ڪتاب جو نالو: ٺارو شاه جو بابوُ صاحب
مصنف: علي رضا قاضي
ڇپائيندڙ: علي پبلشرس ۽ ڪمپيوٽرس ٺاروشاه
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 26 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 450 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 82 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • علي پبلشرز ۽ ڪمپيوٽرز جو ٽيون ڪتاب
  • نالي ڪريان ٿو
  • سنڌ سلامت پاران :
  • پبلشر نوٽ
  • ٻين ڪاڻ جيئڻ
  • ڇو رڪجون رفيقو!
  • ٺاروشاه جو بابوُ صاحب

  • هڪ ضروري ڳالهه
  • تعارف:
  • منهنجو بابا
  • منهنجي امڙ
  • نالي جي تڪرار واري ڪهاڻي
  • ناصر کي ڪير وساريندو
  • 1971ع جي جنگ
  • بهترين معلم
  • انڌير نگري، چرٻٽ راجا
  • ڳائڻ جو شوق
  • پٽڪي بجاءِ مٽڪي کي کڻڻ
  • شينهن جي سواري
  • دوست ملڪيت هوندا آهن
  • چار آنا ٽڪيٽ
  • سبزي منڊي ۾ مزدوري
  • ڏهن منٽن ۾ مڃٺ پهچڻ
  • ادا ايوب جي دوڪان تي ويهڻ
  • هاءِ اسڪول ۾ ڊرامه
  • اسڪول هاسٽل جون رونقون
  • اسڪول جا استاد
  • انهن جا احسان آهن
  • رولاڪيون
  • منهنجا ڀائر ۽ ڀيڻ
  • منهنجي پڦي
  • چاچو عباس باغي
  • ٺاروشاه ۾ مارشل لا
  • شاعر الياس بزمي
  • گا ميري منوا گاتا جا ري
  • ادا فوجدار ۽ ادي
  • هولي ۽ ڏياريءَ جا جلوس
  • ڄنگهه ڀڄڻ ۽ عارب ڪنڀر
  • ٺاروشاه ۾ سڪونت جي چونڊ
  • فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
  • وڪٽر جان غوري
  • مان نه ڀڄندس
  • تون سزا نه کائيندي
  • اداڪاري ڪرڻ
  • بشنيءَ جي دعا
  • برف باري ڏسڻ
  • شاديءَ جو نياپو ۽ سزا کان بچڻ
  • هڪ پاسي شيرو ٻئي طرف مهربان
  • سکر ۾ پوسٽنگ ۽ شادي
  • بهاولپور ۾ پوسٽنگ
  • اذان ڏيڻ ۽ وڇونءَ جو واقعو
  • ڪرنل حسن ڪياني سان قرب
  • رٽائر ٿيڻ
  • شادي ۽ اولاد
  • ادا ايوب ۽ ادا اقبال جو اولاد
  • والد جهڙو ڀاءُ
  • واپسي ۽ ڪاروبار کولڻ
  • بجليءَ جو بحران
  • گرڊ جو منظور ٿيڻ
  • ڪاروبار سان حشر
  • دوڪاندار ويلفئير جو قيام
  • سوئي گيس جي تحريڪ
  • بلوچ ٿي واعدو پاڙجان
  • سيد نذير حسين شاه
  • ٺاروشاه ۾ سوئي گيس
  • سياست ۾ اچڻ
  • تلخ يادگيريون
  • پسنديده سياستدان
  • سال 2016ع جي چونڊن ۾ شڪست
  • وارڊ 04 جو هيرو!
  • هڪ افسوس
  • پاور هائوس ۽ گرڊ جو قيام
  • شهر جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ
  • محسن خاندان
  • ايني طاهر ۽ ڌرتي فائونڊيشن
  • مامي گلوءَ ۽ ڇٽي فقيرَ جون يادون
  • سماجي خدمتون
  • ڪشمير ۾ زلزلو
  • شهر ۾ چوڪيداري نظام
  • راتين جون ننڊون ڦٽائيندڙ
  • ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو بابوُ اسلم فوجي
  • گوبند ۽ چندر جون يادون
  • ڪجهه سماجي خدمتون
  • ڪجهه انسان دوست آفيسر
  • ٻئي يادون
  • منهنجا دوست
  • مرشد سان بدتميزي
  • ڊرينج سسٽم ۽ مس مئنجمنٽ
  • پسند ناپسند
  • پسنديده گل
  • پسنديده لباس
  • پسنديده رنگ
  • پسنديده وقت
  • پسنديده ماڻهو
  • اي خدا! اسان کي معاف فرماءِ
  • بابوُ صاحب جي شخصيت بابت تاثر

  • ٺاروشاه جو سپوت بابوُ اسلم فوجي خانزاده
  • ٺاروشاهه جو ‘بابوُ صاحب’
  • مان، علي رضا قاضي ۽ بابوُ اسلم فوجي!
  • منهنجو شهر ٺاروشاه ۽ بابوُ صاحب
  • بابوُ صاحب، منهنجو دوست
  • بابوُ اسلم فوجي
  • مضامین و تاثرات

  • تھاروشاہ کا فوجی
  • خدمتِ خلق کا روشن ستارہ بابو اسلم فوجی خانزادہ
  • فخرِ تھارو شاہ بابو اسلم فوجی
  • تھاروشاہ کا عبدالستار ایدھی
  • تھارو شاہ کا بابو
  • بابو اسلم فوجی اور تھارو شاہ
  • English Section Views and opinions

  • Dear Kazi sahib,
  • BAABOO FOJI, A SOCIAL REFORME
  • An active Social worker
  • SUFI MAN BABOO ASLAM FOJI
  • آخري پنو

  • علي پبلشرز ۽ ڪمپيوٽرز جو ٽيون ڪتاب

    ڪتاب جو نالو: ٺاروشاه جو بابوُ صاحب (سوانح عمري ۽ تاثر)
    ليکڪ: علي رضا قاضي
    سال: آڪٽوبر 2016ع
    حق ۽ واسطا:
    علي پبلشرز ۽ ڪمپيوٽرز ٺاروشاه، ضلعو نوشهروفيروز سنڌ وٽ محفوظ هوندا
    رابطي لاءِ:


    نالي ڪريان ٿو

    پنهنجي ناني سائين فقير محمد عباسي
    ۽
    چاچي سائين عمرالدين بيدار جي

    جن جو منهنجي روحاني تربيت ۾ وڏو حصو آهي.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ٺارو شاهه جو بابو صاحب“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. سنڌ جي تاريخي شهر ٺارو شاهه جي هن سماجي ۽ سرگرم ڪردار مشهور سماجي ورڪر بابوُ اسلم فوجي خانزاده جي سوانحي لکڻين جو مرتب علي رضا قاضي آهي.

    هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.

    هي ڪتاب علي پبلشرز ۽ ڪمپيوٽرز ٺارو شاهه پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري دوست علي رضا قاضيءَ جا جنهن ڪتاب موڪليو ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    محترم علي رضا قاضي صاحب جو هي ٽيون ڪتاب ڇپائيندي مسرت جو احساس ٿي رهيو آهي، قاضي صاحب جو پهريون ڪتاب ساهتي جي اتهاسي شهر ٺاروشاه تي هڪ دستاويز هو، ان کانپوءِ ‘معذرت سان’ نالي اختصاري ڪهاڻين جو ڪتاب پڻ ڇپجي پڌرو ٿيو.
    هي ٽيون ڪتاب ٺاروشاه جي مشهور سماجي ورڪر بابوُ اسلم فوجي خانزاده جي سوانح عمري آهي، جنهن ۾ مصنف هن جي شخصيت جي مختلف پاسن کي ڪور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، هو ان ۾ ڪيتري حد تائين ڪامياب ويو سو پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪندا پر اسان گهڻي قدر مطمئن آهيون ته شهر جي هن سماجي اڳواڻ ۽ فقير صفت انسان کي ڪتاب جي صورت خراج ادا ٿيو.
    دعائن سان موڪلاڻي ته جلد ساهتي جي تاريخ، تمدن ۽ ورثي تي قاضي صاحب لکندو رهندو ۽ اسان ان کي ڇپائيندا رهنداسين.



    مدثر علي سهتو/ ٺاروشاه








    ٻين ڪاڻ جيئڻ

    ٻين ڪاڻ جيئڻ

    قاضي علي رضا هن ڪتاب تي مهاڳ لکڻ لاءِ چيو، جڏهن ته ’شخصيات‘ تي لکڻ يا تحقيقي ڪم ڪرڻ مون کي ايترو وڻندو به ناهي ۽ نه وري ان ڀير جو ماڻهو آهيان. اهڙو ڪم ڪرڻ پاڻ لاءِ ڪافي ڏکيو سمجهندو آهيان. ان کان اڳي قاضي صاحب جي اختصاري ڪهاڻين تي ’ڪچا ڦڪا لفظ‘ جي عنوان سان مهاڳ لکيو هو؛ حالانڪ ڪهاڻين يا افسانوي ادب جي ڏانوَ جو ماڻهو به ناهيان. مان ته صرف ٻوليءَ جي علم جي هڪ حصي جو شاگرد آهيان. هن ويري به هن همراه جو اهو ئي ضد ته هن ’شخصي ڪتاب‘ تي اوهان ٻه لفظ لکي ڏيو. نيٺ، کانئس ڪتاب وٺي پڙهيم، جيڪو ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ’ٺاروشاه‘ جي هڪ شخصيت ’بابوُ اسلم فوجيءَ‘ تي لکيل آهي.
    صنف جي خيال کان هي ڪتاب ’سوانح عمريءَ‘ ۾ شمار ٿئي ٿو. سوانح عمريءَ کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو آهي:
    1. تاريخي لحاظ کان هڪ شخص جي زندگيءَ جو تفصيل
    2. پاڻ بابت ’آتم ڪٿا‘ ۾ خود نَوِشت زندگيءَ جو احوال
    سنڌي ادب ۾ سوانح عمري ۽ آتم ڪٿا/ ڪهاڻيءَ جي تمام گھڻي اهميت آهي. ان صنف کي ترقي ڏيارڻ لاءِ علامه آءِ.آءِ قاضيءَ راءِ رکي آهي ته سنڌي ادب ۾ اها ڪوشش ورتي وڃي ته هر لکندڙ گھٽ ۾ گھٽ پنهنجي سوانح سچائيءَ سان لکي ته جيئن اسان جو آئيندو انهن جي مشاهدن مان لاڀ حاصل ڪري سگهي.
    هي ڪتاب ٺاروشاه جي هڪ شخص جي زندگيءَ بابت مختصر معاشي، سماجي يا سياسي تفصيل آهي، جيڪا هڪ شخص جي زندگيءَ جي مشاهدن تي مبني آهي. ڀلو امڪان آهي ته ان شخص جي ڪنهن سٺي پهلوءَ تي ڪو ٻيو ريس ڪري ۽ سماجي طور هڪ ڀلائيءَ جو جز سنوارجي وڃي.
    ٺاروشاه علم و ادب ۽ فن جي حوالي سان مون کي موهيو آهي. هڪ ته: پوري ننڍي کنڊ جو مشهور گائڪ، شاعر ۽ موسيقار ماسٽر چندر جو لاڳاپو ان شهر سان آهي. ٻيو ته: مشهور اديب گوبند مالهيءَ جو جنم به هن شهر جي مٽيءَ مان ٿيو، ڪرشن کٽواڻيءَ سان به منهنجي اڻ ڏٺي محبت آهي، جيڪو پڻ هتان جو هيو. تحقيق جي حوالي سان سنڌ جو برک تعليمدان ۽ اديب ڊاڪٽر غلام قادر سومرو به هن شهر ۾ ئي پلجي جوان ٿيو، جنهن سان منهنجي ڪافي محبت ۽ ويجهڙائپ رهي.
    سنڌي جي سرسبز علائقي، معتدل موسم ۽ مٺي پاڻيءَ واري هن شهر جي ماڻهن جو مزاج به سنڌ جي مزاج جيان متعدل ۽ مٺو آهي. بابوُ محمد اسلم خانزادي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ يا ڏيٺ ويٺ ته ڪونهي؛ ليڪن قاضي صاحب پاران بيان ڪيل ڳالهين مان لڳندو آهي ته بابوُ صاحب ٺاروشاه جي روايتن کي اڳتي وٺي هلي پيو. ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هن تي ڪتاب لکڻ جي ڳالهه ٿي ته مان فقط هڪ جملو چيو ته ’اسان انهن ماڻهن کي ٻيو ته ڪجهه به نه ٿا ڏئي سگھون، سواءِ محبت، احترام ۽ سٺن لفظن جي ڀيٽا جي!
    سچ ته مان ذاتي طور ڪتاب جي ليکڪ کي همٿايو ته جيترو به جلد ٿي سگھي ته اهو ڪتاب پورو ڪري وٺي. ڇو جو ٻين ڪاڻ جيئڻ واري اصول سان زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي سندن حياتيءَ ۾ ئي مانُ ملڻ گھرجي. اهي ماڻهو جن جو لقاءُ رنگ، ذات ۽ نسل جي فرق کان آجي مٽيءَ جيان، سج- چنڊ جي روشنيءَ جيان، ڏکڻ جي هير جيان ڪنهن لاءِ به مخصوص ناهي؛ بلڪ سڀ لاءِ ساڳيو! ڇا ڪڏهن مٽيءَ ماڻهن کي پاڻ کان پري ڪيو آهي؟ ڇا ڪڏهن سج- چنڊ روشني رسائڻ ۾ ماڻهن جي ورڇ ڪئي آهي؟ ڇا ڪڏهن پاڻيءَ ڪڏهن اهڙي دانهن ڪئي آهي ته هي ڪافر ماڻهو مون کي نه ٿا پي سگهن؟ ڇا هوا ڪڏهن ان سبب گھُلڻ کان انڪار ڪيو آهي ته مسڪينن جي ٿلهي تي وائڻ منهنجو ڪهڙو ڪم؟ اهي سڀ قدرت جون نعمتون آهن، جيڪي برابريءَ جي بنياد تي هر انسان کي حاصل رهن ٿيون. بس، هي سماج ۾ اڻ- برابري ۽ طبقاتي سلسلا ماڻهوءَ جا ئي پيدا ڪيل آهن، جيڪي انسان کي انسان کان ڏينهون ڏينهن ڏور ڪندا ٿا وڃن.
    سماج جي اهڙي گھٽيل ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ جتي ساه کڻڻ به اڻانگو ٿي وڃي، اتي ڪي شخص قدرت جي نعمتن وانگر هوندا آهن، جيڪي پاڻ کي لُنجهڻ ۾ رکي به ٻين کي خوشيون ارپيندا آهن. دنيا ۾ اهڙن ماڻهن جي ڪا کوٽي ڪونهي، جن جي شخصيتن کي ڏسي ماڻهپي تي ايمان پختو ٿي ويندو آهي. اهڙا کوڙ سارا ڪردار ڪي نامور ٿيو وڃن ته ڪي وري گمناميءَ جي زندگي گھاري مٽيءَ ماءُ حوالي ٿيو وڃن. سنڌ جا به اهڙا ڪافي ڪردار آهن جن جو نالو سج جيان چمڪندو رهندو. ان حوالي سان تمام گھڻا نالا آهن.
    اهڙا ڪردار سنڌ جي هر واهڻ وستي ۽ ڳوٺ شهر ۾ موجود هوند آهن، جيڪي گمناميءَ واري زندگيءَ گهاري عام لاءِ پاڻ پتوڙين پيا. گھرج ان ڳالهه جي آهي ته لکندڙ دوست اهڙن ڪردارن جي سوانح لکي منظر عام تي آڻين ۽ سماج ۾ ڀلائيءَ جا اڻ ڳڻيا پاسا پيدا ٿين.


    ڊاڪٽر الطاف جوکيو
    پي.ايڇ.ڊي (لسانيات/ٻولي)
    غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    ڪنڊيارو، نوشهروفيروز


    ڇو رڪجون رفيقو!

    ڇو رڪجون رفيقو!

    سماجي اصول طور بابوُ محمد اسلم فوجي خانزاده تي ڪتاب نه لکڻ گهرجي، ڪتاب ته ڇا پر هن تي هڪ پنو به ضائع نه ڪجي، پنو ته پري هڪ سٽ هڪ جملو هڪ لفظ به نه لکجي! ڇو جو اسان جي سماج جا اهي اصول ۽ آدرش آهن ته هتي مسڪين صرف ٽشو پيپرن جيان استعمال ٿيندا رهن ٿا! ڀلي توهان سنڌ هند جي هڪ هزار سالن جي تاريخ اٿلائي ڏسو ته اتي رڳو جنگين ۽ بادشاهن جون ئي تاريخون ملنديون.
    تاريخ ڄڻ امير گهراڻن جي لونڊيءَ جو ڪم ڪيو هجي! بلڪل عجب جهڙي ڳالهه ته ڪروڙين ماڻهن کي ڀت سان لڳائي فقط سون ماڻهن جي تاريخ رقم ٿيندي رهي آهي! نتيجي ۾ اسان وٽ ٻاراڻي ادب کان لوڪ داستانن ۾ به شهزادن، بادشاهن جا قصا زور ملندا، جيڪڏهن ڪنهن غريب جو ذڪر هوندو ته اهو به ان ڪوشش ۾ مصروف ته ڪهڙي ريت بادشاه ٿجي، پئسو حاصل ڪري ٺٺ ٺانگر ڪجي. مطلب ته جنهن شيءِ جو نالو انسان آهي، اهي فقط وڏا ماڻهو ئي آهن، غريبن جو هن دنيا جي تاريخ ۾ ڪوبه وجود ناهي.
    منهنجي هن ڪتاب لکڻ تي گهڻن ماڻهن کي ڏندين آڱريون آيون هونديون، انهن عجب به کاڌو هوندو ته آخر مونکي ڪهڙي ضرورت پيش آئي جو ٺاروشاه جي هن مسڪين همراهه تي ڪتاب لکي ورتم!؟ ته ها منهنجي ضمير جي مٿان اهو وزن هو ته هن همراهه تي ڪجهه نه ڪجهه لکجي، مرڻ کانپوءِ ته هر ماڻهو کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀلو چئبو آهي، ڇونه ڪو اهڙو ڪم ڪجي جو هن شخص جنهن سان مان دوستي جي دعوا ڪريان ٿو، گهٽ ۾ ساهتي پرڳڻي جي هن شهر ٺاروشاه جي حوالي سان امر ٿي وڃي. اهو خيال دل ۾ سانڍي ڪجهه دوستن سان صلاح مشورا به ڪيا، جن همٿ ڏياري ۽ حوصلو ڏنو ته بابوُ صاحب تي لکڻ حق آهي.
    اسلم فوجيءَ سان تعلق کي 6 سال ٿيڻ تي آهن، ياد اٿم ته هن تي پهريون مضمون ‘ٺاروشاه جو مسڪين جهان خان کوسو’ نالي سان لکيو هئم، جنهن کي عام ۾ پذيرائي ملي هئي. پنهنجي مضمون بابت پاڻ ڇا لکان پر اهو انگريزيءَ ۽ اردو ۾ ترجمو ٿي مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپيو، جنهن تي فخر ڪري سگهجي ٿو.
    ها ته ڳالهه ڪريان پيو بابوُ صاحب جي ته هو مسڪين ۽ غريب طبيعت جو ماڻهو آهي، هن جي اکين ۾ هن جي معصوميت ڏسي سگهجي ٿي، ڪافي ڀيرا ته ائين ٿيو جو منهنجي سامهون ڪجهه ماڻهن پنهنجي پر ۾ هن جي تذليل ڪئي پر هو خاموش بيٺو رهيو، مان سمجهان ٿو ته اعلى انساني قدرن ۾ ان عمل جو مقام تمام ارفى آهي؛ ياد اٿم ته هڪ ڀيري بابوُ صاحب جي اليڪشن ۾ هارائڻ کانپوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن ڪنهن ڪم سانگي بازار ڏانهن ويس ته حسبِ معمول بابوُ صاحب هڪ گهٽي کي صاف ڪندي مليو حيران ٿي ويس اڙي هي ڇا!؟ همراهه ته چونڊن ۾ به هارائي ويو، اسان جهڙو ڪو هجي ها ته ٽي ڏينهن سَوڙِ مان نه نڪري هان پر هن ته پنهنجي زندگي جي معمول کي هڪ منٽ لاءِ به نه ڇڏيو، بي اختيار ‘وا واه’ لبن تي اچي وئي ۽ موٽي اچي هن جي نالي سان فيس بوڪ تي هڪ پوسٽ رکيم ‘وارڊ نمبر 4 جو هيرو’ سوشل ميڊيا تي ان پوسٽ کي گهڻو پسند ڪيو، هڪ همراهه کي گهڻي تڪليف ٿي سو ايتري جرئت ته هئس ڪونه جو پنهنجي اصل نالي سان ڪو تبصرو ڪري هان هڪ ڪوڙي آءِ ڊي سان لکيائين ته “قاضي صاحب، بابوُءَ توهان کي گهڻا پئسا ڏنا آهن؟” هاڻي ڏيو منهن بابوُ صاحب ڀلا مونکي ڪيترا پئسا ڏئي سگهي ٿو، سو هيءَ ڳالهه لکڻ جو مقصد ته دنيا اهڙن ذهني رهزنن سان ڀري پئي آهي، جن کي ٻين جون خوشيون نه وڻنديون آهن، هو هر ان مثبت رخ جي مخالفت ڪندا جنهن سان سماج ۾ بهتري اچي. پر پاڻ نه هٽڻ وارا نه مڙڻ وارا، جنهن ڳالهه سان پنهنجو ضمير ۽ خمير مطمئن هوندو اهو لکي ڇڏينداسين، ڪنهن کي تڪليف پهچي ٿي ته ڀلي پهچي.
    ڪتاب ‘ٺاروشاه جو بابوُ صاحب’ کان اڳ هن ئي شهر تي ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ نالي هڪ ڪتاب لکيو هو، جنهن ۾ 46 هزار لفظ شامل هئا، ڄڻ ايم.فل جي ٿيسسز هجي، هڪ اهڙو ڪم هو جنهن جي اهميت جو اندازو اڄ کان 50 سال پوءِ ٿيندو، جڏهن ماڻهو هن شهر ۽ علائقي جي تاريخ معلوم ڪرڻ چاهيندا ته يقين سان منهنجو هي ڪتاب انهن لاءِ وڏو ماخذ ثابت ٿيندو پر افسوس مان نه هوندس، بس منهنجي روح کي هڪ خوشي ضرور ته هڪ اهڙو ڪم پنهنجي پويان ڇڏي ويس جنهن سان منهنجي شهر واسين کي فائدو پهچي رهيو آهي. خير منهنجي اها محنت گهڻن ماڻهن کي پسند آئي، مونکي خبر ناهي پر ڪجهه شخص اهڙا مليا جن جي روين تي افسوس رهندو، مولا علي عليه السلام جي قول مطابق “عيب ڪڍڻ واري جو مثال ان مک جيان آهن، جيڪي جاچي گند جي ڍير تي ويهندي آهي.”
    انهن پهرين ملاقات ۾ ئي چيو ته: “سائين، ڪتاب ڏاڍو ڀلو پر………!” ان پر ۾ گهڻو ڪري اها شڪايت هوندي هئي ته منهنجي دوڪان جو ذڪر نه ٿيو، منهنجي ڦلاڻي وڏي جي ڳالهه نه هئي، اسان جي پير جي پويان رحمت الله عليه لکيل نه هو………يار حد ٿي وئي.
    ڄاڻان ٿو، هن ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ به اهي مکيون ‘ڀون ڀون’ ڪري اٿي پونديون، ڀلي اٿن مک جو باقي ڪم ڪهڙو! اسان کي به ته پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي، سو ڪندا رهنداسين، بخاريءَ جي سٽ سان مهاڳ کي پورو ڪجي ٿو.
    ڇو رڪجون رفيقو، جڏهن ارتقا رڪجي نه ٿي.

    علي رضا قاضي
    ليڪچرار سنڌي ادب ۽ ٻولي
    غلام رباني آگرو گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    ڪنڊيارو، نوشهروفيروز


    ٺاروشاه جو بابوُ صاحب

    هڪ ضروري ڳالهه

    هڪ ضروري ڳالهه
    ڪنهن به شخص يا موضوع تي هڪ سٽ لکڻ به ڏکي آهي، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن تي لکڻ مزو ڏيندو آهي. بابوُ صاحب جو شمار به انهن ماڻهن ۾ آهي، سال 2010ع ۾ بابوُ محمد اسلم خانزاده فوجيءَ سان مدثر سهتي جي معرفت واسطو ٿيو، انهيءَ سال ئي مان هن جي سماجي خدمتن کان متاثر ٿي هن تي ‘ٺاروشاه جو مسڪين جهان خان کوسو’ جي عنوان هيٺ مضمون لکيو، جيڪو ان وقت ‘روزانه سوڀ’ ۾ ڇپيو. ان کان بعد ۾ ساهتي پرڳڻي جي هن اتهاسي شهر تي ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ نالي ڪتاب لکيو، جنهن ۾پڻ بابوُ صاحب تي مضمون شامل آهي.
    ٺاروشاه ۾ رهندي بابوُ صاحب سان گهڻي ويجهڙائي رهي آهي، جنهن ڪري هن سان تفصيلي ڳالهيون ٿيون جيڪي هن جيئن ٻڌايون مان تيئن ئي لکي ڇڏيون، جنهن لاءِ بار بار بابوُ صاحب کان پڪ به وٺندو رهيس، خير وري به جي ڪا غلطي هجي ته پيشگي معذرت، انسان آهيون، خطا ته ٿيندي. (علي رضا قاضي)


    تعارف:

    تعارف:
    قد ۾ پورو پنو، پنج فوٽ پنج انچ ڊگهو، نحيف جسم سياري توڻي اونهاري مٿي تي گلگتي يا چترالي ٽوپي، سنهڙو سيپڪڙو، ڪڏهن ڏاڙهي کي رنگ ڪري ته ڪڏهن سفيد سونهاري؛ اکيون ڪنهن معصوم ٻار جيان نه دوکو نه دولاب نه ٻيائي نه ٺڳي، صاف سڌو فارسي شاعر حافظ جي بقول ته “ديوَن جهڙا منهن ڏسي ٿڪجي پيو آهيان، انسان ڏسڻ چاهيان ٿو!” يا يوناني ڏاهي ڊيوجانس جيان جيڪو ڏينهن جو لالٽين کڻي گهمندو هو، ڪير پڇندو هئس: “اهو ڇو ڀلا؟” جواب ڏيندو هو: “ماڻهو پيو ڳوليان!” بس بابوُ صاحب به ڪجهه اهڙو ئي ماڻهو آهي، جنهن لاءِ ڪارل مارڪس چيو هو ته: “هن جهان کي نوَن ماڻهن جي ضرورت آهي.” منهنجو دوست شهزاد پهنور دليپوٽن وارو چوندو آهي ته: “اسان جي معاشري ۾ ماڻهو گهرن کي پاڪستان ۽ گهٽين کي هندستان سمجهندا آهن، گهر کي ته صاف رکڻو آهي پر گهٽيءَ تي يا ته قبضو ڪبو يا ان کي گندو ڪبو!” خير بابوُ صاحب ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ٺاروشاه ۾ رهي ٿو، هي هن سماج ۾ فِٽ ته ناهي، پر پوءِ به انساني خدمتن لاءِ جاکوڙي پيو.
    ٺاروشاه جنهن کي مان پنهنجي ڪتاب ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’۾ ساهتيءَ جي دل به سڏيو هو، تنهن شهر ۾ هي همراه خانزاده محلا ۾ ڄائو، ان گهٽيءَ کي مندر اسٽريٽ به سڏيو وڃي ٿو، هن جي والد صاحب جو نالو دلمير خان خانزاده آهي.


    منهنجو بابا

    منهنجو بابا
    بابوُ صاحب پنهنجي والد صاحب بابت ٻڌائي ٿو ته: ”منهنجو بابا وڏي همٿ وارو انسان هو، جسم ۾ جانٺو قدآور ۽ ذهين، منهنجو پهريون هيرو مان هن کي هر وقت تڪيندو رهندو هئس ته ڇا ٿو ڪري پوءِ وري ان جو نقل ڪندو هئس، هو مونکي ڏسي خوش ٿيندو هو، سڀني کان ننڍي هجڻ جي ناتي مونسان گهڻو پيار ڪندو هو، پنهنجي ڪلهي تي چاڙهي شهر ۾ گهمائيندو هو. منهنجو بابا منهنجو گهوڙو هو ۽ مان هن جو سوار هئس! اهي ڏينهن ياد ڪري هاڻي به روئي ڏيندو آهيان، ڪاش مان ننڍڙو ٿي پوان ڪاش منهنجو بابا موٽي اچي! پنهنجي ننڍڙي پٽن کي ڏسي بابا گهڻو ياد ايندو آهي. انهن ۾ پنهنجي بابا جي تصوير ڳوليندو آهيان، هن مونکي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه ماريو، بس هڪ ڀيرو چماٽ هنيائين شاهي بازار ۾ ڇڻڪو ديوان جي دوڪان جيڪو ڀڳڙن جي ڪري سڄي علائقي ۾ مشهور هو، جي سامهون زردار خانزاده جي هوٽل هئي، هو رات جي وقت نور محل ۾ سگريٽ وڪرو ڪندو هو، ٽو فلاور برانڊ جا سگريٽ گهڻا مشهور هئا، پاڪيٽ 75 پئسن ۾ ملندو هو، مان به اهي سگريٽ پيئڻ شروع ڪيا، جنهن جي بابا کي الائي ڪيئن خبر پئي، جنهن تي هن مونکي گهرائي ان ڳالهه تان هڪ چماٽ هنئي، جيڪا اڄ به ياد آهي. ڪڏهن ڪڏهن سگريٽ پئندي بابا جي چماٽ ياد ايندي آهي ته سڄو دکيل سگريٽ به اڇلائي ڇڏيندو آهيان! بس “اهي ڏينهن اهي شينهن!“
    ”اسان جو والد صاحب امن پسند انسان هو، هن کي گهوڙن جو گهڻو شوق هو، ڪٻڊي جو به ڀلوڙ رانديگر هو، هڪ گهوڙو ته اسان هتي ٺاروشاه ۾ به ڌاريو! ڪجهه مهينا اڳ سيٺ احمد جڏهن هندستان ويو ته اتان جي پنڊتن بابا جي پڇا ڪئي هئي، هڪ ڳالهه ٻڌائڻ وسري وئي ته بابا سائين هارمونيم به وڄائيندو هو، صبح جو هن جي راڳ تي اک کلندي هئي، اسان هن جو هي ڪلام اڪثر ٻڌندا هئاسين.
    چاند ڪي سيج پر، تارون ڪا بنا ڪي سهرا
    اهو ڪلام مان به جهونگاريندو آهيان، بابا پاڻ به ڪي ٽو سگريٽ جو موالي هو، سيٺ حبل وارن سان تمام گهڻي دوستي هوندي هئس.“
    ”منهنجو بابا شهر ۾ ناڪن جي ٺيڪيداري ڪندو هو، جنهن کي چنگيون به سڏيندا آهن. شهر ۾ چار ناڪا هئا، هڪ هري پور ۾ اسٽيشن ڀرسان، ٻيو الجليل اسڪول جي ويجهو، ٽيون ٿاڻي جي بلڪل ڀر ۾ ۽ چوٿون ڀورٽي ويندڙ رستي تي جن جي تڏهن روزانه آمدني سوين روپيا هئي. شاهي بازار ۾ جتي هاڻي راشد خانزاده جو دوڪان آهي، اتي اسان جو ڪريانه جو وڏو دوڪان هو، سامهون جنهن جاءِ تي حاجي برڪت سهتي جو دوڪان آهي، اتي بابا منهنجي وڏي ڀاءُ محمد اقبال کي ڪيبن کولي ڏني. اسان کي زمين به هئي جيڪا بابا ۽ ان جا ننڍا ڀائر عباس باغي ۽ الياس بزمي گڏ سنڀاليندا هئا.” منهنجو بابا 1974 ۾ گذاري ويو، تڏهن منهنجي عمر 19 سال هئي.“


    منهنجي امڙ

    منهنجي امڙ
    ”منهنجي امڙ جو نالو ڪنيز فاطمه هو، عبادتگذار هر وقت تسبيح ۽ ذڪر ڪرڻ واري عورت، مونکي جهولي ۾ ويهاري نماز پڙهندي هئي، مان هن جو آخري ۽ دادلو پٽ جو هئس؛ امان ٻڌائيندي هئي ته جڏهن پيدا ٿيو هئس ته ايترو ڪمزرو جو بچڻ جي اميد گهٽ هئي، امان سان گڏ منهنجي وڏي ڀيڻ منهنجو گهڻو خيال ڪندي هئي، پوءِ امان کي ڏَسُ مليو ته پنهنجي ڇوڪري کي ٻڪريءَ جو کير پياريو، اهو کير پيئڻ کانپوءِ مان ڪافي حد تائين صحتمند ٿي ويس.”
    “امان ٻڌايو ته جڏهن پيدا ٿيس ته تڏهن هاڻي وارو سسٽم نه هو جو اسپتالن ۾ وڃي ڊاڪٽرياڻين کان ويم يا آپريشن ڪرائجي، بس سڀ ڪجهه دايون ئي ڪنديون هيون، ان وقت هڪ دائي جنهن جو نالو جيوڻي هو، تنهن امان کي چيو ته تنهنجو پٽ وڏو ٿي فوج ۾ جمعدار ٿيندو! بس ان مائي جي پيشنگوئي سچ ثابت ٿي ۽ مان فوج ۾ ڄڻ جمعدار ئي ٿيس، منهنجون سالگرهون وڏي پئماني تي ملهايون وينديون هيون، جيڪي مونکي ياد آهن.”
    “امان جي گذاري وڃڻ جو قصو به عجيب آهي، سال 2005ع ۾ شبِ برات موقعي تي امان اسان ڏانهن نهاري چيو ته ٻي عيد تي توهان سان گڏ نه هوندس ۽ مان گذاري به شب برات تي ويندس! اسان ڀائر ۽ ادي، امان جي اها ڳالهه ٻڌي ڀوڳ ڪرڻ لڳاسين، “امان چاڪ چڱي ڀلي آهين. ڇو ٿي اهڙيون ڳالهيون ڪرين!” ۽ پوءِ امان جي ڳالهه صحيح ٿي، هوءَ اسان کان 2006ع سال ۾ شبِ برات جي ڏينهن موڪلائي اڻ ڏٺي ديس رواني ٿي وئي.”


    نالي جي تڪرار واري ڪهاڻي

    نالي جي تڪرار واري ڪهاڻي
    هن جي نالي پويان عجيب ڪهاڻي آهي، پر شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نظر ايندڙ شهر جا ٻار ٻچا، پوڙها پڪا ۽ زائفون مڙسالا هن کي بابوُ فوجي جي نالي سان سڃاڻن ٿا. بابوُ اسلم فوجيءَ کي پنهنجي اصلي نالي جي ته پاڻ کي به خبر نه هوندي، ڇو جو عوامي خدمت ۾ ايترو ته غرق آهي، جو مٿي کنهڻ جي واندڪائي ناهيس جو پنهنجو نالو ياد ڪري سگهي. پنهنجي نالي بابت هن وٽ هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي؛ هو ٻڌائي ٿو ته: “جڏهن پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيم ته منهنجي پيءُ مونکي ‘تسليم سروَر’ جي نالي سان داخل ڪرايو، ان کان اڳ تسليم نالي سان ڪجهه ڇوڪريون به اسڪول ۾ داخل هيون. هاڻي حاضريءَ تان تڪرار شروع ٿيو، استاد نالو منهنجو وٺندو هو ته ڪا نه ڪا ڇوڪري اٿي بيهندي هئي؛ ٺاروشاه جي پوسٽ ماسٽر واري ڌيءُ عائشه، جيڪا مونکي اڪثر ٽوڪيندي رهندي هئي.” ان مامري کي منهن ڏيڻ لاءِ بابوُ صاحب پنهنجي پيءُ جي صلاح سان پاڻ مٿان اسلم پرويز نالو رکيو، هاڻي هو پنهنجي نالي مان مطمئن هو. هڪ ڏينهن پنهنجي بابا سان گڏ، ٺاروشاه جي نور محل سئنيما تي پهريون ڀيرو فلم ڏسڻ ويو ته هن کي فلم ته پسند آئي، پر ان ۾ موجود هڪ ڪردار کان ڏاڍي بڇان لڳس. هِن همراه کي ان ڪردار سان، جيڪو فلم جو ولن هو، ڏاڍي نفرت ٿي وئي. فلم پوري ٿيڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري پنهنجي پيءُ کان پڇيائين ته: “بابا، ان خراب ماڻهوءَ جو نالو ڇا هو؟” پيءُ مسڪرائيندي جواب ڏنس: “تنهنجو نالي ڀائي آهي، اسلم پرويز!” نالو ٻڌي ڇرڪ نڪري ويس اتي ئي فيصلو ڪيائين ته هاڻي اهو نالو به نه هلندو. هو هڪ ڀيرو وري پنهنجي پرائمري استاد وٽ ويو ۽ منٿ ڪيائينس ته: “سائين، هاڻي منهنجو نالو محمد اسلم داخل ڪريو.” استاد ٽيهر هن جو نالو محمد اسلم داخل ڪري ڇڏيو؛ پر هو ٺاروشاه وارن لاءِ بابوُ ئي رهيو.


    ناصر کي ڪير وساريندو

    ناصر کي ڪير وساريندو
    بابوُ صاحب، جنهن جي يادگيري اهڙي ته تيز آهي، جو پاڻ سان گڏ پڙهندڙ ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جا سڀ نالا ياد اٿس!؟ هو ڊاڪٽر زينت فاطمه بهليم جي ڀيڻ الماس کي به سڃاڻي، جيڪا سندس بقول هن سان گڏ ويهندي هئي ته روبينه به ياد اٿس، جيڪا ٺاروشاه جنڪشن جي اسٽيشن ماسٽر جي نياڻي هئي. پنهنجن انهن دوستن جون يادگيريون به اٿس، جيڪي هن دنيا ۾ حال حيات ناهن؛ اهڙو ذڪر اڳتي هلي ڪبو. هن جي معصوميت جو هي اندازو آهي ته پاڻ سان گڏ پڙهندڙ انهن ڇوڪرين کي اڄ به ڪِڪيون ڪري پيو سڏي، ڄڻ پاڻ ته پوڙهو ٿي ويو آهي ۽ اهي ڇوڪريون ساڳيون ننڍڙيون هجن!
    هن جي ساروڻين ۾شهر جو ناصر نالي همراهه به شامل آهي، جيڪو صبح جو ٽانگي تي چڙهي، نور محل سئنيما تي لڳندڙ فلمن جا پڙها ڏيندو هو ۽ منجهند جو مرحوم حاجي غلام نبي بالاديءَ جي دوڪان سامهون شِيخ ڪباب کپائيندو هو. هو ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ انڊيا جون فلمون به شو لاءِ پيش ٿينديون هيون. بابوُ صاحب جي بقول ته هن ڇهين ڪلاس کان مائٽن سان گڏ فلمون ڏسڻ شروع ڪيون هيون.


    1971ع جي جنگ

    1971ع جي جنگ
    هن جي يادن ۾ 1971ع جي جنگ به شامل آهي، ان جنگ جي بابت ٻڌايو ته ان دور ۾ شاگرد جي حيثيت سان اسڪائوٽ ۾ شامل هو، جنگ جي دوران هن کي ڳلي ۾ ڦڪي رنگ جو رومال هوندو هو. هڪ ڀيري خطري جو سائرن وڳو ۽ ان وقت ڀر واري ڳوٺ مولهڻ جو وڏيرو غلام شبير سهتو ففٽي موٽر سائيڪل تي پئي آيو ته هِن، وڏيري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. وڏيري هن کي ٻار سمجهي گاڏي نه بيهاري، نتيجي ۾ هو ففٽي موٽر سائيڪل جي پويان چنبڙي پيو ۽ کيس ڌڪ لڳڻ جو به خطرو هو؛ پر بچاءُ ٿي ويس، ڇو جو وڏيري غلام شبير موٽرسائيڪل بيهاري هن کان احوال ورتو ۽ سائرن جي خطري بابت ٻڌائڻ تي هن جو شڪرگذار ٿيو.
    بابوُ اسلم فوجيءَ جي يادن ۾ ٺاروشاه ٿاڻي جو اهو ايس.ايڇ.او به شامل آهي، جيڪو ويسپا موٽر سائيڪل تي چڙهي سڄي شهر ۾ گشت ڪري پڙها ڏيندو هو ته شهري محفوظ پناه گاهن ۾ لڪي وڃن جو جنگي حملي جو خطرو آهي، جنگ کانپوءِ ساندن ڀرسان هني واهڻ ڳوٺ ٻاهران هڪ جنگي جهاز به ڪريو هو، جنهن کي ٻين ماڻهن سان گڏ هو به ڏسڻ ويو هو.
    آسمان تي تلوار
    ان کان اڳ سال 1965ع جي جنگ جي به ڪجهه يادگيري هن وٽ آهي، جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هڪ ڀيرو رات جو سندس والد سڀني گهروارن کي جاڳائي آسمان تي ٺهيل تلوار ڏيکاري!


    بهترين معلم

    بهترين معلم
    هو ٻڌائي ٿو ته پهرين جماعت کان پنجين درجي تائين گهڻو هوشيار هو؛ پهرين ڪلاس جو پورو ڪتاب زباني ياد هئس. هن کي شهر جي استادن ۾ عبدالغني سومرو ۽ بشير احمد سومرو ياد آهن، جيڪي بهترين استاد هئا؛ هو ٻڌائي ٿو ته جڏهن پنجين ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته محمد الياس خانزاده استاد جي حيثيت سان آيو، “سائين الياس نوجوان هو، هن ۾ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو هو، هو ڪمال جو شخص هو، ان جي تعليم و تربيت بلڪل منفرد هئي، زبان مان لفظ ڪڍندو هو ته شاگردن کي ياد ٿي ويندو هو.” استاد الياس جي باڪمال شخصيت بابت ويچار ونڊيندي هو جذباتي ٿي وڃي ٿو، “بس اهڙا استاد وري پيدا نه ٿيندا هن جي تعليم ۽ تربيت هڪ پاسي ته هن جي ڏَيا ٻئي پاسي، هو جنهن گهٽيءَ مان ايندو هو اسان الائي پوءِ احترام يا ڊپ مان اها گهٽي مٽائي ٻي گهٽيءَ مان هليا ويندا هئاسين! سائين جي هڪ خاص ڳالهه ته بنا في جي ٻارن کي پڙهائيندو هو ۽ هن وٽ پڙهندڙ اڪثر شاگرد ڪامياب ٿيا، هو شام جو دير تائين اسان کي پڙهائيندو هو، جڏهن اوندهه ٿي ويندي هئي ته پاڻ هر ٻار کي ساڻ وٺي در تي ڇڏي ويندو هو!” ڌوٻي گهٽيءَ ۾ رهندڙ چاند محمد، جيڪو مين اردو اسڪول جو هيڊماستر هو، سو به پنهنجي وقت جو زبردست استاد ٿي گذريو آهي


    انڌير نگري، چرٻٽ راجا

    انڌير نگري، چرٻٽ راجا
    ڳالهين ۾ هن ٻڌايو ته جڏهن هو چوٿين درجي ۾ هو ته ‘انڌير نگري، چرٻٽ راجا’ وارو سبق پڙهيو هو، ڪجهه سالن کان هن کي اهو سبق ڏاڍو ياد اچي ٿو، “اسان جي ملڪ ۾ هاڻي چرٻٽ راجائن جي حڪومت آهي، جيڪا الائي ڪڏهن ختم ٿيندي، شايد اسان ختم ٿي وينداسين!”


    ڳائڻ جو شوق

    ڳائڻ جو شوق
    بابوُ صاحب ٻڌائي ٿو ته هاڻي ته سگريٽن جي گهڻي واپرائڻ ڪري ڳلو خراب ٿي ويو آهي، باقي ننڍي لاءِ سندس آواز سٺو هو، جنهن لاءِ اسڪول ۾ خاص شعر و شاعري ۽ ڳائڻ جو مقابلو ٿيندو هو، جنهن لاءِ هن جا ٻه استاد خاص طور وڏي همٿ افزائي ڪندا هئا، جن ۾: استاد عبداللطيف خانزاده ۽ استاد عمر دراز خانزاده هن جي يادن ۾ اڃا به آهن.

    يا الاهي ڪيا هئا، خط ڪا آنا بند هئا،
    يا محبت ڪم هئي، يا ڊاڪخانا بند هئا.
    يا
    ڪسي ايڪ آنسو سي هزارون دل تڙپتي هي،
    ڪسي ڪا عمر ڀر رونا يون هي بيڪار جاتا هي.

    هن جي ساروڻِين ۾ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر منصور علي سيال به آهي ته انکانپوءِ استاد دولت خان ٻٻر جو هيڊ ماستر ٿيڻ به، کيس چٽي طرح ياد آهي. هو پنهنجي استادن جو نالو وٺندي احترام جي جذبي ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنڌ حضور ۾ جهڪي وڃيس ٿو.


    پٽڪي بجاءِ مٽڪي کي کڻڻ

    پٽڪي بجاءِ مٽڪي کي کڻڻ
    استاد منصور علي سيال، شهر جي جامع مسجد ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏيندو هو، هو به ان وٽ پڙهڻ ويندو هو. “اڃا شروعات هئي ته مونکي چڱي ريت سنڌي ڪونه ايندي هئي، هڪ ڀيرو سائين منصور مون کي چيو ته وڃ منهنجو پٽڪو کڻي آ، ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو ته سائين ڇا پيو چئي، ٻاهر نڪتس ته سامهون مَٽُ نظر آيو جنهن کي اردو ۾ مَٽڪُو چوندا آهن، مان هڪدم اهو مَٽُ کڻي سائين جي اڳيان اچي رکيو، ڪجهه دير ۾ سائين ۽ ٻار کلڻ لڳا، مان شرمندگي محسوس ڪئي شايد غلط ڪم ڪري ويٺو هئس! پر پوءِ به سمجهه ۾ نه آيو ته ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي، آخر سائين سڏ ڪري پنهنجي ڀرسان ويهاريو ۽ سمجهايائين ته توکي مٽڪي نه پر پٽڪي جو چيو هئم جنهن کي اردو ۾ پگڙي چئبو آهي!”


    شينهن جي سواري

    شينهن جي سواري
    “منهنجي ننڍپڻ جا ڏينهن ڏاڍا خوبصورت ڏينهن، ڪاش ڪو انهن کي موٽائي سگهي.” هي مشهور اردو گانو هو، جنهن جو مان سنڌيءَ ۾ ترجمو لکيو آهي، بابوُ صاحب جو ٻاروتڻ به يقينن اهڙوئي خوبصورت هوندو. پنهنجي ننڍپڻ جي يادين بابت هو چئي ٿو ته: “ننڍپڻ ڪنهن کان وسرندو؟ جيسين ماڻهو جيئرو آهي، تيسين اهي يادون توهان ساڻ هلنديون، تان جو هڪ ڏينهن ماڻهو آرام سان قبر ۾ گهڙي سمهي پوندو! ڊاڪٽر سڪندر چني جي گهٽيءَ ۾ منهنجي دوستن جو گهر هو، محمد اشرف راول کي شهر وارا چڱي ريت سڃاڻين ٿا؛ اهو گهر جيڪو سڄي شهر ۾ مشهور آهي ته ان جي مٿان ٻه شينهن ٺهيل آهن، مون کي هڪ ڏينهن شوق ٿيو ته انهن شينهن جي سواري ڪجي، دل ٻڌي مٿي چڙهي ويس پر توبهن اهي اصل شينهن وانگي خطرناڪ هئا، ذري گهٽ ڪريو هئم، الائي ڪيئن بچيس، جيڪڏهن ڪران ها ته اڄ موجود نه هجان ها!


    دوست ملڪيت هوندا آهن

    دوست ملڪيت هوندا آهن
    منهنجن دوستن ۾ ذوالفقار راول شامل هو جنهن کي ڦندو چوندا هئا، ان کانسواءِ سرفراز راول، اظهر چوهدري شاه محمد جو پٽ، جيڪي بعد ۾ لڏي ويا. انهن جي جاءِ ڊاڪٽر چني خريد ڪئي هئي، مونسان ڪجهه راجپوت ڇوڪرا به پڙهيا، جن ۾ محمد انور ۽ جميل ياد آهن، جميل گذاري ويو، هو شام جو سئنيما تي پيءُ سان گڏ پڪوڙا کپائيندو هو. بابوُ ذوالفقار به مون سان گڏ پڙهيو آهي، اختر خانزاده جيڪو واپڊا ۾ هو اهو به گڏ پڙهيو ۽ محمد رفيق خانزاده، جيڪو مليريا جي ٽيسٽ ڪندو هو ۽ هاڻي دنيا ۾ ناهي رهيو. منهنجو دوست جنهن سان هاڻي به اوتري ئي محبت ۽ عقيدت آهي، سائين استاد محمد ملوڪ مستوئي منهنجو ڀاءُ، جنهن جي سنگت تي سدائين فخر رهيو آهي.”
    “دليپوٽن مان شوڪت راجپوت، سرور راجپوت، شاهنواز سهتو ۽ قربان مڱڻهار منهنجي دوستن ۾ شامل هئا. جن جون به مون وٽ ڪيتريون ئي يادون محفوظ آهن.”


    چار آنا ٽڪيٽ

    چار آنا ٽڪيٽ
    هو ٻڌائي ٿو ته “هڪ ڀيري ٽاڪيز ۾ رئيس نالي هڪ پنجابي همراهه مئنيجر ٿي آيو، جنهن تمام گهڻيون فلمون هلايون، ان دور ۾ سائين مراد علي شاه جي نور محل سئنيما جو به عروج هو، ٻنهي وچ ۾ ڪامپيٽيشن ٿي ويو، نتيجي ۾ ٽڪيٽ جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي، پهرين ٽڪيٽ جيڪا ٻارهن آنا عام ۽ پنج روپيا گيلري جي هئي، اها هاڻي چار آنا ٿي وئي، جنهن جي مرضي جتي ويهي گيلري به ان ۾ اچي وئي، ٻنهي سئنيمائن تي ايتري ته رش هوندي هئي جو ٽڪيٽ نه ملي سگهندي هئي، ڪجهه فلمون ته اهڙيون به هيون جيڪي گڏ نمائش لاءِ پيش ٿيون، جن مان هڪ فلم ‘اوچا نام پيار دا’ مونکي ياد آهي. ٺاروشاه ۾ سئنيمائن جو ايترو ته عروج هو جو پري پري کان ماڻهو هتي فلمون ڏسڻ ايندا هئا، ڪرونڊي، ڀريا روڊ کان بسون ۽ ڪنڊياري، مٺياڻي، دليپوٽا کان سوزوڪيون ڀرجي اينديون هيون. ڪڏهن جنڪشن تي به ريلوي وارا مشين کڻي ايندا هئا، جنهن تي پڻ فلمون ڏسندا هئاسين.


    سبزي منڊي ۾ مزدوري

    سبزي منڊي ۾ مزدوري
    منهنجو ڀاءُ محمد اقبال سبزي منڊي ۾ ٽماٽن جو واپار ڪندو هو، هن جي پارٽنرشپ ۾مرحوم عبدالڪبير خانزاده شامل هو. روزانه سبزي منڊي مان ٽماٽن جون اٺن کان نوَن ٽرڪون نڪرنديون هيون، مان اتي مزدوري ڪندو هئس، خاص ڪري پيتيون ٺاهيندو هئس، في پيتي تي مونکي 25 پئسا ملندا هئا، رات جو ٽرڪون لوڊ به ڪندو هئس، تڏهن جي يادگيرين ۾ چاچو ننگر سولنگي، الله بخش سولنگي ۽ وڏيرو محمد صالح ڏهراج شامل آهن، جيڪي به منڊيءَ جا وڏا واپاري هئا. موجوده گوشت مارڪيٽ اندر هوندو هو، سامهون منڊي هوندي هئي، هڪ پاسي سبزي ته ٻئي پاسي گوشت مارڪيٽ، هڪ سهڻو ڏيک ڏيندا هئا.”


    ڏهن منٽن ۾ مڃٺ پهچڻ

    ڏهن منٽن ۾ مڃٺ پهچڻ
    “منهنجي پسند جي راند ڪرڪيٽ هئي، مئچون کيڏڻ لاءِ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ويندا هئاسين، جنهن کانپوءِ فوٽ بال به گهڻي کيڏي، گهڻو شوق سائڪلنگ تي هو، تيز سائيڪل هلائڻ جنون ۾ شامل هو، روڊ تي موٽر سائيڪلن سان رفتار ۾ مقابلو ڪندو هئس، هڪ ڀيرو درياه گهمڻ مڃٺ وڃڻ ٿيو، پورن ڏهن منٽن ۾ ٺاروشاه کان مڃٺ پهتس!”


    ادا ايوب جي دوڪان تي ويهڻ

    ادا ايوب جي دوڪان تي ويهڻ
    “اسڪول ٽائيم کانپوءِ ادا ايوب جي دوڪان تي ويهندو هئس، ادا جو جوڙ سردار خانزاده، فتح محمد خانزاده، عمر دراز خانزاده، سائين عبدالڪريم، اقبال خانزاده سروس وارو، سليم واپڊا وارو، ادا فوجدار خانزاده ۽ بخشل ميمڻ سان هوندو هو، جيڪي هر سال پاڪستان ٽوئر تي ويندا هئا، پويان دوڪان مان سنڀاليندو هئس. ان دور ۾ ادا ايوب پهريون ڀيرو ٺاروشاه ۾ ٻه وي.سي.آرون آنديون، بلڪل نئين شيءِ هئي، جنهن تي گڏجي فلمون ڏسندا هئا.”


    هاءِ اسڪول ۾ ڊرامه

    هاءِ اسڪول ۾ ڊرامه
    هاءِ اسڪول ۾ روز ڊرامه ٿيندا هئا، بابوُ صاحب کي اڄ به ڊرامه هال ۾ پيش ٿيل ڊرامه ياد آهن، هو ٻڌائي ٿو ته “اتي فلمون به ڏيکاريون وينديون هيون، اسڪول ۾ مشين پيل هوندي هئي بس خاص ڏينهن تي ڊرامه هال ۾ پردو هڻي اسان جي تفريح جو بندوبست ڪيو ويندو هو.”


    اسڪول هاسٽل جون رونقون

    اسڪول هاسٽل جون رونقون
    “اهو دور هو جڏهن ، ان دور ۾ هاءِ اسڪول جي هاسٽل ۾ سڄي ضلعي جا شاگرد رهندا هئا، شام جي وقت هاءِ اسڪول گرائونڊ تي ميلي جو منظر هوندو هو ۽ پوءِ اهي ڏينهن ڪيئن ٿا وسري سگهن جڏهن شام جي ٽائيم ۾ سائين الياس اسان کي فوٽ بال کيڏائيندو هو! اها راند ڏاڍي زبردست هئي، سياري جي وقت به اسان پگهر ۾ شل ٿي ويندا هئاسين، سائين الياس اڪثر هڪ لفظ اچاريندو هو ‘لِو اِٽ’ جيڪو اڄ به ياد آهي. هو ٻڌائي ٿو ته استاد الياس فوٽبال جو سٺو رانديگر هو. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ رمضان چوهاڻ ياد آهي، هو هڪ ئي وقت ڪرڪيٽ، فوٽبال جو بهترين رانديگر ته ڊوڙ ۾ سڄي شهر ۾ هن سان ڪير مقابلو نه ڪري سگهندو هو، عرفان علي چوهاڻ سندس پٽ هن وقت نيشنل بينڪ ۾ ڪم ڪري پيو.”


    اسڪول جا استاد

    اسڪول جا استاد
    هن جي هاءِ اسڪول جون يادون به شاندار آهن، جتي استاد صدرالدين وسطڙو، استاد عبدالقيوم وسطڙو هن کي ياد آهن ته سندس کان اٺين ڪلاس جو استاد ممتاز مولهڻ به ناهي وسريو، جنهن جي شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هو. هن ٻڌايو ته شهر جا استاد الهندو ميمڻ ۽ محمد عثمان ميمڻ وٽ به هن تعليم حاصل ڪئي، جڏهن ته ڊرائينگ استاد غلام سرور سومري صاحب کان سکي، هو استاد غلام سرور بابت ٻڌائي ٿو ته هو طبيعت جو تمام گهڻو سخت هو، هن وقت سائين جو فرزند منصور احمد سومرو منهنجو به دوست آهي ۽ ڪراچي ۾ ڪيرئير ڪائونسلنگ بابت ڪم ڪري پيو.
    بابوُ صاحب جي دور ۾ هاءِ اسڪول جو هيڊماستر سائين احمد خان هيسباڻي هو، “بس ان جهڙا استاد هاڻي اچڻا ناهن، ٻين استادن ۾ سائين اسماعيل سولنگي سائنس پڙهائيندو هو ۽ ٻه پي ٽي ماسٽر اوصاف علي ۽ محمد يوسف خانزاده اسان کي تمام سٺي ڊرل ڪرائيندا هئا، هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر غلام قادر سومرو به شهر يا ائين سمجهو ساهتي پرڳڻي جو بهترين استاد هو. مان موڪل جو بيل وڄائيندو هئس، وڏي مستي هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن ته ٽائيم کان اڳ بيل هڻي ڇڏيندو هئم، هڪ ڀيري سائين سومري صاحب ان ڳالهه تان مار به ڪڍي!”
    “محمد صديق چنو زراعت جو استاد هو، ڏهين جماعت ۾ استاد قاضي رحمت الله اڄڻ ۽ استاد بخشل بالادي مونکي مانيٽر ڪري رکيو، تڏهن مان سنڌي ميڊيم پڙهندو هئس. استاد محمد ايوب سومرو بي ڪلاس پڙهائيندو هو.”
    “منهنجي سانڀر ۾ هيڊماستر سائين دوست محمد ميمڻ جون تعليم لاءِ خدمتون لازوال آهن، هو جناح ڪيپ پائيندو هو، رٽائرمنٽ کانپوءِ گهروارن سان ايران ۽ عراق جي ملڪن ڏانهن زيارتن تي ويو، خير سان موٽي به آيو، جنهن کانپوءِ جو گم ٿيو، اڄ تائين ان جي خبر نه پئجي سگهي!”
    “ ٻيو اسان جي خانزادن ۾ سائين نور بهترين معلم هو، جيڪو اردو اسڪول ۾ استاد هو، هن جو پٽ ظفر خانزاده پي ٽي وي ۾ ايڊمن آفيسر آهي. استاد محمد اڪرم، محمد اسلم، غلام سرور ۽ محمد يونس خانزاده جو والد صاحب استاد نور محمد خانزاده به مونکي پڙهايو، مان هن کي ياد هوندو هئس، ڪڏهن جي گهٽي ۾ ملي ويندو هو ته نالي سان سڏ ڪري چوندو هو: اسلم مونکي مشين تي ڇڏي اچ.”


    انهن جا احسان آهن

    انهن جا احسان آهن
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو صدقِ دل سان ڪنهن جو احسان مڃي ٿو، مطلب اهو شخص وفادار آهي ۽ وري ان ماڻهو جو ڇا چئجي جيڪو پنهنجي زندگيءَ جي ڪل موڙي پنهنجن استادن کي سمجهي؛ بابوُ صاحب به انهن ماڻهن منجهه شامل آهي، جيڪي پنهنجي محسن استادن جو ذڪر ڪندي پورا نه ٿا پون. هن جي يادگيرين ۾ استاد محمد رمضان وڳڻ، استاد عبدالحق سومرو، استاد محمد عثمان خانزاده نوشهري وارو، ساهتي پرڳڻي جو ناميارو اديب عالم موُرخ استاد سميع الوري، محمد بشير خانزاده، محمد حنيف خانزاده عبدالغفار آرائين شامل آهن، جڏهن ته هاءِ اسڪول جي هيدمسٽريس محترمه ياسمين جو نالو هو احترام سان وٺي ٿو. بقول بابوُ صاحب جي ته ان هيڊمسٽريس جي اچڻ سان نياڻين جي تعليم کي فروغ مليو آهي. شهر جي ٻي تعليمي ماهر آپا آمنت ميمڻ جي لاءِ به بابوُ صاحب وٽ احترام آهي. هو آپا عذرا کي به ساري ٿو، جيڪا سندس نياڻين جي ٽيچر رهي آهي.


    رولاڪيون

    رولاڪيون
    هر ماڻهو جي زندگيءَ ۾ ڪجهه رولاڪيون شامل هونديون آهن، بابوُ صاحب به انهن کان نه بچي سگهيو، هن وٽ پنهنجي رولاڪين بابت دلچسپ يادگيريون آهن، جنهن مان هڪ توهان سان به ونڊ ڪجي ٿي، هن ٻڌايو ته: “هڪ ڏينهن رولاڪين سبب وڏي ڀاءُ محمد ايوب ڪاوڙ ۾ ڏاڍي مار ڪڍي، مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو، احتجاج طور گهر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيم، اها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن مئٽرڪ پاس ڪئي هئي، ادا ايوب جي مار کانپوءِ گهر وڃڻ بجاءِ پنڌ ئي پنڌ سڌو نوشهري فيروز ڏانهن رخ ڪيو، نوشهري ٻاهران لُنڊن جي ڳوٺ پهتس، جتي ڪجهه دير ترسي اتان به اڳين منزل ڏانهن پنڌ ئي روانو ٿيس. هاڻي مان سڌوجا ڀرسان ڳوٺ گل محمد مبيجو پهتس، جتي پهچي وڏيري جي اوطاق جي پڇا ڪئي، جتي مونکي رهڻو هو. مبيجن جي مهمانوازي ۽ سخاوت بابت مونکي اڳي ئي ڄاڻ هئي، شام ڌاري وڏيرو گل محمد پاڻ اوطاق تي آيو، ان سان ملاقات ٿي ۽ عرض ڪيم ته پري جو مسافر آهيان، ڪجهه ڏينهن ترسندس، وڏيري مون ڏانهن نهاري چيو توهان جيترا به ڏينهن رهڻ چاهيو هيءَ اوطاق پنهنجو گهر سمجهي رهي سگهو ٿا. هاڻي مان ڏينهن جو مزدوري ڪندو هئس شام جو اوطاق تي اچي رهندو هئس، مزدوري به ڇا هئي، گڏهن تي واري ڍوئيندو هئس؛ جسم ۾ زبرو هئس، مزدوري منهنجي لاءِ ڪوبه مسئلو نه هئي، رات جو ڳوٺاڻا ۽ ٻيا ڪافي پري پري جا مون جهڙا مسافر ان جاءِ تي گڏ ٿيندا هئا. هڪ ڀيري اتان جي هڪ ڳوٺاڻي وڏيري کي چيو ته بابوُ سٺو ڳائيندو آهي ان کان ڪلام ٻڌو، مان وڏيري جي چوڻ تي ڪلام:
    دل تيري ياد ۾ جب به گهبرائي گا، ڪون يادون ڪو زنجير پهنائي گا.
    ڳايو، جيڪو وڏيري سميت سڀني کي تمام گهڻو پسند آيو، مونکي ڳوٺان نڪتي هڪ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو هو، پنهنجي جهان ۾ گم هئس، ڏينهن جو مزدوري رات جو ڪچهريون ڪلام، ڊاڙا ٺڪاءَ پويان جي ڳڻتي ئي ڪونه هئي! جڏهن واپس آيس ته خبر پئي مائٽن منهنجي نالي جي فار ڪڍرائي آهي، هڪ پنهنجي مرشد سائين عبدالجليل کان ٻي سائين احمد شاه بخاريءَ کان ٻنهي فارن ۾اهو لکجي آيو هو ته توهان جو ڇوڪرو هن ئي علائقي ۾ رهيل ۽ زنده آهي.
    مون وٽ ڪپڙا نه هئا، بس جيڪو وڳو گهران پائي نڪتو هئس سو ئي رات جو ڌوئي ڏينهن جو استعمال ڪندو هئس. هڪ ڏينهن ڪپڙا وٺڻ لاءِ موري وڃڻ ٿيو، جتي ٺاروشاه جو علي نواز پاتو مليو، جنهن سان ڳوٺ بابت ڪچهري ٿي، خير سان موٽي وڏيري جي اوطاق تي پهتس، ٻئي ڏينهن مزدوري تي وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هئس ته بابي ۽ چاچي وارا پهچي ويا، انهن کي ڏسي ڊڄي ويس ته مونکي وري ماريندا! وڏيري کي چيم ته مان انهن سان گڏ نه ويندس، ان وچ ۾ وڏيري گل محمد کي خبر پئي ته مان ٺاروشاه جو خانزاده آهيان، هن مون کي پنهنجي ڀرسان ويهاري سمجهايو ته تنهنجي امڙ پريشان هوندي، ڏس تنهنجو بابا به آيو آهي. هنن سان گڏ وڃ باقي جي توکي وري مارين ته مون وٽ موٽي اچجان، مان به تنهنجي پيءُ جهڙو آهيان، بابي وارن کي چيائين ته هاڻي هي منهنجو به پٽ آهي، جي توهان هن کي ڪجهه چيو ته مان پاڻ اچي هن کي توهان وٽان وٺي پاڻ سان گڏ رهائيندس، اهڙي طرح مان هڪ ڀيرو ٻيهر ٺاروشاه موٽي آيس.”


    منهنجا ڀائر ۽ ڀيڻ

    منهنجا ڀائر ۽ ڀيڻ
    “اسان پاڻ ۾ چار ڀائر هئاسين، هڪ محمد ادريس جيڪو ننڍڙي هوندي هندستان ۾ ئي گذاري ويو، امان ٻڌائيندي هئي ته ڏاڍو سهڻو نينگر هو، هن کي نظر لڳي وئي، باقين ۾ محمد ايوب به گذاري ويو آهي، جڏهن ته ادا محمد اقبال حال حيات آهن، هڪ ڀيڻ آهي، جيڪا ٺاروشاه جي محسن چئرمين عبدالرحمان خانزاده جي فرزند فوجدار خان جي گهر ۾ آهي،
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ پهرين شادي پنهنجي ڀيڻ جي ڏٺي، ياد آهي ته هاءِ اسڪول جي گرائونڊ ۾ شاميانه هڻي وڏو پنڊال ٺاهيو ويو هو، لاڳاتار ٽي ڏينهن اديءَ جي شادي جون تقريبون هليون، جنهن جاءِ تي آتش بازي ڪئي وئي، اتي هاڻي منهجو گهر آهي. هڪ ڳالهه ته ٻاهرين آيل مهمانن جا ڪپڙا ۽ ٻيو سامان چوري به ٿي ويو هو، پوءِ ادا فوجدار وارن مهمانن کي نوان ڪپڙا وٺي ڏنا، اڄ به جڏهن اها ڳالهه ياد ايندي آهي ته ڏاڍا کلندا آهيون،


    منهنجي پڦي

    منهنجي پڦي
    “منهنجي پڦي، جيڪا ڪجهه سال اڳ گذاري وئي، ان جي شادي هندستان ۾ ٿي هن جو گهروارو فوج ۾ هو ۽ اتي شهيد ٿي ويو، جنهن کانپوءِ پڦيءَ ٻي شادي نه ڪئي. هن جي وصيعت هئي ته سندس گذاري وڃڻ کانپوءِ مڙئي ملڪيت مان هڪ مسجد تعمير ڪرائي وڃي، پڦي 2012ع ۾ گذاري وئي، جنهن لاءِ اسان جو ارادو آهي ته اباجي جي درگاهه پويان هڪ مسجد تعمير ڪرايون. پڦي گهر ۾ قرآن شريف جي تعليم ڏيندي هئي، هوءَ تهجدگذار عورت هئي، اسان جي گهر جي مٿان ڇپر ڇانو، جنهن جي گذاري وڃڻ جو ارمان آهي.”


    چاچو عباس باغي

    چاچو عباس باغي
    “عباس باغي اسان جي خاندان ۾ تمام وڏو ماڻهو ٿي گذريو آهي، شهر جا ماڻهو هن بابت چڱي ريت ڄاڻن ٿا. هو منهنجو چاچو هو، سياست جي ميدان ۾ وڏو ڪردار بهادر، جرئت وارو، هن کي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان عشق هو، ڀٽو صاحب هڪ ڀيرو هن جي دعوت تي ٺاروشاه آيو هو، هن سان گڏ سنڌيءَ جو بهترين شاعر طالب المولى به ساڻ هو، تڏهن مونکي ياد آهي ته پراڻي يو.بي.ايل ڀرسان جتي هاڻي رئيس رمضان عالماڻيءَ جي جاءِ آهي، اتي خالي پلاٽ هو جتي وڏو جلسو ٿيو، جنهن ۾ ڀُٽي صاحب خطاب ڪيو ان جلسي ۾ منهنجي چاچي عباس باغي به تقرير ڪئي هو هن جي تقرير ۾ پڙهيل هڪ شعر جي پهرين سٽ اڃا ياد آهي.”
    وه هم نشين جس ڪي تلاش ٿي، وه آج هم ڪو مل گيا
    “عباس باغي، لتا ۽ مڪيش جي گانن جو شيدائي هو، هو مٿي ڇت تي ٽيپ رڪارڊ رکي فل آواز ۾ لتا ۽ مڪيش جا گانا ٻڌندو هو، هن کي ڏسي مونکي به ڳائڻ جو شوق جاڳيو، ان کانسواءِ عباس باغي بهترين پينٽر، ۽ فارسي ۽ اردو جو سٺو شاعر هو. ٺاروشاه ۾ پهرين ٽي وي جيڪا 25 انچن جي هئي، منهنجي چاچي آندي. هن شهر ۾ پهرين موٽرسائيڪل به آندي، ياد اٿم ته جڏهن هن موٽر سائيڪل آندي هئي ته پري پري کان ماڻهو ان گاڏيءَ کي ڏسڻ لاءِ آيا هئا!”
    “عباس باغي جا ست پُٽَ حال حيات آهن، ڪمال ناصر، عدنان، تنوير، تاثير، انور، عمران ۽ محمد علي عرف اپالو جڏهن ته هن جي خيالن جهڙو ٻيون نمبر وڏو فرزند جمال بابر جيڪو وڪالت به ڪندو هو، ڪجهه سال اڳ هڪ روڊ حادثي ۾ گذاري ويو.” عباس باغي کي ٻه ڇوڪريون هيون، جن مان هڪ گذاري وئي ٻي حال حيات آهي.”
    “عباس باغي، پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين پ پ پ ۾ شامل رهيو. ڀٽي صاحب سان هن جي عشق ۾ گهٽتائي نه آئي. هڪ ڀيري ممتاز ڀٽو ساندن ۾ آيو ۽ اتي چيائين ته ٺاروشاه ۾ منهنجو هڪ دوست آهي، عباس باغي اهو ڪٿي ملندو؟ ڪير ان کي اطلاع ڏئي. اها ڳالهه ٻڌي ويٺل حيران ٿي ويا ۽ غمگين ٿي جواب ڏنائون ته: “عباس باغي هن دنيا ۾ ناهي رهيو.” بابوُ صاحب ٻڌائي ٿو ته عباس باغي جي گهرواري زنده ۽ هن جي عمر 82 ورهيه آهي. هن وٽ اڄ به عباس باغي بابت گهڻيون يادگيريون آهن.” ايم آر ڊي جي تحريڪ دوران هو جيل ۾ به ويو، تڏهن ٺاروشاه ۾ سنڌ جي ٻين شهر جيان ايم.آر.ڊي جي تحريڪ پنهنجي عروج تي هئي، جنهن جو ذڪر مان پنهنجي ڪتاب ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ ۾ به ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪ باب ‘ٺاروشاه ۾ مارشلا’ جو مضمون هتي اتارجي ٿو.


    ٺاروشاه ۾ مارشل لا

    ٺاروشاه ۾ مارشل لا
    اهو سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ لاءِ انتهائي ڪڙي امتحان جو دور هو، ائين محسوس ٿي رهيو هو ته سنڌ جون سموريون محروميون ماڻهن جا سينا ڦاڙي ٻاهر نڪري اينديون. “پاڪستان جو مطلب ڇا؟ ڦاهيون ڦٽڪا مارشل لا.” جو نعرو هر سنڌ واسي جي زبان تي هو. هتان جي ئي ٻهڳڻي شاعر منظور سولنگي جو ڪلام
    منهن، ڇپرن، لوڙهن ۽ گهر گهر ۾ گوليون،
    فوج پوليس چوي ڌاڙيل پيا ڳوليون.
    پنهنجي سڀني تواناين سان عوام جي دلين ۾ گهر ڪري ويو هو، انهي سڄي لقاءَ ۾ ساهتيءَ جو هي سهڻو شهر به لاتعلق نه هو، هتان جي سياسي ڪارڪنن کان وٺي عام ماڻهو تائين هر ماڻهو روڊن تي نڪتل هو.
    هي اهو دور هو، جڏهن سنڌ ۾ مارشلا جي خلاف هلچل ننڍي کنڊ ۾ گذريل صدي جي وڏي مان وڏي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري ورتو هو، جنهن جي پويان مکيه ڪارڻ سنڌي ماڻهن جي آزادي واري جبلت ۽ اهو احساس محرومي جو جذبو هو، جيڪو هنن جي محبوب اڳواڻ شهيد ذوالفقار ڀٽي جي عدالتي قتل جي صورت ۾ ظاهر ٿيو هو.
    سڄي سنڌ وانگي ٺاروشاه جي ماڻهن ۾ به ڪروڌ جي اهڙي ته خطرناڪ لهر پيدا ٿي وئي، جنهن کي ڏسي اهو آساني سان اندازو ڪري سگهجي پيو ته ٺاروشاه ڄڻ باهه جي شعلن جي ور چڙهي ويو آهي.
    ٺاروشاه ۾ هڪ پاسي ته عباس باغي جي شاعري ماڻهن ۾ نئون روح ڦوڪي رهي هئي ته ٻئي طرف شهيد ڀٽي جا هيرا ورڪر (شهيد ڀٽي پنهنجي پارٽي جي ڪجهه خاص ڪارڪنن کي هيرا جي نالي سان سڏيندو هو) پنهنجي ڀرپور عوامي طاقت سان گهٽين ۾ پکڙيل هئا، خانصاحب الهڏني موريي کان دليپوٽا جي ميان مولابخش پيرزادي تائين هر ڪارڪن بم ۽ گولو هو. هونءَ ته سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ 1983ع ۾ پنهنجا پر پکيڙيا پر ٺاروشاه ۾ هي هلچل 1979ع ۾ ئي شروع ٿي وئي، جڏهن شهيد راڻي ۽ تڏهن جي آنسه بينظير ڀٽو ٺاروشاه ۾ نور محل سئنيما ڀرسان هڪ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪري واپس وڃي رهي هئي ته رسول آباد وٽ محترمه کي گرفتار ڪيو ويو، ان ڳالهه جي جڏهن ٺاروشاه واسين کي خبر پئي ته شهر جي هر گهٽي مزاحمت جو هڪ اهڙو استعارو ٿي وئي جنهن ۾ مرڻ ۽ مارڻ کانسواءِ ڪا به ڳالهه قبول ناهي هوندي، مطلب ته ٺاروشاه کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن شهر مان ايم آر ڊي جو سلو ڦٽي نڪتو، جيڪو بعد ۾ وڏو وڻ ٿيو پوءِ انهي وڻ جي پاڙ ڪنهن ڪٽي، ٽاريون ڪنهن ڇانگهيون، ٿڙ تي وار ڪنهن ڪيو؟ اهو فيصلو تاريخ ڪري ڇڏيو آهي.
    ايم.آر.ڊي (موومينٽ فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي) حقيقت ۾ ماڻهن جي انهي فرسٽريشن جو نتيجو هئي، جيڪو هو سالن کان سيني ۾ سانڍي ويٺا هئا. ٺاروشاه ۾ اهو ڏينهن خالي نه هو جڏهن هتي روزانه جلوس نه نڪرن، هڪ پاسي عوام جي مزاحمت پنهنجي عروج تي هئي ته ٻئي پاسي رياست پنهنجي ڀرپور طاقت سان انهي کي بدمست هاٿي جيان پيرن ۾ لتاڙڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
    ظهور ٻٻر کي ڪوڙن جي سزا آئي، خانصاحب الهڏنو موريو، عباس باغي، قربان ڏهراج، عبدالقيوم ڏهراج، امجد پٺاڻ، رمضان مڪراني،عبدالله منگي، ارباب وڳڻ، ملوڪ جانوري، فيض محمد پهنور، الاهي بخش پيرزاده، علي گوهر پهنور، زنوار ولي محمد پهنور، نبن خان مستوئي، الهه بچايو مستوئي، محرم جانوري، محمد عمر چنا ۽ محمد خان مسرور پنائي سميت سون جي انگ ۾ گرفتاريون ٿيون؛ مطلب ته ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ ٺاروشاه واسين جو ڪردار آزادي جي انهن سپاهين وانگي هيو، جيڪي جنگ جي پهرين محاذ تي دشمن سان مهاڏو اٽڪائيندا آهن.”
    (مضمون پورو ٿيو)
    بابوُ صاحب جي يادين ۾ عباس باغي هڪ آئيڊل انسان آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو زندگيءَ جا گهڻا رنگ ڍنگ سکي سگهي ٿو. عباس باغي سال 1996ع ۾ گذاري ويو، هي اهو زمانو هو جنهن ۾ بابوُ صاحب فوج ۾ هو.


    شاعر الياس بزمي

    شاعر الياس بزمي
    “اسان جي خاندان ۾ عباس باغي کانسواءِ منهنجو ٻيو چاچو الياس بزمي به منهنجي لاءِ رول ماڊل رهيو آهي. هو ايڪسائيز ڊيپارٽمنٽ ۾ انسپيڪٽر هو، نهايت آدرشي انسان، مان پنهنجي هن چاچي لاءِ اها ڳالهه ساک سان چئي سگهان ٿو ته ڪڏهن هڪ روپيو به رشوت جو نه ورتائين، هٿئين جيڪو ماڻهو رشوت جا پئسا وٺندو هو ته ان کي روڪيندو هو. چاچي الياس بزمي ٻه شاديون ڪيون، پهرين مان ڪوبه اولاد نه ٿيس، ٻي شادي مظفر ڳڙه مان ڪيائين جنهن مان ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي اٿس. ٽئي پٽ ماشآالله انجنئير ۽ نياڻي ڊاڪٽر آهي، چاچا الياس بزمي، اردو ۽ فارسي جو سٺو شاعر هو.”


    گا ميري منوا گاتا جا ري

    گا ميري منوا گاتا جا ري
    “اسان جو پفڙ نور محمد عرف ڇڄو به منهنجي يادين ۾ محفوظ آهي، هن جي سائين گل حسن تيوڻي، سيد نذير شاه سان دوستي هئي، هنن جي شهر جي سوئي گيس لاءِ وڏي جهدوجهد آهي. هو مونکي پيار مان رنگيلو چوندو هو اڪثر مونکي چوندو هو ته ڪلام ٻڌاءِ مان هن کي ٻڌائيندو هئس.
    گا ميري منوا گاتا جا ري، جانا هئي هم ڪا دور


    ادا فوجدار ۽ ادي

    ادا فوجدار ۽ ادي
    “منهنجي ڀيڻ ادا فوجدار جي گهرواري منهنجي ماءُ جيان آهي، منهنجوگهڻو خيال ڪرڻ واري. زندگيءَ ۾ هن جا مون مٿان تمام گهڻا احسان آهن. مونکي 10 زندگيون به ملن ته ادا فوجدار ۽ پنهنجي ڀيڻ جا احسان نه لاهي سگهندس. منهنجا ڀاڻج محمد طفيل، جيڪو گل احمد ٽيڪسٽائيل ۾ جي ايم آهي، ٻيو ڊاڪٽر شڪيل، سعودي ۾ رهي ٿو، جڏهن ته راحيل، ڊاوُلينس ريفريجريٽرس صوبي جو ڊسٽيبيوٽر آهي، هن منهنجي چوڻ تي ٺاروشاه جي ڪجهه ماڻهن کي روزگار سان به لڳايو آهي.


    هولي ۽ ڏياريءَ جا جلوس

    هولي ۽ ڏياريءَ جا جلوس
    بابوُ صاحب وٽ پنهنجي گهٽيءَ جون شاندار يادون آهن. هو ٻڌائي ٿو ته “اسان جي گهر ڀرسان مندر هو، جتي هر سال هوليءَ ۽ ڏياريءَ جا ڏڻَ ملهايا ويندي هئا، اسان به جلوس سان گڏ هلندا هئاسين، جلوس جي اڳواڻِي گهڻو ڪري گيهو مل صوبيدار ڪندو هو. تڏهن هتي هندو_مسلمان واري گهڻي نفرت نه هئي جيڪا اسان جي شهر ۾ هاڻي به نه هئڻ جي برابر آهي، انهن ڏڻن جا جلوس مندر مان نڪري ٽائون ڪاميٽي واري رستي کان ٿي بخاري روڊ تان شاهي بازار کان ڦري موٽي مندر تي پڄاڻي ڪندا هئا.”
    “سچ ته اهي ڏاڍا دل فريب منظر هوندا هئا، تصور به نه هو ته ڪو لوفرپائي ڪري سگهي، بس پوءِ دور مٽيو ۽ 1970ع کانپوءِ جلوس نه نڪتا، ڇو جو لوفر ۽ بدڪردار ماڻهو جلوس ۾ شامل عورتن سان نازيبا حرڪتون ڪندا هئا ۽ پوءِ اهي پروگرام مندر تائين محدود ٿي ويا.”


    ڄنگهه ڀڄڻ ۽ عارب ڪنڀر

    ڄنگهه ڀڄڻ ۽ عارب ڪنڀر
    “خير مون کان اهي ڏينهن اڄ به ناهن وسري سگهيا، پنهنجي گهٽيءَ ۾ خوب رانديون کيڏيون، خاص ڪري ڀتين تي چڙهي ٽپ ڏيڻ منهنجو محبوب شغل هو، هڪ ڏينهن مندر ڀرسان هڪ جاءِ جيڪا هاڻي چاچي وارن جو واڙو آهي تان ٽپ ڏيندي منهنجي ٽنگ ڀڄي پئي، پوءِ شهر ۾ هن وقت جتي منير ڀرٽ جو دوڪان آهي، اتي عارب ڪنڀر جي هوٽل هوندي هئي بابي وارا اتي کڻي ويا، عارب ڪنڀر منهنجو علاج ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ منهنجي ڄنگهه پنهنجي جاءِ تي اچي وئي.”


    ٺاروشاه ۾ سڪونت جي چونڊ

    ٺاروشاه ۾ سڪونت جي چونڊ
    هر ماڻهو کي پنهنجو وطن، پنهنجو علائقو، پنهنجو شهر يا ڳوٺ وڻندو آهي، ان کان دوري جيءُ جهوري وجهندي آهي، ڇاڪاڻ ته بابوُ صاحب جي وڏڙن اهو درد سٺو هو، ان ڪري هن جي رت ست ۾ انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ احساس شامل آهي. ٺاروشاه ۾ اچي رهائش پذير ٿيڻ بابت به هن وٽ دليل ۽ تاريخ آهي، هو ٻڌائي ٿو ته هن جا وڏڙا جڏهن انڊيا مان ٺاروشاه آيا ته هتي هنن کي هن شهر جي پاڻيءَ ۽ هوا پاڻ ڏانهن ڇڪيو، ان کانسواءِ شهر جي چوڌاري نارنگين، ليمن، مالٽن جا وڏا عاليشان باغ هئا، ٺاروشاه ۾ رهڻ جو وڏو سک ته هتي لائيٽ هئي، جيڪا ان دور ۾ وڏي نعمت سمجهي ويندي هئي.


    فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ

    فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ
    “هڪ ڀيرو دوڪان تي ويٺو هئس ته پڙهو آيو ته نوشهري فيروز ۾ نول گهوٽ جي ميلي ۾ فوج جي ڀرتي آهي، خيال ٿيو ته ڇونه فوج ۾ ڀرتي ٿيان، دليپوٽن واري پنهنجي دوست قربان مڱڻهار کي ٻڌايم، هن ٽوڪ ڪئي ته تون وري ڪهڙو فوج ۾ ويندين!؟ چيومانس ٺيڪ آهي پوءِ گڏجي هلجان جي توکي اعتبار نه ٿو اچي. اها سال 1982ع جي ڳالهه آهي، 24 آگسٽ تي ميلي ۾ لڳل فوجي ڪئمپ تي پهتاسين، ڪئمپ تي هڪ ميجر ٻيو ڪئپٽن مليا، منهنجو ان دور ۾ شناختي ڪارڊ ٺهيل نه هو، هنن ان کانسواءِ مونکي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قميص لاهڻ جو چيو مان قميص لاٿي، ڇاتي 33 34 بيٺي، قد به پنج فوٽ پنج انچ ٿيو، جنهن کانپوءِ مونکي ميڊيڪل لاءِ ڪمري ۾ وڃڻ جو چيو ويو، ان وقت مون کي ڀنگ پيتل هئي، پر عجب ڳالهه ته ميڊيڪل ڪندڙ کي ان جي خبر ئي نه پئي! هن فقط ٽنگون گڏائڻ جو چيو، جنهن کي ڏسي مونکي پاس سرٽيفيڪٽ ڏنو، ٻاهر نڪتس ته ميجر صاحب مبارڪ ڏني ۽ ساڻ 20 روپيا به ڏنا. قربان کي چيم ته ٻه گولڊ ليف جا پاڪيٽ وٺي اچ، هو تڪڙو ويو ۽ سگريٽ وٺي آيو، ان وچ ۾ ميجر صاحب پڇيو ڇا ڪندو آهين؟ مان هڪ پاڪيٽ ميجر صاحب کي ڏنو، هن حيرت مان سوال ٻيهر ورجايو، “جوان ڇا ڪندو آهين؟” جواب ڏنو مانس “سر ٺاروشاه ۾ بوٽن جو دوڪان آهي، ۽ زمينداري به” ميجر صاحب منهنجي ڳالهه ٻڌي خوش ٿيو، “سر مونکي گهٽ ۾ گهٽ بورچيءَ ۾ ڀرتي نه ڪجو، باقي توهان جي مرضي!” ميجر صاحب کي درخواست ڪيم، “ٺيڪ آهي توکي اهڙو کاتو ڏيون ٿا جو سڄي عمر دعائون ڪندي.” ميجر صاحب اهو چئي ڪجهه لکندو به رهيو ۽ ڪجهه دير ۾ مونکي هڪ ليٽر ڏيندي سمجهايائين ته توکي ايس.ايم.ايس ٽريڊ هيٺ سپلائي ڪور ۾ اسٽور مين ڀرتي ڪجي ٿو ۽ توهان 8 ڏينهن اندر نوشهره ڪينٽ ۾ رپورٽ ڪيو، جڏهن شهر ۾ واپسي ٿي ته هل هلي ويو ته بابوُ فوج ۾ ڀرتي ٿيو آهي. منهنجي ڀرتي ٿيڻ جي ڳالهه ٻڌي شهر جي ڪجهه ٻين ڇوڪرن کي به فوج ۾ وڃڻ جو شوق ٿيو جن ۾ ڪامريڊ اعتبار خانزاده ۽ اسلم خانزاده ياد آهن، هاڻي اسان جو انگ 25 ٿي ويو، مقرر تاريخ تي جلوس جي شڪل ۾ نڪتاسين، مرشد سائين جي دعا کانپوءِ قافلو روانو ٿيو، پوري طرح ياد اٿم ته هڪ بجي ڀرياروڊ مان عوامي ايڪسپريس ۾ چڙهياسين؛ ان کان اڳ ٺاروشاه شهر جون ڪجهه يادون ته اسان کي گلن ۽ نوٽن جا هارا پارايا ويا، تنهن زماني ۾ به مون کي ڪجهه هزار ملي ويا. اهڙي طرح اسان پنجاب ۽ خيبر پختون خواه صوبن ڏانهن روانا ٿياسين، واٽ تي ڪافي دوست پنهنجي مزل تي لهندا ويا، مان به نوشهرو ڪينٽ تي لٿس، مون سان گڏ ٻه سنڌي هئا، جن کي ڏسي آٿت ملي پئي، هڪ نوان جتوئي جو عبدالڪريم سومرو ٻيو دين محمد سولنگي موري جو هو.


    وڪٽر جان غوري

    وڪٽر جان غوري
    اسان جي ٽريننگ شروع نه ٿي هئي، ان کان اڳ اسان کي هڪ جاءِ تي مهمان ڪري رهايو ويو، مهمان خاني ۾ سيالڪوٽ جو وڪٽر جان غوري عيسائي هو، مان محسوس ڪيو ته ڪجهه ٻيا ڇوڪرا مذهب جي ڪري هن سان نفرت ڪري رهيا آهن، ميانواليءَ جا ٻه نيازي ڇوڪرا هن کي پنهنجا ٿانوَ به استعمال نه ٿا ڪرڻ ڏين، ايتري تائين جو هو ڀاڄي وٺڻ لاءِ دير تائين نماڻن وانگي بيٺو آهي، هڪ ڀيرو جيئن هو ماني ڀاڄي وٺڻ لاءِ بيٺو هو ته مان به هن جي ڀر ۾ وڃي بيٺس ۽ نيازين کي چيم هن کي ماني ڇو نه ٿا ڏيو؟ مونکي چوڻ لڳا ڪافر آهي، تو کي خبر ناهي ڇا؟ اها ڳالهه ٻڌي پاڻ تي ڪنٽرول نه ڪري سگهيس، بي اختيار هٿ کڄي ويو، نيازيءَ کي چماٽ جو ٻڙڪو ٿي ويو، هر پاسي خاموشي ٿي وئي، ڪنهن کي به جرئت نه ٿي ته جو مون کي ڪجهه چئي سگهي، اهڙي طرح ٽريننگ کان اڳ منهنجو تاثر اهو پيو ته مان جهيڙيڪار آهيان ۽ سنڌي اڪثر ويڙها هوندا آهن ۽ عيسائي ڇوڪري جي به ڪي قدر مذهبي تعصب مان جان آجي ٿي.


    مان نه ڀڄندس

    مان نه ڀڄندس
    خيرن سان ٽريننگ شروع ٿي وئي، نوشهره جي علائقي ۾ سخت سيءُ پوندو هو، اسان پهريون ڀيرو اهڙي قسم جي موسم جو مقابلو ڪري رهيا هئاسين، هڪ فوجي ٽريننگ ٻيو سردي ڪجهه ٿڪجي پيس، اهي خبرون به پئجي رهيون هيون ته مون سان گڏ جيڪي ٺاروشاه جا ٻيا دوست فوج ۾ ڀرتي ٿيا، انهن مان گهڻا ڀڄي ويا آهن. ڪافي ڀيرا سوچيم ته مان به گهر وڃان پر اهو سوچي پاڻ کي باز رکيم ته مان جي ڀڄي نڪتس ته چوندا سنڌي ماڻهو ڪمزور آهن.


    تون سزا نه کائيندي

    تون سزا نه کائيندي
    هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته رات جو سير سفر ڪري جڳهه ۾ موٽي آيس ته منهنجي لاءِ اهو منظر عجيب هو، جڏهن سڀ ڇوڪرا ڄنگهون مٿي ڪري اُٽا لڳا پيا هئا! حيرت وٺي ويم، مان هال جي در تان اندر اچڻ جي اجازت گهري، جيئن ئي اندر داخل ٿيس ته حوالدار عبدالغني پٺاڻ حڪم ڪيو ته مان به ساڳي پوزيشن ۾ هليو وڃان، حڪم مڃڻ بجاءِ خاموش بيٺو رهيس، حوالدار حڪم ٻيهر ورجايو. اتي مان ڳالهايو “پر سر منهنجي غلطي ته ٻڌايو؟” “تنهنجي ڪا به غلطي ناهي، پر غلطي آهي، توهانجي هال مان هڪ جوان جي چوري ٿي آهي، سزا سڀ کائيندا!” استاد عبدالغني ڪڙڪيدار آواز ۾ چيو پوءِ مونکي خبر پئي ته فوج جو اهو اصول آهي ته ڀلي غلطي هڪ ڪري پر سزا سڀني کي ملندي آهي، خير مان اُٽو ٿيڻ کان انڪار ڪيو، “مون کي اهڙي سزا قبول ناهي جنهن ۾ مون غلطي نه ڪئي هجي، جي اها ڳالهه آهي ته مان نوڪري ڇڏي ڏيندس.” منهنجي اهڙي ريت ڳالهائن تي استاد حيرت ۾ مون ڏانهن ڏسندو رهيو. “ڪول جوان ڪول……ڇا ڪندو آهين؟” هن مونسان ڳالهايو، “فوج کان اڳ پوليس ۾ هئس، اتان به ان روين جي ڪري نوڪري ڇڏي ۽ سر مان ڪول آهيان…” منهنجي ڳالهائڻ کانپوءِ استاد سڀني کي سڌو ٿيڻ جو چيو، ۽ منهنجي ويجهو اچي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي ڳالهايائين: “جوان، تون ڪڏهن به سزا نه کائيندي، منهنجو اهو گفتو ياد ڪجان.”


    اداڪاري ڪرڻ

    اداڪاري ڪرڻ
    نوشهره سينٽر ۾ هڪ سنڌي استاد هو، محمد خان جوڻيجو وڏو قابل ان کي مون مٿي تي دلو رکي ڊرل ڪندي ڏٺو، برجستو ۽ بهادر استاد، مونکي سنڌي هجڻ جي ناتي گهڻو ڀائيندو هو، ڳوٺان ٽيپ رڪارڊ کڻي ويو هئس، جنهن تي اڪثر نورجهان جا ڪلام ٻڌندو هئس. سينٽر ۾ ڪجهه ڊراما به ڪيا، جن ۾ مونکي قلي جو ڪردار مليو، ڪجهه پروگرام اهڙا به ٿيا جن ۾ مونکي ڳائڻ جو موقعو مليو. جنهن ڪري به سينٽر ۾ گهڻا ماڻهو خيال ڪندا هئا.


    بشنيءَ جي دعا

    بشنيءَ جي دعا
    جيئن تيئن ڪري سال پورو ٿيو، ٽريننگ به پوري ٿي، ڏاڍي خوشي ٿي ته هڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي، نه ته اڪثر فوجي ٽريننگ مان ڀڄي ويندا آهن. 15 ڏينهن جي موڪل ملي، رات جو خيبر ميل ۾ سوار ٿي ڳوٺن ڏانهن روانا ٿياسين. پهرين اسٽيشن ٽيڪسلا آئي، پوءِ حسن ابدال، گجرات، کاريان، اوڪاڙه ڪراس ڪيوسين ته هڪ سهڻو نوجوان ڇوڪرو اسان جي دٻي ۾ آيو، مونکي الائي ڇو نه وڻيو، دڙڪو ڏيندي چيو مانس نڪري وڃ هتان نه تنهنجو خير ناهي، هو ڊڄي ويو ۽ تڪڙو اسان جي دٻي مان ٻئي دٻي ۾ هليو ويو، جنهن ۾ اسان جا استاد سوار هئا، جيڪي پڻ موڪل تي پنهنجن ڳوٺن ۽ شهر ڏانهن وڃي رهيا هئا. ڪجهه دير ۾ ئي هڪ استاد آيو جنهن ٻڌايو ته ڪو شاهينگ هنن جا پئسا چورائي ويو آهي، مونکي الائي ڇو شڪ پيو ته جيڪو همراهه اسان جي دٻي ۾ آيو هو ۽ مان دڙڪا ڏئي ڪڍيو پڪ سان اهو ئي بشني آهي! ڪجهه دوستن کي ساڻ ڪري گاڏيءَ ۾ ان کي تلاش ڪرڻ نڪري پيس، هاڻي ريل گاڏيءَ جي اڳين منزل لالا موسى اسٽيشن هئي، ٽرين بيٺي ته اسان هن کي پليٽ فارم تي جاچڻ شروع ڪيو، ڪجهه دير ۾ ئي ملي ويو. هن کي ڏسندي مون کي پارو چڙهي ويو، نه ڪا هم نه تم هڪ ٻه ٽي چماٽون وهائي ڪڍيون مانس، همراهه وائڙو ٿي ويو، ڪجهه دير ۾ دانهون شروع ڪيائين ته پوليس وارا ڀڄندا آيا ۽ پڇا ڪيائون ته ڇو پيا همراهه کي ماريو!؟ مون چيو ته منهنجو ڀاءُ آهي، گهران ڪاوڙجي آيو آهي، ان ڪري مار ڪڍي مانس. پوليس وارا ڳالهه تي اعتبار ڪري روانا ٿيا. ان ڇوڪري کي جنهن جي نالي شڪ هو ته بشني آهي، پنهنجي دٻي ۾ وٺي آياسين، همراهه هسيل هو سو بنا ڪنهن مزاحمت جي کيسي ۾ جيڪي پئسا هئس ڪڍي ڏنائين، هو ڄاڻي ويو هو ته اسان فوجي آهيون تلاشيءَ ۾ هو ڪجهه لڪائي نه سگهندو. ان وقت حيرت ۾ ٻڏي وياسين جڏهن پئسا ڳڻياسين ته خبر پئي 56 هزار آهن، ان دور ۾ 56 هزارن جو ذري گهٽ مطلب هاڻوڪي 56 لکن جي برابر ٿيندو، جن مان 5 هزار ته اسان جي استادن جون پگهارون هيون، باقي 51 هزار جو فيصلو ڪرڻو هو ته اهي ڪاڏي ڪجن. الائي ڇو انهيءَ تي رحم اچي ويو، ساٿين ۽ استادن کي چيو ته مان هن کي پئسا واپس ڏيڻ چاهيان ٿو! هنن به منهنجي فيصلي سان اتفاق ڪيو. اهڙي ريت همراهه کي آزاد ڪيوسين، آزادي ملڻ کانپوءِ هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي، هو اسان جو شڪرگذار هو، هاڻي هو دوست ٿي ويو، پنهنجو تعارف ڪرايائين ته لاهور جي بادامي باغ جو رهواسي آهي؛ ڪجهه دير ڪچهري کانپوءِ چانهن جي صلاح ڪيائين، جيڪا قبول ڪئيسين. آخر ۾ شڪريو مڃي موڪلايائين ۽ مونکي چوڻ لڳو، مان جيئن لاهور پهچندس ته داتا درٻار تي دعا گهرندس تنهنجي پوسٽنگ لاهور ۾ ٿئي.”
    “ٺاروشاه پهتاسين، دوستن سان ملاقاتون ٿيون، اڃا مائٽن ۽ دوستن مان دل ئي نه ڀري هئي ته خبر پئي موڪل ختم ٿي وئي آهي، واپسي جي ٽڪيٽ ساڻ هئي. نوشهره ڪينٽ پهچڻ ۾ دقت نه ٿي، اتي پهچي خبر پئي ته منهنجي پوسٽنگ لاهور ۾ ٿي وئي آهي. حيرت ۾ پئجي ويس، اهو نوجوان بشني ياد اچي ويو. اي منهنجا خدا! بيشڪ تون گنهگارن جون دعائون به اگهائين ٿو! سينٽر مان مون سان گڏ منهنجا دوست جاويد پٺاڻ جيڪو ضلعي ڪرڪ جو رهواسي هو ۽ محمد يوسف اوڪاڙه جو ويٺل هو گڏ لاهور آيا. اسان جي پوسٽنگ آر اي بازار ڪينٽ ۾ ٿي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جاويد سان ان ڇوڪري سان ملڻ جي خواهش جو اظهار ڪيم، هن به ساٿ ڏنو، اسان هن جي ڏنل ائڊريس تي پهچي وياسين، اتي پهچي خبر پئي ته اسان وارو دوست ڪنهن ڪيس ۾ ٿاڻي تي بند آهي. هن جي ڀيڻ ۽ ماءُ ملي جنهن اسان کي ڊريس ۾ ڏسي مدد جو چيو، ڪجهه ڏينهن ۾ اسان ڪجهه دوست وردي پائي فوجي جيپ ۾ ان ٿاڻي تي پهتاسين جتي همراهه بند هو. وردي کي ڏسي گهڻي عزت ڪئي. هن کي چيوسين ته همراهه کي آزاد ڪر، ايس.ايڇ.او اسان جي درخواست کي موٽ ڏني اهڙي طرح پنهنجي بشني يار ساڻ هن جي گهر پهتاسين. هن ٻڌايو ته پوليس سڀ پئسا به کسي ورتا آهن، غريب ٿي ويو آهي، اسان وٽ ڪجهه پئسا هئا، مان سمجهان ٿو ته 13 سو کن جيڪي هن کي ڏناسين. هن جي ماءُ گهڻو خيال ڪيو اتي چانهن پي واپس ڇانوڻي ۾ پهتاسين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ملڻ آيو ۽ اسان کي پئسا واپس ڪيائين ۽ دعائون ڏيندو روانو ٿيو. مان لاهور ۾ 8 مهينا رهيس پر ان همراهه سان ٻيهر ملاقات نه ٿي سگهي!”


    برف باري ڏسڻ

    برف باري ڏسڻ
    “لاهور کانپوءِ منهنجي پوسٽنگ حويليان ۾ ٿي، ڏاڍو خوبصورت شهر، وڻندڙ نظارا بس دل کي سڪون پئي آيو، ان وچ تي آپريشن سلسلي ۾ راجن پور به وڃڻ ٿيو، جتي به ڏيڍ سال رهيس وري حويليان موٽيس، اهو سال 1985ع هو، جڏهن حويليان ۾ مون پهريون ڀيرو برف باري ڏٺي! واه قدرت جا رنگ پسي حيران ٿيم. پاڻ جتي سال جا 10 مهينا گرمي ۾ گذاريون، جون جولاءِ جا مهينا پاڻ کي لوساٽي ڇڏن اتي حويليان جي موسم وري مٿان برف باري ڄڻ روح کي تازو ڪري ڇڏيو، حويليان پاڪستان جو آخري ريلوي اسٽيشن آهي.”


    شاديءَ جو نياپو ۽ سزا کان بچڻ

    شاديءَ جو نياپو ۽ سزا کان بچڻ
    “حويليان کانپوءِ منهنجي پوسٽنگ ڪراچي ۾ ٿي، پي.اين شفا ۽ ڪينٽ اسٽيشن ڀرسان اسان جي رهائش هئي. اهو پهريون ڀيرو هو جو ادا ايوب مونسان ملڻ ڪراچي آيو، هن سان گڏ ڊاڪٽر ارشاد راول جو پٽ امجد ۽ نذير سومرو هوٽل وارو جنهن جي جامع مسجد ڀرسان هوٽل آهي هئا، ڏاڍي خوشي ٿي، ادا ايوب چيو ته مونکي امان موڪليو آهي، تنهنجي شادي طئي ڪئي اٿئون انڪار نه ڪجان، شادي جو ٻڌي دل ۾ شهنائي وڄي وئي، ادا وارن جي وڃڻ کانپوءِ 4 ڏينهن موڪل وٺي گهر آيس. شايد وڏي عيد يا جنهن کي پاڻ قربانيءَ جي عيد چوندا آهيون سا هئي، ٺاروشاه پهچڻ شرط بخار ٿي ويو، ڄڻ منهنجو انتظار ڪري رهيو هجي. واپس ڪراچي ٽيليگرام ڪيم ته بيمار آهيان موڪل وڌائي وڃي. اهڙي ريت 7 ڏينهن ٻيا به گذري ويا، ان وچ ۾ ٽپالي شهر ۾ اسلم نالي همراهه کي ڳوليندو رهيو، ڇو جو مان ته شهر جو بابوُ هئس، آخر هن کي خبر پئي ته ايوب بوٽن واري جي ڀاءُ جو نالو به اسلم آهي ۽ اهو فوج ۾ آهي، جنهن کانپوءِ هو مون وٽ پهتو ۽ ليٽر ڏنائين جنهن ۾ لکيل هو ته جلدي هيڊ ڪوارٽر رپورٽ ڪيان، ڇاڪاڻ ته منهنجي موڪل منظور نه ٿي هئي. ”


    هڪ پاسي شيرو ٻئي طرف مهربان

    هڪ پاسي شيرو ٻئي طرف مهربان
    “ٻئي ڏينهن صبح جو ڊيوٽي جوائن ڪرڻ لاءِ ڪراچي روانو ٿيس، اتي شيرو نالي حوالدار جيڪو ڪمپنيءَ ۾ سخت مزاجي ۽ جهيڙن جي ڪري مشهور هو سو مليو، جنهن ٻڌايو ته تنهنجي صبح جو پيشي آهي، تيار ٿي، توکي سخت کان سخت سزا ڏياربي. مان ڪوڙو نه هئس نه ڪي بي ايمان جو هن جي دڙڪن کان ڊڄان، صبح جو تيار ٿي، ڪرنل صاحب جي سامهون پيش ٿيس، اتي مهربان نالي هڪ صوبيدار هو جيڪو پنهنجي نالي جيان مهربان هو. سچ چوندا آهن ته انسانن تي نالن جو اثر ٿيندو آهي، هڪ پاسي شيرو ته ٻئي پاسي مهربان……مان وچ ۾… سامهون در کليو آرڊر ٿيو ته اندر وڃو، بنا ڌڙڪ ڪمري ۾ داخل ٿيس. سليوٽ ڪري سامهون بيٺس. ڪرنل صاحب ليٽ اچڻ جو سبب پڇيو، اعتماد سان جواب ڏنو مانس ته سر بيمار هئس، منهنجي حالت مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪرنل صاحب مطمئن نه ٿيو، چوڻ لڳو توکي ڪهڙي سزا ڏجي؟ مان حق تي هئس، ڪوڙو نه هئس، چيو مانس سر مونکي 45 48 هيٺ سزا ڏيو! (اصل ۾ 45 48 هڪ قانون آهي جنهن ۾ فوجين کي جبري رٽائر ڪري بنا ڪنهن مراعت مطلب پينشن جي گهر موڪليو ويندو آهي) ڇو جو مان سنڌي آهيان، سنڌين کي اها سزا ملڻ گهرجي! اهڙي ريت ڳالهائڻ تي ڪرنل صاحب جي منهن تي ڪاوڙ محسوس ڪئي، هن حڪم ڪيو ته آفيس مان نڪري وڃ. مان نڪري آيس، 10 منٽ ٿيا ته وري سڏ ٿيو، اندر داخل ٿيس ته ڪرنل صاحب مسڪرائي رهيو هو، هن جي موڊ تبديل ٿي وئي هئي. سوال ڪيائين ته “ڪٿان جو آهين؟” جواب ڏنو مانس “سر نوابشاه ضلعي جو آهيان.” “اڇا ته پوءِ توهان نوابشاه جا ماڻهو ته ڌاڙيل هوندا آهيو؟” هن مسڪرائي چيو “نه سر اهڙي ڳالهه ناهي جي ائين هجي هان ته مان به ڌاڙيل هجان هان، فوج ۾ ڇو ڀرتي ٿيان ها.” وري سوال ڪيائين “نشو ڪندو آهين؟” “ها سر ڀنگ پئندو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن چرس به…” سچ ڳالهائي رهيو هئس، ڊپ نه هو. “ها ڀنگ ته توهان سنڌين جو قومي مشروب آهي!” ڪرنل صاحب مسڪرائيندي مزاق واري انداز ۾ چيو. “اڇا تنهنجي 7 ڏينهن جي موڪل منظور ڪئي آهي، وڃي ڳوٺان چڪر هڻي اچ” ڪرنل صاحب اهو چئي وڃڻ جو چيو. ٻاهر نڪتس ته حوالدار شيري جو منهن لٿل هو، جڏهن ته صوبيدار مهربان ڀاڪر پائي مليو. “اسلم منهنجي 22 سالن جي سروس ۾ تو جهڙو جوان ناهي ڏٺو، وڃ ڳوٺان گهمي اچ ته پوءِ تنهنجي هتي اسپيشل ڊيوٽي لڳائيندس.” هاڻي آرام سان ٺاروشاه پهتس ۽ واپسي ۾ مونکي جي.سي.او ميس جو انچارج مقرر ڪيو ويو، 7 سپاهي منهنجي انڊر ۾ هئا.”


    سکر ۾ پوسٽنگ ۽ شادي

    سکر ۾ پوسٽنگ ۽ شادي
    “ڪجهه ڏينهن کانپوءِ صوبيدار مهربان مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو اسلم توهان سکر وڃو، هن ڪرنل تي اعتبار ناهي متان وري نه ڪو وڪڙ چاڙهي. مان به خوشي خوشي سکر هليو آيس، سکر ۾ صدر الدين شاه جي درٻار سامهون پوسٽنگ هئي، روز دعائون گهرڻ ويندو هئس. منهنجا سڀ مامرا حل ٿيل هئا، هڪ ڳالهه رهيل هئي توهان سمجهي سگهو ٿا، جي ها منهنجي شادي آخر اهو ڏينهن به اچي ويو، جڏهن مان موڪل تي گهر آيس ۽ ٺاروشاه مان ان وقت 25 ڪارن ۽ هڪ بس جو قافلو دوڙ روانو ٿيو، جي ته اهو منهنجي شاديءَ جو ڪاڄ هو، خير سان شادي ٿي گهر واپسي ٿي ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ موڪل به پوري ٿي، واپس سکر پهتس جنهن کانپوءِ ڪراچي گهرايو ويو.”


    بهاولپور ۾ پوسٽنگ

    بهاولپور ۾ پوسٽنگ
    “سال 1988ع ڊسمبر ۾ پوسٽنگ بهاولپور ڪينٽ ۾ ٿي، بهاولپور ڀرسان جنرل ضياءَ الحق جي موت جي ڪري اڃا تائين دهشت جو ماحول هو، ان وچ ۾ مونکي سبي موڪلڻ جو آرڊر آيو، خبر پئي ته اتي هڪ خطرناڪ قسم جي مَکِ آهي جنهن جي چڪ هڻڻ سان الرجي ٿي پوي ٿي، جنهن جو علاج فقط ڪوئٽه ۾ آهي! ڊڄي ويس ۽ بهانو بڻائي انڪار ڪيم، ان کانپوءِ رحيم يار خان موڪليو ويو، جتي پنهنجي پراڻي دوست ۽ استاد حوالدار عبدالغنيءَ سان ملاقات ٿي، جيڪو هاڻي صوبيدار ٿي ويو هو. هن پهريون ئي سوال ڪيو “اسلم سزا ته نه کاڌي آهي؟” مان نه چيو کلي ڏنائين ۽ چوڻ لڳو ياد اٿئي مون توکي چيو هو ته ڪڏهن به سزا نه کائيندي، اهڙي طرح نوشهره ڪينٽ ۾ ٽريننگ بابت کوڙ ڳالهيون ياد ڪري ڪچهري ڪئي ۽ موڪلايوسين.


    اذان ڏيڻ ۽ وڇونءَ جو واقعو

    اذان ڏيڻ ۽ وڇونءَ جو واقعو
    هڪ ڀيرو نوشهره ڪينٽ ۾ منهنجي ڊيوٽي مسجد ۾ لڳائي وئي ته توهان اذان ڏيو، اهو به چيو ويو ته نماز به توهان کي کي پڙهائڻي آهي، نماز پڙهائڻ کان ته بابوُ صاحب معذرت ڪئي البته ڪينٽ جي مسجد ۾ ٻه مهينا اذانون ضرور ڏنائين. هڪ صبح جو نماز پڙهي جيئن ڪينٽين تي پهتو ته سندس دوست ۽ نالي ڀائي بوٽ ميڪر محمد اسلم ورائي ويس ته 50 روپيا اُڌارا ڏئي، جيئن ڳوٺان چڪر هڻي اچي، هن پئسن لاءِ کيسي ۾ هٿ وڌو ته ان مان ڪاري رنگ جو وڇون سندس هٿ تي چڙهي هيٺ زمين تي ڪريو، جن فوجين اهو منظر ڏٺو تن ۾ دانهن ڪئي ته ‘وڇون ڙي وڇون، وارو ڪيو ماريوس.’ ان سڄي منظر ۾ بابوُ صاحب آرام سان بيٺو رهيو ۽ ٻين کي چئي پيو ته اهو وڇون ڪيئن ٿو ٿي سگهي، اها ڪرڙِي هئي! آخر فوجين وڇونءَ کي ماري هن کي ڏيکاريو ۽ اهو به چوڻ لڳس “تون سيد آهين ڇا، جو وڇونءَ توکي نه ڏنگيو؟” هن نه ۾ ورندي ڏني ۽ چيو ته جيڪو منهنجي رب کي منظور هوندو اهو ئي ٿيندو.


    ڪرنل حسن ڪياني سان قرب

    ڪرنل حسن ڪياني سان قرب
    “ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي پوسٽنگ ٻيهر جهلم ڪينٽ ۾ ٿي، جتي هڪ ڪرنل حسن ڪياني صاحب هو، جيڪو مونکي گهڻو ڀائيندو هو، جنهن جي پوسٽنگ جڏهن ڪراچي ٿي ته مونکي به چيائين ته گڏ هل، انڪار سو نه ڪري سگهيس باقي ايترو چيو مانس ته مان بوٽ پالش نه ڪندس! هن اها ڳالهه ٻڌي کلي ڏنو ۽ چيائين ته اهڙي ڳالهه ناهي تون مونسان رڳو گڏ هججانءِ اهڙي ريت ٻيهر ڪراچي اچڻ ٿيو. اهو سال 1996 هو، ڪرنل ڪياني جهلم جو رهواسي هو ڏاڍو سنجيده ۽ ادب دوست انسان، جيڪو مونسان ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪندو هو، پاڻ کي ڪڏهن به منهنجي اڳيان آفيسر ظاهر نه ڪيائين. هڪ ڀيرو زور رکيائين ته مان پروموشن وٺان جيئن سروس جو مدو وڌي سگهي، چيو مانس هاڻي ٿڪجي پيو آهيان، رٽائر ٿي ڳوٺ وڃڻ چاهيان ٿو، فوج کي گهڻو وقت ڏنو آهي، هاڻ پنهنجي ماڻهن کي وقت ڏيڻ چاهيان ٿو. هڪ ڳالهه ٻڌائندو هلان ته فوج ۾ منهنجو ٽريڊ ايس.ايم.ايس هو؛ هي سپلائي ڪور ۾ هوندو آهي، جنهن جو بنيادي ڪم حالت جنگ يا امن ۾ جوانن کي کاڌي جي سپلائي ڪرڻ هوندو آهي.


    رٽائر ٿيڻ

    رٽائر ٿيڻ
    خير باقي ٽي مهينا رهيا ته مونکي واپس جهلم موڪليو ويو، جتي مونکي رٽائر ٿيڻو هو. آخري ڏينهن تي وردي ۽ ٻيو سامان جمع ڪرائي ڪليرئنس سرٽيفيڪيٽ وٺي کلندو روئندو ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيس، هاڻي مان ٺاروشاه پهتس پر ان کان اڳ ڪجهه ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.”


    شادي ۽ اولاد

    شادي ۽ اولاد
    بابوُ صاحب جي بقول ته هن جي شادي ارينج ميرج آهي، جيڪا بعد پيار ۾ تبديل ٿي وئي. سندس شادي مائٽن خاص ڪري هن جي ڀيڻ جي مرضي سان ٿي. “منهنجي گهرواري صابرين عورت آهي، هر حال ۾ صبر ڪرڻ ۽ رب تعالى تي توڪل ڪرڻ واري عورت، منهنجي سماجي ڪم ۾ هن جو وڏو هٿ آهي.” اولاد ۾ بابوُ صاحب کي ٽي پٽ وليد حسن، معيد اسلم ۽ اشعر اذان جڏهن ته چار ڪڪيون اٿس. بابو صاحب جي سهري جو نالو عبدالشڪور خانزاده هو، جنهن کي انتقال ڪئي 10 سال ٿي ويا آهن، سالن ۾ محمد شريف، سعيد احمد آهن، جيڪي دوڙ ۾ رهن ٿا.


    ادا ايوب ۽ ادا اقبال جو اولاد

    ادا ايوب ۽ ادا اقبال جو اولاد
    “ادا ايوب جي فرزندن ۾ وڏو پٽ وقاص عرف بوبي ۽ زاهد علي آهن، جيڪي شاهي بازار ۾ ايوب بوٽ هائوس نالي دوڪان هلائن ٿا، ادا ايوب کي ٽي نياڻيون آهن.”
    “ادا محمد اقبال جي اولاد ۾ هن جو وڏو پٽ فراز، منهنجي اولاد جو گهڻو خيال ڪندو آهي، جڏهن ته ٻيو نمبر محمد حنيف عرف هني قرآن شريف جو قاري آهي، ادا اقبال کي 5 نياڻين جو اولاد آهي.”
    “اسان جي مائٽن ۾ ادا فوجدار خانزاده جو ڀاءُ ادا محمد يونس خانزاده اسان جي برادري ۾ سلجهيل ۽ نيڪ انسان آهي، هو ڪتابن جو چاهيندڙ ۽ تمام گهڻو پڙهيل انسان آهي، هن جي اولاد سان جن ۾ هن جو وڏو پٽ سيٺ محمود احمد، محمد جميل، محمد صديق، محمد ياسين جو آمريڪا ۾ رهندو آهي ۽ محمد فيصل جنهن سان گهڻو قرب آهي، سائين محمد يونس غريبن جو تمام هڏڏوکي آهي، محمود احمد سان منهنجي زندگيءَ جو گهڻو وقت گذريو آهي، اسان ننڍي لاءِ کان هڪ ٻئي جا ساٿي رهيا آهيون، هن وقت به جڏهن ڪو مامرو ٿيندو آهي ته هو منهنجي ساٿي ٿي بيهندو آهي، اهڙا ماڻهو ورلي ڪي هوندا جن سان روح جو رشتو ٿي ويندو آهي، محمود سان به منهنجي ڏاڍي دل آهي.


    والد جهڙو ڀاءُ

    والد جهڙو ڀاءُ
    “ادا اقبال، منهنجي والد جي جاءِ تي رهيو آهي، هن مونکي ڪڏهن به بابا جي ڪمي محسوس ٿيڻ نه ڏني، سدائين منهنجي مٿان ڇپر ڇانوَ رهيو. مان هن وقت جيڪو به آهيان، ان عظيم شخصيت جي ڪري آهيان. منهنجي گهر ٺهرائڻ کان منهنجي ٻچن جي سنڀال لهڻ ۾ هن جو ئي ڪردار آهي، ادا جي مون سان بهترين هلت ڪري ان جو اولاد به منهنجو هڏ ڏوکي آهي.”


    واپسي ۽ ڪاروبار کولڻ

    واپسي ۽ ڪاروبار کولڻ
    هاڻي بابوُ صاحب جي فوج ۾ رٽائر ٿيڻ ۽ شهر ۾ اچي ڪاروبار کولڻ جو ذڪر ڪجي ٿو، بابوُ صاحب ٻڌائي ٿو ته “فوج ۾ نوڪريءَ کانپوءِ ٺاروشاه ئي واپسي ٿي، منهنجي اڳيان مسئلو هو ته هاڻي ڇا ڪجي؟ جنهن لاءِ ابتدائي طور وزير اڄڻ هوٽل واري جي ڀرسان سليم رضا سيال جو سنوڪر جو دڪان هو، جيڪو ٺيڪي تي وٺي ڪم شروع ڪيو. ان وچ ۾ سنوڪر جو ٽورنامنٽون به منعقد ڪرايم، هڪ ڳالهه ته جيڪي رانديگر منهنجي دوڪان تي ايندا هئا، انهن جي خدمت ۾ سبز چانهن ضرور پيش ڪندو هئس، جنهن سان سنڌ جي مهمان نوازيءِ جي رسم پوري ٿيندي هئي، مونکي خوشي ٿيندي هئي. اهو دوڪان سال کن هلايم، جنهن کانپوءِ ادا اقبال چيو ته هن منهنجي لاءِ تلو گيهه جي ايجنسي ورتي آهي، هاڻي مان اهو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ذهني طور تيار ٿي ويس، بخاري امام بارگاهه جي سامهون رئيس رمضان عالماڻي جي دوڪان ڪرائي تي ورتو. اهڙي ريت ڪم شروع ٿي ويو.
    ايجنسي ۾ تلو گيهه کانسواءِ پامي ۽ ڪيپري جا صابڻ به هئا، مٿان وري فرج به رکيم جنهن ۾ آئسڪريم ۽ بوتلون به رکيون، هر هفتي دادو مان ڪراچي جي پيپسي بوتلون گهرائندو هئس. ان ڪم ۾ مهنجي وڏي ڀاءُ جيان الاهي بخش بالادي وڏي مدد ڪئي، ايتري تائين جو هر هفتي هن جي گاڏي دادو مان منهنجي لاءِ بوتلون کڻي ايندي هئي، جنهن جو ڀاڙو به نه ورتو ويندو هو. گيهه جا دٻا پنهنجن ڪلهن تي رکي سڄي شهر ۾ سپلائي ڪندو هئس.”


    بجليءَ جو بحران

    بجليءَ جو بحران
    “ڪاروبار خوب هلندو رهيو، ان دوران هڪ ڳالهه محسوس ٿي ته شهر ۾ بجليءَ جو وڏو بحران آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي نه هوندي هئي! اهڙي ناجائزي ڏسي واپڊا وارن سان جهيڙو شروع ٿي ويو، تڏهن حيسڪو ڪمپني هوندي هئي، جنهن جو چيف اديب الحسن نالي همراهه هو، مان ان سان رابطا شروع ڪيا، منهنجي فون اٽيند ڪري ڀرپور ريسپانس ڏيندو هو. ان وچ ۾ حيسڪو آفيسرن جون دعوتون شروع ڪيم. آخر اهو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ويس ته بجلي وڌيڪ ڇو ٿي ڪٽجي! دراصل هو هٿ جو فالٽ وجهندا هئا، جيئن چوري جا يونٽ برابر ڪري سگهجن. مان سمجهان ٿو ته واپڊا جي تباهي جي شروعات تڏهن کان ٿي، جنهن ۾ يونين ڀرپور ساٿ ڏنو. هٿ وٺي اداري کي تباهه ڪيو ويو! ان وقت ٺاروشاه سب ڊويزن تي غلام حيدر ميمڻ نالي ايس.ڊي.او هو جنهن سان ڪيترائي ڀيرا تلخ ڪلامي ٿي.”


    گرڊ جو منظور ٿيڻ

    گرڊ جو منظور ٿيڻ
    “مان ٺاروشاه جي گرڊ لاءِ به ڪوشش ڪئي ۽ 2004ع ۾ شهر لاءِ گرڊ منظور ٿي آئي، جيڪا پوءِ ڪجهه سياسي سببن ڪري نوان جتوئي منتقل ٿي وئي. مان مسڪين ماڻهو سواءِ ڪوشش جي ڇا پيو ڪري سگهان، ياد آهي ته اها رات ٽينشن ڪري ننڊ نه ڪري سگهيو هئس ته اسان جي شهر جي گرڊ ٻئي ڪنهن هنڌ ڪيئن هلي وئي؟ اها رات ڏاڍي خراب گذري، صبح ٿيو، مان ان کي ‘نئون صبح’ ڪري ورتو، هڪ ڀيرو ٻيهر نئين عزم سان ڪوشش شروع ڪيم.”


    ڪاروبار سان حشر

    ڪاروبار سان حشر
    “ان وچ ۾ ايس.ڊي.او ميمڻ به بدلي ٿي ويو، شهر مٿان لوڊ شيڊنگ جو آزار گهٽيو، واپڊا وارن سان جهيڙي ۾ مان هاڻي شهر ۾ هڪ اهڙي ڪردار طور سامهون آيو هئس، جيڪو شهرين سان ٿيل ناجائزن خلاف آواز اٿاري پيو، ان وچ ۾ منهنجي ڪاروبار سان ڪهڙو حشر ٿيو سو توهان پاڻ سمجهي سگهون ٿا، هڪ هڪ ڪري گيهه ته ڇا پر خالي دٻا به کڄي ويا!”


    دوڪاندار ويلفئير جو قيام

    دوڪاندار ويلفئير جو قيام
    “هڪ ڳالهه ته ان دوران ڪجهه دوڪاندار دوست مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا ته دوڪاندارن جي تنظيم جو بنياد وجهي ڪم شروع ڪجي، مان ها ڪئي ۽ تنظيم جي ڪاميابي لاءِ پختو ارادو ڏيکاريو، هڪ ڳالهه پريشان ڪري ڇڏيو، چوڻ لڳا تنظيم جو صدر تون ٿي! مان پهريائين ته انڪار ڪيو پر پوءِ دوستن جي اسرار تي ها ڪئي. اهڙي ريت ٺاروشاه ۾ ‘المدد دوڪاندار ويلفئير ايسوسئيشن’ جو بنياد پيو، مان پهريون صدر مقرر ٿيس. جنهن کانپوءِ بزرگ ڪاميٽي جو قيام به عمل ۾ آندو ويو، جنهن ۾ حاجي اختر خانزاده، حاجي الاهي بخش بالادي، عبدالغفور ڀٽي ۽ منهنجي محسن استاد محمد الياس خانزادي جو فرزند منهنجو نالي ڀائي محمد اسلم خانزاده شامل هئا. ان سڄي سلسلي ۾ حاجي احمد سهتي جو فرزند محمد سهتو، جيڪو هاڻي هن جهان ۾ ناهي رهيو منهنجي گهڻي مدد ڪئي.”


    سوئي گيس جي تحريڪ

    سوئي گيس جي تحريڪ
    سوئي گيس، جهڙي ريت ٺاروشاه ۾ نه اچڻ مسئلو رهيو آهي، تهڙي طرح ان جي اچڻ بابت تحريڪ ۽ سرگرم ڪردار بابت به سدائين تڪرار رهيو آهي، هر ڌر اها دعوا ڪري ٿي ته هنن جي ڪوشش سان شهر ۾ سوئي گيس آيو. ان بابت جڪڏهن بابوُ صاحب سان ڪچهري ٿي ته هن به اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي، جنهن کانپوءِ تاريخ مان هڪ مثال آندو ته جڏهن حضرت يوسف عه کي وڪري لاءِ مصر جي بازار ۾ آندو ويو، تڏهن هڪ مسڪين پوڙهي عورت به خريدارن ۾ پنهنجو نالو لکرايو، ڪنهن پڇيو ته “اي پوڙهي! تو وٽ ايترا پئسا آهن جو يوسف کي خريد ڪري سگهندئين؟” هن وراڻيو ته: “خريد ته نه ڪري سگهندس، باقي نالو سو ضرور ايندو ته مان به انهن ۾ شامل هئس، جن حضرت يوسف کي خريد ڪرڻ چاهيو پئي!” سو بابوُ صاحب به اها ڳالهه ان تناظر ۾ ڪئي ته برابر ڪافي ماڻهو هئا جن ٺاروشاه ۾ سوئي گيس لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي، بس منهنجو نالو به ان پوڙهي جيان لکيو وڃي ته مان به ڪوشش ڪئي هئي.” هن وٽ سوئي گيس جي جهدوجهد بابت ڪيتريون ئي يادگيريون آهن، جيڪي بيان ڪري ٿو.
    “هڪ ڀيري حاجي الاهي بخش بالادي جي دوڪان تي سوئي گيس بابت دوڪاندار ويلفئير جي ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته شهر لاءِ سوئي گيس حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي پئماني تي هلچل هلائي ويندي.”


    بلوچ ٿي واعدو پاڙجان

    بلوچ ٿي واعدو پاڙجان
    “شهر ۾ افواه هلي ويو ته ايم ڪيو جي سينيٽر محمد علي بروهي پنهنجي ڪوٽا ۾ ٺاروشاه کي سوئي گيس ڏياري آهي. مون کي يقين نه پئي آيو، تڏهن ٺاروشاه ۾ موبائيل فون سروس نه هئي سو ادا اقبال جي دوڪان تان ڀائٽي فراز کي چيم ته هي سينيٽر محمد علي جو نمبر آهي فون ڊائل ڪر! بروهي صاحب جو نمبر سوئي گيس ۾ انجنئير طور ڪم ڪندڙ پنهنجي دوست شاڪر سومري کان حاصل ڪيو هو. ادا جي دوڪان تي رئيس پير بخش اڄڻ، حاجي رسول بخش اڄڻ ۽ ادا فوجدار خان به موجود هئا، فون ڪرڻ جي دير هئي محمد علي صاحب فون اٽينڊ ڪئي، مان هن کي چيو سر اسان ٻڌو آهي ته توهان پنهنجي ترقياتي ڪوٽا مان ٺاروشاه کي سوئي گيس ڏئي رهيا آهيو؟ هن جواب ۾ ها ڪئي، جنهن تي مون چيو مانس سر مهرباني ڪري هڪ بلوچ جي حيثيت سان پنهنجي ڳالهه تي قائم رهجو، ائين نه ٿئي جو سينيٽر ۽ سياستدان ٿي وڃو. هن هڪ ٽهڪ ڏيندي مون کان پڇيو، توهان ڪير آهيو؟ جواب ڏنو مانس مان شهر جي دوڪاندار ايسوسئيشن جو صدر ۽ آرمي جو رٽائرڊ اهلڪار آهيان، تنهن تي هن چيو ته مان جڏهن به نوشهروفيروز يا ٺاروشاه آيس ته توهان سان ضرور ملاقات ڪبي مان وري ساڳيو جملو ورجايو……سائين بلوچ ٿجو، پنهنجي ڳالهه کي پاڻي ڏجو، پوءِ هن کي شايد ان ڳالهه تان ڪاوڙ لڳي فون بند ڪري ڇڏيائين. اهڙي ريت واضع ٿيو ته اهو رڳو افواهه هئا، هو شهر کي سوئي گيس ڏيڻ بابت سنجيده نه هئا.
    سوئي گيس جي منهنجي هن ننڍڙي هلچل ۾ شاڪر سومري وڏي مدد ڪئي، هو مڪمل اطلاع ڏيندو هو. منهنجي دوستي نئين تڪ جي هڪ همراهه عبدالله سومري سان به ٿي وئي جيڪو پڻ باهمٿ ڪردار هو، شام جو گڏ ويهي سوئي گيس جي تحريڪ بابت صلاحون ڪندا هئاسين. هو هوشيار ماڻهو هو، مان هن کي استاد چوندو هئس. اسان هڪ ڀيري سائين ظفر علي شاه کان ٽائيم وٺي درٻيلي هليا وياسين، سائين سان ملاقات ٿي جنهن کي عرض ڪيوسين ته سوئي گيس بابت فزيبلٽي رپورٽ ٺهرائي ڏئي! سائين چيو گيس جي اميد ئي ناهي ته فيزيبلٽي رپورٽ ڇا جي!! خير اسان جي زور تي سائين ها ڪئي ۽ ڪجهه مهينن ۾ اسان کي فيزيبلٽي رپورٽ ملي وئي، خبر پئي ته 8 ڪروڙن ۽ 60 لکن جي بجيٽ درڪار آهي، 6 ڪروڙ ته ايس.ايس.جي.سي وارا ڀريندا باقي جيڪڏهن ڪو ايم.پي.اي يا ايم.اين.اي پنهنجي ترقياتي فنڊ مان ڏئي ته شهر جو ڀلو ٿي ويندو.
    شاڪر سومرو، ڄامشوري جو رهڻ وارو، سوئي گيس ۾ ڊپٽي چيف انجنئير طور ڪم ڪري رهيو هو، تنهن اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. هو هر ڳالهه کان اسان کي باخبر رکندو پئي آيو. هڪ ڀيرو فون ڪري چيائين ته ڀريا روڊ کان ٺاروشاه تائين گهڻا پئٽرول پمپ آهن؟ جلدي انهن بابت معلومات ڏيو. مان ڪجهه دير ۾ ئي انهن پئٽرول پمپن جي باري ۾ آگاهي ڏني. هن صلاح ڏني ۽ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته توهان کي ڀريا واري پاسي کان سوئي گيس ڏيون، ڇو جو اها مين لائين آهي ان سان توهان کي گيس پريشر جي تڪليف نه ٿيندي. “
    “ٻئي طرف مان تڏهن جي صدر پرويز مشرف کي مسلسل خط لکندو رهيس، جن ۾ اهو مطالبو شامل هوندو هو ته ٺاروشاه هڪ تاريخي شهر آهي، جنهن کي سوئي گيس فراهم ڪئي وڃي. آخر اهو ڏينهن اچي ويو جو اسان جي شهر ۾ سوئي گيس جا ٺيڪيدار پهچي ويا، کوٽائي جو ڪم شروع ٿيو، اهي همراهه اڃا به ياد آهن، محمد حسن بروهي ۽ سوالي بروهي جن کي مان حاجي رسول بخش اڄڻ جي جاءِ مسواڙ تي وٺي ڏني، جنهن جاءِ تي هاڻي غزالي اسڪول آهي. ڪم زور شور سان جاري ٿيو، اڄ اسان سوئي گيس جي نعمت مان فائدو حاصل ڪريون پيا. آفيسرن ۾ غلام حيدر گبول جيڪو نوان جتوئي جو رهاڪو هو ۽ غلام عباس عباسي گهيڙ گجو وارو سٺا آفيسر هئا، جيڪي ياد آهن.”
    بابوُ صاحب سان سوئي گيس بابت تفصيلي ڪچهريون رهيون آهن، ڇو جو مان به ڄڻ هن شهر جو ئي رهواسي ٿي ويو آهيان ان ڪري ڄاڻان ٿو ته سوئي گيس جي حاصلات لاءِ اڪيلي سر بابوُ ئي نه پر ڪجهه ٻيا مشهور ۽ گمنام ڪردار پڻ آهن جن ۾ هڪ سيد نذير حسين شاه به آهي، هن سيد ۽ ٺاروشاه جي جاکوڙي ڪردار تي مان پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ هڪ مضمون لکيو هو، جيڪو هتي ٻيهر ورجايان ٿو، جئين ڪير اهو نه سوچي ته سوئي گيس جي جهدوجهد ۾ بابوُ صاحب اڪيلو هو.


    سيد نذير حسين شاه

    سيد نذير حسين شاه
    “اسان سمجهندا آهيون ته جهڙي ريت اسان سوچيندا آهيون، فيصلا ڪندا آهيون ٻئي ماڻهو به ائين ئي سوچيندا هوندا پر ايئن بلڪل ناهي هوندو. هر ماڻهو جي سوچ سمجهه جو پنهنجو انداز هوندو آهي. ‘مها ڀارت’ ۾ شري ڪرشن کان ارجن معلوم ڪيو ته “ڇا جيئن پاڻ شين جي باري ۾ سوچيون ٿا برهما به ائين ئي سوچيندو هوندو؟” ڪرشن ڪنڌ سان نهڪار ڪري چيو “نه بلڪل نه برهما ائين ناهي سوچيندو جيئن عام انسان شين جي باري ۾ غور وفڪر ڪندا آهن.”
    هندومت کانسواءِ اسان کي دنيا جي ٻين مذهبن ۾ به اهو آفاقي فلسفو ملي ٿو ته خدا جي جي اڳيان پوري ڪائنات جو وجود آهي. جڏهن ته انسان جي نظر ۽ سوچ ڦري گهري پنهنجي پيرن ۾ ئي ساهه پٽي ٿي. اهو ساڳيو فلسفو جيڪڏهن اسان دنيا جي وڏن ماڻهن تي فٽ ڪيون ته به ٺيڪ رهندو. دنيا ۾ وڏو ماڻهو اهو ناهي جنهن وٽ ڌن دولت هجي پر وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن جي سوچ جو ڪينواس وسيع کان وسيع تر هجي.
    اسان جي شهر ٺاروشاه جو سيد نذير حسين شاه به دنيا جي انهن وڏن ماڻهن مان هڪ هو جنهن جي اڳيان پوري انسانيت هڪ ئي جلوي جو مظهر هئي. ٺاروشاه جي گهٽين ۾ گهمندڙ انهي ماڻهو جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جيڪو هتان جي هر ماڻهو تي عاشق هو. هن جي عشق جي اها حد هئي جو پنهنجي ڀرپور توانائين سان سڄي عمر سرگردان رهيو ته ڪهڙي ريت ٺاروشاه واسين جي زندگي ۾ خوشي جا گلاب پوکجن. هتان جي بجلي جو مسئلو هجي يا فون جي ڏکيائي، گيس جي حاصلات لاءِ جاکوڙ هجي يا ڀڳل روڊ رستن جي تعمير جو اشو، سيد نذير شاه ڪڏهن به خاموش نه رهيو. هن جي جستجو جا جتي ڪيترائي مثال موجود آهن اتي هي ڳالهه اڄ به هن جا چاهيندڙ بيان ڪن ٿا ته هڪ ڀيرو ٺاروشاه جي هڪ روڊ جي موري (پل) ڀڄي پئي، صاحب کي جڏهن انهي جي خبر پئي ته صبح جو سويل اتي اچي بيهي رهيو. هر ايندڙ ويندڙ کان پئسا گهرڻ لڳو ايتري تائين جو ڪجهه ماڻهن جي واتان هن هي جملا به ٻڌا ته شاه صاحب هاڻي پنڻ تي لهي پيو آهي. سيد نذير شاه انهن جملن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو. تان جو ايترا پئسا ٿي ويا جو انهي وقت انهي ڀڳل موري جي مرمت ڪرايائين. اجايو الزام هڻندڙ هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسندا رهيا. انهي سڄي مرحلي ۾ سيد نذير شاه کي ڪا به پرواهه نه رهي! ڇو پرواهه نه رهي؟ مان مٿي لکيو آهي ته وڏا ماڻهو ائين ناهن سوچيندا جيئن اسان سوچيندا آهيون.
    ٺاروشاه شهر ۾ اڄ جڏهن سوئي گيس ٻري ٿي ته انهي ۾ مکيه ڪردار سيد صاحب جو آهي. هن شهر ۾ سوئي گيس جي حاصلات لاءِ جڏهن تحريڪ شروع ٿي ته سيد نذير شاه جي ننڊ ڦِٽي وئي. آخر جڏهن سوئي سدرن گيس ڪمپني پنهنجي هڪ سروي ۾ انگن اکرن جي ڪاريگري سان ثابت ڪيو ته هن شهر ۾ گهربل ڪينڪشن نه ملي سگهندا ڇاڪاڻ ته گهرن جو انگ ٿورو آهي ته اسان جي شهر جي هن ولي رات ڏانهن هڪ ڪري سڄي شهر جي سائنسي بنيادن تي سروي ڪئي ۽ پوءِ جڏهن اهي ڪاغذ سوئي گيس انتظاميه جي اعلى عملدارن تائين پهچايا ويا ته هنن جي حيرتن جي انتها نه رهي ته سوئي گيس لاءِ درخواست ڏيندڙ انهن گهرن جو انگ سندن جي نام نهاد سروي کان ٻيڻو ٽيڻو آهي، جيڪا هنن ڪجهه وقت اڳ ڪرائي هئي.
    اهو سڀ هن شخص جو ئي ڪمال هو جنهن پنهنجي ڀرپور توانائي سان شهر جي ڀلي لاءِ پنهنجي جان وقف ڪري ڇڏي هئي. سيد نذير شاه جي هن شهر سان لازوال محبت جا ڪهڙا داستان بيان ڪجن. بس دل چوي ٿي هن لاءِ سنڌي ٻولي جي پهرين شعر جو هي سٽون هن جي نانءِ ڪيان جيڪي سنڌيءَ جي ڪنهن نامعلوم شاعر بادشاه يحيى برمڪي جي درٻار ۾ چيون هيون
    ارهه بره ڪنڪره، ڪراڪري مندره.
    يا
    ارهه اصره ڪڪرا، ڪي ڪره مندره.
    مفهوم: “جڏهن اسان وٽ نيڪين جو ذڪر هلندو آهي ته تنهنجو ئي نالو ورتو ويندو آهي.”
    سو اڄ به جڏهن ٺاروشاه ۾ نيڪين جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ٿه هر ماڻهو جي زبان تي سيد نذير شاه جو ئي نالو هوندو آهي. پاڻ 2 فيبروري 2007ع تي اسان کان هميشه موڪلائي ويو. سندس آخري آرامگاهه بخاري ۾ آهي.”
    شهر ۾ سوئي گيس بابت منهنجو ٻيو مضمون به ڪتاب ۾ شامل هو، جنهن ۾ پڻ انهن ڪردارن جي واکاڻ ڪئي وئي آهي، جن جي ڪوششن سان سوئي گيس مليو.


    ٺاروشاه ۾ سوئي گيس

    ٺاروشاه ۾ سوئي گيس
    “اسان پنهنجو اهو واعدو وفا ڪيو جيڪو ٺاروشاه جي عوام سان مڪاني چونڊن کان اڳ اهو چئي ڪيو هو ته هو علي خان عالماڻي کي ووٽ ڏين ته انهن کي گيس ڏياري ويندي.”
    اهي لفظ سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار غلام مرتضى جتوئي جا هئا، جنهن 18 ڊسمبر 2004ع تي ٽائون ڪاميٽي هال جي اڳيان ٺاروشاه ۾ سوئي گيس جي افتتاح جي موقعي تي هڪ عوامي ميڙ ۾ ڳالهايا.
    ٺاروشاه واسين جو اهو تمام پراڻو مطالبو هو ته شهر کي سوئي گيس فراهم ڪيو وڃي. جنهن جي اڳيان حڪومت جي ڪافي ٽيڪنيڪل رنڊڪن سان گڏ ڪجهه سياسي مشڪلاتون پڻ هيون، جنهن جي ڪري هيڏو سارو تاريخي شهر سالن کان سوئي گيس جهڙي زبردست سهولت کان محروم رهندو پئي آيو. آخر ٺاروشاه جي قسمت ۾ اهو سڀاڳو ڏينهن اچي ويو جڏهن شهرين جي گهرن ۾ ڪاٺين، ڪوئلن ۽ ڇيڻن جي بجاءِ قدرت جي عظيم نعمت سوئي گيس ٻري.
    سوئي گيس جي انهي وقت جي جنرل مئنجر آفتاب ميمڻ مطابق ٺاروشاه تائين گيس پائيپ لائين وڇائڻ ۾ 8 ڪروڙ 2 لک 26 هزار روپيا خرچ آيا. هڪ اطلاع مطابق اهي پئسا ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ۽ صوبائي سرڪار گڏيل طور ادا ڪيا، نتيجي ۾ 6 مهينن اندر ٺاروشاه ۾ سوئي گيس پهچائڻ جي هي رٿا مڪمل ٿي.
    جيتوڻيڪ هن شهر جا رهواسي پنهنجي اتهاسي حق موجب سمجهن ٿا ته کين سوئي گيس ملڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي وئي پر انهي سان گڏ هنن کي اها خوشي به آهي ته دير سان ئي سهي پر هنن کي سوئي گيس جهڙي نعمت عطا ٿي.”
    ٺاروشاه ۾ سوئي گيس آڻڻ بابت عالماڻي برادرس جو ڪردار به تاريخ ۾ سدائين زنده رهندو. هنن ان سلسلي ۾ وڏي ڪوشش ڪئي. هي اهو زمانو هو جڏهن علي خان عالماڻي يوسي ٺاروشاه جو ناظم ۽ ضلعي نوشهروفيروز جو نائب ناظم هو. تنهن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ جي فنڊ مان پئسا جاري ڪرائي ٺاروشاه کي هن عظيم تحفي سان نوازيو.


    سياست ۾ اچڻ

    سياست ۾ اچڻ
    سال 2005ع ۾ ٻي مڪاني چونڊ ٿي. جنهن ۾ بابوُ صاحب به حصو ورتو جنهن ۾ ڪامياب ٿيو. هن بقول ته سڄو شهر هن جو حلقو هو، جنهن ۾ هو ٻيون نمبر ڪائونسلر چونڊيو. پهريون نمبر مرحوم محمد عمر بڙدي ۽ ٽيون نمبر ولايت راجپوت چونڊجي آيا.


    تلخ يادگيريون

    تلخ يادگيريون
    هن ان سلسلي ۾ ڪجهه تلخ يادگيريون آهن، ٻڌائي ٿو ته “ڪائونسلر ٿيڻ کانپوءِ پهرئين چئلينج هيءَ هئي ته تعلقي ناظميءَ لاءِ ڪنهن کي ووٽ ڪجي. هن مٿان به ساڳيون پريشر هو، ڇاڪاڻ ته هن جي خاندان جو لاڳاپو سيد ظفر علي شاه سان هو. ان ئي پليٽ فارم تان هو ڪامياب ٿيو هو، جنهن ڪري تصور به نه هو ته مخالف اميدوار کي ووٽ ڏئي، جنهن جي ڪري هن کي ڌمڪيون به مليون پر الله سائين جي مدد سان پار پهتو. “منهنجو ووٽ سيد امير علي شاه کي هو، جيڪو اتفاق سان هڪ ووٽ تان هارائي ويو پر پوءِ هڪ عدالتي فيصلي کانپوءِ هن کي بحال ڪيو ويو ۽ آخري سالن ۾ هو تعلقي ناظم رهيو.”
    سياست ۾ اچڻ لاءِ هن جي بقول ته پليٽ فارم المدد دوڪاندار ايسوسئيشن آهي، جنهن ۾ جڏهن داخل ٿيو يا ان جي شروعات ڪيائين ته هن کي محسوس ٿيو ٺاروشاه جهڙو اتهاسي شهر مسئلن جي ور چڙهيل آهي هڪ پاڪ صاف سياست ذريعي ئي انهن مسئلن کي منهن ڏئي سگهجي ٿو. هو سياست ۾ اچڻ جو سڄو ڪريڊٽ دوڪاندار ايسوسئيشن کي ڏئي ٿو.


    پسنديده سياستدان

    پسنديده سياستدان
    منهنجي پڇيل هڪ سوال ته توهان جو پسنديده سياستدان ڪهڙو آهي، بي اختيار سيد ظفر علي شاه جو نالو وٺي ٿو، جنهن جو هن وٽ اهو سبب آهي ته شاه صاحب ڪڏهن به ڪرپشن ۾ ملوث ناهي رهيو ٻيو ته هن ڪڏهن به انتقامي سياست ناهي ڪئي. هن بقول ته ڪڏهن ڪڏهن اهڙن حالتن جي ڪري سيد ظفر علي شاه جهڙا سياستدان هن سماج ۾ فٽ ناهن ٿي سگهندا پوءِ به هن پنهنجو وارو وڄايو آهي. ان جهڙا ماڻهو هن ملڪ لاءِ نعمت مثل آهن. باقي سياستدانن ۾ هن کي محمد عثمان خان عالماڻي ۽ سندس ڀاءُ علي خان عالماڻي پسند آهن. هن جي بقول ته هو مخلص آهن، هنن وٽ قوم لاءِ سچائي آهي، ڪوڙ دوکي دولاب کان ڪوهين ڏور، جيڪو چئبو سو ڪبو. اجائي ڳالهه کي وڌاءُ نه ڏياربو جو سڀاڻي پاڻ پريشان ٿجي. اهو ئي سبب آهي جو ٺاروشاه جي نوجوان طبقي ۾ هنن کي پسند ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته صوبي کان ٻاهر سياستدانن ۾ هن کي شيخ رشيد پسند آهي. شيخ صاحب جو کليل ڳالهيون هن کي متاثر ڪن ٿيون، هو جهڙو اندر آهي تهڙو ٻاهر.


    سال 2016ع جي چونڊن ۾ شڪست

    سال 2016ع جي چونڊن ۾ شڪست
    سال 2016ع جي مڪاني چونڊ ۾ شڪست بابوُ صاحب کي ڪجهه وقت ته جهوري وڌو پر هن ٻيهر همٿ ڪئي ۽ پنهنجي ڪم سان لڳي ويو، اهو ڪم جنهن ۾ هن کي روحاني تسڪين ملي ٿي. هو پنهنجي شڪست منفي انداز سان نه ٿو ڏسي. بقول سندس جي ته هن جي مخالفن جي دعوا هئي ته بابوُ 50 ووٽ به نه کڻي سگهندو پر 332 ووٽ کڻي ثابت ڪيو ته ماڻهن وٽ هن لاءِ محبتون آهن، جيڪي اليڪشن ۾ ثابت ٿيون. “اليڪشن جي سلسلي ۾ منهنجي وڏي ڀاءُ محمد اقبال، مائٽ استاد سهراب خانزاده ۽ ڀائٽي فراز گهڻو ڪم ڪيو. ساڳي وقت علي صاحب به منهنجي تمام گهڻي ورڪ ڪئي ۽ مونکي يقين هو ته کٽيندس پر هارجي ويس، جنهن لاءِ ايترو افسوس ناهي. هن چونڊ ۾ منهنجي مائرن ۽ ڀينرن مونکي ووٽ ڏنا، جنهن لاءِ مان انهن جو مشڪور آهيان.” ان سلسلي ۾ فيس بوڪ تي هن جي نالي تي هڪ پوسٽ به رکي جيڪا هن ڪتاب ۾ به شامل ڪجي ٿي:


    وارڊ 04 جو هيرو!

    وارڊ 04 جو هيرو!
    بلدياتي اليڪشن ۾ ٺاروشاه جي وارڊ 04 تي هارائيندڙ هن شخص جو ڏاڍو ارمان آهي، رنگ، نسل، مذهبي ساڙ کان پري بابوُ اسلم فوجي خانزاده کي خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه ۾ رد ڪيو ويو…!؟
    بس ايتري سا خبر آهي ته ماسٽر چندر جي چاهه ۽ گوبند مالهيءَ جي محبت ۾ گرفتار هن همراهه کي ڪجهه ماڻهو ان ڪري به پسند نه ڪندا هئا ته هو رڳو ٺاروشاه جون ڳالهيون ڪري ٿو!
    مان نه ٿو ڄاڻان ته هاڻي هو ڏينهن جا ڏينهن گٽرن جي مٿان بيهي بنا ڪنهن معاوضي جي ڪهڙي ريت صفائي ڪرائيندو……ڪهڙي ريت روڊن تي ٻهارو کڻي نڪري ايندو…۽ ڪيئن مصيبتن ۾ مبتلا هرماڻهو جي سڏ ۾ سڏ ڏيندو…
    هو منهنجو دوست بابوُ فوجي، جنهن اليڪشن کان هڪ رات اڳ فون ڪري چيو هو، “سائين! مان کٽيندس مون تي هڪ مضمون لکجو…۽ مان وڏو ٽهڪ ڏئي ‘ها’ ڪئي هئي…سو هارائڻ کانپوءِ اڄ صبح شهر جي چوُنڪ تي مليو. هن جي چهري ڏي غور سان ڏٺم ڪٿي به شڪست جي ريکا نه هئي…ها بس خاموش هو. مان ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ان کان اڳ هن ڏي فون آئي ڪال اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ چيائين “سائين، وارڊ 04 ۾ ڪجهه گهرن ۾ گيس نه پيو اچي، مان اوڏانهن وڃان پيو…پوءِ ڪچهري ڪبي!”


    هڪ افسوس

    هڪ افسوس
    بابوُ اسلم فوجي خانزاده، بظاهر ته هڪ همٿ وارو انسان آهي پر ڪڏهن حالتن جي ڪري مايوس به ٿيو وڃي. جنهن لاءِ به هن وٽ ڪجهه ڳالهيون آهن. جن مان هن جي بقول “سال 2007ع ۾ ٺاروشاه ۾ ماس ليول تي ڊرينج سسٽم لاءِ 7 ڪروڙ منظور ٿي آيا، جيڪي تڏهن ضلعي ۽ تعلقي وچ ۾ سياسي مخالفت سبب واپس ٿي ويا.” هو چئي ٿو ته “ان لاءِ مونکي سنڌي جو پهاڪو ياد ايندو آهي ته “وڙهن سانهه، لتاڙجن ٻوڙا” ٿيو به ائين ضلعي ۾ جتوئي صاحبن جي سرڪار هئي تعلقي ۾ سيدن جي وچ ۾ ٺاروشاه جو نقصان ٿيو. جنهن لاءِ جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي.” هو ٻڌائي ٿو ته “ان سلسلي ۾ اسان جي شهر جي هڪ فرزند سنڌ حڪومت جي سيڪريٽري قاضي عبدالڪبير صاحب به تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ته اهي پئسا ڪنهن ريت ٺاروشاه ۾ استعمال ٿين پر ائين نه ٿي سگهيو. قاضي صاحب جي ڪوشش باوجود ٺاروشاه کي فقط 70 هزار ملي سگهيا. جيڪي “اٺ کي جيري” برابر هئا.”


    پاور هائوس ۽ گرڊ جو قيام

    پاور هائوس ۽ گرڊ جو قيام
    سال 1933ع ۾ شهر ۾ پاور هائوس قائم ڪيو ويو، جيڪو 1968ع ۾ بند ٿيو. هتي 66 ڪي وي گرڊ اسٽيشن به ٺاهي وئي، جنهن جي سپلائي نوابشاه تائين ويندي هئي. جڏهن واپڊا کاتو ٺهيو ۽ هڪ لک 32 هزار جا گرڊ ٺهيا ته ٺاروشاه جي هيءَ گرڊ بند ڪئي وئي. اڄ به ان گرڊ جا پول نوشهري فيروز کان ٺاروشاه تائين لڳل آهن.
    ٺاروشاه بابت سڀ کان وڏو افسوس هي آهي جو تعلقي ۾ سڀ کان وڏي آبادي هجڻ جي باوجود هن وقت تائين شهر کي تعلقي هيڊ ڪوارٽر جو درجو نه ملي سگهيو آهي؛ جيڪڏهن اڄ شهر کي هيڊ ڪوارٽر جو درجو ملي ها ته شهر جو نقشو ڪجهه سهي پر تبديل هجي ها.”


    شهر جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ

    شهر جي ڀلائي لاءِ جاکوڙيندڙ
    پنهنجي شهر يا وطن سان محبت هر ماڻهو جي زندگيءَ جو اولين مقصد هوندو آهي، بابوُ صاحب جو شمار به انهن ماڻهن منجهه آهي. اهڙي ريت جڏهن شهر جي ڪجهه ماڻهن بابت هن کان حال احوال ورتم ته هن جو چوڻ هو ته “منهنجي شهر جا ڪجهه نهايت معتبر انسان آهن، جن جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي. جن مان چئرمين عبدالرحمان خانزاده به شامل آهي، هو شهر جو ٽي ڀيرا چئرمين رهيو آهي، هن جي وڏي خوبي ته شهر ۾ انڪروچمنٽ ٿيڻ نه ڏيندو هو، هن جا ڪرايل ڪم اڄ به قائم آهن. ڪڏهن شاهي بازار ۾ وڃي ڏسو، اتي ٺهيل بلاڪ جيڪي اڄ به ساڳي حالت ۾ آهن. هڪ ڀيرو سوئي گيس وارن کي کوٽائي ڪرڻي هئي، عام اوزارن سان انهن بلاڪن کي نه ٽوڙي سگهيا، پوءِ سوئي گيس وارن کي مشينون گهرائڻيون پيون. جڏهن به شهر ۾ ڪو تعميراتي ڪم ٿيندو هو ته ان کي پاڻ چيڪ ڪندو هو، مطلب ته هو شخص ٺاروشاه واسين لاءِ رحمت جو فرشتو هو. ان کانپوءِ عبدالمجيد راجپوت جو نالو نه ڳڻائڻ به پاڻ سان دوکو ٿيندو، هن جي چئرميني جي دور ۾ به ٺاروشاه گهڻي ترقي ڪئي.
    “شهر ۾ ڀلائي لاءِ جاکوڙ جي حوالي سان هن جي اڳيان سيد امتياز حسين شاه جو نالو محترم آهي، هو ٻڌائي ٿو ته سيد صاحب شهر ۾ صفائي جي حوالي سان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، هن امن ڪاميٽيون جوڙيون، صفائي لاءِ خانگي طور تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر افسوس جو ماڻهن وٽ اهڙن انسانن جو قدر ڪونهي! سيد امتيازحسين شاه صاحب کانسواءِ جڏهن سندس مرحوم ڀاءُ سيد نذير حسين شاه جو ذڪر آيو ته بابوُ صاحب جذباتي ٿي ويو ۽ چوڻ لڳو اهڙا پٽ ٺاروشاه کي ورلي نصيب ٿيندا، سيد نذير حسين شاه اسان جي شهر جو تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن کي خراج پيش ڪجي ٿو.”
    بابوُ صاحب وٽ اڳوڻي چئرمين حاڪم سيال جون به يادگيريون آهن، هن جي بقول ته: “شهر وچ ۾ موجود الشهباز مارڪيٽ چئرمين حاڪم سيال ٺهرايو، پر ان تي افتتاحي تختي چئرمين عبدالرشيد خانزاده جي لڳل آهي، ڇاڪان ته ان دوران حاڪم سيال جو پيرڊ پورو ٿي ويو؛ هو ٺاروشاه جو سڄڻ هو، جنهن جون خدمتون ياد رهنديون. هن جي دور ۾ شهر ۾ مرڪيوري بلب به لڳايا ويا. بابوُ صاحب جي مطابق شهر ۾ چئرمين بخشل ميمڻ به سٺو منتظم رهيو، جڏهن ته رئيس محمد رمضان عالماڻي جو ذڪر به ضروري آهي، جنهن جي دور ۾ شهر جي صفائي خاص ڪري گوشت مارڪيٽ ۽ سبزي مارڪيٽ تي ڪَرڙي نظر رکي وئي، جيئن شهرين کي صاف کاڌو کائڻ لاءِ ملي.”
    هن جي ياد ۾ ڪائونسلر رشيد ميمڻ به آهي، جنهن پنهنجي ميمڻ پاڙي ۾ زبردست ڪم ڪرايا. “هو ٺاروشاه جو زبردست ماڻهو هو. ان کانپوءِ 2001ع ۾ ٺاروشاه کي يوسي جي حيثيت ڏني وئي پهريون ناظم عبدالروُف خانزاده ٿيو، جيڪو پڻ هن شهر لاءِ ڀاڳوند ثابت ٿيو، جڏهن ته سال 2005ع ۾ محترم علي خان عالماڻي يوسي ناظم هو، جنهن جا شاندار ڪم به وسارڻ جوڳا ناهن. جنهن جي ڪري اڄ به شهر جا ماڻهو هن سان پيار ڪن ٿا.” هو ٻڌائي ٿو ته “ڪنهن زماني ۾ سندس دوست ايڊوڪيٽ ممتاز ڪلهوڙي جو والد عباس ڪلهوڙو به ڪائونسلر ٿيو، جيڪو پڻ انسان دوست هو.”


    محسن خاندان

    محسن خاندان
    ٺاروشاه ۾ استاد گل حسن تيوڻو ۽ ان جي خاندان کي پنهنجو محسن مڃيندڙ بابو صاحب انهن جي ڳالهه ورجائي ٿو، بقول بابو صاحب ته هنن جي اسڪول ۾ جڏهن به ڪو پروگرام ٿئي ته سائين وارا هن کي ضرور گهرائيندا آهن، نه فقط سائين گل حسن پر سندس فرزند نعيم الحسن، فهيم الحسن ۽ وسيم الحسن جا هن جي مٿان اڻ ڳڻيا احسان آهن. ائين کڻي چئو ته ٺاروشاه ۾ هي خاندان سندس محسن خاندان آهن.
    حاجي عبدالقيوم ميمڻ، ڊاڪٽر شاهنواز نارائي، ڊاڪٽر تميز الدين ميمڻ، پرنسپال ڊگري ڪاليج شفيق الرحمان ميمڻ، سراج ميمڻ ايس.ڊي.او، ڊاڪٽر الهڏنو ميمڻ، عبدالهادي ميمڻ، ايس.ڊي.او عبدالقدوس سومرو ساندن وارو، سرويئير مشتاق احمد سومرو، حاجي محمد ولي خانزاده، سندس پٽ فرحان، ذيشان ۽ سلمان جن جا منهنجي مٿان احسان آهن.
    صحافين ۾ الهه رکيو راڄپر ۽ شاهد راڄپر، ظهير سومرو، تنوير قريشي ۽ ملوڪ عباسي منهنجي مٿان مهربان رهيا آهن.
    ٽي.ايم.او ممتاز ڦلپوٽو کي آئي ٻه مهينا ٿيا آهن، هو شهر جي ڀلي لاءِ تعاون ڪري پيو. جڏهن ته ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاه ۾ سڪندر چنو، جمال ڏهراج ان دوستي آهي.


    ايني طاهر ۽ ڌرتي فائونڊيشن

    ايني طاهر ۽ ڌرتي فائونڊيشن
    هو شهر جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙن کي عزت ۽ تڪريم جي نگاهه سان ڏسي ٿو، ان عورت جو به وري وري ذڪر ڪيائين جيڪا شهر جي ڀلائي لاءِ ‘ڌرتي فائونڊيشن’ نالي سماجي تنظيم هلائي پئي. ايني طاهر جنهن جو احسان چوڪ تي سلائي ڪڙاهي جو مرڪز به آهي، جتي هو عورتن کي پنهنجي پيرن تي کڙو ڪرڻ لاءِ هنر سيکاري ٿي. هو ٻڌائي ٿو ته ايندڙ سال ايني طاهر جي ڪوشش سان ٺاروشاه کي هڪ ايمبولينس به ملندي، جنهن سان بيمارن کي ٻين شهرن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۾ سهولت ٿيندي


    مامي گلوءَ ۽ ڇٽي فقيرَ جون يادون

    مامي گلوءَ ۽ ڇٽي فقيرَ جون يادون
    “هڪ ڀيري خبر پئي ته ٺاروشاه جي درويش انسان مامي گلوءَ جو اڪسيڊنٽ ٿي پيو آهي، هن کي اسپتال داخل ڪرايوسين. هاڻي وري پئسن جو مامرو هو ته رقم ڪٿان اچي جو علاج جاري رکجي، جنهن لاءِ مامي جي هڪ مائٽ وسيم سيال سان گڏ رڪشا ۾ چڙهي سڄي شهر ۾ پڙهو ڏنو، ماڻهن تمام گهڻي موٽ ملي، اسان کي 60 هزار چندو ٿيو، جنهن لاءِ مان شهر وارن جا اڄ به ٿورا مڃيندو آهيان.”
    “مامي گلو کان اڳ به ٺاروشاه ۾ ڇٽو فقير رهندو هو. جيڪو شهر ۾ گشت ڪندو هو. هو ڏنڊن جو تمام گهڻو شوقين هو ڪنهن کي به ڏنڊو ڏسندو هو ته آخر ۾ ان کان پئسن تي به خريد ڪندو هو. هڪ ڏينهن اچانڪ غائب ٿي ويو. اڄ تائين ڪا به خبر ناهي ته هو ڪاڏي ويو!”


    سماجي خدمتون

    سماجي خدمتون
    سماجي خدمتن ۾ بابوُ صاحب جي پسنديده شخصيت عبدالستار ايڌي مرحوم آهي. هن جي بقول ته “ايڌي صاحب نه فقط پاڪستان پر دنيا جو وڏو ماڻهو هو، جنهن ذات پات رنگ نسل کانسواءِ عوام جي خدمت ڪئي. مان هن جي پيرن جي مٽيءَ برابر ناهيان. بس ماڻهن جون محبتون ۽ مرشد سائين عبدالجليل جون دعائون آهن.” هو ٻڌائي ٿو ته مرشد جي عرس موقعي ٿي اسٽريٽ لائيٽ، صفائي ۽ سيڪيورٽي جو ڪم هن جي حوالي هوندو آهي. جنهن ۾ هن کي روحاني تسڪين حاصل ٿئي ٿي؛ ان سلسلي ۾ ڪجهه مخالفت به آهي، پر مان انهن لاءِ به دعاڳو آهيان ته آباد هجن، ڇاڪاڻ ته مونکي پنهنجي مرشد اهو ڏس ڏنو ته جيڪو ماڻهو توهان سان خراب هلي توهان پنهنجي وس آهر ان سان ڀلو هلڻ جي ڪوشش ڪريو؛ نه فقط مرشد سائين پر ان جو فرزند سائين عبدالڪريم، سائين صديق جمال، سائين فاروق سان به عقيدت جو رشتو آهي، انهن جو احترام منهنجي رڳن ۾ رت ٿي ڊوڙي ٿو، درگاه جي خدمت ۾ انهن جا حڪم شامل هوندا آهن.” هو ٻڌائي ٿو ته “ويجهر ۾ علي صاحب جي هدايتن تي درٻيلي مان 5 ڇوڪرا گهرايا آهن، جيڪي پنهنجي ڪم سان سچا آهن، مان به انهن جو خاص خيال رکان ٿو، انهن جي اچڻ سان شهر جي صفائي ۾ ڪافي فرق آيو آهي. شهر جو روپ ڪجهه مٽيو آهي، باقي ڊرينج جو نظام بدستور اسان جي مٿي جو سور آهي، جنهن لاءِ ماس ليول تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.”


    ڪشمير ۾ زلزلو

    ڪشمير ۾ زلزلو
    سال 2005ع ۾ ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ زلزلي وڏي تباهي آندي. جنهن لاءِ ملڪ جي ٻين حصن جيان ٺاروشاه ۾ به چندي جي مهم هلائي وئي، شهرين دل کولي پنهنجي ملڪي ڀائرن جي مدد ڪئي. جيڪا هڪ اندازي مطابق لکن ۾ شمار ٿئي ٿي.


    شهر ۾ چوڪيداري نظام

    شهر ۾ چوڪيداري نظام
    ٺاروشاه ۾ چوڪيداري نظام، ٻين شهر جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر آهي، تنهن هوندي به وارداتون ٿي وڃن ٿيون، جنهن لاءِ انتظاميه کي گهڻو چوڪس رهڻو پوندو، وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ان سلسلي ۾ بابوُ صاحب جي ڪوشش به ساراهڻ جوڳي آهي، شهر ۾ موجوده چوڪيداري نظام لاءِ اسلم فوجي وٽ ڪجهه ساروڻيون آهن هو ٻڌائي ٿو ته: “جڏهن منهنجو دوڪان هوندو هو ته اها رات خالي نه هئي جو بازار ۾ ڪا واردات نه ٿئي! صبح جو جڏهن دوڪان کوليندو هئس ته 4،3 ماڻهو اڳئي شڪايتون کڻي ويٺا هوندا هئا ته هنن جي دوڪان کي کاٽ لڳو آهي؛ جنهن لاءِ دوڪاندار ويلفئير جو اجلاس گهرائي متفق طور بازار ۾ چوڪي جو نظام قائم ڪرڻ جي صلاح بيٺي، مان ڪوشش ڪئي ته چوڪي لاءِ رٽائر فوجي ڀرتي ڪجن جنهن لاءِ نواب ڀان رٽائر فوجي، آچر ڀان رٽائر فوجي، عبدالستار رٽائر فوجي، باقي ٽي سول ماڻهو جن ۾ مختيار سولنگي ڪمال ڀان ۽ هڪ جو نالو ياد ناهي ابتدائي طور مقرر ڪيا، ان وچ ۾ تڏهن جي ايس ايس پي عرفان بلوچ سان ملاقات ڪئي، جنهن اسان کي چيو ته جيڪو ماڻهو دوڪان کي کاٽ هڻندي ڏسو ته ان کي شوٽ ڪري ڇڏيو، پوءِ اهڙو اعلان اسان بازار ۾ ڪرايو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ وارداتون ختم ٿي ويون. چوڪيدارن جي ابتدائي پگهار 35 سو رکي. ڪافي دوڪاندار تعاون نه ڪندا هئا. انهن جي اعتماد لاءِ شروع ۾ گهران خرچ ڪيم. چوڪيدارن کي پگهارون پنهنجي هڙان وڙان ڏيندو هئس. جنهن جو شاهد سائين رمضان شاه آهي، جنهن جي اوطاق تي ويهي پگهارون ڏيندو هئس. چوڪيداري ڪري شهر ۾ رات جو مزو لڳو پيو هوندو. امن جي ڪري رات جو ڪيترائي شهري ٻاهر اچي اسان سان گڏ ويهندا هئا. ياد اٿم ته محترم عبدالحق ڀرٽ ڪڏهن جي دير سان موٽندو هو ته اسان وٽ اچي ويهندو هو ۽ چوندو هو چانهه پياريو، ڀرٽ صاحب سان ڪچهريون اڄ به ياد آهن، هو اسان جي علائقي جو فرشتِ صفت انسان آهي، جيڪو ڪنهن کي به نقصان نه ٿو ڏئي، سندس جي پنهنجي تنظيم غريب نواز ويلفئير به عوام لاءِ جاکوڙي پئي.”
    “شهر ۾ امن و امان هو، جنهن جي ڪري رات جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجون موٽرسائيڪلون ۽ سائيڪلون وساري ويندا هئا. جن کي ٻئي ڏينهن نشاني پڇي واپس ڪندا هئاسين، ڪار اسٽاپ تي جمع پٺاڻ جو دوڪان آهي، اهو ته اڪثر بند ڪرڻ به وساري ڇڏيندو هو، جيڪو پوءِ چوڪيدار اچي بند ڪندا هئا. اسان جا مقرر ڪيل چوڪيدار بي ايمان نه هئا. جنهن ڳالهه تي فخر آهي.”


    راتين جون ننڊون ڦٽائيندڙ

    راتين جون ننڊون ڦٽائيندڙ
    شهر ۾ محرم جو مهينو هجي يا ربيع الاول جو ماه يا هولي يا ڏياري يا عيدون، بابوُ صاحب جي ننڊون حرام ڏينهن رات هڪ ڪري ڏيندو، ڀڄ ڀڄان ۾ وقت ويندس. هو ٻڌائي ٿو ته “هڪ ڀيري محرم شريف ۾ خبر پئي ته سول جج ڀريا شهر ۾ انڪروچمنٽ ختم ڪرائڻ لاءِ اچي پيو. اهو 7 يا 8 محرم جو ڏهاڙو هو، مون سوچيو جي انهن تاريخن تي ڊاٿ ٿي ته اهو ملبو ڪير کڻندو، هتي نارمل صفائي ئي ڏکي آهي، جنهن جي ڪري عزاداري امام حسين عه متاثر ٿيندي، جنهن لاءِ هڪ درخواست کڻي سائين مير شاه وٽ ويس، سائين کي ڳالهه سمجهائي، صحيح ورتم ۽ سڌو سول جج ڀريا وٽ ويس، جج صاحب جو نالو ياد ناهي پر هن اٿي بيهي آڌر ڪيو، مان درخواست پيش ڪئي، مسڪرائي چوڻ لڳو فوجي صاحب توهان سيد آهيو؟ جواب ۾ چيو مانس نه سائين مان خانزادو آهيان، پر شهر جو مامرو آهي، مهرباني ڪري درخواست تي غور ڪريو، هن چيو ته جيئن توهان چوندا تيئن ٿيندو، گهٻرايو نه، خوش ٿي گهر پهتس. اهڙي طرح شهر ۾ مقدس ڏهاڙن جي حوالي سان بجليءَ جو خاص خيال رکندو آهيان ته بجلي ضرور هجي نه ته مسئلا پيدا ٿين ٿا.”
    بابوُ صاحب جي خدمتن تي مان سال 2010ع ۾ هن تي پهريون مضمون لکيو، جيڪو سنڌ ۾ سماجي خدمتن جي حوالي سان وڏي نالي مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان هو، ان مضمون ۾ بابوُ صاحب کي مسڪين سان ڀيٽا ڏني وئي هئي، جنهن کي به هن ڪتاب ۾ شامل ڪجي ٿو.


    ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو بابوُ اسلم فوجي

    ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو بابوُ اسلم فوجي

    ٺاروشاهه جي هن سنهڙي سيپڪڙي شخص بابوُ اسلم فوجي خانزاده کي مان شهر جي هر گهٽي، هر بازار هر چونڪ تي ماڻهن جي مسئلن کي وس آهر حل ڪندي ڏٺو آهي.
    انهي لاءِ ٺاروشاهه بابت پنهنجي هن دستاويز ۾ سندس جو ذڪر ڪرڻ به ضروري سمجهيم. گهڻي غور ويچار ڪرڻ تي رنگ جي سانوري، جسماني طور ڪمزور هن شخص بابت ڇا لکجي؟؟
    ……………مونجهه جو شڪار رهيم اهڙا ڪي لفظ نه ملي رهيا هئا جو هن جي شخصيت کي “سمنڊ کي ڪوزي ۾بند ڪرڻ” جهڙو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهان!! آخرڪار مونکي ٿر جو مسڪين جهان خان کوسو ياد اچي ويو. منهنجي سامهون سندس کي ڏنل انهي لقب يا تشبيح جي انهي وقت تصديق به ٿي وئي جڏهن هڪ مختصر ڪچهري کان پوءِ دفترن جا ڍير کڻي اچي منهنجي اڳيان رکيائين….سچ پچ ته ڪمال هئا اهي ڪاغذ جنهن ۾ ٺاروشاهه جي هن ماڻهو پنهنجي ڀرپور ڪوششن سان شهر جي هر مسئلي ڏانهن وقت
    جي سرڪار جو ڌيان ڇڪائيندي وس آهر حل ڪرائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
    سوئي گيس جي جهدوجهد هجي يا بجلي جي گرڊ جي تعمير. شهر جهي ڊرينج جو خوني معاملو هجي يا قبضه خور مافيا جي دادگيري، ٻيو ته ٺهيو پر جيڪڏهن بابوُ فوجي رستي ويندي ٻن رڪشا وارن کي وڙهندي ڏسي ته به انهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ پنهنجي اول فرضن ۾ شمار ڪري ٿو.
    هو غضب جو ماڻهو آهي. سادو اهڙو جنهن جي سادگي کي ڏسي حيرت وٺيو وڃي ته شهر بابت هن جي جهدوجهد تي ٻڌل دستاويز شايد هن جا نه هجن. ٻئي پاسي هوشيار ايترو جو هن کي چئجي ته هن ڪم ۾ ٺاروشاهه جو ڀلو آهي “ڪانويلي جي آري هيٺيان آنا به چورائي اچ.” ته به دير نه ڪندو.
    ڪيپسٽن سگريٽ جو براند ڇڪيندڙ 56 سالن جي جوان جذبن جو مالڪ بابوُ اسلم رڳو نالي جو فوجي نه آهي. پر پاڪ فوج ۾ 18 سال سپاهي جي حيثيت سان خدمتون پڻ سرانجام ڏنيون اٿائين. سندس جي بقول ته هن جي پاڪستان ۾ جتي به پوسٽنگ ٿي ڪوشش اها هوندي هئس ته ريل گاڏي جي رستي ٺاروشاهه جي جنڪشن تي لهي گهر اچي. جنهن لاءِ سندس کي روحاني مسرت حاصل ٿيندي هئي. هاڻي جڏهن ريل بند ٿي وئي آهي ته هن کي پنهنجي ماضي جون اهي ڳالهيون جيءَ کي جهير ڏيندي محسوس ٿين ٿيون.
    بابوُ آگسٽ سن 2000ع ڌاري فوج مان رٽائر ٿي ٺاروشاهه آيو. سندس جي انهي رٽائرمنٽ جي پويان جتي يقينن ٻيا به ڪيترائي سبب هوندا پر هڪ سببب جيڪو مان سمجهيو آهي ته هي شخص ماسٽر چندر، گوبند مالهي ۽ قاضي غلام علي جي ٺاروشاهه جو عاشق آهي. هو انهي عشق جو اظهار به برملا ڪندو رهي ٿو. سياري جون سرد قاتل راتيون هجن يا اونهاري جون قهاري منجهندون بابوُ عرف ٺاروشاهه جو مسڪين جهان خان کوسو مسلسل پنڌ ۾ آهي. اهڙو پنڌ جيڪو خوشحالي يا ٻين لفظن ۾ ٺاروشاهه کي دنيا جي نقشي تي جنت بنائڻ جو آهي.
    هن جا ڪيترئي سپنا آهن. جن مان هڪ هي به آهي ته ٺاروشاه واسي زندگي جي هر شعبي ۾ اڳتي اچن. ڀلا رڳو ٺاروشاه جو فڪر ڇو؟؟ ٻي به دنيا پئي آهي!!!
    مان هن جي انهي سوچ کي پيغمبرانه فڪر سان استعاري طور آڻيندس “پهرين گهر، پوءِ تڙ.” هونءَ ته بابوُ اسلم فوجي جي سڄي زندگي عوام جي خدمت لاءِ وقف آهي. پر ٺاروشاه واسين لاءِ رات جو سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو جو سهرو به هن شخص تي آهي. انهي معملي ۾ هن جو سڀاءُ بلڪل انهي فوجي جهڙو آهي جيڪو پاڻ ملڪي سرحدن تي چوڪي ڏئي عوام کي آرام جي ننڊ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.
    ٺاروشاه ۾ چوڪيداري نظام کي جهڙي طرح هن شخص منظم ڪيو آهي. اهو فقط هڪ فوجي جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. انهي جڳهه تي وري بابوُ جو ڪردار هڪ مسڪين جو نه پر جوان مرد سپاهي جو آهي جيڪو پنهنجي ديس واسين لاءِ راتين جون ننڊون ڦٽائي آرام مهيا ڪري ٿو. هڪ پاسي هو فوجي آهي ته ٻئي طرف بهترين ليکڪ پڻ. پر هڪ ڳالهه ته هن جون سڀ لکڻيون ٺاروشاهه جي پيرن ۾ دم پٽين ٿيون.
    سن 2000ع کانپوءِ پاڪستان جي هر حڪمران سان هن جي لکپڙهه ٿيل آهي. هن جو پنهنجي ڪم سان سچو هجڻ جو اهو به دليل ته ڪيترائي سال گذرڻ باوجود هن جي هر لکڻي ڪنهن مقدس صحيفي وانگي محفوظ آهي. پاڪستان جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان موجوده حڪمران صدر زرداري، وزيراعظم گيلاني تائين هن ٺاروشاهه جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ خط و ڪتابت ڪئي آهي. هن جي خطن ۾ مونکي جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو اهو هن جو هر خط ۾ شاعري جو استمال هو. شاعري جيڪا بقول شيخ اياز “روح کي گرمائيندي آهي.”
    بابوُ اسلم فوجي گذريل بلدياتي نظام ۾ شهر جو ڪائونسلر پڻ رهيو. انهي ڪائونسلري حاصل ڪرڻ ۾ بقول هن کي ڪنهن به سياسي پارٽي جي مدد حاصل نه هئي فقط ئي فقط ٺاروشاهه واسين جي محبت ۾ هن اها سيٽ حاصل ڪئي. اها محبت جنهن جو هو عملي مظاهرو ڪڏهن شهر جي اسٽريٽ لائٽ جي لڳرائڻ ۾ ڪندو آهي ته ڪڏهن اڌ رات جو اٿي پاڻ مرادو شهر جي چوڪي ڏيڻ ۾ ڪري ٿو.
    ٺاروشاهه جي هن مسڪين جهان خان کوسي کي هن شهر سان انڌو عشق آهي. هو هر شهر واسي سان محبت ڪري ٿو، سندس کي ڪنهن سان به ڪابه شڪايت نه آهي پر جڏهن گهڻي اصرار کانپوءِ مون هن کان ڪجهه شڪايتون معلوم ڪرڻ جي ڪوششن ڪئي ته هن سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي سياستدانن جو نالو ورتو. هن پنهنجي دفتر مان ڪيترائي پنا ڪڍي مون ڏانهن وڌائي ڇڏيا. جنهن ۾ شهر جي اسٽريٽ لائيٽ لاءِ لکين روپين جي منظوري سان گڏ، هنري سکيا جي مرڪزن جو قيام نه ڄاڻ ڇا ڇا هو. …………
    هو اداس اکين سان مون ڏانهن ڏسي چئي ٿو…
    “قاضي صاحب! سرڪار طرفان هن شهر کي گهڻو ڪجهه مليل آهي پر سياست جي ور چڙهي ويو…” مان هن جي ڏک واري لهجي کي محسوس ڪندي، نيم آلين آکين ڏي ڏسندو رهان ٿو. جن ۾ هن سماج جي سياست لاءِ هزارين سوال ڪر کنيو بيٺا آهن.
    چپ ڪنهن نانگ جيان اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڦڻ ڦهلايو بيٺي آهي. پنهنجي ملڪي سياست بابت سوچيندي منهنجو ڪنڌ جهڪيل آهي. مان پنهنجي سوچ کي هڪ ڀيرو ٻيهر متحرڪ ڪري بابوُ ڏانهن ڏسان ٿو. هوءُ جيڪو بخاري جي هنن سٽن جيان آهي
    “ها! جڏهن ۽ جتي ديس جي دنگ تي،
    جوٽڻي جوٽجي،
    مونکي منهنجي قبر مان به ڪوٺي نجو،
    منهنجو نالو ، منهنجو نالو لکو.”
    ۽ پوءِ هن جو نالو لکندي منهنجي ذهن جي دريچن ۾ ٿر جو اهو شخص، مسڪين جهان خان کوسو جهاتيون پائڻ لڳي ٿو، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ٿر جي مسڪين ماروئڙن لاءِ جهدوجهد ڪندي گذاري.
    شال بابوُ اسلم فوجي وڏي ڄمار پائي سچ پچ ته اڄ جي دنيا کي اهڙي قسم جي ماڻهن جي سخت ضرورت آهي…آمين


    گوبند ۽ چندر جون يادون

    گوبند ۽ چندر جون يادون
    شهر ۾ توهان سان گڏ (مون ڏانهن اشارو) گوبند مالهيءَ جي ورسي ملهائيسين، گوبند اسان جي شهر جو اثاثو آهي، هن جو ادب ۾ ڪم آهي، مان هن جا ڪتاب پڙهيا ته ناهن پر پوءِ به هن سان اڻ ڏٺي محبت آهي، جنهن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. ان کانسواءِ ماسٽر چندر جو هڪ پروگرام به حاجي اختر خانزاده سان گڏجي ڪرايوسين، جنهن ۾ محترم سڪندر علي خشڪ صاحب ڊپٽي ڪمشنر شرڪت ڪئي هئي. ان پروگرام ۾ مونکي اجرڪ ڏنو ويو، جيڪو منهنجي لاءِ اعزاز آهي. شوق آهي ته شهر جي اهم ماڻهن لاءِ يادگار پروگرام ڪرائجن. خاص ڪري شهر جي محسن قاضي غلام علي تي ڪو پروگرام ڪرائجي، قاضي صاحب جي ياد ۾ نور محمد ڊگري ڪاليج جي هڪ ڪمپائونڊ تي قاضي صاحب جو نالو رکيو ويو آهي. جنهن لاءِ خوشي آهي.”


    ڪجهه سماجي خدمتون

    ڪجهه سماجي خدمتون
    “جڏهن 2010ع جي مها ٻوڏ آئي ته انهن ماڻهن اسان جي تمام گهڻي مدد ڪئي، خاص ڪري چاچو عبدالرحيم خانزاده، حاجي الاهي بخش بالادي، مير خان بالادي، غلام شبير ڏاهري، منور بالادي، ممتاز سومري ميندي مشين وارو، سليم رضا خانزاده، سندرداس ديوان، حاجي برڪت سهتو، مرحوم غلام نبي بالادي، ارشاد خانزاده واپڊا وارو، حاجي مقصود خانزاده، محمد اقبال خانزاده، محمد صديق خانزاده، منير احمد ڀرٽ، راشد خانزاده جنرل اسٽور وارو، ايس ڊي او واپڊا اعجاز احمد ڏيٿو، مامو غلام سرور سومرو، محمد هاشم سمون، مجتبى اڄڻ، راحت شڪيل خانزاده، حاجي مشتاق ميمڻ ميڊيڪل اسٽور وارو ۽ اصغر ڪولاچي هر وقت مدد لاءِ تيار هوندا آهن، انهن ماڻهن وٽ جڏهن به ڪم ڪار لاءِ ويندو آهيان ته انڪار ناهن ڪندا. سال 2010ع جي مها ٻوڏ ۾ پيارو خان نالي ڀريا تعلقي ۾ مختيارڪار هو، پنهنجي نالي جيان تمام گهڻو پيارو ۽ انسان دوست شخص جيڪو اڄ به ياد آهي.


    ڪجهه انسان دوست آفيسر

    ڪجهه انسان دوست آفيسر
    ڀريا تعلقي جو موجوده اسسٽنٽ ڪمشنر محمد سليم ميمڻ، جيڪو قرآن پاڪ جو حافظ به آهي، انساني روپ ۾ ملائڪ صفت انسان آهي. هو سجاول جي رهڻ وارو آهي. انساني خدمت ۾ هن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. هو عوام جي خدمت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪري ويٺو آهي، جنهن ڪري هن جي عظمت کي سلام پيش ڪجي ٿو. ان انسان دوست آفيسر کانسواءِ ضلعي نوشهري فيروز ۾ ايس.ايس.پي طور رهندڙ عرفان بلوچ جو ڪردار اسان وٽ غير معمولي هو، هن جي دور ۾ ڦر ۽ چوري ٿيل شيون ڀاڳين کي واپس مليون، بلوچ صاحب کانپوءِ ايس.ايس.پي جاويد جسڪاڻي هڪ زبردست قسم جو آفيسر هو، هڪ ڀيري سڌير اڄڻ جي بيڪري کي باهه لڳي وئي، تعلقي انتظاميه مان ڪير به ريسپانس نه ڏئي رهيو هو، مان جسڪاڻي صاحب ڏي ميسيج ڪيو، هن هڪ دم موٽ ڏني ڪجهه دير ۾ فائربرگيڊ جي گاڏي پهچي وئي، ڪو جاني نقصان نه ٿيو. البته سڌير جي سڄي بيڪري سڙي وئي.
    ايس.ايس.پي اقبال دارا به انسان دوست آفيسر هو، هن سان پڻ ملاقاتون رهيون. امن و امان جي حوالي سان ڏاڍو خبردار هو. پوليس آفيسرن ۾ ڊي.آءِ.جي سيد ذوالفقار علي شاه ذاتي طور مونکي سڃاڻيندو آهي، هو ڪافي سال عيد ڪارڊ به موڪليندو رهيو، جڏهن ته ڪجهه سال سينيٽ جي تڏهن جي چئرمين محمد ميان سومري صاحب به عيد ڪارڊ موڪليا، جيڪي اڄ به مون وٽ سنڀاليل آهن.”


    ٻئي يادون

    ٻئي يادون
    “خانزادن ۾ هڪ ٻيو زبردست انسان آهي، استاد عبدالعزيز، هي همراهه به مون وانگي سماجي ڪارڪن ئي آهي، ڏينهن رات عوام جي خدمت ۾ مصروف هن ڏانهن هڪ ڪريڊٽ وڃي ٿو ته جڏهن ٺاروشاه مان ريلوي جو جنڪشن ختم ڪيو ويو ته سائين ان جي بحاليءَ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. گهڻي لک پڙهه ڪيائين. اها هڪ شاندار جهدوجهد هئي جيڪا ڪامياب ته نه ٿي سگهي پر ٺاروشاه جي تاريخ ۾ هن همراهه جو ڪردار فراموش نه ٿو ڪري سگهجي”.
    “ٺاروشاه جو ٻهڳڻو شاعر ميجر ڊاڪٽر امداد سهتو، منهنجو ويجهو دوست آهي، کيس جي ان ڪري به تمام گهڻي عزت ڪندو آهيان جو سندس والد صاحب سائين عبدالرحمان سهتي وٽ مان پڙهيس. هي پنهنجي دور جا سچا انسان هئا، جن کي ساري اڄ به خوشيءَ جو احساس ٿئي ٿو.
    اسان جا ڪجهه مائٽ آهن جن کي ملڪ جي لقب سان سڃاتو ويندو آهي. جئين محمد اقبال ملڪ سروس وارو، ان جو ڀاءَ رئيس احمد ۽ بابوُ ذوالفقار، جن جي مَلڪ هجڻ جي باري ۾ تاريخ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته خبر پئي هنن جا وڏڙن کي هندستان ۾ اهو لقب مليو هو. سندن وڏن مان هڪ ملڪ فياض خان خانزاده هندستان ۾ مختيارڪار هو.”
    “برادري ۾ استاد عبدالحق خانزاده به نيڪ انسان آهي، جيڪو هڪ بهترين نعت خوان به آهي. باقي دوستن ۾ ڪجهه هن دنيا ۾ ناهن رهيا جيئن منهنجو سنگتي اصغر ڏاهري جيڪو صحافت ڪندو هو، غلام شبير سومرو ڪاوش جو رپورٽر هو ڪڏهن ڪڏهن گهڻو ياد ايندا آهن، بس اسان کي به هڪ ڏينهن ان پار وڃڻو آهي.”


    منهنجا دوست

    منهنجا دوست
    هن جي دوستن ۾ محمد افضل خانزاده، جنهن جو شاهي بازار ۾ ڪپڙي جو دوڪان آهي ۽ ناظم خانزاده به شامل آهن. جڏهن ته هن جو هاڻي ويجهو ساٿي ايڊوڪيٽ ممتاز ڪلهوڙو جو جيڪو شهر مان ڪائونسلر به چونڊيل آهي، بابوُ صاحب ٻڌائي ٿو ته: “شهر جي هر ڳليءَ ۾ ممتاز سان گڏ هن کي سماجي ڪم ڪندي 11 مهينا ٿي ويا آهن، ممتاز ڪلهوڙو مونکي سڃاڻي ٿو ته مان ڪهڙي طبيعت جو شخص آهيان! ممتاز پاڻ به محنتي جوان آهي، هن وٽ شهر لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو آهي ۽ هو گڏ ڪم ڪن پيا.”
    ٺاروشاه ۾ پروفيسر روشن علي جلباڻيءَ سان سٺي ڏيٺ ويٺ آهي, هو منهنجو گهڻو خيال ڪندو آهي. ڊاڪٽر منور الدين سهتي ۽ ان جي پٽن مظفر علي ۽ مدثر علي سان به ڄڻ دوستي آهي. هو به منهنجا محسن آهن.
    ابڙن ۾ غلام مصطفى ابڙي سان گهڻي سنگت آهي، سندس والد صاحب مينهل خان جو شاهي بازار ۾ دوڪان هو ۽ هو انسان دوست شخص هو.
    شهر ۾ موجود قريشي برادري ۾ محمد حسين، عبدالغفور، سهيل احمد، قمر احمد، شاهد، صديق، شريف رياض فروٽ واري سان سنگت آهي. هو منهنجي آئي ويل مدد ڪن ٿا.


    مرشد سان بدتميزي

    مرشد سان بدتميزي
    بابوُ صاحب ٻڌائي ٿو ته “مرشد جو شاهي بازار ۾ دوڪان هو، جتي ڪجهه پوليس وارن هن سان بدتميزي ڪئي، جڏهن شهرين کي ان واقعي جي خبر پئي ته ڪجهه منٽن اندر سڄو شهر بند ٿي ويو، شهري ٿاڻي جي اڳيان گڏ ٿي ويا. اها خبر جڏهن مرشد سائين عبدالجليل کي پئي ته هو ٿاڻي تي ڪهي آيو ۽ ماڻهن کي احتجاج ختم ڪرڻ جو چيو ۽ بدتميزي ڪندڙ پوليس وارن کي معاف ڪري ڇڏيائين.”
    بابوُ صاحب جي يادن ۾ عزيز عمراڻي ۽ علي شير عمراڻي محفوظ آهن، جيڪي نور محل سئنيما تي آپريٽر هئا.
    هن جي دوستن ۾ سال 2016ع ۾ چونڊيل ڪائونسلر محمد جڙيل منگي به شامل آهي. جيڪو بقول هن جي عيد ميلا النبي ۽ ٻين مذهبي پروگرامن ۾ گهڻو ڪم ڪار ڪندو رهي ٿو. ٽائون ڪاميٽي ڀرسان لڳل ٽاور جنهن تي الله سائين جا نالا اڪريل آهن، اهي جڙيل منگيءَ صاحب جي ڪري قائم ٿيو.
    ملڪ برادري ۾ آفتاب ملڪ، محمد ابراهيم پوسٽ ماسٽر، ڊاڪٽر نديم هن جا دوست آهن.
    کوکرن ۾ غلام حسين کوکر، محمد پريل، شبير ۽ حاجي عمر سان به سٺي سنگت اٿس.
    “ڪيرين ۾ پي.ٽي.سي.ايل جو اڳوڻو ايس.ڊي.او علي شير ڪيريو صاحب، هن جا ڀائر سهيل، خادم ۽ جلال منهنجي ڀائرن جيان آهن، جڏهن ته انهن جي مائٽن جنيد عمراڻي ۽ ذوالفقار عمراڻي سان به چڱي دعا سلام آهي.”
    “بڙدين ۾ غلام مصطفى، ممتاز ۽ محمد مٺل سان سٺي واقفيت آهي. ڏک سک جا حال ڀائي آهيون. جڏهن ته راولن ۾ محمد اشرف جيڪو هاڻي هتان لڏي ويو، منهنجو گهاٽو يار هو. هري پور ۾ ويٺل عباسي برادري مان تاج محمد، عبدالغفار سنگتي آهن.” مونکي پنهنجي دوست ديوان سنگت لال تي به فخر آهي، جيڪو هر گهڙي مون مسڪين جي مدد لاءِ تيار هوندو آهي. ساڳي وقت ٺاروشاه جي ڊاڪٽر ساجن داس جو ذڪر ڪرڻ به لازمي آهي، هو مسيحا سان گڏ هڪ بهترين انسان پڻ آهي.
    “سکر ۾ منهنجا دوست عبدالڪريم ۽ شهزادو ڀيو، ايس.ڊي.او خليل احمد، امام الدين، علي حيدر پي.ڊي.سي وارا آهن، سيارو هجي يا اونهارو جڏهن به بجليءَ جو شيڊول طئي ڪن ته مون سان مشورو ضرور ڪندا آهن.” اخبار جو هاڪر محمد علي سومرو ۽ محمد رفيق سومرو به هن جي دوستن ۾ شامل آهن.


    ڊرينج سسٽم ۽ مس مئنجمنٽ

    ڊرينج سسٽم ۽ مس مئنجمنٽ
    “هڪ اهم ڳالهه ته شهر ۾ ڪجهه مس مئنجمنٽ ڪري شهرين جي ڪروڙين روپين جي ملڪيت تباهه ٿي وئي، اها هيئن جو روڊن مٿان روڊ ٺاهيا ويا، جنهن ڪري گهر هيٺ ٿي ويا. ٻيو ته اسان جي شهر جو ڊريينج سسٽم جيڪو ڀورٽي باءِ پاس تي جنهن کي سرڪل روڊ به چئبو آهي تي آهي، هيءَ ناقص رٿابندي هئي، جنهن ڪري شهر وارا ان عذاب ۾ اڃا به مبتلا آهن، بهتر هو ته اهو سسٽم شاخ تي الجليل اسڪول ڀرسان جيڪي باغ آهن، اتي ٺهڻ گهرجي ها، هاڻي توهان پاڻ ڏسو شهر جي پراڻي يو.بي.ايل کان گندو پاڻي شروع ٿي ڊاڪٽر چني جي گهٽي کان ٿيندو وڏيري عبدالحق ڀرٽ جي بنگلي کان ٿي باءِ پاس تي پهچي ٿو، ان جي وچ ۾ وڏا مسئلا آهن، خير شهر جي پاڻي نڪاسيءَ جي ٻيهر رٿابندي ٿيڻ گهرجي، نه ته شهر واسي ان عذاب ۾ مبتلا ٿيندا رهندا. ٺاروشاه جي آبادي به تيزي سان وڌي رهي آهي، ڪڏهن شهر 5 وارڊن تي ٻڌل هو، هاڻي اهو 8 وارڊن ۾ ڦهلجي ويو آهي.”


    پسند ناپسند

    پسند ناپسند
    بابوُ صاحب جسم جو ڪمزور آهي، ان جو هڪ سبب هيءُ به آهي ته هو گهڻي سموڪنگ ڪري ٿو، جڏهن ته کائڻ پيئڻ جي معاملي ۾ ڪجهه سست آهي، ان باوجود چٽڻي، ڪوفته، مڇي ۽ ٻاڪرو گوشت هن جا پسنديده کاڌا آهن، جڏهن ته موجوده برائلر ڪڪڙ هن کي نه ٿي وڻي؛ برائلر کانسواءَ هو سختي سان ديڳ جي کاڌي جو احتياط ڪري ٿو، هو ٻڌائي ٿو ته: “ڪجهه دعوتون اهڙيون هيون جن ۾ ميزبانن تمام گهڻو زور ڏنو ته مان هڪ گرهه ئي کاوان پر معذرت ڪيم، جنهن جو وڏو سبب منهنجي ڳلي جو انفڪيشن آهي، جنهن جو هڪ آپريشن 1978ع ۾ ٿيو هو، ان آپريشن جو يادون به بابوُ صاحب صاحب وٽ محفوظ آهن، هو ٻڌائي ٿو ته آپريشن کان اڳ هو بيڊ تي ڪتاب ‘موت جو منظر’ پڙهندو رهيو. جڏهن هن کي ٿيٽر ۾ نيو ويو ته ڊاڪٽر پرويز ۽ ڊاڪٽر حميره هن ڏانهن نهاري چيو “توهان ڊڄو ته نه ٿا؟” جنهن تي هن جواب ڏنو، “نه اهڙي ڳالهه ناهي!” جنهن کانپوءِ هو بيهوش ٿي ويو. صبح جو هوش آيو ته مائٽ به پهچي ويا هئا. هن سڀني کي سلام ڪيو ۽ محسوس ڪرايو ته ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه هجي، هو ٻڌائي ٿو ته ان آپريشن ۾ ڊاڪٽر محمد عاقل، جيڪو سندس پاڙيسري نظر مستري جو پٽ آهي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ رهي ٿو گهڻي مدد ڪئي.


    پسنديده گل

    پسنديده گل
    گلن ۾ هن کي چنبيلي جو گل تمام گهڻو پسند آهي، هو ٻڌائي ٿو ته “ڪو زمانو هو جو هاءِ اسڪول جي بيڪ ۾ اهي گل گهڻي تعداد ۾ ٿيندا هئا، جنهن ڪري سڄو هاءِ اسڪول، چنبيلي جي گلن سان واسيل هوندو هو. هن جي ساروڻين ۾ نيپال جو اهو گورکو همراهه به شامل آهي، جيڪو صبح جو سوير سائيڪل تي چڙهي شهر وارن کي مفت ۾ گل ڏيندو هو. “هو ڊاڪ بنگلي ۾ رهندو هو، گلن سان گڏ نم جا ڏندڻ به ورهائيندو هو، تمام بهترين انسان هو ۽ هڪ ڏينهن گذاري ويو.” هن جي بقول ته فوج ۾ رهڻ دوران ٿڌن علائقن ۾ هن کي گهڻائي گل نظر آيا پر جهڙو مزو چنبيلي ۾ آهي ٻئي ۾ ڪٿي؟


    پسنديده لباس

    پسنديده لباس
    لباس ۾ هن کي سلوار قميص پسند آهي، مٿي تي چترالي يا گلگتي ٽوپي پائي، پوءِ سيارو هجي يا اونهارو هن کي موسم جي پرواهه ناهي هوندي، سياري ۾ هڪ فوجي ڪوٽ هوندو اٿس ۽ پوءِ ٺاروشاه جو گهٽيون گهمڻ هن جو پسنديده مشغلو آهي!


    پسنديده رنگ

    پسنديده رنگ
    رنگن ۾ هن کي آسماني، سفيد، گلابي ۽ مليشيائي ڪلر پسند آهن، جيڪي هو شوق سان پهري ٿو.


    پسنديده وقت

    پسنديده وقت
    وقت ۾ هن کي فجر جي نماز کانپوءِ جو منظر دلفريب لڳي ٿو. هو چئي ٿو ته: “اهڙي سمي ۾ سڄي خدائي توهانجي سامهون هوندي آهي!”
    موسم ۾سيارو وڻندو اٿس، جنهن جو سبب فوج جي نوڪري دوران گهڻو عرصو ڪشمير ۽ اترين علائقن ۾ رهڻ آهي. “گرمي گهڻو بيزار ڪري ٿي. دل چوندي آهي ته ٻارهن مهينا ئي سردي هجي!”


    پسنديده ماڻهو

    پسنديده ماڻهو
    ماڻهن ۾ هن کي اهي انسان پسند آهن، جيڪي پنهنجي ڪم سان ڪم رکندا هجن، خاص ڪري اهي انسان جيڪي ٻين جي باري ۾ برو نه ٿا سوچن ۽ ٻن کي خوش ڏسي پاڻ به خوش ٿين ٿا. بابوُ صاحب جي بقول ته هن جي والد صاحب جي به اها هدايت هئي ته سدائين سٺن ماڻهن جي صحبت ۾ رهڻ گهرجي


    اي خدا! اسان کي معاف فرماءِ

    اي خدا! اسان کي معاف فرماءِ
    بابوُ صاحب، ڪڏهن ته مايوس به ٿيو وڃي پر اها عارضي هوندي آهي. هو وري جوانن وانگي ميدان ۾ ڪڏي پوي ٿو. مايوسي جي حالت ۾ هن کي ايران جو اڳواڻ آيت الله خميني ياد اچيو وڃي، جنهن لاءِ هن جو چوڻ آهي ته هن ملڪ کي به اهڙن اڳواڻن جي ضرورت آهي جيڪي ملڪ مان گند کي صاف ڪن، هن ڳالهين ۾ اقبال جو هڪ شعر به ٻڌايو:
    منفعت ايڪ هئي اس قوم ڪي، نقصان بهي ايڪ،
    ايڪ هي سب ڪا نبي دين بهي، ايمان بهي، ايڪ،
    حرم پاڪ بهي، الله بي، قرآن بهي ايڪ قرآن بهي ايڪ،
    ڪچهه بڙي بات ٿي، هوتي جو مسلمان بي ايڪ.
    انٽرويو ٽائيپ پروفائيل جي آخر ۾ هن جون اکيون آليون ٿي ويون، بس منهنجي ملڪ پاڪستان ۽ منهنجي سنڌ کي خدا سلامت رکي. هو هٿ مٿي کڻي ٻاڏائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳو “اسان ڏاڍا ڏک ڏٺا آهن، گنگهار آهيون، غلطيون به ٿيون آهن، اي منهنجا رب، پنهنجي پيارن جي صدقي اسان جا مڙئي گناهه معاف ۽ هن قوم ۽ ملڪ تي رحم فرماءِ!_____آمين.


    بابوُ صاحب جي شخصيت بابت تاثر

    ٺاروشاه جو سپوت بابوُ اسلم فوجي خانزاده

    ٺاروشاه جو سپوت بابوُ اسلم فوجي خانزاده

    هڪ سماجي ڪارڪن جي زميداري آهي ته هو قومي يڪجهتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ان سلسلي ۾ لساني، علائقائي مصييبتن خلاف جهاد ڪري، ملڪ دشمن عناصرن جو پيدا ڪيل غلط فهميون دور ڪري. جيئن ملڪ جي جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن جو ڀرپور نموني دفاع ڪري سگهجي. اهڙي ئي جذبي سان سرشار ٺاروشاه جو سپوت بابوُ اسلم فوجي خانزاده پنهنجي جوانيءَ جو ڳچ حصو وطن جي پروانن جيان فوج کي ڏنو،عسڪري ضرورتن مطابق پنهنجو پاڻ کي جوٽي رکيو. هو جڏهن رٽائرمنٽ وٺي ڳوٺ آيو تڏهن شهر ۾ چورن جو راڄ عروج تي هو، جنهن سبب بابوُ اسلم پنهنجي راتين جي ننڊ کي الوداع ڪندي هٿن ۾ بندوق سنڀالي بازار جي رکوالي شروع ڪري ڏني.
    سندس جي اندر ۾ پنهنجي شهر لاءِ اهوئي جذبو هو جيڪو سرحدن جي حفاظت لاءِ هو. آخر ننڊ قربان ڪرڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ شهرين جي جان ۽ مال محفوظ ٿيا. کيس شهر ۾ بابوُ صاحب جو لقب ملڻ شروع ٿيو.
    بابوُ اسلم جنهن جو تعلق خانزاده برادري سان آهي پر هر ذات برادري ۾ سندس فلاحي ڪمن جو ذڪر مثالي آهي. انسانيت سان خدمت جي جذبي ۾ هن رٽائرمنٽ کانپوءِ پونجي به هٿ جي مير جيان لٽائي ڇڏي ۽ غريبن جي ذاتي مسئلن جي حل لاء کي زندگيءَ جي اولين ترجيح رکيو آهي.
    هن جي طبيعت انتهائي ملڻسار ۽ سادي آهي، نماز جو پابند ۽ وقت جو قدردان انسان آهي. زندگيءَ جو ڳپل حصو دوستن ۽ غريبن جي فلاح و بهبود جي جهدوجهد ۾ ۾ گذارڻ انهيءَ ڳالهه جو دليل ۽ گواهه آهي ته هو هڪ سماجي ڪارڪن هئڻ سان گڏ هڪ شفيق رفيق انسان به آهي.
    هن هميشه شهرين جي بي شمار مسئلن_ نادرا، انتظاميه، پوليس ۽ ٻين امدادي ڪمن ۾ جن ۾ بيواه عورتن جي مدد، بينظير انڪم سپورٽ کان بيت المال ۽ ذڪوات جو حصول تائين بنا امتياز ۽ لالچ، جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جنهن سبب غريب طبقو هن کي پنهنجي سماجي رهنما سمجهي ٿو.
    ضلع انتظاميه ۽ سياسي اڳواڻ سندس ڪاوشن جو قدر ڪندڙ آهن. بابوُ اسلم فوجي جي خدمتن کي ڏسي علامه اقبال جو هي شعر ياد اچي ٿو.
    نه تو زمين ڪي لئي، نه آسمان ڪي لئي،
    جهان هئي تيري لئي، نه تو جهان ڪي لئي.

    ميجر ڊاڪٽر امداد سهتو/ٺاروشاه


    ٺاروشاهه جو ‘بابوُ صاحب’

    ٺاروشاهه جو ‘بابوُ صاحب’


    ڪجهه ڏينهن اڳ دوست علي رضا قاضي فون ڪري ٻڌايو ته هو شهر جي سماجي ورڪر بابوُ اسلم فوجي خانزاده جي سماجي ڪم تي هڪ ڪتاب آڻي پيو، جنهن لاءِ هن کي هڪ مضمون گهرجي. اسسٽنٽ ڪمشنر پلس تعلقه ائڊمنسٽريٽر جي جي جاب ۾ اهڙي واندڪائي ڪٿي جو ٻه اکر لکي سگهجن. ها، اهي ڏينهن هئا جنهن ۾ ادبي سرگرميون ڪندا هئاسين، خير هڪ ته دوست جو مسلسل اسرار ٻيو بابوُ صاحب جي شخصيت کي ڏسي ڪجهه لفظ لکي ورتا آهن، جيڪي ضرور تاريخ جو حصو بڻجندا. هونءَ به دنيا جي تاريخ اهڙن ماڻهن جي خدمتن سان ڀري پئي آهي، جن پاڻ کي انسانن جي خدمت لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، مدر ٽريسا هجي يا عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي هجي يا مسڪين جهان خان کوسو، هي اهي ماڻهو آهن، جن انسانذات جي خدمت کي پنهنجي منزل بڻايو ۽ ڪامياب ويا.
    ساهتي پرڳڻي جي شـﮬـر ٺاروشاهه جو اتـﮬـاس به اهڙن ئي انسانن جي ڪارنامن سان ڀرپور آهي. هن ئي شـﮬـر جو هڪ اهڙو ماڻهو جيڪو مجبور ڪري ٿو ته هن جي حياتي ۾ ئي سندس کي خراج پيش ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٺاروشاهه جو هي عاشق اسان کي هر گلي، هر موڙ، هر بازار ۾ انسانيت جي خدمت جو استعارو معلوم ٿئي ٿو.
    شهر جي خانزاده برادري سان تعلق رکندڙ بابوُ اسلم فوجي، پنـﮬـنجي طبيعت ۾ ايترو ته اعلى آدرشن وارو ماڻهو آهي جنـﮬـن وٽ ماڻهن وچ ۾ فرق ڪرڻ لاءِ ڪوبه پيمانو نه آهي. بس هن جو دين ۽ ايمان انسانيت ئي آهي. هو بنا ڪنـﮬـن تعريف ۽ تنقيد شـﮬـر واسين جي خدمت کي پنـﮬـنجي ايمان جو جز سمجهي ٿو. تتي هجي يا ٿڌي هن جي ڪاهه رڪجڻ جو نالو نه ٿي وٺي. هن جي لاءِ مون وٽ ڪيتريون ئي خوشگوار يادگيريون آهن، جيئن گذريل رمضان جي عيد واري رات هئي، جنهن ۾ مان دير سان صفائي جي سلسلي ۾ نگراني ڪرڻ لاءِ ٺاروشاه جي وزٽ ڪئي، رات ڪافي گذري چڪي هئي صفائي ڪندي ڪافي ملازم نظر آيا، انهن ۾ شهر جو مشهور سماجي ورڪر بابوُ اسلم فوجي به موجود هو، جيتوڻيڪ هن وٽ سرڪاري يا خانگي طور ڪوبه عهدو ناهي پر هو ڏينهن رات پنهنجي شهر لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو، هن وٽ ڪي ذريعا به ناهن بس “همٿ ِ مردان، مدد ِ خدا.” جي جذبي هيٺ ڪم ڪري پيو.
    بيشڪ اهي سڀ ننڍا ڪم آهن، جن جي ظاهري طور ڀلي ڪابه اهميت نه هجي پر انسانيت جي نقطه نگاه کان اهي سڀ ڪم پنـﮬـنجي عظمتن ۾ انتـﮬـائي وڏا ۽ شاندار آهن. شال رب تعالى، بابوُ اسلم فوجي کي انسانيت جي خدمت ۾ اڃا به اڳڀرو ڪري، هن جي تقليد ۾ سماج جا ٻيا ماڻهو به اڳتي اچن. بس هو ٺاروشاهه واسين جو بابوُ صاحب آهي، جنـﮬـن جو نالو سماج ۾ امن جي علامت بڻجي ويو آهي.
    بابوُ صاحب لاءِ مون وٽ نيڪ تمنائون ۽ دعائون آهن ته هو هر گهڙي غريبن جي مدد ڪندو رهي، جيڪو دنيا جو اعلى ڪمن مان هڪ آهي______آمين

    محمد سليم ميمڻ
    اسسٽنٽ ڪمشنر/ ائڊمنسٽريٽر تعلقه ڀريا













    مان، علي رضا قاضي ۽ بابوُ اسلم فوجي!

    مان، علي رضا قاضي ۽ بابوُ اسلم فوجي!

    ڪنهن دوست ٻڌايو ته علي رضا قاضي، شهر جي نامياري سماجي ڪارڪن بابوُ اسلم فوجي خانزاده تي ڪتاب لکي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته مان بابوُ صاحب جو ننڍي لاءِ جو دوست آهيان ان ڪري هن جي خواهش آهي ته سندس زندگيءَ تي ڪجهه لکي ڏيان.
    ان کان اڳ جو مان بابوُ صاحب جي حياتي بابت ڪجهه احوال لکان، پهرين اهو ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته علي رضا قاضي ۽ راقم تقريبن ساڳي ڳوٺ جا رهواسي آهيون. هن سان هڪ ٻيو رشتو اهو به اها ته سندس والد صاحب سائين دين محمد سهتو منهنجو استاد رهيو آهي. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن مان غلام محمد پهنور هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هئس، سائين ان اسڪول جو هيڊ ماستر هو.
    ان کانسواءِ قاضي صاحب جو تعارف سندس چاچو ناميارو صحافي عمرالدين بيدار آهي، بيدار صاحب لاءِ منهنجو دوست فقير مرحوم الهڏنو موريو چوندو هو ته “اسان جڏهن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ سرگرم هئاسين ته اسان کي سياست جا گر پيچ عمرالدين بيدار سيکاريندو هو. هو تڏهن حيدرآباد جي ڪنهن سنڌي اخبار ۾ اڊيٽر هو، اسان هتان سيڙجي ان سان ملڻ ويندا هئاسين. هن اسان کي گهڻو سيکاريو.”
    منهنجي هن قلمڪار دوست جو ٽيون تعارف سندس چاچو فقير عبدالرحمان آهي، دليپوٽا جي درگاهه تان هن کي روحاني فيض ورثي ۾ مليل آهي. مٿي لکي آيو آهيان ته قاضي صاحب سان گهڻا ئي روحاني رشتا آهن ۽ ساڳي وقت اسان ڄڻ هڪ ئي ڳوٺ جا رهواسي آهيون ۽ هاڻي ته بلڪل ساڳي شهر مطلب ۾ ٺاروشاه ۾ رهون پيا. جتي ڀلا ملي نه ٿا سگهون ته به صبح جو ڊيوٽي تي ويندي هڪ ٻي ڏي نهاري روحاني آسيس حاصل ڪيون ٿا.
    قاضي صاحب، بنيادي طور لکڻ پڙهڻ جي جهان جو ماڻهو آهي، هن جو پهريون ڪتاب اسان جي تر جي نامياري شخصيت ڊاڪٽر رانجهن پهنور جي زندگيءَ بابت مختلف ماڻهن جي لکيل خاڪن تي ٻڌل هو جيڪو ‘ساهتي جو اڻملهه هيرو’ نالي سان ڇپيو، ٻيو ڪتاب ساهتيءَ جي قديم شهر ٺاروشاه جي تاريخ تي هو جيڪو ‘ٺاروشاه 9 ڪلوميٽر’ جي عنوان هيٺ مارڪيٽ ۾ آيو، سندس جو ٽيون ڪتاب جيڪو ڪهاڻين تي ٻڌل آهي ‘معذرت سان’ جي ٽائيٽل هيٺ ويجهر ۾ ئي ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. خير اهو ته هن جو علمي پورهيو آهي، جيڪو ماڻهن ۾ به ساڀ پيو، اسان به خوش آهيون ته اسان جو هي دوست علمي حوالي سان پنهنجن وڏن جي ورثي کي سنڀاليون پيو اچي.
    بابوُ صاحب جي حوالي سان هن جنهن ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، ڪجهه ڏکيو ضرور آهي، ڇاڪاڻ ته هن معاملي ۾ سندس کي هڪڙي ئي وقت ٻه جنگيون وڙهڻيون پونديون، اها حقيقت ته علم ۽ فضل جي حوالي سان اسان جو سماج ڪو ايڏو ترقيءَ ۾ نه آهي، جو هن جي وڏي پئماني تي همٿ افزائي ٿي سگهي، ٻيو ته هڪ تلخ حقيقت ته هو هڪ غريب ماڻهو تي ڪتاب لکي رهيو آهي ۽ اسان جهڙن معاشرن ۾ غريبن جي ڪا حيثيت ناهي هوندي، ممڪن آهي غريب سان همدردي ۾ هن سان دشمني به پيدا ٿي پئي! خير اهو آدرشي ڪم آهي جيڪو هر حالت ۾ ڪرڻ گهرجي. جي ته مان ٻن جنگين جي ڳالهه پيو ڪريان ته هڪ پاسي هن کي ڪتاب لکي پورو ڪرڻو آهي ته ٻئي پاسي سندس کي هڙان وڙان ان جي ڇپائي جو بندوبست به پاڻ ڪرڻو پوندو. لکڻ ۾ ته منهنجو هيءُ دوست ڪشاده دل آهي ڏسون کيسي جي معاملي ۾ ڪيترو اڳتي هلي ٿو، خير سندس لاءِ نيڪ تمنائون ۽ دعائون آهن ته رب تعالى کيس ڪامياب ڪري.

    بابوُ اسلم فوجي:
    بابوُ محمد اسلم فوجي خانزاده، ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي، ائين سمجهو ته هن شهر مٿان خدا جي رحمت جو نالو آهي، منهنجو دوست آهي، ان ڪري سندس سان ڀوڳن جو رستو به آهي ان ڪري چوندو آهيانس ته تون هن شهر جو اهڙو چوڪيدار آهين جيڪو بنا پگهار جي ڪم ڪندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي هو مسڪرائي ڏيندو آهي. ڪنهن شاعر جي بقول ته:
    پنهنجي زندگي رهي،
    ٽٽل شيشي جي ٽڪرن جيان.
    منهنجي بابوُ صاحب سان تعلق کي 40 سال ٿيڻ تي آهن، ها اهو ڪالهوڪو ڏينهن ئي ته جڏهن هن سان گڏ ٺاروشاه هاءِ اسڪول جي ابتدائي ڪلاسن ۾ گڏ ويهندو هئس.
    نصف صدي ڪا قصا هئي، دو چار برس ڪي بات نهين.
    بابوُ اسلم، ذات جو خانزاده آهي، هن جي مادري زبان ته اردو آهي، پر سنڌي اهڙي ته صاف ڳالهائي ٿو جو اسان به حيران ٿي ويندا آهيون، هن سان اڌ صدي جي تعلق ۾ ڪڏهن به نااتفاقي پيدا نه ٿي، جنهن جو سبب بي غرض دوستي آهي.
    مئٽرڪ پاس ڪري منهنجو هي دوست فوج ۾ هليو ويو، مان استاد جي پيشي کي اختيار ڪيو، وقت جا فاصلا اسان وچ م ڪڏهن به حائل نه ٿيا دعا آهي ته مرڻ گهڙي تائين اهي محبتون قائم هجن__آمين
    بابوُ اسلم کي شاگردي جي زماني کان انسانيت جي خدمت ڪرڻ جو چاهه هو، فوج ۾ وڃڻ ۽ رٽائر ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي ڪل موڙي شهر ۾ هڪ ڪاروبار ۾ لڳائي، پر اهو ڪاروبار ڪهڙو هلڻو هو، هڪ سماجي خدمتگار ڀلا ڪهڙا ڪاروبار ڪري سگهندو!؟
    شاهي بازار جي مهڙ ۾ مشروبات ۽ صابڻ جي ايجنسي کوليائين، جيڪا به ڪجهه ڏينهن ۾ خدمت خلق ۾ ختم ٿي وئي، پر بابوُ صاحب کي ان تي ڪڏهن ندامت نه ٿي، هن کي فخر آهي ته پاڻ هڪ اهڙي ڪم جي چونڊ ڪئي اٿائين جنهن ۾ دل کي سڪون آهي.
    اسلم خانزاده، ڇاڪاڻ ته سماجي خدمتن کانسواءِ تنظيم ڪاري جو ماڻهو به آهي، ڇاڪاڻ ته ڪافي سال فوج ۾ رهڻ ڪري هن جي زندگيءَ ۾ نظم ۽ ضبط موجود آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هن شهر ۾ ‘المدد دوڪاندار ويلفيئر ايسوسيئشن’ جو قيام عمل ۾ آندو. ڪجهه ڏينهن ۾ ڪجهه ناعاقبت انديش ماڻهن تنظيم جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي، پوءِ بابوُ صاحب ان نتيجي تي پهتو ته هن سماج ۾ اڪيلي سر جهاد ڪرڻو آهي ۽ پوءِ هو اڪيلو ئي جنگ وڙهي پيو. صبح هجي يا شام يا آڌي رات توهان هن کي سڏ ڪيو، توهان کي سڏ ۾ سڏ ڏيندو. پوءِ پوليس جي ڏاڍاين خلاف احتجاج هجي يا واپڊا جي روايتي ڪوتاهين خلاف يا معاشري ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ڏاڍ خلاف، ٺاروشاه ۾ بابوُ صاحب توهان کي هر ناانصافيءَ خلاف اڳيان اڳيان نظر ايندو. هن وٽ درخواستن جا ڍير آهن، جيڪي وقفي وقفي سان اعلى حڪام ڏي پيو موڪليندو آهي.
    واڪا ڪرڻ مون وس، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!
    بس پوءِ ان رستي ۾ ڪڏهن ڏکيائون به ڏسي ٿو، ڪڏهن ڪا مثب موٽ مليس ته ڪڏهن جواب نه به مليس. استاد بخاريءَ جي چواڻي:
    تون مڃي، مڃي نه مهربان، مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.
    شهر جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ وڃو توهان کي بابوُ صاحب نظر ايندو. هن جو مثال ان مالهيءَ جيان آهي ته جنهن جو ڪم پنهنجي باغ جي سيوا ڪرڻ هوندي آهي، شهر ۾ ڪوبه سياسي، سماجي، مذهبي پروگرام هجي، بابوُ صاحب هميشه خدمت م بنا ڪنهن سياسي، سماجي ۽ مذهبي تعصب جي اڳيان اڳيان نظر ايندو. هو خلق جي خدمت ۾ ايڏو ته محوِ ٿي ويندو آهي جو گهر جي ياد به نه ايندي اٿس. هي دوست گهران خرچ ڪري به شهر کي صاف سٿرو ڏسڻ جي تمنا رکي ٿو. هو هڪ اهڙي معاشري ۾ جئي پيو جتي اسان جي اڪثريت صرف پنهنجي گهر کي زميداي سمجهندا آهيون، گهٽيون ٻين جون آهن، جو معاملو اسان وٽ آهي، پر ان جي ابتڙ بابوُ صاحب اسان جي گهٽين جي سار لهي ٿو جنهن تي کيس جس هجي. پر معاملو هي آهي جو ان لاءِ جيسين اڪثريت همٿ نه ڪندي تيسين ڪجهه نه ٿي سگهندو، بابوُ صاحب اڪيلي سر گهڻي ڪوشش ته ڪري ٿو پر نتيجا ڪي ايترا سٺا ناهن، ان جاءِ تي جيڪڏهن هر ماڻهو بابوُ صاحب جيان زميداري جو مظاهرو ڪري ته جيڪر اسان جو هي شهر ٺاروشاه جنت مثل ٿي وڃي.
    بس بابوُ صاحب، مون سميت هر ان ماڻهو جو دوست آهي، جيڪو حق جي ڳالهه ڪري ٿو، شاد جلباڻي جي هن شعر سان پنهنجي مضمون جي پڄاڻي ڪريان ٿو ته:
    ڪڏهن بيمار رهبو آ، ڪڏهن خوش به رهبو آ،
    ڪڏهن پيارن دلي يارن، ڪڏهن دشمن سان به کلبو آ،
    نه هل تڪڙو، نه پاءِ ڊوڙون، ڏکي منزل سکي ٿيندي،
    وٺي سڪ جو سبق سهڻا، چڱي ڪنهن واٽ چلبو آ.

    استاد محمد ملوڪ مستوئي/ٺاروشاه








    منهنجو شهر ٺاروشاه ۽ بابوُ صاحب

    منهنجو شهر ٺاروشاه ۽ بابوُ صاحب

    ٺاروشاه منهنجو شهر آهي، منهنجو ٻاروتڻ هن شهر ۾ گذريو، هن شهر ۾ پڙهي محنت ڪري موجوده منزل تي پهتي آهيان، جنهن ڪري سدائين پنهنجي مٿان ٺاروشاه جو قرض محسوس ڪيو اٿم.
    بابوُ محمد اسلم فوجي خانزاده کي ذاتي طور ته نه سڃاڻان، باقي سدائين منهنجو ڪزن علي رضا قاضي هن جو ذڪر ڪندو رهندو آهي، جنهن جي ڪري هن جي شخصيت جي ڪافي پاسن کان خبروار به رهي آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ قاضي صاحب فون ڪري چيو ته بابوُ صاحب تي هڪ تاثر لکي ڏيو، سوچ ۾ پئجي ويس ته بابوُ صاحب تي ڇا لکان! جنهن کانپوءِ قاضيءَ صاحب جا ٺاروشاه جي هن سماجي شخصيت تي لکيل مضمون گهرائي ورتا، خاص ڪري هن جو تفصيلي انٽرويو ٽائيپ سوانح عمري، ان مواد کي پڙهي سچ ته حيرت ٿي ته اسان جي شهر ۾ بابوُ صاحب جهڙا خدمتگار رهن ٿا، جيڪي بنا ڪنهن رنگ نسل، مذهب جي فرق ماڻهن جي خدمت پنهنجو فرض سمجهن ٿا.
    بيشڪ بابوُ صاحب جو هن پرڳڻي ۽ شهر لاءِ خدمتون لازوال ۽ بي مثل آهن، جنهن جو اجر هن کي رب سائين ڏيندو مان هن لاءِ دعاڳو آهيان ۽ ساڳي وقت قاضي صاحب لاءِ نيڪ تمنائون جنهن ٺاروشاه جي هن لڪل هيري کي منظرعام تي آندو ۽ ماڻهن کي ٻڌايو ته عوام جي خدمت ئي عين عبادت آهي.


    (ڊاڪٽر) نصرت سهتو
    اسسٽنٽ ڊائرڪٽر پرائيويٽ اسڪولس
    حيدرآباد ريجن













    بابوُ صاحب، منهنجو دوست

    بابوُ صاحب، منهنجو دوست

    بابوُ اسلم فوجيءَ سان دوستيءَ کي 15 سال ٿيڻ وارا آهن، انهن سالن ۾ زندگيءَ جا ڪئي لاها چاڙها آيا، ڪجهه وڃايوسين، گهڻو حاصل به ٿيو، جڏهن پنهنجي ماضيءَ تي نظر ڊوڙايان ٿو ته گهڻو ڪجهه خوبصورت ملي ٿو، انهن سهڻاين مان منهنجو دوست بابوُ صاحب به هڪ آهي.
    بابوُ صاحب سان تڏهن واسطو ٿيو جڏهن هو فوج جي نوڪريءَ مان رٽائر ٿي ٺاروشاه پهتو ۽ هتي ڪاروبار شروع ڪيائين، بنيادي طور هي همراهه ڪاروباري نه هو ان ڪري ڪجهه سالن ۾ ڪم دڦ ڪر ويهي رهيو، مان هن کي گهڻو سمجهايو پر هن کي سماج سيوا جو جنون هو، جيڪو اڄ به جاري آهي.
    هاڻي جڏهن اسان ٻئي پوڙها ٿي ويا آهيون مان زندگيءَ ۾ ڪاروبار ڪيو ۽ هن سماج جي خدمت ته محسوس ٿيندو آهي ته هو مون کان وڌيڪ ڪامياب ويو، خير زندگي گذري وئي.
    هو منهنجو دوست، زندگيءَ ۾ خوشبوءِ جهڙو آهي، جنهن هر دم گهٽيل ماحول ۾ اسان کي آڪسيجن ڏني آهي، مان هن کي چوندو آهيان، تون ايڏي محنت ڪرين ٿو، ڇو نه شهر وارن لاءِ پنهنجي هڪ نئين پارٽي جوڙيون، جنهن جو سڄو خرچ مان برداشت ڪندس پر هو هر ڀيري کلي نٽائي ويندو آهي، بس هن کي پنهنجي سماجي ڪم مان واندڪائي ڪٿي.
    بابوُ صاحب لاءِ وڌيڪ ڇا لکان، هڪ هڪ بهترين انسان آهي، جنهن لاءِ مون سميت شهر جو هر ماڻهو دعاڳو آهي، شل سدائين خوشيون ماڻي.

    حاجي الاهي بخش بالادي/ٺاروشاه






    بابوُ اسلم فوجي

    بابوُ اسلم فوجي

    ساهتي پرڳڻي جي تاريخي شهر ٺاروشاه جو رهواسي بابوُ اسلم فوجي خانزاده پنهنجي سماجي سرگرمين سبب سڄي پرڳڻي ۾ مشهور آهي. هو ڏينهن رات جفاڪشي ڪري ماڻهن جي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو.
    بابوُ اسلم شهر ۾ فوجي جي نالي سان مشهور آهي، ڇو جو هن پنهنجي زندگي جا قيمتي 20 سال فوج جي نوڪري ۾ گذاريا. رٽائرمنٽ کانپوءِ هو جڏهن ٺاروشاه آيو ته هن جي بقول سندس کي شهر ۾ موجوده مسئلن جي ڪري انتهائي ڏک رسيو انهي ڪري هن جلد فيصلو ڪري ورتو ته باقي زندگي هو هن شهر جي لاءِ وقف ڪندو. اهوئي سبب آهي جو هن سماجي خدمت لاءِ سياست ۾ پڻ حصو ورتو. سال 2005ع ۾ شهر جي يونين ڪائونسل ۾ جنرل ڪائونسلر جي حيثيت ۾ چونڊ وڙهي، هن کي اهو پهرين ئي اندازو هو ته هن جي خدمتن جي عيوض ماڻهو ضرور هن کي مثبت موٽ ڏيندا، نتيجو به ساڳيو رهيو ڀاري اڪثريت سان ووٽ حاصل ڪري هو يوسي جو ميمبر اليڪٽ ٿيو. هاڻي ڄڻ هن جي مٿان شهر جي ڀلائي لاءِ اهم زميداري اچي. بابوُ صاحب جي زندگي جو هي عجيب پهلو جو شهر جي ماڻهن جي اڪثريت هن کي واپڊا، ٽائون ڪاميٽي، ذڪوات ڪاميٽي، تعليم کاتو ۽ صحت کاتي جو ملازم سمجهندا آهن.
    ائين ڇو آهي؟ جنهن جو سادو جواب هيءُ ته بابوُ صاحب پنهنجي خدمتن آڌار انهن کاتن ۾ ايترو ته گهڙي عام ماڻهن جي خدمت ڪري ٿو جو شهرين کي گمان نه پر پڪ جي حد تائين اها ڳالهه باور ٿئي ٿي ته اسلم فوجي انهن کاتن جو پگهاردار ملازم آهي، جڏهن ته مٿي ذڪر ڪيل کاتا ڪهڙو ڪم ڪن ٿا سماج ۾ انهن جون زميداريون ڇا هئڻ گهرجن کاتي جا اگهور ننڊ ۾ پيل ملازم به اڻ ڄاڻ آهن.
    ڪجهه ڏينهن اڳي واٽ ويندي بابوُ صاحب سان ملاقات ٿي، هو شهر ۾ موجوده نياڻين جي واحد تعليمي اداري هاءِ اسڪول جي سامهون ڪافي ڏينهن کان بيٺل گندي پاڻي جي نيڪال ۾ مصروف هو. ايتري تائين جو پاڻ بالٽي سان پاڻي ڪڍي رهيو هو، منهنجي پاران سوال ته ”بابوُ صاحب، جمعدار ڀرتي ٿيا آهيو ڇا“؟ هن جي چهري تي هلڪي مسڪراهٽ تري اچي ٿي. جواب ڏئي ٿو ته ”جيڪڏهن اسان پنهنجي اسڪولن جي پاڻ صفائي نه ڪنداسين ته ٻيو ڀلا ڪير ڪندو، جيڪڏهن صفائي لاءِ مونکي ڪير جمعدار به چوندو ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ فخر جو باعث آهي.“ هن جي حيرت ۽ فلسفي واري ڳالهه ٻڌي خوشي ٿئي ٿي ته اڃا ’ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي‘ آهن. هن سان منهنجو ڪجهه ٻئي به ڳالهيون ٿيون جيڪي پيش ڪري رهيو آهيان.
    “ٺاروشاه شهر جي هر گهٽي منهنجو گهر آهي، جنهن جي صفائي ڪرڻ منهنجي لاءِ پاڪ پيغمبر جي عظيم فرمان مطابق ’نصف ايمان‘ جو درجو رکي ٿي.” هو ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ جو ڊرينيج سسٽم مڪمل طور تباهه ٿي ويو آهي، اهو ڪو ڏينهن نه هوندو جنهن تي شهر جي ڪا گهٽي گندي پاڻي سان ڀريل نه هوندي، شهر جي اڪثر مسجدن، بازارن ۽ تعليمي ادارن جي اڳيان بيٺل پاڻي نه فقط نمازين، شاگردن ۽ عام ماڻهن جي تڪليف جو ڪارڻ بڻجي ٿو پر ٻاهران آيل ماڻهو جيڪو هن شهر لاءِ انتهائي سٺو تصور ڪري هتي اچن ٿا ته هي شهر ماسٽر چندر، گوبند مالهي، قاضي غلام علي، غلام قادر سومرو، احمد خان هيسباڻي، ماسٽر الياس خانزاده، ماستر دولت خان ٻٻر، علي رضا قاضي ۽ عظيم روحاني پيشوا مرشد پاڪ قبلا اباجي عبدالجليل نقشبندي جو آهي، انهن کي هن شهر جي حالت تي افسوس ٿئي ٿو ته هڪ اهو به زمانو هو جڏهن پوري هندستان ۾ هي شهر پنهنجي صفائي جي حوالي سان مشهور هو هن کي روشنين جو شهر به چيو ويندو هو، هاڻي هن جي حالت ايڏي خراب ڇو ٿي وئي آهي.؟؟“
    اهي ڳالهيون چوڻ کانپوءِ بابوُ صاحب شهر بابت ڪجهه ٻيو به ٻڌايو، جئين وارڊ نمبر هڪ جيڪو هريپور جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، شهر جي آبادي جو وڏو حصو اتي رهي ٿو، جڏهن ته حالت هيءَ آهي جو ڳتيل آبادي ۾ رستا ايترا ته سوڙها ٿي ويا آهن جو ماڻهو پنهنجي گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن. مسجدن تائين پهچڻ به هنن لاءِ وڏي جفاڪشي آهي. جيڪا ڳالهه منهنجي راتين جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. منهنجي دل اهڙي سماجي تباهي ڏسي رت جا ڳوڙها روئي ٿي.“
    ٺاروشاه روشنين جو شهر، اهو چئي بابوُ صاحب ڪجهه وقت لاءِ چپ ٿي ويو، جنهن کانپوءِ هو ڳالهائي ٿو ته 2006ع ۾ هن سڄي شهر ۾ اسٽريٽ لائيٽ جو مڪمل نظام آندو هو، جيڪو وقت گذرڻ کانپوءِ برباد ٿي ويو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ جي مالڪي ناهي تي سگهي. جنهن جو جيترو به افسوس ڪجي گهٽ آهي.
    بابوُ صاحب، جي مطابق هن پنهنجي سڄي زندگي ٺاروشاه لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هو چئي ٿو ته هن جو مرڻ جيئڻ شهر لاءِ ئي آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن شهر جي ڪم سانگي هو ڪنهن گهٽي ۾ مري وڃي ته به هن لاءِ اهو اعزاز هوندو.


    مظفر علي سهتو/ ٺاروشاه


    مضامین و تاثرات

    تھاروشاہ کا فوجی

    تھاروشاہ کا فوجی

    دردِ دل کے واسطے پیدا کیا انسان کو
    ورنہ طاعت کے لیے کچھ کم نہ تھے کروبیاں (اقبال)
    اللہ تبارک و تعالیٰ کا اصولِ ازلی ہے کہ جس خطے یا علاقے یا انسانوں کے گروہ سے چاہت اور محبت کا اظہار فرمایا تو وہاں کے لوگوں میں سے ہی ان لوگوں کی فلاح و بہبود کے لیے کوئی اپنا پیارا بندہ مقرر فرما دیا جاتا ہے۔انسان کے بنائے جانے کا بنیادی مقصد بھی یہی ہے کہ انسان ، انسانیت کے درد سے واقف ہو کر اس درد کا مرہم بنے۔بابو محمد اسلم خانزادہ المعروف بابو فوجی بھی میری نظر میں اللہ تعالیٰ کے ان برگزیدہ بندوں میں سے ایک ہے جو تھاروشاہ کے عوام کے لیے تحفۃ اللہ سے کم نہیں، بابو فوجی کا لوگوں کے مسائل کے حل کے لیے شب و روز کوشاں رہنا اس بات کی دلیل ہے کہ تھارو شاہ کے لوگوں پر اللہ تعالیٰ کے خاص کرم اور عنایات کی بارش کا لامتناہی سلسلہ جاری و ساری ہے۔
    راقم سے بابو فوجی کی ملاقات کا ذریعہ بننے والے پروفیسر قاضی علی رضا سہتو صاحب نے جب کنڈیارو کالج میں ان کے اوصاف بیان کیے اور یہ بھی بتایا کہ انہوں نے بابو فوجی کی خدمات کے موضوع پر سندھی زبان میں ایک مضمون بھی تحریر کیا ہے تو بابو فوجی سے ملنے اور مذکورہ مضمون پڑھنے کا مشتاق ہوا۔انہی دنوں کالج میگزین "ساہتی" بھی شائع ہونے جارہا تھا تو سوچا کہ کیوں نہ اس مضمون کو اردو میں منتقل کرکے میگزین کی زینت بنایا جائے کہ بابو فوجی ساہتی پرگنے کی مایہ ناز شخصیت ہیں لہٰذہ قاضی صاحب کی اجازت سے ایسا کرنے میں کامیاب ہوا۔
    بابو فوجی سے جب پہلی ملاقات ہوئی تو دورانِ گفتگو ان کی تھاروشاہ کے عوام کے لیے کی جانے والی خدمات پر عش عش کر اٹھا، راقم کو ان کے کاموں کی فہرست اور تفصیلات نے انکا گرویدہ بنا دیا اور ان کے ان تمام کاموں پر رشک آنے لگا اور سوچنے پر مجبور ہوا کہ کاش ہم میں بھی ایسا جذبہ بیدار ہو کہ ہم بھی خدمت الناس کے اہم فریضے کو اپنا مقصدِ حیات بنائیں۔
    افواجِ پاکستان میں اپنی خدمات تن دہی اور چابکدستی سے انجام دینے کے علاوہ اپنی مدتِ ملازمت انتہائی احسن طریقے سے مکمل کرنے کے بعد جب اپنے آبائی گاؤں تھارو شاہ پہنچے تو یہاں کے روزمرہ مسائل نے انہیں خدمت الناس کے عظیم اور پیغمبرانہ مقصد پر مجبور کیا کہ وہ ملازمت سے سبکدوشی کے بعد عام سے سرکاری ملازمین کی طرح ہاتھ پر ہاتھ دھرے بیٹھے رہنے کے بجائے لوگوں کی پریشانیوں میں ان کا ہاتھ بٹائیں اور ان کے دکھ درد کو حل کرنے کا سودا اٹھائیں ، جسے انہوں نے واقعی اس حد تک پہنچا دیا کہ دوست تو دوست دشمن بھی انگشت بدندان ہیں کہ ایک منحنی سا شخص اتنے سارے کام کس طرح انجام دے رہا ہے۔
    بابو فوجی جہاں تھاروشاہ کے لوگوں کے معمولی سے معمولی اور اعلیٰ سے اعلیٰ امور کے لیے بذاتِ خود سرگرداں رہتے ہیں وہیں وہ اپنے دوست و احباب سے بھی لوگوں کے مسائل کے حل کے لیے استدعا کرنےمیں کوئی عار محسوس نہیں کرتے اور حدۃ الامکان کوششوں سے ان مسائل کو حل کرنے میں اپنا ثانی نہیں رکھتے۔ شہریوں کے مسائل جیسا کہ عمومی سطح کے معاملات واپڈا کے مسائل، گیس کے مسائل، شناختی کارڈ وغیرہ اور دیگر سرکاری دفاتر کے مسائل کو حل کرنے میں ہمہ وقت مستعد و تیار بابو فوجی جیسی شخصیت ساہتی پرگنے میں کہیں اور دیکھنے کو نہیں ملتی۔
    اگرچہ بابو فوجی کے لیے کہنے یا لکھنے کے لیے تو بہت کچھ ہے تاہم صفحات کی کلت نے مجبور کیا کہ اپنا مضمون اسی حد تک ضابطہء تحریر میں لا کر اجازت چاہوں۔ البتہ اتنا ضرور کہنے کی جسارت چاہوں گا کہ بابو فوجی کے ساتھ ساتھ تھارو شاہ کے شہریوں کو بھی خدمتِ خلق میں ان کے شانہ بشانہ کام کرنا چاہیے اور نوجوانوں کو بالخصوص ان تمام امور میں بڑھ چڑھ کر حصہ لینا چایے تاکہ مسائل کے حل اور تھاروشاہ کی ترقی کا یہ سلسلہ ہمیشہ جاری و ساری رہے۔
    دعا گو ہوں کہ اللہ تبارک و تعالیٰ بابو فوجی کو اس شب و روز کی ان تھک محنت کا اجرِ عظیم عطا فرمائے اور انہیں عمرِ دراز عطا فرمائے۔
    آمین۔
    پروفیسرمرزا خوشی محمد جاؔویدمحراب پور


    خدمتِ خلق کا روشن ستارہ بابو اسلم فوجی خانزادہ

    خدمتِ خلق کا روشن ستارہ بابو اسلم فوجی خانزادہ

    ہو میرا کام غریبوں کی حمایت کرنا
    درد مندوں سے ضعیفوں سے محبت کرنا
    شاعرِ مشرق علامہ اقبال ؒ کے اس شعر کی حقیقی جھلک کے حامل تھارو شاہ شہر کے ایک مختصر الوجود شخص جن کے حوصلے اور حب الوطنی اور خدمتِ خلق کے جذبے چٹانوں سے مضبوط، جن کی سوچ ہمیشہ دوسروں کی خدمت میں پنہاں ، وہ ہیں ہمارے بابو محمد اسلم فوجی خانزادہ جو بچوں کے پسندیدہ بابو چاچا ہیں۔بابو فوجی کی ولادت جنوری کی پہلی تاریخ 1962ء کو خانزادہ برادری کے ایک معتبر خاندان میں ہوئی ۔ ان کے والد دلمیر خان ایک نیک دل معتبر انسان رہے ہیں۔ان کے چچا باغی عباس جو کسی تعارف کے مضتاج نہیں، وہ ایم۔آر۔ڈی۔ تحریک سے منسلک تھے جس میں وہ ہیرو کی حیثیت رکھتے تھے۔ وہ بھی فلاحی کاموں میں ہمیشہ پیش پیش رہتے تھے۔ بابو صاحب کا بچپن انہی کی زیرِ نگرانی گزرا۔ انہوں نے بابو صاحب کی ذہنی تربیت کی اور ان میں ایک نڈر، بے باک، باہمت اور دردمند شخص کو ابھارا۔
    اپنے نام کے مصداق بابو فوجی، افواجِ پاکستان میں تقریباً 18 سال اپنے فرائض سرانجام دیتے رہے۔ فوج سے ریٹائیرمنٹ کے بعد بھی ان کے معمولات میں کوئی فرق نہ آیا۔
    بقول، شاعر:
    زندگی شمع کی صور ت ہو خدایا میری
    انہوں نے اپنی فوج کی ملازمت کے بعد اپنی زندگی کو روشن شمع کی مانند بنا لیا جس کا مقصد دوسروں کی زندگی میں اجالا کرنا ہے۔ وہ اپنے اسی مقصد کی تکمیل کے لیے دن رات کے فرق کے بغیر ہمہ وقت تیار رہتے ہیں۔ شہر تھاروشاہ اور شہر کے باہر کسی شخص کو کوئی مشکل درپیش ہو تو اس کے تدارک کے لیے سب سے پہلا نام جو اس لے ذہن میں آتا ہے وہ ہے بابو فوجی، ان کی خدمات کا سلسلہ لامتناہی ہے۔ کہیں بجلی کا مسئلہ ہو یا لو وولٹیج کا، گیس کا معاملہ ہو یا گیس کے کم پریشر کا یا بل جمع کرانے کا معاملہ ہو، کسی کے شناختی کارڈ بنوانے کا معاملہ ہو بابو فوجی ہمہ وقت موجود ہوتے ہیں۔ کسی کے گھریلو مسائل، گھریلو ناچاقی ہو جسے شیئر کرنا بھی مشکل ہو۔ وہ بابو صاحب کو بتائےجاتے ہیں ایسے مسائل کو حل کرنے مین بابو صاحب کا کوئی ثانی نہیں۔ شہر تھاروشاہ میں یا اس کے ارد گرد گندے پانی کے نکاس کا مسئلہ ہو ، گلیوں کی صفائی کا مسئلہ ہو، شہر کے لوگ بابو فوجی کو ہی یاد کرتے ہیں۔ لوڈشیڈنگ کا شیڈیول، نئے ٹرانسفارمر کی تبدیلی ہو وہ اپنی تمام مصروفیات ترک کرکے ان کی مدد کےلیے اٹھ کھڑے ہوتے ہیں اور جب اس مسئلے کو حل نہ کر لیں سکون سے نہیں بیٹھتے۔
    شہر میں کسی ذات، رنگ و نسل کی غریب لڑکیوں کی شادی میں کھانے ، جہیز کا معاملہ ہو، رمضان شریف میں غریب خاندانوں کے لیے راشن مہیا کرنا ہو، غریب خاندانوں میں عید کی خوشیاں مہیا کرنا ہو بابو صاحب انتہائی رازدارانہ طریقے سے ان غریب خاندانوں کی امداد کرتے ہیں ۔ قدرتی آفات آنے کی صورت میں شہر اور شہر کے باہر مصروفِ عمل نظر آتے ہیں۔ اس وقت ان کی عمر کم و بیش 60 سال ہے لیکن ان کے حوصلے آج بھی جوان ہیں۔ ان کا کہنا ہے کہ موت سب کو آنی ہے وہ برحق ہے۔ اور جب میری زندگی کا پیمانہ لبریز ہوجائے گا تو میں بھی خوشی خوشی اس کو گلے لگالوں گا لیکن جب تک میری زندگی ہے میں لوگوں کی خدمت کرتا رہوں گا۔ وہ کہتے ہیں کہ دکھی انسانیت کی خدمت کرنا اور ان کو خوشی دینا میرے لیے عبادتِ الٰہی کا درجہ رکھتی ہے۔
    میں اپنے بابو چاچا کے بارے میں جتنا بھی لکھوں پھر بھی انکے اوصاف لکھنا سورج کو چراغ دکھانے کے مترادف ہے۔ ان کی ذات اچھائی اور نیکی کا وہ سورج ہے جس کی کرنیں ہر ذات، رنگ و نسل، برادری، مذہب سب پر یکساں برستی ہیں۔ وہ نوجوان نسل کے لیے مشعلِ راہ ہیں۔
    اللہ تعالیٰ انہیں عمرِ دراز اور صحتِ کاملہ عطا فرمائے۔
    وہ ہمیشہ خدمتِ خلق میں مصروفِ عمل رہیں۔ آمین۔

    رضوانہ خانزادہ لیکچرر اردو
    سید نور محمد شاہ ڈگری کالج تھاروشاہ


    فخرِ تھارو شاہ بابو اسلم فوجی

    فخرِ تھارو شاہ بابو اسلم فوجی

    اسلام ایک فلاحی مذہب ہے جس میں خدمتِ خلق کا تصور نیز ملتا ہے۔ اس میں معاشرے کی فلاح و بہبود کے علاوہ رنگ و نسل، ذات پات سے بلند ہو کر انسانیت کی مدد کی لیے کام کرنے کا درس ملتا ہے۔ جبکہ خدا کے مجبور بندوں ، بیواؤں، غریبوں کی مدد کرنا بھی عین عبادت ہے۔
    تھاروشاہ کی سرزمین نے اپنی تاریخ کے مختلف ادوار مین انسان دوست شخصیات کو جنم دیا ہے جنہوں نے اپنے طرزِ عمل سے معاشرے میں روشنی پھیلائی ہے۔ تھاروشاہ کے ایسی ہی قابلِ قدر لوگوں میں بابو اسلم فوجی صاحب بھی شامل ہیں جنہوں نے اپنی گرانقدر خدمات سے تھاروشاہ کے لوگوں کے دلوں میں اپنی جگہ بنائی ہے اور لوگ انہیں قدر کی نگاہ سے دیکھتے ہیں۔
    بے سہارا خواتین ہوں یا ضعیف بوڑھے، غریب ہو یا مسکین، بابو اسلم فوجی صاحب ان کے بنیادی مسائل کے حل کے لیے ہمہ وقت سرگرداں مصروف نظر آتے ہیں اور اس سلسلے میں موسم کی سختیوں کو بھی خاطر میں نہیں لاتے۔ تھاروشاہ کے لیے قدرتی گیس کا معاملہ ہو یا لوڈ شیڈنگ کا معاملہ ہو بابو صاحب ہر وقت تندہی سے مصروفِ عمل نظر آتے ہیں۔
    آخر میں یہی کہوں گا:
    بقول شاعر:
    آتے ہیں جو کام دوسروں کے

    رانا محمد اکبر الجلیلیؔ


    تھاروشاہ کا عبدالستار ایدھی

    تھاروشاہ کا عبدالستار ایدھی

    آج کے اس مصروف دور میں جو کہ نفسا نفسی کا دور ہے جس میں لوگ پیسے کے پیچھے دیوانہ وار بھاگ رہے ہیں اور مال کمانے کی تگ ودو میں ایک دوسرے کو پیچھے چھوڑنے میں مصروفِ کار ہیں، جس میں ہوش و حواس کی خبر ہے نہ جائز و ناجائز کا پتا نہ کسی عزیز رشتے دار کا خیال اور نہ ہی ماں باپ اور بہن بھائیوں کا کوئی قیاس ، نہ ہی وہ معاشرے کو دیکھتے ہیں اور نہ ہی خدمتِ خلق کے بارے میں سوچتے ہیں غرض انہیں اپنی ذات کے علاوہ کچھ نظر ہی نہیں آتا ہے۔
    آج جب ہم یہ دیکھتے ہیں کہ لوگوں کے پاس اپنے لیے ہی وقت نہیں ہے تو ہم محمد اسلم عرف بابو فوجی کو دیکھتے ہیں جو فوج سے ریٹائر ہونے کے بعد اپنے شہر تھاروشاہ میں بلا امتیازِ رنگ و نسل شب و روز لوگوں کے مسائل حل کرنے میں مصروف ہے نہ اس کے پاس کوئی عہدہ ہے اور نہ ہی وہ کوئی بڑا سرمایہ دار ہے لیکن اپنی بساط سے نڑھ کر چاہے بلدیہ کا کوئی مسئلہ ہو، واپڈا کے ستائے لوگوں کے مسائل ہوں ، مچھر مار اسپرے کرانا ہو، فرش بندی کا مسئلہ ہو، ڈی سی آفس کا کوئی مسئلہ ہو ، اے سی آفس کا کام ہو یا بے نظیر کارڈ کے مسائل، شناختی کارڈ بنوانے کا مسئلہ ہو یا راشن کی تقسیم ، سیلاب متاثرین کے ٹھہرانے کا یا انہیں کھانا پینا مہیا کرنے کا مسئلہ غرض جدھر بھی دیکھتے ہیں بابو فوجی کو ہی پاتے ہیں۔ اور یہ ان لوگوں میں سے ہے جو کہ شکوہ شکایت اور وسائل کی کمی کا رونا نہیں روتے بلکہ اس شعر کی مثال کہ:
    شکوہِ ظلمتِ شب سے تو کہیں بہتر تھا
    اپنے حصے کی کوئی شمع جلاتے جاتے
    بابو فوجی نے نہ کبھی وسائل کا رونا رویا اور نہ ہی عہدے کی طلب کی غرض یہ کہ لوگ جن کو کسی بھی ڈیپارٹمنٹ میں کوئی مسئلہ درپیش ہو تو متعلقہ محکمے سے رجوع کرنے کے بجائے بابو فوجی کو فون کر کے معلومات لیتے ہیں۔ مجھے حیرت ہوتی ہے کہ آج لوگ وسائل اور عہدہ ہوتے ہوئے بھی خدمتِ خلق سے آنکھیں بند کرکے بیٹھے ہوئے ہیں ۔ یہ شخص کونسی مٹی کا بنا ہوا ہے کہ رات دن خدمتِ خلق میں مصروف ہے اور کسی سے بھی صلہ یا بدلہ بھی نہیں چاہتا اور میں لوگوں کو بھی دیکھتا ہوں جو بجائے قدر کرنے کے گھٹیا الزامات لگاتے ہیں۔ لیکن یہ شخص ان سب کی پرواہ کیے بغیر اپنی دھن میں لگا ہوا ہے۔
    اگر میں یہ کہوں کہ بابو فوجی تھاروشاہ کا عبدالستار ایدھی ہے تو بے جا نہ ہوگا۔
    اللہ پاک اس کے حوصلے اور صحت میں اضافہ فرمائے تاکہ اس شہر کی خدمت اسی سرگرمی سے کرتا رہے۔

    محمد صدیق خانزادہ/ تھاروشاہ


    تھارو شاہ کا بابو

    تھارو شاہ کا بابو

    قال رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم خیرالناس من ینفع الناس (الحدیث)
    رسول اللہ صلی اللہ علیہ وسلم نے ارشاد فرمایا بہتر انسانوں میں وہ ہے جو لوگوں کو فائدہ پہنچائے۔

    بلا شبہ انسانیت ایک اہم موضوع ہے جس کو سمجھنا ہر بنی نوع انسان کے لیے ضروری ہے؛ اس لیے کہ صورۃً انسان اسی ظاہر ڈھانچے کا نام ہے ؛ مگر حقیقتاً انسان اس احساس کا جامع ہے جس میں خلق خدا کی اچھائیوں کو اپنایا جائے۔ اور اللہ رب العزت کی مخلوق کہ ( جس کے لیے یہ تمام کائنات وجود پذیر ہوئی) کی خیر خواہی، امداد، تعاون اور محبت و انسیت کو یقینی بنایا جاتا ہے؛
    اور الحمدللہ عزوجل! فقیر نے خدمتِ خلق اور لوگوں کے معاملاتِ زندگی میں مسمٰی محمد اسلم خانزادہ المعروف بابو فوجی صاحب کو تعاون کرنے والا پایاہے؛ لوگوں کی بلا امتیاز مدد کرنا، ان کے لیے شب و روز کوشاں رہنا، کسی مصیبت یا پریشانی میں لوگوں کے لیے پریشان ہونا، یہ خوبیاں موصوف میں پائی جاتی ہیں۔ اور دعا گو ہوں کہ کہ اللہ رب العزت جل شانہ انہیں مزید ہمت و توفیق عطا فرمائے۔ تھاروشاہ شہر کے لیے مسمی محمد اسلم خانزادہ المعروف بابو فوجی کی گرانقدر خدمات ہیں ، میں ان کی تفصیل میں نہیں جانا چاہتالیکن اتنا ضرور کہوں گا ، تھاروشاہ شہر کا کوئی معاملہ ایسا نہیں جس میں موصوف کی خدمات نہ رہی ہوں، اللہ رب العالمین جل شانہ محمد اسلم خانزادہ صاحب کو استقامت عطا فرمائے، اور ان کی خدمات کو قبول فرماتے ہوئے انہیں اور ان کے اہل، خانہ کو دنیا و آکرت کی بھلائیاں عطا فرمائے۔
    آخر میں اتنا کہہ کر گفتگو ختم کروں گا کہ جس کو اللہ رب العالمین جل شانہ نے دنیا میں سب کا "بابو" بنایا ہے ، انشاء اللہ عزوجل وہ قیامت میں بھی ہم سب کا "بابو" پیارا اور دوست رہے گا۔ آمین بجادہ النبی الامین صلی اللہ تعالیٰ علی حبیبہ سیدنا محمد و علی آلہ و صحبہ و بارک وسلم اجمعین۔
    گر قبول افتد زہے عزو شرف


    محمد عقیل نقشبندی نعیمی


    بابو اسلم فوجی اور تھارو شاہ

    بابو اسلم فوجی اور تھارو شاہ

    تھاروشاہ کی ہر دلعزیز شخصیت محمد اسلم خانزادہ ہیں جنہوں نے اپنی تعلیم مکمل کرکے پاک فوج میں 18 برس کی عمر میں شمولیت اختیار کی اور فوج میں سروس کے دوران خدمات انجام دی۔ ان خدمات کے صلے میں ان کے سینئر فوجی افسران بڑے خوش تھے۔ فوج سے ریٹائر منٹ کے بعد محمد اسلم عرف بابو فوجی نے شہر تھاروشاہ کے لیے جو کہ مسئلے مسائل میں گھرا ہوا تھا۔ ان کے مسائل کو حل کرنے کے لیے شب و روز جستجو کی اور لوگوں کے مسائکل کا حل خوش اسلوبی سے سے سرانجام دیا۔ تھاروشاہ میں چوکیداری کا نظام متعارف کرایا اور بیواؤں اور یتیموں کے لیے بے لوث ہو کر مالی امداد اور راشن کا بندو بست بھی کیا جو کہ خدمات کا سلسلہ ہنوز جاری ہے۔ جنرل مشرف دورِ حکومت میں سیاسی میدان میں الیکشن میں حصہ لیا اور کونسلر منتخب ہوئے اور لوگوں کی مشکلات کو بحیثیت کونسلر بھی حل کیا۔اب بھی بابو فوجی دن ہو رات ہو آندھی ہو یا برسات ، بجلی کی غیر اعلانیہ لوڈ شیڈنگ اور سوئی گیس کے پریشر کا مسئلہ ہو ، تمام محکمہ جاتی افسرانِ بالا تک شکایات پہنچا کر ان مسائل کو حل کرتے ہیں۔ بابو فوجی کی کوششوں سے بجلی لوڈشیڈنگ کا شیڈیول جاری ہوا اور غیر اعلانیہ لوڈ شیڈنگ سے تھاروشاہ کی عوام کو نجات ملی۔ تھاروشاہ شہر کو سوئی گیس کی فراہمی کا سلسلہ شروع ہوا تو اسی بابو فوجی نے شہریوں سے مل کر سردار محمد عثمان خان عالمانی صاحب اور ان کے چھوٹے بھائی سردار علی خان عالمانی صاحب کی مہربانیوں سے تھاروشاہ میں گیس کا ایک نظام بحال کروایا۔ اور اسی بابو فوجی نے شب و روز ان تھک محنت سے تھارو شاہ کی گلیوں میں سوئی گیس کے کنیکشن ہر گھر میں پہنچائے۔ یہ بابو فوجی آج بھی تھارو شاہ کے مسائل کے لیے دن رات محنت میں پحوِ پرواز ہے۔ اور آج بھی اپنی محنت کے ذریعے لوگوں کے دلوں پر راج کررہا ہے اور ان کی محنت کو دیکھتے ہوئے حاسد لوگ ہر وقت ان کی محنت سے نالاں رہتے ہیں لیکن یہ درویش صفت انسان بلا کسی امتیاز کے آج بھی بے لوث خدمات کی وجہ سے تھارو شاہ کے باسیوں کے دلوں میں بسا ہوا ہے۔
    ہماری دعا ہے کہ اللہ تعالیی انہیں دن دُگنی اور رات چوگنی ترقی عطا فرمائے۔
    آمین۔
    رخسار صابر خانزادہ


    English Section Views and opinions

    Dear Kazi sahib,

    Dear Kazi sahib,
    W.A.W.R.W.B
    As desired to write few lines given opinion about social worker, Baboo Aslam Foji famous as Miskeen Jahan Khan Khoso of Tharushah to write a book of his services rendered for Tharu Shah. In fact these like services for only sake of Allah in order to provide citizens maximum possible facilities and address their day to day problems is not possible to the covered in words, but only to thank almighty Allah who blessed citizens of Tharu Shah in the shape of Baboo Aslam Foji. No doubt citizens of Tharu Shah are proud Baboo Aslam Foji, as he is the man to be appreciated and encouraged of his dynamic services for Tharu Shah, really he like people cannot be find in hundreds, thousands and lacs, but hardly in millions actually I myself have seen him personally many times striving hard to provide every kind of facilities, which cannot be counted on fingers even, for the citizens of Tharu Shah. We the citizens only pray Allah almighty to straightens more and more with, prosperity, long life and successes in every walk of life enabling him to serve humanity in more better from, I wish to see him once on the seat of chairman town committee Tharu Shah, I believe that period can be written in golden words of history as I am sure all the funding even up to one pie can be spent for providing facilities to citizens, which up till now is just like night mare, as seen politician instead of serving citizens, try to build themselves, however I am still hope full of the awareness of public to elect real devoted person who reciprocally provide theme each kind of facility as due write of theme. If possible A Sahitee seminar may be organized in Baboo Aslam Foji honor, in order to encourage, appreciation his services, more than that to emphasized general public to follow likewise gentleman Baboo Aslam Foji services for Allah Pak.
    Dear Kazi Sahib, in the end I think to thank you for taking this task voluntarily, is also not to be covered words because services can be of various kinds, but write up services keep the history alive, which credit ultimately goes to your shoulders. My Allah almighty bless you with all that which he who blesses to loving ones.

    Kind regards
    Professor Zaheerudin Memon
    Tharu Shah


    BAABOO FOJI, A SOCIAL REFORME

    BAABOO FOJI, A SOCIAL REFORME

    According to William Shakespeare “All the World’s a stage, and all the men and women merely players. They have their exits and their entrances. And one man in his time plays many parts his acts being seven ages.
    Baaboo Foji knows my elders like Professor Muhammad Haroon Soomro and Sain Muhammad Ayoob Soomro. But I have personally known to him since 10 years, he came to College to meet me. He discussed the problems of Education. He is of the Opinion that Sindh cannot make progress unless the education of Sindh is lifted up. He believes that bright future of Sindh is the young generation of Sindh. His view is to provide proper education and guidance so that they should be true embodiment of the dreams and vision of Shah Latif.

    ويٺي ور نه پون، سُتي ملن نه سپرين،
    جي مٿي رندن رُون، ساجن ملي تن کي

    Sit down, and you will never meet your dear friend sleep and the beloved will remain at the other end. They are the only one who the beloved meet. Who in their search shed tears in every street? Baaboo Foji’s life mission is to work. He always says that he has no work except to work.

    There is a saying of Holy Prophet (P.B.U.H) that “The worker is a friend of Allah” Certainly Baaboo Aslam Foji has spent his entire life for the betterment of humanity. He always says that those who serve others become immortal. I have always seen him busy in the streets to surprise the work of cleanliness. He is the true picture of Leigh Hunt’s poem Abu Ben Adhem.

    Abu Ben Adhem (May his tribe increase) awoke one night from deep dream of peace. And saw within the moonlight in his room, making it rich and like a lily in bloom. An angel, writing in a book of gold. Exceeding peace had made Ben Adhem bold, what writest thou? The vision raised its head and with a look made of all sweet accord, Answered, The names of those who love the lord. And is mine one? Said Abou. `Nay not so` replied the angel. Abou spoke more low, but cheerly still and said, “I pray thee then write me as one that loves his fellow men. The angel wrote and vanished the next night it came again with great wakening light, and showed the names whom love of God had blessed. And lo! Ben Adhem’s name led all the rest.


    Naimatullah Soomro
    Assistant Professor in English
    N.M.S Degree College Tharu Shah


    An active Social worker

    An active Social worker

    Mr. Muhammad Aslam Alias Baboo Foji is an active Social worker of Tharu Shah City. He started social work after retirement from Pakistan Army, and he was also elected as the member/Councilor of Nazim Election System of local bodies. The People of Tharu Shah fully supported him for the election of Councilor. He is very hard worker and worked with zeal. He reached everywhere at the City for the help of deserving peoples of each community and his efforts are being appreciated at all corners.



    Muhammad Saleem Khanzada
    Deputy Director Social Welfare
    District Naushahro Feroze


    SUFI MAN BABOO ASLAM FOJI

    SUFI MAN BABOO ASLAM FOJI

    Sufi man Baboo Aslam Foji Khanzada Rajput, who was one of Tharushah’s social welfare worker and was revered as a “living saint” by many in Tharushah City.
    There are a few men who have done as good, and made a huge difference to the lives and livelihoods of the Tharushah people as Baboo Aslam Foji did.
    I say that Baboo Aslam Foji, a Pakistan army retired servant, is very efficient person and does any social work without any greed. I think Tharushah city and its adjacent areas have not seen someone like Baboo Aslam Foji.
    He is anxious about clean streets and drainage system of this city. He solved Wapda problems and pension problems of widows. He tried his best to restore the working of railway junction, but unfortunately due to some financial and political problems he could not succeed to run a train from Padidan to Mehrabpur via Tharushah.
    His door is 24 hours opened for poor person; we are saying that Baboo Aslam Foji is the second name of Abdul Sattar Edhi of Tharushah City.


    SARFRAZ RAJPUT
    (PRINCIPAL, MCTC THARU SHAH)


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 909942
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 307256
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ