ڪتاب جو نالو: مون کي موهيو ملائيشيا
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 24 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1331 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 366 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
الطاف شيخ جو هي سفرنامون مون کي موهيو ملائيشيا سندس نوڪري ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر وڃي يادو تازا ڪرڻ اُتي جي ڪنهن نه حوالي سان منفرد يا بهتر شين جي ذڪر جو مجموعو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پبلشر نوٽ
  • سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب الطاف شيخ (رخسانه پريت)
  • پنهنجي پاران
  • ملائيشيا جو بدنام پُودو جيل
  • ملاڪا ڏي روانگي
  • ملائيشيا ۾ اچي ملئي شادي ضرور ڏسجي
  • ملئي شاديءَ جون مزيدار ڳالهيون
  • ملاڪا ويندي پراڻيون يادون
  • ملاڪا جهونو شهر آهي يا ٺٽو ۽ سکر
  • ملاڪا سلطنت ۽ پورچو گالين جي آمد
  • هِن شهر جون تري آيل يادون
  • ٿو ڪريان ياد ماضيءَ جا ماڳ
  • ملاڪا ۾ ميرپورخاص جا مير
  • Tesco کان My Din
  • چهري په گري زلفين
  • ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار
  • ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر
  • اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا
  • مير ۽ سندن مهمان نوازي
  • جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل
  • ساگا جي ڪهاڻي
  • هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون
  • مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا
  • ڇا گهمڻ کپي؟
  • آڱر سان ناريل ۾ سوراخ ڪرڻ
  • سِکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر
  • اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر
  • زبردست اسڪول، نامور شاگرد
  • ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد....
  • ماتلي جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾
  • ملائيشيا ۾ ڌاريان ماڻهو ڇو ٿا اچن.....
  • پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان...
  • ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي
  • ڪجهه خوبصورت يادون
  • سريمبان جون يادون
  • سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾
  • باليق ڪمپونگ
  • هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا
  • لنگڪوي ۽ گنتنگ
  • فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين
  • ڪجهه ملائيشيا جي سِکن بابت
  • ملائيشيا ۾ نئون ماڻهو ڇا کائي؟
  • جوهور بارو ۽ سنگاپور جو سير

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو پنجيتاليهون (45) ڪتاب، سفرنامو مونکي موهيو ملائيشيا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو ناليواري سفرناما نگار ۽ سنڌ سلامت جي محسن محترم الطاف شيخ جو لکيل آهي.

    هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ آصف رضا نظاماڻي جي آهي، ٽائيٽل سعيد منگي جو ٺهيل آهي جڏهن ته پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي قربان منگي پاران هي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي. لک ٿورا سائين الطاف شيخ جا جنهن هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏيڻ سان گڏ ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    (اسلام آباد ۾ رهندڙ دادو جي محمد يوسف ميمڻ جي نالي)

    اسلام آباد اسان سنڌين لاءِ جهڙو ولايت. ظاهر آهي تمام پري آهي، بيحد اوپرو ماحول آهي، خاص ڪري اڄ کان ٽيهه چاليهه سالَ اڳ تائين ته ڪنهن سنڌي ڪلارڪ يا آفيسر جي بدلي اسلام آباد ٿيندي هئي ته هو گھٻرائجي ويندو هو. پر پوءِ جيئن جتي ڪٿي ڪجهه الله جا نيڪ ٻانها موجود هوندا آهن جيڪي پريشان، منجھيل ۽ بي يار مدد ماڻهن جي رهنمائي ڪن ٿا. تيئن اسلام آباد ۾ هر دور ۾ اهڙا خدا جا ٻانها نظر آيا ٿي جن ٻين جي مدد ڪرڻ ۾ پنهنجو پئسو ۽ وقت به قربان ڪيو ٿي.
    مونکي شروع کان اسلام آباد ڏسڻ جو شوق هوندو هو.
    اسلام آباد جي ايڏي ته تعريف ٻڌندو هوس جو دل چوندي هئي ته اتي رهڻ کپي پر منهنجي لاءِ اسلام آباد پهچڻ آسان نه هو جو آئون هوندو هوس سمنڊ تي يا ڪنهن بندرگاهه ۾، مختلف ملڪن ۾ اسلام آباد کان آيل سنڌي ملندا هئا ته هنن کان اسلام آباد جون خبرون پڇندو هوس. هنن کان اهوئي پڇندو هوس ته اسلام آباد جهڙي نئين شهر ۾ جتي هر هڪ کي پنهنجي لڳي پئي آهي اتي هنن پنهنجي رهائش يا نوڪري جو بندوبست ڪيئن ڪيو. ان ڳالهه لاءِ جنهن ماڻهوءَ جو مون گهڻو نالو ٻڌو، اهو هو، محمد يوسف ميمڻ ۽ پوءِ مونکي اسلام آباد سان گڏ هن نيڪ انسان مُحمد يوسف ميمڻ کي ڏسڻ جو به ڏاڍو شوق ٿي پيو. 1975ع کان وٺي مون يوسف سان ملڻ جو ارادو ڪيو ۽ ساڻس ملاقات 36 سالن بعد 2011ع ۾ وڃي ٿي! وچ ۾ اهـڙو به موقعو مليو جو اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ويجھو هئاسين پر اسانکي هڪ ٻئي جي موجودگي جي خبر نه هئي بلڪه مونکي نه هئي. يوسف کي منهنجي ضرور هئي پر ساڻس ملڻ لاءِ مونکي شوق هو.
    منهنجي خيال ۾ اهو سال 1992ع ۽ 1993ع هو جڏهن آئون سئيڊن جي ڏاکڻي شهر مالمو ۾ رهيل هوس. درياهه جي ٻي پار ڪوپن هيگن ۾ اسانجي پاڪستاني سفارتخاني جو ٽريڊ ڪمشنر محمد علي ڏيپلائي ميمڻ هو. ان جي ڀرواري ملڪ جرمني ۾ اسانجي سفارتخاني ۾ پنجن سالن لاءِ يوسف ميمڻ بدلي ٿي آيو هو. پاڻ محمد علي وٽ اڪثر ايندو رهيو ٿي ساڳي وقت آئون به محمد علي وٽ ايندو رهيس ٿي پر مختلف وقتن تي ۽ محمد علي کي ڪهـڙي خبر ته آئون يوسف سان ملڻ لاءِ بيتاب آهيان.
    بهرحال 2011ع ۾ اسلام آباد جي سگا برنچ مونکي ايوارڊ ڏيڻ ۽ شام ملهائڻ لاءِ اسلام آباد گهرايو. خبر پئي ته ان برانچ جو سرواڻ محمد يوسف آهي. هن منهنجي هفتو کن رهائش جو بندوبست به پنهنجي گهر ڪيو. ان دعوت لاءِ منهنجا ۽ يوسف جا ٻه ڪامن دوست سابق سفير ظفر شيخ ۽ سکر ايڊيوڪيشن بورڊ جو سابق چيئرمين محبوب شيخ به هو. منهنجي خيال ۾ منهنجي زندگي جي بهترين ڏينهن مان چند ڏينهن هي به هئا جو اسان چئني ڄڻن هڪ گهر ۾ رهي خوب ڪچهري ۽ چرچا ڀوڳ ڪيا. ويتر يوسف جي گهر واري پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ اسڪاٽلئنڊ ويل هئي سو هر وقت ڪچن ۾ چانهه ۽ ڪواب تري پئي کاڌاسين. مون کي جنهن وقت به موقعو مليو ٿي ته يوسف کان سندس زندگي جو احوال وٺندو رهيس ٿي. هن جي خدا ڪارڻ ماڻهن جي مدد ڪرڻ واري ڳالهه مونکي بيحد متاثر ڪيو ۽ اڄ هي منهنجو نئون سفرنامو ڇپجڻ تي آئون اهو کيس منسوب ڪري خوشي محسوس ڪريان ٿو.

    محمد يوسف ميمڻ عمر ۾ مونکان پنج سال کن ننڍو آهي پاڻ 25 جولاءِ 1949ع تي دادو شهر ۾ سيٺ شمس الدين ميمڻ صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ننڍپڻ دادو شهر ۾ گذاريو. پاڻ مئٽرڪ دادو جي اسڪول طالب المولاٰ هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر گورنمينٽ ڪاليج دادو مان ڪئي جتان سندس ٻيا ڀائر به پڙهيا. اسانجو يوسف ڇهن ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي آهي. وڏو محمد يعقوب آهي باقي پنج ڀائر: محمد اسحاق، سيٺ امان الله، پروفيسر عبداللطيف ۽ جهانگير عالم کائنس ننڍا آهن.

    يوسف بنيادي طرح ايڪانامڪس جو شاگرد آهي هن سنڌ يونيورسٽي مان ان سبجيڪٽ ۾ بي اي آنرز ڪئي ۽ ان بعد M.A ڪيائين. ڏهاڪو کن سالن بعد هن Economic Development سبجيڪٽ تي آمريڪا جي اوهيو رياست جي Cincinnati يونيورسٽي مان پڻ M.A ڪئي. بهرحال نوڪري جي شروعات هن ليڪچرار جي حيثيت سان ڪئي پر اها تمام مختصر عرصي لاءِ رهي جيڪا هن 73-1972ع واري عرصي ۾ ڪراچي جي اسلاميه ڪاليج ۾ ڪئي. جيئن ته ان دوران هن CSS جو امتحان پاس ڪري ورتو هو ان ڪري هن پڙهائڻ جو ڪم ڇڏي لاهور اچي اڪيڊمي آف ائڊمنسٽريٽو ٽريننگ ۾ تعليم حاصل ڪئي.

    يوسف ميمڻ جي ان ٽريننگ بعد پهرين پوسٽنگ سيڪشن آفيسر جي حيثيت ۾ راولپنڊي ۾ وزارت دفاع جي Aviation Division ۾ ٿي. ان بعد سندس اتي ۽ اسلام آباد ۾ صحت، ڪامرس ۽ ٻين کاتن ۾ بدلي ٿيندي رهي. جن ڏينهن ۾ محمد خان جوڻيجو وزير اعظم هو انهن ڏينهن ۾ يوسف راولپنڊي ۾ پرائيم منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ ڊپٽي سيڪريٽري هو. ان بعد هن آمريڪا اچي M.A ڪئي. هي سال 1986ع کان 1988ع جي ڳالهه آهي. واپسي تي بينظير صاحبه جي حڪومت ۾ يوسف صاحب پرائيم منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ فائننس سيڪشن ۾ ڊپٽي سيڪريٽري ٿي رهيو. ان بعد 1990ع کان 1995ع تائين جرمني ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ ڪمرشل قونصلر جا فرضَ سرانجام ڏنا. هن عرصي دوران ٻه سال 1992ع ۽ 1993ع اهڙا هئا جيڪي آئون هن جي ويجھو سئيڊن جي شهر مالمو ۾ هوس.

    جرمني کان واپس ورڻ بعد يوسف 1996ع ۾ نيپا جي ٽريننگ حاصل ڪئي جنهن بعد ڪجهه مهينا ڊپٽي سيڪريٽري رهڻ بعد فائننس ڊپارٽمينٽ ۾ جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1998ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومت شروع ٿي ۽ نئشنل ريڪنسٽرڪشن بيرو جو چيئرمين جنرل نقوي مقرر ٿيو جنهن سان گڏ يوسف صاحب 1999ع کان 2003ع تائين ڪم ڪيو ان بعد پاڻ وري Ministry of Water and Power ۾ جوائنٽ سيڪريٽري ٿي آيو ۽ ڪجهه عرصي بعد ائڊيشنل سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ 2008ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ کان اڳ PPIB، ڪو آلٽرنيٽو انرجي بورڊ جو MD (مئنيجنگ ڊائريڪٽر) رهيو.
    هونءَ يوسف جي هڪ ڳالهه قابل تعريف آهي ته هن نوڪريءَ جو هڪ هڪ ڏينهن سنجيدگي سان سرانجام ڏنو. ذهين ۽ محنتي ته ننڍي هوندي کان هو. هن صحيح معنيٰ ۾ ملڪ جو هڏ ڏوکي ٿي ملڪ جي ڀلي خاطر ڪم ڪيو. هن جا نوڪري دوران ڪيل ڪيترا اهم ڪم آهن جن جي هر هڪ واکاڻ ٿو ڪري. ايتري قدر جو سندس ڪلاس ميٽ ۽ ڳوٺائي لياقت جتوئي به يوسف جو قدر ٿي ڪيو، خاص ڪري واپڊا سسٽم ۾ 2300 ميگا واٽ بجلي جي واڌ آڻڻ ۾، انهن ڏينهن ۾ لياقت جتوئي واٽر ۽ پاور جو وفاقي وزير هو ۽ يوسف ائڊيشنل سيڪريٽري هو.
    جرمني ۾ پاڪستان جو ڪمرشل قونصلر هجڻ جي حيثيت ۾ يوسف ميمڻ جرمني ۾ پاڪستاني شين جي ڊمانڊ ۽ وڪري ۾ اضافو آندو جنهن جي ساک جرمني ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني واپاري به ڏين ٿا. جھمپير سنڌ ۾ هلندڙ هوا جي چرخي (Wind Mill) پويان به يوسف جو پورهيو آهي. هڪ ٻي اهم ڳالهه جيڪا اسان يوسف جي ڪريڊٽ ۾ ڳڻائي سگهون ٿا. اها آهي ٿر جي ڪوئلي لاءِ بينچ مارڪ Tarrif مقرر ڪرائڻ. جنهن ڪري پاور جنريشن کي هٿي ملي آهي. سندس ڄاڻ، محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي خاصيت ڪري ريٽائرمينٽ جي دؤر ۾ پهچڻ جي باوجود حڪومت گيس اسلام آباد ۾ واٽر ۽ پاور ونگ جو صلاحڪار ڪري رکيو آهي.
    يوسف اسلام آباد ۾ هجڻ، وڏن عهدن تي رهڻ ۽ سهولتن جي باوجود اجايو وقت وڃائڻ ۽ آرام جي زندگي گذارڻ کي ترجيح هرگز نه ڏني. منهنجي نظر ۾ سنڌ جي ماڻهن لاءِ هن جي تمام وڏي خدمت اها آهي ته هن اسلام آباد ۾ سگا (سنڌ گرئجوئيٽس ائسوسيئيشن) جي شاخ قائم ڪئي. اها هن 1976ع ۾ شروع ڪئي. ان بعد هن اسلام آباد ۾ سگا طرفان شاهه عبداللطيف ڪامپليڪس ٺاهيو جنهن جي ڪميونٽي سينٽر کي پاڻ ننڍڙي سنڌ به چئي سگهون ٿا جتي نه فقط سگا جا ميمبر پر پنهنجي صوبي کان ڏور سنڌي ماڻهو فنڪشن، دعوتون ۽ ملاقاتون ڪري سگهن. هن کي ۽ يوٿ هاسٽل کي ٺاهڻ ۽ هاڻ قائم رکڻ ۾ يوسف کي ڪيڏي محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ هر روز نوان پيش ايندڙ مسئلن کي جنهن ريت يوسف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان تي هڪ الڳ ڪهاڻي لکي سگهجي ٿي.

    هتي اهو به لکندو هلان ته يوسف نئشنل اسڪائوٽس ڪمشنر، اسلام آباد به رهي چڪو آهي.اها چوڻي عام آهي ته هر مرد جي ترقي پٺيان ڪنهن عورت جو هٿ ٿئي ٿو پر سنڌ جهڙي هڪ ڌتڙيل صوبي ۾ جتي شاگردن کي نه بنيادي سهولتون حاصل آهن (جن ۾ اسڪول جي عمارتن ۽ وِهَڻ جي بينچن کان لئبرريون، سواري، بجلي اچي وڃي ٿي) نه وري ڪا سنڌ جي موسم ايران، ترڪي يا ڪئسپين ۽ ميڊيٽرين سمنڊ جي ڪناري وارن ملڪن جهڙي وڻندڙ آهي، اتي جيڪڏهن ڪو شاگرد يا شاگردياڻي ڪنهن اعليٰ عهدي يا ڪنهن خاص سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ڪري ٿو/ٿي ته آئون ان پويان سندس والدين ۽ استادن جو هٿ سمجھان ٿو. آئون هميشه اهم ماڻهن کان سندن دلپسند استادن جو به پڇندو رهان ٿو جن هنن ۾ اُتساهه پئدا ڪيو، رهنمائي ڪئي ۽ ايمانداري سان پڙهايو. يوسف کان اهو سوال ڪرڻ تي هن پنهنجن استادن جي ڊگهي لسٽ ٻڌائي جن جي ڪري هو هيءَ منزل ماڻي سگهيو. ڪجهه جيڪي مونکي هن وقت ياد اچي رهيا آهن، هن ريت آهن. دادو جي پرائمري اسڪول جو سائين ديوان سورج مل ۽ سائين عبدالله، هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ سائين ڪريم بخش چنا پاٽ وارو، سائين تاج صحرائي ۽ سائين عبدالرعوف ميمڻ. سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر سائين محمد عمر ميمڻ، الياس ابڙو صاحب، حسن ڀٽو صاحب ۽ غلام حسين خاصخيلي صاحب.
    محمد يوسف جي شادي سال 1972ع ۾ پنهنجي ماسات پروفيسر حسنا قاضي سان ٿي جيڪا سنڌ جي اهم شخصيت نواب شاهه جي قاضي فيض محمد جي ڌيءَ آهي. مئڊم حسنا بنيادي تعليم پنهنجي شهر مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان ڪيمسٽري ۾ M.Sc ڪئي ۽ شروع کان اسلام آباد ڪاليج فار وومين سان وابسته رهي آهي. اولاد ۾ کين چار نياڻيون آهن. وڏي ڌيءَ عائشه C&A ڪئي آهي ۽ اسان جي مرحوم دوست ڊاڪٽر شريف ميمڻ جي پٽ ثاقب جي زال آهي. هو ڪافي عرصي کان نيوزيلئنڊ ۾ رهن ٿا. ٻيو نمبر ڌيءَ عظميٰ جي شادي اسان جي هڪ ٻئي دوست نذر محمد ميمڻ جي پٽ مصطفيٰ سان ٿي آهي هي اسلام آباد ۾ رهن ٿا ۽ ٽيون نمبر ڌيءَ ڊاڪٽر ايلسا جي شادي نواب شاهه واري ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اعظم يوسفاڻي جي پٽ خاور سان ٿي آهي جيڪي اسڪاٽلينڊ ۾ رهن ٿا ۽ ننڍي ڌيءَ ميرا يوسف تعليم مڪمل ڪري رهي آهي.


    خلوصَ مان
    الطاف شيخ
    ملاڪا ــ ملائيشيا
    18 آگسٽ 2012ع


    پبلشر نوٽ

    الطاف شيخ جو نالو ۽ سندس سفرناما ڀلا ڪهڙي سنڌ واسيءَ لاءِ تعارف جا محتاج آهن ؟ ! سنڌي ٻوليءَ کي 70 کان وڌيڪ ڪتاب (جن مان گهڻائي سفرنامن جي آهي) ارپيندڙ، الطاف شيخ سنڌ ۾ گهڻو پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي، جنهن جي نئين ڪتاب جي شايع ٿيڻ جو پڙهندڙ شدت سان انتظار ڪندا آهن ۽ سندس هر ايندڙ ڪتاب هٿو هٿ وڪامي به ويندو آهي. پنهنجي پروفيشنل ذميوارين کي احسن طريقي سان نڀائڻ سان گڏوگڏ الطاف شيخ صاحب پنهنجي سموري عمر لکڻ جي عمل کي پڻ ارپي آهي، ايئن الطاف صاحب پنهنجي سموري عمر سجائي ۽ سڪارتي ڪئي آهي ۽ هن وقت به سندس زندگيءَ ڏانهن ۽ پنهنجي سماج ڏانهن ساڳيو رويو جاري آهي.

    اداري پوپٽ پبلشنگ هائوس کي ڪجهه عرصو اڳ الطاف شيخ جي سفرنامي “بندر ديسان ديس” جي سنواريل ۽ وڌايل ٽئين ڇاپي کي شايع ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ هينئر اسين الطاف شيخ جو نڪور سفرنامو “مونکي موهيو ملائيشيا” ڇاپيندي پڻ سرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. اميد ته پڙهندڙن وٽ اسان جي هيءَ ڪوشش به مانُ حاصل ڪندي.



    قُربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس،
    خيرپور، سنڌ.


    سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب الطاف شيخ (رخسانه پريت)

    ڪجهه مهينا اڳ اوچتو Cell Phone تي رنگ ٿي هئي. On ڪرڻ تي نمبر نئون لڳو هو. هڪ دفعو ته فون اٽينڊ ڪانه ڪيم، پر ٿوري دير کان پوءِ وري فون آئي هئي، نيٺ ڊڄي ڊڄي فون Attend ڪئي هئم.
    “بابا! ڊاڪٽر رخسانه پريت ٿا ڳالهايو.” پريان ڏاڍو حجائتو ۽ پنهنجائپ وارو لهجو ٻڌو هئم.
    “جي!” آهستي جواب ڏنو هئم.
    “ڊاڪٽر! آءٌ الطاف شيخ، رائٽر الطاف شيخ ٿو ڳالهايان. اوهان جي شهر حيدراباد مان.” لهجو بدستور ساڳيو ئي پنهنجائپ وارو هو. آءٌ حيران به ٿي هئس ته گڏوگڏ خوشيءَ واري ڪيفيت به هئي.
    “سر! اوهان ڪيئن آهيو؟ ٺيڪ آهيو نه! الطاف صاحب اوهان اسان جا favourite رائٽر رهيا آهيو. سر جيڪڏهن اوهان حيدراباد ۾ ئي آهيو ته پليز ڪجهه گهڙين لاءِ اسان جي گهر اچو. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي.“ يڪساهيءَ چئي وئي هئس. “مهرباني! ڊاڪٽر مهرباني! اوهان جي گهر ئي ته اچڻو آهي تڏهن ته فون ڪئي اٿم، اوهان سان ڪچهري ڪرڻي آهي.”
    “سر اوهان مون کي بس اهو ٻڌايو ته اوهان ڪٿي آهيو، ڪهڙي رائٽر جي گهر آهيو. آءٌ اوهان کي پنهنجي گاڏي موڪلي ڏينديس.
    “نه، نه بابا. آئون سيلاني ماڻهو آهيان، پهچي ويندس. اوهان بس ائڊريس ٻڌايو.”
    الطاف صاحب پهريون دفعو فون تي رابطو ڪيو هو، پر بلڪل به نه ٿي لڳو ته ڪا اها گفتگو پهريون دفعو ٿي رهي هئي.
    جلدي جلدي ۾ کيس ائڊريس سمجهائي هئم. شام جو مقرر وقت تي الطاف صاحب اڪيلو ئي اسان جي گهر پهچي ويو هو، ائڊريس سمجهي، آءٌ حيران ٿي وئي هئس. جتي پنهنجا دوست، مائٽ ڀلجي ڀلجي ويندا آهن. ڪڏهن اڳين گليءَ ۾ هليا ويندا ته ڪڏهن پوئين گليءَ مان فون تي رڙ پئي پوندن. هاڻي ڪيئن اچون. Left تي مڙون يا right تي. ڪڏهن ڪڏهن ته helper جي نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻ کي ئي رئو ويڙهي گهر مان کين وٺي اچڻ لاءِ نڪرڻو پوندو آهي، پر الطاف صاحب بغير ڪنهن پريشاني جي اچي پهتو هو.
    واقعي هو سيلاني ماڻهو آهي!
    گهر تي ڪافي ڪچهري ٿي هئي، هن منهنجي ڊاڪٽر جي ٻارن ۽ منهنجي گهروارن امان، بابا، ڀائرن ڀينرن متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جيڪا پوءِ هن پنهنجي ڪتاب ”هلي ڏسجي هندستان“ ۾ شامل ڪئي هئي.
    الطاف شيخ صاحب جو ائين اسان جي گهر اچڻ منهنجي لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ اتساهه جو سبب بڻيو هو. اها جذباتي ڪيفيت اڃا گهٽ ئي نه ٿي هئي ته هفتو کن اڳ وري سندن ڪال آئي هئي.
    “ڊاڪٽر پريت! اوهان منهنجي نئين ڪتاب- ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي جو مهاڳ لکي ڏيو.” لهجو ساڳيو ئي حجائتو ۽ پيار ڀريو هو.
    ”سر آءٌ!؟“ آهستي وراڻيو هئم.
    ”ها! ڊاڪٽر پريت اوهان ئي منهنجي ڪتاب جو مهاڳ لکندا. منهنجي ته اوهان کان مهاڳ لکرائڻ جي دلي خواهش هئي ئي، پر ڪافي دوستن به اوهان جو نالو recommend ڪيو آهي. ڪتاب جو print out موڪليان ٿو ڀلي آرام سان ٻن ٽن هفتن اندر لکي موڪلجو.”
    ٻن ٽن ڏينهن ۾ نئين ڪتاب جو print out ۽ ان سان گڏ چار ٻيا خوبصورت ڪتاب TCS جي ذريعي پهتا هئا. ڏسندي ئي هڪدم ذهن ماضي ۾ هليو ويو هو.
    پنجين ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندي ۽ ڀانڊاري ۾ ڪجهه سڪا ۽ رپيا گڏ ڪري ڪري الطاف شيخ جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندا هئاسين. اڄ سندس ڪتاب تي مهاڳ پئي لکان. سچ پچ ته اڄ منهنجي دل سان گڏ منهنجي قلم ۽ آڱرين جي به عجيب ڪيفيت آهي.
    الطاف شيخ جا سفرناما پاڻ پڙهڻ کان پهرين مون بابا کي پڙهندي ڏٺا، جيڪو پنهنجي ڪاليج جي library مان کڻي ايندو هو ۽ جڏهن گهر اندر بورچيخاني جي سامهون واري حصي ۾ ڪرسي وجهي پڙهڻ شروع ڪندو هو ته سج مٿي چڙهي ايندو هو. اس مٿان وري ويندي هئن، پر پڙهائي ۾ ايترو ته گم هوندو هو جو اس ۾ به پيو پڙهندو هو. پوءِ امان يا اسان مان ڪو ٻار کين اس مان اٿاريندا هئاسين ۽ پوءِ ڪمري ۾ اچي وري پڙهڻ ۾ لڳي ويندو هو ۽ پوءِ امان ناراض ٿي پوندي هئي. ”آخر انهن ڪتابن ۾ آهي ڇا جو پڻهين انهن ۾ منهن ٿو وجهي ته ڪڍڻ جي وائي ڪانه اٿس. ڪوبه ڪم ڪونه ٿو ٿئي، نه ڀاڄي نه بل پيارڻ، نه ئي مارڪيٽ مان ٻيو سامان سڙو آڻڻ.“
    “امان انهن ڪتابن ۾ سڄي دنيا اٿئي! بابو صرف پڙهي ڪونه ٿو. الطاف سان سڄي دنيا گهمي به ٿو.” اسان وري امان کي وڌيڪ چيڙائڻ لاءِ کيس کلندي کلندي چوندا هئاسين ۽ پوءِ امان الطاف شيخ صاحب کي به گهٽ وڌ پئي ڳالهائيندي هئي ۽ ڪم ڪار به پئي ڪندي هئي.
    اڄ جو ٻار جتي KFC ۽ McDonald جهڙين ملٽي نيشنل ريسٽورنٽس ۾ وڃي خوش ٿئي ٿو، اسان پنهنجي زماني ۾ الطاف شيخ جو نئون سفرنامو خريد ڪري ان کان وڌيڪ خوش ٿيندا هئاسين. اهو credit به الطاف شيخ ڏي ئي وڃي ٿو ته هن پنهنجي سفرنامن ذريعي اسان جي آڱر پڪڙي ادبي دنيا ۾ داخل ڪرايو هو! اسان ۾ سٺا ڪتاب پڙهڻ جو رجحان وڌو هو.
    سندس موڪليل ڪتابن مان خوبصورت سفرنامي ”هلي ڏسجي هندستان“ کي منهنجي ننڍڙي پٽ همير ڏسندي، مون کان پڇيو هو ”امي! انڪل الطاف کي هنن ڪتابن لکڻ جا گهڻا پئسا ملندا آهن.“
    ”پٽ ڪي خاص پئسا ڪونه ملندا آهن. هتي سنڌ ۾ ڪجهه رائلٽي ملي ويندي هوندي، جنهن جي به پڪ ڪونهي، پر ٻاهرين ملڪن ۾ خاص طور تي يورپ ۾ ته رائٽرس کي وڏا معاوضا ملن ٿا.“ جواب ڏنو هئم.
    ”امي پوءِ هنن ڪتابن لکڻ جو ڪهڙو فائدو!“ معصوميت مان وراڻيو هئائين.
    ”پٽ وڏو ٿيندي ته پوءِ انهن ڳالهين کي پاڻهي سمجهي ويندين.“ کلندي جواب ڏنو هومانس.
    ”دل ۾ سوچيو هئم پٽ اهو عشق آهي ۽ عشق جي ڪابه اجرت ناهي ٿيندي. عشق ۾ صرف ارپنائون هونديون آهن. الطاف شيخ صاحب پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻولي سان عشق جي حد تائين محبت ڪئي آهي ۽ هي ايترو ڪتابن جو خزانو سنڌ کي ارپيو آهي نه ته هن کان وڌيڪ گهمڻ وارا ۽ پئسي وارا ماڻهو سنڌ ۾ موجود آهن، پر انهن مان ڪوبه الطاف شيخ بڻجي ناهي سگهيو.
    دنيا جا انيڪ ملڪ ڏسندڙ ۽ اسيءَ کان وڌيڪ انگ ۾ ڪتاب لکندڙ هي فقيري طبعيت رکندڙ اديب الطاف شيخ صاحب جتي پنهنجي سفرنامن ۾ پڙهندڙ کي تفريح مهيا ڪندو رهيو آهي، اُتي گڏوگڏ مختلف ملڪن جي تاريخ ۽ جاگرافي، اتان جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، اتان جا رسم و رواج، ماڻهن جي نفسيات، انهن جا رويا ۽ ٻوليءَ جي باري ۾ به تفصيل سان لکندو رهيو آهي.
    جيئن هو هن ڪتاب ۾ ملائيشيا جي ننڍڙي ۽ تاريخي شهر ملاڪا جي history بيان ڪندي لکي ٿو:
    “ملاڪا هڪ تاريخي شهر آهي، بلڪ سڄي ملائيشيا ۾ هي پهريون شهر آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي رهيا آهن. هي شهر سالن تائين سڄي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جو مرڪزي ڪمرشل ۽ گاديءَ وارو شهر مڃيو ويو ٿي. ملايا جو پهريون هندو سلطان پرميشور جيڪو پوءِ مسلمان ٿيڻ تي اسڪندر شاهه سڏائڻ لڳو، جاوا ۽ سماترا پاسي کان جان بچائي هن شهر ۾ اچي رهيو. ان وقت هي هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ هو، جنهن کي اسان بين الاقوامي زبان ۾ فشنگ وليج سڏي سگهون ٿا. يورپي فاتح ڊچ، پورچوگالي ۽ آخر ۾ انگريز به هتي آيا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ تي هو سڄي ملڪ (ملايا) جا مالڪ ٿي ويٺا ٿي. بهرحال “ملاڪا” شهر يا رياست جو نالو مللائيشيا جي تاريخ ۾ آڳاٽو ضرور آهي، پر دنيا جي تاريخ ۾ ڪو اهڙو اهم ۽ پراڻو ناهي. ملاڪا کان ته ٺٽو، روهڙي، ملتان يا لاهور جهڙا شهر تمام جهونا آهن.”
    الطاف صاحب جي سفرنامن جي هڪ اضافي خوبي اها به چئي سگهجي ٿي ته هو نه صرف ٻاهرين ملڪن جي تاريخي حيثيت سمجهائيندو هلي ٿو، پر پڙهندڙن تي وڌيڪ واضح ڪرڻ لاءِ انهن جي پنهنجي ڌرتيءَ جي، پنهنجي سنڌ جي مختلف شهرن جي تاريخي حيثيت سان ڀيٽ به ڪرائي ٿو. جيئن ريڊر ڪنهن به مونجهه جو شڪار نه ٿئي. جيئن هيٺئين اقتباس ۾ پاڻ لکي ٿو:
    “ياد رهي ته ملائيشيا جو هي پهريون شهر ملاڪا جڏهن جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺهڻ شروع ٿيو. تڏهن اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊو جهانيان جهڙا شهر به دنيا ۾ مشهور هئا، تڏهن ته ابن بطوطه دنيا جي سير تي انهن شهرن کان اچي نڪتو. قلندر شهباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف نه شعرو شاعري ۽ هيڏانهن اسان وٽ، ان کان 80 سال اڳ 1320 ۾ امير خسرو (علاءُ الدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جو شاعر) تغلق نامو لکي ڇڏيو هو.”
    الطاف شيخ صاحب هڪ طرف مٿئين اقتباس وانگر مختلف شهرن جا تاريخي حوالا ڏيندو هلي ٿو ته ٻئي طرف هو ملائيشيا جي ماڻهن، اتان جي مشهور جڳهين، ڪاروبار، اتي جي تعليم ۽ صحت جي سلسلي ۾ ٿيل مجموعي ترقي بابت به تفصيل فراهم ڪري ٿو. سندس سفرناما انتهائي دلچسپ هجڻ ڪري، پڙهندر کي مڪمل طور تي پنهنجي گرفت ۾ رکن ٿا، هو ڪتاب پڙهندي پڙهندي مورڳو ئي وڃي ان ملڪ ۾ نڪرن، جنهن جي باري ۾ هو پڙهي رهيا آهن. سندس هن سفرنامي ۾ ”ملائيشيا ۾ ماما ڪلچر” جي سري هٺ ڏنل مضمون ڪافي دلچسپ آهي، جنهن ۾ الطاف صاحب ملائيشيا ۾ آيل انڊين ۽ تامل نسل جي پورهيتن جو آباد ٿيڻ ۽ انهن پاران قائم ڪيل ننڍن ننڍن هٽن، ريڙهن ۽ چانهه جي دڪانن جو ذڪر ۽ سندن پنهنجي ملڪ جي پٺاڻن جن کي لالا سڏيو وڃي ٿو ۽ شيدين جن کي وري ڏاڏا سڏجي ٿو، سان ڀيٽ ڏيڻ انتهائي دلچسپ لڳي ٿو.
    ملائيشيا ۾ تمام وڏا ريسٽورنٽس، ڊپارٽمينٽل اسٽورس ۽ هوٽلن، شاپنگ مالس جي باوجود هنن مامائن (Mamak) جي ٺاهيل چانهن (Teh Tarik) جيتعريف ڪرڻ، ان جي ٺاهڻ جو طريقو ۽ ان ۾ شامل Ingridients وغيره جي باري ۾ ٻڌائڻ، گڏوگڏ انهن مامائن جي سماجي ۽ معاشي حيثيت به سمجهائيندو هلڻ پڙهندڙ کي ڏاڍو معزوز ڪن ٿا.
    هتي اها ڳالهه ٻڌائڻ به اهميت جوڳي آهي ته ڪنهن به ملڪ ۾ ٻاهران آيل قومون آباد ٿي ڀلي ترقي ڪري ڪاٿي به پهچي وڃن پر مقامي ماڻهو انهن کي عزت جي نگاهه سان ڪونه ٿا ڏسن. جيئن هنن مامائن جي اولاد مان ڪافي پڙهي لکي ملائيشيا جي اعليٰ عهدن تي فائز آهن، پر بقول الطاف شِخ صاحب جي پوءِ به ملائيشيا جي ملئي مسلمانن ۽ چينين کي اها ڳالهه ڪانه ٿي وڻي.
    الطاف شيخ صاحب پنهنجي خوبصورت پرڏيهي سفرنامن ۾ جتي انهن ملڪن بابت معلومات فراهم ڪري ٿو ته ٻي طرف هڪ مخلص Guide طور به نظر اچي ٿو. جيئن اسان جهڙن مڊل ڪلاس سان واسطو رکندڙ ۽ ڇڪتاڻ واري زندگي گذاريندڙ سنڌ واسين کي اگر معجزاڻي طور تي ايتري ميڙي چونڊي ٿي پئي جو هو وڃي ملائيشيا نڪري، ته سندس هن ڪتاب جي گڏ هجڻ سان مان سمجهان ٿي ته ملائيشيا گهمڻ ۾ ڪابه مونجهه ڪانه ٿيندي. هو اسان کي اهو به ٻڌائيندو هلي ٿو ته ٻاهرين ملڪ ۾ ڇا ڇا گهمجي، ڪهڙين هوٽلن ۾ رهجي، مختلف جڳهين تي وڃڻ جو ڪرايو ڪيترو آهي، ڪهڙن نمبرن وارين بسن ۾ چڙهجي؟ ڪهڙن اسٽاپن تي لهجي. جي ٽيڪسيءَ ۾ چڙهجي ته ڀاڙو ڪيئن ٻولائجي، ايتري رهنمائي ته شايد پنهنجو ڪو مائٽ يا دوست به نه ڪري سگهي، جيتري هي اسان جو درويشي طبعيت ۽ عوامي سوچ رکندڙ البيلو رائيٽر ۽ سيلاني الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفرنامن ۾ پڙهندڙن جي ڪري ٿو.
    “ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي” جي نالي سان ملائيشيا جي هن خوبصورت سفرنامي ۾ هڪ ٻي به سهڻي شيءِ جو ذڪر ٿيل آهي اُها آهي ساگا نالي ٻج (saga seeds) .“ساگا جي ڪهاڻي” جي سري هيٺ هي مضمون به انتهائي دلچسپ آهي، جنهن جون ڪجهه سٽون پڙهڻ سان شاعريءَ جو احساس ٿئي ٿو. الطاف صاحب لکي ٿو ته “ساگا بابت پنهنجي جهاز ران ڪمپنيءَ جي سينگارپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي، پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ۾ ڇڏي، دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان ۾ پهتو. پنهنجي مڙس جي جدائيءَ ۾ هي زال هڪ ٽڪري جي چوٽيءَ تي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي ۽ دعا ڪرڻ لڳي ته هن جو پيارو واپس اچي وڃي، پر هو هرگز نه موٽيو. هوءَ صبح کان شام تائين روزانو پنهنجي مڙس جي ياد ۾ روئيندي رهي. تان جو هن جي اکين جو پاڻي سڪي ويو. هاڻ ڳوڙهڻ بدران هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو. اهي رت ڦڙا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ لڳا. ڏسندي ئي ڏسندي انهن ٻجن مان ٻوٽا ڦٽي وڻ ٿيڻ لڳا، جن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ميوو ٿيڻ لڳو، جن جي اندر اهڙا ئي سهڻا ٻج هئا. اهي ٻج ان وقت ياد جون ڦريون Remembrance Beans سڏجڻ لڳيون. انهن ڦرين مان نڪرندڙ هي کهنڀي رنگ جو ٻج اڄ ڏينهن تائين وفادار عورت جي پنهنجي مڙس لاءِ سڪ ۽ انتظار جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سينگاپور ۽ ملائيشيا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين اها رسم هلندي اچي ته ٻئي سان سڪ ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ ساگا ٻج جي ڀريل بوتل تحفي طور ڏني وڃي ٿي.”
    ساگا ٻچ جي ملائيشيا ۾ ايتري اهميت آهي جو اتي ٺهندڙ پهرين ڪار جو نالو به هن ٻج جي نانءَ تي ساگا رکيو ويو.
    الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ هر دفعي اهو ثابت ڪندو رهيو آهي ته هو انتهائي اعليٰ پائي جو نثرنويس آهي. سندس لکڻ جو اسلوب (diction) بلڪل مختلف ۽ انتهائي خوبصورت آهي. هو پنهنجي ڪتابن ۾ جتي مختلف ماڻهن جا شخصي خاڪا ڏيندو رهيو آهي، اتي هو پنهنجي باري ۾ به معصوميانه سچائيون بيان ڪندو رهيو آهي. جيئن ملائيشيا جي مشهرو راند Sepak Takraw جنهن جي باري ۾ تفصيل سان سمجهاڻي ڏيندي پوءِ لکي ٿو ته:
    “اسان جا جيڪي اڳيان رانديگر هئا، انهن کان بال مخالف ڌر جي گول تائين پهچايو نه پئي ٿيو ۽ اسان مان پٺيان بيٺلن کان بال جهليو نه پئي ٿو. مخالف ڌر وارا جيئن ئي زوردار ڪڪون هڻي اسان ڏي وڌن ته اسان جي ٽيم جا پٺيان بيٺل ڀڄي پاسي تي ٿيو بيهن. هو گول ڪريو وڃن پوءِ ڏوهه گول ڪيپر جو (الطاف شيخ صاحب ان راند ۾ گول ڪيپر طور کيڏي رهيو هو). قد وڏو هجڻ ڪري گول ڪيپر مون کي بڻايو هئائون. پر رڳو قد سان رانديون نه کيڏبيون آهن، افعال به ته هجڻ کپن.”
    الطاف صاحب جي مٿئين بي ساختگي پڙهندر کي تمام گهڻو معزوز ڪري ٿي. اڳيان لکي ٿو، “سينٽر بئڪ تي بيٺل برما جو ڪيپٽن پيٽر چوي ته: “گول ڪيپر ٽيم جي جان هوندي آهي، الطاف ڪجهه ته خيال ڪر!”
    ”اچي پاڻ ٿي گول ڪيپر! جان هر ڪنهن کي پياري هوندي آهي!” مون چيومانس. هڪ دفعي ڀڄي پاسي تي ٿيڻ جو موقعو نه مليو. بال زوڪاٽ ڪندو منهنجي ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو.
    “الطاف گهٽ ۾ گهٽ ٽنگون ئي بند ڪرين ها ته هن گول کان بچي وڃون ها.” ڪيپٽن پيٽر چيو “چڱو جو بال ٽنگن وچان لنگهي ويو. Abdomen گارڊ ڏيو ته پوءِ ٽنگون بند رکان. مون وراڻيو.“
    هي سڀ پڙهندي بي ساخته پڙهندڙ کان ٽهڪ نڪريو وڃن، سندن طبيعت ڪيترن ئي مونجهارن کان ڪجهه گهڙين لاءِ آجي ٿيو پوي.
    ساگا ٻج جيڪو ملائيشيا ۾ محبت جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو، محبت ڪندڙ هڪ ٻئي کي تحفي طور ڏين ٿا. تنهن جي باري ۾ لکي ٿو:
    “اسان کي ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به ڪنهن چينياڻي يا ملئياڻي کان ساگا ٻجن جو تحفو نصيب نه ٿيو پر پاڻ ئي همت ڪري سينگاپور آرچرڊ روڊ جي پاسن تي لڳل ساگا ٻجن جي وڻن مان ڪريل ٽارين مان ٻج ڪڍي گڏ ڪيا هئم.”
    الطاف شيخ صاحب جون پنهنجي ذات متعلق چپن تي مرڪون آڻيندڙ ۽ دل کي ڇهي ويندي ننڍڙيون ننڍڙيون سچائيون ته ڪتاب ۾ آهن ئي پر هن ڪتاب “ملاڪا کان گينتنگ ۽ لگنڪوي” ۾ هن ڪيترين ئي ڳالهين ۾ ملائيشيا جي پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي کرو سچ لکيو آهي. ان ۾ تعليم، صحت، مجموعي ترقي کان ويندي فرسوده so called رسم رواجن تي به تنقيد ڪئي اٿس. جيئن اڄڪلهه اسان وٽ ٿيندڙ شاديون ماڻهن لاءِ جان جو عذاب بڻجي ويون آهن، جن جي باري ۾ ملائيشيا ۾ ٿيندڙ شادين سان ڀيٽ ڪندي الطاف شيخ صاحب لکي ٿو:
    “ملائيشيا ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ شادي، سا به وڏي شهر جي ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ ٿئي نه ته سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي منجهند جو ٿئي ۽ سڀني جي سهوليت لاءِ ڇنڇر جو يا آچر جو ڏينهن رکيو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ شادي جو ٽائيم منجهند 12 وڳي کان 4 وڳي تائين آهي. يعني انهن چئن ڪلاڪن ۾ مهمان ڪنهن به وقت اچي سگهن ٿا. ماني به ٻارهين وڳي کان لڳل هوندي آهي، جيڪو به مهمان ايندو آهي، اُهو اچڻ سان ماني کائي روانو ٿي سگهي ٿو.”
    مٿئين اقتباس وانگر ملائيشيا ۾ ٿيندڙ شادين جون ڪيتريون ئي مثبت ڳالهيون الطاف صاحب اسان کي هن ڪتاب ۾ ٻڌايون آهن. مثلا شادي جي ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار مهانگو ۽ اوچو وڳو ضرور پهرين پر اهو پنهنجو نه پر مسواڙ تي ورتل هوندو آهي. شادي تي ايندڙ مهمان به ڊريسون زيور تاج سڀئي شيون مسواڙ تي ورتل پائي اچن ٿا، جن جي مسواڙ 20 رنگٽ (پنج سؤ روپيا) مس ٿئي ۽ انهن شادين جي پنهنجي مقامي شادين سان ڀيٽ ڪندي ڏاڍي سچي ۽ کري انداز ۾ لکيو اٿس جو هر پڙهندڙ کي لڳندو ڄڻ سندس ئي دل جي ڳالهه ٿي رهي آهي. جيئن پاڻ لکن ٿا:
    ”اسان وٽ شادي هالن ۾ مهمانن جي گوڙ گهمسان ۾ گانن جا رانڀاٽ پيا پوندا ۽ گهر پهچڻ تي مٿي جي سور جي گوري کائڻي پوندي. شادي جو ٽائيم 9 وڳا هوندو. مهمان بک ۾ پاهه پيا ٿيندا. ماني لاءِ رات جو 12 وڳي پيو سڏ ٿيندو ۽ اهو لمحو حيرت انگيز ٿئي ٿو هڪ نفسا نفسي جو عالم هوندو آهي. پاڪستان ۾ آيل ڌارين لاءِ عبرت جو مقام هوندو آهي. متان ماني کٽي نه وڃي، هر هڪ پنهنجي پليٽ تي گوشت ڪباب ۽ مِٺي جا جبل ٺاهي هٻڇي باندرن وانگر تڪڙو تڪڙو کائڻ شروع ڪندو آهي. گهر پهچي هاضمي جون گوريون کائڻ باوجود سڄي رات هانءَ تي بار، ساڙو ۽ ڪن کي تي food poisoning ٿي پوندي آهي. دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن آفيس ۾ دير سان پهچڻ يا غير حاضر رهڻ اسان جي society ۾ عام ڳالهه ٿي پئي آهي. واپسي مهل پنهنجي گاڏين کي ڪڍڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. آڌي رات کان پوءِ گهر موٽڻ تي چورن چڪارن جي خوف کان سڄي واٽ ٽينشن ۾ هوندا آهن، جو اڪثر شادي تان موٽندڙن جون ڦرون ۽ اغوائون ٿين ٿيون. بدهضمي، ننڊ جي کوٽ، اوجاڳي ۽ رستي جي ڊپ کان علاوه هڪ ٻئي جا اوچا ويس وڳا ۽ مهانگيون شيون ڏسي مهمان depression ۾ رهن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ شاديون تعديون بڻجيو وڃن، پر ملائيشيا ۾ معاملو ئي نرالو آهي، جنهن ۾ نه گهوٽ ڪنوار وارن کي تڪليف ۽ نه آيل مهمانن کي.”
    مٿين بيان ڪيل ڳالهين جهڙا سوين سماجي عڪس پڙهندڙن کي هن ڪتاب ۾ نظر ايندا. ڪٿي ڪٿي ته الطاف صاحب جون هي لکڻيون آئينا بڻجي پون ٿيون، جن کي پڙهندڙ نه صرف پڙهندو هلي ٿو، پر پاڻ کي انهن آئينن ۾ ڏسندو به رهي ٿو.
    الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ جتي ماڻهن جي ظاهري منهن مهانڊن، مزاج، ڪم ڪار جي صلاحيتن، سندن Behavior، رسم رواج، وهم ۽ وسون تي تفصيل سان لکندو نظر اچي ٿو ته اتي وري سندن داخلي ڪيفيتن کي به پنهنجي قلم جي ڇهاءَ کان نه ٿو رهائي. توڙي جو اهي ڪيفيتون ننڍي هوندي جون هجن ٿيون، پر انهن وارتائن جا عڪس پوري حياتي ذهن تي نقش هجن ٿا، جيئن سکر جي عباسي فيملي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    “عبدالوهاب ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ محمد يونس نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو، جو ڀرواري ڳوٺ هنڱورو ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. هو وڃڻ وقت دريءَ َ مان مون کي سڏ ڪندو هو ۽ آءٌ بابا کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هن سان گڏ اسڪول ڀڄي ويندو هئس. هڪ دفعي بابا هن کي سڏ ڪندو ڏسي ورتو، “آءٌ جيئن ئي ٻاهر نڪتس ته بابا مون کي ڏاڍي مار ڏني ته اسان غريب ماڻهو، تون جي اسڪول هليو ويندي ته ڪم ڪار ۾ مدد ڪير ڪندو؟”
    “پر پوءِ ان ئي ڏينهن بابا کي مار ڏيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو، مون کي سڏي چيائين ته سڀاڻي کان تون ڀلي اسڪول وڃ. منهنجي اسڪول وڃڻ ڪري هڪ طرف هن جو ليبر ورڪ وڌي ويو. ٻئي طرف اسڪول جي ڪتابن ۽ فين جو بار هن تي پئجي ويو. ساڳي وقت مون کي به اڃ، بک، گرمي، سردي ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول وڃڻو ۽ اچڻو پيو ٿئي. اسان ته گهر ۾ گهڻي دير لالٽين ٻاري پڙهڻ، يا نوان ڪپڙا به پائڻ به afford نه ٿي ڪري سگهياسين پوءِ هڪ منزل کان ٻي منزل تائين ڪيئن پئي پهتاسين، ان جي الڳ ڪهاڻي آهي.”
    ائين الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ صرف سفر ئي نه پر ڪيتريون ڪهاڻيون به بيان ٿينديون هلن ٿيون. ڪٿي اکيون ڀرجي اچن ٿيون ته ڪٿي چهري تي ڪاوڙ جون ريکائون اڀرن ٿيون. پر پڙهندڙ کي مڪمل طور تي هو پنهنجي گرفت ۾ رکڻ جو فن ڄاڻي ٿو.
    سفرنامو توڙي جو ادب جي ئي هڪ صنف آهي، پر منهنجي نظر ۾ ان کي لکڻ لاءِ جن ڳالهين جي ضرورت هجي ٿي انهن ۾ سچائي، مستقل مزاجي، ٽائيم جي صحيح ورڇ (ڇاڪاڻ ته رائيٽر هر وقت تخليقي ڪم نه ٿو ڪري سگهي ان کي زندگي جا ٻيا به ڪيترائي ڪم ڪار ڪرڻا هوندا آهن)، احساس ذميواري، لکڻ جو پنهنجو هڪ الڳ اسلوب (diction)، ٻولي جو استعمال، پڙهندڙ جي اڃان ڪجهه وڌيڪ ڄاڻ جي eagerness، هر پڙهندڙ جي الڳ ذهني approach؛ اهي سڀئي ڳالهيون ذهن ۾ رکي ان کي لکڻو پوي ٿو. وري مٿي بيان ڪيل سڀني ڳالهين کي پنهنجي creativity سان ڳنڍي لکڻ، آءٌ سمجهان ٿي ته تمام محنت طلب ڪم آهي. ان ڪري ئي کيس ساراهڻ کان سواءِ رهي ئي نه ٿو سگهجي.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس محنتون ۽ سنڌ واسين ۽ سنڌ ڌرتيءَ سان سندس محبتون ڪمال جون آهن، پر سندس اهي پورهيا اجايا ناهن ويا. سنڌ ۾ سندس هزارين پڙهندڙ ۽ مداح آهن. سنڌ ۾ بلڪ پوري پاڪستان ۾ سرڪاري لائبريري يا سنڌ ۾ ڪابه ذاتي library اهڙي نه هوندي جنهن ۾ هن سيلانيءَ جو ڪوبه انگريزي، اردو يا سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب موجود نه هجي. الطاف شيخ صاحب جا سفرناما پڙهندي ڪيترائي دفعا ائين لڳو هو ڄڻ هو اسان جي گهر جو ڪو فرد هجي ۽ ڀر ۾ ويهي ڏيهان ڏيهه سفرنامن جا داستان اسان کي ٻڌائيندو هجي. محسوس ئي نه ٿيندو هو ته ڪو اسان ڪتاب پڙهي رهيا آهيون. پر هتي آءٌ اهو به پڪ سان چوندي هلان ته اها دعويٰ صرف منهنجي ڪانهي پر جنهن جنهن ۾ ادب ذوق يا اديب الطاف صاحب کي پڙهيو آهي. انهن سڀني کي هو پنهنجي گهر ڀاتيءَ وانگر لڳندو هوندو.
    الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ذريعي اسان کي ادبي دنيا ۾ آندو هو. اسان ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ پنهنجي وت آهر نه صرف سٺو ادب پڙهيوسين پر لکڻ وارن ۾ به شامل ٿي وياسين.
    جن آڱرين کي الطاف شيخ صاحب ادب سان آشنا ڪيو هو اڄ اهي ئي آڱريون سندس لکڻين تي اظهار راءِ ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. اها منهنجي لاءِ وڏي خوشنصيبي آهي. اڃا به ڪيترائي نوجوان ليکڪ جن سندس ڪتاب پڙهيا هوندا، هڪ ڏينهن ضرور انهن مان به ڪيترن کي الطاف صاحب جي ڪتابن تي پنهنجي راءِ لکڻ جو موقعو ملندو.
    الطاف شيخ ۾ هڪ رائيٽر طور ڪيترين ئي خاصيتن سان گڏ سندس انفراديت اها به آهي ته هو مسلسل لکندو رهي ٿو.
    سرندي وڃي ساهه
    موت نه اچي ماٺ ۾
    “پريت”
    ماٺ سندس منشور ۾ ئي نظر ڪانه ٿي اچي. هو مسلسل ۽ ڀرپور لکندو رهيو آهي. ٻاهرين دنيا جي گهڻ پاسائين ڄاڻ ڏيندي ڏيندي جڏهن ان information کي پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي تضادن (conflicts) کي سامهون آڻي ٿو، تڏهن حساس ماڻهن جي سوچن جا سوين سلسلا سندن ذهنن ۾ شروع ٿي وڃن ٿا. جيئن هن ڪتاب “ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي” ۾، ملائيشيا ۾ مذهبي امن امان کي جڏهن پنهنجي ملڪ سان ڀيٽ ڪندي لکي ٿو تڏهن هڪ وڏو تضاد وائکو ڪندي نظر اچي ٿو. جيئن هيٺئين اقتباس ۾ پاڻ لکي ٿو:
    “هتي ملائيشيا ۾ اچي اهو احساس ٿيو ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ نه فقط مختلف زبانون ڳالهائيندڙ پر مختلف مذهبن جا ماڻهو به سڪون سان رهي سگهن ٿا، بلڪ هنن جي مختلف خوشين جي ڏينهن تي هنن کي خوش ٿيندو ڏسي، ساڙ ۽ حسد محسوس ڪرڻ بدران اسان خوشي محسوس ڪري سگهون ٿا. هتي جي گهٽين ۾ آڳاٽا مندر ۽ گرجا گهر اڄ به قائم هجڻ جي باوجود ڀر ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي دين تي قائم آهن ۽ هو نه فقط اسلام کي سچي دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جي اصولن تي عمل به ڪن ٿا. اهڙي تناظر ۾ جڏهن آءٌ هتي جي ملئي اخبار بيريٽا ۽ انگريزي اخبار star يا News Straits Times جي پهرين صفحتي خبر ڏسندو آهيان ته سکر ۾ مسلمانن، عيسائين جي گرجا گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. ملتان ۾ يا ڪراچيءَ ۾ امام بارگاهه تي بم ڪيرايو ويو يا فائرنگ ڪئي وئي ته ان ڏينهن تي آءٌ ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهيان جو هتي ملئي مسلمان مون کان حيرت مان سوال ڪندا آهن ته توهان ٻين جا عبادت گاهه ڇو ٿا ڊاهيو؟ معمولي رنجشن تي انسان ذات جو قتل ڇو ٿا ڪريو؟”
    آءٌ هتي الطاف شيخ صاحب کي اهو ئي چوندس ته پاڻ مٿئين صورتحال ۾ بنا ڪنهن هٻڪ جي انهن ملائيشين ماڻهن کي جواب ڏئي ها ته اسان جي ملڪ ۾ ماڻهو پاڻ ناهن وڙهندا، اهي ويڙهايا ويندا آهن. جن جي پويان ڪي رياستي ڌريون يا ڪي ڳجهيون قوتون ملوث هونديون آهن، جن جو بنيادي اصول ته اهو رهيو آهي ته divide and rule، وسيلن تي قبضه گيري لاءِ به هي تضاد اڀاريا ويندا آهن ته جيئن اصل چهرا سڃاڻپ کان رهجي وڃن. سامراج جون به ناپاڪ نظرون هتان جي ڪيترن ئي resources تي کتل آهن. مطلب ته هي ملڪ آزاد ٿيڻ کان وٺي ڪيترن ئي crisis (بحرانن) جو شڪار رهيو آهي، جنهن جي ڪنهن به فضيلت ڀريي ملڪ سان ڀيٽ ڪري ئي نه ٿي سگهجي.
    هن خوبصورت سفرنامي “ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي” کي پڙهندي سوچيان پئي، اها ڪهڙي ڳالهه، ڪهڙا اشوز، ڪهڙا معاملا ۽ اهي ڪهڙيون جڳهيون آهن جن کي الطاف شيخ صاحب جي قلم نه ڇهيو هجي. ملائيشيا جي سرزمين تي پير رکندي ئي اتي جي زمين جي مزاج کان وٺي اڀ جي ڪيفيتن تائين تاريخي لاهن چاڙهن کان وٺي جاگرافيائي تبديلين تائين اتان جا قدرتي وسيلا، ماڻهن جي روزگار جا ذريعا، اتي آباد ٿيل مختلف قومن جو تاريخي پس منظر، اتان جون Hill stations ريلوي جو تمام بهترين ۽ organized نظام، صحت جي اعليٰ سهولتن جو ذڪر، سڄي ملڪ ۾ بهترين ۽ هڪ جهڙي تعليم مطلب ته الطاف صاحب سڄي ملڪ جو نقشو هن ڪتاب ۾ آڻي ڇڏيو آهي.
    تعليمي نظام بابت لکي ٿو:
    “ملائيشيا وارن پنهنجي تعليمي نظام کي درست بڻايو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ مختلف مذهبن، زبانن جا ماڻهو رهن ٿا، پر ملائيشيا ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، شهرن کان ڳوٺن، ويندي لنگڪوي ٻيٽن تي، ڪي جي نرسري کان مئٽرڪ تائين ساڳيو سيليبس رکيو ويو آهي. اسڪول جو ساڳيو ٽائيم آهي. ستين اسڪول جا دروازا بند ڪيا وڃن ٿا ۽ دير سان اچڻ وارو ٻار کڻي ڪنهن جو به پٽ هجي هُن جي غير حاضري لڳي ٿي.”
    هن سڄي ڪتاب کي پڙهندي هڪڙي ڪمي جيڪا مون کي محسوس ٿي اها اُهي Political conflicts جي. ڇا ملائيشيا ۾ ڪي اهڙا تضاد آهن يا اتي اهڙيون ڪي به تحريڪون نه آهن، جيڪي پنهنجي حقن لاءِ رياست سان مهاڏو اٽڪائينديون هجن. ڇا اتان جي ڌرتي ڌڻين ۽ ٻاهران آيل ماڻهن ۾ ڪنهن سرد جنگ جو ڪو احساس ملي ٿو. ڇاڪاڻ ته منهنجي خيال ۾ ڪوبه ملڪ ڪيترو به developed ڇو نه هجي، پر جتي سرمايو (Investment)، ٻاهريون ناڻو، ڪاروبار، Profit جهڙا لفظ آهن. اتي سوال ئي نه ٿو پيدا ٿئي ته ان ملڪ جي هر شهري کي پنهنجا سمورا حق ملندا هجن. مڃيون ٿا ته ملائيشيا اسان جي ملڪ جي ڀيٽ م تمام بهتر Democratic Country آهي، پر پوءِ به اتي اڃا بهتر نظام لاءِ Movements ضرور هونديون.
    ملائيشيا ۾ جتي ملڪي ترقي جي لاءِ State خود هر وقت ڪوشان رهي ٿي، اتي الطاف شيخ صاحب جيڪي Individual Efforts جا مثال ڏنا آهن، اهي به ڪافي حيرت ۾ وجهندڙ آهن. پنهنجي ذاتي تسڪين جي لاءِ ته ماڻهو ڪروڙين رپيا خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. (اسان جي سنڌي وڏيري وانگر) جيڪي بي لاڀ ۽ اجايا ويندا آهن، پر ڪنهن ڪم کي چئلينج سمجهي ذاتي طرح سان قبول ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجو ڪرڻ ڪافي وڏي ڳالهه آهي. جيئن گننگ هاءِ لينڊ (Hill Station) آهي، جنهن جي باري ۾ الطاف شيخ صاحب لکي ٿو، “هيءَ گنتنگ هل اسٽيشن سرڪاري نه پر خانگي ملڪيت آهي، جنهن جو بنياد رکندڙ هتي جو هڪ امير چيني سوداگر لم گوح ٽونگ Lim Goh Tong آهي، جنهن کي ملائيشيا جي حڪومت طرفان تانسري ۽ داتوسري جهڙا خطاب به مليل آهن. لم گوح تونگ ملائيشيا جو امير ترين ماڻهو مڃيو ويو ٿي، جنهن جي ذاتي ملڪيت ساڍا چار بلين آمريڪن ڊالر هئي. لم گوح 1918 ۾ چين جي فوجيان صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ (Anxi) ۾ جنم ورتو. هي اهي ڏينهن هئا، جڏهن 1911 وارو انقلاب اچي چڪو هو ۽ چين جي وڳوڙيل حالت هئي، جنهن چين جون حالتون تمام گهڻيون خراب ٿي ويون ته هن به چين ڇڏي ملايا جو رخ ڪيو. تنهن وقت لم 19 سالن جو هو، جتي هن واڍي جو ڪم ڪيو ۽ ڪاٺ جي ٺيڪيداري به ڪئي. ائين محنت ڪندي ڪندي تمام مٿي چڙهي آيو. هڪ دفعي جڏهن لم ڪئمرون هاءِ لينڊ جي هوٽل تي ڊنر کائي رهيو هو ته جبل جي مٿانهين ليول تي ٿڌي هوا مان لطف وٺندي هن کي خيال آيو ته ڇو نه هن قسم جي هوٽل ڪوالا لمپور جي ويجهو ٺاهجي جيئن مڪاني ۽ ڌاريا ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي ٿڌڪار جو مزو وٺڻ لاءِ ڪلاڪ کن جي سفر تي پهچي وڃن. مسٽر لِم کي ان جبل تائين پنهنجي خرچ تي روڊ ٺهرائڻ ۾ چار سال لڳي ويا، اليڪٽريسٽي لاءِ ٻارهن وڏا جنريٽر لڳرايائين. مختلف جڳهين تي مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ حوض ۽ فلٽريشن پلانٽ ٺهرايائين. هو وڏو ماڻهو هو، جنهن سڀ ڪجهه هن project ۾ هڻي ڇڏيو. ٽيهن سالن ۾ هتي هن گنتنگ هاءِ لينڊ وڏي ترقي ڪئي آهي، هتي فنڪشن، ڪانفرنسون ڪرڻ لاءِ وڏا ماڊرن هال، پارڪ، سوئمنگ پولس، ٻارن لاءِ رانديون، مهانگا فليٽ ۽ جوا خانه ٺاهيا ويا آهن. هتي وڏن هالن ۾ انڊين IIFA ايوارڊ تقريب ۽ زي سئنيما وارن طرفان Lux Style ايوارڊ ورهائجي چڪا آهن.
    مٿئين اقتباس ۾ ڪنهن شخص جي ذاتي ڪوشش جي نتيجي ۾ ٿيل ملڪي ترقي ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ حڪومت سندس ڀرپور ساٿ ڏنو، پر هتي اسان وٽ ڪنهن کي به ائين پروموٽ ناهي ڪيو ويندو. مٿئين ڪهاڻيءَ وانگر الطاف شيخ صاحب ڪٿي تمام گهڻو اتساهيندڙ، انفرادي ليول تي ڪيل ڪوشش کي قلم بند ڪيو آ ته وري ٻي طرف حڪومتي ليول تي ٿيل اهم سڌارن جو ذڪر ڏاڍي تفصيلي انداز سان ڪيو آهي، جنهن ۾ ريل جي نظام جو مثال ڏئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ مونو ريل گاڏيون (ٻن بدران هڪ پٽي تي هلندڙ گاڏيون) هلايون ويون آهن، جيڪي سيمنٽ يا لوهه جي ٿنڀن تي زمين کان مٿي هلن ٿيون ۽ جن ۾ ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ ماڻهو ويهي سگهن ٿا، جن لاءِ پاڻ لکي ٿو ته: “هنن ٽرينن ذريعي مسافر سفر ڪرڻ کان وڌيڪ نظارو ڪرڻ جو لطف وٺن ٿا ۽ ڪجهه اهڙو احساس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو هيٺين ليول تي هيليڪاپٽر ۾ سير ڪري رهيو هجي.”
    الطاف شيخ صاحب جي ڪتابن ۾ مختلف موضوعن جي اڻت ايتري ته خوبصورت هجي ٿي جو پڙهندڙ جيئن ئي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ٿو ان اڻت ۾ پاڻ کي جڪڙجندو محسوس ڪري ٿو ۽ اها جڪڙ اوستائين قائم رهي ٿي، جيستائين پورو ڪتاب سندس نظرن مان گذري ذهن ۾ سمائجي نه ٿو وڃي. ڪتاب اڌ ۾ ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
    هن ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ تي ڪوبه انسان جيترو اڳڀرا قدم کڻندو آهي، جيتريون سرحدون لتاڙيندو آهي، سندس ذهن جا Ventilator اوترا ئي وڌيڪ کلندا آهن ۽ ان تي دنيا گهمڻ سان نوان نوان انڪشافات ٿيندا آهن، سوچ کي نيون وسعتون ملنديون آهن. ائين ماڻهوءَ جي ذهني سوڙهائپ هڪ وڏي وشالتا ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ اهو ئي سفر ڪندڙ ماڻهو اگر اديب آهي ته ان جو سفر نه صرف پاڻ لاءِ لاڀائتو ٿئي ٿو، پر هو پنهنجي قوم ۽ ڌرتيءَ لاءِ به هڪ وڏو ڪارائتو فرد بڻجي وڃي ٿو. جڏهن هو پنهنجين تخليقن ذريعي اهو سمورو stuff هڪ potential energy (ڳجهي توانائي) وانگر پنهنجي ديس واسين ڏانهن منتقل ڪري ٿو. الطاف شيخ صاحب جڏهن پنهنجي سفر جون وارتائون ۽ مختلف جڳهين جي ڄاڻ سمجهائي سمجهائي لکندو آهي تڏهن هو ڏاڍو سچو انسان لڳندو آهي. هن جي لکڻين مان اها حقيقت ته عالم آشڪار آهي ته هو ڪڏهن به پنهنجي ذهني عياشيءَ لاءِ ناهي لکندو. هن پنهنجي سفر دوران هڪ committed سيلاني وانگر جيڪو ڏٺو، جيڪو محسوس ڪيو آهي، اُهو هڪ امانت سمجهي پنهنجي ديس واسين سان share ڪيو آهي.
    سنڌي ڪهاڻي ۽ شاعريءَ ۾ ڪيترائي روشن ستارا ماضي ۽ حال ۾ چمڪندي نظر اچن ٿا، جن مان ڪي ته پنهنجو الڳ ۽ منفرد diction آڻڻ سبب هڪ legend جي حيثيت ماڻي ورتي آهي، پر سفرنامي جي صنف ۾ آءٌ الطاف شيخ کي اڃان به سنڌي ادب ۾ one and only ئي چوندس. اڃا هن جي continuation (تسلسل) ۾ اهڙو ڪو اديب نظر ڪونه ٿو اچي، جيڪو اهڙي سچائي ۽ ايمانداري سان لکي ۽ ايترو لکي جو سفرناما پڙهندڙن جي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ اڃ کي به اجهائي سگهي. پر آءٌ سمجهان ٿي ته هڪ تخليقڪار هجڻ جي ناتي ڪابه نااميدي جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. جيئن اڪثر حلقن ۾ چيو ويندو آهي ته نسيم کرل کان پوءِ سنڌي ڪهاڻي مري وئي آهي (جيڪو سراسر ڪوڙ تي ٻڌل مفروضو آهي).
    سفرنامي جي صنف کي الطاف شيخ صاحب جيڪو عروج عطا ڪيو آهي. اڳيان به اها ئي اميد ڪجي ٿي ته ان عروج کي قائم رکڻ لاءِ الطاف صاحب کان پوءِ به ڪيترائي کاهوڙي اديب ايندا ۽ نون رنگن ۽ مزاجن سان هن صنف ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائيندا.
    آخر ۾ اهو ئي چونديس ته الطاف صاحب جهڙا ماڻهو اسان جا Assets آهن. “اناميڪا” جي نالي سان ترجمو ڪيل سندس ڪهاڻين جي ڪتاب کان وٺي هن ڪتاب “ملاڪا کان گينتنگ ۽ لنگڪوي” تائين هڪ وڏو سفر آهي، جيڪو هن کاهوڙي سيلاني طئي ڪيو آهي، اڃا به هن جي آڱرين ۽ قلم ۾ تحرڪ برقرار آهي. اسان جي اها ئي اميد آهي ته هو اڃا به ڪيترائي لڪ لتاڙيندو، ۽ خوبصورت تحريرون سنڌ واسين کي ارپيندو رهندو.
    جان جيئري تان جل ڪانهي جا، جلڻ ريءَ
    تتيءَ ٿڌيءَ هل ڪانهي ويل وهڻ جي
    (شاهه سائين)


    رخسانه “پريت”
    11-06-2012


    پنهنجي پاران

    خيرپور جي قربان منگي جو ڇپائي جو ادارو “پوپٽ پبلشنگ هائوس” ڪو خاص پُراڻو نه آهي ۽ نه وري ڪو ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ آهي جتي ڇپائي جي ڪاغذ ۽ ڪمپوزنگ کان پرنٽنگ ۽ بائينڊنگ جون ماڊرن سهولتون هجن پر تنهن هوندي به هن ان ٿوري عرصي ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپيا آهن جيڪي پني، ڇپائي، ٽائيٽل ڪور ۽ بائينڊنگ جي خيال کان اعليٰ درجي جا آهن. هن منهنجو به هڪ ڪتاب “بندر ديسان ديس” ڇپيو جيڪو مونکي هر لحاظ کان پسند آيو. ايترو چوندس ته هن نه فقط ڪتاب ڇپيو پر هن محنت ڪري ايڏي سٺي مارڪيٽنگ ڪئي جو اهو ڪتاب چند مهينن اندر سڄي سنڌ ۽ اسلام آباد تائين ماڻهن جي هٿن ۾ اچي ويو. ان بعد قربان مونکان ٻيو ڪتاب به گهرڻ لڳو ۽ منهنجي به دلي خواهش هئي ته قربان وٽ ڇپجي پر هر دفعي منهنجو سفرنامو ايڏو وڏو ٿيو وڃي جو مونکي سمجھ ۾ نه اچي ته قربان کي ڪيئن ڏيان. آخر هن دفعي قُربان کي چيم ته يار هڪ سفرنامو لکيو اٿم پر لڳي ٿو 300 کن صفحن جو ٿي ويندو، ان سان گڏ فوٽو به آهن. آئون سمجھان ٿو ته تولاءِ اهو ڪتاب ڳرو ٿي پوندو. “سائين ڪمال ٿا ڪريو”، قربان چيو: “توهان موڪلي ڏيو، آئون ضرور ڇپيندس”
    مون کيس مواد موڪلي فون ڪيو ته قربان تون چاهين ته فوٽو ڀلي نه ڏي.
    “سائين فوٽا به ڏيندس توهان بي فڪر رهو”.
    مونکي حيرت ٿي آهي ته جتي وڏا وڏا ادارا به ڇهه ڇهه مهينا ٿا وٺن اتي قُربان هڪ مهيني اندر ڪتاب ڇپي مونکي پنهنجي طرفان ڪجهه اکر لکڻ لاءِ چيو آهي جيئن اهي ڏئي ڪتاب جي بائينڊنگ شروع ڪرائي! هڪ ليکڪ لاءِ هن کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي جي ڳالهه ٿي سگهي ٿي.
    آئون دعا ٿو ڪريان ته قُربان جيڪو پاڻ به اديب، ڪتابن جو ليکڪ، سماجي ورڪر ۽ دنيا جي ياترا ڪندڙ آهي ان جو هي پبلشنگ هائوس وڌي ويجھي ۽ ٻين اديبن جي ڪتابن سان به اسان کي متعارف ڪرائي.
    قُربان منگي سان گڏ سندس ڪمپوزر آصف نظاماڻي ۽ سعيد منگي جو به ٿورائتو آهيان جن وڏي دلچسپي سان منهنجي هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي ۽ ٽائيٽل ٺاهيو آهي.


    الطاف شيخ
    ملاڪا ــ ملائيشيا


    ملائيشيا جو بدنام پُودو جيل

    ڪراچيءَ ۾ ئي هوس ته مون ڏينهن ٻن لاءِ ملاڪا وڃڻ جو پڻ سوچيو. ملائيشيا جو تاريخي شهر ملاڪا ڪوالالمپور کان 90 ڪلوميٽر کن ڏکڻ ۾ آهي، جتي جي هڪ تعليمي اداري ۾ مون گذريل صديءَ جو اسي وارو ڏهو پڙهايو. دراصل ملائيشيا جو شهر ملاڪا ائين آهي، جيئن اسان جو لاهور يا ٺٽو. ڪوالالمپور وغيره ائين آهي جيئن اسان جو اسلام آباد. اڄ کان ڏيڍ سؤ کن سال اڳ جي دفن ڪيل انسان کي توهان اٿاري جي اسلام آباد يا ڪوالالمپور جو پڇندائو ته هو وائڙو ٿي ويندو ته هي ڪهڙي شهر جي ڳالهه پيا ڪريو. جهڙي طرح فقط ستر سال اڳ وفات ڪري ويل همراهه کي پاڪستان جي خبر نه هوندي، تيئن هڪ دفن ٿيل ملئي کي ملائيشيا جي ۽ هڪ ايراني کي ايران جي نه هوندي، جو هن جي زندگي ۾ اهي ملڪ ملائيشيا ۽ ايران نه پر ملايا ۽ پارس (پرشن) هئا.
    صدين تائين هن خطي جو ملاڪا هڪ اهم شهر، بندرگاهه ۽ گاديءَ جو هنڌ هو. ملايا (يعني اڄ واري مغربي ملائيشيا) تي سوڀ حاصل ڪرڻ لاءِ ڊچن، پورچوگالين توڙي انگريزن ملاڪا کي قبضي ۾ ٿي ڪيو. اڄ به انهن پراڻين سلطنتن جون جايون، قلعا، نشان ملاڪا ۾ موجود آهن. وقت سان گڏ پاڻي جا جهاز وڏا ۽ انجڻين وارا ٿيندا ويا ۽ جيئن انڊيا ۾ سورت (گجرات) جهڙا بندرگاهه ويران ٿيندا ويا ۽ ممبئي جهڙا اونها ۽ ويڪرا بندرگاهه وڌيڪ مشهور ٿيندا ويا تيئن هيڏانهن به ملاڪا جون اهي رونقون ختم ٿينديون ويون، ان جي جاءِ تي پينانگ، سنگاپور ۽ پورٽ ڪلانگ بندرگاهه وڌيڪ پاپولر ٿيڻ لڳا. ان سان گڏ انهن شهرن (بندرگاهن) جو واپار وڙو وڌڻ لڳو ۽ پوءِ دولت به انهن شهرن ۾ اچي وئي. ڇو جو گذريل صديءَ جي اڌ تائين شهرن ۽ ملڪن جي ترقيءَ جو دارومدار سمنڊ ۽ بحري جهازن تي هو. مسلمانن ۽ ان بعد يورپين پنهنجي سامونڊي طاقتن ڪري اسپين ۽ آفريڪا فتح ڪيو، انڊيا، انڊونيشيا، ملايا ۽ موزمبق تي قبضو ڪيو.
    1968ع کان 1980ع تائين جهاز هلائڻ دوران جيتوڻيڪ منهنجو هن پاسي اچڻ ٿيندو رهيو پر اسان جا جهاز وڏا هجڻ ڪري ملاڪا بندرگاهه ۾ نٿي بيهي سگهيا. اسان هميشه ملاڪا بدران ملائيشيا جي ٻين بندرگاهن پورٽ ڪلانگ، پينانگ يا ’جوهور بارو‘ ۾ لنگر ڪيرائيندا هئاسين جتان پوءِ باءِ روڊ ملاڪا به گهمي ويندا هئاسين. هڪ دفعي ته اسان جو جهاز پينانگ ۾ هو ته به ملاڪا جو سير ڪري وياسين ۽ پوءِ 1991ع تائين ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهي پيس، جتي ملائيشيا جي حڪومت پنهنجن نوجوانن کي جهازراني (Navigation) ۽ جهازسازي Ship Construction) ۽ (Naval Architecture جي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ مئريٽائيم اڪيڊمي (Akedmi Laut Malaysia) نالي کولي ۽ مون کي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو انچارج بنايو ويو. مون سان گڏ ٻين به مختلف ملڪن جي جهازن جا مئرين انجنيئر ۽ ڪئپٽن هئا. جهاز هلائڻ دوران ئي ملئي زبان جي ڄاڻ ٿيڻ ڪري ملاڪا ۾ رهائش دوران مون کي يا منهنجي فئملي کي مڪاني ماڻهن جي وچ ۾ رهڻ سان اوپرائپ محسوس نه ٿي. اهڙي طرح چٽگانگ ۾ تعليم دوران بنگالي سکڻ ڪري اتي به مون کي مڪاني ماڻهن سان گڏ رهڻ ۾ پنهنجائپ جو احساس ٿيو ٿي. ان ڪري ولايت ۾ نوڪري ڪندڙن کي آئون هميشه اها نصيحت ڪندو آهيان ته توهان جو ڪنهن ملڪ ۾ ٻن سالن کان مٿي رهڻ ٿئي ٿو ته ان جي مڪاني زبان ضرور سکي وٺو. ان سان توهان جي زندگي آسان ٿي پوندي ۽ ڌارئين ملڪ ۾ توهان کي بوريت يا ڌاريائپ جو احساس نه ٿيندو. خاص ڪري فارسي، عربي، جپاني ۽ ملئي ته اهڙيون آسان ۽ اهم ٻوليون آهن جو ڪيترن ئي ڀر وارن ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ سندن لکڻي به سولي آهي. ۽ جي توهان سالن جا سال جهاز تي رهڻ جو ارادو رکو ٿا ته پوءِ انگريزي کان علاوه عربي ضرور سکو ۽ اسپيني ۽ فرينچ زبانن مان ڪا هڪ پڻ توهان لاءِ فائدي واري ثابت ٿي سگهي ٿي، جو جتي عرب ملڪن ۾ عربي هلي ٿي، اتي ڏکڻ آمريڪا کان USA جي ڏاکڻين رياستن تائين اسپيني هلي ٿي. آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ انگريزي بعد ٻئي نمبر تي مشهور ۽ عام زبان فرينچ آهي.
    ڪوالالمپور پهچڻ سان پنهنجي ميزبان علي سولنگي کي ٻڌايم ته ٻن ڏينهن بعد آئون ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر وٽ ملاڪا وڃڻ چاهيان ٿو. ڊاڪٽر عطا ڪافي سالن کان ملاڪا ۾ رهي ٿو جنهن سان مون ڪراچيءَ مان ئي پروگرام ٺاهيو هو. هو مون کي ملاڪا وٺي اچڻ لاءِ ڪوالالمپور اچي رهيو هو. ساڳئي وقت عليءَ به نٿي چاهيو ته آئون ڪو اڪيلو بس ۾ وڃان. هونءَ ملائيشيا جا روڊ ۽ ٽريفڪ جو مزاج ايڏو سٺو آهي جو جڏهن آئون ملاڪا رهندو هوس ته آئون به پنهنجي مهمانن کي ڪار ۾ وٺي ايندو هوس جو هتي ڊرائيونگ ۾ ٿڪ نٿو ٿئي. مون کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي هي شهر ملاڪا ڏيکارڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. دوستن ۽ مائٽن کان علاوه ڪنهن شاعر، اديب، سياستدان جو ڪوالالمپور ۾ اچڻ جو ٻڌندو هوس ته هن کي صبح جو وڃي وٺي ايندو هوس ۽ سڄو ڏينهن شهر گهمائڻ بعد شام جو واپس ڪوالالمپور ڇڏي ايندو هوس. شاگردن جي ”فئملي هاسٽل“ هجڻ ڪري مون وٽ رهائش جو به مسئلو نه هوندو هو. ڪجهه اهڙا مهمان جيڪي هن وقت ياد اچي رهيا آهن: هم چئنل جي مالڪ ۽ PTV جي سابقه پروڊيوسر سلطانا صديقي، سنڌي جي مشهور ڪهاڻيڪار ماهتاب محبوب، پيپلز پارٽي جي پروين راڄپر، پي آءِ اي جو اسرار شاهه، پاڪستان ايمبسي جو ارشاد عباسي مشهور سنگر عالمگير ۽ بينجمن سسٽرز، اي اين جي عباسي ۽ سندن ڀاءُ اعجاز عباسي... وغيره وغيره.
    علي سولنگي ۽ ڊاڪٽر عطا ٽالپر کي چيم ته توهان کي بلڪل تڪليف نه ٿيندي، پر مون کي اڪيلو ۽ آزاد ڇڏي ڏيو ته بس ۾ سفر جو تجربو حاصل ڪريان ۽ سفر دوران بس ۾ سوار ڪجهه مسافرن سان خبرچار به ڪريان. هونءَ به سکر کان جيڪب آباد يا ٽنڊوڄام کان جهڏو ويندي ڀلجي سگهان ٿو جو ان پاسي ڪڏهن وڃڻ جو موقعو نه ٿيو آهي، پر هن پاسي جي ڳوٺ ڳوٺ کان واقف آهيان. ملاڪا ۽ ڀر وارين رياستن نيگري سيمبيلان ۽ جوهور جي ڪنهن به واهڻ وستي تي ڇڏيندين ته اچي گهران نڪرندس ۽ مڪاني زبان ۽ کاڌن پيتن کان به واقف ۽ عادي آهيان، سو مون کي فقط بس اسٽاپ تي ڦٽو ڪري اچ ته پوءِ آئون پاڻهي ڏکڻ ڏي هليو ويندس.
    ملائيشيا ۾ بس اسٽاپن يا روڊن جو گهڻو ڪري ڏکڻ- اتر وارو سسٽم آهي. ڪوالالمپور تقريباً وچ تي آهي، جتان هڪڙيون بسون اتر ڏي: ڪئالا ڪنگسار، پينانگ، الور اسٽار ۽ اڃان اڳيان ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائي تائين وڃن ٿيون ۽ ڏکڻ ڏي سريمبان، تمپن، ڪئانتان، ملاڪا، جاسين، باتو پهات، موئر، ڪوٽا ٽنگي ۽ جوهر تائين وڃن ٿيون ۽ ڪي بسون ته جوهور بارو شهر بعد سامونڊي پل (Cause way) ٽپي مسافرن کي سنگاپور پهچائين ٿيون. يعني توهان بس يا ٽرين ذريعي سنگاپور، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي آخري ڪنڊ تائين اچي وڃي سگهو ٿا. بس اسٽاپن جي لحاظ کان ڪوالالمپور ائين آهي جيئن اسان وٽ ملتان جتان ڪجهه بسون اتر طرف فيصل آباد، جهنگ، سرگوڌا، لاهور، پنڊي، پشاور ڏي وڃن ٿيون ته ٻيون ڏکڻ طرف بهاولپور رحيم يار خان، سکر، نوابشاهه، حيدرآباد ۽ ڪراچي ڏي وڃن ٿيون.
    سالن کان ڪوالالمپور ۾ پُودو علائقي وارو بس اسٽاپ مشهور آهي. توهان کي سڄي ملڪ جي ماڻهن ۽ انهن جي ويس وڳن ۽ خبرن چارن جو احوال لهڻو آهي ته ملائيشيا ۾ ’پودو بس اسٽاپ‘ جهڙن بس اسٽاپن تي وڃي ويهو. آئون ته ملاڪا، جوهور بارو ۽ اپوح جهڙن شهرن ۾ به واندڪائيءَ جي گهڙين ۾ اتي جي بس اسٽاپن جي ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ وڃي چانهه پيئندو هوس ۽ مختلف مسافرن سان خبرچار ڪندو رهيس ٿي. ايئرپورٽن تي ته وري به امير ۽ پُرتڪلف ماڻهو هجڻ ڪري ايڏو فري ٿي نٿا ڳالهائين، پر هنن بس اسٽاپن تي ملئي، چيني، تامل، سک شهري توڙي ڳوٺاڻا توهان سان اهڙو رلي ملي ويندا ڄڻ پهرين جا سڃاڻا هجن. ويتر جي توهان کي مڪاني زبان اچي ٿي ته پوءِ ته توهان هنن جي ڪچهري مان اڃا به وڌيڪ محظوظ ٿي سگهو ٿا. اهڙن مسافرن مان ڪيترائي ملئي، سک، چيني ۽ تامل منهنجا وڏو عرصو دوست رهيا، جن مان مون ڪيترن جي زندگيءَ جون دلچسپ ڪهاڻيون پنهنجن ملائيشيا وارن شروعاتي سفرنامن ۾ لکيون آهن.
    ڪوالالمپور جو پُودو وارو علائقو شهر جو مرڪزي علائقو ئي آهي، جيئن ڪراچي جو صدر يا گرومندر وارو علائقو. هن علائقي مان جيڪو اهم روڊ گذري ٿو ان جو نالو به پُودو روڊ آهي، جيڪو ملئي زبان ۾ ”جالان پُودو“ سڏجي ٿو. ملئي لفظ Jalan جي معنيٰ ”هلڻ“ به آهي ته ”شاهراهه“ به آهي. رستي تي لڳل روڊن جي نالن جي بورڊن تي گهڻو ڪري Jalan بدران ان جو شارٽ فارم "Jln" لکيل رهي ٿو. ڪوالالمپور جو جامع مسجد وارو هنڌ مرڪزي هنڌ آهي، جتي اتر طرف کان ايندڙ ڪلانگ ۽ گومباڪ نديون ملي هڪ ٿي اڳتي ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون. هتي ’جالان راجا لائوت‘ ۽ ’جالان تئانڪو عبدالرحمان‘ رستن کي ’جالان تُن پيراق‘ رستو ڪراس ڪري ٿو، جيڪو اڳيان هلي جالان پودو سڏرائي ٿو. هن روڊ تي ”رعيت پلازه“ وٽ هندو مندر ۽ عيسائين جي سينٽ ائنٿوني چرچ جي وچ ۾ هي مشهور پودو بس ۽ ٽئڪسي اسٽاپ آهي.
    ڪوالالمپور شهر جو هي ”پُودو“ نالي علائقو پُودو جيل ڪري مشهور ٿيو. انگريزن جي ٺهرايل هن هڪ سؤ سالن کان جهوني جيل کي هاڻ ميوزيم بنايو ويو آهي. جيل ۾ موجود قيدين کي ڀروارن شهرن ڪجانگ ۽ سنگائي بولوح جي جيلن ۾ اماڻيو ويو. ڪوالالمپور مان لنگهڻ وقت هن جيل وٽان ائين گذر ٿيندو هو، جيئن ڪراچي ۾ پراڻي سبزي منڊي وٽان لنگهندي جيل روڊ وٽان هرهڪ جو لنگهه ٿئي ٿو. هي پودو جيل لنگهندڙن جي نظرن جو مرڪز ان ڪري به رهيو ٿي جو هن جي ڀتين تي دنيا جي سڀ کان وڏي چترڪاري (Mural) ٺهيل آهي، جيڪا جيل جي قيدين ٺاهي هئي. ڀتين تي هي نقش نگار ٺاهڻ ۾ هنن کي 2000 لٽر رنگ روغن جا استعمال ڪرڻا پيا ۽ سڄو سال لڳي ويو. اها ڳالهه گنيز بڪ آف رڪارڊس ۾ به شايع ٿي هئي ته اها دنيا جي ڊگهي ۾ ڊگهي ڀت تي ٺهيل پينٽنگ (Mural) آهي. سندس ڊيگهه 860 فٽ ۽ ويڪر 14 فٽ آهي.
    ڏوهارين کي سزا ڏيڻ لاءِ انگريزن هي جيل 1891ع ۾ ٺهرائڻ شروع ڪيو. جنهن هنڌ تي ٺهرايو ويو، اهو هڪ چينين جو ڦٽل قبرستان هو ۽ چوڌاري گهاٽو جهنگل هو، جنهن ۾ جانور هلندا رهيا ٿي. انگريز سرڪار قيدين کان اهي جهنگل صاف ڪرائي هي جيل ٺهرايو، جنهن ۾ چار سال لڳي ويا. هي جيل ’جالان پودو‘ ۽ ’جالان هنگ تئا‘ روڊن جي ميلاپ وٽ آهي. سؤ سالن بعد 1996ع ۾ هن جيل کي ختم ڪري ميوزيم ٺاهيو ويو آهي، جنهن کي عام ماڻهو اندران ڏسي سگهي ٿو ته ڪيئن ۽ ڪٿي قيدين کي ڦاهي ڏني وئي ٿي، ڪٿي Caning ڪئي وئي ٿي. عوام جي ڏسڻ لاءِ قيدين کي بند رکڻ واريون ڪجهه کوليون به ڇڏيون ويون آهن، جيڪي سخت اونداهيون آهن ۽ منجهن فقط بوٽن جي دٻي جيڏي هڪڙي هڪڙي دري آهي. تازو هن سال جيل جي ٻاهرين ڀت کي ڊاٺو ويو آهي، جنهن تي دنيا جي وڏي چتر (مورت) ٺهيل هئي. ماڻهن ڪافي احتجاج ڪيو، پر حڪومت هن جيل کي تاريخي حيثيت ڏئي رکڻ بدران ان جي زمين تي رهائشي ۽ ڪمرشل پلاٽ ٺاهي ٿي جو هوءَ نٿي چاهي ته پودو جيل قائم رکيو وڃي، جنهن سان هن ملڪ ۽ ماڻهن جون ناخوشگوار يادون وابسته آهن. ياد رهي ته هن جيل اندر انگريزن ڪيترن ئي قوم پرستن کي ڦاهيون ڏنيون ۽ جپاني قبضي دوران ڪيترائي انگريز ۽ مڪاني چيني ماڻهو ساڙيا ويا، جن جو تعداد هزارن ۾ چيو وڃي ٿو. ملڪ کي آزادي ملڻ بعد 1960ع کان 1993ع تائين 180 ڏوهارين کي ڦاهي آئي، خاص ڪري ڊرگ (هيروئن، چرس، آفيم، گانجي) جي سمگلرن کي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته 1980ع کان ملائيشيا ۽ سنگاپور وارن نشي جي لعنت ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي ملڪ ۾ نشي جي شين جو استعمال، وڪرو ڪرڻ، رکڻ يا ٻين کي پهچائڻ وغيره جي سزا ڦاهي مقرر ڪئي ۽ ان ڏينهن کان هنن ملڪن جون حڪومتون ان تي سختيءَ سان عمل ڪن ٿيون. مون کي ياد آهي ته اسان جي ملائيشيا ۾ نوڪري وارن ڏينهن (1987) ۾ به آسٽريلوي ٽوئرسٽن وٽان سندن واپرائڻ لاءِ دُڪو ٻه چرس مليو ته انهن کي به بخش نه ڪيو ويو. ايتريقدر جو آسٽريليا جو وزيراعظم هَلي مَلي ڪوالالمپور اچي معافي ورتي ته به مهاتير چيو ته اسان کي قانون مطابق هلڻو آهي ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندي کين هن پودو جيل ۾ ڦاهي ڏيڻ بعد انهن جا لاش سندن ملڪ موڪليا ويا. هيءَ ڳالهه فقط ان ڪري لکي رهيو آهيان ته جيئن اسان جي ماڻهن کي ڄاڻ رهي، خاص ڪري انهن معصوم ماڻهن کي جيڪي اڻڄاڻائيءَ ۾ ٻين جو سامان کڻي اچن ٿا، جن مان ان قسم جو سامان نڪرڻ تي هنن بي گناهن کي موت جي سزا ملي ٿي. ايتريقدر جو هڪ اهڙو به واقعو ٿيو جو هڪ ٽوال کڻي ايندڙ کي ڦاهي اچي وئي، جو اهو ٽوال چرس، هيروئن يا ڪنهن اهڙي ڊرگ جي سالوشن ۾ پسائي ان کي سڪائڻ بعد هن مسافر کي ڏنو ويو هو. ان ڪري هن پاسي جي ملڪن جي ماڻهن کي ننڍي هوندي کان اهو سبق ڏنو وڃي ٿو ته نشي جهڙيون شيون واپرايو ته نه پر ڪنهن ٻئي جي شيءِ يا سامان به پاڻ وٽ نه جهليو، جو ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ ڪا نشي جي شيءِ لڪل هجي ۽ توهان کي زندگي تان هٿ کڻڻو پوي.
    پودو جيل جي بهترين نظاري لاءِ مونو ريل جي سواري ڪجي. هي جيل هنگ تئا ۽ ايمبي (Imbi) ريل اسٽيشن جي وچ ۾ صاف نظر اچي ٿو. پودو جيل لاءِ مشهور آهي ته هن ۾ غيبات رهي ٿي. ڪيترن جو چوڻ آهي ته هنن کي هڪ انڊين ماڻهو جيل جي هالن ۾ واڪ ڪندي نظر اچي ٿو ۽ پوءِ ڪنڊ وٽ پهچڻ سان غائب ٿيو وڃي. اڄ به ڪيترن کي جيل جي انهن ڪمرن مان رڙين جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، جن ۾ ڏوهارين کي ڦاسي ڏني ويندي هئي ۽ جيل جا ڪجهه حصا ٻين کان وڌيڪ ٿڌا آهن. ڪجهه ان قسم جي ڪهاڻي انگريز ليکڪ رسل ليءَ پنهنجي ڪتاب "True Singapore Ghost Stories" ۾ پڻ ڏني آهي.
    هن جيل بابت اهو به مشهور آهي ته 1895ع ۾ جيئن ئي ٺهي راس ٿيو ۽ قيدين کي رکيو ويو ته ٽن چئن مهينن بعد هنن ۾ ڪالرا پکڙجي وئي ۽ اٽڪل چار پنج سؤ قيدي مري ويا هئا. بعد ۾ خبر پيئي ته اتي چينين جي قبرستان جي آڳاٽي ڊٺل کوهه مان پاڻي پيئڻ ڪري اها بيماري پليگ جي صورت ۾ پکڙي هئي.


    ملاڪا ڏي روانگي

    ملائيشيا جي تاريخي شهر ملاڪا وڃڻ لاءِ، منهنجو ڪوالالمپور وارو ميزبان حاجي علي سولنگي مون کي اتي جي مشهور بس اسٽاپ ’پودو‘ تي وٺي آيو، جتان ملائيشيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ڏي بسون روانيون ٿين ٿيون. بس اسٽاپ تي پهچڻ سان چوڌاري ويراني ڏسي حيرت ٿي. بس اسٽاپ جي چوڌاري کاڌن جي اسٽالن مان هڪ جيڪو کليل هو، جنهن جو مالڪ پنهنجي دڪان جو سامان هڪ مزدا ٽائيپ پڪ اپ ۾ رکي رهيو هو، تنهن ٻڌايو ته ”پودو رايا بس ٽرمينل کي وڌيڪ ماڊرن ۽ بهتر بنائڻ لاءِ ايندڙ چئن مهينن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.“
    ”پوءِ ڀلا ملاڪا وڃڻ لاءِ ڪٿان بس ملندي؟“ مون پڇيو.
    ”ان لاءِ توهان کي ’بڪت جليل‘ وڃڻو پوندو.“ هن چيني دڪاندار ٻڌايو ۽ سامهون بيٺل هڪ بس ڏي اشارو ڪندي چيو ته مسافرن جي سهوليت لاءِ هيءَ شٽل بس رکي وئي آهي، جيڪا ٻن ڊالرن ۾ بڪت جليل (Bukit Jalil) پهچائي ٿي. ان وقت هڪ ملئي فئملي به ٽئڪسيءَ مان لٿي جن کي، توڙي ٽئڪسي ڊرائيور کي پڻ اها ڄاڻ نه هئي ته هي پودو رايا وارو بس اسٽاپ عارضي طور شفٽ ٿي ويو آهي. کين بس ذريعي باتو پاهت وڃڻو هو. باتو پاهت ملائيشيا جي ڏاکڻي رياست ’جوهور‘ جو شهر آهي ۽ ملاڪا کان پوءِ جاسين ۽ موئر شهرن بعد اچي ٿو. هڪ چيني همراهه جنهن کي اتر ڏي الور اسٽار وڃڻو هو، اهو به هيءَ خبر ٻڌي وڃي شٽل بس ۾ ويٺو. عليءَ مون کي ڪار ۾ وٺي هلڻ لاءِ چيو.
    ”علي! هينئن ڪر.“ مون عليءَ کي چيو، ”تون پنهنجي ڪم کي وڃي لڳ. آئون شٽل بس يا مونوريل ذريعي بڪت جليل وڃان ٿو. مون کي نه سامان آهي ۽ نه وري ڪا جلدي.“ عليءَ نٿي چاهيو ته هو مون کي ائين اڪيلو ڇڏي وڃي پر منهنجي زور ڀرڻ تي هو موڪلائي روانو ٿيو.
    ”هتان پودو يا هنگ تئا ريلوي اسٽيشنن تان مونو ريل بُڪت جليل وڃي ٿي؟“ عليءَ جي وڃڻ بعد مون ان چيني دڪاندار کان پڇيو جيڪو پنهنجي دڪان کي خالي ڪري رهيو هو.
    ”هنگ تئا ريلوي اسٽيشن تان مونو ريل لنگهي ٿي پر اها امبي، بڪت بنتانگ، بڪت ناناس، ميدان تئانڪو ۽ چوڪٽ ريلوي اسٽيشنن ڏي وڃي ٿي“، هن چيو، ”بڪت جليل وڃڻ لاءِ توهان کي ائمپنگ لائين وٺڻي پوندي.“
    مونو ريل گاڏيون ڇا آهن ۽ ايڏو پسند ڇو ٿيون ڪيون وڃن؟ ريل انگريزي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پٽو يعني لوهي پٽڙي آهي. لوهي پٽن تي هلندڙ گاڏين کي اسان ريلوي ٽرين سڏيون ٿا. هي ريلوي ٽرينون يا ريل گاڏيون ڦيٿن ذريعي ٻن پٽن تي هلن ٿيون، پر مونو ريل گاڏيون سندن نالي مونو مطابق هڪ ريل تي هلن ٿيون. يعني هلندڙ گاڏن جي پاسن بدران وچ ۾ ڦيٿا ٿين، جيڪي هڪڙي پٽي تي هلن. هي ريل گاڏيون زمين جي سطح تي يا زمين هيٺان هلڻ بدران ويهه پنجويهه فٽ مٿاهون هلن ٿيون، ڇو جو جنهن پٽي (گرڊر) تي اهي هلن ٿيون، ان کي سيمنٽ جي ٿنڀن يا لوهي پاون ذريعي مٿاهون جهليو وڃي ٿو. مونو ريل ٽرين ۾ سواري ڪرڻ ۾ اهو فائدو آهي جو مسافر کي شهر جو سٺو نظارو ڪرڻ جو موقعو مليو وڃي.
    ڪئالالمپور جهڙو شهر جتي بسون، ٽئڪسيون، ٽرامون ۽ ٽرينون ايتريون آهن جو مونو ريل جي ضرورت ئي ناهي، پر جيئن ته دنيا جا ڪيترائي ٽوئرسٽ مونو ريل ۾ سفر ڪرڻ جو شوق رکن ٿا سو انهن جي شوق پوري ڪرڻ ۽ ڪمائڻ لاءِ هتي جي حڪومت شهر جي مرڪز ۾ 5 ميل کن فاصلي تي يارهن کن اسٽيشنون ٺاهي انهن مٿان مونو ريل هلائي آهي. هن ذريعي مسافر سفر ڪرڻ کان وڌيڪ نظارو ڪرڻ جو لطف وٺن ٿا ۽ ڪجهه اهڙو احساس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو هيٺين ليول تي هيليڪاپٽر ۾ سير ڪري رهيو هجي. هڪ مونو ريل ۾ ڏيڍ سؤ کان ٻه سؤ کن مسافر ويهي سگهن ٿا.
    مونو ريل گاڏيون ڊرائيور ذريعي توڙي بنا ڊرائيور جي هلايون وڃن ٿيون. مونو ريل گاڏين جو اهو فائدو آهي ته هنن لاءِ زمين تي تمام گهٽ Space جي ضرورت پوي ٿي. يعني ٿوري جاءِ ولارجي ٿي. ڇو جو فقط هڪڙو ٿنڀو ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو ريل کي سپورٽ ڪري ٿو. ٻن ريلن جي مقابلي ۾ ريل جو هڪڙو پٽو(Mono Rail) ٺاهڻ سستو ڪم آهي. نقصان فقط اهو آهي ته هيءَ ريل گاڏي زمين کان مٿي هلڻ ڪري ايمرجنسي ۾ مسافرن کي گاڏيءَ مان ڪڍي هيٺ لاهڻ ڏکيو ڪم ٿيو پوي. پر ڪن ملڪن جي مونو ريل گاڏين ۾ مون ڏٺو آهي ته هوائي جهاز وانگر چيوٽ (ڪپڙي جي گسڪڻ) جو بندوبست رهي ٿو، جيئن باهه لڳڻ يا حادثو درپيش اچڻ وقت مسافر ان ڪپڙي جي ڏاڪڻ ذريعي تِرڪي هيٺ پهچي سگهن. ڪجهه ملڪن ۾ اهڙي ايمرجنسي ۾ مسافرن کي مونو ريل مان لاهڻ لاءِ باهه وسائڻ وارين گاڏين ۾ لڳل ڏاڪڻيون به استعمال ڪيون وڃن ٿيون. بهرحال هن وقت بڪت جليل وڃڻ لاءِ مون مونو ريل ۾ چڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ چاهيو ٿي، پر خبر پيئي ته مونو ريل ته ڪئالالمپور جي فقط هڪ ننڍڙي حصي ٽيٽسا ونگسا ۽ چوڪٽ کان ’مهاراجا ليلا ‘ ۽ ’تُن سمباٿان‘ ريلوي اسٽيشنن وٽان ٿي سينٽرل اسٽيشن تي اچيو دنگ ڪري ٿي.
    بڪت جليل پهچڻ لاءِ مون ”هنگ تئا“ ريلوي اسٽيشن تان ائمپنگ لائين جي ٽرين ۾ چڙهي ”چان سو لن“Chan Sow Lin اسٽيشن تي پهتس، جتان ٻي ٽرين ذريعي بڪت جليل اسٽيشن پهتس.اڄ کان 15 سال کن اڳ هي بڪت جليل وارو علائقو جيڪو ڪوالالمپور جي مرڪز کان 12 کن ميل (20 ڪلوميٽر) جي فاصلي تي آهي، هڪ ائين ٻهراڙي وارو علائقو هو جيئن ڪراچي ۾ ماريپور يا ميمڻ ڳوٺ. هي علائقو منهنجي ملائيشيا 1991ع ۾ ڇڏڻ وقت به ”بڪت جليل اسٽيٽ“ (جاگير) سڏيو ويو ٿي، جو چوڌاري پام آئل ۽ رٻڙ جون جاگيرون هيون. پوءِ 1998ع جي ڪامن ويلٿ راندين لاءِ نيشنل اسپورٽس ڪامپليڪس ٺاهيو ويو ۽ شهر سان ڳنڍڻ لاءِ هلندڙ ريل لاءِ اسٽيشن ٺاهي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هي علائقو سهڻو، ماڊرن ۽ ڪمرشل ٿي ويو. 1999ع جي هڪ مشهور انگريزي فلم Entrapment جي ڪجهه شوٽنگ هن ريلوي اسٽيشن ”بُڪت جليل“ ۾ به ڪئي وئي آهي.
    Entrapment هڪ آمريڪن فلم آهي، جيڪا جان اميل ڊائريڪٽر ٺاهي. هن فلم جا اهم ڪردار مشهور هيرو سِين ڪونري ۽ ڪئٿرين زيٽا جونس آهن. فلم ۾ زيٽا هڪ انشورنس ڪمپني جي جاسوس آهي ۽ سين ڪونري بين الاقوامي چور آهي.
    دنيا جي مشهور مصور رئمبرانڊٽ جي ٺهيل اوريجنل پينٽنگ چوري ٿي وئي آهي، جنهن جو شڪ سين ڪونري (Sean Connery) ۾آهي. زيٽا (Catherine Zeta Jones) ثبوت گڏ ڪرڻ ۽ سين ڪونري کي ڦاسائڻ لاءِ ڪيتريون ئي اٽڪلون ڪري ٿي ۽ ظاهري طرح هوءَ پاڻ به چور سڏرائي ڪونري جي ساٿياڻي ٿئي ٿي ۽ ٻئي گڏجي اسڪاٽلينڊ اچن ٿا، جتي بي بها چيني ماسڪ چوري ڪري ان کي ڪوالالمپور ۾ وڪڻڻ ۽ پيٽروناس ٽاور بلڊنگ جي هڪ بئنڪ مان 8 بلين ڊالر چوري ڪرڻ جو پلان ٺاهين ٿا. آخري لمحن ۾ گڙٻڙ ٿيو ٿي پوي ۽ هو Twin ٽاور بلڊنگ (Petronas Towers) مان ڪرسمس جي جشن لاءِ لڳل بلبن جي رسين ذريعي ڀڄن ٿا. ڀڄڻ وقت هو هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ ٻئي ڏينهن پُودو ريلوي اسٽيشن تي ملڻ جو پروگرام رکن ٿا.
    ٻئي ڏينهن هو پُودو ريلوي اسٽيشن تي ريل ۾ چڙهن ٿا جتي هنن جو پيڇو ڪرڻ لاءِ FBI جا ايجنٽ به اچي نڪرن ٿا. اهو محسوس ڪري هو هلندڙ ٽرين مان ٽپو ڏيئي لهن ٿا... وغيره وغيره. هن وقت صحيح ڪهاڻي ياد نه آهي، پر جن اها فلم ڏٺي هوندي ۽ هو جي ڪئالالمپور جي پُودو ريلوي اسٽيشن کان واقف هوندا ته هو ضرور اهو سوال ڪندا ته فلم ۾ ڏيکاريل پودو اسٽيشن اصل واري پودو اسٽيشن کان ته بلڪل مختلف آهي!
    بلڪل صحيح آهي. فلم Entrapment ۾ ڏيکاريل ريلوي اسٽيشن تي جيتوڻيڪ بورڊ به پودو ريلوي اسٽيشن جو لڳل آهي، پر اها پودو اسٽيشن نه آهي. ريلوي اسٽيشن وارا اهي سين دراصل بڪت جليل ريلوي اسٽيشن(Bukit Jalil Railway Station) تي فلمايا ويا آهن. اهو ڳن ڪري جو سِين ڪونري کي ان ريلوي اسٽيشن جو نالو اچارڻ ۾ ڏکيو ٿي لڳو، ان ڪري بڪت جليل جي بورڊن تي PUDU لکرايو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪوالالمپور جي ريلوي توڙي مونوريل اسٽيشنن جا نالا ايشيا جي اسان ڌارين لاءِ به ڏکيا آهن. جيئن ته: سنگائي بيسي، تُن سمڀاٿان، ٽيٽا ونگسان، پانڊان انڊاح، بڪت ناناس، داتو ڪرامت، تمن ميلاتي... وغيره وغيره.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ٻه ڏهائيون کن اڳ، بڪت جليل جو هي علائقو جيڪو جنگل ۽ کيت هو يعني ڪراچي جو 1950ع وارو لالو کيت هو سو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ماڊرن شهر ٿي پيو آهي، جتي اسپورٽس ڪامپليڪس ۽ خوبصورت ريلوي اسٽيشن کان علاوه انٽرنيشنل ميڊيڪل يونيورسٽي(IMU)، ٽيڪنالاجي پارڪ ملائيشيا (TPM)، دي ايشيا پئسفڪ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ UCIT (يونيورسٽي ڪاليج آف ٽيڪنالاجي) پڻ آهي. چوڌاري خوبصورت فليٽن جون اتاهيون عمارتون آهن، جن جا انگريزي نالا ارينا گرين، وستاڪامن ويلٿ سوانا، گرين فيلڊ، گرين ايونيو پڙهي ائين نٿو لڳي ته هي اهو ملائيشيا آهي، جيڪو مون پهريون دفعو 1968ع يا شايد 1969ع ۾ ڏٺو هو.
    بس اسٽاپ تي پهتس ته مون کي ملاڪا ويندڙ بس کي ڳولڻ ۾ دقت نه ٿي. جيئن ڪراچي ۾ شالامار بس اسٽاپ تي پهچبو آهي ته بسين جا ڪنڊيڪٽر گلو ڦاڙي رڙيون ڪندي نظر ايندا آهن.... حيدرآباد، ميرپورخاص، نوابشاهه، مورو، سکر.... تيئن هتي جوهور بارو، باتو پاهت، الور اسٽار، الور گاجاح، ڪئالا ڪنگسار.... جي رڙ لڳي پئي هئي. جيڪو ملاڪا، ملاڪا ڪري رهيو هو، تنهن کان پڇيم ته بس ڪٿي آهي؟
    ”اها سامهون بيٺي آهي.“
    ”ٽڪيٽ ڪٿان وٺان؟“ مون پڇيو.
    ”اِنچڪ (جناب) توهان وڃي ويهو. بس هلڻ واري آهي.“ هن مون کي تڪڙو جواب ڏئي وري ملاڪا ملاڪا، ملاڪا ملاڪا جي تسبي پڙهڻ شروع ڪري ڏني.
    بس ۾ گهڙيس ته آخري سيٽ تي هڪ چيني فئملي ويٺي هئي ۽ اڳين سيٽ تي ڪنهن ڪاليج جي ملئي ڇوڪري. ٻي سڄي بس خالي هئي. دل ۾ سوچيم ته هن نڀاڳي ته اهو چيو ته بس ڇٽڻ واري آهي. هيءَ ته خالي خالي لڳي پئي آهي. ملئي ڇوڪريءَ کان پڇيم ته هيءَ بس ڪيڏانهن وڃي رهي آهي.
    ”موئر.“ هن وراڻيو. يعني هيءَ بس موري تائين وڃي ٿي. آئون اڌ رستي تي حيدرآباد يعني ملاڪا لهڻو هوس.
    ”توهان ڪيڏانهن وڃڻ چاهيندائو؟“ ڇوڪريءَ مون کان پڇيو. هن مون لاءِ اهو سمجهيو ته آئون ٽوئرسٽ آهيان ۽ آهيان به ننڍي کنڊ جو پر هن ان سان گڏ اهو به سمجهيو ته آئون ملائيشيا جي ڪنهن اتراهين رياست ڪيداح يا پرلس جو رهاڪو آهيان ۽ هيڏانهن گهمڻ لاءِ نڪتو آهيان.
    ”ملاڪا ڏسڻ جي شوق ۾ ڪراچي کان ڪَهي آيو آهيان.“ مون وراڻيو. ايتري ۾ ٻه ٽي ٻيا مسافر به بس ۾ چڙهيا. ڇوڪري مون کي حيرت مان ڏسڻ لڳي. آئون سمجهي ويس ته هوءَ سوچي رهي هوندي ته آئون هڪ ڌارئين ملڪ جو ٽوئرسٽ ٿي سندس مادري زبان ڪيئن ڳالهائي رهيو آهيان. "Oh! You speak good Malay." هن کان رهيو نه ٿيو ۽ هن انگريزيءَ ۾ داد ڏنو.
    ”سايا پينشارا سِني انتوق لاپان تاهون.“ (آئون اٺ سال کن هتي ليڪچرار هوس) مون کيس ٻڌايو، ”ڏهن سالن کان مٿي هتي جي پاڻين ۾ جهاز هلايا اٿم“.
    هن ڇوڪري اِيزاح ٻڌايو ته هن بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ لبوق چينا ۾ مڪمل ڪري هاڻ ڪوالالمپور جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي آهي، هينئر ٻن ڏينهن جي موڪل تي هوءَ ڳوٺ وڃي رهي آهي، جتي سندس ڪنهن سؤٽ يا ماسات جي اڄ شادي آهي. لبوق چينا، مسجد تاناح (جتي هتي جي مئريٽائيم اڪيڊمي آهي جتي آئون رهيس) ۽ ملاڪا شهر ائين هڪ ٻئي جي ويجهو آهن جيئن ٽنڊوڄام، مٽياري ۽ حيدرآباد...بلڪ ان کان به ويجهو.
    ايزاح منهنجي لاءِ هن سفر ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿي جو رستي تي جتي جتي بس بيٺي ٿي ته هن منهنجا فوٽو ڪڍيا ٿي ۽ ساڻس هن پاسي جون خبرون به پڇندو رهيس جو لبوق چينا، مسجد تاناح ۽ ملاڪا جهڙو هن جو ڳوٺ ٿيو، اهڙو منهنجو پڻ. هوءَ هن وقت ويهه سالن جي ٿيندي. يعني آئون جڏهن ملاڪا ۾ اچي رهيو هوس ته هوءَ ته اڃان ڄائي نه هئي پر سندس ماءُ به اسڪول ۾ پڙهندي هوندي. هن جي هڪ سوال تي ته انهن ڏينهن ۾ هنن ڳوٺن جون ملئي ڇوڪريون ڪيئن هيون، مون کلندي چيومانس ته انهن ڏينهن ۾ ملئي ڇوڪريون گوڏيون پائي هلنديون هيون ۽ هر وقت پاڻي ڀرڻ ۽ رڌ پچاءَ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرڻ ۾ ئي پوريون هونديون هيون.
    ”۽ هاڻ؟“ ايزاح پڇيو.
    ”هاڻ؟ تون پنهنجو پاڻ کي ڏس“، مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس، ”جينز جون پتلونون ۽ کڙين وارا سئنڊل پايو پيون هلن.“
    رستي تي بس سريمبان وٽ ڪافي دير ترسي جو ڪوالالمپور ۽ ملاڪا جي وچ ۾ سريمبان ائين آهي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد آهي. ايزاح کي ملاڪا کان ٿورو پهرين لبوق چينا ڳوٺ ۾ لهڻو هو، جيڪو سمجهو ته ائين آهي جيئن حيدرآباد کان پهرين ڄامشورو ٿو اچي.


    ملائيشيا ۾ اچي ملئي شادي ضرور ڏسجي

    ڪوالالمپور کان ملاڪا شهر 80 ميلن (135 کن ڪلو ميٽرن) جي فاصلي تي آهي جيڪو بس ذريعي ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي. ڪوالالمپور جي هوائي اڏي کان سڌو ملاڪا وڃڻ ۾ اڃان به مفاصلو گهٽ آهي ۽ ڏيڍ ڪلاڪ ۾ پهچيو وڃجي.
    ڪوالالمپور کان ملاڪا مختلف ڪمپنين جون بسون هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو سندن آرامده، تيز رفتار ۽ رستن تي مختلف شهرن ۾ بيهڻ يا ايڪسپريس سروس مطابق ڏهن کان ويهن رنگٽن تائين آهي. آئون جنهن بس ۾ چڙهيس ڪافي آرامده ۽ ايئرڪنڊيشن هئي، پر ايڪسپريس هجڻ بدران رستي تي وڏن شهرن ۾ ترسڻ واري هئي، ان ڪري ان جي ٽڪيٽ 12 رنگٽ يعني پاڪستاني 240 رپيا کن ٿي. هيءَ بس لڳو ٿي ته ملاڪا تائين وڃي وري موٽڻي هئي جو ٽڪيٽ وٺڻ مهل سڀني مون وانگر 12 رنگٽ يا ان کان گهٽ ٿي ڏنا. معنيٰ انهن کي ملاڪا تائين يا ان کان اڳ سريمبان يا الورگاجا شهرن ۾ لهڻو هو.
    ڪوالالمپور مان مون سان گڏ بس ۾ سوار ٿيڻ واري يونيورسٽي جي شاگردياڻي ايزاح (Ezzah) جنهن ٻڌايو ته هوءِ لبوق چينا ڳوٺ جي آهي، تنهن کي ملاڪا کان هڪ بس اسٽاپ اڳ الور گاجا شهر ۾ لهڻو هو، جتي هن ٻڌايو ته هن جي ڪنهن مامي يا چاچي جي شادي ٿي رهي آهي، جيڪا هوءَ اٽينڊ ڪري پوءِ ملاڪا شهر، سنگائي اڊانگ ۽ مسجد تاناح شهرن مان ڦرندي پنهنجي ڳوٺ لبوق چينا ويندي. اهو عجيب اتفاق آهي ۽ جيتوڻيڪ ان تي ويساهه نٿو اچي، پر اهو به آهي ته ان قسم جون ڳالهيون اسان مان هرهڪ سان ڪڏهن ڪڏهن ٿينديون رهن ٿيون ۽ اهڙن موقعن تي وات مان ازخود نڪري ويندو آهي ته Oh! This World is very small (اوهه! هيءَ دنيا ڪيڏي ته ننڍي آهي!) منهنجي ٻڌائڻ تي ته آئون سندس ڳوٺ لبوق چينا جي ڀرواري ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ جي نيول اڪيڊمي ۾ ڏهاڪو کن سال مئرين انجنيئرنگ جو پروفيسر رهيو آهيان، هن يڪدم چيو ”سر منهنجو ڀاءُ به جهازن جو انجنيئر آهي ۽ اتان ئي پڙهيو آهي.“
    بهرحال 1991ع ۾ ملاڪا ڇڏڻ بعد هن ملئي ڇوڪري ايزاح جو ڀاءُ پڙهڻ آيو هوندو، جيڪو هاڻ ڪنهن جهاز تي چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ Sail ڪري رهيو آهي.
    ”سر منهنجو ڀاءُ چوي ٿو ته هن نوڪريءَ ۾ پگهار به سٺو آهي ته گهمڻ ڦرڻ به آهي.“ ايزاح چيو.
    ”لڳي ٿو تنهنجي ڀاءُ جا ٻار اڃان وڏا نه ٿيا آهن؟“ مون کلندي ايزاح کان پڇيو.
    ”نه. توهان کي ڪيئن خبر پيئي.“ هن حيرت مان پڇيو.
    ”ظاهر آهي Sea life ۾ گذارو تيسين آهي، جيسين ٻار ننڍا آهن. جيئن ئي هو اسڪول ايج جا ٿين ٿا ته سندن تعليم خاطر جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪناري جو رخ ڪرڻو پوي ٿو.“
    ”پوءِ توهان ڪٿي نوڪري ڪئي؟“ هن پڇيو.
    ”منهنجو داڻو پاڻي تنهنجي ڀرواري ڳوٺ ۾ ڪئالا سنگائي بارو ۾ لکيل هو. بلڪ پاڻي ان ڳوٺ ۾ لکيل هو، باقي اٽو ۽ چانور تنهنجي ڳوٺ لبوق چينا مان وٺندا هئاسين، ڀاڄيون ۽ ميوا مسجد تاناح شهر جي پاسار مِنگو (جمع بازار) مان ۽ پگهار الور گاجاح مان. پروويڊنٽ فنڊ به الور گاجاح ۾ جمع ڪرائيندا هئاسين.“ مون ٻڌايومانس.
    ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان پيرلس سڀ ۾ ننڍي رياست آهي، جنهن جي ايراضي 800 چورس ڪلو ميٽر (300 چورس ميل) آهي. يعني مٽياري ضلعي جي اڌ کان ٿوري وڏي ٿي جو مٽياري ضلعي جي پکيڙ 1450 ڪلو ميٽر آهي. اهڙي طرح ٽئين نمبر تي ننڍي رياست ملاڪا آهي، جنهن جي پکيڙ 1650 چورس ڪلو ميٽر (650 چورس ميل) آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جي هر شهر جي آدمشماري تمام گهٽ آهي. ملاڪا هڪ آڳاٽو تاريخي ۽ آدمشماري جي خيال کان ڳتيل شهر ۽ بندرگاهه هجڻ جي باوجود سندس آدمشماري فقط ڇهه لک آهي ۽ ڪراچيءَ جي اڌ شهر جي به هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي. ملاڪا رياست جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن جي آدمشماري سکر ضلعي جيتري ٿئي ٿي، يعني 6 لک.
    ملاڪا رياست انتظاميه جي خيال کان ٽن وڏن شهرن يا ضلعن ۾ ورهايل آهي. هڪ ملاڪا جو مرڪزي شهر، ٻيو جاسين ۽ ٽيون شهر الور گاجاح آهي. اسان جي نيول اڪيڊمي جنهن پيٽارو جهڙي ٽائون ۾ آهي، ان جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي. ان کان علاوه لبوق چينا، سنگائي اڊانگ، مسجد تاناح، وغيره اسان جي ڀرپاسي وارا ڳوٺڙا آهن، جن مڙني جي آدمشماري اسان جي ڳوٺ هالا کان به گهٽ آهي ۽ انهن ڳوٺن ۾ مون ڏهه کن سال گذاريا. قد ڊگهي هجڻ ۽ هتي جي مڪاني زبان ملئي ڳالهائڻ ڪري مونکي سڀني سڃاتو ٿي ته هي هن ملڪ جو نه پر پاڪستان جو آهي. انهن ڳوٺن ۾ هن وقت به وڃان ته هن ڇوڪريءَ کان هڪ سينئر جنريشن وارا سڀ سڃاڻي وڃن جو مون هتي هڪ وڏو عرصو گذاريو آهي.
    ڪراچي، ممبئي، لنڊن جهڙن وڏن شهرن ۾ جتي ڀانت ڀانت جا ماڻهو رهن ٿا ۽ تمام گهڻو عوام رهي ٿو، اتي جي ٻي ڳالهه آهي، پر ٽيهه چاليهه هزار آدمشماري وارن ڳوٺن ۾ ته ٽي چار مهينا رهڻ تي هرڪو واقف ٿيو وڃي.
    مٿين ڳوٺن جي ماڻهن سان عيد برات ۽ چيني نئين سال جي موقعن تي ته گڏجاڻيون ٿينديون هيون، پر روزمرهه جي زندگي ۾ به ساڻن واهپو رهيو ٿي. اهو ڪهڙو هوٽل ۽ ريسٽورنٽ وارو هو، ڪهڙو ڀاڄي ڀتي، ميوو مڇي، گوشت گانگٽ وڪڻڻ وارو هو، ڪهڙو ڊاڪٽر، ڪهڙو حجام يا ٽي وي واشنگ مشين وارو هو، جنهن سان واسطو نٿي پيو.
    جيئن ئي الور گاجاح شهر ويجهو ٿيو ته ڇوڪريءَ پنهنجي شولڊر بئگ ۾ موبائل فون، پين ۽ ڪاپي رکي ۽ مٿي کي تودونگ (چورس رومال، حجاب) ٻڌي مون کي چيو ”سر توهان به کڻي هلو. ٿي سگهي ٿو ان شاديءَ ۾ توهان جو ڪو شاگرد يا سڃاڻو توهان کي ملي وڃي. هونءَ به توهان Rindu (نوستلجيا) محسوس ڪري هن سفر تي نڪتا آهيو.“
    دل ۾ چيم ته ڇوڪري ڳالهه ته واهه جي ٿي ڪري. هونءَ به ملئي شادي هڪ ڪلرفل ڪاڄ ٿئي ٿو. ملاڪا ۾ رهڻ دوران جڏهن به دعوت ملندي هئي ته شادي ضرور اٽينڊ ڪندو هوس، پر جي ڪو پاڪستان کان مهمان ايندو هو ته هن کي ملئي شادي ڏيکارڻ لاءِ بنا دعوت جي به وٺي ويندو هوس. ملئي ماڻهو منهنجي ان هجت تي ويتر خوش ٿيندا هئا ۽ اڻ سڃاڻا به مون کي ۽ منهنجي مهمانن کي وڏو مان ڏيندا هئا ته هي پرديسي چِگُو (ماستر صاحب) ليکڪ به آهي ته هنکي سندن حڪومت طرفان ملائيشيا بابت لکڻ ڪري ايوارڊ به مليا آهن.....
    مون کي ملئي شاديون ان ڪري به پسند آهن جو هنن ۾ مهمانن جو نه وقت ضايع ٿئي ٿو ۽ نه اوجاڳو ڪرڻو پوي ٿو ۽ نه وري بک ۾ پاهه ٿي دير سان هٻڇي ڍورن وانگر کائي ٻيو ڏينهن بدهضمي ۾ گذارڻو پوي ٿو. مون هونءَ به سوچيو پئي ته ملاڪا کان واپسي تي سپر هاءِ وي وٺڻ بدران پراڻن ور وڪڙن وارن رستن تان موٽندس جيڪي رستا ڳوٺن ۽ گهاٽن گهاٽن جهنگلن مان گذرن ٿا ۽ رستي تي ڪنهن نه ڪنهن ڳوٺ ۾ شاديءَ جو پنڊال ڏسي لهي پوندس ۽ ملئي شاديءَ ۾ آيل ڄاڃين ۽ گهوٽ ڪنوار جون تصويرون ڪڍندس، جيئن هي سفرنامو پڙهڻ وارا هتي جون رسمون رواج ۽ رنگين ڪپڙا ڏسي سگهن. 1991ع تائين جيڪو عرصو آئون ملاڪا ۾ رهيس، ان ۾ به ههڙن ڪاڄن جون تصويرون ڪڍڻ جو شوق هوم، پر ڪاغذ جا مهانگا فلم رول ۽ منجهن ٿورن فوٽن (وڌ ۾ وڌ 35) جي گنجائش هجڻ ڪري هر فوٽو سوچي سمجهي ڪڍڻو پيو ٿي بلڪ بيحد ڪنجوسي ڪرڻي پيئي ٿي. پر هاڻ ڊجيٽل ڪئميرائون اچڻ ڪري فوٽو ڪڍڻ ۽ ٻئي ڏي Email ذريعي موڪلڻ مفت جو ڪم ٿي پيو آهي ۽ ٻه کن GB جي سم وجهڻ سان هزار کن فوٽو هڪ ئي وقت ڪڍي سگهجن ٿا، جيڪي پورا ٿيڻ تي ڪمپيوٽر ۾ يا CD تيSave ڪري وري ٻيا اوترا ڪڍي سگهجن ٿا. هڪ ئي نظاري جا ٽي چار فوٽو ڪڍڻ سان انهن مان گهڻي سٺي فوٽي جي چونڊ ڪري سگهجي ٿي. بهرحال هتي هن ملئي ڇوڪري ايزاح جي صلاح هڻڻ سان مون يڪدم هائوڪار ڪئي. الور گاجاح شهر جتي هوءَ شادي لاءِ لهي رهي هئي، اتي آئون به لهي شادي جو فنڪشن ڏسي وري ٻي بس ۾ ٻه رنگٽ (سٺ رپيا کن) ڏئي ملاڪا پهچي سگهيس ٿي. هونءَ به مون ملاڪا ۾ پنهنجي ميزبان ميرپورخاص جي ڊاڪٽر عطا ٽالپر کي اڃان اطلاع ئي نه ڪيو هو ته آئون ملاڪا لاءِ ڪوالالمپور ڇڏي چڪو آهيان. هن سان فقط اهو پروگرام طئي هو ته ان ڏينهن تي آئون ملاڪا ايندس ۽ ملاڪا ويجهو پهچي پوءِ فون ڪندوسانءِ ته اچي ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ تان وٺي وڃ. سو مون هاڻ اهو ئي سوچيو ته شادي اٽينڊ ڪري جڏهن بس ۾ چڙهندس ته پوءِ ڊاڪٽر عطا کي فون ڪندس ته هاڻ ملاڪا جي ويجهو پهچي ويو آهيان، واندو هجين ته هينئر اچي وٺي وڃ نه ته ڪو ٽائيم ۽ جاءِ ٻڌاءِ ته شام ڌاري اتي آئون پهچي وڃان. ملاڪا توڙي کڻي هاڻ وڏو شهر ٿي ويو آهي، پر ان جو مرڪزي حصو جيئن حيدرآباد جو گاڏي کاتو، صدر ۽ تلڪ چاڙهي ته اڄ به ساڳيو آهي، جنهن کان يعني ملاڪا شهر جي ان صدر (وچ) واري حصي جالان لڪسا مانا، جالان هنگ جيبات، جالان ڪُوبو ڪمپونگ دئا، ڪمپونگ بڪت چينا، جالان منشي عبدالله ۽ ڪمپونگ جاوا جي ته گهٽي گهٽي کان واقف آهيان. جيئن اسان وٽ اڄ جا پوڙها گلشن حديد، سرجاني ٽائون، سچل ڳوٺ ۽ پهلوان ڳوٺ جهڙين ڪراچيءَ جي نين بستين کان کڻي واقف نه هجن، پر چاڪيواڙي، بغدادي، کارادر، ميٺادر، رامسوامي، آرام باغ ۽ صدر جي ته گهٽي گهٽي کان واقف هوندا.
    ڪوالالمپور يونيورسٽي جي هن ملئي ڇوڪريءَ سان هڪ ڌارين جي شادي اٽينڊ ڪرڻ ۾ مون اهو به فائدو ڏٺو پئي ته مون کي پنهنجو پاڻ جو تعارف ڪرائڻ بدران ايزاح کي ڪرائڻو پوندو ته ”هي هڪ ڌارئين ملڪ جو ٽوئرسٽ ۽ ليکڪ آهي، جنهن اسان جي هن سمنڊ Malacca Strait (ملاڪا ڳچي سمنڊ) ۽ بندرگاهن ۾ 10 سال کن مختلف جهاز هلايا آهن ۽ اهڙا ئي 10 سال کن هن اسان جي چاچن مامن کي پڙهايو آهي.“ ۽ مون ڏٺو ته اهو ڪم ايزاح هر وقت وڏي خير خوبيءَ سان پئي ڪيو ۽ نه فقط سندس مائٽن جي شادي ۾ پر ڀر ۾ ٿيندڙ ڌارئين جي شاديءَ ۾ به منهنجي ڄاڻ سڃاڻپ اهڙن پراثر جملن ۾ ڪرائي ٿي جو مون کي گهوٽ سان گڏ ويهي فوٽو ڪڍرائڻ لاءِ چوڻ جي به ضرورت نٿي پيئي. ٻنهي شادين جي ميزبانن نه فقط مون کي دل ۾ جايون پيئي ڏنيون ۽ گهوٽ ڪنوار واري هيڊ ٽيبل تي ويهاري عزت بخشي ۽ فوٽو ڪڍڻ جي مون کي اجازت ڏني، پر هنن ۽ آيل مهمانن به مون سان ڪيترائي فوٽو ڪڍرايا.


    ملئي شاديءَ جون مزيدار ڳالهيون

    هن کان اڳ لکي آيو آهيان ته ملئي ماڻهن جون شاديون مهمانن کي تڪليف نه ٿيون رسائين. اسان وٽ شادين تي ٻه ٽي ڪلاڪ ويهڻو پوي ٿو. وقت پاس ڪرڻ لاءِ وڻي يا نه وڻي ڀر ۾ ويٺلن سان رڙيون ڪري ڳالهائڻو پوي ٿو جو لائوڊ اسپيڪر تان وري وري ٻڌل ۽ بور ڪندڙ گانن جي ڦاٽ لڳي پئي هوندي آهي. ڪو زمانو هو، اڄ کان چاليهه پنجاهه سال اڳ ڀر واري ڳوٺ ۾ ڪو بي سرو ڳائيندو هو ته به هلي ملي وڃي ٻڌبو هو جو اه ئي هڪڙي وندر هوندي هئي ۽ ان جو سرور ڪي ڏينهن دماغ ۾ رهندو هو. ڪنهن وٽ فوني (گراموفون) جو رڪارڊ ايندو هو ته سيڙجي هلي ٻڌبو هو. هي اهو زمانو هو جڏهن نه ٽي وي هئي ۽ نه ان جا ايترا چئنل، نه وڊيو هو، نه سي ڊيون ۽ ڊي وي ڊيون، ٽيپ رڪارڊر ۽ ڪئسٽ ته نه هوندا هئا پر ٽرانسسٽر ريڊيو به هاڻ نڪتا هئا جن تان چوويهه ڪلاڪن ۾ ڪو اڌ ڪلاڪ گانا ايندا هئا. پر هاڻ گهرن ۾ 24 ڪلاڪ ئي ٽي وي هلي سگهي ٿي ۽ ڪيترائي چئنل 24 ئي ڪلاڪ گانا پيا ڏين. موبائل فون ۾ گانا، ڪار ۾ گانا.... اسان جهڙا پوڙها پوڙها ته ڇا جوان به ٻڌي ٻڌي ٿڪجي پيا آهن ۽ اڄ هرڪو سمجهي ٿو ته گانو جي ٻڌڻو به آهي ته ان جو مزو اڪيلي ۽ خاموشي واري ماحول ۾ ڌيمي ڌيمي آواز ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، پر اسان وٽ شادي هالن ۾ مهمانن جي گوڙ گهمسان ۾ گانن جا رنڀاٽ پيا پوندا ۽ گهر پهچڻ سان مٿي جي سور جي گوري کائڻي پوي ٿي.
    شادي جو ٽائيم نو وڳا هوندو... مهمان بک ۾ پاهه پيا ٿيندا.. پوءِ مس مس صبح جي تيار ڪيل مانيءَ لاءِ رات جو ٻارهين وڳي ڌاري کائڻ لاءِ سڏ ٿيندو ۽ اهو لمحو حيرت انگيز ٿئي ٿو. هڪ نفسا نفسي جو عالم هوندو آهي، پاڪستان ۾ آيل ڌارين لاءِ عبرت جو مقام هوندو آهي... متان ماني کٽي نه وڃي، هرهڪ پنهنجي پليٽ تي گوشت، ڪواب ۽ مٺي جا جبل ٺاهي هٻڇي باندرن وانگر تڪڙو تڪڙو کائڻ شروع ڪندو آهي. هو ڪيترو کائي رهيو آهي، اهو رڪارڊ پنهنجي ٽيبل وارن ۽ چوڌاري ڦرندڙ ميزبان کي نظر اچڻ کان ميسارڻ لاءِ هڏا ۽ هڏيون پنهنجي پليٽ تي ئي رکڻ بدران، اٽڪل سان ٽيبل هيٺ اڇليندو ويندو آهي. گهر پهچي هاضمي جون گوريون کائڻ جي باوجود سڄي رات هانءَ تي بار، ساڙو ۽ ڪن کي ته Food Poisoning ٿي پوندي آهي. ان تڪليف ڪري ۽ دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن آفيس ۾ دير سان پهچڻ يا غير حاضر رهڻ اسان جي سوسائٽيءَ ۾ هڪ عام ڳالهه ٿي پئي آهي.
    اسان وٽ دعوت ۾ هڪ ئي وقت ماني کائڻ ۽ ختم ڪرڻ ۾ اهو به مسئلو آهي جو موٽڻ مهل مهمان انگريزي فلمن ۾ ڏيکاريل رومن ايمپائر جي قيدين وانگر لڳندا آهن، جيڪي جيل جا دروازا ڀڃي نڪرڻ مهل سخت پريشان هوندا آهن. مهمان پنهنجين ڪارن کي ڪڍڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. هو آڌي رات کانپوءِ گهر موٽڻ تي چورن چڪارن جي خوف کان سڄي واٽ ٽينشن ۾ رهن ٿا جو اڪثر شادي تان موٽندڙن جون ڦرون ۽ اغوائون ٿين ٿيون. بدهضمي، ننڊ جي کوٽ، اوجاڳي ۽ رستي جي ڊپ کان علاوه شادي اٽينڊ ڪندڙ ڪيتريون عورتون ٻين جا اوچا ويس وڳا ۽ ڳهه ڳٺا ڏسي ڪي ڏينهن سخت ڊپريشن جو شڪار رهن ٿيون ۽ پنهنجن مڙسن لاءِ آزار پيدا ڪن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ شاديون تعديون بڻجيو وڃن، پر ملائيشيا ۾ معاملو ئي نرالو آهي، جنهن ۾ نه گهوٽ ڪنوار وارن کي تڪليف ۽ نه آيل مهمان کي.
    ملائيشيا ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ شادي، سا به وڏي شهر جي، ڪنهن هوٽل يا ڪلب ۾ شام جو ٿئي ٿي نه ته سڄي ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي منجهند جو ٿئي ۽ سڀني جي سهوليت لاءِ ڇنڇر يا آچر ڏينهن ٿئي. ملائيشيا ۾ آچر جو ڏينهن موڪل ٿئي. ڇنڇر جي ڏينهن صبح جو اٺين کان ساڍي ٻارهين تائين آفيسون ٿين. جمعي جي ڏينهن اٺين کان ساڍي ٻارهين تائين ڊيوٽي ٿئي. ان بعد ٻه ڪلاڪ جمعي نماز ۽ منجهند جي ماني جو وقفو ٿئي، ان بعد وري اڍائي کان ساڍي چئين وڳي تائين آفيس ٿئي.
    ملائيشيا ۾ شادي جو ٽائيم منجهند ٻارهين کان چئين وڳي تائين آهي. يعني انهن چئن ڪلاڪن اندر مهمان ڪنهن وقت به اچي سگهن ٿا. شامياني ۾ پنڌرهن ويهه کن چورس يا گول ٽيبل لڳايا ويندا آهن، جن تي ٻارهين وڳي کان ماني لڳل هوندي آهي، جيڪو جيڪو مهمان ايندو آهي، اهو اچڻ سان ماني کائي روانو ٿي سگهي ٿو ۽ جي دل چاهيس ته ويهي ٻين مهمانن يا ميزبانن سان خبرچار ڪري سگهي ٿو. مانيءَ ۾ به ڪا شوبازي نه هوندي آهي. جتي ڪٿي ساڳيو مينو سيٽ هوندو آهي ۽ غريب غربي جي ماني ساڳي هوندي آهي. هر ٽيبل تي چئن يا ڇهن ڄڻن لاءِ اوترن پيسز جو ڪڪڙ جو ٻوڙ، ڀت، ڪا ڀاڄي، مڇي يا گانگٽ (جيڪي چوڌاري سمنڊ ۽ درياهه هجڻ ڪري سستا آهن. ڪڪڙيون پڻ هرڪو پنهنجي گهر ۾ پالي)، انناس جو آچار ۽ هڪ ڊش ۾ ميوو هوندو آهي. هرڪو فضيلت سان پنهنجي حصي جي ماني پيٽ ڀري کائيندو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هيءَ ماني بيحد مزيدار ٿئي ٿي جو ان ۾ هر شيءِ تازي استعمال ٿئي ٿي. ملئي ماڻهن جا کليل ۽ وڏا گهر ٿين، جن جي چوڌاري ميون جا وڻ ٿين ۽ ڪاٺ جي گهرن هيٺان ڪڪڙيون پالين ڪيترن کي ته مڇين ۽ گانگٽن جا تالاب به ٿين. شاديءَ جي ماني ٻاهران ڌارين کان ٺهرائڻ بدران پاڙي اوڙي جون عورتون پچائين. اهو نظارو به ڏسڻ وٽان هوندو آهي. مهمانن جي ويهڻ لاءِ لڳل پنڊال ڀرسان هي عورتون ڀت ۽ ٻوڙ جا ديڳڙا رڌيندي نظر اينديون. سندن مرد هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا ڪڪڙين کي جهلي سير پيا وجهندا يا مڇين جا ڇلر لاهي ڳڀا ڳڀا ڪري عورتن کي ترڻ لاءِ پيا ڏيندا. ٻارهو ئي مينهن ڪري ملائيشيا ۾ ڪڻڪ جي پوک نه ٿئي. ڪن شادين ۾ نوڊلز به رکن جيڪي اسان جي هٿ جي ٺهيل سيوين جهڙيون ٿين، اسان وٽ ماني ڪڻڪ جي اٽي مان ٺاهين پر هتي هر شيءِ چانورن جي اٽي مان هوندي آهي.
    ٽيبل تي ماني ختم ٿيڻ تي ڪنوار جون ڀينرون ۽ انهن جون ساهيڙيون انهن ڊشن ۽ پليٽن کي وري ڀري رکن. ماني کائڻ بعد مهمان ڪنواريتن کان موڪلائين. ڪي مهمان گهوٽ جي اچڻ جو انتظار ڪن ۽ انهن سان فوٽو ڪڍرائين. ايندڙ مهمان اچڻ سان يا وڃڻ وقت، شاديءَ جو گفٽ (گهڻو ڪري ٻه يا ٽي رنگٽ يعني پاڪستاني ستر اسي رپيا کن لفافي ۾ وجهي) ڏين. ڪي مهمان پئسن بدران ڪو هلڪو ڦلڪو گفٽ ڏين. پر هن معاملي ۾ شوبازي کان پري رهن. سادي سودي پرلذيذ ماني ڪن ۽ غريب توڙي امير تحفي ۾ ٻه چار ڊالر ڏئي. ان ڪري ملئي شادي نه گهوٽيتن ڪنواريتن لاءِ باربڻجي ٿي ۽ نه مهمانن لاءِ. مانيءَ جو ڪم ۽ مهمانن جو اچڻ جيتوڻيڪ ٻارهين وڳي منجهند کان شروع ٿئي ٿو، پر هر شاديءَ ۾ گهوٽ وارا پوري ٻي وڳي ڪنوار جي گهر پهچن. جيئن اسان وٽ شادي جا ٻه حصا ٿين؛ نڪاح ۽ وليمو، تيئن هتي به ٿئي. هڪ ڏينهن اڳ نڪاح ٿئي، جنهن مذهبي ۽ قانوني حصي کي هتي Akad Nikah عقد نڪاح سڏين، جنهن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪن ۽ گهوٽ حق مهر لکندو آهي، جنهن کي هتي Mas Kahwin سڏين، جنهن جي لفظي معنيٰ ”شادي جو سون“ آهي. ڪن هنڌن تي اهو مقرر ٿيل آهي جيئن سنگاپور ۾ اهو 1998ع کان ساڍا 22 سنگاپور ڊالر يعني پاڪستاني 1300 رپيا کن مقرر ٿيل آهي. امير توڙي غريب هر ملئي مسلمان ايترو ”حق مهر“لکرائي. ڪيترا ماڻهو خاص ڪري ڌاريان انهن پئسن کي Dowry يعني ”ڏيج“ سمجهن ٿا. ڏيج ۾ ڇوڪريءَ وارا ڪيترا به پئسا ڏئي سگهن ٿا، جنهن کي ملئي زبان ۾ Hantaran سڏين.
    نڪاح جي مذهبي رسم ڪنوار جي گهر ٿئي، پر اڄڪلهه اها مسجد ۾ عام ٿيڻ لڳي آهي. نڪاح تي، ٿورا ماڻهو، گهڻو ڪري پنهنجا مٽ مائٽ يا ڪجهه گهاٽا دوست، گهرائين. نڪاح بعد ڪنوار کي ميندي لڳائي وڃي ٿي. بهرحال وليمي جي رسم ٻئي يا ٽئي ڏينهن ڇنڇر يا آچر تي رکي وڃي ٿي. آچر کان به ڇنڇر بهترين ڏينهن ٿئي ٿو جو ٻارهين وڳي آفيس مان موڪل ٿيڻ تي سڌو شادي واري گهر پهچيو وڃجي. ملائيشيا ۾ هر ڇنڇر تي هرهڪ کي آفيس ۾ باتيڪ (ڇُرَ) واري بشرٽ پائي اچڻو پوي ٿو. ان ڪري ڇنڇر ڏينهن واري شادي ۾ آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مهمان باتيڪ (گلن وارن رنگين) قميصن ۾ نظر اچن. هن وليمي واري رسم کي ملئي زبان ۾ محفل برسندنگ (Bersanding) يعني ”گڏ ويهڻ جي مجلس“ سڏين، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي هڪ صوفي تي هڪ ٻئي ڀرسان ويهڻو ۽ رسمون پوريون ڪرڻيون هونديون آهن.
    پوري ٻي وڳي گهوٽ پنهنجن مائٽن ۽ دڦ وڄائڻ واري ٽولي سان ڪنوار جي گهر سامهون پهچندو آهي. هن بئنڊ (ٽولي) ۾ اٺن کان 10 ڄڻا ٿين، جيڪي هڪ ئي ڊريس (يونيفارم) ۾ هوندا آهن، هو دڦ (جنهن کي ملئي زبان ۾ ”ڪومپانگ“ سڏين ٿا) وڄائڻ سان گڏ مولود ۽ قرآن جو آيتون پڙهندا، گهوٽ سان گڏوگڏ اڳتي وڌن. ڪجهه ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گهوٽ جي پاسي کان ڪاغذي گلن جا ڇٽ کڻي هلن ۽ پوءِ ڪنوار جي گهر کان ڏهه ٻارهن قدمن تي پهچي گهوٽ صاحب بيهي رهندو آهي. ملائيشيا ۾ گهڻو ڪري مينهن رهي ٿو، نه ته ٻي صورت ۾ نٽهه اس هوندي آهي. ان ڪري گهوٽ جو هڪ دوست يا مائٽ گهوٽ مٿان ڇٽي کڻي هلي.
    ڪنوار جيڪا هڪ بجي تائين مقرر وڳو پائي ۽ ميڪ اپ سان گهوٽ اچڻ جي انتظار ۾ هوندي آهي، گهوٽ جي پهچڻ جي طلاع ملڻ تي پنهنجين ساهيڙين يا ڀينرن سان گڏ گهر کان ٻاهر نڪري چند قدم پري بيٺل گهوٽ سان اچي ملندي آهي. پوءِ ٻئي ڄڻا گهر ۾ داخل ٿين ۽ پنڊال ۾ سينگاريل سيڄ تي رکيل ڪوچ تي اچي ويهن. ساڻن ملڻ ۽ مبارڪباد ڏيڻ وارا پاسي کان رکيل پيالي مان ٿورا ٿورا چانور کڻي هنن مٿان يا هنن جي پيرن وٽ ڇٽڪارين. اهڙي طرح جون ٻيون به ڪجهه رسمون ڪيون وڃن ٿيون، جن جو واسطو مذهب سان نه پر ثقافت ۽ مڪاني رسم رواج سان آهي، جيئن اسان وٽ ڪنوار جي گهر ۾ گهوٽ اچڻ تي کير پيارڻ، جُتي لڪائڻ، ڌاڳي ڇنڻ کان لانئن تائين رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي اسان جي ڪلچر کي Reflect ڪن ٿيون ۽ جن مان ڪيتريون ئي رسمون نه فقط هندن ۽ مسلمانن ۾ ساڳيون آهن، پر باگڙي، ڀيلن ۽ ميگهواڙن ۾ به آهن ۽ انهن مان ڪجهه ته انڊيا جي گجرات ۽ مها راشٽرا صوبن جي به ڪن حصن ۾ آهن. اهڙي طرح هتي ملائيشيا ۾ به ڪجهه رسمون جن جو مذهب سان ڪو واسطو ناهي، اهي نه فقط مسلمانن ۾ آهن، پر عيسائي، چيني ۽ ٻوڌين ۾ به آهن. جيئن هتي بيضي (Egg) کي ويجهه (Fertility) جي نشاني سمجهيو وڃي ٿو ۽ شادي تي آيل مهمانن کي وڃڻ وقت گل سان گڏ اوٻاريل بيضو به ڏين يا بيضي کي پني يا پلاسٽڪ جي گلاس ۾ رکي ڏين، جيڪو ”بُنگا تيلور“ سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ Bunga معنيٰ گل ۽ Telur معنيٰ بيضو. گهوٽ سان گڏ جيڪي ڪاغذي گلن جا ڇٽ کنيا وڃن ٿا، اهي بُنگا مانگار سڏجن ٿا.
    ملائيشيا ۾ ملڪ جي بادشاهه ۽ رياستن جي سلطانن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، جيڪي واري وٽي تي سڄي ملڪ جا پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿين ٿا. غريب عوام مان ڪو بادشاهه ٿي نه ٿو سگهي، پر شادي واري ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ڏينهن لاءِ بادشاهه ۽ راڻي تصور ڪيا ويندا آهن ۽ اهي Pengantin (گهوٽ/ ڪنوار) سڏجڻ سان گڏ Raja Sehari (هڪ ڏينهن جا راجا) پڻ سڏيا وڃن ٿا.
    ملائيشيا ۾ پيلو (Yellow) رنگ Royal يعني شهنشاهي گهراڻي جو سمجهيو وڃي ٿو. شادي واري ڏينهن گهوٽ ۽ ڪنوار ان اسٽائيل جا وڳا پائين، جيڪي ملڪ جا بادشاهه ۽ سلطان ۽ سندن راڻيون پائين ٿيون. ان ڏينهن تي هو پيلي رنگ جو غاليچو يا پيلي رنگ جي ڪور وارو صوفا، پڙدا يا ان رنگ جي ٻي ڪا اهڙي شيءِ استعمال ڪري پاڻ کي بادشاهه ۽ راڻي سمجهن.
    ملائيشيا جي بادشاهه ۽ راڻيءَ جون تصويرون توهان ڏسندائو ته بادشاهه هڪ خاص قسم جي ٽوپي پائي ٿو، جنهن تي ٻارهن ڪنڊن وارو تارو ٿئي. ان کان علاوه پاسي کان هڪ خاص قسم جو خنجر، جنهن کي هتي جا ماڻهو ڪرس (Kris) سڏين، اهو لڳائي ٿو. راڻي مٿي تي هيرن جو تاج ۽ سونا ڳهه پائي ٿي. ملئي گهوٽ ڪنوار به هڪ ڏينهن (ساتو هري يعني Se- hari) لاءِ بادشاهه (Raja) ۽ راڻي(Permaisuri) ٿئي ٿو. ان ڪري گهوٽ ڪنوار به چاهي غريب هجن، ڳوٺاڻا هجن، سرڪاري نوڪري يا پرائيويٽ بزنس بدران مزوري ڪندا هجن، پر شاديءَ واري ڏينهن هو به اصل بادشاهه ۽ راڻي وانگر اوچي ڪپڙي جي پوشاڪ ۽ ٻيون شيون پهري انهن جهڙي Look ڏين ٿا، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن ملئي شادين ۾ به گهوٽ ڪنوار خاص ڪري اسان جي ملڪ جي ڪنوارين وانگر اوچي وڳي تي لک ڏيڍ لک رپيا خرچ ڪندي ته پوءِ ملئي شاديون گهٽ خرچ واريون ڪيئن چئي سگهجن ٿيون؟
    ملائيشيا ۾ شادين ۾ گهوٽ ڪنوار اوچو وڳو، بلڪ هڪ ڏينهن ۾ ٻه يا ٽي وڳا ضرور اوڍين ٿا، ڳهه ڳٺا ۽ هيرن جو تاج به پائين ٿا، پر هنن جو ان تي خرچ نه برابر ٿئي ٿو. ملائيشيا جي هر شهر ويندي ڳوٺن ۾ اهڙا دڪان آهن، جن تان گهوٽ ڪنوار لاءِ شادي واري ڏينهن لاءِ مسواڙ تي وڳا ملن ٿا. گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي پسند تي هڪ، ٻه يا ٽي مئچنگ وڳا مسواڙ تي وٺن. يعني جهڙي ڪپڙي ۽ رنگ جو ڪنوار جو وڳو هوندو اهڙي ئي ڪپڙي ۽ رنگ جو گهوٽ جو وڳو هوندو ۽ اهو اڳواٽ فيصلو ڪري ڇڏيندا آهن ته جنهن وقت گهوٽ ڪنوار جي گهر پهچندو، ان وقت هن کي سائو وڳو هوندو ۽ ڪنوار به ان وقت اهو وڳو اوڍي هن جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ ايندي. ان ۾ فوٽو ڪڍرائڻ بعد ڪجهه دير بعد (گهڻو ڪري ماني بعد يا چئين وڳي رخصتي بعد) هو وري ٻئي رنگ ۽ ڪپڙي جو وڳو پائين ۽ ان ۾ پڻ اڪيلو ۽ مهمانن سان فوٽو ڪڍرائين.
    اهڙي طرح ڳهه، هيرن وارو تاج ۽ ڪرس پڻ مسواڙ تي ملن. ڳهه ڳٺا سڀ نقلي ٿين ۽ سڄي ملائيشيا ۾ شاديءَ تي اهي پائين. اهو ملڪ جتي شاديءَ تي هرهڪ مسواڙ تي ورتل شيون پائي اتي جيڪڏهن ڪو بيوقوف لکين رپيا کن خرچ ڪري پاڻ ٺهرائيندو ته به هرهڪ اهو ئي سمجهندو ته هن ويهه رنگٽ (پنج سؤ رپيا) مسواڙ تي وڳو ۽ ڳهه آندا آهن. ان ڪري هرڪو چُپڙي ڪري ائين ڪم هلائي ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ ملڪ کي فقير بڻجڻ کان بچائي.
    ملائيشيا ۾ نه فقط ملئي مسلمان پر انڊين (تامل، گجراتي، سک وغيره) ۽ چيني (عيسائي، ٻڌ، مسلمان ۽ بي مذهب) پڻ مسواڙ تي شادي جا وڳا وٺن. ڪي ڪي ملئي جوڙا پنهنجي ملئي ڊريس Baju Kurung (باجو ڪرونگ) کان علاوه چيني ڊريس به مسواڙ تي وٺي شادي جي ٻئي ڏينهن ان ۾ فوٽو ڪڍرائين. ملئي ماڻهو هونءَ انڊين يا اسان پاڪستانين جي ڊريس کان پري ڀڄندا آهن، پر گذريل ٻن ڏهن ۾ انڊين فلمن جي هيڪاندو مشهور ٿيڻ تي ۽ سندن آئيڊل امتياب بچن، شاهه رخ خان ۽ ايشوراءِ ٿيڻ تي ڪي ڪي ملئي ڪنواريون مسواڙ جي بنارسي ساڙهي ۽ سٿڻ قميص ۾ به فوٽو ڪڍرائڻ لڳيون آهن. شاهه رخ خان جي هڪ فلم جي ملاڪا ۾ شوٽنگ ٿيڻ ڪري کيس هتي جو هڪ سرڪاري ايوارڊ (Datuk) به ڏنو ويو، جنهن تي ڪجهه عرصي لاءِ Controversy به هلي، جنهن جو ذڪر هن کان اڳ واري سفرنامي ”هليو آ، هليو آ، ملائيشيا“ ۾ ڪري چڪو آهيان.
    گهوٽ ڪنوار کي ماني کارائڻ لاءِ هڪ ڊگهو ٽيبل سجايل هوندو آهي، جنهن تي ٻارهن کن ماڻهو ويهي سگهن. هن ٽيبل تي گهوٽ ۽ ڪنوار کان علاوه هنن جا والدين يا وري ڳوٺ جا اهم ماڻهو ويهاريا ويندا آهن. ملاڪا ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ ڪنهن شاديءَ ۾ آئون ويندو هوس ته مون کي فارينر ۽ پروفيسر جي حيثيت ۾ عزت بخشڻ لاءِ ان ٽيبل تي ويهاريو ويندو هو ۽ آئون به فوٽو ڪڍڻ ۽ ٻين جي فوٽن ۾ اچڻ جي شوق ۾ گهوٽ ڪنوار سان گڏ ماني کائيندو هوس. هن ٽيبل تي ڪنواريتا گهوٽ لاءِ هڪ ٻه وڌيڪ ڊش رکن خاص ڪري ڪيڪ پيسٽري وغيره. ڳوٺن ۾ اها ڳالهه عام هوندي آهي ته گهوٽ جي دل ۾ ڪنوار لاءِ وڌيڪ پيار پيدا ڪرڻ لاءِ ان قسم جا ڊش پڙهيل هوندا آهن، يعني انهن مٿان ٽوڻا ڦوڻا ٿيل هوندا آهن، جيئن گهوٽ کي گهٽ سهڻي ڪنوار به پسند اچي. پر سياڻو ۽ ماءُ جو پڙهايل گهوٽ، اهڙي ڪنهن شيءِ کي هٿ به نه لاهيندو آهي. البت مٺو کائڻ جا مون جهڙا شوقين اهي ملئي Kuih (مٺايون) چٽ ڪن. منهنجا آفيس جا ملئي دوست ٻن ٽن ڏينهن بعد چرچي ۾ پڇندا هئا ته ”اِنچڪ (جناب عاليٰ) توهان تي منتر پڙهيل ڪيڪ يا پيسٽريءَ اثر ته نه ڪيو ۽ اها نڪ مِني ڪنوار پسند ته نه اچڻ لڳي آهي؟“
    آئون پنهنجي بهترين موڊ جو مظاهرو ڪري کين ورندي ڏيندو هوس ته ”هرگز نه. مون تي توهان ملئي ماڻهن جا ٽوڻا ڦيڻا هرگز اثر نٿا ڪن، ڇو جو اهي ڪنواريون جن جي ٽيبل تي ويهي ماني نٿو کان، مون کي ته اهي به وڻن ٿيون.“
    ”تنهنجي معنيٰ ته اسان جون ملئي ڇوڪريون سهڻيون آهن.“ هو پڇندا هئا. جواب ڏيڻ تي هو زور ڀريندا هئا ته آئون کلي چوندو هوس ته ”يارو مون کي توهان جي ملڪ ۾ اڃان ڪجهه سال رهڻو آهي ۽ آئون ڪنهن جي دل آزاري نٿو ڪرڻ چاهيان.“
    ان تي هو ٽهڪ ڏيندا هئا خاص ڪري اهو ملئي ڪئپٽن جنهن جي زال هسپانوي آهي ۽ هو منهنجي پاران وڪالت ڪري ٻين کي چوندو هو ”الطاف ڪو پورٽ گوادر کان سڌو هتي نه آيو آهي. هن اسپين، مراڪش، سئيڊن ۽ لبنان جون به ڇوڪريون ڏٺيون آهن.“
    بهرحال حق جي ڳالهه ڪبي. مٿيون ڳالهيون سٺ ۽ ستر واري ڏهي تائين جون آهن جڏهن ملئي ڇوڪرين جا چهرا ڪلڪٽر انبن جهڙا غير جاميٽريڪل هئا. اڄ جون ملئي ڇوڪريون پنجاهه سال اڳ جي ڇوڪرين يعني پنهنجين مائرن، نانين کان وڌيڪ سهڻيون، سمارٽ ۽ ذهين ٿي پيون آهن. هنن کاڌي تي ڪنٽرول ڪيو آهي، گهڻو پنڌ ڪن ٿيون ۽ صحت جي اصولن تي عمل ڪن ٿيون. بهرحال کين بهتر ۽ سهڻو بڻائڻ ۾ سندن ڊريس جو به حصو آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي ڊريس Baju Kurung ۽ جپاني ڊريس Kimono ۾ هرڪا ڇوڪري سهڻي لڳي ٿي.
    پوري چئين وڳي گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي وٺي روانو ٿيندو آهي. ٽيبلن تان مانيءَ جا پيالا ۽ پليٽون کنيون وينديون آهن ۽ آخري آيل مهمان به اٿندا آهن. چئين وڳي شام جو شادي جو ڪم ختم ڪرڻ تي اهو فائدو آهي ته سج لهڻ کان اڳ هرڪو گهر پهچيو وڃي ۽ ڏينهن جو ڏينهن ۾ شادي جو ڪم مڪمل ڪرڻ تي اهو به فائدو آهي ته گهوٽ ڪنوار وارن کي مهمانن کي رات ٽڪائڻ جي تڪليف ڪرڻي نٿي پوي. ساڳئي وقت ڪنهن کي اوجاڳو نٿو ڪرڻو پوي. ٻئي ڏينهن هرڪو پنهنجي ڊيوٽي يا ڪم تي وقت تي ۽ تازو توانو پهچيو وڃي.
    اڄ کان 20 سال اڳ پنهنجي هڪ ملائيشيا واري سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته شادين مرادين جون رسمون رواج جيتوڻيڪ سڄي ملائيشيا ۾ ساڳيا آهن، پر ان هوندي به ڪجهه شيون هر رياست ۾ الڳ پڻ آهن. ملائيشيا جي ٻين سڀني رياستن ۾ شام جو چئين وڳي شادي جو ڪم ختم ٿيڻ تي ٻاهران آيل گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي پاڻ سان وٺي وڃي ٿو پر ملاڪا (جنهن ۾ آئون ڏهاڪو کن سال رهيس) هڪ اهڙي رياست آهي جتي ڪنوار گهوٽ جي گهر وڃڻ بدران گهوٽ کي ڪنوار جي گهر رهڻو پوي ٿو. ان ڪري ملاڪا جي ڇوڪرن کي ان رسم سان سخت ناپسنديدگي هئي جو ڪهڙي ماءُ يا پيءُ چاهيندو ته شاديءَ بعد هن جو پٽ هنن کان جدا ٿي وڃي. ان ڪري ملاڪا ويندڙ هر ڇوڪري تي مائٽن جي ڪرڙي نظر رهي ٿي ته متان ملاڪا ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ کي دل ڏيئي ويهي ۽ نتيجي ۾ هن سان شادي ڪري هن جو پيارو ٿي وڃي. بهرحال هاڻ ملائيشيا ماڊرن دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ اڄ ملائيشيا جا شهر يورپ جي شهرن جهڙا ٿي پيا آهن ۽ شادي بعد گهوٽ توڙي ڪنوار والدين سان گڏ رهڻ بدران پنهنجو نئون گهر وڃيو مسواڙ تي وٺن يا هفتو کن هني مون ملهائڻ بعد ڪنوار پنهنجي نوڪري تي اپوح ته گهوٽ سريمبان کان وڃيو نڪري. ٻن هفتن بعد يا مهيني بعد هو ڪڏهن ڪنوار جي مائٽن گهر ملاڪا ۾ ته ڪڏهن گهوٽ جي والدين گهر ڪوالالمپور اچيو ٻه راتيون گذارين.
    ملائيشيا ۾ شاديءَ جي رسمن جي ڳالهه نڪتي آهي ته هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي ماڻهو هونءَ کڻي فوٽو ڪڍرائڻ جا شوقين هجن يا نه پر شاديءَ جي موقعي تي ملئي توڙي چيني ۽ انڊين گهوٽ ڪنوار ويندي اهي جيڪي سخت مذهبي خيالن جا آهن ۽ فوٽو ڪڍرائڻ گناهه جو ڪم سمجهن ٿا، اهي به پنهنجي شادي جي يادگار طور فوٽو گرافر کان فوٽن جو آلبم ٺهرائين ٿا، جيڪو ڪيترا سال گذرڻ بعد به ڊرائنگ روم ۾ ٿانون جي ڪٻٽ مٿان ڦاٽي ويل گتي جي دٻي ۾ رکيل هوندو آهي ۽ هر آيل نئين مهمان کي ان کي ڏسڻ جي آڇ ڪئي ويندي آهي ۽ اهو ڏسي نئون آيل مهمان يا پراڻو مائٽ اندازو لڳائي سگهي ٿو ته پنجن سالن ۾ چئن ٻارن جي ٿي ويل ماءُ نور آسيه، سيتي فاطمه، نوريشيا يا ٻي اهڙي نالي واري جنهن جا هاڻ حال هيڻا ٿي ويا آهن، شادي جي وقت پي راملي جي فلمن جي هيروئن جهڙي هئي يا گهٽ ۾ گهٽ لڳي ٿي.
    ملائيشيا ۾ رهندڙ ٽئي قومون (ملئي، چيني ۽ انڊين) شادي جي آلبم لاءِ جملي ريتن رسمن ۽ هني مون جي موقعي جون تصويرون ڏين ٿا، پر ملئي گهوٽ ڪنوار جون شادي بعد (هني مون واري موقعي) جون مختلف پوزن ۾ ڪڍرايل تصويرون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. ڪيترا ته ڏينهن ٻن لاءِ هني مون تي وڃڻ بدران ڪجهه ڪلاڪن لاءِ درياهه جي ڪناري، ڀرواري شهر يا پنهنجي گهر جي بيڊروم ۾ ئي مختلف پوزن ۾ فوٽو ڪڍرائين. انهن فوٽن ۾ هو پنهنجي شوق مطابق عجيب فلمي ۽ غير فلمي اسٽائيل جي پوزن ۾ شادي واري وڳي ۾ فوٽو ڪڍرائين. ڀاڪرن ۾ فوٽو ڪڍرائڻ کان علاوه گهوٽ ڪنوار سائيڪل تي چڙهي، ٻيڙيءَ جي اَند (Gunwale) تي ويهي، ڪنهن تاريخي بلڊنگ اڳيان بيهي، وڻ کي ڀاڪر پائي يا ڊوڙندي ۽ ٻين اسٽائيلن ۾ فوٽو ڪڍرائين. گذريل ويهه سالن جي اٽينڊ ڪيل شادين مان ڪجهه ان قسم جي فوٽن جون ڪاپيون مون وٽ به آهن جن مان ڪجهه لاءِ ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب ۾ ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي.


    ملاڪا ويندي پراڻيون يادون

    ملئي ماڻهن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ بعد آئون ملاڪا روانو ٿيڻ لاءِ بس ۾ چڙهيس. شروع ۾ به لکي آيو آهيان ته ملاڪا ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان هڪ آهي ۽ سندس آڳاٽي هجڻ ڪري تمام گهڻي تاريخي حيثيت آهي. ميرن جي ڏينهن جي خيرپور رياست وانگر ملاڪا ”رياست“ جو نالو آهي ته هن رياست جي ”مرڪزي شهر“ جو به.
    ملاڪا ملائيشيا جي پيرلس ۽ پينانگ بعد ٽيو نمبر ننڍي رياست آهي جنهن جي پکيڙ 1650 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني سڄي ملائيشيا ملڪ جي ايراضي سان ملاڪا رياست ڀيٽي وڃي ته اها پکيڙ ۾ اڌ سيڪڙو مس ٿيندي يعني اڄ واري خيرپور ضلعي جيڏي ٿيندي. ڇو جو خيرپور ضلعي جي پکيڙ 1600 چورس ڪلو ميٽر آهي. لڳ ڀڳ مٽياري جي آدمشماري 6 لک چئي وڃي ٿي ۽ ملاڪا رياست (ٻن ٽن ٻيٽن: پُلائو بيسار، پلائو اپاهه سميت) جي آدمشماري 8 لک آهي. ياد رهي ته پلائو(Pulao) ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ٻيٽ (Island). جيئن ملائيشيا جو پينانگ ٻيٽ به هتي ملائيشيا ۾ ”پُلائو پينانگ“ سڏجي ٿو.
    ملاڪا رياست ٽن ضلعن ۾ ورهايل آهي: الور گاجا، سينٽرل ملاڪا جنهن کي ملئي زبان ۾ ”تينگاهه ملاڪا“ سڏين ٿا (Tenngah معنيٰ وچ، مرڪز، صدر وغيره) ۽ ٽيو ضلعو جاسين (Jasin). ملاڪا تينگاهه يا ملاڪا جو شهر سمنڊ جي ڪناري تي هڪ آڳاٽو شهر آهي، جتان ٻئي پاسي انڊونيشيا جو سماترا ٻيٽ نظر اچي ٿو. هن ملڪ جو هاڻوڪو نالو ’ملائيشيا‘ ۽ ان کان پهرين وارو نالو ’ملايا‘ ويجهڙائي جون ڳالهيون آهن. نه ته هي علائقو ”ملاڪا سلطنت“ سڏبو هو، جنهن جو گادي وارو شهر ملاڪا هو جتي هتي جو ملئي سلطان ۽ ان بعد پورچو گالي، ڊچ ۽ انگريز حاڪم رهيا. هن علائقي ۾ جيڪو هاڻ ”ويسٽ ملائيشيا“ سڏجي ٿو سڀ ڪجهه ملاڪا هو، جنهن جو بندرگاهه به پنهنجي وقت جو مشغول ۽ بلي بلي بندرگاهه هو، جتي هر وقت هندي وڏي سمنڊ ۽ چيني سمنڊ کان ٻيڙا ايندا ويندا رهيا ٿي. هن سڄي علائقي تي ان جو راڄ هليو ٿي، جنهن ملاڪا تي قبضو ڪيو ٿي. حيدرآباد جي ڦليلي نهر وانگر شهر مان ”ملاڪا ندي“ وهي ٿي، جيڪا اڄ به ساڳي حالت ۾ آهي، جنهن جي ٻنهي ڪنارن تي ملئي ۽ چيني ماڻهن جا گهر، دڪان ۽ هوٽلون هن شهر کي رونق بخشين ٿيون. هن پاسي ٻارهوئي مينهوڳي جي موسم رهي ٿي، ان ڪري هن پاسي جون نديون جبلن تان برف ڳرڻ جو انتظار نه ٿيون ڪن ۽ نه وري هن پاسي اهڙا اتاهان جبل آهن جن جون چوٽيون برف سان ڍڪيل رهن ۽ اونهاري ۾ برف ڳرڻ تي اسان جي سنڌو ندي وانگر وهن. هتي جي ندين جي پاڻيءَ جي ليول ڏينهن ٻه گهٽ رهي ٿي ته وري مينهن پوڻ سان تار ٿيو وڃي. هتي جي زميندارن جو پاڻيءَ تي جهيڙو هرگز نٿو ٿئي ۽ نه پُڇڙي جو زميندار پاڻيءَ لاءِ سڪي ٿو جو هتي جون نديون زمينن کي پاڻي پهچائڻ بدران زمينن مان مينهن جو پاڻي کڻي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪن ٿيون. ملاڪا رياست آڳاٽي ۽ مرڪزي هجڻ ڪري سندس آدمشماري 8 لک آهي. اها آدمشماري اسان جي حساب سان کڻي خاص ناهي جو اسان جي فقط حيدرآباد ضلعي جي ان کان ٻيڻي (16 لک) آهي پر هتي جي لحاظ کان اها تمام گهڻي سمجهي وڃي ٿي. مشرقي ۽ مغربي ملائيشيا جي جملي آدمشماري 3 ڪروڙ آهي ۽ اسان جي پاڪستان جي 18 ڪروڙن جي ويجهو آهي.
    ملاڪا ڪوالالمپور ۽ سنگاپور شهرن جي وچ ۾ آهي. ڪوالالمپور کان ملاڪا 150 ڪلو ميٽر آهي ۽ سنگاپور کان ملاڪا 250 ڪلو ميٽر آهي. هي فاصلو خاص ڪري ڪوالالمپور کان ملاڪا وارو ڪجهه گهٽ وڌ رهي ٿو، جنهن جو مدار بس يا ڪار واري تي آهي ته هو ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿو، جيئن ڪراچي کان حيدرآباد سپر هاءِ وي رستي به پهچي سگهجي ٿو ته ٺٽي واري نيشنل هاءِ وي ذريعي به، جيڪو مٿين کان ڊگهو رستو آهي.
    ملاڪا کي پنهنجو هوائي اڏو پڻ آهي جيڪو ملاڪا شهر جي باتو بريندام واري علائقي ۾ آهي ۽ ملائيشيا جي مختلف شهرن ڏي وڃڻ لاءِ هتان ننڍا ننڍا هوائي جهاز وڃن ٿا. بهرحال ڪئالالمپور کان ملاڪا باءِ ايئر اچڻ وارو ٽوئرسٽ ڪو بيوقوف ئي هوندو ڇو جو ان کان گهٽ ڀاڙي ۽ وقت ۾ بس پهچائي ٿي ۽ باءِ روڊ سفر ڪرڻ سان هڪ ٽوئرسٽ ملائيشيا جي ساوڪ ۽ قدرتي نظارا پسي ٿو.
    سنگاپور کان ڪوالالمپور ۽ اڃان اڳتي پينانگ ۽ ان بعد ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر هاديائي تائين ٽرين به هلي ٿي پر اها ٽرين ملاڪا مان لنگهڻ بدران ڀر واري رياست نيگري سيمبيلان مان گذري ٿي، پر ڪو ٽوئرسٽ پينانگ يا سنگاپور کان ٽرين رستي ملاڪا اچڻ چاهي ته هو نينگري سيمبيلان جي ريلوي اسٽيشن واري شهر تمپين ۾ لهي اتان بس يا ٽئڪسي رستي ملاڪا پهچي سگهي ٿو. هونءَ ملائيشيا ۾ سڀ کان دلچسپ ۽ دل کي وڻندڙ سفر ريل جو آهي. ريل جا گاڏا مٿي هجڻ ڪري ٻنهي پاسي گهاٽا جنگل، درياهه، ڍنڍون، ملئي ۽ چيني نموني جا نوان ۽ پراڻا گهر، ننڍا وڏا ڳوٺڙا، گل گلڪاريون ۽ ماڻهن جا پاليل وهٽ ۽ ڪڪڙيون بدڪون ڏسندي ائين ٿو لڳي ڄڻ ماڻهو ڪا فلم ڏسي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران مون کي ته جڏهن به موقعو مليو ٿي ته ٽرين ۾ سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏنم ٿي. ڪيترا دفعا ته فقط ۽ فقط ٽرين ۾ سفر جو لطف وٺڻ لاءِ مون سنگاپور کان ٿائلينڊ جي بارڊر واري شهر ”هاديائي“ تائين ۽ وري ٻئي ڏينهن ڳوٺ (ملاڪا) پهچڻ لاءِ تمپين تائين ٽرين ۾ سفر ڪيو ٿي. ”جرني ٽو ٿائلينڊ“ ۽ ”ڳالهيون آهن ڳچ“ ڪتابن جو وڏو حصو مون ٽرين ۾ سفر دوران لکيو. هڪ دفعو سنگاپور ۾ ڪانفرنس اٽينڊ ڪري اسان کي باءِ ايئر (هوائي جهاز رستي) بئنڪاڪ پهچڻو هو، جتي جهاز سازي (Ship Construction) سان واسطو رکندڙ هڪ سيمينار اٽينڊ ڪرڻو هو. مون هوائي جهاز ۾ وڃڻ بدران ٽرين جي ٽڪيٽ ورتي ۽ 75 ڪلاڪن بعد ٽرين سنگاپور، ملائيشيا جو سڄو ۽ ٿائلينڊ جو اڌ ملڪ لتاڙي اچي بئنڪاڪ پهچايو. ان سفر ۾ مون کي اهو به فائدو ٿيو جو هوائي جهاز کان ٽرين جي ٽڪيٽ اڌ قيمت کان به گهٽ پئي ۽ سنگاپور ۾ ٻه راتيون هوٽل ۾ رهڻ جي خرچ کان بچي ويس جو اهي ٻه راتيون ٽرين ۾ گذاريم، ان لاءِ مون کي فل بيڊ جا ڪجهه وڌيڪ پئسا ڏيڻا پيا هئا، جيڪا رقم هوٽل جي مسواڙ جي هڪ ننڍڙي حصي جيتري مس ٿي ٿئي.
    ملائيشيا ۾ ملاڪا جهڙا ٻيا به ڪيترائي ڏسڻ وٽان شهر آهن جهڙوڪ پينانگ، اپوح، جوهور بارو، ڪوٽا بارو، سريمبان، ڪئالا ڪنگسار، ڪئالا ترينگانو، ڪئانتان وغيره. پر جيئن ته آئون ملاڪا جو گهڻو ذڪر ڪريان ٿو سو منهنجي پڙهندڙن کي به ملائيشيا جو ملڪ ٻڌڻ سان سندس گادي واري شهر ڪوالالمپور کانپوءِ ٻئي نمبر تي ملاڪا ڌيان ۾ ايندو هوندو. هن تر ۾ يعني هي جيڪو مغربي ملائيشيا سڏجي ٿو. ٺٽي، ملتان ۽ دهلي وانگر ملاڪا هڪ آڳاٽو شهر آهي، بلڪ ملاڪا ئي هڪ واحد شهر هو جنهن سان هن علائقي جي سڃاڻپ ٿي ٿئي. ڪوالالمپور ته ڄڻ هاڻ جو شهر آهي، جنهن جو فقط 150 کن سال اڳ نالو نشان به نه هو. پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته اڃان به پوءِ ڊيولپ ٿيا. انهن جهڙا هزارين ٻيٽ ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي آسپاس اڄ به ويران پيا آهن، پر مٿين ٻيٽن کي انگريزن ملئي راجائن کان خريد ڪري سجايو سنواريو، يعني پاڻ به بنگلا آفيسون ٺاهي اچي رهيا، چين ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي به رهڻ لاءِ مدعو ڪيائون ته اچو اچي بزنس ۽ پورهيو ڪري پاڻ به ڪمايو ته هنن ٻيٽن کي به خوشحال بڻايو. اهو هنن ائين ئي ڪيو جيئن ان کان اڳ بمبئي (ممبئي) وارن ويران ٻيٽن تي ڪيو. امن امان جي حالت ڀر وارن علائقن کان بهتر رکيائون جنهن ڪري ماڻهن جي آمدرفت آٽوميٽڪ ٿيڻ لڳي، جيئن اڄ به اسان کين (انگريزن کي) گاريون ڏيون ٿا، پر اسان جهڙن ملڪن جا غريب توڙي امير انگلينڊ ۾ رهڻ يا اتي نوڪري ۽ ڌنڌي ڌاڙي ڪرڻ کي خوش نصيبي سمجهون ٿا، ڇو ته اسان جهڙن ملڪن ۾ جيتوڻيڪ قدرت طرفان هر خوشحالي مليل آهي، پر صحيح سياستدانن جي نه هجڻ ڪري پيدا ٿيل امن امان جي خراب حالت، ناانصافي ۽ هنرمند ۽ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهوءَ جي ناقدري ڪري اسان جي عوام لاءِ پنهنجي وطن عزيز ۾ رهڻ عذاب ٿيندو وڃي. ٻاهرين دل سان کڻي اسان ٻولي ٻي ڳالهايون ٿا، پر اندروني طرح اسان جا ويندي ملان مولوي ۽ فوجي آفيسر پنهنجي اولاد کي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ رکڻ ۾ بهتر عاقبت سمجهن ٿا. ملائيشيا ۽ سنگاپور به اسان جهڙا ايشيائي ملڪ آهن پر جيئن ته هنن ملڪن ۾ اتي جي حڪومتن امن امان ۽ روزگار جا نت نوان طريقا مهيا ڪيا آهن، ان ڪري اهڙن ملڪن جو عوام ٻاهر ملڪن ڏي وڃڻ جي حسرت نٿو ڪري.
    بهرحال ملائيشيا ملڪ بابت لکندي آئون ان جي هن تاريخي شهر ملاڪا جو اڪثر ذڪر ڪندو رهان ٿو، بلڪ ائين کڻي چئجي ته ملاڪا جون ڳالهيون ۽ ڪهاڻيون لکندي آئون ڍاپان ئي نٿو. اهو ان ڪري جو هن شهر سان منهنجو هڪ وڏو عرصو ڳانڍاپو رهيو. 10 سال کن مون هتي جي سمنڊن ۾ جهاز هلايا ۽ ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ جهازن کي لنگر انداز ڪرڻ بعد ملائيشيا جي ٻين شهرن سان گڏ ملاڪا ۾ گهميو ڦريو آهيان ۽ اهڙا 10 سال کن ملاڪا ۾ رهي هنن جي ماڻهن کي پڙهايو اٿم. منهنجا شاگرد هاڻ نانا ڏاڏا پيا ٿين جو انهن طرفان سندن ٻارن جي شاديءَ جا ڪارڊ ملندا رهن ٿا. اهي دعوتناما ڏسي مون کي حيرت ٿيندي آهي ۽ منهنجي اڳيان گذريل صديءَ جو 80 وارو ڏهو ڦرڻ لڳندو آهي. ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو جو هنن شاگردن مان هڪ هڪ ٿي امتحان پاس ڪري جهازن جو آفيسر ٿيندو ويو ۽ ان سان گڏ شاديون به ڪندا ويا. ڀروارن شهرن ۾ رهندڙ ڪيترن شاگردن جون شاديون وڏي خوشي سان اٽينڊ ڪرڻ ويندو هوس. پاڪستان ۾ ڪنهن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ تي ٻرو چڙهي ٿو جو ان ۾ آيل مهمان ڪلاڪن جا ڪلاڪ قيد ٿيو وڃي. نارمل ڏينهن وانگر نارمل طريقي سان ماني کائڻ بدران هو بک ۾ پاهه ٿي، سر روزو رکندڙ روزيدار وانگر هٻڇ ۾ اچي تڪڙو تڪڙو کائي ٿو، سو به آڌي رات جو! پوءِ دير سان سمهڻ ڪري ٻئي ڏينهن سندس آفيس وڃڻ تي دل نٿي چوي ۽ جي دل چويس به ٿي ته اٻاسيون ڏيندو پهچي ٿو. ملئي شاديءَ ۾ پهچڻ سان ماني کائي گهوٽيتن ڪنواريتن سان ملي موڪلائي ٿو. ملئي شادي لاءِ اوجاڳو ڪرڻو نٿو پوي، اها منجهند جو 12 وڳي کان شام جو چئين تائين هلي ٿي. توهان کي جنهن وقت وڻي شادي ۾ هليا وڃو، توهان کي ماني ٽيبل تي لڳل ملندي. جيترو وقت وڻناوَ ايترو توهان ويهو ۽ ميزبانن توڙي گهوٽ ڪنوار سان ڪچهري ڪريو ۽ پوءِ موڪلائي وڃو. ملائيشيا جي ڪلچر ۾ ٽيچر (چِگوُ، پينشارا) جي وڏي عزت آهي. ڪنهن شاگرد جي شادي ۾ وڃڻ تي نه فقط گهوٽ ڪنوار جا والدين عزيز پر ٻيا مهمان به عزت جي نگاهن سان پيا ڏسندا ته گهوٽ جو استاد (چِگُو)، گهوٽ جو پروفيسر (پينشارا) پنهنجي استري (زال) سان گڏ آيو آهي. اڄ ان دور جي گهوٽن ڪنوارن جي ٻارن جي شادي اٽينڊ ڪرڻ تي اڃان به وڌيڪ عجيب لڳي ٿو، جڏهن ان فنڪشن ۾ موجود مرد توڙي عورتون پنهنجين ڪرسين تان اٿيو اچيو هٿ ڏين ۽ ڪيترا منهنجي هٿ کي چُمن. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته هن ملڪ جي ماڻهن کي رب پاڪ شايد ان ڪري به نوازيو آهي جو هنن جي دلين ۾ پنهنجي استاد لاءِ عزت آهي.
    بهرحال ملائيشيا جي هن شهر ملاڪا جون ڳالهيون ڪيئن نه ڪريان، جيڪو منهنجي لاءِ پنهنجي ڳوٺ مثل آهي. ڪن ڳالهين ۾ ته هي شهر منهنجي ڳوٺ هالا يا ناناڻن (حيدرآباد) کان به وڌيڪ عزيز آهي، جو جيترو وقت مون هن شهر ملاڪا ۾ گذاريو آهي، اوترو مون هالا يا حيدرآباد ۾ به نه گذاريو. ملاڪا جي هڪ هڪ رستي، هڪ هڪ گهٽيءَ ۾ گاڏي ڊوڙائي هوندي يا پيرين پنڌ هليو هوندس. زال ۽ ٻارن سان گڏ، مڪاني ملئي ۽ چيني دوستن سان گڏ توڙي پنهنجي ملڪ کان آيل سوين مهمانن سان گڏ گهميو هوندس. مٽيارين جي ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ، سنڌي اديب ماڻڪ کان ادي ماهتاب محبوب، سلطانا صديقي ۽ پروين راڄپر تائين.
    اڄ وري ان شهر ملاڪا ۾ وڃي رهيو آهيان، عجيب سوچن، احساسن ۽ يادن سان گڏ! هتي جي اسڪولن ۾ منهنجا ٻار پڙهيا. هتي جي ملئي ۽ چيني درزياڻين وٽ منهنجون ڌيئرون ٽيلرنگ سکيون، گهر جي خرچ ۾ بچت ڪرڻ لاءِ هتي جي جمعي ۽ آچر ٽائيپ بازارن (پاسار مالم، پاسار مِنگُو) مان خريداري ڪئيسين. اسان وٽ ان قسم جون سستيون بازارون ٽيهارو سال اڳ شروع ٿيون، پر هي هفتيوار مارڪيٽون ملائيشيا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ پهرين جنگ عظيم کان وٺي آهن ۽ اهي سستي اگهه واريون مارڪيٽون ملائيشيا توڙي انڊونيشيا جهڙن ملڪن ۾ جتي ملئي زبان هلي ٿي، پاسار مِنگو (Pasar Minggu) هفتيوار بازار ۽ پاسار مالم (رات واري بازار) سڏجي ٿي جو هي بازارون ملائيشيا جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ شام جي ٽريفڪ گهٽجڻ تي روڊن ۽ فٽ پاٿن تي لڳن ٿيون ۽ رات جو 12 وڳي تائين هلن ٿيون.
    مٿين فٽ پاٿ وارين بازارن کان علاوه ڪجهه دڪان ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور اسان جا فيوريٽ هوندا هئا، جن تان آئون يا منهنجي زال گهر جي ضرورت جون شيون وٺندا هئاسين. ملاڪا ۾ هنگ تئا مال (Hang Tua)، جايا جُسڪو، سُون سينگ پلازه، محي دين (My din)، ٽيسڪو، داتاران پهلوان جهڙيون سپر مارڪيٽون هاڻ کليون آهن، نه ته 80 واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جالان بنگا رايا تي فقط هڪڙي سپر مارڪيٽ Lin Fiat نالي هئي، سا به اسان جي اڳيان ٺهي. ان روڊ جي شروعاتي ڪنڊ وٽ، سينٽ فرانسز جي چرچ (گرجا گهر) جي ويجهو Pillai نالي هڪ تامل جو پسارڪو دڪان هو، جيڪو هڪ سال اڳ سنگاپور ۽ ملاڪا ۾ کليو هو. ڊراءِ فروٽ، داليون، چڻا، مسالا ۽ ٻيون شيون ان تان وٺندا هئاسين. پاسي واري روڊ (جالان) تيمينگانگ تي، سِکن جي ٽڪاڻي وٽ هڪ گجراتي هندو جي اٽي جي چڪي هئي، جتان اسان ڪڻڪ جو اٽو وٺندا هئاسين. ياد رهي ته هن پاسي جي ملڪن ڏي عام کاڌو (Staple Food) ڀت (چانور) آهن، ويندي ڪيترائي ڪيڪن جا قسم ۽ سِوَيون (نوڊل، مِي، بِي هُون وغيره) به چانورن جي اٽي مان ٺاهين. هر وقت جي مينهوڳي ڪري هتي ڪڻڪ نه پوکين ۽ نه کائين. چانور ته اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ به شوق سان کاڌا وڃن ٿا، پر اتر انڊيا، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان پاسي ان کان به وڌيڪ ڪڻڪ جو استعمال ٿئي ٿو. سو ملاڪا ۾ رهڻ واري پهرين سال ئي هي ڪڻڪ جي اٽي جي چڪي وارو دڪان اسان ڳولي لڌو ۽ ملاڪا ۾ باقي گهاريل اٺ ڏهه سال هن دڪان تان ئي وٺندا رهياسين. اهڙن دڪانن کان علاوه ڪي ڪي گاڏن (ريڙهن) وارا به اسان جا فئوريٽ ٿي ويا هئا. ملاڪا ڇڏڻ بعد به جڏهن جڏهن هتي آيو آهيان ته جالان (شاهراه) منشي عبدالله وٽ ملاڪا نديءَ تي ٺهيل ”جمباتان هنگ تئا“ پل وٽ هڪ ملئي جا ٺاهيل مرتباڪ خريد ڪندو آهيان. ”مرتباڪ“ قيمي ۽ آمليٽ بيضي ۾ ٺهيل ٿلهو اڦراٽو ٿئي ٿو. ان قسم جا اڦراٽا جنهن ۾ پلو وجهي ٺاهيو وڃي ٿو، اسان جي ڳوٺ هالا جون انصاري خاندان جون عورتون ان ٺاهڻ جون ايڪسپرٽ آهن. جمباتان ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ پُل آهي ۽ هنگ تئاح هتي جو ملئي هيرو ٿي گذريو آهي، جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ هوشو شيدي يا هيمون ڪالاڻي آهي. ملائيشيا جي مختلف شهرن ۾ ڪيترن ئي روڊن، پلين، چوراهن ۽ پارڪن جا نالا هنگ تئاح نالي آهن. اهڙي طرح جالان ڪمپونگ هولو مسجد وٽ هڪ ملئي مائي جا ٺاهيل ساتي (Satay) اڄ به مشهور آهن. ساتي هتي جو ٻوٽي ڪواب آهي، جنهن تي ملئي مسالا لڳايا وڃن ٿا ۽ بوهي مڱن (Peanuts) ۽ ڳاڙهن مرچن مان ٺهيل چٽڻي سان کاڌا وڃن ٿا. توهان مان ڪنهن جو ملائيشيا ۾ اچڻ ٿئي ته مرتباڪ ۽ ساتي ضرور ٽيسٽ ڪجو، جيڪو جتي ڪٿي ٺهي ٿو، خاص ڪري رات جي بازارن پاسر مالم ۾ ته ڪيتريون ئي ملئي عورتون ۽ مرد گاڏن تي ٿلهو تئو ۽ ٽانڊن جي سگري رکي وڪڻن ٿا.
    ملاڪا شهر جي مرڪزي علائقي (جتي ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن) کان پنهنجي نيول اڪيڊمي ڏي موٽڻ وقت ڪلابانگ بيسار وٽ سمنڊ جي ڪناري تي سَبتو نالي هڪ ڳني (ڪمند) جي رس وڪڻڻ وارو بيهي ٿو. سيون اپ، ڪوڪا ڪولا جهڙين شين کان مون کي هميشه ڪمند جو تازو رس وڻندو آهي. آئون هميشه سبتو جي گاڏي وٽ ڪار بيهاري رس جو گلاس پيئندو هوس. اڃ نه هوندي هئي ته به پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ ۾ بند ڪرائي گهر کڻي اچي ريفريجريٽر ۾ رکندو هوس ۽ پوءِ ٿوري دير کانپوءِ پيئندو هوس. شايد مزيدار ڪمند ڪري يا پاڻي جي ملاوٽ نه ڪرڻ ڪري ان جهڙو سوادي رس مون کي ڪٿي نٿو سُجهي. چين ۾ ڳني جو رس عام آهي پر سبتوءَ جهڙو ٺاهيل رس مون کي شنگهائي توڙي ڪئنٽن ۽ دئرين ۾ به نه مليو. سبتو وٽ ڪار بيهاري جيئن ئي شيشو هيٺ ڪندو هوس ته هو منهنجي ڪجهه ڪُڇڻ کان اڳ سوال ڪندو هو ”انچڪ مِنيوم اتائو بُنگڪس“ (جنابِ والا پيئندائو يا پارسل کپي؟)
    جيوس پيئڻ وقت سندس زندگي جو احوال ۽ ٻارن جي به خبر چار پڇندو رهندو هوس. ڪڏهن ڪڏهن سندس اٺن سالن جي ڌيءَ لينا به بيٺي هوندي هئي جيڪا عمر ۾ منهنجي ننڍي ڌي مارئي جيڏي هئي ۽ ساڳي ڪلاس ۾ هئي، جيتوڻيڪ سندن اسڪول مختلف هئا.
    گذريل دفعي ملاڪا ويو هوس ته پنهنجي ملئي دوست ڪئپٽن رزالي کي ڪيلا بانگ بيسار وٽان لنگهندي چيم ”ڪرانگ ڪان لاجو“ (رفتار گهٽ ڪر) سبتو سان ملندا هلون. ڪئپٽن رزالي منهنجو شاگرد هو. ان بعدجهاز جو ڪئپٽن ٿيو ۽ پوءِ مون وانگر ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لڳو. دلچسپ شخصيت واري سبتوءَ کان هو به واقف هو، لهڻ سان اسان ساڻس ڀاڪر پائي ملياسين. ٻنهي کي ڏاڙهيءَ ۾ ڏسي هو اسان کي سڃاڻي نه سگهيو. پيريءَ ڪري سندس نظر به گهٽجي چڪي هئي پر پوءِ آواز ۽ لهجي مان سڃاڻي ڏاڍو خوش ٿيو. اسان طرفان ڳني جي رس جي گهُر نه ڪرڻ تي پاڻ ئي چيائين ”انچڪ، منيوم آئر تيبو.“
    Encik.Minum Air tebu
    مون سندس ڀريل گلاس کي واپس ڪري چيومانس ”ڇا سبتو توکي خبر ناهي ته اسان ڪراڙا ٿي ويا آهيون.“
    ”توهان کان وڌيڪ آئون اورانگ تئا (پوڙهو ماڻهو) ٿي ويو آهيان.“ هن وراڻيو “ Encik,Masih Ada Muda”
    (توهان صاحب ته اڃان به جوان پيا لڳو.)
    مون ٽهڪ ڏيندي چيومانس ته سبتو ظاهري شڪل هميشه دوکو ڏيندي آهي ۽ نه وري اسان جي ڪڙڪ جينز کي ڏسي اسان کي ڪو اهڙو ڪڙڪ ۽ سمارٽ سمجهه. ڪهڙي بيماري آهي جيڪا اسان کي ناهي. بس سمجهه ته لهندڙ سج جا ڪي چند چلڪندڙ ڪرڻا وڃي بچيا آهن.
    سبتوءَ ٻڌايو ته هو ته اسانکان به سال ٻه وڏو آهي ۽ هو به اسان وانگر بلڊپريشر ۽ ڊائبٽيز جو مريض آهي. ”ان کان علاوه مون کي گوڏن ۾ به سور رهي ٿو، گهڻي دير بيهي نٿو سگهان.“
    ”ته پوءِ سبتو هي آيرتيبو وڪڻڻ جو ڌنڌو ڇو نٿو ڇڏي ڏين. ماشاءَ الله تنهنجي ڌيءَ جي شادي سٺي گهر ۾ ٿي وئي، ٻئي پٽ سٺين نوڪرين ۾ آهن.“ مون چيومانس.
    ”سچ ٿو چئين الطاف“، هن اٻاڻڪو ٿي چيو، ”پر گهر ۾ سڄو ڏينهن ويٺو نٿو ٿئي. هي دڪان هاڻ ڪمائيءَ لاءِ نه ڪچهري لاءِ قائم رکندو اچان.“ ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين: ”چڱو جو هي ڪم جاري رکيو اٿم جنهن بهاني توهان جهونن سان ملاقات ٿي وئي. نه ته توکي ته منهنجي گهر جي به خبر نه آهي.“
    ”سبتو ڳالهه ته واهه جي ڪئي اٿئي“، ڪئپٽن رزاليءَ چيو، ”هاڻ ڪار ۾ ويهه. پهرين اسان کي گهر هلي ڏيکار. ٻئي دفعي حياتي رهي ته الطاف توسان ملڻ لاءِ تنهنجي گهر ايندو.“
    ۽ هاڻ ملاڪا ويندي اهو به سوچي رهيو آهيان ته سڀاڻي پنهنجي ميزبان ڊاڪٽر عطا ٽالپر سان گڏ ملاڪا شهر جو چڪر ڏيڻ وقت سبتوءَ جي گهر به ضرور ويندس ۽ ڊاڪٽر کي به هن دلچسپ ماڻهوءَ سان ملائيندس جنهن سان منهنجي ڄاڻ سڃاڻ 1983 کان هلندي اچي.
    هتي اهو لکندو هلان ته ”سبتو“ هتي جي ملئي مسلمانن جو هڪ عام نالو آهي. ملئي زبان ۾ ڇنڇر جي ڏينهن (Saturday) کي Sabtu سڏين ٿا. اهڙي طرح ملئي مسلمانن جو خميس به عام نالو آهي جيڪو خميس جي ڏينهن تان آهي. اسان وٽ جمعو نالو مشهور آهي ۽ سنڌ ۾ سومر واري ڏينهن تان سومار نالو پڻ عام آهي ۽ ٻيو نالو جيڪو پڻ ڏينهن تان کنيل آهي اهو آچر آهي.
    ملئي زبان ۾ ڳني (ڪمند) کي tebu سڏجي ٿو ۽ آئر (Air) معنيٰ پاڻي يعني ڪمند جو پاڻي (رس). ملئي زبان جو لفظ آير ڌارين ماڻهن کي ڪافي منجهائيندو آهي جو ان جي اسپيلنگ انگريزي جي لفظ ايئر (Air) معنيٰ هوا واري ساڳي آهي. ملائيشيا ۾ هر پيٽرول پمپ جي هڪ ڪنڊ تي Angin لکيل هوندو آهي جنهن جي معنيٰ هوا آهي جيڪا ٽائرن لاءِ اسان وٽ به پيٽرول پمپن تي ضروري هوندي آهي. ملئي لفظ آير (Air) معنيٰ پاڻي مان ملئي جا ٻيا ڪيترائي دلچسپ لفظ جڙن ٿا.. جهڙوڪ Air Api معنيٰ تيزاب. هونءَ آپي معنيٰ باهه پر تيزاب لاءِ ملئي لفظ ”باهه وارو پاڻي“ (آئير آپي) آهي، جيئن ٻاڦ تي هلندڙ ريل گاڏي کي ڪيريٽا آپي (باهه واري ڪار) سڏيو وڃي ٿو.
    برف کي ملئي زبان ۾ آئير باتو (پاڻي جو پٿر) سڏجي ٿو. باتو معنيٰ پٿر آهي. اهڙي طرح ملئي جو هڪ ٻيو دلچسپ لفظ آهي آئير مڌو (Air Madhu) يعني ماکي پر لفظي معنيٰ ٿيندي ماکي جي مک جو پاڻي. ڳوڙهن کي ملئي زبان ۾ آئير ماتا سڏجي ٿو يعني اکين جو پاڻي. ملئي لفظ ”وانگي“ جي معنيٰ خوشبوءِ آهي. عطر کي ملئي زبان ۾ Air wangi سڏجي ٿو يعني خوشبوءِ وارو پاڻي.
    مٿي ڏينهن جي نالن تان ملئي ماڻهن جا نالا لکندي هڪ نالو اِسنين وسري ويو جيڪو سومر جو ڏينهن آهي. اسان جي اڪيڊمي جي هڪ بس هلائيندڙ ڊرائيور جو نالو اِسنين هو. ملئي زبان کي ڏينهن لاء ِHari (هَري) لفظ آهي. بهرحال ملئي زبان ۾ هفتي جي ڏينهن جا هي نالا آهن جيڪي عربي زبان تان اخذ ڪيا ويا آهن:
    هري اَحد= آچر
    هري اِسنين = سومر
    هري سلاسا = اڱارو
    هري رَبُو= اربع
    هري خميس = خميس
    هري جمعت = جمعو
    هري سبتو = ڇنڇر


    ملاڪا جهونو شهر آهي يا ٺٽو ۽ سکر

    هتي ملائيشيا جي هن پراڻي ۽ تاريخي شهر ملاڪا جي ماضيءَ بابت ڪجهه لکڻ چاهيان ٿو، جنهن سان منهنجو 1968ع کان وٺي واسطو هلندو اچي. 10-15 سال جهاز هلائڻ دوران پڻ هن شهر وٽان لنگهه ٿيندو هو. ملاڪا پراڻي زماني ۾ يعني اڄ کان 60-70 سال اڳ تائين هتي جو سهڻو ۽ مشغول ترين بندرگاهه مڃيو ويو ٿي پر مون جڏهن سمنڊ جي نوڪري شروع ڪئي ته جهازن جي سائيز وڏي ٿي چڪي هئي خاص ڪري اهي جهاز جن تي مون ڪم ڪيو ٿي انهن لاءِ ملاڪا جو بندرگاهه ننڍو ۽ گهربل سهولتن کان ڪسو هو. ان ڪري اسان جي جهاز هر وقت ملاڪا جي ڀروارن بندرگاهن ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ جوهور بارو ۾ لنگر ڪيرايو ٿي، جيڪي ان وقت ڪافي وڏا ۽ ماڊرن بندرگاهه ٿي رهيا هئا. انهن بندرگاهن کان فاصلي جي حساب سان ملاڪا شهر ائين آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد. سو اسان هر وقت باءِ روڊ ملاڪا ايندا ويندا رهياسين ٿي. ان بعد ٻارن جي پڙهائيءَ ڪري آئون جهاز جي نوڪري ڇڏي 10 سال کن ملاڪا ۾ ٽِڪي پيس ۽ اتي ئي شور جاب (ڪناري جي نوڪري) ڪيم. هتي جي عوام ۽ حڪومت منهنجي خدمتن جي تعريف ڪئي. حڪومتي ايوارڊ ڏنائون، ماڻهن مان ڏنو، شاگردن جيتوڻيڪ پاڻ محنتون ڪيون ۽ پرايو پر هو اڄ تائين ان جو ڪريڊٽ مون کي ڏيندا رهن ٿا. پاڻ ۽ سندن عزيز دوست لک عزتون ڏيندا رهن ٿا، شايد ان ڪري به جو اسان جو اهو تعليمي ادارو (نيول اڪيڊمي) اهڙي ٻيٽ نما تنها هنڌ تي هو ۽ پگهار به ايترو گهٽ هو جو ڪو به فارينر يا سندن پنهنجو مڪاني جهازران آفيسر سال ٻن کان مٿي رهي نٿي سگهيو. مون کي اڪيلائي پسند آهي، گهٽ پگهار هو پر سخت سادگي ۾ رهي گذارو ڪندو رهيس. شوق لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڪري ٿو ۽ منهنجو شوق اهو ئي هو ته مون کي ڪو ڊسٽرب نه ڪري. نوڪري جا ڪلاڪ پورا ڪرڻ بعد مون کي ڇڏيو وڃي ته لکڻ پڙهڻ ۾ لڳو رهان يا دلچسپ ماڻهن ۽ ماڳن جي خبر چار وٺي پنهنجي پڙهندڙن لاءِ لکندو رهان. مڪاني ماڻهن مون کي پيار ۽ عزت ان ڪري به ڏني ٿي، شايد، ته مون ۽ منهنجي فيمليءَ سندن ملئي زبان ڳالهائي ٿي ۽ هنن اسان کي پنهنجن مان هڪ سمجهيو ٿي. اسان سان اهو وهنوار، هو اڄ به پاڻ ۽ سندن اولاد قائم رکندا اچن. 1991ع ۾ ملاڪا واري نوڪري ڇڏي موٽڻ بعد منهنجو اڄ تائين ملاڪا وڃڻ ٿيندو رهي ٿو، پوءِ ڪڏهن ٽوئرسٽ جي حيثيت ۾ ته ڪڏهن اتي جي نيول اڪيڊمي ۽ انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ.
    ملاڪا هڪ تاريخي شهر آهي بلڪ سڄي ملائيشيا ۾ هي پهريون شهر آهي جنهن ۾ گهڻي کان گهڻا ماڻهو اچي رهيا. هي شهر سالن تائين سڄي ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جو مرڪزي ڪمرشل ۽ گاديءَ وارو شهر مڃيو ويو ٿي. ملايا جو پهريون هندو سلطان پرميشور جيڪو پوءِ مسلمان ٿيڻ تي اسڪندر شاهه سڏائڻ لڳو، جاوا ۽ سماترا پاسي کان جان بچائي هن شهر ۾ اچي رهيو. ان وقت هي هڪ ننڍڙو مهاڻن ۽ ماڇين جو ڳوٺ هو، جنهن کي اسان بين الاقوامي زبان ۾ فشنگ وليج سڏي سگهون ٿا. يورپي فاتح ڊچ، پورچوگالي ۽ آخر ۾ انگريز به هتي آيا. ملاڪا تي قبضو ڪرڻ تي هو سڄي ملڪ (ملايا) جا مالڪ ٿي ويٺا ٿي. بهرحال ”ملاڪا“ شهر يا رياست جو نالو ملائيشيا جي تاريخ ۾ آڳاٽو ضرور آهي پر دنيا جي تاريخ ۾ ڪو اهڙو اهم ۽ پراڻو ناهي. ملاڪا کان ته ٺٽو، روهڙي، ملتان يا لاهور جهڙا شهر تمام جهونا آهن.
    1402 ۾ جڏهن سنگاپور پاسي جي سري وجايا خاندان سان تعلق رکندڙ چڱو مڙس پرميشور اتي جي جهيڙن جهٽن مان جان بچائي اچي ملاڪا ۾ ساهه پٽيو ته ان وقت ملاڪا ۽ سڄي ملايا جو ڇا حال هو؟ سڄو ملايا (يعني اڄ وارو سڄو مغربي ملائيشيا) هڪ گهاٽو جهنگل هو. سمجهو ته سنڌ جو ڪچي وارو علائقو هو سو به اڄ کان 50 سال اڳ وارو جڏهن گهاٽا ٻيلا ۽ گاهه هو، جنهن مان هلڻ به مشڪل هو. آمدرفت فقط ندين مان ٻيڙين رستي ٿي سگهي ٿي. ان وقت نه هو اڄ وارو پينانگ، نه شاهه عالم، نه جوهربارو نه اپوح شهر. ويندي ڪوالالمپور به 400 سالن بعد جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺهڻ لڳو. ملاڪا سمنڊ جي ڪناري تي هڪ مهاڻن جو بنا نالي جي ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن وڻ جي ڇانوَ هيٺ هي ملئي هندو راجا اچي آرامي ٿيو، ان جو ملئي زبان ۾ ميلاڪا (Melaka) نالو هجڻ ڪري هن راجا هن ڳوٺ جو نالو ملاڪا رکيو جيڪو پوءِ يورپي حاڪمن ملاڪا (Malacca) ڪوٺيو، جيئن قاهره کي Cairo، ممبئي کي Bombay، قبرص کي Cyprus وغيره سڏيو ٿي.
    بهرحال اهو سوچيو ته ان وقت يعني 1402 ۾ هي (مغربي ملائيشيا) گهاٽو جهنگل هو ۽ صباح سراواڪ وارو پاسو (مشرقي ملائيشيا) ته اڃا به وڌيڪ جهنگ هو، ته ان مقابلي ۾ اسان جو ننڍو کنڊ ته الائي ڪٿي بيٺل هو. سنڌ ۾ سمن جو راڄ 1350 ۾ ختم ٿي چڪو هو ۽ هاڻ سومرن جو هلي رهيو هو. هوڏانهن چين ۾ يئان گهراڻي جي سؤ سال حڪومت ختم ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ 1368 کان مِنگ گهراڻي جو راڄ شروع ٿي چڪو هو ۽ هن تر جي ملڪن تي منگ سلطنت جو وڏو رعب ۽ دٻدٻو هو. اهو ئي سبب آهي جو هن ملئي هندو راجا پرميشور (جيڪو پوءِ مسلمان شهزادي پاسائيءَ سان 1409 ۾ شادي ڪري مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو) ملاڪا ۾ پنهنجي سلطنت قائم رکڻ لاءِ چين جي منگ گهراڻي جي حاڪمن کان مدد گهري ڇو جو انهن ڏينهن ۾ ٿائلينڊ (جيڪو سيام سڏبو هو) ۾ منتظم ۽ طاقتور حڪومت هئي، جنهن کان پرميشور کي ڊپ ٿي ٿيو ته متان هو کيس کلا هڻن ۽ جتان هو آيو آهي اوڏانهن ڀڄائي نه ڪڍن.
    ياد رهي ته ملائيشيا جو هي پهريون شهر ملاڪا هاڻ ٿي جهوپڙي جهوپڙي ٿي ٺهڻ ٿي شروع ٿيو، جڏهن ته اسان وٽ سيوهڻ ۽ ٽنڊو جهانيان جهڙا شهر به دنيا ۾ مشهور هئا تڏهن ته ابن بطوطا دنيا جي سير تي انهن شهرن کان اچي نڪتو. قلندر شهباز وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ايران ڇڏي 1200ع ڌاري (يعني ملاڪا ۾ راجا پرميشور جي آمد کان به 200 سال اڳ) اچي سيوهڻ وسايو. راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ وقت سڄي ملايا (ملائيشيا) ۾ نه هو فنون لطيف نه شعر و شاعري ۽ هيڏانهن اسان وٽ ان کان به 80 سال کن اڳ 1320 ۾ امير خسرو (علاؤالدين خلجي ۽ غياث الدين تغلق جي درٻار جي شاعر) تغلق نامو لکي ڇڏيو هو. اسان جي دادو جي دوست اقبال ترڪ کي ملاڪا جو شهر گهمائيندي گائيڊ ٻڌايو ته ملاڪا تمام تاريخي شهر آهي جنهن تي هن جڏهن حيرت مان مون ڏي ڏٺو ته مون کيس اهو ئي چيو ته ملاڪا ڪو اهڙو به جهونو شهر نه آهي. ان کان آڳاٽو ته تنهنجو ڳوٺ جهانگارا باجارا، بکر ۽ اروڙ آهي. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هتي جي حڪومت هتي جي هر پراڻي شيءِ جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ان کي اصلي حالت ۾ قائم رکيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي ته اسان کي پنهنجن ماڳن ۽ شين جي پاڻ کي به خبر ناهي. آئون به پهريون دفعو ملاڪا مان ٿي پنهنجي ڳوٺ هالا پهتس ته ان وقت مون کي ڄاڻ ٿي ته ملاڪا جي قلعي ۽ هتي جي ٻين تاريخي شين کان آڳاٽو ته مخدوم نوح جو مقبرو آهي، جنهن جو ڪم سال 1205 هجري ۾ پير محمد زمان شروع ڪرايو ۽ مير فتح خان پورو ڪرايو. هتي اهو به لکندو هلان ته مخدوم مير محمد جنهن هالا پراڻو ٻڌايو ان جي قبر به ڀر ۾ آهي. اها قبر ۽ مسجد مير ڪرم علي خان 1222 هجري ۾ ٺهرائي. هن وقت مون کي Exact عيسوي سن ياد نه آهي پر ملاڪا ۾ جيڪي ڊچن ۽ انگريزن جون تاريخي جايون ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ ڏسڻ اچن ٿا اهي پوءِ جون ٺهيل آهن ڇو جو ملاڪا تي ڊچن 1641 کان 1798 تائين حڪومت ڪئي ۽ ملاڪا انگريزن حوالي 1824 ۾ ٿيو معنيٰ انگريزن واريون جايون ته 1824 کانپوءِ جون ئي ٺهيل سڏبيون. هيڏانهن سکر وارو معصوم شاهه جو منارو 1593 ۾ ٺهڻ شروع ٿيو هو (جيڪو 14 سالن ۾ مڪمل ٿيو) ۽ روهڙي جي وار مبارڪ واري مسجد ته ان کان به آڳاٽي 1545 جي ٺهيل آهي. ٺٽي بابت هڪ مشهور پورچوگالي فري مانڪرق (Frey Sebastian Manrique) جا رمارڪ پڙهي رهيو هوس جيڪي هن 1641 ۾ لکيا. هن ٺٽي جي درسگاهن، عمارتن ۽ سکي ستابي زندگي جي ڇا ته تعريف ڪئي آهي. پر افسوس جو اسان اڳتي وڌڻ بدران ڏينهون ڏينهن پٺتي وڃي رهيا آهيون. اڄ جي اها بين الاقوامي رپورٽ پڙهي بيحد ڏک ٿيو ته پرائمري تعليم ۽ اسڪولن ۾ اسانجو ملڪ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي ايشيا ۾ پهرين نمبر تي پٺتي پيل آهي. ٻيا شهر ته ڇا دنيا ۾ بهترين تعليم جي مرڪز ٺٽي ضلعي جي به ڪيترن ڳوٺن جا پرائمري اسڪول اوطاقون ۽ خچر خانا ٿيا پيا آهن!


    ملاڪا سلطنت ۽ پورچو گالين جي آمد

    ملايا يعني اڄ وارو مغربي ملائيشيا جيڪو سڄو گهاٽو جهنگل هو. سامونڊي ڪنارن يا ندين جي ڇوڙ وٽ ڪٿي ڪٿي ڪي مهاڻا ماڇي رهيا ٿي. هي جيڪي اڄ جا سلطان بادشاهه ڏسو ٿا انهن جو وڏو پرميشور جاوا ۽ سماترا پاسي کان 1402 ۾ هتي آيو ۽ اچي ملاڪا سلطنت جو پايو وڌو. جيئن انڊونيشيا جي بالي ٻيٽ جا رهاڪو ملئي اڄ به هندو آهن تيئن ان جي اوس پاس جي ٻين ٻيٽن جاوا، سماترا وغيره تي به هندو ڌرم هو. سماترا ٻيٽ جي اتراهين ڪنڊ تي ”پاسائي“ نالي واري علائقي ۾ مسلمانن جي سلطنت هئي، جيڪا تيرهين صدي کان پنڌرهين صديءَ تائين قائم رهي. پاسائي(Pasai) کي سموندرا يا سموندرا پاسائي به سڏيو ويو ٿي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته سنسڪرت جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سمنڊ آهي. جيئن برونائي سلطنت ”دارالسلام“ سڏيو ويو ٿي. چون ٿا ته هن سلطنت جو هندو راجا ميراح سيلو 1267 ۾ مسلمان ٿيو ۽ پاڻ کي مالڪ الصالح سڏرايو.
    بهرحال هن ملاڪا ۾ آيل ملئي هندو راجا پرميشور پنهنجي حڪومت کي قائم رکڻ لاءِ ۽ اتر کان سيامي راجائن جي کونئس کان بچڻ لاءِ چين جي مِنگ حاڪم کي پنهنجو ابو امان بنايو ۽ ٻئي طرف پورن ستن سالن بعد 1409 ۾ پاسائي حاڪمن جي ڌيءَ سان شادي ڪري اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو جو انهن ڏينهن ۾ پرشن (ايراني) حاڪمن کان هر هڪ Impress هو، جن پاڻ کي فارسي جي لفظ ’شاهه‘ سان سڏرايو ٿي. هن جي مسلمان ٿيڻ تي سندس رعيت جا ماڻهو به مسلمان ٿيڻ لڳا، جيڪي شروع ۾ سڀئي هندو ڌرم جا هئا.
    ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا جا ماڻهو هاڻ ته تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل ۽ تعليم يافته ٿي ويا آهن. ويندي راندين، راڳ روپ ۽ سائنسي ترقي ۾ دنيا جو مقابلو ٿا ڪن پر ماضيءَ ۾ ائين هئا جيئن اسان وٽ ڪچي جا ماڻهو. مون کي اڄ به اهو ڪراڙو ملئي ماڻهو ياد اچي ٿو جنهن 1968ع ۾ مون کي پنهنجو پاڻ لاءِ چيو هو ته: ”ملئي ماڻهو ڇا آهن؟ جهنگل جا ماڻهو يا مهاڻا يا مزور. نه آهي منجهن تعليم نه ڄاڻ.“ بهرحال هاڻ اهي ماضيءَ جون ڳالهيون آهن ۽ اها واقعي حقيقت آهي ته هنن پَٽن جو پراڻو ادب ۽ شعر و شاعري ته نه آهي پر ڪا مستند تواريخ به نه آهي. بس هر ڳالهه روايتن ۽ حڪايتن تي آهي. هڪ اهڙين ڳالهين جو ڪتاب ”سيجاره ملايو“ (ملايا جي تاريخ) آهي، جنهن بابت هن ملئي هندو راجا پرميشور کي هڪ رات خواب ۾ حضور صلعم جن نظر آيا، جن کين اسلام جو ٻڌايو. ان بعد پرميشور وري خواب ڏٺو ته مڪي جي هڪ عالم سيد ابوالحسن کيس اسلام تي اچي ليڪچر ڏنو. ان بعد اهو ساڳيو بزرگ ملاڪا ۾ آيو ۽ اچي عصر نماز پڙهيائين. ياد رهي ته راجا پرميشور جي ملاڪا اچڻ ۽ امن امان قائم ڪرڻ ڪري ڪيترائي عرب دنيا ۽ ننڍي کنڊ جا جهازي ۽ واپاري ملاڪا اچڻ لڳا هئا، جن جي خبرن چارن هتي جي ماڻهن کي اسلام جي آگاهي ڏني. چون ٿا ته انهن خوابن کانپوءِ پرميشور يڪدم پنهنجو نالو بدلايو ۽ مسلمان ٿيو. سندس مسلمان ٿيڻ بعد هن تَر ۾ اسلام بيحد تيزيءَ سان پکڙيو.
    هڪ ڳالهه مڃڻ ضروري آهي ته پرميشور پڙهيل ڳڙهيل يا تجربيڪار ماڻهو کڻي نه هو پر وڏو ذهين لڳي ٿو. هو پنهنجي رعيت جي چند ماڻهن سان هڪ ڌارئين ڏيهه ۾ اچي رهيو. سنگاپور کان باءِ روڊ ايندي وقت آئر حطام ۽ موئر (Muar) جهڙا شهر اچن ٿا ۽ پوءِ ملاڪا اچي ٿو. هو به پهرين موئر ۾ ترسيو پر پوءِ هن ڏٺو ته هيءَ جاءِ بهتر نه ٿيندي. اڃان ڪا اڳتي ڏسجي. پوءِ ملاڪا آيو جيڪو هن کي سمنڊ جي ڪناري تي بهترين ۽ طوفانن کان محفوظ بندرگاهه لڳو. انهن ڏينهن ۾- بلڪ گذريل صديءَ جي اڌ تائين سکيا ۽ طاقتور اهي ماڻهو ۽ قومون هيون جن جو سمنڊ تي ڪنٽرول هو ۽ سمنڊ تي ڪنٽرول انهن جو هو جن جو جهازن ۽ بندرگاهن تي ڪنٽرول هوندو هو. سو راجا پرميشور به اونهي سوچ ۽ Vision جو ماڻهو لڳي ٿو، جو هن ملاڪا جهڙي بندرگاهه تي پنهنجي تخت جي گادي ٺاهي ۽ ٻيو ڪم اهو ڪيائين جيڪو انگريزن ممبئي جهڙو ويران ۽ بيڪار بندرگاهه هٿ ڪري ڪيو. اهو آهي امن امان قائم رکڻ، انصاف ڪرڻ ۽ اعيت جي پرگهور لهڻ. هن به پنهنجي علائقي ۾ امن مان قائم ڪيو، ڌارين ملڪن کان ايندڙ وڻجارن (ناکئن، واپارين ۽ مسافرن) جي لاءِ سهولتون مهيا ڪيون جو ڏسندي ئي ڏسندي هڪ طرف چين، سماترا، فلپين کان ته ٻئي طرف عرب ملڪن، گجرات، سنڌ ۽ ٻين ڏورانهن ڏيهن کان جهاز ۽ واپاري اچڻ لڳا ۽ سندس ئي حياتيءَ ۾ ملاڪا هن پوري ريجن جو مشغول ۽ رونق وارو بندرگاهه ٿي ويو. پاڻ پنهنجي حڪومت مضبوط ڪرڻ لاءِ مڪاني جنگل جي رهاڪن (اورانگ اصلي) ۽ مهاڻن ماڇين (اورانگ لائوت) کي ملائي سڀني جي خوشحالي ۽ ترقي جي راهه هموار ڪئي. ملئي زبان ۾ اورانگ معنيٰ ماڻهو ۽ Asli معنيٰ اصل جو رهاڪو. اڄ به ملائيشيا جي ڪيترن جهنگلن (Rain forests) ۾ هي ماڻهو رهن ٿا جن جي حالت پراڻي دور واري آهي. اهڙي طرح اورانگ لائوت معنيٰ سمنڊ جو ماڻهو يعني مهاڻا ماڇي جن جو ڪم سمنڊ تي رهي مڇي مارڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪناري تي اچڻ آهي.
    هن راجا پرميشور جي ائڊمنسٽريشن (حڪومتي نظام) به قابل تعريف آهي جيڪو سندس پويان به قائم رکندا آيا. هن قاعدن قانون جو هڪ سيٽ ٺاهيو، جنهن مطابق سلطنت جو وڏو پاڻ ’سلطان‘ هو. هن کان پوءِ هيٺ ٻئي نمبر تي جيڪو ماڻهو مقرر ڪيو ويو اهو بينداهارا (Bendahara) سڏيو ويو ٿي، جيڪو ائين هو جيئن اڄ جو وزيراعظم آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها ته هو سلطان جو صلاحڪار هو. بينداهارا هڪ عام ماڻهو ٿيندو هو، جنهن جي چونڊ سلطان پاڻ ڪندو هو. بينداهارا کانپوءِ طاقتور اٿارٽي لڪسامانا هو. Laksamana ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ائڊمرل آهي. هي ملڪ ۽ سلطان جي سلامتي جو انچارج هوندو هو. اهڙي طرح پوليس جو مٿاهون آفيسر تيمينگنگ (Temenggung) سڏيو ويو ٿي. ان وقت جا هي عهدا مون هتي ان ڪري به بيان ڪيا آهن جو ملاڪا رياست جي ڪيترن شهرن جي روڊن جا نالا انهن آڳاٽن عهدن نالي آهن: جيئن ته ”جالان (شاهراهه) بينداهارا“ يا ’جالان لڪسامانا‘. تُن پيراق ۽ هنگ تُئا نالي هتي جا ٻه ملئي ماڻهو تمام گهڻو مشهور بينداهارا ۽ لڪسامانا ٿي گذريا آهن، جن ملاڪا کي تمام گهڻو وڌايو ۽ سهڻو بنايو. انهن نالي به نه رڳو ملاڪا ۾ پر ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ به روڊ ۽ پليون آهن. پنهنجي نئين سلطنت کي صحيح طرح هلائڻ ۽ امن امان قائم رکڻ لاءِ راجا پرميشور ڪجهه قانون تيار ڪيا جن ۾ هندو ۽ ٻڌمت، اسلام ۽ مڪاني ملئي ماڻهن جي ريتن رواجن جو به خيال رکيو ويو هو.
    امن امان ۽ چؤماسي جي هوائن ڪري ملاڪا جو بندرگاهه سڄي علائقي ۾ مشهور ٿي ويو. سياري جون هوائون لڳنديون هيون ته چين پاسي کان سامان سان ڀريل جهاز ملاڪا پهچندا هئا ۽ هوڏانهن انڊيا کان گجراتي ۽ عرب ملڪن جا واپاري پنهنجي وکر سان پهچي ويندا هئا. سامان جو وڪرو ۽ مٽاسٽا هلندي هئي ۽ پوءِ سانوڻيءَ جون هوائون لڳنديون هيون ته هرڪو اتر طرفان پنهنجن ملڪن ڏي روانو ٿي ويندو هو.
    ملاڪا سلطنت کي سيامي (ٿائي) حڪومت کان ڊپ رهيو ٿي ۽ سيام وارن ملاڪا تي ٽي دفعا حملو به ڪيو پر راجا پرميشور جي منظم سپاهين هنن کي ڀڄائي ڪڍيو. وڏي ڳالهه ته کيس چين جي وڏي مدد هئي.
    پرميشور سلطنت قائم ڪرڻ بعد يڪدم چين جي مِنگ سلطنت کي پنهنجو وڏو قبول ڪيو. ان ڪري چيني سياح ۽ ائڊمرل ”زينگ هي“ (Zeng He) هن وٽ ٻه ٽي دفعا ملاڪا به آيو ۽ پاڻ به 1409 ۾ مِنگ شهنشاهه جي درٻار ۾ حاضر ٿي پنهنجي عقيدت جو اظهار ڪيو. اڳتي هلي سندس پوٽي محمد شاهه جي پڙپوٽي سلطان منصور شاهه مِنگ سلطنت جي هڪ چيني شهزاديءَ هَنگ لِي پو (Hang Li Po) سان شادي ڪئي جنهن ڪري ٿائلنڊ (سيام) وارن ملاڪا سلطنت کي تنگ ڪرڻ لاءِ توبهه ڪري ڇڏي.
    هي اهي ڏينهن هئا جڏهن يورپ وارا مسالن جي پويان هئا. دنيا جو گهڻي کان گهڻو مسالو (لونگ، ڦوٽا، ڪاريون مِريون وغيره) هن پاسي جي ٻيٽن تي ٿيون ٿي ۽ ملاڪا هن واپار ۾ اهم رانديگر هو. يورپ جي مختلف ملڪن جا جهاز ملاڪا آيا ٿي ۽ ملاڪا جي حاڪمن جي دنيا ۾ هاڪ هئي. اها ئي ڳالهه Tome Pires نالي هڪ پورچو گاليءَ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي آهي ته:
    "Whoever is Lord of Malacca has his hand on the throat of Venice."
    ملاڪا جو بندرگاهه اسلامي مرڪز به ٿي پيو، جتي عرب دنيا جا امام ۽ عالم آيا ٿي ۽ اسلام بابت واعظ ڪيا ٿي. ملاڪا جي سلطان مڪاني عالمن ۽ مولوين کي هن پاسي جي ٻيٽن ڏي اسلام پکيڙڻ لاءِ موڪليو ٿي. پورچوگال ويندڙ ايشيائي سوداگرن کان ملاڪا جي شان شوڪت جون ڳالهيون ٻڌي پورچوگال جي بادشاهه ائڊمرل لوپيز (Lopez de Segueira) کي معلومات لاءِ ملاڪا موڪليو. هي سال 1509 جي ڳالهه آهي، يعني راجا پرميشور کي ملاڪا ۾ سلطنت قائم ڪرڻ کان هڪ صدي پوءِ جي ڳالهه آهي. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا سلطنت جو حاڪم سلطان محمود شاهه هو. هن پورچو گالين کي پهرين مانُ ڏنو پر پوءِ سندن نيت ۾ خلل محسوس ڪيو ۽ ملاڪا ۾ رهندڙ گجرات ۽ گوا جي مسلمانن به سلطان کي خبردار ڪيو ته انهن يورپين کان بچي رهجو جن انڊيا ۾ به پهرين گهمڻ، مذهب جي پرچار، واپار ۽ دوستي جو بهانو ڪري پوءِ گوا تي قبضو ڪيو ۽ مڪاني ماڻهن کي ويڙهايو.
    سلطان محمود هنن ڌارين تي وٺ وٺان ڪئي ۽ ڪجهه کي جهلي سوگهو ڪيو، ڪجهه مارجي ويا ۽ هن پورچوگالي جهازن کي ڀڄڻ کان روڪڻ جا حڪم جاري ڪيا پر ان کان اڳ هو لنگر کڻي ملاڪا بندرگاهه ڇڏي چڪا هئا. پورچوگال حڪومت اهو ئي فيصلو ڪيو ته گوا وانگر ملاڪا تي به قبضو ڪرڻ لاءِ حملو ڪرڻ ضروري آهي.
    ٻن سالن جي تيارين بعد 1511 ۾ پورچوگالي ائڊمرل اولفنسو (Afonso de Albuquerque) سترهن جهازن ۾ 1200 کن ماڻهو کڻي گوا کان ملاڪا پهتو ۽ هن ملاڪا جي سلطان محمود کي ڪجهه Demands پيش ڪيون، جن ۾ هڪ اها به هئي ته هنن کي ملاڪا شهر ۾ پنهنجي ٽريڊنگ پوسٽ جي بچاءَ لاءِ قلعو ٺاهڻ ڏنو وڃي. سلطان سندن هڪ ڊمانڊ به مڃڻ لاءِ راضي نه ٿيو. پورچوگالي ته جهيڙي لاءِ تيار ٿي آيا هئا. 40 ڏينهن جي ويڙهه بعد ملاڪا پورچو گالين حوالي ٿي ويو. هڪ ته پورچوگالين جي توبن، بندوقن ۽ بارود جو ملئي ماڻهو مقابلو ڪري نه سگهيا ۽ ٻيو وقت جي حاڪم سلطان محمود ۽ سندس پٽ سلطان احمد جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي به کين ڪمزور ڪري وڌو ۽ ڌارين حملو ڪندڙن لاءِ فائديمند ثابت ٿيو.
    الفنسو ڊي البقرق نومبر 1511 تائين ملاڪا ۾ رهيو ۽ رکي رکي ملئي ماڻهن جي حملن کي پسپا ڪندو رهيو. نيٺ سلطان محمود شاهه کي ملاڪا مان ڀڄايو ويو ۽ هو پهانگ رياست ۾ وڃي رهيو جتان پوءِ ٻيڙيءَ ذريعي بنٽان هليو ويو، جتي وڃي ننڍڙي پئماني جي حڪومت قائم ڪئي. پورچوگالين هن کي اتي به نه ڇڏيو ۽ 1526 ۾ بنٽان کي ڊاهي ترپٽ ڪري ڇڏيو. سلطان جان بچائي سماترا ٻيٽ تي هليو ويو جتي ٻن سالن بعد گذاري ويو. مرڻ وقت هن جا ٻه پٽ وڃي بچيا هئا: ”مظفر شاهه“ ۽ ٻيو ”علاؤ دين ريائت شاهه“
    مظفر شاهه کي اتراهن علائقن جي ماڻهن پاڻ وٽ گهرائي عزتون ڏنيون، جتي هن پيراق سلطنت ٺاهي ۽ پاڻ ان جو سلطان ٿيو. پيراق رياست جا اڄ جا سلطان سندس اولاد آهن. ٻيو پٽ مظفر شاهه ڏکڻ ڏي هليو ويو ۽ جوهور جي سلطنت ٺاهيائين. بهرحال پيراق رياست ۽ جوهور رياست ۽ سندن گادي وارا شهر ”اپوح“ ۽ ”جوهوربارو“ هاڻ وڏا ۽ خوبصورت لڳن ٿا، نه ته انهن ڏينهن ۾ اهي شهر ملاڪا جي مقابلي ۾ ائين هئا، جيئن حيدرآباد يا شڪارپور اڳيان مٺي ۽ ڇاڇرو.
    ملاڪا تي 1511 تي پورچوگالين جي قبضي ٿيڻ کان اڳ تائين راجا پرميشور (جنهن 1402 ۾ ملاڪا سلطنت ٺاهي) جي اولاد سوا سؤ سال کن حڪومت ڪئي. پرميشور (سلطان اسڪندر شاهه) کان علاوه محمود شاهه اول جنهن 1424 کان 1444 تائين ملاڪا تي حڪومت ڪئي، مظفر شاهه اول جنهن 1445 کان 1459 تائين ۽ منصور شاهه جنهن 1459 کان 1477 تائين حڪومت ڪئي، ڪافي مشهور ٿي گذريا آهن. پورچوگالين جي حملي وقت محمود شاهه دوم سلطان هو.
    لوپيز (سڄو نالو Diogo Lopes de Segueira) جيڪو پهريون دفعو پورچوگالين کي جهازن ۾ وٺي آيو ۽ ان وقت جي ملاڪا جي سلطان محمود شاهه هن کي ڀڄائي ڪڍيو. بعد ۾ پورچو گال حڪومت هن شخص کي انڊيا جي پورچوگالي بيٺڪن: گوا، دِيو وغيره جو 1518 کان 1522 تائين گورنر مقرر ڪيو هو.
    الفنسو جيڪو ملاڪا جي سلطان سان جنگ ڪرڻ لاءِ 17 کن جهاز ماڻهن سان ڀري آيو هو، اهو 1453 ۾ پورچو گال جي گادي واري شهر لسبن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو. لسبن شهر جي مشهور الفنسو چوڪ وٽ جيڪو ڌاتوءَ جو بت (Statue) آهي، اهو هن ائڊمرل جو آهي. ملاڪا جو تاريخي دروازو "A Famosa" هن جو ٺهرايل آهي. الفنسو گوا (انڊيا) جو ٻيو گورنر ٿي رهيو. سال 1515 جي ڊسمبر مهيني ۾ الفنسو پاڻي جي جهاز ۾ عدن طرف کان گوا اچي رهيو هو ته رستي تي گذاري ويو. ميڪسيڪو جو شهر البقريق سندس نالي آهي ۽ ملاڪا شهر ۾ سندس نالي هڪ روڊ آهي، جنهن جو نالو آهي ”جالان البقريق“.
    پورچوگال اندر ۽ ٻاهر جي دنيا ۾ کيس ڪيترن ئي خطابن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن ته سامونڊي شير (Lion of the Seas) عظيم الفنسو (The Great)، پورچوگالي مريخ، اوڀر جو سيزر، دهشت وارو(The Terrible) وغيره.


    هِن شهر جون تري آيل يادون

    1402 ۾ ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي گهاٽي جنگلن واري هڪ ننڍڙي سامونڊي ڪناري واري ڳوٺڙي ۾ سماترا کان ڀڄي آيل هڪ شاهي خاندان جي فرد جنهن جو نالو پرميشور هو اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ان جاءِ جو نالو رکيائين ملاڪا. پاڻ مسلمان ٿي پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو. سندس خاندان (گهراڻو) 1512 ۾ پورچوگالين جي آمد تائين حڪومت ڪندو رهيو. پورچو گالين جي ملاڪا تي 1512 کان 1641 تائين حڪومت رهي. ان بعد 1824 تائين ملاڪا ڊچن جي قبضي ۾ رهيو ۽ پوءِ انگريزن جو راڄ شروع ٿيو. ڌارين ۾ سڀ کان گهڻو وقت، اٽڪل 183 سال ڊچن جو ملاڪا تي راڄ رهيو. ملاڪا ۾ توهان کي ڪيتريون ئي شيون پورچو گالين، ڊچن ۽ انگريزن جي راڄ جون ٺهيل نظر اينديون جيئن ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ، ڪي ايم سي بلڊنگ، ميري ويدر ٽاور جهڙيون عمارتون انگريزن جي دور جون ٺهيل آهن. پورچو گالين جو ته سڄو پاڙو آهي، جتي پورچو گالين جو اولاد رهي ٿو. آفريڪا وارن سفرنامن ۾ لکي چڪو آهيان ته يورپي ماڻهن پنهنجي حڪومتي دور ۾ مڪاني ايشين يا آفريڪي عورتن سان شادي ته ڇا پر ظاهر ظهور دوستي رکڻ کان به گريز ڪئي ٿي پر پورچو گالين نه فقط شاديون ڪيون پر مڪاني عورتن مان پيدا ٿيندڙ ٻارن کي اهو ئي status ڏنائون جيڪو سندن پنهنجي ملڪ ۾ هو. ان ڪري توهان کي ڪيترائي مختلف رنگن ۽ جسامتن جا پورچو گالي ملندا. ائين ڏٺو وڃي ته ڊچن به ٿورو گهڻو/ مڪاني ماڻهن سان جنسي تعلق رکيو ٿي ۽ انهن جو اولاد برگر سڏجي ٿو. توهان کي سريلنڪا ۾ ڪيترائي برگر ملندا. ملاڪا ۾ رهندڙ هي ڪڻڪ رنگا ۽ ڪارسرا پورچو گالي ملئي ۽ پورچو گالي ڳالهائين ٿا پر سندن پورچو گالي اڄ جي پورچو گاليءَ کان بيحد نرالي آهي، جيئن سائوٿ آفريڪا جي ڊچ زبان هالنڊ جي ڊچ زبان کان ڪجهه ڪجهه بدليل آهي. بهرحال ملائيشيا جي حڪومت به کين هڪ حد تائين پنهنجي شناخت، ڪلچر، رسم و رواج قائم رکڻ جي همٿ افزائي ڪري ٿي ته ڀلي رنگين ڊريسون پائي ناچ گانا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا رهن جيئن ڌارين ملڪن جي ٽوئرسٽن کي ملاڪا ۾ هڪ هي آئٽم به ڏسڻ لاءِ ملي وڃي. آئون جڏهن ملاڪا ۾ رهندو هوس ته مون وٽ پاڪستان کان جيڪو مهمان ايندو هو ان کي ملاڪا جو هي پورچو گالين جو پاڙو ضرور ڏيکاريندو هوس.
    ملاڪا ۾ ڏهه سال رهڻ دوران مون وٽ ڪيترائي سڃاڻا، دوست يار ۽ مائٽ مٽ آيا. مون به چاهيو ٿي ته منهنجي وطن جا گهڻي کان گهڻا ماڻهو دنيا جو هي پاسو اچي ڏسن جيڪو تعليم، ٽيڪنالاجي، جديد پڻي، شپنگ، ميڊيڪل جهڙين شين ۾ اسان جي ملڪ کان گهڻو گهڻو پٺتي پيل آهي پر جنهن عزم ۽ محنت سان هو اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، ان ۾ جي هو ڪامياب ٿي ويا ته دنيا کي ڏندين آڱريون اچي وينديون. هن ملڪ جا سياستدان پنهنجي ملڪ جي هر اداري کي ترقي ڏيارڻ لاءِ هو دنيا جي قابل ماڻهن کي پاڻ وٽ نوڪريون ڏئي رهيا هئا جيئن سندن ملڪ جا نوجوان علم حاصل ڪري پنهنجي پنهنجي فيلڊ ۾ ڀڙ ٿي سگهن. هيءَ ستر ۽ اسي واري ڏهي جي ڳالهه آهي ۽ مون اهو ئي چاهيو ٿي ته منهنجي ملڪ جا ماڻهو انگلينڊ ۽ عرب ملڪن ڏي وڃڻ بدران هيڏانهن پڻ اچن. هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا انهن ڏينهن ۾ ايڏو وڏو پگهار نٿي ڏنو، وطن وڃڻ جي موڪل هر سال ڏيڻ بدران ٽن سالن بعد ڏني ٿي. جيڪي ڳالهيون ٻڌي اسان جي ماڻهن کي گهٻراهٽ ٿي ٿي. پر مون اها ئي ڪوشش ڪئي ٿي ته هو هن پاسي اچي ڏسن ته هتي جي زندگي يورپ ۽ عرب ملڪن کان بهتر آهي. هتيQuality of Life آهي ۽ هتي جا ٽي سال عرب ملڪن جي هڪ سال کان وڌيڪ تيزي ۽ سڪون سان گذريو وڃن. هتي جا مڪاني ماڻهو اسان جو قدر ڪن ٿا، اسان کي عزتون ڏين ٿا.
    ملاڪا ۾ ڏهه سال رهائش دوران ڪيترائي هلي ملي مون وٽ ملاڪا آيا. ڪيترن جي ته مون کي خبر پيئي ٿي ته هو ڪوالالمپور آيل آهن ته هلي ملي آئون رهائش وارو گهر جنهن هنڌ تي هو، اتان هڪ شارٽ ڪٽ رستو پورٽ ڊڪسن کان ٿيندو ڪئالالمپور پهتو ٿي ۽ جملي فاصلو 90 ڪلوميٽر مس ٿيو ٿي. رهائش جو به ايڏو مسئلو نه هو جو هڪ ته اسان کي سمنڊ جي ڪناري تي انگريزن جي ڏينهن جا تمام وڏا بنگلا مليل هئا ۽ ان کان علاوه اسان وٽ جيڪي Post sea جا ڪورس ڪرڻ لاءِ جهازن جا آفيسر آيا ٿي انهن لاءِ فئملي ٽائيپ هاسٽل هئي جنهن جو هڪ ڪمري وارو فلئٽ اسان جي مهمانن لاءِ سستي اگهه تي مسواڙ تي مليو ٿي. هڪ دفعي مون وٽ پنجاب يونيورسٽي جو پروفيسر خاطر غزنوي به اچي رهيو هو. ان وقت جون مشهور ڳائڻيون بينجمن سسٽرز به اسان وٽ آيون هيون. 1980ع ڌاري هو پاڪستان جي ٽي وي جون مشهور سنگرس هيون، جيڪي پراڻين انڊين فلمن جا گانا تمام سٺي سر ۽ اسٽائيل ۾ ڳائينديون هيون. خبر ناهي ڇو هو پوءِ ماٺ ٿي ويون. عالمگير نالي هڪ ڳائڻو به مون وٽان ملاڪا مان گهمي ويو هو. هو به گهڻو ڪري انڊين گانا ڳائيندو هو. پروفيسر خاطر غزنوي ته ڪئالالمپور جي يونيورسٽي ۾ اردو يئر جو ٻه سال کن هيڊ به ٿي رهيو. اڄڪلهه جي ’هم‘ ۽ ’مسالا‘ ٽي وي جي مالڪڻ مئڊم سلطانه صديقي به مون وٽ ملاڪا ۾ ٻه دفعا آئي. انهن ڏينهن ۾ هوءَ پاڪستان ٽيليويزن جي پروڊيوسر هئي. ٻئي دفعا هوءَ ڪنهن انٽرنيشنل سيمينار لاءِ ڪئالالمپور آئي ۽ منهنجي زال کيس اتان ملاڪا وٺي آئي. هوءَ اسان وٽ ملاڪا ۾ ٽي چار ڏينهن رهي ۽ منهنجي ٻارن سان گڏ هن هتي جون تاريخي جايون ڏسڻ کان علاوه ملئي شاديون به اٽينڊ ڪيون. سندس ان وقت جون تصوير منهنجي ملائيشيا جي اردو ۽ سنڌي سفرنامن کان علاوه picasa.com تي به آهن. سندس وڏي ڀيڻ ادي نورجهان ۽ سندس گهر وارو ادا انيس شيخ به هڪ دفعو ٿائيلنڊ کان ٽرين ذريعي اسان وٽ اچي رهيا هئا.ان کان علاوه هڪ ٻي اهم شخصيت ماهتاب محبوب ۽ سندس فئملي اسان وٽ مهمان ٿي رهي. ماهتاب محبوب سنڌي جي مشهور افسانا نويس آهي. هوءَ منهنجي به دلپسند ليکڪا آهي. بينظير ڀٽو جي حڪومت ۾ هڪ عورتن جي ڊيليگيشن ڪوالالمپور آيو اهو ٽولو ملاڪا جي چيف منسٽر ۽ منهنجي دعوت تي ملاڪا ۾ به اچي رهيو. انهن ۾ هڪ سنڌي ٽي وي جي مشهور ائنڪر پروين راڄپر به هئي. هڪ دفعي ملاڪا ۾ مون وٽ سنڌي ۽ اردو جو مشهور ليکڪ قمر شهباز ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال عبدالرزاق ميمڻ به اچي رهيا هئا. انهن کي هن شهر ملاڪا جون تاريخي جايون، پارڪ، ڊپارٽمينٽ اسٽور ۽ گهٽيون گهمائيندي ائين لڳندو هو ڄڻ هي منهنجو پنهنجو شهر هالا، حيدرآباد يا ڪراچي هجي.
    سچ ته اهو آهي ته آئون مٿين شهرن ۾ به نه ايترو رهيو هوندس ۽ نه وري اوترو واقف آهيان جيترو ملائيشيا جي هن شهر ملاڪا کان. ملاڪا جا ته ڪيترا دڪاندار ۽ شهري ائين سمجهندا هئا ته آئون ڪو ملائيشيا جو پاسپورٽ رکندڙ هجان، ويتر مون کي ۽ منهنجي فئملي کي ملئي زبان ۾ ڳالهائيندو ٻڌي هو اهو ئي سمجهندا هئا.
    اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ ڪيترن ئي ڌارين ملڪن جي جهازران آفيسرن نوڪري ڪئي ٿي پر هڪڙا آيا ٿي ته ٻيا ويا ٿي. ڪو به مون وانگر ٽِڪي نه رهيو. مون کي ملاڪا حڪومت طرفان PJK ايوارڊ ملڻ ڪري هن رياست جا سمورا ڪامورا منهنجو خيال رکندا هئا. ڏهاڪو کن سال جيڪي مون ملاڪا ۾ رهي ڪناري جي نوڪري ڪئي ان ۾ ساڳيو چيف منسٽر عبدالرحيم تامبي چِڪ رهيو. هو منهنجو پهرين ڏينهن ئي دوست ٿي ويو هو. ملاڪا ۾ نوڪري تي چڙهڻ لاءِ مون کي پهريان ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رکيو ويو جيئن هڪ نئون ماڻهو ڊيوٽي شروع ڪرڻ کان اڳ ڪجهه آرام ڪري سگهي ۽ ڪجهه نئين ملڪ جي ماحول، ماڻهن ۽ موسم کان واقف ٿي سگهي. ڇو ته نئين نوڪري ۽ نئين ماحول ۾ هر ڪو ماڻهو ڪجهه ڏينهن لاءِ گهٻرائجيو وڃي.
    اڄ جو ملاڪا بلڪل ٻيو ٿو لڳي پر اڄ کان ٽيهه سال اڳ جڏهن نوڪري لاءِ آئون هتي پهتو هوس ته ملاڪا حيدرآباد جو هيرآباد وارو علائقو لڳو ٿي يا ڪراچي جو گارڊن ايسٽ هو. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي اعليٰ هوٽلون ۽ ريسٽورنٽون هيون. ملاڪا جي سڀ کان اعليٰ هوٽل جنهن ۾ مون کي رهايو هئائون اها جالان تيمنگ گانگ جي ويجهو Melaka Strait Inn نالي هئي، جيڪا حيدرآباد جي فاران هوٽل جهڙي ته ڇا هوٽل انڊس يا سائينجيز کان به سادي هئي. پر جيئن ته سڄي شهر ۾ اها بهترين هوٽل هئي سو هن رياست جو چيف منسٽر شام جي وقت چانهه پيئڻ لاءِ آيو هو. آئون چڪر لاءِ هوٽل کان ٻاهر نڪتس ته رسيپشن واري هال جي ٻاهران هڪ ڪاري رنگ جي مرسڊيز ڪار بيٺي هئي جنهن جي رجسٽري نمبر ”هڪ“ مونکي حيرت ۾ وڌو. منهنجي پڇڻ تي ڪار وٽ بيٺل همراهه (CM جي سيڪريٽري) ٻڌايو ته ”اها ڪار هن رياست جي وزيراعليٰ عبدالرحيم جي آهي.“ ۽ پوءِ يڪدم مون کان پڇيو ته آيا آئون هن سان ملڻ چاهيندس.
    ”هو پاڻ ملندو؟“ مون پڇيو.
    ”آئون توهان کي هينئر ئي پڇي ٿو ٻڌايان.“ سيڪريٽريءَ چيو ۽ ٻن منٽن ۾، اڃان آئون اتي لائونج ۾ ئي هوس ته هن مون کي اچي سڏيو.
    انهن ڏينهن تائين نه ملاڪا ۾ ڪو ايترن ٽوئرسٽن اچڻ شروع ڪيو هو ۽ نه ڪو اهڙو تعليمي ادارو هو، جنهن لاءِ ڌارين جي خدمت حاصل ڪئي وئي هجي. ملاڪا جي وزير اعليٰ عبدالرحيم کي خوشي هئي بلڪه فخر هو ته ملڪ جي واحد مئريٽائيم اڪيڊمي نه فقط هن جي رياست ۾ کلي آهي پر جنهن هنڌ تي کلي آهي ان جي ڀرسان سندس ڳوٺ آهي، جتي هو ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. هن مون کي ٽيچر جي حيثيت ۾ لک عزتون ڏنيون ۽ ٻئي ڏينهن سندس آفيس ۾ وري چانهه لاءِ گهرايو ۽ اهو سلسلو هلندو رهيو، جيستائين آئون 1991ع تائين ملاڪا ۾ هوس. پاڻ نفيس قسم جو ماڻهو آهي ۽ ملاڪا جي شروعاتي ترقي ۾ هن جو وڏو هٿ آهي. هن ڌارين ماڻهن کي ملاڪا ۾ investment ڪرڻ جي همت افزائي ڪئي. هو سٺو دوست ۽ نيڪ نمازي هو. ساڳي وقت هو پيئڻ جو به شوقين هو جنهن جي پوءِ سندس خوش اخلاق ۽ سلجهيل زال داتن پئان زبيده کيس سمجهائي سمجهائي عادت ڪڍي.
    مون جڏهن ڏهاڪو کن سالن بعد ملاڪا ڇڏي تڌهن به هو چيف منسٽر هو. 1992ع ۾ آئون سئيڊن هليو ويس ۽ 1994ع جي شروعات ۾ مون ٻڌو ته هن تي ڪنهن نابالغ ڇوڪريءَ سان عشق جو بهتان مڙهيو ويو آهي، جنهن ڪري هن سياست مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. اخبار ۾ اها خبر پڙهي مون کي افسوس ٿيو ته عوام جي ههڙي دلپسند شخصيت کي جدائي جي راهه اختيار ڪرڻي پيئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڻ عاشق مزاج طبيعت جو ضرور هو پر ساڳي وقت جينٽل مئن به هو. انهن ئي ڏينهن ۾ سندس خط به اچي ويو (جيڪو مون وٽ اڃان تائين محفوظ آهي) جنهن ۾ هن ڏک جو اظهار ڪيو آهي ته ”ڪجهه گندن سياستدانن گڏجي منهنجي خلاف گندي سياست ڪئي آهي جنهن کان دل شڪستو ٿي مون وڏ وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي.“ بعد ۾ جڏهن ڪورٽ ۾ ڪيس هليو ته اهو ئي ثابت ٿيو ته هن جي خلاف ڪجهه سياستدانن مهم هلائي ۽ سندس مٿان مڙهيل الزام جي ڪا به شاهدي يا ثبوت نه ملي سگهيا. عبدالرحيم تامبي چِڪ 1982ع کان وٺي 1994ع تائين ملاڪا جو وزيراعليٰ رهيو. پاڻ ڊاڪٽر مهاتير جي ويجهن ساٿين مان آهي ۽ پنهنجي پارٽي اُمنو (UMNO) جو نائب صدر به ٿي رهيو.


    ٿو ڪريان ياد ماضيءَ جا ماڳ

    هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته دنيا جا ڪجهه شهر اهڙا آهن جن کان آئون پنهنجي اباڻي ڳوٺ هالا ۽ ناناڻي شهر حيدرآباد کان به گهڻو واقف آهيان، جن جي گهٽي گهٽي رليو آهيان ۽ جن سان اڄ به ڪيتريون ئي يادون وابستا آهن. انهن مان ڪي هن ريت آهن: اڄ واري بنگلاديش جو شهر چٽگانگ، جتي مون جهاز راني ۽ جهاز سازي جي تعليم (Marine Engineering) حاصل ڪئي ۽ ان بعد جهاز جي نوڪري دوران به منهنجو جهاز هن بندرگاهه ۾ ويندو رهيو ٿي. شادي کانپوءِ منهنجي زال ۽ ٻار به هتي ايندا رهيا ۽ چٽگانگ ۾ جهاز تي رهڻ بدران پنهنجن بنگالي ڪلاس ميٽن جي گهرن ۾ ئي رهياسين ٿي. ڪيترا مون وانگر پنهنجن ٻارن سان مختلف جهازن تي دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ هوندا هئا، پر سندن والدين اسان جو ايڏو ئي خيال رکندا هئا جيڏو هو منهنجو تعليم دوران رکندا هئا، جڏهن آئون ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ (بنگال) پهتو هوس. ان وقت منهنجي عمر 19 سال هئي ۽ سال 1963ع هو.
    جپان جي شهرن: يوڪوهاما، ٽوڪيو، ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ به منهنجو تمام گهڻو رهڻ ٿيو، جن بندرگاهن ۾ نه فقط سامان لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ اسان جي ڪمپني جو هر جهاز ويندو هو پر جهاز جي ڳري مرمت لاءِ به اسان هنن بندرگاهن ۾ هفتن جا هفتا رهندا هئاسين. ٽوڪيو ۽ يوڪوهاما مان ته نوان جهاز ٺهرائڻ لاءِ 6-6 مهينا به رهڻو پيو. اُهي سستائي وارا ڏينهن هئا، اسان جي رپئي جو قدر هو، جنهن کي مَٽائڻ سان ڪيترائي جپاني يين مليا ٿي. اڄ جپان جي شهرن ۾ بس ۾ سفر به مهانگو لڳي ٿو پر ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جهاز جي جونئر آفيسرن به ٽئڪسين ۾ سفر ڪيو ٿي ۽ لنچ يا ڊنر پنهنجي جهاز تي موٽي اچي کائڻ بدران شهر جي ئي ڪنهن هوٽل تي پنهنجي کيسي مان خرچ ڀري کائڻ ۾ ڪا تڪليف نٿي محسوس ڪئي. اهو ئي حال هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ هوندو هو، جتي اسان جو جهاز ڪارگو (سامان) نه هجڻ جي صورت ۾ به، جڏهن سائوٿ چائنا سِي (سمنڊ) يا پئسفڪ اوشن ۾ ايندو هو ته ضرور لنگر انداز ٿيندو هو. ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا واري علائقي ۾ هي ٻه بندرگاهه: سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ صحيح معنيٰ ۾ ڊيوٽي فري هئا، جتي هر شيءِ فئڪٽريءَ جي اگهه تي ملي ٿي. اسان جو جهاز ايندي ويندي هنن بندرگاهن مان جهاز لاءِ تيل پاڻي ۽ جهازين لاءِ راشن کڻڻ لاءِ ترسندو هو ته اسان هنن شهر نما ملڪن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ رلندا هياسين.
    سئيڊن جو ڏاکڻو شهر ۽ بندرگاهه ”مالمو“ به انهن شهرن مان هڪ آهي، جتي جي يونيورسٽي مان مون تعليم حاصل ڪئي. ان کان علاوهه ڪيترائي دفعا مختلف جهازن کي هتي وٺي اچڻو پيو. ائين ته هن پاسي جنهن به جهاز ۾ اچڻ ٿيو ٿي، اهو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ)، اوسلو (ناروي) ۽ هيلسنڪي (فنلئنڊ) ۾ به آيو ٿي. پر مالمو ۾ تعليم توڙي نوڪري دوران تمام گهڻو اچڻ ڪري جيترو مالمو جي گهٽين جي گهڻي واقفيت آهي، اوتري حيدرآباد جي اڌ جيتري به نه آهي. ههڙن شهرن ۾ گرمي نه هجڻ ڪري ميلن جا ميل فقط پنڌ ڪرڻ ۾ به مزو آيو ٿي. مڃان ٿو ته مالمو جهڙن شهرن ۾ سيارو 10 مهينا کن هلي ٿو، جنهن ۾ سخت سيءُ ٿئي ٿو پر گرم ڪپڙا پائي توهان پنهنجو پاڻ کي سيءَ کان بچائي سگهو ٿا، پر اسان جي ملڪن جي گرمي کان بچڻ جو ڪوبه طريقو ناهي. توهان فقط فجر مهل يا سج لٿي مهل ڪلاڪ اڌ واڪ ڪري سگهو ٿا. ان ۾ به ماڻهو پگهرجيو وڃي.
    اهڙي طرح ملائيشيا جا شهر: ڪوالالمپور، پينانگ ۽ ملاڪا آهن، جتي منهنجو جهاز ايندو رهيو ٿي. هي شهر بلڪ سڄو ملائيشيا، خط استوا تي هجڻ ڪري ٻارهو ئي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ آفريڪا جي ڪينيا، يوگنڊا، زائر ۽ ڪانگو وانگر هتي سخت گرمي ٿيڻ کپي پر ٻارهو ئي سخت مينهوڳي جي موسم ڪري ملائيشيا ۾ ٿڌڪار رهي ٿي. زمين (Soil) به بيحد زرخيز آهي، چوڌاري ساوڪ ۽ ڊگها وڻ آهن. ان ڪري ڪو ڏينهن اڌ مينهن نٿو پوي ته به وڻن ڪري ٿڌڪار رهي ٿي. هاءِ وي هجي يا عام رستا، انگريزن جي دور ۾ يا آزادي بعد موجودهه حڪومت طرفان جيڪي ڪنارن تي وڻ پوکايا ويا آهن، اهي قائم آهن. جنهن ڪري هڪ طرف روڊ مضبوط رهن ٿا جو انهن وڻن جون پاڙون RCC جو ڪم ٿيون ڪن. اسان وٽ روڊن جي پاسن تي لڳل وڻ هڪ طرف ڪٽيا ويا آهن ته ٻئي طرف زميندارن روڊ تائين کڻي پوک ڪئي آهي. نتيجي ۾ نوان ٺهيل روڊ به وڃن هيٺ دٻبا.
    بهرحال ملائيشيا توڙي سنگاپور ۽ ٿائلئنڊ ۾ جُهڙ ناهي، تڏهن به وڻن جي ڇانوَ هيٺان هلڻ ۾ مزو اچي ٿو. سو ملاڪا شهر ۾ آئون جيڪي 10 سال کن لڳاتار رهيس، انهن ۾ پيدل توڙي ڪار ۾ هرهڪ گهٽيءَ مان لنگهڻ ٿيو ٿي. ٻارن کي اسڪول ڇڏي ۽ وٺي اچڻ، ڀاڄي ڀتي يا ٻي شيءِ لاءِ مارڪيٽن ۽ بازارن ۾ وڃڻ، وطن کان آيل مهمانن کي ملاڪا جون خاص خاص جايون ڏيکارڻ، ان کان علاوه شام جي وقت ڪنهن نه ڪنهن روڊ تي واڪ لاءِ نڪري وڃڻ، وغيره. منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهڻو هن شهر ملاڪا ۾ رليو هوندس. 1980ع تائين ملاڪا ۾ چڱيرڙي هوٽل فقط Malacca Straits Inn هوندي هئي، جيڪا پوءِ ڊاٺي وئي ۽ نيون هوٽلون ٺهڻ لڳيون. سو ملاڪا شهر جي هڪ هڪ هوٽل اسان جي اڳيان ٺهي آهي. اهڙي طرح مختلف شاپنگ سينٽر، ڊپارٽمينٽ اسٽور، پارڪ، ميوزيم وغيره وغيره.
    پهريون دفعو ملاڪا اچڻ کي اڄ42 سال اچي ٿيا آهن. اهو هڪ وڏو عرصو آهي. ان ۾ هن شهر ۾ ڇا ڇا ته تبديليون آيون آهن، پر اهو آهي ته هي شهر شروع کان صاف سٿرو رهيو آهي. هونءَ چينين لاءِ چيو وڃي ٿو ته گدلا آهن پر هن شهر ۾ جيڪي چيني رهن ٿا اهي عام چينين کان مختلف آهن. ملائيشيا جا عام چيني ماڻهو، مزوري پورهئي ۽ روزگار خاطر هڪ سؤ کن سال اڳ آيا، جڏهن اپوح ۽ ڪوالالمپور ۾ قلعي (Tin) جي کوٽائي شروع ٿي هئي. ملاڪا ۾ رهندڙ هي چيني مرد جيڪي باباز ۽ عورتون نيونياز سڏجن ٿا، تن جا وڏا اڄ کان 550 کن سال اڳ هتي آيا. ملاڪا سلطنت جي ڇهين سلطان منصور شاهه جنهن 1459 کان 1477 تائين حڪومت ڪئي، چين جي منگ گهراڻي جي شهزاديءَ سان شادي ڪئي ته ڪنوار سان گڏ ڏيج ۾ ساڻس 500 کن خدمتگار چيني ڇوڪريون پڻ ملاڪا آيون، جن جي رهائش جو بندوبست جتي ڪيو ويو اها ٽڪري ”بُڪت چينا“ (Bukit China) سڏجي ٿي. انهن چيني ڇوڪرين بعد ۾ مڪاني ملئي مردن سان شادي ڪئي ۽ انهن جو اولاد پَرانڪان سڏجي ٿو. هنن چينين جي اٿڻي ويهڻي، کاڌو خوراڪ ۽ ويس وڳا، بعد ۾ آيل عام چينين کان بلڪل مختلف آهن. بلڪ ملاڪا جا هي چيني (Babas & Nyonyas) مڪاني ملئي ماڻهن سان گهڻي مشابهت رکن ٿا.
    1511 ڌاري پورچوگالين جو ملاڪا تي قبضو ٿيو ۽ هنن جي 150 سال حڪومت رهي. هنن مان ڪيترن مردن ۽ عورتن مڪاني ماڻهن سان شادي ڪئي ۽ انهن مڪسڊ فئملين جو اولاد ملاڪا ۾ هلندو اچي ۽ جتي هو رهن ٿا اهو علائقوPortuguese Settlement سڏجي ٿو، جتي هنن جا گهر ۽ هوٽلون پورچوگالي نموني جون ۽ نالن واريون آهن. هو پورچوگالي نموني جا ويس وڳا اوڍين ٿا ۽ انهن ڏينهن تي جشن ڪن ٿا جيڪي پورچوگال ۾ ملهايا وڃن ٿا.
    سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن کان منهنجو ملاڪا واري ڳچي سمنڊ مان لنگهه ٿيو يعني اسان جو جهاز ان سامونڊي گهٽي جي بندرگاهن: پينانگ، ڪلانگ، جوهوربارو ۽ سنگاپور ۾ اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان باءِ روڊ ڪوالالمپور کان سنگاپور ويندي رستي تي ملاڪا ۾ ترسندا هئاسين يا گهمندا ويندا هئاسين ته ان وقت ملاڪا هڪ ماٺيڻو شهر هو. ڪجهه ڪجهه ڪراچي جو صدر (يعني انهن ڏينهن وارو) ۽ حيدرآباد جو هيرآباد ٿي لڳو. شهر جو وچ ۽ گهماگهمي وارو هنڌ اهو هو، جتي ڳاڙهين عمارتن وارو ملاڪا چرچ (گرجا گهر) سينٽ فرانسز جو چرچ، راڻي وڪٽوريا وارو ڦوهارو، ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪرائيسٽ چرچ هو. جالان ڪوٽا، جالان بندا (Banda)، جالان بندر هِلر، جالان لڪسامانا، جالان بنگارايا ۽ جالان هنگ جيبات ۽ جالان هنگ ڪستوري روڊ ائين هئا ۽ اڄ به ائين ئي آهن، جيئن ڪراچي جون زيب النساءِ اسٽريٽ، وڪٽوريا روڊ يا حيدرآباد جو صدر، خاص ڪري فاران هوٽل وارو علائقو ۽ ڪورٽ روڊ (سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس) وارو حصو.
    تن ڏينهن ۾ ملاڪا کان ٻين شهرن ڏي بس اتان ئي جالان لڪسامانا تان وئي ٿي. اسي واري ڏهي جي شروعات ۾ جڏهن مون ملاڪا ۾ مستقل رهائش اختيار ڪئي، ته انهن ڏينهن ۾ بس اسٽاپ چيف منسٽر آفيس جي سامهون لائبرري وٽ هو. ان بعد اسان جي هوندي ئي ملاڪا شهر ۾ وهندڙ ندي ’ملاڪا ندي‘ جي ڪناري تي ٺاهيو ويو، جنهن جي چوڌاري ڪيترائي دڪان ۽ ڌاٻا ٺاهيا ويا. اسان چيو ته هيڏو وڏو بس اسٽاپ تي ٽوڪيو جي گنزا ۽ هانگ ڪانگ جي وان چائي علائقي ۾ آهي ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ملڪ ۾ ٽوئرزم ايڏو ته وڌي وئي جو ملائيشيا جي مختلف شهرن کان علاوه سنگاپور ۽ ٿائلينڊ وڃڻ لاءِ به بسيون اچڻ وڃڻ لڳيون. هاڻ جڏهن ڪوالالمپور ملاڪا وڃڻ جي ٽڪيٽ ورتم ته ڊرائيور ٻڌايو ته ڏکڻ توڙي اتر کان ايندڙ بسين لاءِ ملاڪا ۾ هڪ ئي بس اسٽاپ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو سينٽرل (Sentral) سڏجي ٿو. ملئي زبان ۾ سينٽرل ‘S’ سان لکيو وڃي ٿو.
    ’ملاڪا سينٽرل‘ بس اسٽاپ جالان تن عبدالرزاق ۽ جالان پنگليما اوانگ جي وچ ۾ آهي. ملئي زبان ۾ روڊ کي جالان (Jalan) سڏجي ٿو سو توهان کي سڄي ملائيشيا توڙي انڊونيشيا، سنگاپور ۽ برونائي ۾ هر روڊ جي نالي اڳيان جالان لکيل نظر ايندو يعني شاهراهه فلاڻو...
    جالان تُن عبدالرزاق ملاڪا جو هڪ اهم ۽ ويڪرو روڊ آهي، جيڪو هن ملڪ جي ٻئي وزيراعظم تن عبدالرزاق نالي آهي. اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جو هاڻوڪو وزيراعظم نجيب هن جو فرزند آهي. بهرحال ملاڪا رياست جو هي وڏو بس اسٽاپ جتي ملائيشيا جي مختلف شهرن ۽ سنگاپور کان بسيون ۽ ٽئڪسيون اچي ٿيون بيهن، سال 2001ع ۾ ٺهيو. بس اسٽاپ جي اندر واري احاطي ۾ ڪيترائي وڏا، ماڊرن ۽ ايئرڪنڊيشن دڪان، ڊپارٽمينٽل اسٽور، کاڌي پيتي جون مڪاني ريسٽورنٽون ۽ دنيا جون فاسٽ فڊ (يا کڻي چئجي ته جنڪ فوڊ) جا دڪان، مثال طور مئڪڊو نالڊ، KFC وغيره آهن. هن بس ٽرمينل اندر هڪ ٻه بئنڪون ۽ مسجد پڻ آهي. ان مان توهان اندازو لڳائي سگھهو ٿا ته هن ٽنڊو آدم جهڙي آدم شماري واري شهر ملاڪا ۾ هي ڪيڏو وڏو بس اسٽاپ آهي!
    هتي اهو به لکندو هلان ته ملاڪا رياست جو مرڪزي شهر ملاڪا توڙي ملاڪا رياست جو ٻيو ڪو شهر ريلوي اسٽيشن ناهي. ملاڪا شهر کان ويجهي ۾ ويجهي ريلوي اسٽيشن تمپين آهي، جيڪا نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر وارو شهر ۾ آهي. بهرحال پينانگ، ڪئالالمپور يا سنگاپور، جوهور بارو کان ايندڙ ريلوي مسافر ملاڪا لاءِ تمپين ۾ لهي پون، جتان پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ملاڪا پهچن.
    منهنجي خيال ۾ سڄي ملائيشيا ۾ شايد ئي ڪو ٻيو شهر هجي، جتي ملاڪا جهڙو سينٽرلي ايئرڪنڊيشنڊ بس اسٽاپ هجي. اهو آهي ته هي بس اسٽاپ شهر کان ٿورو پرڀرو ٺاهيو ويو آهي جتي پهچڻ لاءِ ٽئڪسي يا شهر جي سٽي بس ۾ پهچڻو پوي ٿو. پر ايڏو پري به نه آهي. نازا هوٽل، Selectstar هوٽل، گولڊن ليگسي، گرانڊ ڪانٽيننٽل، ميٽرو پول، Straits Meridian، ائٽلانٽڪ پارڪ هوٽلون هن بس اسٽاپ جي ٻن ڪلو ميٽرن جي گهيري ۾ آهن. ملاڪا جا اڄڪلهه اعليٰ قسم جا مال ۽ ڊپارٽمينٽ اسٽور جهڙوڪ Tesco، ملاڪا KMA ڊجيٽل مال، پلازه هَنگ تُئاح، Tong Hup اسٽور، داتاران پهلوان، ملاڪا ميگا مال، ماهڪوٽا پريڊ، ملاڪا مال وغيره به ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ کان فقط هڪ ٻه ڪلو ميٽر پري آهن. ڪيترا ٽوئرسٽ صبح ڌاري هتي پهچي اوسي پاسي جي دڪانن تان خريداري ڪري ۽ اهم شيون ڏسيو شام ڌاري پنهنجي ڳوٺ روانا ٿيو وڃن. هن بس اسٽاپ (Melaka Sentral) جي ٻن ٽن ڪلو ميٽرن جي پسگردائيءَ ۾ ڪيتريون ڏسڻ وٽان شيون ۽ مڪاني مشهور کاڌن جون هوٽلون آهن جيئن ته:
    ’چينگ هو‘ ڪلچر ميوزيم.
    Bastion هائوس،
    ميريٽائيم ميوزيم،
    منارا ٽيمنگ ساري،
    ڊي- پيراڊائيز ٽراپيڪل فروٽ ورلڊ وغيره.
    ۽ کاڌن ۾ مشهور ريسٽورنٽون آهن:
    ڪئپيٽل ناسي ليماڪ،
    هاڪر سينٽر،
    يونگ ٽوفُو (Yong tow foo)
    پويياح
    Lu yea سِي فوڊ،
    Peranakan food وغيره وغيره.
    منهنجي بس جنهن وقت ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ جي ٽرمينل ۾ داخل ٿي ته ان وقت مون ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر کي فون ڪيو ته آئون هاڻ ملاڪا ۾ داخل ٿي رهيو آهيان. مون ڄاڻي واڻي ڪجهه وٿي رکڻ ٿي چاهي، جيئن ڊاڪٽر عطا ڀلي اڌ ڪلاڪ کن دير سان پهچي، جيئن آئون بس اسٽاپ تي موجود مسافرن مان ڪن کان خبر چار لهي سگهان.
    پاڪستان ۾ ئي هوس ته منهنجو مير عطا سان اهو پروگرام ٺهيو هو ته ملاڪا پهچڻ کان ڪلاڪ اڌ اڳ مير عطا کي فون ڪندس ته هو بس اسٽاپ تي پهچي وڃي. ساڳي وقت اسان اهو به طئي ڪيو هو ته جي ڊاڪٽر صاحب کي ڪم ٿي پيو ته آئون پاڻهي ئي سندس آفيس ۾ اچي ويندس. هاڻ فون ڪري بس ڪيم ته بس ملاڪا سينٽرل جي احاطي ۾ داخل ٿي ۽ اسان ملاڪا جا مسافر بس مان لٿاسين. هرهڪ پنهنجي سفري ٿيلهي سان گڏ ٻاهر نڪري ويو يا چوڌاري دڪانن ۽ ريسٽورنٽن مان ڪنهن ۾ گهڙي ويو. آئون هڪ هنڌ بيهي پنهنجي آس پاس جو جائزو وٺڻ لڳس. ڀت سان لڳل اٺ ڏهه ڪرسين تي ويٺل ملئي همراهن مان هڪ اٿي مون وٽ آيو. ”خبر ناهي ڇا ٿو پڇڻ چاهي“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو.
    ”ڪنهن هوٽل يا ڪنهن ڪمپونگ (ڳوٺ) هلڻ چاهيو ٿا؟“ هن ڀڳل سڳل انگريزيءَ ۾ پڇيو.
    ”اوهه! توهان ٽئڪسي ڊرائيور آهيو؟“ مون ملئي زبان ۾ پڇيو.
    ”جي ها. نه فقط آئون پر هي سڀ.“ هن ٻڌايو.
    مون مڙي هنن کي سلام ڪيو ۽ مرڪندي هڪ هڪ سان هٿ ملايو. هو وائڙا ٿي ويا.
    ”انچڪ (جناب) ڪيڏانهن هلڻو آهي؟“ هنن مان هڪ وري پڇيو.
    ”نه، نه ڪيڏانهن به وڃڻو ناهي“، مون کلندي چيو ۽ هڪ خالي ڪرسي تي ويهي چيو، ”توهان سان ملڻو ۽ خبرچار ڪرڻي آهي.“
    ”ضرور ضرور“ هنن مان هڪ ٻاهرين دل سان تڪلف طور ته چيو پر آئون سندن چهرا پڙهي رهيو هوس ته هو سڀ سخت حيران هئا ته هي ڪهڙو ڌاريون ٽوئرسٽ يا مڪاني ماڻهو آهي ۽ ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.“ مون به ڄاڻي واڻي سندن تفريح وٺڻ لاءِ ڪجهه دير خاموشي اختيار ڪري، ڳچيءَ مان ٿيلهو لاهي هيٺ رکيو يعني سندن ٽئڪسي ۾ سوار ٿي کين ڀاڙو ڪمائڻ ۾ مدد ڪرڻ بدران ٺهي ٺڪي ويهي رهيو هوس. هو صاحب وائڙا ٿي رهيا هئا ته هي آهي ڪير. شڪل مان ته ٽوئرسٽ ۽ جينٽل مئن لڳي ٿو پر حرڪتن مان عجيب واندو لڳي ٿو. مون کين وڌيڪ پريشان ڪرڻ بدران کلي چيو:
    ”يارو! آئون هن ئي شهر ۾ چِگُو (Cigu) ماستر صاحب ٿي رهيو آهيان. لکڻ منهنجي هابي آهي ۽ مون لاءِ سڀ کان گهڻين دلچسپ خبرن جو Source توهان يعني ملاڪا جا ٽئڪسي ڊرائيور رهيا آهيو.“
    هو کلڻ لڳا.
    توهان جيڪڏهن ملائيشيا ۾ رهو ٿا ۽ توهان کي ملئي زبان به اچي ٿي ته ملائيشيا جي ڪنهن شهر جي ٽئڪسي اسٽينڊ تي وڃي ٽئڪسي ڊرائيورن جي ڀر ۾ ويهو. جيسين ڪو گراهڪ اچي هو وقت پاس ڪرڻ لاءِ جيڪي ويهي خبرون ڪندا آهن، اهي ٻڌڻ وٽان ٿين ٿيون. مون کي به ڪافي عرصو هن قوم سان ڪچهري ڪندي ٿي ويو هو، سو اڄ جيسين منهنجو ميزبان ڊاڪٽر مير عطا مون کي وٺڻ لاءِ پهچي تيسين مون هنن سان خبرون ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ۽ هو به منهنجو تعارف ٻڌڻ تي پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ لڳا ۽ هڪ ان ئي وقت مون لاءِ چانهه به وٺي آيو پر اڃا ڏهه منٽ به ڪي مس ٿيندا ته ڊاڪٽر صاحب پهچي ويو ۽ مون کي کانئن موڪلائڻو پيو.


    ملاڪا ۾ ميرپورخاص جا مير

    ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر سان منهنجي روبرو ملاقات هتي ملاڪا ۾ اچي ٿي. ساڻس ٻن سالن کان انٽرنيٽ تي رابطو هو ۽ مون کي اهو محسوس ڪري خوشي ٿئي ٿِي ته مير صاحب هڪ اهڙي شهر ۾ رهي ٿو، جنهن جي گهٽين مان منهنجو ڪئين سال گذر ٿيو. منهنجي ذهن ۾ هو ته ملاڪا جڏهن به وڃڻ ٿيندو ته ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ضرور ملندس ۽ کانئس هن شهر ۽ ملڪ بابت سندس خيال پڇندس. ڪراچي ۾ رهندڙ منهنجي هڪ دوست مشتاق علي ٽالپر سان به جڏهن ملاقات ٿِي ٿَي ته هن مون کي ملاڪا ۾ ڊاڪٽر مير عطا سان ملڻ لاءِ چيو ٿي.
    ”توهان کي ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ملي ڏاڍي خوشي ٿيندي. هو پڙهيل ڳڙهيل ۽ محنتي نوجوان آهي.“ مشتاق ٽالپر چيو ٿي.
    ڊاڪٽر مير عطا محمد سان ملاڪا ۾ ملڻ ۽ ڏينهن ٻه گڏ رهڻ سان مون کي مشتاق ٽالپر جي ڳالهه سؤ سيڪڙو صحيح لڳي ۽ ملاڪا مان موٽڻ بعد کيس اهو ئي چيم ته ”ڊاڪٽر مير عطا جي توهان جيڪا تعريف ڪئي ٿي هو ان کان به وڌيڪ خوبين جو مالڪ آهي.“
    سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته هو پرديس ۾ رهي پنهنجي فيلڊ (ميڊيڪل/ ڊاڪٽري) جي نه رڳو نوڪري ڪري رهيو آهي، پر ان سان لاڳاپيل بزنيس به ڪري رهيو آهي ۽ هن جو مقابلو هتي رهندڙ چينين سان آهي، جيڪي سڄي سال ۾ فقط ٻه ڏينهن پنهنجي نئين سال جي شروعات جي موڪل ڪن ٿا. مون کي حيرت آهي ته ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر هڪ ميراڻو ٻار ٿي ڪري جيڪو ظاهر آهي ته وڏي لاڏ ڪوڏ سان پليو آهي ۽ امير ماءُ پيءُ جو پٽ ٿي ڪري جنهن محنت ۽ پورهئي سان نوڪري ڪري پاڻ وڻائي ٿو ۽ جنهن هوشياري ۽ ذهانت سان پنهنجو بزنيس هلائي ٿو، جنهن ۾ هن کي رات جو دير تائين ڪم ڪرڻو پوي ٿو ۽ صبح جو سوير ئي اٿڻو پوي ٿو، هڪ ساراهه جوڳي ڳالهه آهي. بقول سندس، هن جي ڪاميابي ۽ بزنيس ۾ Survival جو راز ئي ان محنت ۽ جدوجهد ۾ آهي.
    ”هر هفتي خميس جي ڏينهن ملاڪا جي وڏن واپارين جي صبح جو ستين وڳي هتي جي هڪ هوٽل ۾ ميٽنگ ٿيندي آهي.“ ڊاڪٽر عطا ٻڌايو، ”ان ۾ ورلي ڪو ملئي يا انڊين واپاري پهچي سگهندو آهي.“
    ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ”هن ميٽنگ ۾ اسان کي وڏو فائدو رسي ٿو جو مختلف واپاري هڪ ٻئي جي رهنمائي ڪن ٿا“. مثال طور ڊاڪٽر عطا پنهنجي تيار ڪيل نون پراڊڪٽس بابت ٻڌائي ٿو ته انهن جي صحت برقرار رکڻ ۾ ڪهڙي خصوصيت آهي. ٻئي دفعي جي ميٽنگ ۾ ڪيترائي واپاري جن کي معلوم ٿئي ٿو ته ان شيءِ جي ڪٿي گهرج ٿئي ٿي ڊاڪٽر عطا کي ٻڌائين ٿا، جيئن هو انهن علائقن، اسپتالن، آفيسن ۽ ادارن ۾ انهن هيلٿ پراڊڪٽس جي پروموشن ڪري سگهي.
    ان کان علاوه ڊاڪٽر صاحب پنهنجين شين کي انٽرنيٽ تي به رکيو آهي، جيئن پڙهندڙن کي انهن بابت آگاهي ٿي سگهي ۽ ملائيشيا جي ڏورانهن شهرن جا پڙهندڙ انهن شين جو فون يا اِي ميل ذريعي آرڊر ڏئي سگهن. هڪ ڏينهن ته گاڏي ۾ شهر جو چڪر هڻي رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر عطا جي موبائل جي گهنٽي وڳي. ٻئي طرف سنگاپور جي هڪ چيني عورت هئي جنهن کي اهڙين جڙين ٻوٽين جي ضرورت هئي جيڪي کائڻ سان هوءَ جلد صحتمند ٿي سگهي. هن جي سيزيرين آپريشن ٿي هئي ۽ کيس ٻار کي ٿڃ ڏيڻ ۾ مسئلو ٿي رهيو هو.
    ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر گذريل ٽن چئن سالن کان ملاڪا جي مشهور ڪاليج ”ملاڪا ڪاليج آف ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ ۾ ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر آهي. هو هتي جي شاگردن لاءِ مختلف سبجيڪٽن جا ڪورس Develope ڪندو رهي ٿو. ان کان علاوه هن جي ملاڪا ۾ ”سنڌ هيلٿ ڪيئر“ (Sindh Health Care Sdn Bhd) نالي دوائن جي ڪمپني آهي. هي دوائون جيڪي ميون ۽ جڙين ٻوٽين مان تيار ڪيون وڃن ٿيون، انسان کي تندرست ۽ صحتمند رکن ٿيون. انهن دوائن، ٽانڪن (Tonics)، عرق ۽ معجونن مان ڊاڪٽر عطا، ڪجهه پاڪستان ۽ انڊيا مان گهرائي ٿو ته ڪجهه ملائيشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن مان ٺهرائي ٿو. بهرحال هي ڪم اهڙو آهي جنهن ۾ بيحد خبرداري ۽ ڄاڻ جي ضرورت آهي جو ملائيشيا انهن ملڪن مان آهي، جتي جي حڪومت هر شيءِ تي سختي سان نظر رکي ٿي ۽ ڪوبه دڪاندار، هوٽل وارو يا فئڪٽري جو مالڪ غلط شيءِ جو وڪرو ڪري نٿو سگهي. هر شيءِ ۾ جيڪي ڪيميڪل پيل آهن، انهن بابت خريدار کي ڄاڻ ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته هو انڊيا جي شهر دهليءَ مان ڪيترائي خاڪا، معجونون ۽ ڊڀ گهرائيندو رهي ٿو. ”هڪ دفعي مون پاڪستان مان ڪنهن ڪمپني جي ٺهيل ميون جي رس گهرائڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان ۾ ”پيڪ ATP“ نالي هڪ ڪيميڪل به وڌو وڃي ٿو پر دٻن جي ٻاهران ان بابت لکيل نه هو. مالڪن اهو نٿي لکڻ چاهيو ان ڪري مون ملائيشيا ۾ گهرائڻ کان انڪار ڪيو. هي ڪيميڪل جنهن جو ايجاد ٿيل آهي، ان جي نالي رجسٽرڊ ٿيل آهي ۽ ان جو ئي ڪاپي رائيٽ آهي. ڪنهن ٻئي کي استعمال ڪرڻ لاءِ هن کي قانون مطابق مالڪ کان اجازت وٺڻي پوي ٿي يا ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو ڏيڻو پوي ٿو، ٻي صورت ۾ هو ڪيس ڪري سگهي ٿو ۽ منهنجي ڪمپني جي ساک خراب ٿي سگهي ٿي.“
    ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جو واسطو ميرپورخاص جي ميرن سان آهي، جيڪي ماڻڪاڻي مير سڏجن ۽ مير ٺارو خان جو اولاد آهن. ميرن جي حڪومت شروع ٿيڻ وقت ڪلهوڙن جو آخري حاڪم ميان عبدالنبي ڪلهوڙو هو. هڪ ٻئي پويان هالاڻي جي ٽن لڙائين بعد ڪلهوڙن کي مڪمل طور شڪست اچي وئي ۽ حيدرآباد جو پڪو قلعو ٽالپرن جي هٿن ۾ آيو. هي سال 1783ع جي ڳالهه آهي. هالاڻي جي هنن لڙائين ۾ بلوچن جي ڪمانڊ هنن مير سردارن وٽ هئي:
    مير فتح علي خان
    مير ٺارو خان
    مير سهراب خان
    ميرن سنڌ ۾ ٽي پرڳڻا قائم ڪري ٽي گڏيل حڪومتون قائم ڪيون. انهن مان هڪ پرڳڻو حيدرآباد مير فتح علي ٽالپر حوالي هو، جيڪي شاهدادڻي مير سڏجن ٿا. ٻيو ٿر ۽ ميرپورخاص وارو مير ٺاري جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جو اولاد ماڻڪاڻي مير سڏجن ٿا ۽ ٽيون خيرپور وارو مير سهراب حوالي ٿيو، جيڪي سهراباڻي مير سڏجن ٿا.
    سنڌ فتح ڪرڻ وقت ميرپورخاص جي ٽالپرن مان مير ٺاري خان جو وڏو هٿ هو، جنهن کي ٿرپارڪر وارو ملڪ حصي ۾ ڏنو ويو. مير ٺاري خان جي وفات کانپوءِ سندس فرزند مير علي مراد ميرپورخاص جي گادي تي ويٺو، جنهن 1838ع ۾ وفات ڪئي ۽ پٺيان ٻه پٽ ڇڏيائين: هڪ مير شير محمد خان ۽ ٻيو مير خان محمد خان. مير شير محمد خان انگريزي ۽ فارسي تاريخن ۾ ”شيرِ سنڌ“ سڏيو ويو آهي. 1828ع ۾ ڪمشنر مانسفيلڊ عمرڪوٽ ۾ درٻار ڪئي، جتي مير صاحب مرحوم کي ستاره هند تمغو لقب سميت ڏنو ويو. پاڻ 1888ع ۾ وفات ڪيائين. مير شير محمد 24 مارچ 1843ع تي سپاهين سميت حيدرآباد ڀرسان دٻي جي ميدان جنگ تي انگريزن جو دليري سان مقابلو ڪيو، پر انگريز کٽي ويا ۽ سنڌ جي آزاد رياست برٽش انڊيا سان ملائي وئي. هتي اهو به لکندو هلان ته هن ”دَٻي جي لڙائي“ کان اڳ انگريزن جي لڙائي حيدرآباد جي ميرن سان 16 فيبروري 1843ع تي مياڻي وٽ ٿي، جنهن ۾ هوش محمد شيدي ميرن طرفان انگريزن سان وڙهندي شهيد ٿيو هو.
    ميرپورخاص ڀرسان جيڪو مير شير محمد ڳوٺ آهي، اهو هن دلير مير شير محمد (شير سنڌ) جي نالي آهي، جتي ڊاڪٽر مير عطا محمد جو يارهين سيپٽمبر 1962ع تي مير يار محمد خان ٽالپر جي گهر ۾ جنم ٿيو. پاڻ ستين ڪلاس تائين ميرپورخاص جي سينٽ مائيڪل ڪانوينٽ اسڪول مان پڙهيو. ان بعد مئٽرڪ تائين APWA ۽ گورنمينٽ اسڪول ميرپورخاص مان پڙهيو.
    فرسٽ ايئر ۽ انٽر شاهه لطيف ڪاليج مان ڪرڻ بعد هن MBBS لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄامشوري مان ڪئي، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز (LUMS) سڏجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پوسٽ گريجوئيشن لنڊن مان ”هيلٿ سسٽمز مئنيجمينٽ“ ۾ ڪئي.
    1988ع ۾ MBBS ڪرڻ بعد ڊاڪٽر عطا ڪجهه عرصو LMC ۾ هائوس جاب ڪيو، ان بعد ميرپورخاص ۾ پرائيويٽ پرئڪٽس به ڪئي. نوي واري ڏهي جي وچ ڌاري هن پاڪستان جي سوشل ايڪشن پروگرام (SAP) ۾ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ضلعي ليول تي ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ به ڪم ڪيو.
    ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر کي ننڍپڻ کان راندين کيڏڻ ۽ شڪار کان علاوه لکڻ پڙهڻ جو به شوق رهيو آهي. سنڌ ۾ تعليم ۽ نوڪري دوران هن جا خط ۽ مضمون اڪثر عبرت ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن. سندس اها هابي اڃان تائين هلندي اچي ۽ اڄڪلهه هن جا انگريزي جا مضمون انٽرنيٽ تي اچن ٿا، جيڪي توهان http://www.melakareview.com تي پڙهي سگهو ٿا ۽ سندس بزنيس بابت توهان هيءَ ويب سائيٽ Sindhhealth ڏسي سگهو ٿا. ان کان علاوه توهان هيٺين Web Sites تي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ۽ سندس لکڻين بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا:
    talpur.org
    facebook.com/talpur
    melakastore.com
    ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر مون کي ملاڪا جي مرڪزي بس اسٽاپ (Melaka Sentral) تان وٺڻ آيو ته ساڻس گڏ سندس پٽ غلام محمد به هو. غلام محمد 18 سالن جو ٿيندو ۽ هو هتي ملاڪا ۾ STPM (جيڪو پنهنجي انٽر ۽ او ليول برابر آهي) ۾ آهي. مٿس اهو نالو سندس پڙڏاڏي (ڊاڪٽر عطا جي ڏاڏي) تان آهي، جيڪو 1909ع ۾ ڄائو. سمجهو ته گذريل صديءَ جي پهرين ڏهي ۾ مير غلام محمد اول جنم ورتو ۽ ان صديءَ جي آخر واري ڏهي ۾ اسان واري ڊاڪٽر عطا جي فرزند جنهن کي پاڻ ”غلام محمد ثاني“ چئي سگهون ٿا جنم ورتو آهي.
    ڊاڪٽر عطا کان اولاد پڇڻ تي هن ٻڌايو: ”الله بخشي ڏئي مون کي هڪڙو ئي پٽ آهي.“
    ”جنهن شخصيت جو توهان هن تي نالو رکيو آهي، اهو به پنهنجي والد خانبهادر مير يار محمد خان ٽالپر کي اڪيلو پٽ هو.“ جيئن ته آئون ملاڪا اچڻ کان اڳ ميرن جي، خاص ڪري ميرپورخاص جي ماڻڪاڻي ميرن جي تاريخ پڙهي آيو هوس، سو مون ڊاڪٽر عطا جو ڌيان ان طرف ڇڪايو.
    خانبهادر مير يار محمد، جنهن کي پاڻ اول چئي سگهون ٿا، جو نالو سندس پوٽي (ڊاڪٽر عطا جي والد) تي پڻ آهي. خانبهادر مير يار محمد خان ولد شهزادا سرڪار مير نبي بخش خان سنڌ جي مشهور شخصيت ’شير سنڌ‘ مير شير محمد ٽالپر جو پوٽو هو، جيڪو سنڌ انگريزن جي حوالي ٿيڻ کان اڳ رياست جو سربراهه هو ۽ جنهن مياڻي واري جنگ کان مهينو کن پوءِ حيدرآباد جي ڀرسان دٻي جي ميدان تي انگريزن سان سخت مقابلو ڪيو ۽ سندس بهادري جا مثال اڄ تائين ڏنا وڃن ٿا. پڙهندڙ جي سهوليت لاءِ هتي هن خاندان جو مختصر شجرو لکندو هلان:
    - شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر (وفات 1888)
    - شهزادا سرڪار مير نبي بخش خان ٽالپر
    - خانبهادر مير يار محمد خان ٽالپر اول (وفات 1936)
    - مير غلام محمد خان ٽالپر اول (ڄم 1909، وفات 1986)
    - مير يار محمد خان ٽالپر ثاني (ڄم 1940، وفات 2006)
    - مير ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر (ڄم 1962 سيپٽمبر 11)
    مير غلام محمد ٽالپر ثاني (ڄم 1993 نومبر 22)
    ڊاڪٽر عطا محمد ٻڌايو ته هن کي جيئن ئي ملائيشيا ۾ نوڪري ملي ته پنهنجي پٽ مير غلام محمد کي به ميرپورخاص کان ملاڪا وٺي آيو ۽ هتي جي اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني.
    ”غلام محمد کي هتي ملائيشيا وٺي آئين، اهو سٺو ڪئي.“ مون عطا کي چيو.
    ”ڪيئن؟“ ڊاڪٽر عطا پڇيو.
    ”ڇو جو هن تي جنهن شخص، يعني توهان جي ڏاڏي جو نالو رکيل آهي اهو به ته ملائيشيا جي حوالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.“ مون چيومانس.
    1943ع ۾ جنرل چارلس نيپيئر سنڌ تي حملو ڪيو ۽ سنڌ ڌرتي ڌڻين کان کسجي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني حوالي ٿي وئي، جيڪا پوءِ برطانيه جي راڄ جو حصو رهي. اهڙي طرح انگريزن جو هن پاسي جي ملڪن ملاڪا ۽ سنگاپور تي پڻ راڄ هلندو آيو. 1947ع ۾ ننڍي کنڊ کي انگريزن کان آزادي ملي ۽ دنيا جي نقشي تي نئين ملڪ پاڪستان جنم ورتو. هيڏانهن ملايا (هاڻوڪو نالو ملائيشيا) کي پورن ڏهن سالن بعد ساڳي انگريز حاڪم کان 1957ع ۾ مرديڪا (آزادي) ملي. ملئي زبان ۾ آزادي کي Merdika سڏجي ٿو. ڪوالالمپور جي اسٽيڊيم ۾ جنهن کي هاڻ ”پڊانگ مرديڪا“ سڏجي ٿو. ملائيشيا جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان خود مختياري (Independence) جو اعلان ڪيو ۽ يونين جئڪ (انگريزن جي حڪومت جو جهنڊو) لاهي پنهنجي ملڪ جو جهنڊو چاڙهيو. ان خوشي جي موقعي تي ملڪي ۽ غير ملڪي ڪيترين ئي اهم شخصيتن ان جشن ۾ حصو ورتو. هن محفل ۾ پير ڀرڻ لاءِ پاڪستان کان جيڪو ماڻهو ڪراچيءَ کان ڪوالالمپور هلي آيو، اهو ٻيو ڪو ڌاريون نه پر ڊاڪٽر مير عطا جو ڏاڏو مير غلام محمد ٽالپر هو، جنهن جو نالو ڊاڪٽر صاحب جي پٽ تي آهي. ان وقت مير صاحب جي عمر 48 سال هئي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته مير غلام محمد ٽالپر (ڊاڪٽر عطا محمد جو ڏاڏو) محنت، سخاوت، زمينداري ڄاڻ ۽ جانورن سان پيار رکڻ وارن مان هڪ اهم انسان ٿي گذريو هو. پاڻ ماٺيڻي طبيعت وارا هئا، جن جو گهڻو وقت ڳوٺ ۾ گذريو ٿي. سياست ۾ گهڻو متحرڪ ٿيڻ بدران هنن هميشه Low Profile رکيو، پر تنهن هوندي به هو ميرپورخاص ميونسپل ڪميٽي جا ڏهاڪو کن سال نائب صدر ٿي رهيا. کين وقت جي حڪومت طرفان Justice of Peace جو خطاب مليل هو، جنهن موجب کيس مئجسٽريٽ جا پاور هئا. پاڻ صوبائي يا قومي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ حصو نه ورتائين پر هن هميشه سر غلام حسين هدايت الله کي سپورٽ ڪيو ٿي، جيڪو سنڌ حڪومت جو وزيراعليٰ ٿي رهيو، ان بعد هو گورنر پڻ ٿيو. مون ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر وٽ سر غلام حسين هدايت الله جا ڪيترائي خط ڏٺا، جيڪي هن مير غلام محمد خان ٽالپر کي وقت بوقت لکيا هئا. مير صاحب پنهنجي والد خانبهادر مير يار محمد ٽالپر کي اڪيلو پٽ هو ۽ هن کي پيءُ طرفان ورثي ۾ هزارين ايڪڙ زمين ملي، پر ان مان گهڻي ڀاڱي ويران ۽ غيرآباد رهي ٿي. مير صاحب سخت محنت ۽ شوق سان نه رڳو اهي زمينون آباد ڪيون، پر ان ۾ ٻيا به هزارين ايڪڙ شامل ڪيا. اهي زمينون هنن کي انگريزن طرفان جاگير ۾ نه مليون هيون پر پنهنجي پورهئي ۽ ڪمائي مان خريد ڪيون.
    کين قيمتي ۽ پراڻيون شيون گڏ ڪرڻ جو پڻ وڏو شوق هو پر افسوس جو 1983ع واري باهه ۾، جيڪا سندن ڳوٺ واري گهر کي لڳي ڪيتريون ئي شيون سڙي راک ٿي ويون، جن ۾ ٻين antiques سان گڏ ڪيترائي آڳاٽا ڪتاب، هٿ جون لکڻيون (Manuscripts) ۽ تاريخي ڊاڪومينٽ پڻ ختم ٿي ويا. تاريخ جي کين وڏي ڄاڻ هئي. مير محمد بخش جيڪو ميرپورخاص جي ميرن تي Malkani Talpurs of mirpurkhas ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ گهڻي کان گهڻي ڄاڻ ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي ڏاڏي مير غلام محمد طرفان ڏنل آهي.
    هونءَ مير شڪار جا شوقين ٿين ٿا، پر مير غلام محمد ٽالپر ڪڏهن به جانور يا پکين کي مارڻ پسند نه ڪيو. هن کي جانورن سان وڏو پيار هو. اهو ئي سبب آهي جو هن وٽ تمام وڏو تعداد (هزارن ۾) پالتو جانورن جو هو، جهڙوڪ: اٺ، مينهون، ڳئون ۽ ڪجهه گهوڙا پڻ جيڪي سندس شيرواهه (بلوچ آباد)، سلطان آباد، سجناهه، هالارو، سونائڻ، ليٽ، پنهوارڪي ۽ نئين کپري وارن فارمن تي رهيا ٿي. هن هميشه اوسي پاسي کان لڏي آيل غريب ۽ بي گهر ٿرين جي مدد ڪئي ٿي، جيڪي خشڪسالي ۽ ڏڪار ڪري هن وٽان اچي نڪتا ٿي. ايوب خان جڏهن لئنڊ رفارمس آندا ته سنڌ جي چند ماڻهن مان مير صاحب پڻ هو، جنهن صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي زمين پنهنجي هارين ۾ ورهائي ڇڏي. ايتري قدر جو ان جي ٽرانسفر ۽ ڪاغذ پٽ ٺهرائڻ جو خرچ به پنهنجي کيسي مان ڀري ڏنو. ميرپورخاص جا ڪيترا هاري جيڪي هاڻ وڏا زميندار ٿي ويا آهن، مير صاحب جي سخاوتن جو ذڪر ڪن ٿا. مير غلام محمد ٽالپر صاحب جي ستهتر ورهين جي ڄمار ۾ 1986ع ۾ وفات ٿي ۽ کين پنهنجي اباڻي قبرستان جنوري ۾ پنهنجي والد صاحب خانبهادر مير يار محمد ٽالپر جي ڀرسان دفنايو ويو. مير صاحب 13 ورهين جو هو ته پنهنجي پيءُ سان گڏ حج ڪيو هئائين. 1931ع ۾ 22 ورهين جي ڄمار ۾ سندن شادي پنهنجي چاچي مير عبدالله خان جي گهران ٿي جنهن مان کيس ٻه پٽ: مير محمد نواز ۽ ننڍو مير يار محمد خان (ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جو والد) ٿيا.
    مير يار محمد خان اسان جي ئي عمر جو آهي. مون کان چار سال وڏو آهي. انٽر ۽ ٻه سال کن چٽگانگ ۾ رهڻ بعد مون کي جڏهن ڪراچي جي شپ يارڊ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ چيو ويو ته ڪراچيءَ ۾ رهائش جو بندوبست نه هجڻ ڪري مون ميٺارام هاسٽل ۾ رهڻ لاءِ ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، جتان مير صاحب پڙهيو ۽ اڄ واري پيپلز پارٽي جي وزير مظفر شجرا جي مامي جو ڪلاس ميٽ هئا. پاڻ اسڪولي تعليم سنڌ مدرسة الاسلام مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽر عطا محمد ٽالپر وٽ انهن ڏينهن جو هڪ گروپ فوٽو آهي، جيڪو 1956ع ڌاري جو آهي، جنهن ۾ سندن والد صاحب مير يار محمد ٽالپر اسڪول جي سنڌي بزم ادب جي ساٿين ۽ ان وقت جي هيڊ ماستر ناصر حسين صاحب سان ويٺو آهي. تصوير ۾ محمد اشرف جان سرهندي (جنرل سيڪريٽري) ۽ رسول بخش بلوچ به نظر اچي رهيا آهن. مير يار محمد ٽالپر هن بزم جو نائب صدر هو. صدر هيڊ ماسٽر صاحب پاڻ هو.
    ڊاڪٽر مير عطا محمد کي جيئن ته پنهنجي ميڊيڪل پروفيشن ۽ بزنيس سان گڏ لکڻ پڙهڻ جو شوق پڻ آهي، ان ڪري آئون کيس اها ئي صلاح ڏيندس ته هو پنهنجي خاندان جي تاريخ ۽ پراڻين يادگيرين کي ڪتابي صورت ۾ آڻي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته هو ڪيتريون ڳالهيون ۽ ملائيشيا بابت پنهنجا خيال، تجربا ۽ مشاهدا وقت به وقت انٽر نيٽ تي ڏيندو رهي ٿو، جيڪي ويب سائيٽون آئون مٿي ڏئي چڪو آهيان، جن تان منهنجا پڙهندڙ هنن ميرن بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ آئون پنهنجي پڙهندڙن کي مير محمد بخش ولد مير عبدالله خان ٽالپر جو ڪتاب ”تاريخ ميرانِ سنڌ“ پڻ پڙهڻ لاءِ چوندس، جيڪا ٽالپر ميرن جي تاريخ آهي، خاص ڪري ماڻڪاڻي شاخ جي ميرن جي.


    Tesco کان My Din

    ملاڪا جو وڏي ۾ وڏو بس اسٽاپ جتي مون کي بس اچي لاٿو Melaka Sentral سڏجي ٿو ۽ جتي ’جالان (شاهراهه) پنگ ليما اوانگ‘، ’جالان تُن رزاق‘ سان اچي ملي ٿو، اتي آهي. ”جالان تُن رزاق“ هاءِ وي جو حصو آهي، جيڪو الور گاجا شهر کان اچي ٿو ۽ اڳتي موئر (Muar) ۽ جوهور بارو شهرن کان ٿيندو سنگاپور تائين پهچي ٿو. ملاڪا شهر جو هي هنڌ جتي هاڻ هي وڏي پئماني وارو بس اسٽاپ ٺاهيو ويو آهي، اهو وچ شهر کان پري آهي ۽ اڄ کان ويهارو سال کن اڳ تائين جڏهن آئون هي شهر ڇڏي رهيو هوس، ان وقت تائين به جنگل هو، پر هاڻ هن بس اسٽاپ ڪري هڪ قسم جو جنگل ۾ منگل ٿي ويو آهي، جتي سڄي ملائيشيا کان ايندڙ بسون بيهن ٿيون، جتي ٽئڪسيون، مسافرن کي ملاڪا جي مختلف هنڌن ڏي يا ٻين شهرن ڏي کڻي وڃڻ جو انتظار ڪن ٿيون، جتي مسافرن ۽ انهن کي وٺڻ يا ڇڏڻ لاءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون ريسٽورنٽون ۽ خوبصورت دڪان آهن ۽ 24 ئي ڪلاڪ رونق ۽ ميلو متل رهي ٿو. هونءَ به ملائيشيا جي هر شهر جي بس اسٽاپ تي توهان کي زندگي نظر ايندي ۽ ڇو نه هجي جڏهن ملڪ ۾ امن امان هجي، پگهارن جي مقابلي ۾ سستائي هجي ۽ کاڌي پيتي جون شيون صحت جي اصولن موجب هجن. ههڙن ملڪن ۾ ماڻهو ڏينهن هجي يا رات، سفر جاري رکن ٿا. هر بس اسٽاپ تي ويهڻ جي سهوليت کان علاوه واش روم ۽ ريسٽورنٽون آهن، سٺا رستا ۽ سٺيون سواريون آهن ۽ هتي ملائيشيا ۾ ته ڀاڙو به مناسب آهي. ڪوالالمپور کان ملاڪا ائين آهي جيئن ڪراچي کان حيدرآباد ۽ ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر ڪرڻ لاءِ مون کي فقط 12 رنگٽ (ڊالر) ڀاڙو ڏيڻو پيو. اڄڪلهه ملائيشيا جي هڪ رنگٽ جي قيمت 28 روپيه آهي يعني 216 روپيه ٿيو. مزي جي اها ڳالهه ته 80 واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهندو هوس ته ان وقت به ملاڪا کان ڪوالالمپور جو ڀاڙو 12 رنگٽ هئا يعني هتي جي ماڻهن لاءِ ته ڪا مهانگائي ٿي ڪانه. اسان کي وري به ان ڪري مهانگائي ٿي لڳي جو اسان جي رپئي جو قدر گهٽجي ويو آهي نه ته مون وارن ڏينهن ۾ جڏهن هڪ رنگٽ اسان جي اٺن رپين برابر هو ته اهو ڀاڙو 96 روپيه هو ۽ ان کان به 10 سال کن اڳ يعني 70 واري ڏهي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته ان وقت ته ملائيشيا توڙي سنگاپور جي ڊالر جي قيمت اسان جي چئن رپين برابر هئي.
    هيڏي وڏي بس اسٽاپ ڪري چوڌاري رهائشي ڪالونيون به ٺهي ويون آهن ۽ زمين جو اگهه وڌي ويو آهي. هونءَ به ملائيشيا جا شهر جتي چيني ۽ مڪاني طرز جا آهن، اتي آمريڪن اسٽائيل جا به ٿيندا وڃن، جتي شهر کان پري وڏا وڏا سُپر ۽ هائپر ڊپارٽمينٽ اسٽور آهن ۽ ماڻهو ڳُتيل ۽ ڳُهتيل مارڪيٽن بدران شهر کان ٻاهر ٺهيل مالن مان خريداري ڪرڻ ۾ وڌيڪ سهوليت ۽ سستائي محسوس ڪن ٿا، جتي هو پنهنجي ڪار به پارڪ ڪري سگهن ٿا. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 80 واري ڏهي ۾ جهڙا تهڙا فقط ٻه ڊپارٽمينٽل اسٽور کُليا هئا، هڪ Lian Fatt ۽ ٻيو ميڊم ڪنگ. ٻئي مڪاني چينين جا جالان بنگارايا تي هئا پر هاڻ ملاڪا شهر ۾ ڪيترائي ڌارين ملڪن جا مشهور نالي وارا اسٽور نظر اچن ٿا. سينٽرل بس اسٽاپ مان نڪرڻ سان ٽيسڪو (Tesco) ۽ جايا جُسڪو (Jaya Jusco) جا بورڊ نظر اچن ٿا. منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر ٻڌايو ته ”ملاڪا ۾ ٽيسڪو جو هڪ ٻيو اسٽور به آهي جيڪو ملاڪا جي ’پايا رمپت اتاما‘ واري علائقي ۾ جالان اِنانگ (Inang) تي آهي. هي اسٽور آچر کان خميس تائين صبح جو 8 کان رات جو 11 تائين کليل رهن ٿا. جمعي، ڇنڇر ۽ پبلڪ هاليڊيز وارن ڏينهن تي صبح جو 8 کان 1 تائين کلن.“
    ٽيسڪو ڊپارٽمينٽل اسٽور انگلينڊ جا آهن. انگلينڊ جي ٽيسڪو ڪمپنيءَ هتي جي مڪاني ڪمپني Sime Derby سان گڏجي سن 2002ع ۾ ملائيشيا ۾ پهريون دڪان سلينگور رياست جي شهر پُچانگ ۾ کوليو. هاڻ ته سڄي ملائيشيا ۾ 40 کن Tesco جا وڏا اسٽور آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ اڄڪلهه مائيڪرو ۽ ميٽرو جا اسٽور آهن.
    اهڙي طرح جايا جسڪو اسٽور آهي جنهن ۾ پڻ هر قسم جي شيءِ ملي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ٽيسڪو ۽ جايا جسڪو جي معيار جا ٻيا به ڪيترائي وڏا اسٽور ملاڪا ۾ کلي ويا آهن. جهڙوڪ: داتاران پهلوان (ملئي زبان ۾ اسان وارو لفظ Pahlwan به آهي)، هَنگ تُئا مال، هَنگ تُئا پلازه، ماهه ڪوٽا پريڊ، My Din ...جيڪو دراصل هڪ تامل انڊين مسلمان محي الدين جو آهي پر هو پنهنجو نالو My Din لکي ٿو ۽ ان نالي سان هن جا ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ دڪان آهن. هڪ ڳالهه لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، خاص ڪري 1990ع تائين سڀ کان گهڻو امير چيني هئا ۽ ملڪ جو بزنيس انهن جي هٿن ۾ هو. هاڻ مڙيئي ايڪڙ ٻيڪڙ ملئي ماڻهو به پئسي وارا ٿيڻ لڳا هئا ۽ سرڪاري نوڪرين سان گڏ بزنيس ۾ به گهڙڻ لڳا آهن.
    ملائيشيا جي پنج کن سيڪڙو انڊين آدمشماري جو وڏو حصو تامل (سائوٿ انڊين) آهن. اهي غريب هئا. باقي سنڌي هندو ۽ گجراتين ۾ ڪجهه پئسي وارا هئا، جن جا مڙيئي ڪجهه دڪان هئا. انهن مان هڪ سنڌي هندو ”تان سري ڪشو“ کي هرهڪ سڃاتو ٿي جو هن ڪوالالمپور جي اهم روڊ جالان تئانڪو عبدالرحمان تي گلوب سلڪ اسٽور نالي هڪ اٺ ماڙ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، جنهن ۾ رکيل سامان جي ورائٽي ۽ سستائي ڪري ماڻهن سنگاپور مان شاپنگ ڪرڻ ڇڏي ڏني. اسان به آچر ڏينهن ملاڪا کان ڪوالالمپور اچي گلوب سلڪ اسٽور تان گهر جي لاءِ شاپنگ ڪندا هئاسين. گهڻي مال جي وڪري ڪري هنن تمام گهٽ فائدو رکيو ٿي ۽ هنن جي دڪان سان ٻيو ڪو واپاري مقابلو ڪري نٿي سگهيو. پر پوءِ 1990ع کان ڪوالالمپور ۾ جپان، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي مشهور دڪانن جون برانچون کلي ويون. ايتريقدر جو هن سنڌي ڪشوءَ جو گلوب اسٽور به لوڏن ۾ اچي ويو. پر ان دوران ملائيشيا ۾ ٽوئرسٽن جو تعداد ايترو ته وڌي ويو جو ڪيترا امير چيني هوٽلن سان گڏ هن بزنيس ۾ به ٽپي پيا. اڄ سڄي ملائيشيا ۾ جيڪي وڏا مال، سپر ۽ هائپر مارڪيٽون ڏسو ٿا اهي جپان، يورپ ۽ آمريڪا جي ڪمپنين جون آهن يا هتي جي چيني ڪروڙ پتين جون. ان تناظر ۾ هڪ انڊين سو به ڏکڻ هندستان جي تامل مسلمان جي "My Din" نالي اسٽورن جي Chain جي هاڪ ٿي ٻڌجي ته حيرت ٿي ٿئي ته مقابلي جي سخت حالت ۾ هن پنهنجي بزنيس کي زنده ۽ وڌندڙ ويجهندڙ بنائڻ لاءِ ڇا ته محنت ڪئي هوندي!
    اڄ سڄي ملائيشيا ۾ محي الدين محمد (هو پنهنجي نالي ۽ دڪان جي نالي جي اسپيلنگ My din لکرائي ٿو) جا 89 دڪان آهن، جن ۾ 5 ته هائپر مارڪيٽون آهن، 18 امپوريم، 2 بازارون ۽ 50 مِني مارڪيٽون آهن. ڪوالالمپور جي بزنيس مين غلام علي سولنگيءَ ٻڌايو ته 1918ع ۾ جن ڏينهن ۾ ڪشوءَ جي پيءُ ڄيٺانند هتي جي هڪ ڳوٺ سيگامت ۾ دڪان کوليو انهن ڏينهن ۾ محي الدين جي پيءُ غلام حسين جمال مدراس انڊيا مان پينانگ ٻيٽ تي اچي هڪ دڪان کوليو. انگريزن جو راڄ هو، امن امان هو، پينانگ ڏور اوڀر جو مشهور بندرگاهه هجڻ ڪري هر وقت جهازن جي اچ وڃ لڳي رهي ٿي ۽ هنن جي مال جو خوب وڪرو ۽ آمدني ٿي پئي. ٻي وڏي لڙائي دوران جپانين جي قبضي ٿيڻ تي، جپانين هنن جي ڪيترن گهرن ۽ دڪانن کي ساڙيو، هن جو دڪان به ترپٽ ٿي ويو.
    غلام حسين جمال جيتوڻيڪ هٿين خالي ٿي ويو پر هن کي واپار جي ڄاڻ ۽ همٿ هئي ۽ هن اهو ڄاتو ٿي ته سندس پٽ محي الدين ۾ ايتري قابليت آهي جو هو زيرو کان شروعات ڪري سگهي ٿو. جپانين مان جيئن ئي ملايا جي جان ڇٽي ۽ حالتون بهتر ٿيون ته 1957ع ۾ (ملائيشيا جي آزادي واري سال) محي الدين ڪيلنتان رياست جي ڪوٽا بارو شهر ۾ دڪان کوليو. محنت، ايمانداري ۽ گهٽ فائدو رکڻ ڪري هنن جو دڪان هلندو رهيو. پورن 22 سالن بعد هنن هڪ ٻيو دڪان ڪئالا ترنگانو شهر ۾ کوليو ۽ پوءِ ڏهن سالن بعد ڪوالالمپور ۾ جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا تي سن 1989ع ۾ ڊپارٽمينٽل اسٽور کوليو، پر تيستائين K.L (ڪوالالمپور) ۾ ايترا ته فاسٽ فوڊ جا فارين ريسٽورنٽ KFC، مئڪڊو نالڊ، سيون اليون کان سوگو، ڪي مارٽ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ اسٽور کلي چڪا هئا جو اسان جو ڪڏهن به هن سائوٿ انڊين اسٽور My Din ڏي ڌيان نه ويو.
    1991ع ۾ ملائيشيا ڇڏڻ بعد آئون سئيڊن ۽ ڊئنمارڪ پاسي ڪجهه عرصو رهيس. ڪجهه سالن بعد ڪجهه ڏينهن لاءِ ملائيشيا اچڻ ٿيو. هڪ ڏينهن ڪوالالمپور جي چوڪِٽ مارڪيٽ وٽان چڪر هڻي جالان (شاهراهه) مسجد انڊيا جي فٽ پاٿ تي رکيل هڪ بئنچ تي اچي ويٺس. ٻيا به ڪيترا ملئي، خاص ڪري انڊين سک، سنڌي هندو ۽ تامل مدراسي ويٺا هئا ۽ رستي تان ايندڙن ويندڙن کي پئي ڏٺوسين. ڪوالالمپور جي هن ايريا ۾ انڊين جا دڪان گهڻا هجڻ ڪري انڊين عورتون ۽ مرد جام نظر اچن ٿا. منهنجي ڀر ۾ ويٺل ٻه ملئي همراهه بوهي مڱ (Pea Nuts) کائي رهيا هئا.
    ”انچڪ مَڪَن ڪَچانگ“ هنن مون ڏي پُڙي وڌائيندي کائڻ لاءِ چيو. پي نٽ منهنجي دلپسند شيءِ آهي. منهنجو جهاز ائٽلانٽڪ سمنڊ اُڪري جيئن ئي آمريڪا جي بندرگاهه ۾ لنگر انداز ٿيندو هو ته جهاز تان لهي ويجهي دڪان تان يڪدم پي نٽ ۽ آئسڪريم وٺي ايندو هوس. آمريڪا جهڙا لذيذ ۽ سوڪ(Crispy) پي نٽ مون کي ڪٿي نظر نه آيا. بوهي مڱ ته اسان وٽ به ٿين ٿا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ به ٿين ٿا، لنڊن ۽ ڪينيا ۾ به ٿين ٿا پر آمريڪا وارن جي پئڪنگ ۽ انهن کي فراءِ يا ٽوسٽ ڪرڻ جو طريقو بيحد هاءِ ڪلاس آهي. بهرحال مون کانئن ٻه چار ڪڻا وٺي چکيا ۽ انهن جي لذت ۽ معيار ڏسي مون کي حيرت ٿي ۽ کانئن يڪدم پڇيو ته هنن اهي ڪٿان ورتا آهن. هنن پڙيءَ تي لکيل نالي ڏي اشارو ڪري My Din جو نالو ورتو.
    ”هي اسٽور ڪٿي آهي؟“ مون پڇيو.
    ”هن ئي روڊ تي ته آهي“، هنن مان هڪ چيو، ”هڪ تامل انڊين جو آهي. هن اسٽور جي هر شيءِ بهترين ۽ مناسب اگهه تي آهي.“ آئون ان ئي وقت ان اسٽور تي ويس ۽ اهو نوٽ ڪيم ته هنن وٽ هر شيءِ جي وڏي ورائٽي آهي، هر شيءِ سٺي معيار جي آهي ۽ واقعي قيمت به واجبي آهي.“
    منهنجي خيال ۾ هنن جي ان اصول ڪري هن نالي جا اسٽور ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن نه ته ملائيشيا ۾ بزنيس ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. جيئن گلوب سلڪ اسٽور جو سنڌي مالڪ ٻڌائيندو هو ته هن جو پيءُ چوندو هو ته ”جيڪڏهن توهان بزنيس ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ ان ۾ رهڻ چاهيو ٿا ته ايمانداريءَ کان ڪم وٺو. ايمانداري جهڙي ڪا ٻي ڳالهه ناهي.
    Be Honest. Nothing else pays in the long run.
    هو چوندو هو ته هڪ دفعو ساک ٽٽي ته ماڻهوءَ جو هميشه لاءِ منهن ويو ۽ چوندو هو ته گراهڪ سان دوکو نه ڪريو
    Don’t take people for a ride.
    اهڙي طرح هن سائوٿ انڊين مسلمان واپاري محي الدين جي والد غلام حسين جمال پنهنجي پٽ کي اها ئي نصيحت ڪئي ته ايمانداري سان ۽ حلال جو بزنيس ڪجانءِ. حرام جي ڪمائيءَ ۾ ڪو جٽاءُ ناهي.My Din لاءِ مشهور آهي ته،
    My Din operates its business on halal concepts and stresses on honesty, sincerity and good discipline in all aspects of its business.
    اڄ محي الدين وارن جو ملائيشيا ۾ مڪاني اسٽورن مان سڀ کان وڏو بزنيس آهي ۽ 6000 کان مٿي ماڻهو هنن جي دڪانن تي ڪم ڪن ٿا ۽ سندن دڪانن تي ٻن لکن کان مٿي مختلف شيون آهن. ان جي مقابلي ۾ Tesco وارن وٽ فقط 60،000 آئٽم آهن.
    ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر ٻڌايو ته هنن دڪانن جو مالڪ محي الدين محمد علي اڃان حيات آهي ۽ پنهنجي ڪمپني جو چيئرمين آهي. سندس پٽ ۽ نُهون هن ڪمپنيءَ جون ڊائريڪٽر آهن. پنهنجي ملاڪا واري اسٽور جي نظرداريءَ لاءِ هو اڪثر ملاڪا پڻ اچي ٿو. My din اسٽورن تي ڀاڄي، گوشت، مڇي ميوي کان وٺي ڪپڙا، بوٽ، رانديڪا، ڪتاب، دوائون، اليڪٽرڪ جو سامان ۽ راندين جو سامان ملي ٿو.
    My Din نالي وارن اسٽورن لاءِ مشهور آهي ته هتي هر شيءِ هول سيل واري سستي اگهه تي ملي ٿي. بلڪ هن ڪمپنيءَ جو سلوگن ئي آهي:
    Why pay more. Buy at wholesale prices!
    ملاڪا ۾ My Din جو اسٽور پڻ ملاڪا سينٽرل بس اسٽاپ وٽ ئي آهي. انهن مٿي ٻڌايل وڏن اسٽورن کان علاوه ملاڪا ۾ ٻيا به ڪيترائي سپر اسٽور يا مارڪيٽون ٺهي ويون آهن. جهڙوڪ: سُونگ سينگ پلازه، ملاڪا رايا پلازه... وغيره.


    چهري په گري زلفين

    ”سائين سفر ڪيئن رهيو؟“ ڪار ۾ ويهڻ سان منهنجي ميزبان ڊاڪٽر مير عطا ۽ سندس پٽ مير غلام محمد مون کان ڪوالالمپور کان ملاڪا جي سفر بابت پڇيو.
    ”فرسٽ ڪلاس“ مون چيو ۽ پوءِ غلام محمد کي مخاطب ٿيندي چيو، ”ڳالهه هيءَ آهي ته هنن پَٽن تي، يعني هيڏانهن ملائيشيا پاسي، جي جهڙالي موسم آهي ته جهڙو ڪشمير! پر جي آسمان تي ڪڪري ناهي ته پوءِ خط استوائي سج جا سڌا پوندڙ ڪرڻا جيڪب آباد ۽ سبي جي ٽاڪ منجهند ٿا ياد ڏيارين.“
    اتفاق سان اڄ صبح کان وٺي ڪوالالمپور کان ملاڪا تائين رستي تي ته جهڙ رهيو پر هتي ملاڪا ۾ پهچڻ تي به آسمان گهاٽن ڪارن ڪڪرن سان ڇانيل نظر آيو. سالن جا سال هيڏانهن (ملائيشيا، سنگاپور، ٿائلينڊ پاسي) رهي ايتري idea هئي ته گهاٽن ڪڪرن هوندي به اڃان جلد، ڪلاڪ ٻن ۾، مينهن پوڻ وارو ناهي. هتي جي موسم جي بس ايتري ئي اڳ ڪٿي ڪري سگهجي ٿي. هينئر به جي اوچتو هوا بند ٿي وڃي ۽ Low پريشر ٿئي ته وسڪارو شروع ٿيڻ ۾ ڪلاڪ به نٿو لڳي. هونءَ اهو آهي ته هتي جا روڊ رستا ۽ عمارتون اهڙي نموني جا ٺاهيا ويا آهن جو ڊرائيونگ ۾ ڪا دقت نٿي ٿئي. هر آفيس، دڪان، مارڪيٽ بازار ۾ پارڪنگ اهڙي هنڌ تي ٺهيل آهي جو اتي ڪار بيهاري توهان بنا پُسڻ جي اندران ئي اندران ان آفيس، هوٽل يا بلڊنگ ۾ پهچي سگهو ٿا. پر اهو آهي ته مينهن جي ڪري، مون جهڙو ڪو ٽوئرسٽ آئوٽ ڊور فوٽو گرافي نٿو ڪري سگهي. منجهند مهل به اس ۾ سٺي فوٽو گرافي ٿي نٿي سگهي. سٺي فوٽو گرافي فقط ان وقت ٿئي ٿي، جڏهن شام جي وقت يا صبح پهر سج هيٺ آهي، پر اڄ جهڙ ڪري هلندڙ بس مان به فوٽو ڪڍندو رهيس. هينئر به مير عطا جي پروٽون Gen-2 ڪار ۾ ويهڻ سان شروع ٿي ويو هوس.
    ڪار جيئن ئي ملاڪا سينٽرل جي بس اڏي مان ٻاهر نڪري پنگ ليما (Panglima Awang) روڊ تي آئي ته مير عطا بٽڻ کي دٻائي ڪار جا شيشا بند ڪيا ۽ ايئر ڪنڊيشن آن ڪيو. ان سان گڏوگڏ ڪار جي درن ۾ لڳل اسپيڪرن مان گانو شروع ٿيو.
    Kau memang manis
    Usahlah lagi
    Bersedih hati
    Lupakan saja
    Hei jangan di ingat lagi.
    ”عطا يار هي ته بند ڪر.“ مون رڙ ڪئي.
    ”او ساري! ساري! توهان کي پراڻا گانا پسند نه آهن؟“ عطا چيو.
    ”نه نه. ريڊيو نه پر هي تنهنجو ايئرڪنڊيشنر بند ڪر“، مون چيو، ”ٿڌڪار لڳو پيو آهي. اي سي ڪري ماڳهين دري بند ڪرڻي ٿي پوي. رستي تان گذريل عمارتن ۽ Sign بورڊن جون تصويرون ڪڍڻ چاهيان ٿو.“
    عطا مون واري پاسي جو شيشو يڪدم هيٺ ڪري ڇڏيو.
    ”انڪل اڳيان ڊئش بورڊ ۾ انگريزي ۽ سنڌي راڳن جون Latest سي ڊيون پيون آهن، جيڪا پسند اچي اها لڳايو ۽ FM ريڊيو بند ڪري ڇڏيو.“ غلام محمد چيو.
    ”ڪمال ٿو ڪرين“ مون غلام محمد کي چيو، ”ههڙو گانو ڪيئن بند ڪبو؟
    ڪائو ميمانگ مانيس! (تون ڪيڏي مِٺي آهين).
    اُساهه لا لاگي (وري هرگز نه)
    برسيديح هاتي (پنهنجي دل کي غمگين ڪجانءِ).
    لوپا ڪان ساجا (هاڻ وساري ڇڏجانءِ).
    هاءِ جنگن دِي انگات لاگي (مون کي وري ياد نه ڪجانءِ).
    بابا هي اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جو ٽاپ گانو هوندو هو.“
    غلام محمد مون ڏي ڏسي کلندو رهيو. ”انڪل اسان ته ڪڏهن به نه ٻڌو.“
    ”ڪمال ٿو ڪرين غلام محمد! تون ته انهن ڏينهن ۾ ڄائو به نه هوندين،“ مون چيو، ”هي منهنجي جواني جي ڏينهن جو گانو آهي. تنهنجو بابا عطا به مون کان گهڻو گهڻو ننڍو آهي. آئون ذري گهٽ تنهنجي ڏاڏي مير يار محمد خان ٽالپر جي عمر جو آهيان.“
    منهنجي ڳالهه ٻڌي عطا به مرڪندور هيو ۽ گڏوگڏ منهنجي خوشيءَ خاطر ئي سهي ڊي جي ديو (D.J Dave) جي هن گاني سان گڏ جهونگارڻ لڳو.
    Pandanglah ke hari Depan
    اڳتي جي ڏينهن ڏي نگاهه وجهه
    Dengan sepenuh harapan
    ڀرپور اميد سان
    Tentu kau tak sedih
    تون پڪ غمگين نه ٿيندينءَ
    Bila kau Sedari
    جڏهن توکي احساس ٿيندو
    Hidup Bereti
    زندگي جي مقصد جو.
    بهرحال گانا سڀ هڪجهڙا ٿيندا آهن. ورلي ڪنهن راڳ يا گاني جي شاعري سٺي ٿئي ٿي نه ته ان جي ڪمپوزنگ، ميوزڪ، ماحول ۽ ڳائڻ واري جو سر ۽ سوز ان کي پاپولر بنائي ٿو.
    ”واهه جو سُر اٿس. ڪير آهي؟“ عطا پڇيو
    ”مير صاحب! توهان جي ئي ڳوٺ جو ته آهي.“ مون چيومانس.
    ”ڪيئن ڀلا؟“
    ”ڪيئن ڀلا! توهان جو ڳوٺ ڪهڙو آهي؟“
    ”ميرپور خاص“ عطا چيو.
    ”هينئر ڪهڙو آهي؟“
    ”ملاڪا.“
    ”ته بس هي ڳائڻو ديو (Dave) به هن تنهنجي ڳوٺ ملاڪا جو ئي آهي.“ منهنجي ٻڌائڻ تي عطا کلڻ لڳو.
    ”ڀلا عطا ٻڌاءِ ته هي Penyannyi (ڳائڻو) چيني آهي يا ملئي؟“ مون عطا کان پڇيو.
    ”سٺي ملئي ۾ ٿو ڳائي. پڪ ملئي هوندو.“ عطا چيو.
    ”نه. پنهنجي نسل جو اٿئي، يعني ننڍي کنڊ جو آهي. هاڻ مسلمان ٿيو آهي پر اصل ۾ سِک هو.“
    ”Very Interesting“، غلام محمد حيرت کائيندي چيو، ”توهان کي انڪل ڪيئن معلوم ٿيو؟“
    ”آئون سمجهه ته هن جي پاڙي ۾ رهندو هوس. سندس گهر مسجد تاناح ڳوٺ ۽ اسان جي اڪيڊمي جي وچ ۾ هو.“ مون کين ٻڌايو.
    اسان جڏهن اسي واري ڏَهي جي شروعاتي سالن ۾ ملاڪا ۾ اچي رهيا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ هتي RTM1 ۽ RTM2 به چئنل شروع ٿيا هئا. ديوَ انهن ڏينهن ۾ ڳائڻ شروع ڪيو هو ۽ شريفان ائني، انيتا سراواڪ، نورڪُلماساري، مستوران علي نور، داتو شيڪ، سڌيرمن ۽ هي انهن ڏينهن ۾ ماڻهن جا دلپسند ڳائڻا هئا. هڪ ڏينهن مسجد تاناح ڳوٺ جي ڀرواري ڳوٺ ڪمپونگ پايارمپوٽ ۾ منهنجي هڪ سڃاڻو ملئي فئملي جي شادي جي سڏ تي آئون ويس ته اتي ڪنوار جي مائٽن مون کي هڪ نوجوان عورت سان ملائيندي ٻڌايو ته ”هيءَ ايئر هوسٽس آهي ۽ خبر اٿانوَ ڪنهن جي زال آهي؟“
    ”نه.“ مون اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو.
    ”اڄ ڪلهه جي پاپولر سنگر ”ڊي جي ديو“ جي اِستري آهي.“
    ملئي زبان ۾ زال کي استري ۽ مڙس کي سَوامي چون. ڳائڻي يعني سنگر کي Penyanyi سڏين. مون سندس زال کي کلي چيو ”ڪهڙو جادو مٿس ڪئي؟“
    ياد رهي ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي ماڻهن ۾ اڃان به ڪجهه ٽوڻا ڦيڻا هلن ٿا، جن جو ذڪر آئون پنهنجن شروع وارن ملائيشيا جي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان. بهرحال ديوَ جي زال ڪو جواب ڏئي ان کان اڳ مون کانئس سندن گهر جو ۽ فون جو نمبر وٺي چيومانس ته آئون ۽ منهنجا ٻار تنهنجي مڙس سان ملڻ لاءِ اينداسين. ان بعد منهنجي D.J ديوَ سان سندس گهر ڪافي دفعا ملاقات رهي. هڪ دفعو ته مون وٽ پاڪستاني ڳائڻو عالمگير ۽ بينجمن سسٽرز به آيون هيون، جن کي پڻ Dave سان ملرايم.
    مسلمان ٿيڻ بعد ديوَ جو نالو اروان شاهه عبدالله آهي. هتي ملائيشيا ۾ ذات پات جو چڪر نه رهيو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ۽ پيءُ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، يعني ”فلاڻو بن فلاڻو“ يا ”فلاڻي بنت فلاڻي“، جيئن مهاتير بن محمد يا رڳو ’مهاتير محمد‘. يعني ان مان سمجهي وڃڻ کپي ته مهاتير صاحب محمد جو فرزند آهي. غير مسلم مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو ڪوبه اسلامي نالو رکي سگهي ٿو. پر اهڙن نون مسلمانن لاءِ پيءُ جي نالي جو مسئلو هن ريت حل ڪيو ويو آهي ته ان جي نالي بدران عبدالله رکيو وڃي ٿو. جيئن اسان جي آفيس ۾ نئنسي نالي هڪ چيني ڇوڪري جڏهن هڪ ملئي مسلمان سان شادي ڪرڻ تي مسلمان ٿي ته هن پنهنجو نالو فاطمه بنت عبدالله رکرايو. اهڙي طرح اسان واري سنگر ڊي جي ديو مسلمان ٿيڻ تي پنهنجو نالو ”اروان شاهه بن عبدالله“ رکرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اڄ به فلمي يا ڪمرشل نالو سندس اصلي نالي ڌامي جگجيت سُکديو تان D.J Dave هلندو اچي. جيئن انڊين مسلمان ائڪٽر يوسف خان، اڄ به دليپ ڪمار سڏجي ٿو.
    ديو صاحب اڄ 30 سال گذرڻ بعد به ڪافي مشهور ڳائڻو ليکيو وڃي ٿو. پنج سال کن اڳ سندس هڪ پنجابي آلبم ”مار گئي او ئي“ انڊيا ۾ رليز ٿيو هو. ديو پاڻ ملائيشيا جو سٽيزن آهن. سندس پيءُ ٻي جنگ عظيم ۾ امرتسر پاسي جي هڪ ڳوٺ کان لڏي هتي ملايا ۾ اچي رهيو هو. ديو هيستائين انگريزي، هندي، ملئي، ڪئنٽونيز (چيني) ۽ پنجابي زبانن ۾ اٽڪل 40 گانن جا آلبم ٺاهيا آهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڃي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ملائيشيا جو نالو روشن ڪرڻ ڪري هن کي ملائيشيا جي سرڪار طرفان ’داتڪ‘ Datuk جو خطاب مليل آهي.
    داتڪ اروان شاهه (D.J. Dave) ٻڌايو هو ته ڳائڻ جي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ هن پوسٽ آفيس ۾ ڪم ڪيو ٿي. هو اتي ايمانداريءَ سان سخت پورهيو ڪري رهيو هو، جيئن هڪ ڏينهن هو پوسٽ ماسٽر ٿي سگهي.
    ”انهن ڏينهن ۾ مون کي RTM (ريڊيو ٽيليويزن ملائيشيا) طرفان معذور ٻارن جي هڪ فنڪشن ۾ هندي گانو ڳائڻ لاءِ چيو ويو.“ ديو اِن ريت مون کي سندس قسمت بدلجڻ جو احوال ٻڌايو هو. هن اتي ”سورج“ فلم وارو محمد رفيع جو گانو ”چهري په گِري زلفين ڪهه دو تو هٽا دون مين، گستاخي معاف!“ ڳايو.
    ”منهنجو آواز ايڏو ته پسند اچي ويو جو ملائيشيا ٽي وي وارن منهنجو آڊيشن وٺي مون کي ڪو ملئي گانو تيار ڪري اچڻ لاءِ چيو. مون کي ته ان رات خوشيءَ ۾ ننڊ ئي نه آئي ۽ پوءِ جڏهن هفتي ڏيڍ بعد مون ٽي وي تي گانو ڳايو ته ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو.“
    ديوَ ٻڌايو ته ”ان بعد يڪدم هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ منهنجو آلبم ڀرڻ لاءِ مون کي ڪجهه گانا تيار ڪرڻ لاءِ چيو. مون ٻن ٽن گانن جون ڌنون پاڻ ٺاهيون ۽ اهڙا ٻه ٽي گانا هندي گانن جي طرز تي ٺاهيا، جن مان هڪ ته هري راما هري ڪرشنا فلم جي گاني ”ڦولون ڪا تارون ڪا...“ جي طرز تي پڻ هو.
    ”هي منهنجو پهريون آلبم جيئن ئي رليز ٿيو ته آئون رات اندر سڄي ملائيشيا ۾ مشهور ٿي ويس. فلم سورج جي هندي گاني ”چهري په گري زلفين“ جي طرز وارو منهنجو ڳايل ملئي گانو ته پورا 13 هفتا ملائيشيا جو ”نمبر ون گانو“ رهيو! انهن 13 هفتن بعد منهنجو پاڻ ڪمپوز ڪيل ملئي گانو نمبر ون رهيو!“
    ديو جي پهرين آلبم هِٽ ٿيڻ تي دنيا جي مشهور رڪارڊنگ ڪمپني EMI ديو کي ٽن سالن لاءِ Sign-on ڪيو ۽ ان بعد ديو لڳاتار 20 سال EMI وارن سان رهيو. هڪ ڳالهه آهي ته ديو خير جا ڪم به خوب ٿو ڪري. جڏهن پاڪستان ۽ افغانستان ۾ زلزلو آيو هو ته نيٽ تي ملائشيا جي هڪ اخبار ۾ پڙهيو هوم ته ڊي جي ديو زلزلي جي ستايلن لاءِ 2 لک آمريڪن ڊالر گڏ ڪري انهن جا گرم ڪپڙا ۽ ڪمبل موڪليا آهن.
    ”زبردست!“ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪار جي پٺين سيٽ تي ويٺل ننڍڙي غلام محمد چيو.
    ”ڀلا ديو اڄ ڪلهه ڪٿي رهي ٿو؟“ مير عطا محمد پڇيو.
    ”پاڻ سڀاڻي يا پرينءَ مسجد تاناح پاسي هلڻ وقت ڀرواري ڳوٺ مان پڇا ڪنداسين،“ مون چيو، ”پر مون کي لڳي ٿو ته هو انهن ئي ڏينهن ۾ اهو زال جو گهر ڇڏي هيڏانهن ملاڪا شهر ۾ اچي رهيو هو. هونءَ ملائيشيا جي هن ملاڪا رياست ۾ اهو رواج آهي ته شاديءَ بعد گهوٽ ڪنوار جي گهر رهي ٿو پر پوءِ شايد ديوَ کي زال جي گهر رهڻ ڏکيو لڳو. اهي به افواهه هئا ته زال مڙس جي عليحدگي ٿي وئي آهي ۽ زال جيڪا شادي بعد نوڪري ڇڏي هائوس وائيف ٿي هئي تنهن وري وڃي نوڪري ڪئي... وغيره.“


    ناسي گورينگ کان ناسي ڪنڌار

    ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر مون کي پنهنجي ڪار ۾ ملاڪا شهر جي ٻهراڙي واري پاسي جا چڪر ڏيارڻ بعد هتي جي مشهور علائقي آئر ڪيروح ۾ وٺي آيو، جتي ملاڪا جو چڙيا گهر (Zoo) ۽ هوتان ريڪريسي (گهمڻ لاءِ جنگل) وغيره آهي. هونءَ ته سڄو ملائيشيا جهنگلن، گهاٽن ٻيلن، سرسبز پوکن، جانورن، نانگ بلائن ۽ پکين سان ڀريو پيو آهي پر هڪ ڌارئين ٽوئرسٽ کي هتي جي جنگلن جي آئيڊيا ڏيڻ لاءِ ملاڪا حڪومت ملاڪا شهر جي هن ٻهراڙي واري علائقي ۾ ڪجهه اوريجنل جنگل جو حصو ڇڏي ڏنو آهي، جيئن ڌاريان ۽ هن ملڪ جا ماڻهو هن گهاٽي جنگل ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ پڪنڪ ملهائڻ کان علاوه هتي جا انيڪ قسمن جا آڳاٽا وڻ، ٻوٽا ۽ جيت جڻيا ڏسي لطف اندوز ٿي سگهن. ريڪريسي (Rekreasi) ملئي لفظ آهي، جيڪو انگريزي لفظ Recreation تان ورتل آهي. اهڙي طرح ملئي زبان ۾ ٿوري ڦيرڦار سان ڪيترائي انگريزي جا لفظ آهن، جيئن اڪائون (Akaun) انگريزي لفظ اڪائونٽ مان نڪتل آهي، اڪٽف (Aktif) ائڪٽو مان، بئنڪرپ (Bankrap) بئنڪرپٽ مان، سيمين سيمينٽ مان، ايڪسپلائٽيسي (Eksploitasi) انگريزي لفظ Exploitation مان... وغيره. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ انگريزي جا لفظ اسٽيشن، بومب، ڊرم، پُل ٿرو (بندوق جو بئرل صاف ڪرڻ جو ڏنڊو)، آرڊلي (فوجي آفيسر جو خدمتگار سپاهي) وغيره ٽيشن، بم، ڊم، ڦلترو ۽ اردلي سڏجن ٿا.
    ملاڪا جو هي زو به ڏسڻ وٽان آهي، جنهن جو ذڪر آئون ملائيشيا جي سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان. صاف سٿرو ۽ صحتمند جانورن ۽ پکين کان علاوه سندس وڻڪار ۽ گل گلزار ڏسڻ وٽان آهن. ملاڪا ۾ رهڻ وارن ڏينهن ۾ مون وٽ پاڪستان کان جيڪو به مهمان ايندو هو ته ان کي ملاڪا جو هي چڙيا گهر ضرور ڏيکاريندو هوس. ان وقت هي سڄو ٻهراڙي وارو علائقو هو. پوءِ اسان جي هوندي، 1988ع ڌاري هن علائقي ۾ وليج ريسورٽ نالي هڪ هوٽل کلي. سڀني چيو ته ماني کائڻ يا چانهه پيئڻ لاءِ شهر کان هيڏو پري ڪير ايندو؟ ۽ جڏهن شهر جي مرڪز (صدر) واري علائقي جون هوٽلون ئي مهمانن لاءِ پيون واجهائين!
    پر پوءِ سنگاپور کان ڪوالالمپور روڊ هتان لنگهڻ ڪري سنگاپور جا ماڻهو ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هن هوٽل ۾ رهڻ لڳا. هنن کي ههڙي ماٺ ميٺ ۽ گهاٽو جهنگل وڻيو ٿي، جتي رڳو وڻن جي پنن جي سرسراهٽ ۽ جيتن ۽ پکين جي چِرچِر ۽ لاتيون هجن. امن امان ۽ هر شيءِ جو معيار بهتر هجڻ ڪري ڪيترن يورپي ملڪن جون ڪارپوريشنون، ادارا ۽ ڪمپنيون پنهنجن ماڻهن کي هن هوٽل ۾ رهائي هفتي هفتي جا سيمينار ڪرڻ لڳيون. سنگاپور جون به ڪيتريون ئي هوٽلون ان مان ڪمائي رهيون هيون. هڪ اهڙو يونائيٽيڊ نيشن جو سيمينار مون به سنگاپور جي هڪ هوٽل ۾ اٽينڊ ڪيو، جتي آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا جي 50 کن ملڪن جا نمائندا هفتي کن لاءِ گهرايا ويا هئا. اسان سڀني کي آمريڪا ۾ گهرائڻ کان بهتر اهو ئي هو ته سنگاپور ۾ رکيو وڃي، جتي جي هوٽلن جي سيمينار ۽ ڪانفرنس هالن جو معيار آمريڪا ۽ جپان جهڙو آهي پر مهمانن کي هوٽل ۾ رهائڻ، کارائڻ پيارڻ ۽ ڀاڙن ڀتن تي خرچ اڌ کان به گهٽ رهي ٿو. اڄ ان بزنيس مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سڄي ملائيشيا جي ڪيترن ئي شهرن ۽ ٻهراڙي واري علائقن ۾ ان قسم جون فائيو اسٽار هوٽلون عام آهن، جن ۾ ڪانفرنس، سيمينار، مختلف ڪلبن جي ميمبرن جي گڏجاڻين لاءِ وڏا هال ٺهيل آهن. ان قسم جون ڪيتريون ئي هوٽلون جيتوڻيڪ شهر کان پري ٺاهيون ويون آهن، پر مهمانن کي گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ هر هوٽل وٽ آرامده ٽوئرسٽ بسون آهن. هوٽل بزنيس يا ٽوئرسٽن جي آمد مان هر ملڪ ڪمائي سگهي ٿو پر بنيادي ڳالهه اها آهي ته امن امان جي صورت بهتر هجي، هر هڪ کي تڪڙو انصاف ملي، جيئن جپان، سنگاپور، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ڪنهن ڌارئين يا مڪاني ماڻهو کي تڪليف پهچي ٿي ته هو رستي تي بيٺل پوليس واري سان يا ويجهي ٿاڻي تي پهچي ڳالهه ڪرڻ سان هن سندس مسئلي جو حل يڪدم ڪڍيو وڃي ٿو. ان بعد ٻئي نمبر تي بهتر روڊ رستا ۽ ڪميونيڪيشن ضروري آهي.
    عطا مون کي ملاڪا جو اندريون حصو ڏيکارڻ بدران ٻاهريون حصو گهمائي رهيو هو. آئون سمجهي ويس ته هو مون کي اهي شيون ڏيکاري رهيو هو، جيڪي منهنجي ملاڪا ڇڏڻ بعد رونما ٿيون آهن. واقعي اُنهن ڏينهن ۾ هن پاسي جتي فقط ملاڪا زو ۽ جنگل رڪريسي هو، اتي ’دوسن داتو مراد‘ نالي هڪ خوبصورت باغيچو (Orchid)، داتاران سجاره (تاريخي منزل گاهه)، ايڪسپو ملاڪا جون عمارتون به نظر اچي رهيون هيون. لبوح (شاهراهه) آئر ڪيروح جي ٻئي پاسي MITC ملاڪا انٽرنيشنل ٽريڊ سينٽر جي نئين عمارت هئي. اتي ئي هڪ تعليمي ادارو Institute Biotechnology آهي. وچ ۾ پلينيٽيريم ٺهيل آهي، ڀر ۾ هتي جي هڪ خوبصورت مسجد العلامي آهي. مسجد جي ٻئي پاسي سبيعده (Subaidah) ريسٽورنٽ ۽ ان جي پٺيان جتي لبوح آئر ڪيروح ۽ جالان MITC ملن ٿا، اتي انڪاسا هوٽل آهي. ملئي زبان ۾ جالان، لورونگ يا لبوح جي ساڳي معنيٰ Road آهي. يعني روڊ، رستو، بليوارڊ، Lane، گهٽي، اوينيو وغيره آهي.
    ”آئون توهان کي هن انڊين مسلم ريسٽورنٽ جي ماني کارائڻ لاءِ وٺي آيو آهيان.“ ڊاڪٽر مير عطا چيو.
    دل ۾ مون سوچيو ته ماني ته رستي تي شادي ۾ کائي آيو آهيان، پر هاڻ انڪار ڪرڻ صحيح نه لڳندو. مون کي کڻي نه پر عطا ۽ سندس پٽ غلام محمد کي ته کائڻي آهي ۽ ٻيو ته هو اڌ شهر لتاڙي مون کي هن هوٽل ۾ وٺي آيا آهن سو ٻه گراهه به کائڻ ضروري آهي. بهرحال هيءَ سائوٿ انڊين ٽائيپ هوٽل هجڻ ڪري مون کي اها خوشي ٿي ته عطا کي آئون گهڻو خرچ نه ڪرائيندس.
    دراصل ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي سائوٿ انڊين هوٽلن ۾ Set Meal مقرر ماني ناهي، جيئن اسان جي ملڪ جي هوٽلن ۾ 2 ٻوڙ گهرائبا ته هوٽل جو بئرو اهو مقرر مقدار ٻوڙ جو کڻي ايندو چاهي اهو کائڻ وارن لاءِ گهٽ هجي يا گهڻو. پر هتي جي هنن هوٽلن ۾ منهن وٽ ٻوڙ ۽ ڀاڄين جا سڀ ديڳڙا ۽ تريل مڇيون، گانگٽ يا ٻي ڪا شيءِ وڏن پيالن يا پتيلن ۾ رکي هوندي. ويندي سلاد، ڀت، ماني وغيره به. توهان پليٽ کڻي پنهنجو پاڻ يا بيٺل بئري جي مدد سان جنهن ٻوڙ مان ذرو پرزو وڻي اهو پنهنجي پليٽ تي رکو. ڪنڊ تي ويٺل ڪئشر کاڌي جو قسم ۽ مقدار ڏسي توهان کان ان موجب ٿورا يا گهڻا پئسا وٺندو.
    ڪار کي پاسي تي پارڪ ڪري ريسٽورنٽ ۾ گهڙياسين. شهر کان پري هجڻ ڪري هن هوٽل ۾ ضرور اهو ماڻهو ايندو هوندو جيڪو هن هوٽل جي مانيءَ جو عاشق هوندو جو هتي اچڻ لاءِ هرهڪ کي پنهنجي ڪار ۾ يا ٽئڪسي ۾ اچڻو پوي ٿو. پارڪنگ لاٽ ۾ ملاڪا، ولايا (يعني گادي واري شهر ڪوالالمپور) ۽ ڀر وارين رياستن (سريمبان ۽ جوهور) کان علاوه سنگاپور جي نمبر پليٽن واريون ڪارون پڻ هيون. سنگاپور کان ڪوالالمپور، اپوح يا پينانگ ويندي هو هتي ترسي ماني کائين ٿا ۽ ساهي پٽين ٿا. عطا مهمان جي حيثيت ۾ مون کي اڳيان ڪيو يعني پهرين آئون کڻان، ان بعد غلام محمد ۽ پاڻ ٿي بيٺو. اٽڪل ڏهه ٻارهن قسمن جا ٻوڙ، ڀاڄيون ۽ فراءِ ٿيل شيون هيون، جن ۾ سائوٿ انڊين نموني جي ٻوڙن کان علاوه ملئي اسٽائيل جا به ڪجهه ڊش: ناسي ڪنڌار، ناسي گورينگ، بيف رنڊانگ، اِڪان پيداس، ايام ۽ اڊانگ گورينگ هئا. سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا کڻجي!
    هوٽل کڻي چينيءَ جي هجي يا انڊين جي، هو ملئي ماڻهن جو خيال ڪري ٿو. پاڻ ٻوڌي يا هندو هجڻ جي باوجود هوٽل ۾ هر شيءِ حلال رکندو، کاڌي پيتي جا نالا ملئي زبان ۾ لکرائيندو، ڇو جو هنن جا سٺا گراهڪ ملئي ماڻهو آهن، جيڪي گهر ۾ رڌ پچاءَ جي تڪليف گهٽ ڪن ٿا. هوٽلن ۾ ويهي کائڻ ۽ پئسو خرچ ڪرڻ جا مڙس ماڻهو آهن. ساڳئي وقت اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي تائين کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪو به ملاوت نٿو ڪري، چاهي ڇٻيءَ ۾ ناسي ليماڪ (ڀت) جون پڙيون رکي وڪڻندڙ ڪا ملئي عورت هجي، گاڏي تي ڀت ۽ ٻوڙ جو ديڳڙو رکي وڪڻندڙ هجي، مٿين قسمن جون انڊين ۽ چيني ريسٽورنٽون هجن يا ڪا فائيو اسٽار هوٽل هجي، مجال آهي جو ڪٿي صحت جي اصولن خلاف کاڌو هجي. ان ڪري هتي جا وڏا ماڻهو به اکيون پوري گاڏي (ريڙهي) واري يا ڌاٻي واري کان ماني وٺي کائيندا آهن. ٻي ڳالهه اها آهي ته هرهڪ پنهنجي شيءِ گهٽ نفعي تي وڪڻي ٿو. اڪثر ماڻهو ٻاهر جي ماني ان ڪري نٿا کائين جو متان ان ۾ صحيح شيءِ (گيهه، مسالو وغيره) استعمال نه ٿيو هجي ۽ ٻيو ته ٻاهر جي ماني مهانگي ٿي ٿئي، پر ايران وانگر هتي ملائيشيا ۾ به اهي ٻئي شيون نه آهن.
    ڏهه سال ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان نيرن ۽ منجهند جي ماني ورلي ڪا گهر ۾ ڪئي هجي. آئون ٻين ملئي ماڻهن وانگر آفيس ۾ ايندڙ گهوڙيئري (Hawker) کان يا ڪئنٽين مان ماني وٺي کائيندو هوس، ٻار اسڪول جي ڪئنٽين يا اسڪول کان ٻاهر بيٺل گاڏي واري کان ڀت ۽ ڪا فراءِ ٿيل شيءِ وٺي کائيندا هئا ۽ منهنجي زال پاڙي جي زالن سان گڏ پنهنجي گهٽيءَ جي هٽڙي تان يا مارڪيٽ مان سيڌو وٺڻ دوران ڪنهن ملئي يا ماماڪ (هتي به ’ڪ‘ کي اچارڻو ناهي) جي ريسٽورنٽ تان ڪجهه وٺي کاڌو ٿي. ڪيترين حالتن ۾ ته گهر ۾ رڌڻ بدران ٻاهر کائڻ ۾ خرچ گهٽ ۽ ٽائيم جي بچت ٿئي ٿي. پر اسان وٽ پاڪستان ۾ ٻاهر کائڻ وڏي جوکم جو ڪم آهي جو اسان وٽ چڱين خاصين ريسٽورنٽن ۾ به ملاوت وارا مسالا ۽ گريز جهڙو تيل استعمال ٿئي ٿو. ٻاڪري (مٽن) ۽ ڳائي (بيف) جي نالي ۾ خبر ناهي ڪهڙن جانورن جو گوشت هلي ٿو. مردار ڪڪڙين کي ڪهي، رڌي گراهڪن کي کارائي ڇڏڻ ته ڄڻ ڪا ڳالهه ئي ناهي. ٻن ٻن ڏينهن جو بچيل پاروٿو ٻوڙ هلائي ڇڏڻ به هڪ عام ڳالهه آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ پاڪستان ۾ کاڌي سان تعلق رکندڙ بيماريون وڌي رهيون آهن.
    مون هن ڪشادي ۽ نئين ٺهيل هوٽل Suhaidah ۾ چؤڌاري نظر ڊوڙائي ته حيرت ٿي ته انڊين ۽ ملئي ماڻهن کان وڌيڪ چيني هئا. ڪو زمانو هو جو ملئي ماڻهو ملئين جي هوٽلن ۾ ۽ چيني ماڻهو چينين جي هوٽلن ۾ ويندا هئا جو هرهڪ کي پنهنجا کاڌا پسند هئا. پر هاڻ هڪ ٻئي سان ملڻ جلڻ، سفر ڪرڻ ۽ ٽي وي جي اشتهارن ڪري مختلف ملڪن ۽ قومن جا کاڌا هرهڪ پسند ڪري ٿو. ڪو زمانو هو اسان جي ملڪ ۾ ڪيترن کي ڊبل روٽي پسند نه هئي. اسان ننڍا هئاسين ته اسان جي ڳوٺ جو هڪ ماستر جنهن کي لنڊن ۾ وڌيڪ پڙهڻ جي اسڪالر ملي هئي، رڳو ان ڪري واپس موٽي آيو جو هن کي ماني (چپاتي) کان علاوه ٻي ڪا شيءِ پسند نه هئي. هاڻ ٿو ڏسجي ته ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڊبل روٽي ته ڇا پر بن، برگر، پيزا، ماڪروني، اسپاگهيٽي ۽ نوڊل جي ڳالهه پئي هلي ۽ هتي جي انڊين ريسٽورنٽن ۾ ڏسان پيو ته چيني ۽ ملئي پيا نان، پُوريون، اِڊلي، ڊوسا کائين، پاؤ ڀاڄي، ڪچوريون، کيچا، پاپڙ ۽ فِش هيڊ (مڇيءَ جي منڍيءَ) جو ٻوڙ ته عام ٿي پيو آهي!
    ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته هن هوٽل جو مالڪ ايڏانهن ”الور اسٽار“ پاسي جو اترادي آهي.
    ”پوءِ ايترو پري اتر کان اچي هيڏانهن ملاڪا ۾ هوٽل کولي اٿس؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ”ان ڪري جو هن کي هي پلاٽ حڪومت طرفان مليو“، عطا ٻڌايو. ”2003 ۾ جڏهن هي MITC ٽريڊ سينٽر ٺهيو ته نقشي ۾ هڪ ريسٽورنٽ لاءِ پلاٽ به رکيو ويو ۽ ههڙي عمدي هنڌ تي هرهڪ هوٽل کولڻ چاهي ٿي.“
    عطا ٻڌايو ته هن انڊين مسلم همراهه جي سالن کان الور اسٽار ۾ پنهنجي ريسٽورنٽ هئي. پوءِ ماڻهو ٿا ڳالهه ڪن ته اڳئين وزيراعظم احمد بداوي جي والد سان هن جي وڏي عقيدت هئي، جيڪو پڻ ساڳي شهر ۾ رهيو ٿي. سندس وفات تي هي همراهه، آيل مهمانن جي بنا ڪنهن لالچ جي ٽي ڏينهن بريانيءَ سان خاطر تواضح ڪندو رهيو. وزيراعظم صاحب کي پوءِ خبر پيئي ۽ کانئس ان خدمت چاڪريءَ جو اجورو پڇيو ته هن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ صاف صاف چيو ته هن اهو ڪم پنهنجي ڳوٺ جي معتبر ماڻهو لاءِ پنهنجو فرض سمجهي ڪيو. احمد بداوي (وزيراعظم صاحب) بيحد متاثر ٿيو ۽ هن اها ڳالهه دل ۾ رکي ڇڏي. ان بعد ملاڪا ۾ جڏهن هي MITC ٽريڊ سينٽر ٺهيو ته هن هي پَٽُ هِن انڊين مسلمان کي ڏنو ته هو سندس ڳوٺ الور اسٽار جهڙي سائوٿ انڊين ۽ ملئي کاڌن جي ريسٽورنٽ هتي ملاڪا ۾ به هلائي.
    هونءَ ملاڪا جي هيءَ ريسٽورنٽ سبيعدا (Subaidah) هتي جي مشهور ملئي ڊش ”ناسي ڪنڌار“Nasi Kandar کان به مشهور آهي. ناسي ڪنڌار دراصل ڦَڪرا چانور (Steamed Rice) آهن، جيڪو هتي هڪ عام ۽ بنيادي ڊش آهي، جنهن ۾ ٻيو ڪو سائيڊ ڊش فراءِ چڪن، مڇي يا گانگٽن جو ٻوڙ، ڀاڄي وغيره ملائي کائي سگهجي ٿو. Nasi Kandar توهان کي هر تامل مسلمان 'Mamak'جي ريسٽورنٽ تي ملندو. پاڻي پسيل هن ڀت جو اهو نالو ”ناسي ڪنڌار“ خبر ناهي ڪيئن پيو!
    ملاڪا جي جنهن ڳوٺ ۾ اسان جي نيول اڪيڊمي هئي، ان ۾ 80 سالن جو سائوٿ انڊيا جو هڪ تامل مسلمان رهندو هو. هيءَ ڳالهه 1983ع جي آهي. اهو ٻڌائيندو هو ته پراڻي زماني ۾ ڪيترا گهوريئڙا (Hawker) ڪنڌ تي لٺ رکي ان جي پوڇڙن تي رسن ذريعي ڪکن جا وڏا ٿالهه رکي ان تي شيون رکي ٻهراڙي ۾ وڪڻندا هئا. اهڙي طرح هو ڀت (Nasi) به کڻي هلندا هئا، جيڪو ناسي ڪنڌار سڏجڻ لڳو. ملئي زبان ۾ ڪنڌ تي ساهمي وانگر لٺ رکي ان جي ٻن پڙن ۾ شيون کڻي هلڻ کي ڪنڌار سڏجي ٿو.
    ان قسم جي شين واري ساهمي کڻي شيون وڪڻڻ اسان وٽ به عام هو ۽ ننڍپڻ ۾ مون پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ ڪيترن ئي پٺاڻن کي خشڪ ميوو وڪڻندي ڏٺو. بهرحال ملائيشيا ۾ ان وقت کان اڻڀن رڌل چانورن جو نالو ’ناسي ڪنڌار‘ مشهور آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ انهن چانورن کي وڌيڪ خوشبودار ۽ لذيذ بنائڻ لاءِ ڪجهه ڪجهه مکڻ، زعفران ۽ ٻيون شيون به وڌيون وڃن ٿيون ۽ جيئن اسان وٽ حيدرآباد، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ ڪي دڪان يا ريسٽورنٽون ڪواب، چڪن تڪي يا نان پاين کان مشهور ٿين ٿيون، تيئن ملائيشيا جي به ڪجهه شهرن جون ڪي ريسٽورنٽون ناسي ڪنڌار کان مشهور آهن. پينانگ ۾ جهاز ايندو هو ته اتي جا ملئي دوست يا ڪوالالمپور جي آفيس جا ماڻهو اسان کي اتي جي مشهور ريسٽورنٽ ”قاسم ريسٽورنٽ“ ۾ ناسي ڪنڌار کائڻ لاءِ چوندا هئا، جيئن اسان پنهنجن ڌارين دوستن جا جهاز ڪراچي ۾ اچڻ تي کين بندو خان جو چڪن تِڪو کائڻ لاءِ مشورو ڏيندا هئاسين.
    ملائيشيا جي ڪيداح رياست جي ڪئالا ڪيتل شهر ۾ جامع مسجد جي اڳيان ناسي ڪنڌار کان جيڪا ريسٽورنٽ مشهور آهي، ان جو ته نالو ئي آهي:
    Nasi kundar thumbs up.


    ملائيشيا ۾ ”ماما“ ڪلچر

    گذريل مضمون ۾ ماما، جيڪو لفظ ملئي زبان ۾ Mamak لکيو وڃي ٿو جيئن ’جامع‘ ملئي زبان ۾ Jamak لکيو وڃي ٿو، جي ڳالهه نڪتي هئي. هتي ان قوم بابت ڪجهه سٽون لکڻ، پڙهندڙن لاءِ دلچسپ ثابت ٿيندو.
    ملائيشيا پاسي تامل مسلمان جيڪو چانهه پاڻي جو هٽڙو يا ريسٽورنٽ هلائي ٿو اهو ’ماما‘ سڏجي ٿو. هي ائين آهي جيئن اسان پٺاڻ دڪاندار کي ’لالا‘ سڏيون ٿا. هونءَ ته اسان وانگر ملئي ڪلچر ۾ هر وڏي مرد توڙي عورت کي، پوءِ اهو ڀلي کڻي پنهنجو هجي يا ڌاريون ماما يا ماسي (ملئي زبان ۾ ماچي) سڏيون ٿا. پر اڄ ڪلهه انهن کي اسان مسٽر فلاڻو يا مئڊم فلاڻي چئي مخاطب ٿيون ٿا يا سر، جناب چئون ٿا. تيئن هتي ملائيشيا ۾ به انچڪ (مسٽر)، تُئان (هيڪاندي پوڙهي مرد لاءِ جناب) يا پُئان (محترما، مسز) جي خطاب سان سڏيو وڃي ٿو. پر ملائيشيا ۾ سالن کان رهندڙ هي سائوٿ انڊين دڪاندار اڄ به ماما سڏجن ٿا- اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن ته ماضيءَ ۾ انڊين جو سماجي ۽ معاشي درجو هيٺانهون رهيو آهي ۽ هنن جي اڪثريت پورهيت ٿي ڪم ڪيو ۽ غربت جي زندگي گذاري ان ڪري هنن کي مڪاني ماڻهو هيٺاهون سمجهن ٿا ۽ اڄ جڏهن انهن انڊين پورهيتن ۽ لئبر ڪلاس ماڻهن جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملڪ جي مختلف ادارن ۾ وڏن عهدن تي پهچي ويو آهي ته اها ڳالهه به ملائيشيا جي ملئي مسلمانن توڙي چينين کي نٿي وڻي ۽ هنن کي چڙ ٿي وٺي ته هي انڊيا کان آيل ڪالهه جا نوڪر، چوڪيدار، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور، هاري (Boned Labour) اڄ وڏا سرجن، پروفيسر، سائنسدان، پوليس آفيسر ۽ اعليٰ فوجي عملدار ٿي ويا آهن ۽ جتي تامل دڪاندار کي پيار سان ماما سڏيو وڃي ٿو اتي انهن کي ماما (Mamek) سڏڻ ۾ نفرت ۽ حقارت جو اظهار پڻ ڪيو وڃي ٿو. جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ ڪنهن کي بنگالي سڏڻ سان نفرت جو اظهار ڪيو ويو ٿي جيتوڻيڪ ان دور ۾ انڊيا جي بنگال صوبي جي رهاڪوءَ کي بنگالي سڏڻ سان هن کي ڪاوڙ نٿي لڳي ڇو جو هن کي خبر هئي ته اتي جا ماڻهو بنگالين کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. انڊيا ۾ اتي جي بنگالين کي رابندر ناٿ ٽئگور جي قوم جو ماڻهو يعني شاعر، اديب، ڪلاڪار، امن پسند سمجهيو وڃي ٿي. پر اسان جي ماڻهن پنهنجي بنگال صوبي (مشرقي پاڪستان) جي رهاڪو کي بنگالي سڏڻ ۾ نفرت جو اظهار ڪيو ٿي. اسان جي ماڻهن جو بنگالي سڏڻ مان ”بهوڪي بنگالي“ جو مقصد ظاهر ٿيو ٿي.
    مٿين ڳالهه لاءِ، يعني تامل مسلمان دڪاندار کي ماما سڏڻ جي احساس جو مثال اسان وٽ پٺاڻن کي لالا سڏڻ کان علاوه شيدين کي ڏاڏا سڏڻ پڻ آهي. اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ زئنزيبار کان آيل شيدين جي اولاد کي سندن وفاداري، خدمت چاڪري، کلمک طبيعت، چرچن ڀوڳن ۽ پهلواني ڪري سنڌ جا ماڻهو کين پيار مان ڏاڏا سڏين ٿا پر ڪي ڪي ماڻهو ان کي derogatory رمارڪ طور پڻ استعمال ڪن ٿا.
    هڪ ڳالهه آهي ته هيءَ ’ماما‘ به عجيب قوم آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا جي ترقيءَ ۾ هنن دڪاندارن جو به وڏو Contribution آهي. هاڻ ته جتي ڪٿي ڊپارٽمينٽل اسٽور، هوٽلون، دڪان ٿي پيا آهن ۽ روڊن جي نيٽ ورڪ ۽ سواري جي سهوليت ڪري ويندي ڏورانهن ۽ جهنگلن اندر ڳوٺن مان ماڻهو منٽن ۾ شهرن ۾ پهچيو وڃن نه ته ڳوٺاڻن توڙي شهر جي رهاڪن لاءِ مامائن جا دڪانَ وڏو سُک هوندو هو ۽ اڄ به آهن. نه فقط چانهه پاڻي ۽ ماني ٽڪر لاءِ پر خبر چار ڪرڻ ۽ ملڪ جو واءُ سواءِ لهڻ لاءِ هي تامل دڪاندار ’ماما‘ خبررسان ايجنسي ۽ وندر جو بهترين ذريعو مڃيا وڃن ٿا.
    مون کي 69-1968ع وارو زمانو ياد آهي جڏهن منهنجو پهريون دفعو ملائيشيا جي بندرگاهن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) ۽ جوهور بارو ۾ اچڻ جي شروعات ٿي هئي. پينانگ جي بندرگاهه ۾ آڌي رات جو دير سان جهاز پهچندو هو ته به اسان ان وقت به جهاز تان لهي ڪناري تي قدم رکندا هئاسين ۽ جيتوڻيڪ ان وقت دڪان ۽ هوٽلون بند هونديون هيون پر پراڻا جهازي چوندا هئا ته مڙيئي خير آهي. هلو ته واڪ ڪري رستي تي ڪنهن ماما (ماماڪ) جي ڌاٻي تان چانهه ۽ اڦراٽو کائي اچون. اهو ان ڪري جو مامائن جا هن قسم جا ڌاٻا، هَٽَ، پيڍيون، ريڙها (گاڏا) ۽ هوٽلون 24 ئي ڪلاڪ کليل رهن ٿا ۽ سال جا 365 ڏينهن. هو فقط عيدالفطر وارا ٻه ڏينهن موڪل ڪن جيئن چيني دڪاندار سندن نئين سال شروع ٿيڻ تي ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا.
    هاڻ ته هر بندرگاهه ۾ جهاز تان لهه ته ٿڌن شربتن ۽ کاڌي پيتي جي شين جون وينڊنگ باڪسز لڳيون پيون آهن جن ڪٻٽن جي چِيرن (Slots) ۾ گهربل رقم وجهي پسند جا ڪيڪ، بسڪٽ، بادام، پستا يا ڪوڪا ڪولا، سيون اپ ڪڍي سگهجي ٿي. پر ان هوندي به ڏسجي پيو ته مون جهڙا مامائن جا شوقين، تامل دڪاندارن جي دڪانن (Kedai Mamak) تي پهچيو وڃن جو انهن جي چانهه ۽ مٺين ڳالهين جو سواد ئي پنهنجو آهي. هي ڪجهه ائين آهي جيئن اسان وٽ ماڻهو واڪ ڪري بس اسٽاپن تي پٺاڻن جي هوٽلن تي چانهه پيئن ٿا جو هنن جي خاص تيار ڪيل ڌوڌ پتيءَ جو سواد ئي پنهنجو آهي. گهر ۾ ٺاهڻ سان به اهڙي مزيدار چانهه نٿي ٺهي. خبر ناهي پٺاڻن جي هوٽل تي ٺهيل ڌوڌ پتي چانهه ڪاٺين جي باهه تي ٺاهڻ ڪري اهڙي ٿئي ٿي يا هو ڪا خاص پتي استعمال ڪن ٿا يا ڪا منجهس ٻي ڪا شيءِ وجهن ٿا.
    ان تان مون کي ياد آيو مامائن جي هوٽلن جي به هڪ چانهه جيڪا تيهه تاريڪ (Teh Tarik) سڏجي ٿي سڄي ملائيشيا ۾ مشهور آهي. ملئي زبان ۾ دڪان کي ڪيدائي (Kedai) سڏجي ٿو جيڪو دراصل تامل زبان مان ورتل آهي. چانهه کي Teh چون ۽ تاريڪ جي لفظي معنيٰ آهي ڇڪڻ يعني Pull ڪرڻ. جيئن اسان وٽ دروازن تي Pull لکيل هوندو آهي معنيٰ دروازي کي پاڻ ڏي ڇڪيو تيئن ملائيشيا جي آفيسن ۽ دڪانن جي دروازن تي ملئي زبان ۾ هڪ رف Tolak معنيٰ push لکيل هوندو آهي ته ٻئي طرف Tarik معنيٰ pull هوندو آهي.
    ’تيهه تاريڪ‘ ساڳي عام چانهه هوندي آهي پر هي تامل دڪاندار (ماما) اها چانهه ٽهڪڻ بعد ڪوپ يا گلاس ۾ وجهڻ بدران هڪ وڏي جست يا اسٽيل جي ڪريءَ ۾ وجهي پوءِ اها ٻي هٿ ۾ جهليل ٻي ڪريءَ ۾ وجهندو آهي. ائين ان چانهه کي هڪ ڪريءَ مان ٻيءَ ۾ ۽ ٻيءَ مان پهرين ۾ ڏهه پندرهن دفعا اٿل پٿل ڪندو آهي جيئن اسان وٽ گهرن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ٻار کي چانهه ٺاري ڏيڻ لاءِ ڪبو آهي. ڪي ڪي ماما، بلڪه هاڻ ته اهو فئشن ۽ ڪرتب ڏيکارڻ جو ڪم ٿي پيو آهي، ٻن ڪرين جي وچ ۾ گهڻي کان گهڻو فاصلو رکي هڪ ڪريءَ مان ٻي ڪريءَ ۾ آبشار وانگر چانهه نائي ڏيکارين. هڪ ماماڪ کي ته ڏٺم ته هو هٿ ۾ چانهه جون ڀريل ٻه ڪريون کڻي ٻئي هٿ ۾ جهليل خالي ڪرين ۾ چانهه اوتي رهيو هو. اهو فوٽو منهنجي ملائيشيا جي اڙدو واري سفرنامي ”ملائيشيا ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. ان قسم جا تماشا ڏسڻ لاءِ مامائن جي دڪانن اڳيان ڪيترائي غير ملڪي سياح نظر اچن ٿا.
    ملائيشيا جي ان قسم جي چانهه ”تيح تاريڪ“ يا عام چانهه توهان کي هرگز نه وڻندي جو ملائيشيا ۾ چانهه يا ڪافي ۾ condensed کير استعمال ٿئي ٿو جيڪو بيحد گهاٽو ۽ مٺو ٿئي ٿو ۽ جيسين عادت نه ٿئي، تيسين اها چانهه عجيب لڳي ٿي. اسان کي به شروع جا ٻه ٽي مهينا بنهه پسند نه آئي. گهر ۾ پائوڊر واري کير مان چانهه ٺاهي پيئندا هئاسين پر ٻاهر ته جتي ڪٿي اها مٺي کير جي چانهه ملي ٿي سو مجبورن ٽي چار دفعا پي اهڙا عادي ٿي وياسين جو پنهنجي ملڪ جي ڌوڌ پتي يا انگريزي اسٽائيل جي چانهه (الڳ کير ۽ الڳ کنڊ واري) وسري وئي. جيئن شروع جي ڏينهن ۾ ملئي ماڻهن تان کلندا هئاسين ته نيرن تي ڪيئن ٿا ناسي ليماڪ (Nasi Lemak) کائين. ڇو جو اسان لاءِ نيرن تي ڀت کائڻ سو به مڇيءَ سان عجيب ڳالهه آهي. پر پوءِ ناريل جي کير ۾ رڌل اهو ناسي ليماڪ وارو ڀت اهڙو وڻي ويو جو اڄ به ملائيشيا جو نالو ٻڌڻ سان ناسي ليماڪ ٿو ياد اچي.
    مٿي ناسي ليماڪ ۾ به ’ڪ‘ جو اچار ماٺيڻو آهي يعني ملئي زبان ۾ Jamek (جامع)، Nenek (نيني معنا ناني) وانگر Lemak ۾ به آخر ۾ `k` لکجي ٿي پر اچارجي نٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته بس اسٽانن تي ٺهندڙ ڌوڌ پتي چانهه وانگر، ملائيشيا ۾ مامائن جي هيءَ تيهه تاريڪ (ڇڪيل چانهه) ۾ به، ڪٿي ڪٿي مٺاڻ ۽ ريزن جهڙين شيون ملايون وڃن ٿيون جن ڪري اها چانهه وڌيڪ مٺي، گهاٽي ۽ مائيدار ٿئي ٿي ۽ مٺاڻ کائڻ جي شوقينن کي وڌيڪ پسند اچي ٿي. هونءَ به ملئي ماڻهو مٺاڻ کائڻ جا شوقين آهن.


    اڄ ننڍي کنڊ جا نيچ سمجهيا وڃن ٿا

    ملائيشيا ۾ ٽي اهم قومون رهن ٿيون: ملئي، چيني ۽ انڊين.
    ملئي جيڪي مسلمان آهن، هتي جا ئي رهاڪو آهن يا صديون اڳ ڀروارن ٻيٽن بالي، جاوا، سماترا کان هتي آيا. ويندي ملاڪا سلطنت جو پهريون سلطان پرميشور به مٿين ٻيٽن کان آيو، جيڪي هاڻ انڊونيشيا جو حصو آهن. هن پاسي هندو ڌرم هو. پرميشور به ملاڪا اچڻ وقت هندو هو، جيڪو پوءِ مسلمان ٿيو ان سان گڏ سندس سڄي رعيت مسلمان ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين ملئي ماڻهن جي سڃاڻپ اسلام سان آهي. ڪجهه به هجي هي ملڪ ملئي ماڻهن جو سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنئون سڌو يا اڻ سڌي طرح حڪومت طرفان ملئي ماڻهن کي هر ڳالهه ۾ وڌيڪ فائدو ڏنو وڃي ٿو. ان ڪري هرڪو پنهنجو پاڻ کي ملئي بنائڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو. هتي رهندڙ ڌاريان ماڻهو، خاص ڪري انڊين مسلمان، ڪوشش ڪري ملئي عورتن سان شادي ڪن ٿا، جيئن هنن جو اولاد ملئي سڏجي ۽ پنهنجي اباڻي ڊريس گوڏ بدران ملئي ڊريس اوڍين ٿا ۽ سندن اولاد ڪوشش ڪري اها ڳالهه ئي گول ڪريو وڃِن ته هنن جا وڏا انڊيا کان آيا هئا. بهرحال چيني يا انڊين، جيڪي پڻ ملائشين سڏجن ٿا، کڻي ڪيڏو به سٺو ڪم ڪن پر کين غير ملئي هجڻ جو طعنو ملندو رهي ٿو. ايتري قدر جو هتي جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير جا مخالف به جڏهن هن تي ڪاوڙ ڪندا هئا ته هن کي هيٺاهون ڏيکارڻ لاءِ مهاتير جي ٻي ڪا غلطي نه ملڻ تي چوندا هئا ته ٻيلي ماما (Mamak) جو پٽ پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي. ياد رهي ته مهاتير جو پيءُ محمد انڊيا کان هتي آيو ۽ هڪ ملئي عورت سان شادي ڪري پنهنجو پاڻ ۽ اولاد کي هتي جي مڪاني ڪلچر ۾ رکيو. پاڻ ڪيداح ۾ ماستر هو ۽ پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽري پڙهائي، جنهن ملئي ڊاڪٽرياڻي سان شادي ڪئي ۽ هاڻ ته سندن ڌيءَ ماريا توڙي ٻيو نپايل اولاد نج ملئي ڪلچر ۾ رهي ٿو. هنن مان ڪو گجراتي، تامل يا هندي لفظ به نٿو سمجهي ته به هتي جا اصلي باشندا مهاتير کي انڊين نسل جي هجڻ جو طعنو ڏيندا رهن ٿا. ماما (ماماڪ) جي معنيٰ کڻي ماءُ جو ڀاءُ هجي ۽ ڪي ماڻهو ان سينس ۾ عزت ۽ پيار جو اظهار ڪن ٿا پر گهڻن لاءِ ماما معنيٰ هيٺاهين درجي جو شهري، جيڪو بک ۽ بيروزگاريءَ کان ڀڄي ملئي ماڻهن جي ڌرتي تي اچي رهيو ۽ اڄ خوشحالي حاصل ڪئي اٿس.
    مامائن جي دڪانن يا ريسٽورنٽن ۾ وڃبو ته چانهه پيئڻ لاءِ آيل ملئي ڇوڪرن جي به رڙ پئي پوندي: Mamak Kasi Teh (ماما چانهه آڻ) ۽ پوءِ ان ئي ساهه ۾ دانهن ڪندا : Cepat Sikit (هاڻ ٿوري جلدي ڪر) هاڻ ٻڌايو ڪو پنهنجي مامي يا چاچي سان ائين ڳالهائيندو؟ ڪو ڳالهائي ته مامو ٿڦڙ وهائي ڪڍيس يا چويس ته ”بڪواس بند ڪر“ پر هي ويچارا انڊين مسلمان دڪاندار ماما ”بوليح، بوليح“ (حاضر منهنجا بابلا!) چوندا رهندا. ان ڏينهن به ’جالان بنگارايا‘ روڊ تي هڪ ماما (ماماڪ) جي ڌاٻي تان ڊاڪٽر عطا مون لاءِ Peanuts جو پاڪيٽ ٿي ورتو ته ان وقت ڊگهن وارن وارا ڳوٺ کان آيل ٻن ملئي ڇوڪرن لاءِ مامو تيح تاريڪ ٺاهي رهيو هو. يعني ڪرين (لوهي مگن) ۾ چانهه جي اٿل پٿل ڪري رهيو هو. ڇوڪرا ڪجهه شرارتي ۽ ڏنگا ٿي لڳا ۽ ٺٺڪو لڳايو ويٺا هئا ۽ پورو ٽائيم رڙ پئي پين: Mamak Susu Kasih Lebih (ماما! کير ٿورو گهڻو وجهجانءِ) هڪ ڪريءَ کان ٻي ڪريءَ ۾ چانهه جي اٿل پٿل ڪرڻ لاءِ هن کي چئي رهيا هئا ته ماما اڃا ڊگهي لار ڪر. Kasi Lambong tinggi, tinggi يعني هڪ هٿ تمام مٿي ۽ ٻيو تمام هيٺ ڪري چانهه جي اوت ڪر.
    انڊيا کان، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي رياستن جا مسلمان، هندو توڙي عيسائي تامل، ملباري، مدراسي ۽ ٻيا مختلف دورن ۾ هن پاسي ايندا رهيا. هڪڙا ته ويجهڙائيءَ ۾ يعني سؤ سال کن اڳ انگريزن جي ڏينهن ۾ کيتي ٻاڙي، دڪانداري، ريلوي جي ڪم ۽ ٻين پورهين لاءِ ايندا رهيا. ٻيا ته صديون اڳ هن پاسي آيا. هو پهريائين انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ واري بندرگاهه آچيح (Aceh) ۾ آيا، جيڪو ان وقت سموديرا (Smudera) سڏبو هو. پوءِ اتان هو سڄي سماترا ٻيٽ کان علاوه ملايا (اڄ واري مغربي ملائيشيا) جي علائقن ۾ به ٽڙي پکڙي ويا. تاريخدانن جو چوڻ آهي ته ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو ڏهين صدي کان هن پاسي اچڻ ٿيو. بهرحال 1511 ۾ جڏهن پهرين يورپي قوم پورچوگاليءَ ملاڪا سلطنت تي قبضو ڪيو ته ملاڪا شهر ۾ گجراتي ۽ ملباري رهيا ٿي. هنن ئي ماڻهن ملئي سلطان کي يورپين جي چالاڪين کان آگاهه ڪيو هو ته انهن گورن کان بچو، نه ته توهان جي ڌرتيءَ سان به يورپين اها حالت ڪندا، جيڪا هنن هندستان سان ڪئي. نتيجي ۾ ملئي سلطان پورچوگالين کي ڀڄائڻ جي ڪافي ڪوشش ڪئي ۽ ڪنهن حد تائين ڪامياب به ٿيو پر يورپين وٽ بم ۽ بارود هئا، بندوقون ۽ گولا اڇلڻ واريون مشينون هيون ۽ مڪاني ماڻهن وٽ هئا فقط پرانگ (ڇُرا) ۽ ڏانئٽا. ڪجهه عرصي جي مزاحمت بعد پورچوگالي قابض ٿي ويا ۽ گجراتين مان باهيون ڪڍڻ لاءِ هنن پهريون پهريون ڪم اهو ڪيو جو ملاڪا نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل گجراتين جي گهرن کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.
    پرميشور بعد، هن جي گادي نشين سلطان احمد شاهه جي حڪومت جو دور (يعني 15 هين صديءَ جو شروع وارو چوٿو) ملاڪا جو سونهري دور هو. سهولتن ۽ امن امان ڪري ملاڪا بندرگاهه مشرق توڙي مغرب ۾ مشهور ۽ هاڪ وارو بندرگاهه هو، جتي هڪ طرف چين، فلپين کان ته ٻئي پاسي انڊيا ۽ عرب ملڪن جا سوداگر پنهنجي وکر سان اچي نڪرندا هئا ۽ واپار وڙو خوب هليو ٿي. سامان آڻڻ سان گڏ هنن پنهنجو ڪلچر، رسم رواج ۽ قصا ڪهاڻيون به ڇڏيون ٿي. ڪي ته هتي ئي ٽِڪي پيا ۽ سندن اولاد مڪاني ماڻهن سان رِلي ملي ويو ٿي. اڄ به ملئي زبان عربي، فارسي، تامل، هندي ۽ چيني زبانن جي لفظن سان ڀري پيئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ننڍو کنڊ پئسي ڏوڪڙ، واپار وڙي، شعر و شاعري، تهذيب ۽ ثقافت ۾ زمين جي هن خطي کان ته اُتم اعليٰ هو، پر عرب دنيا کان به مٿاهون هو. بهرحال جيڪي ماڻهو ٽِڪي پيا ٿي انهن کي هتي جي ماڻهن پنهنجو ملئي سمجهيو ٿي، ڇو ته ملئي ماڻهوءَ جي سڃاڻپ اسلام سمجهيو وڃي ٿو ۽ هنن پَٽن (ملايا جي سرزمين) تي ڌارئين ملڪ کان اچي رهندڙ هر مسلمان کي ملئي سمجهيو ۽ سڏيو ويو ٿي. ملئي زبان جو هڪ مشهور بيت آهي:

    “Jawa itu melayu, Bugis itu melayu
    Banjar juga disebut Melayu,
    Minangkabau memang Melayu
    Keturunan Acheh adalah Melayu
    Jakun dan Sakai asli Melayu,
    Arab dan Pakistani, Semua Melayu
    Mamak dan Maelbari sesrap ke melayu
    Malah mua’alaf bertakrif Melayu”

    جاوا انڊونيشيا جو ٻيٽ آهي، جنهن جو نه فقط ملاڪا سان پر سنڌ سان به واپار هليو ٿي. تڏهن ته اسان وٽ، خاص ڪري هندو واپارين وٽ اها چوڻي مشهور آهي ته ”جيڪي ويا جاوا، سي ٿيا سدا ساوا“. بُوگي، بنجار، منانگ ڪبائو وغيره انڊونيشيا جي مختلف ٻيٽن جون قومون آهن. آچيح (سمونديرا) شهر به انڊونيشيا ۾ آهي، جتان کان ملاڪا ڏي ماڻهن جي خوب اچ وڃ هئي. شاعر انهن سڀني پاسن کان ملاڪا ۾ آيل ماڻهن لاءِ چوي ٿو ته اهي سڀ ملئي (Melayu) سڏبا. آخري ٽن سٽن ۾ شاعر چوي ٿو ته:
    عرب ۽ پاڪستاني، مڙيئي ملئي آهن.
    ماما (انڊين مسلمان) ۽ ملباري به ملئي قوم ۾ جذب ٿي ويا.
    ويندي اهي ماڻهو جن هاڻ اسلام قبول ڪيو آهي اهي ملئي سڏجڻ کپن.
    بهرحال اڄ جي دؤر ۾ ملائيشيا امير ۽ ترقي يافته ٿيڻ ڪري ۽ اسان جا ملڪ، انڊيا توڙي پاڪستان ان جي مقابلي ۾ غريب ٿي وڃڻ ڪري ملئي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي ٽين قوم ”ملائيشين انڊين“ کي ڪجهه حقارت سان ڏسن ٿا. پر ان هوندي به هنن جي لاءِ سوين سُک پيدا ڪن ٿا ۽ اسان ڌارين کان هو پنهنجن انڊين شهرين کي وڌيڪ مانُ ڏين ٿا، ڀلي کڻي هنن جو هندو يا ٻڌ ڌرم سان واسطو هجي ۽ اسان مسلمان هجون. دراصل هئڻ به ائين کپي. اسان وٽ به اسان کي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ڀلي جو سوچڻ کپي ۽ انهن جو خيال رکڻ کپي، چاهي کڻي هو هندو هجن يا پارسي، قادياني هجن آغا خاني، بلوچ هجن يا باگڙي ڀيل.....


    مير ۽ سندن مهمان نوازي

    ملاڪا شهر ۾ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2ڪار ۾ خوب چڪر هڻڻ جو موقعو مليو. آچر جو ڏينهن ته موڪل هئي پر مير صاحب منهنجي ڪري سومر اڱارو به کڻي موڪل ورتي.
    ”عطا هي ڇا؟“ مون چيومانس
    ”سائين توهان کي اڪيلو ڪيئن ڇڏيان“ ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ۽ مون کان کل نڪري وئي.
    ”ڊاڪٽر صاحب ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪيو! حيدرآباد جي صدر يا هيرآباد واري علائقي ۾ ته ڀلجي سگهان ٿو پر هن شهر ۾ ڪيئن ٿو گم ٿي سگهان، جنهن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڏهه سال کن رلندو رهيس.“
    ڪراچيءَ مان جيئن ئي مون ڊاڪٽر عطا کي ساڻس ملڻ لاءِ ملاڪا اچڻ بابت لکيو ته هو بار بار مون کان ملاڪا ۾ پهچڻ جي پڪي تاريخ پڇڻ لڳو.
    ”مير صاحب! اسان ليکڪ موڊي ماڻهو ٿيندا آهيون. بس جنهن ڏينهن موڊ ٿيو ته ڪوالالمپور کان بس ۾ چڙهي تو وٽ ملاڪا اچي ٺڪاءُ ڪندس.“
    ڊاڪٽر مير عطا سان ملاڪا ۾ ملڻ لاء،ِ ڪجهه منهنجي ڪراچي جي دوست مير مشتاق ٽالپر پڻ شوق ڏياريو هو، ڪجهه مون کي پاڻ به هو ته ان هم وطن نوجوان سان ملان جيڪو پرديس جي ان شهر ۾ ڊاڪٽر به آهي ته بزنيس مين به، جنهن شهر ۾ مون ملائيشيا جي جهازرانن کي پڙهايو. ان وقت سڄي ملاڪا ۾ ڪو پاڪستاني نظر نٿي آيو. جيڪڏهن ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ آيو ٿي ته ملائيشيا جي گادي واري شهر ڪوالالمپور ۾ آيو ٿي. گهمڻ لاءِ به جيڪو ايندو هو اهو ڪوالالمپور اچي پوءِ پينانگ ۽ سنگاپور هليو ويندو هو. انهن ڏينهن ۾ لنگڪوي ٻيٽ اڃان ڊيولپ نه ٿيو هو ۽ نه اڃان صحيح طرح ٽوئرزم وڌي هئي. منهنجو ڪو سڃاڻو ڪوالالمپور ايندو هو ته پنهنجو شهر ملاڪا ڏيکارڻ لاءِ هن کي ڪوالالمپور مان وٺي ايندو هوس ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کيس ڇڏي ايندو هوس يا ملاڪا مان بس ۾ چاڙهي ڇڏيندو هوس ته ڪوالالمپور يا سنگاپور وڃي پنهنجي گروپ جي ساٿين سان ملي، جن سان گڏ هو گهمڻ لاءِ يا ڪانفرنس يا سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهي.
    ملاڪا واپس آئي مون کي ڪافي عرصو ٿي چڪو هو سو سوچيو هوم ته ملاڪا شهر ۾ ڊاڪٽر عطا سان ملي ڀرواري ڳوٺ سنگائي اڊانگ يا مسجد تاناح ۾ پنهنجي ڪنهن ملئي دوست جي گهر رهي پوندس. پر مير صاحب پنهنجي خانداني روايتن موجب منهنجو مهمان جي حيثيت سان اهڙو ئي خيال رکڻ چاهيو ٿي جهڙو سندس ڳوٺ ۾ ڪو مهمان اچي. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو منهنجي پروگرام بابت ان ڪري پڪ ڪرڻ چاهي ٿو جيئن هو مون لاءِ هوٽل ۾ اڳواٽ ڪمرو بڪ ڪري ڇڏي. هن نٿي چاهيو ته منهنجي مهمانوازيءَ جا فرض ٻيو ڪو سرانجام ڏئي.
    پوءِ جڏهن منهنجي ملاڪا وڃڻ جي پڪ ٿي ۽ کيس اِي ميل ذريعي اهي تاريخون لکيم ته ٻئي ڏينهن سندس خط آيو ته هن منهنجي لاءِ هوٽل رينائسنس Hotel Renaissance ۾ ڪمرو بڪ ڪري ڇڏيو آهي.
    اهو پڙهي مون email ڪرڻ تي به وقت نه وڃايو ۽ کيس يڪدم فون ڪيو ۽ کلندي سمجهايو ”سائين توهان اجايو تڪلف ۽ خرچ ٿا ڪريو. آئون کاڌي پيتي ۽ رهائش جي معاملي ۾ مست ملنگ آهيان. هونءَ به هڪ سياح جي حيثيت ۾ سڄو ڏينهن ٽنگون هڻي رات جا ٻه پهر جالان (شاهراهه) منشي عبدالله تي رکيل سيمينٽ جي بينچن تي به آرام جي ننڊ سمهي سگهان ٿو سو توهان منهنجي لاءِ اجايو جالان بينداهارا تي ٺهيل فائيو اسٽار هوٽل رينائسنس ۾ ڪمرو بڪ نه ڪيو.“
    ”سائين مون کي خوشي ٿيندي ته توهان جهڙو اهم ماڻهو مون وٽ ان هوٽل ۾ مهمان ٿي رهي.“ ڊاڪٽر عطا چيو.
    ”مير صاحب توهان به ڪمال ٿا ڪريو ۽ مون کي الائي ڇا ٿا سمجهو. يا پڪ مشتاق ٽالپر توهان سان منهنجي اجائي ڪا تعريف ڪئي آهي.“ مون چيو.
    ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته هن وٽ سرڪاري دورن تي مهمان ايندا رهن ٿا ۽ انهن کي هن هوٽل ۾ رهائڻ ڪري هن هوٽل وارا کيس هر سال ڪجهه ڏينهن مفت ۾ رهڻ لاءِ ڏيندا آهن.
    ”ڊاڪٽر صاحب! منهنجي ڳالهه مڃو. ڀلي کڻي توهان کي Payment نه ڪرڻي پوي ان هوندي به آئون اهڙي هوٽل ۾ رهندي Uneasy محسوس ڪندس. بهتر ٿيندو ته اهو فائدو توهان ڪنهن ٻئي شوقين قسم جي مهمان لاءِ بچائي رکو ۽ مون لاءِ ڪا هڪ اسٽار واري سستي هوٽل ڊريم هوٽل (لڪسا مانا چينگ هو روڊ واري) يا جالان Kee Ann روڊ واري گولڊ ليف هوٽل يا فارموسا هوٽل جهڙي ۾ ڪمرو ڪجو.
    بهرحال ڊاڪٽر عطا منهنجي ڳالهه مڃي ۽ واعدو ڪيائين ته هو مون کي ڪنهن سستي قسم جي هوٽل ۾ رهائيندو.
    ملاڪا پهچڻ تي سڄو ڏينهن گهمائڻ بعد ڊاڪٽر عطا شام ڌاري پنهنجو ميڊيڪل ڪاليج ڏيکارڻ آيو ته مون چرچي چرچي ۾ چيومانس ته اسان جي نيول اڪيڊمي ۾ شاگردن جي رهائش لاءِ ٻه ٽي هاسٽلون هونديون هيون، جن جا ڪمرا اسان کي مهمانن جي رهڻ لاءِ روز جي مسواڙ تي ملندا هئا. ڇا توهان جي ڪاليج ۾ اهڙي هاسٽل ناهي جنهن جي ڪمري ۾ آئون رهي پوان؟
    ”سائين پوءِ ته منهنجو گهر به حاضر آهي،“ ڊاڪٽر عطا چيو، ”شهر کان ڪجهه پري هجڻ ڪري ۽ اڃان نئون خريد ڪرڻ ڪري مون کي اهو خيال پئي ٿيو ته متان توهان کي رهڻ ۾ تڪليف ٿئي. ان ڪري مون توهانکي شهر جي وچ ۾ ڪنهن هوٽل ۾ رهائڻ چاهيو ٿي، جتي توهان کي نيرن به سٺي ملي سگهي.“
    عطا جي گهر آياسين. ڇا ته خوبصورت ٻهراڙي وارو علائقو هو، جتي هيءَ نئين ڪالوني هن ئي سال ٺهي آهي. ڊاڪٽر عطا چيو ته ڪمري جي درين لاءِ اڃان پڙدا به نه ورتا اٿم.“
    ”ڊاڪٽر صاحب فڪر ئي نه ڪريو، سج جي روشنيءَ ڪري پڙدا هڻبا آهن جيئن ننڊ نه ڦٽي. اسان سج اڀرڻ کان اڳ اٿڻ وار آهيون.“ اهو چوندي ورانڊي ۾ رکيل فرج جو در کولي ڏٺم.
    ”واهه سائين واهه! توهان منهنجي نيرن جو به فڪر نه ڪريو. منهنجي پسند جي شيءِ ڊبل روٽي، بيضو ۽ مکڻ پيو آهي. توهان رڳو مون کي ڪچن ۾ هلي ڏيکاريو ته چانهه جي پتي ڪهڙي دٻي ۾ آهي ۽ چانهه ٺاهڻ لاءِ ڪهڙي ديڳڙي کڻان. منهنجي جنهن وقت دل چوندي چانهه ٺاهي نيرن ڪري ڇڏيندس.“ مون چيو ۽ اسان جو ڊاڪٽر صاحب ڪو جواب ڏيڻ بدران رڳو مرڪندو رهيو.
    آخري ڏينهن تي جالان بينداهارا تان لنگهي رهيا هئاسين ته ڊاڪٽر عطا جي پٽ مير غلام محمد ”هوٽل بي ويو“ ڏي اشارو ڪري چيو ته انڪل هوٽل رينائسنس بعد ابوءَ توهان کي هن هوٽل ۾ ٿي رهائيو.
    ”ڪمال ٿا ڪريو عطا!“ مون ڊاڪٽر عطا کي چيو، ”هيءَ وري ڪهڙي سستي هوٽل آهي! اجايا روز جا 200 رنگٽ خرچ ڪئي ٿي ۽ اسان چانهه ۾ پاپا ٻوڙي کائڻ وارن لاءِ هوٽل جي ست رڇي نيرن ڪهڙي ڪم جي!“
    ڊاڪٽر عطا ۽ سندس پٽ کلڻ لڳا.
    ”سائين منهنجي دلي خواهش هئي ته توهان کي ملاڪا جي Best هوٽل Renaissance ۾ رکان، جيئن توهان هن هوٽل کي به ڏسو ته اندران ڪيتري خوبصورت آهي.“ ڊاڪٽر عطاچيو.
    ”انشاءَ الله ٻئي دفعي مشتاق ٽالپر سان گڏ آيس ته توهان جي دل رکڻ لاءِ هڪ يا 2 ڏينهن ان ۾ رهي پونداسين.“ مون چيو ۽ پوءِ ٿورو ساهه پٽي ڊاڪٽر کي ٻڌايم ته اها هوٽل اسان جي ڏينهن ۾ ٺهي. ”ان وقت جو چيف منسٽر مسٽر رحيم تامبي چِڪ منهنجو سٺو دوست هو. هن جو هن هوٽل ۾ خبر ناهي شيئر هو يا هوٽل جو چيني مالڪ سندس دوست هو جو هو هر مهيني ڏيڍ مون کي، هتي جي انڊين E.N.T سرجن اسحاق ۽ هڪ ٻن ٻين کي هن هوٽل ۾ ڊنر جي دعوت ڪندو هو. 300 کن ڪمرن جي هيءَ فائيو اسٽار هوٽل ٺهي ته وئي هئي، پر انهن ڏينهن ۾ ڪٿي هئا ٽوئرسٽ! يورپ جي ڪجهه ملڪن جا ڪي ڪنگلا ٽوئرسٽ نظر ايندا هئا، جيڪي ٻن تارن وارين هوٽلن ۾ به نه رهندا هئا. فٽ پاٿ تي تڏو وڇائي رات گذاريندا هئا. 1990ع تائين هن هوٽل جا ڪمرا خالي هوندا هئا. ڪيترن ادارن کي هو 50 سيڪڙو ڊسڪائونٽ به ڏيندا هئا. مون کي به آفيس وارا جڏهن ملاڪا بندرگاهه ۾ ڪو جهاز Survey ڪرڻ لاءِ موڪليندا هئا ته رات جي رهائش لاءِ هن هوٽل ۾ ڪمرو ڏيندا هئا. ان کان علاوه آئون ملاڪا سٽي روٽري ڪلب جو ميمبر به آهيان ۽ اسان جي ڪلب جون هفتيوار گڏجاڻيون هن هوٽل ۾ ٿينديون هيون. هن هوٽل جي انهن ڏينهن ۾ بيڪري تمام سٺي هئي. واپسي تي آئون بسڪٽ ۽ ڊبل روٽي وٺي ويندو هوس.“
    ”صحيح ٿا چئو،“ ڊاڪٽر عطا چيو، ”هوٽل رينائسنس جي بيڪري اڄ به سڄي ملاڪا ۾ ائين مشهور آهي جيئن حيدرآباد جي بمبئي بيڪري!“
    مٿي ذڪر ڪيل منهنجي ڪراچي جي دوست مير مشتاق ٽالپر بابت هتي ڪجهه سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
    مشتاق علي ٽالپر غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب جي سياسي پارٽي نيشنل پيپلز پارٽي (NPP) جي مرڪزي ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌ صوبي جو پارٽي نائب صدر آهي. هن 1983ع واري MRD تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ مليٽري حاڪم ضياءُ الحق جي حڪم تي کيس حيدرآباد ۽ پوءِ خيرپور جي جيلن ۾ رکيو ويو.
    مشتاق ٽالپر عمر ۾ مون کان 4 سال ننڍو آهي، منهنجي ساڻس واقفيت پهرين email ذريعي ٿي. پاڻ ڪراچي روٽري ڪلب جو نه رڳو پراڻو ميمبر آهي، پر ڪراچي ڪانٽيننٽل ڪلب جو سال 2001-2000ع ۾ صدر به رهي چڪو آهي. هو ڪراچي جي Caledonian سوسائٽي جو ۽ سنڌ ڪلب جو پڻ ميمبر آهي. کيس جنگلي جيوت (Wild Life) سان بيحد پيار آهي ۽ ماحول کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ هن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. کيس پراڻيون شيون گڏ ڪرڻ جو پڻ شوق آهي، جن مان ڪجهه سندس ڳوٺ ٽنڊو محمد خان واري بنگلي ۾ رکيل آهن ته ڪجهه ڪجهه ڪراچي واري گهر ۾ آهن. پاڻ ڪراچي جي Kiwanis ڪلب جو پهريون چارٽر ميمبر آهي. پاڻ خير جي ڪمن کان به مشهور آهي. ٽنڊو محمد خان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هو هر وقت مفت اکين جي علاج جون ڪئمپون هڻائيندو رهي ٿو. ان کان علاوه Burn Unit جو بندوبست ڪرڻ ۽ ڳوٺاڻن جون تڪليفون دور ڪرڻ لاءِ هو خاموشي سان ڪم ڪندو رهي ٿو. نه فقط پنهنجي ملڪ ۾ پر وت آهر ڌارين ملڪن جي غريب ماڻهن جي به مدد ڪندو رهي ٿو. منهنجي خيال ۾ منهنجي مشتاق سان خط و ڪتابت ان وقت شروع ٿي جڏهن آفريڪا جي ڪنهن ملڪ ۾ غريب ماڻهن لاءِ کوٽايل کوهن جي بندوبست لاءِ مون کي خبر پيئي ته ان نيڪ ڪم ۾ پاڪستان جي روٽيرين مير مشتاق علي ٽالپر جو هٿ آهي.
    مشتاق جو ٽالپرن جي شاهواڻي شاخ سان تعلق آهي. پاڻ 4 آگسٽ 1948ع تي ڪراچي جي اسٽيٽ گيسٽ هائوس ”قصر ناز“ ۾ جنم ورتو، جتي سندس چاچو مرحوم مير غلام علي ٽالپر وزير جي حيثيت سان رهيو ٿي. مير غلام علي سياسي دنيا ۾ سنڌ جي هڪ اهم شخصيت آهي. پاڻ 1909ع ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ڄائو.
    مير غلام علي ٽالپر بنيادي تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد عليڳڙهه ۽ بمبئي يونيورسٽين مان پڙهيو. هن 1936ع کان سياسي پيشي جي شروعات بدين ۽ ٽنڊو باگو تڪن مان اليڪشن کٽڻ سان ڪئي. هن سڄي زندگي ڪڏهن به اليڪشن نه هارائي. هو 2 دفعا حيدرآباد لوڪل بورڊ جو صدر پڻ چونڊيو ويو جو پهريون دفعو وزير 1940ع ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي سنڌ ڪابينا ۾ ٿيو. ان بعد هو ڪيترائي دفعا سنڌ صوبائي ۽ فيڊرل وزير ٿي رهيو. اسان جي دوست مير مشتاق ٽالپر وانگر سندن هي چاچو مير غلام علي ٽالپر به مهمانوازي کان مشهور آهي. ايتريقدر جو دنيا جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون هن وٽ هلي ملي ٽنڊو محمد خان اچي مهمان ٿي رهيون. انهن مان ڪجهه هي آهن: سعودي عرب جو بادشاهه سعود ابن عبدالعزيز، اردن جو بادشاهه حسين بن طلال، عراق جو بادشاهه فيصل، چين جو وزيراعظم چائو اين لائي، افغانستان جو بادشاهه ظاهر شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي. آغا خان جي فيملي جا به هن سان سٺا تعلقات هئا ۽ شهزادو علي آغا خان ۽ ڪريم آغا خان هنن جي حيدرآباد ۽ ٽنڊو محمد خان وارن گهرن تي ايندا رهيا ٿي. انيڪ خصلتن جي مالڪ هن مير 1963ع ۾ وفات ڪئي. بهرحال اسان مير مشتاق ٽالپر جي ڳالهه پئي ڪئي، جيڪو مير غلام علي ٽالپر جو نياڻو (ناٺي) به ٿئي. مشتاق صاحب کي ٽي ٻار آهن، ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ مير علي نواز ٽالپر. مير علي نواز گذريل اليڪشن ۾ پنهنجي ٽنڊو محمد خان واري تڪ مان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به چونڊيو هو ۽ هينئر سنڌ جي وزيراعليٰ جو مشير آهي. مٿس سندس ڏاڏي جو نالو آهي، ان ڪري کيس مير علي نواز ٽالپر ’جونئر‘ به سڏين ٿا. سندس ڏاڏو يعني اسان واري دوست مير مشتاق ٽالپر جو والد صاحب مير علي نواز ٽالپر ’سينئر‘ ٻه دفعا وزير رهي چڪو آهي. هڪ دفعو عبدالستار پيرزادي جي ڪابينا ۾ ۽ ٻيو دفعو نواب مظفر قزالباش جي ويسٽ پاڪستان ڪابينا ۾. ايوب خان جي اچڻ تي هن وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.


    جپاني ٽيڪنالاجي، ملائيشيائي اسٽائيل

    ملاڪا شهر جي اسپتال ۾ نوڪري ڪندڙ ۽ پنهنجو بزنيس هلائيندڙ ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر جي پروٽان GEN-2 ڪار ۾ ملاڪا شهر جي روڊن تي چڪر هڻندي مون کي پنهنجو اڄ کان 25 سال کن اڳ وارو زمانو ياد اچي ويو، جڏهن ملائيشيا ملڪ پنهنجي شروع ڪيل ڪار جو پهريون ماڊل پروٽان ساگا (Proton-saga) مارڪيٽ ۾ آندو هو ۽ ملاڪا شهر ۾ آيل پهرين ويهه ڪارن مان هڪ مون کي به ملي هئي ۽ جنهن ڪار کي مون هنن ئي روڊن تي هلايو هو.
    اسان جيئن ئي ملاڪا ۾ نوڪري تي چڙهياسين ته آفيس طرفان اسان کي قرض جي آفر ٿي ته اسان ڪنهن به ملڪ جي ڪار وٺي سگهون ٿا. مون نه قرض کنيو ۽ نه نئين ڪار ورتي. سائي رنگ جي سيڪنڊ هئنڊ ڊاٽسن ڪار پنهنجن پئسن سان وٺي هلائڻ لڳس. مون اهو ئي سوچيو ته انجنيئر ماڻهو آهيان ڪا خرابي ٿي ته ٺيڪ ڪري پيو هلندس. هڪ مڪينڪ کان فون نمبر وٺي پنهنجي ڪار جي ٻي چاٻي ان کي ڏئي ڇڏي هيم ته خدانخواسته ڪٿي بنهه اهڙي حالت ٿي پوي جو آئون ان کي ٺيڪ نه ڪري سگهان ته هن کي فون ڪري اهو هنڌ ٻڌائي آئون بس يا ٽئڪسي ۾ گهر موٽي اچان. اهڙي طرح مون ان پراڻي ڪار کي ٻه سال کن هلائي هاڻ نئين ٿي ورتي ته خبر پيئي ته ملائيشيا حڪومت کي پنهنجي ڪار ٺاهڻ جو شوق ٿيو آهي ۽ هنن جي هڪ جپاني ڪار ڪمپني سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ ڇهن مهينن اندر Made in Malaysia ڪارون روڊن تي اچي وينديون.
    اڄ ملائيشيا کي يورپ جهڙو ماڊرن ملڪ ڏسي اسان کي اها ڳالهه عجيب نٿي لڳي پر 1985ع ۾ اها خبر پڙهي خود اسان جا مڪاني ملئي ۽ چيني دوست کليا هئا. ظاهر آهي انهن ڏينهن ۾ اڃان ملائيشيا ريڊيو ۽ ٽي وي ئي نٿي ٺاهي سگهيو ۽ جي ڪا اهڙي اليڪٽرانڪ جي شيءِ ٺاهي به ٿي ته ڪنهن خريد نٿي ڪئي. سو ملائيشيا ۾ ٺهيل ڪار ڪهڙي هوندي ۽ ڪير خريد ڪندو. مهاتير جي ان خواب کي هرڪو بيوقوفي ۽ ملڪ جو ناڻو ضايع ڪرڻ جو ڪم سمجهڻ لڳو. ڪار ٺهي راس ٿيڻ تائين ڪيتريون ئي چميگويون هلنديون رهيون ته ملڪ ۾ جڏهن هڪ کان هڪ ولائتي ڪار وڪامي ٿي ۽ مزدا، ٽويوٽا ويندي مرسڊيز ملائيشيا ۾ ٺهن ٿيون، اتي ملائيشيا جي پنهنجي ايجاد ڪيل ڪار وٺڻ جو risk ڪير کڻندو؟ ڪيترن اها ڳالهه ٿي ڪئي ته حڪومت پڪ ڌارين ڪارين جي وڪري تي بندش وجهندي پر ان بابت مهاتير هڪ ڏينهن بيان ڏنو ته ”ائين هرگز نه ٿيندو. هر هڪ جي مرضيءَ تي آهي ته جيڪا وڻيس اها ڪار وٺي. ڌارين ڪارين تي بندش وجهبي ته اسان جي ڪار جو معيار ڪري پوندو. ’پروٽان ڪار ڪمپني‘ ڪار کي سٺو بنائڻ بدران اهو ئي سوچيندي ته مونوپلي هجڻ ڪري هر هڪ هيءَ ڪار وٺندو، چاهي اسان ڪهڙي به ٺاهيون.“
    ڪار جي ڊيزائين لاءِ به هر ڪو پنهنجي راءِ ڏيندو رهيو ته اها دنيا جي ڪهڙي ڪار سان ملندڙ جلندڙ نڪرندي. هڪ دفعي اخبار ۾ هڪ نئين ڪار جي شڪل جو ڪارٽون آيو جنهن ۾ ان جي ڇت ائين ڪنڊائتي ڏيکاري وئي هئي جيئن ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ ملئي ماڻهن جي گهرن جون ڇتيون آهن. بهرحال ڪار جڏهن مارڪيٽ ۾ آئي ته هر هڪ کي نه فقط هن جي شڪل پسند آئي پر وقت سان گڏ اها مضبوط ۽ جٽادار به ثابت ٿيڻ لڳي. ٺاهڻ وارن اهو ئي چيو ته انهيءَ ڪري اسان ان جو نالو SAGA رکيو آهي.
    ملئي لفظ ساگا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جو نالو آهي جيڪي بيحد خوبصورت ۽ سخت ٿين، جن سان ٻار هر وقت کيڏندي نظر اچن ٿا. آئون ته اهو چوندس ته ساگا ٻج نه فقط ٻارن جي پسند جي شيءِ آهي پر وڏن جي پڻ. منهنجي ٻارن وٽ نيڊو کير جو دٻو هنن ٻجن سان ڀريل هو. ملائيشيا ڇڏڻ وقت ڪيترو ئي سامان اتي ڇڏي ڏنوسين پر ٻار اهي ٻج کڻي آيا. انهن سان کيڏندي هو وڏا ٿي ويا اڄ هنن جو اولاد انهن ٻجن سان کيڏي ٿو. نه فقط انهن کي پر مون کي به اڄ ڏينهن تائين هي مينهن وساڙن ۽ موتين جهڙا چلڪندڙ ڳاڙها ٻج وڻن ٿا.
    هنن ٻجن جي وڻ کي انگريزيءَ ۾ Coral tree ۽ ريڊ صندل وڊ به سڏين ٿا ۽ سائنسي نالو Adenanthera Pavonina آهي جيڪو چون ٿا ته يوناني زبان جو نالو آهي. Aden جي معنيٰ Gland آهي ۽ Anthera جو انگريزي لفظ Anther آهي. باقي پاوونينا يوناني زبان ۾ مور کي سڏين ٿا. ننڍي کنڊ ۾ Saga Seeds کي رنجانا، بادي گمچي، ڪُو چندنا، رڪٽ چندن ۽ رتن گنجا سڏين ٿا. ملائيشيا جا تامل ان کي تِلم ۽ منجاتي سڏين ٿا ۽ اُهي ته اهو به چون ٿا ته Saga جي اصل ڌرتي ملائيشيا نه پر انڊيا (خاص ڪري ڏکڻ هندستان) آهي. هونءَ به انڊيا جي صوبي تامل ناڊو ۽ ملائيشيا جي موسم ۽ زمين (Soil) ۾ ڪو خاص فرق ناهي.
    ملائيشيا ۾ سندن پنهنجي نالي واري پهرين ڪار پروٽون يا پروٽان ”ساگا“ (Proton Saga) سيپٽمبر 1985ع ۾ شاهه عالم فئڪٽري مان نڪتي. ملائيشيا جي ڪار جنهن لاءِ گهڻن جو اهو خيال هو ته نه ڌاريان وٺندا نه پنهنجا، اهڙي ته سٺي ثابت ٿي جو ڇهن مهينن کانپوءِ ان جي ڊمانڊ ايڏي ته وڌي وئي جو پروٽان ساگا ڪار خريد ڪرڻ لاءِ اڳواٽ پئسا جمع ڪرائڻا پيا ٿي، 1.5 CC جي ڪار 25 هزار رنگٽ ۾ ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا جو رنگٽ (ڊالر) اسان جي ڏهين رپئي برابر هو. اسان وٽ پاڪستان ۾ اُن وقت ڪا انڌي منڊي ڪار به اڍائي لک روپين ۾ نٿي ملي. ملائيشيا ۾ ٺهيل هن ڪار جي نه فقط انجن اعتبار جوڳي مڃي وئي ٿي پر سندس شڪل شبيهه ۽ اندر جي ڪئبن به سڀني کي وڻي ٿي. سندس آرامده بيلٽن سان سيٽون، بهترين اسٽيريو ٽيپ رڪارڊر، سڀ کان وڏي ڳالهه ته ايترن پئسن ۾ اها ئي ڪار هئي جنهن جي درين جا شيشا بٽڻ کي دٻائڻ سان کليا ۽ بند ٿيا ٿي ۽ پوءِ اهڙيون پروٽان ساگا ڪارون به اچي ويون جن ۾ اندر وهڻ کان اڳ گهر يا آفيس جي ڪمري مان ان کي رموٽ ڪنٽرول ذريعي اسٽارٽ ڪيو ويو ٿي، جيئن يورپ ۾ رات جي ٿڌ ۾ بيٺل ڪار ۾ ويهڻ کان اڳ ڪمري مان ئي اسٽارٽ ڪري گرم ڪيو وڃي ٿو. 1985ع تائين ته پاڪستان ۾ به اهڙيون ڪارون عام نه ٿيون هيون. سو ملائيشيا جي سندن ٺهيل ڪارون نه فقط ملائيشِا ۾ پر ڌارين ملڪن ۾ به وڪامڻ لڳيون.
    ملائيشيا جي آدمشماري ڪا گهڻي ناهي. اسان جي ملڪ جي 18 ڪروڙ آهي پر ملائيشيا جيڪو پکيڙ ۾ اسان جي ملڪ کان وڏو آهي، آدمشماري فقط 3 ڪروڙ آهي، جتي دنيا جي هر ڪار وڪامڻ جي اجازت آهي. ان هوندي به پروٽان ساگا جو ڏينهون ڏينهن کپ وڌندو ويو ۽ منهنجي هوندي ئي جنوري 1989ع ۾ هڪ لکئون نمبر ڪار تيار ٿي نڪتي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن جي اها پهرين ڪار پروٽان ساگا جي ماڊل جو بنياد جپان جي 1983ع واري متسوبشي لانسر واري ڪار تي رکيل هو. ان ۾ 1.3 سي سي ۽ 1.5 سي سي جون ڪارون ٺاهيون ويون. گيئر مطابق به ٻن قسمن جون ٺاهيون ويون. 5 رفتار واريون مئنيويل ۽ 3 رفتار واريون آٽوميٽڪ.
    ملائيشيا جي پهرين ڪار ٺهڻ کان اڳ ان جي نالي لاءِ عوام کي چيو ويو ته قومي ڪار جو نالو ڇا هئڻ کپي. جنهن خوش نصيب جو ٻڌايل Saga نالو چونڊيو ويو اهو اسماعيل بن جعفر نالي رٽائرڊ فوجي آفيسر آهي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته تو اهو نالو ڇو پسند ڪيو آهي ته هن وراڻيو:
    “Saga (Abrus precatorius) is a type of soft, pragile but productive seed commonly found in Malaysia, and Proton Saga 1.3 liter engine is as strong as the saga seed.”
    ڪارخاني مان نڪتل پهرين ڪار ملڪ جي وزيراعظم مهاتير بن محمد 14 سيپٽمبر تي پينانگ ٻيٽ کي خشڪي سان ڳنڍيندڙ ڊگهي پل جو افتتاح ڪرڻ دوران، هن پل تان هلائي ايئرپورٽ تائين وٺي آيو هو. اهو ڪار هاڻ ميوزيم نگارا (قومي عجائب گهر) ۾ رکيل آهي. پروٽان ساگا جون شروع واريون ڪارون 4 دروازن واريون سئلون ٽائيپ هيون ان بعد 5 دروازن واريون هئچ بئڪ به اچڻ لڳيون. 1989ع ڌاري پروٽان وارن انگلنڊ ۾ ساگا ڪارون وڪڻڻ ۾ واڌارو ڪيو. هنن انگلنڊ ۾ هنن ڪارن لاءِ Japanese Technology+ Malaysian Style= Proton سلوگن استعمال ڪيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پروٽان ساگا ۾ پروٽان (Proton) ڪمپنيءَ جو نالو آهي جيئن ”سوزوڪي“ ڪار ڪمپنيءَ جو نالو آهي. جيئن جپان جي هڪ ڳوٺ همامتسو جي رهاڪو مسٽر مچيئو سوزوڪيءَ جڏهن پهرين ڪپڙي اُڻڻ جي کڏين جو ڪارخانو کوليو ته ان جو نالو ”سوزوڪي ڪمپني“ رکيو ۽ پوءِ اڳتي هلي هن ڪارون ٺاهڻ به شروع ڪيون، جيڪي مِيچيئو سوزوڪيءَ جون ڪارون سڏجن ٿيون، پر ان ڪمپني جي نظر هيٺ مختلف دورن ۽ مختلف ملڪن ۾ ٺهندڙ ڪارن جا نالا مختلف آهن، جيئن ته رينو، اسٽيم (Esteem)، اڪئٽر، وتارا، يا انڊيا ۾ سوزوڪي وارن جي ٺهيل ڪار موروتي آهي ۽ اسان وٽ سوزوڪي وارن جي ٺهيل ڪارن جا نالا swift، خيبر، پوٽوهار، مهراڻ، ڀلينو وغيره آهن. تيئن ”پروٽان“ هتي جي هڪ ملائيشين آٽو موبائيل ٺاهڻ واري ڪمپني آهي جنهن جون آفيسون ڪئالالمپور ڀرسان سبانگ جايا ۽ شاهه عالم شهرن ۾ آهن. هن ڪمپنيءَ جو ملئي زبان ۾ نالو Perusahaan Otomobile آهي جنهن جو شارٽ فارم (مخفف) Proton ٺاهيو ويو آهي. سو ملائيشيا ۾ ٺهندڙ ڪارون پروٽان وارن جون آهن پر وقت سان گڏ مختلف دورن ۾ ٺهندڙ ڪارن جا مختلف نالا رکيا ويا آهن، جيئن ته ساگا، ويرا (Wira)، Satria، پُترا، پرڌانا، Juara, Tiara، واجا، Savvy, Persona ۽ اسان واري ميزبان ڊاڪٽر مير عطا جي پروٽان ڪار جنهن جو نالو GEN-2 (جنريشن 2) آهي. هيءَ ڪار هڪ سئو سيڪڙو ملائيشين چئي سگهجي ٿي جو هن ۾ چيسز ۽ انجن به هتي جي مڪاني ٺهيل آهي يعني هن ڪار ۾ اسٽائيل ته ملائيشين آهي پر ٽيڪنالاجي به ملائيشين آهي.
    هونءَ ملائيشين نالا رکڻ جا وڏا شوقين آهن. هر شيءِ تي نالو چونڊي چونڊي رکندا. اهڙي طرح هنن پنهنجين ڪارن تي به نالا رکيا آهن. پروٽان ساگا بعد هنن جپاني متسوبشي ڪار جي 1992ع ماڊل جهڙي ڪار ٺاهي جنهن جو نالو پروٽان Wira رکيو. ملئي لفظ ويرا جي معنيٰ آهي ”هيرو.“ هنن ان ماڊل جون ڪارون جيڪي انگلنڊ ۽ يورپ ايڪسپورٽ ڪيون ان جو نالو Persona رکيائون. پروٽان ستريا ٽن دروازن واري ڪار ٺاهيائون. اهڙي طرح پروٽان پترا نالي ڪارون جيڪي آسٽريليا ۽ انگلنڊ ايڪسپورٽ ڪيائون ان جو انگريزي نالو Coupe ۽ M21 رکيائون. هونءَ پترا معنيٰ پٽڙا جيئن هڪ عام ملئي لفظ آهي بوميپترا (Bumiputra) معنيٰ ڌرتيءَ جا پٽڙا. ملائيشيا ۾ رهندڙ ملئي مسلمان بوميپترا سڏجن ٿا.
    اهڙي طرح سال 2000ع ۾ پروٽان وارن جيڪا ڪار ٺاهي ان جو نالو رکيائون پروٽان واجا. Waja ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ رُڪ (Steel) آهي. ساڳي ماڊل جون ڪارون جيڪي يورپ موڪليون ويون انهن جو نالو امپيان (Impian) رکيو ويو. امپيان به ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي خواب، ambition، چاهه وغيره. ملئي زبان جو هڪ مشهور گانو Mimpi Sedih (غمگين خواب) جي عنوان سان آهي جنهن ۾ ڳائڻي ماران تيڪا چئي ٿي:
    Impian Kini Terjadi
    Oh…kan Pergi Setelah
    Aku Serahkan Kasi suci
    Itulah Nasib dirikn
    ان خواب (ان ambition، چاهه) جو اهو ئي ٿيڻو هو،
    اڄ تون مون کي ڇڏيو پيو وڃين.
    آئون ته پنهنجو سچو پيار توکي ڏئي ويٺس،
    پر منهنجي نصيب ۾ شايد اهو ئي هو.
    اسان وٽ پاڪستان ۾ ملائيشيا جون هي پروٽان ڪارون عام نظر نٿيون اچن. سيپٽمبر 2006ع ۾ پروٽان ڪارن جي چئن ماڊل ڪارن جو افتتاح ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو. اهي آهن:
    پروٽان ساگا
    پروٽان جنريشن 2
    پروٽان ويرا، ۽
    پروٽان امپيان.
    مون ٻڌو آهي ته اهي ڪارون ڪراچي جي PECHS سوسائٽي جي بلاڪ 2 ۾، خالد بن وليد روڊ تي رايل آٽو موبائيلس نالي هڪ شوروم تي رکيل آهي. ’پروٽان ساگا‘ ڪار جي قيمت ساڍا ڇهه لک چئي وڃي ٿي، ويرا جي ساڍا ست لک، GEN2 (1.3 واري کان) Gen2 (1.6 سي اين جي واري) ساڍن اٺن لکن کان ڏهن لکن تائين ۽ امپيان ڪار ساڍن ڏهن کان يارهن لکن تائين ملي ٿي.


    ساگا جي ڪهاڻي

    سنگاپور جو ٻيٽ جاگرافيائي طور اهڙي هنڌ تي آهي جو مختلف سمنڊن مان گذرندڙ جهاز سنگاپور وٽان ضرور لنگهن ٿا. اسان جو به جهاز ذريعي سنگاپور سٺ جي ڏهي جي آخري سالن کان اچڻ شروع ٿيو. سٺ واري ڏهي توڙي ستر جي شروع وارن سالن تائين، سنگاپور هڪ امير ملڪ نه هو. سنگاپور اهو ملڪ آهي جنهن ۾ نه لوهه آهي نه ٽامو، گئس آهي نه ڪوئلو، پوک لاءِ به زمين نه آهي ۽ اچي به ڪٿان. ننڍڙو ٻيٽ جنهن ۾ ماڻهن جي رهائش لاءِ ئي پوري ساري زمين آهي. ايتري قدر جو سنگاپور ۾ ته پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي. اهو به اڄ ڏينهن تائين ملائيشيا مان خريد ڪن ٿا. هو اسان وانگر ڪڻڪ، ڪپهه، ميوو يا ايران ۽ سعودي عرب وانگر پيٽرول وڪڻي پئسو نٿا حاصل ڪن. پر سروس يعني خدمت ڪرڻ ذريعي ئي ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا جهاز اچن ٿا انهن جي سروس ڪري پئسو ڪمائين ٿا. مختلف ملڪن جا سياح اچن ٿا جن کي وڪڻڻ لاءِ هو مختلف ملڪن مان سامان گهرائين ٿا. بهرحال اڄڪلهه هو ملائيشيا کان به خوشحال آهن. آئون گذريل صدي جي سٺ واري ڏهي جي ڳالهه ٿو ڪريان جڏهن باقي دنيا به اڃان گهڻو ماڊرن نه ٿي هئي ۽ سنگاپور ته هڪ ڳوٺ مثال هو. هي وئلنٽائين ڊي وغيره ملهائڻ ۽ ان تي ڪارڊ ۽ گفٽ ڏيڻ اڄ جو فئشن ٿيو آهي نه ته مون کي ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنگاپور ۾ پنهنجي گرل فرينڊ يا زال کي ساگا ٻج ڏيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو سهڻو ۽ پيار ڀريو تحفو نه هو. اهو ئي حال ڪاز وي (سنگاپور ۽ ملائيشيا کي ڳنڍيندڙ پُل) جي ٻئي پاسي ”جوهور بارو“، پينانگ ۽ ملائيشيا جي ٻين شهرن ۾ هو.
    ساگا ٻج جن تان ملائيشيا وارن پنهنجي لاڏلي ڪار تي نالو رکيو آهي اڄ به هڪ پياري ۽ سهڻي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو. ان بابت پنهنجي جهاز ران ڪمپني جي سنگاپور آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ چيني ڪلارڪ ڇوڪري ڪهاڻي ٻڌائيندي هئي ته ڪنهن ملڪ ۾ وڏي جنگ لڳي. پنهنجي ملڪ جي بچاءَ لاءِ هڪ بهادر شهري پنهنجي زال کي گهر ڇڏي دشمن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ جنگ جي ميدان تي پهتو.
    پنهنجي مڙس جي جدائيءَ ۾ هيءَ زال هڪ ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويهي ڳوڙها وهائڻ لڳي ۽ دعا ڪرڻ لڳي ته هن جو پيارو واپس اچي وڃي.
    پر، هو هرگز نه موٽيو.
    هوءَ صبح کان شام تائين روزانو پنهنجي مڙس جي ياد ۾ رئندي رهي، تان جو هن جي اکين جو پاڻي ئي سڪي ويو. هاڻ ڳوڙهن بدران هن جي اکين مان رت ٽمڻ لڳو ۽ اهي رت جا ڦڙا ڳاڙهي رنگ جي ٻجن جي شڪل ۾ زمين تي ڪرڻ لڳا.
    ڏسندي ئي ڏسندي انهن ٻجن مان ٻوٽا ڦٽي وڻ ٿيڻ لڳا جن ۾ ڦرين جي شڪل ۾ ميوو ٿيڻ لڳو جن جي اندر اهڙا ئي سهڻا ڳاڙها ٻج هئا. اهي ٻج ان وقت ياد جون ڦريون “Remembrance Beans” سڏجڻ لڳيون. انهن ڦرين مان نڪرندڙ هي کهنبي رنگ جو ٻج اڄ ڏينهن تائين وفادار عورت جي پنهنجي مڙس لاءِ سڪ ۽ انتظار جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. سنگاپور، ملائيشيا ۽ ان جي ڀر وارن علائقن ۾ اڄ ڏينهن تائين اها رسم هلندي اچي ته ٻئي سان پنهنجي سڪ ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ لاءِ ساگا ٻجن جي ڀريل بوتل تحفي طور ڏني وڃي ٿي.
    اسان کي ته جوانيءَ جي ڏينهن ۾ به ڪنهن چينياڻيءَ يا ملئياڻيءَ کان ساگا ٻجن جو تحفو نصيب نه ٿيو پر پاڻ ئي همت ڪري سنگاپور جي آرچرڊ روڊ جي پاسن تي لڳل ساگا ٻجن جي وڻن ۽ مندائي ۽ بڪت پنجانگ وارن علائقن جي وڻن مان ڪريل ڦرين مان ٻج ڪڍي گڏ ڪيا هئم. اها جهاز هلائڻ وارن ڏينهن جي ڳالهه آهي يعني سٺ ۽ ستر واري ڏهي جي. ان بعد اسي واري ڏهي ۾ هن شهر ملاڪا جي آئر ڪيروح ۽ ڪيمپ ٽرنڊاح وارن علائقن مان لنگهندي چڱا خاصا ساگا ٻج چونڊيا هيم جيڪي اڃا تائين مون وٽ موجود آهن. جيڪي ماڻهو هنن ٻجن جي رنگ روپ ۽ چمڪ جي تعريف ڪن ٿا انهن سان آئون سهمت آهيان. هنن ٻجن کي ڏسي مينهن وساڙا ياد ٿا اچن. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ هالا ۾ نه اڃان بجلي آئي هئي ۽ نه موٽر لارين ۽ پاڻي جي پمپن ۽ پکن جا آواز هئا. گهر ۾ ڪچا فرش هئا. مينهن وسڻ تي ڏينهن جو ڳاڙها، مخمل جي کل جهڙا مينهن وساڙا نظر ايندا هئا ته رات جو تارن وانگر ٽمڪندڙ کڙکٻيتا.
    ڪي ڪي ٻج هونءَ به سهڻا ٿين ٿا. ننڍي هوندي مون ڪيتريون ئي گدامڙيءَ جون ککڙيون گڏ ڪيون هيون. خبر نه آهي ٻج سونهن جي ڪري پسند هئا يا جُوا جي چوس ڪري. اسان جي محلي ۾ رهندڙ ٻار گدامڙي جي ککڙين تي اکر ڀوري راند ڪندا هئا. ان جي عادت مون کي به اهڙي ته پئجي وئي جو ستين ڪلاس بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به ياد ڪندو رهندو هوس ۽ موڪلن تي ڳوٺ اچڻ تي گهٽيءَ ۾ ويهي کيڏندا هئاسين. پوءِ چڱو جو اسان جي پيءُ جي مامي ماستر محمد وريل کي خبر پيئي جنهن دڙڪا ڏيئي ۽ ڪجهه سمجهاڻيون ڏئي اها عادت ڪڍي. پوءِ به ڪي مهينا ٻين ٻارن کي کيڏندو ڏسي دل ڏاڍو سٽون کائيندي هئي. پر آخرڪار ننڍي هوندي ئي عادت نڪري وئي ۽ ڳالهه به وسري وئي ته ڪو مون سال ٻه جوا کيڏي هئي. ان بعد جهاز تي ڪيترن جهازي آفيسرن کي سڄي سڄي رات تاش جي پتن سان جوا کيڏندو ڏسي حيرت ٿيندي آهي ته هو ڇو ٿا پنهنجو وقت ضايع ڪن ۽ جڏهن اهو سوچيندو آهيان ته هو جوا ڇڏين ڇو نٿا ته مون کي اهي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچي ويندا آهن ۽ احساس ٿيندو آهي ته هن ۾ ڪيڏي ڪشش آهي جو ڇڏڻ تي دل نٿي چوي ۽ آئون سمجهان ٿو ته سگريٽ ۽ ٻئي نشي وانگر جوا جو به پنهنجو نشو آهي جنهن ۾ ڪو ٻار هڪ دفعو ڦاسي ٿو ته هن لاءِ ڇڏڻ محال ٿيو پوي ۽ مائٽن تي ئي فرض ٿئي ٿو ته هو ٻار تي نظر رکن ۽ هن کي اهڙين عادتن جي ويجهو اچڻ کان بچائين.
    بهرحال پاڻ هتي ساگا ٻجن جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪي ملائيشيا ۾ ٺهندڙ پهرين ڪار ”پروٽان ساگا“ جي نالي تي ياد آيا. هن تاريخي شهر ملاڪا جي رستن تي نه فقط ساگا ڪارون نظر اچي رهيون آهن پر انهن جي ڪنارن تي ساگا ٻجن جا وڻ پڻ. ڳاڙهي رنگ جي چمڪ وارن هنن ٻجن کي هتي ملائيشيا ۾ ته ساگا سڏيو وڃي ٿو پر سنگاپور ، جتي جي 80 سيڪڙو عوام چيني آهي، هن ٻج کي چيني زبان ۾ زيانگ سِي تائو Xiang si tou سڏين ٿا. ڪٿي مون پڙهيو هو ته سنگاپور ٻيٽ تي ساگا ٻجن جا ٻه هزار کن وڻ آهن.
    ساگا ٻج هٿ ڪرڻ ڏکيو ڪم ناهي. عملداس جي وڻ جهڙيون ڦريون سڪڻ تي پاڻهي ڦاٽي پون ٿيون جن مان ٻج ڪڍي سگهجن ٿا. ملاڪا ۾ جتي آئون رهندو هوس ان ڳوٺ جو نالو ڪئالا سنگائي بارو آهي جنهن کان چار پنج ڪلوميٽر اڳيان سمنڊ جي ڪناري تي مهاڻن جو ڳوٺ آهي جتي رهندڙ اسان جي نيول اڪيڊمي جي ڊرائيور سبتوءَ جي گهر ۾ ساگا ٻجن جا ٻه وڻ هئا. انهن جو ٻج ڪڍي مون ڪيترائي دفعا پنهنجي گهر اڳيان پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن مان سلو ڦٽي نه سگهيو. پوءِ هڪ ملئي مالهيءَ ٻڌايو ته ساگا جي ٻاهرين کل بيحد سخت هجڻ ڪري هن کي پوکڻ کان اڳ ٿورو کرچڻو پوي ٿو يا انهن ٻجن کي منٽ کن پاڻيءَ ۾ ڪاڙهڻ کپي يا گندرف جي تيزاب ۾ ٻوڙي پوءِ پوکڻ سان ڦوٽهڙو ٿي سگهي ٿو. ان تي مون کي سريلنڪن زميندار راجا سنگام جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي جنهن ڪولمبو جي ٻهراڙي واري جنگلات جو سير ڪرائيندي ڪجهه وڻن بابت ٻڌايو هو ته انهن جي پوک ۾ هاٿي ئي مدد ڪن ٿا اسان لاءِ اهو ڏکيو ڪم آهي.
    هن ٻڌايو ته ڪيترن وڻن جا ٻج جڏهن هاٿي کائي پوءِ جڏهن ڇيڻ لاهين ٿا ته مينهن وسڻ تي اهي ڦٽيو پون. هاٿي جڏهن وڻن جون ٽاريون پٽي کائين ٿا ته انهن ۾ لڳل ميوو ۽ ٻج به هنن جي پيٽ ۾ هليا وڃن. ڏينهن ٻن اندر هنن جي پيٽ ۾ ٻيو ته سڀ ڪجهه هضم ٿي ڇيڻ بڻجي وڃي ٿو پر ساگا جهڙا سخت ٻج ثابت حالت ۾ نڪريو اچن. انهن ٻجن کي هاٿيءَ جي Digestive system ۾ اها treatment مليو وڃي جيڪا اسان کين منٽ کن ڪاڙهڻ يا تيزاب ۾ ٻوڙڻ سان ڏيون ٿا. بلڪه اسان کان ڪڏهن ڪڏهن وڌيڪ ڪڙهيو وڃن پر قدرت جانورن جي هاضمي ۾ اهڙو سسٽم رکيو آهي جو انهن جي پيٽ مان لنگهڻ بعد هر ٻج جي germination ٿيو وڃي.
    ساگا سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي به مشهور ڪهاڻي آهي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڏور اوڀر جي ڪنهن ملڪ جو بادشاهه جڏهن بنهه پوڙهو ٿيو ته هن جيئري ئي پنهنجو ڪو گادي نشين چونڊڻ جو فيصلو ڪيو. پنهنجي ڪنهن نائب، وزير يا پٽ کي بادشاهه بنائڻ بدران هن ڪو مختلف ڪم ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. هڪ ڏينهن هن پنهنجي سلطنت ۾ رهندڙ نوجوان ٻارن کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هنن کي چيو:
    ”منهنجي خيال ۾ ته اهو وقت اچي چڪو آهي جو آئون تخت و تاج تان دستبردار ٿيان ۽ پنهنجو جاءِ نشين بادشاهه چونڊيان. مون اهو فيصلو ڪيو آهي ته توهان مان ڪنهن هڪ کي آئيندي جو بادشاهه مقرر ڪريان.“
    اهو ٻڌي ٻارن کي حيرت ٿي پر بادشاهه سلامت پنهنجو ڪلام جاري رکندي چيو: ”آئون توهان مان هر هڪ کي هڪ خاص قسم جو ٻج ڏيان ٿو جنهن جو نالو ساگا آهي. توهان اهو گهر کڻي وڃو ۽ ان کي ڪنهن ڪونڊيءَ ۾ پوکيو. سلو نڪرڻ تي ان جو خيال رکو، پاڻي ڏيندا رهوس جيئن اهو هڪ صحتمند ٻوٽو ٿئي. پوري سال بعد توهان اچي مون کي ڏيکارجو ته توهان هن ٻج مان ڇا پئدا ڪيو آهي. پوءِ آئون توهان مان جنهن کي به چونڊيندس اهو هن ملڪ جو بادشاهه مقرر ڪيو ويندو.“
    هنن ٻارن ۾ هڪ لِنگ نالي ٻار پڻ هو جنهن کي پڻ ٻين ٻارن وانگر هڪ ساگا ٻج مليو. گهر پهچي هن خوشيءَ مان پنهنجي ماءُ کي سڄي ڳالهه ڪري ٻڌائي. هن پنهنجي پٽ لاءِ هڪ ڪونڊي خريد ڪري ان ۾ مٽي وڌي ۽ لِنگ کي اهو ٻج پوکڻ ۾ مدد ڪئي. لنگ روزانو پنهنجي پوکيل ٻج کي وڏي خبرداريءَ سان پاڻي ڏيڻ لڳو ۽ وڏي غور سان ڏسندو رهيو ته ڪڏهن ٿو ان مان سَلو ڦٽي. اٽڪل ٽن هفتن بعد، ڪجهه ٻار پنهنجي ٻج جي ڦوٽاڙي ۽ ان مان وڌندڙ سلي جي ڳالهه ڪرڻ لڳا.
    لِنگ روزانو پنهنجي ٻج کي ڏسندو رهيو پر هن کي ان مان ڪا به شيءِ ڦٽندي نظر نه آئي. ٽي هفتا، چار هفتا ۽ پنج هفتا به گذري ويا پر ڪجهه ظاهر نه ٿيو. جتي ٻيا ٻار پنهنجن ٻوٽن بابت ٻڌائڻ لڳا ته هاڻ هنن ۾ چار پن ٿيا، هاڻ ڏهه پن ٿيا آهن اتي لنگ کي ٻڌائڻ لاءِ ڪا خوشخبري نه هئي. هن کي بازي هارائڻ جو احساس ٿيڻ لڳو. ڇهه مهينا گذري ويا ته به لِنگ جي ڪونڊي خالي رهي.
    لنگ سمجهي ويو ته گهٽ يا وڌ پاڻي ڏيڻ ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري هن جو پوکيل ٻج سڙي ويو آهي. هر ٻار جو پوکيل ٻج وڏو ٻوٽو بڻجي ويو پر هن جي ڪونڊي پهرين ڏينهن وانگر خالي هئي. لنگ فقط ٻين ڇوڪرن جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، پاڻ هنن کي ڇا ٻڌائي! هن اڃان به اُميد نه لاٿي ۽ ٻج جي ڦٽڻ جو انتظار ڪندو رهيو. اهڙي طرح سڄو سال گذري ويو ۽ ملڪ جا ٻار پنهنجا ٻوٽا کڻي بادشاهه سلامت جي چڪاس لاءِ درٻار ۾ پهتا. لنگ پنهنجي ماءُ کي ٻڌايو ته هو خالي ڪونڊيءَ سان بادشاهه سلامت جي خدمت ۾ ڪهڙي منهن سان حاضر ٿئي. پر هن جي ماءُ لِنگ کي چيو ته نه ان معاملي ۾ ايماندار ٿيڻ کپي ۽ بادشاهه کي ڀلي حقيقت جي خبر پوي ته تو هن طرفان ڏنل ٻج جي صحيح طرح پرگهور نه لڌي.
    لِنگ کي ڏاڍي شرمندگي ٿي پر هن ڄاتو ٿي ته هن جي ماءُ صحيح ٿي چوي. هو پنهنجي خالي ڪونڊي کڻي بادشاهه جي محل ۾ پهتو جتي سڀني کي گهرايو ويو هو. لِنگ ٻين ٻارن جي هٿن ۾ خوبصورت ٻوٽا ڏسي حيران ٿي ويو. هر هڪ بيحد سهڻو لڳي رهيو هو. لِنگ پنهنجي خالي ڪونڊي کڻي پٽ تي رکي ۽ مٿس ڪيترائي ٻار کلڻ لڳا. ڪيترن کي ته لِنگ تي افسوس به ٿيو. هڪ ٻن ڄڻن ٽوڪ طور اهو به چيو: ”لِنگ واهه جي ڪوشش ڪئي اٿئي.“
    بادشاهه اچڻ سان سڀني ٻارن کي کيڪاريو ۽ ٻارن جي آندل ڪونڊين جو جائزو ورتو. ”او توهان ڪهڙا ته سٺا ٻوٽا، وڻ ۽ گل آندا آهن“، بادشاهه چيو، ”اڄ توهان مان ڪو نه ڪو ضرور مستقبل جو بادشاهه مقرر ٿيندو.“
    اتي بادشاهه جون نظرون پٺيان بيٺل لِنگ ۽ ان جي خالي ڪونڊيءَ تي پيون. هن پنهنجن سپاهين کي حڪم ڏنو ته کيس هيڏانهن اڳيان وٺي اچو. لِنگ ڏڪي ويو. هن کي دل ۾ خيال آيو ته بادشاهه سلامت منهنجي ناڪاميءَ تي مون کي ضرور سزا ڏيندو.
    لِنگ جڏهن اڳيان آيو ته بادشاهه هن کان نالو پڇيو.
    ”منهنجو نالو لِنگ آهي.“ هن جواب ڏنو.
    سڀ ٻار ٽهڪ ڏئي هن کي چيڙائڻ لڳا. بادشاهه سڀني کي ماٺ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد هن لِنگ ڏي نهاريو ۽ پوءِميڙ ڏي ڏسي اعلان ڪيو: ”پنهنجي نئين بادشاهه کي ڏسو! هن جو نالو آهي لِنگ.“
    لنگ کي يقين ئي نه پئي آيو. ڄڻ ته خواب ڏسي رهيو هجي. هو ته ٻج به پوکي نه سگهيو. اهو ڪيئن ٿي ٿو سگهي ته هن کي بادشاهه بنايو وڃي.
    ان بعد بادشاهه چيو: ”هڪ سال اڳ اڄ جي ڏينهن تي، مون توهان مان هر هڪ کي هڪ ساگا جو ٻج ڏنو هو. مون توهان کي چيو هو ته ان کي ڪونڊيءَ ۾ وڃي پوکيو، ان کي پاڻي ڏيو ۽ ان جو خيال رکو. سال بعد مون وٽ کڻي اچو. هڪ ڳالهه ٻڌايان ته مون توهان کي جيڪي ساگا ٻج ڏنا، انهن کي تمام گهڻو ٽهڪائي پوءِ ڏنا هئا جيئن اهي ڦٽي نه سگهن. سواءِ لِنگ جي توهان ساگا جا ٻوٽا کڻي آيا آهيو. جڏهن توهان ڏٺو ته مون طرفان ڏنل ٻج نٿو ڦُٽي سگهي ته پوءِ توهان ان جي بدران ٻيو ٻج پوکيو. توهان سڀني ۾ فقط لِنگ همٿ وارو ۽ ايماندار ڇوڪرو آهي جيڪو مون وٽ مون واري ٻج واري ڪونڊي کڻي آيو آهي، ان ڪري هي ئي هڪڙو آهي جيڪو بادشاهه ٿيڻ جو حقدار آهي.
    بهرحال اها ته ٿي هڪ قسم جي سچي يا ڪوڙي ڪهاڻي. ساگا ٻجن بابت هڪ حيرت انگيز ڳالهه لکندو هلان ته ساگا جو هر ٻج، ڀلي کڻي شڪل ۾ ٻئي سان نه ملندو هجي پر تور ۾ سڀ برابر آهن. چيو وڃي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ انڊيا ۾ سون ساگا ٻجن سان توريو ويو ٿي. ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ اڄ به ساگا جو ٻج سون جي تور جو ماپو آهي. چار ٻج هڪ گرام برابر ٿين ٿا.


    هنن گهٽين ۽ گهرن جون يادون

    ملاڪا جي چائنا ٽائون جي مشهور گهٽي ’جونڪر اسٽريٽ‘ مان لنگهي ڊچ دور جي ڳاڙهين عمارتن The Stadthuys ڏي وڃي رهيا هئاسين. رستي تي گورنر هائوس جي سامهون هڪ ملباري چنڊول وڪڻي رهيو هو. منهنجي ميزبان ميرپورخاص جي ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر چيو ته سائين گرمي آهي، ڳنڍو کائي ننڍپڻ جون يادون تازيون ڪيون وڃن. مون هائوڪار ڪئي. چنڊول دراصل ڳنڍو ئي آهي، جنهن ۾ برف جي ڪاتر، شربت (خاص ڪري هتي جي مڪاني شربت ملاڪا گُولا Melaka Gula) وغيره ٿئي ٿو. ڪي ڪي گاڏن وارا ان مڪسچر ۾ هڪ ٻن قسمن جا رڌل چڻا (ڪچانگ) به وجهن ۽ ان کي آئر باتو چمپور (ABC) سڏين.
    پڙهندڙن لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾، خاص ڪري هن شهر ملاڪا ۾ گجراتي ۽ ملباري به چڱا خاصا رهن ٿا. گجراتي دڪان هلائين ۽ جيئن پهرين لکي آيو آهيان ته گجراتي (انڊيا واري گجرات جا رهاڪو) ملاڪا ۾ انگريزن پورچوگالين ۽ ڊچن جي آمد کان به گهڻو اڳ آيا. باقي ملباري ۽ گوا پاسي جا رهاڪو پڪ پورچو گالين جي حملي ۽ قبضي دوران انڊيا کان آيا هوندا.
    هاڻ ته گجراتي، سنڌي هندن ويندي هيٺاهين درجي جا پورهيا ۽ مزوري ڪندڙ سکن، تاملن، ملبارين جو اولاد پڙهي ڳڙهي ملائيشيا جي هر اداري ۾ اچي ويو آهي، ويندي فوج، پوليس، جوڊيشري ۽ تعليمي ادارن ۾! نه ته آئون جڏهن جهاز تي هن پاسي ايندو هوس يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن توڙي ستر وارن سالن ۾ ته انڊين جا ڪم مقرر هئا. سندن اولاد به اهو ڪم ڪيو ٿي. پڙهائي جهڙي جهنجهٽ ۾ پيا ئي ڪونه ٿي. ملائيشيا جي ريل کاتي KTM (ڪيريٽا آپي تناح ملايو) ۾ اسٽيشن ماسٽر ۽ گارڊ کان وٺي ڪوليءَ تائين مدراسي هئا. رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک ۾ هارپو ۽ مزورڪو ڪم تاملن ڪيو ٿي. رٻڙ ۽ تيل جو وڪرو چينن ڪيو ٿي. جاگيرن جا مالڪ به اهي هئا يا وري انگريز ۽ ڪجهه ملئي. بئنڪن، هوٽلن ۽ دڪانن اڳيان چوڪيداري پٺاڻن ۽ سکن ڪئي ٿي. شهرن ۽ ڳوٺن ۾ هٽڙا گجراتين ۽ سنڌي هندن هلايا ٿي.
    ملاڪا ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي ملباري هي گولو ڳنڍو (چنڊول) وڪڻندي نظر آيا ٿي ۽ اسي واري ڏهي ۾ به اسان لاءِ هن قسم جا ڳنڍا، ڪاٺيءَ واري قلفي يا ملڪ روز جهڙيون شيون رستي تي وٺي کائڻ هڪ عام ڳالهه هئي. پوءِ اسي واري ڏهي جي آخري سالن ۾ ملاڪا ۾ مئڪڊو نالڊ ۽ ڪينٽڪي جهڙيون ريسٽورنٽون کليون، جن ۾ ويهي آئيس ڪريم يا ملڪ شيڪ جهڙيون شيون کائڻ فئشن ٿيو، پر اڄ به ڪٿي ڪنهن کي چنڊول يا ABC وڪڻندو ڏسجي ٿو ته قدم رڪجيو وڃن ۽ کائڻ تي دل چوي ٿي. هونءَ به اسان وٽ سنڌ ۾ ننڍپڻ ۾ فقط ڳنڍو هو. ڪاٺيءَ ۾ برف جي ڪاتر چنبڙائي ان تي شربت هڻي کائبو هو.
    جيسين ملباري اسان لاءِ چنڊول ٺاهي آئون سامهون گورنر هائوس جي پراڻي طرز جي عمارت ڏي ڏسي ڪجهه پراڻين سوچن ۾ غرق ٿي ويس. هن کان اڳ آئون جڏهن به هتان لنگهندو هوس ته ملاڪا جي گورنر وٽ ڪجهه دير ضرور ويهندو هوس ۽ پوءِ ڪچهري دوران ڪڏهن چانهه ته ڪڏهن ماني کائي نڪرندو هوس. ملاڪا ۾ رهائش دوران ملاڪا جو گورنر تُن سيد احمد الحاج بن سيد محمود شهاب الدين رهيو. تُن (Tun) سندس خطاب هو، جيڪو ملڪ جي بادشاهه طرفان ملي ٿو، جيئن انگريز شهنشاهه يا راڻي وڪٽوريا طرفان اسان جي ماڻهن کي خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙا لقب مليل آهن. اسان وٽ حاجي، الحاج يا حاجياڻي نالي جي اڳيان لڳايو وڃي ٿو پر ملئي ماڻهو نالي جي آخر ۾ هڻن.
    ملاڪا ڇڏڻ بعدبه ٻه ٽي دفعا ملاڪا آيس ته احمد بن محمود شهاب الدين ملاڪا جو گورنر هو، پر هن ڀيري هو نه فقط هن آفيس ۾ موجود ناهي پر هن دنيا ۾ به نه رهيو آهي. کيس وفات ڪئي ٻن سالن کان مٿي ٿي ويا آهن.
    ملائيشيا ۾ هاڻ مڙيئي سيڪيورٽي ڪري وڏن آفيسرن، وزيرن گورنر سان ملڻ ۾ ڪجهه دقت ٿي پئي آهي، نه ته اسي وارو سڄو ڏهو جيڪو مون ملاڪا ۾ گذاريو، ڪنهن اهم عهدي واري سان ملڻ به مشڪل ڪم نه هو. گورنر صاحب سان ته منهنجا بيحد سٺا ۽ دوستاڻا تعلقات هئا ۽ نه فقط آئون پر وطن کان آيل مهمانن کي به گورنر صاحب سان اچي ملائيندو هوس. هڪ ته مون سندس رياست ”ملاڪا“ جي اهم نيول اداري ۾ درس و تدريس جو ڪم ڪيو ٿي ۽ ٻيو منهنجي لکڻ پڙهڻ جي عادتن ڪري هن منهنجو هر وقت خيال ڪيو ٿي بلڪ ڪجهه زياده ئي خيال ڪيو ٿي، جنهن ڪري منهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترن منهنجي ساٿين کي مون سان ساڙ ٿي پيو ته گورنر صاحب مون کي ايڏو اهم ڇو ٿو سمجهي. ڳالهه اها آهي ته ان ۾ منهنجو ڪو هٿ وس نه هو. گورنر صاحب پاڻ به طبيعت جو سٺو ۽ بااخلاق انسان هو ۽ قدرت طرفان ڪجهه حالتون منهنجي فائدي ۾ اهڙي ريت رونما ٿي پيون جو اسان جي تمام گهاٽي دوستي ٿي وئي. اهو سڀ ڪجهه ڪئين ٿيو، ان بابت ان وقت مون پنهنجي آفيس وارن کي تفصيل سان نٿي ٻڌايو، پر هتي پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکي رهيو آهيان.
    جهاز هلائڻ جي نوڪري ڇڏي، يعني سمنڊ کي گڊ باءِ چئي ملاڪا ۾ ڪناري جي نوڪري تي آيس ته اتفاق سان اهو جهاز جنهن تي آئون نه رڳو سال کن چيف انجنيئر رهي چڪو هوس ۽ اهو جهاز ٺهيو به منهنجي اڳيان هو، اهو سنگاپور ۾ ڊگهي مرمت لاءِ آيو. انهن ڏينهن ۾ جهاز تي پاڪستان ڊي يا شايد عيد جو جشن ملهائڻ جو پروگرام ٺهيو. مون کي پنهنجي ڪمپني طرفان سنگاپور وڃي اهو ڏينهن جهاز تي رهڻ ۽ مهمانن جو خيال رکڻ لاءِ چيو ويو. سنگاپور ملاڪا کان باءِ روڊ ٽن ڪلاڪن جو سفر آهي. آئون پنهنجي ڪار ذريعي سنگاپور پهتس. جهاز تي ڊنر جو بندوبست هو، جنهن ۾ مڪاني اهم بزنيس مين، جن اسان جي جهازن ذريعي سامان گهرايو ۽ موڪليو ٿي، انهن کي ۽ ملڪ جي اهم آفيسرن کي مدعو ڪيو ويو هو. مون کان صلاح پڇڻ تي مون کين سنگاپور ۾ ملائيشيا ۽ ڪجهه ٻين مسلمان ملڪن جي سفيرن کي به سڏڻ لاءِ صلاح ڏني. انهن ڏينهن ۾ سيد احمد شهاب الدين سنگاپور ۾ ملائيشيا جو سفير هو. سندس اچڻ تي سمورو وقت آئون ساڻس گڏ هوس. اسان جو هي جهاز چڱو خاص ماڊرن ۽ آٽوميٽڪ هو. ملائيشيا انهن ڏينهن ۾ ان لحاظ کان اسان کان ڪافي پٺتي هو. آئون هن جهاز هلائڻ بابت ۽ سمنڊ تي ايندڙ مسئلن بابت سفير صاحب (سيد احمد شهاب الدين) کي ٻڌائيندو رهيس، جيڪي ڳالهيون هن کي دلچسپ لڳي رهيون هيون.
    سفير صاحب موڪلائڻ وقت ڪارڊ ڏيندي تڪلف طور يا واقعي دل سان چيو ته ”سنگاپور ته اچڻ ٿيندو رهندو هوندو. وري اچو ته ضرور ملجو.“
    پر سچي ڳالهه اها ته ملاڪا پهچڻ تي مون کان نه فقط ان ڊنر تي مليل ماڻهن جا نالا وسري ويا، پر مليل ڪارڊ به هيٺ مٿي ٿي ويا. هونءَ به سنگاپور اهو شهر هو (خاص ڪري انهن ڏينهن ۾) جنهن ۾ منهنجا ڪيترائي جهاز ران دوست Shore Job ۾ هئا ۽ انهن سان ئي ملڻ جو وقت نٿي مليو. شاپنگ ۽ گهمڻ ڦرڻ کان ئي فرصت نه هئي. پوءِ سال ڏيڍ رکي اتفاق اهڙو ٿيو جو ”تُن سيد احمد شهاب الدين“ کي ملاڪا صوبي (رياست) جو گورنر مقرر ڪيو ويو. منهنجي خيال ۾ اها سندس عظمت آهي جو هن کي اهو ياد هو ته آئون ملاڪا ۾ رهان ٿو. هن کي شاباس هجي جو هڪ وڏي عهدي تي ٿي ڪري مون کي ياد رکيو نه ته منهنجي حيثيت ڇا هئي؟ هڪ ڌاريون (Expatriate) ۽ ننڍي نوڪري وارو.
    جڏهن منهنجي باس مون کي ٻڌايو ته ”سڀاڻي گورنر وٽ وڃجو هو توهان سان ملڻ ٿو چاهي“ ته هن سان گڏ مون کي به حيرت ٿي. مون کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته هي گورنر اهو ئي سفير آهي، جنهن سان منهنجي سنگاپور ۾ اسان جي ڪمپني جي هڪ جهاز تي ڊنر تي ملاقات ٿي هئي. بهرحال منهنجي لاءِ اها خوش نصيبي چئجي ته منهنجي هڪ پڙهيل ڳڙهيل، جهوني سياستدان ۽ سرڪاري اعليٰ آفيسر سان سٺي دوستي ٿي وئي، جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي.
    گورنر سيد احمد ملائيشيا جي اتراهين رياست ڪيداح جي شهر ڪُليم (Kulim) ۾ 4 مئي 1925 ۾ ڄائو يعني عمر ۾ هو مون کان 20 سال ۽ ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتير محمد کان ٻه مهينا وڏو هو. مهاتير جي ڄم جي تاريخ 10 جولاءِ 1925 آهي. پاڻ ٻڌائيندو هو ته مهاتير سندس ڪزن آهي، يعني هو پڦاٽ ماروٽ آهن. مهاتير جو پيءُ محمد ”الور اسٽار“ شهر ۾ اسڪول ٽيچر هو ۽ هن چاهيو ٿي ته هن جا ٻار توڙي ڀائٽيا ڀاڻيجا اعليٰ تعليم حاصل ڪن. سندس هن ڀاڻيجي سيد احمد شهاب الدين پنهنجي ڳوٺ ڪُليم جي ملئي اسڪول مان 1932 کان 1935 تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي ماروٽ مهاتير سان گڏ الور اسٽار شهر جي ”سلطان عبدالحميد ڪاليج“ ۾ داخلا ورتي ۽ 1947 ۾ سينئر ڪئمبرج امتحان پاس ڪيو. ان بعد هن وڌيڪ تعليم انڊيا مان حاصل ڪئي، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن هو مون سان اتي جون خبرون ڪندو هو ۽ سائوٿ انڊين کاڌا اِڊلي، ڊوسا وغيره کائڻ وقت اهي ڏينهن ياد ڪندو هو. هونءَ به سندس نانو (مهاتير جو ڏاڏو) انڊين هو ۽ گجرات کان هتي ملايا ۾ اچي رهيو ۽ ملئي عورت سان شادي ڪيائين. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ رهندڙ ڪيترائي انڊين مسلمان جن ملئي عورتن سان شادي ڪري پنهنجو پاڻ کي ملئي رنگ ڍنگ ۾ آڻي ڇڏيو، اهي يا انهن جو اولاد پنهنجي اصليت ”انڊين هجڻ“ جو ذڪر ڪرڻ کان لنوائين ٿا.
    هونءَ به وقت سان گڏ هي سڀ ملئي سڏبا جو هي ملئي ڳالهائين ٿا، ملئي ويس وڳا پهرين ٿا، ملئي کاڌا کائين ٿا ۽ پنهنجو پاڻ کي ملئي تهذيب ۽ ثقافت سان وابستا رکن ٿا. هي مڪاني ماڻهن وانگر هن ڌرتي ۽ هتي جي عوام جي بهتري جو سوچين ٿا. مهاتير جو ڏاڏو کڻي گجراتي انڊين هو پر مهاتير جون هن ملڪ لاءِ خدمتون ڪير ٿو وساري سگهي. مهاتير جي پيءُ محمد به ملئي عورت ’وان تمپاوان‘ سان شادي ڪئي ۽ مهاتير جي زال به سندس ملئي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽرياڻي ’سيتي هاسما‘ آهي. يعني مهاتير کي ته گجراتي، تامل يا هندي جو لفظ به نه ايندو هوندو پر هتي جا مڪاني ملئي ماڻهو جيڪي سياسي طور مخالفت ۾ آهن، اهي اڄ به جڏهن مٿس ڪاوڙبا آهن ته کين مهاتير جي ٻي ڪا ڪمزوري ته نه ملندي آهي، جنهن کي نشانو بنائين پوءِ چڙ مان اهو ئي چوندا آهن ته انڊين آهي. اڃان به وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندا ته انڊين بدران کيس ماما (Mamak) جو اولاد سڏيندا، جيڪو لفظ ملائيشيا ۾ انڊين چانهه ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ وارن لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو.
    اڳتي هلي سيد احمد سياست ۾ آيو. 1954 کان 1967تائين هو اُمنو (Umno) سياسي پارٽي ڪيداح رياست جو سيڪريٽري ۽ ان بعد 1978 تائين چيئرمين ٿي رهيو. پاڻ 1967 کان 1978 تائين ڪيداح رياست جو وزيراعليٰ (مينتري بيسار) ٿيو. ملئي زبان ۾ Menteri معنيٰ وزير ۽ Besar معنيٰ وڏو آهي.
    مغربي ملائيشيا، جيڪو ٿائلينڊ کان سنگاپور ٻيٽ تائين آهي ۽ جيڪو مشرقي ملائيشيا (صباح ۽ سرواڪ) ڳنڍجڻ کان اڳ تائين فقط ”ملايا“ سڏيو ويو ٿي، ان ۾ يارهن رياستون آهن. پينانگ ۽ ملاڪا رياستن کان علاوه باقي نون رياستن ۾ سلطان آهن، جيڪي واري وٽي تي چئن سالن لاءِ سڄي ملڪ (مشرقي ۽ مغربي ملائيشيا) جا بادشاهه ٿين ٿا. ڪيداح رياست جنهن سان اسان جي مهربان دوست سيد احمد شهاب الدين (گورنر ملاڪا) ۽ سندس ڪزن مهاتير محمد جو تعلق آهي، هڪ اتراهين رياست آهي، جنهن جي اتر ۽ اوڀر ۾ ٿائلينڊ آهي ۽ ڏکڻ ۾ پيراڪ ۽ پينانگ رياستون آهن ۽ اولهه ۾ ملاڪا ڳچي سمنڊ (Malacca Straits) آهي. سنڌو ندي وانگر هيءَ هڪ سامونڊي سوڙهي گهٽي آهي، جيڪا هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ملائي ٿي. اسان ڪولمبو، ڪلڪتي يا چٽگانگ کان سنگاپور وڃڻ لاءِ پنهنجن بحري جهازن کي هن سامونڊي گهٽيءَ مان وٺي ويندا آهيون ۽ هي لنگهه صدين کان استعمال ٿيندو اچي، جڏهن اڃا انجڻيون ايجاد نه ٿيون هيون، ڪاٺ جا ٻيڙا جن تي ڪپڙي جا سڙهه ۽ بيرکون هونديون هيون اهي هوا جي زور تي هوا جي رخ مطابق هليا ٿي ۽ آثار قديمه جي ڪيترين شين مان اهي ثبوت مليا آهن ته ڏکڻ هندستان جي تامل سلطنت جو هن رياست (ڪيداح) سان عيسوي سن 110 کان سمنڊ رستي وڻج واپار هو ۽ انهن جو ئي ڪيداح تي راڄ هو.
    جيئن شاهه جي بيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جي لنڪا (سري لنڪا)، عدن ۽ جاوا ۾ سمنڊ رستي اچ وڃ ۽ واپار وڙو هو، تيئن ڪيداح رياست جو ذڪر ٻي عيسوي صدي جي هڪ تامل گيت (پاتي ناپالائي) ۾ ملي ٿو. تامل ۽ مرهٺي ادب ۾ ڪيداح مختلف نالن: ڪادارام، ڪاتاها نگارا، ڪاتاها دويپا سان سڏيو ويو آهي.
    ملئي زبان جي تاريخ ”حڪايات ميرونگ مَهاوَنگسا“ موجب ڪيداح رياست هندو بادشاهت جي هٿ هيٺ هئي. ڪيداح سلطنت 1136 ۾ وجود ۾ آئي جڏهن هندو بادشاهه ”فرا اونگ مهاونگسا“ مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو سلطان مظفر شاهه رکيو. سندس واسطو سيام (اڄ واري ٿائلينڊ) سان هو. 15هين صدي ۾ ملاڪا سلطنت قائم ٿيڻ بعد اتي جي ملئي حڪومت ڪيداح کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. سترهين صديءَ ۾ ملاڪا تي قبضو ڪرڻ بعد پورچوگالين ڪيداح تي حملو ڪيو. بعد ۾ ڪيداح تي وري سيامين جو قبضو ٿيو ۽ ڪيداح جي سلطان سيامين (ٿائي سلطنت) مان جان ڇڏائڻ جي آسري ۾ اڄ وارو پينانگ (جيڪو ڪيداح جو حصو هو) انگريزن جي خواهش تي کين ڦلن مٺ ۾ وڪڻي ڏنو. اها ارڙهين صديءَ جي آخر وارن سالن جي ڳالهه آهي. انگريزن پينانگ ٻيٽ کي خوب ٺاهيو جوڙيو ۽ انگريزن جي موجودگي ڪري سيام وارن جو ڪيداح جي سلطان تان ڪجهه دٻاءُ گهٽ ٿيو. پر 1811 ۾ سيام وارن ڪيداح تي حملو ڪري ان کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. اٽڪل هڪ سؤ سالن بعد 1909 ۾ ڪيداح جو ڪنٽرول انگريزن حوالي ڪيو ويو.
    ٻي جنگ عظيم ۾ ڪيداح (۽ ڪيلنتان) ملايا جون پهريون رياستون آهن، جيڪي جپانين جي ور چڙهيون، ان بعد باقي ملايا ۽ سنگاپور انهن جي قبضي ۾ آيو. جپانين ڪيداح رياست جون واڳون يڪدم ٿائلينڊ حوالي ڪيون، جن ڪيداح جو وري ساڳيو نالو ساءِ بوري (Syburi) رکيو، جيڪو هو پهرين رکي چڪا هئا. بهرحال جپانين جي آڻ مڃڻ بعد ’ڪيداح‘ وري انگريزن حوالي ڪيو ويو ۽ 1957 ۾ انگريزن جي وڃڻ بعد هنن سڀني ملئي رياستن گڏجي هڪ ملڪ ٺاهيو، جيڪو اڄ ملائيشيا سڏجي ٿو. ڪيداح پکيڙ توڙي آدمشماري ۾ اٺون نمبر وڏي رياست آهي. سندس جملي ايراضي 9500 چورس ڪلو ميٽر (3700 چورس ميل) آهي. يعني نوابشاهه ۽ جيڪب آباد ضلعي جيڏي آهي ۽ سندس آدم شماري 20 لک ٿيندي، يعني لاڙڪاڻي ضلعي کان به 5 لک گهٽ.
    ڪيداح جي گادي جو شهر ’الور اسٽار‘ آهي، جتي مهاتير محمد جنم ورتو. ان کان علاوه ٻئي ۽ ٽئي نمبر تي وڏا شهر سنگائي پيتاني ۽ ڪُليم آهن. ڪُليم اهو شهر آهي جنهن ۾ اسان جي ملاڪا واري گورنر دوست سيد احمد شهاب الدين 1925 ۾ جنم ورتو. سندن بابت لکي چڪو آهيان ته پاڻ هن رياست ڪيداح جو 1978 تائين يارهن سال وزيراعليٰ ٿي رهيو. ان بعد 2 سال وزارت داخلا جو ڊپٽي وزير ٿي رهيو. ان بعد 2 سال کن سنگاپور جو سفير (هاءِ ڪمشنر) ٿي رهيو، جتي منهنجي ساڻن پهريون دفعو پاڪستان جي جهاز تي هلندڙ دعوت ۾ ملاقات ٿي. 1984 ۾ کين ملاڪا جو پنجون گورنر مقرر ڪيو ويو. ملئي زبان ۾ گورنر کي ”ينگ دي پرتئا نيگري“ سڏجي ٿو.
    سيد احمد ٻه شاديون ڪيون. هڪ 1950 ۾ شريفان حنيفان بنتِ سيد علوي سان جنهن مان کين ڇهه ٻار آهن. هن جو 1993 ۾ ڪوالالمپور ۾ انتقال ٿيو. گورنر صاحب جي ٻي زال جو نالو مارفوزا بنت شيخ محمد عثمان آهي، جنهن سان هن جي شادي 1960 ۾ ٿي، جنهن مان هن کي چار ٻار آهن.
    گورنر تُن سيد احمد الحاج بن سيد محمود شهاب الدين صاحب جو انتقال 7 جولاءِ 2008 تي سندس ڪوالالمپور واري گهر ۾ ٿيو پر کين ملاڪا جي اسٽيٽ قبرستان ۾، العظيم مسجد ڀرسان دفن ڪيو ويو.


    مسجدن ۽ مندرن جو شهر ملاڪا

    ملائيشيا جي تاريخي شهر ”ملاڪا“ ۾ آءٌ هڪ وڏو عرصو لڳاتار رهيو آهيان_ اٽڪل ڏهه سال کن. ملاڪا ۾ رهڻ کان اڳ اهڙا ڏهه سال کن هنن علائقن ۾ جهاز جي هلائڻ ڪري ملائيشيا جا مخلتف شهر ۽ بندرگاهه گهمندو رهيس ۽ هاڻ ملائيشيا ڇڏڻ بعد به وري وري اچڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي ملائيشيا اچڻ تي ملاڪا ضرور اچان ٿو. ملاڪا شهر ۾ اچڻ لاءِ مون کي وڌيڪ ڪشش ٿئي ٿي. هي شهر مون کي وڌيڪ رنگين لڳي ٿو. ڪلچر جي لحاظ کان، ماڻهن جي لحاظ کان، کاڌن پيتن، ويس وڳن، سازن سروندن، عبادت گهرن ۽ باغ باغيچن کان. اڄ کان چاليهه سال اڳ جڏهن منهنجو ملاڪا ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو تڏهن به ۽ اڄ به، ڊچن جي ڳاڙهين عمارتن اڳيان لڳل انگريز راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري جي ڪپر تي ويهي ڀانت ڀانت جي ماڻهن کي ڏسي ۽ انهن جون ڳالهيون ۽ انهن جي چهرن تي مسڪراهٽون ڏسي اهو ئي مزو اچي ٿو جيڪو ننڍي هوندي پنهنجي ڳوٺ هالا ۾ پپر جي وڻ هيٺ هندن جي نار وٽ ويهي ايندڙ ويندڙ ٻار ٻچي يا عورت مرد کي ڏسڻ ۾ آيو ٿي. انهن هنڌن تي ڪيڏو سڪون ۽ فرحت محسوس ٿئي ٿي. ملاڪا ۾ نه فقط راڻي وڪٽوريا جي ڦوهاري وٽ پر ٻين به ڪيترن ئي هنڌن تي وڃڻ ۾ مون کي ڄڻ ته ڇڪَ محسوس ٿئي ٿي. شهر جون هي مسجدون، مندر، مارڪيٽون، باغيچا ۽ پاسار مالمون (رات واريون بازاريون) مون لاءِ ڪنهن پير جي درگاهه ۽ ميلن ملاکڙن کان گهٽ ناهن. هن وقت آئون اهو ئي سوچي رهيو آهيان ته ملاڪا پهچي هڪ ڌارئين يا هن ملڪ جي شهريءَ کي ڇا ڇا ڏسڻ کپي، جيئن ڏينهن ٻن جي ٽوئر ۾ هو ملاڪا جو اصل سواءُ وٺي سگهي.
    منهنجي خيال ۾ ملاڪا پهچي هن شهر جون ڪجهه اهم مسجدون (آڳاٽيون توڙي نيون) ضرور ڏسڻ کپن. ملاڪا مسجدن جو شهر پڻ آهي ۽ اسان جهڙو ماڻهو جنهن جو واسطو هن ملڪ ملائيشيا، انڊونيشيا، ٿائلينڊ، اوڀر چين، ڪمبوڊيا ۽ برونائي جهڙن ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن سان نه آهي پر ننڍي کنڊ، ايران يا عربستان جهڙن ملڪن سان آهي، ان کي هتي جون مسجدون ڏسي ضرور مزو ۽ ڪجهه ڪجهه حيرت ٿيندي جو هتي جي جهونين توڙي نئين مسجدن جي عمارتسازي ۽ ڊيزائين جو نمونو سماترا، جاوا، ڪمبوڊيا جي چيني ۽ ٻوڌي عبادت گهرن جهڙو آهي ۽ جيستائين سونهن، سوڀيا ۽ اعليٰ قسم جي سجاوٽ ۽ بناوٽ جو مثال آهي، ان ۾ ته ملائيشيا جي هر شهر توڙي ڳوٺ جي مسجد يا سورائو Surau (ننڍي مسجد) پنهنجو شان پاڻ رکي ٿي جو هتي جو سرڪاري مذهبي ڊپارٽمينٽ (جَباتان اُگاما) ٻين مذهبي ڳالهين سان گڏ ان ڳالهه جو به خيال رکي ٿو ته هر مسجد اوڙي پاڙي جي عمارتن کان سهڻي ۽ سٺي ٺهيل هجي. يعني هن ۾ استعمال ٿيل سرن ۽ پٿرن کان گاري ۽ گچ تائين ۽ دروازن جي ڪڙن ڪنڍن کان بجلي جي سئنچن ۽ وضوءَ جي نلڪن تائين هر شيءِ اعليٰ معيار جي استعمال ٿيل هجي ۽ جيڪي مسجدون سرڪار جي سرپرستي ۾ ٺهيل آهن، انهن کي ڏسڻ لاءِ ته ماڻهو پري پري کان هليو اچن ٿا. جيئن تازو ٺهيل ”مسجد سيلات ملاڪا“ Malacca Straits mosque ڏسڻ جو جڏهن ڊاڪٽر مير عطا ٽالپر پروگرام ٺاهيو ته چيومانس ته مون هتي جون ڪيتريون ئي مسجدون ڏٺيون آهن.
    ”سائين توهان هيءَ به ته هلي ڏسو. فقط پري کان مسجد وارو نظارو ڏسي وات مان واهه واهه نڪري ويندانوَ.“ ڊاڪٽر عطا چيو ۽ هن واقعي سچ چيو، نه فقط ان کي ڏسڻ سان پر ان جي فقط تصوير ڏسڻ سان منهنجي فيس بڪ جي دوستن مان ڪيترن کي ان بابت Comments ۾ ”واهه واهه“ لکڻو پيو.
    هاڻ ڳالهه نڪتي آهي ته Masjid Selat جي، ته پهرين ان تي ٻه ٽي سٽون لکندو هلان ان بعد هن شهر ملاڪا، جنهن کي پڻ آئون پنهنجو ڳوٺ سمجهان ٿو، ان جي ٻين به ٻن ٽن مسجدن بابت پڻ مختصر احوال لکان.
    هيءَ مسجد ملاڪا وٽان لنگهندڙ ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهي. ڳچي سمنڊ (Straits) لاءِ لکي چڪو آهيان ته سمنڊ جو اهو سوڙهو لنگهه جيڪو ٻن سمنڊن کي ڳنڍي ان کي ”ڳچي سمنڊ“ (انگريزي ۾ Straits) سڏجي ٿو. هن ڳچي سمنڊ جو بين الاقوامي نالو "Malacca Straits" آهي. جيتوڻيڪ هي سامونڊي سوڙهو لنگهه ايڏو ڊگهو آهي جو ان کي اڪرڻ لاءِ اسان جي جهاز کي ٻه ڏينهن ٻه راتيون لڳيو وڃن ۽ ان سامونڊي درياهه تي نه فقط ملاڪا پر پينانگ، لنگڪوي، پورٽ، ڪلانگ، جوهور بارو ۽ آخر ۾ (جتي هي چيني وڏي سمنڊ سان ملي ٿو، اتي) سنگاپور به آهي، پر جيئن ته پراڻي زماني ۾ فقط ملاڪا شهر جو وجود هو، ان ڪري هن ڳچي سمنڊ جو نالو هن شهر ملاڪا تان پيو آهي ۽ اسان جي آڳاٽن سامونڊي نقشن ۾ به هن جو انگريزي ۾ نالو Malacca Strait ۽ ملئي زبان ۾ Selat Melaka لکيل آهي. ملئي زبان ۾ سيلات معنيٰ ڳچي سمنڊ آهي ۽ هن مسجد جو نالو ”مسجد سيلات ملائيشيا“ پڻ آهي. هونءَ هي ڳچي سمنڊ ايترو سوڙهو به نه آهي. ڇو جو سندس ٻيو ڪپر جيڪو انڊونيشيا جو وڏو ٻيٽ سماترا آهي، ان جا ڪناري وارا جبل فقط صاف موسم ۾ نظر اچن ٿا. بهرحال ملاڪا شهر وٽ هن ڳچي سمنڊ ۾ هڪ هٿرادو ٻيٽ ٺاهيو ويو آهي، جنهن جو نالو ئي آهي ”پلائو ملاڪا“. ملئي زبان ۾ پلائو معنيٰ ٻيٽ ۽ هن ٻيٽ جي ڪناري تي مسجد اهڙي طرح پيل پاين تي ٺاهي وئي آهي جو سندس اڳ جو فقط ٿورو حصو زمين تي آهي، باقي سمنڊ ۾ آهي. وڏي وير (High Tide) وقت ائين لڳندو آهي ڄڻ هيءَ مسجد پاڻيءَ مٿان تري رهي آهي. ان ڪري هن مسجد کي Masjid Terapung يا Floating Mosque به سڏين ٿا. ملئي زبان ۾ اپنگ معنيٰ ترڻ تنهن جي اڳيان Ter (تر) لکڻ سان ٿيندو ترندڙ. ملئي زبان ۾ ڪيترن لفظن اڳيان ’تر‘ لکڻ سان اهي فعل مان اسم، صفت يا ضرف ٿين ٿا. جيئن Balik معنيٰ موٽڻ. ان جي اڳيان ’تر‘ لکڻ سان لفظ ٺهي ٿو Terbalik معنيٰ اونڌو ٿيل. هڪ ٻيو لفظ آهي بارو معنيٰ نئون ۽ تربارو معنيٰ نڪور، تهدر. ملئي زبان ۾ لفظن اڳيان نه فقط ’تر‘ پر ber، men ۽ pen ڳنڍڻ سان انهن لفظن جون مختلف معنائون ٿيو وڃن.
    هن مسجد جو افتتاح 24 نومبر 2006ع تي ان وقت جي بادشاهه تئانڪو سيد سراج الدين ڪيو هو. هن مسجد جي اڳيان جيڪو روڊ لنگهي ٿو ان جو نالو ”جالان ملاڪا رايا“ آهي. منهنجي خيال ۾ هيءَ مسجد اهڙي آهي جيڪا ملاڪا ايندڙ هر مذهب جي ماڻهوءَ کي ڏسڻ کپي. ايران ۽ عربستان ۾ ڪيتريون ئي هن کان وڏيون ۽ ماڊرن مسجدون آهن پر هن مسجد جي ڊيزائين ۽ سمنڊ ۾ هجڻ ڪري ڪيترائي عرب ۽ ايراني به فوٽو ڪڍندي نظر اچن ٿا. ان کان علاوه ملاڪا جون ٻه ٽي ٻيون مسجدون به ڏسڻ وٽان آهن.
    ملاڪا جي ٻي نئين ۽ ماڊرن مسجد جيڪا منهنجي هوندي ٺهي اها مسجد العظيم آهي. هيءَ مسجد شهر جي وچ ۾ ملاڪا اسپتال جي ويجهو جالان (شاهراهه) بُڪت بارو تي آهي ۽ توهان جي اتان پنڌ لنگهي رهيا آهيو يا ٽئڪسي ۾ ته ڪجهه گهڙيون ترسي هن کي اندران به ڏسي سگهو ٿا. هن مسجد جي ٺهڻ جو ڪم 1984ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1990ع ۾ ان وقت جي بادشاهه سلطان اذلان شاهه افتتاح ڪيو. هي بادشاهه هاڪيءَ جي حوالي سان اسان وٽ به مشهور آهي. ملائيشيا جي مڙني بادشاهن ۾ هي وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ليکيو وڃي ٿو. بادشاهه ٿيڻ کان اڳ پاڻ هن ملڪ جي هاءِ ڪورٽ جو جج پڻ ٿي رهيو هو.
    هن مسجد جي اڏاوت تي چيني هنرمندي ۽ مڪاني ملئي عمارت سازيءَ جو وڏو اثر آهي.
    ملاڪا جي پراڻين مسجدن ۾ منهنجو مسجد تنغڪرا (Tranguerah Mosque) ۾ تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيو جو ملاڪا شهر ڏي ويندي ۽ موٽندي منهنجو هن مسجد وٽان لنگهه ٿيو ٿي ۽ ڪيترا دفعا جمعي نماز يا سانجهي نماز هن مسجد ۾ پڙهڻي پيئي ٿي. يا وري اوسي پاسي ۾ رهندڙ ڪنهن ملئي دوست سان ملڻ لاءِ يا ڪوالالمپور يا سنگاپور کان ملاڪا ايندڙ دوست سان گڏجڻ لاءِ کين هن مسجد جا پار پتا ڏيندو هوس، جو هيءَا ملاڪا جي مشهور مسجد آهي ۽ ملاڪا جي اهم شاهراهه جالان ترنغڪرا تي هجڻ ڪري هر هڪ ان کان واقف آهي. سندس ڀرسان هتي جو مشهور ملئي اسڪول ”گاجا بيرانگ سيڪنڊري اسڪول“ اڳهين هو ۽ هاڻ ”انٽرنيشنل اسڪول“ کلڻ ڪري ملاڪا ۾ رهندڙ ڌاريان به هن روڊ ۽ هن مسجد کان واقف آهن. ان کان علاوه هن مسجد جي ڀرسان ڪجهه ٻيون اهم شيون پڻ آهن، جن ۾ هر هڪ ٽوئرسٽ جي دلچسپي رهي ٿي، جيئن ته ڪمپونگ چِٽي (چٽي ڳوٺ) لِيگئسي هوٽل، سورائو مسجد ۽ خريداريءَ لاءِ جايا مُودا پلازه.
    مسجد ترنغڪرا جيڪا Tengkera به ڏسجي ٿي ته Tranquerah به، سال 1728ع ۾ ٺهي جڏهن ملاڪا تي حڪومت ڪندڙ ڊچن عيسائيت کان علاوه ٻين مذهبن کي به آزادي ڏني. ان ئي سال هتي جي هڪ ٻي پراڻي مسجد ”ڪمپونگ هُولو“ پڻ ٺهي. مسجد تنغڪرا پهرين جڏهن ٺهي ته سڄي ڪاٺ جي ٺهي هئي. هتي جنگل ۽ ٻيلن ڪري ڪاٺ تمام گهڻو ۽ سستو آهي. اڄ به ڳوٺن جي گهرن جون ڇتيون ته ڇا ڀتيون ۽ فرش به ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو. اڌ صديءَ بعد 1780ع ۾ هن مسجد ۾ تبديليون آنديون ويون ۽ ان کي اڄ واري صورت ۾ آندو ويو. باقي جيڪو منارو آهي، اهو ان ئي اصلي صورت ۾ آهي. هنن مسجدن ۾ توهان کي پاڻ وارين مسجدن وانگر گنبذ نظر نه ايندو پر هي مسجدون اهرام (Pyramid) وانگر نظر اينديون ۽ منجهن گهڻو ڪري هڪڙو ئي منارو ٿئي ٿو. اهو به اسان جي مسجدن جي مناري کان مختلف ٿئي ٿو.
    هن مسجد جي اڱڻ تي ”جوهور“ رياست جي هڪ سلطان حسين محمد شاهه جو مقبرو آهي. هي اهو سلطان آهي، جنهن پنهنجي رياست جوهور ڀرسان ڪجهه ويران ٻيٽن مان هڪ سنگاپور نالي 6 فيبروري 1819ع تي انگريز حاڪم اسٽئمفورڊ رئفلز کي وڪڻي ڏنو هو.
    جنهن سال (1728 ۾) مسجد تنغڪرا ٺهي هئي، ان ئي سال ملاڪا ۾ هڪ ٻي مسجد ڪمپونگ هُولو پڻ ٺهي هئي. هيءَ مسجد ’جالان تڪانگ اِماس‘ تي ٺهيل آهي، جيڪو روڊ ”هارموني اسٽريٽ“ به سڏجي ٿو. هي روڊ Harmony يعني سڪون ڀريو روڊ شايد ان ڪري سڏيو ويندو هجي جو هتي هندن جو مندر ”سري پاياٿاويانگر مورتي“ چينين جو مندر ”چينگ هون تينگ“ ۽ هڪ ٻي پراڻي مسجد ”ڪمپونگ ڪِلنگ مسجد“ پڻ آهي. 285 سال اڳ ملاڪا جي ملئي ڪميونٽي جو ليڊر ”ڪپتان داتو شمس الدين الونگ“ هو. مسجد ڪمپونگ هُولو هن شخص ٺهرائي هئي. ڪيترن جو چوڻ اهي ته ڪپتان چين کان هتي اچي رهيو هو ۽ هن کي ”سُن شيهلن“ نالي سان پڻ سڏيو ويو ٿي. هو چين کان ملاڪا اَچي رهيو هو ته هن جو جهاز سامونڊي لهرن سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. ڪاٺ جي ٽڪرن ذريعي پنهنجي جان بچائي ملاڪا جي ڪناري اچي ڦهڪو ڪيائين. جهاز جي حادثي مهل هن سُکا ڪئي هئي ته هن کي جي حياتي ملي ته اسلام قبول ڪندو. مسلمان ٿيڻ بعد هن پنهنجو اسلامي نالو شمس الدين رکرايو پر ساڳي وقت هن کي سندس اصلي چيني نالي سان به سڏيو ويو ٿي.
    هن مسجد جو نمونو پڻ سماترائي آهي. ان سان گڏ هن مسجد جي ٺاهه جوڙ ۾ چيني ۽ ڊچ نمونو پڻ رکيو ويو آهي. بهرحال مٿيون ٻه پراڻيون مسجدون ۽ ٽي مسجد ڪمپونگ ڪِلنگ جيڪي هڪ ٻئي ويجهو آهن، ملاڪا ۾ آئي سارو ضرور ڏسجن نه ته ٻي صورت ۾ انهن مسجدن جون تصويرون ڏسڻ سان به Idea ٿي سگهي ٿي ته هنن پَٽن تي آڳاٽيون مسجدون ڪهڙي اسٽائيل جون هيون.
    مسجد ڪمپونگ ڪِلنگ ملاڪا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي مسلمان سوداگرن 1748ع ۾ ٺهرائي. ياد رهي ته هندستان جا ڪيترائي واپاري خاص ڪري گجراتي وڏي عرصي کان ملاڪا ۾ ايندا ويندا رهيا ٿي. هن مسجد سان اڪثر ”مسجدون ڪمپونگ هولو“ جي ڀُل ٿيندي آهي جو اهي ٻئي مسجدون هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سندن پگوڊا (Pagoda) جهڙا منارا به هڪ ٻئي سان ملن ٿا. بهرحال هيءَ مسجد ڪمپونگ ڪلنگ 20 سال کن پوءِ ٺهي. ان سان ملندڙ جلندڙ نالي واري ڪپيتان ڪِلنگ مسجد پينانگ ٻيٽ تي بڪنگهام اسٽريٽ ۽ پِٽِ اسٽريٽ جي ڪنڊ تي آهي، جيڪا پڻ آڳاٽين انڊين مسلمانن ٺهرائي. ائين ته ڪيترائي ڳوٺ، وستيون ۽ علائقا اهڙا آهن، جن جي نالن ۾ ڪِلنگ (Keling) اچي ٿو، جيئن ته ڪمپونگ ڪِلنگ، بُڪت ڪِلنگ، تنجنگ ڪِلنگ وغيره. ملئي زبان ۾ ڪمپونگ معنيٰ ڳوٺ يا چؤديواري اندر وڏو گهر _ جيئن اسان وٽ ڳوٺن ۾ چوڌاري ڏنل لوڙهي اندر ڪيتريون ڀائرن، سوٽن، چاچن جون فئمليون رهن ٿيون. انگريزي جو لفظ ڪمپائونڊ به ملئي لفظ ڪمپونگ مان نڪتل آهي. ملئي لفظ Bukit جي معنيٰ ٽڪري، پهاڙي، دڙو آهي ۽ تنجنگ معنيٰ سامونڊي ڪنڊ آهي. پر هتي جنهن لفظ جي معنيٰ ۽ وضاحت ڪرڻ چاهيا ٿو، اهو لفظ Keling آهي.
    ملائيشيا ۾ Keling جيڪو اسين اڙدو يا سنڌيءَ ۾ ته ڪلنگ لکون ٿا، پر ملئي جوي ۾ ڪلنغ لکيو وڃي ٿو، ملائيشيا جي انڊين لاءِ استعمال ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ ان لفظ ۾ ڪا خرابي نه هئي، پر هاڻ جيئن جيئن ملائيشيا ترقي ڪري رهيو آهي تيئن تيئن ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين کي ڪجهه نفرت ڀري لهجي ۾ ڪِلنگ سڏيو وڃي ٿو، جيئن چانهه پاڻي جون هوٽلون هلائيندڙ انڊين کي ڪجهه بي عزتي واري انداز ۾ ”ماما“(Mamak) سڏيو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ هونءَ ماما (ماءُ جو ڀاءُ) لفظ ڪو برو ناهي. ڪو زمانو هو، ويندي هندستان جي ورهاڱي يا ملائيشيا کي خودمختياري ملڻ تائين به جو اسان جي ملڪن جي هنن پَٽن ڏي وڏي لئه هئي. ايتري قدر جو 1957ع ۾ جڏهن ملائيشيا مان انگريز ويو پئي ته اتي رهندڙ انڊين باشندن کان (جن ۾ تامل، مدراسي، ملباري غ گجراتي، پنجابي، سک، سنڏي اچي ويا ٿي) جڏهن پڇيو ويو ته ”توهان کي ملايا جو پاسپورٽ کپي يا توهان پنهنجي پراڻي انڊيا واري پاسپورٽ تي خوش آهيو؟“ ته ڪيترن اهو سوچي انڪار ڪيو ته ملايا (جيڪو پوءِ 1963ع کان ملائيشيا ٿيو) ۾ ڪير رهندو، جيڪو سڄو جنگل آهي. هوڏانهن دهلي، لکنو، آگرو، لاهور، بمبئي، ڪلڪتو، ڊاڪا وغيره دنيا جا ماڊرن ۽ ترقي يافته شهر هئا. ملايا ۾ رهندڙ انڊين مان گهڻو ڪري انهن ملايا جو پاسپورٽ قبول ڪيو جيڪي غريب هئا ۽ انهن وٽ مدراس، بمبئي، دهلي، لاهور موٽڻ جو نه ڀاڙو هو ۽ نه ڪي اتي مائٽ مٽ رهيا هئا.
    ايتريقدر جو ستر واري ڏهي ۾ به اسان پاڻي جي جهاز توڙي هوائي جهاز هلائڻ، انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ ملائيشيا وارن کان اڳڀرا هئاسين، پر پوءِ هي ملئي ماڻهو جن کي ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين ۽ چيني ”جنگل جا ماڻهو“ سڏيندا هئا سي ٻهراڙي توڙي ڳوٺن جا ماڻهو ۽ سندن اولاد ويا ترقي ڪندا ۽ اسان، خاص ڪري اسان پاڪستانين کي، خبر ناهي ڪنهن جي نظر لڳي وئي جو اسان جي لاءِ پنهنجن توڙي پراون جو Image خراب ٿي ويو آهي. بهرحال ڪو دور هو جو ملائيشيا ۾ رهندڙ انڊين خاص ڪري آڳاٽا آيل گجراتي ۽ ٻيا سوداگر وڏي ڳالهه سمجهيا ويا ٿي ۽ ملئي ماڻهن کي ڄٽ سمجهيو ويو ٿي پر هاڻ سائين ملئي ماڻهو هر فيلڊ ۾ اڳتي وڌي ويا آهن ۽ هاڻ هو ملائيشيا ۾ رهندڙ باقي ٻن قومن ”انڊين ۽ چينين“ تان چٿرون ڪن ٿا ۽ جيئن پهرين به لکي چڪو آهيان ته ٽئگور جي ڪري يا اڄ ڪلهه به بنگال جي آرٽ، ادب، فلمن، فلمي ائڪٽريسين ۽ ڳائڻين ڪري انڊيا ۾ بنگالي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، پر اسان وٽ سياسي جهڳڙن ڪري بنگالي لفظ Derogatory انداز ۾ استعمال ٿيڻ لڳو هو، ايتريقدر جو ”بوکي بنگالي“ ۽ ان قسم جا محاورا ٺهي پيا هئا. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ڪيلنگ جو لفظ آهي. ڪنهن جي واعدي ڪرڻ ۾ شڪ هوندن ته ملئي زبان ۾ چوندا ”جانجي ڪيلنگ“ معنيٰ ”انڊين وارو واعدو“ پيو ڪرين ڇا؟ ملئي زبان ۾ Janji معنيٰ واعدو آهي. ملئي توڙي چيني ڪميونٽي ۾ ڪو فيصلي ڪرڻ ۾ ٿاٻڙبو يا متضاد بيان ڏيندو ته ان کي چوندا: ”چَڪ اپ مچام ڪيلنگ“ يعني تون انڊين وانگر پيو ڳالهائين. ملئي زبان ۾ Cakap معنيٰ ڳالهائڻ ۽ Macam معنيٰ وانگر.
    رومن، يعني اي بي سي ملئي لکڻ مهل ’چ‘ جي اچار لاءِ فقط 'C' لکيو وڃي ٿو. سو ملائيشيا ۾ رستي تي ڪنهن اشتهاري بورڊ تي اهي اکر انهي اُچار سان پڙهجن.
    ڪيلنگ کان علاوه انڊين، خاص ڪري تامل چُوليا به سڏجن ٿا ۽ ملاڪا ۾ ڪي اهڙا به آڳاٽا تامل آهن جن جي زبان ۾ ملئي لفظ گهڻا آهن، جيڪي ملئي ماڻهن وارا کاڌا ۽ ويس وڳا پهرين ٿا ۽ انهن جي عبادت ۽ ڪلچر ۾ ڪيتريون ئي چينين ۽ ملئي مسلمانن جون ريتون رسمون آهن. اهي چِٽي (Chitty) سڏجن ٿا. هي ائين آهن، جيئن ملاڪا ۾ آڳاٽا آيل چيني جيڪي ملئي ڳالهائين ٿا ۽ ملئي ڊريس پائين ٿا ”پَرانڪان“ Peranakan سڏجن ٿا. ملاڪا ۾ هنن آڳاٽن هندو تامل ”چِٽين“ جو ”جالان گاجا برانگ“ روڊ تي سِري پَوياٿا مورتي مندر به آهي، جيڪو 1781 ۾ ٺهيو ۽ ملائيشيا جو سڀ کان پراڻو هندن جو مندر آهي، جنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين پوڄاري ايندا رهن ٿا. هي مندر چِٽي يعني تامل هندن جي ليڊر ٿاوينا ياگر ٺهرايو، جنهن لاءِ هن کي ان وقت جي ڊچ حڪومت هي پلاٽ ڏنو هو. هي مندر گنيش ديوتا کي منسوب ٿيل آهي، جنهن کي هتي جا تامل وينا ياگر به سڏين ٿا. هي مندر مسجد ڪمپونگ ڪيلنگ جي بلڪل ويجهو آهي. سو هارموني اسٽريٽ يعني ”جالان تُڪانگ ايماس“ روڊ تي مٿين مسجد ڏسڻ مهل هندن جو هي مندر ۽ اتي ئي ٺهيل چينين جو هڪ مندر ”چينگ هُون تينگ“ ڏسي سگهجي ٿو.
    ”چينگ هُون تينگ“ چينين جي مندر جي لفظي معنيٰ ”سائي ڪڪر جو مندر“ آهي، جيڪو 1645 ۾ شهر جي چيني اڳواڻ لِي وِي ڪنگ ٺهرايو، جنهن لاءِ هُن، سونهن ۽ سينگار جو سامان، چين مان گهرايو. انهن ڏينهن ۾ ملاڪا سلطنت ڊچن جي قبضي ۾ هئي. ٻڌ چينين جو هي مندر سڄي ملائيشيا ۾ پراڻو مندر آهي، جنهن ۾ اڄ تائين پوڄا پاٺ جو ڪم هلندو رهي ٿو. هن مندر ۾ چينين جي مشهور ديوي ”ڪئان ين“ جي مورتي رکيل آهي، جيڪا ”رحم جي ديوي“ سڏي وڃي ٿي. هن مندر ۾ ڪاٺ ۽ رنگ پالش جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي. ايتريقدر جو هن مندر کي يونيسڪو طرفان ايوارڊ آف ميرٽ ڏنو ويو آهي. ٽوئرسٽن لاءِ هي مندر صبح جو ستين کان شام جو ستين تائين کليل رهي ٿو:
    ملاڪا شهر ۾ آڳاٽين ۽ ماڊرن مسجدن، هندن ۽ چينين جي مندرن کان علاوه عيسائين جا پڻ ڪيترائي گرجا گهر (Churches) آهن، جيڪي ملاڪا تي راڄ ڪندڙ مختلف يورپي قومن: پورچو گالين، ڊچن ۽ انگريزن ٺهرايا. سڀ کان پراڻو ڪليسا گهر ”سينٽ پيٽر چرچ“ آهي، جيڪو پورچو گالين جي دور حڪومت ۾ ٺهيو. هي چرچ شهر جي مرڪز ۾ ’بندر هلير‘ ۾ آهي. پورچو گالي پهريان يورپي آهن، جن 1511 تائين تقريباً 200 سال هنن پَٽن تي راڄ ڪيو ۽ ان بعد انگريز رهيا.
    سينٽ پال چرچ هڪ پورچو گالي ڪئپٽن دئارتي ڪوئلهو (Duarte Coelho) ٺهرايو، جنهن جو اصل نالو "Our Lady of hill" رکيو ويو هو، پر پوءِ ڊچن هن جو نالو سينٽ پال چرچ رکيو. هن گرجا گهر کي قبرستان ۽ قلعو پڻ بنايو ويو هو. سينٽ فرانسز زئويئر جنهن جو ذڪر آئون پنهنجي انڊيا واري سفرنامي ۾ ڪري چڪو آهيان ته ان جو مقبرو انڊيا جي شهر گوا ۾ آهي، اهو پهرين هتي ملاڪا جي هن گرجا گهر ۾ دفن ٿيو هو، جتان پوءِ 1553 ۾ هن جو لاش پاڻي جي جهاز ۾ کڻي گوا ۾ دفن ڪيو ويو.
    هي گرجا گهر ڏسڻ وارا اتي ئي ويجهڙائي ۾ ملاڪا سلطنت جو محل (ميوزيم استانا) ۽ ڪلاڪ ٽاور پڻ ڏسي سگهن ٿا. ملاڪا جي وڏن شاپنگ سينٽرن (مالن) مان ٻه وڏا مال: داتاران پهلوان ميگا مال ۽ ماهڪوٽا پريڍ شاپنگ مال پڻ اتي ئي آهن.
    سينٽ فرانسز زئويئر، جنهن جو ملاڪا ۾ دفن ٿيل لاش، بعد ۾ گوا انڊيا ۾ دفن ڪيو ويو، ان نالي پڻ هڪ گرجا گهر اتي ئي ”جالان بندر ڪابا“ روڊ تي آهي. هي چرچ 1849 ۾ فرينچ ٻائي فاور (Favre) سينٽ فرانسز جي مانَ ۾ ٺهرايو هو. سينٽ فرانسز (St: Francis Xavier) ڪئٿولڪ مشنري (مبلغ) هو، جنهن 16 صدي ۾ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن ۾ ڪئٿولسزم جي پرچار ڪئي ۽ کيس اوڀر جو ٻائو (Apostle of the east) سڏيو وڃي ٿو.
    ان کان علاوه هڪ ٻيو آڳاٽو چرچ ”سينٽ پيٽرس چرچ“ پڻ اتي ئي ويجهو ”جالان بنگارايا“ تي پُترا اسپيشلسٽ اسپتال وٽ آهي، جيڪو ڊچن جي قبضي وقت 1710 ۾ ٺهيو. ”جالان بنگارايا“ روڊ تان هڪدم پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا آهن. ملاڪا شهر جي گهٽين ۾ ته واقعي ڏهاڪو سال گذريا پر سڀ کان گهڻو هن روڊ ”جالان بنگا رايا“ تي اچڻ ٿيندو هو. ملئي زبان ۾ روڊ، رستي، شاهراهه کي ته جالان (Jalan) سڏجي ٿو باقي بنگارايا هنن جو قومي گل آهي، جيڪو ڳاڙهي رنگ جو وڏي سائيز جو ٿئي ٿو. هونءَ
    َBunga جي لفظي معنيٰ گل آهي ۽ Raya جو مطلب وڏو آهي، جيئن هتي جا ملئي ماڻهو عيد واري ڏينهن کي هري رايا سڏين ٿا، يعني وڏو ڏينهن. Hari معنيٰ ڏينهن آهي.
    سو پاڻ ملاڪا شهر جي هڪ اهم روڊ ”جالان بنگا رايا“ جي ڳالهه پئي ڪئي. اڄڪلهه ته ملاڪا جي جنهن تنهن علائقي ۾ وڏا وڏا شاپنگ اسٽور ۽ مال کلي ويا آهن، پر اسان جي ملاڪا ۾ رهائش وارن ڏينهن ۾ هي روڊ Jalan Bunga Raya خوبصورت دڪانن خاص ڪري اليڪٽرانڪ جي شين کان مشهور هو. اسان کي ملاڪا پهچڻ سان يڪدم ڊيوٽي تي لڳائڻ بدران ٽي ڏينهن هوٽل ۾ رهائي پوءِ اداري طرفان مليل فلئٽ ۾ اچي رهڻ لاءِ چيو ويندو هو. اها هڪ سٺي ڳالهه ثابت ٿي جو اسان کي نئين نوڪري ۽ نئين ملڪ ۾ گهڙڻ ۾ Tension نه ٿيو ۽ ڏينهن ٻه گهمڻ ڦرڻ ڪري مزو اچي ويو نه ته انهن ڏينهن ۾ ڪنهن ٿي ملائيشيا ۾ نوڪري ڪرڻ پسند ڪئي. هر هڪ انگلينڊ ۽ آمريڪا جا خواب ٿي ڏٺا يا عرب ملڪن جا، جتي پگهار وڏا هئا. سمنڊ جي نوڪري ڇڏي هن شهر ملاڪا ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ مون سان گڏ منهنجو ڪلاس ميٽ ۽ هم پيشو چيف انجنيئر آصف غيور به هو. اسان ٻنهي هن نوڪري لاءِ گڏ Apply ڪيو هو ۽ ٻنهي کي نوڪريءَ جي آفر به ملي وئي، جيڪا اسان يڪدم قبول ته ڪري ورتي هئي، پر پوءِ سخت مونجهاري ۾ هئاسين ته وڃون يا نه وڃون. صحيح ڪيو اٿئون يا غلط ! اها ڪيفيت ڪراچي ڇڏڻ وقت به رهي ته ملاڪا پهچڻ تي به. رکي رکي هڪ ٻئي کي چيوسين ٿي ته سنئون سڌو جهاز پئي هلايوسين، جتي پگهار به سٺو هو ۽ جهاز ڪجهه ڪجهه مهينن بعد پنهنجي ملڪ ۾ پئي آيو. هاڻ هتي پرديس ۾ هڪ نئين ڪم (ٽيچنگ) جي شروعات ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڪاميابي نصيب ٿئي يا نه. اسان پهرين ڏينهن ئي جالان بنگارايا تي چڪر لاءِ نڪتاسين ته واشنگ مشينن جي دڪاندار ۽ ٽي وي جي دڪان واري اسان کان پڇيو ته اسان ٽوئرسٽ آهيون. اسان جي ٻڌائڻ تي ته اسان هتي رهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو توهان جي حڪومت سان ٽن سالن جو Contract ڪيو آهي ته هنن يڪدم کانئن ٽي وي، فرج ۽ واشنگ مشين جهڙين شين خريد ڪرڻ لاءِ چيو.
    ”توهان پڪ هوٽل ۾ رهيل هوندائو، ”هنن چيو،“ توهان سامان پسند ڪيو توهان جي پهچڻ کان اڳ توهان جي فليٽ تي پهچائي ڇڏينداسين.“
    منهنجي ساٿي آصف چيو ته ڳالهه ته صحيح ٿا ڪن. پاڻ کي فرنشڊ فليٽ مليو آهي، ان ۾ چلهو، بتيون، پکا ته هوندا پر هي سامان نه هوندو ۽ انهن شين بنا هڪ هفتو به گذاري نه سگهنداسين.“
    ”اهو ته صحيح آهي“، مون آصف کي چيو، ”پر جيئن پاڻ سوچيو آهي ته جي نوڪري پسند نه آئي ته ڏنڊ طور کين مهيني جو پگهار ڏئي بئگ کڻي هليا هلنداسين. ان صورت ۾ هي شيون اجايون مٿي ۾ لڳي وينديون.“
    آصف کي به ڳالهه دل سان لڳي ۽ اسان ان ئي ڪري في الحال اڪيلا آيا هئاسين، جيتوڻيڪ ملائيشيا حڪومت ٻارن جي به ويزا موڪلي هئي، پر اسان اهو ئي سوچيو هو ته ملڪ ۽ نوڪري صحيح لڳي ته پوءِ مهيني ٻن بعد ٻارن کي گهرائبو.
    دڪاندار اسان کي ڳڻتيون کائيندو ڏسي چيو:
    ”نه فقط ملاڪا شهر ۾ پر سڄي ملاڪا رياست جو سپلائر آئون آهيان ۽ مون کان وڌيڪ ڪو به سستو نه ڏيندانوَ. جيڪي به هتي نوڪري لاءِ اچن ٿا انهن کي ٻن ٽن ڏينهن اندر پگهار کان علاوه ڪجهه پئسا ڏنا وڃن ٿا، جيئن هو گهر لاءِ سامان وٺي سگهن. توهان ڀلي پئسا هفتي کن کانپوءِ ڏجو. سامان اڄ ئي موڪلي سگهون ٿا.“ ۽ اڃان به اسان کي وڌيڪ سهوليت ڏيڻ لاءِ هن چيو، ”توهان چاهيو ته اهي پئسا ڇهه مهينن جي قسطن ۾ ڏئي سگهو ٿا.“
    جيتوڻيڪ مسواڙ وارو طريقو مون ڪنهن ملڪ ۾ نه ڏٺو هو پر مون دل ٻڌي هن چيني دڪاندار کي چيو ته هو پنهنجيون اهي شيون اسان کي وڪڻڻ بدران مسواڙ تي ڏئي ته بهتر آهي ۽ مون ڏٺو ته هو راضي ٿي ويو. اسان کي اهو طريقو اهڙو وڻيو جو 10 سال کن جيڪي ملاڪا ۾ رهياسين، جاري رکيوسين. ٽي وي يا فرج خراب ٿِي ٿي پئي ته يڪدم مرمت ڪري ويو ٿي يا ٻي ڏئي ويو ٿي. پوءِ خبر پئي ته اهو ڪو اسان ڪمال نه ڪيو آهي پر مسواڙ تي شيون حاصل ڪرڻ هتي هڪ عام ڳالهه آهي، ايتريقدر جو شاديءَ جا جوڙا ۽ ڳهه ڳٺا به هتي جا گهوٽ ڪنوار مسواڙ تي وٺن. بهرحال اسان جو ان پهرين ڏينهن کان وٺي هن روڊ (جالان بنگارايا) تي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ۽ ان پهرين ڏينهن جو ٿو سوچجي ته لڳي ٿو اجهو اهو ڪو ڪالهه جو ڏينهن هو ۽ اسان کي سٿڻ قميص ۾ واڪ ڪندو هر دڪاندار ڏسي رهيو هو. اڄ ان پهرين ڏينهن کي ٽيهن کان مٿي سال گذري چڪا آهن. اڄ ملائيشيا جي ٽوئرسٽ انڊسٽري ايتري وڌي وئي آهي جو ملاڪا جهڙي تاريخي شهر جي جالان بنگارايا جهڙي اهم رستي تي سڄو ڏينهن دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو مختلف ويس وڳن ۾ پيا اچن وڃن نه ته اهو به ڪو زمانو هو جو گهٽ آدمشماري واري هن شهر ۾ هنن رستن تي فقط هن شهر جي اوڙي پاڙي جا ڄاتل سڃاتل ماڻهو هليا چليا ٿي. منهنجي ۽ مرحوم آصف غيور جي لنگهڻ تي سڀني غور سان ڏٺو ٿي ته هي ڌاريان ڪير آهن.


    ڇا گهمڻ کپي؟

    اسان جا ماڻهو جيڪي اڄڪلهه ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا، انهن کان پڇڻ تي هو ڪوالالمپور کانپوءِ يڪدم لنگڪوي ٻيٽ ۽ گنتنگ هاءِ لئنڊس جو نالو کڻن ٿا. ملائيشيا جي حڪومت به انهن جاين جي وڏي اشتهار بازي ڪري ٿي. اهي جايون ڏسڻ وٽان آهن ۽ انهن جو مختصر احوال اڳتي هلي لکان ٿو پر سچ ته اهو آهي ته اسان جي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو پاڪستان، انڊيا، ايران يا عرب ملڪن کان اچي ٿو، ان لاءِ انهن کان بهتر ته ملاڪا جهڙو تاريخي شهر ڏسڻ وٽان آهي. يورپي ۽ آمريڪي ماڻهو سرد ملڪن جي گهما گهمي وارن شهرن کان اچن ٿا، انهن لاءِ لنڪوي جهڙا خاموش ٻيٽ ۽ ماٺ مٺوڙي جي زندگي پُرلطف ثابت ٿئي ٿي، اسان جا ماڻهو خبر ناهي ڇو ڪوالالمپور جي هوائي اڏي تي لهي ڪوالالمپور جي شهر جون انيڪ دلچسپ شيون ۽ اوسي پاسي جا اپوح، ملاڪا، سريمبان جهڙا سهڻا شهر ۽ ٻهراڙي جي زندگي جا ملئي اسٽائيل ڳوٺ ڏسڻ بدران هڪ ڏورانهين ٻيٽ لنگڪويءَ ڏي هليا وڃن ٿا، جيڪو بلڪل ٿائلينڊ جي بارڊر وٽ ايترو پري آهي، جيترو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد ضلعي جو ٺُلهه شهر.
    ملائيشيا جو تاريخي شهر ملاڪا جنهن ۾ مون وڏو عرصو نوڪري ڪئي، ان جي ڪجهه ڏسڻ وٽان شين جو مختصر احوال، خاص ڪري مسجدن ۽ مندرن جو ته اڳهين لکي چڪو آهيان. هتي ايندڙ هر ٽوئرسٽ شهر جي پراڻي ۽ مرڪزي حصي ۾ پهرين اچي ٿو، جتي ڊچ حڪومت جي دور جون آڳاٽيون ڳاڙهي رنگ جون، اسٽابيري جي رنگ جهڙيون عمارتون آهن. هي عمارتون جيڪي Stadthuys پڻ سڏجن ٿيون. ملاڪا توڙي سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڊچن جون سڀ کان جهونيون عمارتون آهن. هي عمارتون 1650 ۾ ٺهيون ۽ انهن کي اڄ تائين انهي ئي حالت ۾ رکيو ويو آهي ۽ اهي ڊچ گورنرن جي سرڪاري گهر طور استعمال ٿيون ٿي. اڄ انهن عمارتن کي ميوزيم ۾ بدلايو ويو آهي. عمارتن جي اڳيان انگريز دور جي نشاني وڪٽوريا فائونٽين پڻ آهي. هي ٽڪرو جتي سڄو ڏينهن سياحن جي پيهه پيهان لڳي رهي ٿي ”ڊچ اسڪائر“ پڻ سڏجي ٿو. توهان جي ڪنهن ويجهي هوٽل ۾ ترسيل آهيو ته واڪ ڪري اچي سگهو ٿا ۽ جي پري رهيل آهيو ته بس ذريعي بس اسٽاپ نمبر 5 تي لهي هتي پهچي سگهو ٿا. ملاڪا ۾ رهڻ دوران مون وٽ ڪو به مهمان ايندو هو ته هن کي آئون هنن ڳاڙهين بلڊنگن وٽ ضرور وٺي ايندو هوس. ملاڪا ۾ بسين ۽ ٽئڪسين کان علاوه رڪشائون به هلن ٿيون. اڄ ڪلهه ڌارين سياحن جي دلچسپي لاءِ انهن رڪشائن کي گلن، ڳانن، جهنڊين ۽ گهونگهرن سان سجايو ويو آهي، جن ۾ ويهي ڪو سفر ڪري يا نه پر فوٽو ضرور ڪڍرائي ٿو. هن وقت به فيس بڪ تي آئون سنڌ يونيورسٽي جي ٻن پروفيسرن شاعرن ۽ ٽي وي ائنڪرن جون ان رڪشائن ۾ تصويرون ڏسي رهيو آهيان، جيڪي لڳي ٿو ته ماضي قريب ۾ هتان ٿي ويون آهن. هڪ فلاسافي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه پروفيسر امر سنڌو آهي ۽ ٻي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي هيڊ پروفيسر عرفانا ملاح آهي. اهڙي ئي اهميت واريون سنڌ جون عورتون پروين راڄپر، سلطانا صديقي ۽ ماهتاب محبوب آهن، جن جو پڻ تعليم، ٽي وي ۽ ادب سان واسطو آهي جون تصويرون هنن جهونين ڊچ عمارتن اڳيان نڪتل مون وٽ آهن، جڏهن هو اسي واري ڏهي ۾ اسان وٽ ملاڪا گهمڻ آيون هيون.
    ملاڪا جي هنن ڳاڙهين بلڊنگن (Dutch Square) ۾ پهچڻ تي توهان ٻه چار ٻيون شيون به ڏسي سگهو ٿا، جيڪي اتي ئي سڏ پنڌ تي آهن، جهڙوڪ: ڪرائسٽ چرچ ملاڪا، ميريٽائيم ميوزيم، سينٽ پال جي ٽڪري (Hill) جيڪا A- Famosa به ڏسجي ٿي، بادشاهي محل جيڪو ملئي زبان ۾ Istana Museum سڏجي ٿو، چائنا ٽائون جي مشهور گهٽي جيڪا Jonker Walk سڏجي ٿي، منارا ٽيمنگ ساري (Menara Taming Sari) اسي ميٽرن جي بلنديءَ تي مناري جي هڪ ماڙ جتان توهان سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهو ٿا. ملاڪا جا ٻه وڏا شاپنگ سينٽر ”داتاران پهلوان ميگا مال“ ۽ ”ماهڪوٽا پريڊ شاپنگ سينٽر“ به هتي ئي آهن. توهان کي جيڪڏهن ٿائلينڊ جي پتايا جهڙيونBeaches (سامونڊي ڪنارا) ڏسڻا آهن ته ملاڪا شهر کان ويهارو کن ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي تنجنگ بدارا ۽ پينگڪلان بالا (Pengkalan Balak) جهڙيون خوبصورت ۽ صاف سٿريون بيچون ۽ سامونڊي کاڌن جون ريسٽورنٽون ملنديون، جتي جپاني ۽ يورپي گورا هتي جي موسم ۽ سامونڊي لهرن جو لطف وٺندي نظر ايندا. پر مون کي خبر آهي ته اسان جو ماڻهو سامونڊي تانگهن ڪنارن(Beaches) ۾ دلچسپي نٿو رکي. اهڙي ڳالهه هجي ته هن لاءِ ڪراچي ۾ منهوڙي، ڪلفٽن، سي ويو، هاڪس بي ۽ سئنڊس پٽ تي ميلن جا ميل سمنڊ موجود آهن. اسان جي ماڻهن لاءِ پٽاني ۽ ٿائلينڊ جا ٻيا سامونڊي ڪنارن وارا شهر رنڊين ۽ کنڊين ڪري ڪشش رکن ٿا. هاڻ مڙيئي Aids ۽ ٻين موذي مرضن جي خوف کان ۽ اسان وٽ عورتن ۾ تعليم ۽ ڄاڻ اچڻ تي ٿائلينڊ ياترا ڪندڙ مڙسن تي هنن جي ڏنڊو کڻڻ ڪري هاڻ هنن هن پاسي اچڻ بند ڪيو آهي. نه ته جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ جڏهن به اهڙن شهرن ۾ پهچبو هو ته سمنڊ جي ڪناري تي ته يورپي نظر ايندا هئا پر اسان جا ماڻهو سوڙهين گهٽين جي ڳاڙهين بازارن ۽ مساج گهرن اڳيان ملندا هئا. بهرحال ڪنهن کي جي سمنڊ يا بيچ ڏسڻي آهي ته ان لاءِ نه فقط ملاڪا ۾ ڪيترائي هنڌ آهن پر ملائيشيا جي ٻين رياستن ۾ به سامونڊي ڪنارا ۽ سامونڊي ڳوٺ آهن جو ملائيشيا جي چوڌاري سمنڊ ئي سمنڊ آهي. پيرلس، ڪيداح، پينانگ، پيراڪ، سلينگور، نينگري سيمبيلان ۽ ملاڪا رياستون ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن ته ڪيلنتان، ترينگانو ۽ پهانگ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ڪناري تي آهن. آخر ۾ پوڇڙ وٽ جوهور رياست آهي، جنهن کي ٻئي سمنڊ ڇُهن ٿا. هوڏانهن فلپين جي پاسي جيڪو مشرقي ملائيشيا آهي، ان جي ٻنهي رياستن (سباح ۽ سراواڪ) کي ڏکڻ چيني سمنڊ ڇهي ٿو.
    اسان جي پاسي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا گهمڻ لاءِ هتي جي بين الاقوامي هوائي اڏي ڪوالالمپور تي لهن ٿا، انهن مان ورلي ڪو ملائيشيا جي هن تاريخي شهر ملاڪا ۾ اچي ٿو. جيتوڻيڪ منهنجي خيال موجب جيڪڏهن ڪو ملائيشيا ۾ ڏهن ڏينهن کن لاءِ اچي ٿو ته هو 2 ڏينهن کن ملاڪا ضرور گذاري. هن کي ملائيشيا جي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگيءَ کان علاوه مختلف ملئي، چيني ۽ انڊين ڪلچر ۽ تاريخي شين ڏسڻ جي ڄاڻ ٿيندي.
    آخر يورپ ۽ آمريڪا کان ڪَهي ايندڙ گورا بيوقوف ته نه آهن جيڪي ملاڪا جهڙن شهرن ۾ اچن ٿا. بهرحال توهان جيڪڏهن رات ملاڪا ۾ ٽِڪو ٿا ته ٻين شين سان گڏ ملاڪا جو ”تمن مِني ملائيشيا“ ضرور ڏسو. جيئن اسان وٽ مختلف صوبن ۾ مختلف ويس وڳا، کاڌا پيتا ۽ شادين مرادين جون مختلف رسم و رواج آهن، اهو ئي حال هتي جي رياستن جو آهي ۽ ڪنهن کي ايڏو ٽائيم آهي جو هڪ هڪ رياست ۾ وڃي. ان خيال کان ملائيشيا جي حڪومت ملاڪا شهر کان ٿورو ٻاهر ڀرو آئر ڪيروح واري علائقي ۾ (جتي ملاڪا تمن حيوان يعني ملاڪا جو چڙيا گهر، پوپٽن جو پارڪ وغيره آهي) هڪ ننڍڙو ڳوٺ ٺاهي ڇڏيو آهي، جنهن جا 13 حصا ڪيا ويا آهن ۽ هر حصو ملائيشيا جي هڪ رياست جي نمائندگي ڪري ٿو. ان ۾ ان رياست جي نموني جو گهر، اتي جي ويس وڳن ۾ اصل سائيز جا ماڻهو جيڪي مختلف ڪم ڪري رهيا آهن يا شادي جون رسمون ادا ڪري رهيا آهن ڏيکاريل آهن. ايتريقدر جو هر رياست ۾ ٿيندڙ ٻوٽا ۽ گل هتي پوکيا ويا آهن. نه فقط مغربي ملائيشيا جون يارهن رياستون ڏيکاريل آهن، پر مشرقي ملائيشيا جون ٻه رياستون صباح ۽ سراواڪ پڻ ڏيکاريل آهن ۽ اتي جا اصلي ماڻهو ۽ انهن جا ڊگها گهر (Long Houses) ڏيکاريل آهن ۽ هي ڳوٺڙو ايڏو ته صاف سٿرو ۽ گل گلڪارين وارو آهي جو لڳي ٿو ته ڪو سهڻو ويو ڪارڊ ڏسي رهيا هجون. ”تمن مِني ملائيشيا“ بابت هڪ جپاني ٽوئرسٽ جا ويچار پڙهيا هئم ته:
    IF you want to see the traditional style of housing of all 13 states of Malaysia, their peoples & their ways of life, then this Taman Mini Malaysia is a ‘Never- Miss’ for you!
    ملاڪا ۾ رهندڙ ميرپورخاص جي مير صاحب ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ملاڪا حڪومت ”تمن مني ملائيشيا“ جي ويجهو Mini ASEAN Park به ٺاهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا جو ڪلچر ڏيکاريو ويو آهي. ملائيشيا آسين (ASEAN) ملڪن جو ميمبر آهي. آسين (ايسوسيئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نئشن) جا ٻيا ميمبر: انڊونيشيا، ٿائلينڊ، سنگاپور، برونائي وغيره آهن. ملائيشيا، برونائي ۽ سنگاپور ۾ ڪيتريون ئي نوڪريون نڪرن ٿيون پر هو آسين ملڪن جي پئڪٽ مطابق پهرين پنهنجن ملڪن جي اخبارن ۾ اشتهار ڏين ٿا ۽ پنهنجا ماڻهو کڻن ٿا.
    ملاڪا جو هي تمن ملائيشيا روزانو صبح جو نائين کان شام جو ڇهين تائين کليل رهي ٿو ۽ هن کي گهمڻ جي ٽڪيٽ وڏن لاءِ 4 رنگٽ (ملائيشين ڊالر) آهي ۽ ٻارن لاءِ ٻه رنگٽ آهي، جيڪا شروع کان ساڳي هلندي اچي، جڏهن ته ملائيشيا جو هڪ رنگٽ اسان جي 5 يا 6 رپين برابر هو. ساڳيو اگهه سنگاپور جي ڊالر جو هو، پر هاڻي اسان جي سڪي جو قدر گهٽجڻ ڪري ملائيشيا جو رنگٽ 30 روپين جي ۽ سنگاپور جو 60 روپين جي ويجهو وڃي ٿيو آهي، ان ڪري اسان لاءِ جتي ڪٿي مهانگائي ٿي پئي آهي پر ٻين ملڪن جي ماڻهن لاءِ جتي ڪٿي سستائي آهي. جيئن شروع ۾ لکي آيو آهيان ته منهنجي ملاڪا ۾ هجڻ وارن ڏينهن ۾ يعني اسي واري ڏهي ۾ ملاڪا کان ڪوالالمپور 12 رنگٽ ٽڪيٽ هئي, اڄ 30 سالن بعد به اها آهي، جيتوڻيڪ اڄ پهرين کان روڊ سٺا آهن، بسيون وڌيڪ آرامده آهن. اسان وٽ به ڪراچي کان حيدرآباد جو ڀاڙو اڄ اهو ئي 1980ع وارو ساڍا اٺ روپيه هجي ها ته عوام لاءِ ڪيڏو سک هجي ها.
    ملاڪا گهمڻ لاءِ ايندڙن کي ٻه ٻيون شيون به ڏسڻ لاءِ صلاح ڏيندس، جيڪي پڻ اتي ئي آهن. هڪ پورچوگالين جو ڪوارٽر ۽ ٻي جونڪر (Jonker) اسٽريٽ.
    ملاڪا ۾ هڪ علائقو آهي، جتي پورچوگيز ڪميونٽي جا ماڻهو رهن ٿا. اهو علائقو ”پورچوگيز اسڪائر“ سڏجي ٿو. انگريز ۽ يورپ جي مختلف قومن پورچوگالين، ڊچن، فرينچن، جرمنن، هسپانين وغيره جا ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن تي قبضا ٿيا. پورچوگالي ۽ ڊچ جهازراني ۾ وڌيڪ تيز هئا، ان ڪري انڊيا توڙي آفريڪا ۽ هيڏانهن ايسٽ انڊيز (ملايا، سريلنڪا، انڊونيشيا وغيره) ۾ پهرين اهي پهتا. پر انگريز حڪومت هلائڻ ۽ ڊپلوميسي ۾ ماهر هئا، ان ڪري هنن اٽڪل ڪري ڌارين ملڪن تي پنهنجا چنبا مضبوطي سان هنيا ٿي ۽ انهن ملڪن کي وڏي عرصي لاءِ پنهنجي قبضي ۾ رکيو ٿي. ايتريقدر جو ملڪن کي خود مختياري ڏيڻ بعد به ڪامن ويلٿ جهڙيون مسخريون ٺاهي پنهنجو پاڻ کي چڱو مڙس ۽ سرخرو مڃرائيندا اچن. انگريزن جي هڪ ٻي ڳالهه ته مڪاني رسم و رواج ۽ مذهب سان ظاهر ظهور هٿ چراند نه ڪئي. پنهنجا گرجا گهر ۽ مشنري اسڪول ضرور کوليا، پر پورچوگالين وانگر نه، جن مڪاني ماڻهن کي سندن مذهبن کان منع ڪري عيسائيت قبول ڪرڻ تي کلي عام زور ڏنو. اهو ڪم هنن موپوتو، ملاڪا ۽ ڪيپ وردي ٻيٽن کان وٺي پنهنجي ڏکڻ آمريڪا جي ڪالونين ۾ ڪيو. پوءِ جتي کين مزاحمت ٿي ٿي، اتي هنن باهيون ڏنيون ٿي، پوءِ ڀلي سنڌ جو شهر ٺٽو هجي يا ممباسا ۽ ملاڪا.
    هڪ ٻي ڳالهه ته يورپ جي ورلي ڪنهن قوم جي ماڻهوءَ مڪاني عورت سان شادي ڪئي هجي. هو پنهنجو پاڻ کي حاڪم ۽ اتم اتاهون سمجهندا هئا. هو مڪاني ماڻهن کي هيٺين درجي جو ۽ Native سڏيندا هئا. ايتريقدر جو يورپين (انگريزن سميت) جي راڄ ۾ هنن جي پنهنجي ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ سندن مئڊمن جي ڪتن کي ته اجازت هوندي هئي، پر مڪاني ماڻهوءَ کي نه. ان معاملي ۾ پورچوگالي به سخت هئا، پر مڪاني عورتن سان قانوني توڙي غير قانوني جنسي تعلقات رکڻ کي خراب نه سمجهندا هئا. ان ڪري اهي آفريڪا جا ملڪ جتي پورچوگالين جي حڪومت رهي، اڄ به سندن اولاد ڪاري ۽ چاڪليٽي رنگن جي وچ وارن مختلف شيڊن ۽ شڪلين وارو نظر اچي ٿو. انهن مان ڪجهه لسبن ۽ پورچوگال جي شهرن ۾ پڙهڻ ۽ نوڪرين ڪرڻ لاءِ ويو ته اتي ئي رهي پيو.
    ملاڪا سلطنت تي پورچوگالين جي 1511 کان 1641 تائين 130 کن سال حڪومت رهي. ان وقت هن پوري ريجن جي گادي ملاڪا شهر هو. پورچوگالين بعد ڊچن جي حڪومت رهي، جيڪا 200 کن سال رهي. پورچوگالي حاڪم کڻي هليا ويا، پر سندن عام ماڻهو توڙي مڪاني عورتن مان پيدا ٿيل ٻار ملاڪا ۾ ئي رهيا. ان بعد انگريزن جي حڪومت ۾ ۽ هاڻ وري واپس مڪاني ملئي ماڻهن جي راڄ ۾ هنن کي پنهنجو مذهب، پنهنجي زبان ۽ رسم رواج قائم رکڻ جي آزادي رهي آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي پورچوگال جي زبان ۽ پنج سؤ سال پراڻي ملاڪا جي پورچوگالي زبان ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي پر بهرحال هو پنهنجي طور طريقن سان عبادت ۽ رسم رواج، کاڌا پيتا ۽ ناچ ٽپڪا قائم رکڻ ۾ خوش آهن ۽ هتي ايندڙ ٽوئرسٽ ملاڪا جي هن ضلعي اجانگ پاسر (Ujong Pasir) ۾ وڃي هنن کي مڪاني ماڻهن کان مختلف ڊريسن، شڪلين ۽ آداب اطوار ۾ ڏسي حيرت کائين ٿا. ملاڪا ۾ رهائش دوران توڙي هينئر به منهنجو ملاڪا جي هن پورچوگيز ڪوارٽر ۾ وڃڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي هتي پهچي مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ منهنجو جهاز پورچوگال جي بندرگاهه لسبن ۾ پهچي ويو آهي. ملاڪا جي هن علائقي ۾ هوٽلن ۽ مئخانن (Pubs) جي عمارتن جي ڊيزائين ۽ نالا پورچوگالي آهن. هڪ ڌارئين کي ملاڪا جو هي ٽڪرو ايشيا جي ڪنهن ملڪ جو نه پر پورچوگال جو لڳندو.
    پورچوگالين جو هي علائقو (اجانگ پاسر) ڪو پري ناهي. ملاڪا شهر جو ئي حصو آهي. ملاڪا جي مرڪزي شهر کان ايترو پري آهي، جيترو ڪراچي جي صدر کان گرومندر. بهرحال بهتر اهو آهي ته توهان شهر ۾ هلندڙ بسين مان نمبر 17 ۾ چڙهي پئو ۽ بس اسٽاپ نمبر ڏهين تي لهو، جيڪو بس اسٽاپ Portuguese Settlement اندر آهي. هتي توهان ڪنهن وقت به اچي سگهو ٿا، پر ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن وڌيڪ رونق رهي ٿي.


    آڱر سان ناريل ۾ سوراخ ڪرڻ

    1970تائين به ملائيشيا جو حال اهو هو جو سڄي ملڪ ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون يونيورسٽيون هيون. ملڪ جا نوجوان جيڪي پئسي ڏوڪڙ جي سگهه ساري سگهندا هئا اهي انٽر (STPM) ڪرڻ بعد انجنيئرنگ، ميڊيڪل يا ڪنهن ٻي فيلڊ لاءِ مختلف ملڪن جو رخ رکندا هئا. گهڻو ڪري اهي ڏکڻ انڊيا جي ڪاليجن ۾ پڙهڻ ويندا هئا جتي جي موسم ملائيشيا جهڙي آهي. ڪجهه آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ به ويندا هئا جيڪي ملڪ هنن کي انگلنڊ کان ويجهو ۽ سستا پيا ٿي. ڪجهه شاگرد ته ڪراچيءَ به پڙهڻ لاءِ آيا ٿي خاص ڪري مرچنٽ نيوي لاءِ. ملائيشيا جي مرچنٽ نيوي جا شروعاتي آفيسر پاڪستان مئرين اڪيڊمي جا گرئجوئيٽ آهن. ڪجهه شاگردن ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۽ NED يونيورسٽي مان به پڙهيو ٿي. اهڙي ئي هڪ ملئي شاگردياڻي ڊاڪٽر زرينا بنت شيخ محمد دائود جو احوال اڳتي هلي ڪبو، جنهن Dow مان MBBS ڪئي ۽ سکر جي هڪ سندس ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر افتخار عباسيءَ سان شادي ڪئي.
    اسي واري ڏهي ۾ به منهنجي ملئي ليڪچرار دوست ابراهيم معروف کي پنهنجين ڌين ايمي مرئين ۽ جنيتا کي مون سان گڏ پاڪستان موڪلڻ جو شوق هو جيئن هو هتان ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهي سگهن. پر پوءِ ٽن سالن جو مدو پورو ڪري پاڪستان موٽڻ بدران ملائيشيا ۽ پاڪستان حڪومت جي ڪيل سمجهوتي موجب مون کي ڏهه سال کن ملاڪا ۾ رهڻو پئجي ويو ۽ سندس ۽ منهنجي ٻارن کي ملاڪا ۾ ئي پڙهڻو پيو. حقيقت ته اها آهي ته 1991ع تائين ملاڪا ۾ رهي موٽڻ وقت به ملاڪا جي سڄي رياست ۾ ڪو انٽرنيشنل اسڪول نه هو. اتي جي چيف منسٽر اسان Expatriates (ڌارين ملڪن کان نوڪري لاءِآيل ماڻهن) لاءِ جهڙو تهڙو کڻي بندوبست ڪيو هو.
    پر اڄ دنيا ئي بدليل نظر اچي ٿي. ملاڪا جي اعليٰ معيار جي انٽرنيشنل اسڪول ۾ نه فقط ملاڪا رياست ۾ رهندڙ فارينرن جا ٻار پڙهن ٿا پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ماڻهو پنهنجا ٻار هن اسڪول لاءِ يا هن جهڙن ٻين اسڪولن ۾ موڪلين ٿا جيڪي ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ کلي ويا آهن. مختلف فئڪلٽين جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون ۽ انهن جي تعليم جو معيار ۽ ڊسپلين ايڏو سخت ۽ مٿانهون آهي جو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد اعليٰ تعليم لاءِ هتي اچن ٿا. هتي جي حڪومت ڪوشش ڪري هر قسم جي تعليم عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ 2008ع ۾ ملاڪا ۾ Complementary Medicine جو ڪاليج کوليو ويو جنهن سان اسان جو ڊاڪٽر مير عطا محمد ٽالپر وابسته آهي.
    پهرين ڏينهن ئي شام جو اسان هتي جون ڊچ دور جون ڳاڙهي رنگ جون عمارتون ۽ انگريز مهاراڻي وڪٽوريا سان منسوب ٿيل ڦوهارو ڏسي ”جالان تُن چانگ چينگ“ ڏئي ”جالان ڪوبو“ روڊ تي آياسين جنهن جي هڪ پاسي هي ”ملاڪا ڪاليج آف ڪامپليمينٽري ميڊيسن“ آهي ته روڊ جي ٻئي پاسي جتان ”جونڪر اسٽريٽ“ شروع ٿئي ٿي تامل ميٿا ڊسٽ چرچ آهي. هن گرجا گهر جي نه فقط عمارت خوبصورت آهي پر UNESCO طرفان هن عمارت کي World Heritage Site پڻ مقرر ڪيو ويو آهي. هي ڪليسا گهر (چرچ) 1908ع ۾ Kubu Methodist Church جي نالي سان ٺاهيو ويو جنهن ۾ چيني ۽ تامل عبادت لاءِ آيا ٿي. ان بعد جالان تينگڪرا تي 1954ع ۾ جيئن ئي چينين جو الڳ چرچ ٺهيو ته هن جو نالو تامل ميٿاڊسٽ چرچ رکيو ويو. هاڻ هتي انگريزي ۽ تامل زبانن ۾ سروس (واعظ) ٿئي ٿو.
    ملاڪا جي هن ميڊيڪل ڪاليج MCCM لاءِ ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته سڄي ملائيشيا ۾ هي ڪاليج پنهنجي نوعيت جو آهي جتي ايلوپٿي سان گڏ قدرتي دوائن بابت پڻ پڙهايو وڃي ٿو. هي ڪاليج ملائيشيا جي وزارت اعليٰ تعليم ۽ MQA (Malaysian Qualification) ايجنسي طرفان منظور شده آهي. ڪاليج کي پنهنجو هڪ وڏو Organic فارم ۽ نئچرو پئٿي سينٽر پڻ آهي. هي ڪاليج اهو سوچي ٺاهيو ويو ته ملائيشيا جا 70 سيڪڙو ماڻهو اڄ به روايتي ۽ ديسي دوائن جو استعمال ڪن ٿا. ڊاڪٽر عطا اهو پڻ ٻڌايو ته هن ڪاليج ۾ اڃان سرٽيفڪيٽ ۽ ڊپلوما ڪورس شروع ڪيا ويا آهن جن جي سليبس ۽ ڪورس ٺاهڻ ۾ هن جو پڻ وڏو هٿ آهي. ڊپلوما ڪورس لاءِ هر شاگرد کي ڇهه سيمسٽر (ٽي سال) ۽ ڇهه مهينا ڪلينيڪل ٽريننگ جا ضروري آهن. مختلف سيمسٽرن جا مختلف سبجيڪٽ هن ريت آهن:
    پهريون سيمسٽر:
    ائناٽامي- بائيوڪيمسٽري، نيوٽريشن ۽ هربس، فزيالاجي ۽ ملئي زبان.
    ٻيو سيمسٽر:
    ائناٽومي، پئٿالاجي، مائڪرو بائيولاجي، وغيره.
    ٽيون سيمسٽر:
    نئچرو پئٿي، يوگا سائنس، ڪميونٽي ميڊيسن وغيره.
    چوٿون سيمسٽر:
    ميڊيڪل اِٿڪس، فورنسڪ ميڊيسن، اسلام، قدرتي علاج جو فلسفو.
    پنجون سيمسٽر:
    هائڊرو ٿيراپي، روزي رکڻ مان فائدا، گائناڪالاجي، بزنيس ۽ قانون وغيره.
    ڇهون سيمسٽر:
    Manipulative ٿيوري، انڊسٽريل ٽريننگ وغيره.
    ڊاڪٽر عطا کي چيم ته تنهنجو ڪاليج (MCCM) جنهن ۾ تون نوڪري ڪرين ٿو واهه جي هنڌ تي آهي. چوڌاري تامل چرچ جهڙيون تاريخي جايون، سامهون ملاڪا جي مشهور گهٽي ”جونڪر اسٽريٽ“، اڳيان وري ڊچن ۽ پورچوگالين جون عمارتون... هي اهو علائقو آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جا سياح حسرت ڪن ٿا. ملاڪا ۾ رهڻ دوران آئون هر وقت هي روڊ ”جالان ڪُوبو“ وٺي جالان تنگڪرا تي ايندو هوس جنهن تي ٺهيل آڳاٽي مسجد ”تنگڪرا“ وٽان لنگهي پنهنجي رهائش واري علائقي مسجد تاناح ڏي ويندو هوس. وندر جون گهڙيون گذارڻ لاءِ منهنجو گهڻو وقت هن جونڪر اسٽريٽ ۾ گذرندو هو جنهن جا رنگ ۽ رونقون اڄ به برقرار آهن.
    هن گهٽيءَ ۾ چينين جا گهڻا دڪان هجڻ ڪري هيءَ گهٽي به چائنا ٽائون جو حصو لڳي ٿي. هن گهٽيءَ ۾ گهڻو ڪري آڳاٽي زماني جون ناياب شيون وڪامن ٿيون. ڏور اوڀر جي ملڪن جي ماڻهن کان وٺي يورپ جي ٽوئرسٽن جي هن جونڪر اسٽريٽ ۾ پيهه پيهان رهي ٿي. چينين جي عقيدي موجب چيني ماڻهو پنهنجي مائٽ مٽ کي دفن ڪرڻ وقت پني جا جهاز، ڪارون، گهر ويندي نوڪر چاڪر ساڙين ٿا جو هنن جو چوڻ آهي ته ائين ڪرڻ سان هنن کي اهي شيون مرڻ بعد ٻئي جهان ۾ ملن ٿيون. هنن گهٽين ۾ ان قسم جا ڪيترائي دڪان نظر ايندا جتي چيني ڪاريگر آرڊر مطابق رنگين پنن مان مختلف شيون ٺاهين ٿا. هڪ دفعي ته ڪنهن چيني سيٺ جي آرڊر تي مون ويهه فٽ کن ڊگهو هوائي جهاز ٺهندي ڏٺو جنهن ۾ هن سيٺ لاءِ نه فقط ويهڻ لاءِ پر سمهڻ لاءِ هنڌ بسترا ۽ ڪاغذ جا ٺهيل نوڪر چاڪر، ايئر هوسٽسون ۽ پائلٽ ٺهي رهيا هئا. ان تان مون کي ياد ٿو اچي ته منهنجي انگريز ڪليگ ڪئپٽن ڪئرو ٻڌايو ته هانگ ڪانگ ۾ ته چيني ڪفن جون پيتيون به مختلف شڪلين جون ٺاهين ٿا. هانگ ڪانگ جي اسپتال جو دل جي بيمارين جو ماهر ڊاڪٽر گذاري ويو ته هن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ هن لاءِ دل جي شڪل جي پيتي ٺاهي ان ۾ سندس لاش کي دفن ڪيو ويو.
    ”اهو ڏسي منهنجي ملڪ جو سرجن دوست جيڪو اهو سوچي هانگ ڪانگ آيو هو ته هن کي مرڻو جيئڻو اتي آهي نوڪري ڇڏي هليو ويو.“ ڪئپٽن ڪئرو ٻڌايو.
    ”ڇو ڀلا؟“ مون حيرت مان پڇيو.
    ڪئپٽن ڪئرو کلندي چيو، ”ان ڪري جو هو گائناڪالاجسٽ هو.“
    شام جو وقت هو. ڊاڪٽر عطا جو ڪاليج بند هو پر ڪجهه شاگرد لئبرري ۾ پڙهي رهيا هئا. ڊاڪٽر عطا پنهنجي آفيس کولائي چانهه جو آرڊر ڏنو ۽ اسان هٿ منهن ڌوئي چانهه پي فريش ٿياسين ۽ سامهون جونڪر اسٽريٽ ۽ ڪوبو روڊ جي سير تي نڪتاسين. گهٽي جي وچ تي هڪ اسٽيج ٺهيل هئي جيڪا رنگين بلبن ۽ گلڪارين سان سجيل هئي. ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته سج لٿي کانپوءِ هتي ڳائڻ وڄائڻ جو پروگرام ٿئي ٿو ۽ ڪيترائي نوان ڳائڻا ۽ مزاحيه فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اعليٰ فنڪار ۽ ڪرتب ڏيکارڻ وارا به هتي اچن ٿا. ڇنڇر ۽ اڄوڪي ڏينهن تي ”جوهور بارو“ کان ماسٽر هو (Master Ho) به ايندو آهي جيڪو اڌ منٽ ۾ چئن ناريلن ۾ آڱر سان سوراخ ڪري ٿو.
    ”واقعي!“ مون حيرت مان پڇيو، ”مون پاڻ اخبار ۾ پڙهيو هو ته ”هو سُوِي پوه“ جيڪو پاڻ کي ”ماسٽر هَو“ سڏائي ٿو سندس ان ڪرتب ڪري هنجو گنيز بڪ ۾ نالو آيو آهي.“
    ”انڪل هن سان اسان جي اڪثر ملاقات ٿيندي رهي ٿي.“ ڊاڪٽر عطا جي پٽ مير غلام محمد چيو.
    ڪلاڪ کن کانپوءِ جونڪر اسٽريٽ مان ٻاهر نڪتاسين ته غلام محمد خوشي مان دانهن ڪري ٻڌايو ته ”ماسٽر هَو“ (Ho sweep oh) اچي ويو آهي. هو تامل چرچ جي ڀر واري دڪان جي دڪيءَ تي ويٺو هو. ڊاڪٽر عطا کي ڏسي کيس کيڪاريائين جنهن مون کي به ساڻس ملرايو ۽ تعارف ڪرايو.
    ”اچو ته پهرين ڪجهه فوٽو ڪڍرايون جيئن يادگار رهي.“ مون چيو. ”ماسٽر هَو“ جيڪو Ho Eng Hui به سڏائي ٿو 55 سالن جو آهي. ناريل ڪو گدري يا ويندي ڇانهينءَ جهڙو نٿو ٿئي جنهن ۾ ڪو آڱر سان سوراخ ڪري سگهي. ماسٽر هَو کان پڇيم ته اهو ڪم هو ڪنهن جادو جي زور تي ڪري ٿو يا نظربندي (illusion) آهي؟
    ”اهي ٻئي شيون نه آهن.“ ماسٽر هَو ٻڌايو، ”هي مون چيني مارشل آرٽ ذريعي پنهنجي آڱر ۾ ايڏي طاقت پيدا ڪئي آهي جو اها ناريل جهڙي سخت شيءِ ۾ به اندر داخل ڪري سگهان ٿو.“
    ماسٽر هَو نه فقط آڱر سان ناريل ۾ سوراخ ڪري سگهي ٿو پر ٻيا به ڪجهه ڪرتب ڪري ٿو جهڙوڪ باهه کائڻ يا ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪاٺ جي تختي اڳيان بيهاري پري کان هن تي ڪپ اڇلڻ جيڪي هن کي لڳڻ بدران هن جي چوڌاري لڳن ٿا. ”ماسٽر هَو“ سندس اڄ رات جا ڪرتب ڏسڻ لاءِ اسان کي چيو پر جيئن ته ان ۾ اڃان ڪلاڪ کن هو ان ڪري اسان وڌيڪ ترسڻ بدران کانئس موڪلائي بندر هيلير جي علائقي ۾ جالان PM3 تي ماهڪوٽا پلازه ۾ آياسين جتي ڊاڪٽر عطا ٽالپر جي ذاتي بزنيس ”سنڌ هيلٿ ڪيئر“ جي آفيس آهي


    سِکن جا شادمانا ۽ ٻيڙيءَ جو سفر

    ملاڪا ۾ تعليم يا نوڪري ڪندڙن ۽ گهمڻ لاءِ ايندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملاڪا ۾ نه فقط مسجدون، مندر، گرجا گهر، ٻڌن جا پگوڊا، هندن جا مندر آهن، پر سِکن جو پڻ هڪ ٽڪاڻو (گوردوارو) آهي، جيڪو ملئي زبان ۾ به”گوردوارا صاحب ملاڪا“ سڏجي ٿو. سکن جو هي ٽڪاڻو ملاڪا شهر جي مرڪزي علائقي ۾ آهي. ملاڪا شهر جو وچ ۽ آڳاٽو حصو اهو آهي، جتي ڊچن جي حڪومتي دور جون ڳاڙهي رنگ جون عمارتون آهن، جن جي اڳيان انگريزن جي ڏينهن جو مهاراڻي وڪٽوريا جي ياد ۾ ڦوهارو ٺهيل آهي. انهن عمارتن ڀرسان جيڪو روڊ گذري ٿو، اهو ”جالان لڪسامانا“ سڏجي ٿو، جيڪو اڳيان وڃي ’جالان بيندا هارا‘ ٿئي ٿو. جتي لڪسامانا روڊ ختم ٿي بينداهارا شروع ٿئي ٿو، اتي ان جي هڪ پاسي ’جالان بنگارايا‘ واري گهٽي آهي ته ٻئي پاسي بيحد ويڪرو رستو ’جالان تيمينگانگ‘ (Temenggong) آهي. تيمينگانگ تي سِکن جو ٽڪاڻو ”گوردوارا صاحب“ آهي. ملاڪا ۾ رهائش دوران اسان جنهن گجراتيءَ کان ڪڻڪ جو اٽو وٺندا هئاسين ان جي چَڪي ان جي ڀرواري گهٽيءَ ۾ هئي. ڌيان ۾ رهي ته هن پاسي برما ٿائلنڊ کان جپان ڪوريا تائين گهڻي مينهوڳيءَ ڪري ڪڻڪ بدران چانور پوکيا وڃن ٿا ۽ هي مُلڪَ ڀت کائڻ وارا ملڪ آهن، جتي نيرن تي به عام ماني ”ڀت“ آهي. هتي سِوَين توڙي ڪيڪ پيسٽرين ۾ گهڻي ڀاڱي چانورن جو اٽو استعمال ٿئي ٿو ۽ هتي اٽو معنيٰ چانورن جو اٽو ۽ ماني کاڌي معنيٰ ”ڀت کاڌو“. ايتري قدر جو جپان ۾ ته مانيءَ لاءِ لفظ ئي ڀت (Gohan) آهي، جيئن نيرن کي ’گوهان اسا‘ سڏين، پوءِ ڀلي هو نيرن تي فقط سُوپ پين يا ڊبل روٽي ۽ بيضو کائين. جيئن اسان وٽ ڀلي ڪو دال ڀت کائي پر چوندو ته مون منجهند جي ماني کاڌي.
    بهرحال شروع وارن ڏينهن ۾، خاص ڪري اڄ کان ٽيهارو سال اڳ جڏهن ملاڪا ۾ اسان ڌارين رهاڪن جا فقط اٺ ڏهه گهر هئا، ڪڻڪ جي اٽي جهڙيون شيون اهڙو عام نه ملنديون هيون، جهڙو اڄ ملن ٿيون. اسان ڌارين کان علاوه احمد ڪياني نالي هڪ لاهور جو اهڙو همراهه هو جيڪو شايد ڄائو به ملائيشيا (پيرلس رياست) ۾ هو، جنهن جي شادي به ملئي فيملي ۾ ٿي هئي. هُو ۽ هُن جي زال بيحد پڙهيل لکيل ۽ ماڊرن سان گڏ مذهبي خيالن جا ماڻهو هئا. ملاڪا ۾ هو، اسان ڌارين لاءِ وڏي مدد ۽ رهنمائي هئا. هن کان ئي اسان کي تازي اٽي جي دڪان جي خبر پيئي. پنڌرهين ويهين ڏينهن جڏهن آئون هن دڪان تي اٽو وٺڻ ويندو هئس ته ڀر ۾ سکن جي ٽِڪاڻي ۾ به ليئو پائيندو هئس. اسان پنهنجي ملڪ ۾ فقط مسجدون ڏٺيون هيون، هتي ملائيشيا ۾ مختلف مذهبن ۽ ڌرمن جي ماڻهن جا عبادت گهر ڏسي حيرت ٿيندي هئي.
    هتي ملائيشيا ۾ اچي اهو احساس ٿيو ته هڪ ئي گهٽيءَ ۾ نه فقط مختلف زبانون ڳالهائيندڙ پر مختلف مذهبن جا ماڻهو به سُڪون سان رهي سگهن ٿا. بلڪ هنن جي مختلف خوشيءَ جي ڏينهن تي هنن کي خوش ٿيندو ڏسي ساڙ ۽ حسد محسوس ڪرڻ بدران اسان خوشي محسوس ڪري سگهون ٿا. هتي جي گهٽين ۾ آڳاٽا مندر ۽ گرجا گهر اڄ به قائم هجڻ جي باوجود ڀر ۾ رهندڙ مسلمان پنهنجي دين تي قائم آهن ۽ هو نه فقط اسلام کي سچي دل سان قبول ڪن ٿا پر ان جي اصولن تي عمل به ڪن ٿا. اهڙي تناظر ۾ جڏهن آئون هتي جي ملئي اخبار بيريٽا يا انگريزي اخبار Star يا New Straits Times جي پهرين صفحي تي خبر ڏسندو آهيان ته سکر ۾ مسلمانن عيسائين جي گرجا گهر کي باهه ڏيئي ڇڏي، ملتان ۾ يا ڪراچي ۾ امام بارگاهه تي بم ڪيرايو ويو يا فائرنگ ڪئي وئي ته ان ڏينهن تي آئون ٻاهر نڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهيان جو هتي جا ملئي مسلمان مون کان حيرت مان سوال ڪندا آهن ته توهان ٻين جا عبادتگاهه ڇو ٿا ڊاهيو؟ معمولي رنجشن خاطر انسان ذات جو قتل ڇو ٿا ڪريو؟
    ملاڪا ۾ سِکن جو هي ٽڪاڻو سؤ سال کن پراڻو ٿيندو. سکن جا گوردوارا ته ملائيشيا جي هر وڏي شهر ۾ آهن پر ملاڪا جو هي ٽڪاڻو حَسن ابدال وانگر سِکن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. هر سال مئي مهيني جي آخري هفتي ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا سِک ”بابا سوهن سنگهه“ جي ورسي ملهائڻ ۽ هن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ هتي اچن ٿا. بابا سوهن سنگهه لاءِ چون ٿا ته هن دليلن ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ تقريرن ذريعي سک ڌرم کي هن پاسي مشهور ڪيو. هن جو ملاڪا واري هن مندر سان واسطو هو ۽ 24 مئي 1972ع تي سندس وفات بعد هن جي باقاعدگي سان ورسي ملهائي وڃي ٿي. 21 کان 25 مئي تائين هنن گهٽين ۾ پٽڪن سان مردن ۽ پوتين سان عورتن جي پيهه پيهان هوندي آهي ۽ فضا ۾ فقط پنجابي ٻوليءَ جي گونج هوندي آهي.
    ائين به نه آهي ته ملاڪا ۾ سِک رڳو بابا سوهن سنگهه جي ورسي تي نظر اچن ٿا. سک راندين جا شوقين آهن ۽ هو اِٽي ڏڪر کان هاڪي سڀ رانديون کيڏن ٿا ۽ انهن جون پنهنجو پاڻ ۾ ۽ ٻين قومن سان مئچون لڳيون رهن ٿيون. ڪڏهن سنگاپور ۽ ملاڪا ۾ ته ڪڏهن ڪوالالمپور ۽ اپوح ۾. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهرن جي بس اسٽاپن يا ريلوي اسٽيشن اڳيان ٽڪيٽ وٺندڙن جي قطار ۾ توهان کي سک ضرور نظر ايندا، جن جي ڳچيءَ ۾ سفري ٿيلها هوندا ته هٿن ۾ فٽ بال، والي بال يا هاڪي جا ڏنڊا.
    هونءَ ڪنهن به ملڪ ۾ نوڪري يا تعليم لاءِ وڃجي ٿو ته ان ملڪ جو پنهنجي مڪاني ماحول ۽ غير زبان ڪري ڌاريون ماڻهو شروع وارا ڏينهن هلڪي يا هيوي ڊپريشن جو شڪار ضرور ٿئي ٿو. پر ملائيشيا انهن ڳالهين ۾ نرالو ملڪ آهي. خاص ڪري ملاڪا ته مون کي هيڪاندو عجيب لڳو. پنهنجي وطن کان هزارين ميل ڏور هجڻ جي باوجود ڪيتريون ڳالهيون پنهنجي پَٽن جهڙيون لڳيون. کاڌا پيتا، ويس وڳا، قرب محبتون، دڪانن ۾ گهڙ ته مڪاني زبان ملئي بدران دڪاندار گجراتي ۽ اڙدو پيا ڳالهائين. سکن جي هن ٽڪاڻي ۾ به گهڙڻ سان ائين لڳو ڄڻ امرتسر ۾ اچيو وڃجي. سکن جا ڳائڻ وڄائڻ ۽ چرچا ڀوڳ جيڪي هن کان اڳ اسان فقط ٻين جي واتان ٻڌا هئا، سي پنهنجن ڪنن سان ٻُڌا ۽ اکين سان ڏٺا. سِکن جي هن مندر ۾ ئي اچي مون کي خبر پيئي ته ملاڪا ۽ ان جي اوسي پاسي ۾ سنڌ کان لڏي آيل سنڌي به رهن ٿا جن ٻڌايو ته هو هندن جي مندرن کان علاوه سکن جي ٽڪاڻن ۾ به پوڄا پاٺ ڪن ٿا. مون کي سڀ کان گهڻي حيرت ٿيندي آهي ته سکن جي هن مندر ۾ جڏهن هنن جي پنڊت بابا سوهن سنگهه جي سالياني ورسي ٿيندي آهي ته نه رڳو مڪاني سک پر چيني ۽ ملئي مسلمان به پنهنجن گهرن ۾ مختلف کاڌا ۽ مٺايون ٺاهي مندر ۾ اچي ڏيندا آهن، جيئن پرديس کان آيل مسافرن کي کاڌي پيتي پٺيان خرچ ڪرڻو نه پوي. ڪيتريون ئي رضاڪارانه ميڊيڪل ڪئمپون لڳي وينديون آهن. ساڳي وقت سِک تيرٿينئ ياترين جي به اها ڳالهه قابل داد آهي ته ڪوشش ڪري هر هڪ پنهنجو رت Donate ڪري ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ملاڪا جي اسپتالن جون بلڊ بئنڪون هر وقت Overflow ٿينديون رهن ٿيون.
    ملاڪا ۾ اچي ملاڪا نديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو سير هڪ نئين ماڻهوءَ يا مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ جيڪو هتي رهي ويو هجي، سڀ ۾ Best آهي. ملاڪا ندي ملاڪا شهر مان لنگهي ٿي ۽ هتي جي ٽوئرسٽ کاتي طرفان ڇهه کن چاليهه ڪرسين واريون ۽ ڇهه، ويهه ڪرسين واريون فائبر گلاس جون ٻيڙيون آهن، جن ۾ آيل سياح سڄي شهر جو سير ڪن ٿا. ڪلاڪ کن جي هن سير ۾ آئون جائزو وٺي ڇڏيندو آهيان ته ڪٿي ڪٿي نيون عمارتون يا پارڪ، مسجدون، شاپنگ سينٽر ٺهيا آهن. توهان جي ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهيا آهيو ته توهان جو اهو شوق به هتي پورو ٿي سگهي ٿو. هن سير لاءِ ٽئڪسي ذريعي يا شهر ۾ هلندڙ بس ذريعي بس اسٽاپ نمبر ڇهين تي اچڻو پوندو، جيڪو Melaka River بس اسٽاپ سڏجي ٿو. هيءَ ندي اها تاريخي ندي آهي، جنهن جي ڇوڙ وٽ مختلف دورن ۾ پورچو گالين، ڊچن ۽ انگريزن پنهنجن جهازن جا لنگر اچي ڪيرايا ۽ ٻيڙين ذريعي هن نديءَ ۾ ڌوڪي، بمن ۽ بارودن جي زور تي هن شهر تي قبضو ڪيو، ڇو جو هي شهر هن سڄي ريجن تي قبضو ڪندڙ ”ملاڪا سلطنت“ جي گاديءَ جو شهر پڻ هو. ان دور جي يورپين هن نديءَ جي سونهن ۽ اهميت ڪري ملاڪا نديءَ کي Venice of East (مشرق جي وينس) ڪوٺيو ٿي.
    هن ٻيڙيءَ جو سفر ڊچ دور جي ڳاڙهين عمارتن وٽان شروع ٿي ”ڪمپونگ مورتيم“ ڳوٺ وٽ ختم ٿئي ٿو، جيڪو فاصلو ڏهه کن ڪلو ميٽر ٿيندو. رستي تي ”تان بون سينگ“ (Tan boon seng) پُل جي هيٺان پڻ ٻيڙي لنگهي ٿي جيڪا پُل تاريخي اهميت رکي ٿي. 1511 ۾ جڏهن پورچوگالين ملاڪا سلطنت تي حملو ڪيو هو ته هنن پهرين پهرين هن پل تي قبضو ڪري شهر جي ٻن حصن جو هڪ ٻئي سان لاڳاپو ڪٽي ڇڏيو هو. هن پل کان علاوه سير ڪرائيندڙ هيءَ ٻيڙي ٻن ٻين پلين هيٺان به لنگهي ٿي. هڪ ته ”چان بُون چينگ“ پل جيڪا 1908 ۾ ٺهي، جنهن کي 1963ع ۾ وري مضبوط ۽ ماڊرن ڪيو ويو. اها لوهي پل آهي، جيڪا پراڻي چائنا ٽائون (ڪمپونگ پنتائي) کي نئين چائنا ٽائون (جالان بنگارايا واري حصي) سان ملائي ٿي. ان کانپوءِ ماڻهن جي ٽپڻ لاءِ هڪ پل اچي ٿي، جنهن کي هتي جا ماڻهو غيباتي پُل (Ghost Bridge of Malacca) سڏين ٿا. هيءَ پل ڳوٺ ڪمپونگ هُولو کي جالان ڪِي ائن (Kee Ann Road) ۽ سينٽرل مارڪيٽ سان ڳنڍي ٿي. هيءَ پل شروع ۾ مهاڻن لاءِ ٺاهي وئي هئي، جن مڇيءَ جو واپار ڪيو ٿي. اڄ به هن پل جي چوڌاري ڪيتريون ئي چيني ريسٽورنٽون آهن، جتي سامونڊي کاڌي جا شوقين مڇيون، گانگٽ، ڪيڪڙا، آڪٽوپس، سپون وغيره کائڻ لاءِ اچن ٿا. 1999ع جي جيمس بانڊ جي هڪ هالي ووڊ جي فلم Entrapment تمام گهڻو مشهور ٿي هئي، جنهن ۾ جيمس بانڊ ”سين ڪونري“ ٿيو هو ۽ هيروئن ڪئٿرين زيٽا جونس ٿي هئي. هن فلم جون ڪجهه سينون ڪوالالمپور ۾ پيٽروناس ٽاور ۽ بڪت جليل ريلوي اسٽيشن وٽ فلمايون ويون هيون. هن فلم جي حوالي سان ملاڪا جي هن غيباتي پل وارين ريسٽورنٽن مان هڪ ريسٽورنٽ مشهور آهي، جيڪا هن فلم ۾ ڏيکاري وئي آهي.
    سنگائي ملاڪا (ملاڪا ندي) جو هي ٻيڙيءَ وارو سفر ڪمپونگ مارتين (ڳوٺ) تي ختم ٿئي ٿو. ملئي زبان ۾ سنگائي معنيٰ ندي ۽ ڪمپونگ جي معنيٰ ڳوٺ به آهي ته گهر به. جيئن ڪاليج جي ڏينهن ۾ هاسٽل ۾ رهڻ دوران عيد جون موڪلون ٿيڻ تي چئبو هو ته ”ڳوٺ ٿا وڃون“ يعني ڳوٺ پنهنجي گهر وڃون ٿا، تيئن هتي جا ملئي ماڻهو گهر وڃڻ بدران چون Balek kampong يعني ڳوٺ پيا وڃون.
    بهرحال اڄ ڪلهه جي ماڊرن ٿي ويل ملاڪا شهر ۾ هن ملڪ جو ڪو صحيح معنيٰ ۾ ڳوٺ ڏسڻو آهي ته ڪمپونگ مارتين هڪ آهي. هي ڳوٺ ڏسي مون کي سٺ واري ڏهي جا آخري سال ياد ٿا اچن، جڏهن ڳوٺاڻا ڪاٺ جا گهر هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ شفٽ ڪيا ويا ٿي. ملائيشيا ۾ شروع کان امن امان جي حالت بهتر هجڻ ڪري جپان وانگر ملائيشيا ۾ به کيتن ۽ جنگلن ۾ اڪيلا گهر نظر ايندا. هڪ اهڙي گهر جي مالڪ پنهنجي ٻني وڪڻي ڀرواري ڳوٺ ۾ ورتي. هن پنهنجن ڏاڏن پڙڏاڏن جو ٺهيل چئن ڪمرن جو ڪاٺ جو گهر نٿي ڇڏڻ چاهيو. پوءِ هتي جي دستور موجب آچر ڏينهن ڀروارن ڳوٺن جي ماڻهن کي هن دعوت ڪئي ۽ ٻه سؤ کن ماڻهو گڏجي، ان ڪاٺ جي خوبصورت گهر کي بانس جي ڊگهن ڏنڊن ذريعي کڻي فرلانگ کن پري گهر جي مالڪ جي ورتل پٽ تي ان گهر کي Install ڪيو. ملائيشيا جا ڳوٺاڻا ڪاٺ جا گهر هيٺ زمين سان مليل هجڻ بدران ڪاٺ جي پاين تي بيٺل ٿين، جن کي کڻي سگهجي ٿو.
    بهرحال ملاڪا نديءَ ۾ ٻيڙيءَ جو هي سفر نه رڳو دلچسپ پر تاريخي خيال کان لاڀائتو آهي، جنهن لاءِ ڪنهن خوب چيو آهي ته:
    Malacca River cruise allows visitors to enjoy history in a much more entertaining way. It is a picture of the Melakan state at its best!


    اداڪارائون يا ٽرئڪٽر جا ٽائر

    ملاڪا جي شاهراهه ”جالان چان ڪُون چينگ“ تان لنگهڻ وقت ملاڪا هاءِ اسڪول جي عمارت تي نظر پوڻ سان مون کي هن اسڪول جي استادن سان کيڏيل اها فٽ بال مئچ ياد آئي جيڪا اسان جي نيول اڪيڊمي جي اسٽاف اڄ کان 28 سال اڳ 1983ع ۾ کيڏي هئي ۽ اسان بُري طرح هارائي هئي. اسان جي ٽيم ۾ اسين ڌارين ملڪن جا جهاز هلائيندڙ ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر هئاسين جيڪي سامونڊي نوڪري ڇڏي ملاڪا جي ”مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا“ ۾ پڙهائڻ لاءِ آيا هئاسين. اسان جي عمر ۾ وڏا هئاسين ته ملاڪاجي هن هاءِ اسڪول جا ٽيچر به ڪي ننڍا نه هئا پر ملئي ماڻهو فٽ بال کيڏڻ جا شوقين آهن ۽ ننڍو وڏو کيڏندو رهي ٿو. اسان جي فٽ بال راند کيڏي هئي ته اسڪول ۽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ ان کانپوءِ وڌ ۾ وڌ ٻين کي کيڏندي ڏٺوسين سو به ٽي ويءَ تي. ملاڪا پهچڻ تي اسان کي پهرين ڏيهن ئي چيو ويو ته هڪ ته هفتي جا ڇهه ڏينهن پڙهائڻو اٿانوَ ۽ ٻيو ته هفتي ۾ ٻه ڏينهن شام جو راند کيڏڻ ضروري آهي. انڊيا جي هڪ ڪئپٽن ته پهرين هفتي ئي راندين کان انڪار ڪيو ۽ اسان کي به سمجهايو ته متان کيڏيا آهيو.
    “ملئي ماڻهو به عجيب آهن، کين شوق آهي ته معنيٰ سڀ کيڏن! ڪو هنن کي سمجهائي ته 40 سالن کان وڏي عمر واري کي جاگنگ به آهستي ڪرڻ کپي.“ پر هن ڪئپٽن جو احتجاج، فقط ساڍي ڏهين بجي واري چانهه تي اسان انهن ٻن ٽن جهازين جي اڳيان رهيو ٿي جن جو واسطو ننڍي کنڊجي ملڪن سان هو. اسان وڏي پئماني تي انڪار به ڪيئن ٿي ڪري سگهياسين جڏهن اسان جي هن اداري ۾ ڪم ڪندڙن اسان مردن کان ٽيڻو نمبر عورتن ۽ ڇوڪرين جو هو ۽ جڏهن هنن والي بال، نيٽ بال ۽ بولا سيپڪ جهڙيون رانديون خوش ٿي کيڏيون ٿي ته اسان ڪيئن ٿي انڪار ڪري سگهياسين.
    سيپڪ ٽَڪرا sepak Takaw) ) راند نه فقط هتي ملائيشيا ۾ پر هن تر جي اوسي پاسي جي ملڪن انڊونيشيا، ٿائلنڊ، سنگاپور، ميانمار (برما)، ويٽنام، ڪمبوڊيا، لائوس ۽ فلپين ۾ به وڏي شوق سان کيڏي وڃي ٿي. هيءَ راند والي بال وانگر کيڏي وڃي ٿي پر ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته سيپڪ ٽڪرا ۾ جيڪو بال استعمال ٿئي ٿو اهو والي بال کان ننڍي سائيز جو ۽ بانس جي تيلن Rattan مان ٺاهيو وڃي ٿو. ٻي ڳالهه اها ته والي بال ۾ فقط هٿ ۽ ڪڏهن ڪڏهن مٿو استعمال ڪيو وڃي ٿو پر ”سيپڪ ٽڪرا“ راند ۾ هٿ، مٿو، پير، گوڏا ۽ ڇاتي پڻ استعمال ڪئي وڃي ٿي.
    هتي جي تاريخ ”سيجارا ملايو“ مان اها ثابتي ملي ٿي ته هيءَ راند پندرهين صدي کان ملاڪا سلطنت ۾ عام آهي. بئنڪاڪ شهر ۾ جيڪو Wat Phra Kaeo مندر آهي ان جي ڀتين تي 1785 جا چتر چٽيل آهن جن مان هڪ ۾ هندو ديوتا هنومان هڪ گول دائري ۾ ڀولڙن جي هڪ ٽولي سان سيپڪ ٽڪرا راند کيڏي رهيو آهي. ائين ته تاريخ ۾ سيامي بادشاهه ناريسئان جو به ذڪر اچي ٿو جنهن ٿائلنڊ جي آڳاٽي گادي واري شهر آيوٿايا تي 1590 کان 1605 تائين حڪومت ڪئي، جنهن جي ڏينهن ۾ هن راند جا مقابلا ڪيا ويا ٿي. ٿائلنڊ ۾ هن راند کي فقط ”ٽڪرا“ سڏين ٿا. هونءَ هتي جي هڪ پروفيسر ٻڌايو ته سيپڪ ضرور ملئي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ٿڏو هڻڻ يعني kick هڻڻ آهي پر Takraw جنهن جي معنيٰ اُڻيل بال (woven Ball) آهي دراصل ٿائي زبان جو لفظ آهي سو هن راند جا وڏا چئمپين ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ آهن. ٿائلنڊ ۾ ته هر سال ”ڪِنگس ڪپ ورلڊ چئمپين شپ“ ٿئي ٿي جنهن ۾ حصو وٺڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جا رانديگر سيپڪ ٽڪرا کيڏڻ لاءِ اچن ٿا.
    سيپڪ ٽڪرا راند جي نيٽ والي بال راند جهڙي ئي ٿئي ٿي ۽ والي بال وانگر ٻن ٽيمن جي وچ ۾ مقابلو ٿئي ٿو. هر هڪ ٽيم ۾ ٽي رانديگر ٿين. هڪ رانديگر پٺيان ٿي بيهي ۽ تيڪونگ (Tekong) سڏبو آهي باقي ٻه رانديگر اڳيان نيٽ ڀرسان بيهن جن مان هڪ ساڄي پاسي بيهي جيڪو Right Inside سڏجي ۽ ٻيو کاٻي پاسي بيهي جيڪو Left Inside سڏجي. پير جي ٿڏي سان سروس ڪري بال نيٽ مٿان ٻي ڌر جي حصي ۾ پهچايو وڃي ٿو جيڪي پوءِ پيرن، هٿن يا مٿي سان بال کي واپس ڪن ٿا ۽ پٽ تي ڪرڻ کان بچائين ٿا. پٽ تي ڪرڻ تي مخالف ڌر کي هڪ پئانٽ ملي ٿي. رانديگرن کي نيٽ کان به پري رهڻو پوي ٿو. هٿ، مٿو يا قميص جو حصو نيٽ کي لڳڻ تي به مخالف ڌر کي هڪ پئانٽ ملي ٿي. 21 پئانٽون حاصل ڪرڻ واري ٽيم فاتح قرار ڏني وڃي ٿي.
    بهرحال ملاڪا ۾ رهندڙ اسان ڌارين کي اڃان ٻه هفتا به نه گذريا هئا ته اسان جي باس داتڪ ڪئپٽن حمزي اعلان ڪيو ته ”ملاڪا هاءِ اسڪول جي فٽ بال ٽيم سان مقابلي لاءِ هلڻو آهي. مون کين چئلينج ڪيو آهي.“ اسان وٽان ماڻهن جي بس ڀر جي ملاڪا هاءِ اسڪول پهتي. ڪئپٽن حمزي کي وڏو جوش هو ته هي مقابلو کٽڻو آهي. مقابلو شروع ٿيڻ کان اڳ اسان کي شاباس ڪرڻ سان گڏ ٻه ٻه آئيس ڪريم ڪون کارائيندو رهيو. انڊيا جي سک ڪئپٽن مون کي آهستي چيو ته جيڪي کائڻو پيئڻو اٿئي کائي وٺ. مئچ ختم ٿيڻ کانپوءِ دڙڪا ئي ملندا. واقعي ٿيو به ائين. اسان جا جيڪي اڳيان رانديگر هئا انهن کان بال مخالف ڌر جي گول تائين پهچايو نه پئي ٿيو ۽ اسان مان پٺيان بيٺلن کان بال جهليو نه پيو ٿئي. مخالف ڌر وارا جيئن ئي زوردار ڪِڪون هڻي اسان ڏي وڌن ته اسان جي ٽيم جا پٺيان بيٺل ڀڄي پاسي تي ٿيو بيهن ۽ هو گول ڪريو وڃن پوءِ ڏوهه گول ڪيپر جو. قد ڊگهو هجڻ ڪري گول ڪيپر مون کي بڻايو هئائون. پر رڳو قد سان ته رانديون نه کيڏبيون آهن. افعال به ته هجڻ کپن. مخالف ڌر وارا آرام سان بال کي گول جي D جي ويجهو آڻي پوءِ اهڙي ته زور سان ڪِڪِ هڻن جو بال گوليءَ وانگر زوڪاٽ ڪندو وڃي. سينٽر بئڪ تي بيٺل برما جو ڪئپٽن پيٽر چوي ته ”گول ڪيپر ٽيم جي جان هوندي آهي، الطاف ڪجهه ته خيال ڪر.“
    ”اچي پاڻ ٿي گول ڪيپر! جان هر هڪ کي پياري آهي.“ مون چيومانس. هڪ دفعي ڀڄي پاسي تي ٿيڻ جو موقعو نه مليو بال زوڪاٽ ڪندو منهنجي ٽنگن جي وچ مان نڪري گول ۾ هليو ويو.
    ”الطاف گهٽ ۾ گهٽ ٽنگون ئي کڻي بند ڪرين ها ته هن گول کان بچي وڃون ها.“ ڪئپٽن پيٽر چيو.
    ”چڱو جو بال ٽنگن وچان لنگهي ويو. Abdomin گارڊ آڻي ڏي ته پوءِ ٽنگون بند رکان.“ مون وراڻيو. ڊزن کن گول ٿيڻ بعد هاف ٽائيم ٿيو. مون کي پڪ هئي ته سڀ منهنجو مٿو کائي ويندا سو ڪوڪا ڪولا کڻڻ کان اڳ مون اعلان ڪيو ته گول ڪيپر هاڻ ڪو ٻيو ٿئي. منهنجي ان جملي ڄڻ ته جادو جو ڪم ڪيو. هر هڪ منهنجي همٿ افزائي پيو ڪري ته مڙيئي خير آهي هار جيت راندين ۾ ٿيندي رهي ٿي.... وغيره وغيره. ٺهيو، آئون به سمجهي ويس ته گول ڪيپر ٿيڻ جو جوکم ڪير به نٿو کڻي ۽ هاڻ ماڳهين مون کي پرچائڻ ۾ پورا آهن ته باقي اڌ راند به توب جي منهن ۾ آئون ئي هجان.
    واپسي ته آفيس جون ڇوريون به اسان ڌارين تي چٿرون ڪنديون هليون ته هيڏا وڏا ۽ پراڻا ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر ٿي اسان کي فٽ بال راند نه کٽائي سگهيا آهن. بنگلاديش جي چيف انجنيئر ٻن ٽن کي پنهنجي ويجهو سڏي چيو ”نڀاڳيون! هڪ ڳالهه جو ته جواب ڏيو. اسان سمنڊ تي جهاز هلائيندا هئاسين يا فٽ بال کيڏندا هئاسين؟“
    پٺيان انگلنڊ جي ڪئپٽن ڪَئرو چيو ته هاڻ رف سي ۾ جهاز هلائڻ جو مقابلو ڪريو ته خبر پوانوَ ته گهڻي ويهين سئو آهي.
    بهرحال ڏهاڪو کن سال ملاڪا ۾ رهڻ دوران هر ٻئي ٽئي مهيني ملاڪا هاءِ اسڪول ۽ ٻين ادارن جي ماڻهن سان اسان جي فٽ بال مئچ لڳي رهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن به ڪنهن کان کٽي نه سگهياسين پر هفتي ۾ ٻه دفعا کيڏي کيڏي هاڻ اسان به ايترا قابل ضرور ٿي ويا هئاسين جو اسان جي پاسي ايندڙ بال کي واپس ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي وياسين ٿي ۽ گول ٿيڻ جي خطري وقت بال کي روڪڻ لاءِ هڪ ٻن ٻين به منهنجو ساٿ ڏنو ٿي.
    ملائيشيا ۾ سيپڪ ٽڪرا ۽ والي بال جهڙي هڪ ٻي راند به مشهور آهي جيڪا نيٽ بال سڏجي ٿي. ملائيشيا ۾ اسان جو هي تعليمي ادارو ”اڪيڊمي لائوت ملائيشيا“، جتي مون ملائيشيا جي نوجوان ٽهيءَ کي جهازراني ۽ جهازسازي جي تعليم ۽ سکيا ڏني ٿي اهو سمنڊ جي ڪناري تي آهي. اسان جي رهائش به اندر ڪئمپس ۾ هئي. ڌارين ملڪن کان نوڪري لاءِ آيل اسان expatriates لاءِ چوڏهن کن ٻٽا (Duplex) گهر نيم دائري (Semi Circle) ۾ هئا جن جا اڳيان در ملاڪا ڳچي سمنڊ ڏي ٿي کليا. گهر کان نڪربو هو ته سمنڊ جي هن سوڙهي راهداري مان جهازن کي لنگهندو ڏسي پراڻا ڏينهن ياد ايندا هئا جڏهن جپان يا ڪوريا ويندي هتان لنگهبو هو. هن سوڙهي سمنڊ جي پاسن کان ڌرتي ملائيشيا ۽ انڊونيشِا هجڻ ڪري لنگهندڙ جهاز سک جو ساهه کڻن ٿا نه ته هيءَ سوڙهي سامونڊي گهٽي(Malacca Strait) جن ٻن سمنڊن هندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ کي ڳنڍي ٿي اهي جهاز هلائيندڙن کي رت رئاڙين ٿا. بهرحال اسان جي گهرن جي پٺ وارن دروازن سان گڏ ڪجهه حصو باغيچي جو هو جنهن کانپوءِ فٽ بال، والي بال، نيٽ بال ۽ ٻين راندين جا ميدان هئا. آفيس مان اچڻ بعد رانديون کيڏڻ لاءِ نِڪر (چڍي) پائي اسان پوئين دروازي کان نڪري ويندا هئاسين.
    نيٽ بال تي هميشه نوريشا، رسمالا، سيتي حوا، خاويا، فريده، حاجا (حاجاڻي) بصران ۽ نورشيما آفيس جون ڪلرڪ ۽ ٽائپسٽ ڇوڪريون هونديون هيون جن مان ڪجهه جون شاديون ٿي ويون هيون ۽ چئن پنجن سالن جا ٻار کڻي اينديون هيون. ٻين جون شاديون اسان هوندي ٿيون. مون وٽ ان وقت جا رانديون کيڏندي يا شاديءَ جي موقعي تي ڪنوار جي ويس وڳن ۾ سندن فوٽو آهن. ملئي ماڻهو مٺاڻ گهڻو پسند ڪن ٿا ان ڪري ٿولهه جو شڪار رهن ٿا پر اسان جي اداري ۾ ڪم ڪندڙ هنن ڇوڪرين سواءِ خاويا جي، سڀني پاڻ کي سنهو رکيو هو. هاڻ، اٽڪل ٽيهارو سالن بعد هاڻ ان ڳوٺ ”ڪئالا سنگائي بارو“ ۾ وڃي ڏسان ته سڀئي نه فقط ڏاڏيون نانيون ٿيو ويٺيون آهن پر ناسي ليما (ناريل جي کير ۾ رڌل ڀت) ۽ ايام گورينگ (فراءِ چڪن) جهڙيون شيون کائي کائي اهڙي شيپ ۾ اچي ويون آهن جهڙيون 1970ع ۾ سنگاپور جي جيٽي تي ملئي هارياڻيون ’جوهوربارو‘ (ملائيشيا) وڃڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو انتظار ڪندي نظر اينديون هيون. پاڻ به شڪي پيون ٿين. سندن ٻارن کي چيم ته ”توهان جون هي ڏاڏيون نانيون، جيڪي هينئر ٽرئڪٽر جا ٽائر ٿيون لڳن انهن جي جوانيءَ جي ڏينهن جا فوٽو مون Picasa.com ۽ flicker.com تي لوڊ ڪري ڇڏيا آهن. اڄ جون هي سومو پهلوان انهن ڏينهن ۾ نور فازورا، ليزا سور بهاني، نورا دانش ۽ سيتي نورهاليزا جهڙيون سيڪسي فلمي اداڪارائون ۽ ڳائڻيون لڳيون ٿي.“


    زبردست اسڪول، نامور شاگرد

    هن کان اڳ واري مضمون ۾ ملاڪا هاءِ اسڪول وٽان لنگهندي مون فٽ بال راند جو احوال لکيو آهي، جيڪا اسان اڄ کان ٽيهارو سال کن اڳ هن هاءِ اسڪول جي ماسترن سان کيڏندا هئاسين. ان وقت تاريخ جو ايترو مطالعو نه هجڻ ڪري مون جهڙن کي ڪڏهن به هن هاءِ اسڪول جي اهميت جو احساس نٿي ٿيو. اڄ هن اسڪول وٽان لنگهندي هن کي عزت ۽ پيار جي نگاهن سان ڏسان ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي تاريخ جو حصو سمجهان ٿو، جيئن اسان جو پيارو دوست سرجن برگيڊيئر نظام الدين ڏانور چوندو آهي. هو اسان جي ڳوٺ هالا جي مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول مان فقط هڪ سال پڙهيو پر هميشه چوندو آهي ته هن کي خوشي آهي ته هن هڪ آڳاٽي اسڪول جي ميدان، ورانڊن ۽ ڪلاس روم ۾ ساهه کنيو، جيڪو 1944ع جو ٺهيل آهي. اڄ ملاڪا جي هن هاءِ اسڪول جي پوڙهائپ، اهميت ۽ تاريخ جي ڄاڻ هجڻ ڪري مون کي به اهو احساس ٿي رهيو آهي.
    ملاڪا هاءِ اسڪول 1826ع ۾ ٺهيو يعني اٽڪل ٻه صديون کن اڳ ۽ ملاڪا ۾ پينانگ ٻيٽ واري هاءِ اسڪول بعد ٻئي نمبر تي پراڻو اسڪول آهي. پينانگ وارو ”پينانگ فري هاءِ اسڪول“ 1816ع ۾ ٺهيو هو. انهن ڏينهن ۾ اڃان نه ڪوالالمپور وجود ۾ آيو هو ۽ نه ملاڪا يا ملائيشيا. هي سڄو علائقو ملاڪا سلطنت سڏبو هو، جنهن جو اهم ۽ گادي وارو شهر ۽ مشغول ترين بندرگاهه ملاڪا هو. يعني ملاڪا ائين هو جيئن برطانيا ۾ لنڊن.
    جنهن جو ملاڪا تي قبضو ٿي ٿيو، ان جو چوڌاري سڄي علائقي تي راڄ ٿي هليو. 1511 کان 1641 تائين پورچوگالين جو ملاڪا سلطنت تي راڄ رهيو. ان بعد ٻي يورپي قوم ’ڊچن‘ جو نه فقط ملاڪا تي قبضو ٿي ويو پر اڄ وارن انڊونيشي ٻيٽن جاوا سماترا تي به هو قابض ٿي ويو. ملاڪا سلطنت هنن جي هٿن ۾ 1641ع کان 1824ع تائين رهي ۽ انڊونيشيا ته ويهين صديءَ جي اڌ تائين رهي ۽ اڄ به انڊونيشيا جي ٻيٽن جاوا، سماترا، بالي، وغيره ۾ مادي زبان کان علاوه ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي، جيئن اسان وٽ انگريزي آهي ۽ لبنان ۽ موراڪو جهڙن ملڪن ۾ فرينچ آهي. 1824ع ۾ انگريز ڊچن کي ڀڄائي پاڻ حاڪم ٿي ويٺا. هو ڪافي سالن کان هنن پَٽن تي پنهنجا پير ڊگهيڙيندا ويا ۽ پينانگ ۽ سنگاپور ٻيٽ ته هنن ڪجهه سال اڳ ئي پئسن سان يا داداگيريءَ سان ملئي سلطانن کان حاصل ڪري ورتا هئا. ان ڪري پينانگ جو هاءِ اسڪول ملاڪا سلطنت تي قبضو ڪرڻ کان اڳ جو (1816 ۾) ٺهرايل آهي. بهرحال انگريزن جو 1824ع ۾ جيئن ئي ملاڪا تي قبضو ٿيو ته هنن ٻن سالن بعد هي ملاڪا هاءِ اسڪول ٺهرايو جيئن 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ٿيڻ بعد انگريزن يڪدم ڪراچيءَ ۾ ڪانوينٽ (مِشنري) اسڪول ۽ گرجا گهر ٺهرايا.
    ان خيال کان ڏٺو وڃي ته هن علائقي جا ماڻهو کڻي جنگلن جا رهندڙ چيا وڃن پر هنن وٽ مغربي تعليم ته اسان کان به گهڻو اڳ اچي وئي. اسڪول کلڻ ۽ صحيح طرح هلڻ مان حاصل ٿيندڙ فائدي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هالا ۾ اسڪول کلڻ ڪري هالا جي ماڻهن جي گهڻائي ٻين ڳوٺن جي مقابلي ۾ وڌيڪ تعليم يافته ٿي وئي. ملاڪا جو هي هاءِ اسڪول ته اسان واري هالا جي هاءِ اسڪول کان به 118 سال اڳ کليو. ائين به نه آهي ته 1824ع ۾ انگريزن جي راڄ شروع ٿيڻ کان اڳ ملاڪا ۾ ڪو اسڪول نه هو. هونءَ انگريزن جي مقابلي ۾ ٻيون فاتح يورپي قومن کي آفريڪا يا ايشيا جي مڪاني ماڻهن لاءِ تعليم، انصاف، روڊ ۽ ريل گاڏيون ۽ ٻيون اهڙيون سهولتون ڏيڻ تي دل نٿي چاهيو پر ملاڪا ۾ انگريزن کان اڳ ڊچن جي حڪومت ۾ ”ڊچ ملئي اسڪول“ ضرور هو، جيڪو ڊچن جي سمجهو ته ٻه صديون حڪومت جي آخري سالن ۾ (1819 ۾) عيسائي تبليغ جماعت وارن کوليو هو، جيڪو 1824ع ۾ ملاڪا کي انگريزن حوالي ڪرڻ وقت ڊچ حڪومت بند ڪري ڇڏيو. پوءِ انگريزن پورن ٻن سالن بعد هي هاءِ اسڪول شروع ڪيو. هي اسڪول به پهرين انگريز عيسائي جماعتن (Christian Mission) شروع ڪرايو ۽ هن جو ان وقت ”ملاڪا فري اسڪول“ نالو رکيو ويو پر پوءِ خرچ پکي ۽ انتظامي مسئلن ڪري هي اسڪول 1847ع ۾ انگريز حڪومت حوالي ڪيو ويو ۽ هن جو مٿيون نالو ”ملاڪا هاءِ اسڪول“ رکيو ويو.
    1826 ۾ جڏهن هي اسڪول شروع ٿيو ته پهرين سال ۾ ئي 65 ڇوڪرين داخلا ورتي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ماڻهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو شعور هو ۽ ياد رهي ته هي اسڪول هر ذات، نسل، زبان ۽ معاشي رتبي جي ماڻهوءَ لاءِ هو، ان ڪري هن اسڪول جو نالو ئي فري اسڪول رکيو ويو هو، جنهن ۾ نه فقط تعليم مفت (Free) ڏني وئي ٿي پر داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ به غريب غربو، مسلمان ٻڌ، ملئي چيني آزاد (Free) هو. 1834 بعد ڇوڪرين جو هاءِ اسڪول الڳ کلڻ ڪري هن ۾ فقط ڇوڪرا پڙهڻ لڳا. وڏي لڙائي لڳڻ تائين هن اسڪول ۾ ڪڏهن به شاگردن جو تعداد 500 کان مٿي نه ٿيو پر پوءِ آهستي آهستي وڌڻ لڳو ۽ وقت سان گڏ ٻيا اسڪول به کلندا رهيا. اڄڪلهه هن اسڪول ۾ هڪ ئي وقت 2000 شاگرد رکيا وڃن ٿا. اسڪول کي ٻه هاسٽلون به آهن جن مان هڪ ۾ 120 شاگرد ۽ ٻيءَ ۾ 300 شاگرد رهن ٿا. هاسٽلن کي مسجد، ايئرڪنڊيشنڊ لئبرري، AV روم، سائيبر ڪيفي ۽ ڪلنڪ پڻ آهي.
    بهترين پڙهائي، سخت ڊسيپلين، شاگردن تي چڱي طرح نظر ۽ شهر ۾ بهتر امن امان جي حالت هجڻ ڪري نه رڳو ملائيشيا جي ٻين شهرن ۽ ڀر وارن ملڪن جا مائٽ مٽ پر ملاڪا شهر جا به ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن کي گهر ۾ رهائڻ بدران اسڪول ۽ ڪاليجن جي هاسٽلن ۾ رکڻ ۾ وڌيڪ بهتر عاقبت سمجهن ٿا، جتي هنن کي نه فقط پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول ملي ٿو، پر مختلف مذهبن ۽ زبانن جي ٻارن سان پڻ سٺي Interaction ٿئي ٿي. انڊيا جي تعليمي ادارن ۾ به ان قسم جون بهتر خاصيتون هجڻ ڪري ڪيترا انڊين جن کي آمريڪا، انگلينڊ ۽ يورپ جي ملڪن جي Citizenship مليل آهي. اهي به انهن ملڪن جي اسڪولن ۾ پنهنجن ٻارن کي پڙهائڻ بدران انڊيا موڪلين ٿا. ان بابت تفصيلي احوال آئون پنهنجي هندستان واري سفرنامي ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”ٻمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۾ لکي چڪو آهيان ته ڪيئن فقط پوني جي شهر جي تعليمي ادارن ۾ آفريڪا ۽ عرب ملڪن جي شاگردن کان علاوه ايران ۽ ملائيشيا جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به پڙهڻ اچن ٿيون ۽ هو انهن تعليمي ادارن جي هاسٽلن ۾ رهن ٿيون. شهر جي پوليس گهمڻ لاءِ آيل ٽوئرسٽن ۽ شاگردن جي حفاظت ڪري ٿي ۽ امن امان جي حالت سخت هجڻ ڪري هر هڪ سڪون محسوس ڪري ٿو.
    بهرحال هتي ملاڪا جي هاءِ اسڪول جي ڳالهه هلي رهي آهي، جنهن جو 1989ع تائين موٽو هو:
    "Here we strive for better things"
    ان بعد ملئي زبان ۾ پڻ رکيو ويو
    Sini terdidiknya Manusia
    (هي آهي اهو هنڌ جتي انسانن کي تعليم يافتا بنايو وڃي ٿو)
    ان بعد هڪ ٻن پرنسپالن هن اسڪول جا ٻيا به Motto رکيا، جيئن ته:
    We are the best.
    ملئي زبان جو هڪ ٻيو به موٽو رکيو ويو:
    Mesra, Hormat, Sayang.
    (دوستي، عزت ۽ پيار)
    هڪ ٻيو ملئي موٽو آهي:
    High School Cemerlang, pelajar Terbilang (Excellent High School, Distinguished Students)
    اسي واري ڏهي ۾ جڏهن منهنجو ملاڪا ۾ لڳاتار رهڻ ٿيو، انهن ڏينهن ۾ چيني پرنسپال مسٽر چان يِنگ تات هو، ان بعد 1985ع کان منهنجي واپس ٿيڻ واري سال 1991ع تائين حاجي عبدالرفيع ملئي پرنسپال ٿيو. اڄ ڪلهه، سال 2006ع جي آخر کان تئان حاجي عبدالرزاق بن چي نگاهه پرنسپال آهي. ملئي مسلمانن جو هي نالو Che Ngah اسان جي ماڻهن لاءِ عجيب لڳي، پر هتي اهو عام آهي، جيئن پاڻ وٽ رکيل مورائي، بخشڻ مهراڻوي يا انب گوپانگ.
    هن اسڪول جو پنهنجو هڪ ملئي ترانو به آهي، جنهن جي ڌن آمريڪي Patriotic گاني: ”آمريڪا دي بيوٽيفل“ سان ملي ٿي.
    Sekolah tinggi Malaka, keseluruh Negara
    ملاڪا هاءِ اسڪول، سڄي قوم لاءِ
    Beramai- ramai kita dukung rukun Negara
    اسين سڀ گڏجي ملڪ جو نظريو رکون ٿا
    Satu padu bertenaga majukan Negara
    گڏجي هڪ ٿي همت سان پنهنجي ملڪ کي سڌاريون ٿا
    Prinsip hidup progresif amalan sekolah kita
    زندگي جي ترقي ڏي مائل اصولن تي اسان جو اسڪول عمل ڪري ٿو.
    جيستائين هن اسڪول مان تعليم وٺندڙ اهم شاگردن جو سوال آهي، ان جو ته ڪو ڪاڇو ئي ناهي. ظاهر آهي اهو اسڪول جنهن ۾ 185 سالن کان ٻار پڙهي رهيا آهن. ان اسڪول مان ڪيترائي اهم ۽ نامور ماڻهو پيدا ٿيا هوندا. ڪجهه ماڻهو جيڪي آئون سڃاڻان ۽ جن سان منهنجو ملڻ جلڻ رهيو آهي، هن ريت آهن:
    - داتڪ محمد علي رستم، ملاڪا جو هاڻوڪو وزيراعليٰ
    - چيني سياستدان لِم گئان اينگ
    - هتي جو مشهور انڊين سياستدان ۽ ڊاڪٽر ايم ڪي راجڪمار. (جيڪو ٻه سال اڳ ڪئالالمپور ۾ گذاري ويو)
    ملائيشيا جو قومپرست چيني (باباز جو اولاد) تان چينگ لاڪ جنهن جي نالي تي ملاڪا ۾ هڪ گهٽي آهي، جيڪا انگريزن جي ڏينهن ۾ Heeren Street سڏبي هئي. ڪوالالمپور ۾ به پودو رايا وٽ ”جالان تن تان چينگ لاڪ“ روڊ آهي. ڪوالالمپور جي مشهور رستن تان پيتالنگ اسٽريٽ ۽ ڪراس اسٽريٽ جي ڀرسان تان چينگ جي پٽ تان سِيو سِن (Tan Siew sin) نالي پڻ روڊ آهي، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ Foch Avenue سڏبو هو. TUM يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر داتڪ ڊاڪٽر ابراهيم ابو شاهه پڻ ملاڪا جي هاءِ اسڪول جو پڙهيل آهي.


    ملاڪا هاءِ اسڪول جا ڪجهه شاگرد....

    ملائيشيا ۾ اڌواڌ چيني باشندا رهن ٿا جيڪي مختلف دورن ۾ پنهنجي وطن چين جي ڏاکڻي حصي کان هيڏانهن ملائيشيا ۽ سنگاپور ايندا رهيا. هڪڙا ته تمام گهڻو اڳ جا آيل آهن. هندو راجا پرميشور حملن کان بچڻ لاءِ جاوا سماترا پاسي کان ڀڄي هيڏانهن ملاڪا کان اچي نڪتو. اهو سال 1400 کن هو ۽ هي اڄ وارو ملائيشيا سڄو گهاٽو جنگل هو. ملاڪا جو بندرگاهه جتي هن اچي منزل ڪئي هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ (Fishing Village) هو. هن هتي ٽِڪي پوڻ جو ارادو رکيو. اهو به لکندو هلان ته ان وقت هن ڳوٺ جو ڪو نالو به نه هو. راجا جنهن وڻ هيٺان اچي آرام ڪيو ان جي نالي تان هن ڳوٺ جو نالو ملاڪا رکيو ۽ اهڙي طرح ملاڪا سلطنت جي شروعات ٿي. عرب سوداگرن جي هن بندرگاهه مان اچ وڃ ٿيڻ ڪري هي هندو راجا دين اسلام کان متاثر ٿيو ۽ پاڻ ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهو مسلمان ٿيا.
    انهن ڏينهن ۾ هن علائقي ۾ ٻه طاقتور حڪومتون هيون هڪ سيام جي جنهن ملڪ جو هاڻ نالو ٿائلينڊ آهي ۽ ٻي سمنڊ جي ٻي پاسي چين جي مِنگ سلطنت هئي. سيام ملائيشيا سان ڳنڍيو پيو آهي جنهن جو گذريل صديءَ جي شروع تائين ملائيشيا جي اتراهن رياستن تي قبضو رهيو. سو انهن ڏينهن ۾ سيامن جي اڄ واري ملائيشيا جي علائقي سان وڏي هٿ چراند هئي ۽ پرميشور راجا ان جي مقابلي ۾ ڪا حيثيت نٿي رکي. هڪ ڳالهه آهي ته پرميشور (اسڪندر شاهه) جنهن جو اولاد هي اڄ جا ملئي حاڪم آهن، حڪومت هلائڻ ۾ بيحد سياڻو هو. هن پنهنجي حڪومت برقرار رکڻ ۽ عوام کي امن سڪون جي حالت مهيا ڪرڻ لاءِ چين تي حڪومت ڪندڙ مِنگ سلطنت سان دوستي ڪئي ۽ هڪ ٻئي ڏي اچڻ وڃڻ ۽ تحفا تحائف جي ڏي وڏي ڪري نه فقط سندس اباڻي سلطنت جاوا سماترا جي حاڪمن تي پر سيامين تي به داٻو رکيو ۽ جن هن سان هٿ چراند ڪرڻ ڇڏي ڏني ۽ ملاڪا جو بندرگاهه ويو ترقي ڪندو. هر هڪ هن سڪون ڀري شهر ۾ رهڻ چاهيو ٿي. انڊيا، عرب ملڪن، سريلنڪا ۽ ٻين پرانهن علائقن کان ماڻهو واپار ۽ پورهئي مزدوري لاءِ ملاڪا اچڻ لڳا ۽ ڪيترا هتي ئي هميشه لاءِ رهي پيا.
    اڳتي هلي چين سان وڌيڪ ويجها تعلقات قائم ڪرڻ لاءِ ملاڪا سلطنت جي ڇهين سلطان منصور شاهه چين جي منگ شهنشاهه جي شهزادي ”هنگ لِي پو“ (Hang Li Po) سان شادي ڪئي. سلطان منصور شاهه 1459 کان 1477 تائين حڪومت ڪئي. چيني شهزاديءَ سان شادي ڪرڻ بعد جڏهن اها ملاڪا آئي ته هن سان گڏ 500 خدمتگار چيني عورتون به آيون جن اچي مڪاني ماڻهن سان شاديون ڪيون ۽ انهن جو اولاد هلندو اچي. اهڙي طرح ائڊمرل ”زهينگ هي“ جڏهن چين جي شهنشاهه جا ٻيڙا هاڪاري هتان لنگهندو هو ته رستي تي ملاڪا ۾ ترسڻ تي، هن سان گڏ سفر ڪندڙ ڪيترائي عالم فاضل چيني هتي رهي پيا ٿي. سو انهن جو چيني اولاد به هلندو اچي. 1511 ۾ ملئي سلطانن کان ملاڪا سلطنت هلي وئي، يورپي طاقتون پورچوگالي، ان بعد ڊچ ۽ پوءِ انگريز هنن پَٽن تي، 1946 تائين حڪومت ڪندا رهيا. انهن جي ڏينهن ۾ به چين کان چيني ايندا رهيا. سڀ کان گهڻا اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ آيا جڏهن ڪئالالمپور ۽ اپوح ۾ قلعي (Tin) جي کوٽائي لاءِ مزدورن جي ضرورت پئي ۽ اهي چين کان آيا. يعني اهي چيني جيڪي هينئر هينئر چين کان لڏي ملائيشيا ۾ اچي رهيا، انهن کي به سئو سالن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي ۽ هو ۽ انڊيا کان آيل تامل (مسلمان ۽ هندو) به هن ملڪ جا اهڙا ئي شهري آهن جهڙا ملئي مسلمان. هو سڀ هن ملڪ جي ترقي ۽ سياست ۾ حصو وٺن ٿا. سندن سياسي جماعتون به آهن جيئن ته MCA (ملاين چائينز ايسوسيئيشن) آهي يا DAP (ڊيموڪريٽڪ ايسوسيئيشن پارٽي) وغيره.
    ملاڪا هاءِ اسڪول مان پڙهيل لِم گئان اينگ (Lim Guan Eng) جنهن جو گذريل مضمون ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي DAP سياسي پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ۽ پينانگ رياست جو چوٿون وزيراعليٰ آهي. سندس زال بيٽي چِييو گيڪ به DAP جي ميمبر ۽ ملاڪا جي اسيمبلي جي ميمبر آهي. کين چار ٻار آهن. سياست ۾ اچڻ کان اڳ لِم گئنان اينگ بئنڪ جو سينئر مئنيجر هو. پاڻ ملاڪا ۾ ان ڪري به مشهور آهي جو هو جيل ۾ به وڃي چڪو آهي. ملاڪا جي اڳوڻي وزيراعليٰ عبدالرحيم تامبي چڪ تي هڪ نابالغ پورچوگالي ڇوڪري جي سلسلي ۾ جڏهن ڪورٽ ۾ جبر زنا جو ڪيس هلي رهيو هو ته لِم گئان حڪومت ۽ جوڊيشري تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پمفليٽ ڇپرائي ماڻهن کي غلط معلومات ڏني ۽ ڀڙڪايو. لِم گئان کي 18 مهينا جيل جي سزا ملي. بهرحال 12 مهينا جيل ڪاٽڻ بعد کيس 25 آگسٽ 1999ع تي آزاد ڪيو ويو. جيل ۾ وڃڻ ڪري هو پنجن سالن تائين اليڪشن ۾ حصو وٺي نه سگهيو. بهرحال اڄڪلهه پينانگ رياست جو چيف منسٽر آهي.
    لِم گئان اينگ جو پيءُ لِم ڪِٽ سيانگ (Lim kit Siang) به ملاڪا جو مشهور سياستدان ۽ اسان جو هم عمر آهي. منهنجيون ساڻس ۽ ٻين مخالف ڌر جي ڪيترن ئي سياستدانن سان ملاقاتون ٿيون. ملاڪا جو چيف منسٽر رحيم تامبي چڪ ۽ گورنر سيد احمد شهاب الدين منهنجا دوست هوندا هئا، اهي کلندا رهندا هئا. آئون کين چوندو هوس ته هڪ ليکڪ جي حساب سان مون کي هر قسم جي ناليري ماڻهوءَ سان ملي هن کان حال احوال وٺڻ کپي، خاص ڪري سياست ۾ ته سياستدان ڪڏهن ڪنهن پاسي رهن ٿا ته ڪڏهن ڪنهن پاسي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني 80 واري سڄي ڏهي ۾ چيني سياستدان لي لام ٿائي مخالف ڌر ۾ رهيو ۽ هو حڪومت تي سخت نڪته چيني ڪندو هو. هن ڀيري اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته هو حڪومت جي پارٽيءَ ۾ اچي ويو آهي. بهرحال منهنجون ملاقاتون مختصر انٽرويو وٺڻ جي حد تائين محدود رهن ٿيون. اڄ ڪيترا سياستدان ۽ ٻيون اهم شخصيتون حيات نه آهن پر مون کي خوشيءَ سان گڏ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ تي به حيرت ٿئي ٿي ته مختلف ملڪن جي بندرگاهن ۾ ڪيئن بي ڊپو يا بي شرم ٿي نه فقط سياستدانن، سرڪاري ڪامورن، گورنرن، وزيرن ۽ ڪارخانيدارن سان ملندو رهيس پر کدڙن، بازاري عورتن، ڌاڙيلن، ڪوڙن پيرن ۽ جادوگرن سان به ملي خبرون چارون وٺندو رهيس. هاڻ اها ٻي ڳالهه آهي ته اخبار وارا منهنجا ڪيترا ڪالم اهو چيو موٽايو ڇڏين ته پڙهندڙ هضم ڪري نه سگهندا.
    بهرحال لِم ڪٽ سيانگ کي ملئي ماڻهو پسند نٿا ڪن جو هو ڪٽر قسم جو چيني آهي. هن سڄي زندگي حڪومت جي مخالفت ڪئي آهي. 1969ع کان ملڪ جي ٿيندڙ هر اليڪشن ۾ کٽيندو اچي سواءِ 1999ع واري اليڪشن جي. هو هميشه DAP جو سيڪريٽري جنرل ٿي رهيو، هاڻ پارٽي جو چيئرمين آهي ۽ سندس پٽ لِم گئانگ اينگ سيڪريٽري جنرل آهي. لِم ڪِٽ چيني ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي ڏوهه ۾ ملڪ جي انٽرنل سيڪيورٽي ائڪٽ هيٺ جيل به ڪاٽي چڪو آهي. لِم جي Plus point اها آهي ته هو سٺو ليکڪ آهي. هو ويهارو کن ڪتابن جو مصنف پڻ آهي.
    ملاڪا جي هڪ ٻي چيني اهم شخصيت جنهن پڻ ملاڪا جي هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي، اهو تان سيئو سِن (Tan Siew Sin) آهي. هو ملايا (جيڪو پوءِ ملائيشيا ٿيو) جو پهريون ڪامرس منسٽر هو. بعد ۾ هو 15 سال 1959ع کان 1974ع تائين وزير خزانا ٿي رهيو. پاڻ چينين جي سياسي پارٽي MCA (ملائيشين چائينز ايسوسيئيشن) جو صدر پڻ رهيو.
    تان سيئو 1916ع ۾ ملاڪا ۾ ڄائو. سندس پيءُ تان چينگ لاڪ MCA سياسي جماعت ٺاهي هئي. تان سيئو ملاڪا جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ بعد سنگاپور جي رئفلس ڪاليج مان پڙهيو. قانون جي تعليم هن لنڊن مان حاصل ڪئي.
    تان سيئو سان منهنجي جڏهن 1986ع ۾ ملاقات ٿي ته هو 70 سالن جو هو ۽ ريٽائرمينٽ جي زندگي گذاري رهيو هو. 17 مارچ 1988ع تي سندس ڪئالالمپور ۾ وفات ٿي. جيتوڻيڪ ملائيشيا جي آدمشماري گهٽ هجڻ ڪري ڪنهن به گهٽ ٻار ڄڻڻ جو نٿي سوچيو. يعني هي 80 واري ڏهي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. ان وقت ملائيشيا ۾ اها ڳالهه جيتوڻيڪ عجيب سمجهي وئي ٿي پر تان سيئو جي زال ڪئٿرين فئملي پلاننگ جي پرچار ڪندي رهي. کين ٽي ٻار، ٽئي ڌيئرون آهن.
    تان سيئو نالي ڪئالالمپور ۾ ”جالان تُن تان سيئو سِن“ (Jalan Tun Tan Siew Sin) روڊ به آهي جيڪو 2003ع تائين جالان سِلانگ نالي سان سڏيو ويو ٿي. هتي يادگيري لاءِ هڪ دفعو وري به لکندو هلان ته جالان ملئي زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي روڊ يا شاهراهه آهي ۽ Tun ۽ Tan Seri ملائيشيا جا اهم خطاب آهن، جيڪي ملڪ جو بادشاهه ملڪ جي اهم ماڻهن کي سندن ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيل اهم خدمتن جي بدلي ۾ نوازي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ رهندڙ چينين جو مختلف مذهبن سان تعلق آهي. ڪي عيسائي آهن ته ڪي ٻڌ. ڪي مختلف مندرن ۾ ضرور وڃن ٿا پر سندن مذهب ڪو به ناهي. جيڪي چيني مسلمان ٿين ٿا اهي ملئي ماڻهن جي رسم رواج ۽ لباس پهرڻ تي ملئي ئي ليکيا وڃن ٿا. تان سيئو سِن جي خاندان جو تعلق ٻُڌڌرم سان آهي باقي سندس زال جو نالو ڪئٿرين هجڻ ڪري هوءَ عيسائي هجي. پر ملائيشيا جي چينين ۾ اهو به فئشن آهي ته هنن جو کڻي ڪهڙي به دين ڌرم سان واسطو هجي، هو پنهنجي چيني طرز جي نالي سان گڏ انگريزي نالو به رکن ٿا. ملاڪا شهر جي هڪ ٻي اهم شخصيت جنهن پڻ ملاڪا هاءِ اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ جنهن کان اسان جا اديب ۽ شاعري جي مطالعي جا شوقين واقف آهن. اها آهي شرلي گيوڪ لِم (Shirley Geok Lim) هوءَ منهنجي هم عمر آهي.
    شِرلي ملاڪا جي غريب گهر ۾ 1944ع ۾ ڄائي. کيس ننڍي هوندي کان ڪتابن پڙهڻ ۽ انگريزي ادب سان دلچسپي هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه خراب سمجهي وئي ٿي ته ڪا ڇوڪري پنهنجي مشرقي زبان ۾ دلچسپي وٺڻ بدران انگريزيءَ کي ترجيح ڏئي. هن جو پهريون انگريزي Poem ملاڪا جي اخبار ملاڪا ٽائيمس ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هيءَ يارهن سالن جي هئي. اڳتي هلي هوءَ دنيا جي مشهور شاعره، افسانا نويس ۽ نقاد مشهور ٿي.
    شرليءَ يونيورسٽي آف ملايا مان B.A آنرس ۾ پهريون نمبر حاصل ڪيو. 1969ع ۾ کيس آمريڪا جي فل برائيٽ اسڪالر ملي ۽ مساچوسيٽ جي Brandeis يونيورسٽيءَ مان Ph.D جي ڊگري انگريزي ۽ آمريڪن لٽريچر ۾ حاصل ڪئي. اڄڪلهه پاڻ آمريڪن شهري آهي ۽ هن جي شادي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا جي هڪ پروفيسر چارلس بيزرمئن سان ٿي آهي.
    شرلي گوئيڪ لِم کي سندس شاعري ۽ نثر جي ڪيترن ئي ڪتابن تي ايوارڊ ملي چڪا آهن، خاص ڪري سندس شاعري جي پهرين مجموعي Crossing the Peninsula تي جيڪو 1980 ۾ ڇپيو هو. پاڻ پهرين ايشيائي ۽ پهرين عورت آهي جنهن کي شاعري تي ”ڪامن ويلٿ پوئيٽري پرائيز“ مليو. ٻين انعامن ۾ هڪ ڪتاب سندس يادگيرين جو به آهي جنهن جو عنوان آهي: Among the White Moon Faces
    هي ڪتاب 1997ع ۾ ڇپيو هو ۽ مون ٻڌو آهي ته هن ڪتاب جو سنڌي ۾ ترجمو سنڌ يونيورسٽي جو پروفيسر اسحاق سميجو ڪري رهيو آهي.


    ماتلي جي ڊاڪٽرياڻي ملاڪا ۾

    ملاڪا وڃڻ کان اڳ ڊاڪٽر عطا کي چيم ته سندس ٽيليفون نمبر کان علاوه ڪنهن ٻئي دوست يا پاڙيسريءَ جو به لکراءِ جيئن متان ملاڪا اچڻ واري ڏينهن تنهنجو فون خراب هجي يا گم ٿي ويل هجي ته آئون روهه ۾ رلي وڃڻ بدران گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ٻئي جي معرفت تو تائين نياپو ڪري سگهان ته آئون ملاڪا ۾ فلاڻي وقت تي فلاڻي هنڌ تي پهچي رهيو آهيان.
    ڊاڪٽر عطا جيتوڻيڪ ان ڳالهه کي ناممڪن تصور ڪيو جو اڄ ڏينهن تائين ملاڪا شهر ۾ نه ڪو فون سسٽم (نيٽ ورڪ) خراب ٿيو آهي ۽ نه وري ڪنهنجو چوري ٿيو آهي. بهرحال منهنجي چوڻ تي هن اي ميل ذريعي پنهنجي گهر ۽ آفيس جو لينڊ نمبر ۽ ائڊريس سان گڏ ٻه ٻيا موبائل نمبر به موڪليا، هڪ سندس پٽ مير غلام محمد جو ۽ ٻيو سندس ڪزن مير سعيد ٽالپر جو. ملاڪا پهچڻ تي ڊاڪٽر عطا کلي چيو ”مون پئي سوچيو ته توهان اجايو ايترو خبردار ٿا رهو هڪ فون نمبر ئي ڪافي آهي پر خبر اٿانوَ ته ڪالهه منهنجو سڄو ڏينهن فون خراب رهيو ۽ آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ٻيو نمبر وٺي توهان عقلمندي ڪئي نه ته منهنجو سڪون به چٽ هجي ها. پنهنجي پٽ غلام محمد کي به ان ڪري گڏ کڻيو پئي هليس ته جيئن توهان جو فون اچي ته توهان کي وٺڻ لاءِ ان هنڌ تي پهچي وڃون.“
    ”سائين ماٺ اٿانوَ ڀلي“ مون ڊاڪٽر عطا کي چيو، ”ان قسم جي ننڍڙين ڳالهين ڪري ڪيترن کي مون پرديس ۾ پريشان ٿيندي ڏٺو آهي.“
    جيتوڻيڪ ڪيترا ماڻهو ان تي کلندا آهن پر مون سياڻن سياحن کي، خاص ڪري گورن انگريزن کي ڏٺو آهي ته هو پرديس ۾ پنهنجو پاسپورٽ گنجيءَ ۾ زپ وارو کيسو ٺاهي ان ۾ رکندا يا قميص هيٺان سنهي ڪپڙي جو کيسي وارو ويڪرو بيلٽ ٻڌي ان ۾ رکندا. پئسا هڪ ئي کيسي ۾ رکڻ بدران انهن کي ٻن يا ٽن حصن ۾ ورهائي مختلف کيسن ۾ وجهندا. چوندا ته برو وقت ايندي دير نٿي لڳي. ڪو شاهينگ کيسو ڪٽي وڃي ته سڀ ڪجهه ته هليو نه وڃي. پرديس ۾ وڌ ۾ وڌ ڪو رستو ٻڌائيندو پئسا ته نه ڏيندو. ٻي ڳالهه اها سياڻا ٽوئرسٽ جنهن شهر يا ملڪ ۾ ويندا ان ۾ رهندڙ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن جا فون نمبر ٻن پنن تي ڪري لکندا. هڪ پنو ڪوٽ جي ٻاهرين کيسي ۾ هڪ قميص يا پتلون جي کيسي ۾ جيئن هڪ گم ٿي وڃي ته ٻيو موجود هجي.
    ڊاڪٽر عطا سان ملي خبر چار ڪرڻ بعد جڏهن مانيءَ لاءِ هڪ ريسٽورنٽ ۾ اچي ويٺاسين ته مون کي اوچتو ياد آيو ته ڊاڪٽر عطا پنهنجي ڪزن جو به فون نمبر ڏنو هو ته هو به ملاڪا ۾ رهي ٿو.
    ”سعيد ٽالپر به توهان وانگر ڊاڪٽر آهي ۽ توهان سان رهي ٿو؟“ مون ڊاڪٽر عطا کان پڇيو، ”يا هتي گهمڻ لاءِ آيو آهي.“
    ”نه هو آءِ ٽي ۽ ڪمپيوٽر جو پروفيسر آهي ۽ هتي جي ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول ۾ پڙهائي ٿو.“ عطا ٻڌايو.
    ”زبردست، ڏاڍي خوشي ٿي ته هتي جي تعليمي ادارن ۾ پاڪستاني پڙهائين ٿا ۽ ملاڪا شهر ۾ انٽرنيشنل اسڪول به کلي ويو آهي.“
    ڊاڪٽر عطا کي ٻڌايم ته 80 واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ اچي رهيس تڏهن سڄي ملاڪا رياست ۾ ڪي ڏهه ٻارهن ڌاريان مس هئاسين. ان وقت جي چيف منسٽر تان سري رحيم تامبي چِڪ (Tan Seri Rahim Tamby Chik) کي ڏاڍو فڪر هو جو انٽر نيشنل اسڪول نه هجڻ ڪري ڪيترا فارينر نوڪري ڇڏي هليا ويا ٿي. پوءِ هن اسان جي ٻارن لاءِ عارضي طرح ملاڪا هاءِ اسڪول ۾ ٻن ڪمرن جو بندوبست ڪيو، جتي ڌارين ملڪن جي ٻارن کي انهن جي ملڪ جي سليبس مطابق پڙهايو ويو ٿي. ايترو ضرور آهي ته هن پڙهائڻ وارا بيحد محنتي، ڄاڻو ۽ ايماندار رکيا هئا. انهن ۾ ٻه چيني مِسون هيون ۽ ٻه انڊين تامل ڪرسچن مسٽر ليان (Lion) ۽ مسٽر ٿامسز بيحد مشهور هئا. ليان هتي جو تامل هندو هو، ٿامسز اپوح جو ڳنڊين عيسائي هو. هنن جيڪا محنت اسان جي ٻارن تي ڪئي، ان جو جواب ناهي. مون کي پنهنجي ڪاليج جو پوڙهو انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومس، ڪمانڊر اسرار الله ۽ جنرل (انهن ڏينهن ۾ ڪئپٽن) عالم جان محسود ياد اچي ويندو هو، جن اسان کي محنت سان پڙهايو هو.
    ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته سندس ڪزن سعيد ٽالپر جو وڏو ڀاءُ فاروق احمد سندس ڀيڻويو ٿئي ۽ اهي ٽنڊوڄام جي مير باغ علي ٽالپر جا پٽ ۽ مشهور سماجي ورڪر، سنڌي ليکڪ، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جا ڀائٽيا ٿين.
    ”سعيد کي ڀلا هيءَ نوڪري ڪيئن ملي؟“ مون ڊاڪٽر عطا کان پڇيو.
    ”دراصل ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول کي ڪمپيوٽر پڙهائڻ واري جي ضرورت پئجي وئي ۽ هنن هتي جي اخبار ۾ اشتهار ڏنو“ عطا ٻڌايو، ”مون کي يڪدم سعيد ڌيان ۾ اچي ويو. هن جي نه فقط ان سبجيڪٽ ۾ ڊگري هئي پر هو ان ۾ ڄاڻو هو. هو محنتي ۽ سخت حالتن ۾ به رهي سگهيو ٿي ۽ ايمانداري سان ڊيوٽي ڪرڻ کان هن جي هرهڪ تعريف ڪئي ٿي.“
    عطا ٻڌايو ته انهن ڏينهن ۾ سعيد ناروي جي شهر برگن ۾ نوڪري ڪري رهيو هو. مون کيس فون تي هن نوڪريءَ بابت ٻڌايو، هن پنهنجي رضا ڏيکاري. ان بعد آئون هن اسڪول جي پرنسپال ميڊم شمس النساءِ اسحاق سان ملڻ ويس. ملاڪا شهر ۾ رهڻ ۽ شهر ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي دعوتن ۾ ساڻس سلام دعا ٿيڻ ڪري ساڻس ٿوري گهڻي واقفيت هئي، مون کيس سعيد بابت ٻڌايو ۽ اهو به چيومانس ته منهنجو مائٽ پنهنجي جاءِ تي آهي پر تون ڀلي هن جو انٽرويو وغيره وٺي هن کي ڏس ته هو واقعي تنهنجي اسڪول لاءِ لائق آهي يا نه.
    ”سعيد ٽالپر نه فقط هن نوڪري لاءِ چونڊجي ويو پر هو سندس محنت ۽ ڄاڻ ڪري هتي جي دلپسند شخصيت مڃيو وڃي ٿو.“
    ٻئي ڏينهن رات جي مانيءَ لاءِ اسان سعيد ٽالپر جي گهر وياسين جيڪا سندس ڪنوار ڊاڪٽر اِرم ياسمين تيار ڪئي. ڊاڪٽر اِرم ملاڪا جي جنرل هاسپٽل ۾ نوڪري ڪري ٿي.
    ڊاڪٽر عطا ٻڌايو ته ملاڪا اچڻ وقت سعيد اڪيلو هو. سال کن نوڪري ڪرڻ بعد هو پاڪستان ويو ۽ ڊاڪٽر ارم سان شادي ڪري هتي آيو. پوءِ هتي رهي ڪري هوءَ نوڪريءَ لاءِ Apply ڪندي رهي ۽ 6 مهينا کن ٿيندا ته هن کي هتي جي وڏي اسپتال ۾ نوڪري ملي آهي. مون کين ٻڌايو ته 80 واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس ته ٽن سالن لاءِ هڪ پاڪستان جو ڪئپٽن عرفان فاروقي منهنجي اداري ۾ نوڪري لاءِ آيو هو. هن جي زال نرگس قاضي (سابق وزير اعليٰ سنڌ اختر قاضي صاحب جي ڀيڻ) ڊاڪٽر هئي. هوءَ پهرين پاڪستاني چئي سگهجي ٿي، جنهن کي هن ملاڪا جنرل اسپتال ۾ نوڪري ملي، جنهن ۾ هينئر ڊاڪٽر ارم ڪم ڪري ٿي.
    ڊاڪٽر ارم نظاماڻي غلام شاهه نظاماڻي جي ڌيءَ آهي، غلام شاهه نظاماڻي 1942ع ۾ ماتلي ۾ ڄائو ۽ اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو. پاڻ اڪو پنڪچر جي ڄاڻ کان به مشهور آهي. سندس والد (يعني ارم جو ڏاڏو) حاجي محمد خان جو تعلق ڳوٺ ڪڙيو گهنور سان آهي، جيڪو ڳوٺ محمود فقير جي درگاهه کان مشهور آهي. غلام شاهه نظاماڻيءَ جهڙن ماڻهن کي اهو ڪريڊٽ ضرور ڏيڻ کپي ته هنن ڳوٺ ۾ رهي ڪري به پنهنجن پٽن توڙي نياڻين کي اعليٰ تعليم ڏني ۽ کين وڏيرڪي ذهنيت کان پري رکيو ۽ کين سست ۽ ڪاهل ٿيڻ نه ڏنو. اهو ئي سبب آهي جو ڊاڪٽر اِرم ننڍي عمر ۾ پرديس ۾ نه فقط دل لڳائي نوڪري ڪري رهي آهي پر بنا ڪنهن ماسي يا نوڪرياڻيءَ جي گهر جي ٺاهه جوڙ ۽ رڌ پچاءُ به ڪري رهي آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته پرديس ۾ نوڪري ڪرڻ ڪو سولو ڪم ناهي. ظاهر آهي هو پئسو خرچ ڪري ڪنهن کي گهرائين ٿا ته ان کان ڪم به چڱي طرح وٺن ٿا. ڪيترن سالن کان اسان جي ملڪ ۾ No work ڪلچر هجڻ ڪري اسان جا ماڻهو ڊاڪٽر توڙي ماستر، سرڪاري ڪامورا ته خاص طور، اهو سمجهن ٿا ته جتي ڪٿي ڪا آرام جي زندگي آهي. هنن کي رڳو پگهار کڻڻو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ جا ماڻهو ولايت ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ ته وڏي شوق سان اچن ٿا، پر پوءِ سخت ڊيوٽي ۽ وقت جي پابندي ڏسي ڀڄيو وڃن يا ڪينجهندي، ڪُرڪندي ۽ ماڻهو کلائيندي وقت گذارين ٿا. پنج ئي آڱريون برابر نه آهن. اسان جي ملڪ جا ڪيترائي سعيد ٽالپر ۽ ڊاڪٽر ارم ياسمين جهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي سخت کان سخت ڊيوٽي به مرڪندي ڪن ٿا ۽ هو پنهنجي پروفيشن جي ڄاڻ رکن ٿا ۽ پنهنجي ڊيوٽي اعتماد ۽ ايمانداريءَ سان ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا ۽ ساڳي وقت ٻين جي لاءِ به راهه کولين ٿا جو اهڙن ماڻهن کان متاثر ٿي ڌارين ملڪن جا ادارا اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏين ٿا. بهرحال اسان جي ماڻهن کي معلوم هئڻ کپي ته ڌارئين ملڪ جا ادارا نه فقط توهان جي ڊگري ڏسن ٿا پر توهان جي پنهنجي ڪم بابت ڄاڻ، ايمانداري سان سمورو وقت ڊيوٽي ڏيڻ، جيڪڏهن توهان ڊاڪٽر يا ٽيچر آهيو ته توهانجو پنهنجن مريضن، شاگردن ۽ آفيسرن سان روا رکيل سٺي اخلاق کي به نظر ۾ رکن ٿا. ڊاڪٽر نرگس (قاضي) فاروقي جيڪا اسان جي ڏينهن ۾ ملاڪا جي هن اسپتال ۾ ڪندي هئي، ٻڌائيندي هئي ته هن کي ڪڏهن ڪڏهن ڊيوٽي جا اٺ ئي ڪلاڪ بيٺي پير ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
    پاڻ هتي ماتلي جي بلڪ ڳوٺ ڪڙيو گهنور جي غلام شاهه نظاماڻي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن پنهنجي سڀني ٻارن کي تعليم لاءِ همٿايو ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تربيت ڏني. اهو ئي سبب آهي جو سندس هيءَ ڌي ڊاڪٽر اِرم (نظاماڻي) ٽالپر اڄ هتي اڪيلي سر گهر ۽ نوڪريءَ کي منهن ڏيو ويٺي آهي. ارم جي وڏي ڀيڻ روحي نگار به ڊاڪٽر آهي. هن پڻ لياقت يونيورسٽي ڄامشورو مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ ان بعد ايف سي پي ايس ڪيائين. سندس مڙس پروفيسر اڪرام اڄڻ پڻ ڊاڪٽر ۽ لياقت يونيورسٽي جو گريجوئيٽ آهي.
    ڊاڪٽر روحي کانپوءِ سندن ڀاءُ رشيد مهراڻ يونيورسٽي مان بي اي ڪئي آهي، ان بعد ڀيڻ شاهين آهي، جنهن جو گهوٽ راڄوخاناڻي جو علي احمد ٽالپر انجنيئرنگ ڪرڻ بعد پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ آهي. ڊاڪٽر ارم چوٿين نمبر تي آهي ۽ پنجين ۽ آخري نمبر تي ڀاءُ ياسر آهي، جنهن تازو ڪامرس ۾ ماسٽر ڪئي آهي.


    ملائيشيا ۾ ڌاريان ماڻهو ڇو ٿا اچن.....

    ملاڪا ۾ ٽنڊو ڄام جي سعيد ٽالپر جي گهر ماني کائڻ دوران اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته سعيد جي مائٽي نه فقط ڊاڪٽر عطا سان آهي پر هو سنڌ جي مشهور سوشلسٽ ۽ طنز مزاح جي ليکڪ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جو ڀائٽيو پڻ آهي. ڪامريڊ جا چار کن ڪتاب ڇپيا آهن. منهنجي خيال ۾ سنڌي يا اڙدو جو ڪو ليکڪ نه هوندو، جنهن جو ڪتاب مهيني ڏيڍ ۾ وڪرو ٿي ويندو هجي. ڪامريڊ هن وقت 80 کان به وڏي عمر جو آهي، مون کي ساڻس ملڻ جو شوق ڪيترن سالن کان هو. هڪ دفعو سندس ڳوٺ ٽنڊو ڄام به ويس پر ساڻن ملاقات نه ٿي سگهي. عجيب اتفاق آهي جو ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪراچي ۾ هڪ شاديءَ ۾ ملاقات ٿي وئي.
    ڪامريڊ مير محمد ٽالپر سعيد ٽالپر جي والد صاحب مير باغ علي ٽالپر جو وڏو ڀاءُ ٿئي ۽ هو مير غلام رسول ٽالپر جا فرزند آهن. مير باغ علي ٽالپر کي ٽي پٽ آهن. وڏو خليل احمد آئرلينڊ ۾ رهي ٿو. ٻيو نمبر فاروق احمد ڳوٺ ۾ رهي زمينون وغيره سنڀالي ٿو. اسان وارو سعيد احمد ٽالپر سڀ ۾ ننڍو آهي. سعيد ٽنڊوڄام جي ٽالپر وليج اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 مان ڪئي ۽ انٽر موسيٰ خان کٽياڻ مان ڪئي. سال 2004ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان B.Sc ڪرڻ بعد ورلڊ بئنڪ پروجيڪٽ ماتلي جي طرفان هو ناروي جي شهر برگن ۾ ڪم ڪرڻ لڳو، جتان پوءِ هن کي ملاڪا جي هن انٽرنيشنل اسڪول لاءِ گهرايو ويو.
    اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ رهيل هوس تڏهن سڄي ملائيشيا ۾ فقط ڪوالالمپور ۾ انٽرنيشنل اسڪول هوندو هو، جتي سڀ ڪجهه انگريزي ۾ پڙهايو ويو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته او ليول يا اِي ليول ڪرڻ وارن کي هڪڙو مڪاني زبان يعني ملئي جو سبجيڪٽ پڙهڻو پيو ٿي، جيئن سنگاپور ۾ اتي جي ٽن قومي زبانن: چيني، ملئي يا تامل زبان مان هڪ سبجيڪٽ کڻڻو پيو ٿي. ياد رهي ته سنگاپور جي چوٿين قومي زبان انگريزي آهي.
    ڳالهه اها آهي ته ملائيشيا وارن کي انٽرنيشنل اسڪول يا ٻين ان قسم جي اسڪولن جي ضرورت ئي ڪهڙي جيئن اسان وٽ بيڪن اسڪول، گرامر اسڪول، رفليڪشن، Roots، آرمي پبلڪ اسڪول قسم جا اسڪول وڌندا وڃن، جن ۾ پڙهائي سٺي هجڻ ڪري سرندي وارا ٻُڪ ٽڪن جا ڏيئي پنهنجن ٻارن کي پڙهائين ٿا، جيئن هنن جي انگريزي سٺي ٿئي ۽ ان قسم جا اسڪول شهرن ۾ هجڻ ڪري شهرن جا ٻار سٺي تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ نوڪريون به، انهن کي ئي ملن ٿيون جو اهڙن اسڪولن مان پڙهڻ سان ٻار نه فقط سٺي تعليم حاصل ڪري ٿو پر هو ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ به چست ۽ پُراعتماد ٿئي ٿو ۽ انٽرويو ۾ هو سوال ڪندڙ صاحبن کي وڌيڪ Impress ڪريو وڃي. ملائيشيا ۾ ائين نه آهي. هنن جي پوليس ۽ جوڊيشري (عدالتن) وانگر تعليم جي پاليسي به واهه جي رکي وئي آهي. جن کي دنيا ڄٽ ۽ جنگلن جا رهاڪو سمجهيو ٿي انهن ملئي ماڻهن اهو ڪي ڪجهه ڪري ڏيکاريو آهي جو اڄ دنيا جا ڪيترائي ملڪ ملائيشيا کي فالو ٿا ڪن. اهو فقط ان ڪري جو هنن وٽ نه فقط قاعدا قانون آهن پر انهن تي عمل به ٿئي ٿو، جنهن جو مظاهرو آئون 1970ع کان ڏسندو اچان ته ڪيئن قاعدو قانون پاس ٿيڻ شرط ان تي عمل به شروع ٿيو وڃي ۽ ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن کي يڪدم سزا ملڻ ڪري سڀ سڌا ٿيو وڃن. ڪيترين ڳالهين ۾ ته قانون ناهي پر ملڪ جو وزيراعظم يا صوبي (رياست) جو وزيراعليٰ، گورنر يا سلطان ڪا صلاح ڏئي ٿو ته ان کي به حڪم سمجهي مڃيو وڃي ٿو ۽ سڀ ڪو ان کي بهتري سمجهي ان تي عمل ڪري ٿو جو هو سمجهن ٿا ته ان پٺيان سندن حاڪم جي نيڪ نيتي آهي. مون کي ياد آهي ته 1984ع تائين ملائيشيا جي آفيسن توڙي اسان واري تعليمي اداري جو ڊيوٽي ٽائيم صبح جو 8 کان شام جو چئين تائين هو. پوءِ هڪ ڏينهن ملڪ جي وزيراعظم آزادي واري ڏينهن تي تقرير دوران چيو ته، ”ملائيشيا کي ترقي يافته ملڪ بنائڻ لاءِ اسان کي اڃان به گهڻي محنت ڪرڻي پوندي. آئون توهان تي زور نٿو ڀريان پر جي ڪڏهن توهان روزانو اڌ ڪلاڪ وڌيڪ ڊيوٽي ڪندائو ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام لاءِ سٺائي ڪندائو.“
    مون سمجهيو ته اها ڳالهه ائين ئي آئي وئي ٿي ويندي پر مون ڏٺو ته ٻئي ڏينهن کان هر هڪ چئين وڳي موڪل ڪرڻ بدران ساڍي چئين موڪل ڪرڻ لڳو ۽ اهو عالم ملڪ جي هر آفيس ۾ شروع ٿي ويو ۽ هتي ملائيشيا ۾ ڊيوٽي جو مطلب اهو ناهي ته آفيسن ۾ آفيسر لڀن نه رڳو ڪلارڪ ۽ پٽيوالا ويٺا هجن. ملائيشيا جي چاهي انڪم ٽئڪس آفيس هجي يا پوليس کاتي جي آفيس يا ڪو ٻيو ڊپارٽمينٽ، ان جو ڪمشنر، ڊي آءِ جي يا ٻيو اعليٰ عملدار به اٺين وڳي پنهنجي آفيس جي ڪرسي تي نظر ايندو ۽ ساڍي چئين وڳي آفيس ڇڏيندو. ان ۾ هو بي ايماني ڪري نٿو سگهي جو هن کي آفيس اچڻ وقت ۽ ڇڏڻ وقت پنهنجو حاضريءَ جو ڪارڊ ”ڪِلاڪ مشين“ ۾ وجهي وقت جي پابندي ۽ پنهنجي موجودگي جو ثبوت ڏيڻو پوي ٿو ۽ اهو ڪم وزيرن ۽ ملڪ جي وزيراعظم کي به ڪرڻو پوي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو هتي عام ماڻهو رلي نٿو، هو جنهن به آفيس ۾ وڃي ٿو، ان جو هرهڪ ماڻهو پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺو آهي ۽ جلد ڪم جو اڪلاءُ ٿيو وڃي.
    اهڙي طرح ملائيشيا وارن پنهنجي تعليمي نظام کي درست بڻايو آهي. ملائيشيا ۾ جيتوڻيڪ مختلف مذهبن ۽ زبانن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ جي چيني آهن ته انهن جون چيني زبانون به مختلف آهن: ٽيوچو، منڊارين، ڪئنٽونير، هَڪا، هُڪين وغيره. جي انڊين آهن ته اهي به مختلف زبانون ڳالهائڻ وارا تامل، مليا لم، ڪنهڙ، گجراتي، پنجابي، هندي، اڙدو ڳالهائڻ وارا آهن پر ملائيشيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين، شهرن کان ڳوٺن، ويندي لنگڪوي ٻيٽن تي، ڪي جي نرسري کان مئٽرڪ تائين ساڳيو سليبس رکيو ويو آهي. اسڪول جو ساڳيو ٽائيم ستين کان هڪ رکيو ويو آهي. صبح جو پوري ستين اسڪولن جا در بند ڪيا وڃن ٿا ۽ دير سان اچڻ وارو ٻار کڻي ڪنهن جو به پٽ هجي هن جي غير حاضري لڳي ٿي. ٻارن جي هڪ بجي موڪل ٿئي ٿي پر پڙهائڻ وارن ۽ اسڪول آفيس جي ڪلارڪن کي وڌيڪ هڪ ڪلاڪ اسڪول ۾ ترسي ٻي وڳي موڪل ڪرڻي پوي ٿي. هرهڪ ٽيچر لاءِ اهو ضروري آهي ته هو يا هوءَ مقرر مدي ۾ ڪورس پورو ڪرائي ۽ هر ڪتاب جو پهرين صفحي کان آخري تائين پڙهايو وڃي ٿو. هيٺين ڪلاسن جا سبجيڪٽ ملئي زبان ۾ شروع ٿي پوءِ مٿين ۾ انگريزي اچيو وڃي ۽ هتي جي ڳوٺ جو مئٽرڪ پاس به اسان جي ڪيترن شهري ۽ انگريزي اسڪولن جي ٻارن کان تعليم، جنرل ناليج ۽ انگريزي ڳالهائڻ ۾ هوشيار آهي. پوءِ جڏهن ڳوٺ ۽ شهر جو اسڪول ۽ منجهس پڙهائي هڪ جهڙي هجي ته ٻار ڇو پيو سڄي شهر ۾ ٽلڪي. اسان وٽ هر پاڙي جا ٻار مختلف اسڪولن ڏي ويندا. پوءِ ڪو ڪلفٽن کان اڌ شهر لتاڙي نرسري يا طارق روڊ تي ڪنهن اسڪول ۾ ويندو ته ڪو ڪورنگي ڏي. اهو ئي حال حيدرآباد، سکر، ڪوئيٽا ۽ ٻين شهرن جو آهي. فقط اسڪول وڃڻ ۽ موٽڻ ۾ ٻارن جو ڪلاڪ ٻه ضايع ٿيو وڃي. پر هيڏانهن ملائيشيا ۾ هرڪو ٻار پنهنجي گهر جي ويجهي واري اسڪول ۾ وڃي ٿو. اڌ کان وڌيڪ ٻار پنڌ وڃن، ٻين کي مائٽ، پيءُ ماءُ يا پڦي ماسي سائيڪل تي ڇڏي اچي. ورلي ڪو ٻار ڪار ۾ ايندي نظر ايندو. اسان وٽ اسڪول وڃڻ وقت ۽ موڪل جي ٽائيم تي ٽريفڪ جام جو عجيب منظر رهي ٿو.
    سعيد ٽالپر کي چيم ته جڏهن هتي جي عام اسڪولن جي پڙهائي به بهترين آهي ۽ في به نه برابر آهي ته پوءِ ان صورت ۾ هتي جي ماڻهن جا ٻار ته هن مهانگي انٽرنيشنل اسڪول ۾ هرگز نه ايندا هوندا ۽ اچن به ڇو؟ ٻي ڳالهه ته ملاڪا تاريخي شهر آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ اڄڪلهه سوين ٽوئرسٽ روزانو اچن ٿا ۽ هتي جي هر هوٽل فل رهي ٿي، پر هن اسڪول ۾ ته انهن فارينرن (Expatriates) جا ٻار پڙهي سگهن ٿا، جيڪي هتي ملاڪا ۾ نوڪري ڪن. ائين ته ملاڪا ۾ ڪجهه ڪاليج، يونيورسٽيون، فئڪٽريون ۽ بين الاقوامي فرم کلڻ ڪري هتي رهندڙ فارينرن جو تعداد وڌيو آهي پر اهي ايترا ته نه آهن جو انٽرنيشنل اسڪول جهڙو مهانگو تعليمي ادارو ڪو خانگي طرح هلائي سگهي؟
    ڪوالالمپور ۾ ته هاڻ ان قسم جا ۽ ٻيا ڪيترا انگريزي ميڊيم وارا اسڪول کلي پيا آهن، جو ان جي آس پاس ڪيتريون ئي يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ انجنيئرنگ فرم آهن، جن ۾ ڌارين ملڪن جا سوين پروفيسر، ڊاڪٽر، سرجن، سائنسدان ۽ انجنيئر نوڪري ڪن ٿا. اهڙا سوين شاگرد اهي آهن جيڪي پنهنجن ملڪن ۾ مختلف هنڌن تي پروفيسر آهن ۽ شادي شده آهن. هو هتي Ph.D ڪرڻ لاءِ ٽن کان پنجن سالن لاءِ اچن ٿا ۽ هو پنهنجن ٻارن کي انگريزي يا فرينچ ۾ تعليم ڏيارڻ چاهين ٿا، جيڪا زبان سندن يورپي، ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن ۾ عام آهي. ان کان علاوه ڪوالالمپور ۾ دنيا جي ملڪن جا سفارتخانا، هوائي ۽ بحري جهازن جون ڪمپنيون آهن، جن ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر پنهنجن ٻارن کي هنن اسڪولن ۾ پڙهائين ٿا ۽ هو ههڙن اسڪولن جون ڳريون فيون Afford ڪري سگهن ٿا. ٻنهي ڌرين کي ان ۾ فائدو رسي ٿو. ملائيشيا وارا ڳريون فيون رکي ڌارين مان خوب ناڻو ڪمائين ٿا ۽ ڌاريان ماڻهو هيڏين ڳرين فين جي باوجود خوش آهن جو هنن کي ملائيشيا ۾ رهائش ۽ اسڪول جا خرچ وري به يورپ، جپان يا عرب ملڪن کان گهٽ ٿا پون.
    سعيد ٽالپر منهنجي سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول ۾ ملاڪا ۾ نوڪري ڪندڙ ڌارين ماڻهن کان علاوه اهي ٻار پڻ پڙهن ٿا جن جا پيئر يا مائرون مختلف ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿيون پر اتي جي پڙهائي سٺي نه هجڻ ڪري هو پنهنجن ٻارن کي ملاڪا موڪلين ٿا ۽ هتي جي حڪومت ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي جيڪي هتي ٻار پڙهائين ٿا، انهن کي اها سهوليت ڏني آهي ته ٻار جو هڪڙو Parent (ماءُ يا پيءُ) ٻار سان گڏ رهي سگهي ٿو.
    ملاڪا انٽرنيشنل اسڪول (MIS) 1993ع ۾ ملاڪا جي هڪ جهوني مسجد تنگڪرا جي ڀرسان جنهن علائقي ۾ ٺهيو آهي اهو ”تمن سيانتان“ سڏجي ٿو ۽ اسڪول جي ڀرسان لنگهندڙ روڊ جو نالو پڻ Siantan آهي. سعيد ٻڌايو ته هن وقت 17 ملڪن جا ٻار هِن اسڪول ۾ پڙهن ٿا، جن مان ڪجهه ڪوريا، جپان، انگلينڊ، آمريڪا، آسٽريليا، جرمني، ڪئناڊا ۽ آلجيريا وغيره جا آهن. آلجيريا جي ٻار جي عرب ماءُ ڳالهه ڪئي ته هو آسٽريليا جا شهري آهن، سندس مڙس کي دبئيءَ ۾ نوڪري آهي. هوءَ دبئي يا آسٽريليا ۾ رهي ٻارن کي پڙهائڻ بدران هتي رهڻ پسند ڪري ٿي جو ملائيشيا مسلمانن جو ملڪ آهي. ائين ته دبئي به مسلمانن جو ملڪ آهي پر اتي نه ايڏي پڙهائي سٺي آهي ۽ نه وري ايڏو فضيلت وارو ماحول آهي.
    ”ملائيشيا جي سٺي موسم کان علاوه کاڌي پيتي جون شيون به دبئي، آسٽريليا ۽ آلجيريا کان سستيون آهن“، هن ٻڌايو ۽ هوءَ عورت ٿي ڪري ڪار به هلائي ٿي ۽ اڪيلي سر ٻارن کي پارڪ يا بازار ۾ به وٺي وڃي سگهي ٿي.“
    اهڙي ساڳي ڳالهه ڪويت ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ پاڪستانيءَ جي زال ٻڌائي. هو جيتوڻيڪ آمريڪا جا شهري آهن پر ٻارن کي آمريڪا يا ڪويت ۾ پڙهائڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ پڙهائڻ وڌيڪ بهتر سمجهن ٿا. ڪجهه ٻار پاڪستاني به آهن. هڪ پاڪستاني ٻار جي ڏاڏيءَ ۽ ڏاڏي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، جيڪي ٽن مهينن جي ٽوئرسٽ ويزا تي پنهنجي ننهن وٽ آيا هئا، جيڪا ٻن ٻارن سان هتي ملاڪا ۾ رهي ٿي. هنن ٻڌايو ته سندن پٽ ڪنهن انٽرنيشنل اليڪٽرانڪ ڪمپنيءَ ۾ وڏو آفيسر آهي، جيڪو پهرين جدي ۾ هو ۽ هاڻ سائوٿ آفريڪا ۾ آهي. ”هر وقت بدلي ٿيڻ ڪري ٻارن جي تعليم ڊسٽرب ٿئي ٿي“، ٻارن جي ڏاڏي ٻڌايو، ”ان ڪري منهنجي پٽ زال ۽ ٻارن کي هتي رکيو آهي. سال ۾ ٻه دفعا اسڪولن کي موڪل ٿيڻ تي هو سائوٿ آفريڪا وڃن ٿا، اهڙا سال ۾ ٻه دفعا اسان جو پٽ ٻارن کي ڏسڻ لاءِ ملاڪا اچي ٿو.“
    هنن ٻڌايو ته هنن ڪوالالمپور بدران ملاڪا کي ان ڪري ترجيح ڏني آهي جو هتي ڳوٺاڻي ۽ وڌيڪ سانت واري زندگي آهي. اسڪول جي ڀرسان ڪيتريون ئي نيون نيون گهڻ ماڙ عمارتون ٺهنديون رهن ٿيون، جتي رهائش لاءِ ڪو فليٽ خريد ڪرڻ يا مسواڙ تي حاصل ڪرڻ سولو ڪم آهي.
    ملائيشيا کي آمريڪا واري نائن اليون ڪري به وڏو فائدو رسيو. هونءَ عرب ملڪن جا امير سعودي، ڪويتي ۽ گلف جا رهاڪو گهمڻ توڙي ٻارن جي تعليم لاءِ آمريڪا ۽ انگلينڊ کي ترجيح ڏيندا هئا پر پوءِ نائن اليون واري واقعي بعد دنيا ۾ عربن لاءِ وڌندڙ نفرت جو تاب نه جهلي هاڻ عرب ملائيشيا جو رخ رکن ٿا. ٻن ٽن سالن کان ڏسي رهيو آهيان ته پاڪستانين جو به ملائيشيا ڏي رخ وڌندو وڃي. هڪ اهڙي پاڪستانيءَ جو احوال هن کان اڳ واري ملائيشيا جي سفرنامي ”هليو آ هليو آ، ملائيشيا“ ۾ لکي چڪو آهيان ته هو ڪراچي کان وڌيڪ ڪوالالمپور يا ملاڪا کي ترجيح ڏئي ٿو. هن ٻڌايو هو ”آئون سٺ سالن جو آهيان ۽ رٽائرڊ زندگي گذاريان ٿو. منهنجي زال ابو ڌابي ۾ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ آفيسر آهي ۽ گهر جو خرچ هوءَ موڪلي ٿي ۽ آئون ڪراچيءَ ۾ رهي ٻارن کي پڙهايان پيو. پر هاڻ ڪراچيءَ ۾ وڌندڙ هنگامن ۽ لوڊشيڊنگ جي ڪري ملائيشيا ۾ اچڻ چاهيان ٿو جو مون لاءِ جهڙو ڪراچي ۾ رهڻ تهڙو ڪوالالمپور، ڇو جو منهنجي ته ڪا ڪراچي ۾ نوڪري يا ڪاروبار به نه آهي. مون لاءِ جهڙو ڪراچي ۾ رهڻ تهڙو ڪوالالمپور ۾. پئسا ته مون ڏي هونءَ به ابو ڌابي کان اچن ٿا، پوءِ ڇو نه ڪنهن سڪون واري هنڌ تي رهان....“
    منهنجي خيال ۾ ملائيشيا وڏو سياڻو چئبو، جنهن سنگاپور کان اهو سٺو طريقو سکيو آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي، امن امان ۽ انصاف قائم رکو، خوشحالي پاڻهي ئي اچي ويندي. اڄ آئون ڏسي رهيو آهيان ته دنيا جا ماڻهو گهمڻ لاءِ به ملائيشيا اچن ٿا ته ٻارن جي تعليم ۽ پئسي جي سيڙپ لاءِ به ملائيشيا اچن ٿا. آخرڪار ههڙن انٽرنيشنل اسڪولن جون فيون ڪي گهٽ ته نه آهن. مثال طور ٻار جي داخلا لاءِ فقط درخواست جي في 500 رنگٽ يعني پاڪستاني 14000 روپيه آهي. رجسٽريشن في جيڪا هڪ دفعو ڏيڻي پوي ٿي ۽ اها Non Refundable آهي، ساڍا 3 هزار رنگٽ (يعني ملائيشين ڊالر) آهي، جيڪي اسان جو هڪ لک روپيه ٿين ٿا. مختلف ڳالهين لاءِ هر سال 1500 رنگٽ يعني 45000 روپيه کن ڏيڻا پون ٿا ۽ پوءِ ان کان علاوه ٻار جي اسڪول في آهي، جيڪا مختلف ڪلاسن لاءِ مختلف آهي، جيڪا هر چوٿين مهيني ڏيڻي پوي ٿي. يعني سال ۾ ٽي دفعا ڏيڻي پي ٿي. بهرحال ڪلاس ون جي ٻار جي چئن مهينن جي في 2200 رنگٽ يعني 66 هزار روپيه آهي ۽ ڪلاس يارهين يا ٻارهين جي ٻه لک روپيه آهي، يعني هر مهيني جي في اڌ لک روپيه ٿي. ان کان علاوه هر ٻار کي لئبرري، راندين ۽ منجهند جي ماني جا پئسا ڏيڻا پون ٿا. يعني ڏٺو وڃي ته اسڪول يعني ملڪ جي ڪمائي ئي ڪمائي آهي، جيڪا هو ڌارين ملڪن جي ماڻهن مان حاصل ڪري ٿو ۽ ڌارين ملڪن جا ماڻهو پنهنجي ملڪ ۾ امن امان جي حالت خراب ۽ تعليم جو معيار ڪريل هجڻ ڪري هو هيڏانهن ملائيشيا جو رخ رکن ٿا. منهنجي ملائيشيا جي حالتن تي گذريل 40 سالن کان نظر هجڻ ڪري اڄ مون کي حيرت ٿي ٿئي ته اهو ملڪ (ملائيشيا) جيڪو معمولي تعليم لاءِ به مختلف ملڪن ۾ دربدر ٿيندو رهندو هو، اڄ ان ملڪ ۾ دنيا جا ٻار پرائمري مڊل ۽ هائر کان Ph.D ليول جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا. هو هڪ طرف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جون فيون ڏين ٿا ته ٻئي طرف گهر يا فليٽ مسواڙ تي وٺن ٿا، جنهن مان پڻ مڪاني ماڻهن جو فائدو ٿئي ٿو. اڄ ڪوالالمپور ۾ هڪ ڪمري جو فليٽ به ٽيهه چاليهه هزار روپيه ماهانه مسواڙ کان گهٽ ناهي ۽ اهو فليٽ جيڪڏهن پتالِنگ جايا جهڙي پاش علائقي ۾ آهي ته ان جي مسواڙ سٺ هزار به ٿي سگهي ٿي.
    آخر ۾ هڪ دلچسپ ڳالهه جيڪا گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ آهي ۽ ان جو واسطو هن اسڪول جي پڙهائي ۽ فين سان نه آهي. هي اسڪول ڏسڻ وقت، وقت جي کوٽ ڪري آئون نه پرنسپال سان ملي سگهيس ۽ نه سندس نالو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. آخر ان جي ضرورت به ڪهڙي هئي. ملائيشيا بعد هيڏانهن جپان پنهنجي ڌيءَ وٽ هليو آيو آهيان ۽ هي احوال هتان اوساڪا مان لکڻ وقت ملاڪا جي انٽرنيشنل اسڪول جو اتان مليل بروشر پڙهي رهيو هوس ته پرنسپال جو نالو شمس النساءِ اسحاق پڙهي پهرين ته ڪجهه به ڌيان ۾ نه آيو پر پوءِ آخر ۾ هڪ دفعو وري پڙهڻ سان هڪ هنڌ ڊاڪٽر محمد اسحاق سيد جو نالو پڙهي آئون ماضي جي يادن ۾ هليو ويس. اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته ان وقت جي وزيراعليٰ تان سري رحيم تامبي چڪ مون کي ملاڪا جو هڪ ENT سرجن ڊاڪٽر اسحاق سيد ملايو هو ۽ پوءِ ملاڪا ۾ رهڻ دوران منهنجي هن سان سٺي دوستي رهي. مهيني ۾ هڪ دفعو کن ڊاڪٽر صاحب ۽ وزيراعليٰ رحيم تامبي سان گڏ ملاڪا جي هوٽل رينائينس ۾ رات جي ماني کائيندا هئاسين. ڊاڪٽر اسحاق جو تعلق انڊيا جي تامل ناڊو رياست سان هو- يعني هن جي وڏن جو. پاڻ ته ڄائو نپنو ملاڪا ۾. سندس مادري زبان تامل هئي، پر ڪشمير مان پڙهڻ ڪري کيس ٿوري گهڻي اڙدو به آئي ٿي. ياد رهي ته ان وقت ملائيشيا جا شاگرد ڊاڪٽري يا انجنيئري لاءِ سنگاپور، مدراس، پوني ۽ انڊيا جي ٻين يونيورسٽين ۾ ويندا هئا. 1991ع ۾ ملائيشيا ڇڏي سئيڊن رهيس جتي خبر پيئي ته ڊاڪٽر اسحاق به ملاڪا ڇڏي ڪوالالمپور اچي رهيو آهي. ساڻس سال ٻه فون تي ڳالهه ٿيندي رهي، پوءِ Contact نه رهيو. ڏهاڪو کن سالن بعد مون ڊاڪٽر اسحاق جو معلوم ڪيو ته خبر پيئي ته هو وفات ڪري ويو ۽ سندس فئملي هاڻ ڪوالالمپور ۾ نٿي رهي ۽ هاڻ ملاڪا جي هن اسڪول تي لکڻ وقت ڊاڪٽر اسحاق ۽ شمس النساءِ جو نالو پڙهي مون کي يڪدم ڌيان ۾ آيو ته اها شمس النساءِ ڪٿي اسان واري مرحوم دوست ڊاڪٽر اسحاق جي زال نه هجي. اهو سوچي مون يڪدم سعيد احمد ٽالپر کي ملاڪا فون ڪيو. ”سعيد، توهان جي پرنسپال جو ڊاڪٽر مڙس نڪ، گلي ۽ ڪنن جو ماهر سرجن ته نه هو؟“
    ”ها. بلڪل صحيح ٿا چئو.“ هن وراڻيو ۽ پوءِ مون کيس پنهنجي ملاڪا وارن ڏينهن جو احوال ٻڌايو.
    سعيد ان ئي وقت پرنسپال سان ڳالهه ڪئي، جنهن شام جو مون سان فون تي ڳالهايو ۽ ٻڌايائين ته هن اسڪول ٺاهڻ ۾ ڊاڪٽر اسحاق جي دوست رحيم تامبي چڪ ڪافي رهنمائي ڪئي هئي. ڊاڪٽر اسحاق جن کي ٻه ٻار وڏي ڌيءَ شاهين ۽ ننڍو پٽ ارشاد منهنجي ٻارن کان ڪافي ننڍا هئا، جن لاءِ شمس النساءِ ٻڌايو ته پٽ ڪوالالمپور ۾ نوڪري ڪري ٿو ۽ ڌيءَ آمريڪا ۾ پڙهي رهي آهي.


    پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان...

    ملاڪا ملائيشيا جي 13 رياستن مان هڪ رياست جو نالو به آهي ته ان رياست جي گادي واري شهر جو نالو به آهي، جيئن پينانگ آهي يا اسان وٽ خيرپور ۽ بهاولپور رياستون هيون جن جي گادي وارن شهرن جو به ساڳيو نالو هو. ملائيشيا جي ٻي ڪا اهڙي رياست ناهي جنهن جي گادي واري شهر جو به ساڳيو نالو هجي. ملائيشيا جي ڏاکڻي ۽ ڇيڙي واري رياست ’جوهور‘ (Johor) جي گادي واري شهر جو نالو البت ”جوهور بارو“ آهي. ٿي سگهي ٿو ان جو شروع ۾ ’جوهور‘ ئي نالو هجي ان بعد ان شهر جي ڀرسان هي ٻيو شهر ٺهڻ تي ان جو نالو جوهور بارو ٿي ويو هجي. ملئي زبان ۾ بارو Baru لفظ جي معنيٰ ”نئون“ آهي ۽ ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جي نالن ۾ بارو (نئون) يا لاما (پراڻو) اچي ٿو جيئن اسان وٽ نيو هالا ۽ اولڊ هالا آهي يا نيو ڪراچي ۽ نئون سعيد آباد شهر آهن.
    ملاڪا ۾ ڏهاڪو کن سال رهڻ ڪري ظاهر آهي منهنجو مختلف هنڌن تي اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. نه فقط ملاڪا رياست پر ڀر وارين رياستن نينگري سيمبيلان ۽ جوهور جي به مختلف ڳوٺن ۾ ڄاڻ سڃاڻپ هئي ۽ ڪيترن سان هلندي اچي. هينئر ملاڪا ۾ آئي سارو مون ڪجهه واقفڪارن سان ملي سلام دعا ڪرڻ چاهي ٿي. ڊاڪٽر عطا ٽالپر مون کي اهو ڏينهن پنهنجي ڪار ۾ وٺي هلڻ لاءِ تيار هو ۽ اسان سان گڏ سعيد به هلڻ چاهيو ٿي. مون اهڙي طرح پروگرام ٺاهيو جيئن عطا کي اڳيان پويان اچڻ بدران سڌو ئي هلڻو پوي. يعني ملاڪا شهر کان نڪرڻ بعد سنگائي اڊانگ، مسجد تاناح، ڪئالا سنگائي بارو، سريمبان ۽ آخر ۾ بانگيءَ مان ٿي ملاڪا موٽڻو هو. سنگائي اڊانگ (هي ملاڪا جو هڪ مشهور شهر آهي، جتي انگريزن جي ڏينهن کان ٽرينڍاح فوجي ڪئمپ آهي ۽ هن شهر جي لفظي معنيٰ آهي گانگٽن واري ندي) ۾ منهنجو ملئي دوست ابراهيم بن معروف رهي ٿو. ابراهيم مون سان گڏ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ ڏهاڪو کن سال گڏ نوڪري ڪئي. پاڻ تمام سٺو دوست، سٺو آفيسر، بهادر، بلند اخلاق ۽ نيڪ انسان آهي. هن کي هر هڪ پسند ڪيو ٿي پر ڪجهه ماڻهن خاص ڪري نيول اڪيڊمي ۾ نوڪري ڪندڙ ليڊيز تنقيد ڪئي ٿي، جو هن کي هڪ کان وڌيڪ زالون هيون. هن وقت هن کي چار زالون آهن پر جن ڏينهن ۾ اسان ملاڪا ۾ آيا هئاسين ان وقت فقط پهرين فاطمه هئس جنهن مان ٻه ڌيئون ايمي ۽ جنيتا هئس جيڪي منهنجي ڌيئن جون هم عمر هيون ۽ گڏ پڙهيون ٿي. ان کان علاوه محمد محافظ نالي پٽ هوس جيڪو هن نپايو هو. ملائيشيا ۾ ٻار نپائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. مهاتير ۽ تنڪو عبدالرحمان جو به ڪيترو اولاد پنهنجو نه پر نپايل آهي. بهرحال اسان جي ملئي دوست ابراهيم ٻي شادي اڪيڊمي ۾ نوڪري ڪندڙ سڀ ۾ خوبصورت ۽ ماڊرن ملئي ڇوڪري روهيدا سان ڪئي ۽ هفتي بعد هوءَ اسڪرٽ ڇڏي جُبي ۽ عبايا ۾ ويڙهجي سيڙهجي تودونگ (حجاب) سان مٿو ڍڪي آفيس ۾ اچڻ لڳي. اهو ڪم جيتوڻيڪ هن پنهنجي خوشي سان ڪيو پر آفيس جون ڪجهه عورتون ان کي ابراهيم طرفان ظلم سمجهڻ لڳيون. بهرحال 1991ع ڌاري منهنجي ملاڪا ڇڏڻ وقت مون ٻڌو ته هن ٽين شادي ملاڪا جي هڪ سرڪاري آفيسرياڻي سان ڪئي ۽ ڪجهه سالن بعد ملاڪا گهمڻ آيس ته خبر پيئي ته هن چوٿين به شادي ڪئي آهي.
    بقول ابراهيم جي جڏهن هو سڀني جا حق ادا ڪري سگهي ٿو ته ڇو نه چار شاديون ڪري. هونءَ به ملائيشيا ۾ شادي ڪرڻ يا گهر هلائڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي، جو اتي مردن سان گڏ عورتون به نوڪري ڪن ٿيون.
    ابراهيم معروف جي پهرين زال فاطمه نوڪري نه ڪئي پر سندس ٻار پڙهي يڪدم وڏين نوڪرين کي لڳي ويا. اڄڪلهه فاطمه پنهنجي نپايل پٽ محافظ سان گڏ ڪئالالمپور ۾ رهي ٿي، سندس ٻئي ڌيئون به اتي رهن ٿيون. ننڍي جنيتا ته بئريسٽر آهي باقي وڏي ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ وڏي آفيسر آهي، جنهن جي برانچ ڪراچيءَ ۾ پڻ آهي ۽ هن جي سال کن اڳ ڪراچي بدلي ٿي هئي. سندس مڙس پيٽروناس ۾ آهي ۽ چار ٻار اٿس. ايمي سان گڏ سندس مڙس زوهرين به پنهنجي بدلي ڪرائي ڪراچيءَ آيو. ابراهيم کي شروع ۾ شوق هو ته سندس ڌيئون اسان وٽ ڪراچي ۾ رهي ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ڊاڪٽري پڙهن ۽ پٽ بنوري ٽائون مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪري. پر آئون ملائيشيا ۾ ٽي سال گذارڻ جو سوچي ڏهاڪو کن سال رهي پيس، ان ڪري رڳو ابراهيم جون پر منهنجيون ڌيئون به ملاڪا ۾ ئي پڙهنديون رهيون. هاڻ جڏهن ڪيترن سالن بعد اسان اچي ڪراچي ۾ رهيا آهيون ته ايمي ڪراچي ڏسڻ ۽ اسان سان ملڻ جي شوق ۾ نه فقط پنهنجي پر پنهنجي مڙس جي بدلي به ڪراچيءَ ڪرائي. پر افسوس جو هوءَ ڪراچي جي حالتن ۽ اسان جي ملڪ جي حالتن سان adjust ٿي نه سگهيا ۽ کين مهيني اندر موٽڻو پيو. اتفاق اهڙو جو انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ ٻئي پويان بم ڦاٽا. هفتي لاءِ هو لاهور ويا ته اتي به هنن جي هوٽل ڀرسان بم ڦاٽو ۽ هو زال مڙس (جيڪي پنهنجا ننڍا ٻار ناني (فاطمه) وٽ ڪئالالمپور ڇڏي آيا هئا سخت پريشان ٿي ويا. ابراهيم ۽ فاطمه جا به هر وقت فون ايندا رهيا. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته ڪراچي اهو سڪون وارو شهر نه رهيو آهي، جيڪو ستر واري ڏهي ۾ هوندو هو. جڏهن ابراهيم پاڻ به جهاز تي هو ۽ سندس جهاز ڪراچي جي سهڻي بندرگاهه ۾ ايندو ويندو رهيو ٿي.
    ڪراچي ۾ رهڻ دوران ايمي وارن کي شيرٽن هوٽل ۾ عارضي طور رکيو ويو هو پر هو اڪثر اسان وٽ هليا ايندا هئا. ايمي روزانو حيرت مان هتي جون ڳالهيون منهنجي زال سان ڪجهه انگريزي ڪجهه ملئي زبان ۾ ڪندي هئي، جيڪي ٻڌي اسان کي احساس ٿيندو هو ته اهي ڳالهيون جيڪي اسان لاءِ نارمل صورت ۾ لڳي رهيون هيون اهي هڪ ڌارئين ماڻهوءَ لاءِ واقعي حيرت جو سبب بنجن ٿيون.
    ايمي منهنجي زال کي چوندي هئي: ”آنٽي آفيس ۾ هر وقت لائيٽ هليو وڃي ڪيئن ڪم هلندو.“
    ”آنٽي ڪم وارا وقت تي پهچن نٿا باقي موڪل پوري وقت تي يا ان کان به اڳ ڪن ٿا. هڪ عجيب نو ورڪ ڪلچر آهي! اهڙي حالت ۾ efficiency ڪيئن رهي سگهندي.“
    هاڻ آنٽي کيس ڪيئن ٻڌائي ته توهان اسان کان وڌيڪ ڄٽ ۽ پٺتي پيل هئائو پر پوءِ توهان جي انهن خوبين، (محنت، ايمانداري سان ڊيوٽي، گهر گهر ۾ تعليم وغيره) ڪري توهان اڄ دنيا جا ترقي يافته ٿي پيا آهيو ۽ اسان گهڻن کان گهڻو اڳ هجڻ جي باوجود پٺتي رهجي ويا آهيون.
    اهو ڪو زمانو هو جو ملائيشيا ۾ نه ايڏيون اسپتالون ۽ تعليمي ادارا هئا. ايتري قدر جو هي ڇوڪريون به اسان جي ملڪ جي ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ MBBS پڙهڻ لاءِ آيون ٿي. اڄ فقط پاءُ صديءَ جي فرق سان ملائيشيا جو اهڙو نقشو ٿي ويو آهي جو اعليٰ تعليم لاءِ اسان جا ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ وڃن ٿا ۽ اسان جي ملڪ جي فقط آغا خان يونيورسٽي recognize ڪئي وڃي ٿي.
    هڪ آچر تي سندس دل وندرائڻ لاءِ آئون ايمي ۽ سندس مڙس کي ڊفينس جي مسجد طوبا ۽ ڪلفٽن ڏي وٺي ويس. تين تلوارن وٽ ٻه ڇوڪرا پڃري ۾ بند ٿيل جهرڪ ۽ جهرڪيون وڪڻي رهيا هئا.
    “لي لو، ثواب ملي گا.“ هن مان هڪ جهرڪين جو پڃرو اسان جي ڪار جي دريءَ اڳيان ڪندي چيو.
    يقينن ايميءَ وارن کي حيرت ٿي هوندي جو ملائيشيا ۾ قسمين قسمين ۽ انيڪ پکي هجڻ جي باوجود ڪنهن کي ائين بنا لائسنس جي وڪڻڻ يا پالڻ جي اجازت ناهي. اجازت بعد هن کي پالتو جانور يا پکيءَ جو خيال رکڻو آهي جو هو به ساهوارو آهي. ايميءَ کي ضرور حيرت ٿي هوندي ته ههڙي گرمي ۾ هي ننڍڙا پکي ڇو ڦٿڪي رهيا آهن.
    ”بي بي لي لو ثواب ملي گا، بهت سستا هي.“ پکي وڪڻندڙ همراهه ايمي جي منهن اڳيان پڃرو جهلي چيو.
    “انڪل ڇا ٿو چوي؟“ ايميءَ پڇيو.
    ”بِلي برونگ برونگ. لبيح مُورا. من دپات اجر.“ (پکي خريد ڪر. بيحد سستا آهن. ۽ ثواب حاصل ڪر) مون چيومانس.
    ”ما چام مانا، انڪل“ (ڪيئن ڀلا). هن حيرت مان پڇيو.
    ”توهان هن کي پئسا ڏئي اهي پکي خريد ڪري انهن کي آزاد ڪريو ته توهان کي ثواب ملندو.“ مون هنن کي ٻڌايو. ايميءَ کان ٽهڪ نڪري ويو.
    ”ڇو ڀلا ايمي؟“ مون پڇيو.
    ”ان کان اڳ هن اهو گناهه جو ڪم ڪيو ڇو آهي. گهڻي ثواب لاءِ هڪ ٻيو ڪم ئي بهتر آهي.“ ايميءَ چيو ۽ هن کي وائڙن وانگر ڏسڻ لڳس.
    ”ڪيئن ڀلا؟“ مون کي اهو راز معلوم ڪرڻو پيو.
    ”منهنجي خيال ۾ پکين کي اڃيو بکيو رکڻ واري هن ظالم کي پوليس حوالي ڪرڻ کپي، جيئن پکين جي هميشه لاءِ جان ڇٽي وڃي ۽ ٻين لاءِ به سبق حاصل ٿئي.“ ايميءَ چيو ۽ منهنجي خيال ۾ هن صحيح ڳالهه ڪئي جو پئسا ڏيڻ تي توهان پکين سان ظلم ڪندڙ جي همٿ افزائي ڪري رهيا آهيو ۽ هنن ننڍڙن جيتامڙن کي هاڻ آزاد ڪرڻ سان هو ڪي پنهنجن آکيرن ۾ پهچي سگهندا؟ رستي تي وڏن پکين جو شڪار ٿي ويندا. ۽ هنن پکين کي ڄارين يا ڪوڙڪن ذريعي ڦاسائڻ ۾ ڪيترا ئي مريو وڃن يا زخمي ٿيو وڃن.
    ڪلفٽن جو سمنڊ ۽ اٺن تي سواري هنن کي پسند آئي. ملائيشيا ۾ ههڙو بگڙيل سمنڊ نظر نه ايندو آهي جو هنن جا شهر ”ملاڪا ڳچي سمنڊ“ جي ڪناري تي آهن جيڪو ٻارهوئي ماٺو سمنڊ آهي ۽ اُٺ اهو جانور آهي جيڪو ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ فقط چڙيا گهر (تمن حيوان يعني Zoo ) ۾ نظر اچي ٿو. بيابان ۽ رڻ پٽ جو هي جانور جيڪو پنهنجي مُٽ ۾ ئي ترڪيو پوي اهو ڀلا ملائيشيا جي مينهوڳي واري موسم ۾ ڪيئن ٿو رهي سگهي. واپسي تي عبدالله شاهه جي مزار تي ڪار بيهاري غلطي ڪيم. ملائيشيا ۾ نه آهن مزار مقبرا نه درگاهون ۽ نه وري پير يا مجاور. هو انسانن کي داتا، گنج بخش، غريب نواز سمجهڻ بدران هر شيءِ پنهنجي رب کان گهرن ٿا. اسان جي لهڻ تي ڏٽا مٽا ۽ موالي چرسي فقير ورائي ويا. دنيا جي ماڻهن لاءِ اها حيرت جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ئي هڪ اهڙو اٽامڪ طاقت رکندڙ ملڪ آهي جنهن وٽ ائٽم بم ته آهي پر عوام لاءِ بجلي ناهي، ملڪ جون واڳون سنڀاليندڙ حاڪمن جا اڪائونٽ ته سوئز بئنڪن ۾ ۽ بنگلا ۽ محل انگلنڊ، اسپين، آمريڪا ۽ فرانس جهڙن ملڪن ۾ آهن پر عوام رپئي لاءِ محتاج آهي ۽ هنن کي رهڻ لاءِ ڪکائين جهوپڙي به نه آهي.
    فقيرن ۽ فقيرياڻين جي ميڙ کي آئون پري ڪري رهيو هوس، جيڪي پڪ ايميءَ کي غير ملڪي ٽوئرسٽ سمجهي چهٽي رهيا هئا ته اتي هڪ مٽيءَ ۾ ڀڀوت ٿيل وارن واري فقيرياڻي جيڪا چرئي يا ملنگ جي اداڪاري ڪري رهي هئي تنهن ايميءَ جي پٺيان بيهي کڻي ايميءَ جي ڳچيءَ ۾ هڪ کٿل ۽ پاروٿين پنين وارو هار وڌو. ايميءَ کان ڇرڪ نڪري ويو. هار وجهڻ واري ملنگ عورت تاڙيون وڄائي سئو رپيا گهرڻ لڳي. ”هاڻ توکي ٻار ٿيندو سو به پٽ ٻار.“
    ايمي ٽپ ڏئي اچي ڪار ۾ ويٺي ۽ سندس مڙس ته اڳهين ڪار ۾ گهڙي چڪو هو. ملنگ عورت ڪار جي دروازي جو هئنڊل جهلي زور زور سان دانهون ڪرڻ لڳي. ”غازي شاهه توکي پٽ ڏيندو ان جي بدلي ۾ سئو جو نوٽ به نٿي ڏين.“
    ”ڇا پئي چئي انڪل؟“ ڪار رڙهڻ تي ايميءَ پڇيو. هوءَ سڄي پگهرجي وئي هئي ۽ سندس چهري تي ڪجهه ڪجهه خوف جا تاثر هئا. آهستي ڳالهائڻ جي عادي ملئي ماڻهن لاءِ هن فقيرياڻيءَ جون رڙيون جهيڙي برابر هيون. مون کيس ٻڌايو ته هوءَ جهيڙو نه پر توکي blessings پئي ڏئي، ان تي ائميءَ پنهنجي چپن تي مرڪ آندي.
    ”پر هن چيو ڇا پئي؟“ ائميءَ وري پڇيو.
    ”هن توکي بنا ٻارن جي ڏسي سمجهيو ته توکي شايد اولاد ڪونهي. سو ان لاءِ پئي چيائين ته توکي هاڻ پڪ ٻار ٿيندو. ان جي خوشيءَ ۾ سئو رپيا ڏي.“
    ”پوءِ انڪل توهان چيس ڪو نه ته آئون پنجن سالن ۾ چار ٻار ڄڻيو ويٺي آهيان.“ ائميءَ ٽهڪ ڏيندي چيو.


    ملائيشيا سلائي سکڻ لاءِ بهترين ملڪ آهي

    ڪوالالمپور ۾ وقت نه ملڻ ڪري آئون پنهنجي ملئي دوست ابراهيم بن معروف جي ٻارن (ٻن ڌيئن: ايمي ۽ جنيتا ۽ پهرين زال فاطمه) سان ملي نه سگهيس. ايمي ۽ سندس مڙس جيڪي ٻه چار مهينا اڳ اسان وٽ ڪراچي ۾ رهي آيا هئا، اهي آخري ڏينهن تائين مون کي گهر گهرائڻ لاءِ هر هر فون ڪري رهيا هئا. هنن هروڀرو مانيءَ جو اهتمام ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ آئون کين اهو ئي چوندو رهيس ته ”مون کي جيئن ئي ٽائيم ملندو ته آئون اڌ ڪلاڪ لاءِ اچي توهان جي خبر چار لهي ويندس ۽ ماني بدران چانهه پيئڻ پسند ڪندس.“ هونءَ به ائميءَ کي ته ڏسي چڪو هوس، پر سندس ڀيڻ جُنيتا کي مون تڏهن ڏٺو هو جڏهن هوءَ نائين ڪلاس ۾ منهنجي ڌيءَ مارئيءَ سان گڏ ملاڪا ۾ پڙهندي هئي. ان وقت ڪنهن کي خبر هئي ته هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي هيءَ ڇوڪري ڪوالالمپور جي مشهور وڪيل (بئريسٽر) ٿيندي. پئان (مسز) فاطمه سان به ڪراچي مان فون تي ڳالهه ٻولهه ته ٿيندي رهي ٿي، پر ڏٺي ورهيه ٿي ويا هئا.
    بهرحال هاڻ ملاڪا ۾ اچي ابراهيم سان ملڻ ضروري سمجهيم. ابراهيم مون کي ملاڪا ۾ پنهنجي ڳوٺاڻي گهر ۾ رهڻ لاءِ چيو هو، جنهن ۾ آئون پهرين به رهي چڪو آهيان، جڏهن ملاڪا ۾ نوڪري ڪندو هوس.
    ”انچڪ (مسٽر) ابراهيم! وقت صفا نه اٿم. بس رڳو توسان ملي اڳتي وڃڻو اٿم. چانهه به مسجد تاناح پنهنجي ڌيءَ جي ماسترياڻي صفيه جي گهر وڃي پيئندس. جيڪڏهن تون سنگائي اڊانگ جي مين روڊ تي ان سنڌي هندو پارواڻي جي دڪان تائين اچي وڃين ته منهنجو وقت بچي پوندو.“ ملاڪا مان نڪرڻ وقت مون ڊاڪٽر عطا ٽالپر جي گهران ابراهيم معروف کي فون ڪيو.
    انگريزن جي ڏينهن کان هي پارواڻي جو جنرل اسٽور مشهور آهي ۽ انگريزن جي ڏينهن کان هن دڪان تي فوجين جا يونيفارم ۽ اسپورٽس جو سامان وڪامي ٿو. راندين جو سامان هو اڄ به سيالڪوٽ کان گهرائي ٿو. سندس تفصيلي احوال ملائيشيا جي پهرين سفرنامي ”مڪلي کان ملاڪا“ ڪتاب ۾ ڏئي چڪو آهيان. هتي ڪنهن سان ملڻو هوندو آهي ته پارواڻي جي دڪان جو ڏس ڏيندا آهيون.
    ابراهيم منهنجي مجبوري سمجهي ويو ته آئون جلدي ۾ آهيان. ”چڱو ڀلا ڪٿي آهين ۽ ڪيڏي مهل نڪرين ٿو؟“ ابراهيم پڇيو.
    ”بس هينئر نڪرون ٿا. مسجد تينگڪرا وٽ سعيد ٽالپر جو گهر آهي، ان کي کڻي تنهنجي ڳوٺ سنگائي اڊانگ وٽان لنگهان ٿو.“ مون ٻڌايو.
    ”چڱو ڀلا هينئن ڪر،“ ابرهيم چيو، ”آئون مسجد تينگڪرا جي آسپاس ۾ ئي آهيان. تون سعيد کي وٺي نڪر ته آئون مسجد تينگڪرا پهچي ٿو وڃان.“
    بهرحال ابراهيم سان اسان جي ملاقات مسجد تينگڪرا ۾ ٿي وئي. ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ سعيد ٽالپر کي پڻ ابراهيم سان ملايم. پورٽ ڊڪسن ۽ سريمبان جهڙن شهرن کان ملاڪا شهر ۾ گهڙڻ لاءِ هن مسجد وٽان لنگهڻو پوي ٿو. هن تاريخي ۽ ملاڪا جي جهوني مسجد بابت شروع جي مضمونن ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان. هڪ ڳالهه ان ۾ لکڻ رهجي وئي هئي ته هن مسجد جي آڳنڌ ۾ علامه شيخ عبداللطيف تامبي دفن ٿيل آهي. مسجد جي مين گيٽ جي اندرين پاسي علامه جي جنم ۽ وفات جي تاريخ جي تختي ڏسي مون کي ياد آيو ۽ مون ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ سعيد ٽالپر کي هن عالم، بزنيس مين ۽ سخي مرد بابت ٻڌايو. علامه حاجي عبداللطيف جا وڏا ٻارهين هجري صديءَ جي شروعات ۾ انڊيا جي ڏاکڻي حصي کان واپار وڙي خاطر ملاڪا ۾ اچي رهيا. پاڻ 1288 هجري (1872 عيسوي) ۾ ملاڪا رياست جي ڳوٺ ڪمپونگ تيلوڪ ماس (Telok Mas) ۾ حاجي محمد نور دين جي گهر ۾ ڄائو، جيڪو شهر ۾ ”حاجي تامبي“ جي نالي سان مشهور هو.
    علامه جيتوڻيڪ ملاڪا ۾ ڄائو، پر سندس ننڍپڻ سنگاپور ۾ گذريو، جتي سندس پيءُ جو ڪپڙي جو دڪان هو. سندس پيءُ حاجي تامبي به مذهبي ماڻهو هو ۽ حج ڪري آيو هو، ۽ کيس پنهنجي پٽ کي ديني تعليم ڏيارڻ جو تمام گهڻو الڪو هو. انهن ڏينهن ۾ دين جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هن پاسي جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي مڪي يا مديني موڪليندا هئا يا وري ننڍي کنڊ جي ڪنهن مدرسي ڏي. اڄ به ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جي ڏکڻ واري حصي (جيڪو ملائيشيا جي اتراهن رياستن ڪيداح، پيرلس ۽ پيراق سان ملي ٿو) جا ماڻهو پنهنجن ٻارن کي انڊيا ۽ پاڪستان جي مدرسن ڏي موڪلين ٿا.
    ڪراچيءَ جون اڄڪلهه حالتون بهتر نه آهن ته به توهان کي گس پنڌ تي ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ جا نوجوان ملندا، جن کان پڇڻ تي هو توهان کي ٻڌائيندا ته هو مدرسه بنوري، نيو ٽائون، گلشن اقبال يا ڪورنگي جي مدرسي ۾ ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ٽن سالن لاءِ آيا آهن. علامه شيخ حاجي عبداللطيف کي به سندس پيءُ حاجي محمد نور دين (حاجي تامبي) دين بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ 1880 ۾ مڪي موڪليو، جڏهن هو فقط اٺن سالن جو هو. هو يڪا 20 سال اتي رهي 1900 ۾ ملاڪا موٽيو. مڪي ۾ هن جي استادن ۾ ملئي به هئا، جهڙوڪ شيخ محمد بن اسماعيل الفتاني، شيخ وان علي بن عبدالرحمان الڪيلنتاني ڪُتان، شيخ عبدالقادر بن شيخ شبير احمد خاطب وغيره.
    مڪي مان ملاڪا موٽڻ بعد علامه شيخ عبداللطيف پنهنجي تبليغ جو مرڪز سنگاپور بنايو. هو پنهنجي گهر ۾ ۽ ڪپڙي جي دڪان تي واعظ ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ اهو سلسلو هن پينانگ ۽ انڊونيشيا جي شهرن ميڊان، سُور بايا ۽ بنڊنگ ۾ به جاري رکيو. اسلام جي تبيلغ سان گڏ هن پنهنجي روزگار جي ذريعي (ڪپڙي وڪڻڻ جي ڌنڌي) کي به جاري رکيو. اهو سوچي ته دين تي ليڪچر ڏيڻ سان گڏ علم پکيڙڻ لاءِ ڪتاب به ضروري آهن، هن سنگاپور ۾ لطيفيا پريس نالي هڪ ڇپائي جي ڪمپني کولي. هن ڪمپني جي برانچ هن مسجد وٽ ملاڪا ۾ به کولي ۽ ڇپائيءَ جو ڪم شروع ڪيو.
    علامه شيخ حاجي عبداللطيف هن تر جي هڪ تمام مشهور ديني هستي مڃي وڃي ٿي، جنهن ڪيترن ئي کي اسلام جي ڄاڻ ڏني ۽ قرآن شريف، تفسير، فقه ۽ حديث پڙهايو. ملاڪا جا ڪيترائي ملئي مولوي ۽ عالم هن جا شاگرد ٿي رهيا. علامه عبداللطيف هڪ ڪامياب بزنيس مئن ۽ سخي مرد پڻ هو ۽ هن ڪيترن ئي غريبن ۽ ضرورتمندن جي دل کولي مدد ڪئي. سندس تعلق شافعي مڪتبِ فڪر سان هو. سندس لکيل ڇهه ست ڪتابن مان هڪ ٻه هن ريت آهن:
    Tazk iratuz Sunnatil basyar bi
    Ahkami Itsna- 1924
    Dalailul khairat
    Qiblah Dalail Al- Hairan
    وغيره. سندس وفات جمع ڏينهن 17 رجب 1358 هجري سال بمطابق سيپٽمبر 1939ع تي ٿي ۽ هتي هن مسجد جي اڱڻ ۾ ئي دفن آهي. توهان جو جي ملاڪا اچڻ ٿئي ته هتي جي هيءَ جهوني مسجد جيڪا ٻاهران اسان جي مسجدن کان بلڪل مختلف چيني ۽ ٻڌن جي مندرن جهڙي لڳي ٿي ضرور ڏسجو. هونءَ به ملاڪا ماڊرن ۽ جهونين مسجدن جو شهر آهي.
    ڊاڪٽر عطا کي چيم ته اسان جو يار ابراهيم وڏي ڪم جو ماڻهو اٿئي. سندس هن تر ۾ وڏو اثر رسوخ آهي.
    ”ڪيئن ڀلا؟“ عطا کلڻ لڳو.
    ”ان ڪري جو ابراهيم فوج ۾ رهيو آهي، اڪيڊمي ۾ پڙهايو اٿس ۽ هتي ٽيچر جي وڏي عزت آهي. ان کان علاوه ابراهيم مذهبي عالم ۽ استاد آهي. ان کان علاوه ابراهيم پنهنجو وقت ڏئي هر ضرورتمند جي جائز مدد ڪري ٿو. ان ڪري ابراهيم جنهن کي به ڪنهن ڪم لاءِ چوي ٿو ته هو انڪار ڪرڻ بدران ان ڪم جي پوئيواري ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو.“
    ”ڀلا ڇا پروگرام آهي؟ شام تائين ترسي پئو ۽ مون وٽ لنچ کائي وڃو.“ ابراهيم چيو.
    ”نه يار. ڪجهه به نه. چانهه به نه. چانهه مسجد تاناح ۾ صفيه جي گهر پيئڻي آهي، جنهن لاءِ هن کي فون ڪري چڪو آهيان ۽ ماني ڪئپٽن رزالي وٽ بانگي شهر ۾ کائينداسين.“ مون ابراهيم کي پنهنجو پروگرام ٻڌايو ۽ هو گذريل ٽيهن سالن کان منهنجي طبيعت ۽ طوفاني دورن کان واقف آهي. ان ڪري هن وڌيڪ ضد ڪرڻ بدران پنهنجو انگريزي تڪيو ڪلام دهرايو: ائز يو وِش (As you wish).
    اسان اٿي کڙا ٿياسين "Marikita Bertolak Gembira" (هاڻ کلي موڪلايون). مون هٿ ملايو ۽ اڳتي جو سفر جاري ڪيو.
    ”هلو ته توهان کي هڪ ٻي دلچسپ شخصيت سان ملرايان.“ مون عطا ۽ سعيد کي چيو. صفيه عمر ۾ مون جيڏي يا ٿي سگهي ٿو ٻه ٽي سال ننڍي هجي. سلائي جا اسڪول يا ماسترياڻيون ته اسان جي ملڪ ۾ به کوڙ آهن پر سڄي دنيا ۾ ملائيشيا، ٿائلينڊ ۽ سنگاپور جا مشهور آهن، جتي اسٽوڊنٽس کي صحيح طرح سلائي سيکاري وڃي ٿي ۽ نه فقط چولا ۽ سٿڻون پر هر شيءِ ڪوٽ، پينٽ، صدري کان اسڪرٽ بلائوز تائين سبڻ سيکاريو وڃي ٿو ۽ شاگرد کي سرٽيفڪيٽ تڏهن ڏنو وڃي ٿو، جڏهن هو يا هوءَ باقاعدي هر شيءِ ٺاهي ڏيکاري ۽ امتحان پاس ڪري. هن پاسي ان ڪم جون ماهر چينياڻيون آهن. صفيه جهڙيون ملئي ٽيلر ماسٽر ڪي ورلي ملنديون.
    ”صفيه تون ڪيئن ٽيلر ماسٽر ٿي آهين ۽ انگريزي به سٺي ڳالهائين ٿي؟“ اسان هڪ دفعي پڇيو هوس.
    ”ان ڪري جو منهنجو ننڍپڻ سنگاپور ۽ چينين جي پاڙي ۾ گذريو ۽ آئون انگريزي اسڪول مان پڙهيس.“ صفيه ٻڌايو.
    صفيه نه فقط اسان جي وڏي ڌيءَ مريم جيجل جي ٽي سال کن ٽيچر رهي پر اسان جي فئملي فرينڊ به رهي ۽ اڄ تائين هن سان ۽ هن جي سڀني ڀائرن ڀينرن سان سٺي دوستي هلندي اچي. سندس نپايل پٽ جنهن اسان اڳيان پرائمري، ان بعد مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئي ۽ پوءِ ڊاڪٽري، اهو به ڪڏهوڪو ڊاڪٽر ٿي ويو آهي.
    مسجد تاناح شهر پهتاسين ته صفيه جي گهر جو رستو هٿ نه پيو اچي. اهو شهر جنهن مان فقط ٻه مين روڊ لنگهندا هئا، ان ۾ رستن جو ڄار نظر آيو. پنج ڇهه سالن ۾ مسجد تاناح شهر جو نقشو ئي بدلجي چڪو هو.
    ”عطا ڪجهه سمجهه ۾ نه پيو اچي. شهر مان لنگهندڙ روڊ تي هڪ هوٽل وٽ کاٻي پاسي جيڪو رستو مڙيو ٿي، اهو صفيه جي ڪمپونگ آير ليمائو ڏي ويو ٿي“، مون عطا کي پنهنجي نااهلي کان آگاهه ڪندي چيو، ”هاڻ ته نه اهو روڊ ٿو نظر اچي ۽ نه اها هوٽل“.
    ”مڙيئي خير آهي.“ ڊاڪٽر عطا چيو، ”پاڻ GPS ذريعي ڳولي ٿا وٺونس.“
    صفيه در تي ئي بيٺي هئي. اسان جي پهچڻ سان خبرن ۾ شروع ٿي وئي. ڊاڪٽر عطا کي چيم ته، ”هاڻ تون ئي منهن ڏينس. تو به ملاڪا شهر جا ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو هوندين پر ڪو به اهڙو صفيه جهڙو نه ڏٺو هوندو جيڪو نان اسٽاپ ڳالهائي ۽ هر ٽاپڪ تي ڳالهائي.“
    صفيه کي چيم، اسين جلدي ۾ آهيون، چانهه پيار ته اسان رمندا رهون.
    ”مسٽر الطاف هر وقت چِپات، چِپات Cepat Cepat(جلدي، جلدي)“!
    ”مئڊم اڃان ٻن ٽن گهرن ۾ وڃڻو آهي بانگي (Bangi) شهر ۾ ڪئپٽن رزالي جي گهر تائين. ڪئپٽن رزاليءَ کي ته سڃاڻين نه؟ عائشه جو مڙس.“ مون صفيه کي چيو ۽ جواب ۾ هن ڊاڪٽر عطا کي چيو ”هن جو دوست وڏو ماڻهو آهي. منهنجي پٽ چيو ته ’ماما! فرحان پڙهڻ لاءِ ولايت ٿو وڃي، آئون ڇو نه؟‘ مون چيومانس ’پٽ هن وٽ پئسو آهي تو وٽ دماغ آهي.‘ بِتل؟ (صحيح ٿي چوان نه؟)“
    ڊاڪٽر عطا وائڙن وانگر صفيه کي ڏسندو رهيو. صفيه جي ڳالهه سمجهي مون عطا کي Explain ڪيو:
    ”اسان جي دوست ڪئپٽن رزالي جي پُٽ فرحان جون STPM (انٽر) جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون نه هجڻ ڪري هُن کي هِن پاسي ملائيشيا يا سنگاپور جي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا نه ملي سو هن کي پڻس ازبڪستان يا وچ ايشيا جي شايد ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ موڪليو. صفيه جي پٽ جون سٺيون مارڪون هجڻ ڪري هن کي ڪوالالمپور ۾ داخلا ملي وئي، پر هڪ ٻار جي حيثيت سان هن ٻاهر جي پڙهائي کي وڏي ڳالهه سمجهي پنهنجي ماءُ صفيه سان تيسو ڪيو ۽ صفيه به ڪجهه ڪجهه ان ڪامپليڪس ۾ اچي وئي ته هنن وٽ ايڏو پئسو ناهي نه ته هوءَ به پنهنجي پٽ کي ساڳي ملڪ ڏي موڪلي ها.“
    ”صفيه مڙيئي خير آهي، قدرت جيڪي ڪري ٿي اهو بهتر ئي ڪري ٿي.“ مون صفيه کي ان ٽاپڪ تان لهڻ خاطر چيو. اجايو بلڊ پريشر وڌي رهيو هوس. کيس اها ڳالهه نه ٻڌايم جنهن کان هوءَ اڻ واقف هئي، پر ٻاهر نڪري ڊاڪٽر عطا کي ٻڌايم ته صفيه مون واري دوست تي اجايو چڙون ٿي ڪري. غريب جو ڌنڌو ڌاڙي به ڪو خاص نه پيو هلي. هن کي شوق هو ته پٽ ڊاڪٽر ٿئي، جنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ داخلا نه ملي ته خرچ ڪري ٻاهر موڪليائينس. پر افسوس جي اها ڳالهه ته ان پاسي جي ملڪن جي پڙهائيءَ جو حال ناهي. سال ٻن بعد ملائيشيا حڪومت پنهنجي اعلان ۾ دنيا جي جن تعليمي ادارن جي ڊگريءَ کي رد ڪيو ان ۾ اهو ڪاليج به اچي ويو ۽ هن جي ورتل تعليم (ڊگري) هاڻ هتي تسليم نٿي ڪئي وڃي. صفيه کي اها ڳالهه ٻڌايان ها ته هوءَ خوش ٿي کڳيون هڻي ها.
    بهرحال پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا جي حڪومت تعليم جي معاملي ۾ معيار تمام بلند رکيو آهي. حڪومت طرفان هر سال اعلان ڪيو ويندو آهي ته دنيا جا فلاڻا ڪاليج/ يونيورسٽيون تسليم ڪيون ويون آهن، جن کان علاوه ٻين يونيورسٽين جي ڊگرين کي هي قبول نٿا ڪن. اهو سلسلو آئون 80 واري ڏهي کان ڏسندو اچان. ملائيشيا جي هڪ سفرنامي ۾ پنهنجي نيول اڪيڊمي جي گارڊ بابت لکي چڪو آهيان ته هن غريب بنا معلومات حاصل ڪرڻ جي پنهنجي پٽ کي انگلينڊ جي ڪنهن ڪاليج مان پڙهايو، جنهن ڪاليج جو نالو ته وڏو هو پر تعليمي معيار ٺڙڪو قسم جو هو ۽ اهو ڪاليج هتي تسليم شده نه هو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ملائيشيا ۾ اچي جڏهن نوڪريءَ لاءِ Apply ڪيو ته خبر پيس ته ان جي ڊگري جي هتي ڪا اهميت ناهي. اسان جي گارڊ گهڻو ئي پڪاريو پر داد رسي نه ٿيس. نيٺ سال کن ڌڪا کائي پوءِ انڊيا جي ان يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليائينس، جيڪا ملائيشيا ۾ Recognized آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪشمير کان ڪلڪتي تائين ۽ دهلي کان ديرادون تائين انڊيا جا انيڪ تعليمي ادارا ملائيشيا ۾ قبول ڪيا وڃن ٿا. انهي مقابلي ۾ ملا؟يشيا ۾ پاڪستان جو ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪاليج يا يونيورسٽي معياري سمجهيو وڃي ٿو.
    صفيه جلدي جلدي ماني لڳائي. بلڪ ڪجهه ماني مي گورينگ، ناسي ايام، روٽي چنائي جا ڊش اڳهين ٽيبل تي رکيا هئا. مون هٿ ٻڌي چيومانس ته فقط چانهه ٺاهه ته پي ڀڄون. ماني لاءِ ڪئپٽن رزاليءَ کي چيو اٿم ۽ هو انتظار پيو ڪري. بهرحال چانهه سان گڏ اسان فراءِ ٿيل ’مي‘ کاڌي. Mee سنهڙيون چانورن جي اٽي جون سِويون ٿين ٿيون، جن ۾ مڇي يا مرغي ۽ ڀاڄين جا ذرڙا وجهي پوءِ فراءِ ڪيو وڃي ٿو، ان ڪري انهن کي Goreng سڏجي ٿو. گورينگ ملئي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ ”فراء“ِ آهي. مي گورينگ کان علاوه اَيام (مرغي) گورينگ، اِڪان (مڇي) گورينگ، ناسي (ڀت) گورينگ پڻ هتي جا عام ڊش آهن.
    ڊاڪٽر عطا ۽ سعيد ٽالپر کي مون ٻڌايو ته ”صفيه هاڻ نه سلائي جو ڪم سيکاري ٿي ۽ نه دڪان هلائي ٿي پر هن شهر جي ڇوڪرين جو وڏو تعداد هن جون شاگردياڻيون آهن. دڙڪا به ڏاڍا ڏيندي هئي ويندي اسان مائٽن کي به، پر ڇوڪرين کي درزڪو ڪم اهڙو سيکاري ڇڏيندي هئي جو هو ڀلي وڃي درزڪو دڪان کولين. هينئر به منهنجي ڌيءَ جي چوڻ تي صفيه کي سلام ڪرڻ لاءِ اچڻو پيو آهي.“
    ڊاڪٽر عطا کي پهرين ئي اهو ٻڌائي آيو هوس ته صفيه وٽ هلون پيا، پر صفيه اها ڳالهه ضرور ٻڌائيندءِ ته منهنجي ڌيءَ تمام سست هئي، سو هاڻ جيئن ئي سلائي جي ڳالهه نڪتي ته صفيه يڪدم عطا ۽ سعيد کي چيو ته ”هن جي ڌيءَ ڏاڍي Lazy هئي. سلائيءَ ۾ هوشيار هئي، پر ڪپڙي جي ڪٽنگ ۾ موڳي هئي. پوءِ هر دفعي جڏهن ڪاٺ جي فٽ اسڪيل زور سان ٽيبل تي هڻندي هيس ته ان وقت ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي هيس.
    هونءَ صفيه ۽ هتي جي ٻين ماسترياڻين جي ايمانداري کي به جس هجي. صفيه سان اسان جي هڪ قسم جي تمام سٺي دوستي هئي ۽ آئون هن کي چوندو هوس ته جيجل (منهنجي ڌيءَ) کي ڪو درزياڻي ٿيڻو ناهي، ملئي ۽ پاڪستاني وڳا سبيو ٿي وڃي، اهي ئي ڪافي آهن، تون کيس بنا امتحان جي پاس ڪري پنهنجي اسڪول جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏينس. پر صفيه هميشه پنهنجي ئي ضد تي قائم رهي ۽ جيسين جيجل ڪوٽ، پتلونون ۽ صدريون ٺاهڻ نه سکيون، تيسين سرٽيفڪيٽ نه ڏنائينس. بهرحال ملائيشيا ۾ رهڻ جو جنهن کي به موقعو ملي ته هو پنهنجين نياڻين کي ڪنهن Sekolah Jahit (درزڪي اسڪول) ۾ سلائي جو ڪم ضرور سيکاري.


    ڪجهه خوبصورت يادون

    پرلِس، پينانگ ۽ ملاڪا ملائيشيا جون تمام ننڍيون رياستون آهن. ملاڪا رياست ۾ ٽي وڏا شهر آهن، هڪ رياست وارو شهر ملاڪا ۽ باقي ٻه ’جاسن‘ ۽ ’الور گاجا‘. اسان ملاڪا شهر کان نڪتا هئاسين ۽ اتر طرف وڃي رهيا هئاسين. رستي تي تنجنگ ڪِلنگ، بُڪت رَمبائي ۽ سُنگائي اُڊانگ جهڙا ڳوٺ لتاڙي ٽنڊوآدم ۽ شهدادپور جهڙي ٽائون مسجد تاناح ۾ آياسين جنهن جي بلڪل ويجهو هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ صفيه درزياڻيءَ سان ملي هاڻ اسان اڳتي جو سفر شروع ڪيو. مسجد تاناح کانپوءِ 15 منٽن جي فاصلي تي لبوڪ چينا (Lubok Cina) ڳوٺ اچي ٿو جيڪو ملاڪا رياست جي بارڊر وارو ڳوٺ آهي جنهن بعد ڀر واري رياست نينگري سيمبيلان شروع ٿئي ٿي.
    هتي اهو لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ رستن تي جيڪي روڊن ۽ گهٽين يا اسڪولن ۽ اسپتالن جي نالن جا انگريزي الفابيٽ ۾ بورڊ لڳل آهن اهي انگريزي زبان ۾ نه پر ملئي زبان ۾ آهن. انگريزي ۽ ملئي الفابيٽ جا ڪجهه اچار مختلف آهن. ملئي زبان ۾ C جو اُچار ”چ“ آهي. `SY’ جو اچار ”ش“ آهي جيتوڻيڪ انگريزي ۾ ش جي اچار لاءِ ‘SH’ استعمال ٿئي ٿو. اسان انگريزي ۾ شاهه SHAH ڪري لکون ٿا پر ملئي ماڻهو ملئي زبان ۾ SYAH ڪري لکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون شيخ جي اسپيلنگ SHAIKH لکان ٿو ته هو مون کي ڌاريو سمجهي سمجهيو وڃن ته اهو لفظ سهيخ نه پر شيخ آهي پر ان چڪر ۾ هو ڪڏهن غلطي به ڪريو وڃن جڏهن هو بنگالي ڪئپٽن اسحاق جي نالي ISHAQ کي عشاق پڙهيو وڃن. بهرحال مٿي ٻڌايل ڳوٺ لبوڪ چينا جي چينا لفظ جي ملئي اسپيلنگ ۾ CH بدران فقط C اچي ٿي. ملئي اخبارن ۾ ڪئناڊا جي اسپيلنگ Kanada ملندي. جي توهان Canada لکندائو ته ملئي ماڻهو ان کي چئناڊا پڙهي ويندو. ٻي ڳالهه ته ’مسجد تاناح‘ ڪنهن مسجد جو نه پر ڳوٺ جو نالو آهي جيئن اسان وٽ اڇي موري يا ڳاڙهي مسجد ڳوٺن جا نالا آهن. ملئي لفظ تاناح جي لفظي معنيٰ زمين آهي يعني هن ڳوٺ جو نالو مسجد واري زمين ٿيو. اها به حقيقت آهي ته هن ڳوٺ ۾ هڪ تمام جهوني مسجد آهي جنهن تان شايد هن ڳوٺ تي اهو نالو پيو.
    بهرحال ملاڪا جي بارڊر واري هن ڳوٺ لبوڪ چينا کي ٽپڻ بعد اسان Negri Sembilan ۾ داخل ٿياسين. نينگري سيمبيلان ملاڪا جي ڀيٽ ۾ وري به وڏي رياست آهي. سندس گادي وارو شهر سريمبان آهي. ڪئالالمپور کان سنگاپور ويندڙ ريل گاڏي هن رياست جي شهر تمپين ۾ بيهي ٿي. ملاڪا ويندڙ به Tampin ريلوي اسٽيشن تي لهي پوءِ بس يا ٽئڪسي ذريعي ملاڪا وڃن ٿا. انهن ٻن شهرن کان علاوه سامونڊي ڪناري وارو شهر: پورٽ ڊڪسن، جيليبو، جيمپل ۽ ريمبائو پڻ هن رياست (نينگري سيمبيلان) جا مشهور شهر آهن.
    لبوڪ چينا بعد سگهو ئي Linggi نالي ڳوٺ اچي ٿو. ڪئالالمپور يا سريمبان وڃڻ لاءِ جيتوڻيڪ ٻيا به ڪيترائي روڊ آهن خاص ڪري هاڻ ته هاءِ وي ۽ شارٽ ڪٽون ٺهي ويون آهن پر آئون شروع کان (1983 کان) هي ٻهراڙي وارو رستو پسند ڪريان ٿو. رستي جي ور وڪڙن ڪري ڊرائيونگ ۾ خبرداري ڪرڻي پوي ٿي پر ٻنهي پاسن کان نظر ايندڙ جنگل ۽ ڳوٺڙا، نديون ۽ ٽڪريون ڏسڻ وٽان آهن. هتان لنگهڻ وقت آئون اڪثر لنگي ڳوٺ ۾ پنهنجي دلپسند شخصيت تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد وٽ پندرهن ويهه منٽ ترسي ساڻس سلام دعا ڪري پوءِ اڳتي وڌندو هوس. پاڻ هن رياست جو پهريون گائناڪالاجسٽ ۽ 1959ع کان 1969ع تائين ڏهه سال مينتري بيسار (وزير اعليٰ) ٿي رهيو هو. پر منهنجو ساڻس ادبي رشتو هو. آئون سندس يادگيرين جي ڪتاب Memoirs of a Menteri Besar جو هن کان اڳ به هڪ سفرنامي ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان. تان سري داتڪ ڊاڪٽر محمد سعيد آڪٽوبر 1907ع ۾ لِنگي جي ڀر واري ڳوٺ ڪمپونگ تينگاهه ۾ ڄائو. سندن نالي جي اڳين لکيل تان سِري (Tan Sri) لاءِ لکي چڪو آهيان ته هي ملائيشيا جا خطاب آهن جيڪي ملڪ جو بادشاهه ڏئي ٿو جيئن انگريزن جي ڏينهن مهاراڻي وڪٽوريا يا ڪو ٻيو انگريز بادشاهه ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي خانبهادر يا راءِ بهادر جهڙو لقب ڏيندو هو ۽ پوءِ ماڻهو ان شخص جو نالو کڻڻ بدران خانبهادر صاحب چئي مخاطب ٿيندا آهن. تيئن هتي به سڄو نالو کڻڻ بدران فقط تان سري سڏيو وڃي ٿو.
    اهڙي طرح داتڪ (Datuk) به لقب آهي پر تان سري کان گهٽ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي زبان تي سنسڪرت ۽ تامل زبانن جو وڏو اثر آهي. ظاهر آهي هنن پَٽن تي توڙي جاوا سماترا ڏي اڄ کان 600 سال اڳ تائين هندو ڌرم هو. 1410 ڌاري ملاڪا سلطنت جو باني راجا پرميشور مسلمان ٿيو ۽ پاڻ کي اسڪندر شاهه سڏرائين. بهرحال اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيڪي هندي ۽ سنسڪرت جي لفظن کان واقف آهن ۽ هو انهن لفظن کي انڊيا ۽ هندو ڌرم سان ئي لاڳاپيل سمجهن ٿا اهي جڏهن پرڌان منتري، تان سري، پِرٿوي جهڙا لفظ مسلمانن جي هن ملڪ ملائيشيا جي ملئي زبان ۾ ٻڌن ٿا ته هنن کي حيرت ٿئي ٿي. ڪجهه ٻيا اهڙا سنسڪرت جا لغط جيڪي ملئي زبان ۾ آهن ۽ نئين ماڻهوءَ کي ملائيشيا پهچڻ تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، هن ريت آهن. بُومي (ڀومي= زمين)، پُترا (پٽ)، ديوي، مَها (وڏو)، پورنيما (پرنا= سڄو)، بهاسا (ڀاسا= زبان)، استري (زال)، سُوامي (مڙس) وغيره وغيره.
    تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد ٻڌائيندو هو ته ملئي زبان تي سنسڪرت، تامل ۽ ٻين انڊين زبانن جو وڏو اثر آهي. ڏهن لفظن جي ملئي جملي ۾ پنج کن سنسڪرت، پالي ۽ تامل جا ملندا، ٽي کن عربي جا ۽ ٻه کن عربي فارسي يا انگريزي جا هوندا. دراصل پنڌرهين صديءَ ۾ اسلام اچڻ وقت هندو ڌرم جو ايڏو اثر هو جو اڄ به هتي دين جي تعليم ڏيندڙ عالم guru سڏجي ٿو.
    ملئي زبان ۾ روزي جو لفظ سنسڪرت زبان جو لفظ puasa (پئاسا) آهي. هتي جا مولوي جنت ۽ جهنم لاءِ اهي ئي هندو ڌرم جا لفظ سرڳ (syurga) ۽ نرڳ (Neraka) استعمال ڪن ٿا. نماز کي ملئي sembahyang (سمباهه يانگ) سڏين ٿا. سمباهه سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ عبادت آهي ۽ ينگ پڻ سنسڪرت ٽرم آهي جنهن جي معنيٰ آهي خدائي، ايشورتا (Divine) . جيئن اهو ٽرم ملڪ جي بادشاهه سلامت کي مخاطب ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ٿو Yang Di Pertuan (ينگ دي پرتئان) جنهن لاءِ انگريزي ۾ چيو ويندو آهي. The Most divine one بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملئي زبان ڌارين ٻولين جي لفظن سان ڀريل آهي جنهن ۾ ويندي پنجابي، گجراتي ۽ مليالم جا به لفظ آهن جو انگريزن جي حڪومت ۾ ڪيترائي پنجابي مسلمان، سک ۽ هندو انگريز فوج ۽ پوليس ۾ هئا. ان کان علاوه هنن ننڍو ننڍو ڪاروبار به هلايو ٿي ۽ هن وقت به ملائيشيا ۾ لکين پنجابي ڳالهائڻ وارا رهن ٿا سو انهن جي زبان جو اثر به ملئي زبان تي آيو آهي. تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد چرچي چرچي ۾ ٻڌائيندو هو ته ”الطاف ملئي زبان جا پنهنجا فقط چار لفظ آهن.“
    ”تان سري ينگ مانا؟“ مون انهن لفظن لاءِ پڇيو هئومانس.
    ”Api معنيٰ باهه، Besi (بيسي) معنيٰ لوهه، padi (پئڊي) معنيٰ چانورن جي پوک ۽ Nasi (ناسي) معنيٰ رڌل ڀت.“
    بهرحال اها ڳالهه ٻيا ملئي به ڪندا آهن ۽ ڪي وري چوندا آهن ته اهي چار لفظ آهن: آپي، پئڊي، بيسي ۽ بابي (Babi). ملئي زبان ۾ بابي معنيٰ سوئر، خنزير.
    ملئي زبان ۾ ڪنهن کي بابي چوڻ وڏي گار آهي جنهن جو جواب ٿري ناٽ ٿري جي گوليءَ سان ئي ڏئي سگهجي ٿو. اسان پاڪستاني يا انڊين دوستن جي زالن کي ڀاڀي سڏيندا آهيون پر ملائيشيا يا انڊونيشيا ۾ ڀاڀي ڪير سڏيندو جو ٻين ٻڌڻ وارن کي اهو لفظ بابي سمجهه ۾ ايندو. بهرحال ملائيشيا ۾ اها به سٺي ڳالهه آهي جو ڀاڄائي، ادي، ماسي، چاچي يا ٻئي ڪنهن سڱ سان سڏڻ جو رواج ئي ڪونهي هر ڪو ٻئي جو نالو وٺي مخاطب ٿئي. ورلي ڪنهن اهم عهدي يا خاندان جي عورت جو ٺلهو نالو وٺڻ بدران پئان سان ڳنڍيو وڃي ٿو: پئان فاطمه، پئان عائشه وغيره يعني مائي فاطمه، مائي عائشه.... يا کڻي پاڻ ان کي محترمه، بيگم يا مسز سمجهون. هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ زال کي استري ۽ مڙس کي سوامي سڏجي ٿو. جيئن عورت کي مخاطب ٿيڻ لاءِ لفظ puan آهي تيئن مرد لاءِ انچڪ encik آهي. پر جي اهو مرد اڃان به وڏي عمر ۽ رتبي وارو آهي ته ان لاءِ Tuan (تئان) لفظ استعمال ٿئي ٿو. تقرير ڪرڻ وقت اڪثر puan puan dan Tuan Tuan (يعني ”خواتين و حضرات“ چيو وڃي ٿو. ملئي زبان ۾ ڊن(Dan) معنيٰ ”۽“ آهي ۽ ڪنهن به اسم جو جمع ڪرڻ لاءِ اهو لفظ ٻه دفعا استعمال ڪرڻ کپي. مثال طور پاڻ وٽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب جو جمع ڪتابَ آهي ۽ انگريزي ۾ Book جو جمع Books آهي پر ملئي زبان ۾ ڪتاب (Buku) جو جمع Buku Buku آهي.
    تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد پنجن سالن جو هو ته سندس والد گذاري ويو. کيس سندس ماءُ حاجا مجيده ڳوٺ جي اسڪول ۾ پڙهايو. سٺين مارڪن سان پاس ٿيڻ ڪري کيس ”ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار“ ۾ داخلا ملي وئي. هي ڪاليج لاهور جي ايڇيسن ڪاليج وانگر ريزيڊنشل ڪاليج آهي، يعني سڀني شاگردن کي هاسٽل ۾ رهڻو پوي ٿو. هي ڪاليج انگريزن لاهور واري ڪاليج وانگر پنهنجن ٻارن جي داخلا لاءِ ۽ ملڪ جي راجائن، نوابن ۽ سلطانن جي ٻارن جي تعليم لاءِ 1905 ۾ ڪئالا ڪنگسار ۾ کوليو. ڪئالا ڪنگسار ملائيشيا جي اتراهين رياست پيراق جو اهم شهر آهي، جنهن ۾ پيراق رياست جي سلطانن ۽ انهن جي خاندانن جا محل آهن. هونءَ پيراق رياست جو وڏي ۾ وڏو ۽ گاديءَ وارو شهر اپوح آهي. اپوح ۽ ڪئالا ڪنگسار شهرن ۾ ريلوي اسٽيشن به آهي. سنگاپور، جوهور بارو ۽ ڪئالالمپور کان پينانگ ۽ اڳيان ٿائلينڊ ويندي ٽرين هنن شهرن ۾ به بيهي ٿي. ڪئالالمپور، دهلي، بمبئي، لاهور، ڪولمبو، نئروبي ۽ ڪمپالا جي ريلوي اسٽيشنن وانگر انگريزن اپوح جي ريلوي اسٽيشن به سهڻي ٺهرائي آهي، جيڪا عمارت سازي جي خيال کان ڏسڻ وٽان آهي. ڪاليج جي تعليم ختم ڪرڻ بعد داڪٽر محمد سعيد ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ سنگاپور جي ڪنگ ايڊورڊ ڪاليج آف ميڊيسن ۾ داخلا ورتي ۽ 1932 ۾ ڊاڪٽر ٿيڻ بعد پهانگ رياست جي پيڪان ضلعي اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي نوڪري شروع ڪئي. هن نوڪريءَ دوران ڊاڪٽر صاحب Elephantiasis بيماري تي پڻ ڪافي ريسرچ ورڪ ڪيو، جيڪا بيماري هن رياست مان وهندڙ پهانگ ندي جي ڪناري وارن ڳوٺن ۾ عام هئي.
    1941ع ۾ ڊاڪٽر صاحب کي انگلينڊ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ Queen's Fellowship ملي. پوسٽ گريجوئيشن لاءِ هن ٽراپيڪل ميڊيسن ائنڊ هائيجن ۾ تعليم حاصل ڪئي. انگلينڊ ۾ رهڻ دوران ڊبلن جي روٽنڊ اسپتال مان هن Midwifery جا ڪورس ڪيا ۽ جڏهن ملائيشيا موٽي آيو ته هن کي سريمبان جي جنرل اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر جي عهدي تي رکيو ويو ۽ پوءِ ساڳي اسپتال ۾ هن ڇهه سال عورتن جي زناني بيمارين جي ماهر طور ڪم ڪيو. ان بعد هن سرڪاري نوڪري مان رٽائرمينٽ وٺي سريمبان ۾ ئي پنهنجي ڪلينڪ کولي. هتي اهو به لکندو هلان ته سريمبان شهر ڊاڪٽر صاحب جي ڳوٺ لِنگي کان ڪو 25 منٽن جي پنڌ تي آهي.
    ڊاڪٽر صاحب کي ننڍي هوندي کان ڳوٺ جي ماڻهن سان همدردي رهي. هن کي ان ڳالهه جو افسوس ٿيندو هو ته ملائيشيا جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن کي اهي سهولتون موجود نه آهن، جيڪي شهر جي ماڻهن کي آهن. ان خيال کان هن سياست اختيار ڪئي ۽ چونڊن ۾ کيس وڏي ڪاميابي حاصل ٿي. هو پنهنجي رياست جو ٻه ٽرم (1969- 1959) مينتري بيسار (وڏو وزير) ٿي رهيو ۽ سندس خدمتن ڪري کيس اڄ به عوام مڃي ٿي. ان بعد هن ماٺ ميٺ ۾ سياست ڇڏي ڳوٺ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ پنهنجو پاڻ کي لکڻ پڙهڻ، باغباني ۽ Bird Watching جهڙن شوقن ۾ مشغول رکيو. ان معاملي ۾ مون کي حيرت رهي ٿي ته ملئي ماڻهو سرڪاري ڪامورا، حاڪم توڙي سياستدان ڪيتري سادگي ۽ نئڙت جي زندگي گذارين ٿا. ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”وزيراعليٰ جون يادگيريون“ مون 1983 ۾ پڙهيو ۽ جڏهن مون کي خبر پيئي ته هو منهنجي ڀرواري ڳوٺ لنگي ۾ رهي ٿو ته مون ٻئي سال 1984 ۾ ساڻن ملاقات ڪرڻ لاءِ فون رستي ملڻ جي اجازت ورتي. "Any day, any time" ڊاڪٽر صاحب انگريزي ۾ جواب ڏنو. ان وقت ڊاڪٽر صاحب جي عمر 77 سال هئي ۽ آئون 40 سالن جو هوس.
    هڪ ڏينهن منهنجو ڪئالالمپور وڃڻ جو اوچتو پروگرام ٺهيو. لنگي وٽان لنگهندي مون ڊاڪٽر صاحب سان ملڻ جو سوچيو. ڊاڪٽر صاحب جو گهر ڳولڻ ۾ مون کي ڪا دير نه لڳي. ڳوٺن جا گهر ڪاٺ جا ٿين، جن جي چوڌاري ڪيترائي ميون جا وڻ ۽ گل ٻوٽا ٿين. هن پاسي چوري چڪاري نه برابر هجڻ ڪري ٻاهريون ڪمپائونڊ کليل رهي. جن ڳوٺن ۾ ڀولڙن جو آزار آهي، ان ۾ چوڌاري ڪَنڊن وارو لوڙهو ۽ دروازو ٿئي. آئون ڪمپائونڊ ۾ اندر گهڙي جائزو وٺڻ لڳس ته ڪو ماڻهو ڇيڻو يا ٻار ٻچو نظر اچي ته ان کان ان اهم ماڻهوءَ جو پڇان جيڪو 10 سال صوبي جو وزير اعليٰ ٿي رهيو، جيڪو هن صوبي جو پهريون گائنا ڪالاجسٽ هو، اهو هن وقت گهر اندر موجود آهي يا نه ۽ جي موجود آهي ته مون سان هن وقت ملڻ به چاهيندو يا نه؟ هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هنيم ٻه چار ننڍا ٻار تالاب ۾ موجود مڇين کي ڏسي رهيا هئا ۽ هڪ پوڙهو ۽ ڪمزور ماڻهو گوڏ ۽ گنجيءَ ۾ بدڪن ۽ ڪڪڙين کي اَنُ چُڳائي رهيو هو. سندس پيرن ۾ هڪ سادو چمڙي جو پراڻو چپل هو. ٻارن يا هن ڳوٺاڻي پير مرد سان ڳالهائڻ لاءِ مون کي ملئي زبان ئي استعمال ڪرڻي پوندي. ”اداڪا تانسري؟“ ملئي زبان ۾ ada معنيٰ آهي، ۽ ڪنهن به لفظ پويان kah لڳائڻ سان اهو سوالي ٿيو پوي. ”ڇا تانسري آهي؟“ مون پڇيو، ”سايا ماهو جمپا تئان“ (آئون هن سان ملڻ ٿو چاهيان)
    ”بوليج بوليج“ (ڀلي ڀلي ڇو نه) پير مرد هٿ ڇنڊيا ۽ در کولي گهر اندر گهڙيو. مون کي پنهنجي پٺيان پٺيان اچڻ لاءِ چيو. آئون در تائين اچي ترسي پيس ته ڀلي هي همراهه تانسري ڊاڪٽر سعيد کي ٻڌائي ۽ پوءِ هو جي ملڻ لاءِ ها ٿو ڪري ته آئون ڪهين وارو بوٽ کولي اندر داخل ٿيان نه ته اتان ئي موٽي وڃان.
    ”ماسوڪ لا“ (اندر اچو سائين) هن مون کي چيو ۽ آئون اندر گهڙي بوٽ جا ڪشا کولي بوٽ لاهڻ لڳس. مون ڏٺو ته هي همراهه تانسري کي اطلاع ڪرڻ لاءِ ڪمرن ڏي وڃڻ بدران اتي ئي ڊرائنگ روم ۾ صوفي تي ويهي رهيو. بوٽ لاهي اندر گهڙيس. ”دودوڪ مسٽر الطاف“ (ويهو مسٽر الطاف) ۽ هو هاڻ مون سان فرسٽ ڪلاس انگريزي ۾ ڳالهائڻ لڳو.
    ”لڳي ته نٿو پر چئبو ته هي پاڻ تان سري آهي.“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پاسي تي رکيل ٽيبل تان عينڪ کڻي هن اکين تي رکي ۽ ٽشو پيپر سان هٿ ۽ ڳچيءَ تان پگهر اگهيو ۽ مون سان خبر چار شروع ڪئي. مون هي احوال فقط ان ڪري لکيو آهي ته پڙهندڙن کي هتي جي وڏن ماڻهن جي زندگي جي خبر پوي ته هو ڪيڏي سادي ۽ سڪون واري زندگي گذارين ٿا. هو اجائي ٽيڙي، لئه رکڻ يا شوبازي کان گريز ڪن ٿا. 26 سال اڳ جي اها پهرين ملاقات اڄ به اکين اڳيان ڦري رهي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب هٿ جي ٺهيل ڪپڙي جي گنجي ۽ گوڏ ۾ منهنجي سامهون ويهي ڪچهري ڪندو رهيو. سندس صدري نما گنجيءَ جا ٻه ٻيڙا آخر تائين کليل رهيا. منهنجي ڊاڪٽر صاحب سان ان ملاقات بعد پوءِ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون ۽ منهنجي لاءِ هميشه اها حيرت جي ڳالهه رهي ته ڪپڙي پوشاڪ، گهر گهاٽ ۽ کاڌي پيتي ۾ سادي ۽ نياز نئڙت جي هن مجسمي جون ڇا اعليٰ درجي جون ڳالهيون هيون. هو هر وقت پڙهڻ يا لکڻ ۾ مشغول رهيو ٿي يا هُن قدرت جي شين خاص ڪري پکي پکڻ ۽ وڻن ٻوٽن جو اڀياس ڪرڻ ۾ پنهنجو پاڻ کي محو رکيو ٿي.
    تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد کي ننڍي هوندي کان ادب جو شوق رهيو. سنگاپور ۾ ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهائي دوران ميڊيڪل ڪاليج يونين ۾ هو پهرين سال لٽرري سيڪريٽري بڻيو، ان بعد ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر ٿيو. ڪئالا ڪنگسار ڪاليج وارن ڏينهن جون دلچسپ ڳالهيون هو انگريزي اخبارن ۾ لکندو رهيو. هن شيڪسپيئر جي مرچنٽ آف وينس جو ملئي زبان ۾ ترجمو ڪيو، جيڪو شايد اڃان نه ڇپيو آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ڳالهين مان مون کي اهو ئي اندازو ٿيو ٿي ته هن جي يادگيري تمام سٺي آهي. ان جو ثبوت سندس يادگيرين جو ڪتاب آهي، جيڪو تمام گهڻو دلچسپ ۽ اڄ تائين تمام گهڻو پڙهيو وڃي ٿو.
    دنيا ۾ پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ (Consanguineous Marriages) کي خراب سمجهيو وڃي ٿو. ڪيترن سائنسدانن ۽ ڊاڪٽرن جو اهو چوڻ آهي ته پنهنجن ۾ شادي ڪرڻ سان خاندان جون بيماريون اولاد ۾ رهڻ جو وڏو امڪان رهي ٿو. ملائيشيا ۾ رهندڙ قومون چيني ۽ هندو ته هونءَ ئي پنهنجن ۾ سڱابندي نه ڪن پر مڪاني ڪلچر ۽ ان آڳاٽي هلندڙ ريت ۽ رسم پٽاندڙ هتي جا مڪاني ملئي مسلمان به ان قسم جي شادي کي خراب سمجهن ٿا. ايتريقدر جو ڪيترا ملئي مسلمان اهو ئي سمجهن ٿا ته سوٽ، ماسات، پڦاٽ، ماروٽ وغيره سان شادي لاءِ اسلام منع ڪري ٿو. تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد جنهن جي سڄي خاندان ۽ مٽي مائٽي جي پنهنجن ۾ شادي ٿي آهي ۽ ڳوٺ جي ڪيترن جو وڏو ”توڪ اول الدين“ آهي يا ان جي ڀيڻ ”سيريلاهه“ آهي، ان جي مخالفت ڪئي ٿي.
    ”اسان جي ڳوٺ ۾ ڏسندائو ته سڀ کان گهڻا پڙهيل ڳڙهيل ۽ ذهين اسان جي خاندان ۽ برادري جا ماڻهو نظر ايندانوَ“ ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو.
    رڳو ڊاڪٽري پروفيشن ۾ ڏٺو وڃي ته ملائيشيا جي هن رياست Negri Sembilan جو نه فقط پهريون ڊاڪٽر محمد سعيد هو پر ان بعد ٻيو ۽ ٽيون ڊاڪٽر به هنن جي خاندان مان ٿيو. ڊاڪٽر سعيد 1932ع ۾ ڊاڪٽر ٿيو, ان کان ڇهن سالن بعد 1938ع ۾ سندس سوٽ جو پٽ سليمان ڊاڪٽر ٿيو ۽ ان بعد 1946ع ۾ سندس والده جي سوٽ جو پٽ عبدالله ڊاڪٽر ٿيو. ڊاڪٽر عبدالله جو پٽ ازلان به ڊاڪٽر آهي ۽ هن يونيورسٽي آف ملايا مان 1975ع ۾ MBBS ڪئي. ڊاڪٽر سليمان جي پٽ جو هن وقت نالو ياد نه پيو اچي ان 1981ع ۾ ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان MBBS ڪئي. تانسري ڊاڪٽر سعيد جي هڪ ٻئي سوٽ فخر دين جي ڌيءَ زبيده جنهن 1983ع ۾ يونيورسٽي آف ملايا مان ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ هن رياست جي پهرين ملئي مسلمان ڊاڪٽرياڻي آهي ۽ هڪ ٻئي سوٽ حاجي عباس جي ڌيءَ ڊاڪٽر حسنا پهرين BDS (ڏندن جي) ڊاڪٽرياڻي آهي. هن 1976ع ۾ ڊگري حاصل ڪئي.
    ڇوڪرن جو ڪَنُ ٽوپڻ ۽ والي پائڻ اسان وٽ سنڌ ۾ به رواج يا کڻي چئجي ته وهم نه فقط هندن ۾ پر مسلمانن ۾ هو. اڄ جي سائنسي دور ۾ ۽ مذهب ۽ سائنس جي ڄاڻ عام هجڻ ڪري هاڻ شايد اها بيوقوفي جي رسم نه رهي هجي پر اسان جي جنريشن تائين ضرور هئي. اسان جو هم عمر، پاڙيسري ۽ مائٽ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرزاق ابڙو جنهن تعليم ۾ نالو پيدا ڪيو ۽ جيالاجي سبجيڪٽ ۾ روس مان Ph.D ڪئي ان جو ننڍي هوندي والدين ڪن ٽوپائي ڇڏيو هو ۽ ڪافي وڏو ٿي ويو ته به مرحوم والي پائي پيو هلندو هو. ان وقت ته اسان به ننڍا هئاسين ۽ ڪنهن کان پڇي نه سگهياسين پر پوءِ ڪٿي پڙهيم يا شايد ڪنهن کان پڇيم ته معلوم ٿيو ته هڪ ٻئي پٺيان پٽ ٻار مرڻ تي والدين ڇوڪري جو ڪن ٽوپائي والي ان ڪري پارائي ٿا ڇڏينس ته جيئن شيطان ان کي ڌيءَ سمجهي نه ماريس.
    هتي ملائيشيا ۾ به ڪن ٽوپڻ جو رواج آهي نه فقط ٻنين ۽ جهنگن (Lading) تي ڪم ڪندڙ هندو تاملن ۾ پر ڳوٺن ۾ رهندڙ ملئي مسلمانن ۾ پڻ. مون کي به تان سري ڊاڪٽر محمد سعيد ٻڌايو ته سندس ننڍي هوندي ڪن ٽوپيو ويو هو. ”ان وقت اسان وٽ ڳوٺن ۾ اهو رواج يا وهم هو ته پيءُ سان گهڻي مشابهت رکندڙ پٽ جو ضرور ڪن ٽوپيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ پيءُ جلد مري ويندو.“
    ڊاڪٽر سعيد ٻڌايو ته والي پائڻ ضروري نه هو. بهرحال اڳتي هلي اهو سوراخ بند ٿي ويو ۽ ان جاءِ تي ڳوڙهي ٿي پئي. ”افسوس جو اهو اعتقاد ته منهنجي ڪن ٽوپرائڻ ڪري منهنجو والد وڏي ڄمار ماڻيندو غلط ثابت ٿيو. بابي کي ٽيهن ورهين جي عمر ۾ اوچتو دست (Dysentery) ٿي پئي ۽ هو گذاري ويو.“
    ”اهو ڀلا ڇو آهي ته هي پاسو علاج ۽ دوا درمل جي خيال کان ايڏو پٺتي رهيو جو دستن جو به علاج ٿي نه سگهيو.“ مون ڊاڪٽر صاحب کان پڇيو، ”جيتوڻيڪ توهان وٽ ان ئي انگريز جو راڄ هو جنهن جو ننڍي کنڊ تي هو. ڳن کان علاوهه توهان وٽ ته انگريزن کان اڳ به چار سئو کن سال ڊچ ۽ پورچوگالي يورپي موجود هئا، خاص ڪري هن رياست ملاڪا ۾.“
    ”دراصل ماڻهن جي دلين ۾ يورپين لاءِ نفرت هجڻ ڪري هنن انگريزن جي هر شيءِ کي غلط ۽ دين جي خلاف سمجهيو ٿي. اسان جي ڳوٺ ۾ مَت ڪَجانگ نالي مون کان چار پنج سال وڏو ڇوڪرو هو. هو 1913ع ۾ ستين درجي (مئٽرڪ) جي امتحان ۾ اسان جي نگري سيمبيلان رياست ۾ پهريون نمبر آيو. کيس ان وقت جي مشهور ۽ مهانگي پاڪيٽ واچ Roskolf انعام ۾ ملي ۽ کيس حڪومت طرفان ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار ۾ داخلا ۽ پڙهائي لاءِ اسڪالر ملي. مَت ڪجانگ ههڙي نامياري ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ لاءِ بيحد آتو هو پر هن جو چاچو جيڪو سندس گارجين به هو هڪ عجيب جاهل مُلون هو، تنهن پنهنجي ڀائٽي کي دڙڪا ڏئي وهاري ڇڏيو ته ڪم ناهي. انهن انگريز ڪافرن جي تعليم حاصل ڪرڻ حرام آهي. هن پٽ طرفان سرڪار کي انڪار ڪري ڇڏيو. اهو نوجوان ٻنين تي هاري ٿي ڪم ڪندو رهيو. ويتر بعد ۾ ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهندو ۽ انگريزي اسڪولن سينٽ پال اسڪول، ڪنگ جارج پنجم اسڪول ۽ ملئي ڪاليج ڪئالا ڪنگسار ۾ داخلائون وٺندو ڏسي هن کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ سوچي سوچي هن جو دماغ توائي ٿي ويو ۽ وڦيل ڳالهيون ڪرڻ ڪري کيس ڳوٺ جا ماڻهو چريو سڏڻ لڳا. سو اهڙي طرح اسان جو ملئي مسلمان انگريزي دوا استعمال ڪرڻ کي به گناهه جو ڪم سمجهندا هئا.“
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته جيڪڏهن هن جي پيءُ کي اسپتال ۾ داخل ڪن ها ته ٿي سگهي ٿو ته تندرست به ٿي وڃي ها ڇو جو Stool Test مان خبر پئجي وڃي ها ته هن کي Amoebic Dysentery آهي جنهن جو ان وقت علاج موجود هو. Emetine هائيڊرو ڪلورائيڊ جي روزانو ڏهه سين ۽ اميٽائين بسمٿ آيوڊائيڊ دوا پيئڻ سان اها بيماري ختم ٿي وڃي ها. باقي Bacillary قسم جي دستن ۾ هن جو بچڻ ايڏو ممڪن نه هو ڇو جو ان Dysentery جي علاج لاءِ Sulphonamide دوا يا ايمپيسلن يا براڊ اسپيڪٽرم Antibiotics دوائون جيڪي اڄڪلهه عام ملن ٿيون اهي ان زماني ۾ (يعني 1912 ۾) ڪنهن خواب ۾ به نه ڏٺيون هيون.
    ڊاڪٽر محمد سعيد سان منهنجي آخري دفعو ملاقات 1991ع ۾ ٿي، جڏهن آئون ملاڪا ڇڏي رهيو هوس ۽ منهنجي عمر 47 سال هئي. ڊاڪٽر صاحب 85 کن سالن جو هو. هو ڪافي ڪمزور لڳي رهيو هو پر پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي ڪم ۾ مشغول رهيو ٿي. اڄڪلهه محمد ابراهيم جويو صاحب ڏسي مون کي تانسري ڊاڪٽر محمد سعيد ڏاڍو ياد اچي ٿو، جو ان وقت هو جسماني طرح ته جويو صاحب جيان لڳو ٿي پر ڳالهائڻ ۾ به جويو صاحب وانگر کڙو تڙو لڳو ٿي. ويندي يادداشت ۾ به. تانسري جي 1996ع ۾ وفات ٿي، ان وقت آئون ڪراچي ۾ هوس. سال ٻن بعد جڏهن ملائيشيا ويس ۽ ملاڪا جو به چڪر هنيم ته لنگي ڳوٺ ۾ سندس پونئيرن سان به ملي آيس. سندس قابل ڌيءَ داتن حليما بنت سعيد سندن ڳوٺ واري وڏي گهر کي ٻارن جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ”ڪمپونگ ڪنڊر گارٽن“ ٺاهيو آهي جو تانسري جو نئين جنريشن لاءِ هر وقت اهو پيغام هوندو هو ته ”تعليم حاصل ڪريو، تعليم حاصل ڪريو. تعليم روشني آهي بنا تعليم اونداهه آهي.“ هن اسڪول جا ڪلاس ۽ ورانڊا ڏسي مون کي هن گهر جا ڪمرا ۽ ورانڊي ۾ رکيل آرام ڪرسيون ياد اچي ويون، جن تي مون ويهي هن عظيم انسان سان ڪچهري ڪئي ٿي. ڇا ههڙو ايماندار سياستدان ۽ بيمارن جي خدمت ڪرڻ وارو ڪو ڊاڪٽر هوندو. ڊاڪٽر صاحب ڳالهين جو ڳوٺ هو، هڪ ادارو هو. قدرت کيس سٺي يادگيري سان نوازيو هو. رکي رکي هو پنهنجي ميڊيڪل ڪاليج جي ڏينهن جي ڳالهه ڪندو هو ته ڪڏهن ننڍپڻ جي. هڪ دفعي ويندي پنهنجي طهر بابت به ٻڌايائين ته جڏهن هو ڏهن سالن جو هو ته سندس سوٽ خالد سان گڏ طهر ٿيو هو. ملائيشيا ۾ هاڻ اسان وانگر اسپتالن ۾ طهر ٿئي ٿو ۽ شايد لوڪل انسٿيزيا به ڏني وڃي ٿي، نه ته ڊاڪٽر صاحب جو طهر به ائين گهر ۾ حجام ڪيو. ڊاڪٽر صاحب کي ٻڌايم ته توهان جو طهر 1917ع ۾ ٿيو. 1950ع ۾ منهنجو طهر ٿيو هو ته گوڏ ٻڌي ٺڪر جي ڪونڊيءَ تي ويهاريو ويو هو، طهر کانپوءِ ڦلهير لڳايو ويو هو جيڪو سمجهو ته هڪ قسم جو antiseptic هو، اهو سلسلو پوءِ به 15 سال کن هلندو رهيو ان بعد ٻڌڻ ۾ آيو ته اسان جي ڳوٺ هالا جي ٻارن کي حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ طهر لاءِ وٺي وڃن ٿا، جتي اهڙيون دوائون استعمال ڪن ٿا جو زخم جلد ڇٽيو وڃي.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هن جو طهر ڪيلي جي ٿڙ تي وهاري ڪيو ويو ۽ ملائيشيا ۾ زخم مٿان هڪ خاص قسم جي وڻ جي ڇوڏي جو پائوڊر لڳايو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ 1991ع تائين رهائش دوران مون به ڳوٺن ۾ ائين ئي ڪيلي جي ٿڙ تي ويهاري طهر ڪرڻ جي رسم ڏٺي. گهڻو ڪري ٻن ٽن سئوٽن، مائٽن يا پاڙي جي ٻارن جو طهر گڏ ٿيو ٿي ۽ انهن کي هڪ ئي ڪمري ۾ سمهاري سندن گوڏين کي اڳيان ڌاڳي سان ٻڌي ان ڌاڳي جو ٻيو حصو ڇت ۾ لڳل ڪوڪي سان ٻڌو ويو ٿي جيئن گوڏ جو ڪپڙو زخم کي نه لڳي.


    سريمبان جون يادون

    لِنگي (Linggi) ڳوٺ ۾ ڪجهه دير ترسي هتي جي پهرين گائنا ڪالاجسٽ ڊاڪٽر محمد سعيد جي فيملي جي ڪجهه مائٽن سان ملڻ بعد اسان جي ٻي منزل بانگي شهر هو، جتي پڻ منهنجي هڪ پراڻي دوست ۽ شاگرد ڪئپٽن رزالي يعقوب ۽ ان جي ٻارن ٻچن سان ملڻو هو.
    بانگي شهر سلينگور رياست ۾ آهي، جنهن رياست جي گاديءَ جو شهر ’شاهه عالم‘ آهي. سمجهو ته ڪوالالمپور به سلينگور رياست جي وچ ۾ آهي، جيئن اسلام آباد پنجاب صوبي ۾ آهي. بانگي ٽائون جيتوڻيڪ سلينگور رياست ۾ آهي، پر سندس جاگرافيائي پوزيشن نينگري سيمبيلان رياست جي بارڊر وٽ آهي. ملائيشيا جي هيءَ رياست ملاڪا ۽ سلينگور رياستن جي وچ ۾ آهي ۽ ملاڪا کان بانگي يا ڪوالالمپور وڃڻ لاءِ ”نينگري سيمبيلان“ رياست مان لنگهڻو پوي ٿو. ملائيشيا جي هن رياست جو نالو جيتوڻيڪ ڌارين ماڻهن لاءِ اوپرو ۽ عجيب لڳي ٿو، پر مڪاني ماڻهن يا ملئي زبان ڄاڻندڙن لاءِ بيحد سولو ۽ آسان آهي. هي ائين آهي جيئن پاڪستان ۾ پنجون صوبو ٺاهي ان جو نالو ئي ”پنجون صوبو“ رکجي. ملئي زبان ۾ مُلڪ کي نَگارا ۽ رياست کي Negri (نيگري) سڏجي ٿو ۽ Sembilan (سيمبيلان) معنيٰ نائون (نمبر). ملئي زبان ۾ هڪ کان ڏهين تائين انگ هن ريت اهن: ساتو، دُئا، تِيگا، ايمپت، لِيما، اَنام، تُوجو، لاپان، سيمبيلان، سَي پُلو.
    نينگري سيمبيلان رياست جي گادي وارو شهر Seremban (سيريمبان) آهي. سيريمبان ملائيشيا جو هڪ اهم شهر آهي، جتان ڪوالالمپور کان سنگاپور ويندڙ ريل گاڏي سيريمبان ۾ ترسي ٿي. ريل جي ڪم لاءِ انگريزن ڏکڻ- هندستان جي تاملن کي لڳايو. سيريمبان وارو علائقو رٻڙ ۽ پام آئل جي پوک کان به مشهور آهي، جنهن ۾ پڻ تامل (انڊين) ڪم ڪن ٿا. ان ڪري توهان کي سريمبان ۽ ان جي اوس پاس جي ڳوٺن ۾ انڊين تمام گهڻا ملندا. ٻي جنگ عظيم جي ڏينهن جا گڏيل پنجاب صوبي جا به ڪيترائي سک، هندو ۽ مسلمان نظر اچن ٿا.
    اسان هاءِ وي وٺي بانگي وڃي رهيا هئاسين. سيريمبان وٽان لنگهڻ وقت هاءِ وي جي ٻنهي پاسي پيٽرول پمپ، انهن جي ڀرسان وڏيون ريسٽورنٽون ۽ انهن جي اڳيان بيٺل انيڪ رنگن ۽ ماڊلن جون ڪارون ۽ ٽوئرسٽ بسون ڏسي اسان به سوچيو ته هتي ٿوري دير لاءِ ساهي پٽجي، ڪار ۾ پيٽرول ڀرائجي ۽ ڪافي پيئجي. مون کي پراڻا ڏينهن ياد اچي ويا، جڏهن آئون ملاڪا کان ڪوالالمپور ايندي ويندي هتي ساهي پٽيندو هوس ۽ هڪ هنڌ ويهي چانهه يا ڪافي پيئڻ بدران مگ هٿ ۾ کڻي سڄي ريسٽورنٽ ۾ اندر ۽ ٻاهر ڦرندو رهندو هوس. پوءِ هتي آيل ملئي فئملين، يونيورسٽين جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۽ ٻاهرين ملڪن کان آيل ٽوئرسٽن مان ڪجهه سان ملئي ۽ انگريزي ۾ کيڪار کڙي ڪري کانئن خبرون پڇندو هوس. ههڙن هنڌن تي مون کي به ڪيترائي دلچسپ ماڻهو ۽ سندن دلچسپ ڪهاڻيون مليون، جن مان ڪي ڪي ضرورت موجب پنهنجن سفرنامن ۾ قلمبند ڪيون اٿم. مشهور انگريزي ڪهاڻيڪار سمر سيٽ ماهم جون به ڪيتريون ڪهاڻيون اُهي آهن جيڪي هن سنگاپور جي مشهور ۽ آڳاٽي هوٽل ريفلز ۾ ويهي مختلف جهازين ۽ ٽوئرسٽن کان ٻڌيون. اڄ مون کي ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻو نه هو پر مون کي پنهنجي ميزبانن ميرپورخاص جي ڊاڪٽر عطا ٽالپر ۽ ٽنڊوڄام جي پروفيسر سعيد ٽالپر سان گڏ فوٽو ڪڍرائڻا هئا.
    ڪار مان لهڻ سان سعيد هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هڻڻ لڳو. مون سمجهيو ته هي جوان ڪن سهڻين ڇوڪرين جي جهڳٽي جي ڳولا ۾ آهي، جتي هلي هنن جي ڀر ۾ ڪافي پيئجي، پر پوءِ آئون سمجهي ويس ۽ بورڊ تي لکيل Tandas ڏي اشارو ڪيومانس ۽ ساڻس گڏ آئون به وڌيس. لبوق چينا ۾ ڊاڪٽر محمد سعيد جي گهر گهڻي جيوس پيئڻ ۽ ڊاڪٽر عطا جي ”ڪاسائين جي ڪولڊ اسٽور“ جهڙي ٿڌي ڪار ۾ سفر ڪرڻ بعد سعيد ۽ مون کي پنهنجا مثانا خالي ڪرڻ جي ضرورت هئي.
    ”توهان ٽوائليٽ مان ٿي اچو ته آئون تيسين دخل تان ڪافيءَ جون پرچيون ٺهرائي ٿو اچان.“ ڊاڪٽر عطا چيو. آئون سمجهي ويس ته مير صاحب روايتي مهمان نوازي کي قائم رکندي هو اسان کي هڪ رنگٽ به خرچ ڪرڻ نه ڏيندو.
    ملئي زبان ۾ Toilet کي Tandas سڏجي ٿو. اسان وٽ سنڌ توڙي ڏکڻ پنجاب ۾ ان سان ملندڙ جلندڙ نالو ”سنداس“ عام آهي. ويجهو پهچڻ تي هڪ طرف مردن جا ٽئاليٽ هئا، جن تي انگريزي کان علاوه ملئي زبان ۾ Lelaki لکيل هو ۽ ٻئي پاسي Perempuan لکيل هو. ملائيشيا ۾ ڪن هنڌن تي عورتن جي ٽئاليٽ جي ٻاهران پريمپئان بدران Wanita به لکيل رهي ٿو. ٻنهي لفظن جي معنيٰ ساڳي آهي، جيئن پاڻ وٽ به بسين يا ٻين هنڌن تي ڪٿي ’عورتون ڪي لئي‘ لکيل هوندو آهي ته ڪٿي ”خواتين ڪي لئي“.
    ڊاڪٽر عطا ۽ سعيد کان پڇيم ته ڪڏهن هن شهر سريمبان ۾ وڃڻ ٿيو آهي؟
    ”نه. بس هتان ٻاهران ئي بس اسٽاپ تان چانهه پي اڳتي ڪوالالمپور هليا ويندا آهيون.“ هنن ٻڌايو.
    ”سيريمبان هڪ نرالو شهر آهي. خاص ڪري ملاڪا، ڪوالالمپور، شاهه عالم کان الڳ ٿلڳ لڳي ٿو. هن شهر جي عمارتن جو نمونو، مڪاني ملئي توڙي پوءِ جي آيلن جو اسٽائيل، رسم رواج بنهه مختلف لڳي ٿو. شادي واري ڏينهن هتي جي ڪنوار جو ويس وڳو ۽ مٿي تي ٻڌل پڳڙي نموني جو دوپٽو به سڄي ملائيشيا ۾ هتي نرالو آهي. ملاڪا ۾ نوڪري ڪرڻ دوران منهنجي آفيس جي عملي ۾ ڪيترائي انڊين سيريمبان جا هئا، جن جي مائٽن مٽن جي اڪثر شادين تي منهنجو وڃڻ ٿيندو هو. ڪجهه هتي جا پنجابي سيٽلر به منهنجا واقفڪار هئا، جن جون خبرون مون پنهنجن اسي جي ڏهي وارن سفرنامن ۾ لکيون آهن. پينانگ ۽ اپوح جي انجنيئرنگ تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ منهنجو هر ٻئي ٽئي مهيني وڃڻ ٿيندو هو. ڪڏهن ٻارن سان گڏ پنهنجي ڪار ۾ ويندو هوس ته ڪڏهن اڪيلو ويندو هوس ته ريل گاڏيءَ ذريعي سفر ڪندو هوس. واپسي تي هميشه سريمبان ريلوي اسٽيشن تي لهندو هوس، جتان مون کي ملاڪا وٺي هلڻ لاءِ منهنجي زال ڪار کڻي ايندي هئي. ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران پهرين ولائتي Chain ريسٽورنٽ A&W کلي هئي.
    اسان مان جيڪو پهرين ايندو هو، اهو ان ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه، ڪافي يا آئس ڪريم کائيندو هو. اسان هر وقت اهو چوندا هئاسين ته ان اِي اينڊ ڊبليو کان ته مئڪڊونالڊ، ڪينٽڪي يا مسٽر ڊونٽ کلي ها ته سٺو.
    بهرحال هاڻ ته ملائيشيا جو هر شهر دنيا جي ڪيترن ئي قسمن جي فاسٽ فوڊ ۽ چين ريسٽورنٽن سان ڀريو پيو آهي. اسان جي طرف جا ماڻهو هيڏانهن ملائيشيا جا ڪوالالمپور، پتالنگ جايا، شاهه عالم ۽ سريمبان جهڙا ماڊرن ۽ هر سهوليت سان ٽمٽار شهر ڏسي سمجهن ٿا ته اهي ڪي آڳاٽا آهن، يعني هو هنن شهرن کي لنڊن، روم، استنبول ۽ قاهري وانگر جهونا ۽ تاريخي شهر سمجهن ٿا، جن وڏي وقت گذرڻ بعد هيءَ ترقي ڪئي آهي. پر ائين هرگز نه آهي. هي شهر ته ڪي سؤ ڏيڍ سؤ سال مس پراڻا آهن، جن جو 1843 تائين، جڏهن ته سنڌ تي سومرن، سمن، مغلن، ڪلهوڙن ۽ ميرن ٽالپرن بعد انگريزن راڄ شروع ڪيو ته به ملائيشيا جي انهن شهرن جو نالو نشان نه هو. سنگاپور کي جنم وٺندي مڙيئي 25 سال کن ٿي چڪا هئا، جيڪو ان وقت سيوهڻ ۽ درٻيلي کان به ننڍڙو ڳوٺ هو. ڇو جو 1819 ۾ جڏهن انگريزن هي ٻيٽ ملئي حاڪم کان ڦلن مٺ ۾ خريد ڪيو هو ته اهو ويران ۽ غيرآباد هو ۽ ان جهڙا اڄ به اوسي پاسي ۾ سوين ٻيٽ آهن، جيڪي ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ فلپين جي ملڪيت آهن ۽ اهي سڀ سهولتون نه هجڻ ڪري ويران آهن. بس ڪڏهن ڪڏهن هتان هتان جا سامونڊي قذاق هن ٻيٽ تي وڃي لڪندا آهن. سنگاپور جو به 1819 کان اڳ اهو حال هو.
    اهڙي طرح هن سيريمبان شهر جو به اڄ وجود نه هجي ها، جيڪڏهن ان جي آس پاس قلعي (Tin) جي کاڻين جي ايجاد نه ٿئي ها. گذريل صدي جي شروعات ۾ هتان وهندڙ سُنگائي اُجانگ (Sungai Ujong) ندي وٽ قلعي ڌاتو جي کوٽائي ۽ وڪري خاطر چيني، ملئي، انڊين ويندي عرب اچي رهيا ۽ هن شهر جو نالو هن نديءَ جي نالي تان سُنگائي اُجانگ ٿيو، جيڪو پوءِ بعد ۾ بدلائي سريمبان رکيو ويو. هاڻ سنگائي اجانگ جي نالي سان هن شهر ۾ فقط هڪ گهٽيءَ جو نالو آهي.
    مٽي ۽ ڌوڙ مان جو قلعي نڪري آئي ته مڪاني ملئي وڏيرن جي ٻيگهي مچي وئي. قلعي جي کوٽائي ڪندڙن ۽ وڪڻندڙن کان ويا ٽئڪس جي نالي اوڳڙ وڌائيندا. آخر ٻن وڏيرن داتو ڪيلانا ۽ داتو شاهه بندر جي اچي پاڻ ۾ لڳي. هر هڪ چوي ته انهن کاڻين جو مالڪ آئون! چند قدم اڳيان ملاڪا ۽ سنگاپور انگريزن جو اڳهين قبضو هو ۽ هو هميشه مڪاني وڏيرن، راجائن ۽ سردارن جي وچ ۾ جهڳڙي جي انتظار ۾ رهيا ٿي. داتو ڪيلانا مدد لاءِ انگريزن وٽ پهتو، جن داتو شاهه بندر کي شڪست ڏئي کيس سنگاپور ۾ نظربند ڪيو. هن لڙائي جي بدلي ۾ انگريزن داتو ڪيلانا کي صلاحڪار طور هڪ انگريز ريزيڊنٽ رکڻ لاءِ پابند ڪيو. ٻين لفظن ۾ داتو ڪيلانا کي اهو ميسيج ڏنو ويو ته ڪرڻو اهو اٿئي جيڪو انگريز چاهيندا نه ته تنهنجو حشر به داتو شاهبندر وارو ٿيندو. انگريزن مڪاني ماڻهن کي فقط مذهب ۽ رسم رواج جي ادائگي جي آزادي ڏني، باقي ٻيو سڀ سندن حڪم موجب هلڻ لڳو.
    سيريمبان ۾ انگريزن جو پهريون ريزيڊنٽ ڪئپٽن مُوري (Murray) نالي موري روڊ آهي. هاڻ هي روڊ داتو سيامانگ گاگاپ سڏجي ٿو. سريمبان جو شهر ڪوالالمپور وانگر سمنڊ جي ڪناري کان ڪافي پري (اٽڪل 30 ڪلو ميٽر) آهي. ڀرسان جيڪي ٽڪرين جون قطارون آهن، اهي ٽيٽي ونگسا (Titiwangsa) سڏجن ٿيون، ان نالي ڪوالالمپور ۾ هڪ ريلوي اسٽيشن به آهي. ملائيشيا جي هر رياست کي پنهنجو ايئرپورٽ آهي، پر پيرلس ۽ نينگري سريمبان اهي رياستون آهن، جن کي ايئرپورٽ نه آهي. سيريمبان ۾ باءِ ايئر اچڻ لاءِ ڪوالالمپور وارو ايئرپورٽ (KLIA) استعمال ڪرڻو پوي ٿو ۽ مزي جي ڳالهه اها ته هن ايئرپورٽ کان سريمبان ڪوالالمپور کان وڌيڪ ويجهو آهي.
    سيريمبان جي جنرل اسپتال جيڪا انگريزن 1930 ۾ ٺهرائي، اڄ ڪلهه تئانڪو جعفر اسپتال سڏجي ٿي، جيڪو هن رياست جو سلطان هو. هن ۾ 800 کن بسترا آهن. ان کان علاوه هڪ ٻي 80 بسترن واري اسپتال ڪولمبيا ايشيا ميڊيڪل سينٽر نالي آهي، جيڪو 1999 ۾ ٺهيو. سيريمبان جي سڀ کان پراڻي سئنيما ’گولڊن سٽي‘ آهي. پر هن ڀيري ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته ان کي ڊاهي سپر مارڪيٽ ۽ پلازا ٺاهيو پيو وڃي.
    سريمبان جي ريلوي اسٽيشن انگريزن 1904 ۽ 1910 جي وچ ۾ ٺهرائي. فرينچن، پورچو گالين يا ڊچن ان ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو پر انگريزن ايشيا توڙي آفريڪا ۾ جتي جتي سندن حڪومت رهي، اتي ريل گاڏي هلائي ۽ خوبصورت ريلوي اسٽيشنون ٺهرايون. سڀ کان پهرين ننڍي کنڊ ۾ ٺهرايون. ڪراچي واري سٽي اسٽيشن 1855 ۾ ٺهرائي. ان بعد ڪراچي ڪئنٽ (صدر) واري اسٽيشن 1896 ۾ ٺهرائي. لاهور واري 1859 جي ٺهرايل آهي ۽ سيالڪوٽ واري 1880 ۾ ٺهرائي وئي. سڀ کان پهرين 1853 ۾ ممبئي ريلوي اسٽيشن ٺهرائي، جنهن بعد 1854 ۾ ڪلڪتي ۾ ٺهرائي. ان بابت تفصيل سان پنهنجي انڊيا وارن سفرنامن: ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر“ ۾ لکي چڪو آهيان.


    سکر جو ڊاڪٽر ملائيشيا ۾

    ملائيشيا جو ذڪر ڪندي سکر جي هڪ سهڻي ڊاڪٽر افتخار عباسي جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، جنهن کي گهر ۾ پيار مان جاني سڏين ٿا. ڊاڪٽر افتخار هڪ ذهين، محنتي ۽ ڄاڻو ڊاڪٽر مڃيو وڃي ٿو. افتخار انٽر سائنس جي امتحان ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي ۽ 2002ع ۾ ڊو ميڊيڪل يونيورسٽي مان MBBS ۽ ٻه سال هائوس جاب ڪيو، ان بعد ملائيشيا هليو آيو.
    گذريل دفعي آئون ملائيشيا آيو هوس ته هو هن شهر جو هور بارو جي سلطانا امينا اسپتال ۾ پاڻ ۽ سندس ملئي زال ڊاڪٽر زرينا بنت شيخ محمد دائود نوڪري ڪري رهيا هئا. هو هتي ٻه سال کن نوڪري ڪرڻ بعد ايسٽ ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنابالو (Kota Kinabalu) هليا ويا، جتي هنن اتي جي مشهور انگريزن جي ڏينهن جي اسپتال ”ڪُئين ايلزبيٿ هاسپيٽل“ ۾ ڏيڍ سال ڪم ڪيو. مون ڊاڪٽر افتخار کان پڇيو هو ته ويسٽ ملائيشيا جيڪو اسان کي ويجهو آهي، وڌيڪ ماڊرن آهي ۽ هرڪو اتي رهڻ چاهي ٿو، ان جي شهر جوهور بارو کي ڇڏي ايسٽ ملائيشيا جي شهر ڪوٽا ڪِنا بالو ڇو وئين؟
    ”سائين ڊاڪٽر ماڻهو کي ٿي انسان ذات جي خدمت ڪرڻي. ڪوٽا ڪنابالو وڃڻ لاءِ ٻيا ڊاڪٽر Reluctant هئا سو مون هائوڪار ڪئي. هونءَ به آئون چئلينج قبول ڪرڻ جو عادي آهيان.“ ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو.
    ڊاڪٽر افتخار ۽ هن جي زال کي ڪوٽا ڪنابالو ۾ نوڪري ڪرڻ بعد ايسٽ ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر سَنڊا خان (Sandakan) ۾ اڃا به بهتر نوڪري ملي وئي. هو اوڏانهن روانو ٿي ويو. هينئر ملائيشيا پهچي کيس سندس موبائل فون نمبر تي ڊائل ڪيم ته هو ايسٽ ملائيشيا جي هڪ ٻئي شهر لحد داتو (Lahad Datu) ۾ هو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هن سنڊاڪان/ سنڊا خان ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪرڻ بعد پنهنجي پرائيويٽ ڪلينڪ کولڻ جو ارادو ڪيو ۽ 2009ع ۾ سرڪاري نوڪري تان استعيفيٰ ڏئي لحد داتو شهر هليو آيو.
    ”هتي مون ايڪڙ کن زمين ورتي آهي، جنهن تي پنهنجو گهر ۽ ڪلينڪه ٺهرائي رهيو آهيان.“ ڊاڪٽر افتخار ٻڌايو.
    ”ملائيشيا جي سٽيزن شپ ملي وئي آهي يا نه؟“ مون پڇيو.
    ”اڃان نه ملي آهي. بلڪ هيءَ زمين ۽ گهر ٺهرائڻ لاءِ واسطيدار کاتي جي ڊائريڪٽر کي هتي رهڻ لاءِ درخواست ڏنم، پر هن رجيڪٽ ڪري ڇڏي“، افتخار ٻڌايو، ”ان بعد هتي جي وزير صحت کي درخواست ڪيم، تنهن مون کي في الحال ٽن سالن جي اجازت ڏني آهي، جيڪا ٽن سالن کانپوءِ Renew ڪرائي سگهجي ٿي.“
    ”تيستائين توهان کي پڪي رهائش جي به موڪل ٿي ويندي جو توهان جي زال ملائيشيا جي آهي.“ مون چيومانس.
    ”ها پر اهو اصول فقط ويسٽ ملائيشيا ۾ هلي ٿو.“ ڊاڪٽر افتخار چيو.
    بورنيو ٻيٽ دنيا جو ٽيون نمبر وڏو ٻيٽ آهي جيڪو انڊونيشيا جي جاوا ٻيٽ جي اتر ۾ آهي. هن ٻيٽ جو وڏو حصو انڊونيشيا جي حوالي آهي ۽ ڪاليمنتان (Kalimantan) سڏجي ٿو. هن ٻيٽ جي اتراهين پاسي صباح، سراواڪ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي رياست برونائي آهي. سباح (Sabah) ۽ سراواڪ (Sarawak) رياستن ملايا سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاهڻ ۾ هائوڪار ڪئي پر هنن ڪيترائي شرط رکيا، جن ۾ هڪ اهو به هو ته ملايا (ويسٽ ملائيشيا) جو ڪو به ماڻهو سباح ۽ سراواڪ گهمڻ لاءِ ته اچي سگهي ٿو پر هو هميشه لاءِ رهائش اختيار نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ هن کي هڪ ڌارئين ماڻهو (Foreigner) وانگر ڪجهه عرصو رهي، ملڪ ۽ ماڻهن جي خدمت ڪري ثبوت ڏيڻو پوندو ته هو هن ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن لاءِ ڪارائتو آهي ۽ ان بعد هو هميشه لاءِ رهڻ لاءِ Apply ڪري سگهي ٿو.
    ڊاڪٽر افتخار عباسي جي زال ملائيشيا جي ضرور آهي پر هوءَ ويسٽ ملائيشيا جي آهي. پاڻ پينانگ رياست جي شهر سنگائي پٽاني ۾ ڄائي سندس والدين به ڊاڪٽر آهن. والد شيخ محمد دائود ڪن نڪ ۽ گلي (Ent) جو ماهر ڊاڪٽر هو، جيڪو ڪجهه سال ٿيا ته گذاري ويو. ڊاڪٽر زرينا جي ماءُ يعني ڊاڪٽر افتخار جي سَسُ ڊاڪٽر سلينا اڄ ڪلهه جوهور بارو ۾ رهي ٿي ۽ ترام ميڊيڪل ڪلنڪ ۾ ڪم ڪري ٿي.
    ڊاڪٽر افتخار جو اسان جي ملڪ جي انهن فئملين مان هڪ سان واسطو آهي، جن ڳوٺن ۾ رهڻ ۽ گهٽ پئسي جي حالتن هوندي اولاد لاءِ تعليم ضروري سمجهي. هنن پنهنجي اولاد کي نه فقط تعليم پر محنت جي عادت ۽ سٺو اخلاق سيکاريو. ڊاڪٽر افتخار جو واسطو سکر ضلعي جي پنوعاقل تعلقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ باغپئي سان آهي. منهنجي سندس والد حاجي محمد موسيٰ عباسيءَ سان به ٻه چار دفعا ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هو هن وقت 73 سالن جو آهي ۽ سکر ۾ رهي ٿو. پاڻ جيتوڻيڪ آخر ۾ 18 گريڊ ۾ رٽائرڊ ٿيو، پر سڄي عمر گهٽ پگهار وارين نوڪرين ۾ رهيو، کيس نو ٻار آهن، ڇهه پٽ ۽ ٽي ڌيئرون. پر هن شخص کي داد ڏيڻ بنا رهي نٿو سگهجي ته هن ڪيئن ڏکيا ڏينهن گذاري پنهنجي حق حلال جي ٿوري پگهار مان پورت ڪري ٻارن کي پڙهايو ۽ اڄ هن جا ٻار: پٽ توڙي ڌيئرون انجنيئر ۽ ڊاڪٽر ٿي وڏن عهدن تي آهن. هو پاڻ ته ڪو گهڻو پڙهيل ناهي ۽ رهيو به ڳوٺ ۾ ٿي. جتي شهرن جي ڪيترن امير ماڻهن به پنهنجن ٻارن کي گهڻي تعليم نٿي ڏني، اتي هي جيڪڏهن پنهنجن ٻارن کي چڱي طرح نه پڙهائي ها ته ڪو ميار نه ڏي هئا، پر بقول سندن:
    ”ادا منهنجو پيءُ دوست محمد عباسي ته ڪڙمي هو. جڏهن هن ڪڙمي ٿي ڪري مون کي پڙهايو ته آئون پڙهيل ڳڙهيل ۽ سرڪاري نوڪريءَ ۾ ٿي ڪري پنهنجن ٻارن کي ڪيئن نه پڙهايان.“
    هن عباسي فئملي لاءِ ڪيترا ماڻهو اهو چوندا آهن ته سائين حاجي موسيٰ جا ٻار قدرتي هوشيار ۽ فضيلت وارا آهن. پر آئون نٿو سمجهان ته ان ۾ والدين کي محنت نه ڪرڻي پيئي هوندي. ائين ٿي نٿو سگهي ته والدين پنهنجن ٻارن تي ڌيان نه ڏنو هوندو. ڇو جو هوشيار ٻار تي ڌيان نه ڏيڻ سان هو جي ڪنهن غلط ڳالهه ڏي هليو وڃي ته خراب به ان ئي پئماني تي ٿئي ٿو.
    اسان وارو ڊاڪٽر افتخار عباسي حاجي محمد موسيٰ جو پنجون نمبر ٻار آهي. وڏي پٽ ذوالفقار عباسيءَ ٽنڊوڄام جي ايگريڪلچر يونيورسٽي مان انجنيئرنگ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي. ٻيو نمبر ٻار زاهده عباسي جيڪا ڪراچيءَ مان نڪرندڙ ٻن سنڌي اخبارن سچ ۽ نئون سج جي مالڪ ۽ ايڊيٽر آهي، خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽي مان ايڪانامڪس ۾ M.A ڪئي ۽ سندس شادي سندن ڳوٺ جي هڪ مائٽ عبدالوهاب سان ٿي، جيڪو اڄ ڪلهه سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ آهي. ماشاءَ الله عبدالوهاب به تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل شخص آهي. هن B.E انڊسٽريل انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد ايڊيوڪيشنل پلاننگ ۽ مئنيجمينٽ ۾ ايم فِل ڪئي. کيس قانون پڙهڻ جو به ننڍي هوندي کان شوق هو ۽ هن نه فقط LLB جي ڊگري حاصل ڪئي پر سال 2001ع ۾ LLM به ڪئي.
    بهرحال زاهده بعد سڪندر آهي، جنهن خيرپور مان انجنيئرنگ مان ڊپلوما حاصل ڪئي ۽ ان بعد طارق آهي، جيڪو پوليس موٽر وي کاتي ۾ ڊي ايس پي آهي. طارق مهراڻ يونيورسٽي مان سول انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان بعد اسان وارو ملائيشيا وارو ڊاڪٽر افتخار عباسي آهي، جنهن جي ملائيشين زال ڊاڪٽر زرينا ڪراچي جي ڊو ميڊيڪل يونيورسٽيءَ مان 2004ع ۾ MBBS ڪئي جتي هوءَ ڊاڪٽر افتخار کان ٻه سال جونيئر هئي.
    ڊاڪٽر افتخار جو ننڍو ڀاءُ ڪاشف اسلام آباد ۾ آئل اينڊ گئس ۾ ڊائريڪٽر آهي. ان بعد ٻه جاڙيون ڀينرون اِرم ۽ صنم آهن. صنم سکر جي IB مان انجنيئرنگ پڙهي ۽ ويجهڙائيءَ ۾ سندس شادي پاڪستان آرمي جي ڪئپٽن زاهد عباسي سان ٿي آهي. ٻي ڀيڻ ارم نوابشاهه جي ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي آهي ۽ کيس سکر ۾ نوڪري ملي آهي. مون سندس والد حاجي محمد موسيٰ عباسي صاحبَ کي چيو ته هو ارم کي هتي نوڪري ڪرائڻ بدران پنهنجي ڀاءُ افتخار وٽ ملائيشيا ڇو نٿو موڪلي.
    ”اسان جو به اهو ارادو آهي ۽ جاني (افتخار) به چاهي ٿو ته هيءَ ملائيشيا رهي پر اسان اهو سوچيو آهي ته جيئن ئي ڪو سٺو رشتو آيو ته مڱڻو ڪري پوءِ ٻنهي کي موڪلينداسين.“
    ”اهو ته اڃا به بهتر ٿيندو ۽ هن جو ڀاءُ ۽ ڀاڄائي ڊاڪٽر هجڻ ڪري کيس اڃان به وڌيڪ سهوليت ٿيندي.“
    هتي اها به دلچسپ ڳالهه لکندو هلان جيڪا ڊاڪٽر افتخار جي ڀيڻوئي (زاهدان عباسي جي مڙس) عبدالوهاب ٻڌائي ته هن جو والد مظهر دين عباسي پنوعاقل جي تعلقي هنگورو جي هڪ ڳوٺ پيرفل ۾ ڪڙمي هو.
    ”اسان وٽ هڪ ايڪڙ به زمين نه هئي ۽ مون کي ننڍي هوندي کان پنهنجي پيءُ کي سندس ڪم ۾ مدد ڪرڻي پوندي هئي.“
    عبدالوهاب ٻڌايو ته سندن پاڙي ۾ محمد يونس نالي هڪ ڇوڪرو رهندو هو جو ڀر واري ڳوٺ هنگورو ۾ ٽي ميل پنڌ ڪري اسڪول ويندو هو. ”هو وڃڻ وقت گهر جي ڳڙکي مان مون کي سڏ ڪندو هو ۽ آئون ڪڏهن ڪڏهن بابا کي هيڏانهن هوڏانهن ڏسي هن سان گڏ اسڪول ڀڄي ويندو هوس. هڪ ڏينهن بابا هن کي سڏ ڪندو ڏسي ورتو ۽ آئون جهڙو ئي ٻاهر نڪتس ته بابا مون کي ڏاڍي مار ڏني ته اسان غريب ماڻهو، تون جي اسڪول هليو ويندي ته ڪم ۾ ڪير مدد ڪندو؟
    ”پر پوءِ ان ئي ڏينهن بابا کي مار ڏيڻ جو ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ مون کي سڏي چيائين ته سڀاڻي کان تون ڀلي اسڪول وڃ. ان بعد بابا کي شاباس هجي ته هن غريب ٿي ڪري مون کي ڪيئن پڙهايو. ظاهر آهي هو هڪ غريب هاري هو، منهنجي اسڪول وڃڻ ڪري هڪ طرف هن جو ورڪ ليبر وڌي ويو، ٻئي طرف اسڪول جي ڪتابن ۽ فين جو بار هن تي پئجي ويو. ساڳي وقت مون کي به اڃ بک، گرمي سردي ۾ ٽي ميل پنڌ جا ڪري اسڪول وڃڻو ۽ اچڻو پيو ٿي. اسان ته گهر ۾ گهڻي دير لالٽين ٻاري پڙهڻ يا نوان ڪپڙا يا بوٽ به Afford نٿي ڪري سگهياسين. پوءِ ڪيئن هڪ منزل بعد ٻي منزل تائين پهتس ٿي، ان جي الڳ ڪهاڻي آهي.“
    ۽ منهنجو عبدالوهاب عباسي جهڙن عظيم ماڻهن کي اهو ئي عرض رهندو ته هو پنهنجي آتم ڪٿا ضرور لکن، جيئن اڄ جي والدين ۽ نوجوانن لاءِ سبق حاصل ٿئي، جيڪي هر سک هجڻ جي باوجود هر وقت دانهون ڪندا رهن ٿا ۽ پنهنجي اولاد کي اها تعليم ۽ تربيت ڏيڻ ۾ محروم رهن ٿا، جيڪا هنن کي ڏيڻ کپي.


    باليق ڪمپونگ

    ان ڏينهن ملاڪا جي سير تي ڊاڪٽر عطا سان گڏ سندس پٽ مير غلام محمد جيڪو هتي جي ڪنهن اسڪول ۾ او ليول ڪري رهيو آهي، پڻ ساڻ هليو. کين آئون اڄ کان ٽيهارو کن سال اڳ جي ملاڪا جو احوال ٻڌائيندو هليس، جڏهن منهنجو هن شهر ۾ پهريون دفعو اچڻ ٿيو هو. جيڏانهن ٿي مون چيو ڊاڪٽر عطا پنهنجي پروٽان ڪار جو رخ اوڏانهن ٿي ڪيو. آئون ٿڪجي پيس پر منهنجا ميزبان نه. آخرڪار مون واپس گهر هلڻ جو سوچيو ۽ جيئن ئي غلام محمد پڇيو ته انڪل هاڻ ڪيڏانهن هلون ته مون جواب ۾ اسان جي جوانيءَ جي ڏينهن جي ٽاپ مشهور گاني جا ٻول ان نموني سان ورجايا:
    ”هاڻ باليق ڪمپونگ، باليق ڪمپونگ“
    ”واپس ڳوٺ، واپس ڳوٺ“
    غلام محمد يڪدم گاني جي ٻي سٽ ”هاتي گرانگ“ چئي مون کان حيرت مان پڇيو:
    ”انڪل اهو گانو توهان ڪڏهن ٻڌو؟ اهو گانو ته اسان ڇوڪرا اسڪول کان موڪل ٿيندي آهي يا ڪنهن جي گهران موڪلائيندا آهيون ته چوندا آهيون Balik Kampong “
    ”ڪمال ٿو ڪرين“ مون غلام محمد کي چيو، اهو گانو Balik kampong oh oh... hati girang ته آهي ئي اسان جي ڏينهن جو ۽ ان گاني کي ڳائڻ وارو ”سڌير من“ کي آئون تڏهن کان سڃاڻان جڏهن هن ڳائڻ شروع نه ڪيو هو.“
    ”انڪل هي از نو مور اَلائيو.“ غلام محمد چيو.
    ”Yes I Know سڌير جهڙو پيارو ۽ پڙهيل ماڻهو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو.“
    ستر واري ڏهي ۾ جڏهن مون ملائيشيا پاسي اچڻ شروع ڪيو ته ملائيشيا ۾ اڃان ٽي وي عام نه ٿي هئي. پاڻ پاڪستان جي PTV ڪڏهوڪو شروع ٿي وئي هئي. ملئي زبان جا گانا انڊونيشيا، ڏکڻ ٿائلينڊ، برونائي، ڏکڻ فلپين ۽ ملائيشيا جي ڪنارن وٽان لنگهندي ريڊيو تان ٻڌبا هئا، پر ريڊيو تي به جيڪي ملئي گانا ايندا هئا اهي گهڻو ڪري انڊونيشي ڳائڻن جا گهڻو پاپولر هئا، پر پوءِ 1980ع کانپوءِ جڏهن ملائيشيا ۾ RTM نالي ٻه ٽي T.V چئنل شروع ٿيا ته آهستي آهستي ملئي ماڻهن جو Talent ظاهر ٿيڻ لڳو. هي ائين آهي جيئن آئون چوندو هوس ته سنڌي گانا يا ڳائڻا ڇو گهٽ آهن، پر پوءِ احساس ٿيو ته PTV تي سنڌي پروگرام لاءِ جيڪو روزانو اڌ ڪلاڪ پروگرام ڏنو وڃي ٿو، ان اڌ ڪلاڪ ۾ خبرون ۽ ڊرامن بعد راڳ رنگ کي وقت ئي ڇا ٿي مليو جو سنڌي ڳائڻن کي موقعو ملي. پر پوءِ جڏهن ٽي چار سنڌي چئنل کليا سي به رائونڊ دي ڪلاڪ ته سنڌ جي ٽئلينٽ جي خبر پئي ته اسان وٽ ڪيترا باڪمال ڳائڻا آهن. ائين ئي ملائيشيا ۾ ٿيو ۽ ڪيترن ننڍن ننڍن ڳوٺن جي رهاڪو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين پنهنجي مٺي سر ذريعي سڄي دنيا ۾ شهرت ماڻي. ملئي زبان جا T.V چئنل نه کلن ها ته اسان اڄ جي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ملئي آرٽسٽن کان اڻ واقف هجون ها ۽ اسان رڳو سمجهون ها ته ڳائڻ وڄائڻ ۾ رڳو سنگاپور جا چيني آهن.
    ملائيشيا جو هي مرحوم ڳائڻو داتو سڌيرمَن منهنجي لاءِ اهميت رکي ٿو جو هو پڙهيل ڳڙهيل، محنتي ۽ ٻين جو درد پنهنجي دل ۾ رکڻ وارو هو. کيس سندس ان گاني ”باليق ڪمپونگ“ تمام گهڻي مشهوري ڏني. ملئي زبان ۾ ڪمپونگ 'Kampong' ڳوٺ کي به سڏجي ٿو ته گهر کي به. هاسٽل ۾ ڊگهو عرصو رهڻ بعد ڳوٺ موٽڻ جي احساس واري خوشي هن گاني ۾ آهي. بيگ هٿن ۾ جهلي بس جو انتظار ڪبو آهي ته بس اچي ته ان ۾ چڙهي ڳوٺ روانو ٿجي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ، ڀيڻن، ڀائرن ۽ هڪ جيڏن دوستن سان وڃي ملجي.
    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن دوست جي گهر ۾ ڊگهي ڪچهريءَ بعد جڏهن ٿڪ ٿيندو آهي ته گهر موٽڻ تي دل چوندي آهي. دوست ڪجهه دير وڌيڪ ويهڻ لاءِ زور ڀريندو آهي ته به انڪار ڪبو آهي. ”يار هاڻ موڪلائجي“ يا چئبو آهي ته ڪافي دير ويٺس هاڻ گهر جو رخ ڪجي. ائين به چئبو آهي ته ”هاڻ نه جوڳي ڪنهن جا مِٽ“ يعني جوڳين کي هاڻ هلڻ ڏي. سو هن ملئي گاني ’باليق ڪمپونگ‘ ۾ اهو ئي احساس آهي. ملئي لفظ باليق جي معنيٰ موٽڻ، ورڻ آهي. سڌير من جو اهو گانو واقعي سدا حيات آهي جو اڃان تائين سندس مصرع وارا لفظ هر هڪ جي زبان تي آهن. سڄي گاني جي شاعري کڻي عام رواجي آهي، جيڪا اڪثر گانن ۾ هوندي آهي، پر سڌير جي ڳائڻ جي انداز ۽ ڪمپوزيشن هن گاني کي امر ڪري ڇڏيو آهي. سندس هڪ اڌ مصرع هن ريت آهي:
    Balik Kampong.
    Perjalanan jauh tak ku rasa
    (ڊگهي سفر کي آئون هرگز نٿو محسوس ڪريان)
    Kerna kati ku melonjak sama
    (منهنجي دل ان لاءِ ٽپا ڏيئي رهي آهي)
    Ingin berjumpa sanak saudara
    (پنهنجن عزيزن دوستن سان ملڻ لاءِ سڪ اٿم)
    Yang selalu bermain di mata
    (هنن سان ڪيل رانديون اکين ۾ تري رهيون آهن)
    Balik kampong oh oh (X3)
    سڌير من مون کان ڏهه سال ننڍو هو. هو ڀرواري رياست پهانگ جي شهر تيمرلوح ۾ حاجي ارشد جي گهر ۾ 1954ع ۾ ڄائو. سندس ماءُ جو نالو راملا دهلان هو. هوءَ پهانگ رياست جي اسيمبلي جي پهرين عورت اسيمبلي ميمبر ٿي هئي. اها پنجاهه واري ڏهي جي ڳالهه آهي. سڌير من ستن ڀائرن ڀينرن ۾ سڀ کان ننڍو هو. کيس ننڍپڻ کان ڳائڻ جو شوق هو.
    هن بنيادي تعليم ڪئانتان شهر جي سلطان ابوبڪر اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ ڊاڪٽري پڙهڻ لاءِ اسڪالر مليس پر کيس وڪيل ٿيڻ جو شوق هو سو يونيورسٽي آف ملايا مان Law جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد وڪالت شروع ڪيائين. 1981 ۾ سندس قمريا نالي هڪ ڇوڪريءَ سان شادي ٿي پر ٽن سالن بعد 1984 ۾ کيس طلاق ڏئي ڇڏي. منهنجي ساڻس انهن ڏينهن ۾ گاڏين جي شوروم ۾ ملاقات ٿي، جتي اسان ملائيشيا ۾ پهرين ٺهندڙ ڪار ’پروٽان ساگا‘ جي ايڊوانس بڪنگ ڪرائڻ لاءِ آيا هئاسين. هن ٻڌايو ته هن وڪالت سان گڏ ڳائڻ به شروع ڪيو آهي. ڪي ٽي اين جي سنڌي ڳائڻي شهلا گل وانگر هن جو ائڪٽنگ ڪري ڳائڻ ماڻهن کي ڏاڍو پسند آيو. نون ملئي چئنل تان داتو شيڪ، شريفان ائني، انيتا سراواڪ سان گڏ سڌيرمَن جو به ساڳيو ساڳيو گانو RTM (ريڊيو ٽي وي ملائيشيا) جي ٻنهي چئنلن تان ايندو رهيو ٿي.
    1986ع ۾ سڌيرمن پنهنجي پهرين اوپن ڪنسرٽ ڪوالالمپور جي چوڪٽ علائقي ۾ ڪئي. اتفاق سان ان ڏينهن آئون به ڪوالالمپور ۾ تئانڪو عبدالرحمان روڊ تي هوس. شام ٿيڻ سان ڇا نوجوانن جا ڪٽڪ گڏ ٿي ويا! سڌيرمَن کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جي پيهه پيهان جالان راجا مودا ۽ جالان راجا الانگ رستن تائين پکڙيل هئي. ايتري قدر جو آئون پنهنجي ڪار ڪڍي نه سگهيس. رات ڪوالالمپور جي هوٽل ۾ رهي ٻئي ڏينهن صبح جو ملاڪا موٽيس. انگريزي اخبار Star خبر ڏني ته ”هڪ ماڻهو سڌيرمن ڪري سڄو ڪوالالمپور شهر Stand Still ٿي ويو هو!“
    بعد ۾ ته سڌير من کي لنڊن جي رايل البرٽ هال ۾ به گهرايو ويو هو ۽ هن وڪالت ڇڏي سڄو وقت ڳائڻ کي ڏنو ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا.
    سڌيرمن راڳي ۽ راڳ لکڻ کان علاوه جرنلسٽ ۽ ڪالم نويس به هو. هن ڪيترن ئي اهم ماڻهن جا انٽرويو ورتا ۽ هن پنهنجي آتم ڪٿا به لکي، جنهن جو عنوان آهي:
    Dari Dalam Sudhir
    پاڻ ڪجهه فلمن ۾ اداڪاري به ڪيائين، جن مان ”پيلانگي پيتانگ“ (شام واري انڊلٺ) مشهور آهي. سندس سڀ کان وڏي خصوصيت خير خيرات آهي. هن پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو مسجدن ۽ ضرورتمندن حوالي ٿي ڪيو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هو بزنيس ۾ به آيو ۽ ملائيشيا ۾ SUDI نالي ڪولڊ ڊرنڪ متعارف ڪرايائين. ان بعد ملائيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ SUDI نالي ريسٽورنٽون پڻ شروع ڪيائين. 1991ع ۾ پينانگ رياست جي شهر بٽرورٿ ۾ لڳاتار ڳائڻ دوران بيهوش ٿي ويو. هن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو. چون ٿا ته کيس نمونيا ٿي پئي هئي. ست مهينا کن علاج هيٺ رهڻ بعد فيبروري 1992ع تي 37 ورهين جي ڄمار ۾ ڪوالالمپور ۾ پنهنجي ڀيڻ داتن رضيه جي گهر گذاري ويو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي سڌير من جو سڀ ۾ گهڻو مشهور گانو باليق ڪمپونگ آهي پر ٻيا به ڪيترائي خوبصورت گانا آهن. شعر و شاعري جي حساب کان به ته ميوزڪ جي خيال کان به. اهڙن رومانوي گانن مان هڪ Kasih يعني ’پيار‘ جي عنوان وارو به گانو آهي، جنهن جون ٻه چار سٽون انهن پاڪستانين لاءِ لکي رهيو آهيان، جيڪي ملئي زبان کان واقف آهن.

    Ksih
    Mengapa Membisu
    Membikin Hatiku
    Merasa Ragu

    Kasih
    Usahlah Kau Malu
    Katakan Padaku
    Rasa Hatimu

    Ku Datang Dengan Harapan
    Membawa Cinta Murni
    Lupakan Saja Kenangan
    Yang Mengusik Jiwamu


    هتي جي ماڻهن جا وهم ۽ وسوسا

    سڄي ملائيشيا ۾ ساٽ، سوڻ، وهم وسوسا تمام گهڻا آهن. ڪيتريون ڳالهيون آهن جن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي پر ماحول ڪري ڪيترائي ملئي مسلمان به انهن وهمن ۾ يقين رکن ٿا. جيئن ملائيشيا بابت هڪ پراڻي سفرنامي ۾ پنهنجن ٻن دوست ڪئپٽنن جو ذڪر ڪيو اٿم ته هو ٻئي وڏين ڏاڙهين سان مولوي ٿي ڪري گڏ فوٽو نه پيا ڪڍرائين. چون ته ”ٽن جو انگ نڀاڳو آهي، ڪنهن چوٿين کي به سڏي پاڻ سان گڏ بيهاريون.“
    اسان وٽ به ٽن جي انگ کي خراب سمجهن ۽ چوندا ته ٽي شيون دشمن کي به نه ڏجن. هتي ملائيشيا ۾ به اهو عام آهي ته ٽي ڄڻا گڏ بيهي فوٽو ڪڍرائيندا ته هڪڙو مري ويندو. بهرحال هاڻ مڙيئي ٽي وي ۽ انٽرنيٽ تي ذاڪر نائڪ جهڙن ايشيائي ۽ يورپي نو مسلم عالمن جا ليڪچر ٻڌي ملئي اهڙن وهمن مان نڪرندا وڃن ۽ انهن کي اجايو ۽ غير اسلامي سمجهڻ لڳا آهن، نه ته اڄ کان چاليهه سال کن اڳ جڏهن منهنجو هنن پٽن تي اچڻ شروع ٿيو هو ته ملئي ماڻهن ۾ به ڏاڍا وهم وسوسا هئا، خاص ڪري ڳوٺن جي اڻ پڙهيل ماڻهن ۾. ايتريقدر جو بنگال وانگر جادو ۽ ٽوڻو ڦيڻو به جام هو، جنهن جو ذڪر مون ملائيشيا جي شروع وارن سفرنامن ۾ ڪيو آهي ته هتي جون ڳوٺاڻيون زالون مردن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪهڙا جادو ڪن ٿيون. پر هاڻ جيئن جيئن مذهب جي ڄاڻ وڌي رهي آهي، تيئن تيئن ملئي ماڻهن کي جيڪي مسلمان آهن، احساس ٿي رهيو آهي ته اهي سڀ ڳالهيون اجايون آهن ۽ اسلام ۾ ان جي سخت منع آهي. هر ڳالهه رب جي هٿ ۾ آهي ۽ هر شيءِ هن کان ئي گهرجي. ٽوڻن ڦيڻن يا ساٽن سوڻن ذريعي ڪجهه به حاصل ٿي نه ٿو سگهي. پر اڄ به ملائيشيا جي اڌ کان مٿي آدمشماري (چيني ۽ انڊين) انهن ساٽن سوڻن ۽ وهمن وسوسن ۾ يقين رکي ٿي، جن جي ڪجهه دلچسپ ڳالهين جو پاڻ هتي ذڪر ڪنداسين.
    چيني ماڻهو انگن کي وڏي اهميت ڏين ٿا. چينين لاءِ 8 جو انگ وڏي اهميت رکي ٿو. اهو هنن لاءِ ڀلارو نمبر آهي ۽ 4 بيحد نڀاڳو موت برابر آهي. چيني ماڻهو چئن جي انگ کان ايترو ته ڀڄن ٿا جو ڪيترين عمارتن ۾ چوٿين ماڙ يا چوٿين نمبر فليٽ جو نمبر 3A لکيل ملندو. ڪنهن جي گهر جو نمبر 44 هوندو ته ان جي ٻاهران 43A لکيل نظر ايندو. ملائيشيا ۾ رهندڙ اسان جي ماڻهن جي چتاءَ لاءِ اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا ۾ جيڪڏهن توهان جي ڪنهن چينيءَ سان دوستي ٿئي ته هن کي تحفي ۾ ڪڏهن به چار شيون نه ڏجو. ڪنهن دٻي ۾ چار ڪيڪ هجن ته هڪ ڪڍي ڏجو. هونءَ چيني ماڻهن لاءِ سٺو تحفو چاڪليٽ ۽ مٺائي آهي.
    چينين لاءِ هڪ ته 8 جو انگ خوش نصيبي جي علامت آهي، ٻيو 7 جو. اهي ڪارون جن جي نمبر ۾ 8 جو انگ اچي ٿو، جيئن ته 8888، 888، 88، 8، 668 يا 168 وغيره ته انهن جا مالڪ ڀاڳن وارا سمجهيا وڃن ٿا. ستن جو انگ به چينين وٽ وڏي اهميت رکي ٿو، جيئن اسان وٽ 5 جو. هڪ چينيءَ ٻڌايو ته ستن جو انگ ان ڪري اهم آهي جو ان ۾ انسان جي زندگي ۾ مختلف ڳالهيون رونما ٿين ٿيون. ٻار ستن مهينن جو ٿئي ٿو ته هن کي ڏند اچن ٿا، هو ستن سالن جو ٿئي ٿو ته هن جا کير ڏند ٽٽي نوان اچن ٿا، 14 سالن جو يعني ست ضربيان ٻه سالن جو ٿئي ٿو ته بالغ ٿئي ٿو. عورت کي Menopause تڏهن اچي ٿو جڏهن هوءَ 49 يعني ست ضربيان ست سالن جي ٿئي ٿي. اٺن ۽ ستن بعد ٻيا انگ جن کي چيني بهتر سمجهن ٿا اهي آهن ڇهه ۽ نَوَ.
    ڪيترن ماڻهن ۾ ٽنگون لوڏڻ جي عادت ٿئي ٿي. هو ڪرسيءَ تي ويهڻ سان ٽنگون لوڏڻ شروع ڪن ٿا. هتي ملائيشيا جي چينين ۾ توڙي ملئي مسلمانن ۾ اهو وهم آهي ته ٽنگون لوڏڻ (Goyang Kaki) سان توهان جي ڀاڳ ۾ آيل دولت وهيو وڃي. ٽنگون لوڏڻ سان توهان پنهنجي خوشحالي (مال ملڪيت) ڇاڻيو ڇڏيو.
    چيني ماڻهو پنهنجي نرڙ تي ڪڏهن وار نه لڙڪائيندا. هو ڪوشش ڪري وارن کي سڌي ڦڻي ڏئي پٺيان موڙي ڇڏيندا، جيئن ڪو به وار نرڙ تي نه اچي. چينين جي اعتقاد موجب نرڙ کي وارن سان بلاڪ ڪرڻ تي توهان ڏي دولت جو اچڻ بلاڪ ٿيو وڃي، يعني رڪجيو وڃي.
    چيني ماڻهو پنهنجي بيڊروم ۾ بستر جي سامهون ڪڏهن به آرسي نه هڻندا. هنن کي اهو وهم آهي ته سمهڻ وقت توهان جو روح آرسيءَ اندر وڃي سگهي ٿو ۽ صبح جو اٿڻ وقت اهو توهان جي جسم ۾ وڃڻ کان انڪار ڪري. چيني ماڻهو رات جو واڪ ڪرڻ مهل سيٽي وڄائڻ کي خراب سمجهن ٿا. هنن جو اهو عقيدو آهي ته سيٽيءَ تي ڌاريان روح ڪشش محسوس ڪن ٿا ۽ هو توهان سان گڏ توهان جي گهر ۾ گهڙي سگهن ٿا.
    چينين جو چوڻ آهي ته مرد ماڻهوءَ کي گهر ۾ ڪڏهن به عورت وارو ڪم نه ڪرڻ کپي. هو ٻاهر آفيس يا هوٽل ۾ ڀلي ٻهاري ڏئي، ٿانوَ ڌوئي، ماني پچائي پر گهر ۾ هرگز نه، ڇو جو گهر ۾ زنانا ڪم ڪرڻ سان دولت جو اچڻ بند ٿيو وڃي.
    ڏٺو وڃي ته چينين کي پئسو ڪمائڻ جو وڏو فڪر رهي ٿو، هر ان ڳالهه کان پرهيز ڪندو، جنهن بابت ٻڌندو ته ان سان پئسي ڏوڪڙ اچڻ جو سلسلو بند يا گهٽجڻ جو انديشو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ چيني ماڻهو باقي ٻين قومن کان وڌيڪ امير آهن، پر ان ۾ سندن وهمن، وسوسن ۽ ساٽن سوڻن جو هٿ نه پر سندن محنت ۽ پئسي بچائڻ جو راز آهي. چيني ماڻهو ملئي ماڻهن وانگر هٿ ڦاڙ نه آهن. هو سادگي ۾ رهي پئسو بچائين ٿا، پئسي جو ڏيکاءُ نٿا ڪن، سخت محنت ڪن ٿا. چينين لاءِ مشهور آهي ته هو آچر واري ڏينهن به ڪم ڪن ٿا. هو سال ۾ فقط چينين جي نئين سال تي ٻه ڏينهن موڪل ڪن ٿا ۽ گهمن ڦرن ٿا.
    چينيءَ لاءِ ڪانگ پکي نڀاڳو پکي آهي، خاص ڪري هڪ ئي وقت جيڪڏهن ٻه ڪانگ کيس گهوري ڏسن ٿا. واٽ ويندي ڪنهن چينيءَ کي ڪنهن وڻ يا ڇت تي ويٺل ڪانگن جو جوڙو هن ڏي گهوريندو نظر ايندو ته هو ان کي پنهنجي لاءِ نڀاڳ جو ڏينهن سمجهندو ۽ ان ڏينهن تي هو ضروري ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ کان به گريز ڪندو. بئنڪ مان پئسا ڪڍڻ لاءِ چيڪ تي به صحيح نه ڪندو.
    اسان جي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ملئي عورت هتي جي ماڻهن ۾ موجود ڪجهه وهمن جي ڳالهه ڪري رهي هئي، جن جو هو به سمجهن ٿا ته انهن جو نه مذهب سان واسطو آهي ۽ نه انهن کي سائنس ثابت ڪيو آهي پر هو ان بابت هر وقت ذڪر ڪندا رهن ٿا.
    ”ان قسم جا وهم يا وسوسا ائين آهن“، هن ملئي عورت چيو، ”جيئن اسان وٽ رات جو ننهن يا مڇون ڪٽڻ کي خراب سمجهيو وڃي ٿو.“
    اهو سوڻ اسان وٽ هند سنڌ ۾ به آهي. هن ملئي عورت ان بابت اهو دليل ڏنو ته رات جو ننهن يا وار ڪٽڻ ان ڪري خراب سمجهيا وڃن ٿا جو رات جو روشني گهٽ هجڻ ڪري اهو خوف رهي ٿو ته ڪٽيل ننهن يا وار ڪنهن کاڌي يا پاڻي سان ملي ڪنهن جي پيٽ ۾ هليا وڃن ۽ نقصانڪار ثابت ٿين.
    ڪڏهن ٻار ضد ڪن ٿا، انهن کي ان ڪم کان روڪڻ لاءِ مائٽ اهو ئي چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان گناهه ٿئي ٿو يا جيئن هتي ملائيشيا ۾ چيني توڙي ملئي ماڻهو اهو ئي چون ٿا ته رات جو جيڪو ننهن ڪٽيندو يا وار ڪتريندو ان وٽ ڪڏهن به پئسو نه ايندو. جيتوڻيڪ ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه رات جو به حجام دڪان کوليو ويٺا آهن ۽ غريب ٿيڻ بدران امير ٿيندا رهن.
    ان قسم جا ڪجهه ٻيا وهم (Taboos) جيڪي هن ملئي عورت ان ڏينهن ٻڌايا، هن ريت آهن.
    - انڊلٺ ڏي آڱر نه کڻجي نه ته آڱر ۾ ناسور ٿي پوندو. اها ڳالهه ٻڌي آئون اهڙو ته ڊڄندي هئس جو جيئن ئي مينهن بعد مون کي آسمان تي انڊلٺ نظر ايندي هئي ته پنهنجو هٿ يڪدم کڻي کيسي ۾ وجهندي هئس.“ هن ٻڌايو.
    - چيني توڙي ملئي ماڻهو ٻارن کي وهاڻي مٿان ويهڻ کان منع ڪرڻ وقت چوندا آهن ته ائين ڪرڻ سان توهان کي هيٺ ڦرڙيون ٿي پونديون. ”آئون جڏهن ننڍي هئس ته ان ڳالهه کي صحيح سمجهڻ خاطر سڄو ڏينهن وهاڻي تي ويٺيس، پر ڏٺم ته مون کي ته ڪجهه به نه ٿيو“، هن ملئي عورت ٻڌايو ۽ پوءِ کلندي چيو، ”وڏي ٿي پوءِ مون محسوس ڪيو ته وهاڻو اها شيءِ آهي جنهن تي اسان مٿو رکي سمهون ٿا، ان تي ويهڻ سان بدبودار ٿي سگهي ٿو.“
    ملائيشيا ۾ مائرون ٻارن کي گهر اندر کليل ڇٽي کڻي اچڻ کان منع ڪن ٿيون. ملائيشيا اهو ملڪ آهي جتي ٻارهو ئي مينهن پيو وسي ۽ جيئن ٻاهر نڪرڻ لاءِ جتي پائڻ ضروري آهي، تيئن مينهن ۾ پسڻ کان بچڻ لاءِ ڇٽي کڻڻ ضروري آهي. هر هڪ کي پنهنجي ڇٽي ٿئي. ٻار اسڪول وڃن ته به ڇٽي کڻي وڃن. گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ هرڪو پنهنجي ڇٽي بند ڪري، ڇنڊي پوءِ اندر گهڙي ڪيترا ٻار کليل ڇٽيءَ سان گهر اندر گهڙي پون ٿا، جن کي سندن مائرون هر وقت اهو ڊپ ڏينديون رهنديون آهن ته جيڪڏهن ڇٽي بند ڪري نه گهڙندائو ته نانگ گهر ۾ گهڙي پوندا. ملئي عورت ٻڌايو ته جيتوڻيڪ هر ماءُ اهو ئي سمجهي ٿي ته ان ڳالهه ۾ ڪا حقيقت ناهي ته به سڀ مائرون پنهنجن ٻارن سان اهائي ڳالهه ڪن ٿيون، جيئن ڏنگا ٻار نانگ کان ڊڄي سندن چيو مڃين، ڇو جو کليل ڇٽي جون لوهي تارون ٻارن کي لڳي سگهن ٿيون يا اهي گهر جي ڀاتين جي ڪپڙن ۾ اٽڪي اهي ڦاڙي سگهن ٿيون.
    اهڙي ريت ملائيشيا ۾ اهو وهم (Taboo) به آهي ته ڪنهن به ڪنواري ڇوڪريءَ کي رڌڻي ۾ ڳائڻ نه کپي. ائين ڪرڻ سان هن جي شادي دير سان ٿيڻ جا امڪان ٿي سگهن ٿا. منهنجي آفيس جي مٿين ملئي خاتون آفيسرياڻيءَ ٻڌايو ته ڳائڻ مهل وات مان اڪثر ٿڪون يا پڪ ڳڙندي رهي ٿي، جيڪا کاڌي جي ديڳڙي ۾ يا پليٽن کي لڳي سگهي ٿي، سو ڳائڻ کان جهلڻ لاءِ ڇوڪرين کي اڪثر شادي دير سان يا نه ٿيڻ جو ڊپ ڏنو وڃي ٿو.
    اهڙي طرح ملائيشيا ۾ ڪجهه اهڙا وهم آهن جن جو تعلق ماڻهن جي سوچ يا تجربي سان آهي. جيئن اسان وٽ ڪانگ ڀت تي ويهي کيانتو ڏيندو ته چوندا آهيون ته پڪ ڪو مهمان اچي رهيو آهي. پوءِ جيڪڏهن واقعي ڪو مهمان اچي ويو ته کيانتو ٻڌڻ وارو يڪدم چوندو ته ”ڏٺانوَ! مون ته ان ئي وقت چيو ته اڄ پڪ مهمان ايندو.“
    بهرحال اهو ڪم ڏهن ۾ ڪو هڪ دفعو صحيح ثابت ٿئي ٿو، باقي ڀيرا مهمان نه اچڻ تي هرڪو ڳالهه لنوائيو وڃي يا شام تائين هر هڪ کان ڳالهه وسريو وڃي ته اڄ صبح ڪانگ ڪو کيانتو ڏنو هو. ان قسم جا وهم هتي جي ملئي ۽ چيني ماڻهن ۾ ڏاڍا آهن، جيئن ته:
    - رات جي پوئين پهر جيڪڏهن ڪو ڪتو اونائي ته معنيٰ ڪٿي ڪو ماڻهو مري ويو آهي.
    - جيڪڏهن ڪو ٻار بنا سبب جي روئندو رهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته هن کي جن ڀوت ڊيڄاري رهيا آهن.
    - چنڊ ڏي آڱر سان ڪڏهن به اشارو نه ڪجي. ائين ڪرڻ واري جي ڪنن جون پاپڙيون ڪري سگهن ٿيون.
    - ڪميءَ کي ڪڏهن به پڃري ۾ بند نه ڪجي. ائين ڪرڻ واري کي ڌنڌي ۾ سخت نقصان رسي ٿو ۽ سٺي ڀاڳ کان هٿ ڌوئي ويهي ٿو... وغيره وغيره.
    گهر جي ٺاهڻ ۾ ملئي مسلمان نه پر ملائيشيا جا چيني ماڻهو ڏاڍو حساس آهن ته ان جو رخ ڪهڙي طرف هجي، ڪمرا ڪيئن هجن وغيره. ان آرٽ ۽ ڊيزائين کي چيني ماڻهو ”فينگ شوئي“ سڏين ٿا. فينگ شوئي (Feng Shui) ۾ ٻن قسمن جا اثر چيا وڃن ٿا. هڪ مثبت (Positive) ۽ ٻيو منفي (Negative) وهم آهي. فينگ شوئي جي تعليمات مطابق، گهر ۾ خوشحالي آڻڻ لاءِ جيڪي ضروري قدم آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    - گهر ۾ موجود هر ڏاڪڻ ۾ ڏاڪن جو تعداد ٻڌي هجڻ ضروري آهي.
    - گهر ۾ ڪا به آرسي اهڙي هنڌ تي نه هڻجي جنهن ۾ گهر جي ڪا دري يا در نظر اچي. ٻي صورت ۾ ٻاهران لنگهندڙ جن ڀوت آرسيءَ ۾ پنهنجي شڪل ڏسي اندر گهڙي سگهي ٿو.
    - گهر ۾ ڪابه ميز اهڙي هنڌ نه رکجي جتي ويهڻ سان پٺ در ڏي ٿئي.
    - ڊائننگ روم جي مٿان باٿ روم هرگز نه ٺاهجي.
    - گاڏي بيهارڻ واري پورچ مٿان ڪڏهن به ماسٽر بيڊروم نه اڏائجي.
    - گهر جي مهاڙ ڪڏهن به اتر طرف نه ڪجي- وغيرهه.


    لنگڪوي ۽ گنتنگ

    ملائيشيا مان جيڪو به گهمي اچي ٿو ان کان کڻي پڇ ته ڇا ڇا ڏٺئه ته يڪدم لنگڪوي ٻيٽ جو نالو کڻندو. لنگڪوي ٻيٽ ڏسڻ وٽان آهي پر انگريزن ۽ يورپين لاءِ. اسان لاءِ ملائيشيا ۾ ڏسڻ لاءِ لنگڪوي کان وڌيڪ ٻيون شيون ۽ ملائيشيا جا ٻيا شهر آهن. هي ائين آهي جيئن ڪو ميرپورخاص يا سکر کان ڪراچي گهمڻ لاءِ ٻه ڏينهن صدر جي ڪنهن هوٽل ۾ رهي ۽ ڪلفٽن، ڪياماڙي، آرٽس ڪائونسل ۽ سنڌ ميوزيم ڏسڻ بدران نوري آباد ڪنهن فارم هائوس تي سڄو ڏينهن وڃي گذاري. مطلب اهو آهي ته اهڙي خاموشي ۽ اڪيلائي وارا باغ بستان ته هو ميرپورخاص يا سکر ۾ به ڏسي سگهي ٿو. سو اهڙي طرح ڪوالالمپور پهچي پوءِ هوائي جهاز يا بس ۽ ٽرين ذريعي 500 کن ڪلو ميٽر ڪري لنگڪوي ٻيٽ تي وڃي ريتيءَ تي ليٽجي ۽ سمنڊ جون لهرون ڳڻجن، ان مان ڪهڙو فائدو. اهو سڀ ڪجهه ته اسان ڪراچي جي سئنڊس پٽ يا هاڪس بي تي به ڏسي سگهون ٿا. يورپي ڀلي وڃن جو هو ٿڌ ۽ گوڙ گهمسان کان ڀڄي هيڏانهن اچن ٿا ۽ ملائيشيا وارا به لنگڪوي ٻيٽ جي مشهوري انهن امير يورپين لاءِ ڪن ٿا. ان اشتهاربازيءَ مان اسان کي ته هرکڻ نه کپي.
    بهرحال هتي ڪجهه سٽون لنگڪوي ۽ گنتنگ هائلئنڊس تي لکان ٿو، جيڪا جاءِ پڻ جوا جي شوقين يورپين يا عياش دولتمند عربن لاءِ آهي ۽ نه اسان جهڙن غريب ۽ کٽل ايشيائي ملڪن جي ماڻهن لاءِ.
    ملائيشيا جو لنگڪوي ٻيٽ ڪوالالمپور کان اٽڪل 500 ڪلو ميٽر اتر ۾ بنهه ڇيڙي تي آهي، جتي ملائيشيا جي رياست ڪيداح ٿائلينڊ جي بارڊر سان وڃي ملي ٿي. هي ٻيٽ ڪيداح رياست ۾ اچي ٿو ۽ هن کي Langkawi Permata Kedah يعني ” ڪيداح جو هيرو لنگڪوي“ به سڏيو وڃي ٿو. هونءَ حقيقت ۾ لنگڪوي ڪو هڪڙو ٻيٽ ناهي، پر 104 ٻيٽن جو جهڳٽو آهي، جيئن مالديپ ٻيٽ هڪ نه پر 600 کن ٻيٽن جو جهڳٽو آهي. هونءَ به هن پاسي چوڌاري انيڪ ٻيٽ آهن.... ننڍا، وڏا ۽ زمين اندر ۽ ڪي ته ٻن کٽن جيڏا به مس ٿيندا، ويران، آباد... وغيره وغيره. هي لنگڪوي ٻيٽ جنهن سمنڊ جي حصي ۾ آهن، ان سمنڊ کي ”انڊامان سمنڊ“ سڏجي ٿو ۽ ٿورو اڳيان دنيا جا مشهور ۽ آڳاٽا ٻيٽ ’انڊامان‘ ۽ ’نڪوبار‘ آهن، جيڪي انگريزن جي حڪومت ۾ ڏوهارين لاءِ قيد خانا هئا، جن کي ڪاري پاڻي جا جيل سڏيو ويو ٿي. بهرحال هن قسم جي ٻيٽن وارا علائقا هڪ پاڻيءَ جا جهاز هلائڻ وارن لاءِ ۽ ٻيو تپيدارن لاءِ مٿي جو سور هوندو آهي جن کي ظاهر آهي سمنڊ ۽ زمين جي ذري ذري جو حساب ڪرڻو پوي ٿو.
    لنگڪوي ٻيٽ ملائيشيا جي سرزمين کان 30 ڪلو ميٽر پري سمنڊ ۾ آهن ۽ سڀني جي جملي پکيڙ 48000 هيڪٽر آهي. هيترن ٻيٽن ۾ فقط چئن ٻيٽن تي آبادي آهي، باقي تمام ننڍا آهن ۽ سڄا گهاٽن جهنگلن ۽ جانورن سان ڀريل آهن، جيڪي چار ٻيٽ آباد آهن، انهن جا نالا آهن: پلاءُ لنگڪوي، پُلاءُ طوبا، پلاءُ ريباڪ ۽ پلاءُ دايانگ بُنتانگ (ملئي زبان ۾ ٻيٽ کي پلاءُ "Pulau" سڏجي ٿو) انهن چئن ٻيٽن جي جملي آدمشماري هڪ لک ماڻهو مس آهن، جن مان 90 سيڪڙو ملئي مسلمان آهن، باقي 10 سيڪڙو ۾ چيني، انڊين ۽ ٿائي اچي وڃن ٿا. پلاءُ لنگڪوي سڀ ۾ وڏو ٻيٽ آهي ۽ گهڻي کان گهڻا ٽوئرسٽ فقط هن ٻيٽ تان ٿي موٽن ٿا. لنگڪوي جي معنيٰ ناسي عقاب آهي. ملئي زبان ۾ عقاب کي هيلانگ (Helang) سڏجي ٿو، جنهن جو پويون اڌ لانگ يا لنگ کنيو ويو آهي ۽ ڪوي (Kawi) معنيٰ ناسي يا ڳاڙهسرو ڀورو رنگ. لنگڪوي ٻيٽ ڪافي وڏو آهي ۽ منهوڙي کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. اتر کان ڏکڻ تائين وهندڙ رستي جي ڊيگهه 25 کن ڪلو ميٽر ٿيندي. هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا حڪومت ٽوئرسٽن جي ڪشش لاءِ هن ٻيٽ کي ڊيوٽي فري رکيو آهي، يعني هر شيءِ فيڪٽري جي اگهه تي وڪامي ٿي ۽ ڪو به ٽئڪس ناهي. هڪ اهو به سبب آهي جو يورپي ٽوئرسٽ سگريٽن ۽ شراب جي خريداري لاءِ هتي اچن ٿا، جيڪي شيون سندن ملڪن ۾ حڪومت ڄاڻي واڻي تمام گهڻيون مهانگيون ڪيون آهن، جيئن سندن ماڻهن کي هنن شين واپرائڻ کان دلشڪستو ڪيو وڃي.
    لنگڪوي ٻيٽ جو وڏو شهر ڪُئاح آهي. ٻيٽ تي بين الاقوامي هوائي اڏو به آهي، جتي سنگاپور، پينانگ، هانگ ڪانگ، پُکيٽ (ٿائلينڊ) ۽ چين کان ڊائريڪٽ اڏامون اچن ٿيون. ٻيٽ تي Teow Soon Huat نالي تمام وڏو سپر مال آهي ۽ ٻئي نمبر تي Saga شاپنگ سينٽر آهي. الحنا نالي هڪ وڏي مسجد به آهي، جنهن جي ٺهڻ جو افتتاح 1959ع ۾ ملڪ جي پهرين وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان ڪيو هو. ٻيٽ تي رهائش لاءِ ڪيتريون ئي هوٽلون آهن، جن مان ڪي ته اڪاسيا ۽ آزيو جهڙيون سستيون هوٽلون آهن، جن جي ڏهاڙي مسواڙ 50 کان 80 رنگٽ آهي. ڪيتريون مهانگيون پڻ آهن، جيئن ته 150 رنگٽن واري Bay View، Bella Vista Eagle Bay جهڙيون آهن ته ڪي 250 رنگٽن واريون سينچري سوريا، The Peak آهن ته ڪي 600 رنگٽن واريون The Westin Langkawi جهڙيون آهن.
    اسان جي پاسي جا ماڻهو جيڪي ملائيشيا گهمڻ اچن ٿا، اهي گنتنگ هاءِ لئنڊس به وڃن ٿا جو هن جاءِ جي به، ملائيشيا حڪومت وڏي اشتهار بازي ڪئي آهي. بهرحال توهان جي ڪوالالمپور ۾ ٽي چار ڏينهن رهيل آهيو ته گنتنگ وڃڻ ۾ ڪو گهڻو وقت ضايع نٿو ٿئي ۽ ڪوالالمپور کان ڪو پري ناهي. گنتنگ هاءِ لئنڊس يعني گنتنگ هِل اسٽيشن ڪوهه مري ۽ ايوبيه وانگر سطح سمنڊ کان مٿي هجڻ ڪري ملائيشيا جي عام موسم کان فرحت بخش ۽ ٿڌڪار وارو علائقو آهي. هن کي ملئي زبان ۾ ”تناح ٽِنگي گنتنگ“ سڏجي ٿو. Tanah معنيٰ ڌرتي، زمين، پَٽ آهي ۽ Tinggi معنيٰ اتاهين.
    ”گنتنگ“ ڪوالالمپور جي فيڊرل علائقي ۾ نٿو اچي، پر ڀروارين رياستن سلينگور ۽ پهانگ جي بارڊر واري جابلو قطار (Titiwangsa Mountain) جي 1760 ميٽر اتاهين چوٽي تي آهي، جيئن ڪوهه مري، جيتوڻيڪ پنجاب صوبي ۾ آهي، پر اسلام آباد جي ويجهو هجڻ ڪري هرڪو اهو سمجهندو آهي ته اها اسلام آباد جو حصو آهي. گنتنگ ڪار يا بس ذريعي توهان ڪلاڪ ۾ پهچي سگهو ٿا. Go Genting نالي بسون سينٽرل اسٽيشن کان گنتنگ هلن ٿيون ۽ 5 رنگٽ وٺن ٿيون. ان کان علاوه ڪيترين ئي هوٽلن وٽان ٽوئرسٽ بسون گنتنگ ۽ باتو غارن (Caves) ڏي هلن ٿيون، جن جو ڀاڙو وڌيڪ آهي. توهان پاڻ ۾ ٽي چار ڄڻا آهيو ته ٽئڪسي جو ڀاڙو به ڪو گهڻو ناهي، پر توهان کي ڊرائيور سان بحث ڪري گهٽائڻو پوندو، خاص ڪري جي اهو تامل (انڊين) يا چيني آهي ته هونءَ تامل هتي جي غريب ڪميونٽي هوندي هئي، پر هاڻ ڏسان پيو ته هو نه فقط تيز پر Aggressive (ڏنگا) به ٿيندا وڃن.
    گنتنگ توهان ڪيبل ڪار ذريعي به پهچي سگهو ٿا. Sky way ڪيبل ڪار اسٽيشن تان توهان هن ڪيبل ڪار ذريعي جيڪا Genting Skyway سڏجي ٿي، گنتنگ پهچي سگهو ٿا. هيءَ ڪيبل ڪار 6 ميٽر في سيڪنڊ جي حساب سان ساڍا ٽي ڪلو ميٽر جو مفاصلو 11 منٽن ۾ ڪري ٿي. هيءَ ڪيبل ڪار دنيا جي تيز رفتار ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ڊگهي مفاصلي واري ڪار چئي وڃي ٿي. هيءَ ڪار روزانو صبح جو ساڍي ستين کان رات جو يارهين تائين هلي ٿي. 1991ع تائين جيستائين آئون ملائيشيا ۾ رهيل هوس ته هيءَ ڪيبل ڪار نه هئي. 1997ع ۾ هن جو افتتاح ان وقت جي وزيراعظم مهاتير بن محمد ڪيو.
    ستر واري ڏهي ۾ جڏهن هيءَ هل اسٽيشن ٺهي هئي ۽ اسان پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) جي بندرگاهن ۾ پاڻي جي جهاز ۾ اچڻ دوران گنتنگ گهمڻ ويندا هئاسين ته انهن ڏينهن ۾ فقط هڪ هوٽل ”هاءِ لئنڊ هوٽل“ نالي هوندي هئي، جنهن جو بعد ۾ Theme Park Hotel نالو رکيو ويو. ان ئي هوٽل ۾ مغربي ميوزڪ، فلورڊانس ۽ جُوا هلندي هئي ۽ ان ۾ ئي چانهه ڪافي هلندي هئي. يورپ جا گورا ۽ مسلمان ملڪن جا کريل ۽ پئسي وارا هتي اچي شراب ۽ جوا ۾ حرام جو پئسو ضايع ڪندا هئا. ظاهري طرح ملائيشيا ۾ انهن ڳالهين لاءِ مڪاني توڙي ڌارئين ملڪ کان آيل مسلمان ٽوئرسٽ لاءِ بندش آهي، پر ملائيشيا به ڏوڪڙن جي آمد خاطر ڪٿي ڪٿي اک ٻوٽ ڪري ٿو. بهرحال هاڻ ته ٽوئرسٽن جي ”پرزور شوق ۽ ضرورت“ کي ڌيان ۾ آڻي هڪ بدران ڇهه هوٽلون ٺهي ويون آهن. ان کان علاوه ٻارن توڙي وڏن لاءِ ڪيترن ئي قسمن جون صحتمند وندرون پڻ ٺاهيون ويون آهن.
    هتي اهو لکندو هلان ته هي گنتنگ هِل (هاءِ لئنڊ) سرڪاري نه پر خانگي ملڪيت آهي، جنهن جو بنياد رکندڙ هتي جو هڪ امير چيني سوداگر ”لم گوح ٽونگ“ (Lim goh tong) آهي، جنهن کي ملائيشيا جي بادشاهه ۽ حڪومت طرفان تان سري (Tan sri) ۽ داتو سري (Dato seri) جهڙا اعليٰ خطاب به مليل آهن. هنن خطابن/ لقبن/ اعزازن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان، جيئن اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ انگريزن طرفان راءِ بهادر ۽ خانبهادر نموني جا لقب ملندا هئا يا Sir جو خطاب مليو ٿي. هاڻ ته ملائيشيا ۾ ٻيا به نه رڳو چيني پر ملئي به امير ترين ٿي ويا آهن نه ته ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن منهنجو ملائيشيا ۾ اچڻ وڃڻ يا رهڻ گهڻو هو، هي چيني واپاري لِم گوح ملائيشيا جو امير ترين ماڻهو مڃيو ويو ٿي، جنهن جي ذاتي ملڪيت ساڍا چار بلين آمريڪن ڊالر هئي. مسٽر لِم 1918ع ۾ چين جي فوجيان (Fujian) صوبي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ انگزي (Anxi) ۾ جنم ورتو. هي اهي ڏينهن هئا جڏهن 1911ع وارو انقلاب اچي چڪو هو ۽ سڄي چين جي وڳوڙيل حالت هئي، پر لِم هڪ ڏورانهين ۽ جابلو ڳوٺ ۾ رهيو ٿي، جتي وري به سڪون هو ۽ هو اتي جي اسڪول ۾ تعليم وٺي رهيو هو. پر پوءِ اوچتو سندس پيءُ جو انتقال ٿي ويو ۽ هنن جي گهر ۾ بکون ڪاٽڻ واري حالت ٿي وئي. لم ان وقت 16 سالن جو هو ۽ هن کي اسڪول مان نڪرڻو پيو. کائنس وڏو هڪ ڀاءُ ۽ ٽي ڀيڻون هيون ۽ هڪ ڀاءُ ۽ ڀيڻ ننڍا هئا. وڏو ڀاءُ پورهيو مزوري ڪري گهر هلائڻ لڳو، پر سندن گهر توڙي ملڪ جون حالتون خراب ٿينديون ويون. لم جو هڪ سوٽ انهن ڏينهن ۾ چين ڇڏي ملائيشيا آيل هو (انهن ڏينهن ۾ هي ملائيشيا ”ملايا“ سڏبو هو). لِم به ٻيو ڪو گس نه ڏسي ملايا ڏي رخ ڪيو. هيءَ 1937ع جي ڳالهه آهي جڏهن لِم 19 سالن جو هو. هن ملايا ۾ اچي ٻه سال هڪ واڍي وٽ ڪم ڪيو ۽ ان سان گڏ ملئي زبان سکڻ لڳو. ان بعد هن گهرن ۾ ڪاٺ جو ڪم ڪرڻ جو ٺيڪو کنيو، جنهن مان هن جي سٺي ڪمائي ٿيڻ لڳي، پر 1942ع ۾ ملايا تي جپانين جو قبضو ٿيڻ بعد چينين لاءِ جيئڻ عذاب ٿي پيو. جپاني اهاني بهاني چينين کي ڳولي ڳولي مارڻ لڳا. لِم به ٻه چار دفعا موت جي منهن ۾ ويندي بچي ويو. انهن ڏينهن ۾ لِم هڪ ملئي جي زمين تي هاري ٿي ڀاڄيون پوکڻ لڳو، پر پوءِ ردي پراڻي جون شيون خاص ڪري لوهه، پتل ۽ ٽامو خريد ڪري وڪڻڻ لڳو.
    ٻي جنگ عظيم ختم ٿيڻ بعد لِم ڏٺو ته ملايا جي کاڻين ۽ پوک جي ڪمن لاءِ ڳرين مشينن جي ضرورت آهي، هن اهو موقعو هٿن مان وڃڻ نٿي ڏنو ۽ دوستن يارن کان پئسو هٿ ڪري ڪن کي ته پاڻ سان ڀائيوار بنائي سيڪنڊ هئنڊ مشينن جو واپار شروع ڪيو، جنهن ۾ هن کي وڏو فائدو رسيو. ان بعد قلعي (Tin) جي کاڻين جا ٺيڪا کنيا ۽ ويو اڳيان وڌندو. پئسي، عقل ۽ محنت سان هو ملڪ جو ناميارو بزنس مين ٿي ويو ۽ سندس کوليل ڪمپني Kien huat وڏي ساک واري مڃي وئي ٿي، جنهن آئر حطام ڊيم جهڙا وڏا وڏا پروجيڪٽ کڻڻ شروع ڪري ڇڏيا. ائين ناهي ته لِم کي جتي ڪٿي ڪاميابي نصيب ٿي ٿي. هڪ اهڙو به پروجيڪٽ آيو جنهن ۾ هن جو ڏيوالو ٿي ويو، پر لِم وڏي دليري ۽ محنت سان اهو پروجيڪٽ (Kemubu Scheme) به مڪمل ڪيو ۽ وري آهستي آهستي چڙهي ويو.
    ملائيشيا ۾ فقط اها گنتنگ واري هِل اسٽيشن ناهي. فريزر هل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ به انهن مان آهن، جيڪي انگريزن ٺهرايون، انگريزن ننڍي کنڊ ۾ توڙي هتي ملائيشيا ۽ آفريڪا ۾ ان قسم جون ٿڌيون جايون ڳوليندا رهيا، جيئن پاڪستان ۾ ڪوهه مري، ڪوئيٽا، انڊيا ۾ شمله، پوني ۽ کنڊالا، ڪينيا ۾ نئروبي وغيره. پر هتي گنتنگ هاءِ لئنڊ جي خاص ڳالهه اها آهي ته اها انگريز سرڪار يا ملائيشيا جي حڪومت نه ٺهرائي پر هڪ اڪيلي سر واپاريءَ پنهنجي خرچ تي هڪ جابلو جنگل ۾ منگل مچايو. ڳالهه اها آهي ته لِم گوح کي هڪ هِل اسٽيشن ٺاهڻ جو خيال ڪيئن آيو، جنهن پٺيان هن الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيو؟ چون ٿا ته هڪ دفعي لِم گوح ڪئمرون هاءِ لئنڊ جي هوٽل ۾ ڊنر کائي رهيو هو ته جبل جي مٿاهين ليول تي ٿڌي هوا مان لطف وٺندي هُن کي خيال آيو ته ڇو نه هِن قسم جي ڪا هوٽل ڪوالالمپور جي ويجهو ٺاهجي، جيئن مڪاني ۽ ڌاريان ماڻهو جبل جي چوٽيءَ تي ٿڌڪار جو مزو وٺڻ لاءِ ڪلاڪ کن جي سفر تي پهچي وڃن.
    ڪئمرون هاءِ لئنڊ تان موٽڻ بعد هن يڪدم اچي اهڙي جاءِ جي ڳولا ڪئي. آخر هن کي هڪ گوننگ (ملئي زبان ۾ Gunung جبل کي چون ٿا) اُلو ڪالي (Ulu kali) بهتر لڳو، جيڪو جبل ڪوالالمپور جي ويجهو هجڻ ڪري هن جي سوچيل هوٽل بزنس لاءِ Ideal هئي. هي جبل ويجهو ته هو پر هتي جي زمين سنڌ ۽ ڏکڻ پنجاب وانگر لسي (Plain) ناهي. سڄو ملائيشيا جپان وانگر جابلو ٽَڪر آهي، جيڪو آڳاٽن گهاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو آهي، جتي گاهه ماڻهوءَ جي قد کان وڏو آهي ۽ وڻ آسمان سان ڳالهيون ٿا ڪن. اهڙن نون علائقن (Virgin پَٽن) تي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ وڃڻ لاءِ فقط درياهه/ ندي ڪم اچي ٿي.
    مسٽر لم کي ان جبل (Gunung Lilu Kali) تائين پهچڻ ۾ وڻن جي ڪٽائي، رستا ٺاهڻ، اليڪٽرڪسٽي ۽ پاڻي مهيا ڪرڻ جو بندوبست، ڊرينيج ۽ سيوريج وغيره سڀ پاڻ ڪرڻو هو، پر هن همت نه هاري. هن جي دل ۾ اهو پڪو پهه هو ته هي پروجيڪٽ جيڪو جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ وڏي خرچ وارو آهي، پر اهو هڪ دنيا ۾ ناليرو ۽ ڪمائي وارو ثابت ٿيندو ۽ هن جابلو هوٽل Resort ڪري دنيا جا ٽوئرسٽ هتي ڇڪجي ايندا. هن ملائيشيا جي وفاقي ۽ پهانگ ۽ سلينگور رياستن جي صوبائي حڪومتن کان اجازت ورتي، تن هن کي خوشيءَ سان ڏني ۽ مسٽر لِم ڪم شروع ڪرايو.
    هتي هڪ ڳالهه لکڻ چاهيان ٿو، جنهن تي ملائيشيا جي ترقي جو مدار آهي. ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون آهن. ٻئي ايگريڪلچر ملڪ آهن. ملائيشيا ۾ جي قلعي (Tin) آهي ته اسان وٽ ان کان مهانگي ۽ اهم شيءِ ڪوئلو، گئس ۽ درياهه آهن، جن ذريعي اليڪٽرڪسٽي به پيدا ٿئي ٿي. ملائيشيا جي گهرن جا چُلها ٻارڻ لاءِ هو گئس جا سلينڊر ٻاهران امپورٽ ڪن ٿا ۽ هنن جون نديون اسان وانگر لڳاتار وهندڙ نه آهن. ٻه ڏينهن مينهن پوندو ته اهي تار نظر اينديون، ان بعد انهن ۾ ٻار فٽ بال پيا کيڏندا آهن.
    ٻنهي ملڪن ۾ وڏيرڪو (Feudilism) سسٽم آهي. جيئن اسان وٽ وڏيرا، چوڌري، سردار ۽ نواب آهن، تيئن ملائيشيا جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ آهن. ملائيشيا ۾ ته سلطان به آهن، جيڪي واري وٽي تي ملڪ جا بادشاهه ٿين ٿا. جيئن اسان جي ملڪ ۾ مختلف مذهبن، عقيدن ۽ زبانون ڳالهائڻ وارا رهن ٿا، تيئن ملائيشيا ۾ انيڪ زبانن وارا رهن ٿا، ويندي چيني جن جي توهان سمجهندا هوندائو ته هڪ زبان چيني آهي، انهن جون مختلف چيني زبانون آهن. سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ ۾ چيني رهن ٿا، هنن جي مادري زبان چيني آهي پر هو هڪٻئي سان انگريزي ۾ ڳالهائين ٿا- ڇو؟ ان ڪري جو سنگاپور وارن چينين جي زبان منڊارن آهي، هانگ ڪانگ وارن جي ڪئنٽونيز آهي ۽ ملائيشيا ۾ رهندڙ انهن ٻن چيني زبانن کان علاوه حَڪا، ٽيوچو ۽ ٻيون به چيني زبانون ڳالهائڻ وارا آهن. ان تان ياد آيو ته اسان جي درويش سنڌ حڪومت سنڌ ۾ چيني پڙهائڻ جا خواب پئي لهي، هيڏانهن چيني خود چيني ڇڏي انگريزي پيا پڙهن. بهرحال اسان جي ملڪ ۽ ملائيشيا جو ساڳيو حال هجڻ جي باوجود اسان ترقي نه پيا ڪريون، ان جو سبب اهو آهي جو ملائيشيا ۾ جيڪو ماڻهو ملائيشيا جي ڌرتي ۽ ماڻهن لاءِ ڪجهه ڪري ٿو ته ان جي عزت ڪئي وڃي ٿي، پوءِ اهو چاهي چيني هجي، عيسائي هجي، هندو هجي سک هجي. منهنجي ملائيشيا ۾ هجڻ دوران هڪ دفعي مڪاني ملئي مسلمانن گوڙ ڪيو ته چيني ماڻهو جيڪي چين کان هتي آيا اهي واپار ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳيان ٿي ويا آهن ۽ اهي اسان کان وڌيڪ امير ٿي ويا آهن... ان وقت جي وزيراعظم مهاتير قوم کي دڙڪو ڏيندي چيو ته خبردار جو ان لائين تي سوچيو اٿانوَ. چينين يا انڊين پئسو ڪمايو آهي ته محنت ڪري ۽ ان پئسي تي هو ٽئڪس پيا ڏين. جيڪڏهن هو ڪنهن غير قانوني طريقي سان ڪنهن جو پئسو ڦٻائيندا ته حڪومت اسان ملئي ماڻهن جي آهي، ان لاءِ اسان جو ڪم آهي ته کين سزا ڏيون. باقي حق حلال جي پئسي ڪمائڻ جي ڪنهن کي جهل نه آهي. انهن جي ٽئڪسن تي ئي ته توهان جا اسڪول ۽ اسپتالون هلن ٿيون، رستا ۽ پارڪ ٺهن ٿا... وغيره ۽ جيڪڏهن توهان امير چينين ۽ انڊين کي تنگ ڪندائو ته هو پنهنجو پئسو هتي لڳائڻ بدران سنگاپور، نيوزيلينڊ، آسٽريليا ۽ انڊيا ۾ وڃي Investment ڪندا.
    ڏٺو وڃي ته اسان وٽ ابتو حساب آهي. اسان وٽ عيسائين کي به ڀڄايو پيو وڃي ته پارسين کي به، پوءِ اهي عيسائي ۽ پارسي انڊيا ۽ ٻين ملڪن ۾ پئسو لڳائي اتي جي ماڻهن لاءِ سک پيا پيدا ڪن. اسان وٽ وڏيرو، پير، وزير، نمائندو عوام جو پئسو ڦٻائيندو وتي، پر پنهنجي ڳوٺ يا علائقي جي ترقيءَ جو نٿو سوچي. هيڏانهن ملائيشيا جي ڳوٺ جو هر وڏيرو اهو ئي چاهي ٿو ته سندس ڳوٺ ۾ سٺي کان سٺو اسڪول ۽ اسپتال هجي، گهڻي کان گهڻا ڪارخانا هجن، جن ۾ ڳوٺ جا ماڻهو پئسو ڪمائي امير ٿين. اسان وٽ اسان جي ملڪ کي آزادي ملي اڌي صدي کان مٿي ٿي ويو آهي. بهتر ٿيڻ بدران اسان جا ڳوٺ وڃن تباهه ٿيندا. افسوس جو اسان جي سنڌي مسلمان وڏيرن ۾ اڃان تائين ڪو ايڊلجي ڊنشا، ماما پارسي، ڏيارام ڄيٺمل، ميٺارام پيدا نه ٿي سگهيو آهي. ظلم اهو آهي جو اسان وٽ وڏيرا پاڻ ته ڪجهه نٿا ڪن پر ڪو ڌاريون سندن ڳوٺ ۾ اچي فيڪٽري هڻڻ چاهي ته ان کي به هڻڻ نٿا ڏين. ايوب خان جي ڏينهن کان وٺي خبر ناهي اسان جي وزيرن، نمائندن، پيرن ميرن کي ڪارخانا کولڻ جون ڪيتريون پرمٽون مليون. هنن ڪارخانا ته ڇا پرمٽون ئي وڪڻي ڇڏيون. هو جي ملئي وزيرن، سردارن ۽ سلطانن وانگر ڪارخانا هڻائين ها ته اڄ اسان جا غريب ڳوٺاڻا روزگار لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا نه کائين ها.
    سو هتي پاڻ مسٽر لِم جي ڳالهه پئي ڪئي، جنهن جڏهن گنتنگ هاءِ لئنڊ جهڙي پروجيڪٽ جي ڳالهه ڪئي ته حڪومت ۽ مڪاني ماڻهن هن جي آڌر ڀاءُ ڪئي. اڄ اهي ڏورانهان ڳوٺ جيڪي گنتنگ هاءِ لئنڊس جي ڀرسان آهن، سڀ کان گهڻا سکيا ستابا آهن. مسٽر لِم کي ان جبل تائين پنهنجي خرچ تي روڊ ٺهرائڻ ۾ چار سال لڳي ويا. اليڪٽرسٽي لاءِ 12 وڏا جنريٽر هڻائين. مختلف هنڌن تي مينهن جو پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ حوض ۽ فلٽريشن پلانٽ ٺهرائين. هو وڏو امير ماڻهو هو، جنهن پنهنجو سڀ ڪجهه هن ۾ هڻي ڇڏيو. سندس دوستن ۽ عزيزن کيس گهڻو ئي سمجهايو، پر هن هر صورت ۾ هي ڪم ڪري ڏيکاريو. آخر ۾ ته خرچ پوري ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي رٻڙ جي پوک جا 810 هيڪٽر زمين به وڪڻي ڇڏي. آخرڪار هن جي هوٽل تيار ٿي وئي ۽ هيءَ پهرين هوٽل هئي، جنهن ۾ ان وقت جي وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان کيس Casino (جُوا خانو) کولڻ جي اجازت ڏني. آخر 8 مئي 1971ع تي هن هوٽل جو افتتاح ٿيو. گذريل ٽيهه سالن ۾ هن پهاڙي اسٽيشن وڏي ترقي ڪئي آهي، هتي ڪيبل ڪار، هوٽلن Amusement پارڪ، سئمنگ پول، ٻارن لاءِ رانديون، رهائش لاءِ مهانگا فليٽ ۽ فنڪشن ۽ ڪانفرنسون ڪرڻ لاءِ وڏا ۽ ماڊرن هال ٺاهيا ويا آهن، جن مان هڪ Arena of Stars به آهي، جنهن ۾ 2002ع ۾ IIFA وارن باليوڊ فلمي فنڪشن ڪيو، جنهن جو ميزبان اميتاب بچن هو. هن ئي هال ۾ 2007ع ۾ Zee سئنيما وارن ۽ Lux Style وارن جا ايوارڊ ورهايا ويا، جيڪي سڄي دنيا ٽي وي تي ڏٺا.
    لم گوح چار پنج سال اڳ 2007ع ۾ ڪوالالمپور ۾ گذاري ويو. کيس ڇهه ٻار ۽ اوڻهين ڏهٽا پوٽا آهن. لِم جي زندگي ۾ منهنجو ڪو پڙهندڙ دلچسپي رکندو هجي ته هن کي آئون لِم جي لکيل آٽو بايوگرافي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، جيڪا 2004ع ۾ هتي ڇپي ۽ عنوان اٿس:
    My Story- Lim Goh Tong
    لِم پئسي وارو هجڻ سان گڏ وڏو سخي مرد هو. هن جي پنهنجي نالي سان هڪ فئملي فائونڊيشن ٺهيل آهي، جيڪا گذريل ٽيهن سالن کان ملائيشيا جي ڪيترن ئي تعليمي ۽ ميڊيڪل ادارن کي مدد ڏيڻ کان علاوه معذور ماڻهن ۽ بي گهر پوڙهن ماڻهن جي رهائش، کاڌي خوراڪ ۽ دوا درمل جو بندوبست ڪري ٿي. ملائيشيا ۾ ان قسم جا ڪم نه فقط مسٽر لم جو ادارو ڪري رهيو آهي پر ٻيا به ڪيترائي هتي جا چيني ۽ انڊين خير جو ڪم ڪري رهيا آهن. بقول هڪ ملئي دوست جي ”ملائيشيا کي اڄ جي منزل تي پهچائڻ ۾ اسان مسلمانن کان وڌيڪ انڊين، چيني، عيسائين ۽ ٻوڌين جو هٿ آهي.“ ڳن کان علاوه ننڍي پئماني تي گجراتين، پٺاڻن، مسلمان توڙي هندو پنجابين، بوهرين، سنڌي هندن ۽ عرب واپارين جي به وڏي contribution آهي.


    فريزر ۽ ڪئمرون هِل کان گورک هِل تائين

    انگريز ٿڌي ملڪ جا هيراڪ جتي به رهيا ته هنن ان ملڪ ۾ ٿڌڪار وارن هنڌن جي ڳولا ڪئي. 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ بعد هنن ڏٺو ته حيدرآباد ۾ اونهاري ۾ سخت گرمي ٿي ٿئي. هونءَ ته سڄي سنڌ گرم علائقو آهي پر ان هوندي به هنن بهتر جاءِ تي پنهنجي گادي ٺاهي ٿي. ان لاءِ هنن کي ڪراچي سمنڊ جي ڪناري تي هجڻ ڪري سٺو هنڌ لڳو، جتي سياري توڙي اونهاري ۾ سٺي موسم رهي ٿي، ائين ته ڪجهه عرصو ٻيو رهن ها ته گورک هِل کي به Develope ڪري وڃن ها جيڪو ڪم اسن کان اڃان نٿو پڄي. اهڙي طرح ملائيشيا ۾ به (جيڪو ان وقت ملايا سڏبو هو) هنن ڪوهه مري ۽ شمله جهڙيون ڪيتريون ئي پهاڙي جايون ڳولي ورتيون، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. گنتنگ هاءِ لئنڊ ته انگريزن جي وڃڻ بعد ملائيشيا جي امير چيني بزنيس مين ”مسٽر لِم گوح“ ڊيولپ ڪرايو، پر ان کان اڳ انگريزن جون ايجاد ڪيل ۽ ٺهرايل هِل اسٽيشنن مان ٻن، فريزر هِل ۽ ڪئمرون هاءِ لئنڊ تي ٻه چار سٽون لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪي منهنجي رهائش واري شهر ملاڪا کي ويجهو هجڻ ڪري منهنجو اتي اڪثر وڃڻ ٿيو ٿي.
    ملائيشيا ۾ نوڪريءَ دوران ٽن سالن بعد ٽي مهينا موڪل ٿيندي هئي سا به اونهاري ۾. ملائيشيا ۾ نوڪري دوران هر سُک هو، پر مون وانگر منهنجا پاڪستاني توڙي انگريز ۽ يورپي دوست جنهن ڳالهه کي ياد ڪندا هئا، جنهن لاءِ سِڪندا هئا، اها سياري جي موسم هئي. ملائيشيا جو مينهن مون جهڙي Semi Desert جي رهاڪوءَ لاءِ هڪ وڏي نعمت آهي، پر ٻارهوئي مينهن، اس، گرمي ۽ گهم ۾ گذاريندي پنهنجي ملڪ جو سيءُ ياد ايندو هو. گنتنگ هاءِ لئنڊ، فريزر هل يا ڪئمرون هاءِ لئنڊس جي پوءِ جڏهن خبر پيئي ته فقط سيءَ جو مزو وٺڻ لاءِ هر مهيني ٻئي مهيني ڪجهه ڪلاڪن لاءِ وڃڻ لڳاسين. اتي ماڻهن کي سئيٽرن ۽ ڪوٽن ۾ ڏسي عجيب لڳو ٿي. ڇو جو ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي ماڻهن جي سڄي زندگي گذريو وڃي پر هنن کي گرم ڪپڙو پائڻ جو موقعو نٿو ملي. جيئن سئيڊن ۽ ناروي جي ماڻهن ڪڏهن ڇت جو پکو نه ڏٺو آهي تيئن ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن ڪڏهن بلاڪيٽ يا سوڙ نه ڏٺي آهي. ملائيشيا ۾ گهرن ۾ اسان وانگر ڪٻٽ ئي ڪو نه ٿين، جيڪي اسان وٽ گرم ڪپڙا رکڻ لاءِ ضروري سمجهيا وڃن ٿا. ڪي ڪي ملئي شوقين اسان سان گڏ هِل اسٽيشن تي هلن نه ته ٻيا صاف انڪار ڪندا ته ”نه بابا ڪير ٿو ٿڌ ۾ هلي“ جيتوڻيڪ هي ملڪ خط استوا تي هجڻ ڪري هتي جي هِل اسٽيشنن تي اهڙو سيءُ نٿو ٿئي پر هتي جي ماڻهن لاءِ اهو به گهڻو آهي، جيڪي مينهن وسڻ بعد چادر اوڙهي پيا هلندا ته ٺار ٿي پيو آهي.
    ملائيشيا جابلو علائقو آهي. جتي ڪٿي ڌرتي هيٺ مٿي آهي. جيتوڻيڪ مينهن گهڻو وسي ٿو پر هڪ هنڌ بيهڻ بدران سمنڊ ڏي وهيو وڃي، جيئن اسان وٽ هماليا، ڪارا ڪورم يا کيرٿر جبلن جي قطار آهي، تيئن ملائيشيا ۾ ٽِي ٽِي ونگسا (Titi wangsa) نالي هڪ اهم ۽ ڊگهي جبلن جي قطار آهي، جيڪا ڏکڻ ۾ ٿائلينڊ جي بارڊر کان شروع ٿي ملائيشيا جي نينگري سيمبيلان رياست تائين اچي ٿي. يعني پهانگ، سلينگور، پيراق وغيره رياست مان به گذري ٿي. فريزر هِل پهانگ رياست ۾ ٽِيٽِي ونگسا جبلن جي قطار مان هڪ جبل تي آهي، جيڪا هڪ اسڪاٽ لوئس جيمس فريزر نالي آهي، جنهن انگريزن جي دور ۾ 1890ع ۾ ان تي قلعي (Tin) جي واپار لاءِ ٽريڊنگ پوسٽ قائم ڪئي.
    مسٽر فريزر ڪنهن ٿڌڪار واري جاءِ جي ڳولا ۾ نه هو. هو هڪ واپاري قسم جو ماڻهو هو. هن جي ڌيان ۾ اها ڳالهه هئي ته ٿي سگهي ٿو ته هنن جبلن جي چوٽين تي سون يا ڪو ٻيو اهڙو قيمتي ڌاتو ملي وڃي. ان ڪري هو گائيڊ طور ڪجهه مڪاني ملئي ماڻهو ۽ ڪجهه چيني ۽ انڊين مزور پاڻ سان کڻي کوجنا لاءِ جبل جهاڳڻ لڳو. هن کي مٿاهين ليول تي بيحد آڳاٽا Pre historic وڻ ۽ جنگل نظر آيا، جن جي آبياري ڪڪرن ذريعي ٿِي ٿي. هن کي اتي قلعي (Tin) جا ذخيرا نظر آيا، جن جي کوٽائيءَ لاءِ هن چين کان آيل چيني مزورن کي لڳايو. مٿاهين تان ڌاتو وارو پٿر هيٺ The Gap نالي ڳوٺ ۽ ڀرواري شهر رائوب (Raub) تائين پڄائڻ لاءِ هن هڪ اتڇرو Steep ٽرئڪ ٺهرايو، جنهن ذريعي خچرن مفاصلو طئي ڪيو ٿي. مزورن مان سندن ڪمائيءَ جو پئسو ڪڍڻ لاءِ هن (لوئس جيمس فريزر) جُوا گهر ۽ آفيم جا اڏا کوليا. هي ڪم 25 سال هلندو رهيو، ان بعد اوچتو ئي اوچتو فريزر غائب ٿي ويو ۽ حيرت جي اها ڳالهه آهي ته اڄ ڏينهن تائين ان راز تان ڪو پڙدو کڻي نه سگهيو آهي.
    1915ع ۾ فريزر جي غائب ٿيڻ بعد 1917ع ۾ سنگاپور جي هڪ عيسائي ٻائي (bishop) فرگوسن ڊئوي انهن جبلن ۾ فريزر جي ڳولا ڪئي هئي. فريزر ته نه مليو پر هن انگريز سرڪار کي اها رپورٽ پيش ڪئي ته انهن جبلن ۾ هڪ خوبصورت هِل اسٽيشن ٺهرائي سگهجي، جتي انگريز حاڪم ۽ فوجي هيٺ جي گرمي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن هتي آرام جي زندگي گذاري سگهن. 1919ع ۾ جبلن جي قدمن واري ڳوٺ دي گئپ کان مٿاهينءَ تائين هڪ سنگل روڊ ٺاهيو ويو، جيڪو اڄ به ان حالت ۾ آهي ۽ فقط هڪ گاڏي هلي سگهي ٿي. ان ڪم لاءِ هڪ ڪلاڪ لاءِ مٿان کان هيٺ ٽريفڪ جاري رکي وڃي ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ هيٺان کان مٿي. هيءَ جاءِ ڪوالالمپور کان 104 ڪلوميٽر فاصلي تي آهي. 800 ميٽرن جي بلندي تي The Gap ٽائون آهي، ان بعد جبلن جي چوٽيءَ تي جيڪا 1500 کن ميٽرن جي بلندي تي آهي، 8 ڪلوميٽر گول چڪر وارو هي Winding روڊ آهي. ظاهر آهي جبلن جي چوٽي تي چڙهڻ لاءِ ڪار سڌو ته مٿي وڃي نه سگهندي. هن کي جبل جي چوڌاري ڦيرا ڪرڻا پون ٿا. فريزر هل تي جنهن ۾ جبلن جون ست چوٽيون اچيو وڃن، 17 ڊگرين کان 25 ڊگريون، ٿڌڪار رهي ٿي جيڪو ٽيمپريچر ڪراچي ۾ سياري ۾ رهي ٿو.
    فريزر هِل کان وڏي ۽ ملائيشيا ۾ سڀ کان اتاهين هِل ريسٽورنٽ ڪئمرون هاءِ لئنڊس آهي. ڪئمرون ڪجهه ائين آهي جيئن انڊيا جو پوني شهر، جيڪو پلئٽو تي آهي. ٽن چئن جبلن جون چوٽيون جيڪڏهن مٿاهين ليول تي ملي هڪ Plain ميدان ٺاهين ته هي اتاهين ليول وارو ميدان Plateau سڏجي ٿو. ڪئمرون به ڪجهه ان قسم جو پلئٽو آهي، جيڪو 700 کن چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي ڪَور ڪري ٿو ۽ پلئٽو اٽڪل 2000 ميٽر سطح سمنڊ کان مٿي آهي.
    ڪئمرون پيراق جي گادي واري شهر اپوح کان 85 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي ۽ ڪوالالمپور کان 200 ڪلوميٽر پري آهي. ڪئمرون پلئٽو پهرين انگريزن 1920ع ۾ ڊيولپ ڪبو. ڪئمرون وڃڻ لاءِ پهرين پيراق جي شهر تاپاح يا سمپانگ پُلائي اچڻو پوي ٿو. ڪئمرون ۾ اٽڪل 40000 ماڻهو رهن ٿا، جن ۾ ملئي، چيني، انڊين ۽ ڪجهه ٻيون قومون به آهن. ٿڌڪار ڪري هتي ڀاڄيون ۽ چانهه جي پوک سٺي ٿئي ٿي. ڪئمرون ۾ اڄ به انگريزن جا پنهنجي رهائش لاءِ ٺهرايل بنگلا موجود آهن، جيڪي هوبهو اهڙا آهن جهڙا انڊيا جي جابلو شهر شملا ۾.
    هتي ملائيشيا ۾ جتي جتي به هتي جي حڪومت وارن کي موقعو ملي ٿو ته ان قسم جي جابلو علائقن ۾ هوٽلون ۽ وندر جون جايون ٺاهيندا رهن ٿا، جتي مڪاني توڙي ڌاريان ٽوئرسٽ وڏي شوق سان گهمڻ لاءِ اچن ٿا ۽ مڪاني ماڻهن ۽ سرڪار جي ان مان وڏي ڪمائي ٿئي ٿي. ان کان علاوه مٿين علائقن (هِل اسٽيشنن ۽ پلئٽو) تي ٿڌ هجڻ ڪري اهي ڀاڄيون ۽ ميوا پوکيا وڃن ٿا، جيڪي ٿڌن ملڪن جا آهن. ملائيشيا گرم ۽ ٻارهو ئي مينهوڳي وارو ملڪ آهي، پر ڪئمرون ۾ اسٽابيري، انگور، سنگتڙا ۽ صوف ٿين ٿا. هڪ ڳالهه ڏٺي وڃي ته ملائيشيا ۾ گهاٽا جنگل ۽ جيت جڻيا ۽ جانور هجڻ ڪري ڪنهن جبل جي قدمن تائين پهچڻ به وڏو مشڪل ڪم آهي ۽ اهڙي طرح گهاٽن ٻيلن سان جهنجهيل جبل تي مٿي چڙهڻ، روڊ رستا ٺاهڻ وغيره اڃان به ڏکيو ڪم آهي. ان جي مقابلي ۾ اسان وٽ دادو ضلعي ۾ گورک هِل کي Develope ڪرڻ بيحد آسان ڪم آهي ۽ گورک هل تمام مٿاهين Altitude تي هجڻ ڪري تمام ٿڌي آهي ۽ هڪ دفعو جي ڊيولپ ٿي وڃي ته ماڻهو ڪوهه مري ۽ ايوبيه وڃڻ ڇڏي ڏين، پر خبر ناهي ڇا بدقسمتي آهي جو هر دور حڪومت ۾ رڳو ڳالهيون ئي ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون، ڪم جو اڪلاءُ ڪجهه نٿو ٿئي يا شايد سرڪار کي اهڙي ڪم لاءِ نه سوچ آهي نه بجيٽ، جيتوڻيڪ سيوهڻ ۾ هوائي اڏي ٺاهڻ تي اجايو خرچ ٿي سگهي ٿو، جنهن تي خبر ناهي ڪهڙا جهاز ٿا لهن! گذريل دفعي اتي ٻه گڏهه گاڏيون بيٺيون هيون، همراهن ٻڌايو ته هو جهانگارا باجارا پيا وڃن.
    هتي گهمڻ لاءِ ايندڙ هڪ سنڌ جي متوالي پروفيسر کي ملائيشيا جو مثال ڏيندي چيم ته اسان جي نمائندن ۽ وزيرن کي کپي ته دادو جي هن گورک هِل کي ڊيولپ ڪرائين، جن مان هنن کي به فائدو ٿيندو. هن مون کي چتائي ڏسڻ بعد چيو ته ”اهي ملائيشيا جي وزيرن وانگر بيوقوف ناهن.“
    ”ڪيئن ڀلا؟“ مون پڇيو.
    ”هو گورک هِل کي بنا ٺهرائڻ جي پئسو هضم ڪيو ويٺا آهن. ٺهرائڻ جي تڪليف ڇو ڪن. اڄ تائين گورک هِل جي نالي ۾ ڪيترن پنهنجا ڀڀ ڀري ڇڏيا.“ هن وراڻيو. گورک هل به پوني وانگر Plateau آهي، يعني جبلن جون چوٽيون هڪ ٻئي سان ملي اٽڪل 2500 ايڪڙ (10 چورس ڪلو ميٽر) پکيڙ جو ميدان ٺاهين ٿيون، جنهن ۾ هڪ چڱو خاصو شهر اڏجي سگهي ٿو. هيءَ هل اسٽيشن سطح سمنڊ کان اٽڪل 5700 فٽن (1800 کن ميٽرن) جي بلندي تي آهي، جيڪا ملائيشيا جي ڪئمرون هاءِ لئنڊ کان ڪجهه گهٽ اتاهين ٿي، پر گورک هل تي ڪئمرون، گنتنگ ۽ فريزر هل کان وڌيڪ سيءُ ٿئي ٿو، ڇو جو ملائيشيا ۾ ته ٻارهوئي اونهارو رهي ٿو، پر هتي دادو ضلعي ۾ جنهن ۾ گورک هِل آهي، نومبر، ڊسمبر، جنوري ۽ فيبروري جي مهينن ۾ هيٺ ئي سيءُ پوي ٿو سو گورک هل تي ته اهي مهينا برفباري رهي ٿي. گورک هِل جي ڊيولپ ٿي وڃي ته فقط برفباري جو نظارو ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۽ اوسي پاسي جي ضلعن جا انيڪ ماڻهو اچن.
    گورک هِل جي پٺين پاسي کان بلوچستان آهي ۽ هتان ماڻهو آساني سان خضدار ضلعي ڏي وڃي سگهن ٿا. منهنجي آرڪيالاجي ۽ ادب سان واسطو رکندڙ ٻن دوستن اسحاق انصاري صاحب ۽ بدر ابڙو صاحب ٻڌايو ته گورک هل تي پهچڻ لاءِ هڪ اڀرو سڀرو رستو آهي، جنهن تان ڪا به فور ويلر گاڏي هلي سگهي ٿي. گورک هِل کان اڳ واهي پانڌي آخري شهر آهي. هن کان پوءِ 53 هين ميل تي رستو اُڀکڙو (Steep) ٿئي ٿو ۽ اتان جبلن جي مشهور لنگهه Yaro pass (يارو سائين جو لَڪُ) مان گذرڻو پوي ٿو. اهو لڪ سطح سمنڊ کان 760 ميٽرن جي بلنديءَ تي آهي. ان بعد جڏهن 76 ڪلوميٽر جو پٿر اچي ٿو، اتي هڪ ٻيو لَڪُ خان وال پاس اچي ٿو. هن هنڌ تي 910 ميٽرن جي بلندي آهي. ان بعد فقط 4 ڪلو ميٽر جو فاصلو آهي، جيڪو بيحد انگڙ ونگڙ آهي. ان بعد گورک هِل تي پهچڻ لاءِ وڌيڪ 13 ڪلو ميٽر فاصلو آهي. گورک هِل تي هڪ ننڍڙو ريسٽ هائوس آهي، جيڪو هتي جو واحد رهائشگاهه آهي.
    جاگرافي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي هن جابلو قطار کيرٿر (Kirthar) ۾ ٻيون به ڪيتريون هِل اسٽيشن آهن، جن مان ڪي ته 1700 ميٽرن جي بلندي تي به آهن. انهن مان هڪ ”ڪتي جي قبر“ جي نالي سان به مشهور آهي، جيڪا 1800 ميٽرن کان به اتاهين چئي وڃي ٿي.


    ڪجهه ملائيشيا جي سِکن بابت

    ملائيشيا ملئي، چيني ۽ ڏکڻ هندستاني تاملن ۽ مدراسين جو ملڪ آهي. ملائيشيا جو سرڪاري معلومات جو کاتو به اهو ئي ٻڌائي ٿو ته ملائيشيا ۾ 50 سيڪڙو ملئي آهن ۽ باقي 40 سيڪڙو چيني ۽ 10 کن سيڪڙو انڊين آهن. ملائيشيا ۾ جيڪو ٻن ٽن ڏينهن يا هفتي کن لاءِ گهمڻ اچي ٿو، ان کي به ائين لڳي ٿو. پر جيڪو هتي پڙهڻ يا نوڪري خاطر ڊگهي عرصي لاءِ رهي ٿو، ان کي آهستي آهستي معلومات ٿئي ٿي ته 10 سيڪڙو انڊين ۾ رڳو ڏکڻ هندستان جا تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنهڙ ڳالهائيندڙ مدراسي ۽ ملباري نه آهن، توڙي کڻي انهن جي وڏي مئجارٽي آهي، پر انهن سان گڏ وڏي تعداد ۾ پنجابي، گجراتي، پٺاڻ، بوهري ۽ سک به آهن.
    سِک پنهنجين ڏاڙهين ۽ پٽڪن ڪري جتي ڪٿي نمايان رهن ٿا. ان کان علاوه هو خوش مزاجي، پڪائي ڪري پئسو گڏ ڪري ايندڙ ٽهيءَ کي خوشحال بنائڻ وارا، محنتي، گهڻي ڀاڱي ايماندار ۽ راندين ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا ڪوڏيا مڃيا وڃن ٿا. ملائيشيا جي مشهور ائڪٽريس ۽ اڳوڻي حسن جي راڻي(Beauty Queen) ڪويتا سِڌو، وزيراعظم جو ايڪانامڪ صلاحڪار همت سنگهه، ملڪ جي ماحوليات ۽ ٽيڪنالاجي سڌارڻ جو چيئرمين گرميت سنگهه، ملڪ جو اعليٰ پئماني جو وڪيل ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر ڪرپال سنگهه، خوبصورت ماڊل ۽ مشهور ٽي وي ائنڪر آشا گِل، روڊ سيفٽي ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل داتڪ سريت سنگهه، ملائيشيا سنگاپور اسپورٽس ڪائونسل جو صدر داتو سوهن سنگهه، مشهور ٽي وي ايڊيٽر ۽ جرنلسٽ ڪرم سنگهه جنهن کي ڪيترائي قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ملي چڪا آهن، پوليس اڪيڊمي ڪوالالمپور جو ڪمانڊنٽ داتو امر سنگهه، يونيورسٽي سائنس ملائيشيا جو پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ رابندر جيت سنگهه، ريڊيو ملائيشيا جي دلپسند آواز واري جينا ڌاليوال، فٽ بال جو سابق رانديگر هاڻ ڪوچ شيبي (سربگيٽ سنگهه).... ڪجهه مشهور سکن جا نالا آهن، جيڪي ملائيشيا ۾ ڄاوا ۽ ملائيشيا جا شهري آهن، جن بابت اسان هر وقت ٽي وي، ريڊيو ۽ اخبارن ۾ سندن احوال ٻڌندا ۽ پڙهندا رهون ٿا.
    هونءَ ته هنن پَٽن (ملائيشيا ۽ انڊونيشيا) ڏي صدين کان هڪ پاسي کان چين کان ٻئي پاسي کان انڊيا، ايران ۽ عربستان کان واپاري ايندا رهيا، جن مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ مڪاني عورتن سان شادي ڪري ٽِڪي به پيو ٿي نه ته ان وقت جي وهنوار موجب هر واپاري ٻه ٽي مهينا رهي پنهنجو مال کپائي ٻئي مال جي خريداري ڪري وطن وريو ٿي. هنن پٽن تي هي سلسلو ڪيترين ئي صدين کان جاري هو، جڏهن ڪاٺ جا جهاز هئا، جيڪي سڙهن تي هليا ٿي، جڏهن اڃان انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جهڙا نالا ته ڇا پر ’ملايا‘ لفظ به وجود ۾ نه آيو هو ۽ هي ملڪ سندن ٻيٽن جي نالن سان سڏبا هئا، جيئن ته بالي، جاوا، سماترا ۽ ملاڪا سلطنت وغيره. شاهه لطيف به اهي ئي نالا ٻڌا هئا، تڏهن ته پنهنجن بيتن ۾ جاوا، لنڪا، عدن، استنبول جو ذڪر ڪيو اٿس.
    اسان جي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جو هن پاسي (ملائيشيا، هانگ ڪانگ، سنگاپور) يا آفريڪا ڏي وڃڻ ۽ ٽڪي پوڻ انگريزن جي ڏينهن ۾ ٿيو، جڏهن انگريزن جو ننڍي کنڊ کان علاوه آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن تي به قبضو ٿيو ۽ انگريزن ڪينيا، يوگنڊا، ملايا (ملائيشيا) هانگ ڪانگ، سنگاپور وغيره ۾ ريل، پوليس، رستا ۽ ٻيون اهڙيون شيون، عمارتون ۽ ادارا ٺاهڻ چاهيا ٿي جيڪي هو ننڍي کنڊ ۾ قائم ڪري چڪا هئا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ننڍي کنڊ جا ماڻهو وڌيڪ ذهين، محنتي، همت وارا ۽ جوابدار هئا. يعني هنن علائقن جي اورانگ ملايو (ملئي ماڻهن) ۽ آفريڪا جي شيدين کان انگريز عقلمند هئا، هنن يڪدم سمجهي ورتو ته ننڍي کنڊ جي ڪهڙي صوبي جو ماڻهو ڪهڙي ڪم لاءِ بهتر آهي. پوءِ هنن پٺاڻن ۽ پنجابين (سکن ۽ هندو مسلمانن) کي فوج ۽ چوڪيداري لاءِ ته گجراتين ۽ سنڌي هندن کي واپار وڙي ۽ دڪان کولڻ لاءِ ته مدراسي تاملن کي ريل جا پٽا وڇائڻ ۽ جنگلن ۾ پوک جو ڪم ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ گهرايو.
    ملائيشيا ۾ سکن، گورکن، پنجابي ۽ پٺاڻن جي آمد 1865 کان شروع ٿي جڏهن برطانيه جي سلطنت ملايا (ملائيشيا) ۾ Armed Forces قائم ڪيو. هنن ان وقت سکن کي به پوليس، مليٽري ۽ گارڊس لاءِ ڀرتي ڪيو. پوءِ هڪڙن کي ملايا مان بدلي ڪري برما يا هانگ ڪانگ رکيو ويو ٿي ته ٻين کي پنجاب مان گهرائي ملايا رکيو ويو ٿي. ڪي ته رٽائرڊ ٿيڻ بعد هانگ ڪانگ يا ملايا ۾ رهي پيا ٿي ته ڪي بارڊر لتاڙي ٿائلينڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ به هليا ويا ٿي. انهن ڏينهن ۾ نه هو شناختي ڪارڊ جو چڪر نه پاسپورٽ. ڀاڙو هجڻ سان ماڻهو ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي سگهيو ٿي. انگريز سرڪار جي نوڪري مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد هي پرائيويٽ ڪمپنين ۽ پوءِ بئنڪن، هوٽلن ۽ دڪانن تي چوڪيدار يا گارڊ ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. ايتريقدر جو سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۾ جڏهن منهنجو ملائيشيا جي بندرگاهن، پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (ڪئالالمپور) اچڻ ٿيو ته مون کي ڪيترن ئي بئنڪن ۽ هوٽلن جا گارڊ ۽ چوڪيدار سک ۽ خيبر پختونخواهه جا پٺاڻ نظر آيا، جن سادگي جي زندگي گذاري ٿي ۽ سخت پورهئي ۽ ايمانداري ڪري هنن جي مڪاني ماڻهن عزت ڪئي ٿي، جن مان ڪجهه جو احوال پنهنجن شروع وارن سفرنامن ۾ ڏئي چڪو آهيان. ان وقت ڪجهه ڪجهه سکن ۽ پٺاڻن پنهنجي وڏن جو اهو چوڪيداري ڌنڌو ڇڏي ننڍڙا دڪان به کوليا هئا يا سائيڪل تي ڪپڙن، ٿانون يا ٻئي سامان جون هڙون رکي ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ نقد، اوڌر يا وياج تي سامان وڪيو ٿي. زماني جي تبديلي کي ڏسي ڪجهه کي اها حسرت ٿِي ٿي ته ڪاش هنن جا ٻار به تعليم حاصل ڪري ڪا سٺي نوڪري حاصل ڪن ۽ پوءِ وقت سان گڏ آئون ڏسندو رهيس ته آهستي آهستي سِکَ، پٺاڻ چوڪيدارن ۽ سپاهين جا ٻار پڙهڻ لڳا. اڄ چاليهه پنجيتاليهه سالن بعد سڄو نقشو بدلجي چڪو آهي. ڪو به سک يا پٺاڻ ڳوليندي به چوڪيدار يا گارڊ نظر نٿو اچي. ملائيشيا جي ٻين قومن وانگر هنن جا ٻار به سؤ سيڪڙو تعليم يافته ٿي ويا آهن. اڄ ڪيترائي سک ۽ پٺاڻ ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان، پروفيسر، فوجي اعليٰ آفيسر، وڪيل، بزنس مين ۽ ويندي اسيمبلين جا ميمبر آهن. پنجاب صوبي جا مسلمان پنجابي جيڪي فوج ۾ آيا اهي ان وقت ئي بزنس ۾ هليا ويا ۽ پوءِ نئين دور ۾ تعليم حاصل ڪري اهي به ملڪ جي اهم عهدن تي اچي ويا.
    بهرحال هتي پاڻ ملائيشيا جي سِکن جي ڳالهه پيا ڪريون. مسلمانن وانگر سِک به جتي رهن ٿا اتي هو عبادت لاءِ ٽِڪاڻو (گوردوارو) ٺاهين ٿا، پوءِ ڀلي کڻي اٺ گهر هجن. مالمو سئيڊن ۾ هوس ته اتي چئن سکن به هڪ ڪمري جو مندر ٺاهيو، جتي هو عبادت ۽ هڪ ٻئي سان ملڻ لاءِ آيا ٿي. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته سڄي ملائيشيا ۾ 112 سکن جا مندر (گوردوارا) آهن، جن کي ملائيشيا جا سِکَ ”گوردوارا صاحب“ سڏين ٿا. ويندي مشرقي ملائيشيا جي سباح ۽ سراواڪ رياستن ۾ جيڪي سمجهو ته عام دنيا کان ڪٽيل آهن، هرهڪ ۾ پنج پنج ٽِڪاڻا آهن. سڀ کان گهڻا سِکَ پيراق رياست ۾ رهن ٿا، جتي هنن جا 72 مندر (گوردوارا صاحب) آهن. سڀ کان وڏو ۽ آڳاٽو گوردوارو ڪِلانگ شهر وارو آهي... اوڻهين صدي جي آخري وارن سالن ۾ يعني 1875 کان، ڪلانگ واپار وڙي جو وڏو شهر هو، جيڪو بندرگاهه هجڻ ڪري اڄ به مشهور آهي. هي گادي وارو شهر ڪئالالمپور ته پوءِ اڏيو ويو ۽ بعد ۾ انگريز ڪِلانگ کان آفيسون شفٽ ڪري ڪئالالمپور آيا. 1900 ڌاري ڪِلانگ ۾ اٽڪل 50 کن سِک رهيا ٿي، جن مان ڪي انگريز سرڪار وٽ پوليس مين هئا يا چوڪيدار، ڪن کيتي ٻاڙي به ڪئي ٿي ته ڍڳيون به پاليون ٿي. ڪن ڍڳي گاڏيون هلايون ٿي ته ڪي اڳتي هلي انگريزن جي ڪارن جا شوفر (ڊرائيور) ٿيا.
    پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا جي نه ملئي ماڻهن کي ۽ نه وري چينين ۽ مدراسين کي کير پيئڻ جو شوق آهي. ملائيشيا ۾ رهندڙ پنجابي، پٺاڻن ۽ سکن کي ڳئون جو کير پيئڻ جو شوق آهي. هاڻ مڙئي گذريل ويهارو کن سالن ۾ هتي جي حڪومت ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي کير پيئڻ جي فائدن جي مهم هلائي هاڻ عوام کي ان ڳالهه لاءِ آماده ڪيو آهي ته ٻارن توڙي وڏن لاءِ کير پيئڻ ضروري آهي. ايتريقدر جو اَسي واري ڏهي جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن آئون هنڌ بسترو کڻي ملاڪا ۾ اچي رهيو هوس ته اسان کي کير حاصل ڪرڻ جو مسئلو هو. انهن ڏينهن ۾ نه مِلڪ پيڪ هئا نه نيڊو يا ڪِلم ڪمپني جو پائوڊر کير. رڳو چانهه لاءِ Condensed مِٺي ۽ گهاٽي کير جا ٽِن مليا ٿي. اسان پاڪستانين کي کير لاءِ ايڏو پريشان ٿيندو ڏسي مڪاني ماڻهو (ملئي ۽ چيني وغيره) حيرت کائيندا هئا. بهرحال اسان هڪ انڊين هاري ڳولي هٿ ڪيو، جنهن وٽ ڍڳيون هيون ۽ هو اسان کي گهر کير پهچائڻ لاءِ راضي ٿي ويو. پوءِ خبر پئي ته جتي جتي سِکَ رهن ٿا اتي آساني سان کير مليو وڃي جو سِکَ ڍڳيون چارڻ جو ڪم وڏي شوق سان ڪن ٿا. بلڪ جيئن ئي ٻار اٺ نَوَ سالن جو ٿيندو ته هن کي ڍڳيون چارڻ لاءِ جهنگ ڏي روانو ڪري ڇڏيندا. اسڪول ويندو هوندو ته به موڪل مهل کيس ان ڪم تي لڳائيندا. ان تي هڪ مشهور ملئي راڳ به آهي ته ڪيئن سِکُ ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو، هو ٿورو ٿورو ڪري پئسو بچائي ٿو ۽ آهستي آهستي وڏو ماڻهو ٿئي ٿو.
    سو ڪلانگ ۾ رهندڙ شروعاتي سِکن مان به ڪجهه جو ڪم ڍڳيون پالڻ هو ۽ مزي جي اها ڳالهه ته اڄ به ڪيترا سک اهو ڪم ڪن ٿا. ڪئالالمپور ۾ مسجد انڊيا جي ويجهو ”جئه هند“ نالي مٺائي جي سِکَ مالڪ کان جڏهن 1985ع ۾ مٺائي جو دڪان کوليو ته دڪان ۾ مائو، برفي ۽ کيرپڙن جهڙي مٺائي ڏسي مون هن کان پڇيو ته هن لاءِ هو کير ڪٿان ٿو آڻي.
    ”سرڪار اسان کي پنهنجا واڙا آهن“ هن ٻڌايو، هي دڪان اڄ به ان جاءِ تي آهي ۽ اسان جا ننڍي کنڊ جا ماڻهو انڊيا ۽ پاڪستان کان مٺائي گهرائڻ بدران ڪئالالمپور جي هن دڪان تان گهرائين ٿا. اڄ ڪلهه ته دڪان جي مالڪ ڀوپندر سنگهه صبح جو نيرن ۾ سيري پوريءَ جو به بندوبست ڪيو آهي ۽ انڊين پاڪستاني ته ڇا هاڻ ته ملئي ماڻهو به پنهنجو ناشتو ”ناسي ليماڪ“ ڇڏي جئه هند جو سيرو اچيو کائين. ڀوپندر کان پڇيم ته ڍڳين جو واڙو ته ڪلانگ ۾ اٿانوَ مٺائي ٺاهڻ جي فيڪٽري ڪٿي اٿانوَ؟
    ”اها ڀرواري شهر سيپانگ ۾ بندر بارو سالڪ ٽنگي علائقي ۾ آهي.“
    اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا شهر ۾ هڪ هنڌ پڙهائي رهيو هوس ته اتي هر هفتي آچر واري موڪل تي ملاڪا يا اوسي پاسي جي شهرن ۾ وڃي ڪنهن اهم ماڻهوءَ سان ملندو هوس ۽ ان بابت پنهنجي ملڪ جي اخبارن ۾ ڪالم لکندو هوس. اهم ماڻهوءَ سان منهنجو مطلب ڪو امير پئسي وارو يا وڏي عهدي وارو نه آهي. سڄو هفتو اخبار پڙهڻ بعد جيڪو خبرن ۾ گهڻو ايندو هو، ان جو انٽرويو يا خبرچار وٺڻ ويندو هوس پوءِ اهو چاهي سياستدان هجي، حڪومت ۾ هجي، اپوزيشن ۾ هجي، اديب هجي يا شاعر، فلم ايڪٽريس هجي يا سنگر، ڊاڪٽر، سرجن، انجنيئر يا ڪو خاص پروفيسر هجي. هڪ دفعو ته اهڙي همراهه سان به ملڻ ويس، جيڪو ماڻهن جا جن ڪڍي ٿو. هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان به مليس، جنهن اورانگ بنيان (جن) سان شادي ڪئي هئي، وغيره اهڙي طرح ملائيشيا جي مشهور ۽ Controversial وڪيل ۽ اسيمبلي جي سِکَ ميمبر ڪرپال سنگهه سان به ملڻ ويس. ڪرپال ملڪ جا اهم ڪيس کڻڻ وارو مڃيو وڃي ٿو. نشي جي شيءِ چرس، هيروئن يا گانجو (Dadah) کڻڻ يا واپرائڻ واري لاءِ جڏهن ڦاهيءَ جو قانون ٺهيو ته پهريان ٻه ماڻهو جيڪي جهليا ويا، اهي ٽوئرسٽ هئا ۽ ملڪ به اهڙي تهڙي جا نه پر آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جا هئا. انهن ملڪن جي حڪومت توڙي برطانيه ۽ فرانس گهڻو ئي زور لڳايو، پر کين ڦاهي ڏني وئي. هيءَ 1987ع جي ڳالهه آهي. ملزمن طرفان ڪرپال سنگهه کي وڪيل ڪيو ويو. وزيراعظم مهاتير جو جڏهن ڊپٽي وزيراعظم انور ابراهيم سان ڦڏو ٿيو ته ان جو ڪيس به هن سِکَ وڪيل کنيو هو.
    سياست ۾ اچڻ بعد ڪرپال سنگهه ڪي اهڙا مسئلا کنيا، جن تي ڪو ڳالهائي نٿو سگهي. هن ان ڳالهه تي سخت تنقيد ڪئي ته ملئي بادشاهن ۽ انهن جي اولاد کي ڇو ٿي Immunity ڏني وڃي ۽ جيئن ته ملائيشيا گهڻ قومو ۽ ڌرمو ملڪ آهي، ان ۾ اسلام کي سرڪاري مذهب ڇو ٿو ٺاهيو وڃي. انهن ڳالهين ڪري جتي ملڪ جي ملئي مسلمانن کي غم ۽ غصو ايندو رهيو ٿي اتي ملڪ جا ٻيا ماڻهو چيني، انڊين ۽ ٻڌ وغيره خوش ٿيڻ لڳا، جن لاءِ ڪرپال سنگهه دلپسند شخصيت رهيو آهي. باقي ظاهر آهي اهڙين ڳالهين ڪري مسلمان ته هن کي مارڻ لاءِ آتا هوندا آهن. ايتريقدر جو هڪ دفعي هو ڪورٽ ۾ ڪنهن ڪيس جي وڪالت ڪري رهيو هو ته هڪ ڀوپوءَ (ٽوڻا ڦيڻا ڪرڻ واري ملئي Bomoh حڪيم) جوتا لاهي اچي ورايس. ڪرپال سنگهه مون سان به اڪيلي ۾ ملڻ کان نٽايو پر پوءِ پنهنجي ڪمانڊنٽ کان فون ڪري هن وٽ پهتس ته آئون هڪ ڌارئين ملڪ جو هتي پروفيسر آهيان، جرنلزم ۽ سفرناما لکڻ منهنجي هابي آهي، تڏهن مليو.
    ڪرپال سنگهه عمر ۾ مون کان چار سال وڏو آهي ۽ 1940ع ۾ پينانگ ٻيٽ جي جارج ٽائون شهر ۾ ڄائو. سندس پيءُ رام سنگهه 1921ع ۾ امرتسر (انڊيا) کان پينانگ آيو هو، جتي هو رات جو چوڪيداري ڪندو هو ۽ ڏينهن جو ڍڳيون چاريندو هو. ڪرپال پينانگ جي اسڪول سينيٽ زئور مان پڙهيو. هو پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن پيءُ سان گڏ مال چارڻ ويندو هو. پاڻ ٻڌايائين ته هڪ ڏينهن مال چاريندي سندس ملاقات گرمت ڪور نالي ڇوڪريءَ سان ٿي، جنهن سان بعد ۾ شادي رچايائين.
    ڪرپال سنگهه LL. B جي ڊگري سنگاپور جي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، جتي تعليم دوران هو شاگردن جي يونين جو صدر به ٿي رهيو. سنگاپور يونيورسٽي ۾ هن انتظاميه جي ڪجهه فيصلن خلاف احتجاج ڪيو، نتيجي ۾ کيس هاسٽل ۾ رهڻ کان انڪار ڪيو ويو. گريجوئيٽ ٿيڻ ۾ ڪرپال کي ست سال لڳي ويا. 1969ع کان هن ڪيداح رياست جي گادي واري شهر ”الور اسٽار“ ۾ وڪالت شروع ڪئي ۽ ٻئي سال ”ميشرس ڪرپال سنگهه اينڊ ڪمپني“ نالي پنهنجو ليگل فرم کوليو ۽ ان ئي سال هن ملائيشيا جي DAP نالي سياسي پارٽي ۾ داخلا ورتي ۽ هر دفعي اليڪشن کٽيندو آيو، پر 1999ع واري اليڪشن ۾ پاڻ ۽ هن جي مخالف ڌر جي ليڊر لِم ڪِٽ سيانگ هارايو. ان بعد 2004ع واري جنرل اليڪشن ۾ ڪرپال وڏي اڪثريت سان کٽي ويو. ان ئي سال جي آخر ۾ هن جي ڪار جو حادثو ٿي پيو. کيس به ڪافي ڌڪ لڳا، جنهن ڪري هلڻ چلڻ کان بس ٿي ويو. هينئر منهنجي ساڻس 25 کن سال بعد ڪوالالمپور ۾ سندس دامن سارا هائيٽس واري گهر ۾ وري ملاقات ٿي ته هو ويل چيئر تي هو. سندس زال گرمت ڪور به هئي، جيڪا کانئس 8 سال ننڍي آهي. سندن شادي 1970ع ۾ ٿي هئي. گرمت به سکڻي آهي، پر هن جا وڏا پنجاب کان لڏي ٿائلينڊ جي شهر ناراٿيوات ۾ اچي رهيا هئا. گرميت ڪور 8 سالن جي هئي ته سندس والدين ٿائلينڊ مان لڏي پينانگ ۾ اچي رهيا هئا. ڪرپال ۽ گرميت ڪور کي پنج ٻار ۽ چار ڏهٽا پوٽا آهن. هنن جو وڏو پٽ جگديپ پينانگ رياست جي اسيمبلي جو ميمبر آهي. ٻيو پٽ گوبند سلينگور رياست جي پارليامينٽ جو نمائندو آهي. هڪ ٻيو پٽ رام ڪرپال ۽ ڌيءَ سنگيت ڪور وڪيل آهن ۽ سندس ليگل فرم ۾ ڪم ڪن ٿا. سڀ ۾ ننڍي پٽ من ڪرپال Actuarial Science ۾ ڊگري حاصل ڪئي آهي.
    نموني خاطر مون هن سک جي ڪهاڻي لکي آهي ته هڪ غريب چوڪيدار ۽ ڌنار جا ٻار محنت ۽ تعليم ذريعي اعليٰ مقام تي پهچي ويا. ان ئي قسم جون ڪهاڻيون ٻين سکن جون آهن. مون ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڏٺو آهي، خاص ڪري هتي ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، انگلينڊ، ڪينيا (آفريڪا) وغيره ۾ ته سکن جي هر ايندڙ ٽهي پهرين کان خوش حال ٿيندي وڃي ٿي ۽ جنهن ملڪ ۾ به هو رهن ٿا، ان جي ڌرتي ۽ عوام جي ڀلي لاءِ ڪم ڪن ٿا. هو خوش مزاجي ۽ قانون جو احترام ڪرڻ ڪري هر ملڪ جي حڪومت هنن جي عزت ڪري ٿي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو حق حلال جو روزگار ڪمائڻ خاطر ڍڳيون چارڻ يا مزور ٿي بار کڻڻ جهڙن پورهين ۾ به عيب نٿا محسوس ڪن. سِکن بابت مشهور راڳ جيڪو ملئي ماڻهن ٺاهيو آهي ۽ هتي جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾ مشهور آهي، سندن زندگي جي عڪاسي ڪري ٿو. ان جون ڪجهه سِٽون هن ريت آهن:
    Kechik Kechik Lembu Jaga
    Sudah Besar Masuk Askar
    Satu Senapang Peluru Dua
    Kechik........................
    (سک) ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو
    وڏو ٿي فوج ۾ وڃي ٿو
    هڪ رائيفل ٻه گوليون (هن جي زندگي آهي)
    ننڍو آهي ته ڍڳيون چاري ٿو.... ننڍو آهي ته ڍڳيون...

    اَدا مِسائي تا ادا جنگت اِتو ”ڪُچنگ“
    اَدا جنگت تا ادا مِسائي اِتو ”ڪَمبنگ“
    اَدا جنگت ادا مِسائي اِتو ”بنگالي سنگهه“
    تا ادا جنگت تا ادا مِسائي اتو ”تِيونيا سنگهه“

    (هنن جو چوڻ آهي ته)
    جنهن کي مڇون آهن پر ڏاڙهي ناهي، اهو ”ٻلو“ آهي.
    جنهن کي ڏاڙهي آهي ۽ مُڇون نه آهن اهو ”ٻڪر“ آهي.
    جنهن کي ڏاڙهي به آهي، مُڇ به آهي اهو ”ٻاهران آيل سک“ آهي.
    جنهن کي ڏاڙهي به نه آهي، مُڇ به نه آهي اهو ”تيونيا سنگهه“ آهي.

    ملئي زبان ۾ Ada معنيٰ”آهي“ ۽ Tidak Ada جنهن جو شارٽ فارم ”تا ادا“معنيٰ ”ڪونه آهي“. سک کي پنهنجي ڏاڙهي مڇن تي وڏو ناز رهي ٿو، هن مطابق فقط مڇن وارو ماڻهو ٻلو هوندو آهي ۽ رڳو ڏاڙهي وارو ٻڪر آهي. جنهن کي ٻئي آهن، اهو ٻاهران (پنجاب) کان آيل سک آهي، يعني صحيح معنيٰ ۾ شينهن (سنگهه) آهي. پڙهندڙن ۽ ملائيشيا ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ماڻهن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته ملئي زبان ۾ ”بنگالي“ معنيٰ غير ملڪي آهي. هنن پَٽن تي صديون اڳ ٻيڙين ذريعي بنگالي ايندا رهيا. ان بعد ڪو به ٻاهران آيو ٿي ته ملئي ماڻهن هن کي بنگالي سمجهيو ٿي. چاهي برمي هجي، مدراسي هجي يا پنجابي، گجراتي، ايتريقدر جو جڏهن پورچو گالي (پهريان يورپي) ملاڪا آيا ته هتي جا ملئي ماڻهو انهن کي به بنگالي سڏڻ لڳا، پر سندن اڇي رنگ ڪري کين ”بنگالي پوتيج“ (سفيد بنگالي) سڏڻ لڳا. هي ائين آهي جيئن اسان وٽ هر گوري ماڻهوءَ کي انگريز سڏيو وڃي ٿو، پوءِ اهو چاهي انگلينڊ جو هجي يا اسڪاٽلينڊ يا آئرلينڊ جو. جرمني ۽ فرانس جو هجي يا ناروي ۽ اسپين جو.
    ملائيشيا ۾ رهندڙ سکن بابت هي هڪ ڊگهو ۽ مزاحيه راڳ آهي، جيڪو ڪي سک Enjoy ڪن ٿا ته ڪي شڪايت ڪن ٿا ته هن راڳ ذريعي هنن سان چٿرون ڪيون ويون آهن.
    هڪ لفظ تِيونيا جي معنيٰ لکڻ رهجي وئي. اهو لفظ چيني زبان جي گار آهي ۽ اڪثر رنڊي يا بدڪردار کدڙي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. سکن جي خيال ۾ جيڪو مرد ڏاڙهي ۽ مڇ ٻئي ڪٽايو هلي اهو ”تيونيا“ سنگهه آهي، يعني رنڊي يا کدڙو آهي.


    ملائيشيا ۾ نئون ماڻهو ڇا کائي؟

    ملائيشيا جي کاڌن بابت ڪجهه پهرين به لکي چڪو آهيان، ڪجهه هتي وڌيڪ لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جو اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو (ڪجهه ڏينهن لاءِ ايندڙ ٽوئرسٽ توڙي اهي شاگرد يا نوڪري ڪرڻ وارا جيڪي ٻن ٽن سالن لاءِ اچن ٿا) پڇن ٿا ته ڇا کائجي، ڪٿي کائجي، ان کان علاوه حرام ۽ حلال جو به پڇن ٿا.
    شروع ۾ ئي اهو لکان ٿو ته ملائيشيا ۾ قاعدو قانون سخت آهي ۽ ان تي عمل به ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڏوهه ٿيندا رهن ٿا جن کان مڪو مدينو به خالي ناهي. بهرحال عام طرح ملائيشيا جا ماڻهو ڪو ڏوهه ڪندي ڊڄن ٿا جو هنن کي خبر آهي ته انصاف ۽ انتظام جا ادارا مضبوط آهن. ملائيشيا ۾ هر شيءِ حلال ملي ٿي، ويندي ڪينٽڪي (KFC)، مئڪڊونالڊ ۽ A&W جهڙي آمريڪن ريسٽورنٽن ۾ به هر شيءِ حلال ملي ٿي. سيڌي جي دڪان تي به بسڪيٽ، ڪيڪ، چاڪليٽ کان دٻن ۾ پئڪ ٿيل سئيڊن يا آسٽريليا مان امپورٽ ٿيل گوشت ۽ برگر حلال آهن جيڪڏهن انهن شين جي ٻاهران ’حلال‘ جو ٺپو يا اسٽڪر لڳل آهي. سو ملائيشيا ۾ ڌارئين ايندڙ کي نه ان معاملي ۾ پريشان ٿيڻ کپي نه کاڌي جي سٺائي بابت. توهان کڻي فائو اسٽار هوٽل ۾ کاڌو کائو يا فٽ پاٿ تي بيٺل خومچي يا گاڏي واري وٽ. ڪٿي به توهان کي نه پاروٿي شيءِ ملندي نه ملاوتي (Adulterated) ملندي. اسان وٽ ته هوٽلن ۾ توڙي گاڏي (ريڙهي) وارا هڪ ڏينهن اڳ جو بچيل کاڌو ته هلائين ٿا پر مئل ڪڪڙين جا به تڪا ٺاهيو هلايو ڇڏين. ڳائي ۽ ٻاڪري جي نالي ۾ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن جانورن جو گوشت گراهڪن کي کارايو ڇڏين. هر شيءِ ۾ ملاوت ته عام آهي. ڳاڙهن مرچن ۾ پڪل سرن جو چُورو، ڪارين مرين ۾ پپيئي جو ٻج، ويندي سڪل ۽ سنياريل نانن ۽ مانين کي پيهي انهن مان ڪيڪ بسڪيٽ ٺاهيا وڃن ٿا. هتي ملائيشيا ۾ پاروٿي ۽ ملاوتي شين کي وڪڻڻ وڏو ڏوهه آهي. سو هتي توهان بي ڊپا ٿي ڪٿي به کائي سگهو ٿا. ڪنهن وڏي هوٽل يا ريسٽورنٽ ۾ کائڻ بدران ڪنهن خومچي واري، گاڏي واري يا گهرن اڳيان فٽ پاٿن تي شيون رکي وڪڻندڙ ملئي عورتن کان کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪري پئسو ۽ وقت بچائي سگهو ٿا. اسان غريب ملڪن جا غريب ماڻهو ته ڇا پر هتي جا امير ۽ وڏا آفيسر به رستي تي بيٺل گاڏي واري کان ماني ٻوڙ يا ڀت ڪواب (Satay) وٺي اتي رکيل ڪاٺ جي ڏنگن ڦڏن اسٽولن تي ويهي کائين ٿا.
    ملاڪا ۾ ڏهه سال رهائش دوران ڪڏهن ورلي ڪو مون گهر ۾ نيرن ڪئي هوندي نه ته آفيس ۾ وڪڻڻ واري مائيءَ کان اسين سڀ آفيسر ۽ ڪلارڪ، مالهي ۽ ٻيا ڪم وارا اڦراٽو (Roti Canai) يا ڀت (Nasi Lemak) وٺي کائيندا هئاسين. زالون مارڪيٽ ۾ ڀاڄي ڀتي وٺڻ مهل اتي ڪنهن گاڏي واري يا ريسٽورنٽ واري کان نيرن جو پاڪيٽ خريد ڪنديون هيون يا گهرن جي ٻاهران سائيڪل تي نيرن رکي وڪڻڻ وارن کان وٺنديون هيون. هتي ڪيتريون ئي کاڌي جون شيون خاص ڪري نيرن تي کائڻ وارا چانور (ناسي ليماڪ) اخبار جي پني، خاڪي پني يا ڪيلي جي پن ۾ ويڙهي وڪڻن. توهان جي ملئي ماڻهن جي هن خاص ڊش جو سواد وٺڻ چاهيو ٿا ته حج دوران هڪ پئڪيٽ خريد ڪري سگهو ٿا. فجر نماز بعد حرم پاڪ جي ٻاهران ڪيتريون انڊونيشي ۽ ملئي عورتون هن رڌل چانورن Nasi Lemak جون ٿيلهيون وڪڻندي نظر اينديون ۽ ملئي ماڻهو هنن چانورن جا ايڏا عاشق آهن جو حج وارا ٻه ٽي هفتا به هنن چانور بنا رهيو نٿا سگهن ۽ مڪي ۾ اهي مهانگا ملڻ جي باوجود خريد ڪن ٿا.
    ناسي ليماڪ (Nasi Lemak) عام چانور ٿين. جيڪي ناريل جي کير ۾ رڌيا وڃن ٿا. ملائيشيا ۾ ناريل جام ٿئي ٿو ۽ هتي چانورن يا ٻوڙ ۾ بصر جو داڳ ڪرڻ بدران ناريل جو چورو وڌو وڃي ٿو. ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي مڪسر جيوسر جهڙيون شريڊر مشينون ٿين ۽ ماڻهو انهن دڪانن يا ڀاڄي وارن کان ٻوڙ لاءِ روزانو هڪ يا ٻن ناريلن جي چوري جهڙي ڪاتر ڪرائين جيڪو چورو پاڻي ملائڻ سان گهاٽي کير جهڙو ٿيو پوي. صبح جو نيرن تي کائڻ وارا هي چانور (Nasi Lemak) ان ناريل جي کير ۾ رڌا وڃن ٿا جن جو سواد ڪِريم جهڙو ٿئي ٿو. هي ڊش ملائيشيا کان علاوه سنگاپور، انڊونيشيا، برونائي ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ ۾ عام آهي. پليٽ ۾ هنن چانورن سان گڏ ٻه چار ونگي (Cucumber) جا ڳترا، ڏهه ٻارهن فراءِ ٿيل چونئرا (Pea-nuts)، اٻاريل بيضي (Boil Egg) جا ڪجهه ٽڪرا ۽ اٺ نو کن چيچ جي ڳتري جيڏيون ننڍيون ۽ نيزي (چلگوزي) جهڙيون سنهيون فراءِ ٿيل مڇيون هونديون آهن. هي مڇيون هتي جام ٿين ٿيون جن جو اسان وٽ سنڌي يا اردو ۾ خبر ناهي ڪهڙو نالو آهي پر انگريز ان کي (Anchovies) ۽ هتي جا ملئي ماڻهو اِڪان بِلس (Ikan Bilis) سڏين ٿا.
    ناسي ليماڪ سان ملندڙ چانورن جو هڪ ٻيو ڊش آهي جيڪو ناسي دگانگ Nasi Dagang سڏجي ٿو. هي چانور ملائيشيا جي اوڀر وارين رياستن ترنگانو ۽ ڪيلنتان ۾ مشهور آهن. هن ۾ وڏي مڇيءَ جا ٽڪرا هوندا آهن. ناسي ليماڪ جيتوڻيڪ نيرن جو کاڌو آهي پر اهو ملئي توڙي ڌاريان ماڻهو (انهن ۾ هڪ آئون به آهيان) ايڏو پسند ڪن ٿا جو هاڻ ڪيترين ملئي ۽ انڊين هوٽلن ۾ اهي چانور منجهند ۽ رات جو به مليو وڃن. توهان ملائيشيا ۾ نيرن تي اهو ڊش کائي سگهو ٿا جنهن لاءِ نه پليٽ کپي نه ڪرسي ٽيبل. هلندي چلندي پني ۾ ويڙهيل اهي چانور کولي کائي سگهو ٿا ۽ ذرا غور سان ڏسجو ته اهي ڪيئن ويڙهيا ويا آهن! سڄي ملائيشيا ۾ ناسي ليماڪ ائين پئڪ ڪيا وڃن ٿا. نيرن تي چانور کائڻ سي به اهي جن ۾ مڇيون پيون هجن عجيب لڳي ٿو. پر توهان مون وانگر مڇيون ڪڍي باقي چانور بيضي، ونگي ۽ Pea nuts سان کائي سگهو ٿا. ٻه چار دفعا کائڻ بعد وطن ۾ اچي به ناسي ليماڪ ياد ڪندائو.
    سالن کان بلڪه صدين کان ملئي سوسائٽيءَ ۾ چانور (Nasi) اها ئي اهميت رکن ٿا جيڪا انهن جي جپاني سوسائٽي ۾ آهي. جپان ۾ به چانور يعني ڀت (گوهان) نيرن تي کاڌو وڃي ٿو. جپانين وانگر ملئي ادب ۾ به ڀت تي ڪيترا ئي پهاڪا، پنتون (ملئي چار سٽا)، بيت ۽ شعر آهن. هن وقت هڪ ياد اچي رهيو آهي:

    Nasi lemak warisan kebangsaan kita
    Sarapan yang terkenal sampai ke luar negeri
    Mutu, Mei ling dan Wati berkongsi semeja
    Semangat Muhibban Membakar tanpa disedari.

    Sambal udang, telur and buncis tanpa kerang
    Rendang, kari dan ikan bilis boleh ditambahi
    Walaupun orangnya jauh diseberang
    Tradisi dan adat tidak pernah dilupai.

    (ناسي ليماڪ اسان جو قومي ورثو آهي،
    دلپسند نيرن جيڪا سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.
    موتو، مائي لنگ ۽ واتي هڪ ئي ٽيبل تي
    مُحبا (صبر ۽ ساک) جو ديوتا ٻري رهيو آ بنا ڪنهن کي خبر جي... وغيره وغيره.
    مُوتو ملائيشيا ۾ رهندڙ مدراسي تاملن جو هڪ عام ۽ مشهور نالو آهي ۽ مائي لنگ (Mai ling) چينين جو عام نالو آهي ۽ واتي ملئي ۽ انڊونيشي ڇوڪرين جو عام نالو آهي جيئن پاڻ وٽ بانو، ادل، گلاب ۽ گُڏي وغيره. يعني ناسي ليماڪ اهڙي سوادي شيءِ آهي جنهن کي ملائيشيا ۾ رهندڙ هر قوم (تامل، چيني، ملئي) پسند ڪري ٿي.
    اهڙي طرح ناسي ليماڪ ڊش تي هڪ ملئي پنتون مشهور آهي:

    Nasi lemak buah bidara
    Sayang selasih hamba lurutkan
    Buang emak buang saudara
    Kerana kasih hamba turutkan

    بهرحال ملائيشيا ۾ گهمڻ يا تعليم يا نوڪري لاءِ ايندڙ اسان جي ماڻهن لاءِ هتي جو کاڌو اوپرو ضرور لڳي ٿو پر ڪي ڊش يا کاڌي جون شيون اهڙيون آهن جيڪي اسان جي کاڌن سان ملن ٿيون ۽ هڪ ڌاريون ماڻهو پهرين ڏينهن ئي کائي سگهي ٿو ۽ اهي شيون ملائيشيا جي ڳوٺن توڙي شهرن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ عام ملن ٿيون. صبح جو نيرن لاءِ ناسي ليماڪ به هڪ آهي. (ليماڪ لفظ ۾ آخري اکر ڪ خاموش آهي ۽ اهو فقط ”ليما“ اچاريو وڃي ٿو). هڪ ٻي شيءِ جنهن سان توهان نيرن ڪري سگهو ٿا ۽ جتي ڪٿي ملي ٿي اها روٽي چنائي (Roti Canai) آهي. ملئي زبان ۾ چ جي اچار لاءِ فقط `C` لکيو وڃي ٿو. روٽي چنائي هتي جو اڦراٽو ۽ دال آهي. سٺي اٽي ۽ سٺي گيهه يا تيل ۾ تريل هتي جو هي اڦراٽو توهان کي ضرور وڻندو پر پاڻيءَ جهڙي ڦنگي دال جنهن ۾ ننڍيون مڇيون ۽ ڪڪڙ جي نڙگهٽ جا ذرا هوندا آهن اها شايد توهان کي به مون وانگر نه وڻي. ان لاءِ بهتر آهي ته اڦراٽو چانهه سان کائجي يا آمليٽ بيضو (Telur) ٺهرائجي. هونءَ به اها دال جنهن کي هتي جا ماڻهو ”چَنائي“ سڏين ٿا، مفت ۾ ڏني وڃي ٿي.
    ملائيشا ۾ هڪ ٻي کاڌي جي شيءِ جيڪا اسان پاڪستانين، ايرانين ۽ عربن کي وڻي ٿي اها مرتباڪ (Martabak) آهي ۽ اهو شام جي وقت هوٽلن، دڪانن ۽ خومچي وارن وٽ ٺهي ٿو. مرتباڪ قيمي يا آمليٽ بيضي وارو ٿئي ٿو. اٽي جي وڏي ماني ٺاهي ان ۾ قيمون وغيره بند ڪري تئي تي تريو وڃي ٿو. مرتباڪ عرب ملڪن خاص ڪري سعودي عرب، يمن ۾ به عام آهي ۽ عربي ۾ مطبق (يعني تهه ٿيل، folded) سڏجي ٿو. هن پاسي به فقط ملائيشيا ۾ نه پر سنگاپور، برونائي، انڊونيشيا ۽ ڏکڻ ٿائلينڊ جي شهرن پٽاني، حاديا، سونگڪلا ۾ مرتباڪ عام آهي. ڪٿي ڪٿي ٿوم، بصر ۽ ٻيا مسالا به وڌا وڃن ٿا. ڪن هنڌن تي مرتباڪ سان گڏ هڪ چٽڻي (sauce) به ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ مرتباڪ کي ٻوڙي کاڌو وڃي ٿو. انڊونيشيا جي ڪيترن شهرن ۾ مٺو مرتباڪ (Martabak Manis) به ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ قيمي يا بيضي بدران ناريل جو کوپرو ۽ چاڪليٽ وڌو وڃي ٿو.
    ملائيشيا جو هڪ ٻيو ڊش ساتي (Satay) جيڪو پڻ شام جو ٺاهيو وڃي ٿو، اهو پڻ توهان پهرين دفعي ئي پسند ڪندائو. ساتي ٻوٽي ڪواب آهي جيڪو ٽانڊن تي پچايو وڃي ٿو. ساتي ڳائي گوشت يا مرغي جو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ هن جون ٻوٽيون صاف ۽ نرم گوشت جون ٺاهيون وڃن ٿيون، جن کي ڪجهه ڪلاڪ مختلف مسالن ۾ مئرينيٽ ڪيو وڃي ٿو. پهريون دفعو کائڻ واري کي اها ڳالهه ضرور ڌيان ۾ رکڻ کپي ته هتي جي ساتي ڪواب ۾ ڪجهه کنڊ به ٻرڪي وڃي ٿي، ان ڪري ان جو سواد ڪجهه مٺو رهي ٿو. بهرحال تمام هلڪو ميٺاج رهي ٿو. جن ڏينهن ۾ اسان ننڍا هئاسين يعني اڌ صدي اڳ جي ڳالهه آهي ته اسان جي ملڪ جا ڪيترا ماڻهو ولايت ۾ پڙهڻ يا نوڪري ڪرڻ کان ان ڪري نٽائيندا هئا جو اتي ماني (چپاتي، اڦراٽي) بدران ڊبل روٽي کاڌي وئي ٿي جيڪا هنن لاءِ صبح شام کائڻ هڪ عجيب ڳالهه هئي. هنن لاءِ ماني (full Meal) معنيٰ رس وارو ٻوڙ جنهن ۾ چپاتي ٻوڙي کائجي. ان وقت ڪنهن اڄ جي برگرن ۽ پيزائن جي کائڻ جو ته سوچيو به نه هو. پر هاڻ دنيا ئي بدلجي وئي آهي. اسان جي شهرن ۾ ته ڇا ڳوٺن ۾ به ماڻهو نه رڳو ڊبل روٽي، بن، برگر، ٽوش (پاپا) ۽ پيزا کائين پيا پر نوڊل ۽ سپا گهيٽي به عام ٿي وئي آهي، نه ته ان قسم جون سويون فقط رمضان واري عيد تي تيار ٿينديون هيون، سي به فقط کنڊ واريون مٺيون. جهاز جي نوڪريءَ ۾ پهريون دفعو معلوم ٿيو ته جتي کاٻي پاسي يعني مغرب جي ملڪن ڏي رڳو ڊبل روٽي ۽ بَنَ هلن ٿا اتي ساڄي پاسي يعني مشرقي ملڪن ملائيشيا، انڊونيشيا، ويٽنام، ڪمبوڊيا کان چين جپان ۽ ڪوريا تائين ڏينهن رات سويون ئي کاڌيون وڃن ٿيون.
    ڪجهه مجبوري جي حالت ۾ اسپاگهيٽي کائڻ شروع ڪرڻ تي ان لاءِ سواد ڊيولپ ٿيڻ لڳو ۽ پسند اچڻ لڳي. انهن ڏينهن ۾ اسپا گهيٽي فقط ڪڻڪ جي اٽي مان ٺهندي هئي ۽ اها اٽلي کان امپورٽ ٿيندي هئي. بهرحال جيستائين جهاز جي نوڪري هئي ته اسان جي ملڪي جهازن تي پاڪستاني بورچي ملڪ مان سستو يا مهانگو اٽو وٺي اسان لاءِ اسان جي ديسي چپاتي ٺاهي وٺندا هئا پر پوءِ اسي واري ڏهي جي شروعات ۾ جيئن ئي سمنڊ جي نوڪري ڇڏي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ هڪ هنڌ رهي ڪناري جي نوڪري شروع ڪيم ته هتي جي مڪاني کاڌن سان واسطو پيو. اهو ڏسي حيرت ٿي ته هتي ملائيشيا ۾ نه فقط ٻاهران امپورٽ ٿيل اسپاگهيٽي ۽ نوڊل هلن ٿيون پر هتي جون تيار ڪيل ڪيترن ئي قسمن جون سيويون صبح شام کاڌيون وڃن ٿيون. ڪي ٿلهيون اڇي رنگ جون ڪي گهٽ ٿلهيون، ڪي تمام سنهيون.
    جپان وانگر ملائيشيا ۾ به ڪڻڪ بدران چانور ٿين ٿا ۽ گهڻي ڀاڱي کاڌي جون شيون ڪيڪ، بسڪٽ، سويون وغيره چانورن جي اٽي مان ٺهن ٿيون. هوٽلن ۽ گهرن ۾ ملندڙ دعوتن ۾ آهستي آهستي ڪري مختلف قسمن جون سَويون جن ۾ ڀاڄيون، گوشت يا مڇي ۽ گانگٽ وڌا وڃن ٿا، کائڻ شروع ڪياسين ته خبر پيئي ته اهي به بيحد سوادي ٿين ٿيون ۽ ملائيشيا ۾ آيل نئين ماڻهوءَ کي اها ئي صلاح ڏيندس ته هو هتي جون مختلف قسمن جون سيويون ضرورTry ڪري، خاص ڪري مِي (Mee) پيلي رنگ جون سنهيون سويون. پهريون دفعو توهان Mee Goreng (فراءِ ٿيل سويون) کائي ڏسو جيڪي ڀاڄين سان گڏ فراءِ ڪيون وڃن ٿيون. ساڳي طرح Bi Hoon (بي هون) سيويون جيڪي چانورن جي اٽي جون تمام سنهيون ٿين ٿيون. اهي به try ڪري سگهو ٿا. توهان چانورن (ڀت) يا ماني (چپاتي) بدران هڪ پليٽ ”مِي گورينگ“ جي يا ”بي هون“ جي ۽ هڪ پليٽ ڪڪڙ (Ayam) يا گوشت (Beef Rendang) جي وٺي کائي سگهو ٿا. توهان ملئي کاڌن جي ضرور تعريف ڪندائو. هڪ ڳالهه جو ضرور خيال ڪجو ته ملائيشيا ۾ ڪڏهن به چيني ريسٽورنٽ ۾ نه کائجو ڇو جو اتي ان سواد جو کاڌو نٿو ٺهي جيڪو اسان جي چيني ريسٽورنٽن ۾ اسان لاءِ ٺاهيو وڃي ٿو.


    جوهور بارو ۽ سنگاپور جو سير

    منهنجي خيال ۾ ملائيشيا بابت چڱو خاصو لکجي ويو آهي پر ختم ڪرڻ کان اڳ ”جوهور“ رياست ۽ ان جي گاديءَ واري شهر ”جوهور بارو“ بابت ڪجهه لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪو اسان جي پاڪستانين جو, جيڪي ملائيشيا ۾ نوڪري يا تعليم حاصل ڪن ٿا، ڪوالالمپور بعد ٻئي نمبر تي دلپسند شهر آهي.
    اسان جي پاسي واري ملائيشيا (مغربي ملائيشيا) ٿائلينڊ کان شروع ٿي سنگاپور ٻيٽ تي ختم ٿئي ٿي. هن ملائيشيا ۾ يارهن رياستون آهن. بلڪل اتر ۾ ٿائلينڊ سان گڏ پرلس، ڪيداح، پيراق ۽ ڪيلنتان رياستون آهن. ان بعد ترينگانو، پهانگ، سلينگور اچن ٿيون. وڌيڪ ڏکڻ ۾ هلڻ سان نينگري سيمبيلان ۽ ملاڪا اچن ٿيون. ان بعد آخر ۾ جتي زمين ختم ٿي ٿئي اها جوهور رياست آهي، جنهن جي ٽن پاسن کان سمنڊ آهي. اوڀر ۾ ”سائوٿ چائنا“ سمنڊ ۽ اولهه ۾ ملاڪا وارو ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) آهي. ڏکڻ ۾ هڪ سوڙهي سمنڊ جي پٽي (Johor Strait) بعد سنگاپور جو ٻيٽ آهي. هي سمنڊ جو وهڪرو سوڙهو هجڻ ڪري سنگاپور ٻيٽ ۽ جوهور رياست جي سرزمين جي وچ ۾ تمام ٿورو فاصلو آهي ۽ ٻنهي کي ڳنڍڻ لاءِ هڪ ڪازوي (Causeway) ۽ هڪ پل ٺهيل آهي.
    ملائيشيا جون ڪجهه رياستون عربي نالن سان به سڏجن ٿيون، جيئن ته سلينگور ”دارالاحسان“ سڏجي ٿي. پهانگ ”دارالمعمور“ سڏجي، اهڙي طرح ’جوهور‘ رياست ”دارالتعظيم“ سڏجي ٿي. هن رياست تي جوهور نالو ڪيئن پيو؟ ڪي چون ٿا ته اهو عربي لفظ جوهر (Jewel) تان پيو. ڇو جو واپار وڙي جي سلسلي ۾ هتي آڳاٽي زماني کان عربن جو اچڻ وڃڻ لڳو رهيو ٿي. ڪيترائي عرب ’جوهور‘ ۽ درياهه جي هن پاسي سنگاپور ۾ رهي به پيا. عربن جو نه فقط ملئي زبان تي پر ملئي ڪلچر، ادب، ميوزڪ تي به ڪافي اثر آهي. ايتريقدر جو جوهور ۾ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جن ۾ عربن جي گهڻائي هئي، جن جا نج عربي نالا آهن، جيئن ته وادي حنا، وادي حسن وغيره. هنن هنڌن تي ڏکڻ يمن جي حاضرالموت علائقي جا عرب رهندا اچن.
    ڪن جو اهو به چوڻ آهي ته جوهور هڪ خاص ٻوٽي جو نالو آهي، جنهن تان هن رياست تي نالو پيو. هونءَ به ملئي شهرن، ڳوٺن ۽ مختلف علائقن جا نالا قدرتي شين وڻن، ٻوٽن، مڇين، گانگٽن ۽ گلن گاهن تان گهڻا آهن. جيئن ملاڪا نالو به ملاڪا نالي وڻ تان پيو، جنهن وڻ هيٺان هڪ پرديسي راجا اچي آرام ڪيو هو.
    ملائيشيا جي تاريخ بابت لکي چڪو آهيان ته فقط 200 کن سال اڳ ملائيشيا يا ملايا جهڙي ڪابه شيءِ نه هئي. 600 سال کن اڳ ته ملاڪا به نه هو. اڄ وارو سڄو ملائيشيا گهاٽو جنگل هو. جتي جتي نديءَ ڇوڙ ڪيو ٿي سمنڊ جي ان حصي واري ڪناري تي ڪجهه ڪجهه آباديون هيون، جن جو گذر سفر سمنڊ جي مڇيءَ تي ٿيو ٿي يا ڪاٺ جي ٻيڙين رستي ندي ذريعي ڪجهه اندر گهاٽن جنگلن ۾ هليا ويا ٿي. 1400 ڌاري جاوا سماترا پاسي کان ڀڄي آيل پرميشور نالي هندو راجا ملاڪا ۾ اچي پناهه ورتي ۽ پنهنجي سلطنت ”ملاڪا سلطنت“ جو پايو وڌو. بعد ۾ هو مسلمان ٿيو ۽ پنهنجو نالو اسڪندر شاهه رکيو. 1414 ۾ وفات بعد سندس پٽ هن سلطنت جو والي وارث ٿيو ۽ ائين هي سلسلو هلندو رهيو. محمد شاهه، ابو شاهد، مظفر شاهه ۽ ان بعد منصور شاهه سلطان ٿيو. 1477 ۾ منصور شاهه جي وفات بعد سندس پٽ علاؤدين ريائت شاهه سلطان ٿيو. 1488 ۾ هن جي وفات بعد سندس وڏو پٽ محمود شاهه تخت تي ويٺو. هن جي ڏينهن ۾ پورچوگالين ملاڪا تي حملو ڪيو ۽ سن 1511 ۾ ملاڪا يورپين (پورچوگالين) حوالي ٿي ويو. ان بعد سلطان محمود شاهه جي هڪ پٽ ”علاؤدين ريائت دوم“ ڏکڻ ۾ اچي جوهور رياست وسائي، جتان هن پورچوگالين سان مهاڏو اٽڪائي رکيو ۽ ٻئي پٽ مظفر شاهه دوم اتر ڏي پيراق رياست ۾ وڃي حڪومت قائم ڪئي. جوهور وارن پورچو گالين سان لڳاتار جنگ جوٽي رکي. آخر 1641 ۾ ڊچن سان گڏجي پورچوگالين کي ملاڪا مان تڙي ڪڍيو. ڊچن جو 1641 کان 1824 تائين ملاڪا تي قبضو رهيو، ان بعد انگريز آيا. ڊچن ۽ انگريزن جي ڏينهن ۾ جوهور رياست ڪافي ترقي ڪئي ۽ سياسي ۽ معاشي طاقت پڻ حاصل ڪئي. ويهين صدي جي شروع ۾ ته جوهور رياست رٻڙ ۽ پام آئل ڪري سڄي ملايا ۾ امير رياست ليکجڻ لڳي.
    ٻي وڏي لڙائي ۾ باقي ملايا وانگر جوهور رياست به جپانين جي قبضي ۾ اچي وئي. لڙائي بعد انگريز وري موٽي آيا. هي اهو دور هو جنهن ۾ ملئي ماڻهن انگريزن جي کلي طرح مخالفت ڪئي ۽ جوهور جي هڪ رهاڪو داتو عون جعفر جي اڳواڻي ۾ يونائيٽيڊ ملئي نيشنل آرگنائيزيشن (UMNO) نالي هڪ سياسي پارٽي 11 مئي 1946 تي ٺهي. 1948 ۾ جوهور رياست ”فيڊريشن آف ملايا“ ۾ داخل ٿي ۽ 1957 ۾ انگريزن کان خودمختياري حاصل ڪئي.
    جوهور رياست ملائيشيا جي تيرهن رياستن (11 مغربي ملائيشيا جون ۽ ٻه صباح ۽ سراواڪ مشرقي ملائيشيا وارن مان) پکيڙ ۾ پنجون نمبر وڏي رياست آهي ۽ آدمشماري ۾ ٽيون نمبر آهي. جوهور رياست جي پکيڙ 19200 چورس ڪلوميٽر آهي، يعني نوابشاهه، مٽياري، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي کي ملائڻ جيتري ٿيندي. جوهور رياست جي آدم شماري 33 لک آهي. يعني لاڙڪاڻي ضلعي کان ڪجهه وڌيڪ ٿي جو لاڙڪاڻي جي 27 لک آهي.
    اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملاڪا ۾ هوس ته انهن ڏينهن ۾ جوهور رياست جو سلطان الحاج سڪندر هو، جيڪو 1991ع ۾ جڏهن ملائيشيا مان موٽيس پئي ته سڄي ملڪ جو بادشاهه ٿيو هو. ملائيشيا جو بادشاهه هميشه لاءِ هڪڙو ٿيڻ بدران هر رياست جو سلطان واري وٽي تي پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿئي ٿو. ان بعد هو پنهنجي رياست ڏي موٽي وڃي ٿو ۽ پنهنجي رياست جو سلطان ٿي رهي ٿو. سلطان اسڪندر الحاج (ملئي ماڻهو حاجي يا الحاج جو خطاب گهڻو ڪري نالي جي آخر ۾ لکن ٿا) جي 23 جنوري 2010ع تي وفات بعد سندس پٽ تنڪو ابراهيم اسماعيل ابنِ المرحوم سلطان اسڪندر جوهور رياست جو سلطان ٿيو آهي.
    جوهور پهرين رياست هئي ۽ اڄڪلهه واحد رياست آهي، جنهن کي پنهنجي فوج آهي. اها هتي جي سلطان جي ذاتي فوج آهي ۽ جوهور بارو شهر ۾ رهي ٿي. رياست جي حڪومت State Government جو سربراهه چيف منسٽر آهي، جيڪو ملئي زبان ۾ ”مينتري بيسار“ سڏجي ٿو. اڄڪلهه جوهور جو وزيراعليٰ داتو عبدالغني عثمان آهي، جيڪو پهرين سرڪاري ڪامورو (Civil Servant) هو. وزيراعليٰ جي مدد لاءِ ڏهه رڪني ايگزيڪيوٽو ڪائونسل آهي. هن ڪائونسل (EXCO) جا ميمبر صوبائي اسيمبلي جا ميمبر چونڊين ٿا. صوبائي اسيمبلي جا ميمبر رياست جا شهري چونڊين ٿا. هيءَ چونڊ (اليڪشن) هر پنجن سالن بعد ٿئي ٿي.
    جوهور رياست ڏهن ضلعن ۾ ورهايل آهي: جوهر بارو، باتو پهات، موئر، ڪلوئنگ، ڪوٽا ٽنگي، سيگامت، پونٽيان، مرسينگ، ڪلائي جايا ۽ ليڊانگ. هر ضلعو ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه کان مشهور آهي. جوهور رياست ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آهن ان کان علاوهه ٽي اهم يونيورسٽيون آهن، جن ۾ مڪاني شاگردن کان علاوه ڌارين ملڪن جا شاگرد پڻ اعليٰ تعليم لاءِ اچن ٿا. هڪ يونيورسٽي ٽيڪنالاجي ملائيشيا (UTM) سڪڊائي شهر ۾ آهي، ٻي ”يونيورسٽي تُن حسين عان ملائيشيا“ (UTHM) باتو پهات ۾ آهي. انهن کان علاوه يونيورسٽي ٽيڪنالاجي مارا (UITM) سيگامت ۾ آهي، جنهن جو سٽي ڪئمپس جوهور بارو شهر ۾ پڻ آهي.
    جوهور رياست جو بين الاقوامي هوائي اڏو ”سلطان اسماعيل ايئرپورٽ“ جوهور بارو شهر کان 30 ڪلو ميٽر پري سينائي (Senai) شهر جي ويجهو آهي. ڌاريان ٽوئرسٽ ڪوالالمپور ۽ پينانگ ئي اچن ٿا. جوهور بارو گهمڻ جا شوقين سنگاپور جي هوائي اڏي تي لهي پوءِ باءِ روڊ اڌ ڪلاڪ اندر جوهور بارو پهچيو وڃن. باقي ملائيشيا ايئرلائين (MAS) ۽ ايئر ايشيا جا جهاز ڪافي لهن ٿا جي ملائيشيا جي مختلف شهرن کان جوهور بارو پهچائين ٿا. ايئر ايشيا هوائي ڪمپني هن پاسي تمام مشهور آهي، جنهن جو ڀاڙو بنهه گهٽ آهي.
    سڄي ملائيشيا ۾ ته ڪيترائي بندرگاهه آهن، پر رڳو هن رياست جوهور ۾ ٽي بندرگاهه آهن، جن مان Pasir Gudang وارو پراڻو ۽ وڏو آهي، جتي جهازن جي مرمت لاءِ شپ يارڊ ۽ ٻيون به سهولتون آهن. ڀر ۾ سنگاپور جو بندرگاهه هجڻ ڪري اسان اهو ئي سوچيندا هئاسين ته ان جي مقابلي ۾ ڪير جوهور بارو ۾ جهاز جي مرمت ڪرائيندو پر دنيا ڏٺو ته ملائيشيا وارا سنگاپور وارن سان مقابلو ڪندا آيا. سنگاپور وارن جي ٿوري عرصي ۾ رپيئر ڪري جهازن کي جلد فارغ ٿي ڪيو ته جوهور وارن تمام گهٽ اگهن جي آڇ ٿي ڪئي. نتيجي ۾ جڏهن اسان کي جلدي نه هوندي هئي ته مرمت لاءِ جهاز کي جوهور ڪاهي ايندا هئاسين. اسان جهاز هلائڻ وارن کي جي سنگاپور گهمڻو هوندو هو ته بس جي ٻه رنگٽ ٽڪيٽ ڏئي جوهور بارو کان هليا ويندا هئاسين. انهن ڏينهن ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور جو ڊالر اسان جي چار روپين برابر هو. بهرحال هاڻ ته جهاز جي Repair ۾ ملئي ماڻهو به اهڙا ماهر ٿي ويا آهن جو جوهور جي شپ يارڊ ۾ جهاز جي مرمت يا ڊرائي ڊاڪنگ لاءِ مهينو مهينو اڳ ائڊوانس Booking ڪرڻي پوي ٿي.
    ملائيشيا جي جوهور رياست بهترين سامونڊي Beaches ۽ نيشنل پارڪن کان به مشهور آهي. جوهور ۾ پنج وڏا پارڪ آهن، جن جي جملي پکيڙ 700 چورس ڪلو ميٽر آهي، ان کان علاوه هتي جي حڪومت ڌارين ٽوئرسٽن جي دلچسپي لاءِ ڪيترائي جهنگل جا حصا گهمڻ لائق ٺاهي ڇڏيا آهن، جن ۾ ڀانت ڀانت جا وڻ ٽڻ، گاهه، ٻوٽا، پکي، پوپٽ ۽ جيت جڻيا نظر اچن ٿا.
    جوهور رياست جي گادي جي شهر جو نالو ”جوهور بارو“ آهي، جيڪو جوهور رياست جي بلڪل ڏاکڻي پوڇڙ تي آهي، جتي سمنڊ جي پٽي آهي، جنهن بعد سنگاپور جو ٻيٽ شروع ٿئي ٿو. ان جو مثال بلڪل ائين آهي جيئن اسان وٽ منهوڙي ٻيٽ ۽ ڪياماڙي جو آهي. سنڌ صوبو سمجهو ته ملائيشيا جي رياست جوهور وانگر آهي. ٻئي ملڪ جا ڏاکڻا حصا آهن، جنهن بعد سمنڊ آهي. جوهور بارو شهر ائين آهي جيئن ڪراچي جو شهر ۽ منهوڙو ائين آهي جيئن سنگاپور ٻيٽ. بلڪ منهوڙو وري به ڪياماڙيءَ کان ڪافي پري آهي، سنگاپور جوهور بارو جي ايڏي ويجهو آهي جو ٽرين، ڪار، بس ۽ پيدل اچڻ لاءِ انگريزن 1923 ۾ هڪ پل (ڪاز وي) ٺهرائي ۽ ٻي پل هاڻ 1998 ۾ ٺاهي وئي.
    جوهور بارو شهر به پينانگ، ڪوالالمپور يا سنگاپور وانگر پراڻو ناهي. هن جو بنياد 1855 ۾ تن ڏينهن جي حاڪمن رکيو ۽ ان وقت ان جو نالو تنجنگ پُتري (Tanjung Putri) هو، جيڪو ٻڍاپور جهڙو هڪ ننڍڙو مهاڻن جو ڳوٺ (Fishing Village) هو. ملئي زبان ۾ پُتري شهزاديءَ کي ٿا سڏين ۽ تنجنگ معنيٰ راس (Cape) جيئن ڪيپ آف گڊ هوپ آفريڪا کنڊ جي ڏکڻ ۾ آهي. ملائيشيا ۾ جاگرافيائي طور ان قسم جا ڪيترائي هنڌ آهن، جتي ڌرتي جو حصو ٻاهر نڪتل آهي، جنهن جي چوڌاري سمنڊ آهي. مثال طور تنجنگ بِدارا، تنجنگ ڪِلنگ، تنجنگ سيپات، تنجنگ گيموڪ وغيره. بهرحال جوهور بارو شهر کي اڄ به ڪيترا ملئي پيار مان سندس پراڻي نالي (تنجنگ پُتري) سان سڏين ٿا، جيئن اسان وٽ لاڙڪاڻي کي چانڊڪا ۽ ڪراچي کي ڪولاچي سڏين ٿا. تنجنگ پتري تي هڪ آڳاٽو راڳ به آهي، جنهن جو جوهور رياست ۾ قومي تراني جهڙو درجو آهي ۽ سڀ ائين خوشي ۽ پيار مان ڳائين ٿا، جيئن اسان وٽ تاجل بيوس جو گيت: سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان....آهي.

    Tambak Johor Tanjung Puteri
    Selat Tebrau airnya biru
    Di Pantai Lido tepian mandi
    Sepanjang masa di hari minggu

    Atas bukit Tanjung Puteri
    Taman hiburan indah berseri
    Pemandangan menawan hati
    Jalan tambak hubungan negeri

    Tanjung Sekijang nun di kuala
    Tempat nelayan mengail gelama
    Istana Hinggap di Kuala Danga
    Pantai berkelah keluarga diRaja

    Dari Tebrau orang berakit
    Singgah Stulang membeli kopi
    Pusara Si Bongkok di lereng bukit
    Di tepi pantai Tanjung Puteri

    جوهور رياست سنگاپور جي ويجهو هجڻ ڪري اها ٽوئرزم مان تمام گهڻو ڪمائي ٿي. هونءَ ته سندس ڪمائي رٻڙ، پام آئل ۽ انڊسٽري ڪارخانن مان به آهي، پر سنگاپور ويجهو هجڻ ڪري نه رڳو سنگاپور ايندڙ ٽوئرسٽ ملائيشيا جي شهر جوهور بارو ۾ هليا اچن ٿا، پر خود سنگاپور جا شهري به موڪل وارن ڏينهن تي سنگاپور جي گوڙ گهمسان واري زندگي کان ڀڄي هيڏانهن سڪون لاءِ اچن ٿا. ان کان علاوه هو جوهور بارو مان ڀاڄيون، ميوا ويندي پنهنجي ڪار لاءِ پيٽرول هتان خريد ڪن ٿا جو سنگاپور ۾ هر شيءِ مهانگي آهي ۽ هنن جو ملائيشيا ۾ چڪر هڻڻ سان ٻنهي جو فائدو ٿيو وڃي.
    جوهور بارو ۽ سنگاپور ۾ جيڪا پل آهي (جيڪا Cause way سڏجي ٿي) اها 1056 ميٽر آهي. يعني هڪ ڪلو ميٽر جو به ڏهون حصو ڊگهي ٿي. هن جي مٿان ريل جا به پٽا آهن، جن تان ريل گاڏي سنگاپور کان جوهور بارو اچي ٿي ۽ اڳيان ڪوالالمپور، اپوح ۽ پينانگ کان ٿيندي ٿائلينڊ جي شهر بئنڪاڪ وڃيو دنگ ڪري. بسين ۽ ڪارن لاءِ الڳ رستا آهن ته پيدل هلڻ وارن لاءِ الڳ آهن. ان کان علاوه هن ڪازوي مٿان پاڻيءَ جو ٿلهو پائيپ به گذري ٿو، جنهن ذريعي ملائيشيا کان سنگاپور پاڻي موڪليو وڃي ٿو. ياد رهي ته سنگاپور کي پنهنجو پاڻي ناهي، هو ملائيشيا کان خريد ڪري ٿو. هڪ اندازي مطابق هن ڪازوي تان روزانو 60 هزار ڪارون گذرن ٿيون، جن جو تعداد موڪل وارن ڏينهن تي 80 هزار کان وڌيڪ ٿيو وڃي.
    سنگاپور ۽ جوهور کي جنهن ٻي پل سان ڳنڍيو ويو آهي اها پل ”ملائيشيا سنگاپور سيڪنڊ لنڪ“ سڏجي ٿي. توهان ڪنهن به پل ذريعي سنگاپور اچي وڃي سگهو ٿا، پر اسان جي ملڪ جي ماڻهن لاءِ هتي هڪ چتاءُ لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جنهن زماني ۾ آئون هن علائقي ۾ 10 سال کن جهاز هلائيندو رهيس ۽ اهڙا 10 سال نوڪري ڪندو رهيس، ان دوران اسان پاڪستاني ملائيشيا توڙي سنگاپور ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهياسين ٿي. ويندي ٿائلينڊ ۾ وڃڻ لاءِ به ويزا نه هوندي هئي.
    ان ڪري اسان بس، ٽئڪسي يا پنهنجي ڪار ذريعي ملائيشيا کان سنگاپور يا ٿائلينڊ پئي آيا وياسين. 1990 کانپوءِ پهرين ٿائلينڊ پوءِ سنگاپور ۽ پوءِ ملائيشيا ۾ اسان لاءِ ويزا وٺڻ ضروري ٿي پيئي آهي. ان ڪري توهان کي ملائيشيا بعد سنگاپور گهمڻ جو به شوق آهي ته پاڪستان مان ئي انهن ملڪن جي ويزا وٺي وڃو. ٻي ڳالهه ته توهان جي ملائيشيا بعد سنگاپور وڃڻ ٿا چاهيو ته پوءِ توهان جي وطن واپسي جي اڏام به اتان هجڻ کپي. پر جي توهان جي واپسي ملائيشيا کان ٿي رهي آهي ته توهان جي پاسپورٽ تي ملائيشيا جي ڊبل، يعني Multiple ويزا هجڻ کپي. ڇو جو سنگل ويزا جي صورت ۾ توهان ملائيشيا کان سنگاپور ته پهچي ويندائو پر سنگاپور کان ملائيشيا موٽي نه سگهندائو.

    سخت افسوس جي ڳالهه آهي ته اميگريشن جي اهڙن چيڪ پوسٽن تي اسان جا ڪيترا ماڻهو پريشان حال نظر اچن ٿا ۽ هنن جو داد فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو به نه هوندو آهي. ان ڪري وطن ڇڏڻ مهل هڪ مسافر کي انهن ڳالهين جو خيال رکڻ کپي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259667
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386668
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ