ڪتاب جو نالو: جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون)
مصنف: محب ڀيل
ڇپائيندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 12 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 443 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 108 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران
  •   اداري پاران
  •   مهاڳ: پورهيتن جا پُور جنهن کی
  • ٻه اکر : صحبت سپريان جي
  •   ليکڪ پاران
  • شڪاگو جا شهيد پورهيت
  • “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جو نعرو ڏيندڙ ڪارل مارڪس
  • مزدور انقلاب جو باني ڪامريڊ لينن
  • پگهر جو پورهيو ڪندڙ پورهيتن جا درد : روڊ ٺاهيندڙ مزدور
  • پگهاردار گاهيو ۽ ڌراڙ
  • کيت مزدور ۽ لاهيارا
  • صفائي ڪندڙ عملي جا مسئلا ۽ جواب طلب سوال
  • بٺا مزدور ۽ ڪنڀار
  • قبرون کوٽيندڙ مزدور ”گورکن“
  • مڇي ماريندڙ مهاڻا، سامونڊي پورهيت
  • محنت ڪش معصوم ٻار
  •   وزن کڻندڙ همالي، قُلي ۽ ڪاٺ کڻندڙ پورهيت
  • اوڏ، رازا، رنگساز ، کوهه کوٽيندڙ ۽ سر تغارين جا پورهيت
  • ڪاٺيار، آڱارن جي بٺن جا مزدور ۽ ڪوڪيون ٺاهيندڙ پورهيت عورتون
  • بنگلن جا پورهيت : عورتون، ٻار، مالهي، بورچي، ڊرائيور ۽ چوڪيدار
  • ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل پورهيت
  • موسيقي سان لاڳاپيل فنڪار پورهيت
  • مل، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جا مزدور
  • نائي، موچي، درزي، ڌوٻي، واڍو، ويلڊر، مالش ڪندڙ ۽ ريڙن تي شيون وڪڻندڙ پورهيت
  • پُراڻ پبليڪيشن جا ڇپيل ڪتاب

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: جنين لوهه لڱن ۾
    ليکڪ : محب ڀيل
    موضوع: مضمون
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: اشفاق احمداڻي
    ٽائٽل: عبدالعظيم ڪنڀر
    ڇپائندڙ: پُراڻ پبليڪيشن جهڏو
    فون نمبر: 03002382699
    قيمت: 200 روپيا
    (Histry)

    Muhib Bheel
    Edition: First
    Year: © 2017
    Price: Rs. 200-00

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ارپيم
    حضرت علي،
    ڪارل مارڪس،
    لينن، مائوزي تنگ، اينگل،
    هوچي منهه، فيڊل ڪاسترو،
    نيلسن منڊيلا، هوگوشاويز، مارٽرلوٿر،
    شاهه لطيف ڀٽائي، شهيد سورهيه بادشاهه،
    دودو سومرو، دولهه دريا خان، شهيد ڀڳت سنگهه،
    هيمون ڪالاڻي، نظيرعباسي، شڪاگو جي شهيد پورهيتن
    کي، ۽ ارپيم خدا جي خاص دوست “پورهيت” کي، جنهن پورهيت
    سان ظالم سرمائيدار سامراج جُڳن کان دشمني لڳايو اچي. ارپيم پورهيت
    هٿن کي جن جي ڪمائي سمورو جڳ کائي ٿو ۽ هو بکئي پيٽ لنگهڻ سمهن ٿا.


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ڪالم نگار محب ڀيل جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي، جنهن جو موضوع گهڻو ڪري پورهيت ئي آهن.
    هي ڪتاب ”جنين لوهه لڱن ۾“ ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي.
    هي ڪتاب پراڻ پبليڪيشن، جهڏو پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون محب ڀيل جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      اداري پاران

    محب ڀيل جي لکڻين جا اڳ ۾ ٻه ڪتاب ڇپيل آهن 1 “تتل سج هيٺان” 2 “هن رتائين راهه ۾” انهن ڪتابن جا موضوع به دنيا جا پورهيت آهن. سندس هي ڪتاب “جنين لوهه لڱن ۾” به ڪائنات ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مسڪين محنت ڪش مزدورن جي ڏکن، سورن، دردن، عذابن، مصيبتن، انياءَ، ناانصافين جي وارتائن جو ڏکوئيندڙ داستان آهي. ليکڪ محب ڀيل جي اکر اکر ۾ مزدورن جي سورن جي عڪاسي ٿيل آهي. پورهيتن سان ڏاڍ، جبر، ظلم ۽ استحصال ڪندڙ بدمست عالمي سرمائيدار سامراج جي مزدور دشمن پاليسين، منصوبابندين ۽ سازشن تان پڻ پردو کنيل آهي. ليکڪ پورهيتن جي مسئلن تي روشني وجهڻ سان گڏ انهن جا حل پڻ بيان ڪيا آهن. ادب جي ٻين موضوعن تي تمام گھڻو لکيو وڃي ٿو پر هي پورهيت ڪنهن جي اک ۾ ناهن، هي ڪنهن کي ياد ناهن، هنن کي مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ياد ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن محب ڀيل جهڙي پورهيت ليکڪ مزدورن تي مڪمل ڪتاب لکي سندن ڏکن ڏوجهرن کي نئين سر نروار ڪيو آهي سندس اهڙي ڪاوش جس لهي.


    نيڪ تمنائن سان
    فقير سليمان لغاري
    03002382699


      مهاڳ: پورهيتن جا پُور جنهن کی

    انساني جسماني، ذهني ڪوشش، ڪاوش ڪنهن نئين شئي، پيداوار کي جنم ڏيندي آهي ان ڪوشش جو نالو آهي پورهيو ۽ ان کي سرانجام ڏيندڙ پورهيت سڏجي ٿو. اسان وٽ ان جو متبادل مزدور لفظ به آهي تہ ڪٿي ڪمي سڏيو وڃي ٿو ائين مختلف علائقن، قومن، ٻولين ۾ کڻي ان جا ڪهڙا بہ نالا هجن پر پورهيتن وٽ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ جي هڪ ئي شئي هجي ٿي جيڪا آهي محنت.
    پورهيت جا هٿ، کيسو پيٽ خالي رهيا آهن هن وٽ پيٽ ڀرڻ جي بدلي مارڪيٽ ۾ پنهنجي محنت وڪرو ڪرڻ کان سواءِ ڪجھ نه هوندو آهي ۽ مارڪيٽ کي سرمائيدار پنهنجي دلال، ايجنٽ معرفت هلائيندو ۽ ان مان نفعو ڪمائيندو آهي. سستيون شيون وٺي منافعي جي نالي تي مهانگيون ڪري وڪڻندو آهي. جڏهن انهي مارڪيٽ ۾ پورهيت پنهنجي "شئي" يعني "محنت" وڪرو ڪرڻ ايندو آهي ته سرمائيدار، سيٺئي جو دلال ان جي قيمت گهٽ مقرر ڪري پورهيت جي محنت چورائيندو آهي، اٺن ڪلاڪن جي محنت جو اجورو ٻن ڪلاڪن جي محنت برابر مقرر ڪري ڇھ ڪلاڪ جي محنت جو هو مفت ۾ منافعو ڪمائيندو ٻين لفظن ۾ هو پورهيت جي محنت تي مارڪيٽ ۾ ڌاڙو هڻندو آهي، اهو آهي پورهئي جو استحصال ۽ اهو استحصالي نظام دنيا ۾ انهن ڪروڙين، اربين پورهيتن کي ڳيهي ويو آهي جن جي محنت تهذيبون ٺاهيندي آئي هئي. دنيا پورهئي سان ٺهي آهي سرمائيداري جو سڄو منڊ ۽ ڪاڪ محل ان چورايل پورهئي تي اڏيل آهي . پورهيت جي استحصال جو اهو راز ڪنهن به معلوم نه ڪيو هو هزارين سالن جي تاريخ ۾ جيڪڏهن پورهيت جي استحصال جو راز فاش ڪيو هو ته اھو مارڪسي فلسفو هو. پورهيت جي محنت جي مقرر اجوري کان مٿي ان جي محنت مان جيڪو به سرمايو ڪمائجي رهيو هو اهو اصل ۾ پورهيت جو ئي پگهر هو. جنهن جو اجورو سرمائيدار جي کيسي ۾ ويو ٿي، مارڪس انهي استحصال جو ڀانڊو ڦاڙي دنيا جي مزدورن کي گڏجي، هن استحصالي نظام کي اکيڙي ڦٽو ڪرڻ جو سڏ ڏنو. ۽ پهرين مهاڀاري جنگ کان پوءِ هڪ اها دنيا اڏجڻ لڳي جنهن ۾ ڏکيون ڏِک ويٺيون، مزدورن جي رياست قائم ٿي.
    "نڪا جھل نه پل، نڪو رائر ڏيھ ۾ "
    جي اعلان سرمائيدار، جاگيردار ۽ مذهبي پيشوائيت جي ڪئمپ ۾ ماتم مچائي ڇڏيو، سويت يونين جو انقلاب هڪ لحاظ کان شڪاگو جي شهيدن جي رت هاڻي خوابن جي تعبير هو ۽ سرمائيداري خود کي سڌو ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي سرمائيدار ملڪن ۾ به پورهيتن جا مطالبا تسليم ٿيڻ لڳا، رعايتون ملڻ لڳيون، انشورنس جهڙيون سهولتون ميسر ٿيڻ لڳيون سرمائيدار جرمني جي چانسلر بسمارڪ کي چوڻو پيو تہ" ان کان اڳ جو انقلاب اسان سڀني( سرمائيدار ڪئمپ) کي کائي وڃي اسان کي ان ڏانهن وڌي هلڻ گهرجي " پورهيت انقلاب ۽ رياست جي قيام جي ستر سالن جي ڪامياب تجربي دنيا کي گهڻو ڪجھ ڏنو جاپان جهڙي ملڪ کان شڪست کاڌل روس ٻي جنگ عظيم کٽي دنيا کي فاشزم کان بچائي چنڊ تي قدم رکيا، دنيا جي گولي تي اٿل پٿل ٿي، ڇٽ پٽن تي لڳا، برج لُڏيا، ڪنگرا ڪوٽ ڪريا، بادشاهيون ڀينگ ٿيون. مزدور جو علم اوچو ٿيو، سرمائيداري ان دوران مذهبن کي استعمال ڪندي رهي، سرمائيداري وٽ آخري حربو ئي اهو هو ان کانسواءِ ٻيو ڪجھ نہ ھو. ان بعد اسان سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جي دنيا تي نظر وجهون ٿا ته هڪ خطرناڪ صورتحال نظر اچي ٿي سڀ پيڙهيل طبقا، هاري، مزدور، کيت مزدور، واڍا رازا ان ئي سرمائيداري جي گهاڻي ۾ پيڙجندي نظر اچن بلڪه اڃان بہ وڌيڪ خطرناڪ صورتحال نظر اچي ٿي. مزدورن کان يونين جو حق کسيو ويو، انهن جي پورهئي کي وڌندڙ بيروزگاري جو فائدو وٺندو سيٺئي، سرمائيدار، زميندار سستي اگهن تي خريد ڪرڻ شروع ڪيو آهي. مزدورن کي بٺي ۾ ساڙيو ٿو وڃي ٻه اڍائي سئو مزور لساني دهشتگرد فيڪٽرين ۾ واڙي ساڙي ماري ٿا ڇڏين مزدور بلوچستان ۾ هلندڙ جنگ جي نظر ٿي وڃن ٿا. فيڪٽرين جي مشينن ۾ ڦاسي مرن ٿا. عمارتن تان ڪري مرن ٿا، معذور ٿين ٿا. صفائي جو عملو گٽر جي صفائي ڪندي موت جي منهن ۾ وڃي ٿو، لاهياري، هارياڻي ٻني جو ڪم ڪندي ريپ ٿي مارجي وڃي ٿي ته ان جو مرد وري ڦوهاري جي زهريلي دوا ۽ نانگ جي زهريلي ڏنگ وگهي مري ٿو. مزدور هاري جي نه پيٽ کي نه زندگي کي تحفظ آهي، خطرناڪ صورتحال ان ڪري به آهي جو ورهايل طبقاتي سماج وري مرد عورت جي متڀيد جو شڪار آهي. جتي مرد عورت جي پورهئي ۾ تفريق ڪندي عورت کي مرد جي ڀيٽ ۾ اجورو به گهٽ ٿو ڏنو وڃي. عورتون چاهي لاهياريون، رستن تي پٿر ڪٽيندڙ عورتون هجن يا گهرن ۾ ڪم ڪندڙ، يا سيبو ٽوپو ڪندڙ مزدور ھجن پر سندن پورهئي جي اجوري جي قسمت ساڳي آهي
    ملڪ ۾ ليبر پاليسيون مزدور دشمن ئي ٺهن ٿيون، ڪا به حڪومت هارين کي مزدور جو اسٽيٽس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ليبر ڊپارٽمينٽ، اولڊ ايج بينيفٽ بيورو، لئبر ڪورٽون، اھي سڀ ادارا سرمائيدار، ڪارخانيدار جا گهر ڀاتي آهن. پاڪيٽ يونين جو رواج هر طرف آهي، سرمائيدار، ڪارخانيدار جي چالن ۾ اهو پورھيت طبقو اڃا تائين ڦاٿل آهن جنهن تهذيبن کي اڳتي وڌايو آهي
    مکر کی چالوں سے بازی لے گیا سرمایہ کار
    انتہائے سادگی سے کھا گیا مزدور مات
    سنڌ جي پورهيتن جي پاڪستان جي پورهيتن جيان ئي دردناڪ حالت آهي. ۽ هاڻ تہ ماضي جي ابتڙ سنڌ جي ڪنهن به پورهيت جو ڪٿي به مضبوط آواز ناهي. مختلف پارٽيون هارين مزورن کان ڪم ڪار وٺي. سياسي مزوري ڪرائي چپ چاپ ٿي ويون آهن. جيستائين هارين مزورن جي حقن لاءِ ڪا پارٽي جرئت سان اڳيان نه ايندي تيستائين سنڌ جو سياسي جمود نه ٽٽي سگهندو نه سماج اڳتي وڌي سگهندو. اسان سماج جي هڪ وڏي قوت کي حالتن جي رحم ڪرم تي کيتن، ڪارخانن، گهرن، دوڪانن، بازارن ۾ ننڌڻڪو اڇلي خالي ڪري چڪا آهيون.
    ھن بي علم سماج ۾ ھون به مزدور جدوجهد هاري جدوجهد جي ڪا تاريخ بہ ناهي جيڪا انهن نسلن کي پڙهائي سگهجي، جيڪي سرڪاري نصاب ۽ اسڪولن ڪاليجن جي رحم ڪرم تي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ تعليم پرائي رهيا آهن. ان نصاب ۾ مزدور هاري جي عظمت جا سبق ته هوندا آهن پر انهن جي غربت ۽ بک جي سببن سان ان تعليم جو ڪو واسطو ناهي. جيڪا تعليم هجي ئي طبقاتي ٿي
    ھن ڪتاب “جنين لوهه لڱن ۾” اسان جي دوست محب ڀيل ان پورهيت طبقي جي انهن پورهيتن کي به فوڪس ڪيو آهي جيڪي بظاهر روايتي مزدور ناهن. ان جو مثال گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتون آهن. هن ملڪ ۾ گهرن ۾ ڪم ڪندڙ عورتن جو لکن ۾ تعداد آهي ۽ اهي پورهيو ڪري گهٽ اجوري جي باھ ۾ سڙي به رهيون آهن. انهن جو پورهيو سماج کي نظر نٿو اچي ڇو ته مرداڻي سماج ۾ عورت جيان گهريلو ڪم ته اهم ليکيو ئي نٿو وڃي . محب ڀيل جو پورهيتن جي انهن قافلن تي ان ڪري به نظر پوندي رهي آهي جو ھو پورهيت ولد پورهيت هجڻ سان گڏ سياسي پارٽي جي مزدور ونگ جو ڪارڪن ۽ رهنما رهيو آهي. هو سوئپرن کان وٺي ريڙهي واري، هاري، حمال، لوهار، واڍي، ڪاٺير جي ويجهو رهيو آهي. انهن سان گڏ رهيو آهي خود پورهيت طبقي جو فرد هجڻ ناتي محب ڀيل انهن پورهيتن جي مسئلن جي اخباري ڪالمن ذريعي اپٽار ڪئي آهي جيڪي سماج کي سهولتون فراهم ڪري خود عذاب جي زندگي گذارين ٿا. هن انهن پورهيتن جي درد کي ڄاتو آهي جن جي هر ڄمار هجي ٿي يا ڄمار جو ڪو شرط ئي نٿو هجي. بس پورهيو ڪرڻ پگهر وهائڻ شرط آهي. پوءِ پيري هجي يا ٻالڪپڻ. لکين ٻار جن کي اسڪول وڃڻ گهرجي سي روڊ رستن، گهرن گئريجن ۾ پورهيو ڪري اڄ به پنهنجو ٻاورتڻ وڃائي رهيا آهن. جن تي محب ڀيل جو قلم رت روئي ٿو. ۽ سنڌ جون اين جي اوز ڪمائين ٿيون. محب ڀيل رڳو پورهيتن تي لکيو ناهي پر هن پورهيتن کي ڄڻ ته پڙهيو بہ آهي. ڇو ته ھن جو سياست تي ايمان رهيو آهي. هن جو سياست ۾ اهو يقين رهيو آهي ته سماجي تبديلي جو پهريون ۽ آخري وسيلو سياست آهي ۽ سياست جو ڪرنگهو هاري مزدور ڪمي ڪاسبي پورهيت جي طاقت آهي، ان طبقي جي طاقت کانسواءِ جيڪا به سياست ٿئي ٿي سا ته سياست ۽ ان ئي پورهيت طبقي سان فراڊ ۽ دوکو آهي. جيستائين سماج ۾ سياست ان طبقي جي مسئلن کي سامهون نه رکندي ته سياسي عمل به ڪلراٺو، سنڍ، ويران ۽ بنجر رهڻو آهي. ليکڪ محب ڀيل وٽ لفظن جي نه گلڪاري آهي نه ئي هن لفظ ململ، بخمل ۾ ويڙهي پيش ڪيا آهن، هن جا لفظ به مزدور آهن، سڌا آهن. هن صحيح چيو آهي تہ “مون جيڪو ڏٺو، ڀوڳيو، لوڙيو، لوچيو ۽ محسوس ڪيو آهي اهو ئي لکيو آهي” هن ڪتاب لکڻ وقت مونکي پڪ آهي تہ محب ڀيل ان دنيا جا خواب ڏٺا هوندا جيڪا پورهيتن جي ئي دنيا هوندي ۽ اهڙي خواب تان محب ڀيل ۽ سندس قافلي جي پانڌيئڙن هٿ ناهي کنيو اهي خواب هي ئي آهن .
    ہم محنت کش جگ والوں سے جب اپنا حصہ مانگیں گے
    اک کھیت نہیں اک دیس نہیں ہم ساری دنیا مانگیں گے
    جب تبديلی ہو جائے گی جب سب جھگڑے مٹ جائیں گے
    ھم ھر ایک دیس کے جھنڈے پر اک حال ستارہ
    مانگیں گے


    حفيظ ڪنڀر
    حيدرآباد
    سنڌ


    ٻه اکر : صحبت سپريان جي

    پيبلو نرودا جا هي لفظ واقعي پُراثر آهن: “جنهن قلمڪار جي قلم جو واسطو غلام ۽ مظلوم سان ناهي، جنهن قلم جي مس جو ناتو آزادي لاءِ وڙهندڙ جوڌي جي رت ۽ پورهيت جي پگهر سان ناهي اهو قلمڪار ۽ قلم گونگا، لاوارث ۽ اجايا آهن” پورهيتن جا درد سرجيندڙ اديب محب ڀيل برابر محب ماڻهو آهي، ڇو ته سندس لکڻين جو محور معاشري جي ان مظلوم طبقي لاءِ وقف ٿيل آهي. جنهن تي ڪنهن جي نظر مشڪل سان پوندي آهي. جڏهين گرمين توڙي سردين ۾ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مزدورن کي رستي تي پٿر ڍوئيندي، ٻچڙن جي بکئي پيٽ لاءِ روزي ڪمائيندي، سور سهندي ڏسندو به آهي ته ڪوبه ماڻهو ٻه سيڪنڊ اُتي بيهي انهن مظلوم مزدورن جو حال يا همدردي ته پري رهيو پر افسوس ڪرڻ به ان وقت ماڻهن لاءِ نهايت مشڪل هوندو آهي، اُتي هن بهادر، نازڪ مزاج، پورهيت دوست، دردمند دل رکندڙ غريب انسانن جي هڏ ڏوکي محب ڀيل جو من ٻري پوندو آهي ۽ سندس نيڻ امالڪ ڀرجي ايندا آهن. هي فقير ان وقت ڪري ته ڪجهه نه سگهندو آهي، ۽ نه ئي وري سندن حال پڇي ويتر سندن زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي ڪوشش ڪري سگهندو آهي. انهن پورهيتن جي ڏکن جا ڏونگر ۽ لڙڪن جو لارن جا درد پنهنجي سيني ۾ سمائي پنهنجي غريباڻي اڀري لئبريري جو رخ ڪندو آهي. جتي قلم کي جنبش ۾ آڻي پورهيت دشمن ظالم سرمائيدار سامراجين جا اڇا ڪارا پڌرا ڪندو آهي. مزدورن جي ڏکن ۽ سورن جون درد ڪٿائون سرجي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪندو آهي. هن ڏات ڌڻي جي تحريرن، تقريرن ۽ ڪچهرين جا موضوع شروع ئي پورهيتن کان ٿين ٿا ته ختم به انهن تي ٿين ٿا. ان جو خاص سبب هي پاڻ پورهيت آهي. هن جا پورهيتن لاءِ لکيل دردن جا داستان جڏهن اخبارن ۾ ڇپجي عوام جي اکين تائين پهچن ٿا ته حق ۽ سچ ۾ سمايل لفظن جي عقصن جا اولڙا پڙهي نرم دل رکندڙ ته دور پر سخت مزاج ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن به تيز ٿي ويندي آهي. ائين هي راڄ روئاڙي وجهندو آهي، ڇو ته سندس قلم سدائين سچائي سرجيندو رهي ٿو. هن جو قلم صرف ڪنهن طبقي لاءِ نه پر هاري کان مزدور تائين رازي کان واڍي تائين، ڪنڀار کان بٺي مزدور تائين هر ان غريب سورن جي ستايل سان ساٿ ۾ آهي، جيڪو سدائين ڏکيو ۽ بکيو هوندو. ان جو ڪارڻ هي خود به انهيءَ غربت جو ماريل مظلوم طبقي سان تعلق رکي ٿو. آئون اميد ٿو ڪريان ته محب ڀيل اڃان به وڌيڪ محنت ڪري انهن بي سهارا ۽ مظلوم انسانن جي حقن واسطي پنهنجي قلم جي جنبش کي هر وقت گردش روان ۾ رکي غريب پورهيتن جي احساس محرومي کان احساس برتري تائين سندن ڀرجهلو ٿيندو. جيئن ته سندس عمر نوجواني جي جوڀن ۾ آهي تنهنڪري مونکي هن شخص ۾ وڏيون اميدون ۽ آسون آهن، شال هي منهنجي ان اعتماد کي عملي جامو پهرائي.

    کاهوڙي کرا، سُوڌي خبر پکيا،
    سوجهي جن ڪيا، مٿي اڱڻ آهرا.
    (شاهه)

    فتح محمد شهزاد ٿيٻو
    چيف ايڊيٽر هفتيوار ولهار اخبار ۽ ولهار پبليڪيشن
    26 نومبر 2017ع


      ليکڪ پاران

    سرمائدارن پاران خدا جي دوست “پورهيت” سان ڪهڙي دشمني آهي؟

    پورهيتن سان هن سماج جو رويو ڪهڙو آهي؟ مزدورن جو استحصال ڪندڙ ظالم سامراجي سرمائيدار قوتون هن انساني حقن جي آزادي واري دؤر ۾ به پگهر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش ماڻهن سان ڪهڙو ورتاءُ ڪن ٿيون؟ ڪهڙو ويل وهائن ٿيون؟ ڏک ڏسي پرٿوي کي سک، آسائشون ۽ آرام ارپيندڙ پورهيتن سان ظلم، ڏاڍ، انياءُ، ناانصافي، جبر، قهر ۽ ڪلور ڇو آهن؟ پورهيتن جي سورن، مصيبتن ۽ عذابن جا ذميوار ڪير آهن؟ اهي ڪير آهن جيڪي پورهيت جو پگهر سُڪڻ کانپوءِ به اجورو نٿا ڏين؟ اهي ڪير آهن جيڪي پروردگار جي خاص دوست “پورهيت” سان دشمني لڳايو اچن؟ اهي ڪير آهن جيڪي انهن کي نسل در نسل دربدر ڪندا اچن؟ اهي ڪير آهن جيڪي مارڪس جي صلاح “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جي ابتڙ “دنيا جي پورهيتن کي پاڻ ۾ گڏجڻ نٿا ڏين؟” اهي ڪير آهن جيڪي هنن هيڻن انسانن، پورهيتن جي ڳاڙهي جهنڊي، مزدور يونين ۽ داس ڪيپيٽل کان ڊنل آهن؟ سرمائيدارن جي گُدامن ۾ پيل اناج کي اڏوهي پئي کائي ٻي پاسي پورهيت جو پيٽ ۽ پُٺي هڪ ٿي ويا آهن. ڪيترائي سوال آهن جيڪي ننڊ ڦٽڻ جو سبب بڻجن ٿا، ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي اندر ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائن ٿيون، واقعي ٻه اکر پڙهيل ماڻهو وڏي عذاب ۾ هوندو آهي. اسان جي آسپاس ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي کايو، پيو اوڳرايون ڏيو وڏي اطمنان سان پيا هلندا آهن. انهن لاءِ ڪڏهن پورهيتن جا ڏک سک ڦٽڻ جو سبب نٿا بڻجن. ڇو ته انهن ئي ته پورهيتن جا سک ڦٽايا آهن. مون ڪنري جي پورهيت سوني ڪولهي کي اکين ڪونه ڏٺو پر گاهه ڪُتر ڪندي ان جا وڍجي ويل هٿ مسلسل ٻن مهينن تائين منهنجي اکين اڳيان ڦرندا رهيا. يڪجهتي طور ٻن مهينن تائين منهنجي آڱريون لکڻ تان هٿ کڻي ويون، اهو واقعو الئه ڇو مون لاءِ ذهني عذاب جو سبب بڻجي ويو. کوهه کوٽيندي زمين ۾ دٻجي فوت ٿيل پورهيت مزدور جڏهن به ياد اچن ٿا ته من ۾ عجيب سوڳواري وار کولي واسو ڪري ٿي، مزدور پورهيو ڪندي حادثن ۾ فوت ٿي وڃن ٿا، زخمي ٿين ٿا، ڪارخانن مان ڪڍي بيروزگار ڪيا وڃن ٿا. يعني انهن پورهيتن سان هزار مسئلا آهن پر هن وسيع ڪائنات ۾ مزدورن جي مسئلن جو ڪو هڪ به حل موجود ناهي. دنيا ۾ “بک” جو مسئلو حل ڪندڙ بک جو شڪار ٿين ٿا. آئون پورهيت پيءَ جو پٽ آهيان، بابا سڄي حياتي چوپائي مال جي پڙين ۾ منشيگيري ڪري اسان کي پاليو ۽ پڙهايو آهي، آئون به ساڻس گڏ تيرهن سال مال پڙي ۾ منشي رهيو آهيان، جتي اسان کي وقت به وقت مارڻين ڍڳين، مينهن، پاڏن ۽ ٽيهاڻن لتون ۽ ٽڪرون هنيون، هاڻ ماڻهن جي روپ ۾ به اهو ڪم جاري آهي. اسان ٻين مزدورن جيئن پيٽ جي باهه اُجهائڻ جا جتن ڪيا آهن. مون جن اخبارن ۽ رسالن ۾ لکيو آهي انهن ۾ سرمائيدارن جي ثناخواني به ڇپجي ٿي، اُتي به “مجوري” ٿئي پئي. وڏن لوڪن جا پڇ لٽڪائو لکاري ماڻهو درٻاري بڻجي ماني ۽ ڳاڙهو ٻوڙ ڇڏائن پيا. وڏا وڏا نالا پئسن تي لکن ٿا پر اسان جنهن لڏي سان پنڌ ڪيا آهن اُتي بک مرڻ کي ترجيع ڏني ويندي رهي آهي.
    آئون وري به اهو ڳالهه ورجايان ٿو ته مون وٽ لکڻ جو فن ڪونهي، مڙئي رنڊا روڙيان ٿو. ڪنهن به اعزاز، سرٽيفڪيٽ ۽ مال پاڻي لاءِ ڪونه ٿو لکان، جي سرمائيدارن جي شان ۾ لکان ته ڏوڪڙن جا کوڙ لڳي وڃن، پر يار! ضمير ماري ٿو، ان ڪري پاڻ پنهنجي پورهيت ڀائرن جو گس وٺيو پيا هلون، منزل ملي يا نه ملي پر اهو يقين آهي ته گس منزل وارو ئي ورتو آهي. ايندڙ نسلن کي انقلاب جي منزل ضرور ملندي، سو اسان واري انقلاب جون ڳالهين کي هضم ٿيڻ ۾ زمانو لڳندو، پورهيت ۽ پورهيت دوستن کي اهي ڳالهيون وڻنديون باقي سرمائيدار ۽ سندن ڇاڙتن کي هي ڳالهيون ۽ ڳاڙها ڪتاب اکين نٿا وڻن، انهن جي اکين ۾ صنم مرچ ڀرجن ٿا.
    مون جيڪو ڏٺو ڀوڳيو، لوڙيو، لوچيو ۽ محسوس ڪيو آهي اهو ئي لکيو آهي. سوال اهو آهي ته لکجي ڪهڙو؟ اهو ته ڪو مها، ماهر اديب، مها دانشور، ڏاهو ۽ ڄاڻو تاريخدان لکاري ئي ڄاڻي، انهن سمورين خاصيتن کان اسان مڙئي آجا آهيون. نه پاڻ کي لفاظي جي لٻاڙ اچي، مون کان هٿ جا قصا نٿا گھڙجن، جيڪي رومال ۾ ويڙهي سماج ۾ اڇلايون، سو ڪم پاڻ کان ڪونه پڄي، جيڪو آيو جيءَ ۾ سو ڦهڪاءِ ڇڏبو. اصل نقاد مهربان پڙهندڙن آهن. انهن جي راءِ احترام لائق آهي. انهن جي راءِ ئي همت افزائي جو سبب بڻجي ٿي، هڪ ٻي ڳالهه به واضع ڪندو هلان ته اسان جي سماج جي پڙهيل لکيل ماڻهن جي ذهني سطح، سوچ، سمجهه، عقل اڃان بالغپڻي جي پنڌ تي آهي. تنهنڪري شايد ڪتابي اسٽالن تي آغا قيوم جا اگهاڙا ڪتاب ته بليڪ تي وڪامن ٿا پر شاهه جو رسالو ڪاڙهن ۾ زرد ٿيل ملندو. اگهاڙپ ۽ فحاشي وڪامي ٿي، سچ لاءِ بيقدرائي جو رويو پُراڻي ڳالهه آهي. منهنجو هي ڪتاب “جنين لوهه لڱن ۾” سنڌايڪسپريس جي سنڊي ميگزين ۾ قسطوار شايع ٿيڻ کانپوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپجي توهان تائين پهتو آهي. توهان جي مانائتي راءِ جو انتظار رهندو. ڪتاب ڇپائڻ لاءِ سدائين همٿائيندڙ دوستن ۽ ساٿين استاد فتح محمد ٿيٻو، حفيظ ڪنڀر، سائين عطامحمد ڀنڀرو، فقير سليمان لغاري، مدد جروار، ڊاڪٽر منظور جروار، اخترحفيظ، خوشحال ميگهواڙ، رب ڏنو خاصخيلي، سنتوش گوماڻي، قيوم بلوچ، جي ايم هوت، محمد خان ملڪاڻي، ماما پونجو مل ڀيل، ڪانجي راڻو ڀيل، ڊاڪٽر رميش ڀيل، هرجي مل، نارو ڀيل، ميون ڪمار سُندر، عمر احمداڻي، اشفاق احمداڻي، علي جان لغاري، شبيرلغاري، نصرالله جروار، قادر سيال جهڏائي، عثمان راهوڪڙو، اصغر پتافي، ايوب کوسو، صوفي اصغر کوسو، فقير غلام حيدرلغاري، فقيربشيراحمدلغاري، ڪامريڊ راڌا ڀيل، ادي پشپاڪماري، شيرمحمدسولنگي، ڏامرو مل ميگهواڙ، ديال ميگهواڙ، امرسنڌو، مصطفى شر، اشفاق احمداڻي، ڀلجي ڀيل، گينو ڪولهي، پهلاج ڪولهي، جئي شنڪر ڪولهي، ديدار ڀيل ۽ ٻين دوستن جو شڪرگذار آهيان.

    محب ڀيل
    03002682036
    muhibbheel@gmail.com


    شڪاگو جا شهيد پورهيت

    دنيا جا ڪيترا ملڪ انساني جانين جي زيان ۽ انسانن جي اسمگلنگ جي ڪاروبار ۾ مشهور رهيا آهن. انهن سرمائيدار ملڪن ۾ خريد ڪيل غلامن کان جسماني پورهيو ڪرائڻ کانسواءِ انهن کي پاڻ ۾ جانورن جيئن ويڙهائي بادشاهه ۽ سرمائيدار لطف اندوز ٿيندا هئا. انسانيت جي علمبرداري ۽ روشن خيالي جون هامون هڻندڙ آمريڪا ۾ اوڻويهين صدي جي شروعات ۾ جڏهن غريب ملڪن مان اسمگلنگ ٿيل لکين مزدور گڏ ٿيڻ شروع ٿيا ته اُتي سرمائيدارن جي ڪاروبار کي سهارو ملڻ لڳو هو. ان وقت ظالم سرمائيدارن پاران مزدورن تي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائيندي مسلسل جبري پورهيو ڪرائي کين صرف زنده رهڻ جيترو اجورو به نه ڏنو ويندو هو. ۽ سرمائيدارن پاران پورهيتن جي مزدوري جو ڪوبه اگهه مقرر ٿيل نه هو، سرمائيدارن جي ستم خلاف آهستي اهستي مزدور متحد ٿيڻ لڳا هئا. ۽ انهن پورهيتن سرمائيدارن جي ظلم خلاف بغاوت جي شروعات ڪري ڇڏي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ مزدورن کان 24 ڪلاڪن بجاءِ 18 ڪلاڪ پورهيو ڪرايو ويندو هو. 1827ع ۾ مزدورن جي پهرين يونين آمريڪا جي شهر فلڊيلفيا ۾ ٺهي. پورهيتن جي ان پليٽ فارم تان مزدورن جي حقن جي حاصلات لاءِ شاندار جدوجهد هلائي ويئي، ۽ مزدورن جو مطالبو هو ته “انهن کان 10 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي ۽ مزدوري جو اجورو پڻ مناسب ڏنو وڃي” ان بعد 1834ع ۾ نيويارڪ ۾ هڪ بسڪيٽ ٺاهيندڙ ڪمپني جي پورهيتن مطالبن جي مڃتا لاءِ بک هڙتال شروع ڪئي. انهن پورهيت مزدورن سان ظاڪن سرمائيدارن پاران نهايت ئي غيرانساني سلوڪ ڪندي 18 ڪلاڪ ڪم ورتو ويندو هو. بعد ۾ آمريڪي حڪومت سرڪاري توڙي نجي ملازمن جي ڪم جو وقت10 ڪلاڪ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، آمريڪا ۾ سرمائيدار واپارين جي ظلمن خلاف پورهيتن جي جدوجهد ڏسي برطانيه جي به ساڍا ٽي لک پورهيت مزدورن بغاوت جو اعلان ڪندي پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ پرامن جدوجهد جي شروعات ڪئي. ٻي طرف شڪاگو جا پورهيت مزدور به اتحاد ۽ جدوجهد طرف وڌي رهيا هئا. انهن پورهيتن به سرمائيدار سيٺين کان پرزور مطالبو ڪيو ته “انهن کان 8 ڪلاڪ ڪم ورتو وڃي، وڌيڪ ڪم ورتو ويو ته ان جو اجورو به اور ٽائيم جي صورت ۾ ڏنو وڃي” پر بدمست آمريڪي سرڪار مزدورن جو هڪ به جائز مطالبو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿي، آمريڪا سامراج جي اهڙي روش خلاف شڪاگو جي مزدورن پهرين مئي 1886ع تي مطالبن جي مڃتا لاءِ پرامن احتجاج جو اعلان ڪري ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. احتجاج جي شروعات اسٽار ڪمپني مزدورن بک هرتال سان ڪئي، ساڳي ڏينهن ملڪ جا 80 هزار مزدور به يڪجهتي طور بک هرتال تي ويٺل هئا. ان کانپوءِ مسلسل احتاجي تحريڪ جو سلسلو جاري رهيو، سرمائيدار طبقو پورهيتن جي جدوجهد کان تمام گهڻو ڊنل هو. پهرين مئي کانپوءِ مسلسل 6 ڏينهن تائين ملڪ جي سمورن ڪارخانن جي مزدورن پنهنجو احتجاج جاري رکيو. آمريڪي سرڪار مزدورن جي جدوجهد کي ختم ڪرڻ لاءِ سمورا حربا استعمال ڪيا، پر پورهيتن جي ٻڌي ۽ اتحاد تمام گھڻو مضبوط هو ۽ انهن جي دلين ۾ آمريڪي سرڪار ۽ سرمائيدار سامراج خلاف سخت نفرت هئي، آمريڪي سرڪار پاران مزدورن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ 3 مئي تي مزدورن جي جلسي ۾ بم ڌماڪو ڪرايو ويو، ۽ آمريڪي پوليس پاران شڪاگو جي پورهيتن تي سڌيون گوليون وسايون ويون، جنهن جي نتيجي ۾ تمام گهڻا مزدور شهيد ٿي ويا، لاتعداد شديد زخمي ٿي پيا، هزارين پورهيت ٿاڻن ۾ واڙيا ويا. پورهيت اڳواڻ ايڊلف فشر، جارج اينجل، البرٽ باستر، آگسٽ اسپاتر کي سري عام ڦاهيون ڏنيون ويون. انڌا ڌند فائرنگ ۾ شهيد ٿيل مزدور جي رت ۾ ڳاڙهي ٿيل قميص کي جڏهن هڪ زخمي پورهيت مزدور هوا ۾ لهرايو ته اهو رت ۾ لال ٿيل ڪپڙو اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جي پورهيتن جو ڳاڙهو جهنڊو بڻجي ويو، مزدورن بابت استاد ڪارل مارڪس چيو ته “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو، اوهان وٽ وڃائڻ لاءِ فقط زنجيرون آهن ۽ حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا آهي” شڪاگو جي پورهيتن جي لازوال قرباني کانپوءِ انهن شهيد پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ 1890ع کان سڄي دنيا ۾ “يوم مئي” ملهائي شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪيو وڃي ٿو.


    “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جو نعرو ڏيندڙ ڪارل مارڪس

    دنيا ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو اهڙي ڪردار جا مالڪ هوندا آهن جيڪي ٻين لاءِ جيئن ٿا. انهن جي حياتي ذاتيات کان گھڻي ڏور گذري ٿي. سڄي دنيا جي مسڪين، مظلوم پورهيت مزدورن کي متحد ڏسڻ جي خواهشمند ڪارل مارڪس 5 مئي 1818ع تي جرمني ۾ پيدا ٿيو. 1830ع کان 1835ع تائين ٽرائيز جي هاءِ اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد برلن يونيورسٽيءَ ۾ قانون ۽ فلسفو پڙهڻ ويو. ڪارل مارڪس تعليمي ميدان ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ پنهنجو تاريخي مقالو پيش ڪيو. جنهن کي جنا يونيورسٽي 1841ع ۾ پي ايڇ ڊي لاءِ منظور ڪري ورتو ۽ کيس پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني وئي. استاد ڪارل مارڪس پنهنجي مقالي م هيگل جي فلسفي کي مدنظر رکي ڊيموڪريٽس ءٌ ايپيڪيورس جي فلسفن جي وچ ۾ جيڪو فرق برقرار هو ان جي وضاحت پيش ڪئي. ڪارل مارڪس شاگرديءَ جي زماني ۾ شاگرد تحريڪن ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو. مارڪس جي زندگي جا لاتعداد رنگ ۽ رخ آهن. هو هڪ ئي وقت عمرانيات، اقتصاديات ۽ سماجواد سوچ سان گڏ عظيم انقلابي فڪر جو ماڻهو هو. ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۽ ڪيپيٽل سندس ذهني پورهئي جو شاندار مثال ۽ عظيم انقلابي ڪارنامو تسليم ڪيا وڃن ٿا. ڪارل مارڪس کي ادب، قانون ۽ تاريخ جي موضوع سان وڏي دلچسپي هئي، سندس سائنسي لکڻين جرمني جي ادبي ميدان ۾ کيس نروار ڪيو. سوشلسٽ نظريي جي عظيم اڳواڻ مارڪس کان ان وقت جون رجعت پرست ۽ انقلاب دشمن سوچ رکندڙ قوتون تمام گهڻيون دنل هيون. پورهيتن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪارل مارڪس پنهنجي پوري حياتي هڪ ڪل وقتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ گذاري دنيا کي بدلائڻ جو عظيم نظريو ڏيندڙ مارڪس جي ذاتي زندگي نهايت ئي غربت، لاچاري ۽ مفلسيءَ ۾ گذري. وٽس بيماري وگهي فوت ٿيل پٽ جي ڪفن دفن جا پئسا به نه هئا. زندگي جي آخري ڏهاڙن ۾ ڪارل مارڪس ڦڦڙن جي خطرناڪ مرض ۾ پڻ مبتلا ٿي چڪو هو. ان ئي بيماري ۾ ڪارل مارڪس 14 مارچ 1883ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. ڪارل مارڪس جي وڇوڙي تي سڄي دنيا م سوڳ ڇانئجي ويو هو، سندس وفات تي دنيا جي ڏاهي اينگلس چيو هو “اڄ دنيا جي وڏي مفڪر ۽ ڳنڀير سوچيندڙ ذهن سوچڻ ڇڏي ڏنو آهي” ڪارل مارڪس پاران ڏکن ۽ تڪليفن ۾ لکيل ڪتاب “داس ڪيپيٽل” دنيا جي مسڪين مظلوم پورهيت طبقن جي تقدير کي بدلائڻ جي ضمانت بڻيل آهي.


    مزدور انقلاب جو باني ڪامريڊ لينن

    ولاد مير اوليانوف (لينن) 22 اپريل 1870ع ۾ اوليانو فسڪ ۾ پيدا ٿيو. ڪامريڊ لينن تعليم حاصل ڪرڻ واري شروعاتي دؤر ۾ انقلابي علم جي موجد ڪارل مارڪس جي نظريي “مارڪسزم” جو مطالعو تمام گهرائي سان ڪيو. ان دوران ڪامريڊ لينن کي وڪالت جو شوق ٿيو. جنهن ڪري هن پيٽسبرگ يونيورسٽي مان قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو. پر لينن جي من اندر جو ماڻهو هر وقت ڪنهن انقلابي تبديلي جو ڳولائو رهيو. ان ڪري ڪامريڊ لينن “مارڪسي نطريي” کي انقلاب لاءِ هڪ مضبوط هٿيار طور استعمال ڪيو. روس ۾ مزدور انقلاب آڻڻ لاءِ لينن کي عملي جدوجهد جي ميدان تي لهڻو پيو. سندس انقلابي سرگرمين جي وڌڻ ڪري کيس وڪالت ڇڏڻي پئي. ڪامريڊ لينن کي ٻيهر مزدورن جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري سائبيريا جلاوطن ڪيو ويو. ان ڏکن ۽ تڪليفن واري طويل عرصي کانپوءِ ڪامريڊ لينن 1903ع ۾ “بالشويڪ” نالي سان مزدورن جي انقلابي پارٽي ٺاهي. پورهيتن جي ان پارٽي پنهنجي شاندار جدوجهد سان ظالم سرمائيدار سامراج ۾ ٻڙدڪ مچائي ڇڏي. ان پارٽي ٺاهڻ جو مکيه مقصد سامراجي ظلمتن کان نجات ۽ سرمائيدارن جي سرڪاري تختي کي اونڌو ڪري پورهيتن جو راڄ قائم ڪرڻ هو. لينن سوشلزم کي حقيقي معنى ۾ آڻڻ ٿي چاهيو. بالشويڪ پارٽي ٺهڻ کانپوءِ مزدورن جي جدوجهد آهستي آهستي ذور وٺندي وئي. ان ڊگهي جدوجهد سبب لينن ۽ سندس زال ناديردا ڪروپسڪايا کي سرمائيدار سازشين تمام گھڻيون تڪليفون ڏنيون. پر هنن وٽ مارڪس جو عظيم انقلابي نظريو هئڻ ڪري مايوس ٿي همت هارڻ جو سوال ئي پيدا نٿي ٿيو. ڪامريڊ لينن سرمائيداري نطام بابت چيو هو “سرمائيداري سائنس، ٽيڪنڪ ۽ ڪلچر دشمن آهن، ۽ سرمائيداري نظام ترقي پسند مان رجعت پرست ٿي ويو آهي” اهڙي طرح هڪ ڊگهي جدوجهد تبديلي لاءِ نيڪ تمنائن ۽ انقلابي سچائي سان ڪامريڊ لينن جي بالشويڪ پارٽي روس ۾ پورهيت مزدورن جو انقلاب آندو ۽ روس جي عوام کي ڪامريڊ لينن جي قيادت ۾ دنيا جي تاريخي ۽ عظيم فتح نصيب ٿي . اڄ ڏينهن تائين ظالم سرمائيداري خلاف ڪامريڊ لينن جي انقلابي جدوجهد پهرين وک سمجهي وڃي ٿي، ۽ لينن جو شاندار انقلابي ڪردار سرمائيداري خلاف بغاوت جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. ۽ ڪامريڊ لينن جو شاندار انقلابي ڪردار جي ڪري ئي سرمائيدارن کي مزدورن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. روس مان اٿيل مزدور انقلاب جي لهر اڄ ڏينهن تائين سڄي دنيا جي ظالم سرمائيدارن لاءِ خطرو بڻيل آهي. “مارڪسزم” کي عملي جامو پهرائڻ واري انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ لينن جو وڇوڙو انقلابي تحريڪن لاءِ وڏو نقصان ثابت ٿيو. مرڻو هرڪنهن ماڻهو کي آهي پر زندگي ڪامريڊ لينن کي اڃان ڪجهه وڌيڪ ساٿ ڏي ها ته اڄ انقلابي تحريڪن جو نقشو ئي بيو هجي ها.


    پگهر جو پورهيو ڪندڙ پورهيتن جا درد : روڊ ٺاهيندڙ مزدور

    انسان بنيادي طور هن ڪائنات ۾ ڏينهن رات محنت، مزدوري ۽ مشڪل ترين پورهيو ڪري رڳو پنهنجو پيٽ ڪونه ڀريو آهي پر ان محنت ڪش پورهيت مزدور ته سخت جسماني پورهيي سان هن سموري ڪائنات جي ٽوٽي، ڪم چور، هڏحرام ۽ واندن ماڻهن جا اجگر پيٽ ڀرڻ لاءِ به سخت جسماني پورهيا ڪيا آهن. دنيا جا سرمائدار ماڻهو پورهيتن تي پنهنجو ناڻو سيڙپ ڪري سندن پگهر جي پورهيي کي سستو خريد ڪن ٿا ۽ مهانگو وڪرو ڪن ٿا. دنيا ۾ انسانن جي وڪري جو ڪڌو ڪاروبار رڳو انهن کي محنت ۽ مزدوري ڪرائڻ لاءِ ڪيو وڃي ٿو. انسان سان گڏ انهن جو پورهيو وڪامي ٿو. ان ئي سبب ڪري دنيا جي ماضي جي تاريخ ۾ انسانن جون پڙيون پڻ وڏي پيماني تي آباد هيون. پر انساني حقن واري جديد دؤر ۾ وري اهو ئي ڪاروبار نئين شڪل ۽ انداز ۾ جاري ۽ ساري آهي.
    “هن پرٿوي تي انسان ارتقا جا سفر طئي ڪندو اچي هن نئين زماني ۾ داخل ٿيو آهي” اها ڳالهه توڙي جو هڪ سٽ ۾ مڪمل ٿئي ٿي پر ان ۾ لکين سالن جو زمانو گذريو آهي. انسان ان شروعاتي دؤر کان وٺي هيستائين مشڪلاتن جا پهاڙ سر ڪيا آهن. عقل ۽ شعور جي دائري ۾ داخل ٿيڻ تائين جو هڪ هڪ لمحو مسلسل سخت محنت، جدوجهد، جاکوڙ، کوجنا جو نتيجو آهي. هن زماني جو سموريون آسائشون ۽ سُک ماضي جي لاتعداد مصيبتن، ڏکن، تڪليفن، پيڙاهن ۽ سورن جو سلو ۽ نتيجو آهن. اڄ جو انسان لکين سال اڳ پنهنجن ابن، ڏاڏن، پڙ ڏاڏن ۽ تڙ ڏاڏن جي ڪيل ڪمائي جو ثمر کائي ٿو. ڪائنات جون اهي حالتون، واقعا ۽ لقاءُ هڪ ڏينهن جي ڪهاڻي ناهن، ان پويان محنت ڪش انسان جو پگهر گڏ ڪجي ته شايد درياهه ٿي پوي. انسان ارتقائي دؤر کان هيستائين دنيا جي جنهن وڏي مسئلي ۾ نسلن تائين جڪڙيل رهيو آهي سو فقط “پيٽ” آهي. جنهن جي پاپرن کيس ڪڏهن ڪڏهن انسان هجڻ واري شناخت وڃائي وحشي بڻائي ڇڏيو هوندو. انسانيت مان سندس اهڙي واپسي ئي انسانيت لاءِ بدنما داغ بڻبي آهي. پيٽ جي بک اُجهائڻ جي عمل ۾ انسان جو وحشي بنجڻ وارو عمل هن ڪائنات ۾ ڪروڙين دفعا ورجايو ويو آهي. رت وهيو آهي، روڄ راڙا ٿيا آهن، انسانيت لُڇي آهي، دم گھُٽيو آهي. ان رت جي ريج ۾ فقط انسان جو “ننڍڙو” پيٽ مس ڀريو آهي. ڌرتيءَ ماڻهو کائي ٿي پر ماڻهو به ماڻهو کي کائڻ جي سانحن کي جنم ڏيندو رهيو آهي. اهو ئي دنيا جو وڏو الميو آهي.
    انسان جي ارتقائي سفر ۾ پٿر جو دؤر اهم حيثيت رکي ٿو. هن ڪائنات جو شروعاتي ماڻهو قدرتي آفتن، شديد برساتن، ٻوڏن، گرمين توڙي سردين ۾ پنهنجو سر بچائڻ لاءِ جبلن جي پٿريلين غارن کي پنهنجو شروعاتي اجهو بڻايو. اها پناهه گاهه ماڻهو لاءِ محفوظ ثابت ٿي. جتان انسان جي پٿر سان ويجهڙائي ٿي، هن پٿر مان شروعاتي اوزار چاڪو، هٿوڙو، ڪِلو، ڪاتي وغيره بڻايا. هن پٿر کي پاڻ ۾ گسائي باهه پڻ پيدا ڪئي. پٿر کي شڪار لاءِ هٿيار طور به استعمال ڪري جانورن جو شڪار ڪيو ويو. جنهن سان انسان پنهنجو پيٽ ڀريو. پنهنجو نسل بچايو. پٿر جو زمانو نيئندرٿال انسان جو زمانو آهي. پر قديم انسان جي ارتقائي زماني کان وٺي هن جديد دؤر تائين انسان جي جيون ۾ پٿر جي گھرج پهرين کان به وڌيڪ ٿيندي وڃي، اوائلي انسان پٿرن جا گھڙيل سڌا ٽڪرا (بلاڪ) گڏ ڪري کليل ميدانن تي پنهنجا گھر ٺاهيا. پٿر جي بلاڪن مان نه رڳو گھر پر تمام مضبوط پُلون ۽ ٿلها پڻ جوڙيا ويا. جبل ٽُڪي ڌرتيءَ جي پورهيت انسان ذات لاءِ سڌا رستا ٺاهي مشڪل سفر کي آسان بڻايو، پٿر جا اوائلي رستا ٺاهڻ سان هي وسيع پرٿوي جا ڪوهين ڏور خطا پاڻ ۾ ڳنڊجي ويا، رابطا آسان بڻجي ويا. آمدرفت جو مشڪلاتون دور ٿي ويون.
    سنڌ ۾ روڊ ٺاهيندڙ پورهيت
    توڙي جو برطانيه سرڪار جا سنڌ ڌرتيءَ ۾ هزارين مفاد هئا جن کي ماڻڻ لاءِ انگريز سامراج سنڌ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم به ڪيا جيڪي اڄ به سنڌ جي ماڻهن لاءِ فائدي مند بڻيل آهن. سنڌ ۾ ايريگيشن نظام، بجلي، ٽيليفون، ريلوي، بئراج، واهه ۽ ڪينال جوڙڻ، پلون ٺاهن سميت سنڌ جي شهرن جا زميني رابطا بحال ڪرڻ لاءِ روڊ، رستا پڪا ڪرڻ شامل آهن. ترقي وٺائڻ لاءِ شهرن ۾ پٿر جا پڪا رستا ٺاهيا ويا هئا. جهڏي جي ريلوي پليٽ فارم واري گرائونڊ ۾ اڄ به پٿرن وارو رستو ٽٽل آثارن سان موجود آهي. ان رستي کي هڪ صدي جو عرصو گذري چڪو آهي پر جيڪڏهن ان رستي جي ٿوري به مرمت ڪجي ته استعمال لائق بڻجي ويندو. دنيا جي ترقي پڪن روڊن سان ممڪن بڻي آهي. پر اهي پڪا رستا پورهيتن جوڙيا آهن. سنڌ ۾ روڊ ۽ رستن جا ٺيڪيدار ته امير ترين سرمائدار هوندا پر انهن رستن کي جوڙڻ وارا مسڪين پورهيت راوڙا، ڪولهي، ڀيل، ملاح ۽ چوهاڻ آهن.
    پٿر ڍوئيندي ڪولهڻ سوچيو،
    سارو جڳ تغاري آهي.
    هيوي مشينري توڙي جو هن جديد دؤر ۾ روڊن جي ڪم کي تڪڙو اڪلايو آهي، پٿر تُڪڻ، روڊ جي ڀرائي ڪرڻ، روڊ سريکو ڪرڻ، پٿر وڇائڻ، بلڊوز ٿيڻ کانپوءِ ڏامر جا تهه چاڙهڻ تائين جا سمورا ڪم هاڻ جديد مشينري سان ٿين ٿا، جنهن سان تمام مضبوط پڪا روڊ ٺهي رهيا آهن پر اها جديد مشينري روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جي روزي تي لت ثابت ٿئي پئي. وڏن روڊن تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جو ڪم گھٽجي رهيو آهي. هاڻ روڊ مزدورن جي ضرورت هاڻ فقط لنڪ روڊ، سيمينٽ ۽ سرن جون سولنگ واريون پٽڙيون ٺاهڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. پنجاهه کان سئو مزدورن جي ليبر رکندڙ جمعدار روڊ جو ڪم ٺيڪيدار کان ٻولي کڻندو آهي. جنهن وٽ مختلف ٺيڪيدارن جا رابطا هوندا آهن. جتي ڪم سُجهندو آهي جمعدار پنهنجي ليبر کي وٺي اتي ويندو آهي. پوءِ جيترن مهينن جو ڪم هوندو آهي، اهي خابدوش پورهيت مزدور پنهنجيون عارضي جھوپڙيون اُتي اڏيندا آهن. روڊ ٺهڻ ۾ پنج کان ٻارنهن انچ پٿر جي ڀرائي هلي ڪئي ويندي آهي، 1 فرلانگ ۾ 660 فٽ اچن ٿا. مزدورن کي ڀرائي جو حساب به اسڪوائر فٽ جي حساب سان ڏنو ويندو آهي. جمعدار پنج انچ جي ڀرائي 20 هزار ۽ 12 انچ جي ڀرائي جو ڪم 40 هزارن تائين ۾ ٻولي کڻندا آهن. مزدورن کي 10 کان 12 روپيا اسڪوائر فٽ جي حساب سان ڀرائي جي مزدوري ملي ٿي. ان ڪم ۾ پٿرن جي وڇائي، سرن جي ايجنگ، بلڊوزرکانپوءِ ڏامر جا ٽي ڪوٽ پڻ مزدورن کي ان ئي معاوضي ۾ ڏيڻا آهن. يعني ڏامر مڪمل ٿيڻ سان ئي ڪم کي مڪمل سمجهيو ويندو آهي. روڊ تي ڪم ڪندڙ هڪ پورهيت مزدور روزانه سراسري طور 70 کان 100 اسڪوائر فٽ جو ڪم ڪري سگهي ٿو. جنهن جي مزدوري 700 سئو کان 1 هزار تائين ٿئي ٿي. پر اهو ڪم مسلسل نٿو هلي. جڏهن ڪم بند ٿي ويندو آهي ته روڊ جا پورهيت مزدور جمع ڪيل پونجي مان پيٽ گذر ڪندا آهن. سياري توڙي برساتن جي مند ۾ روڊ جو ڪم اڪثر بند هوندو آهي جنهن جو سبب اهو آهي ته انهن موسمن ۾ روڊ تي ڏامر جي پڪڙ (گرپ) تمام گھٽ هوندي آهي، تنهنڪري ٺيڪيدار اهڙو رسڪ کڻڻ بجاءِ انهن مهينن ۾ ڪم بند رکندا آهن جنهن سبب روڊ جو ڪم اڪثر گرمين ۾ ٿيندو آهي. سياري ۽ وسڪاري جي مند آهي روڊ مزدورن جي بيروزگاري جي مند، جنهن ۾ روڊ مزدور فاقاڪشي واري حياتي گھارين ٿا. گھڻو وقت بيروزگار رهڻ کانپوءِ پنهنجي ٺيڪيدار کان جمعدار جي معرفت نئين ڪم ملڻ جي آسري تي قرض “ايڊوانس” طور کڻي به پيٽ جي بک اجهائن ٿا. جنهڪري هو نئين ڪم ملڻ تائين گھڻا قرضي بڻجي ويندا آهن. جنهنڪري آزادي سان ڪم ڪرڻ وارو حق جمعدار ۽ ٺيڪيدار جي هٿ وس ٿي ويندو آهي.
    روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيتن جا ڏک، سور، مسئلا ڪهڙا آهن؟ هنن جي حياتي ڪهڙن عذابن، مصيبتن، صعوبتن ۾ گذري ٿي؟ روڊن تي پگهر جو پورهيو ڪندڙ هي لاڏائو پورهيت پنهنجيون خوشيون، غم، شب ڏڻ، ڏهاڙا، عيدون، باراتون مرڻا ۽ پرڻا ڪيئن گذارين ٿا؟ اهو سخت پورهيو جنهن سان پيٽ ڀري کائي به نٿا سگهن، جنهن پورهيي مان هو پنهنجن ٻچن جو علاج به نٿا ڪرائي سگهن، ان پورهيي دوران لڏپلاڻ سبب هو پنهنجي ايندڙ نسل کي تعليم به نٿا ڏيئي سگهن، هو هڪ هنڌ پنهنجو آشيانو به نٿا جوڙي سگهن، “پيٽ” هنن جي غربت، هيڻائي، بي وسي، مفلسي، تذليل، تباهي، نندڻڪائي، بک جو سبب بڻيل آهي. هن پرٿوي تي پڪن روڊن جو ڄار وڇائيندڙ پورهيتن جون ته گاڏيون به ناهن جيڪي انهن ڪارپيٽ روڊن زوڪاٽ ڪري هلن، هنن کي ته روڊ ٺاهڻ دوران ۽ روڊ ٺاهڻ کانپوءِ به روڊ جي ڌوڙ ۽ لٽ ئي نصيب ٿئي ٿي. جنهن روڊ جي هڪ هڪ پٿر جي انچ انچ تي هُنن جي هٿن جا نشان آهن، تنهن روڊ تي سفر دوران انهن روڊ مزدورن کي ته سرڪار مفت سفر جو ڪو پاس به نه ڏنو آهي. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ته کين گاڏيون به نٿيون کڻن ۽ جي کڻن ٿيون ته مسافر گاڏين جو عملو ڀاڙي تان منهن ماريون ڪريو وچ رستي ئي لاهيو ڇڏي. روڊن تي ڪم ڪندڙ پورهيت مزدور پنهنجي پيٽ جي آگ اجهائڻ خاطر سخت گرميون، مينهن، واچوڙا، هوائون، طوفان، سردين جون موسمون پنهنجي تن تي وسائي دنيا ۾ ترقي جو راهون وڇائن ٿا، دنيا لاءِ سفر جون مشڪلاتون دور ڪن ٿا، دنيا کي پاڻ ۾ ڳنڊي فاصلا کٽائن ٿا. روڊ جو ڪم مڪمل ڪري وري خانه بدوش روڊ مزدور ٺيڪيدار جي حڪم جا منتظر بڻجي نئين روڊ جي ٺيڪي تي روانا ٿين ٿا. هو پورهيت مٽي ۾ ڀڀوت بڻجي ڪم ڪن ٿا، هو پٿرن جي دز کي نسلن کان پنهنجن ساهن ۾ سمائي وقت کان اڳ دم، ٽي بي سميت ڦڦڙن جي ٻين بيمارين وڪوڙجي موت جي ور چڙهيو وڃن. هو خطرناڪ ڏامر جي ڦوهاري ۾ ساهه کڻن ٿا، هنن جون اکيون ڏامر جي باهه برداش ڪن ٿيون پر بخار سبب گندي جي لوڏ ۾ مري ويل ٻار کي پسڻ جي جُرت نٿيون ڪن. روڊ جوڙيندي مري ويل ان پورهيت جي سوڳ ۾ ڪٿي هڪ سيڪنڊ جي خاموشي اختيار نٿي ڪئي وڃي، ڇو ته هنن پورهيتن جا تڏا به محلاتن بجاءِ پٿرن جي ڍيرن تي وڇايل هوندا آهن. جتي ڪنهن سرندي واري کي وڃي ڏک ونڊڻ جي ڀلا ڪهڙي ضرورت آهي؟ هنن ڌرتيءَ ڌڻيءَ پورهيتن کي شناخت ڏيندڙ پلاسٽڪ جي ننڍڙي ٽڪري جو شناختي ڪارڊ به ٺهيل ناهي، تنهنڪري هنن جي ڪابه شناخت ناهي، هنن کي رهائشي سرٽيفڪيٽ ڪير جاري ڪندو؟ هنن جو ته ووٽ به ناهي جو ووٽن دوران ڪو شاهي ڀوتار وڏيرو منهن تي مصنوعي مرڪ سجائي پنهنجي چونڊ نشان وارو پمفليٽ جو سٿو ڏي يا ٿلهن ڦيٿن واري لينڊڪروزر جو وڏيري جي اندر جهڙو ڪارو شيشو هيٺ ٿئي ۽ واڇون ٽيڙي وڪٽري جو نشان ٺاهي! پر روڊ تي ڪم ڪندڙ پورهيت ته پنهنجي ڪم سان ڪم رکن ٿا. هنن جا هٿ مشينن جيئن ڪم ڪن ٿا، هنن جون اکيون فقط پٿرن ۾ کتل هونديون آهن ۽ پٿر انهن جا پير ڇليندا آهن، پيرن مان وهيل رت ڦڙا ڦڙا ٿي روڊ جي پٿرن ۾ جذب ٿيو وڃي، دنيا جا امير ترين ماڻهو جڏهن تيز رفتاري سان انهن روڊن تي گاڏيون ڊواڙائن ٿا تڏهن کين هڪ لمحي لاءِ سوچڻ گھرجي ته هن روڊ جي پٿرن ۾ پورهيتن جو رت به شامل آهي. پورهيتن جو پگهر به شامل آهي، پورهيتن جو ست به شامل آهي. روڊ تي ڪم ڪندڙ مزدور تمام پرامن پورهيت هوندا آهن، هنن ڪڏهن ڪو ڪيس، ڦڏو ۽ فساد ناهي ڪيو، هنن پورهيتن جي به ڪا يونين يا اتحاد ناهي هنن جي حقن لاءِ سرڪار ڪهڙا اپاءُ ورتا آهن؟ سياسي، سماجي ڌريون، پورهيتن تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي ۽ خود عدليه روڊ مزدورن جي ترقي، تعليم ۽ مستقل روزگار لاءِ ڪهڙا سنجيده قدم کنيا آهن؟


    پگهاردار گاهيو ۽ ڌراڙ

    انسان پنهنجي جيون جي مشڪلاتن کي آسان بڻائڻ، پنهنجي حياتي جي سلامتي ۽ انساني نسل کي برقرار رکڻ خاطر خوراڪ جي ذريعن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي ڏونگر ڏوريا آهن سي پڻ هن دنيا جي ڏکوئيندڙ تاريخ جو ڊگھو رئاڙيندڙ داستان بڻيل آهن. انسان جو پيٽ ڀرڻ لاءِ جتي زراعت سان لاڳاپيل خوراڪ جا ٻيا ذريعا آهن پر انهن ۾ سڀ کان وڌيڪ سهارو کيس چوپائي مال جو به رهيو آهي. جنهنڪري اوائلي زماني کان انسان پاڻ سان گڏ چوپائي مال کي پڻ سانڍيندو رهيو آهي. چوپائي مال جو کير، مکڻ، گيهه، گوشت سندن توانائي جو وڏو سهارو بڻيل رهيو آهي، اُن ۽ کل ماڻهو کي سخت موسمن جي سردين ۽ گرمين کان کيس محفوظ بڻايو آهي. جنهن سبب انساني نسل سلامتي سان هيستائين برقرار رهي سگهيو آهي. ٻي دنيا سميت سنڌ ۾ زراعت سان گڏ چوپايو مال انسان جي گذر جو سبب بڻيل رهيو آهي. سنڌو سڀيتا جي عظيم تهذيب موئن جي دڙي مان پڻ چوپائي مال ڌارڻ جا ڪيترائي مثال مليا آهن جنهن مان اهو پتو پوي ٿو ته سنڌ جا ڌرتيءَ ڌڻي دراوڙ لوڪ مالوند ڀاڳيا پڻ هئا. دنيا ۾ هيستائين آيل خطرناڪ ڪارن ڇپني جهڙن ڏڪارن وارين صورتحالن ۾ به انسان پنهنجي نسل جي بقاءُ جي جنگ ۾ چوپائي مال کي ڪتب آندو آهي. جنهن لاءِ کيس هر وقت پاڻ سان گڏ پنهنجن جانور جي نسلي افزائش لاءِ پڻ سخت جسماني جاکوڙ ڪرڻي پئي آهي. جنهن لاءِ مالدار ۽ سرمائدار ماڻهو جانورن جا ولر پنهنجي ذاتي ملڪيت طور رکي به پنهنجي ناڻي، نقد، مال، ڌن ۽ دولت ۾ بي انداز واڌارو ڪندا رهيا آهن. ان ڪم ۾ سندن ناڻي جي سيڙپ ۽ پورهيت گاهيي ۽ ڌراڙ جي سخت محنت جي نتيجي ۾ اهو چوپايو مال پنهنجي نسلي واڌ ويجهه ڪرڻ سان گڏ انسان جي پيٽ جي دوزخي باهه کي اجهائيندو رهيو آهي. اوائلي دؤر ۾ ڏاڍن ۽ هيڻن جي وچ ۾ ٻين ڪيترن سارن معاملن سان گڏ چوپايي مال جي ڦرلٽ ۽ قبضي تان پڻ ويڙهون ٿينديون رهيون آهن. ان زماني ۾ به ڏاڍا ماڻهو هيڻن تي هلائون ڪري سندن چوپائي مال کي زبردستي ڪاهي ويندا هئا. مال چارڻ لاءِ ويل ڌراڙ پڻ ڪڏهن ڪڏهن جهنگ مان ڦرجي، لُٽجي خالي هٿين پنهنجي گھر پهچندا هئا. ارتقا جي ان اوائلي جُڳن کان اڄ تائين چوپائي مال جي سار سنڀال ڪندڙ پورهيت مزدور ئي رهيا آهن جيڪي پنهنجي مقرر ماهوار پگهار تي چوپائي کي چارين ٿا ڪي وري پنهنجو ولر وڙڪائن ٿا.

    ڌراڙ
    توڙي جو چوپائي مال کي جهنگ ۾ چاريندڙ پورهيت مزدور کي “ڌراڙ” (دنار) چيو ويندو آهي. پر پوءِ به چوپائي جي هر قسم جي ڌراڙ جي سڃاڻپ سندس مال جي قسم پويان به ٿيندي آهي، جيئن ٻڪريون چاريندڙ پورهيت مزدور کي ٻڪرار، اُٺ چاريندڙ کي اوٺار، رڍون چاريندڙ کي ريڍار، مينهون چاريندڙ کي ميهار، ڳئون چاريندڙ کي ڳنوار چيو ويندو آهي. ڪي ڌراڙ ٻاڪرو ۽ ريڍو مال گڏ به چاريندا آهن. اهي پورهيت ڌراڙ لڱ ساڙيندڙ گرمين توڙي هڏ ڏڪائيندڙ سردين، لڪون، بارشون، ٻوڏن ۽ طوفانن ۾ به دنياداري جي ٻين ڪم ڪارن کان بلڪل ڪٽجي فقط پنهنجي ڌڻ تي ڌيان ڏيندا آهن. ٻين ڌندن سان لاڳاپيل پورهيتن کان جتي هاڻ ڏهه کان ٻارهن ڪلاڪ پورهيو ڪرايو ويندو آهي اُتي ڌراڙ کي سج اُڀرڻ کان سج لهڻ تائين سڄو ڏينهن وڏي ڦڙتي سان پنهنجا جانور سنڀالڻا آهن ته رات جو مال جي واڙ تي پهرو به ڏيڻو پوندو آهي. ڌراڙ جو ڪم چويهه ڪلاڪ هجڻ ڪري سندس جيون ۾ آرام جا پل تمام گھٽ هوندا آهن. ان پورهيي عيوض ڪو وڏو ناڻو نٿو ملي پر پنج کان ست هزار پگهار، هر عيد تي ڪپڙن جو وڳو، “وِري” (اٽي لاءِ مليل اناج) طور مڻ ڏيڊ داڻن جو ملندو اٿس. ميلي ۽ ملاکڙي ۾ “قرض طور “خرچي” ملندي اٿس. ڌاراڙ جي ڪل ڪائنات سندس سيم، واڙ ۽ ڌڻ آهي. سڄو ڏينهن پورهيت ڌراڙ کي اُڀي پير گھاٽن جهگلن، ڀيلاڙ فصلن، گئوچرن ۾ پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. هڪ ڌراڙ پنهنجي مال پويان سراسري طور روز ويهه ڪلوميٽر پيدل سفرڪري ٿو. مسلسل ڊگها پنڌ ڪرڻ ڪري اڪثر ڌراڙ اجائي جسماني ٿولهه کان بچيل رهن ٿا. سندن خوراڪ ۾ کير جو گھڻو استعمال ۽ جانورن پويان ڊوڙڻ ۽ ڊڪڻ ڪري ٿيل ورزش سندن تندرستي جو راز آهي. اهي پورهيت ڌراڙ توڙي جو گھٽ بيمارٿين ٿا ۽ گھڻين بيماري جو علاج به پاڻ ڪن ٿا پر جيڪڏهن کين ڪا بيماري ٿي به وئي ته وقت ۽ مالي تنگدستي سميت سهي علاج نه ٿيڻ ڪري پورهيت ڌراڙ لاتعداد تڪليفن کي منهن ڏيندي ڏيندي موت جو شڪار به ٿيو وڃن ٿا. دنيا جي ترقي سان گڏ چوپائي جا وٽنري سينٽر ۽ ڊاڪٽر پڻ هر جاءِ تي موجود هوندي به چوپائي مال جا تجربيگار ڌراڙ پنهنجي مال جو علاج پنهنجي ديسي طريقن سان ڪن ٿا. مال جي بيمارين جي کين وڏي ڄاڻ آهي. چوپائي مال جي بيمارين ڀرتي، زڪام، ساماڙهو، ڦيري، تير، ماتا، ڳنڍ جي درست شناخت ڪرڻ ان جي علاج سميت انهن جي ويم ڪرائڻ يا ڪنهن ڍور جي پيٽ ۾ ڪنهن سبب جي ڪري ڦر مري وڃي ته ان مئل ڦر کي پيٽ مان ڪڍڻ جهڙا مشڪل ڪم پڻ هتي جا مقامي ڌراڙ پنهنجي تجربي جي آڌار تي نهايت ئي آساني سان ڪري سگهندا آهن. پنهنجي وڳ جي جانورن سان سندن اهڙي پريت هوندي آهي جو ڪيترائي ڌراڙ پنهنجن جانورن تي پنهنجي پسند جا نالا رکندا آهن. ان ئي نالي سان پڪاريندا آهن ته اهو جانور وٽن ڊوڙي ايندو آهي. هن دنيا لاءِ خوراڪ لاءِ کير، مکڻ، گيهه ۽ گوشت جو بندوبست ڪرڻ خاطر پنهنجي سموري حياتي جهنگ ۾ گھاري ڇڏڻ وارن هنن پورهيتن جا پير ڪنڊن سان ڇنل هوندا آهن. ڪنڊن کان بچڻ لاءِ ڌراڙ اڪثر ٽائرن مان جُڙيل جُتي پائيندا آهن. ٽائر جي جُتي گرمين ۾ تپي باهه ٿيڻ ڪري سندن نظر پڻ جهڪي ٿي ويندي آهي. ڌراڙ سومجي ڀيل به پير ۾ ڪنڊو لڳڻ ڪري سموري حياتي هڪ ڄنگهه کان معذور ٿيڻ ڪري منڊڪائي هلندو آهي. پنهنجي جان کان وڌ پنهنجي مُجيرين جي جانورن کي ڀائڻ وارا هي پورهيت هن ڪائنات ۾ سماجي حيثت سميت ڪيترن ئي انساني حقن کان پڻ محروم بڻيل آهن. اتفاق سان ڪنهن جانور ڪنهن جاگيردار جي فصل ۾ ڪو چڪ هنيو يا ڪا معمولي ڀيل ڀرڙي ٿي ته ان ڌراڙ کي بنا پڇا ڳاڇا جي سخت مارڪٽ جو نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهن جو هن دنيا ۾ ڪوبه داد فرياد نٿو ٿئي. نه ئي هنن پورهيت ڌراڙن جي ڪا يونين آهي. جنهن ذريعي هو پنهنجا ڏک سور حل ڪن ۽ نه ئي هنن پورهيت مزدورن لاءِ ڪنهن سياسي تنظيم ڪڏهن آواز بُلند ڪيو آهي
    ڌراڙ پنهنجي وڳ جا وصب ته سڃاڻن ٿا پر سندن پير، وک ۽ لوڏ به سڃاڻن ٿا. جانور پنهنجن ڌراڙن جون سينڊون، هڪلون، ڳٽڪار، ڪوڪار ۽ سڏ وراڻيون سڃاڻن ٿا. هڪ هنڌ تي ڏهن ڌراڙن جا ولر پيا چرن پر شام ويلي جنهن به ڌارڙ ڪوڪ ڪئي ته ان جو ڌڻ ان جي ئي پويان ڪانواءِ ۾ هوندو، پر ڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان ڪو نئون خريد ڪيل جانور يا ننڍڙو ڦر ٻي ڪنهن جي ولر ۾ به ڀُلجي ويندو آهي پر ٻي ڏينهن کين اهو جانور هٿو هٿ ملي ويندو آهي. هو ڄاڻو پيري به آهن. اڪثر ڌراڙ پنهنجين علائقائي راندين ۾ وڏا ڄاڻو هوندا آهن. سنڌ جا ڌارڙ ڌرتيءَ جي ثقافتي راندين ملهه، ڪوڏي ڪوڏي، ونجهه وٽي، پاڻي ۾ ترڻ جا ماهر هوندا آهن. ڪيترائي ڌراڙ ثقافتي سازن وڄائڻ جا پڻ وڏا هوشيار هوندا آهن. جنهن ۾ خاص طور چنگ، بانسري، پاوا، بوڙينڊو ته اڪثر سندن کيسن ۾ پيل هوندا آهن. پر ڪانسيا، دنڀورو، ستار، ڍولڪ، سرندو به ڀلوڙ انداز سان وڄائڻ جي ڪلا رکندا آهن. سنڌ جا اهي ڌراڙ پنهنجي مڌر آواز ۾ ڳائيندا به آهن. جڏهن هو ڪنهن وڻ جي ڇانءَ ۾ يا دڙي ۽ ڀٽ تان سُر ڇيڙيندا آهن. اهي سُر ڪنهن جي دلين جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ جو سبب پڻ بڻجندا آهن. سهڻي جو جنهن ميهار سان نينهن اٽڪيو سو اصل ۾ عزت بيگ بنيادي طور هڪ شاهوڪار منک مرزا عاليءَ جو پٽ هو پر عشق ۾ درياءُ جي ٻي پاسي مينهون پيو چاريندو هو. جنهن ڌراڙ جي “چُکي” جي چاهت سهڻي کي وچ سير ۾ آڻي بيهاريو هو. جنهن تي ڀٽائي سرڪار پورو سُر سرجيو آهي.
    ساهڙ ڌاران سهڻي، نسوري ناپاڪ،
    نجاست ناه ڪري، اُنين جي اوطاق،
    هو جي کير پياڪ، پاسي تنهين پاڪ ٿئي.
    (ساهڙ کان سواءِ سهڻي ناپاڪ آهي، هوءِ هن (ميهار) جي آستان تي ئي پنهنجي ناپاڪائي وڃائيندي. هو کير پئندڙ معصوم ۽ پاڪ آهن، تن جي ڀر ۾ ئي هوءِ پاڪ ٿيندي )
    شاهه سائين جي رسالي ۾ سُر سسئي ۾ به ڌراڙ جو ذڪر اچي ٿو. جيڪو بلوچستان جي ماباڙ ندين جي ڀر ۾ مال چاريندو هو. ان ڌراڙ سسئي جهڙي خوبصورت عورت کي جهنگ ۾ اڪيلي ڏسي صفا موهجي پيو. کيس حاصل ڪرڻ لاءِ کير ڏُهي پياريائين. پر سسئي کيس چيو ته هو پنهنجي پنهون جي پويان آهي.
    مال ۾ مگن اهي ڌراڙ لوڪ ڏاهپ جي فن جا پڻ ڄاڻو هوندا آهن. ڳجهارتون، پروليون، ڏور، نڙبيت آکاڻيون، شعر و شاعري ڪرڻ سميت کين لطيف، سچل. ميران ٻائي، بلي شاهه سميت ٻين مقامي شاعرن جي شاعري برزبان ياد هوندي آهي. ملڪاڻي شريف جو ڌراڙ سگهڙ الهه بخش ملڪاڻي به سموري حياتي جهنگ ۾ گذاريندي شاعري جو هڪ ڪتاب “جنهن ڪُون عشق لڳا هي جهنگ دا” لکي ويو. جنهن ۾ ان ڌراڙ شاعر جي سرائڪي ڪافي جا چند بند هن ريت آهن.
    عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي،
    عشق عقل دا، جهيڙا جهنگ وچ،
    تابش وڏا، تڪرار ڏٺوسي،
    عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي.

    ملڪ وڻيوسي ماڳ جهنگل دا،
    تڏهن روح ڳايا هي راڳ جهنگل دا،
    ڀلا بهاري، اهو باغ جهنگل دا،
    جٿان پکئين والي پچار ڏٺوسي،
    عشق ڏکاليا جام، عبرت وڏي اسرار ڏٺوسي.
    ڪلهي تي رُڪ جي چمڪندڙ ڪهاڙي ڌراڙ جي هٿ جو هٿيار آهي، جنهن سان ٻٻرن توڙي ٻين وڻن جي ڇانگ ڪري پنهنجن ولرن کي چاريندڙ ڌراڙ ڪپهه مان رسيون ٺاهڻ، مال جي وارن (ان) مان رسا ٺاهڻ، پنهنجي مال لاءِ خوبصورت ڳانيون، مورا، مينڍ به ٺاهيندا آهن. سندن هٿ جو هُنر تمام شاندار ۽ وڻندڙ آهي. ڌراڙن جي ڪاڙهيل چانهه جو ذائقو فائيو اسٽار هوٽل جي مهانگي چانهه کان ڪنهن به ريت گھٽ ناهي. ڌراڙ خوبصورت سنڌي ٽوپيون، جهوڙن وارا اڳٺ، ڪاري قميص ۽ اڇي شلوار شوق سان پائيندا آهن، ڀلا رومال يا اجرڪون سندن ڪلهن تي هونديون آهن. سندن کيسي ۾ ٽڪ، ڦڻي، مساڳ، سُرمو ۽ صابڻ ذري به هر حال ۾ هوندي آهي. ماضي ۾ ريڊيو ۽ ڪئسٽ وارو ٽيپ به سندن شوق ۾ شمار هو هاڻ اهو وري ايم پي ٿري ۽ موبائل جي جديد شڪل ۾ سندن هٿن ۾ ڏٺو ويو آهي. هاڻ هو هڪٻي سان موبائلن تي پڻ رابطي ۾ رهندا آهن. ڪيترائي ڌراڙ موبائل چارج ڪرڻ لاءِ ننڍڙيون سولر پليٽون پڻ پٺن تي ٻڌيو پيا هلن. راقم الحروف ڌراڙن کي نيٽ هلائيندي، گانا ڊائون لوڊ ڪندي به پنهنجي اکين سان پسيو آهي. اڄڪلهه جانورن جي فارمنگ سسٽم ڪري سندن گھرج گھٽجي وئي آهي پر ان هوندي سندن ڪرت جو زوال ناهي.

    گاهيو
    گاهيو ٻهراڙين توڙي شهرن ۾ قائم جانورن جي واڙن تي ڪم ڪندڙ پگهاردار کي چئبو آهي. جيڪو مال لاءِ گاهه ڪُتر ڪرڻ، بوهه پُسائڻ، بُسو، کڙ، چُنو وقت سر مال کي ڏيڻ، ڏهائي ڪرڻ، مال جي سارسنڀال ڪرڻ ان پورهيت جي ذميواري ۾ شامل آهي. ڪنري جو پورهيت سونو ڪولهي به زميندار جي مال جي واڙي تي ڪم ڪندو هو. مائٽن جو هي اڪيلو ٻچڙو ٽي مهينا اڳ لاڏ ڪوڏ سان پرڻيو هو. بجلي جي موٽر واري مشين تي مال لاءِ گاهه ڪتر ڪندي سندس ٻئي هٿ مشين ڇڪي وئي، سيڪنڊن ۾ سندس مهندي لڳل لال هٿ رت سان ڳاڙها ٿي گاهه ۾ گڏجي ويا. هو هٿن کان خالي ٻانهون کڻي رت ڳاڙيندو ڀڄندو، ٿڙندو، ٿاٻڙندو، اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندو غش ٿي ڪري پيو. سندس گھرڀاتي قيامت جهڙو منظر پسي اڌ مئا ٿي ويا. هُنن کي سمجهه ۾نه اچي ته هاڻ هو ڇا ڪن؟ ڳوٺاڻن سواري جو بندوبست ڪري پورهيت سوني ڪولهي کي ڪنري جي اسپتال ۾ پهچايو.
    پورهيت سوني جي هٿن ڪٽجڻ وارو واقعو سوني جي سمورن گھرڀاتين تي وڄ بڻجي ڪڙڪيو هو. ٿورو عرصو اڳ سوني جي هٿن تي مهندي هڻي راسوڙا ڳائڻ واري امڙ پار ڪڍي روئي رهي هئي. هنن جا مستقبل سان واڳيل سمورا خواب کن پل ۾ چڪناچور ٿي ويا. جڏهن سونو هوش ۾ آيو ته سندس ٻانهن سان اهي پورهيت هٿ جُڙيل نه هئا، هن ڏٺو ته هن جي هٿ جي واچ ۽ ڪجهه مهينا اڳ شادي ۾ ورتل منڊي ۽ سندس ڪنوار جا ڏنل ڇلا به ڪونه هئا، پورهيت سونو ڪجهه لمحن لاءِ اکين کان ڄڻ انڌو ٿي ويو، جڏهن سوني هوش سنڀاليو ته هن کي سڀن ماڻهن جا هٿ ڪپيل پئي نظر آيا. هن ڊاڪٽر کي اوڇنگار ڏيندي آخري عرض ڪيو ته “مارا هاٿ مُني واپس لڳاوي ڏي، هون ٻاڪري ويسي توني پيسا ڏيس” پر اهو ناممڪن هو.
    جن هٿن سان هن پورهيو ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي مُجيرين جو پيٽ ڀريو هو، جن هٿن سان هُن گاهه جون ڳريون ڀريون سٽ ڏيئي کنيون هيون، جن هٿن سان هو پنهنجي پوڙهي پيءَ جا پيرن تي ڀيڻان (ذور) ڏيندو هو، جن هٿن سان هن ڏانڊيا رقص ڪيو هو. جن هٿن سان هٿڙيا ڏيئي ٽي مهينا اڳ هو چونري جا ڦيرا ڦريو هو، جن هٿن تي هن جي ڀيڻ هُن کي راکڙي ٻڌندي هئي، جن هٿن جي لڦن تي هن پٽيون ٻڌيون هيون، اهي هٿ گاهه جي مشين ۾ ڪپجي ويا هئا، بلڪه هڪ پورهيت جا چمڻ لائق هٿ ڪپجي ويا، ڪائنات جا هٿ ڪپجي ويا، ڀڳوان جي خاص دوست پورهيت جا هٿ ڪپجي ويا، پرٿوي جو پيٽ ڀرڻ لاءِ پگهر جو پورهيو ڪندڙ مزدور جا هٿ ڪپجي ويا، شڪاگو جي شهيدن جي غريب ڀاءُ جا هٿ ڪپجي ويا، ٻن پورهيت هٿن جو موت جو سانحو ٿي ويو، پورهيت سوني ڪولهي جي گھر ۾ پورهيت هٿن جي معذوري جي صدمي سبب سوڳواري ڇانيل آهي.
    پورهيت مزدورن جي نالي تي ڪم ڪندڙ اين جي اوز، سياسي سماجي پارٽيون، سول سوسائٽي سوني جي تڏي تي لڙي ڪونه آيا. پينچائتون هلائڻ وارن نام نهاد پٽيلن کي ڄڻ نانگ سونگي ويو هجي، انسانيت ايڏي بيحس ٿي سگهي ٿي؟


    کيت مزدور ۽ لاهيارا

    اوائلي دؤر ۾ جڏهن انسان اڃان “انسانيت” جي ڀر ڏيئي ڪونه گذريو هو، پر اڃان ته انسان کي رشتن جو تقدس، سماجيات، علم، ادب، تهذيب، شعور، مهذبپڻي ۽ ساڃاهه جي سانچي ۾ فٽ ٿيڻ لاءِ لکين سالن جو سفر گھربل هو. بک لڳڻ تي ماڻهو ئي ماڻهو جو گوشت کائي ويندو هو. ان وقت سندس حيثيت فقط هڪ لاشعور جيوت جهڙي هئي. جنهن جي سوچ، سمجهه جذبن ۾ حيوانيت شامل هئي. اڀو ٿي هلڻ واري اوائلي انسان کان ترقي جو انقلابي دؤر جي شروعات ٿئي ٿي. اڳوڻي ماڻهو هومواريڪٽس، هوموسيپين، هوموميگنان، نيندرٿال کان ويندي هن مڪمل جديد انسان (هيومن) فقط پنهنجي نسل جي بقاءُ جي جنگ ۾ پنهنجا ئي نسل تباهه ۽ برباد به ڪيا آهن. ان حقيقت کان منهن نٿو موڙي سگهجي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ان جو واضع مثال آهي.
    خوراڪ جون ڪهڙيون شيون انسان لاءِ فائديمند آهن ۽ ڪهڙيون شيون نقصانڪار آهن؟ جيستائين تجربن سان اهي حقيقتون واضع ٿين تيستائين انهن تجربن ۾ لاتعداد انسان موت جي ور چڙهي ويا هوندا! جن شين سندس صحت کي نقصان نه ڏنو انهن شين کي ئي ماڻهو پنهنجي خوراڪ لاءِ استعمال ڪيو آهي. اوائلي ماڻهو ڪچا، پڪا توڙي سڪل ڦل، فروٽ، وڻن، ٻوٽن جون پاڙون، ڇوڏا، آڙڪ ڀاڄيون، اناج، فروٽ ۽ انهن جانورن جو شڪار ڪيل گوشت کاڌو جيڪو کيس هضم ٿي سگهيو هو. پر زمانن کان پوءِ انسان جو پيٽ وري به اناجي فصلن ڀريو. جنهن ۾ ڪڻڪ، ٻاجهر، جوئر، مڪائي ۽ چانور سميت ٻيا به ڪيترائي اناج شامل آهن. هن ڪائنات ۾ زراعت جي موجد عورت آهي. مرد شڪار تي ويندا هئا ۽ عورت پنهنجي رهائش جي آسپاس مان اناج وارن ٻوٽن مان اناج جو ٻج خوراڪ خاطر گڏ ڪري زمين ۾ مشڪل وقت لاءِ زخيرو ڪري پوري رکيو، جيڪو بارش وسڻ سبب هڪ هند ئي ڄمي پيو. ڪائنات ۾ کيتي ٻاري (زراعت) جو اوائلي شروعات اها ئي آهي. جنهن سان انسان جي خوارڪ جو آسان بندوبست ٿيو. زراعت جو اهو اوائلي تصور ترقين جا قراقرم پار ڪري اڄ جي جديد زرعي سڌارن واري دؤر ۾ داخل ٿيو آهي. زراعت تي موسمي ڦيرڦار جو پڻ خطرناڪ اثر پيو آهي. دنيا ۾ تپش پد وڌڻ ڪري ڪُل ڪائنات ۾ مُندن جو وڏو ڦيرو آيو آهي. جنهنڪري موسم جو توازن بگڙجي ويو آهي. موسم جي عالمي سطح جي تبديلي (گلوبل وارمنگ) جا اثر اسان جي خطي ته به پڌرا ٿيا آهن. جنهنڪري وقتائتا واه نٿا گُھلن نه ئي موسمي مينهن اوڙڪون ڏيئي وسن ٿا. ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ بارشون ٿين ٿيون. ڪڏهن ڏڪار ته ڪڏهن ٻوڏون ٿيون ٻوڙين. زراعت جو دارمدار موسمن جي رحم ڪرم تي آهي ۽ کيت مزدورن جي گذر جو ذريعو وري زراعت سان واڳيل آهي. فصل چڱا ٿيا ته پورهيت جو سال سجايو ويندو. جي فصل موچارا نه ٿيا ته زرعي مزدورن لاءِ فاقاڪشي جا ڏينهن ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته دنيا ٽنڊي باگي ۽ ملڪاڻي جيڏو گلوبل ڳوٺ بڻجي وئي آهي، ڌرتيءَ جو هي گولو دل جي سوڙن ماڻهن لاءِ پورو ڪونه پيو تنهنڪري هاڻ ماڻهو مريخ تي اڳواٽ پلاٽن جي بڪنگ پيا ڪرائن. پر دنيا جا پورهيت انسان اڄ به چون ٿا ته سائنسي ترقي مان اسان کي ٻيو ڪجھ به نه گھرجي فقط جي ٿي سگھي ته “بک” نه لڳائڻ جي ڪا دوا ايجاد ڪئي وڃي، اڃان به جي پورهيتن لاء وڏي همدردي ۽ ڀلائي ٿي سگهي ته ڪا “اينٽي بک ويڪسين” لڳائي وڃي؟ جنهن سان کين هميشه لاءِ بک نه لڳي ۽ پورهيت ويهي صدين جا ٿڪ ڀڃن. کين ماني لاءِ دربدر نه ٿيڻو پوي، ماني لاءِ پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود ظالم سرمائدار وڏيراشاهي جي غلامي نه ڪرڻي پوي. پورهيتن جي سوچ ۾ ايٽم بم ٺاهڻ جو ڪو منصوبو شامل ناهي، پورهيتن جي سوچ ۾ ته معصوم انسانن کي بي دردي سان مارڻ وارا ڊورن جهاز ٺاهڻ جي به ڪا حڪمت عملي شامل ناهي، پورهيتن جي پرامن دنيا کي رت سان وهنجارڻ جهڙي ڪا سوچ دنيا جي پورهيتن جي تصور ۾ به ناهي. پورهيت مزدور ته فقط اٽي لاءِ سوچين ٿا. پورهيت ته هن ڪائنات کي سکيو، ستابو ۽ سرسبز ڏسڻ چاهين ٿا. ڪائنات کي پورهيت جي اک سان ئي ڏسڻ گھرجي جنهن ۾ هن ڪائنات جو ڪوبه آدم بکيو نه سمهندو. پورهيت مزدور ته فقط بڊي جي بخارن کان بچڻ لاءِ سوچين ٿا. اهي اٻوجهه ته ڀڳل هڏ لاءِ به نام نهاد ڀوپن کان سڳا ڦيڻا ڪرائن ٿا. پورهيت لاءِ “ماني” دنيا جو وڏو مسئلو بڻيل رهي آهي. اهو مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگھيو آهي.
    کائنات ۾ ٿورڙا ماڻهو آهن جن وٽ جاگيرون آهن. پر اربين اهي انسان آهن جن وٽ ويهڻ لاءِ هن پرٿوي تي گھر ناهي. کائڻ لاءِ ماني ڳڀو ناهي، رهڻ لاءِ ڇت ناهي، اهي لکين انسان آهن خانه بدوش پورهيت جيڪي روزي روٽي لاءِ دربدري جي حياتي گھارين ٿا.
    آڻين ڪي چاڙهين، ڏٿ ڏيهاڻي سومرا،
    سٿا ڪيو سيد چئي. سائون سڪائين،
    منجهان لنب لطيف چئي، چائر ڪيو چاڙهين،
    پُلاءُ نه پاڙين، عمر! آراڙيءَ سين.

    کيت مزدور
    سنڌ ۾ زميندار وٽ نسلن کان هارپو ڪندڙ هارين کان سواءِ انهن کيتن ۾ پورهيو ڪندڙ هڪ ٻيو پورهيت طبقو به آهي جيڪو زرعي ڪم ڏهاڙي تي ڪندو آهي. فصل جي ويهر، گُڏ، ڦوهارو، چونڊائي، ڪٽائي جو ڪم پڻ مزدوري تي ڪرڻ جو رواج عام آهي. اهي پورهيت مزدور فصلن ۾ زرعي ڪم کيت مزدور طور ڪري پيٽ گذر ڪن ٿا. سنڌ ۾ انهن کيت مزدورن جو انگ به لکن ۾ هوندو. جيڪي فصل هارپ تي ته ڪونه پوکيندا آهن پر هارين جي پوکيل فصل توڙي زميندارن جي نجي فصل (سيري) ۾ کيت مزدور طور مزدوريون ڪري زندگي جو ڳرو گاڏو گهلين ٿا. انهن پورهيتن کي کيت مزدور چيو وڃي ٿو. ڪمند جي ڪٽائي، مرچ ۽ ڪپهه جي چونڊائي مڻ جي حساب سان ڪئي وڃي ٿي. جنهن ۾ پڻ مختلف علائقن جا اگهه به مختلف آهن. پر سانگهڙ ۽ نواب شاهه ضلعن ۾ کيت مزدوري جو اگهه ٻين ضلعن جي ڀيٽ ۾ گھڻو مٿي آهي. ان جو سبب هي آهي ته انهن علائقن ۾ زميندارن وٽ “هارپ” کان وڌيڪ “سيري” طور فصل پوکايو ويندو آهي. جنهن ڪري اُتي جا زميندار پنهنجي فصلن جي ويهر، گُڏ، ڪٽائي، اسپري ۽ چونڊائي کيت مزدورن کان ڪرائيندا آهن. هن پورهيي ۾ به مزدورن جي ليبر جي اڳواڻي هڪ جمعدار ڪندو آهي. جيڪو زميندار توڙي مزدورن کان بناه پورهيي جي پنهنجي ڪميشن اوڳاڙيندو آهي. هن پورهيي تي پڻ کيت مزدور اڳواٽ کڻت طور کنيل رقم “پيشگي” حاصل ڪندا آهن جيڪا پوءِ مزدوري ڪري جمع ڪرائيندا آهن. هي کيت مزدور سڄي سال فصل جي سيزن جي مناسبت سان لڏپلاڻ ڪندا رهن ٿا. سندن مزدوري تقريبن سڄي سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ آهي. جتي هو لڏي وڃي پنهنجا عارضي جهوپا اڏين ٿا. جيڪي جهوپا جهڙا اندر تهڙا ٻاهر هوندا آهن. هنن وٽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آرام جو تصور ئي نه هوندو آهي. هو ته سڄو ڏينهن سج جي تپش پنهنجي بدن تي وسائيندا آهن. رات جو جڏهن انهن پورهيتن جي واپسي پنهنجي ڪکن ۾ ٿيندي آهي ته رکي ماني به ڪڏهن سندن نصيب بڻبي آهي ته ڪڏهن کين پنهنجن معصومن سميت لنگهڻ سمهڻو پوي ٿو. مرچ ۽ ڦٽي جي چونڊائي واري مند ۾ پورهيت کيت مزدور جون عورتون پڻ سخت پورهيو ڪن ٿيون. انهن جي معصوم ٻارڙن جو لوڏون پڻ ٻني ۾ موجود وڻن ۾ ٻڌل هونديون آهن. جنهن جي عڪاسي شاعر تاجن ڪلوئي جي هن گيت ۾ ٿيل آهي.
    لوڏ گندي جي ٻٻر جي وڻ سان ڪوئي ٻار پڪاري ٿو،
    شايد جيجل چونڍي تي وئي؟ آڀ اکين مان هاري ٿو.

    ڪاڙهي تتي گرمي ۾ هلڪو ڪو آواز ٻُڌي
    هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ڦيري، وريو اوڏانهن ڪنڌ کڻي،
    نازڪ نازڪ نيڻن سان هو ڪنهن جي واٽ نهاري ٿو؟

    ڪجھه گھڙين لاءِ مجبوري ماءُ کي ٻچڙو ڇڏڻو پيو،
    انڌي ڪُتي پيٽ جي خاطر ڦاٽل ڪانبو ڀرڻو پيو،
    ڄاڻان ٿو هن نياڻي کي وڙهڻ وقت سيکاري ٿو!

    هيڏا صدما سور سهي، لڙڪ به وٺندا جنگ جي صورت،
    “تاجن” دوکي بازي جي هاڻي ناهي ڪائي ضرورت،
    اهڙو ماڻهو وقت سان وڙهندي واقعي موت کي ماري ٿو.
    مزدورين جا مختلف اگهه آهن، بصر جي ويهر في ايڪڙ 3 هزار روپيا، گڏ في ايڪڙ ٻارنهن کان پندرهن سئو روپيا. بصر ڪڍائي في سئو کان سئو ويهه ڪلو واري ٻوري هڪ سئو کان هڪ سئو ويهه روپين تائين آهي. مرچ ۽ ڦٽي جي چونڊائي جو اگهه في مڻ تي 2 سئو کان اڍائي سئو تائين آهي. جڏهن ته اُتر سنڌ ۾ ڦٽي جي چونڊائي جو اگهه گھٽ ۾ گھٽ چار سئو آهي. ڀاڄين جي پٽائي جا به مختلف اگهه آهن. زرعي دوائن جي اسپري جو اگهه في ايڪڙ 3 سئو جي لڳ ڀڳ آهي. گُڏ ۽ اسپري سميت ڪيترائي زرعي ڪم هاڻ جديد مشينن سان ڪيا وڃن ٿا. جنهن ۾ ڪمند ۽ ڦٽي جي گُڏ پڻ شامل آهي. مستقبل ۾ کيت مزدورن ۾ بيروزگاري جي شرح وڌي سگهي ٿي. اهي کيت مزدور پورهيت انب، ليمان، چيڪو، ٻير، زيتون، کجيون، ڄمون، ڦاروا ۽ ٻيا فروٽ پڻ مزدوري تي پٽن ٿا.

    لاهيارا
    فصل جو لابارو ڪندڙ پورهيتن کي “لاهيارا” چيو ويندو آهي. هر سال سارين ۽ ڪڻڪ لاباري تي هزارين ٿري خاندان لاباري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن جي ڳوٺن ۾ پوٺن تي کُلي آسمان هيٺ ديوين جي ڍينگھرن جا عارضي اجھا ٺاهي پيٽ گذر ڪن ٿا. پنهنجي ککن کان ڏور هجڻ ڪري لاباري تي آيل لکين ٿرواسي لاهيارا پيٽ جي پاپرن سبب پنهنجي مستقبل جي معمارن کي تعليم به نٿا ڏيئي سگھن. هر وقت سخت پگهر جا پورهيا ڪرڻ کانپوءِ به اٽي، لٽي ۽ اجھي کانسواءِ فقط نيري آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ کانسواءِ هنن پورهيتن وٽ ٻيو ڀلا ڇا آهي؟ هن دنيا ۾ سندن ڪل ملڪيت ڪهڙي آهي؟
    سرمائدار ته پورهيتن جي پگهر جي ڪمائي جي نتيجي ۾ هرسال پنهنجا گدام ڀريو ڇڏين ٿا. پر اهي گدام ڀرڻ وارا سدائين بک کي ڀوڳين ٿا. جيڪڏهن ان پورهيي عيوض کين چڱي مزدوري ملي ته سندن معاشي حالات بهتر ٿي سگهن ٿا پر هتي پورهيت لاهياري کي سڄو سارو ڪڻڪ جو ايڪڙ لڻڻ جي مزدوري ڏيڊ کان 2 مڻ ايريو مس ملي ٿي. سارين جي لڻائي في ايڪڙ 3 کان 4 مڻ مقرر ڪيل هوندي آهي يا وري هر پندرهين کان پوءِ سورهون مڻ لاهياري جو هوندو آهي. فصل جو لابارو ڪندڙ لاهيارن جو ليبر به هڪ جمعدار جي هٿ هيٺ هوندو آهي. پورهيت لاهياري ۽ زميندار کان ان عيوض مقرر ٿيل ڪميشن وصول ڪندو آهي. لاباري تي آيل اڪثر مزدور ٿرواسي هوندا آهن. جيڪي پنهنجي پيث گذر خاطر ڏکين پنڌن تي نڪرندا آهن. پورهيت لاهيارن لاءِ اڻ ڏٺل منزلن جو سفر ڪڏهن سجايو ويندو آهي ته ڪڏهن سندن پويتر پگهر جو پورهيو بيمارين تي خرچ ٿي وڃڻ ڪري کين خالي هٿين واپس ورڻو پوندو آهي. پر ڪيترائي دفعا ته الٽي، ڊائريا، مليريا ۽ نمونيا ۾ انهن پورهيت عورتن جون جهوليون خالي ٿي وينديون آهن. ان ڪيڏاري جو تصور نازڪ نفيس دلين جي ماڻهن جي تصور کان ئي ٻاهر آهي. پيٽ پويان دربدرين ۾ انهن جا ٻچا بيمارين ۾ موت جو راڪاس ڳڙڪايو وڃي ٿو. پورهيتن جي انهن معصومن جو تڏو سندن عارضي اجها بڻيل ديوين جي ڍينگهرن جي ڇانءَ ۾ وڇايو وڃي ٿو، ڪجهه پل ڪکاڻين جهوپڙين مان بي وسي جون آهون، دانهون ۽ سڏڪا سڻڻ ۾ اچن ٿا ۽ پوءِ قيامت خيز خاموشي انهن وستين ۾ ڪاهيو پوي ٿي. قبرستانن ۾ معصوم قبرن جو اضافو ان ڳالهه جي سلطاني گواهي آهي ته “غربت ڪنهن لعنت کان گھٽ ناهي” بک جي رڻ ۾ رليل جنهن لاهيارڻ جي جهولي خالي ٿي هوندي ان جي دل جو حال، ڪيفيت، غم کي دنيا جي ڪهڙي ٻولي ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو؟ غربت سبب علاج نه ٿيڻ ڪري موت جي ور چڙهيل ٻچڙي کي ياد ڪندي آڌي ويلي پورهيت جي ڪکن مان آيل اوڇنگار اندر کي اڌ ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ريت گھٽ ناهي. توڙي جو سندن ملڪ هيل وٺو آهي پر ايندڙ سال جي خبر ناهي؟ تنهنڪري ٿرواسي لاهيارن سارين جي لاباري تي لاڙ پٽن ۾ پنهنجا لڏا لاٿا آهن. سيپٽمبر کان نومبر تائين سارين جو لابارو مڪمل ڪري وري ڪمند جي وڍائي لاءِ ڪمند وارن علائقن (ڪين ايريا) جو رخ ڪندا آهن. ڪمند جي سيزن کي سماپت ڪري وري ڪڻڪ جي لاباري تائين هي پورهيت يا ته بيروزگاري جي عالم ۾ هوندا آهن يا وري کين ڪڏهن ڪا ڏهاڙي لڳندي آهي ته ڪڏهن خالي هٿين موٽڻو پوندو آهي. پر اهو سلسلو ڪڻڪن ۾ ڏانٽو پوڻ تائين جاري رهندو آهي.
    سموري زراعت هاڻ جديد زرعي آلاتن جي ڪري هاري توڙي کيت مزدور لاءِ بيروزگاري جو سبب بڻجي رهي آهي. سمورا زرعي ڪم هاڻ انهن جديد اوزارن ذريعي ڪيا پيا وڃن، جنهنڪري مسقبل ۾ زراعت سان لاڳاپيل دنيا جا ڪروڙين انسان بيروزگار ٿيڻ جو پڻ وڏو انديشو موجود آهي. لاباري جون مشينون پڻ گھڻي وقت کان لاهيارن جو حق ماري رهيون آهن. “کيت مزدور جي مزدوري وڌايو” هنن پورهيت مزدورن جي حقن لاءِ يا هنن جي مزدوري جا اگهه وڌائڻ لاءِ ڪا باقائدي يونين به ناهي، نه ئي ڪنهن سياسي سماجي پارٽي يا هنن پورهيتن جي نالي تي پروجيڪٽ وٺي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙ اين جي اوز يا نام نهاد سول سوسائٽي ڪڏهن ڪو آواز بُلند ڪيو آهي. هن ڪائنات کي اناج ميسر ڪري ڏيڻ وارن هنن پورهيتن کي ماني ڪير ميسر ڪري ڏيندو؟ هنن جي تعليم، ترقي ۽ تحفظ جو ذميوار ڪير آهي؟ ان طرف سنجيدگي سان سوچ، ويچار ۽ غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.


    صفائي ڪندڙ عملي جا مسئلا ۽ جواب طلب سوال

    ڌرتيءَ ماتا تي ظالم سرمائدار قوتن پنهنجي ڏاڍ، جبر، اقرباپروري جي آڌار تي هيڻن انسانن کي پنهنجي قيد ۾ قابو ڪرڻ، ازل کان آجي انسان کي پنهنجو نجي نوڪر، گولو غلام، باندي بڻائي زنجيرن ۾ جڪڙي رکڻ خاطر انسانيت تي وحشت، بربريت ۽ ظلمتن جا ڳرا پهاڙ ڪيرايا آهن. انهي دهشتناڪ دؤرن مان انسان گذرندي گذرندي انتهائي خطرناڪ غلامي جي ڄار ۾ بدترين طرح فاسي ويو هو. اهو انساني تاريخ جو وڏو الميو هو جڏهن اشرف المخلوقات جون منڊيون لڳيون، پورهيت ماڻهن جا ولر وڪرو ڪيا ويا. وقت جا ظالم ۽ بدمست ماڻهو انسانيت تي ڪارو داغ بڻيا. مظلوم انسانن جي وڏي آبادي ٿورڙن ظالمن جي ڏنڊي هيٺ ساهه کڻڻ لڳي، انساني دؤر جي ڪاري تاريخ رقم ٿيڻ لڳي. هر طرف زهر جهڙي خاموشي جو راڄ وڌڻ لڳو. ماڻهو ظلمتن جي گھاڻي ۾ نسل در نسل پيڙهجڻ لڳا. بک، بدحالي ۽ بي وسي جي بدترين نفسيات ڌرتيءَ جي مظلوم انسانن جي ذهنن ۾ گھر ڪري وئي. ان انسان دشمن راڄ خلاف ڪٿان ڪا بغاوت جي چڻگ اٿي ٿي ته ان کي اُجهايو ويو. هر طرف انسانن کي جانورن جيئن پنهنجي وس رکڻ خاطر انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙيا ويا. دنيا جي ڏاڍي، جابر ۽ ظالم سامراج پنهنجي مفادن خاطر معصوم انسانن جو قتل ڪرڻ، انهن کي آکاڙن اندر پاڻ ۾ رڇ ۽ ڪتن جيئن ويڙهائي لطف اندوز ٿيڻ، پنهنجا سمورا جائز ۽ ناجائز ڪم انهن غلام پورهيتن کان ڪرائڻ جو قانون ڄڻ ڪائنات جي قانون ۾ شامل هو.
    ان زماني بعد جڏهن ڪائنات “مهذبپڻي” جي سفر ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ تهذيبون جُڙڻ لڳيون تڏهن وري انهن مظلوم انسانن کي قانوني طرح نيچ، نوڪر ۽ ارتقائي غلام ثابت ڪرڻ لاءِ هٿ ٺوڪيا آئين ۽ سمرتيون زبردستي مڙهيون ويون. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو انهن ظلمتن خلاف ڪا مضبوط بغاوت اُڀري نه سگهي. مظلوم پورهيت انسان دشمن سامراجي قوتن سياسي، سماجي توڙي ڌرمي قانونن کي پنهنجي ناجائز مفادن جي آڙ ۾ خوب استعمال ڪيو. جنهنڪري اهي پورهيت ماڻهو غلامي جو ڳرو ڳٽ پنهنجي ڪنڌ مان نه ڪڍي سگهيا. ظالم قوتن جي هٺ ڌرمي، منافقت، موقعي پرستي ۽ مفادپرستي جي ڪري غلامي پورهيت غريب مزدورن جو نصيب بڻجي وئي. ان غلامي ۾ سندن نسل تباهه ۽ برباد ٿي ويا، ان غلامي ئي انهن پورهيت ماڻهن جا ٻچا ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏيا. ان غلامي انهن مسڪينن کي قبر جهڙو جيون ارپيو، ان غلامي جي زلت انهن پورهيت انسانن کي ماڻهو هوندي به حيوانيت جي کاتي ۾ بيهاري ڇڏيو، ان بدترين غلامي غريب پورهيتن جي جيئڻ جا وسيلا ڳڙڪايا ۽ انهن جو معاشي استحصال ڪيو، ان غلامي انهن جي سماجي حيثيت کسي ورتي، ان غلامي انهن کي انساني اڻبرابري جا اربين عذاب ارپيا، انساني تاريخ جي ان زهر جهڙي غلامي ۾ دنيا جا اهي عظيم پورهيت اڇوت، نيچ، پليد ۽ شوڌر بڻجي ويا. انهن محنت ڪش ماڻهن سان ايتري ته نفرت ڪئي وئي جو اهي هاڻ هن معاشري ۾ ڪراهت جي اکين سان ڏٺا وڃن ٿا. جنهن غلامي ۾ انهن مزدورن سان مت ڀيد رکيو ويو، جنهن غلامي ۾ مسڪينن جا ننگ تڪيا ويا، چادر ۽ چوديواري جو تقدس نه رهيو. ان غلامي کي وقت جي وس وارن ورڻن ۾ ورهائي قانوني شڪل ڏئي ڇڏي ته جيئن ان ظلم، زيادتي، انياءُ ۽ انڌوڪار خلاف ڪنهن به ريت بغاوت جي باقي ڪا گنجائش نه رهي. انهن پورهيتن جي آواز کي ايترو ته دٻايو ويو جو وري انهن جي صفن مان ڪا رڙ بُلند نه ٿي، انهن کي روئڻ جي اجازت نه هئي، تنهنڪري انهن جي اکين ۾ صدين جا ڳوڙا سُڪي ويا. انهن محنت ڪش ماڻهن ۾ ڪنڌ مٿي کڻڻ جي جُرت ۽ سوال پُڇڻ جي صلاحيت کي ٻاريو ۽ ساڙيو ويو. دنيا جي شاطر سامراجي قوتن جي چالبازين ڪائنات جي حقيقي محنت ڪش پورهيت طبقن کي نيست و نابود ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. ايترن ظلمن ۽ ڏاڍاين باوجود ڪائنات جي مسڪين پورهيت انسان جو وجود فقط ان ڪري ئي بچائڻ جي عنايت ڪئي وئي بلڪه انهن پورهيتن جي نسل کي زنده رکڻ جي مجبوري بي رحم تاريخ اها ثابت ڪئي آهي جو “اهي غلام بڻايل پورهيت ماڻهو ان لاءِ ساهه کڻن جو وري مستقبل ۾ ظالم سامراجن جي ايندڙ نسلن جي غلامي ڪري سگهن” انهن جو گند صاف ڪري سگهن.
    اهنسا جو ابو گاندي به هريجنن سان “ڀائپي” جا ناتا جوڙڻ خاطر “هريجن ڪالوني” ۾ پورو مُنو مهينو مرڻ ورت رکي کين اکين ۾ ڌوڙ وجهي ويو. سندس ملڪ انسان دشمن منووادي قانون کان اڄ به آجو نه ٿي سگهيو. اڄ به گاندي جي ملڪ ۾ جيتري اڇوت قرار ڏنل انسانن جي تاريخي تذليل ٿئي ٿي، اهڙي تذليل دنيا ۾ جانورن جي به نٿي ٿئي. ان ديس ۾ اڄ به اهي صفائي ڪندڙ پورهيت “ڇهڻ لائق نه آهن” انهن کان اڄ به “ڇنڊو” ورتو وڃي ٿو، اڄ به انهن سان نفرت جو ساڳيو ڪارهنوار هلندڙ آهي. جيڪو قانون منومهراج ٽي هزار سال اڳ لاڳو ڪرايو هو. ان سڄي صورتحال تي انساني حقن جا عالمي ادارا اکيون پوريو، چپ سبيو، ڪنن ۾ ڪپهه وجهيو مست الست ٿيو ويٺا ڪانفرنسون ڪن ۽ انسانيت جو مذاق پيا اڏائن. انهن ادارن جون ڳريون پگهارون انساني حقن جي دبنگ علمبردارن جا پيٽ ڀرين ٿيون. مهانگين هوٽلن جي لگزري هالن ۾ ويهي گند صاف ڪندڙ پورهيتن جي ناسور زخم جهڙي جيون ۾ انقلابي تبديلي لاءِ ڪاغذي رٿون پاس ڪندڙ ۽ جاکوڙيندڙ جوانن ڪڏهن انهن ڀنگين جي گلاس ۾ پاڻي پيتو آهي؟ ڪڏهن انهن جي غريباڻي ويڙهي لنگهي ويا آهن؟ ڪڏهن انهن جي مٿي تي هٿ رکي پُڇيو آهي ته اوهان جا ڏک، سور ۽ درد ڪهڙا آهن؟
    سنڌ ۾ ڀنگي برادري سان تعلق رکندڙ خاڪروب پورهيت صفائي عملي طور نسل در نسل ڪم ڪري رهيا آهن. اسر ويل اٿي پنهنجن عورتن سميت ٻهارا، ريڙها ۽ پاوڙيون ڪلهن تي رکي وڏن توڙي ننڍن شهرن جي گلين کي ٻهاري صاف ڪري، ڪني پاڻي جي گٽرن مان بدبودار پاڻي ڪڍڻ سميت گھرن ۽ دڪانن اڳيان پيل گند ڪچري جا ريڙها ڀري شهري آبادين کان ٻاهر اڇلائڻ جو ڏکيو ڪم هي پورهيت سج اڀرڻ کان اڳ مڪمل ڪري ويندا آهن. وري سج لڙڻ کان اڳ شهر جو گند صاف ڪن ٿا. دنيا جي گند کي صاف ڪرڻ وارن هنن مسڪين پورهيتن سان هن سماج جو رويو ڪهڙو آهي؟ هن معاشري جا ماڻهو انهن کي سرڪاري ملازم سمجهن ٿا يا ذاتي خريد ڪيل غلام؟ هن سماج جي ماڻهن ڪڏهن هنن پورهيتن سان ٻه ٻول کلي خوش ٿي ڳالهايا آهن؟ هنن مزدورن کي ڪڏهن ڪنهن سکڻي شاباس ڏني آهي؟ هنن محنت ڪش انسانن کي ڪڏهن ڪنهن سيني سان لڳايو آهي؟ هنن پورهيتن جي مرڻي، پرڻي، ڪُني، ماني، ٻارس، عيد، بارات، ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪنهن هنن جا ڏک ۽ سک سليا آهن. هنن کان ڪنهن حال پُڇيا آهن احوال اوريا آهن؟ وطن جي انهن پُرامن پورهيتن سان اهڙي بيحسي ڇو؟ انهن سان تذليل آميز رويو آخر ڪهڙي گناهه جي سزا آهي؟ گند صاف ڪرڻ جي باوجود مهينن جا مهينا انهن جا پگهار بند ڇو؟ انهن جو چلهو ٿڌو ڇو هوندو آهي؟ انهن حقيقي صفائي ڪندڙ لاوارث پورهيتن کي ڪچي ملازم طور ڏهاڙي تي رکڻ ۽ سندن جاءِ تي سفيد پوشن ماڻهن کي ڀرتيءَ ڪرڻ انهن جو حق مارڻ واري مزدور دشمني ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ جيڪڏهن خاڪروب عملو گند ٻهارڻ ۽ صفائي جو ڪم نه ڪري ته ڀلا هن سماج ۾ اهي ٻي ڪهڙي ڊپارٽمينٽ ۾ برداش ڪيا ويندا؟ هو جتي به هوندا اُتي هوندا ڀنگي! انساني حقن تي وڏا ورڪشاپ ۽ ليڪچر ڪرائندڙ هڪ سماجي اداري جي آفيس ۾ مون پاڻ پنهنجين اکين سان ڀنگي برادري جي پهرين انجنيئر نوجوان (جنهن ڪڏهن هٿ ۾ ٻهارو نه کنيو هو) جو ڪپ ۽ گلاس ڌار ڏٺو.
    هنن جو چوڻ آهي ته “اسان جون نوڪريون پئسن عيوض سفيد پوش ماڻهن کي وڪرو ڪري ڏيڻ اسان جي حقن تي ڌاڙو آهي، توهان کان پڇون ٿا ته اسان آخر ٻيو ڪهڙو دنڌو ڪيون؟ اسان ڪهڙو ڪاروبار ڪيون؟” جڏهن سارو لوڪ مٺي ننڊ ۾ ستو پيو هوندو آهي تڏهن هي پورهيت اسر ويل اٿي هن معاشري جو گند صاف ڪندا آهن. ان پورهيي عيوض کين نفرتون پلئه پون ٿيون، ساڻن ڪراهت جو ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو. هن حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو جيڪڏهن هنن کان هي ڪرت به کسجي وڃي ته پوءِ هنن جي هٿن جي ڪاڙهيل چانهه هن سماج ۾ وڪامبي؟ هي پورهيت اگر ڀت جي ديڳ لڳائن ته ڇا هنن جا ڌرمي ڀاءُ هنن کان برياني جو پاءُ وٺي کائيندا؟ ٻيو ته ٺهيو پر هي مسڪين ڀلا ڀاڄي جو ريڙهو لڳائي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ آخر جمهوريت جي دعويدار سرڪار هنن کان نسل در نسل فقط گند ٻهاري پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر ڪرڻ وارو حق ڇو کسيو آهي؟ هنن کي ووٽن عيوض فاقاڪشي ڇو پلئه پئي؟ هنن جي جاءِ تي ڀرتيءَ ڪيل سفيد پوش ڪٿي نوڪري ڪن ٿا؟ انهن کان گٽر صاف ٿيندا؟ انهن کان ٻهاري نڪرندي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ايڏو انڌير ڇو آهي؟ ايڏي سفاڪي ڇو آهي؟ رهزنيت جو رواج آخرڇو؟ انهن جي پيٽ جي روزي آخر ڪهڙي گناهه جي سزا عيوض ڦري وئي آهي؟
    جي سي لوڙائو ٿيا، جنين سندي ڌير،
    مارئڙا فقير ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟
    خاڪروب عملي جا ڪيترائي پورهيت گٽر صاف ڪندي ساهه ٻوساٽجڻ سبب موت جي ور چڙهي وڃن ٿا، اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي اينديون رهنديون آهن. اسپتالن ۾ ڪم ڪندڙ صفائي عملي جا پورهيت سرنجن جا نيڊل ۽ لوهه جون ڪليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿين ٿا. ان لاءِ سرڪار فري ميڊيڪل جي سهولت ڏني آهي؟ هنن پورهيتن سان هن سماج ۾ ٻيون ڪيتريون ئي بي واجبيون ٿينديون آهن. انهن جو ڪڏهن تدارڪ ناهي ٿيو. صفائي ڪندڙ عملي جي هر گھر ۾ هڪ يا ٻه نوڪريون هونديون آهن. هن مهانگائي جي دؤر ۾ ان پگهار مان گذارو ٿيڻ تمام مشڪل نه پر ناممڪن آهي. پگهر جو مشڪل ترين پورهيو ڪرڻ باوجود انهن جي پگهارن جا اسي سيڪڙو چيڪ وياجي سيٺين وٽ گروي پيل آهن. اهي پورهيت نينهن کان چوٽي تائين وياج ۾ گروي ٿيل آهن. هنن جي نسلن جا روشن مستقبل به اڻ اعلانيل عرصي تائين وياجين جي ٽجوڙين ۾ قيد آهن. هنن جي پگهر جو پورهيو وياجي سامراج پگهار ٿيڻ تي سڀ کان پهرين ڪيش ڪرائي ويندا آهن. خاڪروب پورهيتن ۾ تعليم جي شرح اٽي ۾ لوڻ برابر مس آهي. انهن جا معصوم ٻار راند ڪرڻ جي عمر ۾ پنهنجن والدين سان گڏ بازارن ۾ ٻهاريون پيا ڏيندا آهن. هو ڪڏهن اسڪولن ۾ ناهن ويا هنن جي اکين ته فقط سفيد پوشن جي ٻارن کي اسڪول ويندي پسيو آهي. پورهيت ڪالو ڀنگي به پنهنجي مسڪين ڀائرن ۾ اعلى تعليم، سماجي جاڳرتا، منشيات خلاف سجاگي، ايڪو، ٻڌي، اتحاد جا خواب ڏسي ٿو. هو چاهي ٿو ته هنن جو اولاد سٺي تعليم حاصل ڪري، کين تحفظ ملي، سندن حق محفوظ هجن. پر اهي خواب ڪڏهن ساڀيان ٿيندا؟ اهو پتو ناهي.
    ڇا پورهيتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽيون، انهن جي نالي اربين روپين جا پروجيڪٽ وٺندڙ اين جي اوز ۽ برابري جي دعويدار سول سوسائي انهن سان ٿيل ناانصافي خلاف ڪو آواز بُلند ڪنديون؟ پورهيت تنظيمون انهن جون نوڪريون سفيد پوشن کي ڏيڻ لاءِ ڪا پٽيشن داخل ڪنديون؟ انهن کي پنهنجن حقن جي حاصلات لاءِ متحد ڪيو ويندو؟ آزاد ميڊيا انهن جي بنيادي مسئلن کي هاءِ لائٽ ڪندي؟ سموسن جي وڌيل اگهه تي سوموٽو نوٽيس وٺندڙ اعلى عدليه ڀنگين جي جاءِ تي سفيد پوشن جي ٿيل غيرقانوني ڀرتين کي رد ڪري انهن پوسٽن تي فقط حقيقي صفائي ڪندڙ پورهيت مزدور عملي کي رکيو ويندو؟ سنڌ جا ساڃاهه وند به هن مسئلي تي آواز اٿاري پنهنجو فرض ادا ڪري خاڪروبن کي پنهنجو حق ڏياري سگهندا؟


    بٺا مزدور ۽ ڪنڀار

    هن ڪائنات ۾ انسان جي ارتقائي زمانن کان وٺي هيستائين فقط اها ڪوشش ئي سندس نسل جي بقاءُ ۽ بحالي جو مکيه سبب بڻيل آهي ته محفوظ ڪيئن رهجي؟ ساهه ڪيئن بچائجي؟ گرمين، سردين، لڪن، جهولن، ٻوڏن، طوفانن، بارشن سميت ٻين قدرتي آفتن ۾ زندگي جو تحفظ ڪيئن ممڪن آهي؟ خونخوار خطرناڪ جهنگلي جانورن جي حملن کان ڪهڙي ريت بچي سگهجي ٿو؟ باهه ۽ پاڻي زندگي لاءِ اهم به آهن ته خطرناڪ به آهن، انهن جي فائدن ۽ نقصانن بابت مڪمل معلومات ئي انسان کي جيون ڏئي سگهي. ٻيلن کي اوچتيون لڳل باهيون، تيز بارشون ۽ ٻوڏون گھڻو وقت تائين آڳاٽي انسان لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل رهيون. ارتقائي ماڻهو ته اوچتو آيل طوفانن، ٻوڏن، باهن سميت ٻين قدرتي آفتن جي فطري رازن جي اڻڄاڻائي سبب ڪروڙن جي تعداد ۾ موت جي ور چڙهندو رهيو. پر انهن مصيبتن، تڪليفن، ڏکن، ڏوجهرن مان جيڪو انسان پنهنجي جان بچائي محفوظ هندن تي پهتو تنهن ماڻهو انهن مسئلن تي واندڪائي ۾ ويهي سنجيدگي سان سوچيندي غور ۽ ويچار ڪرڻ شروع ڪيو ته آخر ٻوڏون، سيءَ ۽ گرميون ڪڏهن اينديون آهن، ڇو اينديون آهن؟ ڪٿان اينديون آهن؟ ٻيلن کي آگ ڪيئن ٿي وڪوڙي؟ طوفانن جا سبب ڪهڙا آهن؟ ۽ انهن سمورين قدرتي آفتن کان بچڻ جا طريقا ۽ اپاءُ ڪهڙا آهن؟
    انهن سوالن جي جوابن جي کوجنا، ڳولا، تجربن ۽ جستجو انسان کي باهه لڳڻ جي صورت ۾ ان کان دور رهڻ، ٻوڏن جي وقت ۾ انسان کي هيٺيائين وارن علائقن مان ڪڍي مٿائين وارا دڙا، ڀٽن ۽ جبلن تي آندو، جهنگلي جانورن جي اوچتن حملن کان بچاءُ لاءِ انسان جي دماغ ۾ هٿيار جو تصور آيو جنهن لٺ، ڌڪو، پٿر سندس ارتقائي هٿيار بڻيا. شديد گرمين جي صورت ۾ انسان ٿڌن علائقن، وڻن جا پاڇا، هوادار ميدان ۽ پوٺا وسايا، جسم ٺاريندڙ سياري ۽ تيز طوفانن کان بچڻ خاطر اوائلي انسان جبلن جي غارن، چُرن ۽ گھاٽن جهنگلن جي اوٽ ۾ پناهه ورتي، موسمياتي اثرن کان محفوظ رهڻ خاطر ان زماني جي انسان پنهنجي تن کي وڻن جي پنن، ڪکن ۽ جانورن جي کلن ۾ ويڙهي رکيو. گھاٽن جهنگلن ۾ لڪڙين ۽ ڪکن پنن جون عارضي جهوپڙيون پڻ انسان جا ارتقائي گهر هئا. اهي گهر اڃان تائين به هن جديد دؤر جي ڪروڙين خانه بدوش انسانن لاءِ ڇپر ۽ ڇانءَ آهن. پر جڏهن انسان صدين جا سفر طئه ڪندو اچي تهذيب يافته ٿيو. ته هُن پنهنجي رهڻي ڪهڻي جي طور طريقن کي پڻ تبديل ڪيو. هُن اتي رهڻ کي ترجيع ڏني جتي سندس حياتي محفوظ هئي، جتي قدرتي آفتن جي نقصان جو خطرو گھٽ هو.
    دنيا قدامت جي زمانن کان نڪري جديد ترقي جا پير تڏهن کنيا جڏهن هن ڪائنات ۾ تهذيبون اسرڻ لڳيون. ماڻهو “ماڻهپي” ۾ اچڻ شروع ٿيو ۽ يعني تهذيبن جو جُڙڻ ئي مهذبپڻي جي سفر جي شروعات هئي. هن دؤر ۾ ئي انسان کي رهڻ لاءِ محفوظ آشيانو اڏڻ جو خيال آيو. مٽي جا ڪچا گهر، جبلن جي پٿرن کي هڪٻي مٿان سٿي آڏا، ابتا، اڻ سڌا ۽ بي ترتيب ڪوٽ ۽ ديوارون اڀيون ڪري گهر ٺاهڻ جو شروعاتي تصور ڏنو ويو، اڄ جي دؤر جون محلاتون، بنگلا، فليٽ، محل، ننڍا توڙي وڏا، پڪا ۽ ڪچا گھر اوائلي ماڻهو جي ذهن ۾ “محفوظ گھر” ٺاهڻ واري سرجيل خيال جو خاص نتيجو آهن.
    دنيا جون آڳاٽيون تهذيبون موئن جو دڙو، مهر ڳڙهه، لاکين جو ڀِڙو، ڍولا ويرا، سميري تهذيب، بابل جي تهذيب، گنڌارا تهذيب، مصر جي تهذيب، گنگا جمنا ۽ سنڌو ماٿري جي ڪنارن تي پڻ تهذيبن جي اوسر ٿي جنهن قدامت کي جدت ۾ بدلائيندي دنيا کي ترقين جا قراقرم پار ڪرايا. ڪيترن ئي تهذيبن ۾ ڪچي ۽ پڪي سر جو رواج پئجي چڪو هو. غريب ماڻهو ته ڪچين ديوارن جا گهرن ۽ ڪارب ۾ ٺهيل ڪچين سرن جي گھرن گذارو ڪيو پئي. پر سرندي وارن ماڻهن بٺي جي پچايل سرن جا پڪا گھر ٺهرايا هئا. موئن جي دڙي سميت ٻين ڪيترين ئي شاهڪار تهذيبن مان کوٽائي دوارن پڪا گھر مليا آهن.

    سرون ٺاهيندڙ پورهيت بٺا مزدور
    ماضي جي تهذيبن مان سرن جي ماپ پڻ جدا جدا ملي آهي. ڪجهه سرون تمام سنهي سائز جون ۽ ننڍڙيون آهن، جيڪي سرون پراڻن ڪوٽن ۽ قلعن ۾ لڳل نظر اينديون ۽ جڏهن ته پنج ڪلو ۽ ان کان وڌيڪ ڳريون سرون به مليون آهن. اڌ گولائي واريون سرون جيڪي پڪن کوهن ۾ لڳنديون آهن سي ريگستاني علائقن کي لڳندڙ بئراجي علائقن ۾ قائم بٺن تي ئي ٺهن ٿيون. هن دؤر جا بٺا مزدور به مختلف ماپن جي سر ٺاهن ٿا جنهن ۾ نئون انچي، ڇاس، چونڪو (ڇت وارو ٽائل) ۽ سيمنٽ واري بلاڪ جي ڪاپي جي سر پڻ ٺاهي اٿن پر اها سِر ناڪام وئي آهي.
    هر قسم جي سر ٺاهڻ جي مزدوري ۽ وڪري جو اگهه به جدا جدا آهي. پورهيت ڪاربي هڪ هزار نئون انچي سِر پنج سئو روپين ۾ ٺاهي ٿو پر اها سِر پچڻ بعد اول ساڍا چار هزار، دوم ٻٽيهه سئو روپيا ۽ کنگهر (گھڻي پڪل سِر) چار هزار تائين في هزار سِر وڪامي ٿي. مزدور ڪاربي ڇاس (ڇهه انچي سِر) ساڍا ست سئو روپين ۾ هڪ هزار سِر ٺاهي ڏي ٿو پر ها سِر پچڻ بعد اول اٺ هزار دوم ست هزار ۾ وڪجي ٿي، محنت ڪش مزدور ڇت وارو چونڪو ساڍا نئون سئو روپيا في هزار ڪڍي ٿو پر اهو چونڪو بٺا مالڪ ڏهه کان ساڍا يارهن هزار ۾ وڪڻي ٿو. بٺن تي ڪم ڪندڙ به گھڻو ڪري سنڌ جون خانه بدوش جاتيون آهن جنهن ۾ اڪثريت ٿر جي ميگهواڙ، ڀيل، ڪولهي ۽ اوڏ جاتين جي آهي. ان کان علاوه ٻيون مسڪين برادريون به بٺن تي پيٽ گذر ڪن ٿيون جن ۾ ڀٽي، چوهاڻ ۽ بجير گھڻائي ۾ آهي. سنڌ جي بٺا مزدورن جي روزي کي افغاني پٺاڻ مزدورن پاران گھٽ ريٽ وٺڻ ڪري نقصان پهتو آهي، ان سبب بٺا پورهيتن جي اهميت پڻ گھٽجي وئي آهي. سنڌ جو بٺا مزدور هڪ سِر وارو ڪارب استعمال ڪري ٿو پر سر جي ميار کي بهتر رکي ٿو. جڏهن ته پٺاڻ پورهيت هڪ ئي وقت چار سِرون ڪڍڻ وارا ڪارب استعمال ڪن ٿا. جنهن ۾ سِر جو اهو ميار ۽ صفائي نٿي رهي ۽ نه ئي پٺاڻ مزدور مٽي کي مارين(چڱي ريت مٽي ڳوهين) ٿا چار سِرن جي ڪارب سبب سِرن جو تعداد ته وڌي ٿو پر اهي سِرون ايتريون مضبوط نه هونديون آهن. بٺا مزدور پڻ ليبر جي صورت ۾ ڪم ڪندا آهن، ان ليبر کان ڪم وٺڻ وارو جمعدار هوندو آهي. اهو جمعدار بٺا مالڪ توڙي مزدورن کان سِرن جي في هزار پويان ڪميشن وٺندو آهي. بٺا مزدورن ۾ به هارين جيئن گھڻي وقت کان ناحق قيد و بند جا قلم 491 وارا ڪيس ٿيڻ روز جو معمول بڻجي ويو آهي. هن ڪيسن سبب هاري، زميندار، مزدور ۽ بٺا مالڪن جو هڪٻي تان اعتماد وارو رشتو مڪمل طور ختم ٿي ويو آهي. جنهن ڪري پورهيت کي ملندڙ ايڊوانس رقم (تڪاوي، پيشگي، کڻت) وغيره جو رواج هاڻ سماپت ٿيندو وڃي. ڏهاڙي (ڊيلي ويجس) جو رواج عام جام آهي. اهڙي ريت بٺا مزدورن جي پورهيي جو حساب به هفتي تي ڪيو ويندو آهي. اڻسڌي طرح هڪ بٺي کان ٻي بٺي تائين پورهيت ڳري کڻت عيوض وڪرو ٿين ٿا. حيدرآباد ۽ آسپاس ۾ قائم ڪيل هاري ڪيمپن ۾ رڳو هاري ڪونه آهن انهن ڪيمپن ۾ بٺن تان آزاد ٿيل بٺا مزدور به رهن ٿا. ڪيمپن جي ڪامريڊن پاران مزدورن کي قلم 491 تحت آزاد ڪرائڻ واري رجحان سبب بٺن جي صنعت مستقبل ۾ ذوال پذير ٿيڻ جو انديشو آهي. بٺا مزدور فيڊريشن جي صدر ڪامريڊ پنهون ڀيل جو چوڻ آهي ته رات ڏينهن پورهيو ڪرڻ جي باوجود اٽو،لٽو، اجهو، علاج نه ملي، مزدور بک مرندي ڪيس نه ڪندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟
    دنيا کي پڪن گهرن، ماڙين، محلن، بنگلن، رستن، مندرن، مسجدن، ڪليسا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، آفيسن، قبرن، درگاهن، قيدن، جيلن، قلعن، چادر ۽ چوديوارين لاءِ پڪيون سرون ٺاهي ڏيڻ وارا مسڪين پورهيت پاڻ ڪکاڻين جهڳين ۾ رهن ٿا. انهن پورهيتن جون ته قبرون به ڪچيون هونديون آهن. ڪائنات کي محفوظ آرامده ۽ آسائشن سان ڀرپور رهائشگاهن لاءِ مضبوط پڪيون سرون ٺاهيندڙن جا سر تتل سج هيٺ سڙن ٿا. انهن جا ٻار ٻري ۾ ٻرن ٿا. هنن جو عورتون به ڪوڏرون هڻن ٿيون. هنن جي مستقبل جي هٿن ۾ ڪتابن بجاءِ ڪارب آهن. سندن آئيندو بٺي جي دونهين ۾ ڪاراٽيل آهي. هو رات جو ٽي وڳي اٿي پُسايل مٽي کي اوٿلا ڏين ٿا. پڙ صاف ڪن ٿا، واري وڇائن ٿا، مٽي جا پيڙا قطارين ٿا ۽ پوءِ سياري توڙي گرمي ۾ اُڀڪڻي ويهي سِرون ٺاهن ٿا، ٻي ڏينهن سِر سڪائڻ لاءِ اٿلائن ٿا. ترتيب سان سٿين ٿا. جتان ڳڻپ بعد گڏهن يا ريڙهن تي بٺِي يا چمني واري بٺيءَ تائين سرون خرڪار پورهيت پهچائن ٿا. انهن کي في هزار جي پويان هڪ سئو ڏهه روپيا ڀرائي ملي ٿي. جنهن بعد ڪيري ڇاري پکيڙڻ وارن پورهيتن جو ڪم شروع ٿئي ٿو جيڪي فقط اڍائي روپيه في هزار سِر تي مزدوري وصول ڪن ٿا. ان کانپوءِ نهايت ئي خطري وارو ڪم جلائي وارا مزدور سرانجام ڏين ٿا. جيڪي بٺي ۾ ضرورت موجب باهه جلائي رکڻ جا ذميوار آهن. بٺي جي ڪم ۾ اصل ڪم ته جلائي (باهه واري) پورهيت ڪاريگرن جو آهي. سنڌ ۾ جڏهن هيٽ اسٽروڪ جهڙيون دوزخي گرميون ٿين ٿيون تڏهن اهي ڪاريگر بٺي جي باهه جي مٿان پيا هلندا آهن. باهه جون ناليون برابر ڪرڻ خاطر ڪاٺيون، توريي جي ڪڏ، سارين جو توهه، مال جو ڀاڻ، ڪمند جي ٻوري سان باهه ڏئي سرون پچائيندا آهن. بٺي جي باهه ۾ ڪيتري تيز هوندي آهي؟ ان سوال جو جواب ڏيندي پورهيت پنهون ڀيل ٻڌايون ته “اگر مزدور جو پير ٿڙي وڃي ۽ مزدور باهه ۾ ڪري پوي ته چند سيڪنڊن ۾ ڪجهه به هٿ ڪونه ايندو، ٽنڊي حيدر لڳ هڪ بٺي تي پورهيت الهه بخش کوسو ۽ جمن ڊومڪي جو پير ٿڙي ويو کن پل ۾ رک بڻجي ويا ” هي ڪم تمام حوصلي، همت ۽ نهايت ئي هوشياري جو آهي. غلطي جي گنجائش بلڪل ناهي. هن ڪم ۾ هر غلطي کي زندگي جي آخري غلطي سمجهيو ويندو آهي. بٺي جي هڪ چڪر ۾ ساڍا ڇهه لک سِرون پچائي ڏيندڙ انهن پورهيتن کي فقط پنجونجاهه هزار مزدوري ملي ٿي، جنهن ۾ مستري سان گڏ پنج يا ڇهه پورهيت ٻيا به شامل هوندا آهن. جلائي وارا مزدور سخت ڪم سبب ٽي بي، دم، چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري عذاب جهڙو جيون گذارين ٿا. بٺي مان روز پنجاهه هزار جي لڳ ڀڳ سرون ٻاهر وڪرو لاءِ ڪڍيون وڃن ٿيون.
    هاري ته سماجي زندگي ۾ آزاد هوندا آهن پر بٺا مزدورن جي حياتي ان کان ڪجهه مختلف آهي. يعني بٺي جي ايريا ۾ اوپرو ماڻهو نظر آيو ته بٺي مالڪ جا گماشتا ان کان بار بار پڇاڻو ڪندا ته ڪنهن سان ڪم آهي؟ انهن کي وهم هوندو آهي ته سندن مزدور ڪنهن “ڪيمپي ڪامريڊ” جي ور ته ڪونه چڙهي ويا آهن؟ يا شايد ٻي بٺي واري سندن مزدور ڀڄائڻ لاءِ ڪو ماڻهو موڪليو هجي؟ تنهنڪري بٺي مزدورن تي بٺي مالڪن جي ڪڙي نظر هوندي آهي. سنڌ ۾ گھڻا بٺي مالڪ پٺاڻ آهن. جن ۾ ڪجهه ملڪي ۽ ڪجهه غير ملڪي افغاني آهن. تنهنڪري انهن جو مقامي پورهيتن سان رويو تمام ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
    سِرن جو اگهه ڏينهون ڏينهن آسمان تي چڙهندو وڃي پر سِرون ٺاهيندڙن ڪاربين جي پورهيي جو اگهه چُري ئي نٿو. سياري ۾ ٿڌي مٽي ۾ ڪم ڪرڻ سبب نمونيا ٿيڻ، ضرورت موجب کاڌو نه ملڻ، بيمارين جو سهي علاج نه ٿيڻ ڪري بٺا مزدور وقت کان اڳ پوڙاهپ ڏانهن وڌن ٿا. سندن ڏٻرا ڏيل ۽ ڏرا ڏنل اکيون ٻڌائن ٿيون ته سندن جيون ڪيڏو سکيو آهي؟ بٺا مزدورن جون سنڌ ۾ يونين به آهن. جيڪي پڻ وقت به وقت سندن لاءِ جدوجهدون ڪنديون آهن. سنڌي مزدور تحريڪ پڻ بٺا مزدورن جي مزدوري وڌائڻ لاءِ ماضي ۾ شاندار جدوجهد ڪئي آهي. پر بٺا مزدور يونين ۾ به بٺا مالڪن جا ڇاڙتا آل نال بڻيل آهن. جيڪي مزدورن جي حقن بجاءِ مالڪن جي مالڪي ڪن ٿا. اهو پورهيت جدوجهد جو وڏو الميو آهي. عالمي سطح تي پڻ ماضي جي پورهيت جدوجهدن کي ختم ڪرڻ خاطر انهن تحريڪن ۾ سرمائدار سامراج جا بڇيل ماڻهو مزدور اڳواڻن جي روپ ۾ ڪم ڪري رهيا هئا. اهرا کوڙ مثال موجود آهن.

    ڪنڀار
    مٽي جا ٿانءَ ٺاهي انهن کي پچائڻ جي ڪرت پڻ صديون پراڻي آهي. موئن جي دڙي سميت ٻين ڪيترين ئي تهذيبن مان ثابت ٿانءَ ۽ ٺڪريون پڻ مليو آهن. جن تهذيبن مان پڪيون سِرون ڪونه مليون آهن تن مان به مٽي جي برتنن جون ٺڪريون مليون آهن. ان مان ثابت ٿيو ته هي ڪرت سرن واري دؤر کان به جھوني آهي. هن وقت مٽي جي ٿانءَ جو ڪم ذوال پذير آهي پر ان ڪم جو ماضي تمام شاندار رهيو آهي. هي ڪم جو ڳوٺاڻين آبادين ۾ وڏو مرڪز هوندو هو. مٽي جا ٿانءَ ٺاهيندڙ ڪنڀر پنهنجن گھرن اڳيان آويون جوڙيندا آهن. لطيف سرڪار فرمايو آهي ته
    نهائين کان نينهن سک منهنجا سپرين،
    سڙي سارو ڏينهن ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
    ماضي ۾ سنڌ جي پارڪر جهڙن علائقن ۾ گهرن جي ڇت جا نريا پڻ ڪنڀر پچائي ڏيندا هئا. اهي نريا ڇت تي اهڙي ته ترتيب سان رکيا ويندا آهن جڏهن بارش وسندي آهي ته ان مان ايئرڪنڊيشن جهڙي ٿڌي هوا لڳندي آهي، پر برسات جي ڦڙي به اندر ناهي ايندي. اهڙيون جايون هاڻ فقط ننگرپارڪر ۽ ويراواهه ۾ وڃي چند بچيون آهن. شادي مُرادي ۽ مرڻي ۾ تر جا ڪنڀر ٺڪر جا ٿانءَ ٺاهي ڏيندا هئا. گھڙا، دِلا، مَٽ، ناديون، تس، ڦيليون، پاٽون، جنڊين جا پڙ، ڪوئنرا ۽ گلاس پڻ شامل آهن. جنهن جو معاوضو فصل لهڻ تي ساليانو ڏنو ويندو هو. اهو ڪيش جي صورت ۾ به هوندو هو ته اناج جي صورت ۾ به هوندو هو. هاڻ ڪنڀارڪو ڪم ٽامون، پتل، اسٽيل، پلاسٽڪ ۽ جست جا برتن ٺهڻ بعد ذري گھٽ پڄاڻي تي پهتو آهي. تڏهن ته ڪنڀار به اها ڪرت ڇڏي وڃي ٻين ڌندن کي لڳا آهن. سنڌ جي ڪنڀارن جي هنر کي سڄي دنيا ۾ نهايت ئي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. ٽنڊوباگو جي ماياناز ڪاريگر پورهيت محمد آچار ڪنڀار کي پڻ محترمه بينظير ڀٽو وڏي مڃتا ڏني. مٽي جي ٿانءَ ۾ کائڻ ۽ پيئڻ سان انسان ڪيترين ئي بيمارين کي بچي سگهي ٿو. هن ذوال پذير ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ سرڪار پاران ڪنهن به قسم جو اپاءُ ناهي ورتو ويو. جنهن ڪري مستقبل م هي ڪم ناياب ٿي ويندو.


    قبرون کوٽيندڙ مزدور ”گورکن“

    ڪائنات ۾ انسانن جي ارتقائي ۽ اڻسڌريل دؤر کان وٺي ترقي يافته تهذيبن جي اسرڻ ۽ سڌريل سماجن جي زماني تائين ماڻهو لاشعوري کان علم، ادب، شعور، سائنس جي جديد دؤر تائين مسلسل سوچ، ويچار، غور ۽ فڪر سان پاڻ سان لاڳاپيل معاشرتي تور طريقن، سماجي زندگي جي حالاتن، تهذيبن جي جُڙڻ کان پوءِ انساني سماج جي سمورن ريتن، رواجن ۽ رسمن ۾ وقت به وقت ڦيرڦار، تبديلي ۽ ترميم ٿيندي رهي آهي. ماڻهو هر زماني ۾ پنهنجي ذهن، ضمير، عقل ۽ شعور مطابق يقين، ايمان ۽ عقيدن جو تعين ڪندو رهيو آهي. يعني زميني حالتن جون سائنسي حقيقتون به انساني حياتي ۾ لاڳو هونديون آهن. اهي حالتون اڻٽر حقيقتن جو مثال بڻجي انساني زندگي جي ڪارهنوار سان منسلڪ ٿيڻ ئي فطري عمل آهي.
    انساني احساسن جون خوشي ۽ غم واريون محسوساتي ڪيفيتون ئي اظهار جو ذريعو آهن. اشارن ۾ ڳالهائڻ ۽ ڳالهه کي سمجهائڻ لاءِ آوازن تي ذور ڏيڻ، خوشي جي موقعن تي زوردار هڪلون ۽ آواز ڪڍڻ، غم ۽ تڪليف واري گھڙين ۾ وڏي دردناڪ آواز سان رڙيون ڪري مدد لاءِ ٻين کي متوجه ڪرڻ پڪارڻ جهڙن آوازن ۽ راغب ڪندڙ روين مان ڏکن ۽ سکن جي ڪيفيتن جو اندازو ٿيو. ماڻهو خوشي ۽ غم جو اظهار ڪهڙن اندازن ۾ ڪري ٿو؟ ان کي ڪيئن محسوس ڪري ٿو؟ ڪائنات ۾ وقت، حالتون، لقاءُ، تجربا ۽ واقعا انساني جيون ۾ تبديلين جو ڪارڻ آهن. اوائلي دؤر ۾ تهذبي زمانن کان به اڳ ماڻهو رت جي رشتن جي فطري لڳاءُ، ويجهڙائپ وارن ماڻهن سان محبت ۽ قرب جي قدرن سميت سڄڻ ۽ دشمن جي سڃاڻپ ڪرڻ لڳو هو. تهذيبي دنيا، مهذب معاشرو، سماجي قانون، قائدا، ضابطا، مذهبن جا اصول ٺهڻ کان اڳ ماڻهو ته مڪمل “ماڻهپي” ۾ قطئه ڪونه هو. جنهنڪري اڃان کيس اهو به يقين نه هو ته موت (فزيڪل ڊيٿ) ڇا آهي؟ موت کان پوءِ ان انسان جي جسد خاڪي کي ڪٿي رکجي؟ ڪيڏانهن ڪجي؟ اهو سوال لکين سالن تائين منجهيل رهيو هوندو. شايد ان اوائلي انسان کي اهو آسرو هوندو ته هي ماڻهو (جيڪو مري چڪو هو) شايد وري، گھمي، هلي، فري سگهندو؟ ڇو ته مختلف بيمارين ۽ حادثن ۾ ماڻهن جو بيهوش ٿيڻ يا ڪوما ۾ وڃڻ کانپوءِ ڊگهي بيهوشي جي عرصي بعد ٻيهر هوش ۾ اچڻ، ٺيڪ ٺاڪ ۽ نوبنو ٿيڻ جي واقعن ۽ تجربن بعد حقيقت ۾ مري ويل ماڻهو جي لاش کي به ٻيهر زنده ٿيڻ جي آسري تي اوائلي دؤر جا ماڻهو پنهنجي گھر ۾ رکيو ويٺا هوندا. پر جڏهن ماڻهو جو اهو لاش پراڻو ٿيڻ بعد پنهنجي اصل حالت بدلائي خراب ٿيڻ شروع ٿيو هوندو ته اها حالت ماڻهو جي سوچ ۽ ويچار جو سبب بڻي هوندي. اوائلي انسان سوچيو هوندو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ ماضي جي تاريخ ۾ بادشاهي گھراڻن جا لاش ٻيهر زنده ٿيڻ جي آسري ۾ محفوظ ڪري رکيا ويا آهن. آفريڪا جي عجائب گهرن ۾ اهي مميون اڃان به موجود آهن. انساني تاريخ جو وڏو الميو ته اهو هو جو انهن لاشن سان گڏ بادشاهي زندگي جي ضرورت جون سموريون شيون، سون، چاندي، ڪپڙا، کاڌي پيتي جون شيون ۽ خدمت چاڪري لاءِ نوڪرن کي به ماري سندن لاشن کي ڪيميڪل ۽ مسالا هڻي انهن سان گڏ محفوظ ڪيو ويندو هو. دنيا جي ڪيترن ئي هندن تي اهي محفوظ ڪيل مميون مليون آهن جيڪي هن وقت به موجود ۽ محفوظ آهن. روس جي انقلابي اڳواڻ ولادمير اوليانوف لينن جو لاش پڻ شيشي ۾ محفوظ ڪيل آهي. جنهن کي اڃان تائين دفنايو ناهي ويو.
    ماڻهو پنهنجيون حالتون تڏهن بدلائيندو آهي يا بدلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جڏهن ساڻس لاڳاپيل حالتون سندس مفادن جي ابتڙ بڻجي کيس نقصان ڏينديون آهن. ان نقصان کان بچڻ لاءِ ماڻهو “تبديلي” چاهيندو آهي. ان تبديلي ۾ سموريون سماجي حالتون لڏپلاڻ، سفر، شادي، جنگون وغيره اچي وڃن ٿيون. اوائلي زماني جي قديم انسان لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو هو موت ۽ زندگي جي شناخت ڪرڻ ۽ بيهوش ۽ حقيقي مري ويل ماڻهو جي فرق کي سمجهڻ، يعني ٻنهي حالتن کيس منجهائي ڇڏيو. پر جڏهن زمانن کانپوءِ کيس پتو پيو ته ماڻهو کي موت ايندو آهي ۽ ماڻهو مري ويندو آهي، پر ان مري ويل ماڻهو جي لاش کي ڪيڏانهن ڪجي؟ زمين ۾ پورجي، باهه ۾ ساڙجي، پاڻي ۾ لوڙجي، وڻ تي ٽنگجي، جهنگ ۾ ڇڏي اچجي، يا گھر ۾ رکجي؟ اوائلي ماڻهو اهي سمورا تجربا ڪيا. ڪنهن به هڪ ڳالهه تي متفق نه ٿيو. سمورا طريقا استعمال ڪيا ويا. ۽ اڃان تائين هلندڙ به آهن. پر سڀ کان مهذب طريقو لاش زمين ۾ دفنائڻ جو آهي. يعني مٽي وڃي مٽي سان ملي. لطيف سرڪار فرمائي ٿو
    جا ڀونءَ پيرين مون، سا ڀونءَ مٿي سڄڻين،
    دڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اڀي ڏٺاسون،
    ڏينهن مڙئي ڏون، اٿي لوچ لطيف چئي.
    ( جيڪا مٽي اڄ منهنجي پيرن جي هيٺ آهي، اها ئي مڻين مٽي (قبر جي مٽي) منهنجي سڄڻ جي مٿان آهي. هن ڪائنات جا مٿير مڙس قبر جي ڌوڙ ۾ لٽجندين اسان پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن. تنهن ڪري ڏينهن ڏون آهن، معني ته ٻه ڏينهن آهن هڪ ڏينهن هن ڪائنات ۾ اچڻ جو ۽ ٻيو ڏينهن هن دنيا مان وڃڻ جو ڏينهن، زندگي ٻن ڏينهن جي آهي تنهنڪري انهن ٻن ڏينهن ۾ لطيف سائين لوچڻ ۽ جاکوڙڻ جو درس ڏي ٿو)

    مزدوري تي قبرون کوٽيندڙ پورهيت
    سنڌ ۾ صدين کان وٺي لاش کڻي ويندڙ ڪانڌين جو ڪانڌپو جهلڻ، تدفين جا بندوبست گھڻي قدر مُقام جي آسپاس جا سخي ماڻهو سرانجام ڏيندا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هر قبرستان جي ڀر ۾ هڪ ٻه سخي ڏاتار ضرور هوندا آهن جيڪي بنان ڪنهن رشتيداري ۽ سڃاڻپ جي ڪانڌين کي ماني، چانهه سميت قبر جي کوٽائي لاءِ پڻ مدد ڪن ٿا. پر ملڪ جي وڏن شهرن سميت سڄي دنيا ۾ قبرون کوٽيندڙ پورهيت پڻ آهن جيڪي امير ماڻهن جي رشتيدارن جون قبرون سار سنڀال لهڻ عيوض پگهار وٺڻ سان گڏ انهن ۾ ڪا فوتگي ٿي وڃي ته پئسن عيوض قبر به کوٽي ڏيندا آهن. حيدآباد، ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، ملتان، فيصل آباد سميت ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود وڏن قبرستان ۾ اهڙا ڪيترائي قبرون کوٽيندڙ پورهيت نظر ايندا جيڪي ڪوڏرون ۽ رنبا رکيو جنازن جو انتظار ڪندا آهن. روزي ۽ موت ته گھرڻ جي شئي ئي ناهي، اهي شيون ملڻيون آهن. گھڙيا گھاٽ ڊهڻ ڪائنات جو فطري عمل آهي. زندگي سان گڏ موت جو ذائقو هر جيوت کي چکڻو آهي. پر هن ڪائنات ۾ ڪجهه پورهيت ماڻهن جي روزي جا ذريعا واقعي ئي عجيب آهن! جيئن قبرون کوٽيندڙ پورهيت گورکن آهن. انهن پورهيتن جي روزي ڪنهن جي موت سان منسلڪ آهي، انهن مزدورن جي روزي وڇوڙن سان واڳيل آهي، انهن محنت ڪش مزدورن جي وات جو گرهه روڄ راڙن سان لاڳاپيل آهي، انهن جون روزي لاءِ دعا به اڻسڌي طرح موت جي دعا آهن. هنن پورهيتن جي روزي سڏڪن ۽ اوڇنگارن سان ڳنڊيل آهي. قبرستانن ۾ ويٺل اهي پورهيت مزدور ڪڏهن ته خالي هٿين به واپس ويندا هوندا؟ تڏهن سندن ڪفيت ڪهڙي هوندي؟ تڏهن سندن دماغ ۾ ڪهڙيون سوچون ۽ ڳالهيون گردش ڪنديون هونديون؟ “مولا ! هن هيڏي ساري جهان ۾ هي پورهيت اڄ خالي هٿ پيو گهر وڃي” پر دنيا ۾ وڌي ويل بيمارين ۽ حادثن سبب گھڻو ڪري ڪو ڏينهن خالي ته ڪونه ويندو هوندو! قبر کوٽڻ جو اگهه ٻن هزارن کان مڙئي مٿي آهي. ڪو سرندي واري ماڻهو جو جنازو قبرستان تي کڄي ايندو آهي ته کين بنان گھرڻ جي چڱي مزدوري مليو وڃي ٿي. پر ننڍڙن ٻارڙن جون قبرون هو گھٽ پئسن تي کوٽي تيار ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته پورهيتن سان اهڙا واقعا به ٿيندا آهن وڏي محنت سان قبر کوٽي مڪمل مس ڪندا آهن ته ان ۾ ٻي قبر نڪري پوندي آهي يا کوٽيل قبر زمين جي سيلاب سبب ڊهي پوندي آهي. ان صورت ۾ کين ٻيڻي محنت ڪرڻي پوندي آهي. هڪ ئي قبرستان ۾ قبرون کوٽيندڙ پورهيت گھڻا هئڻ ڪري ڪاپيٽيشن سبب اگهه گھٽجي وڌ به ٿي ويندو آهي. پر ان دنڌي ۾ به گھڻو ڪري سماجي واسطو وڏو ڪم ڏيندو آهي. موت جو اطلاع ملندي ئي قبرون کوٽيندڙ مزدور قضيي واري گھر پهچي ويندا آهن. اتان قبر کوٽڻ جي منظوري وٺي، فوتي جي ڪنهن گھرڀاتي کي ساڻ ڪري قبرستان تي پهچي قبر جي جاءِ جي نشاندهي ڪرائي قبر کوٽڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو آهي. انهن ئي گورکن ۾ قبرون پڪيون ٺاهي ڏيڻ وارا ڪاريگر رازا به موجود هوندا آهن.
    پر سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پئسن تي قبرون کوٽڻ وارو رواج ڪٿي به ناهي، هي دنڌو فقط وڏن شهرن ۾ آهي، ٻهراڙين جا هاري پورهيت اهو ڪم خدا ڪارڻ ثواب خاطر ئي ڪري ڏيندا آهن. جهڏي ٽائون ڪميٽي جو وائس چيئرمين حاجي عمر دراز قائمخاني به پنهنجي جواني جي ڏينهن کان اڄ تائين جهڏو شهر جي قبرستانن ۾ خدمت خلق جي جذبي سان خدا ڪارڻ قبرون کوٽي ڏيندو آهي. حاجي عمر دراز قائم خاني شهر ۾ فوتگي جو اطلاع ملڻ بعد پنهنجا سمورا ڪم ڪار ڇڏي سڌو قضيي واري گهر پهچي وارثن سان ملي قبر کوٽڻ لاءِ اوزار کڻي قبرستان ڏانهن روانو ٿيندو آهي. گذريل پنجويهه سالن ۾ جهڏو جي قبرستانن ۾ گھڻيون قبرون هن سماج سڌارڪ جون کوٽيل آهن. هي فقير منش ماڻهو هن ڪم کان سواءِ جهڏو ۾ رت جي عطيي لاءِ پڻ سرگرم رهيو آهي. هو ضرورتمند مجبور ماڻهن کي رت جا مشڪل گروپ به هٿ ڪري ڏيندو آهي. هن کي جهڏو جي ماڻهن جا بلڊ گروپ به ائين ياد آهن جيئن هن کي قبرستانن ۾ قبرون ياد آهن. شايد وارثن کي پنهنجن پيارن جون قبرون وسري وڃن پر حاجي عمر دراز کي قبرون ياد هونديون آهن ته ڪهڙي ذات ۽ ڪهڙي خاندان جي ماڻهن جون آخري آرامگاهون ڪٿي آهن؟ هن جو چوڻ آهي ته عهدا ۽ اقتدار اچڻيون وڃڻيون ۽ عارضي شيون آهن. پر انسان جو ڪردار ياد رهندو. خلق خدمت فقط “انسانيت” جي ناتي ڪرڻ گھرجي. قبر کوٽڻ دوران پورهيت گورکن جي جان جوکي ۾ هوندي آهي. قبر ڪِرڻ جو خطرو، سخت گرمي ۾ ساهه ٻوساٽجڻ، هيٽ اسٽروڪ رات جي اونڌاهي ٻاٽ ۾ ڪوڏر ۽ رنبن سان سندن هٿ پير به سخت زخمي ٿين ٿا. هي پورهيت ته هر موسم ۾ حاضر هوندا آهن. مينهن، واه، طوفانن، گرمين ۽ سردين سميت ڏينهن توڙي راتين جو کين جڏهن به حڪم ٿئي ته هي مزدور پنهنجي پگهر جي پورهيي سان قبرون کوٽي پيٽ گذر ڪن ٿا. مهانگائي جي زماني ۾ سندن گذران مشڪلاتن سان ٿئي ٿو. هنن جا معصوم ٻار (روشن مستقبل) به قبرن جي قطبن ڀر ۾ رانديون ڪن ٿا. هي پورهيت ته عيد جي ڏينهن تي به ڪو جنازو آيو ته قبر کوٽي ڏيندا آهن. پگهر جو پورهيي سان قبرون کوٽي پيٽ گذر ڪندڙ هڪ پورهيت جو چوڻ هو ته “ڪڏهن ڪڏهن گھڻا جنازا اچڻ ڪري چڱي روزي ملي ويندي آهي، پر ڪڏهن ته موڙي به هوندي آهي، گذريل هفتي جا سڄا ٽي ڏينهن خالي ويا ” سنڌ جي ڀلوڙ ليکڪه ميڊم نورالهدى شاهه جي ڪهاڻي “گورکن” ۾ به هن ڪِرت سان سلهاڙيل درد دل سان محسوس ڪري سگهجن ٿا. مهذب سماجن ۾ هنن پورهيتن کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. پر گھڻو ڪري هنن پورهيتن سان هن سماج جو رويو افسوسناڪ هوندو آهي. هنن پورهيتن جي حقن جي ڳالهه ڪنهن پورهيتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽي جي پروگرام ۾ شامل؟ هنن جي مسئلن بابت پورهيتن جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ ۽ پروجيڪٽ وٺندڙ اين جي اوز يا ادارو ڪجهه ڪري سگهندو؟ هي پورهيت ڪنهن کي ياد آهن؟ هنن لاءِ ڪير آواز بُلند ڪندو؟ خود سرڪار سڳوري وٽ هنن پورهيتن لاءِ ڪهڙي سنجيدگي جي سوچ آهي؟


    مڇي ماريندڙ مهاڻا، سامونڊي پورهيت

    ڪائنات ۾ اوائلي ماڻهو ارتقائي تبديلي جا لاتعداد مرحلا طئه ڪندو مسلسل اڳتي وڌندو رهيو. ڪروڙين تجربا ۽ تحقيقن سان سندس جيون گذارڻ جي طريقا پڻ وقت به وقت تبديل ٿيندا رهيا. پر انساني ذهن جي جاکوڙ جو ڪٿي دنگ نه آيو. مسلسل تجربا ۽ انهن تجربن مان حاصل ٿيندڙ درست تجربي کي “سائنس” جو نالو ڏنو ويو. ڌرتيءَ تي انسان جي لکين سالن جي حياتي بعد اڄ به اهي تجربا ۽ تحقيقون جاري آهن. ماڻهو پاڻي مان نڪرندي نڪرندي اڀو ٿي هلڻ سکي ويو ته وري پاڻي پار ڪرڻ جا وسيلا ايجاد ڪري وري به پاڻي ڏانهن وريو. جهنگ، پٿر، ميدانن جي حياتي کان ڳوٺ ٻڌڻ ۽ شهر آباد ڪرڻ تائين ترقين جا ڪيترائي سفر مڪمل ڪندو اچي هن جديد سائنس ۽ تيزترين ٽيڪنالوجي جي زماني ۾ داخل ٿيو آهي. ماديت ڇا آهي؟ جدلي ماديت ۽ تاريخي ماديت ڇا آهي؟ بليڪ هول ۽ بگ بينگ ڇا آهي؟ ڌرتيءَ کانسواءِ ٻيون ڪائناتون ڪهڙيون آهن؟ انهن تي جيوت جو ساهه کڻڻ ممڪن آهي؟ ٻين سيارن تي ڇا وهي واپري پيو؟ اها کوجنا ئي دنيا ۾ ترقي جو اهم سبب بني آهي. ڊي اين اي کان ڪلونگ تائين سائنسي ترقي دنيا کي سائنس جي انقلاب سان آراسته ڪيو آهي. انساني ذهن جي ڪروڙين ڪاميابين جن هن ڪائنات ۾ انساني حياتي جي ڏکن، سورن ۽ تڪليفن کي دور ڪري آسان سک ۽ آسائشن جو زمانو آندو. پر ان سڄي جاکوڙ ۾ انسان جيڪو ڪم نه ڪري سگهيو سو آهي “پيٽ” جي دوزخي باهه کي اجهائڻ جو مستقل حل. ان باهه ۾ ڪائنات ڌرتيءَ جو مسڪين ۽ پورهيت انسان لکين سالن تائين نسل در نسل ان باهه ۾ سڙندو رهيو.
    “ميلو لڳو ئي کٿو چوري ٿيڻ لاءِ هو” سو هي انساني تاريخ جي سموري جاکوڙ پيٽ کي چتيون لڳائڻ لاءِ ڪئي وئي. پر هيڏي جاکوڙ، جستجو ۽ جدوجهد کانپوءِ به اهو “معمولي” ڪم اڄ به اڻ مڪمل رهجي ويو آهي. انسان اڄ به پيٽ جي خفي مان آجو نه ٿي سگهيو آهي. انساني جيون ۾ پيٽ جي آگ اجهائڻ خاطر اناج، ڀاڄين ۽ ڦلن کانسواءِ شڪار به اهم حيثيت رکي ٿو. جهنگلي جانور جي شڪار کان ويندي مڇي جي شڪار تائين پورهيت انسان پيٽ ڀرڻ جا پاپرا ڪندو رهيو آهي. اوائلي انسان به شڪاري هو ته اها ڪرت جديد انداز سان اڄ به جاري آهي. جن جانورن ۽ پکين کي ساڪر ڪري خوارڪ بڻايو ويندو هو اڄ انهن جا فارم کولي خوارڪ پيدا ڪئي وڃي ٿي. پاڻي جي ڍنڍن، ڍورن، تلائن، درياهن سمنڊن ۾ مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻو (مڇي ماريندڙ) هن ڪائنات جو محنت ڪش مزدور آهي. مڇي جي صنعت به فارمنگ سسٽم جي ڪري سرمائدار جي ذاتي ملڪيت بڻجي وئي آهي. جتي پورهيت هاڻ رڳو هڪ مزدور جي حيثيت ۾ ڪمائي ٿو، باقي مڇي جي شڪار تان پورهيت مهاڻي جا مالڪاڻا حق ته گھڻو اڳ غصب ٿي چڪا آهن. پورهيت مهاڻو پاڻي مان رڳو مڇي نٿو ماري پر پاڻي جون سموريون سوغاتون قُم، ڪوڻيون، پٻڻ، ٻوراني، بهه سميت پاڻي جا پکي چيخلو، ڊگوش، نيرڳي، آڙين سان گڏ مڇي جا ڪيترائي لذيذ قسم ڏنڀرا، کڳا، ڄرڪا،گندڻ، سينگاريون، موراکي، پوپري، ٿيري، پلو، ڪرڙو، گلفام، سلور، گراس، ديا، رڙو، بهڻ، منڍو ۽ لوڙ مڇي شڪار ڪري انسان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ آڻي ڏي ٿو. مڇي جا ٺيڪا کڻڻ جو ڪم ان پورهيت جي وس جي ڳالهه ناهي پر مڇي ماريندڙ پورهيت انهن ٺيڪيدارن وٽ مزدوري تي پورهيو ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. سندس مزدوري مڇي جي في مڻ جي حساب سان به هوندي آهي ته ڏهاڙي به مقرر ٿيل هوندي آهي. في مڻ ٽي سئو ۽ ڏهاڙي ٽي کان پنج سئو تائين آهي. جيترو ڪم هوندو اوتري مزدوري ملندي آهي. مهاڻن جي حياتي جي عڪاسي لطيف سرڪار سُر ڪاموڏ ۾ ڪري ويو آهي. ان سُر ۾ مهاڻن جي زندگي جا ڏک، سور ۽ خوشيون پسي سگهجن ٿيون.
    ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اڀو ڪري ان سين.

    مڇي ماريندڙ اهي پورهيت پيٽ گذر خاطر سيارن توڙي انهارن ۾ پاڻي جي اٿاهه گهرائن ۾ رڇ پکيڙين ٿا. هنن جون راتيون ۽ ٻيڙين ۾ گذرن ٿا. هنن جا گھر، گھاٽ ۽ ڳوٺ به ٻيڙين ۾ آهن. هو پيدا به ٻيڙين ۾ ٿيا آهن، بچپن جون رانديون به ٻيڙين ۾ ڪيون، هنن تي جواني به ٻيڙين ۾ جڙي آهي. ته هو جهور پوڙها به ان محدود ٻيڙي جي وسيع عميق ۾ ٿين ٿا.
    ٻيڙي جي ڀڻن، نيهن نه ڪجي تن سين،
    اڀيون ڏنڀ ڏسن، جُه سڙهه ڏيئي سير ٿيا.
    هنن کي پاڻي جي لهڻ ۽ چڙهڻ، شڪار جو سمو سامهون اچڻ يا مندي جو به تجربو آهي. هو الله توهار ڪري ٻيڙي جا ونجهه جهلين ٿا ۽ رڇ اڇلائن ٿا. مڇي ماريندڙ پورهيت مهاڻن جا مرڻا ۽ پرڻا به ٻيڙين ۽ ٻيٽن تي ٿين. هو رڳو لاش دفنائڻ لاءِ سُڪي تي اچن. سندن ڄڃون ٻيڙين ۾ ئي قطاريون وڃن ٿيون. ان جيون کي انسان جي آب حياتي چئي سگهجي ٿو.
    هيٺ جر، مٿي مڃر، پاسي پرين سندا م،
    ڪوڙيين ڪاڄ سڌام، اڻ سڌو ڪونه رهيو.

    هيٺ جر مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪونر ترن،
    ورئي واهوندن، ڪينجهر کٿوري ٿئي.
    پورهيت مهاڻن ۾ تعليم جي شرح تمام گھٽ هجڻ ڪري انهن جا نسل اڻپڙهيل ۽ اٻوجهه آهن. هنن پورهيتن جي سماجي زندگي تمام پرامن آهي. ڳالهه رڳو سنڌ جي پورهيت ملاحن جي ناهي پر سڄي دنيا جي مزدورن جئين دنيا جي مهاڻن جا به ساڳيا ڏک، سور ۽ مسئلا آهن. انهن ماهيگيرن جي مامرن کي حل ڪرڻ لاءِ فشر فوڪ فورم جهڙيون مضبوط تنظيمون پڻ آهن. جتي محمد علي شاهه جهڙا کاهوڙي ماڻهو به آهن. پر سرڪار پاران ماهيگيرن جي مسئلن بابت عدم دلچسپي، ٻيت نيلام ڪرڻ، شڪار جي مختلف رڇن تي پابندي، مهانگا ٺيڪا ۽ ڳرا ٽيڪس هن ڪاروبار لاءِ جيئن پوءِ تيئن مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهن. تنهنڪري هي ڪرت به پورهيت مهاڻن جي پيٽ گذر لاءِ پريشاني جو سبب بڻجندي وڃي آخري پساهن تي پهتي آهي. مهاڻن جي گذر جا اهم ذريعا منڇر ڍنڍ، ڪينجهر ڍنڍ، سونهري ڍنڍ، هاليجي ڍنڍ، سومري ڍنڍ، مکي ڍنڍ سميت سنڌ جون ٻيون ڪيتريون ئي اهم ڍنڍون پاڻي جي کوٽ سبب تباهي ڪناري پهچي چڪيون آهن. جنهنڪري انهن ڍنڍن ۾ مڇي ماري پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت مهاڻا پڻ فاقاڪشي واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن.

    سامونڊي
    هن ڌرتيءَ جي چوطرف وسيع سمنڊ آهي. انسان پنهنجي عقل سان ان سمنڊ سان سينو ساهيو آهي. توڙي جو ان عمل ۾ انسانن جا ڪيترائي ٽائٽانڪ لکن ماڻهن کي ٻوڙي ويا آهن. جنهن سمنڊ کي ڏسندي ئي دل دهلجي وڃي ٿي ان سمنڊ کي انسان پار ڪيو آهي. سمنڊ جي ڌار دنيا آهي. ان دنيا ۾ ٻيڙا، لانچون ۽ جهاز پورهيتن مزدورن سان سٿجي مهينن جا مهينا روزي جي آسري تي سمنڊ منهن ڪن ٿا. وسيع دنيا جي گھاٽ گھاٽ جو پاڻي پيئن ٿا. انهن ساموندي پورهيتن ۽ سندن گھرڀاتين جي ڏکن، سورن، درد ۽ وڇوڙن جي ڪرڀناڪ ڪيفيتن کي لطيف سرڪار جي سُر سامونڊي ۾ پسي هينئڙو لوڻ ڪري سگهجي ٿو. سامونڊي جهازن ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيت اڄ جي جديد د‍ؤر ۾ انجڻن وارن جهازن جي ڪري ونجهه هلائڻ واري عذاب کان آجا ٿي پيا آهن. نه ته زمانا اڳ خريد ڪيل غلامن کان ڏينهن رات ونجهه هلرايا ويندا هئا.گھڻا پورهيت ته رات ڏينهن ونجهه هلائي ٿڪي، ٽٽي اتي ئي دم ڏيندا هئا. سندن نسل ونجهه هلائيندي هلائيندي موت جو شڪار ٿي ويا. سامونڊي جهازن تي پورهيو ڪندڙ مزدور رڳو مڇي جو ڪم ڪونه ٿا ڪن پر اهي پورهيت ته “قر ڦل، ڦوٽا،پارچا، پاڻيت پاتائون” جيئن ماضي ۾ سندن ڪم بابت لطيف سرڪار فرمائي ٿو
    سي پوڄارا پر ٿيا، سمنڊ سيويو جن،
    آندئون عميق مان، جوتي جواهرن،
    لڌائون لطيف چئي، لالون مان لهرن،
    ڪانهي قيمت تن، ملهه مهانگو ان جو.

    پورهيت سامونڊين جي جيون جي اڻانگي سفر، مشڪلاتن، سمنڊ جي خطرناڪ ويرن کي لطيف سائين جي سُر سامونڊي ۾ محسوس ڪري سگهجي ٿو.
    اونهي ۾ اوهري، جڏهن ويا جي،
    موٽي ماڳ نه آيا، ماءِ! سامونڊي سي،
    کارو تنين کي، جيڪس وه وري ويو!
    سامونڊي پورهيتن جي غربت، هيڻائي، نئين پرڻيل لاڏين جا پنهنجي سامونڊي گھوٽن کان ڊگهين جداين جا اندر ساڙيندڙ درد فراق، وڇوڙن جا وڍ به پاڻي جي هنن پورهيتن جو نصيب بڻيل رهيا آهن. سمنڊ اندر پنهنجن پيارن جي ياد انهن پورهيتن کي ڪيڏو ستائيندي هوندي. وڇوڙي جي ان ڪيفيت جو تصور به نازڪ مزاج ماڻهن جي نير وهائڻ لاءِ گھڻو آهي.
    سيئي جوڀن ڏينهن جڏهن سڄڻ سفر هليا،
    رئان رهن نه سپرين، آيل ڪريان ڪيئن؟
    مونکي چاڙهي چيئن، ويو وڻجارو اوهري!

    سر نسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين!
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ! سهسين سُکائون ڪيون.
    سمنڊ ۾ پورهيو ڪندڙ پورهيت حادثن جو شڪار ٿين ٿا، بيمار ٿين ٿا، زخمي ٿين ٿا. پر سندن لانچ ۾ صحت جون جيڪي سهولتون هونديون آهن سي ئي کين ملنديون. کين ايمرجينسي بنيادن تي علاج جون سهولتون نٿيون ملن جنهن ڪري اهي پورهيت زندگي ۽ موت جي ٻه واٽي تي سيٺن جي رحم ڪرم تي هوندا آهن. ٺيڪيداري سسٽم سبب سندن مزدوري جا اگهه به پورهيت پاڻ نٿا مقرر ڪري سگهن. سندن پورهيي جو ناڻو سرمائيدارن جي هٿن ۾ آهي. انهن پورهيتن جا ڀاتي ته فقط سندن خير سک سان موٽي اچڻ جون دعائون گھرن ٿا.
    اڀيون تڙ پوڄين، وهون وڻجارن جون،
    آڻيو اکا ڏين، کٿوري سمونڊ کي.
    کاري جا کيڙائو پورهيت رڳو پيٽ گذر خاطر زندگي جا بدترين عذاب ڀوڳيندي اهي پورهيت ڪڏهن ڪڏهن غيرملڪي حدون ڀُلجي اورانگڻ جي ڏوهه ۾ پاڙيسري ملڪن جا قيدي بڻجي جوانيون جيلن ۾ گھارين ٿا. پاڙيسري ملڪن جا تعلقات بهتر هجن ته سندن آزادي ممڪن بڻبي آهي نه ته ٻنهي پاسن جا مهاڻا قيد و بند جا عذاب ڀوڳين ٿا. هيستائين به سنڌ جي لاڙ پٽي جا لاتعداد سامونڊي پورهيت ڀارت ۾ قيد آهن. مُئي (موت) جو هڪڙو سور هوندو آهي پر پنهنجن پيارن جو جيئري وڇوڙي روز ماري ۽ جياري ٿو. وس وارا ادارا ۽ سرڪار سڳوري کي سامونڊي پورهيتن سان منسلڪ مسئلن بابت سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي ۽ سندن مسئلن کي تڪڙن بنيادن تي حل ڪرڻ گھرجي ته ماهيگيري جي ڪرت ذوال کان بچي سگهي. پورهيتن جي روزگار جو هي شاندار وسيلو تباهي کان بچي سگهي.
    چمڪيو چوڌار، ڌڄون ڌاڙيچن جون،
    ماءِ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
    انين جي پچار، ڪالهو نڪر ڪانگ ڪري.


    محنت ڪش معصوم ٻار

    ڪائنات ۾ سمورا ساهه وارا نسلن جي بقاءُ جي جنگ جوٽين ٿا، ڪي ان ۾ جيت حاصل ڪن ٿا ڪي هارجي فنا ٿي وڃن ٿا. فطرت جا عجيب لقاءُ آهن جنهن تحت حياتي جي ان جنگ جي پُڄاڻي ۾ اهو وجود پاڻ کي فنا ڪري ٻين کي جيئندان ڏيئي ويندا آهن. هڪ وقت سوين ٻچا پيدا ڪندڙ مادي ڀٽونڙي ٻچن کي جنم ڏيڻ دوران پُٺن کان ڦاٽي موت جو شڪار ٿي ويندي آهي. ڪڻڪ جو داڻو يا ڪوبه ٻج زمين ۾ پوکڻ سان اهو داڻو خود ختم ٿي هڪ نئين ٻوٽي کي جنم ڏي ٿو. جنهن مان وري ان نسل جا لاتعداد ٻج پيدا ٿيندا آهن. اهو عمل “نفي جي نفي” جو عمل آهي. هڪ نسل ان لاءِ زندهه رهي موت ڏانهن وڌندو آهي ته جيئن سندن ايندڙ نسل زندهه رهي پنهنجي نسل جي بقاءُ جي جنگ وڙهي پنهنجو وجود بچائي سگهن. هن پرٿوي تي انسان پنهنجي وجود جي بقاءُ لاءِ پنهنجي نسل کي نهايت ئي وڏين مشڪلاتن، ڏکن ۽ تڪليفن سان پالي وڏو ڪندو آهي. انسان کي پيدا ٿيڻ کان مرڻ تائين زندگي جا ڪيترائي اهم مرحلا طئه ڪرڻا پون ٿا جنهن ۾ ٻالڪپڻ، جواني ۽ پوڙهائپ شامل آهن. جيون ۾ ٻالڪپڻ وارو نهايت ئي اهم مرحلو هوندو آهي. ان وقت نازڪ حياتي ۾ ٿوري به ڪوتاهي موت ڏانهن کڻي ويندي آهي. پر والدين جي پرورش، تعليم ۽ تربيت ان انساني وجود کي دنيا جو ڪامياب ماڻهو بڻائيندي آهي. دنيا جي سمورن تهذيب يافته سڌريل معاشرن ۾ معصوم ٻارن کان ڪوبه پورهيو نه ڪرايو ويندو آهي. باشعور سماج ۾ انهن ٻارن کي فقط بهترين تعليم ۽ تربيت ڏئي مستقبل ۾ سماج جو ذميوار فرد بڻايو ويندو آهي. پر دنيا جي خطي ۾ جيڪي غريب ملڪ آهن جتي جي عوام غربت جي لڪير کان هيٺ واري حياتي گھاري ٿي، انهن ملڪن جا معصوم ٻار پڙهڻ ۽ کيڏڻ واري ڄمار ۾ سخت جسماني پورهيو ڪري پنهنجي گھر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪن ٿا. اهي پورهيت ٻار پنهنجي نشائي پيءُ جي منشياتي اِلت پوري ڪرڻ لاءِ به سخت جسماني محنت ڪن ٿا، انهن محنت ڪش ٻارن لاءِ يتيمي به سخت جسماني جبري پورهيي جو اهم سبب بڻيل هوندي آهي. اسان جي سماج ۾ آسپاس نظر گھمائيندا ته توهان کي ڪيترائي ننڍڙا، پتڪڙا معصوم ٻار هوٽلن تي بيراگيري، ٽائر پنڪچر جو ڪم، واڍڪو دنڌو، گاڏين جي گيريجن تي ڪم، ڪاغذ، گتا چونڊيندي، پالش ڪندي، گل، ڪتاب، اخبارون، جوس، بوتلون، چپس، فروٽ وڪڻندي، سرن جي بٺن تي مائٽن سان گڏ سرون کڻندي، مختلف دڪانن تي مزدوري ڪندي، گاڏين جي صفائي، بسن، ٽرڪن، ڊاٽسنن تي هيلپري ڪندي، ڪاٺيون وڍندي، ٿر ۾ قائم قالين جي کڏين تي قالين ٺاهيندي نظر ايندا آهن. اهو ڪم اهي ٻار خوشي ۾ نٿا ڪن. پر اهو ڪم غربت سبب پيٽ گذر جي مجبوري ڪرائيندي آهي. جنهن ڪري هن سماج ۾ کين در در جون ٺوڪرون، سيٺن ۽ استادن جون جھڙٻون ۽ مارون کائڻيون پون ٿيون. هن سماج جا ڪيترائي جنسي بگهڙ سندن مجبوري ۽ معصوميت جو ناجائز فائدو کڻندي کين جنسي حوس جو نشانو بڻائن ٿا. غريبن جا اهي پورهيت ٻار منسيات جي اسمگلنگ ۽ جنسي مفادن خاطر اغوا ٿين ٿا. انهن کي درگاهن ۽ شهرن ۾ پنائڻ لاءِ به اغوا ڪيو ويندو آهي. خيرات خاطر انهن اغوا ٿيل ٻارڙن جا بي حس وحشي درنده هٿ پير ڀڃي معذور بنائن ٿا. اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا جي زينت پڻ بڻجنديون رهنديون آهن. پر انهن مسئلن تي عارضي ايڪشن کان سواءِ ڪڏهن به انهن معصوم دشمن عملن جي روڪٿام لاءِ مستقل حل نه ڪڍيو ويو آهي. جنسي ۽ جسماني تشدد سبب ڪيترائي معصوم ٻار ذهني ۽ جسماني معذور بڻجي ويندا آهن ته ڪي موت جو شڪار به ٿي ويندا آهن.
    ٿر ۾ قالين ٺاهڻ لاءِ قائم ڪيل سرمائدارن جي کڏين تي ڪم ڪندڙ معصوم پورهيت ٻارن کي سندن والدين غربت سبب “ايڊوانس” پئسن جي کڻت عيوض کڏي مالڪن جي حوالي ڪري ايندا آهن. اهي ٻار والدين جي نظرن کان اوجهل، محبت جي روين کان ڏور، داٻن ۽ دڙڪن وارو جيون روئي، رڙي سڏڪي گذارين ٿا. جتي ڪير به سندن مٿي تي هٿ رکڻ وارو نه هوندو آهي، جتي ڪير به کين پرچائڻ وارو نه هوندو آهي، جتي تيز بخار ۾ سندن مٿي تي پاڻي جي پٽي رکڻ وارا هٿ نه هوندا آهن. اتي ته فقط اهي پٿرن جهڙا هٿ هوندا آهن جيڪي معصومن جي ڳلن تي ڳاڙها نشان ڇاپيندا آهن، انهن سرمائدارن کي ته بس ڪم کپي، انهن سيڙپڪارن کي ته فقط رنگين قالين وقت تي تيار گھرجن، انهن سيٺن کي خبر آهي ته هن ملڪ جي قانون ۾ معصوم ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائڻ ملڪي قانون جي خلاف ورزي آهي، پر علائقائي انتظاميه جي آشيرواد سان قانون جي خلاف اهو سڀ ڪم لڪ ڇپ ۾ هلي پيو. قانون جا وڏا هٿ انهن سيٺن جي گريبان تائين ڪڏهن به ڪونه پهتا آهن. جيڪي ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائي انهن کي ساهه، دم ۽ الرجي جي خطرناڪ بيمارين ۾ سموري حياتي لاءِ مبتلا ڪري رهيا آهن. ٿر ۾ قائم قالين جي کڏين تي معصوم بار اڻسڌي ريت ناحق قيد و بند ۾ باندي بڻايل آهن. انهن کڏين تان هن ڪائنات جو حسين ۽ خوبصورت مستقبل ڪڏهن بازياب ٿيندو؟ انهن گيريجن تان معصوم ٽهڪ ڪڏهن آزاد ٿيندا؟ انهن هوٽلن ۽ بيڪرين تان ڪائنات جو حُسن ڪڏهن جند آجي ڪرائيندو؟ انهن بس اڏن تان معصومن جون باندي نهارون ڪڏهن پوپٽن کي پسنديون؟ کٿا اڻڻ واريون پتڪڙيون آڱريون ڪڏهن رنگين بلورن سان کيڏنديون؟
    انهن پورهيت ٻارن جون تڪليفون هن سماج جي مهذبپڻي تي ٽِڪو آهن. ٻارن جا اهي سور هن سماج لاءِ ناسور آهن، انهن معصومن جا درد هن دنيا ۾ “انسانيت” تي ٺٺولي ۽ مذاق آهن، انهن جا ڏک هن پرٿوي تي ڏوراپو آهن. انهن ننڍڙن جا وڏا عذاب هن ڪائنات ۾ ماڻهپي تي چٿر لڳن ٿا. انهن معصوم پورهيت ٻارڙن سان ٿيل عصمت دري جا واقعا تهذيب يافته سماج جي پت پڌري ڪن ٿا. پيٽ گذر خاطر پورهيو ڪندڙ انهن مزدور ٻارڙن سان ٿيل جنسي ڏاڍاين جهڙيون عقوبتون انساني حقن جي علمبردار ادارن کي به وائکو ڪن ٿيون. امداد حُسيني جو هي شعر هن سماج ۾ ٻارن جي زندگي جي حالاتن جي چٽي عڪاسي ڪري ٿو.

    اڻڀا اڻڀا وار انهن جا، سڻڀا سڻڀا ڳل
    رستي رستي بيٺا هوندا، تنها تنها ٻار
    هرڪا مُند هتي جي آهي، نسل ڪُشي جي مُند
    سولا سولا وڪجي ويندا، سستا سستا ٻار
    ڀاڳ نه ڪوئي ماڳ انهن جو، واٽن جو ويراڳ
    ڇورا ڇورا پنندا پنندا، رُلندا رُلندا ٻار
    تون ته چوين ٿو تون سپنو آن، ٻار نسورو سچ
    موٽر جي ڦيٿن جي هيٺان، چٿجي ويندا ٻار

    واقعي اها ڳالهه وزن رکي ٿي ته “هن سماج جا ڇوٽو ئي حقيقت ۾ پنهنجي گھر جا وڏا آهن” “ڇوٽو يا ڇورا” جي نالي سان معاشري ۾ مشهور اهي پورهيت ٻار لڪ لڪوٽي کيڏڻ جي عمر ۾ هوٽلن تي بيراگيري ڪن ٿا، اهي ابهم پورهيت بلور کيڏڻ جي عمر ۾ ننڍڙن هٿن سان وڏين گاڏين جا نٽ بُلٽ ڇڪين ٿا، هو بال سان کيڏڻ واري ڄمار ۾ گتا ۽ لوهه چونڊين ٿا، هو رنگ برنگي لغڙ اڏائڻ جي عمر ۾ جوس، چڻا، مڪئي جا سنگ، ڦلا، چپس، فروٽ، اخبارون کپائن ٿا، هن معاشري جا معصوم مزدور لاٽون ڦيرائي دل وندرائڻ جي سمي ۾ سرمائدارن جي گھرن ۾ ٻهاريون، پونچا ڏين ٿا گاريون، ڀونڊا ۽ دڙڪا سهن ٿا، هو ٿيلهو ڪلهي ۾ ٽنگي درسگاهن ڏانهن وڃڻ بجاءِ ڪپڙي جي ميرڙي ٿيلهي ۾ بُرش ۽ پالش جون دٻيون کڻي جوتا پالش ڪن ٿا. اهي پورهيت ٻار رانديڪن سان کيڏڻ جي ڄمار ۾ رانديڪا وڪڻي اٽو وٺن ٿا. هو پورهيت پوپٽ جهلڻ ۽ ڀنڀورين پويان ڊوڙڻ جي عمر ۾ گل وڪڻن ٿا، هو نرم نفيس ۽ نازڪ ٻارڙا بستري ۾ پيشاب ڪرڻ واري ڄمار ۾ ويلڊنگ ڪن ٿا، هو ماءُ جي هنج ۾ سمهي مٿي مان جونءَ ڪڍائڻ واري ڄمار ۾ کڏين ۾ خوبصورت قالين ٺاهين ٿا. هو سليٽ تي لکڻ واري عمر ۾ بٺن تي سرن سان سٿيل گڏهه هڪلين ٿا، “گيت ڌڻي جا گڏجي ڳايون، جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي” وڏي آواز ۾ ياد ڪرڻ جي ڄمار ۾ شيون کپائڻ لاءِ ذوردار هوڪا ڏين ٿا. پنجن ڏڪارن کانپوءِ آيل سُڪار جي مند ۾ هو پورهيت ڦِر ڦِر سونٽو، ڍٻلي ڇڻڪي، ترائي ۾ ترڻ، وڻن تي ڏاڪ کيڏڻ بجاءِ رستن تي اُڀي پير بيهه للر، مريڙو، کنڀيون، پپون، مورن جي خوبصورت کنڀن مان ٺهيل ونجهڻيون وڪڻڻ لاءِ صاحب لوڪن جي گاڏين کي تڪين ٿا. پورهيت ٻارڙن جا هي درد هن ڪائنات لاءِ ڪنهن سانحي کان گھٽ ناهن. اهي عذاب ڪنهن الميي کان گھٽ ناهن. معصوم ٻارڙن جي دردن تي ڪنهن ڏات ڌڻي جون سٽون آهن:


    ٿڪيل آهيان،
    سمهڻ ٿو چاهيان،
    صدين جي غلامي جو سفر،
    طئي ڪندي ٿڪجي،
    پيو آهيان.
    لڱن تي پاتل
    لٽڙا به ڦاٽل،
    تاريخ جي ڌوڙ،
    بدن تي چهٽل
    غلام قوم جو
    ٻار آهيان،
    مستقبل جو
    معمار آهيان.
    سنڌ ۾ ٻارڙن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ ٻارڙن جي نمائينده تنظيم سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪبير ڀيل جو موقف آهي ته “پورهيو فقط غريب مائٽن جا معصوم ٻار ئي ڪن ٿا، عدم توجهه وارو رويو ٻار کي هن سماج ۾ ويڳاڻو ڪري ڇڏيندو آهي، اهو ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻيل ٻار هن معاشري جو روشن مستقبل ٿيڻ بجاءِ هن سماج تي اڳتي هلي بار ٿابت ٿيندا آهن، ٻار ته معصوم هوندو آهي ۽ ٻين جي وس هجڻ ڪري هن جي تعليم، تربيت ۽ پروش وڏن جي ذميواري آهي. پوءِ وڏا به جهڙو فصل پوکيندا اهڙو لڻندا، هن جو چوڻ آهي ته سرڪار جون ٻار دشمن پاليسيون ۽ عدم دلچسپي وارو رويو به افسوسناڪ عمل آهي، 1973 جي آئين جي آرٽيڪل 11 تحت معصوم ٻارن کان جبري پورهيو وٺڻ سخت غير قانوني عمل آهي” پورهيت ٻارڙن جي انهن سورن تي هن سماج جا ذميوار ۽ باشعور فرد ڇا ٿا سوچين؟ مزدور معصومن جي پيڙائن تي وقت جا اعلى اختيارن ڪهڙي قانون سازي ڪئي آهي؟ ٻارڙن جي حقن تي ڪم ڪندڙ سماجي ادارا ۽ اين جي اوز جو فيوچر پلان پروجيڪٽ حاصل ڪرڻ کان ڀلا ڪجهه اڳتي وڌي سگهندو؟ جهڳين ۾ جيئندڙ معصوم وجودن جي حقن لاءِ فايئو اسٽار هوٽلن ۾ سيمينار ۽ ورڪشاپ کانسواءِ ڪجهه حقيقي ڪم به ڪري سگهجي ٿو؟ اعلى عدليه جي قانوني ڪتابن ۾ ڪو “چائلڊ پروٽيڪشن ايڪٽ” به آهي؟ جناب اعلى ! اهو ايڪٽ ڪٿي عمل ۾ به آهي يا رڳو قانون جي ڪتابن ۾ قيد آهي؟ سرڪار سڳوري جو واڳون سنڀاليندڙ اعلى اختيارن جا به معصوم ٻار هوندا، انهن جي صدقي ڪڏهن مجبور غريبن جي پورهيت ٻارڙن لاءِ ڪو فنڊ مقرر ڪيو ويو آهي؟ انهن جي جبري پورهيي واري قانون تي سختي سان عمل به ڪرائي سگهجي ٿو؟ ٻارڙن جي پورهيي تي پابندي هڻي انهن کي فوري طور تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪولن ۾ داخل ڪرڻ سان گڏ انهن جو ماهوار وظيفو پڻ مقرر ڪيو وڃي.


      وزن کڻندڙ همالي، قُلي ۽ ڪاٺ کڻندڙ پورهيت

    توڙي جو ارتقائي زماني ۾ ڪم، ڪِرت ۽ ڌندا ورهايل نه هئا. جنهن به پورهيت کان جيڪو دنڌو ڦڙتي، ڪاريگري ۽ ڪاميابي سان ٿي سگهندو هو ته اهو ماڻهو ان ئي هنر ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندو هو. ان پورهيت کي ئي ان ڪم جو ماهر ۽ ڀڙ سمجهيو ويندو هو. ان هنر کي ٻين پورهيتن تائين پهچائڻ لاءِ اهو ڪاريگر استادي جو فن ڏيئي پنهنجا شاگرد تيار ڪندو هو. ان سکيا ۽ تجربن عيوض اهو ڪرت ترقين جي بُلندين تي پهچڻ جا ڪيترائي مثال هن سرشٽي تي موجود آهن. آڳاٽي ۽ قديم ڌرم دنڌن کي ورڻن ۾ ورهائڻ جو قانون پاس ڪري ڪرت ۽ هنر کي ذاتين ۾ ورهائي ڇڏيو. اهو سلسلو اڻسڌريل خِطن ۾ اڄ به رائج آهي. ڪرت پويان ذاتين جا نالا الاٽ ٿيڻ جو رواج به اتان ئي پيل آهي. مثال طور ذات جا ڪوري (ڪپڙا اڻيندڙ پورهيت)، ذات جا واڍا (ڪاٺ جو فرنيچر ٺاهيندڙ پورهيت) ذات جا حجام (سنوارت ڪندڙ پورهيت)، اوڏ (مٽي جا گھر اڏيندڙ پورهيت)، ڀنگي (صفائي ڪندڙ خاڪروب پورهيت)، موچي (چمڙي مان جُتيون ٺاهيندڙ پورهيت)، اسوريا (اسر ويل پندڙ خانه بدوش فقير)، هاڏيري (هڏا چونڊيندڙ پورهيت)، سوپي (سر جي ڪانين مان سُپ ۽ پکا ٺاهيندڙ پورهيت)، قُلي (ڪولي يا ڪولهي) وزن کڻندڙ پورهيت، لوهار (لوهه جو دنڌو ڪندڙ پورهيت) سونارا (سونارڪو ڪم ڪندڙ ڪاريگر) وغيره آهن جيڪي هن سماج ۾ ڪرت سان لاڳاپيل ذات ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. اهي دنڌا انهن ماڻهن نسل در نسل ڪيا آهن. انهن کان ٻيو دنڌو گھٽ ٿيندو. ان جو سبب هي آهي ته پنهنجي خانداني هنر کانسواءِ ٻي ڪنهن هنر ۾ انهن ماڻهن جي دلچسپي نه هوندي آهي.
    پر هن ڪائنات ۾ ڪي اهڙا به هنر، دنڌا ۽ فن آهن جيڪي ذاتيات ۽ نسلي مورثيت بجاءِ علم، عقل ۽ ڏاهپ سان ٿين ٿا. ڪهڙي به جاتي، نسل، مذهب ۽ رنگ جو ماڻهو هجي پر ڊاڪٽر، انجنئير، وڪيل، پائليٽ ۽ جج اهو ماڻهو ٿي سگهندو جنهن وٽ شاندار علمي قابليت هوندي. جنهن ماڻهو تعليم جي ميدان ۾ سخت محنت ڪئي هوندي ان جي محنت رائگان نه ويندي آهي. ان سان گڏ ڪجهه ڪم ۽ ڪِرتون اهڙيون به آهن جن ۾ علم ۽ عقل سان گڏ جسماني سگهه وڏي اهميت رکي ٿي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تعليمي طور پي ايڇ ڊي هولڊر هوندو پر جسماني طور ڏٻرو هوندو ته ان کان ڪپهه جو ٻورو نه کڄندو پر جيڪڏهن اڻ پڙهيل همالپو ڪندڙ پورهيت کي سڏبو ته اهو مزدور نئون کان ڏهه مڻ جو وزن رکندڙ ڪپهه جو ٻورو ڪُلهي تي رکي سيڙي چڙهي ٽرڪ مٿي اڇلائي ايندو. تنهنڪري گھڻا جسماني پورهيا ڪاريگري سان ٿين ٿا ۽ ڪي پورهيا وري طاقت سان ٿين ٿا. همالي يا وزن کڻندڙ قُلي پورهيت آهن جيڪي پيٽ گذر خاطر بنا ڪنهن ٽائم ٽيبل ۽ شيڊول جي جڏهن به روزي ملي هڪيا حاضر هوندا، نه ڏينهن ڏسبو نه رات، نه آنڌي ڏسبي نه برسات، هر مند ۾ هو روزي ڳڀي جي ڳولا ۾ هوندا آهن.

    حمالي
    سنڌ بنيادي طور زرعي خِطو آهي. جتي مرچ، ڪپهه، ڪڻڪ، ساريون، توريو، سورج مکي، ڄانڀو، توئر، چڻا، آساريو ۽ اسپينگر سميت لاتعداد زرعي جنسون ٿين ٿيون. انهن زرعي جنسن جا کوڙا ڪرڻ، انهن کي ٻورين وجهڻ، لوڊ ڪرڻ تائين جو سمورو ڪم حمالي ڪندا آهن. انهن ۾ جهونو حمالي سندن جمعدار هوندو آهي جيڪو سيٺ ۽ پورهيت همالين کان في مڻ پويان ڪميشن طور مزدوري وٺندو آهي. هر شهر ۾ حمالي پورهيتن جا مضبوط اتحاد پڻ آهن. هو بنيادي طور پرامن پورهيت آهن. پر تنهن هوندي به سرمائدار سيٺين پاران مزدوري جا اگهه گھٽ ڏيڻ خلاف ڪڏهن ڪڏهن هنن جي هڙتال جي خبر اخبار ۾ پڙهڻ لاءِ ملندي آهي. سياسي پارٽين هنن پورهيتن کي مڪمل طور نظرانداز ۽ لاوارث ڪري ڇڏيو آهي. جنهنڪري اهي پورهيت نندڻڪائي واري صورتحال ۾ سيٺن جي رحم ڪرم تي حياتي جا ڏکيا ڏينهن گھاري رهيا آهن. حمالپ جو پورهيو سخت جسماني سگهه جو گھرجائو آهي. هي ڪرت ڪمزور ۽ ڏٻري ڏيل وارن ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. پر افسوس پورهيت حمالي جيترو پورهيو ڪن ٿا اوترو کين معاوضو نٿو ڏنو وڃي جو هو پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو پيٽ گذر آساني سان ڪري سگهن. سخت جسماني پورهيي سبب حمالين کي خوراڪ خاطر روزانه هڪ کان ٻه ڪلو نج ماهو کير ۽ ڍئو تي گوشت ملڻ تمام ضروري آهي. غربت سبب خوراڪ جي ڪمي جي ڪري گھڻا حمالي وقت کان اڳ رٽائر ٿي ويندا آهن. پنهنجي وزن کان ستوڻ اٺوڻ تي وڌيڪ وزن کڻندڙ پورهيت حمالي ڪم دوران مختلف حادثن ۾ هٿن، ڄنگن، پيرن ۽ گوڏن کان معذور پڻ ٿي ويندا آهن. ڪڻڪ جي گدامن تي سئو ڪلو جون ٻوريون ڀري اوچين سيڙين تان چڙهي ڇت تي سٿيندڙ پورهيت حمالين جي مزدوري جا اگهه مختلف آهن پر اهي اگهه ايترا به ڪونه آهن جو سندن پيٽ گذر آساني سان ٿي سگهي. رات ڏينهن پورهيو ڪندي به حمالي سخت مالي هٿ مُنجهه جو شڪار هوندا آهن. سندن زندگي جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين. هن دنڌي ۾ ڳالهه رڳو وزن جي ناهي پر هن دنڌي ۾ پنڌ به ماپيو ويندو آهي، يعني گدام کان يا ٻني مان ٽرڪ تائين مفاصلو ڪيترو آهي؟ في ٻوري جو اگهه به ان حساب سان ورتو ويندو آهي. هنن جي ذميواري رڳو بار کڻڻ جي ناهي پر هنن کي تور به ڪرڻي آهي. سوين مڻڻ جي ان حساب ۾ ڪنهن به ڀُل چُڪ جي گنجائش گھٽ هوندي آهي. حمالپ سيزنل دنڌو آهي. زرعي جنسن جي موسم کانسواءِ هي پورهيت بيروزگاري جي عالم ۾ جيون ساگر ۾ غوتا کائين ٿا.

    قُلي
    هي پورهيت بنيادي طور ريلوي اسٽيشنن ۽ بس ٽرمينلز تي ايندڙ ويندڙ مسافرن جو سامان مزدوري تي کڻندي نظر ايندا آهن. هنن پورهيتن تي فلمون پڻ ٺهيل آهن. جن ۾ سندن حياتي جي منظرڪشي چٽي ڪيل آهي. قُلي پورهيتن جي ٻڌي اتحاد ۽ ايڪو پڻ مثالي هوندو آهي. پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ هنن جي جدوجهد احتجاج ۽ هڙتالون انتظاميه سميت مسافرن جي مٿي جو سور بڻجي وينديون آهن. ڪنهن به هڪ قُلي پورهيت سان ڪا ناجائزي ٿي ته ريلوي پليٽ فارم جا سمورا بار کڻندڙ قُلي ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مسئلي جي حل ۽ مطالبن جي مڃتا تائين پنهنجو احتجاج ضرور رڪارڊ ڪرائيندا آهن. هن ليبر جي اڳواڻي به سندن سينئر قُلي ڪندو آهي. هنن جي پورهيي جو معاوضو به بار ۽ پنڌ سان لاڳاپيل آهي. زمانو ترقين جا سفر طئه ڪندو اڳتي وڌندو رهي ٿو، ڪائنات جا قُلي پورهيت ڳاڙهيون پيليون قميصون پايو ان ئي پليٽ فارم تي حياتيون ڳاريو ڇڏين. مسافرن جي ڳري بار سان گڏ کين حياتي جو پهاڙ ڪلهن تي کڻڻو پوندو آهي. گھر ۾ بيماري، غربت جا انيڪ مسئلا خيالن جي صورت ۾ بار بار ذهن ۾ اڀرن ٿا ۽ لهن ٿا. تڏهن هڪ جهونو قلي پورهيت انهن خيالن ۾ وڃائجي ٿڙي ٿاٻڙجي مسافرن جو قيمتي سامان سان ڀريل ٿيلهو ڪيرائي داٻن، دڙڪن ۽ جهڙٻن سان سج لاهي ٿو. اڇي ڏاڙهي ۾ اها تذليل سندن مقدر بڻجي چڪي آهي. اهي غليظ رويا انهن پورهيتن کي روز اڌ مئو ڪن ٿا. هو رت جا ڳوڙها ڳاڙين ٿا. هو هن سماج کان لڪي لڙڪ لاڙين ٿا.
    ڪاٺ کڻندڙ پورهيت
    ڪاٺ جو دؤر هن ڪائنات ۾ شروعاتي زمانو سمجهڻ گھرجي. انسان جو اوائلي هٿيار به ڪاٺي جي لٺ آهي. جنهن بعد شڪار لاءِ چهنبدار ڊگها ڏڦا پڻ ڪاٺي مان ٺاهي جانور جو شڪار ڪري انسان پنهنجو پيٽ ڀريندو هو. جڏهن دنيا قدامت مان جدت جو سفر ڪيو ته انساني زندگي ۾ ڪاٺ جو ڪم اڃان به جديد انداز سان وڌيو جنهن بعد حضرت انسان ٻيلن ۾ ڪرٽ وڌو ڏسندي ڏسندي سڄي ڌرتيءَ ٺوڙي ٿي وئي، ماحوليات تباهه ٿي وئي. موسم جو مزاج چرپڻ جا پيغام ڏيڻ لڳو آهي.
    ڪاٺ جو پورهيو هن ڪائنات جي پورهيت ماڻهو جو پيٽ ڀرڻ لاءِ وڏو وسيلو پڻ بڻيل رهيو آهي. ان ڪم ۾ ڪاٺ وڍيندڙ پورهيت ۽ ڳرن ڪاٺن کي کڻي گاڏين ۾ سٿيندڙ پورهيت ڏهاڙي يا وري في مڻ پويان مقرر مزدوري رقم وصول ڪن ٿا. گرمين توڙي سردين جي موسم ۾ هي ڪم نهايت ئي جوکي وارو آهي. ڳرا ڪاٺ پنهنجي طاقت ۽ ڪاريگري سان کڻي گاڏين ۾ ترتيب سان سٿڻ وارو مرحلو زندگي ۽ موت جي فاصلي کي گھٽائي ڇڏيندو آهي. وڻ جي وڏي ٿڙ يا دوڳي کي ٽريڪٽر ٽالهين ۾ سٿڻ دوران ٿوري به ڪوتاهي ڪاٺ کڻندڙ پورهيت کي موت ڏيئي سگهي ٿي يا هميشه لاءِ معذوري به سندس نصيب بڻجي سگهي ٿي. اهڙا ڪيترائي واقعا ٿيا آهن. جنهن بعد پورهيت سڄي حياتي عذاب ۾ گذاريندا آهن. ڳرا ڪاٺ اٿڙجڻ سان سندن هٿ يا پير هيٺ اچڻ ڪري اهي پورهيت چچرجي پوندا آهن. ان صورت ۾ ايتري سندن ڪمائي به ڪونه هوندي آهي جيترو کين علاج ڪرائڻو پوندو آهي، زندگي جا اهي ڏک، سور، صدما، تڪليفون فقط پيٽ جي دوزخي آگ کي اجهائڻ لاءِ ڪرڻا پون ٿا. پگهر جو پورهيو ڪري هيڏي محنت ڪرڻ باوجود هن جو جيون عذابن کان خالي ناهي. هنن جي جيون ۾ خوشيون اڻ لکيون ۽ درد اڻ ڳڻيا آهن.
    هنن مزدورن جو مستقبل ڪهڙو آهي؟
    هن سماج ۾ پنهنجي پيٽ گذر خاطر پنهنجي جسم جي سگهه، طاقت، هنر، پگهر جو پورهيو روٽي عيوض وڪرو ڪري نسل در نسل سرمائدارن جو استحصال سهي حياتي گذاريندڙ پورهيتن جا هزارين درد آهن. انهن دردن جو درمان “داس ڪيپيٽل” ضرور آهي. پر اهي پورهيت ان ڳاڙهي ڪتاب جي طاقت کان اڻواقف آهن. انهن کي ڄاڻ ناهي ته هن ڪتاب ۾ سندن جيون جي سمورين ڏکن، تڪليفن، پيڙائن کان نجات جو گس آهي، ان ڪتاب ۾ ظالم سرمائدارن جي بدترين غلامي مان آجپي جو ڏس ڏنل آهي، هي ئي اهو ڳاڙهو ڪتاب آهي جنهن کان اڄ به سرمائدارن جو ساهه منجهندو آهي. پر هنن پورهيتن کي رڳو پنهنجي طاقت جي پروڙ پئجي وڃي، هنن کي پنهنجي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجهتي جي اهميت جو اندازو ٿي وڃي ته هن دنيا جو نقشو ٻيو هوندو، هن ڪائنات جا رنگ پورهيت جي خوبصورت تصورن کان حسين هوندا.
    جيستائين پورهيت انقلاب جي ڳالهه سنڌ جي هنن پورهيتن کي سمجهه ۾ اچي تيستائين انهن جا سور سوايا آهن، انهن جا درد جهونا آهن، هنن پورهيتن جي روشن مستقبل جي ڏيئي جي وٽ سرمائدارن جي هٿ ۾ آهي، پگهر جو پورهيو ڪرڻ جي باوجود به انهن جو گرهه سرمائدارن جي ٽجوڙين ۾ قيد و بند آهي. انهن جي بيمارين جو علاج به سيٺن جي انڇا سان ٿئي ٿو، انهن پورهيتن جا ٻچا به ان ڪري علم حاصل ڪري نٿا سگهن جو اهو ڪم عالمي سامراج جي ايجنڊا ۾ شامل ئي ناهي، سڄي دنيا جا پورهيت ته اڃان هڪ ڪونه ٿي سگهيا آهن پر سرمائدارن جي عالمي فارمولي تحت سموري سرشٽي جا سرمائدار ذات پات رنگ نسل جي مت ڀيد کان سواءِ پاڻ ۾ ڀائر بڻجي پورهيت مزدورن کي ٻنهي هٿن سان لُٽين ۽ ڦرين ٿا. اهي ظالم سرمائدار سڄي دنيا جي پورهيتن جو استحصال به بنان ڪنهن فرق جي ڪندا آهن. تڏهن ته هن ڪائنات جي سمورن پورهيتن جا درد هڪجهڙا آهن، سڄي دنيا جي مزدورن جا سور ساڳيا آهن، سڄي پرٿوي جي محنت ڪشن جي بک جي محسوسات جو ذائقو ساڳي آهي. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت ۽ جنگ جا پکي زخيرو ڪونه ڪن. هر نئين سج سان گڏ نئين روزي. اڄ کي اڄ ئي نبيربو صبح ڪنهن ڏٺو آ؟
    همالي، قُلي توڙي ڪاٺ جو ڪم ڪندڙ پورهيتن جا ٻچا علم، صحت ۽ تحفظ کان ته آجا آهن پر وقت جا وس وارا حڪمران انهن پورهيتن کي هر پنجن سالن بعد روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو ڪوڙو آسرو ڏئي سندن ووٽن تي پنهنجا مفاد ماڻين ٿا. هر سال اٽي جو اگهه وڌي ٿو پر پگهر جي پورهيي جو اگهه نٿو وڌي. وڌي ٿو ته پورهيتن تي قرض ۽ مرض وڌي ٿو پر سندن حالات نٿا بدلجن. سياسي، سماجي پارٽيون، اعلى عدليه ۽ ذميوار ادارا پورهيتن جي مسئلن تي سنجيدگي سان سوچين.


    اوڏ، رازا، رنگساز ، کوهه کوٽيندڙ ۽ سر تغارين جا پورهيت

    تهذيب يافته دؤر جي شروعات سان انساني آباديون پهاڙن جي غارن، گھاٽن جهنگلن، پوٺن مان نڪري ڳوٺ ۽ شهر آباد ڪري رهڻ لڳيون. گڏجي رهڻ يعني اجتماعي رهائش جا لاتعداد سبب پڻ هئا، جنهن ۾ موسمي آفتون، ٻوڏون، طوفان، ڏاڍن جا هيڻن تي حملا ۽ خونخوار جانورن جو ڊپ به ٿي سگهي ٿو. ڇڙوڇڙ رهڻ کان گڏجي رهڻ سبب اوائلي ماڻهن جي افرادي قوت وڌي، جنهن سبب اوائلي ماڻهو ڪامياب زندگي ڏانهن تکي وک وڌائي. ترقين جا اڻ ڳڻيا سفر طئه ڪيا. اجتماعي رهائش لاءِ ننڍا ڳوٺ مستقبل جا شهر بڻجي ويا. شهرن جي ترقي خوشحال ٻهراڙين سان منسلڪ آهي. اوائلي آبادين ۾ انسان جي رهڻي ڪهڻي ۾ پڻ وڏو فرق ۽ ڦيرو آيو. سخت سردين ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمين کان بچاءُ خاطر انسان پنهنجو ۽ پنهنجي ڪٽنب جو سر بچائڻ لاءِ محفوظ پناهگائون جوڙڻ جا خيال ۽ خاڪا پچائيندي گھر ٺاهڻ جي ارتقا ڪئي. جهڳيون، ڪکاڻا منهه، پنن سان ڍڪيل جهوپڙيون شروعاتي تهذيب جي پيڙهه هئا. انسان جو گھر ٺاهڻ وارو ابتدائي قدم ۽ ڪوشش هن دؤر جي ماڙين ۽ بنگلن جو اوائلي تصور چئي سگهجي ٿي. هن ڌرتيءَ جي گولي تي مصر جي تهذيب، هڙاپا، اُڙيسا، ٽيڪسيلا، ڍولا ويرا ۽ موهين جي دڙي سميت ٻيون ڪيتريون ئي شاهڪار تهذيبون موجود آهن. جيڪي هن ترقي يافته ڪائنات جون ارتقائي وکون هُيون. يعني انهن تهذيبن جي آثارن مان ئي پتو پوي ٿو ته اُنهن قومن جي ذهانت، ذهني اوسر، محنت ڪشي، سُگھڙپائي، ڪاريگري، علم، ادب، فن، آرٽ، عقل ۽ شعور ڪيترو بُلند هو؟ جيئن تقريبن پنج کان ڏهه هزار سال اڳ سنڌو سڀيتا جي شاهڪار تهذيب موهين جو دڙو جا قديم آثار، مورتيون، ڍڳيءَ گاڏي، سِڪا، مهرون، لکت جون تختيون، مجسماسازي، ڪتب خانه، ڊرينج سسٽم، رڌڻا، ٻه ماڙ پڪا گھر، پڪا کوهه، اوطاقون ان دؤر جي ماڻهن جي حياتي گذارڻ جي نقشي جي منظر کي اکين اڳيان پڌري ريت پساهن ٿيون. يعني اسان پنهنجي اُن شاندار ماضي جي شاهڪار تاريخي آثارن مان اندازو لڳائي سگهون ٿا ته اسان جي سنڌي قوم جو ماضي ڪهڙو هو؟ انسان جو ماضي ئي مستقبل لاءِ بهتر ترقي جون راهون هموار ڪندو آهي. تنهن ڪري دنيا جون سموريون ترقي يافته قومون پنهنجي ماضي مان سِکي مستقبل ۾ پنهنجي نسلي وجود جي بقاءُ جي رٿابندي اڳواٽ ڪنديون آهن. ڪائنات جي ڪامياب قومن جي خوشنصيبي جي ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ هڪ اهم سبب اهو به آهي ته انهن قومن جي ڪک مان محنت ڪش، پورهيت هنرمند ماڻهو پيدا ٿي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيندا آهن. ڌرتيءَ جي شروعاتي تهذيبن ۾ شاندار ڪچا توڙي پڪا گهر، محل، بورچيخانه، کوهه ۽ چٽسالي جا ڀلوڙ رنگ ملن ٿا. ان مان ثابت ٿيو ته انسان رولاڪيون ۽ خانه بدوشيون ڇڏي هڪ هند ويهي باقاعدي گھر اڏي ويهڻ جي شروعات هزارين سال اڳ ڪري چڪو هو. ان جو مثال انهن تهذيبن جي کوٽائي مان مليو آهي. موئن جي دڙي ۾ پڻ پڪين سرن سان گڏ ڪچا گھر ۽ ڪوٽ پڻ موجود آهن. عطاالله ضيا جو حوالي سان اها ڳالهه هتي لکون ٿا ته “موهين جي دڙي جي موجوده ماڳ کان هيٺ ٽي سئو فوٽ مسلسل شهرن جا آثار موجود آهن، جيئن هيٺ وڃجي ٿو ته اهي مٿين شهرن کان گھڻو سڌريل آهن، ٽي سئو فوٽ هيٺ شهر ايترو سڌريل آهن جنهن بابت هاڻوڪو انسان تصور ئي نٿو ڪري سگھي، جيڪڏهن موهين جو دڙو 5100 سال اڳ جو آهي ۽ اڄ به دنيا لاءِ عجوبه عالم آهي ته پوءِ ٽي سئو فوٽ هيٺ آخري شهر جي قدامت بابت اسين ڪهڙو رايو قائم ڪريون ؟ انهيءِ کان به علاوه موهن جو دڙو، مهر ڳڙهه، هڙوپا وغيره جون بستيون لڌيون ۽ کوٽايون ويون پر جيڪي سنڌ ۾ جتي ڪٿي چاليهه پنجهاهه فوٽ هيٺ زمين دوز شهرآهن، جن تان اڃان مٽي نه هٽائي وئي آهي ته پوءِ انهن جو حقيقتون ڪيتريون قديم هئڻ گھرجن؟ ”

    اوڏ
    چيڪي مٽي ڪوڏرن سان ولي، پسائي، ملي، اٿلائي مارو ڏئي گڏهن تي کڻي ڪچا ڪوٽ ۽ گھر ٺاهيندڙ پورهيت هن ڪائنات جا شروعاتي اڏيندڙ آهن. جن کي اوڏ سڏيو ويندو آهي. هي ڪِرت مڪمل طور ذوال پذير ٿي چُڪي آهي.
    اڏي اڏي اوڏ ڇڏي ڀيڙيون ويا،
    ڪوئڙا ۽ ڪوڏ پيا آهن پٽ ۾.
    دنيا ۾ اوائلي گهر اڏي انسان کي شديد گرمين، لڪن، جهولن، طوفانن ۽ خطرناڪ سيارن کان بچائڻ خاطر شروعاتي پناهگائون جوڙيندڙ هي پورهيت هڪ بادشاهي کان ٻي بادشاهي تائين لڏپلاڻ ڪري روزي جي ڳولا ڪندا رهندا هئا. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڃان شايد ڪٿي سندن ڪم بچيو به هجي. پر گھڻو ڪري هاڻ مٽي جي ڪم جو دؤر پُڄاڻي تي پهچي چڪو آهي. جنهن ڪري اهي پورهيت به حياتي جي گاڏي کي گهلڻ لاءِ ٻيا پورهيا ڪن ٿا. ٻني ٻارو ڇوٽڪ مزدوريون، سرن جي بٺن تي پورهيو ۽ ڪاٺيون وڍي پيٽ گذر پڻ ڪن ٿا. سنڌ جا اصل اڏيندڙ اوڏ توڙي جو سنڌ جي وارثن ۾ شمار ٿين ٿا. پر آرين پاران مسلط ڪيل اڻ اعلانيل غلامي ۽ ظلمتن سبب هن جي حياتي زهر بڻجي وئي هي پورهيت ڌرتيءَ تان مالڪي وارا حق وارا سمورا حق وڃائي ويٺا. اهي حق هاڻ وقت جي عدالت ۾ ڪليم به نٿا ڪري سگهجن. تاريخ جي ڦاٽل پنن کان سواءِ ان حقيقت کي شايد ڪير هاڻ تسليم به مشڪل ڪري؟ نئون نسل ته شايد هنن کي تهذيبن جا اڏيندڙ سمجهڻ بجاءِ ڌرتيءَ تي دربدرين جا عذاب ڀوڳيندڙ ۽ ڀٽڪندڙ خانه بدوش سمجهي ويٺو هجي؟

    رازا
    پڪا گھر ٺاهيندڙ ڪاريگرن جو هنر به ترقي يافته تهذيبن جي اوسر کان شروع ٿئي ٿو. پڪيون جايون، محل، بنگلا، پلازا، مندر، مسجدون، ڪليسا، عبادتگاهون، مقبرا ۽ علم گاهون جوڙيندڙ پورهيت هٿ نه رڳو ماني ڳڀي لاءِ سڪن ٿا پر اهي پورهيت ته فقط ساهي پٽڻ لاءِ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگن جي پاڇي ۾ ويهي رکا ٽُڪر کائي ٿڌا شوڪارا ڀرين ٿا. بادشاهن جا گھر، اسيمبلين ۽ عدالتن سميت ٻيون اهڙيون ڪيتريون جايون هونديون جيڪي هنن پورهيتن پگهر جي پورهيي سان جوڙيون ضرور آهن پر ڪم مڪمل ٿيڻ بعد انهن پورهيتن لاءِ انهن عمارتن تي لائف ٽائم نو انٽري جو بورڊ لڳي ويندو آهي. جاين جي ڪاريگر مستري جي ڏهاڙي هن وقت ست سئو روپيا ڪراچي ۾ هڪ هزار تائين آهي. اوچين عمارتن جون ديوارون چونڊڻ، پلستر ڪرڻ، ڀيم ۽ ڇت جي ٽيئر گارڊر يا آر سي سي ڇت جي ڀرائي جو ڪم پڻ تمام مشڪل هوندو آهي، گھڻ ماڙ عمارتن جي قواضن تي بيهه ڪم ڪرڻ ڪنهن به ريت خطري کان خالي ناهي، ان ڪم دوران ڪيترائي رازا پير ترڪڻ يا سنبو ديوار مان نڪرڻ جي صورت ۾ زخمي به ٿيندا آهن ته ڪڏهن ڪڏهن اهي پورهيت موت جو شڪار بڻجي ويندا آهن. تاج محل کان بادشاهي مسجد تائين، صاحب محل، حبيب بئنڪ سميت سمورا ڪوٽ قلعا هنن ئي پورهيتن جي هٿن ئي ٺاهيا آهن.

    رنگساز
    رنگسازي جو فن پڻ تمام قديم آهي. پراڻين عمارتن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ رنگسازي ۽ چٽن جا آثار ان فن جو زنده مثال آهن. وڏي خرچ سان ٺهيل سمورين عمارتن تي جيستائين رنگ نه ٿيندو آهي ته ان ڪم کي مڪمل نه سمجهيو ويندو آهي. دنيا جي گھرن کي خوبصورت رنگن سان سينگاريندڙ هنن پورهيتن جا گھر بي رنگ آهن. “ڀت کانسواءِ چٽ ناهي” سو انهن غريب پورهيتن جي گھرن کي ڀتِ ئي نه هوندي چٽِ ڪٿي نڪرندا؟ انهن رنگساز پورهيتن جا گهر ته ڪکاوان آهن، انهن جا گھر ته گندگي وارين ڳتيل آبادين ۾ آهن. انهن جا گھر ته پنهنجا گھر به ناهن، گھڻو ڪري انهن جا ڪِرائي جا گھر آهن. ڏهاڙي لڳي يا نه پر هر مهيني گھر جي مسواڙ سندن ڪنڌ ۾ ڪلي جيئن لڳل هوندي آهي. هي ڪم ڏهاڙي تي به ٿيندو آهي ته ٺيڪي ۾ ٻولي به کنيو ويندو آهي. ڪچي رنگ (چن وارو رنگ) جو مزدوري گھٽ آهي. پڪو رنگ (آئل پينٽ) جي مزدوري وڌيڪ آهي. پورهيت ڪاريگر جي ڏهاڙي ڇهه سئو کان ست سئو جي لڳ ڀڳ آهي. آئل پينٽ ڊبل هٿ ۾ هڪ ڪمرو ٽن هزارن تائين ۾ رنگ ڪيو ويندو آهي. سندن ڪل ڪائنات اميرن جا بند ڪمرا آهن. جتي هو پنهنجي اندر جا سور پونچي ڪن ٿا.

    سر تغاري جا مزدور
    مجموعي طور جنهن ماڻهو کان ڪو به هنر نه ٿيندو آهي ته اهو وڃي سر تغاري کان مزدوري جي شروعات ڪندو آهي. سر تغاري جي ڪچي ڪم مزدور کي عمارت جو بڻياد کوٽڻ، مٽي جي لئي جو گارو ٺاهڻ، لئي مستري تائين تغاري ۾ کڻي پهچائڻ، سرون پسائڻ، سر رازي جي هٿ ۾ ڏيڻ، پڪي ڪم لاءِ ريتي سيمينٽ ملائڻ جو فارمولو سمجهڻ، تيشي سان سرن جا ٽڪرا ڪري فرش ٺاهڻ لاءِ ڌمڪ هڻن جو ڪم ڪندڙ پورهيت ئي سر تغاري وارو مزدور سڏجي ٿو. هن پورهيت جو صبح کان شام تائين ماني وقفي کانسواءِ تقريبن يارنهن ڪلاڪ ڪم آهي. پر پگهر جي ان پورهيي جي مزدوري پيٽ ڀرڻ لاءِ ناڪافي آهي. هن وقت به سر تغاري پورهيت جي مزدوري ٽي سئو کان ساڍا ٽي سئو آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ ڇهه کان ست سئو تائين ڏهاڙي مقرر ٿيل آهي. هنن پورهيتن جو ڪم به سدائين ڪونه لڳندو آهي، جڏهن تاريخ نه لڳندي آهي ته هنن جي گهر جو گاڏو بيهه ويندو آهي، فاقاڪشي سندن ويڙهن ۾ واڪا ڪندي آهي. هن مهانگائي جو دؤر ۾ سندن پورهيي جو اگهه تمام گهٽ ملي ٿو. جنهن ڪري هي پورهيت به “آڻين ۽ چاڙهين” واري صورتحال کي منهن ڏين ٿا. هو پنهنجا ڏک، سور، درد به تغاري سان گڏ مٿي تي کڻي هلن ٿا. سرن کي فرش لاءِ ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڄڻ بکن جون باهيو ڪڍين ٿا. ڌمڪ هڻي ڄڻ درد دفن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پر هنن جا سور اوچن پلازن جيئن روز به روز وڌن ٿا. هنن جي ڏکن جي پيڙهه وقت به وقت گھري ٿيندي وڃي.

    کوهه کوٽيندڙ ڪاريگر
    سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ هوندي آهي جنهن ۾ خاص طور سنڌ جا وارياسا علائقا قابل ذڪر آهن. انهن علائقن ۾ کوهه جا ٻاڌارا پورهيت ملن ٿا. مٺي تعلقي ۾ 90 کان 100 فٽ، ڏيپلي ۾ 40 کان 50 فٽ، ننگرپارڪر جو پٿريلو علائقو 40 کان 50 فٽ ۽ وارياسو علائقو 90 کان 100 فٽ آهي. ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ اُنهائي ڇاڇري تعلقي ۾ آهي جتي 300 فٽن کان به اونها کوهه کوٽيا ويندا آهن. آڳاٽي دور جا کوهه ڪنڊي جي ڪاٺ جي سنوت آندل ٽُڪرن مان ۽ ان بعد وچئين دور ۾ پٿر مان ٺاهيا ويندا هئا. اڄ جي هن جديد دور ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان کوهه جوڙيا وڃن ٿا. وقت ۽ حالتن جي ردوبدل موجب پاڻي جي ڳولا ۾ ٿر جي ماڻهن به کوهه کوٽڻ جي طريقن ۾ تبديليون آنديون آهن. اڇڙي ٿر واري پاسي ڍنڍن جي 10 کان 15 فٽن جي فاصلي تي ننڍڙيون کوهيون، تس ۽ ڀاڏ کوٽيا ويندا آهن. انهن ۾ ڍنڍن جي سيلاب جو پاڻي ايندو آهي. جڏهن خود ڍنڍن جو پاڻي کارو هوندو آهي. کوهه ٺاهڻ واري پورهيت ٻانڌاري جي مزدوري به عام رواج مطابق ملندي آهي، جيڪا پنج کان ست سئو جي لڳ ڀڳ هوندي آهي. کوهه جي کوٽائي دوران واري ڪڍڻ لاءِ ٻورين جون جھوليون استعمال ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته کوهه جي کوٽائي صرف ايتري ڪئي ويندي آهي جيتري چُڻائي ٿي سگھي. ڇو ته کوهه جي چُڻائي مٿائين کان هيٺائين طرف فرمو فٽ ڪري سيمينٽ ۽ سرن سان ڪئي ويندي آهي. روزانه 8 کان 10 سرن جون اوساريون ڏيئي وري ٻي ڏينهن اوساري کي سُڪڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي. هڪ کوهه کي کوٽڻ جي ڪم ۾ مهينن جو عرصو لڳندو آهي. کوهن جي کوٽائي دوران واري جون ڀڪون سرڪڻ ڪري ڪيترائي دفعا کوهه کوٽيندڙ پورهيت دٻجي فوت ٿيا هوندا. 21 اپريل 2016ع تي به ٿر جي هڪ ڳوٺ ماڇيائو ۾ نئين کوهه جي کوٽائي دوران کوهه دٻجڻ ڪري ٻانڌارو ٿانو ڀيل فوت ٿي ويو ان پورهيت جي لاش کي ڳوٺاڻن ۽ اننتظاميه وڏي ڪوشش سان 24 ڪلاڪن بعد ڪڍي ورتو. ان کان اڳ تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ اونڙو ڀيل ۾ کوهه کوٽيندي 3 پورهيت کوهه ۾ دٻجي فوت ٿيا هئا. انهي سانحي ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي هئي. ان بدنصيب ڳوٺ ۾ چار ڏينهن تائين هڪ عدد مشين سست رفتاري سان لاش ڪڍڻ لاءِ کوٽائي وارو ڪم ڪري رهي هئي ۽ جڏهن ته دٻجي فوت ٿيل 3 غريب پورهتين جا سوين وارث انهي اوسيڙي ۾ کوهه جي چوداري اکيون اٽڪايو ويٺا هئا ته “ڪيڏي محل ٿا سنڌن پيارن جا لاش نڪرن” انتظار جي اهڙي درديلي ڪيفيت کي رڳو محسوس ڪرڻ سان به من اندر ۾ ماتم برپا ٿيو وڃي. انهن ماروئڙن جا نيڻ اڄ به اوهيرا ڪري وسن ٿا جن جا پيارا پنهنجي گام جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ کوهه کوٽيندي هزارين مڻ مٽي هيٺ دٻجي ويا.
    هنن پورهيتن جي زندگي جو احوال ۽ آئيندو
    ذاتي زندگي ۾ هي سمورا پورهيت مسڪيني واري حياتي گھارين ٿا. هنن پورهيتن جا ننڍڙا حسين خواب به ساڀيان نٿا ٿين، هو روز پنهنجي اندر ۾ پڄرن، پچن ۽ سڙن ٿا. هو روز جيئن ۽ مرن ٿا، هنن جون خواهشون روز قتل ڪيون وڃن ٿيون. ٻيو ته ٺهيو پر رڳو ڪنهن سڀاڳي ڏڻ تي ڪو چڱو ٻوڙ پيٽ ڀري کائڻ، پنهنجي تن تي لنڊي جا نيلامي ڪپڙا پائي پنهنجن معصوم ٻچن لاءِ نوان ڪپڙا وٺڻ، پوڙهي ماءُ جو علاج ڪرائڻ، نياڻي جي شادي جا ڏينهن پڪا ڪرڻ، ڪچي ڪوٽ کي در چاڙهڻ جهڙيون ننڍڙيون خواهشون به روز قتل ٿين ٿيون. هنن کي نسل در نسل مزدور رکڻ خاطر ۽ هنن جو استحصال ڪرڻ خاطر پورهيت دشمن عالمي قوتون روز نوان فارمولا ٺاهن ٿيون، رڳو مزدور طبقي کي ذليل ڪرڻ لاءِ عالمي سامراج جون ننڊون ڦٽل آهن. پگهر جو پورهيو ڪندڙ هنن پورهيتن لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙو پيڪيج ۽ پروگرام آهي؟ انهن جون مزدور دوست پاليسيون ڪڏهن پڌريون ٿينديون؟ انهن جا ٻچا ڪڏهن علاج، تحفظ ۽ تعليم جا حقدار ٿيندا؟ هنن پورهيتن کي ڪڏهن ٻن ڪمرن جو “پنهنجو گھر” نصيب ٿيندو؟ هنن جي گهرن تان فاقاڪشي ۽ ويلا ڪاٽڻ جي موسم ڪڏهن ٽرندي؟ هو ڪڏهن خوش ٿي کلي سگهندا؟ هو ڪڏهن مارڪس جي ڳالهه سمجهي “هڪ ٿي ويندا” ؟ هو ڪڏهن ان ڳالهه کي سمجهندا ته هنن جي ڪم ڇڏ هڙتال سان ڪائنات جي اڏاوت رڪجي ويندي، ترقي جي پت وائکي ٿي ويندي؟ هنن احتجاجن رنگ جا دٻا اڇلايا ته سرمائدارن جون عمارتون بدزيب بڻجي وينديون؟ پورهيتن جيڪڏهن هٿوڙو ۽ تيشي رکي ڇڏي ته آسمان ڏانهن اڀيون ٿيندڙ عمارتون اتي ئي بيهه رهنديون؟ هنن کي هنن جي طاقت جو اندازو ئي نه آهي. هو جيڪڏهن چاهين ته پنهنجي مزدوري وڌائڻ لاءِ گڏجي احتجاج ڪري پنهنجا مطالبا مڃائي سگهن ٿا.


    ڪاٺيار، آڱارن جي بٺن جا مزدور ۽ ڪوڪيون ٺاهيندڙ پورهيت عورتون

    جڏهن باهه جي ڳجهه کي اوائلي ماڻهن اڃان ڪونه سمجهيو هو، تڏهن ماڻهو باهه جي هيبتناڪ شعلن کان ڊڄي ان جي پوجا به ڪندا رهيا. (هنڌوازم ۾ باهه جي پوجا جو عقيدو اڄ به موجود آهي ۽ ٻيا به ڪي مذهب اڃان آهن جيڪي باهه جي پوجا ڪن ٿا) ان زماني ۾ ماڻهو ڪچي خوراڪ واپرائيندو هو. ٽانڊي تي پڪل شيون کائڻ ته انسان لاءِ هڪ عجيب حادثاتي اتفاق هو. جنهن سان سندس حياتي ۾ نئون سواد معتارف ٿيو. ڌرتيءَ جي گولي تي اجگر گھاٽا جهنگل موجود هئا. توڙي جو اهي ٻيلا انسان جي پناهه گاهه به هئا (آفريڪا سميت هن وقت به ڪي اهڙا ملڪ موجود آهن جتي اڄ به انسان جهنگلي آهي، شڪار تي گذارو ڪري ٿو، بدن به وڻن جي پنن سان ڍڪي ٿو) ٻيلن ۾ موجود سڪن وڻن جا سڪل ٽار هڪٻي سان گسجي آگ پيدا ڪندا آهن. جنهن سان گھاٽن جنهگلن کي کن پل ۾ خطرناڪ باهه وڪوڙي ويندي آهي. آڳاٽو انسان ان جهنگل جي باهه کان ڀڄندو وڃي کُلي ميدانن ۽ پوٺن جو رخ ڪندو هو. جڏهن باهه ٿڌي ٿيندي هئي ته آهستي آهستي ان جو جائزو وٺڻ ويندو هو. ان باهه جي ٽانڊن ۾ انهن جانور جا سڙيل لاش پيا هوندا هئا جن جانورن کي عام طور ان زماني جا ماڻهو شڪار ڪري ڪچو کائيندا هئا. ڪچو گوشت کائندڙ انسان جڏهن جهنگل جي باهه ۾ سڙيل جانور جو پڪل گوشت کاڌو ته کيس وڌيڪ سٺو سوادي ۽ هاضميدار لڳو، ان باهه جي پڪل خوراڪ کيس پيٽ ۾ ايجها به نه ڪئي، جنهن بعد انسان کاڌي جون شيون باهه تي سيڪي کائڻ شروع ڪيون. سخت سردين ۾ باهه جو سيڪ کيس سڪون ڏيڻ لڳو. جهنگلن کي باهه ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندي هئي، تنهنڪري وڏو مسئلو اهو هو ته باهه کي وس ڪرڻ لاءِ محفوظ ڪيئن ڪجي؟ جنهن بعد انسان “ٻرندي تي ٻارندو رهيو” ۽ اگني جي فائدن مان آراسته ٿيندو رهيو.
    باهه تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ لاءِ به جهوني انسان کي ڪيئڻ رڻ جهاڳڻا پيا. پر جڏهن کيس اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته “باهه لاءِ پاڻي موت آهي” تڏهن سندس مشڪل آسان ٿي وئي. انسان جي جيون ۾ باهه اهم ضرورت جي شئي بڻجي وئي. پوءِ انسان ڪهاڙو کڻي جهنگلن جو رخ ڪيو، وڻن ۾ ڪرٽ وڌو، ٻارڻ لاءِ ڪاٺ جي ضرورت وڌندي وئي، ٻيلن جو انت ايندو ويو.

    ڪاٺيار
    جڏهن ڌرتيءَ تي ٻارڻ جو ڪتب وڌيو ته ڪاٺين جي گھرج به اوتري ئي وڌي وئي. پوءِ هن سرسبز سرزمين تي ڇانورا وڻ ٻارڻ بڻجي ويا، ڪائنات جو حُسن سڙي رک ٿي ويو، گلوبل وارمنگ جي وارنگ اچڻ لڳي، ماحوليات ڪاراٺجي وئي، پر ڪهاڙو نه رڪيو. ڪاٺ جو ڪم دنيا جي وڏن ڪاروبارن ۾ شمار ٿئي ٿو. ان ڪم ۾ سيڙپ ڪندڙ سرمائدار لاءِ اهو قانون رائج ٿيل هجي ته جيترا وڻ هنن وڍايا آهن اوترن ئي وڻن جون چڪيون کين پوکڻ جو پابند بڻايو وڃي ته هي ڌرتيءَ ڪڏهن به بنجر نه بڻبي. پر هتي ته سرمائدارن ابتي گنگا وهائي آهي. پورهيت ڪاٺيار ته سرمائدارن جي حڪم جو بندو آهي. هو ته ٻچن جي پيٽ گذر خاطر پنهنجن ئي ٻچن جهڙا وڻ وڍي ٿو. ڪاٺيار ته پگهر جو پورهيو اٽي جي سير لاءِ ڪري ٿو.
    جهنگل مان ڪاٺيون وڍڻ جو ڪم پڻ جوکائتو آهي، پر پيٽ جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ خاطر انسان ڪيترائي جبل جهاڳيا آهن. ڪاٺيون ڪندڙ پورهيت ڪاٺيار جي ڪِرت توڙي جو هاڻ وڍائي جون جديد مشينون اچڻ ڪري ذوال پذير ٿي چڪي آهي. پر ڪنهن زماني ۾ سندن وڏي گھرج هوندي هئي. ڪاٺيارن تي بچپن ۾ ٻڌل آکاڻيون اڄ به ڪنن جي سماعتن ۾ گونجن ٿيون. ڪهاڙو ۽ ڪرٽ ڪاٺيار جي هٿ جا اوزار آهن. جنهن سان ڪاٺيار ڪاٺي جو ڪم ڪري سگهندو آهي. سنڌ جي شهرن ۾ گيس ته ڪلهه جي ڳالهه آهي. پر گيس لڳڻ کان اڳ رڌ پچاءُ لاءِ ڪاٺين جو استعمال ٿيندو هو. سنڌ جي اڌ شهرن سميت ٻهراڙين ۾ اڄ به ٻارڻ طور ڪاٺيون ڪتب اچن ٿيون. جنهن ڪري ڪاٺين جي ضرورت اڄ به گھٽي ناهي. ڳوٺاڻن شهرن ۾ ڪاٺيار ڪاٺين جون ڀريون مٿي تي رکي گلين ۾ هوڪا ڏيندا آهن. هاڻ وري ڦٽي واريون چنگچيون ڀرجي اچن ٿيون. ماضي ۾ اهو ڪم بيل گاڏين تي ٿيندو هو. پر ڪٿي ڪٿي ته اڃان به ڪاٺيار گڏهه گاڏيون ڪاٺين سان سٿي شهرن جو رخ ڪن ٿا. سڪل ۽ آلين ڪاٺين جا ڌار ڌار اگهه آهن. جهڙيون ڪاٺيون اهڙا ڏوڪڙ کين ملن ٿا جنهن مان سندن پيٽ کي چتي لڳي ٿي.
    پر گھڻي وقت کان سنڌ ۾ سرن جا چمني وارا بٺا لڳڻ سان ڪاٺين جي ٻارڻ جو واهپو وڌڻ ڪري سنڌ ۾ ٻارڻ جي کوٽ پوري ڪندڙ ديوي جي وڻ جي نسل ڪشي شروع ٿي وئي. بلڪه ديوين جا ته لاهه ئي نڪري ويا آهن. اڳ ڪاٺين جون ڀريون وڪامبيون هيون پر پوءِ ٽريڪٽر ٽالها ۽ ٽرڪون ڀرجڻ لڳيون پر پورائي ڪونه ٿي. ٿوري عرصي ۾ جهنگ ختم ٿي پوٺا بڻجي ويو. فطرت جا سمورا رنگ ۽ خوبصورتيون ٻارڻ جي نظر ٿي ويون. جهنگ جي قاتل سرمائدارن جي اڪائونٽن ۾ پئسا ٻيڻا ۽ ٽيڻا ٿيندا ويا ۽ ڪاٺيون وڍيندڙ پورهيت ڪاٺيارن جا سور ڏهوڻا ٿيندا ويا. دنيا جي چلهه ٻارڻ واري هن پورهيت جي چلهه ٿڌي رهي، ڪاٺيار جو پٽ ڪاٺيار ئي ٿيو. هاڻ ته زميندار پنهنجين ٻنين ۽ ان جي مهاڳن مان ڪاٺيون به نٿا وڍڻ ڏين، جي وڍڻ جي اجازت به ڏين ٿا ته حصي پتي تي، تنهنڪري پگهر جو پورهيو ڪندڙ هنن پورهيتن جو ڪو مستقبل آهي ئي ڪونه ته ان ۾ ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ هنن پورهيتن جو نصيب به شايد سندن پيرن جيئن ڪنڊن سان ڇنل آهي. هو جهنگ وڍي عارضي طور پيٽ کي پٽي ته ٻڌن ٿا پر پنهنجي مستقبل جي روزي به ڌرتيءَ تان کٽائن ٿا. ڪاٺ جا سرمائدار واپاري ته جنهن ڪاروبار ۾ مندي هوندي ان کي ڇڏي ٻيو ڪاروبار ڪندا پر نسل در نسل جيڪي پگهر جو پورهيو ڪري پيٽ پالين ٿا سي ته وڻن ۾ نه پر پنهنجي پير ۾ ڪهاڙو هڻن ٿا.
    ڌرتيءَ جي پيمائش لکين سال اڳ جيتري هئي ان مان گھڻي ڌرتيءَ کي سمنڊ پائي گھٽائي ويو آهي. يعني ڌرتيءَ ناهي وڌي، پر رڳو اڌ صدي اڳ ڌرتيءَ تي جيتري انسانن جي آبادي هئي ان کان به هن وقت ٻيڻي آبادي وڌي آهي. تنهنڪري زمين تي خوارڪ جا ذريعا ته اهي ئي آهن جيڪي اڳ هئا پر اشرف المخلوقات جو انگ وڌيو آهي. تنهنڪري مستقبل ۾ سڀ کان وڏو ۽ عالمي سطح جو جيڪو مسئلو اڀري سامهون ايندو سو “ماني” جو مسئلو هوندو. هن وقت به آفريڪا، نائجيريا ۽ ايٿوپيا جهڙا ڪيترائي اهڙا ملڪ موجود آهن جيڪي خوراڪ جي شديد کوٽ جو شڪار آهن.
    يعني هن ڪائنات ۾ پورهيتن جو مستقبل روشن هجڻ واري اميد خواب خيالي کانسواءِ ڇا آهي؟ پورهيتن جو استحصال ڪندڙ سرمائدار واپاري قوتون مسڪين پورهيتن جي پگهر جي پورهيي ۽ هٿ جي هنر کي ختم ڪري مشيني ڊوڙ ۾ شامل آهن. اهڙو عمل دنيا جي ڪروڙين پورهيتن کي بيروزگار ڪري بک مارڻ جي خطرناڪ سازش آهي.

    آڱار ٺاهيندڙ پورهيت
    سُڪي يا آلي ڪاٺي جي ٻارڻ سان گڏ انهن ئي ڪاٺين کي ڪوئلي جي کورن ۾ سٿي باهه ڏيئي آڱار ٺاهيا ويندا آهن. جن کي استري، سگري، رڌ پچاءُ ۽ سياري ۾ هٿ سيڪڻ سميت لوهارڪي ڪم ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪوئلن ۾ دونهون نه هئڻ ۽ آساني سان تيز باهه فراهم ڪرڻ ڪري شهري آبادي ۾ وڌيڪ استعمال ڪيو ويندو آهي. توڙي جو سرون ۽ ڪوئلو دنيا ۾ ترقي جي علامت جي نشاني آهن، پر سرن جا بٺا جن علائقن ۾ لڳن ٿا اتي مشاهدو ڪندا ته انهن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ۽ زراعت جي تباهي سبب ئي آبادگار پنهنجيون سون سريکيون زمينون بٺن لاءِ مقاطئي تي ڏين ٿا. يعني بٺا ان علائقي جي بدحالي کي ظاهر ڪن ٿا ۽ ڪوئلن جا کورا به انهن علائقن ۾ لڳن ٿا جتي زمينون گھٽ آباد ٿين ٿيون. پيٽ گذر جي مجبوري سبب پورهيت ماڻهو ڪاٺيون سستي اگهه تي وڪرو ڪن ٿا. ان ڪري اتي آڱارن جا کورا گھڻا لڳن ٿا. هي ڪم به نهايت ئي ڪاريگري سان ٿيندو آهي. هن ڪم ۾ باهه گھٽ ۽ وڌ ڏيڻ جي صورت ۾ ڪاٺيون آڱارا بجاءِ رک بڻجي سگهن ٿيون. هن ڪِرت ۾ ڪارا هٿ ڪرڻ وارن هنن پورهيتن جو من اڇي کير جهڙو اڇو هوندو آهي. صوفي شاعر سچار فقير صابر پنهنجي رسالي ۾ آڱار تي پورو سُر “اڱرنامون” سرجيو آهي.

    مچي پئو مچ ۾، عاشق اڱر جيئن،
    هڻ ٻڌ ٻارڻ ۾، دُکا دل دونهين،
    سڙ پيو “سچار” چئي، نرڀو اندر نينهن،
    پوءِ لک لهين، ٿي پهرين عدم اڱر جان.

    ڪوئلو ٿي ڪڙهه، اندر ٻاري آگ،
    لڙي وڃ لُهار ڏي، جتي مچن ماڳ،
    جاڳائي جوت کي، جوت منجهه جاڳ،
    ورندئي ويراڳي، ڀڙڪن ۾ ڀاڳ،
    ري سڙڻ سهاڳ “سچار” ملي ڪين ڪي.

    واپارين پاران سيڙپ ڪري قائم ڪيل کورن تي آڱار ٺاهيندڙ پورهيت ڏهاڙي تي به ڪم ڪن ٿا ته ٻول تي چُڪائي ڪم ڪن. پيٽ جي آگ اجهائڻ لاءِ ئي آگ ٻارين ٿا. هي پورهيت ماني لاءِ سُڪن سان گڏ ساوا ساڙين ٿا. هنن پورهيتن جي روزي روٽي کورن جي تپش سان لاڳاپيل آهي، کورا ٻرندا ته دانگي چڙهندي کورا ٿڌا ٿيا ته هنن جي چلهه به ٺري ويندي.
    مال جي ڇيڻي مان ڪوڪيون ٺاهيندڙ پورهيت عورتون
    چوپائي مال جو ڇيڻو قديم زماني کان زرعي ڀاڻ طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. پر اڳتي هلي جديد زماني ۾ مال جي ڇيڻي مان “گوبر گيس” ٺهڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو. جنهن مان پڻ رڌ پچاءُ جو ٻارڻ ٿئي ٿو. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. جنهن سبب ماڻهو شروعاتي دؤر کان وٺي هن سائنس جي تيز ترين زماني تائين مسلسل تحقيقون ۽ تجربا ڪندو پنهنجي مشڪل زندگي کي آسان بڻائڻ جي جاکوڙ ۾ جنبيل رهيو آهي. مال جي سُڪل ڇيڻي کي ٻهراڙين ۾ ته اڄ به ٻارڻ طور استعمال ڪيو ويندو آهي. ڇيڻي جو ٻارڻ سڀ کان بهتر سمجهيو وڃي ٿو. ان ٻارڻ تي پڪل کاڌن جو ذائقو پڻ سوادي ٿئي ٿو. ڇيڻي جو ٻارڻ سستو ۽ بهتر آهي. شهر جي غريب آبادين ۾ ڇيڻي مان ڪوڪيون ٺاهي وڪرو ڪرڻ جو غريباڻو دنڌو اڄ به عام جام ڪيو وڃي ٿو. مسڪين ۽ پورهيت عورتون شهرن ۾ قائم مال جي واڙن تان ڇيڻي جون ريڙهيون خريد ڪري پنهنجي گھرن جي ديوارن تي ڪوڪيون ٺاهي چنبڙائن ٿيون. اڳ ته مال جي وٿاڻن ۽ واڙن تان ڇيڻو مفت ۾ ملندو هو پر هاڻ في ريڙهي ٽيهه روپين جي حساب سان وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هر پورهيت عورتون روزانو پنج کان ڏهن ريڙهن جيترو ڇيڻو خريد ڪري ڇيڻي مان ٻارڻ لاءِ ڪوڪيون ٺاهن ٿيون. ڪوڪيون ٺاهڻ جو رواج پنجاب ۾ اڄ به وڏي عروج تي آهي. پنجاب جي ٻهراڙين جو گھڻو ٻارڻ گيس هوندي به ڇيڻي جي ڪوڪين تي ٿئي ٿو. ماحول دوست ٻارڻ لاءِ ڪوڪيون ٺاهيندڙ پورهيت عورتون پنهنجي پيٽ گذر خاطر سرد سياري ۽ گرمين جي مند ۾ ڇيڻي ۾ هٿ وجهن ٿيون. جنهن سبب ڪيتريون ئي مزدور عورتون سخت الرجي جو شڪار ٿيڻ جي باوجود به مجبوري سبب ٻين جي ٻارڻ لاءِ هي ڪرت ڪن ٿيون. هن وقت ڏهه روپين ۾ ڏهه ڪوڪيون ملن ٿيون. هن پورهيي سان توڙي جو هنن پورهيتن جو پيٽ گذر نٿو ٿئي پر مجبوري جهڙي ڪا لعنت ناهي. سرڪار جيڪڏهن روزگار جا ذريعا وڌائي ته غريبن جا ڪيترائي ڏک، سور ۽ تڪليفون دور ٿي سگهن ٿيون.


    بنگلن جا پورهيت : عورتون، ٻار، مالهي، بورچي، ڊرائيور ۽ چوڪيدار

    ڪائنات جي اوائلي انسانن ۾ ڏند ڇڪ، ويڙهه، فساد انهي شروعاتي زماني کان هلندڙ آهي جڏهن انسان مڪمل طور غيرتهذيب يافته حياتي جا ڏينهن گھاري رهيو هو. اڻسڌريل انسان جا طاقتور ٽولا هيڻن تي هلان ڪري جيهڙيندا هئا. ذورآور قوتن ۽ هيڻن جي وچ ۾ هلندڙ ڪشمڪش جا ارتقائي سبب جهنگل مان آڙڪ ٻوٽن مان گڏ ڪيل اناج، خشڪ ميون جا ذخيرا ۽ شڪار ڪيل جانورن سميت سندن ذاتي جانورن (اهي جانور جهنگ مان خوراڪ خاطر جهلي بيهاريا ويندا هئا، يعني اهو جانور جو گھريلو ٿيڻ وارو شروعاتي دؤر چئي سگهجي ٿو) تي قبضي ڪرڻ ۽ انهن هيڻن ماڻهن جي ٽولن کي لُٽي، ڦري سندن مڪمل ڏيوالو ڪڍي کين يرغمال بڻايو ويندو هو. ڏاڍن قوتن وٽ يرغمال ٿيل ماڻهو انهن ظالم قبضاگير قوتن جي مڪمل غلامي ڪندا هئا. بدترين غلامي جي انهي زهر جهڙي جيون ۾ پورهيت غلامن کان پنهنجي خوراڪ لاءِ شڪار ڪرائڻ، کاڌ خوراڪ جون شيون گڏ ڪرائڻ، پنهنجي آرام ۽ آسائش جا سمورا بندوبست يرغمال بڻايل غلامن کان ڪرائڻ سميت سڀ سخت کان سخت جسماني پورهيا انهن هيڻن انسانن کان ئي ڪرايا ويندا هئا. قبضاخور ظالم طبقا پنهنجي طاقت جي ذور تي غريب، مسڪين ۽ نوڪر بڻايل انسانن تي ظلمتن جا ڪرٽ وهائيندا هئا. ڪائنات ۾ ظالم ۽ مظلوم قوتن جي نروار ٿيڻ جا اهي ئي ارتقائي سبب آهن. انهن ٻنهي قوتن جي وچ ۾ اڄ به تڪرار هلندڙ آهي، پر ان تڪرار جا سبب جديد زمانن جي مناسبت سان بدليا ضرور آهن. پر اصل جنگ معاشيات جي وسيلن جي آهي. اصل جنگ ازل کان آزاد انسان کي يرغمال بڻائي قيد ۽ غلام رکڻ، ان جو معاشي استحصال ۽ قتل عام ڪرڻ، ان پرامن انسان کي لکين سالن کان تذليل جو نشانو بڻائڻ جي خطرناڪ عمل تان هلندڙ آهي. ڌرتيءَ جي ان غريب ماڻهو کي غلام رکڻ خاطر ڪيترا حيلا هلايا ويا، اشرف المخلوقات کي سرعام بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو. ان ڪاروبار کي جديد انداز سان جاري رکڻ خاطر لاتعداد اٽڪلون ڪيون ويون. ڪروڙين مظلوم انسانن کي ڏاڍن پاران پنهنجي وس رکڻ لاءِ خون ريزي، قتل وغارت، ڏاڍ ۽ جبر جا لاتعداد مثال قائم ڪيا ويا. پر جيئن جيئن ڌرتيءَ تي جديد تهذيبون ٺهڻ شروع ٿيون، ماڻهو مهذپڻي ڏانهن وڌڻ لڳو، بادشاهتون جُڙيون ۽ ڊهي پٽ پيون، جمهوريتن جا نوان آئين ۽ قانون ٺهيا، انساني حقن جا ادارا وجود ۾ آيا ته انهن غريب پورهيت انسان کي پگهار تي نوڪر رکڻ واري ترميم ڪئي وئي.
    گھرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت نوڪرياڻيون عورتون
    بنگلن ۾ رهندڙ سڀ ماڻهو ماڻهو هڪجهڙا ناهن، انهن ۾ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نيڪ انسان به آهن. پر گھڻائي پورهيتن جو استحصال ڪندڙن جي آهي. دنيا جي امير ماڻهن کان پنهنجي گھر جو ڪم به نٿو پُڄي، گھر جي ڪمن لاءِ کين غريب ماڻهن جو پورهيو خريد ڪرڻو پوي ٿو. معمولي مزدوري تي انهن کان گھر جو سمورو ڪم ڪرايو وڃي ٿو. شهر توڙي ٻهراڙين ۾ وڏن ماڻهن جي حويلين ۽ بنگلن اندر ڪم ڪندڙ پورهيت عورتون آهن جيڪي پنهنجي ذاتي زندگي جا ڏک، سور، خوشيون ۽ غم وساري ٻين جي گھرن ۾ مزدوري ڪن ٿيون. رڌپچاءُ، ڌلائي، صفائي، ٻُهاري، ديوارن تان ڄارا لاهڻ، فرش کي پونچا هڻڻ سميت امير ماڻهن جي ٻارڙن کي سنڀالڻ تائين سمورا ڪم اهي پورهيت عورتون ئي ڪن ٿيون. پر شهر مان ڀاڄي ۽ سامان سيڌي جي خريداري به انهن کي ئي ڪرڻي آهي. هنن پورهيتن جي ڪا موڪل ڪونه هوندي آهي، هي پورهيت عورتون سڀاڳا ڏڻ به پنهنجن مالڪن جي گھرن ۾ ڪم ڪندي گذارنديون آهن.
    “ماسي” جي نالي سان سڏجندڙ انهي مزدور عورتن جي ذميواري صرف گھر جي رڌ پچاءُ ۽ صفائي سٿرائي رکڻ ناهي پر اهي پورهيت عورتون ته اڻسڌي طرح انهن بنگلن جي چوڪيداري جو به ڪم ڪن ٿيون. هر شئي جي ذميواري ان ئي پگهار ۾ سندن بلي آهي. ان گھر مان ڪابه شئي گم ٿي ته اهي پورهيت نوڪرياڻيون عذاب ۾ پئجي وينديون آهن. سڀ کان پهرين ان چوري جي جانچ جي شروعات انهن کان ئي ٿيڻي آهي. اها جانچ بنگلي اندر ٿئي يا ڳالهه راڄ نيتي کان ٿيندي ٿاڻي تائين پهچي پر بي گناهه هجڻ جي صورت ۾ به ان پورهيت کي گناهگار ڏوهاري کان به وڌيڪ لوڙهايو ويندو آهي. اميرن جي دسترخوانن تان بچيل اوباري ۽ پاروٿي کاڌي تي نسل در نسل پيٽ گذر ڪندڙ هنن پورهيت عورتن جي تن تي پنهنجين مالڪياڻين جا لاهي اڇلايل ڪپڙا پاتل هوندا آهن. سندن پيرن ۾ پڻ گھر جي ڪٻاڙخانن مان مليل جُتيون پهريل هونديون آهن. جڏهن دنيا جا امير ماڻهو ڊائنگ ٽيبل تي ويهي لاتعداد طعامن سان ڏينهن جي شروعات ڪندا آهن تڏهن اهي پورهيت عورتون پراٺي ۾ دير ٿيڻ سان دنيا جي جديد گارين سان ناشتو ڪنديون آهن. داٻا، دڙڪا ۽ ڇڙٻون انهن جون مقدر بڻيل آهن. ٿورڙي پگهار ۾ گھڻي تذليل جو فارمولو شايد دنيا جي اميرترين موٽن منکن جي معاشيات جو قانون آهي. هنن کي پنهنجي معاشيات بچائڻي آهي؟ هن پرٿوي تي معاشيات ۽ انساني قدر هڪٻي لاءِ زمين ۽ آسمان جيڏو ضد بڻيل آهن. هن دنيا کي سرمائدار پنهنجي اک سان ڏسن ٿا ۽ پورهيتن جي پنهنجي نگاهه آهي. پورهيتن جا خواب به غريباڻا آهن ۽ امير لوڪ سپنن ۾ به مسڪينن جي معاشي قتل عام ۽ استحصال ڪري سڪون حاصل ڪن ٿا. پر امير ۽ پورهيت جي حياتي گذارڻ جي طريقن ۾ هڪڙو فرق آهي، جيڪو اصل ۾ امير ۽ غريب جي وچ ۾ شناخت جي لڪير بڻيل آهي. نوٽن جي بستري تي سمهڻ باوجود امير ماڻهن کي ننڊ جي گورين جو ٻڪ کائڻ به ڄڻ معاشيات جي قانون ۾ شامل آهي. انهن جو بلڊ پريشر به اسٽاڪ ايڪسچينج جي ريٽن جيئن هيٺ مٿي ٿئي ٿو. امير ماڻهن جي دل جي دڙڪن به زخيرو ٿيل شين جي اگهن سان واڳيل آهي. هو ڦڪا کاڌا کائن ٿا، لوڻ، مرچ، مٺاڻ کان پرهيز ڪن ٿا. هو بک لڳائڻ جون دوائون کائن ٿا. هو وزن گھٽائڻ لاءِ واڪ ڪن ٿا. پر پورهيت ته بنان بستري جي گھري ننڊ سمهن ٿا، هنن جو بلڊپريشر رڳو بک ۾ گھٽجي ٿو. غريب پورهيت ته هڪ ويلي ۾ ايترا مرچ ماني سان کائن ٿا جيترا امير ماڻهو سڄي هفتي ۾ به مشڪل سان استعمال ڪندا هجن! پورهيتن کي شگر ۽ دل جون بيماريون ٿين ئي ڪونه، هنن کي ته زمانن کان بک ايترو روليو آهي جو هو هاڻ بک لڳائڻ نه پر بک کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي دوا ڳولين ٿا. هنن جو پنڌ وزن گھٽائڻ لاءِ نه پر پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو آهي. فرق رڳو ايترو آهي ته پورهيت هن ڪائنات جا سمورن لذيذ ذائقن لاءِ فٽ آهن ۽ امير ماڻهو تي فطرت جون پابنديون آهن. چوپائي مال جي وڏن واڙن جا مالڪ ڪاري چانهه پيئن ٿا، گيهه، مکڻ، کير کين طبيبن بند ڪيا آهن. فائيو اسٽار هوٽلن جا مالڪ رڳو پاڻي ۾ اوٻاريل دال واپرائن ٿا.
    جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ راڌا ڀيل جو موقف آهي ته عورت ذات سان ظلم ۽ زيادتين جي تاريخ ته هون تمام ڊگهي آهي، پر پورهيت عورتن سان هن سماج جو رويو تمام ڏکوئيندڙ ۽ افسوسناڪ رهيو آهي. امير ماڻهن جي گھرن ۽ بنگلن ۾ ڪم ڪندڙ مسڪين ۽ معصوم نياڻين جي غربت، مفلسي، مالي تنگدستي ۽ مجبوري جو محلاتن ۾ رهندڙ موٽا ماڻهو ناجائز فائدو وٺي ساڻن غيرانساني سلوڪ ۽ رويو رکن ٿا. انهن تي چورين جا ڪوڙا الزام هڻي بليڪ ميل ڪري نه رڳو سخت جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو پر انهن عورتن کي جنسي حوس جو نشانو پڻ بڻايو وڃي ٿو. ويجهي ماضي جي تاريخ اهڙن ڪيترن ئي واقعن سان ڀري پئي آهي. انهن پيڙهيل عورتن سان هتي تمام گهٽ انصاف ٿئي ٿو. عدليا ۽ سرڪار انهن متاثر عورتن کي ڪهڙو اصاف فراهم ڪيو آهي؟ ڪيترائي واقعا تيزترين ميڊيا جي ڪري منظرعام تي اچن ٿا، نه ته گھڻو ڪري اهڙا واقعا ماڙين ۾ ئي دفن ٿيو وڃن، ڪٿان ڪو آواز نٿو بُلند ٿئي. ڪٿان ڪا رڙ نٿي ٿئي. اهو عورت دشمن سسٽم ختم ٿيڻ گهرجي.

    ڀرت ڀريندڙ عورتون
    نور نچوئي سئي ٽوپي جو ڪم ڪندڙ عورتن جي حياتي پورهيو ڪندي گذري ٿي، هو ڀرت سان گڏ پنهنجا خواب ٽانڪين ٿيون، هو بک کي سيبو ڏين ٿيون، هو بدحالي جا اڊيڙيل بکيا ڳنڍين ٿيون، پر ان جي باوجود بک جي ڦاٽل بگري کي چتي نٿي لڳي، اين جي اوز ۽ ادارا انهن جي ڪم کي ڪيش ڪرائي پنهنجو ڀڀ ڀرين ٿا. هو پنهنجي ڪٽنب سميت فاقاڪشي جي حياتي گذارين ٿيون.

    گھرن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت ٻارڙا
    ارب پتي ماڻهن جي ڊففينسي بنگلن ۾ معصوم ٻار ان ڪري گھريلو ڪم لاءِ نوڪر طور رکيا وڃن ٿا جو انهن جي پگهار گھٽ ڏيڻي پوي ٿي. مائٽ سخت معاشي مجبوري سبب پنهنجن معصومن کي راند روند ۽ پڙهڻ جي ڄمار ۾ بنگلن تي نوڪر طور ڇڏيو اچن. جتي پٿر دنيا جهڙا برگر ماڻهو انهن ٻارڙن کان جبري پورهيو ڪرائن ٿا. انهن جي مجبوري خريد ڪن ٿا. ڪائنات کي شاندار مستقبل ملڻ کان روڪين ٿا. جتي پنهنجي سک ۽ آسائشن لاءِ ٻين جي زندگين سان کيڏيو وڃي ٿو. جتي ننڍڙن ٻارڙن جا معصوم جذبا رتورت ٿين ٿا. جتي خواهشن جو گلو گھٽيو وڃي ٿو. جتي پورهيتن هٿن مان گلاس ٽٽي پوڻ تي به عالمي جنگ ڇڙڻ جهڙو امڪان موجود هجي. غربت جو عذاب انهن ٻارڙن کي اميرن جي اڳيان محتاجي جو جيون ارپي ٿو. بچپن کان ڌارين جي رحم ڪرم تي گذاريل حياتي مستقبل ۾ هن سماج اندر هڪ ذهني مريض مزدور جو اضافو ئي ڪري سگهي ٿي. انهن خوشحال ۽ ڪُشادن بنگلن کي پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي سموري حياتي ارپڻ وارن پورهيتن جي گھرن ۾ ڪڏهن خوشي جا لمحا آيا آهن. اهي پورهيت ته پنهنجي زندگي گذارين ئي ڪونه ٿا. هو ته ڄڻ پيدا ئي نيچ نوڪري لاءِ ٿيا آهن. سڄي سال ۾ اهي پورهيت ٻار انهن بنگلن مان ايتري پگهار مس کڻن ٿا جيتري رقم ميڊم جي هڪ دفعي جي ميڪپ جو بل آهي. هي مصعوم پورهيت ٻار نه ڪيل گناهن جي سزا ڀوڳين ٿا.

    چوڪيدار، مالهي، ڊرائيور ۽ بورچي
    دنيا ۾ موجود وڏن بنگلن جا سُک ۽ آسائشون ماڻڻ وارا منک ٻيا آهن. پر انهن محلن جي رونق، سونهن، تحفظ جا ذميوار ماڻهو اڃان ئي ٻيا آهن. جن جي سڄي حياتي سلام صاب، جي صاب، حاضر صاب جهڙن ٽن جملن تي گردش ڪري ٿي. انهن محلن ۾ لذيذ کاڌا ٺاهڻ وارا پورهيت بورچي، تحفظ ڏيڻ واري چوڪيدار، باغيچا ۽ پارڪن جي سونهن سجائڻ وارا مالهي ۽ انهن صاحب لوڪن جي سفر جا همسفر ڊرائيور پورهيت سموري حياتي پيٽ گذر جي مجبوري ۾ ناچاهيندي به ساٿ نڀائن ٿا. سندن مالڪن جا بنگلا اڀ سان ڳاليهون ڪندا رهن ٿا. پر انهن جي جهوپڙين مان داڳ جي خوشبوءُ به جمعي چنڊائي به مشڪل سان اچي ٿي. هو پنهنجن ٻچن جو علاج فقط صاب جي چٺي تي يا سرڪاري اسپتالن مان ڪرائن ٿا. هو پنهنجن غمن ۽ خوشين ۾ به صاحب جي اجازت کانسواءِ نٿا وڃي سگهن. بنگلن ۾ ڪم ڪندڙ انهن پورهيت مزدور جو ڪهڙو مستقبل آهي؟ انهن جي اونداهي ٻاٽ جهڙي حياتي ۾ روشني جي ڪِرڻي جي ڪا ذري به اميد آهي؟
    گھريلو ڪم ڪندڙ پورهيتن سان ٿيندڙ واقعا
    تازو سانگهڙ شهر ۾ سيٺ رتن لوهاڻي جي گهر ۾ ڪم ڪندڙ 16 سالا راڌا ڀيل جو لاش سيٺن جي گھر مان هٿ آيو. 3500 ماهوار پگهار تي گھر ۾ ڪم ڪندڙ ان پورهيت نياڻي جو موت جو سبب ڪهڙو هو؟ واقعي جي پهرين ڏينهن مائٽن سيٺ تي ڪيس داخل ڪيو پر وري رات پيٽ ۾ الئه ته ڪهڙو واه وريو جو ٻي ڏينهن هو ڪيس تان ئي هٿ کڻي ويا. اهڙا واقعا اخبارن ۾ ايندا رهندا آهن. گھڻو ڪري بنگلن مان پورهيتن تي چوري جا الزام ئي لڳندا آهن. جنهن جي جانچ به گھڻو ڪري بنگلن ۾ ٿيندي آهي. پورهيتن کي چوري جي سچي يا ڪوڙي الزام ۾ قيد ڪرڻ، استري سان ساڙڻ، ڏنڀ ڏيڻ، سخت جسماني تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي. ڪيترائي معاملا آهن جيڪي ميڊيا م اچڻ کان رهجي ويندا آهن. پر جيڪي ميڊيا جي زينت بڻبا آهن تن کي ڏسي ڏيل ڏڪي ويندو آهي. انسانيت لڄي بڻجي ويندي آهي. پر اعلى اختيار خاموش، انساني حقن جا ادارا خاموش، سول سوسائٽي خاموش، سنجيده ۽ باشعور ماڻهو خاموش، قلم ۽ ڏات خاموش ٿي ويندا آهن. اها خاموشي ئي پورهيتن تي ظلمتن جي اڻسڌي اجازت آهي، اها خاموشي ئي غلامي کي فروغ بخشي ٿي.
    دنيا جا ڪيترائي منجھيل سوال جوابن جا منتظر آهن. هن دنيا ۾ پگھر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش پورهيت طبقا پنهنجي پيٽ گذر خاطر سخت جسماني پورهيو ڪري هن ڪائنات جي تعمير ۽ ترقي لاءِ لکين سالن کان نسل درد نسل پتوڙڻ جي باوجود اڄ به بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو آهي.؟ جيڪي پورهيت پنهنجي زندگين جا خوبصورت لمحا هن ڪائنات لاءِ گرمين توڙي سردين ۾ اناج پيدا ڪرڻ خاطر ڪارين راتين ۾ لنڊيون لتاڙيندي کيتن ۾ گذارين ٿا، ڇا انهن جي ڪکائن جھوپڙين ۾ ان جي ڪا گُندي پيل آهي؟ پورهيت ته ڪائنات لاءِ اناج جا انبار اُپائي به پاڻ سرمائدار اڳيان پنهنجي پگھر جي ڪمائي به جھولي جھليو وٺن ٿا. “منهنجي ڪڻڪ کڻڻ وارا سرمائدارو! مون کي ٿورو اٽو ته ڏجو” اربين ٽن اناج پيدا ڪندڙ پورهيتن جي گھر ٿيلهي ۾ سير اٽو به روز اچي ٿو يا کين ڪڏهن ڪڏهن بکئي پيٽ سمهڻو پوي ٿو؟ لکين ٽن ڦٽي جو فصل پيدا ڪندڙ پورهيتن جي معصوم ٻارن جي انگ تي ڪڏهن ڦاٽل شلوار يا قمص آهي ته ڪڏهن ناهي ۽ اڪثر مزدورن کي پاتل نيلامي ڪپڙن کي پٺن وٽان چتي ڇو لڳل هوندي آهي؟ ڪارخانن ۾ اُچيون ۽ مهنگيون جتيون ٺاهيندڙ پورهيتن جي پيرن ۾ سدائين اڳڙين سان ٻڌل ڇڳل ٺوڳر ڇو هوندا آهن؟ دنيا جون سموريون ماڙيون، محل، بنگلا ۽ پلازا ٺاهيندڙ پورهيتن جا گھر ڪکاوان ڇو آهن؟ آر سي سي ڇتون ٺاهيندڙن جا غريباڻا جھوپا طوفاني هوائن جي پهرين جھونڪي تي ئي پٽ ڇو پئجي ويندا آهن؟ ڪائنات ۾ گھر جوڙي ڏيندڙ ماڻهن جي اڪثريت بي گھر ڇو آهي؟ مزدورن جون جھوپڙيون ماڙين جي پاڇي ۾ الوپ ڇو ٿين ٿيون؟ بنگلا اجگر بلائون بڻجي ڪکن پنن جي انساني آکيرن ڇو کايو وڃن؟ دنيا جا وڏا روڊ ۽ رستا ٺاهيندڙ مزدورن جون گاڏيون ڪڏهن انهن روڊن تي هليون آهن؟


    ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل پورهيت

    آڳاٽي زماني ۾ سفر ۽ سواري جا ذريعا اُٺ، گھوڙا، خچر ۽ گڏهه هئا. انهن جانور جي پُٺي تي چڙهي سفر ڪيو ويندو هو. سفر لاءِ ڪچا رستا، پيچرا ۽ واٽون هيون جن تي مسافر ڦرجڻ جي خوف کان ٽولن جي صورت ۾ سفر ڪندا هئا. تڏهن ملڪن وچ ۾ڪنڊيدار تارن جون سرحدون اڃان ڪونه قائم ٿيون هيون، جنهن لاءِ اچ وڃ جي ڪا جهل پل نه هئي، واپار، تيرٿ ياترائون ۽ زيارتون يا ته پيرين پنڌ ٿينديون هيون يا وري انهن وهٽن تي سفر ڪري منزل تي پهچبو هو. هڪ منزل کان ٻي منزل تائين ڀاڙي جا اگهه به منزل جي مفاصلي مطابق مقرر ٿيل هئا. راجستان جهڙن گھڻن علائقن ۾ سفري ٽيڪس مقرر ٿيل هو. اهو ٽيڪس مسافر سان گڏ وهٽ جو مالڪ به ڏيندو هو. ان ٽيڪس جي بدلي رستي ۾ مسافرن کي ڦر لٽ کان تحفظ فراهم ڪيو ويندو هو. ان سفر ۾ هفتا ۽ مهينا به لڳندا هئا. مسافر رستن تي راتون رهندا ۽ آرام ڪندا ويندا هئا. دنيا جو ترقي جي پهرين ڏاڪي تي پير ئي تڏهن پيو جڏهن ڦيٿو وجود ۾ آيو. دنيا جي نقشي تي پنج هزار سالن کان جهوني شاهڪار تهذيب موهين جي دڙي مان پڻ ڪاٺ جي بيل گاڏي ملي آهي. جنهن مان ثابت ٿيو ته سنڌي ماڻهو هزارين سال اڳ هن دنيا کي ترقي جي راهه تي آڻيندڙ پهريان سائنسدان آهن. جن ڦيٿو ايجاد ڪري تيزترين ترقي جو آغاز ڪيو. ان ڪارنامي هن ڪائنات کي شاندار ترقي جي راهه تي آڻي بيهاريو. مفاصلا مختصر ٿي ويا، سفري مشڪلاتون ختم ٿيڻ شروع ٿيون، دنيا جا ماڻهو هڪٻي سان گڏجڻ لڳا، مهينن جا سفر هفتن ۾ ٿيڻ لڳا، هڪ ئي وهٽ ۾ ڪاٺ جي ڦيٿن واري گاڏي جوٽي ان تي تمام گھڻا ماڻهو سوار ڪرڻ سان گڏ ڳرو بار پڻ کنيو ويو. آمدرفت تيز ٿي وئي، سوڙيون واٽون ۽ جهنگ جا پيچرا ڪچن زميني رستن جو روپ اختيار ڪري ويا. واپاري هڪڙن ملڪن جون ناياب نباتاتون کڻي ٻين ملڪن تائين پهچائي ٻيڻو ناڻو ڪمائڻ لڳا. هڪ رياست کان ٻي رياست تائين اچ وڃ ۽ واپار لاءِ زميني رستن تي هلندڙ بيل گاڏين، گھوڙا گاڏين ۽ اُٺ گاڏين کي استعمال ڪيو ويندو هو. بگيون بادشاهي سواري طور ۽ ٽانگا اميرن جي آرامده سفر لاءِ استعمال ٿيڻ لڳا. غريب ماڻهن جي سواري ۽ واپار لاءِ گڏهه گاڏي جو استعمال ڪيو ويندو هو. جيڪو اڄ به جاري آهي. پنجاب ۾ پاڏي کي گاڏي ۾ جوٽڻ وارو رواج تمام گھڻو آهي. سنڌ ۾ به ڪٿي ڪٿي سان پاڏو گاڏي ۾ جوٽيل نظر ايندو آهي. هن زماني کان اڳ سفر لاءِ پاڻي جا رستا ڪارگر هئا.
    دنيا ۾ انجڻ جي ايجاد مشيني دؤر جو شاندار انقلاب ثابت ٿي. انجڻ ٺهڻ بعد گاڏين ۽ پاڻي جي جهازن ۾ لڳائي ويو مهينن جو سفر هفتن ۾، هفتن جو سفر ڏينهن ۾ ٿيڻ لڳو. ڪوهين ڏور منزلن کي گاڏين ڳنڍي ڇڏيو. گھڻو سفر گاڏين تي ٿيڻ لڳو. ڪچا رستا پڪا ٿيڻ لڳا. رستن تي لاريون ۽ بسون هلڻ لڳيون. گاڏين جي ان شروعاتي دؤر ۾ ٻهراڙي جا ماڻهو گاڏين کي رستن تي ڏسي جهنگ ۾ ڀڄي ويندا هئا. پر آهستي آهستي کين پتو پيو ته هي گاڏيون سندن سفري سهولتن لاءِ ٺاهيون ويون آهن. انهن گاڏين تي ڪم ڪندڙ عملو ٽن پورهيت مزدورن ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر ۽ ڪلينر تي مشتمل هوندو آهي. اهي ٽئي پورهيت گڏجي هڪ ئي بس تي روزي ڪمائن ٿا. ماضي ۾ سفر لاءِ پراڻي ماڊل جون ٽڪ جي منهن واريون لاريون هلنديون هيون. پوءِ گول باڊي بسون، اي سي ڪوچون نڪتيون. جيئن پوءِ تيئن سفري سهولتون وڌنديون ويون. وڏن شهرن ۾ سفر لاءِ لگزري بسون هلن ٿيون پر سنڌ جي ننڍن ۽ ٻهراڙي وارن شهرن، ريگستاني علائقن ٿرپارڪر، اڇڙو ٿر، لاڙ جا ڪيترائي پسمانده علائقا جتي اڄ به سفر جون اڻپوريون سهولتون آهن. ان هوندي به سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ جي جڳاڙي نظام کي اڄ به پورهيت ڊرائيور، ڪنڊيڪٽر ۽ ڪلينر گھلي رهيا آهن.
    هن معاشري ۾ بک، بيروزگاري، بدحالي، مفلسي ۽ غربت سبب جيڪي ماڻهو پنهنجن ٻچن کي تعليم نٿا ڏيئي سگهن ۽ پنهنجي مسڪيني حال ۾ نهايت ئي وڏي مالي تنگدستي جي مجبوري سبب انهن جي بهتر سار سنڀال ۽ پرورش نٿا ڪري انهن غريبن جا ٻار بچپن کان پنهنجي گھر ۾ اٽي آڻڻ جا ذميوار ۽ ڏکن جا ڀائيوار بڻجي ويندا آهن. لکڻ، پڙهڻ ۽ رانديون کيڏڻ جي عمر جي حسين ٻالڪپڻ ۾ اهي بس اڏن تي وڃي روزگار خاطر گاڏين جا ٽائر ڌوئن ٿا، بسن مان ٻهاريون ڏين ٿا، ننڍڙا پتڪڙا ٻار وڏن اسٽولز تي چڙهي گاڏين جا شيشا صاف ڪندي ڪندي اهي جوان ٿين ٿا، رستن جي دوڙ ۾ پوڙها ٿين ٿا ۽ سندن زندگي جو سج وقت کان اڳ لهي وڃي ٿو. اها ڪِرت شام ويلي سندن دانگي چڙهڻ جي بشارت بڻجي ٿي. گاڏين جي صفائي سان هن دنڌي جي شروعات ڪندڙ پورهيت ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪنهن بس تي ڪلينر طور لڳي ويندا آهن. ڪلينر جون ذميواريون بس جي صفائي، سٿرائي رکڻ، بس جي مقرر ٽائيم شيڊول تي بس جي چوطرف گھمي ڦري ذور ذور سان هوڪا ڏيڻ، مسافرن کي گاڏي ۾ سواري ڪرڻ لاءِ آماده ڪرڻ، گاڏي اڏي تان رواني ڪرائڻ کانپوءِ روڊ جي اڳيان توڙي پويان ٽرئفڪ تي ڪڙي نظر رکي استاد کي آغا ڪرڻ، ٽائرن جي هوا ۽ ريڊيٽر جو پاڻي چيڪ ڪرڻ، مسافرن کي پنهنجي بار، هڙن، ٻورين، ٻڪرين سميت اسٽاپن تي لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٽائيم بچائڻ خاطر وڏي ڦڙتي سان پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ، بعد ۾ “استاد ڊبل اي” جو زوردار آواز ڏيئي بس کي اڳين منزل لاءِ گرين سگنل ڏيڻ، مسافرن کي بس جي ڇت تي چاڙهڻ لاءِ مطمئن ڪرڻ، هلندڙ تيز رفتاري دوران بس جي سيڙين تان بار بار ڇت تي چڙهڻ ۽ لهڻ، گاڏي روڪڻ، هلائڻ يا تيز هلائڻ لاءِ ڊرائيور کي مختلف اندازن سان سيٽيون وڄائي باخبر رکڻ سميت هن دنڌي سان لاڳاپيل ڪيترائي مشڪل ترين ڪم آهن جيڪي پورهيت ڪلينر اڍائي کان ٽي سئو روپيا ڏهاڙي تي ڪري بک سان بغاوت ڪن ٿا. گاڏين تي گھڻي سروس ٿيڻ بعد ڪلينر جو پروموشن ٿيڻ سان ڪنڊيڪٽر (منشي) بڻجي ويندو آهي. ڪنڊيڪٽر جي ذميواري بس مان ڀاڙو وصول ڪرڻ آهي. بس مالڪ سٺي ساک واري ماڻهو تي اعتماد ڪري پنهنجي گاڏي تي ڪنڊيڪٽر طور رکندا آهن. پورهيت ڪنڊيڪٽر جي مزدوري ڪيش جي رقم سان لاڳاپيل آهي. هزار تي ٻه سئو ڪميشن هوندي آهي. ماني جي وقت سڄي اسٽاپ جي ماني جو خرچ “ڀتي” جي نالي سان ڪيش مان ڪٽيو ويندو آهي. گھڻن ڪنڊيڪٽرن تي مالڪن کي ڪيش جي رقم مان “روڙو” هڻڻ جو پڻ شڪ هوندو آهي. جنهنڪري بسن جا اهي مالڪ وري گاڏي ۾ پنهنجو ماڻهو “چيڪر” طور به وهارين ٿا. ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ملازمن کانسواءِ ڪنڊيڪٽر هر مهيني نئين گاڏي تي ڊيوٽي ڪندي نظرايندا آهن. نان اسٽاپ گاڏين ۾ ڀاڙي جي وصولي جو ٽڪيٽ بس اڏن تي قائم آفيس ۾ ئي ٿيندي آهي. انهن گاڏين ۾ ڊرائيور سان گڏ فقط هڪ ماڻهو ڪلينر طور ڊيوٽي تي هوندو آهي. هن دنڌي سان لاڳاپجڻ بعد گاڏي کي اسٽارٽ ڪرڻ، اڏي تي اڳيان پويان ڪري لڳائڻ کان ڊرائيوري جي شروعات ٿئي ٿي. جنهن بعد اهو شوق اڳتي هلي پيشي سان واڳجي ويندو آهي. بس ڊرائيور جي پورهيي جو معاوضو پڻ ڪيش سان منسلڪ آهي. کيس ان کان علاوه ڏهاڙي (جنهن کي ٽرانسپورٽرن جي ٻولي ۾ ڀتو چيو ويندو آهي) مقرر ٿيل آهي. سفري گاڏين بس، ڪار، ٿر جو ٽيڪڙو ۽ جيپ کانسواءِ ٻين گاڏين ٽرڪ، ٽئنڪر، ٽريڪٽر، بلڊوزر، ڊاٽسن، سوزڪي وغيره عام طور بار کڻڻ جي ڪم، تيل پهچائڻ، زرعي ڪم، روڊ جو ڪم وغيره پڻ ڪيو وڃي ٿو. انهن گاڏين تي مقرر پورهيتن جي ڏهاڙي، ڀتو ۽ پگهار پڻ سندن ڪمائي تي دارومدار رکي ٿي. اهي ڊرائيور ۽ ڪلينر هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ تائين سفر ڪرڻ سبب سڄي ملڪ جي روڊن ۽ رستن جا واقف آهن. هو پيٽ گذر خاطر مشڪل پورهيو ڪري پنهنجا ٻچا پالين ٿا.

    گاڏين جي پورهيتن جي درد ڀري حياتي جو احوال
    غربت انهن پورهيتن کان ٻالڪپڻ کسي ورتو، مفلسي انهن کي مامتا کان دور ڪيو، مسڪيني انهن لاءِ محتاجي بڻي، سليٽ صاف ڪرڻ جي ڄمار ۾ هنن گاڏين جا شيشا صاف ڪيا، ماءُ جي لولي ٻڌڻ واري عمر ۾ هنن جي سماعتن تائين استادن جون گاريون پهتيون، انگل ۽ آرا ڪرڻ جي ٻالجتي ۾ داٻا، دڙڪا، ٿڪ ۽ ملامتون هنن جو نصيب بڻيون. هنن جا ايندڙ نسل به رستن جي دز جا منتظر آهن. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ هنن پورهيتن لاءِ ڄڻ اڻ اعلانيل پابندي عائد ٿيل آهي. دنيا جي مسافرن کي منزل تي پڄائڻ وارن پورهيتن جي منزل نٿي اچي، انهن جي بک جو سفر سماپت نٿو ٿئي، هو ڏينهن رات سفر ڪن ٿا پر رڳو اٽي جي منزل تي پڄڻ جو بِلو به نٿو ٿئي. هنن جي ڪاري رات جهڙي جيون تي سکن جو سج نٿو اُڀري. هنن پورهيتن جا سرمائيدار سيٺ هنن جي ڏکن، سورن ۽ پيڙائن کان لاتعلق بڻيل آهن. انهن ٽرانسپورٽر سيٺين جون روز ماڙين مٿي ماڙيون اڏجن ٿيون ۽ هو پورهيت غربت جي گهاڻي ۾ روز پيسجن ٿا. سڄي حياتي هن دنڌي کي ارپڻ کانپوءِ به سندن روزگار مستقل ناهي، هو ڪڏهن گاڏي تي لڳل هوندا آهن ته ڪڏهن بيروزگار هوندا آهن. هي پورهيت جن اڊڙيل ۽ اکڙيل روڊن تي گاڏيون هلائن ٿا سي ته انشورنس ٿيل هونديون آهن پر سندن حياتيون انشورنس ٿيل ناهن. روڊ حادثن جي وڌيل شرح سبب ٻچن جي روزي لاءِ گھران چانهه پاڻي کانسواءِ نيراني نڪتل هنن پورهيتن جون حياتيون پڻ روڊ حادثن جي نظر ٿيو وڃن، مسافرن کي منزل تي پُڄائي پيٽ جا پاپرا ڪندڙ هنن پورهيتن جي زندگي رات ڏينهن رسڪ ۾ هوندي آهي. صبح سويل پنهنجن ٻچن کي بسترن ۾ ستل ڇڏي آيل پورهيت شام جو سهي سلامت گھر موٽي پنهنجا ٻچا به پسي سگهندا يا نه؟ روڊ حادثن کانسواءِ هي مسڪين پورهيت گاڏي مالڪن جي ٽائيم شيڊول تان ٿيل فسادن، اور ڪراسنگ، ٽريئفڪ ۾ ڦاسڻ، ٽرانسپورٽرن جا اسٽاٽري ۽ اڏي مالڪي تان ٿيل تڪرارن دوران هي پورهيت وڏو عذاب ڀوڳين ٿا. حادثاتي ايڪسيڊنٽ ۾ فوتين جا وارث بروقت بس عملي مان ڪنهن کي به ڏسي وٺن ته تاءُ ۾ اچي کين ٺپ ماري ڇڏڻ جهڙو تشدد به ڪندا آهن. پوءِ ڇو نه اهو حادثو اتفاقي هجي يا کڻي انهي پورهيت عملي جو ڪو قصور نه به هجي. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي پورهيت پڻ انهن حادثن ۾ سخت زخمي ٿي سموري حياتي معذوري جو عذاب ڀوڳيندا آهن.
    سڄي دنيا ۾ اهو رڙ پئجي وئي آهي ته “ماحولياتي آلودگي جي ڪري موسميات جي عالمي تبديلي (گلوبل وارمنگ) سبب دنيا ۾ گرمي پد وڌي ويو آهي” پر مستقبل ۾ ڪائنات اندر ان خطرناڪ الميي جو انديشو به آهي ته سرمائيدارن جي ذهني ۽ نيتي آلودگي سبب هنن پورهيتن جي دانگي جو تپش پد ٿڌو ٿيڻ جو امڪان پڻ ظاهر ٿيو آهي. جنهڪري ايندڙ گھڻين موسمن ۾ هنن جو چُلهو برف جيئن ٿڌو بڻجي سگهي ٿو.


    موسيقي سان لاڳاپيل فنڪار پورهيت

    بنيادي طور هن ڪائنات جو هر ماڻهو پنهنجي پيٽ جي آگ اجهائڻ لاءِ هٿ پير هڻي ٿو. پيٽ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد دوران انسان کي مختلف ذهني ۽ جسماني پورهيا ڪرڻا پيا. پر انهن سخت ذهني ۽ جسماني محنتن سان گڏ تهذيب يافته دؤر ۾ فن ۽ ڏات به روزگار جو ذريعو بڻيا. موسيقي جي فن سان لاڳاپيل سمورا فنڪار ۽ سازندا آهن جن جي گذر سفر ڳائڻ وڄائڻ تي آهي. اهي ڪلاڪار پورهيت هن دُکي دنيا ۾ خوشين جو دنڌو ڪن ٿا. اهي پورهيت مرڪون ورهائڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا. فطري طور هر انسان جي اندر ڏات ۽ فن موجود آهن. ڪجهه ماڻهو انهي لڪل آرٽ کي بهتر انداز سان پيش ڪري سگهندا آهن پر ڪي ڏات ڌڻي پنهنجين ئي لازوال فني صلاحيتن کان بي خبر بڻيل هوندا آهن. جنهن سبب لاتعداد ماڻهن جو شاهڪار فن به تن سان گڏ مٽي ۾ دفن ٿيو وڃي. پرٿوي جي پورهيتن لاءِ پيٽ گذر جا ذريعا رڳو ڪوڏر، ڪهاڙي ۽ هٿوڙو نه آهن پر فن، ڏات، ساز ۽ آواز به ڏات ڌڻين جي روزگار جو اهم ذريعو آهن. موسيقي جي فن کي خانداني مورثيت سمجهي راڳ کي رڳو پٽيالا گھراڻو، شام چوراسي ۽ گواليار گھراڻي تائين محدود نٿو ڪري سگهجي. برابر ذات تي ڏات ناهي، موسيقي جي فن جا فنڪار ٻيجل، تانسين، استاد بيبو خان، استاد بڙي غلام علي خان يا منظور علي خان جا ويجها عزيز ۽ شاگرد نه هوندي به هن فن سان واڳيل ڪيترائي اهڙا ماياناز آرٽسٽ آهن جن جو انهن راڳي گھراڻن سان ڪو تعلق نه هوندي به اهي هن دنيا جا مڃيل راڳي آهن. هنڌ توڙي سنڌ ۾ شهنائي وڄائي پيٽ گذر ڪندڙ سڀ پورهيت آرٽسٽ برصغير جي عظيم شهنائي نواز استاد بسم الله خان جي گھراڻي سان تعلق نه هوندي به پنهنجي فن ۾ مهارت رکن ٿا. فن ڪنهن جي ذاتي ميراث ناهي.
    جيئن سمورا ذهني ۽ جسماني پورهيا سخت محنت کانپوءِ ئي انسان کي “استادي” نصيب ڪن ٿا. بلڪل ائين ئي آرٽسٽ پاڻ ۾ موجود فن کي جيستائين ڪنهن ماهر استاد جي آڏو پيش نه ڪندا، سکيا حاصل نه ڪندا، سخت محنت سان رات ڏينهن رياض نه ڪندا ته ڪنهن به ريت ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهندا. سندن اهو فن اڌورو رهجي ويندو آهي. ڇو ته ڏات جي ڏيهه ۽ فن جي دنيا جو هي پورهيو به جسماني پورهيي جهڙو ئي سخت آهي. هن پورهيي سان پيٽ جي غذا به ملي ٿي ته روح جي غذا به ميسر ٿئي ٿي. موسيقي مڪمل اڻکٽ علم آهي. راڳ، راڳڻي، رنگ، سُر، تار، لئي، وڄت، ٽڪا، ماترائون، وقت جي پابندي کان سواءِ اڃان به لاتعداد طور، طريقا، ضابطا، قانون آهن. جنهن کانسواءِ موسيقي جو علم اڻپورو آهي. فن جي انهن سمورن ڳالهين کان واقف ۽ ڄاڻو ماڻهو ئي مڪمل فنڪار چئي سگهجي ٿو.

    فنڪار
    راڳ رنگ جي دنيا ۾ راڳي گھراڻن جي ڪِرت گائيڪي آهي. يعني انهن جي گذر جو ذريعو فقط “موسيقي” آهي. ميلن، محفلن، شادين ۽ درٻارن ۾ راڳ ڳائي انهن محنت ڪش فنڪارن نسل در نسل پنهنجو پيٽ گذر ڪيو آهي. پر ان کان علاوه هن فن سان لاتعداد اهي فنڪار به لاڳاپيل رهيا آهن به جن جو “ڳائڻ” موروثي پيشو نه هوندي به انهن ڪلاڪارن هن فن کي حياتيون ارپيون آهن. ۽ انهن آرٽسٽن پنهنجي گلي ۾ موجود سوز کي سُڃاڻي اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو ۽ اهو فن سندن روزگار جو وسيلو بڻيو. فن، فنڪاري، راڳ ۽ رنگ جو وسيع علم دنيا ۾ ڦهلجي ويو. موسيقي جي فن جي گھرائي سمنڊ کان به گھري آهي. جنهنڪري هي فن تمام محنت طلب آهي. جيڪي فنڪار گائڪي جي فن کي پنهنجي روزي روٽي سان گڏ عبادت ۽ خدمت سمجهن ٿا اهي هن فن کي نهايت ئي سنجيدگي جي اک سان ڏسن ٿا. راڳ جي رياضت ۾ انهن جون حياتيون گذري ويون.
    هڪ پيشيور فنڪار جي گھر جو گاڏو سندس ڳائڻ سان هلي ٿو. وڏن فنڪارن جا ته وڏا اگهه آهن. پر انهن کانسواءِ ننڍا فنڪار جن کي ريڊيو، ٽي وي چينل تي گھٽ موقعو ملي ٿو. اهي فقط پنهنجن علائقن تائين يا ٿورو پري ٻي ضلعي تائين ڳائڻ جي دعوتن تي ويندا آهن. جتي محفلن ۾ ملندڙ گھور مان گاڏي جو خرچ، ايڪوسائونڊ جو خرچ (ڪٿي ڪٿي پارٽي پاران سائونڊ جو بندوبست نه ٿيل هوندو آهي ته فنڪار پاڻ سان گڏ سائونڊ کڻائي ويندا آهن) سازيندڙ ۽ ڊانسرن جو حصو ڪڍڻو پوي ٿو. محفل ۾ مليل گھور مان خود ڳائڻي جون ٻه پتيون هونديون آهن. محفل چڱي لڳي ته کين روزي به چڱي ملي ويندي آهي. ٻي صورت ۾ ڪڏهن ڪڏهن گاڏي جو ڪرايو به گھران ڏيڻو پوي ٿو. فنڪار پاران پارٽي سان ڪنهن به محفل جي پروگرام جي اڳواٽ زبان ڏيڻ يا سوٿي طور ڀاڙو وصول ڪرڻ بعد ڪهڙا به حالات ٿي وڃن پر اڳواٽ سوٿيل فنڪار پارٽي کي دوکو ناهي ڏيندو. مقرر تاريخ تي پوءِ ڇونه سندن طبعيت خراب ٿي وڃي، ڪا ڏک جي گھڙي به اچي وڃي، موسمن جا رخ مٽجي وڃن پر انهن کي هر حال ۾ روزي لاءِ ڳائڻو آهي. مون هڪ فنڪار کي محفل ۾ خوشي جي گيت جي فرمائش تي روئيندي به ڏٺو. پوءِ خبر پئي ته ويهه ڏينهن اڳ سندس معصوم پٽ مالي تنگدستي سبب گھربل علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو شڪار ٿيو هو. هو پنهنجا درد لڪائي ڳائن ٿا. هو ماڻهن جي خوشين اڳيان پنهنجي خوشين جي ٻلي چاڙهين ٿا. هو اندر اڌ هوندي به ٻين جون خوشيون ملهائن ٿا. هو راتيون جاڳي اسٽيج سجائن ٿا، محفلون مچائن ٿا. جهنگل ۾ منگل ڪن ٿا.
    هن خطي ۾ ناميارا راڳي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ موسيقي جي محفلن مان رونق موڪلائي وئي آهي. مشهور راڳي استاد منظورعلي خان، استاد محمد جمن، ماسٽر محمد ابراهيم، محمد يوسف، وحيد علي، ڪڇي برادر، قاسم علي شاهه، ڍول فقير، موهن ڀڳت، استاد وڪيو ڀيل، جمعو ڀيل ۽ صالو ڀيل، جيوڻي ٻائي، مائي الهوسائي، مائي ڀاڳي، اسحاق ڪارو، حيدرکوسو، خان محمد شيخ سميت لاتعداد عظيم فنڪار هن فن جي عروج جو سبب بڻيل رهيا. پر هاڻ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن کانسواءِ نه اهي فنڪار رهيا نه راڳ جا عاشق ۽ ڄاڻو ماڻهو رهيا آهن. فن جو قدر ذوال پذير ٿيندو وڃي. ڪلاسيڪل راڳ جو قدر گھٽجي ويو آهي.
    ڳائڻ سان جسم جون نسون ڇڪجن ٿيون، گلي مان ذوردار آواز نڪرڻ ڪري نڙي جي تڪليف سميت گڙدن ۽ ڦڦڙن جي بيمارين ۾ فنڪار تڳي تڳي موت جي ور چڙهي ويندا آهن. ناميارا فنڪار پيرسني ۾ غربت جا عذاب ڀوڳين ٿا. ان حياتي ۾ سندن پرستار ۽ مداح به منهن مٽي ويندا آهن. نه ته تاريخ ۾ جهوناڳڙهه جي بادشاهه سخي راءِ ڏياچ جهڙا قدردان پيدا ٿيا آهن جنهن ٻيجل کي سُرن تي سر گھوري ڏنو.
    محلين آيو مڱڻو، کڻي ساز سِري،
    لڳي تند تنبير جي، پيا ڪوٽ ڪري،
    هنڌين ماڳين هوءِ ٿي، تنهنجي ٻيجل! دانهن ٻري،
    سسي تنهن سلطان کان، اچي گھوٽ گُھري،
    جهوناگڙهه جُهري، پوندي جهانءِ جهروڪ ۾.

    پورهيت سازيندا ۽ ساز
    يڪتاري، چپڙي، سرندي سان گڏ بينجي تي ڳائڻ ٿيندو رهيو آهي. استاد منظورعلي خان ۽ استاد فتح علي خان ڳائڻ سان گڏ تانپورو پڻ وڄائيندا هئا. يڪتارو ۽ چپڙي ۾ فقير عبدالغفور، ڍول فقير، جلال چانڊيو، عرس چانڊيو، سهراب فقير، منجي ڀيل، حسين بخش خادم ماهر سمجهيا وڃن ٿا. ماضي ۾ هارمونيم (باجو) وڄائيندڙ تمام گھٽ هئا.اهي سازيندا فقط وڏن ڳائڻن سان ئي سنگت ڪندا هئا. گھڻا فنڪار خود ڳائڻ سان گڏ هارمونيم پڻ پاڻ وڄائن. پر ان کانسواءِ خاص طور به ڪي ماڻهو هارمونيم جي سکيا حاصل ڪري شوق سان گڏ روزي جي پورائي ڪن ٿا. سنڌ ۾ استاد شاهه محمد عرف شاهو ڪلوئي پڻ ڪمال جو باجي ماسٽر هو. استاد محمد جمن، فيروزگل، استاد امانت علي هنڌ سنڌ ۾ مشهور رهيا آهن. باجي ماسٽر سُرن جي سکيا بعد فنڪارن سان محفلن ۾ سنگت ڪندا آهن. محفلن ۾ فنڪار سان گڏ سندن پتي مقرر ٿيل هوندي آهي. مختلف ڌنون ٺاهي موسيقي ترتيب ڏيڻ سان گڏ گھڻا باجي ماسٽر فنڪارن سان وارڙيا ٿي ڳائيندا به آهن. گھڻا اهڙا سازندا مختلف پروگرامن ۾ ساز وڄائن پر عمومن سندن روزي شادين جي سيزن سان لاڳاپيل آهي. سيزن بعد جنهن بعد محفلون اتفاقي ملن ٿيون. جتان سندن اٽي جو بندوبست ٿئي ٿو. عام طور تي سندن ٻي ڪا ڪمائي ۽ روزگار جو وسيلو نه هئڻ ڪري غربت ۽ فاقاڪشي سندن ويڙهن ۾ وڙڪندي آهي. راتين جون راتون محفلن ۾ اسٽيجن تي ويهڪ ڪرڻ ڪري کين ڪيتريون بيماريون ٿيو وڃن.
    موسيقي جي دنيا ۾ هي ٻه اهم ساز آهن. جن سان محفلن ۾ جان اچي ٿي. هن سازن سان گڏ ڊڦلي، جانجهر ۽ ڪانسيا پڻ وڄايا ويندا آهن. پر ڍولڪ ۽ طبلي جو پنهنجو رنگ آهي. هي فن موروثي طور به هلندو اچي پر گھڻا سازندا شوق ۾ پڻ ڍولڪ ۽ طبلو وڄائي هن فن ۾ ايندا آهن. ماضي ۾ استاد بچل، خميسو خان، محمد هاشم عرف هاشوڙو، لونگ فقير، احمد نواز، سومار فقير،محمد طاهر، انتظار حسين، استاد غلام محمد، بشيرخان، استاد نظير خان ۽ ٻيا ماهر ڍولڪ نواز رهيا آهن. هن وقت سنڌ ۾ استاد ڍوليو ڀيل، انب جوڳي، استاد عمر پڻ هن فن سان نڀائي رهيا آهن. هن فن ۾ اڪثريت مگھڻارن جي آهي. جنهن ۾ عمرڪوٽ، مٺي، بدين، ماتلي، ٽنڊومحمد خان، حيدرآباد ۽ اُتر سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن جا فقير شامل آهن. ڪيترائي ناليوارا راڳي سندن فن اڳيان مجبور بڻيل هوندا آهن. انهن جي لئي جهلڻ هر پڪوازي جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي. تنهنڪري “جوڙ” جا سازندا جوڙ سان ٺهن ٿا. هي پورهيت ٽي وي چينل، ريڊيو ۽ ڪئسٽ ڪمپنين ۾ پڻ پگهار تي ڪم ڪندا آهن. فنڪارن سان پتي تي وڄائيندا آهن. محفلن کانسواءِ هي پورهيت آرٽسٽ بي روزگار هوندا آهن. سندن ٻچا پڻ مستقبل جا معمار ٿيڻ بجاءِ دربدرين جي بار جهڙي حياتي لاءِ پيدا ٿين ٿا. هن فن ۾ ڏات سان گڏ سخت جسماني پورهيو پڻ شامل آهي. سياري جي سرد راتين ۾ طبلو ۽ پڪواز وڄائڻ لاءِ پڻ تمام گھڻي جسماني سگهه ۽ ٻنهي هٿن سان وڏو ذور لڳائڻو پوي ٿو. جنهن ڪري اڪثر هي سازيندا سياري ۾ به پگهر ۾ شل ٿيل هوندا آهن. سندن آڱريون زخمي هونديون آهن. دهل آهي ئي خوشي جو ساز، تنهنڪري دهلاري هر وقت وسي راڄ جون دعائون پيو ڪندو آهي. دهلاري شادي مُرادي، ميلن، ملاکڙن جي سونهن سمجهيا وڃن ٿا. گھڙو وڄائڻ لاءِ مٺو خان زرداري ۽ استاد احمد جو فن جس لائق آهي. جهڏي جي امڙو فقير کي ماڻهو اڄ به ياد ڪن ٿا. سندس وڄت جو نرالو انداز اڄ به ڪنن جي سماعتن ۾ گونجي پيو. وانول، شيدڪو، مٽڪو وڄائي ماڻهن کي نچائڻ وارا دهلاري پاڻ غمن جي جيون ۾ غرطان هوندا آهن. هاڻي ته ايڪوسائونڊ هن فن کي ذري گھٽ تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. دهل کانسواءِ وهان کي گونگي شادي چيو ويندو هو. شادين ۾ دهلارين جي اهميت وڌي ويندي آهي. پر دهلارين جا راڄ ورهايل آهن. اهي پنهنجي راڄ جي خوشين ۾ ئي وڄائن. روزي ڪمائن. راڄ جي فقير کي ماڻهو هون به ڀائين ٿا. ڏکي سُکي ۾ کيس ساٿ ڏيڻ جي روايت اڄ به موجود آهي. بٽئي جي وقت به سندس حصو جُدا ڪڍيو ويندو آهي. پر هاڻ هي فن گھڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهندو.
    موسيقي جي دنيا جا لاتعداد ساز آهن. پر ان ۾ خاص طور شهنائي، بين، پاوا، بانسري، الغوزو، بوڙينڊو ۽ چنگ اهم حيثيت رکن ٿا. هنن سازن جا مٺا سُر موسيقي کي وڌيڪ وڻندڙ بڻائن ٿا. هنن سازن جي مٺاس روح کي راحت ڏيندڙ آهي. هنن سازن بانسري سڀ کان ڏکيو ساز سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هنن سازن جا ماهر سازندا پيدا ٿيا آهن. انهن فنڪارن هنن سازن کي عالمي سطح تائين معتارف ڪرايو. بوڙينڊو دنيا جو اهو واحد ساز آهي جيڪو فقط سنڌ ۾ وڄايو وڃي ٿو. استاد ميرمحمد لُنڊ کانپوءِ سندس پٽ ذوالفقار لُنڊ وڄائي ٿو. مرلي ۾ اقبال جوڳي، بانسري ۾ استاد محمد جمن، غوث بخش بروهي، استاد علي محمد وڏا ماهر ليکيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ الغوزي جا شاهه ڪاريگر سمجهيا ويندڙ استاد مصري خان جمالي، خميسو خان رونجهو، الهبچايو کوسو، اڪبر خميسو خان آهن. نڙ وڄائڻ ۾ استاد شاهه محمد نابينا، سارنگي ۾ استاد مجيد خان، شهنائي ۾ عبدالله فقير ڪوٽڙي وارو، سُرندي ۾ استاد محمد مهاڻو، علي محمد ۽ الهنو، بينجي نواز بلاول بيلجم ۽ غلام محمد غلامو، چنگ ۾ عبدالڪريم بلوچ، تنبوري ۾ استاد عارب خان ماياناز فنڪار ليکيا وڃن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه هي آهي ته هي سڀ پورهيت سازيندا پنهنجي حياتي ۾ غربت ۽ مفلسي سان مقابلو ڪندي به فن سان نڀائن ٿا. فن جي دنيا جا امير ماڻهو ڌن جي دنيا جا فقير بڻيل هوندا آهن. سندن حياتي ۾ واهه واهه ۽ شابس جي بک ڪونه هوندي آهي پر سندن پيٽ جي بک کي چتي نٿي لڳي.

    ناچو
    بنيادي طرح پيشيور رقاصائون ۽ ناچو ڇوڪرا به پيٽ جي آگ کي وسائڻ جي نهايت ئي وڏي مجبوري سبب رقص ڪن ٿا. ان سفر ۾ “رقص” جي پنهنجي منفرد تاريخ آهي رقص جي هڪڙي ڪيفيت آهي پيٽ جي پوجا، اها ڪا باقاعدي ذهني ڪيفيت ناهي پر اها آهي غربت جي مجبوري جيڪا آدم ذات کي آڱرين تي نچائي ٿي. سنڌ ۾ پڻ ناچو ڇوڪرا راڳ رنگ جي محفلن، ميلن، سرگس، موت جا کوهه، ميجڪ شو، شادين ۽ ٻين خوشي جي ڪيترن ئي موقعن تي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي نظر اچن ٿا. رقص ته هوندو ئي خوشي جو سبب آهي پر هنن ناچوئن جو نچڻ پويان پيٽ جي باهه ڀڙڪي ٿي. هو ڄڻ ٽانڊن تي نچن ٿا. هُنن جو رقص ڄڻ ماني لاءِ احتجاج آهي. هو ڄڻ ماني جي رٺل ديوتا کي پرچائڻ لاءِ نچن ٿا سنڌ جي ماضي ۾ مشهور ناچو بهادر اُترادي، بچو شيخ، وڪيو ڀيل، سليمان شاهه، غفور شيخ پنهنجي دور جا ماياناز ناچو رهيا آهن. انهن مان اڳتي هلي استاد وڪيو ڀيل ۽ سليمان شاهه ڀلوڙ راڳي طور پاڻ ملهايو. سنڌي موسيقي ۾ سندن اهم ڪردار رهيو آهي. ان کانسواءِ ڪيترائي صوفي فنڪار ڳائڻ سان گڏ ڇير هڻندي رقص به ڪن ٿا. پيٽ خاطر نچي نچي هيڻا ٿي پون ٿا. پر غربت، بک ۽ بدحالي سندن پيڇو نٿي ڇڏي.

    مزاحيه فنڪار
    انسان پنهنجي جبلت ۾ خوشي جو طالبو هوندو آهي. سنڌ سميت سڄي دنيا جي مزاج ۾ کل، ڀوڳ، چرچو ۽ مزاق شامل آهي. جنهن ڪري پيشور مزاحيه فنڪارن جي گھر جو گاڏو به هن فن مان رڙهندو رهيو آهي. عالمي سطح جا مزاحيه آرٽسٽ چارلي، مسٽر بين ۽ ٿري اسٽوڊيو جا ٽنهي فنڪار، سميت پاڪ و هنڌ به مزاح جي فن سان مالا مال آهي. سنڌ ۾ نٿو ڪهيري، لونگ چارلي، بيگو مشخري پڻ پاڻ ملهايو. موجوده وقت ۾ وري قادر بخش مٺو، ذُلفي شاهه عرف بصر بادشاهه، سهراب سومرو ۽ ٻيا آهن. محفلن ۾ موجود ماڻهن کي پنهنجي فن سان کلائي کلائي کيرو ڪندڙ هي عظيم فنڪار پنهنجا ڏک رات جي اونڌاهي ۾ روئي هلڪا ڪندا آهن. نٿو ڪهيري اسٽيج تي پنهنجو فن پيش ڪندي اوچتو ڇتي کنگهه ۾ ٻڏي ويو. ماڻهن جون تاڙيون هجن. “استاد واهه جو مشخري ڪئي آهي” پر ان غريب فنڪار اسٽيج جي پويان رت پئي ٿڪيو ۽ دم جون گوريون پئي کاڌيون. حاضرين مان ان جي درد کي ڪنهن به نه پئي سمجهيو. ثقافت کاتو هنن فنڪارن لاءِ ڇا ڪري سگهيو آهي؟ ان موضوع تي لکڻ جي ضرورت ان ڪري به نه آهي جو سرڪار جي ڪارنامن جي عڪاسي فنڪارن جا حالت ٻڌائن ٿا.


    مل، ڪارخانن ۽ فيڪٽرين جا مزدور

    سُرت ساڃاهه ئي ماڻهپي جي سڃاڻپ آهي. علم، عقل، شعور، سوچ، ويچار ۽ سنجيدگي ئي اعلى انسانيت جي قدرن کي پڌرو ڪري ٿي. وحشيت، رهزني، دٻاءُ، ڦرلٽ، قتل و غارت، دهشتناڪي، سفاڪي ۽ خون ريزي حيوانيت آهي. انساني حياتي جا ناڪاري ۽ هاڪاري عمل احساسن کي ظاهر ڪن ٿا. انسان ارتقا کان ويندي مڪمل “ماڻهو” ٿيڻ جي سفر تائين پنهنجن روين، پسند ۽ نا پسند جي خواهشن، پنهنجي منشا موجب جيون گھارڻ، سُکن ۽ آسائشن جي آسان حاصلات لاءِ پتوڙڻ ۽ آرامده ماحول ماڻڻ لاءِ ڪيل ڪوششن ۾ بڻيل رڪاوٽن کي هٽائڻ لاءِ جيڪا مزاحمت ٿي آهي اها ئي مزاحمت ڪائنات جي ٻن قوتن ظالم ۽ مظلوم، پورهيت ۽ سرمائدار، ڏاڍي ۽ هيڻي ۾ فرق کي واضع ڪيو آهي. ان انساني جنگ ۾ ڏاڍا ماڻهو پنهنجن ظلمتن جي ڪاري قانون سان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڏاڍا، جابر ۽ قهري بڻجندا ويا ۽ سندن عذابن جو شڪار بڻيل ماڻهو بدترين غلامي جي ڄار ۾ جڪڙجي ويا. ظالم قوتن جي اکين ۾ ڄڻ موتيو ڦري ويو، انهن کي پنهنجن مفادن کانسواءِ هن دنيا ۾ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي. ڪبير صاحب فرمائين ٿا
    ڪبير اس دنيا کي الٽي ديکي ريت،
    پاپي پاکنڊي راڄ ڪري، سادهو مانگي بيک.
    ڪاڙهن ۾ ڪڙهي هن ڪائنات کي پنهنجي پگهر جي پورهيي سان ڪمائي کارائيندڙ مسڪين پورهيت جو نصيب بک ئي بڻي آهي. انهن جو مقدر سورن جي آس پاس گردش ڪري ٿو. ڪائنات جا ڪروڙين پورهيت ماڻهو نسل در نسل لاتعداد زمانن کان محنتن سان جبل ڏاريندا رهيا آهن، کارو کيڙيندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جو سينو چيري اناج پيدا ڪندا رهيا آهن، ڌرتيءَ جي پاتال مان معدنيات ڳولي انساني زندگي جي ڪيترين ئي مشڪلاتن کي اسان بڻائي ڇڏيو. يعني دنيا جي پورهيت انسان مسلسل سخت محنت ۽ جفاڪشي سان دنيا کي ترقين جي بلندين تي پهچايو. هن ڪائنات کي حسين بڻائي ڇڏيو، هن ڪائنات مان بک ۽ بدحالي خلاف پيٽ تي پٿر ٻڌي سخت پورهيو ڪيو. پر ان جي نتيجي ۾ کيس پرٿوي تي موجود ظالم سرمائدار قوتن سندن بدترين استحصال ڪيو، پورهيت جي پُرامن حياتي زهر بڻائي ڇڏي، محنت ڪش مزدور کي بک ماريو، انهن جي نسلن کي غلامي جي سنگهرن ۾ قيد ڪيو ويو، انهن جي آزادي ڇني وئي، انهن جي پگهر جي پورهيي تي امير لوڪن عياشيون ڪيون، انهن جي بيوسي تي چٿرون ڪيون ويون، انهن جي غربت جو مذاق اڏايو ويو، پورهيتن جي ٻڌي، اتحاد، يڪجهتي کي ٽوڙڻ ۽ سندن طاقت کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ خاطر سازشن جا ڄار وڇايا ويا. مزدورن جي يونين ۾ سرمائدار سامراج پنهنجا ڇاڙتا ڀرتي ڪري پورهيت جدوجهدن کي لئي مٽي ڪيو ويو. پورهيتن جو رڳو پگھر ڪونه وهيو پر انسان جي سک ۽ آسائشن لاءِ انهن جو رت به ريلا ڪري وهيو. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ ايترا ماڻهو ڪونه مُئا اهن جيترا ماڻهو بک ۾ مُئا آهن. سرمائدارن جون ملون، فيڪٽريون ۽ ڪارخانا انشورنس ٿيل آهن پر پورهيتن جي حياتي جي ڪا ويما پاليسي ناهي، سرمائدارن جي ڪاروباري مفادن ۽ فسادن سبب ڪراچي ۾ ٿيل فيڪٽري سانحه ۾ پورهيت فيڪٽري ۾ باهه ڏئي ساڙيا ويا. صبح سويل پکين سان گڏ ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ ويل پورهيتن کي روزي ته نه ملي پر موت سندن آجيان ڪئي. ايمبولينس جا هينئان ڏاريندڙ سائرن فضائن ۾ گونجيا، انهن جا شناخت کان چڙهيل سڙيل لاش وارثن وصول ڪيا. اهو هن ڪائنات جو خطرناڪ الميو آهي. پنهنجن حقن کان محروم ۽ بي خبر بڻيل محنت ڪش ماڻهن تي ضرور سک جو سج اڀرندو جڏهن هو هن دنيا جي ڏاڍن ماڻهن کان پنهنجو حق گهرندا ۽ جدوجهد ڪندا. انساني ضرورت جون سموريون بنيادي شيون ڪپڙا، برتن، بسڪيٽ، دوائون، گاڏيون، پُرزا، سيمنٽ، ٽائل، کنڊ، اٽو، گيهه، صابڻ، شمپو، ٽي وي، موبائل سميت ٻيون لاتعداد شيون پورهيت هٿن مان ٺهي دنيا جي هٿن تائين پهچن ٿيون. انهن شين جي ٺهڻ دوران پورهيتن جي جسم مان ڪيترو پگهر وهيو هوندو؟ پورهيت ڪيترو رت ولوڙيو هوندو؟ مزدور اکين ڪيڏا اوجاگا ڪيا هوندا؟ ڪيتريون ننڊون ڦِٽيون هونديون؟ ڪيترا خواب چڪناچور ٿيا هوندا؟ بک ۽ بيوسي جي اها ڊگهي ڏکوئيندڙ تاريخ لکجي ته ڪيئي ڪتاب لکي وڃن. پر تاريخ جي درٻاري ليکارين کي قصيده لکڻ مان فرست ئي ڪٿي آهي؟ جو هو ويهي غريب پورهيتن جي سورن تي قلم کڻن. ڪائنات جي اوائلي زمانن کان انسان ذات بنيادي طرح ٻن طبقن ڏاڍو طبقو ۽ ٻيو هيڻو آهي. ڏاڍن ماڻهن جي محدود طبقي پنهنجي قبضاگير سوچ، حوس، ڏاڍ، جبر، انياءُ، هٺ ڌرمي، ظلم، بربريت، ناانصافي جي قهر، لاقانونيت ۽ انڌيرنگري جي راڄ سان سڄي دنيا جي مظلومن مزدور کي پنهنجي سامراجي سوچ جي گھري ڄار ۾ ڦاسائي اڻ اعلانيل طور ڪُل وقتي “آزاد” غلام بڻائي رکيو آهي. خود هي ڪائنات هُن لاءِ اڻسدي طرح کليو جيل بڻجي چڪي آهي. سرمائدار سيٺين جي وڏي ڪوشش اها هوندي آهي ته ڪيئن به ڪري مزدورن جو ڪو مضبوط اتحاد نه جُڙي، انهن جي ڪا يونين نه ٺهي، انهن جي جدوجهد نه ٿئي، بس پورهيت رات ڏينهن ڪم ڪن. سندن ڪارخانن جي چمني جو دونهون نه رُڪجي! ملڪ جي وڏن شهرن ڪراچي، حيدرآباد، فيصل آباد، لاهور ۽ گجرانوالا، صادق آباد، ملتان وغيره سميت ڪيترائي شهر آهن جتي مختلف شين جون فيڪٽريون، ملون ۽ ڪارخانه لڳل آهن. انهن ۾ لکن جي تعداد ۾ پورهيت مزدور ڪم ڪري پنهنجي پيٽ جي باهه ٿڌي ڪندي پنهنجي مالڪن جي ملڪيت ۾ به اضافو ڪن ٿا. ڏهاڙي يا پگهار تي ڪم ڪندڙ انهن مل جي پورهيتن سان لاڳاپيل لاتعداد ڌيان طلب مسئلا آهن. شايد دنيا جا ڪي مسئلا حل ٿيڻ لاءِ پيدا ئي نه ٿيا آهن؟ شايد انهن مسئلن جو حل سرمائدارن جي پاليسي ۾ شامل ئي ناهي؟ جيڪڏهن پورهيت مزدور زندگي جي معاشي مسئلن کان آجا ٿي ويا ته سرمائدار جي ڪاڻ ڪير ڪڍندو؟ سرمائدار ته پنهنجي قبر کوٽڻ جي صلاحيت به نٿا رکن، عالمي سرمائدار سامراج کي پورهيتن جي طاقت جو پتو آهي ان ڪري ئي سرمائدارن جي عالمي فارمولي تحت مزدورن جا مسئلا حل ڪرڻ جي عمل کي سرمائدار ڄڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجي پير ۾ ڪهاڙو هڻڻ سمجهن ٿا. اٽي، لٽي، اجھي ۽ تحفظ کان محروم پورهيت طبقي جي محنت ۽ جفاڪشي سان هي ڪائنات خوبصورت ۽ حسين بڻيل آهي، دنيا جا هي سرسبز کيت، باغ بهاريون ۽ ساڍا ست ارب آدم ذات لاءِ فصل، ڀاڄيون، ميوا، اناج پيدا ڪندڙ هٿ گرهه جي ڇهاءُ کان رهجي ويندا آهن، سفر کي مختصر ڪرڻ لاءِ ٺاهيل روڊن جي ڏامر سان گڏ جن ماڻهن جو پگھر شامل آهي انهن کي ته ڍوءُ تي ماني به ميسر ناهي. جنتن جو ڏيک ڏيندڙ خوبصورت محلاتون جوڙيندڙ انسانن جو انهن وڏين عمارتن جي پاڇي ۾ ٺهيل جھوپڙيون به ناجائز قبضا ڄاڻائي ڊاهيون وينديون آهن. هو پنهنجو آشيانو اڏين ته ڪٿي اڏين؟ شگرملز ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي يونين تي اڻ اعلانيل پابندي عائد ٿيل آهي. جيڪڏهن ڪنهن مزدور يونين سازي لاءِ سرگرمي ڪئي ته ٻي ڏينهن کيس انتظاميه پاران ڊسچارج ليٽر هٿ ۾ ملندو آهي. گھوٽڪي، حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ نوريا آباد ۾ سنڌي مزدور تحريڪ ۽ ڪجهه ٻيون پورهيت پارٽيون مزدورن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. ڪراچي ۾ قائم فيڪٽرين، ڪارخانن ۽ ملن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت مزدورن جي اڪثريت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن سان لاڳاپيل آهي. سنڌ ۾ معاشي بحران ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جي نوجوان نسل مزدوري خاطر فيڪٽرين جو رخ ڪيو. انهن فيڪٽرين ۾ به ليبر اڳواڻ مزدورن جي تعداد ۽ ڪم تي ڪميشن (جمعداري) وٺن ٿا. انهن جمعدارن جا مختلف ڪارخانن جي انتظاميه ۽ بيروزگار پورهيتن سان رابطا هوندا آهن. ٻهراڙي جا اٻوجهه بيروزگار نوجوان جيڪي پنهنجن ٻهراڙي جي شهرن ۾ به پاڻ کي پرديسي پيا سمجهندا آهن. انهن کي بک جڏهن روشنين جي شهر ۾ گهلي ايندي آهي ته انهن جي شروعاتي ڪيفيت رحم لائق هوندي آهي. نج ٻهراڙي جا فقير منش پورهيت ماڻهو وڏن شهرن جي ٽرئفڪ، گوڙ ۽ شور ۾ پاڻ کي صفا اوپرو محسوس ڪندا آهن. غربت جو عذاب، پيٽ جي مجبوري ۽ ٻچن کان دوري جي دردن ۾ هو لوڪ کان لڪي لڙڪ وهائيندا آهن. ڪم مان واندڪائي ملندي ئي هو گھر فون ڪري ڪراچي جي وڏين وڏين ماڙين، بنگلن، اور فلاءِ رستن جا احوال ٻُڌائي حيران پيا ٿيندا آهن. ۽ اهو به ضرور ٻڌائيندا آهن ته هتي جهاز سارو ڏينهن سندن ڪرائي واري ڪواٽر جي بلڪل مٿان گذرن ٿا. هنن لاءِ روڊ پار ڪرڻ ته عالمي ليول جو مسئلو هوندو آهي رڳو ان مسئلي جي ڪري ڳوٺاڻو امريش ڀيل ڪراچي ڇڏي واپس وري آيو. هنن پورهيتن کي ڪارخانن، ملن ۽ فيڪٽرين جا سرمائدار سيٺ مزدورن جي حقن مطابق وهنوار ڪن ٿا؟ سندن فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندي زخمي يا فوت ٿيل پورهيت لاءِ ڪهڙي پاليسي آهي؟ مزدورن جي ووٽن تي اعلى ايوانن ۾ پهتل نمائيندا ۽ سرڪار سڳوري ڪڏهن انهن ايوانن ۾ مزدورن جي مسئلن بابت سنجيدگي سان سوچ، ويچار، غور ۽ فڪر ڪري ڪو مزدور دوست پروگرام جوڙيو آهي؟ سرڪار ڪڏهن سوچيو آهي ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو واعدو ڪري وسارڻ غيرجمهوري عمل آهي؟ ملز مالڪ به اهي آهن جيڪي ايوانن ۾ پڌاريا آهن. انهن ڪڏهن سوچيو آهي ته سندن مل جيڪا پگهار پورهيتن کي ڏي ٿي تنهن مان رڳو “اٽو” جي پورائي ٿئي ٿي؟ سندن چلهو ڌکي ٿو؟ انهن جا ٻچا علم حاصل ڪري سگهن ٿا؟ بيمارين ۾ علاج ٿي سگهي ٿو؟ انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا ۽ خاص طور مزدورن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ عالمي سطح جون يونين ۽ ادارا مزدورن جي مسئلن ۽ مستقبل لاءِ ڪهڙو سنجيده پروگرام رکن ٿا؟ ۽ هيستائين انهن ڇا ڪيو آهي؟ انهن جي ڪوشش سان پورهيتن جي زندگي ۾ ڪا بهتري واري تبديلي آئي آهي؟ سرمائدار جي اها سوچ هئي ته مزدور مشينن جيئن ڪم ڪن وٽائن ڪجھ گھرن نه سندن اهڙي خواهش اجگر روبوٽ مشينن ذري گھٽ پوري ڪري ڇڏي آهي. غريب پورهيتن جي پيٽ تي لت هڻندڙ ظالم عالمي سامراج جي سرمائدارانا نظام پاران هر وقت پورهيتن جي حق تلفي جون پاليسيون جوڙڻ، انهن جي عالمي اتحاد ۽ يونين ۾ ٽوڙ ڦوڙ جون سازشون ڪرڻ، پورهيتن جي مزدوري جا من پسند اگھ مقرر ڪرڻ، کين پيڙهين تائين هڏ خريد غلام رکڻ خاطر ڪوڙن قرضن جي ڄار ۾ چوکُنڀو ڦاسائي رکڻ، سندن غربت، هيڻائي، مجبوري، بيوسي ۽ لاچاري مان ناجائز فائدو حاصل ڪري پنهنجا واپاري، مالي ۽ ڪاروباري مفاد ماڻيا وڃن ٿا. انهن سبب ڪري پورهيت طبقو هزارين سالن جا عذاب ڀوڳي رهيو آهي. ڇا پورهيتن جا مسئلا حل طلب ناهن؟ دنيا جي انساني حقن جا عالمي ادارا، پورهيتن جون عالمي تنظيمون، اعلى عدليه قانون ۽ انصاف جا بين القوامي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌريون پورهيتن جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ، زندگي جي سمورن مسئلن جي حل، صحت سميت روزگار جهڙن اهم مسئلن تي سنجيدگي اختيار ڪري پورهيتن کي مڪمل حق، انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

    روبوٽ ورڪر
    عالمي سرمائيدار سامراج جڏهن ڏٺو ته مزدورن کي پورهئي عيوض پگهار يا ڏهاڙي ڏيڻي ٿي پوي ته هن جديد سائينس ۽ ٽيڪنالوجي جو غلط فائدو وٺندي مزدور انسانن جي جاءِ تي مشيني روبوٽ لڳائي ڇڏيا، جيڪي بيٽري ۽ سيلن تي مفت ۾ ڪم ڪن ٿا، جنهن ڪري هيستائين لکين پورهيت بيروزگار به بڻجي چڪا آهن پر مستقبل ۾ اڃان به وڌيڪ بيروزگاري جو خدشو آهي. سرمائيدار پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻي غريب جو پيٽ ڦاڙي رهيو آهي. جنهنڪري سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي حق تلفي ۽ استحصال ٿي رهيو آهي. روزگار جي ذريعا مشينن حوالي ٿيڻ ڪري مزدور طبقي ۾ ڏينهون ڏينهن بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي رهي آهي. هڪ مشين ڪري سرمائيدار کي ڪروڙين روپين جو فائدو ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان لاتعداد مزدورن جي چلهه اُجھي ويندي. زندگي جي عام ڪارهنوار ۾ جديد مشينن جيتوڻيڪ وقت ۽ ناڻو بچائي اُپت به ٻيڻي ڏي ٿي. پر ان جو مجموعي فائدو هڪ سرمائيدار کي ئي آهي ۽ جيڪڏهن ان جديد مشينري جو سڌي طرح نقصان آهي ته فقط جسماني پورهيو ڪندڙ مزدور ۽ هاري کي آهي. جيڪو ان مشين سبب بيروزگار بڻجي پيو. هاڻ ان جو رخ ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، کاڻين، هوٽلن، هوائي توڙي پاڻي جي جهازن، ايئرپورٽن، بندرگاهن، ريلوي پليٽ فارم، سپر اسٽورن، مارڪيٽن، گيريج، ورڪشاپن، ڪمپنين طرف آهي جتي هاڻ ٻچن جي روزي روٽي خاطر مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪري سندن جاءِ تي مشيني روبوٽ رکيا ويا آهن. بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن جو روزگار جهازن مان مال لاهڻ جي ڪم سان وابسطا هو. اهي مزدور مهينن جا مهينا جهازن مان سامان لاهي پيٽ گذر ڪندا هئا ۽ هاڻ انهن پورهيتن جو ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. جنهن سان سرمائدار کي ته ٻيڻو فائدو آهي پر وري به ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿئي ٿو.


    نائي، موچي، درزي، ڌوٻي، واڍو، ويلڊر، مالش ڪندڙ ۽ ريڙن تي شيون وڪڻندڙ پورهيت

    هن ڪائنات ۾ ڪجهه اهڙا پورهيا آهن جن ۾ مزدور آزاد هوندو آهي. انهن دنڌن ۾ پورهيت محنت سان گڏ هٿ جي هنر ذريعي روزي ڪمائي حياتي جي ڳري گاڏي کي گهلڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هنر بادشاهه ضرور آهي پر هنر جي بادشاهي به اتي آهي جتي قدر هجي. جتي پورهيت سڄو ڏينهن فٽ پاٿ تي روزي جي انتظار ۾ ويٺو هجي ۽ ڪير حال پُڇڻ وارو به نه هجي انهن خطِن ۾ مزدور جي ڪهڙو قدر هوندو؟ اتي مزدور جو ڪهڙو جيون هوندو؟ نائي، موچي، مالش وارو ۽ ريڙهن تي ڪتاب، رانديڪا، گل، شيون، ڀاڄيون، ميوا وڪڻڻ وارا، ڪاٻاڙي، واڍا، ويلڊر، درزي ۽ ڌوٻي ڪهڙي خوشحالي واري حياتي گھاري سگهندا؟
    پنهنجي پگھر جو پورهيو وڪڻڻ جي باوجود پورهيت طبقو محنت جي خريدارن جو محتاج بڻيل هوندو آهي. ائين ڇو آهي؟ روزگار جي انتظاري انهن جي ذهنن ۾ بي قراري جو سبب بڻجي ويندي آهي. روزگار نه ملڻ جي مايوسي ۽ خالي هٿين ڳرن قدمن سان گھر واپسي جو سفر پورهيت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل شڪسته ٿي خودڪشين جو سبب پڻ بڻجي ٿو، ۽ پويان رهجي ويندا آهن مزدور جا يتيم ٻار جيڪي زماني جي اڻکٽ ستمن، ڌڪن، ٿاٻن واري سورن جي حياتي گھاري نيٺ وڏا ٿي ويندا آهن. ڪي بک ۽ بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري ويندا آهن. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب اهڙا حالات پيدا ٿي چڪا آهن جو هن وقت مزدور ڏينهن رات پورهيو ڪرڻ جي باوجود پنهنجن بکين ٻچڙن لاءِ اٽي جو سير وٺڻ جي سگهه به نٿو رکي. ڪڏهن ڪڏهن ته مزدوري لاءِ انتظار ڪندڙ پورهيتن جون اميدون نراس به بڻجي وينديون آهن جڏهن سندن اکين کي سڄو ڏينهن روزگار جي راهه تڪڻ جي باوجود به مزدوري جو ڪو ذريعو نٿو ملي. مايوسين جي ان درد جي ماپ ڪهڙي آلات سان ڪري سگهبي؟ مزدور جي ان درد کي ڪهڙي دل سان محسوس ڪري سگھبو؟ مزدور جي جهوپڙي ۾ ماني لاءِ ٻاڪاريندڙ ٻارڙن جون ڪيهون، پيرسن بيمار امڙ جي آخري هڏڪي ۽ پوءِ ان عظيم رشتي جي ڪفن دفن لاءِ مزدور جي دل جو بي وسي مان ٻرڻ، سڙڻ، پڄرڻ ۽ التجائي اکين سان نهارڻ جو تاب ڪو اهل دل ماڻهو جھلي سگھندو؟ سموري ڪائنات جي مزدورن جون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون چاهي ڪهڙيون به هجن پر آفريڪا کان سعودي عرب، آمريڪا کان پاڪستان، ۽ ايران کان اٽلي تائين سموري ڌرتي تي محنت ڪش پورهيت مزدورن جا درد، تڪليفون ۽ سور به ساڳيا آهن. انهن جي هٿن ۾ پيل لڦن جي آڪيڙ ساڳي آهي. انهن سان ستم به ساڳيا آهن ته ستم ڪندڙ قوتون به ساڳيون آهن.

    نائي
    پورهيت نائي (حجام) جي ضرورت انساني زندگي ۾ مهذب سماج جي اڏجڻ کان شروع ٿي. انسان جا وڌيل وار ڪٽي خوبصورت بڻائڻ ۾ هن پورهيت جو اهم ڪردار آهي. هن جو دنڌو ڏسڻ ۾ آسان اچي ٿو پر حقيقت ۾ نهايت ئي مشڪل ڪِرت آهي. هر وقت “بيهڪ” (بيهڻ) جي ڪم سبب پورهيت جي حجام جي ڄنگن ۽ چيلهه ۾ سور، وقت کان اڳ نظر جي گھٽتائي سميت وارن مان الرجي، دم، ڦڦڙن جون بيماريون ٿين ٿيون. هن مهنگائي جي دؤر ۾ سندس گذارو نهايت ئي مشڪل ٿي ويو آهي. شهرن ۾ ڪرائي جي دڪانن جون چوٽ چڙهيل مسواڙون، بجلي جا ڳرا بل ۽ ٻين لاتعداد خرچن سبب سندن ڪمائي هاڻ گھٽجي وئي آهي. زمانا اڳ سنڌ جي ٻهراڙين آهت جو رواج هو. سڄي سال پورهيت حجام پيا ماڻهن جي سنوارت ڪندا هئا. بٽئي مهل کين داڻا ڏنا ويندا هئا. پر هن وقت اهو رواج ختم ٿي چڪو آهي.

    موچي
    انسان جي اگهاڙن پيرن کي ڍڪي محفوظ ڪرڻ وارو موچي آهي. انسان شروعاتي زماني ۾ وڻن جا ڇوڏا پيرن تي ٻڌي ڌرتيءَ جي تپش، سردي ۽ ڪنڊن کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي پئي اڳتي هلي جُتي ڪاٺ جي چاکڙي طور معتارف ٿي. ڪاٺ جي اها اوائلي جُتي هاڻ توهان کي ڪنهن ميوزم ۾ نظر ايندي. ان کان پوءِ چمڙي جو زمانو آيو. موچي جانورن جي چمڙي کي لاتعداد مرحلن مان گذاري جتي جوڙي جنهن انسان جي پنڌ کي آسان بڻايو. دنيا ترقي جي بُلندين تي وڃي پهتي پر مسڪين پورهيت موچي جا حالات نه بدليا، سُئي، آر، داڳو، ميڻ، بُرش، پالش، چمڙو، ڪليون ڪوڪا پورهيت موچي جي نصيب کي چتي لڳائي نه سگهيا. وڏا ماڻهو ته جُتين جي مرمت ڪرائن ئي ڪونه، پالش ۽ برش به گھڻن ماڻهن جي ته گھرن ۾ موجود هئڻ ڪري اهي پالش به پاڻ ڪن. جُتين جي مرمت فقط غريب ماڻهو ڪرائن. وڏن ماڻهن جون لاهي اُڇلايل جتيون نيلامي مارڪيٽ ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جنهن بعد اهي جتيون مسڪينن جا پير ڍڪين ٿيون. رٻڙ، ريگزين، ليلون جون جتيون پڻ سرمائدار سيٺين جي فيڪٽرين ۾ ٺهن. جنهن ڪري اهي پڻ موچين جي روزي تي لت آهن. هي ڪِرت پڻ ذوال پذير ٿيڻ ڪري موچي فاقاڪشي واري حياتي گھاري رهيا آهن.

    درزي
    جيستائين انسان “ماڻهپي”جي خفي کان آجو هو تيستائين ڪپڙن لٽن کان به آجو هو، پر جڏهن شعور سنڀاليائن ته حيا ۽ شرم سندس اکين ۾ ڇلڪڻ لڳو، ڪيلن جا پن ۽ ڪک پن بدن تي ويڙهي ڇڏيائين. (ڌرتيءَ جي گولي تي اڃان به ڪي اهڙا ملڪ آهن جتي ماڻهو اڃان جهنگلي آهي، جيڪي بدن تي پن ٻڌيو پيا زندگي گذارين). تاريخ جي اها گواهي گھڻي قدر درست لڳي ٿي ته “ڪپهه جي پيداوار جي شروعات سنڌ مان ٿي” ان مان ثابت ٿيو ته ڪپڙو سڀ کان اڳ سنڌ ۾ استعمال ڪيو ويو. سلائي مشينون ته ڪلهه جي ڳالهه آهن پر ان کان اڳ ڪپڙو بدن تي ويڙهيو ويو هوندو يا سئي داڳي سان سبيو ويو هوندو. سلائي مشينن جي زماني ۾ درزي جي ڪِرت عروج طرف وڌڻ شروع ٿي. هن وقت سلائي جا لاتعداد قسم آهن. سلائي جا اگهه پڻ مختلف آهن. ڪراچي جهڙن وڏن شهرن ۾ پينٽ شرٽ ۽ ريڊي ميٽ ڪپڙن جا لاتعداد ڪارخانا آهن. جن تي سڄي سنڌ جا بيروزگار نوجوان بک کي ٽانڪا هڻن ٿا. ڪپڙن جي وڳي جي سلائي هن وقت چار سئو کان مٿي آهي. پر درزي کي اهو جوڙو سئو روپين ۾ سبڻو پوندو آهي. هڪ درزي روز چار کان پنج وڳا سبي سگهي ٿو. مهانگائي جي زماني ۾ هن سيزنل دنڌي جو دارومدار عيد جي موقعن تي آهي. عام طور تي درزي به موڙي ۾ هوندا آهن.

    ڌوٻي
    پورهيت ڌوٻي ماڻهن جا ڪپڙا ڌوئي استري ڪري پيٽ گذر ڪري ٿو. هي ڪِرت به تمام پُراڻي آهي. ماضي ۾ ڪوئلي واري استري تي ڪپڙا استري ٿيندا هئا. جنهن بعد بجلي ۽ ايل پي جي گيس تي استري اچي وئي. توڙي جو ڌلائي ۽ استري جو اگهه به وڌيو آهي پر شهرن ۾ دڪانن جون ڳريون مسواڙون، بجلي ۽ گيس جا خرچ، پاڻي جي کوٽ سبب ڪڏهن ڪڏهن پاڻي به پئسن سان خريد ڪرڻو پوي ٿو. ان کان علاوه صابڻ، صرف ۽ ڪپڙن تان داغ لاهڻ وارا ڪيميڪل پڻ مهانگا ٿي ويا آهن. جنهنڪري هن دنڌي ۾ سيڙپ سان گڏ سخت محنت هوندي به ڌوٻين جو گذارو مشڪل سان ٿئي ٿو.
    واڍو ۽ آرا مشين تي ڪم ڪندڙ پورهيت
    ڪائنات ۾ ڪاٺ جو استعمال تمام گھڻو آڳاٽو آهي. پر ان ڪم کي ترقي تڏهن ملي جڏهن دنيا ۾ تهذيدون جڙڻ لڳيون، اڏاوتون ٿيڻ لڳيون، ڪاٺ مان گھر جي استعمال جون ضروري شيون ٺهڻ لڳيون. کٽ، ٽيبل، ڪرسي، الماڙيون، شوڪيس، پينگها، در، دريون، ڪاٺ جا گھر ٺهڻ لڳا. جيئن پوءِ تيئن وڻ ۽ واڍي جي ضرورت وڌي وئي. ڪاٺ ۾ اچي ڪرٽ پيو، ڌرتيءَ روڏي ٿيڻ لڳي. پر ڪاٺ جي واپاري سرمائدار جو روح نه ڍاپيو، واڍو ته ڏهاڙي يا ٺيڪي تي ڪم ڪندڙ پورهيت آهي. جيڪو وڏن سيڙپڪار سيٺن جي دڪانن تي ڪم ڪري ٻچن جو پيٽ پالي ٿو. سموري زندگي ٻين جي گھر جي سينگار ۽ سهولتن لاءِ ڪاٺ جون شيون ٺاهيندڙ هن پورهيت جي گھر ۾ سڄي کٽ مشڪل سان ملندي آهي.
    آرا مشينن تي ڪاٺ جي چيرائي جو ڪم ڪندڙ پورهيت روزي خاطر ڏينهن رات موت جي منهن ۾ هوندا آهن. ڪيترائي دفعا ڪرٽ ٽُٽي پوڻ ڪري اهي پورهيت سخت زخمي پڻ ٿيندا آهن. ڪي پورهيت ته وڍجي موت جي ور به چڙهي ويندا آهن. گھڻن جا هٿ به ڪاٺ سان گڏ ڪپجي وڃي پري ڪِرندا آهن. آرا مشينن جا پورهيت ڪاٺ جو ٻورو، دز، لٽ سبب الرجي، دم ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ جڪڙجي عذاب جهڙو جيون گذارين ٿا. هي سڄو ڏينهن اُڀي پير وڏي ڦڙتي سان ڪم ڪندا آهن. ان ڪم ۾ ذري به ڪوتاهي جي جان تان هٿ کڻڻو پوي ٿو. پر نتيجي ۾ انهن پورهيتن جا معاشي حالات ڏاڍا رحم لائق هوندا آهن.

    ويلڊر ۽ لوهار
    برابر جڪي لوهه ڪُٽين لوهار تن کي ڪهڙو قدر سون جو به جيڪي لوهه کي ڳاري هن ڪائنات جي پورهيتن لاءِ اوزار ٺاهين ٿا ڪهاڙو، ڏانٽو، رنڀو، هر، ڏاندار ٺاهڻ واري پورهيت دنيا جي مشڪل ڪمن کي آسان ۽ تيزترين بڻائي ترقي جي هزارين رستا کولي ڇڏيا. ان پورهيت جي جوڙيل اوزارن جي ڪري زرعي طور وڏي ترقي جو زمانو شروع ٿيو. جديد مشينري جي ڪري توڙي جو انهن جي ڪِرت گھٽجي وئي آهي پر اڀري حال سان به هلندڙ آهي. جڏهن جديد زرعي آلات ٺهڻ جا وڏا ڪارخانا لڳا، تڏهن سندن ڪم مشينن حوالي ٿيڻ جي شروعات ٿي آهي. جنهنڪري هن ڪم مان پيٽ ڀرڻ جو ذريعو مستقبل ۾ نه رهندو.
    بجلي تي هلندڙ مشين تي ٽٽل شيون ڳنڍڻ جو ڪم ويلڊنگ ذريعي ٿئي ٿو. ويلڊنگ ڪندڙ ويلڊر بجلي جي تيز ترين شعاعن جي ويجهو هجڻ ڪري اکين جي بيمارين ۾ وچڙجڻ، نظر جو خطرناڪ حد تائين گھٽجي وڃڻ ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ ڪري اهو پورهيت آخري حياتي ڏکن، تڪليفن ۽ عذابن ۾ گھاري ٿو. ويلڊنگ ڪندڙ پورهيتن کي تمام گھڻي محنت ڪرڻ جي باوجود سيٺين پاران تمام گھٽ اجورو ملي ٿو. جنهن مان سندن گذارو پڻ مشڪل سان ٿئي ٿو. چڻگن جي گھيري ۾ گھاريل حياتي جا ڏک، درد ۽ سورن کي ڪو سندو نٿو لڳي، غربت ۽ بي وسي ڪو ٽُچ نٿو لڳي.

    مالش وارو
    پُراڻي زماني ۾ وڏين بادشاهن جي جسماني فٽنس لاءِ درٻارن ۾ مالشي مقرر ٿيل هوندا هئا. اهي جسم کي اهڙي ته آڍ مک ڪندا هئا جو بدن جا سمورا سور کن پل ۾ لهي ويندا هئا. پر دنيا مان جڏهن بادشاهتن جا ڀاري بُرج ڪري پيا ته بادشاهن به وڃي ٻيا دنڌا ڪيا. انڪري مالشين جو روزگار به درٻارن مان نڪري بازارن ۾ اچي ويو. جتي غريب غربو به ناڻو ڏيو مالش ڪرائيندو آهي. هي دنڌو وڏن شهرن ۾ اڪثر رات جي ٽائيم بس اڏن، هوٽلن، ڪلبن ۽ ٻين عوامي جاين تي هلندو آهي. پورهيت مالشي تيل جو شيشيون ڇڻڪائيندا هوڪا ڏيندا وتندا آهن. هاڻ ته وڏن شهرن ۾ آڍ مک جا سينٽر به کُلي ويا آهن. جنهنڪري هنن پورهيتن جي روزي تي لت اچي وئي آهي. هن ڌندي جي آڙ ۾ ڪجهه نقلي مالشي به آهن جيڪي ماڻهن کي مالش ڪندي کيسا صاف ڪيو وڃن. انڪري هنن پورهيتن کي ماڻهو اڪثر شڪ جي نگاهه سان ڏسندا آهن. هي رولاڪين جي ڪِرت آهي. پر هي پورهيت پنهنجي ۽ محنت جي باوجود به ذوال پذير آهي.
    شيون وڪڻندڙ پورهيت
    پيٽ گذر لاءِ انسان ڪيترا وس ۽ حيلا ڪندو آهي. پر ڄمڻ کان وٺي مرڻ گھڙي تائين پيٽ نٿو ڀرجي. پيٽ جي آگ ڪائنات جي اربين انسانن کي ٻاري، ساڙي راک بڻائي ڇڏيو آهي. محنت مزدوريون، پورهيا ڪرڻ جي باوجود به هن ڌرتيءَ تي جيڪڏهن ڪو جيوت عذاب ۾ آهي ته اهو پورهيت آهي. شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ريڙهن، سائڪلن، موٽر سائڪل، گڏهن تي هڙون ٻڌي ۽ گڏهه گاڏين تي شيون وڪڻندڙ پورهيت سج اُڀرڻ کان لهڻ تائين گرمين توڙي سردين ۾ گھر کان ٻاهر هوندا آهن. اهي گھورڙيا در در تي هوڪا ۽ هارن ڏيئي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏيندا آهن. هلڪي ڪوالٽي جا فروٽ گدرا، ٻير، ڪيلا، صوف، کجور ۽ ڳڙداڻي، چپس، لاهوري گجر، ڪلفيون، ڀاڄيون، رانديڪا، ٽڪ، ڦڻي، هار سينگار، چوڙيون، سرخي، ميڪپ جون شيون وڪڻي پنهنجي ٻچن جي ماني جو بندوبست ڪندا آهن. اهي پورهيت شيون رڳو پئسن عيوض ڪونه ڏين پر مرچ، ڦٽي، لوهه، ڪڻڪ جي مٽا سٽا تي به شيون ڏين. سيڪرين واريون ڪلفيون وڪڻڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ انهن پورهيتن جي نوانٽري هوندي آهي. ٻهراڙي جا ماڻهو کائين اوڌر تي پڻ شيون خريد ڪن.

    سور انهن جا ساڳيان
    جيئن هن ڪائنات سمورن سرمائدارن جا معاشي مفاد ساڳيا آهن. بلڪل ائين ئي سموري ڪائنات جي پورهيتن جا مسئلا به ساڳيا آهن. انهن جا سور به ساڳيا آهن. انهن جي درد جي تڪيلف به ساڳي آهي، انهن جي بک جو احساس به هڪجهڙو آهي. سڄي دنيا جي پورهيتن جي عظيم پگهر جي خوشبوءَ ساڳي آهي. انهن جي هٿن جون لڦون ۽ پيرن جا ڇالا به ساڳيا آهن. انهن جا ڪوماڻيل چهرا ۽ لڙڪ به ساڳيا آهن. تڏهن ته شايد استاد ڪارل مارڪس چيو آهي “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو”


    پُراڻ پبليڪيشن جا ڇپيل ڪتاب

    1. آسن جو آسمان (شاعري) قادر سيال جهڏائي
    2. ديوان غمدل (شاعري) غلام حيدر “غمدل سيال”
    3. جنين لوهه لڱن ۾ (مضمون) محب ڀيل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 671
    ڪتابن جو مشاهدو: 868637
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 295211
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ