ۽ سفيد قميض پائيندا هئا. حضرت سچل سرمست قرآن پاڪ جا حافظ هئا ۽ چوندا هئا ته ”حڪم شريعت برسر ڪرڻا، ٻاهر قدم نه هڪو ڌرڻا، تابع تنهين امردي ها.“ ڌرتيءَ تي هيٺ سمهندا هئا، سادو کائيندا هئا ۽ سادو پائيندا هئا. ۽ نشي کان پري هئا. سندن شاعريءَ ۾ جوش ۽ ولولو آهي ڇو ته انگريز سامراج خلاف عوام کي اٿارڻو هو جن سندن وفات کان سورهن سال پوءِ سنڌ تي قبضو ڪيو. علماءِ ڪرام ۽ صحيح مرشدن جو وٽن احترام هو پر وجهي ملن ۽ پيرن خلاف تعليم ڏنائون. هندو مسلم جي سياسي اتحاد ڪانگريس جي پليٽ فارم تي ٿيو. سچل گدائي ۽ غلاميءَ خلاف هو، پاڻ، ”پاڻ سڃاڻڻ“ ذريعي انسانن کي شاه، بادشاه ۽ مالڪ ڏسڻ پئي چاهيائون پاڻ اناالحق ۽ رب جبار چوڻ ذريعي ماڻهن ۾ خدائي صفعتون پيدا ڪرڻ چاهيائون. سندن شاعريءَ ۾ الله، رسول، چئن يارن سڳورن، پنجتن ۽ پيران پير جي مدح ٿيل آهي. قادري طريقي جا صوفي يا صفا هئا. فرقي بازيءَ جي بلڪل خلاف هئا. سندن وفات 14 رمضان 1242هه ٿي آهي عيسوي سنه جي حساب سان 11 اپريل1827ع هو . ان طرح سندن عمر 1170هه کان 1242هه تائين 72 سال هئي جنهن ڪري نوي سالن جي عمر واري روايت صحيح نه آهي. پاڻ فرمايو اٿن.

    اول عشق الله نون هويا، جنهن رسول اپايا
    ڏوجها عشق محمد نون، جنهن ڪلمه پاڪ پڙهايا
    ٽيجها عشق چئون ياران نون، جنهان صدق خوب کمايا.


    تصوف جي دنيا کي ضرورت

    ڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته تصوف ڪو مذهب آهي ته مون کي ٻڌايو ته تصف اگر مذهب آهي ته ان جو باني ڪير آهي؟ ۽ ان جي قانون جو ڪتاب ڪهڙو آهي؟ تصوف جا مسهور سلسلا حضرت ابوبڪر صديق رضه ۽ حضرت علي المرتضيٰ رضه تي ختم ٿين ٿا اهي شخصيتون اسالم جون عظيم شخصيتون آهن ان جو مطلب ته تصوف اسلام مان آهي ان ڪري تصوف کي جدا مذهب سمجهڻ بجاءِ اسلام جي هڪ هلچل يا تحريڪ سمجهيو وڃي اهڙي هلچل هن علائقي ۾ ”ويدانت“ جي صورت ۾ هلندڙ هئي جنهن جو بنياد به مذهب آهي. ويدانت هندن جي مذهبي ڪتابن ”ويدن“ سان تعلق رکي ٿي. مغرب ۾ ان لاءِ مسٽيز آزم (Mysticism) جو اصطلاح مروج ٿيو آهي ان جو بنياد به انجيل آهي ان ڪري تصوف، ويدانت ۽ مسٽيزآزم کي مذهب جي تحريڪ سمجهيو وڃي جنهن ۾ دنيا دولت جي هوس کان بچڻ جا مختلف طريقا استعمال ڪيا ويندا رهيا آهن ۽ پڻ ڪٽر پڻي کان دور رهڻ جي تربيت ڪئي ويندي آهي وڏي ڳالهه ته انهن جو بنياد خدا جي وحدانيت تي آهي.

    مذهب بيزاري ۽ تصوف
    ڪي ماڻهو تصوف کي مذهب بيزار تحريڪ سمجهن ٿا ڇو ته صوفي فرقا بندي ۽ انتها پسندي کان نفرت ڪند رهيا آهن حالانڪه قرآن ۾ فرقا بندي ۽ انتها پسندي کان منع آهي. سورت آل عمران 103 ۾ آهي ته وَاعتَصِمُوا بِجَبُلِ الله جَمَيعَــاَ وَلاَتَفرَ قُوا:- ترجمو: حد کان نه وڌو، بيشڪ الله حد کان وڌندڙن کي پسند نٿو ڪري. هي جو سچل چيو آهي.
    مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجهايا
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
    ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف.
    ته ”مذهب“ فقهي اصطلاح ۾ فقه ۽ مڪتبه فڪر يا ٻين لفظن ۾ فرقي کي چيو ويندو آهي. اگر صوفي سڳورا اسلام کان بيزار هجن ها ته سونهاريون نه رکن ها. الله ، رسول، چئن يارن، پنجن تنن، پيران پير جا مداح نه هجن ها سندن مزارن ۽ گهرن ڀرسان مسجديون نه هجن ها. سنڌ جي سڃاڻ ڀٽائي، سچل ۽ ساميءَ بابت محمد ابراهيم جويو صاحب لکي ٿو ته ” سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل سامي 1997ع ص 36) ٻئي هنڌ لکيو اٿائين ته ” هڪ پاسي شاه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهري ٿي (شاه سچل سامي ص 29) وڌيڪ لکيو اٿائين ته ”شاه جو رسالو دنيا جي جملي مذهبي تعليم جو نچوڙ – سنگم ۽ سنڌي تهذيب جي سموري حاصلات جو روح آهي (شاه سچل سامي ص 69) .

    سچ ۽ ڪوڙ ۾ تميز ۽ تصوف
    ڪن ماڻهن اهو سمجهيو آهي ته صوفي ٿيڻ لاءِ مذهب سان سچو هجڻ ضروري نه آهي جيڪو اچي سو کائجي. حلال حرام جي تميز ضروري نه آهي ته ان سان ماڻهو حرام حلال جي ڪاتي بڻجي پوي ٿو. ان سان سچ ۽ ڪوڙ جي تميز يا سچ جو ساٿ فضول ٿي پوندو. نيڪي ڪرڻ ۽ برائيءَ کان بچڻ جو فلسفو اجايو ٿي پوندو، پوءِ ته ظالم ۽ مظلوم ۾ ڪو فرق نه ٿيندو، اها شيءَ يا فڪر دنيا کي ترقيءَ بجاءِ زوال ڏانهن وٺي ويندو صوفي اسلام جا پڪا علمبردار ۽ عامل هئا. ڀٽائيءَ جي تعليمات وانگر هو اسلام ۽ ڪفر کي ملائڻ کي منافقت سمجهندا هئا.
    ڪوڙو تون ڪفرسين، ڪافر ته ڪوٺاءِ
    هندو هڏ نه آهيين، جيڻو تونه جڳاءِ
    تلڪه تنين کي لاءِ سچا جي شرڪ سين.
    (شاه جو رسالو آڏواڻي – سرآسا دستان 4 بيب 6)
    ان پر نه ايمان، جيئن ڪلمي گو ڪوٺائين
    دغا تنهنجي دل ۾ شرڪ ۽ شيطان
    منهن ۾ مسلمان، اندر آذار آهيين
    (شاه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا دستان 4 بيت 5)
    باقي سچل سائينءَ سميت جن صوفين مسلمانن ڪافر يا هندو ملسم جو اتحاد چاهيو آهي ته اهو اتحاد سياسي چاهيو پئي ته جيئن سامراج کي نفاق جو موقعو نه ملي، اهڙو ااتحاد ته نبي پاڪ صه مديني جي يهودين سان ڪيو هو جنهن کي ميثاقِ مدينه چيو وڃي ٿو. اگر صوفي مذهبي ملاوٽ چاهين ها ته بتن آڏو سجدا ڪن ها. مندر ٺاهين ها يعني هو مذهبي نه پر سياسي اتحاد چاهين پيا.

    ترڪ دنيا ۽ تصوف
    نبي پاڪ صه فرمايو آهي ته لارهبانيته في الاسلام: اسلام ۾ رهبانيت نه آهي. رهبانيت جو مطلب آهي ترڪ دنيا، جيڪا عيسائين ۾ معَيسصل رهي حالانڪه سندن مذهب ۾ نه هئي ڇو ته سندن لاءِ قانوني شريعت موسوي هئي جيئن حضرت عيسيٰ انجيل ۾ ٻڌايو آهي سو ان ۾ رهبانيت نه هئي پر عيسائين اها يجاد ڪئي سورت حديد 27 ۾ آهي. وَ رَ هبَانِيتََ ابَتدَعُوهَا مَاکَتباَ هَا عَلَيهم ترجمو: ۽ رهبانيت جي انهن شروعات ڪئي هئي، اها اسان مٿن فرض نه ڪئي هئي. ڪن عيسائي دانشورن حضرت عيسيٰ جي شادي نه ڪرڻ کي بنياد بڻائي رهبانيت جي شروعات ڪئي حالانڪه حضرت عيسيٰ جي هن دنيا ۾ عمر ٿوري تقريقـاََ ٽيهه سال رهي ۽ ان ٿوري عرصي ۾ کين دين جي دعوت تبليغ ۽ نفاذ جي جدوجهد سبب فرصت نه ملي سگهي ۽ ٻيو ته حضرت عيسيٰ شاديءَ کان منع به نه ڪئي هئي.
    اسلام ۾ دنيا اندر رهي آخرت جي تياري ڪرڻ جو فلسفو آهي. حديث پاڪ ۾ دنيا کي آخرت جي کيتي قرار ڏنو ويو آهي. سورت القصص 77 ۾ آهي ته: وَلاَتَنسِ نَصِيبَکَ مِنَ الدُنيَا: دنيا ۾ پنهنجي حصي کي نه وسار ته اسلامي تصوف ترڪ دنيا نه آهي پر دنيا جي هوس کان بچڻ آهي ڇو ته هوس ظلم ۽ استحصال کي پيدا ڪندو آهي. صوفي سڳورن شاديون ڪيون. دنيا جهان جا معاملا سرانجام ڏنائون ۽ اهو ڪهڙو ڪمال آهي جو دنيا کي ڇڏيو وڃي ۽ ظلم استحصال کان بچي ونجي پر ڪمال ته اهو آهي جو دنيا ۾ رهي انهن غلط ڪمن کان بچي ڏيکارجي، ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻارمِ
    اَڀا ائين چون، مَڇُڻ پانڌ پسائين
    (شاهه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا دستان 4 بيت 19)
    شريعت سڃاڻ – ڪر طريقن تڪيو
    هينئون حقيقت هير تون، ماڳ معرفت ڄاڻ
    هئج ثابوتي ساڻ ته پسڻ کان پالهو رهين.
    (شاه جو رسالو آڏواڻي – سر آسا داستان 4 بيت 20)
    اگر تصوف ترڪ دنيا جو نالو آهي ته پوءِ دنيا جهان جا ماڻهو ائين ڪيئن ڪري سگهندا؟ ۽ دنيا جو چرخو ڪيئن هلندو؟ اهڙو تصوف قابل عمل نه آهي باقي اسلامي تصوف موجب ترڪ دنيا بجاءِ دنيا جي هوس کان پاڻ بچايو وڃي. سورت التڪاثر- 1، 2 ۾ آهي اَلهَاکُمُ التَڪَاثُرُه حَتي زُرتُمُ المَقَابِرَه
    ترجمو: گهڻ گهڻ اوهان کي ماري وڌو آهي. ايتري قدر جو وڃي قبرن ۾ پهتا آهيون ۽ ان جي هن وقت دنيا کي ضرورت به آهي ته جيئن ظلم ۽ استحصال کان ماڻهو بچي سگهن. هي ملڪن کي قبضا جنهن ڪري انسانن کي ڊيزي ڪٽر بم – ايٽم بم ۽ ٻيا مهلڪ هٿيار استعمال ٿيڻ جو مقصد دنيا جي هوس ئي ته آهي.

    سامراج خلاف مزاحمت ۽ تصوف
    ڇا اهوتصوف آهي ته صوفي سامراج ۽ ظالم سان ٽڪر نه کائين پر دنيا کان ڪٽجي ظالم حاڪن ۽ حالتن سان مهاڏي اٽڪائڻ بجاءِ فقط الله الله ڪري فراريت ۽ بزدلي اختيار ڪن، اگر ائين درست آهي ته پوءِ اڄوڪي دور ۾ يا ماضيءَ ۾ اهو فلسفو ته سامراج جومددگار ۽ حمايتي ٿيندو ۽ سامراج ماڻهن کي غلام بڻائيندو حالانڪه ائين نه آهي تصوف اهڙو نه رهيو آهي. صوفي سڳورا ترڪ دنيا بجاءِ دنيا اندر رهي جدوجهد ڪندا رهيا. ماڻهن ۾ اسلام جي حقيقي روشن خيالي ۽ محبت پيدا ڪري ظالم حاڪمن ۽ سامراج خلاف ماڻهو ذهني طرح تيار ڪندا رهيا ۽ ڪڏهن ته ان سلسلي ۾ کين جانين ۽ مالن جي مثالي قرباني ڏيڻي پئي ته ان کان ڪيئن نٽايائون، مخدوم بلاول، مجدد الف ثاني، شاه ولي الله، سيد احمد شهيد، سيد صبغت الله شاه راشدي ۽ شاه عنايت صوفي هوندي سامراج ۽ ظالم سان ٽڪر کاڌو ڀٽائي صاحب فرنگي سامراج خلاف چيو.
    دنگي وچ درياءَ – ڪي ٻڏي ڪِي اپڙي
    هوجي واڍي واڻيا، سي سونهن سڀ سڙيا
    معلم ماڳ نه اڳين، ڦلنگي منهه ڦِريا
    ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ، اچي چور چڙهيا
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي.
    (شاه جو رسالو آڏواڻي – سر سريراڳ داستان 3 بيت 9)
    سچل سرمست انگريز سامراج خلاف چيو ته:
    اولهه سج نه اڀري، الاهي متان ٿئي اوڀر
    ماري ويند ۽ چپرين، ڍونڍن سندا ڍير
    مرد ڏين ٿا مام ۾۾، مانجهي ڪي مٿير
    وَجُهه اٿئي، وِجهه پاڻ ۾ هيڪڙائيءَ جي هير
    ناسودي ناخير، نپٽ پوءِ نابودڪر
    اڄ به مغربي سامراج مسلم دنيا تي حمله آور آهي. مسلمان عوام ۽ هاڪن کي ڀٽائي ۽ سچل جي ان فڪر موجب ان سامراج جو مقابلو ڪرڻ گهرجي. تصوف جي اڄ جي ضرورت اها آهي.


    قادري طريقي جو صوفي باصفا

    صوفي ٿيڻ جو مطلب اهو ٿو ورتو وڃي ته هن کي غلط صحيح، سچ ڪوڙ، ڪفر ايمان، حلال حرام، پاڪ ناپاڪ جي خبر نه پوي يا خبر نه رکي ائين آهي ته رشوت خور، وياج خور ۽ ٻيا بدڪار وڏا صوفي ٿي پوندا. اڄ ڪلهه نشيءَ پاڻ کي صوفي قرار ڏين ٿا. دنيا کان لاتعلق رهندڙ پاڻ کي صوفي قرار ڏين. اڄ جيڪو ناڪاره آهي اهو پاڻ کي صوفي قرار ڏئي ٿو ڇا ائين آهي؟ ڇاگيڙو ڪپڙو ڍڪي ماڻهن جي رت چوسجي يا سامراج جي غلامي ۽ بدڪاريءَ ۾ مبتلا ٿجي ۽ پوءِ پاڻ کي صوفي سڏائي سگهجي ٿو. نه بلڪل نه اهي سڀ هٿ جا ٺهيل غلط اصول آهن اصل صوفي ايئن نه رهيا آهن. اصل صوفي نه مذهب کان باغي رهيا آهن نه اخلاق کان بيزار رهيا آهن. اڄ جو نالي جو صوفي اهڙو ٿي ويو آهي جهڙي منظر نگاري انقلابي شاعر غلام عباس ڀنڀري پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح ڪئي آهي.
    واريءَ تي ٿا ليڪا پايون،
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون
    ڪاريون پٽيون، خالي ٻانهون
    دانهون پنهنجيون ناهن ڪاهون
    بند اسان جا رند ۽ راهون
    رت ۾ رڱيل واٽون واهون
    وڏ ڦڙي جيئن نيڻ ٽمايون
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون
    صوفي ٿيا سون تلڪ لڳائي
    سنڌ جا خالي گيت ٿا ڳايون
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون.


    ان ڪري تلڪه لڳائڻ، ڳچيءَ ۾ تئي لٽڪائڻ رڳو گيڙو پائڻ، نشي ڪرڻ، مئه خاني وسائڻ، حلال حرام جي تميز نه ڪرڻ تصوف نه آهي اگر اهوئي تصوف آهي ته ڪو اعليٰ پيغام نه ڏئي رهيا آهيون. ڇا سچل سرمست الله رسول، چئن يارن، پنجن تنن ۽ پيران پير کان ڪڏهن بغاوت اختيار ڪئي! ڇا سچل سرمست ڪڏهن چيو ته حلال حرام جي تميز نه ڪريو. ڇا سچل سرمست بلڪل تارڪ الدنيا هو يا کيس گهر ۽ گهرواري به هئي.ڇا سچل سرمست نشو ڪندو هو. ڇا سچل سرمست ڇوڪرن يا ڇوڪرين جو عاشق هو يا رب سائين جو عاشق هو. پوءِ اهو سڀ ڪجهه سمجهو ٿا ته سچل سائين الله رسول جي حڪم جو مڃيندڙ نشي کان پار جو گهر ۽ گهروارئي وارو هو. هو رب سائين جو عاشق هو الله کان سواءِ ڪنهن جي ٻانهپ جو قائل نه هو. الله جي رسول جي رستي جو راهي هو چئن يارن سڳورن، پنجن تنن ۾ پيران پير جو وڏو مداح هو ته پوءِ تصوف ۽ صوفيءَ جي ابتي وصف ڇوٿا بان ڪري؟
    صوفيءَ بابت ڀٽ جو شاهه ڇا ٿو چوي؟ هن جي نظر ۾ تصوف ۽ صوفيءَ جون ڪهڙيون وصفون آهن ته سندس بيت پيش ڪريان ٿو.
    صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
    تهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرنيجو.
    (شاه جو رسالو آءِ آءِ قاضي – سريمن ڪلياڻ داستان 5 بيت 5)
    صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀائنس ڪير
    منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهيس پير
    جين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو
    (شاه جو رسالو آءِ آءِ قاضي – سر يمن ڪلياڻ داستان 5 بيت 6)

    ان جو مطلب ته صوفي لاڪوفي آهي صوفي ڪوفي يعني (ظالم يا بي وفا) نه آهي. ڪنهن جو حق نه ڇنندو آهي لالچي نه هوندو آهي اصول يا اخلاقي حدون نه اورانگيندو آهي. اوهان سچل سرمت طرفان انگريز سامراج خلاف انهن جي غلامي خلاف ٻانهپ کي رد ڪرڻ ۽ هندو ملسم جي سياسي اتهاد کي غلط رنگ ڇو ٿا ڏيو. اوهان خدا جي ٻانهپ کي بندي جي ٻانهپ ۾ تبديل ڇوٿا ڪريون اوهان سامراج خلاف نچڻ کي مجازي عشق تائين محدود ڇو ٿا ڪريو. اوهان هندو مسلم سياسي اتحاد کان هندن جي رسمن کي اختيار ڪرڻ جو درس ڇو ٿا وٺو؟
    ڀٽائي رڳو صوفي باصفا نٿو پاهي پر سچل سرمست به قادري طريقي جو صوفي هو. ڪو ڇڙواڳ نه هو. قادري طريقو حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي تقويٰ يا پاڪائي وارو سلسلو آهي. جيڪي ماڻهو سچل سرمست کي شريعت کان باغي سمجهن ٿا اهي صحيح نه آهن ڇو ته تصوف جا چارئي مشهور طريقا قادري، نقشبندي، سهروردي ۽ چشتي شريعت تي بهتر نموني عمل جا طريقا آهن. سچل سرمست قادري سلسلي جي هڪ بزرگ هستي شاهه عبيدالله جيلاني بابت گهڙولي جنهن جو قلمي نسخو سچل چيئر ۾ موجود آهي چيو آهي.
    شاه عبيد الله جيلاني - بخشش ڪيئي حق سلطاني
    ڄم دراز شهردي هان.
    سلسله طريقيت قادريه سان وابسگتيءَ جو اعلان سچل سرمست جنهن نظم ۾ ڪيو آهي اهو مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ جي جمع ڪيل سچل جو سرائيڪي ڪلام ص 320 تي هن طرح ڏنو ويو آهي.
    هادي مهدي مرشد مَيڏا، قادريه هئي ڪامل
    عارف عبدالحق بهَر دم، نال مريدان شامل
    مهدي شاهه مُربي ميڏا، رهبر راه ڏسيندا
    حق محقق، مستي مَي دي، بيشڪ اوبخشيندا
    شاهه عبيدالله اسان ڏا خواجه پيران پير
    آل نبي اولاد علي، هي حضرت ميدان مير
    ڏاڏا اُس دا غُوث االاعظم، مرشد ڪل اولياوان
    قدم مبارڪ هويا تَحقق، گردن سڀ سرتاجان،
    ڀٽائي سچل سرمست اهو طريقو تصوف پاڪائي لاءِ اختيار ڪيو ان ڪري ائي اسان صوفياء ڪرام کي اولياءَ الله چئون ٿان. خدا تعاليٰ ”ولي“ جي وصف قرآن پاڪ هن مطرح ٻڌائي آهي . اَلاَ اِن اَولِياءَ اللهِ لاَ خَوفُ عَلَيهِم وَلاَهُم يَحزَنُودنَ ه اَلذِينَ اٰمَنُودا وَ کاَنُودا يَتقُودنَ ه (يونس 62 – 63) ترجمو: بيشڪ خدا جي ولين تي نه خوف آهي نه غم. اهي اهي آهن جن ايمان آندو ۽ پرهيز گاري اختيار ڪئي.


    سچل سرمست جو فڪر

    حضرت سچل سرمست جو فڪر ڪهڙو هو؟ سندس بيتن جي حوالي کان سندس فڪر اوهان آڏو رکندس.
    1. پاڻ سڃاڻڻ:- سچل سرمست ماڻهن جي پست خيالي، وهم پرستيءَ کي ختم ڪرڻ چاهيو ڇو ته پست خيالي ۽ وهم پرستي ماڻهوء کي ڊڄڻو، غلام ۽ نڪمو بڻائيندي آهي. اسلام جي ان نقطي ته انسان سڄي مخلوق کان افضل ۽ ڪلائڪن جو مسجود آهي اهو پٿرن، ٺڪرن ۽ ڪاٺين يا پاڻ جهڙن انسان آڏو جهڪي اها ان جي تذليل جي نشاني آهي. سچل سرمست ماڻهن کي پنهنجي اصل مقام ته هو اشرف ۽ افضل آهن ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو ملهه
    پيهي پس تون پاڻ، پنهنجو سر سڃاڻ
    پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي
    هر ڪنهن صورت آپ الله

    2. اناالحق جو نعرو:- سچل سرمست جا هي جملا آهن ته،
    الله الله ڇو چوين، پاڻ ئي الله ڄاڻ
    ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي
    نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار

    اهڙا ٻه معناوان لفظ اصطلاحي، محاوراتيءَ تشبيهي آهن جيئن قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جا هٿ (آل عمران 73) مهن (بقره 272) پتي (قلم 42) عرض (توبه 129) ۽ ڪرسي (بقره 255) به اصطلاحي، محاوراتي معنيٰ رضا شامل هجڻ، هٿ سان ٺاهڻ معنيٰ پيار مان ٺاهڻ، منهن کي ڏسڻ معنيٰ قرب چاهڻ، منهن چاهڻ معنيٰ رضا چاهن، منهن بچڻ معنيٰ قائم دائم رهڻ، پنيء جو ديدار معنيٰ ٿورو ديدار يا جهلڪ، عرش يا تخت معنيٰ بادشاهي، ڪرسي معنيٰ حڪومت آهي. پنهنجي انهن ٻه معناون محاوڙئي، اصطلاحي ۽ تشبيهي شهرن سچل سرمست سمجاهئي ٿو ته ”اي انسان تو ٻي آڏو نه جهڪ توکان ته فقط هڪ ذات الله جي افضل آهي تنهنجي حيثيت ٻي مخلوق لاءِ الله واري آهي ڇو ته تون ئي مسجود الملائڪته آهين. پاڻ ۾ خدائي صفتون پيدا ڪر. جيئن الله تعاليٰ پاڻ نٿو کائي پيئي ان جي پيروي روز و کي ڪري سگهجي ٿي. خدا ٻين کي کارائي پيئاري ٿو ته تون به ٻين کي کاراءِٰ ۽ پيار خدا ٻين آڏو نٿو جهڪي جو ان کان وڌيڪ ڪونه به آهي اي انسان تون به الله کانسواءِ ڪنهن آڏو نه جهڪ.

    3. ملان ۽ مرشد جي مذمت:- ملان جو مطلب آهي علم وارو، پڙهيل لکيل، مرشد جي معنيٰ آهي صحيح رستو ڏيکاريندڙ. سچل پاڻ به علم وارو هو، پاڻ به بزرگ هو. مرشد ورتوهئائين جو چيو اٿس ”هادي عبدالحق صرف هدايت هي چيو“ پرسندس جي ملان ۽ مرشد بابت مذهب منقول آهي مثال طور:
    شيخي، پيري، بزرگي بيحد ڀلايا
    قاضي مين آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
    قاضي مين آکان تينون، چوڙ مسائل مصلا
    قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هن مرشد ايوين فرمايا.
    مسجد دي وچ ڪاڻ ٽڪر دي، ڏيون بانگ صلواتان
    منهن چٻي، ڏاڙهي ڏنکي، خام پڙهن خلواتان
    عالم ليکي روزي رکدي، پرهِن کانوڻ ديان آفاتان
    سچل راه نه اها سچ دي، برهه واليان ٻيان باتيان.
    ائين سمجهڻ کپي ته سچل انهن ملن ۽ انهن مرشدن خلاف هو جيڪي ماڻهن کي رهبانيت ۽ فرقه واريت سيکارين ٿا. پيٽ جاپو ڄاري آهن، صحيح مسئلا نٿا ٻڌائين صحيح دڳ نٿا ڏيکارين حقن جي جدوجهد کان جهلي چله ڪشي ۽ گوشه نيشني سيکارين ٿا.

    4. فرقه واريت جي مذهب: سچل سرمست سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي سلسله طريقت قادريه سان وابسته هو.
    هادي مهدي مرشد ميڏا، قادريه هي ڪامل
    شاهه عبيدالله اسان ڏا، خواجه پيران پير
    آل نبي، اولاد علي، هي حضرت ميران مير
    الله، رسول ۽ صحابه ڪرام جي تصوف ڪندڙ هو،
    عمر سڄيائي ڪوڙ ڪمايم، بخش اهو مون جاني
    اول عشق نون هويا، جنهن رسول اپايا
    ڏوجها عشق محمد نون، جنهن ڪلمه پاڪ پڙهايا
    ٽيجها عشق چئون پاران نون، جنهان صدق خوب ڪمايا
    ڪل بنيان دا سرتاج محمد
    ”بحر عرف“ اهو اڄ محمد
    پوءِ به سندس ڪلام ۾ مذهب مخالف جملا ملن ٿا جيئن.
    ڪڍ مذاهب ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
    ڏسو عشق جو انصاف، سڀئي مذهب ڪيائين معاف
    اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام
    مذهب مور نه مڃيان، آءُ مشرب منجهه مدام
    ناهين سني، نامين شيعه، سيد ڪيئن سڏايا
    نامني شيعه، نامين سني، صوفي صاف برهه دي مني
    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سچل سرمست اسلام جو ته علمبردار هو پر مذهب لفظ جيڪو مذهبي اصطلاح ۾ فقه ۽ فرقي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. ان فرقي بازيءَ خلاف هو. قرآن پاڪ ۾ پڻ فرقي بازيءَ جي مخالفت آئي آهي. موجوده دور ۾ مسلمانن ۾ هر ميدان ۾ سامراج سان مقابلي جو رجحان وڌيو آهي. پاڪستان سطح تي ديوبندي، وهابي، بريلوي، شيعه ۽ اهل حديث مڪتبه فڪرن ۾ اتحاد ”متحده مجلس عمل“ ٺهيو آهن. ٻين سياسي پارٽين سان گڏ مذهبي سياسي جماعتن ۾ به هندو ۽ عيسائي وغيره اقليت کي سيٽون ۽ نمائندگي ملي آهي. اهو سڀ ڪجهه سچل جي فڪر جي جي عين مطابق آهي.
    5. هندو مسلم سياسي اتحاد: سچل سرمست جو چوڻ آهي ته :
    هندو مومن هڪ ٿيو، ڀول نه ڪنهن ٻي ڀل
    صلح پوي وچ دين ڪفردي، سڀ ڳالهه وساري وڃ هڪ ٿئي
    جوئي آهيان سوئي آهيان، هندو مومن ناهيان
    وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان عاشق تان نه اڙيجي
    ڪافر مومن هڪڙو، سچو ٻوڙج ٻيائي
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سويل
    هندو مومن سان ملي، محبت جا ڪر ميل
    متان ٿئي اويل، اولهه سج نه الهي
    ڪافر مومن، صورت سائي
    سچل سرمست هندن ۽ مسلمانن ۾ وڌندڙ ويڇا ڏسي محسوس ڪري ورتو هو ته حڪومت مسلمانن جي آهي ۽ انگريز هندن کي جيڪي حڪومت جي اهم عهدن ۽ واپار تي آهن تن کي مسلمانن خلاف استعمال ڪري پاڻ ۾ وڙهائي سنڌ تي قبضو ڪري سگهن ٿا ۽ ائين ٿيو نائون مل جي غداري به انگريزي قبضي ۾ اهم بنياد ثابت ٿي سچل هندو ملسم جو سياسي اتهاد چاهيو پئي جيڪو سندس وفات کان ايڪهٺ سال پوءِ 1888ع ۾ ڪانگريس جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. هو مذهبي اتحاد نه پيو چاهي ڇو ته هن ڪڏهن مندر ۾ وڃي بتن جي پوڄا نه ڪئي.
    6. انگريز سامراج جي مخالفت: مولانا عبيدالله سنڌيءَ موجب ”هوسچل جي سٽ، ”ڇوڙگمان گدائي والا شملو ٻڌ شاهاڻو“ تي عمل پيرا رهيو“ اسان ڏسون ٿا ته سچل جي سياسي نگاهن ڏسي ورتو هو ته انگريز سنڌين جي ڪمزورين جو فائدو وٺي سنڌ تي قبضو ڪري وٺندا ۽ سنه 1827ع ۾ سچل جي وفات ٿي آهي. ٺيڪ سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو. سچل عوام کي مسجدين، مندرن ۽ خانقاهن مان ڪڍيانهن جي مقابلي لاءِ تيار ڪرڻ جي هلچل هلائي. هو مذهب بيزار نه هو پر هروڀرو ۽ اضافي عبادتن کي ڇڏي مقابلي جي تيار ڪرڻ جو قائل هو. ان لاءِ هن جا هي جملا ملن ٿا:
    مرشد ٻانهو ناچيو، سچاتون سردار
    ڇوڙ گمان گدائي والا، شملو ٻڌ شاهاڻو
    سچو سچ ٿيو، ٻي ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا
    سچو راهه ڪفر دي، سانون مرشد آپ ٻڌايا
    پٽيءَ ڄڃ مَ ڄل، منجهه تماشي نه پوين
    توڙ رواج رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
    ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو
    وقت، اهائي وير، دوئي دور ڪرڻ جي
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سوير
    ميڙي ويندءِ، مغربي تاريخيءَ ۾ تير
    متان ٿين اوير، اولهه سج نه اُلهي
    دين ڪفر اسلام مذاهب اول ڇڏڻ درڪار
    مجموعي طرح اهو ثابت ٿئي ٿو ته سچل سرمست انسان اندر شاهاڻيون خصلتون پيدا ڪري ان کي آزاد ۽ حقيقي انسان بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. سچل سرمست اسلام جي جلالي پاسي تي زور ڏنو هن مولانا رومي جي جمالي پاسي بجاءِ عطار جي هلالي پاسي کي اختيار ڪيو هن جي ذڪر ۾ ترڪ دنيا نه آهي هن شادي ڪئي، شريعت تي عمل هو. غلط ڪمن کان پاسي هو. حاڪمن سان تعلقات هئس، قادريه طريقه سان وابسته هو پر هو عوام ۾ بيداري ۽ جدوجهد چاهي پيو. هو ماڻهن ۾ اصل اسلام جو روح ڦوڪڻ چاهي پيو. انهن ۾ اسلام سان پيار ۽ حقيقي روشن خيالي پيدا ڪرڻ چاهي پيو. مسلمانن جي فرقي بازيءَ جي خاتمي سان گڏ هو. هندو مسلم سياسي اتحاد به چاهي پيو ڇو ته اهو انگريزن جون سنڌ ۾ نظرون ڏسي سمجهي ويو هو ته سنڌي سجاڳ نه ٿيا ته اهي انگريز مٿن قبضو ڪندا. انهيءَ غلامي ٽوڙڻ لاءِ انهن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ چاهي پيو. انهن ۾ سامراج خلاف جدوجهد لاءِ تيار ڪري پيو.


    هين تون آپ الله

    اوهان اسان ٻڌائندا آهيون ته صوفي سڳورن يا خاص ڪري سچل جي دعويٰ رهئي ته هو ”الله“ آهي نعوذ باالله. ان غلط فهمي پيدا ٿيڻ جي انديشي سبب ئي ڀٽائي ۽ سچل سائين پنهنجو گهڻو ڪلام ضايع ڪري ڇڏيو هو. انهن اصطلاحن سمجهائڻ کان اڳ اوهان کي ڪجهه خدا جي قرآن.
    1. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جا هٿ بيان آهن.
    قُل اِنَ الفَضلُ بِيدِاللهِ يوتِيهِ مَنَ يشَآءُ (آل عمران 473 ص 29)
    ترجمو: چو ته ڀلائي الله جي هٿ ۾ آهي جنهن کي وڻيس ان کي اها ڏيندو آهي.
    وَقَالِتِ اليَهُودَيَدَ اللهِ مَفلُوتَهُ ه غُلتِ اَيدِيهِم وَ لُعِنُو بِمَا قَالوا بَل يداه مَسُسوطتانِ (مائده 64)
    ترجمو: يهودين چيو ته الله جو مٿ بند آهن، سندن هٿ بند هجن جيڪي چيائون ان ڪري مٿن لعنت ٿي پران جا ٻئي هٿ کليل آهن.
    اِنَ الذِينَ يُبَا يِعُو نَکَ اِنمَا بُبَايِعُونَ اللهَ ط يَدُ اللهِ فَوقَ اَيَدِيهِم (فتح 10)
    ترجمو: بيشڪ جيڪي توسان بيعت ڪن ٿا سي الله سان ئي بيعت ڪن ٿا. الله جو هٿ مٿان آهي.
    بِيَدِکَ الخَيراِنکَ عَليٰ کُلِ شَيء قَديرُ ه (آل عمران 26)
    ترجمو: تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي. بيشڪ تون هر شئي تي وس وارو آهين.
    قُل مَن بِيد ه مَکَلُوت کَل شئيءَ (مومنون 88)
    ترجمو: چو ته ان جي هٿ ۾ هر شئي جي حڪومت آهي.
    فَسبحنَ اَلذِي بَيدِه مَکَلوتُ کُل شَيء وَاِلَيهِ تُرجعُونَ (ياسين 83)
    ترجمو: پوءِ اهو (الله) پاڪ آهي جنهن جي هٿ ۾ هر شئي جي بادشاهي آهي ۽ ان ڏانهن ئي موٽايا ويندو.
    تَبَارکَ الَذِي بِبَدڊ اُلمکڪ وَهُوَ عليٰ کُلِ شيء قَدِيرُ (ملک) 1)
    ترجمو: پاڪ آهي اها ذات جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ اهو هر شئي تي وس وارو آهي.
    قَالَ يَا اِبِليسُ مَامَنعَکَ اَن تَسجُدَ لِمَا خَلَقُتُ بِيدَيَ (ص 75)
    ترجمو: (الله) چيو ته اي ابليس جنهن کي مون پنهنجي هٿن سان پيدا ڪيو ان کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪنهن جهليو.
    2. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جي ”منهن“ جا ذڪر آيل آهي.
    خاَلينَمَا تُوَلُو افَثَمَ وَجهُ اللهِ (بقره 115)
    ترجمو: پوءِ جيڏانهن به منهن ڪندو اوڏانهن الله جو منهن آهي.
    وَمَا تنقِتُونَ اِلاَ ابتِضآء وَجهِ رَبهمِ (رعد 22)
    ترجمو: ۽ اهي صبر ڪن ٿا ته جيئن انهن جي رب جوگين منهن نصيب ٿئي.
    ذالِکَ خَيُرُالذِينَ يُرِيدُونَ وَجهَ اللهِ (روم 38)
    ترجمو: اِهو انهن لاءِ ۽ ڀلو آهي جيڪي الله جو منهن چاهين ٿا.
    وَمَا آتَيتُم مِن زَکَاتِ تِريدُونَ وَجهَ اللهِ فَاولبکَ فُهم المنصِعفُونَ (رم 39)
    ترجمو: الله جي منهن گهرندي جيڪو ڏنو اٿر هو ٻيڻو ٿي ملندو
    وَيَبقيٰ وَجهُ رَبکَ ذُوالجَلاَلِ وَلاِکرَامِ (رحمان 27)
    ترجمو: ۽ عزت ۽ نعمتن واري تنهنجي رب جو منهن وڃي باقي رهندو.
    ترجمو: ۽ اسان توهان کي الله جي منهن خاطر کارايون پيا.
    ومَالاِ حَدِ عِنڌهَ مِنُ نِعمَهِِ تُجزَيٰ اِلاَ ابَتِعآءَ وَجهِ رَبه الا عليٰ (لليل 20)
    ترجمو: ان (ماڻهوء) تي ڪنهن جو ٿو رو نه آهي جو بدلو ڏئي ٿو پر پنهنجي مٿاهين پالڻهار جي مخصن خاطر ڏئي ٿو.
    وَلاَ تَنظرُد الذِينَ يَد عُونَ رَبهُم باِالغَدَاه وَالعَشِيِ يُرِيدُونَ وَجههَ (انعام 52)
    ترجمو: ۽ انهن کي نه تڙ جيڪي پنهنجي رب کي صبح ۽ سانجهيء سڏين ٿا اهي ان جو مخفر چاهين ٿا.
    وَاصبِر نفَکَ مَعَ الذِينَ يَدِينَ يَدعُونَ رَبهُم بِاالفَدَا هِ وَ العَشِيِ يُرِيدُونَ وَجهَه (الڪهف 28)
    ترجمو: پاڻ کي ناهن سان رک جيڪي پنهنجي رب کي صبح ۽ سانجهيء سڏين ٿا اهي ان جو منهن چاهين ٿا.
    لاَ اِلا اِلا هُو کُل شَيءَ هَالِڪَ اِلا وَجههَ (قصص 88)
    ترجمو: ان کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. سوا ۽ ان جي منهن جي سڀ شئي ختم ٿي ويندي.
    3. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جي عرش (تخت) جو ذڪر آيو آهي.
    ثُم استوَيٰ عَلَي العَرشِ (اعراف 54) يونس 3، 24، فرقان 59، سجده 4، حديد 4)
    ترجمو: پوءِ تخت تي آيو
    رَبُ العَرشِ العَظِيم (توبه 129 مومنون 86، سجده 5، نمل 26)
    ترجمو: ۽ اهو وڏي تخت جو مالڪ آهي.
    اِذاََ لابتَغُوا اِليٰ ذِي العَرشِ سَبِيلاََ (نبي اسرائيل 42)
    ترجمو: (گر ٻيا به معبود هجن ها ته) تخت واري ڏانهن (جنگ لاءِ) وڃن ها.
    الرحمَانُ عَلَي العَرشِ استَويٰ ( طــــٰه 5)
    ترجمو: رحمان، تخت تي آيو.
    فَبُهَانَ اللهِ رَبِ العَرشِ (انبياءَ 22 زخرف 82)
    ترجمو: پوءِ الله جي ذات پاڪ آهي جيڪو تخت جو مالڪ آهي.
    رَبِ العَرشِ الڪَرِيمِ (مومنون 116)
    ترجمو: عزت واري تخت جو مالڪ آهي.
    وَ تَرَي المَلائِڪَتهَ حَافِينَ مِن حَولِ العَرشِ (زمر 75)
    ترجمو: ۽ ملائڪن کي ڏسندين ته تخت جي چوڌاري هوندا.
    اَلذِينَ يَجِلُونَ العرُشَ (شاهن 7)
    ترجمو: اهي (ملاڪ) تخت کي کڻندا.
    رَفِيع اُلدَرَجَاتِ ذُوالعَرشِ ( 15)
    ترجمو: اهو درجن کي وڌائڻ وارا تخت ڌڻي آهي.
    وَيَمِلُ عَرشَ رَبِکَ فَوقُهُم يَومَنِذِِ ثَمَانِيَتهُ (حاقته 17)
    ترجمو: تنهنجي رب جو تخت ان ڏينهن اٺ ملائڪ پنهنجي مٿان کڻندا.
    ذيِ قَوهِِ عِندَ ذِي العَرشِ مَکِين (تڪوير 20)
    ترجمو: طاقت وارو آهي ۽ تخت ڌڻي آهي.
    ذُالعَرشِ المَجِيدِ (نمل 42)
    ترجمو: ۽ سندس تخت پاڻيءَ مٿان هو.
    4. قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ جي ”ڪرسي“ جو بيان آيو آهي.
    وَسِعَ کُرسِيهُ السَمَاوَاتِ وَالا رهنِ (بقره 255)
    ترجمو: سندس ڪرسي آسماني ۽ زمين کان وڏي آهي.
    اهڙي طرح حديثن ۾ به ڪيترائي اهڙا جملا ملن ٿا انهن کي طوالت سبب ڇڏيا ٿو. هاڻي الله سائين جا هٿ، منهن، تخت ۽ ڪرسي قرآن پاڪ ۾ ثابت آهن ته ڇا انهن مان اهي هادي مڃيون وڃن ٻئي پاسي سي قرآن پاڪ ۾ آهي ته الله جهڙو ڪو به نه آهي
    لَيسَ کَمِثِله شَيءِ (شوريٰ 11)
    ترجمو: ان وانگر ڪابه شي نه آهي.
    وَلَمَ يَکُن لَه کُفواََ اَحَدُ (اخلاص 4)
    ترجمو: ۽ ان جهڙو ڪوبه نه آهي.
    ان مان پتو پيو ته اهي شيون مادي نه آهن پر انهن جي ٻي معنيٰ آهي. هونءَ به ٻوليء جي تشبيهن ۽ اصطلاحن جي اصل معنيٰ نه وٺبي آهي مثال طور سنڌيء ۾ آهي ته؛
    1. هن جي مٿان منهنجو هٿ آهي.
    ان جملي جي ظاهري معنيٰ ته اها آهي ته منهنجو هٿ سدائين ان جي مٿان رکيل آهي حالانڪه اهو صحيح نه آهي هٿ هجڻ جو مطلب آهي ان سان حمايت ۽ مدد اٿم.
    2. محنت رنگ لائيندي آهي.
    ظاهري مطلب ته او آهي ته محنت ڪو نيرو يا ڳاڙهو رنگ لائيندي آهي پر ان جو اصل مطلب اهو نه آهي ان جو اصل مطلب آهي ته محنت جو ڦل يا فائدو ملندو آهي.
    3. وارن ۾ چاندي اچي وئي آهي.
    ان جو ظاهري مطلب ته اهو آهي ته وارن ۾ چاندي پئجي وئي آهي پر ان جو اهو مطلب نه وٺبو بلڪه اها تشبيهه آهي اچن وارن لاءِ ته وارا اڇا ٿي ويا آهن.
    پوءِ اهڙي طرح عربي ٻولي ۾ به اصطلاني ۽ تشبيهون ظاهري معنيٰ نه ورتي ويندي آهي. هٿ کليل هجڻ معنيٰ سخي هجڻ، هٿ هجڻ معنيٰ وس ۾ هجڻ، هٿ مٿان هجڻ معنيٰ رضا شامل هجڻ، هٿ سان ٺاهڻ يعني پيار مان ٺاهڻ، منهن هجڻ يعني سامهون هجڻ يا قرب هجڻ، منهن چاهڻ معنيٰ رضا چاهڻ، منهن بچڻ يعني قائم دائم هجڻ، عرض يا تخت معنيٰ بادشاهي، ڪرسي معنيٰ حڪومت.
    پوءِ ڇا سبب آهن جو سچل سائين جي هنن بيتن جهڙن بيتن جي معنيٰ ظاهري ورتي وڇي ٿي.

    هين تون آپ الله ڏوجهان ڪوئي نهين وي
    تون هئين اندر تون هيئن ٻاهر، متان ٿيوين گمراه
    ه
    ايهو ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي
    مار نعارا، اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي
    ه
    آهيان آءُ اسرار جيڏيون، مون کي ڪير ٿيون ڀانيو
    نوري ناري ناهيان، آهيان رب جبار
    ه
    الله – الله ڇو ڪرين، پاڻ ئي الله ڄاڻ
    سچو سائين هڪڙو، ناهي شڪ گمان
    هتي ڪهڙو سبب آهي ج ماڻهوءَ کي الله جهڙو يا الله آهي؟ اتي ظاهري معنيٰ ڇو ٿي ورتي وڃي. انهن جملن ۾ ٻه تشبيهون ڪم آيل آهن هڪ الله جهڙا ٿيو يعني الله جي اختلافن کي اختيار ڪريو ٻي تشبيهه اها آهي ته اوهان خود ”الله“ آهيو يعني حاڪم آهيو يا الله جا اخلاق تمام گهڻي انداز ۾ اختيار ڪريو جو ”الله“ جو گمان پوي. اهي تشبيهون هنن تشبيهن وانگر آهن.
    1. ڪنهن کي چيو وڃي ته ”هي شينهن جهڙو آهي“ ان جو مطلب ته ان ۾ شينهن جي وصف بهاردري آهي باقي اصل شينهن جهڙي شڪل نه اٿس، ايئن ئي سمجهو ته الله جهڙن ڪمن ڪرڻ سان ماڻهو حقيقت ۾ الله ڪونه ٿيندو.
    2. ڪنهن لاءِ اهو چيو وڃي ته ”هي شينهن آهي“ ان جو مطلب اهو آهي ته هن ۾ شينهن جي وصف بهادري مبالغي جي حد تائين موجود آهي جو شينهن جهڙي هجڻ بجاءِ شينهن ٿي پيو آهي ان مان مراد اها نه آهي ته اهو ماڻهو شينهن جانور آهي. ته ”الله ٿيڻ“ ”جبار ٿيڻ“ جو مطلب به اهو آهي ته الله جون صفعتون مبالغي جي حد تائين ماڻهوءَ ۾ موجود ٿين جو ”الله“ جي ڏک ڏئي پر حقيقت ۾ الله نه هوندو آهي.
    جيڪڏهن سچل ماڻهن کي حقيقت ۾ الله جهڙو سمجهندو هو يا الله سمجهندو هو ته پوءِ هي آزيون نيزاريون ڇا لاءِ آهن الله جا قسم کڻڻ ڇا آهن ۽ الله جو عشق ڇا مطلب رکي ٿو؟ ماڻهن کي ڍور ڇو ٿو سمجهي الله جي بندو ڇو سڏائي؟
    سودا سلف ڪريندا يار، ڪوئي ڏيکڻ والا هوشيار
    مَينون هي قسم الله دي، آپ هويا اظهار
    ه
    عشق الله دا زورون زور
    ڪَئي ڪَئي ماڻهو ڍورون ڍور
    ه
    مِلي ها مڌي هان، بيشڪ تيڏي بندي هان
    ڍڪين مَيڏا ڍولڻا، مَيڏي عيب نه ڦولنا
    ان جو مطلب ته سچل سرمست ماڻهن کي خدائي نائب سمجهي پوي ان ۾ خدائي وصفون پيدا ڪرڻ چاهي پيو، هن کي غلامي مان ڪڍي کيس پنهنجي ملڪ جو مالڪ بنائڻ چاهي پيو.
    ٻانهو ڀانءَ م پاڻ کي، تون ئي مالڪ جو
    ”لاَخَيرَ فِي عُبيد“ اهو اٿئي اهڃاڻ


    جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي!

    شيطان جيڪو شروع ۾ وڏو عابد هو پر ان جي ڪيل عبادت سندس وڏائي، تباهه ڪري ڇڏي ۽ ابدي لعنت جو حقدار ٿيو. جڏهن الله تعاليٰ ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته عزاريل جيڪو پوءِ ابليس (خدا جي رحمت کان مايوس) بڻيو، ان کان سواءِ سڀن سجدو ڪيو قرآان پاڪ ۾ شيطان جي لعنت جو جيڪو سبب ٻڌايو ويو آهي سو پاڻ کي ڀانئڻ ۽ ٻين انسانن کي گهٽ ڀانئڻ ئي آهي.
    قَالَ انَا خَير مِنهُ خَلَقتِني مِن نَارِ وَ خَلَقتَه مِن طِين ه قَالَ فَا خروج مِنهَا فَاِ نکَ رَجِيمُ ه وَ اِنَ عَلَليکَ لَعنَتِي اليٰ يَومِ الدِينِ ه (ص 76، 77، 78)
    ترجمو: (شيطان) چيو ته مان ان آدم) کان ڀلو آهيان مون کي باهه مان ح هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي. پوءِ (رب) چيو ان (جنت) مان نڪري وڃ تون تڙيل آهين ۽ توتي منهنجي لعنت قيامت تائين آهي.
    الله سائين به فرمايو آهي ته شيطان جي لعنتي ٿيڻ جي ٽن سببن ۾ انڪار، تڪبر ۽ ڪفر شامل آهن وَاِذ قُلنَا لِلمَلئِکتهِ اسجُدو الادَمَ فَسجَدُ وا اِلا اِبليِسَ ه اَبيٰ وَ استَکَرَه وَکَانَ مِنَ الکافِرِينَ ه (بقره 34)
    ترجمو: ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته پوءِ سڀن سجدو ڪيو سواءِ ابليس ج، انڪار ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو اهو تڪبر ئي هيو جنهن فرعون کي ٻوڙيو قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
    اِنَ فِرعَونَ عَلاَفِي الاَ رضِ وَجَعَلَ اَهلَهَا شِيهاََ (قصص 4)
    ترجمو: بيشڪ فرعون زمين ۾ وڏائي ڪئي ۽ ان جي رهندڙن کي ٽولن ۾ ورهايو، ان ڪري تڪبر ڪرڻ بجاءِ عجز انسڪاري ۽ ليلائڻ لازمي آهي. مرشد ڀٽائي فرمايو آهي ته:
    جي ليلائي نه لهين، ته پڻ ليلائج
    آسرو مَ لاهيج، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو.
    سچل سائين جو به اهوئي چوڻ آهي ته ”مون ۾ عيب آپار سڄڻ تنهنجي ٻانهڙي آهيان“ سچل سرمست نيڻن يعني نيز وهائڻ ذريعي سائين کي پرچائاڻ جو درس ڏئي ٿو.
    مهاڻي جي من ۾، نه هو گيرب گاءُ
    نيڻن سان ناز ڪري، ريجهائيين راءُ
    سمو سڀني کانءُ، وٺي ويٺي پاڻ سان.
    ته مالڪ سائين نيڻن ناز سان ريجهي ٿو ۽ سچل سرمست ڳچيءَ ۾ ڳاري يعني عجز انڪساري جي ڳالهه هن طرح ڪري چوي ٿو ته سائين آڏو پاڻ کي ٻانهو سمجهي آزيءَ سان بيٺو هم.
    مانَ پرينءَ پهچائي، هي نياپو ڪوسينئي
    ڳچيءَ پائي ڪپڙو، پاڄياڻيءَ پرچائي
    حال ڏسي وڃ هاڻي
    جيئن قرآان پاڪ مان سمجهه ۾ آيو ته تڪبر شيطان کي لعني بڻايو ان عابد کي عبادت ڪم نه آئي ان ڪري جيڪڏهن ڪو عالم، زاهد ۽ عابد پنهنجي علم، زُهد ۽ عبادت تي تڪبر ڪري ٿو ته ان کي اهڙو علم، زُهد ۽ عبادت ڪم نه ايندي پر ان جي منهن ۾ واپس هنئي ويندي. ان ڪري، عالم، زاهد ۽ عابد کي علم، زُهد ۽ عبادت تي ناز ڪرڻ بجاءِ ان ذات تي اعتماد ڪرڻ گهرجي جنهن لاءِ علم پرايو اٿس جهن لاءِ زُهد (پرهيزگاري) کي اختيار ڪيو اٿس جنهن جي عبادت ڪري ٿو، ان اعتماد کي ”ايمان“ سڏجي ٿو. تڪبر ماڻهوءَ پاڻ پوڄائي ٿو ۽ ايمان وري رب جي پوڄا ڪرائي ٿو. تڪبر سرڪشي پيدا ڪري ٿو ۽ ايمان اطاعت پيدا ڪري ٿو مرشد ڀٽائي فرمايو آهي ته
    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه نماز
    سڀ وڃائي ساز، تهان پوءِ تڪبير چوءُ

    جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سجود
    وڃائي وجود، تهان پوءِ ۽ تڪبير چوءُ

    تڪبير چوڻي ضرور آهي پر وجود ۽ دنيا جا سامان ڇڏي پوء. انا ۽ تڪبر ڇڏي پوءِ سچل سائين به اهڙو ئي پيغام ڏئي ٿو ته پنهنجي عمل تي ناز نه ڪر پر جنهن کي راضي ڪرڻ لاءِ عمل ڪرين ٿو ان تي اعتماد ڪر. ”مان مان“ بجاءِ ”تون ئي تون“ جي ٻولي ٻول.

    ”تون“ هي سان ”تون“ لڀين، مان لڀان ”توسان“
    ”تون“ ”هي“، ”آءُ“ سڀهين، ”لا“ م موجودات ٿي
    جي تو ڄاتو ”پاڻ“ ته آءُ ٻيو ڪو آهيان
    ڪَند ۽ غرق گمان، ڳهلا انهيءَ ڳالهه ۾،
    ٻي هنڌ فرمائي ٿو ته
    پا وڃائج نو نظر ۾، ته وسرئي ٻي آکاڻي
    فناکون اڳي بقا نه ٿيندين، جيئن پارو ۽ پاڻي
    صورت منجهان ٿي ٻي صورت، وچون گرد اڏاڻي
    سچل سرمست عبادت لاءِ به اهو ئي فڪر ڏئي ٿو.
    خوديون خاص نه ڀانئجو، هي نت نت نمازان
    ڄاڻو ڀلي ڳالهڙي، هي سوزو گدازان
    اٿو اناالحق جي، اها عبارت آوازان.
    سچل سرمست رحه چوي ٿو ڪنڌ مان ڪلي ڪڍڻ کان پوءِ عبادت ڪم جي ٿيندي آهي.
    جاڏي ڪياڙي، سجدو تاڏي نه ٿئي،
    جاڏي مهاڙي، سجدو تت صحيح ٿئي

    ( سچل آڊيٽوريم ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالو)


    ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي

    سچل سائين کي صوفين ۽ سرمستيءَ جي حوالي کان سڃاتو وڃي ٿو پرسندس سرمستي اناواري نه هئي سندس خودي ۽ سرمستي پاڻ سڃاڻڻ واري هئي پاڻ سڃاڻن به وڏو مسئلو آهي. جيڪو خالق نه آهي اهو مالڪ به نه آهي ان آڏو ٻانهون ٻڌي بيهڻ وارو ماڻهو پاڻ کي ڪونه ٿو سڃاڻي. الله سائين انسان کي اشرف المخلوقات ڪري پيدا ڪيو آهي.
    وَبَـقَـد کَرَمنَا بَنِي آدَمَ (بني اسرائيل آيت نمبر 70)
    ترجمو: تحقيق اسان انسان کي سهڻو ڪري پيدا ڪيو آهي.
    هاڻي جيڪڏهن اشرف المخلوقات جو ڪو فرد پاڻ کان هيٺين طبقي يا مخلوق آڏو بيوس ٿي سجدا ڪري ته ان پاڻ کي ڪيئن سڃاتو؟ هو ته افضل طبقي جو آهي ۽ ڪم هيٺين طبقي جا ٿو ڪري ان پاڻ کي نه سڃاتو چيو ويو آهي مَن عَرفَ نَفسَه عَرَفَ رَيهَ ه ترجمو: جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو ان پنهنجي رب کي سڃاتو. انسان ڪنهن انسان جو غلام نه آهي الله جو فقط غلام آهي جو اهو ان جو خالق مالڪ آهي. انسان کان مٿي ڪابه مخلوق نه آهي ان ڪري ئي انسان سڀني شين جو مسجود آهي.
    وَاِذقُلنَا يِلمَليکَته اسُجُدُو لاٰ دَمَ فَسَجَدُو اِلا ابليِسَ (بقره آيت نمبر 34 بني اسرائيل مبر 61 ڪنهن آيت نمبر 50 طهٰ آيت نمبر 114) ترجمو: ۽ جڏهن اسان چيو ملائڪن کي ته آدم کي سجدو ڪريو پوءِ سڀن سجدو ڪيو سواءِ ابليس جي يعني انسان باقي مخلوق لاءِ خدا جي حيثيت رکي ٿو ۽ سڀ شيون انسان لاءِ پيدا ٿيال آهن. هُوَ الَذِي خَلَقَ لَکُم مَافِي الا زمين جَمِيعاََ ه (بقره آيت نمبر 29) ترجمو: هو اهو آهي جنهن اوهان لاءِ پيدا ڪيو آهي جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي.
    وَسَخر لَکُمُ الشمَس وَالقَمَرَ دَائِبينِ وَسَخرَ لکم اليلَ وَ النهَارَه (ابراهيم آيت نمبر 33) ترجمو: ۽ اوهان لاءِ سدائين هلندڙ سج ۽ چنڊ نوائي ڏنائين ۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن اوهان جي
    وَسَخَرَ لَکُمُ الليلَ وَ النهَار وَ الشمس وَ القَمَر وَ النورَ (نحل آيت نمبر 12)
    ترجمو: ۽ اوهان لاءِ رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ ستارا نوائي ڏنائين.
    وَهُو الذِي سَخرَ الجَحَرُ لِتا کلُوميه (نحل آيت نمبر 14)
    ترجمو: ۽ اهو اهو آهي جنهن سمنڊ درياءَ اوهان جي وس ۾ ڪيا ته ان مان کائي سگهو. اَلَم تَر اَن الله سَخرَ لَکم مَافِي الارضِ (حج آيت نمبر 65) ترجمو: نٿا ڏسو ته بيشڪ الله اوهان جي هٿ وس ڪيو جيڪو ڪجهه زمين ۾ آهي.
    اَلله الذي سَخرَ لَکمُ النحَرَ (جاثيه آيت نمبر 12) ترجمو: الله اهو آهي جنهن اوهان جي وس ۾ سمنڊ درياءُ ڪيا.
    وَسَخرَ لَکُمَ مافي السمٰواتِ وَماَ في الارضِ جَميعَا مِنهُ (جاثيه آيت نمبر 13) ترجمو: ۽ اوهان جي وس ۾ ڪيائين آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪو ڪجهه آهي.
    جن شين جو مسجود انسان آهي ۽ جيڪي شيون ان لاءِ پيدا ڪيو ويون آهيون تهن آڏو انسان سجدي ۾ ڪري پوي انهن آڏو ٻانهون ٻڌي بهي. اهڙيءَ طرح انسان، پاڻ جهڙي انسان آڏو ڪنڌ نمائي بيهي، ڳچيءَ ۾ ڳارو وجهي بيهي يا غلامي اختيار ڪري ته ان پنهنجو مقام ڪونه سڃاتو.
    اگر جانور جانور اڻا ڪم ڪنڌو ته اهو ان کي ٺهي ٿو پ رهڪ انسان جا نوراڻا ڪم ڪري ته ان کي جانورن کان به خراب سمجهڻ گهرجي جانور طاقت يا عيش آڏو مجبو ر هوندو آهي ۽ غلامي اختيار ڪندو آهي پر انسان نه دٻاءُ قبول ڪندو آهي نه لالچ ۾ ايندو آهي اگر انسان دٻاءُ ۾ اچي يا لالچ ۾ اچي اصولن جي قرباني ڏئي ته اهو انسان نه آهي اهو جانور آهي ۽ انسان جانوراڻا ڪم ڪرڻ سبب جانورن کانبه بدترين ٿيو پوي. اِن شَرالدوآبِ عِندَ اللهِ الصُمُ البُکمُ الِذينَ لايَعقِلونَ (اتعال آيت نمبر 22)
    ترجمو: بيشڪ الله وٽ جاندارن ۾ بڇڙا اهي آهن جيڪي ٻوڙا، گونگا، انڌا آهن جيڪي نٿا سمجهن. اِن شَرَ الدوآبِ عِندَاللهِ الذِينَ کَفُرو فهم لايومَنون (اتعال آيت نمبر 55) ترجمو: جاندارن مان سڀ کان بڇڙا، الله وٽ اهي آهن جن انڪار ڪيو پوءِ اهي ايمان نٿا آڻين. اولٰلکءَ هُمُ شَرالبَرِيه ه (البينته آيت نمبر 6) ترجمو: اهي خراب مخلوق آهن.
    اِنُ هُم اِلا کاَالانعَامِ بَل هُم اَضَلُ سَبِيلاََ ه (فرقان آيت نمبر 44)
    ترجمو: اهي نه آهن مگر جانور به انهن کان به پري آهن. هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته انهنکي جانورن کان بدترين قرار ڇوڏنو ويو ته جيئن آءُ اشارو ڏئي چڪو آهيان ته اگر جانوراڻا ڪم ڪري ته پوءِ ان کي جانورن کان بدتر ڪيئن نه چيو وڃي جو انسان کي انساني ڪمن بجاءِ جانوراڻا ڪم پيو ڪري. سو جنهن انسان پنهجي حيثيت نه ڄاتي پاڻ کان به گهٽ شين يا مخلوق ۽ پاڻ جهڙن آڏو ڪريو پوي ته ان کي انسان ڪيئن ٿو سڏجي؟ اگر هو انسان هجڻ جي دعويٰ ڪري ۽ دٻاءُ يا لالچ ۾ اچي اصولن کان ڦري يا سامراج جو تابعدار ٿئي ت ان کي انسان کان بدتر ڪيئن نٿو چئي سگهجي؟ سچل سرمست جو اهوئي پيغام آهي. هن جي خودي ۽ اناالحق جو مطلب آهي ته انسان پاڻ جهڙي يا پاڻ کان گهٽ حيثيت جهڙي مخلوق کي پاڻ کان مٿانهين حيثيت ۾ رب جيتري عزت نه ڏئي پر پنهنجو مقام ڄاڻي ته هو هر مخلوق کان مٿي آهي هن کي سرنوائڻو آهي ته پنهنجي خالق اڳيان نوائي ڇو ته هو خالق هجڻ سبب سندس مالڪ به آهي سو ان جي در تي باڏائڻو آهي ته
    ميلي هان يامندي هان بيشڪ تيڏي بندي هان
    ڍڪين ميڏا ڍولڻا، ميڏي عيب نه قولنا
    پئي هان تيڏي پناري، لڳي هان تيڏي لاري
    تيڏي ذات ستاري، ڏوهه نه ميڏي ڳولڻا
    نال ڪوجهي دي جاڻا، اسان ڪني ول آوڻا
    يار سچل تون لهن ڪشالي، گهونگٽ اپڻا کولڻا
    (سچل جو سرائيڪي ڪلام ص 5 – از مولانا محمد صادق راڻيپوري)
    سچل چوي ٿو ”ڇوڙگمان گدائي والا شعلا ٻڌ شهانا معنيٰ تون در در جون ٺوڪرون ته جهل پنهنجي شاهاڻي حيثيت سڃاڻ.
    سچل سرمست جي ان چوڻ ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي جو مطلب اهو ئي آهي ته انسان سڄي مخلوق کان افضل آهي ان ڪري ان کي هيٺين جي پيوري يا اطاعت بجاءِ پاڻ کان مٿي پنهنجي خالق جي اخلاقن جي پيروي ڪرڻ گهرجي جيئن چيو ويو آهي ته تَخَلقوبِاَخلاَقِ الله ترجمو: الله سائين جهڙا اخلاق ڌاريو.
    الله سائين کانمٿي ڪا به شي نه آهي ان ڪري رب سائين ڪنن آڏو جهڪندو نه آهي ته انسان کي به گهرجي ته پاڻ کان گهٽ يا پاڻ جهڙن آڏو نه جهڪي. رب سائين نه کائيندو آهي نه پيئندو آهي ان ڪري انسان کي به فرضي توڙي نفلي روزن ۾ رهڻ گهرجي ان طرح رب سائين پاڻ نه کائي پيئ ٻين کي کارائي ۽ پياري پالي ٿو سو انسان کي به گهرجي ته کائڻ پيئڻ ۾ ٻين کي ترجيع ڏئي پاڻ نه کائي ٻين کي کارائي، پان نه پيئي ٻينکي پياري رب سائين ڪنهن جا عيب نه اگهاڙيندو آهي. انسان کي به گهرجي ته ٻين جي عين جي ستر پوشي ڪري. رب سائين غلطي مڃيندڙن کي معاف ڪندو آهي انسان کي به معافيءَ جا دروازا بند نه ڪرڻ گهرجن. رب سائين پنهنجي دشمن يا نه مڃيندڙ جي به روزي بند نٿو ڪري ته انسان کي به گهرجي ته دشمن جي روزيءَ تي لت نه ڏئي.
    ”ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي“ جو مطلب اهو به آهي ته مالڪ جي حڪم کان سواءِ ڪنهن جو حڪم نه مڃڻ کپي جيئن فرمايو ويو اِنَ العکُم اِلاللهِ ه ترجمو: بيشڪ حڪم فقط الله جو آهي، پوءِ به جيڪڏهن الله جي حڪم تي رسولن، حڪمرانن، پيءُ ماءُ جو چوڻ مڃجي ٿو ته اهو وري به الله جو حڪم مڃڻ سمجهيو. اهڙيءَ طرح ماڻهو ڪنهن جو غلام، عبد، بندو نه ٿي سوءِ پنهجي خالق مالڪ جي سچل سائين چوي ٿو ته تون ٻين جو غلام ٿي رب جي اخلاق تي نٿو هلي سگهين؟ سچل سائين ماڻهن کي غلاميءَ مان نجات ڏيارڻ چاهي ٿو هو ماڻهن کي تيار ڪري ٿو ته سامراج جو تسلط ٽوڙيو.


    پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو ۽ ان جون صورتون

    سچل سرمست سميت صوفياء ڪرام ان تي زور ڏنو آهي ته پهريون پاڻ کي سڃاتو وڃي ان لاءِ سندن مشهور مقولو آهي ته مَن عَرَفَ نَفَسه فَقَد عَرَف رَبه (جنهن پاڻ کي سڃاتو پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڃاڻي ورتو)
    خودشناسيءَ جي غير مسلم فلاسفرن وٽ به موجودگي ملي ٿي. ڊيڪارٽ چوي ٿو ته ”جيئن ته مان غور ڪريان ٿو انهيءَ ڪري مان آهيان“ ڪانٽ جو چوڻ آهي ته پاڻ سڃاڻڻ سمورن علمن جو مرڪز آهي“
    سچل سائينءَ فرمايو آهي
    پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي
    من عرف نفسه فقد عرف ربه ڪيڏي تون وت ڪاهين
    ”عرفت ربي بربي“ تنهن ڪون نا ڪهين آپ سڃاتا
    هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو” پاڻ سڃاڻڻ“ ڇا آهي ۽ ان جا مختلف در جاءِ روپ ڪهڙا آهن.

    قرآن پاڪ ۽ خودشناسي
    صوفين سڳورن جي پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو قرآن پاڪ مان اخذ ڪيل آهي ان لاءِ هو آيتون پيش ڪن ٿا، مثال طور:-
    1. سورت ق 14 ۾ آهي ته: وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن جَبل الورِيدِ
    ترجمو: اسان انکي ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.
    2. سورت الذاريات 21 ۾ آهي ته:
    وَفِي الارضِ آيَانِ لِلموء قنِينَ وَفِي اَنفسِکمُ اَفَلا تُبصِرُونَه
    ترجمو: ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن ۽ اوهان جي جانين ۾ به پوءِ نه نٿا ڏسوسچل سائين ان آيت جي مد نظر چيو آهي: وَفِي انفسکم افلاتبصرون – وِيجهو ڪيمَ وسار“ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
    وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
    لڪوڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
    نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
    يعني انسان ۾ الله تعاليٰ پنهنجون صَفتون رکيون آهن.

    عام پاڻ سڃاڻ
    ”پاڻ سڃاڻ جو پهريون درجو اهو آهي جنهن ۾ هنن سوالن جا جواب ملن ٿا.
    1. منهجو نالو ڇا آهي؟
    2. منهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟
    3. منهنجي ذات ڪهڙي آهي؟
    4. آءُ ڪٿان جو رهاڪو آهيا؟
    5. منهنجي ٻولي ڪهڙي آهي؟
    6. منهنجو ڌنڌو يا عهدو ڪهڙو آهي؟
    7. منهنجا مائٽ عزيز ڪهڙا آهن؟
    8. منهنجا دوست ۽ دشمن ڪهڙا آهن؟
    9. منهنجي آمدني ڇا آهي ۽ خرچ ڪهڙا آهن؟
    اها سڃاڻ هر عقل وارو کي ٿو پر اها سڃاڻ ”پاڻ سڃاڻ“ جي فلسفي ۾ سطحي حيثيت رکي ٿي ۽ اهو شروعاتي درجو ٿي سگهي ٿو.

    صلاحيتن جي سڃاڻ
    هڪ انسان جيڪو پاڻ کي مجبور سمجهي ڪجهه نٿو ڪري يا مصيبتن ۽ مشڪلاتين ۾ وڪوڙيل آهي يا ڪو انسان پاڻکان غافل آهي اهڙو انسان جيڪڏهن پاڻ سڃاڻ جي فلسفي تي عمل ڪري ته کيس هنن سوالن جا جواب ملي ويندا.
    1. ڇا هو ٻين جهڙو نه آهي؟
    2. هن ۾ ڪهڙيون صلاحيتن آهن؟
    3. هو پنهنجي صلاحيتن مان بهتر طرح فائدو ڪيئن وٺي سگهي ٿو؟
    4. هو پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.
    سچل سائين فرمايو آهي ته:
    ”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
    يعني خدا پنهنجي صفتن مان توکي به ڪجهه ڏنو آهي پوءِ توکي پنهنجي صلاحيتن کي ڄاڻي اهي ڪم ڪرڻ گهرجن.

    تاريخي ۽ تهذيب سڃاڻ
    ”پاڻ سڃاڻ“ ۾ ماڻهو پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب بابت نه ڄاڻي ٿو. اوهان سنڌ جي صوفيا ۽ ڪرام جي شاعري پڙهندو ته ان ۾ به سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جهلڪندي، تاريخ تهذيب جي سڃاڻ تحت هي ڳالهيون ڄاڻي سگهجن ٿيون.
    1. اسان جو تعلق ڪهڙي قوم ۽ تهذيب سان آهي؟
    2. اسان جي قومي ۽ تهذيبي ڪهڙيون خاميون ۽ خوبيون آهن؟ ته جيئن خوبين کي وڌائي ۽ خامين کي گهٽائي سگهجي؟
    3. اسان ڇا ڪيو ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟
    4. اسان جا قومي ڪردار ڪهڙا رهيا آهن ۽ انهن ڇا ڪيو آهي؟

    جسماني طرح پاڻ سڃاڻ
    پاڻ سڃاڻ ۾ هي ڳالهيون يا هنن سوالن جا جواب اچي وڃن ٿا جيڪي ڳولي سگهان ٿو.
    1. منهنجي کائڻ پيئڻ جون ڪهڙيون ضرورتون آهن؟
    2. منهنجي پهرڻ ۽ رهڻ جون ڪهڙون ضرورتون آهن؟
    3. آءُ اهي ضرورتون ڪيئن پوريون ڪري سگهان ٿو؟

    اخلاقي طرح پاڻ سڃاڻ
    پاڻ سڃاڻ واري فلسفي ۾ اخلاقي پاسو به اچي وڃي ٿو جنهن تحت انسان هن قسم جي سوالن جا جواب ڳولي سگهي ٿو ته.
    1. منهنجا ڪهڙا حق آهن؟
    2. منهنجيون ڪهڙيون جوابداريون آهن؟
    3. حقن ۽ جوابدارين جو پتو ڪين پوي؟
    4. مونکي ڪحڙا ڪم ڪرڻ کپن؟
    5. مونکي ڪهڙا ڪم نه ڪرڻ کپن؟
    6. مون کي جو ڪجهه ڪرڻو آهي يا جو ڪجهه نه ڪرڻو آهي اهو علم ڪٿان حاصل ڪريان؟

    روحاني طرح پاڻ سڃاڻ
    پاڻ سڃاڻ جي فلسفي سان تعلق رکندڙ، هنن سوالن جي جوابن جي ڳولا ۾ رهي ٿو.
    1. هن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
    2. هن کي ڪنهن موڪليو آهي؟
    3. هن کي ڇو موڪليو ويو آهي؟
    4. هي ڪٿان آيو آهي؟
    5. هو ڪيڏانهن ويندو؟
    6. هن کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇانه ڪرڻ کپي؟
    7. هو پنهنجي مرضيءَ سان نه آيو آهي پر موڪليو ويو آهي ته ڇا سندس رهنمائيءَ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي؟
    حضرت سچل سرمست جا مع انداز ۾ ڪيئن نه فرمايو آهي:
    ”ٻول پکي پردسيئڙا تو ڪهڙي ديسئون آيا اي“

    حيثيت جي سڃاڻ
    هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي حيثيت سڃاڻي ۽ هيٺين قسم جي سوالن جا جواب ڳلي لهي ته هو ”پاڻ سڃاڻ“ واري فلسفي جو خاطر خواه فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
    1. مان ڪيترو جٽادار آهيان؟
    2. مان ڇاجي پيدائش آهيان؟
    3. مان عقل رکان ٿو ته ڪهڙيون جوابداريون مون تي عائد ٿين ٿيون؟
    4. مان انسان آهيان ته مون کي ڇاٿو سونهين؟
    5. منهنجي انفرادي طرح ڇا حيثيت آهي؟
    سچل سائين ٻڌايو ته:
    ”ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو ملهه“

    خود احتسابي واري سڃاڻ
    سورت قيامه 2 ۾ آهي: وَلاَاُقسِمُ بِالنفسِ اللوَامته
    ترجمو: ۽ ان نفس جو قسم جيڪو پاڻ تي گهڻي ملامت ڪري ٿو.
    ڀٽائي صاحب به فرمايو آهي ته:
    اٺ ئي پهر ادب سين، پر اهائي پار
    پايو منهن مونن ۾، غربت منجهه گذار
    مفتي منجهه ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيئن.
    ”پاڻ سڃاڻ“ جي فلسفي تهت ماڻهو هنن سوالن جا جواب ڳولي پاڻ ۾ اصلاح آڻي ٿو.
    1. مون ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن جيڪي درست ڪري سگهجن؟
    2. مون ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن جن کي وڌائي سگهجي؟
    3. مون ڪيترا حق حاصل ڪيا آهن ۽ جوابداريون ڪيتريقدر نڀايون آهن؟
    4. مان ڇا پيو ڪريان ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

    غلامي ۽ پاڻ سڃاڻ
    غلامانه ذهنيت رکندڙ ماڻهو اهو ڇونه ٿا سوچين ته الله هنن کي آزاد پيدا ڪيو آهي، هو پيدا ٿيڻ مهل رسن ۾ ٻڌل ڪونه هئا، هو روئڻ ۾ آزاد هئا. هاڻي سندن غلاميءَ جو جواز ڪهڙو آهي؟ اهڙا ماڻهو يا اهڙيون قومون جيڪڏهن پاڻ سڃاڻ جي فلسفي تي عمل ڪنديون ته اهي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنديون سچل سائين فرمايو آهي:
    ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو
    لاخير في عبيد، اهو اٿئي اهڃاڻ
    سچو سچ ٿيو، ٻي ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا
    مرشد ٻانهو ناچيو، سچا تون سردار
    (28 سيٽمبر 2007ع تي سچل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل)

    مَن عَرَفَ نَفسَه فَقَد عَرَفَ رَبَه
    سچل سرمست رحه جي پاڻ سڃاڻن وارو پيغام در حقيقت اسلام جو پيغام آهي. الله ماڻهوء کي ڇا بڻايو آهي مختصر طور هيٺ قرآن پاڪ جي حوالي کان ڏجي ٿو.
    1. انسان مسجود الملائڪه آهي.
    وَاِذقُلنَا لِلمَلائِڪَت اسجُدُوا لاِدَمَ فَسَجَدُ واِلا اِبِلِيس اَبيٰ وَاستَکبَرَ وَکَانَ مِنَ الڪَافِرِين ه (بقره 34)
    ترجمو: ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته پوءِ ابليس کان سواءِ سڀن سجدو ڪيو انڪار ڪيائين ۽ وڏائي ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو. هاني سڀن جو مسجود انسان آهي ۽ انسان جو مسجود رڳو هڪ ”الله“ آهي.
    وَمَاخَلقتُ الجِن وَالانسَ اِلا لِيَعبُلونِ ه (ذاريات 56)
    ترجمو: ۽ جنن ۽ انسان کي ان لاءِ پيدا ڪيو اٿم ته جيئن (منهنجي) عبادت ڪن.
    يَااَيُها الذِينَ اٰمَنُوا اردڪَعوا وَاسجُدُوا وَاعبُدُوا رَبکُم (حج 77)
    ترجمو: اي ايمان واروئو پنهنجي رب لاءِ رڪوع، سجدو ۽ عبادت ڪريو.
    ان صورت ۾ انسان الله کان سواءِ ڪنهن آڏو نه جهڪي ۽ ان کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄي ڇو ته هن کان افضل فقط رب جي ذات آهي ۽ باقي مخلوق لاءِ هن جي حثيت خدا واري آهي.

    2. فضليت انساني
    الله تعاليٰ انسان کي افضل ڪيو آهي.
    وَلَقَد کَرمنَا بَنِي اٰدَمَ (بني اسرائيل 70)
    ترجمو: ۽ تحقيق اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني آهي.
    لَقَد خَلقنَا الانسَانَ فِي اَحسَنِ تقوِيم ه (التين 4)
    ترجمو: تحقيق انسان کي اسان سهڻي صورت ۾ پيدا ڪيو آهي.
    آدم افضل علم ۽ اخلاق سبب ٿيو آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته وَعَلَمَ آدَمَ الاسمَآءَ کُلهَا ثُمَ عَرَضَهُم عَلَي المَلائِکتهِ فَقَالَ اَنبِئونِي باسمَاءِ هٰولآءِ اِن کُنتُم صَادقِينه (بقره 31) ترجمو: ۽ آدم کي سڀنن شين جا نالا سيکاريائين پوءِ انهن کي ملائڪن آڏو آندائين پوءِ کين چيائين ته هنن جا نالا ٻڌايو اگر سچا آهيو.
    ان ڪري انسان کي انسان رهڻو آه ته علم سکي ۽ علم لاءِ عمل لازمي آهي جيئن الله تعاليٰ فرمايو، اصَوابِالحَقِ وَتَوَاصَلا بِالصَبره (عصر 1،2،3) ترجمو: زماني جو قسم بيشڪ انسان نقصان ۾ آهي پر اهي نه جن ايمان آندو ۽ سڌريل ڪم ڪيا حق ثابت قدمئي جي تلقين.
    يعني ايمان سان گڏ عمل ضروري آهي. انسان جي فضليت جو ٻيو سبب اخلاق هو جنهن ۾ ايمان يعني مڃڻ هيو. پهريون مڃڻ اهو ٿيو جو پنهنجي غلطي مڃائين، غلطي مڃڻ اخلاق جو اعليٰ وصف آهي. ايمان ۾ رب سائين کي پنهنجو سڀ ڪجهه مڃڻ به آهي جيڪو اقرار پهرين انسان غلطي مڃڻ وقت ڪيو. شيطان غلطي نه مڃي ۽ هو رب جي مقابلي ۾ ٿي بيٺو جو حڪم نه مڃائين جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي.
    اَبيٰ وَ استَکبَرَ وَکَانَ مِنَ الکَافِرينَ ه (بقره 34)
    ترجمو: نافرماني ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ ٿوي انڪار ڪندڙ مان.
    شيطان کي رب جي نافرماني، تڪبر يا غلطي نه مڃڻ ۽ ڪفر يا انڪار ئي ابليس بڻايو پر آدم غلطي مڃي رب آڏو توبه ڪئي رب کي مڃيو ان ڪري انسان واري فضليت وري حاصل ڪري وريائين قرآن پاڪ آهي ته :
    فَنَسِي وَلَم نَجِدلَم عَزمــاََه (طـــ!ـه 115)
    ترجمو: ۽ پوءِ وساري ويٺو ۽ اسان کي پختي ارادي وارو نه ڏٺو.
    شيطان نافرماني ڪئي، آدم غلطي ڪئي، شيطان جو حڪم نه مڃيو ۽ آخر ان کي صحيح چوندو رهيو ته مان ڀلو آهيان جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي:
    قَال مَمَنَعَلڪَ اَلاَ تَسجُدَ اِذ اَمَرتُلڪَ قَالَ اَناخَيرُ مِنهُ خَلَقتِي مِن نارِِ وَ خَلقنَه مِن طِين قَالَ اَنظِردنِي اِليٰ يَومِ يُبعَتُونَ ه قَالَ اِنڪَ مِنَ المُنظَرِينَ ه قَالَ فَبِمَا اَغوَيتَنِي لاَ قعُدَنَ لَهُم صِراطڪَ المستقِيمَ ه ثُمَ لاتِيَنَهُم مِن م بَينِ اَيَدِيهِم وَ مِن خَلفِهِم وَعَن اَيمَانِهِم وَعَن شَمَائِلهِم وَلاَ تَجدُ اَکثَرَهُم شَاکِرِينَ ه قَالَ اخروج مِنهَا مَذءُ وَ مَا مَدحُورََا لِمَن تَبعَلڪَ مِن هُمَ لاَملَلئَنَ جَهَنمَ مِنکُم اَجمَعِينَ ه (اعراف 12 کان 18)
    ترجمو: (رب) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو جڏهن مون توکي حڪم ڪيو چيائين ته مان ان کان ڀلو آهيان مون کي باهه مان ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئ. چيائين ته هتان لهي وڃ توکي هتي رهي وڏائيءَ و ڪو حق نه آهي پوءِ نڪري وڃ تون ذليلن مان آهين چيائين مون کي ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ واري ڏينهن تائين مهلت ڏي چيائين تون مهلت ڏنلن مان آهين چيائين پوءِ قسم آهي ان جو جنهن ڪري تو مو ن کي ٿيڙيو آهي مان ضرور انهن کي تنهنجي سڌي رستيءَ کان ٿيڙيندس پوءِ انهن جي اڳيان، پٺيان، ساڃي ۽ کاٻي ايندس. تون انهن مان گهڻن کي ٿورا مڃيندڙ نه ڏسندين چيائين نڪري وڃ تون هٽايل ٿڙيل آهين انهن مان جيڪو تنهنجي پيروي ڪندو ته ضرور اوهان سمورن سان جهنم کي ڀريندس.
    ان مان معلوم ٿيو ته شيطان پنهنجي خالق جي سامهون ٿيو ان کي آڏا ترڇا جواب ڏنائين جيڪا هڪ بد اخلاقي پڻ آهي ته شيطان جي لعنتي ٿيڻ ۾ نافرماني، تڪبر ۽ ڪفر سان گڏ بد اخلاقي به شامل هئي جيڪو به اهي شيون اختيار ڪندو اهو شيطاني راهه تي آهي ۽ ان جو اهوئي انجام ٿيندو جيڪو شيطان جوآهي.
    پاڻ سڃاڻڻ جي فلسفي موجب انسان پاڻ کي سڃاڻي ته هو شيطان نه آهي هن جو شان يا رويو شيطان وارو نه پر پهرين انسان آدم عليه السلام جهڙو هجڻ کپي جنهن ايمان – توبه يعني غلطي مڃڻ ۽ اخلاق کان ڪم ورتو هو ڇو ته هن وٽ علم هو. علم (ڄاڻ) ئي پنهنجي حيثيت ۽ سڃاڻ نصِب ڪري ٿو ان ڪري قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
    اِنمَا يَخشَي الله مِن عِبَادِهِ العُلمَآءُ (فاطر 28)
    ترجمو: بيشڪ الله کان علم وارا بندائي ڊڄن ٿا. علم انسان کي پنهنجي رب جي سڃاڻ ڏئي ٿو الله سائين فرمايو:
    فَتَلقيٰ آدَمَ مِن رَبه بِڪَلمَاتِ فَتَابَ عَلَيهِ ه اِنه هُوَ التَوَابُ الَرَحِيمٰ (بقره 37)
    ترجمو: پوءِ آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڳالهون سکيو پوءِ هن ان جي توبه قبول ڪئي بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ رحم وارو آهي.
    يعني آدم عليه السلام ڪجهه ڳالهيون الله کان سکيو ان ڪري الله ان جي توبه قبول ڪئي ٻيو ته آدم عاجزي ڏيکاري تڪبر نه ڏيکاريو جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
    قَالاَ رَبَنَا ظَلَمنَا اَنفُسَا وَ اِن لَم تَغفِرکنَا وَتَرحَمنَا لَنَکُونَنَ مِنَ الخَاسِرِينَ ه (اعراف 23)
    ترجمو: ٻنهي (آدم ۽ حوا) چيو ته اي رب اسان جا اسان پنهنجو پان تي ظلم ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن تو اسان کي نه بخشيو ۽ رحم ڪيو ته اسان ضرور تقصان وارن ما ٿي پونداسين.
    ان سڄي بحث جو مطلب هو ته انسان کي فضليت علم – ايمان - اخلاق ۽ عاجزيءَ سبب ملي آهي ۽ ان علم سبب ئي انسان پنهنجي حيثيت ۽ رب سائين جي حيثيت کي سڃاتو ان ڪري چيو ويو آهي ته جنهن پاڻ سڃاتو ان رب سڃاتو. سچل سائين به ان جو درس ڏنو آهي.

    ب – بَاسَ اِهائي بات مَيڏي – اَي يار تون غير نه آهين
    خامُ خيالُ ، جو ٻانهپ والا، ”لا“ وچ لاشڪ لاهين
    ”مَن عَرَفَ نَفَسَه فَقَد عَرَفَ رَبه، ڪيڏي تون وَت ڪاهين
    ت - تحقيق هق اُهوئي، غير جو تَين هَي ڄاتا
    ”عَرفتُ رَبي بربي“ تنهن ڪُون، ناڪَهين آپ سُڃاتا
    ڪُل اُنهان نُن ڪل اِهين دي، پيرايڏانُهن جَين پاتا.

    (سچل جو سرائيڪي ڪلام ص 315 مرتب مولوي محمد صادق راڻيپوري)


    انگريزي سامراج خلاف جدو جهد ۾ سچل سائين جوڪردار

    منهنجي راءِ آهي ته سچل جي صوفياڻي ۽ مذهبي بهتري خاطر ظهور شاعريءَ کان سواءِ سچل شاعريءَ جو پس منظر انگريز سامراج خلاف جدوجهد آهي. ڇو ته سچل جي دور ۾ انگريز برصغير جي گهڻي حصي تي قبضو ۽ سنڌ ۾ هٿ وجهي چڪا هئا.

    فرنگي خطرو ۽ ڀٽائيءَ دور انديشي
    مرزا عيسيٰ خان جي دور ۾ فرنگين پاران ٺٽي ۾ قتل عام ڪرڻ ۽ غلام ساهه ڪلهوڙي جي فرنگين سان مهربانيون ۽ سنڌ ڀرسان ٻين علائقن ۾ فرنگين جي دخل اندازي ڏسي ڀٽائي فرنگي خطري کي محسوس ڪري ماڻهن ۽ حاڪمن کي سوچڻ جي دعوت ڏني هئي.
    دَنگي وچ درياههَ، ڪِي ٻُڏي، ڪي اڀڙي،
    هو جي واڍي واڻيا، سي سُونَهڻَ سڀ سڙيا
    مُعلمَ ماڳ نه اڳين، ڦِلنگي منجهه ڦِريا
    ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ اچي ڇو رچڙهيا
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي
    (شاه جو رسالو آڏواڻي سر سريراڳ داستان 3 بيت 9)

    سچل جو دور
    سچل سرمست جي ولادت سچل چيئر ۾ رکيل فاروقين جي شجري موجب 1170هه ۽ وفات متفقه طور 14 رمضمان 1242هه آهي. اهڙيءَ طرح 1170هه ۾ عيسوي سنه هو 1756هه (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 293) ۽ رمضمان 1224هه ۾ عيسوي سنه هو 1827ع (تقويم تاريخ ص 311)
    ان طرح سچل جو دور 1170 هه مطابق 1756 ع کان 1242هه مطابق 1827ع تائين تقريباََ 72 سال رهيو. ان سچل جي حياتيءَ واري دور کان ڪجهه پهريون واريون حالتون به ان دور تي واضع طور اثرانداز هيون. ان وقت سنڌ جون ڪهڙيون حالتون هيون؟
    محمدعلي حداد سچل جي دور جو مختصر تجزيو هن طرح ڪيو آهي ”حضرت سچل سرمست جو زمانو سنڌ جي تاريخ جو نهايت پر آشوب دور هيو. سندس زماني ۾ هڪ پاسي پنهجن جا هي پرڪار هئا جو هڪ طرف کهڙن جي مخدومن کي مسجد اندر ماريو ويو، ٻئي طرف ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڻبڻت سبب رت وهيو ته وري چوٿين طرف خود ميرن کي پنهنجي گهران لڳي چڪي هئي. اندروني طرور چئن ئي طرفن کان اوندهه هجڻ سان گڏ ڌريان ئي ڌريان ئي ڌار يا جدا ڪاوڙيل هئا جن مان نادر شاهه، احمد شاه، مدد خان ۽ سک اتر کان، ڪڇ جو راءُ ڏکڻ کان، ته جوڌپور جو راجا اوڀر کان، قلان جو خان اولهه کان سنڌ تي ڪاهون ڪيون ۽ ستم بالاءِ ستم اهو جو انگريزن جون حريص نگاهون به سکي ستادي سنڌ تي کتل هيون (سرمست 17 / 1997ص 7)

    سچل ۽ مغربي يلغار
    سچل سرمست پنهنجي دور جي ٽالپر حڪمرانن کي خبردار ڪري ٿو ته هي جيڪي مغربي آهن اتي اندروني طرح توهان کي کاٽ هڻندا ۽ توهان جي فوج جا لاش پيا هوندا ان ڪري اندروني طرح ذاتيءَ ۽ مذهبي جهيڙا ختم ڪري ڇڏيو.
    اولهه سج نه اڀري، الهيٰ متان ٿئي اوڀر
    ماري ويندءِ مغربي تاريڪيءَ ۾ تير
    ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير
    مرد ڏين ٿا ماهه ۾، مانجهي ڪي ميڙ
    وَجُهه ٿئي، وجهه پاڻ ۾ هڪڙائي جي هير
    ناسوري ناچيز، پٽ پوءِ نابوذ ڪر
    دنيا ڏٺو ته ٽالپرن خاطر خواه ڌيان نه ڌريوءِ ميرن مان پنهنجي اختلافن سبب مير صوبدار خان ٽالپر ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جڏهن ته هندن مان نائون مل انگريز سان ٻڌجي بيهي رهيا ۽ انگريزن سچل جي وفات 1827ع کان سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.

    مغربي فوج جي قوت ۽ بي رحم جملا
    سچل سرمست فرنگين جي فوجي تنظيم 7 انهن جي بي رحماڻن جملن کي وڏي طاقت طور ڏٺو ٿي ۽ اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ماڻهن کي احساس ڏياريو اٿس. هو به اهڙي فوج تيار ڪن جڏهن ته انهن وٽ ڪل وقتي منظم فوج نه هئي.
    فوجان حسن ديان چڙهه پيان
    جيون چڙهي سپاهه فرنگيان جا
    گردا گرد انهين ڪُون، جو ويڙهه گهتن
    ڏاڍا تاب انهان، ووتُرنگيان دا
    قابو نين سپاهي، سوڪاهه پون
    عجب جوڙ ڏٺاسين جنگيان دا
    انهان نال برار ڪيوين ڪري
    ”سچو“ لشڪر روميان زنگيان دا.

    مغربين جا معاهدا
    انگريزن مختلف طريقن سان معاهدا ڪري ٽالپرن کي ٻڌندا ويا جنهن ڪري هو مقابلي ۽ مدد وٺڻ يا سيد احمد شهيد بريلوي جهڙن مجاهدن جي مدد ڪرڻ جهڙا به نه رهيا. بکر جو قلعو به افغانستان تي حملي لاءِ انگريزن کي اڌارو ڏنائون جيڪو انگريزن قبضي ۾ رکيو جتان هنن ميرن، درياهي گهٽن گهيڙن تي نظر رکي ۽ هتي پنهنجا ماڻهو پيدا ڪيا. سچل اهڙن معاهدن بابت چيو ته:
    سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
    ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي
    ٻني ۾ پيغام، ڪي لکي مڪا سڄڻين
    سي نه سمجهن عام، جي آهن مجهه اشارتان
    هڪڙي ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح
    مڃيون مارن اوچتيون، بانڪابي پرواه
    لهر بحر جا حڪم ڄاڻي شوريا وتن شاهه
    وائڙا رکن، تن مٿان، ويچارا ويساهه
    آسرو اڙين ڇو آهي مجهه الله
    ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ کي
    يعني انگريزن جي ميرن سان دوستي ڪوڙي آهي هو معاهدن ۾ اندروني وڏو منصوبو رکن ٿا جڏهن ته هتان جا وائڙا حاڪم ويساهه رکي صحيحون ڪري قاسندا وڃن ٿا.

    مغريبن جي مفاد ۾ اندروني حالتون
    سچل سرمست جو دور اندروني طور انتشار، تعصب ۽ غلامانه ذهنيت وارو هو جيڪو ڪنهن ٻاهرين جمله آور لاءِ بهترين وقت هوندو آهي.
    1. مسجد ۽ مدرسي جو روايتي انداز: مسجد ۽ مدرسي ۾ اصل اسلام بجاءِ سمي اسلام رهيو هو. مذهبي عالم کاڌيءَ دولت ڪڍ هئا ۽ ماڻهن جي اڳواڻي نه پيا ڪن ان جو اظهار سچل هن طرح ڪيو.
    مسجد دي وچ ڪاڻ ٽڪردي، ڏيون بانگ صلواتان
    منهن چٻَي، ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن صلواتان
    عالمَ ليکي روزي رکندي، پر هِن کاوڻ ديان آفاتان
    سچل راهه نه اها سچ تدي، برهه والبان ٻيا باتان
    رک ڪَي ورد وظيفي اڳون، جهڻ جهڻ ٻهون ڪريندي
    مسجد وچ مراقبي ڪرڪَي، مکيان ويک مريندي
    سچي ڳالهه هادي دي اُتي، نا اعتبار ڪريندي
    رعب ڪاڻ دنيادي، سچل نوين سبق پڙهندي
    قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
    آءُ پيئون هڪ سرڪي مئي دي، مورُ نه ٿيون ملا
    سچل جهن حق حاصل ناهين، راهه ڪنون اوڀلا
    يعني عالمن جو مقصد دولت ميڙڻ هوءِ اسلام جي تعليم موجوب دفاعي سگهه ۽ جهان بجاءِ ماڻهن کي ننڍن مسئلن ۾ الجهائي ڇڏيائون.
    2. خاتقا جو روايتي انداز: سچل جي دور م پير پزرگ به عوامي قيادت بجاءِ وظيفن ۾ پورا هئا ۽ ترڪ دنيا جا داعي هئا سو ماڻهن ۾ غلاماني ذهنيت پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ بڻجي رهيا هئا، سچل سائين فرمائي ٿو:
    مڪر بازي وچ فعل گهڻيري، طرحون طرح ڪريندي
    نوعان نوع عالم دي اڳون، لاف گراف مريندي
    اسان ديوين تي، اسان اونوين، سي کوٽي ماڻ ڀريندي
    ڪوڙي ڪوڙ والي تان سچل، ٻيٽي ٻاٽ ڏريندي
    مذهبن لڪ ۾ ماڻهو ن منجهايا
    شيخي، پيري، بزرگي بيحد بلايا
    ڪي نمازون نوڙءَ پڙهن، ڪن مندر وسايا
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي

    3. هندو مسلم تعصب:- سنڌ ۾ ڪن جاين تي هندن کي رسو چوڻ يا ڪنهن مسلمان کي ڀاءُ چوڻ تي زوري مسلمان ڪيو ٿي. جنهن ڪري هندن ۾ بي چيئي هئي سچل پنهجي پيغام ۾ چيو ته هندن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلوءِ انهن سان ناجائزيون بند ڪريو نه ته اهي توهان جي خاتمي جو سبب ٿيندا ۽ دنيا ڏٺو ته نائون مل انگريزن جو ساٿي ٿي بيٺو. سچل هندو مسلم جو سياسي اتحاد جو قائل هو نه نه ڪي مذهبي اتحاد جو ۽ سندس وفات کان ايڪهٽ سال پوءِ سنه 1888ع ۾ هندو مسلم سياسي اتحاد ”ڪانگريس“ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو.

    4. فرقي بازي: سچل سرمست فرقن جنهن کي هو ”مذهب“ سڏي ٿو انهن ۾ يقين رکندڙ نه هو. ماڻهن ۾ فرقي بازيءَ سبب تقسيم ٿي رهي هئي. مير حاڪم شيعه هئا ۽ رعيت سني هئي ان ڪري شيعه سنيءَ جي وڏي ٽڪراءُ جو انديشو هو ته سچل ان خلاف اٿي ٻيٺو ته فرقي بازي ختم ڪريو.
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل
    اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام
    مذهب مور نه مڃان، آءُ مشرب منجهه کي سلام
    يعني سياسي طرح ڪفر اسلام جي تفريق جو وقت نه آهي ۽ فرقا ته آءُ موران ئي نه مڃان
    نا مين شيعه نامين سني، صوفي صاف برهه دي منِي
    5. غلامانه ذهنيت: سچل جي دور ۾ مقامي بادشاهن جي دٻدٻي، عالمن ۽ پيرن جو ورد وظيفن ۽ نمازون روزن ۾ وڪوڙجي ملڪي حالتن کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري عام ماڻهو جي ذهنيت غلامانه ٿي وئي هئي پر سچل سرمست اها ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي اسعتمال ڪيو.
    تون ئي مالڪ ملڪ جو، ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ
    صورت منجهه سڃاڻ، پاڻ پنهنجو پاڻهي
    پٺتي ڄڃ مَ ڄُل ، منجهه تماشي نه پوين
    ڇوڙ گمان گدائي والا، شملو ٻڌ شاهاڻو
    مرشد ٻانهو نا چيو، سچو تون سردار
    ه
    ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
    پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
    وهم سچل ڪڍ ٻانهپ والا، شملو ٻڌ شاهانو
    ه
    سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي
    وچ ميدان محبت والي، پهلي پهر پڙهيجي
    مار نعارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي
    اندر ٻاهر هڪوهووين، موتو قبل مريجي
    وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان عاشق تان نه اڙيجي
    سبحاني يا اعظيم شاني، سچل سُر سڻيجي
    يعني سچل ماڻهن مان غلامانه ذهنيت ختم ڪرڻ لاءِ کين اٿاريو ۽ کين سمجهايو ته هوئي ملڪ جا اصل مالڪ آهن ان ڪري اهڙا ڪم ڪن جيڪي حاڪمن ۽ مالڪن کي سونهن.

    6. حڪومت جي تقسيم: سچل جي دور ۾ سنڌ جي حڪومت ٽن حصن ۾ تقسيم هئي.
    (الف) ميرپور خاص سرڪار
    (ب) خيرپور سرڪار
    (ج) حيدرآباد سرڪار
    حيدرآباد سرڪار جيڪا مرڪزي سرڪار جي حيثيت رکي پئي ان جو حال اهو هوجو چار چار بادشاهه هڪ وقت حڪومت ڪن پيا جن کي چوءياري چيو وڃي ٿو. اها تقسيم در تقسيم ملڪ کي ڪمزورئي ڪندي. سچل سرمست ان چوياري سسٽم (تقسيم حڪومت) کي تسليم نٿو ڪري ۽ وري به هڪ بادشاهه واري پنهجي علائقي واري حڪومت کي پسند ڪري ٿو ڇو ته هڪ بادشاهه، هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندو پر چار بادشاهه معنيٰ چار پالسيون جيڪو ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي اهوئي سبب آهي جو حيدرآبادي حڪومت ۾ مير صوبدار جهڙا پنهنجي بادشاهي حق وٺڻ لاءِ انگريزن سان مليا. سو سچل فرمائي ٿو.
    ڇوڙڪي ديس چو ياري والا
    اس اسان گڏ جالِ

    سچل جي موسيقيءَ جي تيزي
    سچل سرمست ماڻهن کي اٿارڻ ۽ مقابلي جهڙو بنائڻ لاءِ تيز موسيقيءَ کي اختيار ڪيو ڊاڪٽر تنوير عباسي ان بابت تمام بهتر لکيو آهي ته:
    شاهه لطيف جي درگاهه تي جيڪا موسيقي ان دور کان هلندي پئي اچي، انهيءَ ۾ عشق آهي گهرائي آهي، انهيءَ ۾ ماٺار آهي، ان ۾ خيال آهي، فڪر انگيزي آهي. انهيءَ ۾ اهي ئي ڳالهيون آهن پر سچل سائين وٽ اچي اها موسيقي تبديل ٿي ٿئي نه رڳو موسيقي تبديل ٿئي ٿي پر گڏوگڏ سچل جي شاعريءَ جو انداز به تبديل ٿو ٿئي. اهو مان چوندو آهيان ته هڪڙي عجيب فنامنا آهي ته شاهه لطيف کان وٺي سچل سرمست تائين شاه لطيف جي وفات 1752ع ۾ سچل جي وفات 1826ع (درست 1827ع) ته 75 سالن ۾ ايڏي وڏي تبديلي! ايڏي وڏي تبديلي 75 سالن جي عرصي ۾ آخري ڪهڙي ماجدا؟ اها آهي ته شاه لطيف جي زماني ۾ سنڌ آزاديءَ ۾ مرڪزيت ڏانهن وڌي رهي هئي نور محمد ڪلهوڙو ۽ ان کان پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙو انهن جي زماني ۾ سنڌ ذري گهٽ مغلن جي چنبي کان آزاد ٿي ۽ متعد ٿي.
    سچل سرمست جي زماني ۾ سنڌ Disintegration جي طرف وڌي رهي هئي ۽ سنڌ غلاميءَ جي طرف وڌي رهي هئي. سچل سرمست جي وفات کان سترهن سال (درست سورهن سال) پوءِ سنڌ تي انگريزن جون فوجون اِهي اچن پيون ۽ چيو اٿائين.
    ماري ويندءِ مغربي تاريڪيء ۾ تير
    اهي لفظ اٿس ۽ تنهن کان پوءِ هن ڏٺو ته هندن کي هن درازن جي درگاهه کان ڪجهه ئي ڪلوميٽر پري زوري مسلمان ڪيو ٿو وڃي. مٽياريءَ ۾ زوري مسلمان پئي ڪيو ويو ته اهي سڀ ڳالهيون سنڌ کيDisintegration جي طرف وٺي ٿي ويون ته سنڌ ۾ مذهبي طور تي منافرت پيدا ٿئي جيئن انگريز آسانيءَ سان قابض ٿي سگهن. انهيءَ جي ڪري سچل سرمست جو لهجو شاعريءَ ۾ هڪڙو کلمه کلا (Strait Farward) رهيو آهي. هن شاهه لطيف وانگر ڳجهارتن ۾ نه ڳالهايو آهي. هن جي شاعري Direct Impact آهي. هن سڌو سنئون چيو آهي ته:
    وقت اها ٿئي وِير، دوئي دور ڪرڻ جي
    ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سوير
    ڪابه لڪ لڪرئي ڳالهه ڪانهي ڪا، ڪوبه Symbolism نه آهي ته جهڙيءَ طرح سچل ۾ انداز شاعريءَ ۾ سڌو آهي اهڙي طرح سچل جي موسيقي جيڪڏهن شاه لطيف جي موسيقيءَ جي آڏو رکجي ته ان ۾ وڏو فرق نظر ايندو ته اهو والهانه آهي، سچل سرمست جي موسيقي وجد آفرين آهي ان ۾ وجدائي ڪيفيت آهي ان ۾ نرت تال آهي ناچ جو رنگ آهي. سچل جي ڪلام ٻڌڻ وارو چپ ڪري ويهي نه سگهندو ان جا هٿ پير چرندا، هٿ پير لڏندا پر شاه لطيف جو ڪلام ٻڌڻ وارو چپ ڪري منهن مونن ۾ وجهي ويهندو. اهو آهي فرق ۽ اهو فرق تاريخي فرق آهي جنهن جو سبب مون توهان کي ٻڌايو ته سچل ان وقت چاهيو پئي ته ماڻهو جذباتي ٿين ماڻهو وجد ۾ اچن، ماڻهو والهانا نموني سان اٿن ۽ حالتن جو مقابلو ڪن.
    (سڀني کان سهڻي ساڀيا ص 17 کان 19)

    پنهنجي زمين جي حفاظت
    سچل هتان جي حاڪمن ۽ عوام کي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ اساهيو آهي:
    هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، مرد نه نه ڇڏن مينڌڙا
    تو پڻ پرين پوءِ، ڪوهه لڄايو ڪاڪ کي
    ه
    هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان
    اهي به انسانن جي ننگن تان نثار ٿيا
    مير رستم جهڙي پير مرد کي مخاطب ٿيندي چيو اٿائين.
    سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽي هوي ڏاڙهي
    ۽ ڪفر (انڪار) جو درس ڏيندي سچل انگريز تسلط کان انڪار سيکاريو آه:
    سچو راهه ڪفر دي، سانون مرشد آپ بتايا

    سچل جي مغربي خطري خلاف تحريڪ جا اثر
    سچل پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي تفرتي بازي ۽ هندو ملسم تعصب گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڻ فرنگين سان مقابلي لاءِ هتان وارن ۾ روح ڦوڪيو ان جا وڏا اثر نڪا:
    1. سچل جا مير رستم خان سان سٺا تعلقات هئا ايتري قدر جو سندس مقبرو به مير رست خان ٺهرايو مير رستم جي انگريزن خلاف ويڙهه جي فيصلي م سچل جي فڪر جو به وڏو اثر رهيو .
    2. حيدرآبادي ميرن بنسبٿ خيرپوري ميرن ۾ هندن لاءِ نفرت گهٽ هئي. نائون مل به حيدرآبادي ميرن جي هلت سبب غدار ٿيو. ان کان سواءِ شيعه سني تعصب حيدآباد ميرن ۾ زياده ۽ سچل ڪري خيرپور ميرن ۾ گهٽ هو جيئن علي اڪبر درازي 1972ع ۾) لکيو آهي ته ”ماستر محمد بخش ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ ڏيکاريو آهي ته حيدرآباد جي مير صاحبن منجهان مير واحد بخش خان، مير علي مراد خان ڏانهن لکي موڪليو ته اوهان مت جا موڙ هيا ۽ ڳهيلا آهيو جو اوهان فاروقين جي مريديءَ معتقدي اختيار ڪئي آهي جو اهل شيعت وارن تي بد نما داغ آهي جنهن تي مير علي مراد خان جواب ۾ لکيو ته”سچل سرمست وڏو ڪامل اڪمل عارف اولياءُ آهي هن تي رب رسول جو وڏو راز آهي هن جو منڪر مردود آهي (درازي درٻار جا دُر ص 17)

    يعني مذهبي تعصب جي ڪمي جو سبب سچل سرمست هو.
    3. سچل جي هندو مسلم سياسي اتحاد جي ڏنل سوچ اهڙو زور ورتو جو سندس وفات کان ايڪهٽ سال پوءِ 1888ع ۾ هندو مسلم سياسي جماعت ڪانگريس ٺهي.
    4. مولانا عبيدالله سنڌي موجب هن ۾ سامراج خلاف جدوجهد لاءِ سچل جي سٿ ”ڇوڙ گمان گدائي والا شملو ٻڌ شاهانا“ روح ڦوڪيو. ان کان سواءِ هن علائقي جي سيد صبغت الله شاهه شهيد ۽ مولانا تاج محمود امروتي کي انگريز مخالف تحريڪ هلائڻ ۾ سچل سرمست جو وڏو اثر معلوم ٿئي ٿو. اهي صاحب هندو مسلم سياسي اتحاد جا علمبردار هئا جيڪو سچل جو ڏنل فڪر هو.


    سچل جي نظر ۾ ”ملا“ جو ڪردار

    سياڻن چيو آهي ته پنج آڱريون برابر نه آهن پر ڪي ماڻهو چون ٿا ته ٻن موقعن تي پنج ئي آڱريو برابر هونديون آهن هڪ نورتي هٿ رکڻ مهل ٻيو ٿالهيءَ ۾ چانور کائڻ مهل. هاڻي ٻڌايو ته سياڻن جو قول مڃون يا ٻين جو؟ اگر سياڻن جو قول صهيح آهي ته پنج ئي آڱريون برابر نه آهن ته پوءِ اوهان ”ملاح“ طبقي جي سڀني فردن کي هڪ جهڙو قرار ڇو ٿا ڏيو؟ منهنجو اهو به سوال آهي ته هي جو چيو ويندو آهي ته منهنجو فلاڻي تي هٿ آهي؟ ڇا معنيٰ؟ هرهميشه ان تي هٿ هوندو آهي؟ اگر نه ته ان جي معنيٰ اوهان اها ٻڌائيندا جيڪا انهيءَ جملي جي لفظن ۾ نظر نٿي اچي، اها هيءَ ته منهنجي فلاڻي سان حمايت ۽ مدد آهي ان جو مطلب ته لفظ ۽ جملا ٻي معنيٰ به رکن ٿا ته پوءِ ”ملا“ هڪ لفظ آب ان جي اصل معنيٰ ته سٺي آهي پر ڪجهه ڪڌن ڪمن ڪري اهو لفظ خراب معنيٰ اختيار ڪري ٿو ته منهنجي ٻنهي موقفن ته لفظ ٻي معنيٰ به رکن ٿا ۽ پنج ئي آڱريون برابر نه آهن سا ن متفق نه آهيو ته هاڻي مون کي جواب ڏيندا هلو.

    مرشدن جي نندا
    سچل سرمست ملا سان گڏ مرشدن کي به ننديو آهي مثال طور

    بزرگ، شيخ مشائخ يارو، نامخدوم ٿياسي
    نڪي قاضي، نڪي ملا، معلم پير بڻياسي
    نڪي ٺاهه ٺڪيءَ جا ٺاهي، رنگ رساءِ رکياسي،
    ه
    عشق محبت ٻاجهون چائين، ٻي سڀ راهه خلافي
    بزرگي ڪاڻ دنيا دي ڪردي، سڀ دي نال تلافي
    سچل اهي ڪڏهان نه ٿيسن هرگز صوفي صافي
    ه
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    شيخي پيري بزرگي بيعد ڀلايا
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪي مندر وسايا
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق جي
    ه
    نه مان مريد نه مان پير
    سار فقر جو فقير
    پر سچل سائين مرشد عبدالحق ڇو ورتو 7 ان جي تعريف مختلف هنڌن تي ڇو ڪئي؟
    هادي ميڏا عبدالحق سائين
    صوفي صاف جو شهنشاهه ميان
    سڀڪو علم تنهن تون مليا
    اسرار مڙوئي آگاهه ميان
    ان مان سمجهه ۾ آيو ته سچل سڀني مرشدن کي نه ننديو آهي فقط انهن مرشدن کي ننديو آهي جيڪي مرشد جي اصل معنيٰ دين جي رهنمائيءَ تي پورا نٿا لهن ته پوءِ ڇا سبب آهي جو مرشد سان گڏ ننديل ”ملا“ جي اوٽ سڀني عالمن ۽ دين پسندن کي ننديل سمجهيو وڃي ٿو؟ اتي به مخصوص ڪردار سمجهڻ کپي.
    عقل ۽ علم سان وير؟
    سچل سائينءَ جا هي ٻه بيت پيش ڪندس جنهن جي ظاهري لفظن مان سچل سائين جو نعوذ باالله علم ۽ عقل سان وير ٿو لڳي
    قاضي ساڙڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا
    آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پرجهايا
    سچل راهه ڪفردا سانون، مرشد آپ بتايا
    مٿين بيت ۾ آهي ته سچل سائين فرمائي ٿو ته ڪتاب ساڙڻ کپن ته ڇا سچل ڪتاب دشمن هو يا علم دشمن هو؟ هرگز نه اگر ان بيت مان مراد ظاهري نٿا وٺو ته پوءِ ملا وارن بيتن جي ظاهري مطلب تي ڇوٿا هلو؟
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    شيخي پيري بزرگي بيعد ڀلايا
    ڪي نمازون نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي
    ان بيت ۾ آهي ته عقل وارا عشق جي ويجهو به نٿا اچن ۽ هر هڪ کي خبر آهي ته سچل هڪ ڪامل عاشق هو ته پوءِ معنيٰ ته عقل سان سندس وير هو؟ هرگز نه اگر اتي معنيٰ ٻي ٿا وٺو ته پوءِ ملا وارن بيتن يا ان بيت جي شروعات ۾ ”مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا“ واري سٽ جي ظاهري لفظي معنيٰ مراد ڇو ٿا وٺو؟

    ضرور ناهي ملا مذهبي هجي
    ظاهري پينن کان ”ملا“ جي وصف گهرجي ٿي ته ائين محسوس ڪرائين ٿا ته دين پسند ماڻهو ئي ”ملا“ هوندو آهي. اگر ائين آهي ته سڀ ديندار جن ۾ پهرين انبياء ڪرام ۽ پوءِ صحابه ڪرام ۽ اوليا ڪرام شامل آهن سي سڀ ”ملا“ سڏبا ان کان سواءِ ڀٽائي ۽ سچل به ته بي دين ڪونه هئا اهي به اسلام جا علمبردار هئا. سندن شعرن کي پڙهبو ياسندن حياتيءَ بابت پڙهبو ته اها ڳالهه صاف ظاهر ٿي پوندي.
    محمد ابراهيم چوئي صاحب لکيو آهي ته ”هڪ پاسي شاهه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن پاڪ جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارٿ ۽ سمجهاڻي ساڳي ان سنڌي سماج کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهريو ٿي (شاه، سچل، سامي ص 29)
    محمد ابراهيم چوئي صاحب شاه، سچل ۽ ساميءَ لاءِ اڳتي لکيو آهي ته ”سنڌ جا هي عظيم شاعر مذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل، سامي ص 63)
    يعني سچل پاڻ به ديندار هو ته ڇا سچل ديندارن کي ننديو آهي؟ هرگز نه پر ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن ”ملا“ کي سچل ننديو آهي اهو ضروري نه آهي ته ديندار هجي.

    ضرور ناهي ملا ڏاڙهي وارو هجي
    جڏهن اسان جا ظاهرين ۽ اکرن وچ اڙيل محقق سچل ۽ ٻين صوفين طرفان ”ملا“ جي مذمت واريون سٽون پڙهن ٿا ته اهو نٿا ٻڌائي سگهن ته اهو ”ملا“ ڪير آهي؟ اگر ”ملا“ ڏاڙهي واري کي چئبو آهي ته پوءِ سکن کي ڇا چوندوء؟ ٻيو ته ڏاڙهي دنيا جي ڏاهن، فلسفين، تبين ۽ ولين سڳورن کي به رهي آهي سنڌ جي شاعرن ڀٽائي ۽ خود سچل سرمست کي به ڏاڙهي هئي ته پوءِ ڏاڙهيءَ سبب اهي سڀ ”ملا“ آهن ته ڇا سچل انهن شخصيتن کي ننديو آهي، هر گز نه، ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته جنهن ”ملا“ کي سچل ننديو آهي اهو ضروري نه آهي ته ڏاڙهيءَ وارو هجي.

    سڀن رسمن جو ٽٽڻ
    سچل سائين فرمائي ٿو ته
    ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
    پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
    وهم سچل ڪڍ ٻانهپ وارو شملو ٻڌ شاهانو
    ان بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته سڀ رواج ۽ سڀ رسمون ٽوڙڻ کپن پر اسان ڏسون ٿا ته سچل جي درگاهه تي مختلف رسمون جاري آهن سچل به مرشد وٺڻ واري رسم ۽ رواج تي هليو ته جڏهن ساريون (سڀ) رسمون ٽوڙن مان به مراد سڀ رسمون رواج مراد نٿا ورتا وڃن ته سچل جي شعرن ۾ ”ملا“ جي مذهت ڏسي سڀني عالمن کي مراد وٺي انهن جي مذمت ڇو ٿي ڪئي وڃي؟

    ڇا سڀ حرف؟
    سچل سائين فرمائي ٿو ته:
    الف سانون يار پڙهايا، ٻي دي بانس نه بون
    ملا مارنه مون سڄڻ ڏسان، ڪيئن سبق پڙهان
    ان بيت مان معلوم ٿئي ٿو ته الف کان اڳتي نه پڙهڻ گهرجي بي جي بانس صوفيءَ سڳوري کي نه آهي ته ڇا سچل سائين الف کان مٿي نه پڙهيو ته پوءِ سندس ٻولين، لکين شعرن، وزن بحر، ٻاهرين مفڪرن افلاطون، لقمان حڪيم، جنيد بغدادي، عطار، رومي، منصور، شيلي، شمس تبريزي، بايزيد بسطامي، احمد جام وغيره جي ڏنل فڪرن جا حوالا شعرن ۾ ڪيئن ٿو ڏئي؟ پڙهيل هجڻ جي صورت ۾ ”الف“ کان مٿي چڙهي ويو. جڏهن صوفي سڳورو ظاهري طرح شعر ۾ ”الف“ کان مٿي نٿو چڙهڻ چاهي پر ان کي ائين نٿو سمجهيو وڃي ته پوءِ اهو ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته سچل ملن کي ننديو آهي ته ان مان سڀ ملا حضرت مراد آهن.

    موالي جي اصل معنيٰ
    موالي اسان وٽ نشيئي ماڻهن کي چيو ويندو آهي اها معنيٰ ماڻهن جي خراب ڪردار سبب ٿي آهي نه ته ان لفظ جي اصل معنيٰ سٺي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب موالي، موليٰ جو جمع آهي جنهن جي معنيٰ آهي دوست ڏسو جامع سنڌي لفاٽ جلد 5 ص 2719، قرآن پاڪ جي سورت محمد 11 ۾ آهي ته الله
    مَولَي الَذِينَ اٰمنُو وَ اَنَ الڪَافِرينَ لاَ مَوليٰ لَهُم.
    ترجمو: الله مومين جو موليٰ يعني دوست آهي ۽ بيشڪل ڪافرن جي موليٰ يعني دوست نه آهي. (سورت اخراب 5 ۾ آهي ته
    فَاِن لَم تَعلَمُو آياءَ هُم فَاِخوَ انُکُم فِي الدِينِ وَ مَوَ اِليکُم
    ترجمو: پوءِ جيڪڏهن اوهان کي سند پيرئ معلوم نه هجن ته پوءِ اهي دين ۾ اوهان جا ڀائر ۽ اوهان جا دوست آهن.
    چچ نامي ص 196 تي آهي ته ” پوءِ محمد بن قاسم مهراڻ جي ڪناري تي منزل ڪري شاه جي بزرگن مان هڪ بزرگ ۽ مولائي اسلام ديبليءَ کي جومحمد بن قاسم جي هٿ تي اسلام جي عزت سان مشرف ٿيو هو، موڪليو“.
    يعني شروع ۾ جيڪو مسلمان ٿيو ان کي موليٰ لقب ڏنو ويو هو. اهو 93هه ڍوران جو واقعو آهي پر ڪجهه ۾ پهرين مسلمانن نشو نه ڇڏيو ته موليٰ معني نشيءَ ٿي ويو.

    شيخ جي اصل معنيٰ
    سچل سائينءَ ”شيخيءَ“ کي ننديو آهي ته شيخ مان مراد ڇا آهي هتي شيخ ذات مراد نه آهي پر هتي پير ۽ مرشد مراد آهن. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب شيخ معنيٰ پير مرشد بزرگ، عالم، مفتي، پوڙهو (جامع سنڌي لفات جلد 4 ص 1789)
    سورت قعص ۾ حضرت شعيب جي نياڻين جو ٻڪرين کي چشمي کان پاڻي پيارڻ جو سبب هن طرح سندن زباني بيان ٿيو آهي.
    قَالَتَا لاَ نَسِقي حَتي يُصدِرُ الرِعَاءَ وَ اَبُونا شيخُ کَبِيرُ ه
    ترجمو: انهن ٻنهي چيو ته اسان مال کي پاڻي نه پيارينديون آهيون جيستائين ڌنار مال پياري نه موٽن ۽ اسان جو پيءُ شيخ ڪبير يعني تمام پوڙهو آهي.
    ته شيخ جي معنيٰ آهي بزرگ يا وڏو خاص ڪري مرشدن، پيرن ۽ نيڪ ماڻهن لاءِ استعمال ٿيندو رهيو پر انهن جي غلط ڪردار سبب سچل وٽ ”شيخ“ جي معنيٰ سٺي نه رهي آهي. ٻيو ته سچل جو شيخ يعني مرشد هو. ڇا ان کي به ننديائين ته جواب آهي هرگز نه، ته پوءِ ائين ڇو ٿو سمجهو وڃي ته سچل سائينءَ سڀني ملا حضرات کي ننديون آهي.

    مرشد جي اصل معنيٰ
    مرشد جي به معنيٰ سٺي آهي داڪٽر نبي بخش بلوچ موجب مرشد جي معنيٰ آهي هدايت ڪندڙ، الله جو رستو ڏيکاريندڙ (جامع سنڌي لفات جلد 5 ص 2637) سورت ڪهن 17 ۾ آهي ته
    وَمَن يُضلِل قَلَن تَجِدَ لَه وَلِياَ مُرشِداََ ه
    ترجمو: جنهن کي الله ٿيڙي پوءِ ان لاءِ نه لهنديت ڪو حمايتي راهه ڏسيندڙ يعني مرشد معنيٰ راهه ڏسيندڙ. سچل جو مرشد ميان عبدالحق هو پر هو مرشدن کي نندي ٿو ته ڇا سڀن مرشدن کي نندي ٿو؟ هرگز نه ته پوءِ اهو ڇو ٿو سمجهيو وڃي ته سچل سڀن ملا حضرات کي ننديو آهي. سچل جن مرشدن کي ننديو آهي اهي پنهنجو اصل مقصد ديني رهنمائي وڃائي ويٺا آهن يعني مرشدن جي غلط ڪردار سچل جي ٻوليءَ ۾ مرشد جي معنيٰ ۽ مطلب ٻيو ڪري ڇڏيو.

    ملا جي اصل معنيٰ:
    ظاهرين محقق اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن يا وري ملا سان نون ڳنڍي چوندا ته ملا معني شيطان جو ”ملان“ ۾ به نونءِ شيطان ۾ به نون کين اها خبر هجڻ کپي ته ”قرآن“ به نون آهي ته ”رحمان“ ۾ به نون آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ”ملا“ جي معنيٰ ڇا آهي؟ جڳ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب ”ملا“ لفظ ”املا“ مان نڪتو آهي جنهن جي معنيٰ آهي گهڻو لکندڙ يا عالم ڏسو جامع سنڌي لفات جلد 5 ص 2683)
    ڪاتب تحرير اتاريندڙ کي چئبو آهي ۽ ڪاشيءَ سمجهي لکندڙ کي ”ملا“ چئبو آهي معنيٰ ته لکندڙ پوءِ نثرنويس هجن يا شاعر اهي سڀ ”ملا“ آهن ته ڇا سچل پاڻ لکاري هوندي ملا يعني لکندڙ کي ننديو آهي؟ هرگز نه.
    ان مان سمجهه ۾ اچي ٿو ته هر لکاري، علم واري کي سچل نه ننديو آهي پر اهو هڪ مخصوص ڪردار آهي.

    خراب لکاري خراب ملا
    ملا معنيٰ لکندڙ، پڙهيل لکيل ماهر، جيئن اسانوٽ ملا، مرشد، موالي ۽ شيخ جون معنائون ته سٺيون آهن پر اهي خراب معنائڻ ۾ به استعمال ٿين ٿا. جڏهن اهي ڪردار اصل ڪردار کان هٽي ويندا ته خراب معنيٰ اختيار ڪري وٺندا. اهڙي طرح جيڪي لکندڙ اعليٰ مقصدن بجاءِ رڳو گوريءَ جي کل تي لکن، ڳاڙهن چپن، ڳلن ۽ ڇاتين تي لکن جن جو مقصد مجاز جي منزل طئي ڪرڻ به نه آهي پر سيڪسي مزو ڏيڻ آهي جيئن هيروئن جو مذو وقتيءِ نقصان دائمي هوندو آهي. اهڙي نقصان جو مواد تيار ڪندڙ اهو ملا يعني لکندڙ آهي جيڪو اصل مقصد کان ٿڙيل آهي ۽ سچل جي نندا ۾ اچي ٿو.

    زوري فڪر مڙهڻ
    سچل جي دور ۾ ڪجهه مفتين جو خيال هو ته اگر عير مسلم رسول لفظ چيو يا ڪنهن مسلمان کي ڀاءُ چيو ته اهو مسلمان ٿي چڪو جو مسلمان جو ڀاءُ مسلمان هوندو آهي پوءِ ان کي پنهنجي مذهب تي نه رهڻو آهي، حقيقت م اهو زوريء دين قبول ڪرائڻ هو. اسلام ۽ اسلامي تاريخ ۾ اهڙا مثال موجود ئي نه آهن ته زوريء اسلام قبول ڪرايو وڃي. سورت بقره 256 ۾ آهي ته لاَ اِکراهَ فِي الدِينِ.
    ترجمو: دين ۾ زور زبردستي نه آهي.
    ان جو اهو به مطلب آهي ته سچل رضا خوشيءَ سان اسلام قبولڻ جو به مخالف سچل هڪ واڻيو ڪيمو مسلمان ڪيو هو. مرزا علي قلي بيگ سچل بابت لکيو آهي ته ”هڪڙي ڀري گنبٽ جوهڪڙو واڻيو ڪيمون نالي فقير سان ڳالهين ۾ اچي ٺهيو ۽ تنهن کي فقير مسلمان ڪيو جو سندس مريد ٿيو (رسالو سچل فقير ايڊيشن 1902ع ص 15) مولانا محمد صادق راڻيپوري (1957) ”سچل جو سرائيڪي ڪلام“ ايڊيشن 1997 ص 50 تي پڻ اها ڳالهه لکي آهي.
    معلوم ٿيو ته سچل جو ننديل ”ملا“ اهو ڪردار آهي جيڪو پنهنجي ڳالهه يا نظريو زوريء ٻئي تي مڙهي، هاڻي جيڪو به ائين ڪري اهو سچل جو ننديل ڪردار ”ملا“ آهي چاهي ان کي ڏاڙهي هجي يانه هجي، اهو ديندار هجي يا نه هجي.

    لڪير جو فقير
    سچل جي دور م مذهي ماڻهو اسلام جي احڪامن جي اصل مقصدن سمجهڻ کان سواءِ روايتي انداز ۾ ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا جيڪو پڻ اسلام ۾ مذمت تيل آهي ڇو ته بني پاڪ جي اچڻ وقت ڪافرن جو قول به اهو هو ته اسان جا ابا ڏاڏا ائين ڪندا هئا ان ڪري ڪريون ٿا اسلام ان بابت هن طرح آيو آهي. سورت انبياءَ آيت 53 – 54 ۾ آهي
    قَالُوا وَجَدنا آپاءَ نَالَهَا عابِدِين ه قَالَ لَقَد کُنمُ اَنتُم وَآبَاوءُ کُم فِي َضلالِِ مُبِينِ ه
    ترجمو: چيائون اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهن جي پوڄا ڪندي لڌو چيائين بيشڪ اوهان ۽ اوهان جا ابا ڏاڏا پڌري گمراهيءَ ۾ آهن.
    بنا سوچڻ سمجهڻ جي جيئن شرڪ تي رهڻ سٺو نه آهي ان طره بنا سوچڻ سمجهڻ جي اسلام تي رهڻ به سٺو نه آهي ڇو ته ان سان ماڻهو لڪير جو فقير ٿي وڃي ٿو وڏن جي غلطين کي درست نٿو ڪري. سچل اهڙيءَ ڪردار واري کي ”ملا“ چئي ننديون آهي يعني سچل جو ننديل ”ملا“ اهو آهي جيڪو ڪوبه نظريو بنا سوچ سمجهه جي رکي ۽ لڪر جو فقير ٿي رهي پوءِ ان کي ڏاڙهي هجي يا نه هجي.

    مسئلا ڦيرائڻ
    سچل جي دور ۾ ڪي مذهبي ماڻهو حاڪمن کي حق سچ نه چوندا هئا ڀلا اهي ئي مذهبي عالم هئا جن اڪبر کي دين الاهي ٺاهي ڏنو هو پر ان جو رد به ضرت مجدد الف ثانيءَ جهڙن عالمن ڏنو. اهو انهن مان دولت، جاگيرن ۽ انعامن اڪرامن لاءِ ڪيو هو. اسلام ۾ مسئلا ڦيرائڻ کي وڏو جرم چيو ويو آهي.
    يهودين ۽ عيسائين به اهو جرم ڪيو هو جو سورت بقره 75 ۾ آهي ته
    وَقَد کَانَ فَرِيقُ مِنُهُم يَسَمُونَ کَلاَ الله تُم يُحَرِ فُونَه
    ترجمو: انهن مان هڪ ٽولو الله جي ڪلام کي ٻڌڻ بعد ڦيرائي ڇڏيندو هو.
    سورت بقره 174 ۾ آهي ته:
    اِن الذِينَ يَکتُمونَ مَا اَنزَلَ اللهُ مِنَ الڪتَابِ وَيَشترُونَ بهِ ثَمَناََ قَلِبلاََ اُولاَ ئِکَ مَايَا کُلُونَ فِي بُطورنِهِم اِلاَ النارُ ه
    ترجمو: به بيشڪ جيڪو ڪجهه ڪتاب مان الله نازل ڪيو آهي جيڪي ماڻهو ان کي لڪائين ٿا ۽ ان کي ٿوري ملهه ۾ وڪڻن ٿا اهي پنهنجي پيٽن ۾ باه کان سواءِ نٿا کائين يعني پنهنجي فائدي خاطر سچ لڪائڻ يا ان ۾ هيرا ڦيري ڪرڻ غلط آهي ۽ انهن ڪمن ڪندڙن کي سچل ”ملا“ چئي ننديو آهي. سچ سڪائيندڙ يا هيرا ڦيري ڪندڙ سچل جو ننديل ملا آهي پوءِ ڏاڙهي هجي يا نه هجي.

    عمل نه ڪرڻ
    سچل سرمست جي ودر ۾ مذهبي ماڻهن مان ڪيترا اهڙا هئا جيڪي ٻين کي ته نصيعت ڪندا هئا پر پاڻ ان تي عمل نه ڪندا هئا. سچل انهن کي ننديون آهي هونءَ اسلام ۾ اهڙي علم واري کي ننديو ويو آهي جيڪو عمل نٿو ڪري. سورت صف 2 ۾ آهي يَاَيُهَا الذِينَ ا ٰمنُو لِمَ تَقُولُونَ مَالاَ تفعَلُونَ ه
    ترجمو: اي ايمان وارائو اهڙو ڪجهه ڇوٿا چئو جيڪو اوهان نٿا ڪريو.
    سورت صف 3 3 ۾ آهي کَبُرَ مَقتـاََ عِدَاللهِ اَن تَقُولُون مَالاَ تَفَعَلُونَ ه
    ترجمو: الله وٽ اهو وڏو ڏوهه آهي جو جيڪو چئو ٿا اهو ڪريون نٿا
    حديثن ۾ بي عمل عالم لاءِ عذاب جا وعيد آيا آهن.
    سچل اهڙن مذهبي ماڻهن کي ننديو جيڪي اسلام تي عمل نٿا ڪن رڳو ٻين کي اسلام جي تلقين ڪن ٿا يعني سچل جو ننديل ڪردار ”ملا“ اهو آهي جيڪو علم تي عمل نه ڪري چاهي ان کي ڏاڙهي هجي يانه هجي.

    ڏيکاءُ ۽ وڏائي
    سچل سرمست ۾ ڪي مذهبي ماڻهو ڊاڙي، عبادتن يا رياضتن تي وڏائي فخر ڪرڻ ذريعي ٻين جي تذليل ڪري رهيا هئا، سچل انهن کي ننديو آهي هونءَ به شريعت ۾ ڏيکاءُ ۽ وڏائي منع آهي. سورت ماعون 4 – 5-6 ۾ آهي ته
    فَوَيُلُ لِلمصُلينَ ه الذِينَ هُمَ عَن صَللاَدِهِم سَامُونَ ه الذِينَ هُم يُراونَ ه
    ترجمو: پوءِ انهن نمازين لاءِ تباهي آهي جيڪي سستيءَ کان ڪم وٺن ٿا ۽ جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا.
    سورت زمر 74 ۾ آهي ته
    قِلِ ادخُلُو اَبَ حَهَنمَ خَالِدِينَ فِيهَا فَبِئسَ مَتوَي المُتَکبِرِينَ ه
    ترجمو: چو ويندو جهنم جي دروازن کان داخل ٿيو هميشه لاءِ پوءِ وڏائي ڪندڙن لاءِ خراب جاءِ آهي.
    يعني جيڪو ڏيکاءُ ۽ وڏائيءَ ذريعي ٻين جي تذليل ڪري يا ٻين کي گهٽ ڏيکاري اهو سچل جو ننديل ڪردار ملا آهي پوءِ ان کي ڏاڙهي هجي يا نه هجي!

    سچل وٽ ”ملا“ ڪردار جون وصفون
    مسجد وچ ڪاڻ ٽڪر دي، ڏيون ٻانگ صلواتان
    منهن چٻي، ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن خلواتان
    عالمَ ليکي روزي رکندي، پر هِن کاوڻ ديان آفاتان
    سچل راهه نه اها سچ دي، برهه واليا ٻيان باتان
    يعني مسجدين ۾ سندن نمازن ۽ ٻانگن جو مقصد ختمن جون مانيون آهن، منهن چٻا ۽ ڏاڙهيون ڏنکيون ڪرڻ معنيٰ مضوعي پرهيزگاري يا ذڪر ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي. روزن رکڻ جو مقصد اٿن کائڻ، سندن سحري ۽ افطاري ڪو ڏسي اهو عبادتن جو اصل مقصد نه آهي.
    رک ڪي ورد وظيفي اڳون، جهڻ جهڻ ٻهر ڪريندي
    مسجد وچ مراقبي ڪرڪي، مکيان ويک مريندي
    سچي ڳالهه هادي دي اتي، نا اعتبار ڪريندي
    رجعت ڪاڻ دنيا دي سچل، توين سبق پڙهيندي
    يعني ذڪر فڪر ۽ مراقبن جو اصل مقصد رهبانيت نه آهي پر هي ائين ڪن ٿا يعني رڳو لڪير جا فقير ٿي ويا آهن. دين اسلام جو اصل مقصد نٿا سڃاڻن فقط رسمي عبادتن تي زور آهي پر انهن عبادتن سان گڏ انهن جو فهم به هجي.
    مڪر بازي وچ فڪل گهڻيري، طرحون طرحون ڪريندي
    نوعان نوعان عالم دي اڳون، لاف گراف سريندي
    اسان ايوين تي ايوين، انوين، سي کوٽي ماڻ ڀريندي
    ڪوڙي ڪوڙ والي تان سچل ٻيٺي ٻاٽ ڏريندي.
    يعني ماڻهن ڦاسائڻ جا مڪر ڪرڻ وري وڏيون لافون هڻڻ، سندن ڪرت ٿي وئي آهي
    ملا ڇوڙ ڪتابان، پيوين مئي دي هڪ پيالي
    پاڪ تهين وچ قاضي ٿيوين، مستان مست موالي
    سچل سبق ورسارڻ ڪراهڻ، هووين محبت والي
    ڪتاب شعور ڏيندو آهي پر جڏهن ڪتاب اوٽ چالاڪيون ۽ ٺڳيون سيکارين ته اهڙو پڙهڻ گهوريو.
    ملا قاضي حڪم چليندي، حاڪم ڪردي جور جور
    نفس ڪتي دي رشوت کاندي، مار تنهان دي گور گور
    يعني حاڪم ظلم ڪن ٿا. ملازم رشوت وٺڻ ٿا پر ملا ۽ قاضي شريعت جي فقط قانون تي هلڻ جو زور ڀرين ٿا پر شريعت جي اصل روح تي هلڻ لاءِ نٿا چون
    قاضي ساڙ ڪتابان ڪون، هڻ مرشد ايوين فرمايا
    آپ سڃاڻ ته تون ڪيا هيئن، عرف نفسه پر جهايا
    سچل راهه ڪفردا اسان نون، مرشد آپ بتايا
    ”ڪفر دا راهه“ يعني سامراج جي انڪار وارو رسو ۽ انڪار دوران ڪتابن ۾ وڪوڙيل رهڻ صحيح نه آهي ”ساڙ ڪتابان“ جو مطلب ڪتابن کي ڇڏڻ آهي.

    جب عشق مین سرنہین دیا، دوجگ چیاتوکیا ہوا
    ملا کتابیں کھول کر مسءلا پڑھا تو کیا ہوا
    بڑھتا عمل کرتا نہیں، عالم بناتو کیا ہوا
    جوگی جگت کرتا نہیں کہڑا رنگا تو کیا ہوا

    يعني ڪتابن مان انسانيت جو درس نه ملي ته ڪهڙو فائدو ؟
    ملا مجاور ڪانءَ ٽيئي اکر هيڪڙو
    يعني ملا مجاور ۽ ڪانءُ اهي ڪردار آهن جيڪي مفت خور آهن جيڪي خراب اخلاق آهن
    ملان تو محبت جو، چڪو ڪين چکين،
    کڻيو ڪارهن ڪنڏ ۾ منهن تي ويٺو مکين
    سبق سورائتن سکيو، سوچي تون سکين
    ته رحل سڀ رکين، سوچي تون سکين
    يعني اسلام جي اصل مفهوم مطابق قبول نه ڪندڙ ڄڻ اجايو ڪم ويٺو ڪري روايت بجاءِ محبت سان هلڻ گهرجي ۽ محبت جو ماڻ قرآن پاڪ ۾ تابعداري ٻڌايل آهي ته سورت آل عمران 13 ۾ آهي ته: قُل اِنُ کُنُتم يُحبونَ الله فَاتبِصُوني
    ترجمو: چو ته جڪيڏهن اوهان الله سان محبت رکو ٿا ته منهنجي تابعداري ڪريو. اگر اها حقيقت سمجهي وئي ته پوءِ اضافي وردن وظيفن ۽ تلاوت بجاءِ اصل کي وڃي لڳي ڇو ته قرآ ن جو اصل مقصد هدايت آهي ۽ ان ۾ سوچ سمجهه هلائڻ آهي ان جو اصل مقصد تلاوت نه آهي جو رڳو اها ڪئي وڃي. سوره بقره 2 ۾ آهي ته:
    ذَالِڪَ الڪِتَابُ لاَ رَيبَ فِيه هُدََي لِلمُتَقِينَ
    ترجمو: هي اهو ڪتاب آهي جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي پرهيزگارن لاءِ هدايت آهي

    شعر اردو

    يعني سچل جيئن ڪتابن جو دشمن نه هو ائين هر قاضي کي نه ننديو اٿس هتي اهو ڪردار ننديو اٿس جيڪو اصل مقصد کان هٽائي. اسلام جو اصل مقصد انساني فلاح آهي پر ڪتان اوٽ ماڻهوءَ کي آزار ۾ وڌو وڃي ته اهي ڪتاب ساڙڻ يعني اها اوٽ ڇڏڻ کپي.
    قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
    آءُ پيون هڪ سرڪي مئي دي، مول نه ٿيوين ملا
    سچل جنهن حق حاصل ناهي، راهه ڪنون او ڀلا
    يعني دين جي حقيق کان سواءِ روايتي اسلام ڪهڙي ڪم جو؟


    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون

    علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، فاضل ديو بند هو. عالم دين هجڻ سان گڏ اديب محقق به هو. علامه قاسمي ان دور ۾ به احترام جي نگاهن سان ڏٺو ويندو هو جڏهن دين پسند اديبن کي رجعت پسند چيو ويو هو ٻيا انهن جا مخالف پاڻ کي ترقي پسند ليکيندا هئا. علامه صاحب ٻنهي قسم جي اديبن ۾ مڃيل ۽ محترم هئا. پاڻ غير متنازعا رهيا ۽ بنا نفرت جي پي ايڇ ڊي ڪرائڻ ۾ مدد ڪندا هئا. اهوئي سب آهي جو سڀ کان گهڻا پي ايڇ ڊي وٽن ٿيا، علامه صاحب ساه ولي الله جي فڪر جو شارح به هو شاه ولي الله تصوف جي ٻن مختلف نظرين وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود ۾ مطابقت پيدا ڪئي هئي. علامه صاحب سچل ادبي ڪانفرنسن ۾ شريڪ ٿيندو رهيو. سندس مقالا سرمست 2 – 3 ۽ 5 ۾ شامل آهن. علامه قاسمي سچل ۽ ان جي حوالي کان تصوف کي ڪيئن ڏٺو ان جو جائزو پيش ڪجي ٿي.

    تصوف مذهب تي عمل جو نالو
    تصوف کي علامه قاسمي صاحب مذهب جي روح تي عمل جو نالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”تصوف مذهب جي احڪامن کي خلوص سان ڪرڻ جو نالو آهي. هو انسان کي مذهب جي صحيح روح سان گڏ ڪندو آهي ۽ هو هر انسان کي سچو خدا پرست بنائيندو آهي. انسان خدا کي ڪيئن لهي؟ انسان جا حواص محدود آهن انهن سان ته رڳو ٺوس ۽ جسماني شين کي ڇهڻ، ڏسڻ وغيره سان معلوم ڪيو ويندو آهي. ٻئي پاسي ذات مجرد اسان جي خيال کان بلند ۽ بالا آهي. انهن ٻنهي جو لاڳاپو ڪيئن ٿئي؟ خاڪ جي هڪ ذريءَ ۾ سج ڪيئن سمائجي؟ هر قوم پنهنجي پنهنجي دو ر۾ انهن مسئلن بابت سوچيو پنهنجا نظريا بنايا. هڪ ٻانهو ڪيئن خدا تائين پهچي سگهي ٿو؟ ان جون واٽون ٻڌايو، اهو سندن تصوف هو پر تصوف رڳو ڳالهه ڪرڻ يا سمجهائڻ جو نالو نه آهي پر ان تي عمل به ڪري ڏيکاري ٿو. ان ڪري تصوف رڳو قال نه آهي پر حال جو نالو آهي ان لاءِ مشقون مقرر ڪيون (سرمست 2 – 1982 ص 46)
    علامه صاحب اها ڳالهه هن طرح به لکي آهي ”تصوف عملي صورت ۾ ته خاتم الانبياءَ سيد نا محمد رسول الله صلي عليه وسلم جي مبارڪ دور ۾ موجود هو پر ان جي فني حيثيت ۽ اوسر ان دور ۾ ٿي جڏهن مسلمانن ۾ سرمائيداري ۽ ملوڪيت، چور درازي کان سرڪي اچي وئي. اهڙي سماج دشمن دور ۾ ضروري هو ته عوام کي هٿ ڪري اسلام جي روح ۽ تعليم کي فنا ٿيڻ نه ڏنو وڃي. (سرمست 5 – 1985 ص 29)

    تصوف دين خلاف نه آهي
    علامه قاسميءَ ٻڌايو آهي ته تصوف شريعت خلاف نه آهي پر ماڻهن جي پروپئگنڊه سميت ائين سمجهيو ويو آهي ته تصوف دين جي خلاف آهي. علامه صاحب لکيو آهي.
    ”اسان جو سچل سائين جيتوڻيڪ حلاج، سيخ اڪبر ۽ عطار وانگر وحدت وجودي صوفي هو ۽ هن فڪر جو وڏو مبلغ به هو پر ان سان گڏ طاهري شريعت جو به پابند هو، قرآن مجيد جو حافظ ۽ ديني علوم جو ڄاڻو هو. اهڙن بزرگن کي ڪي اوباش ماڻهو شريعت جي مخالفت جو الزام هڻندا آهن جيئن اڳين بزرگن لاءِ به چيو ويو پر حقيقت ان جي خلاف هئي. شيخ اڪبر ابن عربيءَ لاءِ مخالفن وڏا الزام مڙهيا پر جڏهن اسپين جو واقعو ۽ سانحو وجود ۾ آيو ته مسلمانن جي پريشان حال کي ڏسي هيءَ حالت ٿي پئي جو هڪ خط ۾ لکي ٿو:
    کسبت کتابي والد موع تسيل + ومالي ليٰ ماارتصيه سبيل
    اريداري دين النبي محمد + يقام ودين المسلمين يزيل
    (آئون هن حال ۾ پنهجو خط لکي رهوي آهيان جو منهنجا ڳوڙها وهي رهيا آهن ۽ منهنجي وس ۾ نه اهي جو ان کي راضي ڪيان. آئون گهران ٿو ته محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دين کي بلند ٿيندو ڏسان ۽ ڪوڙن جو مذهب مٽجي وجي. فتوحات مڪيه جلد 4 ص 692 ڇاپو مصر (سرمست 3 – 1983 ص 42)

    تصوف سان هندن جو اسلام ويجهو اچڻ
    برصغير ۾ صوفي نه هجن ها ته اسام ايترو نه پکرجي ها ۽ اڄ ايترا نه ته مسلمان هجن هانه وري اهي ٿورائپ هوندي محفوظ رهن ها. مسلمان صوفين هندن جي مذهب، ويدانيت ۽ تمدن جو مطالعو ڪري اهڙو لائحه عمل طئي ڪيو جو هندو انهن ڏانهن متوجه ٿيا جنهن ۾ راڳ اختيار ڪرڻ گهٽ ذات هندو اڪثريت کي ويجهي آڻڻ لاءِ انهن کي ويجهو رکي عزت ڏيڻ. نفرت بجاءِ محبت جي پرچار ڪرڻ. هندو معاشري جي انهن رسمن جيڪي شرڪ واريون نه هيون تن کي مسلمان بنائي اختيار ڪرڻ وغيره شامل آهن، علامه قاسمي صوفين جي ان رخ کي اجاگر ڪري توجه ڏياريو آهي.
    برصغير ۾ مسلمان صوفينم هندو جوڳين واريون رياضتون سکي انهن کي بت پرستيءَ کان پاڪ ڪيو ۽ هندن کي انهن جي تعليم ڏني جن خوشيءَ سان ان تصوف کي قبول ڪيو ۽ اسلام جي اشاعت وڌندي رهي غير مسلمانن کي اسلام جي ويجهو آڻڻ ۾ مسلمان صوفين وڏو ڪم ڪيو آهي سنڌ ۾ سچل سائين جهوڪ شريف وارا صوفي ۽ ٻيا انهن جي درگاهن جا اڪثر مريد هندو آهن جي باقاعده ذڪر اذڪار به ڪندا آهن صلوات پر پڙهندا آهن جهوڪ ۾ وقت تي نماز به پڙهي وٺندا آهن. اڃا تائين اهي انهيءَ اعتقاد تي قائم آهن. ڀارت ۾ انهن بزرگن جا ڏينهن به ملهائيندا آهن. (سرمست 2 – 1982ع ص 65 – 66)
    اها ڳالهه علامه قاسميء ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
    ”وحدت وجودي هجڻ ته سنڌ جي صوفين جو پراڻو نظريو هو جنهن ذريعي هتي جا مسلم ۽ غير مسلم ڏاڍي پريم ۽ پيار سان گڏ زندگي گهارايندا هئا نه رڳو ايترو پر غير مسلم سچي اسلام جي گهڻو ويجهو اچي ويا هئا جنهن جو ثبوت اڄ به انهن درگاهن تان ملي سگهي ٿو. (سرمست 5 – 1985ع ص 34)


    ڊاڪٽر بلوچ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ نقاد سان گڏ محقق، تاريخدان، تعليمدان پڻ آهي پر تحقيق سندس نمايان خصوصيت آهي سندس دين سان نهايت دلچسپي اصل کان رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب تحقيق جي ميدان ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو جو باوجود دين پسنديء جي، مٿس رحمت پسنديء جو ليبل نه چنبڙائجي سگهيو ۽ ڊاڪٽر صاحب به پاڻ کي متنازعا ٿيڻ کان بچائيندو رهيو جنهن جو سٺو نتيجو اهو نڪتو جو تاريخ و ادب جو جيڪو ڪم ڊاڪٽر صاحب سرانجام ڏنو اهو ڪجهه ذاتي مخالفتن جي باوجود طئي ٿي ويو ۽ ان سان سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت سان گڏ اسلام، اسلامي تاريخ ۽ ثقافت کي به تقويت ملي. ڊاڪٽر بلوچ سچل ادبي ڪانفرنس ۾ڪجهه تقريرون ڪيون جيڪي لکي آنديون ويون پر افسوس پوئين زماني ۾ ڪيل سچل تي تقريرون کي نه ڇاپيو ويو آهي. بهرحال ڇاپي تقريرن مان بهتر سچل شناسيءَ جو پتو پوي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب تصوف ۽ سچل کي ڪين ڏٺو آهي؟ اهو جائزو پيش ڪريان ٿو.

    صوفين تي تحقيق جي تقاضا
    اسان وٽ تحقيق جي نالي تي هڪ بد ديانتي اها ٿيندي رهي آهي جو شاه ۽ سچل کي يا شاه عنايت کي پنهنجي لاءِ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي مثال طور: شاهه عنايت کي سوشلسٽ، ڀٽائي صاحب کي قوم پرست يا رافضي ۽ سچل سرمست کي لادين يا رافضي ڪري پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي اهو تڏهن ٿيو جو انهن جي نه سوانح جو مطالعو ڪيو ويو نه وري انهن جي دور ۾ آسپاس، خانداني پس منظر کي ڏٺو ويو جنهن ڪري انهن جي تحقيق هڪ فراڊ کان وڌيڪ نه آهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جيئن ته وڏو محقق آهي ان ڪري هو اهڙي تحقيق ڪيئن چاهيندو؟ ان لاءِ چيائين: ”تحقيق جي تقاضا آهي ته هر تاريخي شخصيت جي ڪارنامن کي سندس پنهنجي دور ۾ ان دور جي فڪر جي روشنيءَ ۾ توڙڻ تڪڻ کپي، ان جي برعڪس پنهنجين پاڻ وڻين يا ڪن ٻين وڻين خواهشن سان پاڻ کي اڳين جي خدمتن کي اجايو نندڻ يا اجايو ساراهڻ نا انصافيءَ جي برابر ٿيندو. (سرمست 3-1983 ص 32)

    تصوف دين مان آهي
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ تصوف ۽ مذهب جو هڪ بنياد خدا ٿو سمجهي ۽ انهن کي هڪ ٿو سمجهي ان ڪري چيائين: ”تصوف اهو سلسلو آهي جنهن سان خالق جو صحيح معنيٰ ۾ تخيل صحيح معنيٰ ۾ هن کي سمجهڻ هن کي ويجهو ٿيڻ جي تربيت ملي ٿي پوءِ ان جون ڪي ئي منزلون آهن. پوءِ نيٺ فنالي الله وغيره بقا باالله – اهي سڀ تصوف جا اصطلاح آهن سهبالڪ (Symblic) آهن پر تصوف جو هڪ پهلو هي به آهي ته انسان پاڻ کي فڪر ۾ ڪيترو ٿو مٿي ڪري؟ ڪيتري مٿاهين حد تائين پهچي ٿو. (سرمست 12 – 1992ع ص 15)

    الله ٿيڻ جو مطلب
    جيئن ڪنهن ماڻهوءَ کي ”شينهن“ چئبو ته ان جي بهادريءَ جي وصف سبب، پر ان کي حقيقي شينهن (جانور) سمجهڻ ۽ چوڻ غلط آهي ان طرح ”الله ٿيڻ“ جي صوفياڻي اصطلاح جو مطلب اهو نه آهي جو ماڻهو الله ٿي ويو پر ان جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو پاڻ ۾ الله واريون صفون ستاري، غفاري، وهابي، رزاقي وغيره پيدا ڪيون آهن، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سچل سرمست جي شعر کي ائين سمجهايو آهي جنهن کي ٻين دين خلاف استعمال ڪيو: ڊاڪٽر بلوچ چيو ته: ”خود شناسيء ۾ فضل ۽ ڪمال واري انهيءَ بلدن مقام جي حقيقت کي گهڻو اڳ سچل سائينءَ جهڙي طرح مختصر لفظن ۽ نازڪ انداز ۾ سمجهايو آهي ان جومثال ملڻ مشڪل آهي بشرطيڪ ان کي صحيح طور سمجهڻ جي صلاحيت هجي. سچل سائينءَ هن طرح اهو نڪتو نروار ڪيو ته:
    ”ايجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
    اهي مختصر مگر معنيٰ خير الفاظ ”تخلقو باخلاق الله“ واري اعليٰ مقام جو تفسير آهن ۽ وري پڙهڻ جي لائق آهن.
    ”اينجها ڪم ڪريجي جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
    پر سمجهڻ لائق اها ڳالهه آهي ته سچل سائينءَ جي ڪافيءَ جي هن مختصر مگر بي مثال ٿلهه آهي سڄو توجه پهرين لفظن تي آهي ته ”اينجها ڪم ڪريجي“ سڄو مدار”اينجها ڪم“ يعني اعليٰ معياري ڪم ۽ عمل ئي آهي محصن زباني جمع خرچ ذريعي، وڏن وڏن لقبن ڏيڻ يا وڏين هامن هڻڻ سان ڪوبه اعليٰ مقصد حاصل نه ٿي سهگندو. (سرمست 3 – 1983ع ص 34 – 35 )

    سچل جو اسلام خلاف هجڻ جي غلط فهمي
    ڪجهه ليکڪن پاران اهو ڄاڻ واڻي ڪيو ويو جو سچل جي شاعري ۽ طرز عمل کي اسلام خالف استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي نه ته مذهب مخالفن جو مذهبي تحريڪ ”تصوف“ طرف متوجه ٿيڻ جو ڇا مقصد هو؟ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اهڙي خطري ڏانهن ڌيان ڏياريو ته: ”سچل سائين جو فڪر، هننپيغام ڪهڙو ڏنو آهي؟ انهيءَ ۾ ڪافي پيچدگيون پيدا ٿيون آهن ۽ اهي ان ڪري به ٿيون آهن جو پاڪستان کان اڳ هتي جيڪي فقير درويش هئا. هنن جي محبت هئي سچل سائين سان پر هنن سمجهيو ته سچل سائين جڏهن هندو مسلمانن جو نالو ٿو وٺي ته شايد هن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونهي ڪن صاحبن اهو به مشهور ڪيو ته سچل سائين جيڪو آ تنهن اسلام جي خلاف ڳالهيون ڪيون آهن ۽ اهو ڪافي حد تائين اهو تاثر پئي رهيو آهي (سرمست 8 -1998ع ص 30)

    سچل مجذوب نه هو
    سچل لاءِ سرمست جو لقب ٻڌي اهو تاثر به قائم آهي ته سچل هوش ۾ نه هو يا مجذوب هو ڊاڪٽر نبي بخس خان بلوچ ان جي ترديد ڪندي چيو ته: ”سچل سائين صاحب جيڪو هو سو مدهوش هو، مجذوب هو، مست هو، بي هوشيءَ ۾ اهو، اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن ڪم از ڪم منهنجي دانست موجب هو عالم هو، پڙهيل هو مفڪر هو سچو جيڪي هن جون مثنويون آهن جيڪي هن لکيون آهن سي انهيءَ رنگ تي لکيون اٿس، جيئن عطار جي مثنوي آهي يا ٻيون جيڪي تصوف تي فارسيءَ ۾ مثنويون آحن اهڙي طريقي سان هن دانسته، سوچي سمجهي ارادي سان هي ڳالهيون پيش ڪيون آهن جيئن ماڻهو سمجهن (سرمست 8-1988ع ص 31-32)

    رومي ۽ عطار هڪ آهن
    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان خيال کي رد ڪيو آهي ته ڀٽائي رومي ۽ سچل عطار جو ڀوئلڳ آهي ان ڪري جدا آهن ان سلسلي م چيائين: ”چئبون ته ڀٽائي صاحب جيڪو آهي سو مولانا روميء جو پوئلڳ آهي پر سچل سائين جيڪو آهي سو صفي عطار جو پوئلڳ آهي يعنيٰ اهو فرق ڏيکاريائون پر هنن غريبن کي خبر ڪانهي ڪاته بابا، عطار يا سنائي يا مولانا جلال الدين رومي، سي ساڳئي سلسلي جا آهن. مولانا جلال الدين رومي پنهنجي ديوان شمس تبريزي جيڪو فارسيءَ ۾ سندس وڏو ديوان آهي تنهن ۾ چوي ٿو: رومي خود ته:
    ما از پئي سنائي و عطار آمديم
    (اسان سنائي ۽ عطار واري ساڳئي واٽ وٺيون ٿا اچون) يعني هنن ۾ ته ڪو فرق ئي ڪونهي اوهان ڪيئين ٿا چئو ته ڀٽائي صاحب آهي. پوئلڳ روميء جو ۽ سچل آهي عطار جو تنهن ڪري هنن ۾ ڪو ضد آهي هتي ضد جو ته ڪو سوال ئي ڪونهي پر انهيءَ م به ڪوشڪ ڪونهي ته سچل سائين به خود پنهنجي ديوان آشڪار ۾ ۽ ٻين جاين تي عطار جو نالو گهڻو ورتو آهي. (سرمست 12-1992ع ص 16)

    خود شناسي – خدا شناسي
    صوفين جو پاڻ سڃاڻڻ، خدا شناسيء ۾ مدد ڪري ٿو يا خودشناسي، خدا شناسي آهي جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي تخليق مڃندو ته پوءِ کيس تخليقڪار مڃڻو پوندو. پاڻ تخليقڪار ڪڏهن به پنهجي تخليقڪار جو انڪار نٿو ڪري سگهي. پنهنجي تخليق کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ وارو ڪڏهن به پاڻ کي پنهنجي تخليقڪار جي ملڪيت ڪيئن نه مڃيندو؟ پوءِ ملڪيت کي ڇا مجال جو مالڪ جي حڪم جي انحرافي ڪري، ان سلسلي کي خود شناسي چئبو آهي جنهن ۾ خدا شناسي لڪل آهي ڊاڪٽر بلوچ سچل جي خود شناسيءَ بابت چيو ته: ”سچل سائينءَ جي فڪر جو مرڪز ۽ محور خود شناسي ۽ خود اعتمادي آهي. خودشناسي ۽ خداشناسي اعليٰ اخلاقي شاعريءَ جا ٻه مکيه موضوع آهن: انسان ۽ خالق جي رشتي کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري اعليٰ فڪر جي اڪثر علمبردارن خودشناشيء کي خدا شناسيء جو بنيادي ذريعو قرار ڏنو آهي پر سچل سائين پنهنجي پياري ٻولي ۽ پنهنجي منفرد انداز ۾ ”خودشناسيء“ کي ”خدا شناسيء“ سان همڪنار تصور ڪيو آهي. (سرمست 3-1983ع ص 33-34)

    صوفياڻي بامقصد شاعري
    اسان مجموعي طرح زوال ۾ آهيو ان جو سبب اهو آهي جو اسان جي معاشري ۽ ادب ۾ نظرياتي وابستگي نه هجڻ برابر رهي آهي پر صوفي نظرياتي هوندا آهن جن جو نظر ۾ حيات اسلام آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ان کي هن طره واضع ڪري ٿو.
    ”ادب ۾ توڙي زندگيءَ جي ٻين ۾ لفاظي ۽ نعري بازيءَ جو رجحان زوال ۽ پستيء جو نشان آهي ترقي ۽ ڪمال حقيقت سناسيء ۾ آهي، محنت ۽ مسلسل عمل ۾ آهي جڪيڏهن اسان حقيقت کي سمجهون محنت ڪرڻ ۽ عملي طور مثبت قدم کڻڻ بدران، محض نعري بازيءَ تي گذارو ڪريو ۽ چئون ته اسين سڀ اُپ ڦاڙي ڇڏينداسون، جبل ڏاري ڇڏينداسون ۽ زمين چيري ڇڏينداسون ته اهو پاڻ ئي پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ جي برابر ٿيندو. اهڙا نعرا حقيقت ۾ بي عملي ۽ مايوسيء نفسياتي ڪيفيت جا پڙاڏا آهن. صحيح ۽ ڪارگر نعرو اهو آهي جنهن جي پويان پوري تياري هجي جنهن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه هجي ۽ جنن تي عمل ڪجي ته ڪامياب ٿجي.
    ادب ۾ ”نعري بازي“ ۽ لفاظيء جو رجحان نهايت ئي نقصان ڪار آهي. اهو حقيقتن تي پردو وجهي ٿو، صحيح فڪر کان هٽائي ٿو. عمل جي ميدان کان پري ڪري ٿو ۽ ذهني مايوسيء کي مضبوط ڪري ٿو زبان درازيء سان ٻانهون دراز نه ٿينديون ۽ جيڪي لفظن جي لغڙن اڏائڻ جا ماهر هوندا، سي هوائي جهاز ڪيئن اڏائيندا. هيءُ دور علم جي ميدان ۽ حقيقت شناسيء جي ميدان ۾ مقابلي جو دور آهي. فقط مسلسل محنت، صحيح علم ۽ وڏي سوچ ۽ ويچار سان ئي ميدان سر ڪري سگهبو. ادب جي نظم توڙي نثر واري ميدان ۾ جيڪڏهن صحيح فڪر ۽ پيغام بدران محض لفظي پلاءَ پچائبا ته دماغي عياشي ميسر ٿيندي باقي زندگي سنوارڻ وارن ارادن تي لٽ چڙهي ويندي. ايران توڙي هند ۾ مسلمانن جي زوال واري دور جي قصيدي ۽ غزل واري شاعري گهڻي ڀاڱي تائين محض لفظن جو طلسم آهي جنهن ۾ ٺلهين خواهشن جون عمارتون اڏيون ويو آهن ان جي ڀيٽ ۾ صوفيانه شاعري جنهن جو سچل سائين به هڪ علمبردار آهي سا حقيقت جو هوڪو آهي ڇاڪاڻ ته ان ۾ يا ته پنهنجي حال جي ڳالهه آهي يا ته وري انسان ۽ خالق جي رشتي جي حوالي سان ان ۾ انسان لاءِ اعليٰ اخلاق جو سبق سمايل آهي. (سرمست 3-1983ع ص 32-33)


    حاميءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون

    ڊاڪٽر عطا محمد حامي، سچل سرمست جي علائقي جو محقق شاعر ٿي گذريو آهي، هن نه فقط شعر ۽ مختلف موضوعن تي تحقيقي مضمون مقالا لکيا پر خيرپور بابت به ڪي ئي مقالا لکيا آخر خيرپور تي پي ايڇ ڊي به ڪيائين، سندس ان تحقيق جو ڪتاب تاريخ خيرپور تي هڪ اهم حيثيت رکي ٿو حامي صاحب سچل سرمست تي به ڪيترائي مقالا لکيا ۽ تقريرون ڪيون. هن سچل سرمست جي فارسي مثنوين جي سنڌيء ۾ منظوم ترجمو ڪيو، سچل سرمست تي تحقيق دوران هن سچل تي فقط سوانح بابت معلومات کي پيش ڪيو پر فڪري حوالي کان به حامي صاحب سچل کي واضع ڪيو حامي صاحب سچل جي صوفياڻي فڪر بابت ڪهڙا ويچار رکندو هو اوهان آڏو اهي پيش ڪندس:

    تحقيق عقيدت بجاءِ دليل سان
    ڀٽائي ۽ سچل مذهبي رهنما ۽ اولياءَ به آهن ان ڪري کين ماڻهن ۾ هڪ تقدس حاصل ٿي ويوآهي سندن ڏانهن منسوب ڳالهين يا شاعريءَ جو جائزو نه وٺڻ جو رجحان تحقيقي اصولن خلاف آهي ڊاڪٽر عطا محمد حاميء، سچل يادگار ڪميٽيءَ جي تحقيقي جنرل ”سرمست“ جي پهرين ۽ ٻي شماري ۾ ان تي زور ڏنو ته تحقيق ۾ عقيدت بجاءِ دليل کان ڪم ورتو وڃي. هن سرمست 1 – 1981ع جي مقالي ۾ سچل سرمست ڏانهن منسوب چئن ڳالهين هفت زبان هجڻ، سنڌي سرائيڪي غزل – اردو غزل ۽ بحر طويل جو دليلن سان رد ڏنو، جن سان اختلاف ٿي سگهي ٿو يا ان تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي پر حامي صاحب سچل تي تحقيق دليل سان ڪئي وڃي ۽ سڀ کان پهريائين سچل بابت غلط فهمين کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، لکي ٿو:
    ”سنڌ جي سنڀي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ طريقت وارن بزرگن کي گذارش آهي ته ڪجهه وقت سيڙائي پنهنجي بزرگ شاعر، مفڪر ۽ اهل دل درويش جي ڪلام تي توجه ڏيڻ ۽ تحقيق فرمائي غلط روايتن کي ظاهر ڪن ( سرمست 1 – 1981 ص 48)
    سچل تي مريد يا عقيدت مند ٿي تحقيق ڪجي ته تحقيق جو حق ادا نه ٿيندو، قاضي علي اڪبر درازيء بابت حامي صاحب لکيو ته ”هن بزرگ جي اها حالت آهي جو پنهنجي مرشدن جي ڪلام ۾ غلطيء کان آيل ڌارئي ڪلام کي به ڌار ڪري نٿو سگهي (سرمست 1 – 1981ع ص 52)
    اهو ان ڪري جو قاضي صاحب مرشدن جي نالي تي مليل شئي خراب ڪيئن چئي؟ مقامي شخصيت ۽ جاين تي تحقيق مقامي ماڻهو بهتر ڪري سگهن ٿا ڇو ته هو اتان جي ٻولي ۽ ثقافت جو حصو هوندا آهن. عطا محمد حامي صاحب به اهو خيال سچل بابت رکي ٿو.
    ”هن ڪڏهن به نماز روزو نه ڇڏيو آ، ڇو جو سچو سائين خيرپور ضلعي جو هو. مان ان ڪري اهو پوت لهڻ کپي ته تحقيق تقط ٻاهريون ڪري سگهي ٿو.


    تصوف بابت عام غلط فهمي
    تصوف بابت ڊاڪٽر عطا محمد حاميء جو چوڻ هو ته:
    ”دل جي صفائيء جو علم آ، دل جي صفائي ڪانه ٿي جهلي ته نماز روزو ڇڏي ڏيو يا الله ۽ رسول جي حڪم جي انحرافي ڪيو (سرمست 2 – 1982ع ص 53)
    جيڪي ماڻهو تصوف ۽ اندر اجارڻ بهاني روزي نماز ۽ ٻين ديني احڪامن تي عمل کان لاتعلقي ڏيکاريندا آهن. حامي صاحب سندن ان فلسفي کي هڪ جملي ۾ داهي ڇڏيو ته ڇا دل جي صفائي جهلي ٿي ته دين جا احڪام اد نه ڪريو يا وري الله ۽ رسول جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪريو؟

    سچل شريعت جو پابند هو
    ڪي ماڻهو سچل سائينءَ کي شريعت کان باغي سمجهن ٿا تن کي حامي صاحب رد ڪندي چيو هو ته: ”سچو سائين شريعت جو پابند هو، شروع کان پڇاڙيءَ تائين هن ڪڏهن به نماز روزو نه ڇڏيو آ، ڇو جو سچو سائين خيرپور ضلعي جو هو، مان هن تي گهڻو ڪم ڪيو آ، استغراق جي حالت ان تي رهي آ، ڪنهن ڪنهن وقت ۾، باقي ايئن ناهي جو هن ڪڏهن به ڪا نماز ڇڏي هجي يا جيئن شيخ ابن عربي آ، اهي متسند وڏا عالم هئا، قال الله ۽ قال الرسول جا قائل هئا ساڳئي نموني سان اسان جو سچو سائين به قال الله ۽ قال الرسول کان ڪڏهن ته ٻاهر نه هو (سرمست 2 – 1982ع ص 53)


    سچل تي استغراق دائمي نه هو
    ڊاڪٽر عطا محمد حاميءَ انهن ماڻهن جي ان ڳالهه کي دليل سان رد ڪيو ته سچل دين تي جڪيو عمل نه ڪيو اهو دائمي هو ۽ اهو ان لاءِ هو جو هن تي دائمي استغراق طاري هو. حامي صاحب اهوبه رد ڏنو ته سچل ڪو دنيا کان لاتعلق هو، حامي صاحب چيو هو ته:
    ”سچو سائين بلڪل هڪڙو مذهبي ماڻهو هو، نيڪ ماڻهو هو. انهيءَ جي ثابتي اها آهي جو هن ٽن مرشدن جو وقت ڏٺو جن ۾ سندن ڏاڏو وڏو هو، انهيء کان پوءِ جيڪي ٻه مرشد ها پير عبدالحق، سائين ميان قبول محمد، انهن ٽن مرشدن جي وقت ۾ هو ڇا هيو؟ خليفو هو درگاهه جو. درگاهه جو خليفو اهو ٿيندو آ جيڪو ٻاهر ويندو آ ۽ جيڪي به دنيوي ڪاروبار آهن اهي انهيءَ جي حوالي هوندا آهن ۽ جيڪو مرشد هوندو هو جيڪو به سجاده نشين هوندو هو، اهو معتڪف رهندو هو، اعتڪاف ۾ رهندو هو يعني لوڙهي ۾ رهندو هو. لوڙهي کان ٻاهر ڪڏهن نه نڪرندو هو، هي رسم پوءِ ٿي آ جو لوڙهي کان ٻاهر نڪتا آهن ڪجهه بزرگ نه ته سچل سائينءَ جا جيڪي به وڏا هئا اهي لوڙهي ۾ رهندا هئا انهن جو هڪڙو خليفو هوندو هو جيڪو دينوي ڪاروبار واسطي ٻاهر ويندو هو سو سچو سائين اسان جي بزرگن جو، درازي درويشن جو خليفو هوندو هو ۽ سمورا جيڪي به ڪاروبار هوندا هئا اهي بجا ڪندو هو. جيڪو دنيوي ڪاروبار ڪري ٿو هڪ جا معرفتي يا دنيوي ڪمن کان عاري ٿي سگهي ٿو؟ ان تي ايڏو استغراق نه هو جو نماز روزو ڇڏي، نماز روزي جو قائل هو شرعي پابندين کان پري نه هو (سرمست 2 – 1982ع ص 54)


    رشيد ڀٽيء وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيات

    رشيد ڀٽي هڪ اهڙو اديب هيو جيڪو اهڙي دور ۾ ٿيو جنهن ۾ بدقسمتيء سان سڌي اديبن ٻن حصن يا گروپن ۾ ورهائجي ويا هئا، هڪڙا ٻين کي رجعت پسند ۽ ٻيا وري انهن کي لادين ۽ دهريا سڏين پيا. ان دور ۾ پاڻ کي ترقي پسند سڏائيندڙ لڏو مذهب بيزار رهيو ٿي، اهڙي دور ۾ ان لڏي مان هڪ اهم شخصيت رشيد ڀٽيء جي هئي پر هو حقيقت پسند هو. هن ڪڏهن به ٻين وانگر مذهب بابت هروڀرو غلط مغروضا قائم نهڪيا آهن هن سچل سرمست بابت ڪجهه مقالا پڙهيا جن کي سندس دوست ڊاڪٽر تنور عباسيء گڏ ڪري سچل چيئر پاران 1993ع ۾ ”سچل جو مڪتب“ جي عنوان سان شايع ڪيو. رشيد ڀٽيء جي ان حقيقت پسنديء بابت ڊاڪٽر تنور عباسيء مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”رشيد ڀٽيء جا هي مضمون (جيڪي گهڻو ڪري هن درازن ۾ ادبي ڪانفرنس تي پڙهيا) سڀ جا سڀ سچل جي انسان دوستيء بي تعصبيءَ ۽ مذهب جي هاڪاري (مثبت) لاڙن تي روشني وجهن ٿا ۽ اهي رشيد ڀٽيء جي معروضي ۽ سائنسي سوچ جو نتيجو آهن (سچل جو مڪتب مهاڳ ص 8)

    صوفين جو محبوب حقيقي
    سچل ۽ ٻين صوفين جي شاعريءَ جو ظاهري روپ مجازي انداز ڏسي ڪجهه ماڻهن پاران اها دعويٰ ڪئي وئي ته صوفين جو محبوب الله نه آهي حقيقت ۾ اهي تصوف جي بنياد کان ئي واقف نه هئا ڇوته تصوف ۾ مجاز جي منزل کان پوءِ خدا ڏانهن هوندي آهي. تصوف هڪ مذهبي تحريڪ آهي ۽ مذهب جو بنياد خدا آهي. رشيد ڀٽي صوفين جي محبوب ۽ مقصود واري حقيقت کي مڃيندي لکيو آهي، ”سسئي پنهون کان سواءِ سچل نوري ڄام تماچي عمر مارئي ۽ مومل راڻي جي داستانن کي به علامت طور ڳايو آهي. نوري ڄام تماچي کي هن وحدت الوجودين لاءِ الله ۽ انسان طور اشارو ڪري پيش ڪيو آهي ته راسخ العقيده انسان لاءِ خدا ۽ رسول جي علامت طور. (سچل جو مڪتب ص 23)

    تصوف هڪ مذهبي تحريڪ
    رشيد ڀٽيء موجب تصوف مذهب نه پرهڪ مذهبي تحرڪ آهي، مونکي ٿو:
    ”هر مذهب، وقت، دور ۽ سماج ۾ هڪ سڌارڪ ۽ انقلابي تحريڪ جي روپ ۾ اڀريو ۽ اسريو اهوئي ڪارڻ آهي جو هر مذهب ۾ اسان کي عالمي هڪ جهڙايون ملن ٿيون جهڙوڪ: الله جي وڏائي ۽ حاڪميت، نيڪي ۽ چڱائي جي تلقين، بدي ۽ بڇڙائي انسان جي عظمت ۽ عزت ۾ فرق ۽ مجموعي طور انسان جي ڀلائيءَ ۽ سماج جو سڌارو. ان ڪري گهڻو تنو هر مذهب ۾ ٻن قسمن جا حق ۽ فرضن ان جي پوئلڳن لاءِ متعين ٿيل نطر اچن ٿا. هڪ الله جا ۽ ٻيا بندي جا حق انهن ٻن قسمن جي حقن ۾ هڪ ٻئي تي ترجيع ۽ فضليت ۽ ٻن خيالن جي مڪتبن لاءِ بنياد فراهم ڪيو هڪ مڪتب ۾ حقوق الله کي ترجيع ڏني وئي ۽ حقوق العباد کي نظر انداز ڪيو ويو ته ٻئي ۾ وري حقوق العباد تي وڌيڪ زور ڏنو ويو. ساڳئي ئي بنيادي فلسفي ۽ مقصد جي باوجود انهن ٻنهي مڪتبن ۾ فرق ترت ئي تڪڙو ايترو وڌي ويو جو، اهي ٻئي الڳ الڳ مذهبي تحريڪون ٿي اڀريا (سچل جو مڪتب – ص 9)
    هڪ رشيد ڀٽيء سچل ۽ ٻين صوفين جي پڪي مسلمان هجڻ بابت واضع نموني لکي ٿو ته:
    ”مون کي سنڌ جو هر صوفي شاعر Radical نظر آيو آهي انهن ۾ وري سچل سڀ کان سرس ۽ وڌيڪ واضع آهي (سچل جو مڪتب ص 14)
    تصوف جو مذهب جي بنياد توحيد سان بنيادي واسطو آهي. رشيد ڀٽي لکي ٿو:
    ”جهڙيء ريت الله جي وحدانيت ۽ ايڪائي مڙني مکيه مذهبن جي بنيادي ۽ اهم سچائي حي. ٽهڙيء ريت انسان جي وحدت ۽ هيڪڙائي به سڀني مذهبن جو مکيه اصول ۽ ايمان جو جزو آهي. اسن جي قرآن حڪيم جي شروعاتي ۾ ئي خدا تعاليٰ پاڻکي ”رب العالمين“ ٿو سڏي هو ڪنهن هڪ مذهب يا فرقي، قوم يا نسل جو رب نه آهي. ان باري تعاليٰ ئي دنيا جي هر شئي خلقي ۽ اهو به فرمايو ته ”خلق الانسان“ اسان انسان کي خلقيو. هر انسان ان جي تخليق آهي ان ڪري هڪ آهي ته پوءِ انسان انسان م فرق ڇو؟ اها دوئيء جي ديوار ڇالاءَ؟ مقدس بائيبل جي پهرين ڪتاب ”پيدائش“ جي پهرين باب جي 22 آيت آهي ته God created man in his image خدا انسان کي پنهنجي صورت ۾ خلقيو (سچل جو مڪتب – ص 16)
    ”صوفي لا ڪوفي“ واري صوفياڻي پول جو عام طرح اهو مطلب سمجهيو ويو آهي ته صوفي اهو آهي جيڪو ڪوبه مذهب نه رکي. رشيد ڀٽيء ”لاڪوفي“ جو مطلب سمجهايو آهي ته لاڪوفي لامذهبيت يا لادينت نه آهي پر دين يا مذهب ۾ هڪ درجو آهي لکي ٿو:
    ”تصوف ۾ شريعت، طريقيت ۽ معرفت ماڳ ماڻڻ جا ٽي درجا ڪري ڄاڻايا ويا آهن. انهن راهن ۽ م منزل تان ٿيندوئي هڪ سالڪ صوفي لاڪوفيء جي درجي کي پهچي ٿو. ڪن محققن ۽ عالمن وري ان ماڳ تي رسڻ لاءِ ٽي ڏاڪا نشانبر ڪيا آهن. پهريون اثبات ٻيو نفي ۽ ٽيون وري اثبات. انهن ڏاڪن تان ٿيندو، انيڪ مشاهدا ۽ تجربا ڪندو ئي سالڪ صاف سچو صوفي ٿئي ٿو. پهرين ڏاڪي تي مطالعو ۽ عبادت کيس اثبات تي پهچائي ٿي. اتي پهچي هن ۾ خودي پيدا ٿئي ٿي پر صوفين جي وحدت الوجودي مسلڪ ۾ اهو اثبات يا خوديءَ وارو درو پهريون ڏاڪو آهي. خودي ۽ خدا گڏ نه سمائبا آهن، ان ڪري اتان نفيء واري ڏاڪي تي چڙهڻو پوي ٿو. خوديء کي ختم ڪرڻ، پنهنجو پاڻ وڃائي پاڻ لهن، پنهنجي نفيء رستي اثبات تي پهچڻ، اها منزل ۽ دور ئي تصوف ۾ اهم ۽ ڏکيو ڏاڪو سمجهيو وڃي ٿو. پاڻ لهڻ بعد هڪ تصوف جي سفر جو پانڌيئڙو اصل اثبات واري منزل کي پهچي ٿو. اها اثبات خوديء واري اثبات نه پر پاڻ سڃاڻڻ واري ازلي سچ ۽ خيال واري اثبات آهي، اتي پهچي ئي هڪ صوفيء جي آدرش ۽ خيال جي تڪميل ٿئي ٿي ۽ هو اناالحق جو نعرو هڻي ٿو. (سچل جو مڪتب ص 27)
    اڳتي لکيو اٿائين ”ايثا، اپکنڊ ۽ اسان جي تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به تنگ نظري مذهبي دڪانداري ۽ ان جي سهڪار ۽ ساٿ سان حاڪم جو تشدد ۽ جبر، ڏاڍ ۽ ڏمر عوام تي آفت بڻجي ڪڙڪندو آهي ته روشن خيال ۽ آزاد طبع دانشور ملائپ ۽ حڪومت خلاف بغاوت جو علم کڻندا آهن. اها بغاوت اسلام يا مذهب کان نه پر ملان واري ان جي مفاد پرستانه تاويلن خلاف هوندي آهي. هو مذهب جو صوفياڻو اپٽار ۽ تفسير پرچاريندا آهن. صوفي حقوق الله جي مخالفت نه ڪندا آهن پر حقوق العباد کي ترجيع ڏيندا آهن انسان کي اشرف المخلوق سمجهي انسانيت جي عظمت جو اظهار ڪندا آهن. نفرت بجاءِ محبت جي تبليغ ڪندا آهن. اسلام ۾ ظاهر پرستيءَ بجاءِ باطينت تي زور ڏيندا آهن. (سچل جو مڪتب ص 49)
    ان مان معلوم ٿيو ته رشيد ڀٽيءَ تصوف کي دين کان بغاوت نه پيو سمجهي ديندارن جي روشن خيال دانشورن کي صوفي قرار ڏئي ٿو.

    ”مذهب“ مان مراد فرقو
    سچل 7 ٻين صوفين پاران مذهب کان بيزاري وارو قول يا شعر پڙهي انهن کي خدائي دين کان بعاوت سمجهيو ويو آهي ۽ صوفين جي انهن قولن يا شعرن کي دين خلاف استعمال ڪيو ويو آهي حالانڪه مذهب مان مراد وٽن فرقو يا ماڻهن جا ٺاهيل غلط اصول آهن. رشيد ڀٽيءَ اها حقيقت هن طرح سمجهائي آهي لکي ٿو ته
    ”تاريخِ اسلام خود ان ڳالهه جي شاهد آهي ته مذهبي جنگيون ۽ جهادن ۾ ايترا مسلمان شهيد نه ٿيا آهن، جيترا مختلف فرقن جي عالمن ۽ مفتين جي فتوائن تي هڪ ٻئي سان وڙهي مسلمان قتل ڪيا ويا آهن حالانڪه مذهب ڪو به، هڪ ٻئي لاءِ وير وروڌ نٿو سيکاري ائين ئي سچوء چيو ته،
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    ڪي نمازون توڙي پڙهڻ، ڪن مندر وسايا
    اوڏاڪين آيا، عقل وارا عشق کي
    هت مذهب مان سچل جي مراد الهامي مذهب نه پر ان جي پشيه ور ۽ ويڪائو پيشوا جي جاهلانه ۽ غرضي مفاد واري تاول ۽ تشريح آهي. دنيا جو ڪهڙو مذهب آهي جنهن ۾ انسان جي عظمت جاڳيت نه ڳايا ويا آهن؟ انسان اشرف المخلوقات آهي. انسان هن دنيا ۾ الله جو خليفو آهي. انسان هن دنيا تي الله جي حاڪميت آڻيندڙ ۽ قائم ڪندڙ آهي. (سچل جو مڪتب ص 15)


    ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيات

    ڊاڪٽر تنوير عباسيء سچل سرمست جي فڪر کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. سچل يادگار ڪميٽي خيرپور. سچل اڪيڊمي خيرپور ۽ سچل چيئر خيرپور جي حوالي کان سندس اهم خدمتون رهيون، سچل جي مستند رسالي جي ترتيب جو ڪم هٿ ۾ کنيائين پر پورو نه ڪري سگهيو ۽ سندس ڪو ڪتاب به سچل فهمي يا سچليات تي تي نه آهي پر سندس ڪجهه مقالا، تقريرون، تاثر، ايڊيٽوريل ۽ ڪن لکڻين جا اقتباس موجود آهن جن کي پڙهي سچل جي فڪر بابت ڊاڪٽر تنوير عباسيء جي خيالن مان واقف ٿي سگهجي ٿو.

    تصوف مذهب نه آهي
    ڪيترا ماڻهو ان ڀل ۾ آهن ته تصوف به ڪو مذهب آهي ۽ ان سبب اهي ماڻهو ٻن طبقن ۾ ورهائجي وڃن ٿا.
    1. تصوف مخالف: هي ماڻهو تصوف کي مذهب جي مد مقابل سمجهي ان جي خلاف ٿي وڃن ٿا.
    2. مذهب مخالف: هي ماڻهو تصوف جا حامي بڻجي تصوف کي مذهب جي مقابلي جو نظام سمجهي مذهب جا مخالف بڻجي وڃن ٿا.
    اهي ٻئي طبقا غلطيء تي آهن ڇو ته تصوف مذهب يا نظامِ زندگي نه آهر پر هڪ تحريڪ آهي يا هڪ روشن آهي جيڪا مذهبي تحريڪ يا مخصوص مذهبي روشن آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسي به تصوف کي هڪ روشن مڃي ٿو. هو پنهنجي مضمون ”سچل سرمست ۾ لکي ٿو: ”تصوف خاص ڪري وحدت الوجود ڪو باقاعده فلسفو نظريو يا مسلڪ نه آهي پر اها هڪ روشن (Attitude) آهي جيڪا آفاقي آهي (سچل سوونيئر 1992ع)

    اسلام ۾ تصوف
    ڊاڪٽر تنوير عباسيء تصوف کي اسلامي تحريڪ يا روشن نه فقط سمجهي ٿو پر ان کي ثابت به ڪيو آهي هن پنهنجي انگريزي مضمون ۾ لکيو آهي ته:
    Islam is the religion to preach tolerance. For a Muslim, it is compulsory to have faith in all the holy books and all the prophets his fiath is not complete till he believes all the Holy Books and Prophets:
    آمنت باالله و ملائڪته وڪتبم ورسله
    Not only this but he does not have to differentiate between the prophets:
    لاتعرق بين احد من رسله
    This is truly panthesstic approach (Sachal Sarmat P: 94,95)
    ترجمو: اسلام اهو مذهب آهي جيڪو برداشت يا رواداري سيکاري ٿو. هڪ مسلمان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو سڀني مقدس ڪتابن ۽ سڀني پيغمبرن تي ايمان رکي، هن جو ايمان تيستائين مڪمل نٿو ٿئي جيستائين هو سڀني مقدس ڪتابن ۽ پيغمبرن کي نٿو مڃي. آمنت باالله و ملائڪته و ڪتبه ورسلم (مان ايمان آڻيان ٿو الله تي، ان جي ملائڪن تي، ان جي ڪتابن تي ۽ ان جي اصولن تي)
    نه فقط اهو پر هو پيغمبرن ۾ فرق به نٿو ڪري سگهي: لاتعرق بين احدمن رسله (اسان رسولن مان ڪنهن ۾ فرق نٿا ڪريون) اها ئي آهي سچل وحدانيت (حوالو ختم)
    ان ڪري انهن ماڻهن کي سمجهڻ کپي ته تصوف مذهب نه آهي پر مذهب جي اهڙي روشن آهي جنهن ۾ ٻين سان هڪ جهڙائي اختيار ڪئي وڃي ٿي. ان ڪري اهڙن سيڪيولر يا مذهب مخالف ماڻهن کي سمجهڻ کپي ته هو ڀٽائي ۽ سچل جي تعليمات کي اسلام خلاف ثابت ڪيو ڪيو وڃي.

    راڳ ذريعي تبليغ اسلام
    اڄوڪي شيطاني راڳ ۽ صوفين جي راڳ ”سماع“ ۾ فرق ڇا آهي؟ اڄوڪو راڳ جنسي انتشار پيدا ڪري بدڪاريء ۾ اضافو ڪري ٿي پر صوفين جي راڳ کي ٻڌبو ته خدا ياد اچي ويندو. هنن راڳ کي اسلام جي تبليغ لاءِ استعمال ڪيو. اڄ ڪلهه مختلف ٽيوي چئنل تي ڊائريڪٽر حضرات صوفياڻن ڪلامن کي اهڙيء طرح فلمائي رهيا آهن جنهن ۾ ڇوڪرو ڇوڪريء جي عشق ۾ گرفتار لڳي رهيو آهي جنهن مان اهو تاثر ملي ٿو ته صوفياء ڪرام جو عشق به ڪو اهڙو جڏهن ته سندس عشق حقيقي معبود سان هو. حقيقت ۾ اهڙي انداز ۾ فلمايل گانن سان صوفي فڪر کي ڌڪ رسي رهيو آهي، تنهن ڪري صوفياء ڪرام جي ڪلامن کي صحيح نموني فلمايو وڃي ڇو ته صوفين راڳ ان لاءِ اپنايو ته جيئن اسلام جو پيغام ماڻهن تائين جلد ۽ موثر نموني پهچي وڃي. ڊاڪٽر تنوير عباسيء پنهنجي تقرير ”راڳ – صوفي ۽ سنڌ“ ۾ چيو آهي ته، جيڪي اسان جا صوفي آهن، انهن صوفين اهو ڏٺو ته مندرن ۾ راڳ جي ذريعي هو پنهنجي مذهبن جي تبليغ ڪن ٿا ۽ راڳ کي خدا تائين پهچڻ جو هڪ ذريعو مڃين ٿاته پوءِ مسلمانن ۾ چشتي طريقي وارن موسيقيء کي پنهنجو ڪيو ۽ ڳائڻ وڄائڻ، سماع ۽ قوالي انهن جي اهميت تي هنن زور ڏنو (آشڪار 5 – 1999ع ص 26)
    ڊاڪٽر صاحب اهو به ٻڌايو آهي ته قادري سلسلي جي بزرگن خصوصاََ ڀٽائي ۽ سچل به سماع وارو طريقو اختيار ڪيو جيئن حوالو اڳتي ايندو، اهو سڀ ڪجهه اسلامي پيغام پهچائڻ لاءِ هو.

    ڀٽائي ۽ سچل قادري هئا
    سنڌ ۾ پويئن دو رکان تصوف جو جيڪو سلسلو مقبول رهيو آهي اهو آهي قادري طريقو، قادري طريقو حضرت شيخ عبدالقادر جيلانيء سان واسطو رکي ٿو. شاه ۽ سچل جهڙا شاعر به ان سلسلي جا بزرگ رهيا آهن. ڪي ماڻهو فرقه وراڻي سوچ ڪري ان ڳالهه کان انڪار ڪن ٿا ته ڀٽائي ۽ سچل ڪو قادري هئا پر ڊاڪٽر تنوير عباسي لکي ٿو:
    Shah Abdul Latif Bhatti, Sachal Sarmast and many other qadri saints no only allowed Sama in their presence, but these Dargahs turned into institution ( Sachal Sarmast: Tanveer Abbasi P: 97)
    ترجمو: شاه عبداللطيف ڀٽائي – سچل سرمست ۽ ٻين ڪيترن قادري بزرگن نه فقط پنهنجي طريقي ۽ سماع جي اجازت ڏني پر اهي درگاهون ان جا ادارا ٿي پيا.

    سچل جي انگريز دشمني
    سچل سرمست جي دور (1170هه مطابق 1756ع کان 1242هه مطابق 1827ع) کان سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي پر برصغير جي ڪيترن علائقن تي قبضو ڪري چڪا هئا. سنڌ جي حاڪم ٽالپرن سان چالاڪيء وارو معاهدا ڪري رهيا هئا ۽ جاسوسي مهمون به موڪلي چڪا هئا. سچل سرمست سنڌ تي انگريزن جو قبضو ٿيندي محسوس ڪيو ان ڪري هن جي ڪلام ۾ سرمستي آهي. هو هتان جي ماڻهن کي متحد ڪري انهن سان ٽڪر چاهي پيو ۽ هندو مسلم سياسي اتحاد جو علمبردار هو سندس وفات کان ايڪهٺ سال پوءِ اهري اتحاد ”ڪانگريس“ جو بنياد پيو. تنوير عباسيء پنهنجي تقرير ۾ چيو ته:
    ”سچل سرمست جي زماني ۾ سنڌ Dis-Intigration جي طرف وڌي رهي هئي ۽ سنڌ غلاميء جي طرف وڌي رهي هئي. سچل سرمست جي وفات کان 17 سال پوءِ سنڌ تي انگريزن قبضو ڪيو. سچل سرمست پنهنجي اکين سان پئي ڏٺو ته هي انگريزن جون فوجون اهي اچن پيو ۽ چيو اٿائين:
    ماري ويندئي مغربي هڻي تاريڪيء ۾ تير
    اهي لفظ اٿس ۽ تنهن کانپوءِ هن ڏٺو پئي ته انگريزن جون جاسوسي مهمون سنڌ ۾ هلن پيون هن اهو ڏٺو ته هندن کي هن جي درازن جي درگاهه کان ڪجهه ئي ڪلوميٽر پري زوريء مسلمان ڪيو ٿو وڃي. مٽياريء ۾ زوريء مسلمان پئي ڪيو ويو. اهي سڀ ڳالهيون سنڌ ۾ Dis-Intigration جي طرف وٺي ٿي ويون ته سنڌ ۾ مذهبي طور تي منافرت پيدا ٿئي جيئن انگريز آسانيء سان قابض ٿي سگهن. انهيء جي ڪري سچل سرمست جو لهجو شاعريء ۾ هڪڙو کلم کلا Strait Forward رهيو آهي. هن شاهه لطيف وانگر ڳجهارتن ۾ نه ڳالهايو آهي. هن جي شاعري ۾ Direct Impect آهي (آشڪار 5 – 1999ع ص 29)

    ماخذ ۽ مددي ڪتاب
    1. سچل سوونيئر سچل يادگار ڪميٽي خيرپور 1992ع
    2. آشڪار سچل چيئر شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور 5– 1995ع
    3. سرمست – سچل يادگار ڪميٽي خيرپور 8 – 1988ع
    4. Sachal Sarmast : Dr. Tanveer Abbasi: Sachal Chair
    Shah Abdul Latif University Khairpur – 1989.


    سچل سرمست رحه جي مستند رسالي جي تربيت

    حضرت حافظ عبدالوهاب فاروقي عرف سچل سرمست رحه سنڌ جو اهو صوفي شاعر آهي جنهن اسلام جي حقيقي پيغام کي نروار ڪيو. هتان جي هندو مسلم رهاڪن کي سياسي اتحاد جو درس ڏنو، انگريز سامراج خلاف ماڻهن کي شاعريءَ وسيلي سجاڳ ڪيو پر افسوس سندس ڪلام هڪ جاءِ تي مستند ۽ سولي انداز ۾ ترتيب هيٺ نه آهي.

    موجوده صورتحال
    سچل سرمست جي ڪلام ڇاهي ڪتاب گردش ۾ رهيا آهن.
    1. سچل جو سرائيڪي ڪلام (مولانا محمد صادق راڻيپوري)
    2. انتخاب اردو ڪلام سچ سرمست (قاضي علي اڪبر درازي)
    3. سچل جو ڪلام (نماڻو فقير)
    4. سچل جو رسالو (مرزا علي قلي بيگ)
    5. آغا صوفيءَ وارو سچل جو رسالو
    6. عثمان علي انصاريءَ جو سچل جو رسالو
    7. رشيد احمد لاشاريءَ وارو سچل جو رسالو
    8. ان مٿنويون: راز نامو، وحدت نامو، رهبر نامو، عشق نامو، گداز نامو، وصلت نامو، تارنامو ۽ ساقي نامو جمع اردو تراجم:- قاضي علي اڪبر درازي
    9. بحر طويل (فارسي) مرتب: قاضي علي اڪبر درازي
    10. ديوان آشڪار بمع اردو ترجمو. مترجه: قاضي علي اڪبر درازي
    11. گهڙولي (سچل چيئر ۾ محسن بيڪس جي لکيل قلمي بياض ۾ موجود آهي) مون ان تي تحقيق ڪري ڇٽيهه ئي بند دريافت ڪيا آهن.
    12. نڪته تصوف (اهو ڪتاب نشر ۾ آهي)
    پر مستند رسالو اڄ تائين ترتيب هيٺ نه اچي سگهيو آهي. اڳ سچل جي مستند رسالي جي ترتي ب ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي اهو ڪم ڏنو هو پر سندس وفات ڪري نامڪمل رهيو ان بعد معلوم ٿيو ته اهو ڪم خادم عباسي کنيو آهي.

    مستند رسالي جي ضرورت
    سچل سرمست سنڌ جو هڪ صوفي شاعر آهي ۽ تصوف مذهب کي اعتدال تي آڻيندڙ مذهبي تحريڪ آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا نمائندا شاعر ڀٽائيءَ سچل اسلام جا علمبردار شاعر هئا. نالي واري دانشور محمد ابراهيم جوئي صاحب پنهنجي مشهور ڪتاب ”شاه – سچل – سامي“ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ پاسي شاهه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن پاڪ جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليء ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارڻ ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهريو ٿي (شاه – سچل - سامي ص 29)
    اڳتي محمد ابراهيم جوئي صاحب شاه، سچل ۽ ساميء بابت لکيو اٿس ”سنڌ جا هي عظيم شاعرمذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل، سامي ص 63)
    افسوس جي ڳالهه آهي ته نه ته ڀٽائيء جو مستند رسالو ترتيب اچي سهگيو آهي ۽ نه وري سچل جو ڪو مستند رسالو ترتيب هيٺ اچي سگهيو آهي. ڀٽائيء جو ڪلام هڪ هنڌ مختلف قسم جي رسالن م موجود آهي هر رسالو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي پر سچل سائينءَ جو ڪو اهڙو مڪمل رسالو موجود نه آهي جنهن ۾ سچل جو مڪمل ڪلام آيو هجي جنهن ڪري سچل سرمست تي تحقيق ۽ ان جي فڪر جي ڦهلاءَ جو اهو ڪم نه ٿي سگهيو آهي جيڪو ٿيڻ کپندو هو.


    مستند رسالي جي مرتب جا معيار
    منهنجي نظر ۾ سچل جي مستند رسالي جي ترتيب ڏيندڙ ۾ هيٺيون خصوصيتون هجڻ کپن.
    1. تحقيق جي اصولن کان واقفيت: رسالي جو مرتب تحقيق جي اصولن کان واقف، تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي لياقت ۽ تجربو رکندڙ هجي ته جيئن درست نموني ڪلام درج ٿي سگهن.
    2. بي تعصبي: رسالي جو مرتب تصوف جي ابتڙ نه ته لا مذهب هجي ۽ نه وري ڪنهن مخصوص فرقي جو ڪٽر پوئلڳ هجي جو سچل سرمست کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسي ان جو ڪلام ترتيب ڏئي ان مان ديني ڪلام يا گهڙولي ۽ بحر طويل جهڙا ڪلام ڪڍي ڇڏي يا مثنوين مان شعر ڪڍي ڇڏي يا ترجمو نه ڪري جو ان ۾ چئن يارن جي تعريف آهي.
    3. تصوف جو صاحب: رسالي جو مرتب تصوف جو صاحب هجي يا ان جي بنياد، رجحانن، تحريڪن، سلسلن ۽ شخصيتن کان واقف هجي نه ته سچل جي ڪلام جي ترتيب ۽ پڙهڻين ۾ ڌوڪو کائي ويندو.
    4. مختلف ٻولين جو ڄاڻو: سچل سرمست مختلف ٻولين خصوصاََ سنڌي، سرائيڪي اردو ۽ فارسيء ۾ شاعري ڪئي آهي پر عربي فارسيء جا ڪيترا لفظ، جملا چوڻيون، آيتون ۽ حديثون ڪم آندل آهن ان ڪري سچل جي رسالي جو مرتب مختلف ٻولين خصوصاََ عربي فارسيء کان واقف مرتب ڪلام جي پڙهڻين ۾ وڏيون غلطيون ڪندو.
    5. مقامي محقق هجي: اسان ذهني غلاميء سبب هر ٻاهرين لکت کي اهم سمجهندا آهيون ۽ هتي سڀ نا اهل سمجهندا آهيون پر هتان جي ٻولين، تاريخ، ثقافت يا روايتون هتان جو محقق ٻاهرين محققن کان وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ ٻاهرن محققن سان هتان جا محقق ساٿي نه هجڻ ها ته اهي اهو ڪم به نه ڪري سگهن ها. جيڪڏهن ڊاڪٽر اينميري شمل جي حسام الدين راشدي مدد نه ڪري ها ته ڇا شمل صاحبه سچل تي اهو ڪم ڪري سگهي ها ۽ هيڏانهن اينميري شمل جي ڪم کي رکجي هيڏانهن حسام الدين راشدي جي ڪم کي رکجي ته سچل جي فن ۽ فڪر جو وڌيڪ ڄاڻو ڪير ٿيندو؟ ان ڪري سچل جو مستند رسالو ڪنهن مقامي محقق کان ترتيب ڏياريو وڃي هونءَ به سچل تي بنيادي ڪم يعني رسالن ۽ ڪلام جي ترتيب جو ڪم هتان جي محققن جوئي ٿيل آهي.

    مستند رسالي جي ترتيب لاءِ تجويزون
    سچل سرمست جي مستند رسالي جي ترتيب لاءِ منهنجيون ڪجهه تجويزون آهن جيڪي هن طرح آهن.
    1. سچل سرمست جو غير ڇاپي ڪلام مختلف جاين (قلمي نسخن ۽ صوفي ڳائڻن وٽان) گڏ ڪري فل احال هڪ جلد ۾ جيئن جو تين شايع ڪيو وڃي ته جيئن اهو به منظر عام تي اچي وڃي اهو ڪم ناميارن محققن کان ڪرايو وڃي نه ته ڪيتري علام رهائڻ ۽ غلط درج ڪرڻ جو انديشو آهي.
    2. سچل جي مستند رسالي جي ترتيب کان اڳ ان جي ڪلام جا ڇاپي نسخا بنا ڪٽ سٽ جي اصل حالت ۾ ڇپايا وڃن.
    ڇاپي توڙي عير ڇاپي نسخا ڇپائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اهي سڀني وٽ دستياب ٿي وڃن ۽ مستند رسالي جي ترتيب اچڻ کان پوءِ ان جي ڪلام ۽ پڙهنين جي تصديق ۽ وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ مختلف محقق ڪري سگهن.
    3. سچل سرمست جي مستند رسالي کي چئن جلدن ۾ ورهايو وڃي پهرين جلد ۾ فارسي ڪلام (اگر عربي ڪلام ملي ته اهو به ان ۾ ڏنو وڃي) ٻئي جلد ۾ اردو (هندي ڪلام به ان ۾ ڏنو وڃي) ٽيئن جلد ۾ سنڌي ڪلام ۽ چوٿين جلد ۾ سرائيڪي ڪلام (ان ۾ پنجابي ڪلام به) ڏنو وڃي.
    4. مستند رسالي ۾ جتي مناسب هجي اتي راڳن ۽ داستانن جي به نشاندهي ڪئي وڃي.
    5. مستند رسالي ۾ مختلف ڪلامن، لفظن ۽ جملن جي مختلف پڙهڻين جي به حاشيي ۾ يا آخر ۾ نشاندهي ڪئي وڃي.
    6. جن ڪلامن جي شعري صنف غلط ٻڌايل هجي مثال طور ڪيترن عزلن کي ڪافي ڳڻيو ويو آهي اها درست ڪئي وڃي.
    7. جتي جتي ماڻهن جي بدل سدل يا ڪاتبن جي سمجهه سبب وزن بحر جون ڪي معوملي چڪون ڪيو ويون آهن سي درست ڪرايون وڃن ۽ اهڙي نشاندگي حاشيي ۾ ڪئي وڃي.
    8. مستند رسالي ۾ مشڪل لفظن ۽ جملن جي معنيٰ ڏني وڃي جيڪا آخر ۾ لغت جي صورت ۾ ڏنل هجي.
    9. عربي فارسيء ۽ هندي ڪلام سان گڏ ان جو نثري ترجمو اول سنڌيء ۾ ڏياريو وڃي.
    10. سچل جي مستند رسالي ۾ اهو سڀ ڪلام به شامل ڪيو وڃي جيڪو غفلت يا تعصب ڪري رهايو ويو آهي يا اڻ ڇپيل آهي جنهن ۾ خاص طور بحر طويل ۽ گهڙولي شامل آهن.
    11. سچل جي رسالي تي جامع نموني مهاڳ يا مقدمو ڪنهن نامياري ڏيهي محقق کان لکرايو وڃي جنهن ۾ سچل جي فني ۽ فڪري يا سن کان جامع جائزو ورتو وڃي.
    12. سچل جي مستند رسالي ۾ سچل سرمست جي سوانح بابت مختلف اختلافن جي به نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن تحقيق جو عمل وڌندو رهي.
    13. سچل جو مستند رسالو ترتيب ڏيڻ لاءِ اهڙي محقق کي ڏنو وڃي جيڪو تحقيق جي اصولن کان واقف به هجي ۽ تعصبي به ته هجي. تصوف سان واسبته به هجي عربيء ۽ فارسيء جو به ماهر هجي ان لاءِ منهنجي تجويز آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مناسب آهن. اگر انهن صاحبن مان ڪوبه مصروفيت سبب سڄي رسالي جو ذمو اڪيلي سر نه پڻي ته پوءِ رسالي جا مختلف جلد ڪري هڪ هڪ يا ٻه ٻه جلد هر هڪ محقق کي ڏنا وڃن.
    14. سچل سرمست جي رسالي جي ترتيب ۽ ڇپائي لاءِ شاه عبداللطيف يونيوسٽي خيرپور جي سچل چيئر کي اڳتي اچي اهڙي رٿا تيار ڪرڻ گهرجي.

    (2002ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل سيمينار ۾ پڙهيل)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 695
    ڪتابن جو مشاهدو: 945578
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 319318
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ