ڪتاب جو نالو: سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو
مصنف: مشڪور ڦلڪارو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 19 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 468 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 104 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن
  •   ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران
  •   اداري پاران ٻه اکر : عشق جي پنڌ جي پڄاڻي ناهي
  •   مهاڳ : يوسف شاهين
  •   تاريخ جي ڳجهارت جي ڳنڍ کوليندڙ محقق
  •   تاريخ جي ماٺار ۾ اڇلايل ڳرو پٿر
  •   پهاڙن سان ڳالهائيندڙ جاکوڙي محقق
  • جھوني جوڳيءَ جي نئين جاکوڙ
  •   تاريخ جو سينو چيري حقيقتون پَڌريون ڪرڻ جي جُستجو
  • پنهنجي پاران : آهي ماٺ ممات
  • ڀاڱو پهريون

  • تاريخ جي اهميت
  •   سنڌ جي تاريخ ۽ محققن جون ذميواريون
  •   انساني ارتقا جي تاريخ بابت مُنجهائيندڙسوال
  •   سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا جا اوائلي نشان
  •   ڪوهستان ۾ آيل شروعاتي موسمي دور
  •   ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پهريون دور
  •   ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٻيون دور
  • ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٽيون دور
  •   ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جوچوٿون دور
  •   ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پنجون دور
  •   ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقاجو ڇهون دور
  •  سنڌ جي ڪوهستان ۾ موجوده سماجي جوڙجڪ
  • ڀاڱو ٻيون

  • ڪوهستاني سماج ۾ تبديليءَ جا عنصر ۽ خدشا
  • ڪوهستان جا ڪجهه مڻيادارماڻهو
  • سن
  • تونگ
  • ڪرچات
  • ٿاڻو بولا خان
  • ٿاڻو احمد خان
  • ٿاڻو عارب خان
  • سري شهر
  • ڪلوکوهر
  • جهمپير
  •   مو ن ڪوهستان ڪيئن ڏٺو
  •   ڪوهستان جي ترقيءَ لاءِ سفارشون
  • ڪتاب، مشاهدا ۽ ڪچهريون
  • English Books
  • سنڌي ڪتاب
  • اردو ڪتاب
  • روبرو يا فون ڪچهريون ۽ انٽرويو :
  • سفرن جا ساٿي ۽ مددگار

  • ڪتاب جا سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ آهن

    ڪتاب جو نالو : سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو .
    موضوع : تحقيق ۽ تاريخ
    ليکڪ : محمد بخش مشڪور ڦلڪارو
    ڇاپو پهريون : آڪٽوبر 2017 ع
    تعداد : هڪ هزار
    قيمت : /- 400
    ٽائيٽل ڊزائين : شاهزيب ميمڻ
    ڪمپوزنگ : سڪندر علي ڦلڪارو .
    ڇپائيندڙ : ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن ،
    سهڪار : ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي .
    ڇپيندڙ : سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ


    SINDH JEKOHISTAN JO TAREEKHI JAEZO
    (Historical Overviewof Mountains ofSindh)
    Topic: Research & History
    Author and Research By: M.B, Mashkoor Phalkaro.
    Edition 1st 2017
    Price:
    Publisher: Radio Voice Of Sindh , London .
    Co operation ; World sindhi congress & sindhi sangat UK.
    Printed By:Sambara Publication Hyderabad Sindh.


      ارپنا

    ڪوهستان
    جي
    مُحبت
    امن
    سخا
    سورهيائي
    ۽
    فطرت دوستي
    جي نالي


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامياري محقق ۽ شاعر مشڪور ڦلڪاري جي سنڌ جي ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي تحقيقي لکڻين تي مشتمل آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه ، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
    مشڪور ڦلڪارو ڪوهستان جي ارتقائي عمل، سماجي ۽ زميني حالتن کي سامهون رکندي، وڏي اعتماد سان چوي ٿو ته؛ ”موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار (25000) سال پراڻو آهي.“ جنهن لاءِ هن سنڌ جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ’سنڌو سووير‘ جو حوالو به ڏنو آهي. جنهن پڻ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پَرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا.
    هي ڪتاب ريڊيو وائس آف سنڌ لنڊن، ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي جي سهڪار سان 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين مشڪور ڦلڪاري جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      اداري پاران ٻه اکر : عشق جي پنڌ جي پڄاڻي ناهي

    سنڌ جو سچو عاشق ۽ محقق مشڪور ڦلڪارو هڪ اتساهه جو نالو آهي .انهي ڪري سندس ڪتاب ”سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو“ لاءِ ٻه اکر لکڻ ۽ ان کي ڇپرائي منظر عام تي آڻڻ مان پنهنجي لاءِ وڏو اعزاز سمجهان ٿو. مشڪور ڦلڪاري سان منهنجو تعلق 2013 کان ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي معرفت پيدا ٿيو ۽ اهڙو محبتن وارو رشتو جڙي ويو ، جو هي ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جي پروگرامن ۾ انتهائي سرگرمي سان حصو وٺندو رهيو. سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن، مختلف قومي شخصيتن ، لوڪ ڏاهپ ۽ قديم ماڳن تي هو باقائدگي سان پروگرام ڪندو رهيو آهي. انهي سان گڏوگڏ سنڌ ۾ جتي به سنڌ جا عاشق گڏجن ٿا ، مشڪور ڦلڪارو اوهان کي اتي نه صرف ڏسڻ ۾ ايندو ، پرپنهنجي مخصوص انداز ۾ مقرر ڪيل موضوع تي هڪ دانشور وانگر ڳالهائيندي به نظر ايندو .
    مشڪور ڦلڪاري جو علم، ادب ۽ تاريخ جي تحقيق سان جنون جي حد تائين لڳاءُ رهيوآهي. پر افسوس آهي جو 2011 جي برساتن سبب سندس گهر ٻڏي ويو . جنهن ڪري سندس 25 سالن جي ڪيل تحقيقي محنت جيڪا 1200 صفحن تي مشتمل هئي ، سا سندس لائبرري ۽ ٻئي اهم مواد سميت ضايع ٿي ويئي . اهو نقصان نه صرف مشڪور ڦلڪاري جو ٿيو، پر سنڌ ايتري وڏي تحقيقي ذخيري کان پڻ محروم ٿي وئي. ان جي باوجود به مشڪورڦلڪارو همٿ هاري نه ويٺو . هن وري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم جاري رکيو. 2014 ۾ سندس شاندار تاريخي تحقيق تي “سنڌ جي تاريخ جي ڳولا جو سفر “ جي سري هيٺ اهم مواد قسطوار ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان نشر ڪري چڪا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته انهي اهم مواد کي به جلد ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائجي.
    سنڌ ته سموري سون آهي، هن جو هر حصو تاريخي لحاظ کان وڏي اهميت وارو ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي. مشڪور ڦلڪاري جي هن ڪتاب “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” کي به قسطوار ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان “ ڳالهيون ڪوهستان جون ” جي نالي سان نشر ڪيو ويو آهي، ان ڪري مون سموريون قسطون ڌيان سان ٻڌيون آهن .جنهن ڪري مون کي مشڪور ڦلڪاري جي ڪوهستان ۾ وڃي اڙانگن پيچرن تان گذري ، جبل جهاڳي وڃي تحقيق ڪرڻ جي تڪليفن جو اندازو آهي. سندس تحقيق ۾ قديمي ماڳ، شخصيتون، سنڌ جو دنيا جي قديم تهذيبن سان تعلق، زندگي جي ارتقا ، بابت لکين سال پراڻا نشان هٿ ڪرڻ ، هن جي پورهئي جو ڦل آهي . هن جي تحقيق موجب سنڌ جي تهذيب پنج هزار نه ، پر گهٽ ۾ گهٽ به 25 هزار سال قديم آهي.
    حقيقت اها آهي ، ته سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق ڪرڻ اسان جي ادارن جو ڪم آهي ،جن کي هر سال ان ڪم لاءِ وڏي رقم ملندي آهي.پر اهي پنهنجي ذميواري پوري نه ٿا ڪن . ٻئي طرف مشڪور ڦلڪاري جي محنت آهي ، سنڌ سان عشق وارو جذبو آهي، جيڪو هن کي جهنگ جهر جهاڳڻ لاءِ اتساهي ٿو، هوپنهنجي هڙان وڙان هن ڪم ۾ جُنبيءَ وڃي ٿو. هن ڪم ۾ نه ڪنهن سرڪاري اداري جوکيس سهڪار حاصل رهيو ، نه وري هن جي مواد کي ڪتابي صورت ڏيڻ ۾ ڪنهن سرڪاري اداري ڪو هٿ به ونڊايو آهي. هي طبيعتن خوددار ۽ ڪنهن جي اڳيان هٿ ڦهلائڻ وارو نه آهي. مون گذريل چئن سالن واري هن جي ڪم کي ڏٺو ۽ کانئس ڏاڍو متاثر هيس ۽ آهيان. هن وڏي محنت سان سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي ٻولي جي ٻاونجاهه اکري تي شاعري جو مواد تيار ڪيو ۽ اهو مواد به سڀ کان پهريائين ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان قسطوار نشر ڪيو ويو. جنهن کي سموري دنيا ۾ سنڌ جي عاشقن پاران پسند ڪيو ويو .بعد ۾ انهي کي ڪتابي صورت ڏيڻ لاءِ مون ، ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دوستن جي سهڪار سان ڪتاب ( سنڌ ۽ سچ جي ساڃاه ) جي نالي سان شايع ڪرايو. وري جڏهن “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” جو مواد ڪتابي صورت ۾ شايع ٿيڻ جي قابل ٿيو ، ته مون کيس چيو ته دلجاءِ ڪيو ، سنڌ جا عاشق کوڙ آهن ، جيڪي توهان جي هن علمي ذخيري کي هميشه لاءِ محفوظ ڪرڻ ۾ ضرور سهڪار ڪندا. مون سنڌي سنگت يوڪي ۽ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي دوستن کي گذارش ڪئي. ڊاڪٽر هدايت ڀٽو ۽ گل سنائي جي ڪوششن ۽ سهڪار سان هي ڪتاب اڄ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن موقعي تي مان وري به اهو چوندس ،ته هي ڪم سنڌ جي ادارن جو آهي ، جن کي پنهنجو فرض نڀاهڻ گھرجي. انهن کي مشڪور ڦلڪاري سميت تاريخ تي تحقيق تي ڪندڙ محققن سان هر طرح جو سهڪار ڪرڻ گھرجي. انهن کي تحقيق لاءِ گھربل ماحول ۽ فيلڊ ۾ وڃي تحقيق ڪرڻ لاءِ مڪمل سهولتون فراهم ڪرڻ گھرجن.
    مشڪور ڦلڪاري جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ شاندار اضافو ثابت ٿيندو ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ وڏي معلومات فراهم ڪندو. اسان جي اها ڪوشش آهي ،ته “سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” جي آڊيو سي ڊي به جاري ڪيون. جيئن ته ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن تان سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، محمد ابراهيم جويو، منهنجي اتم ڪٿا ” جل مشعل جل “ ۽ عبدالواحد آريسر جي ڪتابن کي نشر ڪيو ويو آهي . انهن جون به آڊيو سي ڊيز جاري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. انهي کانسواءِ اسان وٽ مختلف قومي دانشورن جا ليڪچر، اهم مسئلن تي پروگرام، ماڳن ۽ مڪانن تي مواد ۽ مختلف اڳواڻن جي جنم ڏينهن ۽ ورسين تي ٿيل پروگرامن جو ڪثير تعداد موجود آهي، گذريل پنجن سالن دوران ڏهه هزار کان وڌيڪ نشر ٿيل پروگرام ريڊيو جي لائبريري ۾ موجود آهن. ڪجهه مواد سنڌ حڪومت جي آرڪائيوز ڊپارٽمنٽ کي به ڏئي چڪا آهيون. اسان جي ڪوشش آهي ،ته ان علمي ذخيري کي ڪتابي صورت ڏياريون، ان لاءِ گھڻو وقت گھرجي، هڪ ٽيم سان گڏ ، مالي وسيلن جي به ضرورت پوندي .
    ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن دنيا جو پهريون ويب ريڊيو آهي .جنهن پنهنجي سفر جي ابتدا 10 آگسٽ 2012ع ۾ ڪئي. ڇهون سال هلي پيو، هي نان ڪمرشل ادارو آهي . چند دوستن جي مالي سهڪار سان هلائي رهيا آهيون. هن جي خرچ جو وڏو حصو مان پنهنجي هڙان پورو ڪري رهيو آهيان. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄاڻ ڌريون قومي آواز ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن کي قومي اداري طور سمجهي هن جي مالڪي ڪن ، جيئن ريڊيو جي آواز کي وڌيڪ سگھارو بنائي سگھجي ۽ سنڌي ماڻهن جي حقيقي نمائندگي ڪري سگھجي.
    مشڪور ڦلڪاري جو ڪتاب “ سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن، طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس ۽ سنڌي سنگت يوڪي جي سهڪار سان اوهان جي هٿن ۾ آهي . اسان سمجهون ٿا ته علم، ادب ۽ تحقيق جي کيتر ۾ اسان جي هي ننڍڙي ڪوشش مشڪور ڦلڪاري جي محنتن کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندي . مان آخر ۾ مشڪور ڦلڪاري جي ڪيل محنتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪريان ٿو ۽ کيس سنڌ جي تاريخ بابت تحقيق واري کي ڪم جاري رکڻ جي گذارش پڻ ڪريان ٿو ۽ ان سلسلي ۾ مان کيس وري به مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريان ٿو ۽ هن جو جيڪي به مواد تيار ٿيندو ، ان کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي .

    امداد علي اوڍو
    چيف ايگزيڪيوٽو
    ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن
    لنڊن. 00447519149847


      مهاڳ : يوسف شاهين

    هن ڪتاب جي مصنف جناب مشڪور ڦلڪاري سان اڳ ۾ منهنجي ڪا به واقفيت نه هئي،۽ نه ئي آئون هن جي ڪنهن علمي ڪاوش بابت ڪا ڄاڻ رکان ٿو. هن جڏهن پنهنجو ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘مون کي اِي ميل ڪيو، ته ان وقت منهنجي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي. مون مصنف سان معذرت ڪندي کيس ٻڌايو،ته آئون اهو ڪتاب ڳچ عرصي تائين پڙهي به نه سگهندس. پر هن چيو ته منهنجي خواهش آهي، ته منهنجي هن ڪتاب تي مهاڳ توهان ئي لکو، انهيءَ سلسلي ۾ آئون ٿورو انتظار به ڪري سگهان ٿو.
    وري هڪ ڀيرو ٻيهر جناب مشڪور ڦلڪاري سان 26 مئي 2017 تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن وري به پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو، ته مون به همت ڪري رات جو ڪمپيوٽر کولي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو. مشڪور ڦلڪارو جس لهڻي ، جو سندس هي ڪتاب ڪوهستان توڙي سنڌ بابت مجموعي طور ايڏو ته غير معمولي، تاريخي حقيقتن تي ٻڌل ۽ دلچسپ لڳو، جو ان کي پڙهندي صبح جا چار ٿي ويا. هن ڪتاب جو مون هر جملو ڏاڍي ڌيان سان پڙهيو ۽ ان راءِ تي پهتس،ته ڪو عالم، سنڌ جو سچو سپوت ۽ تاريخ جو گهرائيءَ سان مطالعو ڪندڙ ئي ههڙو ڪتاب لکي سگهي ٿو.سندس ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ آئون سندس علميت ۽ وطن دوستيءَ جو قائل ٿي ويس، هاڻي هو مون لاءِ اوپرو نه آهي، ۽ نه ئي منهنجي خيالن ۽ هن جي خيالن ۾ ڪو ٽڪراءُ آ هي.
    مثال طور هو لکي ٿو ته ؛
    “سنڌ جي تاريخ تي لا علمي ۽ اونداهيءَ جا ڪئين پردا چڙهيل آهن. انهيءَ ڪري ’سنڌي‘ دنيا جي اها بدنصيب قوم آهي، جنهن جي ڪا به مُستند تاريخ لکيل ناهي.”
    هو ٻڌائي ٿو ته؛”ڪوهستان سنڌ جو واحدعلائقو آهي، جتان انساني ارتقا بابت بُنيادي سوالن جا جواب حاصل ڪري سگهجن ٿا. ڪوهستان ۾ انساني چُرپُر گهٽ ٿيڻ سبب هتي ڪيترائي اهڙا نشان موجود آهن، جن سان قديم سماجي ارتقا ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي زندگيءَ جي اوسر جا واضح اُهڃاڻ ملي سگهن ٿا. قديم دور ۾ ڪوهستان کي کير ساگر ۽ سورن ديپ سڏبو هو. هتي لکين سال اڳ پنڊ پهڻ ٿيل جيوت جا چٽا نشان ملن ٿا، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو،ته زندگيءَ جي ارتقا جو عمل تمام گهڻو آڳاٽو هتان کان ئي شروع ٿيو.“
    مصنف ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ واحد ڏني باريجي جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ڳوٺ جي ڀرسان ديهه ڪنڊو ترائيءَ وٽ لکين سال اڳ پنڊ پهڻ ٿيل مختلف جانورن جا وڏي جسامت وارا ۽ تمام ڳرا پٿر موجود آهن. مڪاني ماڻهو انهن کي اُٺن ۽ هاٿين جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهڙا پنڊ پهڻ ڪوهستان جي ٻين علائقن ۾ به موجود آهن.
    لائق مصنف لکي ٿو ته؛ ”ڪوهستان ۾ اهڙا سَوَن جي تعداد ۾ وڻ، ٻوٽا ۽ انهن جا پنڊپهڻ موجود آهن، جيڪي لکين سالن کان هتي پيدا ٿيندا رهن ٿا.“
    هو ٻڌائي ٿو ته؛ ”ڪنڊي ترائيءَ ۾ سوين سال پراڻو هڪ ڪنڊيءَ جو وڻ آهي، جنهن جي ٿُڙَ جي گولائي نَوَ فُٽ ٽي اِنچ آهي. اهو ڳوٺ انهيءَ وڻ جي نسبت سان ’ڪنڊو ترائي‘ سڏجي ٿو.“
    مصنف ڳوٺ قادر بخش باريجي جو به ذڪر ڪري ٿو، جنهن جي سامهون دمبار جبل تي انساني اوائلي قدمن جا نشان اڄ به موجود آهن. هو بشيءَ جي تمام وسيع قبرستان جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪو ميلن ۾ پکڙيل آهي. ان قبرستان سان لڳ ڳوٺ تونگ وٽ مصر جي اهرامن جيان هڪ هٿرادو ٺاهيل تمام وڏي ٽڪري موجود آهي. جيڪا ’ميري جي بُٺي‘ سڏجي ٿي. اها ٽڪري هڪ ايڪڙ کان به وڌيڪ ايراضيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪا مصر جي اهرامن جيان ٽِڪُنڊي هئڻ بدران گول آهي. ان جي اوچائي 200 فوٽن کان ڪجهه گهٽ آهي. ان کي ٺاهڻ لاءِ تمام ڳرا پٿر استعمال ڪيل آهن. ان اهرام نُما بُٺيءَ جي هيٺ اندر وڃڻ لاءِ ڏاڪڻيون ٺاهيل آهن. شايد ان بُٺيءَ جي اندر ڪا عمارت آهي. اها ڪهڙي مقصد ڪاڻ ٺاهي ويئي، ان تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ممڪن آهي، ته ان عمارت اندر مصر جي اهرامن جيان ڪي لاش ممي ڪري رکيا ويا هجن. اهو به ٿي سگهي ٿو، ته ان ٽڪريءَ جي اندر ڪو قيمتي مال دفن هجي. انجي کوٽائي ڪرڻ سان تاريخ جا وڏا راز ظاهر ٿي سگهن ٿا. واضح رهي ته اها هٿرادو ٺاهيل ٽڪري مصر جي اهرامن کان به پراڻي آهي.
    چون ٿا ته مصر ۾ جيڪي لاش ممي ٺاهي رکيا ويندا هئا، ان عمل لاءِ ڪيميائي جُزا سنڌ مان گهرايا ويندا هئا. اهو به چيو وڃي ٿو،ته مصر وارن اهرام ٺاهڻ جو فن سنڌين کان سکيو. چوڏهين صدي قبل مسيح ۾ مصر جي شهنشاهه ’اخنتون‘ پنهنجو محل اڏائڻ لاءِ سنڌ مان ماهر ۽ ڪاريگر سڏايا. مصر ۾ جيڪي به بادشاهه يا شهنشاهه ٿيا، اهي پاڻ کي ’فرعون‘ ۽ خدا جو اولاد سڏائيندا هئا. جڏهن ته اخنتون پاڻ کي ’خدا جو ٻانهون‘ سڏايو ۽ اقرار ڪيائين ته ’خدا واحد لاشريڪ‘ آهي. هن مصر ۾ اڳوڻن خدائن را، ايمن را ۽ ٻين جا عبادت گهر ڀڃائي ڇڏيا. هي شخص انساني تاريخ ۾ پهريون حاڪم هو، جنهن قومن جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي حق کي تسليم ڪيو.
    ان وقت مصر جي فوجن جا عراق، شام ۽ ٻين علائقن تي قبضا هئا. اخنتون پنهنجي فوجن کي حڪم ڏنو، ته هو هڪدم سمورا ملڪ خالي ڪري موٽي اچن. اخنتون چيو ته، ڌارين ملڪن تي قبضو ڪرڻ نه فقط ڏوهه آهي، بلڪه عظيم گناهه آهي. انسان دوست فڪر جي اهڙي وسعت اڄ جي جديد ۽ جمهوري دور ۾ به پيدا ٿي نه سگهي آهي. اخنتون سان عقيدت سبب مون (يوسف شاهين) پنهنجي ڀاءُ محمد سليم جي پٽ جو نالو ’اخنتون‘ رکايو. واضح رهي، ته اخنتون کان 900 سال اڳ سُمير ۽ اڪاد (موجوده عراق ۽ شام) جي شهنشاهه سارگن پنهنجو نئون دارالحڪومت اَڏائڻ لاءِ سنڌ مان ماهر ۽ ڪاريگر گهرايا هئا. شهنشاهه سارگن جي چوڻ موجب، سنڌ جي ماڻهن نه فقط سارگن لاءِ دارالحڪومت ’اگادي‘ ٺاهيو، بلڪ هنن سُمير ۽ اڪاد ۾ پهريون ڀيرو واهه کوٽيا، هتي زرعي توڙي آبپاشي نظام متعارف ڪرايو، اسڪول قائم ڪيا ۽ هتي پهريون ڀيرو گهرن ۾ دَرَ ۽ دريون استعمال ڪيون ويون. جنهن سبب سنڌي معمارن جي هاڪَ پري پري تائين پکڙجي ويئي هئي .
    سُمير ۽ اڪاد ۾ سنڌين کي ’ملوها‘ (ڪاري مٿي وارا ماڻهو) سڏيو ويندو هو. اهي گهڻي ڀاڱي موهن جي دڙي جا ماڻهو هئا. ٿي سگهي ٿو ته موهن جي دڙي واري شهر جو اصل نالو ’ملوها‘ هجي. شهنشاهه سارگن ملوها جي ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه لکيو آهي. اهي تحريرون اڄ به لنڊن ميوزيم ۾ محفوظ آهن. ان لحاظ کان شهنشاهه سارگن کي سنڌ جي تاريخ جو پهريون تاريخدان به چئي سگهجي ٿو، جنهن اڄ کان 4300 سال اڳ سنڌين بابت لکڻ شروع ڪيو. ان وقت سُمير ۽ اڪاد ۾ ’ملوها‘ جي ماڻهن ڪيترائي ڳوٺ ٻَڌا هئا. ملوها جي ماڻهن کي عام طور دنيا جي علمن جو اڪابر، صنعت، زراعت، آبپاشي ۽ ٻين علمن ۾ مهارت رکندڙ سمجهيو ويندو هو.
    تاريخ ۾ ڪيترائي ڀيرا اهو بحث ٿيل آهي، ته عراق جي پهرين ’سُميرين تهذيب‘ جو بُنياد سنڌو ماٿريءَ جي ماڻهن رکيو. سنڌين جي ٺاهيل صورتخطيءَ تان سُميري ٻوليءَ لاءِ اسڪرپٽ به ٺاهيو ويو. جنهن جي امريڪي ماهرَ پڻ تصديق ڪن ٿا. ان نئين اسڪرپٽ کي ’ڪيونيفارم‘ اسڪرپٽ سڏيو ويو هو، جيڪو دنيا جي پنجاهه کان وڌيڪ ملڪن اختيار ڪيو هو.
    ڪتاب جو لائق مصنف وڌيڪ لکي ٿوته؛ ”ڪوهستان ۾ ٻُڌ ڌرم جا واضح آثار موجود آهن. هتي جي قديمي رستن تي پٿر جا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿنڀا ملن ٿا. جن تان لکت گهڻي ڀاڱي ميسارجي ويئي آهي. ممڪن آهي ته اُهي ٿنڀا شهنشاهه اشوڪ جي ڏينهن ۾ اڄ کان ٻه هزار ٽي سئو سال اڳ لڳايا ويا هجن. شهنشاهه اشوڪ انهن ٿنڀن تي يوناني ۽ ارامائيڪ ٻولين ۾ پنهنجا فرمان لکرايا. انهن ٿنڀن کي اڄ به مقدس حيثيت حاصل آهي ۽ ڪيترن ئي ٿنڀن تي ڏهاڙا ملهايا وڃن ٿا. انهن مان هڪ ٿنڀو ريڪ لڳ ڳوٺ نبي بخش باريجي جي ڀر ۾ روهيءَ واري اسٽاپ تي کُتل آهي. انجي اوچائي ٻارنهن فُوٽ ٽي اِنچ ۽ ويڪر ويهه کان ٻاويهه اِنچ آهي. اهڙو ئي هڪ ٻيو ٿنڀو اتان کان اوڀر طرف جيئي لال جي آستان تي لڳل آهي، جنهن تي به ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو.”
    مصنف ٿاڻي عارب خان ۾ هڪ بُٺي يا ٽڪريءَ جو ذڪر ڪيو آهي،جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو ’هوتوءَ جو مَرُ‘ سڏين ٿا. ان جي اوچائي اندازي موجب ٽي سئو فوٽ کن ٿيندي. ان ٽڪريءَ جي چوٽي کان ڪجهه هيٺ ٻه غارون آهن، انهن مان هڪ غار جي ماپ ڊيگهه ۾ تيرنهن فٽ ۽ ويڪر ۾ سَتَ فوٽ آهي. انهن غارن ۾ انساني ارتقائي آباديءَ جا پڪا نشان ملن ٿا. هتي ٺِڪَر جا ٿانَوَ، ٺِڪراٺو، چقمق جي پٿر جا ٽُڪرا، اناج پيهڻ لاءِ مختلف نِنگهون، پٿر جا ڪُهاڙا ۽ ڪُهاڙيون ۽ ٻيا پٿر جا اوزار ملن ٿا. هن ٽڪري جي هيٺان پاڻيءَ جي قديم وهڪرن جي ڪنارن تي ڪيترائي انساني قدمن ۽ کرن وارن ۽ چنبن وارن جانورن جي پيرن جا نشان پڻ موجود آهن. هتي کوٽائي ڪرڻ سان ڪي ٻيون انيڪ شيون به حاصل ٿي سگهن ٿيون. خاص طور هتان انساني ارتقائي عمل بابت ڪيترن ئي حل طلب سوالن جا جواب ملي سگهن ٿا. ان لاءِ تحقيقي ادارن کي اڳتي اچڻ گهرجي.هيسيتائين انساني ارتقا بابت اهو سمجهيو وڃي ٿو،ته انسان پهريان قدم آفريڪي کنڊ ۾ رکيا. جيڪڏهن ڪوهستان جي آثارن تي تحقيق ڪئي وڃي، ته تاريخ جا ڪئين نوان باب کلي سگهن ٿا. شايد تاريخ جا لِڪل اُهڃاڻ آفريڪا کان به اڳ هتي انساني تهذيب جا ڪي پڪا ثبوت ڏيئي وجهن.
    مصنف ڪوهستان ۾ تونگ لڳ دارا جي علائقي جو به ذڪر ڪيو آهي. هتي هڪ بزرگ دارا شاهه جي مزار آهي. چوڌاري جبلن جي وچ ۾ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي ميدان آهي.ان علائقي جي اُتر اولهه طرف هڪ قلعي نُما جابلو کاهي آهي، جتي وڏا وڏا پٿر آڻي ’گبربند‘ ٻَڌو ويو. جنهن کي جابلو پاڻيءَ سان ڀريو ويو. اتي رهائشي جاين جا آثار به ملن ٿا. اها کاهي ان زماني جي حساب سان مڪمل محفوظ قلعو يا پناهه گاهه هُئي. ان کي دنيا جو اوائلي قلعو به چئي سگهجي ٿو.
    مصنف ڪوهستان جي ارتقائي عمل، سماجي ۽ زميني حالتن کي سامهون رکندي، وڏي اعتماد سان چوي ٿو ته؛ ”موهن جو دڙو پنج هزار سالن بدران پنجويهه هزار (25000) سال پراڻو آهي.“ جنهن لاءِ هن سنڌ جي مشهور تاريخدان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ’سنڌو سووير‘ جو حوالو به ڏنو آهي. جنهن پڻ اهڙي ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي. ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙيون ڪيتريون ئي شاهديون موجود آهن، جن کي پَرکڻ سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيب ثابت ڪري سگهون ٿا.
    ڪتاب جي لائق مصنف سنڌ تي ماضيءَ ۾ ٿيندڙ ڪيترن ئي حملن جو به ذڪر ڪيو آهي. خاص طور تي عربن جيڪي سنڌ تي لڳاتار ڪاهون ڪيون، اُهي سڀ جون سڀ ڪوهستان جي وطن دوست ماڻهن ٻين سنڌين سان گڏجي ناڪام ڪيون. جڏهن محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو، ان وقت سنڌ جي سياسي توڙي مذهبي صورتحال مختلف ٿي چڪي هئي، سنڌ جو حاڪم راجا ڏاهر ’هندو‘ هو، جڏهن ته هتي جي عوام جي اڪثريت ’ٻُڌمت‘ تي ايمان رکندي هئي. سنڌ جو بادشاهه راءِ سهاسي به ٻڌڌرم جو پوئلڳ هو . راجا ڏاهر جو پيءُ چچ هندو برهمڻ هو ، جيڪو راءِ سهاسي جي محل ۾ ملازم هو. راءِ سهاسي جي وفات بعد سندس راڻي سونهن ديوي چچ سان شادي ڪئي . ۽ چچ گهريلو نوڪر مان سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو . انهي ڪري ٻڌ ڌرم جي ماڻهن راءِ سهاسي جي وفات کي قتل سمجهيو ، اتان ئي سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي وچ ۾ مذهبي تضاد شروع ٿيا . ٻُڌمت جي پوئلڳ عوام کي هڪ هندوءَ جي غداري پسند نه آئي . حالانڪ راجا چچ طرفان انهي غلط فهمي کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي . راجا ڏاهر ته تمام گهڻي ڪوشش ڪئي . هن پنهنجي حڪومت ۾ ٻڌ ڌرم جي پوئلڳن کي شامل ڪيو ، کين اعليٰ منصب به ڏنا . مٿن اعتماد به ڪيو ، پر اندروني نفرت ختم نه ٿي سگهي .سنڌ مذهبي نفاق مان نه نڪري سگهي .اهو نفاق اندروني طور وڌيل ئي رهيو . سنڌ ۾ ايڪتا ۽ قومي ٻڌيءَ جا تمام مضبوط ناتا ٻيهر نه جڙي سگهيا . اهڙي ويڌن سبب ڪوهستان جي ماڻهن عربن جي آخري حملي وقت سنڌ جي حاڪم راجا ڏاهر جو ساٿ ڏيڻ بدران عرب حملي آور محمد بن قاسم جو ساٿ ڏنو، جيڪو سنڌ تي قابض ٿي ويو. ان تاريخي واقعي بابت مصنف هڪ عرب مورخ احمد بلاذريءَ جو حوالو ڏي ٿو، جنهن پنهنجي ڪتاب ’فتوح البلدان‘ ۾ لکيو آهي ته؛“عرب تمام وڏي عرصي تائين سنڌ تي لڳاتار ڪاهون ڪندا رهيا. هو ڪيتريون ئي خونريز جنگيون ڪرڻ جي باوجود سنڌ تي قابض ٿي نه سگهيا. هنن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ ناممڪن هو. پوءِ جڏهن سنڌ ۾ مذهبي نفاق پيدا ٿيو تڏهن عربن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ آسان ٿي پيو. سنڌ تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ عربن سنڌ جي سمورن شهرن ۾ وڏي پيماني تي ڦُرلٽ ڪئي، ان کان علاوه هزارين سنڌي مردن توڙي عورتن کي غلام ڪري عراق، شام ۽ ٻين ملڪن جي شهرن ۾ غلامن جي بازارن ۾ وڪرو ڪيو.”
    مصنف هڪ عرب تاريخدان جاحظ جي ڪتاب ’الحيوان‘ جو حوالو ڏي ٿو، ان ۾ لکيل آهي ته؛“محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ هزارين سنڌي مردن ۽ عورتن کي غلام قرار ڏئي عراق، شام ۽ حجاز ڏانهن موڪليو. انهن جو تعداد ايترو ته وڏو هو جو غلامن جي بازارن ۾ غلامن جا اگهه ڪِري پيا. اهڙا واقعا ٻين عرب مورخن به قلمبند ڪيا آهن.”
    مصنف لکي ٿو ته؛“اڄ به ڪوهستان ۾ صديون پراڻو قبائلي راڄوڻي نظام موجود آهي، جيڪو انهن جو پنهنجو جوڙيل آهي. ڪوهستان شايد دنيا جو اهو واحد علائقو آهي، جتي ڏوهه جو ڪو به تصور ناهي. هتي ڪو به سماجي ڏوهه نٿو ٿئي. جيڪي به قانون نافذ ڪندڙ ادارا آهن، اُهي هتي سرگرم ناهن. هتي ڪنهن به ڌنار وٽ توهان ڪهاڙي نه ڏسندا. هتي وڻ وڍڻ به ڏوهه آهي.”
    لائق مصنف ڪوهستان جي سفر دوران، ڪيترين ئي اهم شخصيتن ۽ هتي جي وڏن شاعرن جو ذڪر ڪيو آهي. هن خاص طور ڪاپٽ فقير ۽ ٻٻر فقير جي شاعريءَ جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي آهي.
    هو لکي ٿو ته؛“ٻٻر فقير ڪوهستان جو تمام وڏو شاعر هو. هن جي شاعري شاهه لطيف جيان وطن سان محبت، پيار ۽ امن جي پيغام تي ٻڌل آهي. هڪ شخص هادي بخش کي ٻٻر فقير ۽ ڪاپٽ فقير جي شاعري گهڻي ڀاڱي ياد آهي، اها هاڻ فوري طور رڪارڊ ٿيڻ گهرجي نه ته هنن ٻنهي بزرگن جي شاعري هميشه لاءِ گم ٿي ويندي.”
    مصنف ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ سريءَ جو به ذڪر ڪيو آهي. جتي هن جي ملاقات هڪ سنڌ دوست در محمد پالاريءَ سان ٿي، جيڪو سائين جي ايم سيد جو پراڻو ساٿي هو. در محمد پالاريءَ جو نالو پڙهي مون کي منهنجا ٻه دوست مَٽڪو پالاري ۽ سُهراب پالاري ياد آيا.منهنجو به اڻ سڌيءَ طرح گذريل پنجيتاليهن سالن کان ڪوهستان سان تعلق رهيو آهي. مٽڪو پالاري هڪ انتهائي بهادر، بي خوف ۽ بيباڪ شخص هو. جڏهن طاقتور سرڪاري ڪامورا ۽ ٻاهر کان آيل ماڻهو پالارين کان زمينون ڦرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا، تڏهن مٽڪو مرحوم انهن ماڻهن جي اکين ۾ اکيون وجهي چوندو هو ته؛“هي سموريون زمينون، هي سمورا بَرَ پَٽ ۽ اُنهن مٿان آسمان اسان جو آهي. ڪنهن کي ڪَکُ به نه ڏينداسين.”
    منهنجون مٽڪي مرحوم سان ڪيتريون ئي ڪچهريون ٿيون. هڪ ڀيري هو مون کي پنهنجي جيپ ۾ ڪلو کوهر ڳوٺ کان ڪجهه مفاصلي تي اهو هنڌ ڏيکارڻ هليو، جيڪو سمنڊ جو پيٽ ٿي لڳو، جتان سمونڊ موٽ کائي ويو آهي. مٽڪي مرحوم سان منهنجي دوستي ۽ هڪ ٻئي لاءِ عقيدت ان حد تائين وڌي ويئي، جو هڪ ڏينهن هن مون کي ٽي ايڪڙ زمين ’تحفي طور‘ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. هو ڪوٽڙيءَ ويو، جتي باقاعدي اسٽامپ پيپر تي منهنجي نالي زمين لکرائي آيو. ان ڏينهن هو ڏاڍو خوش هو. جڏهن ته آئون حيرت وچان گم هوس. هن وقت مٽڪي مرحوم جا ٻه سُلڇڻا ۽ تمام سمجهدار پُٽَ رمضان ۽ لقمان آهن. اهي به پنهنجي پيءُ وانگر بهادر، سُڄاڻ ۽ وڏي فضيلت جا مالڪ آهن.
    آئون جڏهن هي سٽون لکي رهيو هئس، ته منهنجو دوست رکيل مورائي مون وٽ آيو. مون اچڻ شرط هن کان پڇيو، ته ڇا اوهان ’مشڪور ڦلڪارو‘ کي سڃاڻو ٿا؟ هن حيرت وچان سوال ڪيو ته، اوهان ڇو مشڪور ڦلڪاري جو پُڇي رهيا آهيو. چيو مانس ته هن ادي مون ڏانهن پنهنجو زبردست ڪتاب موڪليو آهي. اهو ڪتاب تحقيق ۽ علم جي دنيا ۾ ڪئين نيون راهون کولي ڇڏيندو، ڪيترائي ٿرٿلا آڻي ڇڏيندو. ان شخص سان منهنجي ملاقات ناهي، پر هن ڏاڍو اهم ڪتاب لکيو آهي. جيتوڻيڪ هن جي لکڻي سندس تعارف لاءِ ڪافي آهي. ان جي باوجود اوهان ان جي شخصيت بابت ڪجهه ٻُڌايو. رکيل مورائي هڪدم جوش ۾ اچي ويو. مشڪور ڦلڪاري جو نالو کڻندي هنجون اکيون جرڪڻ لڳيون. هو چوندو ويو ته؛“مشڪور ڦلڪارو سنڌي ٻوليءَ جو ليکڪ، شاعر ۽ جاکوڙي قومي ڪارڪن رهيو آهي. جنهن سموري ڄمار سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي هن جو خواب رهيو آهي.” رکيل جڏهن مشڪور جو اهو تعارف ڪرايو، ته مون کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي، ته هي عشق جو اڙانگو سفر ڪو اهڙو کاهوڙي ئي ڪري سگهي ٿو، جنهن لاءِ شاهه سائين چئي ويو هو ته:
    سک نه ستا ڪڏهن ، کرڪڻا لاهي ،
    اوسيئڙو آهي کاهوڙين کي پنڌ جو .
    مون کي اُميد آهي ته مشڪورڦلڪاري جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ جي بنيادي ڪتابن ۾ ڳڻيو ويندو. سنڌي ڪتابن جي تحقيقي ڪتابن جي ذمري ۾ هن ڪتاب کي اهم مڃتا ضرور ملندي.


    يوسف شاهين
    ڪراچي
    31 مئي 2017


      تاريخ جي ڳجهارت جي ڳنڍ کوليندڙ محقق

    مشڪور ڦلڪاري صاحب جو ڪتاب ’’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘‘ نظر مان گذريو. جيئن ته سنڌ جي تاريخ آڳاٽي هجڻ سان گڏوگڏ منجھائيندڙ حد تائين ڳجھارت پڻ بڻيل آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ تي هيستائين جيترو به ڪم ٿيو آهي، اهو اڻپوري هئڻ سان گڏوگڏ سائنسي لحاظ کان غير مستند تحقيق تي آڌاريل آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جي اتهاس تي ويجھي ماضي ۾ ايم ايڇ پنهور صاحب چڱو موچارو ڪم ڪيو ۽ سندس ٻن ڪتابن ’’ڪراناليجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ‘‘ ۽ ’’سورس مٽيريل آن سنڌ‘‘ انهي روايت کي ڪنهن حد تائين ٽوڙيو، پر تنهن هوندي به سنڌ جي تاريخ تي جهڙي ساکائتي نموني ڪم ڪرڻ جي گھرج آهي، اها اڃا تائين جوڳي نموني پوري ٿي نه سگھي آهي. واڌواڻي صاحب جو ناول ’’ريٽرن آف دي آرينز‘‘ پڻ سنڌ جي اتهاس تي هڪ نئين انداز سان روشني وجھي ٿو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته آريا سنڌ جا اصلوڪا رهواسي هئا. سنڌ جا اصلوڪا رهواسي دراوڙ هئا يا آريا، اهو پڻ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اڻسليل سوال آهي.
    مشڪور صاحب جو هي ڪتاب سنڌ جي ڪوهستان جي تاريخ تي شايد هي پهرين ڪوشش آهي جنهن ۾هُن سنڌ جي ڪوهستان جي اتهاس جي آڳاٽي هجڻ بابت ڪجهه نوان انڪشاف ڪيا آهن ۽ ڪوهستان جي آڳاٽي تاريخ جي آڌار تي سنڌ جي تاريخ کي هزارين نه پر لکين ، ڪروڙين سال آڳاٽو ڄاڻايو اٿس. جيڪڏهن سندس ڳالهه ۾ ڳرُ آهي ،ته پوءِ سنڌ جي تاريخ جي پنج هزار ورهيه قديم هجڻ واري دعويٰٰٰٰ تان هٿ کڻڻو پوندو ۽ نئين سر تحقيق ڪرڻي پوندي. آءٌ سمجھان ٿو ته ان لحاظ کان مشڪور ڦلڪاري صاحب جو هي ڪتاب تمام گھڻو اهم ۽ وقتائتو آهي . جو هن وطن دوست محقق سنڌ جي تاريخي قدامت جي حوالي سان نهايت اهم سوال اٿاريا آهن. جن سوالن جي جوابن جي ڳولا سان تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار ٽٽندي ، نوان بحث ۽ ڳولائون شروع ٿينديون ، ڏيهي ۽ پرڏيهي ادارا حرڪت ۾ ايندا . جنهن ڪري سنڌ ۾ موجود تاريخي اثاثن جي مالڪي ٿيندي ۽ سائنسي تحقيق جا نوان رخ پيدا ٿيندا . جنهن کوجنا جي ضرورت به آهي.
    اُميد اٿم ته مشڪور صاحب سنڌ جي تاريخ جي ٻين به اڻسليل سوالن تي پڻ قلم کڻندو ۽ سائنسي انداز سان انهن تي تحقيق ڪري سنڌ جي آئيندي جي محققن لاءِ تحقيق جا نوان گس کوليندو.


    هدايت ڀٽو
    يو ڪي .


      تاريخ جي ماٺار ۾ اڇلايل ڳرو پٿر

    انگريزي ٻولي جي مشهور ناول نگار جلين بارنز جي ناول “دي سينس آف اين اينڊنگ” منجھان تاريخ جي حوالي سان هڪ سٽ ذهن تي تري آئي آهي، “ تاريخ ان پڪي شاهدي جو نالو آهي، جيڪا ماڻهن جي ڪمزور يادگيري ۽ اڻپوري ڄاڻ تي آڌاريل آهي.” مونکي لڳي ٿو ، ته سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان بارنز جي اها ڳالهه گھڻي ڀاڱي غلط آهي . ڇاڪاڻ ته پهرين ڳالهه سنڌ جي تاريخ تي اڃا تائين ڪو سگھارو تحقيقي ڪم ٿيو ئي ناهي ۽ جيڪو ٿورو ٿڪو ٿيو به آهي ، ته اهو اڻ وسهندڙ حد تائين غير معياري ۽ سولي سنڌي ۾ رڳو گشن ۽ ڊاڙن . تي آڌاريل آهي . ٻي ڳالهه ته ماڻهن جو حافظو تڏهن ئي ويساهه جوڳو چئبو ، جڏهن ان کي جوڳي ۽ سڌائتي ڄاڻ جو خزانو حاصل ٿيندو، جيڪو سنڌ جي تاريخي ماخذن جي حوالي سان گھٽ ۾ گھٽ بنهه اڻپورو آهي. آءٌ ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچيندو آهيان ، ته جيڪڏهن سر جان مارشل موهن جي دڙي جي کوٽائي نه ڪرائي ها ، ته جيڪر اسان سنڌين وٽ پاڻ پڏائڻ لاءِ ڪجھ به نه هجي ها. اسين سنڌ جي تاريخ بابت فقط ايترو ئي ڄاڻون ٿا . جيڪو اسانکي مُنڍ کان ٻڌايو پئي ويو آهي ۽ اسين ان ڳالهه تي اکيون پوري اعتبار ڪندا آيا آهيون ، ته اسان جي سڀيتا پنج هزار ورهيه قديم آهي. سنڌ جي تاريخ بابت اڪيچار اڻسليل سوال آهن، جهڙوڪر: ڇا سنڌ جي تاريخ رڳو پنج هزار سال پراڻي آهي ، يا ان کان به آڳاٽي ، آريا به دراوڙن جيان هتان جا اصل رهواسي هئا، يا نه ۽ ٻيا اهڙا انيڪ سوال آهن. جن جا اسان وٽ ڪي به وزنائتا جواب ناهن . اسين گھڻي قدر پاڻ کان ۽ پنهنجي تاريخ کان اڻڄاڻائي جي حد تائين اوپرا آهيون.
    مشڪور ڦلڪاري صاحب جو ڪتاب “سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ” سنڌ جي ڪوهستاني علائقي بابت ، ڪجهه اهڙن ئي اڻسليل سوالن جا جواب ڏيڻ جي هڪ مهلائتي ۽ مُلهائتي ڪوشش آهي. جيتوڻيڪ ڦلڪاري صاحب ڪتاب جي مُنڍ ۾ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان مختلف مفروضن ۽ انومانن کي نِنديو آهي . سنڌ جي تاريخي ماخذن جي غير سائنسي، غير معياري هجڻ جي چڱي ڇنڊڇاڻ ڪئي اٿس ، پر ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مونکي ائين لڳو ، ته ڄڻ ليکڪ پاڻ به انهن ئي مفروضن ۽ انومانن کان پاسو ڪندي به ڪجهه نتيجا انديشن ۽ انومانن تي آڌاريندي ڏنا آهن. ڇاڪاڻ ته هن وٽ نه سندس گڏ ڪيل شاهدين ۽ مشاهدن بابت اصل سائنس جي روشني ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪا سگهه ۽ وسيلا هئا ، نه ئي ڪنهن ذميوار اداري جو ڪو ساڻس سهڪار هو .پر هن مشاهداتي تيز نظر سان پنهنجي وسيع مطالعي جي روشني ۾ تاريخ بابت ڪجهه نتيجا اخذ ڪري تحقيق جي ماٺار ۾ هلچل پيدا ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي. هن جي اها ڪاوش تاريخ جي ماٺار ۾ اڇلايل هڪ اهڙو ڳرو پٿر آهي . جيڪو اڳتي هلي سنڌ جي تاريخ تي تحقيقي جمود کي ٽوڙيندو ، پوري دنيا جا ادارا پڻ ارتقا جي منجهيل سوالن جي جواب جي ڳولا ۾ سنڌ ڏانهن متوجهه ٿيندا . سنڌ جو ڪوهستاني ڀاڱو ڪيترو قديم آهي، يا ٿي سگھي ٿو ، منهنجي سمجھه ۾ ان ڏس ۾ ڪنهن تحقيقي اداري طرفان جوڳي سائنسي کوجنا ٿيڻ گھرجي.
    بهرڪيف مشڪورڦلڪارو جس لهڻي ، جو پاڻ سنڌ جي تاريخ ۽ خاص طرح سنڌ جي هڪ اهم حصي ڪوهستان ۾ تاريخ جي ڳجهن رازن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ قلم کنيو اٿس. آءٌ کيس واڌايون ڏيان ٿو ۽ اُ ميد ڪريان ٿو، ته هو اڳتي به پاڻ ملهائيندو رهندو .


    گل سنائي
    مانچسٽر، يو ڪي
    9 سيپٽمبر 2017


      پهاڙن سان ڳالهائيندڙ جاکوڙي محقق

    مشڪورڦلڪارو سنڌ جو هڪ سُڄاڻ محقق آهي. هن جڏهن پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ‘ تي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ته، ڪيترائي ڪم هوندي به جواب نه ڏيئي سگهيس. هڪ ته مشڪور جهڙي پياري ماڻهوءَ پهريون ڀيرو اهڙي هُجت ڪئي، ٻيو ته ڪوهستان سان منهنجو عشق جنمن کان رهيو آهي. انهيءَ عشق به هن ڪتاب کي پڙهڻ بعد ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪيو. ڇپر جي علائقي ۾ رهڻ ڪري مان به پاڻ کي ڇاپرُو سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهيان. سنڌ جو ڪوهستان، جيڪو، ڪراچي، ٺٽي ، ڄامشوري ، دادو ، ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن تي مشتمل آهي. قدرتي دولت سان مالامال آهي. هي پورو علائقو شاهوڪار تهذيب جو مالڪ آهي. هي اهو علائقو آهي، جتي انساني تهذيب جا آڳاٽا آثار موجود آهن. جتي هڪ منظم رياستي ڍانچو موجود هو. جنهنڪري چئي سگهون ٿا، ته سنڌ دنيا جو هڪ اهم ۽ قديم ترين خطو آهي. آڳاٽن اُهڃاڻن کي ڏسندي اهو چئي سگهجي ٿو ته، ڪوهستان واري علائقي ۾ تهذيبن جُڙڻ کان وٺي، اڄ تائين ڪا خاص تبديلي نه آئي آهي.
    اسين جڏهن ارتقا جي نظريي جي روشنيءَ ۾ سنڌ يا بلوچستان جي ڪوهستان جي جبلن کيرٿر، هالار، بَڊو، ڀِت، ڪوهتَراش، مَهير، مول گُري،منگهو پير،سنبڪ، مال ماڙِي، (مال مُهاڙي ) پاڇراڻ، آنڌار، پَٻ، پٻُوڻي، هاڙهو، سارمنا، هِنگلاچ، جيڪي سوين ميلن تائين پکڙيل آهن.انهن علائقن ۾ هڪ پوري انساني تاريخ دفن ٿيل آهي. انهن علائقن جو ڳاڻيٽو تاريخ جي انهن خطن ۾ رهيو آهي، جيڪي مسلسل آباد رهيا آهن.
    سنڌ جو ڪوهستان جتي جابلو سلسلا، دل کي وڻندڙ ماٿريون، ماڳ، ۽ خوبصورت منظر آهن. جتي هڪ طرف آڳاٽي تاريخ جون نشانيون آهن. ته ٻئي طرف هتي بُک بدحالي به آهي، جيڪو ماڻهن جو مقدر بڻجي ويو آهي. ڪوهستان جي جبلن، جن جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي،جتي جيڪا تاريخ دفن ٿيل آهي، انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي ضرورت آهي. کوٽائي ۽ سائنسي بنيادن تي تحقيق جي ضرورت آهي. کوٽائيءَ جي بجاءِ اسان مورڳو، تيل ڪمپنين پاران تيل جي ڳولا وسيلي، ۽ ٻئي پاسي بحريه ٽائون، ڊي ايڇ اي سٽي، پن چڪي پراجيڪٽن وسيلي آثارن، تاريخي ماڳن، قديم قبرستانن،۽ پُراڻين آبادين کي تباهه ڪري رهيا آهيون. ڪا رنڊڪ ناهي، بحريه ٽائون ڪراچي جي چئن ديهن ۾ ڀٽائي جي تَڪئي سميت ڪيترن پراڻن آثارن، گبر بندن، ڪوٽڙوئن،پٿرن تي قديم لکيت ۽ قديم ڳوٺن کي بلڊوزرن سان تباهه ڪري، هاڻي ڄامشوري جي چئن ديهن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ جا منصوبا جوڙي رهيو آهي. جتي ڪيترائي ڳوٺ، اڻ ڳڻيا تاريخي آثار، چٽسالي واريون گهاڙي قبرون، ٻُڌ دور جون نشانيون، ۽ قديم ترين ماڳ آهن. گهڻا اهڙا جبل آهن، جن تي اڃان تائين ڪي محقق يا تاريخ سان دلچسپي رکندڙ پهچي نه سگهيا آهن. هتي اڃان اهڙن ماڳن جي سروي جي ضرورت آهي. جتي بحريه ٽائون جُڙي رهيو آهي. اها پوري وائلڊ لائيف ايريا آهي. هو سڀڪجهه بلڊوز ڪري اڳتي وڌي رهيا آهن. لکين ڌارين کي هتي آباد ڪرڻ جو منصوبو آهي، پر پوري سنڌ خاموش آهي. سنڌ حڪومت پوري سنڌ بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. بحريه ٽائون اسڪيم سنڌ لاءِ ايسٽ انڊيا ڪمپني ثابت ٿي آهي. انهيءَ لاءِ سنڌ حڪومت کي نماڻي گذارش آهي، ته جيڪڏهن توهان تاريخ جي قديم آثارن جي کوٽائي نه ٿا ڪرائي سگهو، ته گهٽ ۾ گهٽ انهن قديم تاريخي نشانين کي مسمار ٿيڻ کان ته بچايو.
    مشڪورڦلڪاري جو ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو ‘ انهن دانهن ڪوڪن جي ترجمان سان گڏ تاريخ جو پڙاڏو پڻ آهي. مشڪورڦلڪاري هڪ اهڙي حساس موضوع تي لکڻ جي شروعات ڪئي آهي، جنهن تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. گهٽ مواد موجود آهي. ڪجهه ساٿين پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ڪوهستان تي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ڪري رهيا آهن. جن ۾ ايڇ ٽي سورلي، لئمبرڪ،رچرڊ برٽن، البيروني، مجمدار ۽ ٻين آڳاٽي دور ۾ ڪوهستان جي باري ۾ ڪجهه لکي، ايندڙ محققن لاءِ ڪجهه رستو ٺاهيو هو. هاڻوڪي دور ۾ بدر ابڙو، اشتياق انصاري،ڪليم لاشاري، انور پيرزادو، ذوالفقار ڪلهوڙو، ۽ حاڪم علي شاهه بُخاري پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل موضوعن تي لکي رهيا آهن. پر مشڪور ڦلڪاري جو ڪم انهن سڀني کان الڳ آهي. جنهن کي اسان ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪم جو تسلسل چئون ته غلط نه ٿيندو. ايڇ ٽي لئمبرڪ جي ڪتاب سنڌ اي جنرل انٽروڊڪشن جا ٽي جُلد ڇپجي چڪا آهن. جيڪي سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. لئمبرڪ پهرئين جلد جي مختلف بابن، سنڌ جو ٽاڪرو علائقو،سنڌ جون تاريخ کان اڳ جون اوائلي تهذيبون، سنڌ جي آڳاٽي تاريخ ۽ ٻين بابن ۾ ڪوهستان ۾ موجود آثارن، اتان جي جبلن، برساتي وهڪرن ۽ واٽن جو ذڪر ڪيو آهي.
    مشڪور پنهنجي ڪتاب جي وسيلي لئمبرڪ جي ڇڏيل ڪم کي ڄڻ اڳتي وڌايو آهي. مشڪور پنهنجي ڪتاب جي پهرئين باب ’ تاريخ جي اهميت ‘ ۾ لکي ٿو ته؛”قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪنديون آهن، ڇو ته تاريخ قومن جي سموري ارتقا جي پنڌ جي نه صرف خبر ڏيندي آهي. پر قومون پنهنجي وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن مان ڪئين سبق سکي اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري زندهه قومون پنهنجي تاريخ کي هرحالت ۾ نه فقط محفوظ ڪنديون آهن، پر انهيءَ ۾ وقت گذرڻ سان گڏ نين ارتقائي منزلن جي احوال جو واڌارو به ڪنديون آهن.“
    اها ڳالهه مشڪور جي ڪم ۽ ڪتاب جي ڪُنجي آهي ۽ ٿيل تحقيق دوران راز به پڌرا ٿي رهيا آهن. انهيءَ باب ۾ مشڪورڦلڪاري سنڌ جي تاريخ ۽ محققن جون ذميواريون، عنوان هيٺ نهايت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ سوال اُٿاريا آهن. جن جي جوابن جي ڳولا لاءِ سڀني محققن کي ائين ڪم ڪرڻو پوندو. جيئن انگريز محققن ڪوهستان ۾ تحقيق جي شروعات ڪئي. جن ۾ مجمدار، هوزبلر، اسٽائين،هارگريوز، لئمبرڪ، رچرڊ برٽن جن تحقيق جو بنياد وڌو. جن تي هاڻي سائنسي بنيادن تي وڌيڪ کوجنا جي ضرورت آهي. مٿين محققن اسان کي گَسُ ضرور ڏنو آهي،پر سندن ڪيل اها تحقيق حتمي ناهي. انهيءَ ڏس ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ مشڪورڦلڪاري اهو صحيح لکيو آهي، ته سنڌ جا محقق به اکيون پوري بنا ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي ٻين ڌارين محققن جا حوالا ڏيئي، ڳنڍ ٻڌي ويهيو رهن. وڏي فخر سان چوندا ته فلاڻا مشهورمحقق ته لکي ويا آهن، انهيءَ تي وڌيڪ تحقيق جي ڳالهه ڪرڻ فضول آهي. اهو رويو غلط آهي، تحقيق هڪ سائنس آهي. نون محققن لاءِ رستا روڪ ڪرڻ جي بجاءِ انهن جي حوصله افزائي ڪرڻ گهرجي. نوان محقق جڏهن ڪنهن وڏي محقق جي ڳالهه ۾ ڪا ڪس ڪڍن ٿا، ته انهن کي روڪڻ لاءِ غيرضروري حربا استعمال ڪري، انهن کي مايوس ڪيو ٿو وڃي، پر نون محققن کي مايوس ٿيڻ بجاءِ پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهرجي. ڪوهستان ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم ورڪ جي ضرورت آهي. هتي گڏجي ڪم ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
    مشڪورڦلڪاري جيڪي سوال اُٿاريا آهن. انهيءَ جي جوابن تائين پهچڻ لاءِ سنڌ جي ڪوهستان ۾ سائنسي بنيادن تي کوجنا جي ضرورت آهي. سنڌ جي تاريخ تي جيڪا دز چڙهيل آهي، انهيءَکي هٽائي نروار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    مشڪورڦلڪاري جي اها گُهر نهايت اهم آهي، ته؛”اسان کي ٻڌايو پيو وڃي، ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي، ۽ بس. انهن پنج هزار سالن ۾ ڇا وهيو واپريو، انهيءَ جي ڪا خبر ناهي. سنڌي تهذيب ڪٿان کان شروع ٿي؟ڪيئن شروع ٿي؟ انهن پنج هزار سالن ۾ سنڌي سماج جي ارتقا جو عمل ڪيئن رهيو؟ ڇا وهيو، ڇاواپريو يا ڇا ٿي گذريو؟ ڪوبه ادارو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، يعني ڪو تحقيقي ادارو پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي.“ سنڌجي ارتقا بابت اهي سوال وڏي اهميت رکن ٿا. اهي اهڙا سوال آهن، جن تي سائنسي بنيادن تي کوجنا جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشڪور ڦلڪاري ڪتاب ۾ ارتقا جي مختلف نظرين کي بحث هيٺ آندو آهي، پر سنڌ جي ارتقا بابت بقول مشڪور جي ته ڪابه سنجيده ڪوشش اڃان نه ورتي ويئي آهي.
    سنڌ جي ارتقا بابت مختلف گروهه مختلف نظرياپيش ڪن ٿا. جن مان هڪ گروهه، جنهن جو چوڻ آهي، ته “سنڌ ڌرتي دنيا جي واحد ڌرتي آهي، جتي دنيا جي پهرئين انسان حضرت آدم عليه السلام جا قدم پيا، جتي سندس اولاد جو جنم ۽ موت ٿيو. سندس اولاد مان حضرت شيث کي سنڌ جي نالي سان پُڪاريندا آهن. انهن جو چوڻ آهي،ته سنڌ تي نالو حضرت شيث جي نسبت سان پيو. انهيءَ گروهه جو چوڻ آهي، ته حضرت هابيل بن آدم دادو ضلعي جي ڪاڇي جي ڪاسٻو ۾ دفن ٿيل آهي. حضرت شيث بن آدم، حضرت يوسف، حضرت هارون جو اولاد، حضرت نوح، سندس پٽ حام ۽ سام، سنڌ بن سام ۽ ٻيا پيغمبر سنڌ ۾ دفن آهن. ( ڏسو ڪتاب : سنڌ ارتقا جي جاءِ : شاهدعلي صوف ابڙو ) جڏهن ته پوري دنيا ۾ مشهور آهي، ته حضرت هابيل شام جي جابلو سلسلي تڪيا جي هڪ مٿانهين چوٽيءَ تي دفن ٿيل آهي. جون 2010ع ۾ جڏهن شام جون حالتون صحيح هيون ته ڪجهه دوستن سان مون شام جو سفر ڪيو هو. هابيل جي قبر دمشق کان ڇٽيهه ڪلوميٽر اولهه پاسي بوليدان، زبدان، ۽ بيروت ڏانهن ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي آهي. سامهون جولان جو جابلو سلسلو آهي. دمار وادي کان اڳ هڪ يوٽرن تان هڪ رستو ساڄي هٿ تي جبلن ڏانهن نڪري ٿو. جيڪو فوجي علائقو آهي. وَرَ وَڪڙ کائيندڙ رستي سان مٿي چوٽيءَ تي پُهچبو، تڪيا جو اهو جابلو سلسلو ۽ چوٽي تبرادا وادي ۾ اچن ٿا، چوٽيءَ تي اڇي گُنبذ سان خوبصورت ٽائلز سان هابيل جي آخري آرامگاهه آهي. هابيل جي قبر ڏهه کان ٻارهن فوٽ ڊگهي آهي. اها جاءِ صاف سُٿري ۽ دل کي وڻندڙ آهي. قرآن پاڪ ۾ هابيل ۽ قابيل جو ذڪر ۽ واقعو سوره مائده جي پنجين رُڪوع ۾ آيل آهي.
    گهڻي عرصي کان مشهور شخصيتن کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ ظاهر ڪرڻ جو رواج آهي. عقيدتمند جڏهن ڏورانهن علائقن ۾ نه ٿا پهچن ته انهن جون قبرون بنا ڪنهن تحقيق جي هتي ظاهر ڪري ڇڏيندا آهن. حضرت ابراهيم بن ادهم جي قبر سلطنت عمان جي ساحلي شهر سور لڳ هڪ ٽڪريءَ تي آهي. جتي به مان دوستن سان گڏ 2004ع ۾ وڃي چڪو آهيان، جنهن جا فوٽو مون وٽ محفوظ آهن. سنڌ ۾ به سکر لڳ ابراهيم بن ادهم جي قبر آهي. اهڙي طرح حضرت اويس قرني يمن ۾ دفن آهي، پر سنڌ ۾ سن کان پهرين سيوهڻ ڏانهن ويندي کاٻي هٿ تي اويس قرني کي دفن ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حضرت آدم لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هن سريلنڪا جي سرزمين تي پير پاتا هئا. سندس قبر به هتي هڪ جابلو چوٽيءَ تي آهي. اهو انهن دوستن جو نظريو آهي، جنهن تي بحث نه ٿا ڪريون. هي هڪ الڳ موضوع آهي. ٻي ڳالهه ته هن نظريي کي مڃڻ وارا دوست ٻين نظرين جي مڃڻ وارن کي مُلحد ۽ ماده پرست ڪوٺين ٿا. تنهنڪري اهڙن الزامن کان بچڻ ٿو چاهيان.تحقيق ۾ اهڙن روين جي گنجائش نه هئڻ گهرجي. بحث ۾ تحقيق ۽ سائنسي دليلن وسيلي هڪٻئي کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.
    علم انسان جي ماهرن لاءِ اهو مسئلو رهيو آهي، ته انسان هن ڌرتيءَ تي ڪڏهن کان موجود آهي. زمين جي انتهائي هيٺين سطحن کان جيڪي چقمقي پٿرن جا نوڪدار اوزار مليا آهن.طبقات الارض جي ماهرن جو اهو خيال آهي ته اهي اوزار لکين سال پراڻا آهن. هڪ مفروضو اهو به آهي ته دنيا 4004 ق م، ۾ پيدا ٿي. اهو خيال به ڊارون جي نظريي وانگر رد ٿي چڪو آهي. مشڪورڦلڪاري انهيءَ ڳالهه تي ڪتاب ۾ ارتقا جي سائنسي نظريي جي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو آهي. جنهن کي اڳتي وڌائڻ ۽ سائنسي انداز ۾ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. مشڪور ۽ اسان جهڙا تاريخ جا شاگرد اهڙين جاين، ماڳن ۽ مڪانن جي نشاندهي ته ڪري سگهون ٿا، پر ان لاءِ ضروري آهي،ته اتان لڀندڙ شين جي صحيح جانچ پڙتال يا ڪا حتمي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ انهن ماڳن تي ڪاربان ٽيسٽ ۽ ٻين ليبارٽرين جي ضرورت آهي، جيڪا ڳالهه ادارن ۽ حڪومت جي وس ۾ آهي.
    مشڪور پنهنجي ڪتاب جي باب’سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا جا اوائلي نشان‘، ۾ اهڙن اُهڃاڻن کي ظاهر ڪيو آهي، ۽ هن جيڪي مشاهدا ڪيا آهن، اهي هر محقق کي سوچڻ تي مجبور ڪندا. جنهن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي،ته سنڌ جي ڪوهستان وارو علائقو هزارين سال مٺي پاڻي جي لاهه ۽ چاڙهه جو حصو رهيو. لاڳيتين برساتن ۽ حضرت نوح جي زماني جي ٻوڏ ڪري هي علائقو پاڻي هيٺ رهيو. جن جا نشان اڃان تائين جبلن ۾ موجود آهن. انهن جبلن ۾ بقول مشڪور جي چوٽين کان وٺي هيٺ وادين تائين پنڊپهڻ ٿيل جيت، جانور، ڪوڏا، ۽ سِپيون ملن ٿيون. سي سڀ مٺي پاڻيءَ مان جنم وٺندڙ آهن.
    ڪراچي ڪوهستان جو علائقو منهنجي مشاهدي ۾ رهيو آهي. مهير کان وٺي مول تائين ٻئي پاسي گڏاپ کان وٺي مول تائين اهڙاپنڊپهڻ ٿيل جيت موجود آهن.مول واري رستي تي هڪ طرف جبل جي چوڌاري اڻ ڳڻيا اهڙا پنڊپهڻ موجود آهن. مهيرجبل جيڪو 35 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ ٻارهن ڪلوميٽر موڪرو آهي، اُتي هيٺ کان وٺي مٿي تائين پنڊپهڻ ٿيل جيت ۽ جانور موجود آهن. منگهي پير ۾ ڪجهه اهڙا پنڊپهڻ مليا آهن، جيڪي سامونڊي حيات جا آهن. اهو علائقو سمنڊ جي ويجهو آهي، لڳي ٿو ته کيرٿر جا اهي هيٺيان علائقا ڊگهين وسندڙ برساتن کانپوءِ سمنڊ ۾ به ٻُڏل رهيا آهن. جنهن ڳالهه جي تصديق مشڪور صاحب به ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان جي جائزي وٺڻ بعد ڪري ٿو. سندس چوڻ آهي، ته برساتن جي ڊگهي عرصي بعد جڏهن ٿرپارڪر واري سمنڊ ۾ پاڻي ڀريو ته اهو سنڌ جي ڏاکڻئين ڪوهستان واري پاسي اٿلي وڌڻ لڳو هو. جتي سامونڊي ۽ ڪوهستان جي برساتي مٺي پاڻي جي سنگم ڪري تمر جا گهاٽا جهنگل پيدا ٿيا،جيڪي هن وقت ڪوهستان جي ڏکڻ اوڀر ۾ ڪوئلي جي ذخيرن جي شڪل ۾ زمين جي اندر ٻه سئو کان ٽن سئو فوٽن جي اونهائيءَ تي موجود آهن.
    مشڪور ڦلڪاري ڪوهستان ۾ برفاني دور جو به ذڪر ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه پڻ درست آهي. ڇو ته ڪراچي جي علائقن کديجي، ڪونڪر،واڳون ڏر ۽ ڄامشوري جي علائقي ۽ مول مان آخري برفاني دور سان تعلق رکندڙ اوزارمليا آهن. جن جو ذڪر مشهور آرڪيالاجسٽ عبدالرئوف خان ڪيو آهي. بدر ابڙي به پنهنجي ڪتاب سيرڪوهستان ۾ انهن جو ذڪر ڪيو آهي. ديهه اورانگهي ( اورنگي ) جتي هاڻي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي ٺهيل آهي، بنگلاديش کان آيل بهارين کي هتي وَسايو ويو آهي. هتي به قديم آثار مليا آهن. تنهن کانسواءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ کان صفوران ڳوٺ تائين هڪ ڦٽل ڳوٺ جا آثار مليا آهن. جنهن لاءِ ماهرن جو چوڻ آهي ته، اهي ٽين صدي عيسوي جي زماني جي هڪ وسندي جا آثار آهن. هتان جيڪي اوزار مليا آهن، ماهر انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائين ٿا.پهرئين قسم جي آثارن ۾ قديم پٿر جي آخري دور جا اوزار مليا آهن ۽ ٻئي قسم جا اوزار انهن کان پوءِ جا آهن. مشهور محقق عبدالرئوف خان موجب ڪراچي يونيورسٽيءَ جي علائقي ۾ صفوران تائين موهن جي دڙي جي زماني جي هڪ ڳوٺ جا آثار دريافت ٿيا آهن، يونيورسٽي روڊ وارو علائقو، اين اي ڊي يونيورسٽيءَ تائين انهي زماني جو صنعتي علائقو هو. جتي پٿر مان شيون ٺاهيون وينديون هيون. انهن شين ۾ ٿانوَ، رانديڪا، هٿيار ۽ گهرن اَڏڻ جو سامان شامل هو. ڪراچيءَ جو هي صنعتي علائقو نه صرف سنڌ جو پر بين الاقوامي تجارت جو مرڪز هو. انهيءَ سان گڏ گلستان جوهر واري علائقي ۾ اڏاوتي کوٽائي دوران پٿر جي دور جي انسانن جا ڍانچا مليا آهن. پر اهي سڀ ماڳ اڏاوتن ڪري ختم ٿي ويا آهن. جن تي هاڻي وڌيڪ تحقيق ممڪن ناهي.
    ڪراچيءَ کان ٽيهه ڪلوميٽر اوڀر طرف ملير واري علائقي ڊملوٽي روڊ تي نئن بازار ۽ نئن ملير جي گڏجڻ واري هنڌ هڪ قديم وسنديءَ جا آثار موجود آهن. جيڪي الهه ڏني جوکئي جي ڳوٺ جي ويجهو هئڻ ڪري الهڏنو آثار يا نل بازار آثارجي نالي سان سڏيا وڃن ٿا. هتي 1974ع ۾ کوٽائي ڪئي ويئي هئي. هتان جيڪي شيون مليون آهن، انهن ۾ مُهرون، لکيت ۽ ٻين شين کي ڏسي آثارقديمه جي ماهرن جي راءِ آهي،ته هي آثار به هڙپا ۽ موهن جي دڙي تهذيب جا همعصر آهن. ان کانسواءِ ڊملوٽي جي آسپاس سنڌوتهذيب جا آثار مليا آهن. ملير ۾ نل بازار ،ڊملوٽي نٿالي جو ڪوٽ،اميلاڻو، گوهربان،ٻاڪراڻ، پپري، ۽ کديجيءَ ۾ اڻ ڳڻيا آثار مليا آهن. جيڪي ماهرن موجب هڙپا تهذيب جا هم اثرلڳن ٿا. کديجيءَ مان پٿري ڪوٽن کان سواءِ چقمقي پٿر جا اوزار به مليا آهن. هي ماڳ هاڻي پاڪ آرمي جي حوالي آهن. اوڏانهن وڃڻ تي پابندي آهي.
    ٿڌي ندي لڳ کٽو گبول ڳوٺ ۽ آدم گبول ڳوٺ لڳ ۽ پوري ڪراچي ڪوهستان جي وڏي علائقي ۾ اهڙا آثار موجود آهن. انهن علائقن ۾ زرتشتي دور جا آثار، گبر بند، ۽ قبرون به موجود آهن. ڪراچي ڪوهستان ۾ اهي پراڻي ۽ نئين پٿر جي دور جي شروعاتي دور سان تعلق رکندڙ آثار آهن. هتي لوهه ۽ ٽامي جي دور جا آثار به موجود آهن. انهن جي قدامت جو اندازو ماهرن موجب اٺ کان نَوَ هزار سال آهي. هتان ڪجهه اهڙا به آثار مليا آهن. جن جو تعلق آخري برفاني دور سان آهي. سنڌ جي ڪوهستان ۾ هر دور جا آثار موجود آهن. جن تي تحقيق جي ضرورت آهي. تحقيق کان اڳ انهن کي رهائشي اسڪيمن جي اڏاوتن کان محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن علائقي کي اهو اعزاز حاصل آهي، ته قديم زماني کان وٺي اڄ تائين انسانن جي استعمال هيٺ رهيو آهي.
    مشڪورڦلڪاري پنهنجي مشاهدن جيڪي هن ٿر ۽ ڪوهستان جي سفرن دوران ڪيا آهن، هن جو چوڻ آهي، ته؛”جيڪي وڻ ٻوٽا ڪوهستان ۾ موجود آهن،سي ساڳيا ٿر ۾ به موجود آهن. انهيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي، ته قديم برساتي پاڻيءَ جا وهڪرا اوڀر پاسي وهندا هئا، ۽ اهي ٿر تائين ويندا هئا. پوءِ بعد ۾ رتنا ڪر جي ميدان جي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ وقت ڪوهستان ۾ قديم برساتي وهڪرا اوڀر کان سواءِ اولهه پاسي وهي حب، مول، ۽ ملير نئن وسيلي سمنڊ تائين به وڃڻ لڳا. “ مشڪور ڪوهستان جي جن پنڊپهڻ ٿيل شين جو ذڪر ڪيو آهي، يا هن تفصيل سان جن ڪوهستاني علائقن جو مشاهدو ڪيو آهي، اُتي هن هڪ سڄاڻ محقق جو ثبوت ڏيندي، انهن مشاهدن مان وڏا نتيجا ڪڍيا آهن. جيڪي هن جي وسيع علمي ۽ تيز نظريءَ جو ثبوت ڏين ٿا.
    مشڪور وڌيڪ لکي ٿوته؛ ”ڪجهه اهڙا آبي حيات آهن، جيڪي پاڻي ۽ خشڪي ٻنهي ماحولن ۾ جيئرا رهي سگهن ٿا. انهن ۾ ڪيڙا، جيت، ڏيڏر ۽ واڳون، جن جو نسل اڃان تائين موجود آهي.“ مشڪور ڪوهستان جي تلائن ۾ واڳوئن جو ذڪر ڪيو آهي. واڳون اهڙو جانور آهي، جيڪو هزارن سالن کان ڌرتيءَ تي موجود رهيو آهي. هي مقدس به رهيو آهي. واڳونءَ جي پوڄا جو سلسلو اڄ به دنيا جي ڪجهه علائقن ۾ موجود آهي. جن جو سنڌ ۾ مثال موهن جي دڙي مان ملندڙ مُهرون به آهن. جن تي واڳون به اڪريل آهي. جڏهن ماڻهن فطرت جي منظرن ۽ جانورن کي پوڄڻ شروع ڪيو ته انهن ۾ واڳون به شامل هو. اهو سنڌ جي هندن وٽ اڄ به مقدس آهي. پر اهو عقيدي جي تبديليءَ جي باوجود ڪوهستان ۾ مسلمانن وٽ به مقدس آهي.
    مشڪور ڪوهستان جي جن علائقن ۾ ويو، اُتي هن تلائن ۾ واڳن جو ذڪر ڪيو آهي. آئون مشڪور جي هن مشاهدي کي ڪراچي ڪوهستان ۽ لسٻيلي سان جوڙيندس. جتي منهنجي مشاهدي ۾ شيون رهيون آهن، جيئن پڙهندڙن کي اها ڄاڻ ملي، ته پوري ڪوهستان ۾ اڄ به اهڙا ماڳ آهن، جتي واڳونءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي. اهڙا ماڳ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود آهن. جن سان جل پوڄا، واڳون پوڄا، ۽ پپر جي وڻ جي تاريخي پوڄا جي تسلسل جي خبر پوي ٿي. ڪراچيءَ ۾ ٻه اهڙا ماڳ آهن، جيڪي واڳونءَ جي پوڄا طور مشهور هئا. جن مان هڪ ريڙهي ۽ ابراهيم حيدريءَ جي وچ ۾ سمنڊ ڪناري واڳون وارو علائقو آهي. جتي صدين کان وهندڙ هڪ چشمو آهي، جتي واڳون رهندا هئا. ويهه، پنجويهه سال اڳ تائين اهي موجود هئا، پر هاڻي اهي ناهن . مٿي ٽڪريءَ تي واڳوئن جون قبرون آهن، جيڪي واڳون مري ويندا هئا، انهن کي مٿي دفن ڪيو ويندو هو. سڪندر اعظم جي وقت ۾’ايرين ‘ جنهن ماڳ کي ڪرو ڪالا چيو آهي،اهو واڳون ڏر آهي. ڪروڪالا يوناني ٻوليءَ ۾ واڳون واري هنڌ کي چيو ويندو آهي. ٻيو اهم مقام منگهو پير درگاهه لڳ واڳون تلاءُ آهي، جتي اڄ به ڏيڍ سئو کان مٿي واڳون موجود آهن. جن ۾ هڪ مور واڳون آهي، جنهن کي حاجي به چوندا آهن. اهو تلاءَ جي غار ۾ موجود رهي ٿو. هتي هر سال بهار جي مُند ۾ شيدي ميلو لڳندو آهي. جنهن کي جاٽ ۽ واڳون ميلو به چيو ويندو آهي. لسٻيلي،حيدرآباد ۽ کارادر جا شيدي گڏ ٿيندا آهن، پورو هفتو مختلف رسمون ۽ مگرمان تي ناچ ڪيو ويندو آهي. هن ميلي جي اهم رسم ٽِڪو مور آهي، جنهن ۾ انهيءَ مور واڳونءَ کي گوشت کارائي، تِلڪ لڳايو ويندو آهي، جنهن رسم کي ٽِڪو مور چوندا آهن. اهي رسمون هوبهو آفريڪا جي واڳون پوڄا واريون آهن. سنڌ ۽ بلوچستان جا شيدي آفريڪا مان غلام ڪري هتي آندا ويا هئا. انهن جڏهن ڪراچيءَ۾ هندن سان گڏ اها جاءِ ڏٺي، ته عقيدي جي تبديليءَ جي باوجود انهن پنهنجن آفريڪي رسمن کي جاري رکيو. جيڪي اڄ به جاري آهن. واڳون پوڄا جا وڌيڪ تفصيل منهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ موجود آهن. منگهي پير ۾ هڪ اهم ۽ تاريخ کان اڳ وارو ماڳ آهي، جيڪو اورانگهي ( اورنگي ) سان گڏ آهي. هتي فارس ۽ ڪيچ کان قافلا اچي ترسندا هئا، جتان پوءِ سنڌ جي مختلف بندرگاهن، ڪڇ ۽ ملتان تائين ويندا هئا. ڪيچ کان هڪ رستو وِندر، سونمِياڻي، ڀَواني، ۽ حب چوڪيءَ کان پوءِ مائي ڳاڙهِي وٽان حب ندي پار ڪري منگهي پير ايندو هو. ٻيو رستو سنگهر، پٻ، ۽ ڊاسول واري ڊهه کان حب پار ڪري منگهي پير ۽ هتان مهيو لڪ پار ڪري ملير کان ڀنڀور ويندو هو. پنهون جو قافلو انهيءَ رستي تان ڪيچ کان ڀنڀور آيو هو. حب ندي پار ڪرڻ جو هڪ اهم لنگهه ’لنگهه لوهار‘ به هو، جيڪو ٽالپرن ۽ انگريزن جي دور ۾ به استعمال ٿيندو هو. منگهي پير کان هڪ اهم رستو گڏاپ، ٿڌو، ۽ ٽڪو بارڻ کان ٿيندو سيوهڻ ويندو هو. جيڪو سيوهاڻي واٽ طور مشهور آهي. واڳو تلاءَ جو هڪ ٽيون مرڪز مهير جبل ۾ ٻاٻرين جي ڪوٽ کان هيٺ مهير ڍوري ۾ آهي. جنهن کي لاهوت واري اتڙِي چيو ويندو آهي. جتي پاڻي سان ٽمٽار هڪ غار ۾ واڳون موجود آهن. هتي پپر جو وڻ به آهي، اڃان به هندو هتي اچي خيرات ڪندا آهن ۽ واڳونءَ کي گوشت کارائيندا آهن. بلوچستان دريجي ۽ لوڻي روڊ تي آري پير لڳ سارونا کان ايندڙ چشمي جي پاڻيءَ ۾ واڳون موجود آهن. زيارتي آري پير تي خيرات ڪرڻ کانپوءِ واڳوئن کي گوشت ضرور ڏيندا آهن. انهن کي به بزرگ واڳوئن جو درجو مليل آهي. اهي واڳون گهڻو ڪري آري پير جي اَتڙِي ۾ هوندا آهن. چورن ۽ ڏوهارين کي آري پير جي اَتڙِي ۾ لهي،تَر مان مِٽي کڻي اچڻ لاءِ چيو ويندو آهي. جيڪو بچي تري مان مِٽي کڻي آيو، انهيءَ کي بيڏوهي سمجهيو ويندو آهي. بي ڏوهيءَ کي اُهي واڳون ڪجهه نه ڪندا آهن. اهو عقيدو زمانن کان هتي موجود آهي. اهي تفصيل منهنجي ڪتاب ’عشق جون ڳليون‘ ۾ آري پير واري مضمون ۾ ڏنل آهن. اسان به هتي پهچي واڳونءَ کي گوشت کارائڻ جي رسم ادا ڪئي هئي. اهڙو هڪ آستان هنگول درياءَ ۾ ناني مندرڏانهن ويندي، مُلا پٽ واري ڳوٺ کان اڳ ۾ موجود آهي. هنگلاچ ماتا جا ياتري هتي حاضري ضرور ڀريندا آهن. لاهوتين واري واٽ تي شيخن لڪي لڳ حب ندي جي پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ واڳون موجود آهي. اهي اهڙا ماڳ آهن، جتي اسان پهچي سگهيا آهيون، ٻيا به اهڙا ماڳ ۽ مقدس آستان هوندا، جتي پهچڻ جي ضرورت آهي.
    موهن جي دڙي، هڙپا ۽ ٻين ڪجهه تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ جي دوران وڏي انگ ۾ تعويذن جو ملڻ اُنهن ماڻهن جي مذهبي ڪيفيت کي ظاهر ڪري ٿو. مُهرن تي لکيت کانسواءِ واڳون، هرڻ، چيتي ۽ ڍڳي جون تصويرون اُڪريل آهن. جيڪي انهن ماڻهن وٽ مقدس جانور هوندا هئا. سنڌ کان سواءِ قديم مصري ۽ ٻين تهذيبن جي قديم مذهبن ۾ شجر پرستي ۽ حيوان پرستي عام رهي آهي. مصر وارن جو به عقيدو هو،ته انهن جا ديوتا ۽ ديويون مختلف روپ بدلائي ايندا آهن، هو مورتيون ماڻهوءَ جي جسم جهڙيون ٺاهي، صرف سِسِي جي جاءِ تي جانوريا پکيءَ جي سِسي لڳائي ڇڏيندا هئا. جنهن سان ڪو نه ڪو ديوتا منسوب ٿيل هوندو هو. هورس ديوتا کي باز جو مٿو لڳائيندا هئا.نويس ديوتا کي ڪتي يا گدڙ جو،هسيبڪ کي واڳونءَ جو،کنوم کي گهيٽي جو،باست کي ٻليءَ جو، ۽ سخت کي شينهن جو مٿو ڏنو ويو. ( مرڪر : قديم مصر جو مذهب )
    اهڙي نموني قديم مذهبن جي مطالعي سان اهو معلوم ٿئي ٿو ته، جانورن سان گڏ مختلف وڻن جي به پوڄا ٿيندي هئي. خاص طور هندو مذهب يا ان کان اڳ وارن قديم مذهبن ۾ پپر، بڙ ۽ نم جا وڻ انتهائي مقدس هوندا هئا. پپر جو وڻ اڄ به هندو ڌرم وارن وٽ مقدس وڻ جو درجو رکي ٿو. قديم مذهبن ۾ وڻ پوڄا جي اهميت رهي آهي. انهن علائقن ۾ موهن جي دڙي ، هڙپا ، ۽ ڪلهي مهي بلوچستان ۾ اهڙيون مُهرون مليون آهن، جن تي وڻ اُڪريل آهن. ڪوهستان ۾ اڄ به وڻ کي وڏي اهميت حاصل آهي.مشڪور ڪوهستان جي هڪ ڳوٺ واحد ڏني باريجي ڀرسان ديهه ڪنڊو ترائي ۾ هڪ سوين سال پراڻي ڪنڊيءَ جي اڌ سڪل وڻ جو ذڪر ڪري ٿو. جنهن جي نالي سان اها ترائي موجود آهي. جنهن جي ٿُڙَ جي ماپ نَوَ فوٽ ٽي اِنچ آهي. جيڪو انهيءَ جاءِ تي موجود وڏن وڻن جي باقيات جي باقيات هوندي. مهير ڍوري ڪراچيءَ ۾ هڪ سُڪل وڻ جي پنڊ پهڻ ملڻ سان اها خبر پوي ٿي، ته ڪوهستان ۾ قديم زماني کان وڻن جي اهميت آهي. مشڪور انهي جاءِ تي وڏن پنڊپهڻن جو مشاهدو ڪيو، جنهن کي اُتان جا مقامي ماڻهو هاٿين يا اُٺن جا پنڊپهڻ چون ٿا. ڪراچي ڪوهستان جي علائقي ديهه موئدان ۾ فيض محمد بڪڪ کان ڪنڊ ڏانهن ويندي،کاٻي هٿ تي هڪ وڏي چوٽيءَ تي جيڪا پري پري نظر اچي ٿي اهو بلڪل ٻيڙيءَ جي شڪل جو پٿر آهي. جنهن کي مقامي ماڻهو گچڙي واري بُٺي چون. اهو ڪنهن ٻيڙيءَ جو پنڊ پهڻ لڳي ٿو. جنهن تي چڙهڻ تمام ڏکيو آهي. پوءِ به ڪجهه ڌنار مٿي چڙهي سِڪا رکي ايندا آهن، انهن لاءِ اها جاءِ مقدس آهي. ڪوهستان وارو علائقو هزارين سال پاڻيءَ ۾ هئڻ ڪري ممڪن آهي، پاڻي ڪجهه هيٺ لهڻ بعد ماڻهن ٻيڙيون ٺاهيون هجن، ائين هڪٻئي سان ملندا هجن.پاڻي لهڻ ڪري اها ٻيڙي اُتي ڦاسي پئي هجي، امڪان آهي ته لکين سال گذرڻ ڪري پٿر جي ٿي ويئي هجي. مون مذاق طور هن ٻيڙيءَ کي نوح جي ٻيڙيءَ جو نالو ڏنو آهي. اها نوح جي ٻيڙي نه پر ٻيڙيءَ جو پنڊ پهڻ ضرور آهي.
    بلوچستان ۾ گوادر کان تُربت ويندي جتي گوادر جون حدون ختم ٿين ٿيون، ۽ ڪيچ ضلعي جون حدون شروع ٿين ٿيون،اهو پورو پٿريلو علائقو آهي. هتي هڪ پاڻيءَ جو چشمو ۽ هڪ بُزرگ جي قبر آهي. تُربت ڏانهن ويندي ساڄي هٿ تي پٿرن جون قطارون آهن. جن بابت هتان جي ماڻهن جو چوڻ آهي، ته اُهي اُٺن جون قطارون هيون، جيڪي ڪنهن حملي آور جي لشڪر جا هئا، بزرگ جي بددعا سان اهي اتي ئي پٿر جا ٿي ويا. جيڪي پنڊ پهڻ هاڻي موسمي حالتن ۽ وقت گذرڻ بعد ڀُري ختم ٿي رهيا آهن. غور سان ڏسڻ بعد اُهي اصلي اُٺن جا لڳن ٿا.
    مشڪور اڳتي لکي ٿو، ته؛ ”برفاني دور جي پڄاڻي ۽ رتناڪر ڏانهن پاڻيءَ جي روانگي واري عرصي ۾ ڪوهستان ۾ شديد زلزلي اچڻ جون شاهديون ملن ٿيون.“ رتناڪر جي باري ۾ مشڪور لکي ٿو ته؛”ڊگهين برساتن ڪري جڏهن هي علائقو پاڻي هيٺ آيو، ته پوءِ ماڻهو لڏپلاڻ ڪري رتناڪر ڏانهن ويا. جن جو ذڪر قديم ڪتابن اُپنشدن ۽ پُراڻن ۾ آهي. جنهن بابت لکيل آهي، ته رتناڪر جو وسيع ميدان آفريڪا سان هن علائقي کي ڳنڍيندو هو. سريلنڪا کان ويندي آفريڪا تائين هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي انساني تهذيب جا نشان ملن ٿا. جڏهن ڪوهستان مان پاڻي وهي ختم ٿيو، ته رتنا ڪرسمنڊ۾ تبديل ٿي ويو. ته ماڻهن واپس ڪوهستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي.“ انهيءَعرصي جي وچ دوران مشڪور هڪ وڏي زلزلي جي مشاهدي بابت لکي ٿو ته؛”ڪوهتراش ۽ کيرٿر جي دنگ تي چانڊام واري علائقي ۾ ٽِمڪڙِي جا بُٺا نالي وارين ٽڪرين ۾ زلزلي جا اُهڃاڻ ملن ٿا.“ مشڪور جي انهيءَ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي، آئون چوندس ته ڪراچي ڪوهستان جي ديهه ڪنڊ جي دنگ کان نمن واري ڍوري تائين اهڙيون جابلو ٽڪريون آهن،جن جي ڏسڻ سان ائين محسوس ٿو ٿئي،ته اهي ڄڻ اونڌيون ٿيل هجن، يا زمين مان اچانڪ اُڀري آيون هجن. اهو سلسلو نمن واري ڍوري کان ڦنگ ٽڪري تائين آهي. عام لوڪن جو خيال آهي، ته هڪ بزرگ کي جڏهن ٽڪرين رستو نه ڏنو، ته انهي جي بددعا سان اهي اونڌيون ٿي ويون. اها هڪ ڏند ڪٿا آهي، پر زلزلي جا چٽا اُهڃاڻ هتي به موجود آهن. هن زلزلي سان هتي جاگرافيائي تبديليون آيون، جنهن سبب هتي ڪنڊ نئن مهير جبل کان اوڀر کان اولهه طرف وهڻ کانپوءِ اڳتي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ لڳ وڏو چڪر کائي اوڀر طرف وهڻ کانپوءِ وري اوچتو چڪر کائي اُتر طرف وهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. مهير جبل مان وهڻ وقت هن جو نالو مهير ڍورو آهي، اونڌيون ٿيل ٽڪريون انهيءَ ڍوري جي لڳولڳ آهن. اها تبديلي انهيءَ وڏي زلزلي سبب آئي هوندي، جنهن جو ذڪر مشڪور به ڪيو آهي. وڌيڪ مشاهدي ڪرڻ سان انهيءَ زلزلي جي زد ۾ آيل ٻيا علائقا به ملي ويندا.
    مشڪورصاحب پنهنجي ڪتاب ۾ ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جي ڇهن دورن جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن ۾ هڪ جاءِ تي هو لکي ٿو ته؛”هيٺ وادين ۾ پاڻي هئڻ ڪري ماڻهو مٿي جبلن جي چوٽين تي رهندا هئا. جتي انهن جي پٿر جي ٺهيل گهرن جا آثار موجود آهن.“ مشڪور ڪوهتراش جبل جي چوٽيءَ تي انساني آبادي ۽ جن گهرن جو ذڪر ڪيو آهي، مجمدار هن جاءِ تي 1930ع ڌاري پهتو هو. هو هن ماڳ کي سنڌ جي تاريخ کان آڳاٽن ماڳن ۾ شمار ڪري ٿو. جيڪي قلعي بند هئا. اهڙو هڪ قلعي بند ماڳ مهير جبل جي اولهه واري چوٽيءَ تي ڏاٺ جي علائقي ۾ ٻاٻرين جي چوٽيءَ تي آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ڪافرن جو ڪوٽ چون ٿا. مون 1985ع ۾ بدر ابڙي ۽ انور پيرزادي سان گڏ پهريون ڀيرو اهو ماڳ گهمي ڏٺو هو. بعد ۾ به ٻه ڀيرا انهيءَ ڏکئي ماڳ تي وڃي چڪو آهيان. اهو ٻاٻرين جي آثار طور مشهور آهي. چوٽيءَ تي چڙهڻ لاءِ ڪو گَسُ ناهي. پٿرن جي سهاري هٿ رکي مٿي چوٽيءَ تي چڙهبو. اهو قلعي بند شهر اٺن ڏهن ايڪڙن تي پکڙيل ۽ زمين کان ٻارهن سئو فوٽ مٿي آهي. پٿر جي ڪوٽ جا آثار موجود آهن. هن آثار مان ٿانَوَ، پٿر ۽ هڏن مان ٺاهيل تيز اوزار ملن ٿا. مقامي ماڻهو هن ماڳ کي ڪافرن جو ڪوٽ چون ٿا، سندن چوڻ موجب اهي وڏا ظالم هئا. جن کي پوءِ هن علائقي جي ماڻهن سندن ظلمن کان تنگ ٿي ڀڄايو هو. انهيءَ ماڳ کان هيٺ ٻه اتڙيون آهن، جن مان هڪ ميرڪي اتڙي ۽ ٻي لاهوت واري اتڙي آهي. جنهن جو ذڪر اڳ ۾ واڳوئن واري ذڪر ۾ ڪري آيو آهيان. هي به ڪوهتراش جي ماڳ جو همعصر ماڳ لڳي ٿو. مشڪور اهڙن ماڳن جي گهرن جي ڇتين بابت لکي ٿو ته؛“قديم ماڻهو پنهنجي گهرن جون ڇتيون ٻوٽن ۽ گاهه سان بند ڪندا هئا. ماهرن جو چوڻ آهي ته قديم ماڻهو پنهنجي گهرن جون ڇتيون پِيشَ جي ڦَرهين يا انهن مان ٺاهيل تَڏن سان بند ڪندا هئا، جنهن جي شاهدي موهن جي دڙي مان به ملي آهي. اڄ به سنڌ ۽ بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ پِيش جي وڏي اهميت آهي. سنڌ کان وٺي ڪيچ مڪران تائين ماڻهو اڄ به گهرن جي ڇتين ۾ پِيش جا تَڏا ۽ نِکون استعمال ڪندا آهن. پِيش ڪوهستان جي ڍورن جي ڪناري تي عام ٿيندي آهي. پِيشَ مان تَڏا، نُکون، ٻُهارا وغيره ٺاهيا ويندا آهن. پِيش سنڌ جي شهرن جي مارڪيٽن تائين پهچندي آهي. ڪوهستان ۾ پِيشَ سان لَڏيل اُٺن جا قافلا اڄ به شهرن ڏانهن ايندي نظر ايندا آهن. هڪ رستو آري پير کان حب جي ڪناري، شاهه ديوانو، دُريجي جي سارونا جي گز واري ماٿري جتي گز جو وڻ گهڻو ٿيندو آهي، کان ٿيندو، تونگ نئن بارڻ کان هڪ پاسي منڇر جو پاسو وٺي سيوهڻ، ته ٻئي پاسي ٺٽي ڏانهن ويندو آهي. جيڪو قديم دور کان پِيشَ جي واٽ طور مشهور آهي، جنهن جو ذڪر لئمبرڪ به ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه اهو ثابت ڪري ٿي، ته ڪوهستان ۾ قديم دور کان گهرن ۾ پِيشَ جو استعمال ٿيندو هو.“
    مشڪور پنهنجي ڪتاب جي باب ’ڪوهستان ۾ ارتقا جو ٻيون دور‘ ۾ ٿاڻي عارب خان واري علائقي ۾ هڪ بُٺي تي تهذيب جي ٻئي دور جي نشاندهي ڪئي آهي. جتي هن کي هوتوءَ جي مُر واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي انساني تهذيب جا آثار مليا، مُر ڪوهستان ۾ منهن کي سڏيو ويندو آهي. جتي هيٺ مشڪور پٿر جي ٺهيل اناج جي پيهڻ جي نِنگهن جو ذڪر ڪيو آهي، جن کي ڪوهستاني ٻوليءَ ۾ نيگون به سڏيو ويندو آهي. پوري ڪوهستان ۾ جتي به انساني آبادين جا نشان مليا آهن، اُتي اهڙيون نِنگهون ( نيگون ) مليون آهن. انهن نيگن ۾ قديم ماڻهو اناج يا ٻيون شيون پيهندا يا ڪُٽي صاف ڪندا هئا. قديم آثارن جي حساب سان جتي به اهڙيون نيگون ڏسڻ ۾ اچن، اُتي آسپاس انساني آبادين جا نشان ضرور موجود هوندا. ڪراچي ڪوهستان جي جبلن ۾ سڀ کان اونهيون نيگون ديهه ٻولهاڙيءَ ۾ عثمان بلوچ جي باغ لڳ موجود آهن. جيڪي قطار ۾ تعداد ۾ ٽي آهن. اُتي زرتشتي مذهب جا خاموش ٺُلَ به موجود آهن.اُتي ٿڌي نئن جي کاٻي پاسي پٿرن جون قطارون ۽ گبر بند به موجود آهن. ٿڌي نئن جي ساڄي پاسي به آئون ۽ ذوالفقار ڪلهوڙو جڏهن چٽسالي وارن پٿرن ۽ ٻُڌڪا جي نشانن جي ڳولا ۾ هئاسون،ته اسان کي گدڙ واري ڍوري لڳ بيشمار ٻُڌ ڌرم جي آثارن سان گڏ نَوَ نِنگهن ( نيگن ) جا نشان به ڏسڻ ۾ آيا. جن جا اسان فوٽو پڻ ڪڍيا هئا. انهيءَ ماڳ کي ٿورو ويجهو هڏين واري ڍوري جي ڪَپَ تي به اهڙيون نيگون موجود آهن. مهير جبل واري ٻاٻرين جي ڪوٽ اندر به اهڙيون ست نيگون موجود آهن. ڪراچي جي ڪوهستان جي جن علائقن ۾ آئون پهچي سگهيو آهيان، اُتي مون سٺ کن اهڙيون نيگون ڏٺيون آهن. اهڙيءَ طرح ڏٺو وڃي، ته مشڪور هوتوءَ جي مر لڳ جيڪي نيگون ڏٺيون آهن، اُنهن جي شاهدي پوري ڪوهستان ۾ ملي ٿي. لس کان وٺي منگهي پير ۽ منڇر تائين اهڙين نيگن جي شاهدي مان اهو ثابت ٿئي ٿو،ته قديم انساني تهذيب پوري ڪوهستان ۾ هڪجهڙائي رکندڙ هئي. ڇاڪاڻ ته پوري علائقي ۾ هڪجهڙيون شيون ملن ٿيون. مشڪور ڪتاب ۾ انهن ماڻهن بابت لکيو آهي ته؛”اهي برساتن ۽ سرديءَ کان بچاءَ لاءِ چوٽين کان هيٺ غارن ۾ رهندا هئا.“ جنهن ڳالهه جي تصديق ڪندي آئون پنهنجي مشاهدي جي بنياد تي شاهدي ٿو ڏيان،ته پوري ڪوهستان ۾ ڪيچ مڪران تائين قدرتي غارن کان سواءِ هٿراڌو کوٽيل غارون پڻ موجود آهن. جتي قديم ماڻهن جي رهائش جا چٽا نشان موجود آهن. وڌيڪ شاهدي ڏيڻ لاءِ آئون ڪوهستان ۾ موجود پڻ اهڙن غار نما گهرن جو ذڪر ڪندس. جيڪي منهنجي مشاهدي ۾ رهيا. اهي قديم غارنُما گهر ماڻهن جا هٿرادو تيار ڪيل آهن. لاهوتين واري واٽ تي ڪائي جي ڀر سان هڪ چشمي لڳ بُٺي ۾ اهڙا ست غار موجود آهن. جيڪي جبل کي ڪٽي هٿرادو ٺاهيا ويا آهن. انهن ۾ ٿنڀ ۽ شين رکڻ لاءِ جايون پڻ موجود آهن. مقامي ماڻهو انهن کي ست گهر سڏيندا آهن. اهي گهر ڪُشادا آهن، ۽ هر گهر ۾ ڇهه ست ماڻهو آرام سان رهي سگهن ٿا. شاهه نورانيءَ وارو لاهوت وارو غار به هٿرادو ٺاهيل غار آهي. جنهن جي سوڙهي دروازي مان اندر داخل ٿبو، ته هڪ ڪشادي غار ۾ پهچبو، جتي ٿنڀ، ۽ پاڻيءَ جو چشمو به موجود آهي. گهر جو ماحول ۽ شين جا آثار موجود آهن. هن غار بابت چيو وڃي ٿو،ته اولياءَ شاهه نوراني هتي چلو ڪڍيو هو. مٿي غار تائين پهچڻ جو رستو اڙانگو آهي، جتي هاڻي پهچڻ لاءِ لوهي ڏاڪڻ لڳائي ويئي آهي.
    لسٻيلي ۾ گوندراڻي غارن وارو علائقو مشهور آهي. جنهن کي شهر روغان به چيو وڃي ٿو. هتي جبل ۾ موجود مٿي کان هيٺ تائين سوين اهڙا غارنُما گهر آهن، اهو غارن وارن گهرن جو هڪ وڏو ڳوٺ هو، جتي قديم دور جا ماڻهو هٿرادو غارنُما گهر ٺاهي رهندا هئا. بلڪل اهڙي نموني جا غار مون 2010ع ۾ شام جي سفر دوران ٻن جاين تي ڏٺا، هڪ معلولا جيڪو عيسائي آباديءَ وارو علائقو دمشق کا سٺ ڪلو ميٽر پري آهي. هتي غارن وارو ڳوٺ موجود آهي. اُهي غارن وارا گهر مٿي هئڻ ڪري چون ٿا ٿڌا به آهن. انهن گهرن جا دروازا چوڪور نموني ڪَٽي ٺاهيا ويا آهن. اُنهن تي مذهبي نشان به چٽي ٺاهيل آهن. جيڪي قديم انساني هٿن جا شاهڪار آهن. هاڻي انهن غارن ۾ نانگ ۽ بلائون رهن ٿيون. هتي يبرود وارو مشهور ۽ وسيع غار به موجود آهي، جيڪو تمام گهڻو پراڻو آهي. اهڙي نموني وري دمشق کان چوويهه ڪلوميٽر اولهه پاسي عين الفجيح ۾ روڊ جي ٻنهي پاسي اهڙا غارن جا گهر موجود آهن، اهي غار هن وقت ويران پيل آهن،پر سردين ۾ اُتان جا ماڻهو پنهنجو مال واڙيندا آهن، جيئن سندن مال جو سيءَ کان بچاءُ ٿي سگهي. هي عين الفجيح قدرتي بهترين پاڻي واري جڳهه طور مشهور آهي. جتان لائين وسيلي صاف پاڻي دمشق تائين پهچايو ويندو آهي.
    سلطنت عمان ۾ مسقط کان ٻه سئو ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه پاسي وادي بني خالد ۾ موڪل واري هنڌ تي به گوندراڻي غارن سان مشابهت رکندڙ قديم غار نُما گهر موجود آهن. وچ ۾ اونهي موڪل نئن سبب سَياح انهن جو پري کان مشاهدو ڪندا آهن، مون پڻ 2005ع ۾ دوستن سان گڏ انهن غارن جو پري کان مشاهدو ڪيو هو. سلطنت عمان ۾ ٽن قسمن جا غار موجود آهن، هڪڙا اُهي جيڪي هٿرادو جبل ڪَٽي ٺاهيا ويا آهن، ٻيا غار وري غُفائن وانگر ٺهيل آهن ۽ ٽيون وڏو غار هوتا ۾ مجلس الجن نالي سان مشهور آهي، جنهن لاءِ اُتي جا ماڻهو چون ٿا، ته اُنهي غار ۾ جن پنهنجي مجلس ڪندا هئا. اهو غار هڪ ڪلوميٽر اندر ڊگهو آهي، جنهن ۾ سياحن کي ريل رستي گهمايو ويندو آهي. مون اهو غار اندر وڃي نه ڏٺو، ڇو ته اُنهيءَ وقت مرمت سبب اهو غار سَياحن لاءِ بند هو. انهن غارن کي سوين سَياح ڏسڻ اچن ٿا، جنهن ذريعي سَياحت ذريعي ڪافي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو، انهن جي سار سنڀال لاءِ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، پر اسان وٽ انهيءَ ڳالهه تي سياحت کاتي جو ڪو توجهه ناهي. مٿي ذڪر ڪيل انهيءَ غار جهڙي هڪ وڏي غار مڪران ۾ گوادر لڳ سنگهار جبل جي هيٺ موجود آهي. جنهن جا مختلف تَهه ۽ انهن ۾ ڪمرا موجود آهن. سخت گرمي ۽ اوندهه سبب مون اها غار مڪمل طرح نه ڏٺي. هي غار پڻ تمام قديم آهي، انهيءَمان قديم انسانن جي رهڻ جي طور طريقن بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي. جي انهيءَ وڏي غار ۾ گهمڻ لاءِ ايندڙ سَياحن لاءِ سهوليتون پيدا ڪيون وڃن، ته سَياحت کاتو ڪافي پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. منهنجي مشڪور جي، غارن ۾ شروعاتي انساني تهذيب جي ڳالهه بابت وڌيڪ شاهديون ڏيڻ مان مراد، ڪوهستان ۾ تحقيقي ڪم جي ضرورت جي نشاندهي ڪرڻ آهي. جيڪا ڳالهه مشڪور هڪ ذميوار محقق جو فرض ادا ڪندي، هن ڪتاب ۾ هر جڳهه تي زور ڀريندي ڪئي آهي. جيئن ڪوهستان ۾ موجود لاوارث قديم آثارن ۽ قديم انساني تهذيب بابت تحقيق ٿي سگهي.
    مشڪورڦلڪاري پنهنجي ڪتاب ۾ سنڌ ۾ تهذيبي ارتقا جي ٻئي دور ۾ قديم زراعت ۽ آبپاشي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ گبر بندن جو ذڪر ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه درست آهي. اهڙا گبربند سنڌ جي ڪوهستان کان سواءِ ڪيچ مڪران کان ويندي ايران تائين ۽ ان کان سواءِ دنيا جي ڪن جابلو سلسلن ۾ موجود آهن، جن تي تحقيق پڻ هلندڙ آهي. ڪيچ، مڪران، سارونا، حب، هنگول، ۽ سنڌ جو ڪوهستان قديم انساني آباديءَ جي رهائش جو هنڌ رهيو آهي. انهن ئي قديم ماڻهن آمري ۽ موهن جي دڙي جي تهذيب جا بُنياد رکيا، جيڪا ڳالهه مشڪور پڻ ثبوتن سان پيش ڪئي آهي. قديم آبپاشيءَ جو نظام چشمن، ڪاريزن ۽ برساتي پاڻي جي گبربندن ذريعي ڪوهستان ۾ موجود هو. هيوزبلر به گبربندن تي ڪافي بحث ڪيو آهي. هن جو خيال آهي ته اهي گبر بند باهه جي پوڄارين ۽ زرتشتين جي تهذيب سان تعلق رکن ٿا. پر مشڪور پنهنجي تحقيقي شاهدين سان اهو ثابت ڪيو آهي، ته اهي گبر بند تمام گهڻو آڳاٽا قديم زماني جي ماڻهن پاڻيءَ کي ذخيرو ڪري استعمال ڪرڻ لاءِ ٺاهيا هئا. جن جي پڪي شاهدي هن تونگ لڳ هڪ جابلو چشمي مان نڪتل هڪ مٿانهين پنڊپهڻ ٿيل ڪَسيءَ جو ذڪر ڪندي ڏني آهي. جيڪا قديم آبپاشي نظام جو هڪ سُڌريل قديم نشان آهي. اهڙي ريت ڪوهستان جي ڪيترين ئي جاين تي قديم ڪَسين ۽ زيرِ زمين ڪاريزن جا نشان موجود آهن. جيڪا ڳالهه قديم ماڻهن جي آبپاشي جي ڏاهپ جو وڏو ثبو ت آهي.اي ڊبليو هيوز جي 1878ع واري سنڌ گزيٽيئر ۾ به منگهي پير لڳ هڪ ڪاريز جي موجودگيءَ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. مڪران ۾ ڪاريزن جي صفائيءَ جو ڪم خاص غلامن جي حوالي هو. غلامن جي بندش بعد ڪاريزن جي صفائي جي مشڪل ڪم نه ٿيڻ سبب اهو طريقو ختم ٿيو. وري مشينن ۽ پمپن انهي سموري ڪاريزن واري آبپاشي جي نظام جو انت آڻي ڇڏيو. ڪوهستان ۾ کوهن جون به شاهديون ملن ٿيون. سڪندر اعظم جڏهن هتان گذريو هو،ته ايرين ڪراچي جي علائقي ۾ کوهن جي موجودگي ۽ فوج جي پاڻي پيئڻ لاءِ وڌيڪ کوهه کوٽڻ جو ذڪر ڪيو آهي. کوهن مان ڪوش ڀري به آبادي ڪئي ويندي هئي. منهنجي سانڀر ۾ ٿڌي نئن جي ڪپ تي آمون رند جو ڪوش مشهور هو. هو ٻن ڍڳن تي پاڻي جو هڪ تمام وڏو ساندارو ڀري ٻنيءَ کي پاڻي پياريندو هو. ڪوهستان ۾ جابلو ڪَسين جو آبپاشي نظام به موجود هو، جنهن جا نشان لاهوت واري رستي، گاجي شاهه جي چشمي، لاهوت واري اتڙي، ۽ميرڪي اتڙي وغيره تي به موجود آهن.اُهي ڪَسيون سخت جابلو پٿر کي کوٽي ٺاهيون ويون آهن. لاهوت واري اتڙي مٿان مهير ڍوري ۾ سخت لسن پٿريلن ۾ اٺن کان وڌيڪ پاڻي سان ٽمٽار کوهه آهن. جن کي انڙ جا لوهه چيو ويندو آهي، جيڪي سڀ قدرتي کوهه آهن. اهڙو هڪ حيرتناڪ منظر کار نئن جي ديهه ڀاڊ ۽ لسر جي دنگ تي آهي، جنهن کي کارلوڻي سڏيو ويندو آهي. جڏهن کارنئن برسات ۾ ڀرجي انهيءَ کوهه ۾ ڪِرندي آهي، ته اهو نظارو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. لسٻيلي جي آنڌار جبل ۾ هڪ پاڻي جي ڪَسي موجود آهي،جيڪا آبپاشيءَلاءِ قديم زماني ۾ کوٽي ويئي هئي. اهي سڀ ڳالهيون مشڪور جي ڪيل تحقيق جي تصديق ڪن ٿيون، ته ڪوهستان ۾ قديم زماني کان زراعت ۽ آبپاشيءَ جو نظام موجود هو.
    مشڪور برفاني دور کان پوءِ ڪوهستان ۾ ماڻهن جي ٻيهر آباد ٿيڻ جو ذڪر ڪيو آهي. اها ڳالهه به دُرست آهي، ڇوته ڪوهستان، سنڌوءَ جي قديم وهڪرن جي ڪنارن ۽ بلوچستان ۾ اهڙا ماڳ مليا آهن، جن جي کوٽائيءَ مان اها ڳالهه ثابت ٿي آهي، ته اُهي ماڳ هڪ دفعو ڦِٽي وري ٻيهر آباد ٿيا آهن. ڀنڀور،تُربت ۽ مڪران ۾ پنهونءَ جي ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان اها ڳالهه پڌري ٿي آهي، ته اُهي شهر مختلف دورن ۾ ڦِٽا ۽ وري آباد ٿيا. ڀنڀور مان چئن دورن، ۽ پنهونءَ جي ڪوٽ جي کوٽائيءَ مان ڇهن دورن جا آثار مليا آهن. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪوهستان جي مختلف ماڳن جي کوٽائي ٿئي ها، ته هتي مختلف دورن جا گهر ضرور ملن ها، جنهن سان هتان جي ماڻهن جي مختلف دورن ۾ طور طريقن ۽ رهائش جي خبر پوي ها. برفاني دور جي خاتمي بعد جڏهن ماڻهو هتي آيا هوندا، ته انهن ٻيهر پنهنجا قديم ماڳ وسايا هوندا. ڀنڀور ۽ موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي وهڪرن جي ڪنارن تي ۽ پنهونءَ جو ڪوٽ دشت نديءَ جي ڪناري آباد رهيو. مختلف دورن ۾ موسمي حالتن سبب اهي شهر ڦِٽا ۽ ٻيهر آباد ٿيا.
    اڳتي هلي مشڪور لکي ٿو ته؛ ” ڌنار ۽ ٻياروزگار جي ڳولا ۾ پري پري تائين پنڌ ڪندڙ ماڻهو پاڻيءَ جون سانداريون استعمال ڪندا هئا، جيڪا ڏاهپ هنن برفاني دور ۾ رتناڪر جي ميدانن ۾ رهائش دوران سِکي هُئي. سانداري جنهن کي جابلو ماڻهو کليءَ به سڏين، سا سنڌ جي ڪوهستان ۽ بلوچستان ۾ صدين کان استعمال ۾ رهي آهي. هتي ڪوهستاني علائقن ۾ ساندارين جي استعمال جا نه صرف قديم ماڳن مان نشان ملن ٿا، پر اُهي موجوده دور ۾ به گهرن ۾ عام جام استعمال ٿين ٿيون. پاڻي رکڻ، کير ولوڙڻ، ۽ لسي رکڻ ۾ انهن جو استعمال عام آهي. کير ولوڙڻ يا لسي رکڻ واري سانداريءَ کي ايزڪ سڏيندا آهن. ٻه عورتون ايزڪ ۾ کير ڄمائڻ بعد انهن کي زور سان ڦيرائي ولوڙينديون آهن، ته لسي ۽ مکڻ ڌار ٿي پوندا آهن.
    مشڪور ڪوهستان جي جمال شاهه جي قبرستان ۾ هڪ ڊگهي قبر ڏٺي. اهڙيون قبرون ڪوهستان جي مختلف علائقن ۾ اصحابين جون قبرون سڏبيون آهن. مشڪور جي انهيءَ راءِ سان آئون سهمت آهيان،ته اهي قبرون مختلف دورن جي جنگين يا وبائي بيمارين ۾ وڏي تعداد ۾ مُئل ماڻهن جون اجتماعي قبرون آهن، جيڪي ڊگهيون ۽ ويڪريون آهن. ڪراچي ڪوهستان جي منگهي پير ويجهو ديهه حب ۾ چاليهه گزن جي ڊگهي قبر آهي، جيڪا چهل گزي بابا جي نالي سان مشهور آهي. هاڪس بي جي سونهري مبارڪ ڳوٺ لڳ راس مهاڙي جبل ۾ هڪ چاليهه فوٽ ڊگهي قبر آهي. نارا ٿر بُٺي گڏاپ ۾ جبل جي مٿانهين چوٽيءَتي هڪ ڊگهي قبر آهي، جنهن جي ويجهو ئي متارن جون قبرون آهن. اهڙيون ڊگهيون قبرون، قديم رستن، ۽ پاڻي جي وهڪرن وغيره جي ڀر سان آهن. جيڪي مختلف حملن يا حادثن ۾ مئل ماڻهن جي اجتماعي قبرن جي شاهدي ٿيون ڏين.
    ارتقا جي پنجين دور۾ مشڪور سنڌ ۾ انساني تهذيب جي ترقيءَ جو ذڪر ڪري ٿو. هي اُهو دور هو، جنهن ۾ انساني تهذيبون پنهنجي عروج تي هيون. هن دور ۾ هتان جي ماڻهن جا لاڳاپا ٻين ملڪن جي ماڻهن سان وڌيا. سنڌ مان ٻيڙين کانسواءِ اُٺن جا قافلا ڪيچ کان فارس ۽ عراق تائين ويندا هئا. ٻاهرين ملڪن کان قافلا سنڌ جي شهرن، کانسواءِ ڪڇ ۽ پنجاب تائين ويندا هئا. ڪيچ کان سنڌ ڏانهن ايندڙ مشهور رستا، جائولڪ، هنگول، سارونا، مسافري لڪ، پيش واٽ، لاهوتين واري واٽ، ۽ سنگهر پٻ گڏاپ واٽ وغيره هئا، جيڪي اڄ به ڪٿي ڪٿي استعمال هيٺ آهن. انهن واٽن تي پراڻا ماڳ، ڪوٽلا،پٿري دائرا ۽ دخما ملن ٿا. جن جو گهڻي ڀاڱي ذڪر منهنجي ۽ رخمان گل پالاريءَ جي ڪتاب سسئيءَ جي واٽ ۾ ڪيل آهي. واديءِ سنڌ، مڪران ۽ عراق جي واپاري لاڳاپن جي باري ۾ ڊاڪٽر حميد بلوچ پنهنجي ڪتاب ’مڪران‘۾لکي ٿوته؛ ”قديم زماني ۾ مڪران وارو رستو ٻن حصن ماگان ۽ ملوها ۾ ورهايل هو. مڪران قديم زماني ۾ هڪ واپاري پل طور ڪتب ايندو هو. هڪ ڀيرو ماگان ۽ ملوها جو ذڪر اڪادي حڪمران سارگان 2334 ق م کان 2779 ق م جي دور جي هڪ اشتهار ۾ ملي ٿو، جيڪو اشتهار هن ريت آهي :
    ملوها کان آيل جهاز ، ماگان کان آيل جهاز
    دلمان کان آيل جهاز، جيڪي لنگر انداز ٿيا،
    اڪاد جي بندرگاهه تي.
    اُنهيءَ مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته، سنڌ جا ( اڪاد ) عراق تائين واپاري تعلق هئا. اُنهي عرصي دوران مڪران جي علائقي کي انهن واپاري تعلقاتن جي و چ واري حيثيت هئڻ سبب ترقي جا ڪيترائي موقعا مليا، جنهن مان هن ترقي به ڪئي. انهن واپاري تعلقاتن جون شاهديون اسان کي ’ڪلي ڪلچر‘۾ چٽيون ملن ٿيون، جنهن ڪلچر جا نشان اسان کي مڪران ۽ جهالاوان جي علائقن ۾ مليا آهن. انهيءَ’ڪلي ڪلچر‘ ۽ سنڌ جو هڙپا ڪلچر هڪ ئي آهن. سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ شيون، اڪاد يعني عراق تائين وينديون هيون، جيڪي مڪران مان گذرنديون هيون. اُنهيءَ ڪري عراق جي قديم رڪارڊ ۾ مڪران جو نالو شامل ٿي ويو. ’ڪلي ڪلچر‘ جي ريڊيو ڪاربن رپورٽن مان پتو پيو آهي، ته اهو دور 2500 ق م کان 2000 ق م جو آهي. وڌيڪ ڪتاب مڪران : ڊاڪٽر حميد بلوچ، جو پڙهو. اهو دور ڪوهستان جي تاريخ جو اهم دور هو، جنهن بابت مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ باربار ذڪر ڪيو آهي. مٿين رابطن جي شاهديءَ جو هڪ مثال مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ پڻ ڏنو آهي، جنهن ۾ هو محمد بن سعد جي ڪتاب الصحابه ۽ ابن جرير جي ڪتاب تاريخ رسل الملوڪ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته؛”635ع ڌاري بصره شهر جو بُنياد پيو، اُنهيءَ کان اڳ ۾ اهو ابله نالي هڪ ڳوٺ هو، جيڪو سنڌي واپارين ٻَڌو هو. ڊاڪٽر حميد جي ڪتاب جي اها هڪ وڏي شاهدي آهي، جنهن کي مشڪور پڻ منظر عام تي آندو آهي.
    مشڪور ڪتاب ۾ ڪوهستان ۾ ٻُڌ ڌرم جي اثرجي ڳالهه ڪئي آهي.ڪوهستان خضدار تائين راجا ڏاهر جي دور حڪومت ۾ ٻُڌيه ضلعي ۾ شامل هو، جنهن جي شاهدي ڪوهستان جي جبلن ۾ ٻُڌ جي دور جي اهم نشانين، اُڪريل تصويرن، ۽ ٻين نشانين مان پڻ ملي ٿي. انهن ماڳن مان گهڻن جو ذڪر بدر ابڙي، پنهنجي ڪتاب ’ڪوهستان ۾ چٽسالي‘۾ تفصيل سان ڪيو آهي. بدر جي انهيءَ ڪتاب ۾ ڪراچي ڪوهستان شامل ناهي. ڪراچي ڪوهستان ۾ ٿڌي ڊيم لڳ ٿڌي ندي ڪناري ويهن کان مٿي وڏن پٿرن تي ٻه سئو کان مٿي ٻُڌ ڌرم سان تعلق رکندڙ نشان اُڪريل آهن، جيڪي مون پنهنجي تحقيقي سفر دوران انهيءَ علائقي ۾ ڏٺا هئا. جن جو ذڪر مون پنهنجي مضمون’ڪراچي ڪوهستان ۾ چٽسالي‘ ۾ڪيو هو، جيڪو مضمون ڪاوش دنيا جي ٻن شمارن ۾ 2 فيبروري ۽ 9 فيبروري 2014 ع ۾ ڇپيو هو. ذوالفقار ڪلهوڙي به ديهه ٻائل ۾ چئن وڏن پٿرن تي اهڙا نشان ڳولي لڌا هئا، جن ۾ ٻن ٿوهن واري اُٺ جا نشان پڻ موجود هئا. جنهن کان پوءِ اسان ٻنهي کي ديهه ٻولهاڙيءَ جي هڏين واري قبرستان، ۽ ٿڌي نئن جي ڪپ تي اهڙا نشان مليا. مون کي لسٻيلي جي جبل، ۽ مڪران ڪوسٽل ايريا جي جزيري ستاديپ، ۽ هفت تلار، جيڪو پسني ۽ ڪلمت کي ويجهو آهي، اُتي به اهڙا ايڪڙ ٻيڪڙ نشان مليا. هن ٻيٽ لاءِ اهو به مشهور آهي ته، شهيد سورهيه بادشاهه کي ڦاسي ڏيڻ بعد هتي دفن ڪيو ويو هو. هتي اسان کي مٿي ٻه ۽ هيٺ چار قبرون نظر آيون هيون. هن جزيري جي اوڀر پاسي هڪ محل نُما غار به هو، جيڪو زلزلي ۾ تباهه ٿي ويو ۽ منجهس پاڻي ڀرجي ويوآهي. انهيءَ ٻيٽ جا تفصيل منهنجي مضمون ’مڪران جو سفر‘ ۾ آهن، جيڪو ڪاوش دنيا ۾ ڇپجي چڪو آهي.
    مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ زمين ۾ کُتل ڊگهن پٿرن جو ذڪر ڪيو آهي. آئون مشڪور جي انهيءَ ڳالهه کي وڌائيندي ڪجهه ٻين به زمين ۾ کُتل ڊگهن پٿرن جو ذڪر ڪندس. جنهن سان اها پروڙ پوندي ته ڪوهستان ۾ ڪيچ مڪران تائين اهڙا پٿر موجود آهن. ڪراچي ڪوهستان ۾ ديهه تراڙي ۾ ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ لڳ هڪ اٺ فوٽ ڊگهو پٿر موجود آهي، جنهن تي اَڻ ڳڻيا نشان ۽ لکيت به موجود آهي. اُتي ڪِريل پَٿرن ۽ ڪجهه رهائشي جاين ۽ قبرن جا نشان به موجود آهن. اُنهيءَ پَٿر جي ڀر ۾ ڪجهه ڪِريل پَٿرن جو هڪ سرڪل هو، اي ايف ٽي وارن بدر ابڙي ۽ ذوالفقار ڪلهوڙي جي نگرانيءَ ۾ اهو سرڪل مڪمل ڪرايو آهي. اهڙن سرڪلن کي اسٽون هينج چيو ويندو آهي. اهڙا سرڪل پوري دنيا ۾ موجود آهن، جن تي تحقيق هلندڙ آهي. پر سنڌ ۾ انهن جي سروي به نه ڪئي ويئي آهي. انهي ٿوهر ڪانڙي ڳوٺ جي رستي تي ويجهو ئي هڪ ننڍن پٿرن جي قطار آهي، جن مان وڏي سائيز واري پٿر تي ڪجهه اُڪَر به موجود آهي. موئيدان ۾ شيرمحمد بنديجي ڳوٺ لڳ پنجن کان ڇهن فوٽن جا ڪيترائي گول پٿر دائري ۾ موجود آهن، جن کي موسيٰ واري ماهي چيو وڃي ٿو. ڪوهستان ۾ ماهي يادگار کي چيو ويندو آهي. اهڙا يادگارجابلو چوٽين تي ٺاهيا ويندا آهن. انهيءَ علائقي ۾ ڌاڙيل ميراڻ جمالي جي ماهي به آهي. جتي هن جو پوليس سان مقابلو ٿيو هو. مون ڪوهستان ۾ اهڙيون پنجاهه کن ماهيون نوٽ ڪيون آهن، جن مان ڪي سرڪل يادگار آهن،ته ڪي رستن جي منزلن تي ۽ موڙن وٽ قافلن جي رهنمائيءَ لاءِ آهن. سسئيءَ جي واٽ تي به اهڙا پٿر موجود آهن. اهڙا پٿر ڪوهستان ۾ مختلف واقعن جي يادگارن، رستي جي ڀر ۾ وسندين ۽ پاڻي جي ڏس طور، قبيلن جي علائقن جي دنگن طور استعمال ٿيل آهن. انگريزن جي دور ۾ به مختلف ماڻهن جي علائقن تي دنگ طور نبيري بعد اهڙا پٿر لڳايا ويا هئا، جن کي ’ڌڙي‘ سڏيو وڃي ٿو.
    ڪوهستان ۾ انسان ۽ جانورن جي پيرن جا نشان به ڪيترين ئي جاين تي موجود آهن. اهڙا پيرن جا نشان پوري دنيا ۾ موجود آهن، جن جي عمر بابت ماهرن جي راءِ آهي ته، اهي چاليهه لک سال پراڻا آهن. ڪوهستان ۾ موجود اهڙن پيرن جي نشانن جي باري ۾ عجيب وغريب ڏندڪٿائون ۽ ڪهاڻيون پڻ موجود آهن. انهن انساني پيرن کي گهڻي ڀاڱي حضرت علي عليه السلام جي پيرن سان منسوب ڪري، چندي جون پيتيون رکي آمدنيءَ جو ذريعو بنايو ويو آهي. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ راهيجن ( ڄامشوري ضلعي ) مان ٻن انساني پيرن جي نشانن کي ڪوري چڪيءَ وانگر ڪڍي، حيدرآباد ۾ موليٰ علي جي قدم گاهه طور مشهور ڪيو ويو، جيڪا هن وقت وڏي زيارتگاه آهي. نئنگ شريف ۾ به حضرت علي عليه السلام سان وابسطه ڪئين ڪهاڻيون اُتان جي فقيرن جي گذر جو ذريعو آهن. پٻوڻي کان سنگهر ويندي هڪ پٿر تي چار پنج جُتي پاتل هڪ فوٽ جا ڊگها پير ۽ ڪجهه اُٺن جا پير لڳل آهن. جن لاءِ مشهور آهي، ته اهي پنهون جي ڀائرن ۽ سسئيءَ جي ڏيرن جا پير آهن. اهڙيءَ ريت سسئي ۽ پنهونءَجي نالي سان منسوب پيرن جا نشان شهداد پور جو هڪ همراه منظور خاصخيلي ۽ سندس هڪ پٺاڻ دوست ڪڍي ڪوري کڻي ويا. مون ۽ رخمان گل پالاري ڪافي ڪوشش ڪئي، انهن همراهن کي روبرو وڃي منٿ ڪئي، سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن کي لکيو، پر ڪجهه ڪونه ٿيو. اهڙيءَ ريت شام جي حلب شهر لڳ ڪريما مسجد ۾ پيرن جا نشان حضرت محمد صلي الله عليه وسلم سان منسوب ۽ عاليشان زيارت گاهه آهن.
    مشڪور جو خيال آهي ته، سنڌ ۾ لڳل پيرن جي نشانن جو حضرت علي عليه السلام سان منسوب ٿيڻ جي پويان شايد هڪ عرب مورخ علي بن مسعودي سان سنڌين جي محبت جو نتيجو آهي. ڇاڪاڻ ته اهو عرب مورخ عرب حڪمرانن جي خلاف هو. هن سنڌ ۾ شيعت پکيڙڻ لاءِ ڪافي ڪم به ڪيو هو. هو ڪافي عرصو سنڌ جي ڪوهستان ۾ رهيو هو. سنڌي هن سان بيحد عقيدت جي حد تائين محبت پڻ ڪندا هئا. شايد انهيءَ علي جي نالي پويان اهي پيرن جا نشان منسوب ڪيا هجن، جيڪي اڳتي هلي سڌو سنئون حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيا ويا. مشڪور جي ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر اها هڪ حقيقت آهي، ته حضرت علي عليه السلام سنڌ ۾ نه آيو هو. انهيءَ ڪري سندس نالي سان منسوب ڪيل قدم گاهون صرف ماڻهن جي عقيدت ڪري قائم آهن.
    مشڪور پنهنجي ڪتاب ۾ گهاڙي قبرن ۽ چِٽسالي وارين قبرن جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙيون گهاڙي قبرون پوري ڪوهستان ۾ موجود آهن. گهاڙي قبرن ۽ چٽساليءَ وارين قبرن تي ڪليم لاشاريءَ وڏو سائنسي تحقيقي انداز ۾ ڪم ڪيو آهي، جيڪو پڻ ساراهه جوڳو آهي. سندس ڪم اڃان جاري آهي. مون ڪراچي ڪوهستان ۾ اهڙا قبرن تي چٽساليءَ وارا 37 قبرستان ڏٺا آهن. انهن کان علاوه بلوچستان ۾ ڀواني، بالاڪوٽ، هنگول ڦور، پير ڀمڀل پٽ، ۽ لسٻيلي ۾ اهڙن قبرستانن جا تفصيلي مشاهدا ڪيا آهن. اهي چٽساليءَ واريون قبرون به هڪ تاريخ آهن. ڪوهستان جي قديم ماڻهن پنهنجي دور جي ريتن رسمن، طور طريقن کي چٽساليءَ ذريعي وڏي ڪاريگريءَ سان محفوظ ڪيو آهي.
    مشڪور ڪتاب جي باب ’ڪوهستان مون ڪيئن ڏٺو‘ ۾ لکي ٿو ته؛”ڪوهستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڃايل حصو آهي، هتي لوڪ ڪهاڻين وارو ديومالائي سنڌي سماج موجود آهي.“ اهو سچ آهي، انهن ديومالائي داستانن ۽ ڪهاڻين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي. ڪوهستان بابت ڪجهه حقيقتون مون پنهنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ ملير واري حصي ۾ ڏنيون آهن. آخر ۾ آئون ڪوهستان جي جاگرافيءَ جي انگن اکرن ۽ وچور تي پنهنجي مضمون جي پُڄاڻي ڪندس.
    ڪراچي ڪوهستان جون 37 ديهون 1948ع ۾ نئين ٺهندڙ ٺٽي ضلعي ۾ شامل ڪيون ويون. 1962 ۾ وري ٻيهر ڪراچيءَ ۾ شامل ڪيون ويون.کيرٿر نيشنل پارڪ به ڪوهستان واري علائقي ۾ آهي. کيرٿر نيشنل پارڪ سنڌ جي ڏکڻ اولهه ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ 11992 چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي. پارڪ جي ٽوٽل ايراضي 308733 ايڪڙن تي ٻڌل آهي. پارڪ ۾ 432 رستا، ڪچا رستا ۽ پيچرا اچي وڃن ٿا. 1972ع ۾ سنڌ وائيلڊلائف پروٽيڪشن آرڊيننس 1972 تحت ان کي سينڪچوري قرار ڏنو ويو. بعد ۾ 1974ع ۾ ان سينڪچوريءَ کي سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ تبديل ڪيو. هتي ڪيترائي ناياب نسلن جا جانور آهن، جن جو غير قانوني سياسي خوشامد طور شڪار ڪيو وڃي ٿو. ڪراچي ڊويزن جون 16 ديهون پڻ کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ شامل ڪيون ويون آهن. هتي اڏاوت لاءِ ڪم ايندڙ پٿرن، ريتي،بجري کڻڻ تي ۽ وڻ وڍڻ تي پڻ پابندي آهي. پارڪ جي نگرانيءَ لاءِ گيم واچر به مقرر ڪيل آهن، پر انهيءَ هوندي به هتي وڻ وڍڻ کانسواءِ، ريتي بجري ۽ اڏاوتي پٿر کنيا وڃن ٿا، جن سان پارڪ جي مقصدن کي نقصان پهچي رهيو آهي.
    ڪتاب جي آخر ۾ مشڪورڦلڪاري جيڪي حڪومت کي تجويزون ڏنيون آهن، انهن تي حڪومت کي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هي ڪتاب هر تاريخ جي شاگرد کي پڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ مشڪورڦلڪاري سنڌ جي تاريخ جا نوان رُخ جيڪي ڌرتي ۾ پوريل آهن، تن کي ظاهر ڪيو آهي. وسيلن جي اَڻهوند جي باوجود جذبه عشق سان جيڪي چند محقق ڪم ڪن پيا، تن ۾ مشڪور ڦلڪارو به شامل آهي. اهي پنهنجي هڙان ۽ وڙان خرچ ڪري ڏونگر ڏوري اڙانگا رستا جهاڳي اُنهن تاريخي ماڳن تي پهچن ٿا. اهي ڪم ادارن جا آهن، جن وٽ وسيلا ۽ وڏيون بجيٽون آهن، پر انهن ادارن جا ڪم مشڪور جهڙا چند دوست ڪري رهيا آهن، انهن کي جس هجي. ڪوهستان مان تاريخ جا اهم راز ڳولڻ تي مشڪور ڦلڪارو داد جو مستحق آهي. کيس اهڙي مڃتا ملڻ گهرجي. اها مڃتا ئي سندس حوصلو وڌائيندي ۽ هو اڃان به وڌيڪ تاريخ جا ڳُجها راز هٿ ڪري، سنڌ جي تاريخ کي هر لحاظ کان مڪمل ڪندو. هي ڪتاب ڪوهستان تي هڪ اهم تاريخي دستاويز آهي. انساني تهذيبي ارتقا ۽ فطرت جي کوجنا ڪرڻ وارن محققن لاءِ هي ڪتاب ڪنهن سوکڙيءَ کان گهٽ ناهي. هن تحقيقي منفرد ڪتاب مان اُميد ته کوجنا جا نوان گَسَ ڦُٽي نڪرندا ، هي ڪتاب انهن نون گسن لاءِ بُنياد فراهم ڪندو. مشڪور جو عشق سان سرشار جذبو ئي ڪوهستان جي تاريخ کي ظاهر ڪري رهيو آهي. شال اهو عشق سلامت رهي.

    گل حسن ڪلمتي
    تاريخ جو شاگرد.
    حاجي عرضي وليج گڏاپ ملير ، ڪراچي سنڌ.
    03222445370 فون نمبر:
    kalmatigh@gmail.com


    جھوني جوڳيءَ جي نئين جاکوڙ

    مشڪور ڦلڪارو رڳو ڪنهن شخص جو نالو نه آهي، پر اهو نالو بذاتِ خود هڪ انجمن آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت تي شعور، ادراڪ، سوجھيءَ ۽ جاکوڙ جون انيڪ شمعون ٻرن ٿيون. اهو نالو بذاتِ خود هڪ چمن آهي، جنهن ۾ هڪ ئي مهل علم، تحقيق ۽ جانچنا جون سُڳنڌون اُڀرنديون ۽ پکڙجنديون رهن ٿيون. اهو نالو بذاتِ پاڻ هڪ سمنڊ ۽ ساگر آهي، جنهن ۾ هڪ ئي پل غمِ عشق ۽ غمِ روزگار جا طوفان اُٿندا رهن ٿا. اهو نالو بذاتِ خود هڪ ندي آهي، جنهن کي ڪوبه قرار، ساهي ۽ سُڪون ڪونهي، جيڪا لڳاتار پنهنجن آدرشن جي ڊيلٽائن ڏانهن ڊوڙندي رهندي آهي. اهو اسم سڀني وصفين سهڻو آهي، جيڪو اسان کي پاڻ ڏانهن سڏيندو رهي ٿو ۽ اسان جي هينئڙي ۾ انهيءَ جي هُرڻ سان تصور، تخيل ۽ ادراڪ جون نيون دنيائون آباد ٿين ٿيون. هي جھونو جوڳي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن جاکوڙ، جدوجهد ۽ جستجو ۾ رهي ٿو. ويهڻ سندس وَڙُ ناهي، ديس جي جھانءِ سڻي هو ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪِرت سان ڪنهن نه ڪنهن پاسي نڪري ئي پوندو آهي. پوءِ تحقيق جي ڀريءَ ٻڌي اچي واپس لهندو آهي. سندس ان تحقيق جي ڀريءَ ۾ سوين ماڻڪ موتي ۽ هيرا لال جواهر هوندا آهن. جن سان تاريخ جي ڪا نئين ڪنڊ روشن ٿي پوندي آهي.
    مشڪور ڦلڪارو جي ٿر وڃي ٿو ، ته لوڪ ڏاهپ جا صديون پراڻا داستان کڻي ٿو اچي ۽ انهن کي سائنس جي جديد ڪسوٽيءَ تي ڀيٽي سنڌي لوڪ ڏاهپ کي نمودار ڪري، نمايان ڪري،سُرخرو ڪري ٿو بيهاري. لوڪ ڏاهپ جيڪا صدين جي سفر ۾ جُڙندي آهي. اها وقت جي ڪُک ۾ ڪنهن موتيءَ وانگر پَلجندي رهندي آهي ۽ مري مات نه ٿيندي آهي. جڏهن اها جُڙي راس ٿيندي آهي، تڏهن وقت جي وهڪرن کي اورانگھي سوين هزارين ورهين تائين ديس واسين کي پنهنجي چمڪ ڌمڪ، رنگ روپ ۽ واس ورن سان واسيندي رهندي آهي. سنڌ جي لوڪ ڏاهپ هونئن ته قومي ۽ مجموعي حيثيت رکي ٿي، پر ڪي علائقا ان سلسلي ۾ وڌيڪ زرخيز آهن ۽ پنهنجي سيني ۾ علائقائي لوڪ ڏاهپ جا ڀنڊار رکن ٿا. ٿر انهن مان هڪ آهي. ان ڪري جڏهن مشڪور ڦلڪارو ٿر ويو، ته اتان لوڪ ڏاهپ جا ڀنڊار ميڙي آيو. وري هن ٻيءَ ڳالهه هيءَ ڪئي ته ان ڀنڊار کي ويهي سائنس جي ڪسوٽيءَ ۽ معيارن تي پرکيائين. هن جي اک هيري ڪڻيءَ کي سُڃاڻي ٿي. هن جا ڪڍيل نتيجا لاجواب آهن ۽ انساني ڏاهپ ۾ ماڻهوءَ جو ايمان تازو ڪري ٿا وڃن.
    ’ٿر جي لوڪ ڏاهپ ۽ سائنس‘ کانپوءِ سندس هڪ ٻيو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه ـــ سنڌي ٻاونجاهه اکري (سنڌوءَ حرفِي)‘ جي نالي سان ڇپجي آيو. جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ٻاونجاهه اکرن تي شاعري ڪئي وئي آهي. سنڌيءَ ۾ ٽيهه اکريون ته اڳ ۾ جام لکيون ويون آهن، پر ٻاونجاهه اکري پهريون ڀيرو لکي ويئي آهي. جنهن ۾ اهي اکر به شامل آهن، جن جي باري ۾ عام تاثر هيءُ آهي، ته انهن اکرن سان ڪوبه لفظ شروع نه ٿو ٿئي. جهڙوڪ ڱ، ڻ، ء، ڃ ، ڙ ، جهڙا حرف. هو انهن سان شروع ٿيندڙ ڱڱا، ڻڻان، ئوئان ، ڃوڃڻ ۽ ڙاڪون جهڙا لفظ ڳولي ٻُڌائي ٿو، ته انهن اکرن سان اهي لفظ شروع ٿين ٿا. ظاهر آهي ته اکر هوندا ته انهن سان لفظن جي شروعاتي سِٽائي اُڻت پڻ هوندي. ايئن ٿي نه ٿو سگھي ته لفظي سٽاءَ ۾ هڪڙو اکر رڳو وچ يا آخر ۾ ايندو هجي ۽ ڪنهن لفظ جي شروع ۾ ان جو ڪو واهپو نه هجي. البت ڪڏهن ڪڏهن لفظ ويسر جي گدلي ڍنڍ ۾ وڃائجي ويندا آهن. مشڪور سنڌي سماج جي سينور هيٺ موجود اُهي لفظ ٻاهر ڪڍي ڏينهن جي روشنيءَ ۾ آندا آهن. جيڪو به مشڪور جو هڪڙو تمام اهم ڪم آهي، جنهن تي مستقبل ۾ سنڌي لسانيات کي اڃا اڳتي وڌڻو آهي.
    پوءِ هن جا سڳورا پير ڪوهستان جي سرزمين کي ڇُهن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن فاتح جا پير ڪنهن سرزمين تي پون ٿا، ته اها سرزمين شرم ٻوٽڙيءَ وانگر ڪومائجي ويندي آهي، ڪنهن عورت وانگر بيواهه ٿي ويندي آهي،۽ ڪنهن معصوم وانگر وحشي سُنبن هيٺان اچي ڇيڇاڙجي ۽ چيٿاڙجي ويندي آهي؛ پر جڏهن ڪنهن شاعر، اديب ۽ مُحقق جا پير ڪنهن سرزمين تي پوندا آهن،ته اها رابيل وانگر ٽِڙي پوندي آهي، ڪنوار وانگر ٻَهڪي پوندي آهي ۽ ان جي آجيان ۾ ٻانهون ڦهلائيندي آهي. مشڪور جيڏانهن به ويندو آهي، اُها مٽي ساڻس مُرڪي ۽ مَهڪي ڳالهائيندي آهي. نتيجي ۾ تاريخ جي درياهه جا خزانا مٿس پنهنجا در کوليندا آهن. اتهاس جو اسرار ۽ ڳُجھه ڪنهن چئيوان ۽ سُلڇڻي محبوب جيان سندس سامهون هٿ ٻڌي بيهي رهندو آهي. پوءِ سندس اکيون اهو ڪجھه ڏسي وٺنديون آهن، جيڪو ٻين نگاهن لاءِ اڻ ڏٺو هوندو آهي، سندس ڪَنَ اهو ڪجھه ٻُڌي وٺندا آهن، جيڪو ڪجھه ٻين لاءِ اَڻٻُڌو هوندو آهي ۽ سندس ذهن اهو ڪجھه جَھٽي وٺندو آهي، جنهن جي ٻيا رڳو حسرت ڪندي ڪندي ئي مري ويندا آهن.
    سندس انهيءَ ادراڪ ۽ سوجھيءَ جو سربستو احوال هڪڙو هيءُ ڪتاب “’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘ پڻ آهي.
    مشڪور ڦلڪاري جو زير نظر ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘ سندس تحقيقي ڪم جي بلند چوٽي آهي. هن ڪوهستان جي سير سفر دوران پٿرن جي بدن تي تاريخ جي هٿن سان تراشيل اُهي آيتون پڙهيون آهن، جن کي عالمياڻي اَک ڏسڻ کان هميشه قاصر رهندي آهي. هن جي اندربيِن نگاهن پٿرن جي دلين ۾ جھاتي پائي ساڻن روح رهاڻ ڪئي آهي ۽ پٿرن ساڻس پنهنجين اڻ ڇُهين ڪهاڻين جون ڳُجھڙيون ڳالهڙيون ڳرهيون آهن. پٿر به ساهه کڻندا آهن، لکين سال جيئرا رهندا آهن، ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ لاءِ مشڪور جهڙي ڪنهن مَنش جو اوسيئڙو ڪندا رهندا آهن؛ ۽ هو آخرڪار سندن سَڏُ سُڻي اُتي پهتو آهي ۽ اُنهن حالتن ۾ پهتو آهي، جڏهن اِنهن پٿرن جو وجود منافعي خور ڌارين جي پيرن هيٺان لوئجي رهيو آهي. هنن پٿرن انيڪ فاتح ڏٺا ۽ سڀني فاتحن کي پنهنجي چوٽيءَ تان هيٺ اُڇلائي ڏاري ڇڏيو. اڄ سڪندر مقدونيءَجو وجود ناهي، پر کيرٿر اوچي ڳاٽ کڙو آهي. هر فاتح آيو ويو ٿي وڃڻو آهي، واءُ وکر ٿي وڃڻو آهي. ڪوهستان تي پيل اوٺا پير پڻ ڊهي وڃڻا آهن، ڀسم ٿي وڃڻا آهن، پر ڪوهستان رهجي وڃڻو آهي، پنهنجن مٿير مڙسن ۽ سانورين نارين جي سونهن، فطرت جي حسناڪين ۽ پنهنجي تاريخي قدامت سميت.
    ڪوهستان جي تاريخي جائزي ۾ مشڪور هتي ندين نئَينَ جي وهڪرن، زندگي جي پيدائش، موسمياتي منڊلن جي جُڙڻ، وڻن ٽڻن جي اوسر، انساني ارتقا ۽ زميني ڦيرين گھيرين جي باري ۾ جيڪي نتيجا ڪڍيا آهن، اهي پڙهي ماڻهو حيرت ۾ پئجيو وڃي. ماڻهو دنگ رهجيو وڃي ته مار! اسان کي خبر ئي ڪانهي ته ڪو اسان جي هيءَ سرزمين ايتري آڳاٽي، قديم ۽ ارتقا جي حسناڪ مرحلن سان سَٿيل ۽ اُٿلن پُٿلن سان ڀريل آهي. برساتن جو هزارين سال اڳ ڪو تمام ڊگھو سلسلو هليو ۽ جبل هزارين سالن تائين مٺي تانگھي پاڻي ۾ ٻُڏل رهيا. اهو پڙهي مون کي آمريڪي مائي اوميل ياد اچي ويئي، جيڪا پنهنجي ڪتاب ’يورپ ۾ سنڌوءَ ڌرم جا قديم آثار‘ ۾ نوح نبي جي وڏي ٻوڏ واري واقعي کي سنڌ سان منسوب ٿي ڪري.
    مشڪور رڳو پٿرن، سپين ۽ ڪوڏن سان نه ٿو ڳالهائي، پر هو هن علائقي جي قدامت کي ثابت ڪرڻ لاءِ اُپنشدن، ويدن، پُراڻن ۽ ٻين قديم ڌرمي ڪتابن مان پڻ شاهديون ڳولي ٿو، جن ۾ هنن علائقن کي کير ساگر ۽ سورن ديپ سڏيو ويو آهي. ساڳئي نموني هو سنڌ جي زميني بيهڪ تي پڻ ويچاري ٿو ۽ ڪوهستان جو تعلق ٿر سان ملائي پنهنجن نتيجن کي پُختو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    سائنس سڄي ڌُڪا هُئي، مفروضا هُئي. تحقيق پڻ ايئن هُئي. ڌُڪا، مفروضا، حقيقتن ڪنان ڪوهين ڏور، پر انهن ڌُڪن نَوَن ڌُڪن کي جنم ڏنو، مَفروضن بعد نوان مَفروضا جُڙيا. هر نئون ڌُڪو، هر نئون مَفروضو حقيقت جي ويجھو ٿيندو ويو. تحقيق پڻ اهڙي نموني حقيقتن جي ڳولا ڪئي. مشڪور به ڪجھه مَفروضا جوڙيا آهن، ڪجھه پڪيون پُختيون نشانيون ڏنيون آهن ۽ ڪجھه حقيقتن کي پڌرو ڪيو آهي. اهڙيءَ ريت هن تحقيق جو هڪڙو نئون سَنڌو قائم ڪيو آهي. جيڪو سنڌ جي زميني ارتقا جي هڪڙي نهايت اهم ڪَڙي آهي. جنهن جو ايرگھير سريلنڪا کان وٺي آفريقا جي پٽن تائين پکڙيل آهي. سندس هيءَ تحقيق هڪ اهڙو واڌارو آهي، جنهن سان هن خطي جي زميني علم ۾ تمام گھڻو اضافو ٿيندو. هو تهه در تهه وقت کي اُٿلائيندو، ارتقا جا پُڙ ورائيندو، نتيجن جي نون موتين کي اکين اڳيان آڻي ٿو. سندس ڳالهه ڳر واري ۽ وزنائتي آهي. هو هزارين سالن جي حسين چهري تان بيخبري ۽ اڻڄاڻائيءَ جو نقاب لاهي ڦِٽو ٿو ڪري. اهڙيءَ ريت تاريخ جا ڪي نوان زاويا اسان جي سامهون نِروار ٿي پيا آهن.
    آئون ڪتاب مان ڪي به حوالا ڏيڻ نه ٿو گھران. آئون هنن ٻن اکرن کي وڌيڪ طوالت ڏيڻ به نه ٿو چاهيان. آئون چاهيان ٿو ته توهان هن ڪتاب کي نهايت ئي ڌيان سان پڙهو. هيءُ ڪتاب توهان جي باري ۾ ئي آهي. هن ۾ توهان جي ابن ڏاڏن جي ڌرتيءَ جي قدامت، تاريخ ۽ حُسن پکڙيو پيو آهي. هيءَ مٺي ۽ سُهڻي ڌرتي ۽ ان جو اهو سڀ اسان جو پنهنجو آهي ۽ هيشه اسان سان رهڻو آهي.
    مشڪور هيءُ جيڪو تاريخ ساز ڪم ڪيو آهي، ان تي کيرون لهڻي. منهنجي دل جا جذبا، محبت جا احساس ۽ منهنجي اندر جون پِرت ڀَريون ڀاونائون سندس هن ڪم تي ٻلهار ٻلهار آهن. شال هو ’سدا جوان‘ رهي، اڃا وڏي ڄمار ماڻي ۽ سنڌ جي ڳولا ۾ سرگردان رهندي تاريخ جي ساگر مان ڪي نوان موتي ميڙي آڻيندو رهي. ڀٽائي سائين سندس جهڙن ماڻهن لاءِ ئي چيو آهي:

    جت نه پکيءَ پير، تِت ٽمڪي باهڙي،
    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کَير رَي!!


    نواز خان زئور
    25 آگسٽ 2017ع
    ڳوٺ احمد خان زئور، ميرپور بٺورو
    03332538084


      تاريخ جو سينو چيري حقيقتون پَڌريون ڪرڻ جي جُستجو

    تاريخ جي موضوع تي تحقيق، تَتل رِڻ ۾ پُٺا اُگهاڙا ڪري، رولاڪين جي رُوح کي ريجهائڻ برابر آهي. تاريخ کي ڦلورڻ وارو ڪم ايڏو ته ڪٺن آهي، جو ان تي صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترن محققن ئي محنت جا مَٽَ اوتي، سنڌ جي لِڪل تاريخ جا تاڪيا کولي، ان کي نِروار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تمام گهٽ فردن جي محنت جي باوجود به اسانجي تاريخ نه ته پُورڻتا جي منزل ماڻي سگهي آهي، ۽ نه ئي تاريخي تضادن جو ڪو لاڀائتو حل هن وقت تائين منظرعام تي اچي سگهيو آهي. اهڙين ڪٺن ڪوششن جي نتيجي ۾ وري به اهو چئي سگهجي ٿو ته جن به قلم ڌڻين يا محققن، قلم کان ڪات جو ڪم وٺي تاريخ جي سيني کي چيري حقيقتون پَڌريون ڪرڻ جي جُستجو، جدوجهد يا جاکوڙ ڪئي آهي، اهي فرد، ادارن جيتري اهميت رکن ٿا. سندن غير معمولي ڪم يقينن تحسين لائق آهي، حقيقت ۾ اهڙي قسم جو جيڪو ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجي، اهو ڪم فردن اڪيلي سِر ڪري، ادارن جي وجودتي ڪيترائي سوال اُڀا ڪري ڇڏيا آهن. ڀلي انهن ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي سوالن جو سِجُ چمڪندڙ هجي، پر فردن جي غير معمولي ڪم ۽ انهن مان حاصل نتيجن کان اُهي ادارا ڪڏهن به ڪنڌ نٿا ڪَڍائي سگهن.
    هونئن به سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب ۾ تحقيق جي شعبي کي اُها گُهربل اهميت نه ملي سگهي آهي، جيڪا ٻين ٻولين ۾ مُيسر آهي، نه فقط ايترو پر سنڌي ادب ۾ تحقيق جي موضوعن ۽ انهن جي اصولن تي به اڃا گهڻو ڪجهه لکجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته اڃا تائين به تحقيق جي موضوع تي لکڻ جي تمام گهڻي گهُرج آهي. تحقيق ڪندڙ لاءِ وقت، پئسو ۽ ان سان واڳيل ٻيون سهوليتون وڏو مسئلو هونديون آهن، جيڪو مسئلو تحقيق جي مقصد آڏو وڏيون مشڪلاتون پيداڪندو رهندو آهي. شايد انهن مشڪلاتن جي ڪري ئي تحقيق جا کوڙ سارا پاسا نِروار ٿيڻ کان محروم بڻيل آهن. بحرحال قديم دؤر ۾ انسانن جو پهريون اعتماد جادو، منتر ، ڏانئڻين، ڀوتن، پرين ۽ ٻين قدرتي منظرن ۾ هوندو هو يا ائين کڻي چئجي ،ته انسان جن شين ۽ ڳالهين جي گهيري ۾ هوندو هو، ان ۾ هن جو اعتماد ۽ اعتقاد هوندو هو. جيڪي پوءِ روايتن طور هلندا رهيا.
    جڏهن انسان جي سوچ بيدار ٿي، ضرورتون وڌڻ لڳيون، تڏهن انهن قدرت جي قائم ڪيل حقيقتن، خيالن، ۽ راين کي معلوم ڪرڻ شروع ڪيو، ان کي پروڙيو ۽ پرکيو. ڪيترائي ناعقلي جا عقيدا هئا، جيڪي قومن جي آزمودن ۽ ڪوششن ۾ اُڀرندا رهيا هئا. اهو انهن انسانن جو تجرباتي علم هو، جيڪو هر شعبي ۾ وقت به وقت ترقي ڪندو رهيو. اڄ جو ترقي يافته دور به انهيءَ قديم دور جو سُڌريل نمونو آهي، جنهن ۾ انهن گذريل زندگين جو حصو آهي. جن وقت به وقت پنهنجي صلاحيتن، ۽ ڪوششن سان انهن ۾ حالتن ۽ گُهرجن جي لحاظ کان سڌارا، واڌارا ۽ تبديليون آنديون.ان سلسلي ۾ اندر جي جُستجو، ۽ جاکوڙ جي چاهنا ئي آهي،جيڪا مسئلي کي سمجهڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ڪرڻ لاءِ آماده ڪندي رهندي آهي ۽ اهڙيءَ طرح هر شخص کي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي ضرورت پوندي رهي ٿي. انهيءَ جدوجهد کي ئي تحقيق سڏيو وڃي ٿو. سائنسي اصول تحت ابتدائي سمجهاڻيءَ ۾ ڪنهن تحقيق بابت سندس قدرتي ترقيءَ جا سڀ مرحلا سمجهايا وڃن ٿا ۽ اهو ٻڌايو وڃي ٿو، ته تحقيق ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون حقيقتون اچي وڃن ٿيون. سائنسي تحقيق ۾ ڪنهن به شئي جي تحقيق ڪيل هڪجهڙائي ان وقت تائين سمجهائي ناهي سگهبي، جيسيتائين انهن جو تعلق ڪيترين ٻين شين سان ظاهر نه ڪيو وڃي. تحقيق طلب موضوعن تي ايسيتائين تحقيق ٿيندي رهندي، جيسيتائين ڪنهن آخري ثابتيءَ تي وڃي پُهچجي. جيسيتائين تحقيق ڪندڙ ڪنهن شئي جي مُشابهت معلوم ڪري نه سگهندو، ان وقت تائين ڪنهن به شئي جي سمجهاڻي، يا سبب، يا ڪا يقيني اصول رکندڙ ڳالهه سان مُشابهت ڳولي ڪڍي نه سگهندو. مُشابهت سمجهاڻي، ان جو پس منظر، ان جي تاريخ ۽ مُستند حوالا ئي مڪمل معلومات جا ذريعا هوندا آهن. اهوئي سائنسي تحقيق جو مقصد هوندو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ ئي محقق جي لاءِ حقيقي منزل جو رستو هموار ڪرڻ آهي.
    تحقيقي ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته، “ڪنهن مسئلي کي سمجهڻ لاءِ اهو ضروري هوندو آهي، ته حالتن کي چڱيءَ طرح سمجهڻ گهرجي، نه ته ڪنهن مسئلي کي اڳتي سمجهي نه سگهبو”. مقصد ته جيسيتائين تحقيق ڪندڙ مسئلي جي اصلاحي مطلب کان واقف نه هوندو، تيسيتائين انهيءَ سان واسطو رکندڙ سوالن جي هن کي خبر نه پوندي، جن جا کيس جواب ڳولڻا هوندا آهن. قديم دؤر جي ڀيٽ ۾ موجوده دور ۾ تحقيق ڪندڙ لاءِ ڪيترائي تحقيقي هُنر وجود ۾ اچي چُڪا آهن. جنهنڪري انهن هنرن جي چونڊ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ وقت تحقيق ڪندڙ مونجهاري جو شڪار به ٿي ويندو آهي. ان لحاظ کان، تحقيق جي موضوع کي محققن فلاسافيڪل، سائنسي، تاريخي ، ۽ شُمارياتي انداز ۾ ورهايو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ سائنسي تحقيق جا اصول به ترقي ڪندا رهيا آهن ۽ انهن ۾ وقت به وقت ڦير به ايندو رهيو آهي. اهڙيون ڪي تبديليون دائمي رهيون، ته ڪي وري وقت گذرڻ سان نئين تحقيق جي ڪري ختم ٿي ويون، ڪنهن به تحقيق جا صحيح نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ تحقيق ڪندڙ کي تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. تحقيق ڪندڙ جو صحيح نتيجو حاصل ڪرڻ، سندس قوتِ ارادي تي به منحصر هوندو آهي ته اهو تحقيق جي بهتر ۽ مستقل نتيجي ڪڍڻ لاءِ ڪيترو پڪو ۽ پُختو ارادو رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته تحقيق جي مڪمل ڪارروائي سلسليوار خيالن جي بنياد تي ٻڌل هوندي آهي.
    مشڪور ڦلڪاري جي اندر ۾ اهڙن خيالن جا مضبوط بند ٻڌل آهن.مشڪور ڦلڪاري جو شُمار تاريخ، تحقيق، علم ۽ ادب جي آسمان جي اهڙن ستارن ۾ ٿئي ٿو، جن تمام مشڪل موضوعن يعني قديم تاريخ جون اُلجهيل ڳنڍيون سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪري، تحقيق وسيلي سنڌ وطن جي قديم تاريخ ۾ اهڙن ڪيترن ئي ناياب ورقن جو واڌارو ڪيو آهي. جيڪي گُمناميءَ جي چادر ۾ ويڙهجي، حادثن جو شڪار بڻجي قومن جي تاريخ مان ميسارجي وڃن ٿا. مشڪور ڦلڪاري کي تحقيق ۽ تاريخ جي ٻوليءَ تي به عُبور آهي، اهو ئي سبب آهي، جو سندس اُن فن جي ڪري سنڌي ادب جا ڪيترائي وڏا نالا جهڙوڪ، عبدالواحدآريسر، موهن ڪلپنا، تاج جويو، حسين بخش ٿيٻو، گل حسن ڪلمتي، استاد لغاري، صوفي حضوربخش ۽ نور احمد جنجهيءَ وغيره سميت ڪيترائي نالا سندس رفاقت جي رسيءَ سان ٻڌل رهيا آهن. مشڪور جي نظر وڌيڪ گهري، حالتن ۽ واقعن جي ڳوڙهي ڄاڻ ۽ تاريخ جي وهڪري مطابق هوندي آهي. ان ڪري ئي ته ايوارڊ يافته لنڊن ڄائي، ايلائس البينيا جهڙي عورت سَياح به سندس مزاج کي شاعراڻو انداز رکندڙ سڏيو آهي. اهو انداز ئي علم جي اها منزل آهي، جيڪا تاريخ نويسيءَ جي فن کي تڪميل جو معراج ارپي ٿي. جنهن وسيلي محقق قومن جي عروج ۽ زوال جي رنگين قصن کان هٽي ڪري، اصل حقيقتن، سچ، صداقتن ۽ سببن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري قومن جي حال ۽ مستقبل لاءِ هڪ خوبصورت خاڪو تيار ڪن ٿا. مشڪور ڦلڪارو به ان راهه جو پانڌيئڙو آهي. هن پنهنجي وَسَ ۽ وِت آهر اهڙيون خالي جڳهيون ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن تي تمام گهٽ يا نه هُئڻ جي برابر ڪنهن جي نظر پئي آهي.
    مشڪور بخوبي ڄاڻي ٿو ته تاريخ جو وهڪرو جاگرافيءَ جي تابع هوندو آهي. اها جاگرافي معاشري ۾ اقتدار، اقتصادي معيار ۽ ثقافتي ورثن کي جنم ڏيندي آهي. مشڪور قديم تهذيب، سنڌ جي جاگرافي ۽ اقتصادي لاڳاپن سان هڪ جهڙائپ يا ويجهڙائپ ڳولهي لهڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هو ماضيءَ ۾ به اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، ته سنڌ ۽ سنڌي قوم هڪ بهادر، جنگجو، پر امن پسند، شاهوڪار ثقافت ۽ تهذيب جي مالڪ رهي آهي. سندس ماضيءَ جي لکڻين ۾ اهڙي قسم جو تسلسل پڻ موجود رهيو آهي، جنهن لاءِ هو هميشه نه رڳو ڪتابن جي دنيا ۾ گُم هوندو آهي ، پر مشاهداتي سفرن ۾ جوڳين جيان هلندو رهيو آهي. پر اهڙي قسم جي معلومات جي ونڊ به ايمانداريءَ سان ڪندو رهيو آهي.مشڪور ڦلڪارو قومپرست، سوشلسٽ اديب، محقق، دانشور، شاعر، بهترين پارکو ، انسان دوست ۽ همدرد شخص هئڻ سان گڏوگڏ عاجزي ۽ نوڙت جو مُجسمو پڻ آهي.
    مشڪور ڦلڪاري هن ڪتاب ’سنڌ جي ڪوهستان جو تاريخي جائزو‘۾ انتهائي اهم پاسن تي تحقيق ڪري ان تي وڌيڪ تحقيق جا گس کولي ڇڏيا آهن. هن هڪ اهڙو پٿر اُڇلايو آهي، جيڪو نئين تاريخ مرتب ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي هلچل مچائي سگهي ٿو، جنهن ۾ ماضيءَ جي ڪيترن ئي رُخن کي نِروار ڪري دفن ٿيل تاريخ کي ٻيهر زندهه ڪيو اٿس. اها تاريخ جنهن تي لا علمي ۽ اونداهيءَ جا ڪيترائي ڪارا پردا چڙهيل آهن. اهي قديم نشانيون ۽ قديم انساني سرگرميون، جيڪي هن وقت جي نسل جي خواب ۽ خيال ۾ به ناهن. انساني ارتقا بابت بُنيادي سوال، پنڊ پهڻ ٿيل جيوت جا نشان، مختلف جانورن جا وڏي جسامت وارا ۽ تمام ڳرا پٿر، سَوَن جي تعداد ۾ وڻ، ٻوٽا ۽ انهن جا پنڊپهڻ، جبل تي انساني اوائلي قدمن جا نشان، ٻُڌ ڌرم جا واضح آثار، قديمي رستن تي پٿر جا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿنڀا، غارن ۾ انساني ارتقائي آباديءَ جا نشان، ٺِڪَر جا ٿانَوَ، ٺِڪراٺو، چقمق جي پَٿر جا ٽُڪرا، اناج پيهڻ لاءِ مختلف نِنگهون، پٿر جا ڪُهاڙا ۽ ڪُهاڙيون ۽ ٻيا پٿر جا اوزار، پاڻي جي قديم وهڪرن جي ڪنارن تي انساني قدمن، کرن وارن ۽ چنبن وارن جانورن جي پيرن جا نشان، قلعي نُما جابلو کاهي، پٿر جي دور ۾ قديم ماڻهن جو ٺاهيل مضبوط قلعو، قديم اهرام نما آثار، صديون پراڻو قبائلي راڄوڻي نظام، اهم شخصيتن ۽ شاعرن جو ذڪر، آهي ۽ قديم تاريخ سان سلهاڙيل ڪيترائي پهلو ۽ عجيب موضوع، هن ڪتاب جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين مثال آهن. جن تي مشڪور ڦلڪاري پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ علمي بصيرت جي مُهر هڻي، ڪيترائي اڻ ڇُهيل بحث ڇيڙي ڇڏيا آهن.
    يقينن هي ڪتاب سنڌ جي تاريخي ماخذن ۾ پنهنجي هڪ مُنفرد حيثيت مڃرائيندو. هي ڪتاب هڪ اهڙو دستاويز ثابت ٿيندو، جنهن کي ڏاڪڻ بڻائي مستقبل جا مؤرخ ڪوهستان جي تاريخ جي بند پيل تاڪن کي کولي، قديم تهذيب جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائيندا ۽ يقينن اُن سُٽ کي سُلجهائڻ وارو بُنيادي ڪردار مشڪور ڦلڪاري جو ئي هوندو. جيڪو هميشه تاريخ جي سچ کي سلام ڪرڻ لاءِ اڳڀرو رهيو آهي. اُميد ته هو ائين ئي مستقل مزاجيءَ سان سچ جو ساکي بڻيل رهندو. مونکي اها به قوي اُميد آهي، ته هي تاريخي دستاويز، تاريخ جي شاگردن لاءِ اُتساهه جي شاندار راهه صاف ڪندو، جنهن راهه تي هلندي تاريخ جا سمورا تڪرار حل ڪيا ويندا.

    اعظم ڀٽي
    پير محلا ٽنڊو محمد خان
    03332807110
    5 سيپٽمبر 2017ع


    پنهنجي پاران : آهي ماٺ ممات

    تاريخ اسانجي وڏڙن جي ڪارنامن ۽ ڪارگذارين جو اهم دستاويز آهي. جنهن دستاويز جي مطالعي سان اسان جي قومي سماجي قدرن، نفسياتي جبلتن ۽ احساسن جي پروڙ پوي ٿي.انهيءَ ڪري منهنجي تاريخ سان دلچسپي رهي آهي.
    سنڌ جي تاريخ پڙهڻ وقت انهيءَ تاريخ جي مونجهارن کي ڏسي اندر ۾ وَڍَ پون ٿا. نهايت افسوس جي ڳالهه آهي، جو اسان جي تاريخ تي يا قديم ماڳن يا سنڌ جي جاگرافيءَ جي تبديلين کي ڏسندي، سنڌو درياءَ جي قديم وهڪرن ۽ انهن وهڪرن تي جنم وٺندڙ حياتيات يا انساني تهذيب تي ڪو سنجيده ڪم نه ٿيو آهي. ڪجهه ڏيهي ۽پرڏيهي محققن سنڌ بابت لکيو،پر انهيءَ جي ڇنڊڇاڻ يا انهيءَ سموري معلومات کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪا جامع ڪوشش نه ٿي آهي، ۽ نه ئي ڪاتحقيقات ٿي آهي،اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي ڪابه جامع۽ مُستند تاريخ لکجي نه سگهي. جنهن جي بنياد تي اسان جي قوم فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري سگهي.
    سنڌ جي تاريخ جي مُنجهيل سُٽ کي سُلجهائڻ لاءِ، مون پنهنجي ذميواري قبوليندي ، پنهنجي حال سارو وقت به وقت سنڌ جي تاريخ جي وڃايل وجود جا ٽُڪرا ميڙڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. منهنجو هيءُ ڪتاب سنڌ جي ڪوهستان جي کيرٿر نيشنل پارڪ جي دائري جي ڪجهه ڪوهستاني علائقي، ڪراچي ڪوهستان، ٺٽي، ڄامشوري، دادو ۽ حيدرآباد ضلعن جي ڪجهه جابلو سلسلن جي وقت بوقت منهنجي ڪيل ڪجهه مشاهدن جو ثمر آهي. اهي نتيجا منهنجي مشاهدي ۾ آيل نتيجا آهن، اهي ڪي حرف آخر به نه آهن، نه ئي آئون اهڙي دعويٰ ڪريان ٿو. هن ڪتاب ذريعي سنڌ جي تاريخ جي قدامت ۽ سنڌو ڊيلٽا جي ٺهڻ بابت ڪيل منهنجي مشاهداتي ۽ مطالعاتي نتيجن سان اختلاف به ٿيندا، نوان بحث ڇڙندا، سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ موجوده ماٺ ٽُٽندي. جنهن سان نئون تحقيقي ڪم شروع ٿيندو، ائين اڳتي هلي سنڌ جي جامع مُستند تاريخ جُڙي سگهندي. جيڪو ئي منهنجي هن ڪتاب لکڻ جو هڪ اهم مقصد آهي. جيڪڏهن هن مان سنڌ جي تاريخ جي ڳولا ۾ ڪو هڪ به نقطو مليو يا ڪنهن هڪ به ماڻهو جي دل ۾ سنڌ جي تاريخ جي گم ٿيل وجود ڳولڻ جو عشق پيدا ٿيو، ته مون لک کٽيو
    ڪوهستان تي ڪجهه ٿورن ماڻهن اڳ ۾ ڪم ڪيو آهي . تمام وڏي تڪليف سان جبل به جهاڳيا آهن . هنن جيڪي ڏٺو سو وڏي تفصيل سان بيان به ڪيو آهي . انهن پنهنجن مشاهدن ۾ آيل ماڳن ۽ شين جو ذڪر ته ڪيو آهي ، پر انهن مشاهدن ۽ شين جون ڪڙيون ، ڪڙين ۾ ملائي ڪا راءِ قائم ڪري نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش گهٽ ڪئي آهي . جنهن سبب سندن انهي ڪيل محنت سان تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار نه ٽٽي آهي . نه ئي انهن ڪي سوال اٿاري تحقيق جي جمود کي ٽوڙيو آهي . جنهن ڳالهه جي شديد ضرورت هئي . انهي ضرورت کي محسوس ڪندي . مشاهدن جون ڪڙيون ، ڪڙين سان ملائي ڪي نتيجا ڪڍڻ جو رواج وجهڻ لاءِ ، آءٌ اڪيلو هي جهنگ جهاڳڻ نڪتو آهيان، مون کي اهو به احساس آهي ، ته هر نئون ڪم يا نئون خيال ميدان تي آڻڻ وارا تاريخ ۾ اڪيلا ئي رهيا آهن. نون ڪمن جي شروعات هميشه اڪيلن ماڻهن ئي ڪئي آهي. انهيءَ جذبي تحت هلندو رهان ٿو، پر اها اميد اٿم، ته منهنجي هن ڪوشش سان اڳتي هلي،تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن ۾ اُتساهه ضرور پيدا ٿيندو. يا ايندڙ محققن کي منهنجي ڪوشش جي نتيجن مان ڪا راهه جي روشني ملندي. جيئن گئليلو ، ۽ ايڊيسن جي ڪوششن اڳتي هلي ايجادن ۽ ڪائنات کي سمجهڻ جو اُتساهه پيدا ڪيو. تيئن منهنجي هيءَ ڪوشش به آئنده جو هڪ اُتساهه آهي.
    ڪوهستان تمام وسيع ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. انهيءَ سموري ايراضي جي سمورن تاريخي آثارن جو مڪمل مشاهدو ته ڪو منظم سگهارو ادارو ئي ڪرائي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري منهنجي مشاهدي ۾ آيل تاريخي شاهديون اٽي ۾ لوڻ برابر آهن. پر اها ڳالهه دعويٰ سان چئي سگهجي ٿي. ته سنڌ جي تاريخ جا آڳاٽا نشان صرف سنڌ جي ڪوهستاني علائقن ۾ ئي باقي وڃي موجود رهياآهن. جتان ئي سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي شروعات ڪري سگهجي ٿي. مون هن ڪتاب ۾ صرف آئنده تحقيقي جاکوڙ ڪرڻ لاءِ نشاندهي ڪئي آهي.
    مون هن ڪتاب ۾ ڪوهستان جي مشاهدي مان پنهنجي ڪيل تاريخ جي مطالعي جي روشنيءَ ۾ ڪجهه نتيجا اخذ ڪيا آهن. جنهن ڪري مون رسمي تحقيقي ڪتابن لکڻ واري طريقه ڪار کان الڳ ٿي، ڪتابن جا حوالا جيئن جو تيئن ڏيڻ بجاءِ پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. ڇو ته هن کان اڳ ۾ تاريخ جا ڪتاب لکندڙن صرف اڳين لکيل ڪتابن جا حوالا ڏيئي ڪتاب پئي لکيا آهن. جنهن سبب ئي تاريخ تي تحقيق جو ڪم جمود جو شڪار ٿيو آهي. ليکڪن کي گهرجي ها، ته هو پنهنجي ذاتي مشاهدن کي پنهنجي ڪيل تاريخ ۽ جاگرافيءَ جي مطالعي سان جوڙيندي ،سائنسي بنيادن تي ڪي نتيجا ڪڍن ها، ته هيسيتائين سنڌ جي تاريخ تي تمام وڏو ڪم ٿي چُڪو هجي ها، پر ائين نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم نه صرف جمود جو شڪار ٿيو، پر ويتر وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيا. جنهن سبب ئي اڳين محققن جو هيل تائين ڪيل ڪم ڪو اُتساهه پيدا نه ڪري سگهيو. ائين اسين مونجهارن جو شڪار ٿي، پنهنجي تاريخي آثارن جي بربادي کي ڏسندا ۽ ڳوڙها ڳاڙيندا رهياسين، پر انهن آثارن جي مشاهدي مان ڪي نتيجا ڪڍي اڳتي وڌي نه سگهياسين، جيڪا ڳالهه ئي افسوسناڪ آهي.
    مون هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪوهستان جي تمام ٿورن ڀاڱن جو ڪجهه ڏينهن جا مشاهداتي سفر ڪري، ڏٺل مشاهدن مان پنهنجي ڪيل مطالعي جي روشنيءَ ۾ ڪجهه نتيجا ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته مشاهدن مان نتيجا صرف ڪيل مطالعي جي روشنيءَ ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ سان ئي ڪڍي سگهجن ٿا. مون آخر ۾ انهن ڪتابن ، ويب سائيٽن جي لسٽ سان گڏ انهن ڪوهستان جي ڄاڻو ماڻهن جا نالا به ڏنا آهن جن سان ڪچهريون ڪري مون معلومات ورتي . پر مون انهي سموري مطالعي ۽ معلومات جي روشني ۾ پنهنجا اندازا لڳائي راءِ قائم ڪئي آهي . انهي ڪري ڪتابن جا هوبهو حوالا نه ڏنا اٿم . البت ڪجهه جاين تي انهي جي نشاندهي ضرور ڪئي اٿم . جيئن مُرَوِج حوالا ڏيئي لکڻ وارو جمود پيدا ڪرڻ وارو رُجحان ختم ٿي سگهي.حالانڪ مون کي اها به خبر آهي،ته منهنجي هن تحقيقي طريقي ڪار تي به ڪيترا اُهي محقق جيڪي حوالن جي بنياد تي ڪتاب لکي وڏي محقق هئڻ جا اعزاز ماڻي چڪا آهن، سي منهنجي هن نئين تحقيقي طريقي تي جُلهون ڪندا. پر هر نئين ڪم جي شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. انهيءَ لاءِ آئون انهن جُلهن ۽ تنقيدن کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو ته تاريخ جي شاگرد جي حيثيت ۾ مون کي دنيا ۾ نواڻ پسندن سان جيڪي وَهيو واپريو، تنهن جي ڄاڻ آهي. پر مون کي اهو يقين آهي، ته آءٌ هجان يا نه هجان، پر مون هي ڪتاب لکي ماٺار جي سمنڊ ۾ جيڪو ڳرو پٿر اُڇلايو آهي، سو ضرور ماٺار ٽوڙيندو. اهو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن منهنجي هن تحقيقي طريقي تي سنڌ جي مڪمل مُستند تاريخ لکجي ويندي ۽ سنڌي قوم هڪ شاندار تاريخ جي وارث بڻجي، دنيا کي اوچي ڳاٽ سان ٻڌائي سگهندي، ته سنڌ انساني تهذيبن جي ماءُ آهي، جنهن حاصلات لاءِ مون هي ڏونگر ڏوريا آهن .
    ڪوهستان جي اڙانگن مشاهداتي سفرن دوران مون سان جيڪڏهن منهنجا کاهوڙي بااثر ڪوهستاني دوست اسماعيل باريجو، رسول بَخش درس ۽ احمد خان پالاري، ڌار ڌار وقتن تي گڏ نه هجن ها، يا انهن جو سهڪار نه ملي ها، ته آئون خالي هٿين موٽي اچان ها. انهيءَ لاءِ محققن کي ڪوهستان ۾ تحقيق جي سلسلي ۾ وڃڻ کان پهريائين ڪوهستان جي رهواسين سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي. ٻي حالت ۾ ڪوهستانين جي مدد کانسواءِ ڪوهستان جو سفر اڙانگو ۽ نهايت مشڪل آهي. توهان پنهنجي پر ۾ انهن جاين تي نه پهچي سگهندا، جتي اسان جي تاريخ جا قديم نشان موجود آهن ۽ بغير ڪنهن نتيجي کڻي اچڻ جي خالي هٿين مايوس ٿي موٽي ايندا. جيئن مون کان اڳ ۾ ڪجهه وڏا محقق به منهنجي ڏٺل تاريخي ماڳن تي سرڪاري سهوليتون ۽ وسيلا هئڻ جي باوجود به نه پهچي سگهيا . اهو ئي سبب آهي ، جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل اهم شاهدين جو سندن ڪتابن ۾ ذڪر ناهي.
    منهنجي هن سموري تحقيقي سفر ۾، مختلف وقتن تي ساٿ ڏيندڙ دوستن، اسماعيل باريجي، رسول بخش درس، احمدخان پالاري، فياض درس، علاوالدين شيهڻو، بابو سومرو، خليل الله سومرو، نصرالله سومرو ۽ احمد خان ٻٻر،جا به لک ٿورا، جن مون سان هن تحقيق جي سفر ۾ ڪجهه قدم کڻي مون سان گڏ هلڻ ۾ ساٿ ڏنو.هن ڪتاب جي تحقيقي سفر ۾ عام ڪوهستاني ماڻهن جي بي انتها خلوص کي آئون ڪڏهن به وساري نه سگهندس، نه ئي پنهنجي ساٿين جي محبتن جو قرض لاهي سگهندس.
    هن ڪتاب جي مهاڳ لکڻ لاءِ سنڌ جي هڪ باشعور ڏات ڌڻي يوسف شاهين جو نالو ذهن تي آيو. يوسف شاهين سان منهنجي ڪابه ملاقات يا عليڪ سليڪ نه هئي، تنهن شروعات ۾ ته مهاڳ لکڻ جو ڪو به آسرو نه ڏنو ۽ پنهنجي ناچاقائيءَ جو عُذر ڄاڻائي في الحال ته جواب ڏيئي ڇڏيو. پر ڪجهه انتظار بعد ۾ موٽ ۾ هن انتهائي ناچاقائيءَ جي حالت ۾ جڏهن ڪتاب جي مسودي جو مطالعو ڪيو ته، منهنجي ڪيل ڪم کي ساراهيندي، مون کي فون ڪري مهاڳ لکي ڏيڻ جو نه صرف واعدو ڪيائين، پر گڏوگڏ منهنجي پراڻي ساٿي دوست رکيل مورائي معرفت مون کي مهاڳ لکي ڏيڻ جو يقين به ڏياريائين.موٽ ۾تمام جلد راتين جا اوجاڳا ڪري شاندار مهاڳ پڻ لکي ڏنائين. جنهن مهاڳ سان منهنجي هن ڪتاب جي سونهن ۾ اضافو ٿيو آهي، انهيءَ لاءِ سندس لک ٿورا.
    منهنجي گذارش تي هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت تي ڪوهستان جي کاهوڙي محقق گل حسن ڪلمتيءَ، ڪوهستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيل پنهنجي ذاتي مشاهدن کي ڳنڍيندي، شاندار مضمون لکي هن ڪتاب کي ڪوهستان جي تاريخ تي بنيادي ۽ اهم ڪتاب قرار ڏنو آهي. جيڪا ڳالهه به مون فقيرلاءِ وڏي اتساهه جو سبب بڻبي. نوجوان قومي دانشور نواز خان زئور به پنهنجي قلم آرائي ڪري، منهنجي هن ڪتاب کي شاندار ڀيٽا ڏني آهي، ۽ هن ڪتاب کي سنڌ جي تاريخ جو بنيادي ۽ اهم قومي دستاويز سڏيو آهي. انهي کانسواءِ سنڌ جي نوجوان محقق اعظم ڀٽي پڻ منهنجي هن تحقيقي ڪم جي ساراهه ڪندي ٻه اکر لکيا . جن جو به ٿورائتو آهيان .
    منهنجي هن ڪتاب کي سڀ کان پهريائين عالمي نشرياتي اداري ريڊيو وائيس آف سنڌ ، لنڊن، پروگرام “ڳالهيون ڪوهستان جون ” جي سري هيٺ قسطوار نشر ڪري، پوري دنيا ۾ موجود سنڌ جي عاشقن تائين پهچايو. انهيءَ سان مون کي نه صرف پوري دنيا مان محبتن جي موٽ ملي، پر هن ڪتاب جي مواد جي رڪارڊنگ منهنجي آواز ۾ انٽرنيٽ جي مختلف ويب سائٽن تي هميشه لاءِ محفوظ پڻ ٿي ويئي. جنهن سبب هن ڪتاب کي ڇپجڻ کان پهريائين ئي حيات جاوداني نصيب ٿي ويئي. انهيءَ لاءِ آئون پنهنجي پياري محسن محترم امدادعلي اوڍو صاحب جو شڪرگذار آهيان.
    محترم امداد علي اوڍو صاحب رڳو پنهنجي ذميواري کي اتي پورو نه ڪيو ، پر جڏهن هن ڪتاب کي ڇپائي منظرعام تي آڻڻ لاءِ ڪنهن به سرڪاري اداري اڳڀرائي نه ڪئي، ته هن هي ڪتاب ڇپرائڻ جو ذمون به کڻڻ جو اعلان ڪيو ، ۽ ڪتاب جي اهميت ۽ ضرورت تي به پنهنجي راءِ لکي . ساڻس سڏ ملائيندي برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم ’سنڌي سنگت‘ يو ڪي ، جي جنرل سيڪريٽري محترم گل سنائيءَ ۽ سنڌين جي عالمي تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان هدايت ڀٽو نه صرف سهڪار ڪيو ويو ، پر انهن مهربانن ڪتاب جي باري ۾ پنهنجا رايا به لکي شامل ڪيا جن سڀني جا وڏا وڙ ، جن هن ڪتاب جي ڇپائڻ جو بار ڪلهن تي کڻي ، هن ڪتاب کي توهان جي هٿن تائين پهچايو . شال ! پرڏيهه ۾ رهندڙ انهن سنڌ جي عاشقن جو جذبو ، ملڪ جي ذميوار ادارن سان گڏ ، سنڌ ۾ رهندڙ سَرندِيءَ وارن ماڻهن ۾ به اتساهه جو سبب بڻجي .
    آئون سنڌ جي باصلاحيت نوجوانن امين فهيم ڀٽي ، شعيب رضا لغاري ، پرڪاش ڪرمواڻي جو به ٿورائتو آهيان ، جن منهنجي ڪتاب جي ٽائٽل ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اهو ثابت ڪيو، ته سنڌ جا نوجوان گهڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ جنون جي حد تائين جذبو ۽ همت رکن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون سندن انهي بي انتها محبت ۽ جذبن کي توري نه سگهيس . منهنجي لاءِ سندن پيار جي پورهئي مان ڪو هڪ ٽائٽل چونڊڻ مشڪل ٿي پيو. پر هن ڪتاب جي ٽائٽل ۾ سندن گڏيل محبت جارنگ ضرور شامل آهن . آئون پنهنجي پٽ سڪندر جنهن هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪري منهنجي خيالن کي پنن تي لاٿو ، جي محنت کي ڏسندي پراميد آهيان ، ته هو اڳتي هلي منهنجي هن عشق جي سفر کي سلامت رکندو . منهنجي هن ڪتاب جي پروف ڏسڻ لاءِ آئون نوجوان محقق سارنگ جويو جو به ٿورائتو جنهن راتين جا اوجاڳا ڪري جلد پروف چيڪ ڪري ورتا .
    آئون سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جي پياري ساجد سنڌي جو به ٿورائتو آهيان . جنهن پڻ پنهنجي محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ نوٽ لکڻ سان گڏ هن ڪتاب جي ڇپائي دوران، ڪتاب جو ٽائٽل ، لي آئوٽ ، ڇپائي ۽ جلدبندي جي نگراني جو ڪم وڏي ذميواري سان پورو ڪندي ، منهنجي هن عشق جي سفر جي مسافرن جي لسٽ ۾ وڏي چاهه سان پنهنجو نالو لکايو .
    مون عشق جي راهه جي اڀن ڪاون مٿان پيرين اگهاڙو هلندي جنهن سفر جي اڪيلي شروعات ڪئي هئي، سو اڳتي هلي ، عشق جي طاقت ۾ تبديل ٿي پڄاڻي کي پهتو ، جنهن جو ثمر هن ڪتاب جي شڪل ۾ قوم جي سامهون آهي . انهي اميد تي ته سنڌ جي تاريخ جي تحقيق جي سلسلي ۾ مون جيڪي بنياد رکي آئنده جي محققن لاءِ رستو ٺاهيو آهي . انهي تي تحقيق جا قافلا اڳتي هلي پوندا ۽ سنڌ جي تاريخ جي تحقيقي ڪم جي ماٺار ٽٽندي ۽ هڪ ڏينهن سنڌي قوم کي پنهنجي مستند تاريخ ملي ويندي ۽ پوءِ سنڌي قوم اهو وڏي فخر سان چئي سگهندي ، ته اسين انساني قدرن جا امين ۽ تهذيبن جا بنياد رکندڙ قوم آهيون . شال منهنجو هي اميدن سان ڀرپور پيار جو پورهيو پڙهندڙن وٽ ساب پوي ، ۽ عشق جا قافلا پنهنجي منزل طرف همت سان وڌندا رهن .


    مشڪورڦلڪارو
    ٽنڊو محمد خان سنڌ
    25 سيپٽمبر 2017ع
    03322058701
    03473222554.
    Email ; mashkoor.phalkaro@gmail.com


    ڀاڱو پهريون

    تاريخ جي اهميت

    تاريخ کي اُم اَلعُلومُ يعني علمن جي ماءُ چيو ويو آهي. تاريخ انسان جي ارتقا جي پنڌ جي حساب ڪتاب جو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن کي هر دور ۾ هڪ اعتبار جوڳي سَندَ جي حيثيت حاصل رهي آهي. تاريخ انسان جي ارتقا جي پنڌ جي دستاويز کان سواءِ، هڪ اهڙي بي رحم عدالت به آهي. جيڪا فردن جي عمل ۽ ڪردار جي تورَ تَڪَ ڪري، مڃتا جا لازوال سرٽيفڪيٽ به جاري ڪندي آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخ فردن جو هڪ اهڙو جنرل رجسٽر آهي، جنهن ۾ فردن جي عملن جو سمورو احوال سندن پويان ڇڏيل نشانن جي بُنياد تي لکيو ويندو آهي. تاريخ جي عدالت ۾ هر فرد جي ڪارنامن کي لکيو ويندو آهي، جيڪو بغير ڪنهن طبقاتي وڏننڍائي، ذات پات، رنگ نسل، مذهب ۽ قوم جي، پوري سچائيءَ سان لکيو ويندو آهي. پوءِ انهيءَ فرد جي ڪردار بابت ۽ سندس مڃتا بابت ڪو فيصلو ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ڏس ۾ تاريخ جي عدالت جا لکيل فيصلا بي رَيا هوندا آهن. اهوئي سبب آهي، جو هن عدالت جا فيصلا سدائين حيران ڪندڙ به رهيا آهن. پنهنجي وقت جا شاهي حڪمران،تاريخ جي عدالتي ڪٽهڙي ۾ هيٺ ڪنڌ جُهڪائي بيٺل هوندا آهن، پر پنهنجي وقت جا فقير ۽ بي سمرمسڪين ماڻهو، تاريخ جي عدالتي ڪٽهڙي ۾ نه صرف اوچي ڳاٽ بيٺل هوندا آهن، پر کين مليل شان تي سندن ڪيترا ئي نسل ۽ سندن قومون فخر ڪنديون آهن.
    تاريخ جي عدالت ۾ سُرخرو ٿيڻ جي ساهميءَ ۾ نه عمر توري ويندي آهي،۽ نه ئي دولت جا گڏ ڪيل قاروني انبار مهانتا جو سبب بڻبا آهن. پر عمر موجب ڪيل عملن جا قدم ڳڻيا ويندا آهن. پوءِ ليکو ڪرڻ بعد قدم ڳڻي، انهيءَ برابر قد ڪڇي، پوءِ امرتا جو تاج پارايو ويندو آهي. انهيءَ لاءِ زندگيءَ جي امرتا ڪنهن به رنگ، نسل، طبقي، اميري يا غريبي کي ڏسڻ بجاءِ عملي قدمن جا رَندَ ڏسي، پيرا ڳڻيا ويندا آهن. پوءِ وقت جي پيريءَ جي کنيل پيرن جي ڌُر ڪرڻ واري مَنزل تي، ليکو چوکو ڪري، پوري حساب موجب مَڃتا جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي. تاريخ فردن کي مليل اهڙن مڃتا جي سرٽيفڪيٽن جوجنرل رجسٽر آهي.
    قومون پنهنجي تاريخ تي فخر ڪنديون آهن، ڇو ته تاريخ قومن جي سموري ارتقا جي پنڌ جي نه صرف خبر ڏيندي آهي، پر قومون پنهنجي وڏڙن جي ڪيل ڪارنامن مان ڪئين سبق به سکي اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري زنده قومون پنهنجي تاريخ کي هر حالت ۾ نه صرف محفوظ ڪنديون رهنديون آهن، پر انهيءَ ۾ وقت گذرڻ سان گڏ، نون ارتقائي منزلن جي احوال جو اضافو به ڪنديون رهنديون آهن. قومن جي انهيءَتاريخ تي انهن جا پونئر فخر سان نه صرف جيءُ سگهندا آهن، پر اهي قومون تاريخ جي نتيجن مان اُتساهه وٺي اڳتي ارتقائي منزلن تي هلي؛ دنيا جي قومن سان ڪلهو ملائي هلي سگهڻ جهڙيون ٿي وينديون آهن. ڇو ته دنيا جي سائنسي ايجادن ارتقائي سفر کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ ڊوڙ ۾ صرف اُهي قومون زندهه رهي سگهنديون، جيڪي تيز رفتاريءَ سان هلڻ جو ڍنگ ڄاڻنديون هونديون.
    تاريخ نه صرف فردن جي عملن جي داخلا جو جنرل رجسٽر آهي، پر ملڪن جي جاگرافيءَ ۾ آيل وقت به وقت تبديلين ۽ ڦيرڦار بابت پڻ ڄاڻ جو هڪ دستاويز هوندي آهي. ان سان گڏ تاريخ ڌرتيءَ تي آيل مختلف وقتن تي موسمي ۽ ماحولياتي تبديلين ۽ انهن جي سماج ۽ انساني ارتقا تي پيل اثرن جو پڻ رڪارڊ آهي. انساني ارتقا جو سفر ۽ ان جي رفتار جي رڪارڊ مان ئي قومون پنهنجي بيهڪ، فتحن ۽ شڪستن، محرومين، ۽ همتن، وطن دوست رَوَيَن ۽ غدارين بابت به ڄاڻ وٺي،آئنده جي سفر جي رستي جو تعين پڻ ڪنديون آهن. مطلب ته تاريخ قومن جي ۽ ملڪن جي سمورن هاڪاري ۽ ناڪاري رَوَيَن سان گڏ، قومن جي شڪست ۽ فتحن جي ڪارڻن مان سبق آموز نتيجا ڪڍي، قومن کي جيئڻ جو گس ڏسيندي آهي. جنهن تي هلي قومون ترقي جي بلندين کي ڇُهڻ جو اُتساهه حاصل ڪنديون آهن.
    انهيءَ ڪري تاريخ قومن جي رهنمائي ڪندڙ سونهين سان گڏ، قومن بابت ۽ انساني ارتقا جي پنڌ جي سمورن لاهن ۽ چاڙهن جو تفصيلي آئينو هوندي آهي. جنهن ۾ قومون پنهنجو چهرو نه صرف سڃاڻي سگهنديون آهن، پر پنهنجي سموري سگهه ۽ نفسياتي جِبلتن کي سمجهي، ارتقا جي سفر ۾ اُتساهه سان اڳتي وڌنديون آهن. انهيءَ ڪري ئي تاريخ کي اُم اَلعُلومُ سڏيو ويو آهي. اهوئي سبب آهي جو قومون پنهنجي تاريخ سان محبت ڪنديون آهن، ۽ تاريخ جي مُنجهائيندڙ سوالن جي حل لاءِ تحقيق جاري رکنديون آهن.


      سنڌ جي تاريخ ۽ محققن جون ذميواريون

    سنڌ جي تاريخ تي اونداهيءَ جا ڪئين پردا چڙهيل آهن.انهيءَ ڪري سنڌي قوم دنيا جي اها بدنصيب قوم آهي، جنهن جي ڪا به مُستند تاريخ ناهي. سنڌ جي تاريخ تي اڃان تائين نه هئڻ جي برابر ڪم ٿيو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي. صرف آڳ ٽارڻ لاءِ آڳاٽو ڪجهه ماڳن جي کوٽائي ٿي، پر انهن شين جي جديد سائنسي انداز ۾ ڪا ٽيسٽ نه ٿي، نه ئي ڪا حاصلات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي ويئي. سنڌ جي موجوده تاريخ مفروضن تي ٻڌل تاريخ آهي، جنهن کي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ چئي نه ٿو سگهجي. جنهن ۾ صرف اهو ٻُڌايو ويو آهي، ته سنڌ جي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي ۽ بس. انهن پنج هزار سالن ۾ ڇا وَهيو واپريو، انهيءَ جي به ڪنهن کي ڪا خبر ناهي، جڏهن ته سنڌ جون جاگرافيائي حالتون بنهه مختلف آهن. جن کي ڏسي اندازو ٿئي ٿو، ته سنڌ ۾ لکين سال اڳ زندگي جو وجود موجود هو. انسان به هن ڌرتيءَ تي آڳاٽو رهائش پذير معلوم ٿئي ٿو. هتي ته موهن جي دڙي جي کوٽائي بعد سر جان مارشل طرفان جاري ڪيل سمورين کوٽائي رپورٽن پڙهڻ ۽ غور ڪرڻ کان سواءِ ئي اهو چيو ويو، ته سنڌي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي. ۽ انهيءَ ڳالهه تي ئي سنڌ جا سمورا محقق ۽ تحقيقي ادارا ڳنڍ ٻَڌي ويهي رهيا، ته سنڌي تهذيب پنج هزار سال پراڻي آهي. ڀلا جيڪڏهن سنڌ جي تاريخ پنج هزار سال پراڻي آهي، ته پوءِ اُها ڪٿان کان ۽ ڪيئن شروع ٿي؟يا انهن پنجن هزارن سالن ۾ سنڌي سماج جي ارتقا جو عمل ڪيئن رهيو؟ڇا وهيو ۽ واپريو؟ يا ڇا ٿي گذريو؟ ڪوبه ادارو جواب ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. يعني ڪو به تحقيق جي ذميواري قبولڻ لاءِ تيار ناهي. انهيءَ لاءِ تاريخ تي ڪم ڪندڙ محققن ۽ ادارن کي پاڻ ۾ ذميواريءَ جو احساس پيدا ڪرڻو پوندو. سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي تاريخ جي تحقيق خود ڪرڻ لاءِ ميدان تي اچڻو پوندو. سنڌ جي تاريخ انهن کي ئي لکڻي پوندي. سنڌ جي محققن کي اهو چئلينج نيٺ قبولڻو ئي پوندو.
    هونئن ته انساني ارتقا تي ڪيترن ئي سالن کان بحث هلندڙ آهن. انهن تي جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ به تحقيقاتون هلنديون آيون آهن، پر مختلف سببن ڪري انهن تي اڃان تائين اطمينان نه ٿيو آهي. نه ئي سموري دنيا جا کوجناڪار ڪنهن هڪ ڳالهه تي مُتفق آهن. انساني ارتقا جي ڪهاڻيءَ جو سوال پوري دنيا ۾ مُنجهائيندڙ رهيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ حياتيات ۽ زميني علم جا ماهر مسلسل کوجنائون ڪندا رهيا آهن، پر اڃان تائين ڪڙيءَ ۾ ڪڙيءَ ملائيندڙ ڪا انساني ارتقا جي تاريخ جُڙي نه سگهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ کوجناڪارن کي ڪيتريون ئي رُڪاوٽون سامهون اينديون رهيون آهن.
    سنڌ جي نئين سِر تاريخ لکڻ لاءِ محققن کي ارتقا جي ڪيترن ئي سوالن کي حل ڪرڻو پوندو، جن سوالن ۾ ارتقا بابت سوال وڏي اهميت رکن ٿا. جيسيتائين سنڌ جي تاريخ جو بُنياد ارتقا تي نه رکبو ۽ سنڌي تهذيب جي شروعات بابت ڪا خبر نه وٺبي، تيسيتائين ڪنهن مُستند تاريخ جو لکجي سگهڻ ناممڪن هوندو.
    ارتقا جي سفر جي شروعات ۾ ڌرتيءَ جي عمر بابت پهريون ۽ اهم سوال اُٿي ٿو، جنهن بابت ڪنهن نتيجي تي پهچڻ کان سواءِ اڳتي وڌي نه ٿو سگهجي. ارتقا جي سوال جي جواب ۾ هيلتائين ارضياتي ماهرن ۽ سائنسدانن جي چوڻ موجب، نظام شمسيءَ جي ٺهڻ بعد هن ڌرتيءَ جي عمر ساڍا چار ارب سالن کان به وڌيڪ آهي. ڌرتيءَ جي ارضياتي مُطالعي يا پنڊ پهڻن يا ٻين قديم شين کي جانچڻ بعد سائنسدان اهو به چون ٿا، ته هن ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو وجود سَتونجاهه ڪروڙ پنج لک سال آڳاٽو آهي. انهيءَ دوران هن ڌرتيءَ تي الائجي ڪيتريون تبديليون آيون، پر انهن تبديلين جي باري ۾ مختلف سائنسدانن ۽ ارضياتي ماهرن جا پنهنجا پنهنجا الڳ رايا آهن. جن کي پڙهڻ سان وري ڪيترائي مُنجهائيندڙ سوال ذهن ۾ پيدا ٿين ٿا. اهي مونجهارا تيسيتائين بحث هيٺ ايندا رهندا، جيسيتائين ڪي ڇنڊڇاڻ بعد حتمي نتيجا ظاهر نه ٿا ٿين.
    ساڳيءَ ريت وري سنڌ جي عمر بابت به ارضياتي ماهرن جي راين ۾ تضاد آهي. مثال طور هڪڙا ماهر چون ٿا ته؛”سنڌ جي جنم کي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿيا آهن. کيرٿر جي جابلو سلسلن جي ڄمار ڇهه ڪروڙ سال آهي، پر سنڌ جي ڪارونجهر جبل جي ڄمار اڍائي ارب سال آهي.“ عمرين جي ايڏي وڏي تضاد مان سوال ٿو پيدا ٿئي، ته جڏهن سنڌ جي جنم کي ساڍا تيرهن ڪروڙ سال ٿيا آهن، ته پوءِ ڪارونجهر جبل وري ڪنهن ٻئي سَياري تي موجود هو ڇا؟ يا هوا ۾ بيٺل هو، جو سندس عمر اڍائي ارب سال آهي. اهڙا حيرت ۾ وجهندڙ سوال نه صرف سنڌ جي عمر بابت آهن، پر پوري ڌرتيءَ تي موجود مختلف ٻين ملڪن جي ڄمارن ۾ به موجود آهن. جيڪي سوال حل ٿيڻ گهرجن. دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي ڪيترائي ادارا مسلسل کوجنائن جو ڪم ڪري رهيا آهن. انهن کوجنائن جي نتيجي ۾ وقت بوقت ڪيترا ئي سوال حل ٿين ٿا، ته وري ڪيترا ئي نوان سوال پيدا به ٿين ٿا. اهو سوالن ۽ جوابن جو سلسلو ڪيتري ئي عرصي کان هلندڙ آهي.
    سنڌ جي تاريخ جي ڳولا بابت جيئن ته ڪا به سنجيدهه ڪوشش اڃان نه ورتي ويئي آهي. انهيءَ ڪري سنڌ جي قديم تاريخي ارتقا جي سوالن جو ڪو به اطمينان بخش جواب نه ٿو ملي، نه ئي ڪو ادارو يا ڪو محقق انهيءَ طرف ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي . جيتوڻيڪ انهن سوالن جا جواب ممڪن آهن، مثالطور جيڪڏهن سنڌ جي جبلن تي ملندڙ پنڊ پهڻن کي غور سان جانچيو وڃي، يا سنڌ جي مختلف حصن جي مٽي، قديم شين، هڏين، ۽ ڪوئلي وغيره جي جيڪڏهن جديد سائنس جي روشنيءَ ۾ ڪا جانچ ڪئي وڃي. دنيا جي ساک وارين ليبارٽرين ۾ انهن شين جي ڊي اين اي ٽيسٽ يا ڪاربان ٽيسٽ ڪئي وڃي، ته ڪافي مُنجهيل سوالن جي حل ڪرڻ لاءِ راهون کُلي سگهن ٿيون. موجوده دور ۾ اهي ڳالهيون ناممڪن به ناهن، پر اهو ڪم ڪير ڪري. ڪو به پنهنجي ذميواري نه ٿو محسوس ڪري. انهيءَ لاءِ پوري دنيا ۾ موجود سنڌ جي تاريخ سان محبت ڪندڙن کي پنهنجو ذميوارانه ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. افسوس جي ڳالهه وري اها آهي ته، سنڌ جو ڪو به ادارو يا ڪو محقق انهن سوالن جي ڳُجهارت ڀڃڻ طرف به ذهن نه ٿو ڊوڙائي. سنڌ جا محقق به اکيون پوري بغير ڪنهن تحقيق ڪرڻ جي ٻين ڌارين محققن جا حوالا ڏيئي ڳنڍ ٻڌي ويهيو رهن. وڏي فخر سان چوندا ته لئمبرڪ، رچرڊ برٽن، مجمدار، البيروني، ۽ مدائني، وغيره جو لکي ويا آهن، يا وري فلاڻن تاريخدانن جو لکيو آهي. انهيءَ لاءِ انهن ڳالهين تي بحث ڪرڻ ئي فضول آهي. اُلٽو جيڪڏهن ڪو کين چوندو، ته بابا جيڪڏهن اڳوڻن يا ٻاهرين محققن ڪٿي ڪا غلطي ڪئي آهي، ته پوءِ ان کي دُرست ته توهان کي ئي ڪرڻو آهي، ته اصل بگڙي پوندا. يا وڌ ۾ وڌ چوندا، ته جي توکي لاچار آهي، ته تون وڃي ڪر. محققن جي ايڏي غير ذميداري سنڌ جي نوجوانن ۾ به مايوسي پيدا ڪري ٿي. ائين تحقيق جو ڪم جمود جي ور چڙهيل آهي. سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو نوجوان ڪا تحقيق ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ته بزرگ محقق ان جي رهنمائي ڪرڻ جي بجاءِ ان تي ڪاوڙجي پون ٿا، يا گڏجي انهيءَ نوجوان جي ڪيل ڪم مان غلطيون ڪڍن ٿا، اجايون تنقيدون ڪن ٿا. روبرو ٽوڪيندي چون ٿا، ته تون اجايا سوال پيو اُٿارين! اهوئي سبب آهي، جو سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جي ڪا سنجيده ڪوشش نه ٿي ٿئي.
    انهيءَ لاءِ سنڌ جي وڃايل تاريخ جي ڳولا جي ڪوشش ۾ تمام وڏي سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. هيسيتائين سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم ٻاهرين ليکڪن ڪيو آهي. انهن ليکڪن تي ميار اُن ڪري ناهي، جو اهي سنڌ ڄايا نه هئا، ۽ نه ئي انهن کي سنڌ جي سڀني ڳالهين جي ڪا سُٺي ڄاڻ هئي. انهيءَ ڪري هنن کي جيڪي ڪجهه ظاهري طور ڏسڻ ۾ آيو، سو لکي ويا.انهيءَ ڪري سنڌ جي تاريخ تي تحقيق جو ڪم سنڌ جي ئي محققن ۽ ادارن کي ڪرڻ گهرجي. محنت ڪرڻ جي بجاءِ ٻاهرين محققن جي تحقيق تي اکيون پوري ايمان آڻڻ وارو رَوَيو غلط آهي. سنڌ جي محققن کي زميني حقيقتون جانچي، پرکي پنهنجي پيرن تي بيهي، سنڌ جي تاريخ جي وڃايل وجود کي ڳولڻو پوندو ۽ غير ملڪين جي تحقيق جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي. جيئن سنڌ جي مُستند تاريخ لکجي سگهي. جنهن کي هٿ ۾ کڻي وڏي واڪي پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري چئي سگهجي،ته سنڌجي تاريخ تمام قديم آهي، ۽ سنڌي قوم تاريخي طور سُڌريل قوم آهي.
    ڇاڪاڻ ته تاريخ ئي هڪ اهڙو آئينو آهي، جنهن ۾ قومون پنهنجي شڪل صورت ڏسي پنهنجي ارتقا جي سَگهَه کي محسوس ڪري اُتساهه وٺنديون آهن. تاريخ ئي قومن کي پنهنجي اُوڻاين جو احساس ڏيئي، اڳتي ارتقا جي سفر تي هلڻ لاءِ آڀاريندي آهي. تاريخ ئي قومن کي ارتقا جي جمود جي سببن کان واقف ڪندي آهي. تاريخ ئي ارتقا جا نوان گَسَ ۽ پيچرا ڏسيندي آهي. انهيءَ لاءِ تاريخ قومن جي اُها اَک آهي، جنهن سان قومون پنهنجو پاڻ کي ڏسي سگهنديون آهن.


      انساني ارتقا جي تاريخ بابت مُنجهائيندڙسوال

    جڏهن ارتقا جي تاريخ جومطالعو ڪجي ٿو ته، ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي ارتقا جا سوال ڏاڍا مُنجهائيندڙ هوندا آهن. جن تي پوري دنيا جا ارضياتي ماهر ۽ سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن. سج ۾ ٿيل ڌماڪي بعد نظام شمسيءَ جي مختلف دورن ۽ سيارن جي ٺهڻ تي به غور ٿئي پيو. هيڏي ساري سائنسي ترقيءَ جي باوجود به ڌرتي تي آيل مختلف موسمي دورن بابت اڃان تائين ڪيترائي مُنجهيل سوال موجود آهن. ڇو ته ڌرتيءَ تي سج کان ٽُٽڻ بعد گئسن جو دور رهيو، ان بعد موسمي دور يعني برساتن جا، گرميءَ جا ۽ وري برفاني دور آيا. انهن دورن بابت به ڇنڊڇاڻ هلندڙ آهي. انهن دورن جي ڳاڻيٽي تي به تضاد موجود آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته ڌرتيءَ تي ٽي برفاني دور ۽ ٽي گرم دور آيا آهن،ته وري ڪن جو چوڻ آهي، ته اڃان به وڌيڪ دور آيا آهن. اهو فيصلو مُتفق نموني اڃان ٿي نه سگهيو آهي.
    انهن موسمي دورن ۾ ٿيل ڌرتيءَ جي حياتيات ۾ آيل تبديلين تي به تضاد موجود آهن. مثال طور جڏهن گرم دور آيو، ته انهيءَ وقت ڌرتيءَ تي ڪهڙي جيوت موجود هئي، يا اها ڪيتري ارتقا ڪري چُڪي هئي، جو وري برفاني دور ۾ اُها زندگي برف ٿي ويئي. وري برفاني دور جي پڄاڻيءَ تي زندگيءَ جي ٻيهر اوسر ڪيئن ٿي،۽ ڪيترن مرحلن مان گذري، وري گرم دور جا انهيءَ جيوت تي ڪهڙا اثر پيا. وري جڏهن ٻيو برفاني دور آيو، ته زندگيءَ جي ارتقا ڪٿي پُهتل هئي. انهن زندگي ۽ موسمي دورن جي لِڪ لِڪوٽيءَ بابت ڪيترائي مُنجهائيندڙ سوال آهن، جن جا جواب اڃان ڳولجي نه سگهيا آهن. جن جي ڳولا اڃان تائين جاري آهي.
    ڌرتيءَ تي آيل انهن موسمي دورن جي دوران ڪيتريون ئي جاگرافيائي تبديليون به آيون، جنهنڪري ڌرتيءَ تي آيل جاگرافيائي تبديلين بابت سوال اڃان تائين جواب طلب آهن. مثال طور جڏهن برفاني دور ختم ٿيو،ته انهيءَ تبديليءَ سبب زمين جي اندروني پليٽن ۾ چُرپُر پيدا ٿي، جن پليٽن جي چُرپُر سان ڌرتيءَ تي زلزلا آيا. جن زلزلن سبب ڌرتيءَ جي جاگرافيءَ جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو. وري جتي اهي پليٽون پاڻ ۾ آمهون سامهون ٽڪرايون، اُتي جابلو سلسلا اُڀري آيا. جنهن سبب جتي سمنڊ هئا، اُتي جبل يا ميداني علائقا ٿي ويا. جتي جبل ۽ ميداني علائقا هئا اُتي وري سمنڊ پيدا ٿي ويا.وري جڏهن برفاني دور آيا ۽ پاڻي ڄمي ويو، ته ڪٿي گهرا سمنڊ تانگها ٿي ويا، ته وري ڪٿي انهن سمنڊن جي ايراضي گهٽجي ويئي. انهن سمورين حالتن جو ڌرتيءَ جي حياتيات تي ڪهڙو اثر ٿيو، اهو به هڪ وڏو سوال آهي. انهيءَڌرتيءَ۾ آيل جاگرافيءَ جي تبديلن بابت ڪيترائي سوال به اڃان جواب طلب آهن.
    ڌرتيءَ تي وايو منڊل جي عام موسمي اثرن جو به هڪ اهم سوال رهيو آهي. مثال طور هن وقت به ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ ئي وقت ڌار ڌار موسمون آهن. ڪٿي گرمي آهي، ته ڪٿي ساڳئي وقت ۾ سردي آهي. ڪٿي گِهميل هوا آهي، ته ڪٿي خُشڪ هوا آهي. ڪٿي برساتون آهن، ته ڪٿي وري گرم ريگستان آهن. ڪٿي راتيون وڏيون، ته ڪٿي راتيون ننڍيون. ڪٿي ڏينهن ته ڪٿي ساڳئي وقت ۾ رات موجود آهي. انهيءَ ڪري موسمن ۽ ماحول جي هڪجهڙائيءَ جي نه هئڻ سبب جيڪي هن وقت به حياتيات تي اَثر پون ٿا. سي گذريل ڪروڙين سالن ۾ زندگيءَ جي ارتقائي عمل تي اَثر پيا هوندا. وڻن جي اوسر تي موسمن جو اَثر ٿيو هوندو.پاڻيءَ جي گهٽ وڌائيءَ سبب آبي جيوت تي اَثر پيو هوندو، زمين جي خشڪيءَ سبب جانورن جي نِشونما تي پڻ اَثر ٿيا هوندا. ڌرتيءَ جي ساوڪ، ٻوڏ ۽ سوڪهڙي جا اَثر خود انساني زندگيءَ تي به انهن گذريل دورن ۾ پَيا هوندا. انهن اثرن سبب جيئن هن وقت به انسانن ۾ نسلي فرق، چمڙي جي رنگن جو فرق، سوچڻ ۽ جذبن جو فرق، تخليقي صلاحيتن جو فرق،۽ رهڻي ڪهڻيءَ جو فرق موجود آهي، تيئن گذريل مختلف دورن ۾ به ضرور ٿيو هوندو. انهيءَ بابت به ڪيترائي سوال اڃان جواب طلب آهن.
    ٻئي پاسي جيئن ته انسان به لکين سالن کان هن ڌرتيءَ تي پنهنجو وجود رکي ٿو. انسان ٻين ساهوارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عقلمند به آهي، هو قديم زماني ۾ به موسمن ۽ ماحول موجب رهندو هوندو. مختلف موسمي دورن جي اثرن سبب هن پنهنجي وجود جي بقاءَ جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ،ڌرتيءَ جي گولي تي مختلف طرفن ڏانهن لڏ پلاڻ به ڪئي هوندي. انهيءَ لڏپلاڻ سبب مختلف انساني نسلن جو ميل جول به ٿيو هوندو. انهيءَ ميل جول سان خود سندن نسلي رنگن ۽طبيعتن ۾ پڻ فرق پيو هوندو. هنن ماحول موجب ۽ حالتن موجب پاڻ ۾ تبديليون به آنديون هونديون. هڪٻئي جا اَثَر به قبوليا هوندا. هڪ ٻئي کان سکيو به هوندو. انساني ارتقا جي تاريخ جي لکن سالن جي ارتقائي سفر دوران انهن موسمي تبديلين بابت به ڪيترائي مُنجهائيندڙ سوال آهن، جن جا جواب موجود ناهن.اهي سوال موجوده سائنس لاءِ هڪ چئلينج آهن، جن جا اڳتي هلي سائنسدانن کي جواب ڳولڻا آهن. پر جيسيتائين سائنس انهن سوالن جا جواب ڳولي، تيسيتائين محققن کي پنهنجي اکين اڳيان زميني ماحول ۽ جاگرافيءَ جو گهرائيءَسان مشاهدو ڪري ڪجهه شاهديون ڏسي، انهن شاهدين جي روشنيءَ ۾ ڪي نتيجا ته ڪڍڻا آهن. جيئن هو پنهنجي ايندڙ نسلن تائين ڪجهه تاريخي حقيقتون پهچائي سگهن. جن جي بنياد تي سماج ۾تهذيبي ارتقا جو اُتساهه پيدا ٿئي. صفا نه هئڻ جي جاءِ ڪجهه ٿي پوي.انهيءَ لاءِ محققن کي ڌرتيءَ تي ڌار ڌار موسمن ، ماحولياتي تبديلين، ۽ تاريخ جي ارتقا سان لاڳاپيل سمورن مُنجهيل سوالن جا جواب ڳولڻا پوندا، يا پنهنجن ظاهري موجود مشاهدن مان سنڌ جي تاريخ جي ارتقا جا پيرا ڳولڻا پوندا. دنيا جي مختلف قومن جا محقق انهيءَ جاکوڙ ۾ آهن، ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ملڪن جي تاريخ يا انهن ملڪن جي جاگرافيءَ جي مشاهدي مان پنهنجي ارتقا جي سفر جا پيرا ڳولي سگهن. انهيءَ ڪري سنڌ جي مختلف علائقن ۽ انهن جي آسپاس ملڪي جاگرافيءَ جي نشانن جي مشاهدي سان سنڌ ۾ سماجي ارتقا جي سفر جي رستن ۽ ارتقا جي رفتار کي ڳولڻو پوندو، جيڪا هن وقت جي اهم ضرورت آهي.
    سنڌ جي تاريخ جي ارتقا کي ڳولڻ لاءِ محققن کي سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جو غور سان مشاهدو ضرور ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو ڪوهستاني علائقو ئي هڪ اهڙو علائقو آهي، جنهن ۾ انساني چُر پُر، ۽ موسمي هٿ چُراند گهٽ ٿيڻ سبب ڪافي اهڙيون نشانيون باقي سلامت آهن. جن مان قديم سماجي ارتقا ۽ ڌرتيءَ تي زندگيءَ جي اوسر ۽ موسمي تبديلين جا اُهڃاڻ ڏسي، ڪي اندازا لڳائي سگهجن ٿا. اهو ئي سبب آهي،جو سنڌ ۾ صرف ڪوهستاني علائقو ئي آهي، جتي ويهي ارتقا جي بُنيادي سوالن جا جواب ڳولي سگهجن ٿا. اهي سڀ ڳالهيون سامهون رکي، سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ سنڌجي تاريخ جي ارتقا جي مُنجهيل سوالن جا جواب ڳولڻ جي هن ڪتاب ۾ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. جنهن ڪري هن تحقيقي ڪتاب جو دائرو سنڌ جي ڪوهستان جي ڪجهه ٿورن حصن جي ظاهري مشاهدن تي ٻڌل آهي.
    سنڌ جي ڪوهستاني علائقي جي مشاهدي ڪرڻ لاءِ، جڏهن سنڌ جي ڪوهستان ۾ پهچي، اُتي موجود جبلن کي چوٽيءَ کان وٺي هيٺ وادين تائين غور سان ڏسجي ٿو، ته جبلن جي چوٽين کان هيٺ وادين تائين پاڻيءَ جي هيٺ لهڻ وارن وهڪرن جا نشان چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهي پاڻيءَ جي کاڌ ۽ ڇولين جي ٽڪراءَ سبب جبلن جي پاسن تي نشان ۽ انهن جي کاڌ اِنچن بجاءَ فوٽن تائين آهي. ڪٿي ڪٿي ته پاڻيءَ جي ڇولين سبب کاڌ جابلو نرم حصن تي ايترو گهڻي ٿي آهي، جو ڪيئي فوٽ اونهيون چَرون ۽ غارون به ٺهي ويون آهن. اهڙا گَهرا ۽ اونها پاڻيءَ جي کاڌ جا نشان ڏسڻ بعد، انهن نشانن مان اها پڪي شاهدي ملي ٿي، ته سنڌ جي ڪوهستان جا جابلو سلسلا ڪي هزارين سال پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهيا. هاڻي جيڪڏهن اهي جابلو سلسلا ايترو گهڻو عرصو لڳاتار پاڻيءَ هيٺ هئا، ته اهو پاڻي ڇا جو هو؟ انهيءَ سوال جو جواب اسان کي انهن جابلو سلسلن جي مختلف جاين تي ملندڙ ڪوڏن ۽ سِپين جي پنڊپهڻن مان ملي ٿو. اهي سِپيون ۽ ڪوڏ مٺي پاڻيءَ جا آهن.انهيءَ مان اهو ثابت ٿيو،ته اهي جبل هزارين سال برساتي مٺي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهيا. انهيءَ مان اهو به ثابت ٿيو، ته ڪوهستان ۾ اڄ کان هزارين سال اڳ ڪو برساتن جو ڊگهو دور رهيو هو، جنهن سبب ڪوهستان جو جابلو سلسلو هزارين سال پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهيو.
    انهيءَ ڳالهه بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ،جڏهن سنڌ جي احوال ڏيندڙ قديم ڪتابن جو مُطالعو ڪجي ٿو، ته قديم ڪتابن ۽ اُپنشدن۾ هڪ مٺي پاڻيءَ جي تانگهي سمنڊ جو ذڪر ملي ٿو. جنهن سمنڊ ۾ ٻيٽن جي گهڻائي هوندي هئي، ۽ اهي سڀ جابلو ٻيٽ هئا. انهن شاهدين جي بُنياد تي بنا ڌَڙڪ اهو چئي سگهجي ٿو، ته قديم ڪتابن، اُپنشدن ۽ پُراڻن ۾ جيڪو اهو ٻيٽن واري مٺي سمنڊ جو ذڪر ملي ٿو؛ سو پڪ سان هي ساڳيو ئي سنڌ جو ڪوهستاني علائقو آهي.انهن قديم ڪتابن ۾ هن علائقي کي کيرساگر ۽ سورن ديپ سڏيو ويو آهي، ڇو ته وڏن جبلن جون چوٽيون پاڻيءَ کان ٻاهر ٻيٽن جي صورت ۾ نظر اينديون هيون. انهيءَ ڪري هن پاڻيءَ ۾ ٻُڏل علائقي کي سورن ديپ يعني سوين ٻيٽن وارو مٺو سمنڊ کير ساگر سڏيو ويندو هو. وري ٻئي طرف هتي مٺي پاڻيءَ جي جيوت جا ڪيترائي پنڊ پهڻ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن کي ڏسندي اهو يقين پختو ٿئي ٿو، ته هتي لکين سال اڳ زندگي پنهنجي ارتقا جو عمل شروع ڪيو هو.۽ هتي موجود مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ ۾ زندگي پنهنجو پهريون ساهه کنيو هو.


      سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا جا اوائلي نشان

    ڪوهستان جي مشاهداتي سفر دوران جڏهن ڪوهستان جي ڪجهه جبلن جو مشاهدو ڪبو، ته انهن جبلن تي مٿان کان هيٺ تائين پاڻيءَ جي وهڪرن جا نشان ڏسي اهو اندازو بَخوبي لڳائي سگهجي ٿو، ته هتي موجود سمورا جبل هزارين سال مٺي پاڻيءَ جي لاهه ۽ چاڙهه جي لِڪ لِڪوٽي راند جا شڪار رهيا آهن. اهو پاڻي لاڳيتين برساتن سبب انهن جبلن تي وَسندو رهيو ۽ سياري ۾ هيٺ لهندو ۽ سنڌو ڊيلٽا ٺاهيندو رهيو. اهي برساتون ايترو شديد ۽ ڊگهو عرصو وسنديون رهيون، جو هزارين سال گذرڻ جي باوجود به انهن جبلن تي پاڻيءَ جي کاڌ جا نشان اڃان تائين موجود آهن. انهيءَ پاڻيءَ کي برساتي پاڻي انهيءَ ڪري چئي، ۽ سمجهي سگهجي ٿو، جو جبلن جي چوٽين تي يا هيٺ وادين ۾ جيڪي پنڊ پهڻ ٿيل شيون، جيت، جانور، ڪوڏا ۽ سِپيون ملن ٿيون، سي سڀ مٺي پاڻيءَ مان جنم وٺندڙ آهن. انهيءَ ڪري اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته اتي اهو مٺو پاڻي شديد برساتن جو هو،جنهن ۾ اهي جبل هزارين سال ٻُڏل رهيا هئا. ڪوهستان ۾ وڃي مشاهدي سان اهو به معلوم ڪري سگهبو، ته جيڪو پاڻي ڪوهستان جي جابلو وادين ۾ موجود هو، سو وَهندو سنڌ جي اولهه ڏکڻ ۾ ٿَر طرف ويندو هو. ڇاڪاڻ ته جيڪا واري ڪوهستان جي وادين ۾ موجود آهي، سا ساڳي واري سنڌ جي ڏاکڻئين ٿَر ۾ به موجود آهي. جيڪي وَڻ ۽ ٻوٽا ڪوهستان ۾ موجود آهن، سي ساڳيا ٿَر ۾ به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. انهيءَ مان اها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي، ته قديم برساتي پاڻيءَ جا وهڪرا ڪوهستان کان اوڀر ڏکڻ طرف وَهندا هئا. جيڪي ڏاکڻئين ٿَرَ تائين پهچندا هئا، ۽ نشانيءَ طور پويان ساڳئي قسم جي واري ۽ ٻج ڇڏي ويا آهن. ٻي اها ڳالهه به ثابت ٿيندي، ته قديم ڪتابن ۾ جنهن کير ساگر ۽ سورن ديپ جو ذڪر موجود آهي، سو به موجوده ڪوهستان جي علائقي کي لڳاتار وسندڙ برساتي پاڻيءَ هيٺ رکندڙ مٺو سمنڊ هو. جنهن ڳالهه کي به اڃان اڳتي چٽو ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪندي، جيڪڏهن وڌيڪ غور ڪبو، ته برساتي پاڻيءَ جي انهيءَ قديم وهڪرن مان انهيءَ ڳالهه جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان کان اوڀر طرف زمين هيٺ هئي. جو اوڏانهن پاڻيءَ جا وهڪرا وهي هليا هئا. جيڪي موجوده ٿَر تائين واري کڻي ويا ٿي. اهو به معلوم ٿيندو ته موجوده هندستاني راجستان وارن علائقن ۾ شايد ڪنهن زماني ۾ سمنڊ موجود هو، جنهن سبب موجوده ٿَر وارو علائقو انهيءَ زماني جي سامونڊي ساحلي پٽي بڻجي ويو هو. جتي انهيءَ زماني ۾ گهاٽا جهنگ اُڀري آيا هئا، جيڪي دَٻجي وڃڻ سبب ڪوئلي جي شڪل ۾ هن وقت به ٿر ڪول ايريا ۾ 9100 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ ۾ 450 فوٽن جي گهرائيءَ۾ اڃان تائين سامونڊي کاري پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهن. جنهن جي مٿان هڪ تَهه کاري ۽ مٺي پاڻي جي گڏيل ذائقي ۾ ڪَسارو آهي ۽ هڪ زير زمين پاڻيءَ جو تَهه مٺي پاڻيءَ جي شڪل ۾ موجود آهي. ايتري گهرائيءَ تي ڪوئلي جي موجودگيءَ مان اها ڳالهه به چٽي نموني ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪوهستان کان هيٺ واري علائقي جي گهرائي 450 فوٽن جي هئي. جتي موجود قديم ساحلي ٻيلا بعد ۾ دٻجي ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويا. عالمي اداري يونيسيف جي 1964ع جي سروي رپورٽ ۾ ڄاڻايل آهي ته، سنڌو ڊيلٽا درياهن جي پاڻي جي وهڪرن ذريعي هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽرجي حساب سان ڀرجي مٿي چڙهيو آهي.انهيءَ حساب سان انهي گهرائيءَ جي ڀرائيءَ کي ڏسبو، ته ڪوهستاني برساتن جي کاتي ۾ 200 فوٽن جي ڀرائي اچي ٿي. جنهن بنياد تي ٿُلهي ليکي اهو بِنا هَٻڪ جي چئي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ انهن لاڳيتين برساتن جو مُدو گهٽ ۾ گهٽ سٺ هزار سال رهيو. انهيءَ بعد ڪوهستان ۾ برساتن جو ڊگهو سلسلو بند ٿيو، ۽ باقي ڊيلٽا سنڌو نديءَ جي وهڪرن 90 هزار سالن ۾ ٺاهيو. جنهن جي شاهدي اڇڙي ٿَر جي درياهي واريءَ مان ملي ٿي. هن سڄي مشاهدي مان اها ڳالهه به سامهون اچي ٿي، ته هن ڪوهستان جي سلسلي سان لاڳاپيل علائقي ۾ جتي عربي سمنڊ موجود آهي، اُتي شايد زمين جو لاهه گهڻو اونهو نه هو. جي اونهو هجي ها، ته پاڻيءَ جا وهڪراٿَر طرف ڏکڻ اوڀر ڏانهن وڃڻ بدران سڌو ڏکڻ طرف ڏانهن وَهن ها. هاڻي جيڪڏهن موجوده عربي سمنڊ جي جاءِ تي ڏيڍ لک سال اڳي ايترو گَهرو زميني لاهه نه هو،ته پوءِ ڇا هو؟ اُنهيءَ مُنجهائيندڙ سوال جو جواب ڳولڻ لاءِ جڏهن وري قديم ڪتابن جن ۾ اُپنشد ۽ پُراڻ شامل آهن. تن کي پڙهبو، ته انهن قديم ڪتابن ۾ هڪ ميداني علائقي رتناڪر جي ميدان جو ذڪر ملندو، جنهن بابت لکيل آهي، ته رتناڪر جو وڏو ميدان آفريڪا سان هن علائقي کي ڳنڍيندو هو. اڄ به هندي سمنڊ جي اندر جابلو ٽڪرين تي سريلنڪا کان ويندي آفريڪا تائين هندي سمنڊ جي ٻيٽن تي قديم انساني تهذيبن جا نشان ملن ٿا. سنڌ سان لاڳاپيل ويجها ساموندي ٻيٽ اڄ به آباد ۽ سرسبز آهن، جتي برساتن وسڻ سان ڪئين گاهه ڦُٽن ٿا، سنڌ سان لاڳاپيل اُنهن ٻيٽن ۾ اڄ به انساني آباديون موجود آهن. ٻئي طرف وري ڏکڻ طرف ڪراچيءَ ۽ ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان جو مشاهدو ڪبو، ته اُتي جاگرافيءَ جي صورتحال گهڻو بدليل نظر ايندي. انهيءَ سموري ڏاکڻئين ڪوهستان ۾ وري جيڪي آبي جيوت جا پنڊ پهڻ ملن ٿا، سي گهڻي ڀاڱي سامونڊي جيوت جا آهن. وري ٻئي طرف، لاکڙا ، ميٽنگ ۽ جهمپير جي آسپاس ملندڙ ڪوئلي جا ننڍا ذخيرا ٻن سئو فوٽن کان ٽن سئو فوٽن جي گهرائيءَ تائين موجود آهن. جيڪي ٿَر جي ڪوئلي کان مٿي موجود آهن. نتيجي ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ٿي، ته راجستان ۽ ٿَر واري سمنڊ جو پاڻي ٿر جي علائقي کي ڪوهستاني برساتي پاڻيءَ جي آندل ريتيلي واريءَ جي ڀَرجڻ کان کانپوءِ اهو سامونڊي پاڻي وري ڪوهستان جي ڏاکڻئين علائقي ڏانهن اُٿلي آيو، جتي هڪ ننڍو سمنڊ ٺهي پيو. جتي ڪوهستان جي برساتي دور جي آخر ۾ آيل باقي وَهڪرن سان سامونڊي ساحل ٺهي پيو، جتي مٺي ۽ کاري پاڻيءَ جي ميلاپ سان تمر جا وڏا جهنگ پيدا ٿيا. جيڪي بعد ۾ دَٻجي ڪوئلي جي ننڍن ذخيرن ۾ تبديل ٿيا، جيڪي پڻ هن وقت ٿوري سامونڊي کاري پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهن. جنهن مان اها خبر پوي ٿي، ته ڪوهستان جي ڏکڻ ۾ بعد ۾ ٺهيل سمنڊ جي ايراضي ڪا ايتري وسيع نه هئي. جاگرافيءَ جي انهيءَ ڊگهي ڪهاڻيءَ کي اتي ڇڏيندي ، وري ڪوهستان طرف اچون ٿا.
    ڪوهستان ۾ گُهمندي ۽ پنڊ پهڻن جو مشاهدو ڪندي مٿان کان هيٺ جابلو وادين تائين ڏسبو، ته خبر پوندي ته سنڌ جي ڪوهستان ۾ 90 هزار سال اڳ آخر ڪار برساتن جو اهو ڊگهو سلسلو گهٽجڻ شروع ٿيو، پاڻي هيٺ لٿو ۽ جابلو ماٿريون ظاهر ٿيون.
    ڪوهستان ۾ زندگيءَ جي مختلف رنگن جا پنڊ پهڻ هيٺان کان مٿي جبلن جي چوٽين تائين ملن ٿا، جن پنڊ پهڻن کي جي غور سان جانچبو، ته زندگيءَ جي ارتقا جي ڪهاڻي، سائنس جي روشنيءَ موجب سمجهه ۾ ايندي. سائنسدانن جي موجوده وقت تائين ٿيل تحقيقات يا حياتيات جي ماهرن جي کوجنائن سبب جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن. انهن موجب ڌرتيءَ تي زندگي به مختلف مرحلن مان گذرندي مختلف شڪليون ورتيون آهن. ڪوهستان جي مشاهداتي سفر دوران جبلن جي چوٽين، پاڻي جي وهڪرن، ڍنڍن، ۽ ميداني پَٽن تي زندگيءَ جي ڪافي رنگن جا ٽِڙيل پکڙيل نشان پنڊپهڻن جي شڪلين ۾ ڏسي سگهجن ٿا.
    حياتيات جي ماهرن جي کوجنا ڪيل قسمن مان زندگيءَ جا ڪافي رنگ پنڊ پهڻن جي صورت ۾ مشاهدي لاءِ ملن ٿا. هيلتائين ارضياتي سائنسدانن جي چوڻ موجب، ڌرتيءَ تي زندگي پاڻيءَ مان ئي جنم ورتو. سائنسدانن جي چوڻ موجب پاڻي جي سينوَرَ مان اميبيا زندگيءَ جي پهرئين وجود طور ساهه کنيو، ۽ پوءِ زندگيءَ جو سفر اڳتي وڌندو رهيو. اُنهيءَ موجب زندگيءَجي ارتقا جا مرحلا شروع ٿيا. سائنسدانن جي چوڻ مطابق سڀ کان پهريائين پاڻيءَ جا ٻوٽا پيدا ٿيا، ان بعد خشڪيءَ تي به وڻ ۽ ٻوٽا پيدا ٿيا، جن ذريعي ڌرتيءَ جي مانڊاڻ ۾ وڻن ۽ ٻوٽن جي اُڀرڻ سبب هوا ۾ آڪسيجن جي مقدار ۾ واڌارو آيو، جنهن سبب ڌرتيءَ تي موسمن جو جنم ٿيو. پوءِ انهيءَ مانڊاڻ جي سِرڄڻ سان ڌرتيءَ تي جانور ۽ ساهوارا پيدا ٿيا.
    سائنسدانن جي کوجنا جي حاصل ڪيل نتيجن موجب، زندگيءَ جي شروعات وڻن ۽ ٻوٽن جي واڌ سبب هوا ۾ آڪسيجن جي واڌ بعد پاڻيءَ جي سينوَرَ مان جنم وٺندڙ اميبيا مان ٿي، ۽ زندگي هن ڌرتيءَ تي پهريون ساهه کنيو. ائين ئي ڌرتيءَ تي جيوت جي شروعات ٿي.آبي ۽ زميني ٻوٽن ۽ وڻن بعدپاڻيءَ ۾ ننڍڙن پونئرن ، ننڍڙن جيتن، ننڍڙي آبي جيوت، جيلي فش، اسٽار فش، ننڍڙين مڇين کان وڏين مڇين تائين مرحليوار ترتيب سان حياتيات جي ارتقا جو عمل حرڪت ۾ آيو، ان بعد آبي جانورن جي پيدا ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو. انهن جي به مرحليوار واڌ ويجهه جو عمل جاري رهيو. انهن ساهوارن جي خوراڪ جو سلسلو به مٽي، گاهه کان اڳتي مرحلا طئه ڪندو، گوشت خوريءَ تائين پهتو. انهيءَ خوراڪي ارتقائي عمل ۾ پيدا ٿيل جيوت جي جسماني نِشونما ٿيندي رهي، انهيءَ جسماني واڌ جو سفر به ننڍائيءَ کان وڏائيءَ طرف جاري رهندو آيو. گوشت وارن ۽ سخت جسامت وارن ۽ کوپن وارن جانورن کان سواءِ ٻين ساهوارن جا نشان نه ٿا ملن. انهن جي ارتقائي عمل جي جانچ لاءِ، وري موجوده هلندڙ ارتقائي عمل جي مرحلن کي جانچي ۽ ڏسي سگهجي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوهستان مان ملندڙ پنڊ پهڻن مان اهڙو ڪو به پنڊ پهڻ نه ٿو ملي، جنهن کي بغير گوشت واري ڪنهن آبي جسامت سان ڳنڍي سگهجي. باقي وارين جيوتن مان، کوپن واري آبي جيوت جا نشان ۽ پنڊ پهڻ ڪوهستان ۾ ملن ٿا، جن ۾ ڪوڏن ۽ سِپين جي مختلف قسمن جا پنڊ پهڻ وڌيڪ موجود آهن. جيڪي پنهنجي جسماني سخت کوپي سبب، مري وڃڻ بعد به ساڳي حالت ۾ رهيا، ۽ لکين سالن جي موسمي تبديلين جو مهميزون سهندي جابلو ماحول جو اَثر قبوليندي، پٿر جا پنڊپهڻ ٿي ويا. جيڪي ڪوهستان ۾ ملن ٿا. باقي ٻي آبي جيوت جا جسم نرميءَ سبب، يا موسمي تبديلين سبب مٽيءَ جو کاڄ ٿي، خود مٽيءَ جي ذرڙن ۾ شامل ٿي ويا، جن جو وجود مٽيءَ جي ذرڙن کي ڌار ڌار جانچڻ سان ٽُٽل حالت ۾ ڏسي ۽ پرکي سگهجي ٿو. باقي ننڍي آبي جيوت ۽ ٺوس جسامت رکندڙ هر شئي پنڊ پهڻ ٿيڻ واري عمل مان گذري پٿر ٿي ويئي، جنهن جا نشان ڪوهستان جي پنڊ پهڻن مان عام جام ملن ٿا.
    زندگيءَ جي ٻئي مرحلي ۾ پاڻيءَ جي ڪنارن تي ڇولين ذريعي ٻاهر ڪرندڙ آبي جيوت،يا پاڻي سُڪڻ بعد پاڻيءَ جي کوٽ سبب واپس پاڻيءَ ڏانهن ريڙهيون پائڻ واري زندگي، پنهنجي بقا واري ويڙهاند وڙهندي سُرندڙ جيوت جي شڪل ۾ جنم ورتو،هن سُرندڙ آبي جيوت زمين ۽ پاڻي ٻنهي ماحولن کي قبولڻ بعد حالتن موجب زندگيءَ جي بقا واري جدوجهد جي مرحلن مان گذري خشڪيءَ تي پهريان قدم رکيا. ائين زمين تي پهريائين سُرندڙ جيوت ۽ پوءِ زميني ماحول جي ضرورتن موجب ننڍين ٽَنگن کان وڏين ٽَنگن وارن جانورن طرف ارتقا جو سفر شروع ٿيو. انهيءَ ارتقائي سفر ۾ سُرندڙ ساهوارن ماحول، ۽ کاڌ خوراڪ جي حساب سان مختلف جسماني روپ ورتا، ۽ ڌرتيءَ تي جانورن جي ارتقا جو عمل شروع ٿيو. انهيءَ سُرندڙ آبي جيوت مان ڪيڙا، جيت، نانگ، بلائون، ڏيڏر ۽ واڳونءَ جا نسل اڄ تائين موجود آهن. جيڪي ٻنهي ماحولن ۾ رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا، پر اهي سُرندڙ نسل ڌرتيءَ جي زميني سخت خشڪي ۽ تپش اڃان تائين برداشت نه ٿا ڪري سگهن، هن وقت به اهي پوسل وارين جاين تي يا پاڻيءَ جي تلائن ۾ خوش نظر ايندا آهن. ڪوهستان جي تلائن ۾ ماضي قريب ۾ به واڳونءَ جو نسل گهڻي تعداد ۾ موجود هو. ڪوهستان جا ڪجهه وڏي عمر جا ماڻهو اهو ٻڌائين ٿا، ته ڪوهستان جي ڪيترن تلائن ۽ جابلو چشمن ۾ واڳونءَ جي نسل جو وڏو تعداد ويجهڙائيءَ واري عرصي تائين موجود هو. جيڪو هاڻي گهٽجي فقط ڪجهه جاين تائين محدود ٿي ويو آهي. انهن واڳن جي ڪجهه رهجي ويل باقيات طور دُريجِيءَ کان 30ڪلوميٽر اُتر اولهه ۾ درگاهه پير آريءَ لڳ پيرآريءَ جي اتڙِي نالي چشمي ۽ ڪراچيءَ جي منگهي پير واري چشمي ۾ اڃان تائين واڳون موجود آهن. واڳون مٺي پاڻي جو جانور آهي، اهو سامونڊي جانور ناهي. ڪوهستان ۾ واڳن جو وجود به ڪوهستان ۾ مٺي پاڻي هئڻ جي شاهدي ٿو ڏي.
    آبي جيوت جي ارتقا جي سفر جي ذڪر کي اُتي پورو ڪندي، هاڻي اچو ته ڪوهستان جي خشڪيءَ تي ڏسون،ته زندگيءَ جي ارتقا جو سفر ڪيئن رهيو. حياتيات جي ماهرن جي تحقيقات جي نتيجن جي روشنيءَ ۾، خشڪيءَ تي زندگيءَ جي ارتقا جو عمل گاهه، ننڍن ٻوٽن کان شروع ٿيو. ائين اهو ارتقائي عمل به ننڍائيءَ کان وڏائيءَ طرف سفر ڪندو رهيو. نباتات جي ارتقائي عمل جي ڪهاڻي به مرحليوار اُسرندي ۽ نِسرندي رهي. شروعاتي نباتات جي اُسرڻ ۽ نِسرڻ جو ارتقائي سفر به پاڻيءَ جي ڪنارن کان شروع ٿيو. ماحولياتي ۽ کاڌ خوراڪ جي ضرورتن موجب انهن جي جسماني نِشونُما جا ڪيئي رنگ ۽ نمونا پيدا ٿيا. انهيءَ ارتقائي عمل ۾ ضرورتن ۽ ماحول موجب تبديليون اينديون رهيون، جن جو سفر به بنا پنن جي ڏانڊي واري صورت کان شروع ٿيو، ۽ پوءِ ننڍڙا ۽ مختصر پن، ننڍا ۽ گهڻا پن، ٿورا وڏا ۽ مختصر پن، ٿورا وڏا ۽ گهاٽا پن، ۽ پوءِ اهو سفر وڏن پنن وارن يا گهاٽن پنن وارن قداور وڻن تائين پهتو. ساڳيءَ ريت ڪنڊن جي صورت به ارتقا پذير رهي، ننڍڙا سَنها ڪنڊا، ٿورا وڏا ڪنڊا، وڏا ڪنڊا، ۽ پوء بنان ڪنڊن جي وڏن پنن وارا يا بنان ڪنڊن جي ننڍن گهاٽن پنن وارا وڻ.نباتاتي جيوت جي انهيءَ ارتقائي عمل هلندي اُسرندا، وڌندا، نِسرندا ۽ ڦُٽندا رهيا،جيڪو عمل اڃان تائين ماحول موجب جاري آهي. جڏهن هن وقت به ڪوهستان جي وڻن ۽ سوين ننڍن ٻوٽن کي ڏسبو، ته انهي نباتاتي عمل مان گذريل ڪيترائي وڻ ۽ ٻوٽا ڏسڻ لاءِ ملندا. جيڪي هن وقت به ڪيترن قسمن، شڪلين ۽ نسلن جي حالت ۾ موجود آهن، جن ۾ ٿُوهر، کِپَ، ڪِرڙ، ڪنڊِي، ڄار، ڇاپرو ٻير، گُگرال، ڪهُوءَ، لئِي، گز ۽ ٻيا سوين قسم اڄ به ڪوهستان جي علائقي ۾ ساهه کڻندي ڏسڻ ۾ ايندا. جيڪي لکين سالن کان ڪوهستان ۾ موجود رهيا آهن. جن وڻن ۽ ڪاٺين جا پنڊ پهڻ پوري ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي ڳولڻ سان ملي وڃن ٿا. جن مان اها ڳالهه ثابت ٿي، ته اهي وڻ لکين سالن کان هتي موجود رهيا آهن.
    ڪوهستان جي هڪ هنڌ ڳوٺ واحد ڏني باريجي جي ڀرسان، ديهه ڪنڊو ترائي نالي جاءِ تي جابلو سلسلي کان گهڻو دور هڪ زميني ميدان تي پيل ڪجهه وڏا پٿر ڏسڻ لاءِ موجود آهن، جن کي مقامي ماڻهو اُٺن جا پنڊ پهڻ ۽ ڪي وري هاٿين جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهي پيل پٿر جن جي ظاهري جسامت ڪنهن جانور جهڙي نه ٿي لڳي، انهن جا ڪافي حصا زماني جي گردش سبب ڀَڄي ڀُري ختم به ٿي ويا آهن.موسمي حالتن جي سِتم ظريفي سبب سندن وجود جي آخري نشانيءَ طور بچيل پنڊ پهڻ به سڃاڻي نه ٿا سگهجن، ته اهي ڪهڙن جانورن جا آهن.پر جابلو علائقي کان پري اهي اڪيلا ۽ ڳرا پٿر،سڌي ميداني پٽ تي ڪيئن پهتا. جن مان ڳوٺاڻن جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، ته اهي ڪن وڏي جسامت وارن جانورن جا پنڊپهڻ ٿيل جسم آهن. ساڳئي نموني جهمپير کان ڪجهه مفاصلي تي آڃڙي واري ميداني علائقي ۾ ۽ جُنگشاهيءَ وارن جابلو ميدانن تي ۽ ننڍين بُٺين تي ڪي وڏا پٿر ٽِڙيل پکڙيل پيل نظر اچن ٿا، جن کي مقامي ماڻهو مينهن ۽ اُٺن جا پنڊ پهڻ سڏين ٿا. اهڙا وڏي جسامت وارا پنڊ پهڻ ڪوهستان جي ٻين علائقن ۾ ويندي بلوچستان تائين موجود آهن، جن جو ڏس پتو ڪوهستان جا ماڻهو ڏيندا آهن. ڪوهستاني ماڻهن انهن وڏي جِسامت وارن پنڊ پهڻن بابت ڪيتريون ئي ڪهاڻيون به گَهڙي ورتيون آهن. ڪوهستان جي ڪجهه وڏي ڄمار جا ماڻهو اهو به ٻڌائين ٿا، ته انهن جي وڏڙن ڪوهستان ۾ وڏن جانورن ۽ اُٺن جا پنڊ پهڻ ٿيل سلامت جسم ڏٺا هئا. جيڪي ڳالهيون هوهُنن کي ٻُڌائيندا هئا. جيڪي ڳالهيون شاهديءَ طور اڃان به هلندڙ آهن. جن ڳالهين مان ۽ مشاهدي ۾ آيل انهن وڏن ڳري جسامت وارن پنڊ پهڻن مان، انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان جي گهاٽن جهنگلن ۾ ديوَ هيڪل وڏي جسامت وارا جانور به موجود هئا. ديهه ڪنڊي ترائيءَ ۾ هڪ جاءِ تي هڪٻئي جي ويجهو اهڙن جانورن جا چار پنڊپهڻ ٿيل پٿر گڏ موجود آهن. ساڳئي نموني جهمپير لڳ آڃڙي واري ميداني علائقي ۾ اٺاسي اهڙا ننڍا ۽ وڏا پنڊ پهڻ هڪٻئي جي ويجهو موجود آهن، ۽ جُنگشاهيءَ جي علائقي ۾ پڻ اهڙا ٻه پٿر گڏ هڪٻئي کي ويجهو آهن. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي به شاهدي ملي ٿي،ته اهي وڏا ديوَهيڪل جانور ٽولن جي شڪل ۾ اتي موجود گهاٽي جهنگ ۾ رهندا هئا. اُتي ڪنڊي ترائيءَ ۾ هڪ سوين سال پُراڻو ڪنڊيءَ جو وڏو اڌ سُڪل وڻ به موجود آهي، جنهن جي نالي سان اها ترائي سڏبي آهي. جنهن جي ٿُڙَ جي گولائيءَ جي ماپ نَوَ فوٽ ٽي اِنچ آهي، جيڪو انهيءَ جاءِ تي موجود وڏن گهاٽن وڻن جي باقيات جي باقيات هوندي،شاهديءَ طور اڃان موجود آهي. اهڙي شاهدي هن علائقي ۾ وڻن جي پنڊپهڻ ٿيل ٽارين ۽ ڪاٺين جي پکڙيل ٽُڪرن مان پڻ ملي ٿي. ساڳئي نموني جهمپير ۽ ميٽنگ واري علائقي ۾ ٻن سئو کان ٽن سئو فوٽن جي گهرائيءَ تان ڪوئلي جا ذخيرا پڻ هنن علائقن ۾ گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگن جي شاهدي ڏين ٿا. جن مان اهو ڪاٿو لڳائي سگهجي ٿو، ته لڳ ڀڳ هڪ لک سال اڳ هنن علائقن ۾ اُهي وڻن جا گهاٽا جهنگل موجود هئا. جيڪي پوءِ پاڻيءَ جي آندل ريٽ ۽ پاڻيءَ جي موجوده هندي سمنڊ ڏانهن ٿيل وَهڪري ۾ دَٻجي ڪوئلي جي شڪل ۾ ٿي ويا.
    ڪوهستان ۾ هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي ته، جبلن جي چوٽين کان لهندي هيٺ وادين ۽ ميدانن ۾ جيڪي پنڊ پهڻ ملن ٿا، يا نظر اچن ٿا. اهي پنڊ پهڻ ٿيل شيون بلڪل اصلي حالت ۽ ساڳين رنگن سان موجود آهن. ظاهريءَ طرح اهي شيون اصلي حالت ۾ تازيون نظر اينديون آهن، تازيون هئڻ تي نظر دوکو کائي ويندي آهي. جڏهن انهن شين کي هٿ ۾ کڻبو ته پٿر لڳنديون. اهو شين جي پنڊ پهڻ ٿيڻ جو عمل جنهن ذريعي انهن شين کي پٿر ٿيڻ ۾ڪئين سال لڳا هوندا، ڏسڻ وارو اهو سمورو احساس وڃائي اهو سمجهندو، ته ڄڻ ڪنهن جادوئي عمل ذريعي هي سڀ ڪجهه اَک ڇِنڀ ۾ ٿيو آهي.
    انهيءَ مشاهدي تي جڏهن سوچبو،ته هي خيال ذهن ۾ پيدا ٿيندو، ته ڪوهستان ۾ وسندڙ برساتن جي ڊگهي دور کان اڳي ۽ پوءِ هتي وري ڪجهه عرصو گهٽ برساتن وارو دور رهيو. جنهن دوران پاڻي گَهٽيو هيٺ ميدانن ۽ رهيل پاڻيءَ جي ڍنڍن ۾ زندگي پنهنجي ارتقا جا مختلف مرحلا طئه ڪيا. هتي هيٺ جابلو وادين ۾ گاهه ڦُٽا، وڻ ٻوٽا ٿيا ۽ گهاٽا جهنگ به ٿيا، جن ۾ زندگيءَ جا سمورا رنگ نِکري نِروار ٿيا. ڌرتيءَ تي زندگيءَ پنهنجا پير کڻڻ شروع ڪيا، ائين به ڪي سال گذري ويا. ڪوهستان جا ويران جبل زندگيءَ جي چُرپُر سان چهڪڻ ۽ ٻهڪڻ لڳا. جتي ڍنڍن ۾ پاڻيءَ جي جيوت وڌندي ۽ ويجهندي رهي، ته ٻئي طرف ماٿريون سرسبز گاهن ۽ وڻن ٻوٽن سان سَر سَبز ٿي زندگيءَ جا سمورا رنگ اوتڻ لڳيون. ان بعد وري ڪو ڪوهستان مٿان برفاني دور آيل ٿو ڏسجي. جنهن ۾ پورو ڪوهستاني علائقو برف ۾ تبديل ٿي ويو. اهو دور به ڊگهو عرصو رهيو،ڇاڪاڻ ته هتي ملندڙ پنڊپهڻ اصل شڪل ۽ صورت ۾ ملن ٿا. ڪوهستان جي سمورن علائقن ۾ ٻوٽن، وڻن، جيتن، سُرندڙ جانورن کانسواءِ وڏن ديو هيڪل جانورن جا پنڊ پهڻ به ڪجهه تعداد ۾ ڳولڻ سان ملن ٿا. جن جي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو، ته زندگيءَ جي ارتقا جا ڪافي شروعاتي نشان ڪوهستان ۾ اڃان تائين محققن ۽ سائنسدانن جي مشاهدي لاءِ موجود آهن. جن کي ڏسڻ سان دنيا ۾ موجود مُنجهائيندڙ ارتقا جي سوالن جا جواب وڏي آسانيءَ سان ملي سگهن ٿا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي،ته ڪو به اهڙو ماهر ڪوهستان جي ڏُکين جاين تي نه ٿو پهچي. ٿورا ماهر جن ڪوهستان تي ڪم ڪيو آهي، سي به صرف خاص رستن جي آسپاس موجود شين کي ڏسي واپس موٽي ويا آهن. ڪوهستان جي اندر جابلو سلسلن جي نهايت ڏُکين رستن تان گُذري ڪو به اندر وڃڻ جي همت نه ٿو ڪري. جنهن سبب ئي تاريخ جا لِڪل ڳُجها راز اڃان منظرعام تي نه اچي سگهيا آهن. اسان جا ملڪي ادارا انهيءَ بابت ڪا دلچسپي ئي نه ٿا وٺن، جيڪا ڳالهه هر لحاظ کان ڪا چڱي ناهي.


      ڪوهستان ۾ آيل شروعاتي موسمي دور

    ڪوهستان ۾ آيل برفاني دورکان پوءِ اڳوڻا پيدا ٿيل وڻ به ٻين شين جيان پنڊ پهڻ ٿي ويا. اهي وڻ ۽ ديو هيڪل جانور ڊگهي برفاني دور ۾ ساڳيءَ حالت ۾ رهندي، زميني ماحول ۽ موسمن جا اَثَر قبوليندي پَٿر جا ٿي ويا. جيڪي هن وقت به ڏسندڙن جي اکين کي اصلي هئڻ جو دوکو ڏين ٿا، ۽ جادوئي ڪرشمو محسوس ٿين ٿا. اهڙا پنڊ پهڻ ٿيل وڻ ڪوهستان جي ڪافي جڳهين تي مشاهدي لاءِ ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. رنيڪوٽ ۽ ان جي اوڀر طرف واري پٿريلي ميداني علائقي ۾ قديم وڻن جي ڪاٺين جا ٽڪرا ، وڻن جو سنهيون ٽاريون به پنڊ پهڻ ٿيل ڏسڻ لاءِ ملنديون . ٻئي طرف وري گورک جبل واري پاسي هينگڙ جي چشمن ڀرسان قديم وڻن جا پنڊ پهڻ ٿيل ٿُڙ به ڏسڻ لاءِ ملن ٿا . اهڙي ريت ٿاڻي عارب خان جي ويجهوڳوٺ صالو خاناڻيءَ ڏانهن ويندڙ هڪ ڪچي رستي تي سيد جمال شاهه جي قبرستان ۽ اُن جي آسپاس وڏي تعداد ۾ پنڊپهڻ ٿيل وڻ موجود آهن، جن جا پکڙيل ٽُڪرا آسپاس موجود آهن. ڪجهه پنڊپهڻ ٿيل ڪاٺ جا ٽُڪرا هن قبرستان جي قبرن تي پڻ رکيل آهن، جن ٽُڪرن تي وَڍ جا نشان موجود آهن. انهيءَ مان اها به ڄاڻ ملي، ته انهيءَ زماني جي ماڻهن وٽ وڻن وَڍڻ جا اوزار به هئا. وڍن جي نشانن مان اها به خبر پئي ٿي،ته اُهي وڍ ڪنهن لوهي ڪُهاڙيءَ جا نه آهن، پر ڪنهن مضبوط پٿر جي تيز ڌار واري ڪُهاڙيءَ جا آهن. يعني اُهي وڻ پٿر جي زماني جي ماڻهن وڍيا هئا. ڪن ڪاٺن جي ننڍن وڍيل ٽُڪرن مان اهو به معلوم ٿيو،ته اُهي وڻ باهه ٻارڻ ۽ مچ ٻاري سيءَ کان بچڻ لاءِ وڍيا ويا هئا. انهيءَ مان انهي ڳالهه جي گواهي ملي ٿي ته، قديم زماني ۾ ڪوهستان جي ماڻهن باهه ٻارڻ جو هُنر به سِکي ورتو هو، ۽ هو سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪاٺين کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ٻاريندا هئا. اهو سمورو عمل گذريل برفاني دور جي شروعات ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو هوندو. پوءِ جڏهن سيءُ وڌي ويو هوندو ۽ هنن لاءِ وڌيڪ ڪوهستان ۾ رهڻ مشڪل ٿي ويو هوندو، ته هنن اُتان نقل مڪاني ڪئي هوندي. ڇاڪاڻ ڪوهستان ۾ سخت برفاني ٿڌ ۾ هو رهي نه سگهياهوندا. انهيءَ لاءِ هرحالت ۾ ڪوهستان مان لڏڻ سندن مجبوري هو، اها نقل مڪاني ڪهڙي طرف ٿي هوندي؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. انهيءَ سوال جي جواب ڳولڻ لاءِ وري زميني حالتن ۽ جاگرافيءَ جي شاهدين جو سهارو وٺڻو پوندو. انهيءَ حساب سان ڏسبو، ته انهيءَ زماني ۾ ڪوهستان جي اوڀر ۾ ٿَر جي لاهي طرف پاڻيءَ جي وهڪرن سبب پاڻي ئي پاڻي موجود هو.انهيءَ ڪري اها نقل مڪاني اوڀر طرف ته ممڪن نه هئي، ٻيو ته اوڀر طرف به اُهي ساڳيون برفاني ٿڌ واريون حالتون موجود هونديون. انهيءَ ڪري انهيءَ طرف لڏي وڃڻ فضول هو. اُتر طرف وري برفاني دور جي اچڻ ڪري سيءَ جو وڌيڪ دٻاءُ هوندو. انهيءَ ڪري اُتر طرف به هو وڃي نه سگهيا هوندا. ڪوهستان جا جبل جيئن ته اُتر کان ڏکڻ اولهه طرف لاڙي سان وڇايل آهن. انهيءَ ڪري اولهه طرف ڪجهه جبلن جي لَڪن کان سواءِ جبلن جي اوچين ديوارن هئڻ سبب اوڏانهن به نقل مڪانيءَ لاءِ رستو نه هو. ٻيو ته انهيءَ اولهه طرف ڏانهن وڃڻ واري رستي تي هڪ جبل جا لَڪ لتاڙي، وري ٿوري پنڌ کانپوءِ ٻيا لَڪ لتاڙڻ، هڪ ٿڪائيندڙ سفر هو. جيڪو سفر ڪرڻ انهن قديم بي ثَمر ماڻهن جي وَسَ ۾ نه هو، ٻيو ته اولهه طرف به انهيءَ برفاني دور جا ساڳيا موسمي اَثر هوندا. انهيءَ ڪري اوڏانهن لڏ پلاڻ ڪرڻ جو به ڪو فائدو نه هو، جو هو اڙانگا لَڪَ لتاڙڻ جو جوکم کڻن. ته پوءِ هو ڪيڏانهن نقل مڪاني ڪري ويا هوندا؟ انهيءَسوال جي جواب جي ڳولڻ لاءِ انهيءَ وقت جي جاگرافيءَ جي حالتن جي بُنياد تي اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو، ته هنن وٽ صرف ڏکڻ طرف وڃڻ لاءِ ئي اڪيلو آسان رستو هو. جتي قديم ڪتابن موجب رتناڪر جو وسيع آفريڪا تائين پکڙيل ميدان هو. انهيءَ ڪري اها پَڪ ٿئي ٿي، ته ڪوهستان جي قديم ماڻهن برفاني دور اچڻ واري وقت ۾ ڏکڻ طرف رتناڪر جي ميدان ڏانهن نقل مڪاني ڪئي هوندي. سرديءَ کان بچڻ لاءِ هو رتناڪر جو ميدان لتاڙيندا، آفريڪا تائين پهتا هوندا، جتي حالتون سندن رهڻ جي لائق هيون. ٻئي طرف وري آفريڪا بابت تحقيقات ڪندڙ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن جي تحقيقاتي رپورٽن مان اها ڳالهه مطالعي هيٺ اچي ٿي، ته آفريڪا ۾ لڌل ڪافي قديم شيون، جيڪي اُتي تحقيقات ڪندڙ آرڪيالاجيءَ جي ماهرن رپورٽ ڪيون آهن. تن مان ڪافي شيون بنهه ساڳيون آهن، جيڪي سنڌ مان به ڳوليندي مليون آهن. هيسيتائين ماهرن جي رپورٽن جي مطالعي مان اها ڳالهه چٽي ٿي بيهي ٿي،ته آفريڪا ۽ سنڌ مان لڌل ڪافي قديم شيون هڪجهڙيون آهن. ٽئين طرف موجوده هندي سمنڊ جي ٻيٽن مان به اهي ئي ساڳيون شيون ملن ٿيون. انهن سڀني ڳالهين مان برفاني دور ۾ هتان کان ٿيل نقل مڪانيءَ جو وڌيڪ چٽو ثبوت ملي ٿو. هوڏانهن وري سريلنڪا جي ويجهو ٻيٽن مان لڌل قديم اڏاوتن مان به سنڌي تهذيب جو وڏو نشان اهو ملي ٿو، ته جاين جي اڏاوت جي اوساري بنا مسالي جي ڪيل آهي. جيڪا ڏاهپ صرف قديم سنڌي معمارن وٽ هئي، ڇاڪاڻ ته موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي رپورٽن ۾ اها ڳالهه چٽيءَ طرح تسليم ٿيل آهي،ته دنيا ۾ صرف موهن جي دڙي جون اڏاوتون ئي بغير مسالي جي ڪيل آهن. اها ڳالهه 1922ع کان 1927ع تائين موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ دوران جاري ڪيل آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي رپورٽن ۾ ڄاڻايل آهي.اها ڳالهه آرڪيالاجي آف انڊيا جي انهيءَ وقت جي ڊائريڪٽر جنرل مسٽر سر جان مارشل طرفان وڏي فخر سان موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي تڪميل تي، 1927ع ۾ ٿيل آرڪيالاجيءَ جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾ ظاهر ڪئي ويئي هئي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا جي رِوِيو رسالي ۾اها ڳالهه پڌري ڪري عالم آشڪار به ڪئي ويئي هئي. انهيءَ تاريخي معلومات جي مطالعي کان پوءِ سريلنڪا لڳ ٻيٽن مان مليل بنا مسالي جي ڪيل تعميرات جي آثارن مان انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ پڪي شاهدي ملي ٿي، ته برفاني دور ۾ سنڌ جا ماڻهو آفريڪا کان سريلنڪا تائين پکڙيل رتناڪر جي ميدان تي رهيا ۽ آباد ٿيا هئا، ۽ برفاني دور جي خاتمي بعد جڏهن برف ڳرڻ شروع ٿي ۽ اوڀر طرف اڳوڻي ٿَر واري برساتي ڊيلٽا جي مٿي اچڻ ڪري پاڻي ڏکڻ طرف رُخ رکيو ۽ رتناڪر جو ميدان پاڻيءَ هيٺ اچڻ سبب هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. ته اهي ڪوهستان مان برفاني دور ۾ نقل مڪاني ڪري ويل ماڻهو وري واپس سنڌ ڏانهن موٽي آيا هوندا. رتناڪر جي ميدان جي سمنڊ ٿيڻ ۾ تيزي آئي هوندي، ڇو ته برفاني دور جي خاتمي کانپوءِ هڪ طرف هماليا جا برفاني وَهڪرا سَرسوتي ۽ ٻين قديم ندين جي صورت ۾ ڪوهستان جي اوڀر طرف واري ڊيلٽا کي ڀَرڻ لڳا هوندا. ته ٻئي طرف وري ڪوهستان مان به ٿورو عرصو اُهي وهڪرا اوڀر جي ڊيلٽا ۾ ڀرائي ڪري پوءِ رتناڪر ڏانهن وڌيا هوندا. ڇو ته ڪوهستان جي جبلن جي اُتر کان ڏکڻ طرف هئڻ سبب وچ وارين وادين جو پاڻي به ماڻهن جي نه هئڻ سبب گبر بندن جي رُڪاوٽ نه هئڻ ڪري، چوٽين جي پاڻي ختم ٿيڻ بعد وادين مان وهندي ڏکڻ طرف رُخ رکيو هوندو. انهيءَ شروعاتي مٺي پاڻي جي هلڪن وهڪرن رتناڪر جي ماڻهن کي سنڌ ڏانهن ڇڪيو هوندو، ۽ ٻيهر ڪوهستان ۾ انساني آباديون وسڻ شروع ٿيون هونديون. ۽ پوءِ رتناڪر جي هميشه لاءِ هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ سبب سنڌ جي ماڻهن جو آفريڪا سان زميني رابطو ٽُٽي ويو هوندو.
    ساڳئي وقت وري برفاني دور جي پُڄاڻي ۽ رتناڪر ڏانهن پاڻيءَ جي روانگي واري عرصي ۾ ڪوهستان ۾ شديد زلزلي اچڻ جي شاهدي، وري ڪوهتراش ۽ کيرٿر جبل جي دنگ واري چانڊام جي علائقي ۾ ’ٽمڪڙي وارا بُٺا‘ جي نالي وارين ٽڪرين کي ڏسڻ سان ملندي، شايد ڪوهتراش ۽ کيرٿر جي دنگ واري مُنڍ تي ٽمڪڙي وارا بُٺا اُنهيءَ زلزلي جو مرڪز هئا، جو ڪوهتراش کان پوءِ چانڊام واري علائقي ۾ جابلو تراڙن تان گذرندي ڌماڪن سان ٽٽل وڏين پٿر جي ڇپن سبب اوڏانهن ويندڙ رستو مشڪل سان پار ڪرڻو پوي ٿو. انهيءَ رستي تان اڃان به مقامي ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪو اوپرو ماڻهو نه ٿو گُذري سگهي. ڇو ته ٽمڪڙي وارا بُٺا زلزلي جي شدت سبب ڌماڪي سان ڦاٽا هئا، جنهن ڪري تمام وڏيون ڇپون وچ وارين تراڙن تي ڪِريل موجود آهن. جنهن ڪري اُتان گذرڻ ڏُکيو ٿي ويو آهي. ٽمڪڙي جا بُٺا نالي واريون ٽَڪريون ٽُٽل حالت ۾ اڄ به انهيءَ زلزلي جي گواهي لاءِ موجود آهن، پر ويجهن ئي موجود جبلن ڪوهتراش ۽ کيرٿر تي انهيءَ زلزلي جا ڪي وڏا اَثر نه ٿيا هئا. جنهن مان اها شاهدي ملي،ته انهيءَ ٽمڪڙي وارن بُٺن ۾ آيل زلزلي جي پکيڙ ڪا گهڻي وڏي نه هئي. ساڳئي نموني ڪراچي ڪوهستان ۾ ديهه ڪَنڊ ۾ نِمن واري ڍوري لڳ ٽَڪرين کي اونڌو ڪرڻ واري زلزلي جي پکيڙ به ڪا وڏي ايراضي تائين نه هئي. انهيءَ ڳالهه مان اها پڪي شاهدي ملي ٿي،ته برفاني دور جي خاتمي بعد برف جي ڳرڻ سبب ڪوهستان جي علائقي ۾ زمين جي اندروني پليٽن ۾ چُرپُر ٿيڻ سبب اهڙا ٿوري علائقي تائين محدود زلزلي جا شديد جهٽڪا آيا هئا. جن سان جبلن جي ڪجهه ننڍي ايراضي وارين ٽڪرين تي خطرناڪ اَثر ٿيا ۽ اهي ڌماڪن سان ڦاٽي يا اُٿل پُٿل جو شڪار ٿي ويون، جن جا آثار اڄ به انهن زلزلن جي سلسلي جا شاهد آهن.
    سنڌ جي ڪوهستان ۾ مُشاهدو ڪرڻ سان انساني تهذيب جي ارتقا جا ڇهه دور ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جيڪي حالتن، موسمن، آيل زميني ماحول جي تبديلين ۽ ڪوهستان ۾ زندگيءَ جي ارتقا بابت ڪافي ڳالهين جي نشاندهي ڪن ٿا. انهيءَ ڇهن ئي دورن ۾ انساني تهذيب جي ارتقا جون ڪجهه نشانيون ۽ شاهديون به موجود آهن. اهڙيون نشانيون پوري ڪوهستان جي ٻين ڀاڱن ۾ به موجود هونديون. سموري ڪوهستان ۾ زندگيءَ ۽ انساني ارتقا جون سموريون شاهديون ڏسي مڪمل نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا، جنهن لاءِ ملڪ جي تحقيقاتي ادارن کي کوجنا ڪرڻ گهرجي. هن ڏَس ۾ عالمي انساني ارتقا تي ڪم ڪندڙ ادارن کي به جديد سائنسي انداز ۾ ڪوهستان جو مڪمل دورو ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ گهرجن.جيئن ڌرتيءَ تي انساني ارتقا جي مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب ڳولي سگهجن. موجود سڀني شين جو مشاهدو ڪري ڪي نتيجا ڪڍڻ ڪنهن به اڪيلي محقق جي وَسَ جي ڳالهه ناهي، ڇو ته هزارين چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل ڪوهستان تمام وڏو آهي. ڪوهستان جي ڪافي جاين جي اڙانگن رستن تي جتي اڃان انساني هٿ چُراند گهڻي وڌيڪ نه ٿي آهي، اُتي ئي ارتقا جون قديم نشانيون موجود آهن. جن جاين تي رَسائيءَ لاءِ مڪمل وسيلا مهيا ڪيل ٽيمن جي ضرورت آهي. جيڪي تفصيلي مشاهدا ڪري ڪي نتيجا سامهون آڻي سگهن ٿا. باقي ڪوهستان جي ڪيل ٿورن مشاهدن مان جيڪا معلومات ملي آهي، انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي، ته سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ انساني تهذيب جي ارتقا جي ڪافي مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب موجود آهن؛ جن سان پوري دنيا جي محققن کي ڪي نوان رستا ملي سگهن ٿا.
    ماضيءَ ۾ جيڪو اهو چئي، تحقيق جي دنيا مان سنڌ کي خارج ڪيو ويو ۽ وساريو ويو هو، ته سنڌ جي تهذيب جي عمر پنج هزار سال قديم آهي. انهيءَ ڪري اها ايتري گهڻي قديم تهذيب ناهي، جتي ويهي ڪو تحقيقي ڪم ڪجي. انهيءَ جو اهو ئي ڪارڻ هو ته، جو هن ملڪ جي ادارن اکيون پوري ڇڏيون. جيڪڏهن ادارا پنهنجو فرض ادا ڪن ها،۽ سنڌ ۾ تحقيق جو ڪم جاري رهي ها، ته اڄ دنيا ۾ ارتقا بابت ڪيترائي سوال حل ٿي وڃن ها. ڇو ته سنڌ جي ڪوهستان ۾ ارتقا بابت ڪيترن ئي سوالن جي حل ڪرڻ لاءِ نشانيون موجود آهن.انهيءَ لاءِ جيڪڏهن دنيا جا قديم تهذيبن ۽ انساني ارتقا جي سوالن جي جوابن جا ڳولائو ادارا سنڌ ۾ اچي هتان جي وساريل ماڳن تي تحقيق ڪن، ته سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي تاريخي ماڳ موجود آهن. جتي گهڻو ڪجهه تحقيق لاءِ موجود آهي،صرف سنڌ جي ڪوهستان ۾ ئي انساني تهذيب جي ارتقا جي ڇهن دورن جا نشان ۽ شاهديون موجود آهن. انهيءَ ڪري جيڪڏهن، ملڪي يا عالمي تحقيقي ادارا، سنڌ ۾ انساني تهذيبي ارتقا جي ڳولا لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ڪن، ته پوري دنيا جي ارتقا جي سمورن مُنجهيل سوالن جا جواب شايد سنڌ ۾ ئي موجود هُجن. انهيءَ لاءِ ملڪي ادارن کي ارتقا بابت ڪجهه اهڙيون شاهديون وڏي پيماني تي ظاهر ڪري، عالمي ادارن کي تحقيق لاءِ سنڌ طرف مُتوجهه ڪرڻ گهرجي. جيئن انهن عالمي ادارن جي سهڪار سان سائنسي انداز ۾ تحقيقي ڪم شروع ٿئي، ۽ هن ملڪ جي دنيا آڏو تهذيبي وڏائي ظاهر ٿئي، ان سان گڏ پڻ دنيا جي انساني ارتقا جي تاريخ پڻ مڪمل ٿي سگهي.


      ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پهريون دور

    ڪوهستان جي ڪُجهه جاين جي مشاهدي ۽ اُتي ملندڙ زندگيءَ ۽ ارتقا جي نشانين مان ڪجهه مشاهدا نظر ۾ رکي، ڪوهستان ۾ موجود اُنهن اُهڃاڻن جي بُنياد تي ارتقا جي ڇهن دورن جا ثبوت ملن ٿا. انهن ڇهن دورن جون لَڌل ڪجهه نشانيون، جيڪي هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن،تن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي، ته تاريخ بابت تحقيق سان دلچسپي رکندڙ محقق اڳيان اچن. مَنجهن سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۽ ٻين ڀاڱن ۾ تاريخ بابت تحقيق ڪرڻ لاءِ دلچسپي پيدا ٿئي.
    ڪوهستان ۾ موجود انساني تهذيب جي ارتقا جي ڇهن دورن ۾ ورهاست ڪرڻ بعد انساني تهذيب جي پهرئين دور جون شاهديون، ڪوهستان جي جبلن جي چوٽين تي انساني آبادين جي نشانن مان ملن ٿيون. اهڙا نشان ڪوهستان جي ڪجهه مختصر جاين تي موجود آهن، جن نشانين مان ڪجهه نشانيون، ڪوهتراش جبل جي چوٽيءَ جي ٿورين جاين تي موجود آهن. يا ٺٽي ضلعي جي ديهه ست ڀاڱي هڪ جي خوبصورت ڪوهستاني وادين جن کي ڪوهستان جا ماڻهو جنت مڪان جون بُٺيون سڏين ٿا، ۾ موجود دنيا جي پهرئين تعمير ڪيل ۽ هاڻي پنڊپهڻ ٿي ويل تاريخي قلعي جي آثارن ۾ پڻ ساڳئي دور جي قديم ماڻهن جي سرگرمين جا نشان موجود آهن. ساڳئي نموني جي شاهدين جو ڏَسُ دادو ضلعي جي نيئنگ شريف جي آسپاس جي جابلو سلسلن کانسواءِ ڪوهستان جي ٻين جبلن جي چوٽين تي ڦرندڙ ڪجهه ڌنارن ۽ ٻين وڏي ڄمار جي ڪوهستاني ماڻهن کان به ملي ٿو. شايد انهن جبلن تي وڌيڪ رهڻ ۽ ڳولڻ سان وڌيڪ اهم نشان به ملي سگهن ٿا، پر انهيءَ ڪم لاءِ وڌيڪ وسيلا ۽ جبلن جي چوٽين تي معلومات وٺڻ لاءِ ضروري سامان ۽ اوزار هئڻ ضروري آهن. پر انهن موجود ٿورين جاين، جن جي مشاهدي جي بُنياد تي هي ڪتاب لکيو ويو آهي. يا جيڪي انساني تهذيب جا آثار، جن بابت ڪوهستاني ماڻهو ٻُڌائين ٿا. انهن ڳالهين تي ڪجهه غور ڪرڻ بعد اندازي موجب اهو چئي سگهجي ٿو ته، اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ عرصو اڳ قديم انسان ڪوهستان جي جابلو چوٽين تي رهندا هئا. سندن رهائش جي مختصر آثارن مان خبر پوي ٿي، ته اهي تمام ٿوري ٿوري تعداد ۾ مختلف جاين تي الڳ الڳ جبلن جي چوٽين تي پٿرن جا ننڍا ننڍا گهر ٺاهي رهندا هئا. انهيءَ وقت ڪوهستان جا جبل شايد پاڻيءَ ۾ ٻُڏل هئا، جنهن ڪري اُهي ماڻهو صرف جبلن جي چوٽين تي رهندا هئا. انهن سج جي گرميءَ کان بچڻ لاءِ وڏن وڻن جي غير موجودگيءَ سبب پٿر سَٿي ننڍا ننڍا گهرڙا ٺاهيا هئا. انهيءَ زماني ۾ جبلن جي چوٽين تي ننڍا ننڍا ٻوٽا اُڀريل هئا، جن مان ڪجهه ٻوٽا انهن ماڻهن جي خوراڪ جو حصو هئا. سياري ۾ جڏهن سَردي وڌي ويندي هئي، تڏهن هو چوٽين کان ٿورو هيٺ لهي قدرتي غارن ۾ سيءَ کان پناهه و ٺندا هئا. جيڪي سندن سياري جي موسم جا گهر هئا، پر اُهي غارون سندن مستقل گهر نه هئا؛ صرف سياري جي موسم جا عارضي گهر هئا. هو جبلن کان ٿورو هيٺ لهي، پاڻيءَ مان پٿرن سان مڇي جو شڪار ڪندا هئا. يا ممڪن آهي ته هو پٿرن سان پکين جو شڪار به ڪندا هجن، پر سندن گهرن مان ڪي به هڏا نه ٿا ملن. انهيءَ مان سندن ڪيل ڪنهن وڏي جانور جي شڪار جي شاهدي نه ٿي ملي، سندن انهن گهرن مان ڪو ٺِڪراٺو يا چقمقي پٿر يا گَهڙيل ڪو اوزار به نه ٿو ملي. انهيءَ ڪري اهو چئي نه ٿو سگهجي، ته هو باهه ٻارڻ جي به ڪاڄاڻ رکندا هئا. سندن لباس بابت به ڄاڻ نه ٿي ملي، پر گهر هڪ ٻئي جي ويجهو هئڻ سان، اها شاهدي ضرور ملي ٿي، ته هو شروعاتي اشتراڪي دور کان خاندان واري دور کان به اڳتي قبائلي دور تائين ارتقا ڪري چڪا هئا. سندن اوزار جيڪي بچاءَ ۽ شڪار جي لاءِ هوندا هئا، سي به بِنا گَهڙڻ جي قدرتي نموني وارا هئا. انهيءُ بابت شاهدي اها آهي، ته سندن گهرن يا رهائشي علائقي مان ڪي پٿر جا گَهڙيل اوزار نه ٿا ملن. پر سندن رهائشي جاين تي مختلف سائيز جي پٿرن جا ڍير ضرور ملن ٿا. جيڪي سندن گهرن جي اڏاوت جي ضرورت کان وڌيڪ اضافي گڏ ڪري رکيل هئا، سندن گهر وڏن ڳرن پٿرن جي بُنيادن وارا آهن. انهيءَ کانپوءِ هيٺان کان مٿي اوساريءَ۾ ڪم آندل پٿر ننڍا ٿيندا ٿاوڃن. اوساري چار يا پنج فوٽن تائين آهي. انهيءَ کان پوءِ انهيءَ تي ننڍيون ڪاٺيون جيڪي هٿ سان ڀڃي سگهيا هوندا، سي ڀتين مٿان رکي گاهه سان يا پِيشَ جي ڦرهن سان ڇت بند ڪندا هوندا.ڇتين کي مضبوط ۽ گهاٽو ڪرڻ لاءِ ڪجهه ٻوٽن، ولين يا وڻن جي ڇوڏن جي مدد به وٺندا هوندا. هتي ڪنهن وڍيندڙ پٿر جو اوزار نه مليو آهي، ممڪن آهي ته هٿن جي طاقت سان وڏا ٽار هڪٻئي جي مدد سان ڀڃندا به هجن. ڇو ته جبلن جي چوٽين تي ٿوري تعداد ۾ ڪجهه وڻ به هوندا هئا، شاهديءَ طور اڃان به ڪٿي ڪٿي جبلن جي چوٽين تي وڻ موجود آهن. گهرن جي اڏاوت جي بُنيادن ۾ وڏن ڳرن پٿرن جا بُنياد ٻُڌائن ٿا، ته هو هڪٻئي جي مدد به ڪندا هئا. هڪٻئي سان سندن همدردانه رويو هو، گوشت نه کائڻ سبب هو وحشي نه هئا. سندن ننڍن گهرن مان اها شاهدي ملي ٿي،ته هو گهرن ۾ اڪيلا يا وڌ ۾ وڌ ٻن تائين رهي سگهيا هوندا. ڪجهه گهر گڏيل ننڍين ڪوٺين جي شڪل ۾ ورهايل موجود آهن، جن مان شاهدي ملي ٿي، ته سندن شاديون ٻار ٻچا به هئا. هر جبل تي انهن قديم ماڻهن جي هڪ پنهنجي دنيا هئي، ڇاڪاڻ ته جبلن جي وچ ۾ پاڻي هئڻ سبب هنن لاءِ ٻين جبلن تي وڃڻ ممڪن نه هو. انهيءَ لاءِ شايد هر جبل جي چوٽيءَجي رهاڪن جي ٻولي پنهنجي ڌار هجي. هيٺ چوٽين کي ويجهو سندن سياري واري رهائش وارين مٿانهين غارن ۾ به لکيت جو ڪو ثبوت نه ٿو ملي، ۽ نه ئي ڪو ڪوهستاني ماڻهو اهڙي قسم جي شاهدي ڏي ٿو. پوري ڪوهستان يا ڄاڻايل جبلن جي ڇتين تي وڌيڪ عرصو رهي ڳولڻ سان اڃان به وڌيڪ ثبوت ۽ شاهديون ملي سگهن ٿيون. جن شاهدين جي بُنياد تي وڌيڪ ڪو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهي شاهديون وسيع جبل ڪوهتراش تي صرف هلندي ڏٺيون ويون آهن. هن دور جو هڪ ٻيو تاريخي اُهڃاڻن سان ڀرپور علائقو ٺٽي جي ڪوهستان ۾ آهي، جيڪو پڻ حيران ڪندڙ تاريخي ماڳ آهي.ٺٽي ضلعي جي ديهه ست ڀاڱي هڪ ۾ ميٽنگ ريلوي اسٽيشن جي اُتر طرف هڪ ننڍين پهاڙين جي خوبصورت وادين وارو علائقو آهي. جنهن کي سندس خوبصورتيءَ سبب ڪوهستان جا ماڻهو جنت مڪان جون بُٺيون سڏيندا آهن. انهن خوبصورت وادين ۾ برسات جي وقت خوبصورت نظارا من موهيندڙ اسرار رکندڙ آهن. هتي برسات جي موسم ۾ ڪوهستان جا سمورا گُل ۽ ٻوٽا ڦُٽي نڪرن ٿا، ۽ هي علائقو گُلن جي خوشبوءَ سان واسجي وڃي ٿو. اُنهيءَ ڪري هتي قسمين قسمين پکي به ايندا آهن، هي مشهور شڪار گاهه به رهي آهي. جتي ڪوهستان جي ماڻهن جي چوڻ موجب صدر ايوب خان به شڪار لاءِ آيو هو، هتي عرب شهزادا به شڪار ڪري چڪا آهن. هنن وادين ۾ جيئن ئي ميٽنگ اسٽيشن کان اچي داخل ٿبو، ته اُتي هڪ اڌ گول پهاڙي وٽ هيٺ هڪ جاءِ آهي، جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو انتهائي منحوس شيطان جي جاءِ چوندا آهن. سندن عقيدو آهي ته جيڪو به ماڻهو انهيءَ شيطان کي پٿر نه هڻندو سو خطا کائيندو. انهيءَ ڪري وادين ۾ ڏکڻ طرف کان داخل ٿيندڙ هرڪو ماڻهو لازمي طور انهيءَ شيطان کي پٿر هڻندو آهي. انهيءَ جاءِ تي ننڍڙن پٿرن جو هڪ وڏو ڍڳ ٿي ويو آهي. جنهن مان اها شاهدي ملي ٿي ته، هتي شيطان کي پٿر هڻڻ واري جاءِ تي هزارين سالن کان ماڻهو پٿر هڻندا آيا آهن. اُتان کان اُتر طرف جڏهن ڪجهه فاصلو ڪري جنت مڪان جي اُتر ۽ اولهه جي دنگ واري ٽڪريءَ تي پهچبو، ته اُتي جابلو پيچري جي بلڪل ڀَر ۾ هڪ اونهي پاڻيءَ جي گهار آهي. جتي برسات جو پاڻي گڏ ٿيندو آهي، انهيءَ پاڻي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هڪ قديم گبر بند جا نشان آهن، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن پاڻيءَ جي ذخيري جي بلڪل لڳو لڳ اوڀر طرف هڪ سڌي ميدان واري جابلو بُٺي آهي، جيڪا هن وقت به اوچائيءَ ۾ پنجاهه فوٽ کن ٿيندي. اُنهيءَ بُٺيءَ جي مٿان سڌي ميدان تي هڪ مٽيءَ سان جوڙيل اندازي ۾ سئو فوٽ ويڪر ۽ هڪ ڪلو ميٽر ڊيگهه ۾ هڪ قلعي جا آثار موجود آهن. قلعي جي ديوار پنج فوٽ کن ويڪري ۽ هن وقت به ڪٿي ڪٿي پنجن کان ستن فوٽن تائين اوچي آهي. ديوار جي پاڙ ۾ ڪِريل ديوار جي ملبي مان اهو اندازو ٿئي ٿو ته اها ديوار گهٽ ۾ گهٽ پندرهن فوٽ کن اوچي هوندي. ديوارون اولهه پاسي انهيءَ پاڻيءَ جي ذخيري وٽ ختم ٿين ٿيون، ته ٻئي طرف وري قلعي جي اوڀر طرف ٻئي ديوارون ختم ٿي وڃن ٿيون. سامهون قدرتي طور انهيءَ بُٺيءَ جا ڪنارا سڌي ديوار بڻجيو وڃن. هن قلعي کي شايد برفاني دور کان اڳ جي ماڻهن ٺاهيو هو، جو مٽيءَ ۽ ننڍن پٿرن سان ٺاهيل ديوارون هن وقت پنڊپهڻ ٿيل آهن. هن قلعي واري بُٺيءَ جي اُتر طرف ميلن ۾ بُٺيءَ کان هيٺ زميني ميداني علائقو آهي، جتي اهو محسوس ٿئي ٿو، ته اهو ڪوهستان مان آيل برساتي پاڻيءَ جي وهڪرن سبب ڊيلٽا جيان ٺهيو آهي. جتي شايد ڪو زمانو برساتي پاڻي به بيٺل رهيو هجي. هن قلعي جي تعمير ۾ ڪتب آيل مٽي اتان کنئي ويئي هئي. هن قلعي جي اندر ماڻهن جي رهائش جا آثار بلڪل چٽا موجود آهن. هتي سندن رهائش لاءِ جوڙيل ڪوهتراش جي قديم ماڻهن جيان ننڍيون ننڍيون ڪوٺيون ٺاهيل آهن، جيڪي اڻ گَهڙيل پٿرن ۽ مٽيءَ سان جوڙيل آهن. گهرن جا اڱڻ پڻ موجود آهن، هتي ڪو به گَهڙيل اوزار نه ٿو ملي. البت قدرتي طور گَهڙيل پٿر مختلف ڪمن ۾ اوزارن طور استعمال ڪيل آهن. جن ۾ چهنبدار پٿرن جو وڏو ذخيرو هر اڱڻ تي موجود آهي، جيڪي پٿر هو شايد هٿيار طور استعمال ڪندا هئا. هتي کانڀاڻيءَ جا گول ڳوڙها ۽ گول ننڍين لولين جهڙيون ٽِڪيون جيڪي مٽيءَ مان ٺهيل لڳن ٿيون، پر بعد ۾ پنڊ پهڻ ٿي ويون، جيڪي ڪافي تعداد ۾ موجود آهن. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي ته، اهي ماڻهو کانڀاڻيءَ جي استعمال کان پڻ واقف هئا. جن جي ذريعي هو قلعي مان ويهي حمله آورن جو مقابلو ڪندا هئا. سندن رهائشي علائقي ۾ ڪي به باهه ٻارڻ جا ثبوت نه ٿا ملن، نه ئي ڪي چقمق جا پٿر يا ٺِڪريون ملن ٿيون؛ نه ئي هو ڪا شئي گَهڙي ٺاهڻ جي مهارت رکندا هئا. سندن پوري رهائشي علائقي ۾ هڏا نه مليا آهن. انهيءَ مان اها شاهدي ملي ٿي، ته اُهي ماڻهو گوشت خور نه هئا؛ پر سندن رهائشي گهر، جيڪي چورس يا گول شڪل ۾ آهن. جن جي جوڙجڪ ۽ سٽاءَ مان لڳي ٿو، ته وٽن مضبوط قبائلي نظام موجود هو. يا ڪي سماجي قانون ۽ قاعدا ٺهيل هئا، جن تي هو پابنديءَ سان عمل ڪندا هئا. قلعي کان ٻاهر ڏکڻ طرف واري ديوار سان لڳو لڳ به رهائشي گهرن جا نشان موجود آهن، جتي پڻ رهائش جو طريقو ساڳيو قلعي جي اندر رهندڙ ماڻهن جهڙو هو. پر اهي گهر بعد ۾ آباديءَ جي وڌڻ سبب يا حالتون پُر سڪون ٿيڻ بعد ٺاهيل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هنن ٻاهرين گهرن جي ڏکڻ طرف هڪ جابلو ميدان پڻ آهي ، جتي هنن جي راندين يا ٻين اهڙين گڏيل سرگرمين جا اهڃاڻ ڏسڻ ۾ اچن ٿا .
    هاڻي اها ڳالهه ڳُجهارت بڻيل آهي، ته انهن قديم پٿر جي دور جي ماڻهن ايڏي وڏي محنت سان اهو وڏو قلعو ڇو ٺاهيو؟ ڇو ته انهن ماڻهن جي امن پسند سماج مان ڪنهن به قبائلي ٽڪراءَ جون ڪي ذرو برابر به شاهديون نه ٿيون ملن. انهن هزارين سال اڳ رهندڙ پٿر جي دور جي ماڻهن جيڪي ڪي هنرمند به نه هئا، نه ئي سندن ڪي ضرورتون حالت جنگ ڏانهن کين وٺي ويندڙ هيون، ته پوءِ انهن اهو قلعو آخر ڇو ٺاهيو؟ جيڪو شايد دنيا جو پهريون قلعو هو. کين اهو خيال ڪيئن آيو؟ انهيءَ سوال جي جواب لاءِ اسان کي هن پوري علائقي جي انهيءَ وقت جي جاگرافيائي حالتن ۽ انهي وقت موجود حياتيات جي باري ۾ غور ڪرڻو پوندو. جيئن مشاهدن جون ڪڙيون ملائي ڪو نتيجو ڪڍي سگهجي . هن علائقي جنهن کي جنت مڪان جون بُٺيون سڏين ٿا، جي اُتر طرف ميداني علائقو، اوڀر طرف خوبصورت ٽڪرين جون ماٿريون، اولهه طرف به اُڀن ڪنارن وارو جابلو سلسلو، ۽ ڏکڻ طرف ميٽنگ ريلوي اسٽيشن لڳ ڪوئلي جي ذخيرن وارو علائقو، جتي اڄ به ٻن سئو فوٽن کان ٽن سئو فوٽن تائين ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن. جيڪڏهن يونيسيف جي ڊيلٽائي 1964ع جي سروي رپورٽ موجب هڪ هزار سالن ۾ هڪ ميٽر جي ڀرائيءَ سان حساب ڪبو، ته ڪوئلي جي ذخيرن جي جاءِ تي لڳ ڀڳ هڪ لک سال اڳ تائين گهاٽا ٻيلا موجود هئا. جيڪي بعد ۾ رتنا ڪر جي هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ بعد، جڏهن پاڻي واپس ڪوهستان طرف موٽ کاڌي ته اُهي ٻيلا پاڻيءَجي وهڪرن جي آندل ريٽ ۾ دٻجي ويا، جيڪي ڪوئلي جي شڪل ۾ موجود آهن. انهن ٻيلن جي موجودگيءَ ۾ ئي هن قديم قلعي جي ٺاهڻ جي ڳُجهارت جي ڀڃڻي موجود آهي. جيڪا ڪڙيون ، ڪڙين سان ملائڻ بعد وڃي هن ريت بيهي ٿي:
    جنت مڪان جي وادين جي ڏکڻ طرف ڪوئلي جي ذخيرن جي جاءِ تي هڪ لک سال اڳ گهاٽا جهنگ موجود هئا، جتي انهن ۾ وڏا ديو هيڪل جانور به رهندا هئا. جيڪي انتهائي خونخوار هئا، اهي جانور برفاني دور تائين انهيءَ علائقي ۾ موجود هئا. جن جا ٽولن جي شڪل ۾ پنڊپهڻ ٿيل جسم اڄ به وادي جنت مڪان کان سواءِ جهمپير لڳ آڃڙي، ۽ جُنگشاهيءَ ويجهو به ملن ٿا.آڃڙيءَ ۾ هڪ ميداني علائقي ۾ اهڙن پنڊپهڻن جو تعداد اٺاسي آهي. جن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو مينهن، اُٺن يا ڪي هاٿين جا پنڊپهڻ سڏين ٿا. جنت مڪان ۾ موجود قلعي جي ضرورت جي سببن جي ڳولا ۾ غور ڪرڻ سان اُتي وڃي خيال بيهي ٿو، ته اهي جانور خونخوار جانور هئا، جن جي شاهدي جنت مڪان جي وادين جي ڏاکڻئين لنگهه وٽ منحوس شيطان واري جڳهه به آهي. جنهن کي اڃان تائين ماڻهو منحوس سمجهي پٿر هڻن ٿا. شايد انهيءَ جاءِ جي نحوست انهيءَ سبب جي ڪري به هجي،ته قديم زماني ۾ انهن خونخوار جانورن انهيءَ جاءِ تي ڪي اهم ماڻهو ماري وڌا هجن. جنهن واقعي بعد وادي جي قديم ماڻهن انهن خونخوار جانورن کان بچڻ لاءِ قلعي جي ضرورت کي محسوس ڪيو هجي، ۽ وڏي جاکوڙ سان قلعي جي تعمير بعد انهن جانورن سان اڻ گَهڙيل پٿرن، ۽ کانڀاڻين سان مقابلا ڪري کين ڀڄائي، جانورن جي حملن کان نجات حاصل ڪرڻ بعد امن جي صورتحال بحال ڪري وڌي هُجي. وادي جنت مڪان کان پري ڪن جابلو ٽَڪرين جي چوٽين تي جانورن جي پيرن جا پنڊپهڻ ٿيل نشان ملن ٿا. اهڙي قسم جي جانورن جا پير جهمپير کان ڏکڻ طرف ٺٽي ويندڙ رستي جي ڀر ۾ هڪ اڇي ڪارسُري رنگ جي سخت پٿرن واري ٽڪري، جنهن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو بيکاٽئي جي بُٺي سڏين ٿا،اُتي پڻ موجود آهن. انهن جانورن جي پيرن ۾ شينهن جا پير چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن پوري ٽڪريءَ تي جانورن جي عجيب و غريب پيرن سان گڏ ڪنهن به ماڻهوءَ جي پيرن جا نشان موجود ناهن. انهيءَ ڳالهه مان اها به شاهدي ملي ٿي، ته اهو علائقو جانورن جي حملن سبب انسانن لاءِ علائقه غير هو. هنن جانورن جي پنڊ پهڻ ٿيل پيرن جي نشانن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي،ته قلعي جي تعمير بعد اهي جانور انهيءَ وقت جي ماڻهن مقابلا ڪري انهيءَ طرف ڀڄائي ڇڏيا هئا، ۽ پوءِ هتي برفاني دور اچڻ سبب قلعي سميت جانورن جا لڳل پير ۽ ڪجهه جانور پنڊپهڻ ٿي ويا. جن جا نشان هيترو وقت گذرڻ بعد به ڪٿي ڪٿي موجود آهن. ممڪن آهي ته انساني آباديون ٻين ڪوهستاني آبادين جيان ويجهو ئي رتناڪر جي ميدان ڏانهن موسمي حالتن کي ڏسي لڏپلاڻ ڪري ويون هجن. هن قلعي جي آثارن کي ڏسي اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته جنت مڪان جي وادين ۾، دنيا جو پهريون قلعو تعمير ڪندڙ ماڻهو وري هتي ساڳي جاءِ تي برفاني دور جي خاتمي بعد ٻيهر آباد ٿيا، جيڪي انهن قديم ماڻهن جا پونئر هئا. ڇو ته هنن وادين جي منحوس جڳهه کي پٿر هڻڻ جي رسم بعد ۾ به جاري رهي، جيڪا اڃان تائين جاري آهي. جاگرافيءَ جي صورتحال، ڪوئلي جي ذخيرن ۽ زير زمين پاڻيءَ جي ذائقي چکڻ بعد اهو انومان وڃي بيهي ٿو، ته رتناڪر جي ميدان جي هندي سمنڊ ۾ تبديل ٿيڻ وقت هي علائقو به تانگهي سمنڊ جو حصو بڻجي ويو هو. جنت مڪان جو علائقو به انهيءَ سامونڊي پاڻيءَ جي چاڙهه سبب ٻيٽن جي صورت ۾ هوندو. ڇاڪاڻ ته ڏاکڻئين ڪوهستان ۾ مليل ڪوڏن ۽ سِپين جا محدود پنڊپهڻ سڀ سامونڊي جيوت جا آهن. ڪوئلي جا ذخيرا پڻ ٿوري مقدار واري سامونڊي پاڻيءَ ۾ اڃان تائين ٻُڏل آهن. انهيءَ سمنڊ جي وڌيڪ شاهدي انهيءَ ڳالهه مان به ملي ٿي ته، هتي جي وادين ۾ برساتي ندين جي پيٽ کانسواءِ باقي ايراضيءَ جو زير زمين پاڻي کارو آهي. بحرحال هي جنت مڪان جي وادين وارو قلعو شايد دنيا جو قديم ترين قلعو هُجي، ۽ بين الاقوامي اثاثي طور ڳڻجڻ جي لائق آهي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي، جو هن علائقي ۾ به ترقيءَ جي نالي ۾ حڪومت طرفان والار ڪري عام ماڻهن کي لڏايو ويو آهي. شايد ڪجهه سالن بعد هن تاريخي قلعي جو نالو نشان به نه رهندو.
    ڪوهستان جي ٻين جبلن جي چوٽين تي موجود شاهدين بابت، ڪوهستاني ماڻهن واتان ڳالهيون ٻُڌجن پيون. جبلن تي چڙهي مڪمل گُهمڻ سان ڪئين لِڪل راز اڃان به کُلي سگهن ٿا، جن لاءِ تاريخ جي عاشقن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪوهستان جي جبلن جون چوٽيون محققن کي سڏي رهيون آهن، جتي انساني تهذيب جي ارتقائي بنيادن جون ڪئين شاهديون اڃان لڪل آهن.پهرئين دور جا جيڪي آثار جبلن جي چوٽين تي موجود آهن، تن مان قديم پٿر جي شروعاتي دور جي شروعاتي اشتراڪي دور کان قبائلي دور تائين اٽي ۾ لوڻ برابر نشان ڏٺا ويا آهن. جن جي بنياد تي اندازي تي اها ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، جيئن ادارن جي توجهه ڇڪائڻ سان وڌيڪ ڪو ادارو ئي جامع تحقيق ڪري سگهي .


      ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٻيون دور

    ڪوهستان ۾ ٻئي دور جا آثار ۽ تهذيبي نشانيون وڏن جبلن جي چوٽين کان هيٺ ننڍين بُٺين يعني جابلو ٽَڪرين تي موجود آهن، جن مان هڪ آثار ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ هڪ بُٺيءَ تي موجود آهي.جنهن کي ڪوهستان جا ماڻهو ’هوتوءَ جو مُر‘ سڏين ٿا. هيءَ بُٺي يعني جابلو ٽَڪري، ايري جبل ۽ رني جبل جي وچ ۾ آهي. هي ننڍي جابلو بُٺي، جيڪا ننڍي ايراضيءَ تي پکڙيل ۽ چڙهڻ ۾ مشڪل آهي. سندس اوچائي اندازي موجب ٽي سئو فوٽن کان ڪجهه مٿي ٿيندي. اها جابلو ٽَڪري جبلن جي وچ ۾ اڪيلي ۽ اُڀي چڙهائيءَ واري آهي. انهيءَ بُٺيءَ کي تقريبن چوطرف لهيلٽ نالي هڪ برساتي ڍورو گهيري ۾ آڻيو بيٺو آهي. انهيءَ بُٺيءَ ( ٽڪري ) تي چڙهڻ لاءِ صرف اولهه طرف کان پٿرن جي چاڙهي ٺهيل آهي، جيڪا بلڪل زبون ٿيل آهي. ان جا ڪجهه ٽُڪرا ڪٿي ڪٿي ننڍڙن پٿرن ۾ پوريل نظر اچن ٿا. انهيءَ طرف کان جڏهن مٿي چڙهبو، ته مٿين چوٽيءَ کان ويهارو کن فوٽ هيٺ گڏيل ٻه قدرتي غارون موجود ڏسڻ ۾ اينديون،جتي اها چاڙهي ختم ٿي وڃي ٿي. انهن زبون غارن مان هڪ جي ماپ ڊيگهه ۾ 13 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 7 فوٽ آهي، ٻي غار جي ماپ ڊيگهه ۾ 25 فوٽ ۽ ويڪر ۾ 10 فوٽ آهي. انهن ٻنهي غارن جي وچ واري ڀت جي ويڪر 3 فوٽ آهي، پر اُها ڀت اڌ ڊٺل حالت ۾ آهي. غارن جي مٿان باقي انهيءَ ٽڪريءَ جو رهيل مٿانهون حصو هڪ سڌي ميدان جي صورت ۾ آهي. غارن جي ڇت مان جابلو چاپُڙَ ڪِرڻ ۽ صدين جي مٽي ڀَرجڻ سبب غار جي اُمق جي ماپ کوٽائي ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي. غارن جي اڌ ڊٺل وچين ڀت جي ٽُٽل ٽڪرن مٿان گذرندي، مشڪل سان مٿي ٽڪريءَ جي ڇت تي چڙهي سگهجي ٿو. ٽڪريءَ جي ڇت جيڪا اندازي موجب 45 فوٽ ويڪري ۽ 150 فوٽ ڊگهي ايراضيءَ تي سڌي ميدان جي صورت ۾ آهي. انهيءَ ميدان تي ڳُتيل انساني آباديءَ جي رهائش جا نشان پڻ موجود آهن. رهائشي گهر گَهڙيل پَٿر سَٿي ٺاهيا ويا هئا. ڪمرا ڪجهه وڏا ۽ اڳيان اڱڻ موجود هو، اُتي ٿُلهن ٿانَوَن جو تمام گهڻو ٺِڪراٺو موجود آهي؛ اهي ٿانَوَ هٿن سان ٺاهي پَچايا ويا هئا. چڪ تي ٺهيل ڪنهن ٿانَوَ جو ٺِڪر نه مليو. اتي ڪجهه ٿوري تعداد ۾ چقمق جي پٿر جا ٽُڪرا به ڳولڻ سان ملي ٿا وڃن. هن بُٺيءَ جي چوٽيءَ تي رهائشي جاين جي اڏاوتي پٿرن سان گڏ ڪجهه گَهڙيل اوزار به ڪجهه تعداد ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. جن ۾ تيز ڌار واريون ڇِليل پَٿر جون ننڍيون ڪُهاڙيون ۽ وڏا ڳرا ڪُهاڙا جيڪي وڻن جي وڍڻ ۽ ڇِلڻ جي ڪم ٿي آيا. گَهڙيل ڪجهه ماپُن جا نوڪدار پٿر، جيڪي ڪاٺ يا چمڙي مان مختلف ماپن جا سوراخ ڪڍڻ لاءِ ڪارگر هئا. پَٿر جا گَسائيندڙ اوزار جن سان شين کي لسو ڪري ٿو سگهجي،۽ پيسائي ڪرڻ لاءِ مختلف قسمن جا ڊگها ۽ گول هٿ سان گَهڙي کهرا ڪيل پٿر وغيره کوٽڻ سان يا وڌيڪ وقت ڏيڻ سان ممڪن آهي، ته ڪجهه وڌيڪ شيون به ملي وڃن. هيٺ چاڙهي وارين غارن ۾ به انساني رهائش جا نشان آهن، پر اُهي غارون زبون حالت ۾ آهن، سندن فرش جي مٿان غارن جي ڇت مان ڊهي ڪِريل چاپُڙ، پَٿر ۽ دز جا مڻ موجود آهن.کوٽائيءَ سان اُتان به قيمتي نشانيون ملي سگهن ٿيون. چاڙهيءَ کان هيٺ لهيلٽ ڍوري جي پاڻي کي روڪڻ لاءِ پَٿرن سان گبربند ( ڊئم ) به ٻڌل هئا. هيٺ لهيلٽ ڍوري جي ڪشتين واري تراڙ تي ماڻهن جي پيرن جن ۾ وڏن ۽ ٻارڙن جا پير ۽ کُرن وارن جانورن، جي پيرن جي نشانن کان سواءِ اناج پيهڻ لاءِ مختلف ماپُن جون ڪجهه نِنگهون به موجود آهن. ان کان پوءِ هڪ ٿوري پٿريلي ميدان کانپوءِ اولهه طرف جابلو کُليل وادي، جو ميلن ۾ ميدان آهي، جيڪو اڄ تائين موجود آهي.
    اهڙيءَ ريت انهيءَ دور جي هڪ ٻي قديم انساني آباديءَ جا نشان تونگ شهرجي ڀَر ۾ رتن ناٿ جي سَماڌيءَ جي اوڀر طرف هڪ جابلو ڇيڙي تي موجود آهن. جتي هڪ ڳُتيل انساني آباديءَ واري قديم ڳوٺ جا آثار وڌيڪ چِٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هن ڳوٺ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ رتن ناٿ جي ڀر واري قدرتي قديم چشمي مان هڪ اَڏ يا واهي ٺهيل هئي، جيڪا چشمي جو پاڻي انهيءَ ڳوٺ تائين پهچائيندي هئي. اها اَڏ سڄي جي سڄي پنڊپهڻ ٿيل آهي، انهيءَ ڪري هن ڳوٺ جي آثار کي به برفاني دور کان اڳ واري دور سان جوڙي سگهجي ٿو.ڇوته ڪافي عرصو اها مٽيءَ سان جوڙيل اَڏ موسمي مهميزون سَهي پَٿر جي ٿي ويئي آهي. اها پنڊ پهڻ ٿيل اَڏ يا واهي به برفاني دور کان اڳ جي ٿي لڳي، جيڪا وڏي محنت ۽ مهارت سان هيٺان ڳَرا پَٿر وڇائي، انهن جي مٿان مٽيءَ سان ٺاهي ويئي هئي. انهيءَ اَڏ جي اندروني ويڪر سراسري طور 18 انچ ۽ ٻاهرين ويڪر 2 فوٽ 3 انچ آهي، ۽ هن وقت به زمين کان 5 فوٽ مٿانهينءَ تي آهي. شايد استعمال ٿيڻ واري زماني ۾ اها اَڏ اڃان به وڌيڪ اوچائيءَ تي وهندي هوندي، جيڪا موجوده واٽر سپلاءِ جي جديد اصولن تحت ٺاهيل هئي. جنهن کي ڏسڻ بعد انهن قديم سنڌي ماڻهن جي ڪاريگري ۽ ڏاهپ کي داد ڏيڻ تي دل چوندي. اَڏ جي تعمير انهن قديم ماڻهن جي گڏيل محنت ۽ آبپاشي جي نظام جي مهارت جو تمام وڏو اُهڃاڻ آهي.
    اهڙيءَ ريت انهيءَ دور جي هڪ ٽئين انساني آبادي گنجي ٽڪر تي به موجود آهي. ڪوهستان جي ڏکڻ اوڀر جي آخري ڇيڙي تي موجوده حيدرآباد شهر وارو گَنجو ٽَڪر به قديم زماني کان پنهنجي قائم هئڻ جي شاهدي ٿو ڏي. هي جابلو ٽَڪري تَهدار جبلن ۾ ڳڻي سگهجي ٿي. هي ٽڪري پنهنجي پيدائش واري وقت کان پوءِ وڌيڪ وڌندي رهي آهي ۽ تَهدار بڻجي ويئي آهي. گنجي ٽڪر جي تَهن جو گهرائيءَ سان جائزو وٺبو، ته هن جي هر تَهه ۾ تاريخ جو هڪ دور دفن ٿيل ملندو. هن ٽڪريءَ جي تَهدار بڻجڻ ۾ ڪوهستان جي سڀ کان وڏي نئن بارڻ جو وڏو هٿ آهي، جيڪا 1756ع تائين موجوده سنڌو درياءَ جي وهڪري کان اڳ ۾ هتي ڇوڙ ڪندي رهي هئي. هتان ئي ڪوهستان جي پاڻيءَ جا وهڪرا هزارين سال وهندا ٿَر تائين ويندا رهيا. انهن قديم وهڪرن سبب هن ٽَڪريءَ تي تَهن مٿان تَهه ٺهندا رهيا. پاڻيءَ جي وهڪرن سبب هي علائقو تاريخي طور سرسبز ۽ شاداب رهندو آيو. انهيءَ ڪري هن ٽَڪريءَ تي زندگيءَجو وجود به تمام گهڻو آڳاٽو آهي. هن ٽڪريءَ جي چوٽين تي پڻ قديم شروعاتي انسان جي رهائش جا آثار ڏسڻ لاءِ ملن ٿا. هن ٽڪريءَ جي مختلف حصن تي پاڻيءَ جي ٽڪراءَ سبب ڪيتريون ئي قدرتي غارون آهن، جيڪي هن ٽاڪرو سلسلي جي چوٽين کان ٿورو هيٺ ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. انهن قديم قدرتي غارن جو وڌيڪ تعداد ديهه گوندر جي حدن ۾ کَٿڙ کان مقبره شريف ويندڙ لنڪ روڊ جي ڀَرَ ۾ ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ٽَڪريءَ تي موجود آهي. هنن غارن ۾ شروعاتي ڪوهستان جي ٻئين دور جي ماڻهن جي رهائش جا آثار ملن ٿا. هي غارون هڪٻئي سان لڳولڳ آهن، جيڪي هن ٽَڪريءَ جي چئوطرف ڦري اچن ٿيون. هي غارون، جيڪي قدرتي پاڻيءَ جي کاڌ سبب ٺهيون هيون،بعد ۾ ماڻهن غارن جي اندر پنهنجي رهائش جي دوران شين رکڻ لاءِ جارا ۽ ٻن غارن کي ڳنڍڻ لاءِ وچان دروازا به ٺاهيا آهن. جن مان لڳي ٿوته هنن وٽ پٿرن کي گَهڙڻ لاءِ مضبوط اوزار به هئا. غارن جي اڳيان اَڱڻ به آهن ۽ هيٺ لهڻ لاءِ رستا به ٺهيل هئا، جيڪي وقت گذرڻ سان گڏ پنهنجي اصليت وڃائي ويٺا آهن. پر انهن قديم رستن جي جاءِ تان هن ٽڪريءَ تي مٿي غارن تائين پهچڻ وارا رستا گهڻو مشڪل ناهن. مٿي ٽڪريءَ جي ڇت تي پڻ انساني آباديءَ جا نشان آهن، جيڪي پَٿرن جا ننڍا گهر ٺاهي رهندا هئا. هتي چقمق جي پَٿرن جا ٽُڪرا ۽ پَٿر جا مختلف اوزار پڻ موجود آهن. اوزارن ۾ شڪار جا اوزار، ۽ کانڀاڻيءَ جا پڪل ڳوڙها وڌيڪ آهن. ڪجهه هڏا به پنڊپهڻ ٿيل ملن ٿا، لڳي ٿو ته هي ماڻهو گوشت خور به هئا، سندن رهائشي غارون زبون حالت ۾ آهن. جيڪي هن وقت ڇتين مان ڪِريل مَڻين مٽيءَ سان ڀَريل آهن، تنهن هوندي به جاڙيون غارون پنجويهه کان ستاويهه فوٽ ڊگهيون ۽ ست فوٽ ويڪريون آهن. اڪيليون غارون سراسري طور ڏهه فوٽ ڊگهيون ۽ پنج فوٽ ويڪريون آهن. زبون حالت سبب ڄڻ سندن اها ويڪر اڌ هوندي، ڇو ته دروازن وارا پاسا ڊٺل حالت ۾ آهن. ٽڪريءَ جي هيٺ سامهون اولهه طرف ٻي انساني آباديءَ جا نشان آهن، جيڪي پهرين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ سُڌريل هئا. انهن ماڻهن جا گهر ڪجهه وڌيڪ ويڪري اَڱڻ سان ۽ قطار ۾ آهن. گهرن جي ايراضيءَ ۾ هٿ سان ٺهيل ٺِڪر جا ٿانَوَ، گَهڙيل پَٿر جا تيز اوزار، چقمق جا پَٿر، پنڊپهڻ ٿيل هڏا ، کانڀاڻيءَ جا پڪل ڳوڙها، ۽ ڪجهه وڏا گول گَهڙيل پَٿر ملن ٿا. گڏو گڏ هن ايراضيءَ ۾ لوهه جا ٺهيل اوزار، ڪُهاڙيون، تيرن، ۽ ڀالن جا ڦر، ڪات، ڇُريون وغيره کانسواءِ وڏي مقدار ۾ لوهه جا ٽُڪرا موجود آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته، هتي لوهه جي زماني تائين انساني آباديون، قائم رهيون. لوهه جي وڏي تعداد مان ائين ٿو محسوس ٿئي، ڄڻ هتي ڪا لوهارن جي بازار يا لوهه جي صنعت جو مرڪز هجي. هتي هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي، ته پوري ڪوهستان ۾ پنڊپهڻ ٿيل شيون پَٿر جون ٿي ويل آهن، پر هتي پنڊ پهڻ ٿيل شيون لوهه ۾ تبديل ٿي ويون آهن. ايتري قدر جو مٺي پاڻي جا ڪوڏا ۽ سپيون به لوهه جهڙا ٿي ويا آهن. هن ٽڪريءَ جي هيٺان واري انساني آباديءَ جي سامهون اولهه طرف ٽَڪرين جي وچ ۾ هڪ قدرتي تلاءُ آهي، جتي اڃان تائين پاڻي ذخيرو ٿئي ٿو. هن جابلو قدرتي تلاءَ جو تَرَ وارو فرش گَهڙيل پٿرن سان ٻَڌو ويو آهي. فرش جي هيٺان واري موجود آهي، جنهن مان لڳي ٿو ته تلاءَ جي پاڻي کي واريءَ ۾ جذب ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ پٿرن جو مضبوط فرش ٻَڌو ويو هو. انهيءَ فرش وارن پٿرن کي مٽيءَ سان بند ڪيو ويو آهي، جيڪا قديم دور جي ماڻهن جي حيران ڪندڙ تعميري ڏاهپ آهي. هي ته صرف گنجي ٽڪر جي هڪ غارن واري ٽَڪري ۽ ان جي آسپاس جي ٿوري علائقي جي مشاهدي جو نتيجو آهي. بحرحال گنجي ٽڪر جي سيني ۾ ڪيترائي تاريخ جا اهم راز لِڪل آهن، جنهن طرف هر قسم جي محققن کي اڳيان اچي پنهنجي حصي جا راز ظاهر ڪرڻ گهرجن.
    گنجو ٽَڪرُ قديم زماني کان انساني آبادين جو مرڪز رهيو آهي. شروعاتي پَٿر جي دور کان هيلتائين هي علائقو مسلسل انساني رهائش جو مرڪز رهندو پيو اچي. سڪندر اعظم جي حملي وقت به يوناني مورخن جي شاهدين موجب هتان جي ماڻهن سندن لشڪر تي راتاها هنيا. هتي ئي سڪندر جو لشڪر سامونڊي طوفان اچڻ سبب ڇِڙوڇڙ ٿي، تباهيءَ جي ڪناري تي پهتو. سڪندر کي انهيءَ طوفان سبب ڇڙوڇڙ ٿيل فوج کي گڏ ڪرڻ لاءِ ابن شاهه جي ٽَڪر تي، (جيڪو هن وقت به سُجاول ضلعي جي چوهڙ جماليءَکان ڏکڻ اولهه طرف موجود آهي) تي ڇهه مهينا ڏاڍي بدحال حالت ۾ انتظار ڪرڻو پيو. جتان هو لشڪر گڏ ٿيڻ بعد رات جو ڀنڀور تي راتاهو هڻي ڦُرلٽ ڪري، خاموشيءَ سان ڪوهستان مان گُذري ايران پهتو. چيني سَياح هيون سانگ به پنهنجي ڪتاب ۾ هتي ٻُڌڌرم جي ڪجهه اسٽوپائن ۽ سنگهاسن جو ذڪر ڪيو آهي. گنگارام سمراٽ پنهنجي ڪتاب ’سنڌو سئووير‘ ۾ هڪ روسي پادري اين نوٽو وچ جي لکڻي کي شاهد بڻائي لکيو آهي، ته؛”حضرت عيسيٰ عليه السلام به هتي آيو، ۽ ٻُڌڌرم جي ڀڪشوئن کان تربيت وٺي گيڙو لباس پائي واپس وريو. سندس بچپن هتي گذريو.“اهڙيءَ ريت هر دور ۾ گنجي ٽڪر کي نئن بارڻ جي پاڻيءَ آباد ۽ سرسبز رکيو، جيڪڏهن ڪا مُنظم تحقيق ٿئي، ته گنجي ٽَڪر تي سنڌ جي تاريخ جي سڀني دورن جا اهم ثبوت ملي سگهن ٿا.
    انهيءَ حيرت ۾ وجهندڙ ۽ مختلف دورن ۾ آباد رهندڙ گنجي ٽَڪر وارين غارن جي ڳوٺ، عجيب ’هوتوءَ جي مُر‘ نالي واري ٽَڪري ۽ تونگ لڳ رتن ناٿ جي چشمي سان لاڳاپيل اَڏ واري قديم ڳوٺ جي آثارن ڏسڻ کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ ڪجهه عرصو اڳوڻيون شديد برساتي موسمون معمول تي رهيون.پاڻي هيٺ لٿو، هيٺ واديون ظاهر ٿيون، ۽ انساني آباديون جبلن تان هيٺ لٿيون. هيٺ جابلو واديون سَرسَبز هيون، جتي ڪُٽنب کان انساني ارتقا جو سفر اڳتي هليو،ماڻهن زراعت جي شروعات ڪري آبپاشيءَ جي نظام ۽ زمين کان مٿي اَڏون ٺاهي پاڻي پهچائڻ ۽ وارياسين جابلو گهارن جي تَر ۾ فرشبندي ڪرڻ جي ڏاهپ سِکي چُڪا هئا. مختلف جبلن تان ماڻهن جي هيٺ وادين ۾ لَهڻ سان ماڻهن جي ميل جول سان وادين ۾ هڪ گڏيل سماج جُڙي ويو. اهي ماڻهو مختلف جبلن جي چوٽين تي رهندي، ماضيءَ جا الڳ الڳ تجربا کڻي هيٺ وادين ۾ آيا هئا. انهن جي حاصل ڪيل تجربن جي بُنياد تي گڏيل سماجي ڏاهپ جو جنم ٿيو. انهيءَ زماني جا ماڻهو انهيءَ گڏيل تجربن واري ڏاهپ سان گڏجي ترقي ڪرڻ لڳا. هنن شروعاتي زراعت جو به شعور حاصل ڪري ورتو، مختلف فصل به پوکڻ لڳا. انهن ماڻهن اَناج کي سَنگن کان ڌار ڪرڻ لاءِ تَراڙن ۾ موجود قدرتي ٺهيل نِنگهن کان به ڪم ورتو. باهه ٻارڻ به سکي ورتي. چوطرف ڍورا پاڻيءَ سان ڀَريل هئا، ٿوري برسات وسڻ سان ڪوهستان ۾ موجوده نئيون درياهن جو ڏيک ڏينديون هيون. انهن جا ڪنارا به آباد ٿيا، پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ هنن گبر بند به ٻڌا، جيئن پاڻي ضايع نه ٿئي يا سندن آباديون ۽ فصل پاڻي نه ٻوڙي. هنن باهه ٻارڻ جي هُنر سکڻ بعد پاڻي ۽ اناج ذخيرو ڪرڻ لاءِ هٿن سان ٿانَوَ جوڙڻ به شروع ڪيا، ڇو ته ٿانَوَ پچائڻ جو هُنر به وٽن موجود هو. آسپاس پاڻي هئڻ سبب ڍورا ۽ کڏون مڇيءَ سان ڀرجي ويون. اناج ۽ مڇيءَ جي گهڻائيءَ سبب سندن روزگار جي پريشاني لهڻ بعد هنن وڌيڪ آسائشن لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا هوندا. ڪوهستان ۾ چقمق جي پَٿر جي ملڻ سبب هنن اوزار به گهڙڻ شروع ڪيا، جن ۾ ڪُهاڙيون، ڪپ، ڇُريون، ۽ گسائڻ وارا اوزار ٺاهيا.سياري جي مُند ۾ سيءَ کان بچڻ لاءِ مچ به ٻاريا، ڪچهريون به شروع ڪيون. انهن ڪچهرين ۾ هڪٻئي کان حال احوال وٺندي، هڪٻئي جي تجربن مان سِکيو هوندو، گڏيل ڪمن جا منصوبا جوڙيا هوندا. ائين سندن گڏيل لوڪ ڏاهپ ۾ واڌارو ٿيڻ لڳو هوندو، جنهن سبب هتان جي ماڻهن جي سماجي ارتقا ۾ سندن گڏيل ڏاهپ وڌڻ سان تيزي آئي هوندي.هنن جي گڏيل سماجي شعور سان منجهن مُحبت به وڌي هوندي، انساني همدرديءَ جو عنصر به پيدا ٿيو هوندو. هڪ سُڌريل معاشري جو جنم ٿيو هوندو. ساڳئي نموني ڪوهستان جي وسيع ايراضيءَ جي حساب سان ماڻهن جو تعداد ٿورو، وسيلا بيشمار هئڻ سبب هڪ طرف هڪ باشعور سماج ٺهيو، ته ٻئي طرف ڪوهستان جي خالي وادين ۾ جهنگل ۽ ٻيلا وڌي ويا، جن ۾ جانورن جي افزائش ٿيندي رهي. ديو هيڪل جانور به انهن جهنگلن ۾ رهندا هئا، جن مان شاهدي طور چئن وڏن جانورن جا پنڊ پهڻ هتي هوتوءَ جي مَرُ واري ٽَڪريءَ کان ويجهو ئي ڪنڊي ترائيءَ ۾، يا اڳئين دور جي ذڪر ڪيل شاهدين موجب جهمپير کان ڪجهه مفاصلي تي آڃڙي ۾ ۽ جنگشاهيءَ جي ويجهو ڏسڻ لاءِ موجود آهن؛ جن کي مقامي ماڻهو اُٺن ، مينهن يا هاٿين جا پنڊپهڻ چون ٿا. جن جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آهي. جانورن جو تعداد وڌڻ سبب اُنهن ديو هيڪل جانورن انساني آبادين تي يلغارون به شروع ڪيون هونديون. انهن جانورن ۾ هاٿي، گينڊا، شينهن، چيتا، بگهڙ، چراخ، ڳورپٽون، مِرون، گورخر، لومڙ، گدڙ، سيڙهون، ٻِلا، واڳون، مختلف نانگ بلائون، گڏهه، اُٺ، ڍڳا، ڍڳيون، سرهه، گڍ، ڦاڙها، هرڻ، جهنگلي ٻڪر، ٻڪريون، ۽ رڍن وغيره، کانسواءِ ٻيا به ڪيترن ئي گم ٿيل جهنگلي جانورن جا نسل موجود هوندا. جن مان ڪافي جانورن جا نسل اڃان تائين ڪوهستان ۾ وڏي تعداد ۾ موجود آهن. ڪوهستان جا ماڻهو وسيلن جي گهڻائي ۽ باهمي مُحبت واري ماحول سبب جنگي ۽ شڪاري طريقن کان اڻ واقف هوندا. انڪري وٽن جنگي مقابلي وارا هٿيار به نه هئڻ جي برابر هوندا. هنن وٽ صرف جانورن کي ڊيڄارڻ وارو هڪ هٿيار باهه موجود هئي، جنهن ذريعي هو راتيون جاڳي پنهنجو دفاع ڪرڻ لڳا. پر آخرڪار مجبوريءَ جي حالت ۾ کين وري ننڍين ۽ اُڀين ٽَڪرين تي چڙهڻو پيو، جن کي انهن قديم ماڻهن قلعي طور استعمال ڪيو هو. انهن اُڀين ٽڪرين تي هو هٿرادو چاڙهيون ٺاهي پوءِ انهن چاڙهين جي مُنڍ تي حفاظتي مورچن طور غارون ٺاهي اُنهن ۾ نگراني لاءِ چوڪيداري نظام تحت هڪڙا ماڻهو رات جو جاڳي پهرا ڏيندا ۽ باهه ٻاري رکندا هئا؛ ته ٻيا ماڻهو مٿي گَهرن ۾ آرام ڪندا هئا. انهيءَ قسم جي هڪ آبادي 1هوتوءَ جي مُر‘ واري اُڀي ٽَڪريءَ تي مشاهدي لاءِ موجود آهي. ڏينهن جو وري اُهي ماڻهو ٽولين جي صورت ۾ هيٺ جهنگلن ۽ ٻنين طرف اچي ڪار وَهنوار ڪندا هئا. هتي وڍيل ڪاٺ جا پنڊ پهڻ ٿيل ٽُڪرا به موجود آهن، جيڪي اُنهن قديم ماڻهن جي سيءَ کان بچڻ لاءِ ۽ جهنگلي جانورن کي ڊيڄارڻ جي شاهدي ڏين ٿا. سندن سُڌريل، باشعور ۽ هُنر مند هئڻ جون شاهديون سندن رهائشي نظام مان ملن ٿيون. جنهن مان اهو به چئي سگهجي ٿو، ته قديم ماڻهو پنهنجي اوگهڙ به ڍڪيندا هوندا. وڻن جي ڇوڏن جي تندن يا چمڙي جي لباس جون سموريون شاهديون هزارين سالن جي موسمي اثرن سبب موجود ته ناهن، پر کين انگ اگهاڙا به تسليم ڪرڻ غلط ٿيندو. هن زماني جا ماڻهو جانورن جو ٿورو شڪار به ڪندا هئا، شايد اهو پنهنجي لباس لاءِ چمڙي حاصل ڪرڻ جي مقصد سان ڪندا هئا. هوتوءَ جي مُر واري ٽڪريءَ تي هڪ وچولي جانور جي گوڏي جي هڏي جو ٽُڪرو ڏسڻ ۾ آيو هو، جيڪو سندن اهم ضرورت وقت شڪار ڪرڻ جي شاهدي ڏيئي رهيو هو. پر سَنهن پَٿرن مان گَسائي ٺاهيل مڇي ڦاسائڻ جي ڪُنڍين جا ٽُڪرا ڪوهستان ۾ قديم ماڳن تي ڪٿي ڪٿي نظر اچن ٿا. هن دور جا ماڻهو محبتي، هُنرمند، ۽ گڏيل انساني سگهه تي ايمان رکندڙ ضرور هئا. انهي زماني ۾ گڏيل سماج طور رهڻ ۽ زرعي دور ۾ داخل ٿيڻ سبب ڪا ٻولي به ضرور ڳالهائيندا هوندا. سندن ڪچهريون، جيڪي هو رات جو مچن تي پهرا ڏيندي ڪندا هئا، تن مان ضرور ڪن ادبي شاهڪارن به جنم ورتو هوندو. پر غارن يا رهائشي جاين تان اهڙي ڪابه شاهدي ظاهري طور نظر نه ٿي اچي. شايد ماڳن جي کوٽائي يا تحقيق جي سلسلي ۾ ڪا مُنظم ۽ سنجيده ڪوشش اهڙين شاهدين ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿئي. جنهن بُنياد تي هن ٻئي دور جي ماڻهن کي مڪمل طور سُڌريل ۽ زرعي دور ۾ رهندڙ ماڻهو قرار ڏيئي سگهجي.
    ڪوهستان ۾ انساني تهذيب جا بيان ڪيل ٻئي دور ڪوهستان ۾ آيل برفاني دور کان اڳ جا آهن، جيڪي گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ آڳاٽا آهن.مٿئين ڳالهه بغير ڪنهن کوٽائيءَ ۽ شين جي سائنسي ڇنڊڇاڻ جي صرف چند جاين تي ظاهري ۽ مختصرشين جي مشاهدن جي بُنياد تي چئي سگهجي ٿي. انهيءَ مان اها به ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي، ته سنڌي تهذيب پنج هزار سال پراڻي نه پر گهٽ ۾ گهٽ هڪ لک سالن کان به وڌيڪ قديم آهي. انهيءَ ڳالهه جي وڌيڪ پَڪ هڪ جامع سائنسي بنيادن تي ڪيل ڪنهن مضبوط اداري جي تحقيق بعد ئي ٿي سگهندي.


    ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو ٽيون دور

    ڪوهستان ۾ ٽيون تهذيبي دور، برفاني دور کان پوءِ ڪوهستان ۾ ٻيهر انساني آباديءَ سان شروع ٿيو. برفاني دور جي دوران جيڪي ماڻهو هتان کان رَتناڪر جي ميدان ڏانهن ويا هئا. تن آفريڪا کان سريلنڪا تائين پنهنجون آباديون وڃي قائم ڪيون هيون. اُتي ڳوٺ ٻَڌا، مختلف ڌنڌا ڪيا ۽ مختلف جاين تي پنهنجي ڪيل اڏاوتن جا نشان ڇڏيا. جن جي شاهدي هندي سمنڊ جي ٻيٽن ۾ موجود بنان ڪنهن مسالي جي جوڙيل قديم تعميرات مان ملي ٿي. اهڙين ڪجهه اڏاوتن بابت، سنڌ جي تاريخ تي شاهڪار ڪتاب لکندڙ، گنگارام سمراٽ به پنهنجي لکيل ڪتاب ’سنڌو سئووير‘ ۾ ذڪر ڪيو آهي. رتناڪر جي ميدان ۾ رهائش دوران هتان کان نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو آفريڪا کان سريلنڪا تائين رتناڪر جي ميداني علائقن ۾ پکڙي ويا. اتي ڪجهه ڊگهو عرصو يعني سنڌ ۾ برفاني دور جي ختم ٿيڻ تائين رهيا. هنن امن پسند ماڻهن آفريڪا کان سريلنڪا تائين اُتان جي رهاڪن سان سُٺا تعلقات رکيا. اُتان جي ماڻهن کان ميداني علائقن ۾ زندگي گذارڻ جي ڏاهپ سکي، ۽ اُتان جي ماڻهن به ڪوهستاني ڏاهپ جون کانئن ڪافي ڳالهيون سکي ورتيون. انهيءَ ٻنهي طرفن جي ميل جول سان ڪوهستان مان لڏي ويل ماڻهو شعوري طور وڌيڪ سگهارا ٿيا. منجهن وڌيڪ عقل ۽ سمجهه پيدا ٿي، ۽ سندن سماجي ڏاهپ ۾ اضافو آيو، جنهن کي هو پنهنجي ڪوهستاني سماجي ڏاهپ سان جوڙي وڌيڪ عقلمند ٿيا.انهيءَ سبب هي هڪ مُهذب قوم جي شڪل ۾ ارتقاپذير ٿيا. برفاني دور جي خاتمي سان رتناڪر جون جاگرافيائي حالتون بدلجڻ شروع ٿيون. ٿيو ائين جو جڏهن برفاني دور ختم ٿيو، تڏهن هماليا کان برف ڳرڻ سبب هيٺ سنڌو ڊيلٽا طرف پاڻيءَ جا وهڪرا ڪروڙين ٽَن مٽي آڻيندا رهيا. ٻئي طرف سنڌ جي ڪوهستان جو پاڻي به انهيءَ طرف وهڻ شروع ٿيو. نتيجي ۾ ٿَر تائين ڊيلٽا جي ڀَرجڻ کانپوءِ پاڻيءَ جو رُخ رتناڪر ڏانهن ٿي ويو. ٻئي طرف ايران ۽ اولهه وارن ملڪن جي لاڳاپيل علائقن جا جابلو وَهڪرا به رتناڪر ڏانهن وهڻ لڳا. جنهن سبب رتناڪر جو ميدان پاڻيءَ سان ڀَرجڻ شروع ٿيو. رتناڪر جي ٻُڏڻ ۾ تيزي آئي.اُتان جا رهاڪو آفريڪا، سريلنڪا ڏانهن وڃڻ شروع ٿي ويا. اهڙي لڏپلاڻ جي صورت ۾ هتان کان لڏي ويل قديم ماڻهن جا پونئر واپس سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ڏانهن اچڻ شروع ٿيا، ڇو ته هي پنهنجي خوشحال ڌرتي سنڌ ڇڏي رتناڪر ڏانهن ويا هئا. اها ماضيءَ جي خوشحالي، جنهن بابت هنن پنهنجي وڏڙن کان ٻُڌو هو، سي ڳالهيون کين واپس ڇڪي آيون، ۽ هو اُتان کان واپس ٿيا. سندن سنڌ ڏانهن واپسيءَ جو سفر ڏاڍين مُشڪلاتن مان گذريو هوندو، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان مان وهندڙ رتناڪر جي پاڻيءَ جي وهڪرن سندن واپسيءَ ۾ مُشڪلاتون پيدا ڪيون هونديون. انهيءَ ڪري هنن جلدي سنڌ جي ڏاکڻين جابلو سلسلن تي چڙهڻ شروع ڪيو هوندو. پوءِ هو ڪوهستان جي اُتر کان ڏکڻ طرف پکڙيل جابلو سلسلن تان گذرندي اڳتي وڌيا هوندا. اهو به امڪان آهي ته، هو اُنهن جابلو سلسلن تي ڪجهه وقت رهائش پذير به ٿيا هجن، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان جي وادين مان پاڻيءَ جا وهڪرا هلندڙ هوندا، ۽ هيٺ ميداني رستا پاڻيءَ سان ڀريل يا گپ چِڪ وارا هوندا. انهيءَ ڪري سندن اهڙي عارضي جبلن جي چوٽين تي رهائش جا نشان، ڏکڻ طرف سمنڊ کان ويجهو شروع ٿيندڙ جابلو سلسلن تي، ڪراچي ڪوهستان، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستاني ٽَڪرين، ۽ حيدرآباد لڳ گنجي ٽڪر تي موجود آهن.
    برفاني دور کانپوءِ ڪوهستاني علائقي جا قديم جهنگ ۽ ساوڪ تباهه ٿي چُڪي هئي. صرف برف پگهرڻ سان ڪوهستان جي تراين ۾ پاڻي موجود هو، جنهن ڪري انهن ماڻهن پنهنجي گُذر سفر جا وسيلا ڪجهه وقت جبلن جي مٿانهين تي رهندي، هيٺ ٻيهرتلاش ڪرڻ شروع ڪيا هوندا. انهيءَ زماني ۾ اُهي واپس آيل ماڻهو وادين مان پاڻي نڪرڻ کان پوءِ ڪوهستان جي مختلف جابلو وادين ۾ ورهائجي ويا هوندا. ڪوهستان ۾ برفاني دور دوران ڪوهستان جا اڳوڻا سمورا ٻيلا ۽ ساوڪون سُڪي تباهه ٿي چُڪيون هونديون، ۽ سندن پنڊپهڻ ٿيڻ وارو عمل جاري هوندو. انهيءَ سبب ڪوهستان ۾ روزگار جي وسيلن جي سخت کوٽ هوندي، صرف ڪجهه پکي، ٿورا برفاني جانور، ۽ ڍنڍون بڻجي ويل وادين ۾ ڪجهه آبي جيوت يا مڇيون موجود هونديون؛ جن تي انهن ماڻهن عارضي طور گُذران ڪيو هوندو. وادين ۾ وري ڪجهه ڦوٽهڙو به ٿيو هوندو، جلدي ساوڪ رهيل ٻجن مان ڦُٽي نڪتي هوندي، وڻ، ٻوٽا ۽ جهنگ به ٻيهر ساهه کڻڻ لڳا هوندا؛ زراعت لاءِ ماحول سازگار ٿيو هوندو. ماڻهن وادين ۾ بچيل پاڻي به گبربند يعني ڊيم ٻَڌي روڪيو هوندو. جبلن مان چشما به وهي نڪتا هوندا، جيئن ته هو زراعت جي هُنرن کان واقف هئا؛ ان ڪري هنن وري ٻنيون آباد ڪري پنهنجا ڳوٺ ٻَڌا هوندا. هُنر مند ماڻهن به سُڪل ڪاٺ ۽ ٻين شين مان انساني ضرورتن لاءِ ڪم ايندڙ شيون ٺاهڻ شروع ڪيون هونديون. اهو ٻيهر آبادڪاريءَوارو دور به ڪافي سال رهيو هوندو. رتناڪر مان آيل ماڻهن جي شروعاتي ٻيهر آبادڪاريءَ واري زندگي ڪافي مُشڪلاتن جو شڪار ٿي هوندي. غربت سبب لڳي ٿو، ته انهيءَ زماني ۾ اُنهن ماڻهن جي وچ ۾ ڪي ٽڪراءَ به ٿيا هئا، يا جهنگلن ۾ حيواني جيوت ۾ اضافو ٿيو هو، يا ڪي ٻيا سبب هئا، جو هو پاڻ کي کُليل وادين ۾ غير محفوظ سمجهڻ لڳا هئا. انهيءَ جو ثبوت اهو آهي ته، سندن وسايل ڳوٺن جا آثار جبلن جي وچ ۾ محفوظ جڳهين تي موجود آهن. اهي محفوظ جايون جبلن جي وچ ۾ ڄڻ ته قدرتي محفوظ قلعا هئا، جتي صرف هڪ طرف کان سندن اچ وڃ جا رستا کُليل هئا؛ جن قدرتي دروازن جي هو گڏجي حفاظت ڪندا هئا.
    ڪوهستان ۾ اهڙي قسم جي قديم آبادين جي آثارن ۾ دارا وارو علائقو به آهي. هي علائقو به ڪوهستان جي تونگ واري علائقي ۾ آهي. هي هڪ جبلن جي وچ ۾ هڪ مٿانهينءَ تي برساتي ڍورن جي بلڪل ڀرسان اڃان تائين ڏسڻ ۽ قديم ماڻهن جي رهائشي طور طريقن جي جانچڻ لاءِ موجود آهي. هتي پڻ محققن جي مشاهدي لاءِ ڪافي ڪجهه موجود آهي. هن علائقي ۾ هن وقت هڪ بزرگ دارا شاهه جي مزار آهي، انهيءَ ڪري مقامي ماڻهو انهيءَ علائقي کي دارا وارو علائقو سڏين ٿا. دارا واري علائقي جي اولهه طرف واري جبل ۽ رهائشي علائقي جي وچ ۾ هڪ جابلو کاهي به آهي، جيڪا ٻن سببن ڪري اهميت رکندڙ لڳي ٿي. هڪ ته انهيءَ ۾ برساتي پاڻي ذخيرو ٿيندو هو، ۽ ٻئي طرف اُها هن انساني آباديءَ جي حفاظتي پناهگاهه به هئي. هن کاهيءَ جي ڪمزور جاين تي خاص ڪري اُتر طرف ڳرن پَٿرن سان هڪ گبر بند به ٺاهيو ويو هو. جيڪو حفاظت سان گڏ پاڻي ذخيرو ڪرڻ لاءِ به ڪم ايندو هو. هن علائقي ۾ رهائشي جاين جي بُنيادن جا به آثار موجود آهن. دارا جي علائقي جي مکيه لنگهه تي به حفاظتي چوڪيدارن جي رهائش ۽ ويهڻ لاءِ ڪجهه ننڍيون جايون ٺهيل آهن. آسپاس نظرداري ڪرڻ لاءِ به مٿانهين جاين تي نظرداري ڪندڙ ماڻهن جي رهڻ ۽ ويهڻ لاءِ جوڳو بندوبست موجود هو. بهرحال دارا وارو رهائشي علائقو انهيءَ زماني جي لحاظ کان هڪ مڪمل قلعو هو، جيڪو قدرتي جبلن جي پناهه گاهه طور ڪجهه حفاظتي ضرورتن جي هٿرادو پورائي ڪرڻ کان پوءِ هر لحاظ کان محفوظ ترين هو. هن کي پڻ دنيا جي اوائلي قديم قدرتي قلعي طور هر لحاظ کان ڳڻي سگهجي ٿو،جنهن جو شُمار جنت مڪان بُٺيءَ جي هٿرادو تعميرڪيل قديم قلعي کان پوءِ ٻئي نمبر تي قدرتي قلعي طور ٿي سگهي ٿو. هتي سنجيدگيءَ سان کوٽائي ڪرڻ تي عظيم تهذيبي نشان ملي سگهن ٿا، جيڪي انهن قديم ماڻهن جي رهائشي طور طريقن بابت گهڻي ڄاڻ ڏيئي سگهن ٿا.
    انهي ساڳئي دور جا ٻيا آثار تونگ لڳ اڳ ۾ بيان ڪيل پنڊ پهڻ ٿيل واهي واري ڳوٺ ۾ به نظر اچن ٿا، جيڪي برفاني دور جي خاتمي تي انهيءَ ڳوٺ وارن جي پونئرن جي واپسيءَ تي ٻيهرآباد ٿيڻ جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن. شايد اُتان لڏي ويل ماڻهن جي پونئرن سوين سال رتنا ڪر جي ميدان تي گُذارڻ بعد وري اچي اهو ڳوٺ وسايو هو. هي ڳوٺ پراڻي ڳوٺ جي آثارن سان لڳو لڳ اوڀر طرف ٻيهر آباد ڪيو ويو هو، پر ٻيهر آباد ٿيندڙ ماڻهو اڳي هن ڳوٺ ۾ رهندڙ سندن وڏڙن کان وڌيڪ سُڌريل هئا. شايد اُنهن ماڻهن ۾ اهو وڌيل سُڌارو رتناڪر جي ميداني علائقن ۾ سوين سالن جي مُشاهدن ۽ تجربن جو نتيجو هو. هن نئين آباد ڪيل ڳوٺ جي ڪجهه حصي ۾ دڪان به ٺهيل هئا، جن جا آثار چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ڳوٺ باقاعده منصوبه بندي موجب ٺاهيل هو، سڌيون گهٽيون، وچ ۾ چوسول، وڏي کُليل ايراضي تي اَڏيل هي ڳوٺ هڪ خوبصورت کُليل شهر جهڙو ڏيک ڏيندڙ هو. اڳتي هلي آسپاس ڏانهن کُليل رستن جي ڪري مختلف واپارين جي آمد سبب هتي واپاري رُجحان پيدا ٿيا ۽ هي ڳوٺ هڪ شهر ۾ تبديل ٿي ويو. اڏاوت جي لحاظ کان هي شهر به پنهنجي وقت جو خوبصورت شهر هوندو. هن شهر جي ايراضي به جبلن جي وچ ۾ قدرتي طور تي قلعي نُما علائقي ۾ آهي. اوڀر ۾ کيرٿر جبل، ڏکڻ ۾ گز جبل ۽ ٻيلي ٺپ تي قديم چشمو، جيڪو هن وقت سُڪل آهي. انهيءَ پاسي جبلن جي وچ مان لسٻيلي ڏانهن خشڪيءَ جو قديم رستو به هو، ساڳئي پاسي گز جبل تي گبر بند جا پراڻا آثار به آهن. انهيءَ پاسي دمبار جبل تي انساني قدمن جا به نشان موجود آهن، جيڪي ڳوٺ قادربخش باريجي جي سامهون مُشاهدي لاءِ موجود آهن. ڏکڻ اوڀر ڪُنڊ تي حيدر آباد ۽ ٺٽي ڏانهن به جبلن جي واديءَ مان رستو آهي.اُتر کان ڏکڻ طرف هڪ جابلو ڦنگ، هن ڳوٺ جي حيرت ۾ وجهندڙ آثار مِيرِي جي بُٺيءَ سان لڳو بيٺو آهي. هن ڳوٺ جا ڪافي آثار جيڪي اولهه ۾ بَشِيءَ جي قبرستان تائين ميلن ۾ پکڙيل هئا. تن ۾ موجوده دور جي ماڻهن رتن ناٿ جي قديم چشمي جي پاڻي تي فصل به پوکيا آهن، جن سان هنن آثارن جي ڪافي حصي کي نقصان به پهتو آهي. هن قديم آثار سان بلڪل گڏ لڳولڳ مِيرِي جي بُٺيءَ نالي سان هڪ حيرت ۾ وجهندڙ آثار به آهي، جيڪو به اڳتي هلي انهيءَ ڳوٺ جي رهاڪن ڪنهن دور ۾ تعمير ڪيو هوندو.
    مِيرِي جي بُٺيءَ جو آثار عجب ۾ وجهندڙ آهي. هي هڪ هٿرادو طور مٽيءَ ۽ پٿرن سان ڀرائي ڪري ٺاهيل ٽَڪري جيان اوچو آهي، حالانڪ هن قديم شهر جي آثارن جي چوڌاري يا ڀر ۾ جابلو سلسلا، ٽَڪريون ۽ ڦنگ موجود آهن. انهيءَ ڪري ايڏي محنت سان سالن جا سال مٽيءَ ۽ پٿرن جي ڀرائي ڪري هٿراڌو بُٺي ٺاهڻ جي آخر هنن قديم ماڻهن کي ڇو ضرورت پئي؟ جيڪا ڳالهه ئي حيرت ۾ وجهي ٿي. هن قديم شهر کان اتر اولهه ڪُنڊ تي اها هٿراڌو بُٺي ٺاهي ويئي، جيڪا هن شهر سان لڳولڳ ٺاهي ويئي هئي. هن بُٺيءَ جي ايراضي تقريبن هڪ ايڪڙ کان ڪجهه وڌيڪ آهي، جيڪا ڳرن پٿرن جا بُنياد ڀَري انهن بُنيادن مٿان ٿُلهن پَٿرن جي ديوار کڻي گول شڪل ۾ ڪجهه اوساري ڏني ويئي آهي. پوءِ ان جي ويجهو ئي اوڀر طرف هڪ ايراضيءَ ۾ هڪ کڏ، يا کاڻ کوٽي، انهيءَ مان مٽي کڻي، هن بُٺيءَ کي مٽيءَ ۽ پَٿرن سان ڀريو ويو آهي. گولائيءَ جي شڪل ۾ تقريبن 200 فوٽن کان ڪجهه گهٽ اوچائيءَ تي هڪ هٿرادو بُٺي يعني ٽَڪري ٺاهي ويئي هئي. غور سان جانچڻ بعد معلوم ٿيندو، ته انهيءَ هٿراڌو بُٺيءَ تي مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ اوڀر طرف کاڻ واري طرف کان ۽ ٻي اُتر طرف هڪ جابلو ٽَڪري جي ڦنگ کان چاڙهيون به ٺاهيون ويون هيون. پر انهن چاڙهين جو رُخ مٿي چوٽيءَ جي بجاءِ بُٺيءَ جي سڌو اندر آهي. شايد انهيءَ بُٺيءَ جي اندر ڪا جڳهه به ٺاهيل آهي، اها ڪهڙي مقصد سان ٺاهي ويئي هئي. يا اُن ۾ اندر ڇا رکيو ويندو هو، اهو هڪ راز آهي، جنهن جي خبر هن بُٺيءَ جي کوٽائي ڪرڻ سان ئي پوندي. گُمان آهي، ته انهيءَ جاءِ ۾ جيڪا ايڏي وڏي محنت سان ٺاهي ويئي هئي، ان ۾ ڪي تمام قيمتي شيون رکندا هئا، يا اهو ڪو مصر جي اهرامن جي نموني ٺاهيل ڪو اهرام هو؛ جتي هو لاشن کي ممي بڻائي رکندا هئا. جي اُتي ڪي قيمتي شيون رکيل آهن، تڏهن به انهيءَ بُٺيءَ جي کوٽائيءَ سان تاريخ جا تمام وڏا اهم دفن ٿيل راز کُلندا، جيڪي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن اها جاءِ ڪا مصر جي اهرامن جيان مميون رکڻ جي جاءِ آهي، تڏهن به هن بُٺيءَ جي قدامت مصر جي اهرامن کان گهڻو آڳاٽي آهي. انهيءَ مان اها ڳالهه ظاهر ٿيندي، ته مصري تهذيب جن اهرامن تي ناز ڪري ٿي، تن کان اڳ ۾ اها ڏاهپ سنڌ ۾ موجود هئي ۽ مصر وارن اها اهرام ٺاهڻ واري ڏاهپ سنڌ وارن کان سکي هئي؛ جيڪا ڳالهه به سنڌي تهذيب جي قدامت کي ظاهر ڪندي.
    ڪجهه سال اڳ ۾ اها ڳالهه به منظر عام تي آئي هئي، ته بلوچستان مان ڪا قديم ممي هٿ آئي آهي، پر انهيءَ بابت وڌيڪ ڪا ڳالهه هن ملڪ جي آرڪيالاجي کاتي طرفان ظاهر نه ڪئي ويئي، نه ئي انهيءَ بابت ڪا تحقيق ٿي، ته اها ڪهڙي زماني جي آهي.
    علامه سيد سُليمان ندوي پنهنجي مشهور ڪتاب عرب و هند ڪي تعلقات ۾ لکيو آهي، ته؛ ”مصر جي ٺاهيل ممين جي مسالي جون ڪافي شيون سنڌ مان گُهرايون وينديو هيون.“ ڪن ڪتابن ۾ اهو به لکيل آهي، ته مصر جي فرعون اخناتون پنهنجي محل ٺاهڻ لاءِ سنڌ کان معمار گهرايا هئا، جن جي فن تعمير مصر وارن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. بحر حال تونگ لڳ قديم ماڻهن جي ٺاهيل هي ميري جي بُٺي پنهنجي اندر تاريخ جا ڪئين اهم راز سانڍيو بيٺي آهي. انهيءَ لاءِ هن بُٺيءَ جي کوٽائي اوليت جي بُنياد تي ڪرائڻ گهرجي.
    دارا جي علائقي واري قديم انساني رهائش واري ڳوٺ، تونگ لڳ ميري جي بُٺي، ۽ ان جي ڀر ۾ لاڳاپيل قديم واهيءَ واري ڳوٺ جي جاءِ تي ٻيهر شهر نماءُ ڳوٺ وارن سمورن آثارن ڏسڻ کانپوءِ اندازو آهي ته، برفاني دور گذرڻ کانپوءِ رتناڪر مان واپس آيل ماڻهن سان گڏ امڪان آهي، ته انهيءَ واپسيءَواري لڏ پلاڻ ۾ ڪي ٻيا ماڻهو به آيا هجن. جيڪي آفريڪا، سريلنڪا يا رتناڪر جي ميدان ۾ رهندڙ اُتان جا اصلي رهاڪو هجن. ۽ هتان جي اصل رهاڪن جي پونئرن جي واپسيءَ تي ساڻن گڏجي، هتي آيا هجن، پر انهن جو تعداد ڪو گهڻو نه هو. گهڻائي هتان جي قديم رهاڪن جي پونئرن جي هئي، ڇوته هتي واپس آيل ماڻهن جي سرگرمين مان جيڪي شاهديون مليون آهن، سي برفاني دور کان اڳ وارن هتان جي قديم ماڻهن سان ملن ٿيون. مثال طور جيئن پاڻيءَ روڪڻ لاءِ گبر بند ٻَڌڻ، حفاظتي حڪمت عملي طور جابلو پناهه گاهن جي وچ ۾ ڳوٺ ٻڌي رهڻ، رهائش جي ويجهو پاڻي ذخيرو ڪرڻ وغيره. مٿين ڏٺل قديم ماڳن جي آثارن ۾ ماڻهن جا رهائشي گهر به هڪٻئي کي ويجها آهن. انهيءَ مان ائين لڳي ٿو، ته اُنهن ماڻهن جي وچ ۾ ڪو گهرو لاڳاپو هو. هر رهائشي علائقي جي سامهون هڪ ميدان آهي، جتي شايد هو ڪي گڏيل سرگرميون به ڪندا هئا. جنهن مان انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته هنن وٽ هڪ گڏيل سماجي نظام موجود هو، جنهن تحت حالتن موجب هنن مختلف ڪم ورهائي کنيا هئا. ڪي رهائشي علائقي جي حفاظت ڪندا هئا، ڪي روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويندا هئا، ۽ هُنر مند ماڻهو سماجي ضرورتن موجب اوزار يا ٻيو ضروري سامان ٺاهيندا هئا. رتناڪر جي علائقي ۾ صدين جي رهائش دوران، ٻين قومن جي ماڻهن سان ميل جول سبب هنن جي ڏاهپ ۾ اضافو ٿيو هو. هتي ظاهري طور گَهڙيل پَٿرن سان ٺاهيل بُنيادن جا پَٿر، اوساريءَ لاءِ گَهڙيل پَٿرن جا مختلف ماپن جا بلاڪ، ان کان سواءِ مختلف ڪتب ايندڙ پَٿر جا اوزار، چقمقي پَٿر مان ٺاهيل ننڍا تيز اوزار، سندن وڌيل ڏاهپ جي شاهدي ڏين ٿا. هو باهه ٻارڻ جي مهارت کي مچ ٻارڻ کان اڳتي بَٺيُون ٺاهي سرون پچائڻ تائين وڌائي چڪا هئا. ڇاڪاڻ ته دارا واري علائقي مان محدود تعداد ۾ بنا ڪارپ جي هٿن سان ٺهيل شروعاتي پڪل سِرون به ملن ٿيون، پر انهن آثارن جي اڏاوتن ۾ سِرن جو استعمال گهٽ ۽ انتهائي ضرورت مهل ڪيو ويندو هو. تونگ وارن آثارن مان پڪل ڪارپ تي ٺهيل سِرون به ڪجهه تعداد ۾ ملن ٿيون. شايد اڳتي هلي هٿن سان سِرون ٺاهڻ کانپوءِ هنن سِرن جا ڪارپ به جوڙي ورتا هئا. دارا واري علائقي ۾ شين کي رکڻ لاءِ هٿن سان ٺاهيل پڪن ٺِڪر جي ٿانَوَن جا ٽُڪرا به ملن ٿا. باقي پاڻيءَ جي ٿانَوَن جو ٺِڪراٺو نه ٿو ملي، انهيءَ مان شڪ ٿو پيدا ٿئي، ته هتان جا ماڻهو پاڻي رکڻ لاءِ شايد چمڙي جون سانداريون استعمال ڪندا هئا. جيڪي شايد هو رتناڪر جي علائقي ۾ رهائش دوران ميداني علائقي مان ضرورت جي بُنياد تي خودرو سکيل نئين ڏاهپ طور کڻي آيا هئا. انهيءَ مان اها به ثابتي ملي ٿي، ته هو ميداني رهڻي ڪهڻيءَ جي عادت طور گُذر معاش لاءِ ڳوٺن کان ٻاهر نڪرندا هئا. پنهنجي ڪڇ ۾ پاڻيءَ جون سانداريون هڻي، پري پري تائين پنهنجين ضرورتن جي پورائيءَ لاءِ نڪري ويندا هئا.نوان وسيلا به تلاش ڪندا رهندا هئا. ڪوهستان ۾ اڄ به ساندارين جو استعمال عام آهي. پاڻي رکڻ کان لسي رکڻ ۽ کير ولوڙڻ تائين چمڙي جي ساندارين کي ڪتب آندو وڃي ٿو. جڏهن ته تونگ لڳ ميري واري بُٺيءَ جي آثارن ۾ هٿن جي گَهڙيل شروعاتي ٿانَوَن جي ٺِڪراٺي سان گڏ وڏي تعداد ۾ چڪ تي ٺاهيل ۽ ڪجهه ٿانَوَ ڪاري رنگ جي چِٽسالي ٿيل به ملن ٿا. جن ۾ پاڻي رکڻ لاءِ مٽ، دلا ۽ کير ڄمائڻ ۽ ولوڙڻ لاءِ ماٽيون وغيره به ٺِڪرين جي حالت ۾ ملن ٿيون. انهيءَ مان اها خبر پوي ٿي، ته دارا جي علائقي ۾ نج ٻهراڙيءَ وارو ماحول ۽ تونگ لڳ ميري جي بُٺيءَ واري آثارن ۾ رهندڙ ماڻهن جو شهري ۽ واپاري ماحول هو.
    هن زماني جا ماڻهو پنهنجا لاش پوريندا هئا،پر ڪجهه حيرت ۾ وجهندڙ ڊگهيون ۽ ويڪريون قبرون به آهن. نموني طور اهڙي هڪ 29 فوٽ 9 اِنچ ڊگهي ۽ 9 فوٽ ويڪري قبر، هوتوءَ جي مُر واري ٽَڪريءَ کان ڪجهه پنڌ تي جمال شاهه جي قبرستان ۾ آهي؛جيڪا اڃان تائين مشاهدي لاءِ موجود آهي. اهڙيون قبرون يا انهيءَ کان به ڊگهيون قبرون ڪوهستان جي جابلو وادين ۾ ٻين جاين تي به موجود آهن. جيئن ٿاڻي بولا خان کان اٺاويهه ڪلوميٽر اولهه ۾ ڳوٺ فضل پالاريءَ لڳ ديهه ٽڪ مڪان ۾ هڪ اٺيتاليهه فوٽ ڊگهي ۽ ساڍا ٽي فوٽ ويڪري قبر موجود آهي، جنهن کي ڪوٽيرو پير اصحابي جي قبر جو نالو ڏنو ويو آهي. اهڙي هڪ ڊگهي قبر گنجي ٽَڪر تي حيدرآباد جي قلعي جي دروازي جي سامهون به موجود آهي. انساني ارتقا جي ڪهاڻيءَ جي مُطالعي ۾ ايڏي ڊگهي قد وارن ماڻهن جي ڪٿي به شاهدي نه ٿي ملي. انهيءَ لاءِ انهن ڊگهين قبرن جي اصل حقيقت جي پڻ سائنسي بُنيادن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿي سگهي ٿو ته اهي ڪي اجتماعي قبرون هجي، جيڪي ڏُڪارن، وبائي بيمارين، جنگي حالتن، يا ڪن ٻين حادثن دوران ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ موت جو شڪار ٿيڻ بعد پويان زندهه رهجي ويل ماڻهن طرفان وقت ۽ وسيلن جي کوٽ سبب ٺاهيون ويون هجن. سنڌ ۾ زمين ۾ امانت طور به شين رکڻ جو رواج موجود هو. اهو به ٿي سگهي ٿو، ته ڪن ماڻهن امانت طور پنهنجون ڪجهه شيون زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيون هجن. جن شين کي واپس ڪڍڻ جو انهن کي موقعو نه ملي سگهيو هجي، ائين وقت گذرڻ سان اهي دفينه به قبرن سان گڏ شُمار ٿيڻ لڳا هجن. تاريخ ۾ اهڙي هڪ شاهدي پڻ موجود آهي، ته عرب فاتح محمد بن قاسم به پنهنجي حصي جو مليل مال غنيمت ڪوهستان ۾ ڪنهن جاءِ تي دفن ڪرايو هو. اوچتو حالتن جي تبديليءَ، سندس گرفتاريءَ ۽ موت بعد اهو دفن ٿيل سمورو مال غنيمت اُتي ئي دفن ٿيل رهجي ويو، جنهن کي اُتان ڪڍڻ جي ڪا به شاهدي تاريخ ۾ موجود ناهي. اهو سمورو مال به اڃان تائين ڪوهستان جي ڪنهن وڏي قبر ۾ دفن ٿيل آهي. انهن وڏين قبرن ۾ به تاريخ جا تمام وڏا قيمتي راز دفن ٿيل آهن، جن جي پڻ سائنسي انداز ۾ جانچ جونچ ڪرڻ ضروري آهي.
    ڪوهستان جي ڄاڻايل تاريخي قديم آثارن جون رهائشي اڏاوتون به ميداني طرز جون هيون. بنا مسالي جي پٿر جوڙي ديوارون ٺاهيون ويون هيون، جاين جي بُنيادن مان به پتو پوي ٿو، ته اهي چورس يا مُستطيل هيون. جڳهيون ويڪريون هيون،انهن جون ڇتيون شايد ڪاٺ جي ڪامن، داسن، پٽين، پيش جي تڏن ۽ ڪکن سان بند ڪندا هوندا. ڇو ته ڪاٺ کي وڍڻ ۽ ڇلڻ لاءِ هنن وٽ پَٿر جا اوزار موجود هئا، واڍڪو فن به هو سکيل هئا. ويڪرن گهرن مان محسوس ٿئي ٿو، ته هڪ ئي خاندان جا ڀاتي گڏجي رهندا هئا. ساندارين واري شڪ مان محسوس ٿئي ٿو، ته هو چمڙي جي استعمال کان به چڱيءَ ريت واقف هئا. هتي پٿر جا گَهڙيل مختلف اوزار به ٽِڙيل پکڙيل حالت ۾ ملن ٿا. کوٽائي ڪرڻ سان وڌيڪ اهم لِڪل راز ظاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.
    ڪوهستان ۾ وسيلن جي ڳولا لاءِ نڪرندڙ ماڻهن، ڪوهستان سان لاڳاپيل ويجهن ڊيلٽائي ميدانن جون جڏهن ڪوهستان کان وڌيڪ زرخيز زمينون ڏٺيون، ته هو ٻاهر ڊيلٽائي ايراضين ڏانهن وڃڻ لڳا ۽ ائين ڪوهستان کان ٻاهر انساني تهذيب پنهنجا قدم رکيا. ڪوهستان کان ٻاهر به انساني آبادي پکڙڻ لڳي. شايد انهيءَ ئي انساني آبادين جي پکيڙ سبب ڪوهستان سان لڳو لڳ آمريءَ جو شهر ٻَڌو ويو. دادو ضلعي جي نيئنگ شريف لڳ به قديم انساني تهذيب سان ڀرپور ڪجهه آثار موجود آهن . ڪوهستان لڳ اهڙا ٻيا به ڳوٺ ۽ شهر تعمير ٿيا هوندا، جيڪي ڪوهستان جي آسپاس ملي سگهن ٿا. جيئن ته انهيءَ زماني جا ماڻهو گهڻو سُڌريل ۽ زراعت جا ڄاڻو هئا، هنن ڍڳا ۽ ڳئون به پالڻ شروع ڪيون هونديون، ۽ ٻڪريون ۽ رڍون به ڌارڻ شروع ڪيون هونديون. ضرورت جي شين جي وڪري لاءِ بازارون به تعمير ڪيون هونديون. واپاري رُجحان به پيدا ٿيا هوندا، ائين ڳوٺن ۽ شهرن ۾ واڌاري جو عمل به جاري رهيو هوندو. جيئن تونگ لڳ ميري واري بُٺيءَ وارو ڳوٺ آسپاس ويندڙ رستن جي مرڪز سبب اڳتي هلي، هڪ شهر ۾ تبديل ٿي ويو. انهيءَ انساني والار دوران حالتن، زميني وسيلن، جي فرق سبب انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ هُنري صلاحيتن ۾ به فرق آيو هوندو، اهو فرق اسان کي قديم اڏاوتن ۾ نظر اچي ٿو. ڪوهستان ۾ قديم سموريون اڏاوتون پَٿرن جي بلاڪن جون آهن، جڏهن ته آمري ۽ خاص ڪري موهن جي دڙي ۾ سِرن جو استعمال نظر اچي ٿو. انهيءَ واڌاري جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ڪافي عرصي بعد انهن ماڻهن ايتري ترقي ڪئي هوندي، جو هو موهن جو دڙو شهر اڏڻ جهڙا به ٿيا هوندا. برفاني دور جي خاتمي کان پوءِ ماڻهن جي ٻيهر واپسي واري وقت کان موهن جي دڙي جهڙي شهر تعمير ڪرڻ تائين وارو عرصو به تمام گهڻو ڊگهو هوندو. اها ترقي ايترو جلد ڪونه ٿي هوندي، پر انهيءَسماجي ارتقائي عمل ۾ هزارين سال لڳا هوندا، ڇو ته رتناڪر جي سمنڊ ٿيڻ ۽ ماڻهن جي ڪوهستان ۾ ٻيهر آمد وارو دور شروعاتي زرعي ۽ چراگاهي دور هو ۽ موهن جي دڙي جي اڏاوت واري وقت ۾ هو واپاري ۽ شروعاتي صنعتي دور ۾ وقت گذاريندا هئا. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي رپورٽن ۾ کوٽائيءَ جي 9 دورن بابت تهذيبي ارتقا جون رپورٽون مليون آهن. جڏهن ته آرڪيالاجي آف انڊيا جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل 1927ع واري آخري رپورٽ ۾ اهو ڄاڻايو هو ،ته، موهن جي دڙي جي 9 دورن جي کوٽائيءَ کانپوءِ جيئن ته هيٺان پاڻي نڪري پيو آهي. ان لاءِ وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ ممڪن ناهي. پر اڃان به هيٺ ڪجهه دور بغير کوٽائيءَ جي رهجي ويا آهن. پر تڏهن به خود موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ جي هر دور جي رپورٽن مان اها ڳالهه چٽي نظر ٿي اچي، ته خود موهن جي دڙي جي اڏيندڙ ماڻهن جي پونئرن به هزارين سال انهيءَ هڪڙي شهر ۾ رهندي، ارتقائي منزلون طئي ڪيون هيون. ڪوهستان جي ارتقائي مشاهدي، سماجي ۽ زميني حالتن موجب انساني ترقي جي رفتار کي ڏسندي، اهو بنا هٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته موهن جو دڙو پنج هزار سال قديم ناهي؛ پر اهو گهٽ ۾ گهٽ 25000 سال اڳ ۾ ڪوهستان ۾ انساني آباديءَ جي دٻاءَ سبب ماڻهن جي ٻاهر نڪري والار ڪرڻ واري عرصي ۾ آمريءَ کان پوءِ ٺاهيو ويو هو. جنهن ڳالهه جي تائيد مشهور سنڌي تاريخدان گنگا رام سمراٽ به پنهنجي ڪتاب ’سنڌوءَ سووير‘ ۾ ڪئي آهي. اڳتي هلي هتي عقيدت ۽ شروعاتي مذهبي رُجحانن وارو سماج به اُسريو ۽ نِسريو هوندو. اُنهيءَ عقيدي جي بنياد تي ميري واري بُٺيءَ جي شڪل ۾ وڏي محنت سان اهرام نما ۽ اڄ تائين نه حل ٿيندڙ ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ تعميرات به ٿي .


      ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جوچوٿون دور

    ڪوهستان جي ٽئين انساني ارتقا جي دور ۾، جڏهن ڪوهستان ۾ برفاني دور ختم ٿيو، ۽ گرم دور جي شروعات ٿي، ته برفاني پاڻي ٿَر جي ڊيلٽا کي ڀري، رتناڪر جي ميدان طرف وڌڻ لڳو. ٻئي طرف هماليا ۽ اولهه جي ملڪن جي جابلو سلسلن تان برف ڳرڻ سبب اهو پاڻي به رتناڪر ڏانهن وڌڻ لڳو،رتنا ڪر ۾ پاڻي اچڻ بعد هتان نقل مڪاني ڪري رتناڪر جي ميدان ڏانهن ويل ماڻهو وري ڪوهستان ۾ واپس وريا. هو ڪجهه عرصو جبلن تي رهي، وادين ۾ پاڻي گهٽجڻ بعد هيٺ لهي، وادين ۾ پکڙڻ لڳا. هنن جابلو پناهه گاهن وارن علائقن ۾ ڳوٺ ٻَڌا. وسيلن جي اَڻاٺ ۽ آباديءَ جي واڌ سبب، هو وڌيڪ وسيلن جي ڳولا ۾ ڪوهستان جي آسپاس جي ڊيلٽائي ميدانن تي به پکڙڻ شروع ٿيا.
    انهيءَڪوهستان جي ماڻهن جي ڊيلٽائي علائقن ۾ پکڙڻ سان ئي انساني تهذيب جي چوٿين ارتقائي دور جي شروعات ٿي. انهيءَ دور ۾ انساني آباديون ڪوهستان مان ٻاهر نڪتيون، سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ هنن زراعت کان پنهنجي ارتقا جو سفر شروع ڪيو. ٻئي طرف هو مختلف تجربن مان سِکيل ڏاهپ جي ذريعي شهر اَڏي به رهڻ لڳا، ائين هو شهري زندگي ۾ داخل ٿيا. ڪوهستان مان ڊيلٽا طرف وڌڻ واري سندن پهرئين قدم جا آثارآمريءَ جي آثارن ۾ ڀرپور تحقيق ڪري ڳولي سگهجن ٿا. اهو ترقيءَجو سفر ائين اوچتو نه ٿيو هوندو، انهيءَ ٻهراڙي کان شهري سماج تائين ارتقا جو سفر به هزارن سالن تي مُحيط هوندو. انهيءَ سموري عرصي جون شاهديون سنڌ جي قديم شهرن جي آثارن ۾ موجود هونديون. اهي سڀ شاهديون سنڌ جي تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ بعد ئي ظاهر ٿينديون. جيڪڏهن سنڌ جي قديم تاريخي ماڳن جي کوٽائي ٿي پوي، ته تاريخ جا ڪَئين لِڪل راز ظاهر ٿيندا. جن سان نه صرف سنڌ جي تاريخ مڪمل ٿيندي،پر دنيا ۾ انساني ارتقا بابت ڪيترائي مونجهارا به دور ٿي سگهن ٿا. افسوس جي ڳالهه اها آهي، ته آمريءَ جي آثارن جي به ڪا مڪمل کوٽائي نه ٿي سگهي. هن دڙي جي تمام ٿوري حصي جي آڳاٽو کوٽائي ٿي هئي، انهيءَ ڪيل کوٽائيءَ مان مليل شيون به سنڀالي نه رکيون ويون؛ نه ئي انهن مليل شين جي ڪا سائنسي نموني چڪاس ٿي. جيڪڏهن انهن شين کي سنڀالي رکجي ها، ته هن وقت به انهن شين جي سائنسي سهوليتن جي روشنيءَ ۾ ڪا تحقيق ڪري ڪي نتيجا ڪڍي سگهجن ها. وڏي ڳالهه ته آمري دڙي جي کوٽائيءَ جون مڪمل رپورٽون به ڪٿي موجود ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن، مطلب ته کوٽائيءَ جي سموري محنت ضايع ٿي ويئي. هن وقت به آمريءَ جي دڙي جي رهيل آثارن جي کوٽائيءَ سان انهيءَ ٿيل نقصان جو ازالو ٿي سگهي ٿو، پر هن ملڪ جو ڪو به ادارو انهيءَ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي؛ نه ئي حڪومت طرفان عالمي ادارن کي ڪو انهيءَ طرف متوجهه ڪيو ويو آهي. آمريءَ سان گڏ ساڳئي وقت ٻيا به شهر آباد ٿيا هوندا، پر انهن بابت به ڪا ڳولا نه ڪئي ويئي. انهيءَ کان پوءِ ٻيا به ڪيترا ئي شهر آباد ٿيا هوندا ۽ اها قديم تهذيب زميني ۽ قدرتي وسيلن ۽ ماحول موجب ترقي ڪندي اڳتي وڌندي، موهن جي دڙي جهڙي شاهڪار تهذيبي دور تائين پهتي هوندي. پر انهيءَ بابت ڪا مُستند شاهدي نه ٿي ملي، جنهن ڳالهه جو سبب به قديم تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ جو نه ٿيڻ آهي. بهرحال اهڙيءَ ريت هزارين سالن جي ارتقائي سفر جا مرحلا طئه ڪندي،سنڌي تهذيب ترقيءَ جي اعليٰ قدرن جي آسمان کي نيٺ ڇُهي ورتو. اڃان به انهيءَ تحقيق کي چِٽو ڪرڻ لاءِ ڪوهستان ۾ ڪيتريون ئي شاهديون موجود هونديون.جنهن سان اسان سنڌي تهذيب کي دنيا جي قديم ترين تهذيبن ۾ ڳڻائي سگهون ٿا، پر افسوس جو سنڌ جي قديم ماڳن تي ڪو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. بهرحال ڪوهستان ۾ موجود هن ٽئين ۽ چوٿين دور جي چند آثارن کي ڏسڻ ۽ شاهديون گڏ ڪرڻ بعد، اسين اهو به چئي سگهڻ جهڙا آهيون، ته موهن جو دڙو پنج هزار سال نه، پر پنجويهه هزار سال قديم آهي.سنڌي تهذيب ڪا پاڇاٽي تهذيب نه پر تمام گهڻي آڳاٽي شايد دنيا جي ارتقا بعد پهرين انساني تهذيب آهي. هيلتائين جيڪو اهو سمجهيو ويو ته، دنيا ۾ پهريان انساني قدم آفريڪا کنڊ ۾ لڳا، يا اهو چيو ويو ته بابل جي تهذيب دنيا جي قديم تهذيب آهي. اها ڳالهه هاڻي سنڌ جي ڪوهستان جي مُشاهدي بعد صحيح نه ٿي لڳي. ڪوهستان ۾ جيڪڏهن مڪمل تحقيق ڪئي وڃي ته، گهڻا ئي تاريخ جا لِڪل راز ظاهر ٿيندا، ۽ ڪيترائي ارتقا ۽ انساني تهذيب بابت مُنجهيل سوال حل ٿيندا.


      ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقا جو پنجون دور

    جيئن ته اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي،ته سنڌ جي ڊيلٽا ۾ برفاني دور جي پاڻي سُڪڻ بعد ڊيلٽا جون زرخيز زمينون آباد ٿيون. شهر ۽ ڳوٺ ٻَڌجڻ شروع ٿيا، جنهن دوران شروعاتي شهرن ۾ آمري ۽ پوءِ موهن جي دڙي جهڙا شهر تعمير ٿيا، ۽ سنڌي تهذيب هزارين سالن جو ارتقائي سفر طئه ڪري نيٺ ترقيءَ جي بلندين کي ڇُهي ورتو ۽ پوءِ تهذيب جو پنجون دور شروع ٿيو.
    انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ انساني تهذيبي ترقي سبب سنڌ ۾ ڪيترائي شهر آباد ٿيا. هماليا تان لهندڙ دريائي وهڪرن سبب زرخيز سنڌو ڊيلٽا ٺهيو، جتي هڪ خوشحال سماج جُڙيو. ماڻهن ۾ سماجي قدرن جي بحالي سبب سنڌي قوم هڪ مُنظم قوم طور اُڀري نروار ٿي.ماڻهن سماجي ضرورتن موجب مختلف ڌنڌا ۽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. سماجي زندگي هڪ ڀرپور سَگهَه سان سرگرم ٿي. ماڻهو اڳتي هلي پنهنجي ڌنڌن جي لحاظ کان، يا پنهنجي نسلي لحاظ کان ذاتين ۽ قبيلن ۾ ورهائجڻ شروع ٿيا؛ جيڪا انهن ماڻهن جي اڳتي هلي سُڃاڻپ بڻجي ويئي. ماڻهو انهيءَ سُڃاڻپ تي فخر به ڪرڻ لڳا، جنهن سبب سنڌ ۾ ذاتين جي بُنياد تي مثبت ڪم ڪرڻ جي چٽاڀيٽيءَ جو رُجحان پيدا ٿيو. انهيءَ چٽاڀيٽي سبب چڱاين ڪرڻ ۽ نامور ٿيڻ جو شوق پيدا ٿيو، جنهن رُجحان سبب سنڌي سماج انساني قدرن جي اعليٰ معيار طرف ارتقا ڪرڻ لڳو. سنڌي قوم ۾ خاص طور چار طبقا پنهنجي ڌنڌن جي لحاظ کان اُسريا ۽ مضبوط ٿيا،جن ۾ هڪڙو طبقو واپارين جو هو، جيڪي شهرن ۾ رهندا هئا. ٻيون طبقو هارين ۽ آبادگارن جو هو، جيڪي ڳوٺن ۾ هارپي۽ مال ڌارڻ جو ڪم ڪندا هئا. ٽيون طبقو اُٺن تي بار لَڏي ڳوٺن کان سامان شهرن تائين پُهچائيندو هو. هن طبقي ۾ واپاري ۽ اُنهن جا گُماشتا به شامل هئا. هن طبقي جا ماڻهو خشڪيءَ جي رستن تي روان دوان هوندا هئا. چوٿين طبقي جا ماڻهو وري ڍنڍن ۽ دريائي وهڪرن تي مڇيءَ جو شڪار ڪري اُها مڇي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ وڪڻي روزگار ڪَمائيندا هئا. انهن ماڻهن پوءِ اڳتي هلي ٻيڙيون ۽ وڏا غوراب به ٺاهيا ، جنهن ذريعي هو درياهي رستن ۽ سامونڊي سفرن تي به نڪرڻ شروع ٿيا ، ائين سنڌ جا واپاري لاڳاپا خشڪي رستن کانسواءِ آبي گذرگاهن ۽ سامونڊي رستن ذريعي ڏيساورن تائين پهتا . جنهن سان سنڌ جي ساحلي ڪنارن تي بندرگاهه جڙيا ۽ شهر به آباد ٿيڻ لڳا . شاهدي طور موهن جي دڙي مان ڪجهه وڏن پٿرن مان سوراخ نڪتل لنگر جا پٿر به کوٽائي دوران لڌا ويا هئا . جن جو ذڪر پڻ موهن جي دڙي جي کوٽائي وارين رپورٽن ۾ موجود آهي . اهڙي ريت مختلف ڌنڌن جي بُنياد تي ورهايل اهي طبقا وسيلن جي گهڻائيءَسبب نهايت خوشحال هئا. خوشحاليءَ سبب منجهن ڪي به سماجي ٽڪراءَ نه ٿيندا هئا. هو نهايت ميٺ مُحبت سان امن ڀريي ماحول ۾ رهندا هئا، جنهن سبب منجهن اخلاقي تعميري ماحول جُڙي پيو. انهيءَ امن واري ماحول ۾ تخليقي سرگرمين ۾ به اضافو ٿيو. ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پئنچائتي نظام جڙيو، اوطاقون آباد ٿيون، ۽ سماجي اخلاقي ضابطا ۽ اصول به ٺهڻ لڳا. اهو ئي سبب هو جو هتي ڪي مضبوط مذهبي ضابطا نه جُڙيا ۽ نه ئي ڪنهن مذهبي انتهاپسنديءَجو رُجحان پيدا ٿيو.هتي صرف انسانيت جي بُنياد تي اخلاقي خودرو طور تي قدر جُڙيا هئا، جيڪي ماڻهن جي پنهنجي ميل ميلاپ ۽ محبتن مان ڦُٽي نڪتا هئا. عقلمنديءَ ۽ ڏاهپ جو قدر هوندو هو، ماڻهو اخلاق، محبت، علم، سخا، مهمان نوازي، انساني همدردي ، هُنرمنديءَ، وفاداريءَ، بهادريءَ۽ سهپ جي بُنياد تي هڪٻئي سان مُحبت ڪندا هئا. جنهن ماڻهو منجهه اهي سڀ خوبيون موجود هونديون هيون، سو سڀني لاءِ قابل احترام هوندو هو. اهڙي ماڻهوءَ جي سڀ عزت ڪندا هئا، انهيءَ جي ڳالهه مڃيندا هئا، ۽ انهيءَ جي چوڻ ۾ رهندا هئا. ائين هنن کي ڪنهن مذهبي اداري جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي. اهوئي سبب آهي، جو اسان کي آمري، موهن جي دڙي يا ٻين قديم شهرن جي دڙن ۾ ڪنهن به قديم مذهبي اداري جا آثار نه مليا آهن. موهن جي دڙي يا ٻين ڪجهه قديم دڙن ۾ پوئين دور جي مٿين آثارن ۾ ٻُڌ مذهب، يا ڪٿي هندو ڌرم جي مندر، جين ڌرم جي مندر يا مسلم دور جي مسجدن جا آثار مليا آهن، جيڪي بعد جا آهن. شروعاتي آثارن ۾ اهڙا نشان نه ٿا ملن. هتي گڏيل پئنچائتي ۽ سماجي جمهوري قدرن جي آبياري ٿي. اوطاق ڪلچر جي رُجحانن سنڌي سماج جي بُنيادن ۾ راءِ جو احترام ۽ گڏيل صلاح مصلحت، همدردي ۽ گڏجي ڪجهه ڪرڻ جا عنصر وڌيڪ سگهارا ڪيا. جنهن سبب سنڌي تهذيب وڌيڪ سگهاري ٿي. اهوئي سبب آهي، جو سنڌي تهذيب جا قديم آثار دنيا کي حيرت ۾ وجهڻ جي ڇِڪ رکن ٿا.
    سنڌ جي ماڻهن ۾ فطرت دوستي، ۽ فطرت سان پيار ڪرڻ جو عنصر وڌيڪ موجود هو. هو زمين، پهاڙن جي اوچائي، سج، چنڊ، هوا، پاڻي، ڪڪرن، گلن، خوشبوءَ، ڇانَوَدار وڻن، ۽ ميويدار وڻن سان پيار ڪندا هئا، ساهوارن ۾ نانگ، مڇي، واڳون، مور، ڪانگ، ڪبوتر، ڪويل، ڍولير پکي، مالهاري پکي ، جيتن ۾ پوپٽ، ڀنڀوري، ۽ ماکي، جانورن ۾ ڀولڙن، ڳئون ۽ هر کيڙيندڙ ڍڳن کي مارڻ عيب سمجهندا هئا. اُن کانسواءِ هو انڊلٺ جي خوبصورت رنگن، سُڪار جي ديوتا يڪشرنگ يعني هڪ سِڱي ڍڳي کي خوشحاليءَ جو اُهڃاڻ سمجهندا هئا. ماڻهن ۾ وري وڏي عمر جي پيرمردن، عورتن، ماءُ، پيءُ، ۽ بُزرگ عزيزن جو بيحد احترام ڪرڻ سندن فرضن ۾ شامل هو. ننڍڙن ٻارن سان پيار ۽ راهه ويندڙ مسافرن، بيمارن، اڙيالن يا ڏکويل ماڻهن جي ڏُکن ۽ تڪليفن کي پنهنجو ڏُک ۽ تڪليف سمجهي ساڻن همدردي ڪندا هئا ۽ مرده لاشن ۽ قبرن جو احترام ڪندا هئا. انهن کي بگاڙڻ يا لتاڙڻ سندن آڏو وڏو ڏوهه هو. کاڌي پيتي جي شين ۾ کير، ڏونگهي ۽ ناريل يا پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوکيل ڀاڄين کي وڪڻڻ سندن رِواج جي خلاف هو. انهن مان ڪن شين جي محبت اڳتي هلي انتها جون حدون ٽپي پوڄا جو روپ به ورتو. اهڙين شين جون مورتيون ٺاهي، گهرن ۾ به رکيون ويون يا چِٽسالي ۽ ڀرت ۾ انهن کي ياد رکيو ويو، پر انهيءَ عقيدت ۾ انتهاپسنديءَ جو ڪو به عنصر موجود نه هو. سندن محبت، احترام ۽ عقيدت ۾ خوبصورتي، خوشحالي، همدردي، طاقت، ۽ فطرت جي حُسن جا عنصر وڌيڪ حاوي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    ترقيءَ جو اهو سفر جاري هو، سنڌي تهذيب مضبوط سماجي رُجحانن سبب تيزيءَ سان ارتقا پذير هئي، ته اوچتو وري هماليا کان موسمي برساتن، ۽ هندي سمنڊ مان اُٿندڙ سامونڊي طوفانن جو سلسلو شروع ٿي ويو.اهي برساتون ايتريون تيز ۽ طوفاني هونديون هيون، جو برساتي موسم ۾ هماليا کان ايندڙ پاڻيءَ جا ۽ سامونڊي طوفانن جي پاڻيءَ جا وهڪرا ڳوٺ ۽ شهر نه صرف ٻوڙي ڇڏيندا هئا، پر اُهي ڳوٺ ۽ شهر مٽيءَ يعني ريٽ ۾ پورجي ويندا هئا. جنهن سبب سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن جا ڳوٺ ۽ شهر مُسلسل ٻوڏن ۽ طوفانن جو شڪار ٿيا. موهن جي دڙي يا ٻين قديم شهرن جي بار بار تباهيءَ جو ڪارڻ به اُهي موسمي برساتون ۽ طوفان هئا، جنهن ڳالهه جي شاهدي موهن جي دڙي جي کوٽائيءَجي رپورٽن ۾ تفصيل سان موجود آهي. انهيءَ موسمي برساتن جي ٻئي دور ۾ ڪوهستان جي برساتن جو پاڻي اوڀر طرف ڊيلٽا جي ڀَرجي ٺهڻ سبب موجوده هندي سمنڊ کي ڀَريندو رهيو. ڪجهه پاڻي آسپاس جي هيٺاهين وارن علائقن کي خوبصورت ڍنڍن ۾ بدلائيندو رهيو، جنهن جي شاهدي ڪوهستان جي اُتر ۾ حمل ڍنڍ، ۽منڇر ڍنڍ ،۽ سنڌ جي ڏاکڻي حصي ۾ ڪينجهر ڍنڍ، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي موجود خوبصورت ڍنڍون ڏيئي رهيون آهن.
    برساتن جي بار بار تباهيءَ نيٺ ماڻهن کي لڏڻ تي مجبور ڪيو. ڊيلٽائي علائقن مان ماڻهن جي لڏپلاڻ سندن ڌنڌن جي حساب سان ٿي. واپاري ۽ شهري طبقو مٿي اُترين علائقن ڏانهن روانو ٿيو، جن اُتي ٽيڪسيلا ۽ ٻيا شهر وڃي آباد ڪيا. ساڻن هُنرمند، فنڪار، پڙهيل لکيل ماڻهو، ڪجهه هاري ۽ پورهيت به گڏجي اوڏانهن روانا ٿي ويا. مڇي مارڻ وارن مُهاڻن، ملاحن، ماڇين ۽ ساٽين وغيره وڃي ڍنڍن، دريائي وهڪرن ۽ سامونڊي ڪنارن وارا علائقا آباد ڪيا. باقي اُٺن وارن جتن، چوپايو مال ڌاريندڙ ماڻهن ۽ ڪجهه اُنهن هارين، جيڪي مالوند ڀاڳيا به هئا؛ تن وڃي ڪوهستان جا جابلو سلسلا وسايا. ڪوهستان ۾ هن نئين ماڻهن جي اضافي سان انساني آباديءَ۾ واڌ ٿي، جنهن سبب ڪوهستان جا سمورا جابلو علائقا ماڻهن سان ڀرجي ويا. ائين بلوچستان ۾ لسٻيلي، مڪران،خضدار ۽ تُربت تائين ماڻهن جون آباديون وڌي ويون. اُتي انهن ماڻهن جون ڪارگذاريون ڪيئن رهيون، تن جي خبر ته بلوچستان ۾ موجود شاهدين کي ڏسڻ سان پوندي. جتي پڻ محققن کي وڃي مُشاهدا ڪري، نتيجا منظرعام تي آڻڻ گهرجن.اُتي جيڪڏهن ڪنهن اداري يا محقق کي مُشاهدو ڪرڻ جو موقعو مليو، ته اُتي ماڻهن جي ڪارگذارين جا نشان ڏسي، اڳتي هلي ڪي وڌيڪ اندازا به لڳائي سگهبا. باقي بنا ڏسڻ جي انهيءَ بابت ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي، انهيءَ ڪري وري سنڌ جي ڪوهستان جي ڳالهين کي اڳتي وڌائجي ٿو.
    ڪوهستان۾برساتن سبب ڊيلٽا مان ٿيل نئين لڏپلاڻ سبب ڪوهستان جي آبادي وڌي ويئي، جنهن ڪري جبلن جي وچ واريون واديون مختلف نسلن ۽ ذاتين جي بُنياد تي ورهائجي ويون. هر هڪ وادي يا علائقي تي هڪ ذات يا نسل جو قبضو ٿي ويو، پر امن پسند ماڻهن جي وچ ۾ انهيءَ والار تان ڪن ٽَڪرائن جو ثبوت نه ٿو ملي. ڇو ته ماڻهو گهٽ ۽ ايراضي وڏي هئي، سڀڪو انهن وادين جي محدود پيداوار تي پنهنجي چوپائي مال جي آڌار تي گذران ڪرڻ لڳو؛پر انهيءَ لڏپلاڻ سان سماجي ارتقا جو تيزيءَ وارو سفر ماٺو ٿي ويو. ڪافي ترقي يافتا ۽ هُنرمندطبقو واپارين سان گڏ ٽيڪسيلا ۽ ٻين شهرن ڏانهن روانو ٿي ويو، انهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا. ڪجهه عرصي بعد هماليا کان ايندڙ موسمي برساتون گهٽجي ويون،جنهن ڪري ٻيهر ڊيلٽائي علائقو نئين نموني سان ترقيءَ جي راهه تي گامزن ٿي ويو.
    ڊيلٽائي علائقي جي خوشحاليءَجا اَثر ڪوهستاني ماڻهن تي به پيا.اُٺن وارن جتن خشڪيءَ جي رستن تي سفر روان دوان رکيو. سنڌ جي ڊيلٽائي علائقي مان واپاري قافلا ايران کان ٿيندا اولهه وارن ملڪن ۽ اوڀر هندستان ڏانهن هلڻ لڳا. ڪوهستان مان هڪڙا قافلا سيوهڻ کان لس ٻيلي، مڪران کان ٿيندا، ايران ۽ عرب مُلڪن ڏانهن وڃڻ لڳا. ٻيا واپاري قافلا وري سيوهڻ کان ديبل بندر ڏانهن وڃڻ لڳا. ٽيان واپاري قافلا سيوهڻ کان نِڪري سنڌ جي ڪوهستان جي وچئين جابلو سلسلي مان ٿيندا، ڏاکڻين سنڌ جي ساحلي بندرگاهن واري اولهه ۽ ڏکڻ وارن ملڪن کي ملائيندڙ شاهي رستي ۾ داخل ٿيندا هئا.سنڌ جو هي ڏاکڻيون شاهي رستو هندستان کان رڻ ڪڇ جو پاسو وٺي بدين ۽ ٺٽي مان گُذري ٺٽي جي ڪوهستان مان ٿيندو، ڪراچي ڪوهستان کان مڪران ۽ پوءِ اولهه وارن ملڪن ڏانهن ويندو هو. هي سنڌ مان گذرندڙ وڏي واپاري شاهراهه هئي. هڪ طرف سامونڊي بندرگاهن سان لاڳاپا، ته ٻئي طرف خشڪيءَ جي رستن سان ڳانڍاپي هن رستي کي مسلسل واپاري قافلن جي مصروف گذرگاهه بڻائي ڇڏيو. جيئن ته هي رستو سنڌو نديءَ جي وهڪرن کان سواءِ ڪوهستاني ندين ۽ ڍورن جي ڇوڙ وارن علائقن مان گذرندو هو، انهيءَ ڪري هن رستي تي پاڻيءَ جي خوبصورت ڍنڍن، ندين ۽ ڍورن جي پاڻيءَ ۽ قدرتي جابلو چشمن جي پاڻيءَ، هن رستي تان گذرندڙ قافلن جي پاڻيءَ جون ضرورتون پوريون ڪيون ٿي. خشڪ ساليءَ جي وقتن ۾ به ڪوهستاني ندين ۽ ڍورن ۾ ٿورو کوٽائي ڪرڻ سان به پاڻي ملي ويندو هو. هن رستي جي جابلو سلسلن ۾ قدرتي پاڻيءَ جي نه کٽندڙ چشمن جو پاڻي به مسافرن لاءِ وڏي نعمت هوندو هو. انهيءَ ڪري هي رستو صدين تائين قائم رهيو، جنهن سان سنڌ جا واپاري لاڳاپا ڪافي پري وارن ملڪن تائين قائم ٿي ويا. انهن لاڳاپن هئڻ سبب سنڌ واپار ذريعي هتان جون شيون ٻاهر موڪلڻ ۽ ٻاهران ضرورت جون شيون هتي آڻڻ سبب، شين جي کوٽ ۽ ڏڪارن کان آجي ۽ خوشحال رهي. سنڌ جي هُنري شين جي ٻاهر وڃڻ سبب هتي هُنرن ۽ ڪاريگريءَ کي به وڏي هَٿي ملي. واپاري قافلن جي اچ وڃ سان ڪوهستان جا شهر وري اوج وٺڻ لڳا. ڪوهستان مان گيهه، چمڙو، ۽ مال ڊيلٽائي علائقن ڏانهن وڃڻ لڳو. ٻيهرڊيلٽائي ماڻهن ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي ميل جول سان لاڳاپا وڌيا. سنڌ جي خوشحاليءَ جون ڳالهيون ايران کان يونان تائين پهتيون، ته سڀ کان پهريائين يونانين سنڌ تي ڪاهون شروع ڪيون.
    يونان جي قديم تاريخ نويسن ايرين، اسٽريبو، ڪرٽيس، ڊايو ڊورس، جسٽن، پلو ٽارڪ، فرنٽينس، پيريپلس، پانني، ٽالمي، مئگسٿينز، ۽ سڪندر جي سامونڊي فوج جي اڳواڻ نيئارڪس جا لکيل ڪتاب موجوده دور ۾ به وڏي اهميت رکن ٿا. مٿين ذڪر ڪيل سمورن تاريخ نويسن جي ڪتابن جي لکڻين موجب، يونان جا نهايت سگهارا حڪمران اوسيرس، هرڪيولس، ۽ ڊايو نيس پنهنجي پنهنجي دور حڪومت ۾ تمام وڏا لشڪر وٺي، پوري يوناني عسڪري سگهه سان سنڌ تي حمله آور ٿيا، پر بهادر سنڌي جوڌن جي سامهون سندن دال نه ڳري ۽ بد ترين شڪستون کائي واپس وريا. هڪ قديم يوناني مورخ ’اسٽريبو‘ جيڪو تاريخ ۽ جاگرافيءَ جو ماهر هو. هي عيسوي سن کان به ٽيهٺ ورهيه اڳ يونان جي پانٽس صوبي جي اميسيا شهر۾ ڄائو، ۽ پنهنجو مشهورڪتاب ’گريڪ اينڊ ورلڊ هسٽري‘ لکيو. هن ڪتاب جا ٽوٽل سترهن جُلد آهن، جُلد نمبر پندرهين ۾ سنڌ ۽ هند بابت تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. انهيءَ جُلد ۾ هن يونان جي قديم حڪمرانن،اوسيرس، هرڪيولس، ۽ ڊايونيس جي سنڌ تي ڪاهه ۽ سندن بدترين شڪستون کائي واپس موٽڻ جو مختصر احوال لکيو آهي.اهي يوناني حملا سنڌ جي ڪوهستان واري الهندي سرحد کان ڪيا ويا هئا. ڪوهستان جي مضبوط قبائلي نظام ۾ رهندڙ ماڻهن، ڊيلٽائي ماڻهن جي مدد سان انهن کي عبرتناڪ شڪستون ڏنيون.ساڳئي ڪتاب ۾ اڳتي اهو لکيل آهي ته، ”يونانين جي طاقت جي علامت سمجهي ويندڙ راڻي سميرامس ٽن سالن جي جنگي تياريءَ سان سنڌ تي حملو ڪرڻ وقت به اڳوڻين شڪستن کي نظر ۾ رکندي، ڪوهستاني رستي بجاءِ سامونڊي ٻيڙن رستي ڀنڀور تي حملو ڪيو هو. جنهن جو سنڌ جي انهيءَ وقت جي حاڪم راجا اسٽاروبيٽس بهادريءَ سان مقابلو ڪيو.“ بُري طرح شڪست کاڌل يوناني راڻي سميرامس ڪوهستان مان واپس رواني ٿي. ساڻس گڏ هارايل يوناني فوج جو ڪجهه تعداد به هو. انهيءَ فوج کي ڪوهستاني ماڻهن ڪوهستان جي جبلن ۾ ئي ماري تباهه ڪري ڇڏيو. يوناني راڻي سميرامس کي عورت هئڻ جي ناتي صرف ڪجهه ماڻهن سان گڏ زندهه ڇڏيو ويو. انهيءَ کان پوءِ يونانين طرفان سنڌ کي حملي آورن لاءِ موت جي وادي قرار ڏنو ويو، جنهن بابت يوناني قديم شاعريءَ ۾ ڪافي ذڪر موجود آهي. ان بعد وري ڪنهن به يوناني فوج ڪوهستان مان گذرڻ جي همت نه ڪئي. يونانين طرفان سنڌ تي پنجون حملو ڪندڙ سڪندر اعظم به ڪوهستان مان گذرڻ بجاءِ، خيبرلڪ کان حمله آورٿيو، ڇاڪاڻ ته ڪوهستان مان گذري سنڌ تي حملا ڪرڻ ۽ عبرتناڪ شڪستون کائڻ جا اڳوڻا قصا هو ٻُڌي چڪو هو. هو جڏهن سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿيو ته کيس سخت مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو پيو . سنڌ جي حاڪمن ته ميدان جنگ ۾ هن اوچتي ۽ منظم فوج سان مقابلا ڪندي وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون . پر سنڌ جي عام ماڻهن يوناني فوج سان وک وک تي مزاحمت ڪئي . نتيجي ۾ گنجي ٽڪر لڳ پاتال جي شهر پهچڻ وقت وري هڪ سامونڊي تيز طوفان آيو . جنهن ۾ سندس لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو . پاتال کان سنڌودرياهه جون ڇاڙون سوڙهيون هئڻ سبب ، سڪندر جي فوج مختلف وهڪرن ۾ پنهنجا ٻيڙا لاهي هڪٻئي کان ٽٽي ويئي . سڪندر خود هڪ ننڍي فوجي دستي سان درياهه جي هڪ ڇاڙ ۾ ٻيڙين ذريعي وڏي مشڪل سان موجوده چوهڙ جمالي لڳ ابن شاهه جي ٽڪري تي پناهه ورتي .. ائين هن دربدري جي حالت ۾ سنڌ مان بُري طرح شڪست کائڻ کانپوءِ واپسي جو سانباهو ڪيو . رات جي اونداهي ۾ سنڌ جي خوشحال شهر ڀنڀور تي شب خون هڻي ڦُرلٽ ڪري، جڏهن هو لسٻيلي جي رستي تان واپس ايران ڏانهن ويو پئي، تڏهن ڪوهستان مان تيز رفتاريءَ سان ڀڄڻ جي باوجود به ڪوهستان مان گُذرندي سندس وڏي تباهي ٿي، جنهن جو ذڪر يوناني تاريخن۾ موجود آهي. انهن تاريخن ۾ اهو به لکيل آهي، ته سڪندر اعظم ايران پهچڻ تائين سنڌ مان بدترين شڪست سبب ذهني مريض ٿي ويو هو ۽ چوندو هو ته، “سنڌين سان جنگ ڪرڻ ڪنهن شينهن جي وات ۾ هٿ وجهڻ برابر آهي.” سڪندر جي تباهيءَ جو ڪجهه احوال هن کان اڳ گَنجي ٽَڪر جي احوال ۾ اچي چڪو آهي. ان کان پوءِ وري ڪنهن به يوناني حڪمران سنڌ تي حملو ڪرڻ جي همت نه ڪئي ۽ يونانين سنڌ تي حملا ڪرڻ کان هميشه لاءِ توبهه ڪئي.
    يونانين بعد وري سنڌ جي خوشحالي ايران جي حڪمرانن کي سنڌ تي ڪاهون ڪرڻ لاءِ هِرکايو. ايراني حملي آور جڏهن سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪوهستان مان گذريا، ته هتان جي ماڻهن وطن جي حفاظت لاءِ سخت مزاحمتون ڪيون، جن سان تاريخون ڀريون پيون آهن. ايرانين جي لاڳيتن حملن جو سڌو دٻاءُ به ڪوهستان تي پيو هو، جنهن کي ڪوهستان جي ماڻهن ناڪام بنايو. شايد انهن ايراني حملن کي روڪڻ لاءِ ئي رنيڪوٽ جي تعمير ٿي. دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قديم قلعي جي اڏاوت، سنڌين جي همت، محنت، وطن سان محبت ۽ تعميراتي مهارت جو چِٽو ثبوت آهي. افسوس اهو آهي، ته دنيا جي هن وڏي ۾ وڏي قلعي بابت به ڪا سنجيدهه تحقيقات نه ڪئي ويئي آهي. صرف ڪجهه تفريحي ڪانفرنسون ڪري بار لاٿو ويو آهي.جيڪڏهن موقعو مليو، ته رني ڪوٽ جي لِڪل رازن کي به اڳتي هلي منظر عام تي آڻبو؛ جيڪو پڻ هڪ تمام وڏو ڪم آهي. جنهن کي دنيا اڳيان آڻڻ جي پڻ ضرورت آهي،ڇو ته رنيڪوٽ ۾ به ڪَئين قديم تهذيبي دور لِڪل آهن. هن علائقي ۾ انهيءَوڏي قلعي کانسواءِ به قديم غارون، ڪيتريون ئي پنڊپهڻ ٿيل شيون، جبلن جي ساخت، قديم دور کان اڄ تائين وهندڙ بهترين پاڻيءَ جي چشمي تي حياتيءَ جا ڪَئين رنگ مُحققن جي انتظار ۾ آهن.
    بهرحال انهيءَ ڳالهه کي اتي ڇڏيندي، ڪوهستان جي ٻين ڳالهين کي اڳتي وڌايون ٿا. هماليا جي برساتي سلسلي جي ماٺار کانپوءِ وري سنڌو ڊيلٽا ۾ سنڌي تهذيب نهايت سگهاري انداز سان اڳتي هلي ارتقا پذير ٿي. سنڌ جا اوٺي ۽ جت قبيلا خشڪيءَ رستي واپاري قافلا سنڌ کان پرڏيهه موڪليندا رهيا، جڏهن ته ملاح وري ٻيڙيون ۽ غوراب ٺهرائي، ڏيساور ڏورڻ لڳا. اولهه وارن مُلڪن طرف سنڌي ماڻهن پنهنجون واپاري مَنڊيون قائم ڪيون، موصل ۽ بصري جهڙا شهر آباد ڪيا.عرب مورخن پنهنجن ڪتابن ۾ اهڙو ذڪر ڪيو آهي. جيئن بصره شهر جي تاريخ بيان ڪندي، محمد بن سعد پنهنجي تصنيف ڪتاب ’الصحابه‘، ۽ محمد بن الجرير پنهنجي ڪتاب ’تاريخ الرسل الملوڪ‘۾ لکيو آهي، ته؛ “ 635ع ڌاري بصره شهر جو بُنياد پيو، ان کان اڳي انهيءَ جاءِ تي ابله‘ نالي هڪ تمام وڏو ڳوٺ هو، جتي سنڌي واپاري رهندا هئا، انهن ئي اهو ڳوٺ ٻَڌو هو. ”
    عرب تاريخدان جاحظ پنهنجي ڪتاب ’عجائب البلدان‘ ۾ لکي ٿو ته، ”صرف بصره شهر ۾ سنڌ مان جيڪي شيون اچن ٿيون، انهن جي ماليت هڪ ڪروڙ پندرهن لک درهم ساليانو آهي. سنڌ مان ايندڙ مال جو وچور هن ريت آهي: ڪڻڪ، هاٿي، ڪمربند پٽا، رومال، عود، اگر، گگر، هر قسم جا عطر ۽ خوشبوءِ دار تيل، جُتيون، مصالحا، داليون، گيهه، ۽ ڪپڙو وغيره.“ اهڙيءَ طرح سنڌ جي جَتن ۽ ملاحن قافلا ڪاهي ڪَئين ڏيساور ڏوريا. ڪوهستان مان ايران ۽ عرب دنيا ڏانهن ويندڙ سمورا رستا گذرندا هئا. ڪوهستان واري ڀاڱي مان به هڪ رستو سيوهڻ مان نڪري مڪران ويندو هو ۽ ٻيو رستو سيوهڻ کان ديبل بندر ڏانهن ويندو هو. ٽيون رستو سيوهڻ کان نڪري جبلن جي وچ مان گذري سنڌ جي بندرگاهن واري مڪران ۽ هندستان واري شاهي خشڪي رستي سان ملندو هو. انهن رستن تان ڪوهستاني جَت قافلا آڻيندا ۽ نيندا هئا. واپارين جا قافلا ڪوهستاني اڙانگن رستن سبب صبح کان شام تائين گهڻوسفر ڪري نه سگهندا هئا. صبح جو نڪتل قافلا منجهند تائين پنڌ ڪندا هئا، ۽ پوءِ مانجهاندي جي ساهي کڻندا هئا. رستن تي مقرر انهن مانجهاندي ڪرڻ وارين جاين کي پاڻون يا ٽاڻون سڏيندا هئا،جتي پڻ مسافرخانا ۽ ننڍا شهر موجود هوندا هئا. جتي قافلي وارن کي ضرورت جون شيون ملي وينديون هيون. وري ساهي کڻي سفر بعد ٻي مقرر جاءِ تي رات جو وڃي تَرسندا هئا. انهيءَ رات رهڻ واري جاءِ کي ٿاڻو سڏيندا هئا. اهڙيءَ ريت ٻن ٿاڻن جي وچ ۾ ڏينهن جو پنڌ هوندو هو. انهيءَ حساب سان سنڌي فرسخ 8 ميلن جو هو، هڪ ڏينهن جي مسافري ٻه سنڌي فرسخ هوندي هئي. جڏهن ته عربن جو فرسخ هڪ ميل جو هوندو هو. انهن ٿاڻن وارن ماڳن تي شهر هوندا هئا، جيڪي وڏا واپاري مرڪز پڻ هئا. انهن ٿاڻن جي باقيات جي نشاني طور پوءِ اڳتي هلي ملڪ خاندان جي وڏڙن به پنهنجي آباد ڪيل شهرن يا ڳوٺن کي ٿاڻو سڏيو. اهڙا ڪوهستان ۾ سندن وڏڙن جا آباد ڪيل ڪجهه ٿاڻا، ٿاڻو عارب خان، ٿاڻو احمد خان ۽ ٿاڻو بولاخان اڄ به موجود آهن.
    ڪوهستان ۾ ڪي به مذهبي لاڙا نه هئا، جي هئا تڏهن به اهي ماڻهن جي ذاتي عقيدت يا عبادتن تائين محدود هئا.هتي تاريخ جي ڊگهي عرصي تائين مذهبي اثرنه رهيا، هندو ڌرم نه هئڻ جي برابر هو.البت ڪوهستان ۾ ٻُڌڌرم جي هجڻ جا نشان تاريخ جي ڪتابن ۾ ملن ٿا. سنڌ ۾ ٻُڌڌرم جو ڪنهن زماني ۾ وڏو اوج رهيو، جنهن جا اثر ڪوهستان تي به پيا. سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم جي اوج جي شاهدي انهيءَ ڳالهه مان ملي ٿي، ته ٻُڌڌرم بابت ڪتاب ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ چيني عالم ۽ ياتري ’هيون تسانگ‘ سنڌ ۾ آيو هو.هيون تسانگ 629ع ڌاري چين کان هتي پهتو. حالانڪ هيونت سانگ گَنجي ٽَڪر کانسواءِ باقي ڪوهستان ۾ نه آيو هو، پر گَنجي ٽَڪر تي هن ٻُڌ ڌرم جي ڪيترن ئي سنگهاسن، آشرمن ۽ اسٽوپائن جو ذڪر ڪيو آهي. ان کانسواءِ هن سنڌ جي ڊيلٽائي علائقن ۾ به موجود ٻُڌ ڌرم جي پوڄارين جي سرگرمين بابت لکيو آهي. هيونت سانگ جي ڳالهين جي شاهدي گنجي ٽڪر جي لڳ اوڀر طرف ٻڌڌرم جي مشهور اسٽوپا سُڌيرن جو ٺل ، حيدرآباد روڊ جي متاري هوٽل کان ڪڙيو گهنور ويندڙ روڊ جي اتر طرف ڪجهه فاصلي تي ڪاٺ ٻانڀڻ جي تاريخي آثار تي موجود اسٽوپا ، انهي ئي روڊ جي وري ڏکڻ طرف ڳوٺ موريو لغاري جي ڀرسان اسٽوپا ، جيڪو 2015ع تائين موجود هو ، پرهن وقت ڳوٺاڻن انهي اسٽوپا واري زمين کي والارڻ لاءِ انهي آثار جو وجود ئي ميساري ڇڏيو آهي . ۽ گنجي ٽڪر سلسلي جي هڪ جبل ٻُڌڪا ٽڪر جتي پڻ مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪيتريو ئي مورتيون ۽ بت ملي چڪا آهن . مان ملي ٿي . بحرحال سندس لکيل ڪتاب مان سنڌ ۾ ٻُڌڌرم جي اوج جي شاهدي ملي ٿي.
    عربن جا سڀ حملا به اولهه واري سنڌ جي سرحد تان ٿيا، جيڪي ڪوهستان جي وطن دوست ماڻهن سخت مزاحمت ڪندي ناڪام بنايا. آخرڪار سنڌ جي ڪوهستان ۾ ٻُڌڌرم جي اَثر هجڻ سبب عربن هندوڌرم ۽ ٻُڌڌرم جي تضادن جو فائدو وٺندي، سنڌ کي فتح ڪيو. جيئن ته راجا ڏاهر جو تعلق هندوڌرم سان هو، ۽ڪوهستان ۾ وري ٻُڌڌرم جو اَثر وڌيڪ هو. عربن جي سازشن سان سنڌ ۾ ٻُڌڌرم ۽ هندوڌرم ۾ وڏا تضاد پيدا ٿيا، جنهن نتيجي ۾ ڪوهستان جي ماڻهن عربن جي مدد ڪئي. جنهن ڪري عرب سنڌ تي قابض ٿيا، جنهن ڳالهه جي شاهدي عرب مورخ ڏين ٿا. مثال طور احمد بلاذري جي لکيل ڪتاب ’فتوح البلدان‘ جي مطالعي مان اهو معلوم ٿئي ٿو، ته عرب مسلسل ڪيتري عرصي کان سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا خواهشمند هئا. ڊگهي عرصي کان ڪيترين جنگين لڙڻ جي باوجود به هو سنڌ تي قبضو نه ڪري سگهيا هئا. پر سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻُڌڌرم جي مڃيندڙ ماڻهن جي نَفاق سبب، ٻُڌ ڌرم وارن جي ساٿ سان عرب سنڌ کي فتح ڪري سگهيا. سنڌ ۾ جيڪڏهن مذهبي نَفاق نه ٿئي ها، ته عربن لاءِ سنڌ تي قبضو ڪرڻ ناممڪن هو. پرموٽ ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ عربن بيوفائي ڪري ٻُڌڌرم کي مڃيندڙ سمورن ماڻهن کي ڪوهستان ۾ ڌڪي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ڪوهستان جي سنڌي ماڻهن جي مزاج ۾ ٻُڌڌرم جي مذهبي اَثرن جو عڪس نظر اچي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪوهستان ۾ ماڻهن جي مزاج کان سواءِ ڪجهه ٻُڌڌرم جا آثار به ڪوهستان ۾ نظر اچن ٿا. جن ۾ ڪوهستان جي ڪافي جاين تي پَٿر جا وڏا زمين ۾ کُتل ڊگها ٿَنڀا حيرت ۾ وجهندڙ آهن. جن تي ڪا لکيت به موجود هئي، جيڪا زماني جي گردش سبب ميسارجي ويئي آهي. اهي ٿَنڀا جيڪڏهن قديم رستن جي ٽاڻن يا ٿاڻن يا فرسخن جا نشان هجن ها ته، اُهي صرف قديم رستن تي کُتل نظر اچن ها، پر اهي ٿَنڀا ميداني ماٿرين کانسواءِ جابلو بُٺين ۽ سلسلن ۾ به موجود آهن. ڪن کُتل پَٿرن جي اڄ به مقدس حيثيت آهي، جن تي ڏهاڙا به ملهايا وڃن ٿا. انديشو آهي ته اهي به ٻُڌپرست هندستاني حاڪم راجا اشوڪ جا لڳرايل اُهي ٿَنڀا آهن، جيڪي هن هندستان کانسواءِ ڀَروارن ٻين به ملڪن ۾ گوتم ٻُڌ جي يادگارن طور لڳرايا هئا. جن ٿَنڀن لڳائڻ جي هن ٻين ڀَروارن ملڪن جي حاڪمن کان اجازت به ورتي هئي. هيون تسانگ به سنڌ جي حاڪمن طرفان راجا اشوڪ کي اهڙن ٿَنڀن هڻائڻ جي اجازت ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪو ذڪر انهن ٿَنڀن بابت تاريخي ثبوت پڻ آهي، اهڙي قسم جا ٻَه پَٿر جا ٿنڀا، جن مان هڪ ٿَنڀو ريڪ لڳ ڳوٺ نبي بخش باريجي جي ڀَر ۾ روهي واري اسٽاپ تي کُتل آهي. انهيءَ ٿَنڀي جي هن وقت به زمين کان ٻاهر اوچائي يارنهن فوٽ ٽي اِنچ ۽ ويڪر ٻاويهن کان ويهه اِنچ آهي. اهڙو ئي هڪ ٿَنڀو سامهون اوڀر طرف ٽَڪري تي جئي لال جي آستان تي موجود آهي، جنهن تي ڏهاڙا به ملهايا وڃن ٿا. هرسال سوين عقيدت مند خاص ڪري هندو لوهاڻا اچن ٿا، جيڪا ڳالهه پڻ توجهه ڇڪائيندڙ آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخن ۾ اهو ثابت آهي ته، سنڌي لوهاڻا ٻُڌ ڌرم جا مڃيندڙ هئا. انهن ٿَنڀن جي مُشاهدي مان پڻ انهيءَ ڳالهه جي پڪي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي زمين ۾ کُتل پَٿر جا ٿَنڀا اهي ئي ٿَنڀا آهن، جن جو ذڪر هيون تسانگ ڪيو آهي. جيڪي هندستان جي راجا اشوڪ مها تما گوتم ٻُڌ جي يادگار طور لڳرايا هئا.
    انهيءَ ڳالهه جي نبيري لاءِ اهو ضروري آهي، ته زمين ۾ مختلف جاين تي کُتل پٿرن جو جائزو ورتو وڃي. جيئن انهن پَٿرن جي باري ۾ گُهربل ڄاڻ ملي سگهي، ۽ اهڙن کُتل پَٿرن بابت ڪو ابهام باقي نه رهي. سموري ڪوهستان ۾ بلوچستان تائين ۽ دنيا جي ٻين ڪوهستاني علائقن ۾ پَٿر جي کُتل ٿَنڀن جي باري ۾ ذڪر ملي ٿو. جڏهن انهن کُتل پَٿرن ۽ ٿَنڀن جي باري ۾ مُطالعو ڪجي ٿو، ته انهن جا مختلف قسم ۽ هڻڻ جا مقصد به الڳ الڳ آهن. جن مقصدن جي بُنياد تي اُنهن کُتل پَٿرن جي قد ۾ به فرق آهي. هڪڙا پَٿر ڪن تاريخي واقعن جي يادگار طور مختلف دورن ۾ لڳايا ويا، جن ٿَنڀن تي ڪجهه لکيتون به موجود آهن. اهڙن ٿَنڀن ۾ راجا اشوڪ جي ٻُڌڌرم جي ڦهلاءَ لاءِ لڳايل ٿَنڀن جو به شُمار ٿئي ٿو. اهڙي قسم جا ٿَنڀا ويڪرا ۽ گهٽ ۾ گهٽ به ڏهن فوٽن کان وڌيڪ اوچا آهن.انهيءَ رواج کي قائم رکڻ لاءِ ويجهڙائيءَ ۾ به واقعن جي يادگار طور ڪوهستان ۾ ڪجهه پَٿر لڳل آهن، جن کي ڪوهستان جا ماڻهو ماهِيُون سڏين ٿا. ٿَنڀن جو ٻيو قسم ٿَنڀن جي گول شڪل ۾ هنيل دائرن جو آهي، جن کي اسٽون هينج جو نالو ڏنو ويو آهي. جيڪي پڻ ڪوهستان جي ۽ دنيا جي ڪجهه ڀاڱن ۾ موجود آهن. اهڙن ٿَنڀن جو قد ڪو گهڻو ڊگهو ناهي. دنيا جي مختلف جاين تي اهڙن دائرن ۾ کُتل پَٿرن بابت به ڪا مُتفق راءِ جُڙي نه سگهي آهي، پر گهڻي ڀاڱي انهن کي مذهبي رسمن ادا ڪرڻ واريون جايون سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ اهڙا گول دائرا ميداني علائقن ۾ به موجود آهن،جيڪي سِرن سان ٺهيل وڏا گول دائرا ميداني علائقن ۾ سنڌ جي فوجي راند گوءِ جا ميدان سڏيا وڃن ٿا. اهڙو هڪ سِرن سان ٺهيل ويهه فوٽ ويڪرو گول دائرو حيدرآباد، بدين روڊ تي متارو هوٽل کان ڪڙيي گهنور ڏانهن ويندڙ روڊ جي ڏکڻ طرف، ڪجهه مفاصلي تي ڳوٺ موريو خان لغاريءَ جي ويجهو به ڏسڻ لاءِ موجود آهي. ممڪن آهي ته ڪوهستان ۾ سِرن جي رواج نه هئڻ ڪري پَٿر جا ٿَنڀا هڻي اهڙا گول دائرا ٺاهيا ويا هجن، جيڪي اصل ۾ گوءِ راند جا ميدان هجن . جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سبب اسٽون هينج جا دائرا سمجهيو ويو آهي. ٿَنڀن جو ٽيون قسم رستن تي انساني آبادين، پاڻيءَ جي ذخيرن جي ڏَسَ ڏيڻ لاءِ آهي. اهڙا ٿَنڀا قديم رستن جي ڪنارن تي رستن جي انهيءَ پاسي لڳايا ويا هئا، جنهن پاسي اُهي آباديون يا پاڻيءَ جا ذخيرا موجود هئا. اهي ٿَنڀا اڪيلا ۽ قد ۾ اندازي موجب وڌ ۾ وڌ ڏهن فوٽن تائين اوچا آهن. کُتل ٿَنڀن جو چوٿون قسم انهن لڳل پَٿرن جو آهي، جيڪي قديم رستن تي مفاصلي جي ماپ طور لڳايا ويا هئا. اهڙن پَٿرن جو قد پنجن فوٽن کان اوچو ۽ ڏهن فوٽن کان گهٽ آهي. کُتل پَٿرن جو پنجون قسم انهن پَٿرن جو آهي، جيڪي برٽش دور ۾ زمينن جي ڪيل سَروي وقت، جاگيرن، ديهن، ۽ تڪراري ايراضين جي نبيري لاءِ هنيا ويا هئا. اهڙن پَٿرن جو قد پنجن فوٽن تائين يا انهن کان گهٽ آهي، جن کي دَنگ جا پٿر يا ڪوهستان ۾ ڌڙي جا پَٿر سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ سموري جائزي جي روشنيءَ ۾ ڪوهستان ۾ کُتل پَٿرن بابت محققن کي ڪا راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
    ڪوهستان ۾ سموري قديم تعميرات پَٿرن سان ٿيل آهي. ڪٿي به ڪنهن تعمير ۾ سِرن جو استعمال ٿيل ناهي، نه ئي ڪوهستان ۾ سِرن ٺاهڻ جي ضرورت محسوس ٿي؛ ڇاڪاڻ ته جتي پٿرن جا مضبوط بلاڪ هجن، اُتي سِرون استعمال ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ انهيءَ هوندي به ڪوهستان جي ڪجهه جاين تي سِرن سان جوڙيل عجيب و غريب تعميرات موجود آهي. مثال طور تونگ کان 10ڪلوميٽر پري ٽڪي بارڻ واري علائقي ۾ هڪ سِرن سان تعمير ڪيل وڏو قُبو موجود آهي، جنهن کي هتان جا ماڻهو گمبي پير جو گنبذ سڏين ٿا. پر انهي ۾ ڪنهن به قبر جا نشان ناهن . اهو قُبو به حيرت ۾ وجهندڙ آهي، ايترو وڏو اهو گنبذ ڇو ٺاهيو ويو؟ انهيءَ قُبي کي سِرن بجاءِ پَٿرن سان ڇو تعمير نه ڪيو ويو آهي؟ اهي سِرون وڏي مشڪلات سان اُتي ڪيئن پُهتيون هونديون؟ اهڙي وڏي محنت جو ڪارڻ ڪهڙو هو؟ ڇا اهو به ڪو ٻُڌ ڌرم جو وهار آهي، يا ڪو ٻيو يادگار آهي؟ اهي سڀ اهم سوال آهن، جن جا جواب ڳولڻا پوندا. جن تي کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي آثار ڪوهستان ۾ موجود هوندا، جتي اڃان تائين ڪو محقق نه پهتو آهي.
    ڪوهستان ۾ انساني سماج جي ارتقا جي پنجين دور جي شروعات هزارين سال اڳ ۾ ٿي. سنڌو ڊيلٽا ۾ سنڌي تهذيب ترقيءَ جي بلند مينارن کي ڇُهيو. تاريخ جي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ ڪوهستان به تمام وڏي موسمي ۽ سماجي ڦير گهير مان گذريو. ڪيترا سماجي لاڙها ۽ چاڙها آيا . جنهن ڦير گهير جو اثر ڪوهستان ۾ رهيو.
    سنڌ جي تاريخ جي مٿئين مختصر منظرنامي ۾ ڏسبو ته سنڌ ۾ ڪنهن به مذهبي عقيدي جي انتهاپسندي نه هئڻ سبب سنڌ پوري تاريخ ۾ پنهنجو قومي وجود قائم ۽ دائم رکيو پئي آئي . سنڌي قوم جي اها ايڪتا جي طاقت ئي هئي ،جنهن سبب ڪو به ٻاهريون حمله آور ڪامياب نه ٿي سگهيو . سنڌي سماج ارتقائي ترقي جي ڊوڙ ۾ اسرندو ۽ نسرندو رهيو . پوري تاريخ ۾ صرف عرب ڪيترن حملن ڪرڻ جي باوجود لڳاتار شڪستون کائيندي ، نيٺ هندوڌرم ۽ ٻڌ ڌرم جي تضادن سبب ، سنڌ جي قومي ايڪتا جي ٽٽڻ بعد ئي ڪامياب ٿي سگهيا . جن جو احوال هن ريت آهي ته ، راءِ گهراڻي جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌڌرم پنهنجي عروج کي پهتو . هندو برهمڻ خاندان جي راجا چچ جي حڪومت شروع ٿيڻ سان ئي ٻُڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم وچ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ ۾ مذهبي تضاد اُڀريا، جن تضادن کي گهٽائڻ لاءِ راجا چچ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي . راجا چچ پنهنجي پوري دور ۾ انهن مذهبي تضادن جي گهٽائڻ لاءِ وڏا حيلا هلايا . وڏين مصلحتن کان ڪم ورتو . پر اهي تضاد اندروني طور جيئن جو تيئن رهيا . راجا چچ بعد راجا چندرسين به سنڌ ۾ ميٺ محبت جي ماحول کي پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي سنجيده ڪوششون ڪيون ، پر ڪو خاطر خواهه نتيجو نه نڪري سگهيو . ان بعد راجا ڏاهر ته ٻڌ ڌرم جي اڳواڻن کي پنهنجي اقتدار ۾ شامل به رکيو ، کين مراعاتون به ڏنيون . خاص عهدا به ڏنا . پر مذهبي تضادن جي اندروني ڇڪتاڻ نه گهٽجي سگهي . انهن اڀريل مذهبي تضادن جو فائدو وٺي عرب سنڌ تي قابض ٿيا. عربن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد سنڌي قوم ايڪتا ۽ قومي ٻڌيءَ جي طاقت وڃائي ويٺي. ان بعد ئي سنڌي سماج جي ارتقا پَستيءَ طرف وڌڻ لڳي. ڪوهستان ۾ انساني تهذيب جو ڇهون دور عربن جي قبضي ٿيڻ سان ئي شروع ٿيو. ڪوهستان جي انساني ارتقا جي هن تاريخ واري ڇهين دور جنهن جي شروعات عربن جي سنڌ تي قبضي بعد، ڪوهستان جي علائقن تي قبائلي راڄوڻي نظام سان ٿي، جنهن جو ذڪر اڳتي ٿيندو.


      ڪوهستان ۾ تهذيبي ارتقاجو ڇهون دور

    ڪوهستان ۾ انساني سماج جي ارتقا جي پنجين دور جي شروعات هزارين سال اڳ ۾ ٿي. سنڌو ڊيلٽا ۾ سنڌي تهذيب ترقيءَ جي بُلند مينارن کي ڇُهيو. تاريخ جي انهيءَ ڊگهي سفر ۾ ڪوهستان به تمام وڏي موسمي ۽ سماجي ڦيرگهير مان گُذريو. سنڌ ۾ ٻُڌ ڌرم ۽ هندو ڌرم وچ ۾ پهريون ڀيرو مذهبي تضاد اُڀريا، جن تضادن جو فائدو وٺي عرب سنڌ تي قابض ٿيا. عربن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بعد سنڌي قوم ايڪتا ۽ قومي ٻڌيءَ جي طاقت وڃائي ويٺي. ان بعد ئي سنڌي سماج جي ارتقا پَستيءَ طرف وڌڻ لڳي. ڪوهستان ۾ انساني تهذيب جو ڇهون دور عربن جي قبضي ٿيڻ سان ئي شروع ٿيو. ڪوهستان جي انساني ارتقا جي هن تاريخ واري ڇهين دور، جنهن جي شروعات عربن جي سنڌ تي قبضي بعد، ڪوهستان جي علائقن تي قبائلي راڄوڻي نظام سان ٿي.
    عربن سنڌ ۾ هندو ڌرم ۽ ٻُڌ ڌرم وچ ۾ تضاد وڌايا. تضادن جو فائدو وٺندي، هو سنڌ تي قابض به ٿيا ۽ سنڌ کي خوب ڦُريو ۽ لُٽيو. سنڌ جي هزارين ماڻهن کي غلام بڻائي بازارن ۾ وِڪرو ڪيو. ايترا سنڌي ماڻهو مارڪيٽن ۾ وِڪيا ويا، جو انساني غلامن جي وِڪري جو اَگههُ ڪِري پيو. عرب تاريخدان جاحظ انهيءَ جي شاهدي ڏيندي پنهنجي ڪتاب ’الحيوان‘ ۾ لکي ٿو ته؛“محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد تمام گهڻي ۾ گهڻا سنڌي مرد ۽ عورتون غلام ڪري عراق، شام ۽ حجاز جي شهرن جي واپاري بازارن ۾ وڪري لاءِ آندا ويا هئا.“عربن جي سنڌ تي قبضي بعد ڪيل ظلمن جو داستان ايترو دردناڪ آهي، جو اُنهيءَ تي ڪَئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا.سڀني عرب مورخن پنهنجي ڪتابن ۾ انهن جا تفصيل ڏنا آهن.
    عربن جي سنڌ تي قبضي بعد سنڌ مان ڪيل ڦُرلُٽ جي مال تي اُنهن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿيو. جنهن جا تفصيل به ڊگها آهن، ته ڪيئن وليد بن عبدالملڪ جي لشڪرن جي مهندارن کي سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ اقتدار سنڀالڻ بعد بي رحمانه انداز ۾ قتل ڪرايو. جنهن سلسلي ۾ محمد بن قاسم کي به دردناڪ عذاب ڏيئي ماريو ويو. پوءِ خود عربن جي وچ ۾ هڪ وڏي ڊگهي ڇڪتاڻ هلي، جنهن جي ذڪر سان عرب جون تاريخون ڀَريون پيون آهن. راجا ڏاهر جي بهادر پُٽ جئسينه عربن خلاف گوريلا جنگيون شروع ڪيون.راجا ڏاهر جي ميدان جنگ ۾ سنڌ تان قربان ٿيڻ بعد عرب جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا، ته انهن پنهنجي سنڌي اتحادين جيڪي ٻُڌڌرم جا پوئلڳ هئا، انهن سان به سڀ ڪيل معاهدا ٽوڙي زيادتيون ڪرڻ شروع ڪيون، نتيجي ۾ ٻُڌڌرم جا ڪافي پوئلڳ ڪوهستان جي علائقن ڏانهن ڌِڪجي ويا. عربن جي بيوفائي سندن دل ۾ وطن سان غداريءَ جو پَڇتاءُ پيدا ڪيو. جئسينه جڏهن عربن خلاف ڪارروايون شروع ڪيون، ته اُنهن ۾ ڪوهستان جي ماڻهن ساڻس ساٿ ڏنو. جئسينه جهمپير لڳ هيم ڪوٽ،۽ لوڻي ڪوٽ ويجهو اُکري ڪس ۽ تونگ کان اُتر طرف ٽڪي بارڻ جي ويجهو، سيوهڻ واري قديم رستي جي ڀرسان هڪ هنڌ تي گوريلا ڪئمپون قائم ڪري،عربن خلاف ڪارروايون ڪيون. اها ٽڪي بارڻ واري ڪئمپ اڃان تائين ’جئسيراءِ جو تڙ‘نالي سان سڏجي ٿي، جتي هڪ پاڻيءَ جو تانگهو کوهه به موجود آهي. مٿي هڪ ٽَڪريءَ جي چوٽيءَ تي ڪئمپ جا آثار به موجود آهن، جنهن مان لڳي ٿو، ته هي ڪئمپ ڪافي عرصو عربن خلاف مزاحمت ڪندڙ سنڌين جو مرڪز رهي. هتان ڪئمپ کان تونگ، ’لوڻي ڪوٽ‘ واري جئسينه جي حامي ماڻهن جي مرڪز ’اکري ڪس‘، ۽ جهمپير لڳ قلعي ’هيم ڪوٽ‘ ڏانهن به اڙانگا ۽ خُفيه رستا ويندا هئا. انهيءَ مان هن ڳالهه جي شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان ۾ موجود ’جيسيراءِ جي تڙ‘ واري گوريلا ڪئمپ،جئسينه جي ڪوهستان ۾ عربن خلاف سمورين ڪاررواين جو مرڪز به رهي هئي. هن ڪيمپ سبب عربن جا ڪوهستان مان پير پٽجي ويا . هي گوريلا ڪيمپ عربن جي واهي پانڌي کان اولهه طرف کيرٿر جي ڪڇ ۾ موجود قلعي جنهن کي هن وقت ڪوهستان جا ماڻهو“ ڪاروڪوٽ ”جي نالي سان سڏين ٿا تي قبضي بعد قائم ڪيل ٿي ڏسجي .هن ئي ڪيمپ تان ڪاروايون ڪري عرب ڪارندن کي ڪارو ڪوٽ تي پير کُپڻ نه ڏنا ويا . هي ڪئمپ ايترو ّخفيه هئي، جو عربن کي انهيءَ ڪئمپ جي پڇاڙيءَ تائين خبر نه پئجي سگهي، نه ته چچنامي يا ٻين تاريخن ۾ انهيءَ جو ذڪر ضرور موجود هجي ها. جنهن ڳالهه مان اها شاهدي ملي ٿي، ته ڪوهستان جي ماڻهن جئسينه سان نه صرف گڏجي جنگ وڙهي، پر جئسينه کي مضبوط پناهه گاهه به ڏني. بهادر جئسينه عرب فوجي ڪئمپن تي راتاها هڻندي، 107 هجري مطابق 725ع ۾ سنڌوطن جي حفاظت ڪندي، پنهنجي ڀاءُ ۽ ساٿين سميت پنهنجو آخري ساهه ڏنو. ياد رهي ته جئسينه جي تيرهن سالن جي گوريلا جنگ ۾ عربن جا ٻه سئو کان مٿي مخبر، جنرل ۽ نواب قتل ٿيا. جئسينه جي قربان ٿيڻ بعد عربن سمجهيو، ته هاڻي سنڌ تي مڪمل قابض ٿي ويندا، پر ائين نه ٿيو. جئسينه کان پوءِ وري سنڌي قبيلا سومرا، سما، جت، سهتا، لاکا، ٺڪر، پنهور، شورا، جوکيا، چنا، ملاح ۽ٻيون ذاتيون عربن خلاف ميدان جنگ ۾ ڌار ڌار ٽولا ٺاهي وڙهنديون ۽ راتاها هڻنديون رهيون. انهيءَ ڳالهه جو اهو ثبوت آهي، ته عرب سنڌ جي ڪنهن به مفتوح شهر ۾ رهي نه سگهيا. هو سنڌ ۾ کاهيون کوٽي 111 هجري تائين رهندا آيا. عربن جي گورنر حڪم بن عوام ڪلبي، سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني کي مُنهن ڏيڻ لاءِ محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن محمد سان گڏجي سنڌ ۾ آيو. هو سنڌ ۾ 111 هجريءَ ۾ پهتا. سنڌ جي شهرن کي غير محفوظ سمجهي مسلسل کاهين ۾ رهڻ واري حالت کان تنگ ٿي، هنن صرف عربن جي رهڻ لاءِ هڪ شهر نما فوجي ڇانوڻي،’محفوظه‘نالي سنڌونديءَ جي ڇوڙ کان اُڀرندي طرف تعمير ڪرائي. ڪافي عرصو کين سنڌي بهادر قبيلن جو مقابلو ڪرڻو پيو. آخرڪار عرب ٿڪجي ’محفوظه‘ ۾ امن سان رهڻ لڳا، هنن تنگ ٿي سنڌين سان ڇيڙ ڇاڙ بند ڪري ڇڏي، ته موٽ ۾ سنڌين طرفان ٿيندڙ ڪارروايون به بند ٿي ويون. عرب ايترو مجبور ٿيا، جو هنن سنڌي لباس پائڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجيون سَنوارتون به سنڌين جهڙيون ٺهرايون. بلڪل امن پسند ٿي ويا، ته سنڌين به مٿن حملا ڪرڻ بند ڪري ڇڏيا،پوءِ هو محفوظه کان ٻاهر به امن پسند ٿي نڪرڻ جهڙا ٿيا. ان بعد هنن سنڌو نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي هڪ پاڻيءَ ۾ گهيريل ٻيٽ تي 125 هجريءَ ۾ ’منصوره‘ نالي ٻيو ننڍو فوجي قلعو ۽ شهر اَڏايو. جنهن بابت تاريخ جا مورخ وري اها ڳالهه ٺاهين ٿا، ته عربن سنڌ جي بغاوت کي بلڪل ختم ڪري، پوءِ انهيءَ خوشيءَ ۾ منصوره جو شهر تعمير ڪرايو. جيڪا ڳالهه اصل حقيقت کان گهڻو پري آهي. اصل ۾ عربن جي مرڪزي حڪومت خانه جنگين ۽ حڪمرانن جي عياش پرستين سبب بلڪل ڪمزور ٿي چُڪي هئي. سنڌ ۾ عربن خلاف هلندڙ مزاحمت سبب عربن جي عسڪري قوت گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا، نتيجي ۾ هتي جي مقرر عرب حاڪمن ڪمزوريءَ سبب ڪنڌ هيٺ ڪري پئي وقت گذاريو. اهڙيءَ حالت ۾ ڇيڙڇاڙ نه ڪرڻ ڪري، سنڌين جون عربن خلاف ڪارروايون به تمام گهڻو گهٽجي ويون هيون، جن حالتن ۾ هنن منصوره جو شهر اَڏايو هو. 125 هجري ۾ منصوره جي تعمير وقت عربن جي مرڪزي حڪومت آخري پساهن ۾ هئي ، ڇو ته عربن جي حاڪم هشام بن عبدالمالڪ ساڳئي سال ۾ وفات ڪئي. ان بعد وليد بن يزيد بن عبدالملڪ حڪومت سنڀالي، هي عرب حڪمران پنهنجي پيءَ يزيد بن عبدالملڪ کان به اڳتي نڪري ويو. هن بابت تاريخ ’جنت السنڌ‘ ۾ لکيل آهي، ته؛ ”هي عياش سان گڏ شرابي ته هو، پر هن شراب جو هڪ حوض به ٺهرايو، جنهن ۾ وهنجندو هو.“اهوئي سبب هو جو هي بدڪردار ۽ عياش عرب حاڪم بنو اميه جو آخري حاڪم ثابت ٿيو. جنهن کان پوءِ وري بنو عباسيه وارن جو حڪومتي دور شروع ٿيو. ان بعد سنڌ ۾ حڪومتي مرڪز جي نه هئڻ سبب سنڌ جون قبائلي قوتون ميدان ۾ آيون ۽ سنڌ ورهائجي ويئي، جڏهن ته ڪوهستان ۾ اڳ ئي قبائلي نظام موجود هو.
    عربن جي بيوفائيءَ سبب سڀ ٻُڌ ڌرم جا پيروڪار ڪوهستاني علائقن ۾ ڌڪجي ويا هئا. ٻئي طرف عربن خلاف مزاحمت ڪندڙ سنڌي قوتون به جئسينه کان پوءِ ڪوهستان جي ماڻهن سان رابطي ۾ نه رهيون، جيئن ته عربن ۽ راجا ڏاهر جي جنگ دوران ٻُڌڌرم جي اڪثريتي ماڻهن عربن جو ساٿ ڏنو هو. نتيجي ۾ هڪ طرف هو هندو ڌرم وارن جو اعتماد وڃائي ويٺا، ته ٻئي طرف عربن به ساڻن بيوفائي ڪئي. نتيجي ۾ ڪوهستان ۾ رهندڙ قبيلا جئسينه کان پوءِ بلڪل اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويا. انهيءَ ڪري ڪوهستاني ماڻهن ۾ حڪومتي ۽ سياسي رُجحان گهٽجي ويو. ڪوهستاني ماڻهن ۾ قبائلي مفاد پيدا ٿيا، پر هڪ ڳالهه ڪوهستاني ماڻهن ۾ وڌيڪ سگهه ورتي، جو هنن جي وچ ۾ قبائلي ٽڪراءَ نه ٿيا. جنهن سبب ڪوهستان ۾ ميٺ محبت وارو عنصر بچي ويو، انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ بدامني جي بيماري پيدا نه ٿي.. عربن جي نالي ماتر حڪومت جو دائرو صرف منصوره شهر تائين رهيو.ڪوهستاني ماڻهن کي عربن جي بيوفائيءَ سان صدمو پهتو. هنن وري پنهنجي قبائلي علائقن کي عرب حڪمرانن لاءِ علائقه غير بڻائي ڇڏيو. هو عرب فوجن کي ڪوهستاني علائقن مان گُذرندي نقصان پهچائيندا رهيا. نتيجي ۾ عربن جا گورنر صرف ’منصوره‘ ۽ ’محفوظه‘ تائين قيد رهجي ويا، جتي مجبوريءَ جي حالت ۾ هو ڊپ سبب پنهنجن شهرن محفوظه ۽ منصوره کان ٻاهر نڪري نه سگهندا هئا؛ پر عام عرب واپارين سان سنڌين جو رَوَيو دوستانا رهيو. اهڙي شاهدي ڏيندي، علي بن حسين المسعوديءَ پنهنجي ڪتاب ’التنبيه الاشراف‘ ۾ لکي ٿو ته، ”هن وقت به سنڌ جي اولاهين سرحد جي نگراني ميدن ۽ ٻين جابلو قبيلن جي هٿ ۾ آهي، جيڪي هر وقت سنڌ جي حفاظت لاءِ تيار ويٺل آهن. ڪنهن به عرب فوج جي قافلي کي هر وقت ميدن ۽ ٻين جابلو قبيلن جي اوچتي حملي جو خطرو رهي ٿو. پر اهي ساڳيا ميد ۽ ٻيا جابلو قبيلا عرب واپارين، ايرانين ۽ ٻين قومن جي قافلن لاءِ ڏاڍا مهربان هوندا آهن. ڪوهستاني ماڻهو حد درجي جا سخي مهمان نواز به آهن. حڪمران عربن کي هو غاصب ۽ ڦوروسمجهن ٿا. عرب حڪمرانن سان وڙهڻ ڄڻ سندن فرض ۾ شامل آهي. صرف ميد ۽ جابلو قبيلا نه پر سڀ سنڌي ذاتيون عرب حڪمرانن جي خلاف آهن.“مسعودي وڌيڪ لکي ٿو ته، ”سنڌ جي سموري سفر ۾ سنڌين جو مون سان ۽ منهنجي ساٿين سان رَوَيو مُهذب ۽ دوستانه هو، جڏهن ته هنن کي اها به خبر هئي ته اسين به عرب آهيون. پر کين اهو يقين هو، ته اسين سنڌ ۽ سنڌين جا دشمن نه آهيون.“ انهيءَ مان اهو ثابت ٿيو، ته سنڌين جي دوستيءَ ۽ دشمنيءَجو بُنياد پنهنجي مادر وطن سنڌ جو مفاد آهي. سنڌي پنهنجي وطن سان بيحد محبت ڪن ٿا. هتي هڪڙي ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ ضروري آهي، ته علي بن حسين مسعودي، اهل تشيعت جو هو، هو عرب حڪمرانن جي خلاف هو. ڪوهستان يا سنڌ ۾ اهي ڳالهيون هلندڙ آهن، ته حضرت علي عليه السلام سنڌ ۾ آيو هو، ۽ مختلف جاين ۽ چشمن کي حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيو ويندو آهي، جيڪا ڳالهه تاريخي حقيقتن موجب دُرست ناهي. شايد گُمان غالب آهي، ته مشهور مورخ علي بن حسين مسعوديءَ جي سنڌ ۾ اچڻ تي ئي اهي ڳالهيون اڳتي هلي، حضرت علي عليه السلام سان منسوب ڪيون ويون، باقي علي بن حسين مسعودي سنڌ ۾ آيو ۽ رهيو به هو. هن پنهنجي ڪتابن ۾ سنڌين جي محبت ۽ انسانيت جي وڏي ساراهه ڪئي آهي. مسعوديءَ جي لکڻين ۾ سنڌ سان بي انتها پيار ڇوليون هڻندي نظر اچي ٿو. هر جاءِ تي سنڌين جي وڏائي ۽ خلوص جو ذڪر ڪري ٿو. انهيءَ مان انهيءَ ڳالهه جي پڻ شاهدي ملي ٿي ته، مسعوديءَ کي سنڌي ماڻهن طرفان بيحد پيار مليو هوندو؛ ڇو ته سنڌي ماڻهو تاريخي طور محبتن جا امين رهيا آهن. حڪمران عربن جي ٽولي به جڏهن سنڌين سان هٿ چُراند بند ڪئي ته، سنڌين به موٽ ۾ ساڻن ويڙهه بند ڪري ڇڏي. هو آرام سان پنهنجا شهر محفوظه ۽ منصوره تعمير ڪرائي سگهيا. مسعودي ته سنڌ جو گهڻگهرو، همدرد ۽ دوست هو، جنهن محبت جو اظهار هن جي لکڻين ۾ شاهديءَ طور موجود آهي.
    عربن جي منصوره تائين محدود ٿيڻ بعد سنڌ ۾ الڳ الڳ قبيلائي حڪومتي راڄ قائم ٿيا، جن مان سومرا قبيلي جي حڪومتي راڄ جو دائرو وڌيڪ هو. پر سومرن جي دور ۾ به ڪوهستان ۾ سندن اثر نه هو. حالانڪ عربن طرفان پکيڙيل مذهبي تضاد جو نتيجو پوري سنڌي قوم غلاميءَ جي صورت ۾ ڏسي چڪي هئي. هاڻي ته ڪوهستان جي ماڻهن وٽ اهو ٻُڌڌرم جو مذهبي جذبو به نه رهيو، جنهن جذبي تحت هو راجا ڏاهر کان حڪومتي برابريءَ جو حق حاصل ڪرڻ بعد به مطمئن نه هئا. هڪ طرف هو راجا ڏاهر جي وطن دوستيءَ جو فائدو وٺندي مراعاتون به وٺندا رهيا هئا، ته ٻئي طرف هو عربن طرفان ڏنل لالچن تي پوري سنڌ تي حڪمراني جا خواب ڏسندي ، عربن جي اندروني طور مدد به ڪندا رهيا هئا ، ۽ لالچ ۾ اچي عربن جو ساٿ ڏيئي، سنڌ جي غلاميءَ جو سبب بنيا. جنهن جو پڇتاءُ سندن دل ۾ پيدا ٿيو، جنهن سبب هو ٻُڌ ڌرم تان به هٿ کڻي ويا، پر وقت گُذري چڪو هو. نتيجي طور پورا پنج سئو سال ڪوهستاني سنڌي ، سنڌ جي ڊيلٽائي سنڌين کان ڪٽيل رهيا. ان بعد مٿن اعتماد بحال ٿيو ۽ هو سنڌ جي قومي ڌارا ۾ وڃي شامل ٿيا. سمن جي دور ۾ ڪوهستان جي ماڻهن جي حڪومتي معاملن ۾ شرڪت ٿي. جيئن ته ڄام نظام الدين جي دور ۾ شهيد مخدوم بلاول جو ڪوهستاني ماڻهن سان گهرو لاڳاپو هو، ڇاڪاڻ ته شهيد مخدوم بلاول خود ڪوهستاني هو. سندس والد ڄام حسن سمون لسٻيلي جو گورنر هو. ٻئي طرف دولهه درياءَ خان جا ڪجهه لاڳاپا ڪوهستان ۾ اڳي ئي موجود هئا. اهوئي سبب هو جو دولهه درياءَ خان ڪوهستاني ماڻهن جي مدد سان افغانستان کان ٿيندڙ حملا بهادريءَ سان روڪيندو رهيو. دولهه درياءَ خان، مرزا شاهه بيگ ارغون جي ڀاءَ محمود ارغون جي سنڌ تي حملي کي نه صرف روڪيو، پر ڪوهستاني قبيلن جي مدد سان ارغونن کي عبرتناڪ شڪست ڏني، جنهن ۾ مرزا محمود ارغون مارجي ويو. نتيجي ۾ ڄام نظام الدين جي حياتيءَ ۾ وري ڪنهن به افغانيءَ سنڌ تي حملي ڪرڻ جي جُرئت نه ڪئي.ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي پوري اڌ صديءَ جي حڪمرانيءَ دوران ڪو به افغانستان کان ٿيندڙ حملو ڪامياب نه ٿيو. دولهه درياءَ خان پنهنجي ڏاهپ ۽ ڪوهستاني قبيلن جي ساٿ سان مقابلا ڪندو فتحياب ٿيندو رهيو.دولهه درياءَ خان ۽ شاهه حيدر سنائي شهيد مخدوم بلاول جا عقيدتمند هئا. انهيءَ زماني ۾ سيد حيدر شاهه جو ڏاڏو سخي ابراهيم شاهه مدفن خاڻوٺ، وري ڄام نظام الدين جي خاص ويجهن ماڻهن مان هو. اهوئي سبب هو، جو دولهه درياءَ خان پنهنجي ذاتي رهائش به ڪوهستان جي ڀَر ۾ خاصائيءَ ۾ قائم ڪئي، جتي هن جي قُبن واري عاليشان اوطاق هئي، جيڪا ائين کڻي چئجي، ته سنڌ جي حڪومت جي فوجي طاقت جو مرڪز هئي. هن اوطاق تي ويهي، هڪ طرف دريائي واپار تي نظر رکي ويندي هئي. گڏو گڏ سنڌ جي سامونڊي بندرگاهن سان رابطو قائم ڪري، ٻين ملڪن جي طرفان سمنڊ ۾ ٿيندڙ بحري چُرپُر تي سامونڊي وڻجارن معرفت چوڪسي به رکي ويندي هئي. ته ٻئي طرف وري ڪوهستان جي رستي دشمنن جي حملن کي روڪڻ جي رٿابندي به ڪئي ويندي هئي. مطلب ته هي اوطاق سنڌ جي دفاعي سرگرمين جو اهم مرڪز رهي، جنهن جا آثار ڊَٺل حالت ۾ اڄ به موجود آهن. افسو س آهي، جو سنڌ جي هن عظيم جنرل جي تاريخي اوطاق جي آثارن جي به ڪنهن پَرگهور نه لڌي، ۽ اها هينئر بلڪل ڊهي ڍير ٿي چڪي آهي. انهيءَ تاريخي اوطاق تي ڪوهستان جي ماڻهن جا ميڙاڪا رهيا، هتان ئي تياريون ڪري افغانستان جي ارغونن جي حملن کي روڪيو ويو. هن ئي اوطاق تي ڄام نظام الدين جون ڪوهستاني ماڻهن سان ڪچهريون ٿيون، ڄام نظام الدين ڪوهستاني سردارن جي دعوتن تي ويو. ارغونن سان ٿيل جنگين ۾ ڪوهستاني ماڻهن دولهه درياءَ خان سان وِک وک تي ساٿ ڏيئي، پنهنجي حُب الوطنيءَ جا ڪَئين داستان پنهنجي غيرتمند رت سان لکيا. ڪوهستان جي ماڻهن وفا جو ثبوت ڏيندي، دولهه درياءَ خان جي شهادت کانپوءِ به ڪوهستان کي ارغونن لاءِ علائقه غير رکيو. شهيد مخدوم بلاول جي تحريڪ ۾ ساٿ ڏنو، ۽ ٽلٽيءَ جي ميدان تي پنهنجي سِرن جا نذرانا ڏنا. شهيد مخدوم بلاول جي شهادت بعد هنن ارغونن سان سندن پوري دور ۾ ويڙهاند جاري رکي. نشانيءَ طور لڪيءَ ۽ ڪانڀو جبلن جي وچ ۾ ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ پير مهري باريجي جي قبرستان ۾ ارغونن سان وڙهندي سنڌ تان قربان ٿيندڙ ڪجهه باريجا قبيلي جي شهيدن جون قبرون به موجود آهن . ارغونن جون ننڊون حرام ڪندڙ شهيد قاسم باريجو به گُمان آهي، ته شايد هتي دفن ٿيل هجي. هن قبرستان ۾ ڪنهن به قبر تي ڪو قُبو يا شاندار پَٿر جي ڇَٽڙي اَڏيل ناهي. جيڪا ڳالهه هنن شهيدن جي بلاولي تحريڪ جي پوئلڳ هئڻ جو ثبوت آهي، ڇاڪاڻ ته بلاولي تحريڪ جي ڪنهن به بُزرگ تي ڪو قبو اَڏيل ناهي. خود مخدوم بلاول تي به هينئر تازو قُبو جوڙايو ويو آهي، نه ته ويجهڙائيءَ واري دور تائين خود شهيد مخدوم بلاول تي اَڏيل هڪ چوڪنڊي موجود هئي. مخدوم بلاول جي بهادر ساٿي سيد حيدر شاهه سنائيءَ کان ويندي، سائين جي ايم سيد تائين ڪنهن جي مزار تي قُبو اَڏيل ناهي.
    سمن کانپوءِ ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين ڪوهستان جي ماڻهن وطن جي ويرين سان ڪَئين مُهاڏا اَٽڪايا. انهن مُهاڏن سبب ئي ارغونن يا مغلن جي فوج ڪوهستان مان نه گُذرندي هئي. انهيءَ جو ٻيو وڏو ثبوت اهو به آهي، ته همايون کي به ايران ڏانهن ويندي ڪوهستان مان گُذرڻ وقت ڪو عوامي ساٿ نه مليو. صرف ڪوهستان ۾ ٻاهران کان ايندڙ جلاوطن ٿيل بلوچ قبيلي جي سردار چاڪر اعظم ڪنهن جاگير ۽ مُستقل رهائشي علائقي ملڻ جي آسري ۾ پنهنجي قبيلي جي ڪجهه ماڻهن سان سندس ساٿ ڏنو. باقي ڪوهستان جي اصل رهاڪن مان سندس ڪو به مددگار نه ٿيو هو. وري مغل باغي شهزادي دارا شڪوه به ڪوهستان کي دهليءَ جي دربار کان محفوظ سمجهندي، ڪجهه ڏينهن ڪوهستان ۾ گذاريا. ڪوهستانين پنهنجي انسان دوستيءَ جو مثال قائم ڪندي، هن پناهه وٺندڙ صوفي منش مجبور باغي شهزادي دارا شڪوه ۽ انجي ساٿين کي نه ايذايو.
    ڪلهوڙا جيئن ته ڪوهستانين جي ساٿ سان حڪومت ۾ آيا هئا . خاص ڪري ڪوهستان جي کوسن سندن ساٿ ڏنو، پر ڪلهوڙن دهليءَ جي درٻار ۽ مغلن جي رضامندي حاصل ڪرڻ لاءِ ڳرا خراج وصول ڪري عوام کي نِپوڙڻ شروع ڪيو. ايتري قدر جو هو ڪوهستاني ماڻهن جي ٽڪرائن ۽ حملن وقت ٺٽي جي مغل نوابن سان هر دفعي ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺل هوندا هئا، جن نوابن سان ڪوهستاني قبيلن جو ڪڏهن به ڪو ٺاهه نه هو. انهيءَ ڪري ڪلهوڙن جي انهن حڪومتي پاليسين سبب ڪوهستان جا ماڻهو ساڻن جلد ئي لاتعلق ٿي ويا. انهيءَ ڳالهه جا به ٽي تاريخي ثبوت موجود آهن. هڪ ثبوت اهو آهي ته سِسِين جا مينار ٺاهيندڙ سَفاڪ رهزن نادر شاهه افشار ڪلهوڙن کان زبردستي ڏن وٺڻ بعد واپس ايران ويندي، قلندر جي درگاهه سان عقيدتمنديءَ جو اظهار ڪيو، ڇو ته ڪوهستان جي قبيلن جي قلندر شهباز سان اڃان تائين به والهانه عقيدت موجود آهي. ڪوهستاني ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ هن قلندر جي درگاهه تي اچڻ جو ڊرامو ڪيو هو، ڇوته ڪوهستان مان کيس گُذري ايران وڃڻو هو. نادر شاهه جهڙو خوني ۽ بي رحم انسان به خاموشيءَ سان بغير ڪنهن ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي تيزيءَ سان ڪوهستان مان گذريو. نه هن ڪنهن سان ڦِٽايو، ۽ نه ئي ڪوهستان جي ماڻهن ساڻس ڪا جنگ ڪئي. اهو ڪلهوڙا حڪومت سان ڪوهستانين جي لاتعلقيءَ جو اظهار هو. جي ڪلهوڙن جي حڪومت سان ڪوهستاني قبيلن جو ڪو تعلق هجي ها، ته شايد نادر شاهه ائين سلامتيءَ سان بغير ڪنهن نقصان کائڻ جي ڪوهستان مان نه گُذري سگهي ها. انهيءَ جو ٻيو ثبوت اهو آهي ته ڪلهوڙن جي خانه جنگيءَ وقت ميان عبدالنبي ڪلهوڙي جي سَڏ تي آيل مددخان پٺاڻ جو لشڪر به ڪوهستان مان نه گُذري سگهيو. جي ڪوهستان جا ماڻهو ڪلهوڙن جا همدرد هجن ها، ته سندن ونگار تي آيل مددخان پٺاڻ به ڪوهستان مان گُذري اچي ها. ڪلهوڙن سان ڪوهستان جي قبيلن جي لا تعلقيءَ جو ٽيون ثبوت اهو آهي، ته ڪلهوڙا رنيڪوٽ جهڙي محفوظ پناهگاهه ڇڏي دربدر ٿيندا، نادر شاهه جي ڪاهه وقت عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لِڪا هئا. ياخداآباد مان نِڪرڻ کانپوءِ، هو مختلف جاين تي لڏپلاڻ ڪرڻ، ۽ دربدر ٿيڻ بعد حيدرآباد ۾ قلعو جوڙائي تخت گاهه نه بنائين ها. جي ڪوهستاني ماڻهن جو ساڻن ساٿ هجي ها، ته رنيڪوٽ ڪلهوڙن جو مضبوط تخت گاهه ٿي سگهيو ٿي.
    ميرن جي دور ۾ به ڪوهستان جا ماڻهو ميراڻي بلوچ حڪومت کان پاسيرا رهيا. ميرن جو باصلاحيت وزير اعظم نواب ولي محمدخان لغاري ڪجهه عرصو رني ڪوٽ ۾ اچي رهيو، هن ميري ڪوٽ ٺهرائي رنيڪوٽ کي تختگاهه بنائڻ جو سوچيو به هو، هن رني ڪوٽ جي مرمت جي ڪوشش به ڪئي. پر ٽالپر حڪمرانن جي عدم دلچسپي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي لاتعلقيءَ سبب هو ائين نه ڪري سگهيو. ميرن جي حڪومت کان ڪوهستان جي قبيلن جي لاتعلقيءَ جو ٻيو ثبوت اهو آهي، ته دٻي ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۾ ڪو به ڪوهستاني قبيلو يا جَٿو شامل نه هو. انهيءَ ڳالهه جو ٽيون ثبوت اهو آهي، ته دٻي جي جنگ ۾ هارائڻ کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر، پهرين ڪوهستان ڏانهن وڃڻ جو سوچيو هو. پر پوءِ شايد هن ڪوهستان جي ماڻهن جي ساٿ ڏيڻ، يا نه ڏيڻ واري غير يقيني صورتحال سبب لاهور وڃي، راجا رنجيت سنگهه وٽ سياسي پناهه ورتي. مير شيرمحمد خان ٽالپر جي حامي فوج ڪيترو عرصو اَڇڙي ٿَر جهڙي ريگستان ۾ دربدر ٿيندي ڀَٽڪندي رهي. ٻي حالت ۾ مير شيرمحمدخان ٽالپر جيڪڏهن ڪوهستان وڃي انگريزن خلاف جنگي تياري ڪري ها،ته کيس دربدري نصيب نه ٿئي ها. هو ڪوهستان مان ويهي، انگريز فوج جو سٺي نموني مقابلو ڪري سگهيو ٿي. ائين ڪرڻ سان سنڌ جي ڦُريل آزادي واپس ملي سگهي ٿي. پر افسوس ٽالپرحڪمران پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين ۾ ڪا مُحبت پيدا ڪري نه سگهيا. ڪلهوڙن ۽ ٽالپر حڪمرانن جو ڪوهستان کان لاتعلق رهڻ سنڌ جي تاريخ جو اهم سانحو آهي.
    انگريزن جي دور حڪومت ۾ به ڪوهستان هڪ لاتعلق ۽ وِساريل علائقو رهيو. هتي جي دور دراز اڙانگن رستن کي لتاڙي، هتي پهچي عوام جا ڏُک سور گهٽائڻ لاءِ ڪجهه ڪرڻ سندن ترجيح ۾ نه هو. پنهنجي واپاري مفاد پرست حڪمرانيءَ جي شوق سبب انگريزن جو به ڪو توجهه ڪوهستان تي نه رهيو. پوري دور حڪومت ۾ سندن ڪا خاص دلچسپي ڪوهستاني علائقن سان نه رهي.جنهن سبب ڪوهستان سمورين سياسي ۽ سماجي سرگرمين کان لاتعلق رهندو آيو. چالاڪ انگريزن ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ ڪوهستان مان گذرندڙ رستن کي محفوظ بنائڻ لاءِ، ڪجهه ڪوهستاني سردارن سان ميل ميلاپ رکيو ۽ دوستيءَ جي نالي ۾ پنهنجا واپاري مُفاد حاصل ڪندا رهيا. وڌيڪ ڪوهستان ۾ سماجي ترقيءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو. جيڪو حڪومتي رَوَيو انگريزن جي وڃڻ بعد اڃان تائين ساڳيو رهندو اچي. ڪوهستان سمن جي دور حڪومت کان پوءِ لاڳيتو اڃان تائين هڪ وِساريل علائقو آهي، جتي اڄ به ڪوهستان جو قبائلي راڄوڻي نظام موجود آهي.
    ڪوهستان جي انهيءَ مختصر تاريخي سياسي پسمنظر کان پوءِ، اچو ته ڪوهستان جي سماج جي روح ۾ لهون، ته هنن ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ وري پاڻ کي واپس موٽ کائڻي پوندي.
    جيئن ته پاڻ اڳ۾ ئي ذڪر ڪري چڪا آهيون، ته عربن جي قبضي بعد ڪوهستان ڊيلٽائي ماڻهن کان سماجي طور جهڙوڪ ڪٽجي ويو. انهيءَ ڪري سموري تاريخي اُٿل پُٿل ۾ ڪوهستان سماجي طور ڪٽجڻ سبب ارتقائي طور جمود جو شڪار رهيو. ڪوهستان جي قبيلن جا ڊيلٽائي علائقن سان صرف عارضي طور ڏُڪاريل حالتن ۾ ڪجهه اچ وڃ جا نه هئڻ جي برابر تعلقات رهيا. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ قبائلي راڄوڻي نظام قائم رهيو، ۽ اڃان تائين ڪوهستان ۾ اهو ئي صديون پراڻو قائم ڪيل راڄوڻي قبائلي نظام موجود آهي؛ جيڪو نظام انهن جو پنهنجو جوڙيل آهي. جنهن نظام تي هو فخر به ڪن ٿا، ۽ انهن راڄوڻي اصولن کي هو خوشيءَ سان قبولين به ٿا. هتي قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪو به مضبوط ادارو يا فورس موجود ناهي. اهي راڄوڻي اصول ۽ ضابطا به قديم زماني کان هلندا اچن،جن کي تبديل ڪرڻ لاءِ کين ضرورت محسوس نه ٿي آهي.
    ڪوهستان شايد دنيا جو اهو واحد علائقو آهي، جتي گهڻي ڀاڱي ڪو به سماجي ڏوهه نه ٿو ٿئي. جتي ڪوبه قانون نافذ ڪندڙ ادارو گهڻو سَرگرم ناهي ۽ نه ئي هتي ڪنهن قانون نافذ ڪندڙ اداري جي ضرورت ئي آهي. هتي ڏوهه جو ڪو به تصور ناهي، جيڪا ڳالهه نهايت حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪوهستان ۾ انساني همدردي، سخا، قرباني، سهپ، مذهبي رواداري، نسلي رواداري ، ڪاروباري رواداري، ۽ قبائلي محبت نه صرف موجود آهي، پر پوري سگهه ۽ ساڃاهه سان مضبوط به آهي. هتي انساني قتل ته پري جي ڳالهه آهي، پر ڪنهن به ساهواري کي رَنجايو يا ماريو نه ٿو وڃي. هتي جي فطرت دوستيءَ ۾ اها به ڳالهه شامل آهي،ته هو سخت ضرورت کان سواءِ ڪنهن به وڻ کي نه وڍيندا آهن. هتي ڪو به ڌنار ڪهاڙي هٿ ۾ نه کڻندو آهي. هتي جي راڄوڻي قانون ۾ وڻ وڍڻ وڏو ڏوهه آهي، اهوئي سبب آهي، جو ديهه ڪنڊو ترائيءَ ۾ هڪ قديم نَوَ فوٽ ٽي اِنچ ويڪري ٿُڙَ وارو هڪ قديم ڪنڊيءَ جو هڪ پراڻو وڻ موجود آهي، جنهن تي ڪنهن ڪهاڙيءَ جي وَڍَ جا نشان به نه آهن. ڪوهستان جي ماڻهن جي فطرت دوستيءَ جي شاهدي کير ٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود، اهي ڪيترن نسلن جا جانور به ڏيندا، جن جو شڪارڪوهستاني عام ماڻهن طرفان نه ٿو ڪيو وڃي. خونخوار جانور به زندهه گهمن پيا، اهي شروعاتي پٿر جي زماني کان ڪوهستان ۾ رهندڙ جانور آهن؛ جن جو نسل هزارين سالن کان سلامت آهي.
    ڪوهستان ۾ لاش ساڙڻ بجاءِ گهڻي ڀاڱي قديم زماني کان دفن ڪيا ويندا هئا، جن جي پويان به شايد ڪوهستاني ماڻهن جي وڻ نه وڍڻ وارو جذبو موجود هجي. هو پنهنجي عزيزن سان بي انتها پيار ڪندا هئا. ڪوهستان ۾ پٿر جي قبرن جو قديم زماني کان رواج هو. هو پنهنجي پيارن جي قبرن تي محبت جو ثبوت ڏيندي چِٽسالي ڪرائيندا هئا. شروعاتي قبرن تي سورج مکيءَ جو گل، گول چندرما جو نشان، ۽ اَٺ ڪُنڊو تارو اُڪر ڪرائيندا هئا. ياد رهي ته سنڌين جي تاري جون اَٺَ ڪُنڊون آهن. اَجرڪَ تي به اَٺن ڪُنڊن وارو تارو آهي. سنڌي ڀرت تي به اَٺَن ڪُنڊن وارو تارو آهي.جڏهن ته ٻين قومن يا ملڪن ۾ تارو پنجن ڪُنڊن وارو آهي. بين الاقوامي طور به تارو پنجن ڪُنڊن وارو آهي، پر سنڌي قوم وٽ قديم زماني کان اڄ تائين اَٺن ڪُنڊن وارو تارو موجود آهي.
    ڪوهستان ۾ قبرن جي مُشاهدي سان اها ڄاڻ ملي ٿي، ته قبرن جي ٺاهڻ يا قبرن جي پَٿرن تي اُڪَر يا چِٽساليءَ جو ڪم به مرحليوار ارتقا پذير رهيو آهي. قبرن تي مردن جي قبرن جي سيرانديءَ کان پَٿر جو اُڪر ڪيل خوبصورت تاجُ، هٿيارن، ۽ مختلف اوزارن جون تصويرون اُڪريل آهن، جڏهن ته عورتن جون قبرون بنا تاجَ جي مختلف زنانن زيورن سان چِٽيل آهن. ڪوهستان جي، شهيدپير مهري باريجي ، سيد جمال شاهه، تئونگ لڳ ڄام لوهار ۽ بشيءَ جي قبرستان، ڪراچيءَ جي چئوڪنڊي جي قبرستان، ٺٽي جي مڪليءَ جي قبرستان ، جهمپير ۾ هيم ڪوٽ جي ڀرواري قبرستان ۽ سونڊا جي قبرستانن ۾ مختلف دورن جي قبرن جو تفصيلي مُشاهدو ڪري سگهجي ٿو. قبرن تي نفيس اُڪَر ۽ چِٽساليءَ جو ڪم حيرت ۾ وجهندڙ آهي. هي هُنر صدين کان ڪوهستان ۾ موجود رهيو آهي. ڪوهستان جي قبرستانن جو غور سان مُشاهدو ڪرڻ سان، مختلف دورن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، دلچسپي، استعمال ۾ ايندڙ زيورن، هٿيارن ۽ ناموري جي معيارن جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. قبرن جي چِٽساليءَ ذريعي مختلف دورن جي سماجي قدرن جا عڪس چٽيل آهن. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا قبرستان به تاريخ جي ڳولائو محققن لاءِ وڏي معلومات حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن.
    ڪوهستان ۾ هاڻي قبرستانن کان سواءِ امير ماڻهو پنهنجي گهرن جي ديوارن کي به پَٿر جا اُڪَر ٿيل خوبصورت ٽائلز هڻائن ٿا. سَرِي شهر ۾ گيانچند ايسراڻيءَ جو اهڙو بنگلو ڏسڻ جي لائق آهي، جيڪو پَٿرن تي چِٽسالي ٿيل ٽائلز لڳڻ سبب خوبصورت لڳي ٿو. ڪوهستان ۾ پَٿر تي اُڪَر جو ڪم هاڻي صرف سَريءَ جي شهر ۾ ٿئي ٿو، جيڪوڪم مشهور ڪاريگر ولي محمد ۽ الهه بخش خاصخيلي ڪن ٿا. هنن پنهنجي دڪان تي پَٿر ڪَٽڻ جي مشين به رکي آهي، جنهن سان کين پٿر جا گُهربل ماپ موجب بلاڪ ٺاهڻ ۾ آساني ٿي ويئي آهي.
    ڪوهستان ۾ ڪو به مذهبي تضاد موجود ناهي، هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي سان محبت ڪن ٿا. هڪٻئي جي مذهبي عبادتگاهن جو نه صرف احترام ڪن ٿا، پر هتي انهن عبادتگاهن جي مرمت به گڏجي ڪن ٿا. هتي مسلمان ۽ هندو گڏجي عيدون ۽ تهوار ملهائين ٿا، خوشيون ڪن ٿا، ۽ هڪٻئي کي تُحفا ۽ مٺايون ڏين ٿا. ڪوهستان ۾ ڪٿي به ڪنهن مذهبي انتها پسنديءَ جو ذري جيترو به وجود ڏسڻ ۾ نه ايندو. هر مذهب وارو پنهنجي عبادت کي، عبادتگاهه تائين محدود رکندو آهي. ٻاهر عام زندگيءَ ۾ انساني قدر زندهه ۽ سلامت آهن. واقعي صوفين جي سنڌ ڪوهستان ۾ اڃان تائين موجود آهي، ڪوهستان جي مسلمان بُزرگن جي درگاهن تي ميلا ۽ ڏهاڙا به هندو لڳرائين ٿا.بُزرگن جي درگاهن ۽ مسجدن جي مرمت ۾ به حصو وٺن ٿا. ٻئي طرف تونگ ۾ رتن ناٿ جي سماڌي جا سنڀاليندڙ وري مسلمان آهن . ڪو مسلمان انهيءَڳالهه تي اعتراض نه ٿو ڪري. ايڏي مذهبي رواداري شايد ئي ڪنهن ٻئي هنڌ ڏسڻ ۾ اچي. اهو ئي سبب آهي، جو سنڌ جا وڏا امير ۽ ڪاروباري هندو سيٺ پاڻ کي ڪوهستان جي شهرن ۾ محفوظ سمجهن ٿا. انهن جا ڪاروبار ته پوري پاڪستان جي شهرن ۽ ملڪ کان ٻاهر به آهن، پر سندن گهر اڄ به ڪوهستان ۾ آهن، جتي هنن کي پنهنجي ٻارن ٻچن جو ڪو به اونو ناهي. ڪيترن ئي هندو ماڻهن ۽ مسلمان مذهبي ماڻهن جي دل ۾ جهاتي پائڻ کانپوءِ به ڪا مذهبي نفرت ڏسڻ ۾ نه ايندي. ڪوهستان ۾ کير وڪڻڻ، سوالي کي خالي هٿين موٽائڻ، مسافر جي مدد نه ڪرڻ، تڏي تي آيل کي بغير ڪجهه کارائڻ، پيئارڻ جي واپس ڪرڻ. آيل کان سندس حال احوال نه وٺڻ، ڪنهن به قسم جي چوري ڪرڻ، عورت جو احترام نه ڪرڻ، منٿ ميڙ کي مان نه ڏيڻ، وڏا ڏوهه سمجهيا وڃن ٿا. واقعي ڪوهستان ۾ عظيم قديم سنڌ جا انساني قدر ۽ رُجحان، ترقي يافته سماج تي اڄ به چٿرون ڪري رهيا آهن.اها ئي ڪوهستاني سماج جي وڏائي آهي، جيڪا وقت جي مُحققن کي ڪوهستاني سماج جي اُنهن ڳالهين تي لکڻ ۽ دنيا تائين اهي ڳالهيون پهچائڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي.ڪوهستان جيترو ٻاهر کان سخت ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ايترو ئي پنهنجي اندر ۾ نَرم ۽ گُلن جي خوشبوءَ سان واسيل علائقو آهي.


     سنڌ جي ڪوهستان ۾ موجوده سماجي جوڙجڪ

    سنڌ جي ٽڙيل پکڙيل تاريخ جي مُطالعي مان اها خبر پوي ٿي، ته سنڌ ۾ هزارين سالن کان هڪ مضبوط سماجي ۽ حڪومتي نظام هو. هر ڳوٺ جو هڪ مُکي هوندو هو، انهيءَ مُکيءَ جي هڪ اوطاق هوندي هئي. جنهن ۾ پوري ڳوٺ جي ماڻهن جا مهمان اچي ترسندا هئا. ڳوٺاڻا به رات جو اُتي اچي گڏيل ڪچهريون ڪندا هئا. اهڙيءَ ريت اها اوطاق انهيءَ ڳوٺ جي ماڻهن جي اتحاد کي قائم رکندي هئي. انهيءَ اوطاق تي روزانه ڏينهن جو ٿيل ڳوٺاڻن جي تڪرارن جا فيصلا به رات جو ٿيندا هئا. ٻئي ڏينهن تي انهن تڪراري ڌرين ۾ ٻيهر ميٺ مُحبت قائم رهندي هئي. اهڙيءَ ريت اها اوطاق سنڌي سماج جي بُنيادي ايڪي طور گڏيل سَرگرمين جو اُهڃاڻ بڻجي ويئي. اهڙيءَ ريت وري سَتَ ڳوٺ گڏجي پنهنجي سَتَ راڄي ٺاهيندا هئا. سڀني ڳوٺن جا مُکي ۽ ڳوٺاڻا گڏجي هڪ سَتَ راڄي جو پَٽيل چونڊيندا هئا، جيڪو پَٽيل هڪ بااخلاق، بي ريا، ۽ سچار هوندو هو. وري اهڙيون ڏهه سَتَ راڄيون گڏجي هڪ راڄُ جوڙينديون هيون، جنهن جو وري سڀ گڏجي هڪ راجا چونڊيندا هئا. اهو راجا به اُنهن سڀني سَت راڄين مان سڀ کان وڌيڪ باصلاحيت چونڊيو ويندو هو. وري ائين ڏهه راڄَ گڏجي هڪ مهاراجا چونڊيندا هئا، جيڪو وري پوري سنڌ جو هڪ نهايت باصلاحيت حُڪمران هوندو هو.چيني سَياح ’هيون تسانگ‘ اهڙي شاهدي ڏيندي لکي ٿو ته؛”جڏهن آئون اروڙ پُهتس ته، ماڻهن کان بادشاهه جو ڏَسُ پُڇيم ته هوڪٿي ملندو؟ ماڻهن شهر جي هڪ چوسول جو ڏَسُ ڏنو، اُتي ڏٺم ته ماڻهو هڪ ٿَلهي تي ويٺا هئا، مون کي اُتي ڪو به بادشاهي ٺَٺُ ڏسڻ ۾ نه آيو. مون اُتي ويٺل ماڻهن کان بادشاهه جو ڏَسُ پڇيو ته، اُنهن ساڻن گڏ هڪ سادن عام ڪپڙن ۾ ٿَلهي تي ڪانڀَ ڪَڍي ويٺل ماڻهوءَ طرف اشارو ڪيو، ته آئون حيران ٿي ويس، ته ڇا بادشاهه هَهڙا به ٿيندا آهن ڇا. اهو شخص مون کي اوپرو ۽ ٻاهر جو ڏسي اُٿيو ۽ وڏي اُڪيرَ سان مليو، ڀَر ۾ ويهاريائين، ڪچهري ختم ٿيڻ بعد، جڏهن آئون ساڻس گڏ سندس شاهي قلعي ۽ تختگاهه تي آيس، ته مون کي پَڪَ ٿي ته واقعي هي سنڌ جو حاڪم راءِ سهاسي آهي.“ اهوئي سبب آهي، جو سنڌي سماج دنيا جي سماجن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ امن پسند رهيو، پوري تاريخ ۾ ڪنهن به سنڌي حاڪم ڪنهن ٻئي مُلڪ تي حملو ڪري قبضو نه ڪيو، نه ئي تاريخ جي سَفاڪ حاڪمن جيان ڪي انساني سِسِين جا مينار ٺاهيا. انهيءَ سموري تاريخي سماج جي جَهلڪ وقت جي لاهن ۽ چاڙهن ۾ تيزيءَ سان ختم ٿي ويئي، پر ڪوهستان ۾ اهو قديم سماجي سرشتو زندهه آهي، ۽ اڃان تائين ساهه کڻي پيو.
    هن وقت ڪوهستان جي وادين ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهائش کي ڏسبو ته، سنڌ جي ڪوهستان جا سمورا قبيلا سنڌ جا سماٽ قبيلا آهن . وري ٻي خاص ڳالهه اها آهي ،ته اهي قبيلا وري گهڻو ڪري برفت قبيلي جي مختلف نُکن ، ۽ ذاتين جي صورت سان لاڳاپيل آهن . حقيقت ۾ ڪوهستان جا قبيلا اصل ۾ ذاتيون آهن . برفتن کانسواءِ ٻين قبيلن واريون ذاتيون سنڌ جي ڪوهستان ۾ جي آهن، ته به گهٽ آهن ، بلوچ قبيلا تمام گهٽ ۽ ڪن ٿورڙين جڳهين تي آهن ، ۽ وري انهن جا ڪوهستان ۾ ڌارڌار والاريل علائقا آهن . انهي ڪري ڪوهستان جي ماڻهن ۾ ڌار ڌار قبائلي ريتن ، رسمن ، لباسن ، روايتن ، ٻولين ، ۽ ٻين قبائلي ڳالهين جا ٽڪراءَ بلڪل ناهن ، جنهنڪري به ميٺ محبت مضبوطي سان قائم آهي . گهڻو ڪري هر ٻن جبلن جي وچ واري واديءَ ۾ هڪ الڳ قبيلو رهي ٿو. جنهن کي قبيلي جي بجاءِ ذات سمجهڻ صحيح ٿيندو . انهيءَ سموري واديءَ جا وسيلا انهيءَ قبيلي (ذات ) جي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت آهن. پوري قبيلي( ذات ) جي راڄوڻي انتظام هلائڻ لاءِ انهن قبيلن ( ذاتين ) جا چڱا مڙس آهن. پورو قبيلو انهن چڱن مڙسن جي فيصلن جو احترام ڪري ٿو. قبيلن جا چڱا مڙس وري پنهنجي راڄ جي ماڻهن جي وڏي عزت ڪن ٿا. سندن سمورن ڏُکن، ۽ سُکن ۾ سندن پَرگهور لهن ٿا. آئي ويل سندن مدد ۽ ماڻهن جي ڪمن ڪارين ۽ پريشانين کي پنهنجي پريشاني سمجهي دور ڪن ٿا. ڪو به چڱو مڙس پنهنجي من ماني نه ٿو ڪري، اهوئي سبب آهي، جو ڪوهستاني قبيلن ۾ ميٺ، محبت ۽ ٻڌيءَ جو عنصر نهايت سَگهارو آهي. ڪوهستاني قبيلن جي وچ ۾ جيڪڏهن ڪو ننڍو قبيلو به رهندڙ آهي ته، اهو به پاڻ تي وڏي قبيلي جا راڄوڻي قاعدا ۽ قانون لاڳو ڪري ٿو. انهيءَ ڪري ماڻهن جا ٽَڪراءَ نه هُئڻ جي برابر ٿين ٿا. اهڙيءَ ريت ڪوهستان جي هر هڪ واديءَ ۾ هڪ قبائلي ننڍڙي عوامي جمهوري حڪومت قائم آهي. اهڙو نظام سنڌ جي ڪوهستان جي سمورين وادين ۾ رهندڙ قبيلن ۾ لڳ ڀڳ هڪ جهڙو آهي. اُنهيءَ ڪري وري سنڌ جي ڪوهستاني قبيلن جي چڱن مڙسن جي وچ ۾ هڪ سَگهارو راڄوڻي اتحاد به قائم آهي. سمورا قبائلي چڱامڙس هڪٻئي جو احترام ۽ عزت ڪن ٿا. منجهن ڪي به ٽڪراءَ موجود ناهن. جنهن جو اَثر وري ڪوهستان جي قبيلن جي عام ماڻهن تي پوي ٿو. نتيجي ۾ پورو ڪوهستان هڪ گڏيل راڄوڻي جمهوري نظام جي رَسيءَ ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌل آهي. ڪوهستان ۾ ڪنهن ڏاڍمڙسي، من ماني، ۽ پرائي مال کي تَڪڻَ جو ڪو به رُجحان موجود ناهي. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ سماجي ڏوهن جو تصور ئي ناهي. ڪوهستاني قبيلن ۾ انتها درجي تائين قبيلي پرستي ( ذات پرستي ) آهي، انهيءَ ڪري قبيلي جو هر ماڻهو پنهنجي قبيلي ( ذات ) جي نَنگ ۽ ناموس جي ساکَ رکندڙ هوندو آهي. جنهن ڪري ڪو به ماڻهو ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، جيڪو ڪم سندس قبيلي يا ذات جي ناموسَ کي داغدار ڪري. انهيءَ سوچ سبب ئي ڪوهستان ۾ سمورا انساني اعليٰ قدر نهايت سَگهارا آهن. هزارين سالن جي اڳ واري. قديم سنڌ جي سماجي نظام جو هو بهو عڪس اڃان تائين ڪوهستان ۾ موجود آهي، جيڪو سنڌ جي قديم سماج جي عنصرن ۽ سماجي قدرن تي جامع تحقيق ڪرڻ لاءِ مورخن کي سڏي رهيو آهي.


    ڀاڱو ٻيون

    ڪوهستاني سماج ۾ تبديليءَ جا عنصر ۽ خدشا

    ڪوهستان جيئن ته لکين سالن کان سنڌ جي قديم تاريخي اُهڃاڻن ۽ ثقافتي قدرن کي سَنڀاليندو آيو آهي، ڇو ته هتي مُلڪ جي آباديءَ جو دٻاءُ هيلتائين گهٽ رهيو، پر جيئن ته مُلڪ جي آدمشماريءَ جي واڌ سبب انساني دست اندازيءَ جا خدشا هاڻي ڪوهستان طرف وڌي رهيا آهن. انهيءَ ڪري اهو چٽي نموني ڏسجي پيو،ته ڪوهستان ۾ مستقبل قريب ۾ ئي آباديءَ جي دٻاءَ جو سيلاب قديم تهذيبي آثارن ۽ سماجي قدرن کي نِهوڙي نيندو. منهنجي هن ڪتاب ۾ نشاندهي ڪيل آثار به هاڻي گهڻو وقت قائم رهي نه سگهندا. منهنجي هن ڪتاب جون ڪوهستان بابت سموريون ڳالهيون جلد ماضيءَ جو حصو بڻجي وينديون، جيڪو سنڌ جي تاريخي قدامت کي ظاهر ڪندڙ شاهدين جو وڏو نقصان هوندو. انهيءَ لاءِ ڪوهستان ۾ انساني والار کان اڳ ۾ تاريخي تحقيقي کوجنا جو ڪم تيز ڪيو وڃي، ته جيئن انساني ارتقا بابت رهيل بين الاقوامي حيثيت رکندڙ اَثاثن کي محفوظ ڪري سگهجي. جي ائين نه ڪيو ويو ته تمام وڏو تاريخي نقصان ٿيندو، جنهن جو ازالو ناممڪن ٿي ويندو. منهنجي نظر ۾ ڪوهستان ۾ موجود قديم تاريخ جي شاهدين کي هيٺيان خطرا لاحق آهن.
    ڪوهستان ۾ لڀجندڙ شين جي غير قانوني خريداري : پوري ڪوهستان ۾ مختلف مُلڪن جي نوادرات جي واپارين جا گُماشتا ڦِرندا رهندا آهن، جيڪي تمام سَستن اَگهن ۾ عام ماڻهن کان اُهي شيون خريد ڪري ويندا آهن. جن قيمتي شين جو پوءِ ڪٿي نالو نشان ئي نه ملندو آهي، جيڪا ڳالهه ڪوهستان مان ملندڙ تاريخي شاهدين جو وجود ميساري رهي آهي. ڪوهستاني ماڻهو جيڪي نهايت محب وطن آهن، پر لاعلميءَ ۽ غُربت سبب اُهي شيون اُنهن گماشتن وٽ شوق سان کڻي وڃي وڪرو ڪندا آهن.ٻئي طرف وري هتان جا بااثر ماڻهو اُهي لَڌل قيمتي شيون پرڏيهين کي سوکڙيءَ ۾ ڏيئي پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، جيڪا ڳالهه به سخت هاڃيڪار آهي. جڏهن ته ڪوهستان ۾ آرڪيالاجي کاتي جو ڪو به مرڪز ناهي، نه ئي ڪو ميوزم ٺهيل آهي، انهيءَ ڪري اها قيمتي نوادرات ۽ قيمتي شيون تيزيءَ سان گُم ٿي رهيون آهن. جيڪڏهن ڪوهستان جي سمورن شهرن ۾ ميوزم قائم ڪري، اُتي اُهي شيون ماڻهن کان وٺي گڏ ڪجن، ته ضايع ٿيندڙ تاريخي نوادرات ۽ سِڪا محفوظ ٿي سگهن ٿا. اُنهيءَ ڪم لاءِ حڪومت کي ۽ ڪوهستان جي سَرندي وارن ۽ عوامي نمائندن کي اڳيان اچڻ گهرجي، نه ته ٻي حالت ۾ اسانجو تمام قيمتي اَثاثو اسانجي اکين کان اوجهل ٿي ويندو، ۽ مستقبل جي محققن کي کوجنا لاءِ ڪجهه به ملي نه سگهندو.
    ڪوهستان ۾ تاريخي شين جي حفاظت لاءِ عوامي رُجحان جي کوٽ : ڪوهستان ۾ تعليمي سهوليتون تمام گهٽ آهن، جنهن سبب تعليمي شعور جي اَڻاٺ آهي. اُنهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو ڪوهستان ۾ موجود تاريخي ماڳن، ٽِڙيل پکڙيل پنڊپهڻن، يا مختلف دورن جي پَٿر جي شين جي تاريخي اهميت کان اَڻ واقف آهن. اُنهيءَ ڪري ٻنين پوکڻ يا مال چارڻ وقت سندن دست اندازيءَ سان ڪوهستان ۾ موجود اُهي تاريخي شاهديون برباد ٿي رهيون آهن. مثال طور ڪوهستان ۾ لڳل تاريخي پَٿر جا ٿَنڀا به عام ماڻهو انهن اصلي جاين تان کڻي پنهنجي ڳوٺن جي ڀَروارن بَس اسٽاپن تي لڳائي رهيا آهن، يا اُهي ٿَنڀا گَهرن جي اڏاوت ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪا ڳالهه به سخت نقصانڪار آهي. انهيءَ لاءِ ڪوهستان ۾ تاريخي اَثاثن جي اهميت تي جاڳرتا مهم هلائڻ جي سخت ضرورت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪوهستان جي مختلف شهرن ۾ جلسا ۽ سيمينار به ڪرايا وڃن، ته جيئن ڪوهستان جي محب وطن ماڻهن کي پنهنجن اُنهن تاريخي اَثاثن جي اهميت بابت ڄاڻ حاصل ٿي پوي. پوءِ خود ڪوهستان جا ماڻهو ئي اُنهن شين جي حفاظت جو ذمو کڻي سگهن ٿا. هن وقت هو انهن شين کي لاعلمي سبب نقصان پهچائي رهيا آهن. ائين ڪرڻ سان تُرت ڪوهستان ۾ موجود قيمتي تاريخي اَثاثن کي تباهيءَ کان بچائي سگهجي ٿو، جنهن ڳالهه جي تُرت ۽ شديد ضرورت آهي.
    ڪوهستان ۾ جديد زرعي رُجحان : ڪوهستان هاڻي باراني علائقو نه رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوهستان جون واديون لکين سالن کان مٺي پاڻيءَ ۾ ٻُڏل رهيون، جنهن سبب ڪوهستان ۾ زير زمين مٺي پاڻيءَ جا اڻکُٽ ذخيرا موجود آهن. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا آبادگار سولر سسٽم ذريعي تيزيءَ سان پنهنجي مدد پاڻ ڪريو، جي بُنياد تي ٽيوب ويل لڳائي، وڌيڪ زميني ايراضيون آباد ڪري رهيا آهن. ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي مشينن جي استعمال جو رُجحان به وڌي رهيو آهي، جنهن سان ڪوهستان ۾ وڌيڪ خوشحالي اچڻي آهي؛ پر انهيءَ رُجحان سان هتان جي قديم تاريخي ماڳن ۽ وادين ۾ موجود قيمتي تاريخي اَثاثن جي سلامتيءَ کي وڏو خطرو لاحق ٿي ويو آهي. انهيءَ لاءِ حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي کي تيزيءَ سان سرگرم ٿي قديم تاريخي ماڳن جي نشاندهي ڪري انهن کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ گهرجي، ته جيئن اهي ماڳ و مڪان هميشه لاءِ محفوظ ٿي سگهن. ٻي حالت ۾ ڪجهه سالن بعد انهن جو وجود ميسارجي ويندو، جيڪا ڳالهه هڪ اهڙو نقصان هوندو، جنهن جي تلافي ناممڪن ٿي ويندي.
    انساني والار : سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستاني علائقن ۾ انساني تاريخ جي ارتقا جا لاتعداد نشان، اُهڃاڻ ۽ تاريخي ماڳ موجود آهن، جن تي ڪنهن به قسم جو تحقيقي ڪم نه ٿيو آهي. انهيءَ کان علاوه پوري ڪوهستان ۾ قديم غارون ۽ وادين ۾ ٽِڙيل پکڙيل ڪئين نادر ۽ قيمتي شيون پڻ موجود آهن. جيڪي هيسيتائين انساني دست اندازي ءَکان بچڻ سبب محفوظ رهيون آهن. هاڻي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ملڪ جي واپاري راهداري واري منصوبي، گوادر بندر جي تعمير، ۽ ڪراچي بندرگاهه جي توسيع سبب انهن علائقن ۾ انساني والار جو سوال سامهون آيو آهي. جنهن سبب نهايت بيدرديءَ سان انهن ڪوهستاني علائقن ۾ تيزيءَ سان رستن جو ڄار وڇائڻ سان گڏ ڪيترائي رهائشي منصوبا تيار ڪيا ويا آهن. جنهن سبب مستقبل قريب ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪوهستان ۾ موجود سمورا تاريخي اَثاثا صفحه هستيءَ تان مِٽجڻ وارا آهن. جنهن سان مُستقبل ۾ انساني ارتقا جي تاريخ جون بنيادي شاهديون گم ٿي وينديون. جنهن سبب نه صرف هن ملڪ جي تاريخ جي تحقيق جو ڪم مُشڪل ٿي ويندو، پر بين الاقوامي طور انساني ارتقا بابت مُنجهائيندڙ سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ موجود شاهديون پڻ ختم ٿي وينديون. جيڪو هڪ اهڙو نقصان هوندو، جنهن جو ڪڏهن به ڪو ازالو ٿي نه سگهندو، ۽ انساني ارتقا بابت مُنجهائيندڙ سمورا سوال مُستقبل ۾ سوال ئي رهجي ويندا ۽ اهو هڪ اهم بين الاقوامي حيثيت رکندڙ قيمتي اَثاثن جو نقصان هوندو. انهيءَ لاءِ هن مسئلي تي تمام جلد سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي، ۽ بين الاقوامي تحقيقي ادارن کي هن ڏس ۾ سرگرم ٿي، انهن قيمتي اَثاثن جي بچاءَ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. حڪومت جي آرڪيالاجي کاتي کي تمام جلد بين الاقوامي تحقيقي ادارن سان لَهه وِچڙ ۾ اچي، ڪجهه ڪرڻ گهرجي. جيسيتائين ڪوهستان ۾موجود قيمتي اَثاثن جي تحفظ کي يقيني نه بڻايو وڃي، تيسيتائين ڪوهستان ۾ ٿيندڙ انساني والار جا سمورا منصوبا روڪيا وڃن؛ ٻي حالت ۾ اسين گهڻو ڪجهه وڃائي ويهنداسين.
    معدني وسيلن جي ڳولا : ڪوهستاني علائقا جيئن ته قدرتي معدني وسيلن سان مالامال آهن. انهيءَ ڪري ويجهڙائيءَ ۾ ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪوهستان ۾ معدني ذخيرن جي ڳولا ۾ مصروف آهن. انهن ڪمپنين جي ڳري مشينري جي عمل دخل سان سموري ڪوهستان جي تاريخي اثاثن کي خطرو لاحق ٿي ويو آهي. حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته هن ملڪ جي آرڪيالاجي ۽ ثقافت کاتي وارا به پنهنجون اکيون ٻوٽيو بيخبر ٿيو ويٺا آهن. ٻئي طرف ڪوهستان ۾ موجود سمورا تاريخي اَثاثا تباهيءَ طرف وڃي رهيا آهن. انهيءَ لاءِ تمام جلد انهن ڪوهستان ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي قيمتي اَثاثن جي حفاظت لاءِ پابند بڻايو وڃي، ته جيئن ڪوهستان ۾ موجود سمورا قيمتي تاريخي اَثاثا محفو ظ ٿي و ڃن.


    ڪوهستان جا ڪجهه مڻيادارماڻهو

    ڪوهستان جتي پنهنجي سيني ۾ تاريخ جا اهم راز سانڍيو اوچي ڳاٽ سان بيٺو آهي. اُتي ڪوهستان پنهنجي ڊگهي تاريخ ۾ ڪيترين ئي انسان دوست، وطن دوست، وفادار، رحمدل ۽ بهادريءَ ۾ پنهنجا مثال قائم ڪندڙ شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. افسوس جي ڳالهه آهي، ته ڪوهستان جي اُنهن اهم شخصيتن جي باري ۾ ڪو ڄاڻ ڏيندڙ جامع ڪتاب موجود ناهي. جنهن سبب ڪوهستان جون تمام وڏيون شخصيتون گمناميءَ جو شڪار آهن. هن ڏس ۾ مون کي جيڪڏهن موقعو مليو، ته ڪوهستان جي مختلف دورن جي اهم ماڻهن بابت تفصيلي ۽جامع ڪتاب به لکندس. جن جو احوال ڪوهستاني لوڪ ادب، قديم ڪتابن ۽ تاريخ جي صفحن ۾ ڳولڻ سان ملي سگهي ٿو. انهيءَ کان سواءِ ڪوهستان ۾ گُهمڻ دوران اهڙا ڪيترائي اهم ڪردار ملندا جن تي فخر ڪري سگهجي ٿو. ڪوهستان جي مڻيادار ماڻهن جي مُڪمل تفصيل گڏ ڪرڻ سان ڪيئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هتي نموني طور ڪجهه ڪوهستان جي سماجي ڪردارن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو، ته جيئن ڪوهستان جي مڻيادار ماڻهن بابت لکڻ جو شوق پيدا ٿئي. حالانڪ ذڪر ڪيل شخصيتن جو به جيڪڏهن جامع نموني تفصيلي احوال لکيو وڃي ، ته به هڪ ڌار وڏو ڪتاب لکجي وڃي .
    پر هتي هن ڪتاب جي ٿورن صفحن ۾ انهن شخصيتن جي اهميت جي صرف آگاهي ڏني ويئي آهي . جيئن انهي پاسي لکڻ جو شوق پيدا ٿئي . جيڪڏهن ڪوهستان جا باشعور نوجوان صرف پنهنجي علائقي جي مڻيادار ماڻهن جو احوال لکڻ شروع ڪن، ته هوند ڪوهستان جا ڪيترائي گم ٿيل ڪردار تاريخ جي صفحن ۾ محفوظ ٿي وڃن؛ جن جي احوال کي پڙهي اسانجا ايندڙ نسل پنهنجو ڳاٽ اوچو ڪري سگهن.


    سن

    سن جي سيد خاندان جو ڪوهستان سان تاريخي طور هڪ اڻ ٽُٽُ لاڳاپو رهيو آهي. انهن تاريخي لاڳاپن تي جيڪڏهن لکجي ته، ڪَئين ڪتاب لکي سگهجن ٿا. تاريخي طور سيد حيدر شاهه سنائيءَ کان هنن لاڳاپن جي شروعات ٿي، بعد ۾ به ڪوهستاني ماڻهن جو سن جي سيد خاندان سان روحَ جو رشتو رهيو آهي. جيڪو اڃان تائين اڻ ٽٽندڙ ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي . پوري ڪوهستان ۾ سن جي سيد خاندان سان ماڻهن جي عقيدت ۽ وڏو احترام موجود آهي . جنهن احترام ۽ وڏائي جون ڳالهيون ڪوهستان جي ڪچهرين ۾ ماڻهن جي گفتگوءَ جو موضوع آهن .

    سائين جي ايم سيد
    سنڌ جي رهبر سائين جي ايم سيد جي زندگي ۽ سندس ڪيل جدوجهد جي ڪهاڻي ايڏي وڏي آهي ، جو انهي کي هن ڪتاب جي هن حصي ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي . انهي لاءِ هتي صرف سائين جي ايم سيد جي ۽ ڪوهستاني ماڻهن جي لاڳاپي تي ڪجهه لکڻ ضروري آهي . سن شهرجو تعلق به ڪوهستان سان لاڳاپيل آهي . انهي ڪري سائين جي ايم سيد جيئن ئي اک کولي ته هن کي ڪوهستاني ماڻهن جي عقيدت ۽ پيار مليو . اهوئي سبب هو جو سائين جي دل ۾ ننڍپڻ کان ئي ڪوهستان جي ماڻهن جي دردن جو احساس پيدا ٿيو. انهي ڪري سائين ڪوهستاني ماڻهن سان سندس خاندان جي تاريخي لاڳاپن جو مان رکندي، پنهنجي جدوجهد جو آغاز ئي ڪوهستان کان ڪيو. سائين محال ڪوهستان جي اَهنجن ۽ سماجي ايذائن کي پنهنجو سمجهندي، ڪوهستان جي ڀَلائيءَ لاءِ سڀ کان پهريائين جدوجهد جي شروعات ڪئي. پوري زندگي سائين جي ايم سيد ۽ ڪوهستان جي ماڻهن جو عشق جي حد تائين تعلق رهيو. ڪوهستان ۾ سائين جي ايم سيد سان والهانه محبت ڪندڙن جو تعداد تمام گهڻو آهي، جنهن مُحبت جي لازوال داستان ۾ ڪيئي ڪوهستاني ڪردار آهن؛ جن جي تفصيلي ذڪر ڪرڻ سان ڪَئين ڪتاب لکجي ويندا.

    سيد امير حيدر شاهه
    سائين جي ايم سيد جي موڀي فرزند سيد امير حيدر شاهه به ڪوهستان سان پنهنجي خاندان جي تاريخي لاڳاپن کي قائم رکيو آهي. ڪوهستان جا ڪيترائي راڄوڻي فيصلا سائين اميرحيدر شاهه ڪندو آهي. ڪوهستان جا ماڻهو به سندس فيصلن کي وڏو مان ڏيندا آهن. سائين اميرحيدر شاهه جا ڪوهستان جي ڪيترن ئي راڄن ۽ اُنهن جي چڱن مُڙسن سان گَهرا واسطا رهيا آهن، انهيءَ ڪري هي ڪوهستان ۾ هڪ طاقت جي علامت سمجهيو ويندو آهي.

    سائين امداد محمد شاهه
    سائين جي ايم سيد جي سدوري پُٽ سائين امداد محمد شاهه به ڪوهستان جي ماڻهن سان پنهنجن لاڳاپن کي قائم رکيو. 30 ڊسمبر 1935ع تي جنم وٺندڙ سائين امداد محمد شاهه ، سائين جي ايم سيد جي نظربنديءَ دوران ڪوهستان جي اَهنجن ايذائن جي حل لاءِ مسلسل جاکوڙيندو رهيو. سائين امداد محمد شاهه ڪوهستان ۾ تعليمي شعور پيدا ڪرڻ جو سڀ کان پهرين اعلان ڪيو. جنهن اعلان جي پاسداري ڪندي، هن مَلڪ خاندان جي پنهنجي ئي شهر ٿاڻي احمد خان ۾ ڪوهستان جو پهريون مڊل اسڪول قائم ڪرايو. جنهن کي ڏسي ٻين ۾ تعليمي اُتساهه پيدا ٿيو ۽ سماجي تنظيمون اڳتي آيون. ڪوهستان جا ماڻهو سائين جي ايم سيد کانپوءِ سائين امداد محمد شاهه کي نهايت مُحبت ۽ احترام سان ياد ڪندا آهن.

    سيد جلال محمود شاهه
    سيد جلال محمود شاهه به ڪوهستان جي ماڻهن سان پنهنجي خاندان جي تاريخي لاڳاپن کي قائم رکيو اچي. سائين جلال محمود شاهه جيڪڏهن ڪوهستان جي مضبوظ قبائلي نظام جي سماجي قدرن جي گهرائيءَ کي سمجهي وڃي، ۽ انهن قدرن جي پاسداري ڪري، ۽ ڪوهستان ۾ سائين امداد محمد شاهه جي اَڌَ ۾ رهيل تعليمي مشن کي اڳتي وڌائي، ڪوهستان جي راڄن سان وڌيڪ ويجهڙائي قائم ڪري ، سندن مسئلن جي حل لاءِ ٿورو وڌيڪ توجهه ڏي ، ڪوهستان جي مختلف شهرن ۾ ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجي رابطي جا مرڪز ٺاهي ، ته هو ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين تي حُڪمراني ڪرڻ جيتري سَگهه رکي ٿو. جيڪا سگهه هن وقت ڪوهستاني قبائلي مضبوط سماجي قدرن جي پاسداري سبب مَلڪ خاندان وٽ آهي.

    وڏيرو علڻ خان ٿيٻو
    هي ڪوهستان جي ٻڍاپور علائقي جي منظور آباد جو هو ، هن جي پوري ڄمار سائين جي ايم سيد جو ساٿ ڏيندي گذري ، سندس وفاداري سبب سائين جي ايم سيد جو مٿس تمام گهڻو ڀروسو هو. سائين جي ايم سيد جي نظربندي دوران هن ڪوهستان سان سائين جي ايم سيد جي لاڳاپن کي بحال رکيو . ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪوهستان کي اوليت ڏيارڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. هن کي ڪوهستان جي دردن جو مڪمل احساس هو . ڪوهستان جا راڄ به کيس وڏو مان ڏيندا هئا. اهوئي سبب هو جو لوڪل باڊيز جي اليڪشنن ۾ هو حصو وٺندو هو . موٽ ۾ اهو به هڪ رڪارڊ آهي ، ته هو جڏهن به اليڪشن ۾ بيٺو ، سندس تڪ ۾ کانئس ڪو به اميدوار اليڪشن کٽي نه سگهيو .هو ضلع ڪائونسل دادو جي ايوان ۾ ڪوهستان جي دردن جو ترجمان ٿي رهيو . هن جو شمار به تمام ٿورن اهڙن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو . جن ڪڏهن به اقتدار کي پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ ڪتب نه آندو . هن پوري ڄمار سادگي سان گذاري ، عوام جي ڏنل محبتن جو مان رکيو . اهو ئي سبب آهي ، جو اڄ جڏهن هو ناهي ، تڏهن به ڪوهستان جا ماڻهو کيس وڏي احترام سان ياد ڪندا آهن .


    تونگ

    هي ڪوهستان جو نهايت قديم شهر آهي. هن شهر ۾ ڪوهستان جي ماضيءَ جا تمام اهم يادگار، تحقيقي ادارن جي انتظار ۾ آهن، جن يادگارن جي نشاندهي هن ڪتاب ۾ اڳ ۾ ٿي چُڪي آهي. ويجهڙائيءَ واري تاريخ ۾ ڪجهه شخصيتن جو ذڪر ڪجهه قدر ملي ٿو. ڪوهستان جي مَلڪ خاندان جي تاريخ ڪجهه صدين تائين مُحيط آهي.هن خاندان جو وڏو ڄام عيسب خان پنهنجي ساٿين سان گڏ 720 هجري ڌاري ڪڇ کان ڪوهستان پهتو. افسوس جي ڳالهه اها آهي جو، هن خاندان جي ڪارگُذارين بابت ڪو جامع ڪتاب موجود ناهي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو اهڙي تاريخ محفوظ ڪرڻ جو خيال آيو. صرف سائين جي ايم سيد هن خاندان جو شُجرو ۽ مختصر احوال لکيو آهي. بهرحال هن خاندان جي ڪجهه شخصيتن جو ذڪر هتي ڪجي ٿو .

    ڄام آري
    هن جو ڪوهستان جي مَلڪ خاندان جي وڏن ۾ شُمار ٿئي ٿو. هي هڪ بهادر ۽ خوددار انسان هو، هي پنهنجي قبيلي جا ڪوهستان ۾ پيرَ ٽِڪائڻ لاءِ مسلسل ڪوششون ڪندو رهيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ سندس اَثر تونگ تائين ٿي ويو. هي سنڌ جي تاريخ جو هڪ مزاحمتي ڪردار آهي. هي مُغلن جي سنڌ تي قبضي خلاف پوري ڄمار مزاحمت ۾ رهيو. هن جا چار پُٽَ هئا، ڄام لوهار، ڄام حمل خان، ڄام ٻاٻڙو، ۽ ڄام بادين؛ جن جو ذڪر مُختصر هن ريت آهي.



    ڄام لوهار
    هي ڄام آريءَ جو وڏو پُٽ هو، ننڍي هوندي ئي هن فقيري اختيار ڪئي ۽ پنهنجي وقت جو وڏو اهل الله ٿي گذريو آهي. سندس تونگ ۾ عاليشان مُقبرو آهي، جتي هڪ وڏو قبرستان به آهي. ملڪ خاندان جي ماڻهن کي به هتي ئي دفن ڪيو ويندو آهي. هتي هرسال هن بُزرگ جو وڏو ميلو به لڳندو آهي، جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عقيدت جو اظهار ڪندا آهن. هي ڪوهستان جو اهم ميلو آهي، جتي هندو مُسلم ايڪتا جا ڪَئين رَنگ ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

    ڄام حمل خان
    هي ڄام آريءَ جو فرزند هو. هن کي ڄام آريءَ ڪوهستان جو ڪجهه حصو ورهائي ڏنو. ڪوهستان جا حملاڻي مَلڪَ هن جو اولاد آهن، جيڪي ٿاڻي احمد خان ۾ رهن ٿا. هي پنهنجي دور جو هڪ خداترس ، ۽ سخي انسان ٿي گذريو آهي . هي ڪوهستاني قبائلي روايتن ۽ انساني قدرن جو امين رهيو . انهي ڪري کيس ڪوهستان ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو .

    ڄام ٻاٻڙو
    هن کي به ڄام آريءَ طرفان ورهاست ۾ ڪوهستان جو ڪجهه حصو ڏنو ويو. ڪوهستان جا ٻاٻڙا مَلڪ هن جو اولاد آهن، جيڪي ٿاڻي بولاخان ۾ رهن ٿا. هي به پنهنجي قبيلي جي اڳواڻي سٺي نموني ڪندو رهيو . هو پنهنجي قبيلي ۽ ڪوهستان جي ٻين قبيلن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا پيدا ڪرڻ لاءِ پوري ڄمار جاکوڙيندو رهيو، هي به هندو مسلم ايڪتا جو وڏو حامي هو . ڪوهستان ۾ کيس سندس دور ۾ وڏو مان حاصل هو .

    ڄام بادين
    هن کي ڄام آريءَ بلوچستان جي ڪوهستان جو ڪجهه حصو ڏنو. هن جا پونئر مردوئي سڏجن ٿا، جيڪي بلوچستان جي مينگلن سان گڏ رهن ٿا. هن جي باقي زندگي بلوچستان ۾ گذري ، پر سنڌ جي ڪوهستاني راڄن يا پنهنجي برادري جي ماڻهن سان سندس ويجهو تعلق رهيو .

    مَلڪُ ڪانڀو خان
    هي ڄام آريءَ جي پُٽ حمل خان جي اولاد مان هو، هن جي باري ۾ روايتون آهن ته هي نهايت بهادر ۽ جنگجو قسم جو انسان هو. هن مُغلن جي ڪارندن جي زيرِ اَثر علائقن ۾ ڦُرون ۽ ڌاڙا به هڻڻ شروع ڪيا، جيئن مُغلن جي حڪومت ڪمزر ٿئي. هي سنڌ ۾ مغلن جي حامي نوابن جي ڪوهستاني علائقن ۾ والار ڪرڻ لاءِ وڏي رڪاوٽ بڻيل رهيو . سندس انهي جنگ ۾ ڪوهستان جا ٻيا راڄ به ساڻس گڏ هئا . عام روايت آهي ته ، هن جي مزاحمت جي دانهن دهليءَ جي درٻار تائين پهتي، دهليءَ جي حاڪم کيس گرفتار ڪرائي پاڻ وٽ قيد ڪري رکيو. ڪوهستان جا ماڻهو ٻُڌائيندا آهن، ته هن جو اُتي هڪ ڀيري هڪ خونخوار شينهن سان مقابلو ڪرايو ويو؛ جنهن ۾ هن پنهنجي بهادري ڏيکاري شينهن کي ماري وڌو. جنهن بهادريءَ عيوض کيس مَلڪَ جو لقب ڏيئي آزاد ڪيو ويو. انهيءَ کان پوءِ هن جا پونئر مَلڪَ جي لقب سان سڏجن ٿا. انهي ڪوهستاني روايت مان اها خبر نه ٿي پوي ته ، دهلي جي ڪهڙي حڪمران کيس اهو لقب ڏنو . ائين به ٿي سگهي ٿو .ڪوهستان جي بچاءَ لاءِ ڪيل انهن مزاحمتن دوران کيس ڪوهستان جي قبيلن جي طرفان پنهنجو گڏيل سردار چونڊيو ويو هجي . هن ڪوهستان جي مزاحمتي قبيلن طرفان گڏيل سردار بڻجڻ بعد پاڻ کي مَلڪ سڏايو هجي . يا کيس ڪوهستان جي ماڻهن مَلڪ جو لقب ڏنو هجي . ڪوهستان جي مَلڪ خاندان جي باري ۾ ڪي دستاويزي ثبوت موجود ناهن . صرف سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گذاريم جن سين ۾ ملڪن جو شجرو ۽ ڪجهه احوال لکيو آهي . باقي ٻيو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي ، نه ئي هن خاندان پنهنجي تاريخ محفوظ ڪرڻ بابت ڪڏهن ڪا ڪوشش ڪئي آهي . بهرحال ملڪن بابت ڪنهن تحقيقي رڪارڊ نه هئڻ سبب ، هن خاندان بابت ڪيترائي منجهيل تاريخي سوال موجود جن تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي .

    رتن ناٿ جو ميلو
    تونگ جي شهر ۾ مشهور صوفي شخصيت رتن ناٿ جي سماڌي آهي . انهي سماڌي سان گڏ هڪ عاليشان مندر به آهي، هن درگاهه سان هندو ماڻهن جي تمام گهڻي عقيدت آهي ، پرحيرت ۾ وجهندڙ اها ڳالهه آهي ،ته هن درگاهه جا سنڀاليندڙ مجاور تونگ جا ڀَٽ فقير ۽ لوهاراڻي آهن، جيڪي مسلمان آهن. پر هن درگاهه تي ڪنهن به مسلم برتري جو ڪو نشان موجود ناهي . هي ميلو به هندو مسلم ايڪتا جو عظيم اُهڃاڻ آهي، جتي هندو ۽ مسلم ايڪتا جا حيرت ۾ وجهندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا.

    وڏيروغلام نبي لوهاراڻي
    هي تونگ جي ڄام لوهار جي خاندان مان هو. هي پوليس ۾ صوبيدار هو، پر هن ماڻهن کي ڪورٽن جي چڪرن کان بچائڻ لاءِ راڄوڻي فيصلن جو رواج وڌو. سندس فيصلا وڏا انصاف تي ٻڌل هوندا هئا، جنهن سبب ماڻهو ڪورٽن ۾ وڃڻ بجاءِ انصاف لاءِ راڄوڻي فيصلن طرف رُجوع ٿيا. هن جي حق پرست فيصلن سبب کيس ڪوهستان ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مَلڪ خاندان کي ڪوهستان ۾ سياسي طور مضبوط ڪرڻ ۾ هن جي ڪردار جو وڏو عمل دخل هو. هي ملڪ سڪندر خان جو ساڄو هٿ سمجهيو ويندو هو.

    خادم خاصخيلي
    هن نوجوان 8 جولاءِ 1982ع ۾ ڪوهستان جي تاريخي شهر تونگ ۾ جنم ورتو ، شروعاتي تعليم به اتي ورتائين . انتهائي خوش اخلاق ، بردبار ۽ سلڇڻو نوجوان آهي. هي جونيئيرملڪ سڪندر ويلفيئر فائونڊيشن نالي قائم سماجي تنظيم جو اهم ڪارڪن آهي . تونگ واري آفيس هن جي حوالي آهي . هي انتهائي مخلص ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي نوجوان آهي . هن فائونڊيشن طرفان ڪوهستاني ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ . مسئلن جي حل لاءِ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ، لاءِ سجاڳي پروگرامن سان گڏ عام ڀلائي جا ڪم به ڪيا وڃن ٿا . ڪوهستان جي پيڙهيل طبقي لاءِ هن نوجوان جي دل ۾ وڏو درد آهي . انهي ڪري هي هروقت غريبن کي تمام گهڻو ويجهو ڏسڻ ۾ ايندو آهي . ان کان علاوه ڪوهستان جي جهنگلي جيوت ، ڪوهستان جي تاريخي ماڳن جي حفاظت لاءِ پڻ هي ڪوششون ڪندو رهي ٿو . بحرحال ڪوهستان جي سلجهيل نوجوانن ۾ هن شمار ٿئي ٿو . هن کي ڪوهستان ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

    وڏيرو قادربخش باريجو
    هي باريجا قبيلي جو انتهائي اهم ۽ معزز شخص آهي. هن نصرپور جي مشهور ديوبندي عالم۽ صوفي منش انسان مولانا عبدالحق ربانيءَ کان ديني تعليم حاصل ڪئي. مولانا عبد الحق رباني هڪ صوفي قسم جو انسان دوست بزرگ هو . انهي ڪري اهڙي بزرگ جي صحبت ۾ رهي ، ذهني طور هي به سندس اُستاد وانگر صوفي مزاج جو ٿي ويو. هي به وڏو عالم ۽ انتهائي سُڌ ٻُڌ رکندڙ شخص آهي. هي مول جو چيئرمين به رهيو، سندس چيئرميني واري عرصي ۾ هن ۽ سائين جي ايم سيد جي معتقد خاص علڻ خان ٿيٻي جي ڪوششن سان سازدا جي ترقياتي اسڪيمن ۾ ڪوهستان کي اوليت ملي ۽ ڪوهستان ۾ پاڻيءَ جا کوهه کوٽايا ويا ۽ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ٿيون. هي هاڻي پيرسن ٿي چڪو آهي، پر ساڻس ڪچهري ڪرڻ سان علم جو وڏو خزانو حاصل ٿئي ٿو. هن وٽ سندس ڳوٺ ڪيترائي ماڻهو وٽانئس علمي فيض حاصل ڪرڻ ايندا آهن . هي امن ۽ ڀائيچاري جو سبق جاري رکيو اچي .

    بادل باريجو
    هي تونگ لڳ ريڪ ڳوٺ جو هو، هي هڪ وڏو سُگهڙ ۽ ڪوهستاني ڪچهرين جو مور ماڻهو هو. هن وٽ ڪوهستاني لوڪ ادب جو تمام وڏو ذخيرو موجود هو. هي بهادر انسان مُنهن تي سچ چوڻ جي وڏي همت رکندو هو. چڱن ڀَلن کي مُنهن تي سَچُ ڦَهڪائي ڏيندو هو. انهن خوبين ڪري کيس ڪوهستان جي پيڙهيل ماڻهن طرفان وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو.

    پُنهون باريجو
    هي وائلڊ لائيف کاتي ۾ ملازم هو، پر سماجي خدمتن سبب هن ڪوهستان ۾ وڏي عزت ماڻي ۽ بهادريءَ ۾ به هي پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. هو هر قسم جي ظلم جي خلاف هو . هن جي پوري ڄمار مظلوم انسانن جي مدد ڪندي گذري . هي پڻ وڏو بيباڪ ۽ منهن تي بغير رک رکاءُ جي سچ چوندڙ انسان هو.
    جاڙو خان باريجو
    هي به وائلڊ لائيف کاتي ۾ ملازم هو. سماجي خدمتن سبب هن ڪوهستان ۾ سُٺي عزت ڪمائي. وائيلڊ لائيف کاتي طرفان قائم کيرٿر نيشنل پارڪ کي هن پنهنجي بهادريءَ سان شڪارين لاءِ علائقه غير بنايو. هي وڏو فطرت دوست انسان هو . سندس بهادري ۽ فطرت دوستي جا قصا ڪوهستان جي ڪچهرين جو موضوع آهن .

    اسماعيل باريجو
    هي به اصل تونگ لڳ ڳوٺ قادر بخش باريجي جو آهي .هن وقت ڪوٽڙيءَ ۾ رهندڙ هي نوجوان وڏي همت وارو ۽ انساني خدمتن جي جذبي سان گڏ ڪوهستان جي هرشئي سان پيار ڪندڙ آهي. هن ڪوهستان ۾ تاريخي ماڳن جي اهميت اُجاگر ڪرڻ لاءِ ۽ ڪوهستان ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هي مختلف وقتن تي اخبارن ۽ ٽي وي پروگرامن ذريعي ڪوهستان جي ماڻهن جي دردن جي ترجماني ڪندو رهي ٿو. سندس ڪوٽڙيءَ واري اوطاق ڪوهستان جي ڪيترن ئي مجبورن لاءِ ڄڻ هڪ وڏو اَجهو آهي، کيس سندس خدمتن عيوض ڪوهستان جا ماڻهو وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. هي پنهنجي صلاحيتن ۽ خدمتن سبب ڪوهستان جي باريجا قبيلي جي چڱي مڙس جي حيثيت رکي ٿو. ڪوهستان ۾ سندس قبيلي کان سواءِ ٻين قبيلن جا ماڻهو ۽ قبائلي چڱا مڙس به کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. هن منهنجي ڪوهستان جي تحقيقي ڪم دوران وڏي مدد ڪئي ۽ ڀرپور ساٿ ڏنو، سندس ساٿ کانسواءِ ڪوهستان جي اهم ۽ لِڪل تاريخي ماڳن تي پُهچڻ مشڪل هو.

    ڌڻي بخش باريجو
    هي هڪ باشعور نوجوان ۽ اسماعيل باريجي جو ڀاءُ آهي، کيس به وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. هي تونگ يونين ڪائونسل جو چيئرمين آهي. ڪوهستان جي ترقيءَ لاءِ سندس ذهن ۾ هر وقت اُلڪو رهي ٿو. هي ڪوٽڙيءَ ۾ بيباڪ صحافت به ڪندو آهي، ڪوٽڙي پريس ڪلب جو صدر به آهي. هي ڪوهستان جي مسئلن کي اُجاگر ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو رهي ٿو. وڏي همت وارو ۽ بااخلاق نوجوان آهي.


    ڪرچات

    هي ڪوهستان جو اهم ڳوٺ نُما شهر آهي، هتي کيرٿر نيشنل پارڪ جو ڪوهستان وارو سينٽر پڻ آهي. هتي کيرٿر نيشنل پارڪ ۾ موجود جانورن بابت تفصيلي ڄاڻ پڻ ملي ٿي. هتي ڪوهستان ۾ ملندڙ شين جو عاليشان ميوزيم به آهي، هتي ڪوهستان جي وزٽ ڪرڻ وارن آفيسرن لاءِ ريسٽ هائوس به ٺهيل آهي.

    پيرغيبي باريجو
    هي ڪوهستان جو مشهور بُزرگ ٿي گذريو آهي. هن جو شُمار ڪوهستان جي باريجا قبيلي جي وڏن ۾ ٿئي ٿو. سندس انساني خلوص، بهادري ۽ بُزرگيءَ جون ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪوهستان جي ڪچهرين جو موضوع آهن. ڪرچات ۾ سندس عاليشان مُقبرو آهي، جتي هر سال وڏو ميلو لڳي ٿو. . ۽ صوفي راڳ جي محفل ٿئي ٿي ، هن ميلي ۾ پڻ هندو مسلم ايڪتا جا حيرت ۾ وجهندڙ منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا.


    ٿاڻو بولا خان

    هي شهر مَلڪ خاندان جي مَلڪ بولا خان اول ٻَڌايو هو. ياد رهي ته مَلڪ خاندان جي ٻَڌايل شهرن کي ‘ٿاڻو’ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. ڪوهستان جو هي شهر، علمي، ادبي، ثقافتي، ۽ سياسي سرگرمين جو اهم مرڪز آهي. هن شهر جي اهميت جو سبب هتان جي باشعور ماڻهن جو سڀاءُ ۽ صلاحيتون به آهن، جنهن جي ڪري هن شهر کي ڪوهستان جي ٻين شهرن کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي. هن شهر جي انهيءَ اهميت پويان به ڪيترن ئي مَڻيادار ماڻهن جون محنتون شامل آهن، جن جا نالا وڏي عزت ۽ احترام سان ورتا وڃن ٿا. انهن جي خدمتن جون ڳالهيون ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ ڳائجن پيون. اهڙن مَڻيادار ماڻهن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

    مَلڪ بولا خان اول
    هي ڪوهستان جي ڄامن جي ٻاٻڙا نُک جو اهم ۽ ناليوارو شخص ٿي گذريو آهي. هي مَلڪ دودا خان ۽ مَلڪ صفر خان کانپوءِ ٻاٻڙا نُک جي مَلڪَن جو چڱو مڙس ٿيو. هي بهترين اخلاق، رَوَيي ۽ سَخاوت ۾ پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. هن ڪوهستان جي راڄن سان پنهنجائپ وارو رَوَيو رکي، ڪوهستان ۾ پنهنجي قبيلي جي عزت پيدا ڪئي. سندس بهترين رَوَيي ۽ اخلاق کي ڏسي ڪيترائي ماڻهو اچي سندس ڇانَوَ ۾ ويٺا. هي انسان دوست ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف هو. هندو مسلم ڀائپيءَ ۾ يقين رکندو هو، انهيءَ ڪري ڪيترائي هندو ماڻهو لڏي اچي ٿاڻي بولا خان ۾ ويٺا. هن کانپوءِ مَلڪ حيدر خان، ملڪ بولا خان ٻيون ۽ ملڪ علي بخش خان به پنهنجي وڏڙن جي راهه رسم تي هليا. پر زماني جي گردشن سبب هن خاندان جو اَثر رَسوخ گَهٽجي ويو. هن وقت ملڪ دوست علي خان ٻاٻڙا قبيلي جو چڱو مڙس آهي . ڪوهستان ۾ کيس سٺي عزت حاصل آهي .

    پير باقر شاهه جيلاني ٻيون
    هي سنڌ جي جيلاني خاندان مان هو ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ قائم پير باقر شاهه جيلاني اول جي درگاهه جو سجاده نشين هو. انتهائي نِهٺو، مُحبتي، ۽ حد درجي جو مهمان نواز شخص هو. هي نهايت عبادتگُذار ۽ فقير صفت انسان هو، مذهبي ڪَٽرپِڻي جي خلاف هو. انسان دوستي سندس مزاج ۾ شامل هئي. سنڌ جي اڪثر پيرن ۽ مکيا خاندانن سان سندس دوستانا تعلق هئا. انهيءَڪري ڪوهستان جي ڪافي ماڻهن جا ڪم، هو انهن واسطن ذريعي ڪرائي ڏيندو هو. سندس سفارش کي وڏي اهميت حاصل هئي، انهيءَ ڪري هي غريب ڪوهستانين جو وڏو اَجهو ۽ آسرو هو. هن نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ٿاڻي بولاخان جي هن جيلاني خاندان جي درگاهه تي ساليانو ميلو لڳندو آهي، جنهن ميلي ۾ هندو مُسلم ايڪتا ۽ مُحبت جي عملي مظاهري جا ڪَئين مَنظر ڏسڻ ۾ ايندا آهن.

    پيرغلام رسول شاهه جيلاني
    هي پَٻڻ شريف لڳ ميرپورخاص ۾ رهندڙ سنڌ جي اهم شخصيت هو. هن اهم شخصيت جي حلقه اَحباب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جهڙا سنڌ جا عظيم انسان به هئا. هي راڳ جو سنڌ ۾ وڏو پارکو ۽ فنڪارن جي فَنَ جو وڏو قدردان به هو. هي اصل پير باقر شاهه جيلاني جي خاندان مان هو . هي پير باقر شاهه ٻئين جي ڀاءُ پير خدا ڏنو شاهه عرف پير جان شاه جيلاني جو فرزند هو .هي جيلاني پيرن جي گادي پٻڻ شريف جو سجاده نشين به هو. انهي ڪري پٻڻ شريف ۾ رهندو هو . خانداني ناتي سان هي پير باقرشاهه جيلاني جي درگاهه پڻ سنڀاليندو هو . انهي ڪري هن جو ٿاڻي بولاخان ۾ اچڻ وڃڻ ۽ رهڻ ٿيندو هو. جيڪو به سندس اباڻو گهر هو . هن جي آمد سان تمام وڏا موسيقيءَ جا پروگرام رِٿجي ويندا هئا. هي صوفي مزاج جو ماڻهو هو، سندس سَرپرستي ۾ ٿيل پروگرامن جي يادگيرين جون ڳالهيون پڻ پوري ڪوهستان ۾ اڃان تائين ڳايون وڃن ٿيون.

    پير بخش خاصخيلي
    هي بُنيادي طور هڪ غريب ۽ فقير گهراڻي سان تعلق رکندڙ هو. هن خاندان کي شاهه جا فقير سڏيو ويندو آهي. هي مشهور اولياءَ باقرشاهه جي درگاهه جا سنڀاليندڙ آهن. هن جي والد جي سڄي ڄمار درگاهه جي زائرين جي خدمت ڪندي، ۽ درگاهه جو پاڻي ڀريندي گُذري، ۽ سندس والده جنڊ پيهين زائرين کي مانيون پچائي کارائيندي هئي. هن خاندان جي اهڙي محنت، محبت ۽ خدمت گذاري، ڪوهستان جي ماڻهن جي دلين ۾ هن خاندان لاءِ وڏي جڳهه ٺاهي ورتي. هن خاندان جي مقبوليت کي ڏسندي، ڪوهستان جي مَلڪ خاندان جي آشيرواد سان پير بخش خاصخيليءَ کي ضلعي ڪائونسل دادوءَ جو چيئرمين چونڊيو ويو. پوءِ وري هو ضلعي دادوءَ مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر به چونڊجي آيو. شايد پاڪستان جي تاريخ جو هي پهريون عوامي نمائندو هو، جنهن ڪابه ڪرپشن نه ڪئي. هن نه پنهنجي ڪا ذاتي جائداد ٺاهي، ۽ نه ئي پنهنجو رشتو غريب ماڻهن کان ٽوڙيو. هن جو اولاد به عام ماڻهن جي ٻارن سان گڏ سرڪاري عام اسڪولن ۾ پڙهيو. پير بخش خاصخيلي سنڌ جو عاشق هو ۽ هن سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف اعلان حق بلند ڪيو. هن سائين جي ايم سيد سان پنهنجو ناتو جوڙيو ۽ سائين جي ايم سيد طرفان ٺهرايل قومي اتحاد ۾ به شامل ٿيو. هن جي پوري ڄمار سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي گُذري. اڄ جڏهن هو ناهي، ته به ڪوهستان جا ماڻهو سندس نالو وڏي فخر سان وٺندا آهن. پيربخش خاصخيلي جو پٽ سرواڻ خاصخيلي به خوش اخلاق ۽ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپيل آهي . هن وقت ضلع ڄامشوري جي ضلع ڪائونسل جو ميمبر پڻ آهي .. عوامي خدمتن جو سٺو جذبو رکي ٿو. پير بخش خاصخيلي جو ٻيون پٽ سلمان اڃان پڙهي پيو .

    گروءَ منگل گُر جو ميلو
    ٿاڻي بولاخان کان ٿوري فاصلي تي گروءَ منگل گُر جي آشرم تي هر سال سنبت وڪرمي سال جي مانگهه مهيني جي پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي . ٻن ڏينهن جي هن ميلي ۾ صوفي راڳ ٿيندو آهي . سنڌ جا ناليوارا صوفي فنڪار هتي صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندا آهن . هي ڪوهستان جو وڏو ميلو آهي . هن ميلي ۾ ڪوهستان جي ڪاروباري ديوان ڪميونٽي پوري ملڪ مان اچي شريڪ ٿيندي آهي. هن ميلي ۾ هندو مسلم ايڪتا جا ڪئين منظر ڏسڻ لاءِ ملن ٿا . هي ميلو ڄڻ ڪوهستان ۾ هندو مسلم ايڪتا جي هر سال تجديد عهد وفا جو ميلو آهي .

    شري گرو ڌيان گُر مهراج
    هي اصل ٿر جو هو، پر هن ٿاڻي بولاخان جي ديوي مندر۾ پنهنجو ديرو ڄمايو ۽ ڪافي ڄمار هتي ئي رهي پيو، آخري عمر ۾ هن هندستان جي راجستان جي کيرٿل شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي پڻ هن صوفي تحريڪ کي مضبوط ڪيو، سندس وفات پڻ اُتي ٿي.
    هي ٻال برهمچاري فقير هو، گيتا گيان جي وڏي پنڊت کانسواءِ سنگيت جو به تمام وڏو ڄاڻو هو. هن ٿاڻي بولا خان ۾ قائم گُرو منگل گُر آشرم کي وَسائي پنهنجو مرڪز بنايو، جيڪو اڳتي هلي پوري ڪوهستان جي ماڻهن جي توجهه جو مرڪز بنيو. هن گيتا گيان ۽ سنگيت وديا ذريعي نه صرف مذهبي ايڪتا جي تعليم ڏني، پر هن صوفي منش انسان ڪوهستان جي ماڻهن کي گيتا گيان ذريعي تصوف جي باريڪ بينين کان واقف ڪري ڪوهستان ۾ هندو مُسلم ايڪتا جي فڪر کي هڪ سَگهاري تحريڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هي سڀني ويدن، ۽ اُپنشدن جو وڏو عالم هو. هن هڪ پاٺشالا به قائم ڪئي، جتي سنڌيءَ کان سواءِ، سنسڪرت، هندي، ۽ ٻين ٻولين جي سکيا پڻ ڏيندو هو. هي هارمونيم وڄائي جڏهن سنڌ جي صوفين جو ڪلام ڳائيندو هو، ته محفل تي وجداني ڪيفيت ڇانئجي ويندي هئي. هن ڪيترن ئي ڪوهستاني نوجوانن کي سنگيت وِديا ۽ تصوف جي تعليم ڏيئي،پنهنجي تحريڪ ۾ شامل ڪيو. هن سنگيت جي لئه، گُر تارَ سان ڪوهستاني لوڪ موسيقيءَ ۾ نوان رَنگَ ڀَريا. سندس آشرم تي ماڻهن جا ميڙا لڳا پيا هوندا هئا. هي ڪوهستان جي درگاهن تي به وڃي صوفي راڳ ذريعي محبت، ڀائيچاري ۽ انسانيت جو پيغام ڏيندو هو.
    سندس مُحبت ۽ محنتن جو نتيجو آهي، جو ٿاڻي بولا خان ۾ تاريخي مُحبت ۽ ڀائيچاري وارا رَوَيا اڃان تائين مضبوط آهن. جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عيدون ۽ تَهوار ملهائيندا آهن، جتي مسجد ۽ مندر جو ڪو به جهيڙو ناهي، هتي هندو ۽ مسلمان گڏجي مسجدن ۽ مندرن جي مرمت ۽ حفاظت ڪندا آهن. اهو اَمن ڀَريو ۽ انساني ڀائيچاري وارو ماحول هن صوفي منش انسان جي پورهئي جو ثَمر آهي، جيڪو سندس وفات بعد به اڃان تائين قائم ۽ دائم آهي. اڄ به ڪوهستان جي مختلف درگاهن تي ميلا ۽ ڏهاڙا هندو مسلم گڏجي ملهائين ٿا. پوري ڪوهستان ۾ ڳئون ذبح نه ٿي ڪئي وڃي. هتي شادين ۾ پڻ هندو ۽ مسلمان گڏجي، پنهنجي ڀائيچاري جو عملي مظاهرو ڪن ٿا.

    مهراج گهنشام داس شرما
    هي اصل ڪوهستان جي سِري شهر جو هو، جيڪو پوءِ اُتان لڏي ٿاڻي بولا خان آيو، جتي هن گُرو منگل گُر شيوا منڊليءَ جو بنياد وڌو. هي موسيقي، نِرتڪ، ۽ ناٽڪ وِديا جو ڄاڻو هو. انهيءَ کان علاوه پاڻ ڳائڻ سان گڏ هارمونيم ۽ طَبلي وڄائڻ ۾ به پنهنجو مَٽُ پاڻ هو. هو بهترين هدايتڪار به هو، مختلف سماجي بُراين خلاف اسٽيج ڊراما به تيار ڪرايا هُئائين. هن اسٽيج ڊرامن ۽ ناٽڪن وسيلي، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ سان گڏ، نوجوانن ۾ انساني خدمتن جو وڏو اُتساهه پيدا ڪيو.هن هندو مُسلم ايڪتا سان گڏ فرسوده رسمن جي خلاف پڻ ڪيترائي اسٽيج ڊراما ۽ پروگرام ڪرايا. هن جي محنتن جي نتيجي ۾ ڪوهستان جتي تعليم نه هئڻ جي برابر آهي، اُتي هن جي ناٽڪ ۽ اسٽيج ڊرامن جي رُجحان پيدا ڪرڻ سان ڪوهستان جي تعليمي زيور کان وانجهيل ماڻهن ۾ به فرسوده رسمن ۽ مذهبي نفرتن خلاف شعور موجود آهي. ٿاڻي بولا خان ۾ هن جي وفات بعد به ناٽڪ منڊليون عوامي شعور پکيڙڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

    کيمچند شرما
    هي خوش پوشاڪ رعبدار چهري جو مالڪ، پر مُحبتن جو ڀَنڍار شخص مهراج گهنشام داس شرما جو سڳو ڀائٽيو آهي. هن زندگيءَ جو ڪافي عرصو ڪوهستان ۾ گذاريو. هي پڻ سُٺو ليکڪ ۽ وڏي علمي ڄاڻ رکندڙ هڪ خوددار شخص آهي. هن پنهنجي جوانيءَ ۾ ئي علمي ادبي سرگرمين ۾ پير پاتو ۽ جلد ئي سندس شُمار هڪ سُٺي ليکڪ طور ٿيڻ لڳو. هن ڪجهه عرصو ڪوهستان نالي سان هڪ رسالو به ڪڍيو، جنهن ۾ هن ڪوهستان جي مسئلن سان گڏ سماجي بُراين، ۽ مذهبي ڀيد ڀاءُ خلاف ڪارگر مضمون ۽ ڪهاڻيون شايع ڪيون، جنهن سان ڪوهستان جي نوجوانن ۾ لکڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو. هن جو هڪ ننڍڙو ناول “ وڏيرڪو فيصلو ” ۽ هڪ مضمونن جو ڳٽڪو “ڳالهيون ڳجهه اندر جون ” پڻ ڇپيل آهن هن وقت هي روزگار جي سانگي ٽنڊي محمد خان ۾ رهي پيو، جتي پڻ علمي ۽ ادبي پروگرامن ۾ حصو وٺندو رهي ٿو، هن وقت به هو“بي نقاب ” نالي ادبي رسالو ڪڍندو رهي ٿو.

    مُکي چانڊڻ مل
    سنڌ ۾ اوطاق ڪلچر جي تاريخ به تمام گهڻي پراڻي آهي. سنڌي سماج ۾ موجود سَگهارا سماجي قدر به انهيءَ اوطاق ڪلچر جو نتيجو آهن. ڪوهستان ۾ مهمان نوازي اڄ به پنهنجي عروج تي آهي، جتي اڄ به ڪچهريون قائم آهن. اهو ئي سبب آهي، جو هتي سنڌي سماجي قدر زندهه ۽ سلامت آهن. ٿاڻي بولاخان ۾ مُکي چانڊڻ مل جي اوطاق مسافرن جي وڏي آماجگاهه هئي، جتي مهمانن جي خدمت بغير ڪنهن مذهبي فرق جي ٿيندي هئي. هتي هندو ۽ مسلمان اچي ماني کائيندا هئا. هي نهايت مُحبتي ۽ خدمتگذار انسان هو. هي ڪُڙتو پائي ڌوتي ٻَڌندو هو، چوٽي ڇڏي تِلڪ لَڳائيندو هو. ٿاڻي بولاخان ۾ ڪو به مسافر اچي ۽ مُکي چانڊڻ جي اوطاق جي مهمان نوازيءَ جي آسيس وٺڻ کان سواءِ وڃي، اها بلڪل اَڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. سندس ماڻهو شهر ۾ ڦِرندا پيا هئا، ڪو به مسافر يا نئون ماڻهو ڏسندا هئا، ته کيس وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان اوطاق تي وٺي ايندا هئا، جتي مُکي صاحب بَذات خود سندن آڌرڀاءُ ۽ خدمتون ڪندو هو. هن جي اوطاق تي ڳائي مال جو هڪ وڏو واڙو به هوندو هو، جتي هو گئو ماتا جي خدمت ڪرڻ ۾ پنهنجي روحاني خوشي محسوس ڪندو هو. هو تمام وڏو سخي انسان به هو، اڙيالن جي مدد ڪرڻ کي هو پنهنجو فرض سمجهندو هو. انهيءَ ڪري پوري ڪوهستان جا ماڻهو سندس احترام ڪندا هئا. اڄ به سندس ڳالهيون ڳائجن پيون. سندس اوطاق تي اڄ نه مُکي چانڊڻ مل آهي، ۽ نه سندس قائم ڪيل اوطاق تي مهمانن جو ساڳيو آڌرڀاءُ آهي. پرمُکي چانڊڻ جون ڳالهيون هر ڪوهستانيءَ جي زبان تي موجود آهن.

    ڀڳت شامون مل
    هي هڪ واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو هو، پر هن باهمت انسان ۾ انساني خدمتن جو جذبو هو. هي ڪوهستان جو بهترين قسم جو گائڪ هو، هو هارمونيم تي جڏهن پنهنجي درديلي آواز ۾ سُر ڇيڙيندو هو، ته ٻُڌندڙن تي وَجد طاري ڪري ڇڏيندو هو. انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ سندس مداحن جو وڏو تعداد پيدا ٿي ويو، هي جڏهن ڳائيندو هو، ته کيس ٻُڌڻ لاءِ ماڻهن جا اَنبوهه گڏ ٿي ويندا هئا. هي سَرندِيءَ وارو فقير صفت انسان مسڪين ماڻهن کي گَهر ٺهرائي ڏيندو هو. غريب ۽ بيروزگار ماڻهن کي خيرات ڏيڻ بجاءِ کين ڪاروبار لڳائي ڏيندو هو. انهن جي ڪاروبار جي واڌاري ۾ اڳتي به ٽيڪ ڪرايو ايندو هو. انهن خوبين جي ڪري هن کي ڪوهستان ۾ وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو. هو سماجي بُراين، ۽ مَذهبي انتها پسنديءَ خلاف هلندڙ تحريڪ جو حصو به بنجي ويو. هن نوجوانن جو هڪ گروهه به انساني خدمتن لاءِ تيار ڪيو، جيڪو هميشه سرگرم رهندو هو. هو ڪوهستان جي درگاهن ۽ ميلن تي وڃي، جڏهن سنڌ جي صوفي بزرگن جو ڪلام پنهنجي مٺڙي ۽ درديلي آواز ۾ ڳائيندو هو، ته محفل کي پنڊ پهڻ ڪري ڇڏيندو هو. انهن محفلن ۾ هو انسان دوستي ۽ انساني ڀائچاري جي تعليم پڻ ڏيندو هو. ڪوهستان جي ماڻهن نه صرف سندس جيئري قدر ڪيو، پر مرڻ بعد به ڀڳت شامون مل جون ڳالهيون ڪندي يا سندس يادون بيان ڪندي پيا ٿَڌا ساهه ڀَريندا آهن. هن جي ڪردار جو ٺاهيل محلات اڄ به ڪوهستان ۾ اوچو ڳاٽ کنيو بيٺو آهي.

    ڀڳت نارومل ولد آلو مل
    ڪوهستان جي مشهور صوفي شخصيت ڀڳت نارومل، هونئن ته اُنَ جو واپاري هو، پر سال 1889ع ۾ جنم وٺندڙ هن شخص جو لاڙو ننڍپڻ کان ئي صوفي خيالن طرف هو.انهيءَ ڪري هي ڇڪجي، حيدر آباد جي مشهور صوفي بُزرگ سيد قُطب شاهه جهانيان جو پوئلڳ ٿيو. اُتي هن بُزرگ جي صُحبت ۾ رهي رَچي ريٽو ٿيو. هو ڳائڻ وقت مَستيءَ ۽ وجداني ڪيفيت ۾ اچي ويندو هو، ۽ ٻُڌندڙن تي پڻ وَجد طاري ڪري ڇڏيندو هو. هي اصل ٿاڻي احمد خان جو هو، پر پوءِ هو ٿاڻي بولا خان ۾ اچي رهيو. وڏو خوددار، بي ڊپو ۽ آزاد خيال انسان هو. انهيءَ ڪري ساڻس وڏا ماڻهو گهٽ ٺهندا هئا، پر هن پنهنجو ناتو ڪوهستان جي غريبن سان جوڙي رکيو.
    هن ڪوهستان ۾ ڀڳتي راڳ کي متعارف ڪرايو، هن ساٿين سان گڏجي ڀڳتي انداز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هو ساٿين سان گڏجي محفلن ۾ وارڙيي انداز ۾ سوالن جوابن ۾ بُزرگن جي شاعري پيش ڪندو هو. سندس اهو انداز بيان هر ماڻهوءَ جي سمجهه ۾ ايندو هو، عام ماڻهو سندن ڳالهه کي بخوبي سمجهندا هئا. اهو انداز سنڌ ۾ ڀَڳتي تحريڪ جي بقاياجات هو. هي ڀڳتي تحريڪ، ڪو زمانو هوجو پوري برصغير ۾ هڪ سَگهاري انداز ۾ پَکڙي هئي، بابا گرو نانڪ، ۽ سنڌ جا اَڪثر صوفي بُزرگ انهيءَڀڳتي تحريڪ جا فڪري روح رَوان هئا. هن ڀڳتي تحريڪ جو نتيجو ئي هو، جو هندستان جو بادشاهه اڪبر اعظم به هن تحريڪ کان متاثر ٿيو هو، ۽ دين الاهيءَ کي رائج ڪري هندستان تي پنجاهه سال حڪومت ڪئي. گرونانڪ ’صلح ڪل مذهب‘ جو پيغام ڏنو، جنهن جي اَثر کي پَکيڙڻ لاءِ ڀَڳتن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. بحرحال ڀڳت نارومل، ڀڳتي راڳ جي سنڌ ۾ آخري نشاني هو. هن ڀڳتي راڳ کي عام ڪرڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. هن صوفي منش انسان 16ڊسمبر 1966ع ۾ وفات ڪئي. سندس وفات کان پوءِ سندس پٽ ٽيئون مل به پنهنجي ساٿين سان گڏجي ڀَڳتي راڳ کي ريڊيو جي ذريعي مُتعارف ڪرايو. سندن ڀَڳتي ڪلام ريڊيو جي ذريعي پوري سنڌ جي ماڻهن ٻُڌا، پر افسوس جديد موسيقيءَ جي رُجحانن سبب ڀَڳتي راڳ وڌيڪ اڳتي وڌي نه سگهيو. ڀَڳتي راڳ ۾ هندو مُسلم ايڪتا، ۽ سماجي بُراين خلاف پيغام ڏنو ويندو هو. هي انساني ڀائيچاري ۽ سماجي اصلاح جي تحريڪ هئي. نارومل ۽ سندس پُٽ ٽيئون مل ڀڳتي راڳ جي ذريعي ڪوهستان ۾ ميٺ مُحبت پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا اَثر ڇڏيا. هن وقت به ڀڳت ٽيئون مل جو پُٽ ڀڳت بسُو مل ڀَڳتي راڳ کي جيئارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

    قمرڪوهستاني
    هي ٿاڻي بولاخان جي هڪ عوامي مقبوليت ماڻيندڙ شخصيت هئي. بُنيادي طور هي وچولي ڪلاس جو ماڻهو هو، پهريائين پرائمري ماستر ۽ پوءِ سُپروائزر به ٿيو. هي عوامي نوعيت جو مزاحيه شاعر هو، هن ڪجهه عرصو بادل نالي سان رسالو به جاري ڪيو. هن اصلاحي مضمون به لکيا، ڪوهستان جي اَهنجن ۽ آزارن تي به قلم آرائي ڪئي، پر اسٽيج تي عوامي ميڙاڪن ۾ وڏي بهادريءَ سان اصلاحي تنقيد به ڪندو هو. مثالطور هڪ ڀيري ٿاڻي بولا خان ۾ ڏياريءَ جو پروگرام ٿيو، انتظاميا کان هن کي دعوت ڏيڻ وسري ويئي، ته هو بنا دعوت جي به اُتي پهتو ۽ اسٽيج سيڪريٽري ڊاڪٽر پهلاج مل کي چِٺي موڪليائين، ته مون کي شعر پڙهڻ لاءِ گهرايو. جڏهن پَهلاج مل هن کي سڏيو ته هن اچي شعر پڙهيو ته،
    ”اوهان کي اوهان جي ڏياري مبارڪ“
    جنهن تي پَهلاج مل کيس چيو، ته هي ڏياري پاڻ سڀني جي آهي، اوهان پاڻ کي اسان کان ڌار ڪيئن ٿا سمجهو، ته هن جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن منهنجي به ڏياري هجي ها، ته مون کي ائين بنا دعوت نه اچڻو پوي ها.ڇا ته اصلاحي انداز بيان ۽ طريقو هو، سندس اهڙي تنقيد کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن جي مداحن جو ڪوهستان ۾ وڏو حلقو هو، هر محفل يا ميڙاڪي ۾ موجود هوندو هو . اڄ جڏهن هو موجود ناهي، تڏهن به ڪوهستان جا ماڻهو کيس ساريندا آهن ۽ سندس ورسيون ۽ ياد ۾ پروگرام ملهايا وڃن ٿا.

    شيخ عبدالله ڪوهستاني
    هن ڪوهستان جي مول شهرجي هڪ هندو خاندان ۾ 5 جولاءِ 1967ع تي جنم ورتو. سندس پيءَ جو نالو پوهُو مل هو ، هن جو خانداني نالو چوئِٿرام هو . ننڍي هوندي هن جي هڪ مسجد جي ڀرسان ڪئبن هئي . مسجد ۾ ديني واعظ ٻڌي هي مسلمان ٿي ويو . ان بعد هن ڪراچي ، سکر ۽ اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان ديني ، دنيوي تعليم حاصل ڪري اچي ٿاڻو بولا خان ۾ رهائش اختيار ڪئي . جتي هن انساني خدمتن کي ايمان سمجهي سماجي خدمتون شروع ڪيون . هن عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن نالي هڪ سماجي تنطيم قائم ڪري ، سوين ماڻهن جي اکين جو علاج ، سوين غريب خاندانن جون شاديون ، سوين مسلمان غريبن جي ٻارڙن جو جديد طبي اصولن تي طهر، سوين مريضن جو علاج ، سوين مسڪينن کي عيدن تي سيڌو سامان ۽ ڪپڙا وٺي ڏيڻ سوين ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ پاڻي جا هينڊپمپ ، ۽ ٿاڻي بولاخان ۾ غريبن لاءِ مفت رهائشي ڪالوني ٺاهي ڏيڻ جهڙن ڪمن کي پنهنجي اصل عبادت سمجهيو آهي . ان کان علاوه ڪيتريون ئي علمي ، ادبي ، ثقافتي پروگرام ، صوفي راڳ جون محفلون ۽ سياري جي موسم ۾ مچ ڪچهريون ڪرائڻ به هن تنظيم جي اهم ڪمن ۾ شامل آهن . هي وڏو ديني عالم ۽ بهترين خطيب پڻ آهي . هي پڻ انساني ايڪتا جو حامي آهي . هن کي به پوري ڪوهستان ۾ عزت ۽ احترام سان ڏٺو ويندو آهي .

    خدا بخش وڪيجو پالاري
    هي پالاري قبيلي جي وڪيجو نُک جو نوجوان آهي . هونئن ته هي ٿاڻي بولاخان کان ٻاهر ڳوٺ فضل پالاري جو رهاڪو آهي . سندس سرگرميون ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ وڌيڪ آهن . هي ڪوهستان ۾ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ “ڪوهستان منظر ادبي سنگت ” ۾ به سرگرم آهي . ڪوهستان جي حالتن تي رسالو “ ڪوهستان منظر ” به جاري ڪري ٿو . هي ڪوهستان جي ڳوٺن ۾ ڪم ڪندڙ سمورين سماجي تنظيمن سان سهڪاري رهيو آهي . سماجي تنظيمن جي معرفت ڪوهستان جي ٻهراڙين ۾ ڪيترائي ڀلائي جا ڪم ڪرايا آهن . عباس ڊولپمينٽ فائونڊيشن جي هڪ ڪوهستاني يونٽ جو نائب صدر پڻ آهي . هي پڻ ڪوهستان جي مڻيادار ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو .

    ڊاڪٽر ڦڳڻ ديپ کيئلاڻي
    ٺٽي ضلعي جي گهاري شهر۾ هن الشفا ڪلينڪ قائم ڪئي ، جيڪا هن جي وفات بعد سندس پُٽَ هلائين ٿا. هن انسان دوست ڊاڪٽر جون ڪوهستان جي ماڻهن لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه لائق آهن. ٿاڻي بولا خان ۾ هن گُرونانڪ شيوا منڊليءَ جو بُنياد وڌو، جنهن ذريعي هن ڪوهستان جي اَڻ پڙهيل ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ جا پروگرام ڪيا. هي سُٺو ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار به هو. هن اسٽيج ڊرامن جي ٽيڪنيڪ کي نوان رُخ به ڏنا، جنهن سبب سندس گُرو نانڪ شيوا منڊليءَ جا اسٽيج ڊراما ڪوهستان ۾ وڏي چاهه سان ڏٺا ويندا هئا. هن جي رهنمائيءَ ۾ ڪيترا ئي نوان اسٽيج فنڪار تيار ٿيا، هي نوجوانن ۾ اُتساهه جو وڏو ذريعو هو. سندس ڳالهيون ڳائجن پيون.

    هيرانند گپتا
    هي ٿاڻي بولاخان جي وڏي علمي شخصيت آهي. هي گُرو ڌيان گُر مهراج جو شاگرد به رهيو، انهيءَ ڪري هندي، سنسڪرت ۽ ٻيون زبانون به ڄاڻي ٿو. هي سائين جي ايم سيد جو فڪري عاشق آهي، کيس سائين جي ايم سيد جا سمورا ڪتاب تقريبن بر زبان ياد آهن. انهيءَ کان علاوه وَٽس ناياب ڪتابن جو وڏو ذخيرو موجود آهي. هي وڏو اهل علم انسان آهي. هن پڻ ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا، سندس لکيل ڊراما ڪوهستان جي اسٽيج جي ڊرامن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا. هن وقت ڪاروبار جي سلسلي ۾ ٽنڊي محمد خان شهر ۾ رهي ٿو ۽ وڏو ملڻو جُلڻو ۽ مُحبتي انسان آهي . جيڪڏهن هي پنهنجي مطالعي جي روشني ۾ پنهنجي آتم ڪهاڻي ۽ تصوف تي ڪي ڪتاب لکي ته ، سنڌي ادب ۾ قيمتي ڪتابن جو اضافو ٿي سگهي ٿو . جنهن ڏس ۾ هي سنبري وري ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو .

    ڊاڪٽر وشنداس
    هي ٿاڻي بولا خان جو اهم سماجي اڳواڻ آهي، هن ۽ ڊاڪٽر پهلاج مل ٻين نوجوانن کي گڏ ڪري اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئشن جو بُنياد وڌو. هنن هن تنظيم جي پليٽ فارم تان نوجوانن ۾ علمي صلاحيتون وڌائڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلايا ۽ لائبريريون قائم ڪرايون، جنهن سان نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ پنهنجون لائبريريون ٺاهڻ جو شوق پيدا ٿيو. هنن ڪيترائي پروگرام ۽ تعليمي مُذاڪرا ڪرايا. هنن ’بارڻ‘ جي نالي سان هڪ رسالو پڻ جاري ڪيو، جنهن ۾ ڪوهستان جي اَهنجن، ايذائن، عوامي مسئلن، ۽ ڪوهستان جي باري ۾ معلوماتي مضمون پڻ شايع ڪيا. هنن جي جاکوڙ ڪوهستان جي نوجوانن ۾ وڏو تعليمي اُتساهه پيدا ڪيو آهي.

    سيٺ دريانو مل کيمناڻي
    هي ڪوهستان جي ٿاڻي بولا خان ۾ جنم وٺندڙ اڳتي هلي سنڌ جو اهم ماڻهو بنجي ويو، هن بدين ضلعي جي ماتلي شهر ۾ پنهنجي ڪاروبار جي شروعات ڪئي، اڳتي هلي مل مالڪ ٿي ويو. هن کي نياڻين جو ته اولاد هو، پر پُٽ جي اولاد نه هئڻ سبب پريشان رهندو هو. هي شروع کان ئي خُداترس ۽ سَخي هو، سندس پريشانيءَ کي ڏسي سندس هڪ دوست سيٺ عزيز علي خواجه صاحب کيس پنهنجو پُٽ ڏيئي ڇڏيو. هن انهيءَ گود ورتل پُٽَ جي لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪري کيس تعليم ۽ تربيت ڏياري تيار ڪيو، جيڪو اڳتي هلي پنهنجي قابليت، انسان دوستي، ۽ ايمانداريءَ سبب سنڌ جو مشهور پوليس آفيسر ثابت ٿيو. جنهن کي ماڻهو سندس اصل نالي الهڏني بجاءِ اي. ڊي. خواجه جي نالي سان سُڃاڻڻ لڳا. هن وقت هو آءِ جي سنڌ آهي. سيٺ درياني مل ڪوهستان ۾ ڪيتريون ئي طبي ۽ امدادي ڪئمپون لڳايون. ڪيترن ئي مسلمانن کي حج ۽ عمره ڪرايا، ڪيترن ئي هندن کي مشهور تيرٿن جون ياترائون ڪرايون. سندس پوري زندگي خدمت خلق ۾ گُذري. سندس وفات بعد سندس وفادار جهولي ورتل پُٽَ اي ڊي خواجه صاحب، سندس ڪِريا ڪَرم هندو رَسمن موجب ڪري، کيس پنهنجي هٿن سان اَگني سَنسَڪار ڪيو. سندس وفات بعد سيٺ دريانو مل جي نالي سان هڪ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو آهي، جنهن کي سندس کيمناڻي فيملي هلائيندي آهي. هي ٽرسٽ پڻ سيٺ درياني مل جي انساني خدمتن واري ڪم کي جاري رکيو اچي. سندس ڀائٽيو سيٺ نانڪ رام پڻ هڪ صوفي مزاج رکندڙ انسان آهي، هي پڻ صوفي راڳ جون محفلون ۽ ست سنگ ڪرائيندو رهي ٿو.

    خوبچند ٿانوراڻي
    هي هن وقت پيرسنيءَ سبب خاموش آهي، پر هي ٿاڻي بولاخان ۾ هڪ گڏيل جدوجهد جي علامت رهيو آهي. هن ڪوهستان سُڌار سنگت ٺاهي، جنهن ذريعي هن سماجي بُراين ۽ غلط سماجي ريتن رسمن خلاف هڪ سَگهارو آواز بُلند ڪيو. هن ڪوهستان جي سمورين تنظيمن کي گڏ ڪري وڏا پروگرام ڪيا، هن تنظيم جي جدوجهد ڪوهستان جي سَگهه جو اُهڃاڻ هُئي.

    ڊاڪٽر پهلاج مل
    هي ٿاڻي بولا خان جو هڪ اهڙو متحرڪ ڪردار آهي، جنهن ۾ ننڍپڻ کان ڪجهه ڪرڻ جو اُتساهه موجود هو، هن ننڍپڻ ۾ ٿاڻي بولاخان ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ گلوڪاري، اداڪاري، ۽ اسٽيج سيڪريٽري جا فَرضَ سَرانجام ڏنا. هو ڪراچي پڙهڻ دوران ڪوهستان جي نمائندگي ڪندڙ صحافي به رهيو.
    وچولي خاندان ۾ جنم وٺندڙ هن باهمت ماڻهوءَ ڪوهستان جي نوجوانن ۾ علمي شوق ۽ اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر وِشنداس سان گڏجي اسٽوڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ايسوسيئيشن جي سرگرمين ڪوهستان جي نوجوانن ۾ پڙهڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو حوصلو پيدا ڪيو.نتيجي طور هن وقت تائين ڪيترائي ڪوهستاني ماڻهو آمريڪا ۽ دنيا جي مختلف مُلڪن تائين پهتا آهن. ڊاڪٽر پهلاج جي ذاتي ڪٽنب کي اهو اعزاز حاصل آهي، ته هنن سڄي ڪوهستان جي ديوان ڪميونٽيءَ ۾ پنهنجي نياڻين کي تعليمي ميدان ۾ اڳتي آڻي، ڪوهستان ۾ نياڻين جي تعليم جو اُتساهه پيدا ڪيو. هي ڪجهه وقت ڪوهستان مان ’بارڻ‘ رسالو به ڪڍندو هو. هن وقت به جديد وقت جي تقاضائن موجب سوشل ميڊيا تي هڪ فورم وائيس آف ڪوهستان جي نالي جوڙي ديوان ڪميونٽيءَ ۾ غلط رواجن ۽ رسمن خلاف ڪم جي سلسلي ۾ اُتساهه ۽ جاڳرتا پيدا ڪري رهيو آهي.هي فورم هڪ ٽرسٽ جي شڪل ۾ اچي رهيو آهي. تمام جلد هي فورم به ڪوهستان جي ماڻهن جو ڀَرجهلو بڻجندو. ڊاڪٽر پهلاج هونئن ته ٽنڊي محمد خان ۾ ڊاڪٽري ڪندو آهي، پر سندس دل ۽ دماغ ۾ ڪوهستان جي ترقيءَ جو خواب ساڀيان بڻجڻ لاءِ آتو آهي. ٽنڊي محمد خان ۾ به پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جو ٻه سال صدر رهيو، انهيءَ دوران هن ٿاڻي بولا خان ۾ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي. ٽنڊي محمد خان ۾ هن ڊاڪٽرن کي سَرگرم ڪيو، ٽورنامينٽون ڪرايون، تازو اعليٰ سطحي ميڊيڪل جي ڊاڪٽرن جي گڏيل سَرگرمين جو هڪ شاندار پروگرام به ٽنڊي محمد خان ۾ ڪرايو. هي هڪ اُتساهيندڙ ڪردار آهي ۽ هن پنهنجي ڪوهستان جي مٽيءَ کي مياري نه ڪيو آهي.

    ڊاڪٽر اوڍر مل
    هي هڪ بهترين انسان دوست ڊاڪٽر آهي. هن سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪوهسار ويلفيئر فورم تحت عوامي خدمتن جو ڪم شروع ڪيو. ڪوهسار ويلفيئر فورم هڪ اهڙي تنظيم آهي، جنهن جو انتظام ڪنهن صدر يا شخصيت جي بجاءِ هڪ ڪاميٽي هلائيندي آهي.؛جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ميمبر آهن.هي تنظيم ڪوهستان جي مکيا شهرن ۾ مُفت طبي ڪئمپون پڻ لڳائيندي آهي، جتي مُلڪ جي نامور ڊاڪٽرن کي آڻي، هزارين ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو آهي. هن تنظيم جي ايمبولينس سروس پڻ آهي، جيڪا غريب ڪوهستانين کي وڏين اسپتالن تائين پهچائڻ جو انتظام ڪري ٿي. صحت جي سهوليتن ڏيڻ کان سواءِ هي تنظيم، مختلف عيدن برادن ۽ ڏڻن تي غريبن ۾ مفت ڪپڙا، ۽ راشن به ورهائيندي آهي. هن تنظيم پنهنجي شفاف ڪارڪردگيءَ سان نوجوانن ۾ خدمتن جو وڏو اُتساهه پيدا ڪيو آهي. جنهن ڳالهه جو سڄو سَهرو ڊاڪٽر اوڍر مل تي آهي. ڊاڪٽر اوڍر مل جي هڪ خاص خوبي آهي، جو هو ڪوهستان جو خاموش خدمتگار آهي، هو پنهنجي شُهرت جي سخت خلاف آهي. پوري ڪوهستان ۾ ڊاڪٽر اوڍر مل جي تمام وڏي عزت ۽ احترام موجود آهي.


    ٿاڻو احمد خان

    هي ڪوهستان جو اهم شهر آهي. هي شهر مَلڪ خاندان جي مَلڪ احمد خان ٻَڌايو هو. ڪوهستان جي سياست جي اهم خاندان مَلڪ خاندان جي رهائش هن شهر ۾ آهي. اُنهيءَ ڪري ڪوهستان جي سياست جو هي مرڪزي شهر پڻ آهي. مَلڪ خاندان جي رهائشي عاليشان بنگلن، خوبصورت پارڪن ۽ باغن سبب هن شهر جو ڏيک ڏاڍو وڻندڙ آهي. هن شهر جي اهم شخصيتن ۾ مَلڪ خاندان جي ڪجهه شخصيتن جي ذڪر کان سواءِ ڪوهستان جو احوال اڌورو رهندو، مَلڪ خاندان جي حسب نسب تي ۽ اُنهيءَ خاندان جي تاريخي ڪارنامن ۽ ڪار گُذارين تي هڪ جدا ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. پر انهيءَ خاندان جي ڪجهه شخصيتن جي احوال کانسواءِ هي ڪتاب اڌورو رهندو. انهيءَ ڪري ڪجهه شخصيتن جو مختصر ذڪر ڪجي ٿو.

    ملڪ احمد خان حملاڻي
    هن مَلڪ صوبدار خان اول کانپوءِ اچي، ٿاڻي احمد خان جو شهر ٻَڌايو، ۽ حملاڻي خاندان هتي اچي رهائش پذير ٿيو. مَلڪ احمد خان هڪ بهادر سان گڏ بهترين اخلاق وارو رَڄ چَڱو مُڙس ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي قبيلي سان گڏ ڪوهستان جي ٻين قبيلن جي چَڱن مُڙسن سان ياريون دوستيون قائم رکيون. ٻين قبيلن جي ماڻهن ۽ پنهنجي قبيلي جي ماڻهن جي وچ ۾ سمورا تنازعه ۽ رَنجشون ٻين قبيلن جي چَڱن مُڙسن جي ساٿ سان ختم ڪرايون، ائين ڪرڻ سان ڪوهستان ۾ هن کي ٻين ڪوهستاني قبيلن جو ساٿ به ملي ويو، ۽ هي پوري ڪوهستان جو هڪ غير مُتنازعه مَلڪ بنجي ويو. مَلڪ احمد خان کان پوءِ ملڪ سردار خان اول، ملڪ صوبدار خان ٻيون ۽ ملڪ سردار خان ٻيون ، ڪوهستان جي حملاڻي مَلڪن جا چَڱا مُڙس رهيا، پر سندن باري ۾ ڪو احوال نه مليو آهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ خاندان جي لاتوجهي سبب هن خاندان جي وڏڙن جي ڪارنامن بابت ڪو به احوال نه ٿو ملي .

    ملڪ صوبدار خان حملاڻي ٽيون
    هن حملاڻي مَلڪ بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب جنب گُذاريم جن سين، ۾ مَلڪ خاندان جي شُجري سان گڏ ڪُجهه لکيو آهي، جنهن کي پڙهڻ بعد ڄاڻ ملي ٿي ته، هي مَلڪ سردار خان ٻئين کانپوءِ ڪوهستان جي حملاڻي قبيلي جو چَڱومُڙس ٿيو. هن جا ٻه ڀائر مير شيردل خان ۽ ميرشاهنواز خان پوليس انسپيڪٽر جي عهدي تي پهتا، مير شيردل خان ته ڪجهه وقت رياست خيرپور جو ناظم به رهيو. انهيءَ کان علاوه هي ڪجهه وقت تعلقي لوڪلبورڊ ڪوٽڙيءَ جو صدر ۽ ضلعي لوڪلبورڊ دادوءَجو ميمبر به رهيو. اهڙيءَ ريت ڪوهستان جا حملاڻي مَلڪ، مُلڪ جي سياست ۾ داخل ٿيا. مَلڪ صوبدار خان پنهنجي قبيلي کان سواءِ ٻين به راڄن جا ڪم ڪاريون ڪرڻ لڳو، سياسي اَثر رَسوخَ سبب ڪوهستان جي سمورن قبيلن جو رُخ مَلڪ خاندان ڏانهن ٿي ويو. انهي ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ، ته هن جي سڀاءُ ۽ ڪوهستاني راڄن سان ويجهڙائي سبب هن خاندان سياسي طاقت حاصل ڪئي . آخري عمر ۾ هي پنهنجي پُٽ ملڪ سڪندر خان کي جاءِ نشين بڻائي گوشه نشينيءَ ۾ زندگي گذارڻ لڳو. اهڙيءَ ريت سندس وفات 19 محرم 1341هجري ۾ ٿي.

    ملڪ سڪندر خان
    پهرين جولاءِ 1928ع تي هن جنم ورتو. هن جي صلاحيتن کي ڏسي سندس والد مَلڪ صوبدار خان کيس پنهنجو جاءِ نشين بنايو هو. والد جي وفات کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ جو 1953ع ۾ ميمبر چونڊيو. ون يونٽ دوران به هي مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، جنهن عهدي تي هو رهندو آيو. هي انتهائي ملڻو جُلڻو ۽ قربائتو ماڻهو هو. هن ڪوهستان جي سمورن قبائلي راڄن سان پنهنجائپ وارا واسطا رکيا. هن ڪوهستان جي قبيلن وچ ۾ ميٺ محبت جو ماحول پيدا ڪيو ، ۽ هن جون سنڌ جي اهم ماڻهن سان سنگت تعلقات ۽ دوستيون رهيون، اهوئي سبب آهي جو ڪوهستان جي سموري سياسي سَگهه هن وقت به ٿاڻي احمد خان جي هن خاندان وٽ آهي.

    ملڪ اسد سڪندر خان
    هي هن وقت ڪوهستان جي 94 ذاتين جو مَلڪ سڏجي ٿو، سَمورا ڪوهستاني راڄ سندس عزت ڪندا آهن. هي ڪوهستان جي سموري اَڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي. ڪوهستان جي سموري سياسي قوت هن جي مُٺ ۾ بند آهي، سندس راڄن سان رَوَيو به پنهنجائپ وارو آهي. هو ڪوهستاني راڄن سان هر ڏُکي سُکي ۾ گڏ آهي . انهيءَ ڪري سندس ڪوهستان ۾ وڏي عزت آهي. جيڪڏهن هن کي ڪوهستان جي سموري درد جو علاج ڪرڻ، ۽ ڪوهستان کي پيش ايندڙ خدشن ۽ خطرن جو ادراڪ سمجهه ۾ اچي وڃي، هي ڪوهستان جي اهم ضروري مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي سگهه ۽ اثر رسوخ صحيح نموني استعمال ڪري ، تعليم ، صحت ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ سنجيدگي اختيار ڪري ، ته هي شخص ڪوهستان ۾ وڏيون سماجي تبديليون آڻي سگهي ٿو. هن جون اهي سماجي شعوري ڪوششون ڪوهستان کي هڪ دفعو وري پوري سنڌ سان ڳنڍي سگهن ٿيون . جيڪو ڳانڍاپو هتي سما دور کان وٺي ٽٽل رهيو آهي . سو بحال ٿي سگهي ٿو.

    ملڪ سڪندر خان جونيئير
    هي نوجوان ، ملڪ اسد سڪندر خان جو فرزند آهي . سندس جنم 16 آگسٽ 1997ع تي ٿيو . هن کي ننڍپڻ کان ئي ڪوهستان جي راڄن سان پنهنجي خانداني روايتن موجب پيار آهي . هن ڪوهستان ۾ عوامي خدمتن جي جذبي سان ڀرپور هڪ تنظيم “ جونيئير ملڪ سڪندر خان ، ويلفيئر فائونڊيشن ” ٺاهي آهي . جنهن جو هي پاڻ سرپرست اعليٰ آهي . هي تنظيم ڪوهستان ۾ غريبن جو مفت علاج ، طبي ڪيمپون لڳائڻ ، سائي ۽ ٻين موذي بيمارين جا ٽڪا هڻائڻ ، مختلف بيمارين جي مريضن جو ن سٺين ليبارٽرين مان ٽيسٽون ڪرائڻ ، غريبن ۾ مفت ڪپڙا ۽ جتيون ورهائڻ وغيره جهڙا چڱا ڪم ڪري ٿي . ملڪ سڪندر خان جونيئيرهن وقت دبئي ۾ تعليم جي لحاظ کان رهي ٿو. جتان ويهي هن تنظيم جي ڪم جي نگراني ڪري ٿو. سندس پويان هن تنظيم جا سماجي خدمتگار ، خادم خاصخيلي ، لعل بخش حملاڻي ، ديوان مير چند ، الطاف مغل ، معراج مگسي ، مقصود ملاح ، زين خاصخيلي ،سبحان بلوچ ، فيصل جوڻيجو ، محمد بخش لوهاراڻي ۽ ٻيا هروقت ڪوهستاني ماڻهن جي خدمتن ۾ مصروف آهن .

    محمد حسن خاصخيلي ۽ صاحبڏنو برفت
    هي انتهائي امانتدار انسان هئا .محمد حسن خاصخيلي ٿاڻي احمد خان جو هو ۽ صاحبڏنو برفت ڪرچات جو ويٺل هو . ٻنهي جي سچائي ۽ ايمانداري کي ڏسي ملڪ سڪندر کين ڪوهستان جي راڄن جي فيصلن جو امين مقرر ڪيو . هي گڏجي امين ٿي فيصلا ڪندا هئا . سندن ڪيل فيصلا سچائي ۽ غير جانبداري تي ٻڌل هوندا هئا. هنن جي ڪيل فيصلن سان ڪيترا ئي حساس ۽ خونريزي جي قريب فيصلا نبريا .سندن فيصلن کي ٻئي ڌريون مڃينديون هيون . ڪوهستان جا هندو ۽ مسلمان سندن ڪيل فيصلن جا مثال ڏيندا آهن . صوفي خيالن جا هي ٻئي بزرگ ، هميشه امن امان ۽ ميٺ محبت جي تلقين ڪندا رهندا هئا. اهوئي سبب آهي جو ڪوهستاني قبيلن ۾ ميٺ محبت قائم آهي . هن وقت جڏهن هو نه آهن ، ته به سندن ڳالهيون ڪوهستان جي ڪچهرين جو موضوع آهن. محمد حسن خاصخيلي جو پٽ اميربخش خاصخيلي به هن وقت ملڪ اسد سڪندر خان طرفان ڪوهستاني راڄن جي فيصلن جو امين آهي .هن جي عمر به لڳ ڀڳ 65 سال آهي ، پر سندس دامن تي ڪنهن رياءَ ۽ ناانصافي جو داغ لڳل ناهي .

    گروءَ ٻالپوري مهاراج جو ميلو
    ٿاڻي احمد خان کان ڪجهه فاصلي تي پهاڙين جي هڪ خوبصورت جاءِ تي قائم گروءَ ڀواني گُر مهاراج ۽ گروءَ ٻالپُوري مهاراج جي آستان تي هر سال سنبت وڪرمي سال جي سانوڻ مهيني ۾ هڪ تمام وڏو ميلو لڳندو آهي . جتي تيرٿ آستان جي ياترا کانسواءِ ، اگهور ندي جي پاڻي سان ڀرجي ويل سارڻ ۾ جل اشنان به ڪيو ويندو آهي . ڪوهستان ۾ هي جڳهه هندو ڌرم جي مڃيندڙن لاءِ انتهائي پويتر آستان آهي .


    ٿاڻو عارب خان

    هي پڻ ڪوهستان جو هڪ ڳوٺ نُما شهر آهي، هن شهر ۾ هن وقت ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جو وڏو اَثر رسوخ آهي. هن شهر جي اوسي پاسي ڪيترائي تاريخي آثار ۽ شاهديون موجود آهن. ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جا چڱا مڙس به وڏا جهانديد، خداترس، ۽ محبتي ماڻهو آهن.

    وڏيروصالح محمد عرف صالڻ برهماڻي
    هي ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جو پَڳدار وڏيرو آهي. هي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پارکو ۽ رسالي جو حافظ آهي. انهيءَ کان سواءِ هن وٽ شاهه صاحب جي انهن به ڪافي بيتن جو ذخيرو آهي، جيڪي اڃان تائين منظر عام تي نه اچي سگهيا آهن. هي شاهه جو عاشق انسان شاهه صاحب جي سَخي ڏاتارن جهڙو هوبهو زنده ڪردار نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي ۾ ٻڌي، انسان دوستي، ۽ محبت جهڙا انساني قدر ٻين قبيلن کان ڪجهه سَرس آهن. هن جا راڄوڻي فيصلا انصاف تي ٻڌل هوندا آهن، هي غلطي ڪندڙ ڌُر جو ڏنڊ پاڻ ڀري ڇڏيندو آهي. سندس اها سوچ آهي، ته غُربت سبب ئي سماجي غلطيون ۽ ڏوهه ٿين ٿا. انهيءَ ڪري ڏوهاري کان ڏنڊ وٺڻ خود وڌيڪ ڏوهن جو رستو کولڻ جي برابر آهي. اهڙي تعميري سوچ سبب هن مُحبتي ۽ انساني قدرن جي امين وڏيري کي ڪوهستان ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي.

    وڏيرو بابو خان برهماڻي
    هي وڏيري صالح محمد عرف صالڻ برهماڻي جو ڀاءُ آهي، هي پڻ راڄوڻي فيصلن کانسواءِ، شاهه صاحب جو پارکو ، ۽ وڏو دانشمند ۽ مهمان نواز انسان آهي. سندس اوطاق تي روايتي سنڌي ڪچهريون پيون هلنديون آهن، جنهن ۾ سُگهڙ ۽ شاهه صاحب جا پارکوءَ موجود هوندا آهن. انهيءَ کان علاوه هي سنڌي ثقافت سان بيحد پيار ڪندڙ ماڻهو آهي. کيس مال ڌارڻ جو عشق آهي، انهيءَ ڪري وٽس هر قسم جو چوپايو مال موجود آهي. انهيءَ کان سواءِ ڀَلا گهوڙا به وَٽس موجود آهن. هي سنڌ جي ميلن ۾ اوطاق لڳائي، گهوڙن جي ڊوڙ جي مقابلن ۾ شامل ٿيڻ سان گڏ سنڌي ثقافتي ڪچهريون به مچائيندو آهي. مهمان نوازيءَ ، اخلاق ۽ سخاوت سبب هي ڪوهستان جو هن وقت هڪ سخي ڏاتار آهي. سڄي سنڌ ۾ سندس دوستيون ۽ شخصي احترام موجود آهي. هي هڪ انسان دوست ۽ تمام گهڻو محبتي انسان آهي .

    وڏيرو ڪانڀو خان برهماڻي
    هي به وڏيري صالح محمد عرف صالڻ ۽ وڏيري بابو خان برهماڻي جو ڀاءُ آهي. هي ڪوهستان جي سياست جو مُک ڪردار آهي، سندس ٿاڻي بولا خان ۾ اوطاق آهي، جتي هر وقت آيلن جي آڌر ڀاءُ لاءِ هي موجود هوندو آهي. حد درجي جومهمان نواز ۽ مُحبتي انسان آهي. انهيءَ کان علاوه کيس ڪتابن پڙهڻ جو شوق آهي، هن جو شُمار پڻ ڪوهستان جي ڏاهن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.

    ٻٻر فقيرسوڻيهرو
    ڪوهستان جي ڳوٺاڻين ڪچهرين ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام کانپوءِ جنهن شاعر جي شاعريءَ تي گُفتگوٿيندي آهي، سو آهي ٻٻر فقير سوڻيهرو. هن ڪوھستان جي ٿاڻي عارب خان واري علائقي ۾ جنم ورتو ھو، ۽ 1919۾ وفات ڪيائين، ڪوهستان جي سسي لٿي مقام ۾ مدفون آھي.هي ڪوهستان جو هڪ عام ڳوٺاڻو هو. ڪوهستان جا ماڻهو هن جي باري ۾ اهو ٻڌائين ٿا، ته هي لطيف سائينءَ جو وڏو پارکو هو، کيس شاهه سائين جو ڪلام ياد هو. انهيءَ ڪري سندس شاعري شاهه صاحب جي شاعريءَ جيان انسان دوستي، همت، بهادري، محبت ۽ ڪوهستان ۾ ٿيل مختلف تاريخي واقعن جي ذڪر سان ڀرپور آهي. هن جي شاعري به سُروار ۽ داستان گوئيءَ جي فن سان ڀرپور آهي، جنهن ۾ هن تمام سادي ٻوليءَ ۾ ڪوهستاني محاورا، تشبيهون ۽ استعارا استعمال ڪيا آهن. انهيءَ ڪري سندس رَسَ ۽ چَسَ سان ڀرپور شاعري ڪوهستاني ڪچهرين جو سينگار آهي.
    ٻٻر فقير جا ڪجھ بيت ھي آھن :
    تون سمون آءٌ گندري، مون ۾ عيب اَڙا
    پسي کِکيءَ کَڙا ، متان ماڱر مٽيين.
    *
    تون سمون آءٌ گندري، مياڻي ڄائي مَي،
    ڪرڪا ٻاجهه ٻٻر چوي، نالائق بندي تي،
    عطر ڪو اوتي، لاهِج کارو کِک جو.
    *
    چانگا چرين ٿو جوءِ ۾، ورھ پايو ونگ،
    ڪينجھر جي ڪپن ۾، ٿا ڏيل ڏکوئين ڏنگ،
    جڏھن جت گڏبئي جھنگ، تڏھن ويندئي وَڳ وِسري.
    *
    ڏسي دور درياء جو، پرينءَ ڏانھن پيرڀَري،
    سُھڻي گھوري سچ جي، جنھن من نه ميرو ٿئي،
    جا پيتي پِڪ پرينءَ جي،سڄڻ ڳولھي ٿي سي،
    آھيان جنھن اَجھي، سو سڄڻ رسندم سير ۾.
    *
    سسئي پُڇي سَرتين کان،ڪو ڏيوم ڏيرن جو ڏَسڙِي،
    آئون مَ جاڳيس ننڊ مان، ڪيف نه لاٿو ڪَس ڙِي،
    ٻانڀڻ جو ٻٻر چئي، بت نه ڪري بَس ڙِي،
    ورلاءِ ڪيم وَس ڙِي، ڇو سُتس شھر ڀنڀور ۾.

    ٻٻر فقير جو پُٽ ڪاپٽ فقير سوڻيهرو به پيءَ جيان سُـٺو شاعر هو.سندن شاعري گھڻي ڀاڱي وڏيري بابو خان برھماڻيءَ ۽ وڏيري صالح برھماڻيءَ کي ياد آهي. ان کان علاوه سندس خاندان مان ھادي بخش سوڻيهري کي به ٻنهي شاعرن جي شاعري ياد آھي. افسوس اهو آهي ته هنن ڪوهستاني شاعرن جي شاعريءَ کي ڪنهن به اداري محفوظ نه ڪيو آهي. جي اها حالت رهي ته هنن ٻنهي ڪوهستاني شاعرن جي شاعري ٻين به انيڪ ڪوهستاني شاعرن جي شاعريءَ جيان هميشه لاءِ گُم ٿي ويندي.
    ڪاپٽ فقير جي شاعريءَ مان به نموني طور ڪجهه بيت ڏجن ٿا :

    لوهاراڻين ۽ باريجن جي جنگ تي ڪاپٽ فقير جا بيت
    ساراهيان سَچو ڌڻي، آهي جڳ ئي جو جانِي
    پاڻ ڌڻي پاڪ آهي، جنهن جو مَٽ نه آهي ثاني،
    ليکي ليکيان لال، جو سيوهڻ ۾ سَجاني،
    مدد منهنجو مرشد ٿيندو، ڏيهه جنهن جا ڏانِي،
    هو به پوٽا آهن پير غيبي جا ، ناهن نَنڍاني،
    گَجي پئي گل محمد جي، اها قدرت ۽ ڪانِي،
    چاڙهيو چودري تي، پيو مرد ڏي ماني،
    اچن جنهن جي اوطاق ۾، سوين سَلامي،
    ڏينَس ڏَن ڏانِي، پيو بزرگ کٽي بَٺيءَ تي.
    *
    بُزرگ پيو کٽي بَٺيءَ تي، جنهن ڏٺو ڌڻيءَ جو در،
    پَٽ تنهن جو پاسي ۾، اهو باري جهليو هو ڀر،
    هڪڙي ڪاني هئس قدرت جي، ٻيو جواني هئس جِگر،
    نشو نورمحمد کي، ناهي ڪِيءَ نظر،
    تنهن ٻڌو وڃي ٻروچ سان، بجاراڻي جو ڀر
    هو به هڻن کڻن هميشه لاءِ، سَرو ۽ سَمر
    کڙو ککر مَن ۾، ۽ واڌُو اڃان وَر
    ڀائرن جو بلوچ کي، ٻيلهه جو هو ٻَر
    نڪو نورمحمد اهو، ڪوسل ڪڍيو ڪر
    گجي وڙهيو گبولن سان، ٿي نِڪري نِشانبر
    مائي ڄڻيو مَر، سو جَس جَس جهان ۾.
    *
    جَس دينوءَ جَس جمن، اوهان کي ٿا جس چوَن جوان،
    پاڙي رهن پير جي، کنيرا هي خان،
    پڙهن نيڪ نمازون، قابل سڀ قرآن،
    ڪَسر ڪنهن کي ڪين ڏين، پهري پهلوان،
    سنڀالين سچو ڌڻي، اٿي منجهه آرام،
    نيت آهيم نورمحمد سان، مولا ملائي مان،
    نورمحمد آهي نِسريو، اهو اوسيو ٿيو اِخوان،
    ڪري قصد ڪاپٽ چئي، انهي سندو شان،
    ٿُڏو ڏِبو ٿُڙ کي، ته لُڏي ويندِي لام،
    ڪيهر شينهن ڪلام، ته ويري وڙهندئي وجهه سين.
    *
    ميو اُٺ ٿو موجون ڪري، جيئن ٿو سان سياري،
    تيئن رکيو اڻڪ اک ۾، وير نه وساري،
    تيئن مانجهي پُٽ موندر جو، ٿو نورمحمد نهاري،
    مَهاين سان ماري ، ڪندو تحقيق من توتان جو.
    *
    تحقيق منجهه توتان جو ، ائين چئي پيو اڙٻنگ،
    وهندس ڪين ونيءَ ناهيان، خيال نه ڀانئن ختنگ،
    جمن جوان جتائيا، ويري اسان جي وت تان نهاري نسنگ،
    اڳو جهليو انهي جو، دينوءَ جهليو دنگ،
    دينوءَ هُيو دل ۾ ، زهر اڳيئي زنگ،
    نهاريو نورمحمد لاءِ، ٿو پهيون پڇي پتنگ،
    ٻيلي ڏي ٿو ٻنگ، ويرين ڏي ٿو ويسلو.
    *
    ويري نه ڏيندو ويسلو، اچي اهو وير ورايو،
    وانڌن آندو گڊو، سو واهندو وڏيرن،
    مصلحت مهري پٽ سان، ڪوٺيو آڻيو ڪن،
    صالح تن سان سنبريو، سَرو ٻڌي سرتن،
    ڪيائون گڙڪو گز تان، لٿيون بهيرون برفتن،
    واٽ وڍي ورتائون، اڳو جهليو احدن،
    باريجا بُزرگ هئا، منجي ڌڻي مرڪن،
    تنهن جون لهريون نورمحمد چئي، لهريون لال ڪن،
    ديهه وڏو دستا ڪيو، ڏسي منجهه ڏکن،
    ڪان جهليندي ڪاوڙيو، جيئن وسيهر وات وجهن
    سامهون ٿيو سرواهين کي، جيئن پتنگ آڳ پون،
    نوين نورمحمد کي، جيئن هيڪل منجهه هٿن،
    تن جون لٺيون لوهاراڻي کي، وارو واري وسن،
    دينوءَ کي دلبندٿا، قومي قصد چون،
    وماٽي ويهاريو هاڻي، مر مرد مشاهدو ڪن،
    گجي گڊو آيو هو، واهندو واسينگن،
    راهت اڳي رايو هيو، ماريو ملوڪن،
    مرڪن مهيون تن جون، ٿيون ڳالهيون ڳائجن،
    تن جا جنب جمن کي، لڳا پيا ليکجن،
    نڱيو نه ساهي کي، سهرا پيا سونهن،
    گهوٽ گهڙيا گنگوءَ ۾، جن جي ڪڪور ٿي ڪپڙن،
    خان خبرون ان کان، اهي پاٿروءَ پيا پڇن،
    ته اونگر تي اڄن، همرڪن ته ههڙي ڪئي.
    ***


    سري شهر

    هي ڪوهستان جو هڪ کُليل ۽ ننڍو شهر آهي، هتي پڻ ڪوهستاني ماڻهن کي ضرورت جون سڀ شيون ملي وڃن ٿيون. انهيءَڪري هي شهر پڻ واپار جو مرڪز آهي. هن شهر ۾ پَٿر تي اُڪَر ۽ چِٽساليءَ جو شاندار ڪم ٿيندو آهي. ڪوهستان ۾ اهو ڪم هاڻي ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ٿيندو آهي. ڪوهستان ۾ اڃان تائين پَٿر جون شاندار قبرون ٺهرائڻ جو رواج آهي. انهيءَ ڪري ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجي پيارن جي قبرن جي لاءِ هتان اُڪَر ٿيل پَٿر جا بِلاڪ خريد ڪندا آهن. هي شهر پڻ محبتي ماڻهن جو شهر آهي. هتي جي مهمان نوازي پڻ مشهور آهي. هن شهر ۾ اُڪَر ٿيل پَٿر جون خوبصورت عمارتون پڻ ڏسڻ جهڙيون آهن. هن شهر جي مَڻيادار ماڻهن ۾ هيٺيون شخصيتون قابل ذڪر آهن.

    وڏيرو مَلهه پالاري
    ڪوهستان جي ثقافتي قدرن جي امين ماڻهن ۾ هن جوشُمار ٿيندو هو. هي انتهائي خوش پوشاڪ، مُحبتي ۽ مهمان نواز انسان هو. سندس خوبصورت اوطاق جي عاليشان اَڱڻ ۾ ڪوهستان جون يادگار ڪچهريون ٿيون، هن جي اوطاق تي هر وقت مهمان موجود هوندا هئا. جن جي هو پنهنجي هٿن سان دل کولي خدمت ڪندو هو.وڏيرو ملهه پالاري سائين جي ايم سيد جو عاشق هو، سندس مُحبت جي اها حد هئي، جو سائين جي ايم سيد جي هن تمام وڏي دعوت ڪئي. انهيءَ دعوت ۾ سائين جي استعمال ڪيل شين کي هن ساههَ وانگر مُحبت جي نشانيءَ طور سانڍي رکيو. هو ڪوهستاني ماڻهن سان بيحد پيار به ڪندو هو. هڪ ڀيري ايوب خان پنهنجي دور حڪومت ۾ ڪوهستان ۾ ٻاڪرو مال ڌارڻ تي بندش وڌي، سندس چوڻ هو ته ٻاڪرو مال جابلو وڻن ۽ ٻوٽن کي نقصان ٿو رسائي. انهيءَ حڪم خلاف وڏيرو مَلهه پالاري، پيرغلام رسول شاهه جيلانيءَ کي ساڻ وٺي لاهور ويو، جتي هن ذوالفقارعلي ڀُٽي سان ملاقات ڪري، سندس مشوري سان عبدالستار پيرزادي کي وڪيل ڪري هاءِ ڪورٽ مان انهيءَ آمرانا حڪم خلاف اسٽي آرڊر ورتو. ائين ڪوهستان تان ايوب خان جي آمرانا حڪم جي بَلا ٽَري ويئي. اهڙيءَ ريت هن بهادر انسان جا ڪيترائي ڪارناما ڪوهستاني ڪچهرين جو موضوع آهن. هي تمام وڏو سَخي هو، هن جي در تان ڪڏهن به ڪو سوالي خالي نه موٽيو، آڌي رات جو سَڏ ۾ سَڏ ملائيندڙ هن شخص سان پوري ڪوهستان جي غريبن ۽ اڙيالن جون اميدون وابستا هيون. انهيءَ ڪري هن کي ڪوهستان ۾ هڪ سخي ڏاتار جي حيثيت حاصل هئي. غريبن جي دعائن جو اَثر هو، جو هن هڪ سئو سالن کان به وڏي ڄمار صحت ۽ چڱڀلائي سان گُذاري. هن مانجهي مرد 5 ڊسمبر 2011ع تي وفات ڪئي. هن وقت جڏهن هو موجود ناهي ته به ڪوهستان ۾ وڏيري ملهه پالاري جو نالو هر زبان تي موجود آهي.

    وڏيرو دُرمحمد پالاري
    هي پڻ حال حيات ۽ سِري شهر جي اهم ماڻهن ۾ شُمار ٿئي ٿو. هي به پنهنجي والد وڏيري مَلهه پالاريءَ جي روايتي مهمان نوازي قائم رکيو اچي. مڙس ماڻهو وقت تي اڙيالن جي مدد ڪندڙ هن ماڻهوءَ کي پڻ ڪوهستان جا ماڻهو عزت ۽ احترام سان ڏسن ٿا. انهيءَ کان سواءِ هي ڪوهستان جي تمام وڏين علمي هستين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.هن جي سائين جي ايم سيد سان والهانه عقيدت ۽ مُحبت هئي، جيڪا مُحبت کيس سندس پيءُ کان ورثي ۾ ملي. انهيءَ ڪري هن عمر جو ڪافي عرصو سائين جي ايم سيد جي صُحبت ۾ گذاريو. انهيءَ کان سواءِ سنڌ جي تمام وڏين علمي شخصيتن سان سندس صُحبت پڻ رهي، جنهن ڪري هي سنڌيءَ کان سواءِ سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جي به سُٺي ڄاڻ رکي ٿو. هن کي ڪتابن پڙهڻ ۽ انهن کي سانڍي رکڻ جو پڻ شوق آهي. مارڪيٽ ۾ ايندڙ هر ڪتاب کيس پڙهڻ ۽ سانڍي رکڻ جو جنون آهي. اهوئي سبب آهي جو هن جي لائبريريءَ ۾ ڪتابن جو هڪ تمام وڏو ۽ ناياب ذخيرو موجود آهي. هن جي لائبريريءَ ۾ سمورا ويد، اُپنشد، مهاڀارت، رامائڻ، ۽ گيتا کان سواءِ بائيبل ۽ ٻين مذهبن جي ڪتابن جو وڏو اهم ذخيرو گڏ ٿيل آهي. انهيءَ کانسواءِ وٽس تاريخ، تحقيق، سائنس، فلسفي ۽ ٻين به انيڪ موضوعن تي ڪتاب موجود آهن. انهن هيڏن سارن ڪتابن جي مُطالعي سبب هي سنڌ جو هڪ تمام وڏو عالم آهي. سندس ڪچهريءَ ۾ علم جا درياهه وهندي نظر ايندا آهن. حد درجي جي هن مُحبتي، مهمان نواز ۽ عالم شخص وٽ هر وقت ڪيترن ئي علم جي اُڃارن جو ميڙاڪو موجود هوندو آهي. انهيءَ کانسواءِ هي ڪوهستان جي ڪيترن ئي اڙيالن جي اُميد پڻ آهي. عام طرح هي تمام گهڻو سادگي پسند ۽ فقير طبيعت ماڻهو آهي . منجهس وڏائي جو ذري برابر نه ڏيک موجود ناهي .

    مُکي ڄيٺانند
    روايتي سنڌي لباس ۽ بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻَڌي وڏي شان ۽ مان سان هلندڙ مُکي ڄيٺانند هڪ با اخلاق، بهادر، ۽ لڄادار شخصيت جو مالڪ هو. هي هندو پنچائت جو مُکي پڻ هو، پر هو عام مُکين جيان آڪڙ ۽ وڏائيءَ ۾ ڦونڊجڻ بجاءِ هميشه نِهٺو ۽ چَپن تي مُرڪون سَجائي ماڻهن جي هُجوم ۾ رهندو هو. هن جا فيصلا بي ريائيءَ تي ٻَڌل هوندا هئا. پنهنجي اوطاق تي آيلن جي پنهنجي هٿن سان خدمت ڪندو هو. ڪوهستان جي عوامي ميڙاڪن، ميلن، شادين۽ غمين ۾ هو پاڻ وڃي، انهن ميڙاڪن ۾ اڳڀرو ڪردار ادا ڪندو هو. کيس تمام وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، هي پڻ هندو مُسلم ايڪتا جو اُهڃاڻ هو. هن هندو پنچائت جي سربراهه جي حيثيت ۾ غلط رسمن ۽ رواجن خلاف ڪم ڪيو. هن هندو سيٺين کي عوامي ڀلائيءَ جي ڪمن ڏانهن راغب ڪيو. سندس وفات بعد به ڪوهستان جا ماڻهو کيس وساري نه سگهيا آهن.

    ڊاڪٽرعالم چند
    هي ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو اَسير هو، قومي جذبي سان سرشار هن قومي ڪارڪن ڪوهستان ۾ قومي جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽڊي سرڪل هلايا، نوجوانن ۾ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪيو. هن اسٽيج ڊرامن ذريعي به عوامي جاڳرتا لاءِ پاڻ پتوڙيو. هي بهترين اداڪار، صداڪار ۽ هديتڪار به هو. هي انتهائي بهترين مُنتظم ۽ اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ هو. ڪنهن به پروگرام ڪرڻ لاءِ هو شهر ۾ ڪاهي پوندو هو ته، ڪجهه پئسا ڪڍو ته گڏجي چانهه پيون، ائين هو پئسا گڏ ڪري شام جو هڪ عاليشان قسم جو پروگرام ڪري ڇڏيندو هو؛ جنهن کي ڏسي ماڻهو حيران ٿي ويندا هئا. ائين هن ماڻهن ۾ وڏو اعتماد پيدا ڪيو، پر افسوس هڪ اوچتي حادثي ۾ هو ڪوهستان جي ماڻهن کان وڇڙي ويو. سندس آخري رسمن ۾ ڪوهستان جي هزارين ماڻهن شامل ٿي اها پڪ ڏياري ،ته ڪوهستان جا ماڻهو مُحبتن جا ڪڏهن به مياري نه آهن. کيس ڪوهستان جا ماڻهو اڄ به ساريندي ڳوڙها ڳاڙي وجهندا آهن.

    طالب پالاري
    هي حال حيات، روايتي سنڌي لباس سان خوش پوشاڪ ۽ هميشه پنهنجي چپن تي مُرڪون سَجائي دلين تي حڪومت ڪرڻ واري سڀاءُ جو مالڪ آهي. سِري جي ڀرسان ڳوٺ مهندا پالاريءَ ۾ هن مُحبتي انسان جي هڪ غريباڻي اوطاق به آهي. جتي هو تڏي تي آيل ماڻهن جي وڏي عزت ڪندو آهي. هي ڪوهستاني لوڪ گيت ‘مورو’ جو بهترين شاعر هئڻ سان گڏ بهترين ’مورا‘ ڳائيندڙ فنڪار به آهي. هن ڪوهستاني لوڪ گيت ’مورو‘ جي پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن جي ذريعي ’مورو‘ کي مُتعارف ڪرايو. هن وقت پيرسنيءَ جي حالت ۾ به جڏهن تَنبوري کڻي ’مورا‘ ڳائيندو آهي، ته محفل کي مُنڊي ڇڏيندو آهي. هن ڪوهستان جي ڪيترن ماڻهن کي ’مورو‘ ڳائڻ جي سِکيا پڻ ڏني آهي، انهيءَڪري هي پنهنجي پر ۾ هڪ ادارو آهي. شال اهڙا مُحبتي ۽ ڪَلا جا مالڪ ماڻهو ڪوهستان جي مُرڪن جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهن.


    ڪلوکوهر

    هي به ڪوهستان جو پُراڻو ڳوٺ آهي، هن جي ڀَر ۾ هن وقت نوري آباد جو صنعتي علائقو آهي. سپرهاءِوي ٺهڻ بعد هي علائقو ٻئي ملڪ سان ڳنڍيل آهي. هن علائقي ۾ به ڪجهه نامور ماڻهو پيدا ٿيا، جن ۾ وڏيري موندر خان پالاريءَ جو نالو ڪوهستاني ڪچهرين ۾ ماڻهن جي زبان تي موجود آهي.

    وڏيرو مُوندرخان پالاري
    هي ڪلو کوهر جي هڪ وچولي طبقي جي شخصيت هئي. هي ڪوهستان جو هڪ اوطاقي مرد هو. هن جي اوطاق تي هر وقت مهمان موجود هوندا هئا، جن جي هو کُليءَ دل سان خدمت ڪندو هو. هي انتهائي حق گو ۽ مُنهن تي سچ چوڻ وارو مرد هو. هن جا سنڌ جي اهم ماڻهن سان تمام گهڻا دوستيءَ جا واسطا هونداهئا. جنهن سبب هي ڪوهستان جي هڪ با اثر شخصيت بڻجي ويو. هن جي اوطاق تي رات جو مچ ڪچهريون ٿينديون هيون، سندس اوطاق سندس پوري حياتيءَ ۾ ڪوهستان جي وسندڙ اوطاق هئي. هن وقت سندس پُٽن جي ڪوهستان ۾ سُٺي عزت آهي. هن وقت موندر خان پالاريءَ جي نالي سان يونين ڪائونسل آهي، جنهن جو سندس وڏو پُٽ دُرمحمد پالاري ناظم رهندو اچي. موندر خان جو ٻيون پُٽ محمد سُليمان ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽي جو ميمبر آهي. سياسي طور هي خاندان مَلڪ خاندان جي اتحاد ۾ شامل آهي.


    جهمپير

    جهمپير شهر به ڪوهستان جي اهم شهرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، هن جي وڏي تاريخي اهميت آهي؛ هن شهر جي ڀر ۾ مشهور تاريخي قلعي هيم ڪوٽ جا آثار موجود آهن . انهي کان علاوه هن شهر جي آسپاس پڻ ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان موجود آهن . جنهن تي هڪ ڪتاب لکڻ جي ضرورت آهي. هن شهر جي ڪجهه ويجهڙائيءَ ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.

    وڏيرو محمد قاسم پالاري
    هي جهمپير جي لڳ سندس نالي سان آباد ڳوٺ قاسم پالاري جو هو. هن کي ڪوهستان جي تعليمي گهڻگهرن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو. هي جهمپير جو پهريون تعليمي هڏڏوکي هو، جنهن پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ڇهن ڪمرن جو مڪتب قائم ڪيو. جتي شاگردن جي رهائش، کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙن جو انتظام هو پنهنجي کيسي مان ڪندو هو. نتيجي ۾ ٿوري عرصي دوران هي مڪتب ڪوهستان جي هڪ وڏي علمي درسگاهه بڻجي ويو، جتان ڪيترائي ماڻهو پڙهي نڪتا. انهيءَ کان علاوه هي وڏو سخي، درياهه دل ۽ مُحبتي انسان هو. سندس مُحبتن جو ثمر آهي، جو اڄ به ڪوهستان ۾ سندس چڱاين جون ڳالهيون ڳائجن پيون. سندس پُٽ مرحوم شيرمحمد پالاري به هڪ وڏو تعليمي ڦهلاءَ لاءِ جاکوڙيندڙ شخص هو. سندس ٻيون پُٽ احمد خان پالاري به وڏو مُحبتي انسان آهي، هن کي ڪوهستان جي سماجي خدمتن جو شوق آهي. هو هر ماڻهوءَ جي مشڪلاتن جي دردن کي پنهنجو درد سمجهي ٿو. ماڻهن طرفان به کيس وڏي عزت حاصل آهي. هن ڪتاب لکڻ لاءِ ڪيل تحقيقي سفر ۾ هن منهنجو وڏو ساٿ ڏنو ، سندس ساٿ کانسواءِ آئون تاريخي ماڳ جنت مڪان جون واديون ۽ قديم پنڊپهڻ ٿيل تاريخي قلعو نه ڏسي سگهان ها .

    رسول بخش درس
    جهمپير جي اهم شخصيتن ۾ رسول بخش درس جو به شُمار ٿئي ٿو. 1953ع ۾ جنم وٺندڙ هن سنڌ جي عاشق جو والد مرحوم محمد اسماعيل درس موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو. انهيءَ ڪري راڳ جي پَرک بابت هن کي ننڍپڻ ۾ ئي ڄاڻ حاصل ٿي ويئي. هي پيشي جي لحاظ کان هڪ محنتي اُستاد هو، پر هن کي مُطالعي جو عشق جي حد تائين شوق آهي. انهيءَ ڪري هن جو شُمار سنڌ جي وڏين علمي ادبي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو. نوجوانيءَ کان ئي هن کي سنڌ جي مظلوميت جي جهورِي لڳي. هي هارين جي حقن جي جدوجهد، ۽ سنڌ جي وڃايل سونهن جي سلامتيءَ جي بحالي لاءِ پوري ڄمار جاکوڙيندو رهيو آهي. هن جو شُمار سنڌ جي وڏن ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ سنڌ جي طبقاتي ۽ قومي مسئلن جي درد جي عڪاسي سان گڏ انقلاب جو اُتساهه پڻ موجود آهي. اهوئي سبب آهي، جو هو سنڌ سان مُحبت ڪندڙ نوجوانن جي اکين جو تارو آهي. هن وقت نوڪريءَ تان رٽايرڊ آهي. پاڻ بيماريءَ سبب گهڻو چُري پُري نه ٿو سگهي، پر تنهن هوندي به ويهڻ کي وَڙ نه سمجهندي، حال سارو سَرگرم آهي.


      مو ن ڪوهستان ڪيئن ڏٺو

    ڪوهستان جا جبل مون کي ننڍي هوندي کان وڻندا هئا. مون ڪراچيءَ جي ڪوهستان جي ڪجهه جاين، منگهو پير، ۽ چئوڪنڊيءَ جي قبرستان سميت، ٺٽي ضلعي جي ڪوهستان ۾ مڪلي، ۽ سونڊا جا قبرستان، سُجاول ضلعي جي ابن شاهه جون ٽَڪريون ۽ دادو ضلعي (هاڻي ڄامشورو ضلعي) جي رني ڪوٽ، سيوهڻ جي اوسي پاسي جا ڪجهه جابلو حصا، ڄامشوري جي اوسي پاسي جون ٽَڪريون، مختلف دورن ۾ ڏٺيون هيون. باقي سنڌ جي وچئين ڪوهستان جي مُشاهداتي دوري جو ڪيتري وقت کان خيال هو، پر ڪو اهڙو موقعو نه مليو. ڇو ته وچئين ڪوهستان جي اڙانگن پنڌن واري اڻ ڏٺل مُشاهداتي سَفر لاءِ مون کي ڪنهن کاهوڙي ڪوهستاني ماڻهوءَ جي ساٿ جي ضرورت هُئي. مون سوشل ميڊيا جي فيس بوڪ تي اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو. پندرهن منٽن بعد مون سان هڪ اڻ ڏٺل فيس بوڪ جي دوست اسماعيل باريجي طرفان رابطو ڪيو ويو. ڳالهه ٻولهه ٿي، هن هر ڳالهه ۾ ساٿ ڏيڻ جي حامي ڀري. سچ پُڇو ته ايترو جلدي ايڏي وڏي حامي ڀرڻ تي مون کي تعجب به لڳو. اعتبار به نه پيو اچي، ڇوته سوشل ميڊيا تي ڪجهه ٻَٽاڪي ماڻهو به هوندا آهن. سندن ڳالهيون وڏيون پر عمل گهٽ هوندو آهي. مون کي اڳ ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياري، آسري ۾ رکي عين وقت تي پير ڊاهي ڀَڄي ويا هئا. انهيءَ غير يقيني صورتحال ۾آئون حيدرآباد هڪ پروگرام جي دعوت ۾ ويس، ته هن همراهه مونکي اُتي ڳولي اچي لڌو،۽ پنهنجو تعارف ڪرائڻ بعد پروگرام جي پُڄاڻيءَتي مون کي ڪوٽڙيءَ ۾ پنهنجي اوطاق تي وٺي ويو. اُتي خبر پئي ته هي همراهه مالي طور وچولي ڪلاس جو ماڻهو آهي، پر ڪوهستان جي باريجا قبيلي جو اهم ماڻهو آهي،۽ ڪوهستان سان سندس ازلي عشق آهي.هن ڪوهستان جي مُشاهداتي دوري جي مقصدن کان آگاهي وٺڻ بعد تفصيلي رٿابندي ڪري ورتي. خير پروگرام کي آخري شڪل ڏيئي، اسان مقرر تاريخ تي ڪوهستان روانا ٿياسين. اسان پهرئين ڏينهن هڪ ڪار ۾ روانا ٿياسين، ڇو ته سِري شهر وڃڻو هو، جتي پڪو روڊ وڃي ٿو. جتي مون کي سندس چوڻ موجب ڪوهستان ۾ پَٿر تي اُڪَر جي ڪم جي واحد مرڪز کي به ڏسڻو هو، ۽ سِري جي ڀَر ۾ ڪوهستان جي هڪ وڏي ڄاڻو ۽ وڏي لائبريري قائم ڪندڙ دُر محمد پالاريءَ سان به ملي، ڪوهستان بابت ڄاڻ به وٺڻي هئي؛ ته جيئن اسان جي مُشاهداتي دوري ڪرڻ ۾ ڪجهه رهنمائي ٿي سگهي. سِري شهر هڪ چڱيرڙو شهر آهي، هتي پَٿَر تي اُڪَر جو ڪم ٿئي ٿو. اسانجي پَٿَر تي اُڪَر جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن ولي محمد ۽ الهه بخش خاصخيليءَسان ڪچهري به ٿي. پَٿَر تي اُڪَر جي ڪم جا مختلف نمونا ڏٺاسين. هنن ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ کي داد ڏيڻو پيو، جن ڪوهستان ۾ ٿيندڙ تاريخي اُڪَر جي ڪم کي زندهه رکيو آهي.
    سِري شهر بااخلاق ۽ مُحبتي ماڻهن جو شهر آهي، هتي ويجهو ئي سائين جي ايم سيد جو پُراڻو ساٿي، مشهور عالم ۽ پنهنجي عاليشان ذاتي لائبريري رکندڙ سائين دُرمحمد پالاري به رهي ٿو. هو ڪوهستان جي هڪ نامور اوطاقي مرد وڏيري مرحوم مَلهه پالاري جو فرزند آهي،جيڪو پنهنجي دور ۾ ڪوهستان جو اهم اوطاقي مرد هو . دُر محمد پالاري به پنهنجي وڏڙن جي تَڏي کي آباد رکيو اچي. اسان وڏيري دُر محمد پالاريءَ جي اوطاق تي پُهتاسين، ته هو باوجود پيرسنيءَ جي پنهنجي اوطاق تي ويٺو هو. هن مون سان ملڻ وقت ئي چيو، ته مشڪور صاحب! تو ڪتاب ’سنڌ ۽ سچ جي ساڃاهه‘،لکي سنڌي ٻوليءَجي ٻاونجاهه اَکريَ تي مُنفرد ڪم ڪيو آهي. توهان جي ڏسڻ لاءِ آئون آتو هُئس، ائين چئي ڀاڪر پائي وڏي پاٻوهه مان مليو. انهيءَ مان اندازو ٿيو، ته هي مارڪيٽ ۾ موجود هر نئون ڪتاب وٺي پڙهندو آهي. هن مُحبتي انسان جي ڪچهري علمي ڄاڻ سان ڀرپور هوندي آهي. هي خوش اخلاق مُحبتي ۽ مهمان نواز انسان آهي. اسان پنهنجي ڪوهستان ۾ تاريخ جي ڳولا جي سفر جي شروعات ئي هن بُزرگ جي ملڻ سان ڪئي هئي. کانئس ڪوهستان جي باري ۾ ڪجهه قيمتي معلومات ملي. رات جو دير تائين ڪچهري ڪري اسين واپس ڪوٽڙيءَ روانا ٿياسين، ڇو ته ٻئي ڏينهن ڪوٽڙيءَ مان جيپ کڻي ڪوهستان جي اڙانگي پنڌ تي نڪرڻو هو.ٻئي ڏينهن سويري ڪوٽڙيءَ مان جيپ تي روانا ٿياسين. ڪوهستان جي مختلف جبلن جو معائنو ڪندا، شاهديون گڏ ڪندا، نتيجا حاصل ڪندا، اڳتي وڌندا رهياسين. اسان وٽ جيپ ۾ ڀُڳڙا ، پاڻي، ۽ ٻيو ضروري سامان پڻ موجود هو. ان ڪري پورو ڏينهن پهاڙن جو پنڌ ڪندا رهياسين. هي منهنجو اندرئين ڪوهستان جو پهريون تحقِيقي سفر هو. ان لاءِ هر شئي مون لاءِ وڌيڪ ڪشش رکندڙ هئي.
    ڪوهستان سنڌ جي تاريخ جو هڪ وڃايل علائقو آهي، هتي لوڪ ڪهاڻين وارو ديو مالائي سنڌي سماج موجود آهي. هر قبيلي جون پنهنجون پنهنجون بادشاهيون، علائقا ۽ سندن چڱا مڙس آهن، پر اهي چَڱا مڙس ۽ سَردار پنهنجي راڄَ جا خيرخواهه، سخي، ۽ انصاف تي ٻَڌل فيصلا ڪندڙ آهن. اهوئي سبب آهي، جو ڪوهستان ۾ ڏوهه ٿين ئي ڪونه، شايد ان حساب سان ڪوهستان ڌرتيءَ جي گولي تي اڪيلو اهڙو پُر امن علائقو آهي؛ جنهن جو مثال ڏيئي سگهجي ٿو. انساني همدردي، مُحبت، سخا، ۽ قربانيءَجا هتي وِکَ وِکَ تي مثال ملن ٿا. هتي ڪي به قبيلائي ٽڪراءَ موجود ناهن، نه ئي هتي ڪا مذهبي انتهاپسندي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪوهستان جي ماڻهن جا پنهنجا انساني قدر ۽ رُجحان آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ،ته قديم سنڌ ڪيتري نه انسان دوست ۽ خوشحال هئي.
    ٿاڻو بولاخان ڪوهستان جو وڏو شهر آهي،هتي ضرورت جي هر شئي ملي وڃي ٿي. ان ڪري هي ڪوهستان جو هڪ سُٺو واپاري مرڪز آهي. اسان سفر جي واپسيءَ ۾ هن شهر جي سَرگرم صحافين غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ سَرور خاصخيليءَ سان به مليا هئاسين. جن ٻڌايو ته هي شهر ڪوهستان جي سياسي ۽ سماجي سَرگرمين جو به مرڪز آهي. هتي وڏيري ڪانڀوخان برهماڻيءَ سان به ڪچهري ٿي، جنهن مان معلوم ٿيو ته ٿاڻو بولا خان هڪ پُر امن شهر آهي. هتي ڪو به مذهبي تضاد موجود ناهي، هندو ۽ مسلمان نهايت ميٺ ۽مُحبت سان رهن ٿا. هتي مسجد ۽ مندر شاندار نموني سان ٺهرايل ۽ آباد هئا، جيڪي اسان پاڻ ڏٺا.
    ٿاڻو احمد خان مَلڪ خاندان جي رهڻ جو هنڌ آهي، هتي ڪوهستان جي سياست تي ڇانيل مَلڪ خاندان رهي ٿو. سندن عاليشان بنگلا ۽ باغيچا هن شهر کي سُهڻو بڻايو بيٺا آهن. اسان وقت گهٽ هجڻ سبب هتي شهر ۾ نه لٿاسون، پر رستي تان گذرندي، اسان هي شهر ڏٺو. ڪوهستان جو ٽيون شهر ٿاڻو عارب خان، برهماڻي قبيلي جو مرڪز آهي. برهماڻي قبيلي جو اهم ماڻهو بابو خان برهماڻي هڪ مثالي سنڌي ثقافت سان پيار ڪندڙ ۽ اوطاقي مُڙس هئڻ سان گڏ وڏو سخي ڏاتار آهي. هن جي در تان ڪو به سوالي خالي نه موٽندو آهي. سندس مهمان نوازي به مثالي آهي، سندس اوطاق تي سياري جي مُند ۾ روزانو مچ ڪچهريون ٿينديون آهن. اسان کي به سندس اوطاق تي ٿيندڙ مچ ڪچهريءَ ۾ ويهڻ جو موقعو مليو، جنهن ڪچهريءَ ۾ ڪوهستان جي تمام وڏن شاعرن ڪاپٽ فقير۽ ٻٻر فقير جي شاعري سندن پوٽي هادي بخش کان ٻُڌڻ جو موقعو مليو. ٻٻر فقير ڪوهستان جو تمام سٺو شاعر هو، سندس شاعري شاهه صاحب جي شاعريءَ جيان سُر وار آهي. شاعري پيار، مُحبت، انصاف، وطن سان مُحبت، ۽ همت جي پيغام سان ڀَرپور آهي. هادي بخش کي ٻٻر فقير ۽ ڪاپٽ فقير جي شاعري گهڻي ڀاڱي ياد آهي. افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي، جو ڪوهستان جي هنن ٻنهي وڏن شاعرن جي شاعري اڃان تائين محفوظ نه ڪئي ويئي آهي. مُلڪ جا ادارا اهڙين ڳالهين تي توجهه ئي نه ٿا ڏين، نتيجي طور پيرسن هادي بخش کان پوءِ ڪوهستان جي هنن ٻنهي بزرگن جي شاعري، هميشه لاءِ گُم ٿي ويندي. اهڙن الائجي ڪيترن ڪوهستاني بُزرگن جو ڪلام ضايع ٿي ويو هوندو، جنهن جي ڪا به خبر ناهي. مُلڪ جي انهيءَ مقصد لاءِ قائم ڪيل ادارن ۽ خانگي پبلشنگ ادارن کي انهيءَ ڏس ۾ سَرگرم ٿيڻ گهرجي. بابو خان برهماڻيءَ جو وڏو ڀاءُ وڏيرو صالح محمد برهماڻي، شاهه جي رسالي جو حافظ آهي. هي ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جو چَڱومُڙس پڻ آهي. قبيلي جا سمورا فيصلا هي خاندان ڪندو آهي، سندن فيصلا انصاف تي ٻَڌل هوندا آهن. انهيءَ لاءِ ڪوهستان جو برهماڻي قبيلو پنهنجي قبائلي ٻَڌيءَ سبب سماجي ٽڪرائن جو گهٽ شڪار آهي. بابو خان جا ٻيا ڀائُر عطامحمد برهماڻي ۽ ڪانڀو خان برهماڻي به آهن، جيڪي به شاهه جي رسالي جا پارکو آهن. ڪانڀو خان برهماڻي ٿاڻي بولا خان ۾ رهندو آهي. بابو خان برهماڻي سان اڌرات تائين مچ تي ڪچهري هلندي رهي، سندس ڪوهستان سان پيار، ثقافتي خفت، ۽ شاهه صاحب جي ڪلام سان عشق ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ڪاش سنڌ جا سڀ قبائلي چَڱا مُڙس اهڙا انسان دوست، وطن دوست ۽ ساڃاهه وند ٿي پون، ته سنڌ جي سَرهائي موٽڻ ۾ ڪا وڌيڪ دير نه لڳندي.
    علاءُالدين شيهڻو نوجوان ۽ قديم آثارن جو ڳوليندڙ آهي، کيس قديم آثارن کي ڳولڻ جو وڏو شوق آهي. اهو نوجوان به انهيءَ ڪچهري ۾ موجود هو، هن نوجوان کي غربت سبب اسڪولي تعليم ته نه ملي سگهي؛ پر ڪوهستان جي جبلن سان سندس عشق کيس ٿاڻي عارب خان واري علائقي جو هڪ مثالي سُونهون بڻائي ڇڏيو آهي. هن نوجوان اسان سان گڏ ٿاڻي عارب خان جي علائقي ۾ پورو هڪ ڏينهن گڏ گذاريو ۽ علائقي ۾ موجود اُهي ماڳ ڏيکاريا، جن کان اڳ ۾ ڪو به مُحقق يا ليکڪ واقف نه هو. هن اسان کي اُٺن جا پنڊ پهڻ، جمال شاهه جي قبرستان ۾ ڊگهي قبر، قديم ڪنڊيءَ جو وڻ، هوتوءَ جي مر واري تاريخي قديم انساني آبادي، پنڊ پهڻ ٿيل ڪيترائي وڻ، ماڻهن ۽ جانورن جي پيرن جا لڳل قديم نشان وغيره ڏيکاريا. جي هي نوجوان اسان کي نه ملي ها، ته اسان ڪافي قديم شيون نه ڏسي سگهون ها. ڪوهستان ۾ وائلڊ لائف کاتي طرفان ڪوهستان جي جبلن کي کيرٿر نيشنل پارڪ قرار ڏيندي، پوري ڪوهستان ۾ نيشنل پارڪ جون مختلف جاين تي آفيسون قائم ڪيون ويون آهن، جتي پارڪ جا انتظامي آفيسر رهن ٿا. ڪوهستان ۾ شڪار تي پابندي آهي، انهيءَ مقصد لاءِ پارڪ جو خاص فورس به مقرر ٿيل آهي. ڪوهستان جي جبلن تي سوين واچ مين به مقرر ٿيل آهن، جيڪي شڪارين تي نظر رکن ٿا. ڪنهن کي شڪار ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي، ڪو به ماڻهو ڪوهستان ۾ گُهمندي اُنهن جي نظر کان بچي نه ٿو سگهي. اسان کي ڪيترين ئي جاين تي شڪاري سمجهي گهيري ۾ آندو ويو ۽ تسلي ڪرڻ بعد اُهي واچ مين واپس ٿيا. عام گُهمندڙ ماڻهن تي ڪا به پابندي ناهي.
    ڪوهستان جي ڪرچات ڳوٺ لڳ کيرٿر نيشنل پارڪ جو هڪ عاليشان سينٽر به آهي، جتي ريسٽ هائوس، ۽ ميوزيم به آهي. هتي کيرٿر نيشنل پارڪ بابت ڪافي معلومات به ملي ٿي. ميوزيم ۾ نيشنل پارڪ ۾ موجود جانورن بابت معلومات، ڪوهستان جي جبلن جا ماڊل، ۽ مختلف شين جا پنڊپهڻ رکيل آهن. مُحققن لاءِ هن سينٽر ۾ سندن دلچسپي جون ڪافي شيون رکيل آهن،خاص ڪري هتي ڪوهستان ۾ ملندڙ پنڊپهڻن جو وڏو ذخيرو آهي. جيڪڏهن ڪو مُحقق صرف کيرٿر نيشنل پارڪ جي ڪرچات سينٽر ۾ رکيل ڪوهستاني پنڊپهڻن جو جائزو وٺي، تڏهن به هو ڪافي رولڙي ۽ پنڌ کان بچي سگهي ٿو. آرڪيالاجي کاتي وارا صرف ڪوهستان جي وچ ۾ يا خاص ڪري تونگ جهڙي جاءِ تي ڪو اهڙو ميوزيم ٺاهي وجهن، ۽ ڪوهستان ۾ لڀندڙ تاريخي شيون گڏ ڪن، ته هڪ مُنفرد ۽ شاهوڪار آرڪيالاجي ميوزيم ۽ شاهوڪار ريسرچ سينٽر ٺهي سگهي ٿو. کيرٿرنيشنل پارڪ جي هن سينٽر ۾ پرڏيهي سَياحن ۽ سرڪاري آفيسرن لاءِ رهائش جو به بندوبست ٿيل آهي، پر جيڪڏهن هتي مُلڪي مُحققن لاءِ ڪو رهائشي انتظام هُجي، تڏهن به ڪو مون جهڙو فقير هتي رهي گهڻو ڪم ڪري سگهي ٿو؛ پر هتي رهڻ لاءِ وڏو اَثر رَسوخ کپي. اسان به هي سينٽر انهي ڪري فضيلت سان گهمي سگهياسين جو اسماعيل باريجو بااَثر ڪوهستاني ۽ باريجا قبيلي جي چَڱو مُڙس هو . انهي ڪري مون فقير کي هتي گهمڻ جي سعادت نصيب ٿي. هن سينٽر جي انچارج پانڌي خان بُرفت اسانجي آجيان ڪئي، ملڻ بعد خبر پئي، ته انچارج پانڌي خان بُرفت به ڪوهستان سان مُحبت ڪندڙ آهي. حالانڪ هو انهيءَ وقت به ڪنهن اعليٰ آفيسر جي رهائشي انتظامڪاريءَ سبب تمام گهڻو مصروف هو ، پر جلدي جلدي چانهه به پياريائين ۽ ميوزيم کولي گُهمڻ جي اجازت به ڏنائين. هن باهمت انسان جي دل۾ کيرٿرنيشنل پارڪ ۾ موجود سڀني جانورن سان پيار به نظر آيو، هن با اَثر شڪارين سان مُنهن ڏيڻ جا به ڪجهه واقعا ٻڌايا،جنهن۾ هن وڏي بهادريءَ جو مظاهرو ڪيو هو.
    ڪوهستان جي جبلن ۾ سِرهه، گَڊ،هرڻ، بَگهڙ، گَدڙ، ڳورپٽ، لومڙ، سِيڙهه، جابلو ڄاها، جابلو وڏا ٻِلا، چَراخ ، نورَ، ڇلو مرون، سوئر، مشڪ ٻِلا، ڪارا ۽ اڇا سَها وغيره مختلف جابلو نانگ ۽ بلائون، پنجاهه کان مٿي جابلو پکين جا قسم موجود آهن. ڪوهستان ۾ مختلف جاين تي جانورن جي پاڻي پيئڻ لاءِ ننڍا ڊيم به ٺاهيل آهن، اهڙيءَ ريت مٿي جبلن جي اوچين چوٽين تي قدرتي جابلو چشمن ۽ ڪجهه علائقن ۾ جانورن کي پاڻي پيارڻ لاءِ نَلڪا ۽ پاڻيءَ جون لائنون به ڏسڻ ۾ آيون. ڪوهستان ۾ ’ويرُوءَ وارو علائقو‘، سُنبڪ،دراوت ڊيم، ۽ لوڻي ڪوٽ واري ڪجهه علائقي کي لائسنس ۽ پرميشن وٺڻ وارن شڪارين لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي. جتي پوڙهن، ۽ واڌو نسلن وارا جانور ڇڏيا وڃن ٿا، جن جو شڪار به ڪيو وڃي ٿو. باقي پوري ڪوهستان ۾ شڪار تي قانوني بندش آهي. جيڪڏهن سِرهه، گڊ ۽ هرڻن کي بگهڙن، گدڙن، چراخن ۽ ٻين جانورن کان ڌار هڪ علائقي کي مخصوص ڪري رکيو وڃي، ته هنن جانورن جي ناياب نسل ۾ وڏو اضافو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه شڪار لاءِ مخصوص علائقي کي به پابندي واري علائقي کان ڪا خاردار واڙ ڏيئي ڌار ڪيو وڃي، ته بهتر ٿيندو. جيئن نوجوان جانور انهن شڪار جي اجازت وارن علائقن ڏانهن نه وڃي سگهن. ڪوهستان جيئن ته تاريخ جي ڊگهي عرصي تائين مٺي پاڻي ۾ ٻڏل رهيو . ان ڪري ڪوهستان جي ڪيترن ئي تلائن ۾ واڳونءَ جو نسل رهندو هو، جيڪو نِگهداشت نه هئڻ سبب خطري ۾ آهي، حڪومت کي گُهرجي ته ڪوهستان ۾ موجود تاريخي واڳونءَ جي نسل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي.ياد رهي ته سنڌ جي ڪوهستان جا ماڻهو فطرت دوست ۽ جانورن سان پيار ڪندڙ آهن. ڪوهستان جا عام ماڻهو به جانورن جي شڪار کي ڏوهه سمجهن ٿا، انهيءَ ڪري سنڌ جو ڪوهستاني علائقو جانورن لاءِ هر لحاظ کان محفوظ پناهه گاهه آهي. سنڌ جي ڪوهستان ڏانهن بلوچستان کان به جانوراچي پناهه وٺن ٿا. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جي ڪوهستاني جانورن جي تعداد ۾ مسلسل واڌارو ايندو رهي ٿو. ڪوهستان جي راڄوڻي قانون ۾ به ناياب جانورن جي شڪار تي خاص ڏنڊ رکيل آهي. ڪوهستان جي ماڻهن جي فطرت دوستي ۽ کيرٿر نيشنل پارڪ جي عملي جي هڪ ٻئي سان سهڪار جي سلسلي تحت ئي هتي جانورن جا نسل محفوظ آهن.
    ڪوهستان جا ماڻهو سنڌي ثقافت جا امين آهن. ڪوهستان ۾ وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پاڻ کي تاريخ جي قديم سنڌ جي پُرامن ۽ جاڳندڙ سنڌي سماج ۾ ساهه کڻندي محسوس ڪري ٿو. ڪوهستان ۾ نه صرف ڪوهستان جي قبائلي راڄ ڌڻين جون اوطاقون آباد آهن، پر ڪوهستان جو هر ماڻهو مُحبتي درياءَ دل ۽ سخي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪوهستان جي هر ڳوٺ جي اوطاق وسندڙ ۽ آباد آهي. انهيءَ ڳالهه جي پڪ ڪرڻ لاءِ مون ڪوهستان جي برهماڻي قبيلي جي راڄ ڌڻي خاندان جي بابو خان برهماڻيءَ جي اوطاق تي مچ ڪچهري تي رات گُذارڻ کانپوءِ ڪوهستان جي هڪ پورهيت ماڻهو شاهه محمد باريجي جي اوطاق تي مچ ڪچهريءَ جي دعوت قبول ڪئي. سج لٿي جڏهن آئون پنهنجي دوست اسماعيل باريجي سان گڏ انهيءَ پورهيت جي اوطاق تي پهتس، ته هتي به اوطاق آباد هئي، مَچُ ٻَريو پَئي، ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿيل هئا. هتي به مونکي ڪوهستان جي اوطاقي درياءَ دلي ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ نه آيو. هن مچ ڪچهري ۾ هڪ فنڪار راول فقير باريجي کي ڪُلهي تي کڻي ڪچهريءَ ۾ آندو ويو، ڇو ته پوليو سبب سندس هڪ ٽنگ سُڪي ويئي هئي. هن فنڪار جڏهن تَنبوري وڄائي پنهنجي درديلي آواز سان وِجداني ڪيفيت ۾ ’مورا‘ ڳائي ٻُڌايا، ته سموري ڪچهريءَ تي سحر طاري ٿي ويو.
    فقير راول باريجو نه صرف ’مورا‘ ڳائي ٿو، پر هو ’مورن‘ جو سُٺو شاعر به آهي. ان کان علاوه هي ڪوهستان جي پکين ۽ جانورن جون ٻوليون به ڪندو آهي، جيڪي بلڪل اصلي لڳنديون آهن. آزمودي خاطر هن ڪچهريءَ ۾ ويهي جڏهن گِدڙ جي اوناڙ ڪئي ته جواب ۾ اوسي پاسي جو سمورو علائقو گِدڙن جي جوابي اوناڙن سان گونجي اُٿيو؛ جنهن کي ڏسي سڀ اَچرج ۾ پئجي ويا.اهڙيءَ ريت هي سڀني جابلو جانورن ۽ پکين جون اصلي ٻوليون ڄاڻندو آهي. مون کي پوري ڪوهستان ۾ آرڪيالاجي کاتي ۽ ثقافت کاتي جي پيرن جا نشان ڏسڻ ۾ نه آيا. نه ته، نه سنڌ جي تاريخ اڻ پوري هجي ها ۽ نه ئي ڪوهستان جا ڏات ڌڻي فنڪار لاوارث ۽ لِڪل هجن ها.
    هتي جا چونڊيل عوامي نمائندا به عوام دوست ۽ راڄوڻي قانون جي پوئيواري ڪندڙ آهن.جيڪا ڳالهه مون تونگ جي چيئرمين ڌڻي بخش باريجي سان ڪچهري ڪندي محسوس ڪئي،سندس دل ۾ ڪوهستان جي ترقيءَ جا روشن خيال موجود هئا. سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪوهستان جي عوامي نمائندن لاءِ ڪو خصوصي ترقياتي پئڪيج رکي، ته ڪوهستان جو علائقو به ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وڌي سگهي ٿو.
    ڪوهستان جتي انساني قدرن جو اَمين آهي، اُتي ڪوهستان جا ماڻهو پنهنجي تاريخي ارتقا جي پنڌ ۾ مُشڪل حالتن هوندي به وڏي همت سان جيئڻ جو ڍنگ ڄاڻن ٿا. ڪوهستان جا ماڻهو جديد سهوليتون نه هئڻ جي باوجود به زندگيءَ جي بقاءَ جي جنگ ۾ نه صرف جيئن پيا، پر جاڳن به پيا.
    جيئن ته ڪوهستان باراني علائقو آهي. هتي برساتي پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ ڊيم ٺاهڻ جو هُنر به هزارين سالن کان موجود آهي، پر برساتن ۾ عام ماڻهن جا ٺاهيل ڊيم ٽُٽي وڃن ٿا ۽ پاڻي ضايع ٿئي ٿوانهيءَ لاءِ جيڪڏهن سرڪار طرفان ڪوهستان ۾ ننڍا ننڍا برساتي ڊيم ٺاهيا وڃن، ته ڪوهستان جون زرخيز زمينون سون اُپائي سگهن ٿيون. ڪوهستان جو علائقو لکين سال مٺي پاڻيءَ جي سمنڊ کير ساگر ۾ ٻُڏل رهيو، انهيءَ ڪري هتي زير زمين مٺي پاڻيءَ جا ذخيرا به موجود آهن. ڪوهستان ۾ عوامي نمائندن طرفان ڪجهه ٿورا روڊ به ٺهرايل آهن، پر هتي اڪثر رستا ڪچا ۽ ڏُکيا آهن. انهيءَ ڪري هتي جي ٺهيل تمام ٿورڙين اسپتالن ۾ به بُنيادي علاج جون سهوليتون ۽ ڊاڪٽر نه هئڻ جي برابر آهن. هتي اسڪولن جو انتظام به نه هئڻ جي برابر آهي، انهيءَ ڪري ڪوهستان ۾ پڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهٽ آهي. ڪوهستان ۾ بجليءَ جا ٿنڀا ته لڳل آهن، پر بجلي نه آهي. عوامي نمائندن وٽ ترقياتي بجيٽ ناهي ۽ حڪومت جي طرفان ڪا به مالڪي ناهي.
    انهن حالتن ۾ ڪوهستان جي ماڻهن مُتبادل رستا ڳولي ڪڍيا آهن.راڄوڻي بُنياد تي هو ڪچن رستن جي پاڻ سَنڀال ڪن ٿا، بجليءَ جي نه هئڻ جي مسئلي جو حل هنن وٽ شَمسي توانائيءَ جو سولر سسٽم آهي. هر جڳهه تي انهيءَ جو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي ڄار وڇايو پيو وڃي. ٽريڪٽر به ڪوهستان ۾ اچڻ شروع ٿي ويا آهن، زمينن جي ٺاهڻ جو ڪم به جاري آهي. هتي برساتن تي جوئر، مُڱ، گوار، ۽ تِرَ پوکيا وڃن ٿا.سولر تي هلندڙ ٽيوب ويلن تي ڪڻڪ ۽ بصرجا فصل پوکيا وڃن ٿا. ڪجهه جاين تي صوفي ٻيربه پوکڻ جي شروعات ٿي آهي، هتي زمينن جي بي مثال زرخيزيءَ تي تمام ڀَلا فصل ٿين ٿا. اهو ڏينهن پري ناهي،جڏهن ڪوهستان پيداوار جي لحاظ کان سنڌ جو شاهوڪار علائقو ٿي ويندو. هتي رڍون، ٻڪريون، ۽ ڳائو مال بي انداز پاليو وڃي ٿو.ڪوهستان جا ماڻهو محنتي ۽ سادا آهن.ڪوهستان جي ڪافي خاندانن جي ڪجهه ماڻهن حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، جتي هو هاڻي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ به لڳا آهن.مريضن جو علاج به اُتي ڪرائين ٿا.ڪوهستان ۾ سواريءَ لاءِ هاڻي اُٺن بجاءِ جيپون، ۽ موٽر سائيڪل عام ٿي ويا آهن، ڪوهستان جي هر دڪان تي پيٽرول ملي ٿو، پر اهو ڏيڍوڻي اگهه تي ملندو آهي .
    منهنجو ڪوهستان جي وچئين ڀاڱي جو هي سفر پنجن ڏينهن جو هو. مون ۽ منهنجي ڪوهستاني ساٿي اسماعيل باريچي اهي پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون بغير آرام ۽ ساهي کڻڻ جي ڪوهستان ۾ گُذاريون. ڪافي تاريخ جون نشانيون، تاريخي ماڳ، ۽ اُهڃاڻ ڳولي هٿ ڪيا. ائين واپس پهچي لکڻ ويٺس، پر ڪوهستان جي رهيل ڏاکڻئين ڀاڱي جو وچ رهيل هو. مون انهيءَ سلسلي ۾ فيس بوڪ تي پيغام ڏنو ته، ته موٽ ۾ هڪ همراهه احمد خان پالاري، جنهن سان به منهنجي اڳ ۾ ڪا ڏيٺ ويٺ نه هئي؛ تنهن مُڪمل سهڪار جو يقين ڏياريندي، جهمپير اچڻ جي دعوت ڏني. مون جهمپير وڃڻ جو سفر سَنڀاهيو، جهمپير ۾ منهنجو هڪ پراڻو ساٿي، ۽ قومي خدمتن کي پنهنجي زندگي ارپيندڙ رسول بخش درس اڳ ۾ موجود هو، پر هي دوست پيري ۽ بيماريءَ سبب هلڻ چلڻ جي قابل نه رهيو آهي. پر هن وٽان وڏي تاريخي ڄاڻ حاصل ٿي. جهمپير ۾ هن شخص جي وڏي عزت ۽ احترام موجود آهي، سندس ساٿ منهنجون ڪافي پريشانيون دور ڪري ڇڏيون. منهنجي نئين دوست احمد خان پالاري به ڀرپور ساٿ ڏنو، هن پنهنجي گاڏيءَ ۾ ڪوهستان جي هن حصي ۾ جنت مڪان جون بُٺيون ۽ ٻيا تاريخي ماڳ ڏيکاريا، جيڪي ڏسڻ کانسواءِ منهنجو هي ڪتاب اڌورو رهجي وڃي ها. جَفاڪشيءَ ۽ رولڙن سبب منهنجي طبيعت خراب ٿي پئي، پر دوستن جي مدد سان آئون پنج ڏينهن جهمپير ۾ رهائش دوران گهڻو ڪجهه حاصل ڪري آيس. دوستن خاص ڪري رسول بخش درس ۽ سندس خاندان جي ڀاتين ۽ احمد خان پالاريءَ منهنجي ناچاقائي دوران منهنجو تمام وڏو خيال رکيو. ائين آئون ڪوهستان بابت ڪافي ڄاڻ حاصل ڪري هن تحقيق کي مڪمل ڪرڻ جهڙو ٿي ويس. ائين ئي ڪوهستاني ماڻهن جي پنهنجي ڪوهستان سان محبت جي سَگهه منهنجي ڪاميابيءَ جو سبب بڻي.
    منهنجي ڪوهستان جي سفر دوران ڪيل ڪچهرين جي نتيجي ۾ ڪوهستان جي باشعور طبقي ۾ وڏو اُتساهه پيدا ٿيو آهي. اسماعيل باريجو ڪوهستان ۾ ماڻهن جون ٽيمون ٺاهي رهيو آهي، جيڪي ڪوهستان جي گُم ٿيل تاريخي ماڳن جي ڳولا ۾ سَرگرم ٿينديون، وري جڏهن ڪوهستان جي ڪنهن ٻئي تاريخ جي ڳولا جي سفر ڪرڻ لاءِ ڪا مدد يا موقعو مليو، ته انشاءَ الله پوري ڪوهستان ۾ تاريخ جا لِڪل سمورا راز پڌرا ڪبا.
    مون صرف دوست اسماعيل باريجي جي سهڪار سان پنجن ڏينهن جي جاکوڙ ۽ رسول بخش درس ۽ احمد خان پالاريءَ جي ساٿ سان مختصر عرصي جي جاکوڙ ۾ هيڏي ساري تاريخي معلومات حاصل ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ جي ڪافي گُم ٿيل صفحن کي منظر عام تي آندو آهي. سنڌ جي تاريخ جي ڪافي سوالن کي حل ڪري ڪجهه نتيجا سامهون آندا آهن، جيڪڏهن ڪي مضبوط تحقيقي ادارا سنجيدگيءَ سان ميدانِ عمل ۾ اچن، ته سنڌ جي تاريخ اڃان گڏ ڪرڻ ممڪن آهي. مون صرف ڳولا جي جاکوڙ ۾ اُتساهه پيدا ڪرڻ لاءِ، بي سمريءَ ۾ جاکوڙ ڪري هي ڪتاب لکيو آهي. منهنجو لکيل هي ڪتاب نه صرف سنڌي ٻوليءَ جي اهم ڪتابن ۾ اضافي جو ڪارڻ بڻبو، پر هن ڪتاب سان سنڌ جي تاريخ جي تحقيقي ڪم ڪرڻ لاءِ وڏو اُتساهه پڻ پيدا ٿيندو.


      ڪوهستان جي ترقيءَ لاءِ سفارشون

    حڪومت جيڪڏهن ڪوهستان تي ٿوروبه توجهه ڏي، ته هتي گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو. ڪوهستان جي ترقيءَ لاءِ جلد هيٺيان ا ُپاءَ وٺڻ ضروري آهن؛
    • هنگامي بُنيادن تي ڪوهستان جي اسڪولن کي آباد ڪيو وڃي. هاءِ اسڪولن، مونو ٽيڪنيڪل اسڪولن ۽ ڪوهستان لاءِ ڌار يونيورسٽي، تونگ يا ٻئي ڪنهن وچ واري جابلو علائقي ۾ قائم ڪئي وڃي.
    • ڪوهستان ۾ هنگامي بُنيادن تي اسپتالون قائم ڪيون وڃن، ڪوهستان جي مرڪز ۾ هڪ جديد سهوليتن سان ڀرپور وڏي سول اسپتال به قائم ڪئي وڃي؛ جيڪا پڻ ڪوهستان جي وچ ۾ ٺاهي وڃي.
    • ڪوهستان ۾ جديد زراعت جي تعليم جا مرڪز کوليا وڃن ته جيئن ڪوهستان ۾ جديد زراعت ذريعي گهٽ لاڳت سان وڌيڪ فصل اُپائي سگهجن.
    • ڪوهستان جي هر ڳوٺ ۾ جانورن جون اسپتالون به قائم ڪيون وڃن
    • سرڪار طرفان سولر سسٽم تي پيدا ٿيندڙ بجليءَ جو ڄار وڇايو وڃي.
    • ڪوهستان ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي، برساتي پاڻيءَ کي محفوظ ڪيو وڃي.
    • ڪوهستان ۾ سرڪاري مدد سان ٽيوب ويل لڳرائي ڏنا وڃن.
    • ڪوهستان جي سمورن رستن کي پَڪو ڪيو وڃي.
    • ڪوهستان ۾ قدرتي جَڙي ٻوٽين جو تحقيقاتي مرڪز به قائم ڪيو وڃي.
    • ڪوهستان ۾ پيٽرول پمپ وڌايا وڃن.
    • ڪوهستان جي تاريخي ماڳن تي آرڪيالاجي کاتي کي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ۽ تاريخي ماڳن جي کوٽائيءَ جو ڪم شروع ڪيو وڃي. ڪوهستان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪرڻ جا سينٽر به قائم ڪيا وڃن، ۽ ڪوهستان مان ملندڙ تاريخي شين جا ڪوهستان جي سڀني شهرن ۾ ميوزيم به قائم ڪيا وڃن.
    • ڪوهستان تي ثقافت کاتي طرفان به خصوصي ڌيان ڏنو وڃي، هتي ڪوهستاني ثقافت، ۽ فنڪارن جي همت افزائي ڪئي وڃي.حڪومت کي ڪوهستان ۾ موجود سڀني تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي سروي ڪري، انهن جي نقشن ۾ نشاندهي ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه انهن سمورن ماڳن ۽ مڪانن بابت ڄاڻ ڏيندڙ هڪ ڪتابچو پڻ شايع ڪري جاري ڪيو وڃي، ته جيئن مُحققن ۽ سَياحن جي اُنهن جاين تي پهچڻ لاءِ رهنمائي ٿي سگهي.
    • گڏوگڏ ڪوهستان جي سمورن تاريخي ماڳن ۽ مڪانن کي هر قسم جي ترقياتي پراجيڪٽن، رهائشي اسڪيمن، پن چڪين، ڪارخانن، معدني ذخيرن جي ڳولا جي مهمن وغيره کان آجو قرار ڏيئي سندن اصليت کي هر قسم جو نقصان پهچائڻ واري عمل تي قانوني بندش وجهي، اُن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي. اهي چند گُذارشون، جيڪي ڪوهستان جي ترقيءَ لاءِ نهايت ضروري آهن.


    ڪتاب، مشاهدا ۽ ڪچهريون

    هي ڪتاب مشاهدن کان سواءِ هيٺين ڪتابن جي مطالعي ۽ هيٺين ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين مان مليل ڄاڻ جي روشني ۾ لکيو ويو .


    English Books

    The People And Land of sindh . by ; Ahamed Abdullah
    The Conquest of Sindh . By; W.F.P. Nepier.
    History Of Sindh . Mohan Geehani
    The Baloch Race . By; M.Longworth Dames .
    ACriminal History Of Mankind . By; Colin Wilson
    Khirthar National Park , Basline study ; university of Melbourne
    The Classical Accounts of India , R,C. Majumdar.
    On Yuan Chawangs Travels in India . waters.
    Sind , A General Introduction . H.T. Lambrick .
    Survey report about Indus delta , UNECEF.
    history of earth , google.
    History of life on earth , google.
    Mountain and hills of sindh , google.
    Stone hange , google.


    سنڌي ڪتاب

    ڪراچي سنڌ جي مارئي : گل حسن ڪلمتي
    سنڌو سئووير : گنگارام سمراٽ
    چچنامون ڀينڪر دوکو : گنگارام سمراٽ
    آريه ورت : گنگارام سمراٽ
    ڀارت ورش : گنگارام سمراٽ .
    ۽ سڪندر هارايو : گنگارام سمراٽ
    آئينه قديم سنڌ : شمس الدين قريشي .
    ارتقا جي ڪهاڻي : ڊاڪٽر سڪندر مغل
    مانجو ڪوهستان : ج ، ع ، منگهاڻي
    جنت السنڌ : رحيمداد خان مولائي شيدائي
    جنب گذاريم جن سين : جي ايم سيد
    سنڌوءَ جي ساڃاهه : جي ايم سيد .
    سنڌي ڪلچر : جي ايم سيد .
    سنڌ جا سورما : جي ايم سيد .
    سنڌي سماج جو جائزو : عبدالواحد آريسر .
    سر ۾ سانجهي وير : عبدالواحد آريسر .
    ڌرتي منهنجو گهر : ڊاڪٽر محبت ٻرڙو
    سنڌ جي ڪوهستاني علائقن ۾ واقع پاڻي جا چشما : ايم ايڇ پنهور
    سنڌو سڀيتا جي اوسر : رڪ سنڌي
    سنڌين جي فوجي مهارت : دادا سنڌي .
    قومن جي تباهي جي تاريخ : هارون يحيٰ ، سنڌيڪار: خالد ڀٽي
    سنڌ گهمندڙ سيلاني : دادا سنڌي .
    چچنامو : ترجمون : مخدوم امير احمد
    سمن جي سلطنت : غلام محمد لاکو .
    سنڌو درياهه جا گذريل پنج هزار سالن ۾ غير معمولي ڪارناما : ايم ايڇ پنهور
    ڪلهوڙا دور حڪومت ( اڀياس ) ايم ايڇ پنهور
    سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري : حاڪم علي شاهه
    ماڻهو : بدر ابڙو
    عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو : ڊاڪٽر نبي بخش قاضي .
    سنڌو ماٿر جي سڀيتا : محمد ادريس صديقي .
    سنڌ ۽ بلوچستان جو سير ۽ سفر : هينري پاٽنجر .
    تاريخ مظهر شاهجهاني ؛ يوسف ميرڪ ، ترجمون : نياز همايوني .
    سمن جي سلطنت : غلام محمد لاکو .
    قديم سنڌ : ڀيرومل مهرچند .
    سنڌ جي قديم جاگرافي : عطامحمد ڀنڀرو
    سنڌو سڀيتا سوراشٽر وارا ماڳ : گريگوري ايل، پوسيل . ترجمون : عطا محمد ڀنڀرو.
    موهن جو دڙو : احسان دانش .


    اردو ڪتاب

    انساني جرائم ڪي تاريخ : ڪول ولسن ، ترجمون : يونس منصور
    انساني تهذيب ڪي پانچ دور : وليم ميگ گاگي ، ترجمون : حسن عابدي .
    محمد بن قاسم : مقصود شيخ
    سڪندر اعظم : اسلم راهي
    تاريخ ابن خلدون : علامه عبدالرحمان ابن خلدون . مڪمل سڀ جلد .
    تاريخ ابن ڪثير: حافظ عماد الدين ابوالفدا اسماعيل . مڪمل سڀ جلد
    تاريخ طبري : علامه ابي جعفر محمد بن جرير طبري . مڪمل سڀ جلد .
    طبقات ابن سعد : محمد بن سعد .
    عرب و هند ڪي تعلقات . علامه سليمان ندوي
    تاريخ الرسل والملوڪ : ابن جرير
    مروج الذهب و معاون الجوهر . علي بن حسين المسعودي .
    انسائيڪلوپيڊيا ، تاريخ اقوام عالم : وليم ايل لينگر ، ترجمون : مولانا غلام رسول مهر .


    روبرو يا فون ڪچهريون ۽ انٽرويو :

    گل حسن ڪلمتي . حاجي عرضي وليج گڏاپ ، ڪراچي .
    در محمد پالاري ، سري ڪوهستان .
    بابو خان برهماڻي ، ٿاڻو عارب خان .
    هادي بخش سوڻيهرو ، ٿاڻو عارب خان
    علاوالدين شيهڻو . ٿاڻو عارب خان
    وڏيرو قادر بخش باريجو . ڳوٺ قادربخش باريجو ، لڳ تونگ
    پانڌي خان برفت : انچارج ، کيرٿر نيشنل پارڪ ، ڪرچات سينٽر .
    اسماعيل باريجو : ڪوٽڙي
    ڌڻي بخش باريجو : ڪوٽڙي .
    خدابخش وڪيجو پالاري ، ڳوٺ فضل پالاري ، ٿاڻو بولاخان .
    غلام مصطفيٰ ميمڻ : ٿاڻو بولاخان
    سرور خاصخيلي : ٿاڻو بولاخان .
    شيخ عبدالله ڪوهستاني . ٿاڻو بولاخان
    خادم خاصخيلي : تونگ
    کيمچند شرما : ٽنڊو محمد خان
    هيرا نند گپتا : ٽنڊو محمد خان
    ڊاڪٽر پهلاج مل : ٽنڊو محمدخان .
    رسول بخش درس : جهمپير
    احمد خان پالاري : جهمپير
    ڊاڪٽر مولابخش ٿيٻو : منظور آباد
    مرحوم فقير الهه بخش لاهوتي ( سنڌ جو سيلاني )
    شاهه علي نوحاڻي “ علي ڀاءُ ” : ترائي . ضلع بدين
    عبد الله خان ٻٻر : ڳوٺ نئون روڊ ، اونگر ڪوهستان
    نصرالله سومرو: ڳوٺ سليمان سومرو ، لڳ گنجو ٽڪر.
    خليل الله سومرو : ڳوٺ سليمان سومرو لڳ گنجو ٽڪر.
    بابو سومرو : ڳوٺ سليمان سومرو لڳ گنجو ٽڪر .


    سفرن جا ساٿي ۽ مددگار

    اسماعيل باريجو .
    احمد خان پالاري،
    رسول بخش درس .


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816612
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281131
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ