ڪتاب جو نالو: نائجيريا ۾ سورنهن سال
مصنف: ڊاڪٽر احمد علي قريشي
ڇپائيندڙ: ساحل پبليڪيشن
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 1987
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 22 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 746 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”نائجيريا ۾ سورنهن سال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو نائجيريا بابت لکيل سفرنامو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • انتساب
  • پهريون پنو
  • سنڌ سلامت پاران
  • نائجيريا جو قومي ترانو
  • پيش لفظ
  • پيش لفظ
  • مصنف جا ٻه ٽي لفظ
  • جاگرافيائي بيهڪ ۽ موسم
  • پرديس جو پهريون سفر (1968)
  • واري ۾ (آڪٽوبر 1968ع)
  • بينن (Benin):
  • قبيلا ۽ ٻويلون:
  • ٻاهرين ماڻهن سان برتاءُ:
  • نائجيريا جي عورت:
  • سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ (1968)
  • موت جون ر سمون
  • اگهاڙا قبيلا:
  • مروان موت ملوڪان شڪار:
  • نائجيريا ۾ پاڪستاني:
  • نئون تخت گاهه:
  • بي فڪري:
  • نشي جي علت:
  • رقص ۽ موسيقي:
  • وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا...
  • جهنگلي جانور:
  • انساني حسن و خوبصورتي:
  • سڪو Currency):
  • نائجيريا جا ماڻهو:
  • بيافرا جي جنگ
  • نائجيريا جو تعليمي نظام
  • N.V.S.C. (Nigerian youth service corps):
  • سماجي ۽ خانداني ناتا ۽ معاشرتي اصول:
  • سفر خود هڪ تربيت آهي (جنوري 1970ع)
  • قاهرو مصر 1970ع
  • بيروت جون رنگين راتيون (عروج) 18 مارچ 1970ع
  • بيروت جون برباديون (زوال) 82 1981ع
  • ڪويت 1978ع
  • سعودي عرب
  • نئيروبي (ڪينيا) جو سير (مارچ 1972ع)
  • يورپ جو سير (1974ع)
  • انگلنڊ ۾ لورپول ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا (1974ع)
  • نائجيريا جي بيمارين بابت
  • ملٽري اسپتال بينن (Military base Hospital Benin)
  • نائجيريا جي ماڻهن جو لباس ۽ روايت پسندي
  • نائجيريا جو تاريخي پس منظر (ماضي حال ۽ مستقبل)
  • ڊسمبر 1983ع ۾ (OLEH) ۾
  • مذهبي آزادي
  • ڪارا مگر دل وارا
  • آدم خور قبائل
  • پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن (P.C.A)
  • بحرين ۾ 1975ع
  • نائجيريا جون ٻهراڙيون
  • اٿينس يونان ۾ 1977ع
  • اگبور ۾ ٻه سال 78 1977ع
  • ترڪي جو سير ڊسمبر 1978ع عيد رولي ۾
  • بئنڪاڪ
  • اسابا (Asaba) جولاءِ 1979ع
  • ازورو ۾ تبادلو (Ozoro) 1981ع
  • نائجيريا جو آخري سفر 1984ع

  • ڪتاب بابت

    ڪتاب جو نالو: نائجيريا ۾ سورنهن سال
    ليکڪ: ڊاڪٽر احمد علي قريشي
    ڇاپو پهريون: آگسٽ 1987ع
    ڇاپو ٻيو: جون 2017ع
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر
    ڪمپوزنگ: جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپائيندڙ: ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشي
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    قيمت: -/200 روپيا


    انتساب

    منهنجي مشفق والدين جي نالي،
    جيڪي پنهنجي بي لوث محبت جو
    ثمر ماڻڻ کان اڳ ئي مون کان وڇڙي ويا.

    احمد علي محمد بچل قريشي
    ”بينڊل هائوس“
    59/A، جي.او.آر ڪالوني
    حيدرآباد سنڌ.


    پهريون پنو

    قُلْ سِيْرُوْا فِي الْاَرْضِ فَانْظُرُوْا كَيْفَ كَانَ عَاقِبَةُ الَّذِيْنَ
    مِنْ قَبْلُ ۭ كَانَ اَكْثَرُهُمْ مُّشْرِكِيْنَ 42؀
    (سورة روم- آيت نمبر 42)

    ترجمو: ”اوهين فرمايو ته زمين ۾ گهمو ڦرو پوءِ ڏسو ته جي ماڻهو اڳ ۾ ٿي گذريا آهن، انهن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي، انهن ۾ اڪثر مشرڪ ئي هوا.“


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نائجيريا ۾ سورنهن سال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو نائجيريا بابت لکيل سفرنامو آهي.

    1965ع ۾ ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڊاڪٽر احمد عليءَ سال ٻه پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي، پڻ پاڪ فوج ۾ 1965 واري جنگ ۾ ڪيپٽن جي رئنڪ تي ڪم ڪيو. ان بعد نوڪريءَ لاءِ نائيجريا هليو ويو، ۽ کيس نائيجيريا اهڙو ته ڀانءِ پئجي ويو جو يڪا سارا سورهن سال رهڻ بعد واپس موٽيو ۽ هڪ عدد سفرنامو به لکي ورتائين.
    ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو هي موجوده ڪتاب نائجيريا ۾ سندس سورنهن سالن جي طويل تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي. هو ڊاڪٽري جي پيشي ۾ رهي نائجيريا جي معاشري جو گهري نظر سان مطالعو ڪندو رهيو جنهن ۾ هن خاص طور عوامي زندگيءَ جو اڀياس ڪيو ۽ قديم تاريخ سان گڏ ريتن رسمن کي به دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو رهيو. ماڻهن جي جيوت ۾ گهري دلچسپي هن جي تحرير مان ظاهر ٿئي ٿي.

    هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1987ع ۾ ڇپايو ويو هو. ٻيو ڇاپو ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي پاران 2017ع ۾ ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نائجيريا جو قومي ترانو

    اٿو، سجاڳ ٿيو ساٿيو، نائجيريا جي صد اکي اونايو،
    پنهنجي مادر وطن جي خدمت لاءِ،
    پيار، طاقت، وفاداري ۽ اعتماد سان،
    اسان جي ماضيءَ جي بهادريءَ جون شاندار روايتون،
    ڪڏهن به فضول ثابت نه ٿينديون،
    محبت ۽ طاقت سان خدمت ڪرڻ لاءِ هيءَ قوم،
    حريت، امن ۽ اتحاد جي لڙهيءَ ۾ پُوتل آهي.
    خداوندا، اسان جي نيڪ مقصدن ۾ رهنمائي ڪر،
    اسان جي ليڊرن کي صراط مستقيم تي هلڻ لاءِ رهنمائي ڪر،
    اسان جي نوجوانن کي سچ جي شناس عطا ڪر،
    انهن کي پيار سان اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪر،
    ته هو عظيم ۽ شاندار بلندين تي پهچن،
    ته جيئن هو اهڙي قوم جي تشڪيل ڪن،
    جتي امن ۽ انصاف جو راڄ هجي.


    پيش لفظ

    پيش لفظ


    ڊاڪٽر احمد علي قريشي منهنجو ڳوٺائي آهي ۽ منهنجي دوست ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ جو ننڍو ڀاءُ آهي. سندس والد صاحب مرحوم ماستر محمد بچل قريشي ۽ چاچو مرحوم ماستر محمد اشرف قريشي منهنجي استادن ٽيچرن، ليڪچرارن ۽ انسٽرڪٽرن جي ڊگهي لسٽ جي پهرين ڪڙي، آهن جن مون کي پرائمري ۽ پهريون درجو سنڌيءَ جو پڙهايو.
    هينئر جي خبر ناهي پر اسان جڏهن ننڍا هئاسين ته هالا ۾ اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن کان وٺي وڏن جون ادبي سنگتون ۽ محفلون هونديون هيون ۽ شعر يا افسانو پڙهڻ يا ٻڌڻ وڏي وندر سمجهيو ويندو هو. هڪ اهڙي ادبي سنگت جو ڊاڪٽر احمد علي به مشغول ڪارڪن هوندو هو، ۽ ’بشير‘ تخلص هوندو هوس.
    ميڊيڪل ڪاليج (ڄامشوري) ۾ اچڻ کان پوءِ سندس ادب ڏي لاڙو ٿورو گهٽ ٿي ويو. جيتوڻيڪ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشيءَ جو ساڳيو رهيو. شايد ان ڪري جو هن آرٽس جا سبجيڪٽ کنيا ۽ اڳتي هلي ادب ۾ ڊاڪٽريٽ ڪيائين ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ احمد علي قريشي ميڊيڪل جو ڊاڪٽر ٿيو.
    1965ع ۾ ۾ ايم بي بي ايس ڪرڻ بعد ڊاڪٽر احمد عليءَ سال ٻه پاڪستان ۾ نوڪري ڪئي، پڻ پاڪ فوج ۾ 1965 واري جنگ ۾ ڪيپٽن جي رئنڪ تي ڪم ڪيو. ان بعد نوڪريءَ لاءِ نائيجريا هليو ويو، ۽ کيس نائيجيريا اهڙو ته ڀانءِ پئجي ويو جو يڪا سارا سورهن سال رهڻ بعد هاڻ واپس موٽيو آهي. هڪ عدد سفرنامي سان گڏ.
    اڄڪلهه سفرناما هر ڪنهن زبان ۾ گهڻو پسند ڪيا پيا وڃن. لکيا به ڪيترائي پيا وڃن. ڪن هنڌن: لنڊن، ٽوڪيو، سعودي عرب، امريڪا، هانگ ڪانگ، جرمني جهڙن ملڪن بابت ته ايترو لکيو ويو آهي جو ڪو ڪيترا دفعا به اُتان گهمي اچي، پر هن کي انهن هنڌن جي ايتري خبر نه هوندي جيتري انهن جڳهين جا سفرناما پڙهندڙ کي.
    بهرحال جن هنڌن بابت گهٽ لکيو ويو آهي، آفريڪا کنڊ انهن مان هڪ آهي. جيتوڻيڪ آفريڪا کنڊ هاڻ ڪو رڳو اونداهو نه رهيو آهي. منجهس جتي صحارا جهڙا خوفناڪ برپٽ ۽ خطرناڪ خط استوائي جهنگل آهن اتي ڪليمنجارو جهڙا جبل ۽ وڪٽوريا جهڙيون خوبصورت ڍنڍون پڻ آهن. گرميءَ سان گڏ سردي به آهي. جيت جڙن سان گڏ سهڻا گل ۽ رنگين پوپٽ به آهن. جهنگلي جانورن ۽ آدم خور قبيلن سان گڏ نرم دل رکندڙ شيدي ۽ قوم پرست ڪارا پڻ آهن، جيڪي پنهنجي سرزمين کي ڏينهون ڏينهن روشن ۽ خوشحال ڏسڻ چاهين ٿا. پراڻي تهذيب تمدن ۽ رسم و رواج سان گڏوگڏ آفريڪا ۾ جديد پڻو ۽ نوان پڻ آهي. ۽ اڄ جو ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا کان وڌيڪ آفريڪا بابت پڙهڻ ٿو چاهي ۽ آفريڪا بابت احمد علي قريشيءَ کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪير ٿو لکي سگهي، جنهن ڄمار جا بلڪ واندڪائي جا يڪا سورنهن سال اتي گذاريا آهن. منهنجي خيال ۾ احمد علي قريشيءَ جهڙي ادب سان چاه رکندڙ انسان کي ته گهٽ ۾ گهٽ سورهن ڪتاب لکڻ کپن ۽ انشاالله ضرور لکندو جنهن جي پهرين ٽڪي کير ڀري اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي.

    الطاف شيخ
    ميري ٽائم اڪيڊمي،
    ملاڪا، ملائشيا.


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    سفر نامو لکڻ وارو پنهنجي مشاهدي جو اِظهار ڪرڻ خاطر پنهنجا تجربا، ڏٺل وائٺل ماڻهن ۽ جاين جو ذڪر ڪري ٿو. ان سان کيس روحاني خوشي حاصل ٿئي ٿي. سفر نامن جو موضوع دنيا جي ادبيات ۾ قديم به آهي ۽ هزارين سفرناما لکيا ويا آهن جن جو دائرو تمام وسيع آهي.
    سنڌيءَ ۾ سفرناما گهڻا ڪو نه لکيا ويا آهن پر تڏهن به هن صديءَ جي ٽئين ڏهاڪي ۾ ڪي ڪتاب اهڙا لکيا ويا جن ۾ هن ننڍي کنڊ ۾ ڀر پاسي جو احوال ۽ سير سفر اچي وڃي ٿو. اڪثر سفرناما سياسي شخصيتن ۽ ڌرمي اسٿانن جي چوڌاري گهمن ٿا، ان کان پوءِ گذريل ٽيهن سالن ۾ سنڌي ۾ جيڪي سفرناما لکيا ويا آهن تن جو تعداد به چڱو موچارو آهي. سنڌ بابت لطف الله سورتيءَ جو ڪتبا ”سنڌ جو سفر“ 1956ع ۾ ڇپيو، اهو سنڌ جو اندروني سفرنامو آهي جيڪو خاص طور سنڌ وارن لاءِ ڪا نئين معلومات ڪو نه ٿو ڏئي.
    ٻاهرين ملڪن ۽ سنڌ کان ٻاهر جي علائقن بابت جيڪي سفرناما لکيا ويا آهن انهن مان هيٺيان اهم آهن: آغا بدر عالم دراني 1950ع ۾ ”مسافر حجاز“ لکيو جيڪو جيئن نالي مان ئي ظاهر آهي حجاز مقدس جي زيارتن بابت آهي. قاضي عابد ”سفر يورپ جي ڊائري“ جي عنوان سان 1960ع ۾ هڪ ڪتبا شايع ڪيو هاڻي ان جو ٻيو ڇاپو به شايع ٿيو آهي. سنڌيءَ ۾ هي پهريون سفرنامو آهي جنهن ماڻهن ۾ يورپ بابت چاهه ۽ شوق پيدا ڪيو ۽ ڪتاب کي گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. زرعي ماهر جناب ڪريم ڏني راڄپر آمريڪا جو زرعي نوعيت جو دورو ڪيو ۽ ان جي معلومات کي پنهنجي ڪتاب ”آمريڪا جو سير“ ۾ 1961ع ۾ شايع ڪيو. هن ڪتاب ۾ زراعت جي سلسلي ۾ مفيد معلومات ڏنل آهي. ساڳيءَ طرح تعليمي ماهر پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه جو سفرنامو ”سير ۽ سفر“ 1962ع ۾ شايع ٿيو.
    هن ڪتاب ۾ شاهه صاحب خاص طور آمريڪي تعليمي نظام ۽ پنهنجي دوري جو دلنشين بيان ڪيو آهي. سفرنامن جي سلسلي ۾ منهنجو ڪتاب ”مائوء جي ملڪ ۾“ 1973ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو منهنجي 1965 1966ع ۾ چين ۾ پڙهائي جي سلسلي ۾ رهڻ دوران لکيل يادگيرين جو مجموعو آهي. تعليم سان گڏ ڪجهه ثقافت جو بيان به ڪتبا ۾ ڏنل آهي. هندوستان بابت اسان وٽ 3 سفرناما مشهور آهن جن ۾ مهتاب محبوب جو ”اندر جنين اُڃ“ عمر قاضيءَ جو ”ديسين وٽ پرديس“ ۽ سليم قريشيءَ جو ”ديس پرديس“ اچي وڃن ٿا.
    جنهن سياح سفرنامي پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيو سو الطاف شيخ آهي. الطاف هڪ مئيرين انجنيئر آهي، هن پنهنجي ڊيوٽي دوران ايشيا، آفريڪا، يورپ ۽ آسٽريليا کنڊ جي اڪيچار ملڪن بابت پنهنجا مشاهدات پندرهن کان وڌيڪ ڪتبان ۾ قلم بند ڪيا آهن. 1971ع کان 1975ع تائين الطاف جا چار ڪتاب شايع ٿيا ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ ”سمونڊ جي سيوين“ ”وايون وڻجارن جون“ ۽ ”بندر بازاريون“ 1977ع ۾ ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۽ بندر ديسان ديس شايع ٿيو. ان کان پوءِ به الطاف جا سفرناما ۽ ڪي انهن تي آڌاريل احوال جا ڪتاب شايع ٿيندا رهيا آهن. خاص طور جپان جو احوال الطاف جي ٽن ڪتابن ۾ آهي، ”جپان رس“، ”جپان جن جي جيءَ سان“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“.
    روس بابت صحافي عزيز شيخ جو سفرنامو مون لينن جو ڏيهه ڏٺو 1975ع ۾ ڇپيو. ٻين صحافين، سراج الحق، خير محمد کوکر، مقبول صديقي، محمود يوسفاڻي، ٻين ڪيترن جا رسالن اخبارن ۾ سفر جا احوال شايع ٿيل آهن. 1976ع ۾ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو سفرنامو ”سون ورني ڌرتي“ جي نالي سان ڇپيو. ڊڪاٽر سليمان چين ۾ پنهنجي تعليم دوران گڏ ڪيل احوال ”پيڪنگ پچارون“ جي نالي سان اخبارن ۾ ڏيندو رهيو. ويجهڙائي جي ٽن چئن سالن ۾ به عبدالحئي پليجو، فهميده حسين، فريده بشير، الله ورايو اداسي ۽ عنايت بلوچ جا سفرناما ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن. مقالن جي صورت ۾ ڪي ٻيا سفرناما به آهن.
    ڊاڪٽر احمد علي قريشي جو هي موجوده ڪتاب نائجيريا ۾ سندس سورنهن سالن جي طويل تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل آهي. هو ڊاڪٽري جي پيشي ۾ رهي نائجيريا جي معاشري جو گهري نظر سان مطالعو ڪندو رهيو جنهن ۾ هن خاص طور عوامي زندگيءَ جو اڀياس ڪيو ۽ قديم تاريخ سان گڏ ريتن رسمن کي به دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو رهيو. ماڻهن جي جيوت ۾ گهري دلچسپي هن جي تحرير مان ظاهر ٿئي ٿي. آئون سمجهان ٿو ته ڊاڪٽر احمد علي جو هي سفرنامو نائيجريا بابت ڪافي معلومات مهيا ڪري ٿو. ۽ پڙهندڙن جي دلچسپي جو باعث ٿيندو.


    ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو
    پروفيسر سنڌي شعبو،
    سابقه چيئرمن، ڊپارٽمينٽ آف سنڌي،
    يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو.


    مصنف جا ٻه ٽي لفظ

    مصنف جا ٻه ٽي لفظ

    سو هي هڪ ڪتاب ٺهي پيو...

    هن ڊائريءَ ۾ ڏيکاريل يادگيريون ۽ احوال ڪي تازا آهن ته ڪي وري 15 16 سال پراڻا. مان هي ڪتاب پريس جي سپرد نه ڪريان ها پر مون ڏٺو ته جڏهن مان مختلف ڪچهرين ۾ هتي نائجيريا جا تفصيل ٻڌائيندو هوس ته دوستن کي ڏاڍو عجب لڳندو هو ڇو ته هنن وٽ آفريقا جو تصور ڏاڍو ڀيانڪ هو. هنن جيڪي جاگرافي تاريخ، ڊائجسٽن يا ڪهاڻين ۽ ڪٿائن ۾ پڙهيو يا ٻڌو ۽ سُئو هو مان ته ان جي بلڪل برعڪس پيو ڳالهيون ڪريان!!
    يقين ڄاڻو ته هاڻي نائجيريا اهو نائجيريا نه رهيو آهي جنهن کي ڪنهن وقت ڪتابن ۽ جاگرافين ۾ ”اونداهو کنڊ“ يا ”انگريز جي قبر“ چوندا هئا يا مهذب دنيا وارا ”بيلو فيور“ جو ٻڌي غش ٿيڻ وارا هوندا هئا. گرمي ۽ تپش، حبس ۽ نٽهڻ اُس جو تصور ڪري جانا ڀريندا هئا يا خونخوار شينهن درندن يا آدمخور ۽ وحشي شيدين جون ڏند ڪٿائون ٻڌي هانءُ ڏڪي ويندو هوَن اگرچ انهيءَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اُتي گهاٽن جهنگلن ۾ اڄ به ڏينهن جو رات لڳي پئي آهي. پر ته به اهي ڳالهيون هاڻي اگرچه فرضي ڪٿائون نه به سڏجن ته به ياد رفتگان چئي سگهجن ٿيون. مان پاڻ پنهنجي ڪٽنب سوڌو هتي ڀار ڀريا سورهن سال رهي ڏسي آيو آهيان ته هينئر نائجيريا هڪ امير ترين ۽ آسودن ملڪن ۾ شمار ٿيڻ لڳو آهي. منجهس پيٽرول جا وڏا ذخيرا آهن جن نائجيريا وارن جي رات و رات قسمت بدلائي ڇڏي آهي، سال جا ست مهينا بارش پوڻ سبب هتي جي موسم ۽ آب و هوا معتدل آهي. زمينون سيراب ۽ زرخيز سر سبز ۽ شاداب آهن. ماڻهو مهذب ۽ لحاظ وارا آهن. پيٽرول نڪرڻ ڪري غير ملڪي فرمون، انجنيئر ۽ فني عملو هتي ڪافي تعداد ۾ مقيم آهي. هتي جون هوٽلون ۽ شهر رستا عمارتون ۽ پارڪ ۽ بازارون پُرشڪوه ۽ رونق واريون آهن. هتي جون ٻهراڙيون، ننڍيون ۽ ماٿريون دلفريب ۽ نظاريدار ٻهراڙين جا ماڻهو سادا ۽ سچار آهن، هتي جيڪو ماڻهو اسپتال مان چاق ٿي وڃي ته اهو ۽ ان جا مائٽ ڊاڪٽرن لاءِ ميوا ۽ تحفا کڻي اچن ٿا جيئن پاڻ وٽ ڇوڪرو پاس ٿئي ته استاد کي مٺائي ڏئي ايندا آهيون. اهڙيءَ طرح هونئن ته اسان وٽ ڪيڪ پيسٽرين جا ڍير هوندا آهن پر ڪرسمس يا نيويئر Newyear تي به چاق ٿي ويل مريض اسان کي ڪو نه وسارين.
    هنن پنهنجي اسپتالن ۽ يونيورسٽين لاءِ دنيا مان چونڊي چونڊي قابل ۽ ماهر ماڻهو ڳرين پگهارن تي رکيا آهن.
    پاڪستاني به هتي ڪافي آهن. رڳو اسان واري بينڊل اسٽيٽ ۾ ئي لڳ ڀڳ ٻه سو پاڪستاني فيمليون رهن ٿيون. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته هتي مقيم پاڪستانين ۾ آئون سڀ کان پراڻو رهندڙ آهيان جو سورهن سالن کان رهندو اچان ٿو نه ته هونئن هتي ٽن چئن ڪانٽريڪٽس کان وڌيڪ (اَٺ سال) ڪو ڪو نه رهي. هتي سنڌي هندو ڪٽنب واپار تي ڇانيل آهن. سندن برتاءُ (ڊيلنگ) ۽ ساک (ڪريڊٽ) جي ڪري کين حڪومت توڙي عوام ۾ سٺي نظر سان ڏٺو ٿو وڇي جيئن پاڻ وٽ خواجه يا ڪاٺياواڙي واپاري ساک وارا سمجهيا وڃن ٿا.
    نائجيريا جي حڪومت ۽ ماڻهو، قابل ۽ محنت ڪندڙ جا قدردان آهن ۽ اهڙن ڊاڪٽرن جي تجويزن ۽ مشورن تي به غور ڪن ٿا هيءُ ڪيڏي عجب جي ڳالهه آهي جو هنن بينن (Benin) جي نئين ملٽري اسپتال ٺهرائڻ، هلائڻ ۽ اسٽئبلش ڪرڻ جو سمورو ڪم منهنجي سپرد ڪري ڇڏيو. حالانڪ مان نه ته ڪو انجنيئر هوس ۽ نه ئي هنن جي فوج جو عملدار هوس تڏهن به هنن مون کي هن اسپتال جو پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ، ٽينڊر گهرائڻ اسٽاف رڪروٽ ڪرڻ ۽ بيروني ملڪن مان لئباريٽريز لاءِ سامان گهرائڻ چلڊرين ڊي جي ملهائڻ جو بندوبست ڪرڻ وغيره ۽ پڻ وچڙندڙ بيمارين کان بچاءُ لاءِ گشتي دواخاني ذريعي ويڪسينيشن ڪرڻ جو بندوبست ڪرڻ لڙائيءَ جي وقت امرجنسي ۾ اونده ۾ ۽ اوور ٽائيم ڪم ڪرڻ ۾ مونکي ڏاڍي خوشي محسوس ٿيندي هئي. بعضي ڳوٺ خط لکڻ ۾ به مهينا لڳي ويندا هئم.
    هنن مون کي ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجي خرچ تي لنڊن به موڪليو ۽ پڻ اسپتال جي ايڊمنسٽريشن جي سکيا بابت ٽريننگ لاءِ موڪليو ان طرح مصروف زندگيءَ ۾ مون تمام گهڻو تجربو حاصل ڪيو ۽ سورهن سالن جو طويل عرصو اک ڇنڀ ۾ گذري ويو. اهڙيءَ طرح ٻين ٻهراڙين جي نين اسپتالن جي کولڻ ۽ هلائڻ ۾ به مون سندن دل و جان سان مدد ڪئي. هو پنهنجي اسپتالن بابت اهم ميٽنگن ۾ مونکي شريڪ ڪندا هئا ۽ مان هنن جي صحت عامه جي پاليسيءَ ۽ پروگريس بابت پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندو هوس بعضي مون کي اسپتال جي طرفان عدالت ۾ به راءِ ڏيڻ يا شاهدي ڏيڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو.
    پاڪستان سان نائجيريا وارن جا خوشگوار ناتا آهن. انهن سڀني ڳالهين جي ڪري مون کي هي ڪتاب تيار ڪرڻو پيو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو تازين ڊائرين تان نقل ڪيو اٿم ۽ ڪجهه تمام پراڻين ڊائرين خطن ۽ اخبارن جي ڪٽنگ تان ورتل آهي، ڪجهه ڳالهيون مون کي تصويرن جا البم ڏسڻ سان ياد آيون سي به شامل ڪيون اٿم. ڪي ڊائريون سنڌيءَ ۾ لکيل هيون ته ڪي انگريزيءَ ۾ هوٽلن ۾، هوائي سفر دوران ۽ اسپتال ۾، آفيس ۾ ويٺي لکيل ڊائريون آهن. انهن سڀني کي گڏائي ورتم ته هڪ ننڍڙو سفرنامو ٺهي پيو آهي.
    هاڻي ته سنڌيءَ ۾ دنيا جي سڀني ملڪن جا سُٺا سٺا سفرناما ڇپجي چڪا آهن. الطاف شيخ جا بيشمار سفرناما ڇپيل آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن لکڻ جو پنهنجو منفرد انداز آهي، جنهن کيس نئين نسل جي مقبول اديبن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي. تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ ۽ ماهتاب محبوب جا سفرناما به پڙهندڙن گهڻو پسند ڪيا آهن. اهي سڀ مڃيل اديب ۽ ليکڪ آهن پر منهنجو ادبي دنيا ۾ هي پهريون قدم آهي، تنهن ڪري ممڪن آهي ته پراڻيون يادون سهيڙيندي ۽ سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ لکيل پراڻين ۽ نين ڊائرين جي ورقن کي سميٽيندي منهنجون هي يادون ۽ سفر پڙهندڙن کي ڪجهه بي ربط محسوس ٿين، پر مون ويهي انهن کي ايڊٽ ڪو نه ڪيو. ائين ڪرڻ سان ان جو نيچرل اِمپريشن غير موثر ٿي پوي ها، ظاهر آهي ڪٿي ڪجهه وڌائڻو پويم ها ۽ ڪٿي ڪجهه ڪاٽي ڇڏڻو پوي ها مصلحتن کي ملحوظ رکڻو پوي ها. ٻوليءَ کي ادبي ۽ مڪلف رنگ ڏيڻو پوي ها. پر پوءِ ڊائريءَ جي اها فطري صورت درهم برهم ٿي پوي ها جيڪا مون نه پئي چاهي.
    ”زيب ادبي مرڪز“ جي مهتمم جناب احمد شيخ جنهن سنڌي ادب کي معياري ۽ بهتر ڪتاب مهيا ڪيا آهن، تنهن جي تعاون سان هي ڪتاب پڙهندڙن تائين پهچي سگهيو نه ته آهستي آهستي اِهي سڀ يادون ڌنڌلا ڌنڌلا خواب ۽ سپنا بنجي منهنجي ذهن جي ڪينويس تان ميسارجي وڃن ها.
    سنڌ جي سدا بهار ليکڪ الطاف شيخ ازراه نوازش مون کي سنڌي ادب ۾ افريقا جي سفرنامي جي ضرورت طرف ڌيان ڇڪايو ۽ مفيد مشورن جا خط لکيا ۽ هن ڪتاب لاءِ پيش لفظ لکيا جنهن لاءِ مان سندس ٿورائتو آهيان .
    هن هيڏي ساري عرصي جي ياد، منهنجي ذهن ۾ سواءِ خوشگوار يادن جي خوشنما گلدستي جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. اڄ به اسان هنن يادن جي تازگي لاءِ پنهنجي گهر جو نالو ”بينڊل هائوس“ رکيو آهي ۽ جڏهن به اُس جي تڙڪي ۾ لطيف آباد ۾ باغ ۾ ڪٽنب جي ڀاتين سان ويهي ڳالهيون ڪندا آهيون ته منهنجي ڌيئن ۽ بيگم کي اتي جا گهر (اتي اسان ڪم از ڪم 12 13 گهر بدلايا) اتي جا باغ ۽ اتي جا مالهي اتي جون برساتون ياد اينديون آهن. اهي يادون ڪڏهن به وسرڻ جون نه آهن.
    مون هتي سورهن سال سروس ڪئي 1968ع کان 1983ع تائين هر ٻن سالن کان پوءِ اسان کي چار مهينا فل پگهار ۽ فيملي ٽڪيٽ سان موڪل ملندي هئي جن مان ٻه مهينا اسان پاڪستان ۾ گذاريندا هئاسين ۽ باقي ٻه مهينا دنيا جي سير و سفر ۾. جيئن ته لئگاس کان ڪراچي ڊائريڪٽ پرواز نه اهي تنهنڪري اسان کي هميشه نئين نئين روٽ تي سفر ڪرڻ ۽ نوان ملڪ گهمڻ جا وجهه مليا. هن سير کي مفيد آسان ۽ مزيدار بنائڻ ۾ اسان جي مهربان دوستن، ڊاڪٽرن ۽ مائٽن جو تعاون خلوص ۽ حُسن اخلاق به شامل آهي. جيڪي جدا جدا ملڪن ۾ اسان جا ميزبان ٿي رهيا جن ۾ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي جناب اقبال آخوند جو نالو سرِ فهرست آهي جيڪو ان وقت مصر ۾ (قاهره) پاڪستان جو سفير هو، جنهن جي مهربانيءَ ۽ ميزبانيءَ ۾ اسان ڪٽنب سوڌو ۽ سهولت سان مصر جو سير ڪيو.
    نائجيريا ۾ اسان جي ڪيترن سنڌي هندو ڀائرن سان ڄاڻ سڃاڻ ٿي جيڪا پوءِ پڪي دوستي ۽ گهريلو لاڳاپن ۾ هميشه لاءِ رهندي اچي ٿي. هنن پيارن دوستن ۾ مسٽر ڏاسواڻي، مسٽر آسنداس، مسٽر جيوت لالواڻي ۽ ٻيا به اهڙا ئي ڪروڙ پتي سيٺيون شامل آهن ڌڻي شال کين آسودو ۽ سک ۽ شانتي ۾ رکي.
    هن سفر جي دوران اسان جو پيارو ساٿي ڊاڪٽر محمد عمر صديقي اسان کان وڇڙي ويو جنهن جو ڏک اڄ به دل کي ملول ڪري ٿو. هو نه صرف قابل سرجن هو پر عظيم انسان ۽ مخلص دوست به هو شال ٻاجهارو ڌڻي کيس مغفرت ڪري!
    آئون جڏهن نائجيريا ويس ته اتي جنگ پئي هلي سڀني منهنجي (بقول سندن) اٻهرائيءَ تي افسوس ڪيو ۽ چيائون ته اجهو ٿو موٽي. پر خدا جي فضل سان مان اتي مستقل طور رهڻ لڳس. اِتي اسٽئبلش ٿيڻ ۾ ڪيترن دوستن ۽ هندو ڀائرن جي ساٿ ۽ تعاون ۾ جنرل ٽي اي اوييلولا جو نالو قابل ذڪر آهي، جيڪو نائجيريا جي مسلح افواج ۾ جنرل جي عهدي تي فائز آهي ۽ هڪ قابل ڊاڪٽر آهي. هن خوشمزاج انسان سان اڄ سوڌو خطو ڪتابت جو سلسلو جاري آهي.
    نائجيريا منهنجو وطن ثاني آهي منهنجي ٻارن جي جنم ڀومي آهي، جتي مون پنهنجي زندگيءَ جا بهترين سال گذاريا آهن، جنهن کي ڀلا مان ڪيئن وساري سگهندس!
    سنڌ جي ممتاز ادبي شخصيت ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي چيئرمن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي هن ڪتاب بابت راءِ کي پڻ مان پنهنجي لاءِ وڏي عزت افزائي محسوس ڪريان ٿو.
    مون کي ياد آهي ته پنهنجي عزيز محترم سعيد شيخ جن جي مهرباني ۽ مدد سان فيملي سان گڏ جڏهن مان ڀارت گهمڻ ويس ته اتي جي ادبي حلقن ۾ به ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي کي گهڻي عزت سان ياد ڪيو ٿي ويو خاص طور تي سندس لکيل ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ جو گهڻو چرچو هو.

    احمد علي قريشي


    جاگرافيائي بيهڪ ۽ موسم

    جاگرافيائي بيهڪ ۽ موسم

    نائيجريا، اولهه آفريقا جو سڀ کان وڏو ملڪ آهي هن کي آفريقا جو ديوَ (Giant) به چوندا آهن ۽ آفريقا جو لبيا کان پوءِ ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو تيل پيدا ڪندڙ ملڪ آهي.
    نائجير، چاڊ، ٽوگو، ڪئمرون ۽ گهانا جون سرحدون هن ملڪ سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ سائوٿ ايٽلانٽڪ سمنڊ اٿس. نائجيريا، جو صدر مقام لئگاس پاڪستان جي شهر ڪراچي کان 7226 ميل پري آهي. آلجيريا، لبيا، نائيجر، ماريطانيا، سوڊان، مصر ۽ گبن هن جا ويجها مسلمان پاڙيسري ملڪ آهن.
    نائيجريا جو ڏاکڻو علائقو، جتي مان گهڻو وقت رهيو آهيان سرسبز ۽ شاداب آهي. ان جي برعڪس وري اتر وارو علائقو گهڻو ڪري خشڪ ۽ ريگستان آهي. ڏکڻ نائيجريا ۾ بارش تمام گهڻي پوي ٿي. سال جو وڏو حصو اپريل کان آڪٽوبر تائين ست مهينا لاڳيتو اُتي ساوڻي رهي ٿي. ماڻهن وٽ ۽ اسڪولي ٻارن وٽ برساتي ڪوٽ ۽ ڇٽيون هر وقت هٿيڪيون هونديون آهن. سال جا باقي چار پنج مهينا اتي گرميون هونديون آهن. ان ڪري هتي 2 موسمون هونديون آهن. هڪ خشڪ موسم ٻي برساتي موسم. ۽ اهي چار مهينا غير ملڪي ماهر، ملازم موڪلن تي هليا ويندا آهن. پر هاڻ تيل نڪرڻ بعد اسپتالون سئنيما گهر، سپر مارڪيٽ، هتي ايئرڪنڊيشنڊ آهن.
    مون نائجيريا ۾ اهو وقت به گذاريو جڏهن اڃا تيل برآمد ڪو نه ٿيو هو. تڏهن هنن جا اهي ٺٺ ڪو نه هئا. ان وقت هنن جي معيشت جو دارومدار زراعت، جانور، رٻڙ، ڪافي ۽ تاڙيءَ تي هو.
    ايراضي ۽ آدمشماريءَ جي اعتبار کان نائيجريا ۽ پاڪستان ۾ گهڻي هڪ جهڙائي آهي. نائيجريا ۾ سنه 1975ع ۾ آبادي 70 ملين هئي جيڪا هينئر 1984ع ۾ هڪ سو ملين کان وڌي چڪي آهي ۽ ايراضي ٽي لک چورسس ميل اٿس.
    جيئن مون ٻڌايو ته بارش جي ڪثرت جي ڪري ڏاکڻو علائقو سرسبز ۽ وڻندڙ نظر اچي ٿو، چوطرف ساوڪ ۽ وڻڪار ئي وڻڪار آهي. هتي جا مالهي صرف وڌندڙ گاهه ۽ ڇٻر کي ڪٽيندا رهندا آهن ڇو ته کين خبر آهي ته ٻوٽا برسات ۽ زمين جي زرخيزي سان وڌن ٿا جو انهن جي ڪٽائي ۽ ڇانگ ۾ ٻه چار ڏينهن ناغو وجهندا ته وري ڪڏهن به ڪٽي پڄي نه سگهندا. جيئن آفيسن ۾ ڪي سست ڪلارڪ اخبارن پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ جي ڪمينٽري ٻڌڻ ۾ ڪجهه ڏينهن ٽپال ۽ ريفرنس نيڪال ڪرڻ ۾ سستي ڪندا آهن ته پوءِ اها پينڊنگ ٽپال سندن مستقل روڳ بنجي ويندي آهي.
    پاڪستان وانگر هتي جي به 80 سيڪڙو آبادي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي ۽ مينهوڳيءَ جي ڪري گهرن جون ڇتيون لهواريون هونديون اٿن جيئن پاڻ وٽ ڳوٺن ۾ لانڍيون هونديون آهن.
    گهڻو ڪري سڀ گهر هڪ منزله ۽ ڪشادا وڏن دالانن ۽ اڱڻن وارا ۽ هڪ ٻئي کان پري پري جوڙيل آهن ڇو ته زمين گهڻي ۽ سستي اٿن.
    اسپتالن جا وارڊ به هڪ ٻئي کان پري پري آهن ۽ بارش کان بچڻ لاءِ وچ ۾ چڪيل ڪاريڊورن سان هڪ ٻئي سان مليل آهن. جيڪي جدا جدا واردن ۽ بلاڪن کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا.
    هر نئين عمارت بلڪل نئين زمين تي جهنگل ۽ وڻ ڪٽي پوءِ اڏين ٿا. البت شهرن ۾ خاص طور گهرن جو نمونو يورپ وانگر جديد ۽ آرام ده آهي ۽ جن ۾ ورانڊا ۽ اڱڻ نه آهن.
    هتي جون مندون رڳو ٻه، هڪ ساوڻ جي رُت ۽ ٻي خشڪ رُت. هرارت هِتي ڏکڻ ۾ ستر کان پنجاسي ڊگريون فيرانائيٽ تائين پڄيو وڃي وري اُتر ۾ ڏينهن جو هڪ سو ڏهه ڊگريون فيرانائيٽ تائين به ٿئي مگر رات جو خاص ڪري (Harmatan) جي ٿڌي هوا جي لهر جيڪا صحرا جي بيابان مان جنوري فبروري ۾ اچي ٿي ان ڪري رات جو گرميءَ جو درجو چاليهه ڊگريون فيرانائيٽ کان به گهٽ وڃيو بيهي. بارش هتي ڏکڻ ۾ جتي اسان رهون ٿا 70 کان 150 انچن تائين پوندي آهي هفتن جا هفتا لڳاتار تيز بارش پوندي رهي ٿي مگر ان سان هتي جي روزمره جي ڪاروبار ۾ ڪو به خلل ڪو نه پوي. باقي اتر ۾ مينهن ٿورا پون وڏو ڇيهه ته ويهه انچ مس. هتي جا وڏا ۽ تاريخي شهر گهمڻ جهڙا آهن جن ۾ لئگاس، اِبادان، ڪَدُونا، ڪانُو، بينِن، جاس، اِنُوگو، اِلورِن، مَدو گِري، سَڪوٽو، پورٽ هارڪوٽ، ڪالابار، اونِيشا، واري ۽ آبا قابل ذڪر آهن جتي دنيا جي ماڊرن شهرن وانگر اعليٰ درجي جون هوٽلون ۽ جديد ۽ مهذب زندگيءَ جون سموريون آسائشون ۽ رعنائون موجود آهن. جتي ٽريفڪ جي ڀيڙ ۽ گهما گهمي آهي. ٽريفڪ پهرين ڏائي پاسي کان هلندي هئي پر اپريل 1974ع کان ساڄي پاسي کان هلڻ جو رواج پيو آهي.
    مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن آچر جي ڏينهن اسان گاڏيءِ ۾ ٻاهر نڪتاسين ته ڊرائيور هڪ ٻئي کي ڏسي مسڪرائي رهيا هئا. مون پهرئين ئي ڏينهن گاڏي بيهارڻ وقت روڊ جي ساڄي پاسي جي بدران کاٻي پاسي وڃي پارڪ ڪئي، ٻاهر نڪتس ئي مس ته ڀرسان گذرندڙ هڪ ڪار مان هڪ محترمه اچي مون کي ياد ڏياريو ته پارڪ ساڄي پاسي ڪريو.
    پبلسٽي تمام گهڻي ڪئي هوائون تنهن ڪري ڪو اهڙو ناخوشگوار واقعو پيش ڪو نه آيو. البت جڏهن اسان پاڪستان موڪل تي ايندا آهيون جتي اڃا کاٻي پاسي واري ٽريفڪ جو رواج آهي ته ڊرائيونگ ڪندي پهريان هڪ ٻه ڏينهن ڀلجي پوندا آهيون ۽ وري جڏهن موڪل تان موٽي نائجيريا ايندا آهيون ته به شروع جو هڪ ٻه ڏينهن اها ڳالهه وسري ويندي اٿم.

    جهنڊو:
    هن ملڪ جو جهنڊو ٽن هڪ جيترين اُڀين پٽين مان تيار ڪيل آهي. جن مان پهرين ۽ ٽي پٽي سائي رنگ جون آهن ۽ وچواري پٽي سفيد رنگ جي آهي. سائو رنگ شادابي ۽ سڪار جي علامت آهي ۽ سفيد رنگ امن و آشتي جي نشاندهي ۽ خواهش جو نشان آهي.
    هتي بلڪل اڻ پڙهيل ماڻهو گهرو نوڪر چاڪر مالهي چوڪيدار واڍا رازا سڀ ٻاهرين ماڻهن سان توڙي پاڻ ۾ به انگريزي ڳالهائين ان جو وڏو سبب اهو به آهي ته انهن جون پنهنجون بيسمار ٻوليون ۽ ننڍا لهجا آهن ۽ 15 20 ميلن کان پوءِ ٻي زبان يا بدليل لهجو مروج آهي. ان ڪري ماڻهو پاڻ ۾ هر هنڌ انگريزي ڳالهائين ٿا. اسڪولن ۾ گهڻو ڪري انگريزي ميڊيم آهي. ان ڪري غير ملڪي ماڻهن کي ۽ ڊاڪٽرن کي هتي نوڪري ڪرڻ، شاپنگ ڪرڻ، نوڪر رکڻ، ٻار پڙهائڻ ۽ ٽيڪسي واري سان ڳالهائڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. انگريزي اخبارون هتي گهڻيون وڪامن ٿيون.
    پئسو هتي جام آهي. غير ملڪي گهڻا رهن ٿا. رستن تي تيز رفتار ڪارن جا نت نوان ماڊل ڏسي منهنجو دوست عظمت چوندو آهي ته ”هنن جي ٽريفڪ کان ”بچائيو ميري موليٰ“ جو وڻن تان لهي اچي مرسڊيز ۾ ويٺا آهن.
    اسان جو دوست هنن کي چوندو ئي آهي جيهو ڊرائيورس (Jee Ho Drivers) جيهو ڊرائيورن بابت فضل احمد بچاڻي پنهنجي ڪتاب (رٽرن آف شي) (Return of She) ۾ لکي ٿو ته ”جيهو پنهنجي رٿ هلائڻ وقت ايتري ته لاپرواهيءَ کان ڪم وٺندو هو جو هميشه ڪيترائي ماڻهو سندس رَٿَ جي هيٺان اچي چيڀاٽجي چپجي مري ويندا هئا. يورپ ۾ اڄ به لاپرواهه ڊرائيورس کي ”جيهو ڊرائيورس سڏيو ويندو آهي.“
    18 عيسوي صديءَ ۾ نائجيريا کي ”نائجيريٽيا (Nigeritia) سڏيو ويندو هو يا ٻين لفظن ۾ نيگرولينڊ (Negro Land) يعني ڪارن جو ملڪ هتي ڀرسان هڪ ٻيو ملڪ به آهي جنهن کي نائيجر چون ٿا، پر اهو ننڍو ملڪ آهي ۽ ايترو امير به نه آهي.
    نائجيرياتي اهو نالو نائيجر نديءَ جي ڪري پيو آهي جنهن تي هن ملڪ جي معيشيت جو دارومدار آهي (يا هو) جيئن مصر جو ملڪ جو دارومدار نيل نديءَ تي آهي.
    نائيجر ندي اڍائي هزار ڪلوميٽر ڊگهي آهي ۽ انيٽلانٽڪ سمنڊ مان سيراليون (Seraloene) وٽان نڪري ٿي ۽ اتر اوڀر ڏکڻ مان ٿيندي بينن تائين پهچي ٿي.
    هتي مسجدون ۽ ديولون خوبصورت نظر اينديون. هندو ڌرم جا مندر به آهن هتي جي حڪومت ۽ عوام مذهبي تعصب ۽ ڇڪتاڻ کان بچيل آهي. تازو هري راما هري ڪرشنا وارن جي مندر ۽ پرچار جو گهڻو چرچو آهي. گهڻا ماڻهو ان ۾ ڌرمي اعتقاد سان گڏ ان ڪري به شامل ٿين پيا جو انهن جون شاخون دنيا جي سڀني وڏن وڏن ملڪن ۾ قائم آهن جتي ٻين ملڪن يا ٻين شهرن کان آيل ساڳئي ڌرم ۽ عقيدي وارن کي مفت رهائش ۽ کاڌو مهيا ڪيو وڃي ٿو. اتر ۽ ڏکڻ نائجيريا هڪ ٻئي کان تمام مختلف آهن. ائين لڳي ٿو ته ٻه جدا جدا ملڪ آهن. مذهب، زبان، شڪل صورت، رسمون رواج، رهڻي ڪهڻي، کاڌ خوراڪ، موسم آب و هوا ۽ پوشاڪ مطلب ته هر ڳالهه ۾ مختلف آهن، ائين لڳندو، آهي ڄڻ ڪراچيءَ کان ڪڙئي گهنور آيا آهيون.


    پرديس جو پهريون سفر (1968)

    پرديس جو پهريون سفر (1968)

    فيبروري 1968ع ۾ جڏهن مان ڪراچيءَ جي انڪلسيريا اسپتال ۾ (R.M.O) ريزيڊنٽ ميڊيڪل آفيسر هوس، ته اتي ساڳي اسپتال ۾ مون سان گڏ منهنجو دوست ڊاڪٽر عظمت الله شيخ به ڪم ڪندو هو. اسان جي رهائش اسپتال جي ئي حدود ۾ گارڊن روڊ تي هئي. ڪم ڪرڻ ۽ سکڻ جو شوق هو. ٻيون ڪي گهرو ذميداريون به ڪونه هيون. عجب بي فڪريءَ جو ماحول هو.
    آئون ۽ ڊاڪٽر شيخ هڪ ڏينهن نائجيرين ايمبسي ۾ انٽرويو ڏئي آيا هئاسين جيڪا ان وقت (1968ع) ۾ اڃان ڪراچيءَ ۾ قائم هئي.
    اتي ڪيترن سينئر ڊاڪٽرن کي انٽرويو ڏيندي ڏسي مون ڊاڪٽر شيخ کي آهستي سڏي چيو: ”عظمت ورندو سرندو ڪجهه ڪونه البت شيدين جي سفارتخاني جا ٺٺ ته ڏسي آياسين.“
    ”ها، پنڊي يا اسلام آباد ۾ سفارتخانو هجي ها ته ٿوروئي هلون ها؟“ ڀلي جي سينيئر ڊاڪٽر وڃن ته هتي کوڙ چانسون ملي وينديون مڙئي دل کي وندرائڻ لاءِ ائين چيائين.
    ٿورائي ڏينهن اڳ انگلنڊ ۽ سعودي عربيه ۾ موڪليل درخواستن جي جواب ۾ ايمپلائمينٽ ووچر (Employment Voucher) ۽ اپائنٽمينٽ آرڊر آيا پر مٽن مائٽن ٻاهر وڃڻ لاءِ حوصله افزائي نه ڪئي. جيئن ڪنواري ڇوڪري وڏي ٿيندي آهي ته ان جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ به بند ٿيو وڃي تيئن ڪنواري نوجوان ڇوڪري جو به ملڪ کان ٻاهر وڃڻ سنڌي مائٽن کي وڏين فڪراتن ۽ انديشن ۾ مبتلا ڪريو ڇڏي.

    ٻئي طرف مون پنهنجي دل کي هن طرح خوش ڪيو ته سعودي عرب ۾ عربي ٻولي نه ڄاڻندڙ ڇا ڪم ڪري سگهندو؟ ۽ هوڏانهن وري انگلنڊ جهڙي مهانگي ملڪ ۾ انهيءَ پگهار مان ڪهڙي بچت ٿيندي. ”مون اڃا ڪنهن کي به (Regrets) انڪاري جواب ڪو نه موڪليو هو.
    بلڪ ڪڏهن ڪڏهن مائٽن تي رعب وجهڻ لاءِ به انهن اپائنٽمينٽ آرڊرن جو حوالي ڏئي وٺندو هوس ۽ جتي ڪو ٻيو انٽرويو ڏيڻ ويندا هئاسين ته وڏي فخر سان اهي آرڊر به ڏيکاري ايندو هوس، وري جي ڪٿي ڪم نه ٺهندو هو ته دوستن کي چوندو هوس ته ”مان ته رڳو تفريحاً انٽرويو ڏيڻ ويو هوس. مون وٽ اڳ ۾ ڪيترا آرڊر ۽ آفرون رکيون آهن.
    ”ها: تنهن کان سواءِ پٺيان تنهن جي هيڏي ساري زمينداري ۽ ڪاروبار سنڀالڻ وارو ڪو به هجي نه؟“ عظمت ٽوڪ هڻي چوندو هو.
    اهڙيءَ طرح ڪراچيءَ ۾ اسان جو کِل خوشيءَ ۾ وقت پيو گذرندو هو. ٻئي طرف منهنجو رڳو ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ به مائٽن کي ڄڻ وڏو وڇوڙو پئي لڳو. بقول الطاف شيخ جي ته: ”سنڌي ماڻهوءَ رڳو کٽ تان پير هيٺ ڪيو ته هن ويچاري لاءِ پرديس جا صدما شروع ٿيا سو مائٽ چوڻ لڳا: ”ابا ڪا حيدرآباد ۾ يا هالا ۾ نوڪري ملي ته ڏاڍو چڱو. رٻ جو وَٽو به پنهنجي گهر جو ڀلو!“
    ٿورا ڏينهن مس گذريا هوندا ته اسان ٻنهي کي نائجيريا جي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن طرفان اپائنٽمينٽ آرڊر جي ٽيليگرام پهتي جنهن ۾ اسان کي ڇهن هفتن جي اندر ڊيوٽي تي پهچڻ جو تاڪيد ڪيو ويو ۽ پنهنجا ضروري ڪاعذات ڪراچي ۾ سندن سفارتخاني مان وصول ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. ڊاڪٽر عظمت ته ٻئي ڏينهن وڃي انڪلسيريا نرسنگ هوم جي چيف کي هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي آيو پر مون کي سوچڻ ۽ صلاح مشوره ڪرڻ ۾ ڏاڍا ڏينهن لڳي ويا. منهنجي ڪري ئي ڊاڪٽر عظمت پنهنجي روانگي ٻه مهينا ملتوي ڪئي. هيڏانهن منهنجو عجب حال هو. ڪو به مائٽ منهنجي آفريقا جهڙي گرم ۽ گهٽ ترقي يافته ملڪ ۾ وڃڻ جي حق ۾ نه هو جنهن کي اونداهو کنڊ (Dark Continent) ۽ ”اڇي ماڻهوءَ جي قبر“ ڪري سڏيو ويندو هو، تنهن کان سواءِ اتي انهن ڏينهن ۾ گهمسان جي جنگ هلي رهي هئي. صرف منهنجو وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمان قريشي منهنجي اُتي وڃن لاءِ همت افزائي ڪندو رهيو.
    مون کي هن فيصلي ڪرڻ ۾ گهڻي ذهني دشواري محسوس ٿي. انڪلسيريا اسپتال ۾ اسٽاف سان تمام بهتر تعلقات پيدا ٿي چڪا هئا. ٻئي طرف ڊاڪٽر عظمت وڃڻ لاءِ بلڪل آتو ويٺو هو جنهن سان ڪراچيءَ ۾ سٺو وقت پيو گذرندو هو.
    ”يار، اسان کي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو جو نائجيريا جي ايمبسيءَ ۾ انٽرويو ڏيئي آياسين! چڱا خاصا هتي لڳا پيا هئاسين.“
    مون عظمت تي برهم ٿيندي چيو.
    ”هون ڳالهه دراصل ائين نه آهي.“ عظمت چيو ”ڳالهه هيءُ آهي ته شيدين جو اسپتالون پاڻ ٻنهي کان سواءِ هلنديون ئي ڪو نه تڏهن ته ڊيٽ ايڪسٽينڊ (Date extend) ڪندا ٿا وڃن تنهن ڪري انسانيت جي عظيم تر مفاد ۾ ۽ انساني همدردي جي لحاظ کان اسان کي هلڻو ئي پوندو!“
    ان وچ ۾ اان کي ٻي ٽيليگرام به پهتي جنهن ۾ اسان کي پنڌرنهن ڏينهن جي اندر پهچڻ جو تاڪيد ڪيو ويو هو. ڊاڪٽر عظمت ته نيٺ آسرو لاهي جولاءِ ۾ روانو ٿي ويو. هُن اتان جيڪي خط لکيا سي ڪافي همٿائيندڙ هئا ۽ هن مون کي مخلصانه مشورو ڏنو ته مان اُتي پهچان ان وچ ۾ مون کي پنهنجي هڪ عزيز ۽ دوست ڊاڪٽر اسلم بروهيءَ جو خط به مليو جيڪو چئن پنجن سالن کان اتي لئگاس ۾ مقيم هو. هن پڻ مونکي فوراً وڃڻ جو مشورو ڏنو.
    25 سالن جي عمر ۾ مان زندگيءَ جي پهرئين وڏي سفر تي روانو ٿيس (نائجيريا جو دارالحڪومت لائگوس ڪراچيءَ کان 7200 ڪلوميٽر مفاصلي تي آهي.)
    مون کي 17 سيپٽمبر 1967ع ۾ جي اها گهم آلوده رات اڃا ياد آهي جڏهن مان ڪراچيءَ ۾ پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر عبدالقادر شيخ، موجوده پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي جڳهه تي پهتس جيڪو ان وقت جناح پوسٽ گريجويئٽ ميڊيڪل سينتر ڪراچي ۾ زير تعليم هو؛ ڪراچيءَ ۾ آئون لاڳيتو ڪافي مهينا رهيو آهيان پر اڄ ڪراچي مون کي عجيب غريب محسوس ٿي رهي هئي. ائين پئي محسوس ٿيو ڄڻ ڪا شيءِ مون کان زوريءَ کسجي رهي آهي. مون کي خبر ناهي ته ڪيئن شام کان رات ٿي ۽ رات جا ٻه وڳا جڏهن مون پاڻ کي برٽش ايئرويز جي ديوهيڪل هوائي جهاز جي سيٽ تي ويٺل ڏٺو. منهنجي سيٽ جي آسپاس ڪيترا غير ملڪي مسافر هئا، جن ۾ مرد ٻار ۽ مکيل ڏکيل خواتين هيون ڪي سجاڳ، ڪي ننڍا کڙا ڪي نيم خوابيده، ۽ ڪي منزل تي پهچڻ لاءِ بيچين، هيتري هجوم ۾ به مان پاڻ کي تنها محسوس ڪري رهيو هوس ۽ آئنده سفر ۽ پرديس جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري رهيو هوس. مون کي ادي فهميده حسين جا اهي لفظ ياد اچڻ لڳا جن ۾ هن سنڌي لفظ ”سفر“ کي انگريزي لفظ ”سفر“ (Suffer) سان تشبيهه ڏني آهي.
    اسان جي پهرين منزل روم (اٽلي) هئي. (اگرچه هي منهنجو پهريون هوائي سفر ڪو نه هو) روم ۾ سارو وقت ايئرپورٽ تي ويهي گذاريم. هڪ نئون ملڪ ٻيو ڪو انگريزي سمجهڻ وارو نه ملي. ان ڪري شهر گهمڻ جو خيال لاهي ايئرپورٽ تي ويو ڪارڊس تي خط لکڻ ۾ لڳس.
    ٻئي ڏينهن اسان جو جهاز خدا جي فضل سان لئگاس جي هوائي اڏي تي لٿو. اُن وقت رات ٿيڻ واري هئي پر ايئرپورٽ تي ڪٿي به روشني نظر نه آئي. سمورو ايئرپورٽ ٻاهران تاريڪيءَ ۾ غرق هو. مون کي ايئرپورٽ هوٽل ۾ ترسايو ويو.
    مان جڏهن پهريون دفعو نائجيريا اڪيلو ويو هئس ته اتي لئگوس ايئرپورٽ تي مون کان Yellow Faver جي ٽڪن جي سرٽيفڪيٽ متعلق پڇيائون، عام طور تي جي ڪنهن کي اهي ٽڪا لڳل نه هوندا آهن ته انکي ٻن هفتن لاءِ Quarantine ۾ بند ڪري ڇڏيندا آهن، پر مون وٽ اهڙو سرٽيفڪيٽ موجود ڪو نه هو پر مون کي ڏسي هنن کي يقين ڪو نه پيو اچي ته آئون ڊاڪٽر آهيان، بار بار ورائي پڇن پيا. ان جو سبب اهو هو جو آئون 26 25 جو نوجوان هئس بحرحال انهن مون کي وڌيڪ ڪو نه روڪيو پاسپورٽ تي ٺپا هڻي وڃن جي اجازت ڏني.
    لئگاس جي هوائي اڏي تان نڪري هوٽل ۾ پهتس ته برسات پئجي رهي هئي. ڪارا قداور ماڻهو، ٿلها چپ ۽ چپيل نڪ، وٽيل وار: هن برسات ۽ بليڪ آئوٽ کان قطعاً بي نياز هلي گهمي رهيا هئا. ڪن زالن جي پٺن تي ٻار ٻڌل هئا جن کي آئون گهڻي حيرت ۽ دلچسپي سان ڏسڻ لڳس ساڳئي وقت هو مون کي ۽ ٻين غير ملڪين کي عجب مان ڏسڻ لڳا.
    لئگاس، نائجيريا جي گاديءَ جو هنڌ ۽ مشهور تاريخي شهر آهي جيڪو هڪ ٻيٽ آهي ۽ جنهن جي آبادي ڏيڍ ملين آهي. تقريباً پنجن چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل جديد عمارتن جو شهر آهي ۽ تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. لئگاس جو سامونڊي بندرگاهه، جنهن کي ”اپاپا“ سڏيو وڃي ٿو، سو ڪافي مشهور آهي. ان کان علاوه ٻيا هي به بندر گاهه واري، پورٽ هارڪورٽ، ساپيلي ڪالابار ۽ ڪوڪو غير ملڪي واپار جا وڏا مرڪز آهن.
    مان ڪئين دفعا ملازمت خواهه موڪلن دوران هنن بندرگاهن ۾ ايندو رهندو آهيان ان ارادي سان ته شايد ڪڏهن PNSC جو ڪو جهاز هتي لنگر انداز ٿئي ۽ ان جي انجنيئر ۽ سنڌ جي واسڪوڊيگاما، الطاف شيخ سان ملاقات ٿي سگهي.
    لئگاس جي وڪٽوريا آئلينڊ جي هوپ ويل اسٽريٽ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي خوبصورت عمارت مون لاءِ هر وقت محبت ۽ ڪشش جو باعث پئي رهي.
    هڪ رات هتي ٽڪي ٻئي ڏينهن هوائي جهاز رستي بينن (Benin) پهتس جيڪو مڊويسٽ اسٽيٽ جنهن کي هاڻ بينڊل اسٽيٽ چون ٿا، جو صوبائي ڪيپيٽل (هيڊڪوارٽر) آهي. هتي منسٽري آف هيلٿ جا آفيسر مون کي وٺڻ آيا هئا جن سان گڏجي آئون گورنمينٽ ريسٽ هائوس پهتس جيڪو تمام وڏو آرامده هائوس آهي. هتي مان ٽي هفتا ٽڪيس. رهائش، کاڌو، نوڪر ۽ گاڏي سڀ سرڪاري طور مهيا ڪيل هئا.
    انهن ڏينهن ۾ بيافرا جي جنگ پنهنجي عروج (Climax) تي هئي. ان ڪري اگرچه ريسٽ هائوس ۾ ٽي هفتا واندو هوندو هوس پر لڙائي، ڪرفيو ۽ بليڪ آئوٽ جي ڪري، گهمڻ ڦرڻ لاءِ ڪيڏانهن گهڻو نه ويندو هوس ڏاڍو بور پئي ٿيس.
    ”بينن ايئرپورٽ تي جيئن ئي لٿس ته ڪن سريلن ۽ صحتمند ۽ خوش لباس چهرن جي بدران ڪئين زخمي سولجرس، اسٽيچرن تي قطارن ۾ ليٽيل ڏسڻ ۾ آيا غالبن انهن کي علاج لاءِ لئگاس موڪلي رهيا هئا، ڇاڪاڻ ته بينن ۾ ميڊيڪل اسٽاف ناڪافي هو ۽ اسپتالن ۾ بسترن جي گنجائش به گهٽ هئي.
    بليڪ آئوٽ ۽ مسلسل بارشون هتي جي باشندن لاءِ ته ڪا نئين شيءِ نه هئي پر مان جو بقول طارق عزيز، روشنين ۽ خوبصورتين جي شهر ڪراچيءَ مان هتي پهتو هوس، البت بيچيني محسوس ڪري رهيو هوس.
    ”يا خدا، چڱو خاصو پاڪستان ۾ ويٺو هوس، هي مون کي ڪهڙي کٽيءَ کنيو؟“ هڪ ته ماڻهو اڳي ئي ڪارا بليڪ آئوٽ ۾ ويتر ڪارا هيڪاري برسات ۾ ڪاريون ڇٽيون سندن هٿن ۾ ڄڻ ڪاري بورڊ تي ڪو استاد اڱار سان ڪو ٿيئرم سمجهائي رهيو هجي. جنهن کي ڪارو گائون پيل هجي. بعضي سندن سفيد سفيد ڏند ڏسي ائين لڳندو هو ڄڻ ڪارن ڪڪرن ۾ وڄ جو چمڪاٽ ٿيو.
    بيافرا جي باغي فوج ڪا ڌارين فوج ته ڪانه هئي، اها ته هنن جي چپي چپي جي واقف هئي گهر جا ڀيدي هئا تنهنڪري باوجود ڪيموفليجنگ (دشمني کي ڀلائڻ لاءِ رنگ روپ بدلائڻ) جي باغين هنن جي اهم تنصيبات ۽ پوائنٽن تي چونڊي چونڊي ڀرپور حملا ڪيا. منهنجي اڳيان به بينن ايئرپورٽ تي ڪئين ڀيرا ايئر ريڊس (هوائي حملا) ٿيا.


    واري ۾ (آڪٽوبر 1968ع)

    واري ۾ (آڪٽوبر 1968ع)

    ٻن هفتن جي طبي اصطلاحن موجب ڪمپلسري ريسٽ (Compulsory rest) کان پوءِ مون کي واري (Warri) پهچايو ويو جتي مون ڏهين آڪٽوبر 1968ع تي بحيثيت سينئر ميڊيڪل آفيسر چارج ورتي.
    هي هڪ پراڻو تاريخي شهر آهي، آبادي ۽ پکيڙ ۾ حيدرآباد کان ڪجهه وڏو لڳي ٿو. هتي منهنجي رهائش ڪيٽرنگ ريسٽ هائوس (Catering Rest House) ۾ آهي جنهن جون تصويرون هن خط سان گڏ موڪليان ٿو.
    واري بينن اسٽيٽ جو ٻيو نمبر اهم شهر آهي ۽ ڪافي سرسبز ۽ رونق وارو بحري بندرگاهه آهي ۽ هتي صاف سٿرو ايئرپورٽ به آهي جو هن وقت فوجي ضروريات لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. هتي پيٽرول گهڻو نڪري ٿو ان ڪري هتي غير ملڪي ماڻهو جن ۾ انجنيئر ۽ ٻيا فني آفيسر شامل آهن گهڻا ڏسجن ٿا. هتي هڪ جديد آئل ريفائنري به آهي جنهن جي هن وقت گهڻي حفاظت ڪيئ پئي وڃي. هي شهر واپار جي لحاظ کان به ڪافي مشهور آهي.
    واريءَ جو شهر هونئن به مون کي پيارو آهي ۽ مان ڪڏهن به ان کي وساري نه سگهندس جو اِتي منهنجي ڪن سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ ٿي، جن مونکي ڏاڍو قرب ۽ عزت ڏني.
    چيلارام سنز هڪ وڏي سنڌين جي فرم آهي جنهن جو ذڪر آئون وقت بوقت خطن ۾ ڪندو رهيو آهيان.
    لڙائيءَ جي دوران زخمين (Casualties) جو تعداد وڌي وڃڻ ڪري اسان واريءَ جي سيلرز ڪلب (Sailers Club) ۾ به زخميلن لاءِ عارضي ڪئمپ بنايو آهي. هتي مون سيلرز ڪلب جي وزيٽرس بوڪ تي سنڌ جي مايهء ناز اديب ۽ چيف انجنيئر الطاف شيخ جا لکيل ريمارڪس پڙهيا.
    هن اسپتال جي سينئر اسٽاف ۾ مون کان علاوه هڪ انگريز اسٽيونسن (Dr. Setvenson) ۽ هڪ مقامي نائجيرين ڊاڪٽر Oni Opaka آهن. منهنجي چارج وٺڻ جي ٻئي ڏينهن بيافرا وارن جي جهازن واري پورٽ تي بمباري شروع ڪئي. جيئن ته اسان جي هيءَ اسپتال واري پورٽ کي گهڻو قريب آهي، هڪ بم اسان جي اسپتال جي ڪمپائونڊ ۾ اچي ڦاٽو.
    مون کي اهو ڏينهن ياد آهي جڏهن اسان جي اسپتال جو سارو عملو ڀڄي ويو ۽ ڪيترا مريض به ڀڄي ويا.
    هاڻي آئون اڪيلو هن اپستال جو ڪاروبار هلائڻ لڳس ۽ سموري سرڪاري ٽپال جي خط و ڪتابت چيف ميڊيڪل آفيسر جي عهدي ۽ دستخط سان ڪرڻ لڳس. بلڪل ائين جيئن ٻهراڙين جي ننڍن پرائمري اسڪولن ۾ فقط هڪ ئي استاد مقرر ٿيل هوندو آهي سو پاڻ کي ”هم“ يعني هيڊ ماستر لکي دستخط ڪندو آهي.
    مان جيئن ته تازو پاڪستان ۾ 65 1966ع واري جنگ ۾ پاڪستاني فوج ۾ ڪميشنڊ آفيسر طور ڪم ڪري چڪو هوس جتي مان نه صرف انهن هوائي حملن (Air raids) جو ۽ موم بتيءَ تي ڪم ڪرڻ جو عادي بنجي چڪو هوس بلڪه سول ڊفينس جي به پوري تربيت ورتل هيم تنهنڪري ٻين ڊاڪٽر جي بنسبت گهڻو پريشان ڪو نه پئي ٿيس وفاقي سيڪريٽري هيلٿ ڊاڪٽر اڪومي (Dr. Ikomi) جيڪو مونکي سندس آفيس ۾ نقشي تي بيافرا جنگ کان متاثر ٿيل علائقو ڏيکاري رهيو هو، تڏهن مون ٻڌايومانس ته پاڪستان ۾ تازو ئي ختم ٿيل 66 1965ع واري پاڪ پارڪ جنگ ۾ مان پاڪستاني مسلح افواج ۾ ڪم ڪري چڪو آهيان، جتي مونکي بهتر ڪاڪردگيءَ جو تمغو به مليل آهي تڏهن چيائين ته ”يقيناً“ ”اهو ئي سبب آهي جو هنن هنگامي حالات ۾ به توهان پاڻ کي هتي پُرسڪون محسوس ڪري رهيا آهيو. حالانڪ ٻيا ڪيترا غير ملڪي ڊاڪٽر جيڪي اسان چونڊيا تن مان گهڻا واپس موٽي ويا آهن“.
    واري بندرگاهه تي بمباريءَ کان جلد ئي پوءِ پوسٽ ريڊ (Post raid) ڪاروايون شروع ٿي ويون. ايمبولينس توڙي خانگي ۽ پرائيويٽ گاڏيون بيشمار زخمين کي اسان وٽ اسپتال ۾ پهچائڻ لڳيون. جتي مان اڪيلو ٻئي جونيئر اسٽاف جي مدد سان منهن ڏئي رهيو هوس.
    اسان ڪيترن زخمين جي جسمن مان شارپينل ڪڍيا جن مان ڪجهه اڃا تائين مون وٽ سوبينئر جي صورت ۾ سانڍيل آهن. مون کي مٿي کنهڻ جي فرصت به ڪا نه هئي. در حقيقت ڊاڪٽريءَ جو پيشو اهڙو آهي جو انسان روزگار سان گڏ ان کي جيڪڏهن انساني خدمت ڪري وٺي ۽ سچي جذبي سان ڪم ڪري ته ان مان يقيناً، عبادت جيترو سڪون حاصل ڪري سگهي ٿو.
    منهنجي پهرين پوسٽنگ Wari شهر ۾ ٿي هئي. هتي اسپتال ۾ هڪ I/C ڊاڪٽر Stevansan سٽيونسن جيڪو برطانيه جو هو ۽ هڪ ٻيو اتي جو لوڪل ڊاڪٽر Oni Opaka هي سرجن هو. هن MBBS ۽ FRCS لنڊن مان پاس ڪيا هئا. زور سان ڳالهائيندو هو. اسپتال جي گيٽ تي پهچندو هو ته خبر پئجي ويندي هئي ته هو اچي ويو آهي. باقي هونئن نرم دل ۽ قابل ڊاڪٽر هو.
    واري Wari ۾ منهنجو ٻيو گهاٽو دوست مسٽر محمد اڪرم اوپل رهندو هو، جيڪو Federal Government College جو Principal هو. ان زماني ۾ پاڪستان جو نئون درالحڪومت Islamabad ٺهي رهيو هو. پاڪستان گورنمينٽ سڀني ٻهرين ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي سفارتخانه جي معرفت اسلام آباد ۾ پلاٽ وٺڻ جي آفر ڪئي. مسٽر اوپل فوراً اتي هڪ هزار گز جو پلاٽ بڪ ڪرايو ۽ مون کي پڻ چيائين. آئون به اتي وٺان پر مون چيو. حيدرآباد کان پري ڪير رهندو جيڪا منهنجي وڏي غلطي هئي. هن موصوف اهو پلاٽ ٺهرائي Foreign Embasy وارن کي ڪرائي تي ڏنو ۽ Dollars ۾ ڪرايو وصول ڪرڻ لڳو. Wari جي انهي ڪاليج جو پرنسيپال Mr. Davis هڪ انگريز هو. اڪيلو رهندو هو. ان کي سڀني شاگردن جا نالا ياد هوندا هئا ۽ ٽائيم جو ايترو پابند جو گهڙي ڏسي ٻڌائي سگهبو هو ته هينئر Wash room ۾ هوندو، هينئر ناشتو ڪري رهندو هوندو وغيره. واري Warri ۾ منهن جو گهر S.S.Q سينئير سروسز ڪوارٽر جنهن ۾ انگريز رهندا هئا. 2000 گز تي ٺهيل آهي، پر ان ۾ صرف 2 Bed Room ۽ هڪ وڏو Drawing Room آهي، باقي چوڌاري باغ جهنگل هئا. Warri شهر کان هڪ نهر ذريعي Motor Boal ۾ ويهي هڪ ڳوٺ ڏي گهمڻ وياسين اتي هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر رهندو هو. اها هن جي سرڪاري Motor Boat هئي، اتي ان ڳوٺ ۾ 2-3 فوٽ ويڪرا رستا هئا Bicycle يا Motor Cycle کانسواءِ ڪا ڪار يا چار ڦيٿي گاڏي ڪانه ڏٺي سون.
    هتي Gymkhana وانگر ڪلب هئي، جتي اڪثر يورپين گورا ۽ انهن جو زالون ۽ ٻار ايندا هئا. Swimming ڪندا هئا. Table Tennis، Tennis وغيره کيڏندا هئا. آئون ان ڪلب جو Member هئس ان ڪري انگريزن سان دوستي ٿي ويئي. ڪڏهن ڪو بيمار ٿي پوندو هو ته مون وٽ گهر ۾ علاج ڪرائڻ ايندا هئا.


    بينن (Benin):

    بينن (Benin):
    هن دفعي منهنجي بدلي واري (Warri) مان (Benin) ۾ ٿي آهي. جيڪو هن اسٽيٽ جي گاديءَ جو هنڌ (Capital) آهي. هتي مون کي اچڻ سان ڏاڍي خوشي ۽ مسرت محسوس ٿي آهي ڇو ته هڪ ته هي شهر تمام خوبصورت ۽ ماڊرن آهي ۽ ٻيو ته اسٽاف ۽ بالا عملدارن جو رويه انتهائي دوستانه آهي، هيءُ تمام نئين تيار ٿيل ۽ جديد فوجي اسپتال آهي جنهن جي قائم ڪرڻ ۾ منهنجو به گهڻو حصو (Contribution) آهي.
    هن اسپتال جو ڪمانڊنگ آفيسر ميجر جنرل اي يو لولا آهي. مگر هو صرف انتظامي (Administration) جو ڪم سنڀالي ٿو. باقي ٻيو سمورو ڪم هن اسپتال جو منهنجي سپرد آهي. حالانڪه هو به سينئر ڊاڪٽر آهي مگر ڪنهن مريض کي منهنجي اجازت کانسواءِ داخل يا ڊسچارج نه ڪندو آهي. هيڏي ساري فوجي اسپتال جو ڪم اڪيلي سر سنڀالڻ ڪو آسان ڪم نه مگر سچ پڇو ته مون هتي جي ملازمت کي ڏاڍو پسند (Enjoy) ڪيو. هڪ ته تجربو گهڻو حاصل ٿيو آهي، تنهن کانسواءِ (Regard and authority) عزت ۽ اختيارات گهڻا هئا. تمام جديد ۽ خوبصورت اسپتال ۾ رائونڊ لڳائڻ سان دل خوش ٿي ويندي هئي، ويتر جو بالاحڪام جو اعتماد (Confidence) مونکي حاصل هو تنهن مون کي هتي گهڻي محنت ڪرڻ تي آماده ڪيو، ڪو به وڏي ۾ وڏو فوجي آفيسر اجازت کانسواءِ منهنجي ڪمري ۾ اچي نه سگهندو هو. هتي جي ملازمت جي ڪري مون کي وڏن فوجي آفيسرن جي دعوتن ۽ شادين ۾ به مدعو ڪندا هئا. هي الله تعاليٰ جو ڪيڏو ڪرم آهي جو مون پورا چار سال هتي گهڻي عزت ۽ آبرو سان گذاريا آهن. حالانڪ منهنجا ٻي دوست ڊاڪٽر ٻين سول اسپتالن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرائيويٽ پريڪٽس ڪن ٿا ۽ خوب ڪمائين پيا پر هتي خدا تعاليٰ مون کي جيڪا عزت ڏني آهي ان جي مقابلي ۾ دولت ڪجهه به نه آهي.
    جنرل ايولولا سان اڄ ڏينهن تائين منهنجا دوستانه تعلقات قائم آهن. هن نائجيريا ۾ قيام دوران مون سان جيڪو دوستانه ناتو نباهيو تنهن خلوص ۽ شفقت کي مان لفظن جي صورت ۾ آڻي نٿو سگهان. سندس باوقار شخصيت ۽ عالي منصب (هو هينئر نائجيريا جي مسلح افواج جي ميڊيڪل سروس جو سبراه ۽ جنرل جي رينڪ تي فائز آهي) ان کان علاوه بحيثيت ڊاڪٽر ۽ بحيثيت هڪ انسان جي سندس شخصيت هڪ مثالي انسان وانگر آهي. نه صرف مان مگر هن اسپتال جا سمورا ڊاڪٽر ۽ اسٽاف ساڻس ائين پيار ڪن ٿا جيئن پيٽارو ڪاليج جا شاگرد ڪرنل ڪومبس سان پيار ڪندا هئا.
    بينن ۾ جنهن بلڊنگ ۾ اسان رهون ٿا. اتي ڇهه لاڳيتا بنگلا آهن ڇهن ۾ ئي ڊاڪٽرن جا ڪٽنب رهن ٿا، جيڪي اتفاق سان ڇهن الڳ الڳ ملڪن مان آيا آهن، هڪ ۾ پولينڊ جو ڊاڪٽر ڪمناسِڪي رهي ٿو، هڪ ۾ مصري ڊاڪٽر گلال فتح الباب رهي ٿو. عرب جلال کي گلال ڪري سڏيندا آهن. پاڪستان کي باڪستان چون ٿا ۽ انڊونيشيا وارا وري پاڪستان کي فاڪستان چون ٿا.
    خير، چوٿين بنگلي ۾ انڊيا جي ليڊي ڊاڪٽر نيناڪول (Dr. Nina Kol) رهي ٿي ۽ هڪ ۾ اسان پاڪستاني رهون ٿا. هڪ ۾ نائجيرين ڊاڪٽر ۽ ٻئي اُن جي ڀر واري ۾ روسي ڊاڪٽر برزنو رهي ٿو. سڀني بنگلن جي هڪ مختصر ڪالونيءَ کي فوجي گارڊ مهيا ڪيل آهي. اسان سڀ هڪ اسپتال جي اسٽاف جا رڪن آهيون. ٿوري ئي وقت ۾ اسان ائين محسوس ڪرڻ لڳا آهيون ڄڻ اسان سڀ باوجود جدا جدا مذهبن ۽ جدا جدا قوميتن ۽ نظرين جي هڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهيون، اسان مان هر هڪ وڌ کان وڌ ٻين لاءِ پنهنجي خلوص ۽ تعاون جو مظاهرو ڪري ٿو. اسان مان هر هڪ ٻين جي ٻوليءَ جا عام استعمال جا لفظ مثلاً اسلام عليڪم، خدا حافظ، چاهه، ڪوڪو، ۽ بيا اهڙا روزمره جا لفظ سکي ورتا. ائين ٿي لڳو ڄڻ هيءُ لاس پاماس ٻيٽ جي غير ملڪي جهازين لاءِ جوڙايل اسپتال آهي جنهن ۾ اتفاق سان هڪ ڀيرو سنڌباد جهازي الطاف شيخ زير علاج هو.
    اسان جي گهرن جي ڀرسان ئي هڪ ٻيو انڊين مسلمان ڊاڪٽر، ضياءُ الاسلام پنهنجي فيمليءَ سان رهي ٿو. هي صاحب اقوام متحده جو ملازم آهي ۽ ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن (W.H.O) ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز آهي.
    انهن ڏينهن ۾ اسان وٽ نئين مهمان جي آمد جو انتظار هو. بيگم ناهيد الاسلام جيڪا منهنجي گهر واريءَ جي سهيلي ٿي وئي آهي، اڪثر سار سنڀال پئي لهندي آهي ۽ اسان کي چئي ويئي آهي ته جڏهن به اسپتال وڃڻ جو ٽائيم ٿئي ته مون کي ضرور سڏ ڪجو چاهي ڪهڙو به ٽائيم هجي، بيگم ناهيد السلام اعليٰ تعليم يافته خاتون آهي ۽ سندس مڙس ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن ۾ وڏي آفيسر هئڻ ڪري جدا جدا ملڪن جي ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ ۽ انهن جون پارٽيون ڪرڻ ڪري هڪ اهم، مصروف ۽ مقبول شخصيت بنجي چڪو آهي. بيگم ناهيدالاسلام اسان جي اصرار جي باوجود منهنجو گهر ۽ ٻار نوڪرن جي حوالي ڪري ٻه ڏينهن پورا اسپتال ۾ منهنجي گهر واريءَ سان گڏ هوندي هئي.


    قبيلا ۽ ٻويلون:

    قبيلا ۽ ٻويلون:
    نائجيريا جو سڄو ملڪ ڪيترن ئي قبيلن ۽ قوميتين ۾ ورهايل آهي جيڪي نه صرف هڪ ٻئي کان مختلف آهن پر هڪ ٻئي لاءِ ائين آهن جيئن ”چانڊيا مگسي“ ڪيترا قبيلا انتهاپسند، روايت پسند، جنگجو ۽ مهم جو آهن.
    تقريباً چار سو ننڍيون وڏيون ٻوليون ۽ لهجا (Dialects and sub dialects) هتي مروج آهن.
    هائوسا قبيلو سڀ کان وڏو ۽ مضبوط آهي. اهو قبيلو ملڪ جي اُتر ۾ رهي ٿو.
    اولهه ۾ يوروبا (Yoroba) ٻولي ڳالهائي وڇي ٿي. اوڀر ۾ ايبو ۽ مڊويسٽ ۽ بينن ۾ ايڊو (EDO) ۽ واريءَ ۾ شڪري ۽ اروبو عام زبانون آهن. آئون، هنن قبيلن جي شادين ۽ جشن جي تقريبن ۾ مثلاً قبيلي جي سردار جي صحتيابي، شادي يا تاجپوشي ۾ مدعو ٿيل مهمان طور شريڪ به ٿيو آهيان. هنن ٻولين جو لهجو ۽ آواز کڙو ڪڙڪ ۽ باوقار آهي. ائين ٿو لڳي ته هنن وٽ آواز (Sounds) ٻين سڌريل شاهوڪار زبانن کان به وڌيڪ آهن. ائين ته هِتي سنڌي ڳالهائڻ وارا به آهن. انگريزي ڳالهائيندڙ هتي گهڻا آهن جو هي ملڪ برطانيه جي تسلط ۾ سالها سال رهيو آهي ۽ هتي غير مڪي خاص ڪري برٽش ماڻهو گهڻا آهن. سرڪاري زبان انگريزي آهي، اسڪولن ۾ به پرائمري، ثانوي ۽ اعليٰ تعليم سڀ انگريزي ميڊيم ۾ ڏني پئي وڃي، جنهن کان اتي جا سڀ باشنده مطمئن آهن. انگريزي چڱي ڄاڻندڙ کي هتي رهڻ يا ملازمت ۾ گهڻي سهولت ٿئي ٿي پر پوري سوري انگريزي ڄاڻندڙ به جڏهن هڪ ٻه ڪانٽريڪٽ پورا ڪري پاڪستان موٽندو ته ٻين ڳالهين کان علاوه هو هڪ بهترين انگريزي ڳالهائيندڙ ضرور ٿي موٽندو.
    پورو اتر علائقي ۾ مسلمان آهن. ڏکن ۾ عيسائي غالب اڪثريت ۾ آهن. اولهه ۾ ٻنهي مذهبن جا پيروڪار آهن. هتي قادياني فرقي وارا به وڌي رهيا آهن ۽ ان فرقي جا مبلغ هتي گهڻو سرگرم عمل آهن.


    ٻاهرين ماڻهن سان برتاءُ:

    ٻاهرين ماڻهن سان برتاءُ:
    عام ماڻهو نهايت سادا ۽ مخلص آهن، ٻاهرين ماڻهن سان مروت لحاظ سان هلن ٿا. ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اڃا تائين به صاف چمڙيءَ واري کي انگريز چون جيئن پاڻ وٽ ٻهراڙين ۾ سوٽ بوٽ واري کي گورو چون ۽ سٺي لباس اوري پڙهيل عورت کي منڊم (مئڊم) چوندا آهن.
    چاهي بنگلاي هجي يا سائوٿ انڊين پراڻا انگريزن جي زماني جا ماڻهو ته ٽوپي لاهي نِوِڙي سلام ڪندا آهن، هونئن به ننڍا وڏا سلام (Greet) ضرور ڪن، چاهي سڃاڻندا هجن يا نه.
    ڪنهن آفيس ۾، لائين ۾، هوٽل ۾ يا تقريب ۾ ٻاهرين ماڻهن سان لحاظ ۽ مروت سان ملندا آهن. ڪنهن اڇي ماڻهوءَ کي پيدل ويندي ڏسندا آهن ته ڏاڍو عجب لڳندو اَٿن. شايد هو سمجهن ٿا ته پيدل هلڻ غربت جي علامت آهن. غير ملڪي عورتن جي گهڻي عزت ڪن ٿا.
    هڪ ڏينهن اسان ٻين پاڙيسرين سان گڏجي مارڪيٽ ۾ خريداريءَ لاءِ وياسين ته مقامي عورتن اسان جي عورتن جي وارن کي ڏاڍي عجب حسرت ۽ اچرج سان ڏٺو ۽ هڪ نينگري رڙهي ويجهي آئي ۽ وارن کي هٿ لائي ڏٺائين. شايد هو سوچي به نٿي سگهيون ته واقعي اصلي وار ايڏا وڏا ۽ لسا ٿي سگهن ٿا. شيدي ٻار ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن اڇي ماڻهوءَ کي لگهندو ڏسن ته فورن رڙيون ڪري چون (IOBO) او اِئبو، يا آلورا يا انيوچا جنهن جو مطلب آهي اڇو ماڻهو.
    پر وڏن شهرن ۾ ائين ڪونهي. هڪ ته انگريز هليا ويا ۽ ٻيو ته تيل نڪرڻ کان پوءِ هي سکيا آسودا ٿي ويا آهن. آزادي ۽ آسودگي انسان کي پر اعتماد ۽ باوقار بنائي ٿي ڇڏي.
    نئين ٽهيءَ ۾ آهستي آهستي بي پرواهي ۽ بي رُخي پيدا ٿي رهي آهي، نئين ٽهيءَ جا ٻار ڄڻ سِلِوَرِ اسپونس (عياش ڪٽنب) ۾ پيدا ٿيا غلامي محرومي ۽ احساس ڪمتريءَ جو دور جنهن ۾ سندن وڏا ابا ڏاڏا پيڙهجي رهيا هئا سو ته هنن ڏٺو ئي ڪو نه. ڪاش اٿوپيا جا انسان به بک ۽ بيماريءَ جي ديوَ کان نجات پائي هنن وانگر آسودگي ۽ خوشحالي ماڻين!!
    (1969ع جي ڊائريءَ جا ورق).
    هتي جي پريس ۽ اخبارون به هاڻي ٻاهرين ماڻهن جي خلاف پيون لکن، ان جو هڪ سبب انهن جي اقتصادي حالتن جي ابتري آهي. جنهن ۾ خود هنن جي پنهنجن ماڻهن ئي پنهنجي ملڪ کي ويهي لُٽيو آهي، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ ملين ڊالر وڃي جمع ڪيا اٿن. تازو هڪ نائجيرين لاءِ اخبارن ۾ وائويلا مچي ته هو ٻه بلين ڊالر کڻي ملڪ مان فرار ٿي ويو اهي. تيل جا کوهه ته اٿن پر چوندا آهن ته کاڌي ته کوهه به کٽيو وڃن.
    (1981ع جي ڊائريءَ جا ورق)


    نائجيريا جي عورت:

    نائجيريا جي عورت:
    هِتي جون عورتون هڪ ته اڳئي سدا ملوڪ ويتر هنن تي ڪم جو ڏاڍو بوج آهي. ساري پرٿوي تي شايد هيءَ ئي اهڙو ملڪ هوندو جتي عورت جي زندگي تڪليفده گذري ٿي.
    گهر جي ڪم ڪار کان علاوه ٻني ٻاري جو ڪم به ڪن تان واپسيءَ تي ڀاڄيون ۽ ڪاٺيون به آڻين. چيلهه سان پٺيان ٻار ٻڌل هوندن. ٻار ته هتي جي عورت کي سگها سگها ڄمن. گهڻا ٻار ڄڻڻ کي عورتون پنهنجي لاءِ فخر سمجهن. ٻار جو نيپاج ۽ سنڀال سڀ مائرن جي بلي آهي. سورهن سالن ۾ مون ورلي ڪنهن مرد کي ڏٺو هوندو جيڪو پنهنجو ٻار علاج لاءِ وٺي آيو هجي. هتي پاليگامي (Poligomy) هنن جي تهذيب جو حصو آهي يعني هر هڪ مرد کي پنج پنج ڇهه ڇهه زالون هونديون آهن. پهرين ۽ پوئين زال جي عمرين ۾ 25 کان 30 سالن جو فرق هوندو اهي هر هڪ عورت کي پنج ست ٻار ته هوندائي آهن، پر ڪن ڪن زالن جا ته 13 14 ٻار به ڏٺم. پيءُ مولائيءَ کي پنهنجي ٻارن جي تعداد يا نالن جي به پوري خبر ڪا نه هوندي آهي. ايتريون پهاڄون پاڻ ۾ سلوڪ سان رهن ۽ ايترا ٻار هڪ ئي گهر ۾ (گهر ته نه ٿيو اسڪول ٿيو) مڙئي پيا نپجن! اڪثر اخبارن ۾ اهوال ايندو آهي ته ”فلاڻو نيڪ مرد وفات ڪري ويو پٺيان ستر ڄڻن جو سوگوار ڪٽنب ڇڏي ويو جن ۾ ڇهه بيواهون چاليهه پٽ 25 نياڻيون شامل آهن. اداره انهن ستر ڄڻن سان غم ۾ برابر جو شريڪ آهي...“
    گهر ڪٽنب توڙي سماجي زندگيءَ ۾ هتي جو مرد ڏاڍو رعب تاب (Dominating) رکي ٿو. سڄو ڪٽنب مرد جو انتظار ڪندو آهي ته اچي ماني کائي ڍو ڪري پوءِ جيڪا اوڀر بچائي سا سندس زالون ۽ پٽ ڌيون کائين. عورت کي هتي گهٽ درجي مان ڏٺو وڃي ٿو ۽ سندس راءِ پڇڻ ضروري ڪو نه سمجهن. جيڪڏهن ڪو مرد مري وڃي ته ان ڪٽنب جا بزرگ سندس بيوه زالون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. بزرگن جي هن فيصلي کان ڪنهن کي انڪار ڪرڻ جي جرائت نه ٿيندي آهي.
    اسان جي مالهيءَ وٽ چار زالون اڳ ۾ ئي هيون ۽ ٻه ورثي ۾ مليس. خوش ڪو نه هو چيائين ”سائين ائون به ٻڍو آهيان اڄ نه ته سڀاڻ اهي ڇهه ئي رنون ڪن جي مٿي ۾ لڳنديون“ بيواهون به چپ چاپ پيتي کڻيون ٻار وٺيو وڃيو نئين مڙس جي گهر پهچن ۽ پيتي اتي ڇڏي وڃيو پنهنجي دستوري ڪم ڪار کي لڳن. عدت جو ته هتي رواج ڪونهي عورت جو مٿو ڪوڙيل ڏسي يقين ٿيندو ته سندس مڙس تازو گذاري ويو آهي. جيئن پاڻ مهندي لڳل هٿن واري جوان عورت کي ڏسي چوندا آهيون ته نئين شادي شده ڪنوار هوندي.
    ڪن قبيلن ۾ ته ڇوڪرين جا نڪ ۽ چپ هاسيڪار چيريو ڇڏين ته سڃاڻپ ۾ اچن ۽ ڪيڏانهن کڄي اغوا ٿي نه وڃن. جيئن پاڻ ڍڳين مينهن کي ڏنڀ ڏئي سڇاڻپ جو نشان ڪري ڇڏيندا آهيون.
    اڃا به وڌيڪ اهو ستم جو پهرين زال (Senior wife) کي مڙس جي وفات تي ساڻس گڏ دفن ڪن خاص طور قبائلي اڳواڻن ۽ (Chiefs) ۾ اهو رواج عام آهي.
    هتي ماڻهو ڪنواري ڇوڪر کي ڌيءُ ڏيڻ کان لنوائين ٿا ڇو ته اها سندس پهرين زال بنبي ۽ کيس مڙس سان گڏ دفن ٿيڻ جو ڊپ هوندو آهي. پر جنهن کي هڪ ٻه زال ۽ ڌڻ ٻارن جو اڳ ۾ ئي هوندو ان سان ڌيءَ پرڻائڻ ۾ ڪو نه ڪيٻائين نڪو اهي ڇوڪريون ئي اعتراض ڪن.
    واپار وڙي ۾ عورتون گهڻيون ڏسجن. اهي گهٽين ۽ فوٽ پاٿن ۽ حجامڪو ڪم ڪن اخبارون وڪڻن هوٽلن ۾ بيري جو ڪم ڪن، ڪاٺيون ڪوئلا وڪڻن آيا جو ڪم ڪن گهرو ملازم جو ڪم ڪن. تمام جفاڪش ۽ ڀروسي جوڳيون آهن. ڀاڄيون ۽ کير وڪڻن ۽ دائپو ڪن.
    ڇوڪرين تي مائٽ پئسا گهرن جنهن کي ڪنوار جي قيمت (Bride’s Price) چون. ڇوڪريون به فخر سان چون ته 300 ڊالرن ۾ وڪامي آئي آهيان ڪا مذاق ٿوروئي آهي. ”تنهنجا ته ڪنهن 50 ڊالر به ڪو نه ڏنا هوندا“ جيئن ٽي وي تي انڌيرا اجالا پروگرام ۾ هڪ ڪنسٽيبل چوندو آهي ”دس جماعت پاس ڊائريڪٽ حوالدار هون کوئي مذاق ٿورو ئي هي“
    زالون ساهرن جي گهڻي عزت ڪن. اها ڳالهه پڻ حيرت انگيز آهي ته هتي جي عورت ڪنوار بنجڻ کان پهرين ئي ماءُ بنجي ويندي آهي. اهو ان لاءِ ته سندس ٿيڻ واري گهوٽ ۽ ٻين کي يقين ٿيئ ته هوءَ واقعي ٻار ڄڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي يا نه.
    زالون، اسپتالن، رستن ۽ بسن ۾ ٻار کي بي حجابيءَ سان کير پيارين زالون سڀ اسپتالن ۾ ويم ڪن. ويم کان ٻه ٽي ڏينهن پهرين اسپتال ۾ داخل ٿين کين بار ڄڻڻ جو ايترو ته تجربو ۽ حوصلو آهي جو جيڪا تاريخ هو پاڻ ٻڌائين. گهڻو ڪري ان تي ئي ويم ٿئي. اسان جي ملڪ جون ويچاريون عورتون شرم ۽ حجاب کان ڊاڪٽر سان اهڙي ڳالهه ٻولهه ڪو نه ڪري سگهن، پر گهر وارن سان به ڪو نه ڪري سگهن جنهن ڪري يا ته کين گهڻو قبل از وقت اسپتال ۾ داخل ٿيڻو پوي ۽ ڪيترا ماڻهو سيڙجي ويهن ته اجهو اڄ ٿو ويم ٿئي ۽ ائين هفتا گذريو وڃن ۽ يا ته وري اهڙيون وسوڙيلون ٻه ٻه ٽي ٽي ڀيرا سپتال ۾ داخل ٿين ۽ سڄي گهر لاءِ پرابليم ٿيو پون.
    گرميءَ جي مند ۾ امير خواهه غريب عورتون تمام مختصر لباس پائين جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ هوند سخت معيوب سمجهيو وڃي. جوان عورتون هڪ مختصر گوڏ ۽ بريذر سان گرمين ۾ گهر ۾ پيون هلنديون ۽ ڪم ڪنديون آهن.
    عورتون ڊاڪٽرن کان ڪو به حجاب ڪو نه ڪن بلڪ ليڊي ڊاڪٽر جي بدران مرد ڊاڪٽر کان علاج ڪرائڻ وڌيڪ بهتر سمجهن اهڙي طرح ڪٿي ليڊي ڊاڪٽرس وٽ مرد مريض به علاج لاءِ ويندا آهن. زالون ويم ڪرائڻ لاءِ به مرد ڊاڪٽرن کي ترجيح ڏين ۽ ويم کان ٻه ڏينهن اڳ اچيو اپستال ۾ وارد ٿين. روزانو نرس کين صبح جو قطار ۾ بيهاري نچندي آهي ۽ ميوزڪ وڄائيندي آهي ۽ ان نرس سان گڏ حامله زالون به ناچ ڪن ۽ راڳ ڳائين اهو تمام ضروري (Compulsory) عمل آهي، اتي سمجهيو ٿو وڃي ته موسيقي ۽ رقص ۽ ورزش سان ويم جو عمل آسان ٿئي ٿو.
    توهان جيڪر بيڊولن پيٽ نڪتل ڀاري ڀر ڪم دڏيون نڪتل ڪارين عورتن کي هجوم جي صورت ۾ ڳائيندي ڏسو ته غش ٿي وڃو. منهنجي گهر واري ڪڏهن ڪڏهن اسپتال وڃڻ واري ٽائيم تي ڪار ۾ چرهي وري فوراً لهي پوندي هئي. مون پڇيومانس ”ڇو ڪجهه وسري ويو ڇا؟، چيائين ”نه وسريو ڪجهه ڪونهي پر هنن پيٽ وارين شيدياڻين جو ڪمپلسري ناچ مون کان ڏٺو ڪو نه ٿيندو.“
    هتي جا ماڻهو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ٻنهي جا ختنا (طهر) ڪرائيندا آهن. ٻارن کي ته ننڍي عمر ۾ طهر ڪرائي ڇڏين باقي ڇوڪرين کي جوان ٿيڻ کان فوراً پوءِ ۽ پهرئين ٻار ڄمڻ کان اڳ ئي ڪرائي ڇڏين. هو سمجهن ٿا ته ائين ڪرڻ سان ويم جي وقت تڪليف نه ٿيندي حالانڪه ان جي برعڪس برٿ ڪئنال (Birth Cannal) سوڙهو ۽ تنگ ٿي سگهي ٿو ۽ پڻ ٻيون پيچيدگيون (Complications) ٿي سگهن ٿيون. اسان غير ملڪي ڊاڪٽرن کي به اهو ڪم اتي جي پراڻن ڊاڪٽرن ۽ نرسن کان سکڻو پيو. سوڊان ۽ مصر ۾ به عورتن جي ختني ڪرائڻ جو رواج آهي.
    جيڪڏهن مان ڊاڪٽري پيشي سان واسطو رکندڙ نه هجان ها ۽ اتي جي معاشري ۾ يڪا سورهن سال جزب ٿي نه وڃان ها ته اها ڳالهه منهنجي علم ۾ نه اچي سگهي ها ۽ نه ئي ڪو منهنجي ان انڪشاف تي يقين ڪري ها.
    ”حضرت امام غزاليرحه پنهنجي ڪتابن ”ڪيميائي سعادت“ ۽ احياء العلوم“ ۾ به عورتن جي ختني جو ذڪر ڪيو آهي ۽ فرماوي آهي ته ”حضورﷺ جن ان کي عورتن جي چهري جي رونق قرار ڏنو آهي ۽ ختنو ڪرڻ واري عورت کي فرمائين ٿا ته ”بس سونگهيندي ڪر.“ (يعني تمام گهٽ ۽ خفيف جي علامت طور ائين فرمايو اٿن.)
    برصغير ۾ هن وقت عورت جي ختني جو قطعي رواج ڪونهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي سبب هجي جو برصغير ۾ عورتن جو ڪثير تعداد ليڪوريا جي مرض ۾ مبتلا آهي.

    روزنامه جنگ ڪراچيءَ ۾ جڏهن ماهرن ۽ عالمن کان ان باري ۾ پڇيو ويو ته هنن لکيو ته ”شرعي اعتبار کان عورتن جو ختنو ڪرائڻ ضروري نه آهي.“
    هونئن به اڪثر آپريشن ۾ ڊليوري ڪيسز ۾ يا پوسٽ مارٽم ۾ منهنجو ڌيان ان طرف ويندو هو. پر اهو اتي جو رواج آهي اها خبر مون کي ڪجهه دير سان پئي ڪيتريون ته اهڙيون حوصلي مند ڇوڪريون (Teenagers) هونديون هيون جيڪي اڪيليون اسپتال ۾ ان لاءِ اچي داخل ٿينديون هيون. ٻه ٽي ڀيرا ته اهڙو اتفاق ٿيو جو تندرست جوان عورتن کي اسپتال ۾ واري واري سان اندر پرچي کڻي اچڻ سان مان سمجهندو هوس ته هو ڪنهن ٻئي کي علاج لاءِ وٺي آيون آهن. ۽ کانئن پڇي وٺندو هوس ته ”مريض ڪٿي آهي؟ يا ”توکي ڪهڙي تڪليف آهي؟“ ته هو چپ چاپ شرمائي شرمائي پرچي کڻي منهنجي هٿ ۾ ڏينديون هيون.
    سهرو يا وڏو پيار مان عورت کي ماءِ وائيف (My wife) ”منهنجي زال سان ملو“ چئي تعارف (Introduce) ڪرائيندو ڪو به بزرگ ڪنهن عورت کي ائين مخاطب ٿئي يا تعارف ڪرائي ته اها عورت ان کي پنهنجي عزت افزائي سمجهندي آهي. بلڪل ائين جيئن پاڻ وٽ ڪو بزرگ يا وڏو هر ڪنهن عورت کي نياڻي ماءُ يا امان ڌيءَ چئي مٿي تي هٿ رکندو آهي. هر ملڪ جا پنهنجا پنهنجا رواج آهن. مون ڪيترن هنڌن تي نرسن يا مريض عورتن کي امان ڌي ڪري ڪوٺيو ته هو وائڙيون ٿي ويون ۽ هنن منهنجي خلوص جو چڱو تاثر ڪو نه ورتو نيٺ اتي جي دوست هندو فيمليز مونکي اِتي جي اونڌن رواجن کان هوشيار ڪيو.
    مزاج جي خيال کان هتي جون عورتون سخت مزاج ۽ جهڳڙائو آهن. شايد معاشري ۾ سندن نظرانداز ڪيل حيثيت ۽ ڪم ۽ پورهئي جي بوج ۽ ٻارن جي فوج جي نيپاج ۽ پهاڄن سان توازن ۾ رهڻ جي فڪرات کين چڙچڙيو ڪري ڇڏيو آهي. هتي جي عام عورت کي شاديءَ کان پوءِ ساري زندگي هڪ ٻار پيٽ ۾ ته هڪ ٻار پٺيان ٻڌل هوندو ئي آهي.
    مون هتي مقامي شيدين جي گهر ۾ غير ملڪي سفيد عورتون به ڏٺيون جيڪي مڙس جي ٻين ڪارين زالن سان گڏ رهيل آهن. مڙس ڇا ڪن؟ جيڪڏهن کڻي مڙس ٻي ڪاري عورت سان شادي نه ڪرڻ جو وعدو به نباهيندو رهي پر ڪنهن مٽ مائٽ جي موت تي ورثي ۾ مليل عورت کان جند ڇڏائڻ سندس لاءِ قطعي ناممڪن آهي. اهڙيءَ طرح مون هتي سفيد مردن کي سانوريون مشڪي شيدانيون زالون به ڏٺيون.
    زالون جڏهن بگڙن ته پوءِ خدا ڏي پناهه! مرد به کانئن لهرائيندا وتن! لڙائيءَ ۾ عورتون جو هٿيار آهي سندن ڏند، جن جي آزادانه استعمال سان اڳلي مدمقابل جا ڪن نڪ ۽ چپ پٽي ڪڍن ۽ ٻانهن ۽ پٺن ڇاتيءَ مان ٻوٽيون پٽي ڪڍن. مطلب ته جتي به رنن جو وات يا ڏند پهچن. لڙائيءَ ۾ گوڙ شور گهٽ مگر خونريزي وڌيڪ ڪن ۽ هڻي هڪ ٻئي جا ڪپڙا چيري رکن. ”ڄُنڊا پٽ هي رنون ڪو نه ڪن. مٿي جا وار اهرا اٿن جو چڳ هٿ ۾ ئي ڪا نه ايندي جو ”ڄنڊا پٽ“ ڪن.
    اسپتال ۾ اهڙيون زخمي عورتون پاڻ مان رومال ۾ چپ نڪ ۽ ڪنن جا ٽڪرا وجهي اچيو نازل ٿين. اهڙي حالت ۾ به اصل نه گهٻرائين خوب کائين پين ڇو ته اسپتال ۾ داخل غريب مريض کي گهر کان وڌيڪ بهتر کاڌو، ميوو سوپ، بيضا، ڊبل روٽي گوشت وغيره ملندو آهي.
    هتي ڪافي آزاد سوسائٽي آهي. شاديءَ کا اڳ ۾ گهڻو ڪري عورت کي ٻار ڄاول هوندو آهي.
    اهڙي آزاد سوسائتيءَ جي ڪري هتي جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون عام جام ملندا رهن ٿا ۽ انهن تي ڪا به سماجي يا قانوني پابندي ڪانهي. ان ڪري عام طور تي هاير سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڇوڪريون حامله ٿيو پون ۽ پوءِ عموماً اهڙيون ڇوڪريون پنهنجي بواءِ فرينڊ يا ماءُ سان گڏجي اسپتال ۾ ٻار جو نيڪال ڪرائڻ (Abortion) لاءِ اينديون آهن. هڪ طرف مٿي ذڪر ڪيل آزادي ۾ ڪا به قانوني يا سماجي قباحت نه آهي ته ٻئي طرف وري ٻار ڪيرائڻ غير قانوني حرڪت آهي. ان ڪري ڊاڪٽر انهن کان خوب ڏوڪڙ کسي پوءِ خانگي طور انهن ڇوڪرين جي ڊي اينڊ سي (D & C) ڪندا آهن. ڇوڪري خواهه سندس والدين لاءِ اها ڪا شرم جوڳي يا قابل ندامت حرڪت نه هوندي آهي.
    ڪيتريون ڇوريون ته پڇڻ تي ٻڌائينديون آهن ته انهن پهرين به هڪ يا ٻه دفعا ابارشن ڪرائي آهي.
    ڪي ته وري غيرمستند ڊاڪٽرن (Unqualified Doctors) وٽ يا نرسن ۽ داين وٽ ٻار ڪيرئاڻ لاءِ وڃن ٿيون ۽ اڪثر بليڊنگ ۽ ٻين (Complications) مونجهارن جو شڪار ٿي (Serious) نازڪ حالت ۾ اسپتال ۾ آنديون وينديون آهن.
    هڪ ڊاڪٽر لاءِ اهو هڪ عام سوال هوندو آهي ته اگر وٽس ڪا جوان ڇوڪري (شادي شده يا عير شادي شده) پيٽ جي تڪليف جي علاج لاءِ اچي ته ڊاڪٽر کانئس ٻين سوالن گڏ اهو سوال به ضرور پڇندو ته ”تو ڪو ابارشن ڪرايو آهي؟“ يا ”پيرڊس ڪيترن مهينن کان ڪو نه اچن؟“ ته پوءِ نوي سيڪڙو ڇوڪريون بي حجاب ٻڌائي ڇڏينديون آهن ۽ باقي به ٿورو گهڻو شرمائي نيٺ چئي ڏينديون آهن.
    جڏهن به مان ڪنهن نئين شهر ۾ بدلي ٿي ويندو هوس ته شروع شروع ۾ اڪثر چار پنج ڪيس هر هفتي ۾ اهڙا ابارشن ڪرائڻ لاءِ ايندا رهندا هئا ۽ جڏهن مان کين چوندو آهيان ته مان مسلمان آهيان ۽ اهڙو ڪم ڪري نٿو سگهان ته اول ته هو اعتبار ئي ڪو نه ڪندوين هيون ۽ ان ڪري وڌيڪ پئسن جي آڇ (Offer) ڪنديون آهن. بعد ۾ جڏهن ڪجهه مهينن بعد سڀني کي خبر پئجي ويندي آهي ته مان اهو ڪم ڪو نه ڪندو آهيان ته پوءِ مس مس اهڙا ڪيس اچڻ بند ٿي ويندا آهن. هڪ ٻه دفعا ائين به ٿيو جو ان شهر جا چڱا مڙس مون کان رڳو ان ڳالهه تي ناراض ٿي پوندا هئا ته مان انهن سان اهڙن ڪمن ۾ تعاون نٿو ڪريان.
    نائجيريا ۾ رهندي، ٻي ڳالهه جيڪا مون هتي خاص طور نوٽ ڪئي آهي سا اها ڳالهه ته مرد ڪيڏو به کڻي وڏو مالدار يا وڏو سرڪاري عملدار هجي مگر زال اها ڪوشش ڪندي ته پاڻ ڪجهه محنت ڪري الڳ آمدني ڪمائي جنهن مان هوءَ پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي ڪنهن حد تائين پر گهور ڪري سگهي ڪيترن وڏن آفيسرن جي بيگمات کي پنهنجي آراسته گهر يا شاندار بنگلي جي اڳيان مانڊڻي کولي عام ضرورت جون شيون سگريٽ ماچيس صابڻ پائوڊر وڪڻندي ڏٺم ۽ ڪيترن بنگلن جي گيريجن وٽ ڪول ڪارنر هلندي ڏسڻ ۾ آئي نهن تي ڪا شيدياڻي ويٺل هوندي. مرد به ان ڳالهه کي معيوب نٿا سمجهن ۽ پنهنجي گهٽتائي محسوس نٿا ڪن. بلڪ عام طور تي هِتي عورتن جي ڪنهن به پيشي کي اختيار ڪرڻ کي هتي جو معاشرو خراب يا هتڪ آميز تصور نٿو ڪري بلڪ محنت جو قدر (Dignity of labour) هتي اسان جي ملڪ کان وڌيڪ آهي.
    هتي جيئن مون اڳين خطن ۾ لکيو آهي، ڪافي آزاد سوسائٽي آهي. شادي کان اڳ جوان ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو گڏ رهڻ گڏ سفر ڪرڻ معيوب نه آهي. بلڪ اڪثر ماڻهن کي شاديءَ کان اڳ ۾ئي ٻار هوندا آهن. يا عورت ڪنوار ٿيڻ کان پهرين ماءُ هوندي آهي يا ڪم از ڪم ماءُ ٿيڻ واري هوندي آهي.
    ٻار نه ٿيڻ تي تمام خراب سمجهيو وڇي ٿو (ماءُ توڙي پيءُ ٻنهي لاءِ) هڪ ٻار ڄمڻ کي سال ڏيڍ گذري ويو ته مرد پنهنجي زال کي اسپتال وٺي ايندو آهي Primary or secondary infertility جا اهڙا ڪيسز علاج لاءِ ايندا رهندا آهن جن لاءِ سندن مڙس هيءُ شڪايت ڪندا آهن ته هوءَ وقت ضايع پئي ڪري (Sir she is wasting time) پهرين زال جنهن کي سينئر وائيف سڏين ٿا (ڊاڪٽر عظمت سينئر وائيف کي ڪمدار چوندو آهي) تنهن کي ٻين زالن تي ترجيح ۽ فوقيت حاصل آهي. هوءَ گهر جي وڏي جو رول ادا ڪري ٿي. خود مڙس کي پنهنجي هٿ سان پرڻائيندي آهي. جونيئر زالن ۾ توازن رکڻ ۽ گهريلو فضا پرامن بنائڻ ۾ تعاون ڪندي آهي. گهر جو انهي لاءِ به ڪو پابند نه آهي ته هروڀرو اسان جي رواجن کي پسند ڪيو وڃي يا اختيار ڪيو وڃي يا اسان ٻين جي رواجن کي پسند ڪريون يا اختيار ڪريون. جاپان جي تمام سڌريل معاشري ۾ به سڀ جوان عورتون مرد هڪ ئي عام تلاءُ ۾ سڄي پاڙي جا ماڻهو ساڳئي وقت گڏجي اگهاڙا ٿي وهنجن ٿا.
    ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بين الاقوامي برادري ۽ غير ملڪي سفر ۾ باهمي اعتماد ۽ Understanding جو اسپرٽ برقرار رکجي ان لاءِ ڪشاده دلي وسيع القلبي سان گڏ اخلاقي تقاضائن (Moral and ethical values) سان نه صرف پرديس ۾ خوشگوار ماهول ۾ گذاري سگهبو، مگر ڌارين جي دلين ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ به چڱو تاثر پيدا ٿي سگهندو.


    سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ (1968)

    سنڌي ڪٽنبن سان ڏيٺ ويٺ (1968)


    ”واجهائي وطن کي، آئون جي هِت مياس،
    ته گهور منهنجي سومرا ڪج پنهوارن پاس،
    ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
    ميائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.“

    (شاه عبداللطيف)

    سيپٽمبر 1968ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو نائجيريا ويو هوس ته مان بلڪل اڪيلو هئس. منهنجي پوسٽنگ نائجيريا جي خوبصورت ۽ پُر فضا شهر ”واري“ (Warri) جي جنرل اسپتال ۾ ٿي. هي هڪ تاريخي شهر ۽ سامونڊي بندرگاهه آهي ۽ ويجهوئي پيٽرول جا ذخيرا (Oil Fields) آهن. هتي جي بازارن ۽ ريسٽورنٽس ۾ غير ملڪي مرد ۽ خواتين ٽهلندا ڏسجن ٿا، جيڪي پيٽرول جي ريفائنري ۾ ملازم آهن. هتي معياري گرئمر اسڪول، ۽ پبلڪ اسڪول به آهن. پر انهن رنگينين ۾ مان پنهنجي تنهائي وساري نه سگهيس.
    خوشخسمتيءَ سان منهنجي رهائش گاهه S.S Q:21 (سينئر سروس ڪوارٽرس) جي بلڪل ويجهو، ”چيلارام اينڊ سنز“ نالي هڪ مشهور سنڌي فرم هئي جنهن جا پوري ويسٽ آفريقا، انڊيا، لنڊن، چين، هانگ ڪانگ ۽ ڪولمبو ۾ سپر مارڪيٽس آهن. ۽ ان وقت (1968ع) ۾ اتي اٺ ڏهه ڪٽنب ان فرم جي مالڪن ۽ مئنيجرن ۽ ٻين ملازمن سميت انهيءَ سپر مارڪيٽ جي مٿان رهندا هئا. وطن کان هزارين ميل پري تن تنها ۽ سنڌي مزاج رکندڙ مون جهڙي، دنيا جو گهٽ تجربو رکندڙ ماڻهوءَ جي جڏهن انهن سان ملاقات ٿي ته هنن ڏاڍي سِڪ ۽ پاٻوهه سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو سندن خلوص، سڪ ۽ محبت جي آئون ڇا سان ڀيٽ ڪريان؟ انهيءَ سڪ جي مقابلي ۾ سچا موتي ۽ جواهر به تڇ آهن. جلد ئي اها ڏيٺ ويٺ، دوستي ۽ ان بعد گهرو ناتن ۾ بدلجي وئي ۽ ”واريءَ“ جو شهر منهنجي لاءِ محبت جي مندر ۾ تبديل ٿي ويو جتي مان سنڌي سٻاجهڙن جي خلوص کي پرنام ڪري ۽ هنن سڪ ۽ محبت جي ديوين ۽ ديوتائن جي پرارٿنا ڪري پنهنجي من کي آسيس پهچائيندو هوس.
    منهنجي اجنبيت ۽ تنهائي عنقا ٿي ويئي ۽ مان ائين پيو سمجهان ڄڻ L.M.C ڄامشوري مان موڪلن تي پنهنجي گهر هالا ۾ آيو آهيان. ويتر جو هنن کي خبر پئي ته آئون حيدرآباد جي ٽنڊي ولي محمد مان آيو آهيان ته هنن جي سڪ ۾ اڃا به مزيد اضافو آيو ڇو ته هي به اصل (1944ع) ۾ عامل ڪالونيءَ جا رهاڪو هئا جتان اسان جا گهر بلڪل ويجهو ۽ چند قدمن جي مفاصلي تي آهن.
    آئون هنن منجهان سنڌي ٻوليءَ جي آسيس وٺڻ لڳس ۽ هو مون مان سنڌ جي مِٽيءَ جي سڳنڌ سونگهڻ لڳا هئا اڪثر نه، بلڪ هر هڪ شام منهنجي انهن وٽ گذرندي هئي ۽ رات جي ماني به انهن وت کائيندو هئس. نج سنڌي کاڌا چهرون، پاپڙ آچار مربا، ڦلڪا اڦراٽا، ڀاڄيون ترڪاريون سوادي سلوڻيون داليون ۽ کچڻيون ڄڻ جيجل ماءُ جو هٿن جو ساءُ ڏيڻ لڳيون.
    حجتون ۽ شوخيون رسڻ ۽ پرچڻ اسان منجهان اجنبيت جو احساس ۽ اوپري پڻ جي تڪليف کي چڪناچور ڪري ڇڏيو. مون پنهنجي حُجت سان هڪ دوست مان سگريٽ پيڻ جي پراڻي عادت ڪڍي ڦٽي ڪئي.
    رات جي مانيءَ کان پوءِ ڪافي دير تائين ڪچهريءَ ۾ ويٺا هوندا هئاسين. شروع جا ڏينهن هئا اڃا مون وٽ پنهنجي ذاتي ڪار ڪا نه هئي ۽ هي دوست پنهنجي گاڏي ۾ مون کي پنهنجي گهر ڇڏي ويندا هئا. اسپتال ۾ امرجنسي ڪال (لاچاري سڏ) لاءِ به رات جو اسپتال وارا مونکي چيلارام سنز جي گهر فون ڪندا هئا ۽ انهن جي گهران اپستال جي گاڏي مون کي کڻڻ ايندي هئي. هن فرم جو جنرل مئنيجر مسٽر ڏاسواڻي پنهنجي فيمليءَ سان گڏ الڳ رهندو هو. جيڪو پڻ ڏاڍو قربائتو ۽ کلمک انسان هو. باقي هن فرم جا ٻيا اهم ماڻهو، آسنداس ساپرا، مسٽر قيمت، مسٽر ڌنو رامچنداڻي، مسٽر پريتم ۽ ٻيا دوست پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ جدا رهندا هئا. هيڏا امير ۽ وڏا گهراڻا ۽ سکر هئڻ جي باوجود مزاج جا مٺا، حليم کلمک ۽ سٻاجها هئا، نه رڳو مون سان پر سڀني ملڻ وارن پاڙيسرين، گراهڪن، نوڪرن ملازمن سڀني سان سندن هلت خانداني، لحاظ ۽ مروت واري آهي. منهنجي لاءِ ته اهي سڀ ماکيءَ کان مٺا ۽ املهه ماڻڪ آهن جن منهنجي پرديس جي ڪٺن گهڙين کي حسين سپنن ۽ خوشگوار يادن ۾ بدلائي ڇڏيو آهي.
    جيئن کين ڪا شيءِ ذاتي استعمال لاءِ کپندي هئي ته سندن فرم تان خريد جي ملهه (Cast Price) تي کڻندا هئا تيئن مونکي به انئي قيمت تي ڏيندا هئا. ڪيڏانهن ٻاهر گهمڻ ڦرڻ ويندا هئا ته مون کي به صلاح ڪندا هئا.
    ڇنڇر آچر ته اسان جا اڪثر شهر کان ٻاهر گهمڻ ۾ گذرندا هئا. پر ٻين ڏينهن تي به پروگرام اهڙيءَ طرح ٺاهيندا هئا جيئن ان وقت آئون اپستال کان واندو هجان.
    هي مروت جا پتلا ۽ محبت جا ديوتا ڌڻي سڳوري مونکي مهيا ڪري ڏنا آهن ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي ڪن جنمن کان ڄاڻ سڃاڻ آهي.
    اڪثر پڇندا هئا ته اسان جا گهر جيڪي هيراآباد عامل ڪالونيءَ ۾ فلاڻي هنڌ آهن اتي هينئر ڪير ٿا رهن. اسان جي گهرن جا فوٽو اسان کي ڪڍي آڻي ڏي. ڪڏهن ڪڏهن ته سنڌ جون ڳالهيون ڪندي جذباتي ٿي ويندا هئا ۽ روئي به ڏيندا هئا.
    ”سَنهي سُئيءَ سِبيون مون ماروءَ سين ماهه،
    ويٺي ساريان سومرا گولاڙا ۽ گاهه،
    هيئون منهنجو هُت ٿيو هِتِ مِٽي ۽ ماهه،
    پکن منجهه پساهه قالب آهي ڪوٽ ۾.“

    (شاهه لطيف)
    اهڙيءَ طرح ٻيا به ڪيترا سنڌي هندو ڀائر نائجيريا ۾ جدا جدا واپار ۾ آهن، مثلاً چئنراءِ ۽ ڀوڄسنز سُپر مارڪيٽ، مهتا ميٽلس اسان جي هڪ ٻئي پياري دوست مسٽر درگاداس مهتاڻيءَ جو الميومينم ۽ ميتل جي فيڪٽري بينن (Benin) ۾ آهي ۽ سنڌي هندو ڀائرن جون ٽيڪسٽائيل ملز، بسڪيٽ فيڪٽري ۽ ڪينڊل فيڪٽري به آهي. اهڙن مٿي ذڪر ڪيل ڪاروبارن ۾ سنڌي هندو ڇانيل آهن، پر هوٽل ريسٽورنٽ ۽ سئنيما جي ڪاروبار ۾ وري لبانيز گهڻا نظر اچن ٿا. پاڪستاني ۽ انڊين سرڪاري ملازمتن يونيورسٽي ۽ ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ ٽيچنگ جاب ۾هتي گهڻا ملندا ۽ ڪجهه پاڪستاني ڊاڪٽر به آهن. باقي ليبر ڪلاس ۾ مثلاً رازا واڍا مزور درزي ٽيڪنيشن جيئن مڊل ايسٽ ۾ گهڻا آهن. ان جي برعڪس هتي بلڪل نه آهن. اهڙن ڪمن لاءِ هنن وٽ پنهنجا ماڻهو (Man power) جام آهن. جيڪي ڏهه ڪلاڪ لاڳيتو ڪم ڪري سگهن ٿا. هتي آيل غير ملڪي سڀ اعليٰ تعليم يافته آهن ۽ وڏن عهدن تي فائز آهن، تنهن ڪري هتي غير ملڪين جي وڏي عزت آهي جو هِتي جا عام مقامي ماڻهو سمجهن ٿا ته ٻاهرين ملڪن ۾، (پاڪستان سميت) سڀ اعليٰ تعليم يافته ماڻهو رهن ٿا.


    موت جون ر سمون

    موت جون ر سمون
    ڪنهن مٽ مائٽ جو موت هتي وارن کي ڏاڍو مهانگو ٿو پوي ۽ ان کان سواءِ اهڙن موقعن تي عجيب غريب رسمون ادا ڪيون وڃن ٿيون.
    ڪنهن قريبي رشتيدار جي وفات تي سندس سمورا مٽ مائٽ جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل آهن. سڀ مٿو ڪوڙائيندا آهن ۽ چار ڏينهن سڀ ڪارا ڪپڙا پائيندا آهن، ڪارا ماڻهو ڪارا ڪپڙا پائي جيڪو ماتم ڪندا آهن سو اجنبي ڏسندڙ تي هيبت طاري ڪري ٿو ڇڏي. چئن ڏينهن کان پوءِ اهڙي موقعي تي ناچ، ڳائڻ ۽ نشو واپرائڻ شروع ٿي ويندو آهي. پيشور ڳائڻا ڪو نه گهرائين پر سڀ مائٽ گڏجي ڳائين ۽ فوتيءَ جا ڳڻ ۽ نيڪيون راڳ ۾ ورجائين.
    اسان هتي اسٽاف نرس جي پيءُ جي وفات تي تعزيت لاءِ وياسين ته سڀ نچي رهيا هئا. هنن اسان کي اعليٰ مشروبات پيش ڪيا ۽ فوتي جي ڌيءُ چيو ته هي موت اسان جي چيلهه ڀڇي ٿو ڇڏي روزانه هزارين روپين جو شراب مهمانن کي پيش ڪرڻو ٿو پويم.
    جيترو ماڻهو سرندي پڄنديءَ وارو هوندو ايترا ڀيرا هن جي تدفين (بريل) ٿيندي. ٻه، ٽي يا چار دفعا. سائوٿ نائجيريا ۾ ته موت کان پوءِ لاش اسپتالن جي مرده خانن ۽ سردخانن ۾ ڪافي ڏينهن رکرائي پوءِ دفنائيندا آهن. مُردن کي سٺا ڪپڙا بوٽ ٽوپي پارائي واچ ٻڌي ۽ هار پائي پوءِ دفن ڪندا آهن. وڏن سردارن ۽ Chiefs کي ته ڪرسيءَ تي ويٺل حالت ۾ اُڀو دفن ڪندا آهن.
    ڪا حامله عورت مري ويندي آهي ته ان جي پيٽ مان ٻار ڪڍي ان کي الڳ دفن ڪندا آهن. ڪيترا ڀيرا وفات ڪيل عورت جو لاش اسان وٽ اسپتالن ۾ آندو ويو ته جيئن هن جي پيٽ مان ٻار ڪڍي ڏجين. چاهي اهو ٻار ٽن چئن مهينن جو ڇو نه هجي. ٻار کي ماءُ جي پيٽ ۾ هئڻ جي حالت ۾ دفن ڪرڻ کي سخت گناهه سمجهن ٿا.
    هتي جي ماڻهن جو عقيدو آهي ته بيماري بد روح جي اثر ڪري ٿئي ٿي. ان لاءِ هو جانورن جي قرباني ڏيندا آهن. جيڪڏهن فال ڪڍڻ وارو عامل چوين ته هي ماڻهو چاق ٿي نه سگهندو ته سندس مائٽ هن جو کاڌو پيتو ۽ خدمت بند ڪري ڇڏين ۽ هو بکن وگهي جلد مري ويندو آهي.
    تدفين تي ايترو گهڻو خرچ ڪرڻو پوندو آهي جو ماڻهو اسپتال مان پنهنجي مائٽن جا لاش وٺن کان ئي پيا لهرائيندا آهن. اڪثر ماڻهو پنهنجن مرضن کي مرڻينگ حالتن ۾ وٺي ايندا آهن ۽ مون کان پڇندا آهن ته اگر هن جي بچڻ جي گهڻي اميد نه هجي ته دوائن تي اجايو خرچ نه ڪريون ۽ اهي پئسا به تدفين جي اخراجات ۾ ڪم آڻيون.
    اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو انهن رسمن ۽ خرچن کان ڀڄندا آهن مگر هو لاچار آهن. قبيلي ۽ معاشري جي رسمن کان فرار حاصل ڪرڻ هنن لاءِ ناممڪن آهي. اسان جو C.M.O)) چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪتر ميڪوينن (Dr. Meck Wenyene) تمام روشن خيال ۽ يورپ جو تعليم يافته آهي. سندس هڪ زال جرمن خاتون آهي، تنهن مون کي ٻڌايو ته ”هنن موت جي خرچن ته مونکي ذري گهٽ ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي.“ جيئن ته هر ماڻهوءَ کي چار پنج زالون ۽ ڊزنن کن ٻار ۽ سوَن جي تعداد ۾ پوٽا ڏهٽا هوندا آهن. ان ڪري تدفين ۾ شريڪ رشتيدارن جو به وڏو تعداد هوندو آهي، جيڪو سوَن جي تعداد ۾ هوندو آهي. سوڳ جا چار ڏينهن انهيءَ فوج کي کاڌو ۽ شراب مهيا ڪرڻ وڏو ڏچو هوندو آهي. پر جي اڃا به دوست يار ۽ پاڙيسري بطور همدردي شريڪ ٿيا ته پوءِ سمجهو ته ان گهر جي زنده ماڻهن جو جهڳو ئي جهڻ.
    ڏهه ڏينهن سوڳ جا گذريا ته ان قبيلي جا وڏا ويهي فيصلو ڪندا ۽ فوتيءَ جون بيوه عورتون پسمانده ڪمائيندڙ توڙي نه ڪمائيندڙ مردن کي ورهائي ڏيندا. مجال آهي جو ڪو فرد ان فيصلي کان انحراف ڪري!! ناممڪن آهي.


    اگهاڙا قبيلا:

    اگهاڙا قبيلا:
    انساني تهذيب جي هن ترقي يافته دور ۾ به هتي اندروني علائقن ۾ ڪي اڃا به اهڙا قبيلا رهن ٿا جن جي زندگي ۽ ڀولڙن ۽ بن مانسن جي زندگيءَ ۾ گهڻو فرق ڪونهي. هنن کي ڏسڻ سان پرائمري اسڪول ۾ پڙهيل آرين ۽ اڻ آرين جون ڳالهيون ياد اچن ٿيون.
    خبر ناهي ته کاڌو رڌي پچائي کائين ٿا يا نه. گهر هنن جا چُرن ۽ غارن جهڙا آهن ۽ سندن جسم ڪپڙي جي تڪلف کان آزاد. ڪپڙو آڻين ڪٿان جو پائين هڪ دفعو ڪئميرائون بسڪوٽ دوربينيون ۽ روالور کڻي بند جيپن ۾ انهن علائقن جي ويجهو وياسين اسان سندن موجودگي محسوس ڪئي پر وڌيڪ اندر وڃڻ جي همت اسان کي ڪا نه ٿي. جيپ جو رستو به ڪو نه هو سوڙها ڪچا پيچرا ۽ گهاٽا وڻ کڏون کوٻا ۽ گپ ڪنهن کي اڳتي وڃڻ لاءِ کٽيءَ کنيو آهي. اسان جو دوست مزمل احسن مهم جوئيءَ جو شوقين تنهن ڊائجسٽن لاءِ ڪجهه احوال مواد ۽ تصويرون حاصل ڪرڻ چاهيون ٿي ۽ Adventerous life جو تجربو حاصل ڪرڻ چاهيائين ٿي تنهن جي اصرار تي. 1969ع ۾ هڪ ڀيرو وري ڪوشش ڪئي سين ٻهراڙين مان جيپ ۾ سفر ڪندي سونهون پاڻ سان کنيو سين ۽ واڪي ٽاڪي جو سيٽ ٽارچون وغيره کنيوسين جو اتي وڻ ايڏا اوچا ۽ گهاٽا آهن جو ڏينهن ۾ به رات لڳي پئي آهي. اتي اسان کي ڪجهه اگهاڙن ماڻهن جو ٽولو ڏسڻ ۾ آيو جن ۾ پوڙها ۽ جوان مرد ۽ عورتون هئا. گهٽ روشنيءَ جي ڪري ۽ وچ ۾ وڻن جي آڏ جي ڪري هو هڪڙي جهلڪ ڏيکاري هڪڙي چر مان نڪري تڪڙا تڪڙا ٻي غار نما جڳهه ڏي غائب ٿي ويا جيئن بگهڙ کي ڏسي ٻڪرين ۾ ٽاهه پوندو آهي. ڪجهه آواز ڪڍندا ويا جي سمجهه ۾ نه آيا پر ايترو محسوس ڪيوسين ته اسان جي موجودگيءَ تي هنن پنهنجي خلوت يا جلوت ۾ خلل کي غير پسنديدگي جو اظهار ڪيو ۽ مزاحمت جي بدران فرار کي ترجيح ڏنائون. ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه مجرم قسم جا ماڻهو روپوش ٿي هميشه لاءِ اتي وڃي لڪا هجن جيئن حڪومت جي قانون جي گرفت کان بچيل رهن. جيئن پاڻ وٽ دادو ضلعي ۾ سونا ٻنڍي ٻيلي ۾ ڌاڙيوال ۽ ڊاڪو پناهه وٺڻ لاءِ فرار ٿي ويندا آهن.
    اسان زور سان ريڊيو وڄائڻ شروع ڪيو جنهن ۾ ڀاري ميوزڪ جا ٽيونس هئا. ٿوري دير کان پوءِ انهن مان ڪجهه مرد ۽ عورتون آهستي آهستي ويجها آيا. اسان ساڻن اشارن ۾ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين بسڪوٽن جا پئڪيٽ ۽ ڪجهه ڪپڙو اڇلي ڏنوسين پر هنن ان طرف کنگهيو به ڪو نه ۽ نه ئي وري حقارت جو اظهار ڪيو. اهي اسان کي اگهاڙا ڏسڻ ۾ آيا ٿي پر وحشي ۽ خونخوار ڏسڻ ۾ نه پئي آيا.
    اهي ته ٿيا اِتي جي ڪن تمام دور دراز اندروني علائقن جا قبيلا. (قبيلا نه ته به ٽولائي سهي) پر نائجيريا جي ڳوٺن يا ننڍن شهرن ۾ مرد ته رڳو ڪڇو پايو پيا گهمن پر ڪيتريون عورتون به گهرن ۾ يا گهرن جي ٻاهران ڪپڙا ويٺيون ڌوئينديون ته سندن ڇاتيون ۽ جسم اگهاڙو هوندو آهي ۽ ٽگن تي صرف گوڏ وانگر مختصر ڪپڙو ويڙهيل هوندو اٿن اهو ڪو غربت جو سبب نه آهي مگر اتي جا رواج ئي اهڙا آهن.
    جوان، سڌريل ۽ سکين گهرن جون عورتون به گرميءَ ۾ چولا لاهي ڦٽا ڪن رڳو ڇاتيءَ تي بريزر پاتل هوندو اٿن. هيءُ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته نيم عرياني کڻي هتي معيوب نه آهي ته به هنن جي نيم برهنگي ۾ وحشت ۽ فحاشي نه مگر شائستگي موجود آهي.
    1977ع ۾ هتي هڪ تمام وڏي فن ۽ ڪلچر جي ميلي جو اهتمام ڪيو ويو هو. F.E.S.A.C يعني (فيشتيول آف آرٽس ۽ ڪلچر)، جنهن ۾ سڄي آفريقا کنڊ مان تمام گهڻا گروپ آيا هئا. ڪي اهڙا ملڪ به هئا جن ناچن ۽ فنڪارن جا گروپ موڪليا هئا. جن ۾ پوري گروپ ۾ رڳو نوجوان ڇوڪريون هيون جن حيرت انگيز رقص ۽ ڪرتب ڏيکاريا ۽ انهن جي چيلهه کان مٿيون حصو لباس کان بي نياز ۽ هيٺئين جسم تي به تمام مختصر لباس هو.
    هڪ طرف جپان جهڙي سڌريل ۽ مثالي معاشري جا ڪميونٽي باٿ ڏسو جتي روزانو سڄي پاڙي جا مرد عورتون ۽ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اگهاڙا ٿيو پيا وهنجن ٻئي طرف آفريقا جا هي اگهاڙا ٽولا جيڪي پئٽرول سان ڀرپور زمينن ۽ ذخيرن جا مالڪ (نه ته به حقدار ئي سهي) آهن.
    مون ڪافي وقت کان اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي ته آيا هنن اگهاڙن جي تعداد ۾ ڪمي اچي رهي آهي نه يا انهن مان ڪي آهستي آهستي مهذب (Civilized) ٿي رهيا آهن يا ته هو پنهنجي سر انهيءَ زندگيءَ مان مطمئن آهن يا هتي جون رفاعي جماعتون ۽ ادارا هنن کي سڌارڻ طرف توجهه ڏئي رهيا آهن يا نه پر ڪٿان به مون کي تسلي بخش جواب ڪو نه مليو.
    جڏهن ته هن درخشان دور ۾ ڀولڙن ۽ بينمانسن کي به ڪپڙا پائڻ ۽ اٿڻ ويهڻ سيکاريو پيو وڃي ۽ هو ضرورت وقت ٽائليٽ استعمال ڪرڻ به سکيا آهن ته پوءِ هنن طرف اها (Ignorance) عدم توجهه ڇو؟
    مان سمجهان ٿو ته جيئن هتي ڪنهن دٻيل آواز ۾ ڀڻڪو ڪري چيو ته هي جو ٽرائيب ۽ قبيلن جي موت تي ٻيا ويچارا ڏهه پندرهن بي گناهه ماڻهو ماري انهن جون سِسِيون به سردارن سان گڏ دفن ڪرڻ جي قبيح پاپ ۾ سرڪار ڪن ٽار پئي ڪري ته شايد هتي به اهڙو ئي ڪو سبب هوندو يا مصلحت هوندي ته متان سڀاڻي پئٽرول جي ذخيرن جا دعويدار سجاڳ ٿين يا سندن تعداد ۾ اضافو اچي اهو ئي سبب هوندو جو هتي معاشري ۾ ٻن طبقن ۾ فاصلو وڌندوئي رهي ٿو هڪڙا صفا امير آهن ته ٻيا صفا سڃا.


    مروان موت ملوڪان شڪار:

    مروان موت ملوڪان شڪار:
    نائجيريا جي ايڏي وڏي ۽ شاداب رياست جي ڳالهه پيو ڪريان بينن شهر ۾ ايڊو قبيلي جي سردار ”اوبا اريڊوا“ کي سندس پيءُ اوبا اڪنزوا جي وفات کان پوءِ 28 مارچ 1979ع تي تخت تي وهاريو ويو. هن جو اصل نالو پرنس سالومن آهي مگر تخت نشيني کان پوءِ هتي جي قديم روايات موجب نئون حاڪم پنهنجو نئون نالو پاڻ منتخب يا اختيار (Adopt) ڪندو آهي، تنهنڪري هي شهزادو به پنهنجو اصل نالو ترڪ ڪري پاڻ کي اوبا اريڊوا سڏائڻ لڳو. سندس پيءُ (بادشاه) جي وفات جون 1978ع ۾ ٿي ڇهن مهينن کان پوءِ سرڪاري طور سندس موت جو اعلان ڪيو ويو.
    ايتري دير انهيءَ لاءِ ٿي جو اتي جي قديم ريتن رسمن ۽ عقيدن موجب ڪجهه ماڻهن جا سِتر (سِسِيون) اوبا سان گڏ دفن ڪرڻا هئن جي موت کان پوءِ حاڪم جي خدمت چاڪري ڪندا رهن سردار جي حيثيت ۽ بزرگيءَ جي اندازي سان 7 کان 33 انساني شيرَن تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح جلد از جلد سِسِيون هٿ ڪرڻيون پوندوين آهن تدفين ۾ ڇهن مهينن جي تاخير جو اهو ئي سبب هو.
    انهن ڏينهن ۾ مان اتي بينن (Benin) هوس ماڻهن ۾ ڪافي خوف ۽ هراس هو ماڻهو اغوا ٿي رهيا هئا لاوارث يا ٻڍا (جن جي تدفين جا اخراجات سندن پوين جي چيلهه ڀڇيو ڇڏين) تن کي سندن ئي ماڻهن وڪڻي جان ٿي ڇڏائي. ٻئي طرف وري سردار جي عظمت ۽ برتري ڏيکارڻ لاءِ اهو پئي ظاهر ڪيائون ته فلاڻي جان نثار وفادار سردار جي مٿان پنهنجو سر گهوري ڇڏيو آهي.

    عظمت چيو ”انهيءَ ڪري ته رعيت ويچاري پنهنجي حاڪم جي درازي عمر لاءِ دعائون گهرندي وتندي آهي ته: ”شهنساهه کي اسان جي تون، سلامت رک خداوند“. ”ڇو ته کين ڊپ آهي ته حاڪم مئو ته اسان جو به سر نيندو“.
    جيئن سٽي ڪاليج جي پرنسپال عبدالرحيم ڏيٿي صاحب لطيفو ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ ڪنهن ڳوٺ ۾ وڏيري جي اوطاق تي مخالف ڌر وارن بندوقن سان حملو ڪيو اوطاق ۾ مهمان به ٽڪيل هئا. وڏيري چيو ته ”سائين گهڻو زمانو اڳ منهنجي پيءُ انهن جي ڳوٺ تي حملو ڪرايو جن ۾ اتفاق سان سندن ڪي مهمان به مارجي ويا. ان وقت کان هو وٺي انهيءَ تاڙ ۾ آهن ته اسان جا ڪي مهمان اچن ته پلاند ڪريون سو هو اڄ توهان کي ڏسي آيا آهن، پر توهان فڪر نه ڪيو ”پهرين سر مهمان جو پوءِ منهنجو“ جي هو اڄ توهان کي ماري ويا ته اسين ڪو کين ڇڏي ٿوروئي ڏينداسين اڄ نه ته سڀاڻ اسان به سندن پنج مهمان ماري پلاند ڪنداسين!“
    ان عرصي ۾ مون پاڻ ڏٺو ته شام جو سج اڃا لهندو ئي مس هو ته رستا ۽ سڙڪون ويران ۽ سنسان ٿي ويندا هئا. جيسين وڃي حاڪم جي تدفين جي رسم ادا ٿئي. گهڻن ئي ماڻهن سرگوشيءِ ۾ چيو ته حڪومت خود به هنن رسمسن ۽ عقيدن جي پشت پناهي پئي ڪري. ائين ڪيئن هوندو؟

    ”ہم نے چاہا تھا کہ حاکم سے کرینگے فریاد لیکن،
    وہ بھی کمبخت تیرا چاہنے والا نکلا۔“

    هنن حاڪمن ته ٺهيو پر گهڻن قبيلن جي ماڻهن ۾ به اها رسم هلندي اچي ته مڙس جي موت تي ان جي پهرين زال (Senior wife) کي به مڙس سان گڏ دفنائيندا آهن جيئن هندستان ۾ هندو ڌرم ۾ ڪنهن زماني ۾ سَتيءَ جو رواج هوندو هو.

    ناخوشگوار يادون:
    زندگيءَ جي نشيب و فراز ۾ ڪي اهڙا موقعا به اچن ٿا جن کي سواءِ ناخوشگوار يادن جي ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو.
    هتي جڏهن مان فوجي اسپتال ۾ تعينات هوس، جتي ٻين دستوري ذميدارين سان گڏ ڌاڙيوالن ۽ بين خطرناڪ ڏوهارين جي موت جي سزا تي عمل درآمد ڪرڻ (Execution) جا فرائض به سنڀالڻا پوندا هئا. فوجي اسپتال جي ڊاڪٽر ۽ سول اسپتال جي ڊاڪٽر جي ذميدارين ۾ گهڻو فرق آهي. هتي جي ڊاڪٽر کي پنهنجي مزاج کي (مصنوعي طور ئي سهي) سخت بنائڻو پوي ٿو همدردانه نه مگر ڪامورانه مزاج سان.
    ڏوهارين کي گولي هڻي مارڻ کان پهرين مون کي تپاس ڪري اهڙو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو آهي ته هيءَ ماڻهو سزا ڀوڳڻ ۽ عدالتي حڪم تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ جسماني طور فٽ ۽ موزون آهي يا نه. ان لاءِ مون کي اهڙن موقعن تي مقتل گاهه ۾ وڃڻو پوندو هو ۽ اتي ساري ڪارروائي دوران موجود رهڻو پوندو هو ۽ وري گولي لڳڻ کان پوءِ به سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻو پوندو هو.
    عوام جو وڏو هجوم موجود هوندو هو ٻئي طرف ملزم جا مائٽ به جيئن توهان کي اڳين خطن ۾ لکيو هوم ته هر هڪ شيدي کي پنج ڇهه زالون ۽ سٺ ستر پٽ ڌيون هوندا آهن. مگر ٻيا ڀائر ڀيڻون ملائبا ته سون ۾ ٿيندا. هي ڌاڙيوال بي پرواه ٿي اچي مائٽن سان ڳالهائيندا هئا ته فلاڻو مائٽ يا دوست ڪو نه آيو آهي ڇا؟ ڄڻڪ هنن جي موت جو سامان ئي صرف دوستن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ رچيو آهي.
    ”کھا کے جو تیر دیکھا مکین گاہ کی طرف،
    اپنے ہی دوستوں سے ملاقات ہوگئی۔“
    مقرر وقت کان چند منٽ پهرين هڪ بلڪل بند ٽرڪ ۾ وڏي پهري هيٺ انهن ڌاڙيوالن کي جيل مان وٺي ايندا آهن اٽڪل صبح جو ڇهين بجي مهل انهن کي ڏامر جي خالي ڊرمن سان ٻڌندا آهن. ان وقت مان وڃي هر هڪ کي تپاسي سرٽيفڪيٽ لکندو هوس. هر هڪ ڏوهاري کي هڪ ٻئي کان ڏهن فوٽن جي وڇوٽيءَ تي ٻڌي بيهاريندا هئا. ڪي ته اهڙا خر دماغ جو چوندا هئا ”اڙي جلدي ڪريو“.

    ان کان پوءِ هڪ پادري يا مولوي هر هڪ وٽ ويندو آهي ۽ ان کي دعا جا لفظ پڙهائيندو آهي. ان کان پوءِ هر هڪ کان سندس آخري خواهش پڇي ويندي آهي. ڪو سگريٽ گهرندو آهي. ڪو ٽهڪ ڏئي کلندو آهي. ڪو بلڪل پرسڪون ۽ مطمئن محسوس ٿيندو اهي ڪو ڏوهه جو اعتراف ڪندو ۽ ٻين کي اهڙن برن ڪمن کان باز رهڻ جو مشورو ڏيندو آهي.
    عام ماڻهو اهو ڏسڻ لاءِ اڳواٽ اچي ڳاهٽ ٿيندا آهن جن ۾ عورتون ۽ ٻار به هوندا آهن ۽ ڪيترين ماين کي پٺن تي ٻار به ٻڌل هوندا آهن.
    ان بعد 2، 3، 4 رائونڊ گولين جا هلندا آهن. گولين جو آواز ماڻهن جي شور ۾ ۽ هجوم جي تاڙين ۽ لعنتن ۾ ملي هڪ عجيب ناگوار ڪيفيت پيدا ڪندو آهي.
    چند منٽن بعد وري مون کي هر هڪ ڌاڙيل جي ويجهو وڃي اهو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو آهي ته هو واقعي مري چڪو آهي. تنهن کان پوءِ لائوڊ اسپيڪر تي هر هڪ ڌاڙيوال جو نالو پڪاري پڇندا آهن ته ان جو ڪو مائٽ موجود آهي؟ ۽ لاش وصول ڪرڻ جو خواهشمند آهي؟ ته لاش ان جي سپرد ڪندا آهن ڪيترا مائٽ ته اهڙا ڪٺور دل به هوندا آهن جو ڌاڙيوال جو لاش وصول نه ڪندا آهن. صرف هجوم جي اڳيان شرمندگي ۽ ڦٽ لعنت کان بچڻ لاءِ اهڙن لاوارث ڌاڙيوالن جا لاش اتي موجود ڀنگي ڪچري جي ٽرڪن ۾ ڀري وڃي مقرر هنڌن تي دفن ڪندا آهن. ان وقت اهي ڀنگي اهڙي شان سان هلندا آهن. ڄڻ سارو معرڪو انهن کٽيو آهي ۽ سندن ئي ڪوششن سان هي ڏولائو ڏيهه تان لٿو آهي. جيئن ڪنهن ميلي گهمڻ جي شوقين ناراض ٿي چيو ته ”ادا ميلو وري ڇا جو؟ اهو سڄو ٽڪساٽ رٿيو ئي منهنجي اجرڪ چورائڻ لاءِ ويو هو! ”جيئن اهڙن (تاريخي ڀنگين) کي اتي شان مان ڪم ڪندي ڏسي مون کي پليجي صاحب جي اها ڳالهه ياد ٿي اچي جيڪا هن جي ”سندي ذات هنجن“ ڪتبا ۾ ڪنهن وقت نظر مان گذري هئي ته:
    ”فلاڻي جيل جو جلاد چوندو آهي ته“ سائين ڦاسي ڏيڻ ڪو هر ڪنهن لَلوءَ پنجوءَ جو ڪم نهاي ”ڪيترا اهڙا نالائق ۽ نئود قيدي هوندا آهن جو اڌ ڪلاڪ ٽنگي وري کڻي لاهي ڏسين ته اڃا به پيا چُرن پُرن! ”هاڻ وري چاڙهڻ ته ٿي خواري!“ تنهنڪري آئون پنهنجي هٿ سان ئي سندن ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان“. ”پر قدر ڪونهي“ جيل ۾ فساد ٿين تڏهن به ائين وڳوڙ جي دوران ڪو فسادي قيدي ور چرهي وڃيم ته ماٺ مِٺيءَ ۾ ان جو به ڳاٽو مروٽي ڇڏيندو آهيان. ”پر قدر ڪونهي!“ سو هتي جا ڀنگي چوندا ته ”هيترا ڌاڙيوال مارياسين پر قدر ڪونهي“.
    هنن ڪٺور دل ڌاڙيوالن ۾ ڪي ڪي اهڙا به هوندا آهن جو موت کان ڪافي ڏنهن اڳ ۾ پنهنجون اکيون يا گردو ضرورتمند انسانن لاءِ عطيو ڪري ڏئي ڇڏيندا آهن هڪڙي ڏينهن منهنجي اسپتال جي لان تي ڪيترا شيدي ڇوڪرا ۽ زالون ويٺا هئا. نرس ٻڌايو ته ”ٻلي ست ڪوئا کائي حج پڙهڻ هلي آهي. ۽ فلاڻي ڌاڙيوال پنهنجو گردو خيرات طور هن اسپتال ۾ ضرورتمند مريض لاءِ ڏنو آهي. مون کيس چيو ته ”ڪهڙي خبر خدا تعاليٰ کي سندس اها سخاوت پسند اچي وڃي؟“ جيڪو دلين جو مالڪ آهي.


    نائجيريا ۾ پاڪستاني:

    نائجيريا ۾ پاڪستاني:
    هتي ڪيترا پاڪستاني رهن ٿا جيڪي يونيورسٽين ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ ملازم آهن جن سان آهستي آهستي واقفيت ۽ پوءِ دوستي پيدا ٿيندي وئي.
    هتي پاڪستان انڊيا بنگلاديش ۽ سري لنڪا (سلون) جا ماڻهو پاڻ کي هڪڙي ئي ڪٽنب جا ڀاتي تصور ڪن ٿا ۽ هڪ ٻئي سان گهڻي سڪ ۽ پيار سان ملن ٿا.
    شروع شروع ۾ 1968ع ۾ يا 1970ع ۾ ايترا پاڪستاني ۽ انڊين ڪو نه هئا ته انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن خبر پوندي هئي ته ڪو پاڪستاني يا انڊين يا سنڌي ڳالهائڻ وارو اسان کان اڍائي سو ڪلوميٽر پري رهي ٿو ته به ويڪ اينڊ تي (آچر تي) خاص طور ڏوري وڃي کيس ڏسبو هو ۽ ان ملاقات ۾ ڏاڍي خوشي ۽ راحت ملندي هئي. اگر اتفاق سان هو گهر ۾ موجود نه هوندو هو ۽ اسان کان سندس گهر جو دروازو کلي سگهندو هو ته اهو در کولي وڏي حجت مان وڃي بالم ٿي ويهي رهندا هئاسين. جيسين هو واپس موٽي، پاڙي جا ماڻهو ٻڌائيندا هئا ته (Your brother) ڪيڏانهن ويو آهي.
    ان جي برعڪس حيدرآباد ۾ يا پاڪستان ۾ انهن ساڳين دوستن سان ٽن مهينن ۾ هڪ ڀيرو به ملاقات مشڪل ٿئي ٿي. مسٽر دارا ابڙو ڪانو (Kano) ۾ اسان کان 1500 ميل پري رهي ٿو ته به نائجيريا ۾ هن سان سگهي سگهي ملاقات پئي ٿئي مگر جڏهن اسان ٻئي موڪل تي پاڪستان آياسين ته چئن مهينن ۾ ڪو هڪ اڌ ڀيرو مس مليا هونداسين حالانڪ ابڙو صاحب لطيف آباد ڇهين نمبر يونٽ ۾ رهي ٿو ۽ آئون سندس ئي ويجهو لطيف آباد جي ٻئي يونٽ ۾ رهان ٿو.
    ائين ڇو آهي؟ شايد محبت جو ذخيرو گهڻن محبت ڪرڻ وارن دوستن ۽ مائٽن ۾ ورڇجيو وراهجيو وڃي؟ شايد ان ڪري جو پنهنجي ملڪ ۾ ٿوري وقت ۾ اسان کي گهڻا ڪم اڪلائڻا هوندا آهن.
    مذهب، ۽ زبان، عام طور ملندڙ جلندڙ شڪل شبيھ ۽ کاڌ خوراڪ، عادات و اطوار جو انساني ميل جول ۽ تعلقات تي ايترو اثر پوي ٿو جو نارٿ انڊين جيڪي اردو ڳالهائين ٿا اسان کي وڌيڪ ويجها ۽ پيارا لڳن ٿا بنسبت سائوٿ انڊين جي حالانڪ آهن ته سڀ هڪڙي ملڪ جا مگر رسم و راج، کاڌ خوراڪ رنگ روپ ۽ لهجي ۾ بلڪ مختلف ۽ اوڦٽا ۽ اوپرا پيا لڳن.


    نئون تخت گاهه:

    نئون تخت گاهه:
    نائجيريا ۾ موجوده دارالحڪومت لئگاس آهي جيڪو هڪ مشهور تاريخي شهر هئڻ سان گڏ سمورين جديد سهوليتن سان آراسته اهي، مگر ان جي باوجود هنن هڪ نئون گاديءَ جو هنڌ (Capital) ٺاهيو آهي، جنهن جو نالو آهي ابوجا (Abuja) جيڪو ملڪ جي بلڪل وچ ۾ ٽن رياستن مان ٽڪرا ٽڪرا ڪڍي هڪ انتهائي جديد طرز جو شهر ٺاهيو اٿن بلڪ اڃا ٺاهي رهيا آهن. جيڪو دور حاضر جي سمورين جديد ضروريات ۽ تقاضائن کي حسن و خوبيءَ سان مهيا ڪري ٿو. جيئن پاڻ وٽ ڪراچي کانپوءِ اسلام آباد گاديءَ جو هنڌ ٿيو.
    پنهنجي ديگر رنگينين ۽ رعناين کان علاوه ان ۾ سڀني ملڪن جا سفارتخانا باغ بستان هوٽلون يونيورسٽيون تفريح گاه ۽ اسپتالون هوائي اڏو ريلوي اسٽيشن سڀ اعليٰ درجي جا مهيا ڪيا پيا وڃن مطلب ته هي شهر جنهن جي اڏائڻ تي موجوده سرڪار بي تحاشا رقم خرچ ڪري رهي آهي تنهن جي اڏائڻ تي مغل شهنشاه، شاه جهان به هوند ايڏي اٻهرائي ڪو نه ڪري سگهي ها.
    هڪڙي وڏي فائيو اسٽار هوٽل (Five star hotel) ايڏي ته ٺٺ ٺانگر سان ٺهي رهي آهي جو ان جي تعمير ۽ تزئين لاءِ دنيا جي ڪا به تعميراتي ڪمپني پاڻ ۾ ست ساري نه سگهي نيٺ ٽن ملڪن جي تعميراتي ڪمپنين گڏجي اهو ٺيڪو کنيو آهي جنهن ۾ نيشنل اسيمبليءَ جا سمورا ميمبر ڪنهن به وقت مفت قيام ڪري سگهندا.
    اقتصادي ماهرن جو خيال آهي ته ڏهن سالن کان هن شهر تي جيڪو پاڻيءَ وانگر پئسو خرچ ٿي رهيو آهي سو ملڪ جي اڳتي هلي 86 1983ع ۾ پيدا ٿيل اقتصادي بحران جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي اگرچه ان بحران جا ٻيا به اسباب هوندا.


    بي فڪري:

    بي فڪري:
    هتي عام ماڻهو تمام غريب ۽ وڏو عيالدار آهي. سندس سراسري آمدني 600 روپين ماهور کان هڪ هزار روپين ماهوار روپين تائين مس آهي. پر هميشه کلمک ۽ خوش مزاج رهي ٿو هو پنهنجي حالات تي قانع آهي. بلڪل بيفڪر مگن ۽ حال مست. هِتي جي ماڻهن جو خوش رهڻ ۽ شاڪر رهڻ سندن صحت ۽ عمر جي اوسط تي اثرانداز ٿئي ٿو. هتي جي ماڻهن جي صحت قابل رشڪ آهي. هو ڪٺن کان ڪٺن حالتن ۽ موسمن کي منهن ڏيڻ (Servive) ڪرڻ وارا آهن. سندس سراسري عمر 76 سال آهي.
    هڪ عام نائجيرين کي ”نه اُڌيءَ جي نه کُٽيءَ جي.“ چاهي نوڪري اٿس يا نه چاهي ڪيتريون ڌيون اٿس يا ڪيڏو عيال اٿس. بلڪل توڪلي.
    رب به کين ڪو نه ڇڏي. جيئن شاهه لطيف فرمائي ٿو:
    جِنين ڏاند نه ٻِج، تن به تنهن جو آسرو،
    پوءِ اُڀارين سج، اول ڏين اُن کي.
    گهڻيون ڌيون ته مائٽن لاءِ ويتر ڪمائيءَ جو ذريعو آهن. قبيلن جي رواج موجب ڪنوار جي قيمت (Briede Price) پيءُ وصول ڪري جيڪا پنجن هزارن کان پنجاهه هزارن تائين ٿئي ٿي. جيڪا مڱڻي وقت ئي پيءُ کي مليو وڃي گهوٽ جي عمر يا حيثيت ڇا آهي تنهن سان پيءُ جو واسطو ڪونه يا اڳ ۾ گهڻيون زالون اٿس تنهنجو به فڪر ڪونهي مڙس جي وفات بعد عدت ۾ ڪو نه وهن جيئن مسلمانن ۾ رواج آهي بلڪ گهوٽ جا مائٽ ۽ وڏا فوتيءَ جون زالون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. يا ڪنب لاءِ بوجه نه آهي. منهنجي گهر جو چوڪيدار جيڪو 65 60 سالن جو آهي ڇهين زال خريد ڪرڻ لاءِ پئسا پيو گڏ ڪري. مون پڇيومانس ”ته ڇا اها تنهنجي آخري زال هوندي؟“ چيائين: ”هروڀرو ضروري نه آهي.“
    جيڪڏهن دارون (نشو) ۽ ميوزڪ ميسر اٿن ته بس دنيا جو کين ڪو فڪر ڪونهي دارونءَ ۾ مقامي شربا ۽ پام ٽريز جي تاڙي پي مست مگن ڳائيندا ۽ ٽهڪ ڏيندا وتن. جيئن عمر خيام پنهنجي رباعين ۾ هڪ هنڌ لکيو ٿو:
    ۽ شعرن جو ڪتبا، مانيءَ ڳڀو ۽ دريا جو ڪنارو،
    بس اها ئي منهنجي جنت آهي.
    انهي خوش مزاجي ۽ بي فڪريءَ جي ڪري هتي دل جي دوري جا ڪيس تقريباً نه جي برابر آهن.


    نشي جي علت:

    نشي جي علت:
    الڪوهل جو استعمال هتي عام آهي. هر سرڪاري خواه خانگي تقريب ۾ خوشي خواهه موت جي تقريب ۾ نشو ائين استعمال ڪن جيئن پاڻ وٽ ڪوڪا ڪولا.

    شهرن ۾ ته ماڻهن وٽ پئسو به جام آهي ۽ بيئر وسڪي ۽ هر قسم جو انگريزي شراب سولائيءَ سان دڪانن تي دستياب آهي ۽ اهي ماڻهو (Affoard) به ڪري سگهن ٿا. پر ٻهراڙين ۾ وري پام ٽريز (ناريل جي وڻ جهڙو هڪ وڻ) مان رس ڪڍي ان کي مقامي طور گرم ڪري ڇاڻي پين. ان مشروبات کي مقامي زبان ۾ ”گوگو گورو“ چوندا آهن ۽ تمام تيز نشه آور آهي. ان جو رنگ ڏڌ لسيءَ وانگر سفيد ٿئي ٿو ۽ ساڳي طرح ٺڪر جي ماٽيءَ ۾ وجهي گهٽين ۾ هوڪا ڏئي پيا وڪڻندا آهن.
    سڄي ملڪ ۾ تقريباً چاليهه بيئر جون برلوريز آهن. ڪوڪا ڪولا ۽ اهڙيون ٻيون مشروبات (Minerals) تن کي زنانو ڊرنڪ ڪري سمجهن ۽ ڪنهن کي آڄ ڪرڻ پنهنجي لاءِ توڙي اڳلي لاءِ گهٽتائي سمجهن ٿا. چانهه جو به گهڻو رواج ڪونهي. يا اگر پين ته به ٿڌي ڪري يا وري گرم چانهه چمچي سان سرڪيون ڀري پيئن جيئن ٻار کيرڻي کائيندا آهن. مٺائيءَ جو به هتي رواج صفا ڪونهي. مٺائيءَ جا دوڪان به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿا اچن ان ڪري هتي ڏندن جي بيماري به گهٽ ٿئي.
    هِتي وڏي بيڪري (Crown Bakery) ۾ هر وقت تازا ۽ لذيذ ڪيڪ، ۽ بسڪوٽ ملن ٿا پر حيدرآباد جي بمبئي بيڪريءَ جي مقابلي ۾ ڪجهه نه آهي.
    جيئن پاڻ عام زبان ۾ جن مشروبات کي سافٽ ڊرنڪ يا سنڌيءَ ۾ ”ٿڌو“ ڪري چئون ٿا ان کي هتي جا ماڻهو (Minerals) منرلس چون ٿا. بيئر جون ڪئين بريوريز (Brewaries) آهن جيڪي جدا جدا نالن سان اهو شراب فروخت ڪن ٿيون مثلاً اسٽار، گولڊ، هوپ... وغيره.
    ڪنهن ٻڌايو ته هن ملڪ جو هڪ وڏو آفيسر جو يورپ جي دوري تي ويو. اتي کانئس ان ملڪ جي اخباري رپورٽر پڇيو ته ”توهان جي ملڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا منرلس (معدنيات) آهن؟ جنهن جي جواب ۾ موصوف ٻڌايو ”منرلس ته اسان وٽ بيشمار آهن، جهڙوڪ ڪوڪو ڪولا، فنٽا، سيون اپ وغيره ۽ قدم قدم تي منرلس جا ڪول ڪارنرس موجود آهن“ اهو ٻڌي رپورٽر حيران ٿي ويو ۽ وري پڇيائينس ته ”ڀلا سون توهان وٽ ملي ٿو؟“ موصوف چيو ”ها ها اسان وٽ گولڊ هر وقت موجود آهي پر ان کان علاوه اسٽار، هوپ ۽ ٻيا ڪئين اعليٰ قسمن جا بيئر ملن ٿا ۽ ٻيون به نيون فيڪٽريون کلي رهيون آهن، جن کي اسان همٿايون پيا.“ ممڪن آهي اهو محض هڪ لطيفو ئي هجي پر نائجيريا ۾ اسان جهڙي نو وارد لاءِ منرلس ۽ گولڊ جون اهي معنائون مونجهارو ضرور پيدا ڪنديون آهن. جيئن الطاف شيخ آمريڪا ۾ هڪ هنڌ لفٽ ۾ ڦاٿو بيٺو هو پر اتي آپريٽر کي ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي. شايد اتي لفٽ کي ”ايليويٽر“ سڏين ٿا.


    رقص ۽ موسيقي:

    رقص ۽ موسيقي:
    سنڌ ۾ چوندا آهن ته ”مگر مان جو آواز ٻڌي ۽ شيدي وجد ۾ نه اچي ته شيدي ڪيئن سڏجي.“
    هتي نچڻ ۽ ڳائڻ هر نائجيرين مرد خواه عورت امير خواه غريب جي روزمره ۾ شامل آهن. هتي مانهو موسيقيءَ تي مست آهن. اها ميوزڪ تي مستي ۽ شوق سندن قديم روايات جو حصو آهي. خوشيءَ جي موقعن تي ته خوب نچن ۽ ڳائين پر موت جي واقعن تي به سنجيدگي اختيار ڪو نه ڪن ۽ ان وقت به نچن ۽ ڳائين شايد ان طرح غم غلط ٿا ڪن. هڪ ٻن سالن جي عمر جي ٻارن کان ستر سالن جو ٻڍو يا ٻڍي پيا نچندا ۽ جهونگاريندا. پر اسپتالن ۾ پيٽ واريون زالون جيڪي هونئن ئي چرڻ پرڻ کان لاچار تن کي به روزانو صبح جو نرس راڳ ۽ رقص جو رياض ضرور ڪرائي.
    هر دوڪان گلي ڪوچي، ٽرڪ يا ٽانگي ۾ ميوزڪ جون ڌنون ۽ راڳ پيا وڄندا.
    جنهن به ماڻهوءَ تائين هتي راڳ جون ڌنون پهچن اهو کڻي ڪهڙو به ڪم ڪندو هجي. توهان سان ڳالهائيندو هجي يا واندو هجي مگر بت کي ۽ ڪنڌ کي ميوزڪ جي آواز تي لوڏيندو ضرور.
    سرڪاري آفيسن ۾ به ريڊيو ضرور رکيل هوندو آهي جيڪو هلڪي آواز ۾ سارو ڏينهن وڄندو رهندو آهي.
    هر اسپتال ۾ A.N.C. ۾ جتي پيٽ واريون عورتون رجسٽريشن ۽ چيڪ اپ لاءِ اينديون آهن انهن کي به روزانو هڪ ڪلاڪ ورزش ۽ ناچ ڪرايو وڃي ٿو. هڪ نرس اڳيان بيهي نچندي ۽ ڳائيندي ۽ ان جي پٺيان هي ٿُلهين ۽ چرڻ پُرڻ کان عاجز عورتن جو هجوم به نچندو ۽ ڳائيندو آهي.
    حسين رقاصائن جو رقص، کدڙن جو ناچ، يا رقص ”درويشان يا باهه تي ناچ ته توهان ٻڌو يا ڏٺو هوندو پر ٿلهين پيٽ ۽ دُڏيون نڪتل عورتن جو زوريءَ ناچ (Compulsory dance) توهان شايد ئي ڏٺو هجي. مون کي به شروع ۾ اهو نظارو ڏاڍو عجيب ۽ قبيهه لڳندو هو، مگر پوءِ آهستي آهستي عادي ٿي ويس.
    هتي هر سرڪاري خواه خانگي فنڪشن ۾ رقص ۽ موسيقي ضروري لازمي سمجهيا وڃن ٿا، جيئن پاڻ وٽ هر تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪرڻ کي باعث برڪت ۽ خير سمجهون ٿا يا فنڪشن جي خاتمي تي قومي ترانو ڳايو وڃي ٿو ۽ ان ڳالهه کي ترڪ ٿو ڪري سگهجي تهڙي طرح هتي به مدعو ۽ شريڪ مهمانن کي ميزبانن سان گڏ راڳ ۽ ناچ ۾ شريڪ ٿيڻو ئي پوندو آهي، جنهن کان گريز ڪرڻ کي اتي جا ماڻهو بداخلاقيءَ تصور ڪن ٿا.
    تازو اتي Bako Haram جي نالي مذهبي انتها پسند جمائتون نڪتيون آهن جي پاڻ وٽ طالبان وانگر دهشتگردي ۽ ڌماڪا ڪرڻ کي ٺيڪيءَ جو ڪم سمجهندا آهن. باقي چوري چڪاري ۽ لڙائي جهڳڙا تمام گهٽ آهن.


    وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا...

    وڏا وڻ وڻڪار جا جت نانگ سڄن نيلا...

    ميوا، کاڌا ۽ جهنگلات:
    آفريقا جي ٻين ملڪن وانگر نائجيريا جو به بنيادي کاڌو (Staple Food) يام (Yam) آهي جيڪو پٽاٽي وانگر ڏسڻ ۾ اچي ٿو مگر سائيز ۾ پيٺي يا سردي يا گرمي جيڏو آهي ۽ وزن ۾ ٻه اڍائي ڪلوگرام ٿئي ٿو. زمين مان پٽاٽي وانگر کوٽي ڪڍبو آهي. ان جون کلون لاهي، پوءِ پاڻي ۾ ٽهڪائي نرم ڪري پليٽ ۾ ڳترا ڳترا ڪري رکن ۽ ذرو ذرو کڻي کائڻ مهل ان جا گولا ٺاهي ٻوڙ مان ٻوڙي پوءِ چٻاڙڻ کان سواءِ ئي ڳهي ڇڏين ٿا.
    ٻيو هتي وارن جو عام ۽ پسنديده کاڌو ڪساوا رُوٽ (Cassava Root) آهي جيڪو پڻ زمين مان کوٽي ڪڍبو آهي. عريب ماڻهو ان جون کلون لاهي سڪائي پيهي کائين. ان کي گاري (Gari) سڏين ٿا. غريب لوڪ ان کي پاڻيءَ ۾ وجهي ڍڪ ڀري کائيندا آهن، جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سياري ۾ ماڻهو ٻاجهريءَ جي رٻ ٺاهي پيئندا آهن.
    چانورن پوکڻ لاءِ اگرچه پاڻي ۽ زمين جام اٿن پر شايد آب هوا ۽ زمينون (Soil) موزون نه اٿن جو تمام ٿلها بي سوادي ۽ ڏٿ جهڙا چانور ٿين ٿا. اسان جا اِري چانور به انهن کان چڱا آهن. صدر پاڪستان جنرل ضياءُالحق اپريل 1984ع ۾ نائجيريا جو دورو ڪيو. هن دوري ۾ پاڪستاني چانورن جي سودي جا وڏا ڪانٽريڪٽ طئي ٿيا. پاڪستان خدا جي فضل سان چانورن جي برآمد مان چڱو غير ملڪي ناڻو هر سال ڪمائي ٿو ۽ باسپتي چانورن جا جهازن جا جهاز مڊل ايسٽ، يورپ، امريڪا ۽ آفريقا جي مارڪيٽن ۾ سوکڙي ٿي وڪامن ٿا.

    ڪيلن جو به هڪ قسم هتي ٿيندو اهي جنهن کي (Planten) پلانٽين چون ٿا، پر ڊاڪٽر عظمت انهن کي ”ڪنگ سائيز ڪيلا“ چوندو آهي. هي به پاڪستاني ڪيلي جهڙا آهن. مگر سائيز ۾ پاڪستاني ڪيلي کان ٽيڻا 16 کان 20 انچ تائين.
    شروع شروع ۾ اسان کان به اها غلطي ٿي. وٺي آياسين ته واهه جا ڪيلا مليا آهن فرج ۾ رکي ٿڌا ڪري جڏهن کاڌاسين ته خبر پئي ته هيءَ ڪا ٻي شيءَ آهي، نه خوشبو نه ميٺاج سواد. ڦڪا جهڙا باجهريءَ جا ڪانا پوءِ اسان جي ڊرائيور ٻڌايو ته اهي پالينٽين آهن، جنهن کي کل لاهي ڪُٽي ڳترا ڪري تيل يا گيهه ۾ مڇيءَ وانگر تري کائبو آهي، جنهن کي ڊوڊو (Dodo) سڏيو ويندو آهي. اسان جا ٻار ڏاڍي شوق سان کائيندا آهن، منهنجي بيگم ته پوءِ ان تي ڏاڍا ڪامياب تجربا ڪيا. هڪ جيتري سائيز ۾ چيس ٺاهي فراءِ ڪري، ڪڙڪ ڪري، ان ۾ ليمي جي رس نچوڙي ڪارا مرچ ۽ لوڻ ٻُرڪي شام جي چانهه سان گڏ رکندي هئي. بعضي ساڳين چپس کي مکڻ ۾ فراءِ ڪري ان ۾ کير چاش يا ماکي ملائي ڊبل روٽني جي سلائيس سان گڏي ٻارن کي ڏيندي هئي.
    ميون ۾ هتي انناس (Pine apple) تمام سٺو ۽ سستو ملي ٿو. هن جي باقاعدي پوک ڪا نه ٿئي. باقي ٻهراڙين ۾ اڪثر گهرن جي پٺيان عام جام لڳل هوندو آهي. هِتي جا ماڻهو گهڻو ڪو نه کائين. ڪير پٽي وڃي کائي ته منع ڪو نه ڪندا آهن. ساڳيءَ طرح پپيتو. اهو به وڏو سٺو خوشبودار ۽ مٺو ٿئيئ ائين بيگانو ٿيو پيو ڄمندو ۽ ڦر ڏيندو آهي. ڇهن مهينن ۾ پپيتا ڏيڻ شروع ڪندو آهي. ان کي به هتي جا ماڻهو ڪو نه واپرائين. هتي جا ڀولڙا ۽ باندر به هتي پپيتي يا انناس جو زيان ڪو نه ٿا ڪن.
    اسان جي هائوس ميڊ (House maid) (ملازمه) اڪثر سندن گهرن وٽان يا ٻهراڙيءَ مان پٽي آڻي ڏيندي آهي.
    هتي اسان جا ڪجهه هندستاني دوست آهن، جيڪي ڪچي پپيتي جي ڀاڄي ٺاهيندا آهن، ڪيترن ڏينهن تائين اسان سمجهندا هئاسين ته اها گوبيءَ جي ڀاڄي اهي. زود هضم ۽ سوادي ٿئي ٿي.
    تنهن کان سواءِ آرينج، گريپ فروٽ (Grape Fruite) بادام، ڪيلا ۽ انب به هتي جام ٿين ٿا هتي ميوي جا باقاعدي رکيل باغ ڪو نه آهن. انب وڻن ۾ ئي پڇيو وڃن. هتي جا ماڻهو کلن سوڌائي کايو ڇڏين. هتي هنن ميون جو اهڙو قدر آهي جيترو پاڻ وٽ کٻڙن جا پيرون يا گيدوڙا.
    باقي ناريل جي وڻن (Palm Trees) مان تاڙي (هڪ شراب جو قسم) نڪري ٿي ان تي شيدين جو گهڻو مارو آهي.
    بوهي مڱ ۽ کاڄا جن کي هاڻ سڀ مونڱ ڦلي چون ٿا هتي ان کي گرائونڊ نٽس (Ground nuts) سڏين ٿا، هتي عام ٿئي ۽ ٻار شوق سان کائين ٿا.
    پيٽرول دريافت ٿيڻ کان اڳ، موڱ ڦلي، رٻڙ، عمارتي ڪاٺ ۽ ڀولڙا هنن جي خاص برآمدات (Exports) ۾ شمار ٿيندا هئا. مگر هاڻ جيئن ئي پيٽرول نڪرڻ شروع ٿيو آهي، ته سرڪار توڙي ماڻهن انهن شين جي سنڀالڻ ۽ واپار طرف ڌيان ڏيڻ ڇڏي ڏنو آهي. اڪثر هاري هارپو ڇڏي وڃي. مزدوريءَ ۾ لڳا آهن جيئن 1840ع جي لڳ ڀڳ انگلنڊ جي صنعتي انقلاب (Industrial revolution) وقت ڪيترا ڪپڙي اڻڻ وارا قابل ڪاريگر ۽ ڪوري بي روزگار ٿيا ۽ بک مرڻ کان بچڻ لاءِ وڃي ملس ۾ مزدوري ڪرڻ لڳا هئا.
    ناريل جا وڻ ۽ پام ٽريز ٻه الڳ الڳ قسمن جا وڻ آهن. ناريل جي وڻن مان ناريل ڄمن ٿا ۽ پام ٽريز مان تاڙي جو رس ملي ٿو. وڻ ٻئي ڏسڻ ۾ ه ڪجهڙا ٿين ٿا. پام ٽريز تمام ڊگها سڌا ۽ سهڻا ٿين ٿا،. انهن تي چڙهڻ ۾ هتي جا ماڻهو ڏاڍا ماهر آهن. سندري وانگر هڪ رسيءَ سان چيلهه کي ۽ وڻ جي ٿڙ کي گڏائي تيزيءَ سان چڙهندا ويندا ۽ سندن ٻئي هٿ واندا هوندا آهن.
    اڃا تائين چانور ڪڻڪ اٽو ٻاهران گهرائين ٿا حالانڪ زمين گهڻي ۽ زرخيز اٿن. پاڻي به جام اٿن. افرادي قوت (Man power) به گهڻو ۽ سستو اٿن.

    ڀاڄيون هتي تمام گهٽ ٿين ۽ گوشت مرغي ۽ مڇيءَ جي مقابلي ۾ پاڻ مهنگيون ملن ٿيون. هڪ عام چانهين (هنداڻو) اڍائي ٽي ڪلو وزن جي پاڪستاني سڪي موجب ڏيڍ سو وروپين جي برابر قيمت ڏيئي وٺندا آهيون ٽماٽا ٽيهه روپيه في ڪلو.
    مون ۽ ڪجهه سنڌي هندو فيملين، گهر جي باغ جي هڪ پاسي ۾ ڪچن گارڍن (ڀاڄين جو باغيچو) رکڻ جو رواج وڌو آهي ڪريلا، ڀينڊيون پالڪ، ساوا مرچ، بصر، گوبي، موري، ٽماٽا ۽ توريون سٺيون ٿيڻ لڳيون آهن، اهي ڀاڄيون اسان به کائون ۽ اسان جا نوڪر به مفت ۾ گهر کڻيو وڃن ۽ پڻ پاڙي ۾ ڪچي ڀاڄي سوکڙي ڪري موڪليندا آهيون.
    کير هتي سٺو ملي ٿو، پر هاڻ، پيٽرول نڪرڻ کان پوءِ پائوڊر جي کير جو رواج وڌي ويو آهي.
    جڏهن موڪل تي پاڪستان ويندا آهيون ته اتي گوشت ۽ مڇيءَ جي بدران ڀاڄيون گهڻيون کائيندا آهيون.


    جهنگلي جانور:

    جهنگلي جانور:
    جيئن مون اڳين خطن ۾ لکيو آهي ته هتي بارش تمام گهڻي ٿيئ ٿي تنهنڪري ٻيلا، جهنگلات ۽ چراگاهه هتي گهڻا آهن، جيڪي بيشمار جهنگلي جانورن جو آماجگاهه آهن، گهڻو زمانو ته نائجيريا جي پرڏيهي ناڻي ڪمائڻ جو وڏو ذريعو اهو ئي هو جو اهي هتي جا جانور خاص طور ڀولڙا باندر ۽ بنمانس برآمد ڪندا هئا.
    آفريڪا جي جهنگلن جو تصور ئي ڀيانڪ ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ آهي. ڪيترن ڊائجسٽن پنهنجي فرضي ڪهاڻين ۾ هتي جي انسانن کي وڌيڪ وحشي، سفاڪ ۽ خوفناڪ ڏيکاريو آهي. دراصل ائين به نه آهي. اهي يا ته پراڻيون ڏند ڪٿائون آهن يا انهن حالتن ۾ درجي بدرجي تبديلي ۽ سڌارو اچي رهيو آهي.
    ستن مهينن جي لاڳيتي بارش هتي موسم کي به معتدل قابل برداشت بلڪ خوشگوار بنائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري موسم بابت به آفريڪا جو توصر هاڻ اهو نه آهي جهنگلن ۾ گاهن ۽ ٻوڙن ۾ زهريلا ڊگها ڊگها نانگ بلائون ۽ ازدها جن لاءِ شاه لطيف فرمائي ٿو ته:
    ”وڏا وڻ وڻڪار جا، جت نانگ سُڄڻ نيلا،
    اتي عبداللطيف چئي ڪيا هيڪلن حيلا،
    جت ڪڙم نه قبيلا، ات رسج رهبر راهه ۾.“
    اهڙا نانگ هاڻي هتي نظر ڪو نه ٿا اچن. شايد نانگن جي بزرگن ۽ ريسرچ اسڪالرن به محسوس ڪري ورتو ته پيٽرول نڪرڻ کان پوءِ هتي جي جهنگلن ۾ هاڻ اسان جو نام و نشان به نه رهندو تنهنڪري عافيت انهيءَ ۾ آهي ته هتان جلد از جلد ڪوچ ڪجي.
    جيئن سنڌ ۾ عمرڪوٽ جي پاسي جوڳي ڪنن ۾ وڏا والا وجهي پيلا جبا پائي نانگ بگريءَ ۾ وجهي ۽ مرلي وڄائي در در تي سئن هڻندا وتندا آهن پر هتي جا جوڳي واقعي وڏا جوڳ پچائين ٿا. هتي جي جهنگلن ۾ جتي ڪو به رستو پيچرو ڪونهي ڏينهن جو به رات لڳي پئي آهي اتي به جوڳي پنهنجي ڌُن ۾ مست جهنگلن ۾ رمندا وتن ٿا. ٻيا ڪي جوڳي يا ڪي اهڙا ماڻهو جيڪي رهمانيت يا ترڪ دنيا ۾ اعتقاد رکندڙ به جهنگلن ۾ پيا وقت ڪاٽين. پر مونکي حيرت انهن ماڻهن تي آهي جيڪي ڪٿان ڪٿان ڪهي هتي جي جهنگلن مان جڙيون ٻوٽيون اچي ڳوليندا آهن.
    اسان جي اسپتال ۾ هڪ ڀيرو نيپال جو هڪ اهڙو ماڻهو داخل ٿيو جيڪو هتي جي جهنگلن مان جڙيون ٻوٽيون ڳولڻ آيو هو. ساڻس گفتگو سان معوم ٿيو ته هو چڱو خاصو سُڄاڻ حڪيم هو.
    تنهن کان علاوه ٻهرين ملڪن خاص طور يورپ فرانس ۽ آمريڪا جا فلم يونٽ هتي جي جهنگلن ۾ فلم بندي ڪرڻ لاءِ به ايندا آهن ته اهڙي وقت ۾ هتي جهنگلن ۾ منگل مچي ويندا آهن.
    بارشون وسيون ته نانگ جهنگلن مان نڪري شهرن ۽ ڳوٺن قصبن جو به رخ ڪن. وڏا وڏا ازدها به ڪڏهن ڪڏهن زيارت ڪرائيندا آهن هڪ دفعي اسان جڏهن اسابا (Asaba) ۾ هئاسين ته اسان جي گهر ۾ هڪ وڏو نانگ وڻ تان چڙهي ۽ پوءِ دريءَ مان ٽپي اندر لنگهي آيو. نانگ جا ڪکيل اسپتال ۾ ڪيترا ڀيرا مون وٽ کڄي آيا مگر اهي علاج بعد بچي ويا. ڪيترا ته رڳو خوف ۽ هراس جا ماريل هوندا آهن. چوندا آهن ته ”سانپ نه ماري پر سانپ جو سيراپ ماري.“
    هتي ڪارا چمڪدار ڪوبرا ۽ آفريڪن اسپٽنگ ڪوبرا ٿين ٿا جيڪي اکين ۾ زهر اڇلائيندا آهن. مگر حقيقت ۾ اهو زهر ڪو ايڏو مهلڪ يا خطرناڪ نه اهي. جيڪڏهن فوراً صاف پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏجي ته سُور ۽ خارش به آهستي آهستي لهي ويندي آهي، البت اهڙي مريض کي ڊپ ۽ بي چيني ڏاڍي هوندي آهي ته متان هميشه لاءِ انڌو نه ٿي پوان ۽ ڪيترا مقامي پرائيويٽ ويج اهڙن مريضن کي سونن بيضن واري ڪڪڙ سمجهي ڏاڍا ڏوڪڙ ڪڍندا آهن.
    باقي لنديون هڻ کڻ ۽ وائيپرس (Vipers) هتي ڪو نه ڏٺيوسين. هتي جا وڇون ۽ ڀٽون نانگ بلا کان وڌيڪ خطرناڪ ٿين ٿا. قبيح، ڪارا پيلا ۽ ڦڙتيلا ڇهه اٺ انچ ڊگها. سندن اکيون ائين پيون چمڪنديون ڄڻ چون پيا ته ”بيهه ته اچئين ٿو!“
    تنهن ڪري چمڙي جو بوٽ پيل ماڻهو به اتان تڪڙ ڪري لنگهي ڇو ته هو گروپن ۽ ٽولن ۾ منڊلائيندا ۽ للڪاريندا وتن شينهن بگهڙ هاٿي به آهن. هتي ٻهراڙين ۾ جيئن گهرن جو رواج آهي ته وڏا وڏا ڪشادا گهر اڱڻ باغ ۽ وٿاڻ ۽ وري هڪ گهر ٻئي گهر کان سڏ پنڌ پري. ته اهڙن گهرن ۾ رهندي پهرين پهرين مون کي به ڏاڍو خوف ٿيندو هو روالور يا پستول، سيٽي ٽارچ اهي شيون پاڻ سان هٿيڪيون موجود رکندو هوس. ۽ چوڪيدار ۽ نوڪر کي به موڪل تي وڃڻ نه ڏيندو هوس پر آهستي آهستي جهنگلي جانورن جو ڊپ ڊاءُ ختم ٿي ويو. شروع شروع ۾ آئون پڇندو هوس ته رات جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ ٺيڪ (Safe) آهي يا نه متان ڪو در کولجي ته ڪو شينهن بگهڙ حملو ڪري ڏي پر ائين ڪڏهن ڪو نه ٿيو. سواءِ ڀولڙن باندرن جي جيڪي وڻن تي يا ڀتين تي ويٺا اکيون مچڪائيندا ۽ ڪرتب ڏيکاريندا آهن. ڀولڙو هتي جو وڏو مڪار ۽ عيار!! هن کي خبر آهي ته ڪار جو دروازو ڪيئن کولجي بنگلن جون دريون ۽ شيشا ڪيئن ڀڃجن. فرج مان چوري ڪيئن ڪجي؟ مالڪ سجاڳ ٿين ته فرار ڪيئن ٿجي يا دت ماري اتي ئي آسپاس لڪي وڃجي. هنن کي اها به خبر آهي ته هتي بسڪوٽ نشيدار آهن. هو پهنهنجي ٻارن کي حضرت انسان جي آسانيءَ سان مهيا ڪيل کاڌي کي مشڪوڪ سمجهن ۽ وڏن کان چکرائي پوءِ کائڻ لاءِ ڏيندا آهن.
    مونکي عجب رڳو اهو ٿو لڳي ته ٻهراڙين جا انبن پپيتن ۽ انناس جا خودرو وڻ هنن کان ڪيئن بچيل آهن. شايد مٺاڻ هتي جي جانورن کي به ڪو نه وڻي ڪنهن ٻار وٽ گليل (غليل) ڏسن ته ڀڄندي پنهنجي ڀوڪ ٻارن کي به هڪ درديلي ٻوليءَ ۾ چتاءُ ڪندا ويندا ته ”اشراف ڀڄي جان ڇڏائجو.“
    هتي جي جانورن جي بيان ۾ هڪ ڳالهه قابل ذڪر آهي. اها آهي نائجيريا جي چچي (Tree lizard). هيبتناڪ، ڪڇري ۽ ڪراهت ڏياريندڙ جنهن جو نر رنگين ٿئي ٿو ۽ مادي ڪجهه بندري ۽ ميرانجهڙي.
    اهي چچيون پاڪستان ۾ ٿيندڙ ڀتين وارن چچين کان بلڪل مختلف ٿين ٿيون، جيڪي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بنا چرڻ پرڻ جي پيون ڀتين تي ننڊون ڪن ۽ جيتن جي ناڪابندي ڪن ۽ وسرام وٺن، پر هتي جون چچيون؟ رب ڏي پناهه!! پاڪستاني چچيون شرميليون، صابرين ۽ صاف سٿريون ۽ پرامن پر هتي جون چچيپن جيڪي سائيز ۾ پاڪستاني چچين کان چئوڻيون پنجوڻيون ڊگهيون اٽڪل 22 انچ ۽ ٿلهيون ٿين ٿيون، گدليون رنگ جيون، ميرانجهڙيون، هيڊيون يا ڪاريون گهرن ۾ رات جو چهل قدمي ڪنديون رهنديون آهن، جيئن پاڻ وٽ برسات جي مند ۾ رات جو ڏيڏر اڱڻ ۾ پيا هلندا آهن.
    پر هي چچيون آهن صفا بي ضرر ۽ هوڏي. اسپري سان مرڻ جهڙيون نه آهن البت ڏنڊا هڻي ڀڄائبيون آهن. هڪ ڏينهن مون هائوس ميڊ کي چيو ته ٽهڪندڙ پاڻيءَ جو جڳ مٿان هارين ته مرن مائيءَ قياس جهڙي شڪل بنائي چيو ”نه نه سائين“ ۽ هنن کي ائين آواز ڪندي ٻاهر هڪليندي وئي جيئن پاڻ ڪڪڙين بدڪن يا ٻليءَ کي هش هش ڪري هڪلي ڀڄائيندا آهيون.
    اسان جا ٻار جيڪي ڄاوا نپنائي آفريقا ۾ آهن سي ته انهن جو خيال ئي ڪو نه ڪندا آهن. البت اسان وڏا به آهستي آهستي انهن جا عادي ٿي وياسين.
    چچين کان علاوه ملي پيئڊس (Milli peds) هتي گهرن ۾ عام نظر اچن ٿيون جيڪي هٿ جيڏيون (ڇهه ست انچ کن) ڊگهيون ٿين ٿيون. انهن کي هزارين ننڍا ننڍا پير آهن. پر هنن کي ڪاٺيءَ سان يا بوٽ ان ڇُهبو ته فوراً چاهي وانگر وٽجي گول ٿي وينديون. انهيءَ حالت ۾ کڻي کڻبن ته ڪاري گول پٿر جهڙيون پيون لڳن پر آهن، بي ضرر.
    هتي جا ماڻهو انهن کي بلڪل بي گناهه سمجهن جيئن سنڌ جا ماڻهو ٻلي مارڻ کي گناهه سمجهن ٿا. هو وڌ ۾ وڌ اهو ڪارو بال گهٽيءَ ۾ ڦٽو ڪري اچن ٻليءَ جي پسنديده خوراڪ آهن. اهي به شڪل جون ڪِڇريون ٿين ٿيون.


    انساني حسن و خوبصورتي:

    انساني حسن و خوبصورتي:
    ”گند جنين جي گوڏ ۾ ۽ پاٻوڙا پوشاڪ،
    انهن جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.“
    (شاهه عبداللطيف)
    هتي جي حسن ۽ خوبصورتيءَ جا معيار ئي نرالا آهن. وڌيڪ کان وڌيڪ ڪاري دانگيءَ جي پٽ، چمڙي جهڙا ڏامر مان چمڪاٽ پيا نڪرن جيئن حضرت مخدوم طالب الموليٰ جو غزل آهي.
    ”رشڪ بخت سياه ۽ رشڪ تاريڪ شب،
    هن جا زلف دوتا، خوشنما خوشنما.“
    ٿلها چپ جن تي ڳاڙهاڻ جي بدران چن جي چاڪ جهڙي اڇاڻ، نڪ بلڪل ويڪرو ٽنگون جانٺيون ۽ جامڙد، مٿي جا وار ائين جيئن ماڪوڙا پيا سُرن اهڙي جسماني نزاڪت رکندڙ دوشيزا هتي جي قابل رشڪ حسينه تصور ڪئي وڃي ٿي.

    اهڙي دلربا دانگي نما جڏهن ڪتاب ڪڇ ۾ کڻي ڪالابار يونيورسٽي يا بينن يونيورسٽيءَ جي فيڪلٽيز ۾ يا لان تي ٽهلندي ته اتي جا جوانڙا شيدي ٻلهار پيا ٿيندا پر هوءَ کين لفٽ ڪٿي ٿي ڏئي!! بقول اختر هالائي:
    ”ڪڇ ۾ ڪتاب، چشمو اکين تي بصد خرام،
    مائٽ انهيءَ ۾ خوش ته ٿي نينگر پڙهڻ وڃي!
    ڪنهن جو رهي ٿو ڪنهن کي سر راهه انتظار،
    ڪاليج جي ڪڪي ڀلا ڪنهن سان گهمڻ وڃي؟“
    سفيد فام يا اسان ايشين کي هتي گهڻي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهڻ جي ضرورت ڪانهي جن کي هتي جا مقامي شيدي ڪاغذي گل يا فارمي بيضا سڏين ٿا. خود سندن شيدياڻين ۾ به جن جو رنگ ڪجهه صاف گندمي مائل هوندو آهي يا گڏوچڙ نسل (Mixed race) جون هونديون آهن تن کي هو گهٽ نظر سان ڏسن ٿا ۽ نهن جو حليو سمجهائيندي ائين به چوندا آهن ته فلاڻو جيڪو ڪارو آهي؟ ان مان هنن جي مراد پنهنجي برتري ۽ پنهنجائپ ۽ اپنائيت جو اظهار ڪرڻ آهي.
    ويتر جو اهڙي حسينه جو شرمائڻ! هتي ماڻهن لاءِ قتل جو سامان مهيا ڪري ٿو.
    ”هائي اُس زود پشيمان کا پشيمان هونا!“
    نائجيريا جو مقبول صدر (يعقوبو گووان) جيڪو پاڻ به ڪافي سمارٽ آهي ٽيهن سالن جي عمر ۾ اقتدار ۾ آيو. مائٽن جڏهن ڏٺو ته نينگرو ساماڻو به آهي ۽ کيس چڱي نوڪري به ملي آهي. ماشاء الله روزگار وارو ٿي پنهنجي پيرن تي بيٺو آهي ته ماءُ، ماسي، پڦي سڀ سهڻي سلوڻي ۽ سدوري نهن جي تلاش ۾ ڏيئا ٻاري نڪتيون يا بقول انور هالائيءَ جي گوڏ ٻڌي نڪتيون.
    انڌن وڃي ملتان لڌو 14 ئي رياستن ۾ سهڻين شهزادين شيدياڻين جي جانچ پڙتال هنگامي بنيادن تي شروع ٿي وئي. جيڪا به ڇوڪري ڏسن سا پنهنجي پنهل جي پير برابر به نه سمجهن ڳوليندي ڳوليندي، ڏوريندي ڏوريندي جيئن لوڪ ڪهاڻين ۾ چوندا آهن ته هلندا وڃن هلندا وڃن، نيٺ (قضا سان) هنن هڪ اهڙي ڇوڪري وڃي هٿ ڪئي جيڪا هنن سڀني جي خوابن جي تعبير هئي بلڪ سپنن کي به شرمائيندڙ هئي.
    اسان جو ٻڌو ته صدر مملڪت جي هٿن تي مهندي لڳڻ واري آهي ته اسان به پنهنجون موڪلون ملتوي ڪرايون شاعرن قصيدن لکڻ لاءِ قافين جا انبار کڻي قيد ڪيا.
    اخبار اورن ڪئميرائون هٿيڪيون ڪرائي رکيون. غير ملڪي مهمانن جي رهائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ وڏيون رقمون مختص ڪيون ويون. غير ملڪي سربراهن کي سگهرا دعوت ناما جاري ڪيا ويا. فائيوَ اسٽار هوٽلن جا ڪمرا ۽ فلورن جا فلور بوڪ ٿي چڪا. غير ملڪي رپورٽر هفتا اڳي اچي لئگاس ۾ خيمه زن ٿيا.
    ڪنوار لاءِ ڪن چيو ته آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي آهي، ڪنهن چيو يورپي سفارتخاني ۾ آفيسر آهي ڪنهن چيو فائين آرٽس ۾ ايم. اي. ڪئي اٿس. پر ڪن ته ائين به چيو ته ڇوڪري ڏاڍي مغرور آهي جڏهن ڪو ريجهي! جيئن جيئن ڏينهن ويجها ايندا ويا سڀني جو اشتياق ۽ سسپينس (Suspense) ڪلائيميڪس تي پهتو.
    نيٺ اها شڀ گهڙي آئي جنهن لاءِ گهوٽ ماءُ سوين سکائون ڪيون ۽ پير ڏوريا هئا.
    جيئن ته مان به ان وقت فوجي اسپتال ۾ اهم عهدي تي فائز هوس تنهنڪري مدعو ڪيل مهمانن ۾ شامل ٿي ويس.
    شادي ٿي. ڏٺي سين کاڌي سين، دل پڪي ڪري موٽياسين بقول انور هالائيءَ جي ”اکين مان ڳوڙها تري آيا.“
    جيڪي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان محروم رهيا تن جي به حسرت پوري ٿي جو ٽي.وي. تي پوري چاليهن منٽن جي فلم ۾ سڀني جي سنڌ لٿي.
    ”پارٽنر لٿي سَڌ؟“ خوام مخواه موڪل ڪينسل ڪرائيسين نه ته هينئر گهمندا گهمندا گهر به پهچي وڃون ها.“ ڊاڪٽر عظمت چيو.
    مون چيومانس ته ٻڌو ڪو نه اٿئي ته،
    ”خود بخود کود پڑا آتش نمرود میں عشق،
    عقل ہی محو تماشائی لب بام ابھی!!!“
    ٻيو ڀلا ڇا چوانس ها؟
    اخبارن ۾ فوٽو ۽ تفصيل شايع ٿيا ۽ اتي جي ماڻهن وڪٽوريا گوون (ڪنوار) جي حسن جواني ۽ شوخ ادائن جي دل کولي تعريف ڪئي، واقعي هو آفريقي حسن جي مٿي بيان ڪيل مسلمه معيارن تي پوري ٺهڪندڙ دوشيزه هئي.
    پارٽنر ڇاپيو سوچين؟ صدر يعقوبو جي ڀاڳ تي توکي رشڪ پيو اچي ڇا؟
    ”بابا پنهنجي پنهنجي قسمت آهي.“ مون عظمت کي چيو ”الاجي گهوٽ ماءُ جون متيون خدا منجهايون الاجي اسان جي يعقوبو جي ڦٽي؟“ عظمت چيو.
    ”ڦٽي ڪنهن جي به ڪا نه رڳو اک اک جو ڦير آهي. ليلا کي جيڪر مجنون جي اک سان ڏسين ها ته تون به ديوانو هجين ها. ٻڌو ڪو نه اٿئي ته:
    ”عشق ڪارو نانگ، خبر کاڌن کان پوي!“
    آرائش ۽ زيبائش:
    ”جهڙا گل گلاب جا تهڙا مٿن ويس،
    چوٽا تيل چنبيليا، هاها هو، هميش،
    پسيو سونهن سيد چئي، نينهن اچن نيش،
    لالن جي بيس، آتڻ اکر نه اُجهي.“
    (شاهه لطيف)
    دنيا ۾ هر خطي ۾ هر دور ۾ آرائش حسن ۾ ڪارن ۽ گهاٽن وارن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي. ساڳي سوچ هتي جي زالن جي به آهي هو پنهنجي وارن کي سنوارڻ سينگارڻ ۾ پنهنجي تهذيب ۽ ڪلچر موجب وڏا وس ڪن ٿيون. هنن جون ڦڻيون ڪاٺ جون ٺهيل مضبوط ڏندن واريون هونديون آهن، جن مان وارن کي جدا جدا نمونن سان سينگارينديون آهن جن کي پليٽنگ (Platting) چيو ويندو آهي. هر عورت اهو هنر ڄاڻي ٿي زالون هڪ ٻئي جا وار ٺاهينديون آهن. ڪارا گهنڊيدار وار سنواري ڪجل پائي هي مشڪي محبوبڙيون جڏهن مِسي ماڳس ڪري گهمڻ نڪرن ته انقلاب مچايو ڇڏين. بقول اختر هالائي:
    ”سياهه زلفن ۾ آيو ماهه تابان،
    ته ڄڻ بتخاني ۾ اسلام آيو.
    بدلجي مٿي مان پيو خون جگر ٿي،
    جڏهن هن جي لبن تي جام آيو.“
    ڪي ڪي عورتون ته هن هنر جون ڏاڍيون ماهر (Specialist) آهن ۽ شادين مرادين ۾ گهڻا ڏوڪڙ ڪمائين وڏن وڏن عملدارن جون بيگمات کين قيمتي ڪار موڪلي سڏرائين. هنن کان توهان پنهنجي پسنديده ڊزائين جا وار ٺهرائي سگهو ٿا. هن ڪم ۾ ڪافي محنت ۽ وقت لڳي ٿو مگر وار ٺهڻ کان پوءِ ٻه هفتا کن وار خراب ڪو نه ٿين. غسل ڪرڻ سان به خراب ڪو نه ٿين. وارن ٺاهڻ لاءِ ڪاري رنگ جي مضبوط ڌاڳن جو ريل استعمال ڪن. هنن وٽ ڪجهه اهڙيون ڪريمون (Creams) به آهن جن جي استعمال سان انهن جا وار ڪجهه نرم ۽ ڪجهه وقت لاءِ سڌا رهن ٿا.
    پر هتي جي عورتن جي بدقسمتي اها آهي جو منجهن جڏهن به ڪو ماڻهو وفات ڪري ٿو وڃي ته مرحوم جا سڀ مٽ مائٽ عورتون مرد ۽ ٻار سڀ مٿو ڪوڙائيندا آهن. ان ڪري اڪثر عورتن جا وار ننڍا هوندا آهن، ۽ بعضي سندن مٿو ڪوڙيل هوندو آهي جنهن کي لڪائڻ لاءِ هو خوبصورت رومال مٿي تي ويڙهين ٿيون. هاڻ ته اهڙا نقلي وار (Wigs) هتي به نڪتا آهن جو توهان بيوٽي پارلر (Beauty Parlar) ۾ وڃي جنهن نموني جا وار چاهيو، سيٽ ڪرائي سگهو ٿا. ۽ حجامڪو ڪم جنهن کي ڪنهن وقت معاشري ۾ معيوب يا ڪمتر سمجهيو ويندو هو سو هان ڪمائي ۽ روزگار جو وڏو ذريعو بنجي پيو آهي. هيئر ڊريسنگ جا ايئرڪنڊيشئڊ دوڪان ۽ باوردي صاف سٿرا ورڪر خوبصورت انگريزيءَ ۾ توهان سان گفتگو ڪندا. اخبارون پيش ڪندا ۽ ڪيترا ته هن فن جي ڊپلوما پاس ڪيل به آهن هاڻ ته پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ٽيڪنيڪل ايڊيوڪشن جي پاليٽيڪنڪ ادارن ۾ مردن ۽ عورتن کي هيئر ڊريسنگ جي تربيت ۽ ڊپلوما ڏني وڃي ٿي.
    هتي نائجيريا ۾ به هيئر ڊريسنگ جا خوبصورت دوڪان آهن فرق رڳو ايترو آهي جو وار ڪترڻ سان گڏ کيسو به ڪتريو وٺن!!
    جيئن پاڻ وٽ عورتون پنهنجي وارن کي گهنڊيدار ۽ ڇلي دار بنائڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن تهڙي طرح هِتي وري عورتون پنهنجي وانر کي گهنڊي ڪڍي سڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن ۽ نئين نسل ۾ اهو رواج ڪافي عام ٿيندو وڃي اِن لاءِ نيون نيون ڪريمون ۽ تيل استعمال ڪن ٿيون.


    سڪو Currency):

    سڪو Currency):
    هتي جو سڪو نيرا ۽ ڪوبو آهن. هڪ نيرو پاڪستاني 18 16 روپين جي ملهه برابر آهي ۽ هڪ نيري ۾ هڪ سؤ ڪوبو آهن. جڏهن مان پهرين هتي آيو هوس (1968ع) ۾ ته هتي پائوند، شلنگ ۽ پينس رواج ۾ هئا. هڪ پائونڊ موجوده نيري جي ڊبل قيمت جو هو.
    هتي جو سڪو غير ملڪي منڊي (انٽرنيشنل مارڪيٽ) ۾ ڪافي مستحڪم آهي. هتي ڪرنسي جي سمگلنگ جي ڪري ڪيترا ماڻهو رقمون کڻي ٻاهر هليا ويا. هڪ ماڻهو ته ٻه بلين ڊالر ڪنهن طريقي سان ٻاهرين ملڪن ۾ سندس فارين اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا.
    ٻئي هڪ ماڻهوءَ جي بنگلي جي مٿين ٽانڪي سڄي نوٽن سان ڀريل هئي جيڪا سرڪار ضبط ڪئي. اهڙين حالتن جي ڪري حڪومت کي مجبوراً سڪو ۽ نوٽ بنا اطلاع ۽ نوٽيس جي بدلائڻا پيا (Demonotorise) ڪرڻا پيا ۽ ان جي جاءِ تي نوان نوٽ به آهستي جاري ڪرڻ لڳا جنهن ڪري ڪيتريون تڪليفون به ٿيون. البت شين جا اگهه عارضي طور ڪجهه گهٽيا جو بازار ۾ خريدارن جي پيهه ۽ رش ختم ٿي وئي ۽ واپاري دوڪانن تي رڳو اخبارون پڙهيو وندريا ويٺا هوندا هئا.


    نائجيريا جا ماڻهو:

    نائجيريا جا ماڻهو:
    هتي جا ماڻهو اگرچ ڪارا ڪوجها ۽ سخت مزاج ۽ سخت جان آهن مگر دل جا اڇا ۽ وفادار ۽ صحتمند آهن. هي قوم پرست ۽ ڪٺن کان ڪٺن حالتن ۾ زنده رهڻ (Servive) ڪرڻ وارا آهن.
    اقتصاديات جا ماهر جيئن مالي وسائل جي اعتبار کان ماڻهن جا طبقا ٺاهيندا آهن مثلاً لوئر ڪلاس، لوئر مڊل ڪلاس، اپر مڊل ڪلاس ۽ اپر ڪلاس وغيره پر هتي اهي ڪلاسن جا چڪر صفا ڪو نه ٿين. هتي آهي صفا راند (سونٽي جي يا صفا امير يا صفا سڃو).
    ڪي اهڙا به آهن جيڪي ڊاڪٽر کي هڪ هزار روپيه في ڏين ٿا ته ڪي اهڙا آهن جو اسپتال مان پنهنجي مائٽ جو لاش کڻڻ جو سَتُ به نٿا ساري سگهن هنن وٽ وفات ڪيل مائٽ جي تدفين به هڪ ٻيو جانڪاه مسئلو بنجو پوي ۽ اها ناگهاني آفت سندن چيلهه ڀڃيو ڇڏي.
    ٻئي طرف اهڙا امير به آهن جن کي پنهنجا پرائيويٽ جيٽ به آهن جيئن هزهائينس پرنس ڪريم آغا خان کي سندن ذاتي هوائي جهاز آهن اگرچه هو ته هڪ تسليم ٿيل بين الاقوامي شخصيت ۽ روحاني پيشوا آهن. هتي جا امير قيمتي کان قيمتي ڪارن مرسڊيز (Mersdes) يا رولس رائيس (Roles Royce) جا تازا ترين ماڊل بذريعي هوائي جهاز امپورٽ ڪن ٿا. دنيا جي وڏن ملڪن ۾ پنهنجا ذاتي گهر اٿن هتي جي امير ماڻهن جي شاهوڪاريءَ سبب يورپ جون سفيد فام حسينائون ساڻن خوشيءَ سان شادي ڪن اگرچ سندن مڙس کي ٻه ٽي زالون پهرين ئي هونديون آهن. اعليٰ تعليم يافته انگريز ڇوڪريون بطور پرائيويٽ سيڪريٽري رکن. ڊاڪٽر عظمت چوندو آهي ته آفريقين جا هي ٺٺ اهڙا آهن، جو هو پنهنجي ذاتي ريل گاڏي خريد ڪندي به ڪو نه هٻڪندا جيئن ڪنهن زماني ۾ انڊيا م راجائن کي ننڍي پٽي واري ريل گاڏي هوندي هئي.
    هڪ دفعي هڪ راجا پنهنجي سينگاريل هاٿيءَ تي شهر مان اچي گذريو ته ان رستي تي هڪ موالي ڏاڍا وزم ڪريو ڏاڍي موج ۾ ويٺو هو. راجا جي سواريءَ جو هاٿي ڏسي راجا کان پڇيائين ته ”سائين هاٿي گهڻي وڪڻندين؟“ سو هتي جا ماڻهو راجائن کان وري ڪي گهٽ ٿوروئي آهن.
    ٻئي پاسي ڏسون ٿا ته وري اهڙو غريب طبقو به آهي جيڪو 600 پاڪستاني روپين جيتري ماهوار آمدنيءَ مان گذارو ڪري ٿو. توهان کي جيئن مون پهرين ٻڌايو آهي ته هتي جي ڪٽنب ۾ به 35 کان 30 ڀاتي ٿين ٿا. ان ڳالهه کي هتي جا ماڻهو ان طرح منهن ڏين ٿا جو سڀ عورتون ٿورو گهڻو پورهيو ڪن ٿيون ۽ مڙس تي هروڀرو بوج نه آهن. جوان ڌيئن جي شاديءَ تي به گهوٽ کان رقم وصول ڪن جنهن کي ڪنوار جي قيمت چون ٿا.
    اهڙيءَ طرح هولناڪ مهانگائيءَ ۾ هيڏي عيال واري ڪٽنب جو مڙئي پيو گاڏو گهلجي.
    نائجيريا جا ماڻهو جسماني اعتبار کان صحتمند ۽ جانٺا، مزاج جا کلمک ۽ رقص ۽ موسيقي تي فريقته آهن. راندين ۾ فوٽ بال سندن مقبول ۽ پسنديده راند آهي. نائجيريا فوٽ بال ۾ هڪ ڀيرو آفريڪن ڪپ به کڻي چڪو آهي. ٻي سندن پسنديده راند آهي ٺونشه بازي Boxing محمد علي ڪلي تي گهڻو ناز اٿن. سندس تصويرون ٽيڪسين ۽ ننڍن دوڪانن تي لڳل آهن.
    محمد علي ڪلي کي هتي جا ماڻهو راندين جو ديوتا (God of Games) چوندا آهن.
    غير ملڪين کي بغير سواريءَ جي پيدل هلندي يا خريداري ڪندي ڏسيو عجب ۾ پئجيو وڃن. جيئن پاڻ پاڪستان ۾ ڪنهن سکئي ماڻهوءَ کي پير اگهاڙا ڪندو گهمندو ڏسون ۽ ان حالت ۾ کيس گهٽيءَ ۾ ڇولن واري کان ڇولن جي پليٽ وٺي کائيندي ڏسون.
    هنن جي تصور ۾ غير ملڪي ماڻهو ايترا ته آسوده ۽ تزڪ و احتشام وارا هوندا آهن جو قيمتي ڪار ۽ نوڪرن چاڪرن کان علاوه هنن جو هلڻ ناممڪن ۽ معيوب آهي ۽ خود وڃي شاپنگ ڪن اها به هنن جي سمجهه موجب غير ملڪين لاءِ گهٽتائيءَ جي ڳالهه آهي.


    بيافرا جي جنگ

    بيافرا جي جنگ
    (نائجيرا جي تاريخ جو هڪ ڀيانڪ باب)
    ويندي شرط... (1968ع)

    پس منظر:
    1 آڪٽوبر 1960ع ۾ جڏهن هتي انگريزن جي حڪومت ختم ٿي ۽ نائجيريا آزاد ٿيو ته ان جو پهريون پرائيم منسٽر هتي جو عظيم مدبر ۽ مقبول شخصيت، سر ابوبڪر تفاوا بليوا ٿيو.
    15 جنوري 1966ع ۾ جڏهن مان راولپنڊيءَ (آرمڊ فورسز ميڊيڪل ڪاليج) فوجي ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٽريننگ وٺي رهيو هوس. اهو زمانو پاڪ ڀارت جنگ 66 1965ع جو زمانو هو، اسان اُتي ٻڌو ته نائجيريا ۾ سِول حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پرائيم منسٽر ۽ نارٿ ويسٽ صوبي جي چيف منسٽر کي قتل ڪيو ويو آهي. بغاوت جو سرغنو هڪ فوجي ميجر هو جنهن جو نالو امانيل افيجوٽا هو. پر اها ظالمانا ڪارروائي ناڪام ثابت ٿي. ساڳي ئي رات ميجر ارونسي، وفادار فوجن جي مدد سان واپس حڪومت تي قبضو ڪيو. بغاوت جا ڪجهه اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ ڪجهه ملڪ مان فرار ٿي ويا ۽ ٻين ملڪن ۾ روپوش ٿي ويا.
    جيئن ته پهرين بغاوت جا ليڊر تقريباً سڀ ايبو قبيلي جا هئا ۽ مارجي ويل ماڻهن ۾ اڪثريت اتر جي ماڻهن جي هئي جيڪي هئوسا قبيلي جا هئا ان ڪري اتر جي ماڻهن کي ان ناانصافيءَ ۽ خونريزيءَ گهڻو رنج رسايو.

    ڇاڪاڻ ته هي قتل و غارت بنيادي طور قبائلي ڪشمڪش ۽ ڇڪتاڻ جو نتيجو هو اڳتي هلي جڏهن نقصانن جو جائزو ورتو ويو ۽ پريس کي جاري ڪيو ويو ته معلوم ٿيو ته جيئن ته ايبو قبيلي جا اڌ کان وڌيڪ ماڻهو فوج ۾ آفيسر هئا ۽ ملڪ ۾ به اهوئي قبيلو سڀ کان وڌيڪ تعليم يافته آهي تنهن ڪري ان جا گهڻا آفيسر انهيءَ بغاوت ۾ ملوث هئا ۽ پڻ جوان آفيسرن (جيڪي تقريباً ميجر جي رينڪ جا هئا) کي ملڪ جون حالتون رشوت خوري، افسر پروري، بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ٻيون بيوروڪريسيءَ جون بد عنوانيون سخت ناپسند هيون.
    اڃا ست مهينا ئي ڪو نه گذريا هوندا ته 28 جولاءِ 1966ع تي هڪ ٻيو خونريز انقلاب آيو ۽ جنرل ارونسيءَ کي ماريو ويو ۽ ملڪ ۾ افراتفري، لوٽ مار ۽ قتل و غارت جي بازار گرم ٿي وئي. ڪئين هزار ايبو اتر طرف هائوسن ماري وڌا.
    مبصرين جي راءِ ۾ هن انقلاب جو مکيه سبب هڪ سرڪاري فرمان هو جنهن موجب حڪومت فيڊريشن کي ختم ڪري ”ريپبلڪ آف نائجيريا“ ملڪ جو نالو رکيو هو ۽ ريجنل ۽ صوبائي خودمختياريءَ کي تمام محدود بنايو ويو.
    فيڊرل، ۽ صوبائي سول سروسز کي ختم ڪري نيشنل سول سروس قائم ڪئي وئي. هن فرمان مان اتر جي ماڻهن کي گهڻو نقصان پهتو ڇو ته اتر جا ماڻهو تعليمي پسماندگيءَ سبب ملازمتن ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر هئا.
    1960ع ۾ اتر طرف صرف 41 هاءِ اسڪول هئا، جيتوڻيڪ ايراضي ۽ آدمشماريءَ جي اعتبار کان اهو سڀ کان وڏو آهي. ان جي مقابلي ۾ ڏکڻ ۾ جنهن جي آبادي ۽ آدمشماري به گهٽ آهي اتي 842 هاءِ اسڪول هئا. انهيءَ صورتحال ۾ عدم توازن اتر جي ماڻهن ۾ احساس محروميءَ کي جنم ڏنو ۽ منجهن بي چيني ۽ غير يقيني حالات پيدا ٿيڻ لڳا. جنهن جي نتيجي ۾ ايبوز ملڪ جي اوڀر ۾ جمع ٿيڻ لڳا جتي انهن جي خاصي اڪثريت آهي. 1 آگسٽ 1966ع تي ميجر يعقوبو گوون کي ڪامپرو مائيز ڪينڊيڊيٽ (Compromise candidate) طور قبول ڪري ملڪ جو سربراهه بنايو ويو جيڪو ان وقت 31 سالن جو نوجوان هو.
    انهيءَ وچ ۾ اوڀر وارن آهستي آهستي پنهنجي جدا آزاد حڪومت ٺاهڻ ۽ علحدگي اختيار ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڏنيون.
    هنن پنهنجو الڳ جهنڊو ٺاهيو جنهن تي ڪاري سائي ۽ ڳاڙهي ليڪ ۽ اڀرندڙ سج سونهري ڪرڻن سان ڏيکاريل هو. انهن پنهنجو الڳ سِڪو ۽ قومي ترانو به ٺاهيو.
    30 مئي 1967ع، آفريقا جي تاريخ جي اها تاريڪ رات هئي جنهن هڪ نئين آزاد مملڪت کي جنم ڏئي بيشمار خونريزين بدگمانين ۽ خانهءِ جنگين کي جنم ڏنو. انهيءَ بدقسمت رات جو 3 بجي ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار نويسن کي ڪرنل اجوڪو جي حڪم تي گهڻي عجلت ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس ۾ طلب ڪيو ويو جتي ڪرنل اجوڪو پنهنجي ملڪ جي خودمختياري ۽ مڪمل علحدگيءَ جو جرائت مندانه اعلان ڪيو ۽ انهيءَ نئين مملڪت جو نالو ”ريپبلڪ آف بيافرا“ رکيو ويو هِن نئين ملڪ کي نائجير ندي باقي نائيجريا کان الڳ ٿي ڪيو. جنهن سان هڪ پل جي ذريعي بيافرا نائيجريا سان مليل هو. جنهن کي جلد ئي سرڪاري فوجن بند ڪري ڇڏيو هو.
    ان وچ ۾ ميجر جنرل يعقوبو گوون ملڪ کي چئن ريجنس مان ڦيرائي 12 رياستن ۾ تقسيم ڪيو (جيڪي ڏهن سالن کانپوءِ 19 رياستون ٿي ويون ۽ اڃا به وڌيڪ رياستن ٺاهڻ جا مطالبا وڌي رهيا آهن.)
    انهيءَ علحدگيءَ کي نائيجيريا جي حڪومت بغاوت سان تعبير ڪيو ۽ علحدگيءَ جي چند ڪلاڪن بعد ئي مزاحمت شروع ٿي جنهن 6 جولاءِ 1967ع تي خونريز جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي.
    اگرچه حڪومت ان کي بغاوت ۽ خانه جنگي ٿي سڏيو. مگر اها دراصل هڪ بين الاقوامي لڙائيءَ جو روپ وٺڻ لڳي. جنهن ۾ ڪيترائي پاڙيسري خواه ڏوراهان ترقي يافته خواه ترقي پذير ملڪ ظاهر ظهور ملوث هئا. روس ۽ زيڪوسلاويڪيا، نائيجريا کي هٿيار مهيا ڪيا ته ٻئي طرف چين، فرانس، تنزانيه ۽ زمبيا بيافرا جي امداد ڪئي.

    ملڪ ۾ ٻنهي طرفن ۾ بليڪ آئوٽ، ناڪا بندي، ڪرفيو، راشن بندي، تلاشي، هوائي اڏن ۽ ٻين تنصيبات جي غير معمولي حفاظت ۽ ڪيمو فليج ۽ ٻئي طرف برساتن جي ڪثرت هڪ سدا بهار ملڪ کي سخت افراتفري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ۽ انهن ڏينهن ۾ آئون ملڪ کان ست هزار ميل دور هتي پنهنجي زندگيءَ جا عجيب و غريب تجربا حاصل ڪري رهيو هوس. آهستي آهستي فيڊرل ٽروپس ٽن طرفن کان حملو ڪري بيافرا جا ڪيترا وڏا شهر ۽ ٻه هوائي اڏا پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا.
    ڪيترن امن پسند ملڪن ۾ انسان دوست ۽ صلح پسند تنظيمن جون صلح ڪرائڻ جون ڪوششون رائگان ثابت ٿيون.
    بدقسمت بيافرا جا ماڻهو جيڪي تيل جي ذخيرن جي آسري ۾ اڀرندڙ سورج ۾ آسرا اميدون رکيو ويٺا هئا بک بيمارين جو شڪار ٿيڻ لڳا.
    خاص طور ٻارن ۾ مراسمس (Marasmas) ۽ ڪواشيارڪور (Kwasharkore) گهڻو ڦهلجڻ لڳو.
    جيئن مون توهان کي اڳي لکيو هو، جولاءِ جي پهرئين هفتي ۾ جيئن لڙائي شروع ٿي ته بيافرا جي فوج نه صرف مزاحمت ڪندي رهي مگر اها پيشقدمي به ڪندي فيڊرل گورنمينٽ جي هيڊڪوارٽر لئگاس (Lagos) جي ويجهو اچي پهتي. جنهن لاءِ سرڪاري فوجون ذهني طور تيار نه هيون مگر جلد ئي صورتحال بدلجي وئي ۽ آهستي آهستي سرڪاري افواج پنهنجون سموريون توانايون يڪجا ڪري بيافرا جي فوجن کي پٺتي ڌڪڻ شروع ڪيو.
    حالتن جڏهن انتهائي سگنين رخ اختيار ڪيو ته ريڊڪراس ۽ چرچ آرگنائيزيشن (Church organization) ۽ I.C.R.C دوائون ۽ کاڌو موڪلڻ شروع ڪيو.
    ان وچ ۾ انٽر نئشنل آبزرويشن ٽيمس به سرگرم نظر آيون ڇاڪاڻ ته بيافرا وارن دنيا جي آڏو اهو واضح ڪرڻ پئي چاهيو ته هيءَ جنگ ايبو ٽرائيب کي مڪمل نيست و نابود ڪري ڇڏيندي جنهن کي جينوسائيڊ سڏبو آهي.
    مان سمجهان ٿو ته نائجيريا جي حڪومت جي بدحواسي ان ڪري به هئي جو نائجيريا جون نوي فيصد %90 آئل فيلڊز (تيل جا زير زمين ذخيرا) بيافرا طرف هئا جن جي هٿان نڪري وڃن سان نائجيريا اقتصادي بحران ۾ مبتلا ٿي وڃي ها جنهن جا نتيجا هن جنگ کان به وڌيڪ ڀيانڪ ۽ ديرپا هجن ها.
    پر هي حسن اتفاق چئجي يا قدرت جي خاص نوازش جو انهن ئي ڏينهن ۾ نائجيريا جي ٻين پاسن ۽ مڊويسٽ ۾ به تيل جا وڏا ذخيرا دستياب ٿيا جتان حڪومت کي روزانو ٻه ملين بئرل تيل ملڻ لڳو.
    تيل جي ڪثرت سان دستيابيءَ جو وري اهو نتيجو نڪتو جو نائجيريا جي حڪومت لڙائيءَ تي بي پناهه خرچ ڪرڻ لڳي ۽ نهايت بي پرواهيءَ سان اسلح جو استعمال ڪرڻ لڳي.
    اڍائي سالن جي لڳاتار ڇتي جنگ بيافرا لاءِ بيشمار تڪليفون ۽ مونجهارا پيدا ڪيا ۽ ڪرنل اجوڪو جهڙي حوصلي مند تجربيڪار ۽ پنهنجي قبيلي جي مقبول آفيسر محسوس ڪيو ته هنن حالتن کي هان مزيد اينگهائڻ بي سود ۽ ناممڪن آهي.
    تنهن پنهنجي اتحادين جي خواهش جي برعڪس گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ اهو حقيقت پسندانه فيصلو ڪيو ويو ته ڪرنل اجوڪو عارضي طور ملڪ ڇڏي وڃي ۽ باقي ٻيا فوجي فيبروري 1970 تي هڪ اعليٰ سطحي ڪانفرنس طلب ڪئي اڳواڻ ڪجهه ٽرمز (شرائط) رکي هٿيار ڦٽا ڪن. ڪرنل اجوڪو ملڪ کي مزيد خونريزيءَ کان بچائڻ لاءِ نهايت دانشمنديءَ سان انهي فيصلي کي قبول ڪيو. مگر ويندي ويندي پاڻ سان ٽنهي مسلح افواج جا ڪمانڊر، پوليٽيڪل صلاحڪار، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو معاملات جو وزير به پاڻ سان وٺي ويو.
    اهڙيءَ طرح بقول انور هالائيءَ جي ”هن فقير پر تفصير جي سواري شاندار ڪاميابيءَ سان رواني ٿي.“
    ۽ هي سڀ فيصلا نهايت مخفي رکيا ويا ۽ پڻ انهن تي عملد درآمد ڪرڻ جو طريقو به حيرت انگيز ۽ غير جذباتي ۽ حقيقت پسندانه هو. هٽلر جي پاليسين وانگر، سندس قريبي ساٿين کي به خبر نه پئجي سگهي ته ڇا ٿيڻ وارو آهي.
    اهڙيءَ طرح ڪرنل اجوڪو هڪ پادريءَ جي لباس ۾ اسٽريچر تي ليٽيل بظاهر طبي معائني جي غرض سان غير ملڪي رپورٽرن ۽ نامه نگارن ۽ ريڊ ڪراس وارن کي سرمو پائي، 12 جنوري 1970ع تي آچر ڏينهن فجر جو آئيوري ڪوسٽ جي ڪئپيٽل (تخت گاهه) ڏانهن فرار ٿي ويو ۽ ملڪ تان ڏلائو دور ٿيو.
    جيئن لطيف سائين فرمايو آهي ته:
    ”لاٿو سڀ لوڪ تان هاڙهي ڌڻيءَ هوڙهه.“
    سومر 12 جنوري 1970ع تي نائجيريا جي فوجن هنن ڳالهين کان بي خبر، بيافرا جي آخري ايئر اسٽرپ ”اُولي“ تي به قبضو ڪري ورتو. انهيءَ ئي ڏينهن ساڍي چئين بجي شام ريڊيو بيافرا تان اعلان ڪيو ويو ته ڪرنل اجوڪو اڄ ڪنهن به وقت ريڊيو تان هڪ اهم اعلان ڪرڻ وارو آهي.“ هڪ ڪلاڪ ئي مس گذريو هوندو ته ڪرنل اجوڪو جي جانشين ميجر جنرل فلپ ايفانگ جو مختصر اعلان ريڊيو بيافرا جي هڪ خصوصي نشريه ۾ گونجڻ لڳو هن اعتدال پسند فوجي اڳواڻ چيو:
    ”آئون هاڻي پوريءَ طرح مطمئن آهيان ته مزيدخونريزي فوراً بند ڪئي وڃي. جيڪي اڳواڻ صلح جي ڪوششن جي برخلاف هئا اهي ملڪ مان هليا ويا آهن. ان ڪري اسين ملڪ جي عظيم تر مفاد ۾ جنگ جاري رکڻ جي بجاءِ هٿيار ڇڏيون ٿا.“
    ٻئي ڏينهن شام جو نائجيريا ايئرويز جو هڪ غير فوجي چارٽر جهاز بيافرا جي باغي اڳواڻن کي کڻي لئگاس پهتو. فوراً انهن مهمانن کي هڪ هوٽل ۾ باعزت طور رهايو ويو جتي هو پنهنجي قسمت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ لڳا.
    ٻئي ڏينهن صبح جو هنن باغي اڳواڻن کي جنرل گوون سان ملڻ لاءِ ايوان صدر ۽ سخت حفاظتي پهري ۾ پهچايو ويو جتي هو بيشمار اخباري رپورٽرس ۽ ڪئمرائن جي موجودگيءَ ۾ پنهنجي ملڪ جي طرفان رسمي طور پيش پيا.
    نوجوان مدبر سربراهه مملڪت نهايت فياضي ۽ بردباريءَ سان ساڻن هٿ ملائي سڏي مٿي پاڻ سان وهاري دنيا جي صحافين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
    اتي موجود ملڪي ۽ غير ملڪي اخبار وارن ٻڌايو ته ماحول ايترو ته سنجيدو ۽ سنگين هو جو ڪجهه به سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هاڻ ڇا ٿيڻ وارو آهي.
    هوڏانهن بيافرا ۾ سرڪاري فوج جي اڳواڻ ڪرنل اولو شيگون اوباسنجو جيڪو اڳتي هلي ملڪ جو سربراه بنيو، تنهن ريڊيو بيافرا تان هڪ فرمان جاري ڪندي چيو ته ”لڙائي ختم ٿي چڪي آهي. سمورا ايبو سولجر فوري طور هٿيار ڇڏين. ملڪ جو نظم و نسق پوليس ڪمشنر جي سپرد ڪيو ويو آهي“ ان کان پوءِ نائجيريا جو قومي ترانو نشر ڪيو ويو ۽ بيافرا جو جهنڊو لاهي نائجيريا جو جهنڊو لهرايو ويو.
    ڪرنل اجوڪو جي فرار ۽ لڙائيءَ ۾ بيافرا جي شڪست جو ٻڌي بيافرا جي عوام جو هانء کاڄي ويو ۽ هنن کي يقين هو ته هاڻ کين ڳولي ڳولي ماريو ويندو پر صدر يعقوب گوون جي فياضي ۽ حڪمت عملي کين گهڻي تسلي ڏني.
    فيڊريشن ۾ سرڪاري طور فتح جي ڪا به خوشي ڪانه ملهائي وئي البت بليڪ آئوٽ جي خاتمي روڊن ۽ سڙڪن تي نئين رونق ۽ گهما گهمي سان هڪ جشن جو سمون معلوم ٿي رهيو هو.
    سڀني عبادتگاهن ۾ ٽي ڏينهن لاڳيتو شڪراني جي عبادت ادا ڪئي وئي جنرل گوون پنهنجي مختصر نشري تقرير ۾ چيو ”ته ڪو به فاتح ۽ ڪو به مفتوح نه آهي. غلط فهميون هميشه لاءِ ختم ٿيون. سڀني جون دليون صاف ٿي ويون. سڀني ايبو آفيسر ۽ فوجين کي ساڳي عهدن ۽ ساڳين رينڪن تي ساڳئي اعزاز سان فائز ڪيو ويو آهي ۽ سڀني جنگي قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي.“
    اهريءَ طرح نائجيريا جي حڪومت هڪ دانشمندانه قدم کڻي انهن بيروني قوتن جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي، جيڪي هن زرخيز ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ کان پوءِ ڳجهن وانگر ڳڙڪائڻ جي تاڪ ۾ ويٺا هئا.
    هن همدردانه سلوڪ جو ايبوز قبائل تي به بهتر رد عمل ظاهر ٿيو جن کي وفاقي حڪومت ۽ فاتح فوجن کان قتل و غارت کان سواءِ ٻي ڪا توقع نه هئي.
    اهڙيءَ طرح بيافرا جي هن خانئه جنگيءَ جو خاتمو ٿيو آهي ۽ دنيا جي نقشي تان انهيءَ نئين ملڪ جو وجود هميشه لاءِ ختم ٿي ويو جيڪو گنيز بوڪ آف رڪارڊز موجب دنيا سڀ کان ٿوري دير (اڍائي سال) قائم رهيل ملڪ هو.


    نائجيريا جو تعليمي نظام

    نائجيريا جو تعليمي نظام
    هتي جو تعليمي نظام گهڻو ڪري برٽش طرز جو آهي. اڳ ۾ ته ايترا اسڪول ڪاليج هتي ڪو نه هئا ۽ 1945ع کان پهرين تعليم جو اوسط مردن ۾ 8 سيڪڙو مس هو ۽ عورتن ۾ بلڪل نه، مگر آهستي آهستي 1950ع کان وٺي تعليم ڏي گهڻو ڌيان ڏيڻ لڳا آهن.
    خاص طور يو پي اين ڪنٽرول رياستن ۾ هڪ شهر ۾ 5 4 پرائمري اسڪول ۽ 2 3 سيڪنڊري اسڪول ۽ هڪ هاءِ انسٽيٽيوٽ آف لرنگ جهڙوڪ يونيورسٽي يا ٽيڪنيڪل ڪاليج ايڊوانسڊ ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج يا پاليٽڪنڪ اسڪول يا ڪاليج آف ايڊيوڪيشن هوندو آهي.
    اهڙيءَ طرح ڏهه سال اڳ جتي سڄي ملڪ ۾ صرف ٽي يونيورسٽيون ۽ 3 ميڊيڪل ڪاليج هئا ته اتي هينئر 20 يونيورسٽيون ۽ ويهه ميڊيڪل ڪاليج آهن. يعني هر هڪ اسٽيٽ ۾ هڪ هڪ يونيورسٽي ۽ هڪ هڪ ميڊيڪل ڪاليج آهي ڪن ڪن اسٽيٽس ۾ اڃا به وڌيڪ ٻه يا ٽي پرئايويٽ يونيورسٽيون ۽ ميڊيڪل ڪاليج به کلي چڪا آهن.
    ڪجهه تعليمي ادارا فيڊرل گورنمينٽ به هلائي ٿي. صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي ادارن کان علاوه ڪجهه پرائيويٽ يونيورسٽيون ۽ اسڪول ڪاليج به آهن ڪجهه خانگي اسڪول ۽ ادارا قادياني به هلائين ٿا جن کي احمديه چون ٿا.

    اهڙيءَ طرح سيڪنڊري اسڪول سڄي ملڪ ۾ ايترا ڪو نه هئا جيترا هينئر فقط هڪڙي رياست ۾ آهن، پرائمري اسڪول ته هزارن ۾ کلي ويا آهن، مطلب ته تعليمي ادارا ڏهن سالن ۾ ڏهوڻا وڌي ويا آهن.
    پرائمري تعليم ته بلڪل مفت آهي. سيڪنڊري تعليم ڪجهه رياستن ۾ فري آهي ۽ ڪجهه رياستن ۾ فيون ورتيون وڃن ٿيون ۽ اعليٰ تعليم جي ادارن ۾ حڪومت جي امداد سان گڏ ڪجهه فيون به ورتيون وڃن ٿيون.
    سائنس ۽ ٽيڪنيڪل سبجيڪٽن ۾ استاد ۽ پروفيسر گهڻو ڪري ٻاهرين ملڪن جا آهن جن تي سرڪار ڪافي رقم خرچ ڪري رهي آهي.
    15 17 سال اڳ ۾ بينڊل اسٽيٽ ۾ جڏهن مان آيو هوس ته سڄي اسٽيٽ ۾ صرف ڏهه ڊاڪٽر هئا ۽ 6 سرڪاري اسپتالون هيون، هينئر اتي 48 سرڪاري اسپتالون آهن جن ۾ ٻه يونيورسٽي ٽيچنگ اسپتالون آهن ۽ ڊاڪٽرن جو تعداد پنج سو کن ٿيندو.
    ان کان علاوه هڪ سو کن پرائيويٽ اسپتالون به آهن. پرائمري اسڪول ۾ ڇهه سال پڙهڻ کان پوءِ ڪامن انٽرنس اگزيمينيشن يعني داخلا جو امتحان ٿئي ٿو اهو پاس ڪري ٻار سيڪنڊري اسڪول ۾ داخل ٿيندا آهن. پنجن سالن کان پوءِ اسڪول سرٽيفڪيٽ امتحان ٿيندو، جنهن کي سينئر ڪئمبرج يا اسڪول سرٽيفڪيٽ ڪورس چيو ويندو هو.
    هن امتحان جا پيپر انگلنڊ مان ايندا هئا. هاڻي سڄي ويسٽ آفريڪا جو هڪ ئي اداري طرفان هڪ ئي تاريخ تي امتحان ٿيئ ٿو. جنهن جي نگراني (W.A.E.C) ويسٽ آفريڪا اگزيمينيشن ڪائونسل ڪندي آهي.
    پاس ٿيڻ تي ويسٽ آفريڪن اسڪول سرٽيفڪيٽ ملندو آهي، جنهن کي (o ليول) (او ليول) سڏيو ويندو آهي يعني آرڊنري ليول (Ordnary levol).
    اهو پاڪستان جي ميٽرڪ (ڏهين جماعت) جي برابر هوندو آهي. او ليول پاس ڪرڻ کان پوءِ وري A ليول امتحان ڏنو آهي يعني ايڊوانسڊ ليول امتحان (Advanced level) اهو سال جو ڪورس آهي ۽ پاڪستان جي انٽرميڊئٽ (ٻارهين ڪلاس) جي برابر هوندو آهي.
    جتان پوءِ وري يونيورسٽي يا ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ويندا آهن، ڪي وري (J.A.M) جو امتحان ڏيندا آهن، جنهن کي جئانئنٽ ايڊميشن ۽ مئٽرڪيوليشن امتحان چئبو آهي، جنهن جي پاس ٿيڻ سان سڌو يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي سگهي ٿي. جتي وري انهن کان هڪ سال جو پري ڊگري ڪورس ڪرايو ويندو آهي، جنهن کان پوءِ ڊگري ڪورس ۾ داخلا ڪندا آهن.
    هتي جون تازو کليل يونيورسٽيون تمام اعليٰ درجي جون ۽ معياري آهن، جن ۾ تمام گهڻيون فيڪلٽيز آهن. تمام قابل غير ملڪي پروفيسر وڏين وڏين پگهارن تي گهرائي رکيا اٿن. تمام ماڊرن طرز تي تعليم ڏني وڃي ٿي.


    N.V.S.C. (Nigerian youth service corps):

    N.V.S.C. (Nigerian youth service corps):
    هر گريجوئيٽ کي ڊگري ڏيڻ کان اڳ ۾ هڪ سال لاءِ پنهنجي مادري اسٽيٽ کان ٻاهر ڪنهن ٻي اسٽيٽ ۾ بغير پگهار جي سوشل سروس ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ۾ ميزبان اسٽيٽ صرف کاڌو ۽ رهائش مهيا ڪندي آهي. ان دوران هو ڪنهن به سرڪاري اداري ۾ ڪم ڪندا رهندا آهن ۽ موڪلن ۾ ڳوٺن ۾ رستا ٺاهڻ، پليون ٺاهڻ، ۽ ٻيو اهڙو ڪم ڪندا آهن. هن ۾ ميڊيڪل گريجوئيٽ (نوان ڊاڪٽر) به شامل هوندا آهن ۽ ڪير به مستثنيٰ نه هوندو آهي حتاڪه جيڪي نائجيرين ٻاهرين ملڪن مان گريجوئيٽ ٿي ايندا آهن، انهن مان به اهي قوانين لاڳو آهن. هي ڪجهه ائين آهي جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ N.D.V.P نيشنل ڊولپمينٽ والنٽيئرس پروگرام تحت آفيسر ۽ ملازم نوڪريءَ ۾ رکندا آهن.
    مون وٽ به جڏهن مان اسابا ۾ هوس اهڙا ٻه نوان ڊاڪٽر مليا هئا، جيڪي هائوس جاب به ڪندا هئا ۽ ٻيو به ڪو جنرل ڪم به ڪندا هئا جيئن باغ جو ڪم يا ساليانه فرنيچر جي چيڪنگ ۾ مدد ڪرڻ وغيره.


    سماجي ۽ خانداني ناتا ۽ معاشرتي اصول:

    سماجي ۽ خانداني ناتا ۽ معاشرتي اصول:
    هتي به پنهنجي ملڪ وانگر گڏيل گهريلو سرشتو (Joint family system) رائج آهي. ڪو ماڻهو هڪ گهر مان پڙهي نوڪريءَ سانگي ڪنهن وڏي شهر ۾ وڃي رهندو آهي ته اڪثر سندس مٽ مائٽ ۽ ڳوٺائي ان شهر ۾ ڪم ڪار سان ويندا رهندا ته اهي سڀ بنا حجاب ۽ بنا تڪلف جي انهيءَ ماڻهوءَ جائي مهمان ٿيندا ۽ اهو چاهي اها ڳالهه پسند ڪندو هجي يا نه ۽ (Afford) ڪندو هجي يا نه. پر سندن ميزباني ۽ خدمت ڪرڻ ان لاءِ سماجي اصولن جو حصو آهي جنهن کان انحراف يا فرار ناپسنديده آهي.
    خاندان جو بزرگ ۽ معمر شخص چاهي ڪيترو به مفلس يا غريب ڇو نه هجي. سڀڪو هُن کي جهُڪي هڪ گوڏو زمين تي ٽيڪي سلام ڪندو آهي اهو سلام ڪندڙ ڪيڏو به وڏو آفيسر يا شاهوڪار ڇو نه هجي. ساڳيءَ طرح اهو بزرگ به باوجود پنهنجي غربت جي انهن سلام ڪرڻ وارن واسطيدارن سان کڙائي ۽ حشمت سان ڳالهائيندو ۽ نالو وٺي سڏ ڪندو آهي.
    هتي ٻهراڙين ۾ هڪڙي پنچائت (Council of elders) هوندو آهي جيڪا ڳوٺ جا فيصلا ڪندي آهي. ان جو وجود غير سرڪاري ضرور آهي مگر مسلمه ۽ بااختيار هوندو آهي. ان جا فيصلا رد نه ڪيا ويندا آهن ايتري قدر جو ڳوٺ جي سردار يا حاڪم (Traditional Ruler) کي به اها پنچائت مشورا ڏيندي آهي.
    هتي هر ڪنهن قبيلي جا سردار هوندا آهن، جيڪي اتي جا بي تاج بادشاهه هوندا آهن، جيئن پاڻ وٽ خان آف قلات يا ڄام آف لسٻيلا وغيره آهن، حالانڪ انهن کي ڪو آئيني طور اختيارات تفويض ڪيل ڪو نه آهن مگر سندن علائقي ۾ ڪو سندن حڪم يا راءِ کي ٽاري نه سگهندو آهي، هنن فيصلن جا ڏينهن مقرر ٿيل آهن جن کي درٻار چوندا آهن.
    انهن سڀني سردارن ۾ سلطان آف سوڪاٽو، (Sultan of Sokoto) امير آف ڪانو (Amir of Kano) ۽ اوبا آف بينن (Oba of Benin) تمام طاقت ور سردارن مان آهن.
    ملڪ جو صدر وزير يا اهم شخصيت، سندن علائقي يا سندن شهر ۾ ايندو آهي ته ان کي هنن سردارن وٽ وٺي ايندا آهن ۽ اهي انهيءَ سردار جا مهمان تصور ڪيا ويندا آهن. اهي سردار انهن مهمانن جو استقبال ڪرڻ لاءِ ايئرپروٽ تي يا شهر کان ٻاهر به ڪو نه وڃن، پر پنهنجي روايتي محلن کان ٻاهر به ڪو نه نڪرن. فقط محل جي دروازي وٽ سردار جو پٽ ايندو آهي. جيئن هالا ۾ پاڻ وٽ حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ جي مقبول شخصيت هڪ سردار جي آهي. جيڪو ماڻهن جا فيصلا ڪري ٿو ۽ اڃا به مخدوم صاحب جي شخصيت نائجيريا جي سردارن کان وڌيڪ افضل آهي ڇو جو مخدوم صاحب جن اعليٰ تعليم يافته آهن ديني فضيلت ۽ روحاني ۽ ادبي برتر رکن ٿا ۽ پڻ هڪ عظيم ديني ۽ روحاني مسند جا گادي نشين آهن.
    نائجيريا جي هنن سردارن جي اها روايتي سرداري ڪن صدين کان هلندي اچي جن مان ڪن جا وڏا ته واقعي ڪنهن زماني ۾ حاڪم ۽ بادشاهه هوندا هئا. باقي ٻيا ننڍا ننڍا سردار (Traditional Rulers) هر ڳوٺ يا شهر ۾ هوندا آهن. هنن سردارن جي پوشاڪ تمام عجيب غريب ۽ تمام قيمتي هوندي آهي. کين ڳچيءَ ۾ قيمتي جواهرات وارا هار، سونين مٺين ۽ جواهرات جي جڙاوت سان تلوارون ۽ سواريءَ لاءِ گهوڙا ۽ هاٿي آهن ۽ محافظن جو جٿو هميشه ساڻ هوندو اٿن.
    اهي سردار جڏهن وفات ڪندا آهن ته ا نهن کي سندن قيمتي لباس ٽوپي بوٽ واچن سميت ڪرسيءَ تي ويٺل حالت ۾ دفن ڪندا آهن ۽ پڻ ساڻن گڏ 7 يا 13 يا 25 ٻين ماڻهن جون سِسِيون به انهيءَ سردار جي لاشن سان گڏ دفن ڪندا آهن. تنهن ڪري هتي ڪنهن سردار جي موت تي هن جي هر دلعزيزيءَ سبب غريب ماڻهن ۾ خاص طور غم ۽ ڏک کان وڌيڪ مايوسي خوف ۽ هراس ڦهليل هوندو آهي.
    اوبا انڪزوا جنهن جو مون مٿي زڪر ڪيو آهي، تنهن جي وڏن بينن ۽ ان جي پاڙيسري ملڪن تي سوين سال حڪومت ڪئي ۽ انگريزن سان چوٽون کاڌيون اڄ به پوري سائوٽ ۾ تمام معزز ۽ باوقار حاڪم سمجهيو وڃي ٿو.
    سرڪار سندس قديم تاريخي محل کي جيڪو شهر جي بلڪل وچ ۾ آهي، اصلي صورت ۾ سانڍڻ ۽ برقار رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪندي رهي ٿي. ان محل جي ڪمپائونڊ وال کي سيمينٽ سان اهڙيءَ طرح لنبيو اٿن جو اها پري کان گاري ۽ بُهه سان لنبيل اصلي حالت ۾ محسوس ٿئي ٿي. انهن تهذيبي يادگار سان گڏ محل اندر ڪروڙين پائونڊن جا جواهرات، هٿيار، فرنيچر ساز و سامان ۽ ايئرڪنڊيئڊ ڪمرا آراسته آهن.


    سفر خود هڪ تربيت آهي (جنوري 1970ع)

    سفر خود هڪ تربيت آهي (جنوري 1970ع)
    سفر ۽ پرديس انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ ۽ پنهنجي گهر ۾ وقت ضايع ڪرڻ ائين آهي جيئن ”منڊي ماڪوڙي کوهه ۾ پئي ڪڇي اُڀ.“
    قرآن شريف ۾ به سير و سفر جو تاڪيد آهي ”والسيرو في الارض.“ ۽ دور دراز علائقن ويندي چين ولايت تائين وڃڻ جو تاڪيد اهو ثابت ٿو ڪري ته سفر ڪرڻ مفيد آهي. خدا جي هيءَ وسيع ڪائنات، فطرت جو کليل ڪتاب آهي ان جو مطالعو انسان کي گهڻو ڪجهه سيکاري ٿو.
    1965ع ۾ جڏهن مان پهريون دفعو سفر تي نڪتس ته مان سفر جي سين کان به واقف ڪو نه هوس. منهنجي منزل ڪراچيءَ کان نائيجريا تائين ست هزار ميلن جي پنڌ تي هئي. هن سفر سان منهنجا دوست ۽ مائٽ متفق نه هئا ان ڪري مان پاڻ کي تنها ۽ منجهيل محسوس ڪري رهيو هئس. مگر آهستي آهستي هر ٻن سالن کان پوءِ چئن مهينن جي پگهار ۽ فيملي ٽڪيٽ سان موڪل ۾ اسان دنيا جو ڪافي سير و سقر ڪيو پئسا خرچ پرائو هو ٻار ٻچا مون سان گڏ هئا تنهن ڪري سفر گهڻو دلچسپ گذرڻ لڳو. ڇاڪاڻ ته نائجيريا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڪا به سڌي براهه راست اُڏام (air service) نه هي ان ڪري اسان کي وچ ۾ اڪثر ڪري لهڻو پوندو هو (Stop over) ڪرڻو پوندو آهي. جنهن جو فائدو اهو ٿيو جو اسان کي دنيا جي جدا جدا ملڪن گهمڻ جو موقعو مليو ٻين ملڪن ۾ ٽي چار ڏينهن عارضي قيام جو خرچ ۽ هوٽلن جا بل به هوائي ڪمپني خود برداشت ڪندي آهي. انهيءَ سهوليت مان اسان هميشه فائدو وٺندا رهون ٿا.
    هر دفعي دوست نئين نئين روٽ اختيار ڪرڻ جو مشورو ڏيندا آهن اهڙي طرح اسان دنيا جا سمورا وڏا ملڪ گهمي ورتا آهن ۽ ان ئي سهوليت مان فائدو وٺندي خدا جي فضل سان اسان کي خائنه ڪعبه جي زيارت ۽ عمري ادا ڪرڻ جو شرف حاصل ٿيو.


    قاهرو مصر 1970ع

    قاهرو مصر 1970ع
    1970ع جي شرواعت ۾ جڏهن پاڪستان اچي رهيو هئس ته مون پنهنجي مخلص ۽ خوش مزاج دوست مسٽر گوئل سان گڏجي سفر ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ڇاڪاڻ ته مسٽر گوئل به موڪل تي انڊيا وڃي رهيو هو. هو ديراهت جو رهاڪو آهي. هن سفر ۾ اسان جي پهرين منزل لئگاس کان قاهرو هئي.
    هتي اسان جي ملاقات جناب اقبال آخوند سان ٿي جيڪو ان وقت مصر ۾ پاڪستان جو سفير هو ۽ هن وقت اقوام متحده ۾ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي فائز آهي. جناب اقبال عبدالله آخوند اصل حيدرآباد جو رهاڪو آهي ۽ اسان جو قريبي رشتيدار اهي، جنهن جي تعاون ۽ مهمان نوازيءَ سان اسان قاهري جو سفارتخاني جي سرڪاري گاڏيءَ ۾ چڱي طرح سير ڪيو.
    هتي اسان دنيا جي سڀ کان قديم دانشگاه الازهر يونيورسٽي ۽ مصر جو عجائب گهر گهمڻ وياسين جتي مصري احرام جنهن ۾ فرعون بادشاهن جا لاش جيڪي هزارين سال قديم آهن. بلڪل صحيح سالم حالت ۾ رکيل ڏٺاسين. هي عجائبات دنيا جي ستن وڏن عجائبات مان هڪ آهن شاه فاروق جو محل ڏٺوسين ۽ سلطان صلاح الدين ايوبي رحه جي تاريخي مسجد گهمي ڏٺي سين ۽ ٻيون به ڪيتريون تاريخي مسجدون ڏٺيونسين.
    خاص طور سهارا (صحارا) سِٽي ۽ ان جا فلم شوز قابل ديد آهن. اڪثر شوز اڌ رات کان پوءِ شروع ٿين ٿا. جڏهن اسان کي ٽيڪسي وارو اڌ رات جو هوٽل مان وٺي روانو ٿيو ته ڏيڍ ڪلاڪ کن ڊرائيو ڪندو ئي رهيو کيس انگريزي ۽ اسان کي عربي ڪا نه پئي آئي تنهن ڪري هو سارو وقت خاموش رهيو. رات جي وڳڙي ۾ شهر کان ٻاهر صحارا جي طرف محض ايڏو طويل سفر!! اسان کي اچي ڊپ لڳو ته هي درويش ڪٿي اسرائيل طرف ته ڪو نه ٿو وٺي هلي!! وري جڏهن ڪلب ۾ پهتاسين ۽ پروگرام شروع ٿيا ته خبر به ڪا نه پئي ته ڪيڏي مهل صبح ٿيو.
    ٻئي ڏينهن ننڊ ڪرڻ جي بجاءِ شهر جو سير ڪيوسين. صحرا جي مٿان گذرندي ڪئپٽن ٻڌايو ته توهان دريءَ مان نيل نديءَ کي ڏسي سگهو ٿا. پريان هڪ جزيرو (Island) آهي جنهن ۾ اها تاريخي مسجد آهي جنهن کي ”مقياس النيل“ سڏين ٿا. هي اهو جزيرو آهي جتي فرعون جي ملڪه آسيه هڪ ننڍڙي پيتي ترندي ترندي ايندي ڏٺي هئي جنهن ۾ حضرت موسيٰ ستل هو.
    هتي عجائب گهر ۾ فرعون جو سڀ سامان اسباب محفوظ رکيل آهي جيڪو جدا جدا هنڌن تان کوٽائيءَ مان دستياب ٿيو اٿن جنهن مان قديم مصري تهذيب جي نشاندهي ٿئي ٿي.
    هن عجائب گهر ۾ فرعون جي محلات جا سامان ڪپڙا پوشاڪون، جواهرات، هٿيار کاڌي جو سامان سينگار جا سامان ڏسي ان جي عظمت ۽ برتريءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. واقعي اهي اسباب آهن جن جي ڪري فرعون ۾ گهمنڊ ۽ غرور پيدا ٿيو ۽ پاڻ کي خدا (نعوذبالله) سڏائڻ لڳو.
    ميوزم ۾ تماشاين جي تفريح لاءِ ۽ ان کان وڌيڪ عبرت لاءِ ڪافي سامان موجود آهي.
    هتي جا پيرامڊس دنيا جي وڏن عجائبن مان هڪ آهن. غازي صلاح الدين ايوبي، جي مشهور مسجد جنهن کي محمد علي پاشا تعمير ڪرايو دعوت نظاره پيش ڪري ٿي ۽ اهڙيون ٻيون انيڪ هزارين سال پراڻيون خوبصورت عمارتون ڏسي اسان پاڻ به انهن ۾ ائين محو ۽ گم ٿي وياسين ڄڻ اسان پاڻ به الحمرا جي داستانن جا ڪردار هجون ۽ الف ليليٰ جي داستان جو هڪ حصو هجون.
    مصر جو هي تاريخي ۽ صحر انگيز خطو جنهن کي مغربي دنيا ۾ ”UAR“ ۽ صحاني زبان ۾ يونائيٽڊ عرب ريپبلڪ به سڏين ٿا ايراضيءَ ۾ پاڪستان کان ٿورو وڏو آهي ۽ پوڻا چار لک چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي پر آبادي اڌ کان به گهٽ علائقي ۾ اٿس ۽ باقي بيابان آهن. اها آبادي نيل نديءَ جي ڪناري تي يا ڪٿي ڪٿي بيابانن ۾ رهي ٿي هيءَ نيل ندي دنيا جي ڊگهين ندين مان هڪ آهي جنهن جي ڊيگهه ڇهه هزار ڪلوميٽر آهي مصر ۾ ان تي دنيا جو عظيم ڊئم ”اسوان ڊئم“ ٺهيل آهي.
    جيئن سنڌ جو ذڪر اچي ٿو ته سنڌو ندي ۽ شاهه لطيف جو ذڪر ازخود زبان تي اچي وڃي ٿو تيئن مصر جو ذڪر ڪرڻ سان نيل نديءَ جو ذڪر به ضرور زبان تي اچي ٿو. هونئن تاريخي اعتبار کان مصر سان گڏ الف ليليٰ جا داستان، ۽ فرعونن جو بيان ۽ احرام مصر جي هسٽريءَ جو لازمي جزو آهي. پر اڄ جا نوجوان ۽ شاگرد طبقو جديد مصر لاءِ جمال ناصر جي نالي کي هڪ لازم ۽ ملزوم حصو تصور ڪن ٿا.
    جديد مصر کي دنيا سان روشناس ڪرائڻ ۾ هتي جي مقبول صحافي حسين هيڪل پنهنجي مشهور اخبار الاحرام جي ذريعي گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته مان سنڌ جو تاريخي شهر حيدرآباد به گهمي آيو آهيان ۽ هن حيدرآباد جي عبرت اخبار ۽ قاضي عبدالمجيد عابد جي مهمان نوازيءَ جو به ذڪر ڪيو.
    قاهرو مسجدن ۽ مينارن جو ملڪ آهي. صحرا جي تيز ۽ بي مروت هوائن جي ڪري ڏينهن گرم ٿين ۽ راتيون ٿڌيون ۽ سحر انگيز آهن جن جو هتي جي رومانوي زندگي ۽ نائيٽ ڪلبن جي افزائش ۾ وڏو دخل آهي. باقي ڏينهن جو ته هتي مٽي ۽ دز جون جهَڪون لڳنديون رهن ٿيون.
    مون کي هتي مصر ۾ جنهن خاص شيءِ متوجهه ڪيو سي آهن هتي جا ديوَ قامت احرام (Paramids) بلڪ ديوَ به هنن جي اڳيان ڄامڙا پيا لڳندا هوندا.
    اڄ کان پنج هزار سال اڳ جڏهن اڃا ماڻهو غارن ۽ جهنگلن ۾ رهندا هئا، ان دور ۾ هتي مصر جي فرعون بادشاهن پنهنجي مقبرن لاءِ دنيا جا هي عجائبات جوڙائي پاڻ کي ۽ انسان گڏ مصر کي هميشه لاءِ لافاني بنائي ڇڏيو آهي.
    سڀ کان وڏو مقبرو فرعون جو ٺهيو ان کان پوءِ هرڪو ايندڙ فرعون پنهنجي لاءِ پئرامڊ ٺهرائيندو ويو. هتي ٽي ته تمام وڏا احرام آهن ۽ ٻيا نيل جي ڪناري تي به ننڍا وڏا ڪل ستر کن احرام ٿيندا وڏا احرام ته تيرهن ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهن ۽ 150 ميٽر بلند آهن جن کي هڪ لک کان وڌيڪ ماڻهن ويهن سالن جي لاڳيتي محنت عقل ۽ فن سان جوڙيو آهي جن ۾ هزارين ماڻهو ٺاهيندي ۽ پٿر گهليندي مري چپجي ويا. بلاشڪ هي عجب عبرت ناڪ تعميراتون دنيا جي چند عجائبات مان هڪ آهن. انهيءَ دور ۾ جڏهن ڪا به ڪرين يا مشين ايجاد نه ٿي هئي ۽ سائنس جي ترقيءَ جو تصور به ڪو نه هو ته هتي جي انسانن پنهنجي خالي هٿن سان 60 70 مڻ وزني پٿر پهاڙن مان ڪاٽي تراشي اٺهن کي نيل نديءَ مان ٽپائي گهلي صحيح ثابت حالت ۾ مٿي کڻي هڪ ٻئي جي مٿان ڄمائي ۽ کُپائي اهڙيءَ طرح بيهاريو جو پيرامڊ جي شڪل ٺهي پئي آهي اهڙا تقريباً ويهه لک پٿر رڳو هن وڏي احرام ۾ لڳل آهن.


    بيروت جون رنگين راتيون (عروج) 18 مارچ 1970ع

    بيروت جون رنگين راتيون (عروج) 18 مارچ 1970ع
    مصر جو سير ڪري چوٿين ڏينهن اسان ايجپٽ ايئر لائينس ۾ بيروت پتهاسين. واقعي جيئن چيو وڃي ٿو ته بيروت مڊل ايسٽ جو يورپ يا مڊل ايسٽ جو پيرس آهي ان ۾ ذرو به شڪ نه آهي. بيروت جون بازارون هوٽلون، دڪانن جي سجاوٽ ٽريفڪ جي گهما گهمي خوبصورت ۽ صحتمند ماڻهن جا هجوم هن شهر جي حسن ۾ اضافو آڻي رهيا آهن. بيشمار سياحن ۽ غير ملڪي ماڻهن جو رُخ هر موسم ۾ بيروت طرف هوندو آهي ۽ فائيوَ اسٽار هوٽلن جا ڪمرا بوڪ رهندا آهن.
    اڄڪلهه (1970ع) بيروت پنهنجي عظمت ۽ شهرت جي بلندين تي آهي ۽ جديد رومانوي زندگيءَ جي عروج تي پهچي چڪو آهي جنهن کي يورپ ۽ عرب ورلڊ جو دروازو سڏين ٿا (Gate way of Europe and Arab world) جديد بيروت ۾ توهان زندگي حسن ۽ شباب ڪيف ۽ مستي، چنگ و رباب کي پوري رنگيني ۽ جوڀن ۾ ماڻي سگهو ٿا.
    اسان هتي دنيا جي شهره آفاق نائيٽ ڪلب (Lido) ليڊو ۾ وڃي سڀ ڪجهه وساري ويٺاسين. هن ڪلب جون دلربا ۽ ڦڙتيليون نازنين رقاصائون انسان جو چين برباد ڪرڻ ۽ کيسا هلڪا ڪرڻ جا سمورا گُر ڄاڻن ٿيون مهذب ۽ بااخلاق گيشائن جي ياد تازي ڪن ٿيون. هن ڪلبن جي رندن ۽ مهمانن لاءِ زندگي جي ڪا به خواهش ۽ حسرت باقي نٿي رهي. جن لاءِ اختر هالائيءَ چيو آهي.
    ”بي پرده حسن و عشق جي مستي ۽ ڪشمڪش،
    ابليس ٿو عجب ۾ گذاري تمام رات!!
    وسري وڃنس هوند تمنائون خلد جيون،
    بيروت جي ڪلب ۾ گذاري تمام رات!!“
    هتي جون سپر مارڪيٽس ۽ ڊپارٽمينٽل اسٽور، دنيا جي جديد کان جديد شين ڪپڙي، ڪاسميٽڪس، عطرن ۽ اليڪٽرانڪ جي شين سان ٽٻيا پيا آهن هتي دنيا جي هر سڪي جي آزادانه لين دين (ڏي وٺ) رهي ٿي. ٻئي طرف اسان عرب دنيا جي ڪلچر جو نظارو ڪيو ۽ عربن جي قديم لباس مهمان نوازي ۽ مسجدن کي به ڏٺوسون.
    هي شهر انساني حسن ۽ انساني هٿن جي سجاوٽ کان علاوه قدرتي مناظر جي فطري حسن جي ڪري به سياحن کي متوجه ڪري ٿو.
    هتي جو بندرگاه ۽ هوائي اڏو ۽ هوائي ڪمپنيون خاص طور مڊل ايسٽ ائر لائنس گرائونڊ سروس توڙي فضائي سروس ۾ پنهنجي مهمان نوازي لاءِ پنهنجو نظير نٿيون رکن. بهترين جاگرافيائي بيهڪ جي ڪري دنيا جي هر ملڪ لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ ملي سگهي ٿي. اسان چيو ته هن شاندار شهر جي يادگار طور هڪ اڌ مُنڊي يا چين وٺجي. ان ارادي سان اسان زيورات جي دوڪان ۾ لنگهي وياسين. دوڪاندار عجيب بي نيازيءَ سان پڇيو ته گهڻا پائونڊ سون گهرجي؟ ۽ اسان عافيت انهيءَ سمجهي ته فورن راهه فرار اختيار ڪريون.


    بيروت جون برباديون (زوال) 82 1981ع

    بيروت جون برباديون (زوال) 82 1981ع
    ان کان پوءِ به اسان موڪلن تي موٽندي لنگهندي سارو ٻه دفعا بيروت مان لنگهياسين ۽ حسن اتفاق سان تڏهن به جناب اقبال آخوند بيروت ۾ پاڪستان جو سفير ۽ اقوام متحده طرفان امدادي ڪارواين جو نگران اعليٰ به آهي. بيروت جي موجوده تباه حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ زماني جي نشيب و فراز ۽ عروج ۽ زوال جي هن زنده تصوير (بيروت) اسان کي ڏاڍو صدمو پهچايو، جتي انساني زندگيءَ جي ماڪوڙيءَ جيتري به وقعت نه آهي. بيروت ۾ حسن و شباب جي دل آفريني جي بجاءِ باهه ۽ خون جي هولي کيڏجي رهي آهي. هر طرف اڌ ڀڳل جايون، رستن تي سڙيل موٽر ڪارون بند اسڪول ڪاليج ۽ بند ٿيل يونيورسٽيون، ويران هوٽلون هڪ ماتم ڪده جو مثال پيش ڪري رهيون آهن. هڪ ڏينهن ته هڪ بم جناب اقبال آخوند جي گهر ۾ اچي ڪريو جيڪو ان وقت گهر ۾ موجود نه هو، خوشقسمتيءَ سان بچي ويو.
    بعد ۾ حيدرآباد موٽڻ تي ڪشت و خون جو مزيد اکين ڏٺو احوال جناب اقبال آخوند جي والده ٻڌايو ته لنڱ ئي ڪانڊارجي ٿي ويا هيءَ عالي ظرف بزرگ خاتون انهن ڏينهن ۾ پنهنجي پُٽ وٽ بيروت ۾ ٽڪيل هئي ۽ هينئر ڪراچيءَ ۾ سنڌي مسلم هائوسنگ سوسائٽيءَ ۾ پنهنجي پٽ جناب رفيق عبدالله آخوند ايڊيشنل چيف سيڪريٽريءَ سان گڏ رهي ٿي. هن نيڪ خاتون جي زندگي به سنڌ جي سماجي ۽ سوشل آئين جو هڪ درخشان باب آهي ۽ مس فلارنيس نائيٽ گيل وانگر هڪ مخير خاتون آهي جا ترڪيءَ ۾ سلطان جي زوال وقت به پنهنجي پيءُ حڪيم شيخ شمس الدين جي دست راست هئي. جيڪڏهن بيگم مريم صاحبه اجازت ڏني ته سندن زندگي ۽ خدمات بابت هڪ ڪتاب پڙهندڙن جي معلومات ۽ عبرت لاءِ پيش ڪري سگهندس.
    هن دفعي بيروت جي کنڊرات ۾ مزيد وقت ٽڪڻ لاءِ اسان دل جهلي نه سگهياسين البت قدرت جي عروج زوال جي عبرت وٺڻ لاءِ يادگار طور چند تصويرون ڪڍيونسين ڇو ته مون سان گڏ منهنجي ٻارن ۽ بيگم کي پڻ هن تباهه شده شهر ۾ ڏاڍي ذهني ڪوفت ۽ اذيت محسوس ٿي رهي هئي ۽ پڻ هوٽلن ۾ نه اها چهل پهل هئي ۽ نه وري تحفظ سيڪيورٽيءَ جي ڪا ضمانت هئي ان ڪري اسان جلد از جلد ڪوچ ڪرڻ ۾ عافيت سمجهي ۽ ڪويت ۾ پهچي دم پٽيوسين.


    ڪويت 1978ع

    ڪويت 1978ع
    بيروت مان سڌا ڪويت پهتا آهيون. هي تمام سهڻو ۽ امير ملڪ آهي ۽ غير ملڪي سياحن ۽ ملازمتن لاءِ باعث ڪشش آهي. فري پورٽ هئڻ سبب دنيا جي هر شيءِ معقول قيمت تي دستياب آهي. هتي پاڪستاني ماڻهو گهڻا ڏسجن ٿا، پر هتي جي موسم مزيدار نه آهي. هتي صرف اهي ماڻهو سهولت سان رهي سگهن ٿا جن جا گهر ايئرڪنڊيشنڊ آهن. هتي اعليٰ درجي جون هوٽلون آهن.
    هتي ماڻهن جا گهر سوڙها آهن. دوڪان اوچي سامان ۽ اليڪٽرانڪ شين سان ڀريا پيا آهن. شاپنگ ۽ خريداريءَ لاءِ ڪويت مناسب مارڪيٽ آهي پر گهمڻ لاءِ هتي ڪي تاريخي، جايون نه آهن. هنن جو ايئرپورٽ تمام خوبصورت آهي. هيستائين اسان جيڪو هوائي سفر ڪندا رهيا آهيون انهن سڀني ۾ ڪويت ايئر سروس ۽ هنن جي مهمان ناوزي اسان کي گهڻو پسند آئي آهي. ڪويت دنيا جو روس کان پوءِ ٻيو نمبر سڀ کان وڌيڪ پيٽرول پئدا ڪندڙ ملڪ آهي.


    سعودي عرب

    سعودي عرب
    (زيارت خانه ڪعبه جولاءِ 1970ع)

    نائجيريا مان پهريون ڀيرو موٽيو هئس. تنهن ڪري مائٽن دوستن جي دعوتن ڪچهرين ۽ سفر جي سرگزشتن ۾ موڪلون الاجي ڪيئن ختم ٿي ويون.
    10 مئي 1970ع تي منهنجي شادي حيدرآباد ۾ ٿي گذري ۽ هاڻي اسان فيملي سميت واپس نائجيريا وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين منهنجي سهري جناب سيٺ حاجي حسن علي ميمڻ جي خواهش موجب هن دفعي اسان جي پهرين منزل جده هئي. تاجپور جي نواب ۽ ممتاز بينڪار نواب حاجي عبدالعلي خان جي تعاون سان اسان جو هتي سفر خاصو دلچسپ ۽ آرامده گذريو. جدي ۾ جناب حاجي عبدالحڪيم اسان جو آڌر ڀاءَ ڪيو. جنهن جو هتي واچن جو وڏو ڪاروبار آهي. هن دفعي اسان P.I.A. جي فلائيٽ ۾ موٽيا آهيون ۽ هتي اسان جو ميزبان اسان جو ڳوٺائي ڊاڪٽر بشير ميمڻ صاحب آهي ( سعيدآباد وارو) آهي. سندس ڀائرن ۽ چاچن، حاجي عبدالهادي ميمڻ، ۽ حاجي عبدالرحمان ميمڻ وانگر وڏو سخي ۽ مهمان نواز آهي.
    رات جو مديني شريف روانا ٿياسين عمرو ادا ڪيوسين. منهنجي گهر واري ته اڳ ۾ ئي حاجاڻي آهي ۽ پنهنجي والدين سان اڳ به هتي اچي چڪي آهي. باقي منهنجي لاءِ هن سعادت حاصل ڪرڻ جو هي پهريون موقعو هو. الحمدالله.
    سعودي عرب مان رواني ٿيڻ کان پوءِ اسان جي ٻي منزل قاهره (مصر) هئي مصر ۾ هاڻ اسان بنا گائيڊ جي گهمي ڦري سگهياسين ٿي ڇو ته هتان ٻه ٽي ڀيرا گذرڻ ۽ گهمڻ بعد هاڻي اسان کي هتي جي هوٽلن ٽيڪسين ۽ تاريخي مقامات بابت واقفيت ٿي چڪي آهي. مون محسوس ڪيو ته مصر جي عربي لهجي ۽ سعودي عرب جي عربي لهجي ۾ (جتان اسان هاڻ هاڻ آيا آهيون) فرق آهي ۽ هتي جي اخبارن جي عربي صورتخطي ۽ سعودي عرب جي اخبارن جي صورتخطيءَ ۾ به فرق آهي. هتي جي صورتخطي ڪافي سهڻي آهي ۽ ائين پيو لڳي ته ڄڻ اهي سنڌي اخبارون آهن. الاحرام هتي جي مشهور اخبار آهي. جنهن جو ايڊيٽر حڪومت سان هميشه چوٽون کائيندو رهندو آهي ۽ حيدرآباد مان به گهمي ويو آهي جتي عبرت جي چيف ايڊيٽر قاضي عابد صاحب جو مهمان هو.
    دراصل گهمڻ جو مزو ئي ان ۾ آهي ته پنهنجي مڙسيءَ سان گهمندو ڦرندو رهجي ۽ گهاٽو کائڻ لاءِ به ذهني طور تيار رهجي. نوان نوان دوست ڪجن نه ڪه رڳو ميزبان جي سر تي سيٽيو ويٺو هجڻي يا ايئرپورٽ تان ٽيڪسي ۽ ٽيڪسي مان هوٽل ۽ وري واپس ايئرپورٽ اهڙا ڊڄڻا مسافر ائين ٿيا ڄڻ ٽپال جو انشوئرڊ پارسل جيڪو حفاظت سان سڌو سڌو کڻجي ۽ هڪ هنڌان ٻئي هنڌ موڪلجي پر اهڙي خبرداريءَ سان متان ان جي سِيل نه ٽُٽي پوي!
    قاهره مان اسان نائجيريا پهتا آهيون. لئگاس جي هوائي اڏي تي منهنجا پيارا دوست ساپرا ديو داس روپچنداڻي اسان کي وٺڻ آيا آهن. اسان سڌو سندن ئي گهر وڃي لٿا آهيون. هاڻي مونکي هتي ڪا به اجنبيت محسوس ڪا نه پئي ٿئي البت منهنجي وائيف کي هوائي اڏي تي ڪجهه منجهيل ڏٺم. هتي ساپرا جي گهر وارن اسان کي شاديءَ جون واڌايون ڏنيون ۽ منهنجي وائيف کي جوڙا ۽ موڙا ڏنا ۽ ٻين دوستن جن کي مون سپرائيز ڏيڻ لاءِ شاديءَ جي نينڊ نه ڏني هئي تن ڏاڍا ڏوراپا ڏنا جن کان مون معذرت ۽ معافي گهري ٻئي ڏينهن کان ئي شاديءَ جون دعوتون شروع ٿي ويون آهن.
    ٻن سالن کان پوءِ اسان وري چئن مهينن جي موڪل تي پاڪستان اچڻ جون تياريون شروع ڪيون هينئر اسان جي مختصر فيمليءَ ۾ هڪ ننڍڙي ڀاتيءَ جو به اضافو ٿي چڪو هو. اسپتال جي طرفان اسان کي شاندار پارٽي ڏني وئي ۽ ٻين مهربان دوستن ذاتي دعوتون به ڪيون.
    منهنجي بيگم پهريون ڀيرو گهر اچي رهي هئي تنهنڪري ڏاڍي خوشي پئي لڳي. مگر ان کان پوءِ جڏهن به اسان موڪل تي پاڪستان ايندا هئاسين ته هوءَ هتان روئي نڪرندي هئي ڇو ته اتي پاڙيسرين، اسٽاف وارن ۽ اتي جي سنڌي ڪٽنبن سان ايترا ته گهرا ناتا جڙي ويا آهن جو مختصر عرصي جي جدائي به طرفين لاءِ ڏک ڏيندڙ پئي لڳي.
    ڪيترا دوست جن ۾ خواتين به هودنيون آهن، اسان کي هوائي اڏي تائين ڇڏڻ به ايندا آهن. سندن اهي تڪليفون ۽ نوازشون سچ ته اسان کي ڏاڍو شرمندو ڪنديون آهن. اُهي قرب ۽ سڪ جا ناتا طرفين ۾ هڪ جهڙائي Resiprocal مخلصانه آهن.
    ساڳيو ئي حال پاڪستان مان موڪل ختم ڪري موٽڻ تي ٿيندو آهي. مطلب ته سفر جي شروعات ٻنهي پاسن کان اچڻ وقت خواهه وڃڻ وقت ڏاڍي جذبات انگيز هوندي آهي. نيٺ مون ان جو اهو حل ڪڍيو آهي جو پاڪستان مان هتي اچڻ وقت هفتو کن اڳ ۾ غير رسمي طور ڳالهه ڪري موڪلائي ڇڏيندو آهيان ۽ بعضي فلائيٽ کان ٻه ڏينهن پهرين ئي چپ چاپ حيدرآباد مان نڪري ڪراچي اچي رهندا هئاسين.
    اسان پاڪستان موٽڻ وقت پنهنجي ٽڪيٽ اهڙيءَ طرح بوڪ ڪرائيندا هائسين جو موڪل جي دوران سهولت سان پاڪستان جي مکيه شهرن لاهور، پنڊي اسلام آباد، مري، ڪوئيٽا جو به سير ڪري وٺندا آهيون.


    نئيروبي (ڪينيا) جو سير (مارچ 1972ع)

    نئيروبي (ڪينيا) جو سير (مارچ 1972ع)
    سنه 1972ع جي بهار ۾ اسان موڪلون کائي موٽياسين ته ڪراچيءَ کانپوءِ اسان جي پهرين منزل نئروبي هئي.
    نئروبي جي هوائي اڏي تي اسان کي ڊاڪٽر ضياء الاسلام از راههِ نوازش وٺڻ آيو جيڪو بينن ۾ اسان جو قريبي پاڙيسري ۽ بي تڪلف دوست هو ۽ هينئر هي. هتي اقوام متحده جي ورلڊ هيلٿ آرنائيزيشن (W.H.O) ۾ ممتاز عهدي تي فائز آهي.
    نيروبي ڪينيا جي گاديءَ جو هنڌ آهي. هي هوائي اڏو دنيا جي چند ماڊرن صاف سٿرن ۽ خوبصورت هوائي اڏن مان آهي، هتي جهازن جي ايڏي ڪثرت سان آمدرفت، صفائي ۽ سجاوٽ ڏاڍو متاثر ڪيو هتي جا ماڻهو روانيءَ سان انگريزي ڳالهائين ٿا. هنن جي گفتگو ۾ عربي لفظن جي آميزش محسوس ٿئي ٿي. هتي جا باشنده پُراعتماد پرعزم ۽ مهم جُو محسوس ٿين ٿا.
    ملڪ ۾ قيمتون گهڻيون چوٽ تي ڪونهن. وقت جو قدر ڪن ٿا هوٽلون هتي جون يورپ جي شهرن کان ڪنهن به طرح گهٽ نه آهن. اجنبي مسافر سان تعاون ڪندڙ آهن. هتي سياحن جو گهڻو رُخ آهي جو هتي جو نيشنل پارڪ ڏسڻ جي شوق ۾ اچن ٿا.
    نيروبي بيشڪ هڪ صاف ۽ خوبصورت شهر آهي جنهن کي بجا طور تي افريقا جو پيرس چيو وڃي ٿو. ٻه ڏينهن اسان رڳو شهر گهمڻ ۾ لڳايا. ٽئي ڏينهن ڊاڪٽر ضياء الاسلام اسان کي نيشنل پارڪ گهمائڻ وٺي هليو جو سڄي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پارڪ آهي. هتي جا سمورا جانور پنهنجي اصلي ۽ فطري ماحول ۾ پنهنجي ڪٽنبن قبيلن سان رهن ٿا. جيئن ته هو پڃرن کان آزاد آهن تنهن ڪري پنهنجي کاڌي خوراڪ لاءِ پاڻ ذميدار آهن هر هڪ جانور پاڻ جدوجهد ڪري کائي ٿو اسان هتي گيم وارڊن جي تمام محفوظ ۽ مخصوص جيپ ۾ جهنگل جو ٻه ڪلاڪ سير ڪيو ۽ اسان جانورن جي بلڪل ويجهو لنگهياسين. هوءَ سڀ هنن جيپن کان ڪافي مانوس آهن ۽ ذرو به مشتعل يا ڊسٽرب نٿا ٿين هتي جي سرڪار هنن جي حفاظت ۽ افزائش تي ساليانو ڪروڙها ڊالر خرچ ڪري ٿي. هن پارڪ مان آمدني به ڪافي آهي جو روزانه هزارين سياح ۽ مقامي ماڻهو هتي گهمڻ اچن ٿا.
    هي پارڪ تمام وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي، جنهن ۾ قدرتي توڙي مصنوعي تلاءُ پهاڙيون جهنگل ٻيلا ماٿريون چراگاه ۽ ميدان آهن. هاڻي پاڻ وٽ دادوءَ ۾ به اهڙو پارڪ ٺهي رهيو آهي، جو دنيا جو هر قسم جو جانور ۽ پکي ۽ نانگ هتي ڪثرت سان موجود آهي.
    سڀ جانور آزاد آهن. البته زخمي ٿيل يا بيمار جانورن کي علاج لاءِ پڃرن ۾ بند رکن ٿا ۽ يتيم ۽ بي سمجهه ٻچن کي به پڃرن ۾ بند رکن ٿا. جيستائين هو وڏا ٿين يا چاق ٿين پوءِ انهن کي واپس جهنگل ۾ ڇڏي ڏيندا آهن. يتيم جانورن لاءِ چندا (Donations) به قبول ڪندا آهن. پڃري ۾ بند جانور جي ڳالهه ٻي آهي هن جي توانائي گهٽبي رهي ٿي مگر هتي جانور کي پنهنجي اصلي ۽ فطري حالت ۾ تمام قريب کان ڏسڻ سان هن جي طاقت دهشت ۽ وحشت جو اندازو لڳائي سگهجي.
    هن پارڪ ۾ جيپ ۾ گهمندي هڪ هنڌ اسان ڏٺو ته شيهن جي فيملي ۽ سندن ٻه ٻار لنچ ۾ مصروف هئا ۽ هڪ متاري ڳئون سندن اڳيان پئي هئي.
    هاٿي ٽولن ۾ ٽهلي رهيا هئا چيتا ڀولڙا زيبرا ۽ چراغ آزاد گهمي رهيا هئا. اسان کين ايترو ويجهو هئاسين جيترو ٽانگي ۾ ٻڌل گهوڙو پئسجرن کي ويجهو هوندو آهي.
    East Africa ايئر لائينز جي جهاز ۾ هتان ٿيندا اسان لئگاس پتهاسون جتي اسان کي وري ساڳي ملٽري اسپتال ۾ رکيئون ۽ ساڳيا گهر مليا صرف ڊرائيور ۽ ملازم نوان مليا.


    يورپ جو سير (1974ع)

    يورپ جو سير (1974ع)

    1974ع جي بهار ۾ موڪلون ملڻ واريون هيون اسان يورپ گهمڻ جي ارادي سان پروگرام رٿيو ۽ گهر واري ۽ ٻارن سان گڏ لئگاس کان روم پهتاسين موسم خوشگوار هئي تنهنڪري سفر سهوليت وارو پئي محسوس ٿيو.
    روم: روم اسان چار پنج دفعا گهميا آهيون ۽ هر دفعي سيٽلائيٽ هوٽل يا ايئرپورٽ هوٽل ۾ ئي قيام ڪيو اٿئون روم بهادرن، صحتمند ۽ قدآور ماڻهن جو شهر آهي. هتي جا شهر ۽ عمارتون قديم تهذيب ۽ فن عمارت سازي، جا شاهڪار آهن. هي هيڏا تراشيل پٿر ۽ انهن جون عمارتون ٺهڻ ۾ ڪئين سال لڳا هوندن (Rome was not built in a day) هتي مهمانن ۽ پرديسين سان تمام سهڻو برتاءُ ڪيو وڃي ٿو.
    ڪنهن زماني ۾ هتي حاڪمن جي تفريح لاءِ انسان کي بکايل ۽ خونخوار شينهن جي اڳيان اڇلائي مزو ڏسندا هئا. اڄ هتي جا حاڪم ۽ عوام نهايت مهذب ۽ انسان دوست آهن. صحتمند ۽ گول چهري حليم سڀاءَ ۽ انساني حسن ۽ وقار جو خوبصورت نمونو آهن. اسان هتي ٽي ڏينهن ٽڪياسين اسان جي رهائش ۽ هوٽل جا اخراجات ۽ کاڌي پيتي جو سمورو خرچ هوائي ڪمپنيءَ جي ذمي هو. البت اسان ٿوري گهڻي خريداري پنهنجي کيسي مان ڪئي ۽ ڪجهه ويو ڪارڊز خطن لکڻ لاءِ ورتاسين هتي انگريزي ڳالهائڻ ۽ سمجهڻ وارا گهڻا نه آهن. هتي جون ديولون فن تعميرات جو نادر نمونو آهن. سلطنت جي زوال جا آثار ۽ کندرات تمام سٺي نموني محفوظ (Preserve) ڪيا اٿن جيئن جپان وارن ناگاساڪي ۽ هيروشيما جي بمباري ۽ ائٽم بم جي تباهه ڪاريءَ کي حيرت انگيز نموني محفوظ ڪيو آهي.
    اسان هتي (Vetican) ويٽيڪن ڏسڻ وياسين جيڪو دنيا جو ننڍي ۾ ننڍو ۽ خودمختيار ملڪ آهي. هتي هڪ ئي شهر روم ۾ ٻه جدا جدا دارالحڪومت ڏسي اسان کي ڏاڍو عجب لڳو جن جي وچ ۾ ڪا به حد فاضل (Demqrcation) ڪانهي ٽورسٽ گائيڊ هلندي هلندي اسان کي ٻڌايو ته هاڻ اسان ٻئي ملڪ ۾ اچي ويا آهيون، هي شهر رومن ڪيٿوليڪ ڪرسچنس لاءِ ائين پاڪ ۽ مرڪزي حيثيت رکي ٿو جيئن مسلمانن لاءِ ڪعبو شريف. پوپ سندن روحاني پيشوا ۽ سربراه مملڪت آهي. هتي جو سڪو، جهنڊو ۽ ترانو سڀ روم کان الڳ ۽ مختلف آهن. هتي جو مشهور چونڪ (St Peters square) آهي، جنهن ۾ مائيڪل ائنجلو ۽ سينٽ پيٽرس جا مجسما ۽ شاهڪار رکيل اهن، جنهن کي ڏسي اسان کي ڏاڍي حيرت لڳي ڇو جو اهي اهڙي ته قابليت سان تراشيل هئا جو حقيقت کي به شرمائي رهيا هئا. هنن مجسمن لاءِ اتي ٻڌايو ويو هنن جي سنگتراش فنڪار جڏهن هي بت تراشي تيار ڪيا ته خود کيس به يقين ڪو نه پئي آيو ته هي زنده آهن يا فرضي آهن ۽ مجسمي کي چيائين ته ”هاڻ ڳالهاءِ“ ۽ لوه جي ڇيڻي جنهنمان بت کي تراشيندو هو اها بت کي گوڏي ۾ زور سان ڦهڪائي چيائينس ته ”ڳالهاءِ“ جنهن ڪري بت جو گوڏو ٽٽي پيو ۽ اهو بت ان ڀڳل گوڏي سان اڃا تائين محفوظ آهي.
    پيرس: روم کان پوءِ اسان جي ٻي منزل پيرس هئي. چوٿين ڏينهن اسان K.L.M. جهاز ۾ پيرس پهتاسين پيرس فرانس جو تختگاهه آهي جتي فرينچ زبان مروج آهي انگلنڊ جي ويجهو آهي پر هتي انگريزي ڳالهائڻ سان ڪم نٿو هلي جيڪڏهن اسان کي فرينچ زبان اچي ها ته هنن ٽن ڏينهن ۾ گهڻو گهمي سگهجي ها.
    پئرس دنيا جو صاف ۽ خوبصورت ترين شهر آهي اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي ٻين صاف ۽ خوبصورت شهرن کي به اصطلاحاً پيرس سان تشبيهه ڏيندا آهن مثلاً نيروبيءَ کي آفريڪا جو پئرس سڏين ٿا ۽ بيروت کي مڊل ايسٽ جو پيرس سڏيو ويندو هو جيڪو هاڻ بدقسمتيءَ سان ايترو تباهه ۽ برباد ٿي چڪو آهي جو ان کي پيرس جي بدران موهن جي دڙي سان تشبيهه ڏئي سگهجي ٿي. اسان بيروت کي اوج جي زماني ۾ به ڏٺو ۽ وري زوال جي زماني ۾ به ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. خير اسان پيرس جو ذڪر پئي ڪيو. هتي کاڌو ۽ ٻيون شيون تمام مهانگيون آهن. دڪانن کي ڏسڻ سان ئي دل خوش ٿي ويندي هئي ۽ وري قيمتون ڏسي پيٽ ڀرجي ويندو هو. هتي جون راتيون تمام خوبصورت ۽ روح افزا ۽ هتي جا نائيٽ ڪلب دنيا ۾ مشهور آهن هتي جا پبلڪ پارڪ انتهائي خوبصورت دلڪش ۽ دلفريب آهن جهرا اٿن خوبصورت ٻوٽا ۽ گل اهڙائي آهن، منجهن گهمندڙ ماڻهو سهڻا ۽ خوبصورت. هتي جي مشهور ۽ ڏسڻ جهڙي جاءِ هتي جو عجيب غريب ميوزم آهي جنهن جو تفصيل لکڻ لاءِ سوين صفحا درڪار آهن.
    پئرس ۾ (Tuleri gardens)، (Concorde square) ۽ (Eiffel Towers) سڄي دنيا ۾ مشهور آهن ٽئي ڏينهن برٽش ايئرويز (BAW) جي جهاز ۾ لنڊن پهتاسين. هوائي اڏي تي محترم بشير احمد ميمڻ صاحب ۽ ڊاڪٽر اسماعيل جان صاحب اسان کي از راهه نوازش وٺڻ آيا پئرس کان هتي پهتاسين ته هڪ ته انگريزي ڳالهائڻ وارا هتي گهڻا بلڪه اردو ۽ سنڌي ڳالهائڻ وارا گهڻا مليا ته ائين پيا سمجهون ته ڄڻ ڪراچي ۾ آيل آهيون.
    لئگاس ۾ ڪارن سانورن ۽ مشڪي ماڻهن کان موڪلائي روم ۾ آياسين. جتي ميٽائين ۽ ڪريم ڪلر جا مرد ۽ مايون جهڙا دادوءَ جا دلا ۽ گهگهيون صحراحيون. اتان پيرس پهتاسين ڪريم ڪلر بدلجي سفيدي مائل ٿيڻ لڳو. وري اڄ جڏهن اسان لنڊن ۾ موجود آهيون ته اها سفيدي سرخي مائل پئي محسوس ٿئي ۽ چوطرف اڇا ڳاڙها ڳٽا چهرا ڦڙتيلا ۽ روايت پرست گول ٽون ۽ لهجي واري انگلش جا اچار اسان کي ڏاڍا وڻيا. اگرچه اها ٻي ڳالهه آهي ته هنن انگريزن جي نظر ۾ دنيا بس ٻن گروپن ۾ وراهيل آهي، هڪڙا گورا ۽ ٻيا ڪارا. لنڊن جي اصلي انگريزن کانسواءِ باقي ساري دنيا هنن جي نظر ۾ ڪاري Black آهي. جنهن ۾ پاڻ پاڪستاني ايشين مصري وغيره سڀ شامل آهيون. جيئن عربن وٽ به فقط ٻه مکيه گروپ هڪڙا عرب جيڪي هو پاڻ آهن ۽ باقي ٻي ساري خدائي جنهن کي عجمي (گونگا) چون.
    لنڊن ۾ اسان شاهي محل برمنگهم پيلس ۽ ميدم ٽساڊ (Madom Tussad) جون موم مان ٺهيل دنيا جي، ليڊرن ۽ مشهور شخصيتن جا مجسما ڏٺا جن اسان کي ڏاڍو حيرت ۾ وڌو هي مجسما حقيقت ۽ اصليت کي ايترو ته قريب هئا جو پهرين نظر ۾ انسان ڌوکو کائي ٿو وڃي ۽ چند گهڙين لاءِ محو حيرت بنجي ٿو وڃي.
    ڪيترا ماڻهو انهن مجسمن سان گڏ پنهنجو تصويرون ڪڍرائي ويندا آهن ته فوٽو ڏسندڙن کي هرگز گمان نه ايندو ته ڪو اسان صدر ريگن سان بذات خود بنفس نفيس ملي آيا آهيون يا فقط سندس مجسمي سان گڏ بيهي فوٽو ڪڍائي آيا آهيون. واقعي هي انساني فن جو معراج ۽ شاهڪار آهي.
    ان کان علاوه لنڊن جو چڙيا گهر (Zoo)، ميوزيم، هائوس آف لارڊس هائوس آف ڪامنس پارليامينٽ هائوس، آڪسفورڊ سرڪس ۽ آڪسفورڊ اسٽريٽ جا شاندار شاپنگ سينٽر جيڪي خريداريءَ کان وڌيڪ ڏسڻ وٽان آهن، ڏٺاسون. ٻارن جي تفريح لاءِ لنڊن زُو وڊيو گيمس جيڪي ان وقت نيون نڪتيون هيون ڏٺيوسيون، زو ۾ دنيا جي تقريباً هر جانور ۽ پکيءَ کي سندس قدرتي ماحول ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. مون کي اهو ڏسي تعجب لڳو ته شهر جي ٻارن بلڪه وڏن لاءِ به اهو معلوم ڪرڻ هڪ نهايت حيرت انگيز ڳالهه هئي ته کير جيڪو انهن کي بوتلن ۾ صبح جو سوير در تي رکيل ملي ٿو اهو اصل ڪٿان ٿو اچي ذو ۾ هڪ کير ڏيندڙ ڳئون کي اسٽيج تي مٿي آڻي بهاريو هئائون ۽ هيٺ ڪئي ٻار ۽ وڏا وڏي غور سان ڏسي رهيا هئا ڳئون جي ٿڻن ۾ مشين لڳائي کير حاصل ڪن ٿا جيڪو وري شفاف نلين جي ذريعي شيشي جي بوتلن ۾ گڏ ٿيئ ٿو ۽ هڪ محترمه ان تي ڊمانسٽريشن ڏيئي ٻڌائي رهي هئي. ان لاءِ باقاعده ٽڪيٽ وٺي اندر وڃڻو پوندو آهي، جتي رهڻ وڏن شهرن ۾ رهندڙ ٻارن کي اها خبر نه آهي ته کير اصل ڪٿان اچي ٿو.
    ان کان علاوه ٻار ۽ وڏا وڏي شوق سان گڏهه ۽ اٺن جي سواري ڪري رهيا هئا. منهنجي ٻارن به گهوڙي ۽ گڏهه جو سير ڪيو، جنهن کي انگريز دوشيزائون هلائي رهيون هيون، اهڙيون تصويرون هن ڪتاب ۾ ڏسي سگهندا.

    هتي ريڊ برج ايسيڪس Red bridge essex ۾ توراقي گارڊن (Toraqi Garden) الفورڊ لنڊن ۾ اسان جو قريبي رشتيدار محمد بخش بلوچ پنهنجي ڪٽنب، پٽ طارق ۽ ڀائيٽي محمد علي بلوچ سان گڏ ڏهن ٻارهن سالن کان مقيم آهي هتي سندس جنرل اسٽور آهي لنڊن جي هو شربا ماحول ۾ رهڻ جي باوجود سندس مزاج ۾ پاڪيزگي ۽ اسلامي رنگ غالب نظر اچي ٿو.
    نائجيريا ۾ سورهن سالن جي انتهائي مصروف شب و روز ۾ مون کي اتي جي موسم ۽ آب و هوا ايتري ته موافق اچي وئي جو اتي مونکي ڪڏهن به زڪام يا مليريا ته ٺهيو پر ٺلهي ٿڪاوٽ به محسوس ڪا نه ٿيندي هئي مگر هتي جڏهن لنڊن پهتاسين ته چار پنج ڏينهن لاڳيتو رات ڏينهن بارش ۽ برفباريءَ ۾ گهمڻ سان قوت مدافعت (Resistance) متاثر ٿيو ۽ منهنجي انديشي موجب پنجين ڏينهن شام جو دير سان مون جسم ۾ ڳاموڙ محسوس ڪئي ۽ رات جو اويري مون تي فئلسيپيرم مليريا جو شديد حملو ٿيو. بيگم کي (Chloroqnine) ۽ ٻيون دوائون گهرائڻ لاءِ موڪليم جيڪا اڌ ڪلاڪ کن کانپوءِ بغير دوائن جي موٽي آئي ڇو ته اتي سواءِ برٽش رجسٽرڊ ڊاڪٽر جي پرچيءَ جي ائين عام طور ڪنهن ٻئي کي دوائون ڪو نه ڏيندا آهن.
    آخر بخار تيز ٿي ويو. نيٺ مون نه پئي چاهيو ته آڌي رات جو ڪنهن شريف ماڻهوءَ جي آرام ۾ خلل وجهان پر منهنجي گهر واري مونکي ٻڌائڻ کان سواءِ منهنجي هڪ دوست مسٽر قاسم عليءَ جي پٽ کي فون ڪئي. هي دوست اصل ته انڊيا جا آهن مگر هاڻ ٻن پيڙهين کان تنزانيا جي دارالحڪومت دارالسلام ۾ مستقل طور آباد آهن ۽ مسٽر قاسم عليءَ جو پٽ اڄڪلهه لنڊن ۾ رهي ٿو هن صاحب جي فوري تعاون سان ڊاڪٽر صاحب ۽ ايمبولنس جو انتظام ٿيو ۽ مون پاڻ کي هوٽل جي بستري جي بدران اسپتال جي بستري تي ليٽيل ڏٺو ۽ ويا رت ڪڍندا ۽ ٽيسٽون وٺندا ڇو ته هتي رواج آهي ته جيستائين ڪنهن بيماريءَ جي صحيح تشخيص نه ٿئي، ڪو به علاج نه ڪندا آهن ۽ وري بيماري به اهڙي جيڪا انهن وٽ عام نه آهي ۽ اتي جي ڊاڪٽرن کي ان جو گهڻو تجربو نه آهي، سو منهنجو رت هنن ٽراپيڪل اسڪول آف لنڊن (Tropical School of London) جي لئباريٽري ۾ چڪاسڻ لاءِ موڪليو مون کين گهڻ ئي سمجهايو پر همراه ڪٿي ٿا ٻڌن؟ نيٺ جڏهن لئباريٽري جي رپورٽ آئي ۽ پڪ ٿين ته مليريا آهي ته پوءِ علاج شروع ڪيائون اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن کان پوءِ مس مس وڃي جان ڇٽي جنهن کي ٻهراڙيءَ جي ٻوليءَ ۾ چوندا آهن ته گگر گگر پِنڊا اَڙيا. پنهنجي مهربان دوستن محترم بشير ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اسماعيل جان جي ميزباني اسان کي هميشه ياد رهندي جن اسان جي سڄي ڪٽنب کي لنڊن جو سير ڪرايو.


    انگلنڊ ۾ لورپول ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا (1974ع)

    انگلنڊ ۾ لورپول ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا (1974ع)
    14 سال نائجيريا جي وڏين اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ ڪري منهنجي انگريزيءَ جو معيار ڪافي بهتر ٿي ويو هو. نائجيريا ۾ سڀ ماڻهو انگريزي ڳالهائين ٿا اگرچ مادري زبان ڪنهن جي به انگريزي نه آهي اگرچ مذهبي طور ڪرسچن ضرور آهن نائجيريا ۾ اسپتال کان علاوه گهر ۾ ملازمن سان ٽيڪسي وارن سان اخبارن ۽ ريڊيو ۾ هوٽلن ۾ هر هنڌ انگريزي عام آهي.
    تنهن کانسواءِ هتي گرم ملڪن جي خاص خاص بيمارين بابت ڄاڻ مون لاءِ، لنڊن ۾ پڙهائيءَ جي دوران ڏاڍي مفيد ثابت ٿي آهي.
    اهڙي نموني جيڪي بيماريون انهن جي ملڪ ۾ نه آهن، انهن جا مريض به جيڪي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو آهن تن کي شاگردن جي سهوليت ۽ سيکارڻ جي مقصد (Teaching purpose) لاءِ اسپتال اختياريءَ وارا هٿيڪو (Available) رکندا آهن ۽ گهرائي ڏيکاريندا آهن.
    هنن وٽ اهڙن مڇرن جو ذخيرو پڻ محفوظ آهي جن ۾ (مليريل پيراسائيٽ) مليريا جا جيوڙا داخل آهن ۽ شاگردن کي انهن مڇرن کي وڍي (Disect) ڪري M.P. ڪڍي ڏيڻا پوندا آهن. غرض ته پڙهائيءَ جو تمام اعليٰ انتظام آهي مگر فيون ۽ اخراجات به تمام ڳرا آهن منهنجي تعليم ۽ رهائش ڪتابن وغيره جو سمورو انتظام نائجيرا جي حڪومت ادا ڪيو آهي. مون کي تعجب ٿو لڳي ته ايتري اعليٰ درجي جي سکيا ۽ تربيت جي باوجود به ڪجهه ڊاڪٽر هتي ناپاس ٿين ٿا.
    اسان هتي ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد داخل هئاسين جن ۾ خواتين به ڪافي هيون ۽ ڪافي هائوس ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو مزو ٿيندو هو جيئن ٽيلويزن پروگرام (Mind your own language) سيريز ۾ ڏسبو آهي اسان هتي جي تاريخي جڳهه لِوَ رپول جي ورلڊ فرينڊ شپ هائوس (World friend ship house) ۾ ڏڪيل آهيون.
    هتي پريڪٽيڪل ڪم ايترو ته ڪرائين ٿا جو ٿيوري (Theory) پڙهڻ جو وقت ئي ڪو نه ٿو ملي. صبح جو ڏهين بجي کان شام جو پنجين تائين لاڳيتو ڪاليج ۾ مشغول رهڻو پوي ٿو.
    سيمينار، ليڪچر، ڊماسنٽريشن پريڪٽيڪل ۽ وڊيو فلمز ۽ سلائيڊ وغيره وغيره پنجين بجي ته هونئن ئي هتي سج لهي ويندو آهي پر اهڙن مصروفيتن کي هنن اهڙي قابليت سان ترتيب ڏنو آهي جو ڪا به بوريت يا ٿڪاوٽ محسوس نٿي ٿئي. وچ ۾ ريفريشمينٽ به ملندي رهي ٿي.
    ٽريننگ شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پوري ڪورس جو ٽائيم ٽيبل ملي وڃي ٿو. اڪثر ٻين ملڪن جي مشهور يونيورسٽين مان ماهر ۽ قابل وزنٽينگ پروفيسر به ايندا آهن. ليڪچر شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ پيو سوچبو ته هن پروفيسر کي خرطوم يا ڪمپالا يا نيروبي مان ليڪچر ڏيڻ لاءِ مدعو ڪيو ويو هو پر همراه جو ته پتو به ڪونهي ۽ نڪي وري نه پهچڻ يا دير سان پهچڻ جو معذرت جو پيغام (Message) اسان اڃان اهو پيا سوچيندا آهيون ته مقرر پروگرام کان عين اڌ منٽ اڳ موصوف اچي پنهنجي سيٽ سنڀاليندو آهي.
    نائجيريا جي مشهور شهر بينن جي ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو هڪ انگريز پروفيسر هيڊ آڪ (Dr. Headock) جنهن کي آئون بينن کان وٺي سڃاڻندو آهيان مليريا تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ اچڻو هو، سو به اهڙي طرح پروگرام شروع ٿيڻ کان هڪ ٻه منٽ پهرين اچي وارد ٿيو.

    جيئن مون توهان کي اڳين خطن ۾ لکيو آهي اسان هتي ورلڊ فرينڊشپ هائوس ۾ رهون ٿا جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن مان ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون آيل آهن. مان هن ننڍي ڪچهريءَ ۾ پاڪستان جو به نمائندو آهيان ته نائجيريا جو به!
    هن عجيب اتفاق ڪري دنيا جي ڪيترن ملڪن مان آيل ڊاڪٽرن سان واقفيت ۽ دوستي پيدا ٿي آهي ۽ پڻ ڊاڪٽري پيشي بابت اڪثر مفيد احوال تبادله خيالات سان حاصل ٿيندو رهي ٿو. اسان دنيا جي جدا جدا ملڪن مان آيل سٺ شاگرد ۽ شاگردياڻين ڊاڪٽرن سان هڪ سٺو ۽ يادگار وقت گذاريو آهي هتي اسان جون چار پنج يادگار دعوتون ۽ تقريبون به ٿيون جن مان هڪ ۾ ڊيوڪ آف ايڊنبرا مهمان خصوصي طور شريڪ ٿيو جيڪو ساڳئي وقت هن ميڊيڪل يونيورسٽيءَ جو چانسلر ۽ پيٽرن ان چيف به آهي. ساڻس ملاقات ۾ اسان محسوس ڪيو ته هو وقت جو پابند خوش مزاج، تعاون ڪندڙ ۽ پڻ ميڊيڪل سائنس کان گهڻو واقف آهي. اسان اهو به محسوس ڪيو ته سندن حفاظت لاءِ غير معمولي انتظام ڪيا ويا هئا.
    ڊيوڪ جي مهربانيءَ سان اسان برمگهنم جو شاهي محلات به گهمڻ وياسين.
    اهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ جي فضل سان امتحان پاس ڪري پنهنجي علم جي ذخيري ۽ فني ڄاڻ سان گڏ دوستن جي تعداد ۾ به اضافو ڪري پاڪستان موٽڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو آهيان البت منهنجا ٻيا ساٿي اڃا ٻه هفتا کن هتي رهندا ڇو ته هتي هاڻ ڪرسمس جي جشن ملهائڻ جا سانباها پيا ٿين ۽ سڄي ملڪ کي ڪنوار وانگر کڻي سينگاريو اٿن. دوڪان شين ۽ سوکڙين سان ٽٻيل آهن هڪ شيءِ وٺو ته ڪجهه شيون وري مفت تحفي ۾ ڏين ٿا جيئن پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ڊسمبر جنوريءَ ۾ خريداريءَ سان گڏ نئين سال جي ڊائري ۽ ڪيلينڊر به ملندو آهي.
    مطلب ته ”ڪجهه تورايو ڪجهه چورايو“ وارو نمونو آهي. ڪرسمس شاپنگ جي رش مٿان وري هلڪي برف باريءَ ۾ نهايت خوبصورت ماحول پيدا ٿي رهيو هو.


    نائجيريا جي بيمارين بابت

    نائجيريا جي بيمارين بابت

    جيئن مون توهان کي پهرين ٻڌايو ته هتي جا ماڻهو حال مست، شاڪر، بي فڪر ۽ مگن رهن ٿا.
    بي فڪري، دارونءَ جو عام استعمال، نچڻ، ڳائڻ ۽ موسيقيءَ سان عشق، سندن تهذيب ۽ روزمره جو معمول آهي جنهن جا سندن صحت تي به نمايان ۽ خوشگوار اثرات مرتب ٿين ٿا.
    مان هتي سورهن سالن کان ملڪ جي وڏين وڏين شهري توڙي ٻهراڙيءَ جي سِول توڙي ملٽري اسپتالن ۾ رهيو آهيان مگر مون ڏٺو ته دل جي دوري جا ڪيس اسان وٽ ڪو ورلي رجسٽر ٿيا هوندا. تنهن کان سواءِ مان ملڪ جي طبي بليٽن به باقاعدگيءَ سان پڙهندو رهندو آهيان ۽ طبي ڪانفرنسن ۾ به شريڪ ٿيندو رهيو آهيان پر مون کي هتي دل جي بيمارين جا ڪيس بلڪل نه جي برابر ڏسڻ ۾ آيا. سواءِ انهن چند امير ترين ۽ اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جي جيڪي هر سال ڪجهه مهينا يورپ ۾ تفريح لاءِ وڃن ٿا ۽ هتي به تمام عياش زندگي گذارين ٿا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ گهرن ۾ رهن ٿا ۽ تمام ڳرو کاڌو (Refinedfood) کائين ٿا جنهن سان اعصابي ڪشيدگي ۽ دماغي ڇڪتاڻ (ٽينشن) پيدا ٿئي ٿي.
    حالانڪ خون جي دٻاءُ جو وڌڻ (High blood pressure) به هتي ڪافي آهي. اڪثر چاليهن سالن کان وڏي عمر جي مردن توڙي عورتن ۾ B.P بلڊپريشر وڌيل رهي ٿو. زيابيطش D.M. به ڪافي آهي جيڪي ٻئي علامتون دل جي دوري جو سبب ٿي سگهن ٿيون.
    جيتري قدر منهنجو خيال آهي هنن جي بي فڪريءَ سان گڏ هنن جي صاف سادي خوراڪ جو به اثر آهي جو هتي اها بيماري ڪو ورلي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي.
    هيلٿ ريسرچ وارا به ان بيماري جي گهٽ هئڻ جي اسباب بابت تحقيق ڪندا رهن ٿا. سگريٽ نوشي ۽ موٽاپو ۽ فڪرات جيڪي دل جي بيمارين جا محرڪ آهن تن کان هتي جا ماڻهو اڪثر بچيل آهن.
    دل جي بيمارين جي بلڪل گهٽ هئڻ جو اندازو توهان هن واقعي مان لڳائي سگهندا ته ڊسمبر 1978ع ۾ هڪ خوشگوار ٿڌي صبح ۾ جڏهن هوا ۾ خشڪي محسوس ٿي رهي هئي ته مان پنهنجي آفيس مان ٽپال ڏسي هاڻي رائونڊ تي نڪرڻ وارو ئي هئس ته مونکي منهنجي پياري دوست ڊاڪٽر محمد عمر صديقيءَ کي دل جو شديد دورو پوڻ جو اطلاع پهچايو ويو.
    ڊاڪٽر صديقي نه صرف منهنجو رفيق ۽ دوست هو مگر هڪ مقبول ۽ قابل ڊاڪٽر هو. هو اگبور جنرل اسپتال ۾ مون سان گڏ چيف ڪنسلٽنٽ سرجن هو. مان کيس فوراً بينن يونيورسٽيءَ جي ٽيچنگ اسپتال جي ميڊيڪل فيڪلٽي ۾ کڻائي ويس. جتي مان پاڻ به ملازمت ڪري چڪو آهيان ۽ ڊاڪٽر صديقي خود به هتي وارن لاءِ ڄاتل سڃاتل دوست هو هيءَ اسپتال ڊاڪٽريءَ جي جديد سامان سان آراسته آهي ۽ هتي جو عملو نهايت قابل ۽ مشهور ڊاڪٽرن تي مشتمل آهي.
    فزيشن (E.C.G) لاءِ لکيو مگر هتي جي اسپتال وارن کي صرف اهو معلوم ڪرڻ ۾ ئي ڪئين ڪلاڪ لڳي ويا ته E.C.G. مشين ڪٿي رکيل اهي ڇو ته سالن کان هن جي استعمال جي ضرورت نه پئي هين ۽ مشين تلاش ڪرڻ ۽ مشين آپريٽ ڪرڻ واري جي تلاش ۾ ڏاڍو وقت ضايع ٿيو.
    جيڪڏهن اها ڳالهه منهنجي روبرو نه ٿئي ها ۽ ڪو ٻيو اها ڳالهه مون کي ٻڌائي ها ته مان جيڪر هن واري اسپتال بابت اها شڪايت ۽ اها ڳالهه ٻڌي اعتبار ئي نه ڪريان ها.
    هاڻي اهو فقط ان ڪري ٿيو جو اها مشين عام استعمال ۾ ڪا نه ايندي هئي ۽ ڪٿي ڪنڊ ۾ بيڪار پئي هوندي. حالانڪ سڀني کي خبر آهي ته بينن جي هيءَ ٽيچنگ اسپتال ملڪ جي سڀ کان وڏي جديد اسپتال آهي ۽ سمورين جديد سهولتن (Modern facilities) سان ليس آهي.
    ٻي بيماري جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ عام آهي مگر هتي بلڪل نه آهي سا اهي پيشاب، مثاني ۽ گردي ۾ پٿري. هيتري ساري عرصي ۾ هڪ به اهڙو ڪيس اسان وٽ ڪو نه پهتو. هن مرض کان بچڻ لاءِ ماڻهن جي خوراڪ ۽ پاڻي گهڻو معاون ثابت ٿيا آهن.
    اسان ٻاهريان ماڻهو ته سڀئي پاڻي ٽهڪائي ڇاڻي فلٽر ڪري پوءِ ڪتب آڻيون ٿا. هن بيماريءَ جو هتي نه هئڻ تنهن لاءِ به وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي.
    هتي جي ماڻهن کي جيڪي بيماريون ٿين ٿيون تن ۾ پيشاب ۾ رت اچڻ جي بيماري (Bilharziasis) گهڻي عام آهي.
    هتي جا ماڻهو اڪثر تلاء نندي نالي يا واٽر ڪورس ۾ ونهجن ٿا جنهن ۾ ان بيماريءَ جا جيوڙا پيشاب رستي شامل ٿيا هجن. ٻي بيماري جيڪا نائجيرين لاءِ گهڻي پريشانيءَ جو سبب رهندي اچي ٿي سا آهي آنڊن جا ڪيڙا (Intestinal worms) هي ڪيڙا به ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا هن جي مريضن ۾ ٻارن جو تعداد وڌيڪ هوندو آهي. مون ڪيترائي ٻار ڏٺا جن جي آنڊن مان ٻه سو کان وٺي تي سو تائين ڪيئان نڪتا جيڪي ٽن انچن کان ڇهن انچن تائين ڊگها هئا.
    مون کي ياد آهي ته جولاءِ 1971ع ۾ ملٽري اسپتال بينن ۾ مون وٽ هڪ فوجي آفيسر پنهنجي ڏهن سالن جي ڌيءَ داخل ڪرائي. هن ڇوڪريءَ کي آنڊي ۾ بلاڪ (Intestinal obstruction) جي تشخيص سان داخل ڪيم ۽ ان کي آپريشن لاءِ تيار ئي ڪيوسين ته نرس اچي ٻڌايو ته ڇوڪريءَ کي دست شروع ٿي ويا آهن ۽ پاخاني ۾ بيشمار ڊگها ڪيڙا نڪرڻ شروع ٿي ويا اٿس جن جو تعداد چار سو کان به مٿي ٿيندو ۽ سائيز پنجن کان ڇهه انچ.
    ڇوڪري جڏهن آئي ته سندس پيءُ ٻڌايو ته کيس ڪيترن ڏينهن کان پيٽ ۾ سور رهي ٿو. هوءَ ڏاڍي ڏٻري ٿي وئي هئي.
    ڪيڙن نڪرن کان پوءِ ڇوڪري بلڪل چاق ٿي وئي ۽ آپريشن جي ضرورت ڪا نه پئي ۽ ٻئي ڏينهن اسان کين اسپتال مان گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. کيس اسان ڪا گهڻي مدد ڪا نه ڪئي پر ڇوڪريءَ جي پيءُ کي يقين ٿي ويو ته ملٽري اسپتال بينن جي مريضن تي تمام غير معمولي توجهه ڏنو ٿو وڃي ۽ مريض جلد شفاياب ٿيو وڃن جنهن لاءِ هو مختلف موقعن تي اسان جي تعريف ڪندو رهيو. تنهن کانسواءِ فليرئسيز (Filariasis) هڪڙي ٻي تڪليفده بيماري آهي، جيڪا اتر طرف ته وبائي صورت اختيار ڪندي پئي وڃي ۽ انساني نظر ۽ بصيرت ختم ٿيڻ جو ڪارڻ ٿي رهي آهي. اڪثر انڌا فقير هڪ ٻئي کي جهلي قطارن ۾ هلندا نظر ايندا آهن جيڪي هن بيماريءَ جو شڪار هوندا آهن.
    هن حسين و جميل ۽ رنگين ڪائنات ۾ ڪنهن انسان جو بصيرت کان محروم ٿي وڃڻ ۽ هر ڳالهه لاءِ محتاج ٿي وڃن ڪيڏي نه تڪليفده ڳالهه آهي. مون کي جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالرحمٰن قريشيءَ خط ۾ لکيو ته اسان جي پياري ۽ هر دلعزيز استاد جناب عبدالروف منصور ويراڳيءَ جي نظر آهستي آهستي ڪمزور ٿي رهي آهي ته مون کي ڏاڍو صدمو پهتو آهي ڇو ته هاڻي خدانخواسته اسان سندن موتين جهڙن اکرن ڏسڻ کان محروم ٿي وينداسين. (خدا نه ڪري) ۽ آئون هميشه مسجد ۾ سندن نظر جي بحاليءَ لاءِ خداوند تعاليٰ کان دعا گهرندو آهيان.
    ان ڪري آئون اسان جي اسپتال جي اکين جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر حنا (Dr. Hanah) کي (گاڊ آف لائيٽ) روشنيءَ جو ديوتا سڏيندو آهيان.
    ان جي برعڪس يلو فيور (Yellow fever) جيڪو آفريقا ۾ عام سمجهيو ويندو آهي ۽ هر ايئرپورٽ تي ان جي بچاءِ جا ٽڪا ضرور چيڪ ڪيا ويندا آهن سو هاڻ ايترو عام نه آهي بلڪ اهو مرض آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته ڪم از ڪم نائجيريا مان اهو مرض مستقبل قريب ۾ نيٺ ائين ختم ٿي ويندو جيئن پاڻ وٽان خدا جي فضل سان ماتا (Small pox) جي بيماري ختم ٿي چڪي آهي.
    ٽيٽانس (Tetanus) بيماري هتي عام آهي خاص طور نون ڄاول ٻارن ۾ (Treranatorum) جا ڪافي ڪيس ڏٺاسون اڪثر اهي جيڪي گهرن ۾ گندگي ۾ Septic حالتن ۾ ويم ٿين ٿا. يا اڻ ڄاڻ يا لالچي داين کان ٿين ٿا. هتي هر معمولي زخم لاءِ T. Anti Toxin ضروري هڻبو آهي.
    هتي نائجيريا ۾ ٻي هڪڙي عجيب غريب بيماري مون عام ڏٺي آهي سا آهي گني ورم (Guinea worm) جنهن جي مادي جيوڙو ڪئي ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي ۽ نرچهه سينٽي ميٽرن ۾ هوندو آهي. هي جيوڙو پينر ۽ ٽنگن ۾ چمڙي کي ٽوڙي نڪرندو آهي.
    مقامي ماڻهو ۽ ڳوٺاڻا هنن جيوڙن کي ڏاڍي هوشياري سان بنا ٽٽڻ جي ماچيس جي تيليءَ تي آهستي آهستي روز ٿورو ٿورو ويڙهي ڪڍندا ويندا آهن.
    هتي هڪ ٻي زهريلي مک به ٿيندي آهي جيڪا ماڻهن جي چمڙيءَ جي اندر آنا لاهي وڏي ٿيندي آهي. هتي جا پوڙها ماڻهو انهيءَ مک کي سُئيءَ سان کوٽي ڏاڍي هوشياريءَ سان ڪڍندا آهن. مٿيون ٻئي بيماريون ماڻهن کي ڪم ڪار کان نڪمو ۽ جڏو بنائي ڇڏين ٿيون.
    باقي ٻيون بيماريون آهن، جيڪي پاڪستان ۾ ٿينديون رهن ٿيون، موروثي يا وبائي يا وچڙندڙ ٻيون بيماريون جيڪي هڪ ٻئي مان ڦهلجن ٿيون سي به هتي ڪي گهٽ نه آهن. منهنجي ذاتي راءِ ۽ آزمودي موجب هتي ماڻهن کي جيڪڏهن متوازن غذا ڪافي مقدار ۾ هجي ۽ پڻ صحت جي اصولن جي تعليم ۽ تربيت جو معقول بندوبست هجي ته ٻارن جي پيدائش جو ريٽ به محدود هجي پڻ ٽوڻن ڦيڻن ۽ جادو ڪندڙن ۽ نيم حڪيم ماڻهن کي کين نجات ڏيارجي ته اسپتالن مان هيءَ هيڏي ساري رش ازخود گهٽجي ويندي.
    هتي 80 سيڪڙو عورتون اسپتالن ۾ ويم ڪن. ويم لاءِ اسپتال ۾ بيگاهه وقت داخل ٿيڻ يا اهڙي ويم جي ڪم لاءِ گهر جي ڀاتين کي پريشان ڪو نه ڪن هرڪا عورت پنهنجي چيڪ اپ ڪرائيندي رهندي آهي ۽ کين وقت ايترو ساريو پيو هوندو آهي جو صرف چند ڪلاڪ پهرين اچي داخل ٿين ۽ ويم جي ٻئي ڏينهن اسپتال مان هليون وڃن ۽ هڪ ٻار ڪڇ ۾ کير پيو پيئندو ۽ ٻيو ٻار هڪ سال کن جو پٺيءَ تي پٺيان ٻڌل هوندو.
    اندازو ڪريو ته هتي هر هڪ ماڻهوءَ کي چار پنج زالون هجن ته هتي جي اسپتالن ۾ ۽ ويم گهرن ۾ ڪيڏي رش هوندي ليڊي ڊاڪٽرس هتي تمام گهٽ آهن هتي جي معاشري ۽ رواجن موجب عورتن جو مرد ڊاڪٽرن کان ويم ڪرائڻ قطع معيوب ڪونهي پر ان کي پاڻ وڌيڪ ترجيح ڏين ٿيون.
    اهري طرح جيڪڏهن ڪجهه ليڊي ڊاڪٽرس آهن ته آهي به عورتن سان گڏ مردن جو به علاج ڪنديون رهنديون آهن. انهن رواجن جي ڪري مون کي هتي ويم ڪرائڻ ۽ عورتن جي بيمارين جي علاج ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا ملندا رهن ٿا.
    اڄ تائين هزاررين ويم منهنجي نگرانيءَ ۾ ٿي چڪا هوندا. ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي ته هتي نوڪري ڪندڙ ڊاڪٽرن کي زنانين بيمارين ۽ ويم بابت جيترو تجربو ۽ معلومات هوندي سا ٻين ملڪن ۾ ۽ خاص طور پاڪستان ۾ مرد ڊاڪٽرن کي نه هوندي جتي مذهبي ۽ معاشرتي آداب ۽ پابنديون مرد ڊاڪٽرن کي ان برانچ ۽ شعبي ۾ تجربو حاصل ڪرڻ کان باز رکڻ جا اسباب پيدا ڪن ٿيون.
    مون کي ياد آهي ته 1964ع پاڪستان ۾ جڏهن اسان جي ڊيوٽي LMC لياقت ميڊيڪل ڪاليج اسپتال ۾ عورتن جي (Obst and Geyn) وارڊ ۾ لڳي هئي ۽ اسان کي ڪجهه مقرر تعداد ۾ ويم جون ڪيس رپورٽون لکڻيون هيون ته وارڊ جي انچارج رجسٽرار جيڪا ليڊي ڊاڪٽر هوندي آهي اسان کي وڏا سفيد گائون پارائي عينڪ ۽ ماسڪ سان منهن لڪائي ويم ڏسڻ لاءِ اندر موڪليندي هئي ۽ اسان کي ڪجهه ڳالهائڻ يا پڇڻ جي سخت تاڪيد ڪيل هوندي هئي ۽ هٿن تي دستانا چڙهيل هوندا هئا ته متان مريضن يا زچه کي اهو معلوم نه ٿي سگهي ته اسين مرد آهيون. ان مان توهان اندازو لڳائي سگهيا هوندا ته ماڻهو عملي طور (Practically) ڇا سکي سگهندو. سواءِ صرف ڪتابن پڙهڻ جي. مگر هتي نائجيريا ۾ اچي هتي عملي طور اهڙن بيمار مريضن جو علاج (Deal) ڪرڻ مان ڪافي وسيع تجربو حاصل ٿي سگهيو آهي. هتي جون عورتون مرد ڊاڪٽرن کان ڪو به حجاب ڪو نه ڪن بلڪه مرد ڊاڪٽر کي ليڊي ڊاڪٽر تي ترجيح ڏينديون آهن. ڇو ته نائجيريا جي معاشري ۾ مرد جو خاصو تسلط (Dominating Role) آهي. هيڪاري ڪو مرد جي ڊاڪٽر غير ملڪي به آهي ته ان وٽ علاج لاءِ وڃڻ اڃا به بهتر سمجهن ٿيون ۽ سندن مقامي ڊاڪٽرن کي چاهي اهي وڌيڪ تجربيڪار ۽ قابل ڇو نه هجن تن کي ايتري اهميت ڪو نه ڏين.
    1979ع ۾ واري جنرل اسپتلا ۾ ڊاڪٽر اوبڊياسي (Odiase) مون سان گڏ ڪم ڪندو هو ۽ ڪئاليفائيڊ ماهر سرجن هو (جيڪو هن وقت U.B.T.H يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ سرجريءَ جو هيڊ آف دي ڊپارٽمينٽ آهي) ان ڏي آئون ڪو ڪيس ريفر ڪندو هوس ته مريض ان ڏي وڃڻ پسند نه ڪندا هئا ۽ مون کي چوندا هئا ته تون ئي اسان جو علاج ڪر. تنهن ڪري مون کي ڪافي مريضن سان واسطو پوندو هو ۽ جدا جدا قسم جي بيمارين بابت وسيع عملي تجربو ۽ واقفيت حاصل ٿيڻ لڳي آهي.
    تنهن کانسواءِ مون کي هتي آپريشن ۽ سرجيڪل ڪم جو به اڪيلي سر (Independent) ڪم ڪرڻ جو تجربو ٿيڻ لڳو آهي. منهنجو اڪيلي سر (Independent) آپريشن ڪرڻ جو جيڪو پهريون (C.S) سرجيڪل ڪيس هو تنهن ۾ ٻه جاڙا ڇوڪرا پيدا ٿيا جيڪي واريءَ جي اسپتال جي ڊائيور جا ٻار هئا. هينئر اهي 15 سالن جا آهن ۽ H.S.C هاير سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ امتحان پاس ڪري چڪا آهن ۽ هر ڊسمبر ۾ ڪرمس ۾ مون لاءِ گلدستا آڻيندا آهن.
    هتي جي ماڻهن توڙي ٻارن ۾ ڏندن جون بيماريون به تمام گهٽ ٿين ٿيون. ان جو غالباً هڪڙو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته مٺاڻ ۽ برف بلڪل پسند ڪو نه ڪن ۽ پان کائڻ جو رواج ته هتي بلڪل ڪونهي.


    ملٽري اسپتال بينن (Military base Hospital Benin)

    ملٽري اسپتال بينن (Military base Hospital Benin)
    مون کي هتي هڪ تمام جديد ۽ وڏي ملٽري بيس هاسپيٽل (Establish) قائم ڪرڻ جو تجربو حاصل رهيو آهي. خدا جي فضل سان هتي جي ملٽري حڪام ۽ وزارت صحت جي اعتماد سان مونکي هڪ نئين اسپتال کولڻ لاءِ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ مون دل و جان سان محنت ڪري هتي ملٽري اسپتال کي قائم ڪيو ۽ خدا جي فضل سان اتي سڀ ڪم ڪندڙ مون کي انهيءَ اسپتال جو باني (Pioneer) ڪوٺين ٿا.
    هن اسپتال ۾ به مونکي ڪيترين نئين نئين قسم جي بيمارين بابت معلومات حاصل ٿيندي رهي. ڇاڪاڻ ته هتي زخمي يا بيمار سولجر يا آفيسر سڄي ملڪ مان جدا جدا هنڌن تان ايندا هئا. ڪجهه بيماريون جيڪي فقط نارٿ نائجيريا ۾ آهن انهن کي ڏسڻ جو به موقعو مليو. انهن ۾ هڪڙي عجيب بيماري اها به هئي جنهن کي (فليرياسس) Filariasis چئجي ٿو جنهن ۾ Mciro Filaria Skin Scrap يا Needle سان سلائيڊ تي جيئرا حرڪت ڪندي ڏٺم يا ڪنهن ڪنهن آپريشن ۾ Hernia يا Hydrocoele دوران Filarial worms اڇي ڌاڳي وانگر جيئرا جاڳندا چرندا نظر ايندا آهن.
    اهي شيون بعد ۾ مون کي انگلينڊ 1984ع ۾ ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وقت ڏاڍيون ئي مددگار ثابت ٿيون جتان مون D.T.M & H جو امتحان پاس ڪيو.
    ملٽري اسپتال بينن جو ڪمانڊنگ آفيسر C.O ليفٽيننٽ ڪرنل اوييلولا U.Col Oyelola قداور نهايت حليم سڀاءُ ۽ ملنسار ماڻهو هو ۽ پاڻ خود به ڊاڪٽر هو پر اسپتال جو سمورو ڪم (Clinical work) منهنجي هٿ ۾ هو جنهن ۾ هو ڪڏهن به دخل نه ڏيندو هو بلڪه ڪڏهن ڪو مريض داخل ڪرائڻو هوندو هوس ته انکي به مون ڏانهن موڪلي ڏيندو هو. ان نموني جي باهمي اعتماد ۽ احترام جيڪي Reciprocal of Cordial feelings پيدا ڪيون سي ڏاڍيون پائيدار ثابت ٿيون آهن جو جڏهن ڪرنل صاحب به اتان بدلي ٿي ويو ۽ آئون به پاڪستان هليو آيس پر اڄ به جڏهن هو هڪ ممتاز عهدي تي فائز آهي ۽ جنرل جي رينڪ ۾ پروموٽ ٿيو آهي ۽ Apapa Lagos A.F.M.C جو ڊائريڪٽر آهي ته به ساڻس خط و ڪتابت جاري آهي.
    ملٽري اسپتال ۾ رهڻ مان مونکي اهو به فائدو ٿيو جو آرٿو پيڊڪ Orthopedic ڀڳل ٽٽل هڏن جي جوڙڻ جي علاج جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ جو مونکي گهڻو تجربو ٿيو. ڇو جو اڪثر ڪري هن اپستال ۾ (Post war cases) لڙائي ۾ زخمي ٿيل سولجر ايندا رهندا هئا ۽ هڪ مڪمل ٽيهن بسترن جو هڏن جو وارڊ هو. باقي جنرل سرجريءَ لاءِ هفتي ۾ ٻه ڏينهن آپريشن لسٽ هوندي هئي.
    هڏن جو ذڪر نڪتو آهي ته مان توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ته جيئن پاڻ وٽ حجام يا ڪنڀار به ٻهراڙين ۾ هڏن جي جوڙڻ جو ڪم ڪندا آهن تهڙيءَ طرح هتي به اڪثر هڏن وارن مريضن جا مائٽ اهڙن مريضن کي اسپتال مان ڪڍي انهن نيم حڪيمن وٽ علاج لاءِ کڻي ويندا آهن.
    پاڻ وٽ هالا جي ويجهو اڏيري لال وٽ ٺوڙهن جي ڳوٺ ۾ به هڪ اهڙو ئي حڪيم رهي ٿو جيڪو هڏا سيٽ ڪرڻ جو ماهر آهي خدا کيس هن فن ۾ مهارت ۽ هت ۾ گهڻي شفا ڏني آهي.
    تمام دور دراز ٻهراڙين ۾ ۽ نيم مهذب سوسائٽيءَ وانگر ڪن ڪن ڳوٺن ۾ سنه 1965ع کان اڳ اهو ڪم حجام به ڪندا هئا ۽ هڏن جو زخمي مريض ڍڳي يا سان تي چاڙهي اچي حجام جي گهر لهندا يا وري حجام کي سڏائي وٺندا هئا. جيئن پاڻ وٽ سنڌ ۾ اڃا تائين ڪيترا ماڻهو ٻار جو طهر (ختنو) حجام کان ڪرائين ٿا. پاڻ وٽ ته شادين مرادين ۾ ديڳيون رڌڻ جو ڪم به حجام ڪندا آهن.
    هتي اهڙا نيم حڪيم ڳوٺن ۾ رهن ٿا جيڪي زخمين جو علاج ڪرڻ لاءِ مريض کي گرم سيخن سان ڏنڀ ڏيندا آهن جيئن پاڻ وٽ ٽُنگر دٻن کي جوڙڻ لاءِ ۽ ريهه ڏيڻ لاءِ ويلڊنگ ڪندا آهن.
    ملٽري اسپتال ۾ رهڻ جي دوران ڌاڙيوالن ۽ ٻين سنگين ڏوهارين کي موت جي سزا ڏيڻ وقت به مون کي وڃڻو پوندو هو ۽ اهڙا واقعا اڪثر ٿيندا ئي رهندا هئا ۽ مون کي اهڙن قيدين جي سزا (Execution) تي عمل درآمد ڪرڻ وقت سزا کان ٻه چار منٽ پهرين فٽ نيس سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو هو ۽ وري گولي لڳڻ بعد وري موت جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻو پوندو هو.
    ملٽري اسپتال ۾ ڪم ڪرڻ سان دل ۾ عجيب غريب ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي هڪ ته اتي جو نظم و ضبط ۽ ڊسپلين ڪم کي وڌيڪ موثر بنائي ٿو ۽ ٻيو ته دکي انسان ذات جي خدمت ڪندي زخمي ٿيندڙ سولجرن جي خدمت ۾ هڪ عجيب خوشي محسوس ٿئي ٿي ۽ مان هنن مريضن جو گهڻي محبت سان ۽ توجهه سان علاج ڪندو هوس سچ پڇو ته مريض جو علاج يا ٺلهو عيادت ڪرڻ به هڪ عبادت ۽ سُنت رسول اڪرمﷺ آهي.
    ملٽري اسپتال ۾ اسان وٽ تازن تازن گلن جا خوبصورت گلدستا جام ملندا هئا جيڪي مريضن جا مائٽ، ملازم ۽ اسٽاف جا ماڻهو آڻيندا هئا. پهرين ته اسان جي اسپتال نئين هئي مگر پوءِ آهستي آهستي اسان اسپتال جي باغ طرف به ڌيان ڏنو ۽ اسان وٽ به خوبصورت لان سان گڏ پيارا پيارا گل ٿيڻ لڳا هئا.
    برساتن جي گهڻائيءَ جي ڪري اسان جو باغ جلد ئي سٺو ٿي ويو آهي. جيستائين اسان مالهي رکون تيستائين اسان سڀ هن جا باغ جا باغبان ۽ مالهي هئاسين، سڀني ڊاڪٽرن نرسن ۽ ٻين اسٽاف وارن سٺا سٺا قلم آندا ۽ جلد ئي اسان مالهي به رکيو مگر هيڏي ساري باغ کي هڪ مالهيءَ جو سنڀالڻ سندس وس کان ٻاهر هو ان ڪري اسان سڀ سندس مدد ڪندا هئاسين، اسان کي ڪم ڪندو ڏسي مالهي اڃا به وڌيڪ شوق سان ڪم ڪرڻ لڳو آهي.
    باغ سنڀالڻ جو ڪم، NXSC تحت مقرر ٿيل ڊاڪٽرن جي ڊيوٽيءَ ۾ به شامل آهي جيڪو کين رضاڪارانه طور نه پر سرڪاري ڊيوٽي طور ڪرڻو پوي ٿو.
    مان هتي جن به اسپتالن ۾ رهيو آهيان اتي مون کي هڪ عام ڊاڪٽر وانگر مريضن جو علاج ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻيا به ڪيترائي ڪم منهنجي فرائض ۾ شامل آهن جن مان مونکي ڪافي تجربو حاصل ٿيو آهي، مثلاً مونکي نئين اسپتال جي پروجيڪٽ کي هلائڻ ۽ نئون اسٽاف مقرر ڪرڻ انهن جو انٽرويو وٺڻجو ڪم به سنڀالڻو پوندو هو. پوليس ڪمشنر جي طرفان هر سال پوليس جي اسٽاف جو فرسٽ ايڊ ٽريننگ جو امتحان وٺڻو پوندو آهي.
    اسپتال جي ايڊمنسٽريشن به سنڀالڻي پوندي آهي، هنگامي حالات ۾ (ايمرجنسي ۾) هوائي حملن ۽ لڙائيءَ ۾ زخمي ٿيل سپاهين ۽ سِوِلين جي علاج لاءِ اسپتال ۾مختصر اطلاع (شارٽ نوٽِس) تي (Shrot notice) تي بندوبست ڪرڻو پوندو آهي. پوسٽ مارٽم ۽ بين تبڪن جي رپورٽ پيش ڪرڻ لاءِ سرڪاري گواهه جي حيثيت سان مون کي ڪورٽن ۾ به وڃڻو پوندو هو. اتي جي عدالتي نظام، قانون جو مطالعو به ڪرڻو پيو ۽ گهمڻ ڦرڻ جو به موقعو مليو. مان جنهن بنگلي ۾ رهندو هوس اُن جي ڀر سان ئي ڊپٽي اسپيڪر جو به بنگلو هو بلڪه اسان وارو بنگلو به سندس ئي هو جيڪو هيلٿ ڊپارٽمينٽ مسواڙ تي ورتو هو هن سان دوستي ۽ گهرو لاڳاپا ٿي ويا ان ڪري ملڪي حالات بابت چڱي معلوامت ٿيندي رهندي هئي.
    هتي جون عدالتون آزاد ۽ جج سراپا انسانيت جا مجسما آهن. هتي جڏهن اسپتال ۾ حاضر ٿبو آهي ته حلف نامو کڻڻ وقت مسلمانن کي قران شريف هٿ ۾ ڏيندا آهن ۽ عيسائين کي بائيبل پاڪ ڏيندا آهن ۽ هتي هڪ ٽيو مذهب به آهي جنهن جي پيروڪارن کي عدالت ۾ حلف وٺڻ مهل هڪ ڪهاڙو هٿ ۾ ڏيندا آهن، جنهن کي وٺي هو ادب سان چمندو آهي ۽ لرزجي ويندو آهي. قومي ڏينهن تي اسپتال ۾ تمغا ورهائڻ ڏيڻ ۽ بي بي شو ۾ خوبصورت ۽ صحتمند ٻارن کي انعام ۽ تمغا ڏيڻ جو ڪم به منهنجي فرائض جو حصو آهي. ان لاءِ ڪافي فنڊز موجود آهن. هر سال W.H.D ورلڊ هيلٿ ڊي ملهايو ويندو آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل فرائض سان گڏوگڏ مون کي ٻيا به ڪيترا فرائض انجام ڏيڻا پون ٿا، مثلاً وقتاً فوقتاً اخبارون ۽ صحافين سان ملاقات ۽ اسپتال بابت ان جي ڪاڪردگي ۽ مسائل بابت تبادله خيالات ڪرڻ ۽ بعضي نئين هيلٿ پروجيڪٽ بابت پريس ڪانفرنس کي به ايڊريس ڪرڻو پوندو هو. بعضي اعليٰ حڪام ۽ وزيرن ۽ گورنر کي مدعو ڪري اسپتال گهمائڻي پوندي هئي ۽ انهن لاءِ مختصر تقريرن ۾ اسپتالن جي ضروريات سان گڏ سندن بايوگرافيءَ تي به روشني وجهڻي پوندي هئي، تنهن ڪري ڊاڪٽر عمر صديقي مون کي چوندو ئي هو لٽرري ڊاڪٽر (Literary Doctor) انهيءَ تجربي جي آڌار تي مون هتي ٻين دوستن جي مدد سان پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن جو پايو وڌو آهي. جيئن پاڻ وٽ پروفيسر ڊاڪٽر سليمان شيخ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو پايو وڌو آهي.
    مون پنهنجي آفيس ۾ سنڌيءَ ۾ لکيل شاهه سائينءَ جو بيت تون حبيب تون طبيب تون درد جي دوا (انگريزي ترجمي سان) ديوار تي ٽنگي ڇڏيو آهي. اهو خيال مونکي اسان جي سدا بهار اديب الطاف شيخ جو ايئرڪنڊيشنڊ جهاز مالا ڪنڊ گهمڻ کان پوءِ آيو، جيڪو سڄو ڪامپيوٽرائيزڊ جهاز آهي ۽ جپان جي ڀاري صنعت سازيءَ جو شاهڪار آهي. الطاف هن جهاز جو چيف انجنيئر هو، سندس آفيس جيڪا خوبصروتيءَ نزاڪت ۽ ايسٽيٿيڪ سينس (ذوق جماليت) جي اعتبار کان هڪ حجره عروسي کان گهٽ نه هئي ان ۾ به شاهه لطيف جا سُر سامونڊي جا بيت ديوار تي ٽنگيل ڏٺم.
    اسپتالن ۽ مريض جي باب ۾ ڪجهه هتي جا عجيب غريب رواج به قابل ذڪر آهن. مثال طور زالون ٻار جي ناڙي کي جلد ڇٽي وڃڻ لاءِ ڳئون جو سڪل ڇيڻو ٻرڪيندا آهن جيئن پاڻ وٽ هالا ۾ اَجرڪن جا ڪاريگر اجرڪ جي آلاڻ کي خشڪ ڪرڻ لاءِ اُٺ جي ليڏوڻن جو پائوڊر ڇٽڪاريندا آهن. ڪِن ڪن هنڌن تي زخم کي پنهنجي پيشاب مان ڌئن شايد هو پيشاب کي اينٽيسپٽڪ سمجهن ٿا. جيئن پاڻ اهو ڪم ڊيٽال يا اِسپرٽ کان وٺون ٿا. غير تصديق شده اطلاع موجب ڀارت ۾ ڪي ڪي ماڻهو ڳئون جو پيشاب به پيئندا آهن.
    ٻار کي ڄمڻ سان ئي ان جي منهن ڳلن يا نڪ تي پنهنجي قبيلي جو نشان سڃاڻپ لاءِ هڻي ڇڏين ٿا. جيئن پاڻ وٽ ڍڳين مينهن کي سڃاڻپ لاءِ ڏنڀ ڏيئي نشان ڪري ڇڏيندا آهن. هي هڪ تمام تڪليفده ڳالهه آهي جو هڪ معصوم ٻا رکي ايڏو عذاب ڏجي، مان ته چاهيندو آهيان ته ڇوڪرين کي زيور پارائڻ لاءِ سندن نڪ يا ڪن به نه ٽوپڻ گهرجي.
    هتي هي نشان انهيءَ لاءِ ٿا ڪن جو هتي خبر پوي ته هي ٻار يا ماڻهو ڪهڙي قبيلي جو آهي. ڪنن ۽ ڳلن تي هڪ يا ٻه اُڀيون يا پاسيريون ليڪون ڏسي چئي سگهبو ته هي فلاڻي قبيلي جو فرد آهي.
    شوئا ايٿڪ گروپ وارا ته ايترا اِنتها پسند آهن جو نئين ڄاول ٻار کي ٻاهر ڪو نه ڪڍن جيستائين هو چاليهن ڏينهن جو نه ٿئي. بيمار ٿئي ته اسپتال ۾ به نه آڻيندا.
    اڃان به ستم اهو آهي جو ٻهراڙيءَ جي ڪن قبيلن ۾ اهو رواج آهي ته جوان ڇوڪرين جي چپن ۾ سوراخ ڪري ان ۾ چاندي يا پتل جو ڇلو (Curved plug) وجهي ڇڏيندا آهن اهو ان لاءِ ٿا ڪن ته عورت کي بدصورت ۽ قبيح بنايو وڃي ۽ ڪو ڇوڪري چورائي نه وڃي ۽ اهو ان لاءِ به ته جيئن جنسي ميلاپ جي روڪ ٿام ٿي سگهي هن مُهذب دور ۾ عورت جي هيءَ حالت ۽ عربستان ۾ اسلام جي روشني کان اڳ عورت جي حيثيت ۽ پڻ عرب ملڪن ۽ قديم مصر ۾ غلامن جي خريد و فروخت جهالت جا مڪروه مثال آهن. جن جون ڪڙيون آفريقا جي ٻهراڙين ۾ هنن حرڪتن سان ملن ٿيون.
    اسان وٽ اڪثر پوڙهين قتل ٿيل عورتن جا لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ کڻي ايندي آهي. معائني مان معلوم ٿئي ٿو ته اها عورت ڏنڊن ۽ لٺين سان ماري وئي آهي. ان جا وارث ۽ ماڻهو ٻڌائين ٿا ته سائين اها ڏائڻ (Witch) ٿي پئي هئي تنهن ڪري اسان کي قتل ڪرڻي پئي.
    پيٽ واري عورت خاص طور پوين مهينن ۾ مري وئي ته ان کي اسپتال ۾ کڻي ايندا آهن ته اسان کي ٻار ڪڍي الڳ ڪري ڏيو ڇو ته هو ٻار کي ماءُ جي پيٽ ۾ ئي دفن ڪرڻ کي تمام سخت گناهه تصور ڪن ٿا.
    تعويذن ۽ ٽوڻن ڦيڻن جو رواج هتي به ايترو عام آهي جيترو اسان جي ملڪ ۾. ٻهراڙيءَ ۾ ڪو ورلي ٻار هوندو جنهن جي ڳچيءَ ۾ تعويذ نه هجي. ان کان سواءِ ٻارن کي بدروحن جي حملي کان بچائڻ لاءِ هڪ قسم جي سُئي يا ڪنهن جانور جا ڏند يا هڏيءَ جو ٽڪر ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن.
    هتي جي ماڻهن جو اهو اعتقاد آهي ته بيمار ۽ خاص طور دماغي ۽ ذهني بيماريءَ جو ڪارڻ بدورحن (Evil Spirits) جو اثر آهي. ان جو علاج ڪرڻ لاءِ جانورن جون قربانيون ڏيندا آهن ۽ علاج ڪرڻ وارو پير فقير جيڪڏهن مريض جي مائٽن کي چوندو ته هي لاعلاج آهي ۽ ٺيڪ نه ٿي سگهندو ته بس ان ڏينهن کان ان جو کاڌو پيتو بند ڪندا ۽ ان کي بکون ڏئي ماريندا ته جيئن اها بيماري ٻين کي نه لڳي.
    هتي ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جا به عجيب خيال آهن پيٽ ۾ آنڊن جا آواز ۽ گُڙ گُڙ ٻڌندا ته چوندا ته اهي ڪيئان آهن جيڪي آواز پيا ڪن ۽ فوراً وڃي جلاب کائيندا. جلاب کائڻ جا ڏاڍا عادي ۽ شوقين آهن.

    ٻارن کي تيز بخار ٿي پوي ته ان جو ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اهو علاج ڪندا آهن جو ٻار جا پير باهه ۾ ساڙيندا آهن تصور ڪريو ته هڪ معصوم ٻار ٻيو اڳ ۾ ئي بيمار ته مٿان وري سندن پير باهه ۾ ساڙڻ. ان کان پوءِ سڙيل پيرن وارا ٻار اسان وٽ اسپتالن ۾ علاج لاءِ کڻي ايندا آهن.
    هتي جي ٻهراڙين ۾ ماڻهو جو اهو اعتقاد آهي ته بدروح زده ماڻهوءَ سان هٿ ملائڻ سان ماڻهو بيمار (Impotent) ٿي وڃي ٿو. ان ڪري ماڻهو نئين ماڻهوءَ يا اڻ واقف يا اجنبيءَ سان ڪڏهنبه هٿ نه ملائيندا آهن.
    ٻهراڙين ۾ اڪثر اهو به ڏٺو ويو آهي ته اگر ڪو ماڻهو وٺي رڙيون ڪري ته مون هن ماڻهوءَ سان هٿ ملايو ته آئون بيمار (Impotent) ٿي پيو آهيان ته ماڻهو بغير سوچڻ سمجهڻ جي ان ماڻهوءَ کي بدروح يا ڏائڻ سمجهي ڏنڊن سان ڪُٽڻ شروع ڪندا جيسين هو مري وڃي. اگر ڪو خوشقسمت آهي ته پوليس اچي ان کي بچائيندي. پويلس اهڙن زخمي يا مرده ماڻهن کي اسان وٽ اسپتال ۾ کڻي ايندي آهي ته اسين تصديق ڪريون ته واقعي جيئن هو چون ٿا (Claim ڪن ٿا) ته اسان هن ماڻهوءَ سان هٿ ملايو ته اسان بيمار ٿي پيا آهيون. اهو صحيح آهي يا نه. پر معائني ۾ اهڙي ڪا به ڳالهه نه هوندي آهي. اهو صرف وهم هوندو آهي.
    هتي ڪن ماڻهن جي مغز ۾ اهو وهم وهي رهندو آهي ته منهنجي بيماريءَ جو ڪارڻ منهنجا دشمن آهن، جن مون تي ڊوهه يا ڪامڻ ڪيا آهن يا مون کي کاڌي ۾ زهر ڏنو اٿن يا منهنجو بوتو اهڙي هنڌ پوريو اٿن جتي منهنجو پير انجي مٿان اچي ويو آهي. ان لاءِ هو جادوگر يا روحاني عامل وٽ ويندا آهن هن کي گهڻا ڏوڪڙ ۽ نذرانا ڏيندا آهن جيڪو کين ٻڌائيندو آهي ته فلاڻي نشانين واري ماڻهوءَ مٿن جادو ڊوهه ڪامڻ ڪيا آهن يا زهر ڏنو آهي. پوءِ اچي ڳولي ڳولي اهڙين نشانين سان ملندڙ جلندڙ بي گناهه کي ماريندا آهن ڇو ته هنن کي يقين هوندو آهي ته جيسين ان ماڻهوءَ کي نه ماريندس تيسين آئون چاق ٿي نه سگهندس.
    بعضي اهڙيون نشانيون رکندڙ ٻين ماڻهن کي به ماري ڇڏيندا آهن اهڙا انيڪ تجربا اسان کي هتي جي اسپتالن ۾ ڪم ڪرڻ سان حاصل ٿيا آهن.


    نائجيريا جي ماڻهن جو لباس ۽ روايت پسندي

    نائجيريا جي ماڻهن جو لباس ۽ روايت پسندي
    هتي نائجيريا جي مردن جي قومي پوشاڪ هڪ کليو ڪڙتو پچام وانگر آهي تمام ڍرين ٻانهن وارو جبو پائين ٿا جنهن کي اگباڊا (Agbada) سڏين ٿا جيئن جپان جي عورتن جو ڪمونو.
    اڪثر ان اگباڊا کي ٻانهن جي پاسان ورائي ڪلهن تي رکندا آهن ۽ اهو عمل بار بار ڪندا رهندا آهن.
    اگباڊا تمام باوقار (Prestegious) لباس آهي ۽ تمام مهنگي ڪپڙي مان ٺهي ٿو.
    اڪثر ٻه يا ٽي هزار روپين کان ڏهه ٻارهن هزار روپين پاڪستاني ملهه جي برابر ٿئي ٿو. هن لباس جي مهانگائيءَ جي ڪري ئي هي چيپٽر مون خصوصي طور پڙهندڙن لاءِ ڊائريءَ ۾ شامل ڪيو.
    هن لباس جي پائڻ سان ئي ان ماڻهوءَ جي عظمت ۽ برتريءَ ۽ ان جي وڏ ماڻهپائي ظاهر ٿئي ٿي. ماڻهو ان کي عزت جي نگاهه ڏسن ٿا.
    هي لباس عام طور تي ٻاهر نڪرڻ يا ڪنهن تقريب يا جشن ۾ شرڪت ڪرڻ وقت پاتو ويندو آهي. نه ته گهرن ۾ عام طور لوز ڪڙتو ۽ پاجامو پيل هوندو اٿن.
    جيئن پاڻ وٽ ٻاهر نڪرڻ وقت ڪڙتي پجامي مٿان شيرواني پائين ٿا.
    هر هڪ قبيلي جي جدا جدا ٽوپي ٿيئ ٿي جنهن مان ان جي سڃاڻپ ٿئي ٿي. جيئن پاڻ وٽ بوهري دائودي عقيدي جي ماڻهن جي مخصوص ٽوپي ٿئي ٿي.
    هائوسا (Housa) سڀ کان وڏو قبيلو آهي اهي هڪ وڏي ڊگهي گول ٽوپي پائين ٿا جنهن تي هٿ سان نقش نگار ٺهيل هوندا آهن. ڊگهي ٽوپي هائوسا قبيلي جي ماڻهن جي عظمت ۽ برتريءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. سابق صدر الحاج شِهُو شاري جڏهن 1983ع ۾ پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته توهان ٽي وي تي ان جي اها ٽوپي ۽ لباس ڏسي سگهيا هوندا.
    ٻي ٽرائيب (قبيلو) (Uroba) يروبا آهي. اهي ڪپڙي جي ٽوپي پائين ٿا مگر مٿي ۾ وجهڻ کان پوءِ ان کي هڪ طرف کان ڇڪي هڪ ڪن جي پاسي ان ۾ گهٻ ڪري ڇڏيندا آهن جيئن T.V سيريل انڪل عرفي ۾ توهان حسنات ڀائي جي ترڪي ٽوپيءَ جو گهٻ ڏٺو هوندو. هنن جي لباس ۾ عام طرح ڳاڙها وڏا پٽا نظر اچن ٿا. پلين يا ننڍي پرنٽ يا گل ڦل جي بجاءِ وڏا وڏا ڳاڙها ۽ گهرا ۽ شوخ رنگ کين وڻن ٿا. جن کي ڏسي مونکي هالا جا پنج پٽا موٺڙا ۽ سوسيون ياد اچن ٿيون.
    عورتون عام طور تي (Sleeve less) ٿين ٿيون. هيٺ ٽنگن تي گوڏ وانگر ڪپڙو ورائي ڇڏين جنهن کي هو بار بار سڀني جي اڳيان ئي بنان ڪنهن جهجهڪ ۽ حجاب جي ورئاي ورائي پيون ٻڌنديون آهن. شروع ۾ انهن جي اها عادت ڏاڍي عجيب لڳندي هئي ۽ اسان فوراً منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيندا هئاسون ٻيو ڇا ڪريون هڪ ٽنگي جي ملڪ ۾ جو آياسون.
    مٿي تي قيمتي وڏي رومال کي نهايت نفاست سان ورائي پِنِ (Pin) هڻي ٻڌنديون آهن جنهن کي (Headtie) هيڊ ٽاءِ چون ٿيون. هن جي پائڻ سان عورت اٺ ڏهه انچ ڊگهي ٿيو وڃي ۽ ڪنهن تقريب ۾ اگر عورتون اڳين لائين ۾ ويٺل هجن ته پوين کي اسٽيج تي ڪجهه به نظر نه ايندو.
    عام طور تي گهرن ۾ مرد صرف گوڏ ۾ نظر ايندا ۽ عورتون بلائوز ۽ گوڏ ۾.
    ڪنهن وڏي ماڻهوءَ سان ملڻ وڃبو ته هو گهر ۾ صرف گوڏ ۾ ئي ويٺو هوندو. جيئن توهان ٻڌو هوندو ته يوگنڊا جو صدر عيدي امين پنهنجي ذاتي گهر ۾ اخبار وارن ۽ معزز مهمانن سان ڪيئن صرف گوڏ ۾ ئي ملندو هو جنهن تي غير ملڪين ۽ صحافين ڪافي اعتراض ڪيا ۽ ان کي پنهنجي توهين قرار ڏنو. مگر دراصل اها هن جي بي پرواهي نه مگر اتي جا رواج آهن.


    نائجيريا جو تاريخي پس منظر (ماضي حال ۽ مستقبل)

    نائجيريا جو تاريخي پس منظر (ماضي حال ۽ مستقبل)

    ماضي: سنه 1960ع کا پهرين نائيجريا هڪ انگريزن جي زير تسلط ڪالوني هئي، جنهن تي هڪ انگريز گورنر جنرل راڄ ڪندو هو. ان وقت تائين هي ملڪ هڪ زرخيز زرعي ملڪ هو. تعليم جو اوسط هتي 10سيڪڙي کان به گهٽ هو. جيڪڏهن انگريزن کي اها خبر هجي ها ته 1965ع کان پوءِ هتان تيل جا ذخيرا ملندا ته هرگز هرگز هن ملڪ کي آزادي ٺه ڏين ها.
    سر ابوبڪر تفاوا بليوا جي قيادت ۾ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ واري جدوجهد ڪامياب ٿي ۽ آڪٽوبر سنه 1962ع ۾ هي ملڪ آزاد ٿيو ۽ ڪامن ويلٿ جو اڄ سڀ کان سينئر ميمبر آهي.
    حال: جنرل يعقوب گوون سنه 1966ع ۾ 31 سالن جي عمر ۾ فوجي حڪومت جي اڳواڻ جي حيثيت سان اقتدار سنڀاليو هي هڪ اعتدال پسند ۽ پر عزم نوجوان هو. هن جي اقتدار جا پهريان ٻه اڍائي سال ڏکيا ۽ صبر آزما هئا جڏهن بيافرا جي جنگ هلي رهي هئي جنهن ۾ ٻاهريون طاقتون ظاهر ظهور ملوث هيون. پر بيافرا جي معاملي کي صدر يعقوب گوون نهايت تدبر ۽ قابليت سان حل ڪري پنهنجي سياسي بصيرت جو ثبوت پيش ڪيو ان کان پوءِ ملڪ تيزيءَ سان ترقيءَ ڪرڻ لڳو. تيل جي برآمد سال بسال وڌندي رهي ۽ ملڪ جي بجيٽ به هر سال وڌندي رهي ڪئين نوان پروجيڪٽ شروع ٿيا. نيون يونيورسٽيون اسپتالون ڪاليج ۽ اسڪول کلڻ لڳا. اسپرٽ تقريباً فري هو هر شيءِ دنيا جي اوپن مارڪيٽ ۾ دستياب هئي. اُن وقت نائجيريا جا ٻاهرين بئنڪن ۾ 12 ملين ڊالر زرمبادلو سرپلس موجود هو.
    سنه 1977ع ۾ جڏهن صدر گوون يوگنڊا (ڪمپالا) ۾ O.A.U آرگنائيزيشن آف آفريڪن پونٽي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويل هو ته پٺيان جنرل مرتلا محمد (جنهن خود جنرل گاون کي برسر اقتدار آڻڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو هو) حڪومت جو تختو اونڌو ڪري خود اقتدار تي قبضو ڪري ورتو. هن سڀ کان پهرين چئن رياستن کي تقسيم ڪري 19 رياستون قائم ڪيون. اڃا ٽي مهينا مس گذريا ته هڪ ٻيو خوني انقلاب آيو ۽ مرتلا محمد کي قتل ڪيو ويو مگر باغي حڪومت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ جنرل مرتلا محمد جو هي دست راست اولو شيگون اوباسنجو جيڪو ان وقت چيف آف اسٽاف هو تنهن حڪومت جون واڳون سنڀاليون، باغين کي پڪڙيو ويو جن کي جلد ئي گوليون هڻي ماريو ويو.
    هن صاحب اڍائي سال حڪومت ڪئي ۽ 1979ع ۾ آئين تشڪيل ڏنو. آمريڪي صدارتي طرز تي اليڪشن ڪرائي ۽ حڪومت سول عوامي نمائندن جي سپرد ڪئي. اهڙيءَ طرح 17 سالن کان پوءِ وري هڪ ڀيرو هتي سول راڄ قائم ٿيو ۽ ملڪ جو نالو فيڊرل ريپبلڪ آف نائجيريا رکيو ويو. جنهن جو صدر الحاجي عثمان علي شگاري ٿيو. جيڪو N.P.N يعني نيشنل پارٽي آف نائجيريا جو صدر هو ۽ کيس آئين مطابق سمورين رياستن مان سٺ سيڪڙو کان وڌيڪ اڪثريت سان ووٽ مليا.
    هتي ٻيون به وڏيون وڏيون ۽ طاقت ور سياسي پارٽيون آهن جن ۾ U.P.N يونٽي پارٽي آف نائجيريا جنهن جو صدر اوولو وو هو ۽ ٽين وڏي ۽ مقبول پارٽي N.P.P آهي يعني نيشنل پيپلز پارٽي آف نائجيريا جو صدر ازڪوي آهي. جنهن کي زڪ به سڏيو ويندو آهي ۽ نائجيريا جو سڀ کان پهريون صدر رهي چڪو آهي.
    اهڙيءَ طرح هي اولهه آفريقا جو سڀ کان وڏو ۽ دولتمند ملڪ هڪ دفعو وري جمهوريت جي نعمت سان نوازيو ويو.
    منتخب حڪومت جو چئن سالن جو هڪ ٽرم ختم ٿيو. ان دوران سياستدانن ملڪ کي Hay day سمجهي لٽيو ۽ ملڪي دولت ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي جمع ڪئي ۽ اقتصاديات جون جڙون لوڏي رکيون.
    هيڪاري جو بين الاقوامي منڊيءَ ۾ تيل جي طلب گهٽجڻ لڳي ته ان جو اثر به نائجيريا تي پيو ۽ اڳي هتي ٻه ملين بيرل تيل روزانو نڪرندو هو اهو وڃي اڌ ملين بيرل روزاني تي بيٺو. ٻئي طرف حڪومت وڏا وڏا ڪانٽريڪٽ ۽ پروجيڪٽ شروع ڪري ڏنا جن ۾ خاص ڪري نئين دارالحڪومت ابوجا جي تعمير ۽ تزئين آهي. اڃا به هرڪا شيءِ اليڪٽرانڪس، گاڏين ڪارن کان وٺي گوشت، مڇي، اٽو ۽ چانور سڀ ٻاهران گهرائيندا رهن ٿا، شين جا اگهه پنجوڻي کان ڏهوڻي تائين پهچي ويا آهن.
    ٻئي طرف ملڪ جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. ۽ بيافرا جي لڙائيءَ به ملڪي معيشت کي نقصان رسايو آهي.
    انهن سببن جي ڪري ملڪ جي اقتصادي حالت ڪمزور ٿي وئي آهي صدر ان بحران کان بچڻ لاءِ فوري اقدام ڪيا.
    ڪافي پابنديون لڳايون. فارين ايڪسچينج تي سختيون ڪيون ويون نوان پروجيڪٽ بند ڪيا ويا ۽ هلندڙ پروجيڪٽن کي به مرحله وار هلائڻ لڳا پر ڪو گهڻو کڙتيل ڪو نه نڪتو.
    سرڪاري ملازمن کي ڇهه ڇهه مهينا پگهارون تاخير سان ڏيڻ لڳا ملڪ جي زر مبادلي جو ذخيرو 12 بلين سرپلس (يعني بچت) مان گهٽجي 24 ڊيفسيٽ (يعني کوٽ) تي وڃي بيٺو آهي. هنن کي I.M.F ۽ ٻين وڏين بينڪن کان قرض به کڻڻو پيو مگر حالات ۾ ڪو خاطر خواهه سڌارو نه آيو.
    ان دوران اليڪشن جو وقت به اچي ويو.
    رڳو اليڪشن جي مٿان ئي 500 ملين ڊالر (پاڪستاني روپين موجب 7 ڪروڙ ست ڪروڙ روپيه) خرچ آيو آهي.
    باقاعدي اليڪشن ڪميشن ٺهي جنهن جو نالو (Fedco) فيڊرل اليڪٽوريل ڪميشن رکيو ويو جنهن کي تمام گهڻا اختيارات ڏنا ويا. آڱوٺن کي هڻن واري مس کان وٺي بئلٽ باڪس ڪاغذات فارم سڀ ٻاهران گهرايا ويا.

    ٻئي طرف سياسي پارٽين به اليڪشن جي مهم تي بي تحاشا خرچ ڪيو پرائيويٽ جهاز گهرايائون. هزارين مرسڊيز گاڏيون آيون. اشتهارن تي بي انداز خرچ ٿيو ۽ اليڪشن ملڪ جي اقتصاديات کي لوڏي رکيو.
    جمهوري دور ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ٿيون جنهن لاءِ دنيا جي جمهوريت پسند راءِ نائجيريا کي ساراهي ٿي اها هيءَ هئي جو ان دور ۾ تقرير ۽ تحرير جي مڪمل آزادي هئي پريس مڪمل آزاد هئي ۽ اظهار راءِ ڪرڻ ۽ ان جي تشهير ڪرڻ جي مڪمل آزادي ۽ ضمانت هئي. اليڪشن ڪميسن آزاد خودمختيار ۽ غيرجانبدار ۽ طاقتور هئي جنهن کي مالي، عدالتي ۽ انتظامي اختيارات به هئا. هرڪو ننڍو وڏو ماڻهو بنا ڊپ ڊاؤ جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري ٿي سگهيو. حتاڪه اخبار ريڊيو ۽ ٽي.وي ۾ هر فرد يا پارٽي پنهنجو نقطه نظر آزاديءَ سان پيش ڪري ٿي سگهيو.
    ايتري قدر جو مخالف پارٽين جي صدر تي شديد نڪتچيني کي حرف بحرف اخبارون شايع ڪنديون هيون هر پارٽيءَ کي پنهنجون اخبارون ۽ ريڊيو سروس هئي. دنيا ۾ ايتري اظهار راءِ جي آزادي شايد ئي ڪنهن ملڪ جي عوام کي حاصل هجي ۽ آفريقا جي گهٽ ترقي يافته ملڪن لاءِ ته ان جو تصور به نٿو ڪري سگهجي جيڪي سالها سال ڌارين جي غلامي ڪاٽي چڪا هجن.
    شديد سياسي اختلافن جي باوجود صدر قومي ڏينهن تي ٻين ماڻهن کان علاوه ٽنهي مخالف پارٽين جي صدرن کي ملڪ جا وڏا تمغا ۽ اعزاز پيش ڪيا.
    اڪثر قومي امور ۽ بين الاقوامي مسائل بابت تبادله خيالات لاءِ مخالف سياسي اڳواڻن کي ايوان صدر ۾ مدعو ڪيو ويندو آهي ۽ هو به کلي دل سان لڪ جي عظيم تر مفاد ۾ وڏي خوشيءَ سان تعاون ڪندا آهن.
    اليڪشن جا نتيجا نڪتا ته وري به الحاجي شگاريءَ جي پارٽي اڃا به وڌيڪ اڪثريت سان کٽيو. حالانڪه مخالف پارٽين وارن الزام هنيو ته چونڊون منصفانه نه ٿيون آهن.

    نئين حڪومت جنهن جو صدر ساڳيو ئي رهيو آهي پهرئين آڪٽوبر 1983ع جي قومي آزاديءَ جي ڏينهن مزيد چئن سالن لاءِ حلف کنيو. ڪابينه ۾ گهڻي ردو بدل ڪا نه ٿي البت ڪجهه رياستن جا گورنر نوان چونڊجي آيا ڇو ته پراڻا گورنر اليڪشن ۾ هارائي ويا. (هتي گورنر جي عهدي لاءِ به اليڪشن ٿيندي آهي).
    ڊسمبر ۾ سال جي آخر ۾ ڪرسمس (ناتال) جي ڪري ڏاڍي رونق هوندي آهي. آفيسون بند هونديون آهن. اسپتالن مان به گهڻا مريض گهر هليا ويندا آهن.
    شهر جي رستن ۽ هوٽلن کي ڏاڍو سجايو ۽ چراغان ڪيو ويندو آهي.


    ڊسمبر 1983ع ۾ (OLEH) ۾

    ڊسمبر 1983ع ۾ (OLEH) ۾
    آئون پنهنجي دوست ڊاڪٽر محمد صالح لاشاريءَ جي گهر ٽڪيل هئس. اسان سڄو هفتو گهمندا سرڪاري ۽ غير سرڪاري دعوتن ۾ شريڪ ٿيندا رهياسين.
    30 ڊسمبر شام جو گهران نڪتاسين سير ڪندا ٻٽاڪون سٽاڪون هڻندا دوستن کي ڳوليندا ملندا رهياسين جو نيٺ اسان جو گروپ 13 14 ڄڻن جو وڃي ٺهيو جن ۾ ڊاڪٽر، پروفيسر سرجن ۽ واپاري هئا ڪي مسلمان ۽ ڪي ڪرسچن ۽ ڪي هندو دوست هئا ڪي مقامي نائجيرين هئا ڪي پاڪستاني ۽ هندستاني به هئا.
    اهڙيءَ طرح سوا چئن سالن کان پوءِ دنيا جي هيءَ ٽي وڏي ۾ وڏي جمهوريت ۽ آفريقا جي پهرين وڏي ۾ وڏي جمهوريت هڪ فعو وري ختم ٿي وئي هيڏين ڪوششن محنتن ۽ خرچن تي پاڻي ڦري ويو.
    نئين حڪومت جو اڳواڻ ميجر جنرل محمد بخاري جنهن سابق حڪومت تي رشوت خوري بدانتظامي ۽ اقتصادي تباهيءَ جا الزام لڳايا آهن.
    سابق صدر شگاري سميت سمورا وزير ۽ گورنر نظربند آهن ڪي ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن. هاڻي سمورا گورنر فوجي عملدار آهن، واپارين هن سياسي بحران جو فائدو وٺي شيون لڪائي ڇڏيون مگر فوج واپارين کان زوريءَ شيون ڪڍرائي وڪرو ڪرائي ٿي. اهڙيءَ طرح شيون مارڪيٽ ۾ ملڻ لڳيون آهن، مگر جيڪا شيءِ ختم ٿي وڃي ٿي ته اها وري بلڪل ڪا نه ٿي ملي.
    مستقبل: آهستي آهستي نائجيريا جو هي عظيم سرسبز ملڪ هڪ ڀيرو وري مالي بحران جي لپيٽ ۾ اچي رهيو آهي. پيٽرول جي پيداوار ۾ تشويشناڪ حد تائين ڪمي اچي رهي آهي ملڪ جي ليڊرن ۽ عملدارن ۾ هن ملڪ جي دگرگون اقتصادي حالت بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ وارو ڪو به نه رهيو آهي.
    بار بار مارشل لا جي نفاذ جي ڪري بار بار پاليسيون تبديل ٿين ٿيون نفرتون ۽ ويڇا وڌن ٿا.
    منصوبه بندي به شايد ناقص آهي. واپاري ۽ غير ملڪي مفاد پرست گڏجي ملڪ جي اقتصاديات کي برباد ۽ پائمال ڪري رهيا آهن. خانه جنگي به هنن جي اقتصاديات کي متاثر ڪيو آهي.
    جيئن ته مون هِتي جو نمڪ کاڌو آهي مون هتي زندگيءَ جا بهترين سال گذاريا آهن. هتي منهنجا بي شمار بهترين ۽ وفادار ساٿي ۽ دوست رهن ٿا. نائجيريا کي مان پنهنجو وطن ثاني سمجهان ٿو. هي مسلمانن جو ملڪ آهي. شال خدا هن کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪري.
    تيل جي پيداوار ڏسي هنن پنهنجي اصل زراعت جي معيشيت کي به نظرانداز ڪري برباد ڪري ڇڏيو.
    جنهن ملڪ مان روزانو ٻه ملين بيرل تيل نڪرندو ۽ وڪامندو هو سو هاڻ گهٽجي وڃي اڌ ملين بيرل روزانه تي بيٺو آهي.
    جتي غير ملڪي بينڪن ۾ سرپلس (Reserve) ۾ پيا هوندا هئا پر اهو ذخيرو هاڻ ختم ٿي مرڳو وڃي 24 بلين ڊيفيسٽ تي بيٺو آهي. هر هڪ ماڻهوءَ کي عام طور چار پنج زالون آهن ۽ هر هڪڪ زال کي 6 7 ٻار آهن، ڪن ڪن کي ته 15 15 ٻار به آهن ان ڪري ملڪ جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. سال 1975ع ۾ نائجيريا ۾ 70 ملين آبادي هئي جيڪا 1984ع ۾ هڪ سو ملين (ڏهه ڪروڙ) تائين پهچي وئي آهي، جيڪا رفتار ڪافي تشويشناڪ آهي.
    بيافرا جي جنگ ۽ قحط ۽ ڪانؤ جي فسادن ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا آهن جيڪا اقتصاديات جي ماهرن جي راءِ موجب آباديءَ جي واڌ جي قدرتي روڪ ٿام آهي. جنهن کي مالٿيئن ٿيئري چون ٿا.
    مان بنيادي طور ڪو اڪنامسٽ نه آهيان تنهن ڪري ممڪن آهي ته منهنجو تجزيو سو في صد درست نه هجي. پر ايترو ظاهر آهي ته وسائل آهستي آهستي گهٽجي رهيا آهن، ان جي برعڪس اخراجات ۽ آبادي ۽ عياشي ۾ روز افزون اضافو اچي رهيو آهي. پيٽرول جا ذخائر (Oil basnes) به گهٽجي رهيا آهن.
    ”اب تو اتني بهي ميسر نهين مئخاني مين،
    جتني هم چهوڙ کي آئي تهي ڪبهي پئماني مين.“
    خدا ڪري هن ملڪ جا حالات بهتر ٿين ملڪ کي مستحڪم قيادت ملي. ملڪ ۾ سڪار ٿئي ملڪ جا وسائل سر سبز ۽ شاداب هجن.
    ”دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.“
    (شاهه لطيف)

    بين الاقوامي سياست ۾ نائجيريا جو ڪردار
    نائجيريا اولهه آفريقا جو وڏي ۾ وڏو ملڪ ۽ سڄي آفريقا کنڊ جو امير ترين ملڪ آهي ۽ ساڳي وقت ڪامن ويلٿ جو سينئر ميمبر آهي ۽ 1979ع کان 1983ع تائين آفريقا جي وڏي ۾ وڏي جمهوريت ۽ دنيا جي ٽي وڏي جمهوريت هئي. هنن سڀني ڳالهين جي ڪري نائجيريا بين الاقوامي سياست ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي.
    نائجيريا ڪيترين ورلڊ باڊيز جو ميمبر آهي جهڙوڪ O.A.U آرگنائيزيشن آف عرب يونٽي، O.P.E.C (آرگنائيزيشن آف پيٽروليم ايڪسپلورنگ ڪنٽريز)

    U.N.O (اقوام متحده) E.C.W.A (ايڪنامڪ ڪميونٽي آف ويسٽ آفريقا) برٽش ڪامن ويلٿ وغيره.
    نائجيريا ڪيترن پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين آفريقي ملڪن جي مالي امداد به ڪندو رهندو آهي. اسرائيل سان سفارتي ناتا منقطع اٿس. اسرائيل جي معاملي ۾ عربن سان سٺا تعلقات اٿس. پاڪستان سان تمام بهتر لاڳاپا اٿس. ڪيترا پاڪستاني نائجيريا جي صحت ۽ تعليم کاتي ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن. جن ۾ مرد ۽ خواتين شامل آهن.
    اڄڪلهه هي ملڪ نميبيا جي معمالي تي گهڻو سرگرم آهي. روڊيشيا جنهن کي هاڻي زمبابوي سڏيو وڃي ٿو ان جي آزاديءَ لاءِ گهڻو حصو ورتو هئائين. اڪثر پاڙيسري ملڪن کي تيل ڪفايتي اگهن تي مهيا ڪري ٿو.
    آمريڪا ۽ يورپ سان سٺا لاڳاپا اٿس ۽ اهي به هنن ملڪ جي اهميت کي محسوس ڪن ٿا ۽ ان کي ايتري ئي اهميت ڏين ٿا.
    سنه 1982ع ۾ جڏهن صدر شگاري آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪرڻ ويو هو ته اتي سندس گرمجوشيءَ سان استقبال ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ U.N.O (اقوام متحده) جي جنرل اسيمبليءَ کي به خطاب ڪيائين.
    ان کان ڪجهه سال اڳ هن انگلنڊ جو سرڪاري دورو ڪيو هو جيڪو پڻ هڪ يادگار دورو هو.
    هيءَ ڳالهه قابل ذڪر آهي ته ساڳيو سربراهه مملڪت پوليٽيڪل سائنس (Political Science) ۾ ڊگري حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ ڊاڪٽريٽ حاصل ڪئي ڏهه سال هن آفريقا جي ڊيوملائڪ (Giant) جو سربراهه رهڻ کان پوءِ هيءَ يونيورسٽيءَ ۾ عام شاگردن وانگر ڪئفيٽيريا ۾ ٽري کڻي لائين ۾ بيهي خود کاڌو وٺندو هو جيڪو سندس حقيقت پسنديءَ جو اعتراف آهي.
    تازو جڏهن کيس شگاري حڪومت معاف ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڏهه سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ هينئر تازو پنهنجي ملڪ واپس موٽي آيو آهي ته کيس والهانه آڌر ڀاءُ مليو. اتفاق سان شگاري حڪومت جي جلد ئي تختي اونڌي ٿيڻ کان چند ڏينهن پهرين واپس انگلنڊ هليو ويو نه ته عين ممڪن هو ته شايد فوجي حڪومت کيس به هڪ ممتاز سياستدان ۽ مقبول ليڊر ڏسي گرفتار ڪري وٺي ها.


    مذهبي آزادي

    مذهبي آزادي
    هتي اسلام ۽ عيسائيت ٻه وڏا مذهب آهن. مسلمان هتي اڪثريت ۾ يعني 55 سيڪڙو آهن.
    ملڪ جي هڪ طرف اُتر ۾ مسلمان گهڻا آهن ۽ ٻئي طرف عيسائي گهڻا آهن.
    عيسائين ۾ گهڻو ڪري سڀ فرقا آهن. رومن ڪيٿلڪس، پروٽيسٽنٽس، چرچ آف گاڊ مشن ۽ جوواز وٽينس وغيره وغيره. جيوواز وٽينس اهو گروپ آهي جن جي مذهبي عقيدي موجب مريض کي سئي هڻڻ يا خون ڏيڻ به حرام آهي.
    هڪ ٻيو فرقو به آهي جيڪو بُتن جي پوڄا ڪندو آهي بتن کي ئي خدا ڪري مڃيندو آهي. مسلمانن جا هتي زياده فرقا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. هتي مسلمانن کي اها خبر به نه آهي سُني ڇا يا شيعا ڇا. قادياني ڪافي آهن. محرم شريف ۾ عاشورن ۾ ماتم جو رواج هتي ڪونهي. رمضان جي مهيني ۾ اتر نائجيريا ۾ ماڻهو مڪمل طرح روزا رکن ايتري قدر جو رمضان ۾ ڪنهن کان پڇيو ته روزو اٿئي ڇا ته عجب ۾ پئجي ويندو. ڇو ته هتي رمصان شريف معنيٰ لازمي طور روزا رکڻا آهن، روزو ڇڏڻ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.
    ٽرڪ ڊرائيور رستي تي ٽرڪ بيهاري نماز پڙهي وري هليا وڃن مون کي اهو ڏسي عجب لڳو ته اِهي ٽرڪ ڊرائيور نماز جا پڪا ۽ ريگيولر آهن مگر نماز ۾ هيڏي هوڏي پيا نهاريندا آهن نماز ۾ تسبيح به پيا سوريندا آهن. اسلام عليڪم چئبي ته نماز ۾ مصروف هوندي به و عليڪم السلام چون. نماز پڙهندي ڪو ٻار هرڪت ڪري ته ان کي به تڙي ڏئي ڪڍن. هن طرف اُتر ۾ مسجدون آباد آهن ۽ ٻئي طرف وري ديولون آباد آهن.

    تازو قادياني جيڪي پاڻ کي ”احمديه“ سڏائين ٿا سي ڪافي اچي رهيا آهن ۽ پرچار ڪري رهيا آهن ۽ اهي قادياني هتي مسجدون اسڪول اسپتالون ۽ اهڙا رفاعي اِدارا هلائين پيا.
    ان کان علاوه هڪ نئون گروپ مسلمانن ۾ هتي پيدا ٿيو آهي جيڪو پان کي محمد مروا جو پوئلڳ سڏائي ٿو.
    محمد مروا هتي جي طاقت ور ۽ اڪثريتي قبيلي ”هائوسا“ سان تعلق رکي ٿو ۽ سندس نالو محمد مروا آهي. هو (نعوذباالله) نبوت جي دعويٰ ڪرڻ لڳو ۽ بيشمار ماڻهو سندس پوئلڳ آهن. سنه 1980ع ۾ ڪانو (هڪ صوبو) ۾ هن فرقي ۽ ٻين مسلمانن ۾ لڙائي لڳي ۽ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ خود محمد مروا به قتل ٿي ويو. مگر اهو فرقو اڃا ختم نه ٿيو آهي، هينئر به ان جا هزارين پيروڪار موجود آهن. جن 26 ۽ 27 فيبروري 1984ع تي مري (Yola) جي قريب فساد شروع ڪيا جنهن ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا. اهڙيءَ طرح وقتاً فوقاتاً جهڙپون ٿينديون رهن ٿيون.
    هتي جي آبادي جنهن رفتار سان وڌي رهي آهي ته اقتصاديات جي ماهرن جي اصولن موجب هتي لڙاني ۾ ماڻهو مارجي رهيا آهن. 67 1966ع جي بيافرا لڙائيءَ ۾ به هزارين ماڻهو قتل ٿيا ۽ ٻيا هزارين ڏڪار ۽ قحط جو شڪار ٿي مئا. جنهن ڪري ان قدرتي چيڪ سان آباديءَ جو توازن برقرار رهي ٿو.
    سواءِ مٿي ذڪر ڪيل انتها پسند (Extremist) فرقي جي عام طور تي نائجيريا جا ماڻهو مذهبي معاملن ۾ اعتدال پسند آهن. هتي مسلمانن ۽ عيسائين ۾ مذهب جي معاملي ۾ ڪڏهن ڇڪتاڻ ڏسڻ ۾ نه آئي. هتي جا ماڻهو مذهب کان وڌيڪ پنهنجي ٽرائيب (قبيلي) کي وڌيڪ ترجيح ڏين ٿا. جيئن جمال ناصر چوندو هو ته اسان پهرين عرب ۽ پوءِ مسلمان آهيون.
    هو چون ٿا ته منهنجي ٽرائيب جو ماڻهو چاهي منهنجو هم مذهب نه به کڻي هجي ته به اهو مون لاءِ ڌارئين ٽرائيب جي هم مذهب ماڻهوءَ کان وڌيڪ عزيز ۽ افضل آهي.

    آفيس ۾ ڪم ڪارون به انهن بنيادن تي گهڻو ڪري ٿين ٿا، هتي ناممڪن ڪم به آسان ٿي پوندا جيڪڏهن اسان آفيس وارن ۽ متعلقه حڪام يا ڪلارڪ کي يقين ڏياريون ته اسان توهان جي ڳوٺ يا علائقي جا آهيون يا ساڳي ٻوليءَ وارا آهيون جنهن کي هو برادر چوندا آهن ۽ پوءِ نه ٿيڻ وارو ڪم به سولائيءَ سان ٿي پوندو. ايتري قدر جو اسان جهڙا ٻئي ملڪ جا ماڻهو به اگر ان آفيس جي هوم ٽائون (ڳوٺ) ۾ ڪم ڪندڙ آهيون ته اسان به هنن جا برادر ٿياسين ۽ اسان کي ڪم ڪار ۾ سهولتون ڏيندا آهن.


    ڪارا مگر دل وارا

    ڪارا مگر دل وارا
    هتي جا عام ماڻهو جيترائي ظاهري طور ڪارا ۽ جانٺا آهن اوترائي دل جا اڇا ۽ سڀاءُ جا سادا ۽ سٻاجها آهن ظاهري طرح سندن مزاج ۾ ڪرختگي محسوس ٿئي ٿي مگر جيڪي ساڻن گڏ رهيا هوندا تن کي محسوس ٿيو هوندو ته هو ڏاڍا مفاهمت پسند ۽ Cooperative ۽ ڪَسُ کائيندڙ آهن.
    ڪا به ڳالهه دل ۾ نه رکندا آهن ۽ نه ئي پرپٺ ڪنهن جي گلا ڪندا آهن. اگر ڪا ڳالهه ٺيڪ نه سمجهندا آهن ته منهن تي ئي چئي ڏيندا. ان وقت اهو لحاظ نه ڪندا آهن ته اڳلو منهنجو وڏو آفيسر، بزرگ يا مائٽ آهي يا ڪو امير ماڻهو يا سماجي برتريءَ ۾ آهي يا ٻي سياسي پارٽيءَ جو ماڻهو آهي متان دل ۾ ڪري يا نقصان پهچائي نه اصل نه. فطرتاً ڳالهائڻ ڳرو ۽ لهجو کڙو ۽ تيز اٿن. بحث ڪرڻ جي عادت منجهن گهڻي آهي.
    اوپرو ماڻهو ائين سمجهندو ته ايترو گرم تڪرار پيو ٿئي سي ڄاڻ ٿا ڳنڍجن ۽ خونريزي ڪن مگر توهان کي تعجب لڳندو جڏهن توهان ان وقت ئي هڪ زوردار قهقهو ٻڌندا ۽ ٻئي کلي هڪ ٻئي سان هٿ ملائي رهيا هوندا!
    ننڍي آفيسر يا ڪلارڪ وٽ اگر بالا آفيسر به لنگهي ايندو ته هو تعضيماً اٿي نه بيهندو. ويٺو ئي رهندو ۽ نه ئي وري ڊڄي گهٻرائجي جواب ڏيندو ۽ سندس باس جي چوڻ تي هروڀرو سڀ ڪم ڇڏي اهي ڪم فوراً اٽينڊ ڪري اهو به صروري نه اهي. مرضي پويس ته ڪري مرضي پويس ته نه ڪري ڊڄڻ يا خوف کائڻ يا نوڪريءَ جو خطرو يا بدليءَ جوڊپ اهڙي ڪا به ڳالهه هتي نه آهي.
    گهريلو ملازم تمام فرمانبردار وفادار ۽ اعتماد جوڳا آهن House maid وٽ ننڍڙا ٻار ۽ ڀريل بنگلو ڇڏي توهان بي فڪر ٿي ڪجهه ڏينهن هليا وڃو ته هوءَ ڏاڍي ذميداريءَ سان گهر سنڀاليندي مجال آهي جو ڪک به ميرو ٿئي. ڪم جي جفاڪشي ايتري جو زوريءَ ڪم تان اُٿارڻو پوين.


    آدم خور قبائل

    آدم خور قبائل
    هتي آفريقا جي جهنگلات ۾ اندر ڪٿي ڪٿي اڃا به آخمخور قبيلن جا سنسي خيز احوال ملندا رهن ٿا هي قبيلا تهذيب ۽ تمدن جي روشنيءَ کان قطعي محروم آهن. هو سج چنڊ ۽ جانورن جي پوڄا ڪن ٿا ۽ انساني جان جو نذرانو ديوتائن کي ڀيٽا ڪن ٿا خاص طور سينگاريل ڇوڪريءَ کي راڳن ۽ ناچن سان آڻي ان کي ديوتائن جي اڳيان ٻَل چاڙهين ۽ قربان ڪن ٿا ان طرح کين يقين آهي ته اسان وٽان ڏڪار ۽ بيماريون ختم ٿينديون ديوتا راضي رهندا. جيئن تازو ڀارت ۾ بارش جي ديوتا کي راضي ڪرڻ لاءِ اتي جي ماڻهن گڏهه ۽ گڏهه جي شادي ڌام ڌوم سان ڪرائي گڏهن جو جلوس ڪڍيو ۽ گڏهن کي گلن جا هار پارايا. (نواءِ وقت ڪراچي 13 مئي 1987ع)
    جهڙيءَ طرح قديم مصر ۾ حضرت عمررضه جي زماني ۾ نيل نديءَ ۾ خوبصورت ڇوڪريءَ کي ٻوڙي قرباني ڏيندا هئا.
    هتي نه صرف اُهي قبيلا ساليانن موقعن تي انساني جان جي قرباني ڪن ٿا. پر انساني گوشت به شوق سان کائين ٿا. شايد ان ڪري جو ڏڪار ۾ کين ٻيو ڪجهه ميسر ئي نه هوندو آهي. هنن وٽ تير ڪمان ۽ ڀالا ٿين ٿا. هنن جا آواز شوشڙاٽن جهڙا آهن ۽ منهن تي چن جا سفيد ليڪا ۽ ڪراس اٿن هو سڌريل دنيا جي ڪنهن به حصي سان رابطو پسند نٿا ڪن هو ڪنهن به ڌارئين کي نٿا سهن. ڪيترا سياح ۽ مهم جُو ماڻهو انهن جي هٿان مارجي پورا ٿيا آهن هنن جو تعداد آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي. هنن جي سڌرڻ Civilized ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن باقي تمام جلد هن قبيلي جي دنيا جي تختي تان نيست و نابود ٿيڻ جا ڪافي امڪان آهن.


    پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن (P.C.A)

    پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن (P.C.A)
    1980ع کان وٺي اسان واري اسٽيٽ ۾ پاڪستانين جو تعداد ڪافي وڌي ويو. ان ڪري اها ضرورت محسوس ٿي ته هڪ سوشل يا ڪلچرل ايسوسيئيشن ٺاهي وڃي جيڪا عيد جي موقعن تي يا قومي ڏينهن تي گڏجاڻين جو اهتمام ڪري اڳ ۾ به هڪ اهڙي قسم جي ايسوسئيشن هئي جنهن ۾ آئون شامل هئس. مگر تڏهن پاڪستاني ماڻهو هتي اڃا ايترا ڪو نه هئا ۽ جيڪي هئا سي هڪ ٻئي کان گهڻو پري رهندا هئا. تنهن ڪري اها ايوسيئيشن ايتري فعال (Active) ڪا نه ٿي سگهي هئي.
    1980ع ۾ هتي پاڪستانين جو خاصو تعداد ٿي ويو جيڪي سڀ اعليٰ تعليم يافته سنجيده خوشحال ۽ گهڻو ڪري فيملي سان رهندڙ هئا تن منهنجي هن تجويز جو خير مقدم ڪيو.
    تعليمي ادارن ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي ته موڪلون به جام ملنديون آهن ان ڪري سڀني جو ارادو ٿيو ته هڪ باقاعده ايسوسيئيشن ٺاهجي جنهن ۾ عهديدار چونڊجن ۽ پڻ هر هڪ ايريا جا نمائنده به ورڪنگ ڪميٽيءَ تي کڻجن.
    اها جماعت عيد جي ڏينهن ۽ ٻيا قومي وڏا ڏينهن مثلاً يوم آزادي، يوم قاعداعظم، عيد ميلاد نبيﷺ جي ملهائڻ جو شايان شان اهتمام ڪري جنهن ۾ پاڪستاني سفير ۽ ٻين معززين کان علاوه ممتاز نائجيرين مثلاً وزير گورنر يا ميئر کي مدعو ڪجي ۽ انهن گڏجاڻين ۾ تفريحي پروگرام پيش ڪجن ۽ پنهنجي ملڪ جي ڪلچرل ۽ تهذيب جو عڪس پيش ڪجي ساڳئي وقت اسان جي ٻارن جيڪي نائجيريا ۾ ئي پيدا ٿيا ۽ نپنا آهن تن کي پنهنجي ملڪ جي تاريخ ۽ روايتن جو علم ٿئي ۽ پڻ اسلام جي اصولن جي خبر پوي ڇو ته جنهن رياست ۾ اسين رهندا هئاسين، اتي مسلمان تمام ٿورا هئا. بس اٽي ۾ لوڻ مثال.
    هن ايسوسيئيشن جو اهو به فرض هو ته اسين پاڪستاني ڏک سک ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريون جيئن ڊاڪٽر عمر صديقيءَ جي نائجيريا ۾ اوچتي وفات تي اسان جي ڪلچرل ايسوسيئيشن سندس ڪٽنب جي همدردي ۽ مالي امداد ڪئي ۽ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي ۽ سندس فيملي کي سهوليت سان پاڪستان پهچائڻ جو بندوبست ڪيو.
    انهيءَ نيڪ جذبي، نئين شوق ۽ ولولي سان اسان تنظيم جو ڪم شروع ڪيو. اليڪشن جي تاريخ مقرر ٿي. ڪجهه دوستن جي جذباتي طبيعت جي ڪري تنظيمي عمل ۾ ڪجهه رولو پوڻ جو انديشو هو مگر ٻين سنجيده ۽ همدرد دوستن جي مدد سان اختلاف رفع دفع ٿي ويا ۽ حالات وري خوشگوار ٿيا ۽ هڪ اليڪٽوريل ڪميٽي ٺاهي وئي جنهن جي ٽن ڄڻن ۾ مان به شامل هئس.
    1981ع جي شروع ۾ اوبينميا گرامر هاءِ اسڪول جي آڊيٽوريم (هال) ۾ اسان هڪ گڏجاڻي سڏائي هي شهر بينڊل اسٽيٽ جي تقريباً وچ ۾ واقع آهي. سڄي اسٽيٽ مان ٻارين ٻچين سان ٻه سو کن فيمليز اچي جمع ٿيون. جن جي رهائش ۽ کاڌي ۽ ٽرانسپورٽ جو به معقول بندوبست رکيل هو. هو اسان لاءِ هڪ تاريخي ۽ يادگار ڏينهن هو. ائين ٿي لڳو ڄڻ ڪنهن پاڪستاني شهر ۾ آهيون. هن موقعي تي معزز ميزبان جناب وسيم شيخ نهايت وڏي دل سان مهمانن جي آجيان ڪئي.
    تلاوت ڪلام پاڪ کان پوءِ اليڪشن ڪميٽيءَ جي چيئرمن جناب رضوي صاحب جي مرحبائي تقرير کان پوءِ باقاعدي اليڪشن شروع ٿي جيڪا اڍائي ڪلاڪ جاري رهي. ان کان پوءِ چونڊيل اميدوار جا نتيجا ظاهر ڪيا ويا جن وري حلف نامو کنيو. اسان جي هن مخلصانه ڪوشش کي سڀني گهڻو اساراهيو. اسان سڀني پاڪستانين جي هڪ ٻئي سان واقفيت ٿي ۽ ڏاڍي خوشي ٿي.

    اهڙيءَ طرح اها پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن وجود ۾ آئي ۽ 1984ع تائين هن جماعت طرفان چار پنج تمام شاندار ۽ يادگار گڏجاڻيون ٿي چڪيون جنهن جي ڪري هتي نائجيريا ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني هڪ ٻئي جي قريب اچي وياسين. جنهن کي اسان خيرسگاليءَ جي پخته عمارت جي پيڙهه جو پٿر تصور ڪريون ٿا.
    هيترن سارن دوستن مان ڪو دوست پاڪستان موٽندو آهي ته هو ازخود اسان کي ٻڌائيندو آهي. ڪلچرل ايسوسيئيشن طرفان ٽيليفون ڊائريڪٽري سڀني کي مهيا ڪيل آهي جنهن ۾ سڀني ميمبرن جا فون نمبر ۽ ايڊريسون لکيل آهن.
    ڪو به ميمبر پاڪستان موٽي ٿو ته اسان کي ڪي شيون مائٽن کي موڪلڻ يا اتان گهرائڻ ي ڏاڍي سهوليت هوندي آهي. بلڪ ڪي ميمبر ته پنهنجا ٻار ۽ پٽ به انهن جي هٿان پاڪستان موڪلين ۽ وري موڪل تان واپسيءَ تي اهي به ساڻن گڏ موٽن ٿا.
    جيئن هتي جي حڪومت هوم ريميٽنس جي رقم محدود ڪندي وڃي ته اسان وٽ پگهارن مان خاصي بچت هوندي آهي جنهن مان اسان پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن کي ڪافي چندا ۽ امداد ڏيندا آهيون. تنهن ڪري P.C.A هاڻ مالي اعتبار کان ڪافي مستحڪم ٿي رهي آهي. تنهن ڪري اسان هتي تمام معياري اسڪول کولڻ جي منصوبه بندي ڪري رهيا آهن جتي نائجيريا جي نصاب سان گڏوگڏ اردو، پاڪستان اسٽڊيز ۽ اسلاميات لازمي طور سيکاريندا جئين جڏهن اسان جا ٻار واپس وطن موٽن ته کين اُتي مزيد تعليم جاري رکڻ ۾ ڪا دشواري نه ٿئي.


    بحرين ۾ 1975ع

    بحرين ۾ 1975ع
    پاڪستان موڪلن گذارڻ کان پوءِ واپسيءَ تي اسان بحرين ۽ روم وياسون بحرين ۾ اسان پهريون ڀيرو آيا آهيون. توهان کي خبر آهي ته ٻن ٻيڙين ۾ سوار ماڻهوءَ جو ڇا حشر ٿيندو آهي پر اسان ته مرڳو ٻن سمنڊ (بحرين) ۾ سوار هئاسين. پر اچڻو ضرور هو. بقول الطاف شيخ جي چيوسين ته ”مائٽ وٽان ليئو پائيندا وڃون.“ بحرين ۾ اسان پنهنجي عزيز ڊاڪٽر محي الدين لالا قريشيءَ وٽ ٽڪياسين. سندس بيگم جيڪا منهنجي گهرواريءَ جي سؤٽ ۽ ڪلاس ميٽ آهي هتي گهڻي زماني کان رهي ٿي. اسان جو وقت ڏاڍو مزي ۾ گذريو. ائين پيو لڳي ڄڻ اسان واپس پاڪستان اچي ويا آهيون. پاڪستاني ۽ هندستاني هتي تمام گهڻا رهن ٿا ۽ اردو عام طور ڳالهائي وڃي ٿي.
    هتي بحرين ۾ کاڌي پيتي جي هر شيءِ پنهنجي ملڪ جي ملي سگهي ٿي. ايتري قدر جو پانن جون مانڊڻيون، چانهه جا ننڍا ريسٽورنٽ ۽ ڪيفيٽريا، ويندي ٽيڪسيءَ وارا به پنهنجي ملڪ جا. ڪنهن به قسم جي اجنبيت محسوس ڪا نه ٿي ٿئي.
    ڊاڪٽر لالا ٻئي ڏينهن اسان کي اسٽيڊيم گهمائڻ وٺي هليو جتي ڪرڪيٽ مئچ هلي رهي هئي. 90 سيڪڙو ايشين ماڻهو پئي ڏٺا.
    روم ۾ رات رهي هتان گهمندا اسان واپس نائجيريا پهتا آهيون. اسان کي نائجيريا موٽڻ جي جلدي ان ڪري به هئي جو اسان جي هڪ هندو دوست جي شاديءَ ۾ شرڪت جي اسان کي سگهري نينڍ هئي ۽ ساڻسن مخلصانه ۽ قريبي تعلقات جي ڪري اسان کي اهو ڪاڄ ڪنهن به طرح مِس ڪرڻو نه هو.


    نائجيريا جون ٻهراڙيون

    نائجيريا جون ٻهراڙيون
    )اوبياروڪو ۾ ٻه سال 76 1975ع(

    اڄ ڏينهن تائين تقريباً اٺ سال کن آئون واري ۽ بينن سٽي جهڙن وڏن تاريخي ۽ ماڊرن شهرن ۾ ڪم ڪندو رهيو آهيان جتي زندگيءَ جون تمام تر سهوليتون موجود هيون آفيس گهر اسپتال سڀ ايئرڪنڊيشنڊ هئا. وڏا وڏا شاپنگ سينٽر به ايئرڪنڊيشنڊ هئا اعليٰ درجي جون هوٽلون، جمخانه ۽ ڪلب هاءِ سوسائٽي ۾ اٿڻ ويهڻ جا موقعا ملندا رهيا.
    هن دفعي مونکي هڪ ٻهراڙيءَ جي نئين تعمير ٿيل اسپتال ۾ مقرر ڪيو ويو. هتي اچڻ سان مون کي صحيح معنيٰ ۾ آفريقا کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو آهي ۽ هتي جي ماڻهن جي ريتن رسمن ۽ مزاج جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. توهان ڏٺو هوندو ته هاڻي منهنجا خط تمام طويل ۽ جذباتي هوندا آهن ڇو ته مان هتي اچڻ کان پوءِ هڪ ڊاڪٽر سان گڏوگڏ هڪ ريسرچ اسڪالر به بنجي پيو آهيان.
    مان هن ڳوٺ ۾ پاڻ کي هتي جي سوسائٽيءَ جو هڪ فرد تصور ڪريان ٿو ۽ شايد هنن به مون کي اهڙيءَ ئي طرح Accept and Accomodate ڪري ورتو آهي.
    هتي مون کي صرف ڊاڪٽري ڪرڻي نٿي پوي پر مونکي هن ڳوٺ جي باشندن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيڻو ۽ اٿڻو ويهڻو پوي ٿو. هتي جي چڱي مڙس (Chief) کي اها ئي اهيمت ۽ عزت (Due respects) ڏيڻي آهي جيڪا کين اتي جا ماڻهو ڏيندا رهن ٿا.
    مطلب ته هيءُ منهنجي زندگيءَ جو عجيب و غريب تجربو آهي جنهن کي ڪم از ڪم مان پنهنجي لاءِ ته هڪ خوشگوار تجربو چئي سگهان ٿو جو پنهنجي وطن کان ست هزار ميل پري مان هنن اوبياروڪو جي باشندن لاءِ سندن ويڄ طبيب سان گڏ ڪميونٽيءَ جو ميمبر به بنجي رهيو آهيان.
    هنن جي شادين ۾ آئون مدعو ڪيو وڃان ٿو مگر هنن جي غمين ۾ آئون بنا گهرائڻ جي ازخود ۽ پڻ منهنجي گهرواري به ان ۾ شريڪ ٿيون ٿا. فرق رڳو اهو آهي ته انهن جي اصل باشندن کي غميءَ ۾ زالن توڙي مردن کي مٿو ڪوڙائڻو پوندو آهي پر اسان ائين ڪو نه ڪندا آهيون.
    ٻهراڙين ۾ هتي به ميلا ملاکڙا لڳن ٿا جتي تنبوءَ وانگر خوبصورت سجايل دوڪان ميون، رانديڪن، ڪپڙن ۽ ٻين ڳوٺاڻن هنرن جا لڳائين ٿا. تماشبينن جي ڏاڍي پيهه هوندي آهي. هتي ڪنهن بزرگ جي مزار تي اهڙا ميلا ڪو نه ٿا لڳن پر اڪثر هر سال ڳوٺن ۾ اهڙا وندر جا شغل ٿين ٿا. جيئن پاڻ وٽ ملاکڙو لڳي ٿو تيئن هتي ڪشتي ۽ ٺونشي بازيءَ جا مقابلا ٿين ٿا. اهڙن موقعن تي ڳوٺاڻيون شيدياڻيون ڏاڍو ٺهي جڙي هار سينگار ڪري پيون گهمنديون آهن ڪٿي ڪٿي جوئا ۽ شراب هلي ٿو باقي ٻي فحاشي بلڪل ڪا نه ٿئي.
    هي ڳوٺ جتي اسان رهون ٿا اٿيوپ نندي (River Ethiope) جي ڪناري تي اڏيل هڪ قديم ڳوٺ آهي. اسان جو گهر ته بلڪل ننديءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي. جنهن جو صاف ۽ شفاف پاڻي ۽ ماحول جي خاموشي، سانت ۽ سڪون هڪ رومانوي ماحول کي ترتيب ڏئي رهيو آهي.
    نديءَ جي ٻئي ڪناري تي نائجيرين هارڊ ووڊ ڪمپني آهي جنهن جو جنرل مئنيجر مسٽر بليڪ بارڊ هڪ خوش مزاج انگريز آهي، جنهن سان ڪافي دوستي ٿي وئي آهي ۽ گهر اچڻ وڃڻ جا تعلقات ٿي ويا آهن. سندس گهاٽي ڏاڙهيءَ ۾ ڪٿي ڪٿي سفيد وارن جو ڇڳو ائين پيو لڳي ڄڻ بيگن ڦلي انب تي ساوا گهڪا. اسان ٻئي اٿيوپ نديءَ جي ڪناري چهل قدمي ڪندي ڪافي اڳتي نڪري ويندا هئاسين.
    هنن انگريزن جا گهر سڄا ڪاٺ جا ٺهيل آهن ۽ فرش ڇتيون، فرنيچر، اسٽول، بينچون ائين پيون لڳن ڄڻ پوري وڏي ٿُڙ جون سلائيس ڪٽي اچي رکيون اٿن گهر جو سڄو يونٽ پورٽيبل آهي. جيئن پاڻ وٽ سينڊوز دوائن جي ڪمپني وارن جا بنگلا ۽ ميس پورٽيبل آهن.
    هتي غير ملڪي انگريزن جا ڪافي گهر آهن جيڪي هن ڪمپنيءَ جا ملازم ۽ انجنيئر آهن. انهن فارينرز جي ڪلب به تمام صاف سٿري آهي، جنهن جا ڪافي يورپين ميمبر آهن. بيڊمنٽن ۽ ٽيبل ٽينس جا ڪورٽ ۽ سئمنگ پول به هن ڪلب ۾ موجود آهن.
    هنن کي ڪمپنيءَ جي ڪم ڪار ۽ سروي ڪرڻ لاءِ پنهنجو هيليڪاپٽر به آهن جنهن ۾ هنن جا انجنيئر ۽ عملدار ٺيڪي ۾ کنيل جهنگلات ۾ هلندڙ ڪم جي نگراني ڪن ٿا ۽ لئگاس ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ به ايندا ويندا رهن ٿا تنهن کانسواءِ هن ڪمپنيءَ جي ايئرڪنڊيشنڊ اسٽاف بس، هڪ مائڪرو بس ۽ ڪيتريون ئي جيپون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي اپستال جي اسٽاف وارن کي پڪنڪ يا ڪم ڪار لاءِ بس کپندي آهي ته هن ڪمپنيءَ وارا گهڻي خوشيءَ سان مهيا ڪن ٿا. هو پنهنجي ملازمن کان ڪم چڱيءَ طرح وٺن ٿا مگر سندن هر قسم جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کي به پنهنجو فرض سمجهن ٿا.
    هن ڪمپنيءَ وارن انجنيئرن هتي وهندڙ اٿيوپ نديءَ جو هڪ حصو صاف ڪرائي هن ۾ هڪ قدرتي سئمنگ پول ٺهرايو آهي جتي اڪثر بوٽنگ (Boating) ڪشتيراني به ڪندا آهن.
    روزانو شام جو ۽ خاص ڪري آچر جي ڏينهن ته هن ڪمپنيءَ جا ملازم ۽ سندن انگريز زالون هتي اچي ٻيڙين ۾ سير ڪنديون آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄن سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي پنهنجي منظور نظر نوريءَ سان ڪينجهر جو سير ڪري رهيو هجي جنهن لاءِ لطيف گهوٽ فرمائي ٿو ته:
    ”هيٺ جَرُ، مٿي مڃَرُ، پاسي ۾ وڻراه،
    اچي وڃي وچ ۾، تماچيءَ جي ساءَ،
    لڳي اتر واءَ، ته ڪينجهر هندورو ٿئي.“
    عجب جي ڳالهه اها آهي ته هنن جا ٻار اڪثر موڪلن ۾ يورپ کان هتي سرديون گذارڻ ۽ ڳوٺاڻي ماحول کان لطف اندوز ٿيڻ ايندا آهن. اسان اوبياروڪو ۾ ئي هئاسني ته 1976ع ۾ هڪ دفعو وري ملڪ ۾ فوجي انقلاب آيو ۽ جنرل يعقوب گوون کي هٽائي جنرل مرتلا محمد حڪومت سنڀالي، جنهن جي نالي سان لئگاس جو نئون تعمير ٿيل ايئرپورٽ سڏجي ٿو. پر چند مهينن ۾ ئي هڪ ٻئي فوجي انقلاب جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ۾ جنرل مرتلا محمد قتل ٿي ويو. مگر جنرل مرتلا محمد جي ساٿين انقلاب کي ناڪام بنائي ڇڏيو ۽ سندس ئي دست راست چيف آف اسٽاف جنرل اولو شيگون اوباسنجو ملڪ جو سربراهه بنيو آهي. جنهن اڳتي هلي سنه 1979ع ۾ صدارتي چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي چونڊيل نمائندن جي سپرد پروقار ۽ بارونق تقريب ۾ جنرل اوباسنجو، چونڊيل صدر عثمان علي شگاري کي پاڻ مٿاهين چبوتري مان ڪرسيءَ تان اٿي هيٺ لهي اچي صدر شگاري کي سئليوٽ ڪيو ۽ کيس وٺي وڃي مٿي صدارتي ڪرسيءَ تي وهاريو ۽ پاڻ واپس موٽي اچي مهمانن جي قطار ۾ خالي ٿيل صدر شگاريءَ جي ڪرسيءَ تي ويٺو. ان طرح هن جمهوريت جي اعليٰ روايتن جو ذکر مان مٿي ڪيو ۽ عوام کي صحيح معنيٰ ۾ طاقت جو سرچشمو تسليم ڪيو.
    اڄڪلهه هو صاحب پنهنجي زمينداريءَ ۾ مشغول آهي ۽ زمين تي ٽريڪتر هلائڻ ۽ ٻيو ڪم ڪار سمورو پاڻ پنهنجي سر ڪري ٿو ۽ سياست کان بلڪل رٽائرڊ ۽ ڪناره ڪش آهي.
    شروع ۾ جو اسان وڏن وڏن ماڊرن شهرن ۾ ست اٺ سال گذاري آيا هئاسين ته عارضي طور اسان هتي ڪجهه (Uneasy) پئي محسوس ڪيو پر پوءِ جلد ئي اسان جو وقت تمام سٺو گذرڻ لڳو.
    هتي جا سڀ ماڻهو انگريزي ڳالهائي سگهندا آهن. اسپتال ۽ رهائش جون جايون تمام جديد ۽ آرامده آهن. بجليءَ جي موجودگيءَ ڪري ايئرڪنڊيشنڊ آهن. پاڙي ۾ پڙهيل ڪڙهيل انگريز فيمليون به رهن ٿيون جن جو اسان سان تمام بهتر سلوڪ آهي.
    نديءَ جي قدرتي مناظر هڪ فطري حسن پيدا ڪيو آهي. هي ڳوٺ هڪ پختي سڙڪ سان شهر سان ڳنڍيل آهي. نائجيريا جي هن ڳوٺ جي ماڻهن اسان کي جيڪو پيار ۽ محبت ڏني آهي سان اسان ڪڏهن به وساري نه سگهنداسين.
    ٻه سال اسان هن ڳوٺ ۾ ائين گذاريا جو وقت گذرندي خبر ئي نه پئي. هن ڳوٺ جي باشندن سان شادي غميءَ ۾ اٿڻ وهڻ سان اسان هن سماج جو هڪ حصو بنجي چڪا آهيون. هن ڳوٺ جا وڏا مرد ۽ عورتون ته ڇا پر ننڍا ٻار به اسان کي سڃاڻن ٿا ۽ عزت ڏين ٿا. ٻارن جي وارڊ ۾ اسان جي اسپتال ۾ هڪ مقامي ڇوڪرو ڪيتري وقت کان داخل هو. مان ڪجهه ڪڏهن سندس بيڊ تي ساڻس ليوڊو ويهي کيڏندو هئس. هو مون سان ڏاڍو هري ويو هو ۽ راند ۾ مون سان ڏاڍو ڦڏو به ڪندو هو هاڻ جڏهن هو چاق ٿيو آهي ته ٻه چار ڏينهن پنهنجي مائٽن وٽ رهي مون وٽ منهنجي گهر موٽي آيو آهي. هن جي ماءُ مون کي به پٽ ڪري ڪوٺيندي آهي. سندس مڙس هتي هڪ اسڪول ٽيچر آهي.
    ٻن سالن کان پوءِ جڏهن اسان موڪل تي پاڪستان اچي رهيا هئاسين ته اپستال جي اسٽاف وارن کان علاوه نائجيرين هارڊ ووڊ ڪمپنيءَ وارن اسان جون دعوتون ڪيون اسان هتي وارن جو هي قرب ۽ خلوص ڏسي ائين پيا سمجهون ته ڄڻ اسان ڪن ايامن ۽ جنمن کان هن ڳوٺ جو هڪ حصو آهيون.هارڊ ووڊ ڪمپنيءَ وارن اسان کي سندن هيليڪاپٽر ۾ نهايت سهوليت سان ايئرپورٽ تائين پهچايو. جنهن لاءِ اسان سندن شڪر گذار آهيون. منهنجي گهر واري ۽ اتي جي عورتن هڪ ٻئي کان روئي موڪلايو ۽ خود مون به اشڪبار اکين سان کين خدا حافظ چيو. خدا ڪري اوبياروڪو جا باشنده سدا خوش خورم ۽ خوشحال هجن. هو ڊسمبر جي ڪرسمس ۽ جنوريءَ جي نئين سال تي اڃا به ياد ڪندا رهندا آهن. هن ڳوٺ جي باشندن جو خلوص ۽ پيار اسان لفظن ۾ بيان ڪري نٿا سگهون هتي جي ماڻهن لاءِ منهنجي سدائين اها دعا آهي ته:
    ”منهنجو ته وار وار ٿو هر هر دعا ڪري،
    ڪوسو لڳي نه واءُ سڄڻ کي خدا ڪري.“
    (طالب الموليٰ)
    هتي به اسان جي پيارن هندو دوستن چيلارما ڊپارٽ مينٽل اسٽور وارن جا اڪثر فون ايندا هئا ۽ حال احوال خير خيريت دريافت ڪندا هئا. منهنجي بيگم چوندي هئي ته نائجيريا وارن سان ايڏا گهرا ناتا رکون ٿا ڄڻ ته ڪڏهن پاڪستان موٽڻو ئي ڪو نه اٿوَ. جيئن ڪنوار کي سندس سهيليون ائين طعنا ڏيندوين هيون ته ”ايڏو ٿي هار سينگار ڪرين ڄڻ ته چنيسر سان چت لڳائڻو اٿئي“. هيلوڪي سفر ۾ اسان کي جدائيءَ جو ايترو ته ڏک ٿيو جو رستي تي گهمڻ ڦرڻ بدران سڌو روم کان ٿيندا ڪراچي آياسين.


    اٿينس يونان ۾ 1977ع

    اٿينس يونان ۾ 1977ع
    هن دفعي موڪل ختم ٿيڻ تي جڏهن اسان نائجيريا موٽياسين ته مون سان گڏ منهنجو سالو مسٽر مقبول احمد ميمڻ به هو جيڪو يورپ، عربستان ۽ آفريقا جي مختلف شهرن ۾ هوٽل انڊسٽريءَ جو مطالعو ڪرڻ چاهي ٿو. اسان ڪراچيءَ کان يونان جي دارالحڪومت اٿينس (Athens) پهتاسين. هي شهر فن تعميرات جو هڪ گران قدر سرمايو آهي. تمام قديم شهر آهي جنهن ۾ يوناني دور حڪومت جا آثار ۽ مجسما نهايت حفاظت ۽ نفاست سان سانڍيل آهن. اٿينس جو شهر تهذيب جي اوائلي دور ۾ علم و دانش جو مرڪز رهيو آهي. يونان ۾ علم فلسفي جا وڏا وڏا عالم پيدا ٿيا آهن. هتي جي ماڻهن طب جي علم ۾ به پنهنجي مهارت جو ڌاڪو ڄمايو آهي. اڄ به جڏهن اسان تهذيب شهرت ۽ علم سياسيت جو ذڪر ڪريون ٿا ته ان جي ريسرچ ۽ گهراين مان گذرندي اسان يونان جي قديم تاريخ تائين پهچي وڃون ٿا.
    ’’ذکر نکلا قیامت کا،
    بات پھنچی تیری جوانی تک۔‘‘
    اڄ به هتي جون گرجائون ۽ کنڊرات سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز بنيل آهي پر اهي ڳالهيون ۽ يادگار منهنجي ٻارن، بيگم ۽ منهنجي مهمان مقبول احمد کي ڪو نه پئي وڻيا نه ته هونئن آئون اڃا به هڪ ٻه ڏينهن وڌيڪ هتي ترسان ها.
    اٿينس جو شهر انهن يادگارن کان علاوه جديد ۽ قديم تهذيب جو سنگم معلوم ٿئي ٿو جتي قدامت ۽ جدت جو هڪ حسين امتزاج بدرجهء اتم موجود آهي. جديد عمارتون، ڪشادا رستا، ٽريفڪ جو نهايت معقول بندوبست، ماڻهن جو رويو مهمان نوازيءَ وارو؛ موسم ٿڌي، هوٽلون تمام جديد طرز جون خاص طرح شهر ۾ جيتري ٽريفڪ ماڻهو ۽ دوڪانداري آهي. ان جي مقابلي ۾ هتي شور تمام گهٽ آهي. منهنجي ڏاڍي خواهش هئي ته ڪجهه گهڙيون هن شهر جي گهٽين ۽ گلين ۾ پيادل گهمي ڏسان جو تهذيب و تمدن جي هن قديم شاهڪار ۾ وري اچڻ ٿئي يا نه ٻن ڏينهن ۾ ماڻهو ڇا ڏسي؟ پر همسفر ساٿين جو رايو منهنجي راءِ تي مسلط رهيو ۽ اسان اتان ٿي روم جي رستي پنهنجي منزل مقصود نائجيريا پهتاسون. هر دفعي نائجيريا ۾ پهچي مون کي ايڏي خوشي ٿيندي آهي ڄڻ L.M.C ڄامشوري مان هالا پهتو آهيان. مون پنهنجي پهچڻ جو اطلاع وزارت صحت کي ڏنو جن مون کي ۽ منهنجي مهمان سيٺ مقبول احمد کي سرڪاري خرچ تي بينن شهر جي تمام جديد ۽ آرامده هوٽل ”سٽي سينٽر“ (Hotel City centre) ۾ رهڻ جا احڪام ڏنا. هتي اسان ٻه مهينا سڄا رهيا پيا هئاسين ۽ ڏينهن جو گهمڻ ڦرڻ ويندو هئس ۽ هتي جي فوجي اسپتال جتي منهنجا پيارا دوست ۽ ساٿي رهن ٿا تن سان ملڻ ۾ وقت سٺو گذري ويو. فوجي اسپتال جي دوستن جي راءِ هئي ته منهنجي وري به اتي مقرري ٿئي پر منهنجي گهروارن ۽ منهنجي ذاتي خواهش هئي ته اسان جو تقرر شال وري به ساڳئي شهر اوبياروڪو ۾ ٿئي. پر منهنجي پوسٽنگ هن دفعي هڪ چڱي وڏي شهر اگبور (Agbor) ۾ بطور ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ ٿي آهي. هي سڄو مهينو دوستن کي خط لکڻ ۽ واري، بينن لائگوس ۽ اوبياروڪو ۾ دوستن سان ٽيليفون تي ملاقاتون ٿينديون رهيون.


    اگبور ۾ ٻه سال 78 1977ع

    اگبور ۾ ٻه سال 78 1977ع
    جنوري 1977ع ۾ مون جنرل هاسپيٽل اگبور ۾ اچي چارج ورتي. هي خاصو وڏو شهر اُهي جيئن پاڻ وٽ سکر يا لاڙڪاڻو ۽ اسپتال بينڊل اسٽيٽ جي تقريباً وچ ۾ واقع آهي. نائجيريا جون لوڪ ڌُنون ۽ لوڪ رقص ڏسڻ ۽ appreciate ڪرڻ لاءِ هن کان وڌيڪ مون کي ٻيو بهتر موقعو نه مليو هن شهر جي خاص خوبي اها آهي جو هي ٻن پهاڙين ۽ هڪ ماٿريءَ تي اڏيل شهر آهي ۽ رات جو خاص ڪري نهايت خوبصورت نظارو پيش ڪري ٿو.

    هڪ پهاڙيءَ تي اسان جي اسپتال آهي ۽ ٻي پهاڙيءَ تي اسان جو گهر آهي. هتي جا نوجوان ۽ وڏا شاگرد فوٽ بال ۽ گهوڙي سواريءَ جا ڏاڍا شوقين آهن. هي اهڙو خوش قسمت شهر آهي جنهن ۾ اڪثر ڪنهن نه ڪنهن جي شادي يا ڪو ڪاڄ ضرور هوندو آهي. اها روئداد اسان هتي ٻه اڍائي سال لاڳيتو ڏٺي. پري کان جبلن تي شاديءَ وارو سينگاريل گهر پيو ڏسبو هو ۽ ان جي گهر جو ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ماٿريءَ ۾ گونججي پري پري جبلن تي وڃي ٽڪرائيندو هو. جنهن جا الفاظ ته سمجهه ۾ نه ايندا آهن البت ردم ۽ لئي ڏاڍي پياري لڳندي آهي. جيئن مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾ ”کڙي نيم کي نيچي هون ٿا هيڪلي“ جو ٿري آلاپ حساس ۽ فنڪارانه مزاج وارن جي اندر ۾ هلچل مچائي ڇڏيندو آهي ۽ آئون به پنهنجي ڊرائنگ روم ۾ پروفيسر بلاول پرديسي جي لازوال ڌن ”وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو“ ”دل ايندو لٽڻ اڄ ڍولڻو“ جو ڪيسٽ لڳائي ڇڏيندو آهيان.
    هي شهر هاءِ وي کي تمام ويجهو آهي ان ڪري روڊ ٽريفڪ ايڪسيڊنٽ (R.T.A. Cases) جا ڪيس هتي تمام گهڻا اچن ٿا ۽ اڪثر مون کي مصروف رهڻو ٿو پوي.
    هر ڳالهه ۾ قدرت جي حڪمت آهي. اگرچه اسان ٻنهي جي دلي تمنا هئي ته اسان جي پوسٽنگ دوباره ايوبيوروڪو ۾ ٿئي مگر هتي اچي مون کي حادثن ۾ زخمي ٿيل مريضن جي علاج جو تمام وسيع تجربو حاصل ٿيو آهي. عام حالتن ۾ هڪ مريض جو علاج ڪرڻ ان جي هسٽري وٺڻ، ٽيسٽون وٺڻ ۽ ان بعد علاج ڪرڻ يا ان کي اِسپيشلسٽ ڏانهن رجوع ڪرڻ اها جدا ڳالهه آهي ۽ ٻئي طرف سخت مجروح ۽ بيهوش يا نيم بيهوش مريض يا مريضن جنهن سان ڪو وارث به نه هجي ان جو هنگامي بنيادن تي علاج ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي. قدرت مون کي هن قسم جي هنگامي ڪيسن جي اسٽڊي ڪرڻ ۽ علاج ڪرڻ جا تمام گهڻا موقعا فراهم ڪيا. ڪڏهن ڪڏهن آڌي رات جو بيگاهه وقت تي يا سخت مينهن ۾ اهڙا بدنصيب مريض کڄي ايندا هئا يا انهن جي ايڪسيڊنٽ جو اطلاع ملندو هو ۽ اسان ايمبولينس موڪلي اهڙن مريضن کي کڻائي ايندا هئاسين ۽ بجاءِ اهو ڪم نائيٽ ڊيوٽي تي موجود عملي جي آسري تي ڇڏڻ جي مان ان کي عبادت سمجهي ڪم کي لڳي ويندو هئس. اهڙي طرح ڪيترائي ڀيرا مون ناشتو ۽ شيونگ اسپتال ۾ ڪئي هوندي. مون هتي جي نوجوان مردن عورتن ۽ شاگردن جي تعاون سان هڪ رضاڪار ويلفيئر جماعت به ٺاهي جيڪا پڻ اهڙن موقعن تي مدد ڪندي آهي ۽ اسان کين فرسٽ ايڊ جي تربيت به ڏني آهي. هو ڪڏهن مريضن لاءِ گهربل قسم جو رت به خوشيءَ سان فراهم ڪندا آهن. جڏهن کان مان نائجيريا جي فوجي اسپتال ۾ تعينات هئس ته مون پوليس ڊپارٽمينٽ جي سپاهين ۽ آفيسرن جي ڪيترن ئي گروپن کي فرسٽ ايڊ جي ٽريننگ ڏني جنهن لاءِ پوليس ڪمشنر ۽ هوم ڊپارٽمينٽ توڙي سول ڊفينس وارن جا ڪيترا تعريفي خط ۽ سرٽيفڪيٽ اڄ سوڌو مون وٽ موجود آهن.
    ان ڪري ئي ويڪ اينڊ تي مان باوجود دلي خواهش جي پنهنجي دوستن سان بينن يا واري يا اوبياروڪو ۾ وڃي نه سگهندو هئس، پر ڪڏهن ڪڏهن اهي دوست قرب ڪري مون وٽ هتي اچي ويندا آهن.
    ٿورا ئي ڏينهن ٿيندا جو مون وٽ اگبور اسپتال ۾ هڪ شديد زخمي ٿيل هلڪي ڦلڪي سانوري نوجوان ڇوڪري کڄي آئي جيڪا پاڻ ڪار ڊرائيور ڪري رهي هئي ۽ ساڻس ڪار ۾ ٻيو ڪير به همسفر نه هو ۽ ڪار به سڄي چڪنا چور هئي. شايد هوءَ ضرورت کان وڌيڪ پي نڪتي هئي يا کيس ڪٿي پهچڻ جي تمام جلدي هئي. سندس ڪار جي حالت ڏسڻ سان سڀ ڪنهن ائين به چيو ته سندس بچڻ هڪ معجزي کان گهٽ نه هو.
    هن حادثي جي خبر اگبور ۽ آس پاس ۾ جهنگل جي باهه وانگر پکڙجي وئي. گهڙي گهڙي اسپتال ۾ سندس خيريت پڇڻ لاءِ فون ايندا رهندا هئا. اها گهڙي خالي نه هئي جو اسپتال ۾ سندس مزاج پرسيءَ لاءِ ماڻهو نه ايندا هجن جن ۾ سندس مائٽن کان وڌيڪ شاگرد، تاجر، مقامي ليڊر، صحافي ۽ فنڪار شامل هئا. ڪيترن ئي نوجوانن هن بليڪ بيوٽيءَ لاءِ پنهنجو رت ڏيڻ جون آڇون ڪيون. سندس ڪمرو هر وقت تازن گلدستن سان سٿيو پيو هوندو هو. مطلب ته:
    ’’ہم ہوئے، تم ہوئے، میر ہوئے،
    سب اسی زلف کی اسیر ہوئے۔‘‘
    ڇوڪريءَ مون کي منٿ ڪري چيو ته سندس چهري آواز، يا جسم ۾ عيب يا نقص رهجي وڃي ته اهڙي زندگيءَ کان هوءَ موت کي وڌيڪ ترجيح ڏيندي.
    پوءِ مون کي خبر پئي ته مريضه بينڊل اسٽيٽ جي مقبول عام و خاص سنگر هئي ائين کڻي چئجي ته هوءَ نائجيريا جي هن اسٽيٽ جي لتا منگيشڪر هئي.
    ڇوڪري ته واقعي پنهنجي پُرستارن جي دعائن جي صدقي جلدي چڱي ڀلي ٿي وئي پر اسان وٽ ايڊمٽ R.T.A جي ٻين غريب مرضن لاءِ به هر گروپ جي خون جو چڱو خاصو ذخيرو جمع ٿي ويو.
    اسان فرصت جي وقت ۾ هن اسپتال جي ٻين ڊاڪٽرن جن ۾ هڪ روسي ڊاڪٽر چيواٽ (Dr. Chivat) ۽ پاڪستاني سرجن صديقي سان ٽيبل ٽينس کيڏڻ يا چهل قدمي ڪرڻ ۾ چڱو بهتر وقت پيو گذرندو آهي. هي ٻئي ڊاڪٽر منهنجا ويجها پاڙيسري به آهن تنهن ڪري انهن سان گهرو اچڻ وڃڻ جا ناتا آهن.
    1977ع جي آخر ۾ مون کي خدا جي فضل سان پهريون پٽ عمران ڄائو جنهن جي نالي سان پرنس علي روڊ تي هوٽل العمران قائم آهي هن ٻار جي ڄمڻ تي اتي پاڙي جي پوڙهين جيڪي جهمر پائي مقامي زبان ۾ ڳيچ ڳايا تن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سندن دل رکڻ لاءِ مون کين سندن رسم رواج موجب ساٺ سوڻ ڪرڻ کان به منع نه ڪئي.
    روسي ڊاڪٽر چيواٽ (Dr. Chivat) جيڪو آرٿوپيڊڪس (هڏن جي بيمارين) جو اسپيشلسٽ آهي هڪ ملنسار ۽ خوش مزاج ڊاڪٽر آهي. مريضن سان ائين کلي قرب سان ڳالهائيندو آهي جو سندن اڌ مرض ته اتي ئي ٺيڪ ٿي ويندو آهي.
    هن ڪيترن ئي پوليو جي مرض جي شڪار ٻارن ۽ وڏن جو علاج ڪيو ۽ اهڙا ماڻهو ۽ اپاهج ٻار جيڪي گيسيون پائي هلندا هئا سي خدا جي فضل سان چاق ٿي هلڻ چلڻ لڳا آهن. آئون کيس چوندو آهيان ته ڊاڪٽر چِوياٽ، توهان واقعي پنهنجي طبي پيشي جي حلف جو حق ادا ڪري ورتو آهي.
    پوليو جو علاج ڪافي طويل ۽ صبر آزما ٿئي ٿو. مريض، مريض جا مائٽ ۽ ڊاڪٽر ٽنهي کي هڪ ٻئي سان تعاون ڪرڻو پوي ٿو. پر ڊاڪٽر چيويٽ ان کان به وڌيڪ همدرد خيرخواه ۽ (Devoted Doctor) آهي. سڀ مريض کيس دوست ڪري سمجهن ٿا. هو پوليو جي مريض ٻارن سان ليوڊو کيڏڻ لڳندو آهي ۽ ٻارن کي پنهنجا ماءُ پيءُ به وسري ويندا آهن. هن ڊاڪٽر جي صحبت ۽ قربت مان مون گهڻو تجربو حاصل ڪيو آهي. مريض ٻارن سان گفتگو ڪندي به بار بار (excuse me) ايڪسڪيوزمي گهڻو ورجائيندو آهي.
    هتي اگبور جي اسپتال ۾ مون سان گڏ هڪ پاڪستاني سرجن ڊاڪٽر محمد عمر صديقي به ڪم ڪندو هو. جيڪو هڪ خوش مزاج ۽ ملنسار انسان هو. هر مشڪل کان مشڪل ڪم مان به تفريحي پهلو ڪڍي وٺندو هو ۽ چوندو هو ته:
    Let us enjoy the hardships
    Let us share the misfortunes of poor patients
    ٿورائي ڏينهن پهرين هن منهنجي appendictes جي آپريشن به ڪئ هئي، هتي اسان جي گهر جي بلڪل سامهون سندس گهر هو جنهن ڪري اسان لاءِ به ڏاڍي سهوليت هئي جو ليڊيز به هڪ ٻئي وٽ پيادل ئي سولائيءَ سان پيون اينديون وينديون هيون، بدقسمتيءَ سان اسان جو هي ساٿ پائيدار ثابت نه ٿيو ۽ اسان جو هي ڪچهرين جو مور ڊاڪٽر دل جي دوري پوڻ سبب اسان کان وڇڙي ويو. مان کيس فوراً نائجيريا جي سڀ کان وڏي ۽ جديد اسپتال بينن يونيورسٽي ٽيچنگ هاسپيٽل ۾ کڻائي ويس مگر زندگي هن فرشته سيرت انسان سان وفا نه ڪئي. مون کي اڃا تائين ياد آهي ته مان جڏهن ڊاڪٽر صديقيءَ کي بينن کڻائي پئي ويس ته ان وقت مان گهر ۾ ٻڌائڻ آيس ته مان ٻه ٽي ڏيهن صديقيءَ صاحب سان گڏ بينن وڃي رهيو آهيان ته ان وقت به صديقي صاحب جي بيگم اسان جي گهر موجود هئي، جيڪا بلڪل هاڻ هاڻ ليمن جو آچار تحفي طور ڏيڻ آئي هئي. سندس معصومانه چهرو ڏسي مون کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جي همت نه ٿي سگهي ۽ پنهنجي وائيف کي چيم ته کيس اسان جي وڃڻ کان پوءِ آرام سان حقيقت کان آگاهه ڪري.


    ترڪي جو سير ڊسمبر 1978ع عيد رولي ۾

    ترڪي جو سير ڊسمبر 1978ع عيد رولي ۾

    1978ع ۾ اسان وري موڪل تي وڃن جون تياريون شروع ڪيون هن دفعي اسان نائجيريا ايئرويز ۾ لئگاس کان روم پهتاسين ۽ پين ايم Pan Am ۾ ترڪيءَ جي گادي جي شهر استمبول ۾ پهتاسين جتان اسان کي ساڳي فلائيٽ ۾ تهران (ايران) جي رستي ڪراچي پهچڻو هو. اسان پنهنجي اچڻ جي تار حيدرآباد موڪلي ڇڏي هئي.
    هي قوت شهنشاه ايران جي زوال جو زمانو هو آمريڪي سفارتخاني جا عملدار ايرانين وٽ يرغمال طور قبضي ۾ هئا حالات غير واضح ۽ ڪافي ڪشيده هئا. انهيءَ صورتحال جي پيش نظر پين ائم جي پائلٽ ايران وڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    ان ريڙهه پيڙهه جو جيسين ڪو حل نڪري تيستائين پورا اٺ ڏينهن اسان استمبول ۾ رهيا پيا هئاسين.
    اسان کي سمنڊ جي ڪناري هڪ اعليٰ درجي جي هوٽل ۾ رهايو ويو ۽ سڄو هفتو اسان مصطفيٰ ڪمال پاشا ۽ ترڪيءَ جي سلطان جي سر زمين تي خوب سير ڪيو.
    جيئن سائين پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جن فرمائيندا آهن ته گهمڻ ۽ سير سفر ڪرن ۾ ڏاڍو مزو آهي خصوصاً ان وقت جڏهن خرچ سمورو ميزبانن جي مٿان هجي ۽ کيسي مان ٽڪو به ڏيڻو نه پوي. (سير و سفر)
    مون کي ترڪيءَ جي سر زمين سان هونئن به محبت آهي ڇو ته ترڪيءَ جي سلطان جي مدد لاءِ هندستان جي مسلمانن جيڪي قربانيون ڏنيون تن ۾ اسان جي عزيزن خصوصاً حڪيم شيخ شمس الدني (ڊاڪٽر ضياء الدين شيخ ۽ جناب سعيد شيخ ۽ آپا عائشه شيخ ۽ محترمه مريم آخوند جي والد صاحب) جن ڪافي رقمون ۽ چندا گڏ ڪري ترڪيءَ جي سلطان کي موڪليون هيون ۽ مرحوم حسن علي آفنديءَ سان گڏ ڪافي ڪم ڪيو هو. جيئن ته عيد مٿان هئي تنهن ڪري اسان حيدرآباد پهچڻ لاءِ ڏاڍا بي چين هئاسين. اسان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي پاڪستاني مسافر هئا جيڪي آمريڪا مان اچي رهيا هئا. ان زماني ۾ جهاز فل وڃي رهيا هئا ۽ جتي به ڪا هڪ ٻه سيٽ ملي ٿي ته جهاز وارن Pan Am وارن مان ٿورا ٿورا ڪري پئسنجر موڪليا پئي. آخر تنگ ٿي چيائون ته توهان کي واپس يورپ (لنڊن يا پيرس) موڪليون ٿا اتان ڪراچيءَ لاءِ گهڻا جهاز وڃن ٿا ۽ توهان کي سولائيءَ سان جڳهه ملي ويندي.
    ڪجهه ماڻهو ان تي به راضي ٿيا ته وري پيرس وارن هڪ نئون شرط وڌو ته فقط اهي مسافر جن وٽ آمريڪن يا برٽش پاسپورٽ آهي اچي سگهن ٿا. ايتري قدر جو هڪ پاڪستاني ڊاڪٽر جنهن وٽ آمريڪن پاسپورٽ هو ان کي کڻڻ لاءِ تيار ٿيا مگر ان جي زال جنهن وٽ پاڪستاني پاسپورٽ هو ان کي کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون.
    نيٺ مس مس اٺين ڏينهن هڪ J.A.L جپان ايئرلائينس جو جهاز جيڪو بينڪاڪ وڃي رهيو هو ان ۾ ڪافي جڳهه خالي هئي جيڪو اسان سڀني مسافرن کي کڻي پهرين بئنڪاڪ ويو ۽ اسان ڪراچيءَ جي مٿان گذري اوڀر ڏي هليا وياسين ۽ ڪراچيءَ جي شهر جو ٻڌي ائين تجاهل عارفانه سان ڪنٽار ڪئي سين ڄڻ ڪڏهن ڪو ڪنهن وقت اسان ڪراچيءَ جو نالو ڪٿي تاريخ جاگرافي يا اخبار جي ڪنڊ پاسي ۾ پڙهيو هوندو جنهن جي اسان کي ٻي ڪا وڌيڪ خبر نه هجي.
    هڪ رات ۽ هڪ ڏينهن اسان بئنڪاڪ ۾ زبردستيءَ جي تفريح ڪئي جيئن اسان مريضن کي زبردستي آرام (Compulsory bed rest) ڪرائيندا آهيون.


    بئنڪاڪ

    بئنڪاڪ
    مشرق ۽ مغرب جي سنگم جي هن سر زمين تي اسان جو اچڻ بلڪل غير متوقع طور ٿيو آهي ڇو ته ايئر سروس وارن جي ڦڏي سبب اسان کي J.A.L ۾ ڳوٺ اچڻو پيو جيڪو پنهنجي دستوري پرواز موجب بئنڪاڪ مان گذرڻو هو.
    36 ڪلاڪن جي مختصر قيام ۾ اسان گهڻي کان گهڻو گهمڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ هي تاريخي ملڪ جيڪو هلندڙ صديءَ جي آخر ۾ پنهنجي نون مالڪن ۽ آقائن جي سپرد ٿيڻو آهي جنهن لاءِ اڳواٽ ئي انگريزن ۽ چينين جا معاهدا ٿي چڪا آهن.
    جديد ۽ قديم تهذيبن جي هن خوبصورت امتزاج ۾ هڪ طرف سپر مارڪيٽس، فلڪبوس عمارتون، هوشربا نائيٽ ڪلبون، مساج پارلر (Massage Parlour) موجود آهن ته ٻئي طرف گپ ۽ گندگي، سوڙهيون گهٽيون، پراڻا گهر آهن جن جي درن تي ڦاٽل ۽ خسته ڳوڻين جا پردا لٽڪيل ڏٺاسين.
    هتي جي ماڻهن جو لباس اڪثر ڪري گهرن تيز رنگن واريون لونگيون آهن، جيڪي گوڏ وانگر بدن تي ويڙهين ٿا. هتي جي خاص قابل ذڪر شيءِ، هتي جا جڙاء دار گنبذ ۽ نوڪدار اڏاوت واريون عمارتون آهن، هي خوبصورت شهر مينام نديءَ جي ٻنهي پاسي وسيل آهي. هونئن ڪجهه ٻيون به نديون ۽ نهرون شهر مان گذرن ٿيون. اسان ٻيڙي تي چڙهي ڪجهه حصو شهر گهمي ورتو هتي ترندڙ ٻيڙين تي بازار لڳي ٿي جيئن پاڻ وٽ جمع بازار سڄي ننڍي ڀاڄين ۽ هوٽلن ۽ ٻين وکرن جي ٻيڙين سان ڍڪجي ويندي آهي. جن جا گهر درياء جي ڪناري تي آهن تن کي سودو سلف ٻيڙيءَ وارو در تي ئي پهچايو وڃي.
    هتي جا مندر فن عمارت سازيءَ جو نادر نمونو آهن، جيڪي سياحن جو توجهه ڇڪائين ٿا. مقامي آبادي ۾ گهڻي ڀاڱي ٻڌ ڌرم جا پوئلڳ آهن، هندو چيني به گهڻا آهن پر قدبت ۽ لباس ۾ سڀ هڪجهڙا، قد جا پورا پُنا رنگ گندمي مگر صاحب، جسم صحتمند ۽ مزاج جا خوشگوا ر۽ حالات جي اعتبار کان فارغ البال پيا لڳن.
    هتي ٻنين ۾ زالون ۽ مرد ڪم ڪن ٿا. اس کان بچڻ لاءِ وڏا ڪکن جا ٽوپا مٿي تي پيا ٿن. نائجيريا وانگر هتي جون زالون به ٻارن کي پٺيءَ سنا ٻڌن پر فرق رڳو اهو آهي جو نائجيريا ۾ زالون ٻارن کي ڪپڙي سان پٺيءَ سان ٻن پر هتي هڪ ٽوڪري ۾ ٻار ويهاري اها ٽوڪري پٺن سان ٻڌيو وتن.
    گاڏين کي ڇڪڻ لاءِ ڍڳن کان علاوه مينهيون ۽ پاڏا به ڪم آڻين رستن تي مٿو ڪوڙيل گيڙو يا پيلي رنگ جي چادر ۾ لپيٽيل ٻڌ سنياسي ڏسجن ٿا.
    هتي جي مندرن جي سجاوٽ ۽ اڏاوت ۽ ان ۾ سون ۽ جواهرات جي ورکا هتي جي ماڻهن جي گوتم ٻڌ سان والهانه عقيدت جو ثبوت آهي. مندرن ۾ گوتم ٻڌ جي مورتي سنگ مرمر، نيلم جي پٿر، آج، چاندي يا سون سان ٺهيل رکيل آهي. هڪ وڏي مندر ۾ ته 150 فوٽ ڊگهي ۽ 40 فوٽ ويڪري سون جي ٺهيل مورتي ليٽيل ڏيکاري وئي آهي. ان ۾ مهاتما ٻڌ نظر اچي ٿو جنهن ڪيتري وقت کان کاڌو ۽ پاڻي واپرائڻ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. سندس پيٽ پٺيءَ سان لڳل آهي ۽ هڏيون ۽ پاسراٽيون چٽيون پيون ڏسجن پر سندس چهري تي آسودگي ۽ متانت ان جي بزرگي ۽ برتري ظاهر ڪري رهي آهي. انسان ذات جي هن خيرخواهه نيڪ منش جا اهي متا مون کي ياد اچڻ لڳا آهن جن ۾ هو فرمائي ٿو ته:
    ”من جون سڌون اربيون ته پوءِ موت جو ڪو به ڊپ نه آهي.“
    هتي جي راجا جو نالو مهاراج ڌراج ڀومي تيج رام آهي. ۽ راڻيءَ جو نالو مهاماتنئيه سري ڪيرتي آهي. هتي جي قديم رهاڪن جا نالا گهڻو ڪري هندي ۽ سنسڪرت زبانن مان ورتل آهن.
    برونائي جي حڪمراني جي محلات وانگر هتي جي حڪمران جو محل به ڏسڻ وٽان آهن. لڳ ڀڳ هڪ چورس ڪلو ميٽر جيتري ايراضيءَ ۾ ڦهليل هي محل سمورين دنيوي آسائشين، رعنائين ۽ رنگين سان مرضع ۽ سجايل آهي. محلات جي چوڌاري ندي وهي ٿي جتي مهاراجا جي خاص سواريءَ جي ٻيڙي ٻڌل آهي جيڪا هڪ خاص لباس پهريل يڪا ڏيڍ سو 150 ملاح هلائين ٿا. ٻيڙي تي طرحين طرحين جا گل ٻوٽا ۽ پکي اُڪريل آهن. نديءَ تي ونهجڻ لاءِ خاص قسم جا گهاٽ سنگ مر مر جي پٿر جا جوڙيل اهن، جيڪي اتي جي ماڻهن جي چوڻ موجب فقط شرفا ۽ انهن جي بيگمات جي تصرف ۾ اچن ٿا. ساڳيءَ طرح جپان ۾ به ڪميونٽي باٿ آهن پر اتي اميري غريبي جو فرق ڪونهي سڄي پاڙي جا مرد عورتون ۽ ٻار ان ۾ هر وقت ونهنجي سگهن ٿا.
    شاهي محل جي ٻاهران هڪ عاليشان باغ آهي، جنهن ۾ طرح طرح جا گل ٻوٽا نهايت نفاست سان پوکيل آهن. محل کان ٿورو اڳتي هلبو ته هڪ وڏو وسيع عريض ميدان ڏسڻ ۾ ايندو جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڪاليج ۽ يونيورسٽيون آهن ۽ اڃا ٿورو اڳتي هلبو ته هتي نيشنل ميوزم ايندو. هي عجائب گهر پهرين شاهي محل جو هڪ حصو هو پر لڳ ڀڳ اڌ صدي کن اڳ ان وقت جي مهاراجا ان کي قومي ميوزم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پراڻي زماني جا هٿيار، لباس، ۽ زرهون رکيل آهن ۽ ڪجهه مورتيون ۽ ڪتاب، تصويرون نهايت نفيس شيشي جي ڪٻٽن ۾ محفوظ رکيل آهن.
    پاڻيءَ جي فراوانيءَ سبب هتي چانورن جي پوک گهڻي ٿئي ٿي. مڇي ۽ چانور هتي جي ماڻهن جي مرغوب غذا آهي ۽ غريب غربي کي سولائيءَ سان مهيا به ٿي سگهي ٿي، جيئن بنگلاديش ۾. ڪمند ۽ ناريل رٻڙ ۽ ساڳوان جو ڪاٺ ٻاهر برآمد ڪري گهڻو غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا.
    دنيا جو اهو ڪهڙو ملڪ آهي جنهن جو باشندو بئنڪاڪ ۾ نه لڀندو. پاڪستاني ۽ انڊين ته هتي تمام گهڻا آهن ۽ واپار هوٽل ۽ درزڪي ڪم ۾ ماهر آهن. نووارد هتي جي حسن ۽ خوبصورتيءَ کي ڪنهن به طرح نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.
    ٻيڙيءَ ۾ گهمندي منهنجي ڀر سان ويٺل انڊين فيملي مان هڪ کي چيم ته سنڌ مان آيل آهيون ته يڪدم سعيدآباد جي پير جهنڊي جي پير فضل حق شاهه راشدي لاءِ سلام ڏنائين.
    گهڻا سال اڳ اسان نائجيريا ۾ فلم (Panic in Bangkok) (بئنڪاڪ ۾ وڳوڙ) ڏٺي هئي ۽ اڄ وري اسان بئنڪاڪ جو حقيقي مشاهدو ڪيو ۽ بئنڪاڪ ۾ زندگيءَ جي گهما گهمي ۽ سڪون اسان کي ڏاڍو متاثر ڪيو.
    هتي اسان کي ڪجهه سنڌي هندن جون هوٽلون ۽ درزيءَ ۽ پنساريءَ جا دوڪان به ڏسڻ ۾ آيا.
    هتي اسان سلڪ جو ڪپڙو ۽ ٿورو گهڻو ٻيو سامان خريد ڪيو. هتي هاڻ دل چاهيو پئي ته ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ٽڪجي مون کي سهگل جي ڳايل غزل جي هيءَ مصرع ياد آئي ته:
    ’’لائی حیات آئی قضا، لے چلی چلے،
    اپنی خوشی سے آئے، نہ اپنی خوشی چلے۔‘‘
    اسان جي واڳ پرائي وس هئي. عيد ته الاجي ڪٿي رستي ۾ ختم ٿي وئي هوندي ٻئي ڏينهن رات جو اسان هوٽل مان ايئرپورٽ پهتاسين جتان J.A.L. جي جهاز اسان کي پنهنجي منزل مقصود تي پهچايو ۽ ”کفر ٹوٹا خدا خدا کر کے“.
    ڪراچي ايئرپورٽ تي لٿاسين ته ڪير به ڪو نه مليو ڇو ته سڀ انتظار ڪري حيدرآباد موٽي ويا هوندا ۽ اسان ٽيڪسي ڪري حيدرآباد آياسين. انهن کي ڪهڙي خبر ته جڏهن منهنجا دوست ۽ عزيز ڪراچي ايئرپورٽ تي اسان جو انتظار ڪري رهيا هئا ته اسان استنبول جي هڪ وڏي هوٽل ۾ رهيا پيا هئاسين ۽ اتي هوٽل جي عملي سان سير ڪرڻ لاءِ مشورو ڪري رهيا هئاسين جن کي اسان جي انگريزي مڙئي پوري سوري پئي سمجهه ۾ آئي ۽ اسان لاءِ به سندن ترڪي ٻولي ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون.
    ”زبانِ يار من ترڪي،
    و من ترکي نمي دانم.“
    مون وٽ اسان جي پاڙيسري ڊاڪٽر يعقوب مغل (ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان اسٽڊيز سنڌ يونيورسٽي) جي ترڪي انگريزي ڊڪشنري به هئي پر جيئن ته اسان هتي بنا پروگرام جي اوچتو اچي وارد ٿياسين تنهن ڪري اها مون وٽ في الوقت هٿيڪي ڪا نه هئي.

    ارومي جا شب و روز فيبروري 1979ع
    پاڪستان مان واپسيءَ تي قاهره ۾ هڪڙي رات ٽڪي ايجپٽ ايئرويز جي جهاز ۾ لئگاس پتهاسين.
    هن ڀيري منهنجو تقررر ارومي جنرل اسپتال ۾ ٿيو اهي. مون کي ته هي شهر ائين پيو محسوس ٿئي جيئن ڪا نئين تعمير ٿيل هائوسنگ سوسائٽي، ڇو ته هن ۾ سڀ گهر نوان اڏيل ۽ هڪ جهڙا پيا لڳن جيئن حيدرآباد جي وحدت ڪالوني يا هيرآباد، پوري پلاننگ ۽ منصوبه بنديءَ سان هي شهر ٺاهيو اٿن. جنهن ۾ گهر وڏا ۽ وڇوٽيءَ تي، هوٽلون بازار ۽ ديول شهر جي هڪ طرف ۽ اسپتال اسڪول ۽ آفيسون شهرن جي ٻئي طرف ۽ باغ پارڪ ٽئي طرف. ٽريفڪ هتي گهڻي ڪا نه ٿي ڏسجي.
    رستن ۽ روڊن تي سهڻا سهڻا سايه دار وڻ آهن. اسپتال جي اندر ئي اسان جو گهر آهي.
    هتي جا ڪافي هائوس ۽ ڪول ڪارنر سهڻا ۽ صاف سٿرا آهن هتي ميوو ۽ کير سٺو ملي ٿو. اڃا اسان جي هتي ڪنهن سان گهڻي دوستي ڪا نه ٿي آهي. سواءِ اسپتال جي ڊاڪٽرن جن سان روزانه شام جو گپ شپ ٿيندي آهي.
    هتي جي موسم بينڊل اسٽيٽ جي ٻين شهرن جي ابتڙ تمام ٿڌي آهي، رات جو ته هيڪاري سيءُ وڌيو وڃي ۽ بغير اوڇڻ جي سمهي ڪو نه سگهبو آهي. ماحول ۾ ڪافي رنگيني ۽ چهل پهل آهي، جو هتي جنرل اليڪشن جون تياريون ٿي رهيون آهن. هن شهر جي ٻي خصوصيت اها آهي جو شهر 24 ڪلاڪ کليل رهي ٿو.
    هتي اٺ مهينا مس رهياسين ته منهنجو تبادلو اسابا Asaba جنرل اسپتال ۾ بحيثيت انچارج جي ٿيو. هيءَ اسپتال ارومي جي مقابلي ۾ وڏي ۽ وڌيڪ مشغول آهي. ان ڪري اتي ڊاڪٽر ۽ ٻيو طبي عملو زياده آهي.
    اگرچه هتي اسان تمام ٿورو وقت رهياسين پر وڃڻ وقت هن ننڍي شهر جي ڪائونسل آف ايلڊرز (معززين جي مجلس) اسان جي جيڪا مهماني ڪئي تنهن کي اسان پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز ۽ قدرداني سمجهون ٿا. هتي جي بزرگن اسان کي الودائي پارٽيءَ ۾ جيڪي هار پارايا تن ۾ گلن سان گڏ الاچي، لونگ ۽ ٻيون اهڙيون سُرهيون شيون به ٽاڪيل هيون.


    اسابا (Asaba) جولاءِ 1979ع

    اسابا (Asaba) جولاءِ 1979ع
    هي شهر چڱو پرفضا مقام آهي ۽ شاعرانه مزاج رکڻ وارن لاءِ هتي ڪافي رومانوي ڪيفيتون ۽ وارداتون وقوع پذير ٿينديون رهن ٿيون. هي شهر نائجير نديءَ جي ڪناري تي اڏيل آهي. جيڪا اوڀر کي اولهه سان ملائي ٿي.
    هن نديءَ تي هڪ وڏي پراڻي پل اڏيل جنهن جي هُن طرف ٻي رياست جو مکيه شهر اونيشا آهي جيڪو واپار جي لحاظ کان نائجيريا جو مئنچيسٽر چئي سگهجي ٿو. هن جي تمام طويل ۽ قديم مارڪيٽ اولهه آفريقا جي وڏي مارڪيٽ آهي ۽ دنيا جي هر شيءِ هتي ملي سگهي ٿي.
    اسابا جي هيءَ اسپتال نائجيريا جي چند ماڊرن ۽ وڏين اسپتالن مان هڪ آهي جنهن جو مان انچارج آهيان.
    منهنجي ساٿين ۾ هتي هڪ بلغاريه جو ڊاڪٽر سواو (Savav) آهي، جيڪو Sofia يونيورسٽي هاسپيٽل ۾ گائني جو پروفيسر هو ۽ هاڻ اسان وٽ اسابا ۾ بدلي ٿي آيو آهي. تمام خاموشي طبئي ۽ خوبصورت لباس پائڻ وارو قداور جوان آهي. ٻيو دوست ڊاڪٽر شڪري مصر مان آيو آهي ٻه مقامي نائجيرين ڊاڪٽر آهن ۽ هڪ ليڊي ڊاڪٽر (Mrs Nwanbinli) آهي جنهن کي شاعري ۽ گلن پوکڻ جو ڏاڍو شوق آهي.
    هتي اسان جي ڊاڪٽرن جي هيءَ ٽيم ڪافي دوستي ۽ لحاظ سان ڪم ڪري رهي آهي جنهن ڪري مون کي ايڊمنسٽريشن جو ڪو به مسئلو نه آهي. دراصل همت ۽ حوصلو آهي ته مسئلا پيدائي نه ٿيندا ۽ جيڪڏهن پيدا ٿيندا ته ازخود حل به ٿي ويندا آهن. اسان هنن دوستن جي تعاون سان ويڪ اينڊ (آچر) تي به اسپتال ساڳي طرح کليل رکون ٿا. آهستي آهستي اسان جي اسپتال جو باغ به بهتر ٿي رهيو آهي. در حقيقت نائجيريا جي موسم ۽ برساتون باغن لاءِ ساز گار آهن.
    جنهن وقت اسان ارومي ۾ هئاسين ته ٻارن جي پڙهائيءَ لاءِ اُتي ڪو سٺو اسڪول ڪو نه هو تنهن ڪري مون جلد پنهنجي بدلي وڏي شهر ۾ ڪرائي آهي هتي سٺا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. ٻڌو اٿم ته هاڻ ارومي ۾ به سٺا اسڪول کوليا اٿن.
    هتي اسابا ۾ ٻيا به ڪافي پاڪستاني ۽ هندستاني دوست رهن ٿا جن مون کي ڳولي اچي هٿ ڪيو آهي جن ۾ خاص طور سان نيوي ۾ ليفٽيننٽ فيروز مجيب ۽ مسٽر حبيب جهڙا مخلص دوست قابل ذڪر آهن. هن شهر سان اسان جون ان ڪري به يادون هميشه وابسته رهنديون جو ٿورائي ڏينهن پهرين هتي منهنجي ٻي ڪڪي ڪامران جي ولادت ٿي آهي.
    اسابا شهر ۾ اسان جي قيام جي دوران بي اها ڳالهه به قابل ذڪر ٿي آهي جو اڳوڻي پرائيم منسٽر سر ابو بڪر تفاوا بيلوا جي شهادت کان پورا 13 سال پوءِ ملڪ ۾ وري انتخابات ٿيا آهن ۽ الحاجي عثمان شيهو شگاري وڏي اڪثريت سان صدر منتخب ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح هتي جي مبصرن موجب هيءَ دنيا جي ٽيو نمبر وڏي ۽ آفريقا جي پهريون نمبر وڏي جمهوريت جو قيام عمل ۾ آيو آهي.
    1980 جي آخر ۾ اسان موڪل تي پاڪستان موٽياسين ۽ Sabina ايئرويز ۾ براسيلز، امسٽرڊم جنيوا ۽ پوءِ دبئي گهمياسين. بيلجم جي مشهور شهر براسيلز ۾ هڪ ميٽل جو ماڊل دنيا جي عجائبات مان هڪ آهي تيز رفتار لفٽ تي ان جي وڏي وچواري گولي مان سڄو براسلز ۽ ان جي پسگردائي نظر اچن ٿا. دبئي مان اسان ڪافي شاپنگ ڪري فارين ايڪسچينج مان کيسا هلڪا ڪيا جو ان بعد ٻي منزل ڪراچي هئي.
    جڏهن اسان هن دفعي پاڪستان ۾ موڪل ختم ڪري نائجيريا جو عزم ڪيو ته مون سان پنهنجو پنجن ڀاتين جو ڪٽنب ساڻ هو. ڇو ته اسان جي ٻيو نمبر ڪڪي شازيه جيڪا پاڪستان ۾ رهي ٿي سا به اسان سان گڏ گهمڻ آئي آهي. واپسيءَ ۾ اسان بامبي، لنڊن، سئٽزرلينڊ، جينوا ۽ زيورڪ گهمندا سيئز ايئر سروس ۾ جون 1981ع ۾ نائجيريا پهچي ويا آهيون. هميشه وانگر جيستائين اسان جو پوسٽنگ آرڊر پهچي، اسان کي بينن جي هوٽل ۾ ٽڪايو ويو آهي، هتي هوٽل ۾ T.V تي برطانيه جي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊايانه (Diana) جي شادي جي يادگار تقريب ڏسڻ جو موقعو مليو. هتي لڳ ڀڳ ٻه مهينا اسان کي هوٽل ۾ ٽڪندي اچي ٿيا آهن. 2 آگسٽ تي منهنجي ننڍي ڪڪي شازيه واپس پاڪستان رواني ٿي وئي آهي جو سندس اسڪول حيدرآباد ۾ کلڻ وارا آهن ۽ اسان اڃا پوسٽنگ آرڊر ملڻ تائين هتي ئي رهنداسين.


    ازورو ۾ تبادلو (Ozoro) 1981ع

    ازورو ۾ تبادلو (Ozoro) 1981ع
    آگسٽ 1981ع ۾ مون ازورو جي جنرل اسپتال جي انچارج جي حيثيت سان ڪم شروع ڪيو آهي.
    ازورو هڪ ننڍو شهر آهي جيئن پاڻ وٽ ٽنڊو آدم يا شهدادپور مگر جيئن ته اهو هيلٿ مئنيجمينٽ بورڊ جي چيئرمن جو ڳوٺ آهي تنهن ڪري هُن مون کي ڪجهه مزيد سهوليتن (فرنج بينيفٽس) سان پنهنجي ڳوٺ ۾ بدلي ڪرايو آهي.
    هتي اسان کي هڪ تمام سٺي جڳهه رهڻ لاءِ ڏني اٿن ۽ گهريلو ملازم ڊرائيور چوڪيدار بورچي ۽ مالهي سڀ مهيا ڪيل آهن. ڇاڪاڻ ته اهي سڀ انگريزي ڄاڻن ٿا تنهن ڪري ڪا به تڪليف نه آهي. ٻئي طرف مان پوري توجهه سان اسپتال جي ڪم کي بهتر کان بهتر طور هلائڻ ۾ لڳي ويو آهيان.
    اڳئين هفتي ۾ مون ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي. مهيني کن ۾ هو به هري مري ويندا.
    هتي جا ماڻهو قربائتا ۽ مروت وارا آهن. شهر ۾ صفائي ۽ روشنائيءَ جو بهتر انتظام آهي. اسپتال به هڪ نئين جڙيل خوبصورت عمارت ۾ آهي. مريضن جي في الحال ته گهڻي رش ڪانهي البت ٻاهرين مريضن O.P.D ۾ اضافو اچي رهيو آهي.
    ٿورا ڏينهن ٿيندا جو هتي جي هاءِ اسڪول ۾ صحت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. جنهن جي صدارت لاءِ مون کي مدعو ڪيو ويو هو. اسڪول جو پرنسپال به هڪ غير ملڪي (فارينر) آهي. شاگردن ننڍيون ننڍيون تقريرون ڪيون جن کي ڪتاب ۽ نقد رقم انعام طور ڏنا ويا.
    ڪڏهن ڪڏهن ميونسپل جي تقريبن ۾ به شريڪ ٿيندو آهيان ۽ شام جو مقامي آفيسرس ڪلب ۾ به ويندو آهيان. بعضي مئنجمينٽ بورڊ جي چيئرمن جي بنگلي تي لنچ يا ڊنر تي ملاقات ٿيندي آهي. هو خود به هڪ اعليٰ تعليم يافته ۽ روشن خيال ماڻهو آهي ۽ سڄي اسٽيٽ ۾ ڪافي امير ۽ بااثر ماڻهو آهي ۽ سندس ٻار لنڊن ۾ پڙهن ٿا. پر سچ پڇو ته سندس دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ معنيٰ پنهنجي پارسائيءَ جي ڀرم کي پنهنجي هٿن مان پاش پاش ڪرڻو آهي. تازو حال ۾ ئي هن مون کي سندس محل نما گهر ۾ ڊنر تي مدعو ڪيو جتي پنجاهه سٺ ٻيا به مهمان هئا، جن جي قيمتي ڪارن سان سڄي گهٽي ڀري پئي هئي. اتي جو مينو ڏسي مان ته منجهي پيس گوشت ۾ به ڪجهه اهڙي طرح محسوس ٿيم ۽ مشروبات ته سو في صدي اعليٰ درجي جا شربا هئا. مهمان عمر خيام جا جام جم نوش جان ڪري رهيا هئا. جنهن کي هتي جي عام زبان ۾ منرلس چون ٿا. خدا تعاليٰ جو ڪرم شامل حال رهيو جو مون کي منهنجي اسپتال مان ايمرجنسي ڪال اچي ويو ۽ مان ڪجهه واپرائڻ کان اڳ ئي پنهنجي ميزبان کان موڪلائي اچي اسپتال پهتس ۽ مون کي جگر مرادآبادي جي غزل جي اها مصرع ياد آئي ته:
    ’’جگر اب مئکدہ تک آہی پہنچے ہو مناسب ہے،
    ذرا چپکے سے پینے دو مسلمان کوں دیکھیگا‘‘
    ازورو ۾ هڪ يوناني ڪمپني آهي جنکي هتي رستن ٺاهڻ جا وڏا وڏا ٺيڪا سرڪار جي طرفان مليل آهن. ان ڪمپينءَ ۾ ڪيترا يوناني آفيسر ۽ انجنيئر (Greeks) رهن ٿا. مان انهن جو ڪمپني ڊاڪٽر پڻ آهيان ان ڪري انهن سان ڪافي گهرا تعلقات ٿي ويا آهن.
    اڪثر شام جو انهن وٽ ٽينس يا برج وغيره کيڏبي آهي. هنن کي انگريزي تمام گهٽ ايندي آهي. سواءِ سندن جنرل مئنيجر مسٽر ٽرينٽس (Constantine Trintus) جي جيڪو تمام بهتر انگريزي ڳالهائي ٿو ۽ ساڻس چڱو رستو ٿي ويو آهي ڪڏهن ڪڏهن اسان اسپتال جي اسٽاف وارا يا پاڪستاني دوست پڪنڪ وغيره جو پروگرام ٺاهيندا آهيون ته هن تعميراتي ڪمپنيءَ کان سندن مِني بس استعمال لاءِ وٺندا آهيون.
    هتي مون کي ٻن سالن کان به وڌيڪ عرصو ٿيو اهي پر مان سمجهان ٿو ته هيلٿ مئنيجمينٽ بورڊ جو چيئرمن مشڪل ڪو مون کي ڇڏي.
    ٿورا ڏينهن اڳ منهنجا ٻار پاڪستان روانا ٿي ويا آهن. ڇاڪاڻ ته منهنجو سهرو ۽ سرپرست سيٺ حسن علي ميمڻ آمريڪا جي اسٽيٽ (St Leous) سينٽ ليونٽس جي هڪ اسپتال مان دل جو آپريشن (Coronary by pass) ڪرائي صحتياب ٿي موٽيو آهي.
    آگسٽ 1983ع ۾ مان به وري موڪل تي پاڪستان روانو ٿيس ۽ روم ۽ تهران کان ٿيندو ڪراچي پهتس.

    مون کي نائجيريا ۾ ڪم ڪرڻ سان ڊاڪٽري تجربو تمام گهڻو ٿيو، جنهن جو سبب اهو هو جو هتي ڊاڪٽر تمام گهٽ هئا ۽ هر ڊاڪٽر کي سڀ ڊاڪٽري شعبن جي مريضن جو علاج ڪرڻ ضروري هو ان ڪري آئون به ڪافي ڪم سکي ويس. خاص طور Gyane obstetric surgery زنانيون بيماريون، ڏندن ۽ اکين جون بيماريون اسان کي ويم به خود ڪرائڻو پوندو هو ۽ عورتون مرد ڊاڪٽرن کان شرمائينديون ڪو نه هيون. واري Warri جي اسپتال جي Matron Head Nurse جي ڌيءَ جي Appendix جي آپريشن مان خود ڪئي، حالانڪ اتي Dr Oni Opaku جيڪو Qualified سرجن هو پر Matron چيو ته تون آپريشن ڪرينس. ان کان علاوه مون پنهنجن ٻارن جا ويم خود ڪيا. هڪ پٽ جي Hernia جي آپريشن خود ڪئي اڪثر C.S پيٽ ڪٽي ٻار ڪڍڻ جي آپريشن ڪافي ڪيم اڪثر دوستن جي گهر ٻئي شهر وڃڻ ٿيندو هو. عورتون ميزبان عورتن کي بورچي خانه ۾ وڃي مدد ڪنديون هيون. مرد وري Cards Bridge کيڏڻ ۾ لڳي ويندا هئاسون ۽ ڪچهري به ڪندا رهندا هئاسون يا وري Chess کيڏڻ ۾ لڳي ويندا هئاسون. هڪ دفع منهنجي وڏي ڌيءَ جيڪا 9 8 سالن جي هئي تنهن هڪ هندو دوست کي Chess ۾ هارايو هو.
    ماني کائي Bridge کيڏڻ ويهي رهندا هئاسين ته خبر به نه پوندي هئي ته رات ڪيڏي مهل گذري ويئي.
    نائجيريا مان غير ملڪي Visa وٺڻ به ڏاڍو آسان هو. اسان جو هڪ دوست پنهنجي ٻارن سان U.S Embassy Lagos جيڪا ان وقت جي Capital لئگاس ۾ هئي اتي آمريڪا جو Visa وٺڻ وڃي رهيو هو. اسان به کيس پنهنجا سڀ Passport ڏنا ته ويزا هڻائي اچي 5 سالن جو Multi Entry ويزا مفت ۾ هڻائي آيو. هڪ هندو دوست جي زال ان جو مڙس ڪنهن زناني تڪليفن لاءِ مون وٽ Agbor اسپتال وٺي آيو. اتي ان وقت Dr Fisher مرد Gyanaecologist هو جنهن وٽ ان کي وٺي ويس. Examine ڪري وري مون کي سڏڻ آيو ته ڏس هلي هن کي هيءَ تڪليف آهي. آئون جڏهن اندر ويس ته هوءَ ڪپڙا لاهي ليٽي پئي هئي ۽ مون کي ڏسي پري کان هٿ ٻڌي چوڻ لڳي ته تون ٻاهر وڃ ڇاڪاڻ ته اسان جو انهن سان گهرو اٿڻ وهڻ، کائڻ پيڻ هوندو هو. پوءِ مان Dr Fisher کي چيو ته ٺيڪ آهي جيڪو تون مناسب سمجهين ڪر، باقي اتي جون Local عورتون مرد ڊاڪٽر کان معانه ڪرائڻ ۾ ڪو حجاب محسوس ڪو نه ڪنديون هيون، بلڪه اتي جي ڊاڪٽرن کان اسان کي وڌيڪ ترجيح ڏينديون هيون.


    نائجيريا جو آخري سفر 1984ع

    نائجيريا جو آخري سفر 1984ع
    (خوش رہو اہل وطن ہم تو سفر کرتے ہیں)
    چار مهينا موڪل ختم ڪري آئون ڊسمبر 1983ع ۾ نائيجريا اڪيلو موٽي آيو آهيان هن دفعي مان P.I.A. ۾ دبئي، اٿينس کان روم پهتس جتان اليٽاليا ۾ لئگاس موٽي آيو آهيان ۽ 9 مهينا هتي رهي مان پاڪستان موٽڻ جو سانباهو ڪري رهيو آهيان. مان جڏهن سنه 1968ع ۾ هتي 25 سالن جي عمر ۾ آيس ته ڏاڍو گهٻرايل ۽ پريشان هئس مگر اڄ پورن سورهن سالن کان پوءِ آگسٽ 1984ع ۾ جڏهن مان واپس پاڪستان وڃي رهيو آهيان ته به منهنجي دل ڪافي اداس آهي. 25 سالن جو جوان هئس جڏهن مان هتي آيس ۽ هتي جوانيءَ جا پورا سورهن قيمتي سال صرف ڪري اڄ 40 سالن جي عمر ۾ مان جڏهن پاڪستان وڃن چاهيان پيو ته منهنجي دل جي اها ئي ڪيفيت آهي جيڪا ان وقت هئي جڏهن مان پهريون ڀيرو اڪيلو پاڪستان مان هتي پهتو هئس. اڄ واپس وڃڻ وقت به مان اڪيلو آهيان ڇو ته هن دفعي مان پنهنجا ٻار پاڪستان ۾ ڇڏي آيو هئس.
    مان گهٻراهٽ تي قابو پائڻ لاءِ هيڏي هوڏي نهاريان ٿو. زوريءَ اخبار پڙهان ٿو. مان بادل خواسته پنهنجي هن وطن ثاني کان جدا ٿي رهيو آهيان مان پاڪستان ڪلچرل ايسوسيئيشن طرفان ڏنل فيئرويل ۾ پنهنجي جذبات تي قابو پائي نه سگهيس. ڪاش نائجيريا جيڪر ايترو قريب هجي يا جيترو پاڪستان ۽ ڀارت ته مان هوند هر سال هتي گهمڻ اچان ها ۽ دوستن سان ملاقات ڪريان ها پر اهو ناممڪن آهي. هوائي اڏي تي P.C.A ۽ ڪجهه هندو دوست مون کي خدا حافظ چوڻ آيا آهن مان هوند ڪڏهن به هتان نه وڃان ها پر منهنجون پنهنجون گهريلو حالات ۽ ذميداريون مون کي جلد از جلد پاڪستان پهچڻ لاءِ آماده ۽ مجبور ڪري رهيون آهن. هن دفعي مان قاهره ۾ رات گذاري Egypt air ways ۾ سڌو ڪرچاي پهتو آهيان.
    نائجيريا کي مان هميشه ياد رکندس ۽ هن وطن ثانيءَ جي محبت منهنجي دل ۾ هميشه قائم رهندي جنهن اسان کي ڪافي ڪجهه ڏنو. نائجيريا وارن جي مدد سان مون کي ڪيترا ڀيرا عمري ۽ حج جي سعادت نصيب ٿي ۽ پڻ انگلنڊ ۾ ڊاڪٽريءَ جي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جا موقعا مليا. منهنجي ته پٽن ۽ ڌيئن لاءِ نائجيريا جنم ڀومي آهي جنهن جي سڪ کين سدائين رهي ٿي. سندن ننڍپڻ جا ساٿي، اسڪول ۽ استاد هو ڪٿي ٿا وساري سگهن؟ منهنجا گهرو ملازم ۽ ميڊ ميري ۽ او وو جيڪي گويا اسان جي گهر جا ڀاتي ٿي ويا هئا اسان کي هميشه ياد رهندا.
    نائجيريا اسان کي عزت شهرت رزق ۽ محبت ڏني اهو سڀ ڪجهه آهي جو اڄ اسان پهنجي ملڪ ۾ پنهنجي پيرن تي بيٺل آهيون ۽ عزت سان وقت گذاري رهيا آهيون.
    ”ويٺي جنين وٽ ڏکندو ڏور ٿئي،
    تون تنين سين ڪٽ، اوڏا اَڏي پکڙا.“
    (لطيف)
    مان سمجهان ٿو ته نائجيريا جي ياد کي مان پنهنجي ذهن تان ڪڏهن به وساري نه سگهندس ڇو ته هر سال ڪرسمس ۽ نيوييئر جي موقعي تي، اتي جي پاڪستاني دوستن P.C.A جي عهديدارن، ڊاڪٽرن، هندو دوستن، فوجي ڊاڪترن ۽ خصوصاً جنرل اوييلولو ۽ سندس بيگم جا گريٽنگ ڪارڊ اسان جي ياد کي وري تازو ڪري ٿا ڇڏين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994974
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333351
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ