ڪتاب جو نالو: رهيل چار ڳوڙها
مصنف: استاد پيرل قمبر
ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 26 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 684 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 267 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو!
  • بابا سائين پيرل قمبر
  • حمد
  • نعت
  • مرثيو ( امام حسن ع)
  • غزل

  • مان پيار جي دنيا ۾ ٿو، دل جو دخل ڪيان،
  • مهينا سال ٿيا مون سان، سڄڻ مليو ناهين،
  • پرتو صنم آ_ غم جو تون، پرچم کڻي نه ڏي،
  • شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گهر چئي ڏنو،
  • رُخ ان جو ڏسي سُرخ ۽ هر ڪا ٿي ادا سُرخ،
  • هِت درد هزارين غم تي آ غم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان،
  • مان ڪئي نه جفا، تو ڪئي نه وفا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.
  • ماضي ته گذر ٿيو ماضي سان، گڏ حال زمان ۾ ڪو ته هجي.
  • نه هئي نڀائڻو! ٻڌاءِ ته پهريان، تنهنجو سلام ۽ ڪلام ڇو هو،
  • او منهنجا مٺڙا سڄڻ او سائين، وصال تنهنجو ٿي داغ رهندو،
  • اڄ کلندي بهارن مان ٿي خزان، مان موسم مٽايان ڪنهن جي ڪري،
  • جوابداري ڪيڏي، سِر مٿان کڻي ويٺس،
  • تون همسفر به هجين ساڻ، ۽ سفر به هجي،
  • مري کري به اچو يا تري ٻُڏي به اچو
  • مهمان کي ڊُڪي جو آ اڄ ميزبان پهتو،
  • هو ته منهڙو ويو مٽي مون سان ملڻ جي بدران،
  • محفل ۾ پنهنجي غير رهي ڪيئن ٿو سگهي،
  • ڪڙمي غريب آهيان سُڪل شاخ هان وڻ جي،
  • ٿيان ٿو هيج مان هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.
  • خير پنهنجي کي اُٿي اڄ نئين قسم جو رنگ ڏي،
  • پيرن ۾ نانگ ڪٿي ۽ ڪٿي ٿا لعل رُلن،
  • هتي ئي هانءُ ٿو هارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين،
  • اُٿ امتحان حُسن جو اڄ پَهر ٿو اچئي،
  • مان هان گدا، گدا کان خيرات ڇا گهرن ٿا،
  • سنڀري هلون ته هر موڙ تي همسفر هجي،
  • زلف جو هي زهر آ مٺو آ مٺو،
  • اهڙو ويهي ڪو ڇيڙيون اڄ داستان سوچو،
  • جيڪي سِر به ڏيندا ها وقت ۾، اُهي يار يار_ ويا هليا،
  • هيڏي هوڏي گهمندي ڦِرندي، دلڙي ڦُرائي ويٺاسين،
  • اي منهنجي دل جا صنم، ڪيئن نه رهان بيقرار،
  • ڪهڙو ڍڪين ٿو مُنهن کي پياسن کان پردو ساقي،
  • يارو مِڙي سِڙي اچو، هڪڙو مڪان ٺاهيون،
  • منهنجي ئي جهول ۾ ڇا عشق جا انجام مليا،
  • هي ٿيندو عشق جو دل تي، عمل_ آهستي آهستي،
  • اي دل تون نه ڪجهه غم ڪر ڇا دنيا کي طاقت آ،
  • تڏهن ٿو مان ڳوليان، پرديس جي بهاني کي،
  • ڪڍ آهه ڪا نه دل مان هي افسانو بند ٿيندو،
  • پيار مان تنهنجي پناري ٿو جيان،
  • چئهُ واسطو ٿي ڪو نه ڀلا ڪنهن ڀي وطن سان،
  • لاهيون ڪو برهه جو محبت مٿان هي بار ته آ 
  • من جو محرم يار مون کان اڄ وڇڙي ويو،
  • گيت

  • سڏين ها ته سِر ڀَر سُري مان اچان ها،
  • رات اڇي کي ڀاڪر پايان، ڪاري رات نه دل ۾ ڪري،
  • دري نه آ ڪو در در واندو، گهٽي نه آ ڪو گهر گهر واندو،
  • مان پوڄا ڪيان ها تون اهو در به هجين ها،
  • ڏسي غريب مون کي، يار ڇِني پيار ويو،
  • ڇو! جيئڻ ڀي نه ٿو ڏين_ ڇو؟ مرڻ ڀي نه ٿو ڏين،
  • قدر ڪو نه دل جو، پيو دل جي پٿر کي،
  • ڇو ٿو وڃين مٺا مون کي دل تان صفا ڌِڪاريون،
  • مٺا مُنهن ڪير آ مٽائيندو، تون ٿو مٽين_ماشاءَالله،
  • دل جي آئيني ۾ توکي لڪائي، آئيني تي سَوَ موتي جڙائي،
  • سَوَ ياد سِتم رهندا سَوَ ياد ڪرم رهندا،
  • وسي برسات وئي وئي، وڄي نغمات وئي وئي،
  • ڇاهي يار الائي حياتي، ڇڄي ٿي درد فراق ۾ ڇاتي،
  • عُهدو دلدار ڏئي، ڏئي، ايڏو اختيار ڏئي، ڏئي،
  • ٻيو ڪين ڪوئي ڄاڻي، ڇا سُور ڪو سڃاڻي،
  • هلندي حسن جو يار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.
  • دُکي آهيان ڏاڍو دلبر، دم ڪو دلاسو ڏي،
  • مُحب انهيءَ ۾ ڪهڙي آ مڙسي، پيار ڪري پو ڇِنجي ڇو،
  • جائي دل ٿي ڏني يا ڪو ڊوهه آ،
  • هي ظلم ڪيم پاڻ سان جو پيار ڪيو مون،
  • شابس هجئي او سهڻا واهه جو وساريو ٿئي،
  • پيار ٿو سمجهين ڀوڳ، مٿي جو روڳ، لڳي ٿي عشق جي ڪا نه لپاٽ،
  • لِيڪن جي اڄ راند رچايون،
  • وار سونا، لال لبڙا، ڊريس بُت تي_ آسماني،
  • هيءَ ڪاٿان وتئي هيءَ ڪاٿان سکيئي،
  • پوندو گلشن جُهڪي دل جو گلڙو جُهڪي،
  • دل وڃي جو غير سان گڏيئي،
  • سر جيسين ثابت آ،
  • سڄڻ هي زلف تنهنجا جو، ڪري چُپ چُپ چُري پوندا،
  • ساهه ته پٽ ڪجهه رات،
  • سرائيڪي گيت  
  • ڪهڙي سبب ڪان بند ڪِتي نِي در تي گُذر ميڏي،
  • هَٿڙي ٻَڌان مَين تيڪون اڱڻ ميڏي آندا ڪر،
  • وايون

  • پُختا ڪجان مَن پير،
  • اچين ميهار تون اچَ وو يار!
  • ماني پڪي ڇڏ مر وو يار!
  • ڪافيون

  • سرتيون مون کي ڏاج ڏيون اڄ ڏير ويا،
  • پاڻ ڏسي وٺ پنهنجو تماشو صورت سڀ سلطان
  • ڍولا وو...! ڍولا وو...!
  • چئوسٽا، بيت، مسدس

  • چئوسٽا
  • بيت
  • مسدس
  • اردو غزلیں

  • آتے ہی عشق دوستو! کیا کام کر گیا،
  • اے عشق! تیرے واسطے کیا کیا نہ کررہا ہوں،
  • دل لگا کر ہے دل لگی کرلی،
  • میں رویا اس کے ہی آنسو قسم بہانے پہ،
  • حاضر ہوں میں مریض مسیحا مگر نہیں،
  • پتھر کہا تو پاؤں سے سَر تک پگھل گئی،
  • بے خطا کو خطا دیجیے
  • کیا خبر تھی صُبح وقت شام تھا،
  • آپ سے کیا دوستی کرنی پڑی،
  • اپنی نگاہِ ناز کا نقشہ بدل نہ دو،
  • نوحه
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    Book No: 10
    رهيل چار ڳوڙها
    (شاعري)
    استاد پيرل قمبر
    جنوري 2016ع
    مرتب: عبدالله شاهه ’اطهر‘_
    جنيد علي سومرو
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ: مرڪ پبليڪيشن گروپ
    ڪئليگرافي: پريتم قاضي
    ڦوٽو اسڪيچ: مير اعجاز ٽالپر
    ڇپائيندڙ: مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ملهه: 200 روپيه

    ملـڻ جـا هـنـڌ:

    ڀٽائي ڪتاب گھر حيدرآباد_ڪاٺياواڙ شاپ اردو بازار ڪراچي_
    رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو_ مهراڻ ڪتاب گھر لاڙڪاڻو-
    وسيم ڪتاب گهر شڪارپور_ عزيز ڪتاب گهر سکر_
    تهذيب بڪ اسٽور خيرپورميرس_ پريتم قاضي نواب شاه_
    اسلام الدين سومرو رتوديرو_علي بابا رتوديرو_
    ڪنول ڪتاب گھر قمبر_ اياز سومرو شهدادڪوٽ_
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ


    ارپنا

    استاد پيرل قمبر جي همسفر، همنشين،
    جنهن لاءِ ايئن چوان ته_
    ڄڻ ٻه جسم هڪ روح هو..!
    سندس ننڍي ڀاءَ،
    منهنجي نانا سائين
    مرحوم بابا مولا بخش سومري جي نانءُ،
    جنهن جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ ڪاوشن،
    منهنجي پوري فيمليءَ کي پالي تاتي
    پنهنجي منزل ڏانهن اسهڻ جو اتساهه ڏنو.

    جنيد علي سومرو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر استاد پيرل قمبر جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي انهن سڀني صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين.
    هي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سنڌي ٻوليءَ ۾ استاد شاعرن منجهان ڪجهه اهڙا شاعر به ٿي گذريا آهن جن جي شاعري کي عوامي شاعري چيو وڃي ٿو. انهن نامورن شاعرن ۾ ’استاد پيرل قمبر‘ جو نانءُ پڻ نمايان نظر اچي ٿو. ’استاد پيرل قمبر‘ جي شاعري ۾ ٻوليءَ جو استعمال، اهڙي عوامي لهجي ۾ ٿيل آهي جنهن کي هر عام ماڻهو به آسانيءَ سان سمجهي سگهي ٿو. هو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ جهڙي ريت سادو، سچو ۽ کرو ماڻهو هو، اهڙي ريت سندس شاعري ۾ پڻ تمام بهترين، سادا، سلوڻا ۽ خوبصورت احساس قلم بند ڪيائين.
    ’استاد پيرل قمبر‘ شاعري جي تمام انهن صنفن تي شعر سرجيا جيڪي سندس دؤر ۾ تمام اهميت جوڳيون صنفون هيون. جن ۾ غزل، گيت، وايون، ڪافيون، نظم، سري فهرست آهن. سندس غزل به علم ِ عروض کان وٺي موسيقيت جي موج ۾ مست نظر اچن ٿا، جن ۾ سنڌي مهاورا، چوڻيون، پهاڪا، (جيڪي ان دؤر ۾ ته معنى خيز هئا پر اڄ به ڪارائتا آهن) سي تمام سادي ۽ سُٺي لهجي ۾ سمايل آهن. هو فن، فڪر، آرٽ سان گڏو گڏ ان وقت جي حالات اٿڻين، ويهڻين توڙي سماجي براين ڏاڍن جي ڏنگاين توڙي ريتن رسمن جي ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ هو، تڏهن ته اهي سڀ حقيقتون پنهنجي شعر ۾ اوتي ڇڏيائين. تنهن کان سوا سندس رومئنٽڪ انداز ۾ به غذب جا شعر لکيل آهن جن ۾ ليلا مجنون، سهڻي ميهار، يوسف ذوليخان، کان ويندي شيرين فرهاد، توڙي ٻين سڀني عاشقن جا ڪردار پنهنجي شعر ۾ ڪلاسيڪل انداز سان سنڀاري کڻي هليو. استاد پيرل قمبر پنهنجي اندر جي آدمي سان ٿيل جائز ناجائز يا فتري وارداتن کي به سُٺي نموني سڻائڻ جو سگهارو شاعر نظر اچي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس اسلوب اڄ به تازو ڀانسجي ٿو. شعر سرجڻ جي ٽيڪنڪ اهڙي ڪامياب جو هو هر وقت جو شاعر محسوس ٿي رهيو آهي.
    سندس ڪجهه غزل ته غزل جي فارميٽ ۾ اهڙا سگهارا ۽ ڀرپور آهن جو شيخ اياز ٿو ياد اچي وڃي، اهڙي طرح ڪجهه گيت موسيقيت جي رنگ ۾ اهڙا رچيل آهن جو استاد بخاري ٿو ياد اچي وڃي. اهڙي ريت سنڌي موسيقي جي نامور ۽ ڪلاسيڪل گلوڪارن پڻ تمام جهجها گيت پنهنجي پنهنجي انداز ۾ رڪارڊ ڪيا. جيڪي اڄ تائين مقبول رهيا آهن.
    استاد پيرل قمبر جي شعر ۾ موسيقيت ۽ جماليات جو جاندار ۽ سڀاويڪ لهجو ٻڌي ۽ ڏسي ڪيئي سنڌي فلمن جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر اچي کيس ڳولي لهندا هئا ته هو سندن فلمن لاءِ به گيت لکي، انهن جي اهڙي اسرار تي استاد پيرل قمبر سنڌي فلمن لاءِ پڻ تمام شاندار گيت لکيا جيڪي انهن فلمن جي نالن وانگر مقبول آهن.
    استاد پيرل جا شاعري جي تمام صنفن تي آڌاريل هزارن جي تعداد ۾ شعر، جن کي استاد پنهنجي زندگي ۾ به نه سهيڙيو ته سندس وفات کان پوءِ به وارثي نه ٿيڻ ڪري ڪجهه چوري به ٿي ويا ته ڪي اڳتي پوئتي ٿي دنيا جي ناگواره ڌوڙ ۾ دفن ٿي ويا. پر جيڪا شاعري ڪن انهن ماڻهن کي هٿ آئي جن جي دل ۾ ٿورڙي به استاد لاءِ محبت هئي يا انهن ان مواد کي تاريخي ڪم سمجهو تن پنهنجي پنهنجي وس ۽ وِت آهر ڇپرائي، جنهن جي نتيجي ۾ استاد پيرل قمبر جا پهريان به ٻه شاعري جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. اهڙي ريت هي استاد پيرل جي شاعري جو ٽيون ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ به اوهان جي هٿن تائين رسائي ڪري ٿو.
    استاد پيرل جي شاعري مان چند اهڙا شعر به هن ڪتاب ۾ شامل آهن جيڪي پهرين به ڇپيل آهن پر انهن شعرن کي هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ جو سبب اهو هيو ته انهن شعرن کي گهرجن پٽاندڙ، پنهنجي اصلي فارميٽ ۾ پيش ڪجي (جيئن استاد جا هٿ اکر لکيل هئا) ته جيئن استاد پيرل قمبر جو فن ۽ فڪر اڌورو نه رهجي وڃي. ڇو ته هن ڀيري سندس پراڻن هٿ اکر لکيل بُڪن ۾ شاعري جي چونڊ ڪئيسين ته ان ۾ انهن شعرن جو نقشو ڪجهه ٻيو هيو، يا ته اهي پهرين ٿورن بندن تي مشتمل هئا. جڏهن ته اڃان وڌيڪ بند به ٻين بُڪن مان مليا ان ڪري کين حقيقي رنگ روپ ۾ شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٻيهر شامل ڪيو ويو آهي.
    ”رهيل چار ڳوڙها“ ڪتاب ۾ حمد، نعتون، مرثيا، وايون، ڪافيون، بيت، چئوسٽا، غزل ۽ گيت شامل آهن. هن ڪتاب ۾ سنڌي سان گڏ سرائيڪي گيتن جو جهجهو تعداد به شامل آهي ته ڪجهه اردو غزل پڻ شامل آهن. ان حوالي سان هي ڪتاب استاد جي پهرين شاعري جي ٻن ڪتابن کان منفرد آهي.
    مرڪ پبليڪيشن شهدادڪوٽ پاران استاد پيرل قمبر جي شاعري جو ٽيون ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ پڙهندڙن آڏو پيش ڪندي خوشي ٿي رهي آهي، ڇو ته اهو فرض هيو جيڪو پورو ڪجي ٿو ۽ استاد پيرل قمبر جو اسان تي قرض پڻ! جيڪو دل سان لاهڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.


    مرتضى لغاري
    شهدادڪوٽ
    Cell: 0300-5182494 0300-3429326


    مهاڳ: شعريت جي مٽيءَ مان ڳوهيل يگانو ماڻهو!

    مون جڏهن پنهنجي شعوري اک کولي ته منهنجو شهر ۽ هاڻي شايد اهو چوڻ وڌيڪ درست ٿيندو ته ‘وڃائجي ويل شهر’ قمبر ادبي ۽ سياسي لحاظ کان هڪ بيحد متحرڪ شهر هو. منهنجي مزاج ۾ ٻه ئي لاڙا هئا، سو مون ٻنهي لاڙن جو وڏو اثر قبول ڪيو. 1974ع ۾ مان قمبر تعلقي جي علي خان پرائمري اسڪول ۾ داخل ٿيس ۽ 1977ع ۾ هڪ شخص ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس ٽيچر ٿيو، جنهن کي پهرين درجي کان اسڪول ۾ هڪ استاد طور ڏسندو هئس. هو سڀني استادن کان منفرد ۽ غيررواجي لڳندو هو. هن جو اچڻ، وڃڻ، هلڻ، ڳالهائڻ ۽ مجموعي شخصيت ٻين کان گهڻو مختلف هئي. مون کي سندس ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪير آهي، بس رڳو ايتري خبر هئي ته هو اسڪول جو استاد ۽ شخصيت ۾ ٻين کان الڳ ٿلڳ ڪو انوکو ماڻهو هو. اسان جو ڪلاس استاد سائين محمد مٺل هنن کي ناپسند ڪندو هو ۽ هن کي اسڪول جي ورانڊي ۾ ايندو ويندو ڏسي پيو مُنهن ٺاهيندو هو. شام جو اسان ڪجهه دوست سائين محمد مٺل جي گهر ٽيوشن پڙهڻ ويندا هئاسين. هڪ ڀيري مون پنهنجي دلي تجسس جي احساس وچان سائين محمد مٺل کان هن ”عجيب استاد“ بابت پڇيو ته هن جو جواب هو، ”اِهو شاعر آ، هن سان نه ملجو- واندو آهي ۽ ڪنهن ڪم جو ماڻهو ناهي.“ اُن زماني ۾ ته مان هڪ ٻار هئس پر اڳتي هلي جڏهن هن ”عجيب شخص“ سان واقفيت ٿي ۽ پاڻ ادب جي دنيا ۾ پير پاتم ته خبر پئي ته اِهو هڪ فرد جو فرد ڏانهن شخصي رويو نه پر هڪ پسمانده سماج جو هڪ تخليقي شعبي ۽ تخليقڪار ڏانهن رويو هو. اڳتي هلي اُهو شخص 1977ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ اسان جو ڪلاس استاد ٿيو. پڙهائڻ ۾ هڪ ڀلو استاد، ٻارن سان شفقت، باقي استادن سان ڳالهه ڳالهه تي چِڙيو پوي. سندس خاص سڃاڻپ هئي هر وقت چانهه پيئڻ، ڀانيان ٿو ته سڄي پگهار چانهه تي خرچ ڪندو هو. مٿان وري معصوم اهڙو جو ٻيا استاد ۽ خاص طور فتاح چاڪي لِڪي ان گرم چانهه مان ڪجهه چُسڪيون ڀري پوءِ ان ۾ پاڻي وجهي کيس ڏيندا هئا ۽ پوءِ استاد پيرل جو سڄو ڏينهن چانهه واري سان جهيڙو هوندو هو ته چانهه ٺاري ٿو موڪلين ۽ مزو به ڪونهيس، اِهو لقاءُ مون سالن جا سال اسڪول ۾ ڏٺو. اهو فقيرمنش شخص هو سنڌ جو غزل جو استاد شاعر سائين ”استاد پيرل قمبر“. مون به چوٿين درجي کان ڪَچا ڦِڪا شعر لکڻ شروع ڪيا ۽ اُنهن جي اصلاح بابا (پروفيسر عبدالحئي چانڊيو) کان ڪرائيندو هئس، جنهن مون کي علم عروض ۽ علم بديع و بيان سيکاريو. مون اُهي شعر سائين پيرل قمبر کي ڏيکارڻ شروع ڪيا ته هو مون کي وڌيڪ ڀانئڻ لڳو ۽ تاڪيد ڪندو هو ته مان کيس پنهنجا شعر ڏيکاريان. ايئن استاد پيرل سان هڪ رسمي ۽ ادبي شاگرد طور لاڳاپو شروع ٿيو، جيڪو ساڻس سندس زندگيءَ جي آخر تائين رهيو.
    استاد پيرل پنهنجي شخصيت، سوچ ۽ زندگيءَ ڏانهن رويي ۾ هڪ مڪمل مست الست قسم جو ماڻهو ۽ چوويهه ڪلاڪ شاعر هو. شاعري هن جي زندگي، محبت، ڪارج، سڀاءُ مطلب ته سڀ ڪجهه هو. ماڻهو شاعري ڪندا آهن، هو شاعري سوچيندو هو، شاعري محسوس ڪندو هو، شاعريءَ سان گفتگو ڪندو هو، شاعريءَ کي پاليندو هو، شاعريءَ سان رهاڻيون ڪندو هو، شاعريءَ سان انگل ۽ آرا ڪندو هو، شاعريءَ سان هن جون ٻٽيهه دليون هونديون هيون، اُن ڪري شاعريءَ سان هو انيڪ فني تجربن ۽ ترڪيبن جون حُجتون ڪندو هو. اُستاد پيرل جو وجود سراپا شاعري هو، هو هڪ اهڙو معصوم صفت تخليقڪار هو، جنهن جي سموري ڪائنات شاعري هئي. هو شاعريءَ کي دريافت ڪندو هو، ڏينهن رات ان جي ڳولا ڪندو هو ۽ ان کي انيڪ رنگن ۾ تخليق ڪندو هو. هو شاعريءَ کي شاعريءَ تي آشڪار ڪندو هو. هن جي شاعري، شاعريءَ کي داد ڏيندي هئي ۽ هو اڪيلائين ۾ ان جو شاهد هوندو هو. اُن ڪري استاد پيرل ۽ شاعريءَ کي هڪٻئي کان جدا نه ٿو ڪري سگهجي. شاعري هن جو روح هئي، هن جي اندر جو لباس هئي. هيءُ فقير طبع مست الست شاعر دل جو بادشاهه هو، وڏيءَ اَنا ۽ خودداريءَ وارو هو پر دل جي بارگاهه ۾ سدائين نماءُ هوندو هوس. هن پنهنجي لاءِ ئي چيو آهي ته:
    اي ”پيرل“ آ هر ڪنهن جي قسمت جي بازي،
    جتي سِرُ هو جهُڪڻو، جهُڪائي وياسين.

    هن جو سِر ڪنهن به حڪمران آڏو نه جهُڪيو، زندگيءَ جي بي رحمين آڏو نه جهُڪيو، پر شاعريءَ آڏو هن جو روح سراپا سربسجود هو ۽ اهو ئي هن جو تعارف هو. اُستاد پيرل هن جهانَ کي ٻَٻُر سان ڀيٽَ ڏني، ايئن ئي جيئن هن جو محبوب شاعر غالب دنيا کي ”بازيچهءِ اطفال“ يعني ٻارن جي راند سمجهندو هو ۽ ڇا ته ان رمز ۽ تعليءَ جو خوبصورت استعمال ڪيو هئائين:
    ”پيرل ته وئي وفا هلي هاڻي ڪيان به ڇا،
    مان ٻير وانگي ڌوڻيان ڇا ٻٻرن جي ڏارَ کي.“

    استاد پيرل جو اصل نالو پير محمد هو، جنهن جو جنم 17هين جولاءِ 1933ع تي ميرو خان تعلقي جي ڳوٺ بٺي ۾ ٿيو. سندس والد امام بخش سومرو پنهنجي ذات جي پراڻي ڪِرت موجب کَٽِڪو ڪم ڪندو هو. چيو وڃي ٿو ته استاد پيرل سنڌي فائنل ۽ ٽي درجا انگريزيءَ جا پڙهڻ کانپوءِ پنهنجي پيءُ سان قمبر ۾ رهڻ لڳو ۽ 1953ع ۾ قمبر ۾ استاد مقرر ٿيڻ کانپوءِ مستقل طور قمبر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. جيتوڻيڪ هو زندگيءَ جا آخري ڪيترائي سال شهدادڪوٽ ۾ وڃي رهيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين پر قمبر سان سندس دل هئي جو هن پنهنجي جواني سموري قمبر کي ارپي هئي ۽ هن جي عاشقين جا سمورا قصا به قمبر سان وابسته رهيا، جنهن جو اظهار هو پنهنجن شعرن ۾ هميشه ڪندو رهيو. جنهن شهر ۾ ماڻهوءَ جي جواني گذري، ان کي ماڻهو ڪٿي ٿو وساري سگهي ۽ اُهو به استاد پيرل جهڙو عشاق. مثال طور هو قمبر سان پنهنجي والهانه اُنسيت جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:
    شهر پنهنجي سان لڳن هي دل، اکيون ۽ پيرَ هٿَ،
    شهر جو منهنجي سڄڻ جو، اُن شهر سان سِرُ لڳي،
    ٻيا به آهن شهر سوَ ڀي، سي اکين تي يار پر،
    مان ئي هان پيرل قمبر، منهنجو قمبر سان سِرُ لڳي.

    استاد پيرل جنهن چيو هو ته:
    ڇِني سگهبا ته اي ”پيرل“ پهاڙن جا به سينا پر،
    ننڍي جي نينهن جا ناتا، ڇِنڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
    يا هو ٻئي هنڌ وري چوي ٿو، جنهن جو ذڪر رياضت ٻُرڙي هينئن ڪيو آهي:
    ”ساڳيءَ ريت استاد ’پيرل قمبر‘ جي محبت، قمبر کان پوءِ شهدادڪوٽ شهر سان به ٿِي، جڏهن هُو اُتي وڃي رهيو ۽ شهدادڪوٽين سان سندس اُٿاويٺي ٿِي. ان بعد هُن شهدادڪوٽ جي شانَ ۾ پڻ شعر سِرجيا. خاص طور ”اُگهاڙا پير ٽانڊن تي“ ڪتاب ۾، صحفي 112 کان 114 تائين، 24 شعرن تي جُڙيل مسلسل غزلَ نمايان آهي، جنهن ۾ هن ڪيترين ئي شخصيتن جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. هتي ان غززل جا ٻه شعر پيش ڪجن ٿا:
    شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گهر چئي ڏنو،
    ڪَتيون، قمر ۽ ڪهڪشان اختر چئي ڏنو.
    *
    ڊرامن ۽ ڪچهري ڪري شهدادڪوٽ کي،
    مون سونو ڪوٽ، چاندي سندو در چئي ڏنو.
    پر ان غزل جي مقطع ۾، استاد ’پيرل قمبر‘ وري به قمبر شهر جي ئي ڳالهه ڪئي آهي:
    ماڻهن پڇيو! شهر ٻيو ڪهڙو عزيز اٿئي،
    شاعر ”قمبر پيرل“ مون ’قمبر‘ چئي ڏنو.

    (ڪتاب: پيرل قمبر تخليقڪارن جي آئيني ۾ مرتب: ڪوڙل قربدار، صفحو: 16)
    استاد پيرل جڏهن 1950ع ۾ قمبر ۾ اچي ويٺو ته اُهو زمانو قمبر، لاڙڪاڻي ضلعي توڻي سڄيءَ سنڌ ۾ طرحي مشاعرن جو هو ۽ استاد پيرل اُنهن ۾ نه رڳو ويندو هو ۽ اُتي سندس بنيادي فني تربيت ٿي پر هن پاڻ به اڳتي هلي اُنهن مشاعرن ۾ پاڻ ملهايو.. طرحي مشاعرن ۾ جيتوڻيڪ روايتي شاعري گهڻي ٿيندي هئي پر استاد پيرل جو اُن ۾ به پنهنجو منفرد انداز هو، مثال طور ضياءُ الحق جي آمريتي دور ۾ 1978ع ۾ لطيف ادبي سنگت رتي ديري طرفان جشن لطيف ملهايو ويو، جنهن موقعي تي آل سنڌ لطيفي مشاعري ۾ طرح ڏني وئي، ”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهُونگار جاري آ“، استاد بخاري به اُن مشاعري ۾ شريڪ ٿيو ۽ سڄيءَ سنڌ مان شاعر اچي شريڪ ٿيا، پر اُن موقعي تي استاد پيرل جي شعرن مشاعري کي مست ڪري ڇڏيو. جنهن تي مشاعري جي صدارت ڪندڙ سائين عطا محمد حامي ۽ استاد بخاريءَ سميت سمورن شاعرن کيس وڏو داد ڏنو. جنهن جا اُنهن مان چند شعر هي آهن:
    نه ڪو تارو نه ٽانڊاڻو نه ڪنهن تيلي ڪا ٻاري آ،
    ڏسان هر طرف ٿو جاڏي رڳو اوندهه انڌاري آ،
    ٻُڌايان حال دل ڪهڙو، اها دل درد ماري آ،
    کڻي ڪجهه لفظ مرشد جا، اسان ڀي لاٽ ٻاري آ،
    ”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ“،
    *
    وطن محبوب تي ڇانيل، ڏسو ٿا رات ڪاري آ،
    الائي ڪنهن وِجهي ڪاٺيون، چِڻنگ مان باهه ٻاري آ،
    نه ڪو مزدور خوش آهي، نه ڪو خوش حال هاري آ،
    مگر پو ڀي جوان جذبا، اسان همت نه هاري آ،
    ”لطيفي لات جي جهر جهنگ ۾ جهونگار جاري آ“،
    *

    استاد پيرل پنهنجي مزاج ۾ هڪ باغيانه ماڻهو هو. اهو هٺيلو مزاج هن جي ذاتي زندگيءَ ۾ به هميشه رهيو، سندس سماجي خيال به اهڙا هئا، ان جا عڪس ۽ لاڙا سندس شاعريءَ ۾ به پسي سگهجن ٿا.
    چوي ٿو:
    پٿر جو بُت رکي آڏو چيئين ته سجدو ڪر!
    خدا ئي ڄاڻي ته ڪهڙو خدا ڏئي ويو مون کي.

    بظاهر هڪ نِهٺي ۽ مست الست شاعر جو هيءُ هٺيلو خيال ڏسو:
    لَٺِ تي گهُمان، نه پوءِ به ڪيان دل لڳيءَ کان دنگ مان،
    ”پيرل قمبر“ نه مون کي ڪو توبهه جو تجربو آ.
    *
    سدائين سچ مان چوان، سچ چوڻ آ سرويچي،
    وڃي هي ڪٽجي بدن، ڪٽجي پر زبان نه وڃي.
    *
    مسجد جي در کان ٿيندو، وڃان ٿو صنم جي در،
    اڄ سجدو هي خدا جو قضا ٿو ڪري وٺان.
    هن جي صوفياڻي خيال جو هيءُ رنگ ۽ اظهار ڏسو:
    ڇو ڏيارين ٿو هي مندر ڀلا مسجد جا چڪر،
    اسان محبت ۾ ڪو مذهب نه ڌرم رکون ٿا.
    *
    خاڪ آ هو ڇو چوان، نمرود کي يارو خدا،
    جو خدا سڀ جو خدا، مون کي خدا اهڙو کپي.
    .....
    وڇڙيو آ ڪنهن طريقي سان، آدم جو هي اولاد،
    مسجد ۾ رهجي ويا ڪي مندر ۾ رهجي ويا.

    هونئن ته شاعري شاعر جي انيڪ خيالن، ڪيفيتن، احساسن، مشاهدن ۽ زندگيءَ جي تجربن جو نِچوڙ هوندي آهي، پر استاد پيرل قمبر تي رومانوي شاعريءَ جو رنگ وڌيڪ حاوي هو. هن جي رومانويت گهڻي ڀاڱي روايتي آهي، پر اُن ۾ به هن جي شاعراڻي ڏات ۽ احساس جي تازگي ۽ شائستگي هن جي اظهار کي انفراديت جو رنگ بخشين ٿيون. چوي ٿو:
    ”پيرل قمبر“ کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد،
    مِٽيءَ جي بُت جي توکان مان ڪهڙي بَها وٺان.
    *
    غير سان ڪر آبِ ڪوثر جو بيان،
    مون سان تون پنهنجي پگهر جي ڳالهه ڪر.
    *
    نه کڻ اکيون مان ادا کي قضا چئي نه وجهان،
    دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان،
    بغير پردي نه مستن جي آ تون محفل ۾،
    مٽيءَ جي بُت کي مبادا، خدا چئي نه وجهان.
    *
    تو بُت جي بندگيءَ ۾ جو محبوب آ مزو،
    مون کي نظر ۾ ٻي ڪا عبادت نه ٿي ملي.
    *
    گلشن ۾ وڃي هي تون، زلفن کي نه ڦيرائج،
    ڪنڊن جي ڀي چُهنبن تي سئو گئونچ ڦُٽي پوندا!
    *
    جهل تون رُخسار جو تِرُ، ڪاڏي مڪي مان ئي وڃان،
    حجر اسود آ هتي، هتڙي هجڻ جي بدران.
    *
    رُخ تان ايئن نه تون ڪر پردو پري پري،
    ويندس مري مان سِڪَ جا سجدا ڪري ڪري.

    استاد پيرل پنهنجي رومانوي شاعرانه مزاج سبب جيتوڻيڪ گهڻي ڀاڱي غزل جي صنف ۾ لکيو. سندس شاگرد ۽ خود استاد شاعر سرمد چانڊيي هن جي غزل جي مهارت تي کيس داد ڏيندي لکيو ته:
    ”استاد پيرل قمبر متضاد غزل جي پيشڪش جو بادشاهه هو، استاد جي غزل جو معراج متضاد تخيل آهي.
    چنڊ جي تون روشني سان جهول ڀر،
    مون کي ٻُڪ ۾ يار! ٽانڊاڻو ته ڏي!

    يا
    ويڄن جو در وٺان يا تنهنجي خاڪ پا وٺان!
    هن درد نامراد جي ڪنهن کان دوا وٺان؟

    منهنجي مٿي تي گر هجي خودمختياري تاج،
    سارو لُٽي خزانو مان اک جي ادا وٺان.

    هر آدمي جي دل ٿو ڏسان آهي داغ داغ!
    ڪنهن سان مٽائي پنهنجي مان قسمت قضا وٺان!
    اهڙو ته ڪاروبار ڪڏهن مون نه ڏٺو_ ڪيو،
    وِڪڻي ثنا ٻَهر جي مان، گهر جي گِلا وٺان!
    جنهن کي خوشي سان دوستو! پالي نه مان سگهان،
    زلفن جو وٺان نانگ يا اک جي بلا وٺان!
    اڳ ۾ اکيون ملائي مان پارت ٿو پو ڪيان،
    هڪ وقت ۾ ٿو درد ۽ ان جي دوا وٺان!
    ”پيرل قمبر“ کي تون ڪري ڇڏ مفت ۾ خريد!
    مِٽي جي بُت جي توکان مان ڪهڙي بَها وٺان!

    استاد پيرل قمبر جو متضاد تخيل، سنڌ ۾ ڪن ٿورن شاعرن کي نصيب ٿيو هوندو. 1
    هن غزل ۾ انيڪ تجربا پڻ ڪيا، ننڍي کان ننڍو بحر ۽ طويل ترين بحر استاد پيرل جي غزلن ۾ ملن ٿا. ننڍي بحر ۾ ايندو ته ههڙو حَسين اظهار ڪندو:
    رات ڪيڏي به ڏيندو قسمت ۾،
    ڪري سجدو وري سحر ايندو.
    يا وري سندس هيءُ شعر ڏسو:
    مون کي سُڌِ آ، سنڌ کي سنڌي،
    پڪ مڃيندا ماتا هوندا.

    وري جي ڊگهي بحر تي ايندو ته به هن جو اظهار منفرد، مثال طور:
    يا ته تيرِ نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر،
    ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن، بند بحرِ خدا تون قتلِ عام ڪر.
    استاد پيرل جي عاشقيءَ ۽ مجاز جي دنيا ۾ رڳو هن جا محبوب ۽ رومانوي تصور نه هئا پر اُن ۾ سنڌ به سدائين موجود رهي. سنڌي شاعري هجي ۽ اُن ۾ ”سنڌ“ استعاري، محور ۽ محبت جو موضوع نه هجي! اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ ۽ سو به وري استاد پيرل جهڙي باڪمال شاعر ۾! هن جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عاشقيءَ جي اظهار جا رنگ ڏسو:
    اي سنڌ! تنهنجو ڪين ڪڏهن در ڇڏي ڏبو،
    تنهنجو نه ڇڏبو ساٿ، پنهنجو سِر ڇڏي ڏبو.
    مونث هجون يا مذڪر توسان هي قول آ،
    آواز تو ڏنو ته، وَني وَر ڇڏي ڏبو.

    ورهاڱي جا وَڍَ سدائين استاد پيرل جي روح جا چاڪ چڪائيندا هئا. سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏي وڃڻ تي ڇا ته هن جو روح تڙپيو آ، چوي ٿو:
    تون سنڌي ٿي ٿو سنڌ ڇڏين،
    تون ڪاتي ٿي ٿو ڪنڌ ڇڏين،
    تون راندي ٿي ٿو رند ڇڏين،
    تون مئڪش ٿي ٿو منڌ ڇڏين،
    مان تولاءِ تاڪ نه کوليندس،
    مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس.
    يا وري هي اظهار ڏسو:
    مان تولئه پاڻ نه روليندس،
    مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس،
    مان آڱر نه ٻڌندس اڳڙيءَ ۾،
    مان لعل نه ٻڌندس لغڙيءَ ۾،
    مان پيار نه ٻڌندس پڳڙيءَ ۾،
    مان گيدي نه سهندس سنڌڙيءَ ۾،
    مان سورهيه پڙ ڏي سوريندس،
    ...
    ڀل ”پيرل“ ڪوبه ويس ڏيو،
    پر ويس ۾ کٿيون کيس ڏيو،
    ٻيو لبن تي ڪونه لبيس ڏيو،
    او سنگدل سنڌو ديس ڏيو،
    مان ٻول نه ٻيا ڪي ٻوليندس،
    مان ٻيجل ٻيو ڪو ڳوليندس.
    *
    سنڌ سان هن جي محبت به الستي هئي، چوي ٿو:
    غلاميءَ جو هو ڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
    ڪٿي لوهه هلڪو نه ٿيندو، نه ٿيندو،
    صدق سان نهاريو پنهنجي سنڌڙيءَ ڏي،
    اهو ڪنڌ ڪو ڪو نه ٿيندو نه ٿيندو.
    *
    خزان جي پنن جان نه ڇڻجو نه ڇڻجو،
    شهادت ۾ سِر کي نه ڳڻجو نه ڳڻجو،
    متان پنهنجي سنڌ کي وساري به ويهو،
    اهو لعنتاڻو نه کڻجو نه کڻجو.

    استاد پيرل جو پنهنجو تعلق هڪ غريب گهر سان هو، هو پاڻ به ان طبقي منجهان هو ۽ ايئن نه هو ته هن کي غربت جو احساس يا ان طبقي جي درد جو احساس رڳو پنهنجي مشاهدي ۽ ذاتي تجربي جي ڪري هو، ان سان گڏ کيس ان جو پورو طبقاتي شعور به هو، جنهن جو اظهار هو انيڪ جاين تي ڪري ٿو، مثال طور:
    آهن عجب دنيا ۾ قدرت جا ڪارخانا،
    ڪو پيٽ لئه پريشان، ڪنهن وٽ ڀريل خزانا.
    *
    اڄ هن طرح زمانو ٿو ضعيفن کي ستائي،
    دنيا ۾ ڄڻ غريب جو پروردگار ڪونهي.
    *
    ٿا اسان تڪڙو اچئون توکي ڏسي بُکَ جا بُکيا،
    هاءِ عزرائيل تو وٽ مانيءَ کن ته هوندو ضرور.
    *
    اڃا ته تن جي نصيبن ۾ آهي لوڻ ۽ لَسي،
    مارن کي مولا کنڊون کير ڪڏهن بخشيندين.
    *
    ٿو مري هر ڪو مگر هِي هِي مُئو، هُو هُو مُئو،
    ڪنهن جي مانيءَ تي ٿِي ماني، ڪنهن جِي ماني ڪانه ٿِي.

    هن کان جڏهن هڪ انٽرويوءَ ۾ عبدالواحد سومري ۽ ضمير کرل سندس پسنديده شعر ٻُڌائڻ لاءِ چيو ته استاد پيرل 43 صنفن ۽ پنجن ٻولين ۾ چيل ستاويهه هزار شعرن مان وري به پنهنجي جنهن شعر جي چونڊ ڪئي، اهو سندس طبقاتي شعور جو حامل شعر آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو:
    ڪهڙو شجر جي هيٺان ويهي ڪو حال ڏيون،
    هن دل ۾ زخم آ ته هُتي وڻ ۾ پور آ،
    ان کي چيم ته چور ڇا ڪڇ ۾ لڪايو اٿئي،
    ڊڄندي اُٿي چيائين هي مانيءَ جو ڀور آ.

    جيتوڻيڪ استاد پيرل کي پنهنجي شاعرانه مرتبي آهر گهربل ميدان نه مليو ۽ هو گهڻي ڀاڱي قمبر ۽ شهدادڪوٽ تائين محدود رهيو پر تنهن هوندي به هن هڪ طرف سرمد چانڊيي، آتش سنڌي ۽ ميهر مجاهد جهڙا پُختا شاعر شاگرد پيدا ڪيا ته ٻئي طرف هن ڀرپور شاعراڻو دور گذاريو، رياضت ٻُرڙو سندس 42 سالن جي اُن شاعرانه سفر کي سموهيندي هن بابت لکي ٿو:
    ”پيرل قمبر جي شاعراڻي زندگيءَ جا 42 کن ورهه شاعرن سان اُٿاويٺي ڪندي، شعرَ پڙهندي ۽ لکندي، مشاعرن ۾ شرڪت ڪندي، پاڻ وٽ شاعرن جون محفلون منعقد ڪندي، ۽ ڪنهن هنڌ حاضر هوندي به، اکيون ٻُوٽي پنهنجي ‘خيال ۾ مگن رهندي’ گذريا.
    پيرل قمبرشاعريءَ جي گهڻين ئي صنفن ۾ شعر سِرجيا آهن، پر هن جي جيڪا شاعري، سندس وفات کان پوءِ، هن جي شاگردن پاران سهيڙي ڇپرايل ٻن ڪتابن – ’اُگهاڙا پير ٽانڊن تي‘ (1997ع) ۽ ’سجدو اُداس آ‘ (2007ع) - ۾ پڌري آهي، تنهن ۾ غزلن جو تعداد وڌيڪ آهي. پيرل قمبر بابت اُنهن ڪتابن ۾ ڏنل تعارفن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ڪجهه سنڌي فلمن جهڙوڪ ’پرديسي‘ (21 اپريل 1958ع)، ’پَرائي زمين‘ (14 آگسٽ 1958ع)، ’گهونگهٽ لاهه ڪنوار‘ (1970)، ’سورٺ‘ (8 جُون 1973ع)، ’سوڍا پُٽ سنڌ جا‘ (7 ڊسمبر 1973ع)، ’غيرت جو سوال‘ (18 آڪٽوبر 1974ع) ۽ ’هاري‘ جا ڪلام/ گيت به لکيا. اُنهن فلمن مان ڪي ته هِٽ فلمون آهن، جيڪي عيدن جي موقعن تي جاري (رليز) ٿيون. ان مان ڪَٿ ڪري سگهجي ٿي ته پيرل قمبر تنهن وقت مشهور ۽ مقبول شاعر هو ۽ سندس ڪلامن کي پسنديدگيءَ جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، جو هڪ پُٺتي پيل ۽ پاسائتي علائقي جي رهائشي هئڻ باوجود کانئس فلمي گيت لکرايا ويا. ڏک اهو آهي ته استاد جي انهن مشهور فلمي گيتن جو شايد ته ڪنهن به ليکڪ يا ماڻهوءَ وٽ ڪو رڪارڊ ناهي ۽ نه ئي ڪا مفصل ڄاڻ آهي ته پيرل قمبر جا انهن فلمن ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا گيت شامل هئا، اهي ڪنهن ڳايا ۽ انهن جي موسيقي ڪنهن ترتيب ڏني. ڇا اهي گيت محفوظ آهن؟ يا وقت جي وِٿين ۾ وڃائجي ويا آهن؟ مون انٽرنيٽ تي وس آهر ڳولا ڪئي، گهڻيون ئي ويب سائيٽون کوليون، پر مون کي ’هاري‘ فلم جي ڪا ڄاڻ نه ملي، جڏهن ته ٻين فلمن جي انتهائي محدود ڄاڻ/ ڊيٽا ملي سگهي، جنهن مان انهن فلمن جي جاري ٿيڻ جون تاريخون درج ڪيون اٿم. ان کان سواءِ يُوٽيوب تي ’پرديسي‘ فلم جو صرف هڪ گيت ۽ ’غيرت جو سوال‘ فلم جا ۳ گيت اپلوڊ ڪيل هئا، جن مان اهو معلوم نه پئي ٿيو ته اهي ڪنهن جا لکيل آهن، ڇاڪاڻ ته فلمي گيتن ۾ شاعر تخلص لکي نه سگهندا آهن. هڪڙو ٻيو طريقو استاد جي انهن فلمي گيتن لهڻ جو اهو ٿي سگهي ٿو ته اڳي مختلف فلمي گيتن جون چوپڙيون پڻ ڇپجنديون هيون، جيڪڏهن انهن چوپڙين جي ڳولا ڪجي، ته استاد جا فلمي گيت لهي سگهجن ٿا. بهرحال، منهنجو مقصد ان پاسي ڌيان ڏيارائڻ آهي، ته استاد جي فلمي گيتن بابت صحيح ڄاڻ هٿ ڪرڻ ضروري آهي. جڏهن ته هن جي ريڊيو تان نشر ٿيل ڪلامن کي سهيڙڻ جي به گهرج آهي.
    فريبيءَ اڳيان دل ڦُرائي وياسي،
    خزاني مان هڪ شيءِ کُٽائي وياسي
    (پيرل قمبر)
    اميد ٿو رکان ته استاد ’پيرل قمبر‘ جي خزاني مان کُٽل ڪيئي انمول ’وکر‘ هٿ ڪري وٺبا. فلمي گيتن ۽ ريڊيائي ڪلامن سميت، ضرورت استاد ’پيرل قمبر‘ جي انهن ’چوپڙين‘ کي به ڳولڻ ۽ نئين سِر ڇپرائڻ جي آهي، جيڪي هن 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڇپرايون، جن ۾ ’سلامِ محبت‘، ’جذبهءِ دل‘ (يا ’جذبهءِ محبت‘)، ’باغِ فردوس‘، ’يادگارِ زندگي‘، ’نِگاههِ محبت‘ ۽ ’تصويرِ صنم‘ شامل آهن.“2
    استاد پيرل موسيقيءَ جو عاشق ۽ ڄاڻو، گائڪيءَ ۾ لئي جو وڏو پارکو، هن جا جيڪي ڪلام فلمن ۾ ڳاتا ويا، اُنهن ۾ هو موسيقارن سان پاڻ راتين جون راتيون ويهندو هو ۽ هو تيسين اُنهن کي تسليم نه ڪندو هو، جيسين سندس شاعرانه ۽ موسيقيت مان ڳوهيل دل ان تي مُهر ثبت نه ڪندي هئي. هن کي پنهنجي وقت جي مشهور ڳائڻن ڪمپوز ڪيو ۽ ڳايو، جن ۾ خاص طور تي ملڪ جو مشهور موسيقار مسعود رانا، سنڌ جا مڃيل قمبر جا مشهور راڳي استاد محرم، استاد اشرف علي، استاد موج علي خان، ماسٽر منظور جو پيءُ استاد مکڻو فقير، مائي وسائي ۽ ٻيا انيڪ شامل آهن. هو جيڪو عجيب مزاج رکندڙ ماڻهو هو، پنهنجي پگهار جو چڱو حصو پاڙي جي ٻارن کي خرچيون ڏئي ورهائي ڇڏيندو هو، جو هن کي دنيا جا سڀ ٻار هڪ جهڙا حَسين، معصوم ۽ پنهنجا لڳندا هئا، جو پاڻ شادي ڪونه ڪيائين. هن جا رُساما ۽ پرچاڻا به ٻارن جيان هوندا هئا. قمبر جي يارن کان رُسي ته سڌو شهدادڪوٽ ۽ جي اُتي سنگت سان ناراض ٿئي ته قمبر...! سندس زندگي سراپا سندس هن شعر جيان هئي:
    زندان ۾ هئي چرپر خاموش دهن ۾،
    هُتي ننڊ اکين ۾ هِتي دار و رسن هو،
    هتي سِرُ تي خاڪ ۽ بُتَ تي ڪفن هو،
    هُتي محل ۾ موج ۽ هِتي مٽيءَ ۾ بدن هو.

    استاد پيرل قمبر کي هونئن ته برطانيه جي راڻي الزبيٿ جي پُٽ چارلس جي تاج پوشيءَ تي چيل شعر تي راڻيءَ پاران ذاتي طور لکيل خط، شهنشاههِ ايران پاران مليل گولڊ ميڊل ۽ شهيد ڀُٽي کان مليل ايوارڊن سميت انيڪ انعام مليا پر هن جو اصل انعام هن جي شاعري ۽ ماڻهن طرفان مليل کيس انمول محبت هئي. هو پنهنجي زندگيءَ کي پاڻ هينئن ٿو بيان ڪري:
    نقشا وفا جا بي وفا جي گهر ۾ رهجي ويا،
    پارس جا جگر راهه جي پٿر ۾ رهجي ويا،
    هٿ تي ڪِريا زمين تي ڪِريا، قلم تي ڪِريا،
    باقي رهيا جي اشڪ، سي ڪاڳر ۾ رهجي ويا.

    هر انسانن جو پنهنجو مزاج ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجون حُسناڪيون ۽ ڪمزوريون به پاڻ سان گڏ گڏ کڻي ٿو هلي. استاد پيرل جي شخصيت ۽ شاعريءَ ۾ به ٻه ڪمزوريون هيون، جن هن جي شاعريءَ جو فڪري دائرو محدود ڪري ڇڏيو ۽ اُهي هيون هن جي مطالعي کان چِڙَ ۽ ٻيو سياست يا پنهنجي دور جي محرڪن کان لاتعلقي. مان سمجهان ٿو ته جي استاد پيرل جهڙو استاد شاعر معياري مطالعو به ڪندو رهي ها يا پاڻ کان وڌيڪ باشعور ماڻهن جي محفلن ۾ گهڻو اُٿندو ويهندو رهي ها ته هن جي تفڪر جو دائرو تمام وسيع ٿئي ها، هن جي شاعريءَ کي فني بلوغت سان گڏ موضوعاتي وُسعت ملي ها ۽ جيئن هو روايتي شاعريءَ جي لاڙن جو شڪار ٿيو آهي، هُو ان کان بچي وڃي ها. مثال طور جيڪڏهن شيخ اياز رڳو پنهنجي فني استاد کيئل داس فاني (جيتوڻيڪ کيئل داس فاني به جديد شاعريءَ جي مُهندارن مان هو) جي دائري تائين محدود هجي ها ۽ هُو ادب جو وسيع مطالعو نه ڪري ها ۽ پنهنجي دور تحريڪن ۽ تحرڪ کان لاتعلق رهي ها ته شايد هُن جو فن ايئن سِراڻ تي نه سِري ها، جيئن هُو سنڌ جي جديد ادبي اِتهاس تي هڪ سِج جيان اُڀريو. وڏي ڳالهه ته استاد پيرل جي سامهون جديد سنڌي شاعريءَ جو پورو جديد دور شيخ اياز، سندس همعصر ۽ کانئس پوءِ جي نسل جي صورت ۾ سنڌ ۾ اُڀري چڪو هو پر استاد پيرل ان نئين دور کان لاتعلق يا اڻڄاڻ رهيو. هو ادب جا جديد ۽ اُڀرندڙ نوان لاڙا ۽ تجربا سمجهي نه سگهيو. هن جي شاعريءَ جا محرڪ تصور، تخيل ۽ احساس هئا يا وڌ ۾ وڌ مشاهداتي عڪس پر جيڪڏهن سندس فن تي مهارت ۽ اظهار جو ڏانءُ جديد فڪري شاعرانه روايتن سان هم آهنگ ٿئي ها ته هو سنڌ جو ساحر لُڌيانوي هجي ها.
    ٻيو ته نظر ايئن ٿو اچي ته استاد پيرل جيئن مطالعي کان پاسيرو رهيو تيئن هو پنهنجي دور جي سياسي تحريڪن يا سماج جي اُٿل پُٿل کان به پاسيرو رهيو، نه ته ون يونٽ جي دور جيئن سنڌي شاعريءَ کي اظهار جا بي مثال محرڪ، انداز ۽ موضوع ڏنا هئا، اُهي استاد پيرل جي صورت ۾ پڻ پنهنجو غيرمعمولي اظهار ڪن ها پر ايئن نه ٿيو. جيتوڻيڪ هن جي شاعريءَ ۾ مزاحمتي رنگ به آهي پر اهو پنهنجي همعصر دور جي ڀرپور ۽ گهڻ طرفي ترجماني ڪندي نظر نه ٿو اچي، جيئن اُهو نياز همايونيءَ، استاد بخاريءَ، ابراهيم منشيءَ ۽ ٻين انيڪ شاعرن جي صورت ۾ ڪري ٿو. استاد تي گهڻو اثر فارسي شاعريءَ جو هو، هن پاڻ به فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي. ان ڪمزوريءَ کيس فڪري ۽ موضوعاتي طور محدود رکيو. نه ته سندس شاعرانه درجو ته اهو هو جو پليجو صاحب سدائين پنهنجي نِجي ڪچهرين ۾ ڊاڪٽر نظير شيخ ۽ ٻين دوستن کان استاد پيرل جا ڪلام فرمائش ڪري ٻُڌندو هو، جنهن ۾ خاص طور تي سندس اهو مشهور غزل، جنهن ۾ هو چوي ٿو:
    وار آلا جي ڪُلهن تي، تون سنواري وجهندينءَ،
    ڪيئي مهمير خدا ڄاڻي تون ماري وجهندينءَ.
    اهڙن موقعن تي مون کي سدائين دل ۾ اها حسرت پيدا ٿيندي هئي ته ڪاش استاد پيرل جي حياتيءَ ۾ پليجي صاحب جهڙي پارکوءَ پاران کيس اهڙي مڃتا روبرو ملي ها پر وقت جون پنهنجون مجبوريون ۽ نزاڪتون آهن. مون کي يقين آهي ته هو پليجي صاحب پاران مليل اهڙي مڃتا کي برطانيه جي راڻيءَ ايلزبيٿ ۽ شهنشاهه ايران پاران موڪليل گولڊ ميڊل کان وڌيڪ اهم سمجهي ها.
    اقبال کان بيحد متاثر سنڌ جي هن رومانوي ۽ فقير صفت شاعر استاد پيرل کي پڻ اقبال جيتري ئي زندگي يعني 62 سال نصيب ٿي. استاد پيرل جسماني طور ته 24 ڊسمبر 1994ع تي هيءُ جهان ڇڏي ويو پر هو اڄ به سنڌ جي دل وارن جي محفلن ۾ پنهنجيءَ دلبر شاعريءَ سبب زندهه رهندو آهي. هونئن به ڪائنات جون حُسناڪيون اندر ۾ سانڍي هلندڙ شاعر ڪيئن ٿو مري سگهي. هو چوي ٿو:
    پيرل قمبر وفا جو جنازو ويو اڏي،
    ڪوئي هوا مان لاش لهي ڪيئن ٿو سگهي.


    جامي چانڊيو
    (ستين جنوري ٻه هزار سورنهن)
    حيدرآباد


    بابا سائين پيرل قمبر

    17 جولاءِ 1933ع تي امام بخش سومري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هڪڙو ٻالڪ جنهن کي پير محمد جو نانءُ ڏنو ويو. ٻالڪپڻ کان وٺي زندگيءَ جون 61 بهارون هن ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙي حالات ۾ گذاريون هونديون، سندس بنيادي تعليم، تعليمي ميدان ۾ سندس علمي معيار، جنهن جي بنياد تي هو استاد ٿي رهيو، استاد به استاد...! جنهن کي ياد ڪري اڄ به سندس شاگرد الاءِ ڪهڙيون تشبيهون ڏيندي نظر ايندا آهن ۽ اهي سندس شاگرد اڄ تمام وڏن عهدن تي فائز آهن. ان کان علاوه سندس اها سڃاڻپ جنهن کيس پير محمد مان ”پيرل قمبر“ بڻايو ۽ سندس اهڙي پختي سڃاڻپ ٿي جو پيرل قمبر ته ٿيو پر ”استاد پيرل قمبر“ ٿي ويو. هي منهنجي زندگي کان گهڻو اڳ جو احوال آهي، اهو ته لکڻ لاءِ تمام گهڻو اسپيس کپي. تنهن ڪري ايتري ڊگهي پچار نه ٿو ڪريان. پر سندس زندگي جا ڪجهه آخري سال جنهن کي هڪ ڏهاڪو ئي چئي سگهجي ٿو. ان ڏهاڪي ۾ استاد پيرل قمبر جي زندگي جو جيڪو روپ نظر آيو، ان مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو مهان شخصيت جو مالڪ هو. استاد پيرل قمبر پنهنجي ذاتي توڙي ادبي زندگي ۾ اهڙو معيار ٺاهيو هو جنهن کي هر دور جو ماڻهو چئي سگهجي ٿو ۽ مون کي تمام گهڻي خوشي ان ڳالهه جي به ٿي رهي آهي ته هو منهنجي نانا جو سڳو ڀاءُ هيو. اها ڳالهه مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪين آهي. مون شعور سنڀاريو ته پنهنجي نانا سائين: (جنهن کي مان بابا سائين چوندو آهيان) بابا سائين ”پيرل قمبر“ جا يادگار ميڙڪا، يادگار ڪچهريون، يادگار گيت، ڪجهه خاص مهاورا، ڪجهه ڳالهيون، ڪجهه اهڙا لفظ جيڪي هو بار بار دهرائيندو هو ۽ سندس زندگي جا اهي لمحا (جيڪي ريڪارڊ ڪرڻ جهڙا هئا) سي هر اهلِ علم، ادبي شعور رکندڙ ماڻهو، توڙي ساڻس گڏ رهندڙ دوستن ۽ شاگردن جي واتان ٻڌندو آهيان، ته پنهنجي وجود ۾ نه ماپندو آهيان ته اهڙي شخصيت جو مالڪ منهنجو نانا سائين هيو. جنهن کي اڄ ماڻهو استاد پيرل قمبر جي ناءُ سان ياد ڪن ٿا. پر، سوچ هڪڙي ٻڏتر ۾ ضرور وڃي ڦاسندي آهي ته هي هڪڙو سادو، حد کان وڌيڪ سچو، ايماندار، تمام حساس، سخي مرد، اهلِ علم ماڻهو، ۽ تمام بهترين شاعر_آخر پاڻ کي ڪهڙي ماپي ۾ ماپيندو رهيو، آخر ڪهڙي ڪيفيت ۾ رهيو، جو گهڻو ڪجهه هجڻ جي باوجود، ظاهري طور ڪجهه به نظر نه آيو. بس محدود رهيو پنهنجي ان اوطاق نما ڪوٺڙي ۾، جنهن کي بزمِ پيرل سڏيو ويندو هو.
    شاعري جي دنيا ۾ هزارن جي تعداد ۾ شعر لکيائين، ڇپائڻ جي خواهش کان گهڻو پري، شعر پڙهڻ جو ڪوڏيو، پر مشاعري تي وڃڻ کان انڪاري، موسيقي جي فن جو سُٺو ڄاڻو، شاعري ڳارائڻ کان پري! مطلب ڪجهه اهڙيون عجيب ڪيفيتون جيڪي پچارڻ جهڙيون ته آهن پر حيرت ۾ وجهڻ جهڙيون به آهن. ته هو ڪهڙو ديوتا جو روپ رکندڙ شخص هو جيڪو دنياداري کان گهڻو پري رهيو.
    ان جو چٽو ثبوت اهو به آهي ته پنهنجي زندگي ۾ ڪو به ڪتاب نه ڇپرايائين ۽ نه ئي ڪو پنهنجو مواد سهيڙڻ جو شوق رکيائين، نه ڪنهن راڳي جي گهر وڃي، يا کيس خط لکي شوق ڏيکاريائين ته سندس گيت رڪارڊ ٿئي. جيڪڏهن چند گيت رڪارڊ ٿيا هوندا ته انهن راڳين جي شوق استاد جا گيت ڪٿان هٿ ڪيا هوندا. اهڙي ريت استاد پيرل قمبر جي ڪا ڊائري اسان کي هٿ نه آئي، جنهن تي سندس مواد ڪنهن ترتيب سان لکيل هجي. بس ان دور جا ڪجهه بُڪ، جيڪو ڪجهه محسوس ڪندو هو سو لکندو ويندو هو. انهن شعرن کي به ڪنهن هڪ بُڪ تي نه لکيائين ڪجهه بند هڪ بُڪ ۾ ته ڪجهه ٻي بُڪ ۾، انهن مان سهيڙ ڪرڻي پئي تڏهن هي ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ جي نالي سان ترتيب ڏئي سگهياسين.
    استاد پيرل قمبر جي شاعري ۾ علمِ عروض کان وٺي نظرياتي، فڪري، احساساتي، پختگي ڪيتري آهي اهو ته وقت جو نقاد ئي سمجهي سگهي ٿو مان ان حوالي سان ڪا به راءِ نه ڏيندس ڇو ته مان سندس شاعري تي ڳالهائڻ جي سگهه ئي نه ٿو رکان، بس جيڪو ڪجهه سندس هٿ اکر مواد اسان کي ان وقت جي بُڪن تان هٿ آيو آهي اهو جيئن جو تيئن هن ڪتاب ۾ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    هي استاد پيرل قمبر جي ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ متعلق ڪجهه حقيقتون هيون جيڪي بيان ڪرڻ ضروري سمجهيم. ان کان اول استاد پيرل جي شاعري جا ٻه ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن ۽ هڪڙو استاد پيرل جي زندگي ۽ شاعري تي مضمونن جو پڻ ڪتاب شايع ٿيل آهي، ان مهل جيڪي مرتب هئا انهن به پنهنجي پنهنجي حال آهر ڪوشش ڪئي هوندي ته ڪتابن جو معيار بهتر هئڻ گهرجي. تيئن ئي استاد پيرل قمبر جي شاعري جي هن ڪتاب ”رهيل چار ڳوڙها“ ۾ به سائين عبدالله شاهه اطهر (جنهن لاءِ اهو ضرور چوندس ته هو استاد پيرل قمبر جو جانشين رهيو آهي) جي بيحد محنت ۽ ڪوشش سان هڪ هڪ سٽ، کي ترتيب ڏئي ڇپائي جي قابل بڻايو آهي، ڇو ته مان پهريائين اهو واضع ڪري آيو آهيان ته استاد پيرل جي شاعري مان هڪ هڪ شعر به هڪ ئي بُڪ تان نه مليو آهي، تنهن ڪري الائي ڪيترن بُڪن کي جاچڻو پيو جو ڪم مڪمل ٿيو ۽ ڇپائي جي مرحلي تائين پهتو. اهو سڄو ڪريڊٽ سائين عبدالله شاهه ’اطهر‘ ڏانهن وڃي ٿو. ان سان گڏوگڏ سنڌ جي نامياري دانشور ۽ ليکڪ سائين جامي چانڊيي جا به ٿورائتا آهيون جنهن استاد جي شاعري تي تاريخي مهاڳ لکي ڏنو. سنڌ جي بهترين شاعر محترم سائين اياز گل صاحب جا به وڏا وڙ جنهن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکي ڏنو، پياري ساٿي مرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ ’مرتضى لغاري‘ پڻ اسان جي هن گذارش کي لبيڪ چيو ۽ پنهنجو قيمتي وقت اسان جي حوالي ڪيو ان سڄي صورتِحال ۾ اسان سان ڀاڱي ڀائيوار رهيو ۽ پرنٽنگ جو مرحلو به تمام خوبصورت انداز سان پورو ڪيائين. ان کان علاوه ڪنول پبليڪيشن جي باني پياري دوست سعيد سومري جا به ٿورائتا آهيون جنهن هر ممڪن مدد ڪئي. پياري دوست پريتم قاضي جا به ٿورا جنهن ڪئليگرافي ڪئي ۽ استاد پيرل جو ڦوٽو اسڪيچ به ٺهرائي ڏنو. ان کان علاوه پياري ساٿي نذير مستوئي ۽ ڊاڪٽر آر ڪي ڪي جا به ٿورا جيڪي هن ڪم ۾ اسان جا سهڪاري رهيا. پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت جا ڪارڪنن توڙي عهديدارن کي به وساري نه ٿو سگهجي جن هر وقت سڏ ۾ سڏ ڏنو.

    جنيد علي سومرو
    سرپرستِ اعلى
    پيرل قمبر ادبي سماجي سنگت سنڌ
    03342013735
    junaidali_pqass@yahoo.com


    حمد

    او! پروردگارا، سڄي جڳ جا والي،
    تنهنجي ذات پاڪ آ، سڀن کان نرالي.

    مٽي خاڪ مان تو، هي بوتو آ ٺاهيو،
    وجهي روح بوتي ۾ آدم بنايو،
    سڏِن سڀ ٿا توکي ته صاحبِ ڪمالي.

    آهين تون ئي رازق، رزق تو حوالي،
    پنهنجي تون نظّر سان ڏين سڀ کي سنڀالي،
    بُرن کي به خالق، ڇڏين ڪين خالي.

    ڪڏهن باهه مان تو، خليل آ بچايو،
    ڪڏهن ڪرٽ سان ذڪريه کي چيرايو،
    ڪڏهن رحم وارو، ڪڏهن آن جلالي.

    ڏسي ڏوهه ٿي بس، سڄي جان ٿڙڪي،
    ڪندين معاف مولى محمدﷺ جي صدقي،
    سدائين آ ”پيرل“ تنهنجي در سوالي.
    **


    نعت

    نعت

    الله تون! پر اسان ۽ تنهنجو، پرين ۽ ان جو پيام هڪ آ،
    تعريف، صفت، ساراهه، وائي، ثنا، درود و سلام هڪ آ.

    نبي تو مولى معراج آندو، مدينو هڪ آ معراج پنهنجو،
    عرشِ مُعلى ۽ ٻيو مدينو، معلوم ٿيو تا مقام هڪ آ.

    هيڏانهن احد ۽ هوڏانهن احمد، فقط آ ميم جو اکر ئي گهٽ وڌ،
    نظام مرسل، نظام تنهنجو، نظر ڪبي تا نظام هڪ آ.

    زمين فلڪ جو، ڄاتل سڃاتل، پو ڀي غريبت جو ويس پاتل،
    هو آ وَڌِڪ پر حالي جي ڏسجي، گدا ۽ شاهه جو غلام هڪ آ.

    رڳو نه ”پيرل“ مون کان پڄن ٿيون، چتُن جو چهنبان به هئين چون ٿيون،
    چون ٿيون ڪملي واري جو رايو ۽ هادي رب جو ڪلام هڪ آ.
    **

    نعت

    توکي پتو ڇا سُڌ وري، مون خبر هي ڇا،
    توکي اهي اکيون ڪٿي، مون کي نظر هي ڇا،
    گل ڦل پکي پرندا ۽ شاخ و شجر هي ڇا،
    حوران پريون ملڪ ٻيا، جن و بشر هي ڇا،
    الله ئي ڄاڻي ٿو عظمت رسول جي_
    آدم جي حد کان زور، آ عزت رسول جي.

    چمڪي فلڪ تي ماهه پيو، صدقي رسول جي،
    توکي اسان کي ساهه پيو، صدقي رسول جي،
    بڻجي گدا ۽ شاهه پيو، صدقي رسول جي،
    سنسار ٿي واهه واهه پيو، صدقي رسول جي،
    ڪيڏي نه اسان تي آ، عنايت رسول جي_
    شمرو هوندو ڪندو جو، شڪايت رسول جي.

    هن در تي تونگرن جي، سدا تونگري جهڪي،
    خوشحال باڪمال ٿي، کوٽي کري جهڪي،
    هيڪر جهڪي جهڪي سا ٿي ٻيهر وري جهڪي،
    جبرائيل ٿو جهڪي هتي، حور و پري جهڪي،
    ڪيڏي آ نازدار نبوت رسول جي_
    قادر آ قرب سان لکي، قسمت رسول جي.

    آڱر اُٿي ته اُڀ تي، ٽڪر چنڊ ٿي پيو،
    دل سان دعا گهريائون ته، بي جان جيءَ پيو،
    جلوو ٿيو ته بُت به، جبين ڀر جهڪي پيو،
    ديدار لاءِ نانگ ڀي، ڪِٿ هو لڪي پيو،
    جهنگ جي بلا به آ مڃي، بعيت رسول جي_
    تون نور جي نه ٿو مڃين، نصرت رسول جي.

    صلوات ساڻ چپڙا هي، چوري وري ڇڏيان،
    سِڪ جا سڳا سجاڳ ٿي، سوري وري ڇڏيان،
    ڏونگر ڏکيو، ڏکيو اچي، ڏوري وري ڇڏيان،
    هٿ ۾ هجي ترازو ته! توري وري ڇڏيان،
    هوڏانهن هزار سِر هيڏانهن_ سيرت رسول جي_
    ته به ملڪ کان وڌي پئي، محبت رسول جي.

    ڇا ظلم جي زنجير ۾، عابد اسير ٿيو،
    بيتاب پاڻي لاءِ هو، اصغر صغير ٿيو،
    نوري بدن تي بي جرم، تيرن تي تير ٿيو،
    قربان ڪربلا ۾، پيرن جو پير ٿيو،
    لرزان ٿي مديني ۾_ تربت رسول جي_
    گويا ڪي هئي شهادت، شهادت رسول جي.

    اُلفت جو دم اي ”پيرل“، انسان کان پڇيم،
    مقداد کان، بلال کان، سلمان کان پڇيم،
    اويس_ دين، مذهب، ايمان کان پڇيم،
    ڪعبي کان ڪوههِ طور کان، قرآن کان پڇيم،
    سڀ ڪنهن چيو آ افضل_ محبت رسول جي_
    الله سان ملائي ٿي، الفت رسول جي.
    **


    مرثيو ( امام حسن ع)

    وِلا امامِ حسن سان گڏجي، پهر به آيو زهر به آيو،
    لبن تي لب لئه ايثار وارو، اثر به آيو امر به آيو.

    ايڏي شرف جي شاههِ رضا کي، ڇا سان نوازي ڇا سان نوازيون،
    قربانين ۾ خطو ۽ قصبو، شرف بندي ۾ شهر به آيو.

    شهيد ٿيو تان، شهيد جي هن، کليل ڳوڙهن جي رسم بندي ۾،
    ڪٿان کان هي ڏس شريڪ ٿيڻ، لئه ڪڪر به آيو ابر به آيو.

    رضا صبر جي صورت ۾ يارو، رضا الله جي ڪرڻ جي خاطر،
    گوڏا جهڪائي تڏي تي مومن، تارا به آيا قمر به آيو.

    ڪمال ”پيرل قمبر“ به ڏسجي، شهداءَ جي انهن شهادتن ۾،
    اسان اُمت جي ڪُڻي ۾ يارو، ثمر به آيو هِجر به آيو.
    **


    غزل

    مان پيار جي دنيا ۾ ٿو، دل جو دخل ڪيان،

    مان پيار جي دنيا ۾ ٿو، دل جو دخل ڪيان،
    پيدا هي پنهنجي واسطي، ڇا ٿو خلل ڪيان.

    پٿر هجي پٿر کي به، پاڻي ڪري ڇڏيان،
    پر يار اڪ جي پن کي ٿو، ڪاٿي ڪنول ڪيان.

    فرهاد جان پهاڙ ۾، چنجور ڪو نه ها،
    اوزار استعمال ٿو، اک جو ڪجل ڪيان.

    پئي ڪا نه ٿي خبر ڪائي، وحشت ۾ دوستو،
    ڪهڙي طريقي مَنهه کي، موتي محل ڪيان.

    پاڻي، هوا ۽ باهه، مٽي، بُت ”قمبر پيرل“
    هن عنص بي عمل تي مان، ڪهڙو عمل ڪيان.
    **


    مهينا سال ٿيا مون سان، سڄڻ مليو ناهين،

    مهينا سال ٿيا مون سان، سڄڻ مليو ناهين،
    چمن جا گل به کليا، تون مگر کليو ناهين.

    جفا جي راهه ۾ هر هر، ڀُلي جفا ٿو ڪرين،
    وفا جي دڳ ڏي مگر، ڇو ڀلا ڀُليو ناهين.

    رقيب ساڻ ته گهر کان، وئين شهر تائين،
    مون سان ته گام به گڏجي، ڪٿي گهميو ناهين.

    اُتي مان پوري جو پورو، جليس جُدائيءَ ۾،
    سڄڻ تون چوٿين حصي تي به جت جليو ناهين.

    ٻاهر جو سُور ته ”پيرل“ پوي وڃي کڏ ۾،
    اندر جو سُور به ڪنهن ڏينهن ڪو سليو ناهين.
    **


    پرتو صنم آ_ غم جو تون، پرچم کڻي نه ڏي،

    پرتو صنم آ_ غم جو تون، پرچم کڻي نه ڏي،
    اڄ عيد واري ڏينهن تي، ماتم کڻي نه ڏي.

    مان ڇا ڪيان ته درد جي آخر دوا سڄڻ،
    محبن بغير زخم جي، مرهم کڻي نه ڏي.

    ڪيئي دفعا زماني جا، صدما سَٺا اٿم،
    هونئن زهر جو پياڪ هان، زم زم کڻي نه ڏي.

    محلات قِلو پطرا جون، سِسيون کڻي ڏي سَو،
    ڪنجوس کي مگر، سرِ حاتم کڻي نه ڏي.

    رک تون منهنجي ڪلهن تي اُٿي فلڪ ڀي ته پر،
    جنهن ۾ نه بوءِ عشق سو، عالم کڻي نه ڏي.

    منهنجي مٿان ڪنڊن سنديون، ڀريون به سٿ ڀلي،
    آڻي نه دم خِزان ۾ سو، سرگم کڻي نه ڏي.

    هتڙي پڪي ثبوت سان، مجرم آ جو مون کي،
    مجرم جو کڻي سِر ڏي ۽ مجرم کڻي نه ڏي.

    جيڪو وڻئي به محب مون کي سو ئي ڏي کڻي،
    مان ڪيئن چوان ته غم هوندي تون غم کڻي نه ڏي.

    مفلس جي لاش جا تون ٽڪر جوڙي کڻي ڏي،
    ظالم جو مگر لاش تون سالم کڻي نه ڏي.

    غم ئي کڻي ڏي سوئي جو ”پيرل“ ٿئي يادگار،
    جيءَ جو بڻي جنجل جو اهو غم کڻي نه ڏي.
    **


    شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گهر چئي ڏنو،

    شهدادڪوٽ کي مون پنهنجو گهر چئي ڏنو،
    ڪتيون قمر ۽ ڪهڪشان، اختر چئي ڏنو.

    مون کان پُڇائون شهر ۾، ٻيو ڇا پسند اٿئي،
    مسجد چئي ڏني مون هي مندر چئي ڏنو.

    پنهنجي شهر جي ٻار، ٻُڍي ۽ جوان کي،
    سرويچ، سرفروش، سڪندر چئي ڏنو.

    شاعر، اديب، ليکڪ و سالڪ جو حرف حق،
    مون مڪتبِ اقبال جو محور چئي ڏنو.

    شهدادڪوٽ شهر جي، جنهن ڪئي اُٿي گِلا،
    مان اُن ئي رڳو شخص کي، ڪافر چئي ڏنو.

    سهڻو جي آيو آڏو ته لِڱ سرد ٿي ويا،
    مون ماههِ جون کي ئي، ڊسمبر چئي ڏنو.

    منهنجي عزت به جن ڪئي انهن جو پاڻ کي،
    خادم، غلام، ٻانَهو مون نوڪر چئي ڏنو.

    وڻ راهه باغ ڪوٽو موٽو واري چوڪ کي،
    مون باغِ شاليمار جو، منظر چئي ڏنو.

    ماڻهن پڇيو! شهر ٻيو ڪهڙو عزيز اٿئي،
    شاعر ”قمبر پيرل“ مون ’قمبر‘ چئي ڏنو.
    **


    رُخ ان جو ڏسي سُرخ ۽ هر ڪا ٿي ادا سُرخ،

    رُخ ان جو ڏسي سُرخ ۽ هر ڪا ٿي ادا سُرخ،
    اک سُرخ، صبا سُرخ، قضا سُرخ، سزا سُرخ.

    ڪيڏي الائي وقت ۾، هو لعل ٿئي ها،
    مرڪيو صنم ته منٽ ۾، هٿ تي ٿي حنا سُرخ.

    اڳ ۾ ته مٽي خاڪ هئي، ميرانجهڙي خاڪي،
    خونِ حسين جي ڪري ٿي ڪرب و بلا سُرخ.

    مان پانُ ئي کاوان يا لبِ لالي کي چوسيان،
    آ هي به غِذا سُرخ ته آ هو به غذا سُرخ.

    منهنجو بدن هي سارو جو مغرب جي شفق ٿيو،
    اُڏري آ فلسطين کان، شايد ڪا فِضا سُرخ.

    فرعون جي جادوگرن جي نانگ اُڏاريا،
    اُت حضرتِ موسى جي ٿي، سيڪنڊ ۾ حَصا سُرخ.

    هتڙي ته هر ڪو پئسا ڏئي، جند ٿو ڇڏائي،
    ساميءَ ۾ مگر ٿئي ٿي سڄڻ يار پڇا سُرخ.

    مجنونءَ جي جسم جو ته آهي خُون ڀي پيلو،
    هي سوز آهه کان ٿيا هن دشت و بلا سُرخ.

    ”پيرل“ ته لڙايون به لڳيون، ڪيتريون ليڪن،
    رت ساڻ ٿيا ڪو نه مدينا ۽ مَڪا سُرخ.
    **


    هِت درد هزارين غم تي آ غم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان،

    هِت درد هزارين غم تي آ غم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان،
    هِت هر هڪ ڪنڊن تي آ قدم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

    هڪ ڀيرو ته ڇا سَو ڀيرا سڄڻ، هِن دل کي جهليان هن محبت کان،
    پر عشق جو ناهي دين ڌرم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

    تون شهر ۾ منهنجو شان رکين، هر جاءِ تي باقي گوشه نه ڏين،
    تون بر ٿر ۾ ڀي رکجان ڀرم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

    هو روح پيو اُڏري رازده ٿي، هي بادِ صبا پئي نياپو ڏي،
    هو قيص کي ڪاٿي مس ۽ قلم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.

    ٿو موت به هر هڪ ماڻهو مٿان، پرواز ڪري ”پيرل قمبر“
    ڇا دم جي خبر ڪو دير نه دم، مان پنهنجي ڪيان يا تنهنجي ڪيان.
    **


    مان ڪئي نه جفا، تو ڪئي نه وفا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.

    مان ڪئي نه جفا، تو ڪئي نه وفا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.
    تو سوچي سزا، مان بخشي خطا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.

    مان توکي اُتم آباد ڪيو، آباد کي تو برباد ڪيو،
    مان گل جي فضا، تون لُڪَ جي هوا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.

    مان پورو نه هڪ اقرار ڪيو، تو کوڙ دفعا انڪار ڪيو،
    مان هڪڙي خطا، تون خطا تي خطا، هي مون کان پُنو هو توکان پُنو.

    مان جِت به ويس تعريف ئي ٿي، تون جِت به وئين ڪيئي هڪ جي ٻي،
    مان تنهنجي ثنا، تون منهنجي گِلا، هي مون کان پُنو هو تو کان پُنو.

    مان توکي ڏسان تون ٻي کي ڏسين، مان توکان پِنان تون ٻئي کي ڏين،
    مان سُبتي رضا، تون اُبتي قضا، هي مون کان پُنو هو تو کان پُنو.

    مان قياس مهر جو قطرو ئي، تون درد الم جو درجو ئي،
    مان اک جي ادا، تون اک جي بلا، هي مون کان پُنو هو تو کان پُنو.

    ٻئي هئاسين مريض محبت جا، بس وصل ئي ”پيرل“ فرحت جا،
    مان تنهنجي بقا، تون منهنجي فنا، هي مون کان پُنو هو تو کان پُنو.
    **


    ماضي ته گذر ٿيو ماضي سان، گڏ حال زمان ۾ ڪو ته هجي.

    ماضي ته گذر ٿيو ماضي سان، گڏ حال زمان ۾ ڪو ته هجي.
    هن موت مصيبت ۾ مون سان، گڏ اڄ شمشان ۾ ڪو ته هجي.

    ڀل ٻيون ته زبانون کوڙ هجن، پر پنهنجي زبان سان پيار اٿم،
    مان ٻئي جي زبان نه ڄاڻان ٿو، گڏ جنهن جي زبان ۾ ڪو ته هجي.

    اکين جو ڀلا پو ڇا رتبو، ابرن جو ڀلا پو ڇا رتبو،
    جيئن دل جو پکي اُڏري نه وڃي، هڪ تير ڪمان ۾ ڪو ته هجي.

    هن پيار ۾ سڀ جي مرضي آ، پابند نه ڪوئي ڪنهن جو آ،
    ڀل ڪاٿي وڃي ڪو پناهه وٺي، پر دل جي امان ۾ ڪو ته هجي.

    اڄ گهٽ گهٽ سڀ تي يقين آهي، ڏس ڪيئي مُٺين تي ٿڙڪي وڃن،
    جيئن پو به پلئهُ نه ڇڏائي وڃي، بند پنهنجي بيان ۾ ڪو ته هجي.

    هِت سڀَ ئي قسم جا ماڻهو اچن، لک دين ڌرم جا متوالا،
    سڀ مندر مسجد ديول ۾، هڪ ماڻهو مڪان ۾ ڪو ته هجي.

    ڇا جو به اچي سو خالي وڃي، ڪو خير ڏيڻ وارو به نه آ،
    هن هيڏي ساري قطار منجهان، بس داخل دان ۾ ڪو ته هجي.

    انسان گهرن ريءَ نه ٿو ٺهي، ۽ پکي پرن ريءَ نه ٿو ٺهي،
    ڪو ڪين ٺلهي جو ٺلهو هجي، بس جوش جوان ۾ ڪو ته هجي.

    هر پرچي مٿان ”پيرل قمبر“ ٿو اوپريون ڄاڻان ائڊريسون،
    هي دعوت نامون عشق سندو بس جنهن جي مان ۾ ڪو ته هجي.
    **


    نه هئي نڀائڻو! ٻڌاءِ ته پهريان، تنهنجو سلام ۽ ڪلام ڇو هو،

    نه هئي نڀائڻو! ٻڌاءِ ته پهريان، تنهنجو سلام ۽ ڪلام ڇو هو،
    هو پانڌي ڇو هو، هو خطڙو ڇو هو، نياپو سنيهو پيام ڇو هو.

    چريو ته ناهين وفا جا واعدا ڪري وري ڇو ڪٽين ٿو ناتا،
    وفا جي لالچ بنا ٻڌائج، بندو بندي جو غلام ڇو هو.

    جو ڀي ٿيو آ بزم ۾ مئڪش، کِلي ٿي ساغر چپن سان لاتو،
    رڳو عجب آ اسان کي جاني، ڀڳل ٽٽل ڀي نه جام ڇو هو.

    ڪٿان جي اُبتي چوان عدالت، سڄڻ محبت جي فيصلي ۾،
    غصو اوهان جو حلال ڇو هو، غصو اسان جو حرام ڇو هو.

    ”پيرل قمبر“ لئه غصي ۾ تون هئين، باقي ته جڳ پئي کليو ۽ مرڪيو،
    هتي صبح هو، هُتي صبح هو، تنهنجي نگاهن ۾ شام ڇو هو.
    **


    او منهنجا مٺڙا سڄڻ او سائين، وصال تنهنجو ٿي داغ رهندو،

    او منهنجا مٺڙا سڄڻ او سائين، وصال تنهنجو ٿي داغ رهندو،
    هي پور تنهنجو هي سُور تنهنجو، جگر تان دل تان لهي نه سگهندو.

    ماڻهن کان وڌ ها نوري فرشتا، اکين جي اشڪن ڌوتا پئي رستا،
    ڏسي جنازو ڳلن جو ڳوڙهو، سڪي وري ڀي آلو ٿي اٿندو.

    هئين تون ترسيل آيو جو رمضان، هو رمضان مهمان ۽ تون به مهمان،
    بس الهام جيڪو توڏي اُڏي پيو، الهام ٻي ڏي اڏي نه سگهندو.

    جتان هئين لنگهندو اهو ئي دڳ آ، جا هئين پائيندو اها ئي پڳ آ،
    اهو ئي مُصلو اها ئي مسجد، بانگن کي ٻُڌندي بدن پيو ڀرندو.

    ”پيرل قمبر“ جو لکي حرف چند، صفت تنهنجي ۾ سڄڻ او سائين،
    پوري طرح سان پنا ڀريان جي، ڪاڳر ڇا پڄندو قلم ڇا پڄندو.
    **


    اڄ کلندي بهارن مان ٿي خزان، مان موسم مٽايان ڪنهن جي ڪري،

    اڄ کلندي بهارن مان ٿي خزان، مان موسم مٽايان ڪنهن جي ڪري،
    هو ڳوڙها اُگهڻ وارو ئي ويو، مان ڳوڙها وهايان ڪنهن جي ڪري.

    جنهن ناز واري تي ناز هيو، سو ناز وارو ناراض ٿيو،
    اڄ ڪاڪ محل جي ڪنڊ ڪنڊ تي مان خوشيون کنڊايان ڪنهن جي ڪري.

    دل اڌ کان به وڌ وئي ڀورا ٿي، مان سا به وڃي ٿو غم کي ڏيان،
    هو دل جي وٺڻ وارو ئي ويو، مان باقي بچايان ڪنهن جي ڪري.

    اڳ هنڌ ۾ ها پوندا وار ٺهي، اڄ اٽڪي ڦڻي ٿي سينڌ ۾ پئي،
    هن چنڊ ۾ سج جي گرمي آ، مان جيئڙو جلايان ڪنهن جي ڪري.

    جي زخم ٿا جاڳن مان ٿو سمهان، جي زخم ٿا ننڊ ڪن مان ٿو اٿان،
    هن لوڻ مرهم جي مسئلي کي، مان ”پيرل“ نڀايان ڪنهن جي ڪري.
    **


    جوابداري ڪيڏي، سِر مٿان کڻي ويٺس،

    جوابداري ڪيڏي، سِر مٿان کڻي ويٺس،
    وفا جي بي وفا سان، هام اڄ هڻي ويٺس.

    عظيم غلطي اها ڪئي مون آ حياتيءَ ۾،
    ڏسڻ نه کپندو هو جنهن کي، تنهن کي ڏسي ويٺس.

    مونکي رڪارڊ پتنگ جو هو ٽوڙڻو جاني،
    اڃا نه شمع جلي هئي، اڳي پچي ويٺس.

    غصي جي، بيدليءَ جي، شور جي ۽ شوخيءَ جي،
    اِها نه وٺڻي هئي خيرات، مان وٺي ويٺس.

    غلام ٿي ڪري محبوب تي مان رعب رکي،
    ڏيڏر مان خواجه خضر خوب اڄ بڻي ويٺس.

    ائين ته يار مان عزرائيل سان ٿي ڳالهايو،
    سڄڻ جو سامهون آيو ته مان اُٿي ويٺس.

    اچڻ جو اُن ئي چيو هو جتي ته اچجان تون،
    مان هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ اُتي وڃي ويٺس.

    ڊُڪي مون پاڻ وڃي، پاڻ ان سان ڳالهايو،
    هيو جو روزو رکيل سو هينئر ڀڃي ويٺس.

    ائين ته پيار پنهنجو ڪو نه ئي ٿي باسيو مون،
    سڄڻ جي ٿورو رُنو ئي ڪري سچي ويٺس.

    پلاند زلف اکين مان، ڇڏائي آخر ۾،
    هزار نانگ بلائن کان مان بچي ويٺس.

    ويو هو پاڻ اڪيلو، نه مون کي ساڻ کنيئين،
    اجايو سينڌ سنواري مان ڏئي ڦڻي ويٺس.

    توکان وفا ئي نه ملندي، مون کي پڇاڙي تائين،
    ائين نه چوڻو هو مون کي اجايو چئي ويٺس.

    اُٿو ڀڄو ته نجوميءَ ۽ جوڳيءَ کان پڇون،
    مان ئي ته وڻڻو نه هُيس ڇو مگر وڻي ويٺس.

    او يار پاڻ ستمگر سان دل جو سودو ڪري،
    هڻي ته يار چَنَهر مان اِها ڪَڻِي ويٺس.

    اِهو چڪر آ حسينن جي پيار جو ”پيرل“،
    ڪٿي پسند نه هيس ۽ ڪٿي وڻي ويٺس.
    **


    تون همسفر به هجين ساڻ، ۽ سفر به هجي،

    تون همسفر به هجين ساڻ، ۽ سفر به هجي،
    ڀلي هر گام تي پوءِ هيبت و حشر به هجي.

    تڏهن ته عشق حسن هام ڪا هڻي سگهندا،
    جڏهن ڪو گهاٽو جهنگل شير جو گذر به هجي.

    تڏهن ته پنهنجا قدم ان کي لتاڙيندا چاهي،
    هتي شيشو به هجي ۽ هُتي پٿر به هجي.

    ڳڙي ڳوڙهو پو پوي ڳل منجهان هو بوند مثل،
    ڪو جو وارن جو وري ڪنڌ مٿان ڪڪر به هجي.

    ڪمال آهي اسان جو تڏهن ته اُڀ تي وڃڻ،
    وَرُون ته هٿ ۾ ستارا ڪَتِيون قمر به هجي.

    ائين نه منهن رڳو ڏسندا هلون مريضن جا،
    ڦوڪ عيسى وارو ڪجهه پاڻ ۾ اثر به هجي.

    تڏهن ته سير ڪرايان مان ان کي صحرا جو،
    جتي بازر به هجي شيشي جو شهر به هجي.

    وٺين تون بوسو وري، عمر لاءِ چُپ ٿي رهان،
    ايئن نه عدل ۾ ڪو اَدر جو بَدر به هجي.

    نه ئي ڪو وقت مقرر اسان جي محبت جو،
    سنيهو سحر هجي شام جو پهر به هجي.

    تڏهن ته هجر جون اي دوست ماڻهو سهندا سَٽون،
    عقابي پَر به هجي شير جو جگر به هجي.

    پوءِ ته آهي مزو پيار جو ”قمبر پيرل“
    لبن تي لب به هجي نِرڙ تي پگهر به هجي.
    **


    مري کري به اچو يا تري ٻُڏي به اچو


    مري کري به اچو يا تري ٻُڏي به اچو،
    کنيون هٿن تي جبل به اچو اُڏي به اچو.

    جهان هيڏي مان متان موٽو هٿين سکڻين،
    کنيون ڪا ڪانءُ جيان وات ۾ هڏي به اچو.

    اسان جو سِر آهي حاضر سدا حسينن لئه،
    کنيون هو ڪات اچو ۽ کنيون اَڏي به اچو.

    ڪيون هي سِر اچو سرويچ ديس جي خاطر،
    لٽايون راههِ خدا ۾ مڙئي مڏي به اچو.

    ڪلاڪ سينڌ جي وارن تي ڀل وڃي تِرڪو،
    زلف جي پينگهه تي اڌ منٽ ڀل لڏي به اچو.

    خدا سڏايو ٿا اي ڪافرو! اوهان خود کي،
    وڃو ڪو شرم کان پاڻي ۾ ڪجهه ٻُڏي به اچو.

    اوهان هو مرضي جا مالڪ صبح وڃو ڪي اَسُر،
    ڪُٺن جو زور زبر ڇا اوهان ڪَڏي به اچو.

    مدد ڪيو روح جي دل جي جگر ساهه جي پڻ،
    نڀاڳي نفس جي لاهيون ته ڪجهه رَڏي به اچو.

    خيمي ۾ آهيو ته ناهي وهم مسافر لئه،
    کنيون رلهي به اچو ۽ کنيون تَڏي به اچو.

    لبن جو ان کي ته ”پيرل“ پياري آب حيات،
    ننڍي حياتي هو ڪنهن جي ڪيون وڏي به اچو.
    **


    مهمان کي ڊُڪي جو آ اڄ ميزبان پهتو،

    مهمان کي ڊُڪي جو آ اڄ ميزبان پهتو،
    تاريخ دلنوازي تي هڪ داستان پهتو.

    دنيا ۾ هيئن به ڏسجي ته ڪيئي مثال ٿيا هن،
    اڌ تي ئي ڪا نه پهتو ته اڌ تي ئي نان پهتو.

    هتڙي ڪمال آ ڏس هُتڙي جمال آ ڏس،
    ڪِٿ آ زمين پهتي ته ڪِٿ آسمان پهتو.

    ٻين ڪيترن درن کان جهولي اچي سخا پئي،
    دلبر جي در کان اڄ تائين هٿ تي نه دان پهتو.

    اڳ واري هي ڪراڙپ اڄ واري هي جواني،
    اڌ پنڌ تي ڀي پوڙهي کي ڊڪندي نه جُوان پهتو.

    هن ٻن ڳالهين کي اڄڪلهه ويهي ته ڏس او چريا،
    ٻيڙي آ ڪاٿي پهتي ڪاٿي آ ٻانُ پهتو.
    **


    هو ته منهڙو ويو مٽي مون سان ملڻ جي بدران،

    هو ته منهڙو ويو مٽي مون سان ملڻ جي بدران،
    اک وٺي دڳ سان ويو اڱڻ اچڻ جي بدران.

    مان ته هر ديس ۾ هر دوست پرايو ٿو ڏسان،
    ڪنهن کي سڏيان مان سڄڻ! پنهنجي سڄڻ جي بدران.

    هو ته هٿ هٿ ۾ ڏئي گڏجي رقيبن سان هليو،
    جان سوليءَ تي چڱي اهڙي جيئڻ جي بدران.

    جهل تون رخسار جو تِر ڪاڏي مڪي مان ته وڃان،
    هِجرِ اَسود آ هِتي، هُتڙي هجڻ جي بدران.

    مون کي منهنجي ته ڀلا وحشت وئي ڪاڏي وٺي،
    مان ته پٿر کي چمّيم پير چُمڻ جي بدران.

    مرڪندي مان ته ورهايان هي مٺايون ”پيرل“
    پرچي سهڻو جي پوي روز رسڻ جي بدران.
    **


    محفل ۾ پنهنجي غير رهي ڪيئن ٿو سگهي،

    محفل ۾ پنهنجي غير رهي ڪيئن ٿو سگهي،
    بلبل سان ڀلا ذاغ ٺهي ڪيئن ٿو سگهي.

    فرهاد جو هي فِڪر هو ۽ دل جي پُختگي،
    پٿر مان هاڻي کير وهي ڪيئن ٿو سگهي.

    ڪعبي جي طرف ڪو نه هو رُخ يار جي طرف،
    سجدو اهو ته سِڪ جو ڊهي ڪيئن ٿو سگهي.

    دل تي دغا جو ٻوجھه ۽ بِرهنَ جون بندشون،
    ايڏو ستم هي ساهه سهي ڪيئن ٿو سگهي.

    هي عدل جو نه دؤَر آ، آ دؤَرِ بي رخي،
    ٻڪري سان هتي شير رهي ڪيئن ٿو سگهي.

    ”پيرل قمبر“ وفا جو جنازو ويو اُڏي،
    ڪوئي هوا مان لاش لهي ڪيئن ٿو سگهي.
    **


    ڪڙمي غريب آهيان سُڪل شاخ هان وڻ جي،

    ڪڙمي غريب آهيان سُڪل شاخ هان وڻ جي،
    چنبڙيل آ نانگ پير ۾ سِر تي ڀري آ مڻ جي.

    مون کي ته دنيا وارا هي اک ٽيٽ سان ڏسن ٿا،
    بگهڙن کي ڏئي آيو هان پارت پنهنجي مان ڌڻ جي.

    مون کي خبر ڇا ذردي پُلائن ۽ پِيسن جي،
    مون کي خبر آ جهاري لسي ساڳ مکڻ جي.

    ڳاهي ڇنڊي سَٿي مان ديرو پنهنجو رکان ٿو،
    ٻولي ڪئي آ مون سان زميندار کسڻ جي.

    هٿ جا اشارا هِن جيئن ثابت رهيا ئي سڀ،
    ڪاٽي ڇڏيائون باقي زبان ڪُڇڻ پُڇڻ جي.

    ڪنهن سان ڪيون بي حال چُرون پير ڪِٿي چار،
    مفلس جي آ نه ٻولي ڪٿي اٿڻ ويهڻ جي.

    ”پيرل“ ڪو ڏي ته ڳولي اها مونکي ڳجهارت،
    ڪاٿي جهان عدل جو ڪاٿي دنيا آ ڳُڻ جي.
    **


    ٿيان ٿو هيج مان هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    ٿيان ٿو هيج مان هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.
    نه پئي ڪا عشق ۾ گهاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    چڱي هرڙي جي ڪاهڻ لئه، سڄي ٽڪري جي ٺاهڻ لئه،
    سيڙائي مون مڏي ساري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    خوشي کان ساهه ٿو سهڪي، ٻارو هر ڪو ٿو اڄ ٻهڪي،
    لڳو آ ڀاڳ ڪو باري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    نظر ۾ تاب اڄ آهي، ٻنيءَ ۾ لاب اڄ آهي،
    ڪُٺم لت ڏئي ڪڪڙ ڪاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    مکڻ جو کائي هي ٽيرو، سٿيان ٿو دن وڃي ديرو،
    گُنديءَ کي گهر ڏيندا هاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    ايندو ڀوتار اڄ جهٽ ئي، کائي ڇيلو ڪندو بٽئي،
    ڳائيندو ڪاري ڪوهياري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    چوان ٿو انُ ورهائي پو، پئسا ڏاڍا ڪمائي پو،
    وٺان ويگن يا ڪا لاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    اچي وئي چانهه به چرڙي، پاڪيٽن جي چڱي ڀرڙي،
    ڦِري ٿي ٽَڪَ جي ڦاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    چڱو هاڻي ٺهيا آهيون، بيگر ۾ ڄڻ وهيا آهيون،
    وئي ٿي ڪاڪ هي ڪاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    گَهران رڙَ ڪئي اُٿي ڏاڏي، ابي جو اَنُ ويو ڪاڏي،
    ڪُلهي ٿس سکڻي ڏانداري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    ابا چئو خير ڪو آهي، تنهنجو مُنهن ايئن ڇو آهي،
    ڏني ڪنهن ڪنهن ٿي ڏيکاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    ابا ڇا ٿو پڇين ڳالهيون، بچا گهر جا وٽا ٿالهيون،
    اڳيان آ زور جي زاري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    غريبن جو جيئڻ ڪهڙو، غريبن جو مرڻ ڪهڙو،
    ڄمڻ ڀي تن جي آ خواري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.

    نه ڪر ”پيرل“ تون ويسورا، پٽي ويهه ڀولي جيان تارا،
    وڏو رک هوش هوشياري، ڏسون اڳتي ته ڇا ٿو ٿئي.
    **


    خير پنهنجي کي اُٿي اڄ نئين قسم جو رنگ ڏي،

    خير پنهنجي کي اُٿي اڄ نئين قسم جو رنگ ڏي،
    جهول ۾ ڏين ڪجهه نه ٿو هٿ ۾ ئي هڪڙو سنگ ڏي.

    ڇڏ ورهاست پيار جي تون اڄ ورهاست مان ڪيان،
    جونءِ جو چڪ تون ئي کڻ، ڏينڀوءَ جو مون کي ڏنگ ڏي،

    مان وتان سِسِيون وڍيندو بادشاهن جون نه رب،
    ڀل هجان چارڻ مگر اهڙو نه مون کي چنگ ڏي.

    اُٿ ستمگر جلد ۾ هڪڙو ته وٺ هي ڪم ڪري،
    پکيءَ کي صياد ڏي، ڪُرڙيءَ کي ڳولي ڪنگ ڏي.

    ڍور آهيان ماڻهو ناهيان ضعيف تي ٿو ظلم ڪيان،
    وات ۾ ماني بجاءِ ڪو پٿرڏي سنگ ڏي.

    يار تان قربان ٿيان الفاظ هي ڪوڙا اٿئي،
    ديس تان قربان ٿي دنيا ڪري اڄ دنگ ڏي.

    سُڪَ ٻڌي دل کي ڇڏيان ”پيرل“ نه جيئن ڪاڏي چُري.
    زُلف جو هڪ ڏي وڪڙ وارن جو هڪڙو ونگ ڏي.
    **


    پيرن ۾ نانگ ڪٿي ۽ ڪٿي ٿا لعل رُلن،

    پيرن ۾ نانگ ڪٿي ۽ ڪٿي ٿا لعل رُلن،
    اکين جي آڏو ٿا اهڙا سوين مثال رُلن.

    صدي آ پندرهين پوءِ ته يار ڇا آهي ڀلا،
    ڀلي پيا جبل دهر ۾ اڃا دجال رُلن.

    ڪِنَهن جو ڏينهن ڀي هڪڙو نه ٿو هِجر ۾ رُلي،
    ڪِنَهن جا هفتا، مهينا سڄا ٿا سال رُلن.

    رکيو ڪنهين جي ارادن وڃي ته چنڊ تي قدم،
    اسان جا ڪوٺي مٿان ٿا اڃا خيال رُلن.

    ويو جو پاڻ ڇڏي سو وري ڪٿي ٿو اچي،
    اسان جا خوامخواهه در در تي ٿا دلال رُلن.

    ايئن هروڀرو ناهي ته پيو ٿو هرڪو رُلي،
    رُلي زوال سگهن ٿا نه ٿا ڪمال رُلن.

    ڪٿي نه ڪيڏي ٿو ڪوشش سان سَوَ جو نوٽ ملي،
    ڪٿي ته پنهنجي ئي مُنهن ٿا مڏيون ۽ مال رُلن.

    اسان جا حال هِجر ۾ اڳي ئي هيڻا ٿيا،
    اسان جا پو به رڻن ۾ ٿا هيڻا حال رُلن.

    ڪٿي ته ڪنهن کي ڪفن جو به ڪپڙو ڪين مليو،
    ڪٿي ٿا خوامخواهه ڪپڙن جاڪيئي وال رُلن.

    ڪٿي ته ڪاڻي اگهاڻي وڃي ٿي اي ”پيرل“
    ڪٿي ٿا جهوپي اندر ڀي ڪيئي جمال رُلن.
    **


    هتي ئي هانءُ ٿو هارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين،

    هتي ئي هانءُ ٿو هارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين،
    مُئل کي پاڻ ٿو مارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    ڏسڻ جي لاءِ زماني کي ٻئي اکيون ٿي مگر،
    نه ٿو تون پو به نهارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    زمان حال ۾ آيو آن ته به هي حال اٿئي،
    سکن ۾ سُور ٿو سارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    هزار آدمي هيڏا هزار هيڏا گذر،
    اڃا ٿو هيڪلو گهارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    زمانو آهي وڃي چنڊ کي ته پهتو پرين،
    اڃا نه وِک ٿو وکارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    نه ٿو تون چار ويهارين سڏي به محفل ۾،
    اڃا ٿو ويٺا اٿارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    اڳي ئي باهه ٿي ڀڙڪي اڃا به برهه ڏيئي،
    ٻريل ٿو ٻيو دفعو ٻارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    وڃين سپاهي نه انهيءَ کي غلط سنيها ڏي،
    تون رهندو کير ٿو کارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    پيو ٿو ڏينهن سڄو پاڻ سنوارين ٺاهين،
    نه ٿو تون جڏڙا جيئارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.

    ڪرين ٿو ڳالهه هي”پيرل“ تون من پڇاڙي جو،
    خبر نه ڌُر جي ٿو ڌارين، ٻڌا ته پو ڇا ڪندين.
    **


    اُٿ امتحان حُسن جو اڄ پَهر ٿو اچئي،

    اُٿ امتحان حُسن جو اڄ پَهر ٿو اچئي،
    عاشق ٿِجان هوشيار اِجهو زهر ٿو اچئي.

    پاڻي به چئو ڏيانءِ ڪنڊو ڀي چئو ڪڍانءِ،
    مان بادشاهه ڪو نه هان جو پگهر ٿو اچئي.

    پاتو ڪجل آ سهڻي تون مُنهن تي ته ڪر نظر،
    اک جي ننڍي فلڪ تي وڏو ڪڪر ٿو اچئي.

    شايد تون ڪنهن ضعيف لئه زخمي ٿي پيو آهين،
    ڪڇ ۾ ڪيون ستارا ملڻ قمر ٿو اچئي.

    توکي رڳو هي تنها ڏسي او چريا عاشق،
    اڄ رات کي لڪڻ سان سَٽيون سحر ٿو اچئي.

    لڳ لڏ پلاڻ کي اُٿي ننڊ ڪين ڪر غريب،
    ڪر ڏاند گڏهه تيار اڳيان ڏمر ٿو اچئي.

    شايد وڇوڙي عشق ويچاري کي آ ورتو،
    ڏس باهه ۾ سڙيو هو پريان ببر ٿو اچئي.

    شايد تون وطن ديس تان قربان ٿي پيو آن،
    ڪو توکي ڏيڻ شهادت جو نمبر ٿو اچئي.

    ”پيرل“ اڃا نه ڳالهه تو ڪئي پوري پيار جي،
    هٿ ۾ کنيون ڪو جُوان ٻچو جگر ٿو اچئي.
    **


    مان هان گدا، گدا کان خيرات ڇا گهرن ٿا،

    مان هان گدا، گدا کان خيرات ڇا گهرن ٿا،
    ڏُک دل جا ڇاڙتا ٿي ڇو امتحان وٺن ٿا.

    کوليان ٿو جيءُ ته جيءُ ۾ هي جهوناڳڙ جُهرن ٿا،
    کوليان ٿو دل ته دل ۾ دونهان سوين دُکن ٿا.

    هڪ ئي طرح جو ناهي نيڻن سندو نظارو،
    هڪ اک ۾ گُل تَرن ٿا ٻي اک ۾ ڪک ڪُرن ٿا.

    سرِعام دل هي منهنجي بدنام ٿي رهي آ،
    مان ڀي ڏسان ٿو بيٺو ماڻهو به سڀ ڏسن ٿا.

    محفل ۾ رند ”پيرل“ محبوب جي اچڻ سان،
    ڪيئي اُٿي ڪِرن ٿا ڪيئي ڪِري اُٿن ٿا.
    **


    سنڀري هلون ته هر موڙ تي همسفر هجي،

    سنڀري هلون ته هر موڙ تي همسفر هجي،
    بُت ۾ هجي نه ڀَئهُ! نه جبين تي پگهر هجي.

    جوانن کان جوڳين کان نه خالي جهان آ،
    ڪاٿي متان جُهڪيو به ڪاريهر جو ڪَرَ هجي.

    مون کا صبا اُڏامي تون ڇنڊ ڦوڪ ڪين ڪر،
    منهنجي لڱن تي خاڪ، مٽي، مَر ئي مَر هجي.

    محنت سان اسان محل به ڪو ٺاهي سگهون ٿا اُت،
    ڀلجان جتي نه صحرا ۾ ديوار در هجي.

    ٻارهن ڪلاڪ سفر جون هيئن ٿين ورهاستون،
    هڪ ڀاڱي چار رات ۽ باقي سحر هجي.

    شينهن کي تڏهن يار ته سامهون ڪا آءَ ڪبي،
    نئون نئون هجي بدن ۽ پُراڻو جگر هجي.

    هن حال ۾ اي موت مون کي مار ڪين نه ڪي،
    منهنجي بدن ڳرئي تي، مران ڪا ته ڳر هجي.

    معذور مسافر بُکيو مايوس ٿئي نه جيئن،
    بَر ۾ هجي اوطاق ۽ گلشن ۾ گهر هجي.

    بند ڪر بندوق رائفلون ”پيرل“ نه راهه روڪ،
    ڪر ڪين ڪا تڪڙ هي متان تنهنجو تَرَ هجي.
    **


    زلف جو هي زهر آ مٺو آ مٺو،

    زلف جو هي زهر آ مٺو آ مٺو،
    مون چکي آ ڏٺو مون ته پي آ ڏٺو.

    زلف آلا سڄڻ آڱرين سان ڇنڊي،
    راهه ويندي ڀلا منهنجو ڇو ٿا پُڇو.

    تنهنجو کنڊ جو جهاز آ ٻُڏي ڄڻ ويو،
    سينڌ اُکڙيل سڄي وار هر ڪو ڍِلو.

    بيهه اُس ۾ ته جهٽ پي پگهر مان وٺان،
    پيار اڄ هي آهي پنهنجي رڳ تي چڙهيو.

    مان هان ”پيرل قمبر“ ڪو نه ٻيجل آهيان،
    آ نه سِر جي صدا ڇو ٿا ڦتڪو لُڇو.
    **


    اهڙو ويهي ڪو ڇيڙيون اڄ داستان سوچو،

    اهڙو ويهي ڪو ڇيڙيون اڄ داستان سوچو،
    ڪوهن کان سمجهي ڪوهه اهو ڪاروان سوچو.

    مَنهَن جي سائي ڪيئي مُحسن ملي سگهن ٿا،
    محلن جي ڪُنڊ ۾ ويهي ڪو مهربان سوچو.

    ڪاٿي ته دل جي آهه کي ٿڙٿانءِ آهي ڪرڻو،
    ڌرتيءَ نه ٿي سُجهيوَ ته ڪو آسمان سوچو.

    جو حال پريان نال هي الفاظ پيو اُچاري،
    مهمان اهڙو سوچو ۽ ميزبان سوچو.

    هر مهل هن امير لئه هر ڪو پيو ته مرندو،
    جو جان ڏئي غريب لئه اهڙو ڪو جُوان سوچو.

    مالي هو چاهي جاني سِر جو الائي ذر جو،
    ڪهڙو اسان کان وٺندو هو امتحان سوچو.

    ملندو اوهان کي در در سائل ادا هي اڳ ۾،
    پاروٿو ٻوڙ سوچو پاروٿو نانَ سوچو.

    ”پيرل قمبر“ جو ڪنهن هنڌ مُنهڙو مَٽي به ويهو،
    اهڙو ڪو ماڳ سوچو اهڙو مڪان سوچو.
    **


    جيڪي سِر به ڏيندا ها وقت ۾، اُهي يار يار_ ويا هليا،

    جيڪي سِر به ڏيندا ها وقت ۾، اُهي يار يار_ ويا هليا،
    دل پيار عشق جي هٿ منجهان سڀ اختيار_ ويا هليا.

    ڪِٿ هنج ۾ ها مٿڙا سُتل، ڪِٿ هٿ تي ها هٿڙا سُتل،
    ڪٿ کٽ تي ها خطڙا ستل، سڀ يادگار_ ويا هليا.

    جن مَنهَن مان ته محل ڪيو جن ڪک منجهان ته ڪنول ڪيو،
    جن خاڪ کي هو ڪجل ڪيو اهي خاڪسار_ ويا هليا.

    جيڪي دل سان به ڏيندا دان هئا، او جرڪندا ايمان هئا،
    سائل ڪندا سلطان هئا، اهي تاجدار_ ويا هليا.

    تقدير پئي جو تري ٻُڏي، ڪا شاخ پئي ”پيرل“ لُڏي،
    هن اک جي ڳوڙهن سان اُڏي، سڀ انتظار_ ويا هليا.
    **


    هيڏي هوڏي گهمندي ڦِرندي، دلڙي ڦُرائي ويٺاسين،

    هيڏي هوڏي گهمندي ڦِرندي، دلڙي ڦُرائي ويٺاسين،
    ڇا ڪيوسين پنهنجي جي هڪ شيءِ خاص کُٽائي ويٺاسين.

    دل وارن جي الفت اوکي، خوب نچايو آهي مگر،
    پاڻ ته اڳ ۾ پنهنجي نَنهن تي، نانگ نچائي ويٺاسين.

    دل ۾ اڳي ئي درد دُکن پيا، ويتر سُور جي چڻنگ سَهي،
    ٻرندي شمع آڏو ٻي ڀي، شمع جلائي ويٺاسين.

    ان ئي رنڱيا آزارن سان، ها الفت جا احوال سڀئي،
    ان کي ٻڌائڻ کپندا ها، پر ٻي کي ٻڌائي ويٺاسين.

    ”پيرل“ قسمت جي آ بازي، ڏوهه نه ڪنهن تي ڪو ئي ڏبو،
    جاٿي سِرڙو جهڪڻو هو، اُت سِرڙو جهڪائي ويٺاسين.
    **


    اي منهنجي دل جا صنم، ڪيئن نه رهان بيقرار،

    اي منهنجي دل جا صنم، ڪيئن نه رهان بيقرار،
    تون مٺا ويندين ڇڏي، هو نه مون کي اعتبار.

    لب تي تنهنجو نام هو، ڦٽل هي آرام هو،
    جاڳي ٿي هر هر ڪيو، تنهنجو اکين انتظار.

    در تنهنجي جو دلربا، مون نه ڪيو سجدو قضا،
    رات توڙي ڏينهن ڇا، ٿي جُهڪيو سِر بار بار.

    جو ڪئي بلبل تلاش، ڪنڊن ۾ گلڙن جا لاش،
    ويئي بيابان ڏي، بيخوديءَ ۾ هر بهار.

    جوت ڪا جيئن جيئن جلي، پتنگ آيو اُت هلي.
    شمع جي سِر تي بڻيو، مقبرو ان جي مزار،

    ڪا نه آ ”پيرل“ خوشي، زهر ٿي هي زندگي،
    ڪو نه ٿو سمجهي سگهي، ڪو دُکي دل جي پُڪار.
    **


    ڪهڙو ڍڪين ٿو مُنهن کي پياسن کان پردو ساقي،

    ڪهڙو ڍڪين ٿو مُنهن کي پياسن کان پردو ساقي،
    ساغر ۾ پيو ڏسان ٿو، مان تنهنجو نقشو ساقي.

    موسى اسان ته ناهيون، پر جام جي جهلڪ سان،
    بس ڪوههِ طور جو آ، هِت ساڳيو جلوو ساقي.

    مئخاني با وضو ويس، مان نماز جي نيّت سان،
    پر اُت ڪري مان ويٺس، ساغر کي سجدو ساقي.

    بُت خاني ۾ هلي گر، تون جام پيارين ”پيرل“
    بُت ڀي ڪندا قسم تي، توسان نه بلوو ساقي.
    **


    يارو مِڙي سِڙي اچو، هڪڙو مڪان ٺاهيون،

    يارو مِڙي سِڙي اچو، هڪڙو مڪان ٺاهيون،
    ڪڪرن جي اڄ ڪلهن تي، نئون آسمان ٺاهيون.

    ڀلجان اچي ٿَڪو بُکو، پنج گرهڙا به کائي،
    اهڙي ڪا ميز ٺاهيون، ڪو ميزبان ٺاهيون.

    ڪوئي جِئين ستايل، وِلهه ۾ نه رات ڪاٽي،
    هِت آستان ٺاهيون، هُت آستان ٺاهيون.

    پنهنجي زبان جي اڄ، تقرير طرز و فن مان،
    تلوار تير خنجر، تير و ڪمان ٺاهيون.

    پنهنجي به ڌرتي ڪا نه آ، ڪنهن ڀي ڪمال کان گهٽ،
    هن عرش وارو هِتڙي، ڪو لا مڪان ٺاهيون.

    ڏاڍو ته تنگ ٿيا هون، انسان جي روِش مان،
    هُت هو جهان ٺاهيون، هِت هي جهان ٺاهيون.

    جو ٺاهيون سو ئي اڳ ۾، منزل تي پيو ٿو لُٽجي،
    ڪهڙي قسم جو چئو تون، اڄ ڪاروان ٺاهيون.

    عاشق مڙئي ته ”پيرل“، بر جو شڪار ٿيا هِن،
    ذڪرِ بيابان مان اچ، فڪرِ زبان ٺاهيون.
    **


    منهنجي ئي جهول ۾ ڇا عشق جا انجام مليا،

    منهنجي ئي جهول ۾ ڇا عشق جا انجام مليا،
    مان جو سڪرات ۾ ٿيس پو تنهنجا سلام مليا.

    قسم تي ڏَس کڻي تون ڀي ته او شهنشاهه دل،
    غلام مون جيها توکي ڪڏهن غلام مليا؟

    بزم ۾ تنهنجي ته هر هڪ ئي تازا جام کنيا،
    مون کي ڪِنا سِنا قطرا به هئه حرام مليا.

    ڪيڏو قانون آ ”پيرل قمبر“ هي قدرت جو،
    ڪنهن کي مَقامَ مليا ۽ ڪنهن کي مُقام مليا.
    **


    هي ٿيندو عشق جو دل تي، عمل_ آهستي آهستي،

    هي ٿيندو عشق جو دل تي، عمل_ آهستي آهستي،
    ڪلر مان ڀي ڦُٽي پوندو، ڪنول_ آهستي آهستي.

    اچي حاضر نه ٿئي يا ٿئي، اُتي هو حضرت موسى،
    ڪٽيندو طُور کي اک جو، ڪجل_ آهستي آهستي.

    هِجر ۾ قيص جنهن بُنڊ تي، رکي تون منهن مٿو بيٺين،
    اهو قرآن جو بڻبو، رَحَل_ آهستي آهستي.

    قلم ورتم قضا کان ۽، پنو مَس پڻ محبت کان،
    لکان ٿو غور سان ڪنهن تي، غزل_ آهستي آهستي.

    پري پردو ڪري تو جي، ڏٺو اڪسِير اکڙين سان،
    مَنهَن مان ڀي ٺهي پوندو، محل_ آهستي آهستي.

    ڪري ڏس آزمودو تون، اي”پيرل“ پاڪ الفت جو،
    ڀڄي گوڏا جُهڪي پوندا، اجل_ آهستي آهستي.
    **


    اي دل تون نه ڪجهه غم ڪر ڇا دنيا کي طاقت آ،

    اي دل تون نه ڪجهه غم ڪر ڇا دنيا کي طاقت آ،
    هي موت جي هٿ سان ڀي مرڻي نه محبت آ.

    پوئتي نه قدم ٿيندو، هن دنيا جي دڙڪي سان،
    پيو ڏوربو هڪ ٻي سان، سِر جيسِين سلامت آ.

    بدنام ٿي صدمن کان، سِڪ جو نه پَلئُه ڇڏبو،
    ڏُک سُور جي هر ڪنهن کي بس عام اجازت آ.

    هن ڳالهه جي وڌ ”پيرل“ ڪَن قدر وارا ڳَڻ ٿا،
    بيقدر کي ڪَل ڪهڙي ڇا قرب جي قيمت آ.
    **


    تڏهن ٿو مان ڳوليان، پرديس جي بهاني کي،

    تڏهن ٿو مان ڳوليان، پرديس جي بهاني کي،
    رکان مان قبضي ۾ ڪيئن دوست آبداني کي.

    هتي ته مان آهيان گهر ۾، هتي ٿيا دوست قريب،
    رکان مان گهر کي ڪَسر يا غريب خاني کي.

    فلڪ تي بجلي پو اڄ رات چمڪجان اڳ ۾،
    هٿن تي مان جهليان بُلبل جي آشياني کي،

    ڇاڪاڻ جو اهو ڪنهن وقت نيٺ تنگ ڪندو،
    ڪلهن تي کڻبو نه آ ظلم کي زماني کي.

    هجان هماليه جبل ڀي ڀڄي پوان ”پيرل“
    پُڄي ٿو ڪير به قدرت جي ڪارخاني کي.
    **


    ڪڍ آهه ڪا نه دل مان هي افسانو بند ٿيندو،

    ڪڍ آهه ڪا نه دل مان هي افسانو بند ٿيندو،
    در کان ئي ڪو نه ٽپندو ته ديوانو بند ٿيندو.

    سَوَ ڍُڪن ۾ نه باقي به ٿيندا پياڪ پورا،
    مستن جي ديد ۾ مگر مئخانو بند ٿيندو.

    چانڊوڪي چنڊ جي ۾ به اڄ رات ٿا گذاريون،
    ٻاريندين شمع يار ته پروانو بند ٿيندو.

    گدڙن جا پُٽ ته ٿورو به! نه ٿورو ڪري مڃيندا،
    شيرن جي پر پُٽن کان نه شڪرانو بند ٿيندو.

    سُرڪي اچو او مئڪشو هي جانِ بزم آ آيو،
    برسات ۾ به اڄ ڪو نه پيمانو بند ٿيندو.

    موسم خِزان ۾ گل لئه بستان بند ٿي رهندو،
    عاشق جي پَر بِرهه لئه نه ويرانو بند ٿيندو.

    بلبل توکي ته گَهر جي ئي بند ۾ هو بند ڪندو پيو،
    تنهنجي مگر قفس ۾ نه بيگانو بند ٿيندو.

    محبوب جي ڇنڻ سي ته آهن آيا هو ”پيرل“
    تههِ خاني مان اُٿو اڄ هي تهخانو بند ٿيندو.
    **


    پيار مان تنهنجي پناري ٿو جيان،

    پيار مان تنهنجي پناري ٿو جيان،
    جوت جذبن جي جياري ٿو جيان.

    درد منهنجي عشق جو سمجهو نه ڪنهن،
    تنهن ڪري مان نير هاري ٿو جيان.

    ڪيئن ڪيان، ڪاڏي وڃان ڪنهن کي چوان،
    عشق جون آهون اٿاري ٿو جيان.

    سوز جون سڪلان ڪري ڪاٺيون ڪٺيون،
    برهه جي مان باهه ٻاري ٿو جيان.

    پيار ”پيرل“ جو عبادت عشق جي،
    تنهنجي نيڻن ۾ نهاري ٿو جيان.
    **


    چئهُ واسطو ٿي ڪو نه ڀلا ڪنهن ڀي وطن سان،

    چئهُ واسطو ٿي ڪو نه ڀلا ڪنهن ڀي وطن سان،
    ڳالهيون پو ڇو نه ٿو ڪرين جيئري ئي ڪفن سان.

    شهباز آن، عقاب آن اُڏر غير جي سِر تي،
    چنبڙائي مان جبل ٿو ڇڏيان تنهنجي چپن سان.

    دشمن جو گريبان جهلي ڪو نه ٿو هٿ سان،
    تلوار ڀي ڀڃين ٿو وجهي ڪوئي هٿن سان.

    اي اڳتي جي منزل اڃا مون کي اٿار ڪين،
    ڇڏ ڪجهه ته حقيقت ڪيان پيرن جي پٻن سان.

    تون سمجهين سُور سولا ٿو سولا اهي نه ٿئي،
    آ خاص مشابهت رهي ڏونگر جي ڏکن سان.

    ڪاٿي بڻائي سنگدل ٿو موم دل سگهين،
    تون رُڪ جي تار ڇيڙي سگهين ڪِٿ ٿو چپن سان.

    اوندهه ٿي پوندي يار مَٿا مَٿن سان رلبا،
    ڪڪرن جا ٺهن ٿا ته مَٿا چنڊ جي مٿن سان.

    هو خوامخواهه بدنام ڪري پاڻ کي وجهندا،
    ڀيٽيندا مٿا گدڙ ڇا شينهن جي مٿن سان.

    اڄ تن اُٿي افسوس هٿن ۾ هي چڪ وڌا،
    پاليوسين جن کي ڪالهه اسان پنهنجي هٿن سان.

    ڪاٽِي ته ڪو نه وئي آهي جو سچ چئي نه ڏيون،
    چنبڙيل آهي زبان اڃا دوست دهن سان.

    ميلاپ وصل پُڇن ته مورئون نه ٿا ”پيرل“
    فرقت ڪري ڪچهري ٿي زخمن سان ڦٽن سان.
    **


    لاهيون ڪو برهه جو محبت مٿان هي بار ته آ 


    لاهيون ڪو برهه جو محبت مٿان هي بار ته آ،
    سون جي ٿالهه ۾ سهڻل کنيون اڄ پيار ته آ.

    عشق ۾ توکي پو آزار جي پوندي ته خبر،
    باغ مان گل ڇِني هن گل سان کنيون کار ته آ.

    روز مون سان هي ڪارو نانگ پيو ڊاڙون هڻي،
    سينڌ مان اُٿ پٽيون هڪڙو تون سڄڻ وار ته آ.

    مان متان تنهنجي حُسن جي جهلي هيبت نه سگهان،
    موڙ هر هڪ تي مون کي تون ڪيون هوشيار ته آ.

    زندگي ساري ۾ هڪ ڀيرو اي ”قمبر پيرل“
    مون تي هڪ وار ڪري، هاڻ تون اعتبار ته آ.
    **


    من جو محرم يار مون کان اڄ وڇڙي ويو،

    من جو محرم يار مون کان اڄ وڇڙي ويو،
    دل جو برسيل باز خزان ۾ اجڙي ويو.

    هر پاسي چو طرف ڏسان ٿو انڌيرو آ،
    قسمت وارو سو به ستارو نخري ويو،

    هر پاسي چو طرف تڪيان پيو نه آيو اڃا،
    سڪندي سڪندي سال زمانو گذري ويو.

    ڇا ڪيان ”پيرل“ مان ڇا سينگار ڪيان،
    يار بنا سينگار سمورو وسري ويو.
    **


    گيت

    سڏين ها ته سِر ڀَر سُري مان اچان ها،

    سڏين ها ته سِر ڀَر سُري مان اچان ها،
    رکي چپ چپن تي مان واپس وڃان ها.

    ڪيل قول تنهنجو به پورو ٿئي ها،
    مثل سون چاندي سمورو ٿئي ها،
    ڪري مڙس ماڻهو مان توکي مڃان ها.

    نه ٿي پيار ذرڙي ڪچي هي پوي ها،
    حياتي لکن جي بچي هي پوي ها،
    مٺا مان نه ڦتڪي ڦاهي تي مران ها.

    ڇڏي عشق جي وئين سچي شهنشاهي،
    توکي بدگمان ڪيو ڪوڙي بادشاهي،
    بوسو ڏيان ها! ذرگر اگر اڄ هجان ها.

    منهنجي جيئري چپڙا چمڻ ڪو نه آئين،
    منهنجي لاش تي من اچي لب به لائين،
    ڪفن ۾ به ”پيرل“ مان لکندو وڃان ها.
    **


    رات اڇي کي ڀاڪر پايان، ڪاري رات نه دل ۾ ڪري،

    رات اڇي کي ڀاڪر پايان، ڪاري رات نه دل ۾ ڪري،
    کلندي خوشين کي سيني لايان، غم فڪرات نه دل ۾ ڪري.

    هڪڙي مهل ته منهن ۾ شوخي، ٻئي دم يار ته مُرڪان پيو،
    ڳالهه انهيءَ کان دوست پُڇو جي، مان ته ائين ٿو ڇرڪان پيو،
    هر دم ڳالهيون وصل جون ڳايان، برهه جي بات نه دل ۾ ڪري.

    واقف اڳ ۾ ڪو نه هئاسين، هجر ۾ لاهين چاڙهين کان،
    پنهنجو هاڻي ته پاڻ ٿو ماريان، بيدردي جي باهين کان،
    زهر پيان ٿو زم زم سمجهي، آبِ حيات نه دل ۾ ڪري.

    ڪير ٿو پنهنجو پيار ڦٽائي، ڪير ٿو پنهنجي آس ڀڃي،
    وِک وِک تي ٿو اکيون وڇايان، ڪنهن دم من هو اچي وڃي،
    پر ٿو هڪ محلات سجايان، ٻي محلات نه دل ۾ ڪري.

    نيڻن واري زير زبر مان، نيٺ بڻي ٿو نينهن پوي،
    ”پيرل قمبر“ مُند ملهاري، پل پل هر جا مينهن پوي،
    ڇو نه روئان اڄ اکين واري، هو برسات نه دل ۾ ڪري.
    **


    دري نه آ ڪو در در واندو، گهٽي نه آ ڪو گهر گهر واندو،

    دري نه آ ڪو در در واندو، گهٽي نه آ ڪو گهر گهر واندو،
    باغن ۾ ڀي تنهنجي حُسن جي بات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

    هيڏي هوڏي رُخ تان پردو، ڄڻ ته هوا ٿي هٿ سان اُڏايو،
    چنڊ ستارن تنهنجي ڏسڻ لئه، دل ۾ پڪو هو پَههَ ڪو پچايو،
    مثال هي بيمثال چئجي، معجزو يا هي ڪمال چئجي،
    مُنهن تي اُٺي جو ابر بنا برسات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

    مُرڪون تنهنجون موتين وانگي، ڪاوڙ تنهنجي ڪَچ برابر،
    آٿت تنهنجي برف برابر، مهڻا تنهنجا مَچ برابر،
    پيار تنهنجي کي ونگ ڍنگ آهن، انڊلٺ وانگي ست رنگ آهن،
    ڪڏهن فرحت ڪڏهن وري فڪرات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

    ماڻهن کان تون پُڇي ڪندي ڇا، منهنجي دل کان پُڇي به ڏس تون،
    لُڇان جيئين ٿو مان ئي تو لئه، مون وانگر ئي لُڇي به ڏس تون،
    جاچي ڏسبو جڳ هي کوڙ آ، سونهن مگر هي ربّ جي جوڙ آ،
    مقدر مٺڙا ذات تي ڇا جي ڏات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.

    ”پيرل قمبر“ کي طاقت ناهي، ڏيندو حُسن جا حال سمورا،
    تنهنجي پگهر تي آڱر منهنجي، لب تي ڄڻ ڪي جام طهورا،
    جيئن جيئن تنهنجا چپڙا چُري پيا، سينا سُک جي در ڏي سُري پيا،
    ڪچو منَههَ به مٽجي ٿيو محلات آ_ اڄلڪهه تنهنجي رات آ.
    **


    مان پوڄا ڪيان ها تون اهو در به هجين ها،

    مان پوڄا ڪيان ها تون اهو در به هجين ها،
    مسجد به هجين ها ڪٿي_ مندر به هجين ها.

    سڀ ڪجهه مان ڏئي تو کي، ڪيو دل جو سڪندر،
    سپنن جا حُسن ميڙي ڪيم، حُسن جو پرور،
    قدمن جو لتاڙيو اهو_ ڪاڳر ئي ٿيس مان،
    تون چاندي جي چادر، ڪٿي ٿئين سون جي چادر،
    گڏ قُرب ۾ مونسان ڪٿي، ڪافر به هجين ها.

    تو پيار جو سمجهو نه سڄڻ راز ۽ رُتبو،
    مان تڪڙ ۾ موسى جان ورتو طُور جو جلوو،
    هُن زلف جو پاڻي ڇڻيو، زم زم ئي هجي ها،
    ڪوثر جو جام ٿئي ها تنهنجي پگهر جو قطرو،
    تون ساقي سرهائي ڪٿي ساغر به هجين ها.

    هي هندو، مسلمان، عيسائي يا هي ڪافر،
    چهري تنهنجي ۾ مون ڏٺا، ٻئي مسجد و مندر،
    تون مس جي ڦڙي جام کي، مِٽي مٿان ڪيريو،
    مان تخت ڏئي تاج ڪيو توکي تونگر،
    اڄ ڪاش تون مون وانگي، گداگر به هجين ها.

    جو طعنو ۽ مهڻو ٿي رهيل هاڻي هڻي وٺ،
    ”پيرل قمبر“ جي باغ ۾ تون باهه بڻي وٺ،
    پوشاڪ بجاءِ بدن تي، اڄ ڪفن ٿو ڀانيان،
    تون منهنجي چپن تان هاڻي آڱر هي کڻي وٺ،
    تون اڳ ۾ منهنجي سِڪ جو، ثناگر به هجين ها.
    **


    ڏسي غريب مون کي، يار ڇِني پيار ويو،

    ڏسي غريب مون کي، يار ڇِني پيار ويو،
    لُٽي قرار ڪري دل کي بيقرار ويو.

    جُنونِ عشق ۾ دنيا جو ڀي نه خيال رکيم،
    پٿر جي بوتي کي سجدا هزار بار ڪيم.

    ڏسو هي پيار وارا پيار جو دستور ڏسو،
    ڪنهين کي عيش مليو ۽ ڪنهين جو گهر آ جليو.

    مون کي هئي ڇا ته خبر پيار ۾ دغا ملندي،
    مون ٿي سمجهيو ته سڄڻ يار کان وفا ملندي.

    ڪري ته ڇا ڪيان ”پيرل“ ڀلا وهم وئي جو،
    پرايو سو ئي پرايو نه ٿيو ڪڏهن پنهنجو.
    **


    ڇو! جيئڻ ڀي نه ٿو ڏين_ ڇو؟ مرڻ ڀي نه ٿو ڏين،

    ڇو! جيئڻ ڀي نه ٿو ڏين_ ڇو؟ مرڻ ڀي نه ٿو ڏين،
    حياتيءَ کي پنهنجي مُنهن سان_ هلڻ ڀي نه ٿو ڏين.

    ائين زلف پنهنجا مون کي، ڏسي ٿو لڪائين،
    اِهي نانگ ڪارا هٿ سان_ وٺڻ ڀي نه ٿو ڏين.

    ڪيم غلطي! هڪڙو ڀيرو، تو کان بي وفا ٿيس،
    پنهنجي تون پگهر ۾ مون کي_ ٻُڏڻ ڀي نه ٿو ڏين.

    ڇڏي ديس پنهنجو آيس، پکي پيار جو مان،
    مون کي اڄ آکيري تائين_ اُڏڻ ڀي نه ٿو ڏين.

    پتنگ آهيان ”پيرل قمبر“ ڪهڙي ڪم جو پو مان،
    اچڻ ڀي نه ٿو ڏين مون کي_ پچڻ ڀي نه ٿو ڏين.
    **


    قدر ڪو نه دل جو، پيو دل جي پٿر کي،

    قدر ڪو نه دل جو، پيو دل جي پٿر کي،
    اسان ڪعبو سمجھيو هو دلبر جي در کي.

    نه خوشبوءَ خوشيءَ جي، نه سرهاڻ سُک جي،
    رڳو گهر غمن جو، رڳو ڏات ڏُک جي.
    ڏئي باهه ڇڏجي، پو اهڙي گذر کي.

    سڪي سوَ حياتي جا پاڇا لڙي ويا،
    ”رهيل چار ڳوڙها“ به ڳڙندي ڳڙي ويا،
    اڃا ڪو نه آيو، نظر هُـو نظر کي.

    هجي ها ڪو هِڪ غم ته ان کي پُڄئون ها،
    هجي ها ڪو ٻيو ڪم ته ان کي پُڄئون ها،
    پُڄي ڪير هر هر هيڪاندي حشر کي.

    ڪندين دانهن ”پيرل“ ته ڇا داد ٿيندو،
    هو ڪاغذ جو گل آ ڪا خوشبو نه ڏيندو،
    ڇڏي ڏي نه ڄاڻي جو سڪَ جي اکر کي.
    **


    ڇو ٿو وڃين مٺا مون کي دل تان صفا ڌِڪاريون،

    ڇو ٿو وڃين مٺا مون کي دل تان صفا ڌِڪاريون،
    توساڻ ڀي ڪڏهن هيون مون ڪي گهڙيون گذاريون.

    تون ساڻ آهين ڪو نه جو سونو سفر به کڏ پوي،
    اڳيون پهر به کڏ پوي پويون پهر به کڏ پوي،
    بس ميرِ ڪاروان بنا ڇا قافلا قطاريون.

    مُنهن ڪيئي ٿا تو ڏي لڳن وس هوندي به وساريئي،
    شيشي جهڙي نگاهه سان جي ڪو نه ڪو نهاريئي،
    پٿر جهڙي نگاهه سان به ڪو نه وئين نهاريون.

    ڪنهن ڪنهن نموني زندگي زرهه پوش ٿي رهي،
    مسجد بجاءِ هُجر جي بر ۾ ٿي بندگي رهي،
    ڳوڙهو غمن جو هن طرح هڪ هاري ٻيو ٿا هاريون.

    ڳوليان وفا ادا ٿو مان ڪلفت ۽ ڪينو ٿو لڀي،
    ڳوليان ٿو باغ جو بلبل صحرا جو سينو ٿو لڀي،
    پنهنجو پڙاڏو ڀي نه جِت ”پيرل“ اُتي پڪاريون.
    **


    مٺا مُنهن ڪير آ مٽائيندو، تون ٿو مٽين_ماشاءَالله،

    مٺا مُنهن ڪير آ مٽائيندو، تون ٿو مٽين_ماشاءَالله،
    اسان کي به علي پيو هلائيندو، تون ٿو وڃين_ماشاءَالله.

    ڦٽڙا فراق جا ڇا ٿو کولين، ڳڻتي جي بُت ۾ ڇا ٿو ڳولين،
    سور کي ڪير سُک سڏائيندو، تون ٿو سڏين_ماشاءَالله.

    سَونَ هزارن يا ڪي لکن ۾، ڪوٽ محل يا ڪَکن ڪچن ۾،
    ڪير دل ديد کان بچائيندو، تون ٿو بچين_ماشاءَالله.

    لوڪ جي منهن تي مهڻا هڻين ٿو، درد جي سُئي سان درد سبين ٿو،
    هُج هي ڪير چئهُ هلائيندو، تون ٿو هلين_ماشاءَالله.

    ”پيرل قمبر“ جڳ پيار ڪندو آ، اکين جي هوندي به عشق انڌو آ،
    ڀونئر کي باغ ڇا ڀلائيندو، تون ٿو ڀُلين_ماشاءَالله.
    **


    دل جي آئيني ۾ توکي لڪائي، آئيني تي سَوَ موتي جڙائي،

    دل جي آئيني ۾ توکي لڪائي، آئيني تي سَوَ موتي جڙائي،
    نِوِڙي ڪندس پيو سلام! ننڊ به هوندي حرام.

    دوست هتي هو دشمن به ٿيندا، پنهنجا هتي هو پرايا به ٿيندا،
    دنيا جون دور ديوارون به ٿينديون، پرتي وڻن جا سايا به ٿيندا.

    بي انت دل جي ڪشادي بزم آ، ٿڪندا پياڪ ۽ ساغر نه ٿڪندو،
    پيار جا پير ڪرامتي ٻيئي، منزل ٿڪندي مسافر نه ٿڪندو.

    باهه مان برسيل باغ ٿيندو جي، رستو صلح جو صاف ٿي پوندو،
    چڪن جو ڦاٽو چيهاڙيو هي چولو، ڪعبي جو پوش غلاف ٿي پوندو.

    محبت پيار ۾ ”پيرل قمبر“، دوکو ۽ ڪوڙو دلاسو نه رهندو،
    سنگت ۾ رهندو سير جو سير ئي، ڪاٿي هو تولو ۽ ماسو نه رهندو.
    **


    سَوَ ياد سِتم رهندا سَوَ ياد ڪرم رهندا،

    سَوَ ياد سِتم رهندا سَوَ ياد ڪرم رهندا،
    پر ياد نه اُلفت ۾ مذهب ۽ ڌرم رهندا.

    طبيعت جو پڇڻ وارا آباد رهن گهر ۾،
    احسان نه ڪن ڪنهن تي آزاد رهن گهر ۾،
    مرندي به ته ڀاڪر ۾ زخمن سان زخم رهندا.

    ياري ته ننڍي واري بي سبب ڇني ڪنهن جي،
    هل مان ٿو لکان خطڙو ورندي نه ڏني ڪنهن جي،
    بيڪار ٿي سڀ منهنجا ڪاغذ ۽ قلم رهندا.

    هن پيار کي اي ”پيرل“ هر مهل ۾ هوش آهي،
    هُن جُهُدَ خليلي جو محبت ۾ به جوش آهي،
    ڪعبي جي صحن ۾ ڪيئن پٿر جا صنم رهندا.
    **


    وسي برسات وئي وئي، وڄي نغمات وئي وئي،

    وسي برسات وئي وئي، وڄي نغمات وئي وئي،
    توکي ڏسندي، تنهنجو پڇندي،
    ڍلي آ رات وئي وئي.

    تنهنجو واعدو هو مگر، آئين تون ڪين ملڻ،
    حجِ اڪبري هو منهنجو، تنهنجو ديدار سڄڻ،
    مون کان مينا، طورِ سينا،
    مون کان عرفات وئي وئي.

    سوا تنهنجي ته سڄڻ، منهنجو آ چمن سڃو،
    منهنجو دل جگر سڃو، منهنجو آ صحن سڃو،
    مون کان جايون، مون کان جهو پيون،
    مون کان محلات وئي وئي.

    تنهنجو جاڳيو آ جيئڙو، تو ته قاصد آ ڪَيَڙو،
    توکان هي ڪم جو ٿيئڙو، موئي ۾ ساهه پَيَڙو،
    مون کان گذري، مون کان وسري،
    سامي سڪرات وئي وئي.

    پيش سهڻو اچي پيو، مڪو ”پيرل“ مچي پيو،
    جڏو هي بدن جيءَ پيو، سيهو به سونَ ٿي پيو،
    لهي غم ويو، بچي دم ويو،
    ڦري فڪرات وئي وئي.
    **


    ڇاهي يار الائي حياتي، ڇڄي ٿي درد فراق ۾ ڇاتي،

    ڇاهي يار الائي حياتي، ڇڄي ٿي درد فراق ۾ ڇاتي،
    نه وڃ پرديس پيارا.

    تو ته سڄڻ ڪا سُور الم جي، سَٺِي نه هڪ به چُهنڊي،
    مان ته هميشه تنهنجي خاطر، سور جا ورتا سهارا،
    نه وڃ پرديس پيارا.

    دل سان ڏٺو هو ديد به جنهن کي، ڏئي ويو نيٺ سو دوکو،
    ڪم هي مون کي ڪهڙا آيا، اک جا يار اشارا.
    نه وڃ پرديس پيارا.

    روح کي، دل کي، قلب اکين کي، رتيءَ نه آهي راحت،
    جبل نه وادين يار چمن جا، نانگ پيا ٿي نظارا،
    نه وڃ پرديس پيارا.

    ”پيرل قمبر“ جا تنهائي ۾، ڏس ته اچي تون ساٿي،
    رات سان گڏجي، رات سڄي هي، سُڏڪي مُئا ٿي ستارا.
    نه وڃ پرديس پيارا.
    **


    عُهدو دلدار ڏئي، ڏئي، ايڏو اختيار ڏئي، ڏئي،

    عُهدو دلدار ڏئي، ڏئي، ايڏو اختيار ڏئي، ڏئي،
    مٿي تي پاڻ چاڙهيم، پاڻ چاڙهيم، پيار ڏئي، ڏئي.

    مٿان جو وقت ايندو، ڏوراپو ڪير ڏيندو،
    نيٺ ڪو ڏينهن ٿيندو، نڀائي هر ڪو ويندو،
    پيش پوندين، روئي ڏيندين، يڪو آزار ڏئي ڏئي.

    دڳ ديد کان نه خالي، ديد دڳ کان نه خالي،
    ڳل اشڪن سان آلو، اک ڳوڙهن سان آلي،
    گُھٽي ماريئي، ٽَنگي ماريئي،ڪوڙو اقرار ڏئي ڏئي.

    ”پيرل قمبر“ هي پيارو، تنهنجي سِڪ جو سهارو،
    سُور ڏئي هينئڙو سارو، وڇوڙو هِجر وارو،
    ڳاري لاٿئي، ماري لاٿئي، بُرو هي بار ڏئي ڏئي.
    **


    ٻيو ڪين ڪوئي ڄاڻي، ڇا سُور ڪو سڃاڻي،

    ٻيو ڪين ڪوئي ڄاڻي، ڇا سُور ڪو سڃاڻي،
    منهنجون اداس اکڙيون، الله تو کي آڻي.

    ڪڏهن مان کلان ٿو، ڪڏهن مان روئان ٿو،
    خبر تو کي ڪهڙي، ته ڪيئن مان جيئان ٿو،
    ويندو ساهه توکان، سوا اڄ سڀاڻي.

    تو سان دل جو رشتو ڪو اڄڪلهه جو ناهي،
    غلامي جو رستو ڪو اڄڪلهه جو ناهي،
    ٿيا ورهيه ڪيئي، تنهنجي در وڪاڻي.

    جدائي جي مَن ڳالهه سڀ کان ڳري آ،
    هِجر جي محل کي نه در ڪو دري آ،
    ڇڏيو بُت آ پيڙي، گونڌر واري گهاڻي.

    جا ”پيرل“ جي دولت، سا دولت اوهان جي،
    مُنڍي واري رت ڀي آ ملڪيت اوهان جي،
    ورهايو ڇا محبت ۾ مومل ۽ راڻي.
    **


    هلندي حسن جو يار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.

    هلندي حسن جو يار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.

    روڊ رستن تي ماٺ ۾ مٺا، نظر وجهي ڏس ڪيئن هن ويٺا،
    پلٿيون هنيون پينار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.

    ايڏي ڪنجوسي ڪار ته ناهي، دلڙي رُخي درڪار ته ناهي،
    کڏ ۾ پوي هي کار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.

    چنڊ اڱڻ تي ڇا لهي ايندا، مِهر مزو ڇا محبت ڏيندا،
    دور وارا ديدار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.

    ”پيرل قمبر“ اڄ ڏک سُور سلجي، استقبال ٿو هن کي چئجي،
    هڪڙي ڳچي سَوَ هار_ ٿورو ڪجهه خير ڪڍو.
    **


    دُکي آهيان ڏاڍو دلبر، دم ڪو دلاسو ڏي،

    دُکي آهيان ڏاڍو دلبر، دم ڪو دلاسو ڏي،
    سيرُ جي ڏکيو ٿو لڳئي تولو ڏي يا ماسو ڏي.

    نئون سنئون سِڌو لُڪ تُڪ سڄڻ سمهيو پيو آن تون،
    ڏکڙا ڪنهن جا خوابن اندر ڏسڻ کان ڀي ويو آن تون،
    ڦِري ڦِري کٽ تي مون جان، پرين تون ڀي پاسو ڏي.

    ڏکيو نينهن ڀائين ٿو ۽ نه ڪي تون نڀائين ٿو،
    محبت کان نفرت واري مُلان جي بڻائين ٿو،
    هڪڙي هَٿ ۾ ڏي تون تسبيح هٿڙي ٻئي ۾ حاصو ڏي.

    حياتي هلي ڇا سگهندي زندگي هلي ڇا سگهندي،
    بُکن اُڃن بدن کان پو بندگي هلي ڇا سگهندي،
    ڍائي کي ڏي ڍائو ڀلجان پياسي کي نه پياسو ڏي.

    چوان ٿو مان ”پيرل قمبر“ مران ئي ته پيار ۾ مان،
    تنهنجي هي تمنا آهي مران تڪرار ۾ مان،
    ٻئي ڪم ٿيا تنهنجي هٿ ۾ ڪَسو ڏي يا خاصو ڏي.
    **


    مُحب انهيءَ ۾ ڪهڙي آ مڙسي، پيار ڪري پو ڇِنجي ڇو،

    مُحب انهيءَ ۾ ڪهڙي آ مڙسي، پيار ڪري پو ڇِنجي ڇو،
    عشق جو ناتو قرب جو رستو ڪٽجي ڇو.؟

    هو جيئري ته ڇا ٿئي مُئي ڀي ملڻ اهڙي اٿي واٽ ڳوليون،
    جاٿي درياءَ سڪن گل خزان ۾ ڇڻن تاٿي جَرڪن محبت جو جهوليون،
    آ رت ماس پنهنجو هي تن من، هجر فراق ۾ ڦٽجي ڇو.؟

    پيار الفت جي دڳ ۾ اکر ٿو کپي اُن اکر کي اٿي اڄ اجاريون،
    اهڙا واعدا ڪريون، سڪ جا سجدا ڪريون، واٽ ويندا به ماڻهو بيهاريون،
    آ محبت هي اڻلڀ موتي، مٽيءَ جي مُٺ تي مٽجي ڇو.؟

    جو مٽيندو وڃي مُنهن ڇا ان لئه مرون يار مرندن لئه بيشڪ مرجي،
    محب ڏسڻو هجي، پار وڃڻو هجي، تار دِلڙَي ڪچي تي به تَرجي،
    ٿئي نه ميهار پنهنجي به من جو، سِير ۾ سِر سٽجي ڇو.؟

    نانگ پيرن مٿان چاهي اُٿلي ڪرن سي ڀي ”پيرل“ لتاڙي سگهون ٿا،
    پائي سِڪ جو ليئو، کڻي وصل جو ڏيئو، پَر جدائي جا ساڙي سگهون ٿا،
    ڪم اڳي پو جڏهن عشق سان ٿيو، گام هڪ به اُتي هٽجي ڇو.؟
    **


    جائي دل ٿي ڏني يا ڪو ڊوهه آ،

    جائي دل ٿي ڏني يا ڪو ڊوهه آ،
    هي پارس سان لڳو لوهه آ.

    هنج منهنجي ۾ گل ڪو ڇڻي پيو،
    فيصلو توکي ڪيئن هي منهنجو وڻي پيو،
    ٽُٽندو به تارو منهنجو تخت بڻي پيو.

    حُسن تنهنجي جا اهڙا ته هُل ٿيا،
    باهه جا ٽانڊا مٽجي باغ جا گل ٿيا،
    پيار جا هيرا موتي سارا اُمل ٿيا.

    دل جا کُلي ٻئي در ۽ دري پيا،
    ڀاڳ رُٺل به منهنجا وچ تان وري پيا،
    ڪوسا هي ڳوڙها منهنجي اک ۾ ٺري پيا.

    سينڌ آئيني سامهون ”پيرل“ لُڏي ٿي،
    اُڏند کٽولي وانگر دل هي اُڏي ٿي،
    سارو زمانو ڇڏي توکي سڏي ٿي.
    **


    هي ظلم ڪيم پاڻ سان جو پيار ڪيو مون،

    هي ظلم ڪيم پاڻ سان جو پيار ڪيو مون،
    سنگدل جي وڃي پيار تي اعتبار ڪيو مون.

    جاچي نه ڏٺو مون اڳي ان شوخ جي دل کي،
    هر دم پيو هلان مان رڳو بس پنهنجي وفا تي،
    ان جي نه وفا جو ڪڏهن ويچار ڪيو مون.

    ڪو وقت هو جنهن جاءِ تي هو يار گُهميو ٿي،
    تنهن جاءِ کي مون پيار مان سَوَ بار چُميو ٿي،
    خالي نه ڪڏهن فرض جو هڪ وار ڪيو مون.

    هن ڳالهه جي ”پيرل“ نه پوي ڪا به خبر ٿي،
    ڳوڙهن ۾ اچي يار جي تصوير نظر ٿي،
    ڪاٿي هو رهيو ۽ ڪٿي ديدار ڪيو مون.
    **


    شابس هجئي او سهڻا واهه جو وساريو ٿئي،

    شابس هجئي او سهڻا واهه جو وساريو ٿئي،
    سُڏڪا ڀريا ٿئي نه ڪو سِڪ سان سنڀاريو ٿئي.

    مان جي اچان ٿو مون کان مُنهن تون مَٽائين ٿو،
    ٻانهن ڏئي پنهنجي مُنهن تي مُنهن تون لڪائين ٿو،
    غيرن سان ڀي چئو ڪڏهين ايئن ڪو گذاريو ٿئي.

    ڪيئن نه ڇنيان مان ڇاتي ڪيئن نه ڪيان مان غم،
    گلڙا چونڊيندي مهل غيرن کي سڏيو تو صنم،
    پٿرن چونڊيندي مهل مون کي ئي پُڪاريو ٿئي.

    خطڙو هٿان هٿ مُڪم اهو ڀي ته ڦاڙيو تو،
    قدمن ۾ ڪاغذ منهنجو لَت ڏئي لتاڙيو تو،
    مهرباني تنهنجي مٺڙا مُئل کي ئي ماريو ٿئي.

    دلبر جي اُڏري نظر تنهنجي نه در تي ٿي اچي،
    اُلفت ۾ شايد توکي اوندهه نظر ٿي اچي،
    ”پيرل قمبر“ چئي ڏيئو ڏينهن جو تون ٻاريو ٿئي.
    **


    پيار ٿو سمجهين ڀوڳ، مٿي جو روڳ، لڳي ٿي عشق جي ڪا نه لپاٽ،

    پيار ٿو سمجهين ڀوڳ، مٿي جو روڳ، لڳي ٿي عشق جي ڪا نه لپاٽ،
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
    رات کي چئين ٿو ڏينهن، بڻيو آن شينهن، ڪئي ٿي اکين سان ڪا نه اوچاٽ،
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.

    تون حُسن جي زور تي آهين چڙهيل دلدار جبل جي چوٽيءَ تي،
    مان ڪاٿي اُتي پهچي ٿو سگهان هن هيڏي وڏي وڇوٽيءَ تي،
    صبر جو پاتم پوش، ٿيس خاموش، ملي آ وٿيءَ جي توکي واٽ،
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.

    جو چِڙَ ۾ توکي مان ٿو ڏسان ڄڻ چيتو آ چيتي سان وڙهيل،
    مان پيار جو ماريو ڇا چوندس تون پڪي ماڻهو جو آهين پڙهيل،
    مام هي سمجهي مان نه، خبر آ ڪا نه، وتي ٿي ڪنهن جي الائي آٽ.
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.

    هن عشق ۾ خود مختياري ٿي تون هار مڃين يا هام هڻين،
    تون شيشي جي فرش تي پير رکين يا خاڪ سڪيءَ تي گام هڻين،
    سهڻي واري سير، درياءَ جي وير، ڏٺا ٿي گهير نه ڪيئي گهاٽ.
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.

    مان پنهنجو هان ”پيرل قمبر“ ڇو ڇرڪ ڀري تون ڇرڪين ٿو،
    مان اڳي ئي چپن جا چاڪ سبيان تون رهندو اڃا ڀي مرڪين ٿو،
    ايندا ڪيئن نه پتنگ، ڇنائي تنگ، جو ٻاري لبن مٿان ٿي لاٽ.
    تڏهين نخرا ڪرين ٿو ناٽ.
    **


    لِيڪن جي اڄ راند رچايون،

    لِيڪن جي اڄ راند رچايون،
    ٺِڪريءَ اُڇليون پير هلايون.

    اڳ ۾ ڀيڻ ٿي منهنجو وارو،
    ڇو ٿي ڦوٽاري دوڏو تارو،
    چوين ته هٿ تي ٽاس پِلايون.

    هو ڏس ٺِڪريءَ ٻاهر پئي ٿئي،
    آڪڙ باقي ڇا تي ڪئي ٿئي،
    مون کان ڇرڪن وڏيون مايون.

    ڏس مان اڏندي ڪيئن اچان ٿو،
    ليڪن ۾ ڏس ڪيئن گهمان ٿو،
    مون کي کارايو هاڻ مٺايون.
    **


    وار سونا، لال لبڙا، ڊريس بُت تي_ آسماني،

    وار سونا، لال لبڙا، ڊريس بُت تي_ آسماني،
    يار جاني هو_ يار جاني،
    چنڊ چوڏهين جو ڪري، ان جي ٿو بيٺو ترجماني!
    يار جاني هو يار جاني.

    بدن چوان يا ڪوئي شيشي جو شهر آ،
    نانگ واري ڦوڪ جو اکين ۾ اثر آ،
    عاشقن جي سِر مٿان زلفن جو سفر آ،
    ڪهڙي جادوگر کان سکي، آئي آ جادو جواني!
    يار جاني هو يار جاني.

    پيار واري سفر ۾ ڏک سک به ڏسان مان،
    رات هڪڙي شمع بدن پاڻ ٻران مان،
    پيار ڪيم پيار جو پردو به رکان مان،
    ناتو ڳنڍي ناتو ڇنڻ، ڪار آهي ڪافراني!
    يار جاني هو يار جاني.

    چمڪندا رخسار ڄڻ ڪي شيشو شفاف آ،
    رُخ جي مٿان ڪارو تِرُ ڪعبي جو غلاف آ،
    ان جي ادا ڪنهن کي ڪيو ڪو نه معاف آ،
    رُڪ جي تلوار سمجهو، رمز اُن جي عاشقاني!
    يار جاني هو يار جاني.

    ديد سان دل جي دوا ڀُلجي ٿو وڃان مان،
    ڌيان ۾ شاهه_و گدا ڀُلجي ٿو وڃان مان،
    هن کي ڏسي ڇو خدا ڀُلجي ٿو وڃان مان،
    حُسن کي قدرت ڇو ڏني، آهي ڪامراني!
    يار جاني هو يار جاني.

    ڇا بيان ”پيرل“ ڪيان مان اهڙي حُسن جو،
    سون جي جِهر مِر سان چِٽيل چهرو چپن جو،
    ساز به محتاج بڻيو هن جي سُخن جو،
    دل هلاڪوءَ جي مٿان، ان جي به آهي حڪمراني!
    يار جاني هو يار جاني.
    **


    هيءَ ڪاٿان وتئي هيءَ ڪاٿان سکيئي،

    هيءَ ڪاٿان وتئي هيءَ ڪاٿان سکيئي،
    چئو جاني اها جادوگري،
    دڳ سير هڪ، هٿ پير هڪ،
    هڪ شاهه و گدا، جادوگري..

    تو وارن ڇُڳو آڱر تي جو هيڏي هوڏي ڦيرايو،
    هو جاڏي اُڏيو، مان مُنهن جهليو،
    ٿي دل جي دوا جادوگري..

    هن عشق سان هُجت نه آ، هن حُسن سان حاجت نه آ،
    ڇا رنگ رهيا، ڪيئن رُخ تي ٺهيا،
    هي ڪعبه مڪا، جادوگري..

    ڪلهه شام جو تون ۽ ته مان گڏ هئاسين باغ ۾،
    هڪ هيءَ رضا، ٻي هوءَ فضا،
    ٽئين اک جي ادا، جادوگري..

    هي ”پيرل قمبر“ آهي هر هر پگهر، رهيو حيرت ۾ آ شام و سحر،
    مان ٻانهون ٻڌي، ڏئي بوسو ٿڌو،
    رکيئي منهنجي رضا، جادوگري..
    **


    پوندو گلشن جُهڪي دل جو گلڙو جُهڪي،

    پوندو گلشن جُهڪي دل جو گلڙو جُهڪي،
    نه ڪر مون سان سڄڻ ناراضگي.
    او پارس پٿر او ٿر جا ڪڪر،
    او ماکي مکڻ، ناراضگي..

    مان مران يا بچان تنهنجي در ٿو اچان،
    نه ٿو توکي ڏسان پيو ڦتڪان لُڇان،
    کڻان وکڻا ٻه ٽي ڏي گل تون ڇَٽي،
    ڪر پرتي پَهڻ، ناراضگي..

    جِت ديدان هجن اتي ڀي دل هجي،
    جِت ڀوئنرو هجي اتي ڀي گل هجي،
    سڄڻن بنا، محبن بنا،
    ڇا مرڪڻ کلڻ، ناراضگي..

    سحر هڪ ئي هجي شام هڪ ئي هجي،
    گڏ سُک سُور ۾ گام هڪ ئي هجي،
    ڇا جدارا اٿڻ، ڇا جدارا ويهڻ،
    ڇا جدارا جيئڻ، ناراضگي..

    چوي ”پيرل“ جي تون چشمن سان هلين،
    رات چانڊوڪيءَ ۾ ٽهڪين ۽ کِلين،
    درياءَ وهندو رُڪي مور سهڪي سُڪي،
    هلن هٻڪي هرڻ، ناراضگي..
    **


    دل وڃي جو غير سان گڏيئي،

    دل وڃي جو غير سان گڏيئي،
    ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

    سون آ ته به ڪوڙو ڪوٽ آ، پنهنجو نيٺ پنهنجو ڳوٺ آ،
    ڇو پکا پري وڃي اڏيئي.
    ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

    هتي هجر ۾ ڇاتيون ڇاڻيون، تون گهمين ٿو سينو تاڻيون،
    ڏکڙا منهنجا ڪو نه ڪي ڏٺئي،
    ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.

    وقت وفا جو هٿان وَيئي، ”پيرل قمبر“ ڪو نه ڪجهه ڪيئي،
    ڇو مٽيءَ تي موتي هي مٽيئي،
    ٺڪاءُ ڪنن مان ڪڍي ڇڏيئي.
    **


    سر جيسين ثابت آ،

    سر جيسين ثابت آ،
    ٿيندي تنهنجي نه منهنجي جدائي.

    مِهر وفا ۾ مربو جيئبو،
    وِهه گِهه پاڻ ۾ گڏجي پيئبو،
    ڪبي قرب ۾ ڪا نه ڪچائي.

    دنيا دولت اچڻي وڃڻي،
    محبت ناهي ڪنهن ملهه ملڻي،
    آهي عشق امانت خدائي.

    دنيا ڇا هڻندي ”پيرل“ جادون جفا جو،
    ڪابو ڪڍرائي ڇڏبو ڪوٽ وفا جو،
    در ٽپندي نه دل جو دغائي.
    **


    سڄڻ هي زلف تنهنجا جو، ڪري چُپ چُپ چُري پوندا،

    سڄڻ هي زلف تنهنجا جو، ڪري چُپ چُپ چُري پوندا،
    هزارين نانگ ڪاريهر_ سِڌا دل تي سري پوندا.

    ڏندن ۾ چنڊ جي چانڊوڪي، لبن ۾ لعل ٿو لڙڪي،
    کڻين ٿو ناز مان نظرون، ته منهنجو هانءُ ٿو ڌڙڪي،
    کلين ته خيال سان کلجان، مٺا ماڻهو مري پوندا.

    نه کڻ هي نيڻ دل وارا، شهنشاهي آ خطري ۾،
    ٻڌي ڇڏ باز ڀرون جا، پرين پنبڻين جي پڃري ۾،
    چکيئون جي ماس ماڻهو جو، هميشه لئه هِري پوندا.

    چوي ”پيرل“ هتي ڪنهن چيز جو ير ڪال ڪونهي ڪو،
    ڪيو ڪي قُربڙا پنهنجا اسان جو حال ڪونهي ڪو،
    ڪندؤ جي ناز هي نازڪ، ڇُٽل ڦٽ هي ٽُڙي پوندا.
    **


    ساهه ته پٽ ڪجهه رات،

    ساهه ته پٽ ڪجهه رات،
    پرين من اچي به پوي.

    ترس ته هي مان صحن سجايان،
    دل جي خوشن جا ديپ جلايان
    مَنهه ڪيان محلات، پرين من اچي به پوي.

    پنڻو پوي جي ته توکي پنان مان،
    تنهنجي ٻيو بدلي ڪو نه وٺان مان،
    احد جبل عرفات، پرين من اچي به پوي.

    ”پيرل قمبر“ جي آس آ آتي،
    ڇا جي اٿئي هي ٽم ٽم لاتي،
    بيهه ته جهٽ برسات، پرين من اچي به پوي.
    **


    سرائيڪي گيت  


    سرائيڪي گيت

    پيار اَپڻي ڪُون مار پل ويسون،
    اسان ڪنهن دي شهر نه وَل ويسون.

    پيار اِيوين نه ڪو پَليندا اي،
    دلڙي واپس نه ڪو وَليندا اي،
    ڪِيوين دل دي شمع ٻَليندا اي،
    اسان آپَهين وِسامَ ٻَل ويسون.

    سُور هُڻ پئي اسان ڪُون سڀ سَهڻي،
    باقي دل ڪِيا اسان ڪَنِي لَهڻي،
    دنيا ماري اسان ڪون لک مهڻي،
    اِنهي نُقطي ڪَنون نِڪل ويسون.

    ڪِتلِي آپَت چَه هُوندي هَئِي چَههَ ٻَههَ،
    لڳي ٺوڪر جدائي دِي ٺَههَ پَههَ،
    او ڪِيون پُڇدا اي ساڏِي خير صَلح،
    صدمي سَههَ آپَهين سنڀل ويسون.

    آپَڻِين جُورو جفا مٺا جَهل جَهل،
    ڪِٿان مقتول تي ڪِٿان قاتِل،
    اُنهُن جي سامهون ڏٺا ”قمبر پيرل“
    اسان اُنهُن دِي نظر ڪان ٽَل ويسون.
    **


    ڪهڙي سبب ڪان بند ڪِتي نِي در تي گُذر ميڏي،

    ڪهڙي سبب ڪان بند ڪِتي نِي در تي گُذر ميڏي،
    مُنهڙا ڏيکڻ ڪان ڀي سِڪ دي اک دي اَبر ميڏي.

    بِرهه سِوا ٻي نه بات دِي سُڌ هي،
    ميڪون هجِر والي رات دِي سُڌ هي،
    ڪانهين خبر ٻي ڪير چُراڳيا_
    صُبح اَسُر ميڏي.

    ڳُوڙَهين نان هُجت ڪانهي پئي هَلدي،
    باهه پاڻي وِچ ڪانهي پئي ٻَلدي،
    افسوس اڄڪلهه ڇوڙ ڳَئي ڪِيئين_
    اشڪ اثر ميڏي.

    دلڙي سڙِي جيئين ساهه نه چاوي،
    هِير ٿڌي ڪا هانءَ ڪُون نه لاوي،
    ٿي تون خُدا اڄ بند ڪِتي نِي_
    ڏکڻ اُتر ميڏي.

    قُرب ”پيرل“ نان واهه جو ڪِتي نِي،
    ڪُوڙي پَهر سڀ ميڪُون ڏِتي نِي،
    قَسم ئَي سِر دا ڪيڏي ڪِتي نِي_
    مِٺڙي پَهر ميڏي.
    **


    هَٿڙي ٻَڌان مَين تيڪون اڱڻ ميڏي آندا ڪر،

    هَٿڙي ٻَڌان مَين تيڪون اڱڻ ميڏي آندا ڪر،
    لوڪَئُون لُڪ اي ليئَڙا پِيارل تون ته پاندا ڪر.

    زماني دا مين تايَا هان، مَين سُورين دا ستايا هان،
    رِڙڪ سِڙڪ تيڏي دڳ تي پِڇِي ڀي مَين آيا هان،
    اَڳي هان مَين ماندا ڏاڍا، ماندي ڪُون نه ماندا ڪر.

    ڪِٿان خوشنصيبي ميڏي ڪِٿان ڪا خوشي هي،
    وفا دي ذري نان ٻڌل اي ميڏي زندگي هي،
    آکڻ مَين چَرئي دا ڪَڏهين، اکيان تي تون چاندا ڪر.

    تيڏي در تون نِڪتي هون ڀي، تِيڏي در تي آسون پئي،
    ڌِڪي ٿاٻي صدمي مِهڻي ”پيرل“ توڙي کاسون پئي،
    عاشق سڙئي نان ڪڏهين، ڪِٿ ڪَسَ ڀي کاندان ڪر.
    **


    وايون

    پُختا ڪجان مَن پير،

    پُختا ڪجان مَن پير،
    هي ٿو اُڏيو عشق اچانءِ.

    منٽ ۾ مون کي موج آ ايندي،
    ٽنگ ڀڄي ته به ڪا نه آ ويندي،
    هيراري جي هير.

    مون سان ملڻ جا، مون سان کلڻ جا،
    مون سان اٿڻ جا، مون سان ويهڻ جا،
    ڀاڙي ڇا رکندا ڀير.

    حق ته ڪنهن جا ڪو نه ڇِنا مون،
    نيّت مطابق تحفا ڏنا مون،
    پاءُ ته ڪِن کي سير.

    خالي شجر ڇا ”پيرل“ کلندا،
    ميون جا وڻ، وڻ ئي رهندا،
    ٻٻر نه ڏيندا ٻير.
    **


    اچين ميهار تون اچَ وو يار!

    اچين ميهار تون اچَ وو يار!
    سهڻي رُلي وئي سِير ۾.

    حوت بِنان هِت هيڪلي،
    راهي نه ڪو آ رڇَ وو يار!
    سهڻي رُلي وئي سِير ۾.

    سُرت نه ڪائي سرير ۾،
    ماس هڏو ڪُل هچَ وو يار!
    سهڻي رُلي وئي سِير ۾.

    لهرن دڙ سِر لوڙهيو،
    غوطن ڏِنڙو غشَ وو يار!
    سهڻي رُلي وئي سِير ۾.

    ”پيرل“ هي سِڪ سون آ،
    ڪوڙو پيار ٿي ڪچَ وو يار!
    سهڻي رُلي وئي سِير ۾.
    **


    ماني پڪي ڇڏ مر وو يار!

    ماني پڪي ڇڏ مر وو يار!
    ڇَڏَج نه ساٿ سنگت جو.

    ساڙ سڙيا هتِ سڏ به نه ڏيندئي،
    دوست کوليندئي در وو يار!
    ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

    پيار محبت جا محل هزارين،
    ناهي غرور جو گهر وو يار!
    ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

    قُرب سِوا تون ڪجهه به نه آهين،
    سونا پائين کڻي پَر وو يار!
    ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.

    پتو ”پيرل“ پو پِرت جو پوندئي،
    ٻارڻ کان اڳ ٻر وَو يار.
    ڇَڏج نه ساٿ سنگت جو.
    **


    ڪافيون

    سرتيون مون کي ڏاج ڏيون اڄ ڏير ويا،

    سرتيون مون کي ڏاج ڏيون اڄ ڏير ويا،
    ورتيون منهنجو ساجن سي ته سوير ويا.

    مون کي ويا اڄ رِڻ ۾ رُلايون،
    مان سي ڪيون هيون تن سان ڪهڙيون مَٺايون،
    ترس نه آيو تن کي، ويا جيءُ جلايون.

    زوري ڪيون منهنجو حوت کنيون ويا،
    ويندي نه مُئيءَ کي هاڻي ساڻ ورتيون ويا،
    بار سُورن جو منهنجي سِر تي سٿيون ويا.

    سرتيون ويهي ڪيئن سينڌ مان ٺاهيان،
    ريءَ سڄڻ جي ڪهڙا ويس مٽايان،
    خاڪ مٿي ۾ مان ته واري وسايان.

    حق ناهي ”پيرل“ هتڙي رهان مان،
    ڪاهيون سو ڪاهيون پٺيان حوت هلان مان،
    پنهنجي پرين جي شل پاڙي مران مان.
    **


    پاڻ ڏسي وٺ پنهنجو تماشو صورت سڀ سلطان

    پاڻ ڏسي وٺ پنهنجو تماشو صورت سڀ سلطان.

    ڪنهن کي بڻايئي سِر جو سوالي ڪنهن کي چوين سِر ڏي،
    مالڪ تنهنجي راز ۾ لڪيل، هوش عقل حيران.

    جڏهن بڻايئي هر شي فاني، ڪر فاني کي فنا،
    آخر ڪيسيتائين رکندي جيئرو هيءَ جهان.

    اول کان ئي الله رهيو آن، ڏک نه ڏٺو ٿي ڪو،
    اڄ ته دنيا جا ستم به سهه، اڄ ته ٿيءُ انسان.
    **


    ڍولا وو...! ڍولا وو...!

    ڍولا وو...! ڍولا وو...!
    مان ڍولڻ جي، ڍولڻ منهنجو! ڍولا وو

    پيار جي دل مان خوشبوءَ کوليان،
    ساهه جو ساٿي ساهه ۾ ڳوليان،
    عشق ته وس ناهي ڪنهنجو ڙي الا، ڍولا وو

    من ۾ پايان ليئڙا جهاتيون،
    اکڙين ۾ ڪريان ان سان ڳالهيون،
    پرين ڪري شل پنهنجو ڙي الا.. ڍولا وو

    محب ملاءِ تون ديد سان ديدون،
    پوريون ٿين منهنجي من جون اميدون،
    توکي قسم آهي تنهنجو ڙي الا..ڍولا وو.
    **

    سورٺ فلم ۾ ڳايل استاد پيرل جي يادگار ڪافي، رونا ليلا جي آواز ۾.


    چئوسٽا، بيت، مسدس

    چئوسٽا

    اُٿاري پُڇ ڀٽائيءَ کان ته بيتن جي بها ڇاهي،
    اکر جي ابتدا ڇاهي، اکر جي انتها ڇاهي.
    ٻُڌائيندي لطيفي لات جي زير و زبر توکي،
    ته بندي جي فنا ڇاهي ۽ بندي جي بقا ڇا آهي.
    *
    هي سنڌ جو دستور اسان ڇا لئه رکيو آ،
    هي مقصد ۽ منشور اسان ڇا لئه رکيو آ.
    تون پِپر جو پن آهين جي پهاڙ ڀي ٿي پئين،
    فرهاد جو چنجور اسان ڇا لئه رکيو آ.
    *
    هڪ پل جو ڀي چوين ته پري ٿي نه ٿو سگهان،
    تو سوا جهان ڪنهن ۾ جيءُ نه ٿو سگهان.
    تنهنجو وڇوڙو آهي ”پيرل“ وِهه کان ڀي وڌيڪ،
    ٽي چار ڍُڪ زهر جا ڀي مان پِي نه ٿو سگهان.
    *
    ڪو پنو ته ناهين جو ڦاڙي ڇڏيان،
    ڪو ڪانو ته ناهين جو ساڙي ڇڏيان،
    تون ته منهنجي ذهن ۾ سدائين آن ”پيرل“
    ڪو ڳوڙهو ته ناهين جو ڳاڙي ڇڏيان.
    *
    پيارا ڇڏي پراڻا! پرين ڪيئن نوان ڪبا،
    هن فيصلي ۾ گڏ هتي پير و جوان ڪبا،
    الفت جو ڏئي عشق کي ”پيرل“ سياهه داغ،
    ڪعبي ڏي ڀلا پير سڄڻ ڪيئن سوان ڪبا.
    **


    بيت

    هلين ٿو جي محبت ۾ ته هُشناڪيءَ سان هل،
    وِٿي نه ڏي تون وصل جي پَهَر نه وجهه ڪو پل،
    اڳي اسان جي عشق ۾ ڇاتي آ ڇَل وَل،
    اهڙو ڪجان انگل، جيئن ”پيرل قمبر“ پورو ڪري.
    *
    ڏُٻرا ڏسي دڳ ۾ ڇو گام هڻي ٿو هي،
    پيتي ته نه ٿي پنڌ ۾ ڪا ڀنگ ڪٿي ڪوهي،
    پُڄان نه تو کي پوءِ به توڙي گُهور ڪري گوهي،
    سنگت هي ڊوهي، رک نه ”پيرل“ سان پرين.
    *
    پيار جو ”پيرل قمبر“ آهي آند نه پاند،
    هر ڪو اڄ هوشيار آ توڙي ڏسڻ ۾ آهي ڏاند،
    واندو سڏين مون کي يا سڏين تون وِڻواند،
    ته به ڳچيءَ پايان پاند، منَ پرين تون پرچي پوين.
    *
    محبت ۽ مينهن جي ناهي مُند مهل،
    ڀري رکجن پيار جون ”پيرل“ پَليون پل.
    پورا ڪجن پِريَن جا اکين ساڻ انگل،
    جي کِلي گهرن کَل، ته لاهي لِڱن تان ڏجي.
    **




    مسجد جوڙي سون، تنهنجي نيڻن ۾ پرين،
    عشق امامت پيو ڪري پويان سِڪ صفون،
    اڳيان آهين تون، ”پيرل“ آهيون پاڻ نماز ۾.
    *
    مُنجان سنيهو سڄڻ ڏي ٿو ماڻهو هٿ ڏياري،
    نياپو ته لک لهي پر ڏيندڙ نه کاري،
    يا ته حرف هڪ هڪ چوندو ساري سنڀاري،
    يا ته ڏُڌل کير به ايندو کَڙهه تي هاري،
    ”پيرل“ وڃان پاڻ ها مان ڪَهي قطاري،
    هاڻي ڳڻتي ٿي ڳاري، ته موٽي شل مُهت سان.
    *
    محبت اڳيان هڪ آ مَنهه ۽ محلات،
    سولو ناهي پيار ۾ پيئڻ آبِ حيات،
    ”پيرل قمبر“ عشق آ شينهن ببر جو وات،
    جيڪو ڪنڌ نه جهلي ڪات اهو آڏو اچي عشق جي.
    *
    چهرا گڏجن چار ته محفل رکي مان،
    سڪ، سنگت، صِدق آ اوشاقي ايمان،
    جي دل جو ملي دان ته سون وندو سائل ٿئي.
    *
    دلبر دغابازيءَ جا دل تي ڪيئي داءُ،
    جاٿي سِڪ جا سير ها اتي پيار جا ناهن پاءُ،
    ”پيرل قمبر“ سنگت جا گُهٽي وڌئي ساههُ
    ڪنن مان ٺڪاءُ، ير ٺوڪي ڪڍيئي ٺڳيءَ سان.
    **


    مسدس

    ڪو وقت هو ڪنهن وقت ۾ مون يار ڪيو هو،
    ڪجهه ڪجهه ٿي خبر پئي ته مون به پيار ڪيو هو.

    هن کي به سوا منهنجي ته آرام نه ڪو هو،
    هر جاءِ تي هو صبح ڪٿي شام نه ڪو هو،
    ان بيوفا جي اکر کان بدنام نه ڪو هو،
    ڪنهن جي مٿان نفرت سندو الزام نه ڪو هو،
    محبت جو راز رُسوا سري عام نه ڪو هو،
    هن نينهن جو بدنام ڪٿي نام نه ڪو هو،
    آباد هي گڏجي ٻنهي گلزار ڪيو هو.

    هُن کي نه اچن ياد ٿا گذريل ڇو زمانا،
    اکين جي ها پنبڻين ۾ پليا دل جا فسانا،
    سَوَ گل جي ملڻ لاءِ ها بلبل کي بهانا،
    خطرن کان بچيل يار ها خوشين جا خزانا،
    خطڙن کان اڳي ٿيندا ها پيغام روانا،
    اڄ ڳوليان ٿو مان نينهن جا نيڻن سان نشانا،
    سنگتي مون انهيءَ ڪان سڄو سنسار ڪيو هو.

    گڏ جاني هو ان وقت ۾ جاني نه جدا هو،
    مان هن کان خفا ۽ نه ڪي هو مون کان خفا هو،
    مان هُن جو خدا ۽ هو منهنجو ته خدا هو،
    مان ان جو مقدر ۽ هو منهنجي ته قضا هو،
    مان باغ هو بلبل ڪلي ۽ بادِ صبا هو،
    مان قسطو جهول سين اهو دستِ سخا هو،
    مان پاڻ کي هر رنگ جو طلبگار ڪيو هو.

    ”پيرل قمبر“ کي دؤر عنايت ته ملي پئي،
    ڀِروَن جي اڳي واري بغاوت ته ملي پئي،
    حسرت جا هئي حَسِين سا حسرت ته ملي پئي،
    مايوس جي چهري کي مُسرت ته ملي پئي،
    دولت نه کپي عشق ۾ عزت ته ملي پئي،
    آڪڙ نه کپي نينهن ۾ نوڙت ته ملي پئي،
    هُن کي جو ڪنهين رات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
    ڇا اسُر ۽ پرڀات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
    ڦُڙ ڦُڙ ۾ ۽ برسات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
    روپوش جي حالات ۾ ايندي به ڏٺو مون،
    مون خوشيءَ ۾ سينگار تي سينگار ڪيو هو.
    **


    اردو غزلیں

    آتے ہی عشق دوستو! کیا کام کر گیا،

    آتے ہی عشق دوستو! کیا کام کر گیا،
    دل میں کسی کے ہجر کا اک داغ بھر گیا۔

    اے قافلے والو!تمہیں چلنا ہے چل پڑو،
    میری خوشی کا ملتوی، ہو کے سفر گیا!

    بادل بتا کیوں روتے ہو دن رات فلک پر،
    کیا میری طرح تیرا بھی شمس و قمر گیا!؟

    غم آتے دل میں دیکھ کر کہتے ہیں لوگ،
    کوزے میں یہ سمندر کیسے اتر گیا!؟

    ہاتھوں سے خود ہی مارکر سب سے ہیں پوچھتے،
    اس شہر میں وہ کون مسافر تھا مر گیا!؟

    پتھر کو خالی چوم کے "پیرل" کروں گا کیا؟
    جب دل کے ہر خزانے سے لعل و گُہر گیا!
    **


    اے عشق! تیرے واسطے کیا کیا نہ کررہا ہوں،

    اے عشق! تیرے واسطے کیا کیا نہ کررہا ہوں،
    مر مر کے جی رہا ہوں، جی جی کے مر رہا ہوں!

    یہ معجزہ ہے میری اس پاک دل لگی کا،
    جتنا ہی ڈوبتا ہوں اُتنا اُبھر رہا ہوں!

    دریا تھا میں تو پہلے اب درد کی ضرب سے،
    کوزے میں کیسے دیکھو اب میں اتر رہا ہوں!

    سائل ستم تھا جس کو کس نے نہیں دیا کچھ،
    میں کر کے پیشِ خدمت اپنا جگر رہا ہوں!

    جب سِرفروش سے وہ اک دم بني ستمگر،
    اب ان کے سائے سےبھی "پیرل" میں ڈر رہا ہوں۔
    **


    دل لگا کر ہے دل لگی کرلی،

    دل لگا کر ہے دل لگی کرلی،
    پیدا اک خوامخواہ خوشی کرلی۔

    اشک روکے رکھےتھے آنکھوں میں،
    موت کے وقت مئہ کشی کرلی۔

    تم کو آتے جو سامنے دیکھا،
    بنِ وضو کے ہی بندگی کرلی۔

    ہوتی ہے موت کی امانت جو،
    نام تیرے وہ زندگی کرلی۔

    تونے مرنے نہیں دیا مجھ کو،
    خوابوں خوابوں میں خودکشی کرلی۔

    تاج تو سر پہ تھا "قمبر پیرل"
    پھر بھی محسوس اک کمی کرلی۔
    **


    میں رویا اس کے ہی آنسو قسم بہانے پہ،


    میں رویا اس کے ہی آنسو قسم بہانے پہ،
    وہ مسکرایا نہیں میرے مسکرانے پہ۔

    ابھی تو اٹھتی ہے گرتی ہے بیٹھتی ہے کہاں۔
    بہت سنبھلتا تھا دل اس کے آنے جانے پہ۔

    یہ ہی ہے ایک فضلیت بڑی مرے دل کی،
    یہ خود ہے دُکھتا ہے اوروں کے دل دکھانے پہ۔

    اُسی نےمیرے ہی رونے کو اکِ ہنسی سمجھا،
    لگائیں اور کیا الزام اب زمانے پہ۔

    کہاں میں ڈھونڈوں بھی قسمت کو اے قمبر پیرل!
    وہ خود ہی مرگئي ہم دونوں کو ملانے پہ۔
    **


    حاضر ہوں میں مریض مسیحا مگر نہیں،

    حاضر ہوں میں مریض مسیحا مگر نہیں،
    بس آج اس پرندے کو اُڑنے کے پَر نہیں!

    کس کا گلا میں گھونٹ دوں اپنا یا غیر کا،
    کل ہم سفر جو تھا آج وہ ہم سفر نہیں!

    ای ہم نشینو! خوامخواہ کرتے ہو بحث کیوں؟
    وہ کون دل کا مارا ہے جو در بہ در نہیں!

    "پیرل" جُلوس کتنے تو وہ ہوگئے اِدھر اُدھر،
    میرے ھئے ہی غم کبهي يه منتشر نہیں!
    **


    پتھر کہا تو پاؤں سے سَر تک پگھل گئی،

    پتھر کہا تو پاؤں سے سَر تک پگھل گئی،
    یہ بات میرے منہ سے بھی کیسے نکل گئی۔

    پوری طرح تو تارےبھی نکلے نہ تھے ابھی،
    جو رات اب نہ ڈھلنی تھی کیسے وہ ڈھل گئی۔

    تعجب ہے اُن کی نظر نے مجھ کو کیا اسیر،
    گر کر میری نظر سے وہ کیسے سنبھل گئی۔

    پہچانے آج جو بھی نہ "پیرل" کروں گا کیا،
    تب تو پرائے دیس میں یہ جان جل گئی۔
    **


    بے خطا کو خطا دیجیے

    بے خطا کو خطا دیجیے
    دن میں دیپک جلا دیجیے

    میں ہوں زندہ تُو جھوٹا نہیں،
    میں مروں تو گلا دیجیے

    ایک غم دل کی قیمت نہیں،
    دام اور کچھ بڑھا دیجیے

    تجھ سے مانگوں وفا میں اگر،
    دانت منہ میں دبا دیجیے

    جب تو "پیرل" مسیحا نہیں،
    زہر کر کے دوا دیجیے
    **


    کیا خبر تھی صُبح وقت شام تھا،

    کیا خبر تھی صُبح وقت شام تھا،
    آنکھ تھی اور آنسوؤں کا جام تھا۔

    بے وفا تھے ہم، وہی تھے باوفا،
    یہ بہت اُلجھا ہوا الزام تھا۔

    کرلیا آخر زلیخا نے خرید،
    خوامخواہ یوسف ہوا بدنام تھا۔

    سو میں لیتا چین سے کیسے سُکوں کی نیند،
    وہ میرا آرام بے آرام تھا۔

    دھرتی والوں نے کیا "پیرل" جدا،
    کیا اِدھر لوح و قلم کا کام تھا!
    **


    آپ سے کیا دوستی کرنی پڑی،

    آپ سے کیا دوستی کرنی پڑی،
    زہر اپنی زندگی کرنی پڑی۔

    عشق تیرے صدقے میں آخر مجھے،
    دوستوں سے دشمنی کرنی پڑی۔

    جاگ میں مرنے نہیں اُس نہ دیا،
    خواب میں بھی خودکشی کرنی پڑی۔

    اب جلایا قبر پہ اُس نے دِیا،
    پتھروں پہ روشنی کرنی پڑی۔

    وہ نہ ساقی ٹھہرا جو "پیرل قمبر"،
    اپنی منہ سے مئکشی کرنی پڑی۔
    **


    اپنی نگاہِ ناز کا نقشہ بدل نہ دو،

    اپنی نگاہِ ناز کا نقشہ بدل نہ دو،
    جو چاند کا بھی چاند ہے، چہرہ بدل نہ دو۔

    میں نے بھی تو پہاڑ جنگل دوستو مارے،
    یہ قیس کا ملا ہوا رتبہ بدل نہ دو۔

    لٹکایا خود کو میں نے کہیں تیرا گھر نہ ہو،
    جو سر کے سر کیا ہے وہ سجدہ بدل نہ دو۔

    میں نے تو خود چراغ ہتھیلی پہ ہے رکھا،
    جس طرف سے بھی آئے تو جھونکا بدل نہ دو۔

    شیشے کی طرح "پیرل" ہر دم رہا شفاف،
    پردہ ہے تو نفس پہ، پردہ بدل نہ دو۔
    **


    نوحه

    نوحه
    ہر درد الم غم کو سینے کے بل سنبھالے،
    اب شام کو چلے بس قیدی یہ شام والے۔

    زنداں کے دروں سے آواز آ رہی تھی،
    میں مر چکی ہوں عابد آکر مجھ اُٹھالے۔

    کیا جرم ہے، جفا ہے، اک پاک بے ردا ہے،
    سوجاؤ تم ستارو! اے چاند! منہ چھپالے۔

    صحرا میں تین دن تک سب لاشیں بے کفن ہیں،
    کوئی نہیں مسلماں آ کر انھیں اٹھالے۔

    سجاد کو اے "پیرل" صابر نے یہ صدا دی،
    جو ستم کو چھپالے ہر زخم کو سجالے۔
    **


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 711
    ڪتابن جو مشاهدو: 994986
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 333351
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ