ڪتاب جو نالو: چَڪَ جا چندن هارَ
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 426 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 91 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”چَڪ جا چندن هار“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخي شهر چَڪ ۾ سماجي، سياسي ۽ ادبي حوالي سان متحرڪ شخصيتن تي لکيل تحقيقي مضممونن جي هن مجموعي جو محقق آزاد بخاري آهي. هي ڪِتابُ هِڪَ طرف چَڪَ شهر جي اِنهن اهم ۽ اعليٰ شخصيَتُن جي ڪَمَ ۽ ڪردارَ کي نئين نَسُلَ آڏو اُجاگَر ڪَِري ٿو ته ٻئي طَرف اِهي سَڀيئي حوالا ۽ معلوماتِ تاريخَ ۾ محفوظ ٿيڻَ جي حيثيت پِڻُ ماڻن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • POPAT BOOK NO. 58
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • مون لئه مهڪَ مليرَ جي
  • چَڪَ ۾ اڀريو چنڊُ
  • پنهنجي پاران
  • سياسي، سماجي، ادبي جاڳرتا جو شهر چڪ
  • عالم، عشاق ۽ سنتَ

  • محمد شاهه مست جيلاني (اول)
  • مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)
  • سوامي گنگارام
  • داتا فيض درياهه شاهه
  • سيد عبدالعزيز شاهه
  • سوامي شانتي پرڪاش
  • داتا ولايت شاهه
  • سيد بگن شاهه جيلاني
  • اُستادَ اَديبَ ۽ شاعِرَ

  • حاجي محمد سچل سومرو
  • ڪوي تيجو مل ٻڍاڻي
  • محمد آندل ڪوري
  • ڪشنچند پرياڻي
  • پهلاج راءِ جيواڻي
  • سيد حسين شاهه بخاري
  • فقير علي حسن سيٺار
  • رام گيان ڀاڳچنداڻي
  • سياسي ورڪر ۽ سماجي سڌارڪ

  • سيد غلام رسول شاهه
  • وڏيرو الهڏنو خان سيٺار
  • مکي پرسرا م تلريجا
  • مير محمد خان پٺاڻ
  • رگھورام مينگهاڻي
  • ڦندومل پٽ ٽوپڻ مل
  • روچلداس تلريجا
  • نيوند رام ڪوڏواڻي
  • ابوشوڪت حمزو خان
  • غلام حيدرخان سيٺار
  • غلام رسول سومرو وڪيل
  • مکي ڪروڙي مل تلريجا
  • ڪنعيا لال ناگپال
  • سيٺ چندن مل ايسراڻي
  • محمدارباب سيٺار
  • محمد پارل سومرو
  • ڀائوعبدالقادر خان سيٺار
  • فنڪار ۽ اداڪار

  • قلندر بخش خان مغل
  • انور علي شاهه بُخاري
  • سردار شاهه لڪياري
  • ڀڳت چوئٿ مل مانڌواڻي
  • چندر ساوناڻي
  • مددي ڪتاب

  • POPAT BOOK NO. 58

    چَڪَ جا چندن هارَ
    (تحقيقَ)
    ليکڪ: آزاد بُخاري
    ڇاپو پهريون: 2014
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 150/- روپيه




    CHAK’A JA CHANDANHAAR’A
    (Research)
    Author: Azad Bukhari
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 150/-


    ارپنا

    شهيد اميد علي ڀيو
    عبدا لجبار آصف منگي
    انجنيئرامر لال تلريجا
    غلام شبير جوکيو
    ۽
    ڊاڪٽر اجيت ڪمارڏيواڻي
    جهڙن چڪ جي ذاتي دوستن جي نالي
    جن مان ڪي امر ٿي ويا ،ڪي اجل جو ثمر ٿي ويا
    اڄ اهي مونسان جسماني طور گڏ نه آهن،
    پر سندن يادون هميشه مونسان گڏ رهنديون.

    ـ آزاد بُخاري


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چَڪ جا چندن هار“ اوهان اڳيان پيش آهي. سنڌ جي تاريخي شهر چَڪ ۾ سماجي، سياسي ۽ ادبي حوالي سان متحرڪ شخصيتن تي لکيل تحقيقي مضممونن جي هن مجموعي جو محقق آزاد بخاري آهي.
    هي ڪِتابُ هِڪَ طرف چَڪَ شهر جي اِنهن اهم ۽ اعليٰ شخصيَتُن جي ڪَمَ ۽ ڪردارَ کي نئين نَسُلَ آڏو اُجاگَر ڪَِري ٿو ته ٻئي طَرف اِهي سَڀيئي حوالا ۽ معلوماتِ تاريخَ ۾ محفوظ ٿيڻَ جي حيثيت پِڻُ ماڻن ٿا.
    هي ڪِتابُ تحقيقَ ڪندڙَن لاءِ هِڪَ دلچسپ حوالي طور پِڻُ ڪَمُ ايندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    سنڌُ جي مجموعي عِلمَ، اَدبَ، ڏاهپَ، آرٽ ۽ سماجي خدمتن جي ميدانَ ۾، چَڪَ شهرَ جو پنهنجو خاص حِصو پَتي رَهيو آهي. اِنهن مڙني شعبن سان لاڳاپيلَ مختلف شخصيتن جي زندگي، ڪَمَ ۽ ٻين حوالن کي سَهيڙي سندن باري ۾ گهڻَ رُخي تحقيقَ کان پوءِ لکيلَ مضمونن جو هي ڪِتابُ ”چَڪَ جا چندن هارَ“ يقيناً هِڪُ اهم ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ ڪِتابُ آهي.
    هِنَ ڪِتابَ کي نامياري شاعِرَ ۽ محققَ آزاد بُخاريءَ تمام گهڻي محنت ۽ جستجوءَ کانپوءِ تحرير ڪَيو آهي. هي ڪِتابُ هِڪَ طرف چَڪَ شهر جي اِنهن اهم ۽ اعليٰ شخصيَتُن جي ڪَمَ ۽ ڪردارَ کي نئين نَسُلَ آڏو اُجاگَر ڪَِري ٿو ته ٻئي طَرف اِهي سَڀيئي حوالا ۽ معلوماتِ تاريخَ ۾ محفوظ ٿيڻَ جي حيثيت پِڻُ ماڻن ٿا.
    هي ڪِتابُ تحقيقَ ڪندڙَن لاءِ هِڪَ دلچسپ حوالي طور پِڻُ ڪَمُ ايندو. ادارو ”پوپٽ“ تحقيقَ جهڙي اهم شعبي سان لاڳاپيلَ ڪِتابَن کي شايع ڪَري اوهان جي هَٿن تائين پهچائڻَ جي روايتَ کي قائم رَکندي هي سُهڻو ڪِتابُ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪَري رَهيو آهي.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مون لئه مهڪَ مليرَ جي

    مون لئه مهڪَ مليرَ جي

    روهڙي ، رضاڳوٺ ۽ سکر جو درياءُ
    سانگي، چڪ، هنباھ ، مون لئه مهڪ ملير جي.

    مٿيون بيت مون پنهنجن وڏڙن جي ماڳن ۽ مڪانن جي حوالي سان لکيو آهي . جن جو اصل وطن ته روهڙي ۽ سکر جو دريائي علائقو هو پر سندن ٻيو وٿاڻ رضاڳوٺ (تعلقو پنوعاقل) به رهيو جڏهن ته ڪجهه عرصو ”سانگين“۾ به رهيا.ان سان گڏوگڏ چڪ ۽ هنباهه سان منهنجن وڏڙن جو وري هڪ روحاني تعلق قائم ٿيو. هونءَ به بتيلن ۽ ٻيڙين تي زندگي گهارڻ ڪري درياهُ سندن ديس هو انڪري ڪڏهن ڪڏهن آبڪلاڻيءَ ۾ سنڌو درياه جي چڪ واري پاسي به اچي پنهنجون ٻيڙيون جهليندا هئا، شايد اها ڪشش درگاه حضرت هنباهه جي هئي جنهن اسانجي خاندان کي تصوف، راڳ ۽ شاعري ءَ جي رمز عطا ڪئي. ٿيو ايئن ته درگاهه حضرت هنباهه جو گادي نشين داتا بگن شاه جيلاني وڏو (وصال ؛ 1931 ع) اچي رضا ڳوٺ ۾ لٿو جنهن پنهنجي هڪ ئي نظر سان منهنجي ڏاڏيِ امڙ بيگم فقيرياڻيءَ (1987_1915ع) جي پيءُ هارون ميربحر کي”،هارون فقير “ بڻائي ڇڏيو . هاڻي هنباهه جيڪو چڪ جو ئي ڄڻ هڪ حصو آهي اسانجي خاندان جو هڪ روحاني مرڪز بڻجي ويو . هارون فقيرميربحر،داتا بگن شاهه وڏي جو طالب ته بڻيو ، پر درگاه هنباه جي رندي ۽ صوفيانه اثر هيٺ يڪتارو کڻي ڪافيون ڪلام به جهونگارڻ لڳو. اهو به سندس عشق ۽ عقيدتمندي هئي جو هارون فقير جي وفات به 1944 ع ۾ هنباه ۾ ئي ٿي ۽ داتا ولايت شاهه کيس هنباه جي پير يوسف علي جي مقام ۾ دفن ڪرايو. نه صرف ايترو پر مون لئه هڪ ٻي اهم ڳالهه ته منهنجي والد بزرگوار ۽ سنڌ جي نامياري شاعر درگاهي ميراڻي (1988_1942ع) جو جنم به هنباهه ۾ ٿيو هو ۽ جڏهن سن 1963 ع ۾ منهنجو روهڙِي شهر ۾ جنم ٿيو ته منهنجي ”جهنڊ“ به درگاهه هنباهه ۾ ڏني هئائون ،مان چند ڏينهن جو هوس امڙ بيگم فقيراڻي مونکي کڻي داتا ولايت شاهه جي هنج ۾ ڏنو ۽ اهو اهم منظر بابا سائين پنهنجي ڪئمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري ورتو.
    مٿين پسمنظر کانپوءِ هر ڪنهن کي بخوبي اندازو ٿي ويندو ته مان محترم دوست آزاد بُخاري جي هن خوبصورت ڪتاب تي ٻه اکر لکندي ڪيڏي نه خوشي محسوس ڪندو هوندس، هڪ ته آزاد بخاري جو تعلق چڪ،هنباه سان آهي ٻيو ته هن ڪتاب ۾ هن هنباهه ۽ چڪ جي جن شخصيتن تي لکيو آهي،انهن مان داتا فيض درياهه ، داتا ولايت شاه ۽ داتا بگن شاهه جي ذڪر پڙهڻ سان جتي پنهنجن رهبرن ۽ مرشدن جي خوشبو ملي ٿي ، اتي پنهنجن وڏڙن جي آسيس پڻ،
    جيتري قدر هن ڪتاب جي مواد ۽ ان ۾ ڪيل تحقيق جو تعلق آهي ته ان لاءِ مان محترم آزاد بخاري کي وڏي آفرين ۽ شاباس ڏيان ٿو، جيڪو مستقل طور تي تحقيق جي ميدان ۾ سندرو ٻڌي بيٺو آهي ۽ پنهنجي پهرين ڪتاب ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي“ کانپوءِ هنباهه ۽ چڪ جي شخصيتن تي هي هڪ ٻيو ۽اهم ڪتاب ارپيو آهي ، هاڻي کيس اهو تجربو به ٿي ويو هوندو ته اهو ڪيڏو نه ڏکيو ۽ محنت طلب ڪم آهي ۽ سچ پچ آزاد بخاري جيان سنڌ جا ٻيا ليکڪ ۽ ساڃا هه وند به جيڪڏهن صرف پنهنجن پنهنجن علائقن ۽ شهرن جي تاريخ رقم ڪن ۽ ٻيو نه ته صرف پنهنجي خاندانن جي مشاهير تي ڪم ڪن ته هوند سنڌ جي تاريخ جا رهيل پاسا ۽ لڪل خزانا ظاهر ٿي پون .
    آزاد بخاري جي هن ڪتاب ” چڪ جا چندن هار“ ۾ اٺٽيههَ شخصيتن جو تذڪرو ڪيل آهي جن ۾ چڪ جا بزرگ ، عالم، صوفي شاعر ، قومي ۽ انقلابي اڳواڻ ،سماج سڌارڪ ۽ ٻيا ساڃاهه وند شامل آهن اهڙي ريت بزرگن ۽ عالمن ۾ مولوي عبدالڪريم شاهه کان وٺي حسين شاهه بخاريءَ تائين ، صوفي درويش ۽ شاعرن ۾ داتا فيض درياهه کان انور علي شاهه تائين ، قومي انقلابي اڳواڻن ، سماج سڌارڪن ۾ ابو شوڪت حمزي کان مکي پرسرام تلريجا ۽ ويندي مکي ڪروڙي مل تائين جو ذڪر ڪري آزاد بخاري چڪ ۽ ان جي پسگردائيءَ جي مشاهيرن جو هڪ اهم ۽ تاريخي دستاويز رقم ڪيو آهي . هن ڪتاب ۾ سنڌ جي اهڙن امر انسانن جو ذڪر آهي جن پنهنجي ڏات، ڏانءُ،فڪر،عمل ۽ جدوجهد ذريعي ولات واسي ڇڏيا آهن ، اهي سدا حيات آهن ، اهڙن عظيم هستين جي ظاهري زندگيءَ مان لڏي وڃڻ کانپوءِ به سندن واسُ ۽ خوشبو سدائين دائم قائم رهي ٿي، آزاد بخاري جي هن ڪتاب ۾ به اهڙن عظيم ڪردارن ۽ مهان هستين جي اهڙي خوشبو اچي ٿي جيڪا گلاب جي گل ۾ هوندي آهي يا چندن جي وڻ ۾.
    آزاد بخاري هن ڪتاب جي شروعات ۾ چڪ شهر جو تاريخي پس منظر به هڪ پختي محقق جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ اڳ آيل مختلف ڪتابن جي تصحيح ڪندي چڪ شهر تي نالي پوڻ جا مستند حوالا ڏئي پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي . تنهن کانسوءَ چڪ ۽ ان جي پسگردائي ءَ ۾ جنم وٺندڙ سياسي، سماجي ۽ ادبي جاگرتا جو انگريزن جي دور کان وٺي سلسليوار جائزو ورتو اٿائين .انهيءَ باب ۾ چڪ جي اهم سياسي ، سماجي ۽ ادبي ڪارڪنن ۽ اڳواڻڻ جو تذڪرو خاص طور تي مختلف سياسي تحريڪن جهڙوڪ خلافت تحريڪ جو سنجيده ذڪر آزاد بخاري جي سڄاڻ ذهن ۽ قومي شعور کي ظاهر ڪري ٿو ،
    آزاد بخاري جئن ته پاڻ به چڪ جي هڪ روحاني ۽ علمي خاندان سان تعلق رکي ٿو پنهنجي خاندان جي بزرگن ۽ عالمن جو ذڪر به ڏاڍو سهڻو ڪيو اٿائين ۽ ڪتاب جي ٻي شخصيت طور آيل مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) جي احوال ۾ سندس ولادت ۽ وفات جون تاريخون درست ڪيون اٿائين آزاد بخاري ڄاڻايو آهي ته عبدالڪريم شاهه (اول) مولود به چوندو ۽ لکندو هيو جيڪڏهن آزاد بخاري سندس ڇپيل سنڌي مولود جو نمونو ڏي ها ته ڪتاب ۾ ان دور جي سنڌي مولود جي اوسر ارتقا متعلق هڪ نئين ڄاڻ ملي ها . بحرحال هو ان سلسلي ۾ جاکوڙ ضرور ڪندو.
    آزاد بخاريءَ جي هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته جن به صوفي شاعرن جهڙوڪ داتا فيض درياه يا ولايت شاه جو تذڪرو ڏنو ويو آهي آزاد بخاري انهن جي ڪلام جي فڪر توڙي فن تي به سٺو تبصرو ڪيوآهي ان مان خبر پوي ٿي ته کيس نه صرف تذڪره نويسي جي ڄاڻ آهي بلڪ هو شاعري ءَ جي گهاڙيٽن ۽ ٻين فني ۽ فڪري خوبين کي سمجهي ٿو ۽ ان کي هڪ نقاد جي اک سان ڏسي ٿو. جڏهن ته هن ڪتاب ۾ انور علي شاهه جي ڪافين جا به سٺا مثال ڏنا اٿائين انهن۾ نه صرف قافيا سٺا استعمال ٿيل آهن بلڪ ڪافيون مڪمل بحر وزن ۾ آهن،
    محمد شاه مست واري احوال ۾درگاهه تي پوکيل ڀنگ ۽ ان جو اڪڙ گاهه ٿي وڃڻ واري ڳالهه هوبهو روهڙي شهر جي هڪ ٻي سنت وسڻ شاهه ڏانهن به منسوب آهي جيڪا سندس سوانح عمري ۾ به آيل آهي .بهرحال اهڙا ڪافي واقعا ۽ ڪرامتون آهن جيڪي هڪ ئي وقت مختلف بزرگن ۽ درويشن ڏانهن منسوب ڪيون ويون آهن.
    آزاد بخاري جي هن ڪتاب ۾ هڪ وڌي عالم ۽ مذهبي شخصيت سيد عبدالعزيز شاهه جي فڪر ۽ مذهبي خيالن جي تبديلي ۽ مٿس صوفيت جو رنگ چڙهڻ واري اهم ڳالهه به ملي ٿي ته ڪيئن هو هڪ وڏو مذهبي مبلغ مان وڏو صوفي شاعر بڻجي ويو سو به وحدت الوجودي ،شايد اهو مٿس پنهنجي مرشد مولوي عبدالغفور همايوني ءَ جو اثر ٿيو يا هنباهه جي رندي ۽ قلندري درويشن جو.
    هن ڪتاب مان اها به خبر پوي ٿي هنباهه جي قومي ۽ انقلابي اڳواڻ ابو شوڪت حمزي تي داتا فيض درياهه ”گجڻ“ نالو رکيو هو. ٻي طرف ڏسجي ٿو ته داتا فيض درياهه جڏهن وفات ڪئي تڏهن ابو شوڪت حمزو صرف 13 سالن جو هيو. لڳي ٿو ته شايد داتا فيض درياهه پنهنجي ڳوٺ جي انهيءَ جوشيلي ۽ جذباتي نينگر کي پرکي اها پيشنگوئي ڪئي هئي ته ابو شوڪت اڳتي هلي هڪ انقلابي ۽جوشيلو اڳواڻ بڻبو ۽ گجندو رهندو جيڪا پيشنگوئي سندس سچي ثابت ٿي.
    بهر حال آزاد بخاريءَ جو هيءُ نئون ڪتاب ”چڪ جاچندن هار“ سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ تحقيق جي حوالي سان اهم جاءِ والاريندو ۽ ايندڙ وقت ۾ جڏهن ڪو اديب يا محقق چڪ جي تاريخ لکندو يا انجي مشاهير تي نئين سري سان ڪم ڪندو ته آزاد بخاري ءَ جو هي ڪتاب انهيءَ موضوع جو هڪ بنيادي ۽اهم ماخذ طور انجو مددگار ثابت ٿيندو .مان آزاد بخاري کي اهڙي اهم ۽ وڏي ڪم تي تمام گهڻيون واڌايون ڌيان ٿو.

     13 جنوري 2014 ع اختر درگاهي
    روهڙي سنڌ


    چَڪَ ۾ اڀريو چنڊُ

    چَڪَ ۾ اڀريو چنڊُ

    ’چڪ‘ جو شھر تاريخ جي مختلف پھلوئن ۾ بيشڪ پنھنجي نمايان حيثيت حاصل ڪري چڪو آھي، جنھن جو اعتراف ھرباشعور فرد کلي دل سان ڪري سگھي ٿو. ھتان جي عوام گذريل صديءَ کان مختلف سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري جيڪو اجتماعي ڪردار ادا ڪيو آھي، تنھن جو وڏو ثبوت چڪ جي رھاڪن جو بيدار ماضي آھي. شڪاپور جتي ھڪ سياسي قلعي جي حيثيت رکي ٿو، اُتي چڪ ۽ رستم اُن جي اھم دروازي جي لحاظ کان اھميت رکندڙ آھن. شڪاپور ۾ ڪانگريس جي ھلچل دؤران مھاتما گانڌي ،جواھر لال نھرو ۽ سردار پٽيل کان سواءِ مولانا آزاد ۽ ڪي ٻيا سياسي اڳواڻ جڏھن شڪاپور ۾ ايندا ھئا، تڏھن چڪ ۽ رستم ۾ ضرور وڃي عوام سان ميل جول قائم رکندا ايندا ھئا. خلافت تحريڪ ۽ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ دؤران چڪ جي سرگرمي، سنڌ جي مجموعي ڪردار لاءِ اھم جذبي طور تي شمار ٿئي ٿي. جنھن جو سمورو دارو مدار اُن ماحول تي ئي آھي. جيڪو تسلسل سان قائم رھندو پيو اچي. چڪ تي جيتوڻيڪ جاگيرداري مسلط آھي، تڏھن به ھتان جي باشعور ماڻھن پنھنجي جدوجھد سان سچ ۽ حق انسانيت ۽ محبت ڀري فضا قائم ڪرڻ لاءِ ڪڏھن به جھد ۾ ڪمي ڪانه آندي آھي.
    چڪ م تعليمي ماحول ۽ معيار جو به پنھنجو مثال آھي ته علمي ۽ ادبي سرگرمين جو اڻٽٽ سلسلو ڏٺو ويو آھي. ادبي سنگت جي نمائندگي به نمايان آھي ته قومي جاڳرتا جي جوت به جرڪندي رھي ٿي. اڄوڪي تعليمي ۽ ادبي ماحول قائم ڪرڻ جو سمورو ڪريڊٽ، سائين ھارون چني، نظير سومري، رشيد احمد سومري، رحيمداد راھي، آزاد بُخاري ۽ ٻين نوجوانن جو ئي آھي. مون کي بيحد خوشي ٿي آھي جو آزاد بُخاري صاحب چڪ جي شخصي تاريخ ڏي توجهه ڏيئي، جيڪا سھيڙ سنوار ڪري ترتيب جو ڪم ڪيو آھي، سو اھڙو اھم قدم آھي، جو تاريخ جي ٻين رُخن کي روشن ڪرڻ جي ضمانت ثابت ٿي سگھندو ۽ تصديق ۽ تاليف جو ماحول پڻ پئدا ڪري وٺندو.
    مون کي اھو ڄاڻي به عجب لڳو ته ھندستان ۾ رھندڙ وڏو سنت سوامي شانتي پرڪاش مهراج به چڪ جو آھي. سندس روحاني ۽ سماجي خدمتن جو دائرو وسيع آھي، جنھن ڪري اُتي سندس وڏي مڃتا آھي. ڊاڪٽر ديال آشا جڏھن پنھنجو ڪتاب ”سنڌ جا سنت “لکيو ھو، تڏھن سامي شانتي پرڪاش کي اُن ۾ نمايان ظاھر ڪيو. ان کان علاوه چڪ جا ڪيترائي اديب، شاعر، راڳي، چترڪار ۽ اداڪار اُتي رھن ٿا، جن پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ نالو روشن ڪيو آھي.
    آزاد بُخاري صاحب اٺٽيهه ”چڪ جا چندن ھار“ متعارف ڪرائي، نه رڳو چڪ جي علمي خدمت ڪئي آھي، پر سنڌ جي مجموعي ۽ اجتماعي شخصي تاريخ جي ھڪ ڪڙي تان پردو کڻي پنھنجي ذميواري پوري ڪئي آھي.
    چڪ جي تاريخ ۾ نمايان شخصيت ابو شوڪت حمزو جي آھي، جنھن خلافت تحريڪ ۾ ته نمايان ڪردار اداڪيو، پر ھڪ قومي ڪارڪن جي حيثيت سان به ياد رھندو آيو آھي. داتا فيض دريا شاهه جھڙو مٿس گجڻ نالو ڌريو، تھڙوئي ثابت ٿيو ۽ جت ڪٿ پنھنجي فڪر جي اظھار لاءِ پيو گجندو ۽ گھرجندو ھو. مزدور اخبار جاري ڪري پنھنجي اندر جو اظھار ۽ غريب عوام جي ترجماني ڪندو رھيو اسان کي کپي ته چڪ جي ان اثاثي کي محفوظ ڪري ذميواري نڀايون.
    آزاد بُخاريءَ جي ھن ڪوششن کي مان دل سان ساراھيان ٿو. سندس ھمت افزائي لاءِ مون وٽ لفظ ئي ڪو نه آھن. شال سندس قلم جو زور زبرو ٿئي.


     14 ڊسمبر 2013ع انور فِگار هَڪڙو
    ڄامشورو


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    اڪثر ڪري ننڍ پڻ ۾ پنهنجي ناني سيد حسين شاه بخاري سان ڪچهري ٿيندي هئي. نانو مرحوم پنهنجن وڏن جي باري ۾ يادگيرون ٻڌائيندو رهندو هو ته ڳوٺ جي چڱن مٺن جو تذڪرو وغيرهه به ڪندو رهندو هيو . سندس والد مولوي غلام رسول شاه خلافت تحريڪ چڪ جو پهريون صدر هيو . هو ٻڌائيندو هيوته منهنجو والد ماڻهن کي ملڪي حال احوال کان روشناس ڪرائڻ لاءِ الوحيد اخبار پڙهي ٻڌائيندو هيو.وڏيري الهڏني خان سيٺار جي اوطاق تي ڪچهري ٿيندي هئي. هندو مسلمان گڏ اٿندا ويهندا هيا وغيرهه . منهنجو نانو وفات ڪري ويو رڳو ياد گيريون ذهن ۾ رهيون . ادب سان جيءُ جڙيو ته دل ۾ خواهش جاڳي ته پنهنجن وڏڙن جي باري ۾ ۽ انهن ماڻهن جي باري ۾ ڪجهه لکجي جن جو تذڪرو نانو مرحوم ڪندو هو.ناني مرحوم کان مونکي جيڪا معلومات ملندي هئي اها نوٽ بوڪ تي اتاري ڇڏيندو هوس منهنجي دوست محمد شريف ”شاد“سومري 1987 ۾ جڏهن ”تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو” مونوگراف طور سهيڙيو پئي ته مون کيس پنهنجي خانداني مشاهير جي ڪافي معلومات ڏني.
    1993 ۾ ايم اي سنڌي جي مونوگراف ”ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي خان جي شخصيت ۽ شاعري“ ۾مون چڪ جي ڏهاڪو کن ادبي شخصيتن جو ذڪر ڏنو ، ان ۾ محترم شريف شاد جي مونوگراف (قلمي) مان جا حوالا پڻ ڏنا. پر جڏهن اهو مواد ڪتابي صورت ۾ آيو ته، پبلشر ڪتاب مان همعصر شخصيتن جو تفصلي باب ڪٽي ڇڏيو .جنهن بعد مون اڃان وڌيڪ تحقيق ڪئي ۽ چڪ جي سياسي، سماجي،ادبي شخصيتن جو، جن ورهاڱي کان اڳ جنم ورتو يا ان دور ۾ سندن ساراهه جوڳو ڪردار رهيو يا وري اهي ورهاڱي کان اڳ يا بعد ۾ به اهم تنظيمي عهدن تي رهيا انهن جي باري ۾ جيتري ڪجهه معلومات ملي ان کي سهيڙي “چڪ جا چندن هار” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ اوهان پڙهندڙن جي آڏو رکيو اٿم ته جيئن اوهان سندن منهن مهانڊن کان واقف ٿي سگهو. مون هن ڪتاب ۾ بنا ڪنهن مت ڀيد جي مسلم هندو ٻنهي مذهبن جي ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي . جيئن پڙهندڙ چڪ جي نه صرف شخصيتن جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪري سگهن پر چڪ جي تاريخ کان به آگاهي حاصل ڪري سگهن مونکي جن ماڻهن جا فوٽو مليا اهي به ڏنا اٿم ۽ جن جي جنم ۽وفات جا سن مليا اهي به ڏنا اٿم هن ڪتاب ۾ اڪثر ڪري ورهاڱي کان پهريان واري دور جون شخصيتون ڏنيون ويون آهن جيڪي وفات ڪري چڪا آهن سواءِ هڪ شخصيت چندر ساوناڻي جي جيڪو حال حيات آهي جڏهن ته ڪجهه شخصيتن جو تعارف نه ملڻ سبب هن ڪتاب ۾ سندن ذڪر نه ڏئي سگهيو آهيان جنهن جو پڻ افسوس آهي بحرحال تحقيق جا در بند ناهن ٿيندارهجي ويل شخصيتن جي باري ۾ معلومات ٻيو ڪو محقق ڏئي سگهي ٿو. هن ڪتاب ۾ ڏنل مواد، سنڌي ادب جي هند سنڌ جي ليکڪن جي مختلف ڪتابن تان ورتل حوالن يا وري شخصيتن جي وارثن کان ڪيل انٽرويو جي آڌار تي يا چڪ شهر جي بزرگ شهرين کان ورتل معلومات جي آڌارتي ڏنو آهي. اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.
    مان محترم انورفگار هڪڙو، اختر درگاهي ، جن جو ٿورائتو آهيان جن مون لئه پيش لفظ لکيا ۽ محترم احسان لغاري، محترم حاڪم مهر(چڪ )۽ محترم گوهر سنڌي جو جنهن هن ڪتاب جي سلسلي ۾ پنهنجي مفيد مشورن کان نوازيو.

    آزاد بُخاري
    چَڪ


    سياسي، سماجي، ادبي جاڳرتا جو شهر چڪ

    سياسي، سماجي، ادبي جاڳرتا جو شهر چڪ

    ”چڪ“ لفظ جڏهن به سماعتن سان ٽڪرائجي ٿو ته اڪثر ماڻهن کي پنهنجن توڙي پراين جا چڪ ياد اچي وڃن ٿا، ليڪن سنڌ پرور ماڻهن آڏو ”چڪ“ جو لفظ اچاربو آهي ته سندن پيشانين تي اڪثر ڪري گُهنڊ پئجي ويندو آهي. ڇو جو سنڌ ڌرتيءَ تي جتي به ڪا وسندي چڪ جي نالي سان جڙيل آهي ته اها گهڻو ڪري غيرسنڌي ماڻهن جي آباد ڪيل هوندي آهي .پر هتي چڪ لفظ جي معني آهي ”حصو “ يا ٽڪرو ان کان سواءِ”چڪ“ ڪنڀرن جي ان آلي (مشين ) جو به نالو آهي جنهن جي مٿان جڏهن آلي چيڪي مٽي رکي ڪنڀر پنهنجي فنڪار هٿ سان تراشي ٿو ته اها مٽي هڪ برتن يا ٿانوَ جو روپ اختيار ڪري ٿي ۽ ڏسندڙ کان ازخود ”واه واه“ نڪريو وڃي. چڪ جي ساڄي ڌر جي ليکڪ وزير علي سومري” چڪ نامو“ ڪتاب ۾ چڪ کي ڊکڻ سومرن جي ٺهيل چڪ سان منسوب ڪيو آهي جڏهن ته 1940ع کان اڳ چڪ ۾ سومرن جو صرف هڪ گهر استاد محمد سچل سومري جو هيو جيڪو پڻ چڪ ۾ لڏي آيل هيو .خود وزير علي سومري وارا 1942 واري ٻوڏ ۾ لڏي اچي چڪ ۾ ويٺا . تنهنڪري چڪ کي سومرن سان منسوب ڪرڻ درست ناهي.
    اڄ هتي آءُ جنهن شهر جو ذڪر ڪري رهيو آهيان ان شهر جو نالو به چڪ آهي جنهن مٿان اهو نانءُ ڪنڀرن جي چڪ جي حوالي سان پيو. چڪ انهيءَ وقت هڪ ننڍڙو ڳوٺ هيو جڏهن چڪ کي سکر وارو چڪ سڏيو ويندو هو جيڪو هن وقت شڪارپور ضلعي ۾( چڪ ٽائون) طور مشهور آهي .پر وري به شڪر آهي ته هي سانگهڙ ضلعي جي چڪن جهڙو چڪ ناهي جن جي نالي ٻڌڻ سان اسان سنڌين کي هانَو ۾ چڪ پوندا آهن .مونکي ته هن شهر جي نالي کڻڻ سان دلي سڪون ملندو آهي نه ڪي اندر ۾ چڪ پوندا آهن ڇو جو مون به هن شهر ۾سارو جيون گذاريو آهي نه صرف مون پر منهنجن ابن ڏاڏن به هن شهر ۾ ئي اک کولي آهي ۽ هن شهر ئي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪندي گذاريو ۽ پگهر وهايو آهي .منهنجو خاندان هن شهر ۾ مذهبي طور مسلمانن جو( بقول محمد ارباب سيٺار صاحب جي) استاد گهراڻو رهيو ۽ سندن ديني خدمت ڪئي ۽ نسل در نسل جامع مسجد چڪ اصل (سيٺارمحلو)بعد ۾ شاهي بازار جي جامع مسجد جي پيش امامت ڪئي بلڪ ايئن چوان ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ته مسلمانن اندر پهريون دفعو سياسي بيداري آڻيندي خلافت تحريڪ چڪ جي پليٽ فام تان انگريز سامراج خلاف جدوجهد به ڪئي،جيئن ته خلافت تحريڪ چڪ جو پهريون صدر به راقم جو پڙ ڏاڏو مولوي غلام رسول شاهه بخاري هيو جنهنجي اڳواڻي ۾ انگريز سامراج خلاف چڪ ۾ جلسا جلوس ٿيا ۽ عوامي بيداري جي چڻنگ دکي!
    چڪ جي سرزمين آڳاٽي دور ۾ سنڌو نديءَ جي ڪپر تي هئي جتي ڪنڀرن اچي پنهنجا پکا اڏيا ( جنهن کي پهريان ”آيل پور“ نالي سان) هڪ ڳو ٺ طور سڃاتو ويندو هو .تر جا ماڻهون هتان ٺڪرن جا ٿانو وٺڻ ايندا هئا ته چوندا هئا چڪا ئن يعني چڪ وارن ڏي ٿا وڃون يعني ڪنڀرن ڏي ٿا وڃون ، ايئن وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هن شهر جو نالو چڪ پئجي ويو .
    (چاچڙ ڳوٺ ڀرسان بڙ جي مڪان سامهون آيل پور جودڙو۽ کجيون اڃان موجود آهن ) چيو وڃي ٿوته هي شهر ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ وجود ۾ آيو ته وري ڪن جو چوڻ آهي ته مغل بادشاهن هڪ زمين جو ٽڪرو (چڪ طور) چاڪر خان مغل کي ڏنو هيو جنهن ۾ تپو چڪ ديهه ڀرڪڻ شامل هيو جنهن ڪري هي شهر ”چڪ ڀرڪڻ“ جي حوالي سان به مشهور ٿيو. 1908 ۾ پوليس جي حوالي سان چڪ شهر سکر جو تعلقو هيو. ورهاڱي کان پهريان هتي ڪنڀر(چنه)، مغل، سيد، سيٺار، انصاري، دايا، هندو ، سک وغيره ذاتيون آباد هيون 1942 ۾ ٻوڏ اچڻ کان پوءِ سومرا، ڀيه، شيخ ،منگي ،ڪلهوڙا۽ هڪ گهر علي نواز خان مهر جو (جيڪو ٻڌ ڳوٺ مان لڏي آيو هو) ان سان گڏ ٻيا به اچي آباد ٿيا.ڳوٺ جو چڱو مڙس وڏيرو لکڻ خان سيٺار هيو .جڏهن ته مذهبي تعليم مولوي عبدالڪريم شاه( اول) ،مولوي غلام رسول شاهه بخاري، سيد جمن شاهه لڪياري، ۽ مولوي عبدالڪريم انصاري وغيره جن ڏيندا هئا .چڪ ۾ هندو ججهي تعداد ۾ رهائش پذير هئا. هندن جو پهريون مکي ٻڍومل ٻڍاڻي ۽ تولو مل ٻڍاڻي (استاد اتم چند ٻڍاڻي ۽ ڪوي تيجومل جا پر ڏاڏا هئا) انهن کان پوءِ مکي پرسرام تلريجا چڪ جي هندن جو مکي ٿيو . هينئر سندس پوٽو انجنيئر پريم چند تلريجا چڪ جي هندن جو مکي آهي.
    ورهاڱي کان پهرين چڪ شهر سياسي جاڳرتا جي حوالي سان سکر ضلعي جو مرڪز هيوبلڪ ايئن کڻي چئجي ته سياسي ،سماجي ،ادبي جدوجهد جو مرڪز هيو ۽ ان حوالي سان هن شهر کي هڪ خاص مقام حاصل هيو هت پير پاڳاري سورهيه بادشاهه جي مريدن جو جهجهو تعداد موجود هيو جنهن ۾ سيٺار برادري جو وڏو تعداد شامل هيو. ۽ پاڳاري جو خاص خليفو مخدوم محمد اسماعيل سيٺار هيو. 1920.21 ۾ چڪ شهر ۾ خلافت تحريڪ جو بنياد وڌو ويو 1922۾ چڪ شهر ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿي جنهن ۾ مولانا شوڪت علي ،مولانا عطاءُ الله شاهه بخاري ۽ مولانا تاج محمود امروٽي شريڪ ٿيا جنهن ۾ سنڌ جي مڪمل آزاديءَ جي قرار داد پاس ڪئي وئي ۽ ان ڏينهن خلافت تحريڪ چڪ جي صدر مولوي غلام رسول شاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن جلوس ڪڍيو۽ ڪمال اتاترڪ لاءِ دعائون گهريون .اهڙو تذڪرو ان وقت سنڌي اخبار الوحيد ۾ آيل آهي.هن کان پوءِ خلافت تحريڪ جو ٻيو صدر، غلام رسول شاهه جو شاگرد ۽ ڳوٺ جو وڏيرو، الهڏنو خان سيٺار بڻيوسندس ئي صدر هوندي 1923 ۾ هڪ ٻيو خلافتي جاکوڙي امير بخش عرف ابو شوڪت حمزو مهر پرائمري ماستري تان استعيفا ڏئي خلافت تحريڪ چڪ ۾ شامل ٿيو . ابو شوڪت حمزو هڪ لبرل مذهبي ورڪر هيو کيس وطن جي آزادي جو اونو هوندو هيو،سدائين ٿلهو متارو ڏنڊو ساڻ هوندو هيس سڄي سنڌ ۾ مشهور هيو سندس شاعري وڏيرن لاءِ ويل هئي .مولوي غلام رسول شاهه، وڏيرو الهڏنو خان سيٺار ۽ ابو شوڪت حمزو خان چڪ جي مسلمانن جا سياسي رهنما طور سڃاتا ويندا هئا ته وري چڪ جي هندن جا سياسي رهنما مکي پرسرا م تلريجا ۽ روچلداس تلريجا ،ڦندو مل هندو مها سڀا جا ۽ نيوند مل ۽ ڪنعيا لعل ناگپال ڪانگريس جا اڳواڻ طور مشهور هيا. ڪنعيا لعل تمام سرگرم نوجوان ڪارڪن هيو جنهن نوجواني ۾ ئي جيل ياترا ڪئي هن چڪ ۾ ٻالڪن جي ٻاري قائم ڪئي 1937 جي چڪ هاري ڪانفرنس ۾ جڏهن جواهر لعل نهرو شرڪت ڪرڻ آيو ته ڪنعيا لعل پنهنجو( نيپڪن ) رومال چهرو صاف ڪرڻ لاءِ ڏنو. نهرو صاحب ان رومال سان منهن صاف ڪري کيس واپس ڏنو ته هن ان کي 15 سال کان مٿي پاڻ وٽ ان ڪري سانڍي رکيو ته ان کي نهرو جي چهري جي کهه( مٽي) لڳل آهي .ڪنعيا لال جڏهن انڊيا لڏي ويو ته اتي به هن فريڊم فائيٽر طور پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکي ۽ اتي امر هيمو ڪالاڻي ميموريل جو صدر بڻيو . چڪ جي هڪ ٻي وڏي سياسي شخصيت مها شيه رِگهو رام پڻ قابل ذڪر ڪردار جو مالڪ آهي هن هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ڪجهه عرصو شاهه پور چاڪر ۾ به رهيو ۽ اتي ” ڪڙمي سڌارڪاريه“ نالي هارين جي حقن لاءِ جماعت ٺاهي جدوجهد ڪئي ۽ ڪيترائي سال جيل ياترا ڪئي. هن کان سواءِ چڪ جي هڪ ٻي وڏي هستي سوامي شانتي پرڪاش مهراج پڻ قابل ذڪر آهن جيڪو ٽيئون رام درٻار جو ٽيون گاديسر ٿيو .پاڻ سٺو شاعر ۽ ڀڳت هيو.سنڌ، هند، سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جا هزارين هندو سندس پيروڪار آهن .چڪ جي هندن جي هڪ ٻي مذهبي شخصيت سوامي گنگارام جو نالو به قابل ذڪر آهي جنهن کي چڪ ۽ صرفو ڳوٺ ۾آشرم هيا جت هو پنهنجن ششن کي نام جو امرت پيئاريندو هيو. هنڌو ڌرم جي پرچار جي حوالي سان چڪ جي هڪ عورت ڪڪيءَ ماءُ به مشهور هئي جيڪا هندو عورتن کي ڌرمي تعليم ڏيندي هئي .ورهاڱي کان پهريان چڪ ۾ لڳ ڀڳ 15 آشرم ،مڙهيون، ٽڪاڻا ، مندر۽ شوالا هيا.چڪ جي ٻن شخصيتن ستئون مل ۽ جڙي مل کي ته وساري ئي نٿو سگهجي جن 1932 ڌاري چڪ شهر ۾ پنهنجي نالن پٺيان ستئونپور ۽ جڙياپور پاڙا سندين زمينن تي آباد ڪرايا.جيڪي اڄ به انهن ئي نالن سان سڏجن پيا . چڪ ۾ ستئون مل جي خيراتي اسپتال به هلندي هئي جنهن ۾ نامور حڪيم رامچند صاحب کي 500 ماهوار پگهار تي مقرر ڪيو ويو هيو.ان خيراتي اسپتال ۾ تنهن زماني ۾ هر مهيني 15 هزار خرچ ايندو هيو .ان کا سواءِ ڊوائينڊ لائف مشين طرفان چڪ ۾ ڊاڪٽر سوڀراج روچاڻي پڻ فلاحي اسپتال هلائيندو هيو.جيڪا بعد ۾ هن انڊيا لڏي وڃي هلائي .انهن کان سواءِ سيٺ پرمانند صاحب به ڪافي عرصو پنهنجي خرچ تي چڪ ۾ خيراتي اسپتال هلرائي .ورهاڱي کان پهرين چڪ ۾ هڪ هالڊفورڊ لائبريري ۽ 2 هندو پئنچائتي لائبرريون به قاائم ٿيل هيون .نه صرف اهو پر چڪ شهر ۾ ان وقت رام لال هريجن جي هڪ پرنٽنگ پريس به موجود هئي هن شهر ۾ الوحيد اخبار ۽ سنڌزميندار اخبارون به اينديون هيون ابو شوڪت حمزو خان الوحيد اخبار جو عيوضي رهيو ۽” خاطو“ جي نالي سان مذڪوره اخبار ۾ رپورٽنگ به ڪندو هيو .اڳتي هلي هن ”مزدور“ اخبار ڪڍي ۽ان جو ايڊيٽر رهيو جڏهن ته وڏيرو الهڏنو خان سيٺار جون الوحيد ۾ لکيل رپوٽون ۽ ڪالم پڻ شايع ٿينداهئا.ايئن کڻي چئجي ته اهي ٻئي شخص ورهاڱي کان اڳ چڪ شهر جا پهريان صحافي هيا. هي اهو شهر آهي جتي 1930 ۾ انگريزن خلاف هلچل عدم ادائگي ۾ ماڻهن ڀرپور حصو ورتو سول نافرماني تحريڪ دوران ديسي لوڻ ٺاهڻ ،کدر جو ڪپڙو اڻڻ ،هٿ جو ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪيو .چڪ شهر جي مُستي (مٺائي) پوري علائقي ۾ مشهور هئي .چڪ جا ما ڻهو سدائين سامراج دشمن رهيا .ڪوي تيجو مل ولد ورندرام ۽ ابو شوڪت حمزي ماڻهن ۾ سماجي اوڻاين خلاف بيداري آڻڻ لاءِ ڪافي شاعري ڪئي ان دوران ئي سيد عبدالعزيز شاهه بخاري به چڪ جو سٺو شاعر ٿي اڀريو جنهن جي شاعري ماڻهن برزبان ياد ڪئي جيڪا اڃان تائين ڳائي ٿي وڃي.جڏهن ته سچل سرمست جا مُريد سيد مٺل شاهه بُخاري قادن سيٺار ۽ ڪلاسيڪل موسيقي جا ماهرگويا خانصاحب قلندر بخش خان مغل ۽ سورداس به هن شهر جي سڃاڻپ هئا.
    چڪ شهر هڪ يگانو شهر رهيوآهي هي اهو شهر آهي جتي هندستان جي پهرين وزير اعظم جواهر لعل نهرو کي چڪ ڪانفرنس ۾ اچڻ تي چڪ جي هندو نوجوانن ڪنعيا لعل سان گڏجي ڏهن بندوقن جي سلامي ڏني هئي جنهن ڪانفرنس ۾ سائين جي ايم سيد به شرڪت ڪئي هئي (جتي مسجد اندر وضوءُ ڪندي سندس سوني گهڙي چورائجي وئي هئي بقول سائين جي ايم سيد جي ته ڪانفرنس ۾ ٻاهران آيل ڪنهن ماڻهوءَ لڪائي هئي) .ان کان علاوه چڪ ۾ جيڪي ٻيون شخصيتون آيون آهن انهن ۾ ڀولاڀائي ڊيسائي ،مولانا شوڪت علي ، مولانا عطاءُالله شاهه بخاري، مولانا تاج محمد امروٽي ،خواجه نظام الدين ، شهيد الله بخش سومرو، جان محمد خان جوڻيجو، مولانا محمد صديق ،سيد محبوب علي شاهه، فقير قادر بخش بيدل سائين، ڀڳت ڪنور رام ،غوث بخش بزنجو، اي ڪي بروهي ،شهيد مير مرتضي ڀٽو ،شاه محمود قريشي وغيرهه اچي وڃن ٿا.
    ورهاڱي کان پهريون چڪ سينيٽري ڪاميٽي ٿيو ته ان جا چيئرمين پهريون ڦندومل ٽوپڻ مل پوءِ روچلداس تلريجا ۽ محمد ارباب سيٺار بڻيا1960ع_12_01 ۾چڪ کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو جنهنجو پهريون چونڊيل چيئرمين سيٺ چندن مل ايسراڻي بڻيو ان کان سواءِ ، غلام حيدر سيٺار، محمد پارل سومرو ۽ ڀائو عبدالقادر خان سيٺار چيئرمين ٿيا.پرويز مشرف جي دور ۾ چڪ کي يونين ڪائونسل ڪيو ويو ته پهريون ناظم عبدالقادر خان جو وڏو پٽ راشد علي سيٺار اليڪشن کٽي ٿيو بعد ۾ وري عبدالقادر خان سيٺار پاڻ ناظم ٿيو جنهن بعد عبوري ناظم انجنيئر امر لعل تلريجا ٿيو.
    ٽائون چڪ ماضي ۾ سکرضلعي جي شاهوڪار ٽائون ڪاميٽي هيو هن جي ايتري ته سٺي بجيٽ هوندي هئي جو هن پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي قرض ڏنو جيئن اها پنهنجو وهنوار هلائي سگهي (جيڪو پنو عاقل ٽائون ڪاميٽي اڃا تائين واپس ناهي ڪيو) بحرحال چڪ شهر سياسي طور جمهوريت پسند ۽ بيدار ماڻهن جو شهر رهيو آهي.1946 جي اليڪشن ۾ چڪ شهر مان ڪانگريس پارٽي کي 66 سيڪڙو ووٽ پيا باقي پارٽين کي 44 سيڪڙو ووٽ مليا.چڪ ورهاڱي کانپوءِ مسلم ليگ ، پ پ پ، سنڌ آزاد ماروئڙا ۽ قوم پرست پارٽين جو ڳڙهه رهيو آهي .هتي سياسي سجاڳي جام هئڻ ڪري ضياءَ دور ۾ شڪارپور ضلعو بڻيو ته سياسي پنڊتن چڪ کي سکر کان ڪٽي لکي غلام شاهه تعلقي ۾ ملائي ڇڏيو جڏهن ته ان وقت لکي شهر جي آبادي چڪ کان بلڪل گهٽ هئي. چڪ ضياءَ دور ۾ ئي جيئي سنڌ مومينٽ جو ڳڙهه بڻيو ۽ ڪيتريون قومپرست پارٽيون وجود ۾ آيون ،هتان جي سياسي اڳواڻن تي ڪيترائي ڪيس ٿيا .پوليس جا ڇاپا لڳا۽ گرفتاريون ٿيون .سماجي طور چڪ ۾ انجمن فلاح بهبود، چڪ سوشل ويلفيئر ايسو سيئيشن ، چڪ سڌار سنگت ، ۽ چڪ شهري اتحاد پاڻ ملهايو.ادبي طور العزيز ادبي انجمن ، چڪ ادبي سنگت خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ سنڌي ادبي سنگت اڃان به خدمتون سر انجام ڏيندي پئي اچي. هن وقت به محترم محمد هارون چنو، غلام علي ”مٺل“ چنو، رشيد احمد سومرو، نذير سومرو، استاد راهي ، نذير”رمز“ سومرو، آزاد بُخاري، حاڪم مهر، حامي مهر، ٻالچند ايسراڻي، محمد حسين مهر،ثناءُالله سومرو، سارنگ منير سومرو، انور سومرو صابر سنڌي ۽ ٻيا نوجوان ، ادب ۽ شاعري جي مورچي تي ثابت قدمي سان بيٺل آهن ،پر پوءِ به آهستي آهستي ايئن لڳي پيو ڄڻ چڪ شهر جو اهو سياسي ،سماجي ،ادبي سفر سرد ٿيندو پيو وڃي.افسوس جو فيوڊل لارڊز جي مداخلت ، ان جاڳرتا جي سفر کي ماٺو ڪري وڌو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي نظرياتي ڪارڪن نسل پرستيءَ ۽ مذهبي جي سياست جي ورچڙهي ويا.پر پوءِ به اسين مايوس نه ٿيا آهيون چڪ جي نوجوانن جدوجهد جي جهنڊي کي پنهنجي هٿن مان اڃا ڪيرڻ ناهي ڏنو.


    عالم، عشاق ۽ سنتَ

    محمد شاهه مست جيلاني (اول)

    محمد شاهه مست جيلاني (اول)
    (جنم 1810 ع)

    سيد محمد شاهه مست ولد گلاب شاهه جيلاني هنباهه، چڪ ۾ جنم ورتو. هي ڪامل ولي ۽ بزرگ شخصيت ٿي گذريو آهي. ساڻس ڀٽائي گهوٽ جي ان وقت جي گادي نشين شير سائين جي عقيدت ۽ عشق هو. روايت آهي ته شير سائين کي محمد شاهه مست جي دعائن سان محمد جڙيل شاهه پٽ ڄائو هو. ڀٽائيءَ سان سندس اهڙي انسيت هئي جو سندس درگاهه کي ڀورڀٽ جو نالو مليل آهي. محمد شاهه مست کي هڪ پٽ نالي حبيب شاهه هو.
    محمد شاهه مست جو پوٽو مهدي شاهه ”گھوٽ“ گھوڙا پالڻ جو ۽ گھوڙن جي ريس جو شوق به رکندو هو ۽ هرسال مست جي ميلي جي موقعي تي هنباه جي پتڻ لڳ بچاءَ بند تي گهوڙن جي ريس ٿيندي هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان گھوڙن جا شوقين گھوڙي ڊوڙ ۾ پنهنجا ڀلا گھوڙا لاهيندا هئا، جنهن کي مهدي شاهه وڏي اوج تي پڄايو.
    روايت آهي ته هڪ دفعو ٻوڏ اچڻ جو خطرو وڌي ويو ته هنباه ڳوٺ ۾ ٽاڪوڙو متو، ماڻهن کي خوف ورائي ويو. محمد شاهه مست باهه جي مچ مان رک کڻي پوري ڳوٺ هنباهه جي چوگرد ڦري آيو ۽ ماڻهن کي چيو ته هاڻي هنباهه کي پاڻي نه ٻوڙيندوتوهان سڪون سان ويهو.
    سائين محمد شاهه مست جا ڌميا، ديدا، مهر، عطراڻي جتوئي ۽ ميربحر مريد هئا. ٻي روايت آهي ته انگريز پوليس کي ڪنهن ٻڌايو ته محمد شاهه مست جي درگاهه تي ڀنگ پوکيل آهي.( جيڪا ڪنڊي عطراڻي پوکي هئي) پوليس اچي محمد شاهه مست کي چيو ته توهان جي درگاهه تي ڀنگ پوکيل آهي، جيڪا قانوني ڏوهه آهي. مست کلي وراڻيو ته اها ڀنگ نه پر اِڪڙ گاهه آهي، مال جي کائڻ لاءِ پوکيو آهي. عملدارن کي يقين نه آيو ۽ سرزمين تي پهچي ڏٺائون ته واقعي اها ڀنگ نه پر اِڪڙ گاهه هيو، پوليس عملدارن محمد شاهه مست کان معافي ورتي، مست کين معافي ڏئي روانو ڪري ڇڏيو ۽ ڪنڊي عطراڻيءَ کي ڇنڊ پٽي ڀنگ پٽرائي ڇڏي. هن ڪڏهن به درگاهه تي ٻاهرين ۽ اوپري ماڻهوءَ کان ڪم نه ڪرايو. سندس چوڻ هو ته جيڪا شئي الله جي نالي تي اچي ته انکي سندس نالي تي ورهائي ڇڏيو. محمد شاهه مست جي مزار جي ڪتبي تي وفات جو سن 3 جنوري 1810ع لکيل آهي جيڪو راقم جي نظر ۾ جنم جو سالُ آهي ڇو ته راقم جي ڏاڏي جو ڏاڏو عبدالڪريم شاهه (اول) سائين محمد شاهه مست جو نه صرف همعصر هيو پر ساڻس ميل ملاقات به ڪندو هيو. جنهن جو جنم 1837ع آهي. تنهنڪري سائين محمد شاهه مست جي جنم جي تاريخ 3 جنوري 1810ع ته ٿي سگهي ٿي پر وفات جي تاريخ نٿي ٿي سگهي.
    سندس وفات کانپوءِ حبيب شاهه، مهدي شاه ۽ سيد نادر علي شاهه گادي سر ٿيا. نادر علي شاهه جيلاني(ٻيو) وڏي اثر رسوخ وارو گادي نشين هو، سندس دوستي سائين جي.ايم سيد ۽ ڀٽائيءَ جي گادي نشين سان هئي. محمد شاهه مست ۽ مهدي شاهه جون مزارون گڏوگڏ آهن. شاهه لطيف جي گادي نشين سيد محمد جڙيل شاهه جي نگرانيءَ ۾ مزارن مٿان گنبذ جوڙايو ويو جيڪو ابتر حالت ۾ ٿي ويو هو پر هاڻي. (نادر شاهه جيلاني ٽين) جي ڪوششن سان مزار اندر ڪم ڪرايو پيو وڃي سائين محمد شاهه مست جو ميلو 11،12،13 صفر1231 هجري تي هر سال ملهايو ويندو آهي.


    مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)

    مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)
    (1837- 1917 )

    مولوي عبدالڪريم شاهه عرف يعقوب علي شاهه ولد سيد گل شاهه بخاري سن 1837 ۾ چڪ شهر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد بزرگوار الله جو خاص ٻانهو ۽ درويش شخص هو، اکين کان نابين هو. جيڪو هن وقت پراڻي سکر ۾ بچاءَ بند ويجھو دفن ٿيل آهي. (چڪ کان پراڻي سکر لڏي ويو ۽ اتي ئي فوت ٿي ويو) پيرتوڏل شاهه لڳ کيس پير گل شاهه بخاري جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو.
    مولوي عبدالڪريم شاهه جي باري ۾ مولوي عبدالوهاب چاچڙ ايڊيٽر( ماهنامه شريعت سکر سال آڪٽوبر 1981 ) ۾ رقمطراز آهي ته
    ”مولوي عبدالڪريم شاهه 1285 هه جي لڳ ڀڳ چڪ ۾ پيدا ٿيا، سندس گھڻي تعليم سومراڻي شريف ۾ ٿي ۽ ڪجھه ڪتاب مولانا عبدالغفور همايوني وٽ به پڙهيا. پوءِ دارالعلوم ديوبند ۾ پڙهيا ۽ پوءِ مدينه عاليه هليا ويا، اتي ڪافي وقت پڙهائيندا رهيا. اتان موٽيا ته ڳڙهي تيغي ۾ ۽ غوثپور ۾ پڙهائيندا رهيا، سندس مريدن جو حلقو به اتي گھڻو آهي، پاڻ مولانا همايوني سان دست بيعت هئا. طبيعت خدمت خلق ۾ رچيل هئي. هندو هجي يا مسلمان، مرد هجي توڙي عورت جيڪو به چوندو سائين مولوي صاحب هي ڪم آهي؟ هلو! ته هليا ويندا هئا. پاڻ حڪمت جا به ماهر هئا، بيمارن جي گهر وڃي علاج ڪندا هئا، خدا پاڪ تي پوري توڪل هين. سندس پٽ مولوي غلام رسول شاهه زمين ورتي ته ان تي ناراض ٿيا ته توکي خدا تي ڀروسو ڪونهي. پاڻ راسخ العقيده سني هئا ۽ مسئلن ۾ مولانا همايونيءَ جا هم خيال هئا. 1365 هه اسي ورهيه جي عمر ۾ فوت ٿيا.“*
    مولوي عبدالوهاب چاچڙ ايڊيٽر ماهنامه شريعت سکر آڪٽوبر 1981 واري پرچي ۾ مولوي عبدالڪريم شاهه جي ڄمڻ ۽ وفات ٿيڻ جا سن غلط ڄاڻايا آهن ۽ مولوي صاحب جي والد جو نالو به نه ڏنو آهي. مولانا عبدالڪريم شاهه پاڻ پنهنجو نالوپنهنجي وڏي پوٽي تي رکيو هو، ڇو جو پاڻ بيمار هئا ۽ فرمايائون الائي ڪيتري عمر آهي، مان پنهنجو نالو هن ننڍڙي پوٽي تي رکان ٿو.سندس اهو پوٽو عبدالڪريم شاهه(ٻيو) پڻ مولوي ٿيو۽ اڳتي هلي سهڪجي درگاهه جي پيرشاه ۽ علي شاهه وارن جو طالب ٿيو ۽ انالحق جو نعرو هڻي پاڻ کي الله چوايائين. روهڙي جو ڪلاسيڪل راڳي جمن ڀٽ سندس مڪتب جو شاگرد هو. هي راقم (آزاد بُخاري) جو ڏاڏو هيو سندس وفات کان پوءِ راقم تي عبدالڪريم شاهه (ٽيون) نالو رکيو ويو.
    مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) چڪ جو پهريون عالم دين هو ۽ جامع مسجد چڪ جو پهريون پيش امام ۽ چڪ جو پهريون ليکڪ پڻ هو.
    مولوي صاحب حڪمت جو وڏو ماهر هو، حڪمت تي هڪڙو ڪتاب به لکيائين، جنهن جو قلمي نسخو سندس پوٽي حسن شاهه وٽ موجود آهي. فارسيءَ جو تمام گھڻو ڄاڻو هو. پاڻ فارسيءَ ۾ صرف ۽ نحو لکيائين انکان علاوه بيان العارفين فارسي مان عربيءَ ۾ ترجمو ڪيو اٿائين جيڪو سندس پوٽي ماستر مرحوم حسين شاهه جي گهر ۾ موجود آهي. پاڻ مولود چوندو ۽ لکندو هيو، مختلف فارسي گو شاعرن جي شاعري به مرتب ڪيائين، جنهن جو قلمي نسخو سندس پونئرن وٽ موجود آهي. سندس ٻه پٽ غلام رسول شاهه ۽ مولوي عبدالعزيز شاهه به سومراڻيءَ جي مدرسي مان پڙهيا ۽ مولانا همايونيءَ جا مريد ٿيا، اهي به راسخ العقيده سني هئا ۽ مسئلن ۾ مولانا همايونيءَ جا هم خيال هئا. مولوي غلام رسول شاهه فارسيءَ جو گرامر صرف ۽ نحو ۽ قرآن شريف هٿ سان لکيو جيڪو قلمي صورت ۾ سندس گھر ۾ محفوظ آهي. جڏهن ته مولوي عبدالعزيز شاهه هڪ سٺو صوفي شاعر هو، جنهن جي شاعري سندس پوين وٽ محفوظ آهي. مولوي غلام رسول شاهه 1933 ۾ وفات ڪئي، پٺيان ٽي پٽ مولوي عبدالڪريم شاهه (ٻيو)، حسين شاهه ، حسن شاهه ۽ هڪ نياڻي ڇڏي ويو.
    مولوي عبدالعزيز شاهه 1955 ۾ فوت ٿيو، کيس ٻه پٽ هئا سڪندر علي شاهه ۽ انور علي شاهه”روشن“ ( سڪندر علي شاهه سندس هوندي فوت ٿي ويو) جڏهن ته انور علي شاهه چڪ جو بهترين ڪلاسڪ گلوڪار ۽ شاعر هو.

    سيدگل شاهه بخاري
    !
    عبدالڪريم شاهه عرف يعقوب علي شاهه
    ! _________________ !
    غلام رسول شاهه عبدالعزيز شاهه
    ! _____________________________ !
    1 عبدالڪريم شاه ٰ2حسين شاه 3 حسن شاه 1 سڪندر شاه 2 انورعلي شاه













    (بيان العارفين عربي جو عڪس ۽ مولوي عبدالڪريم شاهه جا هٿ اکر)


    سوامي گنگارام

    سوامي گنگارام
    (1860-1949 )

    سوامي گنگارام پٽ شري ڀاونداس پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ شهر ۾ 22 جون 1860ع ۾ جنم ورتو. سندس ماتا جو نالو اڳڻ ٻائي هو، کيس ٻه ڀائر شري بيکچند ۽ شري سهجراءِ هئا، جيڪي زمينداري ۽ وڻج واپار جي ڌنڌي سان منسلڪ هئا، کين هڪ دڪان به هو جنهن تي سوامي گنگارام کي ننڍپڻ ۾ ئي ويهاريو ويو.
    ننڍي هوندي ئي هن جو لاڙو سنتن ۽ ساڌن ڏانهن هوندو هو جنهن ڪري ڌنڌي تي ايترو ڌيان نه ڏنائين. هي سادگي، سچائي، حليمائي، ڀڳتي، گيان ۽ اڪيچار گڻن جو مجسمو هو. عمر ۾ جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويو، نام جي راهه ۾ تيئن تيئن وڌيڪ وڌيو، کيس سدائين پرڀوءَ جي تات ۽ تنوار هوندي هئي.
    سوامي گنگارام والدين جي گهڻي زور ڀرڻ تي شادي ڪئي، نه ته سندس شادي ڪرڻ جو ڪو به خيال نه هو. هن صاحب انهن رسمي ٻنڌڻن کان آجو رهڻ پئي چاهيو، چڪ ڀرسان صرفو ڳوٺ مان هن جي شادي ڪرائي وئي، سندس گهر ڌياڻي(استري) جو نالو ڌرمي ٻائي هو، کيس ٽي پٽ ڄايا.
    هڪ دفعي بهاولپور جو سنت چانڊومل جو چڪ م اچڻ ٿيو، ان سان ملي کانئس اپديش وٺي سندس شش ٿيو. گروءَ جي سيوا ۽ سنگ ۾کيس رام جو رنگ لڳو. سندس اندرين اک کلي پئي، دنوي ڌنڌا داڙي ڇڏي تارڪ الدنيا ٿي ويو ۽ شرڌا ۽ لگن سان گروءَ جي شيوا ڪندو رهيو.
    کيس ڀائرن گھڻو ئي سمجهايو ته سنسار کان ايڏو ڪنارو چڱو ڪونهي، پر هن انهن جي هڪ به نه ٻڌي. بَڙَ جي مڪان ڏي اصغر واهه جي ڀر سان (هن وقت سيٺارن جي پاڙي ۾)هن سچکنڊ درٻار قائم ڪئي. ۽ انهيءَ درٻار ۾ پريمن کي نام جو امرت رس پياريو، هن مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڃي نام جو پرچار ڪيو، دکين دلين کي روحاني راحت ڏني، شرڌا وچان پريمي کيس سوامي گنگا رام ڪري سڏڻ لڳا ۽ سوامي جو اعزاز ۽ لقب عطا ڪيو.
    ڊاڪٽر ديال آشا پنهنجي ڪتاب“سنڌ جا سنت”۾ لکي ٿو ته ”سوامي گنگا رام سچا ساڌڪ هئا، ساڌڪ مان سنت ٿيا، ڀڳتي ساڌنا جي ڀت جو پنڌ ڪندي جيڪي ويچار هن جي من ۾ پيدا ٿيا، تن کي هن صاحب سلوڪن ۽ ڀڄنن جو روپ ۾ پيش ڪيو آهي“.*
    سوامي گنگا رام لاءِ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي پنهنجي ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ لکي ٿو ته ” چڱو شاعر هو، ڪيترو ئي شعر چيو اٿس. جو سلوڪن ، ڀڄنن، سه حرفين، 35 اکري، ڪافين، هفتي جي ڏينهن ۽ مهينن جي سلسلي وارن بيتن تي مشتمل آهي. سندس سکيا جو مطلب آهي ته پنهنجي دشمنن، يعني ڪام ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار کي ميٽي من کي صاف ڪري، نامي روپي امرت جو پيالو پيئڻ گھرجي، سندس ڪلام مضمون توڙي لفظن جي سلوڻائيءَ سوڌائيءَ جي ڪري نظم جو چڱو نمونو پيش ڪري ٿو“.**
    ”ڪوي سوامي گنگارام تمام بلند پايي جو شاعر هو، کيس لفظن جي وڍڪٽ ۽ لفظن جي جٽاءَ جي ڀلي ڀت پروڙ هئي. کيس شاعريءَ جي فن ۾ تمام سٺي مهارت حاصل هئي، سندس واڻي، غزل، ڪافيون، ڏوهيڙا، شبد، سلوڪ مشهور ٿيا، سندس شاعري صوفيانه رنگ ۾ رنگيل آهي. تنهنڪري هن کي سنت سوامي ڪوي ڪري سڏيندا هئا. سندس شاعريءَ تي سامي صاحب جو اثر نمايان نظر اچي ٿو.“**
    سوامي صاحب جا پويان لڏي وڃي هندستان ويٺا، تنهنڪري سندس شاعري هتي گهٽ ملي ٿي ، پر سندس نالي تي هڪ ننڍو مندر چڪ شهر ۾ رٽائرڊ ماستر ڪوڙي مل جي گھر ۾ اڃا به آهي ۽ سندس جواني جي هڪ تصوير به محفوظ آهي، چڪ جي سندس ششن ۾ ڪوي تيجو مل، ڀائي شون رام مست نڙائي، ڪشنچند نيوند رام، پهلاج راءِ وغيرهه هيا. انڊيا ۾ چترڀڄ موٽومل پرياڻي 1990 ۾ ”امرت واڻي“ نالي هڪ ڪتاب، ليکڪ ڪشنچند نيوندرام پرياڻي جو ڇپرايو جنهن ۾ سوامي گنگارام جي شاعري پڻ ڏنل آهي جيڪا راڳن جي سرن سر پرڀاتي، ڪوهياري ،آسا، سورٺ، سارنگ، حسيني، جوڳه، ڌناسري وغيرهه تي مشتمل آهي.
    سوامي گنگارام جي ڪجهه شاعري هيٺ نموني طور ڏجي ٿي.

    گروءَ کي آراڌنا
    ڇڏي سڀ ڌنڌو، لڳس تنهنجي ڌيان ۾،
    ڪرپا ڪري قلوب مان، ڪڍ سنسي جو سنڌو،
    غفلت جي غار ۾، متان ڪري ٿيان گندو،
    آهيان اصل انڌو، گنگارام ساوڌان ڪرتون سيگھه ۾.**

    سورٺو
    سائي وڏي ذات، جيڪو ڀڄن ڪري،
    ذات تي ناهي ڏات، گنگارام اهو غور ڪر. ***
    دوهو
    گنگارام دل صاف ڪر، صافين صاف ملندا،
    ڪم نه آون چترائيا، ڀرمين ڪيون پوندا

    بيت
    اٿي جاڳ مسافر جيئرا، ڪاڏي ويو پڻهي ماڻهي،
    ڏسي ٻن اکين سان، تون سمهندين پٽ تاڻي.

    اٿي جاڳ مسافر جيئرا، سمر سمر سک پاءِ،
    گيان وٺي گرديو کان، انتر جهاتي پاءِ.

    سواسن روپي سمرڻي ٺاهي، شبد ۾ سرت ملاءِ،
    سهجي سهج سڀاءِ، گنگارام ملين مالڪ سان.

    چکي بيحد بوند، عاشق اڏاڻا عرش۾،
    لاغرض لڳا لک ۾، مني سڀ فرمود،
    دريا ٽپي سمونڊ، گنگارام پار پيا.**
    شبد
    بنا ملي محبوب جي، روئڻ زارون زار
    سسئي کي سڪ پنهل جي، ڏاڍي برهه ڪئي بيزار

    زليخان يوسف لئي، ڇوڙ ديو گهر ٻار
    عاشق مجنون ليلان، سر جي نانهه سنڀار

    سهڻي گهري سير ۾، لڳس ميهر جي تنوار
    هيرمئي رانجهوءَ لئي، مائٽن جي نه ميار

    نوبت وڳي نينهن جي ،اچي عاشق پاڻ اجار
    بلوچوي برهه آهي اڻانگو، پل پل پري پچار***
    سوامي گنگا رام 40 سال پرچار ڪرڻ بعد 7 مئي1949ع تي هڪ ڏينهن اچانڪ پنهنجي شش شري ڪشنچند کي گھرائي چيائون ته پيارا اڄ اسان هن دنيا مان هلڻ وارا آهيون، ڪو به نه ڳوڙها ڳاڙي، ايئن چئي سکر هليا ويا ۽ غيب ۾ غائب ٿي ويا. ڪن جو چوڻ آهي ته سنڌو درياهه کي پاڻ ڏيئي ڇڏيائون، ڪن جو چوڻ آهي ته برمنهن ڪيائون. جڏهن ته سندس عمر89 ورهه هئي


    داتا فيض درياهه شاهه

    داتا فيض درياهه شاهه
    (1863-1907 )

    سيد فيض محمد شاهه عرف فيض درياهه شاهه ولد سيد پير شاهه جيلاني چڪ لڳ ڳوٺ هنباه (انباه) ۾ جنم ورتو ، هي ڳوٺ تعلقي لکي، ضلعي شڪارپور ۾ آهي جيڪو هاڻي چڪ شهر جو حصو ٿي ويو آهي. سندس ولادت 1280 هه مطابق 1863ع ۾ ٿي ۽ 11 شوال 1325هه مطابق 18 نومبر 1907ع بروز سومر وفات ڪيائين. سندس والد بزرگوار نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ شاهه نصير جو طالب هو. پاڻ به ان درگاهه تان فيض پرايائين، ظاهري تعليم سيد ڌنل شاهه کان حاصل ڪيائين جو پڻ نوشهري جي نقشبندي درگاهه جو طالب هو. استاد وٽ سنڌيءَ کانسواءِ فارسي به پڙهيو، فارسي ۾ شعر به چيو اٿس.
    پاڻ علم باطنيءَ ۾ مشغول رهيا اڪثر محويت ۽ استغراق جي حالت م رهڻ لڳا، ڪيتري عرصي کان بعد مجذوبيءَ جي حالت مان سالڪائيءَ ڏانهن وريا، ڪيترن ئي ماڻهن کي روحاني فيض سان مستفيض ڪيائون. ڪيترائي هندو توڙي مسلمان سندس مريد هئا. سندس خاص طالبن مان ميرل فقير، رکيل فقير، لونگ فقير، شيرل فقير۽ ٻين جا نالا قابل ذڪر آهن.
    پنهنجي شعر ۾ “ميرل” تخلص ڏنو اٿن، در حقيقت ميرل سندن خاص طالب هو ۽ محبت جو مرڪز به هو، مرشد طالب کي اظهار ڪيو آهي ۽ طالب ۾ سمائجي ويو آهي. ”داتا فيض درياهه جو ڪلام سچل ۽ بيدل جي تتبع ۾ رندي ۽ سرمستيءَ جو ترجمان آهي. هي پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ انالحق ۽ همه اوست جي ساک ڀري ٿو، سندس ڪلام ۾ صوفياڻو رنگ ۽ رندي رمز سمايل آهي. هو پنهنجو پاڻ سڃاڻي کلم کلا انالحق جو آواز بلند ڪري ٿو. هڪ ڪافيءَ ۾ اهو مضمون هن طرح آندو اٿس.
    انالحق جو نعرو، عاشق هڻ همت سان،
    موتو قبل ا لانت موتوا، مٿي تري اوڀارو،
    لااله الالله ڪري، ڪر وجودان ويسارو،

    من خدايم من خدايم، عاشق ڪري اشارو،
    سبحاني ما اعظم شاني، بحر وٺي بقا وارو،
    ماڳ مئخاني ۾ ميرل سائين، اڏي ويهه نيڻين اوتارو.*

    ”هيٺين ڪافيءَ ۾ انالحق جو نعرو هن طرح بيان ڪيو اٿس.
    انالحق جو ماريان نعرو،
    اڳي ڪيان ٿو پڙلاءُ
    هن دن رين کئون،
    رمان ٿو وري راهه ازلي،
    اڳي ڪيان ٿو لقاءُ،
    قرب قونين کئون.*

    ”زبان جي لحاظ کان ڏسبو ته سندس ڪلام ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي صوفيانه اصطلاحن سان گڏ ويدانت جي هندي اصطلاحن جو حسين امتزاج نظر ايندو. هندي لفظن ۽ اصطلاحن کان سواءِ سنڌي شعر ۾ سرائڪي لفظ ۽ ترڪيبون استعمال ڪيون اٿس.سندس ڪافيون رس رچاءُ ۽ روانيءَ کان خالي نه آهن. آخر ۾ سندس هڪ ڪافي ڏجي ٿي جيڪا گھڻي مشهور آهي، ڇاڪاڻ جو منجهس رس ۽ رچاءُ گھڻو آهي، منجهس رنگيني ۽ رواني آهي ۽ تجنيس حرفيءَ جو سهڻو استعمال به ٿيل آهي. ٽيڪنڪ جي خيال کان وائيءَ جي فن موجب آهي“***

    لنو لنو ۾ لوري لائي ويا،
    جانب جوت جاڳائي ويا،

    ونحن اقرب ويجھڙو،
    برهين بات بتائي ويا،

    مرليون سرليون ناد نفيلا،
    ويراڳي ته وڄائي ويا،

    پاڻ پيهي ويا پورب ۾،
    لاحد خيال لڏائي ويا،

    فيض شاهه سائين فيض رسايو،
    ناچو نينهن نچائي ويا،

    ”ميرل“ مون ماريچن،
    گهورن سان دل گھائي ويا.***

    ”فيض درياهه شاهه پنهنجي وقت جي مختلف عالمن فقيرن سان ملاقاتون ڪيون، مختلف درگاهن تي به ويو، جتي هن فيض پرائڻ جي ڪوشش ڪئي. جن سان هن رهاڻيون ڪيون، تن ۾ فقير خوش خير محمد هيسباڻي (1809 کان 1877ع) ۽ فقير موهن آهوجا (1845 کان 1865ع) نالا قابل ذڪر آهن.هن پنهنجي وڏي ڀاءُ وٽان قرآن پاڪ ناظره پورو ڪيو. سيد صاحب جو ڪلام ججھو آهي، جيڪو سچل سرمست درازي ۽ بيدل روهڙائيءَ جي تتبع تي رندي ۽ سرمستيءَ جي ڀرپور ترجماني ڪري ٿو. جيڪو ”همه اوست“ ۽ ” انالحق “ جي ساک ڀري ٿو. سخن جي سلسلي ۾ سندس ڪافيون ، جھولڻا، بيت ۽ مولود ملن ٿا. جيڪي سنڌي زبان کانسواءِ فارسيءَ ۽ سرائيڪيءَ ۾پڻ قلمبند ٿيل آهن.” زليخان سر“ ۾ 73 مصرعن تي مشتمل طويل فراق نامو به آهي، جيڪو حالانڪه عروضي اعتبار کان پورو نه آهي، تاهم ٻوليءَ جي لحاظ کان نهايت ئي سپت ۽ سوادي معلوم ٿئي ٿو.......................سيد صاحب سچ پچ فيض جو درياه هو، سندس هندو خواه مسلمان طالبن ۽ عقيدتمندن جو ڳاڻيٽو به ججهو آهي.“*
    ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پنهنجي تصنيف ڪيل ڪتاب تذڪره شعراءِ سکر ۾ فيض درياه جي ولادت جو سال 1280هه ڄاڻايو آهي، مگر عيسوي سن وغيره ڪون ڏنو آهي ۽ پروفيسر ميمڻ عبدالغفورسنڌي صاحب پنهنجي ڪتاب “عظيم سنڌي انسان”۾ 1279هه ولادت جو سال ڄاڻايو آهي. انهن ٻنهي مصنفن جي لکڻين ۾ هڪ سال جو تضاد نظر اچي ٿو ، پر ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌيءَ جي ڏنل سن کي صحيح سمجهي ٿو. استاد ارباب علي مخمور جي ترتيب ڏنل داتا فيض درياه جي بياض سان ڀيٽ ڪجي ٿي جيڪو قربان علي خاصخيليءَ جو درست ٿيل هو.ته ان بياض مطابق 1280هه ولادت جو سن ڄاڻايل آهي، جيڪو صحيح سمجھڻ گھرجي. هتي هڪ ڪافي ڏجي ٿي جيڪا وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي آهي.
    مٿــــــي اڏاڻـــــــــــــــو بــــــــــاز،
    ڪپي ڪپي مرادان ڪلئي،

    اچـــــي اندر مئـــــون پيدا ٿيو،
    انــــــــــالحق جــــــــــو آواز،

    ثـــــابت نينهن نفـــــي ڪيو،
    ســـــڙيو هئـــــڻ جو ســـــاز،

    بيخـــــود جـــــي بحـــــر ۾،
    شـــــوق ٿيــــــــــو شهبـــــاز،

    ”ميـــــرل“ هـــــن مسڪين تي،
    ٿيــــــــــو الاهـــــــــــــــي راز.*

    هتي هڪ سر شام ڪلياڻ مان ڪافي ڏجي ٿي، جيڪا پڻ وائيءَ جي ٽيڪنڪ تي ٻڌل آهي.
    عاشق پنهنجي خيال کي،
    مٿي عرش اماڻيون اماڻ،

    فاذ ڪروني اذڪر ڪم،
    روح وحدت ۾ ورڻيون واڻ،

    موتوءَ واريءَ موج ۾،
    همٿ ڪر ڪا هاڻ،

    هوالحق انالحق چئي ڪري،
    ره اصل جي اهڃاڻ،

    اناالله يا مرکم چئي،
    پاڻ نه آڏو آڻ،

    روايت ربي بعين ربي،
    ڪانهي توکي ڪاڻ،

    اذاتم الفقر هو الله،
    وٺ تسبيح صفائي کاڻ،

    هو الا ولون ڪما هو في الازل،
    ريجھي ڪر تون رهاڻ،

    يهدالله بنوره من يشاءُ،
    وڃي موج الاهي ماڻ،

    سر سري آن ساڳيو ئي،
    “ميرل” طرف ميخاني تاڻ.*

    نوٽ: داتا جو رسالو سنڌي ادبي بورڊ، شاهه عبداللطيف لائبريري چڪ ۽ مهدي شاه فياضي وٽ قلمي رسالي طور محفوظ آهي.جڏهن ته صوفي عبدالغني اياز ڀٽي سندس بياض”قلندري خِطاب“ ڇپرائي پڌرو ڪيو.


    سيد عبدالعزيز شاهه

    سيد عبدالعزيز شاهه
    (1883ع-1953ع)

    سيد عبدالعزيز شاهه ولد عبدالڪريم شاهه (اول) ولد سيد گل شاهه بخاري چڪ جي اهلبيت جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏي جا وڏڙا ڳوٺ دڙي ۽ بعد ۾ پراڻي سکرمان لڏي اچي چڪ ۾ آباد ٿيا. مولوي عبدالعزيز شاهه مولوي عبدالڪريم شاهه (اول)جو ٻيون نمبر فرزند هو ۽ سندس جنم مدينه منور ۾ 1883ع ڌاري ٿيو. جڏهن هي ٻارنهن ورهين جو ٿيو ته سندس والد چڪ م موٽي آيو. مولوي صاحب جو والد بمبئي جي دارالعلوم ديوبند ۾ به معلم ٿيو۽ اتان مدينه منور ويو. جتي ٻه حج ڪيائين ۽ هڪڙي مديني جي رهاڪو جي ڌيءَ سان ٻي شادي به ڪيائين. جنهن مان هڪ نياڻي جي اولاد ٿيس، مولوي عبدالعزيز شاهه سندس پهرين گھر واري مان هو. مولوي عبدالعزيز شاهه پنهنجي والد جي رحلت کانپوءِ پنهنجي ڀاءُ سيد غلام رسول شاهه جي نگرانيءَ م مدرسه سومراڻي شريف ڪنزالعلوم ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم ورتي، اتي معلم به رهيو . ۽ٽيهن سالن جي عمر ۾ اتان نڪتو ۽ بنگل ديري ضلعي لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ تعليم مڪمل ڪري دستاربند ڪيائين.
    اتان واپس وري پنهنجي شهر چڪ جي جامع مسجد ۾ مدرسو کوليائين ۽ مسجد جو پيش امام پڻ ٿي رهيو. اٺن ورهين جي درس و تدريس کانپوءِ مدرسو ڇڏي پنهنجي گھر ۾ گوشه نشين ٿيو.
    پاڻ علم ابجد جو ڄاڻو هو، جنهن جي سکڻ لاءِ پري پري جا ماڻهو ڪهي ايندا هئس. کيس خيرپور جي هڪ ٽالپرسندس علميت جي مڃتا طور زمين پڻ ڏني.
    انکان علاوه سيد عبدالعزيز شاهه هڪ وحدانيتي ۽ صوفي شاعر به هو، سندس تصنيفات مان شاعريءَ جو بياض پڻ مليو آهي. باقي تصنيفن جي پروڙ نٿي پوي ته ڪيڏانهن ويون. ڇاڪاڻ ته سندس پوٽن کي ايتري سرت ئي نه هئي جو سندس قلمي نسخا سنڀالي رکن.
    ”سندس لکڻيءَ ۾ زبردستي رواني هئي، پر افسوس جو سندس شاعري کان علاوه ٻي ڪا به ڪاوش اسان تائين پهچي نه سگھي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڪافيون، ڏوهيڙا، نعتون، مولود، غزل، مثنوي ۽ مناقبا چيل آهن. سندس هڪ ڪتاب جو نالو مليو آهي، اهو آهي “علم ابجد جا اصول”، جنهن م علم ابجد تي روشني وڌل هئي. جيڪو به گم آهي. پوين وٽ به سواءِ شاعري واري بياض جي ٻيو ڪجهه به موجود نه آهي، باقي سندس خط ۽ ٻيون تحريرون هيون ۽ خطن جا جواب لکيل هئا، جيڪي ان وقت جي علمائن ڏانهن لکيل هئا. اهي سڀئي پوين تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيا. ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو سندس نچويل نور مان اڄ ڪو به مستفيض ٿي نٿو سگھي.“*
    مولوي صاحب جي شاعري ٽن زبانن سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسيءَ ۾ ملي آهي. شروع شروع ۾ هن مولود لکيا، پر پوءِ جلد ئي سندس خيالن ۾ بنيادي تبديلي آئي ۽ شاعريءَ تان مذهبي فرقي پرستي جو رنگ کڄندو ويو ۽ صوفيت وارو رنگ چڙهندو ويو.
    مولوي صاحب 1372هه مطابق 1953ع ۾ وفات ڪري ويو. پنهنجي پويان هڪ پٽ ڇڏي ويو، سندس مزار چڪ شهر ۾ سندس ذاتي پلاٽ ۾ آهي .جنهن جي ڀرسان بعد ۾ جانورن جي اسپتال ٺاهي وئي. کيس ٻه پٽ هئا، پهريون پٽ سيد سڪندر علي شاهه سندس هوندي ئي گذاري ويو، ٻئي پٽ جو نالو انور علي شاهه هو جيڪو پنهنجي وقت جو بهترين ڪلاسيڪل گلوڪار ۽ شاعر هو، کيس تمام وسيع مطالعو هو، شاعريءَ جا وڍ ڪٽ، اصولن، پابندين کان پوري طرح واقف هو. سندس شاعري وقت جي سٺن شاعرن جي صف ۾ ليکي وڃي ٿي. 07 جولاءِ 1975ع ۾ سندس نالي پٺيان چڪ شهر جي نوجوانن العزيز ادبي انجمن قائم ڪئي هئي، جيڪا اڳتي هلي بند ٿي وئي ۽ چڪ ادبي سنگت ۾ ضم ٿي وئي.
    مولوي عبدالعزيز شاهه همايوني واري بزرگ مولانا عبدالغفور همايوني صاحب جو طالب هو ۽ ان جي ئي خيالن جو پيروڪار هو. سندس همعصر ۽ صحبتي شاعرن ۾ سوامي گنگارام، داتا فيض درياه، داتا ولايت شاهه ۽ ڪامريڊ ابو شوڪت حمزو وغيره اچي وڃن ٿا. هيٺ سندس سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعري نموني طور ڏجي ٿي.

    گهونگهٽ مار مصلي ٻهندي
    وچ مسجد ملان قاضي،

    علم ابليسي شر شيطاني،
    ظاهر نيڪ نمازي،

    انا مرون الناس بالبر وتنسون انفسڪم
    يارو ويکو طلسم بازي،

    نئوماني نمرود، وهابي رکندي
    نال نبي دي ناسازي،

    نال علي دي ٻچڙي
    انهان ڪيتي دست درازي

    مردود ايهو مرواني ٽولو
    گمهراه سڏاون غازي

    “عبدالعزيز” انهان نون ڇوڙين تي
    منهن موڙين رب هو سئي هردم راضي.*

    بيت
    آتڻ جن اجاريو، سگھڙان سي سڏجن،
    ميڙي مير محمد جي، منڌان سي مرڪن،
    جنت ۾ جرڪن، ائٽ تنين جا اجرا.

    ڪوڙين ڪتين نه پاءُ، تون سير ٻڌائين سڀ کي،
    اٿئين نه اسر ويل جو، توکي سمهڻ ڏنو ساءُ،
    سڀني سرتين کان اڳي، اٿي آتڻ تون آءُ،
    متان وٺي وڃي واءُ، انهيءَ آرس عبدالعزيز چئي.

    ويٺي چرخو چور، تون ابرو عجيبن جو،
    سنهو ٿلهو سفرو، سڳڙو ويٺي سور،
    متان ڇنين ڏور، ته توکي آتڻ اچڻ نه ڏي،*

    *

    ڪيئن باب ب ت جو پڙهن جيڪي محدث عشق جا،
    هوحق پڙهيل آهن اصل هي ٿو پڙهيل رنج رشڪ جا.

    توحيد جي تختي پڙهي، جن الف کي اثبات ڪيو،
    سي وري ڪاڏنهن سکيا، ڦيريون، ڦڏا،ڦند فشق جا.

    عارفن ۽ آخوندن جي وچ، وڏو آهي فرق،
    توڙي گلابي گل چون، ڪاڏي مراتب مشڪ جا.

    ساقي هٿان ساغر پيتو، جنهن، اهل دل ”عبدالعزيز“،
    سي وري ڪاڏهن پين ڪامل پيالا ڪشڪ جا.*

    غزل (فارسي)
    هزار داستان بگويدز داستان شما،
    هزار حلقه بگو شئه بر آستان شما

    مليڪ ملڪ گدايان شهنشاهه دهر،
    عميم نعمت پرورده خاندان شما.

    لئولاڪ لما تاج بفرڪي توچه زيبا،
    باد احزاب خوار زار حاسدان شما.

    شادمان گشت ولي مان ازغم شد آزاد،
    سلام داد چو ديروز قاصدان شما.

    ”عبدالعزيز“ عاشق ناچيز ناتوانا،
    صدها بلال چون اويس عاشقان شما.**


    سوامي شانتي پرڪاش

    سوامي شانتي پرڪاش
    (1907ع-1992ع)

    سنت سوامي شانتي پرڪاش مهراج پٽ شري آسودي مل پهوجا سن 1907ع ڌاري چڪ ضلعو (سکر) شڪارپو ۾ جنميو. سوامي صاحب اسڪولي تعليم صرف ٽي درجا حاصل ڪئي، ٻارهن سالن جي عمر ۾ کيس وڏي ماتا نڪتي جنهن جي ڪري سندس اکين جي روشني غائب ٿي وئي، کيس سندس پتا سنت هرچورام وٽ وٺي ويو ته جيئن سنت سندس پٽ کي نور بخشي.
    ” هن هڪ ڏينهن شري آسودي مل کي چيو ته بابا تنهنجي هن فرزند کي اندرين روشني ملندي، اهو وڏو ٿي تمام وڏو سنت ٿيندو ۽ هزارن کي روشني ڏيندو. هن ٻاهريون اکيون وڃايون آهن ته تون چنتا نه ڪر، توکي وهنوار جي خيال کان ٻيو فرزند ٿيندو.“*
    سوامي سروانند مهاراج کانپوءِ هن سنت کي سوامي ٽينئون رام جي گادي تي ويهاريو ويو. سوامي جن ۾ عجيب پيار ۽ نوڙت هئي، منجهس منقناطيسي ڇڪ هئي، سندس مهمان نوازي ۽ محبت بينظير هئي. 1923ع ۾ رڪ، چڪ ۽ لاڙڪاڻي طرف ٻوڏون آيون هيون ته سوامي صاحب ٻوڏين جي سهائتا لاءِ هڪدم ان طرف ويا ۽ ماڻهن جي جاني مالي مدد ڪيائون.
    ”سوامي شانتي پرڪاش مهراج نه صرف مهان سنت آهن، پر اوچ ڪوٽيءَ جا اپديشڪ ۽ مهان ڪوي به آهن. سوامي جن سنڌي ۽ هندي ٻولي ۾ ڪاويه رچنا ڪئي آهي. ڀارتي راڳ راڳڻين جي آچار تي سوين ڀڄن لکيا آهن. ڀڄن بهار پستڪ م سندس 312 ڀڄن سنگرهه ٿيل آهن. انهن ڀڄنن ۾ شانت رس پرڌان آهي، رواني آهي، ماڌريه آهي، سرل ۽ مٺي ڀاشا جو پريوگ ٿيل آهي.“*
    ”ڀڄن بهار“ کان علاوهه” ڀڄن ڦلواڙي“ ”ڀڄن واٽڪا“ ۽ ”ڀڄن سڌا“ سندس قابل ذڪر پستڪ آهن. سنڌ جا سنت ۽ سنڌي سنت ڪاويه وويچن ۾ ڊاڪٽر ديال آشا، سوامي صاحب جي باري ۾ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. شاعري ۾ تخلص، پنهنجي مرشد جو نالو “ ٽيئون” ڏيندو هيو .
    هيٺ سندس ڪجهه شاعري نموني طور ڏجي ٿي.

    سڳنڌي جيئن گلن ۾،
    ميٺاج ٿئي شڪر ۾،

    آنند ٿئين ته تو ۾،
    تن مان تون ٽٽولج.

    آنند اٿئي اندر ۾،
    ٻاهر وڃي نه ڳولهج،

    ناحق جھنگن جرن ۾،
    پنهنجو پاڻ ڪين رولج.*




    ڀڄن
    ڀلوڪر ڀلوڪر ڀلوڪر ڀلو،
    سڀن جو سدا تون ڀلو ڪرڀلو.

    ڀلي جي ڪرڻ سان ڀلو ئي ٿئي،
    ملڪ پڻ نيڪيءَ جا ڀري ڍڪ پيئي.

    ڀلائي اجائي وڃي نا ڪيل،
    اچي سا ته ڪم ۾ مصيبت مهل.

    ڪئي، چور، شينهن سان ڀلائي ٿئي،
    پشونءَ ڀي ڀلائي، ڀلائي نه ٿئي.

    ڪهي” ٽيئون “جيسين تون جيئرو رهين،
    ڪندو رهه ڀلائي، ڀلو جي چاهين.**

    سوامي شانتي پرڪاش هزارن جي راهه روشن ڪري ويو. هي مها ڪرم يوگي سنت هو. پر سماج سڌارڪ به هويو. هن ڏيتي ليتي جي مرض، شراب، طلاق ۽ ٻين براين خلاف پنهنجي پريمين کي سمجھايو. هن ٽيئون رام آشرم سنڌو نگر 5 ۾ سنڌي سنت ڪانفرنس، سماج سيوڪ ڪانفرنس، عورتن جي ڪانفرنس ۽ شاگردن جون ڪانفرنسون ڪرايون ۽ وقت به وقت مختلف شهرن ۾ ميڊيڪل ڪئمپس پڻ لڳرايون. سماج سنڌ هند ۽ ٻين ملڪن ۾ سندس هزارين مريد آهن، جن کي اشڪبار اکين سان 15 آگسٽ 1992ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس اباڻي جاءِ اڄ به چڪ ۾ اصل حالت ۾ آهي، جيڪا چڪ جي حڪيم رامچند جي اسپتال جي ڀر ۾آهي هينئر اهو سيد هدايت شاهه جو گهر آهي. جتي هرسال سندس مريد اچي پوڄا پاٺ ڪندا آهن.سندس عُمر 85 ورهيه هُئي.


    داتا ولايت شاهه

    داتا ولايت شاهه
    (1911ع-1982ع)

    داتا ولايت شاهه ولد بگن شاهه لال (اول) پنهنجي آبائي ڳوٺ هنباهه لڳ چڪ شهر ۾ 2 جمادالاول 1329هه مطابق 2مئي 1911ع اڱاري ڏينهن جنم ورتو. هن شروعاتي تعليم پنهنجي والد بزرگوار کان ورتي. داتا ولايت علي شاهه شڪل صورت جا تمام سهڻا، قدآور ۽ سڌي ۽ سروڪاٺي پيشاني ويڪري ۽ ٻهڪندڙ، منهن تي هلڪي ماتا جا نشان، منهن جي کٻي پاسي ڦڙو هئس. مٿي جا وار ڊگھا هئس، گيڙو ۽ سائي دستار ٻڌندو هو. پاڻ سموري هند، سنڌ گھميو۽ سنڌ توڙي هند جي مشهور درگاهن تي وڃي فيض ورتائين. هي هميشه سفر ۾ رهندو هو، انڪري کيس داتا سيلاني فقير به ڪري سڏيندا هئا.
    هن اناالحق جو کلم کلا نعرو هنيو ۽ صوفيت واريون سموريون منزلون طئه ڪيائين ۽ دور دور تائين سندس عشقيه آواز پکڙجي ويو، سندس شاعريءَ ۾ همه اوست جو رنگ رچيل آهي. سندس شاعريءَ جو بياض درگاهه تي موجود آهي، جنهن ۾ موسيقي جي سرن تي ترتيب ڏنل ڪافيون ۽ بيت چيا آهن.
    ”سندس شاعريءَ ۾ رواني ۽ چاشني آهي، همه اوست جي پرچار ڪندڙ آواز آهي، تجنيس حرفي نهايت شاندار نموني ٿيل آهي. هر مصرع ۾ تجنيس حرفي ڪمال جي درجي تي پهتل آهي. لفظن جو ذخيرو تمام گھڻو آهي، سندس رسالي ۾ ڪيترائي نوان نوان لفظ ۽ اصطلاح سمايل آهن. سندس رسالو 373 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ 389 ڪافيون ۽ بيت سمايل آهن، فني ۽ فڪري لحاظ کان تمام شاندار ۽ شاهوڪار آهي.“*
    سندس باري ۾ صوفي فقير قربان علي خاصخيلي ڪتاب انباهه ۾ آڙاهه جي مقدمي ۾ لکي ٿو ته؛ سائين داتا ولايت علي شاهه کي موجودهه سجادهه نشين داتا شاهه بگن تولد ٿيا ته پاڻ فقير ويس پائي ٻاهر روانا ٿيا، پاڻ فرمايائون.

    تنهنجي خاطر ڦران دردر،
    گداگر ٿي گھمان گھرگھر،

    فراق ۾ ڦران ٿو،
    ڦيريدار جي نموني،

    دردر ڪريان گدائي،
    پينار جي نموني.**

    داتا جي شاعرءَ ۾ صوفيت جو رنگ نمايا طور نظر اچي ٿو، هيٺ سندس ڪلام نموني طور ڏجي ٿو؛
    مرشد مونکي مام ڏني،
    ته رهه اصل جي اهڃاڻ،

    ان الله يا مرڪم چئي،
    تون پاڻ نه آڏو آڻ،

    ”شاهه ولايت“ عاشق صادق،
    تون موج محبت ماڻ،

    صوفي سر سڃاڻ،
    ته درشن پسين دلبر جو.*

    ٽڪرو ڪافي (ڀيروي)
    تون آن باغ حسن جو گل گل گل،
    اسان واس وٺڻ لئي بُلبل بل

    منهن مهتابي رنگ گلابي،
    نرگس نين سدا نيم خوابي.
    قوس ڪمان منجهان محرابي،
    ٿيو حسن تنهنجي جو هُل هُل هُل.

    درعدن دندان دلبر،
    لب لعلان مثل ٿيا ظاهر،
    وار واسينگ جان ڪن ور ور،
    اتي ڪل پوندءِته ڪل ڪل ڪل**

    ڪافي (ڪوهياري)
    رکي رمز روحاني رايو،
    بن صورت آدم آيا،

    الست بربڪم قالو بلا،
    قول قديمي قائم قل هو الله،
    ساجن سڀ ۾ سمايا.

    ونحن اقرب واعدو پاڙي،
    جسمڪ جسمي جايون جوڙي،
    وستي ويران وسايا.

    حالت الآدم صورت اعليٰ،
    ويس وصالي وجه الله،
    القاب انساني پايا.

    ظاهر ذات ظهورو ذاتي،
    عشق انالحق ٿيو اثباتي،
    دلبر دير الايا.

    شوق شاهانا ”شاهه ولايت“،
    عشق اسان وٽ آيو امانت،
    رهبر رنگ رچايا.*

    داتا پنهنجي زندگيءَ جو آخري وقت پنهنجي ڳوٺ ۾ گذاريو، جتي 20 جمادالاول 1402هه مطابق 17 مارچ 1982ع ۾ اربع ڏينهن71 ورهيه ڄمار پوري ڪري وڃي ابدي آرامي ٿيو. سندس صحبتي ۽ همعصر مولوي عبدالعزيز شاهه، انور علي شاهه بخاري ،سردار شاهه لڪياري ۽ ابو شوڪت حمزو هئا.
    سندس 100 کن ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل هڪ ڪتاب “انباهه ۾ آڙاه”(سنڌي ڪلام) مهدي شاهه فياضي ترتيب ڏيئي 1990ع ۾ ڊکڻ ضلعي شڪارپور مان ڇپائي پڌرو. ٻيو ڪتاب “ڍولا ماهي آ” (سرائڪي ڪلام )عبدالغني“ اياز” ڀٽي ڇپائي پڌرو ڪيو.


    سيد بگن شاهه جيلاني

    سيد بگن شاهه جيلاني
    (1937-2004ع)

    سيد پير محمد شاهه عرف سيد بگن شاهه جيلاني پنهنجي آبائي ڳوٺ هنباهه (چڪ) ۾ داتا ولايت علي شاهه جي گھر ۾ 1937ع ڌاري جنم ورتو. هن سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ ئي پرائي. ننڍپڻ کان تصوف ۽ فقيري رنگ واري ماحول ۾ سندس پرورش ٿي، سندس والد داتا ولايت علي شاهه کيس ٻارهن سالن جي عمر ۾ طالب بڻائي فيض درياهي درگاهه جو مالڪ بنائي فيض عام جو اختيار ڏئي سير سفر تي روانا ٿيو.
    پاڻ سدائين سادا ڪپڙا پائيندا هئا، گيڙو رنگ ۾ رنڱيل منهن مهتابي هين، منڊيون ڳانا پائي ويهندا هئا ته سندس فقيرن جي دل ٺري پوندي هئي. سندس وقت ۾ فياضي بنگلو ۽ درگاهه ٻه ڀيرا جڙي راس ٿيو. کيس ٻه نرينه اولاد آهن. داتا جان محمد شاهه ۽ ڪامل شاهه جيلاني . داتا بگن شاهه جي شاعريءَ ۾ ڪافيون، قصيدا، مداحون، نعتون ۽ ڏوهيڙا وغيره اچي وڃن ٿا. داتا جي شاعري برصغير ۾ موجود فقير اڪثر سنگ جي صورت ۾ ڳائيندا آهن. سندس مشهور ڪافي ” سينو اوهان سان ڪهڙو ساهيون “ ماريا بلوچ مختلف ٽي.وي چينلن تي ڳائي چڪي آهي.
    داتا کان پهريان فياضي درگاهه تصوف ۾ شاهه نصير جي فڪر همه اوست ۽ اناالحق واري سلسلي سان سلهاڙيل هئي، پر داتا بگن شاهه شيخ عبدالقادر جيلانيءَ کي محبوب سبحاني چئي ان سان نسبي رشتو جوڙي پاڻ کي قادري سلسلي سان ڳنڍي ڇڏيو.هن سلسلي جا اڪثر پيروڪار ننڍي کنڊ ۾ بريلوي مسلڪ ڏي لاڙو رکندا آهن،تنهنڪري داتا بگن شاهه جو قادري طريقي سان ڳنڍجڻ سبب درگاهه جو خانقاهي صوفي طريقي ڏانهن لاڙو وڌندو پيو وڃي.
    هت داتا بگن شاهه جي شاعري مان ٻه ڪافيون نموني طور ڏجن ٿيون.
    ڪافي
    سينو اوهان سان ،ڪهڙو ساهيون،
    جيئن سمجهو، اسان ائين آهيون.

    لکين عيب آهن اسان ۾،
    لڪ توکان ڪهڙا لڪايون

    سورن سهڻ جي ناهي طاَقت،
    تنهنجي آڏو اسان ڇا آهيون.

    ڇڏيندس ڪين در تنهنجو،
    ڳچيءَ ۾ پاند ٿا پايون.

    ڌڪاريندين جي تون مون کي
    ته به توڏي ٿا ڪاهيون.

    سدائين ساهه توکي ساري
    ڳڻ تنهجا ويٺا ڳايون

    پرين پرچي ،ڪيو پنهنجو
    اميدان ڪيئن ،ڀلا لاهيون.

    ”بگن شاهه“ چئي بي نيازيءَ جون
    تنهنجون وات آهن وايون*

    ڪافي

    رخ ڪعبو منور ماهه آهي، اها صورت عين الله آهي

    هيڪڙائيءَ ۾اسان حاضر آهيون،ٻيائيءَ وارن کان ٻاهر آهيون،
    دم اناالحق اظهار آهيون، صوفي صاف ڏسڻ جي صلاح آهي.

    گمراهن کان آهي پاسي رب ، محبت ۾ اٿئي سڀ مطلب ،
    سمجهه ويجهو يار ونحن اقرب ،ايئن سائين ساهه پساهه آهي.

    مذهب سارو مونجهارو ٿي، نڪري تنهن کان نيارو ٿي
    انهيءَ قيد کي ڇڏ اشارو ٿي، سارو سر سبحان الله آهي.

    حق موجود سدائين ڄاڻي ٿو، پو ڪنهن تي ڪاوڙ آڻي ٿو
    اها موج الاهي ڇو نه ماڻين ٿو، ڏس ڪيئن بگن بادشاهه آهي.*

    سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”عشق ڪيو آباد“ سندس درگاهه جي طالب فقير استاد عبدالغني ڀٽي 2000ع ۾ لاڙڪاڻي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. جڏهن ته داتا بگن شاهه وڏي ۽ ننڍي جو گڏيل ميلو“ داتا فيض درياهه درگاهه” تي هر سال مسلسل چار ڏينهن ملهايو ويندو آهي.


    اُستادَ اَديبَ ۽ شاعِرَ

    حاجي محمد سچل سومرو

    حاجي محمد سچل سومرو
    ( 1900-1956ع)

    استاد محمد سچل سومري ڏاتر ڏني سومري جي گھر ۾ جنم ورتو. ڏاتر ڏنو سومرو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۾ داروغو هو ۽ پنهنجي پٽ کي به هن پڙهايو، محمد سچل سنڌي فائنل پاس ڪئي ۽ چڪ جي چند مسلمانن ۾ هي واحد پڙهيل هو. غالبن چڪ جي مسلمانن ۾ هي پهرين ڪجهه سنڌي استادن مان هڪ هيو. تنهنڪري هن چڪ جي مسلمان نوجوانن کي تعليم ڏانهن راغب ڪيو۽ همٿايو، هي تمام قابل استاد ۽ حسابن جو ماهر هو، سندس شاگرد به ڪيئي ناليوارا ٿيا. حاجي محمد سچل سومرو! ابوشوڪت حمزي ۽ وڏيري الهڏني خان سيٺار جو سٺو دوست هو، شايد اهو ئي سبب هو جو وڏيرو الهڏنو خان سيٺار سياست ۾ شڪارپور جي سومرن جي ويجھو رهيو.
    محمد سچل سومري کي علم سان انس ۽ اونو هوندو هو ۽ غريب ٻارن کي مفت پڙهائيندو هو ۽ فلاحي ڪمن لاءِ چندو وغيره پڻ ڏيندو هو. هن کي ٻه پٽ شمس الدين ۽ غلام رسول ٿيا، جن کي پڻ هن اعلي ڊگريون ڏياريون. شمس الدين سومرو ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽر ٿيو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر جي عهدي تائين پهتو ۽ غلام رسول سومرو علي ڳڙه مان قانون جو امتحان پاس ڪري ايڊووڪيٽ ٿيو، هن وڪالت ۽ سياست مان پنهنجو نالو روشن ڪيو. سندس خانبهادر محمد ايوب کهڙي، سائين جي.ايم سيد، شهيد الله بخش سومري، محمود هارون ۽ يوسف هارون سان به سٺا واسطا رهيا. محمد سچل جو والد صاحب سچل سائين جو مريد هو تنهنڪري هن پٽ تي به سچل جو نالو رکيو. هن جو واسطو ڪچي جي ابراهيم ڳوٺ سان هو، والد جي وفات کانپوءِ محمد سچل پنهنجي امڙ کي وٺي مڪي پاڪ ويو ۽ اتي ڏهه سال گذاريائين.
    استاد محمد سچل سومرو سنڌي، انگريزي، عربي، فارسي ۽ گرمکي ٻوليون ڄاڻندو هو، فن خطاطي جو ماهر هو ۽ انهن پئسن مان هن پاڻ لاءِ ڪفن خريد ڪيو. سندس گھرواريءَ جو نالو حوا ۽ ڌيءَ جو نالو حميده هو. محمد سچل جو پوٽو نذير” رمز“ سومرو چڪ جي نئين ٽهيءَ جو ترقي پسند ليکڪ ۽ شاعر آهي.











    ڪوي تيجو مل ٻڍاڻي

    ڪوي تيجو مل ٻڍاڻي
    ( 1865-1950ع)

    ”تيجو مل پٽ ورندرام ٻڍاڻي پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1865ع ڌاري پيدا ٿيو. جتي سنڌي ۽ هندي جي تعليم ورتائين. گيتا جو گهرو مطالعو ڪيو هئائين، کيس برزبان ڪيترو ئي حصو ياد هوندو هو. ڌرمي تعليم ملڻ ڪري هن جو خيال سنتن طرف ڇڪجي ويو.“*
    الاهي عشق جو اوتار تيجو مل ٻڍاڻي پنجاسي ورهين جي ڄمار 1950ع ڌاري وفات ڪري ويو. سندس مشڪ ۾ مقناطيسي ڇڪ هئي، سندس سادگيءَ مان مهانتا پئي چمڪندي هئي. سنتن جي تمام گھڻي عزت ڪندو هو. سوامي گنگارام صاحب جي سنگت اچي ڪري هن جي دل جو دروازو کلي پيو ۽ ٽين اک يعني شعور واري نظر عطا ٿي. ان نظر سان هن جو ڪجھه مشاهدو ڪيو ان کي سلوڪن ۽ ڀڄنن جي صورت ڏني. هن جا ڀڄن نهايت عمدا هئا، مٿس گنگارام جي شاعريءَ جو گھرو اثر هو ۽ سندس شاعريءَ ۾ استاد به سوامي گنگارام هو. پاڻ سوامي گنگارام جو پيروڪار سڏائيندو هو ۽ سوامي صاحب جو شش هو.هن دنيا جا سڀ وڻج واپار ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ ڌرمي پرچار شروع ڪئي.
    سندس باري ۾ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب تذڪره شعراه سکر م هن ريت لکيو آهي.
    ”چڪ جو ويٺل هو ۽ چڪ جي سوامي گنگارام جو شش هو، گھڻو ڪلام پنهنجي سوامي جي ساراه ۾ چيو اٿس. سندس والد جو نالو ورندرام هو، جو چڪ جي مکي ٻڍارام جو پٽ هو. هن گنگارام کانسواءِ وسڻ رام ۽ ڪنور رام جي ساراهه م ڀڄن چيا آهن، انکانسواءِ عشقيه ڪلام چيو اٿس ۽ سماجي اوڻاين جو ذڪر به ڪيو اٿس. مثال طور ڏيتي ليتي جي رسم کي هن طرح ٿو نندي؛“*

    ڏيتي ليتي گھرگھاٽ وڃائي،
    جا وير وروڌ ڇڏي وڌائي،

    ڇو ڦندي پاڻ ڦاسايو،
    اها ڏيتي ليتي هٽايو.**

    فني لحاظ کان سندس ”ڀڄن“ ڪافيءَ جو هڪ نمونو آهي. نموني طور سندس هڪ ڀڄن هيٺ ڏجي ٿو.

    ”لعل عيبن ڀريل آهيان،
    مان ڪهڙو حال سڻايان“

    عمر ساري مون ويهي
    وشين ۾ ته وڃائي،
    ڪيئي کوٽا ڪرم ڪمايان.

    راتيون ڏينهان ڪچ ڪمايم،
    ڪوڙ ڪپت ۾ عمر وڃايم،
    توکي بديون ٿي بخشايان.


    در تنهنجي “تيجو” آيم ڪاهي،
    وشين کان تون وٺ بچائي،
    نت ڳڻ تنهنجا ٿي ڳايان.*

    ڪوي تيجو مل صاحب جو همعصر شاعر ابو شوڪت حمزو صاحب ۽ سندس استاد گنگارم هو. تيجو مل تمام گھڻو ڪلام چيو، ورهاڱي کانپوءِ سندس پويان هندستان لڏي وڃي ويٺا. ڪوي صاحب جا مائٽ (ڊاڪٽر مڪيش ڪمار ٻڍاڻي ۽ ٻيا ) هن وقت چڪ ۾ رهن ٿا. سندس اولاد ۾ هِنَ وقت انڊيا جي شهر اجمير ۾ رهائش پذير آهي. جنهن سبب سندس ڪلام جي باري گهڻو تفصيل نه ملي سگهيو آهي. .


    محمد آندل ڪوري

    محمد آندل ڪوري
    (1870ع ــ 1969ع)

    محمد آندل ولد موليڏنو پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ ۾ 1870ع ڌاري پيدا ٿيو، پاڻ ذات جو ڪوري هو. سندس تعليم سنڌي ٻه درجا هئي، ديني تعليم ناظران قرآن پڙهيل هو. جاين جو مستري (رازو) هو. پاڻ ڀرچونڊيءَ جي بزرگ حافظ محمد صديق ڀرچونڊيءَ جو مريد هو ۽ ان جي چوڻ تي چڪ ۾ هڪ مسجد ٺهرائي اتي ديني تعليم ڏيڻ لڳو. سندس شروعاتي دؤر ۾ مدرسا گهڻا نه هئا تنهنڪري چڱا شاگرد هئس. کيس ٽي پٽ جمالدين، الله بخش ۽ محمد صفرپيدا ٿيا. هن صاحب جي هٿ اکر ڪجهه ڪافيون مليون آهن، جيڪي هن پنهنجي مرشد جي شان م چيون آهن ۽ ڪجھه سماجي اوڻاين تي لکيل آهن. سندس شاعري مختلف پنن جي ٽڪرن تي اتاريل ملي آهي، جنهن ۾ پنهنجو تخلص ”مسڪين“ لکيو آهي. هيٺ سندس ڪافيون نموني طور ڏجن ٿيون.

    ڪافي-1
    ڪري سينگار سرس سهڻا، مٺا مشتاق ٿو مارين،
    پائي پيچ پنبڙين جا ڪهڻ واري ڪار ٿو ڪارين.

    اکيون تنهنجون عجب جهڙيون،ڪريان تعريف ڪهڙي تن،
    وجھي ويتر سندن سرمو، ڪجل جي ڌار ٿو ڌارين.

    وجھي وارن سندا ونگڙا، ڪرين ٿو قيد ڪاڪل سان،
    جڙي زنجير زلفن جا، ڪلهن تي وار ٿو وارين،

    ڪافي-2
    ڀائرو نه ڪيو اجايو تڪرار،
    ڇو ٿا پٽايو پاڻ ايندو نه هٿ وار

    نه ڏٺو ڪي سک، ڏٺو هميشه ڏک،
    اصلي اٿو بک، پنندا آهيو پار.

    هاڻي ڪيو ڪي ڳڻان، ڦري اٿو گھڻان،
    ڪهڙا ڳڻي ڪيترا ڳڻيان، پاڻ ڪيو ڪو ويچار.

    کاڌو اٿو حرام، وسري ويو اٿو ڪلام،
    اچي ڀريندئو سلام، ڏيندئو اچي ڍنڍڪار.

    توهان رکي دشمني، چلت چلو ٿا ڪميني،
    ڪيئن ماڻيندئو وني، ٿيندئو ڌارئون ڌار.

    توهان رٿيو ڦند، الله ڀڃيندئو ڪنڌ،
    هڻندو ڪاريهر ڏنگ، ڪون ڪندئو ڦٿڪار.

    محمد آندل ڪوري چڪ ۾ ملان آندل جي نالي سان مشهور هو، سندس اولاد جو هيٺيين وڇولي طبقي سان واسطو آهي. ملان آندل ڪوري 1969ع ۾ پنهنجي مدرسي ۾ وفات ڪري ويو، سندس پوين جي عدم دلچسپي جي ڪري سندس ڪيتروئي ڪلام ضايع ٿي ويو.هي راقم جي استاد ليکڪ، شاعر غلام علي ”مٺل“ چنا جو نانو هو. سندس دوستن ۾ مولوي عبدالحليم مهر، الهورايو ماڇي (هنباهه) استاد هادي بخش سومرو ۽ حڪيم محمد هاشم سيٺار قابلِ ذڪر آهن.


    ڪشنچند پرياڻي

    ڪشنچند پرياڻي

    ڪشنچند ولد نيوندرام چڪ ۾ جنم ورتو. هن سنڌي فائنل چڪ، سکر مان حاصل ڪئي. سندس سڀاءُ ملنسار، سانتيڪو، نماڻو نهٺو، ميل ميلاپ ۽ سڪ پريم وارو هو. پاڻ چڪ جي گرلس اسڪول جا هيڊ ماستر رهيو ۽ ڌرمي ماڻهو هيو. جنهنڪري هن پنهنجي مرشد گنگارام جي ياد ۾ ڪيئي ڀڄن ۽ شبد لکيا آهن. سندس شاعريءَ جو لکيل هڪ ڪتاب” امرت واڻي“ ملي ٿو. جو سندس وفات بعد سندس پوٽي چترو موٽو مل پرياڻي، احمدآباد مان 1990ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪشنچند جي شاعريءَ ۾ ڀڄن، شبد، غزل، گيت، ڪافي، لولي، جي صنف گھڻي ملي ٿي.
    سندس باري ۾ هن جو پوٽو موٽومل پرياڻي رقمطراز آهي ته_
    ” سرڳواسي بابا ڪشنچند شانتيءَ جو روپ هو، چڪ ڳوٺ ۾ گرلس اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رٽائرد ٿيو، باقي وقت ڀڳوان جي ڀڄن ۾ لڳائي جنم
    سڦلو ڪيائين. سنسار م رهي ڪري به جيون ياترا ويدڪ ڌرم انوسار گذاري.”*
    هيٺ سندس شاعريءَ جا ڪجه نمونا مثال طور ڏجن ٿا.
    شبد
    ننگر چڪ کان گنگارام وئين اڏامي،
    سدا گلزار منڊلي، سهڻا سوامي.

    ٻڍا ٻالڪ سڪايل، تو پڻ پڇائن،
    سنڀارن ٿا ڪٽنب، وطني تو سوامي.

    ڀڄن ڀڳتي شبد، شيرين تو بڻايا،
    سمائي شبد سان، سرتي تو سوامي.

    شرن پيري ڪرين ڪرپا، تون اڪارين،
    انائن جو اجهو، سايو تو سوامي.

    ديالو در نمي، آسي رات ڏينهان،
    رکين هٿڙو مهر جو، مون تي سوامي

    لولي
    مٺي لعل لولي ،سندر شام لولي
    هري رام لولي، ڏيان نام لولي
    قبيلي ڪٽنب جو وڏو شان ٿيڙو
    ڪيوقرب خوشي مهربان هولي
    سدا تون سٻاجها مٺي پڙهه ٻاڻي
    پتا جڳت سائين سچي ٻول ٻولي
    گياني گرو سبق ست سڻائي
    وسايون گلابي گلن سان کٽولي
    مکڻ کاءُ ماکي مٺو کير مصري
    لڏي رات ڏينهن مٺي ٻار ڏولي
    ديالو عجب اگّڻ آباد ڪيڙو
    پتا مات آسي جهلي هاڻ جهولي
    نپٽ ناس ٿيندو رکي وير توسانٺ
    هري رام ڪرشن ڪندو شال سولي.*


    پهلاج راءِ جيواڻي

    پهلاج راءِ جيواڻي
    ( 1902-1973ع)

    پهلاج راءِ ولد رامون مل جيواڻي چڪ ڀرسان ڳوٺ ڏهر ۾ 20 جولاءِ 1902ع تي ڄائو. پاڻ آزاد خيال هندو هو، راڌا سامي مت سان واسطو هوس، هندو توڙي مسلمانن جي درويشن کي سٺي عزت سان ڏسندو هو. پاڻ سنڌي ماستر هو ۽ ڪيترو عرصو چڪ جي پوسٽ آفيس جو انچارج به رهيو. پٺيان ٽي پٽ موتيرام، موٽڻ داس، پرتاب راءِ ڇڏي ويو. پهلاج راءِ صاحب جي ذات ۾ هٺ وڏائي ته هوندي ئي ڪان هئي، هندو توڙي مسلمانن سان بهتر رويو هئس. سندس شاعري جا عنوان سماجي ۽ مذهبي هئا. سندس شاعريءَ ۾ فني ڪچايون گھڻيون آهن، سگھڙن واري تڪبنديءَ جي انداز م شاعري ٿيل آهي. بحرحال سندس خيال چڱا آهن. شاعري مختلف پنن جي ٽڪرن تي سندس هٿ اکرن ۾ لکيل ملي آهي. جنهن ۾ پنهنجو تخلص ”اداسي“ ۽ ”پهلاج“ ڪتب آندو اٿس.
    1935ع ۾ ڏهرن جي ڳوٺ مان لڏي اچي چڪ شهر ۾ گهراڏيو، سندس هڪ نظم ۾ ڳوٺ ڏهر جو واقعو بيان ٿيل آهي.

    ڏهرن جي ڏيهه جو ارمان آهي،
    ٿيو قهر ڪهڙو، ڇڏيائون شهر ڊاهي؟

    نڪا ليٽ لڙهي آئي، نڪا پائيندڙ پيارا،
    باهه ڀڄائڻ جا ڪيا وڏا وارا، تڏهن به شهر بچڙو آهي.

    لچن ڪئي لچائي، ويا شهر کي ته کائي،
    آهي ايس،اين جي بيحيائي، ويٺا گذران ٺاهي.

    ورتائون ڀر ڀڙون جي، نه عزت رهي اشرافن جي،
    ٿي سڀ ڪنهن خودغرضي، وڃي توڙي عزت لهرائي.

    سڪ تي اجڙي شهر ويو، اهڙو ڪيس مٺا ڪنهن سان نه ٿيو،
    اهو ڏوهه سڀ ڏاڍن ڪيو، جن ڳوٺ مان ڇڏيو لڏائي.

    ديس پهلاج تنهنجو هت نه آهي، ديس تنهنجو درگاهه ته آهي،
    ڇاکي پنهنجو تون وطن چوائين، وطن تنهنجو اڳتي آهي.*

    پهلاج راءِ سوامي گنگارام جا مريد هئا ۽ ويدانتي فلسفي ۾ يقين رکندا هئا. 1931ع ۾ گروءَ جي باري م شعر لکيائون، جنهن ۾ ويدانت ۽ تصوف جي جهلڪ نظر اچي ٿي.

    ڪافي/ ڀڄن

    ڪر نه ظاهر ڳجهه خدائي،
    ”اداسي“ توکي سمجھه نه ڪائي،

    هڻين ٿو تون هام، ڪوڙا ٺاهين ٿوطعام،
    مرشد ڏني ٿي مام، اٿئي انهيءَ ۾ نور الاهي.

    ستگر جو توتي آهي راز، مالڪ توتي آهي فياض،
    هر دم ڪر تون نياز، ٿيءُ نه سهڻا سودائي،

    ڪر توبهه پڙهه زاري، پاءِ ڳچيءَ ۾ ڳاري،
    وٺ تون هردم هيٺاهي.

    پهلاج جو آمرشد موچارو، گنگارام گرو چڪ وارو،
    آهي اداسي بختن وارو، صوفي صاف رهن سدائي.*

    پهلاجراءِ نه صرف سٺو شاعر هو، پر بهترين استاد به هو، مگر افسوس جو انسان فاني آهي. ساڻس زندگي 71 سالن تائين وفا ڪئي ۽ 3 آگسٽ 1973ع تي پرلوڪ پڌاريو. هن صاحب پنهنجي موت جي پيشنگوئي ڪندي هڪ شعر جوڙيو، جنهن جو عنوان هو ”پهلاج تنهنجو چوهتر ۾ چالاڻو“ پر ڌڻي کيس هڪ سال اڳ 73ع م ئي گھرائي ورتو. بندي جي من ۾ هڪڙي ماالڪ جي من ۾ ٻي.




    سيد حسين شاهه بخاري

    سيد حسين شاهه بخاري
    ( 1909ع-1986ع)

    سيد حسين شاهه ولد سيد غلام رسول شاهه بخاري پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ ۾ 15 مارچ 1909ع تي جنم ورتو. سندس قد پنج فوٽ ڇهه انچ هو، سنڌي ويس ۽ پٽڪو ٻڌندو هو، سندس منهن مهتابي تي مٺ جيتر سونهاري هئس. پاڻ سنڌي فائنل ڪري تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد ٿيو، 22 مئي 1933ع تي رڪ شهر ۾ اسسٽنٽ ماستر مقرر ٿيو، جنهن بعد هو مختلف وقتن تي هاڻوڪن ضلعن سکر، خيرپور ۽ شڪارپور جي ڳوٺن ۾ هيڊ ماستر ۽ اسسٽنٽ ماستر ٿيندو رهيو مذهبي تعليم پنهنجي والد صاحب کان ورتائين.
    سندس دوستن ۾ وڏيرو الهڏنو خان، ملوڪ سنگهه سونارو، حڪيم محمد هاشم سيٺار، الهداد خان سيٺار ، پهلاج راءِ جيواڻي، استاد گل محمد خان مهر، هرچومل (کاهي) محمد عارف لاڙڪ (خانپور) غلام حيدر خان سيٺار ۽ عبدالقادرخان سيٺار جا نالا اچي وڃن ٿا.
    پاڻ سٺ واري ڏهاڪي کانپوءِ چڪ جي پرائمري استادن جو پهريون صدر ۽ خزانچي رهيو، پاڻ محنتي ۽ اورچ استاد هيو. سندس وڏو ڀاءُ عبدالڪريم شاهه(ٻيو) چڪ جي جامع مسجد سيٺارن واري جو پيش امام رهيو ۽ چڪ جي عيد گاهه جو پڻ پيش امام هو، ان جي وفات کان پوءِ سيد حسين شاهه چڪ جي مسلمانن کي بنا ڪنهن فرقيواراڻي سوچ جي عيد نماز پڙهائيندو هو. سندس ديوبندي فرقي وارن سان مسلڪي اختلاف ٿيڻ جي ڪري کانئس عيد نماز جي پيش امامت کسي ٻئي ملان کي ڏيڻ جي ڪري هن عيد نماز پڙهائڻ ڇڏي ڏني. سندس سوچ ديوبندي مسلڪ جي انتها پسنديءَ سان ٽڪراءَ ۾ رهي، پر پنهنجي اولاد کي مذهبي تعليم ديوبندي مسلڪ وارن کان ئي ڏياريندو رهيو. کيس هڪ پٽ ڊاڪٽر تراب علي شاهه آهي، جنهنکي هن مذهبي تعليم مدرسه حزب الابرار چڪ مان ڏياري، جتي هو صرف و نحو تائين پڙهيو پئي ته مدرسي جي مهتمم صاحب تراب علي شاهه جي صرف نَحوَ جي ڪاپيءَ تي لکيل نالي مان” علي“ لفظ تي ليڪ ڏئي تراب احمد شاهه لکي ڇڏيو، جنهن تي سيد حسين شاهه ڪاوڙجي پٽ کي ئي مدرسي مان اٿاري ڇڏيو، پر پوءِ به مرڻ گھڙي تائين ديوبندين جي مسجد ۾ پنج ئي وقت نماز پڙهيائين.
    سيد حسين شاهه، پنهنجي پيءُ مولوي غلام رسول شاهه ۽ الهڏني خان سيٺار سان خلافت تحريڪ ۾ گڏ رهيو ، هي نوجوان هيو ته “سنڌ آزاد جماعت ”جو چڪ ۾ بنياد پيو ته ان جو به ميمبر ٿيو، پر پيءُ جي وفات کانپوءِ هن سياست م حصو وٺڻ ڇڏي ڏنائين. هي مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر هيو ۽ راقم کي اڪثر مولانا عبيدالله سنڌي جون سٺيون ڳالهيون ۽ ڪارناما ٻڌائيندو هيو.
    هن رٽائرڊ ٿيڻ کانپوءِ پنهنجو ذاتي ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪيو کيس بگيون گھوڙا ڌارڻ جو پڻ شوق هو. چڪ ۾“ انجمن فلاح بهبود” ٺهي ته ان م به حصو ورتائين، سندس ڀاءُ حسن شاهه فلاح بهبود چڪ جو عهديدار هيو. پاڻ پرائمري ماستر جي حيثيت ۾ 14 مارچ 1968ع تي رٽائرڊ ٿيو.کيس ٻه گھرواريون، هڪ پٽ ڊاڪٽر تراب علي شاهه ۽ پنج ڌيئرون آهن. سندس وڏي ڌيءَ راقم جي امڙ هُئي. حڪمت جو پڻ چڱو ڄاڻو هو، پيريءَ ۾ دل جي دوري پوڻ ڪري 8 سيپٽمبر1986ع ۾ وفات ڪيائين. 


    فقير علي حسن سيٺار

    فقير علي حسن سيٺار
    (1914ع_2014ع)

    علي حسن پٽ علي محمد سيٺار پنهنجي اباڻي ڳوٺ شاه آباد (پير جو ڳوٺ) لاڙڪاڻو ۾ 1914ع ۾ پيدا ٿيو هي ورهاڱي جي وقت 1946_47ع ۾ چڪ ضلعو سکر لڏي آيو .ٽي درجا سنڌي پڙهيو ۽ مدرسي ۾ ناظره قرآن ۽ فارسي جو نصاب پڙهيو . مذهب ڏي لاڙو هئڻ ۽ مذهبي ڄاڻ هئڻ ڪري چڪ جي ديني رهنما عبدالعزيز شاهه بخاري کيس پنهنجي پوڙهپ سبب عيد جي خطبي پڙهڻ تي بيهاريو کيس خطبي پڙهڻ جو گهڻو ڏانءُ ٿي ويو هو،هن جامع مسجد ۾ جمعي جي نماز ۾ خطبا پڻ ڏنا . مجازي ڪلام ڳائڻ ۽ نعت خواني جو شوق کيس ننڍپڻ کان هيو سندس آواز سريلو هيو تنهنڪري هن چڪ ۾ ٿيندڙ مذهبي ميڙاڪن ۾ بخشڻ چني سان گڏ مولود چوڻ شروع ڪيا . موتين فوتين ۽ شادين ۾ ماڻهو کيس مدعو ڪندا هيا. جيئن ته هي ننڍپڻ کان نعتون، مولود ۽ مجازي ڪلام چوندو ايندو هو، سر ۽ رڌم سندس لونءَ لونءَ ۾ رچيل هيو تنهنڪري هن مولود ۽ نعتون ٺاهڻ شروع ڪيون پنهنجي ئي ڪيل شاعري هر جاءِ الاپڻ لڳو جنهن ڪري هي نعت خوان سان ڳڏ نعتيه شاعر ٿي ويو سندس نعتيه ڪلام ”عشق عربي ڄام جو “ چڪ جي کاهوڙي اديب ،شاعر حاڪم علي مهر چانڊوڪي پبليڪيشن چڪ طرفان فبروري 2011ع ۾ چڪ مان ڇپرائي پڌرو ڪيو .
    فقير علي حسن سيٺار وڏيري الهڏني خان ،مولوي عبدالعزيز شاهه،مولوي عبدالڪريم شاهه (ٻيو) ۽ انور علي شاه ”روشن“ جو همعصر رهيو .هن ٻه شاديون ڪيون کيس ڇهه پٽ ۽ ڇهه نياڻيون ٿيون . راقم جون ساڻس اڪثر ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون . هن 2014ع ۾ 100 سالن جي عمر ۾ چڪ ۾ وفات ڪئي.
    هيٺ سندس ڪجهه شاعري نموني طور ڏجي ٿي .

    نعت؛
    ڪري آزاد امت کي، ايندا پوءِ آب ڪوثر تي،
    ڀري پيالو جنت مان ، پنهنجي پيارن کي پياريندا.

    خداوند پاڪ پرور کان، وٺي اذن شفاعت جو
    پٺيءَ لائي پنهنجي امت، ساري وڳ کي قطاريندا.

    جيتر هتڙي هجان جيئرو، هجي شل حب حبيبن جي ،
    ثنا ”سيٺار“ سائين جي ، وتئون جهر جهنگ جهنگاريندا.

    ”حَسنَ “ تنهنجو به نالو آ، محمد جي مداحن ۾،
    اٿم اميد محشر ۾، توکي سائين سنڀاريندا.

    ڏوهيڙو؛
    انهن ڏکن سورن ۾ ،ٿو پيو روز جهُران،
    هڪ پيريءَ اچي پاند کوڙيا، ڏاتر کان مون ڏران ،
    ٻيو دشمن ڏسيو اکين سان ،مري پيو ٿو مران،
    ڪڏهن ٿيندو ڏينهن خوشي ءَ جو تو رب کان روز گهران
    انهن ڳڻتين ۾ ٿو ڳران، ته ڪڏهن ملندا منهنجا پرين.


    رام گيان ڀاڳچنداڻي

    رام گيان ڀاڳچنداڻي
    (جنم _1922ع)

    رام گيان رام نولراءِ ڀاڳچنداڻي 12 ڊسمبر 1922ع ۾ پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم به چڪ اسڪول مان ورتائين. پاڻ چڪ جي سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر هيو ۽ سندس والد صاحب به استاد هو. هن بي.اي ۽ بي.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي. سٺو (آرٽسٽ) مصور هيو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت سنڌ ڇڏي وڃي هند جي شهر احمد آباد ۾ رهائش پذير ٿيو.
    سندس باري ۾ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ماهوار الصادق ڪراچي جي شماري 15 آڪٽوبر-نومبر 1993ع جي مضمون ايڊيٽر نامو ۾ رقمطراز آهي ته ؛
    ” رام گيان رام نولراءِ ڀاڳچنداڻي 12ڊسمبر 1922ع تي چڪ ضلعي سکر (هاڻي شڪارپور) ۾ ڄائو. بي.اي ۽ بي.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪئي اٿس، 1947ع کانپوءِ سنڌ ڇڏي وڃي ڀارت ۾ ويٺو، هن وقت احمدآباد ۾ رهي ٿو.
    رام گيان ڀارت جي سنڌين ۾ هڪ ناٽڪ نگار ۽ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڄاتو وڃي ٿو، هي صاحب ڪيترو وقت گلستان ماهوار رسالي ۽ هنس سالياني مئگزين جو ايڊيٽر رهيو. سندس لکيل ۽ ترجمو ڪيل ڪتابن مان ”ڀڳت ۽ ڀڳوان“ (ترجمو)“ اپنشندن جو سنديس (ترجمو)” “هي ڌن ڪنهن جو (ترجمو) ”“جاڳ اي انسان (ترجمو) وغيره قابل ذڪر آهن“*
    رام گيان سنڌي ادب جو هڪ روشن خيال اديب هيو، سندس لکڻين ۾ سادگي ۽ سچائي جھلڪندي هئي، هن چڪ ۾ ڪانگريس جي طرفان ٿيل ڪانفرنسن ۾ سٺو بهرو پڻ ورتو. سندس گھر ۾ هن وقت آوت مل گھاڻائيءَ جا پٽ رهن ٿا. آوت مل جي پٽ استاد صوفي نيڀن داس راقم کي گهر جي ماڙي مان نڪتل ڪاٺ جو هڪ ڇهتير ڏيکاريو جنهن تي ڪنهن تکي اوزار سان” رام گيان“ اڪريل هو.
    رام گيان پاڻ حال حيات ناهي پر هن جو انڊيا ۾ هڪ وڏو اداڪار، ڪلاڪار شاگرد چندر ساوناڻي اڃا حال حيات آهي جيڪو پڻ چڪ جو آهي.
    رام گيان صاحب پنهنجي شهر چڪ کان ۽ وطن سنڌ کان دور رهي به هند ۾ پنهنجي ٻاٻاڻي ٻوليءَ جي خدمت ڪري پاڻ ملهايو، تاريخ ۾اهڙا انسان هميشهه امر رهندا آهن.





    سياسي ورڪر ۽ سماجي سڌارڪ

    سيد غلام رسول شاهه

    سيد غلام رسول شاهه
    (1869-1933ع)


    سيد غلام رسول شاهه ولد سيد عبدالڪريم شاهه (اول) ولد سيد گل شاهه بخاري چڪ جي اهلبيت گھراڻي ۾1869ع ڌاري جنم ورتو. پاڻ مدرسه ڪنزالعلوم سومراڻي شريف ۾ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪيائين ۽ اتي ئي معلم ٿي رهيو جتي ڪيترن ئي نوجوانن کي ديني تعليم ڏئي فارغ التحصيل ڪيائين. هاليجيءَ جو هڪ بزرگ به سندس شاگرد هو، ان کان علاوه رستم جي هڪ مدرسي ۾ به معلم ٿي رهيو، تنهن کان بعد چڪ ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي تعاون سان مدرس الاسلام چڪ قائم ڪري اتي ديني تعليم ڏيندو رهيو. پاڻ پنهنجي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل حڪمت جي علم کان به واقف هو.
    جيئن ته پاڻ هڪ عالم هو، پر ان سان گڏ سٺو ليکڪ ۽ ڪاتب به هو. سندس هٿ جو لکيل فارسيءَ جو صرف و نحو جو قلمي نسخو به مليو آهي جيڪو هن صاحب رستم جي مدرسي ۾ 2 ذوالحج 1309هه مطابق لکي پورو ڪيو. هي سادات نه صرف عالم، ليکڪ ۽ ڪاتب هو، پر چڪ ۾ سياسي سجاڳي آڻيندڙ پهريون مسلمانن جو سياسي اڳواڻ به هيو. هن صاحب ۽ حڪيم محمد هاشم سيٺار، الهڏني خان سيٺار گڏجي چڪ ۾ 1922ع جي لڳ ڀڳ خلافت ڪميٽيءَ جو پايو وڌو ۽ ان جو صدر ٿيو.



    الوحيد 13 اپريل 1923
    چڪ ۾ خلافت جلسو


    خاطو لکي ٿو ته تاريخ شعبان المعظم خميس ڏينهن مغرب جي نماز کان پوءِ پيش امام جامع مسجد شريف جو مولوي ميان غلام رسول شاهه صاحب صدر خلافت ڪاميٽي چڪ ساري جماعت سان گڏجي الله اڪبر جي نعرن سان جلوس ڪڍيو ۽ سڄي شهر جي هر هڪ چوسول ۾ الله اڪبر جو نعرو هڻي عام خاص ماڻهن کي بلند آواز سان چيو ته سڀاڻي جمع جي ڏينهن جامع مسجد ۾ نماز کان پوءِ جلسو ڪبو. صبح جو 12 بجه مهل ٻانگ کان اڳي يا ٻانگ ٿيڻ شرط عام ماڻهن جا ٽولا اچڻ لڳا. اٽڪل 350 ماڻهو آيل هئا .نماز کان بعد جلسه زير صدارت مولوي ميان غلام رسول شاهه صاحب جي منقعد ٿيو .جن جي تائيد محمد هاشم(حڪيم) ڪئي.پوءِ وڏيري الهڏنه نائب صدر خلافت ڪاميٽي جي پر جوش تقرير شروع ڪئي. جنهن م نئروبي (مشرقي آفريقه ) جي گورنر پنهنجي گوري ڀاءُ اسٽينڊرڊ اخبار جي ايڊيٽر تي اسان جي رسول مقبول صه عليه وسلم جي برخلاف ليک وجهڻ تي ڪوڏوهه نه رکيو ۽ چيائين ته هن جو اهڙي ڏوهه جو ارادو ڪونه هو ۽ انهن جي روش کي جلسه جي عام ماڻهن پر جوش ٿي ننديو ۽ صداءِ احتجاج بلند ٿي ڪري چيو ته ڇونه اهڙي ماڻهوءَ کي قومن ۾ نفاق ڦهلائڻ جو ذميدار رکجي ۽ بي نمازي کي نماز پڙهڻ جي باري ۾ چيو ۽الله جل شانه جي احڪامن ۽ رسول صه جي حديثن موجب هلڻ لاءِ پر جوش تقرير ڪئي جنهن ماڻهن ۾ ڏاڍو اثر وڌو ۽ عام ماڻهن انجام ڪيو ته اسان پنج وقت ئي سنت جماعت سان گڏ نماز پڙهنداسين .تنهن کان پوءِ سڀني ماڻهن مٿا اگهاڙا ڪري اسلام جي تقويت ۽ فتح نصرت لاءِ ۽ غازي مصطفي ڪمال پاشا جي سلامتي لاٰءِ دعائون گهريون ۽ جلسه الله اڪبر جي نعرن سان ختم ٿيو.*


    29 سيپٽمبر 1924ع ۾ ٻيو اجلاس ڪوٺايو، جيڪو ان وقت هندن جي باغ ”وڏي باغ“ جي نالي سان مشهور هو (هن وقت عيدن سيٺار جو باغ) ۾ چڪ ڪانفرنس جي عنوان سان جلسو ڪرايو، جلسي خطاب ڪرڻ لاءِ مولانا تاج محمد امروٽي هڪ چو چاڪي بگيءَ تي چڙهي آيو هو، ان سان گڏ رڪن الدين قاسمي (وڪيل) جو پيءُ مولوي محمد هاشم قاسمي به خطاب ڪرڻ آيو هو.
    اڳتي هلي مولوي غلام رسول شاهه پيرسنيءَ جي ڪري خلافت ڪميٽيءَ جي اڳواڻيءَ تان دستربردار ٿيو ۽ سندس جاءِ تي وڏيري الهڏني سيٺار کي خلافت ڪميٽي چڪ جو صدر طور چونڊيو ويو.سندس ٻه پٽ عبدالڪريم شاهه ۽ حسين شاه خلافت ڪاميٽي ۾ ميمبر طور رهيا

    مولوي غلام رسول شاهه همايون جي بزرگ مولانا عبدالغفور همايونيءَ جو پوئلڳ هو ۽ داتا فيض درياهه شاهه جي صحبت ۾ به رهيو. پاڻ 1933ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي پويان ٽي پٽ عبدالڪريم شاهه، حسين شاهه ۽ حسن شاهه ڇڏيائين.



















    ( مولوي غلام رسول شاهه جا هٿ اکر ۽ سندس لکيل فارسي صرف ونحو جي ڪتاب جو عڪس )


    وڏيرو الهڏنو خان سيٺار

    وڏيرو الهڏنو خان سيٺار
    (1889-1952ع)

    وڏيرو الهڏنو خان پٽ محمد صيفل سيٺار جو جنم پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1889ع ڌاري ٿيو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي، پاڻ تمام سادو، سلڇڻو ۽ ملڻسار هو، قد ڊگھو، بت ڀريل پهلوان، سنڌي لباس پائيندو هو. پيشانيءَ تي مٺ جيتري ڏاڙهي، هٿ ۾ بيد جو لڪڻ کڻندو هو. کيس ٻه گهر واريون هيون، هڪ حاجي مبارڪ جي نياڻي، ٻي شهمير جي نياڻي، کيس ٻه پٽ خير محمد ۽ عبدالجبار هئا، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ وفات ڪري ويا. انکان علاوه ٻن ڌيئرن جو اولاد پڻ هئس.
    ” 1922ع ۾ هي خلافت تحريڪ چڪ جو نائب صدر رهيو
    13 فبروري 1931 تي سنڌ آزاد جماعت چڪ جو خزانچي ٿيو
    ،1934 ۾اپرسنڌ اليڪشن بورڊ ٺهي جنهن ۾ مکيه نالو وڏيري الهڏني خان جوهيو.
    ،1936 خلافت ڪاميٽي سکر جي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر ٿيو.
    11 سيپٽمبر 1940 تي مرزاپور ۾ مسلمانن جو هڪ وڏو ميڙ ٿيو جنهن جي صدارت وڏيري الهڏني خان ڪئي اتي انجمن همدرد وطن قائم ڪئي وئي نائب صدر الهڏنو خان ٿيو،
    1947ع ۾ مسلم ليگ چڪ جو پهريون صدر چونڊيو ويو.“ *
    انجمن شيدايان اسلام جو سرگرم عهديدار هيو بلڪ چڪ سکر شڪارپور ۾ انهن تنطيمن جي بنياد وجھندڙن مان ۽ مسلمانن ۾ سياسي سجاڳي آڻيندڙ۽ خاص روح روان هيو.. سياست سان گڏ هي صحافي ۽ قلمڪار به هو. سندس مضمون الوحيد ۽ ٻين سنڌي اخبارن جي زينت بڻجندا هئا . سندس چڪ شهر ۾ محمد سچل سومرو، محمد هاشم سيٺار، سيد حسين شاهه بخاري ۽ محمد ارباب سيٺار خاص دوست هئا. مولوي غلام رسول شاهه خلافت تحريڪ چڪ جو صدر سندس استاد هو. الهڏني خان جا سيٺار جا يوسف هارون، محمود هارون، حاجي مولابخش سومرو، سابق انسپيڪٽر سنڌ غلام رسول ڪيهر دوست هئا. جڏهن ته سياسي طور هي شهيد الله بخش سومري جو پوئلڳ ۽ حمايتي رهيو. ورهاڱي کانپوءِ هن کي چڪ ۾ بچاء بند ٻڌرائڻ ۽ اصغرواه کوٽرائڻ ۽ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ تي گورنر طرفان تعريفي سند (سرٽيفڪيٽ) مليو.هن کي شهيد الله بخش سومرو طرفان پنهنجي وزارت عظمي جي دور ۾ رستم لڳ ڪارو ڪلر جي علائقي ۾ 3 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪري ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، جيڪا هن قبول نه ڪئي. 1942ع ۾ آرائين وٽان بند ٽٽو ٽه چڪ ۾ الهڏني خان ڪئمپ هڻائي، پاڻ هر عيد جي موقعي تي شهر واسين سان عيد نماز تي مخاطب ٿيندو هو. وڏيري الهڏني خان تي ڪوڙا ڪيس ٿيا، هن 1946ع ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سکر جي ميمبري لاءِ آغا بدرالدين پٺاڻ ۽ پير بخش مهر سيواڻي کان اليڪشن کٽي هئي ورهاڱي بعد ڊسٽرڪٽ بورڊ جي اليڪشن ۾ بيٺو هو، ان اليڪشن ۾ امير بخش خان مهر تماچاڻي، مير محمد خان پٺاڻ، ابو شوڪت حمزو، پرسرام ۽ روچلداس حصو ورتو هو، جنهن ۾ الهڏني خان کٽيو هو.
    . الهڏني خان جو سٺو اثر رسوخ هو، جيتوڻيڪ پاڻ ايڏو وڏو زميندار به نه هو. جنهن پارٽيءَ ۾ سومرا هوندا هئا هي ان ۾ هوندو هو. هن 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ تي بندش وڌي ۽ هندن جي گھرن تي رات جو پهرو بيهاريو ته جيئن هندن سان ڪو شرارت نه ڪري.
    پاڻ نيڪ صفت، سيرت ۽ صورت جو ڀلو، روزي نماز جو پابند هو. 1952ع ۾ هي وڏڳرو وڏيرو بيماري جي سٽ نه سهي سگھيو، مرڻ وقت سندس اکين مان پاڻي اچي ويو ته مونکان پوءِ شهر جو ڇا ٿيندو. هي پٺيان ٻه ڌيئرون ۽ هڪ ڀائٽيو الهداد خان سيٺار ڇڏي ويو، جنهن کي سندس بعد ڳوٺ جي وڏيري جي پڳ ٻڌرائي وئي، جنهن جي وفات بعد عبدالقادر خان سيٺار کي ڳوٺ جي وڏيري جي پڳ ٻڌرائي وئي، جيڪو ٽي دفعا چيئرمين ۽ هڪ دفعو ناظم ٿيو. جڏهن ته کانئس پهريان سندس پٽ راشد علي سيٺار، مخالف کي شڪست ڏيئي چڪ جو ناظم چونڊيو ويو هو.















    (وڏيري الهڏني خان سيٺار جو 19 آگسٽ 1928ع جي الوحيد اخبار ۾ ڇپيل ڪالم جو عڪس)


    مکي پرسرا م تلريجا

    مکي پرسرا م تلريجا
    ( 1889-1965ع)

    مکي پرسرام(پرسو مل) تلريجا پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ ۾ مينگھن داس تلريجا جي گھر ۾ 1889ع جي لڳ ڀڳ جنم ورتو. هي چڪ جي هندو برادريءَ جي اثر رسوخ وارو مکي هو، سندس حڪم تي هندو برادري مرڻ مارڻ لاءِ تيار رهندي هئي. پاڻ هندن ۾ طاقتور شخصيت ليکيو ويندو هو. پنهنجي برادريءَ لاءِ پاڻ پتوڙيائين ۽ چڪ جي سياست م اڳڀرو رهيو. 1933ع ۾ هن چڪ ۾ هندو مها سڀا جو بنياد وڌو.
    ڪچي پڪي جو سٺو زميندار هو، جنهنڪري ڪچي جا وڏيرا سندس هميشه مخالف رهيا ۽ انهن جي اکين م ڪنڊي جيان چڀندو هو. ان زمين مان گهڻو حصو سندس پٽ جا هاري قبضي ڪري ويا،
    هن 1934ع_1933ع ۾ پئنچائتي جاءِ ڪرايي تي ڏيئي چڪ م اسڪول شروع ڪرايو ۽ لوڪل بورڊ طرفان چڪ م ميٽرنٽي هوم به کولرايو، جيڪا جاءِ پڻ هندو پئنچائت فراهم ڪئي. جنهن کي اڳتي هلي لوڪل بورڊ جي هڪ پٽيوالي قبضو ڪري وڪڻي ڇڏيو.انهيءَ سال 1933 -34ع ۾ کيس چڪ جو مکي چونڊيو ويو هو، هن کان پهرين ڏيواڻي برادري جو تولومل ٻڍومل ٻڍاڻي (استاد اتم چند جو پر ڏاڏو) چڪ جي هندن جي مکي هيو.
    مکي پرسرام م تلريجا زمينداريءَ سان گڏ ضلعي لوڪلبورڊ سکر جو ميمبر پڻ چونڊيو. چڪ ۾ جڏهن پهريون دفعو سينيٽري ڪاميٽيءَ جو بنياد پيو ته هن جي مدد سان ڦندو مل ولد ٽوپڻ مل ڪاميٽيءَ جو چيئرمئن چونڊيو ويو، جنهن بعد سندس سئوٽ روچلداس تلريجا چيئرمين چونڊجي آيو . هي هندن ۾ هوشيار ۽ اورچ ماڻهو هو
    سندس دوستن ۾ رامنداس ولد تلسي داس (بنگلي وارو) خيراج مل ولد بودل مل، فتح چند تولارام، غلام نبي خان مهر (رستم)،پيارو خان مهر(ڀرڪڻ)،حاجي مولا بخش سومرو، قلندر بخش خان مهر (وزيرآباد)، سردار فتح محمد خان جتوئي، سيٺ ڌنراج، خان صاحب امير بخش خان تماچاڻي مهر، سيٺ جيتارام (قاسم ڳوٺ) شامل هئا.
    سندس تعليم سنڌي فائنل هئي، کيس هڪ پٽ ڪروڙي مل تلريجا هو جيڪو 4 مئي 1965ع تي والد جي وفات کانپوءِ چڪ جي هندن جو مکي بڻيو، جنهن جي وفات کان پوءِ هن وقت هاءِ ويز جو سپريڊينٽ انجنيئر پريم چند تلريجا چڪ جو مکي آهي. هي صاحب تمام لائق ماڻهو ۽ هڏڏوکي انسان آهي.



    مير محمد خان پٺاڻ

    مير محمد خان پٺاڻ

    مير محمد خان ولد غلام حسين خان مغل پٺاڻ چڪ ضلعو (سکر) شڪارپور ۾ جنم ورتو. هي پاڻ تر جو سٺو زميندار هيو ڪيترين ديهن ۾ هن جي زمينداري هئي.ان سان گڏوگڏ هي علائقي جي ماڻهن جي ڦڏن ڦرڙن جا فيصلا پڻ ڪندو هيو ۽ وڏي پهچ رکندڙ زميندار هيو.
    چڪ کي پهريون دفعو جڏهن سينيٽري ڪاميٽي قرار ڏنو ويو ۽ ڦندومل کي چيئرمين بڻائي 5 ميمبر کنيا ويا ته انهن مان هڪ ميمبر ميرمحمد خان به ٿيو. هي چڪ سينيٽري ڪاميٽي جو ڪيترا دفعا ميمبر پڻ رهيو. هن بمبئي کان سنڌ کي ڌار ڪرائڻ واري جدوجهد ۾ به حصو ورتو ان سلسلي ۾ 1931 ۾ پاڻ سنڌ آزاد جماعت چڪ جو صدرمقرر ٿيو.جنهنجو تذڪرو ان وقت جي سنڌي اخبار الوحيد ۾ هيٺين ريت ٿيل آهي .

    الوحيد_1931
    بمبئي کان سنڌ کي الڳ ڪرائڻ لاءِ سنڌ آزاد جماعت جي چڪ ۾ شاخ جو قيام
    (چڪ)_ 13 فبروري 1931 ۾ مولانا محمد عثمان صاحب جي زير صدارت جامع مسجد ۾ ميڙاڪو ٿيو چڪ جي ماڻهن وڏي انداز ۾ شرڪت ڪئي وڏيري الهڏني خان جوش ڀري تقرير ڪئي ۽ سنڌ آزاد جماعت برپا ڪئي وئي جنهن ۾ هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا.
    صدر_خان صاحب ميرمحمد خان ،نائب صدر_ پيربخش خان سيٺار، سيڪريٽري_ ابوشوڪت حمزو خلافتي، خزانچي_ وڏيروالهڏنوخان سميت بر وقت هڪ آنو ڏئي 79 ميمبر ٿيا. *
    مير محمد خان صاحب جي همعصر رفيق ۽ دوستن ۾ آغا غلام نبي خان پٺاڻ، ڦندومل، الهڏنوخان سيٺار، ابو شوڪت حمزو خان ، مکي پرسرام، روچلداس تلريجا، ميرمحمد خان مهر (سيوهاڻي)، حاجي صاحب مهر وغيره
    هن کي ٻه پٽ هيا 1_ غلام حسين خان عرف محمد سچل خان 2_ غلام نبي خان جڏهن ته سچل خان پٽ جاٻه پٽ پڻ سياسي پارٽين ۾ رهيا آهن لالو مير محمد عرف بخش علي ايم ڪيو ايم جو عهديدار ،جڏهن ته آغا جاويد خان جيئي سنڌ تحريڪ جو ڪارڪن رهيو.1989ع ۾ چڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي ميزباني جو شرف به آغا جاويد خان کي حاصل ٿيو پر ڄام صادق جي دور ۾ رياستي پوليس جي اهلڪارن آغا جاويد کي ڪراچي ۾ جڙتو مقابلي ۾ گوليون هڻي ماري ڇڏيوهن وقت سندس پڙپوٽو آغا شعيب خان جيئي سنڌ محاذ جي “شاگرد ونگ ”سان لاڳاپيل آهي.
    تاريخ ميرمحمد خان جي خاندان جي سياسي جدوجهد کي هميشهه ياد ڪندي. ميرمحمد خان پٺاڻ لڳ ڀڳ 60 واري ڏهاڪي ۾ وفات ڪري مالڪ حقيقي سان وڃي مليو.


    رگھورام مينگهاڻي

    رگھورام مينگهاڻي
    (1889-1966ع)

    مهاشيه رگھورام پٽ شري چوهڙمل ايشرا مينگھاڻي جو جنم پنهنجي آبائي شهر چڪ ۾ 1889ع ڌاري ٿيو. سندس تعليم ٻن درجن تائين هئي. پاڻ تمام سادوهوندو هو ۽ سادگيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندو هو، ايتري قدر جو کاڌيءَ جا ڪپڙا پهريندو هو، جوئر جي ڍوڍي ۽ هڪ سبزيءَ کان سواءِ ڪو به کاڌو نه کائيندو هو. سندس چوڻ هو ته هڪڙا جيئن ٿا کاڌي لاءِ ۽ ٻيا کاڌو کائن ٿا جيئڻ لاءِ. پاڻ ساڌن ۽ سنتن جي سنگت ۾ اچي لعل ٿي ويو، هندي ۽ فارسيءَ جو پڻ سٺو اڀياس ٿيل هئس.
    مهاشيه رگھورام صاحب ڪيترو وقت شاهپورچاڪر سانگھڙ ۾ رهيو جتي” ڪڙمي سڌار ڪاريه“ ۾ هن تمام گھڻو ڪم ڪيو، سماجي براين جي خاتمي لاءِ هن اڻٿڪ محنت ڪئي. هن صاحب تحريڪ آزاديءَ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو۽ ڪيترا ئي دفعا جيل جي هوا کائي آيو. 1919ع جي جليانوالا ڪوس سبب سندس رڳ رڳ روئي اٿي. 1921ع ۾ تحريڪ ترڪ موالات (عدم سهڪار) ۾ حصو ورتائين، جنهن ڪري کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو. 1930ع ۾ لوڻ جي قاعدا ٽوڙ هلچل ۾ ڪافي بهرو ورتائين، ڪيترا قومي قيدي آزاد ٿيا مگرهي آزاد ٿي نه سگهيو، کيس 1947ع تائين انگريز سرڪار نظربند رکيو. ورهاڱي کانپوءِ هندستان لڏي ويو ۽ آخري دم تائين اتي رهيو.
    ڊاڪٽر ديال آشا صاحب پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جا سنت “ ۾ رقمطراز آهي ته؛
    ”هت هندستان ۾ ڪجهه سميه جئپور ۾ ، ڪجهه سمئه سوامي ٽينئورام آشرم الهاس نگر ۾ رهيو. سوامي ليلا شاهه ۽ سوامي شانتي پرڪاش سان گھاٽو نينهن هو. سوامي شانتي پرڪاش کيس ڏاڏو ڪري سڏيندا هئا....... ويدن، اپنشندن، گيتا ۽ ٻين ڪيترن ئي ڌارمڪ گرنٿن جو اڀياس ڪيائين. ويهن ورهين جي عمر ۾ گيتاسرل هندي چوپائين ۽ ڇهه پائين ۾ لکيائين، جا هٿ لکت ۾ موجود آهي. گيان گلڪاري ۽ ٻيا ڪيترا پستڪ لکيائين، جن ۾ آتما ۽ پرماتما، اوديا ۽ وديا، جيو ۽ برهم جي وشين تي سهڻي سمجهاڻي ڏني اٿائين. سندس ڪي رچنائون هٿ سان لکيل موجود آهن جي جلد شايع ڪيون وينديون.“ *
    ڊاڪٽر صاحب ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي هلي لکي ٿو ته؛
    ”سوامي رگھورام جن سان وقت بوقت گيان گوشٽي ڪرڻ جو موقعو ملندو هو، هو صاحب گيان جو گلزار هو، سندس واڻي ٻڌي من پرسن ٿيندو هو. تياڳي به مهان درجي جو هوندو هو. سادگي، سيوا، سچائي، حليمائي، ڀڳتي، گيان اڪيچارگڻن جو مجسم هو.“ **
    هن 16 فيبروري 1966ع مطابق 24 شوال1385هه 5 وڳڻ 22.2 (28) بڪرمي ۾ وفات ڪئي.
    پاڻ جڏهن 1930ع ۾جيل ۾ ويو ته شري ڀواتري منڊل شهدادپور وارن ”ستي پرگيه“ ارٿات آدرشي انسان (گيتا اڌويا 2، شلوڪ 54 کان 72 ) نالي 1943ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. مذڪورهه ڪتاب 112 صفحن تي مشتمل آهي.
    سنت رگھورام جي حياتيءَ جو وڌيڪ احوال ڪون ٿو ملي، جو پيش ڪجي. سنت صاحب هڪ سٺي سياسي ڪارڪن سان گڏ هڪ سٺو ليکڪ ۽ شاعر به هو. افسوس جو اڄ اسان وٽ هن صاحب جو ڪلام نموني طور به ڪين آهي.


    ڦندومل پٽ ٽوپڻ مل

    ڦندومل پٽ ٽوپڻ مل

    ڦندو مل پٽ ٽوپڻ مل پنهنجي اباڻي ڳوٺ چڪ ضلع شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هي به چڪ جي سياسي ،سماجي شخصيتن مان هڪ اهم اڳواڻ هيو.هن جو گهر وڏي حويلي ۾ هيو جنهن ۾ هن وقت “ڀائي وهنيون “جو مندر آهي. ۽ ان حويلي اندرسيٺ پنڻ مل ۽ مستري ڀڄن لعل جن رهن ٿا.
    ورهاڱي کان پهريون جڏهن چڪ پهريون دفعو سينيٽري ڪاميٽي بڻيو ته ڦندومل ان جو ميمبر ٿيو ۽ پهريون چيئرمين بڻيو . ايئن کڻي چئجي ته کيس چڪ جي پهرين چيئرمين جو اعزاز حاصل ٿيو .
    هي وڏي لياقت وارو ۽ هلندي پڄنديءَ وارو ماڻهو هيو. سياسي طور هندو مها سڀا سان هيو. هندو توڙي مسلمانن ليڊرن سان سٺا واسطا هيس. چڪ ۾ پنهنجي وڏي پراپرٽي جو مالڪ هيو. کيس اناج جي ڇڙائي جو ڪارخانو پنهنجي هم نام ڦندو مل گهنو مل موٽواڻي(جيڪو پڻ وڏي اثر وارو ماڻهو هيو ۽ چڪ جي واپاري يونين جو صدر هيو،استاد پريم چند موٽواڻي سندس پوٽو آهي )سان ڀائيواري تي هوندو هيو. جيڪو هنن بعد ۾ اعتبار خان جتوئي کي وڪڻي ڏنو، اها جڳهه هن وقت چڪ ۾ ”جتوئي سينٽر“ جي نالي سان مشهور آهي. ان کانسواءِ ڦندو مل ٽوپڻ مل کي چڪ ايريگيشن بنگلن سامهون ڪچي ۾ وڏي زرعي زمين هئي جيڪا هن انڊيا وڃڻ وقت ديوان نارائڻ داس کي وڪڻي ڇڏي.
    سندس دوستن ۾ ڦندو مل پٽ گهنو مل موٽواڻي، وڏيرو الهڏنو خان، اعتبار خان جتوئي، سيٺ پر مانند، مکي پرسرام تلريجا ۽ مير محمد خان پٺاڻ وغيره شامل هيا.


    روچلداس تلريجا

    روچلداس تلريجا
    (1893ع-1953ع)

    روچلداس تلريجا پنهنجي آبائي ڳوٺ چڪ ۾ ڀوڄراج تلريجا جي گھر م جنم ورتو. هن جو چڪ جي زميندار خاندان سان واسطو هو ۽ سنڌي فائنل پاس ڪئي هئائين. هي چڪ جي سينيٽري ڪاميٽيءَ جو ڦندو مل کان پوءِ ٻيو نمبر چيئرمين ٿيو، هن سان ميمبرن ۾ نيوند مل ولد ڌرمون مل، خان محمد خان پٺاڻ، مير محمد خان پٺاڻ ۽ محمد بخش مغل وغيره شامل هئا. جيڪي سندس دوست پڻ هئا. سندس دوستن م صوڀو مل (ڏهرڳوٺ)، سيوارام موٽڻ داس (منڱڻاڻي جو)، رامنداس، ڦندو مل، کيراج مل، فتح چند ۽ وڏيرو الهڏنو خان سيٺار قابل ذڪر آهن.
    روچلداس جي جماعتي وابستگي به “هندو مهاسڀا ” سان هئي ۽ هن نهرو جي استقبال لاءِ هندو مها سڀا جا نوجوان گارڊ بيهاريا هئا .هن چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ چڪ ۾ “هال فورڊ لائبريري” جو بنياد وڌو، هن ضلعي لوڪلبورڊ سکر جي اليڪشن ۾ پڻ حصو ورتو. هن شهر جي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ ذڪر لائق ڪم ڪيا. سندس پٽ مولچند تلريجا ضياءَ دور ۾ 1970ع ۾ ڊي پي آر هيٺ جيل ويو هي به چڪ ٽائون ڪميٽيءَ ۾ اقليتي سيٽ تي هميشهه ميمبر چونڊبو رهيو ۽ سرڳواسي مولچند جو ننڍو پٽ سرڳواسي امر لال تلريجا پڻ اقليتي سيٽ تي ڪائونسلر چونڊيو ويو بعد ۾ عدالت پاران چڪ جي ناظم جوڙي جي نااهل ٿيڻ کانپوءِ (ديهانت ٿيڻ تائين ) يو سي چڪ جو ڪيترائي مهينا عبوري ناظم رهيو. هن به پنهنجي ڏاڏي وانگر سماجي سرگرمين ۾ اڳڀرو ٿي حصو ورتو، هي چڪ شهري اتحاد جو سرگرم اڳواڻ هيو، پنهنجي ناظميءَ دوران هن پير فاضل شاهه لڪياريءَ جي چوڌاري مٽيءَ جو بند ٻڌرايو، ڪيترين ئي گهٽين ۾ سي سي بلاڪ هڻايا ، ۽ اسٽريٽ لائيٽس جو بندوبست ڪيو . پر زندگيءَ وفا نه ڪيس ، ننڍي عمر ۾ ئي ديهانت ڪري ويو ته سندس هندو توڙي مسلم دوست ڊاڍهيون ڪري رنا. اڄ به روچلداس تلريجا جو خاندان چڪ ۾ رهي ٿو سندس گهر جو چشم چراغ انجنيئر راجڪمار تلريجا نهايت شريف المزاج ۽ امن پسند انسان آهي.


    نيوند رام ڪوڏواڻي

    نيوند رام ڪوڏواڻي

    نيوند رام پٽ ڌرمون رام ڪوڏواڻي چڪ ضلعو(سکر) شڪارپور ۾ جنم ورتو. هي چڪ شهر جو متحرڪ سياسي سماجي ورڪر۽ اڳواڻ هيو ته ان سان گڏوگڏ وڻج واپار سان پڻ لاڳاپيل هيو ، جڏهن چڪ ٽائون کي پهريون ڀيرو سينيٽري ڪاميٽي قرار ڏنو ويو ته نيوند رام ان ڪاميٽي جو رڪن بڻيو ان سينيٽري ڪاميٽي ۾ هڪ چيئرمين ۽ پنج ميمبر هيا جنهن جو چيئرمين ڦندو مل پٽ ٽوپڻ مل ٿيو.
    1937 ۾ چڪ ۾ هاري ڪانفرنس منقعد ٿي جنهن ۾ جواهر لعل نهرو کي گهرايو ويوهو ،جنهن ۾ به شري نيوند رام جو وڏو حصو هيو. بنيادي طور چڪ جا اڪثر هندو ”هندو مها سڀا“ ۾ شامل هيا جنهن جو اڳواڻ چڪ جو مکي پرسرام تلريجا هيو، پر بعد ۾ نيوند رام ۽ سندس ساٿين جي ڪوششن سان انڊين نيشنل ڪانگريس چڪ جو بنياد وڌو ويو ۽ ان کي ايترو سرگرم ڪيو ويو جو سکر جي ڪانگريس جو مرڪز چڪ کي بڻايو ويو ۽ ڪانگريس طرفان ”هلچل عدم ادائگي ٽيڪس“ جو به سکر ۾ چڪ هيڊڪواٽر رهيو. هو انهيءَ ڪري جو ڪانگريس چڪ جو صدر شري نيوند رام جهڙو کاهوڙي شخص هيو .جنهن چڪ ۾ ڪانگريس کي فعال ۽ متحرڪ پئي رکيو اهڙو تذڪرو سن 45 جي الوحيد اخبار ۾ هيٺين ريت آيل آهي.

    ڪانگريس جون سرگرميون 3 نومبر 1945
    چڪ_ هتي ڳوٺ چڪ ۾ ڪالهه ڏکڻ اوڀر ايشيا ڏينهن ملهايو ويو.
    صبح جو جهنڊي جي سلامي شري نيوند رام ڪرائي ۽ رات جو عام هندو ۽ مسلمانن جي پبلڪ ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ڀاءُ اتمچند، ڪنعيا لعل، پنڊت برسپتي تقريرون ڪيون ۽ ٽي ٺهراءَ به پاس ڪيا.
    (الوحيد ڪراچي)*

    پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ نيوند رام جي خاندان پنهنجو وطن نه ڇڏيو چڪ ۾ رهيو ۽ پنهنجو ڪاروبار سنڀاليندو رهيو. نيوند رام جي پٽ حڪومت راءِ کي ڪپڙي جو دڪان هيو. هي پڻ چڪ جو خاموش خدمت گذار هيو.هي رستن ۽ چونڪن تي پاڻي جا نل هڻائيندو رهندو هيو ۽ جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ رستن تي حوض ٺهرائيندو هيو،هن جي اولاد کي اناج جا گدام هيا هي پنهنجي ڪاروبار جا مالڪ هيا پر ڪجهه شر پسند ماڻهن کين لڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ کين پنهنجو اباڻا اجها ڇڏڻا پيا.بقول نيوند رام جي پوٽي بسنت ڪمار جي ته ”مونکي مجبورن پنهجو شهر۽ پنهنجي سنڌ ڇڏڻ تي ڪن ماڻهن مجبور ڪيو“
    شري نيوند رام جي اولاد هن وقت وطن کان دور انڊيا ۾ رهي ٿي.


    ابوشوڪت حمزو خان

    ابوشوڪت حمزو خان
    (1894 _1944ع)

    امير بخش عرف ابو شوڪت حمزو ولد محمد خان مهر، هنباهه چڪ ضلعو(سکر) شڪارپور ، 1_ جون 1894ع ۾ جنم ورتو داتا فيض درياهه شاهه سندس نالو گجڻ رکيو هو. ڊگهو مڙس ،سروقد، شڪل صورت ۾ رعبدار، ڏاڙهي پوري پني ۽ڀوري ڪاري هوندي هئس، هٿ ۾ ڪارو ڏنڊو هوندو هئس، سفيد ڪپڙا ۽ سفيد ٽوپي پائيندو هيو جيڪا هن ترڪي ٽوپي جي انداز کي ڏسي پاڻ ٺاهي هئي. سندس تعليم سنڌي فائينل (ست درجا) هئي جيڪا هن چڪ اسڪول مان پرائي .بعد ۾ شهداد ڪوٽ جي دوداپور اسڪول ۾ سنڌي ماستر بڻيو ان دوران ٽن سالن جي ماستري جو ڪورس پڻ ڪيائين ،جنهن کان پوءِ 1923ع ڌاري مولانا تاج محمود امروٽي جي صحبت ۾ اچي سنڌي ماستري تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.۽ خلافت تحريڪ جو ميمبر بڻيو ۽ ترقي ڪري خلافت تحريڪ ضلعي سکر جو محاسب (خزانچي) ۽ صوبه ڪاميٽي جو ميمبر پڻ ٿيو، جنهن بعد 1931 ۾ آزاد سنڌ جماعت جو سيڪريٽري پڻ مقرر ٿيو، اپر سنڌ مسلم اليڪشن بورڊ ۽ ڪانگريس ڪاميٽي سان به گڏ ڪم ڪيو، جنهن بعد هي1939ع ۾ انڊين مسلم ليگ جو سکر ضلعي لاءِ پروپيگنڊا سيڪريٽري 1943ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري۽ صوبه لاءِ ضلعي مان عيوضي پڻ مقرر ٿيو.
    جميعت علماءِ صوبي سنڌ طرفان هاري ڪاميٽي سنڌ ٺاهي وئي ته ان جو کيس جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو 1937ع هاري جماعت چڪ طرفان سنڌ اسيمبلي جي لاءِ آزاد اميدوار طور بيٺوسندس چونڊ نشان ”تلوار“ هيو.
    ابو شوڪت حمزو خان الوحيد اخبار جو نه صرف رپورٽر هيو پر هن 1931ع کان 1932ع تائين هفتي وار اخبار ”مزدور“ به جاري ڪئي .هي سٺو مضمون نويس ۽ مزاحمتي شاعر هيو .هن پنهنجي شاعري جا ٻه ڪتاب ”انقلابي ڏنڊو“ ۽ ”انقلابي ڪهاڙو“ پڻ شايع ڪرايا جنهن ۾ وڏيرن ۽ سرڪار خلاف مزاحمتي نظم ڏنل آهن.
    ابو شوڪت حمزي خان جون ٻه شاديون ٿيل هيون، جن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ ٽي پٽ 1_شوڪت علي 2_ محمد علي3_ ظفر علي ٿيا .
    31 ڊسمبر 1944ع ۾ جيڪب آباد لڳ محمدپور ڳوٺ ۾ سردار محمد خان اڍي وٽ اليڪشن ورڪ دوران نمونيا جي سٽ لڳي وڃڻ ڪري لاڏاڻو ڪري ويو .ڄڻ چڪ جي آس پاس ۾ اوندهه ٿي وئي کيس چڪ واسي اڄ به ڪامريڊ ابو شوڪت حمزي جي نالي سان ياد ڪن ٿا (سندس شخصيت ۽ شاعري تي راقم جي طرفان لکيل 2008 ۾مڪمل ڪتاب شايع ٿي مارڪيٽ ۾ اچي چڪو آهي). هيٺ سندس نموني طور ڪجهه شاعري ڏجي ٿي

    دعا
    خدا پاڪ توکان مدد ٿو گهران
    تهان پوءِ هٿ ۾ قلم ٿو کڻان

    لکان حال هارين غريبن سندو
    دنيا جي وڏن بدنصيبن سندو

    سهن ٿا اهي ظلم جي سِرَ مٿان
    وڏيرن هٿان سود خورن هٿان

    وڏي ڊيگهه آهي انهيءَ ڳالهه کي
    نه طاقت قلم کي ڇا هي لکي

    هجي عمر خضري ڪريان جي بيان
    ته پورو ٿئي ان جو هڪ داستان

    اکين ۾ هجي آب تالاب جيان
    وڃي خشڪ ٿي جي انهيءَ تي رئان

    نڪو دين تن وٽ نه دنيا وٽن
    جهالت ڪيو آبرو حال تن.*

    وڏيرا ۽ قوم
    وڏيرا نه ڄاڻن قدر قوم جو،
    وڏو قدر تن وٽ بصر ٿوم جو

    نه انسان ڄاڻن هارين کي مگر
    فقط جانور کان به سمجهن بدتر

    وهائن غريبن کي بيگر سدا
    انهن کي مزوري به نه ڪن ادا

    گهڻي ۾ گهڻو، ماني ٽڪر ڏين
    ٻچا ٻار تن جا ڀلي بک مرن

    غريبن جا ڌنڌا ڀل پيا رلن
    وڏيرن جا سڀ ڪم برابر هجن

    آفيسر کي راضي رکڻ واسطي
    لقب خواهه ليسن ملڻ واسطي

    غريبن مٿان ظلم ٻاري ڏين
    انهن جي مرڻ جيئڻ جي نه ڪن

    ڀلي قوم ساري ته برباد ٿئي
    مگر هڪ آفيسر نه ناشاد ٿئي

    غريبن سان حاڪم ڀلي ظلم ڪن
    وڏيرا انهن کي نه آڏو اچن

    وڏيرا انهيءَ ۾ هي مطلب رکن
    ته جيئن راڄ وارا نه اسري سگهن

    ٻيو خاص مطلب اهي هي رکن
    ته حاڪم اسان کان سدا خوش هجن

    ٻڌايان وڏيرن جو هڪڙو نقل
    وڌان نه هرگز انهيءَ کان اصل.*


    غلام حيدرخان سيٺار

    غلام حيدرخان سيٺار
    (1908_1983 )

    غلام حيدر عرف علي حيدر ولد غلام حسين سيٺار چڪ ضلعو (سکر) شڪارپور ۾9_1908ع جي لڳ ڀڳ جنم ورتو . سنڌي لباس پٽڪو پائيندو هيو ۽ سفيد ڪپڙن کي اوليت ڏيندو هو . وارن کي ڪارو ڪيس ڪندو هيو .ڪنن ۾ ڪيوٽيون (واليون) پيل هونديون هيس. ٽي چار درجا سنڌي جا به پڙهيل هيو سندس تعلق چڪ جي وچولي ڪلاس سان هيو.کيس ڀلا ڏاند ۽مينهون پالڻ جو وڏو شوق هيو ۽ ڏاندن جون گويون ڪرائڻ خاص مشغلو هئس. اڪثر ڏاندن جي گوءِ ۾ وهيءَ تي منصف ٿيندو هيو.هڪ دفعي ڊي سي سکر چڪ آيو ته پنهنجي هر مان ڏاندن جي جوڙي ڪڍي گوءِ ڪرائي جنهن ۾ چئن ڏاندن جي جوڙين حصو ورتو پر گوءِ ۾ پهريون نمبر تي غلام حيدر خان جا ڏاند آيا.
    هي يارن جو يار هو. سندس ڳوٺ جي وڏيري الهڏني خان سان ويجهڙائي هئي ۽ ان جي صحبت ۾ رهيو.جنهن ڪري هن زندگي بي ڊپي گذاري. هن جا آغا بدرالدين پٺاڻ ،شهيد الله بخش سومري جي پٽ رحيم بخش سومري ۽ قاضي حفيظ الرحمان سان قريبي واسطا هيا . سندس همعصر دوستن ۾ الهداد خان سيٺار ، محمد ارباب سيٺار، سيٺ چندن مل، سيد حسين شاهه، امير بخش خان مهر، سيد دين شاه وغيره شامل آهن.
    1965ع ۾ هي ٽائون ڪاميٽي چڪ جو چيئرمين چونڊيو ويو. هن پنهنجي ايامڪاري ۾ شهر اندر سٺا ترقياتي ڪم ڪرايا.غريبن جو خير خواهه هجڻ ڪري هن ٽائون ڪاميٽي چڪ ۾ ٻن ٽن غريبن نوجوانن کي سڏي نوڪري ڏني.پر 1967ع ۾ٽائون جي ميمبرن کيس عدم اعتماد ذريعي هٽائي ڇڏيو.
    هن جون ٻه شاديون ٿيل هيون هڪ گهر واري حاجي سيٺار جي نياڻي ٻي گهر واري محمد سچل جي نياڻي هئي جن ما کيس ٽي نياڻيون ۽ چارپٽ ٿيا. 1_غلام حسين 2_ محمد حسين 3_ غلام مصطفي 4_ طالب علي. محمد حسين پ پ جو شروعاتي دور ۾ ڪارڪن رهيوآهي جڏهن ته غلام مصطفي سياسي سماجي ۽ مذهبي ورڪر رهيو آهي ۽ ٻه دفعا چڪ ٽائون جو ڪائونسلر به چونڊيو ويو آهي.هي چڪ شهري اتحاد ۽ چڪ شهري ايڪشن ڪاميٽي جو عهديداربه رهيو.
    هي سٺي ڪردار جو مالڪ ۽ سنڌي ثقافت جو چاهيندڙ ڀلو انسان غلام حيدرسيٺار 83_1982ع جي لڳ ڀڳ پنهنجي مالڪ حيقيقي سان وڃي مليو.


    غلام رسول سومرو وڪيل

    غلام رسول سومرو وڪيل
    (1917ع_1975ع)

    غلام رسول سومرو ولد محمد سچل سومرو چڪ ضلع سکر ۾ 1917ع جي لڳ ڀڳ پيدا ٿيو .هي صاحب چڪ جو کاهوڙي سياسي ورڪر ۽ سماج سڌارڪ هيو .هن بنيادي تعليم چڪ مان پرائي ۽ وڪالت جي اعلي تعليم عليڳڙهه مان حاصل ڪئي جنهن بعد هن وڪالت جي سکر ۾ پريڪٽس شروع ڪئي پر سندس لاڙو سياست ڏانهن گهڻو رهيو جنهنڪري هن جا واسطا سائين جي ايم سيد، خانبهادر محمد ايوب کهڙي ، شهيد الله بخش سومري، يوسف هارون ، محمود اي هارون ۽ اي ڪي بروهي سان به رهيا . هي آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ 1940ع ۾ ليگ جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪيائين ۽ حيدر منزل تي سائين جي ايم سيد سان ملاقات ڪري پارٽي بابت هدايتون ورتيون، سکر جي تڪ تي اي ڪي بروهي صاحب اليڪشن ۾ بيٺو ته غلام رسول سومري صاحب چڪ ۾ هن جو نه صرف جلسو ڪرايو پر اليڪشن ۾ مدد به ڪئي .1960ع ۾ چڪ کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو ته ڪائونسلر ٿيو ۽ سيٺ چندن مل ايسراڻي سان چيئرمين جي اليڪشن ۾ مقابلو ڪيو پر ڪجهه ووٽن تان چندن مل ايسراڻي کان هارائي ويو .
    هي چڪ ۾ ٿيندڙ هر سياسي سماجي سرگرمي ۾ اڳڀرو رهندڙ ۽ چڪ جي سڃاڻپ هيو، هن ڪوششون وٺي رورل هيلٿ سينٽر چڪ منظور ڪرايو سندس همعصرساٿين ۾ سيٺ ڪروڙي مل تلريجا، محمد ارباب سيٺار، سيٺ چندن مل ايسراڻي ، سيد دين شاهه ۽ احمد شاهه لڪياري وغيره هيا. هن شادي ٻَڍي جي عيساڻي برادري مان ڪئي پر کيس اولاد نه ٿي. هن جو ڀاءُ ڊاڪٽر شمس الدين سومرو خيرپور ڊويزن جو هيلٿ آفيسر هيو .
    هي صاحب به ڪراچي ۾ نوڪري دوران سنڌ جي قومي شاعر شيخ اياز ۽ نورالدين سرڪي صاحب جن جي سٿ ۾ رهيو سنڌي ادبي سنگت جي شروعاتي ڏينهن ۾ سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪلاسن ۾ باقائدي شرڪت ڪندو رهيو.سندس ڀاءُ غلام رسول سومرو وڪيل 15 فبروري 1975ع ۾ پنهنجي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو.


    مکي ڪروڙي مل تلريجا

    مکي ڪروڙي مل تلريجا
    (2008ع_1920 )

    مکي ڪروڙي مل، مکي پرسرام تلريجا جي گھر ۾ 28 فيبروري 1920ع تي جنم ورتو. سندس تعليم مئٽرڪ هئي، جيڪا بمبئي يونيورسٽيءَ مان 1940ع ۾ پاس ڪيائين. 1940ع ۾ ئي پرائمري استاد ٿيو ۽انگريزي (ڊي ايل بي ) مڊل اسڪول چڪ م استاد مقرر ٿيو. ، 1942ع ۾ سيڪنڊري استاد ۽ 1965ع ۾ والد جي وفات بعد برادريءَ جي مکي مقرر ٿيڻ کانپوءِ نوڪري ڇڏي ڏنائين. گھوڙي سواري به ڪندو هو. ڌنڌو زمينداري هيس ۽ هي چڪ جي هندو پئنچائت جو هڪ اصول پسند مکي ٿي گذريو. هن سياست ۾ 1938ع ۾ پير پاتو. پاڻ شروع ۾ هندو مها سڀا (نوجوان ونگ) سان لاڳاپيل رهيو بعد ۾ ڪانگريس سان سلهاڙيو ۽ ورهاڱي کانپوءِ هن لوڪل سياست م به حصو ورتو.1979ع کان 1983ع تائين هي چڪ ٽائون جو ڪائونسلر رهيو.
    1965ع واري جنگ ۾ به (ڊي.پي.آر) هيٺ چڪ مان گرفتار ڪري 3 مهينا جيل ۾ رکيو ويو، ساڻس جيل ۾ چڪ جا ٻٽي ٻيا هندو به گڏ هيا، 1982ع ۾ ضياءَ جي فوجي آمريت کيس ناپسنديده شخصيت قرار ڏنو اهو ئي سبب ڄاڻائي 1983ع ۾ هن جو ڪائونسلري لاءِ ڀريل فارم رد ڪيو ويو هو.
    هن شاعريءَ جي شروعات 1940ع م ڪئي ، سندس شاعريءَ جو موضوع شانتي ۽ رواداري جو پرچار هو. ، پاڻ ابو شوڪت حمزي صاحب جا گهرا دوست هئا.. مذهبي شاعريءَ ڪرڻ سندس مشغلو هيو، شاعريءَ ۾ ”پياسي“ تخلص ڪم آڻيندو هيو. اڪثر مندرن ۾ وڃي پاڻ ڀڳتي ڪندو هيو ۽ پنهنجا ٺاهيل ڀڄن چوندو هو، هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪ ۽ انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالاجي جو ڊائريڪٽر محترم لکمي کلاڻي صاحب سندس سنڍو آهي هي صاحب به اصل چڪ لڳ ڳوٺ جهان خان جو آهي. هيٺ سندس شاعري نموني طور ڏجي ٿي.
    پنهنجو پاڻ سڌار، ٻئي ڏي ڪين نهار،
    ٻئي کي طعنو هڻڻ جي بدران، صاف رکج ڪردار.

    تو وٽ اگر جي آهي پيارا شانتي ڪو قرار،
    پڪ ڄاڻج تون، ٻئي تي ٿيندو اثر اهو ئي يار

    محبت ڌاري مٺو ڳالهائج، هلج هيٺاهون پار،
    آپ چڱو پوءِ جڳ چڱو، تون ڏسندين هر پرڪار.

    سيٽ ڪري ناسمجھه پاڻ کي، هڪدم گامون سچار،
    ڪس کائي به ڪروڌ کي ٺارج، ڪڏهن نه ڪڍجانءِ گار،
    آدرشي انسان جي پياسي، هت هت آ جئڪار.*

    ڪامريد ابو شوڪت حمزي خان جي 99 سالگرهه سنڌ ساگر پارٽي چڪ طرفان جون 1993ع ۾ ملهائي وئي، جنهن م مکي ڪروڙي مل ڪامريڊ حمزي جي شان ۾ هي نظم پڙهيو.
    وري آءَ حمزا وطن جا سپاهي،
    سڏي توکي ٿي قوم جي خيرخواهي.
    قوم ۾ نه جهڙس، تو سرواڻ آهي،
    ڏنڊو هو هٿن ۾، ادا يا الاهي.


    ”انقلابي ڏنڊو“ تصنيف تنهنجي ظاهر،
    ملي ٿي مطالعي سان عجب رهنمائي.

    هيو ابو شوڪت مجاهد سچن مان،
    خلافت تحريڪ جو هيو ادنا سپاهي.

    ڪفن ٻڌي سرسان هلندو ئي هل تون،
    هٽي ويندي هڪدم چاڙهي ۽ لاهي.

    ڪيون نياز نوڙي اڄ توکي بهادر،
    پوين ۾ ڀرجان ساڳي سورهيائي.

    ڏسان ڪون شوڪت ۾ جلوو جوش اهو،
    وڌي وئي قوم ۾ به آهي بي حيائي.

    ويا ڪيئي ”پياسي“ واڄا وڄائي،
    انهن مان هي هڪڙو هو حضرت هنباهي.*

    مکي ڪروڙي مل جي پئنچائت لاء ڏنل خدمتن جي مڃتا طور هندو پئنچائت چڪ پاران، مکي پريم چند تلريجا جي اڳواڻي ۾ پئنچائت جي بلڊنگ چڪ گرلس اسڪول لاءِ وقف ڪري ڏني وئي جيئن نياڻين کي ٻي هنڌ اسڪول وڃڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿي.
    جنهن جي موٽ ۾ ڊي سي شڪارپور اسڪول جو نالو “ مکي ڪروڙي مل پرسرام تلريجا گرلس هاءِ اسڪول چڪ ” رکڻ جو اعلان ڪيو جيڪو هن وقت ساڳي بلڊنگ ۾ هلي رهيو آهي، چڪ جو هي پڙهيل لکيل ۽ سماج سڌارڪ مکي 2008ع ۾ وفات ڪري ويو سندس عمر 89سال هئي. هن وقت چڪ پئنچائت جو مکي سندس پٽ انجنيئر پريمچند تلريجاآهي.


    ڪنعيا لال ناگپال

    ڪنعيا لال ناگپال
    (1923ع_2001ع)

    ڪنعيا لال پٽ سيتل داس ناگپال 16 فبروري 1923ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ چڪ ۾ جنم ورتو . هن سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان تعليم پرائي ۽ جواني ۾ ئي هن انگريز سامراج خلاف وطن جي آزادي جي هلچل ۾ ڀر پور حصو ورتو.کيس ڪاليج دور ۾ پوليس اسٽيشن ٻاهران نعرا هڻڻ جي ڏوهه ۾ جيل ياترا ڪرڻي پئي کيس 1948_09_07 تي آزاد ڪيو ويو
    هن جي دل ۾ ديس جي خدمت جو جذبو ڀريل هيو.هن ڌرتي جي تارن ننڍڙن ٻارن ۾ علم جو شعور جاڳائڻ لاءِ ”ٻارن جي ٻاري“ پڻ قائم ڪئي. 1937 ۾ جڏهن ”هاري ڪانفرنس چڪ“ ۾ جواهر لعل نهرو شرڪت ڪرڻ لئه سفيد ڪار ۾ چڙهي آيو ته سندس آجيان لاءِ ڪار جي ٻنهي طرفن جن ڇهه ڇهه نوجوان هندو فريڊم فائيٽرن بندوقون کڻي سلامي ڏني انهن ۾ هڪ ڪنعيا لال به هيو.
    ڳوٺاڻي ماحول جي ڪري ڌوڙ ۽ دز اٿڻ جي سبب ڪنعيا لال جواهر لعل نهرو کي چهرو صاف ڪرڻ لئه پنهنجو نعپڪن (رومال) ڪڍي ڏنو نهرو صاحب منهن صفا ڪري کيس واپس ڏنو، جيڪو هن پاڻ وٽ 15 سال انڪري سنڀاري رکيو جو ان رومال کي نهروجي منهن جي کهه (مٽي) لڳل هئي .
    ڪنعيا لال ڪانگريس چڪ جي صدر نيوند رام ڪوڏواڻي سان گڏجي علائقي ۾ آزادي لاءِ ڪم ڪيو سندس ڀيڻ نيوند رام جي ننهن هئي.هي محترم بسنت ڪمار ڪوڏواڻي جو مامو هيو.
    ورهاڱي کانپوءِ هي انڊيا ۾ ويو ته اتي به وڃي عام هندن جيان زندگي نه گذاري پر هي پنهنجي وطن واسين جي لاءِ پنهنجي حصي جو ڪم ڪندو رهيو ۽ هن انڊيا ۾ به فريڊم فائيٽر طور مڃتا ماڻي .
    نه صرف اهو پر هن شهيد هيمو ڪالاڻي جي قرباني ۽ جدوجهد کي ڀيٽا ڏيڻ ۽ سندس ڪردار کي ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ تائين روشناس ڪرائڻ لاءِ هيمو ڪالاڻي ميموريل انڊيا ۾ نه صرف ڀرپور حصو ورتو پر ان جو صدر به ٿيو.انڊيا ۾ کيس ميڊيڪل جي دوائن جي پيڪنگ جا دٻا ٺاهڻ ۽ ڇاپڻ جو ڪارخانو هُيو. هي کاهوڙي ۽ آدرشي انسان 2001ع_ 12 _23 تي انڊيا ۾ ديهانت ڪري ويو.












    7 سيپٽمبر 1948ع تي ڪنعيا لعل جيلَ مان آزاد ٿيڻ
    وقت پنهنجي ساٿين سان گَڏُ 


    سيٺ چندن مل ايسراڻي

    سيٺ چندن مل ايسراڻي
    (1924ع ــ 2014ع)

    سيٺ چندن مل ايسراڻي پنهنجي آبائي ڳوٺ ڳڙهي عادوشاهه ۾ ڇُٽي مل ايسراڻيءَ جي گھر۾ 1924ع ڌاري جنم ورتو. سندس خاندان 1934ع ۾لڏي اچي چڪ ۾ ويٺو. 1940ع ۾ هن سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيو. زمينداري سندس اباڻو ڌنڌو آهي، هن 1947ع ۾ چڪ ۾ اناج جو گدام کوليو.ورهاڱي کانپوءِ هن لوڪل سياست ۾ حصو ورتو.سماجي واسطا وڌيڪ هئڻ ڪر ي سندس ڪافي مقبوليت هئي 1960_12_01 ۾ سينيٽري ڪاميٽي چڪ کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو مليو ته هي ڪائونسلر چونڊيو ويو ۽ ساڳئي سال ٽائون ڪميٽي چڪ جي چيئرمين شپ تي بيٺو، جنهن ۾ هن غلام رسول سومري ايڊووڪيٽ کي شڪست ڏئي چڪ ٽائون جي پهرين چونڊيل چيئرمين جو اعزاز کنيو. هن پنهنجي پنج سالا چيئرمين شپ دوران چڪ جي ترقيءَ لاءِ سٺا ڪم ڪيا، سندس چيئرمين شپ واري دور کي اڄ به ماڻهو ساراهيندا آهن. کيس رستن جي تعمير ۽ مرمت لاءِ 45 هزار گرانٽ ملي ته سموري رقم هن انهيءَ تي خرچ ڪرائي ڇڏي، ان رقم مان هن شهر ۾ فرش هڻايا ۽ پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ٺهرايون، ٽائون جي آفيس جو پراڻو ڪمرو پڻ ٺهرايو. هن پنهنجو اثر رسوخ هلائي 1961ع ۾ مڊل بوائز اسڪول چڪ کي هاءِ اسڪول بنائڻ لاءِ هن پنهنجي کيسي مان 500 روپيه سکر جي چيف آفيسر کي خرچي طور ڏنا ۽ اسڪول کي اپ گريڊ ڪرايو. هن جي دور م ٽائون جو اعزازي سيڪريٽري شونداس هوندو هيو.
    هن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ رستي جي ٻنهيءَ پاسي 250 وڻ پوکرايا ۽ انهن لاءِ مالهي مقرر ڪيو (ڇٽومل مهاجر وڻن کي پاڻي ڏيندو هو). رات جو شهر ۾ روشنيءَ جي لاءِ هر چوڪ تي فانوس لڳرايا. سندس دور ۾ نالي ٽيڪس، پڙي ٽيڪس جي شروعات ٿي ۽ 1962ع کانپوءِ هن چڪ م موصول چنگي لاءِ ناڪن جون جايون ٺهرايون، هن ٽائون لاءِ ڪلارڪ جي پوسٽ تي هڪ مسلم الهڏني سيٺار کي ڀرتي ڪيو، سندس دور/نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽر شام داس به هندو پئنچائت چڪ طرفان پڻ ڪم ڪندو رهندو هيو.
    ورهاڱي کانپوءِ هي شڪارپور جي سومرن ۽ سکر جي نامياري سياستدان علي حسن منگي جو اتحادي رهيو هن سٺي انسان کي رياست جي طرفان 1965_1971_1974 ۾ ڊي پي آر تحت گرفتار ڪري جيل وڌو ويو .سندس دور م چڪ جي اناج منڊي سکر تعلقي (هينئر ضلعو) ۾ پهرين نمبر تي مشهور هئي. چڪ ۾ سيٺ چندن مل پهريون ڀيرو اوپل ڪار آندي، جنهنکي شهر جا ماڻهو ڪمي ڪار چئي هرروز ڏسڻ ايندا هئا. کيس ٽي پُٽ (1) مهيندر ڪُمار (2) ٻالچند (3) ڪيشؤن داس، سندس وڏو پٽ مهيندر جوانيءَ ۾ ئي وفاتَ ڪري ويو، ٻيون نمبر پٽ ٻالچند ايسراڻي سنڌي ادبي سنگت چڪ جو بنيادي ميمبر آهي.ٽيون نمبر پٽ ڪيشئون داس چڪ جا سٺا واپاري آهي. هي سماج سڌارڪ ڀلو انسان 9 فيبروري 2014ع ۾ وفات ڪري ويو.




    محمدارباب سيٺار

    محمدارباب سيٺار
    (1925-2004ع)

    محمد ارباب ولد محمد صابل سيٺار ۾ 30 جنوري 1925ع تي چڪ ۾ جنم ورتو. فائنل تائين تعليم حاصل ڪيائين، پرائمري استاد جو آرڊر مليس پر نه ورتائين. کيس گھوڙن پالڻ جو شوق هو ۽ اوطاقي مڙس به هو. 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪراچيءَ ۾ اجلاس جي موقعي تي هن غلام رسول سومري سان گڏجي سائين جي.ايم سيد سان حيدر منزل تي وڃي ملاقات ڪئي ۽ مسلم ليگ لاءِ هدايتون ورتيون. 1947ع ۾ ورهاڱو ٿيو ته مسلم ليگ چڪ جو جنرل سيڪريٽري ٿيو. 1960_59ع ۾سينيٽري ڪاميٽيءَ چڪ جي اليڪشن ٿي ته پاڻ چيئرمين جي اليڪشن ۾ مکي ڪروڙي مل تلريجا سان مقابلي ۾ بيٺو، جنهن ۾ محمد ارباب سيٺار ، مکي صاحب کان 100 ووٽ مٿي کڻي اليڪشن کٽي ويو، جنهن جي خوشيءَ ۾ مکي ڪروڙي مل پاڻ جھمريون هڻي زنده دلي جو ثبوت ڏنو.
    هن چيئرمين شپ دوران ڪاميٽي جو وهنوار چندي تي هلايو. هندن جون ڇڏيل / بچيل جايون نيلام ڪرايائين ۽ اصول ٺاهيائين ته جيڪو جنهن جاءِ ۾ ويٺل هجي اها جاءِ انهيءَ کي 100، 200 رپين ۾ ڏني وڃي. هن جي دوءر ۾ لائبريري لاءِ ٺهيل بلڊنگ ۾ ڪاميٽي جي آفيس منتقل ڪئي وئي ۽ لائبريري ڪاميٽي جي اڳوڻي آفيس جي (ڪمري) ۾ رکي وئي، جتي الوحيد، نئين سنڌ، سنڌ زميندار اخبارون گھرايون وينديون هيون. هن جي دوءر ۾ ريڊڪراس ۽ جنگ جو چندو به ورتو ويندو هو، جنهن ۾ هندو وڌي چڙهي حصو وٺندا هئا.1960ع ۾ چڪ کي سينيٽري ڪاميٽي مان ٽائون ڪاميٽي بڻايو ته اليڪشن تائين ٽائون جو عبوري چيئرمين رهيو. انکان علاوه محمد ارباب سيٺار ٽانگا ايسوسيئيشن تعلقي سکر جو صدر پڻ ٿيو ۽ چڪ جي واپارين جي ايسوسيئيشن جو جو صدر پڻ ٿيو،
    مکي ڪروڙي مل، غلام رسول سومرو، چانڊو مل، ابو شوڪت حمزو خان ۽ وڏيرو الهڏنو خان سيٺارسندس سٺا دوست هوندا هئا.
    کيس هڪ پٽ نبي بخش سيٺار ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو. هي پنهنجي چئن گھرن جو وڏو هيو، زميندار نه هو پر ڪجھه ڪاروبار لاءِ جايون هئس. پاڻ چڪ زڪوات عشر ڪميٽي جو ڪجهه عرصو چيئرمين به رهيو، نهايت فهميدو ۽ لياقت ڀريو انسان هو. 1999ع ۾ نظر جي ڪمزوري سبب ڪري پيو،ته سندس ڄنگھه نڪري پئي، هن ڀلي شخص 03 مارچ 2004ع تي شام جو وفات ڪئي.




    محمد پارل سومرو

    محمد پارل سومرو
    (1926 ـــ 1996ع)

    محمد پارل سومرو ولد غلام حسين سومرو 1926ع ۾ جنم ورتو هي اصل چڪ لڳ ڪچي جي ڳوٺ مياڻي جو هيو جڏهن سنڌو درياهه ڳوٺ کي مڪمل طور پائڻ لڳو ته محمد پارل جا وڏڙا چڪ لڏي اچي ويٺا. محمد پارل ٻه ٽي درجا سنڌي پڙهيل هيو ، کيس ٽي پٽ 1 _ولي محمد سومرو 2 _غلام حيدر سومرو 3 _ الاهي بخش سومرو ۽ هڪ نياڻي جي اولاد آهي سندس وڏو پٽ فوت ٿي چڪو آهي جڏهن ته ٻي اولاد حال حيات آهي. چڪ جو جاکوڙي ۽ ترقي پسند ليکڪ نذير سومرو سندس سڳو ڀاڻيجو آهي.
    ورهاڱي کان پوءِ 1965ع ۾ بلدياتي اليڪشن ٿي ته محمد پارل سومرو به برادري طرفان ڪائونسلر طور” وڻ “جي چونڊ نشان هيٺ اليڪشن وڙهيو سندس مد مقابل سيد دين شاهه بخاري هيو جنهنجو چونڊ نشان ” سائيڪل“ هيو.جنهن ۾ محمد پارل چونڊ کٽي ويو.جنهن بعد 1967ع ۾ غلام حيدر سيٺار کانپوءِ کيس چڪ ٽائون ڪاميٽي جو چيئر مين چونڊيو ويو. هن شهر جي ترقي ۽ صفائي لاءِ خاصا اپاءَ ورتا.
    سندس دوستن ۾ محمد ارباب سيٺار، غلام حيدر خان سيٺار ، امير بخش خان مهر وغيره شامل هئا . پاڻ هميشه سلوار قميص پائيندو هيو. سنهڙو پر پوري پني قد جو مالڪ هيو ،تمام لائق ماڻهو هيو سڀ سان نياز نوڙت سان هلندو هيو . هن جي پناهگيرن سان بنهه نه لڳندي هئي خاص طور اهڙن پناهگيرن سان جيڪي مذهب جي آڙ ۾ پنهنجا الو سڌا ڪندا هجن .
    هي بعد ۾ چڪ مان سکر لڏي مياڻي روڊ تي وڃي ويٺو.
    1996ع_12_27 تي هي پنهنجي مالڪ حقيقي ڏانهن لاڏاڻو ڪيو.
    هن وقت سندس پٽ غلام حيدر سومرو سکر ۾ واپاري يونين جو نائب صدر آهي جڏهن ته سندس ننڍو پٽ الاهي بخش سومرو(ڊي ايس پي)طور پوليس ۾ ملازم آهي.














    ڀائوعبدالقادر خان سيٺار

    ڀائوعبدالقادر خان سيٺار
    (1936_2013)

    ڀائوعبدالقادر خان ولد عبدالرحمان سيٺار 1936 چڪ ضلعو(سکر) شڪارپور ۾ چڪ جي وڏيري گهراڻي ۾ پيدا ٿيو.سندس ننڍپڻ چڪ جي هردلعزيز وڏيري الهڏني خان جي شفقت جي پاڇي هيٺ گذريو. سندس والد عبدالرحمان سيٺار وڏيري الهڏني خان جو ڀائٽيو هيو.هي جواني جي ڏهاڙن ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي سان ڳنڍيل هيو. کيس پنهنجون بسون هيون .وڏيري الهڏني خان جي وفات کانپوءِ سندس ڀائٽيو الهداد خان سيٺار کي شهر جي وڏيري جي پڳ ٻڌرائي وئي پر هن جي ستت وفات ٿيڻ کان پوءِ اڪثر برادرين وڏيري جي پڳ ڀائو عبدالقادر خان سيٺار کي ٻڌرائي، سندس ذات ۾ اهنڪار يا وڏائي مور نه هئي. شهرجي وڏيري ٿيڻ باوجود هن ٽرانسپورٽ جي ڌنڌي کي نه ڇڏيو. لاري جو ڀاڙو هو پاڻ اڳاڙيندو هيو پر ڪنهن غريب کي جيڪڏهن پئسا نه هوندا هيا ته هي کائنس ڀاڙو نه وٺندو هيو.غريب غربو کيس دعائون ڏيندو ويندو هيو.
    پاڻ يار ويس ماڻهو هيو نه ڪنهن کي ڏکائي نه ڏي ،اڪثر ماڻهن جا فيصلا پرچاءَ لاءِ ڪندو هيو ٺوڙهي خير جي مصداق . سندس ڪوشش هوندي هئي ته ڌريون کير کنڊ ٿي وڃن ،ڪيترائي ماڻهوکيس ميڙ منٿ ۾ وٺي ويندا هئا .
    ضيا جي دور ۾ 1979ع جون بلدياتي چونڊون ٿيون ته پاڻ چيئرمين چونڊيو ويو. ايئن 1983ع ۽ 1987ع ۾ به لڳاتار ٽي ڀيرا مخالفن کي شڪست ڏئي 1990ع تائين چڪ جو چيئرمين ٿي رهيو. ان کانپوءِ 2001ع۾ سندس تعليم گهٽ هجڻ سبب هن جو وڏو پٽ راشد علي خان سيٺار مخالف کي شڪست ڏئي چڪ جو پهريون ناظم چونڊيو
    پنجن سالن بعد ٻيهر بلدياتي چونڊون ٿيون ته هن جي پٽ مقامي سياست ۾ اچڻ کان انڪار ڪيو ته تر جي سياسي منهندارن پنهنجي سياسي مفادن ۽ سياسي گيم پلان ۾ وري به عبدالقادر خان سيٺار کي سندالفراغ ڏياري ميدان ۾ آندو ايئن هي ٻيهر چڪ جو ناظم ٿي ويو پر ڪورٽ سڳوري ڪجهه سالن کانپوءِ سندس چونڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. هي ڪجهه عرصو چڪ شهري اتحاد جو سرپرست اعلي به رهيو. هن پنهنجي چيئرمين شپ ۽ ناظمي جي دور ۾ شهر اندر لنڪ روڊ پڪا ڪرايا ،سي سي بلاڪ ،پڪين سرن جا فرش ، ناليون ، ٽائون جا دڪان ،سلاٽر هائوس وغيره ٺهرايا.سندس ئي دور ۾ ٽول ٽيڪس، پڙي ٽيڪس، حد دخلي ٽيڪس ،نالي ٽيڪس وغيره رائج ٿي.
    سندس دؤر ۾ شاهه لطيف لائبريري چڪ کي ٽائون طرفان اخبارون ملنديون رهيون ۽ لائبريري جي عمارت جي مسواڙ ٽائون ادا ڪندي رهي. سندس همعصر دوست سيد دين شاهه، سيد حسين شاه ،سيٺ شونداس، سيد علڻ شاه ،سيد گل شاه ، مولچند تلريجا، ممتاز علي ڀيو وغيره شامل هيا.کيس ڇهه پٽ آهن ستون پٽ سندس هٿن ۾ وفات ڪري ويو. عبدالقادرخان جا پٽ به هن جيان شريف النفس ۽ يار ويس انسان آهن.پنهنجي نوڪرين ۽ ڌنڌن سان لاڳاپيل آهن .
    هي چڪ جو هي هردالعزيز وڏيرو 5 جون 2013 تي لڳ ڀڳ 77 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو،.


    فنڪار ۽ اداڪار

    قلندر بخش خان مغل

    قلندر بخش خان مغل

    قلندر بخش خان مغل چڪ ضلعي سکر ۾ جنم ورتو سندس چڪ جي زميندار گهراڻي سان واسطو هيو مير محمد خان مغل ۽ خيرالدين خان مغل جو ويجهو مائٽ هيو موسيقي سان سندس دلي لڳاءُ هيو ،چڪ واسي کيس راڳداري جو ماهر ۽ ڄاڻو هئڻ سبب خانصاحب چوندا هئا ، ڪلاسيڪل راڳ جو ماهر گويو هيو.پر هو ٻي ڪنهن جاءِ وڃي گهٽ ڳائيندو هو اڪثر پنهنجي اوطاق تي راڳ ويراڳ جون محفلون سجائيندو هيو .جت سنڌ ۽ پنجاب جا مهمان راڳي اچي راڳ جا جوهر ڏيکاريندا هئا.کيس هارمونيم، بينجو ۽ ستار هلائڻ تي عبور هيو پر گهڻو ڪري هو ستار تي ڳائيندو هيو. چڪ جي صوفي شاعر عبدالعزيز شاهه سان ويجهڙائپ هئس جنهن ڪري هن، سندس پٽ انورعلي شاهه” روشن” کي ڪلاسيڪي راڳ جي سکيا ڏني هارمونيم ۽ بينجو هلائڻ سيکاريو.انکان سواءِ هن سردار شاهه لڪياري کي پڻ گائڪي جاسبق سيکاريا .کيس چڪ لڳ چڱي خاصي زرعي زمين هئي. هن جي شادي لکي غلام شاهه جي مغل برادري مان ٿيل هئي . هن جي باري ۾ وڏيڪ تفصيل نه ملي سگهيو آهي ڇو ته چڪ ۾ هن وقت مغل پٺاڻن جا صرف ٽي چار گهر بچيا آهن، مغلن جي نوجوان نسل کي قلندر بخش خان جي باري ۾ گهڻي معلومات نه آهي.


    انور علي شاهه بُخاري

    انور علي شاهه بُخاري
    ( 1917-1971)

    سيد انور علي نشاهه ولد سيد عبدالعزيز شاهه بن مولوي عبدالڪريم شاهه (اول) بن پير سيد گل شاهه بخاري پنهنجي شهر چڪ ۾ 16 اپريل 1917ع مطابق 13 جمادالثاني 1335هه جمعي ڏينهن جنم ورتو.سندس تعليم سنڌي پنج درجا هئي، سندس والد صاحب به هڪ سٺو شاعر هو، جنهن جو ذڪر اڳ ۾ ڪري آيا آهيون. هن پنهنجي والد صاحب کان عملي توڙي علمي تربيت حاصل ڪئي ۽ عربي فارسيءَ جي ڄاڻ ورتي.
    سيد انور علي شاهه شاعر سان گڏ سٺو ڪلاسيڪل فنڪار به هو، کيس ڪلاسيڪل علم جي چڱي ڄاڻ هئي، پاڻ داتا ولايت علي شاهه ، سردار شاهه، پيرل شاهه لڪياري جو همعصر ۽ رفيق هو ساڻن گڏ ڳائيندو هو. ۽ نعت خوان فقير علي حسن سيٺار سان رمضان شريف ۾ ختم القرآن جي موقعن تي مسجدن ۾ مولود ۽ نعت به چوندو هيو. هن چوڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري جي شروعات ڪئي، سندس شاعري مذهبي رنگ ۾ رڱيل آهي. شيعا طريقت سان سندس تعلق هو جنهن ڪري امامن جي شان ۾ قصيدا ۽ ڪافيون لکندو هو. شاعريءَ جي سکيا پنهنجي والد صاحب کان ورتائين، سندس اڪثر ڪافيون موسيقيءَ جي سرن تي ٺهيل آهن، پر ڪي ڪافيون بحر وزن تي به ملن ٿيون. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ”روشن“ تخلص استعمال ڪيو آهي، پر ڪٿي ڪٿي پنهنجو نالو”انور“ به استعمال ڪيو اٿس، ڪيترين ڪافين ۾ ته ٻئي تخلص ملن ٿا.
    موسيقيءَ ۾ مهارت هئڻ ڪري وٽس ڪيترائي شاگرد سکڻ ايندا هئا، جن مان حافظ غلام حيدر شيخ، ريڊيو، ٽي.وي فنڪار علي ڏنو پٺان، مولابخش ڪلهوڙو (فقير)، سندس وڏو پٽ سڪندر علي شاهه (جنهن جا چڪ ۾، اڪثر نوجوان راڳي شاگرد آهن) قابل ذڪر نالا آهن. سندس ڪيتريون ئي ڪافيون سندس شاگرد علي ڏني پٺاڻ پي.ٽي.وي ڪراچيءَ تان سنڌي پروگرامن ۾ ڳايون. سندس پٽ مرحوم صفدر علي شاهه قصيدن ۽ مرثين جو سٺو شاعر ۽ سنڌ جو مڃيل ذاڪر هئو.
    شاهه صاحب جو موسيقي ۽ گائڪيءَ جو استاد چڪ جو ستار ناز راڳي خانصاحب قلندر بخش خان پٺاڻ هو. پاڻ 55 سالن جي ڄمار م 23 آگسٽ 1971ع بروز اربع مطابق 13 رجب 1392ع ۾ هن فاني دنيا کي ڇڏي وڃي هميشه لاءِ ابدي ننڊ ۾ سمهي پيو.هن جي آخري آرام گاهه پير فاضل شاهه لڪياري چڪ ۾ آهي.
    سندس پوين جي لاپرواهيءَ سبب ڪيترو ئي ڪلام ضايع ٿي ويو آهي. نموني طور سندس ڪافيءَ جي سٽاءَ تي هڪ قصيدو ڏجي ٿو.

    نعت
    محبوب محمد جي صد بار سدا ڪر تون
    پڙهه حمد سدا هر هر هڪ دم نه خطا ڪر تون

    صلوات پڙهي مومن سڻ شان پيغمبر جو
    ويوعرش عظيم تي آ،ٿيو ساقن ڪوثر جو
    جو طلب طهوراجي ٿي فرمان بجا ڪر تون

    حسن سندن اهڙو مهتاب کان وڌ موهڻو
    ٻيو ساري جهان اندر هرگز ناهي ٿيڻو
    ڏس ڌيان ڌري دل ۾ ٻيا فقر فنا ڪر تون

    روشن آ زماني ۾ توحيد محمد جي
    اظهار ڪري ڇا انور توقير محمد جي
    ارشاد ٿيو عربي ءَ کي اسلام بپا ڪر تون

    ڪافي
    محمد جو برادر ته علي شير جلي آ،
    اسدالله لسان الله ولين جو ولي آ،

    مصطفا جي ڏس مرتضا ڪيئن مدد ڪئي،
    خندق کي ڪري ختم، وري خيبر فتح ڪئي،
    مولا کي مٿان عرش تان ذوالفقار ملي آ.

    بيشڪ آ بهادر جنهن ڪفار ڪنبايو،
    لافتا الا عليءَ جو لقب آ پايو،
    مرحب به چيو معافي ڏي، منهنجي نه چلي آ.

    الحمد چيو عربي، اسلام بچي ويو،
    انت اخي آيو، ڪفار ڀڄي ويو،
    حيدر جي همٿ سان ڪنهنجي ڪان هلي آ.

    مشهور سخا مولا جي دنيا ۾ آ ”روشن“،
    دروازو اهڙو پاڪ آ، آيو آ حديثن،
    ”انور“ جي وري توکان سواءِ ڪهڙي ڳلي آ.*

    ”سندس مٿين ڪافيءَ ۾ ڪٿي بحر وزن جي ڪمي نظر اچي ٿي ته ڪٿي قافيو به ڪونه ڏنل آهي، صرف رديف کان ڪم وٺي ويو آهي. جيئن پهرين بند ۾ صاف ظاهر آهي، مٿين ڪافي بحر رمل، مسدس، محزوف جي ماپي تي اوڍيل آهي. بحرحال ايئن چئي سگھجي ٿو ته کيس بحر وزن جي چڱي ڄاڻ هئي، ٿي سگھي ٿو ته هي ڪافي سندس پهرين دور جي هجي، جنهنڪري فني لحاظ کان مضبوط نظر نٿي اچي.“*


    سردار شاهه لڪياري

    سردار شاهه لڪياري
    (1919_1974)

    سردار شاهه ولد جمن شاهه لڪياري 1919 جي لڳ ڀڳ چڪ ضلعو(سکر) شڪارپور ۾ جنم ورتو هن جو والد مولوي هيو ۽سرڪاري اسڪول ۾ قرآن ماستر هيو هي غلام محمد گرامي صاحب جو دوست هيو . هن کي ٻه پٽ 1_علڻ شاهه 2_ سردار شاهه هيا، علڻ شاهه سنڌي پرائمري استاد هيو جيڪو پڻ سٺو نعت خوان هيو. سردار شاهه پنج درجا پڙهيل هيو . قد جو پورو پنو بت ڀريل، پوري پني ڏاڙهي ۽ وار وڏا رکندو هيو. کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ غلام حيدر شاهه آهي.
    شروع کان وٺي هن جو راڳ رنگ طرف لاڙو هيو. صوفين جي سنگت ۾ رهي هن جو شوق اڃا وڌيو، هن راڳ جي سکيا چڪ جي ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻو قلندر بخش خان مغل کان ورتي جيڪو ستار وڄائڻ جو پڻ ماهر هيو .ان کان پو۽ هن چڪ جي ڪلاسيڪل راڳي انور شاهه” روشن“ ۽ داتا ولايت شاهه جن سان گڏجي راڳ جي شوق کي تڪميل تي پڄايو هن داتا ولايت شاهه ۽انورعلي شاهه سان گڏجي جهنگ جهر ڪلام ڳايا هن سان سنگ ۾ سندس مائٽ پيرل شاهه لڪياري به ڳائيندو هيو .ماڻهو سندس ڪلام وڏي شوق سان ٻڌندا هيا . سندس دوستن ۾ پيرل شاهه، عبدالقادر خان سيٺار ، سيد دين شاهه ، انور علي شاهه وغيره قابل ذڪر آهن . هي راسخ العقيده شيعو هيو ٽي دفعا ايران عراق وڃي زوار ٿي آيو. قصيدا وڏي دل لڳي سان ڳائيندو هيو. اڄ به ڏهه محرم تي چڪ ۾ سيد سردار شاهه جي پڙ تان تعزيو نڪرندو آهي ۽ مجلس ٿيندي آهي ،چڪ جي هن ڀلوڙ راڳيءَ 1974ع ۾ 55 سالن جي عمر ۾ بيماري سبب وفات ڪئي.


    ڀڳت چوئٿ مل مانڌواڻي

    ڀڳت چوئٿ مل مانڌواڻي
    ( 1927ع 1973ع )

    ڀڳت چوئٿ مل پٽ گگن مل مانڌواڻي 1927ع ۾ چڪ لڳ ڳوٺ کاهي ضلعي سکر ۾ جنم ورتو . پنهنجي ڀائرن ۾ چوٿون نمبر هيو ڪل پنج ڀائر هئا 1_ ڀڳت هولو مل 2_ طوطو مل 3_ گرمک مل 4_ ڀڳت چوئٿ مل 5_ ڀڳت عينشي مل طو طوطي مل ۽ چوئٿ مل جي رهائش چڪ ۾ هئي باقي هولو مل، گرمک مل، عينشي مل ڳوٺ کاهي ۾ رهيا.
    پنهنجي ڌرم سان خانداني لڳاءُ سبب، سندس ڀاءُ هولو مل ڀڳتي ۾ پنهنجي مٽ پاڻ هيو هن جو گائڪي سان عشق هيو هن پنهنجي ڀائرن کي به ڀڳتي جي سکيا ڏني ڀڳت چوئٿ رام پنهنجي ڀاءَ هولي مل جو شاگرد هيو .هولو ،چوئٿ ۽ عنشي چڪ ۾ هر هفتي شهر جي مک چونڪ تي ڀڳتي محفل ڪندا هئا جنهن ۾ هندو توڙي مسلم گڏ گڏ شريڪ ٿيندا هئا .ڀڳت چوئٿ مل هارمونيم وڄائيندو هيو ۽ ڳائيندو هيو جڏهن ته ڀڳت هولو مل ڳائڻ سان گڏ نچندو به هيو سندس ڀاءٌ عنشي مل پيرن ۾ ڇير پائي نچندو هيو ته ماڻهن کان واهه واهه نڪري ويندي هئي ڀڳت هولو ۽ عينشي مٿي تي دلو رکي نچندا هئا . عينشي جڏهن گهڙو مٿي تي رکي نچي نچي مٿي ٽپ ڏيندو هو ته ڏسندڙ دنگ رهجي ويندا هئا جڏهن ته ڀڳت چوئٿ مل جي آواز ۾ هڪ الڳ آلاپ ۽ تان هوندي هئي اونهاري جي رات ۾ جڏهن چوئٿ مل ۽ هولومل ڳائيندا هئا ته سندن مڌر آواز گهرن ۾ ويٺل ماڻهن جي سماعتن سان وڃي ٽڪرائبو هو.
    چوئٿ مل ۽سندس ڀائرن کي پنهنجي مرشد ٽيئون رام سان وڏي عقيدت هئي هي مرشد جي ميلي ۾ دل وجان سان ڀڳتي ڪندا هئا. بلڪ چڪ ۽ چڪ جي آس پاس جي سڀني مندرن ۾ ڀڳت ڪنداهئا.هنن ورهاڱي کانپوءِ به ڀڳتي جاري رکي پر سنڌ مان هندن جي اڪثريت لڏي وڃڻ سبب ڀڳتي جو جڏهن قدر ٿورو گهٽجڻ لڳو .تڏهن ڀڳت چوئٿ مل چڪ ۾ پرچون جو دڪان هلائڻ شروع ڪيو .کيس اولاد ۾ پنج نياڻيون آهن ۽ هڪ پٽ رامچند مانڌواڻي آهي(هن وقت سکر ۾ سرڪاري ملازم آهي) .سندس دوستن ۾ حسراج مل، نول مل، استاد اتم چند ٻڍاڻي ، عبدالفتاح سومرو وغيره هئا. چڪ جو هي البيلو ڀڳت 46_47 سالن جي عمر ۾ مارچ 1973ع ديهانت ڪري ويو.


    چندر ساوناڻي

    چندر ساوناڻي
    (جنم _ 1940ع)

    چندر ساوناڻي پٽ ماستر هشمت ساوناڻيءَ جي گھر ۾ 1940ع جي لڳ ڀڳ چڪ ضلعو سکر ۾ جنم ورتو. 1947ع ۾ ورهاڱي وقت سندس عمر ست سال هئي ته هي انڊيا هليو ويو. هن اسڪول ۽ ڪاليج کان ئي اسٽيج ڊرامن ۾ حصو ورتو ۽ ان حوالي سان سٺو ملهايائين ۽ ڪيترن ئي ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندو رهيو آهي، جنهن بعد هي پاڻ ڊرامن جو ڊائريڪٽر ٿي ويو. هن وقت هي احمدآباد انڊيا ۾ رهي ٿو، سندس اباڻو گھر چڪ شهر جي ڀٽائي بازار ۾ آهي. پاڻ هن وقت حال حيات آهن سندس عمر 73 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. پاڻ سٺي سڀاءَ جا مالڪ، کلمک انسان ۽ محبتي مڻيادار ماڻهو آهن. سندس استاد سنڌي ادب جو روشن خيال اديب ۽ ناٽڪ نويس محترم رام گيان ڀاڳ چنداڻي آهي، جيڪو پڻ چڪ شهر جو رهواسي هو.
    ”چندر ساوناڻي احمدآباد جي مشهور ۽ من موهيندڙ شخصيت سان گڏوگڏ واپاري به آهي، هن پنهنجي سنگتين سان گڏجي “سنڌو ڪلاڪار منڊل” جو پايو وڌو. هن نه صرف احمدآباد ۾ پر پوري هندستان ۾ پنهنجي اداڪاري ۽ هدايتڪاريءَ جو ڌاڪو ڄمايو آهي. هن سنڌو ڪلاڪار منڊل طرفان ناٽڪن سان گڏ ڪيترائي سنگيت ورائٽي پروگرام پيش ڪري هند ۾ رهندڙ سنڌين ۾ سنڌيت جو جذبو جاڳايو آهي. اسٽيج ناٽڪن سان گڏ هن ريڊيو ناٽڪن ۽ دوردرشن (ٽي.وي) جي ناٽڪن ۾ به حصو ورتو آهي. پاڻ سنڌيءَ ۾ مخزن ڪلاڪار جو ، روزاني “هندو” هفتيوار“ زندگيءَ” جي ڪالم جو ريگيولر انچارج آهي. کيس اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا طرفان ٿيل ناٽڪن جي مقابلن توڙي ٻين ڪيترن پروگرامن ۾ پيش ڪيل ناٽڪن تي انعام مليا آهن ۽ کيس سنت ڪنور رام فائونڊيشن جو ڊرامن لاءِ لائيف ٽائم اچيومنٽ اوارڊ (2001ع) ۽ ان کان اڳ ايشوري ٻائي بخشاڻي اوارڊ1993ع به ملي چڪو آهي“*


    مددي ڪتاب

    مددي ڪتاب

    1990ع
    هاري جماعت چڪ 1937ع
    هاري جماعت چڪ 1939ع
    1983ع
    2000ع
    2002ع
    الهاس ننگر 1987ع
    الهاس ننگر
    1987ع

    __________
    ________
    1965ع
    1989ع
    امرت واڻي
    انقلابي ڏنڊو
    انقلابي ڪهاڙو
    صوفي ساڃاهه
    عشق ڪيو آباد
    قلندري خطاب
    سنڌ جا سنت
    سنڌي سنت ڪاويه وويچن
    تعلقي لکي جي شاعرن ۽ اديبن جو جائزو (قلمي)
    ڀڄن ڦلواڙي
    انباهه ۾ آڙاهه
    تذڪره شعرا سکر
    عظيم سنڌي انسان
    قافيون جلد ٻيون سنڌي لوڪ ادب (20) ڪتاب


    سنڌي اخبارون ۽ رسالا

    ماهوار شريعت سکر
    ماهوار اديون حيدرآباد
    الوحيد ڪراچي
    ماهوار الصادق ڪراچي
    پرياڻي ،ڪشنچند
    حمزو، ابو شوڪت
    حمزو، ابو شوڪت
    خاصخيلي،صوفي قربان علي
    داتا بگن شاهه
    داتا فيض درياهه شاهه
    ديال، آشا ڊاڪٽر
    ديال، آشا ڊاڪٽر
    سومرو شريف شاد

    شانتي پرڪاش سوامي
    فياضي مهدي شاهه
    ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر
    ميمڻ عبدالغفور سنڌي پروفيسر
    نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر





    چاچڙ مولوي عبدالوهاب ايڊيٽر
    دائود پوٽو، خديجه عمر ايڊيٽر
    مولانا دين محمد وفائي ايڊيٽر
    محمود حسن ايڊيٽر


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816584
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281121
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ