ڪتاب جو نالو: عِشقَ وِڌا اَنبُورَ
مصنف: غلام عباس ڀنڀرو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 18 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 491 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 139 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”عشق وڌا انبور“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر غلام عباس ڀنڀري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ وايون، غزلَ، بيتَ ۽ نظمَ شامل آهن. غلام عباس ڀنڀرو سنڌ جو اُهو شاعِرُ آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ هِڪَ طرف قومي رنگُ ڀريل آهي ته ٻئي طرف سندس شاعريءَ ۾ تصوفَ جا رنگ به نمايان آهن. سندس پهريون ڪِتابُ ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“، ”پوپٽ“ پاران ئي شايع ڪيو ويو هُيو ۽ هٿو هٿ وِڪامي پِڻُ ويو هو. غلام عباس ڀنڀري صاحبَ جي شاعريءَ جو هي ٻيون ڪِتابُ ”عشقَ وِڌا انبورَ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • POPAT BOOK NO. 65
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • شاعِرَ پاران
  • وايون

  • سرنهن ڦُلاريا پيلا گل،
  • اسان آ اکين تي ڪٽي رات ڪاري،
  • سگهو موٽ مٺڙا!
  • سامونڊي لئون لائي ويا،
  • نيڻ اسان جا ونگيا واڳيا،
  • توتي ناهه ميار الا !
  • توکي ڏسڻ سان جذبا جاڳيا،
  • جوڀن جواني ٻُور ٻهاڻ،
  • تنهنجي اچڻ ۽ مرڪي ملڻ سان،
  • راتيان ڏينهان تنهنجي تار،
  • ڪاتارا ۽ ڪاتاريون،
  • سِڙهه سنڀالي ويندين توڙ،
  • منهنجي حالَ تي هلجان يار!
  • ناز ايڏا تون نه ڪر!
  • تنهنجي منهنجي پيار تي،
  • تنهنجي اکين ۾ اسرار آ،
  • مند موٽي وئي هلي،
  • تنهنجي آ ديدار سان،
  • رسي مون کان وڃڻ تنهنجو،
  • ڪري ڌارَ مونکي،
  • ايڏو دل تي داءُ ڪري ،
  • تنهنجو حسن جمال ڏسي،
  • سنڌڙي! تنهنجو نانءُ،
  • هي گيت کڻي هل ڳوٺن ۾،
  • منڇر يا تون ڪينجھر مِل،
  • ڪيڏا ڌاڙا ڪيڏي ڀيلَ،
  • کڙڪو ناهي ڪڙڪو ڪو،
  • اوڀر اُتر لاڙَ ۾،
  • سنڌڙيءَ تي سر سَوَ سَوَ ڏيندا،
  • اوپرا پيرا پٽن تي،
  • وري گھل چڙهي آ ،
  • ڪاڇي وارا ڪوهه اسانجا،
  • دنيا هيءَ فنا جي ٿيندي،
  • عشق عبادت آهي يار!
  • پاڻ تان پردو کڻو،
  • عرش تي ۽ فرش تي، هر دل اندر،
  • لَهرَ نه تنهن کي لوڏو ڪوئي،
  • اسان ڪجهه ڪونه هو ٺاهيو،
  • دنيا ۾ عام ٿي ويندا،
  • ٿر ۾ ڪارو ڪال،
  • وَسُ وڏو وسڪارو ڪر!
  • ٿر تي او ٿر بڻجي آءُ،
  • آئي مند مَلهارَ،
  • ڪارونجھر تي ڪَڪَرن جھول،
  • ٿر ٿر ٿڌڙو وسڪارو،
  • ڊيلن پويان ڊوڙون مور،
  • پورب جي وسڪارن ۾،
  • پورب ۾ گجگوڙ
  • ڀوڏيسر تي چنگ چڙوليون،
  • اتر پورب ۾ اوٿر،
  • سنڌ جي نياڻي قتل.
  • پيدا ٿيا ڌاڙيل،
  • خوش هُجين ڌاڙيل ڀاءُ !
  • بيتَ

  • سنڌي سڀ سنڌي، سنڌي ڪيئن نوان؟
  • مَنُ ڪري مشعل، ٻاٽ ۾ لاٽ ٿي هَلُ،
  • وسڪارو ٿي وَسُ، کائِرَ پَائِرَ جُوءِ تي،
  • ڪڪر ڪارونڀر، پورب جي پار جا،
  • کائر تي کجڪاٽ، پورب جي اوٿر جا،
  • غزلَ

  • رات هنيو آ ڪات اسان کي،
  • مائرن جا هَنجَ خالي ڪونه ٿيندا،
  • ڪونهي تو ۾ ٿومَ ۽ ٿانءُ،
  • جي چوين ٿو آ، ته آ،
  • ويا سال گذري، پرين ڪونه آيا،
  • اسان تو سان ليکا ۽ چوکا ڇڏيا،
  • گلابن تان پيارا نه پوپٽ اُڏار!،
  • ملين جي نه ساڀيان ته سپنن ۾ ملجان!،
  • قرب واري قيد جهڙو ڪو مزو ڪونهي مٺا!،
  • اسان کي سڄڻ! عشق اوکو مليو آ
  • اسان سال گهاريا اڪيلا اڪيلا،
  • کڻي نيڻ هيڪر اسان ڏي نهاريو،
  • نظمَ

  • هو سنڌ جي سينڌ سجائي ويا،
  • سچل سائين! ڪيستائين ماٺا رهندا ماڳ،
  • اسان هون ڪُوپا ۽ ڪونڌر،
  • سنڌڙي! منهنجو وچن آ توسان، پنهنجي نينهن نڀائڻ جو،
  • واريءَ تي ٿا ليڪا پايون،
  • سنڌ امڙ سان نينهن نِڀايون،

  • POPAT BOOK NO. 65

    عشقَ وِڌا اَنبُورَ
    (شاعري)
    شاعِرُ: غلام عباس ڀنڀرو
    ڇاپو پهريون: 2014
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 100/- روپيه









    ISHQ’A WIDHA ANBOOR’A
    (Poetry)
    Poet: Ghulam Abbas Bhanbhro
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-


    ارپنا

    انهن امر ڪردارن جي نانءِ
    جن ڌرتي ماءُ لاءِ جاکوڙيو . 


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عشق وڌا انبور“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر غلام عباس ڀنڀري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هِنَ ڪِتابَ ۾ وايون، غزلَ، بيتَ ۽ نظمَ شامل آهن.

    غلام عباس ڀنڀرو سنڌ جو اُهو شاعِرُ آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ هِڪَ طرف قومي رنگُ ڀريل آهي ته ٻئي طرف سندس شاعريءَ ۾ تصوفَ جا رنگ به نمايان آهن. سندس پهريون ڪِتابُ ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“، ”پوپٽ“ پاران ئي شايع ڪيو ويو هُيو ۽ هٿو هٿ وِڪامي پِڻُ ويو هو. غلام عباس ڀنڀري صاحبَ جي شاعريءَ جو هي ٻيون ڪِتابُ ”عشقَ وِڌا انبورَ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2014ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    غلام عباس ڀنڀرو سنڌ جو اُهو شاعِرُ آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ هِڪَ طرف قومي رنگُ ڀريل آهي ته ٻئي طرف سندس شاعريءَ ۾ تصوفَ جا رنگ به نمايان آهن. سندس پهريون ڪِتابُ ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“، ”پوپٽ“ پاران ئي شايع ڪيو ويو هُيو ۽ هٿو هٿ وِڪامي پِڻُ ويو هو. غلام عباس ڀنڀري صاحبَ جي شاعريءَ جو هي ٻيون ڪِتابُ ”عشقَ وِڌا انبورَ“ اوهان جي هٿن ۾ آهي.
    هِنَ ڪِتابَ ۾ وايون، غزلَ، بيتَ ۽ نظمَ شامل آهن، اسان کي اُميدَ آهي ته هي ڪِتابُ پِڻُ پڙهندڙن ۾ مڃتا ماڻيندو، ادارو ”پوپٽ“ سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري ادبُ ڇاپِڻَ واري سفرَ ۾ پنهنجون ڀرپور صلاحيتون ارپي رهيو آهي.
    اوهان جي ساٿَ ۽ سهڪارَ سان اِهو سفرُ ائين ئي اڳي کان اڳرو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    شاعِرَ پاران

    مان ۽ منهنجي شاعري

    منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪِتاب ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“ 2009ع ۾ شايع ٿيو هو. ڪِتاب ۾ ”عشقَ جون ڳالهيون“ ڪهڙيون هيون، اهي پڙهندڙن پڙهيون هونديون. بهرحال اهو ڪِتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو ۽ هڪ مهيني اندر کپي ويو! منهنجي ڪِتابَ جون هڪ هزار ڪاپيون هڪ مهيني اندر وڪرو ٿي وڃڻ مان ايئن لڳو ته سنڌ ۾ سنڌي ڪِتاب پڙهڻ وارا ماڻهو موجود آهن ڇو ته عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته سنڌي ماڻهو سنڌي ڪِتاب خريد نٿا ڪن. پر مان سمجھان ٿو ته منهنجي ڪِتاب ”اسان جي عشقَ جون ڳالهيون“ جون پنج هزار ڪاپيون ڇپجن ها ته اهي به وڪرو ٿي وڃن ها. ڇو ته سنڌ جا ماڻهو اڄ به مون کان ڪِتاب گهرن ٿا ۽ ڪِتاب پڙهڻ چاهين ٿا.
    منهنجي پهرين ڪِتاب کان پوءِ ”عشق وڌا انبورَ“ منهنجي شاعريءَ جو هي ٻيو ڪِتاب آهي. هِتي مان هي ڳالهه لکڻ ضروري ٿو سمجھان ته منهنجي پهرين ڪِتاب ”اسان جي عشق جون ڳالهيون“ ۽ هن ٻئي ڪِتاب ”عشقَ وِڌا انبورَ“ ۾ منهنجي اها به شاعري شامل آهي جيڪا مون ننڍي عمر ۾ ڪئي هئي. يعني مون اها شاعري پرائمري چوٿين درجي کان ميٽرڪ تائين وارن ڏينهن ۾ ڪئي ڪجهه شاعري مون 1973ع ۽ 1975ع ۾ هوشو پبليڪيشن جاري ڪرڻ دوران ڊي پي آر جي ڪيسن ۾ جيل وڃڻ ۽ ڪجهه شاعري مون 1989ع ۾ سائين جي ايم سيد جي سکر واري جلسي کان پوءِ گرفتار ٿي وڃڻ کان پوءِ سکر ۽ خيرپور جي جيلن ۾ قيد هجڻ دوران به ڪئي.
    1989ع ۾ منهنجي گرفتاري هينئن ٿي ته سائين جي ايم سيد، سکر جي محمد بن قاسم پارڪ ۾ جلسو ڪرڻ آيو هو. مان اهو جلسو ڏسڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي تقرير ٻڌڻ ويو هوس. جلسي ۾ گهڻي رش هئي، وڏي ڪوشش کان پوءِ سائين جي ايم سيد جو پري کان ديدار نصيب ٿيو. ان جلسي جو سائين جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي قيادت مٿان ڪيس داخل ٿيو ڪنهن مهربان دوست ان ڪيس ۾ منهنجو نالو به ڏيئي ڇڏيو. هن ڪيس ۾ سائين جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جا ڪافي اڳواڻ گرفتار ٿيا.
    پوليس مون کي به خيرپور مان گرفتار ڪري سکر کڻي وئي. مون کي پهرين سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي لاڪپ ۾ قيد رکيو ويو. جِتي سکر جو جاويد ميمڻ ۽ ڪجهه ٻيا نوجوان دوستَ گرفتار ٿي آيا. هڪ مهيني کان پوءِ جاويد ميمڻ ۽ ٻين دوستن کي ڇڏيو ويو. جڏهن ته مون کي ان ڪيس ۾ چالان ڪري سينٽرل جيل سکر موڪليو ويو. جِتي گل محمد جکراڻي، مير حيدر ٽالپر، حفيظ قريشي، انتظار زيدي، علي نواز ٻُٽ، قيوم منگي، باغي بجاراڻي، سورهيه سنڌي ۽ بيا ساڳي ڪيس ۾ قيد هئا. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي پوليس گرفتار ڪري ڪراچي کڻي وئي هئي.
    هن ڪيس ۾ مون ڏهه مهينا ڏهه ڏينهن جيل ۾ گذاريا. جن مان ٽي مهينا کن خيرپور جيل ۾ گذاريا بعد ۾ حڪومت تبديل ٿيڻ کان پوءِ منهنجو ضامن ٿيو ۽ مان جيل کان ٻاهر آيس ان ڪيس ۾ منهنجي وڪالت خيرپور جي نامياري وڪيل والي ڏنو ناريجي ڪئي.
    ته مان هِتي ذڪر پئي ڪيو پنهنجي شاعريءَ جو ته ننڍپڻ ۾ وايون، ڪافيون، غزل ۽ گيتَ لکڻ وقت مون کي شاعريءَ جي بحر وزن جي ڪا به خبر نه هئي پر بحر وزن جي ٿوري گهڻي سمجهه اچڻ کانپوءِ مون جڏهن پنهنجي شاعريءَ جي بحر وزن جو ڪاٿو لڳايو ۽ لفظن جي جوڙجڪ ڪرڻ شروع ڪئي ته مون ڏٺو ته منهنجي شاعريءَ جو اڪثر بحر وزن قدرتي طور تي ڪافي صحيح بيٺل هو. تنهن ڪري مون ان ۾ ٿوري نظر ثاني ڪرڻ کانپوءِ ان کي جيئن جو تيئن پهرين ۽ هن ٻئي ڪِتاب ۾ آڻي ڇڏيو.
    پهرين ڪِتاب وانگر هن ٻئي ڪِتاب جي ڇپائي واري ڪم تي مان ٻيهر ٿورائتو آهيان عبدالحفيظ ڀٽي ٺل واري جو جنهن منهنجي ٽڙيل پکڙيل شاعريءَ جا پنا گڏ ڪيا ۽ هن ٻئي ڪِتاب جي شاعري به سٺن اکرن ۾ اتاري ڏني. مان وڌيڪَ ٿورائتو آهيان محترم قربان منگيءَ جو جنهن مون کي شاعريءَ جو هي ٻيو ڪِتاب به سهڻي ۽ خوبصورت ڊزائين ۾ ڇاپي ڏنو.
    محترم سعيد منگيءَ جي مهرباني جنهن ڪِتابَ جو سهڻو ٽائيٽل ٺاهيو. محترم امر اقبالَ جا ٿورا جنهن ڪِتابَ کي سهيڙڻ ۽ ترتيبَ ڏيڻ جي هر مرحلي تي سٺيون صلاحون ڏنيون. محترم حزب الله آءِ سومري جا وڏا وَڙَ جنهن جو ساٿُ پڻ هميشه وانگر مون سان رهيو. محترم آصف نظاماڻيءَ جي به مهرباني مڃبي جنهن هي ڪِتابُ تڪڙ ۾ ڪمپوز ڪيو ۽ ان جو لي آئوٽ ٺاهيو. اميد آهي ته منهنجي هن ٻئي ڪِتاب کي به پهرين ڪِتابَ وانگر سنڌ جا ماڻهو مانُ بخشيندا.

    غلام عباس ڀنڀرو
     ميرواهه ڪينال ويو خيرپور ميرس
    0300-3116062


    وايون

    سرنهن ڦُلاريا پيلا گل،

    سرنهن ڦُلاريا پيلا گل،
    آڀون ٿيا ۽ ٻيرَ ڪَڪُلَ،
    آءُ پرين تون مُندَ وڃي ٿي!

    پيرون پڪا ۽ ڏونرن ڏار،
    ڄاڱر ڄار ۽ لال ليار،
    ڄانڀا ٿيا ۽ لُوڻڪ چِلُ .
    آءُ پرين تون مُندَ وڃي ٿي!

    عشق گهڻيرا گهاوَ ڏنا،
    تيز تکيرا تاوَ ڏنا،
    مُور نه تو بن گذري پَلُ .
    آءُ پرين تون مُندَ وڃي ٿي!

    عشقُ ”عباسڻ“ دل جو سور،
    نينهن نسورو آ، ناسور،
    جيءَ نه مُنهنجي آهي جھل.
    آءُ پرين تون مُندَ وڃي ٿي!




    اسان آ اکين تي ڪٽي رات ڪاري،

    اسان آ اکين تي ڪٽي رات ڪاري،
    الائي پرين تون ته ايندين نه ايندين؟!

    اسان لڙڪ لاڙيا ته ڪڪرن ۾ ڪيهون،
    ڀٽون ڀُونگَ ڀاڻا ڀني ڀونءِ ساري ،
    الائي پرين تون ته ايندين نه ايندين ؟!

    حياتي سڄي توکي ارپي ڇڏي آ،
    اسان آ وفا جي ڪئي آبياري،
    الائي پرين تون ته ايندين نه ايندين ؟!

    نٿو مور وسرين تڏهن عشقَ ايڏي،
    ”عباسڻ“ اندر ۾ اچي باهه ٻاري،
    الائي پرين تون ته ايندين نه ايندين ؟!




    سگهو موٽ مٺڙا!

    سگهو موٽ مٺڙا!
    وڇوڙو ٿو ماري .

    اڙي اک آ توسان،
    لڳي چوٽ مٺڙا!
    وڇوڙو ٿو ماري .

    وڌا عشق گهائي،
    ڪئي گھوٽ مٺڙا!
    وڇوڙو ٿو ماري .

    ٽٽي نيٺ پوندا،
    ڪڙا ڪوٽ مٺڙا!
    وڇوڙو ٿو ماري .




    سامونڊي لئون لائي ويا،

    سامونڊي لئون لائي ويا،
    باهيون ڪي ڀڙڪائي ويا،
    تن ريءَ آنءُ اڪيلي هان!

    پَڳههَ ڇوڙي ٻيڙا ڪاهي،
    مون کي ويا، رِڻ ۾ راهي،
    نينهن اندر ۾ نائي ويا،
    تن ريءَ آنءُ اڪيلي هان !

    ڏاڍو مون کان ڏور ويا،
    سامونڊي ڏئي سور ويا،
    ويندي ڏانوڻ ڏائي ويا،
    تن ريءَ آن اڪيلي هان !

    عشق ”عباسڻ“ چوٽ ڏکي،
    سامونڊين جي موٽ ڏکي،
    ڪيڏو مون تڙپائي ويا،
    تن ريءَ آنءُ اڪيلي هان !











    نيڻ اسان جا ونگيا واڳيا،

    نيڻ اسان جا ونگيا واڳيا،
    يار اکين ۾ ويٺو آ.

    لوڪان لوڪ لڪايو آهي،
    واري ڇپر ڍڪيا ڍاڳيا.
    يار اکين ۾ ويٺو آ.

    نور نچوئي جاڳي جاڳي،
    ڍولَ اَچڻ جا رستا راڳيا.
    يار اکين ۾ ويٺو آ.

    وقت دنيا جا تيوَرَ بدليا،
    پاڻ ”عباسڻ“ ساڳيا ساڳيا.
    يار اکين ۾ ويٺو آ.



    توتي ناهه ميار الا !

    توتي ناهه ميار الا !
    توتي ناهه ميار .

    آيو آهين هتڙي مٺڙا !
    مون سان ڪجهه ته گذار الا!
    توتي ناهه ميار .

    ڌار ٿئين تون جڏهين مون کان،
    ڪڍيا ڏکڙن ڏار الا !
    توتي ناهه ميار .

    سانوڻ رُت ۾ پونم چنڊ آ،
    ڪيڏا قهر هزار الا !
    توتي ناهه ميار .

    ڀيڄ ڀني ٿي ميگهه جون ماڪون،
    کڙيا کٽڻهار الا !
    توتي ناهه ميار.

    تنهنجا ٻول به جھول ڪڪر جا،
    جهڙا ميگهه ملهار الا !
    توتي ناهه ميار.



    توکي ڏسڻ سان جذبا جاڳيا،

    توکي ڏسڻ سان جذبا جاڳيا،
    سونهن ۾ تنهنجو ثاني ڪونهي!

    گهايو تنهنجي گهُورَ اسان کي،
    عشقَ وِڌا اَنبُورَ اسان کي،
    نيڻ انوکا ونگيا واڳيا.
    سونهن ۾ تنهنجو ثاني ڪونهي!

    تنهنجون نظرون نيڻ نِهارون،
    پُو ربَ جون ڄڻ لاٽون لارون،
    توسان دل جا پيوند ساڳيا.
    سونهن ۾ تنهنجو ثاني ڪونهي!

    تنهنجون واٽون واهون ويرا،
    يارَ ”عباسڻَ“ پنڌَ ۽ پيرا،
    تولئه دل جا رستا راڳيا.
    سونهن ۾ تنهنجو ثاني ڪونهي!



    جوڀن جواني ٻُور ٻهاڻ،

    جوڀن جواني ٻُور ٻهاڻ،
    پاڻ ئي آيو پاڻ پرين .

    عيد نظارو منظر سارو ،
    رات سڄي ٿي روح رهاڻ،
    پاڻ ئي آيو پاڻ پرين.

    يارَ اسان جي دل اڱڻ تي ،
    سُونهن پکيڙي ڪئي سُرهاڻ،
    پاڻ ئي آيو پاڻ پرين.

    مَنُ ”عباسڻ“ اَڇو اُجرو،
    مُور نه رهنديون وٿيون هاڻ.
    پاڻ ئي آيو پاڻ پرين.




    تنهنجي اچڻ ۽ مرڪي ملڻ سان،

    تنهنجي اچڻ ۽ مرڪي ملڻ سان،
    مهر وفا جو مينهن وسيو آ .

    موتئي مُگري منهنجي اڱڻ تي،
    سِيسُ نِوائيو توکي ڏسڻ سان .
    مهر وفا جو مينهن وسيو آ.

    سارو جڳ هي جرڪي پيو آ ،
    خوش ٿي تنهنجي يار کلڻ سان .
    مهر وفا جو مينهن وسيو آ.

    عيدون سڀ بهارون آهن،
    يار ”عباسڻ“ وٽ اچڻ سان .
    مهر وفا جو مينهن وسيو آ.




    راتيان ڏينهان تنهنجي تار،

    راتيان ڏينهان تنهنجي تار،
    منهنجي دل ۾ آهين يار!
    توبن گذري ڪانه گهڙي.

    هيڏا منظر هيڏو ميلو،
    ميلي ۾ هان آنءٌ اڪيلو،
    تنها سارو ڄڻ سنسار.
    توبن گذري ڪانه گهڙي.

    ڪيڏيون وٿيون ڪيڏا سُورَ،
    تن من سارو ڄڻ تندُور،
    ماريو تنهنجي نيڻ نهار.
    توبن گذري ڪانه گهڙي.

    پل پل تنهنجون يادون آيون،
    مارن مون کي ٿيون تنهايون،
    نيڻ ”عباسڻ“ جا نيسار.
    توبن گذري ڪانه گهڙي.




    ڪاتارا ۽ ڪاتاريون،

    ڪاتارا ۽ ڪاتاريون،
    ڪالهه هِتان ويا وڻجارا .

    پنهنجا گهر ۽ گهاٽَ ڇڏي،
    بندر ۽ بازاريون ،
    ڪالهه هِتان ويا وڻجارا.

    پل پل، ويلي ويلي تي ،
    سانگيئڙن کي ساريون ،
    ڪالهه هِتان ويا وڻجارا.

    مارو موٽن شال ”عباسڻ“ ،
    ٻيهر سنڌ سنواريون ،
    ڪالهه هِتان ويا وڻجارا.




    سِڙهه سنڀالي ويندين توڙ،

    سِڙهه سنڀالي ويندين توڙ،
    ساحل ڊوڙي ايندئي!

    هوڙا سڀ طوفانن ۾،
    لهرون ٻوڙان ٻوڙ.
    ساحل ڊوڙي ايندئي!

    عشقَ جو ڪوئي اَنتُ نه آ،
    نيڻن ننڊ نهوڙ .
    ساحل ڊوڙي ايندئي!

    ڪنڌي ايڏي ڪيڏي ڏُور،
    واٽون ووڙي ووڙ.
    ساحل ڊوڙي ايندئي!

    منهنجا گيت ”عباسڻ“ ڳاءِ،
    جاڳي ڪر جاکوڙ.
    ساحل ڊوڙي ايندئي!



    منهنجي حالَ تي هلجان يار!

    منهنجي حالَ تي هلجان يار!
    توسان دل جو پيوند آهي.

    پورب اتر وائي ٿو پيو،
    راڳ ملهاري ڳائي ٿو پيو،
    سڪ جون ڳالهيون سَلجان يار!
    توسان دل جو پيوند آهي.

    ڪُونڀَٽ جھومي ڦوڳ نچي ٿو،
    ڄڻ ڪو ميلو يار! مچي ٿو.
    مهراڻي تي ملجان يار!
    توسان دل جو پيوند آهي.

    توسان دل جون ڳالهيون ٿينديون،
    ڳالهيون نينهن نراليون ٿينديون،
    روح اچي ڪي رلجان يار!
    توسان دل جو پيوند آهي.




    ناز ايڏا تون نه ڪر!

    ناز ايڏا تون نه ڪر!
    دل دُکي پوندي پرين!

    اهڙو ائين جادو ڪري،
    مون اڳيان سُڏڪا نه ڀر!
    دل دُکي پوندي پرين!

    چُوڻ واٽن تي وجھي،
    ٿو ڪرين ڪيڏا قهر!
    دل دُکي پوندي پرين!

    تو اڳيان ڪمزور هان،
    ڪر ”عباسڻ“ تي نظر!
    دل دُکي پوندي پرين!




    تنهنجي منهنجي پيار تي،

    تنهنجي منهنجي پيار تي،
    چنڊ ستارا جھومن ٿا.

    جهڙو سنڌو سهڻو آهي،
    اهڙي سهڻي يار تي،
    چنڊ ستارا جھومن ٿا.

    ڳوٺ سڄو آ يار! فدا،
    تنهنجي هڪ نِهارَ تي،
    چنڊ ستارا جھومن ٿا.

    دل ٻنهي جي پيوند آهي،
    اهڙي پيوند ڪار تي،
    چنڊ ستارا جھومن ٿا.

    ظاهر ٿياسون پاڻ ”عباسڻ“،
    اهڙي شوق شڪار تي.
    چنڊ ستارا جھومن ٿا.



    تنهنجي اکين ۾ اسرار آ،

    تنهنجي اکين ۾ اسرار آ،
    عاشقَ سَوَ ڦتڪايا ٿئي!

    تنهنجي نيڻن نينهن نڪورو،
    سڀ نظرن ۾ نروار آ.
    عاشقَ سَوَ ڦتڪايا ٿئي!

    تنهنجون اکڙيون اوٿر جھڙيون ،
    ڄڻ ڪا مينگهه ملهار آ .
    عاشقَ سَوَ ڦتڪايا ٿئي!

    يار ”عباسڻ“ ميلو ٿيندو ،
    ميلي منجهه قرار آ.
    عاشقَ سَوَ ڦتڪايا ٿئي!




    مند موٽي وئي هلي،

    مند موٽي وئي هلي،
    تون اڃان آيو نه آن !

    ڳالهه دل جي سورجي مون،
    ڪانه توسان ڪا سَلي،
    تون اڃان آيو نه آن!

    انتظارن آسرن ۾،
    جوت ساري وئي جلي،
    تون اڃان آيو نه آن !

    ننڊ ناهي ڪا ”عباسڻ“
    حال توسان هن دلي،
    تون اڃان آيو نه آن!



    تنهنجي آ ديدار سان،

    تنهنجي آ ديدار سان،
    هيل اسانجي عيد پرين!

    منهنجي اڱڻ تي ايندين تون،
    ٿيندي عيد قرار سان،
    هيل اسانجي عيد پرين!

    تنهنجي ٿيندي آجيان،
    اندر جي اظهار سان،
    هيل اسانجي عيد پرين!

    عيد اسان جي عشق سان،
    عيد ”عباسڻ“ پيارَ سان،
    هيل اسانجي عيد پرين!




    رسي مون کان وڃڻ تنهنجو،

    رسي مون کان وڃڻ تنهنجو،
    ائين ڀيرو ڀڃڻ تنهنجو،
    مناسب ڪيئن لڳو توکي؟!

    سوين هيلا هلايا مون،
    سڀئي گُر آزمايا مون،
    نه منٿن کي مڃڻ تنهنجو،
    مناسب ڪيئن لڳو توکي؟!

    ڪري مونکي اڪيلو تون،
    ڀڃي وئين يار! ميلو تون،
    ڏسي منهڙو گُهڃڻ تنهنجو،
    مناسب ڪيئن لڳو توکي؟!

    وفا جي ڳاههَ ۾ ڳاهي،
    ”عباسڻ“ سر ڇڏيو ساهي،
    پنڃاري جيئڻ پڃڻ تنهنجو،
    مناسب ڪيئن لڳو توکي؟!




    ڪري ڌارَ مونکي،

    ڪري ڌارَ مونکي،
    ڦٽي ننڊ هوندءِ !

    جدائي ءَ جا جاني!
    وجھي ڏار مونکي ،
    ڦٽي ننڊ هوندءِ !

    ڪيو ياد هوندءِ،
    ڪڍي پار مونکي،
    ڦٽي ننڊ هوندءِ !

    وئين بي خطا تون
    ڇڏي يار! مونکي،
    ڦٽي ننڊ هوندءِ !



    ايڏو دل تي داءُ ڪري ،

    ايڏو دل تي داءُ ڪري ،
    نيڻن سان ڦٿڪائي وئين!

    ڪيڏو مون کي مَست ڪيو ٿي ،
    ڄڻ ته ڏنئي ڪو جام ڀري،
    نيڻن سان ڦٿڪائي وئين!

    جاڳي جاڳي رات گذاري ،
    ڀيرو وڃجان ڪوته ڀري ،
    نيڻن سان ڦٿڪائي وئين!

    عشق جو يار ”عباسڻ“ آهي،
    ڏونگر جيڏو پنڌ پري،
    نيڻن سان ڦٿڪائي وئين!




    تنهنجو حسن جمال ڏسي،

    تنهنجو حسن جمال ڏسي،
    حُورون ڇرڪ ڀرينديون.

    جنت جا غلمان سمورا،
    سهڻا هي سلطان سمورا،
    ايڏو قرب ڪمال ڏسي ،
    حُورون ڇرڪ ڀرينديون.

    ملڪ فلڪ انسان هي سڀ،
    چندر، گُپتا، گيان هي سڀ،
    تنهنجا هي تجمال ڏسي ،
    حُورون ڇرڪ ڀرينديون.

    يار جو جلوو جوڀن آ،
    جڳ ”عباسڻ“ روشن آ ،
    جوڀن جلوو جال ڏسي،
    حُورون ڇرڪ ڀرينديون.




    سنڌڙي! تنهنجو نانءُ،

    سنڌڙي! تنهنجو نانءُ،
    منهنجي دل تي لکجي ويو آ.

    تنهنجي سُونهن نظارن تان،
    صدقي صدقي آنءُ،
    منهنجي دل تي لکجي ويو آ.

    سنڌو نينهن نشان اسانجو،
    هر ڪنهن هيڏو هانءُ،
    منهنجي دل تي لکجي ويو آ.

    ٿيندي سنڌ عظيم ”عباسڻ“
    گهر گهر عيد وهانءُ،
    منهنجي دل تي لکجي ويو آ،
    سنڌڙي ! تنهنجو نانءُ.




    هي گيت کڻي هل ڳوٺن ۾،

    هي گيت کڻي هل ڳوٺن ۾،
    آئيٺن پوٺن اوٺن ۾،
    ڳاڙهي رت جي خوشبوءِ ايندءِ!

    جي ڪلهه وڙهيا ها واٽن ۾،
    سي ٻولائيندا ٻاٽن ۾،
    لوڙهن ڪارن ڪوٽن ۾،
    ڳاڙهي رت جي خوشبوءِ ايندءِ!

    واهڻ وستيون واڪا واڪا،
    جھنگ ۽ ٻيلا ڌم ڌماڪا،
    زخمي گهايل گهوٽن ۾،
    ڳاڙهي رت جي خوشبوءِ ايندءِ!

    سانگهڙ، کپري، کينواريءَ ۾،
    گڻنگ، هٿونگي، چوٽياريءَ ۾،
    سِينڌ ۽ چولن چوٽن ۾،
    ڳاڙهي رت جي خوشبوءِ ايندءِ!

    تيز ”عباسڻ“ تاوَ ڏٺاسون،
    گهرا گهرا گهاوَ ڏٺاسون،
    ماڻهو ها اڻ موٽن ۾،
    ڳاڙهي رت جي خوشبوءِ ايندءِ!





    
    مون کي ڪائي ڀورَ نه ڀُل،
    جيءُ سڄو ئي آ جل ٿل،
    سنڌڙي ڪير وساريندو؟!

    کيت هي سارا سونا سنگ،
    جھار ۽ جھرڪيون اکر انگ،
    دل تي آهي سڀ لکيل،
    سنڌڙي ڪير وساريندو؟!

    سکر، بکر، کرڙي، مياڻي،
    سانگھڙ آهي ساهه سيباڻي،
    اندر سارو عشق اُٿل،
    سنڌڙي ڪير وساريندو؟!

    يار ”عباسڻ“، هيرن کاڻ،
    سنڌ سموري آ سُرهاڻ،
    آئٺا پوئٺا ۽ جھنگل،
    سنڌڙي ڪير وساريندو؟!




    منڇر يا تون ڪينجھر مِل،

    منڇر يا تون ڪينجھر مِل،
    ڪارونجھر يا گورک هل،
    سنڌڙي ڪيڏي سهڻي آ !

    ننگر ڀٽ شاهه، ڀوڏيسر،
    وسڪارن ۾ اڇڙو ٿر،
    ڇيڄ ۾ ڇيڏڪ جهڙو هُل.
    سنڌڙي ڪيڏي سهڻي آ!

    ڪاڇي، جوهيءَ، گاج مٿي،
    سکر ڀُونءِ بيراج مٿي،
    موهي نينهن نظارن دل،
    سنڌڙي ڪيڏي سهڻي آ!

    ڪوٽَ ــ ڏيجيءَ جا ڪوهسار،
    کيرٿر، نارو، سنڌ سڌار،
    خوشيون ميڙا ميڙ متل ،
    سنڌڙي ڪيڏي سهڻي آ !




    ڪيڏا ڌاڙا ڪيڏي ڀيلَ،

    ڪيڏا ڌاڙا ڪيڏي ڀيلَ،
    سک نه سنڀري منهنجي سنڌڙي .

    سارين ساٽي، گل نه ٻاٽي،
    چيٽُ بهارُ نه آيو هيل،
    سک نه سنڀري منهنجي سنڌڙي .

    ڳُٽڪا ڳيرا ڀؤنرَ نه ڀيرا،
    ماروئڙن کي نَيَرَ نيلَ،
    سک نه سنڀري منهنجي سنڌڙي .

    جُوءِ مان جھانگي ويڙا وانگي،
    نيٺ ”عباسڻ“ ٿيندا ميلَ،
    سک نه سنڀري منهنجي سنڌڙي .




    کڙڪو ناهي ڪڙڪو ڪو،

    کڙڪو ناهي ڪڙڪو ڪو،
    ڀونءِ نه ڪنهن جو ڀڙڪو ڪو،
    جُوءِ جا گابا ڪونهَ ڇُڙيا.

    ٻالڪ سارا ٻنڌڻن ۾،
    ڏوٿيئڙا سڀ ڏندڻن ۾،
    ٺڙڪو ناهي ٽڙڪو ڪو،
    جُوءِ جا گابا ڪونهَ ڇُڙيا.

    ٻارڻ ڪنهن ٻاريو ناهي،
    ڏونگر ڪنهن ڏاريو ناهي،
    راڱو، راڙِ، نه رڙڪو ڪو،
    جُوءِ جا گابا ڪونهَ ڇُڙيا.

    سنڌ ”عباسڻ“ سُورن ۾،
    پوياڙيءَ جي پورن ۾،
    ٻائِرَ ٻوڙَ نه ٻڙڪو ڪو،
    جُوءِ جا گابا ڪونهَ ڇُڙيا.




    اوڀر اُتر لاڙَ ۾،

    اوڀر اُتر لاڙَ ۾،
    توسان هڪ هڪاڻي آ.

    ساڄي کاٻي سنڌوءَ جي،
    تنهنجي آهيون تاڙَ ۾،
    توسان هڪ هڪاڻي آ.

    ڳيريلي ۽ وارهه وٽ،
    دارا واهڻ ڇاڙَ ۾ ،
    توسان هڪ هڪاڻي آ.

    جھيڙو، جنگ ”عباسڻ“ آ،
    سردين گرمين هاڙَ ۾،
    توسان هڪ هڪاڻي آ.



    سنڌڙيءَ تي سر سَوَ سَوَ ڏيندا،

    سنڌڙيءَ تي سر سَوَ سَوَ ڏيندا،
    ڪِرنداڪنڌ قطارن ۾.

    مقتل ۾ ڪو منڊل ٿيندو،
    ٻنڌڻن وارا ٻار به ايندا،
    ڪِرندا ڪنڌ قطارن ۾.

    سوڍن سر تريءَ تي هوندا،
    پِڙَ تي بيهي پرزا ٿيندا،
    ڪِرندا ڪنڌ قطارن ۾.

    چور لٽيرا ڪاڏي ويندا،
    ڀاڳيا ڀُونءِ جا گَهٽَ جھليندا،
    ڪِرندا ڪنڌ قطارن ۾.

    وڙهندي وڙهندي يار ”عباسڻ“،
    واڳ وطن جي واري ويندا،
    ڪرندا ڪنڌ قطارن ۾.




    اوپرا پيرا پٽن تي،

    اوپرا پيرا پٽن تي،
    ويڙهه ٿيندي ڪا وڏي.

    غير آيا، ڪيئن آيا؟!
    پڪ هن ڪنهن جي ڏٽن تي،
    ويڙهه ٿيندي ڪا وڏي.

    ڪاٽڪو ۽ چور هي سڀ،
    گھوٽجي ويندا گَهٽن تي،
    ويڙهه ٿيندي ڪا وڏي.

    ويندا ڪاڏي سي ”عباسڻ“؟!
    لوڻ ٻُرڪي هي ڦٽن تي،
    ويڙهه ٿيندي ڪا وڏي.




    وري گھل چڙهي آ ،

    وري گھل چڙهي آ ،
    وري ڪو سڏي ٿو.

    کسي پاڻي سنڌ جو،
    ويو ڪو وڙهي آ،
    وري ڪو سڏي ٿو.
    اچي وئي اسان تي ،
    وري ڪا گهڙي آ،
    وري ڪو سڏي ٿو.

    وري جنگ ”عباسڻ“،
    اچي ڪنهن مڙهي آ،
    وري ڪو سڏي ٿو.




    ڪاڇي وارا ڪوهه اسانجا،

    ڪاڇي وارا ڪوهه اسانجا،
    ڪينجھر ماڻا موهه اسانجا،
    ساري سنڌ اسانجي آهي.

    مورو، دادو، سيتا، جوهي،
    واهه ڪڙيا ۽ پوکي پوهي
    روهيون، رِڻ ۽ روههَ اسانجا.
    ساري سنڌ اسانجي آهي.

    ڪارونجھرَ جي ڪورَ اسانجي،
    گاجَ اسانجي گورَ اسانجي،
    کائِرَ ، تَڙَ ۽ توههَ اسانجا.
    ساري سنڌ اسانجي آهي.

    يار ”عباسڻ“ چيخَ اسانجي،
    سانگھڙ جي تاريخَ اسانجي،
    فولادي لڱ لوههَ اسانجا.
    ساري سنڌ اسانجي آهي.




    دنيا هيءَ فنا جي ٿيندي،

    دنيا هيءَ فنا جي ٿيندي،
    عشقَ جو ٻج ڇٽيو ڇو ٿي؟!

    ڌرتيءَ جا غِلمان سمورا،
    ناريون نينهن، نشان سمورا،
    هر شيءِ ائين اُڏري ويندي،
    عشقَ جو ٻج ڇٽيو ڇو ٿي؟!

    چنڊ، چَڪور ۽ ڪَتيون تارا.
    گنگا، جمنا، ڪوهه ڪنارا
    ساري سونهن خزان جي ٿيندي،
    عشقَ جو ٻج ڇٽيو ڇو ٿي؟!

    يار ”عباسڻ“، درياءَ واديون،
    کيتَ نه رهندا ڪي آباديون،
    اهڙي ڪا جي قيامت ايندي،
    عشقَ جو ٻج ڇٽيو ڇو ٿي؟!




    عشق عبادت آهي يار!

    عشق عبادت آهي يار!
    عشق وارن سان کونس نه ڪر!

    عاشق ماکي آهن ميڻ،
    دل ۾ تن جي ويرُ نه ويڻ.
    عرشَ الله سان ڳنڍيل تار.
    عشق وارن سان کونس نه ڪر!

    جيڪو ڌوئي ايندو دل،
    پار ٽپي سو ويندو پل،
    عشق الاهي آ اسرار.
    عشق وارن سان کونس نه ڪر!

    من ۾ پيو ٿو مچ ٻَري،
    آهيون ”عباسڻ“ عشق اَري،
    دنيا ساري آ ديدار.
    عشق وارن سان کونس نه ڪر!




    پاڻ تان پردو کڻو،

    پاڻ تان پردو کڻو،
    عشق جي ڪا کولَ ٿئي.

    يار ٿو سجدا ڪري!
    قُرب ٿا اُبتو اُڻو.
    عشق جي ڪا کولَ ٿئي.

    هيءَ ادا ڏاڍي ڏُکي،
    گهاءُ ٿيو گهرو گهڻو.
    عشق جي ڪا کولَ ٿئي.

    هاڻ ٿي ظاهر”عباسڻ“،
    نينهن جو نعرو هڻو.
    عشق جي ڪا کولَ ٿئي.




    عرش تي ۽ فرش تي، هر دل اندر،

    عرش تي ۽ فرش تي، هر دل اندر،
    ڳالهه تنهنجي ٿي هلي!

    طُور سينا، نُور تي، عرفات تي،
    ڪربلا، ڪشمير ۽ رابَڪ، مصر،
    ڳالهه تنهنجي ٿي هلي.

    پاڪ منهنجي هن وطن ساري جهان،
    ڪعبة الله، شمس تارن ۽ قمر،
    ڳالهه تنهنجي ٿي هلي!

    نانءَ تنهنجي کي ”عباسڻ“ آ بقا،
    گيت وائي ۽ غزل ۾ سربسر،
    ڳالهه تنهنجي ٿي هلي!




    لَهرَ نه تنهن کي لوڏو ڪوئي،

    لَهرَ نه تنهن کي لوڏو ڪوئي،
    جيڪو گڏ اسان سان هوندو.

    دنيا وارن لاهن چاڙهن.
    طوفانن کان آجو سو ئي،
    جيڪو گڏ اسان سان هوندو.

    جنتَ وارا گُلَ ڇَٽيندا.
    حُورون ۽ غلمان سڀوئي،
    جيڪو گڏ اسان سان هوندو.

    عشق جي پنڌ ولايت ڏي.
    دل ”عباسڻ“ ايندو ڌوئي،
    جيڪو گڏ اسان سان هوندو.




    اسان ڪجهه ڪونه هو ٺاهيو،

    اسان ڪجهه ڪونه هو ٺاهيو،
    اسان کي سڀ ٺهي مليو.

    وڏو هي راز آ اُونهو،
    اسان گهريو نه هو چاهيو.
    اسان کي سڀ ٺهي مليو.

    اسان جو آ سفر جاري.
    اسان آ ڪيچ ڏي ڪاهيو.
    اسان کي سڀ ٺهي مليو.

    ”عباسڻُ“ لا طمع آهي،
    تڏهن سينو نه ڪنهن ساهيو.
    اسان کي سڀ ٺهي مليو.




    دنيا ۾ عام ٿي ويندا،

    دنيا ۾ عام ٿي ويندا،
    دما دم دام ٿي ويندا.
    اسان جي عشقَ جا نعرا.

    خدا جي هيءَ خدائي سڀ،
    اسان جي آ ڪمائي سڀ،
    نرالو نام ٿي ويندا،
    اسان جي عشقَ جا نعرا.

    اسان جا عرش وارن سان،
    انوکا پيچَ پيارن سان،
    وڏو انعام ٿي ويندا،
    اسان جي عشقَ جا نعرا.

    حسين نيڻن نظارن ۾،
    ”عباسڻ“ ڪو هسارن ۾،
    حَوالو جام ٿي ويندا،
    اسان جي عشقَ جا نعرا.




    ٿر ۾ ڪارو ڪال،

    ٿر ۾ ڪارو ڪال،
    ڪارونجھر تي مور نه آيا.

    مالاهوءَ تي مينهن نه اوٿر،
    ٿاريلين جا هيڻا حال،
    ڪارونجھر تي مور نه آيا.

    آڏاڻن ۽ پيرا هوءَ تي،
    ڏُٻرا ماروئڙا ۽ مال،
    ڪارونجھر تي مور نه آيا.

    ڀوڏيسر تي بُوند وسي ڪا.
    جَرُ ”عباسڻ“ ٿئي ڪو جال .
    ڪارونجھر تي مور نه آيا.




    وَسُ وڏو وسڪارو ڪر!

    وَسُ وڏو وسڪارو ڪر!
    ٿرجا ٿاڪَ اُٻاڻڪا.

    چَنڙي، کائرَ، کرڙي تي،
    اوٿر ٿي اَچُ وارو ڪر!
    ٿرجا ٿاڪَ اُٻاڻڪا.

    ڏُٻرا مالَ ۽ ماروئڙا،
    ٿر ۾ ڪو ٿڌڪارو ڪر!
    ٿرجا ٿاڪَ اُٻاڻڪا.

    آڏاڻن تي يار ”عباسڻ“
    ٽيڙوءَ جو ٽَهڪارو ڪر!
    ٿرجا ٿاڪَ اُٻاڻڪا.






    
    ٿر ۾ميگههَ ملهارَ ٿئي،
    کائرَ تي کجڪار ٿئي،
    مالاهوءَ تي مينهن وسن.

    مامڙو جل ٿل ٿئي،
    موج ڪا محفل ٿئي،
    پائرَ لاٽون لار ٿئي،
    مالاهوءَ تي مينهن وسن.

    ڪارونجھر تي مور نچن،
    سَوَ سَوَ جوڙا جوڙ اچن،
    ڳيرن جي ڳُٽڪار ٿئي،
    مالاهوءَ تي مينهن وسن.

    يار ”عباسڻ“ ٿر وَسي،
    ننگرُ ڀوڏيسرُ وسي،
    پورب جي پلٽارَ ٿئي،
    مالاهوءَ تي مينهن وسن.




    ٿر تي او ٿر بڻجي آءُ،

    ٿر تي او ٿر بڻجي آءُ،
    مِهريون اَبر آسري.

    ڀوڏيسر تي ٽيڙوءَ ٽهڪا،
    کائر ٿئي ڪو هيرَ هڳاءُ،
    مِهريون اَبر آسري.

    ڪارونجھر تي کِنوڻين کِجڪا،
    ننگر سارو نَچُ نچاءُ
    مِهريون اَبر آسري.

    يار ”عباسڻ“ سنڌ وسي،
    ڏوٿين ڏور ٿئي ڏهڪاءُ،
    مِهريون اَبر آسري.




    آئي مند مَلهارَ،

    آئي مند مَلهارَ،
    ڪارونجھر تي مور نچن ٿا.

    کائِرَ پائِرَ کنوڻين کجڪا.
    ڀوڏيسر تي بُوندَ بهار،
    ڪارونجھر تي مور نچن ٿا.

    ڀِٽَ ڀِٽَ ميلا، هُل همرچا،
    گورَ نَديءَ ۽ ننگر پار،
    ڪارونجھر تي مور نچن ٿا.

    مالاهوءَ تي يار ”عباسڻ“ ،
    اوهيڙا ۽ لاٽون لار،
    ڪارونجھر تي مور نچن ٿا.




    ڪارونجھر تي ڪَڪَرن جھول،

    ڪارونجھر تي ڪَڪَرن جھول،
    موتين ڇڻ ڇڻ رنگ رتول .

    پيراهوءَ تي بُوندَ بهارون،
    اوڪو موڪون لاٽون لارون،
    تڙَ تڙَ ڇيڏَ ۽ گيت گهڙول،
    موتين ڇڻ ڇڻ رنگ رتول .

    ڀٽ ڀٽ ڀؤنرن ڀڻڪا ڀيرا،
    مالاهوءَ تي ڳُٽڪن ڳيرا،
    کاڻلَ کَرڙي چَنگَ چڙولَ .
    موتين ڇڻ ڇڻ رنگ رتول .

    چَنڙي اَڇڙي قرب ڪهاڻيون،
    يار ”عباسڻ“ روح رهاڻيون.
    ٿَرَ ٿَرَ ٻاٻيهن جا ٻول،
    موتين ڇڻ ڇڻ رنگ رتول .




    ٿر ٿر ٿڌڙو وسڪارو،

    ٿر ٿر ٿڌڙو وسڪارو،
    موسم آ ديدارن جي.

    پورب، کنوڻيون ۽ کجڪار،
    تڙ تڙ ڳيرن جا ڳٽڪار،
    ڀِٽَ ڀٽَ چندن چوڳ ۽ چارو،
    موسم آ ديدارن جي.

    مِهرين ماڻا مکڻ چاڻا،
    سونهن سلهاڙيا سياڻا سياڻا،
    مُند ملهاري راڳ ملهارو،
    موسم آ ديدارن جي.

    يارَ ”عباسڻ“ کائرَ تي،
    پيراهوءَ ۽ پائرَ تي،
    نيکيٽيون ۽ نينهن نيارو.
    موسم آ ديدارن جي.




    ڊيلن پويان ڊوڙون مور،

    ڊيلن پويان ڊوڙون مور،
    ڪارونجھر جي ڪور تي.

    پورب اوٿر اوڪون موڪون،
    ڪافيون، وايون بيت ۽ ڏور،
    ڪارونجھر جي ڪور تي.

    ڇيڄ ۽ ڇيڏڪ منڊل ميلا،
    نينهن نشانڀر گھورون گھور،
    ڪارونجھر جي ڪور تي.

    ماروئڙن سان يار ”عباسڻ“،
    منهنجي ڳنڍيل آهي اورَ،
    ڪارونجھر جي ڪور تي.




    پورب جي وسڪارن ۾،

    پورب جي وسڪارن ۾،
    کنوڻين ميگهه ملهارن ۾،
    ڪارونجھر تي ميلو ٿيندو.

    ڀوڏيسر آڏاڻن ۾،
    ٻاٻيهن ٻاٻاڻن ۾،
    چيهن جي چهڪارن ۾،
    ڪارونجھر تي ميلو ٿيندو.

    ٽيڙوءَ ٽَهڪا کائر تي،
    پيراهوءَ ۽ پائر تي،
    ڳيرن جي ڳٽڪارن ۾،
    ڪارونجھر تي ميلو ٿيندو.

    يار ”عباسڻ“ مارو ايندا.
    تڙ تڙ نينهن نيارا ٿيندا،
    گوڙين ۽ گجگارن ۾،
    ڪارونجھر تي ميلو ٿيندو.




    پورب ۾ گجگوڙ

    پورب ۾ گجگوڙ
    ٻاٻيهو ٿو ٿر ۾ ٻولي.

    ٽيڙوءَ ٽهڪا کائِرَ تي.
    ٻائرَ ٻوڙان ٻوڙ.
    ٻاٻيهو ٿوٿر ۾ ٻولي.

    ڀوڏيسر تي اوڪون موڪون،
    کنوڻين کِجڪا کوڙ.
    ٻاٻيهو ٿوٿر ۾ ٻولي.

    مارو موٽيا ماڳ ”عباسڻ“،
    رب ملايا جوڙ.
    ٻاٻيهو ٿوٿر ۾ ٻولي.




    ڀوڏيسر تي چنگ چڙوليون،

    ڀوڏيسر تي چنگ چڙوليون،
    ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا .

    ڪارونجھر تي اوٿر اوڪون،
    ٻاٻيهن جون اڇڙي ٻوليون.
    ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا .

    پيراهوءَ تي روح رهاڻيون،
    ڪافيون وايون، گيتَ گهڙوليون.
    ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا .

    مالاهوءَ تي مينهن ”عباسڻ“،
    چَنڙي ڪڪرن جھول ۽ جھوليون.
    ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا .




    اتر پورب ۾ اوٿر،

    اتر پورب ۾ اوٿر،
    ٻاٻيهن ٻُوسات لَٿِي.
    ٿر جي اُڃَ اُساٽ لَٿِي.

    ڀِٽَ ڀِٽَ ڀؤنرن ڀُڻڪا ڀيرا،
    کائِرَ پائِرَ ڳُٽڪن ڳيرا،
    تل ترايون سڀئي تر.
    ٻاٻيهن ٻُوسات لَٿِي.
    ٿر جي اُڃَ اُساٽ لَٿِي.


    پيرون، پِپُون ۽ ڄاڱر ڄارَ،
    ٿر ۾ ٿاڌل ميگهه ملهار،
    کُنڀَ، کَٽونڀا، جوئر، ٻاجھر،
    ٻاٻيهن ٻُوسات لَٿِي.
    ٿر جي اُڃَ اُساٽ لَٿِي.

    کاڻَلَ کرڙي ڪيچ ٿيا،
    ميل ”عباسڻ“ ميچ ٿيا،
    سهڻا سهڻا سڀ منظر.
    ٻاٻيهن ٻُوسات لَٿِي.
    ٿر جي اُڃَ اُساٽ لَٿِي.




    سنڌ جي نياڻي قتل.

    سنڌ جي نياڻي قتل.
    قوم آ ساري سُتل.
    اچ ته ڪو ماتم ڪجي!

    امن ايڪي جي زنجير،
    سنڌ ڄائي بي نظير،
    ڪُونجَ هُئي ڄڻ ڪا ڪُٺل.
    اچ ته ڪو ماتم ڪجي!

    سنڌ جي ويساهه تي،
    ساهه ۽ ساڃاهه تي،
    ڄڻ ته آيو ڪو اَجل،
    اچ ته ڪو ماتم ڪجي!

    راڄ راڻن جي مٿان،
    ڀونءِ ڀاڻن جي مٿان،
    موتَ جو ميڙو متل.
    اچ ته ڪو ماتم ڪجي!

    هِن ”عباسڻ“ سُورَ تي،
    دور جي دستورَ تي،
    دنگ دنيا جو عقل.
    اچ ته ڪو ماتم ڪجي!



    * محترمه بينظير ڀُٽو جي شهادتَ واري شامَ وقت لکيل



    پيدا ٿيا ڌاڙيل،

    پيدا ٿيا ڌاڙيل،
    ويندا ڏکن ڏينهڙا؟ !

    آيون خوشيون دوستو!
    ٿيندا هاڃا هيل.
    ويندا ڏکن ڏينهڙا؟!

    ٽڙيا گل گلاب جا،
    ماڪ ڀِنا رابيل
    ويندا ڏکن ڏينهڙا؟!

    ٿيندي ڦرلٽ واهه واهه،
    ويندا ڀاڳيا جيل!!
    ويندا ڏکن ڏينهڙا؟!

    ماڻهون سڀ عيدون ڪيو،
    ڪَريو تيل ڦُليل.
    ويندا ڏکن ڏينهڙا؟!




    خوش هُجين ڌاڙيل ڀاءُ !

    خوش هُجين ڌاڙيل ڀاءُ !
    مرحبا او مرحبا!!!

    جيل کان محفوظ شل،
    او، رکي توکي خدا.
    مرحبا او مرحبا!!!

    قوم آهي اڄ سُجاڳ!
    ٿا ڪريون توکي دُعا.
    مرحبا او مرحبا!!!

    واءُ نه شل ڪوسو لڳئه،
    پوليس جو ساٿي سدا.
    مرحبا او مرحبا!!!
    خوش هُجين ڌاڙيل ڀاءُ!




    بيتَ

    سنڌي سڀ سنڌي، سنڌي ڪيئن نوان؟

    سنڌي سڀ سنڌي، سنڌي ڪيئن نوان؟
    تن کي ڇا چوان، وڙهن جي ويڙهيچن سان.

    

    وڙهن ويڙهيچن سان، رکي اسلام سندي آڙ،
    سنڌ مان تن سڙين، جي پرور پٽي پاڙ،
    پليدن سان پاڙيان، سيني ۾، جي ساڙ،
    ٻڌندئو ڪنهن ڏينهن ٻيلي ۾، راڱي واري راڙ،
    ويرين سندي واڙ، ڀيلينداسون ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    جڏهن ڪُن فيڪون ٿي، سنڌ قبولي مون،
    قالو بليٰ جي قول سان، جھولي جھلي مون،
    جاڏي ڏٺوسون، سهائي سڀ سنڌ جي.






    

    ڀاڳين جا ڀاڻ، خالي مور نه ٿيندا،
    سنڌ سلامت رهندي، وستيون سڀ وٿاڻ،
    مارو ايندا ماڳ تي، ٿيندي روح رهاڻ،
    سنڌ سڄي سرهاڻ، ڀونءِ ڀلاري”ڀنڀرو“ چئي.


    

    ڪيڏا هون اڻڄاڻ، وارَ وڃائي ويٺا هون،
    آنداسون اوپرا، پنهنجا ڪڍي پاڻ،
    اسلام سندي عشق ۾، سوچ نه رهي ساڻ،
    يار ”عباسڻ“ هاڻ، عشق نه ڪبو اهڙو.

    

    سورهيه منهنجي سنڌ جا، شيرن کان وڌ شير،
    وٺندا ويندا وير، نئين نسل جا نينگرا.


    مَنُ ڪري مشعل، ٻاٽ ۾ لاٽ ٿي هَلُ،

    مَنُ ڪري مشعل، ٻاٽ ۾ لاٽ ٿي هَلُ،
    هڪلي ايندئي هيڪلو، پنهنجو پاڻ پنهل،
    عشق ۾ يار ”عباسڻ“ جو ، جيءُ سڄو جل ٿل،
    جي پهر نه ويٺا پَل، سي توڙان توڙ پُڄي ويا.


    

    ووڙي ووڙي ووڙ، هوت ملندئي هيڪلو،
    ويندي ٿيءُ نه ويسر، منهن نه ڪاڏي موڙ،
    ساريندي سڄڻن کي، پهچي ويندينءَ توڙ،
    اهڙا ڀاڳ ڀلوڙ، ڀاڳين ايندئي ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    عشق جون اندر ۾، ڳنڍيون ڳنڍي ڳنڍ!
    دل کي ڌُوڻي ڌُوڻي، ڇاڻي ڇاڻي ڇنڊ!
    جيءُ جانڊهه جان جَنڊِ! ته ڀاڱو ملندئي ”ڀنڀرو“ چئي.









    

    تنهنجي ديد ۾ ديد، حوصلو ۽ هوش ويو،
    مان ٻڌو ٻانهون تنهنجو، تُنهنجو زر خريد،
    اهڙي ٻي ڪا عيد، ايندي ڪانه ”عباسڻ“ چئي.


    

    ڪالهه ويا وڻجارن جيان، ڪاتارا ۽ ڪاتاريون،
    خالي ڀاڳ ڀاڻا ٿيا، بندر بازاريون،
    ويٺا سور ساريون، اَباڻن جا ”عباسڻ“ چئي.


    

    الله! تون آڻ، ٿَر ٿَر ٿڌڙا مينهڙا،
    اُٻاڻڪا ”عباسڻ“ چئي، ڀِٽون ۽ ڀاڻ،
    خالي تل ترائيون، وانجھا سڀ وٿاڻ،
    ٿئي ڪا روح رهاڻ، مارو موٽن ماڳَ تي!










    

    وسندا وڏ ڦڙا، آسرو الله ۾،
    پوربَ اوٿرُ ايندو، وڄندا چنگ چڙا،
    گهڙوليون گهڙا، ڀِٽَ ڀِٽَ تي ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    وسڪارو ٿي وَسُ، ٿرجا ٿاڪ اُٻاڻڪا،
    ڀوڏيسر تي ”ڀنڀرو“ چئي، چاهه وڌي ڪو چَسُ،
    روحَ ٿين ڪي رَسُ، ٿر ۾ ٿاريلين جا.


    وسڪارو ٿي وَسُ، کائِرَ پَائِرَ جُوءِ تي،

    وسڪارو ٿي وَسُ، کائِرَ پَائِرَ جُوءِ تي،
    ٻاٻيهن جي ٻولين جو، چاهه وڌي ڪو چسُ،
    روح ”عباسڻ“ رس، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا.







    

    اوٿر نه اوهيڙا، اُٺَ نه اوٺارَ،
    ڏؤنرا نه ٻاٽي، ڄاڱر نه ڄارَ،
    اڇڙي تان ”عباسڻ“ چئي، وِڇڙيا ڌڻ ڌنارَ،
    واحد! ڪر وسڪار، ته مارو موٽن ماڳ تي.


    

    اوٿر ٿي اَچُ، ڪارونجھر جي ڪورَ تي،
    وسائج وڏ ڦڙو، ڳاهڪيءَ تي ڳچ،
    پيراهو ۽ پڌريو، ٿر سڄو ئي سچ،
    نينهن ”عباسڻَ“ نَچُ، جي وسن مينهن ملير تي.


    

    پورب نه اوٿَرُ، لُڌي نه لوليون،
    ٽيڙوءَ نه ٽهڪا، نَه ٻاٻيهن ٻوليون،
    اڇڙي تي ”عباسڻ“ چئي، چاهه نه چوليون،
    اوکيون ۽ اوليون، مِهريون مالاهوءَ جون.







    

    پورب نه اوٿر، نه واهيرن وڻڪار،
    ٻاٻيهن جون ٻوليون، نه ڳيرن جي ڳُٽڪار.
    ڀِٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي، ڀؤنر نه ڀڻڪار،
    والي! ڪر وسڪار، ته ٿر ۾ ڪو ٿڌڪار ٿئي.


    

    پورب جون لاٽون، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
    ٽيڀري ۽ ڇور تي، ڇوهه ڀريون ڇاٽون،
    ساري ڀونءِ ”ڀنڀرو“ چئي، وسڪارا واٽون،
    ٻوسٽ ۽ ٻاٽون، ڏڪر ويندو ڏيهه مان.


    

    پورب جا وسڪار، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
    ڪارونجھر تي اوڪون، موڪون لاٽون لار،
    کائر کنوڻيون کجڪا، پائر ميگهه ملهار،
    آءُ ”عباسڻ“ يار! تڙ تڙ ڳيرا ڳٽڪن ٿا.





    

    پورب کان اوٿر، گوڙيون ۽ گجگوڙ،
    کنوڻين کِجڪا کائرَ تي، پائر ٻوڙان ٻوڙ،
    ڪارونجھر تي مور ٽهوڪون، جنوجيءَ تي جوڙ،
    ڀوڏيسر تي راڳ ملهاري، مامڙي تي موڙ،
    کرڙي ۽ کاڻل تي، کنڀَ کٽونڀا کوڙ،
    يار ”عباسڻ“ ڀاڳ ڀلوڙ، ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا.


    ڪڪر ڪارونڀر، پورب جي پار جا،

    ڪڪر ڪارونڀر، پورب جي پار جا،
    ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا، اوهيڙا اوٿر،
    اڇڙي جا ”عباسڻ“ چئي، تل ترايون تر،
    ڏؤنرا ٻاٽي کرڙي تي، ڄارا ۽ ڄاڱر،
    جوئر ۽ ٻاجھرِ، کائر پائر جوءِ تي.


    

    ڪڪر لاٽون لاٿيون، مالاهوءَ ميلا،
    اڇڙي تَڙ ”عباسڻ“ چئي، ڇانگون ۽ ڇيلا،
    ڏؤنرا ۽ ڏيکا، کاڄ ”کائر“ جوءِ جو.






    

    پورب وسڪارو، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
    ڪَتيءَ ڪڙڪا لائيا، ٻاري ۾ ٻارو،
    پلر جي پالوٽ ٿي، ڳيرن ڳٽڪارو،
    چڙن چونگارو، ڀٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    ڪڪر ڪارونڀار، چوٽيءَ تي چوٽي،
    کرڙي ۽ کاڻل تي، پلر جي پلٽار،
    ڀوڏيسر تي ”ڀنڀرو“ چئي، تاڙن جي تنوار،
    ڏؤنرن نايا ڏارَ، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا.


    

    پورب جا وسڪار، ٿر ٿر ٿڌڙا مينهڙا،
    ڪتيءَ ڪڙڪا لائيا، تل ترايون تار،
    ڀٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي، چڙن جي چونگار،
    کڙيا کٽڻهار، پلر جي پالوٽ ٿي.






    

    پورب کان اوٿر، آڏاڻن تي آئيو،
    گُڙندَ تان گُڙندو، ننگر تي نائيو،
    پيراهو پڌريو ۽، ڍٽ پٽ سارو ڊائيو،
    ڀَٽ ڀَٽ تي ”ڀنڀرو“ چئي، سڪ جا ڏانوڻ ڏائيو،
    پوش نئون پارائيو، کائر پائر جُوءِ کي.


    

    کاڻلَ کائر پائر تي، ڪَڪَر ڪارونڀار،
    ٿَرَ ٿَرَ ٿڌڙا مينهڙا، کنوڻين جا کجڪار،
    ڪارونجھر جي ڪور تي، پورب لاٽون لار،
    ڀٽ ڀٽ تي ”ڀنڀرو“ چئي، ڀؤنرن جا ڀڻڪار،
    ڏؤنرن نايا ڏار، آئي مند ملهار جي.


    کائر تي کجڪاٽ، پورب جي اوٿر جا،

    کائر تي کجڪاٽ، پورب جي اوٿر جا،
    لُڌي جي لولين جا، چوڌاري چمڪاٽ،
    ڀؤنرن جا ڀٽن تي، ڀيرا ۽ ڀُڻڪاٽ،
    لٿي اُڃ اُساٽ، کائر پائر جُوءِ جي.





    

    ڪارونجھر تي مور ٽهوڪون، مالاهوءَ تي ميل،
    آڏاڻن تي اوهيڙا، کاراهوءَ تي کيل،
    پڌريي ۽ پيراهوءَ تي، دهُل همرچا هيل،
    نينهن نيارا نيل، ڀٽ ڀٽ تي ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    پورب کان اوٿر، کائر پائر آئيو،
    ڪارونجھر تي ٽيڙوءَ ٽهڪا، ڀنو ڀوڏيسر،
    مامڙو جل ٿل ٿيو، ڪڪر ڪارونڀر،
    گجي وسيو گاج تي، وسيو کير ٿر،
    ڀؤنرن جا ڀٽن تي، ڀيرا ۽ ڀڻڪر،
    توڏا سڀ تڙن تي، ڳيرن جا ڳُٽڪر،
    ويندو ڏرت ۽ ڏڪر، ڀونءِ تان ”ڀنڀرو“ چئي.


    

    ڪڪر ڪارونڀار، اوٿر بڻجي آئيا،
    ڀٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي، ٽيڙو ٽهڪا لائيا،
    ڏؤنرن ڏار نائيا، کائر پائر جوءِ تي.



    

    پورب جي اوٿر جا، گوڙيون ۽ گجگار،
    ڀٽن تي ”ڀنڀرو“ چئي، ڀؤنرن جا ڀڻڪار،
    تل ترايون تار، تڙ تڙ ڳيرا ڳٽڪن ٿا.


    

    پورب جا وسڪار، کائر پائر جوءِ تي،
    ٻاٻيهن جون ٻوليون، ۽ ڳيرن جا ڳٽڪار،
    ويڙهيچا ولهار، راڳ ملهاري ڳائن ٿا.


    

    پورب جا وسڪار، کرڙي ۽ کاڻل تي،
    پيراهوءَ ۽ پڌريي جا، تل ترايون تار،
    ڍٽ پٽ سارا ڍائيا، اٺ ۽ اوٺار،
    ڀٽ ڀٽ ”ڀنڀرو“ چئي، ڏؤنرن ٻاٽي ڏار،
    نينهن نوان نروار، ڪارونجھر جي ڪور تي.

    

    ڪڪر ڪارونڀار، چوٽيءَ تي چوٽي،
    ڳيرن جي ڳٽڪار جي، مند وري موٽي،
    پلر پالُوٽي،کائر ڀونءِ ”ڀنڀرو“ چئي.


    غزلَ

    رات هنيو آ ڪات اسان کي،

    رات هنيو آ ڪات اسان کي،
    سور مليا سوغات اسان کي.

    يار! ڇٺيءَ جا ڇورا آهيون،
    پاڇاڙيو پرڀات اسان کي.

    پيرن تي هنئين پاڻ ڪهاڙي،
    ماتم وائي وات اسان کي.

    مرضيءَ سان ئي ماڳ مٽيو سون،
    موت نه ڏيندو مات اسان کي.

    پنهنجن ئي ڪلهه رات ڪيو آ،
    گهٽ تي بيهي گهات اسان کي.



    مائرن جا هَنجَ خالي ڪونه ٿيندا،

    مائرن جا هَنجَ خالي ڪونه ٿيندا،
    هي خدا جا گنجَ خالي ڪونه ٿيندا.

    ڀل اچن طوفان يا ڪي زلزلا،
    مورچا ۽ منجهه خالي ڪونه ٿيندا.

    روز آهي نئين هَلان ڪا سنڌ تي،
    سُورمن جا سنج خالي ڪونه ٿيندا.

    اڄ ”عباسڻ“ جو وري اعلان آ،
    هي وينجھارن ونجهه خالي ڪونه ٿيندا.



    ڪونهي تو ۾ ٿومَ ۽ ٿانءُ،

    ڪونهي تو ۾ ٿومَ ۽ ٿانءُ،
    تنهنجو آهي ڍانڍو نانءُ.

    ٻاهر هنج جون ٻوليون ٻولين!
    اندرِ آن تون ڪارو ڪانءُ.

    منهنجون چيتي وانگ چنگهاڙون،
    هاٿيءَ جيڏو آهي هانءُ.

    تون ته اُڀو آن کجيءَ وانگي،
    منهنجي آهي بَڙَ جي ڇانوَ.

    تو وٽ لال هندورن جھوٽا،
    منهنجي ڪاتَ اَڏيءَ سان لانوَ.



    جي چوين ٿو آ، ته آ،

    جي چوين ٿو آ، ته آ،
    هي ڪهاڙي ڏس ڀلا.

    پئو لهي ميدانَ تي،
    پوءِ ڏس ڪارا اڇا.

    ڪِيسُ انياءَ قهر تون،
    ظلم جي تون انتها.

    سوچ ڀل تاريخ پڙهه!
    ڀل پڇي وٺ ڏس پتا.

    هڪ هڪاڻي ٿي وڃي،
    جي سڏائين ٿو خدا



    ويا سال گذري، پرين ڪونه آيا،

    ويا سال گذري، پرين ڪونه آيا،
    فراقن ڦٽيو آ، وري گهاوَ گهايا.

    ڇڏي ويا جڏهن کان، سڄڻ هت اسان کي،
    اسان ويس ڪارا، تڏهن کان هي پايا.

    سڄڻ جي اچڻ جو، اڃان آسرو آ،
    اسان نيڻ واٽن تي آهن وڇايا.

    نهارون هي نظرون دڳن ۾ اسان جون،
    اسان پنڌ هر هر پِريُن جا پڇايا.

    اجايا نه ٿيندا اوجاڳا اسان جا،
    ”عباسڻ“ اندر ۾ نوان نينهن نايا.



    اسان تو سان ليکا ۽ چوکا ڇڏيا،

    اسان تو سان ليکا ۽ چوکا ڇڏيا،
    اڃان ڇو ڪرين ٿو تو ڳالهيون وڏيون؟!

    جڏهن نيڻ توسان هي اٽڪي اڙيا،
    سڀئي خواهشون ٻيون وساري ڇڏيون.

    سخي ٿي سڄڻ! مون ڪيو عشق توسان،
    ڪيون گهور توتان هي ماليون مڏيون.

    سياري اونهاري تون دل ئي دل تي،
    پرين! توکي پل پل پيا ٿيا سڏيون.

    ”عباسڻ“ جو آهي سفر جاري ساري،
    کڻي ساڻ هلبيون جي گوندر گڏيون.


    گلابن تان پيارا نه پوپٽ اُڏار!،

    گلابن تان پيارا نه پوپٽ اُڏار!،
    ڇڏي ڏي هنن کي ته ڪن ڪو قرار.

    گلابن جي رس ۾ آ ماکي مِٺاڻُ،
    تڏهن قرب وارن جي آهي قطار.

    اسان يار عادي خوشبوءِ سنگهڻ جا
    پرين! پيار وارن تي ڪهڙي ميار؟!.

    وري مند موٽي هِتي يار! ايندي،
    لڳي پيار وارن جي ويندي بازار.

    ”عباسڻ“ نه ڪنهن سان ڪو ليکو ڪيو آ،
    گهڙي پل اسان سان ته گڏجي گذار.


    ملين جي نه ساڀيان ته سپنن ۾ ملجان!،

    ملين جي نه ساڀيان ته سپنن ۾ ملجان!،
    لکي خط پرين! تون سڀئي سُور سلجان!.

    اسان ڪونه ڪڏهين ڀلايو آ توکي،
    اسان کي به سهڻا! ڪڏهن تون نه ڀُلجان!.

    زماني جي بندش جا زنجير ٽُٽندا،
    ڏئي ٽهڪ ڏاڍو پو مِلجان ۽ کِلجان!.

    اسان کي اوسيئڙو اڃان تنهنجو آهي،
    ”عباسڻ“ سان پنهنجا اَچي رُوحَ رَلجان!



    قرب واري قيد جهڙو ڪو مزو ڪونهي مٺا!،

    قرب واري قيد جهڙو ڪو مزو ڪونهي مٺا!،
    پيار تنهنجي ۾ پرين! لُٽجي وڃڻ اعزاز آ.

    هي حياتي مختصر آ ۽ ڪهاڻي آ ڊگهي،
    هن اڻانگي عشق جو ڪيڏو اڻانگو راز آ.

    اڻ ڏٺي منزل سندو آهي سفر جاري اڃان،
    عشق آهي جيءَ جھوري عشق بحري باز آ.

    ڄڻ اندر ۾ اي ”عباسڻ“ برهه جون باهيون ٻرن،
    هي اسان جي عشق جو اوکو سڄڻ! انداز آ.



    اسان کي سڄڻ! عشق اوکو مليو آ

    اسان کي سڄڻ! عشق اوکو مليو آ
    پرين! پيار توکان انوکو مليو آ.

    اسان کي تو چاهيو اسان توکي چاهيو،
    مٺا! چاهه ڏاڍو ڪو چوکو مليو آ.

    اسان نيهن وارا هون نروار ماڻهو،
    تڏهن قرب سولو ۽ سوکو مليو آ.

    پرين پيار ڪڏهين پراڻو نه ٿيندو،
    ”عباسڻ“ کي تازو اڄوڪو مليو آ.



    اسان سال گهاريا اڪيلا اڪيلا،

    اسان سال گهاريا اڪيلا اڪيلا،
    اڃان ڏور رهندين پرين ڪيستائين؟!

    بهارون کڻي آ ته اکڙيون ٺرن هي،
    اسان آسري ۾ سڄڻ! هيستائين.

    نه ايندين ته پيارا! ڪٿي ننڊ ايندي،
    پيا جاڳنداسين اچڻ تنهنجي تائين.

    متل زندگيءَ جو رهي جيسين ميلو،
    ”عباسڻ“ سان نيبههُ ڪجانءِ تيستائين.



    کڻي نيڻ هيڪر اسان ڏي نهاريو،

    کڻي نيڻ هيڪر اسان ڏي نهاريو،
    گهڙي گڏ گذارڻ جا آهيون سوالي.

    هڻي سين تنهنجو اچي درجھليو آ،
    هِتان هاڻي واپس وينداسون نه خالي.

    سخي ٿي سخاوت ڪيو دلربا! ڪا،
    ٿيو پيار وارن سان حالي حوالي.

    ٻڌائڻ جي ناهي ضرورت اسان کي،
    اسان جي ازل کان سڃاڻپ نرالي.

    ”عباسڻ“ سان ليکا ڇڏي يار! سارا،
    پرين! پيار جي اڄ ڀري ڏيو پيالي.



    نظمَ

    هو سنڌ جي سينڌ سجائي ويا،

    هو سنڌ جي سينڌ سجائي ويا،
    هو پنهنجو پاڻ ملهائي ويا.
    هو مانجھي مڙس مٿير هئا،
    هو دودا دُرس دلير هئا.
    هو ڳاڙها ڳڀرو ڳاٽ هئا،
    هو باکن جهڙي لاٽ هئا.
    هو هوشو هيمون پارا ها،
    هو روپا ماڙيءَ وارا ها.
    هو پنهنجي هوڏ هلائي ويا،
    پر جذبن کي جرڪائي ويا.
    هو منهنجي من جو ميت هئا،
    ڪو شيخ اياز جو گيت هئا.
    هو درد ڀري ڪا چيخَ هئا،
    هو سنڌڙيءَ جي تاريخ هئا.
    مان تن جا پنڌ پُڇائيندس،
    مان وايون سي ورجائيندس.
    مان تن جا واعدا پاريندس،
    مان تن لاءِ سنڌ قطاريندس.


    سچل سائين! ڪيستائين ماٺا رهندا ماڳ،

    سچل سائين! ڪيستائين ماٺا رهندا ماڳ،
    ڀنڀٽ ڀنڀٽ ڀڙڪي اٿندا پوٺا آئٺا آڳ،
    ڏونگر ڏرندا ٻارڻ ٻرندا آڏ نه رهندي اوٽ.
    ڌرتي ڌڏندي ڪانئر ڪنبدا ڪوٽ نه سهندا چوٽ.
    سِرَ سِرَ سڙڪن ڌَڙَ ڌَڙَ ڌڙڪن گوليون گڙ گڙ گڙڪا.
    پير گُڊي جون قهر ڪهاڙيون ڪنڌ ۾ ڪڙڪا ٺڙڪا.
    ڳڀرن ڳاٽا لهريون دريا ڪونڌر ڪوپا ڪلنگيدار.
    ٻنڌڻن وارا ٻار به ايندا پڙ تي ٿيندا پرزا يار!
    ٻالڪ تنهنجا سچل سائين! موت سان کيڏڻ ٽِگ جي گيم،
    اندر سنڌ جي پاڻي ڪونهي ٻاهر سنڌ جي ڪالا ڊيم.
    سچل سائين! تنهنجا سائل سي ته وهائن نيڻن نير،
    اُڃ ازل جي آهي تنين کي نانگ پين ٿا ماهيا کير.
    ونيون ٻنيون گهوٽ دراڙي ڀاڙين کان ئي کسبيون هن،
    مڙسيون مرد مٿيرن جون پر ڏوراهينءَ کان ڏِسبيون هن.
    ڪڻيون ڪڻيون مينهن پوي ۽ کنوڻ کِنوين دوڦان مچي.
    سمجهه ته مردن آهه مچايو موت سندو ميدان اچي.
    گھنگھورَ گهٽا ۾ گوڙين جي آ راڱي جهڙي راڙ ڪئي،
    سمجهه ته ويرين وچ ۾ بيهي چيتن آهه چنگهاڙ ڪئي.
    ديس درازين گوڏي جيڏو مينهن سندو جي پاڻي آ،
    پوءِ دعا تون گهوٽ ڪجان جو مان ته شهادت ماڻي آ.
    ويندي ويندي دولهه تنهن جو ديس وسائي وينداسون،
    پرديس پرين جي ويڙا نڪري ڏيهه اندر سي ڏينداسون.


    اسان هون ڪُوپا ۽ ڪونڌر،

    اسان هون ڪُوپا ۽ ڪونڌر،
    اسان هون غيرن لئي محشر،
    دما دم مست قلندر

    سنڌڙي منهنجي جيجل ماءُ،
    جنهن لئه سرسر کي سوداءُ،
    جنهن جو ڏيهن ۾ ڏهڪاءُ،
    جنهن جو غيرن کي آ گھاءُ،
    اسان هون ظالم لئي خنجر.
    دما دم مست قلندر

    اسان هون مانجھي مڻيادار،
    سونهين هٿ ۾ جن تلوار،
    جن جو قيامت هڪ هڪ وار،
    جن جو سوري آ سينگار،
    اسان کان لرزن ٿا لشڪر.
    دما دم مست قلندر

    اسان هون مانجھي مڙس ملنگ،
    اسان هون آڌوتي اڙٻنگ،
    اسان هون واسينگن جا ونگ،
    اسان هون ڪاريهر جا ڏنگ،
    اسان هون ٻيلائي ڪيهر.
    دما دم مست قلندر

    اسان وٽڪانگي گوريلا،
    اسان هون برق جا شعلا،
    اسان هون توب جا گولا،
    اسان تقدير جا مولا،
    اسان جو کامي اندر.
    دما دم مست قلندر


    سنڌڙي! منهنجو وچن آ توسان، پنهنجي نينهن نڀائڻ جو،

    سنڌڙي! منهنجو وچن آ توسان، پنهنجي نينهن نڀائڻ جو،
    ڄارَ جي هڪ هڪ ويڙهه جي خاطر پنهنجي ڪنڌ ڪپائڻ جو.
    منهنجي ڌرتي آدجُڳاد کان ڪنهن جو سُنگُ نه ڀريندي آ،
    منهنجي ماتر ڀُومي مُوران ڪائنر ڪو نه ڄڻيندي آ.
    ڪيڏا ڌُم ڌماڪا ٿيندا واڪا واڪا واٽون ٿينديون،
    رڳ رڳ جو هي رت آريٽو ٻاٽ ۾ ان جون لاٽون ٿينديون.
    آنڌين سان اکيون پنهنجون اٽڪائي به سگهون ٿا،
    پنهنجون راهون طوفانن مان بنائي به سگهو ٿا.
    هي سچ آ ته منهنجي هٿ ۾ گلاب ٽڙي پوندا آهن.
    منهنجي نازڪ هٿن مان ڪِتاب ڪري پوندا آهن.
    پر هن هٿ ۾ هڪ ڀيرو ڪا جُنبش آئي،
    ته پوءِ سمجھين ٿو ڇا ٿيندي تنهنجن جي تباهي؟!
    هر حلقه زنجير مان تڙپي نڪتيون جي جَھنڪارون،
    ته والله! ڪنبي وينديون تنهنجي زندان جون ديوارون.
    مرندي مرندي تنهنجا ويري ڳاري ماري وينداسون،
    سنڌ جي سِينڌ کي لال لهوءَ سان ڪيئن به سنواري وينداسون.



    واريءَ تي ٿا ليڪا پايون،

    واريءَ تي ٿا ليڪا پايون،
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون!

    ڪاريون پٽيون خالي ٻانهون،
    دانهون پنهنجون ناهن ڪاهون،
    بند اسانجا رَندَ ۽ راهون،
    رت ۾ راڱيل واٽون واهون،

    وَڏ ڦُڙي جيئن نيڻَ ٽمايون
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون!

    ڀورائيءَ ۾ ڀُونءِ ڦرائي،
    رولاڪن سان رُوحَ رَلائي،
    اوندهه واري عينڪ پائي،
    پنهنجي ڄڻ تاريخَ وڃائي،

    سنڌ جا خالي گيت ٿا ڳايون،
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون!

    يار ”عباسڻ“ هوش ۾ ناهيون،
    ڄڻ ڪي پيالا پيتل آهيون،
    روز نوان ٿا نعرا ٺاهيون،
    ڪنهن تي دانهين ڪنهن تي دانهيون.

    آڪڙ ۾ ٿا پاڻ پڏايون،
    جهڙا آهيون تهڙا ناهيون.



    سنڌ امڙ سان نينهن نِڀايون،

    سنڌ امڙ سان نينهن نِڀايون،
    مهر وفا جون وايون ڳايون،
    پنهنجي سونهن ۽ ساک بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.

    پنهنجي ڀُونءِ ۽ ڀاڳَ بچايون،
    چُوڙيلين جا چاڳَ بچايون،
    تاريخي ڪي ماڳَ بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي.
    شاد هُجي آباد هُجي

    پنهنجو هي درياههُ بچايون،
    چرخو پنهنجو چاهه بچايون،
    ساهه ڏئي ويساههُ بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.

    ڌرتي پنهنجي دنگَ بچايون،
    واههَ ڪڙيا ۽ ونگَ بچايون،
    سونا سونا سنگَ بچايون،

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.

    ڪُنوارين ڇيڏَ ۽ ڇالَ بچايون،
    ڀونءِ ڀلارا ڀالَ بچايون،
    ماروئڙا ۽ مال بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.

    کائِرَ کِجڪا کيلَ بچايون،
    منڇر ميلا ميل بچايون،
    ڀُونگا ڀاڻا ڀيلَ بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي.
    شاد هُجي آباد هُجي.

    ٻيلا ڇيلا ڌَڻ بچايون،
    واهيرا ۽ وَڻ بچايون،
    قومي پنهنجا ڏڻَ بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.

    يارَ ”عباسڻ“ ڪوههَ بچايون،
    اوههَ بچايون موههَ بچايون،
    روهيون رِڻ ۽ روههَ بچايون.

    سنڌڙي زندهه باد هُجي،
    شاد هُجي آباد هُجي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 713
    ڪتابن جو مشاهدو: 997324
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 334020
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ