ڪتاب جو نالو: ڌرتي دين ڌرم
مصنف: ابراهيم منشي
ڇپائيندڙ: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 1991
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 29 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 2809 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 763 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ڌرتي دين ڌرم“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ نظم، بيت ۽ وايون شامل آهن. هي ڪتاب 1981ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • منسوب
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مھاڳ
  • نظم

  • دين ڌرم سڀ ڌرتي ڄايا، ڌرتي آھي اُتم،
  • اسان انقلابي اسان انقلابي،
  • ڪيسين سھندين سور، ڪيسين سھندين سور،
  • متفق ٿي مسڪين اچو اڄ، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
  • تنھنجو مرؤ پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس،
  • اٿ دلبر مسافر دير نه ڪر، سڏ سُوريءَ جو سينگار وري،
  • وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،
  • انقلاب
  • اسان نينھن لائي نڀائي سگھون ٿا،
  • درياءَ جو سوال
  • درياءَ جو جواب
  • ھاڃان ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏو سارو ھاڃون ھيل،
  • سنڌ نه سھندي سُور او ساٿي، سنڌ نه سھندي سُور،
  • نوان مقتل نيون سُوريون، نوان منصور ميدان ۾،
  • ڪِن رولن سمجھي راند ھتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
  • سنڌ سستي ٿي وڪامي، نتِ نئين نيلام ۾،
  • مرڪز
  • ھڪ دفعو ھاري اٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو،
  • محنت سان جي لاھي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان،
  • ڪونڌر
  • لطيف در دانھن
  • پوڙھي جھور ھي ورھن کان ڏس، ويٺي روئي لاڪب ۾،
  • ڊي- پي- آر
  • دوکو
  • ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدليا نه فن بدليا.
  • ڪورٽ ڪرسي ٿاڻا عوامي، گھوٽن پيڙھين گھاڻا عوامي،
  • ھڪڙو شاعر، جيل جي ڪوٺي، سوچيو ويٺو سوچي،
  • جڏھن ڪورٽ اندر ڪونڌر، ڪروڙين ھي ڪُڏي پوندا،
  • اسان ھر دور جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسون،
  • گوندر ماڪ ڍونگر گذاري وياسون،
  • گھر گھر گھور انڌيرو، گھر گھر گھور انڌيرو،
  • ڏسي دل ڏکي ٿي، ڏکن جو سماج،
  • لاھياري
  • ننڊ اچي تو ڪيئن ٿي، ڌرتيءَ تي ڌاڙيلا،
  • ڳاءِ ڳاءِ ڳائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا.
  • پيرين نه جتڙي، بڊي جا ڪاڙھا،
  • نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي،
  • حساب
  • يا سِج کُٽي، يا ٻِج کُٽي،
  • وڏيرا ور ڏيئي ووٽن لئه، وري وريا وٿاڻن تي،
  • رھزن
  • ويڪائو
  • ھر بشر غمگين تنھنجي ڳوٺ ۾،
  • وڏيرا
  • مونکي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سڻائي وينداسون،
  • پاپي
  • بچي پوندين، جي ڌڙ ڌرتيءَ کي آڇيندين،
  • ڪنھن قوم کي زھر قاتل پيارو،
  • درد
  • ڪريو قوم ڪناري ڪريو، گھر پيو لُٽجي ڀريو تريو،
  • لک ويا ٿي بک بندوقن، دانھن جا در بند ٿيا،
  • ديس دروھي
  • بندي خانا
  • ڌرتي - دين - ڌرم
  • منھنجي ڌرتي
  • ڀاڳين تي روز ڀالا؛ نت نت نوان نرالا،
  • مُند آھي چري، رات آھي ٺري،
  • ڪاري ڪاري رات او ساٿي، ڪاري ڪاري رات،
  • روپا ماڙي
  • دوھا

  • ھر ھڪ روح جي لاءِ رحمت، ھاري ۽ مزدور جي محنت،
  • بيشڪ باني ملڪ سڄي جا، ھاري ۽ مزدور ٻئي،
  • منھنجي سيني سنڌ وطن جي، سانگيئڙن جا سُور سوين،
  • سڏ سنڌوءَ جو سڻندي ئي، سر گھوري ويا سر گھوري ويا،
  • ھن نگريءَ کي نگري جي، بيماري چوڌاري ڙي،
  • بيت

  • شھيد صادق ھاري
  • ھاري تنھنجا ھٿ، چُمان ڪھڙي چپ سان
  • ڀُلجي ڌاريئي ڀولڙا، ڏيڍ مٿا ڏڦير
  • واڳو وات وفاق، ڪيئن ڳِھي پيو قوم کي،
  • ھڪڙو پڌرو پيٽ ۾، ٻيو ڪولھڻ ڪج تي ٻار،
  • ڌونئري ڏينھن ڌاڙو، لڳو ڪيڏو لوءِ مان،
  • رت روئي ٿي سنڌ جي، ڀومي ۽ ڀاشا،
  • روئي رني ڪوٽ، دانھن ڏني درياھ کي،
  • اڄ واچوڙئي وڄّ، پاڙان وڻ اکيڙيا،
  • تڙ تان ڇورا تڙ، ھي کورم ڪنھن جا گڏيا،
  • سئو ورھن جي سِرڻ ۽، ڪروڙ ورھن جو ڪانگ،
  • دُٻي مڇي سمنڊ کي، ڇا ڇا ڇاڇولي،
  • ڀائيوارو ڀت، اوباري ۾ اکيون،
  • تيئن اڄ سنڌ پنجاب وٽ، جيئن دلي منجھ مڇي،
  • امڙ اک آلي، متان ڪرين ماءُ تون،
  • ڪيڏو گوڙ گرنار ۾، ڪيڏي تتي تند،
  • اڃان سائي ڪُک، ڀائو آھي ڀونءِ جي،
  • اکر ڇرا گوليون، اکر ايٽم بم،
  • جي ايم سيد ڏانھن منتخب بيت
  • ٺوڙي سانحو
  • وڳھ جا وريام
  • سڏائين ٿو ساہ ڌڻي، ڪُل مٿي قادر،
  • سر موکي متارا
  • ٽه سٽا
  • چؤ سٽو
  • وائيون

  • گھور وڃان توتان گھور
  • بنجر باغ بناءِ، او ھاري، بنجر باغ بناءِ.
  • منھنجا ٻول ٻه ٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
  • لائون لھڻ لاڏلا، وڃن پيا ويڙھ ۾.
  • مون کي وڍ وڏا، تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.
  • گھور ڪري گھوٽن، سِر ڏنئون ويا ساک بچائي.
  • جيڏا جيڏا جيس- الا، ڪاھي آيا ڪاڪ تي.
  • جوٽي جنگ جبل ۾ بيٺا، ٻاروچاڻا ٻار، وو يار.
  • پوڃاڙي جو پينگھ کي لوڏي، ھئي ھئي ڏي نه ھلورا،
  • اوسيئڙو ۽ آس، ڇوري ڇر تي ڇيڳري.
  • ڏاڍو آھي ڏچو، مانجھي مورمچو، سنڌو ڪري پئي سڏڙا،
  • جاڳي پيا اڄ جاڳي پيا، ڌرتيءَ جا ته ڌڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.
  • پوڃاڻي پيغام، آيو کڻي اڄ آھي عطائي.
  • ويڙھ سواءِ ٻي واھ نه آھي، اچو ته جوٽيون جنگ، الا.
  • ڪيڏي آھي ڪڙاڻ، وو، تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا.
  • ڪونجن جي ڪڻڪاٽ الا، رات به مون کي رت روئاريو.
  • ٻرنديءَ ۾ سرندي الا، ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.
  • ڪوٺين آھيان ڪٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.
  • ڪيڏا ڪاڪ ڪلور، موٽو موٽو مينڌرا.
  • سنڌي جھاڳي سُڃَ الا، وسيءَ کي ويجھا ٿيا.
  • ڌرتي ڌرتتي، جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا.
  • سھڪيو سنگ لُڻي، ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾.
  • ماريو متارن موت، زھر کي ضامن وجھي.
  • لالچ ۽ احساس، موکيءَ مھندان آيا اُڀري.
  • مانڊي مَنڊ منڊي، ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.
  • لاکو لڄ سندن، اوڏڻ لوڏڻ ۾ لُڏي.
  • منھنجو جانب جيئن جو تيئن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا-
  • سامي سنگت ٽوڙي، رات روانا ٿي ويا.
  • عشق لڳو اڻموٽ، الا، موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا.
  • ڏاڍا ڏينھن ٿيا، وجھندي واجھ وصال لئه.
  • لٿي ڪين لٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.
  • چاھ چانڊوڪيون راتڙيون،

  • منسوب

    پنھنجي پياري امڙ
    جنت
    جن جي نالي
    جنھن پنھنجي ڪُک مان
    جنم ڏيئي يارھن سالن
    جي عمر ۾ والد جن جي
    جدا ٿي وڃڻ کان پوءِ
    پورھيا ڪري مون کي
    پالي وڏو ڪيو.

    منشي ابراھيم


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڌرتي دين ڌرم“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. هي ڪتاب سنڌ جي قومپرست شاعر ابراهيم منشي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن ۾ نظم، بيت ۽ وايون شامل آهن.

    سندس موجوده زيرِ نظر ڪتاب ” ڌرتي دين ڌرم“ ۾ منشيءَ جي نئين ۽ تازه شاعري آھي. ان ۾ نظم، بيت ۽ وايون آھن. جن ۾ سڪون آھي، سُرور آھي ۽ سوز آھي. 'منشي' سچ جو شاعر آھي، جذبات ۽ احساسات ۾ حقيقتِ روح جو ترجمان آھي.
    منشي ھڪ فطري شاعر آھي، ھن کي مصنوعي ۽ مصلحتي معيارن جي ڪا پرواھ نه آھي. حقيقت ۽ برملا حقيقت بيان ڪندو آھي. منشي ھڪ عملي ۽ حقيقت پسند مبلغِ انصاف آھي. ھن جو وايون ڏاڍيون مقبولِ عام آھن، جيڪي سُٺيون، سُھڻيون ۽ مؤثر آھن، لفظ سادا، سھڻو انتخاب ۽ جذبات اُڀاريندڙ ھوندا اٿس.

    هي ڪتاب 1981ع ۾ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون سائين شاهنواز سومري جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    مھاڳ

    مون کي ھن دؤر جي نھايت اھم، ارڏي ۽ مُھان شاعر منشي ابراھيم جي نئين شاعري مجموعي، ”ڌرتي دين ڌرم“ جيڪو ڇپجي چڪو آھي لاءِ چيو ويو ته ان لاءِ مھاڳ يعني تبصرو، تعارف ۽ تاثرات لکي ڏيان. وسوسي ۾ پئجي ويس ته منشيءَ جي شاعريءَ تي تاثرات لکان! منشي ھڪ حساس فطرت، انوکو، اڙانگو شاعر آھي. ھن جي شاعريءَ ۾ پُر سوز زبان، ڪرب انگيز تاثرات، ھمت و حيات آفرين جذبات موجزن آھن. منشي وقت جي پڪار، منشي عزم ۽ ھمت جو نشان، محبت و ايثار جو پيڪر، ظلم ۽ ظالم لاءِ موت آھي:
    ”جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
    پليت پير ڪر پري، ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ.“
    قوم پرست شاعر ته اسان وٽ گھڻا آھن، سڄي سنڌ ھيرن جي کاڻ آھي، پر منشيءَ جي ڏات ۽ ذات نرالي آھي. منشيءَ جي ترنم ۾ سحرخيزي ۽ بلا جو ڪرب آھي. لفظ سادا، سھڻا ۽ چڀندڙ- لفظن جو انتخاب نھايت عمدو ۽ اعليٰ، جي ترنم سان پڙھي ته ماحول متزلزل ٿئي، مزدور، محتاج ۽ مظلوم جو حوصلو ۽ سمت ھماليه کان مضبوط ۽ مٿاھون ٿيو وڃي!
    ”دودي ڏاھر جو اولاد، مان ئي آھيان، مان ئي آھيان.....
    منھنجو عزم فولاد!“
    مون کي ياد آھي ته ھڪ دفعي پروفيسر حيدر علي لغاريءَ جي ھيرآباد واريءَ جاءِ تي پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي ۽ ھڪ ٻن ٻين دوستن منشيءَ سان رھاڻ جو اھتمام ڪيو ھو. حيدرآباد جي پر فُسؤن رات، منشيءَ جو سوز و جلال آفرين آواز، انقلاب انگيز شاعري، ٽيپ ٿيندي رھي. 9 بجي رات جو آيل ماني، ڪنھن کي نه ھوش ھو، نه خواھش! صبح جو ساڍي چئين بجي پاروٿي ڪري کاڌيسون؛ ۽ جڏھن ٽيپ ٿيل ڪيسٽ ان وقت جي ايڊيشنل سيشن جج علي حيدر شاھ ٻُڌي ته بي اختيار چئي ويٺو- ”ڪٿي آھي ڪارلائل- ڪيٽس ۽ شيلي جي شاعري- اسان وٽ سنڌ ۾، سنڌي زبان ۾ ھھڙا شاعر به موجود آھن! جن وٽ شعوري پختگي ۽ فڪر و فھم جي ايتري بلندي موجود آھي.“ منشي ظلم ۽ ظلم جو پس منظر قطعي نٿو برداشت ڪري:
    ”نه ھونديون حويليون، نه ھوندا ھي ٿاڻا،
    مان ھوندس نه ھوندس، سو پاڻا نه ڄاڻا.“
    منشي ابراھيم غربت جي ٻاٽ اونداھيءَ ۾ اک کولي؛ سندس حساس شاعرانه طبيعت ظلم و جبر ۽ ڏاڍ جي پيڙائن مان پلجي، رچي ريٽو ٿي، عزم ۽ آزاديءَ جو مينار بڻجي ويئي، سندس محسوسات و ڪيفيات ۽ واردات قلبي ھيٺئن طبقه، مزدور، مظلوم ۽ مارو ماڻھن جي ڪيفيات ۽ ڪرب جو اظھار آھي.
    سندس موجوده زيرِ نظر ڪتاب ” ڌرتي دين ڌرم“ ۾ منشيءَ جي نئين ۽ تازه شاعري آھي. ان ۾ نظم، بيت ۽ وايون آھن. جن ۾ سڪون آھي، سُرور آھي ۽ سوز آھي. 'منشي' سچ جو شاعر آھي، جذبات ۽ احساسات ۾ حقيقتِ روح جو ترجمان آھي. سندس بيت جو انداز ته ڏسو! ڪرب تڙپ ۽ گھرو زخم! سوچ ۽ لوچ، ادائگي ته ڏسو!
    ”سج نه ڪني ڪڍ، اڃا رات رھڻ ڏي،
    وڇوڙي جا وڍ، ڀنيءَ ۾ ڀري وٺان!“
    منشي ھڪ فطري شاعر آھي، ھن کي مصنوعي ۽ مصلحتي معيارن جي ڪا پرواھ نه آھي. حقيقت ۽ برملا حقيقت بيان ڪندو آھي-
    ”ٺرو ٺاھي پياريو، ڪولھڻ ٿي ڪلال،
    جاڳي پيو جيءَ ۾، جيئرو جد جلال،
    حرام ۽ حلال- ٻئي ٻڏي ويا ٻوڏ ۾.
    منشي ھڪ عملي ۽ حقيقت پسند مبلغِ انصاف آھي. ھن جو وايون ڏاڍيون مقبولِ عام آھن، جيڪي سُٺيون، سُھڻيون ۽ مؤثر آھن، لفظ سادا، سھڻو انتخاب ۽ جذبات اُڀاريندڙ ھوندا اٿس. سندس وائيءَ جو انداز ڏسو:
    ”راڻا ڏيئي رَتُ- ٿورو لاھيو ٿَڃُ جو“
    منشيءَ جي شعر ۾ عزم، حوصلو، بلندي ۽ قربانيءَ جو بي پناھ جذبو مؤجزن آھي-
    ”ڪبا ڪارا نه ڪوٽن ۾، پنوھارن جا اڇا پَٽڪا،
    ڦوھارا ڏي يا ڏي ڦاسي، ڦٽن تي ھڻ ڦري ڦٽڪا.“
    قربانيءَ جو جذبو ملاحظه فرمايو!
    پوندي اتي پڙ ۾ پرک- سُوريون جتي سينگاربيون!
    پيا لٽڪندا ڪئين لاش لک- سُوريون جتي سينگاربيون!
    بھرڪيف منشي ھڪ جامع الصفات شاعر آھي. سندس زبان، سندس سوز ۽ آلاپ، سندس فڪر ۽ فھم، سندس پيغام، ھمت، جرئت ۽ قرباني آھي. سندس ھي نئون ڪتاب سنڌي زبان ۽ نظرياتي توڙي طبقاتي ادب ۾ تاريخ جو ھڪ سونھري باب آھي، سنڌي نوجوان نسل لاءِ ھڪ ضابطه حيات آھي.
    منشيءَ جي شاعريءَ ۾ سونھن، سُرت، ساڃاھ، پيڙا، پڪار، عزم، حوصلو، جدوجھد، جرئت ۽ ھمت، جانبازي توڙي جان نثاري ۽ ڌرتيءَ سان بي انداز محبت موجزن آھي. وقت جي ضرورت آھي ته ھن کي پڙھجي، پروڙجي ۽ راهِ عمل ۾ رھنمائي حاصل ڪجي-

    ايم ايم سٺيو
    ٽنڊو محمّد خان


    نظم

    دين ڌرم سڀ ڌرتي ڄايا، ڌرتي آھي اُتم،

    دين ڌرم سڀ ڌرتي ڄايا، ڌرتي آھي اُتم،
    انسانن جي آجائيءَ جو، آھي ڀونءُ ڀرم.

    *


    اسان انقلابي اسان انقلابي،

    اسان انقلابي اسان انقلابي،
    ٿي مجبور حملا ڪنداسون جوابي.
    سَٺاسون سوين سر تي قانون ڪارا،
    اچي تنگ، ڪرڻ جنگ، سکي ويا ھي سارا،
    ٿيا جڏھن ظالم جا مظلوم مارا،
    رھي ڪٿ نه سگھيا پوءِ رھزن ربابي.

    ٻڌي ڇڏ ڪروڙن ٻاٻاڻن جي ٻولي،
    ڀلي چاڙھ سوري ڀلي مار گولي،
    نه رھندي ھتي سامراجين جي ٽولي،
    آھي ختم ڪرڻي ھي ساري خرابي.

    نه سھندا ھي سانگي ستم سامراجي،
    پراڻا فريب ۽ ھي رسمون رواجي،
    گھرون ٿا گھرون ٿا صحيح حق سماجي،
    نه گھرجن مھاجر- پٺاڻ ۽ پنجابي.

    وڏيرو ھي ظالم وڏيرو نه گھرجي،
    ڪامورو ھي ظالم ڪامورو نه گھرجي،
    غلط انتظام ھي سمورو نه گھرجي،
    نه ھلندي ڪنھن زردار جي ھِت نوابي.

    ڪنداسون نه برداشت بد انتظامي،
    اُٿي آڳ ڀڙڪي آ اڄ انتقامي،
    حڪومت ڪبي ھت حقيقي عوامي،
    ڇڏينداسون ٽوڙي غلط حد حسابي.

    سڄو ملڪ پاپين ڪنا پاڪ ٿيندو،
    نه مومل جي طلسم وارو ڪاڪ رھندو،
    ھتي ھر بشر ھاڻ بي باڪ ھوندو،
    آھي ڪرڻي ظلمت منجھان ماھتابي.
    سياھي جي راتين جو چيري ته سينو،
    ٻارڻي لاٽ آھي ڏيئي رت پسينو،
    آھي تار مان تارڻو ھي سفينو،
    نه ڪر فڪر ”منشي“ ٿيندي فتحيابي.












    *


    ڪيسين سھندين سور، ڪيسين سھندين سور،

    ڪيسين سھندين سور، ڪيسين سھندين سور،
    گھڙيءَ گھڙيءَ ۾ گھاءُ نئون ۽ وِک وِک تي وھلور.

    ڏيھ سڄي ۾ ڇيڙيل ڏينڀو، ڏيھ ڌڻين کي ڏنگ ھڻن،
    وک وک تي سي ويڙھيچن کي، واريو ڦيرو ونگ وجھن،
    سورن ماريل سانگيئڙن جا، چوڏس ٻڌ پيا چنگ چرن،
    پنھنجي گھر ۾ مرضن ماريل، ماروئڙا مجبور او ساٿي!!!!

    خون اسان جو پيئندي پيئندي، پاپين ڪيڙا پيٽ وڏا،
    ڳڙڪائي ويا ظالم ڪيئي، مظلومن جا ماس ھڏا،
    زر زمين جا مالڪ بڻجي، ويٺا ٺاھي عيش اڏا،
    مُھرَ زبان تي ماروئڙن جي، ناھي ڪڇڻ دستور او ساٿي!!!!

    ھتي ھلن پيا ڪئين ھزارين، ون يونٽ جا واپاري،
    آڙ وٺي اسلام سندي، غدار ڪندا ھي غداري،
    وري ڪندا نيلام نئون، ھي پيسي جا ھن پوڄاري،
    متان ڙي وانگي وڃين نه وڪجي، دوکي کان رھ دور او ساٿي!!!

    جاڳي پيا پٽ جيجل جا اڄ، جاڳي پيا جانباز ڪئين،
    پر مارن جا پير نه کپندا، شاھي ويا شھباز ڪئين،
    سوريءَ کي سي سيج ٿا سمجھن، اچن ڪريو نت ناز ڪئين،
    ڪھڙا چاڙھي چاڙھيندين تون، ملڪ سڄو منصور او ساٿي!!!

    اچو ته ”منشي“ متفق ٿي اڄ، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
    ظلم سندا زنجير ھٿن سان، پاڻ ئي پنھنجي ٻاريون ڙي،
    سر رکي سانڌاڻ مٿي ۽، مستقبل ته سنواريون ڙي،
    وقت اسان کي ساٿ ڏنو آ، منزل ناھي دور او ساٿي!!!




    *


    متفق ٿي مسڪين اچو اڄ، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،

    متفق ٿي مسڪين اچو اڄ، ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي،
    ڏاڍ جا ڏونگر ڏاريون ڙي، ۽ وير پراڻا واريون ڙي.

    وک وک تي جن ڪيا وڏيرن، ويڙھيچن سان واويلا،
    شام تائين ڪوڏار ھڻي، ته به سير اٽي لئه سوَ ٿيلا،
    ڪئين ڪُٺا تن بکيا ڏکيا ۽ انگ اُگھاڙا البيلا،
    اھھڙا موذي ملڪ سڄي مان، چونڊي چونڊي ماريون ڙي!

    قاتل قوم فرنگ جو چمچو، جاچِ اھو جاگير ڌڻي،
    مير ھجي يا پير ھجي، يا خانبھادر ھجي کڻي،
    پڇا ڪري ڏس پيڙھياتن کان، ڪٿان تو ھيءَ جاگير ڄَڻِي،
    پورھيتن جي پگھر منجھان ٿو، ننگيون نچائي ناريون ڙي!

    مزدور جي ماسَ منجھان ٿو، مالڪ مِل ڏس موج ڪري،
    وال ڪروڙين روز بڻائي، پوءِ به تنھن کي سور سري،
    سردي گرمي گوڏ گنجيءَ ۾، بنا ڪفن مزدور مري،
    مرون ۽ ماريون ماروئڙن تان، ظلم ستم ھي ٽاريون ڙي!

    زردارن جا ظلم ھتي جي، کاھڙ ۾ ويھي کولي ڪو،
    اٽي لٽي ۽ ادا اجھي لئه، ٻِڙڪ ھتي جي ٻولي ڪو،
    پنھنجي ھٿ سان پنھنجي ڳچيءَ لئه، سُوري ڄڻ ٿو ڳولي سو،
    سانگيئڙن لئه ستم ھزارين، ڪھڙا ساري ساريون ڙي!

    خون ڪرائي وڏو وڏيرو، سيٺ چوڌري رئيس ھتي،
    جھوپن وارن جھانگيئڙن لئه، پاپي پوءِ پوليس ھتي،
    ڪنگالن لئه ڪيس ھتي، ۽ پورھيتن سان پيس ھتي،
    چور ڇُٽا چالان چڱا، ۽ گگدامن تي گاريون ڙي!

    ويل ھزارين وانگيئڙن تي، اڳي وڏيرو ڪري ھزار،
    مسڪينن جي ماس مٿان ٻيا، ڌارين ٻولي وارا ڌار،
    ”ھمين ملي ھي زمين نڪل جا، تيرا نھين ڪڇ اڌر وقار،“
    ڪيئن ڪريون ڪاڏي وڃون، ۽ ڪھڙي در پڪاريون ڙي!

    انڌير نگريءَ ادا ڙي ھن ۾، ماءُ نه سھڻي ڌيءُ ڄڻي،
    ظالم ڏس زردار وڏيري، کي جي ڪنھن ڀي وقت وڻي،
    زوريءَ سان ٿو ظالم تنھن کي، کوھ مٿان ڏس کڻي کڻي،
    اھڙا ڳولي ڳولي ماريون، سيني کي ڪجھ ٺاريون ڙي!

    ساحل کان ھي دور جي ٻيڙيون، لھواريون ڪي اوڀاريون،
    سڙھ سنواري تن جا ساٿي، ماڳ پچايون موچاريون،
    پھچو تن کي پري نه ڇڏيو، ناکئا ڏيئي ناتاريون،
    اچو ته ”منشي“ گڏجي تن کي، طوفانن مان تاريون ڙي!





    *


    تنھنجو مرؤ پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس،

    تنھنجو مرؤ پٽين پيا ماس، توکي ڪيئن اچي جڳ راس،
    ڌوڙ وجھي پئي ڌرتي توتي، کِلي پيو آڪاس.

    سَھي سيارا، پٺن تي پارا، تو جي واريا پاڻيءَ وارا،
    کيٽ کرا سڀ ٻنيون ٻارا، سوئر کائي ويا سُتي تو سارا،
    اڃان جئين پيو جڳ ۾ پيارا، تنھنجو باغ ٿيو بنواس.

    لوڌ لڳايون ٻڌي مھاڙيون، اچو ته گڏجي پير اُھاڙيون،
    ڪتا بڇيون ڪن تاڙو به تاڙيون، کڻي ڪاھي پئو ڏڦا ڪھاڙيون،
    وانگين جون جن ڀيليون واڙيون، سي ڪريون ٻھاري ناس.

    اڃان ته ٿورا آھن اٺوري، ٻلر ٻيھاڻا چرن ٿا چوري،
    اھي به ان تي کل ڪندا کھري، پوءِ ته چرندا توکان زوري،
    ڳالھ اھا ڪا ناھي ٿوري، ڪڍ رھزن اھي راڪاس.

    ٻَڌي پنجوڙون پئون سڀ پھري، کڻي ھٿن ۾ ڀالا زھري،
    اڏيون اڏن تي ڪوڙڪيون قھري، شام صبح تن تڙيون ٻپھري،
    جھلي بيھون لنگھ بري ۽ بحري، ”منشي“ عام ۽ خاص.













    *


    اٿ دلبر مسافر دير نه ڪر، سڏ سُوريءَ جو سينگار وري،

    اٿ دلبر مسافر دير نه ڪر، سڏ سُوريءَ جو سينگار وري،
    سڏ سوريءَ جو سينگار وري، توکي آھي پڪاريو دار وري.

    لڳي ڇانڀ اُتر توکي سيءَ سٽي، ھتي ڏينھن تپي تنھنجو ماس پچي،
    توکي جڳ اُھو ڪيئن راس اچي، اُٿي ٻارڻ نئون ڪو ٻار وري.

    ظلمات جي رات ھي ناھي وڏي، اچ ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ ڪُڏي،
    ھو ڪات اڳيان- ھوءَ آھي اَڏي؛ ھتي آھي ڪسڻ جي ڪار وري.

    ھتي خون ھزارين خان ڪئين، جانباز اچيو ڏين جان ڪئين،
    ويا مرد پراڻي مانُ ڪئين، تون به پنھنجو وارو وار وري.

    ڇڏي بلبل گل جا افسانا، کڻ ڪات ڪھاڙا نيشانا،
    پوءِ پڇتائيندين پروانا، جي شمع ٿي ويئي گُل يار وري.

    ڇڏ ”منشي“ غفلت ننڊ گھڻي، اُٿ تيغ تِکي تلوار کڻي،
    وڙھ ويرين سان تون ھوڪا ھڻي، ۽ ڏونگر ڏاڍ جا ڏار وري.














    *


    وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،

    وڪڙ ۽ ونگ وانگين تي، وڏيرن جا وزيرن جا،
    ھزارين ظلم ھِت آھن، ڪي ميرن جا ڪي پيرن جا.

    نئون نِت روز ھِت نعرو، نئين نِت روز غداري،
    نئون دولاب نئون دوکو، نئين نِت مِڪر مڪاري،
    فريبي چال نِت نئين ۽، اٻوجھن ساڻ عياري،
    صبح ۽ شام سانگين تي، ستم سرمائيدارن جا....!!

    چڙھي ھن ملڪ جون وييون، وري واڳن جي ورِ واڳون،
    ملي ھن قوم کي ھڪ ڪوڙ جو لقمون جڏھن جاڳون،
    وري ساڳيا پراڻا سي، ٻڌي پاپي ويھن پاڳون،
    رچن ٿا سانگ نِت ھت ڏس، غريبن تي غدارن جا....!!

    جي پنھنجي ٻولي ھت ٻوليون، لڳن ٿا گُرز ۽ گوليون،
    ڪريون جي ڳالھ حَق جي ھِت، ڀريون جيلن سنديون کوليون،
    اُٿو اي سنڌ جا سانگي، ٺاھي ٽانڊن جھڙيون ٽوليون،
    ڪريون قُوت سان پنھنجي، مُنھن ڪارا ھِت مڪارن جا!

    نه مٽ دنيا ۾ تنھن ثاني، ڏني جنھن قوم قرباني،
    گھري ٿي گھوٽ آزادي، مئن جي يار مھماني،
    ڪفن سر سان ٻڌي لاھيو، جڪڙ جيجل مٿان جاني،
    گذارينِ ٻارَ ڪيئن ڪڏھين، غلاميءَ ۾ غيورن جا....!!

    وري اڄ قوم کي نئين جنگ، لئه جاڳو ۽ جاڳايو،
    اٽل رکُ عزم اندر ۾، پتنگ ٿي پير پِڙ پايو،
    جيئون آزاد ٿي جڳ ۾، يا 'منشي' موت سرمايو،
    لڙي سڀ لوڪ تان لاھيون، ھيڏا ھاڃان ھچارن جا....!!


    انقلاب

    انقلاب
    اي ھاريو اي ساٿيو، اي سنڌ واسيو،
    اُٿو ڪو خوني انقلاب، انقلاب آڻيو.

    نه ھاڻي ڌاريو دل نرم، نه ڪريو ڪنھن مٿي ڪرم،
    نه جن جو دين ڪو ڌرم، وڏا وڏا سي بي شرم،
    نيون تنين جون سازشون، مِٽيءَ ۾ ملائيو!!

    ھي حامي اصلئون ھند جا، نه ٿي سگھيا سي سنڌ جا،
    ھي لکنوي ۽ دھلوي، سگھن سڏائي نا سنڌي،
    ڪڍو انھن کي ڪڙم مان، ڌڪا ڏيو ڌڪاريو!!

    نه آس مير پير ۾، نه ڪنھن وڏيري وير ۾،
    نه چوڌري نواب ڪنھن، نه آندو انقلاب ڪنھن،
    اُٿو اگھاڙي پير سان، مرو ۽ حق لئه ماريو!!

    ھنن اچي زبان ڪٽي، چون پيا ڪا ٻي چٽي،
    بھارين جي پئي اچي، نئين ڪا گھل سنڌ تي،
    کڻو ڪھاڙا ڪات سڀ، اي سنڌ جا ته سانگيو!!

    جا وَل بنا آ پاڙ جي، سا سرجندي ئي ساڙجي،
    جو وڻ وڪوڙجي ويو، سُڪي سو ڀينگ ڀانگ ٿيو،
    ڪھاڙين سان ٿي ڪٺي، زمين کي ريج رت ڏيو!!

    جو تو ڏٺو سو ڪوڙ ھو، فريب دوکو ڌوڙ ھو،
    رڳو ھنيا ٿي تن رمل، نه ھو انھيءَ ۾ ڪو عمل،
    ڇڏي پرايو آسرو، ڪا پنھنجي ڦوڪي ٻاريو!!

    ڏسو ھي ”منشي“ اوپرا، لڏيو اسان کي چون پيا،
    نباھ ڪھڙو نانگ سان، ھي نانگ مرندا ڏانگ سان،
    انھن سنڌي اڊي بنا، گھڙي نه ھڪڙي گھاريو!!

    *


    اسان نينھن لائي نڀائي سگھون ٿا،

    اسان نينھن لائي نڀائي سگھون ٿا،
    سوين سنڌ لئه سِر ڪَٽائي سگھون ٿا.

    تون ڇا پر ھزارين ويا ھار کائي،
    ٿيا عرب ارغون ترخان توائي،
    مغل ۽ فرنگي ڪياسون تباھي،
    انھيءَ ريت توکي مِٽائي سگھون ٿا!!

    جڏھن مرد مانجھي، مھاڙيون کڻن ٿا،
    ڪَھوءَ جي ڳنن سان، ڪھاڙيون کڻن ٿا،
    تڏھن رت ريلا ٿي، واھڙ وھن ٿا،
    مڪارن کي ماري مڃائي سگھون ٿا!!

    سوين توکان سورھ، سياڻا ھليا ويا،
    طرف ڪھڙي ڪھڙي، نه ڄاڻا ھليا ويا،
    ڪڍائي ڪئين ڌڱ، ڌاڻا ھليا ويا،
    ته توکي به ھڪ ڏينھن ڀڄائي سگھون ٿا!!

    گھڻا ڏينھن چورن، ھتي چاڳ ڪيا ٿي،
    سوين اڄ سنڌي ڀاڳيا جاڳيا سي،
    'دريا خان' 'ھوشو' 'ھيمون' ساڳيا سي،
    زندھ لاش تنھنجا جلائي سگھون ٿا!!

    اسان چنگ ٻيجل ٿي، چوري سگھون ٿا،
    ته ٿي ڏياچ ڀي، ڪنڌ ڪوري سگھون ٿا،
    غلاميءَ جا زنجير، ٽوڙي سگھون ٿا،
    ويل ڀاڳ پنھنجو، ورائي سگھون ٿا!!

    اڏيل ڪاڪ تنھنجا، اھي طلسماتي.
    جنھن جي راھ سوڍن صحيح آ سڃاتي،
    ھتي زھر تنھنجي، ڪنداسون حياتي،
    تنھنجي ڪاڪ ڪوڙي، اُڏائي سگھون ٿا!!

    ڏاھا ڏيھ سڄو ملڪ منصور آھي،
    اچي تنگ ڪرڻ جنگ دستور آھي،
    نه ”منشي“ ڪا منزل تڏھن دور آھي،
    جڏھن سر سوريءَ تي چڙھائي سگھون ٿا!!


    درياءَ جو سوال

    درياءَ جو سوال
    درد وندا ھي دانھون توتي، ڏيندا درياءَ شاھ دلير،
    ورھن جا اڄ وانگيئڙن کان، ويساه ڏيئي تو ورتا وير.

    سارا سورھن سال سُڪي تو، پيٽ ۾ پاليا پرت پنوھار،
    ريلن ۾ تو رائو ڏيئي، ڄايا لاڻا لوت ليار،
    پاسا تو ته پسائڻ ڇڏيا، پيريءَ وارا تنھنجا پار،
    ملاح پَٽي ويا مڏيون توتان، ٻيڙيون ٻاري ٿيا ٻڪرار،
    ڀرم ڏيئي ڀاڳين کي پوءِ، ڀنڀٽ بنجي ڀريئه پير....!!

    گھيرا ڏيئي تو گھارا پائي، راڄ روئاريا راتو رات،
    سانگيئڙن جي ساھ ۾ سونڪو، سڀڪنھن سِر تي ٿي سڪرات،
    ڪاري رات ۽ ڪلھن ڪلھا، ووءِ ووءِ واتو وات،
    ھيٺان پاڻي پالوٽيون ۽، اُڀ مان پئي ٿي برسات،
    ڪلھن ڪيھون راڻن ريھون، ڪونه رھيو اُتِ ڪنھنجو ڪير....!!

    پڃرا ٽوڙي پر پکيڙي، پھرين ڀريئه پنھنجو پيٽ،
    چوڌاري تو چٽ ڪيا پوءِ، چڱڙا چاندي ھاڻا چيٽ،
    ساين ٻنين سيرون ڏيئي، مارو ڪيا تو مليا ميٽ،
    لکين لڙھائي لھوارا تو، لؤنيارن کي ڪيئڙو ليٽ،
    ڍار ڍنگر جي ڍول رھيا ٿي، تن جو ڪيو تو ڍينگو ڍير....!!

    موج ڪري مھراڻ ميان تو، ماري مارن مال ڇڏيا،
    اٽا لٽا ۽ اجھا به پنھنجا، اڄ ڇڏيا، ڪِن ڪالھ ڇڏيا،
    گوتا کيندي گُنگن جيئن ڪن، لڇندي پنھنجا لال ڇڏيا،
    جوءِ سڄيءَ ۾ جھانگين لئه تو، جاڳائي جنجال ڇڏيا،
    ٽنگ ڀڄي ته به ڪين رھي ٿي، ھي به ھراڙي واري ھير....!

    پاڳين ڀُنگا ڀينگ ڪيئي پر، وڌءِ ماڙين ۾ ماتام،
    دھشت دڙڪا جھولن جھڙڪا، ڪُنن ڪڙڪا ڪاري قيام،
    بندون ٽوڙي ڇڏيئه ٻوڙي، سانڀيئڙا جي تنھنجي سام،
    شھرن بحرن شيل ڪيا تو، ڳاھي چڙھين ڳوٺ ۽ گام،
    سوشلزم تي ٺھندي آيو، پاتا جت تو پنھنجا پير....!!

    اُڀ مان پاڻي ڌرتي پاڻي، پاڻي پاڻي پورو پٽ،
    ڪٿڪا ٽُڪري تنھن تان چڪري، نانگن جھڙيون ۽ ٻيا جھٽ،
    کاھڙ وارن کپرن کائي ڪيا، چُرڻ چلڻ ڪنا چٽ،
    تنھنجا پڻ ھي حاڪم وارا، ساڳيا نخرا ناز ۽ نٽ،
    جوڙڻ ۽ جن جُڳَ لڳا تن، ٻوڙڻ ۾ تو دم جي دير....!!

    ڪن جا پڌرا پورا ڏينھن ۽، ڪن کي سانڀاھي جا سور،
    ڪالھ ڄڻيا ڪن اڄ ڄڻيا سي، ماروئڙيون ٿيون مجبور،
    جيئڻ جھنم، مرڻ مُصيبت، 'منشي' ڪيڏا ڪيئي ڪلور،
    ڀاءُ رھيو نه ڀاءُ سان ڀيڙو، ڌيءُ ڪٿي، ڪٿ ماءُ مجبور،
    ڦوڪ ڏيئي تو ڦوڪي ڇڏيا، ڦيري ڦوڙائي جا ڦير....!!


    درياءَ جو جواب

    درياءَ جو جواب
    آزاديءَ جو مان متوالو، مون سان رکيئون من ۾ مير،
    مرڪز ٽوڙي موٽي آيس، سنڌ مٿان ھو ڪرڻو سير.

    ٻُڌڙي شاعر ڳالھ ٻئي جي، ڏنئي ڏمر جي ڏاڍا ڏوھ،
    سارا سورھن سال سڪائي، ڊوھين مون سان ڪيڙو ڊوھ،
    زنجيرن ۾ زوري جڪڙي، لڱ لڱ منھنجي لاٿئون لوھ،
    ڇڙيون ھڻندي نيٺ ڇنائي، پھرين تن تي ڇنڊيم ڇوھ،
    سالن کان سِڪ سنڌ گھمڻ جي، پوءِ تيڏانھن پاتم پير....!!

    ڀر ڇڏي ويا ڀاڳيا منھنجي، ڀَنگا جن جا ٿيا ڀڙ ڀانگ،
    پنھور پليجا سھتا سوڍا، ڳاڙھيون ڳئون ۽ چريا چانگ،
    ڪٽڪٽ ڪن جت ڪاموين تي، ڪاموريون اُت ڪارا نانگ،
    سرليون ھڪڙيون چالن چڙيون، ھونگر ھون ھون ڇڙيل ڇانگ،
    ڇٽي ڇماٽي ڇانگ ڇنل ڪا، ڇُوٽ پريان ڇمڪائي ڇير....!!

    منھنجي حد جي ھارين جا ھت، ھئي ھئي ٿي ويا ھيڻا حال،
    ريلن رائو اَڪ ڦلھاريا، سال سُڪي ٿي ويئڙا سال،
    ارھي انري ڪيا اٻالا، اھکا تن جا آل عيال،
    چيٽ ڪتيون سڀ چٽ ويا ٿي، ڀونءِ سڄي تي پيو ڀونچال،
    ڌار ڪيو ھو ڌارين مون کي، وانگيئڙن سان جن جو وير....!!

    چور اسي ۾ چالون ٺاھي، بندون ڏيئي ڪيائون بند،
    پنجا اسي ۾ پاپين منھنجا، روڪي ڇڏيا سڀئي رند،
    تربيلا ۽ منگلا ٺاھي، صاف سڪائي ڇڏيئون سنڌ،
    ڀاءُ سڏائي ڀينگ پيا ڪن، ھائو بنجي سي ھر ھنڌ،
    چٽا پٽا ۽ ڌاريا پڌرا، ساڳيا سسئي وارا ڏير....!

    ھاڃان ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏا سارا ھاڃان ھيل،
    اسان ڦڙيءَ لئه ڦٿڪون ويٺا، پاڻ پيئن پيا ريل ۽ ڇيل،
    ڪُڇون پڇون اسلام کي خطرو، جاءِ اسان لئه آھي جيل،
    ڪيستائين رت ھي روئندا، ڍٽَ ڌڻي ھي ڪيسين ڍيل،
    قربانيءَ ري ڪير نه ڪنھن کي، ڏيندو آھي ٻٽڙي ٻير....!!

    گھوڙا ھيڏي گھُٽ ۽ ٻوسٽ، ٻنين ونين ٻول ٻُرن،
    سوڪھڙي ۾ ساھ منجھي پيو، ساري ڌرتي سَپ سَرن،
    پيئڻ بلائون پھري پييون، پنوھر ڪھڙي پار پُرن،
    ”منشي“ مارن وات ۾ ٻچڙا، ڪھڙي در تان دانُ گھرن،
    چونڊيل گڏجي چرچا ڪن پيا، اسيمبليءَ ۾ آھي انڌير....!!









    *


    ھاڃان ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏو سارو ھاڃون ھيل،

    ھاڃان ھونءَ ته ھزارين آھن، ھيڏو سارو ھاڃون ھيل،
    پاڻي بند پنوھارن جو ٿيو، ھي يزيد امام جو کيل.

    درد وندن جون دانھون توتي، ديس منھنجي جا درياءَ شاھ،
    ڪھڙي روڪ آ روڪيو توکي، پنوھر پياسا ٿي ويا پاھ،
    صدين کان تو سيرون ڏيئي، واھيا وانگين واھڙ واھ،
    منھنجي ڏٻري ڏيھ سڄي جو، سنڌو تون ئي ساھ پساھ،
    تنھنجي سوڪ آ سنڌ سڄي تي، جھڙي تاتارين جي ڪاھ.
    مانڊي ڪنھن تو مُنڊَ وڌا، يا پاڻ کڻين وئين چت تان چاھ،
    اسان ڦڙي لئه ڦٿڪون ويٺا، تنھنجي ڍولڻ ھيڏي ڍيل!

    سھتا سوڍا درس ڇڏي ويا، پنوھر پليجا تنھنجو پيٽ،
    ور ور ڏيو پئي واري اڏامي، جت ھئا چاندي ھاڻا چيٽ،
    آبادي اُس کڻي ويئي، جھوريو جھولن جي ته جھپيٽ،
    ملڪ مٿان ڄڻ موت ڦري ويو، مارو ٿي ويا مليا ميٽ،
    تو نه جڳاءِ جڳ جا جاني، ھيڏي ساري لالڻ ليٽ،
    گنگن ٻوڙن گگدامن جا، پاڻيءَ ري ٿيا پلا پيٽ،
    رت روئاري راڄ ڇڏيا تو، ھاڻي اچي ڪر ريل ۽ ڇيل!

    ٻيجا ٻار ٻنيون ونيون، ٻار ٻُڍا سڀ جُواڻ جماڻ،
    تاڙي واري تانگھ تنين کي، تن ۾ تو لئه تاڻو تاڻ،
    توکي پرتل آھي پُرين کان، لاڙيچن جي ھي لالاڻ،
    سوين ھزارين سھڻيون ٻوڙيون، موجون ماري تو مھراڻ،
    ڇا اڄ کان تو ڇيھ ڪيو يا، ڏاڍن جا ڪي پيئڙا ڏاڻ،
    خشڪي کان ھت خالي ٿي ويا، ڀريل تريل ڀاڳين ڀاڻ،
    جيئڻ جھنم جھانگيئڙن جو، جڳ ٿيو جت ڪٿ جھڙو جيل!





    *


    سنڌ نه سھندي سُور او ساٿي، سنڌ نه سھندي سُور،

    سنڌ نه سھندي سُور او ساٿي، سنڌ نه سھندي سُور،
    جيجل جا پُٽ جاڳي پيا اڄ، مانجھي ڪئين منصور، او ساٿي.

    راوت رت رتا ھي راول، بختاور ۽ ٻاگھين ڄاول،
    سُورين سنرا سانول سانول، ڪھڙا ڪھڙا ڪُھندين قاتل،
    ھر ڪنھن ھٿ ھٿ مشعل مشعل، ھر ڪنھن تَن تنور؛ او ساٿي!

    ڪيسين رھندا ڪوٽ قھر جا، ڪيسين رھندا ظلم زنجير،
    قيد ڪري تون ڪونه ڪو سگھندين، ڪنھن جو ذھن ۽ ضمير،
    تنھنجو داءُ درياءَ جي ڇولي، پتڻ وارو پور او ساٿي!

    ڪُوپا ڪنڌ ڪپائڻ ڪارڻ، ڪوڏئون ڪاھي آيا ھي،
    اٽل عزم سان آزادي لئه، سينا ساھي آيا ھي،
    ناس ڪري ظلمات ھي ويندا، نئون نکيري نُور، او ساٿي!

    آزادي جي سين ٻڌي مون، وستي وستي وستيءَ ۾،
    بستي بستي سنڌ ڏٺم، ھر ماڻھو مستي مستي ۾،
    پنھنجي حق وٺڻ جي خاطر، ھر ھڪ اک انبور، او ساٿي!

    ووڙي واٽ وندر جي، ٻاٽ منجھان اڄ لاٽ کڻي،
    ”منشي“ ڪئين مھمير اٿي پيا، ڌرتيءَ جا ھي ڌِڱ ڌڻي،
    ظالم ڪنھن زوراور اڳيان، مُور نه سي مجبور، او ساٿي!









    *


    نوان مقتل نيون سُوريون، نوان منصور ميدان ۾،

    نوان مقتل نيون سُوريون، نوان منصور ميدان ۾،
    ڪَنبن پيا ڪوٽ ڪانئر جا، ڏِسي ڪي مرد زندان ۾.

    مَٽن جا کول مُنھن موکي، متارا موج ۾ آھن،
    اڏيءَ تي سِر رکي آيا، مڙي ميخوار ميدا ميخان ۾.

    قبولي ڪنڌ جي آيا، ڪندو ڇا تن ڪڙو قاتل،
    ڊيڄارين موتَ جنھن کان سو، اسان جو ناھ امڪان ۾.

    ھنن جي ھاڪ ھر ھنڌ آ، اُھي سرواڻ سنڌوءَ جا،
    ھنن رُخ موڙيا ڪيئي، ته تقديرن جا طوفان ۾.

    تنھنجا زنجير اي ظالم، ڀڄي سڀ ڀور ٿي ويندا،
    نه “منشي” رات ھي رھندي، ٿا ڏسجن گھوٽ گھمسان ۾.
    *


    ڪِن رولن سمجھي راند ھتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،

    ڪِن رولن سمجھي راند ھتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
    ھي ٻولي ڪنھن جي گولي ناھي، گولي گڏبي گوليءَ سان.

    اھا تيري ميري تو وٽ رک، ھت ڳڻن ڀري ويھي ڳالھاءِ،
    نه ته نڪري وڃ ھن نگريءَ مان، ھت پير پليت نه تون ڪو پاءِ،
    ھي سنڌ آ انھن سنڌين جي، جو سنڌي پاڻ کي صاف سڏاءِ،
    نه ته گھر به ويندءِ سِر به ويندءِ، سنڌ مٽيءَ جو مونکي سُنھن،
    ڪَر کڻي اڄ ڪُونڌر اُٿيا، ڪندا تنھنجو ڪارو مُنھن،
    ٽنگيل ھوندين ٽياسَن ۾، ھت ٽولي ٽولي ٽوليءَ سان!

    مُنڍا کائي مورين جا ھتي، متو آھين مانگر مڇ،
    ٿورا ڏينھن اھي ٿُونا تنھنجا، راڻن ڦيريا توتي رَڇ،
    ڪُنڍيون تنھنجي ڪلين ۾ تون، ڪيڏا ڀڄندين ڀُڄ ۽ ڪڇ،
    تو لوسي آ للڪاريو اڄ، غيورن جي غيرت کي،
    ھن دودن ديس دليرن ۽، جرنيلن جي جُرئت کي،
    ھي لٺين جون تان لوليون توکي، لوليون ڏيندا لوليءَ سان!

    ھي دودي دريا خان دلاور، ڌُوپارن جو ديس اٿئي،
    ھي مانجھين مردن ٻاگھين ٻارن، جُھونجھارن جو ديس اٿئي،
    ھي سچن سانگين سرواڻن، ۽ سنگھارن جو ديس اٿئي،
    شينھن سُتل تو جاڳايا ھي، منٽن ۾ تو مات ڪندا،
    تو رت تپايو راڻن جو ھي، ھڏ به تو ھضمات ڪندا،
    ھي سنڌوءَ جا سرواڻ اٿئي جي، ڇيڙيا آھن تو ڇوليءَ سان!

    ھي ٻولي سچل سامي سانوڻ، شاھ ڀٽائي گھوٽن جي،
    ھي ٻولي ڪُل کان آھ قديمي، ارڏن ۽ اڻموٽن جي،
    ھي ٻولي ڏاڏي ناني جي ۽، ماساتن جي سوٽن جي،
    آڱر ھن ڏانھن جيڪو اٿاري، تنھن جو ڌَڙ سِر ڌار ڪندا،
    ھي ”منشي“ سڀ مھمير اٿئي، تو چيري ٽُڪرا چار ڪندا،
    ھي ھولي کيڏي ڄاڻي ھر ھڪ، ھولي ڏسندين ھوليءَ سان!

    *


    سنڌ سستي ٿي وڪامي، نتِ نئين نيلام ۾،

    سنڌ سستي ٿي وڪامي، نتِ نئين نيلام ۾،
    ڪڏھن ڪھڙي نام ۾ ۽، ڪڏھن ڪھڙي نام ۾.

    ھتي ھن لوڪ جا ليڊر، وات ڦاڙيو واڪ ڪن،
    ڌوڙ ڌوڪي ۾ ڌڻولي، ڌاريان ھت ڌاڪ ڪن،
    چيريو سي چچريو، سانگين جا سينا چاڪ ڪن،
    اوپرن آزاريو، آھون اباڻن عام ۾!

    ڪوڏيا ڪُرسيءَ سندا ۽، قوم جا قاتل قريب،
    ھر زمان رھبر مليا ھن، قوم کي رھزن رقيب،
    جج ٿيا جلاد ھت رت، رات ڏينھن روئي نصيب،
    ڪنھن وڏي ڪرسيءَ جي ڪارڻ، قوم قتلِ عام ۾!

    پنھنجي ٻولي ٻوليون، تان گُرز ڀالا گوليون،
    چپُ چُري ڄيرو ٻري، دل درد ڪنھن سان کوليون،
    خون مارن جي منجھان ھت، کيڏجن ٿيون ھوليون.
    قوم جا قاتل ٿا ڏسجن، عيش ۽ آرام ۾.


    مرڪز

    مرڪز
    محافظ ملڪ جا ميڙي، رکيئون سڀ مال مرڪز ۾،
    اسانجو رت ٿيو نيلام، چاليھ سال مرڪز ۾.

    اڃان مضبوط مرڪز جو، نٿو ڀانڊو پيو ڀرجي،
    اماڻياسين ھتان ابدال، سي ابتال مرڪز ۾.

    اھو ميجر اھو ڪرنل، اھو جرنل جگر کائي،
    سدائين سنڌ پئي ٿڏجي، مثل فٽ بال مرڪز ۾.

    وڏيرن کي ڏيئي ڪرسي، ڏسو پوءِ تن سندي مڙسي،
    ھو وتندا پاڻ گھوريندا،عيال اَول مرڪز ۾.

    پٺاڻن پنھنجي پت پاري، بلوچن باھ ھِت ٻاري،
    ھيءَ باقي سنڌ ويچاري، ڪسي ڪنگال مرڪز ۾.

    اھو سُر سنڌ وارا ڀي، صفا پيا سينڍ ۾ سمجھن،
    ڪڏھن چنچل ۽ ڪلواڙو، ڪڏھن تنتال مرڪز ۾.

    يقينن ديس پيا تسليم، ٿيندا ھر زماني ۾،
    ڪڏھن سنڌو ڪڏھن سرحد، ڪڏھن بنگال مرڪز ۾.

    ھميشہ ڪونه رھندا ھي، وڏيرا قوم جا وارث،
    ڏيکاري معجزا مھدي، رھن دجال مرڪز ۾.

    ھڻي نذرل ويو نارو، ڀٽائي جو ڀريو وارو،
    وڃي رھندو ھو دل ڪارو، اڌڙ اقبال مرڪز ۾.

    مرڻ ڪارڻ لکين ”منشي“ اچن پيا ڳاٽ اوچي سان،
    ڇڏيندا ڪونه پنھنجي، ديڳڙي ۽ دال مرڪز ۾.


    *


    ھڪ دفعو ھاري اٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو،

    ھڪ دفعو ھاري اٿي ڪو ڀنڀٽ ڀڙڪائي ڇڏيو،
    قوم جي قاتل جي ڪُک ۾ ڪان ڪڙڪائي ڇڏيو.

    تو صدين کان سپ سانڍيا، ڏيل جن تنھنجو ڏنگيو،
    تن جا اڄ مڻڪا مروڙي، لاش لڙڪائي ڇڏيو.

    تنھنجي رت پورھيي پگھر مان، محل جي ماڙيون اڏيا،
    تن ٽماڙن ۾ ڀري، ٽانڊا ۽ ٽڙڪائي ڇڏيو.

    اڄ اٿو صدين سُتل، انسان وٺون پرين پلاند،
    گڏجي دشمن کان وٺو سڀ، ڌڱ ڌڙڪائي ڇڏيو.

    اڌ مئا ”منشي“ ھي مانگر، پيا ھڻن پڇ جي پڇاڙ،
    تيز ڪو تيزاب تن تان، ڇو نه ڇرڪائي ڇڏيو.

    *


    محنت سان جي لاھي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان،

    محنت سان جي لاھي آيا، ماني اُڀ جي تارن مان،
    سا تو ڦُري بندوق ڏيکاري، ھٿڙن گورن ڪارن مان.

    ھٿ ھزارين مِلي جُلي جي، ڪڙي ڪڙي زنجير بنيا،
    ڏاڍ جبر کي پڪڙي جڪڙي، ٺارين ھٿ ھچارن مان.

    بمن بارودن سان تو ڪيئن، انسان بُک جا بک ڪيا،
    اٿيا لوھي لڱ ڪروڙين، غرق ڪرڻ تو غارن مان.

    ڌرتي چيري؛ ان اپائي، ملون ھلائي انگ ڍڪائي،
    تن مٿان تون بم وسائي، ٽھڪ ڏئين پيو خارن مان.

    تنھنجي شرارت شيڪو ڏسندي، شرمائي شيطان ويا،
    ”منشي“ وير وٺي مرنداسون، سامراجي اِن سارن مان.


    ڪونڌر

    ڪونڌر
    رت ريٽو ڏيئي راوت، سنڌ کي سوغات ۾،
    باک جون راسُون ويا راسي، رات ڪاري رات ۾.

    سِر سَھائي سنڌ ڪارڻ، ٿيا اسونھن لئه سونھان،
    ڪين ڪسندي ڪسڪيا، ڏيئي ڪنڌ پنھنجا ڪات ۾.

    ٿي جبل جابر اڳيان، ڏيئي آڏ ويري واڏ کي،
    نور سان نجھرا نکيري، نامور ٿيا نِيات ۾.

    ٿي وڏي واڪي چيائون، وانگين جا واھيرا،
    ڪين ڏينداسون ڪڏھن، ور ڏيئي واڳون وات ۾.

    ٽھڪندي ٽانڊن مٿي تي، ٽھڪ تن جا ٽھڪيا،
    ڏات آھي ڏيل ڏوکو، ڏک سدائين ڏات ۾.

    ڏيھ ڏيا ڏيئي ڏيا سان، ڏاڍ کي ڏاري ويا،
    وڍ وڍڻ جي وير ھئي، وونڪن کي وائي وات ۾.

    ڪلپتين جي ڪڙم جا، ڪانئر نه ٿين ڪوپا ڪڏھن،
    موت ”منشي“ مانجھين، مھندان سدائين مات ۾.


    لطيف در دانھن

    لطيف در دانھن
    ھتي ته چارئي پھر چڙھي پيو، سوريءَ سائين سچ لطيف،
    سون ڏيئي اڄ سوڌين ويٺا، ڪيئي ڪوڏيون ڪڃ لطيف.

    سنڌ سموري سانگيئڙن جي، سائين سوگھي منجھ سنگھر،
    ڌاڙيلن جا ڌرتيءَ ھِن تي، ڌار مچي ويا آھن ڌمچر،
    پورھيتن جو پورھيو وڪجي، ساءِِ سستو رت پگھر،
    راڻا راتو رات ڪُٺا ڪئين، ڪيئي قيدن ۾ ڪونڌر،
    جيجل جيءَ ۾ جل جلن ٿا، جاڳ وراءِ واڳ لطيف،
    ڀونءِ سڄي ڀڙڀانگ ڀٽائي، ڀاڳيئڙن جا ڀاڳ لطيف....!!

    دم قدم تي ديس وندن لئه، در در اڏيل دام ھتي،
    ناز نپايل ناريون ڪيئي، ننگ ڀريون نيلام ھتي،
    پنھنجي گھر ۾ چور اسين ٿا، سڏجون صبح شام ھتي،
    سَچ چڙھي پيو سؤريءَ سائين، کاھڙ ساري کام ھتي،
    گھر گھر ٽنگيل ٽياسن ۾، اڄ ڳاڙھا ڳاڙھا گھوٽ لطيف،
    مھر ڪري اچ ماروئڙن تي، ماڳن پنھنجي موٽ لطيف....!!

    ڪت نه ڪڻڪي ڪڙمي ڪاري، نه ڪا وڄائي چال چڙي،
    پڄران پسيو پڊ ۽ پينگھا، اکين مان پيا لڙڪ لڙي،
    ويا دڪاري ولر واري، جن سان منھنجي جيءَ جڙي،
    ڏينھن گذاريان تن ري ڏسڪي، رات گذاريان روئي رڙي،
    سينڍ نه سڻجي وانجھيو آھي، جھونگارن کان جھنگ لطيف،
    ڪين ڪٿي ٿا پسجن پيارن، ڍاٽيئڙن جا ڍنگ لطيف....!!

    دؤر ڇڏي ويو درياه سارو، ڪين ڪنن ڪڙڪاٽ ھتي،
    اڄ نه ٻولي ٻاٻاڻن جي، ڀاڳين جو ڀُڻڪاٽ ھتي،
    مورن مينھن مڙڻ ڇڏيو ۽، ڪونج نه ڪا ڪڻڪاٽ ھتي،
    دردن ماريل دلگيرن جي، دل دل ۾ دونھاٽ ھتي.

    اڄ نه ڪو چونگار چڙي ۽، چوڙيلين جا چاڳ لطيف،
    ست ڀتيرو ساڳ نه ڪو ڪو، دو ديرين جا داڳ لطيف....!!
    دونھيون وِسائي پيھون ڊاھي، لاشڪ ويئڙا لال لڏي،
    سيني جا جي ساھ سھارا، سانگي ويا سي ساٿ سڏي،
    ڇانگون ڇوڙي ڪلا اکوڙي، ڇني ڇورو ويا ڇڏي،
    رند نھاريان ھنجون ھاريان، ويئڙا گوندر منجھ گڏي؛

    واھر ٿي اچ مون ته ولھيءَ تي، واڳون پنھنجون وار لطيف،
    مون لئه ڌرتي ڌڳ ڌڳي پئي، ڌنارن کان ڌار لطيف....!!

    اچ کڻي ڪو مچ ڙي سائين، جھانگين ڪارڻ جھول ڀري،
    جنھن جي ڏسندي جبر جلي ۽، لاھيون ڏيھ تان ڏاڍ ڏري،
    جوت جلايون ساري جڳ ۾، جابر سان ڪا جنگ ڪري،
    گھر گھر ”منشي“ گل ٽڙن ۽، آزادي جي جوت جلي،

    ٻيجل جو اڄ روپ وٺي ڪو، چوري اھڙو چنگ لطيف،
    سورھ ڏيندا سِر ائين جيئن، سارين وڍجن سنگ لطيف....!!

    *


    پوڙھي جھور ھي ورھن کان ڏس، ويٺي روئي لاڪب ۾،

    پوڙھي جھور ھي ورھن کان ڏس، ويٺي روئي لاڪب ۾،
    رويو رڙيو لڙڪن سان ٿي، منھڙو ڌوئي لاڪب ۾.

    آدم سنڀري حوا به سنڀري، سنڀري نوح طوفان،
    چڳن ۾ چيڙون لٽا به ليڙون، جھڙي ڪر بيجان؛
    مرضن ماريل ڏکڙن ڌاريل، ھلڻ ڪنا حيران،
    ايندن ويندن چوري چپڙا، ڪجھ پئي چوءِ لاڪب ۾....!!

    پڃيم ڪنھن جي ڄائي آھين، ڪھڙي ڏوھ ۾ آئي آھين،
    ڪين سڃاپي تون ته سگھين ٿي، دائي آھين ٻائي آھين،
    رت رُئين ٿي جڳ جئين ٿي؛ تون ڪا شاھ جي وائي آھين،
    ھوريا ھوريان ھڪڙي نڪتي؛ ھوءِ ھوءِ لاڪب ۾....!!

    جھڄندي جھرندي جھٽ پٽ مونسان، جھونگر ڪئي ھي جھانگياڻي،
    ڪڏھن مان به ھئس او مٺڙا، ملڪ سڄي جي مھا راڻي،
    پنھنجن مونکي پاتو آھي؛ ڄيري ھن ۾ ڄاڻي واڻي،
    پڇتائيندا رھيا آخر، پاڻ به پوءِ لاڪب ۾....!!

    مون ۾ سھڻي واري سچائي، مون ۾ نوريءَ وارو نياز،
    سسئيءَ وارا سور به مون ۾، مون ۾ مومل جو ته مجاز،
    منھنجو سچل سامي سانوڻ، منھنجو ڀٽ ڌڻي آواز،
    مان خود مارئي، اڄ آ منھنجي، لڄ ۽ لوئي لاڪب ۾....!!

    مون ته وراڻيو تنھنجا ھاڻي، جاڳيا ”منشي“ پُٽ جَواڻ،
    ھوشو، حيدر، بلو، صادق؛ جن جا سر مٿي سانڌاڻ،
    دودا، ننگر، ڀونگر، جاڳيا؛ ھاڻ ڪڍين ڇو ڪنھن جي ڪاڻ،
    سڻيو ڳالھيون سرھي ٿئي پئي، پرڙا سوءِ لاڪب ۾....!!


    ڊي- پي- آر

    ڊي- پي- آر
    سنڌ کي سوگھو ڪيو، سرڪار، ڊي- پي- آر ۾،
    قوم جو ٻڍڙو جوان- ھر ٻار، ڊي- پي- آر ۾.

    سوچ سانچي سيل ٿي ۽، سچ پيو سوُريءَ چڙھي،
    ڪو ڪٿي ڪُونڌر ڪڙھي ۽، ڪو ڪٿي ڪلھو ڪڙھي،
    ڪنھن ڇڏيو ھي موت جو، منشور مارن تي مڙھي،
    پر اسان جي لئه غلامي، گار ڊي- پي- آر ۾....!!

    ھي ته دريا خان دودي، ۽ ڏاھر جو خمير،
    جوڻ ٻيءَ ۾ جاڳيا، آھن زماني جا ضمير،
    ڪيترا ڪُھندين تون قاتل، قوم ھي آھي ڪثير،
    آزماءِ تن کي ڀل، سؤ بار ڊي- پي- آر ۾....!!

    سنڌ پئي جيئندي سدا سَو، سُور ۽ سختيون سھي،
    لوح پڻ ويندا لھي ۽، ڊوھ تو پوندا ڊھي،
    رھبري جي روپ ۾ ھت، ڪئين ويا رھزن رھي،
    تون به تن وانگي ئي مارو، مار ڊي- پي- آر ۾....!!

    رات کي رت ڏيڻ جي لئه، ڪيئي اڄ راڻا اُٿيا،
    ھر طرف کان ھوڪ حق تي، ھُل ھاواڻا اُٿيا،
    ڪاسبي ھاري، ڪمي، پورھيت پُري پاڻا اُٿيا،
    ڪوڙ جو ڪيسين ڪندين، وھنوار ڊي- پي- آر ۾....!!

    تون ته ڇا تو کان وڏا، غدار ويا غرقور ٿي،
    ويا کپي کامي مري، مارن ھٿان مجبور ٿي،
    تون به ساعت سانگين لئه، سنڌ تي ڀل سور ٿي،
    موج ڪر ”منشي“ چوي، ڏينھن چار ڊي- پي- آر ۾....!!


    دوکو

    دوکو
    چنڊال چوڪڙي ھي، چونڊي چڪر ڏٺوسين،
    پورھيت پٽڻ پٽين پيا، ھارين حشر ڏٺوسين.

    اخبار- ريڊيو- ٽي- وي، ڌوتين ڌُتار ڌرڻيون،
    سانگين جا ساھ سوگھا، ۽ ڏيل ڏک ۾ ڏرڻيون،
    ڪھڙي خبر ته آھن، باھيون اسان تي ٻرڻيون،
    جمھوريت جو جلوو، خنجر جگر ڏٺوسين....!!

    ڪيڏو نه قوم سان ڪنھن، ڪيئڙو فريب دوکو؛
    دل ۾ دغا دروھي، ٻولي چپن مان چوکو،
    حيران آھي ھرڪو، پورھيت مزور پوکو،
    جڳ تي نه ڪو جڳن کان، اھڙو جبر ڏٺوسين....!!

    قانون کي ڪُھن ھِت، ھڪ ڪورٽون ٻيا ٿاڻا،
    انصاف جي اکر لئه، وانگي وتن ويڳاڻا،
    ھن حال جي حقيقت، مان ڄاڻندي نه ڄاڻا،
    ڀاڳيو ٻڌل ۽ چور ھت، آزاد ير ڏٺوسين....!!

    بازيگرن جي ٽولي، ڇڏيا ڪئين راڄ رولي،
    چورن جي ور چڙھي ويا، ڀاڳيا وڏي ڪنھن ڀولي،
    ”منشي“ متان ڇڏين تون، کاھڙ ۾ ڳالھ کولي،
    سوريءَ تي سچ کي چڙھندي، شام و سحر ڏٺوسين....!!









    *


    ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدليا نه فن بدليا.

    ويا گورا وريا ڪارا، فڪر بدليا نه فن بدليا.
    نه بدليو ڪو نظام، ھن ملڪ جو باقي بدن بدليا.

    ڪئين قائد مڙھينِ قانون، ڪارا قوم جي ڪنڌ ۾،
    ڪھاڙيون ڪھڻ لئه ساڳيون، رڳو ڳاٽيون ۽ ڳَن بدليا....!!

    ڏينھان ڏينھن پيا وڃن وڌندا، پياڪو رت پورھيت جا؛
    نه سانگي ڏينھن سگھو سنڀرن، سوين ھِت سال سن بدليا....!!

    اُھا گولي پئي گونجي، سدائين سنڌ وارن تي،
    نسل نيپيئر سندو تن جا؛ نه تَن بدليا نه مَن بدليا....!!

    متا مَڇ ملڪ ۾ ”منشي“ سڄي کاھڙ جا کڳ کائي،
    ڀرم ڀانڊا کُلي پوندا، جي ڀاڳين پنھنجا ڀن بدليا....!!
    *


    ڪورٽ ڪرسي ٿاڻا عوامي، گھوٽن پيڙھين گھاڻا عوامي،

    ڪورٽ ڪرسي ٿاڻا عوامي، گھوٽن پيڙھين گھاڻا عوامي،
    ملي ويو منشور عوامي، سانگيئڙن تي سور عوامي،
    مير عوامي پير عوامي، تن وٽ ترڪش تير عوامي،
    جيل عوامي ويل عوامي، ھتي ھزارين کيل عوامي،
    اچي ويو نئون دور عوامي، چئني ڏسين چور عوامي،
    ساري سنڌي ۾ سور عوامي، رھزن رشوت خور عوامي،
    آھي ھتي ھر چيز عوامي.

    ڏينھن عوامي رات عوامي، ڪنڌ عوامي ڪات عوامي،
    ھتي حساب ڪتاب عوامي، چڪلا ڪلب شراب عوامي،
    رئيس ڪڏن ھت ريس عوامي، ڪوڙا ڪئين ھت ڪيس عوامي،
    رھزن جا ڪئين رنگ عوامي، سيري ويا سڀ سنگ عوامي،
    مارن جو ھر مال عوامي، ڪاھي ويا سڀ ڪالھ عوامي،
    آھي ھتي ھر چيز عوامي.

    موٽر بنگلو ڪار عوامي، پاھ بکن ۾ پنھوار عوامي،
    لؤنيارن لڄ لُٽ عوامي، ظلم ھتي اڻ کُٽ عوامي،
    جھانگيئڙن تي جھير عوامي، ڪاتي ڪنڌ ۽ سير عوامي،
    ظالم زميندار عوامي، ھارين ظلم ھزار عوامي،
    بوري زميندار عوامي، چنڙ صوبيدار عوامي،
    صادق ھاري ملاح عوامي، گولي تنھن کي ڦاه عوامي،
    عام ھتي آھي ماس عوامي، کائن تنھن کي خاص عوامي،
    آھي ھتي ھر چيز عوامي.








    *


    ھڪڙو شاعر، جيل جي ڪوٺي، سوچيو ويٺو سوچي،

    ھڪڙو شاعر، جيل جي ڪوٺي، سوچيو ويٺو سوچي،
    سوچي، لُؤن لُؤن لوچي، ھڪڙو شاعر.

    ٽنگون ٻانھون زنجيرن ۾، زنجيرن تي سوچي،
    وردين ۾ خنزير ڏسي ٿو، زنجيرن تي سوچي.

    قوم سندي تقدير ڏسي ٿو، تقديرن تي سوچي،
    سچ چوڻ تقصير ڏسي ٿو، تقصيرن تي سوچي.

    ماضيءَ جا مھمير ڏسي ٿو، مھميرن تي سوچي.
    پنھنجن جا ضمير ڏسي ٿو، ضميرن تي سوچي.

    جھانگيئڙن جا جھير ڏسي ٿو، جھيرن تي سوچي،
    ديس وندا دلگير ڏسي ٿو، دلگيرن تي سوچي.

    *


    جڏھن ڪورٽ اندر ڪونڌر، ڪروڙين ھي ڪُڏي پوندا،

    جڏھن ڪورٽ اندر ڪونڌر، ڪروڙين ھي ڪُڏي پوندا،
    لَتن سان لرزجي سارا، ھي لوھي در لڏي پوندا.

    اُٿن جيڪر کائي ڌڌڪو، ڌڻي ھي ڌڱ ڌرتيءَ جا،
    ته ڌاڙيلن جا ڌڙ ڌرتيءَ تي، ھڪ ڌم سان ڌڏي پوندا....!!

    جڏھن تڙ سڀ ڪندا تابع، ٻاٻاڻا ٻيڙيـين وارث،
    تڏھن تونگر ھي اڻ تارو، ٻاتاڙا ٿي ٻڏي پوندا....!!

    ڪري ھڪلون حَقن ڪارڻ، اُٿن ”منشي“ جي مِڙ مارو،
    ته قاتل قوم ڪڪڙن جيئن، لڪڻ لئه ڪنھن کُڏي پوندا....!!




    *


    اسان ھر دور جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسون،

    اسان ھر دور جي حاڪم، کي حق جي ڳالھ چونداسون،
    اسان وانگين جي ھر ويري، وڏيري ساڻ وڙھنداسون.

    ڀلي ڪيسنِ ۾ اٽڪايو، ڀلي ڦاسين تي ڦٿڪايو،
    ڀلي لوھن م لٽڪايو، ڀلي ٽانڊن تي ٽھڪايو،
    ڀلي سورين تي سھڪايو، ڀلي ميدان ۾ مارايو،
    اسان سُوري تي پنھنجي ديس، جا نعرا پيا ھڻنداسون....!!

    اسان دودا ھميراڻي، ۽ دريا خان دُولھاڻي،
    اسان لاکا ته ڦولھاڻي، اسان ھيمون به ڪالاڻي،
    اسان صادق مزاراڻي، اسان سان شاھ سچل ساڻي،
    اسان مھمير ميدان ۾، مرڻ کان ڪين مُڙنداسيون....!!

    ھي اسي لک جي آبادي، گُھري ٿي پنھنجي آزادي،
    ڪنداسون پنھنجي قُوتَ ساڻ، بي پاڙن جي بربادي،
    سدا سانگين جي شھزادي، متي مھراڻ جي وادي،
    انھيءَ مان سامراجي لوڌ، لوڌي نيٺ ڪڍنداسون....!!

    ھتي ڌاريان جي ڌاڙيلا، سڀيئي گڏجي گُرو چيلا،
    وجھي وانگين ۾ واويلا، ويا ڀيلي ٻنيون ٻيلا،
    ڪري مارو اُٿيا ميلا، وھائي رت سندا ريلا،
    ورھن جا وير ويرين کان، وڙھي ھڪ ڏينھن وٺنداسون....!!

    مِڙيا ”منشي“ اجھي مارو، وطن پنھنجي سندا وارو،
    ڪري ھر درد پنھنجي جو، ٿا ڄاڻن سي دوا دارو،
    لکين لھرين منجھان لاشڪ، تري ڄاڻن اِھي تارو،
    اسان اکِ سامراجي ڪابه، سنڌڙيءَ ۾ نه سھنداسون....!!




    *


    گوندر ماڪ ڍونگر گذاري وياسون،

    گوندر ماڪ ڍونگر گذاري وياسون،
    پکي ٽوڙي پڃرا، اُڏاري وياسون.

    مَقام ئي مُقامن ۾ مليا اسان کي،
    لکين مڙھ مسيح ٿي اُٿاري وياسون....!!

    ڏيئي رات کي رت پرھ ڪئي سون پيدا،
    جھان ۾ سوين سج اُڀاري وياسون....!!

    ڪُٺا جن ڪسابن کان انسان اڏين تي،
    اسان لک اڏين تان اُڪاري وياسون....!!

    ڏيئي موت کي مات ”منشي“ مئاسون،
    مگر نئين نسل کي اجاري وياسون....!!

    *


    گھر گھر گھور انڌيرو، گھر گھر گھور انڌيرو،

    گھر گھر گھور انڌيرو، گھر گھر گھور انڌيرو،
    راڄ مٿان راڪاس ڦري ويو، ڀُڻڪو ناھي ڀليرو.

    دور ڪٿي ھئا ڏيئڙا ڏسبا، سي پڻ اڄ نه اُجھاڻا،
    ڪٿي ٽانڊاڻي چڻنگ نه چمڪي، ڪھڙا منڊ منڊاڻا،
    ڪاري رات ھي ڪاريھر جيئن، ڪِکي جلائي جيئرو....!!

    گھر منجھان ڪو ڳاٽ کڻيو پيو، ٻاٽ ۾ ٻاري لاٽ،
    واٽھڙن لئه وٽِ کي سوري، ويٺو ٺاھي واٽ،
    تابش ڏس طوفان مٿس ٻيو، وري واءُ تِکيرو....!!

    انھي پوڙھي پُٺِ ۾ پئه جو، ڏيئڙا ڏيھ ڏيکاري،
    جلندي پچندي ٻرندي سڙندي، ٻرنديءَ کي پيو ٻاري،
    ڪُڙم جي ڪارڻ اُھس اندر جنھن، دل ۾ دردن ديرو....!!

    پارھيڙي پيا تنھن جي پُٺِ ۾، پنھنجا دام پکينڙي،
    ڍٻ ۽ ڍٻيون ڪُڙھيون اُڇلون، ونجھيون وڻ وڻ ويڙھي،
    بازن جي گھيري ۾ ھوندي، ”منشي“ ڳٽڪي ڳيرو....!!













    *


    ڏسي دل ڏکي ٿي، ڏکن جو سماج،

    ڏسي دل ڏکي ٿي، ڏکن جو سماج،
    ڪري ناس ڇڏيو، ھي ڦُر جو رواج.

    ڇڏي ننڊ آرسَ، ھي اُٿيا جڏھن،
    ڪندا تنھنجا طاقت، سان تاراج تاج....!!

    وڏيرا ورھن کان، تو وانگي ڦُريا،
    نه ھاڻي ھي ڏيندا، تو داڻو اناج....!!

    ريـبي تو رمل سان، رچايو جو راڳ،
    اسان اڄ انھيءَ جو به، ڄاڻون علاج....!!

    مڙيا ”منشي“ مارو، مرڻ ڪاڻ مارڻ،
    نه رھندي ھتي ڪا، ھاڻي تنھنجي ھاج....!!


    لاھياري

    لاھياري
    مان لاڙ جي آھيان لاھياري، مان لاڙ جي آھيان لاھياري،
    تنھنجي وڏيرا اک آ ميري، تنھنجي وڏيرا دل ڪاري،
    مان لاڙ جي آھيان لاھياري.
    مان تان من جي مور نه مندي، مون سان گڏ آ ڏاٽو گندي،
    مان ته پنوھارڻ پورھيت وندي، سائين پنھنجي ساجن سندي،
    ملي مارئي کان ڏات ۾ مونکي، لوئي لڄ پياري،
    مان لاڙ جي آھيان لاھياري.

    ڏينھن سڄو ٿي ڏاٽو ھڻان مان، شام مٿي تي ڀريون کڻان مان،
    ور وڻي مون، ور کي وڻان مان، تنھنجي منھن تي ٿُڪ ھڻان مان،
    تنھنجي وٺي ڏي مڙس منھنجي کي، راڻي راڄ ڪماري،
    مان لاڙ جي آھيان لاھياري.

    سرتين سٿ ۾ سُريت سڏجان، مري انھيءَ کان مٽيءَ ۾ گڏجان،
    سچي مٽي ۽ سنڌوءَ جو پاڻي، سورن ۾ سِرجي آھيان ساماڻي،
    صدين سڙيل سماج ھن جي، ”منشي“ مرضن ماري،
    مان لاڙ جي آھيان لاھياري.














    *


    ننڊ اچي تو ڪيئن ٿي، ڌرتيءَ تي ڌاڙيلا،

    ننڊ اچي تو ڪيئن ٿي، ڌرتيءَ تي ڌاڙيلا،
    ڏاڍَ ڏنگيو ڏيھ سارو، وانگين ۾ واويلا.

    ھي سُرندو جيئن ٻُرندو، دان سِرن جا گھرندو،
    چاھت مان چنگ چرندو، ٻُري اٿندا ٻيلا.

    رات رتو رت روئي، لڙڪن سان منھن ڌوئي،
    ڏيئي ڏوراپن ڏوئي، اُٿ سگھو البيلا.

    جيجل جيءَ تي جانڊا، ٽانڊا ٻرن پيا ڪانڊا،
    اچو ته گڏجون آنڊا، بيٺ ٻڌي بم گولا،

    نڪ وجھن پيا نوڙي، سنڌو ٿئي پئي سوڙھي،
    ڊھون ھڻو اچو ڊوڙي، ”منشي“ مچايو ميلا.

    *


    ڳاءِ ڳاءِ ڳائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا.

    ڳاءِ ڳاءِ ڳائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا.
    ڳوٺ ڳنڱاٽيا، پيا اٿم پاٽيا،
    سڏ ڏيو ساٿيا، سڏ ڏيو ساٿيا،
    جوڳي بن جا ڳائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا!!

    انگ اڙجن پيا، سنڌ سڙجن پيا،
    گھاٽ گھڙجن پيا، گھاٽ گھڙجن پيا،
    ٻانگ ڏيئي ٻول ٻڌائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا!!

    سڏ پڙاڏو ٿئي، ڀل مھاڏو ٿئي،
    ڪير آڏو اچي، ڪير آڏو اچي،
    تان ھڻي تن تائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا!!

    ”منشي“ مر ته مران، شل نه کيرا کران،
    ڀل پيو ٻڙڪان ٻران، ڀل پيو ٻڙڪان ٻران،
    بنجر باغ بنائڻا، ٿورا ٿڃ جا لاھڻا!!


    پيرين نه جتڙي، بڊي جا ڪاڙھا،

    پيرين نه جتڙي، بڊي جا ڪاڙھا،
    مارو ويچارا، پيرين اگھاڙا.

    ڏيھ ڏھاڳيو، ڀاڳيو نه جاڳيو،
    سنڌوءَ صدين کان، ستم آ ساڳيو،
    پسو ڌونئري ڏينھن، ڌڙن تي ڌاڙا،
    مارو ويچارا، پيرين اگھاڙا!!

    مارئي ڪوٽن ۾، مُنھن جوٽن ۾،
    گھمن پيا گھر گھر، گھاڻا گھوٽن ۾،
    راڄن ۾ رڳو، رڙيون ۽ راڙا،
    مارو ويچارا، پيرين اگھاڙا!!

    چيھون ٿيو چولو، اَجھو نه اولو،
    ڪٿي لڪائي، ڪانگن کان لولو،
    ويا وڪامي، وانگين جا واڙا،
    مارو ويچارا، پيرين اگھاڙا!!

    مندائتو ”منشي“، ڪوڪي پيو ڪڻڇي،
    پوڪار ۾ ڇا چوي پيو پنڇي،
    جيئڻ گھرو ٿا، جيو ٿي جاڙا،
    مارو ويچارا، پيرين اگھاڙا!!


    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي،

    نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي،
    سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.

    برابري، سراسري، اسان گھرون ٿا ايتري،
    پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايون ھيتري،
    آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري،
    جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!

    نکاريو سنڌڙي حُسن، ڏسي ڪيئن ڪونڌر پيا ڪُسن،
    ڪروڙ ڪاھيندا اچن، ڪُسڻ جو ڪوپ پيا پڇن،
    مچن مچن اندر مچن، مچن مچن اندر مچن،
    جنھن وِک ھٽائي بي وڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!

    ھي مڪليون، موھن دڙا، ٿرن برن ٿڌا گھڙا،
    ٽھڪائي جنھن ٽانڊا ڪيا، کڻي ويو ٽڙ ٽپڙا،
    انھيءَ ڪري ھڙا وڙا، انھيءَ ڪري ھڙا وڙا،
    نٿو جو تڙ مٿان تڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!

    ٿي انتھا ڪِيسَ جي، ۽ ڪيسين ويھندا ھيسجي،
    ڇڏي ڏي ريتَ ريس جي، پُريون به وينديون پيسجي،
    آ جنگ جيس جيس جي، آ جنگ جيس جيس جي،
    اُٿي نه جو تڙي کڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!

    ٻُڌين نٿو کٻي سڄي، نقارو جنگ پيو وڄي،
    گھڻين ھٿين ڇپر کڄي، ھلي نه جنھن ھيئون ھڄي،
    ڀڄي ڀڄي ھيئر ڀڄي، ڀڄي ڀڄي ھينئر ڀڄي،
    دڙي تي داڦ بيھ دڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!

    ھي ملڪ ”منشي“ ٿيو مکي، چوي پيو پکڻ پکي،
    جڏھن به قوم آ ڪکي، لکين لھي آيا لکي،
    سنڌوءَ جي سُرڪ جنھن چکي، سنڌوءَ جي سُرڪ جنھن چکي،
    پيءُ نه جان سان جڙي، سو سنڌ مان لڏي وڃي....!!


    حساب

    حساب
    اوھان گھڻيئي ڪيون الوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو،
    حساب ٿيندو، ڪتاب ٿيندو، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.

    ٻنھي ھٿن سان، ٻئي ڪنارا، لُٽيا سنڌوءَ جا تو سال سارا،
    نگر نگر مان لڳن پيا نارا، ھي اُڀ ڏاريندا اچن اوڀارا،
    ٺاھيو ڪي ٽانڊن جھڙيون ٽوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.

    ٽڪر کي ٽوڙي، ھي جھنڊا کوڙي، ٻيائي ٻوڙي، نيندا نھوڙي،
    گنجي گجن پيا، اجھي اچن پيا، جبر جھنجھوڙي، ڇڏيندا لوڙھي،
    تڏا تڪيا تو چنيون ۽ چوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.

    وطن جا وڙھندا رڳو نه راڻا، ٻٻر کٻڙ ھي ليون ۽ لاڻا،
    اوھان سان اٽڪي ھي پوندا پاڻا، ڌوڪي ڌارين جا ھي ڪڍندا ڌاڻا،
    وطن جو وڻ ٽڻ ٻولي پيو ٻوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.

    بندوقون تاڻي، صندوقون ڀريئي، اڃان به ڪنھن پر اندر نه ٺريئي،
    نھوڙي نيندئي ھي وانجھي وَرِيئي، نه ھاڻي گھٽبي ٻُنڀان جو ٻريئي،
    کٽي پونديئي کٿا ۽ کوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.

    وکون وڌايو، وٺن واڌايون، صدائون ”منشي“ اڏين تان آيون،
    ھي سنڌ ڄايون چون ٿيون مايون، نه ڏينديوسين ٻنيون ھي سايون،
    لوڏيو پٽن کي ڏين ٿيون لوليون، اوھان سان ھاڻي حساب ٿيندو.


    يا سِج کُٽي، يا ٻِج کُٽي،

    يا سِج کُٽي، يا ٻِج کُٽي،
    يا موت اچي، يا روڳ ٽُٽي.

    آھي ماٺ به قومي ڏوھ وڏو، ڇا ڏوھ وڏو پر ڊوھ وڏو،
    جنھن مانجھي پانڌي موھ وڏو، تنھن لاءِ نه آھي روھ وڏو،
    ھن رات جي وات ۾ ڪات ڪشي، جيسين نه ھِتي ڪا باک ڦُٽي.
    يا سِج کُٽي، يا ٻِج کُٽي....!!

    اُن ماٺ ته ماريا مير ميان، پئي قوم سڄي زنجير ميان،
    اھا توڙئون ناھي تقدير ميان، جو جھانگين پيئڙا جھير ميان،
    اُھو مرض ته لا علاج نه آ، جو ساري حياتي ڪين ڇُٽي.
    يا سِج کُٽي، يا ٻِج کُٽي....!!

    اُن راھ جي راھيءَ ٿَڪُ نه ٿئي، ۽ پُڄڻ حاتي پڪ نه ٿئي،
    کڻي لُڪون جھولا جھڪ نه ٿئي، ان ڪُر جو ڪونڌر ڪَڪِ نه ٿئي،
    يا سوريءَ سَرھو سِرُ وڃي، يا قوم تان لاھبا لوھ ڪُٽي.
    يا سِج کُٽي، يا ٻج کُٽي....!!














    *


    وڏيرا ور ڏيئي ووٽن لئه، وري وريا وٿاڻن تي،

    وڏيرا ور ڏيئي ووٽن لئه، وري وريا وٿاڻن تي،
    ڇڏي بنگلا، ڪاھي ڪارون، ڀَڳا ڀاڳين جي ڀاڻن تي.

    پنجن سالن جي پيڙھڻ لئه، سَنَد ڏيندا وري سانگي،
    ڏنگيندڙ ڏيھ ساري جا، ڏسڻ ۾ ٿي ايندا ڏانگي،
    سگھو گھر ۾ نه سانگين جي، دَلن ڇڏيو دلو دانگي،
    کڻي نَڪ ٽين جا ٽي سؤ، ٽِلي رسيا سي ٽاڻن تي....!!

    ڪرائم ڪنٽرول ائڪٽ، ۽ ڊي- پي- آر جو ٻيو ڊپُ،
    ڪيسين ڪوس ھي رھندو، قوم تي ڪاتيون اھيئي ڪپُ،
    سون سالن کان سانگين کي، پيو سُونگھي ھي ساڳيو سپُ،
    سڙي ٿي دل ستم ڏسندي، سدا سانگي سياڻن تي....!!

    پنجن سالن ۾ جن توکي، ڪري ڇڏيو پنڻ پريين،
    متان تن ساڻ تون ھاري، وري سڏ ساڻ سڏ ڀريين،
    نه ھي تنھنجا، ٿيا، ٿيندا، ڪو اڄڪلھ يا سڀان پريين،
    سڀاڻي سڀ سوئر تو مان، ٿَڪون لاھيندا ٿاڻن تي....!!

    پُساءِ تون کڻي پيارا، اھي پُرين سنديون پاڳون،
    اُٿي وٺ وطن جا وارث، ھاري پنھنجي ھٿين واڳون،
    چُرو گڏجو ته چنبن ساڻ، چٽ چورنِ ٿين چاڳون،
    متان ڦاسو چوي ”منشي“، انھيءَ چُوڻيءَ جي داڻن تي....!!


    رھزن

    رھزن
    راھزن کي اي عزيزو، رھنما سمجھو متان،
    پنھنجي ٻيڙيءَ جو ڪڏھن ڀي، نا خدا سمجھو متان.

    آشنائي زر ازل کان، جيڪي آھن رھنما،
    تن کي پنھنجي درد و غم جو، آشنا سمجھو متان.

    پنھنجي مقصد لئه ڪندا ھي، واعدن تي واعدا،
    پر اُنھن جي واعدن کي، واعدا سمجھو متان.

    پاڻ ڪوڙا، قول ڪوڙا، ۽ سندن ڪوڙا قسم،
    سادگيءَ ۾ اڄ انھن کي، پارسا سمجھو متان.

    ھاڻ ماضي کي ڇڏي ڪو، نئون نسل پيدا ڪريو،
    چالبازن جي مِڪر کي، سچ صفا سمجھو متان.

    ھي سدائين قوم کي، نيلام ڪن ٿا دوستو،
    تاجرانِ قوم کي اڄ، گھڻگھرا سمجھو متان.

    چار ڦلڪا، ٻوڙ ٻاڪر، چانھن ۽ بسڪوٽ کي،
    درد پنھنجي جو اوھين، دارو دوا سمجھو متان.

    ھاڻ جيپن ۾ چڙھي، ”منشي“ گھڻا ايندا مگر،
    ووت کان جي پوءِ به ايندا، سي مٺا سمجھو متان.


    ويڪائو

    ويڪائو
    وري ڀينگ ڪئي جن سي ڀائو اچي؛
    اچي ويا وڏيرا ويڪائو اچي ويا.

    ڪسابن کان ڪُھندي، لنگھي ويا جي ليڪو،
    وري سال پنج سي کڻڻ آيا ٺيڪو،
    ورو سڀ ويڙھيچا وٺون واٽ ٻي ڪو،
    سوين پاڻ ۾ سوڀ سائو اچي ويا....!!

    اٽي ۽ لٽي ۽ اجھي جا ڏيئي نارا،
    ڪيئون قوم اڳيان پنھنجا مُنھن ڪارا،
    ڪڏھن بنجي اسلام جي اک جا تارا،
    ڪڏھن بنجي لينن ۽ مائو اچي ويا....!!

    طبلچي وڏيرن جا طبلا وڄائن،
    وڏا پاڻ کي قومي ورڪر سڏائن،
    کوٽن کي اھي پُٽ کاٽائو کٽائن،
    ککا کرمٽي کنڊ کائو اچي ويا....!!

    وري ورڪ ۾ غرق ٿي وڏيرا،
    ٻه مھينا ٻوليندا ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا،
    پٽيندا پوءِ پنج سال وانگين واھيرا،
    گھٽا ڏيئي گھٽيو جن سي گھائو اچي ويا....!!

    وڏيرا وڏا قوم وارث پيڙھياتا،
    ڪئين پور ٻوڙي ھي ويٺا ٻيڙياتا،
    ھي ڄاتا سڃاتا کسيو تن کان کاتا،
    ڏڏي ۾ ڪري ھائو ميائو اچي ويا....!!

    بلو جن جا بينر ۽ جھنڊا پيا ڦڙڪن،
    پٺاڻن جي اکين مان شعلا پيا ٽڙڪن،
    سڄي سنڌ ۾ دشمن جون دليون ٿيو ڌڙڪن،
    سچا ۽ سونھان ”منشي“ سائو اچي ويا....!!


    ھر بشر غمگين تنھنجي ڳوٺ ۾،

    ھر بشر غمگين تنھنجي ڳوٺ ۾،
    ناھي ڪا تسڪين تنھنجي ڳوٺ ۾.
    چار ٺيڪيدار واپاري ٻه چار،
    سڀ ٻيا مسڪين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    واھ ڪورٽ جج تون جلاد تون،
    ڪوبه رھندو ڪين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    ھر مُعلم وڻج ۽ واپار سان،
    دين سان بي دين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    ستم ھر جورو جفا توکي روا،
    نُور سان نابين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    غم غريبن کي سدائين پيٽ جو،
    تون ئي تون شوقين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    بيڪسن ۽ بيوسن جي خون مان،
    تو لاءِ پيرس چين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    جنھن کي پورِي تنھن کي سوري چاڙھيو،
    تنھنجو ٿيو آئين تنھنجي ڳوٺ ۾.

    مُرڪ تنھنجي کي ڏسي ”منشي“ پڙھي؛
    سُورتِ ياسين تنھنجي ڳوٺ ۾.


    وڏيرا

    وڏيرا
    ڪُھڻ ڪاڻ، ٺڳن ساڻ، ڪري ٺاھ وڏيرا،
    ڪئين راڄ، ڪتن کاڄ، ڪيئي واھ وڏيرا.

    سڄي سانگ، ڪارا نانگ، ڇڏيا ڇانگ تو ڇوڙي،
    جن جا ته وھ وات، سي ويا ڏيھ ڏنگوڙي،
    سڄو سانگ، کڻي ڏانگ، پٺيان تن جي پيوڙي،
    گھڻا سال، سڪايو تو سانگين ساھ وڏيرا....!!

    تنھنجي بڪ، بلاشڪ، ٻڌي ٻار چون ٿا،
    آھي ڪوڙ، رڳو ڌوڙ، اھي ھوڪا ھڻن ٿا،
    تنھنجا ٻول، ڪوڙا قول، ڪنھن کي ڪين وڻن ٿا،
    ماڻھون، مال، تو ڪئين سال، ڪيا پاھ وڏيرا....!!

    وٺي چور، ماري مور، ڪيڏا ڪِيس ڪيا تو،
    بي نور، اکين پور، نه ٿيو شرم حيا تو،
    نه ھو نج، تنھنجو ٻج، سنڌيءَ سان ڪو سياڪو،
    ڪرسي ڪاڻ، چورن ساڻ، رکيئي چاھ وڏيرا....!!

    راتو رات، ”منشي“ مات، ٿيا غدار وطن جا،
    کڻي پير، آيو ھير، آھين تون به انھن جا،
    تنھنجا پار، ڏسي وار، ٿيا ڪانڊار بدن جا،
    جنھن ڏينھن، اٿيا شينھن، ڪڍندئه لاھ وڏيرا....!!


    مونکي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سڻائي وينداسون،

    مونکي معاف ڪجو، انصاف ڪجو، سچ سڀ کي سڻائي وينداسون،
    جن جھانگين ڏنڙي جھول ڀري، تن ٻول ٻڌائي وينداسون.

    مان ڪنھن کي ڀلا ڇو چور چوان،
    ڪنھن ڪانگ چوان ڪنھن مور چوان،
    ڳالھ نئين ھي تازي آھي،
    ھر ڪنھن پنھنجو ماضي آھي،
    خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيٽ ڪريو،
    ڪنھن پيٽ ڀريو ڪنھن چيٽ چريو،
    اسان جڳ ۾ جگنا جوتي آھيون،
    جوت جلائي وينداسون....!!

    درياھ به لاھن چاڙھن ۾،
    انسان به ڇانئن ڪاڙھن ۾،
    ڪو شيشن ۾ ڪو شيخن ۾،
    ھي قاضي ھميشہ عيشن ۾،
    تعويذ وٽن ڪو آھي سڳو،
    يا ڪنھن جو رت آ منھن لڳو،
    کاتا به ڦريا ماڻھون به مئا،
    ڪنھن ڪين ٻڌا ڪنھن ڪين سُئا،
    جا حق چوڻ تان ٽِيپ لڳي،
    اسان سا به ڪمائي وينداسون....!!

    اھا ڳالھ اسان لئه ناھي نئين،
    اسان روپ ڏٺا آھن اھڙا ڪئين،
    ڪو وانگيئڙن جي لاءِ وڙھي،
    ڪو مايا ميڙڻ گھاٽ گھڙي،
    ڪرسي ته اھا ئي ساڳي آ،
    ڪنھن لک نه ليھ ڪو داڳي آ،
    خود ڀيٽ ڪريو اک ٽيٽ ڪريو،
    اسان سادا سوڌا ٻيجھلڙا؛
    پر ٻول ٻرائي وينداسون....!!

    مون کي معاف ڪجو، انصاف ڪجو،
    سچ سڀ کي سڻائي وينداسون،
    جن جھانگين ڏنڙي جھون ڀري،
    تن ٻول ٻڌائي وينداسون....!!


    پاپي

    پاپي
    ھڪڙي پاپي ڪُھايا، ھتي ھزارين ھاري ڙي،
    ٽنڊي باگي بدينڻ سان، ڪار ٿي ڪربل واري ڙي.

    چينل چيري پانڌي پنھنجو، ويري واھي واھ ويو،
    ھيڏو ڌاڙو لؤنيارن جو، لاشڪ نڪري لاھ ويو،
    ڪنھن نه ڏٺو ۽ ڪنھن ٻڌو ٿي، سوگھو سانکين ساھ ويو،
    انگ اگھاڙن ان ويو ۽، گُگدامن کان گاھ ويو،
    پئي اُڏامي ويھن واھن، اندر ڏس تون واري ڙي....!!

    پَٽڪا پوتيون آھون آزيون، اوٺين ڪئين ايلاز ڪيا،
    ڪنھن نه ٻُڌا ۽ ڪنھن نه ڏٺا ھِت، اڀرن ڪئين آواز ڪيا،
    مارن کي مجبور ڏسي ھن، قاتل نخرا ناز ڪيا،
    ڪيڏا ھاڃا ھارين سان ھن، آمر مير اعجاز ڪيا،
    اڃان به جابر روز چون ٿا، آھي جمھوريت جاري ڙي....!!

    سعدا واھ جون سايون ٻنيون، سُڪي ٿيون ڀڙڀانگ الا،
    شاخ وھڻائي ٽيل کان ھيٺان، اُڃ مَرن پيا ڪانگ الا،
    مال ۽ مارو مٺنا وارا، سانگي ڇڏي ويا سانگ الا،
    ڏنگ ھڻن پيا ڏيھاين کي، نور واھ تي نانگ الا،
    ڪنگالن ۾ ڪنگ رڙيون ھي، ڪھڙي قيامت ڪاري ڙي....!!

    ماروئڙيون محراب جون آڻين، پاڻي ميلن پنڌ ڪري،
    اڌ سج ايندي ويندي پورو، ماريا ٻئي ير ٻار ٻري،
    ٻانھون کڻيو ٻانھياريون سي، پٽين شل ھي مير مري،
    گنج بحر جا سر سڪي ويا، چارو ڪنھن پر چال چري،
    مور شاخ جا ماروئڙا ڪن، توبھ توبھ زاري ڙي....!!

    ونگيءَ وارن وانگيئڙن جا، مرندي ڪنھن به نه مال ڏٺا،
    ھڏا ڇڙھ ۽ ھميرا جا، ھيڻا ڪنھن به نه حال ڏٺا،
    لاکياري تي لاکيڻن جا، لڇندي ڪنھن به نه لال ڏٺا،
    ھٿ کڻي ويا ھاري ھرن تان، پورھيو پڇندي مون ڪالھ ڏٺا،
    سائي سبزي سوڪ سڪي ٿي؛ سنھي گولي سائي ڙي....!!

    پنوھارن کي پاڌر واه مان، پاءُ نه مليو پاڻي آ،
    ٻيڙي واه تي ٻج سڙي ويا، پاڻي ڪئي نه پڄاڻي آ،
    راڄواه جي راڄن جي ڏس، روئندي رات وھاڻي آ،
    عادو علي بحر ٻنھي جي؛ ڪھڙي يار ڪھاڻي آ،
    رت وھائي رات سڄي ھت، گھار وارن ڪيئن گھاري ڙي....!!

    ھي ته حڪومت اُھي عوامي؛ ريڊين ۾ اخبارن ۾،
    اھڙو آمر ڪنھن نه وڌو اڳ، مارو منجھن مارن ۾،
    سوشلزم اسلام ڦري پيو، ڪارين وڏين ڪارن ۾،
    وڌو وڏيرن ٻاڪر ڪٽو، ٻاٻاڻن جي ٻارن ۾،
    سانگيئڙن جو ساه سڪايو، چمچن ٻيو چوڌاري ڙي....!!

    واڳُن ھٿ ۾ واڳ ڏيئي ھِت، ڀُٽن ڀينگ ڪرائي آ،
    وانگيئڙن سان ويل ڪيا ھن، رکي ٽانڊا مير ٽنڊائي آ،
    پچ ڳنڍيل جنھن پنگريه ۾، سڀ کان ظلم سوائي آ،
    محمد بخش تنھن مير ڪيا ڪئين، ناحق خون نشائي آ،
    جُوءِ سڄيءَ ۾ جھانگيئڙن سان، جنگ ته جنھن جي جاري ڙي....!!


    بچي پوندين، جي ڌڙ ڌرتيءَ کي آڇيندين،

    بچي پوندين، جي ڌڙ ڌرتيءَ کي آڇيندين،
    نيئر ٽوڙي نڪري ويندين، جي راڻل پنھنجو رت ڏيندين.

    جھڄندي جھرندي جھوڪ ۾، ڪيسين رھندين لوڪ ۾،
    غلاميءَ جي طوق ۾، بچي پوندين....!!

    ڪارا فرنگي ڪڙڪيا، ساري سنڌ ۾ وڙڪيا،
    ٻاٻاڻا سڀ ٻڙڪيا، بچي پوندين....!!

    ٻنڀا آھي ٻري ويئي، پھچي ڏاڍي ڄري ويئي،
    تنھنجي ڪيئن سري ويئي، بچي ويندين....!!

    راڻل رت جو ريج آ، ڏيئڻو نسلن ڏيج آ،
    وقت جو ھڪ ئي ويڄ آ، بچي پوندين....!!

    ڏس نه ويري وات ۾، ھٿ ٻئي وجھ ڪات ۾،
    ڪيسين رھندين رات ۾، بچي پوندين....!!

    گھر گھر ”منشي“ گھاءُ ڏسو، ھر گھاءُ ۾ ڪيڏو تاءُ ڏسو،
    ڦٿڪي پيئي ماءُ ڏسو، بچي پوندين....!!


    ڪنھن قوم کي زھر قاتل پيارو،

    ڪنھن قوم کي زھر قاتل پيارو،
    کولي مَٽ موکي متارن کي ماريو.

    نياڻي ناتر جي اھا مائي موکي،
    ڪڏھن قوم جي لئه، چڱي ناھي چوکي،
    ڪيڏو قوم کي جنھن، ڏھاڳ آ ڏياريو....!

    ڪھڙي ڪم جا تو، ندوري ھي نماڻا،
    وڏي واڪ وڪيا، تو ڀاڳين جا ڀاڻا،
    نه اڳ پٺ ڏي اوڳي نمي تو نھاريو....!

    آجائي لئه آتا، اندر جن اڃاريا،
    ناتر جي ناٽڪ ۾، وھي ويا ويچارا،
    ڪڪوري سڄي ڪاڪ، ٻارڻ ڪنھن ٻاريو....!

    متارن جا ”منشي“، ھي لاشن تي لاشا،
    موکي مئي ۾ مستان؛ ڏسي پئي تماشا؛
    متارا وڃن پيا، پنھنجي پت پاريو....!


    درد

    درد
    ھتي بي گناھ ٻي سبب ڪئين، مور مانجھي ويا مري،
    ھاڻي بند ڪر پنھنجي اھا، تون بي سُري بس بانسري،

    ڇو تون ٻير ٻٻرن کان گھرين، ھنج ٻول ڪٻرن کان گھرين،
    موتي ٿي چٻرن کان گھرين، ڪجھ سوچ ڪر او سانوري....!!

    ڌرتي پئي آھي تتي، رنکدار ريٽي رنگ رٿي،
    سچي پچي ستي جتي، ٻارڻ ويا تنھن تي ٻري....!

    ٿاٿو نبا ڏيئي پئي آن ٿڪي، ھاڻ پيڙھ ڪا ٻڌجي پڪي،
    ڌاڙيل آ ڌرتي تڪي، تنھن کي ڏيڻ پيئي تري....!!

    ويران وانگين واديون، آباديون برباديون،
    تنھن کان سواءِ ڪئين تعديون، ڏاڍي ڍونگري آھي ڍري....!!
    ستي جاڳ ۾ ريھون ٻڌان، پنھنجي ڪونڌرن ڪيھون ٻڌان،
    رويو ڏيان، رويو ڏيان، ڏاڍي ڳالھ ”منشي“ لئه ڳري....!!


    ڪريو قوم ڪناري ڪريو، گھر پيو لُٽجي ڀريو تريو،

    ڪريو قوم ڪناري ڪريو، گھر پيو لُٽجي ڀريو تريو،
    چوي پيو اڄ چريو کريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو.

    ڪُن نڪو نڄ ڇڪي پيو مانجھي، واري ونجھ ورايو وانجھي،
    سِر سجدي ۾ سر تي سانجھي، ٻيڙي لھرين ڪئي آ لانجھي،
    واءُ ڏکيرو وريو وريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    پاڳارن ڀل پڳ سونھي شل، جوت سان جڳ جڳ سونھي شل،
    جن پٺ سونھي تن اڳ سونھي شل، دائم سنڌ جو دڳ سونھي شل،
    ڀاڻ بچائن ڀاڳن ڀريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    مخدوم ھميشہ مُخبر ٿيندا، جھڪون جھولا ايندا ويندا،
    نوح سندن جي سونھن ٿيو ته به، سِر سنڌوءَ لئه ڪين ڪي ڏيندا،
    ڪو ڪو کير وڃي ٿو کريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    سڏ سماٽ بلوچ به ساڳيو، ڌرتيءَ سنان جو پيو آ واڳيو،
    ديس درندن داڳيو داڳيو، زمين جو آ ضمير جاڳيو،
    وري نه ايندو جي ٽاڻو ٽريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    ڪيڏي سُھڻي شام سنڌوءَ جي، ھنڌين ماڳين ھام سنڌوءَ جي،
    ڪونجن وانگ اُڏام سنڌوءَ جي، دانھ ۽ ڪو ڪاڄ عام سنڌوءَ جي،
    ٻارڻ جنھن تي ٻريو ٻريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    سينڌ سنڌوءَ جي سُڪل واري، جنھن ۾ جر ڦڙو نه جاري،
    وري به ڪاري ديو تياري، ھيبت ۾ اڄ ھاري ناري،
    ڌرتيءَ جو ڪو ڌيان ته ڌريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!

    ”منشي“ نيٺ ته ورندا مانجھي، ٻيڙي مور ٿيندي لانجھي،
    سڻڀي رھندي صبوح ۽ سانجھي، سنڌ نه پيئندي ڪڏھن ڪانجھي،
    وارو ڪريو وارو ڪريو، ڪريو قوم ڪناري ڪريو....!!


    لک ويا ٿي بک بندوقن، دانھن جا در بند ٿيا،

    لک ويا ٿي بک بندوقن، دانھن جا در بند ٿيا،
    ڪونڌر ڪُسن پيا، نونڌ نڇن پيا، ھاڃان ھي ھر ھنڌ ٿيا.

    اي قوم ڪُلھن تي ڪيستائين، ڍولڻ لاشا ڍوئيندا،
    چوڌاري ھي چڙيل ماڻھون، ڌڪ گھڻن جا ڌوئيندا،
    يا رھزن اڳيان راتو ڏينھان، رت ائين پيا روئيندا،
    قومن ڪنڌ ڪپايا تڏھن، رت مان رستا رند ٿيا....!!

    جھر جھنگ ھاڻي جھيڙو گھرجي، جھيڙي جو ڪو ڇيڙو گھرجي،
    ماين مردن ميڙو گھرجي، ڀائر ڀائر ڀيڙو گھرجي،
    سانگين سيڙھو ويڙھو گھرجي، لڱ نه ھاڻ ڪو ليڙو گھرجي،
    سنڌ امڙ جا سورن سھندي، ساڻا ساڻا سنڌ ٿيا....!!

    ڌرتي جي ڪُک سائي آھي، رت جي ريج رجائي آھي،
    ڪنڌ ڪپاءِ بُڻ بچاءِ، ٻي سڀ ڳالھ اجائي آھي،
    ھي ڌرتي تنھنجي منھنجي آھي، ڪنھن ڌاريين ڌوتي جي ناھي،
    آزادي لئه انبوه ماڻھو، آھن آسوند ٿيا....!!


    ديس دروھي

    ديس دروھي
    ڪو وڏ ڦڙو ھت وسڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ،
    رت راه رتوليءَ رسڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ.

    برساتن ۾ باھيون وسنديون، کوھن ۾ پڻ کوريون تپنديون،
    ڌرتي ساري ٽامون ٿيندي، سنڌ سموري سامھون ٿيندي،
    اُڀ اڀارون کائي کائي، نيٺ پَٽيندو ساھي ساھي،
    گوريلن جا گيت ھوا ۾، ٻرندا محبت ميت ھوا ۾،
    راڄ ۾ ڪوبه نه روڳي رھندو، ٺڳ نه ڪو ڪو ٺوڳي رھندو.
    اھڙو ڏينھن به اچڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ....!!

    ھي بڪتر بند ھوائي حملا، شينھن مردن ٻڌيا شملا،
    وانگي ورندا ويرن وانگي، سِر ڪٽائڻ سنڌوءَ سانگي،
    آيا آيا ڄاڻ ته آيا، گيت ڳنوارن ائين پئي ڳايا،
    ڪرندا ڪنگرا ڪوٽ ۽ قلعا، ٻاھر نڪري ايندا ٻلا،
    ڪوندر رکندا ڪنڌ مروڙي، ھنن ڇڏيا ٽڪر ٽوڙي،
    ھي ڳوٺن شھرن ڳھڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ....!!

    تاريخ جڏھن تاوان گھري ٿي، در در ڌرتي دانھن ٻَري ٿي،
    تازو رت تاوان ڀريون ٿا، ڪنھن جي غلامي ڪين ڪريون ٿا،
    اھڙا ڪئين اسرار ڏٺاسون، تاريخن جا پيٽ ڀرياسون،
    دودا، ننگر، ڀونگر، آيا، اھڙا لکين مائن ڄايا،
    جو لھڻو آ سو ڏيئڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ....!!

    ڀُون اٿندي ڀڙڪو کائي، وڻ ٽڻ قوم پرستي وائي،
    ڏھيسر ھڻندا دھلن ڏونڪا، ويرن وانگي ورندا وونڪا،
    يورپ جا ھي پاليل ڪُتا، نيٺ ته ڀڄندا کائي جُتا،
    اڄ قوم جي ڪُک ۾ ڪان لڳو آ، گھر گھر اھڙو گھنڊ وڳو آ،
    ھر ماڻھو ”منشي“ مرڻو آ، ھن ڀونءِ جو پيٽ ته ڀرڻو آ،
    ھر سُور سنڌوءَ جو سھڻو آ، ھر ديس دروھي دسڻو آ....!!


    بندي خانا

    بندي خانا
    ڪري بيدي بنديخانا، ٽُٽي ويندا، ڇُٽي ويندا،
    ڏيئي ڏس ويا ڏاڏا نانا، ٽُٽي ويندا، ڇُٽي ويندا.

    ڪڻان ڏيئي ڪروڙن مان، لتاڙي لڪ لوڙھن مان،
    اچو نڪري ٿيو آجا، پنجابين جي پنجوڙن مان،
    مچايون پنھنجا ميخانا، ٽُٽي ويندا، ڇُٽي ويندا....!!

    وفاقي ناھي آ فاقي، آھي چورن جي چالاڪي،
    اُڌم آ اڌ صديءَ کان ھي، اھو گھاڻو اھو چاڪي،
    ڪيسين رھندا ٿي بيگانا، ٽُٽي ويندا ڇُٽي ويندا....!!

    ڇڏي مھراڻ جي وادي، ٿيا اسلام آبادي،
    انھن ۾ آسرو ڪھڙو، نه ڪي سي نَر نه ڪي مادي،
    پنھنجي ٻاريو ٿي پروانا، ٽُٽي ويندا ڇُٽي ويندا....!!
    آھيو ڪُونڌر ڏسو ڪيڏا، جگر ڌاريو جبل جيڏا،
    حقيقي حق جي ھوڪي تي، ھتي ھاڃا ٿيا ھيڏا،
    ڀڃي سڀ بت ۽ بتخانا، ٽُٽي ويندا، ڇٽي ويندا....!!

    وڙھي ھر ڪنھن کان ورتئون حق، تنھن جا شايد لڪيءَ جا لڪ،
    اوھين ڏاتار خود ڏيھ جا، جيئو ٿا ڪيئن رھي جاجڪ،
    چون سڀ ديس جا دانا، ٽٽي ويندا ڇٽي ويندا....!!

    مقابل منھن ٿيا ”منشي“، ته واڪن تي ڪري واڪا،
    ٻڌائيندس ٻاٻاڻن کي، بھادر ٿي اچو بانڪا،
    متان مادر منجي طعنا، ٽٽي ويندا؛ ڇٽي ويندا....!!


    ڌرتي - دين - ڌرم

    ڌرتي - دين - ڌرم
    ڌرتي دين ڌرم، ڌرتي دين ڌرم،
    ڌرتي ڪعبو، ڌرتي ڪاشي، ڌرتي ديرو حرم،
    ڌرتي دين ڌرم

    دين ڌرم سڀ ڌرتي ڄايا، ڌرتي آھي اتم،
    انسانن جي آجائيءَ جو، آھي ڀونءَ ڀرم،
    ڌرتي دين ڌرم
    سنڌ ڌرتيءَ ڏانھن ميري من کي، ڀاڳيا ڪن ڀسم،
    کاھڙ ساري کنھان کوندا، کن نه ڪن سي کم،
    ڌرتي دين ڌرم
    ڀريا تريا درياھ ھن ۾، بڻيل باغ ارم،
    ٿڌڙيون ٿڌڙيون ھيرون جنھن جون، شام وسي شبنم،
    ڌرتي دين ڌرم
    شاھ، بلاول، دودا، ھوشو، ڌرتي ڄايا ڄم،
    سوڳنڌ ساٿ سچو سنڌوءَ سان، ڪوڙو ڪن نه قسم،
    ڌرتي دين ڌرم
    ھن ڌرتيءَ جي ھر بانڪي جا، بازو آھن پم،
    رڪ پگھاري راڻن ڇڏيا، گڙي ٿيا جي گرم،
    ڌرتي دين ڌرم
    مٽيءَ سان آ محنت جائز، شرعاً ڪھڙو شرم،
    سنڌو ديش لئه تيسين وڙھبو، جيسين دم ۾ دم،
    ڌرتي دين ڌرم
    مارئي مچايا ملڪ مٽيءَ لئه، ماڙين ۾ ماتم،
    ڌوراڻن کي ڌوڙ وجھي ھن، ڳايا ڳاڱيون ڳم،
    ڌرتي دين ڌرم
    واھڻ واھڻ واھڙ واھي، ڪري ترايون تم،
    سنڌ درياھ جو ٻنھي ڪنڌين سان، سھڻو آھي سنگم،
    ڌرتي دين ڌرم
    ”منشي“ مھڪون سنڌ مٽيءَ جون، اٿليون عرب و عجم،
    ھن جون ھاڪون ھن جون ڌاڪون، پھتيون پورب پڇم،
    ڌرتي دين ڌرم


    منھنجي ڌرتي

    منھنجي ڌرتي
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ، ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ،
    ورثي ۾ وڏن کان ورتي آھي، تن پيار مان مون کي پرتي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.
    آھي ھر جاءِ ھيرن کاڻ ھتي، وھي موج ڀريو مھراڻ ھتي،
    سچي سونھن سڳنڌ سرھاڻ ھتي، جنھن سان واسيل وستي وستي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.
    ھي ڌرتي جيجل ماءُ سڳي، سِري لاڙ وچولي سين وڳي،
    ھي رت دريا مان تار تڳي، ھتي گھر گھر قومپرستي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.
    ھتي رت رتولي راڱا ٿي ويا، دشمن ڀاڱان ڀاڱان ٿي ويا،
    ھتي مٽي سان جن ماڱان ٿي ويا، تن پياري وستي وستي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.
    ھتي ھاڻو ڪوبه نه ھام ھڻي، ھي ڌرتي دودا ڄام ڄڻي،
    ھتي راڻن رت جي راند وڻي، متان سمجھين سنڌ ڪا سَستي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.
    ھتي ٻيلا ميلا ٻھراڙيون، ھتي ڌرتي اوڍي سايون ساڙھيون،
    ھتي ڀاڳين 'منشي' اکيون ڳاڙھيون، تن سنڌ سان انگ الستي آ،
    ھي ڌرتي منھنجي ڌرتي آ.


    ڀاڳين تي روز ڀالا؛ نت نت نوان نرالا،

    ڀاڳين تي روز ڀالا؛ نت نت نوان نرالا،
    ڪيسين ھي سُور سھندا، ڏيئي عقل کي تالا،
    نت نت نوان نرالا.

    ڀونءِ تي ھي ڇا بڻيو آ، تو ڳالھ کي ڳڻيو آ،
    توکي ويھڻ وڻيو آ، ھر ڪنھن مِٺو ڄڻيو آ،
    سامھي ۾ سُور توريو، سڀ کان سنڌوءَ سوالا،
    نت نت نوان نرالا....!!
    ڦاھي ڦندي جي سِرڪي، ڦاسي پئي سوني جھرڪي،
    ھڏ سور ۾ پيا ڪُرڪي، تنھن کي صحت جي سُرڪي،
    ڀَرِ ڀرِ ڀري پياريو، اڃا ڌڪ آھن آلا،
    نت نت نوان نرالا....!!
    موسم به آ موچاري، سرنھن به آ ڦلھاري،
    ڌرتي کي ريج رت جي، اوتيل آ آبياري،
    عيدون به ڄاڻ آيون، گھر گھر ٻرن مشالا،
    نت نت نوان نرالا....!!
    ڪتن کي ڄڻ ڪوڪاري، ڌارين جي ڌڻ کي ڌاري،
    پنھنجو پاڻ تي بڇايو، ”منشي“ مرم ٿو ماري،
    آخر ھي وير وٺندا، جُڳ جُڳ جيئن جيالا،
    نت نت نوان نرالا....!!


    مُند آھي چري، رات آھي ٺري،

    مُند آھي چري، رات آھي ٺري،
    مھڪ موتئي سندي، واھوندي ۾ وري.

    تو ڪھي اچ ڪچي، رنگ روح جو رچي،
    ڪا ته محفل مچي، من جي 'ميران' نچي،
    آڏ جيڪو اچي، ھڻ تنھن کي ترِي....!!

    ٻئي ڪچي جون ڪنڌيون، ريٽ ۾ چيٽ ٿيا،
    ڀرجھلا ڀُون جا، پاڳيا ڀيٽ ٿيا،
    سُونھن سنڌوءَ کي، ڏس ته ڪيڏي سري....!!



    رات ڪيٽيءَ مٿان، ڪُونجڙيون ڪُڻڪيون،
    جي ڀِريون ڀاڪُرين، سي ڀنيءَ ڀُڻڪيون،
    تو سري اي پرين، مون نه ساعت سري....!!

    کيٽ کستوري ٿيا، کوڙ کَنھبا کڙيا،
    'منشي' مومل پسي، مينڌرا ڪئين مڙيا،
    تو بنا اي پرين، ھر پَرِي اوپري....!!


    ڪاري ڪاري رات او ساٿي، ڪاري ڪاري رات،

    ڪاري ڪاري رات او ساٿي، ڪاري ڪاري رات،
    جوت جڳائي جڳ ۾ جاڳي، پيدا ڪر پرڀات.

    ڪوڙي ڪيس اڙيات اڙي ٿو، بُک ۾ تنھنجو ٻار رڙي ٿو،
    دل ۾ پنھنجو پاڻ دڙي ٿو، گھنگھر گھاري گھاٽ گھڙي ٿو،
    سينو ڪنھنجو ڪونه سڙي ٿو، ھھڙي منجھ حالت او ساٿي.

    رئيس جو ڪتو ريشم پائي، غريب جو ٻار اگھاڙو آھي،
    اِئين لکيل اسلام ۾ ناھي، تون ته ڪمائين وڏيرو کائي،
    رت پسينو اسان جو آھي، ھن ڪيو ھضمات او ساٿي.

    وڏو وڏيرو ڪين ٿَڪي ٿو، ڪنھن جي ڌيءُ ۽ نونھ تڪي ٿو،
    ماروئڙن جو ماس الاڙي، ھتي وڪامي پئسي ٽڪي ٿو،
    حال ڏسي ھي ڏيل ڏڪي ٿو، ظاھر ھي ظلمات او ساٿي.

    مارن جا ڳھي ماس ھڏا، جنھن تي عيش پيا ڪن پيٽ وڏا،
    پاپي وڏيرو پاڻ پڏاءَ، پاڻ جھلائي پاڻ ڇڏاءِ،
    وقت جو ساٿي مليو تو آھي، حاصل ڪر نجات او ساٿي.

    ڇا جو ٽائيم ڇا جو ٽاڻو، مسڪينن جي ماس تي گھاڻو،
    سردي گرمي ساڻو ساڻو، پوءِ به گھر ۾ ان نه داڻو،
    سمجھي سيٺ ٿو ڪاٺ جو ماڻھو، ھئي ھئي ھتي ھيھات او ساٿي.

    'منشي' ڪھڙا ماروئڙن جا، ڪريان ڇا مذڪور ھتي،
    ذري ذري ۽ وِک وِک تي، ويڙھيچا وھلور ھتي،
    ڏوٿيئڙن کي ڏيھ سڄي ۾، سور مليا سوغات او ساٿي.


    روپا ماڙي

    روپا ماڙي
    ھن ڳاڙھي ڳاڙھي ماڙيءَ ۾؛ ڪئين روپ ھزارين رنگ ھئا،
    سي ڏينھن ھئا نت نينھن ھئا، ڪن نام ڪٺن جا ننگ ھئا.

    ڇا شھزادن ھت شان ھئا، مانجھين مردن مان ھئا،
    ڇا آن ڀريا انسان ھئا، ڇا سورھه پٽ سلطان ھئا،
    ڇا ڀاڳوءَ جھڙا ڀان ھئا؛ جن دودن ڏنڙا دان ھئا،
    ير- غيرت محبت حڪمت حشمت، دولت ۾ سي دنگ ھئا.

    ڇا گھم گھمان ھئا گھوٽ ھتي، سي گھوٽ به ڪي اڻموٽ ھتي،
    ڪو دودو چوٽان چوٽ ھتي، ڪي ننگر ڀونگر سوٽ ھتي،
    ھو اولو ھر ڪنھن اوٽ ھتي، ھئي ھيرن مُور نه کوٽ ھتي،
    ۽ چالن ڪنڍين چؤواٽن تي، چرندا چوَڏس چنگ ھئا.

    جن ٿر بر ھئڙا ٿاڪ سدا، سي بانڪا پٽ بيباڪ سدا،
    تن ھنڌين ماڳين ھاڪ سدا، ۽ دل جا پاڪئين پاڪ سدا،
    سي ڌڱ ڌڻي ھن ڌرتيءَ جا، تن ڌُوپارن جي ڌاڪ سدا،
    سي وارو واھر وانگين جا، ۽ ويرين وجھندا ونگ ھئا.

    ڪڏھن رم جھم رم جھم رات ھئي، ۽ ھيرن موتين تات ھتي،
    ڪڏھن برھ بياني بات ھتي، لک لاکيڻي ھر لات ھتي،
    ڪڏھن ورھ جون وايون وات ھتي، ٿي برھ وٺي برسات ھتي،
    ڪڏھن جوڌا جاني جاءِ انھيءَ تي، جوٽي بيٺا جنگ ھئا.

    ڪڏھن چوڌاري ھت چس ھئا، ۽ وانگي پنھنجي وس ھئا،
    ڪڏھن گھوڙن گھوٽن گس ھيا، ۽ ڏِس ڏِس تن جا ڏَس ھئا،
    سي قلب نه رکندا ڪَس ھئا،۽ جيءَ سان چوندا جس ھئا،
    ڪڏھن تاڪُن کي تڪبير وجھڻ لئه، تڻبا تازين تنگ ھئا.

    ھن ڌرتي ڌنڌا ڌار ھئا، ھت ٻاگھين رھندا ٻار ھئا،
    جي دشمن لئه تلوار ھئا، ۽ يارن جا سي يار ھئا،
    ھت ھنسا پٽ ھزار ھئا، سي مانجھي مڻيادار ھئا،
    ھت راڻا سوڍا رھواسي ڪئين، ارڏا پٽ اڙٻنگ ھئا.

    ھت شاھ وڏا شھزور ھئا، ڪي ”منشي“ مانجھي مور ھئا،
    سي اڀرن عاجز اُھکن جي نت، پاڻ ڪندا پرگھور ھئا،
    ھر ڌارئين کي ھئا ڌوڙ ڪندا، ھت دنگ دليرن دور ھئا،
    تير تراريون ڀالا تن وٽ، ڍال ٻَڌڻ جا ڍنگ ھئا.


    دوھا

    ھر ھڪ روح جي لاءِ رحمت، ھاري ۽ مزدور جي محنت،

    ھر ھڪ روح جي لاءِ رحمت، ھاري ۽ مزدور جي محنت،
    پاڻ پتوڙي لُنڊيون لتوڙي، جوڙي جڳ جي لاءِ جنت.


    بيشڪ باني ملڪ سڄي جا، ھاري ۽ مزدور ٻئي،

    بيشڪ باني ملڪ سڄي جا، ھاري ۽ مزدور ٻئي،
    اٽو لٽو ڪن اجھو به پيدا، سھسين کائن سُور ٻئي.

    ايئرڪنڊيشنن بنگلن توڙي، محلاتن جو ورتم واس،
    ذري ذري تي مزدورن جي، ماس سندي ٿي آيم باس.

    پورھيت پنھنجو پگھر وھائي، ساري جڳ ۾ جوت جلائي،
    ڪير ڪمائي ڪير ٿو کائي، ھِت سا ريت نرالي آھي.

    ھاري بر ۾ باغ بنائي، ھن جي محنت ھرڪو کائي،
    رت ولوڙي جڳ کي جوڙي، جھڙس جڳ ۾ ٻيو ڪو ناھي.

    ھر ھڪ روح لاءِ رحمت، ھاري ۽ مزدور جي محنت،
    پاڻ پتوڙي لُنڊيون لتوڙي، جوڙي جڳ لاءِ جنت.

    راتو ڏينھان ميھان نيھان، دل ۾ تن کي ڪم جو غم،
    ملڪ جي لئه مزدور ۽ ھاري، ”منشي“ آڇي ھڏ و چم.


    منھنجي سيني سنڌ وطن جي، سانگيئڙن جا سُور سوين،

    منھنجي سيني سنڌ وطن جي، سانگيئڙن جا سُور سوين،
    پورھيتن کي پچندي ڏسندي، پلپل جاڳ پور سوين.

    ڪنھن جا ڪُتا روز پيئن ٿا، ميھا مڻين مُنھن کير الا،
    جھڻ ڦڙي لئه جھوتون ڏيندي، جھانگيئڙن پيا جھير الا.

    ريسن ڪيسن رئيس ھزارين، روز لُٽائن لک الا،
    لوءِ منھنجي ۾ لکين ماڻھو، بک جو ٿي ويا بَک الا.

    بيڪارن کي بنگلا ڪارون، پورھيت ھتڙي پيٽ بکيا،
    ڇانڀ اُتر ۾ لڱ اگھاڙا، ٿڙڪن مارو ڏيل ڏکيا.

    رھزن رھبر روز پيئن ھت، رھواسين جو رت الا،
    چورن چوسي آھي چڪايو، سانگيئڙن جو سَت الا.

    مرنداسين پر ”منشي“ پنھنجي؛ وانگيئڙن جا وير وٺي،
    پيتو جن پاءِ پورھيتن جو، تن کان سولو سير وٺي.


    سڏ سنڌوءَ جو سڻندي ئي، سر گھوري ويا سر گھوري ويا،

    سڏ سنڌوءَ جو سڻندي ئي، سر گھوري ويا سر گھوري ويا،
    قوم جي ڪارڻ ڪوپا پنھنجا، ڪنڌ ڪلھن کان ڪوري ويا.

    ڳاڙھا ڳڀرو سينڌ سنڌوءَ ۾، سورھ ويا سندور ڀري،
    ڏيھ ڏياٽيون ٻاري ويا، بي نور اکين ۾ نور ڀري.

    ناز نپايل ڪلھا ڪونڌر، لال لھوءَ ۾ لال ٿيا؛
    مانجھيئڙا ڏيئي مان مٽيءَ کي، ملڪن لاءِ مثال ٿيا.

    گجندي گُڙندي گرز ۽ گوليون، سورھ سيني سھندي ويا،
    ڌوڙ ڪنداسون ڌارين کي ھن، ڌرتيءَ تان اِئين چوندي ويا.

    ٻاٽ اونداھي ۾ ويا ٻاري، لال لھوءَ سان لاٽ ھتي،
    گھاٽ گھٽا گھنگھور منجھان ويا، وانگين ڏيئي واٽ ھتي.

    آھن اڄ اوسار اُنھن جا، ڪيٽي بندر کان ڪشمور،
    موت کي ماري مات ڪري ويا، مرد مجاھد مانجھي مور.

    گھور وڃان تن گھوٽن تان جي، سنڌ مٿان سِر گھوري ويا،
    چئني طرفن چڻگن ڀريل، چنگ چڱيرو چوري ويا.

    ننگي پنھنجو ننگ سڃاڻي، ناتو نينھن نڀائي ويا،
    محڪم محبت سان ھو ”منشي“، جڳ جي جوت جلائي ويا.


    ھن نگريءَ کي نگري جي، بيماري چوڌاري ڙي،

    ھن نگريءَ کي نگري جي، بيماري چوڌاري ڙي،
    مسڪينن جو ماس پيو کامي، ظلم ھتي ڪئين زاري ڙي.

    سانگين سِر تي سور سوين ٿا، ڏين سياسي سانڊا ھتي،
    ماروئڙن جي ماس مٿان آھن، آڪرا ٻاٻرا ٽانڊا ھتي.

    ويس ڍڪي موسيٰ جو البت، آيا ھتي ابليس وري،
    آڙ وٺي اسلام سندي سي، ڪرڻ گھرن ٿا ڪيس وري.

    ھن جي سياست پيٽ جي پوڄا، ھن جي زبان ۾ زھر الا،
    ڪير ٻڌي ۽ ڪير سڻي ھي، ڪيسين ھلندا قھر الا.

    رھبر مَٽجي رھزن ٿي پيا، راھگيرن جي نه راھ رھي،
    ھٿ ۾ قرآن ڪڇ ۾ ڪاتي، ڪنھن نه خبر ھي ڪيئن وھي.

    داد رسيءَ لئه دانھون نه ڪريو، درد وندا بيداد ھتي،
    ڪير نه ٻڌندو، ڪير نه سُڻندو، ڪنھن جو ڪو فرياد ھتي.

    لُھوءَ اوھانجو لوڀين لُڇن، سانڍن کي آھي سيباڻو،
    ھلو ھلون ڪنھن ٻي نگريءَ ۾، ڏيھ ڇڏي ھي ڏاڏاڻو.

    ”منشي“ ھتي مجبوري آھي، پوري جنھن تي سوري ڙي،
    ڏاڍو گابو ھن نگريءَ ۾، دوست ھتي دستوري ڙي.


    بيت

    شھيد صادق ھاري

    سورھ صادق سنڌ جا، مانجھي مزاري،
    ريج ڏيئي تو رت سان، ڪئي مٽي موچاري،
    جيجل ساڻ جوان تو، پوري پت پاري،
    ڳاھون ڳائن پيا ڳوٺن ۾، تنھنجون ھاري ناري؛
    سامھون سٺئي سيني ۾، گوليون گرناري،
    تو ٻارڻ ڏيئي ٻاري، سا ورھ ڪين وسامندي....!!

    سا ورھ ڪانه وسامندي، جا جوٽي وئين تون جنگ،
    عضوا آڇي امڙ کي، وئين نينھن نڀائي ننگ،
    رت نه ويندو رائگان، ھي راڻا لاھيندو رنگ،
    دشمن ڏين داد تو، تون دليريءَ ۾ دنگ،
    ڏاڍن جا ھن ڏيھ ۾، ڏوٿين سٺا ڏنگ،
    وانگيئڙن تان ونگ، ڪڏھن لھندا قھر جا....!!

    پُرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا ڏوٿي ڏاڏاڻا،
    پرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا نوري ناناڻا،
    پرين کان جھٽ پٽ تي، منھنجا مرڪن مھاڻا،
    پرين کان جنھن پٽ تي، منھنجا سانگي سياڻا،
    اڏيل اباڻن جا، جتي جھوپا ڪکاڻا،
    سيني ۾ سي صادق کي، سدا سيباڻا،
    ڌارين جا تنھن ڌرتيءَ تي، اچي پير پيا پاڻا،
    حق نه ملي ھارپ جو، ٿيا ويٺل ويڳاڻا،
    داروءَ جا داڻا، دُکي پيا ڪنھن دل ۾....!!

    ھاڻي ھن عوامي، ٻُڌ حڪومت جا حال،
    بوري اچي زوري ڪيا، ھت جابر ڪئين جنجال،
    ڪُٽڻ ڪمدار ڪامورا، تنھن لبي ڪيا لال،
    کمون جھڙا کري پيا، ڪي پڪل ڀاڙيا پال،
    چنڙ صوبيدار ڪئي، چمچن واري چال،
    لڏي وڃو ھن لوءِ مان، اھنجي مھاڻا ڇا مجال،
    گاريون گوليون گگدامن تي، ٻيا ظلم لازوال،
    ڪيا بندوقن بتال، ڏوٿي پنھنجي ڏيھ ۾....!!

    ڏوٿي پنھنجي ڏيھ ۾، ڏَڪن ۽ ڏُسڪن،
    ڏھڪاءُ ڏسيو ڏاڍن جا، جھانگيئڙا جھڄن،
    باھيون لڳيون ڀڙڪاٽ ٿيا، جھوپا ٿا جلن،
    ڪارا ڪڪر ڇانئيا، ڪيون ٻاڪارون ٻارن،
    قھر ٿيو ڪيڏاھن وڃون، ڪيون وايون وانگيئڙن،
    انگ اگھاڙا پيٽ بکيا، سانگيئڙا سھڪن،
    اندر جن جا آڳ ۾، ٽاندن جيئن ٽھڪن،
    ھڪڙا ملوڪ ماريا، ٻيا ٿيا قيد وڃن،
    ماڻھو نه رھيو ملاحن مان، جن جون وھون واڪا ڪن،
    ليڙون لٽا، ڇڙيل ڇتا، پِٽين پار ڪڍن،
    سم ناليءَ تي سوڍيون، ويٺيون ويچارين،
    پيٽ بکون ڌرتي ھند ۽، اوڇڻ اُڀ اٿن،
    سي جاني ويا سڀ جيل ۾، جي آڻين ۽ چاڙھين،
    ”منشي“ ماروئڙن، سھم سٺا ڪئين سنڌ ۾....!!

    سُھم سٺا ڪئين سنڌ ۾، آيل اباڻن،
    معتبر ھن ملڪ جا، تماشايون ڪن،
    وڏيرا ھن وانگين کان، رڳو ووٽ وٺن،
    مير، پير، معتبر، ڪُرسي لاءُ ڪڙھن،
    اچي ڪو انصاف لئه، گاريون جام ملن،
    شابس ھڪڙي شاديءَ کي، جنھن ڪئي مدد ماروئڙن،
    مدد عيوض تنھن کي، ڏسڻا جيل پون،
    سوار صوبيدار ٿيا، ماڻھون جي مارين،
    پروموشن پڪ ملي، مارو جي مارين،
    سوار، صوبيدار، ايس پي، سڀ ڀائر پيچ رھن،
    قھار ڪامورا ڪٺي سڀ، ناڻي ڏانھن نمن،
    وري ھاڻي ووٽن لئه، پيا وڏيرا وڙڪن،
    پڇيو نه ڪنھن پير ڀري، ڏک ۾ ڏوٿيئڙن،
    'منشي' شال مرن، اھڙا موذي ملڪ مان....!!
    مرن موذي ملڪ مان، جن جي من نه مرم،
    ڪڙھن سدا ڪرسيءَ لئه، وڏا بي شرم،
    سدا پوڄاري پيٽ جا، نه ڪو دين ڌرم،
    دغا دولاب دل ۾، ڪوڙا کڻن قسم،
    ڪڇ قرآن، پنج پُٽ، ٻيا ھڙيئي ياد حرم،
    ٽنڊڻ ٽوپي، لاھن لوڀي، ڳالھيون ڪن نرم،
    ڪم ڪڍيو ڪنگالن مان، پوءِ گفتا ڪن گرم،
    اھڙا بي شرم، ھاڻي قائم رھندا ڪين ڪي....!!

    قائم رھندا ڪين ڪي. اھي ڪوڙ مٽيءَ جا ڪوٽ،
    مري مري ماروئڙن، مانجھين کاڌي موٽ،
    ڌوڙ ڪنداسون ڌاڙيلن کي، نيٺ ته چڙھي چوٽ،
    سانگي ٻَڌي سندرا، گھِڙي ٿيو گھوٽ،
    سانگيئڙا جي سورن ۾، سُڪي ٿيا سوٽ،
    اچو انھن اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجھون....!!


    ھاري تنھنجا ھٿ، چُمان ڪھڙي چپ سان

    *
    ھاري تنھنجا ھٿ، چُمان ڪھڙي چپ سان،
    تون ته اُھا ئي وٿ، جنھن ۾ ساھ سنسار جو....!!

    ھاري تنھنجي ھڙ، آھي ويريءَ وات ۾،
    کن ڪھاڙي ڪڙ، پٺيان پير پليت جو...!!

    ھاري تنھنجا ھٿ، ڪسر ھيري 'ڪوھنور' کان،
    تون ئي ساھ سنسار جو، تون تان وڏي وَٿ،
    پر ٻپھري لئه ٻٿ، کائيندي تون کپي وئين...!!

    ھاري ھڻ مَ ھٽ، ڪش ڪھاڙي ڪنڌ ۾،
    ويري وِڄ وري ويا، وڏا کائي وٽ،
    اھڙي سنئين سَٽ، جو مڻڪي کان مٽي وڃي...!!

    وِڌي وڏيري ، اک تنھنجي اَن ۾،
    ڪش ڪھاڙي ڪنڌ ۾، وجھ ڪانئر کي ڪيري،
    سنڱ سڀيئي سيري، گھوٽ کڻي رک گھر ۾...!!

    ڏاڍن جا ڏکا، ڏيھاڙي ڏٻرن مٿي،
    ھوڪا ھڻي حق لئه، نه ڏي لوڪ لکا،
    پورھيت پنوھارن جا، پوڄيو پوڄ پکا،
    ويرين جا وکا، پيو ڪر تون پڌرا...!!


    ڀُلجي ڌاريئي ڀولڙا، ڏيڍ مٿا ڏڦير

    ڀُلجي ڌاريئي ڀولڙا، ڏيڍ مٿا ڏڦير،
    ووکو بنا دير، پنجين پاڻئين پڌرو...!!

    ويھون وڏيرن جون، وريون وفاقي،
    پَٺو ھي پنجاب جا، ڪمائي پاڪي،
    سِڪڻا ٿي ساقي، پيارين پراين کي...!!

    ور ڏيو وڙھيو وڃن، وردين سان ويري،
    پنھنجا ئي ٿيا پاڻ سان، پيري ڪپيري،
    مارن لئه ميري، انھن اک ازل کان...!!

    وجھو وجھو واجھ، وڏيرا وانگين مٿي،
    ڪڏھن ايندي ڪانه ڪا، ٻاٻاڻن تي ٻاجھ،
    ڪونه جيئندا جاجھ، قوم ڪيرائين ڪُن ۾...!!

    ڪيڏي جھل جھروڪ، حُجرن حويلين ۾،
    لڪي لڪي ڪانه ڪا، لوڪ آ منھنجو موڪ،
    رت روئاري رات کي، ڏينھن ھڻي پيو ڏوڪ،
    ھاڻ ته لعنت طوق، ڪڍ وڏيرا ڪنڌ مان...!!

    ڇوري ڇنڙي ھيٺ، ڀرت ڀري پئي ڀورڙي،
    ماڙيءَ مٿان سيٺ، تڪي تاڪائو ٿيو...!!
    **


    واڳو وات وفاق، ڪيئن ڳِھي پيو قوم کي،

    واڳو وات وفاق، ڪيئن ڳِھي پيو قوم کي،
    ساري چٽي سنڌ تي، خنزيرن خوراڪ،
    ٿاٿو نيا ڏيئي ٿاڪ، ڪڏھن لھندي قوم ھي...!!

    ڪن ڪيائون ڪين ڪي، حقيقي ھُوڪون،
    سکڻيون سانڊي جيان، ڦڪيون جي ڦوڪون،
    ڪوڙيون جت ڪوڪون، ڀلجي اُت ڀيڙا ٿيا...!!

    رھواسين کي روڳ، ڏھاڙي ڏٻرو ڪري،
    رس وفاقي وات ۾، ڦٽو ڪيائون ڦوڳ،
    ڪيڏا ڪونڌر قوم جا، ديڳين چڙھيا دوڳ،
    ڀاڳيا ڀائن ڀوڳ، سوڙھي ٿئي پئي سنڌڙي...!!

    ڪونه گڏيو ڪنھن کي، ڪنھن نه ڪنھن جي ڪَل،
    اڇي پڌري ڪوڙ تي، گھوڙا ھيڏي گھل،
    پٽيو پئي پار ڪڍي، سنڌو سيني سل،
    ڍولڻ اھا ڍل، ڪڏھن لھندي قوم تان...!!

    ڪيسين پيو پچندين، ٿي ڪبابي سيخ،
    ماڻھون ويا مريخ، تون اتي پيو اوجھرين...!!

    ڪيڏي سونھن سرير ۾، ڪيڏو حرص ھڳاءُ،
    ٻاڪاري اڄ ٻَڪر جيئن، ٻن ٻارن ماءُ،
    جاڳڻ جوءَ جڳاءُ، سمھڻ ويندي سڏڙي...!!

    جاڳو او جاڳو، اڃان ڏيو اکين کي،
    سنڌوءَ ورتو سور جو، ڌونئري ڏينھن ڌاڳو،
    سورن جو ساڳو، وڌندو اچي ويڙھ ۾...!!

    سڏي ۽ سڏڪا ڀري، نرن ۽ نارين،
    ھٿ کڻيو ھڪلون ڪري، ھاڪاري ھارين،
    مون کي ٿا مارين، پاپي پنجوڙن ۾...!!

    ورو ورو وارثو، ٿيو ولھيءَ جا وارث،
    ھڻي پئي ھائي ۾، اوھان جي آرس،
    جي پاڻ ٿيو پارس، ته سون سموري سنڌڙي...!!

    پدمڻيءَ جي پير ۾، پارس ئي پارس،
    مَنھان ماڙيون ٿي پون، جي ولھيءَ ٿيو وارث،
    ڪھڙو آھي ڪس، جي ڪڻان قرباني ڏيو...!!

    پدمڻي اک کڻي، جيڏانھن نھاري،
    ھر جاءِ ھلي ھوڪ ٿي، ھيرا پئي ھاري،
    ٻيا، ٻھاري، کڻي کاھڙ مان ويا...!!

    پدمڻي، ڪنھن ڄڻي، ڪنھن جو آھي ويا،
    پاڻ ڪريو پانھنجو، نبيرو نِيا،
    سيا سنڱيڻان ٿيا، سنڱيڻان سيا،
    عجب ھي انياء، پدمڻيءَ جي پد سان...!!

    پدمڻي واھ وڻي، تنھنجيءَ اک اڻي،
    پنھنجين پراين، پاپين، ڦيرائي ڦڻي،
    ڌڻي ٿين ڌڻي، ته سيج سرھي ماڻيين...!!


    ھڪڙو پڌرو پيٽ ۾، ٻيو ڪولھڻ ڪج تي ٻار،

    ھڪڙو پڌرو پيٽ ۾، ٻيو ڪولھڻ ڪج تي ٻار،
    ڪانڌ ڪاريءَ ڪکيو، بستر تي بيمار،
    پٽي پيٽ ڀرڻ لئه، نايو ڏونئرن ڏار،
    ويڙھي ويا ويچار، ويچاريءَ وجود کي...!!

    ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾، ونجھلي ور جي ڪاڻ،
    ڪارا ڪوجھا ٻارڙا، تن جي تاڻو تاڻ،
    مٺ وڍي پار ڪڍي، من وڌي مانڌاڻ،
    ذرو زھر اماڻ، ته ڀيڙي ٿيان ڀڳوان کي...!!

    پس پوڙھي مڙس جو، پورھيو منجھ پگھر،
    ڪوڏر ساڻ ڪڙيي جا، ڏمريو ڪڍي ڏر،
    رت روئاري راڄ ٿو، وڏيريءَ جو ور،
    ھاريءَ ساڻ حشر، ڪيڏو آھي قوم ۾...!!

    لاھيارو لائي ڇٽي، سڄي پيو سيري،
    ھاري پريان ھٿ ٻڌيو، اکيون پيو ڦيري،
    ڇر وڏي ڄيري، پر ھئي ھئي آھي ھيڪلو...!!

    گرگ ھر ھڪ گام ۾، وڏيرو ويري،
    صدين کان سانگين لئه، جنھن جي دل ميري،
    اھو ڪنڊو ڪُک جو، ڍول ڪيو ڍيري،
    ھيري ۽ ڦيري، ھميشہ جنھن ھٿ ۾...!!


    ڌونئري ڏينھن ڌاڙو، لڳو ڪيڏو لوءِ مان،

    ڌونئري ڏينھن ڌاڙو، لڳو ڪيڏو لوءِ مان،
    رھيو ڪڄاڙو، جھانگين جھڳا جھڻ ٿيا...!!

    ڏکو ڏيکاري، ڌونئري ڏينھن ڌاڙا ھڻي،
    ھڻين نٿو ھٿَ وجھي، واري سان واري،
    گھنگھر ۾ گھاري، ڪيسين جيئندين جيئڙا...!!

    گوڙون گجگوڙون، گوڙن تي گوڙون،
    ڪڏھن ڪڪر لاھيندو، سانگين تان سوڙون،
    مانجھين منھن موڙون، ٻھڪي ٻڌنديون ٻاگھيون...!!

    رات نه آئي راس، باک بکندي ڪڏھين،
    ڪارون ڪريو ڪڪر کي، ڪوڪي ڪاليداس،
    پکن جي پياس، لھندي ڪڏھن لوءِ مان...!!

    سنڌ ۽ فلسطين، اکر ٻئي ھيڪڙو،
    ھُت يھودي پڌرا، ھِت منھن ۾ مسلمين،
    دل ۾ ٻنھي جي دين، ھڪڙو آھي ھوبھو...!!

    لڳم ڪِلَّ ڪپار ۾، جيئڻ مون لئه جلّ،
    سورن سانگين جي ڪيا، سيني سوين سل،
    ڀلا ڀاڳين ڀل، ڀيليا ڏسيو ڀور ٿيان...!!

    سون مياڻي سوجھرو، ٻيڙي ٻيڙي لاٽ،
    جيئن ڇير ڇمڪي پير ۾، تيئن ڇولين جا ڇمڪاٽ،
    ڀريو پاٽوندر پاٽ، گذر ڪن گانگٽين...!!


    رت روئي ٿي سنڌ جي، ڀومي ۽ ڀاشا،

    رت روئي ٿي سنڌ جي، ڀومي ۽ ڀاشا،
    شھرن مٿان شمشان ٿي، لٿا اچي لاشا،
    کلن پيا کاشا، ووٽ وٺي ويري ٿيا،

    ڀاشا ۽ ڀومي، منڊيءَ ناھي مال،
    وڪجي جا واڪن ۾، موران ڪنھن نه مجال،
    ڀاڳيا جاڳيا ڀونءِ جا، ڀونءِ مٿي ڀونچال،
    انبوہ اسلام آباد ۾، دنيا جا دلال،
    شرم اچئي شال، جيئن امڙ کي آجي رکين...!!

    ويئي وسائي وانگيين، منڊي ڪڪري مينھن،
    ڀنل کل سڪاڻ لئه، ڇنڊي اٿيا شينھن،
    اھڙا راتيون ڏينھن، ڪيئي آيا قوم تي...!!

    ڏاڍا آيا ڏينھن، ڏکيا پنھنجي ڏيھ تي،
    والي وار وطن تي، ميڙاڪي جا مينھن،
    وري جيئن جو تيئن، اباڻا آجا ڏسان...!!
    ڌاريا ڏيئي ڌوڻ، پڪا ٻير پٽي ويا،
    پنوھارن پتيءَ تي، اُھا ڪچن ڳوڻ،
    ھينئڙو ڏسي حالتون، پيو ٿي پروڻ،
    اھا اٽي لوڻ، ورڇ ملي وانگيين...!!

    ووءِ ووءِ جا واڪا، اُٻھرا اچن،
    ھاڻو پيا ھڻن، ڌاڙو ڌنارن جو...!!


    روئي رني ڪوٽ، دانھن ڏني درياھ کي،

    روئي رني ڪوٽ، دانھن ڏني درياھ کي،
    ٻاٻاڻن جا ٻُوٽ، ڳُجھين ڳجھن وات ۾،

    مھراڻا ٿئي موٽ، ته روءِ نه رني ڪوٽ،
    اڃان منھنجي اوٽ، ڪئين دودا ديس جا...!!

    دودا منھنجي ديس ۾ ڪئين، ھي آ دودن ديس،
    جڏھن ھڙيئي ھڪ ٿي، ورندا ڪري ويس،
    مري ويندي ميسَ، ڌارين ڌاڙيلن جي...!!

    موھن دڙي مورتيون، ساک سنڌوءَ جي سونھن،
    ويو وقت وماس ۾، وانگي منجھ ورونھ،
    ھاڻي در در دونھن، دکي ديس وندن لئه...!!

    ڌرتي ڏني دانھن اڄ، ڳاڙھيندي ڳوڙھا،
    دؤر دراوڙ قوم جا، دل تي پيس دوڙا،
    ٻاڏائي ٻانھون کڻيو، ٻڌين نٿو ٻوڙا،
    گھلون گھر گھر آئيون، گھوڙا ڙي گھوڙا،
    سانگيئڙا سڀ سميم ۾، سڪي ٿيا سوڙھا،
    ڦاسيون ۽ ڪوڙا، ڪيسين رھندا قوم تي...!!

    ٻوڙن ٻڌي ڪانه ڪا، سندي امڙ آنھ،
    سندي دردن دانھن، ٻيلا ٻرائي ويئي....!!

    ڪاري تڙ تان ڪونجڙيون، ڪرڪي مٽيون ڪالھ،
    پلر نه پسي پٽ تي، لڙڪ وھايئون لال،
    سُک نه سنڌوءَ سال، چاليھن کان چڙھي ويا....!!

    ڪونج ڀانيا ڪک، ماريءَ جي مانڊاڻ کي،
    پوپٽ جھڙا پک، ڦاسندي ڦونڊا ٿيا...!!

    ڪونج وڌي ويئي مونجھ، ٻاڪاري ٻچن لئه،
    جيئن ڪوڪن نه ڪونج، ڇڪي ۽ ڇيتيون ڪري...!!

    مٿي ماڻھوءَ تيل، ھيٺان ڌرتيءَ تيل،
    گھاڻي ڪئين گھمائيا، ھت بلاول ھيل،
    رت رتا رابيل، رتا جن جي رت مان....!!

    گھڻي گھاڻي پيڙ، آھي عام عوام تي،
    ڪنجھي ٿي ڪرڪي ٿي، ھي ھي ھيڏي ريڙ،
    لڱن ليڙون ليڙ، ڏسيو ڏيل ڏڪيو وڃي....!!

    جيئڻ تو نه جڳاءِ، پڃري منجھ پکيئڙا،
    وڻ وڻ واس وٺڻ جو، ھيئن تو ھڳاءُ،
    آءُ اڏامي آءُ، سگھو پکي سٿ سان....!!

    ڪوٽ ڏجي مان ڪوڪ ٿي، رني ڪوٽ مان رڙ،
    وڪامن پيا واڪ ۾، وانگيئڙن جا وڙ،
    جھانگين جھڳا جھڻ ٿيا، ڪوٽ نه قلعو ڪڙ،
    ويٺا آھن وفاق لئه، در در لاھيو دڙ،
    ڊگھا نَڪ نرين کان، ڀاڙيائيءَ ۾ ڀَڙ،
    جيڪر اھا جڙ، پٽجي ته پاڪائي ٿئي....!!


    اڄ واچوڙئي وڄّ، پاڙان وڻ اکيڙيا،

    اڄ واچوڙئي وڄّ، پاڙان وڻ اکيڙيا،
    ڌرتي ڌٻي ڌونس ٿي، ياد آيس ٿڃ،
    ڀيري ڀيري ڀڃ، ٽوڙيو ٽار جدا ڪري...!!

    متان ڀانيو مينھن، وسي اڄ اوڪاڻيو،
    اڃان اُٿلون اينديون، ڏاڍا تپندا ڏينھن،
    شيخون ٽوڙي شينھن، گُڙي ايندا گوڙ سان...!!

    ڪانگن ۾ ڪران وران، ھٿ گولي ڪنھن غليل،
    ڪڏھن ٿيو ڪين ڪي، ھي جو ھاڃو ھيل،
    آکيرا اُکوڙي، رھيا وڃي ريل،
    ٻچا کڻي ٻيل، نوان اڏيئون نجھرا...!!

    پاڻيءَ مٿي ڦوٽڙا، ٺھن ۽ ڊھن،
    ماڻھون ائين رھن، دوکي جي دنيا مٿي...!!

    جاڳائي ويو جوانڙو، گوريءَ کي گناھ،
    سرڪ ڦاھي ساھ، چارئي پھر چتا ڪري...!!


    تڙ تان ڇورا تڙ، ھي کورم ڪنھن جا گڏيا،

    تڙ تان ڇورا تڙ، ھي کورم ڪنھن جا گڏيا،
    لوٽن لڱ ليڙا ڪيا، ڌُٻي پيو مون ڌڙ،
    مون پنھنجا ڪين پياريا، تون ڪرين ويرين تي پيو وڙ،
    ھِڪل ٻيا ھڙ، آئون پنھنجا پياري وٺان....!!

    چوري ويا چري، سارا سيڙھا سانگ جا،
    ويئي ڀُون ڀڙڀانگ ٿي، جا ھميشہ ھري،
    تڙي ڪڍو تر مان، نه ته ٿيندي ڳالھ ڳري،
    پئو ماڳ مري، پر- ڦُر نه ڦِرڻ ڇڏيو....!!

    مِڙ ڏيئي ڪڍو مڙ، ڪا پونچاٽيل پاسي نه رھي،
    کائي کل سائي ڪندي، پوءِ نه ڇڏيندي پِڙ،
    ٺلھ تي ٿيندي ٺِڙ، ھي آھي ذات حرامڙي....!!

    ڏاڍا سھي ڏنڀ، ڪا جا ڪڻڪي ڪامڻي،
    نه ڪا رڙ نه رنڀ، ٻوٿن ٻوٿاڙا چڙھيا....!!

    ڏيھان ڏينھن آ ڏيھ ۾، امن جي اڻاٺ،
    سوئر سوين سنڌ ۾، ڏاڍ ھيريائون ڏاٺ،
    مون کي ماريو ماٺ، ميان ماروئڙن جي....!!

    سنٽرل جيل سڏي، سنڌ جي سپوتن کي،
    سانگو ساھ ڇڏي، اچو ته ڪوٽ ڪنبائيون...!!

    نِمن پپرن ۾ ڪيا، ڳجھن آکيرا،
    تڙجي تتر تاڙا ويا، ڳُڻ ڀريا ڳيرا،
    وس ته واھيرا، وسن وارثن جا...!!

    ڀتارن جي ڀرم جو، ڀاڳياڻين کي ڀؤ،
    ڪنا ڪُريت ڪامڻيون، ڪن سدائين ڪؤ،
    اوڍي ريٽو رئو، لڄ بچائن لوءِ جي...!!
    چڱي سا چُني، جنھن ۾ ستر سانگيين،
    جنھن ريبيو روح ريشم ڏي، سا ئي رت رُني،
    تنھن نه پَت پُني، جنھن اڀونين سان عيش ڪيا....!!

    اديون ھو اڻموٽ، منھنجو ور وريتيون،
    وڙھندي مُئو ويڙھ ۾، جوءَ ڪٽيو ڇئي جوٽ،
    گھوڙا اھڙو گھوٽ؛ ڪنھن نصيبياڻيءَ نصيب ٿئي....!!

    لکي لاکيڻي، جھنڊو پاڙو مون ڏنو،
    مرڻ جيئڻ منھنجو، آھي ان ڀيڻي،
    ڪر ڇيتيون سان ڇيڻي، ته به ٻولي ٻي نه ٻوليان...!!

    واسي چندن واس، پوتيي تو پوتي ڪئي؛
    اھڙي ڪيئن تو زندگي، روح آئي راس،
    لوئي ڪالھ ڪتي رکي، ڏوٿين منجھان ڏاس،
    پاءِ ته ٿئين پناس، ڇنين ڇٽيءَ ورائين....!!
    راڻي سان ويھي رم، ڇيڳري ڇڏ ڇانگرا،
    ڪونه ايندئي ڪم، جنھن سيتل لئه سينڌون ڪرين...!!

    نڪ گدري ڦار، ڳاڙھا ٽماٽا ڳل ٻئي،
    چيلھ چيلاٽي جھڙي، لڏي لچڪيدار،
    ڳچي پکي نيرڳي، جنھن ۾ موتي مڻيادار،
    کڙي بيٺي کوھ تي، ڇوري ڇمڪيدار،
    ڪُھي ٿي ڪجلين سان، سورھ ڪئين سالار؛
    ائين نه مسافر مار، متان راڻو ڪو ريبي وڃي....!!

    واسي چندن وار، چوٽا ڪيئي چوسرا،
    سينڌ سُرما سانوري، سورھن ٻيا سينگار،
    اڄ به ڪئين ڪاڪ ۾، ٿيندا شاھ شڪار،
    ڪوڙين ڪلنگيدار، مرندا تنھنجي مُرڪ سان...!!

    ڪاھي آيا ڪاڪ تي، ڇورا نئين ڇاٽ،
    پورا جنين پرکيا، سندا ناتر ناٽ،
    دوکا تنھن دنگ ٿيا، وارث رسيا واٽ،
    ٿيندو ڪاڪ ڪڙھاٽ، موڪل ملندي مالڪين....!!

    ڦندو ڦاسي گھاٽ، مرڪي پائج مينڌرا،
    ڪنڌ جنين ھت ڪاٽ، سي ڀورل ڀلي ھن ڀونءَ جا...!!


    سئو ورھن جي سِرڻ ۽، ڪروڙ ورھن جو ڪانگ،

    سئو ورھن جي سِرڻ ۽، ڪروڙ ورھن جو ڪانگ،
    پکي پيدا نه ھئا، نه ڪو ھئڙو نانگ،
    سنڌ تي سانگين سانگ، اِنھان گھڻو اڳي ھئا....!!

    ڪالھ اسان تي ڪاوڙيو، ڪاٺياواڙي سيٺ،
    ماضي جيان مزدور جو، ھٿ نه ھاڻي ھيٺ،
    اھي سيٺ ندورا نيٺ، وڳ سان ويندا واڳجي...!!

    کتابي ۽ کاھوڙي، ڳنڍين تان ڳنڍجن،
    ھو رھيا ٿي روھ ۾، ھي شاھي منجھ شھرن،
    سنڌوءَ ساڻ سمن، ٻنھي ٻڌو ٻانگ سان....!!

    توکي جس 'جساف' ويرين سان وڙھندي اچين،
    ڀڄيو وڃن ڀر وٺيو، لوفر ھڻيو لاف،
    مور نه ڪندي معاف، تنين کي تاريخ ڪا....!!

    ھوشو ھاڪاري، چيو اڇي انگريز کي،
    ڀل مونکي وجھ ماري، پر سُک نه وھندين سنڌ ۾....!!

    چاسينگر چائين، بت بچائين باھ کان،
    اڃان تون آھين، ڪچي رڇ ڪنڀار جيان....!!


    دُٻي مڇي سمنڊ کي، ڇا ڇا ڇاڇولي،

    دُٻي مڇي سمنڊ کي، ڇا ڇا ڇاڇولي،
    ڏيڏر ٽانء ٽانء ڍنڍ ۾، سپيون پيو ڳولي،
    ملان کي مسيت ۾، لڪايو لولي،
    راڄ ڪئين رولي، ڇتي ڪتي ڇڏيا...!!

    ملان مروءَ ماس، کايو ھڻي کونگھرا،
    ڏيکاري پيو ڏيھ کي، ڏاڙھي ٻوڙو ڏاس،
    باسي آيو باس، ته سؤ ڪوھ رھندس سچ کان...!!

    ملين ڏاڙھيءَ منجھ، آکيرو ابليس جو،
    ڏيھ سڄي لئه ڏنجھ، ويري اِن وجود آ....!!

    پيشو پيش امام، واحد ڪنا وانجھيو،
    مُلين مُنھن مزو ڏنو، ھڏو جو حرام،
    شرم صبح شام، ھو تڙيو ڪڍي تن مان...!!

    مولوي معراج، پنجئي وقت پاڻ سين،
    طمع سندو تاج، مٿي رکي محراب ۾...!!

    ملن سندي من ۾، ڪينو مرض ڪوڙھ،
    آڇون اوڀاري جون ڪري، پاڻ وڃي پيو لوڙھ،
    نَوَ نريون نوڙ، ٻڌيو پيو ٻانگون ڏي...!!

    چکيو چھري چپ سان، ملن مروُ ماس،
    رکي سکي رب جي، روح نه آيس راس،
    بينائي جي باس، انڌي آئي ڪانه ڪا....!!


    ڀائيوارو ڀت، اوباري ۾ اکيون،

    ڀائيوارو ڀت، اوباري ۾ اکيون،
    ڪڍي ڇڏ قلب مان، ايءَ گذارڻ گت،
    اسان کي اُڇت، ماني مڙسيءَ جي کپي...!!

    ٿر ۾ ٿاريلين جي، ٿَر ٿرا ھت،
    وٺي سندي وٽ ويو، ڪئؤ ڪري ڪٽ،
    گھر گھر گھڙا مٽ، سڪي سوڪارا ٿيا...!!

    وانگين تان وري وييون، ويرين جو وِيرون،
    جھُري جُھوپن جھور ٿيا، جھيرن تي جھيرون،
    جن ڌڻين ڌيرون، سيئي قاتل قوم جا...!!

    ڪالھ ڪلاچيءَ ڪن جا؛ واڳوءَ واڍوڙيا،
    مورڙي جي ماڳ ۾، ڇتا ڪنھن ڇوڙيا،
    رت پيئڻ لئه رستن تي، ڊھون ھڻي ڊوڙيا،
    وڏيرن ٽوڙيا، پيئند انھن جي پير جا...!!
    واڍوڙيا وتن، مرؤن شھر وچ ۾،
    وھي پيو واڇن مان، رتو رت سندن،
    ڪئين پيا ڪونڌ ڪُسن، ڳڀرو پنھنجي ڳوٺ جا...!!

    ھي مت موڙھا مورھين، مٽيءَ جا ماري،
    ھي آھن قومي رت جا، وڏا واپاري،
    قيام ڪري ڪاري، پورب کان پھتا ھتي...!!

    پناھگير پريت، ڀلجي ڪن نه ڀونءَ سان،
    جنھن ھي ٻجُ ٻنيءَ وڌو، تنھن جو گھر مسيت،
    ھاڻي جيئڻ جيت، سر گھُري ٿي سنڌيو...!!


    تيئن اڄ سنڌ پنجاب وٽ، جيئن دلي منجھ مڇي،

    تيئن اڄ سنڌ پنجاب وٽ، جيئن دلي منجھ مڇي،
    ڪُڙھي ڪنڍي رَڇ ري، اڇي ھت اڇي،
    سڻڀي ست رڇي، ويري وات ورھن کان....!!

    سِر ترھو ھٿ حقو، گوڏن تائين گوڏ،
    ڌاڙيلو ڌرتيءَ جو، لکجي منجھان لوڏ،
    ڏيڍو مٿو ڄڻ ڏونگري، اکيون اندر روڏ،
    ٻولي جنھن جي ٻوڏ، وڙ غيرت کان وانجھيو...!!

    پنجابين پکيڙيو، مانڊي وارو منڊ،
    اوڇا وڃن اڇري، ڀان بنجي ڀنڊ،
    ربوو ۽ رائيونڊ، ڀيٽو ڀيٽي آئيا...!!

    پنجابين پنجوڙ، ڪئين پاتا قوم کي،
    اٿيا ٽوڙڻ اونٿرا، جيئن اُني کنڀيون کوڙ،
    لاھيندا لتون ھڻي، مٿان سنڌوءَ سوڙ،
    مانجھي ٻڌندا موڙ، رڱي ريٽي رت مان...!!

    ڌوڻي جو ڌرتيءَ کي، سيو ئي ڌرتي ڌڱ،
    اٿي پيا اڄ اوٺيڙا، لکين لوھي لڱ،
    کڻي سؤانن سنڱ، اچن ھڻندا اکلون...!!

    سورھ سپوت سنڌ جا، دودا دريا خان،
    سوين ساماڻا اٿئي، جيجل پٽ جوان،
    ٻاٻاڻي ٻولي مٿان، ڪروڙين قربان،
    گھوٽن جو گھمسان، ڪانئر ڏٺو تو ڪين آ...!!


    امڙ اک آلي، متان ڪرين ماءُ تون،

    امڙ اک آلي، متان ڪرين ماءُ تون،
    وارث تو والي، جيجل جاڳيا جوءِ ۾....!!

    سپوتن سُئا، سنڌو تنھنجا سڏڙا،
    مِڙيا ڪئين مرڻ لئه، مانجھي ڪي مئا،
    دِلان ڪر دعا، ته پورا رھون پير تي....!!

    مُڇن ساوڪ منھن، ڳلن ڳاڙھا ڳڀرو،
    سنڌڙي تنھنجو سُنھن، اچن سِرَ سھائيو....!!

    سينڌ سُڪل جو سُنھن، مونکي آھي مامتا،
    مٿي تنھنجو مُنھن، سر ڏيئي ڪندس سنڌڙي....!!

    جيجل ڏني جنھن ۾، لاڏ منجھان لولي،
    ڪير وساري سگھندو، سا ٻاٻاڻي ٻولي،
    ٻاونجاھ ٻولن سان، ڄڻ چٽيل ڪا چولي،
    لڳي جي گولي، ته به وسري ڪين وجود مان....!!

    ھڻي نه حاڪم ڪو سگھيو، ضميرن زنجير،
    ترت ويندي تڙجي، تو جا ڪئي تدبير،
    جڏھن ڪونڌر ڪھاڙين سان، ورندا مثل وير،
    ڏڪائيندا ڏاڍن کي، ھڻي ڪٽارا ڪِير،
    مانجھي سڀ مھمير، سِرَ گھوريندا سنڌ تان....!!

    ڪنڌ ڪپيندين ڪيترا، ڪونڌ ڪروڙين ڪنڌ،
    پيل جن جي پيٽ ۾، سندو مادر منڌ،
    ٿيندا پاڻ ملھائي سي، ساڻيھ منجھ سڳنڌ،
    سوين سينگاري ويون، سسيون سوريءَ سنڌ،
    پري ناھي پنڌ، اجھي آيا صُڀا....!!


    ڪيڏو گوڙ گرنار ۾، ڪيڏي تتي تند،

    ڪيڏو گوڙ گرنار ۾، ڪيڏي تتي تند،
    ڪيڏو سور سرود ۾، ڪير بچائي ڪنڌ،
    مادر ڇاتي مڌ، پيئندي پاليا آھيون....!!

    عشق مٽي، مشڪ مٽي، مٽي منھنجي ماءُ،
    سھندي سٽُون سِر جون، دودن ھنيو داء،
    گھاون مٿان گھاءُ، مانجھين جھليا منھن ۾....!!

    اندر جن اسٽيل، سي ڏيل نه ڏس تون ڏٻرا،
    محبت ۾ ميڪائيل ۽، اٿيا ته عزرائيل،
    ڇا جھلي تن جھيل، جي سيلاني سمونڊ جا....!!

    رڪ سڪ مڪ ۾، فولادي ٻانھون،
    تو نه ڏٺيون ڪڏھن، بيراگين باھون،
    ڪروڙين ڪاھون، مٿيرن موٽائيون....!!

    ڏيج گلن جي سيج، سدا سھاڳڻ سنڌڙي،
    پلئه پيئي پرين کان، ھڪ ٻئي مٿان ھيج،
    ڏيئي رت جو ريج، بگھاڙان بچائبي....!!

    گنجي مان گجگاھ، راڻن ڪيو رات ڪو،
    دَھلي دل دشمن جي، سونڪو پيئڙس ساھ،
    ڪونڌر ڪري ڪاھ، وار ڪيائون ويريين....!!

    ليک نه لاسڙياٽ، ھي وجھن ور وڏن کي،
    کاڌا کاھڙ مان ھڻي، تو کاٽڙيا ڪئين کاٽ،
    ڇورا نئين ڇاٽ، پير ڇڏاءِ پھتا اٿئي....!!


    اڃان سائي ڪُک، ڀائو آھي ڀونءِ جي،

    اڃان سائي ڪُک، ڀائو آھي ڀونءِ جي،
    جيئن جيئن تپن ڏينھڙا، تيئن تيئن مرڪن مک،
    ڏکن پٺيان سُک، نئين نسل لئه نسرندا....!!

    وري ڀاڳُوء ڀان، دھرا يا ڪي دوھيڙا،
    متان من ماٺو ڪريو، مٽيءَ رکجو مان،
    جيجل ڏيئي جان، پاليو آھي پٽن کي....!!

    ليکا لاھي لک، ته آجائي اوڏو ٿئين،
    سنڌوءَ جي سمونڊ جيان، طوقان ۽ ٻي نک،
    واڪي واڪي وک، اُپاڙ جيئن آجي اچي....!!

    لُڇڻ لَڇڻ ناھ، وانگين تان ويرون وريون،
    اٿي ڪن اوناءِ، وائي ٿي وڌ گھري....!!

    وڌي اڳيان وڌ، ڏک گھري ٿي ڏاکڙا،
    گوندڙ گاڏا گذرندا، سي ٻيڻا ڪري ٻڌ،
    سنڌ نه آھي سڌ، حقيقت کي حق چئبو....!!

    سونھن سميٽي سنڌڙي، ڌرتي ڪئي ڌنوان،
    پاڻيٽ پليٽن پيٽ مان، سھسين سون سمان،
    اھڙي ڌرتي دان، گھرندي تان گھوري ڏبا....!!


    اکر ڇرا گوليون، اکر ايٽم بم،

    اکر ڇرا گوليون، اکر ايٽم بم،
    ڪن جا چيرين چم، ڪن لئه ڳڙيون ڳڙھ جون....!!

    گولي جي ٻولي، اڄ ٿي آزادي گھري،
    جيئن ٻري ٻاروچن جي، ٽڪر ۾ ٽولي،
    ھو ٿا اڄ ھولي، راڻا کيڏين رت سان....!!

    اوڳاري آنڊا، آڇيئون آزادي کي،
    ڦڦڙ جن جا ڦٽيا، جيءِ گھمي جانڊا،
    ٽڪر ۾ ٽانڊا، تن ٻاروچن ٻاري ڇڏيا....!!

    سوچي صحيح سوچ، وڙھن ويرين سامھون،
    بھادر بلوچ، ڪسن ڪسڪن ڪينڪي....!!

    پختا عزم پھاڙ، بھادر بلوچن جا،
    ڌويو ڇڏين ڌڪن سان، ڌارين سندي ڌاڙ،
    آھي ٽاڙو ٽاڙ، وونڪن جي وندر ۾....!!

    جبل جيڏا جگر، ۽ پھاڙن جھڙا پٽ،
    آزادي جا اندر ۾، عشق تنين اڻ – کٽ،
    ٻار ٻاروچا پٽ، پير نه ھٽن پوئتي....!!


    جي ايم سيد ڏانھن منتخب بيت

    جي ايم سيد ڏانھن منتخب بيت
    کوھيا مارين کنڀ، پوڙھو پڄري پڃري،
    ڏاڍا سٺا ڏنڀ، ڏاھي پنھنجي ڏيل تي....!!

    سنڌ، سيد پاڻ ۾، رويو ويٺا رون،
    ڏونڪا ھڻيو ڏيھ کي، چٽا اکر چون،
    ميارون مردن جون، ھوندن مٿي ھون،
    ڪڻن قومي خون، رائاڙيو ٿو رت ڪري...!!

    ويٺا رت روئن، سنڌ، سيد پاڻ ۾،
    لکڻ ليکو ناھ جو، گاڏا گوندرن،
    ورھايو وٺن، ٻئي قيدي قول جا...!!

    سنڌ، سيد پاڻ ۾، ڏني ڳل ڳراٽ،
    سور ٻنھي جو ساڳيو، ڄيري منجھ ڄراٽ،
    ٻئي گھيري گھاٽ، ٻئي قيدي قول جا...!!

    ٻئي قيدي قول جا، ٻنھي ساڳيا ٻُنگ،
    ويرين وڌا ورھن کان، واري ڏاڍا ونگ،
    ويٺا چورين چنگ، پر ٻوڙن ٻڌڻ ڇڏيو...!!

    جنين ٻڌا سر، سنڌوءَ ۽ سيد کان،
    ڪڏھن لٿي ڪانه ڪا، تنين ھئين ھُرَ،
    دلين اندر دُرَ، پاڻيٽ تي پلٽي پيا...!!

    راول رني ڪوٽ مان، جنم وٺي جاڳيو،
    سين ھنيائون سَن مان، سُر اھو ساڳيو،
    ريھ ڏيئي روح جنھن، ويڙھيچن واڳيو،
    ڀونءِ ڌڻيو ڀاڳيو، سيد آھي سنڌ جو...!!

    بيٺو آھي بم ٿيو، سيد سنڌوءَ ڪاڻ،
    'ديو ھيڪل' دشمن جي، اصل نه مڃي آڻ،
    ڄرون ڏيئي ڄاڻ، اندر جنھن اجاريو...!!

    ڏاھا تو ڏسي، سا واٽ نه آھي ونگڙي،
    جيئڻ جياپو جنھن ۾، پنوھارن پسي،
    ڪيم نه دل ڪسي، توّڪل ٻڌم ترھو...!!

    ڏاھا تنھنجي ڏس، مون پُري ورتو پيچرو،
    سائين، چيو سچ تو، سرندءِ سور سرس،
    وڃان پيو واٽ تي، وڏا ڪندو وس،
    اچي رھبر رس، جيئڻ ھاڻ جنجال ٿيو...!!

    صحيح واٽ سواٽ، بيشڪ تو بيان ڪئي،
    ويچاري وجود ۾، ورتم سائي واٽ،
    اڻ کٽ ويري واٽ ۾، گھمن جھليو گھاٽ،
    چارين ٻڌي چؤکنڀو، وڌائون تنگ تراٽ،
    لالڻ ٻاري لاٽ، ڪر آجو اونداھي مان...!!

    آھم تنھنجو آسرو، جيسين سيني ساھ،
    اواٽان نه اوجھرا، مَر پيا ڪورين ماہ،
    رِڙھان ڪنھن ٻي راھ، تنھن کان مھندئي شل مران...!!


    ٺوڙي سانحو

    ساڻيھ منجھان سڏ، اچن ٿا اتاولا،
    ھيڪر ھيڪاند ٿيو، جيڪي ھڏھين ھڏ،
    سندا مارن ھڏ، وري ويرين وات ۾....!!

    ڪيڏي آھي ڪوڪ، ويڙھيچن ولھار ۾،
    بيگانا بي ڪفنا، مرن روز ملوڪ،
    ڏمر ڏاڍ ۽ ڏک جي، ھنڌين ماڳي ھوڪ،
    سانگين ساڻ سلوڪ، ڦاسيون، ڦاھيون ڦٽڪا....!!

    ڏاھن ماڻھن ڏيھ کي، ڏني ڪيڏي ڏات،
    پاڻ سدائين پنڌ ۾، رھيا ويريءَ وات،
    ايسين اک نه پوريئون، جيسين رھي رات،
    ويھي وھائي رات، جوت ڏنائون جڳ کي....!!

    ٺوڙھيءَ منجھ ٺڪاءُ، منھنجو ڏيل ڏھيون ٿيو،
    جوڳي پھتا جوڳ کي، پيم ڪنِ پڙلاءُ،
    موٽي پنھنجي ماء، سيني منجھ سينگاريا....!!

    چڻنگ مان چمڪاٽ ٿيو، راڻا رتو ڇاڻ،
    گنجي ڏونگر دانھن ڪئي، روئي ڏنو مھراڻ،
    ٺوڙھي ٿيئڙو ٺاڻ، موکي متارن جو....!!

    واھوندي آندي، اڄ به خوشبوء خشڪ جي،
    مادر دل ماندي، رني پوئين رات ۾.

    راڻا رتوڇاڻ، آيا آرڻ وچ ۾،
    سچو سڱ سنڌوءَ سان، آيا سر کڻي سرواڻ،
    امڙ جي اماڻ، مُرڪ منھن ميدان ۾....!!


    وڳھ جا وريام

    دودا پٽ ڀونگر جا،ڀونگر ننگر نام،
    آنکي ساري سنڌ ٿي، وڳھ جا وريام،
    ڪري ڪالھ قيام، سنڃي سنڌ ڪري ويا....!!

    سورھيه سوري سيج، ننگر ھليو نينھن سان،
    پنجاھ يارن پاڻ ۾، پونگر ڀني ڀيڄ،
    بھادر شھر بڪار ۾، رت ڏنائون ريج،
    اُڀا چون پاڻ ۾، مڙس ٿي مريج،
    سامھون سر ڏئيج، ته سوڀارو ٿئين سٿ ۾....!!

    ترڪش ٻڌي ٽنگ ڇڪي، جنگ به جوٽيائون،
    ڇاتين ڇرا دشمن ۾، کپي کوڙيائون،
    ڪپڙا لال لھوءَ مان، ٻھڳن ٻوڙيائون،
    لکيو لوڙيائون، قضا ٽري ڪانه ڪا....!!

    قضا ٽري ڪانه ڪا، آيو امر الاھي،
    شير شھادت رسيا، پئي وڳھ ۾ وائي،
    رضا مڃي رب جي، راڻا ٿيا راھي،
    طور ممٽ طائي، ٿيا روانا رب ڏي....!!

    بھادر شھر بڪار ۾، جوڌن جوٽي جنگ،
    ڪارن ڪُميتن جا، ڇڪي ڀريائون تنگ،
    ڪاھي پيا ڪٽڪ تي، ٻاڻ ھنيائون ٻنگ،
    وڳھ روپا وچ ۾، ريٽو ڏنائون رنگ،
    گھوٽن گھاٽي نينھن سان، نڀايا ٿي ننگ،
    نه ٿيو دشمن دنگ، مري پاڻ ملھائي ويا....!!

    گھنڊ لڳا طبل وڳا، جنگ به ٿي جاري،
    سورھ سپوت سنڌ جا، ھاري ۽ ناري،
    واڍا لوھر ڪاسبي، واڻيا واپاري،
    وڙھيا ويرين اِئين جيئن، منگھ وجھي ماري،
    سوڍا سما ابڙا، راڻا ريٻاري،
    ڪان! سھي ڪاري، وڏي شان شھيد ٿيا،
    پاتا جڏھن پڙ ۾، دودي پير دلير،
    ڇتي جنگ ڇڙي پئي، ڏونڪو لڳو ڀير،
    مغلن جا ميدان ۾، ڍونڍ ٿي ويا ڍير،
    گھوڙو مشڪي گھوٽ جو، جيئن بکايل شير،
    سوين صوبه سُنبن سان، جنھن ڪيا زمين زير،
    ماريو مھاڙا وڃي، مانجھي مرد مٿير،
    ڪندو اھڙي ڪير، جھڙي تو جنگ جوان ڪئي....!!

    ڳاڙھا منھن مغلن جا، ماڻھو گھرن ماس،
    ڦري شھر بڪار جو، جن بنايو بنواس،
    جڏھن دودو گڏين دوبدو، تڏھن رنڀون ڪن راڪاس،
    پوءِ دغا ڪري دودي لئه، کوھ کڻايئون خاص،
    جنھن ۾ ڀالا زھر جا، ٽنگيائون ٽياس،
    اندر رھي آس، سو پڻ شير شھيد ٿيو....!!

    دودا تنھنجي دم ۾، حياتيون ھزار،
    وڏن کان وڏي ٿي، تنھنجي ڄام ڄمار،
    سورھ سينگاري سنڌڙي، وئين تون وينجھار،
    ڪونڌر تو ڪردار، مڙني مٿاھون ٿيو....!!

    سدا سبز سھڻي؛ وڳھ جي وادي،
    ٿورن ڏينھن ٿيئڻي، جتي ننگر جي شادي،
    دھل وڄيا ٿي در تي، جتي گلن جي گادي،
    لائون لھندي رُڪ سان، جنھن آندي آزادي،
    روئي جنھن لئه رت ڦڙا، سومل شھزادي،
    ڪربل وارو ڪيس ٿيو، حڪم ساڻ ھادي،
    مردن منادي، ڳوٺن ۾ پئي ڳائبي....!!

    وٺيو نانءُ ننگر جو، ڀونگر سڏي ڀاءُ،
    چھري چنڊ معصوم کي، گھڻا لڳا گھاءُ،
    راند ڪيئين ٿي رُڪ سان، جت ترارين تاءُ،
    پسي حملا نه ھٽيو، وريامن وِياءُ،
    سندو روپا راءُ، وڏي شان شھيد ٿيو....!!

    ھانسا تنھنجي ھاڪ، اڄ به سوڍا سنڌ ۾،
    مانجھي ملھائي وئين، دوستي جو ڌاڪ،
    پاونگ چڙھي پڙ تي، بيٺين ٿي بيباڪ،
    تازي تنھنجي تن تي، پرڻي جي پوشاڪ،
    سوڍا سر سوريءَ تي، تو چاڙھي ڪيو چاڪ؛
    تاڙيون ڀڃي تاڪ، ٿئين داخل دودي درٻار ۾....!!

    اچي اعلاءُالدين، ابڙي کي اعلان ڪيو،
    سامون سومرن جون، تو وٽ جي آھن،
    سي ڪر حوالي منھنجي، ته اچي تن تسڪين،
    نه ته مري تون مسڪين، ويندين واھر وچ ۾....!!

    جوڙي ڏنو جواب، ابڙي اعلاءُ دين کي،
    سِسي سانڍي سامون ڏيان، ايءِ ڪھڙي منجھ ڪتاب،
    ذلت واري زندگي، سمي نه پيئي ساب،
    ھتي جو حساب، تُرندو ترارين وچ ۾....!!

    ابڙي اعلاءُدين جي، ڏٺي جنگ جھان؛
    سمون صوبن وچ ۾، پڌرو پھلوان،
    ھڻي ٻن ھٿن سان، ڪٽارا ۽ ڪان،
    گھوٽ ڪيو گھمسان، مغلن سان ميدان ۾....!!

    ھڻي بيٺو ھوڏ، سمون سر جي پڙ ۾،
    ڪوپا ڪپيئين ڪيترا، ڪڏي منجھ ڪوڏ،
    لاکيڻي تنھن لوڏ، پڙ ۾ پريان پڌري....!!

    سمي سٺا سِر تي، گھڻا ڌڪ ڌوپار،
    ڳڻڻ نه ھئي ڳالھڙي، چٽيل ھو چوڌار،
    رت وھيس ريلا ڪري، ٿيس بُت بيڪار،
    سائين پرتيون سومريون، ڪيائين ڪڻڪار،
    سر ڏيئي سردار، سمي پاڻ سنواريو....!!

    عرشن ۾ آواز، ستر رک سيچا ڌڻي،
    قادر قبولڻ پيو، سندو روحن راز،
    ستين ان سڏ ۾، ھو برھ بي انداز،
    ڌرتي لڱ ليڙا ڪيا، ڇڏي نخرا ناز،
    انجام ۽ آغاز، مستوراتن ماڻيو....!!

    ٻاگھي تنھنجا ٻول، اڄ به سبق سنڌ لئه،
    تو پاڻ – مرادا پاريا، سندا قالوءَ قول،
    ڇڏي رنگ رتول، تو ڏنو مان مٽيءَ کي....!!

    ٻانھن تنھنجو ٻر، ٻاٻاڻن کي ٻاگھلي،
    سيبا ڏيئي ستر کي، تو سرھو ڪيو سر،
    امر اسم تنھنجو، سدا سنڌ اندر،
    جنھن کي چوين مر، سو ڪانئر ٿئي نه ڪڙم ۾....!!

    سبق ڏيئي سنسار کي، ھليا سنڌ به سنواري،
    جيجل جوانن کي، اڄ به اوساري،
    صحيح پٽ سو منھنجو، جو دودي دل ڌاري،
    ٿڃ به بخشيان تنھن کي، جو سوري سنواري،
    مانجھي ٿي ماري، دشمن پنھنجي ديس جا....!!


    سڏائين ٿو ساہ ڌڻي، ڪُل مٿي قادر،

    سڏائين ٿو ساہ ڌڻي، ڪُل مٿي قادر،
    پائي رکـئه پاڻ تي، چوغي تان چادر،
    پورھيتن پادر، ڪير ھڻي پيو ڪنڊ کان....!!

    جي تو ساري سگھ، ويڙھي آھي وجود ۾،
    پوءِ ھي ھاڃا ھنجن سان، ٻيگھيون ڪن پيا ٻگھ،
    انگھيو انگھيو اگھ، ماڻھن جا مقرر ڪرين....!!

    نه ڪو الله آھيين، نه ڪو تون خدا،
    اھا ڳالھ جدا، سوچن جي 'سمونڊ' ۾....!!

    مٿ چوائين مٿڀرو، مٿي کان مٿي،
    اندر کاڌل کوکلو، ڏٺو ڏيھ ڪٿي،
    سورن منجھ سٿي، سانگين وڌئي سنگھرون....!!

    آھن تو اگھاڙ کي، باقي ڏينھن باقي،
    پت ويئي ٿي وائکي، تاڪ لٿي تاقي،
    سڃون تون ساقي، ڪونھي تو وٽ قطرو....!!

    ڪونھي تو وٽ قطرو، ڏٺو ساري ڏيھ،
    دوکي وارو ديھ، پاڻھي ٿي پيو پڌرو....!!

    ايڏو جي وڏو، آھين اُڀ عرش کان،
    پوءِ ڇو پورھيتن جو، ھيڏو جيءُ جڏو،
    عياشيءَ اڏو، ٺاھيو تو ٺڳيون ڪري....!!

    تون پڻ منجھان تِن، جي مارا ماروئڙن جا،
    جي سچو آھين ساک سان، بنا بِنتِ بن،
    تن سان طبق ڇن، جي آزاريندڙ عوام جا....!!

    تون تيئن گھرين اطاعتون، جيئن بک گھري بکيا،
    دعويٰ ڪرين دنگ جي، سڀ منھنجي سکيا،
    ليک تنھنجا لکيا، پڌر پوٿيون پٽ ۾....!!

    سُتين سَتين اُڀ تي، ڊگھا پير ڪري،
    ھيڏو ڀؤنء ڀاڳين تي، ٻارڻ پيو ٻري،
    ياپُڇ پير ڀري، يا کڻ تون ھٿ ھُئڻ تان....!!

    آھين يا ناھين، سا سمجھن ٿا سڄاڻ،
    ڪُن چئي قادر ٿئين، رعيت رتوڇاڻ،
    اھيئي اھڃاڻ، ھئڻ کان ھٽي ويا....!


    سر موکي متارا

    پري آھي پرين کان، ھي جو مون ھئڻ،
    ڪيڏو شھرن شور آ، مون لئه رائو رڻ،
    ڳري ڳالھ ڳنڍڻ، جھڙيل جھوني ھڏ کي....!!

    رُڪ جھڙيون راتڙيون، سُورن اُڀري سج،
    ويھ ويھ ڀيرا وڄ، ڪري روز قلب تان....!!

    ڪالھ به آيا ڪين ڪي، نه ڪي آيا اڄ،
    وڇوڙي ۾ ورھ ٿيا، ڪيئن ڌوئي لاھيان ڌڄ،
    واڄي وانگر وڄ، آئي عجيبن لئه....!!

    ساروڻيون سرير ۾، اُڀريون آڌيءَ رات،
    ڪڏھن ته ملندا ڪھل ڪري، ھجن شال حيات،
    ڏيئي ويا سا ڏات، جا نينھن نبيرو نه ڪري....!!

    لُھو لڙڪ ٿيام، اَکين رت اوڳاڙيو،
    ڏيئي جل جگر کي، ويساھي ويام،
    ڪُھرام ۽ قيام، پُکي پتي مون پيا....!!

    ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا، اندر منھنجي آڳ،
    ڀري پير پريت جا، اچ تون واري واڳ،
    دل جا دلبر داڳ، کولي تو ڏيکاريان....!!

    سج اُھوئي ساڳيو، ڌرتي ساڳي ڌُن،
    دور درياھن مٽيا، سمنڊ نه ٿيو سُن،
    ھي حياتي تُن، واري جيان وھي وڃي....!!

    ٺرو ٺاھي پياريو، ڪولھڻ مونکي ڪالھ،
    جاڳي پيو جيءَ ۾، جيئرو جل جلال،
    حرام ۽ حلال، ٻئي ٻُڏي ويا ٻوڏ ۾....!!

    ٺرو جيئن ٺري، تيئن ٺري جا ٺاٺ،
    ساجن جي ساقي ھجي، مِٺي مُٺي ماٺ،
    اندر جي اڻاٺ، ويتر وڌي وتري....!!

    ڪولھڻ سندو قطرو، قطب ڄڻ تارو،
    سمجھڻ وارن سمجھيو، اھو اشارو،
    اُڀريو اکيڙو ڇڏي، انڌو انڌارو،
    نظر نظارو، ڏنو اڇي ڏينھن جيان....!!

    ڪولھڻ ھٿان قطرو، مليئي تاڻ مُل،
    ھزارن مان ڪنھن ھڪ تي، جھُلي اُھا جھُل،
    متان ڀلجي، ڀُل، ڪري وڃائين قطرو....!!

    ڪولھڻ ھٿان قطرو، مليئي ته مالا مال،
    ھي وڃائي حال، اڳين کان اڳي ڪري....!!

    ڪولھڻ پڙو ڪيسرو، ڪنجري ڪوڏين وِنڌ،
    ساري جرڪي سنڌ، ٻانڌڻ چني ٻڌ ۾....!!

    پڙي جي پکيڙ ۾، سڄو نقشو سنڌ،
    ھيرا ھس ڳچيءَ ۾، سونين ونڌيل ونڌ،
    جڳ جڳ تنھن تان جند، گھوريندي گھٽ ڀانئيان....!!

    متارن ڪا مت؛ پڙھي ھئي پڪي ڪئي،
    موکي سندي مٽ تي، ساھ ڏنائون ست،
    رتي ڪن نه رکت، ھي ڏي، ھي وٺ تون....!!

    متارا ۽ مٽ، ڀنڀرڪي ڀيڙا رھيا،
    سنئان وٽيءَ وھ کي، گھڻو ڀائن گھٽ،
    جھمر ھڻي جھٽ، موکيءَ کي موکي ويا....!!

    سري وٽ سرا، مانجھي متارن جا،
    ڪڍيئون موکيءَ مَٽن مان، تِڪون ڏيئي ترا،
    سڀيئي سور ٻَرا، لحظي ۾ لھي ويا....!!

    موکيءَ سندي مٽ ۾، سوين سَپ سُرن،
    ھڪڙي وٽي ھٿ ۾، ٻي ٿا گھوٽ گھرن،
    ڪو جو چاھ چُڪيءَ ۾، چائنٺ کان نه چُرن،
    جھوريءَ اُن جھرن، وٽي ڏي ڪا وِتري....!!

    ووڊڪا ڇڏ وسڪي، پيءُ تو موکي مَٽ مان،
    موکي سندي مَٽ جو، رستو وٺ تون رسڪي،
    گاروڙي گسڪي، متارن جي ماڳ ٿيا....!!

    مٿي نيلون نسريون، ھيٺان مک محراب،
    موکي سي مَٽ کوليا، جنھن جو ناھي جواب،
    متيون متارن جون، تک جھليائون تاب،
    گڏي ڏوھ ثواب، حج پڙھيائون حجرا....!!
    موکي مک محراب تان، پردا ڪيا پري،
    خشبوءَ ائين کلي پئي، عنبر اوج ڪري،
    جيئن جيئن رات ٺري، تيئن تيئن تڪون تاڪ ۾....!!

    جيئن ٻرن ٽانڊا ٻاٻرا، تيئن مشعل موکي مُنھن،
    سُونھن خدا جو سُنھن، اگني کي آب ڪري....!!

    جھڙو رنگ رتام، اصل آھي انب جو،
    موکيءَ مُدام، مھڪ تھان وڌ مُنھن ۾....!!

    ڀنڀن متان ٻُوند ڄڻ، موتي ذا تيلا،
    ڇڏڻ وڃي ڇانگ ٻئي، وِھائي ويلا،
    جھنگن جھميلا، سڏ پيا ڪن سُونھن کي....!!

    متارن محراب ۾، نيتي جا نماز،
    سھڻا ساز سُرن ۾، عجب ڪئين آواز،
    روحانيت جا راز، رات متارن ماڻيا....!!

    پيئندي پيئندي پُر ٿيا، ڪئي عبادت اوج،
    موکي سندي مَٽ مان، ڪئي متارن موج،
    فنا ڪري فوج، وحدت کي ويجھا ٿيا....!!

    نيلن منجھان نُور جون، ڌِميون ڌارائون،
    ٻلھڙ ٻاھون ٻيڪڙيون، لڌائون لالون،
    ھيرون ھوائون، کڻي کيتان آئيون....!!

    نيل نھاري نڀ ۾، آندائين انڊلٺ،
    سو سو سجدا سٺ، موکيءَ جي محراب ۾....!!

    موکيءَ جي محراب کي، نه ڪو ويڙھو واڙ،
    نه ڪو جھيڙو جھل ڪا، نه ڪي حسد ساڙ،
    اتي جي اگھاڙ، بھتر برقعي کان گھڻي....!!

    پھريون سجدو سج، موکيءَ جي محراب ۾،
    ٻيائيءَ جو ٻج، پاڙئون پٽي ھليا....!!

    موکيءَ جي محراب ۾، نينھن ڀريون نديون،
    پر پيئندي پاڪ ٿيا، ميٽي سڀ مديون،
    سڪيا جي صديون، جھوليون تن جھمائيون....!!

    موکيءَ جي مسيت جا، جاني جماتي،
    آڻيو آڇن اُن اڳيان، ھڪي حياتي،
    اھڙا ڪئين آتي، ڪونڌر آھن ڪلال جا....!!

    موکيءَ جي محراب ۾، ڪاريگر جو ڪم،
    اکيون پسي اوڪاڻيون، ويا سڀ وھم،
    ڪيڏو ڪيو ڪرم، موکي متارن تي....!!

    رت رتن جوت جيئن، موکي ٿي مھڪي،
    ساھ سلھاڙيائين ساھ سان، سينو ٿو سھڪي،
    ٻيڻو ٿو ٻھڪي، چھرو موکي چنڊ جيان....!!

    اُرھ منجھ انگي، تڙپن ٿا ڪنھن تاڪ لئه،
    ھريل ھٿ حبيب تي، تن جي توُڻ تنگي،
    جوالا جيئن جنگي، مٿي اُڀا مورچي....!!

    اُرھ انگي منجھ، تڙپين تڪين تاڪ،
    حبيبن جي ھٿ سان، ٿئي پليتي پاڪ،
    ڪري چولو چاڪ، ڄاڻ نيرانا نڪتا....!!

    سج نه ڪني ڪڍ، اڃا رات رھڻ ڏي،
    وڇوڙي جا وڍ، ڀِنيءَ ۾ ڀري وٺان....!!

    ڀنڀرڪي ۾ ڀاڪرين، موکي منھن تي ماڪ،
    چٽي چس چپن جي، پاڻ ڪيائون پاڪ،
    حقيقي ھيراڪ، ازل اُڃ اوتي ويا....!!

    سري مان سنجوڳ، ڇا متارن ماڻيو،
    ڳڀ ڳڙڪائي ويا، ڦٽو ڪيائون ڦوڳ،
    لٿو روزن روڳ، عيد ملھائي اٿيا....!!

    تند ٽٽي تسبيح جي، پکڙيا داڻا پوک،
    ازل پيڙا اوک، لحظي ۾ لھي ويئي....!!

    جسم جنسي جل ٿيو، جيئن کوري کامي لوھ،
    موکيءَ جي ماري وڌو، متارن کي موھ،
    نه ڪو ڊپ نه ڊوھ، وِھ پيتائون واري تي....!!

    موکي مکي چوس، ڪڏھن آھي ڪانه ڪا،
    منھن کوليا مَٽن جا، ننگ وڏي ناموس،
    متان ٿئين مايوس، مٿا مڻي ۾ وھنجندا....!!

    پليتي پاڻيءَ سان، پاڪ نه ٿئي پڪ،
    وھنجاري وجود کي، لاھي شرابان شڪ،
    ڍُڪ ڍُڪ آھي ڍڪ، اڳيان جي اگھاڙ لئه....!!

    موکي متارن کي، ڍُڪن ٿئي نه ڍئو،
    آڻڻ لئه آڇيندين، ھو پيا ڪندا ھؤ،
    مڌ ۾ آھي مئو، اوتيندي اُڃ ٿئي....!!

    تِڪُون ڏيندين تونس، ويچارن وڌي ويئي،
    جلوا جرڪيا جاؤ بجاءِ، جيرن آڻيو جونس،
    کاري کٽي کونس، مَ ڪج متارن سين....!!

    جڏھن سِڪ سلھاڙجي، ساعت سوئي سون،
    رون رون ڪريو رڳن مان، راحت ماري رون،
    انگ انگ سندي اون، لحظي ۾ لھيو وڃي....!!

    ڪڪوھ کي ڪلال، ٺاھيو وڏي ٺاٺ سان،
    پيئندڙ کان پري ٿيا، حرام ۽ حلال،
    پاڻ ئي جل جلال، پاڻ ئي پياري پاڻ کي....!!

    موکي سرجي سج جان، ٽانڊن ٿالھ ڀري،
    جنھن کي پيار پساھ سان، ڀڄي سو پري،
    سٿا سر ڪري، مڌ متارن اوتيو....!!

    موکيءَ کي موکي، ويو متارن موت،
    پريت ول پوکي، مات ڏيئي ويا موت کي....!!

    پل انھيءَ پڪڙيئون، دنيا جو دامن،
    زھر ھو ضامن، پيئندي پاسيرا ٿيا....!!

    بٺين مٿان بيھ ويا، مير متارا مل،
    ڦيرا ڏين ڦڙن لئه، ڦڙو ڀائن ڦل،
    ھيڏي ھلان ھل، متارن جي ماڳ لئه....!!
    *


    ٽه سٽا

    ونيءَ وانگر ٻنيءَ ٻَک،
    رت ولوڙي راتو ڏينھان،
    پوءِ به ھاري بُک جو بَک.

    ***

    گھڙي گھڙي گھڙا،
    ڪنڀر نھائين ڍَڪ،
    مٿان مينھن ڳڙا.

    ***

    سوڍن سنڌوءَ ساڻ،
    دودن دنگ دنگائيا،
    راڻا رتوڇاڻ.

    ***

    اڄ به چنڊ اُماس،
    ساڳيو اُڀري سنڌ تي،
    ڪوڪي ڪاليداس.

    ***

    وڃ.... ٽانڊن تي لھرون،
    ماڻھو ڳاھن ڳاھ پيا،
    سيني ۾ سنگھرون.

    ***

    ڪامڻي اک ڪجل،
    منھن ته ڪيئن مھڪي پيو،
    ٽَنگون ٻانھون ڀڳل.

    ***

    وياج کائي ويو مور،
    سوچي ڏس سرير ۾،
    ھڏ ڀڳي جا سور.

    ***

    سودو ڪجي سنھنجو ڪجي،
    پنھنجي پرائي ڇو ٿئي،
    پنھنجيءَ کي پنھنجو ڪجي.

    ***

    موٽيو، موٽيو رات،
    ڪڍي ٻج ٻجاڻ مان،
    ڪَکِيو ڪاريءَ وات.


    چؤ سٽو

    رچ رچ رچ، اڃا به رچ
    ڪُوڙ پاڙون پاتار ۾
    تنھن کان ھيٺان سچ
    تنھن کي ڳولي اچ، تنھن کي ڳولي اچ


    وائيون

    گھور وڃان توتان گھور

    گھور وڃان توتان گھور، منھنجو مور، سِر گھوريندو سنڌ تان.

    لال ھندوري لوڏيان، پائي پَٽَ جي ڏور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    سمھي ننڊون ڪر سڪي لڌا، اڳيان اوجاڳا اور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    ڪوڙ مٽيءَ جا ڪوٽ ھي، ڀڃي ڪندو ڀور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    سونھندو ساٿين وچ ۾، ڪارونجھر جي ڪور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    لاھيندو ته لَتون ھڻي، مٿان جھانگين جھور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    ايندو اماڻي ڌاريان، لنگھائي لاھور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!

    ماڻيندو ”منشي“ چوي، ڪيٽيءَ کان ڪشمور، منھنجو مور،
    سِر گھوريندو سنڌ تان....!!


    بنجر باغ بناءِ، او ھاري، بنجر باغ بناءِ.

    بنجر باغ بناءِ، او ھاري، بنجر باغ بناءِ.

    ميڙي چونڊي ڪُھڙ ڪنڊن جا، جاچي سڀ جلاءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    جھونو جھنگل ويڙھ وري ويا، اُن ۾ آڳ لڳاءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    آبٿ ايندو ڪونه ٻيو ڪو، پنھنجي سِر وساءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    موڪون مليون ملڪ سڄي کي، تون ڏيئي رت رجاءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    وٽ نه وڃاءِ ويسرا ويھي، ھمت ھر ھلاءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    ھيٺ مٿاھين ھيڪ ڪجائين، ڪيڙن ساڻ ڪماءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!

    مٽيءَ جو ڪر مان مٿاھون، ”منشي“ پاڻ ملھاءِ، او ھاري،
    بنجر باغ بناءِ....!!


    منھنجا ٻول ٻه ٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.

    منھنجا ٻول ٻه ٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.

    ڀاڳيو وڪڻيو کير کي، ويٺو چپ چٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    کير لاھي کلڙي، ويٺو وات پٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    باز اچيو بازار مان، جھرڪيون وڃن جھٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    ٻنين سي ٻج کاريا، ڇيرا جو نه ڇٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    ھل ھلاچو ھوند ۾، کٽيءَ ڇا ته کٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    انس اکر انسان مان، ويئڙو پاڙ پٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    عمر وڃايئي اُڀ تڪيندي، سڌ رکيو اٿئي سٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا،
    قوم آئي قيد مان، ڪيڏو پنڌ ڪٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    ڪک لتاڙي ڪنھن جا، بيٺو مُڇ وٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    منڇر اُڃ جنھن من ۾، سا گھڙي مان نه گھٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    مور نه مرڻي مارئي، مارو ويا منھن مٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    اڃا سوڍا سنڌ مان، ڪَنڌ ڏين پيا ڪٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    سچ ويندو ڪوڙ کي، لتن ساڻ لٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    سوئي لُڻندو سڀڪو، جيڪا ڇيٽ ڇٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    ڪير نه ڏيندو ڪنھن کي، پنھنجو ماس پٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    پريت پراڻي نه ٿئي، گھڙي ڪين گھٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    ڍائو ڍريل ڍونڍ تي، بکيو چَپ چٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.
    غور ڪريو ته غلام ھلن پيا، ”منشي“ مُڇ وٽي، ياد ڪري ڇڏ يارڙا.


    لائون لھڻ لاڏلا، وڃن پيا ويڙھ ۾.

    لائون لھڻ لاڏلا، وڃن پيا ويڙھ ۾.

    رت رتولي راند ۾، مھندا مُھاڏا،
    وڃن پيا ويڙھ ۾.

    ارادا نه اندر ۾، جبل کان جاڏا،
    وڃن پيا ويڙھ ۾.

    سؤانن سڱ ساڱاھيا، پڙ چڙھيا پاڏا،
    وڃن پيا ويڙھ ۾.

    ”منشي“ مھميرن کي، ايندا ڇا آڏا،
    وڃن پيا ويڙھ ۾.


    مون کي وڍ وڏا، تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    مون کي وڍ وڏا، تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    مھراڻ موتين موٽ ڪئي، ڪنڌيين ڪوڏ ڪڏا،
    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    ماس مروڙي کائي ويا، ڪرڪن ھاڻ ھڏا،
    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    آھن تاڪن تاڪ ۾، تنھنجا تونئريون تڏا،
    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    جھوڙيل آھين جھوڪ ۾، ڇڪي جانِ ڇڏا،
    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.

    مارن مڏ مٿي، مٿي، ”منشي“ مال مڏا،
    تون ڇا ڄاڻين ڀورڙا ڀائو.


    گھور ڪري گھوٽن، سِر ڏنئون ويا ساک بچائي.

    گھور ڪري گھوٽن، سِر ڏنئون ويا ساک بچائي.

    کاھڙ سارو کُورا کُورا، مانجھي ڪيئن موٽن،
    سِر ڏنئون ويا، ساک بچائي.

    سي ڏينھن ساريئون جي سُتا، جيجل جي جوٽن،
    سِر ڏنئون ويا، ساک بچائي.

    ورثـئين ملي آ وارثين، پٽن ۽ پوٽن،
    سِر ڏنئون ويا، ساک بچائي.

    جُوڻ مٽائي جوڳيا، ڪيريندا ڪوٽن،
    سِر ڏنئون ويا، ساک بچائي.


    جيڏا جيڏا جيس- الا، ڪاھي آيا ڪاڪ تي.

    جيڏا جيڏا جيس- الا، ڪاھي آيا ڪاڪ تي.

    پھرين ڪنڌ ڪپائڻ لاءِ، ھر ڪنھن روح ۾ ريس- الا،
    ڪاھي آيا ڪاڪ تي.

    عشق چڪيءَ ۾ آڪرو، پيئي پوي پيس- الا،
    ڪاھي آيا ڪاڪ تي.
    راڻا رت رتول ۾، ڪٺا رات خميس- الا،
    ڪاھي آيا ڪاڪ تي.
    ٺوڙھيءَ جي ٺڪاءَ ۾، ڪيڏو ھئڙو ڪيس- الا،
    ڪاھي آيا ڪاڪ تي.
    ”منشي“ مھندان ماءُ جي، سوڍن رکيا سِيس- الا،
    ڪاھي آيا ڪاڪ تي.
    *

    وائي
    ساري سنڌ سرھاڻ، راڻن ڪئي اڄ رَتَ سان،

    ڪڏھن ويندي ڪانه ڪا،
    ٻيلن مان ٻراڻ،راڻن ڪئي اڄ رَتَ سان.

    ڏنڀ نه سھندا ڏيھ تي،
    جوڌا پٽ جواڻ، راڻن ڪئي اڄ رَتَ سان.

    سي ڪيئن سِر مٺو ڪندا،
    ڄريو جن کي ڄاڻ، راڻن راڻن ڪئي اڄ رَتَ سان.

    گھوريو گھوريو گھوٽيا،
    گھور ”منشي“ پاڻ، راڻن ڪئي اڄ رَتَ سان.


    جوٽي جنگ جبل ۾ بيٺا، ٻاروچاڻا ٻار، وو يار.

    جوٽي جنگ جبل ۾ بيٺا، ٻاروچاڻا ٻار، وو يار.

    ڇلنگيون ڇلنگيون ڇٽ ڇپر جا، ڇورا ڇاپا مار، وو يار.
    آزادي آ نعرو تن جو، گونجيو منجھ گرنار، وو يار.
    بم بندوقون، توپون، تن تي، برسن ڪئين بمبار، وو يار.
    ڪولو ڪھان کان ڪاھي ھليا، سبي سريا سردار، وو يار.
    مالي پٻ، ماوند مٽي وڍ، جھيڙڻ ويا جھونجھار، وو يار.
    چلتن ۾ چنگ آزادي جا، چوريائون چؤڌار، وو يار.
    دشمن جا لاھوت ۾ لاشا، کاڄ ڳجھن ٿيا خوار، وو يار.
    ”منشي“ ماريو چڙھن مھاڙا، وار مٿان ڪن وار، وو يار.


    پوڃاڙي جو پينگھ کي لوڏي، ھئي ھئي ڏي نه ھلورا،

    پوڃاڙي جو پينگھ کي لوڏي، ھئي ھئي ڏي نه ھلورا،
    ڇرڪي اُٿندا ڇورا.

    گھورن گھايل گھوٽن اڏيون، ڪسندي ڪجھندي ڪين ڪي ڇڏيون،
    وري کڻي پئي اکيون وڏيون، ڄڻ ڪي نيڻ ڪٽورا،
    ڇرڪي اُٿندا ڇورا.

    سھڻل سائين ڪري سناٽو، ھنيا ھميشہ ٻاڻ ٻِٽا تو،
    چھڪ ڏنا ڪئين چٽا پٽا تو، نت نت نوان نڪورا،
    ڇرڪي اُٿندا ڇورا.

    وھنجي ويڙھي وارن واري، تيل چنبيل سان سينڌ سنواري،
    ماريا ڪئين تو اکين اشاري، ڏيھ جا ڏاھا ڀورا،
    ڇرڪي اُٿندا ڇورا.

    گوري گجرن سان گڏي مون گس تي، وئي پئي واڪا ڪندي ساوس تي،
    وڃي پئي ڪنھن ڏاھي جي ڏس تي، ”منشي“ ڏيندي مورا،
    ڇرڪي اُٿندا ڇورا.


    اوسيئڙو ۽ آس، ڇوري ڇر تي ڇيڳري.

    اوسيئڙو ۽ آس، ڇوري ڇر تي ڇيڳري.

    پاڻيءَ ۾ ڏس پاڇو پنھنجو، تڪيو ڪري پئي تياس،
    ڇوري ڇر تي ڇيڳري.
    ايندو نه ايندو ڍول ڍڪيءَ ۾، ويڙھي ويس وماس،
    ڇوري ڇر تي ڇيڳري.
    چؤڏس چاھت سان ڪري، چارين جيئن چڪاس،
    ڇوري ڇر تي ڇيڳري.
    پرھ پاند ورائيو، رات نه آئي راس،
    ڇوري ڇر تي ڇيڳري.
    ”منشي“ ماري من ۾، ڏاڍي تونس ۽ تاس،
    ڇوري ڇر تي ڇيڳري.


    ڏاڍو آھي ڏچو، مانجھي مورمچو، سنڌو ڪري پئي سڏڙا،

    ڏاڍو آھي ڏچو، مانجھي مورمچو، سنڌو ڪري پئي سڏڙا،

    سا ڪيئن سُھڻي پار پُڄي، جنھن جي ڪڇ ڪچو،
    مانجھي مورمچو، سنڌو ڪري پئي سڏڙا.

    سڏ پڙاڏو وِک وِک واڪو، اچو اوس اچو، مانجھي مورمچو،
    سنڌ ڪري پئي سڏڙا.

    ھينئڙي ڪن ھنڊائيو، سڻو سڏ سچو، مانجھي مورمچو،
    سنڌو ڪري پئي سڏڙا.

    لوڌ لوڙائن سان لڳي، نانگا ٿي نه نچو، مانجھي مورمچو،
    سنڌو ڪري پئي سڏڙا.

    ”منشي“ پنھنجي ماڳ ۾، ڇو پيا پاڻ پچو، مانجھي مورمچو،
    سنڌو ڪري پئي سڏڙا.


    جاڳي پيا اڄ جاڳي پيا، ڌرتيءَ جا ته ڌڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.

    جاڳي پيا اڄ جاڳي پيا، ڌرتيءَ جا ته ڌڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.

    چيلھ ٻڌي پيا چورن پٺيان، ڏيئي تنگ تڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.

    راتاھن رات اٿي ويا، ھوڪا يار ھڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.

    ڇورا ڇرڪي ڇوھ مان اٿيا، پوندا ڇيھ ڇڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.

    ”منشي“ مانجھي ميڙاڪن جي، واھ جا ڳالھ وڻي، ٿيندي ڳالھ گھڻي.


    پوڃاڻي پيغام، آيو کڻي اڄ آھي عطائي.

    پوڃاڻي پيغام، آيو کڻي اڄ آھي عطائي.

    سورٺ سِر سُوريءَ ٽنگيو، کاھڙ ڪيڏي کام،
    آيو کڻي اڄ آھي عطائي....!!

    ڳاھ ڳُجھيءَ ۾ ڳالھ ٻڌائي، ويندو ھي وريام،
    آيو کڻي اڄ آھي عطائي....!!

    ڳھ ڳھ ڳتيل سورٺ سان ھي، ڪيسين رھندو ڪمام،
    آيو کڻي اڄ آھي عطائي....!!

    جھوناڳڙھ پيو جھلسي جھلسي، آگ لڳي ويئي عام،
    آيو کڻي اڄ آھي عطائي....!!

    ٻول ۾ قول ٻڌائيندو، تنبورو ھي تمام،
    آيو کڻي اڄ آھي عطائي....!!


    ويڙھ سواءِ ٻي واھ نه آھي، اچو ته جوٽيون جنگ، الا.

    ويڙھ سواءِ ٻي واھ نه آھي، اچو ته جوٽيون جنگ، الا.

    سيج ستا جي سيئي سڀاھت، ڪارا رڙندا ڪَنگ، الا.

    ڏاڍ جي ڏاٺ ھڻي پئي ڏاڍا، ڏيھ سڄي کي ڏنگ، الا.

    نِت نوان نيلام ٿين ٿا، پنھنجا دڙيون دنگ، الا.

    ائين پچون پيا پرين کان، جيئن ٽانڊن آڀون سنگ، الا.

    ڪنھن آ پياري قوم سڄي کي، گھوٽي گھاٽي ڀنگ، الا.

    ”منشي“ ڌار دنيا کان آھن، پنھنجا راڳ ۽ رنگ، الا.


    ڪيڏي آھي ڪڙاڻ، وو، تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا.

    ڪيڏي آھي ڪڙاڻ، وو، تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا.

    ڇاتي آھي ڇيڳرا، متي ھي مانڌاڻ، وو.
    تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا....!!

    سربستا سرير سڙن پيا، ڄڻ باھ پراڻي پاڻ، وو.
    تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا....!!

    رات رتو رت روئي روئي، موٽ کاڌي مھراڻ، وو.
    تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا....!!

    ڏيھ ڏکوين تان ھي ڪڏھين، ”منشي“ لھندا ماڻ، وو.
    تارون منھنجي تاڪ لڳي ويا....!!


    ڪونجن جي ڪڻڪاٽ الا، رات به مون کي رت روئاريو.

    ڪونجن جي ڪڻڪاٽ الا، رات به مون کي رت روئاريو.

    تو بن چنڊ جي چانڊوڪي ھي،
    مون لئه اونداھي ٻاٽ الا، رات به مونکي رت روئاريو.

    رتڙو روئي مون رات وھائي،
    جھپ نه آيم جھاٽ الا، رات به مونکي رت روئاريو.

    اوسيئڙي ۾ مھينا مٽي ويا،
    تو ته وساري واٽ الا، رات به مونکي رت روئاريو.

    باھ برھ جي ڀڙڪا کاڌا،
    لون لون لڱ لوساٽ الا، رات به مونکي رت روئاريو.

    محبن آئي ”منشي“ ٿيندا،
    سوڌا سوڻ ۽ ساٽ الا، رات به مونکي رت روئاريو.


    ٻرنديءَ ۾ سرندي الا، ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.

    ٻرنديءَ ۾ سرندي الا، ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.

    جنھن کي ڄاڻ ڄرون ڏنيون،
    سا وچان ڪيئن ورندي الا،
    ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.

    جنھن سُتي سَنڌڻِ ماءُ جي،
    سا کيران نه کرندي الا،
    ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.

    مٽي جنھن جي مٽيءَ سان،
    سا ماڳ انھيءَ مرندي الا،
    ڪڏھن ڪنھن جي ڪانه ڪا.


    ڪوٺين آھيان ڪٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.

    ڪوٺين آھيان ڪٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.

    ھُت ھلورا ھير جا،
    ماڙين ھت مُٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.

    ٿاريليءَ جي ٿڌڪارن تي،
    بنجي شال بُٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.

    ڇانگ ڇڏيم جا ڇيڪ تھان مان،
    جيئنديس ڪيئن جٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.

    ”منشي“ مرندي نا ڏيان،
    پنوھارن پُٺي، مون کي وٺڻ ڏيو واسرا.


    ڪيڏا ڪاڪ ڪلور، موٽو موٽو مينڌرا.

    ڪيڏا ڪاڪ ڪلور، موٽو موٽو مينڌرا.

    مومل ماتم ماڙيين، نيچوئي نور،
    موٽو موٽو، مينڌرا....!!

    ڌاڪو ديس بديس جنھن جو، سا اڄ کائي سُور،
    موٽو موٽو، مينڌرا....!!

    چورن اک ۾ چاڳلي، اوھان ڇو؟ اکپور،
    موٽو موٽو، مينڌرا....!!

    ميرين اکين ”منشي“ مانجھي، اُٿي وجھو انبور،
    موٽو موٽو، مينڌرا....!!


    سنڌي جھاڳي سُڃَ الا، وسيءَ کي ويجھا ٿيا.

    سنڌي جھاڳي سُڃَ الا، وسيءَ کي ويجھا ٿيا.

    لاھيو ساري لوڪ تان، آزاديءَ جي اُڃَ الا،
    وسيءَ کي ويجھا ٿيا....!!

    مانجھي مھيني ماس جي، رھي آھي رُڃَ الا،
    وسيءَ کي ويجھا ٿيا....!!

    ھاڻن ھيريل ڏات کي، ڀڃي ڪريو ڀُڃَ الا،
    وسيءَ کي ويجھا ٿيا....!!

    ماڳ جي مھندان موت کي، ”منشي“ ڪريو مُڃَ الا،
    وسيءَ کي ويجھا ٿيا....!!


    ڌرتي ڌرتتي، جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا.

    ڌرتي ڌرتتي، جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا.

    اچو اُوچي ڳاٽ سان، مياڻي آھي متي،
    جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا....!!

    زوريءَ چور چري ويا، تنھنجا چيٽ ڪتي،
    جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا....!!

    پورھيت پيٽ بکئي جي پُڙ ۾، رتي ناھي پتي،
    جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا....!!

    سوڍن سمجھي سام سنڌوءَ کي، رکي ستي جتي،
    جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا....!!

    ”منشي سي اڄ موج ۾ آھن، گھاڻي جن گھتي،
    جھانگيئڙن سان جھر جھنگ جھيڙا....!!


    سھڪيو سنگ لُڻي، ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾.

    سھڪيو سنگ لُڻي، ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾.

    رُوپ رُوپلي وارو ساڳيو، جوڌا ڄام ڄڻي،
    ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾....!!

    پريان وڏيرو من جو ميرو، ڀونڪندو ته ڀُڻي،
    ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾....!!

    موھن دڙي جي مورتي ساڳي، ڇر ۾ ڇير ھڻي،
    ڪولھڻ ڪانبو ڪنڌ ۾....!!


    ماريو متارن موت، زھر کي ضامن وجھي.

    ماريو متارن موت، زھر کي ضامن وجھي.

    رات رسي پرڀات کي، اوتيون اوتون اوت،
    زھر کي ضامن وجھي....!!

    موکيءَ جي ميخان مان، روڙيئون رتن جوت،
    زھر کي ضامن وجھي....!!

    وحدت ۾ ويا ويڙھجي، ڇڏي پوتيون پوت،
    زھر کي ضامن وجھي....!!

    موکيءَ مام پروڙي ”منشي“ ڪيا حقيقت ھوت،
    زھر کي ضامن وجھي....!!


    لالچ ۽ احساس، موکيءَ مھندان آيا اُڀري.

    لالچ ۽ احساس، موکيءَ مھندان آيا اُڀري.

    مڌ ماٽيءَ ۾ وِھ ولوڙ، ناگ ڪري ويا ناس،
    موکيءَ مھندان آيا اُڀري.

    جيئرا ھوندا موٽي ايندا، بَٺين رھندي باس،
    موکيءَ مھندان آيا اُڀري.

    ناڻو ٽاڻو موکيءَ ماڻو، لالچ لاٿو لباس،
    موکيءَ مھندان آيا اُڀري.

    طب نه ئي ترياق پڇيائون، لس ڪيائون لاس،
    موکيءَ مھندان آيا اڀري.

    ”منشي“ ميٺ محبت ماڻي، پاڻ ڪرايائون پاس،
    موکيءَ مھندان آيا اُڀري.


    مانڊي مَنڊ منڊي، ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    مانڊي مَنڊ منڊي، ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    مون رُلسيءَ کي ويا رلائي، روھن منجھ رندي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    ڇڏي ھليا ڇيڪ ويا، ڇوريءَ کي ڇنڊي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    ويٺي سُور سرير جا، واٽن سين ونڊي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    ڦرڪو ھي ڦيرائيو، چُھڙي ڪنھن چنڊي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.

    دم نه دميو ديس ۾، اندر ھن اُڪنڊي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا،

    ڏيئي ويٺا ڏير ھئا، جھنڊو ساڻ جھنڊي،
    ڪامڻ مون تي ڪالھ ڪري ويا.


    لاکو لڄ سندن، اوڏڻ لوڏڻ ۾ لُڏي.

    لاکو لڄ سندن، اوڏڻ لوڏڻ ۾ لُڏي.

    ڪنجري تي ائين ڪوڏيون، جيئن ٿا ٻار کلن،
    اوڏڻ لوڏڻ ۾ لڏي....!!

    سرنھ وڻ سرھاڻ تي، ڀلجي ڀونئر ڀرن،
    اوڏڻ لوڏڻ ۾ لڏي....!!

    گھير ھوا ۾ گھاگھرو، مور جيئن رانديون ڪن،
    اوڏڻ لوڏڻ ۾ لڏي....!!

    ٻانھن مُٺيا عاج جا، لاکي لاءِ لکن،
    اوڏڻ لوڏڻ ۾ لڏي....!!

    ”منشي“ لاکو مھر ڪري، اوڏو ٿيو اوڏن،
    اوڏڻ لوڏڻ ۾ لڏي....!!


    منھنجو جانب جيئن جو تيئن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا-

    منھنجو جانب جيئن جو تيئن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا-

    ھام ھڻڻ ھت حُسني ھزارين، منھنجي پرين جي، پَرِ نه ڪو پارين،
    ڪنڌ ڪڍايان تنھن کان ڪيئن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا....!!

    بُت بيھڪ برحق بناوٽ، ھوڪو جنھن جو ھر ھنڌ ھٽ ھٽ،
    ناتو تنھن سان نازڪ نينھن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا....!!

    ڌرتي، اُڀ، انسان پياسا، منھنجي سڄڻ جي واس مان واسيا،
    رات منجھان ڪيئڙو ڏينھن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا....!!

    مُرڪي سُرڪي پاڻ پياريائون، جڏڙو جڏيءَ جو جيءُ جياريائون،
    ”منشي“ محبت وٺڙا مينھن، نظر پوڻ سان نيڻ ٺري پيا....!!


    سامي سنگت ٽوڙي، رات روانا ٿي ويا.

    سامي سنگت ٽوڙي، رات روانا ٿي ويا.

    جوڳين ڪارڻ جيءَ ۾، جايون رکيم جوڙي،
    رات روانا ٿي ويا.

    حق حق ھوڪا حق ۾ ھڪ ٿيا، ٻيائي ٻوڙي،
    رات روانا ٿي ويا.

    ڀيڄ ڀنيءَ جو ڀريون ٻڌائون، رتا گل روڙي،
    رات روانا ٿي ويا.

    ڪو ڪچ ۾ مون ۾ ڏٺئون تڏھن ويا، ”منشي“ منھن موڙي،
    رات روانا ٿي ويا.


    عشق لڳو اڻموٽ، الا، موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا.

    عشق لڳو اڻموٽ، الا، موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا.

    ڏاھر ڏس ڏياچ جو، ڏيئي چاڙھي ويو چوٽ، الا،
    موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا....!!

    محب متان ڏي ميھڻو، اڃان تون ته اروٽ، الا،
    موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا....!!

    ڪُفر ۽ اسلام جا، ڪُل ڪري پيا ڪوٽ، الا،
    موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا....!!

    ”منشي“ مانجھي ميدان مان، مرڪي ڪن نه موٽ، الا،
    موٽڻ مصلحت مس ٿئي ڪا....!!


    ڏاڍا ڏينھن ٿيا، وجھندي واجھ وصال لئه.

    ڏاڍا ڏينھن ٿيا، وجھندي واجھ وصال لئه.

    جيئرا ناھيون جيئري ھوندي، جيا ناھيون جيا،
    وجھندي واجھ وصال لئه....!!

    ڏينھن ڏکن ۾، روڄ ۾ راتيون، پل پل ياد پيا،
    وجھندي واجھ وصال لئه....!!

    نيا نبيرڻ نينھن نٿو ڏي، ايڏو ڇو انياءُ،
    وجھندي واجھ وصال لئه....!!

    ”منشي“ اونداھي اچڻا، اکيون ڪيم ڏيا،
    وجھندي واجھ وصال لئه....!!


    لٿي ڪين لٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.

    لٿي ڪين لٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.

    ڏينھن ڏنگي ڏائڻ جيان،
    گذري رات نٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.

    سُور تنھنجا سپرين،
    سانڍيم ٺاھي سٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.

    قرب منھنجي جي ڪامڻي،
    قيمت تو نه ڪٿي، سِڪ تنھنجي سانورا.
    ”منشي“ کي تون محب اچي ڏي، سِڪ تنھنجي سانورا.
    *


    چاھ چانڊوڪيون راتڙيون،

    چاھ چانڊوڪيون راتڙيون،
    تو بنا ٿيون ڪھڙيون ڪاتڙيون.

    چَپ تنھنجا چُريا، ٻول تنھنجا ٻُريا، ساز ڄڻ ڪي سُريا،
    لار ماکيان مٺيون لاتڙيون.

    پاڻ توتان وارجي، اڃان به تو نکارجي، وري وري به وارجي،
    تن من تنھنجون تاتڙيون.

    تون سُمھين ته ساھ ۾، مُشڪ ٿئي ھوا ۾، انڊلٺ اُھاء ۾،
    جوڀن پائي جھاتڙيون.

    مٿان تو ماڪ مينڍڙن، ڄڻ ٿي ورکا موتين، ننڍڙا بلب جيئن ٻرن،
    اکيون ڏسڻ لئه آتڙيون.

    تون ته ڀاڳن ڀري، چال تنھنجي چري، اوپري اوپري،
    گھٽ گھٽ تو لئه گھاتڙيون.

    ڪر تون پردو پري، منھن ۾ مشعل ٻري، سج سجدا ڪري،
    ”منشي“ ٿين ملاقاتڙيون.
    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1369215
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 405635
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ