ڪتاب جو نالو: صبح جو سِتارو (طارق عالم ابڙو: فن ۽ شخصيت)
مصنف: حبدار سولنگي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 09 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 1250 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 213 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي. شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ..... طارق عالم ابڙو: فطري ليکڪ
  • رهجي ويل منظر ـــ عبدالقادر جوڻيجو
  • پاڻ کي وڪڻي کائيندڙ ليکڪ.... ـــ عبدالقادر جوڻيجو
  • ٺڪاءُ ته ٺو ـــ عبدالقادر جوڻيجو
  • سڀ جنم وسري وڃن ـــ مدد علي سنڌي
  • ڏس ته پکين جا ڏانوَ (طارق جا هائيڪو) ـــ امداد حُسيني
  • لنڊن ساهه کڻي رهيو آهي ـــ علي بابا
  • ادب جي غربت گھٽ، ذهن جي غربت وڌيڪ....! ـــ نور الهديٰ شاهه
  • من المهد کان الي اللحد تائين ـــ خير النساءِ جعفري
  • خودڪشي ڪندڙ نسل جو ڪهاڻيڪار ـــ شوڪت حسين شورو
  • طارق عالم: سنڌي ٻوليءَ جو خوشنصيب ليکڪ ـــ شوڪت حسين شورو
  • سنڌي ادب جو روميو ـــ نصير مرزا
  • صبح جو ستارو ـــ ماهتاب اڪبر راشدي
  • رهجي ويل منظر! (جائزو) ـــ ڪيهر شوڪت
  • بيباڪ ڪهاڻيڪار ـــ محمود مغل
  • Balanced Un-Balanced Tariq
  • ڄامشوري جي شامَ ۽ طارقَ جو ساٿُ.... ـــ انعام شيخ
  • حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا : رسول ميمڻ
  • ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ ڪبوتر جي ڳٽڪار ـــ تاج جويو
  • ڏيئا جليا ڳوٺ جا ـــ ادل سومرو
  • اوهان جا ٽهڪَ اُڏاڻا، پري پري تائين ! ـــ ادل سومرو
  • سونهن جا سر ڦٽا ـــ ايازگل
  • چنبيليءَ جي لامَ ـــ حسن مجتبيٰ
  • طارق عالم: لفطن جو صادقين ـــ احمد سولنگي
  • اي اڏامندڙ پوپٽ....! ـــ حسن مجتبيٰ
  • ڪجهه اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان ـــ روبينه ابڙو
  • سنڌي ادبَ جو مست قلندر ـــ روبينه ابڙو
  • ـــ علي دوست عاجز پري پري تائين! ـــ علي دوست عاجز
  • رواجي موضوعن کي نواڻ ڏيندڙ شاعر....! ـــ شبنم گل
  • هو، منهنجو لاڏلو آهي..... ـــ رضيه طارق
  • طارق سان گذاريل آخري لمحا ـــ رضيه طارق
  • منهنجي دنيا، طارق کان پوءِ! ـــ رضيه طارق
  • پهرين ڪچهري ـــ لاهوت طارق
  • زرد ڦول ٻٻرن جا واٽ تي ڇڻي پوندا ـــ منور سراج
  • پنهنجي رمز وارو ديو مالائي ماڻهو ـــ ضراب حيدر
  • Larger then Life
  • طارق عالم ابڙو لفطن جو مصور ۽ رنگن جو شاعِرُ ـــ رضوان گل
  • صبا، سنجھا ۽ رضيه جو طارق ـــ ممتاز لوهار
  • سدا بهار رهجي ويل منظر ـــ ننگر چنا
  • سمورا ڏيکَ اُجھاڻا ـــ حبدار سولنگي
  • اسحاق سميجو

  • ارپنا

    عبدالقادر جوڻيجو
    شوڪت حسين شورو
    مدد علي سنڌي
    ادل سومرو
    روبينه ابڙو
    منور سراج
    ۽
    رضوان گُلَ
    جي نالي

    ــ حبدار سولنگي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”صبح جو ستارو (طارق عالم ابڙو، فن ۽ شخصيت)“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سنڌ جي نامياري شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار طارق عالم ابڙي جي شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو مرتب حبدار سولنگي آهي.
    شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    طارق عالم ابڙو سنڌ واسين جو محبوب ليکڪ آهي، جنهن پنهنجي ناول ”رهجي ويل منظر“ ذريعي، سنڌ جي نوجوان نسل جي دلين کي موهيو، گڏوگڏ سندس تخليقي ڪم جا ٻيا به حوالا آهن ۽ اهي سڀئي حوالا به انتهائي اهم آهن. ناول نگار، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊرامه نگار، شاعر، سفرنامه نِگار، اداڪار، مصور، فوٽوگرافر ۽ ايڊيٽر جي رُوپَ ۾ طارق عالم جيڪو به ڪَمُ ڪيو اهو ڪم يادگار ۽ مٿانهون آهي.
    شخصي حوالي سان طارق عالم هڪ بيباڪ، کرو ماڻهو ۽ محبت ڪندڙ دوست هُيو. طارق عالم جي تخليقي ڪَمَ ۽ سندس زندگيءَ بابت سندس حياتيءَ ۾ ۽ وئي پُڄاڻان مختلف ليکڪن جيڪو ڪجهه لکيو آهي، انهن مان ڪجهه حصي جي چُونڊَ ڪري نامياري نوجوان شاعِرَ ۽ طارق عالم جي دوستَ حبدار سولنگيءَ هي ڪتابُ ”صبح جو ستارو“ مرتب ڪيو آهي ۽ جيڪو طارق عالم جي ڏاتِ ۽ ذاتِ سان محبت ڪندڙن لاءِ يقيناً هڪ اهم ڪتاب به ثابت ٿيندو. گڏوگڏ تحقيق ڪندڙن لاءِ پڻ هڪ اهم reference book طور ڪم ايندو.
    ”پوپٽ“ اوهان جي راءِ ۽ رهنمائيءَ جي اوسيئڙي ۾ رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مُهاڳ..... طارق عالم ابڙو: فطري ليکڪ

    ناميارو شاعر ۽ نقادُ واسديوموهي هڪ هنڌُ لکي ٿو: هڪ زندگيءَ ۾ اوسر جون ڪيئي زندگيون سمايل هُونديون آهن“.
    اسان جي محبوب دوست ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مڃيل فطري ليکڪ طارق عالم ابڙي جي زندگيءَ ۾ به اوسر جون ڪيئي زندگيون سمايل هُيون، جيئن: ڪهاڻي، ناول، شاعري، مُصوري، ڊرامه نِگاري، ڪالم نويسي ۽ عاشقي وغيره. آرٽ، ادب ۽ دل جي حوالي سان هُو هڪ نه پر ڪيئي زندگيون جيئندڙ شخصُ هو. اهو ئي سبب آهي جو هُو ذاتي زندگيءَ ۾ به هميشه هڪ رُخ ۽ هڪ وهڪري ۾ نه رهيو/وهيو. ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن باغي، ڪڏهن محبت جي ڇانوَ ۾ ويهندو هو ته ڪڏهن ڪاوڙ ۽ تضادن جي تپندڙ رڻ ۾ رُلندو وتندو هو. سندس اندر ۾ ڪڏهن ماٺار ته ڪڏهن ڀڃ ڊاهه هوندي هُئي، ڪجهه به هُجي طارق عالم زندگيءَ جي هر لمحي کي انتهائي سچائيءَ ۽ پورڻتا سان ماڻيو.
    طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“ تخليقي خوبصورتيءَ جو اعليٰ مثالُ آهي. جنهن ۾ احساس، نج رنگَ ۽ روپَ اظهاريا ويا آهن. سنڌي ادبَ ۾ رهجي ويل منظر کي ”پيار جي صحيفي“ طور سُڃاتو ۽ قبوليو وڃي ٿو. هن ناول ۾ تشبيهه ۽ استعاري جو جيڪو شاندار استعمالُ آهي، اهڙو مثالُ ان کان اڳ ڪنهن به سنڌي نثري ڪِتابَ ۾ نه ٿو ملي. طارق عالم نثر ۾ تشبيهه ۽ استعاري جو سڀ کان سُهڻو استعمال ڪندڙ نثر نويس آهي. هن جي نثر کي مينهن ڪڻين جهڙو حُسن ۽ نج پڻو آهي. ناميارو ڪهاڻيڪار ڪيهر شوڪت لکي ٿو: ”ڪلپنا کانپوءِ طارق ئي هِڪُ اُهو ليکڪ آهي، جنهن جديد، نيون، خوبصورت تشبيهون ڏِنيون آهن.“
    طارق جي ناول جي شاعراڻي حُسن بابت ڊاڪٽر اسحاق سميجو لکي ٿو: ”سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ جا لاتعداد جملا ائين ئي پاپولر آهن، جيئن بي مثال ۽ دل جي روح تائين لهي سگهندڙ نظميه مصرعون.“
    ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو: ”سندس ناول“ رهجي ويل منظر“ پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن شاعر جو تخليق ٿيل آهي.“
    سنڌي ٻوليءَ جو وڏو نثر نويس ۽ فڪشن جو نقادُ عبدالقادر جوڻيجو سندس ناول لاءِ لکي ٿو: ”هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌُن وانگر آهستي آهستي دُکي ٿو، ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتون سُرن وانگر اُڀرن ٿيون، سُرن ۾ پُورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا ۽ ڌُن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقتَ تائين پنهنجي ڇاتيءَ تي دُکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجھامندا محسوس ٿو ڪري“.
    طارق جي تخليقي سچائيءَ کي دريافت ڪندي عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو: ”جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ”پنهون“ طارق جو پنهنجو ڪردارُ لڳي ٿو ۽ هُو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ايئن نه ڪيو آهي، بلڪه هَنڌُ هَنڌُ پنهنجا ڇوڏا به لاهي وَيو آهي.“ ساڳئي ناول تي نامياري ڪهاڻيڪاره ۽ ڊرامه نويس نُور الهُديٰ شاهه لکي ٿي: ”اسان کي طارق جي ناول ۾ اها عجيب ڳالهه يا شاهڪار پڻو پنهنجي طرفان ان ڪري نظر ٿو اچي، جو ڪافي عرصي کانپوءِ اسان وٽ هڪ اهڙو ناول لکيو وَيو آهي، جنهن ۾ اجائي نعريبازي يا جذباتيت ناهي (هن ۾ به آهي جذباتيت پر يونيورسٽيءَ جي حوالي سان پر ڪافي ريئلسٽ ٿي طارق هن ناول کي لکيو آهي.“
    نئين عهد جو خوبصوت مُترجم ۽ سگھارو نقاد ننگر چنا، طارق عالم جي ناول بابت پنهنجي جامع مقالي ۾ لکي ٿو: ”سڄي ناول ۾ نثر جي رواني صُبحَ جي هيرَ جيان آهي، يا وري تارو تار درياءَ جيئن، پر اهڙو درياءُ جنهن جي مٿاڇري تي سُڪون ئي سُڪون هُجي ۽ هيٺان وري گهڻو ڪُجهه رِڙهندو گِهِلجندو ۽ ليٿڙندو ايندو هُجي. هن ناول نه رُڳو سنڌي ادب کي مقناطيسي سگهه جي ڪري نوان پڙهندڙ ڏِنا پر ناول جا پڙهندڙ به پيدا ڪيا، ناول پڙهڻ جو رُجحان وڌيو ۽ ساڳئي وقت اهڙي پس منظر کي آڏو رکي اهڙا ناول/ناوليٽ سرجڻ جو لاڙو به سگهارو ٿيو.“
    طارق عالم جي ٻي اهم سُڃاڻپَ سندس ڪهاڻيون، جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جو نئون تعارف آهن، سندس ڪهاڻين ۾ سماجي پيڙائون، ويڳاڻپ ۽ بغاوت آهي. هُو نوجوان نسل جو نمائنده ڪهاڻيڪار آهي، هن نوجوانن جي مسئلن کي قلم وسيلي ظاهر ڪيو آهي. طارق عالم جي ڪهاڻين بابت نهايت اهم ليکَ ۾ شوڪت حسين شورو لکي ٿو: ”طارق عالم جي اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار هيڪل ۽ وياڪل، ڊپريشن ۽ فرسٽريشن ۾ ورتل، معاشري ۾ محرومين جا لاش ڪُلهن تي کڻي هلندڙ ۽ اڻپورا، اڻ تعبير ٿيل خواب اکين ۾ ٽنگي هلڻ وارا حساس نوجوان آهن.“
    ناميارو ليکڪُ ۽ طارق عالم جو ننڍپڻ جو دوست محمود مُغل سندس ڪهاڻين بابت لکي ٿو: ”طارق عالم جون ڪهاڻيون تقريباً داخلي ڪيفيت جون هونديون آهن، هو اهو ئي لکي ٿو، جيڪو ڪُجهه ڀوڳي ٿو ۽ داخلي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به ڪو هڪ thought نه هوندو آهي، انسان جنهن وهڪري ۾ وهي، سو جڏهن ڪنهن ڪناري لڳي، طارق جي اها خوبي سا ضرور چئجي ته هو ان وهڪري ۾ پنهنجي ذهن جي تختي لکي چنبڙي ٿو پوي، ۽ ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري، صحيح نموني سان ترڻ جي.“
    طارق عالم جي تخليقي حوالي ۾ شاعريءَ جو شُمار به ٿئي ٿو، ”مورن اُوچا ڳاٽ“ سندس هائيڪن جي مجموعي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي.
    طارق عالم جي ”هائيڪو“ بابت امداد حُسيني، تاج جويو، ادل سومرو، حسن مجتبيٰ، احمد سولنگي، شبنم گل ۽ ٻين نهايت ڀرپور مقالا لکيا آهن. تاج جويو لکي ٿو: ”طارق عالم ڪُهنه مشق شاعر نه آهي، پوءِ به هُنَ جڏهن هائيڪو لکيا ته اُنهن جي سُونهن، مواد ۽ پُختگيءَ، نون شاعرن کي حيران ڪري ڇڏيو، جن اڃان تجرباتي طرح هائيڪو پئي لکيا.
    ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو: ”طارق جي هائيڪن ۾ فطرت سان تعلق، ڪنهن واقعي جي مُسلسل هُجڻ جا اشارا مِلن ٿا، گهاڙيٽي جي حسابَ سان ماترائُن جي گهٽ وڌائيءَ جي باوجود، جذّبا ۽ احساس، مُشاهدي ۽ تخيل جي سگهه ۽ هن جي جمالياتي پروڙ، سڀني شين تي حاوي آهي.
    ايازگُل، طارق عالم جي هائيڪن بابت هن طرح لکي ٿو: ”طارق عالم زندگيءَ جي سمورن روپن ۽ ٻهروپن کي، ميلي ۾ وڃايل ٻارن وانگر ڳوليو آهي. آسن، اُميدن، ذهني ڇڪتاڻ، ڏک، پيڙائُن، ڪيفيتن ۽ ڀريل اکين سان“.
    احمد سولنگي، طارق عالم جي هائيڪن کي هن طرح ڏِسي ٿو: ”طارق عالم جو ڪِتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ تمام وڏو واڌارو آهي. سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ڪِتاب ”پن ڇڻ پُڄاڻان“ کانپوءِ طارق عالم جو ئي ڪِتاب ”مورن اُوچاڳاٽ“ آهي، جنهن ۾ طارق سوچن، جذبن، خيالن ۽ فطرت جي حسين نظارن جو اظهارُ ڪيو آهي.“
    هائيڪن کانپوءِ طارق عالم جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ سندس ٻي سموري شاعري سهيڙي ”لفظن جو ناراض نسل“ جي نالي سان ڪِتاب ڇپايو ويو، جيڪو پڻ جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم ڪِتابن ۾ شُمار ٿئي ٿو. سندس اُنهيءَ شاعريءَ جي حوالي سان روبينه ابڙو لکي ٿي: ”طارق عالم جي شاعري پنهنجي دردن ۽ سُورن سان celebration آهي. زندگيءَ ڏانهن طارق عالم جا سڀئي رويا Artistic رهيا، هُو دردن ۾ رنگ ڀرڻ کان وٺي غمن کي گٽار جيان وڄائڻ ۽ پيڙائُن کي شاعراڻو ويسُ پهرائڻ بخوبي ڄاڻندو هُيو، جڏهن جڏهن طارق جو هينئون ”هيرڻ پن“ ٿي پوندو هُيو، تڏهن تڏهن طارق نثر کان شاعريءَ جي طرف مُڙندو ۽ ڪڏهن ڊوڙندو هيو“.
    ”لفطن جو ناراض نسل“ جي مُهاڳ ۾ علي دوست عاجز لکي ٿو: ”طارق جي شعر ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت نه آهي، لفطن جي هيرا ڦيري، نه ڏک جو ڏيکاءُ، هُو سنڌ جو سچو آرٽسٽ ۽ درد مند ليکڪ/شاعر آهي، هُنَ وٽ پنهنجا پُور ۽ سنڌ جا سُورَ رَليا مَليا پيا آهن. هُنَ سنڌ کي تبليغ بدران تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي.“
    طارق عالم جي ويجھن دوستن ۾ نصير مرزا، اخلاق انصاري، انعام شيخ ۽ ٻيا شامل آهن، اُهي طارق عالم بابت پنهنجا ويچارَ هن ريت ونڊن ٿا.
    نصير مرزا پاڻ کي ڀٽائيءَ جو فقير سمجھندڙ هي اڄوڪو طارق..... اهو اڳوڻو ارڏو طارق عالم ڪٿي؟ جنهن کان اڪثر سينيئر شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڪن هڻندا هُئا ۽ هن جي تحريرن ۾ زخمي ٿيڻ کان سخت ڊڄندا ۽ کانئس بچڻ جي پُوري ڪوشش ڪندا هُئا.
    اخلاق انصاري طارق آرٽسٽ آهي، هر شيءِ کي پرکڻ جا پنهنجا معيار ـــ طارق پڪاسو جي cubism تي پورو يقين رکندو آهي.
    انعام شيخ جيتوڻيڪ ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي طارق جي ڀيٽ ۾ تمام وڏا گريڊ رکندڙ مخلوق رهي ٿي ۽ هِتي ڪوڙ ۽ سازش جي مهاري تي هلندڙ ناٽڪي مزاج ڏات (ڪات؟) ڌڻين جي به کوٽ ناهي، پر هِتي مڙني فنڪارين ۽ مرتبن کان مٿڀرو قنبر جي فقير محمد ابڙي جو هيءُ سٻاجھو پوٽو هڪ فرد ۽ انسان جي روپ ۾ کيس تمام گهڻو محبوب ۽ معتبر آهي.
    طارق عالم جا سينيئر اديب به طارق سان محبت هن ريت ونڊن ٿا:
    عبدالقادر جوڻيجو: ”طارق ابڙي“ کي ڪوڙ لکڻ جو شوق ناهي، انهيءَ ڪري هُو رات جي اوندهه ۾ تير هلائڻ بدران ڏينهن ڏِٺي جو وچ چؤنڪ تي پٿر هڻندو آهي، ننڍي هوندي گهٽين جا ڪتا ڪُٽيندو هو، وڏو ٿيو آهي ته معاشري ۾ موجود سطحيت ۽ منافقت تي مارو اٿس، معاشري تي سندس اک بليڊ وانگر هلندي آهي. طارق ابڙو ذاتي زندگيءَ ۾ نم جي وڻ وانگر ڇانوَ ڏيندڙ، پيءُ وانگر حفاظت ڪندڙ، ماءُ وانگر محبت ۾ پنهنجو ماسُ کارائيندڙ، ڀاءُ وانگر ڀاءُ جي بدران لٺ کڻندڙ ۽ روايتي دوست وانگر دوستيءَ ۾ ٽوٽو کائيندڙ هڪ سٻاجھڙو ۽ مِٺو ماڻهو آهي.
    مدد علي سنڌي هُو ڄمار ۾ ته مون کان گهڻو ننڍو هو، پر اهو فرق ڪڏهن محسوس نه ٿيندو هو، ڪائي ازلي تند اسان جي وچ ۾ ضرور هئي پاڻ ۾ ڳنڍيل ان جي ڪا به وصف ۽ معنيٰ نٿي ٿي سگهي.
    طارق عالم جي وڇوڙي جِتي سنڌي ادب کي ڪاپاري ڌَڪُ رسايو، اُتي سندس گهر ڀاتين، دوستن ۽ پڙهندڙن جي دلين کي به ڌوڏي ڇڏيو. (سنڌي ادب جو هي مڃيل ليکڪُ جيڪو سرڪاري بي حسيءَ جي ڪري اسان کان الڳ ٿي وَيو، اُنَ تي هاڻي ڳالهائڻ ئي فضول آهي، ڇو ته هِتان جي سرڪارِ ادب، آرٽ ۽ ڪلچر جي اهميت کان ئي اڻڄاڻ آهي).
    طارق عالم جي وڇوڙي تي سنڌ سراپا درد بڻجي وئي، اوڇنگارون لفظن ۾ اُٿلي آيون:
    عبدالقادر جوڻيجو طارق ابڙي آخر تائين همت ڪانه هاري، سندس رت ۾ وڏن جا گهوڙا پئي ڊوڙيا ۽ تلوارون پئي کجيون. ناول ياد نٿو اچيم، پر ڪنهن لکيو هو ته: ”زندگي ٻن اٿاهه روشنين جي وچ ۾ هڪ اڻ لکي ڪاري ليڪ آهي“. طارق ابڙو اڻ لکي ڪاري ليڪ ڇڏي، اٿاهه روشنيءَ ۾ هليو وَيو.“
    رسول ميمڻ ”رات سانت ۽ سوچون“، ”سڃاڻپ جي ڳولها ۾“ طارق جي ڪهاڻين جا ڪردار زندگي جي ويجها آهن، پر افسوس هُو موت کي ويجھو ٿي ويو. شايد ڪلا جي مزار ٻاهران هن حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا پاند ۾ وجھي زائرين کي ورهائي ڏِنا، هن جو پاند خالي ٿي ويو، اسين جهڙا آهيون، شايد ان ڪري جو ورهائڻ ۾ به ڪنجوس آهيون.
    ڊاڪٽر ادل سومرو هن کانپوءِ هر منظر اڻپورو رهجي ويو آهي، ٽهڪ مستيون، سئر سفرُ، ڪچهريون اٻاڻڪيون، گڏجاڻيون، بس هاڻي ڇاهي، چاليهو، ورسي، تقريرون، تصويرون، بينر.
    روبينه ابڙو: ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ موت کي اکين سان ڏِسندي به طارق نا اُميد يا ڊنل ڪونه هُيو...... سندس عقيدو ۽ ويساههُ هُيو ته ”جيڪا رات قبر ۾ اچڻي آهي، اها ڪڏهن به ٻاهر ڪونه ايندي....“ ان ڪري موت جيڪو برحق ۽ اٽل آهي، ۽ هر ساهدار کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو ئي آهي، ته پوءِ موت کان ڀڄڻ ۽ ڊڄڻ ڪهڙو....؟ هن کي يقين ٿي ويو هيو ته موت سندس ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندو.... ڇو جو هو پنهنجي پُٺيان اهڙا عمل ڇڏيو پيو وڃي، جيڪي موت کي به ماتِ ڏيئي ڇڏيندا آهن.....
    رضيه طارق ۽ ان ڏينهن طارق اکيون بند ڪري خاموش ٿي وَيو هو، ٽهڪ سانت ٿي ويا هئا، سُر گم ٿي ويا هُئا، مستي مذاق تي ڄڻ جمود طاري ٿي ويو، بس صرف ذهن سُجاڳ هو، جيڪو اسان جي سڏ تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي جنبش سان پنهنجي هُجڻ جو احساسُ ڏياري پيو، پوءِ ته اسان سڀني جا سڏ به گونگا بڻجي ويا......
    مُنور سراج سچ ته طارق عالم پنهنجي اندر توڙي ٻاهر ۾ هڪڙو مڪمل آرٽسٽ هو، جنهن سان ۽ جنهن جي تخليق سان مِلي ماڻهو هڪ پل ۾ صديءَ جو سوادُ ماڻي سگهي ٿو.
    ضراب حيدر هُنَ سنسار ۾ هن دنيا ۾ جيستائين ڪا هڪ ڪهاڻي، ڪو هڪ ڪردار باقي آهي، تيستائين طارق عالم جهڙا آرٽسٽ، ڪهاڻيڪار ۽ ديومالائي ماڻهو مرڻا ناهن، اهو ئي سچ آهي، اها ئي حقيقت آهي.
    ممتاز لوهار ڪير ٿو چوي ته هو ڪونهي؟ هُو آهي ـــ هُو رهندو.... جيسين سنڌُ آهي، سنڌ يونيورسٽي آهي.... يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙن پنهون ۽ سنجھا آهن.....
    پنهنجي انتهائي خوبصورت ليکَ ۾ حسن مجتبيٰ لکي ٿو: ”سنڌ جي آرٽسٽ فئملي جي هن ميمبر (مون کي لڳي ٿو) ڄڻ ڪنهن آرٽ گيلريءَ ۾ جنم ورتو آهي، جنهن جي ڪري ئي هن جي شخصيتَ ۽ هن جي تخليقن ۾ مور پنک جا هيڏا رنگ رچي ويا آهن. رومانس هن جي زندگي آهي يا وري هن زندگيءَ سان رومانس ڪيو آهي. رومانس ۾ هيءُ آرنيسٽ هيمنگوي جي اڻ چپيل ناول gordens of ends جي teenager هيرو جهڙو آهي.“
    طارق عالم ابڙو هڪ مڪمل آرٽسٽ ليکڪُ هُيو، جنهن وٽ پيارَ جا قدَر، محبت جون حُسناڪيون، دل جو وارتائون ۽ سماجَ جون سچيون حقيقتون آهن. ناول، ڪهاڻي، شاعري، مصوري، ڪالم نويسي ۽ ڊرامه نويسيءَ جي شعبن ۾ هُنَ يادگار ڪَمُ ڪيو آهي.
    پيارو اسحاق سميجو، طارق عالم بابت ڪيڏي نه پياري راءِ ٿو ڏئي ته: ”هن جي تحرير ۽ تخليق ٻيئي شاعريءَ جي عرقَ سان ڳوهيل ۽ رومانوي دلڪشي به پُوري اوجَ ۽ عروجَ تي ملندي. هُو اوندهه جي زهرَ ۾ ورتل سماج جا اهڙا اهڙا مٺڙا پهلو روشن ڪري ٿو ڄاڻي، جو زندگيءَ جي ڪڙي گوري به ڳِهَڻَ جي لائق ٿيو پوي.“ طارق عالم ابڙي جي فن، فڪر ۽ شخصيتَ تي سنڌُ جي ناميارن ليکڪن جا هي مضمونَ، مقالا ۽ تاثُرَ ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته هُو سنڌُ جو مقبول ۽ فطري ليکڪ هو.
    هن ڪتابَ ۾ سهيڙيل سڀ ليکَ طارق عالم جي ناول، ڪهاڻي، شاعري، ڪالم نِگاري، سفرنامه نويسي ۽ شخصيتَ جو گڏيل اڀياس آهن. جن کي سهيڙيندي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪريان ٿو.
    هن ڪتاب کي مرتب ڪرڻ لاءِ مختلف رسالن مان مواد ورتو ويو. جنهن لاءِ مان ٽماهي ”سارنگا“ جي ايڊيٽر اسحاق سميجي، ٽماهي ”پوپٽ“ جي ايڊيٽر امر اقبال، ماهوار ”پرک“ جي ايڊيٽر نثار منصور ۽ ماهوار ”ناٽڪ“ جي ايڊيٽر رحمت پيرزادي جو ٿورائتو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو جي ٽماهي رسالي ”مهراڻ“ مان به ڪجهه مضمونَ ورتا ويا، جنهن لاءِ مان انهيءَ اداري جا به ٿورا مڃيندس. ڪتابَ ۾ ڪُجهه نوان لکيل مضمونَ به شامل ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي جن جن ليکڪن جا مضمونَ هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان.
    هن ڪِتاب سهيڙڻ ۾ ادي رضيه طارق ۽ پياري رحمت پيرزادي منهنجي تمام گهڻي مدد ڪئي، آءٌ اهڙي سهڪار لاءِ سندن ٿورائتو آهيان.
    ڪِتابَ جي بئڪ ٽائيٽل لکڻ لاءِ آءٌ پنهنجي پياري دوست اسحاق سميجي جو پڻ ٿورائتو آهيان.
    ڪِتابَ جي تياريءَ جي مرحلن ۾ پيارو امر اقبال سُٺيون صلاحون ڏيندو رهيو، جنهن لاءِ سندس وڏا وڙ.
    ڪِتابَ جي پبلشر محترم قربان منگي، ٽائيٽل ڊزائين ڪندڙ محترم سعيد منگيءَ ۽ ڪمپوزر پياري آصف نظاماڻيءَ جا به ٿورا مڃيان ٿو. توهان پڙهندڙن جي راءِ مون لئه اتساهه جو سبب بڻجندي.
    ساٿُ سلامت ـــ سنڌ سلامت

    ڳيريلو ـــ لاڙڪاڻو ــ حبدار سولنگي
    solangihubdar@yahoo.com
    0334-2769868
    0343-3832161


    رهجي ويل منظر ـــ عبدالقادر جوڻيجو

    رومانس جي ڪهاڻي سڄي دنيا ۾ ساڳي آهي. جو ان ۽ جوانڙي ڪٿي نه ڪٿي ملندا آهن، پهرين مُرڪي هڪ ٻئي ڏانهن نهاريندا آهن، پوءِ ڳالهين ۾ ٺهي هڪ ٻئي کي ويجھو ايندا آهن ۽ ٻين کان پري ٿيندا ويندا آهن. ٽهڪن ۽ لڙڪن جو اهو سلسلو نيٺ ٽا! ٽا! تي اچي بيهندو آهي، اها ٽا! ٽا! شاديءَ کان اڳ به ٿيندي آهي ۽ شاديءَ کان پوءِ به. شاديءَ کان پوءِ واريءَ ٽا! ٽا! ۾ رڳو اهو فرق اچي ويندو آهي ته گهر جون ڀتيون ٻنهين ڌرين کي پنهنجن ٻکن ۾ جھلي بيهنديون آهن ۽ کين ٻاهر نڪرڻ نه ڏينديون آهن. دراصل ڌريون هڪ ٻئي کي ڇڏي ڀتين سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن. ۽ جي ٽا! ٽا! شاديءَ کان اڳ ٿي آهي ته پوءِ ڌريون ڀتين جي بدران انهن واٽن، وڻن جي ڇانئن ۽ انهن ڪنڊن پاسن سان پيار ڪرڻ لڳنديون آهن جِتي هو اٿيا ويٺا، هليا ۽ کليا. ڪنهن نه ڪنهن ”سنجھا“ ڪنهن نه ڪنهن ”پنهونءَ“ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپسن ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي. مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق عالم جو هيءُ ناول به ان ئي نڪته نِگاهه کان پرکي سگهجي ٿو.
    گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي ۽ پاڻ ۾ ايترو جڪڙيو هجيس جو صبح جو 11 وڳي کان شامَ جو 7 وڳي تائين هڪڙي ئي نشست ۾ پڙهي ويو هجانس. سو به تڏهن جڏهن هن ناول جي ڊمي پڙهڻ کان ٿورو وقت اڳ اينڊريا نيومين (Andrea Newman) جو ڪئمپس جي زنگيءَ تي لکيل هڪ سهڻو ناول “A share of the world” پڙهيو ويٺو هجان.
    طارق عالم جنهن ذهني نسل مان آهي، اهو هلڪڙي جذباتيت، نعري بازي، لفاظي، ورجاءَ، سطحيت، شوبازي ۽ مشرق جي مخصوص فينٽسيءَ جو ماربل نسل آهي. ان ڪري اها توقع ئي نه هئي ته ڪو طارق عالم سنڌي زبان جو پهريون شاهڪار ناول لکندو. پر جيئن بادشاهيءَ جو قصو بيان ڪندا آهن ته بادشاهه بي اولاد مري ويو ته درٻارين فيصلو ڪيو ته ڪبوتر ٿا هوا ۾ ڇڏيون. اڏري اڏري جنهن جي مٿي تي ويهندو اُهو ملڪ جو بادشاهه ٿيندو. سو سنڌي زبان جي هن تخليقي شاهڪار جي ڪبوتر کي الائي ڪهڙي من ۾ آئي، جو هو ڪنهن اصلي شهزادي جي بدران رول ڇوڪري طارق عالم جي سِرَ تي اچي ويٺو. ڪنهن جي ڀاڳن سان ريس ته ڪانهي پر اُميد الله ۾ آهي ته اڄ نه ته سڀاڻي سندس مٿي تي ڪبوتر جي بدران ڪانگ وهاريو ويندو. رهي ڳالهه تخليقَ جي ته اها ڇم ڇم ڪندي وٽس ئي آئي آهي.
    هيءُ ناول ڪنهن ڀرپور ڪلاسيڪي ڌن وانگر آهستي آهستي دکي ٿو. ڪيترائي خوبصورت جملا ۽ تشبيهون، اصلي قدرتي ڪردار ۽ واقعا، رشتن جون حقيقي جذباتي ۽ احساساتي ڪيفيتون سرن وانگر اُڀرن ٿيون. سُرن ۾ پورن وقفن سان لاها چاڙها اچن ٿا. ۽ ڌن مچندي باهه ٿيندي جڏهن وڃي ٽُٽي ٿي ته پڙهندڙ ڳچ وقت تائين پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي دکيل ٽانڊا آهستي آهستي اُجھامندا محسوس ٿو ڪري.
    ناول جي صنف جِتي وڌ ۾ وڌ آرٽ جي گهوري آهي، اُتي ان کي لکڻ لاءِ اوتري ئي هُنر مندي ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته ناول جو ڪينواس ٻين سڀني صنفن جي مقابلي ۾ وڏو ۽ طاقتور آهي. ڊگهي پنڌ ۾ ساڳيءَ رفتار ۽ موڊَ سان هلڻ يا آرٽ ڪرافٽ جو توازن برقرار رکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ۽ خاص ڪري ان صورت ۾ اهو ڪم وڌيڪَ ڏکيو ٿي وڃي ٿو جڏهن سنڌي ادب ۾ هنر منديءَ تي ڌيان ڏيڻ ته ڇا، ان کي عيب، سمجھيو ويندو آهي. هُنرمنديءَ تي يا وري ڪجهه ڌريون ايترو زور ڏينديون آهن جو آرٽ گم ٿي ويندو آهي ۽ رڳو ناصحانه قسم جو ڪرافٽ ئي وڃي بچندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ هن ناول ۾ آرٽ ۽ ڪرافٽ جو توازن ڏسي خوشيءَ سان گڏ حيرت به ٿئي ٿي، سنجھا ۽ پنهونءَ جي رومانس شروع ٿيڻ کان وٺي ظهير ۽ سنجها جي رومانس تائين ناول کي شاهه ڪاريگريءَ سان اُڻيو ويو آهي. ليکڪ ڪٿي به ٿيڙهه کائي ٻئي پاسي ايترو نه هليو ويو آهي، جو مرڪزي لائين غائب ٿيندي محسوس ٿئي. جيتوڻيڪ هي ناول رڳو سنجھا ۽ پنهونءَ جي رومانس تائين محدود نه آهي. هن ناول ۾ نصير، ناردمني، ٽيلي اسٽار، راحت حسين، صبا، سنجھا جي ”ادا“ پارٽي ۽ چڻن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو، مرڪزي ڪردارن سان گڏجي ڪئمپس جو هڪ پورو ۽ خاص پهلو پڙهندڙ اڳيان چٽو ڪري ٿا بيهارين. اهي سڀ اهڙا ڪردار آهن، جيڪي ڪئمپس جي ڀرپور نمائندگي ٿا ڪن، منجھن ڪو به غير معمولي نه آهي، ۽ وڏي ڳالهه ته اهي ڪردار پنهنجي تحرڪ سان ڪهاڻيءَ کي مرڪزي نقطي يا مرڪزي لائين تان نه ٿا هٽائين، ايتريقدر جو ناول نويس ڪئمپس مان نڪري ڪراچيءَ ۾ عليءَ جي گهر ٿو اچي ته عليءَ ۽ سندس زال جي جھيڙي ۾ به کيس پنهنجو مستقبل نظر ٿو اچي ۽ عليءَ جي گهر کي هو ناول ۾ ايترو ئي ٿو آڻي جيتري ان جي ضرورت آهي، نه ته عليءَ جي ڪردار ۾ ايڏي ته ڇڪ آهي جو اِهو ڪردار ناول جي مرڪز جي فيوز کي وڏي خوشيءَ سان اڏائي سگهي ٿو.
    جِتي مرڪزي لائين کان هٽي وڃڻ ناول لاءِ نقصانڪار آهي. اُتي خود ان لائين تي قائم رهڻ به خطري کان خالي نه آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ صورتحال ۾ ليکڪ ڪٿي به يڪسانيت، ورجاءُ ۽ سست رفتاريءَ جو شڪار ٿي سگهي ٿو. پر هن ناول ۾ ليکڪ ساڳيءَ واٽ تي هلندي ڏاڪي به ڏاڪي زندگيءَ جا ۽ رشتن جا نوان پهلو کوليندو ٽوڙ ڪري ٿو، جِتان تان کڻي ٿو اُتي ئي وڃي ٽوڙي ٿو، پر تان کڻڻ ۽ تان ٽوڙڻ جي وچ واري عرصي ۾ هو زندگيءَ جا ڪئين رنگ ۽ روپ ڏيکاري ٿو. اُهي رنگ روپ اهي آهن جيڪي اسان ڏسندا ته رهندا آهيون پر انهن کي کولي پڌرو ڪري نه سگهندا آهيون.
    اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪه پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اُهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندا، غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهٽ تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي. ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن. هن سڄي ناول ۾ پنهنجي ڪنهن به دوست ڪردار تي رحم نه کاڌو اٿس، ڪنهن به دشمن ڪردار سان بي انصافي نه ڪئي آهي. ڪنهن به ڪردار جي مٿي تي سڱ نه آهن. ڪٿي به اصول جي پيار جو ۽ چڱائيءَ جو نعرو هنيل نه آهي، ڀلا جي ڪو ماڻهو نعرو هڻي به سهي ته ليکڪ جو ايجاد ڪيل نعرو ڇو هڻي. پنهنجو نعرو ڇو نه هڻي. جيتوڻيڪ هن ناول ۾ ”پنهون“ طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو. پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪه هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.


    پاڻ کي وڪڻي کائيندڙ ليکڪ.... ـــ عبدالقادر جوڻيجو

    ”وليم فاڪنر“ مشهور امريڪن اديب آهي. ”وليم فاڪنر“ جو چوڻ آهي ته: ”ڀلو ليکڪ اهو آهي جيڪو ماءُ کي وڪڻي کائي وڃي“. ننڍي کنڊ جي وڏي ڪهاڻيڪار ”سعادت حسن منٽو“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجين لکڻين ۾ پنهنجن دوستن کي وڪڻي کائي ڇڏيو.
    ”پبلو نرودا“ ڪروڙ پتي ٿيڻ جي شوق ۾ بهه جو دڪان کوليو. جڏهن بهه وڪڻي نه سگهيو، ته پنهنجي ڪِتاب ”معمائرس“ ۾ نه رڳو پنهنجن اديب ۽ شاعر دوستن کي وڪڻي کاڌائين، پر پنهنجي سنگتياڻيءَ کي به وڪڻي کائي ويو. ساڳي ڪريت سان ”طارق ابڙي“ پنهنجي ٽيلي ناٽڪ ”طوفان کانپوءِ“ ۾ پنهنجي گهر جا ڀاتي وڪڻي کاڌا. ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ پنهنجي محبوبا ۽ دوستن کي وڪڻي کاڌائين.
    ٽيلي ناٽڪ ”ڇانورو“ ۾ مون جهڙن کي وڪڻي کاڌائين. ٽيلي ناٽڪ ”پيوند“ ۾ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي کائي ويو. ته پنهنجن ۽ پنهنجو پاڻ کي وڪڻي کائڻ واري ڪريت هڪ سٺي فڪشن رائيٽر جي فني مجبوري آهي. جيڪڏهن ڪو ناول نِگار يا ڊراما نِگار پنهنجن ويجھن کي وڪڻي کائي نٿو سگهي ته کيس کپي لکڻ ڇڏي وڃي دوڪان کولي، اتي تيل جون شيشيون ۽ ڊالڊا جا ڊٻا وڪڻي کائي. ڪو به ناول نِگار يا ڊراما نِگار جيڪڏهن پنهنجي آسپاس وهندڙ زندگيءَ کي پنهنجي لکڻيءَ ۾ استعمال نٿو ڪري سگهي، يا ٻين لفظن ۾ انهن کي وڪڻي کائي نٿو سگهي ته منهنجي خيال ۾ اهو ليکڪ ڪوڙ ٿو لکي ۽ اوندهه ۾ تير ٿو هلائي. پر ”طارق ابڙي“ کي ڪوڙ لکڻ جو شوق ناهي انهيءَ ڪري هو رات جي اوندهه ۾ تير هلائڻ جي بدران ڏينهن ڏٺي جو وچ چؤنڪ تي بيهي پٿر هڻندو آهي. ننڍي هوندي گهٽين جا ڪتا ڪٽيندو هو. وڏو ٿيو آهي ته معاشري ۾ موجود سطحيت ۽ منافقت تي مارو اٿس. معاشري تي سندس اک بليڊ وانگر هلندي آهي. طارق ابڙو ذاتي زندگيءَ ۾ نم جي وڻ وانگر ڇانوَ ڏيندڙ، پيءُ وانگر حفاظت ڪندڙ، ماءُ وانگر محبت ۾ پنهنجو ماس کارائيندڙ، ڀاءُ وانگر ڀاءُ جي پاران لٺ کڻندڙ ۽ روايتي دوست وانگر دوستي ۾ ٽوٽو کائيندڙ هڪ سٻاجھڙو ۽ مٺو ماڻهو آهي. پر لکڻ جي معاملي ۾ هو نه ڪنهن جي ماءُ آهي، نه ڪنهن جو پيءُ آهي، نه ڪنهن جو ڀاءُ نه ئي وري ڪنهنجو دوست آهي. ۽جيڪڏهن ڪجهه آهي ته الله ڪارڻ شاهدي ڏيندڙ ليکڪ آهي. لکندي لکندي طارق ٻن ٽن ڄڻن جا پٽڪا نه لاهي، هڪ اڌ ڄڻيءَ جي پوتي نه سرڪائي وٺي ته ڄڻ طارق ڄايو ئي ڪونه. سوال ٿو اٿي ته طارق ابڙي جهڙي شريف ۽ سٻاجھي ماڻهوءَ کي آخر ڇا سجھي آيو آهي جو پٽڪا لاهيندو وتي ۽ پوتيون سرڪائيندو وتي! جنهن جو جواب سندس عاليشان ناول ۽ سندس هڪ اڌ معياري ناٽڪ ۾ موجود آهي. معياري ٽيلي ناٽڪ ڏسڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙا ماڻهو ڇت ۾ اونڌو لڙڪي ناٽڪ ڏسندا آهن ۽ ٻيا ماڻهو کٽ، ڪرسيءَ ۽ ڀت کي ٽيڪ ڏيئي سڌا ٿي ڏسندا آهن. ساڳي طرح معياري فڪشن کي به پڙهڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪڙا ماڻهو ڪِتاب اونڌو جھلي پڙهندا آهن، ٻيا ماڻهو ڪِتاب کي سڌو پڪڙي پڙهندا آهن. سو جيڪڏهن توهان ڇت ۾ اونڌو جھلي پڙهندؤ ته هو اوهان کي فلاڻي جو پٽڪو، فلاڻيءَ جي پوتي لاهيندو به نظر ايندو، ذاتي حملا ڪندي به نظر ايندو ۽ اوهان کي ڇت ۾ لڙڪائيندي به نظر ايندو. پر جيڪڏهن اوهان سندس ناٽڪ کي سڌو ويهي ڏسندؤ ۽ سندس ڪِتاب کي هٿ ۾ سڌو جھلي پڙهندؤ ته توهان کي طارق پٽڪا ۽ پوتيون ته لاهيندي نظر ايندو پر جڏهن اهي پوتيون ۽ پٽڪا لهي دنگ ٿيندا ته پوءِ اوهان کي انهن ماڻهن جي مغز جا ڦٽ نظر ايندا. اهي ذهني ۽ نفسياتي ڦٽ، اهي هوندا آهن جيڪي ماڻهوءَ جي پنهنجي عمل مان جنم وٺڻ بدران حالتن مان جنم وٺندا آهن. ۽ ماڻهوءَ جو ڪردار تشڪيل ڪندا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو طارق جي اهڙن ڪردارن کان نفرت ڪرڻ بجاءِ رحم ايندو آهي ۽ همدردي پيدا ٿيندي آهي. طارق ماڻهن تي حملو نه ڪندو آهي پر هو، ماڻهن مٿان حملي آور ٿيل حالتن تي حملو ڪندو آهي. ۽ حالتن مان پيدا ٿيل (وائيٽ ڪالرمين) جي انهيءَ مخصوص ڪيفيت تي حملو ڪندو آهي، جنهن کي ڳوٺاڻي ٻوليءَ ۾ ”ڍٻل پاليسي“ چيو ويندو آهي. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي، ته طارق سماج جا ٻيا پهلو ڇڏي، جيئن بک ۽ ٻيا سياسي مسئلا آهن. تنهن کي ڇڏي ڍٻل پاليسيءَ ڏانهن ڇو ٿو وڃي؟ ٿيو ڇا آهي جو ٻين علائقن وانگر اسان وٽ به ٻه وڏا ڪلچر پاڻ ۾ ٽڪرجي پيا آهن. هڪ ڪلچر اهو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي اسان وٽ موجود آهي، ٻيو ڪلچر اهو آهي جيڪو ڪميونيڪيشن جي جديد وسيلن جهڙوڪ روڊ، تڪڙي لڏپلاڻ، فلم، ريڊيو، ٽيليويزن، اخبارن ۽ ڪِتابن جي ذريعي اسان جي گهرن جا در، دريون، ڀتيون ڀڃي جسم ڦاڙي اسان جي روح ۾ داخل ٿي چڪو آهي. يا محترمه فاطمه ثريا بجيا جي لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته اهو ڪلچر جتين سوڌو اسان جي اکين ۾ گهڙي آيو آهي. ته جڏهن به ٻه وڏا ڪلچر پاڻ ۾ ٽڪربا آهن ته اهي ٻن وڏن ٻيڙن وانگر ڌوڪيندا ڪرڙاٽ ڪندا هڪ ٻي ۾ گهڙي ويندا آهن. ۽ اها خبر نه پوندي هي ته ڪهڙي ڇيت، ڪهڙي ڪلي ۽ ڪهڙو مسافر ڪهڙي ٻيڙيءَ جو آهي.... اهڙي قسم جي ٻن ثقافتن جو ٽڪراءُ اسان وٽ به ٿيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ خاندان کان وٺي نظرياتي تحريڪن ۽ لاڙن تائين سڀ ادارا ڀڄي ڀور ٿي ويا آهن. ۽ اها خبر نٿي پوي، ته ڪهڙي هٿ ۾ ڇري آهي، ڪهڙيءَ بگريءَ ۾ شاهه جو رسالو آهي. ڪهڙي پيالي ۾ زهر آهي ۽ ڪهڙي چپ ۾ چمي سمايل آهي. جڏهن اهڙي سماجي صورتحال پيدا ٿيندي آهي، تڏهن ان اوندهه مان ”ڍٻل پاليسي“ جنم وٺندي آهي. ۽ جڏهن ڍٻل پاليسي جنم وٺندي آهي، ته ”طارق ابڙو“ پيدا ٿيندو آهي. جنهن جي اک بليڊ وانگر هلندي آهي ۽ ڍٻل پاليسي کي اگھاڙو ڪندي ويندي آهي.


    ٺڪاءُ ته ٺو ـــ عبدالقادر جوڻيجو

    ”ٺڪاءُ ته ٺو“. صرف طارق عالم ابڙو. مقتول طارق ابڙو. رکي رکي چوندو ”ٺڪاءُ ته ٺو“. سندس پئنٽنٽ جملو. دوائن جي شيشن تي لکيل ننڍڙو جملو. دلين جي بلئڪ بورڊ تي اڇن اکرن ۾ ”ٺڪاءُ ته ٺو“. اهو سندس تڪيه ڪلام به هو ۽ سندس شخصيت توڙي فن تي ڪامينٽ به هو. شروع کان ئي سندس شڪل ڌاڙيلن جهڙي ۽ سندس دل ڪونئري هئي. سندس هٿن ۾ وڄا هئي. ڪئميرا هٿ ۾ کڻي ته تصوير تصور بڻجي وڃي. برش هٿ ۾ کڻي ته تصور تصوير بڻجي وڃي. ڊرامي ۾ پرفارم ڪري ته ڪردار ۾ ساهه پئجي وڃي. قلم ۾ هٿ وجھي ته جان جهان بڻجي وڃي. جي بيمار هوندي ڪنهن ٻئي بيمار ۾ هٿ وجھي ته جهان جان بڻجي وڃي. ڪلين شيوَ ڪري هلي ته لسڙاٽ ڇوڪرو، جي ڏاڙهي مُڇون ڇڏي ڏيئي ته کڙپيل همراهه! ياريءَ جو پڪو، مخالف لاءِ پويون ڏينهن.
    ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ته ڀرپور هوندا آهن، جن سان ٿيل نه، ته پهرين ملاقات ياد رهندي آهي ۽ نه وري ڪا پوئين ملاقات ياد ايندي آهي. سڀ ملاقاتون سُريليون. طارق ابڙو به اهڙو ماڻهو هو. مون کي ياد ناهي ته ساڻس پهرئين ملاقات ڪڏهين ٿي. آرٽسٽ سان پهرئين ملاقات آرٽسٽ جي بدران سندس آرٽ سان ٿيندي آهي.
    ڪنهن زماني ۾ منهنجو وٽس وڃڻ ٿيندو رهندو هو. شامَ جو سندس، سِي ٽائيپ ڪوارٽر جي اڳيان وِهندا هئاسين ۽ بقول طارق ابڙي جي، ڀاڙي ڀُتي تي نظر رکندا هئاسين. سندس نِگاهون باهه جا اُلا ۽ ڳالهيون آرٽسٽڪ، مُڇن تي هٿ رکي اُڀيون ڪري ته ساهه وڃي. جي جملو ڇڪي هڻي ته به ساهه وڃي. جي ڀلا ڪلهي تي هٿ رکي ته سڀ درد دور. وٽس مهمانن جا راڄ لٿل هوندا هئا، پوءِ به سَرهو. غريب مڙس، پر دل درياهه شروع کان ئي. هڪ گڙدو گم ٿيل هوس. نه کيس خبر هئي، نه سنگت کي خبر پيئي. جسم ۾ موجودResistance Power جي حد هئي. ٻيو ڪجهه ڪو نه Genes جو ڪمال هو.
    سنڌ جي ڪس سان لڳندڙ راجسٿان جي سوڍن جي خاص ۾ خاص ڊائيٽ آفيم آهي. جيڪو سوڍو آفيم نه وٺي ته ڄائو ئي نه آهي. هڪڙي ڏينهن مٿن اسٽوري ڪرڻ لاءِ بي ــ بي ــ سي ريڊيو جي هندي سروس جو نمائندو پهتو. سڀني سوڍن کي آفيم وٺندو ڏسي، نمائندي کانئن پڇيو: ”آفيم ڇو ٿا وٺو؟“
    ”هي امن جو نشو آهي. امن کي برقرار رکڻ لاءِ آفيم ٿا وٺون.“ سوڍن جي اها ڳالهه ٻڌي نمائندو وائڙو ٿي ويو.
    ”ڇا مطلب؟“
    ”مطلب اهو ته اسان جا وڏا صدين کان وٺي جنگيون وڙهندا آيا آهن. انهيءَڪري اڃا تائين اسان جي رت ۾ گھوڙن جون هڻڪارون ۽ تلوارون کڄنديون آهن. انهيءَ ڪري انهن گهوڙن کي بس ڪرائڻ ۽ تلوارون کي مياڻن ۾ وجهڻ لاءِ آفيم وٺندا آهيون. پوءِ امن ٿي ويندو آهي. امن جو نشو ٿا وٺون.“
    وولپرٽ جو ذوالفقار علي ڀُٽو شهيد تي لکيل ڪِتاب. ٻاهڙ مير. راجسٿان جو جنرل سينڌو سنگهه ڀُٽو. اورنگزيب جي زماني ۾ مسلمان ٿيو ته جنرل سهتو خان ڀٽو. اورنگزيب بادشاهه جو جنرل سهتو خان ڀُٽو کي حڪم: ”سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي ابڙن باهه ٻاري ڏني آهي. آڻ مڃڻ لاءِ تيار ناهن. کين وڃي سڌو ڪر.“
    گهڻا ماڻهو لاڙڪاڻي کي صحرا سمجهي چون ٿا ته ڀُٽا صحرا جا رهاڪو آهن. غلط ڳالهه آهي. اهي ڀُٽا اصل راجسٿان جي صحرا جا رهاڪو هئا. فاطمه ڀُٽو جو ٺپو. ”اسان جا وڏا راجسٿان جا ويٺل هئا.“ ابڙن کي سڌو ڪرڻو آهي.
    نثار کوکر جو قهري مضمون. بقا پور جي ابڙن تي. نثار کوکر وڻ وڄائي ڇڏيا ۽ مضمون ۾ ابڙن واري بقاپور کي ڪائو بواءِ فلمن جو سيٽ بڻائي ڇڏيائين. High Noon ۽ The Quick and the dead. اهي فلمون ڏسو يا نثار کوکر جو مضمون پڙهو. ڳالهه مڙيئي ساڳئي. لفظن کي Guns بڻائي ڇڏيائين.
    راجسٿان جي سوڍن آفيم جو سهارو ورتو، طارق ابڙي قلم، ڪئميرا ۽ برش جو سهارو ورتو، ۽ پنهنجي Genes کي ٿڌو ڪيائين. هو سندس ئي لفظن ۾ ”چمن ٿي ويو.“ اهو به طارق ابڙو جو تڪيه ڪلام هو.
    مون کي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي آهي، ته گهر جي ڀاتين جي گهڻ ۽ مهمانن جي وٺ وٺان ۾ هن ايڏو وڏو مسودو ڪيئن لکيو. ماڻهو سدائين حيرت جو هنڌ رهيو آهي. انهيءَ ساڳي ڳالهه کي اسان جي مهراڻي جي ڪس ۾ چوندا آهن، ”ابا، ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻيءَ جو ڌڻي آهي.“ مطلب ته ماڻهو ڪڏهين به ڪجهه ڪري سگهي ٿو. پر طارق گهڻو ڪجهه ڪيو ۽ اهو مسودو منهنجي هٿ ۾ ڏنائين. حقيقت اها آهي ته مون لاءِ جيڪي هن آسمان هيٺان ڏکئي ۾ ڏکيون ڳالهيون آهن، انهن مان هڪ اها به آهي، هٿ اکرن ۾ لکيل مسودو پڙهڻ. دل ۾ چيم، ”مري ويس.“
    پر جڏهين ”رهجي ويل منظر“ جو مسودو پڙهڻ ويٺس، ته ويس پڙهندو. جيڪي ڪُنيون اڳين سنڌي ناولسٽن چاڙهيون هيون، اُهي سڀ جو سڀ هڪڙي ڌڪ ۾ ڀڃي ڇڏيائين. منهنجي ٿوري گهڻي نظر بين الاقوامي ادب تي رهندي هئي/آهي. ڏٺم ته نيٺ ڪو نه ڪو بين الاقوامي سطح جو ناول سنڌي ٻوليءَ تي مهربان ٿيو آهي. اهو ئي حيرت جو هنڌ هو. جِتي ڪاري مٿي جي ڌڻيءَ پير رکيو. طارق ابڙو انهيءَ وقت ادب جو Dark House هو، جيڪو روشنين ۾ لهي پيو هو. هن ته اهو مسودو مون کي پڙهڻ لاءِ ڏنو هو، پر مون ناول جو مُهاڳ به لکي ڇڏيو ۽ چمن ٿي بيهي رهيس. ناول ڇپيو، چوڌاري رڙيون پئجي ويون. هڪڙي پاسي ساڙ ۽ حسد ڪن ڪڍيا ته ٻئي پاسي واهه واهه ٿي وئي ۽ هڪٻئي پويان ”رهجي ويل منظر“ جا ست ڇاپا ڇپجي ويا ۽ اڃا الائي ڪيترا ڀيرا اهو ناول ڇپبو رهندو. سنڌي ادب جي ڪِني ۽ گندي پاڻيءَ ۾ ڪنول جا گل ٽڙي پيا. طارق ابڙو چمن ٿي پيو.
    سَرن کي ته باهه وٺندي آهي، پر چمن ۾ گل و گلزار رهندو آهي. پر هڪڙي ڏينهن چمن کي باهه لڳي ته طارق ابڙو جو هڪڙو گڙدو آهي ئي ڪو نه. گڙدي جو ڊونر به کپي ۽ علاج به انگلينڊ ۾ ٿيڻو هجي. سنگت وٺ وٺان ڪئي ۽ سنگت جو قافلو سنڌڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو، جِتي انهيءَ وقت جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو پهچڻو هو. نصير مرزا، نثار حسيني مرحوم، نور الهديٰ شاهه ۽ آئون. هزارين گاڏيون ڏسي پريشان ٿي وياسين. شايد وزير اعظم نه ملي. ڪنڊ ۾ ويهاريو ويو. پر محمد خان جوڻيجو سڀني ڀوتارن ۽ ڪامورن کي ڇڏي، پهرين پهرين اسان ڏي هليو آيو ۽ هفتي اندر ڪم ٿي ويو. طارق ابڙو، رضيه کي ساڻ وٺي لنڊن به پهچي ويو. جن کي ڪم ڪرڻو هوندو آهي، سي ائين ڪندا آهن. محمد خان جوڻيجو جنتي ماڻهو هو، سو ٺڪاءُ ته ٺو ڪري ڇڏيائين ۽ طارق ابڙو چمن ٿي ويو. جن کي ڪم نه ڪرڻو هوندو آهي، اهي آسري ۾ رکي ماڻهوءَ کي ماري ڇڏيندا آهن. جي ونگي جو ڄام ارباب غلام رحيم هجي ها ته طارق ابڙو کي ائين هٿان نه وڃايون ها.
    لنڊن. ڄام صادق علي. طارق ابڙي تي هٿن جي ڇانئون ڪري ڇڏيائين ”امان رضيه، اسان مرد آهيون نڀاڳا تون آهين نياڻي. هل اندر، اسان کي بڪواس ڪرڻ ڏي، ڄام ڪانڀو خان جو اولاد آهيان، بک مرندس، پرطارق ابڙي کي هٿان وڃڻ نه ڏينداسين.“ جي نصيبن ۾ ڄام صادق علي ملي وڃي ته ٻيو ڇا کپي؟!
    طارق ابڙي آخر تائين همٿ ڪانه هاري. سندس رت ۾ وڏن جا گھوڙا پئي ڊوڙيا ۽ تلوارون پئي کجيون. ڪراچي وڃڻ جهڙو نه هجان. سو فون ڪئي مانس. موت جي بستري تي هوندي به منهنجي همدردي وٺڻ بدران مون کي همٿ ڏياريائين، ”بابا، چمن ٿي وڃبو. پوءِ ملنداسين.“
    اهو پوءِ جو ملڻ هميشه لاءِ دم ڇڏي ويو.
    ناول ياد نٿو اچيم، پر ڪنهن لکيو هو ته: ”زندگي، ٻن اٿاهه روشنين جي وچ ۾ هڪ اڻ لکي ڪاري ليڪَ آهي.“
    طارق ابڙو اڻ لکي ڪاري ليڪ ڇڏي، اٿاهه روشنيءَ ۾ هليو ويو. پر، ڪُلهي ڪانڌي ٿي نه سگهيس، جو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوس. اهو ڏک پاڻ کي يا عمر رهندو. باقي طارق ابڙو اڃا تائين اکين اڳيان پيو تري. ماڻهو مري ويندا آهن، پر پنهنجو تصور ڇڏي ويندا آهن.


    سڀ جنم وسري وڃن ـــ مدد علي سنڌي

    هاڻ ته ياد نٿو اچي ته طارق عالم سان ڪڏهن ملاقات ٿي هئي؟ ذهن جي ڪئنواس تي هن جي يادگيرين جا ڪيترا رنگ آهن اڃا باقي. رات جي راڻيءَ جهڙي خوشبو، يادگيرين جي رنگن سان.، جڏهن ڪنهن واچوڙي وانگر اٿندي آهي وراڪا ڏيئي، ته پوءِ من کي هڪ عجيب آٿت اچي ويندي آهي. انهن يادگيرين کي سچ پچ ته ڪاغذن تي اتارڻ آهي ڏاڍو ڏکيو.
    ڪڏهن ڪڏهن سچ پچ يقين ئي نه ايندو آهي، ته هُو اڄ اسان ۾ موجود ڪونهي. ڪجهه وقت اڳ اهو صبح خالي نه هوندو هو جو سندس ايس.ايم.ايس نه پهچندو هو. اصل ۾ هُو بنيادي طور تي هڪ فنڪار هو. باشعور فنڪار، هڪ ڪلاڪار وانگر هن جا ڪيترائي خواب هئا. اڙدوءَ جي مشهور شاعر ن.م راشد ڪنهن نظم ۾ چيو هو ته:

    منهنجا آهن خواب!
    هن دور کان هن دور جي سڪل درياهن کان،
    پکڙيل صحرائن کان ۽ شهر جي ويرانن کان،
    ڏکويل ۽ اداس
    منهنجا آهن ڪي خواب.

    ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته طارق وٽ اهي سمورا خواب هئا. انيڪ خواب! پر اهي اڌورا رهجي ويا هئا. زندگي ماضيءَ جي ماٿرين ۾ جهاتي پائڻ لاءِ به تيار نه هئي. اها سندس پڇاڙي هئي. اسپتال مان روز موڪليل سندس پيغام مان لڳندو هو، هُو مرڻ لاءِ قطعي تيار نه هو، مون کي ذاتي طور تي ان ڳالهه جو احساس آهي، پر موت کيس مهلت نه ڏني. ۽ هو هليو ويو.
    ڪو وقت هُو جو اسين ڏينهن رات گڏ هوندا هئاسين. نصير مرزا ۽ پاڻ مون وٽ گڏجي ايندا هئا. ۽ پوءِ دنيا جهان جون ڳالهيون ڪندا هئاسين. حيدرآباد شهر جي گهٽين ۾ گهمندا هئاسين. منهنجو گهر. نثار حسيني جي آگم واري آفيس. تلڪ چاڙهيءَ تي ادبيات بوڪ اسٽال. خيرالنساء جعفري جو ٽنڊي ولي محمد وارو گهر..... ان وقت اسان جي ذهنن جي آسمان تي، خبر ناهي ته ڪيترا چنڊ ۽ تارا اڀري ايندا هئا. اهي ڪڏهن به نه لهندا هئا. اڀ جي نيري ڪنڊ تي لهندڙ شام، ۽ اڀرندڙ سج اسان جي دلين تي هڪ عجيب اثر وجهندا هئا.
    هُو ڄمار ۾ ته مون کان گهڻو ننڍو هو، پر اهو فرق ڪڏهن محسوس نه ٿيندو هو. ڪائي ازلي تند اسان جي وچ ۾ ضرور هئي پاڻ ۾ ڳنڍيل. ان جي ڪا به وصف ۽ معنيٰ نٿي ٿي سگهي. آئون نه سنڀران ته هُو مون وٽ هلي آيو هجي. ۽ مون کان ڪو انڪار ٿيو هجي. طارق اصل ۾ اياز عالم ابڙو جو ننڍو ڀاءُ هو. اياز مون سان گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هو. سندس ڀاءُ قيس، ۽ منصور عالم به منهنجي ويجها هئا، پر من جي ڪائي سمجهه ۾ نه ايندڙ تند هن سان ئي هئي ڳنڍيل. مولانا آزاد ڪٿي لکيو آهي: ”ڪو ماڻهو پنهنجي جهولي گلن سان ڀرڻ چاهيندو آهي، ڪوئي ڪنڊن سان، پر ٻنهي مان ڪنهن کي اهو نه وڻندو ته هُو خالي جهولي کڻي وڃي. جڏهن ماڻهو گل کڻي رهيا هئا ته اسان جي ڀاڱي ۾ خواهشن جا ڪنڊا آيا. هنن گل کڻي رکيا ته ڪنڊا ڇڏي ڏنا. اسان ڪنڊا کڻي ورتا ۽ گل ڇڏي ڏنا!!!!!“ شايد حساس اديبن سان به ائين ٿيندو آهي. اهوئي سبب آهي جو اهي سک جي راهه بدران ڏک جي رستن تي آهن وتندا ڀٽڪندا.
    آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته اسين ڇا ٿا محسوس ڪريون ۽ ڪهڙي ريت ٿا محسوس ڪريون؟ ڇا ان ڳالهه کان وڌيڪ اها ڳالهه مٿانهين ڪونهي ته اسين ڇا ٿا سوچيون؟ ۽ ڪهڙي ريت ٿا سوچيون! بنيادي طور تي جذبو اها ئي شئي آهي. ان سان انسان جو شعور ٿو وڌي. هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ڪهڙي ڳالهه مٿانهين آهي ڪا خبر ڪونهي. هن جون ڪهاڻيون، ناول، هن جا پنهنجا جذبا هئا. سندس مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ هن جي پنهنجي عشق جو داستان هو، پر ڇا هُو انهن سمورين ڳالهين کان مطمئن هو؟ اهو ڏاڍو اهم سوال آهي.
    هڪ ڀيري پاڻ، نصير مرزا ۽ آئون، نئين ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي عالم پناهه ٿي ويٺا هئاسين. شام جي مهل هئي. سامهون، ٿر جون ڀٽون پئي نظر آيون. سج لهي ويو هو، پر اڃا رات جي اونداهه نه پکڙي هئي. پريان ٿر واهه تان اڏامندڙ پکي، سائين راضي شاهه جي درگاهه کان آسمان تي اڀرندڙ هڪ تارو ۽ زندگيءَ جي حسناڪيءَ سان چمڪندڙ رات! اهو اسان جو زمانو هو. ان کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئيسين. پر شايد زندگيءَ کي سمجهڻ ايترو ضروري ڪونهي. فقط جيئرو رهڻ ئي ڪافي گهڻو ڪجهه آهي. اوچتو هن چيو هو: ”ڪالهه ماٺيڻو اوٺي جي ڳوٺ ۾ رات رهندي، مون کي محسوس ٿيو، زندگي جو انت ڇا سچ پچ آپگهات آهي؟“ (اسين ماٺيڻي جي وڏي ڀاءَ عبدالهادي اوٺي، ۽ شاعر بلاول اوٺي سان، تعزيت ڪندي اتي سندن ڳوٺ رهيا هئاسين)
    مون کي ان مهل کيس ڪو به جواب نه ڏنو هو. نه وري ان ڳالهه جو جواب هو مون وٽ. ٿي سگهي ٿو هار کاڌل روح جي آخري پناهه گاهه آپگهات هجي. ڪهڙي خبر؟ پر هن کي ته زندگيءَ سان بيحد پيار هو. سندس هڪڙو ايس.ايم.ايس مون کي ياد آهي. اهو هن مون کي مرڻ کان ٻه چار ڏينهن اڳ ڪيو هو:
    ”مان مرڻ نٿو چاهيان“
    ان مهل مان ڏاڍو ڪنفيوز ٿي ويو هوس. اهڙي ڳالهه ته هن ڪڏهن به نه ڪئي هئي. ان وقت به ته جڏهن سندس ٻئي ڪڊنيون ختم ٿي ويون هيون. ڇا هُو مري رهيو آهي؟ ان مهل مون کي اها ڳالهه سوچيندي ڏاڍو ڊپ لڳو هو. منهنجي ذهن جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ وکريل پُرسرار ۽ ڀيانڪ وهم ۽ وسوسا وري جاڳي پيا هئا. مون کي نئين ڪوٽ جي قلعي ۾ پکڙجندڙ اونداهي آسمان تي کڙيل اڪيلو تارو ۽ ڪجهه دير کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ چنڊ ياد اچي ويو هو. هيٺ قلعي ۾ اونداها پاڇا آڏو اچي بيٺا هئا.
    هڪ ڀيري ڪراچيءَ ۾ مون وٽ باٿ آئزلينڊ ۾ رهيل هو. سمنڊ اسان کان گهڻو پري نه هو. ان رات شيخ اياز وٽ ويا هئاسين. ساڻس ڊگهي ڪچهري ڪري اچي گهر ويٺاهئاسين. هن چيو هو: ”ادا!“ منهنجي ناول تي ڪيترا اديب تنقيد ٿا ڪن. ته ان ۾ سيڪس گهڻو آهي ؟“
    ”ته پوءِ ان ۾ ڇا ٿي پيو؟“ مون چيو هو.
    ”اوهان ان کي خراب نٿا سمجهيو؟“ طارق چيو هو.
    ”نه هرگز نه، لٽريچر ۾ ان قسم جون ڳالهيون اينديون رهنديون آهن. انگلش لٽريچر ۾ اهڙا انيڪ مثال آهن.“
    ”پر ادا! اسان وٽ ته رواج ڪونهي!“
    ”اها اجائي ڳالهه آهي. اسان وٽ هند جي قديم اتهاسڪ ادب ۾ اهڙا تمام گهڻا مثال پيا آهن. تو ئي منهنجو ڪتاب ”پنر ملن“ ڇپرايو هو. ان ۾ ”ودياپتي“ ۽ ”امارو“ جا گيت وسري ويا اٿئي؟ اهي سڀ قديم شاعر هئا. سنسڪرت ۾ لکيا ويا هئا. تو شڪنتلا ناٽڪ نه پڙهيو آهي؟“
    ”نه ادا!“
    ”هڪڙو شعر ٻڌايائين“
    ”ها ادا!“
    مون هن کي هيءُ نظم ٻڌايو هو.

    ماڌو مون کان نه رُس!
    ڪيئن نڪران ها گهر مان،
    تيز هئي سانوڻ جي برکا،
    هر هنڌ پاڻي پاڻي هو،
    راهه ۾ گپ ايڏي هئي،
    ڍاڪ منهنجا ڳرا آهن ڏاڍا،
    گس گس تي ڪري ٿي پيس،
    ڪجهه به نظر نه آيو ٿي،
    ماڌو مون کان نه رُس!
    اڄ منهنجو ڪو ڏوهه نه آهي!

    ”اهو گيت ڪنهن جو آهي؟“ هن پڇيو هو،
    ”شايد ودياپتي جو.“
    هو سمجهي ويو هو ته مون کي کيپ چڙهي ويا آهن. هن چيو هو: ”ادا! توهان ”شڪنتلا“ ناٽڪ جو ذڪر ڪيو، ان مان ڪي جملا ياد اٿو؟“
    مون ٽهڪ ڏنو هو. ”طارق تون منهنجو جُهٽ آهين ڪٿي تون منهنجو امتحان ته نه پيو وٺين؟“
    ”نه ادا! اهڙي ڳالهه ڪونهي. مون ته ائين ئي چيو هو.“
    ”چڱو ٻڌ. ڪڏهن موڊ ٿيو ته تنهنجي ناول تي تنقيد ڪندڙن تي جواب ڏيندس. قديم لٽريچر ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. اهو هڪ جدا بحث آهي ته ڇا لکڻ گهرجي. ڇا نه لکڻ گهرجي. ”شڪنتلا“ پنجين صدي عيسويءَ جي ليکڪ ڪاليداس گهڻا جڳ اڳ لکيو هو. ان جي هڪ سٽ مون کي ياد بيٺي آهي:
    ”اي گلن جا تير وسائيندڙ ڪام ديو! تنهنجي تيرن ۾ ايڏي تکائي ڇو؟ تنهنجا تير رک وسائيندڙ آهن ۽ چنڊ جي چانڊوڪي ٿڌ ڏيندي آهي، پر اهي ڳالهيون عاشقن لاءِ غلط ثابت ٿيون. چندرما جي ٿڌي چانڊاڻ، انهن تي باهه وسائيندي آهي ۽ ڪام ديو جي گلن جا تير ڦٿڪندڙ دلين کي پروڻ ڪري ڇڏين. اي ڪام ديو! تون جيڪڏهن مڌ ڀريل نيڻن واري شڪنتلا کي منهنجي ڪري گهائل ٿو ڪري ڇڏين. ته مون کي پوءِ اهو ڏک خوشي سان قبول آهي!“
    ”واهه ادا! اڄ ته مزو اچي ويو“ هن واکاڻ ڪندي چيو هو: ”توهان منهنجي ناولن تي سچ پچ ته لکو.!“
    طارق تي مضمون لکندي، پراڻا ڪاغذ اٿلائيندي، سندس ناول تي لکيل اڻ ڇپيل مضمون جو هڪ پيج هٿ ۾ اچي ويو. خبر ناهي ته مضمون جا ٻيا پنا، ڪيئن گم ٿي ويا.
    ”طارق جي ناول پڙهڻ کان پوءِ احساس ٿئي ٿو ته پنهنجي ناول ۾ ڪيئن انڪاري عنصرن (Negative Elements) جن کي زندگيءَ جي ڪا به سگهه ڪونهي، عدم ۽ فنا طرف ويندي ڏيکاريو آهي. هاڪاري عنصرن (Positive Elements) کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. انهن سان ئي زندگيءَ جي تجديد ٿيندي آهي ۽ زندگي اڳيان وڌندي آهي. اصل ۾ انهيءَ حقيقت کان انڪار ممڪن ڪونهي. حسناڪي هڪ هاڪري عنصر آهي. طارق هڪ فطري ڪلاڪار آهي. انڪري هو حُسن ۽ مشق کان بيحد متاثر آهي.
    اسين جڏهن به هن قسم جي لکڻين تي تنقيد ٿا ڪريون، ته گهڻو ڪري زمان ۽ مڪان،(Time & Space) جي جدول کي وساري ويهي ٿا رهون. هن جي ناول کي پڙهندي ڪيترا تنقيد ڪندڙ هڪڙي اهم ڳالهه تي ڌيان نٿا ڏين. اها ڳالهه آهي، ته ناول جو مکيه ڪردار، جيڪا هڪ خاص ڇوڪري آهي ۽ هڪڙي خاص نينگر سان نينهن جو ناتو اٿس. انهن جو ميلاپ وجود جي تڪميل آهي. سندس ناول ۾ هڪ جمالياتي احساس آهي. ۽ هڪ جمالياتي ورتاءَ (Aesthetic- Approach) آهي اڙدوءَ جي مشهور ليکڪ سعادت حسن منٽو ڪنهن هنڌ (شايد پنهنجي ناٽڪ هن ڪن ۾!) لکيو هو: ”هن ڪائنات ۾ هڪ آتما کي ڪڏهن ڪڏهن گهايل ڇو ڇڏيو ويندو آهي؟“
    طارق جي ناول پنهنجي هيروئن جي ذهني ڪيفيت ۽ احساس کي بيان ڪيو آهي.ڇوڪريءَ جي ڪريڪٽر ۽ سندس ڊسٽرب ڪيفيت کي جذباتي هلچل (Disturbed Emotions) ذريعي ظاهر ڪيو آهي. جڏهن هوءَ انهن ڪيفيتن ۾ پنهنجي ڦٿڪندڙ روح کي هيرو جي حوالي ٿي ڪري. تڏهن هوءَ محسوس ڪري ٿي ته ٻه آتمائون گڏجي هڪ ٿي ويون آهن.......!
    پر اهو سڀ ڪجهه ماضيءَ جي ڌنڌ ۾ آهي ويڙهيل. اڌ انداهو آهي اهو سڀ ڪجهه. وقت سدائين تيز ڊڪون پائيندو ٿو هليو وڃي. سڃ ٿي ڀاسي ڪڏهن ڪڏهن زندگي. سچ پچ ته زندگي به وڃايل محبوبا وانگر آهي. ۽ پوءِ سوچيندا آهيون ته هوءَ هجي ها ته هيئن ڪريون ها، چانڊوڪين ۾ هٿ هٿ ۾ ڏيئي گهمون ها. لان ۾ املتاس ۽ چمپا جي وڻ هيٺان ويهون ها، پر وقت وڃائي ٿا ويهي رهون. سموراپل، پل پل ۾ پکيئڙا بڻجي ٿا اڏامي وڃن. هن سنسار ۾ سک ايڏي سولائي سا ته نٿا هٿ چڙهن. ۽ هاڻ ته هن ڏکويل ۽ غمزدهه دل کي اهي ئي ٿيون ڳالهيون وڻن. (جڏهن هر شئي ٿي هلي وڃي. ماضي ٿيو وڃي سڀ ڪجهه ته پوءِ وڃڻ کان پوءِ سک ۽ ڏک هڪجهڙا ٿيو وڃن!)
    پر ڇا سڀ ڪجهه سدا بهار گلن وانگر ٿي سگهي ٿو؟ رابيل جا گل سدائين رات جو ٽڙندا آهن. کير جهڙو سوجهرو ڪلياڻ چاهيندڙ.......
    ۽ پوءِ اوچتو ياد ٿو اچي، هي اڄ آهي. مان ڪالهه کي پيو ساريان. ڪالهه، جيڪو ويل وقت هوندو آهي. ماضي جيڪو سدائين من کي ڀاسندڙ آهي. ان ماضيءِ ۾ گهڻو ڪجهه پنهان هوندو آهي. ساروڻين جو عجب ڌنڌ ۽ ان ڌنڌ مان نظر اچي ٿو ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه، وسندڙ مينهن،کجندڙ کئنوڻ ۽ گجندڙ گوڙ (قادر مطلق ۽ ازلي خدا. مون کي هن زندگيءَ ۽ ويندڙ وقت جي چڪر مان ڪڍي ڇڏ!!)
    مون هڪ ڀيري طارق کان پڇيو هو: ”عشق هڪڙيءَ ماڊل اسڪول حيدرآباد جي ڪلاس فيلوءَ سان، ٻيو عشق يونيورسٽي جي ڇوڪريءَ سان، شادي ٽئين سان. وري عشق اسلام آباد جي اپسرا سان ۽ وري شادي،؟“
    هن کلي ڏنو هو، اسين ان مهل حيدرآباد جي جيمخاني ۾ ويٺا هئاسين (مون کي ڪراچيءَ مان فون ڪري سڏايو هئائين، ته مراد علي ميرزا بيمار آهي ۽ حيدرآباد جي ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال ۾ داخل آهي. اوهين ضرور اچو. پوءِ مان حيدرآباد آيو هوس. منجهند جو وقت هو. پاڻ ۽ سيد زوار حسين شاهه نقوي، ڄام شوري مان آيا هئا، گڏجي مراد صاحب کي ڏسڻ لاءِ ڪمبائينڊ ملٽري اسپتال ويا هئاسين. وڻن سان گهريل هڪ عام وارڊ ۾ بيڊ تي سنڌ جو هيءُ مهان ڪهاڻيڪار ليٽيل هو. سندس اکيون سامهون کليل دريءَ مان نظر ايندڙ وڻن ۽ روشن آسمان ڏي هيون . هو اسان کي ڏسي خوش ته ٿيو هو، پر مون کي ڏاڍو منجهيل لڳو هو. ڇا هو موت تي سوچي رهيو هو؟ يا وري مرڻ کان پوءِ حياتي جي آئيڊيالاجي کان انڪار ڪندڙ اهو اديب! سدائين ويل ڊريسڊ رهندڙ شخص حيدرآباد جي ٽنڊي آغا ۾ اڪيلي عاليشان پڪسري جاءِ ۾ رهندڙ امير شخص ميرزا مهرعليءَ جو فرزند، هڪ وڏو ڪهاڻيڪار، زندگيءَ جا آخري پساهه کڻي رهيو هو. طارق، آئون ۽ زوار ڪيتري دير تائين سندس ڀر ۾ بيٺا هئاسين. مون ان مهل طارق کي ٻڌايو هو: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين ڊائلاگ طرز تي لکيل رومانٽڪ ڪهاڻي به مراد صاحب لکي هئي. اهو وقت ٽيلي فون جو هوندو هو ڪڏهن ڪڏهن رانگ نمبرز سان به عشق ٿي ويندو هو. مراد صاحب جي اها ڪهاڻي 60 جي ڏهاڪي ۾ ”نئين زندگيءَ“ رسالي ۾ چپجي هئي. اها مون کي ياد بيٺي آهي. ۽ مراد صاحب ڪڏهن اهو نه ٻڌايو ته هن اها ڪهاڻي ڪنهن تي لکي آهي؟“
    ۽ پوءِ منجهيل مراد صاحب کلي ڏنو هو. ٻاهر سوجهرو هو. آسمان تي سج چمڪي رهيو هو. هوا ۾ سامهون وڻن جون ٽاريون جهومي رهيون هيون، ان مهل مراد صاحب جي اٽينڊنٽ دري بند ٿي ڪرڻ چاهي، پر مراد صاحب جهلي ڇڏيو هوس. شايد هن زندگيءَ جي سوجهري کي انت ۾ ڏسڻ پئي چاهيو. (۽ پوءِ مراد صاحب چند ڏينهن اندر 1 مارچ 2011ع تي، اڱاري جي ڏينهن گذاري ويو هو)
    اسين کائنس وساڻل من سان موڪلائي واپس وريا هئاسين. ڏاڍا منجهيل هئاسين. اتان ٿي اچي حيدرآباد جيمخاني ۾ ويٺاسين. سينڊوچز، ڪافي چانهه جا ڪيترا دور هليا ويا. سج لٿي تائين پئي ڪچهري ڪئي سين. مون هن کان عشق بابت سوال ڪيو هو. هن چيو هو: ”ادا! ڪهڙا ٿا سوال پڇو. بس ائين ئي، پر عشق ڪڏهن وسرندو آهي ڇا؟“ هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو هو.
    مون ان مهل سوچيو هو ڪنٽراڊڪشن گهڻا آهن. زندگيءَ جي بي انت بحر ۾ ڪائي ڪل نه آهي. روشن ۽ اجهامُل آهي زندگي.
    اماوس راتين جهڙي زندگي.

    پل پل ۾ پليانس، پل نه رهي پرينءَ ري
    جيئن جهوريءَ کان جهليانس، جهجيو تيئن جهوري پئي!

    طارق عالم، ٽماهي ”مهراڻ“ جو ڪارنر رباني صاحب جي ياد ۾ ڪڍيو. مون کي مضمون لکڻ لاءِ زور ڀريندو رهيو. آخرڪار هن ”مهراڻ“ جو پرچو ڪڍيو. مان ان مهل تائين مضمون مڪمل نه ڪري سگهيو هوس. پاڻ مون سان فون تي رابطو ڪندو رهيو. آخرڪار هڪ ڊگهو مضمون مون کان لکرايائين. اهو ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇاپيائين. کيس مضمون وڻيو. چوڻ لڳو: ”ڪجهه ڳالهين لکڻ کان پاسو ڪري ويا آهيو؟“ مان چپ ٿي ويس. پوءِ چيائين ته: ”ادا! مان دارا شڪوه جي حياتي وارو پڇاڙڪو داستان پڙهي اچرج ۾ اچي ويس. رات جو مون کي ننڊ نه آئي. ڇا سڳو ڀاءُ، اورنگزيب پنهنجي وڏي ڀاءُ سان اهڙو ويل به وهائي سگهي ٿو؟“
    هُو بيحد حساس هو. تڏهن ته هن اها ڳالهه چئي هئي. آئون داراشڪوه جي قبر تي، گذريل سيپٽمبر 2012ع ۾ ويس، دهليءَ ۾ مغل بادشاهه همايون جي مقبري ٻاهران ٿلهي تي چند گمنام قبرون آهن. انهن مان هڪ گمنام قبر، شاهجهان بادشاهه جي ولي عهد پٽ داراشڪوه جي آهي. سندس قبر وٽ ويٺو هوس. شام جي مهل هئي. آسمان تي اونداهي ڇائنجي رهي هئي. پريان شاعر عبدالرحيم خان خانخانان جو اجاڙ مقبرو پئي نظر آيو. پويان ڪنهن گردواري ۾ جهانجهه وڄي رهي هئي. اتي ڪوئي ڪلاڪار ڳائي رهيو هو. دارا جي گمنام قبر تي نهار وجهندي مون کي طارق عالم جي ڳالهه ياد اچي وئي هئي. تاريخ جي مظلوم شخص دارا شڪوه سان اورنگزيب اهڙو ويل به وهائي سگهيو پئي؟
    سچ پچ ته غم زندگيءَ جي هڪ بنيادي حقيقت آهي. ان کان فرار ڪنهن به ريت ممڪن ڪونهي، زندگي غم جو مجسمو آهي. ان ۾ خوشيءَ جو تصور بي معنيٰ آهي ۽ اسان کي جيڪي خوشيون نظر اچن ٿيون اهي غمن جون بدلجندڙ شڪليون آهن.
    مشهور فلسفي شوپنهار، ڏک کي حياتيءَ جي مستقل ڪيفيت ڪري مڃيو آهي، هن جي خيال ۾ خوشي ۽ سک، ڏکن جي عارضي وقت جو نالو آهي. طارق جي زندگيءَ ۾ ڪاوڙ خوشي ۽ ڏک گڏ رهيا. پڇاڙيءَ واري حياتيءَ ۾ هو عام طور تي ڏک، ڪاوڙ الميي تڪليف سان دوچار رهيو. ٿي سگهي ٿو ته غم کي پنهنجي تقدير سمجهي ويهي رهيو هجي پر هو بنيادي طور تي هڪ ڪلاڪار هو. اهي ڏک، غم ۽ تڪليفون من جي راهه ۾ ڪي رنڊڪون وجهي نه سگهيون. هن کي ان ڳالهه جو احساس هو ته سندس لکڻين سبب کيس سنڌي ساهت ۾ ياد رکيو ويندو. سندس دور ۾ هن جون ڳالهيون گهڻي وقت تائين وساري نٿيون سگهجن، بقول مير تقي مير:

    ڦرهتي ڦرين گي گليون مين ريختيون ڪي لوگ
    مدت رهين گي ياد يه باتين هماريان

    مون کي ياد آهي. ياد آهن هن جا ڪيترائي ٽهڪ. تڏهن هُو اڃا بيمار نه ٿيو هو. وڻ ويڙهيءَ وانگر هن کي ان بيماري نه وڪوڙيو هو. رات اماوس ۾ نه بدلي هئي. وڻن تي کڙيل چمپا ۽ گل مهر جا اَڇا ۽ ڳاڙها گل. حيدرآباد جي ڪجهه رستن تي اڃا بيٺل هئا. املتاس جا وڻ ۽ انهن جا گل سيشن ڪورٽ وٽ نودياليه اسڪول جي ٽاور ڪلاڪ ۾ لڳل روشن بتي ۽ رات جي سانت ۾ وڄندڙ گهنڊ جو آواز. اسين ٿڌي سڙڪ تي آهستي آهستي وڃي رهيا هئاسين ”علي بابا“ هوٽل ڏانهن. ماڊل اسڪول (نودياليه اسڪول) وٽان لنگهندي هن ٻڌايو هو: ”اسڪول ۾ پڙهندي مون کي پهريون عشق پنهنجي ڪلاس فيلوءَ سان ٿيو هو. تڏهن سمجهندو هوس، هن کان سواءِ جيئرو نه رهي سگهندس. اهو ٽين ايج جو دور هو. سڀ ڪجهه سٺو لڳندو هو. هن اسڪول جي پارڪ سامهون بيٺل وڻ جي هيٺان بيهي کيس ڏسندو هوس. عشق ماڻهوءَ کي گهڻو ڪجهه ٿو سيکاري ڇڏي!“
    (۽ پوءِ جي ڳالهه ياد ڪونهي)

    سال 1982ع حيدرآباد جي گاڏي کاتي ۾، ريشم گهٽيءَ جي چاڙهيءَ وٽ روزاني ”سنڌ نيوز“ جو دفتر هو. روزانو مون وٽ ايندو هو. شوڪت حسين شورو، علي بابا، نصير مرزا، اخلاق انصاري، عبيد راشدي، زيب سنڌي، حسن مجتبيٰ، اڪبر سومرو، حسن درس، اعجاز پلي، معصوم سانگهڙائي، نثار حسيني، منير احمد ماڻڪ، عزيز گوپانگ، مشتاق ڪاملاڻي، مولوي محمد صالح عاجز، قربان علي بگٽي، مشتاق باگاڻي، زوار نقوي، ڪيترا دوست ايندا هئا. اتي اخبار ۾ ان وقت هڪ اڙدو اسپيڪنگ ليڊي رپورٽر به ڪم ڪندي هئي. ان کي ڏسي هڪ ڀيري طارق مون کي ٻڌايو: ”مان هن کي چڱيءَ ريت سڃاڻان. هي لطيف آباد يونٽ 6 وٽ نرسري ويجهو هڪ بنگلي ۾ رهندا آهن.“
    ”پر هيءَ ته پرڻيل آهي ڪنهن سنڌيءَ سان“ مون ايڊيٽوريل لکندي هن کي وراڻي ڏني هئي.
    ايتري ۾ هوءَ منهنجي ڪمري جو در کولي اندر آئي هئي. طارق کي ڏسندي سلام ڪندي، پنهنجي خبر مون کي ڏني هئي. مون خبر وٺندي طارق ڏانهن اشارو ڪندي چيو هو، ”هن کي سڃاڻين ٿي؟“
    هن مرڪي چيو هو: ”جي سر! طارق کي آئون سڃاڻان ٿي؟“
    پوءِ هلي وئي هئي. نيوزروم ڏانهن. مون طارق کي چيو هو: ”ادا! واقعي تو سچ چيو هو.“
    طارق ٻڌايو: ”هن ڇوڪريءَ جي فيملي ڏاڍي ڏکويل اٿو. هن جي ٻي ڀيڻ به آهي. هڪ ڀاءُ اٿس. سندن ماءُ هنن کي ڇڏي وڃي ٻي شادي ڪئي آهي. انڪري هنن ٽنهي ڄڻن جي طبعيت ۾ محرومي موجود آهي. ڏسجو، ڪنهن ڏينهن هيءَ به پنهنجي مڙس کي ڇڏي ڏيندي“!
    مون کلي چيو، ”يار! تون به ڏاڍي ٿو ڪرين. هن جي شاديءَ کي اڃا 6 مهينا مس ٿيا آهن. مڙس سٺي پوسٽنگ تي اٿس.“
    ”ادا! ويٺا ڏسجو!“ هن چيو هو. ”منهنجو هن جي ڀيڻ سان ڪنهن وقت عشق هلندو هو.“
    مون هن ڏانهن تعجب مان ڏٺو هو، ۽ واقعي ٽن سالن کان پوءِ هن پي ٽي ويءَ تي ڪراچيءَ ۾ وڃي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. گهڻي وقت کان پوءِ سندس ننڍي ڀيڻ ڪراچي ايئر پورٽ تي پي آئي اي جي ڊيسڪ تي مون کي ويٺل نظر آئي. مان اسلام آباد وڃي رهيو هوس. مون کي بورڊنگ ڪارڊ ڏيندي چوڻ لڳي،“ سر! توهان اڃا حيدرآباد ۾ آهيو؟“
    ”نه هاڻ مان ڪراچيءَ ۾ ”هلال پاڪستان“ اخبار ۾ آهيان.“ مون کيس ٻڌايو هو.
    ”سسٽر به اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ ٽي وي تي ڪم ڪري ٿي.“ هن مون کي ٻڌايو هو.
    ”سندس هسبينڊ جي پوسٽنگ ڪراچي ۾ آهي ڇا؟“ مون سوال ڪيو هو.
    ”نه هن جي سيپريشن ٿي چڪي آهي“. هن ٺهه پهه جواب ڏنو. هوءَ به طارق عالم وانگر بولڊ هئي. سندس گهاٽي ساهيڙي هئي. اها ساڳي بولڊنيس هن ۾ به موجود هئي.
    1987ع جي ڳالهه آهي. دوست سميع بلوچ مون کي پي ٽي وي جي سنڌي پروگرام ”مخرن“ ۾ ڪهاڻي پڙهڻ لاءِ سڏايو. ڪهاڻي پڙهي آيس. حيدرآباد ۾ حسب معمول طارق مون وٽ آيو. چوڻ لڳو: ”ادا! توهان جي فيس تي ڪرختگي ڏاڍي اچي وئي آهي، ايڏي سختي ڏسي نئون ماڻهو ته ڊڄي ويندو.“
    مان ڪجهه ڪاوڙ مان هن کي چيو، ”يار! ٻئي ته ڪنهن مون کي ڪونه چيو! تو الائي ڪيئن محسوس ڪيو؟“
    هن چيو هو. ”اصل ۾ ماڻهو جي منهن تي ماضيءَ جي سمورين مشڪلاتن، ڪاوڙ ۽ ڏک جا اولڙا بيهي رهندا آهن، جيڪڏهن اوهان پنهنجي اندر ۾ اهي سڀ وارتائون ٿا رکو، ته پوءِ ماڻهوءَ جي مک تي به اها شئي اچي ويندي آهي. ماڻهوءَ کي لکڻ به گهرجي. عشق به ڪرڻ گهرجي. خوشي جو جذبو به ماڻهوءَ جي شڪل مان نظر اچڻ گهرجي!“
    ۽ پوءِ مان هن کي ويهاري، باٿ روم ۾ وڃي آئيني ۾ پنهنجو چهرو ڏٺو هو. آئينو جيڪو ماڻهوءَ کي سدائين ريجهائيندو آهي، پر ڳالهه هن جي صحيح هئي.
    ماضيءَ جا سمورا ورق، هڪ هڪ ٿي اڏامي ويا. اهي سمورا ڏينهن ماضيءَ جي ڪوهيڙي ۾ کوئجي ويا. جنهن جو ڏک آهي، اهو ئي سڀ محسوس ڪندو ٻيو ته سڀ ڪجهه فقط هڪ آٿت آهي.

    حرف تسلي تواڪ تڪلف هي ”محسن“
    جس ڪا درد، اسي ڪا درد، باقي سب تو تماشائي!

    تماشو ڏسندڙن جو هڪ وڏو هجوم آهي. هن تماشو ڏسندڙن جي هجوم ۾ وڃي عشق ۾ پناهه ورتي هئي. هر عشق جو نصير ميرزا سان، اخلاق انصاري سان، ۽ مون سان تفصيلي ذڪر ضرور ڪندو هو. هڪ حساس ليکڪ جا، هڪ ڪلاڪار جا داستان ڏاڍا وڏا آهن. سندس حساس طبعيت جي هڪڙي ڳالهه ٿي ياد اچي. اها مون کي هن پاڻ نيوائير نائيٽ تي ٻڌائي هئي. چوڻ لڳو: ”ادا! مون زندگيءَ کي ان مهل ڏاڍو اذيت ناڪ محسوس ڪيو هو، جڏهن توهان جي وڏي ڀاءُ جي تدفين ٿي رهي هئي. اسان جي سامهون آڪٽوبر جو سج اولهه ۾ لهي رهيو هو. اوچتو ان پرسرار قبرستان ۾، شام جي ماٺ ۾ توهان جي بي اختيار روئڻ جو آواز گونجيو هو. اهو سڀ وساري نه سگهيو آهيان.“
    مون ڇرڪي هن ڏانهن ڏٺو هو. اها ڳالهه 1995ع جي آهي. آئون ان وقت سول لائينس حيدرآباد ۾ رهندو هوس. رات نئين سال جي هئي. هو پنهنجي ڀائٽي جاني ابڙي وٽان موڪليل سوکڙي ڊمپل منهنجي لاءِ کڻي آيو هو. ۽ هو 27 آڪٽوبر 1980 جي ڳالهه ڪري رهيو هو. مون هن کي ڪوئي جواب نه ڏهو هو. ان مهل مون الائي ڇو هڪ اتهاسڪ پراچين گيت ياد اچي ويو هو.

    هن وچن ڪيو هو، سڀاڻي ورندو،
    ۽ مون ڌرتيءَ تي هرهنڌ لکي ڇڏيو هو سڀاڻي!
    سڀاڻي جو جڏهن انت ٿيو ۽ صبح ٿيو ته سڀني مون کان پڇيو،
    هاڻي ٻڌاءِ، تنهنجو سڀاڻي ڪڏهن ايندو؟
    سڀاڻي، سڀاڻي ڪٿي آهين تون؟
    مان روئندي رهيس، مان روئندي رهيس،
    پر منهنجو سڀاڻي ڪڏهن به نه آيو!
    ودياپتي چوي ٿو او منهنجا پرين ٻڌ!
    تنهنجو سڀاڻي اڄ اچڻو آهي!!
    پر سڀاڻي نه اچڻو آهي!

    ماضي ڏک ڏيئي ٿو. عشق سڀ ڦري وٺي ٿو. ائين ڄڻ بتي ٻرندي هوندي به اونداهي ڀاسندي آهي. من جي اندر ٽڙندڙ سمورين ٽارين تي ڪي به گل نه کڙندا آهن. چنڊ جا ڪرڻا من کي نه وڻندا آهن. نه ڏينهن، نه سمو، نه تاريخ، هيڏي شهر ۾ نه ڪوئي ساٿي نه همدرد. لنڊن شهر ۾ رات جو بيلسائيز پارڪ کان ارلس ڪورٽ ويندي طارق مون کي ڏاڍو ياد هو. جولاءِ 1988 جي ڳالهه آهي. ٽيوب ۾ آئون اڪيلو هوس. اڳتي مون کي ٻه ٽرينون چينج ڪرڻيون هيون. ارلس ڪوٽ تي جڏهن آئون وڃي پهتو هوس، ته سامهون ڪرامويل اسپتال تي وڃي نظر پئي هئي. ان ئي اسپتال مان طارق جي ڪڊنيءَ جي ٽرانسپلائيٽشن ٿي هئي.
    ان مهل اسپتال کي ڏسندي پنهنجي هوٽل ”هينلي هائوس“ ويندي مون کي سندس بيماريءَ جو دور ياد اچي ويو هو. اها ڳالهه سال 1986ع جي شروعات جي آهي. نوجوان لکندڙ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندڙ خوبصورت نوجوان طارق، مون کي ٻڌايو هو ته کيس گهڻن ڏينهن کان بخار نٿو ڇڏي. مون چيو هو: ”تون ڪنهن ڊاڪٽر کي ڏيکار متان ڪوئي انفڪيشن نه هجي.“ ۽ پوءِ هو منهنجي آفيس (عبرت پريس) مان آگم پبلشنگ جي دفتر ۾ هليو ويو هو شايد. ان واقعي کان 2 ڏينهن پوءِ جي ڳالهه آهي. نصير مرزا مون وٽ آيو، طارق به ساڻس گڏ هو. نصير ٻڌايو ته طارق کي ڪيترن ڏينهن کان الٽي نٿي بند ٿئي. توهان ڊاڪٽر عالماڻي وٽ هلو. ان وقت به صدر حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر ايم اي عالماڻي تمام گهڻو مصروف رهندو هو. منهنجي ننڍپڻ جي دوست امتياز قاضي سان ويجهي مائٽي هئڻ سبب هو سدائين مون کي عزت ڏيندو هو. شام جو وقت هو اسان سندس پرائيويٽ ڪلينڪ تي پهتا هئاسين. اندر تمام گهڻي رش هئي. چٽ اندر موڪلڻ تي هن اسان کي سڏرائي ورتو. مون کيس طارق جو احوال ٻڌايو هو. هن طارق جوچيڪ اپ ڪري، کيس اسپتال داخل ڪرايو هو. ان مهل ته نه پر پوءِ هن ٻڌايو هئائين ته طارق جون ٻئي ڪڊنيون ڪم ڪن نه ٿيون ڪن. ساڳي ڳالهه ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ به ڪئي هئي. پوءِ طارق ڪراچي ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي ڏي علاج هيٺ هليو ويو.
    ان مهل ملڪ تي جنرل ضياءَ الحق جي حڪمراني هئي، پر محمد خان جوڻيجو 1985 وارن چونڊن جي نتيجي ۾ وزير اعظم ٿي چڪو هو. آئون ”عبرت گروپ“ ۾ ڪم ڪندو هوس. عبرت جو مئنيجنگ ايڊيٽر قاضي عبدالحميد عابد وفاقي وزير ٿي چڪو هو.
    طارق جي حالت ڏسڻ بعد ڪراچي جي ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي فيصلو ڪيو هو ته طارق کي علاج لاءِ لنڊن وڃڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ڪونهي. ان وقت لنڊن علاج لاءِ وڃڻ هڪ وڏو مسئلو هو. سڀ ڏاڍا منجهيل هئاسين. علاج تي لکين رپيا خرچ اچڻو هو. اهي پئسا اچن ڪٿان؟ تڏهن حيدرآباد جي سنڌي اديبن ۾ گهڻي ٻڌي هوندي هئي. سنڌي ٻوليءَ جي برک ليکڪا نوالهدي شاهه، آگم پبلشنگ جي مڙس مٿير نثار حسيني، نصير مرزا ۽ مون تي مشتمل هڪ ڪميٽي جوڙي وئي. ان جو نالو رکيو ويو هو: ”طارق عالم بچايو ڪميٽي.“ مقامي بينڪ ۾ هڪڙو اڪائونٽ کوليو ويو. ان مان نورالهدي شاهه. نثار حسيني ۽ منهنجي صحيح سان پئسا ڪڍڻا هئا. عبرت اخبار ۾ اپيلون شايع ٿيون. ان وقت حيدرآباد سنڌ يونيورسٽي جي اولڊ ڪيمپس ۾ ديوان پر ڀداس آڏواڻيءَ جي سماڌيءَ وٽ هڪ وڏو فنڪشن هو، اتي طارق جي امداد لاءِ اعلان ٿيو، نصير ميرزا جهولي ڦهلائي پنڊال گهميو. ڪيترن ماڻهن چندو ڏنو. آخرڪار بينڪ کي ڏٺو ويو ته ان مهل فقط 35 هزار گڏ ٿيا هئا. اها رقم اڻ ڪافي هئي.
    ان وچ ۾ سانگهڙ جي صحافي شهيد آفتاب نظاماڻيءَ هڪ رٿ ڏني. ان موجب وزيراعظم محمد خان جوڻيجي سان عيد جي ڏينهن سندس ڳوٺ سنڌڙي وڃي ملاقات ڪرڻي هئي. نورالهديٰ شاهه ان رٿ جي منظوري ڏني، ۽ پوءِ عيد جي صبح جو ويگن ۾ عبدالقادر جوڻيجو، نثار حسيني، آئون، نصير ميرزا، دارا ابڙو، شهيد آفتاب نظاماڻي، ڪاشف نظاماڻي، وڃي سنڌڙي پهتاسين. سنڌڙيءَ ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جي بنگلي تي سخت سيڪيورٽي لڳل هئي. اسان مان ڪنهن وٽ پاس نه هئي. بنگلي جي در تي اسپيشل برانچ جي ڊي ايس پي محمد عثمان جي ڊيوٽي هئي. مرحوم محمد عثمان حيدرآباد جي ٽنڊي آغا، ۾ ڦليليءَ جي ڪناري تي رهندو هو. مون سان واقفيت هيس. مون کيس ڳالهه ٻڌائي، شريف ماڻهوءَ چيو: ”توهان مان ڪنهن وٽ به پاس ته ڪونهي، پر مان فقط ٽن ماڻهن کي وڃڻ ڏيندس“. ۽ پوءِ عبدالقادر جوڻيجو، مان، نصير مرزا ۽ دارا ابڙو اندر بنگلي ۾ وڃي پهتاسين. اندر ايم اين ايز، ايم پي ايز، جي رش هئي، محمد خان جوڻيجو ڪنهن هڪ هنڌ نه پيئي ويٺو. اوچتو هو ورانڊي ۾ آيو. مون وڌي وڃي کيس عيد مبارڪ ڏني. پريس ميٽنگس ۾ وڃڻ ۽ ان وقت جي وزيراعليٰ سائين غوث علي شاهه جي ڪري سڃاڻندو هو. چوڻ لڳو: ”بابا! توهان ڇو زحمت ڪئي؟“
    مون کيس ٻڌايو، ”سائين! ٻه ٽي منٽ اسان کي ڏيو، هيءُ دوست مون سان حيدرآباد کان گڏجي آيا آهن!“
    هو اسان وٽ ويهي رهيو. مون کيس طارق جو قصو ٻڌايو چيائين، ڊونر آهي توهان وٽ؟کيس ٻڌايم: ”ڊونر پروفيسر نثاراحمد نوراني پنهنجي ڪڍني ڏيڻ لاءِ تيار آهي.“ يڪدم چيائين: ”چڱو ٺيڪ آهي. مان طارق جو علاج سرڪاري طور تي ڪرائيندس ۽ ڊونر کي به خرچي ڏيندم،!“ ائين چئي هن پنهنجي ايم ايس کي پنهنجو حڪم لکرائي ڇڏيو. موڪلائڻ مهل چيائين: ”بابا! هاڻي ٿورو پرسو ضرور ڪجو“!
    ان مهل پي ٽي وي جو پروڊيوسر ۽ مشهور سنڌي شاعر آغا پير محمد ”ڪيلاش“ اتي بيٺو هو. مون کيس خبر لکي ڏني، هن ويچاري اها خبر فوري طور تي پي ٽي ويءَ تان نشر ڪرائي ڇڏي.
    اسين موٽي آياسين. پوءِ طارق عالم جي وڏي ڀاءَ، دارا وڏي جفاڪشيءَ سان اسلام آباد ۾ وڃي پوئواري ڪئي. طارق ۽ سندس ڊونر نوراني صاحب جي لنڊن وڃڻ جو سرڪاري بندوبست ٿي ويو. طارق سان دارا به وڃڻو هو. ۽ سندس گهر واري ڀاڄائي رضيه به وڃڻي هئي. طارق مون کي چيو: ”ادا! توهان هڪ ٻي ٽڪيٽ لنڊن جي وٺي ڏيو ڪنهن کي به چئو پر اهو ڪم ٿيڻ گهرجي. ٽڪيٽ ترڪش ايئر لائين جي هئڻ گهرجي جو مان به ان ۾ وڃي رهيو آهيان.“
    اسان وٽ بينڪ ۾ فقط 35 هزار رپيا هئا. اهي نثار حسينيءَ طارق جي گهر واريءَ جي حوالي ڪيا بعد ۾ اسان ”طارق عالم بچايو ڪميٽي“ جو سڄو ريڪارڊ سنڌالاجيءَ ۾ رکرائي ڇڏيو!
    هاڻ سوال اهو ته لنڊن جي ٽڪيٽ ڪٿان اچي.؟ ڏاڍو منجهي پيس. اڳي ته جيئرو هو ادا وڏو ممتاز، جيڪو سدائين پيو قومي ڪارڪنن ۽ اديبن جي مالي مشڪلاتن کي حل ڪندو هو. اوچتو مون کي خيال آيو ته حمزي خان پليجي کي چئي ڏسان. کيس سندس آفيس ۾ فون ڪيم. تڏهن پاڻ مختلف ضلعن ۾ ضلعا ٽيڪس جا ٺيڪا کڻندو هو. منهنجي ان ۾ ڪا وڏي اميد ته نه هئي، پر ٻڏندڙ ٻيڙيءَ جا ماڻهو ڪيڏانهن وڃن. بهرحال فون تي کيس حقيقت ٻڌائيندي چيم: ”توهان اسان کي ٽرڪش ايئر لائين جو هڪ ٽڪيٽ وٺي ڏيو.“
    پاڻ وڌيڪ ڪنهن به بحث ۾ نه ويندي. فقط ايترو چيائين: ”توهان هينئر گهر آهيو يا ٻاهر“. ٻڌايم، ته گهر ۾ آهيان. چيائين: ”چڱو ٺيڪ آهي. توهان جو گهر ته اهو ساڳيو گاڏي کاتي وارو آهي نه؟“ مون چيو. ”ها“
    هن فون بند ڪري ڇڏيو، پر مان گهڙي کن لاءِ مايوس ٿي ويس. سمجهيم ته اهو ڪم به نه ٿيو. حمزي خان سان پراڻي دوستي هئي، پر گهڻي وقت تائين هو مون سان نه گڏيو هو. ڪلاڪ کن مس گذريو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي. ٻاهر ويس ته هڪ اڻڄاڻ شخص بيٺو هو. مون کي ڏسي چيائين: ”حمزي خان پليجي موڪليو آهي. توهان مدد علي آهيو؟“ مون ها ڪئي. ته هڪ لفافو منهنجي حوالي ڪيائين، ۽ هليو ويو، لفافو کڻي اندر آيس. ته ان ۾ ترڪش ايئرلائينز جي ٽڪيٽ جا 11 هزار رپيا پيل هئا. يڪدم فون ڪري طارق کي ٻڌايم هو ڏاڍو خوش ٿيو. مون وڃي ٽڪيٽ جا پيسا وٺي طارق جي حوالي ڪيا.
    ستت مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ طارق عالم کي الوداعي پارٽي جي سلسلي ۾ ادبي تقريب رکيل هئي. مکيه مهمان نورالهدي شاهه ۽ صدارت مون کي ڪرڻي هئي. اتي تقريرون ٿيون. هر مقرر پنهنجي جذبات جو اظهار ڪيو. پر مون کي ڏاڍو عجب ٿيو. ڪنهن به ماڻهوءَ طارق عالم کي علاج لاءِ لنڊن موڪليندڙ وزير اعظم محمد خان جوڻيجي جو ذڪر نه ڪيو. نه وري حمزي خان پليجي جو نالو کنيو. جڏهن منهنجي تقرير جو وارو آيو ته مون ٻين ڳالهين سان گڏ اهو چيو: ”ڪيڏي ڏک جهڙي ڳالهه آهي، جو جيڪو شخص طارق کي علاج لاءِ سرڪاري خرچ تي لنڊن پيو اماڻي، اهو شخص آهي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو. ٻيو شخص آهي، حمزو خان پليجو، جنهن هڪڙي ٽڪيٽ لنڊن جي وٺي ڏني آهي. باقي سنڌ مان گڏ ٿيل 35 هزار آهن. جنهن مان لنڊن 2 ماڻهو نٿا وڃي سگهن. نه وري لنڊن جي ڪرامويل اسپتال ۾ ڪڊني ٽرانپسلانٽ ٿي سگهندي!؟“
    بهرحال اهو پهريون ڀيرو هو، جو سنڌي اديب، پنهنجي هڪ سڄاڻ اديب لاءِ ڪجهه ڪري سگهيا هئا. 1987ع ۾ طارق عالم، دارا ۽ ڀاڄائي رضيه لنڊن هليا ويا. اتي طارق جو علاج ٿيو. لنڊن جي ٽوٽنگ براڊوي جي علائقي ۾ وڃي ترسيا، هن اهو سڄو احوال پنهنجي لنڊن جي سفرنامي ۾ ڏنو آهي. 25 ورهيه هو ان علاج کان پوءِ زنده رهيو. پر اهو وقت هن ڪيئن گذاريو. ان جو جواب اهو آهي ته طارق بهادريءَ سان زندگيءَ جي مشڪلاتن سان مقابلو ڪيو. ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو پنهنجي ڪمزوري ظاهر نه ڪئي. طارق جي دوستي ڪيترن وڏن ۽ ننڍن ماڻهن سان هئي. لنڊن ويو ته ڄام صادق علي سندس دوست ٿي ويو. لنڊن جي پاڪستان قونصل خاني ۾ اتاشي قلي بخش رند سندس خيال ڪندو هو. مخدوم جميل الزمان ته شروع کان وٺي کيس ڀائيندو هو. اديبن ۾ نورالهدي شاهه، جي نه فقط پاڻ عزت ڪندو هو، پر هوءَ به کيس ڀائرن وانگر ڀائيندي هئي. انعام شيخ سان به کيس محبت هوندي هئي. اسحاق سميجو سندس ڏاڍو گهرو دوست هوندو هو، نصير ميرزا ۽ اخلاق انصاري جو مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. محمود مغل، اياز گل، خدا بخش ابڙو، ادل سومرو، نياز پنهور، تاج جويو، حسن درس، ميجر غلام محمد ميمڻ، شوڪت شورو، مشتاق شورو، مظهر لغاري، احمد سولنگي، عبيد راشدي، بخشڻ مهراڻوي، حبدار سولنگي، روبينا ابڙو، نالا تمام گهڻا آهن. ڪنهن جا وٺي ڪنهن، جا وٺجن.
    بهرحال حساس ماڻهو پرهه جو پيئاڪ آهي. هن جي اندر جو اڱڻ وشال آهي. هن جي زندگيءَ جي ميخاني تي ماڪ پئي پوندي آهي. مشهور صوفي منصوربن حلاج ڪنهن هنڌ لکيو آهي:
    ”ٻه ماڻهو ڳولا جي باوجود نٿا ملن. پهريون اهو جيڪو پاڻ کي سڃاڻي وٺي، ۽ ٻيو اهو جيڪو پاڻ کي وڃائي ڇڏي!!“
    منهنجي نظر ۾ حساس ليکڪ ٻي ڪيٽيگري جا ماڻهو آهن. اهي پنهنجي پاڻ کي وڃائي ٿا ويهي رهن، ۽ پوءِ هروڀرو يا ڄاڻي واڻي خبر ناهي ڪنهن جي ٿا ڳولا ڪن. ڪنهن جي لاءِ ٿا وتن بن بن ڀٽڪندا. ڪن آبنوسي مُکڙن جي ڳولا ڪندا. صبح جي سوجهري بدران اماوس راتين ۾ اُڀ کي ڏسندا. ڳلي ڳلي، وڻ وڻ تي وتن ٿا ڀٽڪندا. حافظ شيرازيءَ جي هن شعر وانگر:
    وفا کنيم و ملامت کشيتم و خوش باشيم،
    که در طريقت ما ڪافر سيت رنجدن!!

    (وفائون ڪندا آهيون ۽ وفائن جي عيوض طعنا ۽ مهڻا سهندا آهيون، پر پوءِ به خوش رهندا آهيون، ڇاڪاڻ ته اسان جي دين ۾ وفائن جي عيوض مليل مهڻن تي ڪاوڙجڻ ڪفر آهي!!)
    ويل وقت خوبصورت رنگن وارو، شفق جي رنگن جهڙو. آئون هاڻ ڪنهن به دوست کي هن جي اوڻاين جي روشني ۽ ورتاءَ ۾ نه ڏسندو آهيان. مون کي سدائين سچل سرمست جي فارسي شعرَ جي هي ڳالهه آڏو بيهي رهندي آهي: ”سج کي سج جي روشني ۾ ڏسبو آهي، ان کي ڏيئي جي روشني ۾ نه ڏسبو آهي!“
    اسان دوستن کي دوستيءَ وسيلي سڃاتو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جي هن فرمان وانگر: ”عرفت به ربي به ربي!“ يعني: ”رب کي سڃاتم رب وسيلي“. هونئن به ڪنهن ماڻهوءَ کي چڱيءَ ريت سمجهڻ آهي تمام ڏکيو. ۽ زندگي سڄي آهي ڪنهن سنڊريلا اسٽوريءَ وانگر.
    جنهن ڏينهن طارق هليو ويو. ان جي ٻئي ڏينهن ڌرتتيءَ جو ڏينهن هو. سج آسمان تان ٽانڊا پئي اڇلايا، ڄامشوري جو جابلو پٽ ٽامي وانگر تپي رهيو هو. سامهون سنڌو درياهه جو پاڻي ماٺو هو. پريان سنسان اسٽيشن، ۽ ڦاٽڪ تي ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. جابلو مقام ۾ ٻه ٽي بيٺل وڻ. هر پاسي کان ٻپهريءَ جي سانت ۽ ماٺ. فقط نصير مرزا جون ڪنهن ڪنهن مهل ايندڙ اوڇنگارون، پريان سنڌي ادبي بورڊ. طارق جي آفيس جي بند دري. سڀ ڄڻ کيس الوداع چئي رهيا هئا. ۽ پوءِ ڌرتتيءَ جي مهل، شام ۾ بدلجي وئي هئي. پر طارق موجود ڪونه هو. اها شام اها رات ڏاڍي ڏکي گذري هئي. اونهاري جي جون مهيني جو اداس آڪاس. ٽم ٽم ڪندڙ تارا، تيز گهلندڙ هوا ۽ 10 رجب جي چنڊ جي ان سموري وايومنڊل ۾ مون ڪجهه دوستن جي وچ ۾ هوندي به پاڻ کي ڏاڍو اڪيلو محسوس ڪيو:

    تنهائي ڪي غربت ڪي، پريشاني ڪي شب هي
    يه خانه شبير ڪي ويراني ڪي شب هي
    (فيض احمد فيض)

    اڄ طارق عالم هن جهان ۾ ڪونهي. هو هي جهان ڇڏي ويو آهي. ڄامشوري اسٽيشن جي ڀر ۾ جابلو مقام ۾ آرامي آهي. صبح ٿي ته ڇا. رات ٿئي ته ڇا؟ چنڊ چوڏهينءَ جو هجي، يا رات اماوس جي، اڀ ۾ ڪڪر مڙي اچن يا وسڪارو نه ٿئي ته ڇا؟ هو زماني جي سمورين بيرحمين کان پري آهي.
    پر طارق عالم ابڙو پنهنجي ڪتابن وسيلي زندهه آهي. سچ پڇو ته هر ساهواري کي حياتي هوندي آهي. ان ريت ڪتابن کي به پنهنجي ڄمار ضرور هوندي آهي، اها ڄمار ڊگهي هوندي آهي. شاهه لطيف جي رسالي جي ڄمار اڍائي سو ورهين کان مٿي آهي. فارسيءَ ۾ فردوسي جي شاهنامي کي 900 ورهيه لنگهي ويا آهن. سڪندر بودنامي کي 700 سال، گلستان بوستان کي 600 سال، رگويد کي هزارين ورهيه ٿي ويا آهن. ٻيا ڪتاب به گهڻا آهن، پر اهي سمورا جوان آهن. ڪجهه ڪتاب سداحيات رهن ٿا. ڪجهه گمنامي جي اونداهه ۾ گم ٿيو وڃن، طارق عالم جا ڪتاب زندهه رهندا. ڇاڪاڻ ته هن جيڪي ڪجهه لکيو دل سان لکيو. ماڻهو پاڻ هليو وڃي ٿو، پر هن جا خيال ۽ ڪتاب ايندڙ جڳن تائين زندهه رهندا آهن. پر ڪهڙي خبر؟ ماڻهو جيئرو آهي ته سڀ ڪجهه آهي هليو ٿو وڃي ته پوءِ فقط دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪجهه ڳالهيون ڳڻڻيون آهن. ڳالهه ڪيئن به هجي، پر حقيقت اها آهي ته طارق ڏاڍو ياد ايندو آهي. امير خسرو جي هن شعر وانگر:
    نه نيند نينان، نه انگ چنيان، نه آپ اوين، نه بهيجين پتيان.

    سکهي پيا ڪو جو مين نه ديکهون، توڪيسي کاٽون اندهيري رتيان!

    رات اونداهي آهي. پر منهنجي دريءَ جي ٻاهران 17 هين رجب جو چنڊ کڙيل آهي ۽ زندگي؟ نه شروعات نه وچ ۽ نه وري پڇاڙي. تيز هوا لڳي رهي آهي. سامهون نم جي وڻ تي ڪائي ڪوئل ڪوڪي رهي آهي. هيءَ ڪوئل جي ڪوڪ آهي، يا وري ڪنهن رولاڪ آتما، جي پڪار، ڪا خبر ڪونهي؟ پريان سمنڊ مان ڪوئي باربردار پاڻي جي جهاز جو سائيرن وڄائيندو ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي. زندگي به ڪنهن اڻڄاتل منزل ڏانهن وڌي رهي آهي. زندگي به ڪنهن اڻڄاتل سفر تي اڻانگهي پنڌ جو ٻيو نالو آهي. من تنها ۽ منزل دور. زندگي ۽ پرين. ڪڏهن ڪڏهن گلن وانگر آهن لڳندا. ماکيءَ وانگر لڳندي آهي، ان جي خوشبو. هر ماڻهو گهڻو ڪجهه چاهيندو آهي. طارق به هن حياتيءَ جي خوشبو جو واس چاهيو هو، پر زماني جي بي رحميءَ جو شڪار ٿي ويو. هيءَ حياتي هلندڙ آهي. وهندڙ درياهه جو وهڪرو آهي. اهو سفر اڳتي هلندو رهندو. سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ هن کي پڙهي ياد ڪندا رهندا. هن مهل جڏهن آئون هيءُ مضمون لکي رهيو آهيان، ته مون کي طارق جي دوست اخلاق انصاريءَ جو هي ايس ايم ايس اچي پهتو آهي. اهو ئي ٿي سگهي ٿو. منهنجي يادگيرين جو ڪلائمڪس آهي شايد.! لطيف جي هن بيت وانگر:

    چيتاري چوندياس،ڳالهيون سڀوئي سڄيڻن
    جو مقابل ٿياس، ته سڀ جنم وڃنم وسري!!


    ڏس ته پکين جا ڏانوَ (طارق جا هائيڪو) ـــ امداد حُسيني

    سنڌي شاعريءَ ۾ ”هائيڪو“ کي نارائڻ شيام متعارف ڪرايو. پارس ـــ صفت شيام پنهنجي ڇهاءَ سان انهيءَ صنف کي سون ڪري ڇڏيو.

    ڏس ته پکين جا ڏانوَ
    اُڏندي هڪ ٻئي جي مٿان
    ڪيئن نه ڪن ٿا ڇانوَ

    شيام ”هائيڪو“ کي، نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ رائج ڪيو، بلڪه ان کي مقبول پڻ بڻايو. شيام ”هائيڪو“ لاءِ سنڌيءَ ۾ جيڪو گورڙيو تخليق ڪيو، اهو دوهي، ڏوهيڙي يا بيت سان ميل کائيندڙ هو. جنهن لاءِ اياز ان کي ڏيڍ ٽنگر بيت چيو هو! ”شيام“ انهن ٽن سٽن جي صنف کي ماترڪ ـــ ڇند جي سٽاءَ ۾ آندو. ۽ پهرين ۽ ٻي سٽ ۾ يارنهن، ۽ وچين سٽ ۾ 13 ماترائون. پوري هائيڪي کي شيام 35 ماترائن ۾ آندو. ائين هن دوهي جي معياري بحر ۾ 11 ماترائن جو واڌارو ڪري، ”هائيڪو“ جو رشتو پنهنجي شاندار لوڪ ــ ڪلاسيڪل پرمپرا سان جوڙيو. اها هڪ بنيادي ڳالهه آهي، جنهن سان توهان ساڳئي وقت قديم ۽ جديد ٿي وڃو ٿا ۽ انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ لاءِ لوڪ ــ ڪلاسيڪل اتهاس جو اڀياس لازمي آهي.
    ۽ جيئن ته اڳتي هلي، شيام، جي ئي تخليقي گهاڙيٽي کي، ”هائيڪو“ لاءِ معيار قرار ڏنو ويو، ان ڪري ”هائيڪو“ جي ڇنڊ ڇاڻ مهل به انهيءَ معيار کي ئي آڏو رکيو ويندو. اها ٻي ڳالهه آهي، ته گهڻن انهيءَ معيار کي تخليقي يا تجرباتي سطح بدران تقليدي سطح تي کنيو. ۽ اڄ هر ٽيون ماڻهو هائيڪو، ٽيڙو يا ٽه سٽي جو شاعر بڻجي پيو آهي. ۽ جيئن سحر پنهنجي ڪنهن ليک ۾ چيو آهي ته: ”الو ميان جو نالو وائي نه آهي، نه ئي ٻن قافين جو نالو ٽيڙو آهي!“ هونئن ته لوڪ کان نئين تائين، شاعريءَ ۾ قافئي جي واهپي وارو موضوع هڪ دلچسپ موضوع ٿي سگهي ٿو، پر هِتي مان رڳو سنڌي هائيڪو ۽ قافئي جي واهپي بابت ئي ڪجهه چوڻ چاهيندس.
    شيام پنهنجي هائيڪو ۾ قافيو پهرين ۽ ٽين سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ رکيو ــ ۽ شيام کان طارق عالم تائين، قافئي جي انهيءَ سٽاءَ کي ئي گهڻي ڀاڱي قائم رکيو ويو آهي.
    ويندي ويندي سِجُ
    تارن جو آڪاسَ ۾
    ٻج ڇٽي وَيو نِجُ

    طارق عالم جو اهو هائيڪو سڀني وصفين هڪ مڪمل هائيڪو آهي. ماترڪ ڇند تي پورو، سڀني جو ڄاتل موضوع، معنيٰ جي گهرائي ۽ ”تُز قافئي“ جو واهپو. ساڳئي وقت ”ٻج ڇَٽي ويو نِجُ“ ۾ ٻٽي قافيي يا اندروني قافئي جو سِٽاءُ به آهي. ۽ جڏهن طارق، اسڪرپٽ جي صورت ۾ مون کي اهو مجموعو ڏيکاريو هو، تڏهين به انهيءَ هائيڪو کي مون سندس مثالي هائيڪو چيو هو.

    سانوري مُک ۾
    ٻه نيڻ جرڪن ٿا
    ٽانڊا جيئن رک ۾

    طارق عالم، سڀني هائڪن ۾ قافين جو اهو سِٽاءُ قائم نه رکي سگهيو آهي. مثال طور 28 صفحي جي پهرئين هائيڪي ۾ رديف جو استعمال آهي:
    امبر تارن ۾
    ڏيئا جليا ڳوٺ جا
    ڪچن جارن ۾

    ۽ 49 صفحي تي هيءُ هائيڪو:

    خالي آڳر ۾
    پٽ تي پيلو پن
    سانت ڀاڪُرَ ۾

    ۽ انهيءَ بيوٽي کي اُجاگر ڪرڻ هر سچي شاعر جي ذميواري آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ قافئي کي پنهنجي هڪ الڳ بيوٽي آهي. مکيه سٽاءَ کان سواءِ ٻٽي يا اندروني قافين جو جُڙاءُ، سون تي سهاڳي وارو ڪَمُ ڏئي ٿو. دوهي وانگر ئي، هائيڪو ۾ به ٻه قافيا آڻجن ٿا ۽ انهن جو تز هئڻ ضروري آهي. ٽن سٽن ۾ ٻه قافيا، جيترو اسان کي سولا لڳن ٿا، اوترو سولا نه آهن:

    ماڻهو ٿڪل هو
    روڊ سمورو خالي هو،
    پويون پهر هو

    انهيءَ هائيڪي ۾ ”ٿڪل“ سان ”پهر“ قافيو آندل آهي، جيڪو صحيح نه آهي:
    ٻالڪ خوف وچان
    هيٺ نهاريو کڙڪيءَ مان
    بيٺل فوجيءَ ڏانهن

    ”وچان“ ۽ ”ڏانهن“ غلط قافيا آهن. صفحي 55 تي هيءُ هائيڪو آهي:

    هڪڙي ڳوٺ وٽان
    ٽرين لنگھي تيزيءَ مان
    ٻارن هٿ ڌوڻيان

    هڪ ته هٿ ڌوڻيا جي آخر ۾ ”ن“ نه آهي. ان ڪري ”وٽان“ سان ان جو قافيو تُز نه آهي. بلڪه ان ۾ 19 ـــ 16واري فرق کان به وڏو فرق آهي. ٻيو ته هٿ نه ڌوڻبا آهن. ڪنڌ ڌوڻبو آهي. پر هِتي جيئن ته مجبوري قافئي جي آهي، ان ڪري وٽان، مان ـــ سان ڌوڻيان قافيو آندو ويو آهي.
    جيئن مون پهرين به چيو آهي، ته قافيو ضروري نه آهي، بلڪه شاعريءَ جي ڪنهن به صنف ۾، ۽ خاص طور تي هائيڪو ۾ اهو تاثر ضروري آهي، جيڪو ان جي ڪارج کي سِڌ ڪري ٿو. پر قافئي کان اها بغاوت تڏهين ئي جائز ۽ ڪارائِتي سڏي سگهجي ٿي، جڏهن توهان لوڪ ـــ ڪلاسيڪل ۽ نئين شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هجي ۽ توهان پاڻ به انهن سڀني تجرباتي مرحلن مان پار پئجي چڪا هجو.
    مان هِتي طارق جي هائيڪي جي حوالي سان صرف هڪ پهلوءَ ”قافيو“ تي ئي ڪجهه چئي سگهيو آهيان. موضوعن، گھاڙيٽي، ٻوليءَ جا پهلو اڃا رهيل آهن، جنهن تي شايد ٻيو ڪو دوست روشني وجھي.
    هِتي مان ”مورن اوچا ڳاٽ“ مان ڪجهه هائيڪو ٻڌائڻ چاهيندس، انهن مان ڪن جو رڌم يا ماترائون توڙي جو، هر سٽ ۾ الڳ آهن، پر اهي هائيڪا اهو ڀرپور تاثر ڇڏين ٿا، جيڪو انهن جو ڪارج سِڌ ڪري ٿو:

    سانجهه لڙي جو
    ويندڙ پاڇي تي
    وڻ به وائڙو

    سورج اُلهي ويو
    پوپٽ پويان نينگرو
    ڀلجي ويو رستو

    آلا ٿي ويا پَٽ
    آلي آڳر تي پيل
    ٽيڏي سيڏي کٽ
    تنهنجون سارون
    سانجھيءَ جو آڪاس تي
    ڪونجن قطارون

    قدرت جو منڊ
    لهر لهر تلوار
    مانڊي جو منڊ


    لنڊن ساهه کڻي رهيو آهي ـــ علي بابا

    طارق!
    تنهنجو ڪِتاب پڙهان پيو. سچ ڪِتاب کي مون پنهنجن انهن ڪِتابن جي لسٽ ۾ رکيو آهي جن کي مزي سان پڙهجي، مزو ماڻجي. پڙهڻ ـــ سٺو پڙهڻ جي پنهنجي قسم جي لست (Lust) آهي. جا هر سٺو پڙهندڙ محسوس ڪندو آهي.
    تنهنجي سفرنامي جو پنهنجو هڪ شانُ آهي. مون هن کان اڳ گوبند مالهيءَ جو سفرنامو پڙهيو هو. سفرناما مون تمام گهٽ پڙهيا آهن، فڪشن ۾ به جيئن سيڪنڊ واويج آف سنڌ باد. اهو مونکي ننڍي لاڪي به وڻيو هو.، اڄ به وڻي ٿي. ان کان پوءِ ابن بطوطه يا ڪولمبس جو سفر. الطاف سنڌي ۾ سڀ کان گهڻا سفرناما لکيا. تنوير جو لکيل سفرنامو ”ڏوري ڏوري ڏيهه“ پڙهڻ سان محسوس ٿيو ته سفرنامي لکڻ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ماڻهو پاڻ ڇا آهي، ڪيڏي آهي منجھس مڻيا! ڪو ڏيهه پيو ڏوري ڪو پرڏيهه پيو ڏوري هر ڪوئي ڏوري پيو. تنهنجو ڏورڻ ـــ تنهنجو ڏورڻ هڪ صحتمند نئين بالغ ڇوڪريءَ جو آهي جنهن جي اندر ۾ لوچ آهي جو نهايت سچائيءَ، ايمانداريءَسان لنڊن جي ڳلي ڳلي، ڏوريندو، وندر ووڙيندو ٿو وڃي. هائيڊ پارڪ ۾ جادوئي قالين تي اڏامندڙ انگريز، 25 پائوندن ۾ آئرس ڇوڪريءَ سان هڪ اڌ ڪلاڪ گذارڻ، اها ڇوڪري ڪنهن پر به مونکي 25 پائونڊن واري نه لڳي. اهڙيون بيشمار ڳالهيون ڏکن سکن سان ڀرپور. انگلينڊ اندر پنهنجي وطن جون يادون.
    مون کي سڀ کان جا ڳالهه نئين محسوس ٿي. جا اڳي شايد مون ڪڏهن به ڪانه محسوس ڪئي هئي اها هي ته لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ پڙهندي مونکي هر وقت ائين ٿي ڀاسيو ڄڻ لنڊن ساهه کڻي رهيو هجي. تو، مون ۽ ٻين ساهوارن جيان ساهه کڻندڙ آهي! ڀتين يا انگاس عمارتن ۽ خوبصورت محلن کان هٽي ڪري، لنڊن هڪ جدا جنسي پيڙا رکندڙ ساسي آهي.


    ادب جي غربت گھٽ، ذهن جي غربت وڌيڪ....! ـــ نور الهديٰ شاهه

    منهنجي به خواهش هئي طارق جي ناول تي تفصيل سان لکڻ جي، پر ايترو ٽائيم نه ملي سگهيو. مون کي هِتي ويٺي ويٺي لڳو ته اسين ”سنجھا“ ۽ ”پنهونءَ“ ۾ ڪجهه وڌيڪَ وچڙي ويا آهيون. جيترو اسان کي ناول تي يا ناول جي صنف تي ڳالهائڻ کپندو هو. ان بدران اڄوڪي شامَ جو وڏي ۾ وڏو پرابلم ”سنجھا“ ۽ ”پنهون“ ٿي پيا آهن. طارق جي ناول تي ڳالهائڻ کان پهرين آنءُ ناول جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيندس.
    اسان وٽ جڏهن سنڌي ادب جي ڪجهه صنفن شاعري، ڪهاڻي ۽ خصوصي طور جڏهن ناول جو ذڪر اچي ٿو. اتي اڪثر منهنجي ذهن ۾ هڪ ڳالهه اچي ٿي، ته اسان زمين جي ورهاڱي سان گڏوگڏ اڻ ڄاڻائيءَ ۾ پنهنجيءَ ٻوليءَ جو به ورهاڱو ڪري ڇڏيو آهي. هڪ ادب اسان جو اهو آهي. جيڪو ”هند“ ۾ لکيو وڃي ٿو. ٻيو ادب اسان جو اهو آهي جيڪو ”هِتي“ لکيو وڃي ٿو. اسان جڏهن ڪهاڻي، شاعريءَ ۽ ناول تي ڳالهايون ٿا. خاص طور تي جڏهن ڪهاڻي، جديد شاعري، جديد ناول تي. ته اسان ”هند“ ۾ لکجندڙ سنڌي ادب کي وساري ڇڏيون ٿا.
    جيتوڻيڪ مون ڏٺو آهي، ته جڏهن اردو ليکڪ ڳالهائين ٿا اردو ادب تي، ته هو ان ۾ سرحدن کي ختم ڪن ٿا، ورهاڱي کي ختم ڪن ٿا ۽ مجموعي طرح سان ”اردو ادب“ تي ڳالهائين ٿا. ”عصمت چغتائي“ هجي يا ”شوڪت صديقي“ هجي. هنن جو هڪڙو ئي معيار آهي، هڪڙي لائين تي هلن ٿا. تنقيد جا ماپا هنن جا پنهنجا آهن. ان حوالي سان، اسان کي ڪم از ڪم مون کي جديد سنڌي ناول ايترو غريب نظر نٿو اچي. جيڪڏهن آنءُ ”هند“ ۽ ”سنڌ“ جي ناول کي گڏي ڳالهائيندس ته ــ ۽ اسان کي گڏي ڳالهائڻ ئي گهرجي. ڇو ته جيڪڏهن ”لعل پشپ“، ”محمد بن قاسم“ جي نالي سان ”حيدرآباد“ تي ناول لکي ها، ته ڇا هو اسان جو ناولسٽ هجي ها....؟ جيئن ته”لعل پشپ“ هندستان ۾ ويهي لکي ٿو ان ڪري اسان پنهنجي ناول تي ڳالهائيندي. پاڻ کي انهن کان الڳ ڄاڻايون ٿا ۽ انهن ناولسٽن کي نظر انداز ڪريون ٿا. اها هڪڙي اسان سنڌين پنهنجي پاڻ سان ڪئي آهي.
    رهيو سوال طارق جي ناول تي ڳالهائڻ جو، ته اسان جڏهن ڪنهن اديب کي ”شاهڪار“ ۽ ”عظمت“ جو سرٽيفڪيٽ ڏيون ٿا (اسان پاڻ به شروع ۾ اهي سرٽيفڪيٽ ورتا آهن) اهي شيون اهي ڳالهيون جيڪي آهن، ماڻهو جڏهن نئون نئون اچي ٿو ته ان قسم جا سرٽيفڪيٽ ڏاڍا اٽريڪٽو لڳن ٿا...
    سو بهر طور جڏهن اسان جا ميچوئر رائيٽر ”شاهڪار“ ۽ عظمت جون ڳالهيون ڪن ته شايد اسان ان شخص جو رستو روڪي ٿا ڇڏيون. يا مان طارق جي ناول کي سنڌيءَ ٻوليءَ جو شاهڪار ناول سڏيان ته آءٌ سمجهان ٿي ته ايندڙ ناول جيڪي يقيناً شاهڪار لکيا ويندا، ته انهن جو رستو روڪي ٿي ڇڏيان. ته ڪهڙن لفظن ۾ اسان انهن ايندڙ ناولن تي ڳالهائينداسين؟....
    اسان کي طارق جي ناول ۾ اها عجيب ڳالهه يا شاهڪار پڻو پنهنجي طرفان ان ڪري نظر ٿو اچي، جو ڪافي عرصي کانپوءِ اسان وٽ هڪ اهڙو ناول لکيو ويو آهي، جنهن ۾ اجائي نعري بازي يا جذباتيت ناهي (هن ۾ به آهي جذباتيت پر يونيورسٽيءَ جي حوالي سان) پر ڪافي ريئلسٽڪ ٿي ”طارق“ هن ناول کي لکيو آهي. اها پهرين لکڻي آهي جيڪا يونيورسٽي جي حوالي سان مون پڙهي آهي. ۽ جنهن ۾ نعري بازي ڪانهي ڪنهن به قسم جي. اسان جو ليکڪ جڏهن ــ هِتي آءٌ پنهنجي ڳالهه ڪنديس ته يونيورسٽي پوائنٽ آف ويو کان اسان جي لاءِ ”جيئي سنڌ“ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ضروري ٿي پوي ٿو. ۽ اسان اڃا تائين پاڻ کي يونيورسٽي جي حوالي سان نعريبازي مان آجو ڪري نه سگهيا آهيون. ۽ يقيناً آءٌ طارق کي اهو ڪريڊٽ ڏينديس ته هن، عام ڪردار کنيا آهن جيڪي سياسي وهڪري کان هٽي ڪري هلن ٿا.
    ”سنجھا“ جو جيستائين ڪردار آهي. ته جڏهن مون ناول پڙهيو، ته منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته: ”ڇا، اها ڇوڪري فقط هڪ سنڌي ڇوڪري آهي!؟“ ڇو ته ان جو نالو ”سنجھا“ آهي. ۽ ”سنجھا“ نالي جي حوالي سان، يا ”طارق“ ان کي سنڌي ڇوڪري ڄاڻايو آهي. مون کي نه لڳي. بهرحال جيڪڏهن سنڌي ڇوڪري ڏيکاري ٿي وڃي ته ان جي سماجي پسمنظر کي ضرور کنيو وڃي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي ها. ڇو ته هي ناول جڏهن به پڙهيو ويندو، تڏهن اهو سوال ٿيندو ته، ”ڇا 1984ع جي حوالي سان جڏهن اهو ناول سامهون آيو، ته يونيورسٽي ۾ سنڌي ڇوڪري ائين هئي....!؟ يا ائين ٿي سگهيو ٿي!؟“
    پر جيڪڏهن مجموعي طرح سان ان ناول کي سنڌي سماج جي پسمنظر مان ڪڍي، اسان جو جيڪو به سماج آهي، اهو اردو دان طبقي جو سماج هجي يا پنجابي سماج هجي. انهيءَ حوالي سان جيڪڏهن هن ناول جي پلاٽ کي کنيو ويو آهي. ته آءٌ يقيناً ان کي ايترو گهرو نه کڻنديس جيترو آءٌ ”سنجھا“ جي حوالي سان سنڌي ڇوڪري جي معاملي ۾ ”ڪانشس“ ٿي ان ناول کي پڙهان ٿي ـــ ٻي راءِ اها به آهي ته ”سنجھا“ کي يا ”پنهونءَ“ کي يا ٻيا ڪردار جيڪي به آهن، انهن کي فرشتو ڪري نه کنيو ويو آهي.
    هن دؤر ۾ اسان وٽ اسان جي ٽهي يا اسان سان گڏ اچڻ وارا ۽ اسان کانپوءِ اچڻ وارا ليکڪ جيڪي رومينٽڪ ڪهاڻيون لکن پيا. انهن وٽ ڪردار جذبات جي انتها تي پهچي فرشتا ٿي پون ٿا. وڇوڙو يا ملڻ، يا جيڪي به انهن جون فيلنگس ٿين ٿيون سي هن سان انهن کي فرشتو ثابت ڪن ٿيون. پر طارق جي هن ناول ۾ ڪم از ڪم مون کي اها ڳالهه تمام گهڻي وڻي ته نيگٽو ڪردار ايترو ته سهڻي نموني سان هلن ٿا ۽ ناول ۾ طارق جي لکڻ جو جيڪو وهڪرو رهيو آهي. جنهن مان اهو مون سمجھيو ته، طارق، ناول ۾ ڪردارن جي نفسيات کي هٿ مان ناهي ڇڏيو. سماجي پسمنظر ۾ ناول جي حوالي سان ــ يا ــ يونيورسٽي جي ماحول جي پسمنظر ۾ طارق، شايد ڪجهه وڌاءُ به ڪيو هجي. پر ڪردارن جي ”ايج“ کي ذهن ۾ رکندي هو هر ڪردار جي نفسيات جي معاملي ۾ ڏاڍو ڪانس رهيو آهي شروع کان وٺي آخر تائين.
    ضروري ناهي ته رومانس ۾ ماڻهو قربانيون ڏي. يا هن زماني ۾ ”مومل راڻي“ جهڙا ڪردار تخليق ڪيا وڃن. ان حوالي سان به هن ناول جا ڪردار تمام گهڻي حقيقت پسندي سان پاڻ ۾ مڪس ٿين ٿا. آءٌ ان حوالي سان ڪڏهن به شاهڪار ناول ڪونه چونديس. ٿي سگهي ٿو اهو شاهڪار ناول اڳتي هلي طارق عالم ئي لکي ۽ اسين ان ناول کي شاهڪار ناول چئون.
    بهرحال مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته اسان.... مون سنڌيءَ ۾ ڪجهه اهڙا ناول به پڙهيا آهن. جن ۾ اڄ به عجيب قسم جو رومانس جيڪو اردو ڊائجسٽن يا عورتن جي ڊائجسٽن ۾ اڪثر اردو افسانه نِگار لکندا آهن. جيڪي عجيب مضحڪه خيز افسانا هوندا آهن. رومانٽڪ مون سنڌيءَ ۾ به اهڙي قسم جون لکڻيون پڙهيون. پر طارق جو ناول پڙهڻ کانپوءِ اها ضرور اميد ٿي آهي ته ٿي سگهي ٿو ته طارق هٿان. يا منهنجي هٿان. يا اسان جي ٽهيءَ جي هٿان، يا مون کان پهرين اچڻ واري ٽهي هٿان، يا اسان کانپوءِ اچڻ وارن مان ڪو به، ان کان وڌيڪَ سٺو ڪو شاهڪار ناول لکي.
    ۽ حقيقت ۾ اسان جي لاءِ ناول لکڻ جو صحيح معنيٰ ۾ ”نئين ٽهيءَ“ لاءِ، هاڻي رستو کليو آهي. جو نه صرف طارق جي لکيل ناول جي ڪري اسان کي چئلنج لڳي ٿو. ته طارق ناول لکيو آهي، ته اسان ڇو نه لکون!؟ ــ پر هِتي اها ڳالهه به چوندي هلان ته طارق غير ضروري جذباتي ۽ عورتاڻي رومانٽڪ اسٽائل مان اسان جي ناول کي ڪم از ڪم ڪڍيو آهي. اهو ڪريڊٽ آءٌ طارق کي ضرور ڏيندس. نه ته اسان جي حالت اها آهي ته اسان جيڪڏهن ”آگ ڪا دريا“ ناول جي اسٽائل تي ناول لکون ٿا، ته اسان ان کي به سنڌيءَ جو عظيم ناول ٿا چئون. حالانڪه ائين هئڻ نه گهرجي. انهيءَ ۾ اسانجي ادب جي غربت گهٽ، اسان جي ذهن جي غربت وڌيڪَ واضح ٿئي ٿي....


    من المهد کان الي اللحد تائين ـــ خير النساءِ جعفري

    طارق! جنهن جي آئون ”ماءُ“ نه آهيان.
    طارق جي آئون ”ڀيڻ“ به ناهيان.
    ها مان سندس دوست به ناهيان ايڏي جو سندس شخصيت تي ڪا ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهان، سندس ڪهاڻين تي ڪو قلم کڻي سگهان، آئون ايڏي پارکو به ناهيان.
    طارق ننڍڙي حُج هلائي مون کي پاڻ ۽ پڙهندڙ وچ ۾ ڪباب جي هڏي بنايو آهي.
    هڪ ننڍڙي ڳالهه: (شيعه هئڻ ناتي) محرم ۾ حشر واري ڏينهن ٻڌو اٿم مولائي مسواڙ تي پٽڻ وارا گهرائي (حسين عه) کي روئندا آهن (هت طارق مون کي ڪائي مسواڙ ناهي ڏني هڪ ڪنگلو ٻي ڪنگلي کي ڇا ڏيئي سگهندو؟) بهرحال جسٽس ڪيانيءَ واري ڳالهه ”حسين جي غم ۾ روئڻ وارن ۾ ثواب/روئاريندڙن کي ثواب ۽ جيڪي روئڻ هاريون شڪليون ٺاهن انهن کي به ثواب!
    رُنو طارق آهي، ”قرة العين حيدر“ چواڻيءَ ته: ”امام زين العابدين سڄي ڄمار روئيندو رهيو“
    ان ڪري هن ڪِتاب جا سمورا (قل) آئون طارق کي بخشيان.
    روئاريندڙ آئون آهيان، سو ڪجهه (قلن) تي آئون پنهنجو به ٿي حق سمجان. (جو شيعا حسين رضه کي ايترو ناهن روئيندا جيترو زينب رضه کي)
    ۽ ها، هن مجلس ۾ پڙهندڙ به ثواب جا حقدار رهيا. جو هنن روئڻ هاريون شڪليون ٺاهيون.
    طارق بولڊ ڪهاڻيڪار آهي. مڃيو اٿم.
    هو مون کان ڏهه دفعا دئوس ڪهاڻيڪار آهي. پر سندس دل اندر جو هو دادلو ٻارڙو (دئوس) نه آهي. هو يتيمي انداز ۾ اڃان ڪنهن Labour room ۾ پلجي رهيو آهي. (هن preface جا مڙيئي قل انهن ٻارڙن لاءِ جيڪي Labour rooms مان نڪري نه سگهيا.)
    قرة العين چيو آهي: ”زندگيءَ کان گهڻا سوال نه ڪريو.“ علامه آءِ آءِ قاضي چيو آهي: ”پنهنجي ڀاڳ کي بند مٺ ۾ ئي محفوظ سمجھيو جيئن ٿيڻو آهي تيئن ٿيندو نه ته، ٻي حالت ۾ ٿي نه سگهندو.“
    علامه صاحب نهايت ئي شريف طبع شخص هو. هو قدرت جي قصن کي قضين ۾ بدلجندو ڏسي درياهه ڏانهن ويو ۽ وري نه موٽيو. طارق جوان همت اديب آهي. هن ۾ درياهه ۾ گهڙڻ بدران درياهه کي للڪارڻ جي سگهه آهي...!
    ۽ ها طارق ڌاڙيل به ناهي، ڌاڙيل ٿيڻ جي ڳالهه اسان جي وڏڙن جي هن پروليءَ مان پرائي وٺڻ گهرجي.

    نَرَ جي مٿان نَرَ، نر تي ٿي ناري.
    جي مڙي نهارين، ته نر ناريءَ جي واتَ ۾!

    بس ڇوڪرن جي ڪچهري، ڪچهريءَ جو Clemiax اهي lens يا عينڪون آهن جيڪي ٽن هزارن روپين ۾ وڪامجن ٿيون. جن جي پائڻ سان ماڻهو ماڻهوءَ کي الف اگھاڙو ڏسي سگهي ٿو.

    توبهه! توبهه!! ڪهڙو خراب زمانو آهي.
    ماڻهو ماڻهوءَ کي اگھاڙو ڏسي.....؟!!
    ”پر يار... ملنديون ڪٿان اهي عينڪون؟“
    ”ٽي هزار ڪٿان ايندا.....؟؟“
    ......”ڌاڙو؟“
    طارق ڌاڙيل نه ٿي سگهيو. هو اديب ئي رهجي ويو. ادب ۾ به هاءِ گهوڙا ڪندو رهجي ويو.
    ”درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!“
    قيام جو ڏينهن ڪين بخار جي شدت!!
    منٽوءَ چواڻي:
    ”ادب وقت جو ٽيمپريچر آهي.“ طارق ان ٽيمپريچر کي شدت جو رنگ ڏيئي ڄڻ لال بتي جي Casuality کي للڪار ڏيئي رهيو آهي. Casuality جو غم آهي يا طارق جو الم آهي.
    طارق پنهنجين ڪهاڻين جي آڌار تي ڪيترين جاين تي ڊائزاپام ۽ مسينڊريڪس جي نشاندهي ڪندي ننڊ جا نياپا ڏيئي هڪ جھٽڪي سان فورن حوالي موالين جي هٿان سگريٽن تائين ڦريو وٺي.
    اهو سندس جيون جي ٻه نڪتاتي پروگرام ۾ طبيعت جو توازن آهي ڪِنَ سندس شدت جي حقيقت شناسي، جو کيس خبر آهي ته جيڪي Patent دوائون هو Afford نه ڪري سگهندو، اهي بيماريون به هو هرگز نه پاليندو....
    عمر جي جنهن حصي ۾ سندس پير آهي ان پٽاندر هو نظرياتي لحاظ کان بيحد جذباتي آهي. ايتري قدر جو مان ڀانيان ٿي ته ڪا ڇوڪري جيڪڏهن سندس درد کي سمجھي پنهنجي ننڊ بچائڻ لاءِ ٻه گوريون (ڊائزاپام) وٺي ته طارق هن جي سڄي شيشي گلي کان لاهي بجا آڻيندو ــ بنا ويچار جي سڄي شيشي گلي کان هيٺ لاهڻ کانپوءِ Thanks ڪرڻ جو منجھس ساهس ئي ڪٿي هوندو.
    نظرياتي لحاظ کان جذباتي هجڻ پنهنجي جاءِ عملن هو نفسياتي طرح هڪ تندرست ڇوڪرو آهي. ذهني دٻاءَ ۾ پيڙهيل مريض سئيٽرن جا بند گلا پائڻ کان لهرائيندا آهن. طارق کي مون ڪڏهن به Open سئيٽر پائيندي ناهي ڏٺو.
    طارق ڇا آهي؟
    طارق ڇو آهي؟
    طارق ائين ڪيئن ٿيو؟! ٽي سوال What-Why and How جا.
    مون کيس آرٽس فيڪلٽيءَ جي ڏاڪڻين تي پنهنجين ساهيڙين ۽ ساهڙن سميت اڪثر ويٺل ڏٺو اٿم. سندس چيرولي اکين ۾ چمڪندڙ خاموشي ۽ حجائِتي انداز ۾ ڳالهائيندي ۽ جيڪڏهن هو نه به ڳالهائيندو آهي تڏهن به سندس چپ چرندا رهندا آهن، ها مون کيس هميشه چيونگم کائيندي ڏٺو آهي (شايد هو پنهنجي محروميءَ جا چڪ چيونگم مان چُڪائيندو رهندو آهي) چيونگم ٻار کائيندا آهن ٻار ته نچندا به آهن. پر طارق پچندو آهي.
    پچڻ گهڻا پچايا تون پچڻ کي پچاءِ
    طارق جي (حلالي) وجود ۾ مون هڪ حرامي ٻار ڏٺو آهي.
    (چيونگمن تي حلالي توڙي حرامي ٻنهين ٻارن جو هڪ جيترو حق آهي) ڀانءِ هو پنهنجي اندر جي ٻارڙي کي چيونگمن جا چشڪا ڏيئي کانئس ڪو ڌڪ پلرائڻ ٿو چاهي. (جن ٻارن جون مائرون مري وينديون آهن اهي ٻار ڪچا ڌاڳا آڱرين ۾ اٽڪائي انهن ۾ پناهون تلاش ڪندا آهن).
    ۽ هاڻ سندس ڪهاڻين جون ڪجهه ڪڙيون پڪڙي آئون طارق کي (قلم هن وقت منهنجي هٿ ۾ آهي جو ڏاڍو سو گابو) ڇهڻ چاهيان ٿي. ڀل ان ۾ ڇهاءُ جي آڌار سڄو سارو نه، ته سندس اڌ بدن جون ڪجهه جھلڪيون ئي پڙهندڙن تائين پهچي سگهن.
    طارق جي ڪهاڻين جو سفر من المهد کان الي اللحد تائين سندس تقريبن هر ڪهاڻي جا سلسلا پينگهي جي لوڏ کان شروع ٿي مڪليءَ جي قبرستان ۾ گم ٿيندا نظر اچن ٿا.

    رات، سانت ۽ سوچون
    هڪ بولڊ ڪهاڻي آهي طارق ان ڪهاڻيءَ کي اهو نالو ڏيئي پنهنجا هٿ خوبصورتيءَ سان بچائي ويو آهي. آئون اگر اها ڪهاڻي لکان ها ته سنئون سڌو نالو رکانس ها Kiss the Kisses.
    سندس تخليق ڪيل ڪردار جي Kiss تي سڄي ڪهاڻيءَ جو Climax آهي. هت آئون هڪ ننڍڙي ڳالهه چوندي هلان ته: “Kiss” ٻن وجودن ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ حقيقت جو نالو آهي. Kiss پاڻ سمورو سچ نه آهي. ڪنهن سچ تائين پهچڻ جو ذريعو ڀل ٿي سگهي ٿي. Kiss via Sex پر خود Sex به سمورو سچ ناهي. Sex به ڪنهن سچ تائين رسڻ جو هڪ ذريعو آهي. طارق کي جا Sex ”لولي پاپ“ ڳلن ۾ نظر آئي. مون کي سا Sex خود طارق جي چيونگمن ۾.

    پيلو ڌنڌ
    هڪ بيحد سهڻي اسٽائيل ۾ پيرائِتي ڪهاڻي آهي.
    ”اسان سڀ بيمار آهيون پر ظاهر نٿا ڪريون پنهنجن غمن کي ائين ٻين کان لڪايون ٿا جيئن بوٽ اندران پاتل ڇڄي ويل جوراب“ ۽ انهيءَ قسم جا گهڻائي من ۾ پيهي ويندڙ پيلو ڌنڌ ڪهاڻيءَ جا ڊائلاگ.
    سندس اها ڪهاڻي پڙهندي مون کي (غازي) ياد آيو. ڄڻ طارق ۽ سندس (هيروئن) هڪ ئي رستي تان گهمندي به ٻن الڳ الڳ گهرن جي تلاش ۾ هجن.
    ”هي رستو ڪهڙي دنگ وڃي ختم ٿيندو؟ هي رستو اگر ڪنهن بنگلي تي وڃي ختم ٿئي ته سمجهه تنهنجو آهي، اگر ڪنهن صحرا ۾ وڃي ختم ٿئي ته ڀائنج منهنجو آهي.“
    ۽ ها، هن ڪتاب جي Preface کي اختتام تي آڻڻ چاهيان ٿي. ڪيئن؟ مون کي خبر ناهي.
    ڇو جو طارق جي عزم جي مون کي خبر آهي. سندس عزم جو اندازو سندس هن جملي مان جھلڪندو ڏٺو اٿم: ”منهنجي قميض جي گلي جو آخري بٽڻ به ڳالهائيندو آهي.“
    پر طارق جي عزم کي Motivate آئون ڪيئن ڪريان؟ مون کي خبر نه آهي. سندس ڪهاڻين جا سرا ڪنهن اونداهي ڪن ۾ گم ٿيندي نظر اچن ٿا! (سندس ڪهاڻين ۾ اهي بيحد هنڌائتا ٿا لڳن) پر خود طارق ۾ انهن هنڌائتن سرن کي آئون مٽائڻ چاهيان ٿي. (ڀل مان سندس (ماءُ) نه سهي/ڀل مان سندس ڀيڻ نه سهي) سندس قلم جي treatment مان مون کي سندس طبيعت subnishiveness جو اندازو ٿيو اٿم سو کيس آئون ٽي. وي جي ڪنهن هيروئن جيان نه چوندس: ”نڪري اچ طارق! ان frustration مان نڪري اچ“ بلڪه کيس للڪار ڏيندس: ”ٻچو! ان frustration مان نڪر ڇو جو گلشن اقبال ڏانهن ويندڙ سڀ رستا تنهنجي انتظار ۾ آهن“.


    خودڪشي ڪندڙ نسل جو ڪهاڻيڪار ـــ شوڪت حسين شورو

    1947ع جو ورهاڱو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي شڪل دونهاٽجي وئي هئي ۽ سنڌ مالِ غنيمت بنجي وئي، هندستان کان آيل ڪٽڪ سنڌ جي وڏن شهرن تي قبضو ڪري ويا ۽ سنڌ جي ڌرتي لانگ بوٽن سان لتاڙجڻ لڳي.... ستن سالن کان پوءِ زوري مڙهيل ون يونٽ، جنهن ۾ سنڌ جي سڃاڻپ هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪئي وئي ـــ بقول شيخ اياز: ”سنڌڙي تنهنجو نانءٌ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پيرُ پيو.“ هي اهو دؤر هو جنهن ۾ سنڌي زبان تي ڪات ڪهاڙا اُڀا هئا ۽ سنڌي نوجوان وڏيون نوڪريون ته پري رهيون، رڳو ماستري ۽ ڪلارڪيءَ جي لاءِ سرڪاري آفيسن جي درن تي ڌڪا ۽ دڙڪا کائيندا رهيا.
    1970ع ۾ جڏهن ون يونٽ ٽُٽو ته سنڌي ماڻهن خاص طور ان دؤر جي نئين نسل ۾ اهي اميدون جاڳي اٿيون ته سنڌ جي مالڪي هاڻي سندن هٿن ۾ هوندي، سندن کسيل حقن جو ازالو ٿيندو. پر اهي سموريون اميدون شيشي جيان ٽڙڪي ڀڄي ڀور ڀور ٿي ويون. سنڌ کي رڳو سندس سکڻو نالو مليو. باقي سنڌ اها ئي ساڳيءَ ريت مالِ غنيمت هئي. سنڌ جا نوجوان هاڻي به پنهنجن سنڌي وزيرن ۽ ڪامورن جي درن تي ڌڪا کائيندا، رستن تي رولاڪ بنجي رلندا رهيا. منجھن مايوسي ۽ فرسٽريسن هيڪاري وڌي وئي هئي. انهن حالتن سنڌي ادب ۾ جديد ڪهاڻيءَ کي جنم ڏنو. طارق عالم جيتوڻيڪ ڪجهه دير کانپوءِ لکڻ شروع ڪيو هو، پر سندس تعلق نئين ٽهيءَ جي انهن جديد ڪهايڻيڪارن سان هو، جيڪي پاڻ محرومين ۽ فرسٽريشن جو شِڪارُ هُئا.
    طارق عالم جي اڪثر ڪهاڻين جا ڪردار هيڪل ۽ وياڪل، ڊپريشن ۽ فرسٽريشن ۾ ورتل، معاشري ۾ محرومين جا لاش ڪلهن تي کڻي هلندڙ ۽ اڻپورا، اڻ تعبير خواب اکين ۾ ٽنگي هلڻ وارا حساس نوجوان آهن. انهن پڙهيل لکيل ۽ ذهين سنڌي نوجوانن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا رستا اڳ ۾ به بند هُئا ۽ هاڻي به بند آهن. طارق عالم جي ڪهاڻي ”پيلو ڌنڌ“ نه رڳو هڪ خاص طور جي نمائنده ڪهاڻي آهي، پر پيڙا جي شدت واري بيان جي لحاظ کان به هڪ سگھاري ڪهاڻي ليکي سگهجي ٿي. ڪهاڻيءَ جو ڪردار سنڌي نوجوانن جي مايوسين جي جيئري جاڳندي شڪل آهي. هن جون محروميون ان انتها تي پهتل آهن جو، دڪانن جي ٻاهران فِٽ ڪيل نفيس بيلجيم جي شيشن وارن شوڪيسن ۽ انهن جي پٺ ۾ سجائي رکيل شوپيسن ڏانهن ڏسندي، دل ٿي چاهيس ته جيڪر شيشن کي هڪ زور دار مُڪ هڻي ٽوڙي ڇڏي ٽِڙاس، مُڪ هڻڻ سان شيشا ٽٽندا وڃن، ڇن ڇنن ڇنن.“ پنهنجين اڻ سونهندڙ حالتن ۽ معاشري جي خلاف اهو هڪ غير معمولي ذهني رد عمل آهي. ان حد تائين جو ڪردار جي من ۾ موت جي دهشت به ختم ٿي چڪي آهي.
    ”موت کان ته ڊپ ئي نه ٿيندو اٿس. هڪ ڀيرو جڏهن زڪام ٿي پيو هوس ۽ ٿُڪ ۾ رت جا ڳاڙها ذرا ياقوت جيان چمڪندي ڏٺا هئائين، ته دهشت ۾ اچڻ بجاءِ ڏاڍو آٿت آيو هئس. ٺيڪ آهي، پاڻ جلدي جان آجي ٿيندي! هونءَ به مون جهڙي جي جڳ کي ضرورت به ڪهڙي آهي؟“
    ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن مان سنڌي نوجوان پنهنجين اکين ۾ سهڻا خوابَ سجائي، جڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جهڙن وڏن شهرن ۾ اچن ٿا، تڏهن اتي فرسٽيشن جي پيلي ڌنڌ سندن آجيان ڪري ٿي. طارق عالم پاڻ به اهڙي ڏکوئيندڙ صورتحال مان گذريو آهي، بلڪه ان دور جي ٽهيءَ جا سمورا جديد ڪهاڻيڪار ان موتمار صورتحال مان لنگهيا آهن. ڪڏهن هنن ڪراچيءَ جي روڊن تي رولاڪ بڻجي پيلي ڌنڌ جي ڪردار وانگر پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو هوندو: ”سڀ ڪوڙ آهي، بڪواس آهي، جيون جي هر پل جو پل. ها.... ايندڙ، گذرندڙ ۽ گذري ويندڙ هر ساعت سٿيل آهي اذيت سان. جيون مُئل آهي، ان ڪتي جهڙو، جيڪو پيل آهي فوٽ پاٿ مٿان ٽنگون ٽيڙيون ٽن ڏينهن کان، پر ڪو به نڪ تي ڪپڙو ڏئي، ان کي ٽنگ کان جھلي گھِلي اڇلائي نٿو ڍير مٿان، ڪو به نه. ميونسپل ڪارپوريشن وارا به نه. جيون... گندو گٽر، جنهن ۾ انساني ڪونپل ڪلين جهڙيون خواهشون، آشائون، نراشائون گند بڻجي لڙهي رهيون آهن“. هو چئن ڪلاڪن کان هلندو رهيو آهي. مختلف رستن تان، گهٽين مان، ٻه گهر هوندي به هڪ اصلوڪو پراڻو گهر جنهن ۾ ماڻس، ٻه ڀينر ۽ کانئس وڏو ٻيو نمبر ڀاءُ رهندا آهن. ڊفينس سوسائِٽي واري نئين گهر ۾ وڏو ڀاءُ، ڀاڄائي، ۽ ڀائٽيو رهندو اٿس، انهن ٻنهي گهرن هوندي به هن جو ڪو گهر ناهي. ان ڪري جو هو بيروزگار آهي، بار آهي هڪ قسم جو. هاسٽل ۾ رهندو آهي ۽ ٻه ٻه ويلا بک ڪاٽيندو آهي. هن جي لاءِ ”سڀ رشتا ڪچن ڌاڳن جهڙا، ٿوري به ڇڪ آئي ۽ ٽڙاڪ، پوءِ سڀ ڪجهه اوپرو.....“ (پيلو ڌنڌ)
    ”آدم، سمنڊ، خوشبو“ جو ڪردار هميشه ايندڙ ڏک لاءِ ئي سوچي ٿو، نه ايندڙ سک لاءِ! هن جي من کي هميشه اُهو اُلڪو هوندو آهي ته ”هر ايندر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڏک کي ڏنڊا ٻيڙيون هنيون، پاڻ سان گڏ وٺيون پيو اچي.“ طارق عالم جا نوجوان ڪردار سوچين ٿا ۽ ڀوڳين ٿا (رات، سانت ۽ سوچون).
    ”ٽرئجڊي“ ڪهاڻيءَ جو ڪردار اليڪٽرانڪس ۾ انجنيئرنگ جو امتحان پاس ڪيل آهي، پر هن وٽ ڪا سفارش ڪانهي نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ. هن کي اها ڳالهه شدت سان محسوس ٿئي ٿي ته سندس پيءُ مرڻ ۾ بيحد تڪڙ کان ڪم ورتو هو. ”بابا کي گهٽ ۾ گهٽ چار مهينا اڃا جيئڻ کپندو هو. هاڻ ڪو به ته پنهنجو نه رهيو آهي بابا جي مري وڃڻ کانپوءِ ڄڻ سڀ سڃاڻپون مري ٺري آٺرجي ويون آهن.....“ هو انٽرويو ڏئي ڏئي ٿڪجي پئي ٿو. خودڪشي ڪرڻ مهل سرڪڻ ڦاهي پنهنجي گلي ۾ وجھي هن کي پنهنجي سنڌي هجڻ جو بيحد شدت سان احساس ٿيڻ لڳي ٿو. ”کيس اهڙي قسم جو احساس هر انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ آفيس کان ٿڙندڙ وکن سان نڪري فٽ پاٿ تي اچي اڪثر ٿيو هو.... آفيس کان ٻاهر نڪرندي، هن کي محسوس ٿيندو هو ڄڻ هو ڪو شودر..... ۽ شهر جي آفيس ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ڄڻ آرين لاءِ ٺاهيا ويا هئا!“ هر انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ هو سوچي ٿو ته ”جيڪر هو ڪو ٻيو هجي ها....“ ڄڻ سنڌي هجڻ ڪو وڏو ڏوهه هجي هن ملڪ ۾! خودڪشي ڪرڻ کان اڳ هو ”بند ڪمري جي کوهه ۾ زندگيءَ کان ٽمٽار هڪ مضبوط ٽهڪ ڏيڻ چاهي ٿو، پنهنجين سمورين ناڪامين ۽ مايوسين کي وساري.“
    ”هن وات کولي ٽهڪ ڏنو زور سان/ڪجهه وڌيڪ زور آور/۽ ڪجهه وڌيڪَ ڀرپور. پر هن کي حيرت ٿي، هر طرف ڪمري جي اونهين اڌ اونداهين کوهه ۾ ڳرا ڳرا سڏڪا هٿوراڙيون ڏئي ٻڏي ويا!“
    ”ڪٽيل سلسلو“ ڪهاڻيءَ جو اڪيهين سالن جو ڳڀرو قد آور جواڻ، مضبوط هاٺي، ڪنهن ڪاؤ بواءِ فلم جو ارڏو ڪردار ”سين“ پنهنجي اندر جي ڀڃ ڊاهه جو شِڪارُ آهي. هن پنهنجي ڊائري ۾ لکيو هو ته ”اسان کي اهڙيءَ زندگيءَ مان ڇا حاصل جنهن ۾ اسان ڪنهن کي پنهنجو به چئي نٿا سگهون. ايستائين جو پنهنجو پاڻ کي به هن دنيا ۾ پنهنجو چوڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.“ پوءِ هن خالي ڪيپسول ۾ زهر جو سفوف ڀري، کائي ڇڏيو.
    طارق عالم هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ نهايت اهم ۽ چڀندڙ سوال پڇيو آهي: ”ڇا اسان جونسل خودڪشي ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي؟“ هن اهو سوال گذريل صديءَ جي آخري ڏهاڪي ۾ پڇيو هو. ۽ هاڻي 21 صديءَ جي 11 سالن گذرڻ کانپوءِ به اهو ساڳيو سوال ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوانن جي خودڪشي ڪرڻ جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندڙ آهي. جڏهن راجا رند روزگار جي لاءِ جاکوڙ ڪندي، ڪنڊياري کان اسلام آباد پهچي ٿو ۽ نيٺ مايوس ٿي پارليامينٽ جي اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ماري ڇڏي ٿو. جڏهن نصير آباد، لاڙڪاڻي جو نوجوان نبي بخش سوهو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان اسسٽنٽ رجسٽرار ڪو آپريٽو سوسائٽي جي پوسٽ جو امتحان پاس ڪري، 11 مهينا آرڊر لاءِ ڌڪا کائڻ بعد بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري، خودڪشي ڪري ڇڏي ٿو. تڏهن طارق عالم جو اهو سوال تپندڙ سج جيان سوا نيزي پاند تي اچي بيهي ٿو:
    ”ڇا اسان جو نسل خودڪشي ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو آهي“.


    طارق عالم: سنڌي ٻوليءَ جو خوشنصيب ليکڪ ـــ شوڪت حسين شورو

    طارق عالم تي جڏهن لکڻ لاءِ مون سوچيو ته، منهنجي ذهن ۾ هڪدم ٻه جملا آيا. ڪي ماڻهو سڀ ڪجهه هوندي بدنصيب هوندا آهن ۽ ڪي ماڻهو ڪجهه نه هوندي، خوشنصيب هوندا آهن. پر اهي ٻئي جملا اڻ سِڌا هئا ۽ پهرين ته آئون سمجھي نه سگهيس ته انهن جو طارق عالم جي حوالي سان ڪهڙو مطلب هو. پر طارق عالم تي سوچڻ کانپوءِ اهي چِٽا ٿيڻ لڳا، طارق عالم سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن، سٺا ناٽڪ لکيا آهن، پر ان کان وڌيڪَ سنڌي ادب کي ”رهجي ويل منظر“ جهڙو شاهڪار ناول ڏنو اٿس. ان کي زندگي، جو سٺو ساٿي مليو آهي، اهو سڀ ڪجهه هوندي به بدنصيبيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هو گهڻو بيماريءَ جو شڪار ٿيو آهي، جنهن جي علاج لاءِ لکين روپيه کپن. اها بيماري اهڙي ڪانهي جيڪا لاعلاج هجي. طارق عالم جهڙي خوددار نوجوان کي ائين اقتدار جي فائدن لاءِ واجھائڻو پوندو ۽ آسرن تي ڏينهن ڪاٽڻا پوندا اِها پنهنجي جاءِ تي سچ ته تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي. جيستائين خوشنصيبيءَ جي ڳالهه آهي، ته آئون نٿو ڀانيان ته سنڌيءَ جي ڪنهن ٻئي نوجوان ليکڪ کي پنهنجن ساٿاري ليکڪن، توڙي، پڙهندڙ سان، ڪنهن ڏکئي وقت ۾ ايترو پيار، ايترو ڌيان مليو هجي. طارق عالم وڏيرو يا ايڏو وڏو آفيسر ڪونهي جو ماڻهو سندس خوشامد ۾ لڳا رهن. هو مولائي ماڻهو آهي، هُنَ وٽ ڪجهه ڪونهي. پوءِ به هُنَ کي اڻ ميوپيارُ مليو آهي. سموري ڏُکاين، تڪليفن ۽ اڻ هوند سان، هيستائين هن جيڪو بيماريءَ ۾ وقت ڪاٽيو آهي، سو هن پيار، ڌيان ۽ همدرديءَ جي گھاٽي ڇانوَ هيٺ ڪاٽيو آهي. سچي ڳالهه اها آهي، جو همدرديءَ جو لفظ مون کي ناهي وڻندو. ۽ مون کي پڪ آهي ته طارق عالم کي به نه وڻندو. همدرديءَ جي لفظ مان رحم جي بوءِ ايندي آهي ۽ رحم وڏن ماڻهن کي ايندو آهي، سنڌي ليکڪ وڏا ماڻهو ڪونه آهن. اسان وٽ لکڻ سان وڏو ڪونه بڻبو آهي. هِتي وڏ ماڻهپائي، سماجي رتبي، سوشل اسٽيٽس سان ماڻي ويندي آهي، عبدالقادر جوڻيجي جو نالو ملڪ جون سرحدون ٽپي، بنا ويزا جي دوست ٽوڙي دشمن ملڪن ۾ وڃي پهتو آهي. پر اهو به رڳو نالي سان وڏو ماڻهو ٿي ڪونه سگهيو آهي. هن وقت يونيورسٽيءَ جي گهر ۾ رهندڙ ۽ پنهنجن پيرن تي ڀاڙيندڙ آهي. جيڪڏهن سنڌالاجيءَ ۾ نوڪري نه هجيس ته هڪ طرف نالي جو نشو ۽ٻئي طرف شيخائيءَ جي ڪري بيلنس وڃائي هيستائين اڌ چريو بڻجي چڪو هجي ها. چوڻ جو مطلب هي اهي، ته جوڻيجي کي طارق سان همدردي هوندي ته اُها برابريءَ جي بنيادن تي هوندي اهو ساڳيو درد هوندو جو پنهنجائپ ۾ ماڻهو هڪ ٻئي لاءِ محسوس ڪندو آهي. آئون جڏهن به طارق عالم سان ملندو آهيان ته منهنجي من ۾ پيار جي اُڇل اُٿندي آهي ان سان گڏ ان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جي بيوسيءَ جو احساسُ ٿيندو آهي. هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نِگار جي حيثيت سان، طارق عالم جو سنڌي ادب ۾ ڪهڙو درجو آهي. ان جي ڪَٿَ هِتي نٿي ڪري سگهجي. ايترو چئي سگهجي ٿو ته هُنَ هروڀرو لکڻ لاءِ ڪجهه ناهي لکيو. جيئن اسان جا ڪي ليکڪ لکڻ لاءِ هروڀرو لکندا آهن. طارق عالم کي ادب جي ميدان ۾ ڪو گهڻو وقت ڪونه ٿيو آهي، هن ٿوري وقت ۾ جيڪي لکيو آهي، سو معياري آهي. اسان وٽ شارٽ اسٽوري يا مختصر ڪهاڻي، يورپ ۽ آمريڪا مان آئي. پر اها اُتي مري چڪي آهي. موپاسان، اوهينريءَ جو دور ختم ٿي ويو. انهن کانپوءِ يورپ يا آمريڪا جو اهڙو ليکڪ ڪونهي، جنهن کي رڳو ڪهاڻي لکڻ جي ڪري مڃتا ملي هجي. هُتي بنيادي شيءِ ناول آهي. جنهن کي ادب ۾ اوليت حاصل آهي. جيسين ڪهاڻيءَ جو تعلق آهي، ته ڪجهه ليکڪ ناول لکي پورو ڪري جيستائين ٻيو ناول شروع ڪندا آهن. تيستائين ساهي کڻڻ واري وقفي ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون لکي وٺندا آهن. اسان وٽ سڄو زور ڪهاڻيءَ تي رهيو آهي، پر ڪهاڻيءَ جي هن وقت حالت اها آهي، ته سٺا ڪهاڻيڪار ڪهاڻيون لکڻ ڇڏي چڪا آهن. جنهن جو مثال عبدالقادر جوڻيجو، آغا سليم، مشتاق شورو، مدد علي سنڌي آهي. علي بابا، امر جليل ۽ نور الهديٰ شاهه جون سال ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون نظر اينديون آهن. مون کي ته ڪيهر شوڪت جي به ڪهاڻي ويجھڙائيءَ ۾ نظر نه ائي آهي، رسالن جي ايڊيٽرن کي شڪايت آهي ته کين سٺيون ڪهاڻيون نٿيون ملن، منهنجو خيال آهي ته، ٽي ــ وي ۽ ريڊيو جي ڪري هي دؤر ڪهاڻيءَ جو ڪونهي، ڊراما ۽ ناول جو دؤر آهي. اِهو ته الڳ موضوع آهي، ان حوالي سان طارق جي فن تي نظر وجھجي، ته هن ۾ ڊرامن ۽ ناول لکڻ جي ڀرپور تخليقي قوت آهي. ”رهجي ويل منظر“ کانپوءِ هو ٻيو ناول لکي رهيو آهي ۽ سندس ڊراما به ٽي وي تي ايندا رهيا.
    طبيعت ٺيڪ نه هوندي به سندس تخليقي قوت بيماريءَ اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪيا آهن. ۽ اِها هر ڪنهن جي وس ڳالهه ڪانهي، طارق عالم پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏو ڪردار آهي، هڪ اهڙو ڪردار، جيڪو ناول ۾ پڙهبو آهي يا فلمن ۾ ڏسبو آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن، پاڻ ڳڻي سگهندو آهي ۽ هر گذرندڙ آخري ڏينهن کي ويجھو پوندو ويندو آهي، پر اهو ڪردار هرپل کي موههَ جي مڻيي سان کل خوشيءَ سان گذاريندو آهي، ڪي ماڻهو جسماني طور ٿلها متارا هوندي به، ذهني طور ڪمزور ۽ بيمار هوندا آهن. طارق عالم انهن مان ڪونهي هو جسماني لحاظ کان ڪمزور آهي پر ذهني طور صحتمند ۽ بهادر آهي. اها ڳالهه سندس کِلَ مان ظاهر آهي، جنهن ۾ ڪو فرق نه پيو آهي، جيڪا هينئر به موهيندر آهي ۽ جنهن ۾ ڀرپور زندگي آهي. مون کي منهنجن دعائن ۾ اعتبار ڪونهي، پر پوءِ به ائين جيئن ڪنهن پنهنجي لاءِ پاڻمرادو دل مان دُعا نڪرندي آهي، تيئن طارق عالم لاءِ به دُعا نڪريو وڃي ته شالَ صحت ۽ وڏي ڄمارَ ماڻي.


    سنڌي ادب جو روميو ـــ نصير مرزا

    هي ٻه دوست آهن يا ٻه پکي! پندرنهن ويهه سال اڳ، جنهن به آشنا هنن کي هڪ نظر ڏٺو ٿي، ائين ئي ته چيو ٿي. هڪ ۾ ڇوڪرين لاءِ اَٽريڪشن ۽ ٻئي ۾ وري پاڻ کان وڏن مردن لاءِ. (۽ پاڻ بابت ان آبزرويشن کان، ان ئي زماني ۾، هڪ دوست مون کي آگاهه ڪيو هو).
    شايد هيءَ ڪنهن گذريل جنم جي دوستي هئي يا ان کان به ڪنهن اڳوڻي سمئي جي، جڏهن حضرت سليمان جا سريلا پکي گهاٽن وڻن جي ڊگهين شاخن تي ويهي ڌڻيءَ جي پرارٿنا جا گيت ڳائيندا هئا. موجوده جنم واري هنن جي هيءَ دوستي به ڄڻ ان ئي يگ کان ته Continue آهي. بس هن جنم ۾ ملڻ جو پهريون موقعو رڳو ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي ڏاڪڻين وٽ فراهم ٿيو هو هنن کي! ۽ طارق عالم کي پرنٽيڊ شرٽ ۽ سائي رنگ جي چست پينٽ پاتل ۽ مون کي وائيٽ ٽي شرٽ ۽ چاڪليٽي ڪارڊرا جي پينٽ.
    هڪ ٻئي کي پسند ڪري، هٿ هٿ ۾ ڏيئي، دوست بنجي، بورڊ جي ڏاڪڻين تان هيٺ ڇا لٿاسين، اوڻيهه سؤ پنجهتر جو آسمان ويتر وشال وشال لڳو مون کي ۽ اوچتو خلا ئي خلا ۾ دور کان ڪنهن مندر جهڙو ڏيک ڏيندڙ ڄامشوري جي ريلوي اسٽيشن تان ڪنهن ريل جي ڏيئي جي ٽمڪندڙ لاٽ جهڙي وسل ڇا وڳي! واشنگ مشين ۾ ڦرندڙ ڪپڙن وانگر اسين ٻيئي، هڪ ٻئي سان ٻکجي ويا هئاسين. جدا ٿياسين ته منهنجي ڪپڙن ۾ هن جي ۽ هن جي وجود ۾ منهنجي خوشبو سرايت ڪري چڪي هئي.
    دوستيءَ جي ڪنڊائين پيچري تي ان ڏينهن دوستيءَ جو اهو نئون سفر ڇا شروع ٿيو، آگم پبلشنگ هائوس جي آفيس ٽهڪن سان، ۽ ڄامشوري جا ميدان اسان جي وکن سان ڀرجي ويا. نه پير پٽ تي، هُنَ جو! نه اک آسمان ۾ منهنجي. هو مون سان منهنجي ننڊ ۾ گڏ، مان هن سان هن جي جاڳ ۾. دوستيءَ جو ڇا هي ڪوئي شديد بخار آهي؟ يا اسان ٻنهي جي ڪا جنسي محرومي؟ (۽ مون اڪثر ان مسئلي بابت به انهن ڏينهن ۾ سوچيو هو) پر اهڙي بي راهه رويءَ جو مينهن اسان جي نوجوانيءَ جي ڪچن ڪوٺن تي ڀرپور نموني سان وٺو به ته خبر ڪونه پئي بس دوستيءَ جي ڪا عجيب لهر هئي. جنهن ۾ ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وانگر لڙهندا پئي وياسين.
    بي حجابيءَ ۽ دوستيءَ ۾ هڪ ٻئي سان ڀرپور سهڪار هوندي به، مون طارق کي ڪڏهن به ۽ ڪجهه به ڪونه ڏيکاريو. پر هن جڏهن به ۽ جو ڪجهه به لکيو، پهرين مون کي ئي ڏيکاريو. پهرين ڪهاڻي ”پائلي“، پهريون ٽيلي ناٽڪ ”چنڊ رهين ٿو دور.....“، ”رهجي ويل منظر“ناول جا پهريان پنا..... .”مورن اوچا ڳاٽ“ جو پهريون هائيڪو.... سياحت نامي ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ جو پهريون چيپٽر....
    بس سنڌ جي سياحت به مون کي جيڪا ڪرڻي هئي. مون اها طارق عالم سان ئي گڏجي ڪئي. هي موهن جو دڙو آهي ۽ اجھو گڏجي ان جي اسٽوپا جو طواف پيا ڪريون ۽ هي آهي ساڌ ٻيلو. سامهون مور پيو نچي ۽ اسين ٻيئي اتي بيٺل ڪيسو ڦل جي وڻ هيٺان شفق رنگ ڇڻيل پتن جي بيابان ۾ بيٺا آهيون ۽ بيٺا مور جو رقص ڏسون.... ۽ حياتيءَ جي انهن حسين ترين لمحن ۾، شامل ”باجي مثل“ اسان سان هو به ته، گڏ ئي هوندو هو: خدا بخش ابڙو! سفر ۾ طارق جي ڪشور ڪمار، مان جي مڪيش، ته خدا بخش ابڙو جهڙو علڻ فقير. شايد ڌڌڙ ڌوڙ چهرا کڻي ڳائيندا وڄائيندا سکر کان خيرپور، ”فيض محل“ جا در ديوار ڏسڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين ته، بس ۾ ڪنڊيڪٽر کي اسٽوڊنٽ ڪارڊ ڏيکاري اڌ ڀاڙو جو ڏيون ٿا ته، وريل وار ۽ ميرا ڪپڙا ڏسي بڇڙو منهن ڪري ٽوڪي ٿو وجھي: ”شڪل مان ته ٽيئي ڪلارڪ ٿا لڳو....!“ خير ريل ۾ ته سينٽي مينٽل جرني ڪندي ٽڪيٽ نالي واري شئي وٺڻ جي زحمت اسان ڪڏهن ڪئي ئي ڪونه!
    سکر، لاڙڪاڻو، شڪارپور، دادو، جھمپير.... ۽ پنجهتر کان پنجاسيءَ تائين بيگ ڪلهي ۾ وجھي بنا ڀاڙي ايترو ته رلياسين جو هاڻي ياد ئي ڪونهي ته، ريل جي ڦيٿي هيٺان ڪيتري ڌرتي ڦري چڪي. سنڌ جي ڌرتي ته خير ٽن ڪنڊن تائين جيتري اکين جو نصيب هئي، ڏٺي سين. پر لوڪ ڪٿائن ۾ ڄاڻايل چوٿين ڪنڊ ۾ ڏسڻ جي حسرت ئي رهي اسان ٻنهي کي. ان طرف ڇا آهي؟ ڪو پراسرار شينهن؟ ڪو بگھڙ؟ ڪو هرڻ؟ مور.....؟ ۽ چوٿين ڪنڊ جي تلاش ۾ طارق ۽ مان پنهنجي اندر جي جڳياسا ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙي اهڙي جاءِ آهي، جِتي نه رلياسين! حيدرآباد جا قديم قبرستان، حيدرآباد جون پراڻيون سئنيمائون، اجاڙ باغ، چڪلي جون سوڙهيون گهٽيون، حيدرآباد واري پڪي قلعي جا برج، بارود خانا، ٽنڊي ٺوڙهي ۾ هو مون وٽ اچي ته، ڳوٺ جو ڦاٽڪ، درگاهن ڏانهن ويندڙ پراسرار پيچرا، صوفي ٻيرن جي باغن جي سياحت.... ۽ ڄامشوري! مان هن وٽ وڃان ته، درياهه جا ڪنارا يا علامه آءِ آءِ قاضي جي مقبري جي ڏاڪڻ! جِتي، صبح جو طارق پنهنجي محبوبا (سنجھا) سان ملندو هو ۽ شامَ جو مون سان. ۽ آوارگيءَ جو اهو معمول ويهن سالن جي عرصي تي پکڙيل. ۽ انهيءَ سموري عرصي جي هر لمحي ۾، جِتي ڪٿي هو مون سان هم قدم ۽ مان هن سان هم خيال. همعصر ته، ٽيون ڪنهن کي، اسان پنهنجي سمجھي ئي ڪونه. حيدرآباد جا رستا، ڄامشوري جون شامون، ريشم ڳليءَ جا تر و تازه چهرا، ڪشور ڪمار جا گانا، گاڏي کاتي چوڪ وارو ڪبابي، ڊي سيءَ جي بنگلي جي اڳيان بيٺل سرينهن جا گھاٽا وڻ، املتاس جا هيڊن گلن وارا ڇڳا..... بس اڄ تائين انهن کي ئي ته پنهنجو همعصر سمجھندا رهيا آهيون اسين ٻيئي. فطرتن هو ڪهاڻيڪار ۽ مان وري شاعر.... مطالعو ٻنهي جو واجبي. هن جي هٿ ۾ مون جي ڪڏهن ڪتاب ڏٺو به ته، وڌ ۾ وڌ امر جليل جو.... ۽ منهنجي هٿ ۾ اُنهي، قرة العين حيدر يا ميراجيءَ جا پُستڪ! مطالعو بس اڃان تائين اسان ٻنهي جو انهن کان اڳتي وڌيو ئي ڪٿي آهي؟ پوءِ به اصرار اسان ٻنهي جو اهو ئي ته، سنڌي ادب ۾ جدت جي رَٿ جو ڦيٿو، ٿورو گهڻو اسان به گڏجي اڳتي ڌڪيو آهي. هن ڪهاڻي ۾ ۽ مون.....؟
    طارق جون ڪهاڻيون مون کي گهڻيون پسند آهن. شايد ان ڪري به جو، هو مون کي انهن کان به گهڻو پسند آهي. سنڌي ادب ۾ هو هڪ اسٽائيل جو مؤجد آهي. ”اسلوب“ جو ڪهاڻيڪار آهي. مشاهدي ۽ احساسن کي تشبيهن جي رنگن سان رڱي ڇڏيندڙ ليکڪ آهي. هن جي لکڻ جي بنيادي خوبي ”فن“ جو اظهار آهي. علميت جو پرچار نه. هن جي ڪهاڻين جو اسٽائيل، هن جي آڱرين جو ڪمال آهي، جيڪي هڪ وڏي مصور جي ڀاءُ جون آڱريون آهن. هن جو اسلوب، هن جي اکين جو ڪمال آهي، جيڪي هڪ نامور فوٽوگرافر جي پٽ جون اکيون آهن. ”پائلي“ کان ”فريم“ تائين، ڀريا ويهه سال.... هن هر ڪهاڻيءَ ۾ ٻُڌايو آهي ته، ”طارق عالم کانسواءِ، اهڙيون ڪهاڻيون ڪو ٻيو لکي ئي نٿو سگهي“.
    سندس ڪهاڻي S.O.S جي موضوع تي مون پهريون دفعو مُنهن ۾ گهنڊ وڌو هو. منهنجي تنقيدي راءِ ٻڌي پيشانيءَ ۾ گهنڊ موٽ ۾ طارق به وڌو. چيم: ”افسانو موضوع جي لحاظ کان مڊل ڪلاس سان لاڳاپيل ڪنهن ليکڪ جو لکيل، لڳي ئي ڪونه ٿو. جهڙو ڪنهن بيوروڪريٽ افسانه نِگار جو...“ منهنجي اعتراض تي هن هاڻي هڪ جي بدران، پيشانيءَ ۾ يڪا ٻه گھنڊ وڌا. مون ڊڄي هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ مصلحت تي لهي آيس. چيم: ”اهو افسانو طارق عالم جو لکيل ته، ڪنهن به طرح لڳي ئي ڪونه ٿو....! ها! ”آدم، سمنڊ، خوشبو“، ”ٽڪنڊا، چوڪنڊا، دائرا“، يا ”فريم“ ها! انهيءَ ڏانءَ واري ڪنهن افساني کي چئبو آهي، طارق عالم جو افسانو“. تعريف ٻڌي اوچتو هو ريليڪس ٿي ويو ۽ سک جو ساههُ، پوءِ مون به کنيو. هونئن ادب ۾ پنهنجو پاڻ کي ”ڪا شيءِ“ سمجھڻ واري خوش فهميءَ جهڙي عياشيءَ کانسواءِ،ٻيو اسان کي ڦٻيو ئي ڇا؟ شراب، سجيون، سگريٽ، چرس، ڀنگ، گانجو....؟ ۽ اهي شيون، نه طارق کي گهڻيون پسند ، نه مون کي! جي انهن مان ڪجهه شيون وقتي واپرايون سين به ته، واجبي. ڇوڪريون البته جيڪي هن کي وڻيون، بعد ۾ اهي مون کي به بي حد وڻيون... هونئن ته ڦوهه جوانيءَ ۾، طارق پاڻ کي ”سنڌي ادب جو روميو“ سمجھندو هو، پر منهنجي حساب سان هن ٽي دفعا پنهنجو پاڻَ کي محبت ۾ “Involve” ڪرڻ جي ريهرسل ڪئي هئي. پهرينءَ ”محبوبا“ هن کي ڪا خاص لفٽ ڪانه ڪرائي. ٻيءَ هن کي لفٽ ته ڪرائي، پر وري جو ان لفٽ نه ڪرائي ته، طارق به پنهنجي ڳڻتيءَ جوڳي حالت مان نڪرڻ ۽ ريليڪس ٿيڻ لاءِ يڪدم انهن ئي ڏينهن ۾ پنهنجو بهترين ناول لکي ورتو: ”رهجي ويل منظر“.
    ٽئين خاتون سان، فرسٽريشن واري دؤر ۾ هن رومينس ڪرڻ جي ريهرسل اڃان شروع ئي مس پئي ڪئي ته، ساڻس طارق جي شادي ٿي ويئي. ۽ ڀاڀي رضيه سان ان شاديءَ جو واقعو به ڪافي دلچسپ آهي.
    ٿيو هينئن جو رضيه (ڀاڀيءَ) ”رهجي ويل منظر“ ناول تازو پڙهي چڪي هئي ۽ ان زماني ۾ ناول جي عجيب و غريب نوجوان ناول نِگار کي سنڌالاجيءَ ۾ پنهنجي ڀاءُ منصور عالم وٽ ايندي ويندي ڏسندي به رهندي هئي، اوچتو ملاقات جو اتفاق ٿيو ته، هن يڪدم، طارق سان سندس ناول جي حوالي سان گفتگو شروع ڪري ڏني.... گفتگو ڇا شروع ٿي؟ سنڌي ادب جي ”روميو“ جي پراڻي رڳ ڦڙڪي اٿي، جنهن ترڪش مان تير ڪڍي، وجھه وٺي پوري طاقت سان نشاني تي هنيو: ”مس رضيه لاڙڪ! ڇا توهان شادي ڪري سگهو ٿا مون سان؟“ ۽ ڪجهه ڏينهن رکي هو وري رمائنڊ ڪرائڻ لاءِ هن جي ٽئبل جي سامهون وڃي بيٺو..... ”ڇا سوچيو آهي اوهان منهنجي آفر بابت....“ بس ڪجهه ڏينهن رکي، هاڻي مس رضيه لاڙڪ، هن کي سڏرائي، سنڌالاجيءَ ۾ موجود پنهنجي آفيس ۾ ويهاري چانهه پياري ۽ پيار مان پڇيو به: ”طارق صاحب! پنهنجي ان آفر ۾، ڇا واقعي سيريئس آهيو اوهان....؟“ ۽ پوري سچائيءَ سان ”ها“ ڪرڻ کانپوءِ، طارق مون وٽ ڄامشوري مان هلي حيدرآباد آفيس ۾ پهتو. کلندي ٻڌايائين: ”رضيه کان پڇيم، گهڻا بي روزگار ننڍا وڏا ڀائر آهن، جن جي تون ڪفالت ڪندي آهين!؟ چيائين ٽن ڀائرن جي. چيومانس، مون سان شادي کانپوءِ سمجھجانءِ ته، مون سميت چار بيروزگار ڀائر سنڀالڻا آهن“ ۽ مس رضيه لاڙڪ سان ان مزيدار گفتگوءَ جو احوال ٻڌائيندي، طارق ان ڏينهن مون کي ائين خوش لڳو، جيئن ڪوئي ننڍو ٻارڙو ڪاٺ جي گھوڙي تي چڙهي، ان کي هڪلڻ مهل خوش نظر ايندو آهي.
    خوش طبع ۽ Jolly ته، طارق هونئن ئي ازل ابد کان آهي. هر وقت جهڙو کٽمٺڙو، جهڙو اورينج جوس. جنهن محفل ۾ طارق موجود، معنيٰ رڳو فقرنگ، رڳو هوٽنگ.... نيون نيون چلولايون، نيون نيون مستيون...... اڃا ان ڏينهن دوست ڊاڪٽر سنتوش ڪامراڻي اسان جي محفل ۾ اچي ويٺو. خبر پئي ته، نوشهري فيروز ۾ ڪلينڪ کوليو اٿس. پڇيومانس: ”في مريض کان، في گهڻي وٺين....؟“ سنتوش ڪڇي ئي ڪڇي، خوش طبع طارق وچ ۾ ٽپي پيو. چيائين ته: ”گهڻي وري گهڻي. في مريض في سبيل الله!“ شايد رميش ڪمار ڪو شعري مجموعو آڻي ٽئبل تي رکيو ۽ اک بچائي طارق کڻي، ان تي ڪجهه لکي، چپ چاپ ويچاري رميش جو ڪِتاب مون ڏانهن سرڪائي ڇڏيو. کولي ڏٺم. لکيل هو: ”سڪ مان نصير لاءِ،پاران: طارق عالم.“
    گهڻو وقت اڳ، هو پنهنجا پاسپورٽ سائيز ڪي نوان فوٽا ڪڍرائي آيو هو. ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هڪڙو خاموشيءَ سان منهنجي ڊائري ۾ وجھي ڇڏيائين. گهر وڃي اوچتو ڊائري جو کوليان ته، هن جو فوٽو اچي اڳيان پيو. کڻي جو ڏسان ته، ان جي پٺيان لکيل هو: ”تنهنجي بي حد اصرار تي، پنهنجي تصوير. صرف تو لاءِ.“
    ريڊيو تي منهنجي آفيس ۾ الائي ڪيترا دوست ويٺا هئاسين. هن ويٺي ويٺي ڪاغذ تي ڪجهه ٺاهيو ۽ ڀرسان ويٺل مختيار ملڪ جي حوالي ڪري ڇڏيو. مختيار ڪاغذ کولي جو کڻي ڏٺو، مرد جي مخصوص عضوي جهڙي ڪا شيءِ ٺهيل هئي. مٿان لکيل هو. ”گلاب خاص“ مختيار ملڪ جي لاءِ“ ۽ هيٺيان لکيل هو: ”طرفان، سميع لُنڊ....“
    ادبي بحث مباحثي ۾ طارق اڪثر چپ.... اجايو مٿو هڻڻ بدران، گهڻو ڪري سامهون واري هم خيال دوست سان، ها ۾ ها. راءِ لاءِ گهڻو اصرار ڪبس ته، اوچتو هو اِهو ئي طارق.... جنهن جي جملي تي گهٽ ۾ گهٽ مان ته پنهنجي، کل کي ضبط ۾ رکي سگهان ئي ڪونه.
    حقيقت ۾ طارق فوٽوگرافر جو فرزند آهي. ان ڪري هر منظر جي عڪاسي ڪرڻ هن جي سرشت ۾ آهي. ڪئميرا جهڙوڪر هن جي اکين تي هر وقت رکي ئي رکي آهي. ”شيخ اياز“، ”علي احمد بروهي“، ”ادل سومرو“، ”ناشاد“، ”حسين شاهه راشدي“ ۽ هو جنهن سان ملي اٿيو، انهن جي هر ادا، هر لفظ کي انهن ئي وانگر ائين ادا ڪري سگهندڙ.... جو پتو ئي ڪونه پوندو ته، هي اُهي سڀ پيا ڳالهائين يا طارق عالم....
    ۽ دوستن جي محفلن ۾ ٽهڪن جا ٽانڊاڻا پکيڙيندڙ ان طارق عالم کي، رضيه ڀاڀيءَ سان ڇهاسيءَ تائين پرڻئي اڃا سال ئي مس گذريو هو جو، اوچتو.... هن جي جوانيءَ جي شاخن تان پن غائب، ڦول گم، اکيون اجاڙ، نسون پاٺيون، چهرو وساميل وساميل.... نتيجي ۾ پهرين ڪوٽڙيءَ جي تعلقي اسپتال ۾ ايڊمٽ، ٻئي ڏينهن فورن سول اسپتال حيدرآباد ڏانهن شفٽ.... شايد گردا پيا وڃن.... ڊاڪٽر نور محمد ميمڻ جو اعلان... هتان نڪرو بابا حيدرآباد مان.... علاج ڪونهي هِتي ان بيماريءَ جو.... دوست شفقت عرف ”ببن ميمڻ“، جي تنبيهه. سندس صلاح سول اسپتال حيدرآباد مان راتو رات ”لاما“. ڪراچيءَ جي ڊاڪٽرن سڄي رات ڊائلاسز ڪري، فجر جو ڦڪڙ ڦاڙي وڌو ”گردا ڦس“، واحد علاج ”ڪڊني ٽرانسپلانٽ.“
    سڄي رات جي اوجاڳي کانپوءِ، صبح جو سڀئي دوست ٻاهر فوٽ پاٿ تي ويٺا هئاسين ته، اها ڀوائتي خبر اندران ڪنهن اوچتو اچي ڏني. اندر وارڊ ۾ انڌا ڌنڌ گهڙيس ته، طارق بظاهر سست، اکيون ننڊاکڙيون. پر هميشه وانگر نه آواز ۾ لرزش، نه همٿ ۾ گهٽتائي.... هان؟ هي ڇا طارق؟ موٽ ۾ هن جي چپن تي ٻيو ڪجهه نه. صرف فلم ”معصوم“ جو، معصوم گيت: ”تجهه سي ناراض نهين زندگي ، حيران هون مين، تيري معصوم سوالون په پريشان هون مين، حيران هون مين!“
    ۽ طارق جي گردن جي پيوندڪاريءَ کي هاڻي ڪئي سال گذري چڪا. ڪامياب آپريشن کانپوءِ چوڏهن سالن جي لائيف گارنٽي، مان ٿو توکي ڏيان.... اهو ڪرام ويل هاسپيٽل لنڊن ۾ هن جي معالج، هن کي کلندي چيو هو...
    ڊاڪٽر صاحب طرفان ڏنل انهن چوڏهن مان، ڏهه سال گذري چڪا آهن. تازو هڪ ڏينهن، طارق مون کي اطلاع ڏنو: ”باقي مان صرف چار سال“ ۽ سدا سمارٽ رهندڙ طارق عالم انهن ايندڙ چئن پنجن سالن لاءِ، پنهنجو پاڻ کي جهڙوڪر حالتن جي وهڪري تي ڇڏي ئي ڏنو آهي.... ڳلي ۾ سوني زنجير ۽ زنجير ۾ پُتلي جي جاءِ تي آڱر واري مُنڊي پويل. وار ڪڏهن ڪروڪٽ، ته ڪڏهن هوائن ۾ آزاد. ڪڏهن ڪلين شيو ته، ڪڏهن وري چهرو جهڙو ڏاڙهيءَ جو جھنگ. هونئن طارق جو اهو پاڻ ڏانهن لاپرواهه ٿي وڃڻ وارو اندازُ، هن جو سروپ آهي، ٻهروپ نه. شايد مسلسل اينٽي بائٽڪ ۽ لائيف سيونگ ڊرگس واپرائڻ جي ڪري هن جي سدا شگفته سڀاوَ ۾ هيءَ جا ڪاهلي ڪاهي پيئي آهي ته، اها به، انهن دوائن جي ڪري ئي.....
    تازو ٻڌايائين پئي انهن دوائن جي لاڳيتي استعمال ڪري حافظو به ڪافي ويهي ويو آهي. ويسر به ٿي پئي آهي ۽ پتو ئي نٿو پوي ته ڏاڙهي ڪڏهن کان ڪونه لاٿي اٿم. تازو حيدرآباد ۾ ڪنهن جيولر جي دڪان تي چڙهيس، جيڏانهن اک کڻان، آرسيءَ ۾ ڪو ڀئوش ماڻهو، جهڙو مون کي ئي پيو گهوري.... وکريل وار، بي ترتيب ڏاڙهي. جهڙو ملنگ.... اڇا! ته اهو مان آهيان؟ سخت پريشان ٿيس. هي مون کي ڇا ٿي ويو آهي! جهڙو ڪوئي ديوانو.... بس رڳو ڳچي ۾ زنجيرون ۽ ”گيڙو الفي“ پائڻ جي ڪسر باقي رهي آهي.
    چيومانس: ائين به جي ٿي پوي ته......؟
    وڃي ويهندس ڀٽائيءَ تي.... وراڻيائين.
    چيم: اتي اڳي ئي گهڻا ويٺا آهن
    چيائين: مان اتي انهن جو خدمت گار ٿي وڃي رهندس، حريف ٿي نه.
    ۽ بي ترتيب ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ الجھيل ۽ آرسيءَ ۾ اوچتو ڏسي. پاڻ کي ڀٽائي جو فقير سمجھندڙ، هي اڄوڪو طارق.... اهو اڳوڻو ارڏو طارق عالم ڪٿي؟ جنهن کان اڪثر سينيئر شاعر ۽ ڪهاڻيڪار ڪن هڻندا هئا ۽ هن جي تحريرن ۾ زخمي ٿيڻ کان سخت ڊڄندا ۽ کانئس بچڻ جي پوري ڪوشش ڪندا هئا.
    ڇا هاڻي فارٽيز ۾ قدم رکڻ سان هو مصلحت پسند ٿي رهيو آهي؟ ۽ اهو منهنجي ۽ طارق جي هڪ ڪامن دوست هڪ ڏينهن چيو پئي. چيم: هاڻي هو ٻن ڪمسن پٽن جو پيءُ ۽ هڪ باوقار اداري ۾ عزت ڀريي اهم عهدي تي فائز شخص آهي. اڳوڻو، آواره عاشق، بي ڊپو ليکڪ ۽ چلولو طارق عالم ابڙو، بهرحال ان ڄمار ۾ پهچي ويو آهي، جڏهن طبيعت ۾ اعتدال، ٺهراءَ ۽ سنجيدگي خود به خود اچي ويندي آهي. اختيار ڪرڻ جي ضورت پوندي ئي ڪونهي.
    لڳي ٿو پوڙها ٿي رهيا آهيون يار!...... اهو هاڻي هو وقت به وقت مون کي چوندو ۽ ياد ڏياريندو رهندو آهي.
    ويٺي ويٺي ۽ هن جي ان اوچتي انڪشاف تي، ڪڏهن ڪڏهن ته سچ پچ لڳندو اٿم، هڪ ٻئي آڏو ويٺل هي اسين ٻيئي، خوبصورت ۽ تر و تازه چهرن وارا، اهي اڳوڻا، طارق عالم ۽ نصير مرزا، رهيا ئي ڪٿي آهيون؟ آمهون سامهون ويهي، هڪ ٻئي سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪندڙ، هي ته جهڙا ڪي، بنهه ٻيا ٻه جھونا شخص....
    هڪڙو، جهـڙو ”بابو ناصر علي بيگ مرزا“ ۽ ٻيو....؟؛ ٻيو ته، صفا جهڙو ”چاچو محمد عالم ابڙو!.“


    صبح جو ستارو ـــ ماهتاب اڪبر راشدي

    ”رهجي ويل منظر“..... اِهو ئي نالو هو اُنَ ناول جو، جنهن کي سنڌالاجيءَ طرفان سال جي بهترين ناول لاءِ انعام جو حقدار قرار ڏنو ويو هو. ان جو ليکڪ هو: ”طارق عالم ابڙو“. مان اُنَ وقت انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر هئس. (هن اداري جي ساک ان جي قيام کان وٺي قائم رهي آهي. دُعا آهي ته شل اڳتي به ائين قائم رهي.) سنڌالاجيءَ طرفان ايوارڊ يا انعام، ملڻ وڏي اعزاز جي ڳالهه رهي آهي، پر ”رهجي ويل منظر.....“ ۾ اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن ان ناول کي اهو اعزاز ڏياريو؟ ان جو سبب هو، لکڻ واري جو جُداگانه اندازِ تحرير منفرد اسلوب، نئين ٽهيءَ جي سوچ جي ترجماني ۽ دل کي ڇُهندڙ ڪهاڻي ۽ حقيقت جي ويجھو ڪردار نِگاري.
    طارق عالم ابڙو، پنهنجي ادبي حيثيت ۽ قد ۽ بت ۾ اضافو پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي ڪم آڻيندي ڪندو رهيو. منجھس لکڻ جو ڏانءُ هو. هڪ تخليقڪار وانگر حساسيت هن جي سوچ ۽ زندگيءَ جو حصو رهي. جذباتي به گهڻو هو پر هروڀرو به اَنا پرست ڪونه هو. مون هن کي پنهنجي آس پاس ڏٺو. مرڪندڙ..... نهٺو.... حليم... هوريان ڳالهائيندڙ.... هميشه عزت سان پيش ايندڙ.... پنهنجي رَوين ۾ هو مون کي هميشه مثبت نظر آيو. سنڌي ادبي بورڊ ۾ رسالي جي ادارت ڪندي سندس ڪم جي مهارت نظر آئي. هن سان وڌيڪَ تعارف تڏهين ٿيو، جڏهن خبر پيم ته طارق جي شادي سنڌالاجي جي ميوزم ۾ ڪم ڪندڙ اسان جي ڪارڪن رضيه لاڙڪ سان پئي ٿئي. خوشي ٿيم. رضيه کي جن ويجھو کان ڏٺو آهي ۽ کيس سڃاڻن، سي اهو ٻڌائيندا ته هُوءَ هڪ انتهائي سنجيده قسم جي خاتون آهي. ڇهن سالن تائين، جيستائين مان اُتي ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ رهيس، مون کي ميوزيم جي انچارج وٽان سندس ڪم جي سلسلي ۾ ڪڏهن ڪا شڪايت ڪانه ملي. بلڪه ان جي برعڪس، عظيم چانڊئي جهڙي ڏُکئي منتظم سان ڪم ڪرڻ ۽ تعريف حاصل ڪرڻ لاءِ رضيه کي ئي دادُ ڏئي سگهجي ٿو.
    اسان وٽ عام طور ليکڪ، آرٽسٽ ۽ شاعر گهڻو تڻو پاڻ کان به لاپرواهه ته گهر وارن جي ذميواريءَ کان به پاڻ کي آجو ئي رکندو آهي. تخليقڪار هئڻ جي نالي ۾ گهڻي آزادي ۽ ڇڙواڳي چاهيندو آهي ۽ اهو ورتاءُ سندس زندگيءَ جو حصو بڻجي ويندو آهي. مون کي طارق جي اٿڻي ويهڻيءَ جي ايتري خبر ته ڪانه هئي، پر اِها پڪ هيم ته رضيه جهڙي سنجيده، وفادار، اَوِرچ ۽ محبت ڪندڙ عورت، طارق جي گهريلو زندگيءَ ۾ ڪو نظم و ضبط ضرور آڻيندي. جھيڙيڪار ته هوءَ هُئي ڪونه، ان ڪري لڳي ٿو ته سندس بي ترتيبن ۽ وقت بي وقت گهر اچڻ تي به ڪو فساد برپا ڪونه ڪيو هوندئين. هُوءَ باوقار عورت وانگر پنهنجي گهر، وَر ۽ ٻچن کي پاڻ سان سانڍيندي رهي.
    ٿيو ته ائين ئي، پر طارق ۽ رضيه جي زندگيءَ ۾ به ڪي آزمائشن جهڙيون آزمائشون آيون!! طارق جي صحت، گُڙدن جي خرابيءَ جي لحاظ کان سندن زندگيءَ جي وڏي آزمائش هئي. ان معاملي ۾ مان طرق کي خوشنصيب سمجھان ٿي ته کيس دوستن، احبابن ۽ گهر وارن جون بي انتها محبتون جھوليون ڀري ڀري کيس سدائين نصيب ٿيون. پهريون ڀيرو به جڏهن ڪڊني ٽرانسپلانٽ لاءِ هُو انگلنڊ روانو ٿيو هو، ته اُهو سڄو مرحلو ۽ حڪومتي اقدام، محمد خان جوڻيجي مرحوم جي حڪومت ۾ وڌيڪَ وقتائتا، باوقار ۽ عزت ڀريا هئا. انگلينڊ ۾ هن جو مرحوم ڄام صادق علي جهڙي سخي مرد سان واسطو.... جيڪو پنهنجي تڪراري سياسي ڪردار باوجود سٺو انسان به سمجھيو ويندو رهيو آهي ۽ مهمان نوازي ۽ انسان شناسيءَ جو هنر پڻ ڄاڻندو هو، جنهن جي مدد ڪرڻ وارو انداز انوکو هو، جنهن ۾ هُو اِهو نه ڏسندو هو ته هن جو ڪهڙي ”پارٽيءَ“ سان تعلق آهي، سڀاڻي ووٽ ڏيندو يا نه!. انهن سڀني ڳالهين جو اظهار، طارق، پنهنجي اُنَ دؤرَ جي لکڻين ۾ ڪري چڪو آهي. هي اُهو دؤر هو. جڏهن گُڙدن جي تبديليءَ وارو علاج، پاڪستان ۾ عام ڪونه هو ۽ ڪي خوشقسمت يا پئسي وارا ئي، ٻاهران وڃي اهو علاج ڪرائي سگهندا هئا. الله وڏي حياتي ڏئي ڊاڪٽر اديب الحسن رضويءَ کي جنهنSIUT جهڙو عظيم ادارو ٺاهي، سنڌ ۽ پاڪستان جي بي اميد، بي آسرا ۽ بي يارو مددگار ماڻهن لاءِ اهڙو دروازو کوليو آهي جِتي ڪير به وڇي سگهي ٿو. بنا ڪنهن سفارش ۽ بنا ڪنهن پئسي خرچڻ جي، انتهائي قابل ڊاڪٽرن جي مدد ۽ معاونت سان علاج کين ميسر ٿئي ٿو ۽ هُو شفاياب ٿين ٿا.
    طارق، جڏهين، انگلنڊ مان علاج کانپوءِ واپس آيو ته اڪثر ملاقاتن ۾ سندس وڌيل وزن ڏسي کيس چوندي هئس: ”طارق! ٿلهو ٿيندو ٿو وڃين.... خير ته آهي؟“ کِلي چوندو هو: ”ميڊم! دوائن جو ڪرشمو آهي. ٽرانسپلانٽ کانپوءِ، مسلسل دوائون وٺڻيون آهن ۽ نارمل زندگي گذارڻ لاءِ، ايترو ٿلهو به رهڻو پوندو...“
    نارمل زندگي هن يقيناً گُذاري... نوڪري... گهر... ٻار ٻچا... دوستي ياري.... سئر سپاٽا... ڪانفرنسون... فنڪشن.... لکڻ..... تخليق.... سڀ ڪجهه. کيس سُڪون وارو گهر ميسر هو، همدرد ۽ پيار ڪرڻ واري زال جو ساٿُ هو، پيار ڪرڻ وارا ٻار، محبت ڪرڻ وارا ڀائر ۽ ڀينرون ۽ جان ڏيڻ وارا دوست! ٻيو کيس ڇا گهربو هو؟
    انهن سڀني ڳالهين جو اندازو تڏهين ٿيو، جڏهن خبر پيم ته طارق جو ٻيو گڙدو به جواب ڏئي ويو آهي، ان کي تبديل ڪرڻو پوندو، ٽرانسپلانٽ ٿيل گڙدو به ڪم نه پيو ڪري، پر وڏو مسئلو ته اِهو ٿي پيو ته هن جو جيرو پڻ متاثر ٿي چڪو هو ۽ ان جو علاج ان کانسواءِ ٻيو ڪو نه هو ته ان کي تبديل ڪيو وڃي ۽ اُهو علاج پاڪستان ۾ ميسر ڪونه هو.
    هُو SIUT۾ پنهنجي همدرد، غم گسار ۽ فرشته نما، ڊاڪٽر اديب رضويءَ جو اچي مهمان ٿيو. مون وٽ نصير مرزا ۽ انعام شيخ جا فون ۽ پيغام اچڻ شروع ٿيا. مان هنن ۽ ڊاڪٽر صاحب جي وچ ۾ هڪ رابطو هئس. ڊاڪٽر ڇا ٿو چوي؟ هي ڇا ٿا چاهين؟ طارق جي ڪهڙي تڪليف هئي. ڇا ڪرڻ گهرجي..... صلاحن جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو هو. علاج لاءِ ڊاڪر صاحب، بنارس (چنائي) جي ڊاڪٽرن سان ڳالهائي سڀ انتظام ڪرايا. ڪڊني جيرو ٻئي هڪ دفعي ۽ هڪ ئي آپريشن ۾ تبديل ٿيڻا هئا. گڙدو،ط ارق جي ڀائٽي، جيڪو دارا ابڙي جو پُٽ آهي ۽ آمريڪا ۾ رهي ٿو، تنهن جي طرفان ڏيڻ جي آڇ ٿي ۽ جيري ڏيڻ لاءِ سندس پُٽ هالار موجود هو. ٽيسٽون ٿيون، سڀ ڪجهه موجود هو. پئسا گُهربا هئا سٺ لک....! حڪومت جي ”اعليٰ“ حڪام کي جاڳائڻ شروع ڪيو ويو، همدرد وزير به ميسر آيا ۽ آفيسر پڻ. نصير ۽ انعام مون کي خبر ڏيندا هئا ته فلاڻو ڪاغذ، فلاڻي جي ميز تي پيو آهي. ميڊم وارو ڪيو! هتان منهنجا ٽيليفون... بس ڪنهن نه ڪنهن نموني ڪاغذن کي اڳتي ڪرائي وزير اعليٰ هائوس ۾ پهچرايو ويو. اُتي هڪ ڄاڻ سڃاڻ واري ڊپٽي سيڪريٽريءَ کي ان ڪم تي لڳايم ته اِها سَمري ڳولهي هٿ ڪري ۽ ان کي سڀني فائيلن جي مٿان ڪري رکي ته جيئن وزيرِ اعليٰ صاحب جي نظر مان گذري ۽ ان کي منظور ڪري، ان جون ڪوششوپن به جاري رهيون. سمري ڳولهي ڦولهي هٿ ڪري، سڀني کان مٿي رکي وئي، پر.... وزيرِ اعليٰ صاحب کي ”ٻيا“ گهڻا ضروري ڪم ڪار اهڙا سامهون پئي آيا، جو سمريون ڪڍڻ جو کيس وقت ئي نه پئي مليو. ان وچ ۾ هن جي دلدار دوستن، سندس سڄڻن کي هٿ ونڊائڻ ۽ مدد جي درخواست ڪئي. دوستن واهُر ڪئي. گهر وارن پنهنجي ميڙي چونڊي جاچي، ڪو پلاٽ هيو، ان کي وڪڻڻ لاءِ مارڪيٽ ۾ آندائو، پر، جڏهن خريدار ملي!!
    اسپتال، مان ۽ راشدي صاحب، طارق سان ملڻ وياسين. ملاقات واري ڪمري ۾ مُرڪندو آيو.... ڪمزور لڳم... ڏٺم ته پنهنجي ڪمزوري مون کي محسوس ٿيڻ نٿو ڏئي. هِتان هُتان جون ڳالهيون، کيس همت ڏيارڻ جون ڳالهيون، حوصلي ڏيارڻ جون ڳالهيون. ڊاڪٽر رضويءَ جي تعريف ڪيائين. کوڙ دير ويٺا رهياسين. کيس چيم اسپتال ۾ ڪا تڪليف هجئي ته ٻڌاءِ.
    کلي چيائين. ”اسپتال جو نالو ئي تڪليف آهي ميڊم!“
    چيائين ته سچ پئي. جواب ڏنم: ”ٻيو ڪو پاڻ وٽ متبادل آهي به ته ڪونه!“ کلندي ئي موڪلايو هيم. ”ڀلا ڪو ڪتاب کپئي، ته ٻڌاءِ وٺي موڪلي ڏيانءِ“. اهو ئي ڪري پئي سگهيس ته اِسپتال جي هن خاموشيءَ ۾ ڪِتاب ئي هُنَ جا ساٿي هجن.
    هڪ ڏينهن نصير جو فون آيو: ”ميڊم! طارق صفا چِڙي پيو آهي، ضد ٿو ڪري ته مان هاڻي اسپتال ۾ ڪونه رهندس، سڀ نلڪيون زوري لاهي ٿو. گهر وڃڻ جو ضد پيو ڪري پليز توهان سمجھايوس.“ هيءُ هاڻي اُهو وقت هو، جڏهين، سندس روزانه ڊائليسز ٿيڻي هئي. هُو جڏهين اسپتال ۾ داخل ٿيو هو ته هفتي ۾ ٻه دفعا ڊائليسز ٿيندي هئس. ڊائليسز ٿيڻ کانپوءِ کيس گهر وڃڻ جي اجازت ملندي هئي. هُو ٻه ٽي ڏينهن گهر رهڻ کانپوءِ موٽي ايندو هو ۽ وري دائليسز جي تڪليف واري مرحلي مان گذّرندو هو، پر هاڻي وقت واريءَ مثل اسان سڀني جي مُٺ مان تِرڪندو پئي ويو. سندس حالت هاڻي اِها اجازت ئي ڪانه پئي ڏني ته هُو اسپتال جي ڪمري مان به نڪري سگهي. کيس فون ڪيم: ”طارق! ڏاهو ٿي. ڇو ٿو ضد ڪرين؟“
    چوڻ لڳو: ”ميڊم، ڏاڍو بيزار ٿي پيو آهيان. بس هاڻي نٿو سهي سگهان.“
    کيس چيم، ”ڀلا پاڻ وٽ ٻيو ڪو طريقو آهي؟ ٻي ڪا واهه آهي“؟ خاموش رهيو. چيومانس: ”هي سڀ تنهنجي ڀلائيءَ لاءِ ئي اهو ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪجهه هن مهل ممڪن آهي. بس تون ايترو ڪر، ته هنن جو ڪم مشڪل نه بڻاءِ.“ هن مون کي انڪار نه ڪيو. هن شايد خاموشيءَ سان هار مڃي ڇڏي هئي. ڏاڍو ادب سان منهنجو چيو مڃي مون کي مانُ ڏنو هئائين. مون کي مٿس ڏاڍو پيار آيو. اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. وڌيڪَ ڳالهائي نه سگهيس. ان وچ ۾ اسان جون هر طرح جون ڪوشسون جاري رهيون... شل سي. ايم صاحب جي نظر مان سمري گذري. عبدالعزيز بُلي صاحب کي چيم ته: ”ائين نه ٿئي جو سي. ايم صاحب محمود غزنويءَ وانگر اوڏي مهل خزاني جا منهن کولي، جڏهن سندس مدح سرائي وارو شاعر دنيا مان رخصت ٿي چڪو هجي.....“
    ٻه ٽي ڏينهن رکي، رات جو دير سان ڊاڪٽر اديب رضوي صاحب جو فون آيو: ”مهتاب! همارا دوست بس اب جاني ڪو هي.“ دل ڄڻ ته اچي پيرن ۾ ڪِري. چيومانس: ”ڊاڪٽر صاحب! شاييد ايڪ دو دن ۾ پئسون ڪا انتظام هو جائي.“
    ”هان، ليڪن اب ڪوئي فائده نهين، ايڪ هفته پهلي بهي يه هوجاتا تو، وه سفر ڪرني ڪي قابل ٿا. اب يه ممڪن نهين، بس اب اُس ڪي لئي دُعا ڪَرين.“
    بس سمجهه ۾ نه آيم ته ڇا ڪريان؟ نصير ۽ انعام کي ميسيج ڪري، ڊاڪٽر رضويءَ واري ڳالهه ٻڌايم. رضيه کي فون ڪري.... کيس ايندڙ سانحي لاءِ ذهني طرح تيار رهڻ لاءِ چيم. وڏي حوصلي مند آهي رضيه. الائي ڪيئن ٻڌائين... سندس دل تي ڇا گذري هوندي؟ هڪ ڏينهن ٽي وي ڏسندي هڪ ٽِڪر هليو. وزيرِ اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه طارق عالم ابڙي جي علاج جي سلسلي ۾ ڇهه لک روپيه منظور ڪيا. اُنهيءَ مهل اُنهي ڊپٽي سيڪريٽري (جنهن کي وزيرِ اعليٰ هائوس ۾ ان ڪم تي لڳايو هُيم ته سمري مٿي رکي ۽ جيئن صحيح ٿئي ته مون کي ٻڌائي) جو خوشيءَ مان فون آيو: ”ميڊم! صاحب سمري منظور ڪري ڇڏي.“. چيومانس: ”بابا! تنهنجي مهرباني تو ته وڏي ڪوشش ڪئي، پر سمري ته سٺ لک روپين جي سفارش ڪيل هئي، سي ايم صرف ڇهه لک منطور ڪيا آهن ڇا؟ مونکي ڏسي پڪ ڪري ٻڌاءِ.“ واپس فون ڪري مايوس لهجي ۾ چيائين: ”توهان صحيح ٿا چئو. سٺ لک روپين لاءِ ئي وزيرِ اعليٰ صاحب کي سفارش ڪيل هئي، پر هنن ڇهه لک ئي منظور ڪيا.“
    ان تي هاڻي ڪهڙو تبصرو ڪيان!؟ اسان اُها بدقسمت قوم آهيون جيڪي پنهنجي هٿان ماريا ويندا آهيون. اسان دهشتگردن جي هٿن ۾ يرغمال حڪومت کي دهشتگردن جي پيرن ۾ ويهي حڪومت ۾ رهڻ ۽ حڪومت ۾ ٻيهر اچڻ تي، سنڌين جي وقار کان وٺي.... سنڌ جا هڙئي وسيلا آڇڻ ۽ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. بس صاحبن جي صاحبي جو خير هجي. تاريخ، سنڌ جي اِنهن سڄڻن جو ذڪر ڪهڙي نموني ڪندي، اِهو تاريخ ئي ٻڌائيندي، پر اسان اِهو ڏٺو ته طارق جي دوستن، هن جي چاهيندڙن ۽ سنڌ واسين، دل و جان سان هن جي زندگيءَ جي تند کي ڳنڍڻ جي بيحد ڪوشس ڪئي، پر جن جي هٿ۾ قلم هيو. جن جي هٿ ۾ وسيلا هئا جيڪي وقتائتو ۽ صحيح فيصلو ڪري، شايد هن جي زندگي بچائي سگهن ها، تن کي رب طرفان اُها عزت ئي نه ملڻي هئي، جنهن ۾ هُو ساڃاهه وندن جي سامهون سُرخرو ٿي سگهن.
    پر.... هُو ته صبح جو تارو هو. هن جي زندگي ايتري ئي هئي. هُنَ کي رخصت ئي ٿيڻو هو. ائين ئي جھيڻو ڳالهائيندي، مُرڪندي... مُرڪندي...! ۽ اسان سڀني جي اکين آڏو... اسان جي هٿن مان هُو واريءَ وانگرنڪري ويو... پر محبتن جي آسمان تي هي صبح جو چمڪندڙ تارو. اڄ به موجودآهي، رڳو دل جون اکيون کولي ڏسو.


    رهجي ويل منظر! (جائزو) ـــ ڪيهر شوڪت

    يورپ، آمريڪا، دنيا ۾ اڄ ڪٿائي ساهت (Fiction) جي صنفن ۾ ناول جي وڏي اهميت آهي، اهوئي ڪارڻ آهي، جو اتي ناول ٻين ڪٿائي ساهت جي صنفن جي ڀيٽ ۾ گهڻو لکيو. ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. پر سنڌيءَ ۾ ان جي ڀيٽ ۾ مخالف رجحان آهي. ان جا ڪيئي جائز ۽ ناجائز ڪارڻ آهن، جن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ گهرجي. اپاءُ وٺڻ گهرجن. ان لاءِ اڄ جو وقت ئي اهم وقت آهي، پر بدقسمتيءَ سان ان تي اڃا ٻين ڳنڀير مسئلن تي سوچڻ جيان نه سوچيو ويو آهي. ان جا به ڪارڻ هوندا آهن. انهن تي به اسان کي ئي سوچڻو پوندو. اسان لاءِ ڪو آسمان تان لهي ڪونه ايندو. پر انهن مسئلن تي هن گڏجاڻيءَ ۾ ڳالهائڻ جي گنجائش ڪانهي. ان ڪري انهن ڳالهين کي ڇڏي، سنڌي ناول ڏي موٽڻو پوندو. سو به ڇڙو طارق عالم جي آيل ناول ”رهجي ويل منظر“ جي حوالي سان. سنڌيءَ ۾ گهڻي وقفي کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن ڪو ناول اچي ٿو. ان ڪري ڪٿ ڪرڻ ۾ ٻن انتهائن کان ڪم ورتو وڃي ٿو ـــ يا ته رديءَ ۾ اڇلائڻ جهڙي ناول کي، ته شاهڪاريت جي صف ۾ ليکيو وڃي ٿو. (”کاهوڙي کجن“ ناول لاءِ تاج بلوچ جي راءِ) يا ”شاهڪار ناول“ کي لويو وڃي ٿو. (”لڙهندڙ نسل“ تي رسول بخش پليجي جو تبصرو) مختلف خيالن، تعصبن کان متاثر ٿي ڪيل ڪَٿ، جا ڪَٿ اسان کي گهري نگاهه وجھڻ کان سواءِ ئي نظر اچي سگهي . انهن انتهائن، انهن وڌائن ۽ گهٽائن کان پاسو ڪرڻ کانسواءِ، اسان نه ته پنهنجي تقنيدي ادب سان انصاف ڪري سگهنداسين، ۽ نه وري شاهڪار تخليق سرجڻ ۾ ڪا مدد ڏئي سگهنداسين. ۽ انهن کي نه ڇڏڻ سان اسان به طارق سان، نه ٻين، نه وري سنڌي ادب کي ئي ڪو اڳتي وڌائي سگهنداسين.
    طارق جي ”رهجي ويل منظر“ کي ڪوشس ڪري، مان ٽنهي بدعتن کان بچائڻ جي ڪوشش ڪندس، پوءِ به سنڌي اديب هئڻ جي ناتي انهن بيمارين جو شڪار ٿي سگهان ٿو.
    ”رهجي ويل منظر“ يونيورسٽيءَ جي ماحول ۾ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري، سنجھا ۽ پنهونءَ جي ڪرداري رويي جي موضوع تي لکيل هڪ ناول آهي. سنجھا هڪ زماني شناس ڇوڪري آهي. يونيورسٽيءَ ۾ ان کان اڳ به هوءَ ڪيترن ڇوڪرن سان، ۽ پنهون سان ملڻ کان اڳ ۽ پوءِ به، ڪار واري توڙي ٽيلي اسٽار ۾ دلچسپي وٺندي، ۽ انهن مان ڪا هڙ حاصل نه ٿيڻ ڪري، آخر پنهون کي ئي پنهنجو ڀاڳ سمجھي، پنهونءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿي. پر پوءِ هڪ ٻيءَ خوبصورت ڇوڪريءَ صبا جي پنهونءَ ۾ دلچسپي وٺڻ ۽ پنهونءَ جي دوست ناردمنيءَ جي سازش ۽ ساڙ ۽ ظهير جهڙي آئيڊيل ڇوڪري جي ملڻ ڪري، پنهون کي درد جي بگھڙن جي حوالي ڪري، ظهير ڏي هلي وڃي ٿي. پنهونءَ جي زندگيءَ ۾ به سنجھا کان اڳ ڪافي ڇوڪريون آيون آهن ۽ پوءِ به صبا ڪافي ڪوشش ڪري ٿي، پر پنهون سنجھا جي خوبصورت، اٽريڪٽو، سيڪچوئل نه هئڻ باوجود به، صبا جهڙي سندر ڇوڪريءَ کي ڇڏي، سنجھا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه سمجھي ٿو. ائين سنجها جي سيڊازم ۽ بيوفائي جو شڪار ٿي، اڻ سهه دک ڀوڳي، سک جي تلاش ۾ پهاڙن تي هليو وڃي ٿو. هونئن ناول ۾ ٻيا به اهم ۽ غير اهم ڪردار آهن، پر ناول انهن مٿي ٻڌايل ڪردارن تي ئي جڙيل آهي. ۽ انهن مان به خاص ڪري پنهون ۽ سنجھا ئي ڇانيل آهن. ان خيال کان جيڪڏهن هن ناول کي پنهون ۽ سنجھا جي ڪردارن جي اسٽئڊي چئجي ته غلط نه ٿيندو.
    هاڻي اسٽئڊيءَ جي نگاهه کان جڏهن سنجھا جو ڪردار کڻجي ٿو، ته حيرت ۽ خوشي ٿئي ٿي. واقعي طارق سنجھا جي حوالي سان اڄ جي نمائنده ڇوڪريءَ کي پيش ڪندي ڪمال ڪيو آهي. هوءَ خوبصورت/اٽريڪٽو ناهي ته هن اها خامي پنهنجي بولڊنيس ۽ انٽليڪچوئلزم ۾ لڪائي آهي. هن جو زندگيءَ ۽ محبت کان مار کاڌي آهي ته سيڊسٽ ٿي پئي آهي ۽ هر پل اِنسيڪيورٽيءَ جي شديد احساس هيٺ رهي ٿي. هن کان جو سندس منزل کسي وئي آهي ته هن ان کي وساريو ناهي. هر وقت سندس سوچ، خيال ۽ خواب ۾ شهزادو، بنگلو، ڪار آهي ۽ انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هوءَ ننڍيون وڏيون شڪستون، فتحون ڏسندي، آخر وڏي لڙائيءَ کان پوءِ فتح حاصل ڪري، پوءِ ساهه پٽي ٿي. ان حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ ڪير مري ٿو، ڪير جيئي ٿو، ان جي هن کي پرواهه نٿي رهي. سنجھا جي ڪردار کي خوبصورتيءَ ۽ ڪلاڪاريءَ سان چٽڻ جي اصل خبر ناول کي پڙهڻ سان ئي پوندي ـــ ته ڪيئن پل پل موقعي ۽ مهل سان ڪردار جو قول ۽ فعل ۽ نفاست ڦرندي گهرندي رهي ٿي ۽ ڪيئن سندس ڪردار جي هر جھلڪ جسٽيفائيڊ لڳي ٿي. ڪجهه به جُڙتو، ليکڪ طرفان مڙهيل نٿو لڳي. سنجھا کي پڙهندي ۽ سمجھندي. احساس ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اڀرندڙ اڄ جي ڇوڪريءَ جو حقيقي چتر چٽيو ويو آهي. پر اهڙو گهرو احساس پنهونءَ کي پڙهندي نٿو ٿئي. لڳي ٿو. پنهونءَ جي ڪردار سان صحيح معنيٰ ۾ انصاف نه ٿيو آهي. ڇو ته پنهون ڪو مسيت جو ڪک ڪونهي. هن جي زندگيءَ ۾ سنجھا کان اڳ به ڪافي ڇوڪريون آيون آهن ۽ انهن دوران سندس چواڻي سندس ڪردار سرحدون پار ڪرائڻ وارن جهڙو رهيو آهي. ۽ جنهن کي اهو به احساس آهي ته ”هڪ نه هڪ ڏينهن تون به اڪيلو ڇڏي هلي ويندينءَ“. يا ”جيڪا منهنجي شرٽ جا اهي بٽڻ جيڪي ننڍپڻ کان بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو هئس، پنهنجي هٿن سان بند ڪرڻ لڳي آهي، هلندي هلندي ڪنهن به ايندڙ پل ۾ منهنجي هٿ مان هٿ ڇڏائي، مرجھايل گل ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏئي هلي ويندي!“ ايڏي تجربيڪار ۽ وڏي ڄاڻ رکندڙ ۽ مشاهدن ماڻيل ڪردار جو سنجھا جي ڇڏي وڃڻ تي اهڙو جذباتي ٿيڻ، ايڏي ڏک ۾ گھيرجي وڃڻ عجيب ٿو لڳي. اهڙو جذباتي ۽ دکي هڪ سيکڙاٽ ۽ نويل ته ٿي سگهي ٿو، پر پنهون نه ـــ جنهن کي ان پيار دوران بيزاري، يڪسانيت ۽ ڏک جو مشاهدو حاصل ٿئي ٿو، ۽ ان سان گڏ علي ۽ سندس گهر واريءَ جي وهنوار ذريعي، پيار جي وهانءَ جي پڇاڙيءَ واري رنگ جو به مشاهدو ماڻي ۽ ان سان هو بيوفائي جي سُڌ نه هئڻ تائين نارمل به رهي ٿو. پر ان کان پوءِ هن جو جذباتي ٿي وڃڻ، سنجھا کي گهرائڻ ۽ پاڻ سان محبت جي اظهار لاءِ ايلاز ڪرڻ ۽ آخر ۾ پاڻ کي سٺن عاشقن ۾ شمار ڪرائڻ لاءِ سنجھا کي آخري ملاقات جي صدقي اسڪوٽر تي گهر ڇڏي اچڻ. اهو سڀ پنهون جهڙي ڪردار جي حوالي سان ٺيڪ نٿو لڳي. جي طارق کي پنهون جو ڪردار ائين ئي کڻڻو هو ته هن کي پنهون کان سندس سموري ڄاڻ، مشاهدا ۽ تجربا کسڻ گهرجن ها. پوءِ ئي پنهون منڍ کان پڇاڙيءَ تائين جسٽيفائيڊ ٿئي ها. باقي پنهونءَ جو آخر ۾ ايترو دکي ۽ جذباتي ٿيڻ کي هڪ ناڪام عاشق بجاءِ اڄ جي ماڻهوءَ جي وجود کي بي وجود بنائڻ، ان جي بي عزتي جي احساس ۽ ان کي پاتالن ۾ ڪيرائڻ جي ڪري مڇرجي، جذباتي ٿيڻ جي حوالن کان کڻجي ها ته، نه رڳو پنهونءَ جو ڪردار جسٽيفائيڊ ٿئي ها، پر ناول جي اهميت کي اڃان به وڌائي ها. منهنجي خيال ۾ طارق وٽ ناڪام عاشق ۽ اڄ جو ماڻهو مِڪس ٿي ويا آهن، ان ڪري ئي هو پنهونءَ سان ڪجهه نا انصافي ڪري ويو آهي، باقي پنهونءَ جو آخر ۾ پهاڙ تي وڃڻ ۽ سک ماڻڻ فطري آهي. اهڙو ڪردار پهاڙن تي ويندو يا ڪنهن به ٻئي هنڌ پري وڃڻ ئي پسند ڪندو. ان جو هن کي اڃا به چاهڻ، انتطار ڪرڻا هو سڀ هٿرادو پيدا ڪيل ۽ اسڀاويڪ آهي. هونئن صبا وٽ پنهونءَ جو دک ۾ وڃڻ اسڀاويڪ نه آهي. پر صبا جو هن کي بيڊ روم ۾ وٺي وڃڻ، پيارڻ، پنهنجي مڙس کي بي انتها سٺو ۽ مهان مڃڻ باجود سِليپنگ گائون لاهي، هن کي پيار جي آڇ ڪرڻ غير حقيقي ۽ ناٽڪي ٿو لڳي. پاڻ ضروري هو ته صبا جي حوالي سان پنهون اڃا به زندگيءَ جي ٻين حقيقتن جو ادارڪ حاصل ڪري ها. صبا جي حوالي سان هو جذباتيت جو موت به ڏَسي پئي سگهيو، جيڪو ئي شايد سڀاويڪ لڳي ها.
    ناول جي ڪردارن جي اڀياس کان پوءِ جڏهن ٻين ڳالهين ڏانهن اچجي ٿو، ته ڪل پئي ٿي ته طارق هن ناول کي ايڊريسنگ/مخاطب ڪرڻ واري انداز ۾ لکي، پنهنجي سجاڳ رچناڪار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي. هن پلاٽ، هن موضوع ۽ هنن ڪردارن لاءِ شايد ئي ڪو ٻيو فارم يا ٽيڪنڪ صحيح ٿي سگهي ها. هن انداز به ناول کي اثرائتو بنائڻ ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي ـــ ۽ جڏهن پنهون ۽ سنجھا هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن ٿا، تڏهن ڊائري ۽ عيد ڪارڊ جي ذريعي پنهنجي نقطي نگاهه کي پيش ڪرڻ، خود ليکڪ جي باشعور هئڻ جو ثبوت آهي. انهن کي هو پهريائين به پيش ڪري پئي سگهيو، پر هن ائين نه ڪيو آهي، سواءِ ڪنهن هنڌ ضمني طور پيش ڪرڻ جي. مواد جي خيال کان ناول تمام اهم آهي. عام طور اسان جڏهن به ڪنهن ڪٿائي ساهت ۾ ڪو مواد پيش ڪندا آهيون، ته اهو روايتي، ورجايل پاروٿو ۽ ٻين تمام گهڻن جو ڪُٽيل ليڪو هوندو آهي. پنهنجو شخصي ڀوڳيل، سمجھيل يا حاصل ڪيل نه هوندو آهي. ۽ ان ڪري نه ادب مان مسرت، حِظ ملندو آهي ۽ نه وري ڪنهن ائين اڻ ٻڌل، اڻ محسوس ڪيل ڳالهه جي ڪا سُڌ پوندي آهي، پر ”رهجي ويل منظر“ سنڌي ادب جي ان بِدعت کان تمام پري آهي. پڙهڻ سان نه رڳو محظوظ ٿجي ٿو، مسرت ملي ٿي، پر گهڻو ڪجهه نئون ۽ گهڻن جو اڻٻڌل ۽ اڻ سمجھيل ملي ٿو ـــ ۽ ان ڪري گهڻن جي ڀرمن کي ڌوڏيندڙ پڻ ثابت ٿئي ٿو. ۽ اها منهنجي خيال ۾، ناول جي خوبي ڪا گهٽ ڪانهي. تشبيهن کي جيتوڻيڪ اڄ جي ڪهاڻي ساهت ۾ اهميت نٿي ملي، جيڪا اڳ هئي. پوءِ به تشبيهن جي پنهنجي خوبصورتي آهي. شرط اهو آهي ته ليکڪ ان ۾ تخليق کان ڪم وٺي، هزارين ڀيرا ورجايل، اوبر تشبيهون ڪتب نه آڻي ۽ ان خيال کان اسان وٽ آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا ليکڪ به ڪونهن. رڳو آغا سليم ۽ موهن ڪلپنا ئي آهن ۽ جديد حوالن جي خيالن کان ته ڇڙو موهن ڪلپنا ئي آهي ـــ ۽ ”رهجي ويل منظر“ سان ان ۾ طارق جو به اضافو ٿيو آهي. ڪلپنا کان پوءِ طارق ئي هڪ اهو ليکڪ آهي، جنهن جديد، نيون، خوبصورت تشبيهون ڏنيون آهن. سنجھا جا ٽهڪ ڪارا گلاب جا گل ٿا محسوس ٿين. جي خوش ٿي لڳي، ڳاڙها گلاب آهن. هو دوست گلوڪوز جو ڀريل گلاس ٿو لڳي، اداس فرسٽيڊ ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ ڪتابن جهڙيون ٿيون لڳن. رقيب وڏن بنگلن ۾ پلجندڙ فيشني ڪتا ٿي ويا آهن ـــ اهڙيون ۽ٻيون کوڙ نيون تشبيهون، اهو طارق ئي ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. آخر ۾ ڇڙو اهو چوندس، ته طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ ڪجهه خامين هوندي، گهڻين خوبين سان ڀريل ناول آهي. جي ههڙا گهڻي ڀاڱي ڪامياب ڪجهه ٻيا به ناول لکيا ويا، ته انهن جي اڀياس، اتهاس ۽ روايت سان سنڌيءَ ۾ وڏا ۽ شاهڪار ناول جنم وٺي سگهن ٿا.


    بيباڪ ڪهاڻيڪار ـــ محمود مغل

    اڄ، طارق لاءِ ڪجهه سِٽون ۽ اڻ ـــ مندائتا لفظ لکندي، منهنجي ڪنن ۾ ڄڻ ڪنهن شيهو اوتيو هجي. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪائنات جو ڪوڏ، ڪنهن اڻ ڏٺل ائنٽينا جي ڪنهن وائر ٽٽڻ سان آواز وڃائي ويٺو هجي ۽ منهنجي سامهون چارلي چپلن جي گونگين فلمن جيان، حياتي جون سينز ڦرنديون هجن. طارق سان گهاريل گهڙيون، ڪنهن ڪئسٽ رڪارڊر جي روائينڊ جي بٽڻ جي دٻجڻ سان حرڪت ۾ اچي ويون آهن، پٺتي پٺتي..... اڃان به پٺتي.
    ورهيه ٿيا، اسان گڏ ڪرڪيٽ کيڏندا هئاسين. هو روز پرئڪٽس ختم ڪري، موٽڻ مهل علامه قاضيءَ جي مزارَ وٽ، وڻن جي ڪريل پنن مان ڪنهن هڪ کي کڻي، سڄي واٽ، پٽيندو ايندو هو. اسان بي فڪرن جيان موٽندا هئاسي. ڳائيندا، هٿ ۾ هٿ ڏئي، ڪنهن ڳالهه تي هڪٻئي جي ڪلهي تي مٿو رکندا.... ان وقت مون نه ڄاتو هو، ڪجهه لمحن گذرڻ کان پوءِ، منهنجو هي سائيڊ اوپنر دوست، ”سنڌي ادب جو روميو“ ٿي ويندو. ۽ اڄ ـــ ”رات، سانت ۽ سوچون“ جو راوي، ڪرڪيٽ ٽيم جي اننگ اوپن ڪندڙ طارق، ان وقت کي ڇڏي، الائي ڪيترو اڳتي نڪري آيو آهي. مون هميشه کيس راوي سمجھيو آهي، ها.... هو روايت ڪندو آهي. ڪهاڻيون چوندو آهي، ڪن اهڙن وجودن جون، جيڪي سندس اندر ۾ ٽانڊا اڇلائيندا آهن، جن جا سپنا دونهان ڏيندا آهن ۽ جن جي اکين ۾، زماني جي هر ڏنل زخم ساڻ سختين ۾ اضافو ايندو آهي. انهن اکين ۾ ڳوڙها نه ايندا آهن. هائو....طارق راوي آ، لکندا ته هن جا هٿ آهن.
    ويل لمحن ۾، هڪ ڏينهن هو آئوٽ ٿي موٽي آيو.
    پڇيو هئو مانس: ”ڇا ٿيو؟“
    ”بولڊ ٿي ويس.“ هن ٽهڪ ڏئي منهنجو هٿ دٻايو هو.
    مون کي خبر هئي، ان مئچ ۾ کيڏڻ لاءِ هن ڪافي پرئڪٽس ڪئي هئي، پر سندس نصيب نه هو. ۽ هاڻي هن ئي دور ۾ ڪنهن چيو: ”طارق ۽ ان جي ٽهي گند ٿي ڪري ٻوڙ ٿي هاري“، ۽ اها ڳالهه مون چئي مانس ته هن ورهيه پهرين واري مرڪ کي سڏيو هو ۽ مون کي لڳو. ڄڻ هن ويل وقت کي موٽايو هجي ۽ منهنجن ڪنن ۾ اهو ئي کلندڙ آواز آيو هجي: ”بدبو ٿي ويم يار!“
    طارق، ان ڳالهه تي صرف کليو هو. اسان پوءِ ان مسئلي تي ڪافي ڳالهايو هو، پر مون کي ان کل مان لڳو ته هي اهو ئي طارق آهي، ڪاٺيءَ سان زمين تي ليڪا ڪڍندڙ، لوهي ڦيٿي کي گهٽين ۾ ڦيرائيندڙ ۽ گاهه تي ليٽي اکيون ٻوٽي جھونگاريندڙ. اسان جڏهن نه چاهيندي به محبتون ڪري ويهندا آهيون، ته پوءِ اهي وجودَ جن سان اسان محبت ڪيون ٿا، اسان کي ملن ته به ۽ جي نه ملن ته به، اسان اتامرا ٿي پوندا آهيون. هن ڪتاب جي تقريباً سڀني ڪهاڻين ۾، مون کي اهو ئي اتامرو وجود نظر آيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن، ڪي ڪي فقير، جڏهن ماني ڳڀو ڪنهن کان پني نه سگهندا آهن ته انهن جي اکين ۾، ماني کڻي ويندڙ کي ڏسي،عجيب چمڪ اچي ويندي آهي. هن ڪتابَ ۾، ”آدم، سمنڊ، خوشبو“ ۾ اها ئي چمڪ آ، اميد جي، ساهه سيباڻن لمحن جي ۽ وقت جي کن پل لاءِ بيهي هلڻ جي۽ ان اُتامري وجود جو اهو ئي تڪرار آهي ته هينئن جي ٿي پئي ته ۽ جي نه به ٿئي ته.
    مثلاً، ”ٽڪنڊا، چؤڪنڊا، دائرا“ ۾ هڪ ڊائلاگ ٻه دفعا لکيل آهي:
    ”منهنجي مرڻ جو مقصد ڪوئي پڇندو، منهنجي جيئن جو ڪارڻ مان پڇان ٿو.“
    يا ”ٽرئجڊي“ جو هڪ ڊائلاگ:
    ”منهنجي مئي پڄاڻان هي گهر ڪيئن هلندو، جيئن منهنجي جيئري هلي رهيو آهي“
    طارق جون ڪهاڻيون، تقريباً داخلي ڪيفيت جون هونديون آهن. اهو ئي لکي ٿو، جيڪي ڪجهه ڀوڳي ٿو. ۽ داخلي ڪيفيت ۾ ڪڏهن به ڪو هڪ thought نه هوندو آهي. انسان جنهن وهڪري ۾ وهي، سو جڏهن ڪنهن ڪناري لڳي. طارق جي اها خوبي سا ضرور چئجي ته هو ان وهڪري ۾ پنهنجي ذهن جي تختيءَ کي چنبڙي ٿو پوي ۽ ڀرپور ڪوشش ٿو ڪري، صحيح نموني سان ترڻ جي.
    شروع شروع ۾، سندس ڪهاڻين ۾ بوريت هئي. مان چاهڻ جي باوجود به سندس مخالفت نه ڪري سگهندو هئم. الائي ڇو. هو مون کي حد کان گهڻو Frustrated لڳندو هو. پوءِ مون ٽي ويءَ تي سندس ڊراما ڏٺا، اهي ئي سادا ۽ خوبصورت لمحا، هڪ هڪ گهڙيءَ کي نوٽ ڪرڻ جي ڪيفيت.
    ”توکي هٿ ڏسڻ ايندو آهي.“
    ”ها. مون کي ڪوڙ ڳالهائئڻ ايندو آهي.“
    ۽ اها، حقيقت آ، مون کيس پوءِ تسليم ڪيو، ۽ سچ آ ته هي مجموعو ڏسي، مون کي اهو سڀ ڪجهه، جيڪو مون سندس ڪهاڻين لاءِ ڪنهن زماني ۾ سمجھيو هو. سو هٿرادو ٿو لڳي.
    ڪنهن زماني ۾ چيو ويو هو ته طارق، امر جليل جي ڪاپي ٿو ڪري. سندس Style ۾ ڪهاڻي ٿو لکي. اهو مون کي ڏاڍو عجيب لڳو هو. مون پنهنجي لائيف اسڪيچ ۾ ان ڳالهه جي وضاحت به ڪئي هئي. آخر جيڪڏهن هر ڪو اسٽائل ڪنهن فلم جي هيروئن جي ڪاسٽيوم جيان مخصوص هجي ۽ ان کي ڪا به ايڪسٽرا گرل پائي نه سگهي ته پوءِ انسان ڪهاڻي ڪيئن لکي؟.... ڀرپور ڊائلاگ هوندا ته چوندا جليل جي ڪاپي ٿو ڪري، ٿڌي چوٽ هوندي ته ايشور چندر ٿي پوندو، غضب جون تشبيهون هونديون ته نسيم کرل، اوچتو خاتمو ته اوهينري اسٽائل. آخر لکجي ته ڪيئن لکجي؟ پوءِ ان جو حلَ صرف اهو آهي ته، اهي ئي ڪهاڻيون لکن جن جو ”ذاتي اسٽائيل“ هجي.
    طارق انهن سڀني ڳالهين کي منهن ڏنو آهي. طارق هر اهو انداز کنيو آهي، جيڪو سندس دل کي پسند آيو آهي. ادب ڪنهن جي به ذاتي ميراث ڪونهي. هن ڪتابَ جي هر ڪهاڻي پنهنجي اسٽائل جي آهي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن هن ۾ ڊائلاگ، تشبيهون ۽ ڇرڪ آهن. اهو ته مطلب نه ٿيو ته هي طارق نه لکيون آهن، جليل، کرل يا او هينري لکيون آهن.
    هنن سڀني ڪهاڻين ۾ سواءِ ”ٽڪنڊا، چؤڪنڊا، دائرا“ جي، مون کي ائين لڳو آهي ڄڻ طارقَ جنهن بهترين انداز سان پنهنجي ڪهاڻيءَ جو جنبوجيٽ جي ٽيڪ آف ۽ فلائٽ ڪئي آهي، اُنَ اندازَ سان هو ان کي لئنڊ ڪرائي نه سگهيو آهي. الائي ڇو طارق جنهن سونهن سان شروعات ڪندو آ، ۽ جنهن انداز سان ڪهاڻيءَ جي وِچَ کي کڻندو آ. ان طريقي سان ان جي پڄاڻي نه ڪري سگهندو آ، ۽ مون کي اها ئي سندس وڏي خامي لڳندي آ.
    ماهتاب محبوب جي ڪتابَ ”پرهه کان پهرين“ جي مُهاڳَ ۾ امر جليل لکيو هو : ”ڪو به اديب جڏهن پنهنجي مٿي تي چٻرو ويٺل محسوس ڪندو آهي، ته پوءِ پنهنجي هم عصر تي تنقيد ڪندو آ“. امر جليل اهو مهاڳ چٻرو اُڏاري لکيو هو، مون اڃان چٻرو ويهاريو ئي ڪونهي ته اڏاريان ڪٿان، هي جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سا ٽيڪا ٽپڻي ناهي حقيقت آ.
    هونئن به جڏهن طارق، اننگ اوپنگ ڪرڻَ ويندو هو ۽ اتي وڃي پنهنجي مرضيءَ جا شاٽس کيڏندو هو ته مان مٿي پويلين ۾ ويٺو تاڙيون وڄائيندو هئم.
    هو اڄ به داخلي ڪيفيتن جي بئٽ کڻي، ادب جي ڪئنواس جي پچ تي، خيالن کي Drive ڪندو آ. چئن ئي طرفن.... شاعري ڪندي، ڪهاڻيون لکندي، ۽ مان.... اهو ئي پريان ويٺو کيس کيڏندو ڏسي، تاڙيون وڄائيندو آهيان.
    هتي پويلين ۾ ڇانوَ آ، منهنجي دل چوندي آ. هو ائين ئي ادب جي اس ۾ بيباڪيءَ جي Cap پايو کيڏندو رهي. بهترين.... خوبصورت. ڇاڪاڻ ته هن تي ئي سڄي ٽيم جي ڪاميابي منحصر آهي، هو آهي به ته سائيڊ اوپنر نه.


    Balanced Un-Balanced Tariq

    ـــ اخلاق انصاري
    Balanced Un-Balanced Tariq


    سلسلوــ
    ۽ پوءِ وري سلسلا ــ سلسلي مان سلسلو ائين ڦٽي نڪري، جئين رات مان ڏينهن ــ ائين سڀ سلسلا ڦرندڙ، هڪ ٻئي چوڌاري، بلڪل موسمن جيان ــ گولائيءَ ۾ حرڪت ڪندڙ سولر سسٽم وانگر ــ بئلنسڊ / انبئلنسڊ.
    وقـت ــ
    آهي جو سڀني سلسلن کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏي. وقت ۾ جا سوچ پيدا ٿي تنهن سوچ لوچ مان سڀ ڪجهه ملي ــ مٽ مائٽ ــ دوست ڌاڙي ــ اهي مٽن مائٽن جا سلسلا ٽٽندا ٺهندا هلندا رهندا.
    اهڙي ئي دوستيءَ جي سلسلي ٽٽڻ تي مان رنو هئس طارق آڏو ــ روئندو ڏسي چوريءَ خط ڇڏي ويو ته: ”مان نه ٿو ڄاڻان منهنجي جيون جو ايندڙ روپ ڪيترو سچو هوندو... وڇڙي وينداسين، جي مليل آهيون، پر سڀ وڇڙڻ هڪجهڙا نه هوندا آهن.“
    تنهن ڏهاڙي سوچيم : ته وڇڙڻ ۽ ملڻ ۾ به ايترو ئي فرق آهي ــ جيترو پڇاڙي ۽ شروعات ۾ ــ بلڪل وچ ۾ ڌاڳي جيتري وٿي.
    طارق جو آهي. بي حد ضدي ۽ ٻين لفظن ۾ بي حد حرامي ماڻهو.
    چوندو: ”هر هڪ انڊپينڊنٽ آهي سڀ سلسلا، رشتا ڪوڙا آهن.“
    چوانس: ”آهن پر سڀني کي هڪ ٻي جي ضرورت آهي.“
    چوندو: ”تڏهن ته گڏ رهون ۽ هڪ ٻي سان رشتا رکون“.
    طـارق ــ
    ننڍڙي هوندي کان شرارتي آهي. جڏهن ٻئي چئن سالن جا هئاسين ته طارق ۽ مان امڙ آڏو اوڪڙون ويهي سٺن ٻارڙن جيان ٺهندڙ چانهه جو انتظار پئي ڪيو.
    طارق لوهه جو ٻورو باهه ۾ وِڌو ــ ڀڀڙ ٿيو ــ اَمڙ ڇرڪ ڀريو بلڊپريشر جي مريض، ڏوئي کڻي ڊڪائي پيس ــ طارق ڀڄي ويو. وٺ نه ڏنائنس ۽ اڄ سوڌو ڪنهن کي به وٺ نه ٿو ڏئي، انڪري ئي طارق بند ڪمرن کان ڏاڍو ڊڄندو آهي. بند ڪمري ۾ راتين جو راتيون جاڳي ــ رات جي سانت ۾ ڪهاڻيون لکي ۽ سندس سڀ ڪهاڻيون ئي ته سڄي زندگيءَ جون Short Stories اٿس. هي سڀ سندس ڊگھي ڪهاڻيءَ آڏو گذرنس ٿيون ۽ هڪ ٻئي سان سلسلو ڳنڍين ـ
    طارق جا سلسلا ــ
    جي سڀ شدت سان اڀرن ٿا ــ ٻالپڻ ۾ خاموش ۽ معصوم Idealism جا ڏهاڙا ــ ڪاٺ جي ڊيسڪ ۾ رخسانا سينئر جي ڪتابن ڀرسان گلن جا ٻڪ رکي پرتان بيٺو بلڪل معصوم ٿيو پئي نهاري.
    ۽
    ٻيو سلسلو ــ
    جو سندس سورن جي سرحد جي شروعات ڪيمرا جو فوڪس وٺندي مرڪندڙ منهن واري رخسانا جونئير جا طارق کي آئيڊلزم مان ڪڍي Tele-communication جي دور ۾ وٺي آئي ــ ۽ ان دور ۾ فون جي تارن سان ڳنڍيل سلسلو يونيورسٽيءَ جي Exchange ۽Deluxe هوٽل مان.
    2201
    ”هيلو“
    ”ڪير؟“
    ”رخسانا“
    ”ٻڌ ــ پنهنجا چپ ته مائوٿ پيس تي رک“ پوءِ ڳٽڪار جو آواز ــ
    ۽ ــ طارق جا وڏا وڏا ٽهڪ
    فون ڪري موٽڻ مهل چوندو ــ
    ”جي رخسانا نه ملي ته آپگھات ڪندس.“
    هـــا ــ
    هؤ جا
    هن جي اڻپوري اسڪيچ جو رنگ هئي ــ انگ هئي ــ
    ها ــ
    اها روشني ــ ها ــ اها روشني ــ
    جڏهن اڄ ــ گرل تي ٻانهن رکي ــ ٿورو جھڪي مک ڪنولَ هٿنَ ۾ جھلي ــ ٻي ڪنهن جي فون جي انتظار ۾ بيٺي جي هوندي
    ۽
    تڏهن طارق کي چيم: ”توکي آپگھات ڪرڻ کپي“ ــ
    ڇو ته چوندو هو ــ ”جي رخسانا جونيئر نه ملي ته پوءِ سڀ ٽڪنڊا ــ چوڪنڊا ــ دائرا ٽوڙي پاڻ ماريندس.“
    ۽
    هاڻ جڏهن هي رخسانا کي پائي نه سگھيو ــ
    پڇانس ٿو ته ”طارق! پاڻ نه ماريئي ــ
    چئي ته : ”اهو سڀ ڪجهه ڪتابن ۾ آهي“ ــ
    ۽
    ”حقيقت ۾ ڇا آهي؟“
    ”حرامپائي“
    جي اسان حرامپائيءَ جا پليئر آهيون ته طارق ان جو ڪيپٽن آهي ــ
    طارق جو ٽيون سلسلو ــ
    Space age ۾ ــ سڀ رک رکاءُ ــ سڀ Idealism ۽ Tele-communication جا رستا ٽوڙي ڇڏيا ــ
    طارق کان چوڻ کان اڳ ئي ــ وڏين اکين واري محبوبا چيس ته:
    ”طارق!“
    ”جي“
    ”تنهن جون آڱريون آهن نه!“
    ”ها پوءِ ــ!؟“
    ”اُهي مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن“.
    ”ڇو؟“
    ”ڇو ته اهي منهنجي مهورت ڪنديون.“
    ۽ ــ هي ــ سلسلو ۽ پيار جا ڊائلاگ Space age جا ئي ته آهن ــ
    تڏهن ته طارق خوشبو کي تارن ڀري رات ۾ چيلهه چوڌاري ٻانهه ڏئي ــ چپ چپن سان ملائي چيو:
    ”تون منهنجي آڪسيجن آهين“
    ”روح جي جاءِ آڪسيجن ورتي“
    ۽
    طارق جي جاءِ مشين ــ
    رڳو پنهنجي احساسن جو اونو ــ جي جيئرو آهين ته پاڻ لاءِ ــ رڳو Self-satisfaction لاءِ سڀ ڪجهه ڪندو.
    مزو ايندس ته ڳائيندو ــ رڙيون ڪندو ــ ٺهندو ــ ٽٽندو ـــ جي وڻيس ته ــ الف اگھاڙو ٿي ــ انٽرنيشنل هاسٽل جي ڪاريڊور ۾ ڊوڙندو ــ
    طارق جي ڪمزوري آهي ته ميوزڪ ــ جهرڻن جي ــ هوا تي لڏندڙ پنن جي ــ گٽار جي تارن جي ۽ ان ڏينهن ڳائيندي ڳائيندي ٽي گلاس ٺهيا ــ
    طارق چيو: ”خوشبوءَ جي نانءُ“
    مان چيو: ”خوشبوءَ جي اکين نانءُ“
    زيب چيو: ”خوشبوءَ جي چپن جي نانءُ“
    پوءِ ٽهڪ ــ ڳائڻ وڄائڻ ــ ڳائي ڳائي ٿڪجي پياسين
    طارق ــ
    چور به آهي ــ هلندي هلندي ــ نارنگيون ۽ پيٽيز چورائيندو دڪانن تان ــ هڪ ڏينهن سندس ڊائري ۾ لکيل ڏٺم ته: ”خوبصورت پينيون ۽ خوبصورت ڇوڪريون ڪڏهن به وفادار ڪونه هونديون آهن“ مان پنهنجي پارڪر پين ڏٺم ــ ميز جي خاني ۾ ڪونه هئي... ۽ اها خوشبوءَ جي هٿن ۾ هئي ــ اُها ــ خوشبوءَ کي پهرين ڏنل گفٽ چوري ٿيل هئي. کيس هونئن پريزنٽ ڏيڻ جو شوق گھڻو آهي.
    ”ادبيات“ تي ايندو ــ چپ گول ڪري ــ سيٽيون وڄائيندو هيٺ لهندو ــ تلڪ چاڙهي لهندي ڊسڪو شرٽ مان ڪتاب ڪڍندو. چئبس: ”ڪاڏانهون آندئي؟!“
    ”ورتم“
    ۽ ورتم مان بلڪل ڪوڙ ظاهر ٿيندو ــ ”ادبيات“ تان ڪتاب چورائي ــ ڊسڪو شرٽ ۾ لڪائي تلڪ چاڙهي لهندو اچي مدد علي سنڌيءَ کي ڏيندو ــ
    طارق اڃان وڏي چوري ڪندو ــ upper class ۾ جمپ ڏيڻ لاءِ Bank Robbery ڪندو ــ ۽ ان جو يقين مان توهان کي ڏيان ٿو ــ پر هن عجيب دور ۾ ماڻهو ڌرتيءَ کان اُڏي خلا ۾ وڃن ٿا ــ جي طارق Lower مان upper class ۾ جمپ نه ڪري سگھيو ته طارق ايندڙ دور جو ”ميرا جي“ هوندو.
    طارق ــ
    آرٽسٽ آهي ـ هر شيءَ کي پرکڻ جا پنهنجا معيار ــ
    طارق پڪاسو
    جي cubism تي پورو يقين رکندو آهي.
    انڪري ئي کيس ¬ مينار ــ مسجدن جا قبا ــ بي حد حسين ڀاسندا آهن ــ ۽ سندس سونهن جي Mount Everest ڪڻڪ جو داڻو ــ دنيا جو پهريون ۽ ٻيو وڏو مسئلو ــ
    ٻيو نمبر مسئلو طارق جو حل آهي ــ
    پر مون کي جڏهن به پريشان ڏسندو ــ
    ”چوندو: ”اداس ڇو آن؟“
    ”بس ائين ئي“
    ”پوءِ به؟؟“
    ”بس يار!ائين ئي“
    ”ڌ ــ پريشان نه ٿي ــ تون منهنجي محبوبا کي Kiss ڪر.
    مان کيس صبحاڻي چوندم“
    ۽
    پهريون مسئلو ته مانيءَ جو آهي ــ طارق جو گھر سڀني رليل ــ ڀٽڪيل ــ بيروزگار اديبن جو گھر ــ هر وقت چانهه ۽ ماني تيار ملندي ــ امڙ جا آهي طارق جي ــ سڀني جي ماءُ، سج جيان سڀ لاءِ ساڳي.
    هونئن ــ سلسلن مان سلسلا نڪرن ۽ گول ڦرن بلڪل سولر سسٽم وانگر ۽ طارق جي ماءُ سينٽر آهي.
    طارق ــ
    جڏهن سڀني ڪوڙن ــ سچن ــ سلسلن تان گول ڦرندو Un-Balanced ٿيندو ــ ماءُ وٽ ايندو ته Balanced ٿي چوندو ”يار! جي امڙ مري وئي ته مان به ڪنهن ٽٽل سياري جيان پرتي تمام پرتي هليو ويندس ــ پولار ۾ گم ٿي ويندس.“

    (23 سيپٽمبر 1981ع ”رات سانت ۽ سوچون“ طارق جي ڪهاڻين
    جي ڪتاب جي مهورت تي پڙهيل.)


    ڄامشوري جي شامَ ۽ طارقَ جو ساٿُ.... ـــ انعام شيخ

    اڪثر سرڪاري رهائشي ڪالونين جيان ڄامشوري جي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني به ڪنهن مستقل رهندڙ لاءِ گهڻي ڪشش نٿي رکي. محدود ماحول، مخصوص بيهڪ ۽ صحتمند سماجي سرگرمين کان وانجھيل هئڻ ڪري اها يڪسانيت ۽ روايتپڻي جو شڪار آهي. اها هڪ حقيقت آهي ته هن جوءِ ۾ نام ڪَٺيا اديب، عالم ۽ دانشور رهن ٿا، پر اُهي سڀ پنهنجن ڌنڌن خفن ۾ مگن يا گهرن منجهه بند هئڻ ڪري هڪ اڻوڻندڙ اڪيلائيءَ ۽ من گهائيندڙ بوريت ڀري زندگي گذارين ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو منجھائن جنهن جو جيترو وڏو نالو آهي اهو اوتريون وڌيڪَ سڪون ڏياريندڙ دوائون ۽ نشو پيدا ڪندڙ وٿون واپرائي ٿو. هونئن وڏي عرصي کان هن وستيءَ ۾ گذاريندڙ غير اديب پر فضيلت ڀرين فهميده ماڻهن جي به راءِ آهي ته ڄامشوري ڪالونيءَ جي ٻُسي ۽ ٻاڙي روٽين عام رواجي انسان ۾ به اڻ وڻندر ڪيفيتن يعني بيزاريءَ جي چڙ کي وڌيڪَ سگهارو ڪري ٿي.... خاص ڪري هتان جي شامَ اُداسيءَ ڀريل احساسن کي جدت بخشي بي مقصديت واري بيماريءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ٿي. انهيءَ بيماريءَ جي شدت کي گهٽائڻ لاءِ هتي رهندڙن منجھان بيٺل ۽ نوڪرين کانسواءِ ٻي آمدني رکندڙ چند ڪٽنب، شامَ ڌاران حيدرآباد شهر ڏانهن نڪري وڃن ٿا ۽ جيمخاني جي جرڪندڙ ماحول ۾ گذاري رات ڌاران واپس ماڳن تي موٽن ٿا. استاد ۽ آفيسر طور ڪم ڪندڙ اُهي همراهه جيڪي ايڊيشنل چارجز ۽ اختيارَ رکن ٿا. سي سرڪاري پيٽرول تي هلندڙ گاڏين ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ پاسي نڪري وڃن ٿا ۽ پنهنجي اينٿري اولاد جون اڻ کٽ فرمائشون پوريون ڪرڻ خاطر اداري جي وسيلن منجھان مال ميڙي مٿانئن خرچ ڪن ٿا. ڪي دوست ٽائيم ڪٽڻ خاطر مسجدن جو رخ رکن ٿا. ڪي يونيورسٽيءَ جي معاملن، تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي وقت گذارن ٿا. سندن عام موضوع پروموشن، انڪريمينٽ، امتحان، انتظامي تبديليون، وائيس چانسلر جون سرگرميون، بدليون، ڪالونيءَ ۾ ٺهندڙ گهر ۽ انهن تي ٿيندڙ خرچ هوندا آهن. اسان منجھان ئي ڪا مخلوق ٻاهر نڪري اضافي خرچ ڪري پنهنجي ماهانه بجيٽ کي ڊسٽرب ڪرڻ بجاءِ گهرن ۾ قيد ٿي ڪئبل تي چينل مٽائڻ جي مشق ڪري ٿي. جڏهن ته نوجوانن جي اڪثريت ساڍي چئين وڳي هلندڙ سرڪاري بسن ۾ سٿجي، شهر ۾ ننڍا وڏا ڪورس ڪرڻ ۽ هلڪا ڦلڪا پارٽ ٽائيم ڪم ڪاريون سرانجام ڏئي ٿي ۽ اٺين وڳي ڪئمپس واپس موٽندڙ بسن ۾ ٿڪجي اچي گهرن ۾ ڪري ٿي.
    اسان جي ڪالونيءَ ۾ اهڙا مرد ۽ عورتون به رهن ٿا. جيڪي بنا وقفي ۽ بغير ڪنهن ڪم ڪار جي روزانو ”براسته بس“ شهر حيدرآباد آمد جامد برقرار رکن ٿا. سندن چوڻ آهي ته سندن لاءِ چوويهه ڪلاڪ ڪئمس تي گذارڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڄامشوري جا تعليمي ادارا انهيءَ لحاظ کان شايد دنيا ۾ منفرد هجن ته اهي اعليٰ تعليم جا مرڪز هوندي، ڪنهن به قسم جي تفريحي ۽ سماجي سرگرميءَ کان محروم آهن. ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ تي ٻڌل ڪيئن چورس ميلن تي ڦهليل هن علائقي ۾ شايد فقط شاگرد ۽ شآگردياڻيون ئي مزي سان رهندا هجن.... سي به سٺا ڏينهن سهولتن جي ڪري نه پر جوانيءَ جي جولان، هزارين ساٿين جي ساٿَ ۾ تصوراتي قصن ڪهاڻين جي ٽيڪ تي ئي گذاريندا هوندا!
    انهيءَ صورتحال ۾ جڏهن آئون روايتي پروپئگنڊا جو شڪار ٿي ڄامشوري جي ”هوائن فضائن“ بابت شاعراڻي وڌاءَ کان متاثر ٿي، لڏي اچي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ويٺس ته هتان جي بوريت پيدا ڪندڙ سماجي زندگيءَ مون کي سخت مايوس ۽ مغموم ڪري ڇڏيو. صبح کان منجھند تائين آرٽس فيڪلٽيءَ جي گرمي ۽ تعليمي سرگرميءَ ته وقت کي پر پئي هڻي ڇڏيا. پر منجھند کان وٺي رات تائين ڦهليل پَلَ پهرن جهڙا ۽ ڪلاڪ ڏينهن جيڏا ڊگها ٿي لڳا. ساڳيا ماڻهو، ساڳيون گهٽيون ڏسي ۽ ساڳيون گلائون ٻڌي ٻڌي ڪنن جو پچڻ ۽ اکين جو ٿڪجڻ معمول بڻجي چڪو هو. سالن جا سال روان دوان وسيع ۽ وڏن شهرن ۾ رهڻ کانپوءِ ڄامشوري جي ڳوٺ جهڙي رهائش ذري گهٽ گُهٽ ۽ ٻوسٽ جهڙي حالت پيدا ٿي ڪئي. اهڙي بيچينيءَ ڀريل بي مزي ڪيفيت ۾ طارق عالم جو ساٿ مون کي اڪيلائپ جي صحرا ۾ محبوب جي وصال کان گهٽ نه لڳندو آهي! ڄامشوري جي خشڪ ۽ گرم ٽڪريءَ تي سندس موجودگي مون کي اميد، ٽيڪ ۽ ڀروسي جا بيشمار گلاب آڇيندي رهندي آهي. طارق ۽ منهنجي تعلقات جي سڀ کان وڏي خوبصورتي هيءَ آهي ته اسان ڪڏهن به رشتن جي قيد ۾ جذبن جي آزاد پکيءَ کي قيد نه ڪيو آهي ۽ نه ئي حجتن جي بهاني هيٺ شخصي آزاديءَ جي احساس کي انا جي اڏيءَ تي ڪٺو آهي. اسين هڪٻئي کي چڱيءَ طرح سڃاڻون ٿا ۽ مختلف تهن اندر لڪل پنهنجين پنهنجين شخصيتن جي اصل روپ کان آگاهه هجڻ ڪري. مصنوعيت، ٺاهه ٺوهه ۽ لفظي يقين دهانين کان آجا آهيون. طارق کي خبر آهي ته مون کي ڪنهن به قسم جي سوڙهائي يا سرهائي ٿيندي ته ڏانهس ڀڄندس، ساڳئي وقت مان به ڄاڻان ٿو ته طارق جي طبيعت تي جڏهن به بوجهه ۽ بيقراري وڌندي آهي يا سندس سيني تي ڪا خوشي جي خبر ڦٽندي آهي ته هو وڏيون وڏيون ٻرانگهون ڀريندو. اسان جي گهرن جي وچ ۾ حائل روڊ پار ڪري منهنجي در جي ڪال بيل تي اچي هٿ رکندو آهي. هڪ بهتر دوست ۽ همسفر لاءِ حضور سائينءَ جي طرفان رکيل ٽن معيارن منجھان، گهٽ ۾ گهٽ ٻن معيارن تي کيس پرکي ڏٺو اٿم..... هو مون کي سدائين هڏڏوکي، باوقار ۽ بردبار انسان لڳندو آهي. مون طارق سان گڏجي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر مسافريون ڪيون آهن ۽ ساڻس وهنوار به ڪري ڏٺو آهي. هو هميشه منهنجين اميدن ۽ آرزوئن جي آبياري ڪندو رهيو آهي. جن ماڻهن کي شڪايت آهي ته وٽس سهپ ۽ صبر ڪونهي، اهي ساڻس سفر ڪري ڏسن. کين محسوس ٿيندو ته طارق وڏي دل گردي وارو آهي ۽ سندس سينو تمام گهڻو ڪشادو آهي. هو بيچين ۽ بي صبرو فقط ناانصافي، منافقي ۽ مڪر جي خلاف ٿيندو آهي.... ۽ منهنجي خيال ۾ سنڌ جي اديبن کانسواءِ دنيا جي ٻئي هر حلقي ۾ اهڙي طبيعت رکندڙ شخص جو احترام ڪري کيس عقيدت جا رابيل آڇيا ويندا آهن. پنهنجي وجود ۾ انهن ٻنهي پهلوئن. يعني بي باڪي ۽ بردباريءَ جو حسين، سڀاويڪ ۽ نازڪ مزاج رکندڙ طارق مون کي ڄڻ ته ”غالب“ جي هن ڳالهه جي سؤ سيڪڙو ترجماني ڪندي نظر ايندو آهي.

    سخت جانيم و قماش خاطر ما نازڪ است
    ڪارگاهه شيشه پند اري بود ڪهسارما

    (اسين ڏسڻ ۾ نهايت سخت جان آهيون. پر اندر جي جوڙجڪ نهايت ئي نفيس ٿيل آهي. ائين سمجھو ته اسان جي وجود جي جوهر ۾ شيشي جو ڪارخانو لڳل آهي).

    جيتوڻيڪ ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي طارق جي ڀيٽ ۾ تمام وڏا گريڊ رکندڙ مخلوق رهي ٿي ۽ هتي ڪوڙ ۽ سازش جي مهاري تي هلندڙ ناٽڪي مزاج ڏات (ڪات؟) ڌڻين جي به کوٽ ناهي. پر مڙني فنڪارين ۽ مرتبن کان مٿڀرو قنبر جي فقير محمد ابڙي جو هيءَ سٻاجھو پوٽو هڪ فرد ۽ انسان جي روپ ۾ کيس تمام گهڻو محبوب ۽ معتبر آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڄامشوري جي گهري اداس شام ۾ طارق جي ساٿ ۾ هوندي مان ڪنهن به چنتا يا ٻچاپڙائپ ڀريل احتياط جو شڪار نه بڻبو آهيان. گهر کان نڪري روڊ ٽپي ماءُ جي چهري جهڙي منور بلال مسجد کي سلام ڪندي. جڏهن طارق جي آشياني ڏانهن وڌندو آهيان ته ڏامرجي سوڙهي پيچري تي بيٺل سرينهن جو وشال وڻ خوشبوءَ ڀريل سلام ڪندي مرڪي ٻڌائيندو آهي. ”طارق گهر ۾ ويٺل آهي.“ مان هن دل پذير درخت جا ٿورا مڃيندي هيڏي هوڏي لوڻو هڻڻ بدران سڌو اچي سندس گهر جو ڪڙو کڙڪائيندو آهيان. لوهي دروازي تي ٺڙڪ ٺڙڪ ڪندي ٻهراڙيءَ جي ڪنهن هاريءَ وانگر وڏي سڏ ”طارقوءِ!“ جي صدا ايڏي لانڍ سان نڪرندي آهي جو هو غسل خاني يا بورچيخاني ۾ هوندي به منهنجو آواز سڃاڻي وٺندو. واندي هجڻ جي صورت ۾ طارق جو جھومندي ۽ جھوليندي دروازو کولي ”ٺڙڪ“ ڪري فوجي انداز ۾ سلام ڪندو. پر جيڪڏهن حاجت يا ڪنهن ڪم ڪار ۾ رڌل هوندو ته سندس ماٺيڻو ۽ فقير صفت پٽ لاهوت در کولي نهايت نرم ۽ آهسته آواز ۾ چوندو: ”چاچا اندر اچو بابا ويٺو آ.“ مان کيس. وراڻيندس: ”بابا کي چئه چاچا انعام ٻاهر بيٺو آ، نڪري اچ“. تيستائين مان گهر جي ٻاهران اجڙيل ان باغ جي وڻن تي نظر وجھندو آهيان، جن جي حالت به طارق جي جڳ مشهور ناول ”رهجي ويل منظر“ ۾ عشق ۾ ناڪام ٿيل پنهونءَ جهـڙي ٿي چڪي آهي. حسبِ معمول طارق جي نڪرڻ کان پوءِ مان کيس هن اجڙيل چمن جي شادابيءَ بابت مفت مشورا ڏيندو آهيان ۽ حسبِ عادت هو کين آباد ڪرڻ جو واعدو ڪندو آهي. مون کي لڳندو آهي ته اسان جون اهي ڳالهيون ڀرسان بيٺل ٻوٽا (وڻ) نهايت ئي غور ۽ اشتياق سان ٻڌندا آهن ۽ هر بار طارق جي آزاديءَ کي پروڙيندي بي اختيار سندن دل منجھان آهه نڪري ويندي آهي ته: ”هم ني مانا ڪ تغافل نه ڪرو گي ليڪن/خاڪ هو جائين گي تم ڪو خبر هوني تڪ.“
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهڙي ئي عرضداشت نماڻا نيڻ کڻي گپ ۽ گاري کي سيني ۾ سانڍيندڙ 1991ع ۾ ڄاول سندس مهراڻ سوزڪي به ڪندي هوندي، پر جيئن ته طارق ”چلتي ڪا نام گاڙي“ واري نظريي ۾ يقين رکندو آهي، تنهن ڪري جيستائين اها هلڻ کان صفا لانجھي نه ٿئي، تيستائين نه تڙ نصيب ٿيندو اٿس نه مستريءَ وٽ وڃي تيل ڦليل ڪرڻ جهڙي ٿيندي آهي.
    طارق جي هڪ وڏي خوبي آهي ته پروگرام ٺاهي وٽس پهچبو ته هو ڪئين ڪمن ڪارين هوندي به سورنهن مان چوڏنهن آنا ”نه“ نه ڪندو. ساڻس گڏ آمريڪا ڏانهن سفر جو سعيو روانگيءَ کان فقط ڪجهه ڪلاڪَ اڳ ٿيو. هو منهنجي زور آڏو زبردستي نه هلائي سگهيو ۽ اسين وڃي نيويارڪ پهتاسين....
    عام طور تي ايئن ئي گهران نڪرندي هُو مون کان اڪثر ڪري ماڳ يا طرف جو پڇاڻو نه ڪندو آهي. البت پٺيان ايندڙ ليلڙي لاهوت کي ايترو ضرور چوندو آهي ته: ”راڻا، مان ٿوري دير ۾ موٽي ٿو اچان، تون تيستائين ٽي وي ڏسي وٺ.“ طارق جي گهران ڏامر جي ساڳي سوڙهي پيچري تي بيٺل سرينهن کي سلام ورائيندي، اسين عام طور ”آشيانه آغا رفيق“ وٽان مڙي رڙهندا کڙتڪ کڙتڪ ڪندا علامه قاضيءَ جي مزار واري مک رستي ڏانهن سڌ ڪندا آهيون. باقي هونئن مٺڙي مسيت وٽان گذرندي ئي مان طارق کان پڇندو آهيان، ”پيارا! ڏي حوال ڇا پيو ٿئي دنيا ۾!؟“ هو هڪدم ڪنهن نه ڪنهن ادبي معاملي. معاشقي يا مراسلي جو تذڪرو ڪندي چوندو: ”ابا! اڄ ٺڪا تي ٺو ٿي وئي! اصل پُلس مقابله!!“ انهيءَ کان پوءِ سندس آفيس ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ نا اهليءَ جا تفصيل بيان ڪندي، سنڌيالوجيءَ ۾ ويٺل ڪن ”معصوم مسخرن“ جا حوال ڏيندي، هو ڪنهن تازي آيل خط جو تت ٻڌائيندو... ۽ پوءِ ٻنهي ٻانهن کي پوتي لاڙي ڇوهه سان ٻئي هٿ پاڻ ۾ ٽڪرائيندي، پاچا کنجي قميض جي اڳيان آڻي، ڪنهن ڳالهه تي کل ۾ صفا ويڙهجي سيڙهجي منهنجي مٿان اڌ ڪرندو اڌ هلندو رهندو. يا مورڳو مٿي کي هٿ ڏيئي ڪڏهن بيهي ڪڏهن ويهي ته ڪڏهن ڪرونڊڙو ٿي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو. سندس ٽهڪن، ساهن ۽ ڳالهين جو اهو تال ميل ڪجهه منٽن اندر کيس هڪ بيپرواهه ٻار ۾ تبديل ڪري کانئس عمر، مرتبي ۽ سماجي اثرن واري مصنوعيت ڦري وٺندو. اها صورتحال فورن کيس اهڙي ڪيفيت ۾ وڪوڙي ڇڏيندي جو ٻي گهڙيءَ سندس ٻئي اکيون ڳوڙهن ۾ ڀرجي وينديون. هو قميض جي ڪف سان نڪ ۽ اکين تي پوچي هڻندو يا مورڳو قميص جو دامن کڻي کاڏيءَ کي ڀيڪوڙي کلڻ تي ڪنٽرول جي ڪوشش ۽ ڳوڙهن ۾ ڀريل اکيون به اگھهندو ويندو. ساڻس اها حالت تيستائين برقرار رهندي جيستائين ڪا گاڏي رستو ڇڏڻ لاءِ ”پپان“ يا ”ٽون ٽان“ نه ڪري. ٽهڪن جو سلسلو ٽٽڻ کانپوءِ هو ڪجهه گهڙين لاءِ صفا خاموش ٿي ويندو ۽ روڊ تي فقط اسان جي ٻوٽن ۽ ڪپڙن جي ٽڪ ٽڪ ۽ سر سر رهجي ويندي. پر ٿورڙي ئي دير ۾ هو موڊ ۾ 180 ڊگريءَ جي تبديلي آڻي ڪنهن نهايت ئي سنجيده موضوع کي ڇيڙي وجھندو. عام طور تي سندس دلچسپيءَ جو محور آسمان ۽ ان ۾ بيٺل چنڊ. ستارا گهلندڙ هوائون يا اهڙا ٻيا فطرت جا جلوا هوندا آهن. ان کانسواءِ طارق انساني نفسيات، آرٽ، فلمن، ٽي وي سيريلز، ادب ۽ فوٽوگرافيءَ بابت اهڙا حيرتناڪ انڪشاف ۽ انتهائي اهم سوال کڙا ڪندو آهي. جو اسان آسپاس جي ماحول کان بيخبر ٿي نهايت سنجيدگيءَ سان انهن مڙني معاملن تي ڳالهائڻ ۾ محو ٿي ويندا آهيون. جيتوڻيڪ طارق باقائدگيءَ سان مطالعو ڪرڻ جو شوقين ناهي. نه ئي اخبارون رسالا پڙهڻ سندس معمول ۾ شامل آهن، پر هو پنهنجي لاجواب مشاهدي ۽ انتهائي گهري تخليقي جوهر جي بنياد تي مختلف سوالن ۽ مونجھارن جا تز جواب ڏيڻ ۽ لاڳو حالتن جو نهايت ئي مناسب تجزيو ڪرڻ جو وڏو وکر رکي ٿو.
    بحث مباحثي ۽ ٽيڪا ٽپڻيءَ سان ڀرپور اسان جو اهو سيشن ايترو ته سنجيده ۽ دلچسپ هوندو آهي جو ان کي منطقي نقطي تي پهچائڻ لاءِ اسين علامه صاحب جي مزار جو ڪو ڪنڊ پاسو وٺي ويهي رهندا آهيون. ڪيئن دفعا ائين ٿيو هوندو جو اسين دليلن ۽ بحثن ۾ الجھيا پيا هونداسين. اوچتو نظر پوندي ته وڇون طارق جي جين جي پئنٽ کي ڇُهندي نظر ايندو يا منهنجي نظر جي سرچ لائيٽ جي گھيري ۾ ڦاسي ويندو. اسين عام طور اها جاءِ ڇڏي مسجد ۽ مزار جي وچ ۾ پيل ويران پٽ تي سرون ۽ پٿر ڏيئي ويهي رهنداسين ۽ مختلف موضوعن تي مسلسل ڳالهائينداسين. ان وچ ۾ اسان جو ٽيون ساٿي واٽر سپلائي واري پائيپ مان نڪرندڙ پاڻي ۽ سندس بوڙيا هوندا، جيڪي پاڻ کي نظر انداز ٿيل محسوس ڪندي هر هر پيا اڇلون ڏيندا ۽ آواز ڪندا. مان سندن احتجاج کي جائز سمجھندي، اُٿي ڏانهن ويندس ۽ انتهائي پاٻوهه ۽ پيار سان کين پنهنجي ٻُڪ ۾ ڀري اندر ۾ اوتي ڇڏيندس. انهيءَ چرپر جو فائدو وٺندي طارق به مزار جي آڳنڌ ۾ بيٺل ڄمونءَ يا کجيءَ کان ڏن طور ڏوڪا يا ڄمون ڇڏائي ايندو ۽ اسين سندن ”لست“ وٺندا کين پرنام ڪري اٿي پونداسين. روڊ تي واپس اچڻ کان اڳ ڪنڊيءَ يا لئيءَ جي ڪا لڪڙي منهنجي هٿ ۾ هوندي آهي، مان ان کي رستي تي پيل پٿرن سان ٽڪرائيندو ۽ ڏامر جي مٿي تي ٿڌڙا ڪڍندو اڳتي وڌندو آهيان ۽ طارق حسب دستور جھوليندو ۽ جھومندو ڪنهن گل جي ڪَنَ ۾ سرٻاٽ ڪري موٽي ايندو يا ڪنهن زبري پٿر کي ٿيڙ ڏيئي راهه تان هٽائيندو رهندو آهي.... مان سمجھان ٿو ته ساڳيو ڪم هو صبح جو آفيس ۾ به ڪندو آهي، جتي کيس پٿر نما انسانن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، تنهنڪري شايد ”راهه تان پٿر هٽائڻ“ وارو عمل ذري گهٽ سندس ”پروفيشنل مجبوري“ بڻجي چڪو آهي. انهيءَ مجبوريءَ کي سرانجام ڏيندي هو بيشمار ڀيرا دُکي به ٿيو آهي. پر مڙئي زخم ۽ جھير سندس معمول جي ڪرت تي ڪڏهن به اثر انداز نه ٿيا آهن.
    ايئن به ڪونهي ته اسان رڳو علمي، ادبي ۽ ثقافتي معاملن جي خشڪ ۽ معلوماتي پيچيدگين ۾ ڦاٿل هوندا آهيون..... نه نه، پاڻ نهايت ئي خشوع ۽ خضوع سان دل کولي گلائن جي گاري ۾ به لهي پوندا آهيون. ڪجهه ”علماءِ ڪرام“ اسان جي ياد جو خاص ۽ دستوري محور هوندا آهن. طارق سندن اهلون ۽ نقل ڪندي شاندار اداڪاريءَ کي جنم ڏيندو آهي ۽ مان کيس انهن مڙني مهربانن جي مختلف خصلتن ۽ خاصيتن جي خصوصي يادگيري ڏياريندو ويندو آهيان. هو نه رڳو انهن عظيم شخصيتن جي عام رواجي زندگيءَ کي پنهنجي تيز مشاهدي جي رنگن سان پئنٽ ڪندو ويندو، پر مختلف حالتن ۾ سندن طرفان ٿيندڙ امڪاني رد عمل تي به اهڙا خاڪا جوڙيندو جو کلي کلي چيلهه ۾ وڪڙ پوندا ويندا. هو هڪ نامياري ڏاهي جي بئڊ روم جي منظر ڪشي ڪندي ٻڌائيندو ته ڪيئن حق شرع دوران پاڻ سائين جن سرور ۾ اکيون ٻوٽيندي گهر واريءَ کي به چوندا: ”ادي، ادي! سچ پچ ته ڏاڍو حظ پيو اچي، اوهان جي دلپذير رعنائين، نهايت ئي سرور ڀريو وايو منڊل پيدا ڪري ڇڏيو آهي. اوهان جي انهن مڙني خوبين ۽ خصوصيات سان برميچڻ ڪنهن ٻئي بني بشر جي وس ۾ ناهي.....“ انهيءَ منظر ڪشيءَ منجھان ٽَهڪن جون ٽوڪريون ماڻي پالهو ئي نه ٿبو ته هو ٻي جُغادري اديب جي خاڪ ڪشيءَ ۾ محو ٿي ويندو. هو واٽ تي ئي ڪٿي آهلجي پيٽ تان قميص هٽائي ان تي هٿ به هڻندو ويندو ۽ ادب جو .کٽيو کائيندڙ انهيءَ سازشي شخصيت جو نقل ڪندي ساڻس ملاقات جو منظر چٽيندي چوندو ويندو: ”ادا، ڀائو، سائين! ويهو ويهو..... اڙي ڇورا ڀڄ سائينءَ لاءِ ڪيڪ، پئسٽريون، سنبوسا، بسڪوٽ ۽ مٺائي وٺي اچ..... سيگهه ۾ چانهه ٺاهي کڻي اچي.... اصلي منٽ ڪر.“ ان کان پوءِ هو سندس جيان واڇن ۽ وات تي هٿ ڦيرائيندي ورجائيندو: ”سائينءَ منهنجي کي چوان..... ڪالهه گورنر صاحب جن عزت افزائي فرمائي. نهايت غور و فڪر سان بورڊ جا مسئلا ٻڌا ۽ اٺن ڏينهن ۾ امداد جي خاطري ڏني. انشاءَ الله ايندڙ مهيني کان توهان هت منظر مٽيل ڏسندءُ.“
    اهڙي طرح سندس ٽيليفون تي اٿي بيهي اٽينشن ٿي ڳالهائڻ سميت ڪيئن ڪافرانه ادائن تي ٻڌل داستان ٻڌائيندو ۽ گڏوگڏ آفيس ۾ نفيس احمد ناشاد جي ڪنهن نئين نڪوري ۽ اڇوتي ادا جو به تذڪرو ڪندو ويندو.
    ائين اسان جو مطالعاتي ۽ مشاهداتي دورو جاري ئي هوندو آهي جو طارق جا مداح ۽ سنڌ جي ۽ سنڌ جي جوانيءَ جي ڪورس تي رکيل سندس ناول جي عاشقن منجھان ڪو ڇوڪرو عقيدت منجھان اچي ساڻس هٿ ملائيندو. پر هو حجاب سان ڀريل فخر وچان ساڻس نهايت ئي پيار سان پيش ايندي کيس ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو. اڳلي جي خواهش هوندي ته هُو پڻ اسان سان همسفر ٿئي، پر طارق منهنجي چهري تي پکڙيل بيچينيءَ ۾ ٻڏل لاپرواهيءَ منجھان محسوس ڪري وٺندو ته مان انهيءَ موقعي تي ڪنهن به ٽئين شخص جو ٽنبڪو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان. انهيءَ ڪري هو نه چاهيندي به ٿورڙي دير کانپوءِ ساڻس پنهنجي گهر ۾ ملاقات جو موقعو رکندو، پر ڪافي ڊگهي رات تائين کيس وقت به ڏيندو. انهي اوچتي آمد کان پالها ٿي اسين سينٽرل لائبريريءَ کان هاءِ وي ڏانهن ويندڙ روڊ تي مڙي، چوراهي تي پيل سيمنٽ جي بئنچن تي ويهي رهنداسين ۽ ايندڙ ويندڙ بابت رننگ ڪمنٽري شروع ڪري ڏينداسين. انهيءَ جاءِ تي بيهي طارق يونيورسٽيءَ، کي خوبصورت بنائڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏيندو آهي ۽ هٿ کڻي اشارا ڪري (۽ ڪڏهن ڪڏهن آڱرين سان هوا ۾ دائرا ٺاهي)، هو مون کي پنهنجن منصوبن جا تفصيل ٻڌائيندي ڏسيندو ويندو آهي ته ڪٿي مصنوعي ڍنڍ ٺهي سگهي ٿي، ڪٿي هڪ شاندار پارڪ جوڙڻ ممڪن آهي.... ۽ ڪنهن جاءِ تي مجسما کوڙي سگهجن ٿا. مان ڪرپشن، بي ايماني ۽ جھالت سان ڀرپور غرور ۾ ٻڏل يونيورسٽي انتظاميه جي ترجيحن ۽ تبصرن کي تصور جي آئيني ۾ ڏسندي سندس ”معصوم خواهشن“ لاءِ احترام رکندي به مٿس ترس کائيندو آهيان.... مون کي اهو ويچاريندي حيرت ٿيندي آهي ته هو هن بدنصيب واديءَ جو پراڻو واسي هوندي به خواب لهڻ واري عادت منجھان جند نه ڇڏائي سگهيو آهي.
    اسان جي انهيءَ ياترا دوران اڪثر ڪري رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪندي آهي، تنهنڪري عام طور يونيورسٽيءَ جي پر سڪون جامع مسجد کان مڙي ننڍڙي سائيڊ واري روڊ تي ڪَٽ هڻي اسين واپس پنهنجن آکيرن ڏانهن موٽي پوندا آهيون، پر جيڪڏهن پٺيان جي ڪا چنتا ناهي هوندي ته وائيس چانسلر جي گهر ڏانهن ويندڙ نهايت ئي ”سهڻي سڙڪ“ تي پسار ڪرڻ شروع ڪندا آهيون. اها سڙڪ انهيءَ ڪري حسين ناهي ته سندس وچ سيني تي شاندار وڻن ۽ ٻوٽن جي سڌي قطار هوا ۾ ڪنڌ لوڏي گيت ڳائي رهي هوندي آهي، نه ئي اها ڪا وڏي ڳالهه آهي ته حيدر بخش جتوئي پيويلين جي چهچ سائي لان ۽ ڪرڪيٽ گرائونڊ جي روڪ رستي تان چنچل ۽ آواره هوائون توهان کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري وٺنديون.... پر انتهائي دلچسپ منظر اتي ويٺل جوڙن جون سرگرميون پيش ڪنديون آهن.
    طارق ”پروفيشنل عاشق“ هئڻ ڪري سندن ڪوتاهين منجھان به ڪونه ڪو حُسن ڪڍي وٺندو آهي، پر مان تنقيد جو تحفو پيش ڪندي چوندو آهيان: ”پيارا! ههڙي صورتحال ۾ ڪنهن شاگردياڻيءَ جا گهر وارا مرد چڪر لڳائيندا ته اهي سندس يونيورسٽيءَ اچڻ ئي بند ڪري ڇڏيندا! اهي هنن چند مثالن کي ڏسي سوچيندا ته هي تعليمي ادارو گهٽ عاشق آباد وڌيڪَ ٿي لڳي.... ايئن گهڻين نياڻين تي تعليم جا دروازا بند ٿي ويندا....“ طارق منهنجي انهيءَ موقف سان متفق نه هوندي به هڪ عدد بي چسي ”هون“ ضرور ڪندو. پر مون کي پتو هوندو آهي ته هو آسپاس موجود صورتحال تي دل ئي دل ۾ گد گد پيو ٿئي.... شايد کيس هر افيئر ۾ ڪانه ڪا پنهنجي Reflection نظر ايندي هُجي!
    ڇاڪاڻ جو هو سؤ سيڪرو عاشقانه طبيعت رکندڙ انسانُ آهي. اهي دلفريب نظارا ۽ شامَ جي پاڇن جيان جوڙن جي ڊگهين ملاقاتن جو مشاهدو ڪندي سندن وچ ۾ گهٽيل فاصلن ۽ هلڪن ٽهڪن سان ڀريل سُس ڦُس تي تبصرو ڪندو مان طارق کان پڇندو آهيان: ”پيارا!، هنن کي خدا جي ڪا سڻائي ٿئي سڄو ڏينهن ڊپارٽمينٽس ۾ هڪ ٻئي جو مغز چٽيندي دل نٿي ڀرجين وري اچي هتي پيا کسر پسر ڪن، آخر هنن جا موضوع ڪهڙا آهن؟ سياست کين نٿي وڻي، ادب جو رنگ مٿن چڙهيل ڪونهي، فلسفي سان سندن لهه وچڙ ڪونهي.... پوءِ آخر هو ڳالهائين ڇا تي ٿا؟!“. ”ابا! اها خبر ته منڪر نڪير کي به ڪونه هوندي.“ هو هلڪو ٽهڪ ڏيئي چوندو: ”تون آزمتو ڪري ڏس پريان ايندين ته ڏسندين ته ڪو کلن به پيا ڳالهائين به پيا، ڀرسان لنگهندين ته محسوس ٿيندئي. اهي ڪي ٻيا هئا. ساڳيو جوڙو ايڏو سنجيده ٿي ويندو جو لڳندو ته عشق بجاءِ عراق آمريڪا جنگ کي ٽارڻ لاءِ ڪا منصوبابندي ويٺا ڪن. ايڏا مهذب ۽ شريف جو نر پکي به پيو وائڙو ٿيندو.“ مختلف موقعن تي طارق جي اها ڳالهه بلڪل سچي ثابت ٿيندي آهي. جڏهن ڪلاس جون شاگردياڻيون، جيڪي هونئن ”سر سر“ چئي مٿو ڪچو ڪري ڇڏيندويون آهن، سي اهڙن موقعن تي اسان کي ايندي ڏسي فقط نڪ جي سڌائيءَ تي ڏسندي ڪنڌ کي سُڪ ڪري مارگريٽ ٽيچر بڻجي اهو کڻي گهنڊ هڻنديون جو ماڻهو پاڻ کي ڏوهي پيو محسوس ڪندو. البت ڇوڪرا هروڀرو پيا ڦڪا ڦڪا ۽ لڄي لڄي ٿيندا.... وٽن پهچندي هميشه اٿي بيهي سعادت مند ڏوهاريءَ جيان وهلور پيا ويندا ۽ چند سيڪنڊن اندر ٽي چار دفعا پڇي وٺندا:
    ”سر! ٻيا ڪهڙا حال آهن؟“
    اسان انهيءَ دلچسپ صورتحال مان مزو وٺندا، تبصرو ڪندا اڳتي وڌنداسين جو طارق جو پير وڃي رستي تي پيل پٿر سان وچڙندو. هو پير جي آڱوٺي ۾ لڳل ڌڪ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هيٺ جھڪندو ته چوندو مانس: ”ادا! اهي آهن تو واري مخلوق جا تحفا! ڪالوني آفيس بلب ۽ راڊيون مٽائي مٽائي ٿڪجي پئي آهي، پر تو وارا استاد ٻئي ڏينهن انهن تي نشانا چٽي ڪم پورو ڪريو ڇڏين. هيءَ شايد واحد رستو هوندو جتي شاگردن کي روشنيءَ کان چڙ آهي. ماڻهوءَ کي سج لٿي ئي روڊ تي ڀنڀ نظر ٿي اچي.“ ڏسندو آهيان ته طارق منهنجي انهيءَ مؤقف سان سهمت ڪونهي. پر مان نه رڳو وڌيڪَ ”ماهرانه راءِ“ پيش ڪندو آهيان، پر آسپاس ويٺل جوڙن کي به وڃي چوندو آهيان: ”بابا! اسان کي توهان جي هتي ويهڻ تي اعتراض ناهي، پر اونداهه ۾ ويهڻ چڱي ڳالهه ناهي. ٻيو ڇڏيو هتي ئي نانگ، بلائون ۽ وڇون پيا گهمن. خدا نخواسته ڪجهه ٿي پوي، توهان اٿي وڃي ڪنهن روشني واري جاءِ تي ويهو....“
    منهنجي ڳالهه ۾ وزن ڏسندي اڪثر ڪري ڇوڪرو ڦڪي مرڪ مرڪندي ۽ ڪنڌ کنهندي چوندو: ”سوري سر! اڳتي ايئن ئي ٿيندو.“ پر چند قدم هلڻ کان پوءِ نهايت ئي ڌيمي آواز پر هلڪي کل ۾ ويـڙهيل نينگريءَ جو جملو هوا کي ٺونٺيون هڻي تمام گهڻي جاکوڙ ڪري ڪن تائين پهچندو: ”سر! اسان کي نانگ بلائون ڪجهه نه ڪندا.“ جملي جو ختم ٿيڻ سان ئي ”ها ها..... ها... ها“ جي زوردار ڌماڪي سان طارق جو ٽهڪ گونجندو ۽ چوندو، ”ٻُڌئي پيارا!“.
    اهي ئي اهڙا ٻيا ڪئين منظر گرلس جمنازيم ۽ ان جي آسپاس بيٺل ٻوٽن وٽان پسندا، وي سي هائوس کان مڙي ٽيچرز هاسٽل وٽ پهچنداسين ته طارق ٿورڙي رفتار وڌائيندو. ڇاڪاڻ جو کيس پتو آهي ته ڪو استاد ملي ويو ته مون کي پڪڙي بيهاري ڇڏيندو (هونئن طارق ٽيچرز کان الائي ڇو گھٻرائيندو به آهي) البت اڳيان مارئي هاسٽل وٽان لنگهندي سندس موڊ تبديل ٿيل هوندو آهي. جيتوڻيڪ هو سؤ سيڪڙو رومانس مان ٺهيل شخص آهي، پر هاڻي اڪثر شاگردياڻين ڏانهن سندس رويو ۽ تبصرا هڪ ميچوئر ۽ همدرد شخص وارا هوندا آهن. هاسٽل اندر رهندڙ انسانن کانسواءِ (جن کي هو ڪمپائونڊر سڏي ٿو) سندس راين ۾ احترام ۽ محبت سمايل هوندي آهي، ڪلاسن هلڻ دوران جڏهن مارئي هاسٽل جي آسپاس چرٻٽو وڌيل هوندو آهي، تڏهن طارق ڏانهن اشارو ڪندي مان پارڪن ۽ ڦٽپاٿن تي ويٺل مخلوق ڏانهن ڌيان ڇڪائيندو آهيان، اسان محسوس ڪري وٺندا آهيون ته ڪيترائي سهڻا سيبتا ڇوڪرا بي جوڙ ڇوڪرين سان ويهندي جذباتي ۽ احساساتي طور مطمئن ته ڪونه هوندا آهن، نه ڪو کين اهڙو ساٿُ مزو ئي ڏيندو آهي، پر پوءِ به بنا چوڻ جي هو اسان جو ڌيان ڇڪرائي چوندا آهن: ”ڏسو ڏسو، اسان به اهم آهيون، اسان ڇوڪرين سان ڪمپني ڪريون ٿا، تنهنڪري سچا پچا فلمي هيرو آهيون....“ ساڳي طرح نوٽس ڏيڻ/وٺڻ واري پراڻي بهاني، پٽيوالن ۽ چوڪيدارن ۾ ”ڪم هجڻ“ جي عذر تحت ڪيئن بي قرار روحن جا اڌما ڏسڻ وٽان هوندا آهن. سندن اکين ۾ اکيون وجھڻ سان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۽ ان جي جواني جنمن کان پيار ۽ پريم جي ڪيتري اڃياري آهي. هاسٽل وٽان لنگهندي رڳو ڇوڪرن جي ئي بيچيني ڏسڻ وٽان هوندي آهي. سستو مئڪ اپ ڪيل نينگرين ۾ پيل ٿڙ ڦٿر به پنهنجو رنگ روپ رکي ٿي. ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ مائٽن ۽ ”غيرتي ڀائرن“ جي دڙڪن ۽ ڌمڪين ۾ قيد ٿيل سندن امنگون هتي وياج سوڌو ڪئيش ٿيندي نظر اچن ٿيون.
    مارئي هاسٽل کان مڙي ٽيچرز هاسٽل جي چوڪيدار حاجي کوسي سان ٿڙا ماشا ڪري، ڪالونيءَ ڏانهن واپس موٽندي، ڪڏهن ڪڏهن ته منٽن جا منٽ خاموشيءَ ۾ پنهنجي منهن سوچيندي هلندا رهندا آهيون. ٻڌڻ لاءِ ڏيڏرن جي ”ٽان ٽان“ ۽ تڏن جي ”سرر ـــ سرر“ کانسواءِ اسان جي بوٽن جا روڊ کي ڏنل ڏوراپن جا آواز به موجود هوندا آهن. هلندي هلندي طارق ڪڏهن ڪٿان ڪو منفرد قسم جو ڪاٺيءَ جو ٽڪرو يا پٿر وغيره چونڊي وٺندو آهي ۽ ايندڙ ويندڙ تي نهايت ئي ڀرپور تبصرا ڪندو ويندو آهي.
    مئڊم مهتاب جي پراڻي گهر وٽان لنگهندي هو ٻٽين ساروڻين ۾ ٻڏندي ”چانڊوڪي رات ۾ باغ جي سير“ بجاءِ ”جيل جا جلوا“ بيان ڪندو ويندو آهي. اهڙي طرح چرغ شماري ڪندي اسين. واپس پنهنجي ماڳ تي پهچي ويندا آهيون. وڌيڪَ وقت هجڻ جي صورت ۾ طارق جي گهر اچي فروٽ کائي ۽ ٽي وي ڏسي ڳالهين جون ڳنڍيون کولبيون آهن، منهنجي گهر اڳيان موجود لان ۾ گھيچا ۽ پاپڙ اسان جو انتظار ڪري رهيا هوندا آهن.... اهڙي طرح ڊگهن داستانن جي ٻاريل آڳ ۾ ڳالهين جي ڪاٺين کي سوريندا، سرد ٿيندڙ رات ۾ هٿن ۽ روح کي گرمائڻ لڳندا آهيون، ۽ جڏهن داستانن جي آڳ تي ٻي ڏينهن جي ڪمن ڪارين جي اڻ تڻ جو پارو پوڻ شروع ٿيندو آهي ته هڪٻئي کي الله واهي چئي، پنهنجن پنهنجن واهيرن ڏانهن اڏامي ويندا آهيون. هڪ نئين، بهتر صبح جي آس اندر ۾ سمائي.


    حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا : رسول ميمڻ

    سٺو نثر نويس اهو آهي جيڪو بنيادي طرح شاعر آهي، ڇو جو شاعر وٽ لفظن جا انبار آهن ـــ لفطن جي استعمال جو ڏانءُ آهي ـــ طارق عالم به بنيادي طرح شاعر آهي. سندس پهرين تحرير هڪ نظم هيو جيڪو 1975ع ۾ ”ماروئڙا“ رسالي ۾ شايع ٿيو.
    ڇو نه بادل جيان برسين ٿو ڀلا منهنجي مٿان
    ڇو ٽپهريءَ جيان هي وڻ ٿو جلائين اي دوست

    ٽپهريءَ جيان وڻ جو جلڻ ائين آهي جيئن سج هيٺ لهڻ کان اڳ سموري تپش مان آجو ٿيڻ چاهيندو هجي، جيئن طارق عالم جي حياتي، جيڪو منجھند گذاري، ٽپهريءَ جو موڪلائي ويو. چوونجاهه سال ڪا وڏي عمر نه آهي. ٿڌن ملڪن جي ماڻهن تي جواني پنجاهه سالن کانپوءِ ايندي آهي. اسين ٽاڪ منجھند جهڙا ماڻهو ننڍي عمر گذاري هليا وڃون ٿا.
    طارق عالم نه رهيو پر ڌرتيءَ تي سندس پيرن جا نشان، ڀتين تي آڱرين جا نشان ۽ ورقن تي قلم جا نشان موجود آهن. اديب کي ان ڪري امرتا حاصل آهي ته لفظ ان جو روح آهن. هو جملن ۾ سمائجي وڃي ٿو. ڪهاڻين ۾ جيئرو رهي ٿو ـــ ان جو فڪر سندس لفظن ۾ محفوظ رهي ٿو آزاد نظمن مان خارج ٿئي ٿو.
    طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ اسان جي اکين ۾ نقش آهي. هڪ سانتيڪو ڏيک جنهن ۾ عاشق موت کان محفوظ آهي ڇو جو اهو محبوبا جي هنج ۾ سمهيل آهي.
    نگاهه عڪس کي موتئي جي ماڪ ڌنڌلايو
    سمورا ڏيک اجھاڻا پري پري تائين

    تخليل ساڳيو نه آهي. تخليق هر فرد جو انفرادي مظاهرو آهي. دماغ آکيرو آهي ۽ رهندڙ پکيءَ جي اڏام الڳ آهي. آکيري جا ڪي پکي هيٺاهينءَ تي اڏامن ٿا، ڪي اوچائين تي ـــ ڪي تمام مٿي هجڻ ڪري نظر نه ٿا اچن. وري ڪي اهڙا آهن جيڪي اڀ ٽپي وڃن ٿا ـــ سڀ کان سگھاري اڏام شاعر جي آهي، ان جا منظر، عڪس، تشبيهون مختلف آهن جنهن ڪري ان کي تخليقڪار چئون ٿا.
    ڇو جو هو خلقي ٿو ـــ وسيع سوچ جو مظاهرو ڪجي ته هر انسان ۾خلقڻهار موجود آهي. خلقڻهار پاڻ کي خلقي ٿو. ڪو هن جهڙو سندس لاشعور ۾ ضرور آهي جيڪو کيس بدلائي ٿو، بچائي ٿو، جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو ـــ اسين نِسرتائي گهوڙا آهيون. (We are the evolutionary Horses)
    اسين ماضيءَ جي لڏ ۾ ليٽي مستقبل ڏي ڊوڙون ٿا. ڊوڙيندي ڀل ڄنگهون زراف جيڏيون ٿي وڃن پر وجود مان لڏجي بوءِ ختم نه ٿيندي. بقول طارق عالم:

    منهنجي ڪروڙين سال قديم
    نيڻن جي واديءَ ۾
    وڇوڙن جي ڌنڌ
    اڻ چٽو ڏسڻ جو
    عادي بنائي ڇڏيو آهي.

    سندس ان نثري نظم تي غور ڪيو. هن ڪروڙين سالن جي قدامت کي لحظي ۾ قيد ڪيو آهي. انساني سمائي سگهڻ جي سگهه (Adaptive Capability) سمجهه کان ٻاهر آهي. اسين غلاميءَ کي اڻ سڌيءَ طرح آزادي محسوس ڪيون ٿا. ظالم کي ائين برداشت ڪيون ٿا جيئن ظلم ڪو احساس هجي. اسين ذلت کي Justify ڪري عزت لائق بنايون ٿا. ان لاءِ ته هر حال ۾ جيئرو رهڻو آهي. انسان عادي Habitual آهي. هو هر شيءِ جو عادي ٿي پوي ٿو ـــ عشق، آوارگي، سگريٽ، شراب، علت المشائخ و مشائخ العلت.
    هڪ ڪروڙ سالن تائين ڪائنات ڌنڌ ۾ وڪوڙيل هجي ته اسين مري ڪين وينداسين پر بدلجي (Modify) وينداسين. ٻاهر ٻانها آهيون، اندر ڪو آهي جنهن جي تابع اڻ چٽي ڏسڻ جا عادي ٿي وينداسين. تڏهن ته چوندا آهن: ”سنڌوءَ ۾ انڌي ٻلهڻ رهي ٿي جيڪا دنيا جي منفرد ٻلهڻ آهي. مون کي ياد آهي سکر ۾ ٺڳڙي شاهه راڄ گھاٽ وٽ ڪنڊي وجھي ويٺل هوندو هيو. سندس ڪنڊيءَ ۾ ڪل کڳا ڦاسندا هيا. هن ٻڌايو: ”ڪنڊيءَ ۾ ڪل اکين وارا ڦاسن ٿا، ڪا انڌي ڦاسي ئي ڪونه ٿي.“
    ڏسڻ لاءِ اکيون ضروري آهن پر جيڪڏهن ڪنهن نسل کي صدين تائين اوندهه ۾ رکيو وڃي ته ان جون اکيون ختم ٿي وينديون ۽ ڏسڻ جي حِس ڪنهن ٻي احساس ۾ جاڳي پوندي ۽ اها حِس اکين کان ڏهوڻي حساس هوندي.

    دردن کي ائين ورايان جيئن
    ڌڻ پويان هوڪو ڌنار ڪري

    ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ گهڻن ليکڪن لکڻ جي شروعات شاعريءَ سان ڪئي آهي. جيڪي نثر نگار شاعريءَ کان وانجھيل آهن اهي ائين آهن جيئن رندي بنا ڊکڻ. پر عظيم ڊکڻ اهي آهن جن جي گهر ۾ ڏوئي آهي. چون ٿا جڏهن ڊکڻ ڪوڪا هڻي صليب تيار ڪيو هيو ته رومين هن کي چيو: ”چار ڪليون عيسيٰ کي به هڻ“ ڊکڻ وراڻيو هيو: ”اهو ڪيئن ممڪن آهي ته لوهر جو ڪم ڊکڻ ڪري.“
    سنڌ ۾ لوهر به جام آهن ۽ تنقيد نگاريءَ جو ڪم انهن حوالي آهي.

    تصور ۾ تنهنجو ڳڙي روپ ايئن
    لڳي ٿو هوا ۾ ڪنول پيو تري

    طارق جي لکڻين جو محور رومانس آهي. هن جي لکڻين جو هيرو سرد شامَ ۾ ململ جي قميصَ پائي ڪنڌ ۾ مفلر ويڙهي بيٺل آهي. خبر نه آهي هن کي ڪنهن جي نظر لڳي ــ ڪارن ڌاڳن ۾ ترقي پسندن جو ايمان نه آهي. مٿي ڏنل سٽن ۾ روپ جو ڳڙڻ عجيب منظر آهي. برف جا روپ رجندا آهن ته شايد ڳڙندا آهن. مائيڪل اينجيلو بي روزگاريءَ ۾ پٿر جا بت ٺاهيا. اٽليءَ جي بادشاهه کيس روزگار ڏئي برف جا بت ٺهرايا. هو بادشاهه جي حڪم تي صبح جو سوير برف مان بت تراشيندو هيو. بادشاهه سلامت مصروفيتن مان وقت ڪڍي ايندو هيو ته برف جا بت ٽيپو ٽيپو ٿي ڳڙندا هيا. هڪ دفعي بادشاهه مائيڪل اينجيلو کي چيو: ”جيڏي تنهنجي تعريف ٻڌي هئي تون ايڏو آهين ته نه؟“
    جواب ۾ مائيڪل اينجيلو جون اکيون ڳڙڻ لڳيون.
    ”رات سانت ۽ سوچون“، ”سڃاڻپ جي ڳولها“ ۾ طارق جي ڪهاڻين جا ڪردار زندگيءَ کي ويجھا آهن پر افسوس هو موت کي ويجھو ٿي ويو. شايد ڪلا جي مزارَ ٻاهران هن حياتيءَ جا ڪجهه ڪڻا پاندَ ۾ وجھي زائرين کي ورهائي ڏنا. هن جو پاند خالي ٿي ويو. اسين جيئرا آهيون شايد ان ڪري جو ورهائڻ ۾ به ڪنجوس آهيون.
    سمورا سوالَ رهجي ويا هوا ۾
    فقط احوال رهجي ويا هوا ۾

    (طارق عالم جي ٻئي ورسيءَ تي پڙهيل )


    ڀٽائيءَ جي آڳر ۾ ڪبوتر جي ڳٽڪار ـــ تاج جويو

    امبر تارن ۾
    ڏيئا جليا ڳوٺ جا
    ڪچن جارن ۾

    هي هائيڪو پڙهڻ سان سنڌ جي سچي پچي ٻهراڙيءَ ۽ سنڌ جي ”ڳوٺاڻي ڪلچر“ جو اصلي عڪس اکين ۾ چٽجي وڃي ٿو. ٻوليءَ جي پختگي، مشاهدي جي گهرائي ۽ منظر جي اصليت ڏسي، هڪ کن لاءِ ذهن سوچڻ لڳي ٿو: ”هيءُ هائيڪو، نارائڻ شيام، شيخ اياز يا تنوير عباسيءَ جو، ته نه آهي“، ۽ ٻئي کن ”مورن اوچا ڳاٽ“ مجموعي جو صفحو نمبر 68 اکين آڏو اچيو وڃي، جيڪو ساک کنيو پيو چوي ته: ”نه، هيءُ هائيڪو طارق عالم جو آهي.“
    طارق عالم بنيادي طور مصور، ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ ناٽڪ ـــ ڪار آهي. هن جي اک جو مشاهدو، مصور هئڻ ناتي عام ماڻهوءَ کان وڌيڪَ وسيع، وڌيڪَ گهرو ۽ وڌيڪَ اونهو آهي. ان ڪري هن جڏهن شاعريءَ جي ميدانَ ۾ پيرُ پاتو آهي ته گهڻن کان ڇرڪ نڪري ويا آهن. طارق عالم، رنگن جي مصوريءَ کي هڪ پاسي رکي، جڏهن لفظن جي مصوري ڪرڻ شروع ڪئي ته ”ڪهاڻيون، ناول ۽ ناٽڪ“ لکي ويٺو. ڪهاڻيون (رات، سانت ۽ سوچون) لکيائين ته ڪامياب، ناول (رهجي ويل منظر) لکيائين ته رڙ ڪڍائي ڇڏيائين ۽ محترم ظفر حسين جهڙي اصول پرست ماڻهوءَ طارق کان ناول جو مسودو گهري، ڇپائي ورتو ۽ جڏهن ناٽڪ (Dramas) لکيائين ته محسوس ٿيو ته طارق جي فيلڊ (Field) آهي ئي اها!
    طارق عالم نثر جي هنن ٽنهي حسين صنفن ۾ ـــ ڪئمپس، ڪالونين، ننڍن ۽ سوڙهن ڪواٽرن ۾ رهندڙ ڪردارن ـــ هيٺين مڊل ڪلاس جي فنڪارن، ڪلارڪن، شاگردن ۽ نوڪري پپيشه ماڻهن جي مسئلن، مجبورين، احساسن، احساسِ ڪمترين، سچاين، سوچن لوچن ۽ پيڙائن کي اصلي روپ ۾ پيش ڪري ”اگھاڙو سچ“ لکيو، جيڪو سماج جي نام نهاد ٺيڪيدارن کي ڏاڍو ڏکيو لڳو. پر پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن محسوس ڪري ورتو ته طارق عالم پنهنجي جيون جي المين، مجبورين، احساسن ۽ احساسِ ڪمترين کي پنهنجي ڪلاس جي المين، مجبورين، احساسن ۽ محرومين سان ”هڪ وجود“ ڪري پيش ڪيو آهي.
    طارق عالم جنم ته لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻهراڙيءَ ۾ ورتو آهي، پر پليو ۽ وڏو ٿيو ڪئمپس جي ڪوارٽرن جي وچ ۾ آهي. ان ڪري سندس مشاهدي جي قوت ڳوٺاڻن وانگر تيز ۽ سندس شعور جي سطح وچئين ڪلاس جي باشعور فرد جيان سگهاري ۽ بلند رهي آهي.
    طارق عالم، اڄ جي سماج، اڄ جي دور (age) جي محروم، احساس محرومين جي شڪار جو ڪاوڙيل نوجوان (Angry Youngman)جو هڪ ماڊل رهيو آهي، جنهن جو اظهار سندس ناول ۽ ڪهاڻين مان ٿئي ٿو. هن هيٺئين وچئين ڪلاس جي حساس فنڪار جو زندگيءَ جي ڦوهه، بهار ۾ اهڙي الميي سان پالو پيو، جتي هن مردانگيءَ سان عذرائيل جي اکين ۾ اکيون وجھي، موت کي مات ڏني. طارق جو هن حادثي کان اڳ زندگيءَ ڏانهن رويو غير سنجيده ۽ هن خلائي دور (Space age) ۾ رهندڙ فراريت جي شڪار نوجوانن جهڙو هو. پر جڏهن هن جي گردن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ هن خوبصورت تخليقي فنڪار جي جواني، الميي جو شڪار بنجي وئي ته سڄيءَ سنڌ جا نوجوان ۽ طارق جا دوست تڙپي اٿيا، سڀني کي طارق جي زندگي، پنهنجين زندگين کان وڌيڪَ پياري ڀاسڻ لڳي ۽ زندگيءَ جي ان المياتي موڙ تي طارق سان جنهن پيار جو اظهار ڪيو ويو، ان هن ۾ جيئڻ جو حوصلو پيدا ڪيو ۽ کيس زندگيءَ جو نئون اتساهه ڏنو. طارق کي ”نئون جنم“ مليو ۽ هو اسان کي ٻيهر پنهنجي سمورين تخليقي صلاحيتن سميت موٽي مليو. طارق جي نئين جنم ۾ جتي ڊاڪٽر نثار احمد نورانيءَ جي قربانيءَ جو هٿ آهي، اتي طارق جي جيون ساٿڻ، رضيه جي ڀنل پلڪن جي اوسيئڙي، سپنن، اوجاڳن ۽ دعائن جو به وڏو دخل آهي. طارق ۽ رضيه جي ساٿَ، زندگيءَ جو هالار عبور ڪري، هڪ اهڙي ”هالار“ (طارق ۽ رضيه جي پٽ جو نالو) کي جنم ڏنو، جنهن جي نيڻن ۾ طارق زندگيءَ جا ڏيئا ٻرندي ڏٺا ۽ انهن ڏيئن جي روشنيءَ اڳيان مايوسيءَ جي ٻاٽ رات، مات کائي وئي. هالار، طارق جي ”اجھاڻل ماڻڪين“ ۾ زندگيءَ جي جوت ڀري ڇڏي، ۽ ان جوت جون جھلڪيون، طارق جي هيٺين هائيڪن مان پَسي سگهجن ٿيون:
    گھلي پورب واءُ،
    ٻالڪ پهرينءَ وک تي
    ڪيڏو مرڪي ماءُ!

    ٻار سمهيل هو،
    ڀر ۾ جاڳيس پئي
    ننڍڙو رانديڪو!

    ٻنڌڻن ٻڌ،ل ٻار،
    ننڊ ۾ مرڪي پيو
    کيس خبر نه چار

    ٻار رنگ ڀريا،
    پيلي پاڻيءَ جي مٿان
    نيرا هنج تريا

    ٻار جي روئڻ تي
    ماءُ جاڳي ننڊ مان
    رات جو هڪ وڳي
    هنن هائيڪن ۾ طارق جي پهرين جيئري تخليق (ڪهاڻين، ناول ۽ ناٽڪن کان به خوبصورت تخليق) هونگڙڙيون ڀريندي، وکون، کڻندي اسان جي اکين آڏو اچي بيهي ٿي.
    طارق عالم، هائيڪو کان سواءِ ٻين صنفن جي به شاعري ڪئي آهي، پر سندس هائيڪا ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي ڪتابي روپ ۾ هڪ سگهاري شعري تجربي جي حيثيت ۾ پيش ٿيا آهن. هن کان اڳ نارائڻ شيام، ”ماڪ ڀنا رابيل“ (1964ع) ۽ شيخ اياز ”پن ڇڻ پڄاڻان“ (1982ع) شعري مجموعن ۾ اسان کي تصويرن/هائيڪن/ٽه سٽن جو هڪ وڏو تعدادُ ڏنو اهي، پر هائيڪن، ٽه سٽن جو پهريون مڪمل مجموعو”مورن اوچو ڳاٽ“ سنڌي شاعريءَ ۾ طارق عالم ئي متعارف ڪرايو آهي. جيڪو هن جو سنڌي شاعريءَ تي وڏو وڙ آهي.
    طارق عالم ڪُهنه مشق شاعر نه آهي، پوءِ به هن جڏهن هائيڪو لکيا ته انهن جي سونهن، مواد ۽ پختگيءَ، نون شاعرن کي حيران ڪري ڇڏيو، جن اڃا تجرباتي طرح هائيڪو پئي لکيا، جڏهن ته نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ ۽ ٻين ڪيترن شاعرن هائيڪو کي سنڌ ۾ هڪ مقبول شعري صنف طور متعارف ڪرائي ڇڏيو هو.
    طارق فيبروري 1987ع ۾ لنڊن علاج لاءِ اسهيو هو. موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان سرجيل طارق، زندگيءَ جي المياتي لمحن ۾ شيڪسپيئر جي سرزمين تي پهتو ۽ اتان جڏهن نئون جنم وٺي پنهنجي ”اجھامندڙ ماڻڪين“ مان ”رنگين ۽ دلربا لنڊن“ جا عڪس، سدائين لاءِ ”ذهن جي وڊيو“ تي ٽيپ ڪري موٽي آيو ۽ سنڌ جا واهڻ وستيون، ڍنڍون ڍورا، وڻ ٽڻ، ٻار ۽ جوانڙا، گل ۽ پوپٽ. پکي پکڻ، صبح ۽ شامون ۽ سنڌوءَ جا ڪنارا وري اچي ڏٺائين ته هن جي من جو شاعر جاڳي پيو، ۽ سنڌي شعرن جي اڀ تي هائيڪن جون انـڊلٺون اڀاري ڇڏيائين. لنڊن جي يادن ۽ سنڌ جي نظارن ملي، هن جي من ۽ ذهن جي ڪينواس تي جيڪي عڪسَ چِٽيا، تن بابت طارق ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ عنوان هيٺ لکي ٿو:
    ”شامَ جو هڪ هڪ ٿي آسمان ۾ ڦٽي پيل تارا، ڪجهه روشن، ڪجهه ڌنڌلا ڏسان ٿو ۽ هڪ شامَ گهر موٽي پهريون هائيڪو لکان ٿو، پوءِ ٻيون، ٽيون چوٿون..... منهنجي وجود تي هائيڪن جو وڏ ڦڙو وسڻ لڳي ٿو. هائيڪا منهنجي آڱرين مان، منهنجن نيڻن مان، منهنجي وجود مان جھنگلي گلن جيان ڦٽي پون ٿا. طارق جي آڱرين، نيڻن ۽ وجود مان ڦٽي نڪتل لنڊن ۽سنڌ جي خوبصورت هائيڪو ـــ گلن جو هُڳاءُ، پڙهندڙ به محسوس ڪن، ان لاءِڪجهه مثال طور ڏجن ٿا:

    رنگن جو ردم
    ”پڪاسو“ جي پينٽنگ آڏو
    ماڻهو بيٺل گم!

    پڪاڊلي سرڪس
    ڪيوپڊ جي ڦوهاري هيٺان
    ڪش هنيو وينگس

    ”ڪوينٽ گارڊن“
    هرڪو پنهنجي موج ۾
    ڇا هندو ڇا جارڊن! (لنڊن جا هائيڪو)

    اوچيءَ ڀٽ مٿان
    اڪَ جھنجھيل ڦلڙيون
    سج لهي پويان.

    کنوڻين جا چمڪاٽ،
    ڪارونجھر جي ڪورَ تي
    مورن اوچا ڳاٽ!

    گدري ڦاڪَ ڪٽيل
    جنهن تي ويٺل چيلاٽو
    ٻالڪ نيڻ کتل

    گوري گجرا گج
    گھگھري جي گج ۾
    ڪيئي سونا سج

    سنڌوءَ ڪنارو
    ٻيڙيون، ٻار، مهاڻيون
    ٽمڪيو پي تارو (سنڌ جا هائيڪو)

    طارق عالم جا سنڌ توڙي لنڊن جي پسمنظر ۾ لکيل هائيڪو، انساني روح مان ڦٽي نڪتل احساسن، زندگيءَ جي خوبصورت عڪسن ۾ سنڌ ۽ لنڊن جي ماحول جو سچو نقشو پيش ڪن ٿا.
    هائيڪو جپاني شاعريءَ جي خوبصورت صنف آهي، هائيڪو فطرت، انساني حسن ۽ هُڳاءُ، هڪ پل جي احساس ۾ جنم وٺندڙ خيالن ۽ خوبصورت عڪسن جي شاعري آهي. ائين کڻي چئجي ته ٿورن لفظن ۾ اونهن خيالن جو اظهار آهي. جپاني شاعريءَ جو خاصو ئي آهي اختصار، اشاراتي پهلو، سادگي ۽ شگفتگي. هيءَ سورهين صديءَ جي سادي، وڻندڙ ۽ من موهيندڙ صنفَ اڄ نه رڳو جپاني ٻوليءَ جي مقبول صنف آهي، پر انگريزي، فرينچ، هندي، اردو ۽ سنڌي شاعريءَ جي به هر واسي صنف بنجي چڪي آهي. هر ٻاهرين صنف وانگر هائيڪو به جڏهن انگريزي، هندي يا سنڌي ماحول ۾ آيو ته ان تي مقامي رنگ ۽ مزاج اثر ڪيو، جيڪو ان جي مزاج کان اڳتي وڌي گهاڙيٽي تي به اثر انداز ٿيو. انگريزي ۽ اردوءَ ۾ هائيڪو جو تجربو ڪافي هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ انگريزي ۽ اردوءَ جي اڪثر شاعرن، جپاني وزن، بحر ۽ فارم جي پابندي نه ڪئي آهي. انگريزي شاعرن ٽه سٽا، ٻه سٽا ۽ هڪ سٽا هائيڪو به لکيا آهن. هائيڪو، رنگ جي خيال کان اردوءَ جا تمام ٿورا شاعر ڪامياب رهيا آهن، جن فارم ۽ وزن گهڻو ڪري ساڳيو جپاني استعمال ڪيو آهي. جپاني هائيڪو، سترهن (5+7+5) ماترائن تي مشتمل آهي ۽ اهي ماترائون، ”لگھو“ يا هڪوٽيون نه پر ”گرو“ يا ٻٽيون ماترائون ٿي ڪم اينديون آهن. جپاني هائيڪو جو گھاڙيٽو هن يت آهي:

    هو تو گيسو = فعلن فعلن فع = 5
    ناڪي ناڪي تو بوزو، = فعلن فعلن فعلن فع = 7
    ايسو گاداشي = فعلن فعلن فع = 5 17 ماترائون

    ترجمو:
    پکي،
    اڏوندو، ڳائيندو پيو وڃي
    مصروفيت! ــ (باشو)
    اردوءَ جا ڪجهه بهترين هائيڪو، ان ساڳئي وزن ۾ پيش ڪجن ٿا:

    او ڪالي بادل!
    ڪس برهن ڪي آنکون سي
    چوري ڪيا ڪاجل؟ (شهباز نور)

    ساٿ سويرا هي
    مين نه سهي، اس ڪا ليڪن
    شهر تو ميرا هي ـــ (سحر انصاري)

    دنيا هار گئي،
    ڪچي مٽي پر سوهني
    دريا پار گئي ـــ (اقبال حيدر)

    ڀيگي آنکون سي
    ڪب لوٽا هي ڪوئي
    ڌنڌلي راهون سي

    ڪَلِيان کلني دو،
    ڦولون ڪو اور ڀونئرون ڪو
    کل ڪر ملني دو ـــ (محسن ڀوپالي)

    سنڌيءَ ۾ نارائڻ شيام، شيخ اياز، تنوير عباسيءَ، امداد حسينيءَ، راشد مورائيءَ، ايازگل، ادل سومري، وسيم سومري، آسي محمود زمينيءَ ڪنهن حد تائين احمد سولنگيءَ، ڪرشن شرما ۽ طارق عالم به ساڳيو فارم برقرار رکيو آهي. پر هتي هڪ ڳالهه واضح ڪريان ته سنڌي شاعريءَ ۾ بيت جي ماترڪ جوڙجڪ، جپاني هائيڪو سان ملندڙ جلندڙ رهي آهي. اسان وٽ بيت جي هر سٽ هڪوٽين (لگھو) ماترائن جي حساب سان 11+13 ماترائن سان مشتمل هوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن 10+13 ماترائون به ڪم اينديون آهن. ٻٽين (گرو) ماترائُن جي حساب سان بيت جي سٽ جي تقطيع 5 - 2/1 - 6-2/1 ماترائون ٿينديون. ان حساب سان سنڌيءَ ۾ هائيڪو جو مروج ۽ مقبول وزن هن طرح ٿيندو:
    فعلن فعلن فاع = 2/1 5
    فعلن فعلن فاعلن = 2/1 6
    فعلن فعلن فاع = 2/1 5

    ڪل 2/1 17

    ٻٽيون ماترائون، جيڪي هڪوٽيون ماترائن جي حساب سان 35 ماترائون ٿينديون. ان حساب سان سنڌي هائيڪو جو وزن، جپاني هائيڪو جي ڪل ماترائن (17) کان اڌ (2/1) ماترا وڌيڪَ ٿيندو. ان وزن تي لکيل ڪجهه سنڌي هائيڪو هيٺ ڏجن ٿا:

    پايل جي جھنڪار،
    پراڻ پون جئن ڀونءِ ۾،
    پير کڻي جئن نار ـــ (نارائڻ شـيام)

    آءٌ، مياڻيءَ جنگ،
    ڇاهي منهنجو لاش هو،
    هاريل هوشوءَ سنگ؟ ـــ (شيخ اياز)


    ڏاڍا ميگهه ملهار
    ڏسي ڏسي سڏڪا ڀريا
    ڀنل لغڙ کي ٻار ـــ (تنوير عباسي)

    شاعر ۽ ايڪانت،
    اندر وههُ ولوڙجي
    ٻاهر ساگر سانت ـــ (امداد حسيني)

    پر سنڌي هائيڪو، سنڌي بيت وانگر هن وزن تي به لکيو ويندو آهي:

    فعلن فعلن فع = 5
    فعلن فعلن فاعلن 2/1 6
    فعلن فعلن فع = 5

    2/1 16 ماترائون = 33 هڪوٽيون ماترائون.

    2/1 16 ماترائن تي لکيل ڪجهه هائيڪو جا مٿال پيش ڪجن ٿا:

    اجلي اڀ مٿان،
    لغڙ اڏائي نينگرو
    ڪچي ڪوٺي تان! ــ (احمد سولنگي)

    سنگ نه پئي ڍونڍي،
    لاهيارن جي نينگري،
    سپنا پئي چونڊي! ـــ (آسي محمود زميني)

    هي ڪنهن جي آ ڀُل،
    ڪنهن هي آڻي پوکيا،
    ٿاڻي اندر گُل؟ (ارشاد شيخ ”آدرش“)

    طارق عالم جيتوڻيڪ علمي طرح وزن ۽ بحر جو ڄاڻو نه آهي، پر هن وٽ جيڪو ردم آهي ۽ جيڪو گھاڙيٽو هن استعمال ڪيو آهي، سو سنڌيءَ ۾ مقبول ۽ متعارف گهاڙيٽي، بيت جي ماترائن وارو آهي. ان خيالن جي فطري وهڪ سبب ڪٿي ڪٿي ماترائون گهٽ وڌ ٿين ٿيون، پر ايترو لکائين ڪونه ٿيون ۽ خيال، موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان هائيڪو جي خوبصورتي برقرار رهي ٿي:

    پوڙهيءَ چانديءَ وار
    سورج سامهون کوليا
    ڪريو آبشار!

    ارهه ٿڃ ڀنل،
    عورت گهريءَ ننڊ ۾
    ڀر ۾ ٻار ستل!

    دريءَ مان درشن،
    لئمپ جي ڌنڌلي روشني
    عورت اڌ روشن!

    سمنڊ ڪناري پام،
    اجري عورت ۽ ڪتو
    سرءُ سانوري شام!

    طارق، هائيڪو ـــ شاعريءَ جو نووارد شاعر آهي، پر ”مورن اوچا ڳاٽ“ جو اڀياس ٻڌائي ٿو ته نه رڳو هن جپاني هائيڪو جو فارم، مزاج ۽ خوبصورتي جھٽي ورتي آهي، پر ان ۾ سنڌي مزاج ۽ سنڌي ماحول جي خوشگوار تبديلي آڻي، موضوع جي نواڻ ۽ ويرائٽي به شامل ڪئي آهي، جنهن ڪري اهو وڌيڪَ مڪمل، وڌيڪَ حسين ۽ وڌيڪَ جامع بنجي پيو آهي. هن وٽ زندگيءَ جا سچا مشاهداتي احساس آهن ۽ هن رڳو ذاتي تجربن جو اظهار نه ڪيو آهي، پر پنهنجي سماج جي انساني تجربن ۽ احساسن کي به ظاهر ڪيو آهي:

    ڳوٺ ويس جو مان،
    رستن آکيو مرڪندي،
    وڏو ٿي ويو آن!

    گهڻي عرصي بعد ڳوٺ ڏانهن موٽ، ماحول جي تبديليءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. هن هائيڪو ۾ طارق عالم ڳوٺ جي ننڍپڻ وارن رستن تي گهمندي محسوس ڪيو آهي ته پاڻ وڏو ٿي ويو آهي، پاڻ تبديل ٿي ويو آهي. ”پنهنجي وڏي ٿيڻ“ جي اظهار وسيلي زماني ۽ ماحول جي تبديلي بيان ڪرڻ ۾ طارق ڪمال ڪيو آهي.

    رستا سڀ سنسان،
    ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
    ڪرفيو جي دوران!

    اڄ سنڌ ۽ سنڌ جا شهر، جنهن دهشتگرديءَ جي عذاب مان گذري رهيا آهن، ان عذاب جو نقشو مٿئين هائيڪو ۾ پيش ٿيل آهي، شهر جي ويراني کي ڏهاڳڻ جي سينڌ سان تشبيهه ڏئي، طارق مشاهدي جي سگهه بيان ڪئي آهي. اڄ جو طارق عالم، ”ٻئي جنم“ کان اڳ وارو مايوس طارق عالم نه آهي، ۽ اڄوڪي ٻڪر ٻوساٽ، هن جو زندگيءَ مان چاهه ختم نه ڪيو آهي:

    اڃان نه مان مايوس،
    توڙي جو آ نگريءَ ۾
    هيڏي ٻڪر ٻوس!

    جپاني هائيڪو، فطرت جي حسين منظرن ۽ شاهڪارن جي سونهن جو مجموعو هوندو آ ۽ ڪنهن چواڻي: ”فطرت جو حسن، جپانين جي ڪلچر جي علامت آهي.“ ان ڪري جپاني شاعر به فطرت جي بي انت سونهن کي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ تلاش ڪندا آهن. 16 هين صديءَ جي هائيڪو جي باني شاعر باشو (94 ــ 1644ع) ۽ ان بعد بوسن (83 ـــ 1715ع)، ايسا (1826 ـــ 1793ع) ۽ شيڪي (1902ع ـــ 1867ع) کان وٺي هن صديءَ جي جپاني شاعرن، سانڪي (1962ع ـــ 1900ع) ۽ ڪاڪيو (62 ـــ 1902ع) تائين سڀني وٽ حسن جي تلاش موجود آهي. سنڌ به حسن جي سرزمين آهي ۽ سنڌي شاعرن ۾ سڀني کان وڌيڪَ فطرت جو حسن، نارائڻ شيام جي هائيڪن ۾ ملندو:

    ڏينهن جو پهريون خواب
    آهه ٽڙيو اوڀر طرف
    سونو لال گلاب!

    باک ڦٽڻ جي وار
    سج چٽڻ آسان، پر
    شفق چٽڻ دشوار!

    سنجھا جي ٽاڻي
    مرڪي پڇڻ لڳي: ڀلا
    بتي رکان آڻي؟
    طارق عالم به جتي سنڌ جي المين ۽ پيڙائن کي هائيڪن ۾ چٽيو آهي. اتي سنڌ جي حسن، فطرت جي حسن ۽ انساني حسن کي به پنهنجن حسين نيڻن ۾ سمايو آهي:

    ڪارونڀار ڪڪرُ،
    اوندهه، چمڪيو وڄ ۾
    هڪڙو تنها گهر!

    هن ظاهراً حسين منظر ۾، سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ ڳوٺاڻي جي گهر ۽ ان جي تنهائيءَ جو عڪسُ موجود آهي.

    ويندي ويندي سج،
    تارن جو آڪاس ۾
    ٻج ڇٽي ويو نج!

    فطرت/ڪائنات جو حسن، هن کان وڌيڪَ پيش ڪرڻ ناممڪن آهي!

    پرههَ ڦُٽيءَ جو،
    ڀٽائيءَ جي آڳر ۾
    ڪبوتر ڳٽڪيو!

    ”پرهه ڦٽيءَ“ جو ”ڀٽائيءَ جي آڳر“ ۾ ”ڪبوتر جي ڳٽڪار“، جيڪو حسين منظر پيش ڪري ٿي، ان ۾ رڳو فطرت جو حسن سمايل نه آهي، پر هن هائيڪو ۾ ڀٽائيءَ جي عالمي امن، شانتي ۽ محبت واري پيغام جو به پرتوو آهي، جيڪو پيغام هر سنڌي شاعر وانگر طارق عالم به ڏيڻ چاهي ٿو.
    طارق عالم، جيڪڏهن مشاهدو ۽ مشق جاري رکي ته سنڌي شاعريءَ ۾ هائيڪو جو يڪتا ۽ يگانو شاعر شمار ٿي سگهي ٿو. پر .کيس پنهنجيءَ شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو تنقيدي جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته شاعر زندگيءَ جي اظهار سان گڏ زندگيءَ جي تنقيد به آهي.


    ڏيئا جليا ڳوٺ جا ـــ ادل سومرو

    ادب ۽ آرٽ جو سفر به انساني حياتيءَ جي تجربن سان گڏ اڳتي وڌندڙ ۽ مسلسل آهي. صحتمند ۽ تعميري قدر، بدلجندڙ حالتن ۾ به زندهه رهندا ايندا آهن. جڏهن ته فرسوده روايتي رجحان وقت جي پيرن هيٺان لتاڙجي، فنا ٿي ويندا آهن. انساني سوچ سدائين ڦلاربي رهي آهي. نيون کوجنائون، نوان نظريا، نوان خيال ۽ فڪر ظاهر ٿيندا رهيا آهن. سڄاڻ سرجڻهارن پنهنجيءَ سوچ جي ڦهلاءَ جا نوان گس ۽ پيچرا پئي ڳوليا آهن، جنهن ڪري سوچ جو سفر، سينواريل تلاءَ بڻجڻ بجاءِ، ڇوليون هڻندڙ، تيز وهندڙ واهه وانگر اڳتي وڌندو رهيو آهي.
    هڪڙي دؤر ۾ سنڌي شاعري، روايتي غزل جي فرسوده ڄار ۾ جڪڙيل هئي، پير مغان، رقيب روسياهه، دشت صحرا ۽ ٻين فارسي لفظن استعارن ۽ تشبيهن تي گهَمنڊ ڪري، وڏي ٺاهه ٺوهه سان شاعريءَ کي سجائي، محفلن ۽ درٻارن جي رونق بڻايو ويو. ڪلاسيڪي عوامي صنفن کي جهالت جي علامت سڏي حقارت سان ٺڪرايو ويو.
    نيٺ اهڙو واءُ به وريو جو سجاڳ ذهنن، اهو فارسي چوغو ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيو. اجائي بناوت وارو سطحي سوچ جو دؤر پورو ٿيو ۽ ڌرتيءَ سان لاڳاپي وارو سونهن ۽ سادگيءَ جو دؤر شروع ٿيو.
    جهڙيءَ ريت انگريزي شاعريءَ ۾ ورڊس ورٿ، ۽ سيموئل ڪالرج ۽ سندن ساٿين لاطيني ثقافت جي اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ “Elaboration” يعني ”ٺاهه ٺوهه“ واري تحريڪ جي منڊ کي ٽوڙي، شاعريءَ ۾ “Simplication” يعني: ”سونهن ۽ سادگيءَ“ جي لاڙن کي اڀارڻ لاءِ رومانوي تحريڪ کي زور وٺرايو، تيئن اسان جي ٻوليءَ جي سڄاڻ شاعرن به اظهار جا نوان وسيلا اختيار ڪري، فارسي ڪلچر کان متاثر ٿيل اجاين روايتي قدرن جو انت آندو . اهڙي طرح بيٺل پاڻيءَ ۾ هلچل پيدا ٿي، اظهار جون نيون راهون کليون ۽ٻاهريون جديد صنفون متعارف ٿيون. گهڻيءَ مخالفت جي باوجود، آزاد نظم جي صنف، نوجوان شاعرن ۾ مقبول ٿيندي وئي ۽ اهو سلسلو، بي قافيه نظم ۽ نثري نظم کان ٿيندو، تجريدي نظم تائين اچي پهتو آهي.
    جذبن ۽ احساسن کي، ڪهڙي به روپ ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. ڪنهن صنف جون پيچيده ضرورتون جيڪڏهن فڪر جي راههَ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ته ان کي اختيار ڪرڻ اجايو آهي ۽ هر صنف ۾ جذبن جو اظهار ڪرڻ، ڪنهن وڏائي جو اهڃاڻ به ناهي.
    رباعي، قطعي، سانيٽ ۽ ترائيل جي ڀيٽ ۾ جديد شاعريءَ ۾ هائيڪي جي صنف وڌيڪَ مقبوليت حاصل ڪئي آهي. اختصار هن صنف جي مقبوليت جو مکيه ڪارڻ آهي. اڄ جي تيز رفتار دؤر ۾ رهندڙ شاعر سانيٽ جي چوڏهن سٽن ۾ پنهنجن خيالن کي منجھائڻ بدران، مختصر لفظن ۾ وڏي ڳالهه ڪرڻ ٿو چاهي ۽ ”هائيڪو“ ان سلسلي ۾ هن لاءِ وڌيڪَ ڪشش جو سبب بڻجي ٿو.
    اجتماعي طور لکيل جپان جي طويل ڪلاسيڪي صنف ”هائيڪي“ جي مخالفت ڪندي شيڪيءَ (Shaiki) انهيءَ طويل نظم جي ٽن سٽن واري مطلع ”هوڪو“ کي سچو ادب سڏي، هن صنف جي خود مختياريءَ جواعلانُ ڪيو. فطرت جي سڌي سنئين تجربي مان تخليق ٿيل هن صنف کي ڏيڍ ٽنگو بيت سڏيو. جيئن شاهه لطيف جي بيت جي ٽن پدن مان هائيڪو يا ٽيڙوءَ جو روپ هن ريت بيهندو:

    جان جيئين تان جل
    ڪانهي جاءِ جلڻ ري
    تتيءَ ٿڌيءَ هل

    ائين کڻي چئجي ته هيءَ صنف اسان وٽ اڳ ۾ ئي ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ موجود هئي. اسان وٽ ڪجهه مروج ٻول به هائيڪو جي سٽاءَ سان ٺهڪندڙ آهن. هائيڪو جي موضوع سان اختلاف جي باوجود هيءَ صنف تيزيءَ سان مقبول ٿيندي وئي ۽ اڄ نوجوان ليکڪن جي هيءَ پسنديده صنف آهي.
    موضوع توڙي هيئت جي لحاظ کان هيءَ صنف خود پنهنجي ڌرتيءَ تي اختلافي مسئلو رهي آهي. هيڪي گودو (Heki godo) رڪنن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ”آزاد هائيڪي“ جو رواج وڌو، پر هو هائيڪو مان موسم جي عنصر، خارج ڪرڻ جو حامي نه هو. سيسينوسوئي (Seisensui) ته موسم جي علامت کي به هائيڪو جي وسعت ۾ رڪاوٽ سمجھيو. هن هائيڪو کي هڪ علامتي نظم سڏيو.
    اسان وٽ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ تنوير عباسي، جديد هائيڪو جا اڳواڻ شاعر آهن، جن هن صنف جي گهربل ضرورتن کي پورو ڪندي ڏيهي عڪسن وارا خوبصورت هائيڪو رچيا آهن. شيخ اياز ته هن صنف جو سنڌيءَ ۾ پهريون مجموعو آڻي ان کي وڌيڪَ مقبوليت ڏني. تڏهن به مجموعي طرح اسان وٽ هائيڪو کي جيئن جو تيئن قبول نه ڪيو ويو. شيخ اياز چيو ته: ”مسئلن جي ديس ۾، تصور جي عياشيءَ لاءِ ڪنهن به اهل دل شاعر وٽ گنجائش ناهي“. امداد حسينيءَ ٽسٽي يا ٽيڙوءَ جو نالو ڏئي، موضوع جي اعتبار کان هن صنف ۾ داخلي توڙي خارجي ڪيفيتن جي اظهار لاءِ وڌيڪَ گنجائش پيدا ڪئي. اهو ئي سبب آهي جو موضوع جي فرق سبب ”ٽيڙو“ ۽ ”هائيڪو“ اسان وٽ ٻه ڌار ڌار صنفون ليکيون وڃن ٿيون.
    طارق عالم جي سڃاڻپ هونئن ته سندس نثري تخليقن جي حوالي سان آهي، پر هن جي من ۾ اصل کان هڪ ڪوي موجود آهي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن موج ۽ مستيءَ ۾ اچي ڪوتائن جا موتي پکيڙي ٿو.
    سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهڻ سان اهو محسوس ٿئي ٿو ته اهو ڪنهن شاعر جو تخليق ٿيل آهي.
    انهيءَ ناول ۾ بيان ڪيل منظر نِگاريءَ ۾ ڪٿي ڪٿي هائيڪو جو تاثر به ملي ٿو.
    ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي تخليق به انهيءَ ڪويءَ جي ڀرپور احساسن ۽ جذبن جي اٿل جو هڪ روپ آهي.
    طارق عالم جنهن تيزيءَ سان هي هائيڪو ۽ ٽه سٽا رچي مجموعي جي صورت ۾ شايع ڪرايا آهن، تنهن مان هن صنف سان سندس گهڻي لڳاءَ جي خبر پوي ٿي. هن ”مورن اوچا ڳاٽ“ وسيلي هائيڪو جي ڀرپور آجيان ڪئي آهي.
    طارق جي هائيڪن ۾ فطرت سان تعلق، ڪنهن واقعي ڏانهن اشاري ۽ انهيءَ واقعي جي مسلسل هجڻ جا اشارا ملن ٿا. گهاڙيٽي جي حساب سان ماترائن جي گهٽ وڏائي جي باوجود، جذبا ۽ احساس مشاهدي ۽ تخيل جي سگهه ۽ هن جي جمالياتي پروڙ سڀني شين تي حاوي آهي.

    گهري ٿيندڙ شام
    لڏي پئي ديوار تي
    چنبيليءَ جي لام

    دريءَ مان درشن
    لئمپ جي ڌنڌلي روشني
    عورت اڌ روشن

    رات هئي سنسان
    چانڊوڪيءَ ۾ روشن هو
    مسجد جو دالان

    امبر تارن ۾
    ڏيئا جليا ڳوٺ جا
    ڪچن جارن ۾

    اهڙا ڪيئي خوبصورت عڪسَ طارق جي هائيڪن ۾ پسي سگهجن ٿا ۽ پڙهندڙ انهن منظرن کي پنهنجي اکين جي بنهه ويجھو محسوس ڪري ٿو. لفظن جي انهن پورٽريٽس سان گڏ، طارق، اهڙن منظرن کي به سٽن ۾ محفوظ ڪيو آهي، جن مان پنهنجي ڌرتيءَ جي عصري حالتن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ اهي تصويرون اسان جي تاريخ جي امانت آهن.

    رستا سڀ ويران
    ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
    ڪرفيوءَ جي دوران

    ٻالڪ خوف وچان
    هيٺ ڏٺو فوجيءَ ڏانهن
    کليل کڙڪي مان

    طارق جو مَنُ به سندس هائيڪن وانگر اجرو ۽ خوبصورت آهي. دوستن کي تمام گهڻو قرب ڏيندڙ ۽ هر حال ۾ خوش گذاريندڙ.
    مان جڏهن حيدرآباد هيس. تن ڏينهن طارق مون کي آواره بادلن وانگر لڳندو هو. وقت جي ڪائي پرواهه نه. ملندو ته فل ڪمپني ڪندو. ”طارق! فلاڻي هنڌ هلڻو آهي.“..... ”هلو“. انڪار صفا نه، ٿيٽر. هوٽل. هاسٽل، ڪچهريون، حيدرآباد جون هوائون، ڪول ڪارنر، خوابن جهڙا پَلَ هُئا اُهي.
    اهي رستا جن تي ڪڏهن راتين جي ٿڌڙين هوائن ۾ طارق جا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ گونجندا هئا، اڄ طارق جا هائيڪو به انهن واٽن تي وڃڻ کان گهٻرائن ٿا.
    اڃان منگهه ساڳيا، اهيئي هوائون
    مگر سڃ ـــ رستا، نه دلبر ادائون

    هاڻي اهي منظر ياد ڪري نيڻ جھڙالا ٿي وڃن ٿا. ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي مهاڳ ۾ نصير مرزا هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”جپاني هائيڪي جي هڪ دلچسپ ٽيڪنڪ جو نالو آهي ”موٽڻ جي ٽيڪنڪ“ هن ٽيڪنڪ مطابق، واقعي کي ابتو ڪري بيان ڪيو ويندو آهي. ان طرح آخري سٽ تائين شعر جو مفهوم ظاهر نٿو ٿئي ۽ آخري سٽ تي اوچتو سڄي ڳالهه سمجھه ۾ اچيو وڃي.“ بعد ۾ نصير ان حوالي سان، طارق جي هڪ هائيڪو جي آخري سٽ. شروعات ۾ آڻي ان جي تاثر ۾ واڌارو آندو آهي.
    مجموعو پڙهندي مون کي به اهڙو ئي هڪ خوبصورت هائيڪو نظر آيو. جنهن ۾ پڻ ساڳئي گنجائش موجود هئي.

    وڄايون تاڙيون
    ٻارن. مهاڻڻ جي
    اڏاميون آڙيون

    منهنجي خيال ۾ اهو هائيڪو جيڪڏهن هن طرح لکجي ته وڌيڪَ تاثر ڇڏيندو.

    اڏاميون آڙيون
    مهاڻن جي ٻارڙن
    وڄايون تاڙيون

    جپان ۾ ڪيوشيءِ (Kyoshi) جيڪو بنيادي طرح افسانه نگار هو. هائيڪو کي زندهه رکڻ ۽ ان جي بنيادي هيئت برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي اخبار (Cuckoo) ذريعي ڪوششون ورتيون. تيئن طارق به سنڌيءَ ۾ هائيڪو جي اؤسر ۽ ان جي ڦهلاءَ لاءِ ”مورن اوچا ڳاٽَ“ ذريعي هڪ بنيادي ڪم ڪيو آهي، ”پن ڇڻ پڄاڻان“ کانپوءِهي مجموعو نون شاعرن کي هائيڪو ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
    باشوءَ لکيو آهي ته: ”جيڪو ٽن کان پنجن تائين هائيڪو پنهنجي حياتيءَ ۾ تخليق ڪري ٿو. اهو هائيڪو جو شاعر آهي ۽ جيڪو ڏهن تائين هائيڪا رچي ٿو اهو هائيڪو جو استاد آهي.“
    انهيءَ حساب سان اسان وٽ هائيڪو جا ڪيترائي استاد ليکبا. جيڪڏهن ڏهن هائيڪن جو تخليقڪار، استاد سڏجي ٿو ته پوءِ طارق عالم کي هائيڪو جو. ”استادن جو استاد“ سڏبو. شالَ مورن جي اوچن ڳاٽن وانگر طارق جي تخليقن جو ڳاٽُ به سدائين اوچو رهي ۽ هو زندگيءَ جا پل هر حال ۾، ائين ئي مرڪندي مرڪندي گذاري. مان هن لاءِ پنهنجن جذبن جو اظهار هن ٽيڙوءَ ۾ ڪيان ٿو:
    هائيڪو ۽ هالار
    رضيه طارق گهر ۾
    هميشه هٻڪار.


    اوهان جا ٽهڪَ اُڏاڻا، پري پري تائين ! ـــ ادل سومرو

    طارق عالم ابڙي جو سرڪاري خرچَ تي علاجُ ڪرايو وڃي (هڪ اخباري خبرَ)
    هي اهو بي معنيٰ جملو آهي، جيڪو، فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي حوالي سان نهايت ويچارگيءَ واري انداز ۾ اخبارن سان چنبڙيل هوندو آهي.
    طارق بابت توهان اِهو مطالبو پڙهيو.
    اها ڪا نئين ڳالهه ته ناهي. هو سدائين بيمار هوندو آهي. بس مڙئي پئسن ڪمائڻ جو طريقو آهي.
    ڀلا هي فنڪار ۽ شاعر ايترا وڌي ڇو ويا آهن!؟ (ادبي آلودگي وڌندي پئي وڃي).
    نڀاڳا بيمار به جلدي جلدي ٿا ٿين.
    خوراڪ جي گهٽتائي، وري پيئن به ٿا. ٿورو کنگهه کڙڪو ٿيو، همراهه اسپتال داخل. ٽي وي چينلن جا واندا نمائندا ولر ڪيو پهچيو وڃن (ڪيمرا مين ڪريم بخش سان گڏ، مان آهيان رحيم بخش). فنڪار هونئن نه مري ته هينئن ضرور مري.
    ڪريڊٽ کڻڻ جو چڪر: ”ناظرين! اچو ته عظيم فنڪار جو اوهان کي اهو آخري انٽرويو ڏيکاريون. جيڪو اسان هن جو اسپتال جي بستري تي رڪارڊ ڪيو هو.“
    هوڏانهن وري پنجاهه شاعرن ۽ اديبن جو بيان تيار رکيو هوندو ته سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. ثقافت کاتي سارَ نه لڌي
    ثقافت کاتو ڪيڏانهن وڃي ـــ پنهنجي سارَ لهي يا فنڪارن شاعرن ۽ اديبن جي؟
    پر يار! هي ڪهڙو مطالبو آهي ته طارق عالم لاءِ 60 لک روپيا جاري ڪيا وڃن.
    ٻين ويچارن اديبن ۽ شاعرن کي 60 هزار به نه ملن ۽ هن کي وري هيڏي ساري رقم؟!!
    بس هنن جي هڪ لابي آهي، سا ڪم ڪري ٿي نه ته طارق آهي ڇا؟ ڪا هن تحقيق ڪئي آهي يا ڪا ڊاڪٽريٽ جي ڊگري اٿس. ڪو عالم ۽ اديب به نه آهي. بس هڪڙي، ناول جو کٽيو ٿو کائي. باقي شاعري ۽ ڪهاڻيون مڙيئي گريبيءَ ۾.
    ناول به ڪهڙو يارَ، مڙئي نوجوانن کي جذباتي ڪرڻ لاءِ، پڙهن به ته اِهي ڇوڪرا پارٽي ٿا نه.
    هاڻي ته خبر پئي آهي ۽ هڪ همراهه ڪالم لکي ثابت ڪيو ته طارق جو اِهو ناول، هڪ اردو ناول تان نقل ٿيل آهي.
    بس ته، باقي ٻيو ڇا بچيو!
    عبدالقادر جوڻيجي جي راءِ ته پوءِ مليا ميٽ ٿي وئي:
    ”گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان جي (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
    يار انهن جي راءِ جي ڪهڙي اهميت آهي، چُڪڙو پيئاري ڇا به لکرائي وٺين.
    ڀلا فيس بڪ ڏٺو اٿي. وڏي واويلا ٿي وئي آهي، طارق عالم لاءِ، پرڏيهه علاج ڪرايو وڃي، ڀلي ڪيترو به خرچ ٿئي، سرڪار ڀري.
    سندس چندائي دوستن، چندو ڪرڻ به شروع ڪري ڏنو آهي.
    بس ادا، اها چندي جي پِٽَ، ادبي لڏي ۾ به پئجي وئي آهي. هر ڪنهن کي پنهنجو نالو به ته ڳڻائڻو آهي نه.
    طارق کي ته جاءِ ۽ پلاٽ به آهي. اُهي وڪڻي سندس علاج ڇو نه ٿا ڪرائين؟!
    ”ڇا بڪواس آهي....
    مون کي هن وقت تائين مري وڃڻ کپندو هو.
    آخر اهو سڀ واهيات پڻو، مون هن وقت تائين سوچيو ئي ڇا لاءِ.... لعنت آهي، مون تي، مون کي بنا ڪنهن سوچڻ جي مري وڃڻ کپندو هو. منهنجو ڇا ٻين جي معاملن ۾.... اهي سڀ نه مرڻ جا بهانا آهن. جڏهن مان مري ويندس، ڪنهن تي به ته احسان نه ڪندس، ۽ اڄ جڏهن مان مري ويندس ته ڪجهه ساعتن بعد منهنجي وجود کي به ڪڍيو ويندو، هن ئي ڪمري مان بابا جيان ۽.“
    (سڃاڻپ جي ڳولا ۾، صفحو: 63)
    *
    11 جون 2011ع رات نائين وڳي ڌاري
    سيل فون تي ميجر جو سُڏڪيل آواز
    ”طارق هليو ويو، هميشه لاءِ اسان کي ڇڏي.“
    زندگي ڄڻ بڪواس، سڀ بڪواس.
    ڊاڪٽرن ته سندس گهڻي پرگھور لڌي.
    خاص طور تي اديب رضويءَ.
    مسيحا جو تصور، جيڪڏهن ڪنهن سان جُڙي ٿو ته اهو ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي آهي.
    ٻيا به اهڙا ڪافي ڊاڪٽر هوندا، پر گهڻا پئسي جي ڪڍ آهن. دوائن جي ڪمپنين جي ڪميشن ۽ فيمليءَ سميت غير ملڪي مفت دورا، مريضن جي تباهي ڀلي ٿئي، پر ڊاڪٽرن جي وفاداري دوائن جي ڪمپنين سان آهي. جيئن جيئن هنن جا غير ملڪي دورا وڌن ٿا، تيئن تيئن مريضن جي دورن ۾ اضافو ٿئي ٿو.
    * ارپيم
    سائين نثار احمد نورانيءَ ۽
    سائين سرجن اديب الحسن رضويءَ کي.
    (جن جي شفقتن ۽ محبتن سبب اڄ نه فقط جيئرو آهيان، بلڪه هڪ پٽ جو پيءُ به آهيان ۽ هن ڪتاب جو سرجيندڙ به).

    ”مورن اوچا ڳاٽ“ جي ارپنا.

    انهن ٻنهي عظيم انسانن، طارق کي نئين زندگي بخشي ۽ هن خوبصورت رنگ ۽ منظر ڏٺا، پر آخرڪار سڀ منظر الوپ ٿي وڃن ٿا، رهجي ويل منظر.
    *
    6 جون 2011ع
    ”يار هاڻي ته مون ۾ سگهه ئي ناهي رهي، جسم مان ڄڻ ته رت ختم ٿي چڪو آهي ۽ مان ڪنهن گهري کاهيءَ ڏانهن ڪرندو پيو وڃان. اوندهه وڌي رهي آهي.“ (فون تي طارق جو جھيڻو آواز)
    Dr. Adeeb Rizvi Said, Tarique is going – Naseer Mirza
    ”ماڻهو سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن ۽ اسان، هميشه وڇڙڻ لاءِ ملي رهيا هئاسون.... لڙڪ نيڻن جي پليٽ فارم تي وڇوڙو بڻجي رڙهي آيا هئا ۽ ڏک، گلي ۾ ريل جي سيٽي بڻجي ڦاسي پيو هو.“
    (رهجي ويل منظر، صفحو : 163)
    جيڪي به ميت هيا، پن ڇڻ ۾ وڇڙي ويا
    ڪجهه پاڇا گم ٿي ويا، ڪجهه پتا وکري ويا
    *



    Parting is painful, its true
    No parting is painful too but oh, that gives greatest pain to part, and not meet again.
    *
    ان ڏينهن سج کي به وڏي توانائي هئي.
    سنڌالاجيءَ جي سامهون طارق عالم جي ڏولي رکي هئي.
    سڀ ڪالونيءَ واي مسجد ڏانهن هلو، اتي جنازي نماز ٿيندي.
    اديب، شاعر، يونيورسٽيءَ جا استاد، ادبي بورڊ جا ملازم، پاڙيسري، عزيز، اشڪبار اکين سان هلندا پئي ويا.
    سڀني صفون سڌيون ڪيون.
    جنازي نماز شيعن واري ٿيندي يا سنين واري؟
    خبر ناهي يار، اسان کي مڙئي پڙهڻي آهي.
    مُلان ته ڏاڍي ڊيگهه ڪئي، جنازي نماز ايتري ڊگهي ته نه ٿيندي آهي. اسان جا ته پگهر ڪڍي ڇڏيائين. لڳي ٿو ته اها شيعن واري نماز هئي.

    طارق عالم شيعو هو ڇا؟ خبر ناهي.
    ڀلا هي رکي رکي دانهون ڪير ٿو ڪري؟
    او هُو، پريان نصير مرزا پيو روئي.
    (پٽڻ واريون پڌريون، ڳاڙها ڳل سندن ـــ شاهه)

    لڳي ٿو ته غمِ حسين کانپوءِ، جنهن ڏک نصير کي جھوري رکيو آهي، اهو طارق جو وڇوڙو آهي. بس اهي دوستن ۽ دلبرين جا قصاآهن. اوهان کان اندر مان ائين دانهن نٿي ڪري.
    هر ڪنهن جي ڏک جي اظهار جو انداز پنهنجو آهي. دل تي ڪرندڙ ڳوڙها ڪير ٿو ڏسي؟
    سنڌي ادبي بورڊ جي سامهون، ڄامشورو اسٽيشن جي ڀرسان پٿريلو قبرستان جتي طارق جو بابا به دفن ٿيل آهي.
    طارق جڏهن پنهنجي آفيس ۾ ويهندو هو ته سندس آفيس جي دريءَ مان کيس بابا جي قبر نظر ايندي هئي. هو ڏاڍو سرهو ٿيندو هو، دريءَ مان بابا جي قبر ڏسي. ويجھن دوستن کي هو اڪثر بابا جي تربت ڏيکاريندو هو. ادبي بورڊ جي آفيس، کيس بابا جي تربت جي درشن سبب به ڇڪيندي هئي، ورنه.....
    ”مان جيڪو گذريل ستن سالن کان هر صبح کي نوڪريءَ جو آخري صبح تصور ڪري، آفيس جون ڏاڪڻيون چڙهندو رهيو آهيان (اسان جي ديسَ ۾ ماڻهن کي اڌ بيمار ته آفيس جون ڏاڪڻيون ڪنديون رهيون آهن).“
    مهاڳ: ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“.
    *
    دفنائڻ ۾ ايتري دير ڇو ٿي آهي؟
    پٿريلي زمين آهي، کوٽائيءَ ۾ ڪجهه دير ته ٿيندي ـــ ۽ آخرڪار دعا گهرجي وئي.
    ڪالهه آفيس جي دريءَ مان، هيڏانهن ڏٺائين پئي ۽ اڄ هو هُتي آهي ۽ آفيس جي دريءَ مان ڪو به هيڏانهن ڏسڻ وارو ناهي.
    ”ادا دعا گهرجو.“ تڏي تي قبرستان مان موٽيل ماڻهو. ”جيڪا رب جي رضا حڪم ڌڻي جو“.
    تعزيتي ڪتاب/رجسٽر تي ڪجهه اداس لفظن جو اظهار. هرڪو پنهنجي گهر روانو. دارا ابڙو، اياز عالم، قيس عالم، ساقي عالم ، لاهوت، هالار ۽ ڀاڀي رضيه ۽ عذرا. انسان جي وڃڻ کانپوءِ سندس يادگيريون رهجي وڃن ٿيون.
    ماڻهو، ته مرڻ کانپوءِ به معاف نٿا ڪن، حساب ڪتاب رکن ٿا.
    تعزيت ڪجي نه ڪجي؟
    اسان جو ڇا وڃي؟
    هن کان ڪافي ماڻهو لَنوائيندا هئا.
    اها هنن جي اندر جي کوٽ هوندي هئي.
    پنهنجي محبوبا کي هن سان نه ملائجانءِ، الائي ڪهڙو جادو آهي، هن جي لفظن ۾، جو جنهن سان به سامهون يا فون تي ڳالهائي ٿو ته پوءِ اها سندس دوست بڻجي ٿي وڃي.
    * منهنجي پٽ پڇيو
    ڪير هئي سا عورت جنهن
    سان ڳالهايو پي تو
    (مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 90)
    * اڃا به جاڳين پيو
    ننڊاکي لهجي ۾ مون کان
    منهنجيءَ زال پُڇيو.
    (مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 80)
    ۽ هو جاڳندو رهندو.
    هن جون ڪچهريون طويل هونديون هيون.
    ڪڏهن ڪڏهن ته صبح ٿيو وڃي.
    ”جڏهن محبتون وڃائجي وينديون آهن، تڏهن ڇهاءُ پنهنجي سموري معنيٰ ۽ ڇڪ وڃائي ويهندو آهي. ۽ مان جسمن سان نه، جذبن سان پيار ڪندو آهيان. جسم سان پيار ڪرڻو هجيم ها ته صبا سان وڃي چڪو هجان ها، اڄ ايڏو نه ڀوڳيان ها.“
    (رهجي ويل منظر،صفحو: 166)

    For lust and love are different things the one has claws, but love has wings (Charles lamb)
    ڇوڪرين جي حوالي سان، طارق کي جيئن سمجھيو ويندو هو، هو ته ايئن نه هو.
    هو جسم پرست نه، پيار ڪندڙ انسانُ هو.
    لهجي ۾ کُهرو هو. رک رکاءُ نه ڪندو هو، چئي ڏيندو هئو.
    (هو توهان وانگر ڪا به ڳالهه لڪائيندو نه هو. نَڪو)
    طارق جي ڀرسان پروگرام ۾ نه ويهجانءِ، هُو معتبر ۽ مانائتا اديب ڪاوڙجي ويندءِ ۽ توکي به برادريءَ مان ڪڍي ڇڏيندا.
    اديبن جي ڪا برادري به آهي ڇا؟
    اهي ننڍا ننڍا گروپ ۽ ٽولا، هڪ ٻئي کي مهان ۽ عظيم بڻائڻ وارا، هڪ ٻئي جا ترا ڪڍڻ وارا.
    ”پاڻ کي ادب جا ابا، علم جا اڪابر سڏائيندڙ سمورا اديب کيس چڙ ۽ توائيءَ مان وات ڳاڙهو، لوفر ۽ واهيات جا لقب ڏئي، پنهنجن تتل سينن تي سانوڻيءَ جي مينهن جا ڇنڊا هڻندا هئا.“
    (سڃاڻپ جي ڳولا ۾ صفحو: 103)
    هن جي سامهون، جيڪڏهن ڪو ناپسند گفتگو ڪندو هو، يا هن تي طنز ڪندو هو ته هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندو هو. ائين هو پنهنجي ڪاوڙ ٽاري ڇڏيندو هو.
    ”منهنجا دوست مون کي مسخرو سمجھندا آهن. هو سمجھندا آهن، مون کي ڪو به غم، ڪو به ڏک ڪونهي..... هنن ڪڏهن به منهنجي اندر ۾ جھاتي پائي ناهي ڏٺو مان ايڏو خوش.....“
    (رهجي ويل منظر، صفحو: 152)
    هن کانپوءِ هر منظر اڻپورو رهجي ويو آهي. ٽهڪ مستيون، سئر سفر، ڪچهريون، اٻاڻڪيون، گڏجاڻيون، بس هاڻي ڇاهي. چاليهو، ورسي، تقريرون، تصويرون، بينر.
    ڪهاڻين جو مجموعو ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ منهنجن هٿن ۾ آهي.
    ”پياري ادل لاءِ.
    جنهن سان منهنجي دوستي
    ننڍڙن ٻارڙن جهڙي آهي.“
    ـــ طارق عالم
    ايترا سالَ ڄڻ ته ننڍڙن ٻارن وانگر راند روند کان چرچن ۾ گذري ويا.
    *

    49 انٽرنيشنل، انصاري براداران.
    اخلاق، اسحاق ۽ آفاق.
    آفاق ڪٿي آهي؟ حيدرآباد جا چڪر، فلم، پياري ببن جي گهر. ڊاڪٽر شفقت (ببن) جهڙا ماڻهو ڌرتيءَ تي گهٽ آهن.
    حيدر بخش جتوئي پويلين ۾ ڊوڙون.
    اندر جو ٻار مريو وڃي ته معصوميت به ختم، چالاڪي ۽ سياڻپ حاوي ٿيو وڃي. پوءِ حسابن ڪتابن جو وهنوار.

    پٽ هجي يا ڀاءُ، ساڳيو ئي قصو
    هر ڪو هت حصو، پنهنجو پنهنجو ٿو گھري

    طارق وٽ ته ڪو حساب ڪتاب هيو ئي ڪونه.
    هن سدائين ارپيو هو، ڏنو هو
    ”اهو منهنجو آئيڊيل ازم ئي هو، جو محبتن ۾ توکي سدائين ڏيڻ چاهيو هئم. هونءَ به مون توکان ڪڏهن وٺڻ نه چاهيو هو. (سواءِ پيار ۽ ڏکن جي)“
    (رهجي ويل منظر، صفحو: 91)

    ڄامشوري ۾ شام ٿي وئي آهي نصير!
    شامِ غريبان هاڻي غريبن جو ڇا ٿيندو؟
    اسان جا چهرا ته کُهرا ٿيندا پيا وڃن.

    سڀئي دوست پنهنجا سنجيده ويا ٿي
    نه مرڪي ٿو ڪوئي، نٿو ڪو کلائي

    ڏيئو پئي ٽمڪيو
    ساري قبرستان ۾ هيڪل
    ڪتبو پي، چمڪيو
    (مورن اوچا ڳاٽ، صفحو: 40)
    (مان طارق جي تربت وٽ، ساون ۽ فيروزي داڻن واري مالها کي رکي آئي هيس، اُها اُتي هئي الائي يا نه؟ نَڪو)

    ڇڏڻ جي لاءِ جهان کي جڏهن به سوچيوسين،
    اوهان جا سڏَ ٻراڻا پري پري تائين
    (طارق عالم ابڙو)


    سونهن جا سر ڦٽا ـــ ايازگل

    ادب رڳو خوبصورت خيالن، جرڪيل جذبن ۽ سڳنڌ ڀريل خوشين جي ڪيفيتن ۽ احساسن جي ميڙاچونڊيءَ جو نالو ئي نه آهي. پر ادب، زندگيءَ جي ٻڪ مان وهي ويل، آسن ۽ اميدن جي واريءَ ذرن، خوشين جي هانوَ ۾ درد جي چهنڊڙين، بکايل ٻارن جي سڏڪن جو نانءُ به آهي. پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ادب جون اهي ٻئي سڃاڻپون اهم به آهن ۽ اٽل به. جن کي سڀ کان سگھاري قوت ”وقت“ به ڊاهي ۽ بدلائي ناهي سگهيو. ادب ۽ اديب، اڄ به وقت اڳيان فتح نه ٿي سگهندڙ قلعي وانگر بيٺل آهي.
    وقت، سدائين جيون کان جذبا، مکن کان مرڪون، اکين کان اوسيئڙو ۽ دلين کان دلداريون کسيندو رهيو آهي. جڏهن ته اديب، لوڪ ڪهاڻين جي شهزادي جيان، زندگيءَ جي سونهن ـــ پريءَ کي ڏاڍ ۽ ڏکن جي ديو جي قيد مان آزادي ڏيارڻ جا جتن ڪيا آهن ۽ زندگيءَ کي زندگيءَ جو روپُ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سونهن، سرهاڻ ۽ سرهائيءَ سان ڀرپور روپ. دنيا جي تخليق کان اڄ تائين هر سچي ۽ سگھاري اديب جو اهو ئي ڪردار رهيو آهي. امن ۽ آزادي جي علمبردار جو ڪردار. طارق عالم، سنڌي ادب ۾، لوڪ ڪهاڻين جي اهڙي ئي ڪردار وانگي آهي، جيڪو پنهنجي چوڌاري ڦهليل سمورا سحر ٽوڙيندو. اڳتي ئي اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ جنهن کي جيت ۽ ناموس جي منزل تي اوس پهچڻو آهي.
    اسان وٽ اڄڪلهه هڪ مرڪب لفظ، تمام گهڻي ورجاءَ هيٺ آهي. اهو آهي ”گهڻ پاسائون“ جيڪو گهڻي ڀاڱي شخصيت جي نسبت سان استعمال ٿي رهيو آهي. لفظ گهڻي ورجاءَ سبب بي اثر ۽ بي معنيٰ ٿي ويندا آهن. پر ڪن حالتن ۾ ۽ ڪن شخصيتن جي حوالي سان اهي وري وري ورجاءُ هيٺ ايندڙ لفظ، پنهنجي اهميت پوءِ به برقرار رکندا آهن. ائين ئي جيئن طارق عالم هڪ مصور آهي. ڪهاڻيڪار، ناٽڪ ڪار، ناول نويس ۽ شاعر آهي ۽ سڀ کان وڌيڪَ، ڏينهن ۽ رات جو وڏو حصو مسلسل تخليقي سفر ۾ گذاريندڙ مسافر آهي. اهڙي صورت ۾ سندس شخصيت سان ”گهڻ پاسائينءَ“ جو لفظ استعمال ڪرڻ ضروري ٿي پوي ٿو.
    طارق عالم جي شخصيت جو هڪ روپ ناول نويس آهي. جنهن جي پهرين ناول ”رهجي ويل منظر“ جي مهاڳ ۾، مشهور ناٽڪ ڪار ۽ ڪهاڻيڪار محترم عبدالقادر جوڻيجو لکي ٿو ته: ”اسان وٽ سنڌي ادب ۾ بلڪه پوري مشرق جي فڪشن ۾ اڪثر جيڪي ڪردار ملندا آهن، اهي يا ته فرشتا هوندا آهن يا شيطان، جيڪي پنهنجا پنهنجا نعرا هڻندي غازي يا شهيد ٿيندا نظر ايندا آهن. اسان فرشتن ۽ شيطانن جا ليکڪ آهيون. اسان وٽ ماڻهو تمام گهٽ تخليق ڪيو ويو آهي. ٻه چڱايون ته، چار مدايون رکندڙ ماڻهو چٽڻ لاءِ وڏي بهادري، وڏي فراخدلي ۽ ظالمانه حد تائين منصف مزاجي ٿي کپي ۽ طارق هن ناول ۾ پنهنجون اهي خصوصيتون ڏيکاريون آهن.“
    اها راءِ لفظن کي زندگي ڏيندڙ هڪ وڏي تخليقڪار جي. پنهنجي سوچ جي سرحدن کي ڇهندڙ هڪ ٻئي سگهاري ليکڪ جي تلخيق کي، بنان توپن جي سلامي آهي.
    ”گذريل ستن اٺن سالن ۾ سنڌي زبان ۾ (شيخ اياز جي لکڻين کي ڇڏي) مون ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي. جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي.“
    مان طارق عالم جو نالو پڙهي. حيران ناهيان ٿيو. ان ڪري جو طارق پنهنجي سموري ٽهيءَ وانگر بي حد ذهين، سجاڳ ۽ سگهارو ليکڪ آهي ۽ منهنجي خيال ۾ طارق جهڙي سانوڻ ۾ سج جي تيک جهڙي ۽ سياري ۾ سنڌوءَ جهڙي تخليقڪار کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙو ئي ناول لکڻ کپندو هيو. رهيو سوال ناول جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو ته، مون کي خبر آهي ته، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، اهي سڀ ڇوڪرا ڇوڪريون. جن جي من ۾ چاهت جو چور کاٽ هڻي چڪو آهي. طارق جو هي ناول. پيار جي پهرين پڪي ڪتاب جيان پڙهي رهيا آهن ۽ اهو به درسي ڪتابن کان وڌيڪَ پريم پترن وانگي، پڪ سان ته طارق کي ان کان وڌيڪَ. ڪاميابيءَ جي ڪنهن ٻئي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت به نه هوندي.
    نوبل انعام يافته ليکڪ گارشيا مارڪيز لکي ٿو ته: ”مونکي اها ڳالهه هميشه کل ڏياريندڙ لڳندي آهي ته، منهنجن لکڻين جي سڀ کان وڌيڪَ ساراهه ڪرڻ وارا. انهن ۾ موجود تخيل کي ساراهيندا آهن. جڏهن ته منهنجن لکڻين ۾ هڪڙي به سٽ اهڙي ڪانهي، جنهن جون پاڙون حقيقت ۾ کتل نه هجن.“
    ۽ گارشيا جي ان خيال کي هٿي ڏيڻ لاءِ، يا شايد ان سوچ کي اڃا به سگهارو بنائڻ لاءِ، جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا لکيو آهي: ”جيڪو ليکڪ حقيقت پسند ناهي سو مئل آهي. ۽ اهو ليکڪ جيڪو رڳو حقيقت پسند آهي. سو پڻ مئل آهي.“ هنن ٻنهي خيالن جي ميلاپ جو حاصل اهو آهي ته: هڪ امر تخليق لاءِ حقيقت ۽ تخيل جو منجھس موجود هئڻ ضروري آهي. طارق عالم وٽ حقيقت ۽ تخيل جي اها شراڪت. بي حد چٽي نموني موجود آهي. جيڪا سندس زندهه هئڻ جو ثبوت آهي.
    اخبارن ۾ آيل لفظ گهڻي ڀاڱي رڳو خبرون هوندا آهن. ڌرتيءَ تي ڏينهون ڏينهن وڌندڙ ڌاڙن، دهشتگردين، حادثن، اخلاقي ۽ سياسي ويساهه گهاتين ۽ موت جي ڦڙڪندڙ جھنڊي کي، هيڻن هٿن جي سو سو سلامين جون خبرون. طارق عالم اهڙن ٺلهن لفظن کي پنهنجين تشبيهن جا نوان نوان ويس ڍڪائي، رنگ رنگ ۽ خوشبو خوشبو ڪري ٿو ڇڏي. شاعريءَ توڙي ٻين ادبي لکتن ۾ سياري جي صبح جي سج جي تڙڪي جھڙيون تشبيهون، بي جان بوتي ۾، ساهه ڦوڪڻ جي سگهه رکن ٿيون.
    * رڙ منهنجي چپن مان ٺڪاوَ تي ڀڙڪو ڏئي، اڏامي ويل ڳيري جيان نڪري وئي.
    * هو پيرن مان ڪاوڙ جي ڌوڙ اڏائيندو هليو ويو هو. ان وقت اهو ڇوڪرو، گلوڪوز جو ڀريل گلاس لڳو هئم.
    * مان جيڪو ڪڏهن ڇڙواڳ هوائن جيان هوندو هوس. توسان ملي ڍنڍ ۾ بيٺل پاڻيءَ جيان ٿي پيو هوس.
    * ڇهجي وڃڻ کانپوءِ ڇوڪري، شاديءَ ۾ گهوريل گلابن جهڙي ٿي پوندي آهي.
    * اسان سڀئي فليٽس جي ديوارن جيان هڪٻئي جي آسري تي بيٺل آهيون.
    طارق جي ناول ۾ آيل هي تشبيهون، بي ڌيان ۽ مئل خيالن ۽ احساسن لاءِ، حضرت عيسيٰ جي عصا، ڪوهه ندا ۽ سورِ اسرافيل جيان آهن. خيالن جي تازگيءَ ۽ نواڻ سان ڀرپور ۽ ڌيان ڇڪيندڙ ۽ فني حوالي سان اها ڪماليت طارق جي هن ناول توڙي ڪهاڻين ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ وڏي ڪثرت سان نظر اچي ٿي. پنهنجي انداز، خوبصورت لهجي، ننڍڙن ۽ پُر اثر جملن ۽ نت نين تشبيهن ۽ استعارن جي مضبوط ڏور سان، هو پنهنجي پڙهندڙ کي ناول ۽ ڪهاڻين جي ماحول ۾ ڇڪي وٺي وڃي ٿو. هو نه کين ٻڌائڻ ٿو چاهي، نه ڏيکارڻ، ساڻن معنيٰ، احساس ۽ مشاهدن جا ناتا جوڙي، هو کين به ان ماحول ۽ منظر جو هڪ حصو بڻائي ڇڏي ٿو ۽ اها خوبي ئي هڪ سٺي ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار کي ٻين کان منفرد ۽ ممتاز بڻائي ٿي. ان خوبيءَ جو ٻيو نالو ”فن“ آهي، جيڪو تخليق کي وڌيڪَ جاندار اتم ۽ امر بڻائي ٿو ڇڏي.
    طارق جو ناول پڙهي، چليءَ جي جڳ مشهور شاعر پبلو نرودا جو هڪ خوبصورت خيال ذهن تي تري ٿو اچي: ”عورت، پائين جا وڻ، دريا، ڪنارو، لهرون، گيت سڀ ڏٺم، ڪيئن لفظ، لفظن سان ۽ خيال، خيالن سان جڙيل آهن، ڄڻ ڏاڪڻ، ڄڻ ڀڙيل ڇاتيون، ڄڻ ڊگهي ڳچي، ڄڻ نرم چپَ، ڄڻ روشن اکيون..... هر شيءِ هڪٻئي سان ڳنڍيل.“ پڪ اٿم هر پڙهندڙ کي طارق جي ناول ۾، رنگن جي اها انڊلٺ نظر آئي هوندي.
    طارق عالم جي شخصيت جو هڪ ٻيو ويجھڙائيءَ ۾ وڌيڪَ چٽو ٿي سامهون آيل روپ آهي، هڪ ڪويءَ جو. گهڻو گهڻو اڳ هو ڪڏهن ڪڏهن ڪو گيت، ڪو نظم لکي وٺندو هيو.... ”جيڪي به ميت هئا، پن چڻ ۾ وڇڙي ويا.“ سادا لفظ، سچا ۽ اداس ڪندڙ جذبا، سمجهه ۾ ايندڙ ۽ سوچ ۾ وجھي ڇڏيندڙ جذبا، جن لاءِ مشهور نقاد، ٽي ـــ ايس ـــ ايليٽ لکيو آهي ته: ”شاعري جذبات جي آزاد اظهار جو نالو ناهي. بلڪه شخصيت کان فرار جو نالو آهي، پر حقيقت ۾ فرار جي ان نوعيت کي رڳو اهي ماڻهو سمجھي سگهن ٿا، جن جي ڪا شخصيت به آهي ۽ جذبات به.“ طارق عالم جي من ۾ ڪهاڻيڪار ۽ ناٽڪ نويس واري جوڻَ ۾ به هڪ ڪوي هيو، جنهن کي مومل جي مجاز جا ڪيئي قصا ٻڌل هئا. پنهنجي شخصيت ۽ لکڻين کي رومانس جي رنگن ۾ رڱيندڙ ڪويءَ، هڪ ڏينهن ڪهي وڃي، ڪوتا جي ڪاڪ محل جي ڀير تي ڏونڪو هنيو. ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڀير تي سندس پهريون ڏونڪو آهي. هڪ صاف ۽ خوبصورت آواز جنهن جو بنياد ئي خوبصورت عڪس آهن، موڊ ۽ موسم آهن. گل، ٻوٽا، لهرون، پوپٽ، رنگ، نرمي ۽ نزاڪت آهي ۽ اهو سڀ آهي جيڪو، اجرن اکين ۾ هوندو آهي. ڪنواريءَ جي سپنن ۾ هوندو آهي.... پهرين پيار ۾ هوندو آهي. جاپان جي خوبصورت لوڪ عڪسي شاعريءَ جو تسلسل، خوبصورت هائيڪن جو خوبصورت مجموعو:

    ڪنواريءَ بند اکيون
    بند اکين ۾ خواب
    پاڻيءَ هيٺ مڇيون

    ڳل تي تر ڪارو
    سانجهه سمي آڪاس ۾
    ٽمڪي پيو تارو

    سانوري مک ۾
    ٻه نيڻ جرڪن ٿا
    ٽانڊا جيئن رک ۾

    قلعو، جھريل ٺل
    ٺلن جي پاڙن ۾ جھومن
    ڳاڙها، پيلا گل

    ڳوٺ ويس جو مان
    رستَن آکيو مرڪندي:
    وڏو ٿي ويو آن!

    لڳي ٿو طارق، زندگيءَ جي ٽينَ واري پيتيءَ مان، تجربن، خوابن ۽ خوبصورتين واري سموري موڙي چورائي ورتي آهي ۽ ان چورايل مال کي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ وائيٽ منيءَ طور ڊڪليئر ڪرايو آهي. هو پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:
    ”ان کان اڳ جو منهنجن نيڻن ۽ ڪائنات جي وچ ۾، ”ڪيٽرڪٽ“ جو ”آئرن ڪرٽين“ اچي، مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي، مان هي هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بيحد سڪ ۽ پيار مان آڇيان ٿو.“ اهو چئي ۽ ”مورن اوچا ڳاٽ“ جا خوبصورت هائيڪا ۽ ٽيڙو لکي، طارق وڏي مهارت سان پنهنجي خيالن جي خوشبو ءَ سان پنهنجين اکين ۾ منتقل ڪري ڇڏيا آهن. اهي ڪومل احساس ۽ رنگ رنگ عڪس هاڻي اسانجي نيڻن جي ملڪيت به آهن ۽ ان گڏيل کاتيداريءَ ۾ اسان نفعي ۽ نقصان ۾ ساڻس ڀائيوار آهيون.
    طارق عالم، زندگيءَ جي سمورن روپن ۽ ٻهروپن کي، ميلي ۾ وڃايل ٻار جي وارثن وانگي ڳوليو آهي. آسن، اُميدن، ذهني ڇڪتاڻ، ڏک، پيڙائن جي ڪيفيتن ۽ ڀريل اکين سان.
    منهنجي دعا آهي ته طارق عالم جي اها ڳولا، ڪڏهن ختم نه ٿئي، هو تخليق جي سفر ۾ سڀني موسمن جا مزا چکي، کلي کلي روئي ۽ روئي روئي کلندو رهي ۽ ان اطمينان سان سندس سنجوڳ ڪڏهن نه ٿئي، جيڪو فن ۽ فنڪار جو موت هوندو آهي.


    چنبيليءَ جي لامَ ـــ حسن مجتبيٰ

    نه گھم کولي وار
    متان پوپٽ چنبڙنئي
    سمجھي ماکيءَ لار
    *
    (هڪ نامعلوم سنڌي شاعر) خوبصورت مصوري لڪيرن جي شاعري آهي ۽ خوبصورت شاعري لفظن جي مصوري آهي. ”رات سانت ۽ سوچون“، ”رهجي ويل منظر“ ۽ سندس پٽ ”هالار“ کانپوءِ طارق عالم ابڙي جي چوٿين تخليق ”مورن اوچا ڳاٽ“، خوبصورت شاعريءَ جي روپ ۾ لفظن جي مصوري آهي. طارق جا ڪجهه ٽيڙو.
    ڪناري تي گاهه
    جھومي لهرن ڍنڍ ۾
    ڪنول بي پرواهه

    گهري ٿيندڙ شام
    لڏي پيئي ديوار تي
    چنبيليءَ جي لام


    ڪارنس، پاڻي ٿانءُ
    ٻه ڪبوتر تنهن ڀر
    مٿان ليمي ڇانءَ

    مئل هو ماڙهون
    ڀر ۾ جنهنجي ٻارڙي
    کاڌو پي ڏاڙهون

    طارق جي هيءَ چوٿين تخليق ”مورن اوچا ڳاٽ“ جاپاني صنف ”هائيڪو“ جي Collection آهي. طارق عالم جا هائيڪو پڙهندي منهنجو ذهن الائجي ڇو جاپان ڏانهن هليو ويو. جاپان ـــ جيڪو اقتصادي ۽ ٽيڪنالوجيڪل ترقيءَ جي حوالي سان آمريڪا ۽ يورپي برادريءَ جي ٻين داداگير ملڪن سان ٽڪر کايو بيٺو آهي. جين مت، ٻڌمت ـــ ڪنگفو آرٽ ـــ ريڊ آرمي ـــ هيرو شيما ـــ ناگا ساڪي ـــ فيوجي جبل ـــ بروس لي ـــ گيشا گهر ـــ جاپان ـــ Where the sun of easter Civilization rises ـــ جاپان جتان جي قانون ۽ سماج ۾ خودڪشي ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونهي.
    جتان جون ڇوڪريون نصير مرزا کي ٽشو پيپرن وانگر لڳنديون آهن.
    آءٌ حيران آهيان ته ناگاساڪي ۽ هيروشيما جهڙين ڪربلائن مان گذرندڙ، حيدرآباد جيڏا Ship ٺاهيندڙ ۽ چانور جي داڻي جيترا ٽرانسميٽر ٺاهيندڙ جاپاني ماڻهو هائيڪو جي فارم ۾ سندن ئي ڇوڪرين جهڙي خوبصورت شاعري به ڪري سگهن ٿا.
    ۽ مونکي جاپان تي سوچڻ دوران نيشنل بڪ ڪائونسل حيدرآباد جو هڪڙو آفيسر ياد اچي ٿو جنهن کي سندس Bigboss شاعره فهميده رياض ايشيا پئسفڪ ليول جي هڪ سيمينار ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ٽوڪيو موڪليو هيو. انهيءَ سيمينار جو مقصد اهو هو ته ايشيا ۽ پئسيفڪ جي ماڻهن منجهه پڙهڻ جي لاڙن کي ڪيئين وڌايو وڃي. پر اهو آفيسر جنهن جو ڪڏهن به پڙهڻ سان ڪو واسطو نه رهيو هو تنهن ٽوڪيو ويندي جهاز ۾ پڙهڻ لاءِ زندگيءَ ۾ شايد پهريون ۽ آخري ڪتاب الطاف شيخ جو سفرنامون، ”جپان جن جي جيءُ سان“، خريد ڪيو هو. (سندس خيال هو ته هو ان ڪتاب وسيلي جاپان کي سمجھي سگهي ٿو) اهڙو آفيسر رڳو هڪڙو ڪونهي ـــ اهڙا ڪيترا آهن جيڪي پنهنجي ذات کي ”عقلِ ڪل“ سمجھن ٿا. ۽ انهن مان ڪن سان طارق جو هفتي ۾ ڇهه ڏينهن، روزانو ڇهه ست ڪلاڪ ضرور واسطو پوندو هوندو.
    جيئن ڪنهن وڏي اديب چيو هو ته ماڻهوءَ کي جيون ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪتاب ضرور لکڻ گهرجي، هڪ پٽ ڄڻڻ گهرجي ۽ هڪ گلاب جو ٻوٽو پوکڻ گهرجي. طارق عالم چار ڪتاب لکيا آهن هن مهل تائين، هڪ پٽ ڄڻيو اٿس ۽ گلاب جا ٻوٽا ته هو زمينن ۽ خوبصورت جسمن ۾ انيڪ پوکيندو آيو آهي.
    هن جي شخصيت Prism جهڙي آهي جنهن ۾ رنگا رنگ پهلو آهن.
    شوخ رنگن، شرارتي ٻارن، ز ندگيءَ سان ڀرپور ناچن ۽ ذهين ڇوڪرين ۾ دلچسپي رکندڙ طارق عالم پنهنجي جنريشن جو “The genion creative one” آهي. مونکي لڳي ٿو. سنڌ جي آرٽسٽ فيملي جي هن ميميبر ڄڻ ڪنهن آرٽ گيلري ۾ جنم ورتو هُجي. جنهن جي ڪري ئي هن جي شخصيت ۽ هن جي تخليق ۾ مور پنک جا هيڏا رنگ رچي رهيا آهن.
    طارق عالم ـــ هڪ ليکڪ ـــ هڪ شاعر ـــ هڪ ڪهاڻيڪار ـــ اسڪرين پلي رائيٽر ـــ هڪ فوٽوگرافر ـــ هڪ مصور ـــ هڪ ٽوئرسٽ ــ ۽ سڀ کان وڏي ۾ وڏي ڳالهه ته هو هڪ سٺو ماڻهو ـــ هڪ سٺو دوست ـــ هڪ سٺو عاشق ـــ ۽ هاڻ هڪ سٺو مڙس ـــ ۽ هڪ سٺو پيءُ پڻ ـــ ثابت ٿيو آهي.
    عشق ۽ دوستي هن ڪافر جو مذهب آهي ـــ هو هڪ ماڊرن صوفي ۽ نيم Nationalist آهي زندگيءَ هن لاءِ ڪڏهن به سپر هاءِ وي ناهي بڻي بلڪه اڇڙي ٿر وانگر رهي آهي ـــ جنهن ۾ هلندي هلندي ڪو ڪيترين ئي ڏٻڻين ۾ ڦاٿو آهي. ۽ سڀ کان وڌيڪَ خطرناڪ ڌٻڻ سندس بيماري هئي. جنهن جو سمورو عرصو هن ڄڻ ته واڳون جي وات ۾ گذاريو آهي پر هر ڀيري هن موت کي هڪ رقيب جيان شڪست ڏني ۽ هاڻ سندس هيءُ جهڙوڪر پنر ملن آهي. جنهن جو اصل ڪريڊٽ سندس ٻن محسنن قابل احترام محترم پروفيسر نثار احمد نوراني ۽ سندس ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي کي وڃي ٿو. جن جي نانءِ طارق، اڄوڪي ڪتاب ”مورن اوچات ڳاٽ“ جي ارپنا پڻ ڪئي آهي.
    طارق مونکي سدائين ڪنهن عقاب جيان لڳو آهي. پر هاڻ هيءُ عقاب هڪ آکيري ۾ پناهه وٺي چڪو آهي. بلڪه ائين کڻي چئجي ته هو هن آکيري ۾ سمائجي چڪو آهي ۽ اهو آکيرو اسان جي ڀاڀيءَ رضيه جي شخصيت ۽ سندس بي انتها پيار آهي.
    گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي هڪ اداس بهار ۾ (اپريل 83ع ۾)مادام “K” سان عشق ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ طارق ڄامشوري جي پل جي اٺيتاليهن دروازي تان سنڌوءَ ۾ ٽپو ڏيڻ بجاءِ بازار مان هڪ ٿلهو نوٽ بڪ خريد ڪري، نصير کان اڇن سرڪاري پنن جو مفت جو دستو ۽ هڪ پال پوائنٽ وٺي پنهنجو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ تخليق ڪيائين. ڇاڪاڻ ته طارق جهڙا ماڻهو پيار ۾ هار کانپوءِ آتم هتيا ڪرڻ بجاءِ ناول لکندا آهن. پيار جي هار سان زندگيءَ ۽ ڪائنات کي اڃان ۽ وڌيڪَ سمجھڻ ۽ سمجھائڻ چاهيندا آهن. پر ڪنهن چيو هو: “Life is a foreign language every body pronounces it wrong”. زندگيءَ هڪ پرڏيهي ٻولي آهي. جيڪا هر ماڻهو غلط اچار ۾ ڳالهائي ٿو).

    بوتو گوتم ٻڌ جو
    پوڙهي بڙ هيٺيان
    دک تي مرڪي پيو
    ـــ طارق

    طارق جو هيءُ هائيڪو ان جي ترديد ٿو ڪري ته طارق جي زندگي کي غلط اچاريو آهي.
    وليم بلئڪ، شيلي ۽ جان ڪيٽس جي ملڪ ۾ موت کي شڪست ڏئي ايندڙ ٿر جي بارشن جهڙو اسان جو هيءُ دوست، هيءُ شاعر ـــ زندگيءَ جو شاعر آهي. اها زندگي جا لياريءَ کان ڪشمور تائين ڪنجھي ۽ ڪرڪي رهي آهي پر احتجاج نٿي ڪري.
    امبر تارن ۾
    ڏئيا جليا ڳوٺ ۾
    ڪچن جارن ۾

    هو انقلاب جو نه پر سنڌ جي رومانس جو شاعر آهي (تاريخ ۾ انقلابن جي دور جي پچاڻي ٿي، پڙهو پريسٽرئيڪا ۽ گلانوسٽ)
    ”طارق لنڊن شهر کي به هڪ ماڊرن سنڌيءَ جي نظر سان ڏٺو هو.“
    هن ڪتاب ۾ طارق ـــ ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ لکي ٿو:
    ”ٿر جي ٺريل چانڊوڪي رات جهڙو هلڪي هلڪي برکا ۾ سامهون روڊ ڏانهن ڏسان ٿو انگريز ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جهڙيون قدآور، حسين ”ليموزين“ ۽ رولز رائيٽر ۽ هوائن جي رٿ تي اڏامندڙ ”ٽربو“ اسپورٽس ڪارون.“ طارق هڪ ٻي هنڌ لکي ٿو:
    ”ڪنڌ ورائي اسٽيشن جي مين گيٽ ڏانهن ڏسان ٿو، گيٽ کي ٽيڪ ڏنل ڪارل مارڪس جي چهري وارو ساڳيو شرابي فقير اوور ڪوٽ ۾ ويڙهيل، هٿ ۾ اڌ ڀريل ”جاني واڪر“ جي بوتل کي لوڏي جھومي رهيو آهي“. ”مورن اوچا ڳاٽ“ ۾ طارق جو لکيل چئپٽر ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ به بذات خود هڪ خوبصورت قسم جو مني سفرنامو آهي ـــ مان طارق جي هائيڪن جي Form ۽ Content تي بحث سندس مخالف ۽ ساڻس Jealious شاعرن تي ڇڏيان ٿو. سندس هائيڪن بابت خوبصورت Justifications طارق طرفان ”۽ مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ ئي ملي سگهن ٿيون.
    بس هن جا هائيڪو ماڊرن سنڌي شاعريءَ ۾ اياز ۽ تنوير کانپوءِ نون لهجن ۽ رنگن سان هڪ نئون تجربو آهن.
    جھوٽي ڏسن چمي
    لاٽ شرم کان اوندهه جي
    چادر تاڻي سمهي


    لڙڪ هاري لپ
    زرد ٽشوءَ جي مٿان
    ڇڏي ويئي چپ

    سامهون آ بگ بين
    واٽرلو جي برج تان
    گذري برٽش ٽرين

    هو ۽ ”مان هائيڪو لکان ٿو“ ۾ هڪ هنڌ هيئن به لکي ٿو:
    ”۽ رنگين دلربا لنڊن جا عڪس، پنهنجن اجھامندڙ ماڻڪين سان سدائين لاءِ ذهن جي وڊيو تي ٽيپ ڪري، سنڌ موٽي ٿو اچان، پوءِ سنڌ جا واهڻ وستيون، ڍنڍون ڍورا، وڻ ٽڻ، ٻار جوانڙا، گل ۽ پوپٽ، پکي پکڻ، صبح ۽ شام، سنڌو ڪنارا، شامَ جو هڪ هڪ ٿي آسمان ۾ ڦٽي پيل تارا، ڪجهه روشن ڪجهه ڌنڌلا ڏسان ٿو، ۽ هڪ شامَ گهر موٽي پهريون هائيڪو لکان ٿو، پوءِ ٻيون، ٽيون، چوٿون ـــ پوءِ منهنجي وجود تي هائيڪن جو وڏ ڦڙو وسڻ لڳي ٿو، هائيڪا منهنجين آڱرين مان، منهنجي نيڻن مان، منهنجي وجود مان جھنگلي گلن جيان ڦٽي پون ٿا.
    منهنجا محترم ۽ بي حد پيارا دوستو!، ان کان اڳ جو منهنجي نيڻن ۽ڪائنات جي وچ ۾ ڪٽرئڪٽ جو آئرن ڪرٽين اچي، مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي ـــ مان هيءَ هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بي حد سڪ ۽ پيارمان آڇيان ٿو“.


    طارق عالم: لفطن جو صادقين ـــ احمد سولنگي

    هيٺ جر، مٿي مڃرُ، ڪنڌيءَ ڪنور ترن،
    ورئي واهوندن، ڪينجھر کٿوري ٿئي.
    (شاهه)
    هڪ مغربي شاعر رچرڊ جو نظم آهي ته:

    ”جڏهن رات جو پارو پئجي رهيو هو
    ۽ جنگ جي ميدانَ ۾ بندوقون خاموش هيون
    مون کاهيءَ کي ٽيڪ ڏئي
    هائيڪو شعر جوڙيو
    چنڊ، گلن ۽ برف جي باري ۾“

    هائيڪو جو گهرو اثر قبول ڪندڙ مغربي شاعرن جديد هائيڪو جي بدران باشو جي هائيڪو کي پنهنجي مطالعي جو موضوع بنايو آهي. ڊاڪٽر اسلم لکيو آهي ته باشو اهو پهريون فنڪار هو جنهن هائيڪو شاعريءَ جي فارم جي پوري طرح جائزو ورتو ۽ ان کي عالمي حيثيت ڏياري. جيڪو به شاعر هائيڪو کان متاثر آهي يعني اهو باشو کان متاثر آهي.
    باشو جنهن دور ۾ اک کولي اهو ادبي اعتبار کان روايت ۾ جڪڙيل هو. لفظن جي بازيگري ابهام ـــ باشو انهن سڀني روايتن خلاف جهاد ڪيو ۽ هائيڪو کي نئين انداز سان متعارف ڪرايو ـــ باشو چيني شاعرن ”لي پائي“ ۽ ”نو مو“ ۽ جپان جي ”سوگي“ ۽ ”سائي گير“ کان تمام گهڻو متاثر هو. باشوءَ هائيڪو ۾ فطرت جي حسن، حيات ۽ ڪائنات جي اونهي معنيٰ ۽ پنهنجي بي قرار روح جي سوز کي پوريءَ طرح نمايان ڪيو آهي. باشو، مندرن، مقبرن ۽ اوچن وڻن جي گھاٽن جھنگن ۾ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ تي غور ڪندو رهيو. جيئن سنڌي ڪلاسيڪل بيت ۽ وائي تي تصوف جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. ائين جپاني هائيڪو تي به ٻڌمت جو تمام گهرو اثر ڇانيل آهي. جنهن جي بنياد وجھندڙ گوتم چيو هو ته: ”اهي شيون جيڪي ٻين شين مان جڙيون آهن سي فنا ٿينديون، باقي سڀ بقا آهي.“
    هائيڪو صرف تصوير يا اسڪيچ ناهي پر ان سان گڏ هائيڪو جو فڪري تاڃي پيٽو ئي هائيڪو جي جان آهي. فڪر کانسواءِ هائيڪو اڻ مڪمل آهي. معروضيت ۽ فڪر جي ملڻ ڪري ئي هائيڪو جو حقيقتي تاثر پيدا ٿئي ٿو. هائيڪو ۾ فڪر کي به استمراري حالت ۾ Objective منظرن ۾ پيش ڪرڻ ضروري آهي. هائيڪو جي موضوع ۾ ڪو به مونجھارو ناهي اهو گل محمد کتريءَ جي مصوريءَ جهڙو آهي. جنهن ۾ رنگ ۽ عڪس رلمل آهن.

    هڪ سڪل ڦانگ تي
    خزان جي شام جي ڌنڌلڪي ۾
    هڪ اڪيلو ڪانءُ

    باشو پنهنجي هڪ هائيڪي ۾ ڪيڏي نه انوکي نموني سان هائيڪو جا سڀئي فڪري ۽ فني انداز اجاگر ڪيا آهن نه ئي ڪا لفظي بازي گري ۽ نه ئي ڪو ابهام. سادو ۽ بي تڪلفانه انداز. فطرت جو خاموش، ليڪن نفيس مشاهدو. مڪمل طور تي معروضي خزان جي شامَ جي تنهائي ۽ اداسيءَ جو ڀرپور اظهار. پوڙهائپ ۽ موت ڏي هلڪو اشارو غير محسوس پر بليغ ۽ پر معنيٰ. شيڪي پنهنجين لکڻين ۾ فطرت کي محفوظ ڪيو. هن جو چوڻ هو ته فطري ٿيو ۽ معروضي نظارن کي اهميت ڏيو.
    جپاني عورتون وڏيون هائيڪو نگار ٿي گذريون آهن. ”سونو جو“ پنهنجي هائيڪي ۾ منظر ڪشيءَ جي لطافت سان گڏ ان ۾ اشارتي پهلو به وڌيڪَ پيدا ڪيو آهي. باشو پنهنجي موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن بيماري جي حالت ۾ هو تڏهن ان ”سونو جو“ لاءِ چيو ته هو اهڙي ڦلواڙيءَ جي ڦولَ جيان آهي جنهن تي مٽيءَ جي دز به نه آهي.
    جان گولڊ کي هائيڪو جي معروضيت وڌيڪَ پسند هئي ان موجوده انگريزيءَ شاعريءَ ۾ معروضيت جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. حقيقت ۾ هائيڪو جي سڄي تاريخ باشوءَ جي اثر جي تاريخ آهي. باشوءَ جو اثر اڄ به زندهه ۽ تابنده آهي. هائيڪو نيون منزلون طئه ڪري رهيو آهي ۽ هاڻ ان کي عالمي حيثيت به حاصل ٿي چڪي آهي ۽ دنيا جي مختلف زبانن ۾ هائيڪو لکجي رهيو آهي.
    سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ۽ نارائڻ شيام بهترين ۽ خوبصورت هائيڪو لکيا آهن ۽ انهن هائيڪو جي اصل ڳر کي به سلامت رکيو آهي. تنوير ۽ شيام کانپوءِ سنڌيءَ شاعريءَ ۾ اياز، امداد، ادل سومري، ايازگل، تاج جوئي، سحر امداد، نعيم دريشاڻي، تاجل بيوس، خاڪي جوئي، وسيم سومري، مختيار ملڪ ۽ ٻين ڪيترن نوجوان شاعرن بهترين خوبصورت هائيڪو لکيا آهن.
    طارق عالم جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ تمام وڏو واڌارو آهي سنڌي هائيڪو شاعريءَ ۾ شيخ اياز جي ڪتاب ”پن ڇڻ پڄاڻان“ کانپوءِ طارق عالم جو ئي ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ آهي، جنهن ۾ طارق سوچن، جذبن، خيالن ۽ فطرت جي حسين نظارن جو اظهار ڪيو آهي. مونکي طارق عالم جي هائيڪو ۾ جيڪا وڌيڪَ شيءِ محسوس ٿئي ٿي يا نظر اچي ٿي اها اِها آهي ته طارق سنڌي هائيڪو جي فارم ۾ هائيڪو جو حقيقي تاثر، حقيقي احساس، مزاج ۽ مفهوم کي برقرار رکيو آهي. جنهن مان ڄاڻ پوي ٿي ته طارق هائيڪو جو گهرو مطالعو ڪيو آهي، جنهن جو ئي اثر آهي جو طارق جي هائيڪو ۾ “Objective” منظر وڌيڪَ نمايان آهن.

    گهلي پورب واءُ
    ٻالڪ پهرين وک تي
    ڪيڏو مرڪي ماءُ

    طارق جي چٽي تخيل هڪ نقش جو خاڪو پيش ڪيو آهي. پورب جو واءُ گھلي ٿو. ٻالڪ پهرين وک کڻي ٿو ۽ ماءُ مرڪي ٿي. اهي ٽئي منظر ڪيڏي نه انوکي نموني سان طارق هائيڪو ۾ سمايا آهن ۽ ان سان گڏ طارق هائيڪو جي حقيقي ڪيفيت کي متعارف ڪرايو آهي.
    باشو جو چوڻ هو ته: ”ڪو به اهڙو موضوع ناهي جيڪو هائيڪو لاءِ ٺهڪندڙ نه هجي“. تنوير جا هائيڪا آهن:

    چهرو ڪاوڙيل
    ۽ ڪالر تي ڪوٽ جي
    ٽڙندڙ گل لڳل

    ڪيڏو نه چٽو عڪس آهي ۽ شاعريءَ لاءِ ڪيڏو نه جديد ۽ نئون موضوع آهي. انهيءَ هائيڪو ۾ تنوير ڪيڏي نه مهارت سان رنگ ڀريا آهن.

    ڇڻيو ٻٻر جو ٻور
    چارو پيلو ٿي ويو
    وڃڻو پوءِ به دور

    امداد، تنوير جي انهيءَ هائيڪو تي لکيو آهي ته تنوير جا چارا ٻٻر جي ٻور سان ڇانيل ضرور آهن پر اها ”ماڳ“ ڏانهن ويندر واٽ ئي ته آهي. تنوير جي شاعريءَ جي ٻين صنفن تي پڻ هائيڪو جو گهرو اثر نظر اچي ٿو. نارايڻ شيام ته تمام خوبصورت هائيڪو لکيا آهن:

    سينور چڙهيل تلاءُ
    ڏيڏر ٽپ ڏنو مگر
    لهرن جو نه لکاءُ

    ڪوتا جي ڪاڪ ڌڻيءَ سانوري شيام جي ته سنڌي هائيڪو تي هڪ هٽي آهي. پر طارق عالم جا هائيڪا اهڙا ته خوبصورت ۽ فنڪارانه انداز سان لکيل آهن جو لڳي ئي نٿو ته هائيڪو ڪا اوپري صنف آهي. تنوير جي لکڻ موجب ته ٻوليءَ لاءِ ڪا به صنف اوپري نه آهي رڳو ان کي شاعرن جي فنڪاراڻي ڇهاءَ جي ضرورت آهي.

    ٽيڙن جي ٽم ٽم
    سرد هوائن ۾ بيٺل
    تنها وڻ گم سم

    خالي آڳر ۾
    پٽ تي پيلو پن آ
    سانت ڀاڪر ۾

    طارق ڪيئن نه صادقين جيان هڪ جھٽڪي سان پنهنجي منظر جي ڪائنات تخليق ڪري وٺي ٿو ۽ هائيڪو جي اختصار ۾ ڪيڏي نه وسيع ڪائنات جي رمز پيش ٿو ڪري.

    سنڌو ڪنارو
    ٻيڙيون، ٻار، مهاڻيون
    ٽمڪيو پي تارو

    مٿئين هائيڪو ۾ معروضي منظر ۽ عڪس ته ڀرپور آهي پر ان معروضي منظر ۽ عڪس جو استمراريءَ جي حالت سان ڳانڍاپو ڪونهي.
    ”ٽمڪيو پي تارو“ ماضي قريب جو مفهوم ٿو ڏئي جنهن جي نتيجي ۾ هائيڪو جو اصل تاثر پيدا نه ٿو ٿئي. انهيءَ معروضي منظر جي مسلسل عمل کي (ٿي رهيو هجڻ) استمراريءَ ۾ قلمبند ڪيو وڃي ها ته هائيڪو جي ڪيفيت برقرار رهي سگهي ٿي. اهيو ساڳيو هائيڪو جيڪڏهن هن طرح لکيو وڃي ته هائيڪو جو اصل مفهوم برقرار رهي سگهي ٿو.
    سنڌو ڪنارو
    ٻيڙيون، ٻار مهاڻيون
    ٽمڪي پيو تارو

    جيتوڻيڪ انيڪ فني ۽ فڪري ڪوتاهين کان طارق عالم جي هائيڪو شاعري به آزاد ڪونهي پر ان جي باوجودجيتري ٿوري وقت ۾ طارق عالم هائيڪو لکي ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. اهو ڪنهن ورلي شاعر کي مقام حاصل هوندو.
    مجموعي طور ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي هائيڪو شاعري ۾ خوبصورت ۽ بهترين اضافو آهي.


    اي اڏامندڙ پوپٽ....! ـــ حسن مجتبيٰ

    تو جيان ڪوي آهيان
    لئه ۾ بنسري آهيان
    پيار ۾ الوٽ آهيان
    اي وديا پتي تنهنجو
    آئون ٻيو جنم آهيان
    (اياز)

    هن ننڍڙي کنڊ جي پراچين اتهاس جي سفر کان ڪيئين يگ اڳ، آريه ويدڪ شاعر، سپت سنڌو اڪري. پنجاب جي ميدانن مان ٿيندا جڏهن اوڀر ندي هندوستان جي ساين ماترين ۾ پهتا هئا ته انهن آريا ويديڪ شاعرن رگويد رچيو ۽ انهيءَ رگويد ۾ چيل آهي:
    هن ٻالڪ در جو دروازو کڙڪايو ـــ ماءُ دروازو کوليو...... ۽ هن کي پنهنجي ڀريل ڀريل ٻانهن ۾ ڀري ورتائين، پوءِ پيار سان ماءُ پڇيو اڄ تو ڇا سکيو......؟
    هن ٿيلهو کولي. ڦرهي ڪڍي ماءُ کي ڏني
    ”هيءُ ته بالڪل چٽي آهي.“
    ”پر مان ته سڄو ڏينهن هن تي اڻ ڏٺي اوم جون تصويرون ٺاهيندو رهيو آهيان “.
    ”پر ڇو؟ مون ڏانهن ڏس“ ان سمي ٻالڪ کي ماءُ ان سندر ۽ سگھاري وڻ وانگر لڳي جنهن جون ٽاريون ميوي سان جھنجھيل هيون. پڪو پڪو ۽ رس ڀريو ميوو.....
    هن سگهاري ۽ سندر وڻ جي ڇانءُ ۽ ڇهاءُ اوم جهڙو هو.
    ته، پيارا لوڪو!! هن سمي اوهان اوم جهڙن انسانن جي ڏٺل وائيٺل ڌرتي ماتا جون تصويرون ٺاهيندڙ ٻالڪ ”طارق عالم ابڙي“ سان هيءُ شام ملهائي رهيا آهيو.

    آءٌ ڪئاسي موڊو ناهيان
    پوءِ به لڳي ٿو منهنجو مقدر
    هن جهڙي تنهائي آهي
    منهنجي گهر ڀي ڪنهن ڪرڻي جي
    ڇاتيءَ منجهه ڇپائي بڙڇي
    شام اچانڪ آئي آهي. (اياز)

    شوخ رنگن، شرارتي ٻارن، زندگيءَ سان ڀرپور ناچن ۽ ذهين ڇوڪرين ۾ دلچسپي رکندڙ اسانجو دوست ”طارق عالم ابڙو“ پنهنجي جنريشن جو “genus creative one” آهي، ڇاڪاڻ ته هو At a time ڪوي، ڪهاڻيڪار، مصور، ڊراما نِگار، ناولسٽ ۽ اداڪار آهي.
    سنڌ جي آرٽسٽ فئملي جي هن ميمبر (مونکي لڳي ٿو) ڄڻ ڪنهن آرٽ گيلريءَ ۾ جنم ورتو آهي. جنهن جي ڪري ئي هن جي شخصيت ۽ هن جي تخليقن ۾ مور پنک جا هيڏا رنگ رچي ويا آهن.
    ٻڌو ٿئون ته آريه ويدڪ شاعر، مورپنک سان رگ ويد لکندا هئا ۽ مون کي لڳي ٿو ته هيءُ شخص ”طارق“ اڄوڪي سنڌ ۾ ڪنهن آريه ويدڪ شاعر جي ڀٽڪندڙ آتما آهي، جيڪو ورهين کان پرهه جي پيالن ۾ جيون رنگ جهڙو سوم رس ڀري، موهن جي دڙي جي نرتڪي سمبارا کان وٺي تارا گهنشام تائين، ڪلا جي نانءُ ”چيئرس“ ڪندو رهيو آهي. ۽ ڄامشوي جي هر شامَ، لهندڙ سج هن جي من ۾ ٻڏو آهي.
    هيءُ طارق عالم فائن آرٽس جي دنيا ۾ ”رقاصه جي پير جو زخم “ ۽ خدا جي ازلي تنهائي جو “Fellow traveler” آهي.
    جيئن مهان ڪوي اياز چيو آهي:

    پراني سي مئي هي، پراني سي شيشي
    بصيد رنج ناصبح، بصيد زوم زاهد
    پلاتا رها هون نئي مئه ڪشون ڪو
    جو روح ابد مين تراش گئي ٿي
    وه اضام لايا هون ليڪن
    ڪهين وه جبين نهين هين
    ڪهين وه امتياز پرستش نهين هي

    آرٽ جي حوالي سان ”طارق“ جي زندگي ۽ زندگيءَ جي حوالي سان ”طارق“ جو آرٽ، ڪڏهن به ٻه الڳ موضوع نٿا بڻجي سگهن.
    طارق جو آرٽ زندگيءَ سان ڀرپور آهي ۽ طارق جي زندگي آرٽ سان ڀرپور آهي.
    زندگيءَ جي رنگ منچ تي طارق ولئين ۽ ڪيرئڪٽر رولز کان سواءِ ٻيو هر رول پلي ڪندو آهي.
    طارق ”زندگيءَ جي اسٽيج“ تي اهو، ”سپر اسٽار“ آهي جنهن جي Royal Command Performance تي هن جي فين ڇوڪرين فلائينگ ڪس ڪيون آهن.
    هيءُ ساڳيو قرة العين حيدر جي ڪهاڻي ”فوٽو گرافر“ ۽ ”آواره گرهه“ جي Main Charactors جهڙو آهي.
    ”طارق“ پنهنجي Age group ۽ سنڌي ادب جي New age جو روميو ته نه پر ”هينيبال“ آهي. جنهن کي هڪ ڏينهن Alpas جا پهاڙ پار ڪرڻا آهن.
    هو اڄ جي آلٽرا Mode سنڌي ڪهاڻين جو Boy Friend آهي.
    رومانس هن جي زندگي آهي يا وري هن زندگيءَ سان رومانس ڪيو آهي. رومانس ۾ هيءُ ارنيسٽ هينگوي جي اڻ ڇپيل ناول gordeus of edns جي Teen ager هيرو جهڙو آهي.

    اي اڏامندڙ پوپٽ
    ڇا تون منهنجي سرتيءَ جي
    سنگ ۾ رهيو آهين؟

    روپ جو پڄاري آن
    روز ڪنهن نئين گل جي
    رنگ ۾ رهيو آهين
    (اياز)
    نوڪري بنان ڪا به ڇوڪري ”طارق“ جو Headech ڪونهي.
    طارق البرٽ ڪاميو جي ڪهاڻي ”جسٽ“ جي انهيءَ پياري ڪردار انارڪسٽ وانگر آهي. جيڪو بولشويڪن سان ان لاءِ اچي مليو هو ته روس ۾ زار سونهن ۽ Truth جو دشمن هو.
    انصاف لاءِ وڙهڻ ان انارڪسٽ جو مسئلو ڪونه هو.
    طارق لورڪا جي انهن لفظن ۾ يقين رکي ٿو ته هيءُ رسول حمزه توف جيان بازيگري به سکي سگهي ٿو، پر نوڪري نه ڪندو ڇاڪاڻ ته طارق Naturally اينٽي Establishment آهي، طارق جهڙن حساس ڪردارن جو Anti Establishment هجڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. هي قديم ۽ جديد يونان جي پروميٿس کان وٺي فلاسي جي اليڪوس تائين هسٽاريڪل بيد گرائونڊ رکن ٿا.
    ”مان ڪو سياسي ماڻهو ناهيان پر دنيا جي هر شاعر وانگر انقلابي آهيان“. طارق ـــ لورڪا جي ڊرامن ۽ شاعريءَ جي هيروز اسپيني خانه بدوشن جهڙو جپسي آهي.
    طارق جڏهن ڌرتتيءَ ويل ڏاڍي شوق سان حيدر آباد جي رستن ۽ گهٽين ۾ مون کي گهمندو ڏسڻ ۾ ايندو هو ته مون کي هڪ Science Fiction اسٽوري ياد اچي ويندي هئي. جنهن جو مرڪزي ڪردار هڪ ڇوڪرو هو، جيڪو ويهين صديءَ کان گهڻو پوءِ، مريخ تان ڌرتيءَ جي Tour تي آيو هو. هن جي سفري ڪاغذن ۾ هن جو مريخ ڏانهن موٽي وڃڻ جو مدو ختم ٿي چڪو هو. ۽ هوءَ ڌرتيءَ تي رهجي ويو هو. ۽ مريخ تي هن جي محبوبا هن جي نه اچڻ تي ڏاڍي دکي هئي. ۽ ڌرتيءَ ۽مريخ جي وچ ۾ خلائي ڪميونيڪيشن جا سمورا sources هن جي بواءِ فرينڊ جو پتو لڳائڻ کان قاصر هئا.

    تنهنجا سڏ سرنايون
    منهنجي من ۾ ڄڻ ڪيئي
    آسمان اڀرن ٿا،
    چاندني ۾ چوراها
    واس واس وڻ راهون
    سوَ جَھانَ اڀرن ٿا.

    ويهين صديءَ کان گهڻا يگ Before رگويد ۾ لکيو ويو هو.
    ”هوءَ ڏسي رهي هئي، شعاعن جي ڇانوري مان ڪوئي ستارو سڀني جي اکين مان لڪندو ڇپندو، هن جي وارن ۾ اچي ڇپيو هو. هوءَ کلي پئي هئي ۽ هن جي کلڻ سان ساري ڌرتي گلن سان ڍڪجي وئي هئي.... پوءِ ڪنهن چور پيرن سان اچي ڏاڍي نرمي سان هن جي چهري تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا هئا. هن ڪجهه ٻڌو به هو ۽ پوءِ ڳاڙهي ٿي هن پنهنجي هٿ سان مک لڪائي ڇڏيو هو.... ڌرتي وري گلن سان ڍڪجي وئي هئي“.
    هومر، اوڊيسي ۾ لکيو:
    ”او مقدس ديوي زيوس جي ڌيءُ!!! اسان کي ڪا ڪهاڻي ٻڌاءِ...... ڪهاڻي...... ڀلي انت کان يا ڇيهه کان.....“
    هيءُ طارق عالم مونکي لڳي ٿو ته اهو قديم Story ٽيلر آهي جيڪو برفاني طوفانن جي راتين ۾ باهه جي الائو تي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو.
    اڄ هن جي ڪهاڻين جي ڊانسنگ فلور تي زندگيءَ جا ـــ کلندڙ، روئيندڙ ڪردار ڪٿا ڪلي ۽ ڀارت ناٽيم جهڙو ناچ نچي رهيا آهن.
    ننڍي کنڊ جي جديد مها ڀارت ”آگ ڪا دريا“ ۾ لکيل آهي.
    ”اسين ڏوهي آهيون، اسين خدا جي خزانن مان خوشيون چورايون سي ٿي پر جھلجي پياسين.“
    مون تڏهن به ڄاتو هو،
    لاڙ جي هوائن جيئين،
    مان ڪڏهن هليو ويندس،
    زرد ڦول ٻٻرن جا،
    واٽ تي ڇڻي پوندا،
    مان جڏهن هليو ويندس.
    (اياز)


    ڪجهه اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان ـــ روبينه ابڙو

    هيءَ دنيا هڪ خالق جي تخليق آهي ۽ ڪنهن تخيل کي تخليق بنائڻ جو عمل هڪ شاعر کي به ”خالق“ جو درجو ڏيئي ڇڏي ٿو.
    انسان جو وجود مادي ۽ رُوحاني ٻيئي حيثيتون رکي ٿو ۽ مان ادب جي صنفن ۾ نثر کي مادي Material ۽ نظم کي روحاني Spiritual درجو ڏيندي آهيان.
    بودليئر جي به خيال موجب: ”شاعريءَ جو مقصد تعيلم ڏيڻ يا نصيحت ڪرڻ ڪونهي..... ڪو به نظم ايترو شاندار، ايترو بُلند ۽ شاعريءَ جي لقب لائق ٿي نٿو سگهي. جيترو هڪ اهڙو نظم جيڪو لکڻ جي لذت خاطر لکيو ويو هُجي..... جيڪڏهن شاعر ڪو اخلاقي مقصد کڻي شعر لکندو ته پوءِ هُو پنهنجي شاعراڻي قوت کي گهٽائي ڇڏيندو.... فن/Art پنهنجو مقصد پاڻ آهي.... فن/شاعريءَ جو مقصد Reality ڪونهي“.
    ..... ۽ حقيقت به اها ئي آهي... شاعري ته نالو آهي خواهشن جي اظهار..... سپنن جي سنسار ۽ حقيقتن کان فرار جو.
    بنيادي طرح طارق عالم نثر نگار آهي. پر هُنَ جو شعر پڙهي چئي سگهجي ٿو ته هُو شاعر به باڪمال آهي. هُنَ جڏهن نثر لکيو ۽ جڏهن شعر چيو ته ڄڻ ٻيئي صفتون هڪٻئي ۾ جُهولا جُهلنديون رهيون.....
    نثر ۾ شاعراڻو سُرور ۽ شعر ۾ نثراڻي مقصديت ۽ بيان.
    طارق عالم جي دُور رَس نظرن هميشه خلائن ۾ خدا پئي تلاشيو ۽ اهڙي تلاش جي جستجوءَ کيس نثر کان نظم جو پَنڌُ ڪرايو. طارق عالم جي شعور سان گڏ لاشعور به ڏاڍو خوبصورت ۽ آرٽسٽڪ ائپروچ رکندڙ آهي.... ان ڪري ئي هُنَ تخيل کي گهڻو محسوس ڪري پوءِ لکيو آهي....
    نظم جي ڪيفيت ۾ لکيل طارق عالم جي لازوال ناول ”رهجي ويل منظر“ جا لاتعداد خيال/جُملا جمالياتي ۽ رومانوي دلڪشيءَ ۾ ڪنهن نظم کان گهٽ ڪونه ٿا ڀاسن..... جيئن: ”سموري ڪائنات جو وجود هڪ ٽُٻڪي تي بيٺل آهي.... توکي ته اها سُڌ به نه پئجي سگهي هئي ته ڪنهن دؤر ۾ هيءَ ڪائنات پاڻ هڪ ٽُٻڪو هُئي ۽ مان تولئه ٽُٻڪو هوندي به ڪائنات هوندو هُيس.... اڄ مان ڪائنات هوندي به ٽُٻڪو بڻجي ويو آهيان.... اهڙو ٽُٻڪو، جيڪو پولارن ۾ گُم ٿي رهيو آهي....“
    يا هي خوبصورت خيال:
    ”اسان سڀ سفر ڪري رهيا آهيون ۽ ايندڙ ڪنهن اسٽاپ تي مُرڪ جا گُلَ ۽ باءِ جو آٽوگراف ڏيئي جدا ٿي وينداسين.“
    ڇا اهو Dialogue ڪنهن به نظم کان گهٽ پيو ڀاسي......؟ يا خوبصورت تشبيهن ۽ استعارن سان ڀرپور هيءُ خيال:
    نيڻ نه هُئا ڄڻ سَرينهن جي ٽاريءَ ۾ اٽڪيل ٻه جنجھڻيون هُيون...... جيڪي ڪنهن به گهڙيءَ هوا جي زور تي ساروڻين جي يادِ تي ڪِري به سگهيون ٿي، ڪِرِي اُڏامي سگهيون ٿي ڪنهن به ڏِسا ڏانهن.... چئن ڏسائن مان.....“
    ”رهجي ويل منظر“ پڙهڻ کانپوءِ بخوبي اندازو ٿئي ٿو ته بيشڪ هي ڪنهن شاعر جو ئي لکيل خوبصورت شاعراڻو ناول آهي.
    مون پهريون دفعو جڏهن طارق عالم جا ڪُجهه غزل ٽماهي ”مهراڻ“ ۾ پڙهيا ته آءٌ حيران رهجي ويس!!!
    ڇا ڪوئي ناولِ نِگار/نثر نويس ايترا خوبصورت رچيل ۽ ڀرپور غزل لکي سگهي ٿو......؟
    مون پنهنجو پاڻَ کان سوال ڪيو.
    ...... ۽ اڄ سوالن جو ورجاءُ ان جَڳهه تي پهتو آهي ته طارق عالم، جيڪڏهن پنهنجو شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ نه به لکي ها، پوءِ به هُنَ جو شاعراڻو حوالو ايترو ئي مضبوط ۽ سگهارو آهي. جو اُنَ کي ٻئي ڪنهن به حوالي جي ضرورت ئي ناهي ۽ صرف هڪ شاعر جي حيثيت سان به هُنَ جي شهرت ايتري ئي هُجي ها جيتري اڄ آهي.
    طارق عالم جي غزل ۾ جيڪا حسناڪي ۽ حيرت سمايل آهي، اها پڙهندڙ کي پل کن لئه پنڊ پهڻ ڪريو ڇڏي. سندس غزل ۾ تخيل نمايان آهي. ائين به ناهي ته اهو حقيقت کان الڳ محض تخيل ئي هُجي، کيس پنهنجي تخيل تي ڪمال جي گرفت آهي.
    هَر کَڙڪي تي دِل ٿي ڌڙڪي
    آئيني تي جيئن پارو

    يا وري هي لفظن سان Paintڪيل ٻه منظر ٻه بندَ:

    پنهنجي دَردن کي ايئن واريان جيئن
    ڌڻ پُٺيان هُوڪرا ڌنار ڪري

    ڪناري بيٺا هئاسين ڪُڏيون پئي لهرون
    پکي هوا ۾ اُڏاڻا پَري پَري تائين

    لفظ اها تحريڪ آهن، جيڪا خوبصورتيءَ جي هر قسم جي صحيح تورتڪ ڪن ٿا. چوندا آهن: ”لفظ هِڪُ جهان به آهي ۽ ڪڏهن وري هڪ جهان صرف هڪ لفظ ۾ ئي سمائجيو وڃي“.
    بنديان نيڻ ڀَر ۾ ٿو توکي پَسان
    جي اُپٽيان ته مون کان وڃين ٿي پري
    ساههَ جي ڳَنڍِ جڏهن ڪنهن هڪ نانوَ تي اَٽڪي بيهي رهندي آهي، ته اُهوئي هڪ نانءُ هوندو آهي، جيڪو اکيون ٻُوٽڻ کان پوءِ به ڪڏهن ڀَر ۾ ۽ ڪڏهن پوري وجود ۾ محسوس ٿيندو آهي.
    عُمر جو اندازو هُونءَ ته هميشه سالن سان لڳايو ويندو آهي، پر طارق عالم پنهنجي عُمر جو اندازو سالن بدران پنهنجن وارن مان پيو لڳائي.... ڇا ان کان وڌيڪَ نفاست ۽ نُدرت جو ڪوئي مثال ٿي سگهي ٿو؟

    وَرهيه گذري ويا جوانيءَ جا
    ڳڻ اچي ڏينهن رات وارن ۾

    سائين جي. ايم. سيد کي، پنهنجي سوچ جي پَسمنظر ۾ رکي طارق عالم، جيڪو غزل لکيو آهي، مان اُنَ کي طارق عالم جو لکيل سڀ کان شاندار ۽ شاهڪار غزل چونديس..... ايترو سَرل ۽ سُريلو لهجو..... ايترو تشبيهن، استعارن ۽ اصطلاحن جو خوبصورت استعمال..... ايترو خوبصورت اندازِ بيان..... ايترو خوبصورت غزل... مون اڳ ناهي پڙهيو.

    ڌرتيءَ چوڪيدار لڳي ٿو ڪو مون کي هُو ڄڻ
    صوفين جو سردار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ

    سچل، سامي، شاهه ڀٽائي سڀ جا سُور سَليئين
    تاريخي اَدوار لڳي ٿو پوڙهو بڙ جو وڻ

    سنڌو نديءَ جي ڪپ تي جاڳي اُجڙيل خواب سبي
    ڪوئي اَپرم پار لڳي ٿو پوڙهو بَڙ جو وڻ

    جِيوَن جي جدوجهد ۾ طارق عالم ڪڏهن به پنهنجي مشاهداتي حِس ۽ آرٽسٽڪ سوچ کي نطر انداز نه ڪيو، بلڪهِ اُنَ مان ڀرپور فائدو ورتو. شعور جي بيداري، کيس هميشه بيچين ۽ ڪجهه نه ڪجهه لکڻ، پڙهڻ ۽ ڪرڻ لئه بيتاب رکيو. سندس شاعريءَ جو خاص جُز منظر نِگاري ۽ سنڌ سميت سموري انسان ذات جي مسئلن، مظلوميت، پيڙائن، ڏُکن ۽ ڏوجھرن کي دنيا آڏو پنهنجي منفرد انداز ۽ فن وسيلي بيان ڪرڻ رهيو.... سندس شعوري گرفت صرف لاشعور جو پَرتوو نه پر شعور ۽ حال جي عڪاس پڻ رهي:

    رهيم طبيعت جي خودسَريءَ ۾
    ڪڏهن نه پاتم ڪو سَنج ڪوئي

    پتڻ پري آ ۽ تيز لهرون
    اڪيلو طارق نه ونجهه ڪوئي

    کيس دليلن تي دسترس ۽ ٻوليءَ جي مهارت حاصل رهي. هُنَ اڄ جي دؤر جو انسان بڻجي ئي لِکيو ۽ نه صرف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، پر هڪ مضبوط محاذ به بڻيو رهيو. اهڙو محاذ جنهن ڪڏهن پيڙهجندڙن کي پناهه آڇِي، ته ڪڏهن وري ڏکويلن لئه ڏڍ بڻيو.
    طارق عالم جي شاعري پنهنجي دردن ۽ سُورن سان celebration آهي. هونءَ به طارق عالم سدائين تڪليفن کي celebrate ڪرڻ وارو شخص رهيو.... درد هُن لئه دارونءَ جو درجو رکندا هُئا.
    زندگيءَ ڏانهن طارق عالم جا سڀئي رويا، Artistic رهيا. هُو دردن ۾ رنگ ڀرڻ کان وٺي، غمن کي گٽار جيان وڄائڻ ۽ پيڙائن کي شاعراڻو ويسُ پهرائڻ بخوبي ڄاڻندو هُيو. جڏهن جڏهن طارق جو هينئون ”هيرڻ پن“ ٿي پوندو هُيو، تڏهن تڏهن طارق نثر کان شاعريءَ جي طرف مُڙندو ۽ ڪڏهن ڊوڙندو هُيو.
    شاعريءَ ۾ درد جو وڌيڪَ جهان هوندو آهي. ان ڪري درد صرف شاعريءَ ذريعي ئي Share ڪري سگهبو آهي يا درد جي ديسَ واسين جي آخري پناهگاهه صرف شاعري ئي رهي آهي:

    پٿر سان ٿو سُور سَلي
    ماڻهو ماڻهوءَ مان بيزار
    پنڇي شامَ سَمي پهتو
    پر ناهي وڻ ۾ سو ڏار

    ديپ هان تنهنجي جاري جو
    تنهنجي مرضي ٻار نه ٻار

    لفطن ۽ رنگن سان موههُ طارق عالم جي خمير ۾ شامل رهيو.... جِتي ان جو هڪ سبب کيس آرٽسٽڪ ماحول جو ورثي ۾ ملڻ رهيو، ته اُتي وري ٻيو سبب سندس فطري طرح رومينس جي رستن جو رولاڪ هُجڻ رهيو.
    انسان جي سموري جيوَن ۽ سڄي اندر جا سمورا دُک ۽ پيڙائون.... محبتون ۽ نفرتون... راحتون ۽ اذيتون ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا الفابيٽ جا اکر.... ۽ محض ڊڪشنرين ۾ ماپي ويندڙ انسان جي مڪمل ٻول چال ۽ اٺ هزار سالن تي مشتمل لفظي ترقي.... اهو ته هڪ ليکڪ جو ئي ڪمال آهي، جو هُو انهن محدود آڱرين تي ڳڻڻ جيترن اکرن مان سُونهن، پيار، رنگن، خوشبوئن، دردن ۽ دکن جون ڪائناتون جوڙي ٿو... پر هر ڪنهن جي لکڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز ۽ پنهنجي Presentation آهي، جنهن محدود موضوعن کي ڪائانت کان به وڌيڪَ وسعت ڏيئي ڇڏي آهي.... ۽ ڪائنات جي اهڙين وسعتن ۽ موضوعن ۾ پنهنجي منفرد ۽ Artistic Presentation سان دلفريب ۽ انوکا رنگ ڀرڻ صرف طارق عالم جو ئي ڪمال آهي. طارق عالم بيشڪ ته ”لفظن جو صادقين“ آهي.

    سارَ ۾ تنهنجي ڪالهه جان اڄ ڀي
    هيءَ ندي پاڻ ۾ تَرِي آهي
    يا:
    ٿڪِي پيا هو اچي سمهي پئو
    هي منهنجي نيڻن ۾ آ پئي کَٽَ

    طارق عالم شاعري صرف خانه پوريءَ لاءِ ناهي ڪئي ۽ نه ئي هُنَ شاعريءَ کي ڪا Extraيا عام شيءِ ڪري ورتو آهي:

    عالمن جي ديسَ ۾ تون ٿو رهين
    ڪُجهه اُچارڻ کان ته اڳ ۾ سوچجان

    غزل جو بند آهي يا ڪوئي Atom Bomb جنهن جي پڙهڻ سان هڪ حساس دل ۽ باشعور ماڻهوءَ جو سڄو وجود ڌُڏي وڃي ٿو.
    هن مشيني دؤر ۾ اڄ جو انسان به مشيني صورت اختيار ڪري چڪو آهي. محبتن کان وٺي مذهبن ۽ عزتن کان وٺي ضرورتن تائين. سنڌ جيڪا ازل کان صوفين جي سَرزمين رهي آهي، پر اڄ سنڌ سميت دنيا جو اهم ترين ۽ مُنجھائيندڙ مسئلو آهي ”مذهب“.
    تصوف اهو آهي ته جيڪو ڪُجهه دماغ ۾ اَٿوَ سو ڪڍي ڇڏيو، جيڪو ڪُجهه هٿ ۾ اَٿوَ اُهو سڀ ڏئي ڇڏيو.... ۽ جيڪا توهان کي تڪليف اچي اُنَ کان مُنهن نه موڙيو.... پر اڄ جون مذهبي حالتون چوَن ٿيون، ته جيڪو ڪجهه به دماغ ۾ اٿوَ سو ٻاهر نه ڪڍو..... نه ته ماريا ويندؤ...... جيڪو ڪجهه به دل ۾ اٿوَ اهو نه اُچاريو، نه ته گوليءَ سان اُڏايا ويندؤ.
    سو اڄ ڪنهن ۾ آهي، اُهو ساهس جيڪو سچ جو ساٿاري ٿي سگهي؟ مڪروههُ چهرن تي چڙهيل ماسڪ لاهي سگهي ۽ ”انا الحق“ جو آواز بلند ڪري سگهي. ڪنهن چواڻي:

    دل ۾ لڪل راز و اعظ ڪونهي
    اهو مِنبر تي نٿو چئي سگهجي
    بلڪهِ ڦاهيءَ جي تختي تي چئي سگهجي ٿو....!
    -
    رکيئي جو چاهه مان هٿ جي مٿان هَٿُ
    جھُري پئي دل اکيون آليون ويون ٿي

    آءٌ سمجھان ٿي، ماڻهوءَ کي سهاري جي گُهرجَ تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن هُو ڪُجهه پائيندو يا وڃائيندو آهي (احساساتي لحاظ کان).... ۽ طارق عالم جي هن شعر ۾ اهڙي ئي احساس جي ترجماني ٿيل آهي... طارق عالم جي اندر جون سموريون موسمون ۽ ڪيفيتون، لهرون لهرون سمونڊ ٿي سندس شعرن ۾ شامل ٿينديون رهيون آهن. طارق چواڻي: ”هر آرٽسٽڪ ائپروچ رکندڙ ماڻهو ٿورو ڪِي گهڻو ائبنارمل ٿيندو آهي.“
    .... ۽ اها ائبنارملٽي ئي هڪ آرٽسٽ کي عام ماڻهن کان منفرد ۽ مٿانهون ڪري بيهاريندي آهي....
    طارق عالم جو ٻوڏ تي لکيل نظم ”سموري سنڌ ڄڻ فٽ بال وانگر آ“ هڪ شاهڪار ۽ بيمثال نظم آهي، جنهن ۾ احساسن جي اهڙي ڀرپور ۽ انوکي اُڻت ٿيل آهي، جو سموري سنڌ جي ٻوڏ سبب ٿيل تباهڪاري ڄڻ اکين آڏو ڦريو اچي:

    هي ڪنهن جا خواب ٿا لُڙهندا وڃن،
    سنڌوءَ جي لهرن تي،
    هي جھُرندڙ جھوپڙيون آهن،
    يا منهنجي رُوحَ جون تختيون پيون وِکرن،
    هُوءَ ننڍڙي وَڇَ تِري هڪ وار ظاهر ٿي،
    وري گُم ٿي، ته گُم ٿي وئي.
    هُوءَ ننڍڙي ٻارڙي آهي،
    يا آهي ڪو ڪنوَل جو گُل،
    جنهن جي هر کنيل وک تي،
    ٿو منهنجو روح ٻاڏائي،
    خدا يا! بس گهڻو ٿي ويو.

    خدا يا! رحم ٿي هاڻي،
    سنڌي سڀ ازل کان صوفي،
    صبر جي پيا سزا لوڙين،
    خطا انسان جي کي ڀي،
    خدا جي ذات سان جوڙين،
    سموري سنڌ ڄڻ،
    ”ساڪر گرائونڊ“ ۾
    پيل فٽ بال وانگر آ،
    جنهن جي بس نصيبن ۾،
    لکيو آهي رڳو ٿُڏجڻ....

    طارق عالم جي سموري شاعريءَ ۾ منظر نِگاريءَ جا مشاهدا، ايترا ته خوبصورت اندازَ ۾ ٿيل آهن، جو پڙهندڙ به ان جو حصو بڻجيو وڃي. سندس شعر پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته تخيل کان تخليق تائين، سڀ مرحلا ڏاڍي اعتماد ۽ يقينَ سان طئه ڪرايل آهن. تيستائين شاعر ٿوري به ڪوتاهي ناهي ڪئي، جيستائين اهو تخيلاتي شهڪار مڪمل نه ٿي ويو آهي.
    هميشه سچ لکي طارق عالم مُروجه نظام سان بغاوت جي اعلان ڪندو رهيو، اهڙي احساس جي تسلسل ۾هُنَ ڏاڍا سُندر نظرياتي نظم پڻ رَچيا آهن.
    طارق عالم پنهنجي ذات ۾ Optimistic هُيو..... اهڙو Optimistic جيڪو گهڻن نظرين کي سامهون رکي دنيا مان سُٺي اُميد رکي.... پر طارق عالم جي اهڙن نظمن/شعرن ۾ نظرياتي هدايتون قطعي ڪونه آهن. هن کي پنهنجو رايو ۽ نظريو (Opnion and Vision) آهي ۽ ان کي پيش ڪرڻ جو انداز به پنهنجو آهي. هُنَ جي بظاهر نِٻل جھونجار جي جيءَ ۾ ڪنهن جَهرڻي کان به وڌيڪَ رواني ۽ جانِ هُئي...... طارق عالم جي اندر جون سموريون ڪيفيتون ڪڏهن به ماٺار جو شڪار ڪونه رهيون، ان ڪري ئي هُنَ اندر جي اُڇل سان ڀرپور نظم ۽ نظريا ڏنا آهن.
    طارق عالم مُروجه موضوعن کي به نواڻ جو پهراڻ پارائي جِدت جو نئون جهان دريافت ڪيو آهي:

    ڏهه ڪلو اٽي جي خاطر،
    خواب اسان جا،
    قطارن ۾ بيٺل آهن.

    مائن جهڙا خواب مقدس،
    رستن تي بي عزت ٿين ٿا.
    هڪ ڪلو جي کنڊ جي خاطر،
    خواب اسان جا ڏاڪو ڏاڪو،
    هيٺ ڪرن ٿا.
    لتُن هيٺان ڍير ٿين ٿا،
    دَم گهٽجڻ سان ساههُ ڏين ٿا،
    ٽي ويءَ جي هر چينل آڏو،
    خوابن جا سوداگر ساڳيا،
    خوابن جي بازار لڳائي،
    بَڪ بَڪ ڪن ٿا.
    خواب اسان جا،
    اُڊڙيل سُڊڙيل،
    پيٽ بُکايل، انگ اُگھاڙا،
    جن لئه ڏڻ ڏهاڙا اهڙا،
    تيز ڌار جي خنجر جهڙا،
    گلو ڪَٽين ٿا.
    دل ۾ ڄڻ پيوست ٿين ٿا،
    صدين کان تذليل سهن ٿا،
    پوءِ به الائي ڇونهَ مَرن ٿا،
    خوابَ اسان جا.....

    طارق عالم وٽ موضوعاتي پرک، مثبت رَويو ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف ڀرپور احتجاج جو رَويو رهيو. احتجاج جيڪو روح جي رَسين کي کولي آزاديءَ جو احساس ڏياريندو آهي.
    طارق عالم جي شاعري، لفظن جي مصوري آهي، هُنَ پنهنجي فن ۾ تخيل جي بُرش سان ايڏا ته خوبصورت ست رنگا رنگ ڀريا آهن، جو خود رنگ به حيران رهجيو وڃن (احساسن جاStrokes ان کي اڃان به خوبصورت بڻائن ٿا).
    طارق عالم، هائيڪي کي هائيڪي جي Nature ۾ شاهوڪار ڪيو آهي.... سندس هائيڪو پڙهي احساس ٿئي ٿو، ته سادگيءَ ۾ ڪيڏو نه معيار آهي، جيڪو هڪ لگزريءَ کان ڪنهن به طرح گهٽ ناهي.... هائيڪي ۾ منظر نِگاريءَ سان گڏ ڪردار نِگاري به غضب جي ڪئي اٿائين:
    جھُور هُيو پوڙهو
    ايندڙ ويندڙ کي چئي
    منهنجي ڳالهه ٻُڌو
    -
    ٻالڪ خوف وچان
    هيٺ نهاريو کڙڪيءَ مان
    بيٺل فوجيءَ ڏانهن
    -
    بوتو گوتم جو
    پوڙهي بڙ هيٺيان
    دُک تي مُرڪي پيو
    -
    ڀت تان ماڪوڙي
    رستو ڳولهي ٿي
    چوڌاري ڊوڙِي

    طارق عالم هائيڪن ۾ منظرن جي مشاهدن جا حيرت ۾ وجھندڙ جهانَ جوڙيا آهن. ڪن منظرن جي خوبصورتي جي انوکائپ تي شايد مون هي طارق عالم جا هائيڪا پڙهڻ کان اڳ سوچيو ئي ڪونه هُيو:

    رات هُئي سنسان
    چانڊوڪيءَ ۾ روشن هو
    مسجد جو دالان
    -
    گُهلَي پُورب واءُ
    ٻالڪ پهرين وِکَ تي
    ڪيڏو مُرڪي ماءُ
    -
    وڄايون تاڙيون
    ٻارن مهاڻن جي
    اُڏاميون آڙيون

    پنهنجي احساسن کي اکرن سان آشڪار ڪرڻ جو فن ڪوئي طارق کان سِکي ڪنهن فارسي شاعر چواڻي: ”ڪائنات کي جنهن به نظر سان ڏسندؤ توهان کي اُها ائين ئي نظر ايندي“.
    طارق عالم جي نظر جو جهان به ڏاڍو رنگين ۽ دلڪش آهي، جيڪو منظرن کي به دلڪش ۽ رنگين بڻايو ڇڏي:

    ڳوٺ ويس جو مان،
    رستن آکيو مرڪندي
    وڏو ٿي ويو آن

    هن هائيڪي ۾ طارق عالم پنهنجي محبوب جنم ڀوميءَ جي تصور کي به پنهنجي محبوب جي برابر آڻي بيهاري ٿو. طارق عالم جا ٽه ـــ سٽا به جمالياتي دِلڪشيءَ سان ڀرپور ۽ پوپٽن جي پرن جهڙا رنگين آهن، انهن ۾ احساساتي بيساختگي ڪنهن آبشارَ جيان اُڇلون کائي ٻاهر اچي ٿي:

    مون کي اُڃَ نه آ
    پنهنجي سيني ۾ او موکي،
    سمنڊ ڀريو پيو آ
    -
    ڪالهه ته ڪونه هُئا
    راتو رات ڪٿان هي جھنڊا
    وڻ مان اُڀري پيا
    -
    آسَ جي حد نه ڪا
    منهنجو بابا به آڻيندو
    هيڏا رانديڪا
    -
    پڪ هُيو باهُو
    ساري وستيءَ ۾ گُونجي پي
    الا الا هُو
    -
    جڏهن به ملندا هاسين
    لڙڪن کي روڪي چئي ٿو:
    ڪيڏا کَلندا هاسين

    ٽه ـــ سٽا آهن يا ڪنهن سُرندي نواز جي سُرندي مان نڪرندڙ سُريلا سُرَ..... طارق جي ذات جو وڏي ۾ وڏو جُز به اها موسيقيت، رومانيت ۽ روحانيت ئي آهي، جيڪا سندس تخليق تي صبح جي سونهري اُس جيان ڇانيل آهي.
    زندگيءَ جي پُراسراريت ئي زندگيءَ جي سفر ۾ نِکار پيدا ڪري ٿي. اوچتا حادثا، پُراسرار واقعا ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ احساسَ، زندگيءَ جو لُطف وڌايو ڇڏين. ساڳيءَ طرح طارق عالم به هر دؤر ۾ ورجايو ۽ پڙهيو ويندو ۽ ان جي باوجود به هميشه نئون نئون ئي رهندو ۽ ايندڙ هر نئين نسل لئه اُتساههَ جو سبب پڻ بڻيو رهندو:
    شهر ۾ ٿا رهن سڀئي مُصحف
    تنهنجو ”طارق“ ئي داغدار آهي!


    سنڌي ادبَ جو مست قلندر ـــ روبينه ابڙو

    طارق عالم ابڙو جي شاهڪار ناول ”رهجي ويل منظر“ جا آخري لفظ آهن ته: ”مان وڌيڪَ جاڳي نه ٿو سگهان. وڌيڪَ جاڳڻ به نه ٿو چاهيان. مون کي معاف ڪري ڇڏجو. مون کي سخت ننڊ..... ننڊ...... ننڊ.... نن....“ ۽ هن کي واقعي ننڊ اچي ويئي. پر سندس چواڻي ته هو هاڻي ڏاڍو ٿڪجي پيو آهي ۽ دل ڀري آرام ڪرڻ پيو چاهي.... تمام ڊگهو ۽ نه کٽندڙ آرام....
    طارق جيڪو سمي کي اورانگهي هاڻي ازل جو هم رڪاب بڻجي چڪو آهي، هاڻي کيس صرف ۽ صرف گذريل وقت جي آرسيءَ ۾ ئي پسي ۽ پائي سگهجي ٿو ۽ آرسيءَ جا اولڙا آهن سندس اولاد ۽ ڪتاب.... جن کي جڏهن جڏهن به ڏسبو ۽ پڙهبو، طارق بي ساخته ياد اچي ويندو:

    شهر ۾ ٿا رهن سڀئي مصحف
    تنهنجو ”طارق“ ئي داغدار آهي

    ”طارق“ هڪ اهڙو ملامتي صوفي هيو، جنهن کي پنهنجي ذات کي زَد ۾ آڻي لکڻ جو هنر ۽ ڏانءُ هيو.... سندس محبتون هجن يا نفرتون، ٻيئي احساس، سوچ ۽ رشتي ۾ هميشه واضح ۽ خالص رهيون... ڊڄڻ ۽ لڪائڻ ته طارق ڪڏهن سکيو ئي ڪونه هيو. هن ۾ هڪ ئي وقت ڪوڙ لئه “No” ۽ سچ لئه “Yes” چوڻ جي همت ۽ جرئت هئي....

    پتڻ پري آ ۽ تيز لهرون
    اڪيلو طارق، نه ونجهه ڪوئي

    رهيم طبيعت جي خودسريءَ ۾
    ڪڏهن نه پاتم ڪو سَنجُ ڪوئي

    هو هڪ اهڙو مست الست فقير صفت شخص هيو، جيڪو سچ جي مچ ۾ بيخودي منجھان نچندو ۽ ڪڏندو رهندو هيو.

    شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا هم بين
    زه مي ترسم ز رسوائي سر بازار مي رقصم

    (محبوب جي عشق ۾ بدنام بڻجي ويو آهيان... اي نيڪ پرهيزگار! تون به اچي ڏس.... خواري ۽ بڇڙائي کان نه ٿو ڊڄان ۽ وچ بازار ۾ نچي رهيو آهيان....)

    مرا مخلوق مي گويد گدا چندان چه مي رقصم
    بدل داريم اسراري ازان اسرار مي رقصم

    (مون کي ماڻهو چون ٿا اي فقير!
    ايترو ڇالاءِ نچي رهيو آهين؟ دل ۾ وڏا راز آهن، انهن رازن جي ڪري نچي رهيو آهيان....)
    ”قلندر“ دراصل اهو صوفي آهي، جنهن جو مخصوص فلسفو، عمل ۽ عقيدو هوندو آهي...
    ”قلندر“ لفظ جي لغوي معنيٰ آهي ”درويش شخص“. بي قيد بدنيا.... يعني اهو جنهن جو دنيا سان لاڳاپو ۽ سٻنڌ نه هجي، پر طارق هڪ اهڙو درويش صفت شخص هيو، جنهن جو هڪ عام دنيا کان الڳ پنهنجو مخصوص فلسفو، عمل ۽ عقيدو هيو....
    هو هڪ اهڙو دنياوي درويش هيو، جنهن جو دنيا جي هر مسئلي ۽ موضوع سان سڌو سنئون واسطو هيو.... ۽ پوءِ اهو سياسي، سماجي ، مذهبي ڪوئي به مسئلو هجي يا ڪائنات جي اڻ ڳڻين موضوعن مان ڪوئي به موضوع.... هن ۾ فطرت طرفان انتهائي اتم درجي جي مزاحمتي سگهه ۽ سمجهه هئي.... ۽ ان بنياد تي ئي طارق سنڌي ادب ۾ جديد لاڙا متعارف ڪرايا ۽ فرسوده روايتون ٽوڙيون.... هو جدت پسند هيو، ان ڪري ئي هو هميشه نئين ٽهيءَ کي اڳتي آڻيندو ۽ همٿائيندو رهندو هيو.... هن جي صرف فن تي نظر هوندي هئي، فنڪار جي نالي ۽ حوالي تي قطعي به نه....
    ”مهراڻ“ ۾ طارق ڪافي اهڙن نون ليکڪن کي ڇپيو ۽ اهميت ڏني، جن کي هو ذاتي حوالي سان به ڪونه ڄاڻيندو سڃاڻيندو هو.
    طارق عالم سان منهنجو اهڙو تعلق هيو، جيڪو پکين جو آڪاس سان، لهرن جو سمونڊ سان، هوائن جو گلن سان ۽ پهاڙن جو بادلن سان هوندوآهي....
    ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان تعلق هڪ اهڙي تند آهي جنهن سان روحن کي رَفو ڪري سگهبو آهي....
    تعلق! جيڪو اوپرائپ جي صحرا ۾ پنهنجائپ جي گلابن تي پيار جا پوپٽ ويهاريندو آهي....
    تعلق! جيڪو مدفنن ۾ به محبتن کي زندهه رکندو آهي....

    ڪنهن پل ڇڄي الائي هي تند جند جي
    هي چنڊ آسمان ۾ مهمان ٿو رهي

    مون طارق کان گهڻو ڪجهه سکيو... هن مونکي نون نون موضوعن ۽ احساسن کان آگاهه ڪيو. هن جي رهنمائيءَ سان منهنجيءَ شاعريءَ ۾ نوان نوان رنگ ۽ موضوع جرڪڻ لڳا..... هن ئي منهنجي شاعريءَ کي ”رومانس“ کان ”انقلاب“ تائين جو دڳ ڏيکاريو. مان جيڪا سنڌي اديبن کان مڪمل طرح مايوس ۽ نااميد ٿي چڪي هيس، صرف طارق جي ئي بدولت مون وري يقين ۽ اميد جي آيتن سان پنهنجو ايمان تازو ڪيو.
    مان يقينن پاڻ کي خوش قسمت سمجھان ٿي جو طارق عالم جهڙي کري انسان، منفرد آرٽسٽ ۽ جينئس جي دور ۾ جنم ورتو ۽ ساڻس ويجھڙائپ رهي.
    اها ته هقيقت آهي ته ٻئي جي اک سان پاڻ کي ڏسڻ دنيا جو سڀ کان مشڪل ۽ حيرتناڪ فن آهي ۽ طارق ان فن جو ماهر هيو..... هن هميشه پاڻ کي ٻين جي اکين سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي تمنا پئي رکي ۽ ان فن جي عيوض کيس ڪيترو ڀوڳڻو ۽ سهڻو پيو، اهو ته هر ان فن جو ماهر ڄاڻي سگهي ٿو.
    طارق رائيٽر سان گڏ هُوٽر به ڪمال جو هيو. ۽ اها ته حقيقت آهي ته هُوٽنگ هميشه اهو ئي ماڻهو ڪري سگهندو آهي جيڪو پاڻ تي به تنقيد برداشت ڪري سگهندو هجي. ٻئي جي گناهه تي آڱر کڻڻ تمام آسان، پر پنهنجا گناهه ڳڻائڻ بيحد ڏکيو عمل..... ڇو جو اسين اهو سڀ ڪجهه هوندا ئي ڪونه آهيون جيڪي نظر ايندا آهيون ۽ جيڪي نظر ايندا آهيون، اهي اصل ۾ هوندا ئي ناهيون.... پر طارق جتي ٻين جي غلطين تي آڱر کڻندو رهيو، اتي چئن آڱرين جو اشارو پاڻَ ڏانهن به ڪندو رهيو.
    طارق عالم پنهنجو ناول ”رهجي ويل منظر“ ان دور ۾ لکيو، جڏهن زندگيءَ ڏي ويندڙ رستو هن جي قدمن هيٺان کسڪڻ لڳو هيو.... ”خودڪشي“ يا ”ناول“.... چونڊ لئه صرف ٻه ئي رستا بچيا هئا ۽ طارق خودڪشي بجاءِ ”رهجي ويل منظر“ جهڙي ناول جي چونڊ ڪئي ۽ خوب ڪئي.....
    طارق جو ناول ”رهجي ويل منظر“ خودڪشيءَ جهڙو ئي خوبصورت ۽ پراسرار آهي.... (ڇا محبت ۾ ناڪاميءَ جو تجربو خودڪشيءَ جهڙو ئي خوفناڪ ۽ تڪليفده ناهي هوندو؟)
    طارق جيڪو ٻاهران تمام گهڻو هوڏي، هٺيلو ۽ ضدي هيو، اهو ئي طارق اندران ڏاڍو نرم، نماڻو ۽ معصوم هيو. هن جو کلڻ ۽ روئڻ ٻيئي ٻارن جهڙا ئي هئا.... طارق محبت ۽ مزاحمت جي مٽيءَ مان ڳوهيل اهڙو ماڻهو هيو، جنهن جو هر جذبو محبت کان شروع ٿي مزاحمت تي ختم ٿي ويندو هيو....

    وستي وستي سئن هنئي
    سچ ونڊي ٿو وڻجارو



    هڪ دفعي پڇيو هئائين:
    ڇا تو منهنجو ناول ”رهجي ويل منظر“ پڙهيو آهي....؟
    چيم: ننڍي هوندي پڙهيو هيم، هاڻي ته ياد به ڪونه آهي!
    ڀلا هائيڪن جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“؟
    چيم: امتحاني پيپرن ۾ صرف نالو پڙهيو آهي...؟
    ڀلا ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو....؟
    چيم: هون... نالو ٿورو ٿورو ٻڌل پيو لڳي...!
    ڀلا ڪهاڻين جو ڪتاب ”رات، سانت ۽ سوچون“....؟
    چيم: بوڪ اسٽالن تي اڪثر ڏٺو اٿم...
    ڏاڍو کليو.
    ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ موت کي اکين سان ڏسندي به طارق نا اميد يا ڊنل ڪونه هيو.... سندس عقيدو ۽ ويساهه هيو ته: ”جيڪا رات قبر ۾ اچڻي آهي، اها ڪڏهن به ٻاهر ڪونه ايندي....“ ان ڪري موت جيڪو برحق ۽ اٽل آهي ۽ هر ساهدار کي هڪ نه هڪ ڏينهن موت جو ذائقو چکڻو ئي آهي، ته پوءِ موت کان ڀڄڻ يا ڊڄڻ ڪهڙو.....؟ هن کي يقين ٿي ويو هيو ته موت سندس ڪجهه به بگاڙي ڪونه سگهندو.... ڇو جو هو پنهنجي پٺيان پنهنجا اهڙا عمل ڇڏيون پيو وڃي، جيڪي موت کي به ماتِ ڏيئي ڇڏيندا آهن.....


    ـــ علي دوست عاجز پري پري تائين! ـــ علي دوست عاجز

    هونءَ ته زندگي پنهنجي نيم سان جابلو نئن وانگر وهندي ٿي رهي، لڙاٽي، تيز، هر شيءِ کي ڇڪي پاڻ سان کڻي ويندڙ، ڪٿان ڪڙڪي سان، ڪٿان ماٺار سان، ليڪن ماڻهو پاڻ کي ان وهڪري ۾ لڙهندو تڏهن محسوس ڪندو آهي، جڏهن ڪوئي زندگيءَ جي لڪيرَ ڇڪي ڏيندو آهي، ڊيڊ لائين.... ماڻهو زندگيءَ کي فاني سمجھندي به فاني تصور ناهي ڪندو، پر ٽائيم لمٽ مقرر ٿيڻ کانپوءِ اصل ۾ ڪو به ٽائيم ناهي بچندو. ڇا کي اوليت ڏجي. ڪهڙي شيءِ کي اهم ۽ غير اهم سمجھجي! جڏهن دانَ ۾ فقط ڪجهه ورهيه يا ڏينهن ملندا هجن.
    طارق جي گڙدن جي پيوندڪاريءَ جي ڪامياب آپريشن کانپوءِ ڪرام ويل جي ڊاڪٽر هن کي کلندي چيو: ”چوڏهن سالن جي لائيف گارنٽي، مان ٿو توکي ڏيان. انهن چوڏهن مان، ڏهه سال گذري چڪا آهن.“ اهڙي ڳڻتيءَ جو اظهار به طارق، ڪيئي سالَ اڳ نصير سان ڪري چڪو هو.
    اهڙيءَ صورتحال ۾، خبر ناهي ته هو موت کان ڪيترو مرعوب هو. پوءِ به هن ڪجهه اوليتون ضرور مقرر ڪري ورتيون هيون. مثال طور: ڪارٽيزون جي لاڳيتي استعمال جي ڪري سندس ساڄي اک ۾ ڪيٽرڪٽ پوڻ ڪري، ڊاڪٽر اهو انديشو ڏيکاريو ته: ”اهو اڳتي هلي وڌندو ۽ کاٻي اک سان به مسئلو ٿي سگهي ٿو، ۽ اهي ڪارٽيزون بند نه ٿيون ته، تون سواءِ انچ ڏيڍ جي مفاصلي جي، ٻيو ڪجهه چٽو پَسي نه سگهندين.“
    ۽ هُنَ ڪائنات جي هر ننڍي وڏي نظاري کي ٻيهر اکين مان ڪڍڻ شروع ڪيو. بلڪه ڪئمرا وانگر ان نظاري کي اکين ۾، شعرن ۾ محفوظ ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ۽ هن جي آرٽسٽ اکين ڪيترن ئي ڏيکن، چهرن ۽ احساسن کي قابو ڪندي ”مورن اوچا ڳاٽ“ ترتيب ڏنو/تخليق ڪيو.
    ”مورن اوچا ڳاٽ“ هائيڪو شاعريءَ جي حوالي سان هڪ خوبصورت مجموعو آهي. جنهن ۾ ڪيئي احساساتي منظر قلمبند ٿيل آهن، تنهن هوندي به طارق جي سڃاڻ هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار واري ئي رهي. اصل ۾ طارق جي ڪهاڻين ۽ احساسن، جڏهن به اختصار جي انگِي پئي اوڍي، تڏهن انهن شاعريءَ جو روپ اختيار پئي ڪري ورتو. ۽ نظم ڄڻ سندس منظوم ڪهاڻي بڻجي پئي ويا.
    طارق عالم جي هن مجموعي ۾ ڏنل شاعري پڙهندي محسوس ٿئي ٿو ته طارق فطرت پسند ۽ نگاهن سان منظر فلمائيندڙ شاعر هو، جنهن پنهنجن احساسن کي شاعريءَ جو روپ ته ضرور ڏنو آهي، پر ڪنهن عام شاعر وانگر رڳو قافيه پيمائي ناهي ڪئي، هن جا ڪجهه شعر/غزل ته آهن ئي بنا قافيي جي (جن کي غزل چوڻ مناسب نه ٿيندو) تنهن ڪري، هن جو اڪثر ڪلام رنگن سان ڀريل ٿالهه يا ريشم جي کليل ٿانن وانگر محسوس ٿيڻ جي باوجود، پڙهڻ کانپوءِ ڪنهن اهڙي اداسيءَ ۾ ٻڏل احساس کي جنم ٿو ڏئي، جيڪو سمنڊ ۾ ڪرندڙ سج جي ڏسڻ سان پيدا ٿيندو آهي.
    تون جنهن کي پٿرن جو ڍير ٿو چئين
    سا منهنجي ماءُ جي قبر آهي
    -
    اسان جي ڀاڳ ۾ آهين نه آهين،
    اسان جي خواب ۾ آهين مگر تون،
    نه هو پيغام اڄ بي ڪو پرينءَ جو،
    هوائن جا پلوَ کولي پڙهيائين.
    مٽايا اُس پاڇا پئي اڱڻ ۾،
    غمن جا ڇڄ گُم سم ٿي ڇڙهيائين.

    ڄڻ هن جا احساس منظرن مان ٿا جنم وٺن ۽ هو انهن احساسن کي وري منظرن جي خوبصورت تشبيهن سان نظمَ جو روپ ٿو ڏئي ۽ اها ڳالهه هن جي ڪلام ۾ تمام ججھي انداز ۾ ٿي ملي هوائن جا پلوَ کولي پڙهڻ، اڱڻ ۾ اس جا پاسا مٽائڻ غمن جي ڇڄ ڇڙهڻ وارو فن ۽ ترڪيبون فقط طارق وٽ آهن.
    توڙي جو اهي منظر نوان هرگز ڪونه آهن، پر اهي شاعريءَ ۾ به اهڙيءَ ريت بيان ناهن ڪيا ويا. ڇو ته انهن کي، اهڙي ريت فقط طارق عالم جهڙو مصور شاعر ئي پيش ڪري ٿو سگهي جو هو بنيادي طور هڪ مُصور آهي لفظ هن لاءِ ميڊيم يا اظهارَ جو وسيلو آهن، رنگن جي جاءِ تي.
    سمونڊن تي سيگل ڏسي ايئن لڳو
    اڏايا هجن، ڪنهن سوين خط ڪٺا
    -
    سرءَ جي شامَ، هو وسرام لئه لهي پيو سج
    هوا لڏي پئي وڻ ۾، اداس آهي ٺل
    -
    هي ڪاريءَ جو ڪنڌ لڙهي ٿو
    يا سنڌوءَ ۾ چنڊ لڙهي ٿو
    -
    ڇوڪري آهي يا ڏکڻهاري
    اک ان جي هزار ڏنگ آهي
    -
    نديءَ جو ڇوڙ ساگر ۾ ٿئي ٿو
    محبت جا هزارين ڇوڙ آهن

    طارق جي شعر ۾ ڪنهن به قسم جي مصنوعيت نه آهي، نه لفظن جي هيرا ڦيري، نه ڏک جو ڏيکاءُ. هو سنڌ جو سچو آرٽسٽ ۽ درد مند ليکڪ/شاعر آهي. هن وٽ پنهنجا پُور ۽ سنڌ جا سُور رليا مليا پيا آهن. هن سنڌ جي سورن کي تبليغ بدران تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. پوءِ اهو بينظير جي شهادت جو هاڃو هجي يا ٻوڏن جون تباهيون، خواب هن جا پنهنجا ذاتي هجن يا عام جا، جيڪي ڏهه ڪلو اٽي لاءِ قطارن ۾ بيٺل هوندا هئا، ۽ هن کي ڪڏهن ڊسٽ بن الٽيون ڪندي محسوس ٿيندا هئا ته ڪڏهن روح جي تختين جهڙا جھوپڙا لڙهندا نظر ايندا هئا.

    هي ڪنهن جا خواب ٿا لڙهندا وڃن پيا
    سنڌوءَ جي لهرن ۾
    هي جھرندڙ جھوپڙيون آهن
    يا منهنجي روح جون تختيون پيون وکرن
    هي ننڍڙي وڇ، تري هڪ وار ظاهر ٿي
    وري گم ٿي ته گم ٿي وئي

    ريل جي ڪُوڪ انڌيري کي پئي پرچائي،
    دل ته ڌڙڪي پئي ، پر جسم ڪٿي بي ناهي،
    لڙڪ لرزي ٿو، مگر نيڻ ڪٿي بي ناهن،
    درد آهي ته سهي، زخم ڪٿي بي ناهي،

    سنڌ جو آسمان مون کان پڇي ٿو،
    بينظير ڏٺئي؟
    ۽ مان پنهنجي ڀنل اکين سان،
    زمين کان آسمان تائين،
    گلن جي پنکڙين جي
    هڪ اڻکُٽ طوفان کي
    ڦيريون پائيندي ڏسندو رهان ٿو.

    هن جو نظم ”سنڌ يونيورسٽي“ ته ڄڻ کانئس حسرت ڀري موڪلاڻي آهي.

    جي به خواب پوکيم، رات جي زمين ۾
    سي اڃان کِڙيا نه ها، ڪنهن ٻڌل ربين

    حسرتون ته ٻيون به هيون، جيڪي شاعريءَ جي نوٽبڪن ۾ گلاب جي پتين وانگر سوڙهيون ٿي سُڪي رهيون هيون.

    ڀري جھول آئي ستارن جي رات
    مگر تون نه آئينءَ ته هو ڇا ڪري!

    هي سٽون هن چيون ته الاءِ ڪنهن لاءِ هيون، پر مون کي لڳو ته ڄڻ هن پاڻ لاءِ ئي چيون هجن.

    رات گهاري هليو ويو هو به
    بس گذاري هليو ويو هو به

    هرڻ گم ٿي ويو آ جھنگلن ۾
    ۽ پويان ڇال رهجي ويا هوا ۾

    هن جو نظم ”هو اڪيلو ئي ته هو“ ڄڻ سندس سيلف پورٽريٽ آهي.

    مزارن تي ويٺل ڪبوترن جيان پاڻ ۾ گم
    خدا جي وليءَ جي مجاور سمان

    هن جي شاعريءَ ۾ خود ڪلاميءَ واري ڪيفيت به آهي ته تخاطب واري به جنهن ۾ تخليقڪار، جو ڪجهه پنهنجي شعور واري سگهاري اک سان، ڇهين حواس سان ڏسندو ۽ محسوس ڪندو آهي، ان جي آگاهي ۽ چتاءُ به ڏيندو ويندو آهي.
    ڪنهن پل ڇڄي الاءِ هي تند جند جي
    هي چنڊ آسمان ۾ مهمان ٿو رهي

    جدا ٿيڻ کان اڳ ڪجهه کلي ملي ته وٺون
    ٻِي يا نصيب ملاقات، ڪا خبر ڪانهي !

    ڪيترائي جڳاڙي ۽ جُگادري، هن جي گُفتي ۽ قلم کان ڪئو پيا کائيندا هئا. ايئن ڪندي، هن ڪنهن جي پرواهه به ڪانه ڪئي. ۽ جيڪي جِينيس هئا، انهن کي ٽربيوٽ به هن دل جي حضور سان ڏنو.
    هن وٽ تخليقڪارن لاءِ بيحد عزت ۽ مڃتا هئي، پوءِ اهو علي بابا هجي يا شيخ اياز. علي بابا لاءِ چوندو هو: ”هُو جڏهن مون سان هٿ ملائيندو آهي ته منهنجي آڱرين ۾ تخليق وڄ جيان ڌڙڪا ڏيڻ لڳندي آهي.!“
    ۽ اياز لاءِ:
    سنڌڙي تنهنجي سينڌ سنوارڻ،
    ايندو هاڻ اياز نه ڪوئي

    هن کي Boss جي بانس کان سخت ڪوفت ٿيندي هئي، ۽ هو اهڙي ناپسنديدگيءَ جو اظهار ڪيترن ئي نمونن سان ڪندو هو ۽ ان لاءِ ڪڙيون تشبيهون ۽ لفظ ڪم آڻيندو هو:

    پيو ڄِڀن سان ڏنگي ٿو هر ڪنهن کي
    وات هن جو لنڊيءَ جو ڏر آهي

    شاعراڻي احساس ۽ اظهار کان هٽي، هن ڪڏهن به فيل نه ڪرايو ته ڪو هن هارايو هو، نه ئي هن اهڙي قسم جي ڪا ڪمزوري لکائي... آخري ملاقات ۾ جڏهن ڊاڪٽرن وٽان مليل ٿوري موڪل واري وٿيءَ ۾ گهر آيو هو، کيس ڪينولا لڳل هُيو. صفا ڪمزور، چَپ خشڪ، پر رويي ۾ اڏول ۽ پُر اعتماد سڀ ڪجهه سمجھندي به سڀ ڪجهه لاءِ تيار. ”بس لکيوسين، پڙهيوسين، پيار ڪياسين، ٻيو اڃا ڇا ڪيون ها!“
    طارق اسان کان ان عمر ۾ جُدا ٿي ويو، جيڪا تخليق جي حوالي سان سنڍ ناهي هوندي، سندس عمر ايڏي نه هئي جنهن ۾ تخليقڪار پنهنجو وقت ويٺي ويٺي يا ڪتابن پڙهڻ ۾ گذاريندو آهي، طارق کي مهلت ملي ها ته هو اسان کي اڃان گهڻو ڪجهه ڏئي ها. ان ڳالهه جو احساس کيس به ضرور هيو.

    ٿا جاڳن ڳوٺ ڳالهين جا اکين ۾!

    پر سڀني شين کي اڌورو ئي رهجي وڃڻو هو، سندس هڪ ننڍڙي نظم جون سٽون آهن ته:

    منهنجي مرڻ سان
    ڪيتريون ڪهاڻيون
    ڪيترا ناول
    ڪيترا ڊراما مري ويندا.

    اڄ جڏهن هو ڄامشوري ۾ وڻن جي جھڳٽي ڀرسان، پٿريلي زمين تي، جنهن طرف هو اڪثر سنڌي ادبي بورڊ واري آفيس جي دريءَ مان نهاريندو رهندو هو، هڪ ڊگهي سپني ڏسڻ لاءِ سمهي رهيو آهي، تڏهن ايئن پيو لڳي ڄڻ سندس آڱرين جي گرفت مان ڪيترائي پنا ڇڏائجي ويا آهن، جيڪي هوا ۾ سوين سِيگلس وانگيان اڏامي رهيا آهن ـــ جن کي ڏسي، سوچجي ٿو، الائي ته ڇا لکيو هوندائين انهن تي!!


    رواجي موضوعن کي نواڻ ڏيندڙ شاعر....! ـــ شبنم گل

    هالار پبليڪيشن پاران تازو ئي طارق عالم جو ڪتاب ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڇپجي منظر تي آيو آهي. شاعريءَ جي هڪ منفرد ۽ اهم صنف هائيڪو تي مشتمل هي ڪتاب، طارق عالم جي نئين ڪاوش هڪ منفرد انداز ۾ پڙهندڙن آڏو آهي.
    سنڌي ادب ان لحاظ کان rich ادب آهي جو اهو ادب جي دنيا ۾ رونما ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي اندر ۾ سموئڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿو. اسي واري ڏهاڪي ۾ جتي دنيا ۾ Scientific Discoveries انقلاب برپا ڪري ڇڏيو اتي ادب کي به بدلجندڙ دنيا جي نون لاڙن ۽ رجحانن هڪ تازگيءَ جو احساسُ ڏنو. اهڙا ڪيترائي نوان تجربا ادب جي مختلف صنفن تي ڪيا ويا پر جيئن ته ڳالهه هلي پئي شاعريءَ جي ته ان حوالي سان صرف شاعريءَ جو ذڪر ڪنداسين.
    جيئن آزاد نظم نون خيالن ۽ نون سوچن کي کڻي ادب جي وسيع ايوانن ۾ داخل ٿيو. ائين هائيڪو پنهنجي سونهن، اختصار ۽ ڀرپور تاثر نِگاريءَ، سميت سنڌي شاعريءَ ۾ تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ڪئي آهي.
    جيئن ته اسان سڀني کي خبر آهي ته هائيڪو بنيادي طور تي جاپاني شاعريءَ جي مقبول ترين صنف آهي. جيڪا سونهن، جيڪو خيالُ ۽ جيڪو تاثر جاپاني هائيڪي ۾ اسان کي ملي ٿو ان جو روح سنڌي هائيڪي ۾ ڪٿي به مجروح نه ٿو ٿئي پر جاپاني هائيڪي وانگر سنڌي هائيڪو به ٽريٽمينٽ جي اعتبار کان پنهنجي فارم ۾ فٽ نظر اچي ٿو.
    هڪ گهڙي، لمحي ۽ پل ۾ ڪائنات جي سڄي رمز سمايل آهي جيڪڏهن ادارڪ جو پاڇو اڻ چٽو هجي ته اهي گهڙيون، لمحا ۽ پل بي معنيٰ آهي، پر جي باطن جي ٽين اک روشن آهي ته ان هڪ گهڙيءَ جي جھپڪي ۾ اندر جا موسم، فهم ۽ ادارڪ جي روشنيءَ ۾ اجرا ٿي پوندا آهن.
    ”مورن اوچا ڳاٽ“ به طارق جي باطن جي ٽين اک جي ان هڪ جھپڪي ۾ ڪيل مشاهدي جو خوبصورت اظهارُ آهي.
    سوچون، تجربا ۽ مشاهدا تنهائيءَ جي پس منظر مان جنم وٺي تخليق ۾ ڪو تاثُر پيدا ڪندا آهن ۽ طارق ان سانت، ماٺار ۽ خاموشيءَ کي ڪا معنيٰ ڪو خوبصورت مفهوم ۽ ڪو نئون عُنوان ڏيڻَ جو پورو پورو ڏانءُ رکي ٿو.
    طارق تنهائيءَ جي ان همه گير احساسَ کي پنهنجي هائيڪي ۾ ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:

    خالي آڳُرَ ۾
    پٽ تي پيلو پن
    سانت ڀاڪُرَ ۾

    ان تنهائي ۾ هيڪلائپ جو تاثُر ٻئي هنڌ وري ڪجهه هن ريت ملي ٿو:

    ٽيڙن جي ٽم ٽم
    سرد هوائن۾ بيٺل
    تنها وڻ گم سم

    هائيڪو جي سڄي سونهن منظر نِگاري ۾ آهي جنهن سان ڪٿي نه ڪٿي ڪو انوکو احساسُ ڪو اشارو يا ڪو واقعو منسوب هوندو آهي. يعني هڪ لحاظ کان مشاهدو ڪندو رهڻ فطرت جو ۽ سموري ڪائنات ۾ ٿيندڙ چرپر جو ۽ پوءِ ان سڄي وسعت کي ٽن سٽن ۾ سموئي ڇڏڻ، هائيڪو جي خوبصورتي آهي، ۽ طارق هائيڪو جي ان رمز کان بخوبي واقف ٿو ڏسجي. هن سنڌ جي سونهن کي پنهنجي هائيڪن ۾ جنهن مهارت ۽ سادگيءَ سان چٽيو آهي ان ۾ سنڌ جي روايتي ماحول جو هُڳاءُ آهي.
    ان لحاظ کان طارق جي هائيڪن ۾ جذبن جي گهرائيءَ سان گڏ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيارَ جو ڀرپور تاثُر ملي ٿو. طارق جي هائيڪن ۾ مختلف منظرن جو عڪسُ چٽيل آهي. جيئن ڪارونجھر جي ڪورَ تي کنوڻين جا چمڪاٽ، ڪچيءَ ڀت مٿان چمپڪ ورني نينگر ڇيڻا ٿڦيندي، مُهاڻن ٻارن جي اڏاريل آشڙين دوران تاڙين جا ڦهڪا، بوند پوڻ تي گهر آڳر کان ٻاهر دڳ تي نڪري ايندڙ کيچليون ۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي انيڪ منظر.
    مثال طور هڪ هنڌ طارق هڪ منظر کي ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:
    سنڌوڪنارو
    ٻيڙيون، ٻار، مُهاڻيون
    ٽمڪيو پي تارو.

    وري ٻئي هنڌ هڪ ٻيو منظر نيڻ نهار تائين ڦهلجي وڃي ٿو.

    پوڙهو سڄو پگهر
    نيڻن ۾ سومهڻي پاڇا
    پويان ڦهليل ٿَرُ

    طارق، عام رواجي موضوعن کي هڪ نواڻ ڏني آهي. هونئن به هائيڪو ۾ موضوع جي اعتبارَ کان ڪا پابندي نه آهي ۽ اها ئي هائيڪو جي انفراديت آهي. ڪو به منظر. نِگاهن ۾ رفليڪٽ ٿي دل جي گهرايُن کي ڇُهي وٺي ته هائيڪو جو موضوع ٿي سگهي ٿو. جيئن:

    بلب روشن هو
    پتنگ اُڏريو تنهن مٿان
    ڪرڙيءَ جو حملو

    انسان جي زندگيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ موضوع ته پُراڻا ٿي سگهن ٿا پر هڪ اک کان ٻي اک تائين هڪ ذهن کان ٻئي ذهن تائين فڪر جي گهرائي، مشاهدو ۽ احساس جي انفراديت، ٽريٽمينٽ جي نقطه نِگاهه کان ان پراڻي موضوع ۾ نواڻ آڻيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو طارق جي اکين عام رواجي موضوع کي فوڪس ڪري ان کي احساسَ جي فريمَ ۾ اهڙيءَ طرح سان فٽ ڪري ڇڏيو آهي جو پڙهندڙن کي لفظن جي ان آرسيءَ ۾هر منظر چٽو نظر اچي ٿو) ۽ هو به ڄڻ ته ان ئي منظر جو حصو بڻجي وڃن ٿا، مٿال طور هڪ جڳهه تي هڪ هائيڪي ۾ هڪ عام منظر آهي:

    بابُوءَ هنئي سيٽي
    مائيءَ ڊوڙي ٻار کنيو
    رهجي ويس پيٽي

    هڪڙي ٻئي هائيڪي ۾ طارق مامتا جي لازوال جذبي جي سچائيءَ کي هڪ پلڪ ۾ جھٽي ورتو آهي:

    گھلي پورب واءُ
    ٻالڪ پهرين وک تي
    ڪيڏو مُرڪي ماءُ

    جيئن ڪائنات جي سندر اکين ۾ هڪ پوڙهو ماڻهو اٽڪي پوندو آهي ائين نون جذبن نين اُمنگن سان نوجوان کي پنهنجي نئين دنيا ۾ پوڙهو ماڻهو ڀري بهار مان سڪل ٽارڙيءَ جيان لڳندو آهي. طارق ignore ٿيل ان پوڙهي ماڻهوءَ جو ڏک سمجھي ٿو:

    جھور هيو پوڙهو
    ايندڙ ويندڙَ کي چئي
    منهنجو ڳالهه ٻُڌو

    زندگيءَ ۾ رنگ آهي، خوشيون آهن، پيارُ آهي پر ساڳي وقت ۾ زندگيءَ جون ڪجهه تلخ حقيقتون زندگيءَ جي ان سونهن ۽ سُندرتا جي سموري احساسَ کي زائل ڪري ڇڏينديون آهن. خوشين جا سمورا رنگ اسان جي شهرن جي نقشي تان ميسارجي چڪا آهن، اڄ ماڻهو گلن جي سرهاڻ بدران بارود جو زهرُ پنهنجي ساههَ ۾ اوتي رهيا آهن. فطرت جي سونهن آڏو ٽيئر گيس ۽ بارود جو ڌنڌ ڇانيل آهي. اکين خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. اهڙي صورتحال ۾ هڪ حساس شاعرٻين کي ڪيئن رومان پرور فضائن جا خواب ڏيکاري سگهي ٿو اهڙين حالتن ۾ هُو فقط اهو ئي چئي سگهي ٿو:

    رستا سڀ ويران
    ڏهاڳڻ جي سينڌ جان
    ڪرفيو جي دوران

    هو ان حقيقت کان آگاهه آهي ته زندگي انسانيت جي لئه تي ڇيڙيل هڪ پيار ڀريو آلاپُ آهي ۽ انسان هن ڌرتيءَ تي محبتن جو سفير. پوءِ هڪ انسان کان ٻئي انسانَ جي سوچَ ۾ ايڏو تضادُ ڇو آهي؟ زندگيءَ جي حسن کي گهائل ڪرڻ وارن لاءِ طارق جي لهجي ۾ حيرت سان گڏ افسوس جو تاثر به ملي ٿو:

    ڪيڏا احمق آهن
    ان اپائڻ بدران
    گوليون پيا ٺاهن

    پر انهن تلخ حقيقتن جي باوجود به طارق حالتن مان مايوس نه ٿو ڏسجي. شڪست جي احساسَ کي پنهنجي مٿان طاري ڪرڻ بدران هو اڃان به انسانيت جي روشن آئيندي تي ويساهُه رکي ٿو. اُميدَ جو روشن رنگ سندس هن ٽه سٽي مان صاف ظاهر آهي:

    اڃان نه مان مايوس
    توڙي جو نگري ۾
    هيڏي ٻڪر ٻوس

    هو پڙهندڙن کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو:
    ”منهنجا محترم ۽ بيحد پيارا دوستو! ان کان اڳ جو منهنجي نيڻن ۽ ڪائنات جي وچ ۾ ڪيٽرڪيٽ جو (آئرن ڪرٽين) اچي وڃي ۽ مون لاءِ سڀ ڪجهه الوپ ڪري ڇڏي، مان هي هائيڪن جي ننڍڙي سوکڙي، توهان کي بيحد سڪ ۽ پيار مان آڇيان ٿو.“
    ۽ پڙهندڙن کي به طارق عالم مان اها توقع آهي ته ان اميد جنهن کيس ”رات، سانت ۽ سوچون“ لکڻ لاءِ اڪسايو ۽ جنهن کيس ”رهجي ويل منظر“ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اتساهيو، ۽ جنهن ايترين مشڪلاتن جي باوجود پڙهندڙن کي هڪ خوبصورت تحفو ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڏيڻ لاءِ هڪ حوصلو عطا ڪيو. اها اميد زندگيءَ ۾ اڳتي به طارق کان ڪجهه نه ڪجهه لکرائيندي رهندي.
    مجموعي طور تي ڪِتابَ جو ٽائيٽل پر ڪشش ۽ ڇپائيءَ جو انداز دلڪش آهي. انهن سمورين ڳالهين کي نظر ۾ رکندي چئي سگهجي ٿو ته ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ادب ۾ هڪ خوبصورت اضافو آهي.


    هو، منهنجو لاڏلو آهي..... ـــ رضيه طارق

    اڄ جڏهن طارق تي لکڻ لاءِ هن سان گذاريل 17 سالن کي پٺ ورائي ڏسان ٿي ته محسوس ٿئي ٿو. ڪجهه به ته ناهي بدليو، اهو ئي سڀ ساڳيو، شروعاتي ڏينهن جهڙو. هن جو ڳالهائڻ، هن سان گهمڻ، ڦرڻ، کيس صبح جو سڏي جاڳائڻ گڏجي ناشتو ڪرڻ، آفيس لاءِ تيار ٿيڻ، گهر ۾ هن جي ٻارن سان هر وقت مستي مذاق، خاص طور تي پنهنجي ننڍي پٽ لاهوت سان جنن واري ٻوليءَ ۾ گفتگو ڪرڻ ۽ٻاتائي ڳالهائڻ. وڏي پٽ هالار جي نالي جي آخري حرف پٺيان ”ي“ جو اضافو ڪري چينلز تي نظر ايندڙ نون گانن جي وچ ۾ ٽنبي ڳائي تنگ ڪرڻ، تهه ڪري رکيل ڪپڙن کي بگاڙي ڇڏڻ، منهنجي هٿن مان ڪتاب کسي وٺڻ، لاهوت سان گڏجي مختلف طريقن سان مون کي تنگ ڪرڻ ۽ تنگ ڪري لطف اندوز ٿيڻ، KTNتي گانا ڳائيندڙ پاپ سنگرز جون آهلون ۽ ڊانسز ڪري گهر مٿي تي کڻڻ. طارق سان گذاريل وقت ۾ کيس سنجيده ٿيندي فقط ٻن موقعن تي ڏٺو اٿم. هڪ ڪتاب پڙهڻ وقت ٻيو ڪهاڻيون لکڻ وقت.
    طارق بظاهر بيحد مستي خور پر اندران پشم گولي جهڙو نرم ۽ مٺو آهي. مان هن کي ڪيئي ڀيرا ٻين جي تڪليفن تي بيچين ٿيندي ڏٺو آهي. هن کي سياستدانن کان وڌيڪَ انقلابي وڻندا آهن. سٺن ڊائريڪٽرز جون فلمن کي ڏسڻ هن جي شوق ۾ شامل آهي. هو اهڙين فلمن جي ڊرامائي سينن تي پنهنجي ٻارن سامهون به لڙڪن کي روڪي نه سگهندو آهي. سندس پسنديده ليکڪن ۾ ڪامو، ڪافڪا، دوستو فسڪي، چيخوف ۽ مارڪيز شامل آهن. طارق، بانو قدسيه، اشفاق احمد ۽ ٻين جي لکڻين جو به چاهڪ آهي. هو اياز سان محبت ڪندو آهي.
    طارق طبيعتن معصوم ٻارن وانگر آهي، جيڪو فرمانبردار به آهي ته ضدي به، شرارتي به آهي ته سنجيده به، لاپرواهه آهي ته ذميدار به، صاف گو آهي ته ڪڙو به. هو فلمن ڏسڻ، ڪِتابن پڙهڻ کان وٺي دوستيون رکڻ تائين سليڪٽو آهي.
    مون پنهنجي طرفان ڪڏهن به ناهي چاهيو ته طارق جي طبيعت ۾ بدلاءُ اچي، هن وقت تائين جيڪو به هن ۾ بدلاءُ آيو آهي اهو سندس طبيعت موجب ۽ مثبت ئي آيو آهي.
    شادي کان اڳ طارق جي گهر ڀاتين مون کي صاف لفظن ۾ٻڌايو هو ته: ”هو غير ذميدار، لاپرواهه، هر ڳالهه کي آسان وٺندڙ اول نمبر جو فلرٽ ۽ مهينن جا جا مهينا گهر کان غائب رهندڙ ڇوڪرو آهي.“ پوءِ به نه ڄاڻ ڇو؟ طارق ۾ مون کي اهڙي ڪا به خامي نظر نه آئي هئي. شايد ان جو وڏو سبب سندس لکيل ناول ”رهجي ويل منظر“ رهيو هُجي، جنهن مون کي طارق جو اندر ”ڊائسڪٽ“ ڪري ڏيکاريو هو، ”طارق ايئن نه آهي رضيه، جيئن عام کي ڏسڻ ۾ اچي ٿو!“
    شاديءَ کانپوءِ، منهنجي يقين ثابت ڪري ڏيکاريو ته طارق ايئن نه هو، جيئن نظر آيو ٿي. هو بيچلر لائيف ۾ ٻين چواڻي جيترو آواره گرد، لا پرواهه ۽ فلرٽ رهيو. شادي کانپوءِ اوترو ذميدار، مون سان ۽ ٻارن سان محبت ڪندڙ، سوسائٽي ڏانهن ڪميٽيڊ ثابت ٿيو. جيتري قدر فلرٽ واري ڳالهه هئي ته اها به غلط ثابت ٿي حقيقت ۾ هو فلرٽي ڪڏهن به، نه هو. بلڪه هو ته سچائي ۽ خلوص نيت سان ٻين جي خوشين ۽ غمن ۾ شريڪ رهندو هو. اصل ۾ اهي ڇوڪريون طارق کي سڃاڻي نه سگهيون. ان ڪري اهي، هن کي لاپرواهه، غير ذميدار ۽ بيروزگار سمجھي اڌ ۾ ڇڏينديون رهيون. سندن اهڙي رويي، طارق کي هميشه رنجايو ۽ هو پنهنجي ان ڏک ۽ صدمن کي پنهنجي اندر ۾ کنيو هلندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان قسم جو اظهار پنهنجين ڪهاڻين، ڊرامن ۽ ناول ۾ ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪندو رهيو. شايد ان ڪري ئي طارق کي سنڌي ادب جو ”روميو“ به سڏيو ويو.
    طارق جي ڪيترين ڳالهين مان اها ڳالهه به ڏاڍي وڻندي اٿم ته هو عورت يا ڇوڪريءَ جو احترام ڪندو آهي. جيڪا سندس لاءِ قابلِ عزت رهي آهي. انهيءَ لاءِ مون کي اِهو ڪڏهن به خراب نه لڳو آهي ته هو ڪنهن عورت يا ڇوڪريءَ سان ڇو ٿو ڳالهائي يا ملي؟ نه ئي مون کي ڪڏهن هن تي ڪو، شڪ ٿيو آهي. بلڪه مون کي اهو ڏسي خوشي ٿيندي آهي ته طارق جي شخصيت ، سڀاءُ ايترو سٺو آهي جو ڇوڪريون/عورتون هن سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ جون خواهشمند رهنديون آهن. دراصل طارق کي فلرٽ چوڻ وارا پاڻ ذهني طرح فلرٽ آهن. طارق ته پنهنجي دوستيءَ ۾ سچو ۽ کرو انسانُ آهي. هو دوستن ۾ وڌ ۾ وڌ نصير مرزا، نصر جان ۽ اخلاق سان محبت ڪندو آهي.
    طارق نڊر ۽ بيباڪ به آهي، هو ماڻهن کي منهن تي ڦهڪائي ڏيندو آهي، جيڪو چوڻ چاهيندو آهي چئي ڇڏيندو آهي ۽ جيڪو ڪرڻ چاهيندو آهي ڪري ڇڏيندو آهي. اها ڳالهه فائدي واري به آهي ۽ نقصانڪار به، جنهن مان هن کي نقصان وڌيڪَ پهچندو آهي، پر مان ان جي ان عادت کي به سندس خوبين ۾ شُمار ڪندي آهيان.
    طارق چوندو آهي ته هُو ڊڄڻو آهي. پر مان چونديس ته هُو ڊڄڻو ناهي. ان جو ثبوت هن جي بيماريءَ وارو دور آهي. اهو صحيح آهي ته جڏهن هن کي ڪا به ننڍي يا وڏي تڪليفَ بُخار وغيره ٿيندو آهي ته ننڍو ٻار بڻجي ويندو آهي. پر جڏهن هن کي پنهنجن گڙدن جي خراب ٿيڻ جي خبر پئي هئي ته مون هن کي ان بيماري جو وڏي همت، صبر ۽ بهادريءَ سان مقابلو ڪندي ڏٺو. مسلسل هڪ سال تائين ڊائلاسز جي تڪليف ده مرحلي مان گذرندي ڪاڪڙو سڪائيندڙ گرميءَ ۾ چوويهن ڪلاڪن ۾ صرف هڪ گلاس پاڻي پيئڻ جهڙي سختين سان منهن ڏيندي ڏٺم. هن جي حوصلي ۽ همت، مون کي به همت ڏياري، جو مان هر پل ۽ هر لمحو هن سان گڏ اعتماد سان رهيس. آپريشن لاءِ لنڊن وڃڻ ۽ آپريشن ٿيڻ کانپوءِ ڪامپليڪيشن کي جنهن همت ۽ حوصلي سان طارق منهن ڏنو، ان صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿي ڪري سگهان. لنڊن جي اڻڄاتل رستن، گهٽين، روڊن ۽ پيچرن ۾ صبح کان شامَ تائين پنهنجي ڊپريشن کي ختم ڪرڻ لاءِ گهمندا رهندا هئاسين. اسپتال ۾ روز چيڪ اپ ۽ زخمن تي ڊريسنگ ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن ”پرنسس گريس“ ته ڪڏهن ”ڪرام ويل“ وڃڻو هوندو هو ۽ وري ٻي ڏينهن جي انتظار ۾ سڄي ڏينهن کي گھارڻ لاءِ لنڊن جي انڊر گرائونڊس جو نقشو کڻي هڪ ٽرين مان لهي، آرٽ گئلريون، ميوزم ۽ باغ گهمي ٻي ٽرين ۾ چڙهي ڪنهن ٻي هنڌ لهي پوندا هئاسين. ۽ وري ٻي ڏينهن ان اميد سان اسپتال ويندا هئاسين ته اڄ ڪامپليڪيشن جي ختم ٿيڻ جي خبر ملندي. اهڙي طرح ستن صدين جهڙا ست مهينا گذري ويا. انهن ستن مهينن ۾ هڪ اهڙو لمحو به آيو جڏهن طارق همت هاري ويٺو هو. مون کي ياد آهي اهو هاءِ اسٽريٽ ڪنزنگٽن جو معروف روڊ هو، جِتان ڪراس ڪندي طارق جي سٿرن سان ٻڌل ڇهن ليگ بيگس مان هڪ کُلي وئي هئي ۽ ٿيلهيءَ ۾ ڀريل پيشاب سندس پينٽ خراب ڪري ڇڏي هئي ته هن سخت ڏکوئجي چيو هو. ”هي وڏو عذاب آهي، مان بيزار ٿي پيو آهيان.“ هن جي چهري تي معصوم ٻارن جهڙي ويچارگي اڀري آئي هئي. مون کي محسوس ٿيو هو. ان وقت به هن کي آپريشنز جي تڪليف جو ڏک نه هو. بلڪه ”يورين بيگ“ جي کلي سندس ڪپڙن کي خراب ڪرڻ واري عذاب ڏيندڙ احساس، کيس وڌيڪَ تڪليف پهچائي هُئي.
    طارق پنهنجي خوش مزاج طبيعت سبب هر ٻار سان هڪ جهڙو ورتاءُ ڪندو آهي. ٻارن کي پرچائڻ، کين پنهنجو ڪرڻ جو ڏانءُ طارق وٽ آهي، تڏهن ته مان پنهنجن ٻارن جي ذميداري کان گهڻو آجي رهي آهيان. هن وقت به ”هالار“ ۽ ”لاهوت“ کي وڌ ۾ وڌ وقت طارق ئي ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻار به هر ڳالهه، هر مطالبو طارق سان ئي ڪندا آهن. هو ٻارن جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندو آهي ته انهن جي ڪنهن به خواهش کي رد نه ڪري. طارق جي مزاج ۾ مزاح ۽ شرارت جو رنگ ڀرپور انداز ۾ ڀريل آهي. ٻارن سان، وڏن سان، پنهنجن سان پراون سان، دوستن سان، ڇوڪرين سان يا رستي ويندڙن سان شرارت يا مذاق ڪرڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهندو آهي. پر هن جي شرارت ۾ ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هوندي آهي. البت چڙ، ڪاوڙ ۽ جذباتي ٿي وڃڻ جي صورت ۾ هن کان اها غلطي ٿي ويندي آهي. جنهن جو هن کي بعد ۾ احساس به ٿيندو آهي. هو گهڻو وقت ڪنهن کان ناراض نه رهي سگهندو آهي.
    منهنجي معاملي ۾ هو ڏاڍو جذباتي ۽ حساس واقعي رهيو آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هو مون سان شديد پيار ڪندو آهي. منهنجي لاءِ هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ اڄ تائين به ڪندو رهي ٿو. جنهن جي مون خواهش ڪئي هوندي.
    جڏهن طارق جي دوستن کي اهو ٻڌائيندي آهيان ته: ”طارق گهر پيو ٺهرائي“ ته پهريان کين حيرت، پوءِ خوشي ٿيندي آهي، منهنجي ان ڳالهه تي طارق جا دوست پهريون جملو هي چوندا آهن: ”طارق ۽ گهر؟ اهڙو ذميدار ڪڏهن کان ٿيو!؟“ تڏهن مان کين چوندي آهيان. ”طارق ۾ اهي سڀ خوبيون موجود هيون، جيڪي صرف مون کي نظر آيون. تڏهن ته مان ماڻهن جي منع ڪرڻ جي باوجود، هن سان شادي ڪئي“ (خدا جو شڪر آهي ته هن مون کي پنهنجي ڪيل فيصلي تي شرمسار ٿيڻ کان بچايو).


    طارق سان گذاريل آخري لمحا ـــ رضيه طارق

    طارق SIUT جي ICU وارڊ ۾ صاف سٿري بيڊ تي اکيون بند ڪري ليٽيل هو. مان ڀرسان پيل ڪرسيءَ تي ويٺي هن ڏانهن نهاريو پئي. هن اوچتو اکيون کولي مون ڏانهن ڏسندي چيو: ”منهنجي عينڪ ته ڏي“. مان هڪدم اٿي خاني مان عينڪ ڪڍي طارق کي پارائي، ته چيائين: ”تون ڏاڍي سٺين آهين“. جواب ۾ مان چيو: ”ها توهان سٺا آهيو، ان ڪري مان سٺي آهيان“. منهنجي جواب تي چپن تي هلڪي مرڪ اچي ويس. ”هتي .”سارنگا“ رکيل هو نه؟“ طارق پڇيو. مان سائيڊ ٽيبل تي رکيل ”سارنگا“ جو نئون پرچو، جنهن ۾ طارق جي شاعري ڇپيل هئي، کيس کڻي ڏنو. ”سارنگا“ هٿ ۾ جھلي ڪجهه دير ٽائيٽل کي ڏسندو رهيو، پوءِ بنا ڪجهه پڙهڻ جي ڪِتابَ جا ورقَ اٿلائيندو رهيو. آخر ۾ ڪتاب بند ڪري، هڪ پاسي رکي، اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مون کي لڳو ڄڻ هن سڄو ڪتاب پڙهي ورتو هجي. ان کان اڳ جو مان ڪتاب بابت ڪجهه پڇان، طارق کي اوچتو پنهنجو موبائل ياد اچي ويو: ”منهنجو موبائيل؟“ مون جلديءَ سان هن کي موبائيل هٿ ۾ ڏني ته بنا سوچڻ جي موبائيل جي Keys کي دٻائيندو رهيو. مون پڇيو: ”ڪنهن جو نمبر ٿا ملائڻ چاهيو؟“ منهنجي سوال تي مون ڏانهن خالي نظرن سان نهاري، فون رکي ڇڏيائين۽ ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي ويو. مان ٿوريءَ دير کانپوءِ وري پڇيو: ”طارق، ڪنهن جو نمبر ملائي ڏيان؟ ڪنهن سان ڳالهائڻ ٿا چاهيو؟“
    ”ڪنهن سان به نه“. طارق جواب ڏنو.
    ان ڏينهن کانپوءِ طارق نه ڪو ڪتاب گهريو ۽ نه ئي فون.... پر مون چاهيو پئي ته هو ڪنهن نه ڪنهن سان ڳالهائي. مان وقفي وقفي سان چوندي رهيس: ٻارن فون ڪيو آهي، توهان سان ڳالهائڻ ٿا چاهين. اديءَ جو فون آيو آهي ۽ دوستن جا نالا کڻندي رهيس. پر طارق ڪنهن سان به ڳالهائڻ لاءِ ”ها“ نه ڪئي. ان ڏينهن طارق ڪِتابن سان ۽ اسان سڀني سان ڄڻ ته رابطو ختم ڪري ڇڏيو.
    طارق جي ان خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ مان ٻارن کي اسپتال اچڻ لاءِ چيو ۽ طارق کي ٻڌايم: ”سڀاڻي هالار ۽ لاهوت توهان سان ملڻ لاءِ اچن پيا.“ اهو ٻڌي طارق جي چهري تي خوشي ۽ اکين ۾ زندگي جاڳي پئي. هڪدم پڇيائين، ”ڪنهن سان ايندا ۽ ڇا ۾ ايندا؟“
    ”بس ۾.... ۽ اڪيلا. هاڻي وڏا ٿي ويا آهن نه.“ ٻئي ڏينهن طارق ٿوري ٿوري دير ۾ پڇندو رهيو. ڪٿي پهتا آهن؟ ڪيتري دير ۾ پهچندا؟
    ٽين وڳي هالار ۽ لاهوت اسپتال جي وزيٽنگ هال ۾ پهتا. هو ٻئي اڳ ۾ به ٻه ڀيرا اچي چڪا هئا. تڏهن طارق پاڻ پنهنجي وارڊ مان نڪري، وزيٽنگ هال ۾ اچي سڀني سان مليو هو، ڪچهريون ڪيون هئائين. پر هن ڀيري ايئن نه ٿي سگهيو بلڪه مان ٻارن کي اسپتال جي مخصوص ڊريس پارائي طارق وٽ وارڊ ۾ وٺي آيس. ٻارن لاءِ به اها نئين ڳالهه هئي. ٻار، طارق کي بيڊ تي ليٽيل ڏسي خاموشيءَ سان ساڄي ۽ کاٻي پاسي کان اچي طارق جا هٿ پنهنجن هٿن ۾ جھلي، منهن ۾ نهارڻ لڳا. هٿن جي ڇُهاءَ کي محسوس ڪري طارق اکيون کولي هنن ڏانهن نهاريو ۽ خاموش رهيو. شايد هن ٻارن کي نه سڃاتو هو. ڇو ته ٻارن جي منهن تي اسپتال وارو نقاب ٻڌل هو، صرف اکيون پئي نظر آيون. مان ان خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو، ”طارق، هي هالار ۽ لاهوت آهن“. منهنجي ان جملي تي طارق هڪدم غور سان ٻارن ڏانهن ڏٺو. مان ٻارن کي نقاب کي لاهڻ جو اشارو ڪيو. جيئن ئي هنن چهري تان نقاب هيٺ ڪيو ته طارق کلندي چيو، ”اڙي.... مان سڃاڻي ئي نه سگهيس ٻنهين کي نقاب ۾“. پوءِ اٿڻ جي ڪوشس ڪندي چيائين: ”يار هالار، ڪمزوري وڌي وئي آهي. علاج ته ٿئي پيو، پر فائدو نٿو ٿئي. لاهوت توکي پنهنجو نئون گٽار مليو؟ پريڪٽس ڪرين پيو؟“ ايئن ٻارن سان ڪچهري ڪندو رهيو..... ان دوران هو بار بار ڪنهن سوچ ۾ گم ٿي پئي ويو. مون ڏٺو هالار ۽ لاهوت جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا. طارق به اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون. شايد هو ٻارن جي اکين ۾ لڙڪ ڏسڻ نه پيو چاهي. مان به هنن جي اکين ۾ آيل لڙڪن کي روڪي نه پئي سگهيس. زندگيءَ جو پهريون ڏک هو جنهن ٻارن کي روئاري ڇڏيو هو. عجيب ماحول هو. اسان چارئي خاموشيءَ ۾ هڪ ٻئي کي دلاسا ڏيندا رهياسين.
    مان وارڊ مان نڪري وزيٽنگ هال ۾ اچي ويس. ڪافي دير کانپوءِ هالار ۽ لاهوت به اتي اچي ويا. هالار مون کان پڇيو، ”امي، انڊيا هلڻ ۾ دير ڇو پئي ٿي؟ جلدي هلو نه.... بابا الاهي ڪمزور ٿي ويو آهي. ڊاڪٽر ڇا ٿا چون؟“ هالار جي اکين مان لڙڪ به وهندا رهيا، سوال به ڪندو رهيو. پوءِ مان ٻارن کي طارق بابت اهو سڀ ڪجهه ٻڌايو، جيڪو مون کي ڊاڪٽرن ٻڌايو هو. هنن ٻارن کي ڪجهه به سمجھائڻ جي اسان کي ڪڏهن به ضرورت نه پوندي آهي. بس هنن کي ٻڌائبو آهي ۽ هو بنا ڪو سوال ڪرڻ جي سمجھي ويندا آهن. ان وقت به طارق بابت منهنجي ڳالهه ٻڌي ڪو به سوال نه ڪيائون. بس هنن جي اکين مان لڙڪ وهندا رهيا ۽ خاموش رهيا.
    ٻارن جي تربيت ۾ مون کان وڌيڪَ طارق جو وڏو هٿ هو. هن وڌ ۾ وڌ ٻارن کي وقت ڏنو. ننڍي هوندي ٻارن جي هر خواهش کي پورو ڪرڻ هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيو هو. هميشه ٻارن لاءِ سٺا ۽ مهانگا ڪپڙا، جوتا ۽ رانديڪا وٺي ايندو هو. ”ايڏا مهانگا ڇو وٺندا آهيو؟“ مان اعتراض ڪندي هُيس ته جواب ۾ چوندو هو: ”ننڍپڻ منهنجا وڏا ايتريون سٺيون ۽ مهانگيون شيون منهنجي لاءِ نه وٺي سگهيا. بس مان پري کان دوڪانن جي شوڪيسن ۾ انهن شين کي پيل ڏسندو هوس. هاڻي مان اهي سڀ شيون وٺي سگهان ٿو. پنهنجي لاءِ نه، ٻارن لاءِ هو سٺا ڪپڙا، جوتا پائيندا، رانديڪن سان کيڏندا ته مون کي خوشي ٿيندي ۽ منهنجي ننڍپڻ واري خواهش به پوري ٿيندي.“ هن جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مون ڪڏهن به اعتراض نه ڪيو. خريداري وقت طارق ۽ ٻارشيون پسند ڪندا، خريد ڪندا ۽ مان بل ادا ڪندي ويندي هُيس، جيئن طارق ٻارن جون خواهشون پوريون ڪرڻ کي اهميت ڏيندو هو. ايئن ئي مان به طارق جي هر ڳالهه کي مڃڻ، هر خواهش کي پورو ڪرڻ کي اوليت ڏيندي هيس. Riskکڻي به هن جي خواهش کي پورو ڪندي هُيس.
    جيئن هڪ ڏينهن اسپتال مان طارق مون کي فون ڪيو ته، ”سڀاڻي تون ۽ لاهوت اچي مون کي گهر وٺي هلو. پر ڪنهن کي به نه ٻُڌائجانءِ. مان ڊاڪٽر کان موڪل وٺي ڇڏي آهي.“ مون کي خبر هئي ته هن وقت طارق جو اسپتال مان ٻاهر اچڻ صحيح نه آهي. پر هن جي گهر اچڻ جي خواهش هئي ۽ مون کي پوري ڪرڻي هئي. ڇو ته جيڪڏهن مان نه وٺڻ ويندس ته هو پاڻ اڪيلو اسپتال مان نڪري ايندو. ان صبح جو مان ۽ لاهوت ٽيڪسي ڪري اسپتال پهتاسين. اسپتال جي ڪاريڊور ۾ ئي ڊاڪٽر مجاهد ملي ويو. هن مون کي چيو: ”طارق ني ڇُٽي لي هي. انهين آفيس ڪي ضروري ڪاغذات پي دستخط ڪرني هين شايد. اگر انهين لي جانا ضروري هي تو صرف ايڪ دن ڪي ليئي لي جائين، ورنه نه لي جائين.“ مان طارق جي ان بهاني کي هٿي ڏيندي چيو: ”هان طارق ڪا جانا ضروري هي“ اسان طارق وٽ وارڊ ۾ پهتاسين ته طارق بلڪل تيار ويٺو هو. طارق کي به مون ته سؤ سيڪڙو يقين هو ته مان هن کي وٺڻ ضروري ايندس. اسان کي ڏسندي ئي پنهنجو بيگ کنيائين ۽ چيائين، ”هلو ته هن قيد خاني مان ٻاهر نڪرون. اسپتال ڪيڏي به سٺي ڇو نه هجي، گهر جهڙو سڪون ۽ آرام نه ملندو آهي.“ اسان اسپتال مان ٻاهر نڪري اچي ٽيڪسيءَ ۾ ويٺاسين. طارق سک جو ساههُ کنيو ۽ چوڻ لڳو: ”ڪيڏو سڪون آهي آزاديءَ ۾. اسپتال جي وارڊ ۾ قيد ٿي ويو هيس.“ پوءِ سڄي رستي ۾ طارق دوستن سان ڳالهائيندو رهيو. مستي ۽ مذاق ڪندو آيو، پر ڪنهن کي به گهر اچڻ واري ڳالهه نه ٻڌايائين. مان طارق کي خوش ڏسي خوش به هيس ۽ پريشان به، ته خير سان وقت گذري وڃي ۽ ڪنهن کي خبر به نه پوي ته طارق گهر آيو آهي. گهر پهچي طارق ڏاڍو خوش ۽ تازو توانو ٿي ويو هو. آرام ڪيائين ٻارن سان ڪچهري ڪيائين، گهر ۾ مزي سان گهميو ڦريو. پنهنجي فيس بڪ کي به چيڪ ڪيائين. رات خير سان گذري. ٻئي ڏينهن صبح جو طارق پاڻ چيو، ”هاڻي واپس وڃڻ گهرجي، نه ته ڊاڪٽر ناراض ٿيندو. اڄ ڊائلاسز به ٿيڻي آهي.“ اهو طارق جو آخري ڀيرو گهر اچڻ ٿيو. ان کان پوءِ هو گهر نه اچي سگهيو. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته مان طارق کي ان جي خواهش مطابق گهر وٺي آيس.
    پر 4 جون 2011ع تي مان طارق جي خواهش کي چاهيندي به پورو نه ڪري سگهيس، جڏهن طارق اوچتو ڊاڪٽر کي انجيڪشن هڻڻ کان روڪيو، دوا کائڻ کان انڪار ڪيو ۽ مون کي چيائين: ”گاڏي گهراءِ، مون کي گهر وٺي هل. هاڻي هتي رهڻ اجايو آهي. شاهد (منهنجو ڀاءُ) کي فون ڪر ته گاڏي کڻي اچي.“ مان ان وقت ئي طارق جي خواهش جو احترام ڪندي، پنهنجي ڀاءُ کي فون ڪري ڇڏيو. ۽ طارق ڊاڪٽر کي چئي رهيو هو: ”ڊاڪٽر اب مجھي دوا ڪي ضرورت نهين. آپ سي جو هو سڪا آپ ني ڪيا، اب آپ بهي ڪجهه نهين ڪر سڪتي. مين گهر جانا چاهتا هون. مين ني گاڙي منگوا لي هي. آپ مهرباني ڪر ڪي مجھي چهوڙ دين.“ ڊاڪٽر طارق کي سمجھائڻ لڳو، پر هن ته ڄڻ گهر وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هجي. ٿوري ئي دير ۾ سينيئر ڊاڪٽر وارڊ ۾ اچي ويا. سڀني تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، پر طارق نه دوا وٺڻ لاءِ تيار هو، نه رهڻ لاءِ. ان ڏينهن مون کي احساس ٿيو ته اسپتال جا سڀ ڊاڪٽر ۽ اسپتال جو ٻيو سڄو عملو طارق سان نه رڳو پيار ڪن ٿابلڪه هن جو احترام به ڪن ٿا. ڊاڪٽر مجاهد مون کان مشورو ورتو ته ڇا ڪرڻ گهرجي. مون ان کي صلاح ڏني ته طارق کي ڊاڪٽر اديب رضوي صاحبُ ۽ ميڊم مهتاب راشدي ان ضد تان هٽائي سگهن ٿا. هنن فورن رضوي صاحبَ سان رابطو ڪيو. ٿوري ئي دير ۾ رضوي صاحب وارڊ ۾ آيو ۽ طارق جي ڀرسان اچي ويٺو. طارق هن کي ڏسي هڪدم هٿ ٻڌي چيو: ”سَر اب مجھي گهر جاني دين.....“ رضوي صاحب پيار سان پنهنجو هڪ هٿ طارقَ جي هٿن تي ۽ ٻيو هٿُ طارق جي پيرن تي رکندي چيو: ”هماري دوستي 24 سال پراني هي. مين تمهين اس حالت مين ڪيسي جاني دون. مجهه پي ڀروسه هي تو جاني ڪي ضد ڇوڙدو.“ طارق ڪجهه نه ڳالهايو. بس اکيون بند ڪري ڇڏيائين. پاڻ کي ڄڻ الله جي سپرد ڪري ڇڏيائين. رضوي صاحب ڊاڪٽر کي انجيڪشن هڻڻ جو اشارو ڪيو ته طارق ڪو به احتجاج نه ڪيو. ان ڏينهن کانپوءِ طارق نه ڪجهه گهريو. نه ڪجهه چيو. هن مڪمل خاموشي اختيار ڪري ڇڏي. طارق جي اها خاموشي منهنجي لاءِ خطري جو سائرن بڻجي وئي. مان طارق جي گهر وٺي وڃڻ واري خواهش کي پورو نه ڪري سگهيس. مون جڏهن طارق کي ٻڌايو ته شاهد آيو آهي ته هن شاهد کي چيو: ”يار! ڊاڪٽر موڪل نٿا ڏين. توکي به تڪليف ڏنم. پر سٺو ٿيو اچي وئين، پنهنجي ملاقات ٿي وئي.“ ان کانپوءِ طارق جي طبيعت ۾ بهتري نه آئي بلڪه اهو سڀ ڪجهه ايئن ئي ٿيندو ويو، جيئن طارق ڊاڪٽرن کي چيو هو. روزمرهه زندگيءَ ۾ به مون ڏٺو هو ته طارق جيڪو چوندو هيو ۽ جيئن چوندو هو، ايئن ئي ٿيندو هو.
    طارق جيڪو وارڊ جو هر دلعزيز مريض هو. وڏي ڊاڪٽر کان وٺي ننڍي ڪارڪن تائين سڀ هن کان متاثر هُئا. صبح جو اچڻ وقت ۽ ڊيوٽي ختم ٿيڻ تائين فارغ وقت ۾ اچي ويهندا هئا. طارق جي مستي مذاق کي به انجواءِ ڪندا هئا. پر ان ڏينهن کانپوءِ طارق ڳالهائڻ گهٽ ڪري ڇڏيو. اسان جي ڪجهه پڇڻ تي به مختصر جواب ڏيندو هو. ڊيوٽيءَ تي موجود سمورو اسٽاف به بار بار اچي طارق سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، پر طارق انهن کي به اها ڀرپور موٽ نه ڏيندو هو. وارڊ ۾ اداسي ڇانئجي وئي، هر چهرو ڏک بڻجندو پئي ويو ۽ مان.... سڀني جي هوندي به پنهنجو پاڻ کي اڪيلو، ويران ۽ صحرا ۾ ڀٽڪندي محسوس ڪيان پئي.
    هڪ ڏينهن صبح جو طارق اوچتو ايئن ڳالهائڻ لڳو ڄڻ اسٽيج تي تقرير ڪندو هُجي. هو چئي رهيو هو: ”دوستو! مان اوهان سڀني جو ٿورائتو آهيان. اوهان جا لک ٿورا، لک احسان..... اوهان مون کي پيار ڏنو ان لاءِ، اوهان منهنجي علاج لاءِ جيڪي ڪوششون ورتيون، ان لاءِ مان اوهان جون مهربانيون وساري نٿو سگهان، ٿورا لاهي نٿو سگهان، جيڪي سڄي زندگي اوهان مون تي ڪندا رهيا. مان وڏو خوش نصيب آهيان جو مون کي پيار ڪرڻ وارا ۽ عزت ڏيڻ وارا دوستَ تمام گهڻا مليا. پر دوستو! مان هاڻي وڌيڪَ جيئڻ نٿو چاهيان. ٿڪجي پيو آهيان. مان مايوس نه آهيان. پر هن جمهوري حڪومت مايوس ڪيو آهي. خاص ڪري سنڌي ماڻهوءَ کي. هن حڪومت جي رويي اهو احساس ڏياريو آهي اسان کي هنن، جي دور ۾ پنهنجي سنڌي هجڻ تي فخر نه ڪرڻ گهرجي. پر اسان کي همت ناهي هارڻي. اسان هڪ ٿي پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي بچائي سگهون ٿا. اسان جي قومپرستن کي ڌار ڌار ٽوليون ٺاهڻ بجاءِ هڪ ٿي وڃڻ گهرجي.... مون کي سياست ڪرڻ ناهي ايندي، ڇو ته مان ڪوڙ ناهيان ڳالهائي سگهندو ۽ سچ چوڻ کان رهي ناهيان سگهندو. سچ چوڻ ۾ سڪون ملندو آهي اوهان به.....“ طارق چڱي دير اهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو. آخر ۾ هٿ ٻڌي چيائين: ”اوهان سڀني دوستن جي مهرباني، اوهان مون کي ٻڌو چڱو ياعلي مدد“. اهو چئي ويهاڻي کي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. مون اهو سڀ خاموشيءَ سان ٻڌو پئي. هاڻي مون کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ته مان ڇا ڪيان، طارق کي سڏيان يا نه. مون کان رهيو نه ٿيو ۽ مون طارق کي سڏيو. اکيون کولي مون ڏانهن ڏٺائين ۽ چيائين: ”مون جيڪو چيو، تو ٻڌو اهو تون دوستن کي ٻڌائي ڇڏجانءِ.“
    ڏينهون ڏينهن ڪمزوريءَ ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. هاڻي هو جيڪو به ڳالهائيندو هو، ٻارن بابت ڳالهائيندو هو. چوندو هو: ”تون ڏاهي آهين، سياڻي آهين، ٻارن کي سنڀالي ويندينءَ.... هالار کي..... لاهوت کي....“ مطلب ته هر وقت ٻارن جو فڪر هوندو هُيس. هو ٻارن سان بي پناهه پيارُ ڪندو هو. جڏهن ٻار اڃان ڳالهائڻ سکيا هُئا ته طارق هنن سان ٻاتا ٻول ٻولي، ٺينگ ٽپا ڏيئي مختلف آواز ڪڍي انهن کي ريجھائيندو هو ۽ جڏهن ٻار ڳالهائڻ لڳا ته انهن جي مرضيءَ مُطابق راند ڪندو هو. هالار روز طارق سان راند کيڏندو هو، جنهن ۾ هالار دوڪاندار ٿيندو هو ۽ طارق خريدار. هالار ڪڏهن کير وارو ٿي ايندو هو، ڪڏهن ڇولن وارو، ڪڏهن ڀاڄيءَ وارو ته ڪڏهن وري مڇيءَ وارو ٿيندو هو. پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ مزيدار گفتگو ٿيندي هُئي، جنهن جو اختتام گهر جي سڀني ڀاتين جي ٽهڪن سان ٿيندو هو. يا وري گهر جي ٻاهرئين ڏاڪي تي ويهي سپر هاءِ وي تان گذرندڙ هر گاڏيءَ جا نوان نوان نالا طارق کي ٻڌائيندو هو. لاهوت وري شين بابت سوال گهڻا پڇندو هو، منظرن ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو هو. طارق هن کي آڱر کان جھلي پنڌ ئي پنڌ يونيورسٽيءَ جي انهن روڊن رستن تي گهمائيندو هو، جن تان پاڻ گهمندو رهيو هو. ان وقت لاهوت ٽن سالن جو هو، جڏهن طارق هن کي يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لائبريريءَ، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار، ماروي هاسٽل، جامع مسجد، وي سي هائوس، سنڌالاجي جهڙيون اهم عمارتون ڏيکاريون هيون ۽ انهن بابت معصوميت سان پڇيل سوالن جا مزيدار جواب به ڏنا هئا، جن تي لاهوت ڏاڍو کلندو هو ۽ ٻئي کلندا کلندا گهر موٽي وٺي ايندا هئا. طارق جيترو وقت گهر ۾ هوندو هو، گهر ۾ ڄڻ چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. ڪڏهن ڪنهن ڪنڊ مان ٽهڪن جي گونجار ٿيندي هئي، ڪڏهن ڪنهن پاسي کان گانا ڳائڻ جا آواز، ڪڏهن وڏي آواز ۾ ٽي وي تي ڪو بحث مباحثي وارو گوڙ ۽ ڪڏهن ٻارن سان راند مستي هوندي هئي. سنجيده صرف ان وقت ٿيندو هو، جڏهن ڪو ڪتاب پڙهندو هو يا ڪجهه لکڻ جو ڪم ڪندو هو ان وقت. باقي سڄو وقت موج مستيءَ ۾ گذاريندو هو. ڪنهن کي چپ ويهڻ نه ڏيندو هو. مان گهر جي ڪنهن ڪم ۾ مصروف هوندي هيس ته مون کي تنگ ڪرڻ لاءِ اهو سڄو ڪم بگاڙي ڇڏيندو هو. ڌوتل ڪپڙا ويڙهيندي هُيس ته انهن کي کولي ڪمري ۾ ڦهلائي ڇڏيندو هو. استري ڪيل هينگر ۾ لڳايل ڪپڙن کي هينگرن مان ڪڍي ڇڏيندو هو. مطلب ته طارق گهر ۾ اسان سڀني جي زندگي هو ۽ دوستن جي محفلن جي جان هو. اسپتال ۾ به هن سڀني کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو هو.
    ۽ ان ڏينهن طارق اکيون بند ڪري خاموش ٿي ويو هو. ٽهڪ سانت ٿي ويا هُئا، سُر گم ٿي ويا هئا، مستي مذاق تي ڄڻ جمود طاري ٿي ويو هو. بس صرف ذهن سجاڳ هو، جيڪو اسان جي سڏ تي پنهنجن هٿن ۽ پيرن جي جنبش سان پنهنجي هجڻ جو احساس ڏياري پيو. پوءِ ته اسان سڀني جا سڏ به گونگا بڻجي ويا ۽ مان طارق جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جھلي ان معجزي جي اُميدَ ۾ بيٺي رهيس ته طارق مون کي سڏ ڪندو، اکيون کولي مون کي ڏسندو. ڊاڪٽر مون کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چوندا هُئا، پر مان طارق کان پري ڪيئن پئي ٿي سگهان. زندگيءَ جي هر موڙ تي مان هن سان گڏ هُيس، پوءِ هِتي ڪيئن ڇڏي وڃان طارق کي. ڊاڪٽر به منهنجي دل جي ڳالهه سمجھي ورتي. پوءِ هنن به مونکي طارق کان جدا نه ڪيو. پر قدرت جا فيصلا ته اٽل هوندا آهن. قدرت واري مون کي طارق جي روپ ۾ اهڙو انمول تحفو ڏنو هو، جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جا رنگَ ڀري ڇڏيا هُئا. اهڙي نعمت عطا ڪئي هئي، جيڪا هن جي امانت هئي. ۽ امانت موٽائڻي پوندي آهي. ان وقت طارق منهنجي هٿن مان کسڪندو پئي ويو. مان چاهيندي به هن کي روڪي نه پئي سگهيس. مان پنهنجون اکيون به بند ڪري ڇڏيون هيون. اوچتو ڊاڪٽر جي سڏ تي اکيون کولي نهاريو ۽ پوءِ هڪدم طارق ڏانهن ڏٺو. هن جي چهري تي سڪون ۽ چپن تي هلڪي مرڪَ ڇانيل هُئي.


    منهنجي دنيا، طارق کان پوءِ! ـــ رضيه طارق

    لکڻ جو ڪڏهن سوچيو ئي نه هو، نه ئي طارق ان طرف ڌيان ڏياريو هو ۽ نه وري ڪڏهن ڪنهن ادب دوست ڪنهن ادبي پروگرام ۾ طارق تي ڳالهائڻ لاءِ يا ڪنهن رسالي ۾ لکڻ لاءِ چيو هو . ان جي مون کي به ڪڏهن ضرورت محسوس نه ٿي هئي . ڇو ته مان طبيعتن تمام گهڻي خاموش ، گهٽ ڳالهائو ۽ ماڻهن جي ميڙ کان پري رهڻ واري آهيان . ان ڪري مان جيڪو به ۽ جيترو به ڳالهايو طارق سان ڳالهايو ، جيڪو ۽ جيئن سوچيم طارق کي ٻڌايم ۽ جيڪو چاهيم طارق کان گهريم . پنهنجو هر ڏک سک طارق سان ئي ونڊيم . اسان ٻنهي هڪٻي سان وڏي فراخدليءَ سان پنهنجي ماضيءَ کي شيئر ڪيو ، پنهنجي حال ۾ خوش ۽ مست رهياسين ۽ مستقبل لاءِ منصوبه ٺاهي عمل ڪندا رهياسين . منهنجي دنيا طارق کان شروع ٿيندي هئي ۽ طارق تي ئي اچي بيهندي هئي . ان کان اڳيان نه مون سوچيو ۽ نه ئي ان کان اڳيان وڌڻ چاهيو .
    11جون 2011ع کانپوءِ جڏهن مون کي طارق تي لکڻ لاءِ چيو ويو ته مون سوچيو : ”ڪيئن لکان ۽ ڇا لکان ؟ جيڪو مان لکنديس اهو ته سڀ پڙهندا“. اهو سوچي گهٻراهٽ ٿيڻ لڳي ۽ مان انڪار ڪري ڇڏيو . پر پوءِ نصير مرزا ۽ اسحاق سميجو جي بار بار چوڻ تي سوچڻ شروع ڪيم ۽ همت ڪري قلم هٿ ۾ کنيم ته ”سارنگا“ ۽ ”امرتا“ لاءِ ڪجهه يادون لکي ورتم . لکڻ کانپوءِ وري فيصلو ڪيم ته هاڻي نه لکنديس . ڇو ته لکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ اهو به منهنجي لاءِ طارق تي لکڻ . پر هينئر وري همسفر گاڏهي جو اصرار هو ته مان “افيئر” لاءِ به لکان ۽ هڪ دفعو وري سوچڻ شروع ڪيم.
    طارق سان گهاريل 26 سالن جي عرصي تي پکڙيل منهنجي زندگي هڪ خوبصورت باغ جيان آهي جنهن ۾ خوشيءَ ۾ سرشار بيشمار رنگين پوپٽ آهن . جتي ڊگهن ۽ گهاٽن وڻن ۾ اسان جي ٽهڪن جون پينگهون ٻڌل آهن . اسان جي مستين ۽ شرارتن جون قسمين قسمين گلن جو ٻاريون ٺهيل آهن . ڪٿي ڪٿي پريشانين ، تڪليفن ۽ حادثن جا ٿوهر به آهن ۽ انهن جي وچ ۾ محبتن ۽ چاهتن جون نديون ۽ آبشار به آهن . 1987ع ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ ٿيڻ کانپوءِ مسلسل لائيف سيونگ دوائون کائڻ ۽ ڊاڪٽر جي ڏنل لائيف لائين ڪراس ڪرڻ کانپوءِ طارق اڪثر پنهنجي وڃڻ جي ڳالهه ڪندو هو . هونئن ته مان طارق جي هر ڳالهه پوري ڌيان سان ٻڌندي هيس پر اها ڳالهه اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندي هيس، ڇو ته مان طارق بنا زندگيءَ جو تصور ڪرڻ نه چاهيندي هيس . اهو ڄاڻيندي به ته هن فاني دنيا مان هڪ ڏينهن اسان کي هليو وڃڻو آهي . موت اٽل آهي. پوءِ به الائي ڇو مان ان حقيقت کان لنوائيندي هيس . پر طارق به نه مڙندو هو بار بار مون کي ان حقيقيت ۽ سچائيءَ جي ياد گيري ڪرائيندو رهندو هو . شايد هو مون کي ان لاءِ ذهني طور مضبوط ڪرڻ چاهيندو هو ۽ مان هن جون اهي ڳالهيون ٻڌي طارق جي صحت ۽ زندگيءَ جي دعائن سان گڏ روز الله جا شڪرانا به ادا ڪندي هيس جنهن مون کي طارق جي روپ ۾ انمول تحفو عطا ڪيو .اهڙو تحفو جنهن منهنجي زندگيءَ ۾ هزارين خوشين جا رنگ ڀري ڇڏيا .طارق منهنجي لاءِ الله جي طرفان مليل هڪ نعمت هئي ۽ هڪ امانت به
    1970ع ۾ پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد سمجهه ۾ آيو هو، جڏهن منهنجو بابا هن دنيا مان رخصت ٿيو هو تڏهن پنهنجي زندگيءَ جي مقصد کي سمجهيو هيم ۽ پوءِ پنهنجيون ذميواريون سنڀالي همت سان اڳتي وڌي هيس ۽ پوءِ ڪاميابيءَ جون راهون طئي ڪندي جڏهن اچي طارق سان مليس تڏهن هڪ ڀيرو وري ڄڻ زندگيءَ کي هڪ نئون مقصد ملي ويو ۽ مون سان ملي طارق کي به نئين زندگي ملي هئي . پوءِ مان ۽ طارق قدم سان قدم ملائي جڏهن اڳتي وڌياسين ته الله بيشمار نعمتن ۽ دوستن سان نوازيندو ويو . اهڙو ڇا هو جيڪو مون کي نه مليو هجي. سڀ ڪجهه ته مليو هو طارق جي روپ ۾ . اهو طارق جيڪو ڄامشوري جي ڇڙواڳ هوائن ۾ رهندو هو . يونيورسٽي توڙي حيدرآباد جي روڊن رستن تي آواره گردي ڪندو هو . اهو طارق جنهن لاءِ ٻڌايو ويو ته هو غيرذميوار ، لاپرواه ۽ ڇوڪرين سان فلرٽ ڪندڙ غيرسنجيده ماڻهو آهي . پر مان طارق کي هن جي ناول ” رهجي ويل منظر“ ۾ ڏٺو هو . جيڪو ذميوار ، حساس ، سنجيده ۽ پيار ڪرڻ وارو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو هو . هن جي شخصيت جو مڪمل عڪس هن جي ناول جي هر جملي ، هر منظر ۾ صاف ۽ چٽو نظر آيو هو . طارق مون کي به تڏهن ئي مليو هو جڏهن هو پنهجي شرٽ جا مٿيان بٽڻ بند ڪرڻ وساري ڇڏيندو هو ۽ مان هن جي شخصيت جي سحر ۾ هن شعر جيان پريم جي درياهه ۾ ٻڏي پار ٿي ويس .

    خُسرو دريا پريم ڪا
    اُلٽي وهان کي دهار جو اُترا سو ڊوب گيا جو ڊوبا سو پار.
    ”رهجي ويل منظر“ ۾ هونئن ته هر جملو ، هر پيراگراف گهري معنائن سان ڀريل آهي پر مون کي ان ناول ۾ لکيل هي جملا جنهن ۾ پُنهون چئي ٿو:
    ” مون کي اداس ۽ فرسٽريٽڊ ڇوڪريون فوٽ پاٿ تي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي ڪتابن جهڙيون لڳنديون آهن.“
    ٻي هنڌ چئي ٿو :
    ”آئون جيڪڏهن دنيا جو امير ترين ماڻهو هجان ها ته هڪ محل ٺهرايان ها جنهن ۾ ساري جڳ جون فرسٽريٽد ڇوڪريون پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهارين ها .“
    مون اهي جملا بار بار پڙهيا ها .هر بار انهن جملن جي سچائيءَ کي ، گهرائيءَ کي شدت سان محسوس ڪيو هو . اها ليکڪ جي سچيءَ دل سان ڪيل خواهش هئي . جيڪو هن جي اندر جو آواز هو. مون اهو محل ته طارق جي اندر ۾ جڙيل ڏٺو ۽ اها منهنجي خوشنصيبي ته ان محل ۾ باقاعده داخل ٿيڻ واري پهرين اداس ۽ فرسٽريٽد ڇوڪري مان بڻجي ويس . ۽ سچ پچ ته مان ان محل ۾ واقعي پنهنجي مرضيءَ سان جيون گهاريو . ڪا بندش نه هئي، ڪو ڊپ نه هو . اهڙي زندگيءَ جي خواهش ته هر ڇوڪري ڪندي آهي پر حقيقت ۾ اهڙي زندگي گذارڻ جو موقعو مون کي مليو اهو به طارق سان . طارق منهنجي ننڍي ۾ ننڍي خواهش کي ايئن پورو ڪيو جيئن ماءُ پنهنجي اولاد جي خواهش کي پورو ڪندي آهي . منهنجي زبان مان نڪتل هر ڳالهه کي طارق مانُ ڏيندو هو . ان وقت هو نه سوچيندو هو ته مون جيڪو چيو آهي اهو ٿيڻ جهڙو آهي يا نه . بس ڪري ڇڏيندو هو .
    86-1985 جو زمانو هو. هڪ ڏينهن مون طارق کي چيو : ” دل ٿي چئي سائيڪل هلايان .“ طارق هڪدم گهر ۾ پيل سائيڪل ٺهرائي ۽ هاءِ وي تي اچي مون کي هلائڻ لاءِ ڏنائين ۽ مان به ٻارن وانگربنا سوچڻ جي سائيڪل تي چڙهي يونيورسٽي اسٽيشن واري گهر کان پنهنجي اميءَ جي گهر (جيڪو ماروي هاسٽل جي پٺيان هو)، تائين اچي ويس ۽ طارق پنڌ پنڌ هلندو رهيو . بس پوءِ ته اسان جون مليل جليل مستيون ۽ شرارتون هونديون هيون . ڳچيءَ ۾ ڪئمرا ۽ يونيورسٽيءَ جا رستا ۽ اسان ٻئي ڪڏهن ڪنهن وڻ تي چڙهي ته ڪڏهن اسٽيشن جي پليٽفارم تي ۽ ريل جي پٽڙين تان هلندي هڪ ٻي جا فوٽو ڪڍندا هئاسين . برسات ۾ ڄامشوري جي پهاڙين تي چڙهي اتان وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڀڄندا هئاسين . هاءِ وي تان گذرندڙ ٽرڪ کي هٿ ڏيئي لفٽ وٺي حيدرآباد اچڻ ۽ وڃڻ جو مزو وٺندا هئاسين . حيدرآباد جي مشهور گهٽين جي ڪارنرز تي بيٺل ٺيلن تان حليم ، گول گپا ، ڇولا ، پڪوڙا ، برياني ، سيخ ڪباب ، ٻوٽيون وٺي کائيندا هئاسين ۽ واپسيءَ ۾ ريڊيو حيدرآباد تي نصير مرزا سان ملي پوءِ گهر موٽندا هئاسين .صبح جو نڪرندا هئاسين ته رات جو گهر موٽندا هئاسين . گهر وارن جي به ڪا روڪ ٽوڪ نه هوندي هئي نه ئي سماج جو ڪو ڊپ .جڏهن دل چوندي هئي هاءِ وي تان بس ۾ چڙهي ڪراچي هليا ويندا هئاسين. ڪڏهن ڪيهر شوڪت جي فليٽ تي ،ڪڏهن ڪيلاش جي گهر ، ڪڏهن ٽي وي تي بيدل مسرور جي آفيس ۾ ته ڪڏهن سميع بلوچ وٽ . کائي، پي ،موج مستيون ڪري گهر موٽندا هئاسين ته گهر جي ڪنهن به فرد جي منهن ۾ ڪاوڙ جو هڪ به گهنج نه هوندو هو . نه اکين ۾ ڪا چڙ هوندي هئي، نه ئي زبان تي ڪو سوال بلڪه اسان کي ڏسندي ئي سڀني جي چهرن تي خوشيءَ جا رنگ لهي ايندا هئا . آئي ۽ اديون صدقي صدقي وينديون هيون . اهو ڪو سپنو نه حقيقت هئي .۽ گهر وارن لاءِ به اها ڳالهه غيريقيني هئي ته اهو طارق جيڪو مهينن جا مهينا گهر کان گم هوندو هو . اوچتو ظاهر ٿيندو هو ۽ ويٺي ويٺي گم ٿي ويندو هو . اڄ اهو طارق مون سان گڏ روز گهر ۾ آ هي .
    اوچتو نظر لڳي وئي شايد ، طارق بيمار ٿي پيو . منهنجي زبان مان نڪتل هر ڳالهه کي حقيقت جو روپ ڏيڻ وارو طارق ڊائلاسز مشين ۾ پيڙهجڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي ان بيماريءَ مون کي طارق لاءِ بڙ جو وڻ بڻائي ڇڏيو . مون پنهنجي پاڻ سان عهد ڪيو ته مان طارق لاءِ جيئنديس ۽ ان جي هر خواهش جو احترام ڪنديس . طارق جي اندر ۾ جڙيل محل جنهن جي مان مالڪياڻي بڻجي وئي هيس ان جو دروازو هميشه کليل رکنديس . ڪنهن کي به محل ۾ اندر اچڻ کان نه روڪينديس . ڇو ته طارق کي انهن مهربانن جي دعائن سان انهن جي بي لوث پيار سان نئين زندگي ملي هئي . مون انهن ڏٺل اڻ ڏٺل چهرن تي طارق لاءِ جيڪو پيار ، جيڪا عقيدت ۽ خلوص ڏٺو هو اهو طارق کان ڪنهن به قيمت پري ڪرڻ نه پئي چاهيو . ۽ پوءِ اهو محل سدائين آباد رهيو . مون ڏٺو اڪثر دوست به جڏهن ڪنهن پريشاني ۽ ڪنهن ڊپريشن جو شڪار ٿيندا هئا ته طارق سان رابطو ڪندا هئا ۽ طارق هنن کي نه رڳو ڌيان سان ٻڌندو هو بلڪه هنن کي مسئلي جو حل به ڳولهي ڏيندو هو . ڪجهه دوست اهڙا به هئا جيڪي روز گهر اچي طارق سان ڪچهري ڪري يا يونيورسٽي جي رستن تي واڪ ڪري پنهنجو ڊپريشن ختم ڪندا هئا . اُداس ڇوڪريون توڙي عورتون به هونديون هيون جيڪي پڻ طارق سان رابطي ۾ هونديون هيون . طارق سان ملڻ به اينديون هيون . ۽ مان هنن سان پوري طرح واقف هوندي هيس اڄ به آهيان . انهن سڀني لاءِ منهنجي دل ۾ احترام آهي . مان ته انهن جو به احترام ڪيان ٿي جيڪي طارق سان اختلاف رکن ٿا . جيڪي طارق تي ڪاوڙيل رهن ٿا . پر منهنجي دل مان هميشه انهن لاءِ دعائون ئي نڪرنديون آهن .
    طارق جون خواهشون پوريون ڪرڻ منهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو . هن وقت هو مون سان گڏ نه هوندي به گڏ آهي . مون کي هر وقت پنهنجي آسپاس هن جي هجڻ جو احساس ٿيندو آهي . ويندي ويندي مون کي نه رڳو هڪ نئون مقصد بلڪه وڏيون ذميواريون به ڏيئي ويو آهي . هڪ وڏي ذميواري ٻارن جي جن کي طارق جي خواهش مطابق هنن کي منزل تائين پهچائڻ، ۽ هڪ مقصد طارق جا ڪتاب شايع ڪرائڻ آهي جنهن جو اڪثر هو اظهار ڪندو هو . هن وقت انهن ٻنهي ذميوارين کي کڻي پنهنجي زندگيءَ جي سفر کي اڳتي وڌايو آهي . جنهن ۾ طارق جي دوستن خاص ڪري نصير مرزا ، انعام شيخ ، اسحاق سميجو ۽ سميع بلوچ جي ساٿ سان طارق جو مواد گڏ ڪري نوان ڪتاب ڇپائڻ آهي . ان سلسلي ۾ ٻه ڪتاب ”ڪالم ڪهاڻيون“ ۽ ”لفظن جو ناراض نسل“ ڇپجي ويا آهن . اڄ به منهنجي سوچ جو محور طارق آهي .


    پهرين ڪچهري ـــ لاهوت طارق

    24 ڊسمبر 1993ع تي مان ۽ بابا گهر ۾ هئاسين. هالار جي طبيعت خراب هجڻ ڪري، هو ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ ايڊمٽ هو ۽ امي ان سان گڏ هئي. ان ڏينهن منهنجي بابا سان پهرين ڪچهري ٿي هئي.
    بابا مون کان پڇيو: ”لاهوت! تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    جواب ۾ چيم: ”منهنجو نالو ٽيپ آ.“ ان وقت ابا جي هٿ ۾ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر هو، شايد ان ڪري مان بنا سوچڻ جي چئي ڇڏيو هو. منهنجي جواب تي بابا کِلڻ لڳو ته مان به ٽهڪ ڏيڻ لڳس. پوءِ اسان جي ڪچهري شروع ٿي....
    ”منهنجي دوست سان ملندين؟“
    ”ها، ڪاٿي آ؟“
    بابا منهنجي هٿ ۾ هٿ ڏيئي سنڌ يونيورسٽي ڪالونيءَ واري اي ــ 14 گهر مان نڪرندي چيو:
    ”اچ ته اڄ توکي مان پنهنجي دوست سان ملايان. تون ان سان دوستي ڪندين؟“
    ”ها ڪندم دوستي“ مان خوش ٿيندي چيو.
    پوءِ بابا مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انهن رستن ڏانهن وٺي ويو، جن سان بابا جي به ننڍپڻ کان دوستي هئي. گهر کان ٻاهر ايندي ئي روڊ سان لڳ مسجد آهي. ان ڏانهن اشارو ڪري بابا ٻڌايو:
    ”لاهوت!، جڏهن اها مسجد ٺهي پئي نه، ته اسان ننڍا هئاسين ۽ ان مسجد جي ڪم ۾ مزدورن سان گڏجي اسان ڀائرن به حصو ورتو هو.“ مان ڊوڙي وڃي ان مسجد جي ديوار تي هٿ گهمايو ۽ چُمي ڏني هئي.
    ”جبل تي هلون؟“ مسجد کان اڳيان روڊ تان هلندي بابا پڇيو.
    ”جبل تي؟ ڇو؟ جبل تان ڪرندس؟“
    ”نه.... بابا توسان گڏ آهي. توکي ڪرڻ نه ڏيندو.“
    ”ها، هلو جبل تي“ مان خوش ٿيندي چيو.
    پوءِ اسان روڊ ڪراس ڪري ڪالوني مارڪيٽ جي پاسي کان يونيورسٽيءَ ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ڪيو ۽ ڳالهين جو سلسلو به هلندو رهيو.
    ”لاهوت!، اهو ڇا آهي؟
    ”کَڏَ.... وڏي وڏي“. مان ننڍڙو پٿر کڻي ان ۾ اڇلايو.
    ”اهو ڇا ڪيئي؟“
    ”ٺا.... ٿي ويو... بابا، پٿر ٺا ڪيو“. مان هيٺ جھڪي وري ٻيو پٿر کنيو.
    ”اهو ڇا کنيئي؟“
    ”پٿر“
    ”ڪِنو اٿئي اِهو پٿر، اُڇل...؟“
    ”هي ڏس سامهون ڇا بيٺي آهي؟“ بابا منهنجي توجهه پٿرن تان هٽائيندي پڇيو.
    ”گاڏي آ“ مان گاڏيءَ ڏانهن ڏسندي چيو.
    ”ڪنهن جي آ؟“
    ”پلائي (پرائي)“
    ”هي گهر ڪنهنجو آ؟“
    ”لاليءَ جو آ“
    ”نه صحيح ٻڌاءِ مستي نه ڪر“
    ”نانيءَ جو“
    ائين ڳالهيون ڪندا پٿريلي رستي تان هلندا ڪالونيءَ جي ٽينس ڪورٽ اچي وياسين.
    ”لاهوت! هي اٿئي ٽينس ڪورٽ هتي ٽينس راند کيڏبي آهي.“
    ”ها“
    ”لاهوت.... زور سان سڏ ڪر هالار کي.... هيئن“ پوءِ بابا وڏي آواز سان سڏيو، ”هالار.... لاهوت....“
    بابا جو آواز گونجيو ۽ ”هالار.... لاهوت“ جا پڙاڏا ٻڌڻ ۾ آيا. پوءِ مان به ٻاراڻي تيز آواز ۾ رڙيون ڪري چيو: ”لاهوت.... هالار....“ ۽ منهنجو آواز ٽينس ڪورٽ جي اوچي ديوارن سان ٽڪرائجي گم ٿي ويو. ڪجهه دير اسان پنهنجي آوازن سان کيڏندا رهياسين ۽ ٽهڪ ڏيندا رهياسين.
    ”هلو“
    ”ڪاڏي هلون؟“
    ”هوڏي“
    ”هوڏي نه.... پهرين هيڏي جبل تي هلون نه.“
    ”ها هلون جبل تي، هلون جبل تي، هلون جبل....؟“ مان ڳائڻ واري انداز ۾ چوڻ لڳس.
    ”لاهوت!.... هلي آ هيڏانهن اچ.“
    ”ها، هلون جبل تي، هلون جبل تي، جبل...“ مان وري پنهنجي منهن ڳائڻ لڳس ۽ بابا جو هٿ پڪڙي ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو پٿريلي رستي تان هلڻ لڳس.
    ”لاهوت... مان توکي کڻان ٿڪجي پوندين اڳيان رستي ۾ ڪنڊا ۽ ديويون به آهن؟“
    ”نه ٿڪندم.... مان ڊڄندم به نه“
    ”ها تون ته بهادر آهين. بلڪل به نه ڊڄندو آهين.“
    پوءِ بابا ۽ مان ديوين ۽ ڪنڊن واري رستي تان هلڻ لڳاسين.
    ”اهو ٿئي جبل بابا... وڏو جبل آ“ مان خوشيءَ مان رڙ ڪري چيو.
    ”توکي کڻان هاڻي ٿڪجي پيو هوندين؟“ بابا مون کان پڇيو.
    ”مان کڻندم توکي بابا“
    ”تون ڪيئن کڻندين مون کي؟“
    ”هُو ڏس... هو ڇا ٿا اڏامن آسمان ۾؟“ بابا مون کي کڻندي پڇيو.
    ”پکي“ مان آسمان ۾ ڏسندي چيو.
    ”ها، اهي سرڻيون ٿئي. ٻه سرڻيون“ بابا ٻڌايو.
    مٿي چڙهندي بابا ٻڌائڻ لڳو: ”لاهوت!.... مان جڏهن اسد جيترو هوس نه تڏهن کان هن جبل تي ايندو رهندو آهيان. هن سان منهنجي پراڻي دوستي اٿئي. اڄ تون مون سان هن جبل تي چڙهين ٿو. پاڻ ٻئي گڏ گڏ هن جبل تي چڙهون ٿا. هاڻي تنهنجي به هن سان دوستي پڪي ٿي وئي.“ اهي ڳالهيون ٻڌائيندي ٻڌائيندي بابا ۽ مان جبل جي چوٽيءَ تي پهچي وياسين. بابا وڏو ساههُ کڻندي مون کان پڇيو: ”ڪاٿي پهچي وياسي؟“
    ”مٿي مٿي سڀني کان مٿي.“
    ”ها، بابا به مٿي، لاهوت به مٿي. سٺي هوا آهي نه جبل جي؟“
    ”ها سٺي آ“ (هيءَ اها ٽَڪري يا جبل آهي، جنهن جي سامهون هن وقت به علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار ۽ ٻئي پاسي کان آرٽس فيڪلٽي نظر ايندي آهي. پوءِ مان به اڪثر ان جبل تي وڃڻ لڳس، ڪڏهن بابا سان ڪڏهن دوستن سان ۽ هاڻي اڪيلو ويندو آهيان.)
    اسان ڪجهه دير چئني طرف کان نظر ايندڙ منظر ڏسندا رهياسين، پوءِ پٺئين پاسي کان هيٺ لٿاسين. مان سامهون نظر ايندڙ عمارت ڏانهن اشارو ڪري پڇيو: ”اتي ڇا آهي بابا؟“
    ”هيءَ آرٽس فيڪلٽي اٿئي ۽ هي ان جي ڀرسان وڏو ميدان آهي، جِتي وڏا وڏا فنڪشن ٿيندا آهن.“
    ”هاڻي اسان آرٽس فيڪلٽيءَ جي گيٽ وٽ بيٺا آهيون. ڪاٿي بيٺا آهيون؟“
    ”گيٽ وٽ“ ڏکيا لفظ اچاري نه پيو سگهان.
    ”لاهوت!.... هي ڏس هن پاسي آرٽس فيڪلٽيءَ جو باغ اٿئي، پر هي هاڻي ختم ٿي ويو آ. هن ۾ ڇٻر ته آهي ئي ڪونه. ڪنڊا ۽ ڊڀ نڪري آيا آهن. ڪيڏي ڪِني ٿي وئي آ ڇٻر. خراب ٿي ويو آ سڄو باغ. ها نه“ بابا اداس ٿي ويو هو.
    ”ها“ مان به اداسيءَ مان جواب ڏنو. شايد مان بابا جي ڪيفيت کي سمجھيو پئي.
    ”هلي آ ته توکي سينٽرل لائبريري گهمايان.“ بابا هڪدم موڊ چينج ڪيو.
    ”هلو گهمون“
    اسان آرٽس فيڪلٽيءَ مان نڪري سينٽرل لائبريري ڏانهن وڌياسين.
    ”اسان ڪاڏي ٿا هلون؟ سينٽرل لائبريري“ بابا ٻڌايو به ۽ پڇيو به.
    مان لفظ ”سينٽرل لائبريري“ کي غلط اچاريو.
    ”ها شاباس“ بابا خوش ٿي چيو.
    اسان ڳالهيون ڪندا سينٽرل لائبريري پهچي وياسين. سامهون ڪينٽين ٺهيل هئي. جِتي ڪجهه شاگرد ويٺا هئا. سينٽرل لائبريريءَ جي مئن دروازي وٽ پهچي مان چيو: ”اندر هلون؟“
    ”لاهوت!.... اڄ جمعو آهي نه ان ڪري لائبريري بند ٿي وئي آهي. پاڻ اندر نٿا هلي سگهون.“
    پوءِ ٻاهران ئي چڪر ڏيئي زيرو پوائنٽ کان ٿيندا اڳيان روڊ جي لاهينءَ تان لهڻ لڳاسين.
    ”هُو ڏس سامهون ڪير ٿا اچن؟“
    ”ڇوڪرا“
    ”ڇا ٿا ڪن؟“
    ”کِلن ٿا“ مان به کِلڻ لڳس.
    ”ڇوڪرن سان ٻيو ڪير گڏ آهي؟“
    ”ڇوڪريون“
    پوءِ بابا ٻڌائڻ لڳو: ”لاهوت!... يونيورسٽيءَ ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏ پڙهندا آهن، ان ڪري رستن تي به گڏ گهمندا آهن. اسان هلون ٿا علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي طرف ۽ هي وڃن ٿا سينٽرل لائبريريءَ جي طرف.“
    اڳيان هلندي بابا چيو: ”هُو ڏس پريان اسٽيڊيم ۾ ڇوڪرا ڪرڪيٽ راند ٿا ڪن.“
    ”مان کيڏان؟“
    ”وڏو ته ٿيءُ“
    ”وڏو ٿي ويو آن“
    ”وڏو ڪاٿي ٿيو آن، ڏاڙهي ڪاٿي ٿئي، مُڇون ڪاٿي ٿئي؟“
    مان ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳس.
    ”مان تنهنجون مُڇون پٽان؟“
    ”منهنجيون مُڇون پٽيندين نالائق..... ڏنگا....“
    ۽ مان وڌيڪَ کلڻ لڳان ٿو.
    ائين مستيون ڪندا اڳتي هلندا رهياسين.
    ”علامه آءِ آءِ قاضيءَ ڏي هلون؟“
    ”ها هلون“
    جڏهن مزار تي پهتاسين ته بابا چيو: ”اسان هِتي ايندا آهيون نه امي ۽ هالار سان؟“
    ”ها“
    ”لاهوت... هيءَ اٿئي ايلسا قاضيءَ جي قبر ۽ هُوءَ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي . هيءَ يونيورسٽي به هنن ٺاهي اسان لاءِ.“
    ”هنن تي ڇا رکيل آهن؟“ باباپڇيو.
    ”گُلَ“
    ”۽ هي اٿئي ڏيئو. ڇا؟“
    ”ڏيئو“.
    ”گهڻا ڏيئا آهن؟“
    ”پنج“ بنا ڳڻن جي چيم ڇو ته ڳڻن ايندو ڪونه هوم.
    ”پنج نه ٻه آهن. ڏيئي ۾ پيا آهن گُل“
    ”کڻان؟“
    ”نه... ڏس سُڪي ويا آهن گُل. گُلن کي نه کڻ غلط ڳالهه آ.“ بابا مون کي سمجهايو.
    ”هي ڏس گيڙو رنگ جي چادر رکيل اٿئي مزارَ تي.“
    ”لاهوت!... هاڻي ٿڪجي پيا آهيون. هليا ته ڏاڪڻين تي ويهون.“
    اها هئي بابا سان منهنجي پهرين ڪچهري. ان وقت منهنجي عمر 2 سالَ 9 مهينا هئي ۽ اهي ڳالهيون بابا ان ٽيپ ريڪارڊ ڪيون هيون. ان ڏينهن منهنجي بابا سان ۽ ڄامشوري سان پڪي دوستي ٿي وئي. اڄ به جڏهن مان گهمان ٿو ته مون کي اڪيلائي محسوس نٿي ٿئي، ڇو ته بابا هر رستي تي، هر موٽ تي، هوائن ۾، وڻن جي ڇانوَ ۾، مون سان گڏ هوندو آهي. اهو ساٿُ ڪڏهن به نه ٽُٽَڻَ جو آهي.


    زرد ڦول ٻٻرن جا واٽ تي ڇڻي پوندا ـــ منور سراج

    زرد ڦول ٻٻرن جا واٽ تي ڇڻي پوندا
    (طارق عالم جي مرتئي تي احساسن جي بي ترتيبي)


    مون اڳ ئي ڄاتو هو
    لاڙ جي هوائن جيان
    ڪڏهن هليو ويندس
    زرد ڦول ٻٻرن جا
    واٽ تي ڇڻي پوندا
    مان جڏهن هليو ويندس

    (اياز)

    کيس مان فون ڪيان ٿو ۽ اسڪرين ڏانهن ڏسان ٿو اسڪرين تي طارق عالم جو باک جهڙو اجرو نالو املتاس جي گلن جيان جرڪي رهيو آهي. مان حيرت ۽ خوشيءَ مان خوشبوءِ ٿي ٿو وڃان. هونءَ به الاءِ ڇو طارق عالم جو نالو هميشه ڪنهن گهري، پُر اسرار ۽ اُداس اُداس خوشبوءَ جئان مون سان گڏ رهيو آهي.
    فون اٽينڊ ڪيان ٿو.
    ”سائين طارق خوش آهيو؟“
    ”ها..... منور..... مان خوش آهيان.... پر تون فون اٽينڊ نه پيو ڪرين..... ڇو؟.... ٽيون ڀيرو رنگ ڪئي اٿم“
    طارق جي لهجي ۾ ڪاوڙ ڏسي ڊڄي ٿو وڃان.... ۽ وضاحت ٿو ڪيان ”سائين.... آفيس ۾ گهڻو گوڙآهي.... ان ڪري.... سوري.... آواز ٻڌي نه سگهيس....“
    طارق عالم جو لهجو ناراضگيءَ جي اُسَ اورانگهي پيارَ جي ڇانوَ ۾ تحليل ٿيندو ٿو وڃي.
    ”چڱو..... ٺيڪ آهي. هاڻي منور ڇا آهي ته: حيدرآباد ريڊيو وارا مون بابت ڪو پروگرام پيا ڪن.... ان سلسلي ۾ اُهي منهنجي دوستن کان تاثر وٺڻ گهرن ٿا.... مون انهن کي تنهنجو نالو ۽ فون نمبر ڏنو آهي.... هڪ ڪلاڪ کانپوءِ هو توسان رابطو ڪندا.... منور منهنجي خواهش آهي ته تون منهنجي لاءِ ڳالهائين.“
    طارق عالم پنهنجي مخصوص آرٽسٽڪ آواز ۾ چئي ٿو. ۽ مان خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نه ٿو ماپان.
    ”ها.... طارق سائين.... بلڪل..... اهو ته منهنجي لاءِ وڏو اعزاز آهي..... طارق عالم بابت ڳالهائڻ منهنجي خوشنصيبي آهي.....“ مان ڌڙڪندڙ دل سان چوان ٿو..... ۽ پوءِ فون بند ٿيڻ بعد هڪ ڊنل دل سان سوچيان ٿو مان هڪ ننڍڙو ماڻهو ايڏي وڏي آرٽسٽ بابت ڇا ٿو ڳالهائي سگهان؟ سو به ايتري مختصر وقتَ جي نوٽس تي!! هوڏانهن طارق عالم جهڙو منفرد ۽ محبوب ڪهاڻيڪار، شاعر، ناول نِگار، آرٽسٽ ۽ هيڏانهن مون جهڙو بنهه معمولي ماڻهو.... به چار ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکي ليکڪن جي لسٽ ۾ شامل ٿي ويل جيتامڙو...!! ۽ سچي ڳالهه هي آهي ته ان مهل مان پاڻَ کي لکڻ توڙي ڳالهائڻ جي هنر کان بي خبر محسوس ڪيان ٿو.... ۽ ان کان اڳ جو مون ڏي ريڊيو وارن جي فون اچي ۽ اچي مونکي صليب تي کڙو ڪري مان پين پنو کڻي لکڻ ٿو لڳان:
    ”طارق عالم جديد سنڌي ادب جو اُهو راڻو آهي جنهن کانسواءِ سنڌي ادبَ جي ڪاڪ بي معنيٰ ۽ بي رنگ هجي ها. طارق عالم فِڪشن جي دنيا جو اهو شهزادو آهي جنهن کانسواءِ سچ ته سنڌي ادب ايئن ٻُسو هجي ها جهڙو ڪنهن وڌوا جي سينڌ“.
    هٿ ۾ ڏڪندڙ پين سان تڙ تڪڙ ۾ ٻه چار جملا لکي پاڻ کي ڪجهه Relax محسوس ڪيان ٿو.
    پر ان ڏينهن الاءِ ڪهڙي سبب ريڊيو وارن جو فون نه ٿو اچي ۽ مان شامَ جو پنهنجا لکيل اهي جملا طارق عالم ڏي موبائيل تي لکي اُماڻيان ٿو.
    ۽ ٻئي پل طارق جو ميسيج اچي ٿو:
    ”منور! اهو سڄو تنهنجي محبت جو ڪمال آهي جو تون ايئن سمجھين ٿو....“
    ۽ مان پنهنجي مُنهن ڀُڻڪان ٿو:
    ”پيارا طارق! تنهنجي تخليق به محبت جو معجزو ئي ته آهي.... محبت ئي ته هن ڪائنات جو بنيادي جوهر آهي.... دانشوري جي ڌوڙ ۾ اسان جا چهرا دزجي ويا آهن.... محبت جي بارش ئي اسان جي اکيون اجاري سگهي ٿي..... اسان جا مُنهن ڌُئاري سگهي ٿي“ ۽ ها سچي ويجھڙ ۾ جڏهن طارق ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر ٿي آيو ته مون ڏي به ”مهراڻ“ جي هڪ اعزازي ڪاپي اچڻ لڳي. جنهن ڏينهن به ڪاپي پهچندي مان ان ڏينهن ان پل طارق کي ”موٽ“ رسيد طور لکندس.

    Dear Tariq !
    Mehran Received
    Thanks a lot.

    پر انهيءَ دوران هڪ دفعي مون کان هڪ ڪوتاهي ٿي وئي. ”مهراڻ“ پهتو پر مان موٽ رسيد موڪلي نه سگهيس. ڪجهه ڏهاڙن کانپوءِ طارق جو ميسيج آيو.
    ”منور! مهراڻ مليو؟“
    ...... ماءِ گاڊ.......
    لاپرواهي ٿي وئي. پڇتاءَ جو احساس..... پريشاني.... طارق جي محبت جو موٽ ۾ اهڙي ڪوتاهي؟ خبر به اٿم ته طارق طبيعت جو ڏاڍو تيز آهي. ۽ هجي به ڀلا ڇو نه. آرٽسٽ هوندا ئي ايئن آهن. اهي پنهنجي اندر ۾ هڪڙو سمنڊ سانڍي هلندا آهن ۽ طارق ته آهي ئي ازل کان هڪڙو مُضطرب روح جنهن جي سرير ۾ سدائين هڪڙو بي قابو سمنڊ ڦٿڪندو رهي ٿو.
    هي ”رات، سانت ۽ سوچون.“
    هي ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“
    هي ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“
    هي ”رهجي ويل منظر“
    ۽ هي ”مورن اوچا ڳاٽ“ ڇا آهن؟ اهي انهيءَ بي قابو سمنڊ جون سپون ئي ته آهن.
    ۽ مان ڇرڪ جي ڇوليءَ ۾ ڇلندي ڏانهس ميسيج لکان ٿو.
    ”ها طارق! ”مهراڻ“ پهتو“
    وري لکيائين: ”پوءِ تو اطلاع ڏيڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي؟“
    دل جھلي دل جي سچائيءَ سان پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪندي لکيم: ”طارق سائين! غلطي ٿي وئي. پنهنجي قدمن تي منهنجا هٿ قبول ڪجان“ بئي پل سندس جيڪو ميسيج آيو اهو مهرباني ۽ معصوم لڙڪن ۾ آلو هو. ان ۾ شفقت جو هُڳاءُ هو. لکيو هُئائين: ”مُنور يار! سدائين آباد هُجين“
    ۽ ان پل منهنجي اکين مان ٽهه ٽهه ڳوڙها ٽمي پيا. ۽ مون کي طارق جي ڪاوڙ تي اڳ کان به گهڻو گهڻو پيار اچي ويو. هونءَ به جيڪي ماڻهو اسان سان پيار ڪندا آهن انهن کي اسان تي ڪاوڙ جو به حق هوندو آهي. جيڪي اسان سان پيار ئي نه ڪندا آهن انهن کي اسان تي ڪاوڙ لڳندي به ڇو؟
    سچ ته هي آرٽسٽ پنهنجي روح ۾ مائرن وانگر هوندا آهن. مائرن جي ڪاوڙ به ڀلا ڪهڙي ڪاوڙ. سچوآرٽسٽ خدا جو پرتوو هوندو آهي ۽ اسان وٽ ڀلا آرٽسٽ هوندا ئي ڪيترا؟ ڀٽائيءَ کان اياز تائين ۽ اياز کان طارق عالم تائين شايد آڱرين تي ڳڻڻ کان به گهٽ. طارق عالم انهن آرٽسٽن جي قبيلي مان ناهي جيڪو رڳو عشق جو اٺون آسمان تخليق ئي نه ڪندا آهن پر اُهي عشقَ جو اٺون آسمان چادر جيان پنهنجي مٿان تاڻي به سگهندا آهن. اُهي رڳو لفظن ۾ ئي پيار جي پنجين موسم پينٽ نه ڪندا آهن پر اُهي پيار جي پنجين موسم ۾ هميشه لاءِ ٽڪي به پوندا آهن ۽ ڪڏهن به پيار جي پنجين موسم کان ڌار نه ٿيندا آهن. پيار جي پنجين موسم هر وقت ساڻن گڏ رهندي آهي، سندن اکين مان ليئا پائيندي رهندي آهي ۽ رکي رکي سندن نيڻن مان هارجي پوندي آهي. اُهي سرتاپا سپنو ٿي وينداآهن ۽ پنهنجي هر ڪيفيت سان سچا هوندا آهن. ۽ جيڪي ليکڪ پنهنجي پاڻ سان ته ٺهيو رڳو پنهنجي هڪ پل جي ڪيفيت سان به سچا نه هجن ته اُهي آخر اهڙي سٽ ڪيئن سرجي سگهندا جيڪا سٽ لطيف ۽ اياز جي سٽن جيان صدين جي سيني ۾ دل وانگر ڌڙڪندي رهندي آهي ۽ مگرمان جي ٿاپ وانگر ور ور وڄندي رهندي آهي. سچ ته طارق عالم پنهنجي اندر توڙي ٻاهر ۾ هڪڙو مڪمل آرٽسٽ هو، جنهن سان ۽ جنهن جي تخليق سان ملي ماڻهو هڪ پل ۾ صديءَ جو سواد ماڻي سگهي ٿو. ۽ مون اهو سواد سوين دفعا ماڻيو آهي. مون هڪ شامَ جڏهن سندس ڪهاڻي ”فريم“ پڙهي پوري ڪئي ته منهنجي حواسن تي انهيءَ مَڌُ جا کيپَ خُمارَ ڇانئجي ويا جيڪا مڌ ڪهاڻيءَ جي نائيڪا ۽ نائيڪ ڪينڊل لائيٽ جي ڌيمي روشنيءَ ۾ سرڪ سرڪ پيئن ٿا. مان ڪرسيءَ تان اُٿي فرش تي هلڻ ٿو لڳان ۽ منهنجا پير ايئن ٿڙڻ ٿا لڳن ڄڻ مان طارق جي ڪهاڻي پڙهي ڪرسي تان نه اُٿيو هُجان پر ٻه چار پيالا مڌ جا پي ڪنهن مڌوشالا مان نڪتو هُجان.
    ها ۽ آءٌ انهن ٿورڙن خوشنصيب دوستن مان هڪ آهيان جن کي طارق عالم جهڙي بي نياز آرٽسٽ جي دوستيءَ جي دائري ۾ رهڻ جو شرف حاصل آهي..... سچ ته طارق عالم جي دوستي ڪنهن اعزازَ کان گهٽ نه هئي. اهو طارق عالم ئي هو جيڪو منهنجي شروعاتي ادبي دور ۾ مون کي ڪنهن محسن وانگر مليو ۽مونکي پنهنجي مُرڪَ جي ڀاڪرن ۾ ڀري ورتائين. اهو طارق عالم ئي هو جنهن منهنجي پهرين ڪهاڻي ڪتاب جو مُهاڳ لکي مونکي بي اعتماديءَ جي ڌٻڻ مان ڪڍي اعتماد جي ڌرتيءَ تي وٺي آيو. نه ته اسان وٽ اسان وارا ادبي نقاد هر نئين ليکڪ کي ڪُهڻَ لاءِ ڪاتيون تکيون ڪيو ويٺا آهن ۽ مونکي معلوم آهي ته طارق وٽ ڪنهن جي تخليق جي پرک لاءِ ڪهڙي ڪسوٽي هئي پر مون کي اهو معلوم نه آهي ته هن وٽ ڪنهن ماڻهوءَ جي پرک لاءِ ڪهڙو معيار هو. ها البته مونکي اهو معلوم آهي ته طارق وٽ اهي عقابي اکيون ضرور هيون جيڪي ڏور آڪاش ۾ اڏامندي به ڌرتيءَ جي سيني تي سرندڙ ساهوارن جي ڇاتيءَ ۾ جھاتي پائي سگهنديون آهن. ۽ انهيءَ عقابي نهار سان طارق عالم مون ڏي ٻيو ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن مان ”خوابن جي سرحد“ کڻي سندس آفيس ۾ سندس سامهون ويٺو هئس ۽ هن جون اکيون ڪنهن مهل دريءَ کان ٻاهر قبرستان ڏي ڊوڙي ٿي ويون ته ڪنهن مهل مون ۾ کُپي ٿي ويون. ”منور ڪهاڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڇا پيو لکين“؟
    ”ناول پيو لکان طارق!“ هٻڪندي وراڻيو هئم.
    ”اڇا! زبردست يار....! ناول جي ڏاڍي ضرورت آهي.“
    طارق عالم جي اکين ۾ خوشي ۽پيار ڀرجي آيو هو ۽ ڪجهه لمحن لاءِ کانئس دريءَ جي پريان نظر ايندڙ اهو قبرستان وسري ويو هو جنهن لاءِ هو ڪجهه پل اڳ مون کي ٻڌائي چڪو هو ته يار منور اڄڪلهه مون کي هي قبرستان ڏاڍو وڻڻ لڳو آهي.
    ”اڇا ڪهڙي موضوع تي آهي ناول؟.... نالو ڇا اٿس؟“
    ۽ مان سندس سوال جي موٽ ۾ کيس ناول جي نالي ۽ ان جي موضوعاتي دنيا بابت ٻُڌائڻ ۾ شروع ٿي ويس ۽ طارق جي اکين ۾ پيار ۽ چپن تي اهڙي مرڪ رقص ڪندي رهي جيڪا مرڪ ننڍڙي ٻار جي ڳالهين تان پيءُ جي چپن تي ڊوڙي ايندي آهي. تڏهن اوچتو مونکي احساسُ ٿيو هو ته مان طارق عالم جي پيار ڀري نِگاهه مان شهه پائي ڪجهه وڌيڪَ ئي ڳالهائڻ لڳو آهيان. ۽ مان هڪ دم پنهنجي پاڻ مان ٻاهر نڪري نه سگهيو آهيان. 2004ع جي ان منجھند کان وٺي 2011ع جي ڪنهن بي نام لمحي تائين آءٌ مسلسل سندس مهربان مرڪ جي حصار ۾ رهيس. ست سال گذري ويا. ڄڻ هڪڙو پل گذري ويو. جِتي به ۽ جڏهن به ساڻس ملاقات ٿي يا فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته هن دعا سلام کانپوءِ مونکان هي سوال پڇڻ نه وساريو ته: ”منور تنهنجو ناول؟“ ۽ مان چوندو رهيس: ”طارق! اڌ ناول لکي چڪو آهيان. ٽي حصا لکي چڪو آهيان.“ ۽ انهيءَ دوران خبر پئي ته طارق عالم اديب رضويءَ جي اسپتال ۾ داخل ٿيو آهي. ساڻس فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي.
    ”سائين! طبيعت ڪيئن آ؟“
    ”منور! مان ٺيڪ آهيان.“
    ”سائين! ڇاٿيو آهي؟“
    ”يار! گردن وارو مسئلو آهي دعا ڪجانءِ“
    ”سائين! الله خير ڪندو.“
    ”منور! تنهنجي ناول جو ڇا ٿيو؟“
    ”سائين! ناول مڪمل ٿي ويو آهي.“
    ”ويري گڊ پر يار! خيال ڪجانءِ ناول سٺو ڪري ڇپرائجان. تنهنجون اکيون ڪِتاب ”هُنَ“ پياري وڃائي ڇڏيو آهي.“
    ”ها سائين بالڪل احتياط ڪندس. رڳو توهان خير سان موٽي اچو. ناول پڙهو. ته پوءِ ڇپرايون.“
    ”ها پيارا! بلڪل“
    انهي دوران هڪ طرف منهنجو ناول نوي سيڪڙو ڪمپوز ٿي چڪو ته ٻئي پاسي طارق عالم جي طبيعت نوي سيڪڙو کان وڌيڪَ خراب ٿي چڪي ۽ کيس هندستان مان علاج جي صلاح ڏني وئي. خرچ جو ڪاٿو لڳائي ڪميٽي جوڙي وئي. ڏينهن راتيون گذرندا رهيا حڪمران ۽ اسين سڀ لاپرواهيءَ جي ننڊ ۾ هلندا رهياسين. ۽ انهن ”پاڙي ناهي پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري“ جهڙين راتين مان هڪ رات مان طارق کي فون ٿو ڪيان ان رات مون طارق عالم سان ۽ طارق عالم مون سان آخري دفعو ڳالهايو. ان رات انهن لفظن سندس ساٿ نه پئي ڏنو جيڪي لفظ هونءَ هميشه ٻانهن وانگر سندس آڱرين جي اشاري جا منتظر هوندا هئا. ان رات هن لاءِ ٻه چار عام رواجي جملا ڳالهائڻ به مشڪل ٿي پيا هئا، نه ته هو هميشه غير رواجي جملا لکڻ ۽ ڳالهائڻ وارو هو. ان رات هر هر سندس لفظ پاڻ ۾ ننڍڙن ٻارن وانگر اٽڪي الجھي ٿي پيا..... ۽ ڇڏايو نه ٿي ڇڏايا. هو جنهن جو آواز هميشه جابلو جھرڻن جيان تيز ترار ۽ شيشي جيان صاف شفاف هو، ٽٽي ٽڪرا ٿي چڪو هو ڇڄي ڇيتيون ٿي پيو هو. منهنجي فون جي پنجين گهنٽيءَ تي هن فون اٽينڊ ڪئي هئي پر ڪجهه لمحاآئون سندس آواز لاءِ سڪندو رهيس.
    شايد هاڻي هُنَ لاءِڳالهائڻ ڏُکيو ٿي پيو هو.
    ”طارق..... سائين!... هيلو طارق! مان منور ٿو ڳالهايان....“
    ”ها.... سراج ڪهڙو..... حال.... آهي؟“
    ”اوهه.... طارق سائين! مان ٺيڪ آهيان.... توهان ڪيئن آهيو؟“
    ”ها.... سراج.... پيارا.... دعا ڪجانءِ.... انڊيا مان ٿي اچان.... پوءِ.... سراج.... ٺيڪ آهين“.
    ”طارق..... طارق..... مولا توکي صحت ڏيندو“
    ”ها..... آ.... سراج.... جدائي ناهي.... مان موٽي اچان.... پاڻ کي ڪچهريون.... ڪ..... ڪ.... ڪرڻيون آ.... آ.... هن....“
    ”ها طارق سائين.... توهان خير سان ٿي اچو.... جدائي ناهي.... پوءِ پاڻ توهان جي آفيس ۾ ڪچهري ڪنداسين.... هاڻي توهان ڀلي آرام ڪيو.“
    مان سندس خوبصورت آواز جا اڊڙيل اڊڙيل ڌاڳا ڏسي روئڻهارڪي دل سان چوان ٿو. ۽ هو ”چڱو سدائين گڏ“ چئي فون بند ٿو ڪري.... ۽ منهنجي دل ٻڏڻ ٿي لڳي. ۽ مون کي اندازو ٿيو ته شايد طارق عالم کي اهو معلوم نه آهي ته هو انڊيا نه پيو وڃي جو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سندس پرڏيهه وڃي علاج ڪرڻ لاءِ پئسا منظور ڪرڻ واري سٺ لک واري سمري تي صحيح ڪرڻ ۾ ست سج لاهي ڇڏيا آهن!! منهنجي سماعتن ۾ خطري جون گهنٽيون گونجڻ لڳيون. ”ته معنيٰ گهڻي دير ٿي وئي“ مان سوچڻ لڳس ”هاڻي مان شايد طارق سان ملي نه سگهندس. کيس ”کاٻي اک جو خواب“ ٻڌائي نه سگهندس. ۽ جنهن شامَ مون کي هن جي جدائيءَ جا پسڻ پيا ان شامَ ئي آئون شهر کي ڪنهن بور ڪتاب جيان جنهن جو رڳو ٽائيٽل سهڻو هجي. ٺپي وقت جي شيلف ۾ ڦٽي ڪري ڳوٺ هليو آيس. ۽ ڪنن ۾ هينڊ فري وجھي پنهنجي پاڻ کي عابده پروين، نصرت فتح علي خان، لتا ۽ پنڊت جسراج جي ڳلي مان ڦٽل سُرن جي سُرمئي نديءَ جي حوالي ڪري ڇڏيم.
    ۽ اُنَ صبح کجيءَ جي ڦڙهن مان سيرون ڪري اڀرندڙ سج جا ڪرڻا ڏسي رهيو هئس ته هن جي جدائيءَ جا پسڻ حقيقت جي هيڊي آڪاس ۾ تبديل ٿي ويا. ڳوٺ ۾ رات جي اک مان ڦٽل صبح جو اوڀر مان سج نمودار ٿيو ته گهر جي جھوني کجيءَ جي پٺيان آسمان چڻنگون چڻنگون ٿي ويو ۽ ايئن لڳو ڄڻ هڪ چڻنگ مان کجيءَ جي ڦڙهن کي باهه لڳي وئي آهي. هُنَ جي جدائيءَ بابت حبدار سولنگيءَ جو ميسيج کنوڻ وانگر کجيءَ تي اچي ڪريو.
    ”...... ادا! طارق عالم اسان کي ڇڏي ويو“
    مان لڙڪن ۾ ڀرجي ويل اکين سان ٻرندڙ کجيءَ ڏي ڏسان ٿو.
    جيڪا چڻنگون بڻجي چؤطرف پکڙجي وئي آهي. ۽ ساڳئي وقت اوڀر منجهه ڦٽل اها اک ان ڳالهه جي نويد به آهي ته طارق عالم هينئر هينئر ڪنهن ٻئي هنڌ، ڏور ڪنهن ٻئي ستاري تي ڪنهن ٻئي نالي سان نئون جنم ورتو آهي. پر هو اسان جي ديسَ مان ڪنهن ناراض پرندي جيان اُڏامي ويو.....!


    پنهنجي رمز وارو ديو مالائي ماڻهو ـــ ضراب حيدر

    زندگيءَ جا سمورا منظر بدلجي ويا آهن، هاڻي ماڻهن جا به ته رنگ بدلجي ويا آهن!؟
    نه بدليو آهي ته ڄامشورو نه بدليو آهي.... ساڳئي درد سان ڄامشورو اڄ به لبريز آهي. ڄامشوري سدائين درد جا پيمانا ئي ته ڀريا آهن جن سدائين اکين ۽ دل کي ڇلڪايو آهي. اسان ماڻهن جو دردَ سان ازلي رشتو آهي، اهڙو رشتو جيڪو صدين جي تسلسل ۾ هلندو رهيو آهي. اسان جا اُهي يار به ته اسان سان انهي ازلي درد ۽ ڪهاڻي ڪٿا ۾ جُڙيلَ آهن، جنهن جي تاريخَ تمام پُراڻي آهي. طارق عالم هُجي، آئون هُجان يا ڪو ٻيو ڪهاڻيڪار هُجي، اسانجي اکين ۾ رهجي ويل اُهي سمورا منظر هڪ ئي ڪهاڻي سان جُڙيل آهن، جيڪا اسان جي پيارَ جي ڪهاڻي آهي، اسانجي دردَ جي ڪهاڻي آهي. اسان ڪهاڻيءَ کي ساهس بخشڻ لاءِ جيڪو پنهنجو پاڻ ارپيو آهي، سا ارپنا پنهنجو مَٽُ پاڻَ آهي اُها ارپنا ديومالائي هوندي به هڪ سچ هڪ حقيقت آهي.
    هاڻوڪيون ٽهيون خبر ناهي ڄامشورو ڪيئن ٿيون ڀانئن؟ پر اسان ڄامشورو جيڪو ڀانئي نڪتاسين، سو اهڙو ته ڀانءِ پئجي ويو جو وري نه ڪو منظر اکين ۾ لهي سگهيو نه وري ڪو شهر دِل ۾ وسي سگهيو.
    اسان جي دل جو شهر ڏاڍو پُراڻو آهي، جنهن جي هر ساهه ۾ ڪيئي ڪهاڻيون ۽ افسانا آهن. هيءَ دل جي بستي جيڪا درد ۽ مستيءَ سان ڀريل آهي سا ڪيترا دفعا اُجڙي آهي ته ڪيترا ڀيرا وسي آهي، پوءِ به سندس عروج کي ڪڏهن ڪو زوال ناهي آيو. اسان جا سمورا ڏند ڪٿائي ڪردار اڄ به سچ آهن.
    شهرُ جيڪو اسان جي دل جو شهر آهي، جيڪو اسانجي اکين جو شهرُ آهي، شهر جيڪو اسانجي سوچ ۽ تصور جو شهر آهي، اُهو شهر ارتقا جي تهذيبن جي عروجَ تائين حقيقتن کان ويندي ديومالائي آکاڻين تائين سچ آهي، جنهن جا ڪردار ڏاڍا سُندر ۽ سچا آهن.
    اِها اُنهيءَ زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن ڪهاڻيءَ پنهنجي ارتقا کان پير سوريندي ڏيهان ڏيهه پُهتي، اُها ڪهاڻي جڏهن پنهنجي پري ميچوئر شِڪل ۾ هُئي ته اسين ساڻس گڏ هئاسين، اسان ئي سندس هٿڙا وٺي کيس هلائڻ سيکاريو هو، اسان ئي ته سندس ناز نخرا سَٺا هئا، صدين جي سفر ۾ اسان ڪٿي به سندس پاند نه ڇڏيو آهي. مُهين جي دڙي جي هر دور ۾ اسٽوپا کان وٺي کنڊرن تائين جي هرآثار ۾ اسان پنهنجي ڪهاڻي کي سنڀاليو، اسان پنهنجي تهذيب جي سمورن اهڃاڻن ۾ سندس ساکَ کي بچايو آهي. منهنجو اِهو ايمانُ آهي ته مُهين جي دڙي واري تهذيب دنيا جي قديم ترين تهذيب آهي، مُهين جي دڙي واري تهذيب کي به عروجَ تائين پهچڻ ۾ صدين جو سفر ڪرڻو پيو هو، ۽ اُها ٻولي جنهن ۾ پهريون جيڪو به ٻول ٻوليو ويو هو، سو سنڌي تلفظ جي تاثير سان پُر هو. وقت ضرور ان ڳالهه تي مُهرَ هڻندو ته جيئن سنڌ جي تهذيب قديم آهي ايئن ئي سنڌي ٻولي به جھوني ۽ پراچين آهي، آئون اُنهي سنڌي ٻوليءَ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن سنسڪرت سميت ٻين ڪيترين ٻولين کي اُچار ۽ گفتار جو گَسُ ڏِنو..... ها هيءَ ٻولي ئي آهي جنهن دنيا جي پهرين ڪهاڻي پنهنجي اڻپوري تصويري ۽ لکت واري لِپيءَ ۾ دنيا کي ٻُڌائي، ته:
    ”هي مُهين جو دڙو آهي هي شهر ڏاڍو پُراڻو آهي. جنهن ۾ سوين هزارين ڪهاڻيون وسن ٿيون، جيڪي اسانجون خلقيل اسان جون ئي لکيل آهن.“ بلڪل تاريخ ۽ اِتهاس اڄ به ان ڳالهه جو گواهه بڻيل آهي ته ٻولي ۽ تهذيب سان گڏوگڏ ڪهاڻي جو ورثو به هن سرزمين جو حصو آهي جنهن جا مثال صدين پُڄاڻان به پڌرا ۽ چِٽا آهن. اُهي سموريون ڪهاڻيون جيڪي طارق لِکيون ۽ اسان لِکيون سي هڪ اهڙي شاهڪار ورثي جي ثابتي آهي جنهن جي ڏند ڪٿا ۽ حقيقت به هڪڙو سچ آهي.
    آئون اڪثر ديومالائي ڪردارن متعلق سوچيندو رهندو آهيان ۽ بس انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته انسان پنهنجي خيال ۽ تصور جي آڌار اهڙن ڪردارن کي پئي جنم ڏنو آهي جيڪي حقيقي توڙي پريڪٽيڪل لائيف ۾ مُلهه مهانگا، اڻ لڀ هوندا هئا، تن کي فطري صلاحيتون ڏئي، انسان ديوتا مثل بڻايو، پر زندگيءَ جي ارتقا ۽ ڪهاڻيءَ ڪٿي نه ڪٿي اِهو ثابت ڪيو ته سمورا ديومالائي ڪردار ڪنهن نه ڪنهن سوچ ڪنهن نه ڪنهن روپَ ۾ سچ هئا. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ماڻهو اهڙا ڪردار ضرور ڏٺا آهن جيڪي هڪ ڏند ڪٿائي سچ هئا/آهن.
    ها بلڪل طارق عالم..... هِڪُ ديومالائي ڪردار آهي. جيڪو حقيقتن جي رنگ سان اڄ به منهنجي دل ۾ لٿل آهي جنهنڪري شايد ڪي به منظر بدلجي نه سگهيا آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو محبتون ۽ رفاقتون ڪڏهن به پوڙهيون ٿي نه سگهنديون آهن. اُهي پَلَ اُهي ساعَتون ۽ اُهي منظرَ جيڪي اکين ۾ رَهجي ويندا آهن سي ڪڏهن به بدلجي نه سگهندا آهن. ها منهنجي اکين ۾ به ڪيئي منظر رهجي ويا آهن. جيڪي سارَ بڻجي سِڪَ جي سنسارَ ۾ مونکي روليندا رهن ٿا، سارَ جڏهن ايندي آهي ته ساههُ ئي نڪري ويندو آهي.
    ٻُڌڻ ۾ آيو ته طارقَ جي ٻئين ورسي آهي....
    مونکان ڄڻ ڇرڪُ نِڪري ويو.... هان!!؟ طارق جي وَرسي؟!
    مونکي هِڪَ لمحي لاءِ به اُهو احساسُ نه رهيو ته طارق به هن فاني دنيا مان وڃي چُڪو آهي!! طارق منهنجي خيالَ جو ديومالائي سچ آهي، ڪالهه ڪالهوڪي ته ڳالهه آهي جو هُنَ مونسان گڏ مُهين جي اولاهين ڪَڙَ تي ويهي مِٽيءَ جا پنوڙا ٺاهيا هُئا، پوءِ اُنهن ۾ ڪاٺيءَ سان سوراخ ڪري کين اسٽوپا تي ويهي بوڙيندا ڪري وڄايو هو، اُنهيءَ ساعتَ پدمڻي شيوادِجي (ناچڻي) پنهنجي ڇيرَ ڇَمڪائيندي اسانجي ويجھو آئي هُئي پوءِ جيڪا ڪهاڻي طارق لکي هُئي سا اتهاس جي کوٽائي مان پڌري ٿي، نئين دورَ ۾ اُنَ جا چرچا ”رهجي ويل منظر“ بڻجي منظر عام تي مشهور ٿي ويا، ها ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو مون ساڻس يوينورسٽي ڪالوني واري ڪوارٽر م ڦوٽي واري چانهه پيتي هُئي، اُنهيءَ ڦوٽي جي خوشبوءِ ۽ ڪوپ مان نِڪرندڙ گرم گرم ٻاڦ جو احساس اڃان تازو آهي. طارق جي مُرڪن ۾ زندگيءَ کي شڪست ڏيڻ وارو سڀاءُ، ڪٿي بدليا آهن اُهي سڀ منظر؟
    دل آهي جيڪا ڪجهه به مڃڻ لاءِ تيار ناهي، طارق ٻه گهڙيون اڳ ۾ ته اکين کان اوجھل ٿيو آهي جو آئون سندس محفل مان اُٿي آيس، جو هُنَ ناچڻيءَ سان پنهنجون ڪهاڻيون ويٺي ونڊيون. هي هيڏو سارو سفر جيڪو گڏ گڏ گذريو، سو صدين کان اڃان جاري آهي. اسين ساڳئي ڪهاڻيءَ جي قافلي جون مَهارون وٺي گڏ گڏ هلي رهيا آهيون، اسان جي ڪهاڻيءَ جي ريل گاڏي اڃا منزل (ڪلائيميڪس)کي نه رسي آهي، هو ته مُنڍَ واري اسٽيشن جي پليٽ فارم تي ٽنگون ساهِڻَ لاءِ لَهي ويو آهي..... نه نه طارق هِتي ئي آهي منهنجي دل ۾ منهنجي سوچَ ۽ خيالَ ۾......
    ديو مالائي ڪردار ڪو ٿورئي مرندا آهن؟
    اُهي ته جُڳن تائين زندهه هوندا آهن، اُهي ته سدائين زندگيءَ جو اُهڃاڻ بڻيل هوندا آهن، اُهي پنهنجي مرضي پنهنجي رمز وارا هوندا آهن، طارق به پنهنجي رمز وارو چرياڻ ماڻهو آهي دِل چيو هوندس سو لهي ويو هوندو ڪا ڪهاڻي ڳولِهڻ، ڪا ڪهاڻي بڻجڻ لاءِ، ايئن بِنا موڪلائڻ جي ڪٿي آهي طارق وڃڻ وارو؟! مون طارق جي هٿن کي غُورَ سان ڏٺو آهي ۽ پڙهيو آهي، سندس هٿ ڇڏڻ ۽ ڇڏائڻ وارا آهن ئي ڪونه!!
    هُنَ جا هٿ هڪ آرٽسٽ جا هٿ آهن، اُهو آرٽسٽ جيڪو پنهنجي هٿن سان وڃايل زندگيءَ جي خدوخالن ۾ رنگ ڀريندو آهي. هڪ لمحي لاءِ آئون، طارق جي اُنهن هٿن کي سوچيان ٿو جيڪي صحرا، اڻ کُٽ رِڻَ ۽ ٿورن وچ ۾ هڪ اپيل هڪ احتجاج بڻيل هُئا، هڪ سڏ وراڪو بڻيل هُئا. اُهي هٿ جيڪي ”انگن چڙهيو انگ“ جي سروررق (ٽائيٽل) تي طارق پنهنجن هٿن سان اُڪاري مونکي زندگيءَ جو انمول تحفو ڪري ڏنا هئا. ڏکن ۽ تڪليفن جي ٻن سورجن زماني جي ٿورن ۽ اڪيلائين جي وسيع رِڻَ مان اُسريل/ڦُٽيل طارق جو اُهو هٿ اڄ به منهنجي شعورَ ۾ هڪ علامتَ بڻيل آهي، هڪ اُتساههَ جي علامت.....
    طارق هتي ئي ڪٿي آهي، هي سڀ ماڻهو ڀُليا آهن، کين اخباري خبرن تي اعتبار ڪرڻ نه گهرجي، طارق ايئن پاند ڇڏائي وڃي نٿو سگهي.... طارق جيڪو سفر نڀائيندـڙ ساٿي هو، هُو مسافتن کان لنوائڻ وارو ماڻهو بنهه ڪونهَ هو. مونکان ڀلا اُهو وڙ ڪيئن ٿو وسري سگهي؟ چوويههَ سالَ گذري وڃڻ باوجود مون لاءِ اڄ به اُهو منظر تازو آهي جڏهن طارق منهنجي سڏ تي طبيعت جي ناسازي سبب به ڪهي آيو هو ۽ اسلاميه ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ منهنجي ڪهاڻي ڪِتاب ”انگن چڙهيو انگ“ جو ٽائيٽل پنڊال طرف ڏيکاريندي چيو هيائين ته: ”جنهن ڪِرڻي جي مونکي سالن کان تلاش هئي سو هي آهي“ طارق پنهنجي ئي هٿن سان پنهنجا اُڪريل هٿ پِنڊالَ طرف ڪيا هئا ته منهنجي ٻولي ۽ گُگدام لفظن کي ڄڻ زبانَ ملي وئي هئي. طارق جيڪو اڪثر منهنجي لکت ۽ لفطن کي گُگدام ڪوٺيندو هو، سو پڇاڙڪن ڏينهن ۾ پاڻَ به صفا گُگدام بڻجي ويو هو، آئون سندس لاڳيتي خاموشي کي اڃان سوڌو صحيح ڪري (ڄاڻي) نه سگهيو آهيان.
    جڏهن طارق عالم جي تڏي تي طارق قريشي سان گڏ ويٺو هوس ته مونکي گوتم بڻيل ايازعالم ۽ ارورڙ جي قلعي جهڙو قيس عالم اِهو ئي باور ڪرائي رهيا هئا ته: ”طارق اندر ويو آهي، اِجھو ٿو اچي.....“ پر مون سندس ٽُٽل دليون ۽ ڇَلڪيل اکيون پڙهي ورتيون هيون پوءِ جڏهن ٿوري ئي عرصي ۾ قيس به طارق جي پويان لِڪي ويو ته دل جا سمورا آٿت ختم ٿيڻ لڳا هئا. پر اهو منهنجو محض گُمان هو. هيءَ ڪهاڻي جيستائين هلي پئي جيئري آهي تيستائين طارق ۽ ٻيا جيڪي به اکين کان اوجھل ٿي ويا آهن سي ڪهاڻي قافلي جون مهارون وٺي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اُهي نظر نه اچي رهيا آهن پر هر لمحي محسوس ٿي رهيا آهن هر مُنڍ، وِچَ، پڇاڙي ۽ ڪِلائيميڪس سان، هن سنسار ۾ هن دنيا ۾ جيستائين ڪا هڪ ڪهاڻي ڪو هڪ ڪردار باقي آهي، تيستائين طارق عالم جهڙا آرٽسٽ ڪهاڻيڪار ۽ ديومالائي ماڻهو مرڻا ناهن. اهو ئي سچ آهي اها ئي حقيقت آهي. اسانجي ڪهاڻي ڪٿا جي انوکي ڏند ڪٿا آهي. جنهن ۾ ڪنهن به ديوتا ڀڳوان سان پنهنجو ڪو مقابلو ڪونهي. اسان جا پنهنجا رنگَ پنهنجون رمزون آهن جيڪي اتهاس ۽ ڪهاڻيءَ جي گڏيل تهذيبَ آهن جنهن جا ڦٽائيندڙ ۽ وسائيندڙ اسين ئي آهيون. اسان اُنَ ڪٿا، اُنَ تهذيبَ کي ڦٽائي به شاهڪار ثابت ڪيو آهي ۽ وسائي به شاندار بڻايو آهي.


    Larger then Life

    ـــ قدير شيخ
    Larger then Life

    ٽي وي ڊرامو ساهه کڻندڙ زندگي هوندو آهي، جنهن کي ڪوئي اديب ئي لکي سگهي ٿو. برطانيه، امريڪا ۽ سڄي يورپ ۾ ڪيئي شوق رکندڙ ڊرامه نويس،ڊرامه نويسي جي اسڪولن ۾ ويندا آهن، سکندا آهن ته ڊرامو ڪئين لکجي؟ پر مان سمجهان ٿو ته اهي ڊرامي جو فن نه پر ڪنهن حد تائين ڊرامي جو هنر سکي سگهندا آهن. خراب ڊرامه اسان وٽ جلد مقبول ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جا لکندڙ پڻ پنهنجي مقبوليت انهن ئي ڊرامن کي سمجهن ٿا.
    اهڙن ڊرامه نويسن کي ڇا سمجهائجي ته ڊرامه نويسيءَ لاءِ پهريون نقطو علم جي حاصلات آهي، ڊرامي واري زبان ڪڏهن به سکي سگهجي ٿي، هونءَ به ڊرامو علمي زبان ۾ ناهي لکيو ويندو، روزمرهه جي زندگي گذاريندڙ ڪردارن جي زبان ۾ لکيو ويندو آهي.
    يا ائين کڻي چئجي ته سٺو ڊرامو لکيو نه پر بڻايو، خلقيو ويندو آهي. جنهن لاءِ چند عنصر کڻي ڪمپوز ڪيا ويندا آهن. ڊرامو لکڻ عظمت ناهي ،ڊرامو ٺاهڻ، خلقڻ عظمت آهي.
    چيو ٿو وڃي ته ادب ڳتيل ۽ ناقابل سمجهه شيءَ آهي تنهن (ادب) ۾ ڊرامي کي شامل نٿو ڪري سگهجي. ان سوچ جو نتيجو اهو سامهون آيو ته سطحي ڊرامه لکندڙ، ڊرامه فيلڊ ۾ اچي ويا آهن، جن ڊرامي کي فقط تفريح ڪوٺيو، هنن سطحيت تي وڃي فرمائشي لکيو ڄڻ پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽرس جي منشي گيريءَ جو ڪم ڪين.
    اسان اهڙي ڊرامي لکڻ کي ننديو ۽ هُنَ ڪجهه اهڙا (فرمائشي ۽ نج ڪمرشل )ڊرامه ڏسي توبهه ڪئي ڇو ته هن سڪون ۽ تنهائيءَ سان دوستي ڪئي. جيڪا ڪنهن اديب لاءِ حياتيءَ جو جوهر آهي. بهتر ڊرامه لکندڙ کي پنهنجي قومي روايتن کان آگهي ضروري آهي ڇو ته اها آگهي کيس ڪلاسيڪل ادب ڏانهن پهچائيندي.
    هاڻوڪي دور ۾ ٽي وي ڊرامي کي(سُستائپَ ۽ فني ادراڪ کان لنوائيندي ) فقط ايستائين رکيو آهي ته ان ڊرامي ۾ روزمرهه جي زندگيءَ جو تاثر هجي يعني رائيٽر خيال آرائي نه ڪري،جيڪو روز مرهه ۾ ٿئي پيو تنهن کي فوڪس ڪجي، يعني گهڻي قدر هڪ ئي سيٽ هجي، هڪ گهر جنهن کي ٻاهران ۽ اندران ڏيکاريو، مٿين منزل ۽ هيٺين منزل کي ڏيکاريو ۽ اتي رهندڙ ڪردار ڏيکاريو.........بس... پر اهو سڀ هر رائيٽر ۽ سنجيده رائيٽر نه ٿو چاهي ته اهو Box set اهڙو سيٽ جيڪو سجيل ڪمري جي تصوير هجيجنهن ۾ مٿين طبقي ۽ ان طبقي جي زندگيءَ کي ڏيکارجي....طارق عالم ابڙي جهڙا رائيٽر، سالن کان اهڙو مفروضو بڻجي ويل روزمرهه جي عام زندگيءَ وارو ڊرامو لکڻ نٿا گهرن، جيڪو ڊرامو ائين هجي جو اوهان ڪنهن گهر جي وٿيءَ مان، ڪمري ۾ جهاتي وجهي اهڙن اداڪارن کي ڏسي رهيا هجو جيڪي توهان ۽ توهان جي چاچين، مامن، سئوٽن ۽ پاڙيوارن جون زندگيون پيش پيا ڪن، پر بريخت ۽ ڪوڪتو جا نوان ڊراما ڪنهن نئين فضا ۾ هجن ٿا جتي هو پنهنجي خيالن ۽ جذبن جو اظهار ڪن ٿا.
    اڄ جا ڊرامه نويس عجيب مونجهاري ۾ آهن، مٿن غلبو عام زندگيءَ کي پيش ڪرڻ جو اٿن پر منهنجا دوستو...........وڏن ۽ عظيم ڊرامه نگارن اهڙن ڊرامن(سالن کان فارمولا بڻجي ويل ڊرامن) لکڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهي اهڙن ٻين ڊرامن لکڻ طرف ويا جن جا مرڪزي ڪردار larger than life (زندگيءَ کان وڏا) هجن پر عام قد جا نه هجن.
    اهڙا ٻي نموني جا ڊراما، اهڙي زندگيءَ جي تصور کي سامهون آڻن ٿا جيڪا عام زندگيءَ کان گهڻي سٺي يا گهڻي خراب هجي، رواج ۾ رهندڙ ۽ حال ۾ هوندڙ نه هجي، اهڙن ڊرامن ۾ زندگيءَ جي بلند ترين ۽ حقير لمحن جي عڪاسي هجندي آهي ۽ اهڙن ڊرامن ڏسڻ جي ڪشش اها آهي ته اوهان ان مان ڏٺل جو مزو، ڏسڻ نه ٿا چاهيو پر نه ڏٺل جذبي ۽ احساس ۾ شريڪ ٿيڻ جي امڪان ۾ داخلا ماڻيو ٿا، جتي ڪردار ازلي سوال کڻن ۽ جن سوالن جو تعلق انسان جي گهرائيءَ سان هجي، اهڙن ڊرامن ۾ اسلوب، ڪردار، ٻولي ۽ برتاءُ عام ئي رکبو آهي پر ان جا لکندڙ پهريان پنهنجي قومن جي روايتن، قدامت، تاريخ، نفسيات ۽ فن ۾ انهن کي ڍالڻ جي قوت وارا ٿيندا آهن ۽ پوءِ لکندا آهن، انهن ڊرامن ۾ روزاني زندگي هوندي آهي پر جوابي صورت ۾ سوال پيدا ڪرڻ جي سگهه واري.
    هاڻي ان نقطه نظر کي آڏو رکي، پاڻ طارق عالم ابڙي جي لکيل آخري ڊرامي “خالي فريم” ڏي اچون پيا جيڪو هِڪَ آرٽسٽ تي لکيل آهي، جيڪو ڊرامو ٽيڪنيڪل لحاظ کان فليش بيڪ، انٽرڪٽ،فيڊ آئوٽ ۽ ٻين جزن سان، ڊرامي جي ڪهاڻيءَ کي نفيس انداز ۾ وڌائي ٿو، ڊرامي جو سڄو فوڪس آرٽسٽ جي نمرتا، معصوميت ۽ لائيف کي برتڻ تي آهي، مددي ڪردارن ڊراميءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ خاص ڪري( ٽانگي واري جو ڪردار) پنهنجي گفتگوءَ ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن کي بيان ڪري، ڊرامي کي سماجي حيات پڻ ڏني آهي. ڊرامي ۾ مختلف سچوئيشنس ڏئي، اسڪرپٽ موجب ماحول منتخب ڪري، فلمبند ڪرڻ، ڪردارن کي ڪيفيتن موجب بيڪ گرائونڊ ميوزڪ ڏيڻ ۽ اسڪرپٽ جي روح موجب گيتن جو ورلاپ رکڻ،انتهائي مهلائتو لڳو پر ڊرامي جي مرڪز ي ڪردار ان موقف کي هٿي ڏني آهي ته ڊرامي جا مرڪزي ڪردار لارجر دين لائيف، زنـدگيءَ کان وڏا هجن، عام قد جا نه هجن.
    ڊرامي جو مرڪزي ڪردار آرٽسٽ آهي، جيڪو بي پرواهه ٿيندو آهي، طارق عالم ابڙو جي آرٽ سولو پلي “خالي فريم” جو ڪردار “حسن” زماني کان بي پرواهه، بي ريا ۽ سماجي وهنوار ۾ فٽ نه ٿيندڙ بي قرار روح آهي جنهن لاءِ رولاڪيون، تجربي جو ذريعو هونديون آهن........هو ڪنڊن پاسن ۽ رستن ۾ پيل زندگيءَ ۽ ماڻهن جا مشاهده وٺندو آهي، اهو سڀ ارادتن ناهي ڪندو پر اها سندس زندگيءَ جي مشغولي بڻيل هوندي آهي، اهائي مشغولي ڪنهن آرٽسٽ لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڏيندي آهي.... هو(حَسن)مجسمه ٺاهيندڙ هڪ آرٽسٽ آهي، هو پاڻ کي گهڻو وقت گهر ۾ رهڻ، روٽين ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ خاندان ٺاهڻ جي خفت کان مڪت ٿيل ڀائيندو آهي، جڏهن ته پيءُ ماءُ ۽ زماني جا ماڻهو کيس رواجي جيئڻ تي آڻڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر طارق عالم جي مرڪزي ڪردار، آرٽسٽ وٽ معمول جي زندگي جيئدي، پنهنجي غير معمولي تخليقي پرواز- فن ۽ انوکي خيالن جي قرباني ڏيڻ منطور ناهي، هن ڪنهن اسرار ۽ انساني رمزن واري معنائن جي تلاش ۾ ...پاڻ کي ،پاڻ لاءِ معمول جي زندگيءَ کان ڪٽي رکيو آهي. هن پاڻ کي زماني کان مڪت ڪيو ناهي، مڪت ٿي ويو آهي...(فطري طور ۽ پنهنجي فن جي رياضت ۾)......هو آرٽسٽ هو جيڪو پنهنجي زندگي پنهنجي مرضي ۽ پنهنجي شخصي لطف لاءِ جيئندو آهي.
    ٽي وي ڊرامي “خالي فريم” ۾ طارق عالم جو آرٽسٽ- روٽين، شيڊول ۽ رواجيت واري ڌارا ۾ اچڻو ئي ناهي..آرٽسٽ ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ ڪنهن جي ڌاڳي سڳي ۾ رهڻ يا ڪنهن جي ماتحتيءَ ۾ سِرُ نوائڻ جو پابند رهندو ئي ناهي، هو پنهنجي آزاديءَ کي مرضي ۽ ملندڙ لطف سان هلائيندو آهي، ڇو ته آرٽسٽ، افقي رنگ-کليل فضا جي حرارت ۽ زندگيءَ جي هڙني روپن کي پسڻ لاءِ الڳ ۽ آزاد قسم جي مڪينيزم ۾ رهندڙ هوندو آهي...هو زندگي ملڻ واري ٿوري وٿيءَ آڏو ٽريپ ناهي ٿيندو، ڇو ته هو طارق جو آرٽسٽ آهي، هو ڊرامي لاءِ رڳو ڪردار ناهي بلڪه طارق جو ڪنهن آرٽسٽ لاءِ وزن ۽ وزڊم آهي، طارق جو آرٽسٽ ڪردار ..زندگيءَ کي ڪنهن ماپ تور ۾ نه ٿو رکي ڇو ته آرٽسٽ اچانڪ پڻي، فطري اڇل ۽ موجودات جو لاڳاپيل جيءُ هوندو آهي، جنهن وٽ زندگي وٺڻ لاءِ انت، منزل ۽ سوچيل رستو نه هوندو آهي.
    طارق عالم هن ڊرامي ۾ آرٽسٽ واري ڪردار ۾ پاڻ سان هم ڪلام ۽ همزاد بڻجي پاڻ سان خود ڪلامي ڪئي آهي، هو سڀ من جي اڇل تي ڪري ويهي ٿو. ائين ڊرامو پنهنجي ٿيم/پلاٽ ۾ هڪ مجسمه ساز نوجوان جي بيپرواهيءَ ۾ گذرندڙ زندگيءَ کي پورٽري ڪري ٿو، آرٽسٽ کي ماءُ جي رشتي دل جي عقيدي ۾ پوئي رکيو..... هو ڪنهن لاءِ مثال ٿي جيئڻ جي مشق ناهي ڪندو. ڇو ته آرٽسٽ لمحن ۾ جيئندو آهي، سالن، صدين ۾ زنده رهڻ جي لالچ کان مڪت.... هو پنهنجي خيالن آڏو مٿو ٽيڪيندو آهي، هو ماءُ کي جنم ڏيندڙ هستي سمجهندي پاڻ ان کان جدا ٿيڻ واري خوف ۾ مبتلا ڀائيندي، ڊائلميا ۾ گهيريل محسوس ڪري ٿو، هو ماءُ جو سدا جيئڻ ، پنهنجي ساهه سان ٻڌل ڌاڳو سمجهي ٿو، هن جي زندگيءَ جوپوروڇوٽ سندس ماءُ آهي.....ماءُ بحيثيت هستي ۽ ماءُ حسن(آرٽسٽ) جي جيئندان جو سبب......
    هو زماني کان بيزار، بي چين ۽ پنهنجي خيالن ۾ جيئڻ وارو فرد آهي، هو سماج ۽ حالتن کي مربوط ڪرڻ کان لاتعلق، ازلي خيالن ۾ غرقاب فرد آهي، ڊرامو اڳتي هلي ٿو ته هو آرٽسٽ بغيرطئه ڪيل سفر دوران، ٽرين جي سفر ۾ هڪ فارين رٽرن....هندو ڇوڪري لڇميءَ سان ملي ٿو، اهو ٽرين سفر ۽ ڇوڪريءَ سان گهر تائين وڃڻ واري سفر تائين جو موقعو، ٻنهي جي هم خياليءَ، بي باڪي ۽ پاڻ ارپڻ واري نفسيات ڪري، شادي جي ٻنڌڻن سان ٻڌجي. هلڻ تائين جڙي ٿو، ٻئي راضي.....آرٽسٽ پنهنجي خيالن جي خالي فريم ۾ ڪنهن جو عڪس پنهنجي ڊائريءَ ۾ اسڪيچ ڪيو هو، لڇمي ان خالي فريم جو عڪس بڻجڻ لاءِ تيار هئي ۽ اتي آرٽسٽَ(حسن)جي ماءُ جو موت واقع ٿي پوي ٿو، ان سانحي ٿي پوڻ ڪري، آرٽسٽ باقي ڪنهن به حاصلات جي سحر کي، لاحاصلات جي ڌٻڻ سمجهي، لڇميءَ کان چيچ ڇڏائي، خيالن جي فضا ۾ الوپ ٿي وڃي ٿو. لڇميءَ سان شادي ان ڪري ڪري پيو ته پنهنجي زندگي ۽ گهر جي خالي فريم ۾ ماءُ سندس زال جو ڪو عڪس ڏسي خوش ٿيندي پر جڏهن ماءُ ئي نه رهيس ته وري پنهنجي گهر ۽ زندگيءَ جو فريم خالي رهڻ ڏنائين...ڇو ته آرٽسٽ ڪو انت منزل يا رستو مربوط نه رکندو آهي ۽ حسنزماني، ڪنهن پيار ڏانهن رغبت به نه ڏياري، هو ڊرامي ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي کي معراج ته سمجهي ٿو پر ماءُ جو رشتو ئي ان لاءِ محور هيو. ائين طارق پنهنجي ڊرامي جو وزن ان نقطي جي عروج تي پهچايو آهي، جتي هو چوندو هجي ته آرٽسٽ زماني جي ٺوسيت کان وڌيڪ خيالن ۽ وجدان ۾ پناهه ۽ يقين رکندو آهي. ڇو ته آرٽسٽ مرتبي، ناموس ۽ حاصلات جو پڇ لٽڪائو بڻجي زنده رهي نه ٿو سگهي..ميچوئر آرٽسٽ جي تلاش رڳو روٽي ڪپڙا ۽ مڪان ناهي، هو پنهنجي مرضيءَ ۽ پنهنجي لطف پائڻ لاءِ جيئندو آهي...ائين طارق ڊرامي “خالي فريم ” ۾ ان آرٽسٽ جو ڪردار لکيو ناهي خلقيو آهي، عام رائيٽر ڪردار لکندا آهن(زماني مان کڻي)پر طارق جهڙا رائيٽر ڪردار تخليق ڪندا آهن، ڊسڪور ڪندا آهن، ڊرامي لاءِ اهڙا ڪردار لکندڙ اديب هڪ ئي وقت تاريخ، تهذيب ۽ علم جو عرفان رکندڙ هوندو آهي.
    طارق ڊرامي“خالي فريم” ۾ رڳو آرٽسٽ جو شيڊو ناهي پسايو پر هن پرڳڻي جي سماجي حالت، مذهبي تنگدستي کي نندڻ ۽ سيلف پروٽيسٽ جي فطري اڇل ڪردارن ۾ سمائي آهي ۽ ائين لڇمي هندو ٿي، حسنَ جي معصومانه سچائي ڏسي سڱ سياپي جوڙڻ جي سائيڪالاجي رکي ٿي جيڪو مذهبي مت ڀيد ۽ فرقيواريت تي وار به آهي....اهي آڏا ابتا ۽ ٽڙيل وکريل جزا گڏائي”خالي فريم” لکڻ طارق جو ڪمال آهي.
    رڳو اهو ڪمال ناهي بلڪه سندس ڊائريڪٽر فاروق رند به محبت ۽ دل سان ان اسڪرپٽ ۾ ساهه ڀريو آهي، هو فاروق آهي، جنهن جو (جڏهن مان اسماعيل چانڊيو وٽ رهيل هيس)بارش پوڻ دوران موٽر سائيڪل تي، فاروق جو ايڪسيڊنٽ ٿيو هو رات جو اڍائي وڳي ڪراچيءَ جي ڪنهن روڊ تي، ايڪسيڊنٽ جي ٻئي ڏينهن تي مليو، چيائين: ”قدير سائين..... رات مري بچيا آهيون“، مون چيو: ”ڏک ٿيو.....“ چيائين: ”مونکي ڏک ڌڪن لڳڻ ڪري نه ٿيو“ مان چيو: ”نه ته“ ....چيائين: ”گوڏن کان مٿي ڌڪ لڳا، ڊاڪٽر جڏهن ڌڪ ڏسڻ لاءِ منهنجي جيڪا پينٽ ڪٽي، مونکي ان پسند جي پينٽ چيرجڻ تي ڏک رسيو جيڪا وري نه ملندي ۽ نه ٺهندي....“ مان ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ فاروق جي سرمستيءَ ۽ اوليتن واري درويشي پسي چيو ته: ”عجيب آهين، فاروق رند“- علي بابا جي فيمليءَ جو آهي ۽ علي بابا،طارق جي فيملي ۾ ويندڙ....فاروق، طارق، علي بابا، ٽئي فني دنيا جا عاشق ، صفا چريا مڙس ۽ هڪ ٻي جا اثر اپنائيندڙ.
    ڊرامي “خالي فريم”جي ڳالهين کان اڳتي نڪري آياسون، خير منهنجا دوستو.... طارق، هن ڊرامي ۾ پنهنجي شاعريءَ جي ليرڪ، ڪهاڻي لکڻ واري غير معموليت، ناول لکڻ وارو دريافتي عنصر ۽ ٽي وي جو ميڊيم آڏو رکيو آهي ته ٽي وي ڊرامو عوام سان ڪئين ابلاغ ڪندو آهي ۽ ان انداز جي آرٽ پلي جو اثر ڪيڏو تازو، هر دفعي نئون ۽ دلين ۾ جذب ٿيڻ جهڙو رهندو آهي، اها ڊرامي لکڻ جي ائپروچ آهي جنهن ۾ فن ۽ آرٽ وجدان جي ڪيفيت وارو ڪم ڪندو آهي، اهڙن ڊرامن لکڻ لاءِ لاشعوري جمالياتي قوت مدد ڏيندي آهي. مطلب اهڙا ڊراما عام ظاهر ٿيندڙ حقيقت کان وڌيڪ حقيقي نفسيات جو ظهور خلقيندا آهن.ڊرامي لکڻ جو اهو رويو..... پي ٽي وي جي دين رهيو، جتي علي بابا جو ڊرامو ”پينگ گيسٽ“ ۽ اڪيچار ٻين ليکڪن جا اهڙا ڊرامه اچي ٿا وڃن جن ۾ ڊرامه نويسن زماني جا عام ڪردار ته کنيا پر انهن کي زندگي برتڻ لاءِ، پنهنجي خلقيل زندگي عطا ڪئي، جيڪا زندگي ڊرامي ۾ ڏيکارڻ لاءِ اخبارن وانگر رپورٽ نه ڪئي وئي پر ان ڪردارن ۾ پنهنجو فن ۽ وجدان ڀريو، تنهن ڪري اهي ڪردار ۽ ڊرامه لارجر دين لائيف- زندگيءَ کان وڏا ڀاسندي محسوس ٿيا. اهڙي ڊرامي جي دنيا، عام ڊرامي کان ڪي قدر پيچيدا ۽ وڌيڪ آرٽسٽڪ هوندي آهي، جنهن ڪري خراب ۽ مقبول ڊرامو لکندڙن لاءِ اهڙا ڊراما ڪم وارا نه هوندا آهن ڇو ته ان ۾ عام تفريح کان وڌيڪ وجود ۽ تاريخ جي نفسيات جو ڇيد ٿيل هوندو آهي، اهي عارضي تفريح ۽ ڪمرشل ڊرامي کان وڏي ۽ ابدي عمر رکندا آهن پر جڏهن ڪو هانءَ سان هنڊائي.....بس آخر ۾ هن ڊرامي لاءِ آخري جملا ته.....ڪوبه آرٽ ٽي وي ڊرامو، ٽڪراءُ، ڊرامائي عمل ۽ رد عمل جي چوگرد بيٺل ناهي رهندا، پر آرٽ ڊرامي جي شروعات ڪلائيميڪس ۽ ڪردار نگاري، ُشد ڪَلاَ جيان اچانڪ پڻي مان پيدا ٿيل آرٽسٽڪ اسٽروڪ هوندا آهن، ڇو ته ٽي وي ڊرامو من جو اهڙو آئينو آهي جنهن مان اوهان ڪوشش ڪري وجود جو پرتوو پَسي سگهو ٿا. يا ائين کڻي چئجي ته “خالي فريم” جهڙا ڊراما زندگيءَ جو پاڻ لاءِ عڪس ڏيندا آهن ته ڪيئن جيئون، ڪيئن سوچيون ۽ ڪيئن محسوس ڪيون.
    هونءَ به ٽي وي ڊرامو اسان تي اهو شيڊو ڇڏيندو آهي ته اسان ڪهڙين شين کي عزيز رکندا آهيون ۽ ڪهڙين شين مان خوفزده ۽ ڀوَ جو شڪار ٿي ويندا آهيون، ڇو ته سٺو آرٽ ڊرامو دل ۽ دماغ کان توجهه وٺندو آهي ڇو ته دل ۽ دماغ کي نيڪي بدي، روشني تاريڪي، غمگيني شادماني، نجات ۽ بخشش مان گذرڻو پوندو آهي. ڊرامي جو وڏو فوڪس اهو ئي آهي رڳو معمول جي حيات چٽڻ نه پر من جي سچي حيات پيدا ڪرڻ، ڊرامي جو جوهر آهي. اهو ئي ڊرامي جو لارجر دين لائيف- وارو صيغو آهي.

    (طارق عالم ابڙو جي سولو پلي ”خالي فريم“ جو جائزو جيڪو سندس
    ٽين ورسي تقريبَ ۾ پڙهيو ويو)


    طارق عالم ابڙو لفطن جو مصور ۽ رنگن جو شاعِرُ ـــ رضوان گل

    ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور خوبصورت ۽ من موهيندڙ احساسن کي جنم ڏئي هيڻن وجودن کي کن پل لاءِ اهڙين حسين وادين ڏانهن وٺي ويندا آهن، جتي سندن روح کي سڪون ۽ فرحت محسوس ٿيندي آهي. دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو هر روز جنم وٺن ٿا پر انهن مان چند ئي فرد اهڙا ٿين ٿا، جيڪي تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ اڻ مٽ لڪير جيان ڇڏي وڃن ٿا. اهي فرد جيڪي ذهني پيڙائن جا پهاڙ لتاڙي، ڀوڳنائن جا بَحر جهاڳي تخليقي سفر جي پنڌ تي روان آهن سي يقينن تاريخ جو اهم ترين حصو آهن. سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ جيڪڏهن اسان ادب ۽ آرٽ جي شعبن ۾ غير معمولي ڪم سرانجام ڏيندڙ شخصيتن جا نالا ڳڻائينداسين ته انهن ۾ هڪ نالو پنهنجي طرز جي منفرد ناول نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ مصور طارق عالم ابڙي جو به نظر ايندو، جنهن پنهنجي جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي پنهنجي تخليقي پورهئي جي موٽ ۾ تمام گھڻيون شهرتون ماڻيون. طارق عالم کي جيڪا شهرت ناول ”رهجي ويل منظر“ لکڻ تي ملي، سا سنڌ جي تمام گهٽ ناول نگارن جي حصي ۾ آئي آهي. پاڻ هڪ ورسٽائيل ڪهاڻيڪار ۽ خاص طور تي هائيڪي جي بهترين شاعر هجڻ کان علاوه رنگن ۽ لڪيرن سان راند ڪندڙ خوبصورت مصور پڻ هو. سندس مصور هجڻ وارو حوالو ٿي سگھي ٿو ڪجهه ماڻهن لاءِ نئون به هجي، پر هتي اها ڳالهه غور لائق آهي ته طارق هڪ ئي وقت هيڏن سارن مختلف شعبن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هر شعبي ۾ پاڻ ملهايو. هو گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو.
    طارق عالم ولد محمد عالم ابڙي جو جنم 10 اپريل 1958 تي تعلقي قمبر ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. 1960 ڌاري سندس خاندان حيدرآباد ڏانهن مستقل لڏي ويو. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد ۽ ايم اي سنڌي ادب ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد 1989 ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو ۾ ملازمت جو آغاز ڪيائين، جتي ڪيترن ئي سالن تائين مختلف ادبي ذميواريون نڀائيندو رهيو ۽ ٽه ماهي ”مهراڻ“ جو ايڊيٽر به رهيو. طارق عالم، سنڌيءَ جو منفرد اسٽائيل رکندڙ ڪهاڻيڪار هو. هن جون ڪهاڻيون پڙهندڙن ۾ تمام گھڻيون مقبول آهن. سندس لکڻ جو ڊڪشن منفرد ۽ متاثر ڪندڙ آهي. هن جون ڪيتريون ئي ڪهاڻيون پڙهندي جسم مان سيسراٽيون نڪري وڃن ٿيون. پڙهندڙ کي هو پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ جو فن چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿو، جو قاري سندس اڪثر ڪهاڻيون پڄاڻيءَ تائين پڙهڻ لاءِ مجبور ٿي پوي ٿو. هن جي لکڻيءَ جي اها ئي ڪشش کيس ٻين ڪهاڻيڪارن کان اهم ۽ مختلف بڻائي ٿي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”رات سانت ۽ سوچون“ ڪهاڻيون 1979، ”سڃاڻپ جي ڳولا ۾“ ڪهاڻيون 1998، ”رهجي ويل منظر“ ناول 1984، ”مورن اوچا ڳاٽ“ سنڌي ۾ هائڪن جو پهريون مجموعو 1992، ۽ ”لنڊن تنهنجا ڪيڏا روپ“ سفرنامو 1998، شامل آهن. سندس معروف ٽي وي ڊرامن ۾ ”پيوند“، ”طوفان کان پوءِ“، ”چنڊ رهين ٿو ڏور“ ۽ ”ڇانورو“ وغيره شامل آهن. ”ايس او ايس“، ”سڃاڻپ جي ڳولا“، ڪوئل“، ”فريم“، ”رات سانت ۽ سوچون“ سندس مشهور ڪهاڻيون آهن. طارق عالم جي ڪهاڻين ۾ جيڪا رومانويت آهي سا پڙهندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث بڻجي ٿي. انهيءَ حوالي سان ئي طارق کي ”سنڌي ادب جو روميو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. سندس ڪردار نڊر، بيباڪ، جذباتي ۽ حساس آهن، جن جي ٻولي ۽ انداز بيحد وڻندڙ آهي. طارق عالم پاڻ هڪ خوبصورت تخليقڪار هو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن تخليقي ادب کي وڌيڪ اهميت ڏني. ٽه ماهي ”مهراڻ“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ذميواري سنڀالڻ کان پوءِ هن سڀ کان پهريون ڪم به تخليقي ادب کي اهم سمجھندي ان کي مناسب جڳهه ڏئي ڪيو، هونئن به ادب جي ٻين شعبن جو محّور به تخليق ئي هجي ٿو، انهيءَ ڪري هن جي اهڙي آندل تبديليءَ کي پڻ اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويو ۽ کيس مانائتي موٽ پڻ ملي. طارق عالم جي خاندان جا اڪثر فرد آرٽ جي مختلف شعبن سان واڳيل رهيا آهن، جن ۾ سندن والد کان وٺي مڙني ڀائرن تائين خاص طور تي فنِ مصوري ۾ پنهنجي الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ جو اهم حوالو رکندڙ آهن. طارق نه فقط لفظن کي معنائون ڏئي مهانتا ماڻي، پر هن رنگن جي ميلاپ سان به ڪيترائي شاهڪار تخليق ڪيا، جن کي ڏسڻ کان پوءِ سندس ڪيل پيار ڀرئي پورهئي جو ڪاٿو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. سندس مَن اندر جا اُڌما (inner feelings) جڏهن ڪوري ڪئنواس تي پين ورڪ يا آئل پينٽ جي صورت ۾ پڌرا ٿين ٿا ته انهن ۾ ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ليئا پائيندي محسوس ڪري سگهجن ٿيون ۽ اها هڪ آرٽسٽ جي وڏي خوبي هجي ٿي ته سندس رنگن مان ڪيتريون ئي معنائون جنم وٺن ۽ اها پينٽنگ ڏسندڙن کي انهن معنائن تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. مون اڄ کان ڏهه سال اڳ سندس گھر واري پي ٽي سي ايل نمبر تي رنگ ڪري کانئس لاڙڪاڻي جي آرٽسٽن بابت مضمون لکڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي ته هن ٻڌايو هو ته مان آرٽ جي دنيا ۾ وان گوگ کان متاثر رهيو آهيان، جيڪو دنيا ۾ امپريشن ازم (impressionism) جو وڏي ۾ وڏو حامي هو. جيتوڻيڪ طارق عالم جو ڪم بحيثيت مصور ايڏو گهڻو منظرِعام تي آيل نه آهي پر اهو تاريخ جو اهم ۽ سانڍڻ جهڙو حصو ضرور آهي. سندس فن پارن جي نمائش 2003 ۾ سنڌالاجي ۾ منعقد ٿي. هن پنهنجي جيون سفر ۾ مذڪوره مڙني شعبن ۾ جيڪو به ڪم ڪيو سو هر طرح سان ساراهه جوڳو آهي. جيتوڻيڪ طارق مزاجن داد زوري وٺڻ يا طلبڻ جو قائل نه هو، پر هر شعبي ۾ ڪيل سندس معياري ڪم کي ساراهه جا هار ضرور پوندا آهن. لاڙڪاڻي ۾ حبدار سولنگيءَ پاران منعقد ڪيل سندس جنم ڏينهن جي تقريب کانپوءِ جڏهن اسان گڏجي ويهي ڪچهري ڪئي هئي سين ته طارق ڪيترين ئي دلچسپ ڳالهين سان اسان کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيو هو، سندس ڪيتريون ئي ڳالهيون ۽ يادون اڄ به تازيون آهن پر هاڻي اهي ٽهڪ سڏڪن ۾ تبديل ڪري طارق اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي. ڏک لفظن ۾ بيان ڪيئن ٿئي !! لڙڪ اکين جا بند ٽوڙن ٿا.


    صبا، سنجھا ۽ رضيه جو طارق ـــ ممتاز لوهار

    ان زماني ۾ ”رهجي ويل منظر“ پڙهيو هئم، جڏهن پيار ئي مون لاءِ سڀ ڪجه هو. جڏهن راتين جون راتيون اڪيلائيءَ جي رڻ ۾ ڀٽڪندو هئس. تڏهن هڪ دفعو نه، ڪئي دفعا، بار بار اهو ناول پڙهندو رهندو هُئس. ناول جي خمار جو نشو لٿو ئي نٿي. تڏهن طارق عالم ابڙو کي ئي پنهنجو مرشد سمجھي ناول جو هڪ جملو پنهنجي محبوبا ڏانهن خط ۾ لکيو هئم ته: ”ضروري ناهي ته اسان جنهن طرف ڊڪندا هُجون، منزل به ان ئي طرف هُجي، منزل ته ڪنهن طرف به ٿي سگهي ٿي، اتر، اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ.“
    ۽ موٽ ۾ هن لکيو هو ته: ”هي ڪهڙيون ڳالهيون پيو ڪرين؟“ ۽ مون کيس چيو هو ته: ”هي مان نه، پر منهنجو مرشد ٿو چوي.“
    ۽ هوءَ هميشه لاءِ ڇڏي وئي هئي، ”رهجي ويل منظر“ جي سنجھا جيان. تڏهن اکيون بند ڪري سيني تي ”رهجي ويل منظر“ رکي سمهي پيو هئم، ناول مان هي آواز آيو هو: ”ڪنهن جي ڇڏي وڃڻ سان ڪوئي مري ناهي ويندو، پر وسارڻ لاءِ ڪي ڏينهن، ڪي مهينا، ڪي سالَ، عذابُ ڀوڳڻو پوندو آهي.“ اکيون کوليون هئم ته ڪمري ۾ سنجھا سان گڏ منهنجي محبوبا بيٺي هئي، ٻئي مرڪي رهيون هيون، مون ٻيهر اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون، ته بند اکين جي آڳر تي طارق عالم پنهنجون ٻئي ٻانهون کولي مون کي ڀاڪُرَ ۾ ڀڪوڙي چيو هو ته: ”هن جا ٽهڪ جيڪي ڪڏهن مون لاءِ اڇا ڪبوتر هوندا هئا، پوءِ ٽانڊا بڻجي پيا هُئا.“ هڪدم پي ٽي سي ايل تان نمبر ملائي پنهنجي مرشد سان ڳالهايو هُئم.
    اڄ به منهنجي تخليقي وجود کي واسي رهيو آهي طارق عالم ابڙي جو آواز، جيڪو مون فون تي ٻڌو هئو، ”رهجي ويل منظر“ جي خُمارَ ۾ جڏهن کيس چيو هئم ته: ”اوهان جي آڱرين کي چمڻ ٿو چاهيان، جن اوهان جي احساس کي پني تي اتارڻ لاءِ بنا ٿڪ ڀڃڻ جي، بنا ساهي پٽڻ جي اوهان جو ساٿُ ڏنو آهي.“
    موٽَ ۾ پريان کان آيل شفيق آواز ۽ ٽهڪ، پل ۾ سوين ڪلوميٽرن جو سفر طئه ڪري منهنجي ڪنن کان ٿيندو دنيا جي سمورن گلابن جي خوشبوءِ کڻي منهنجي وجود کي مهڪائي ورتو هو. ان مهل ئي کيس چيو هئم: ”مان نه ٿو چوان، منهنجي دل ٿي چوي، منهنجي ڪهاڻين جي ڪِتابَ جو مُهاڳ اوهان لکي ڏجو.“
    کلي چيو هئائين: ”حاضر پيارا!، جڏهن به چوندين..... حاضر آهيان.“ ۽ وقت جي سرڪش گهوڙي جي واڳ ڪٿي ٿي هٿن ۾ اچي، ۽ هڪ بي رحم گهڙي طارق عالم ۽ ان سان پيار ڪندڙن جي وچ ۾ هڪ ازلي ديوار کڙي ڪري وئي.... پر الائي ڇو، منهنجي دل اڄ به مڃي ئي نه ٿي، تون ويو آن ڇڏي.
    ڪير ٿو چوي ته هو ڪونهي؟.... هو آهي.... هو رهندو.... جيسين سنڌُ آهي.... سنڌ يونيورسٽي آهي.... يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ پنهون ۽ سنجھا آهن.... اڄ به هو پنهنجي ئي هن محفل ۾ موجود آهي. اوهين ڀل ته يقين نه ڪريو... پر منهنجي دل چوي ٿي ته هو هتي ئي ڪٿي آهي.... اچو ته هڪ پل سڀئي پنهنجيون اکيون بند ڪري دل ئي دل ۾ کيس پيار سان سڏيون:
    ”پنهون.... پنهون .... پنهون! مان ڄاڻان ٿو ته تون هتي ئي ڪٿي موجود آهين، تون ڏسين پيو، تون اسان کي ٻڌين پيو، تون مرڪين پيو، تون ڀلي اسان جا سڏ نه ورناءِ، پر اسان توکي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته، اسين سڀ توسان بي انتها پيار ڪريون ٿا. مان ڄاڻان ٿو ته هينئر ادي رضيه جي اکين ۾ هڪ خواب بڻجي لٿو آهين. هن پوري پنڊالَ ۾ بڙ جي ڇانوَ ۾ ويٺل ڪنهن مسافر جي کنيل ڊگهي ٿڌي ساههَ جي هڳاءَ جيان، اسان سڀني جي وجودَ کي ڇُهي رهيو آهين. هي ڏس تنهنجا پيارا دوستَ توکي، تنهنجي وجودَ کي پنهنجي اندرَ جي اکين سان، سمورن حواسن سان محسوس ڪري رهيا آهن. تون ڏسين پيو ته توکان سواءِ اسان جون مرڪون ڳوڙهن ۾ ڀڳل آهن. توسان گهاريل گهڙين جون يادون اکين جي فريز روم مان نڪري آرس ڀڃي جاڳي پيون آهن. ٿي سگهي ٿو ڪجهه ماڻهن کي منهنجيون ڳالهيون ديواني جو خواب لڳنديون هُجن، ان ڪري اچ، انهن کي پرههَ جي هيرَ جيان ڇُهي يقينُ ڏياري وڃ ته، تون اسان سان گڏ آهين، اسان جي وچ ۾ ڪٿي موجود آهين. ڀلي ته قنبر ۾ تنهنجو اصلوڪو گهر ڊهي ويو هجي، ڀلي ته هاڻي اتي ان جاءِ تي ڪي ٻيون عمارتون کڙيون ٿي ويون هُجن، پر دل تي يادگيرين جا نشان اڄ به موهن جي دڙي جي آثارن جيان شاندار ماضيءَ جون يادگار گهڙيون ٻڌائي رهيا آهن. هي اهو ئي لاڙڪاڻو آهي جنهن جي دادو ڪئنال ۾وهنجندڙ پنهنجي پياري دوست سائين اخلاق انصاريءَ کي ڏسڻ لاءِ تون ڄامشوري کان سيڙجي خاص اهو ڏسڻ ايندو هُئين ته منهنجا دوستَ ڪيئن ٿا وهنجن. پنهنجي امڙ جي هٿان مانيون ڪرائي پنهنجي دل گهريل دوستن کي زوري ترسائڻ، تنهنجا ٽهڪ، چرچا، دل وندرائڻ لاءِ ڪيل ڀوڳَ اسان مان ڪنهن به ناهن وساريا.

    وسري هي سارو لوڪ، پر نه وسرين تون
    توکي ڪيڏو مون، سانڍيو آهي ساههَ ۾

    هن پروگرامَ لاءِ مون ”رهجي ويل منظر“ ناول تي لکڻ چاهيو هو، پر منهنجي دل مون کي صلاح ڏني ته ”رهجي ويل منظر“ ناول جي ٻئي ڀاڱي تي لکان. جي ها ”رهجي ويل منظر“ ناول جو ٻيو ڀاڱو، جنهن جو مرڪزي ڪردار پنهون ته ساڳيو پاڻ آهي، پر ان جي محبوبا صبا ۽ سنجھا نه پر، ڀيڻ رضيه آهي.
    ڪجهه ڏينهن پياري دوست ۽ خوبصورت شاعر حبدار سولنگيءَ سان روز ڪچهريون ٿيون پئي. حبدار سولنگيءَ جڏهن طارق عالم سان گهاريل گهڙين جو ذڪر ڪيو. مليل محبت، طارق جي طبيعت ۽ ڀيڻ رضيه جي شخصيتَ ۽ طارق عالمَ سان سندس محبت ۽ نڀاءَ جون ڳالهيون ڪيون ته، اسان ٻنهي جي اکين ۾ سانوڻ جي وسڪاري کان اڳ وارا ڪارا ڪڪر ڀرجي آيا هئا ۽ مان ”رهجي ويل منظر“ جي پڄاڻيءَ واري پنهونءَ جي زندگيءَ تي سوچيندي پاڻَ سواليه نشان بڻجي ويو هئم. اهو سوچي ته سنجھا جي ڇڏي وڃڻ کانپوءِ پنهونءَ ڪيئن گزاريو هوندو!؟ ان احساس ۾ اکيون بند ڪري جڏهن سوچيو هئم ته تصور ۾ ڏٺو هئم ته ڀٽائيءَ جون ست ئي سورميون ادي رضيه جي هٿ ۾ هٿ ڏئي کيس طارق عالم وٽ وٺي آيون هيون. تڏهن پڪ ٿي هئي ته جڏهن سنجھا پنهونءَ کي الوداع چئي زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ اڃارو ڇڏي آسائش جي ڪوڙي ڪاڪ محل ۾ آرامي ٿي هئي، تڏهن ڀيڻَ رضيه ئي هئي جنهن طارق عالم جي وکريل وجود کي سهيڙيو هو.
    جڏهن پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽي گهمڻ ويو هئم، توڙي جو اتي ڪجهه دوست پڙهندا هئا، ظاهري طور انهن وٽ رهيو هئم، پر سچ اهو آهي ته مان ”رهجي ويل منظر“ جي دنيا ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ ويو هئم. زيرو پوائنٽ، آرٽس فيڪلٽي، علامه آءِ آءِ قاضيءَ کان ويندي پٿريلي رستن تائين هر پاسي منهنجون نِگاهون اهي آثار ڳولهي رهيون هيون، جِتي طارق عالم جو پنهون ۽ سنجها هٿ هٿن ۾ ڏئي گهمندا هئا.
    1980ع واري دؤرَ جي سنڌ يونيورسٽي ۽ ان جي ماحول ۾ پلجندڙ پيار ڪهاڻيءَ تي لکيل هي ناول سنڌي ادب ۾ نظم توڙي نثر کي تخليق لاءِ ڪئي موضوع ڏئي ويو. سنڌ توڙي ملڪ ۾ ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن، جن جي سڃاڻپ پنهنجي الڳ مزاج، ماحول ۽ واقعن سان آهي، پر سنڌ يونيورسٽي جنهن جو بنياد 1948ع ۾ پيو پر ان جي سڃاڻپ پيارَ جي علامت جو ڪارڻ طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ ٿي پيو.
    هي ناول ڀلي ته دنيا جي ڪنهن به جديد ادبي نظريي جو اُهڃاڻ نه هجي، پر انسان جي فطري گهرج ۽ بين الاقوامي رويي پيارَ تي لکيل اهو ناول آهي جنهن سنڌي ادب ۾ جيڪا مڃتا ماڻي آهي اها اڄ تائين ڪنهن به ناول ۽ ليکڪ جي ڀاڳَ ۾ ناهي آئي. اهو ئي سبب آهي جو ادب جي دنيا جو هي هر فن مولا هڪ ئي وقت شاعر، مصور، ڪهاڻيڪار، ڊرامه نِگار، سفرناما لکندڙ ۽ ڪالمسٽ هوندي به پنهنجين سمورين شاهڪار تخليقن جي باوجود هڪ ئي ناول جي ڪري اسان جي دلين تي راڄ ڪري رهيو آهي.سندس ٻيون تخليقون تارازيءَ جي پُڙَ ۾ ”رهجي ويل منظرَ“ جي ڀيٽَ ۾ شاهڪار هوندي به، ائين هلڪيون ٿي وڃن ٿيون، جيئن ڀيڻ رضيه جي وجودَ جي آڏو صبا ۽ سنجھا جا وجودَ هلڪا ٿي پون ٿا.
    يونيورسٽيءَ جي رومانس تي ڪيترائي ناول ۽ ڪهاڻيون ملن ٿيون. جيئن رافع شيخ جو ”يونيورسٽيءَ جي ڌنڌَ ۾ گُم ٿي ويل خواب“، اسحاق انصاريءَ جو ”خالي بينچ“، منير چانڊيو جا ٻه ناول ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“ ۽ ”تو پُڄاڻان“ پرويز ابڙي جو ”تون هڪ خواب آهين“. ٿي سگهي ٿو اڃان اڳتي به هلي ڪي ناول ٻيا سرجن، اهي ڀلي ته ”رهجي ويل منظر“ کان وڌيڪَ سگهارا ثابت ٿين، پر پوءِ به ”رهجي ويل منظر“ جي حيثيت يونيورسٽيءَ جي رومانس تي لکيل ناولن جي پيڙهه جي پٿر واري رهندي. اسين سمجھون ٿا ته ”رهجي ويل منظر“ رڳو ناول نه پر هڪ ليکڪ جي جيون ڪٿا پڻ آهي. پر مان ان ناول جي پوري ٿيڻ تي جڏهن صبا، سنجھا ۽ پنهونءَ جي دردَ تي سوچان ٿو ته هڪ اڏول ڪردار اکين آڏو اچي وڃي ٿو، جنهن جيترو حوصلي سان زندگيءَ جي تلخين، سختين ۽ اذيتن سان سمجھوتو ڪري بردباريءَ سان ثابت قدم ٿي طارق عالم سان نباهيو آهي، اها هستي ”رهجي ويل منظر“ جي سمورن ڪردارن کان وڌيڪَ اُتم، اُوچي ۽ عظمت واري آهي. اها آهي منهنجي ڀيڻَ رضيه. جنهن لاءِ طارق عالم هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته: ”رضيه منهنجي لڙڪن جو رومال آهي.“
    ۽ جڏهن ڀيڻَ رضيه کان سندس طارق بابت ٿا پڇون ته چوي ٿي: ”اسان هڪ ٻئي سان پنهنجين سمورين محبتن ۽ عقيدتن سميت زندگيءَ جا 26 سالَ هڪ اهڙي پُر امن جزيري ۾ گذاريا، جِتي نه ڪا نفرتَ هئي نه شڪايت، نه شڪ هو نه ساڙ، بس رڳو پيار ئي پيار.... مان طارق جي لکيل هر لفظ هر سٽ کي ائين سنڀالي رکيو، جيئن عورتون پنهنجا زيور سنڀالينديون آهن.“
    هن ناول جي مُهاڳ ۾ سائين عبدالقادر جوڻيجو لکيو آهي ته: ”ڪنهن نه ڪنهن پنهون“ جي اها ڪهاڻي دنيا جي سڀني يونيورسٽي ڪئمپس ۾ جنم وٺندي رهندي آهي ۽ ان کي ڪو نه ڪو طارق عالم لکندو ئي آهي، پر مسئلو ڪنهن ڪئمپس ۾ جنم وٺندڙ ۽ ختم ٿيندڙ رومانس جي عام موضوع جو نه آهي، مسئلو اهو آهي ته ان ڪهاڻيءَ اندر ڇا ڇا چيو ويو آهي ۽ ڪيئن چيو ويو آهي. طارق عالم جو هي ناول به ان ئي نقطه نِگاهه کان پرکي سگهجي ٿو.... گذريل ستن اٺن سالن ۾ مون سنڌي زبان جي (شيخ اياز کي ڇڏي) ڪا به اهڙي لکڻي نه پڙهي آهي، جنهن هن ناول وانگر مون کي حيرت ۾ وڌو هجي..... جيتوڻيڪ هن ناول ۾ پنهون طارق جو پنهنجو ڪردار لڳي ٿو ۽ هو ان ڪردار وسيلي ڪو به نعرو هڻائي سگهي ٿو، پر هن ايماندار ۽ شريف ماڻهوءَ ائين نه ڪيو آهي. بلڪه هنڌ هنڌ پنهنجا ڇوڏا به لاهي ويو آهي.“
    ائين ئي سنڌي افساني جي شهنشاهه امر جليل چواڻي ته: ”دنيا ۾ لکڻ لاءِ ساڳيا موضوع آهن. بس انهن جي پيش ڪرڻ جو انداز هر هڪ جو الڳ ۽ پنهنجو آهي.“
    تڏهن مان سوچان ٿو ته هن اهڙي شاهڪار ناول کانپوءِ جِتي طارق عالم کي سنڌ مان کوڙ سارو پيارُ ۽ موٽَ ملي هئي، اتي جئيلسي ۽ سازش جي ڌٻڻ به کيس اذيتون ڏنيون هونديون. منهنجي ان سوال جو جواب سندس ئي ناول جي هن جملي ۾ موجود آهي ته: ”محبتن ۾ ماڻهو سواءِ هڪ ٻئي جي، سڄي دنيا کي جئيلسيز ڏيندو ۽ وٺندو آهي.“
    ۽ مان سوچيان ٿو ته طارق عالم جهڙي کري ۽ سچي ماڻهوءَ (جنهن وٽ صرف پيار ۽ نفرت ئي هوندي هئي) وٽ وچ وارو ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو هو. تنهن هن دنيا جي ڊپلوميٽڪ ۽ ٻن منڍن وارن ماڻهن، دوستن، محبت ڪندڙن دعويدارن ۽ سماج جي وچ ۾ ڪيئن گذاريو، ڀوڳيو ۽ لوڙيو هوندو؟ جنهن لاءِ هو ناول ۾ ئي چئي ويو آهي ته: ”ڪا اهڙي ڪئميرا به هجي ها، جيڪا اندر ۾ ٿيندڙ حادثن جا به فوٽو ڪڍي سگهي ها.“
    هو دوستن جي روپ ۾ دشمنيون، محبتن جي روپ ۾ نفرتون ۽ رشتن جي ويساههَ گهاتين کانپوءِ به ٽهڪ ڏئي کلندو کلائيندو محبتون ونڊيندو رهيو. ۽ مان سوچان ٿو ته پنهونءَ کي جڏهن سنجھا ڇڏي هلي وئي هئي ته ڪيترائي سالَ گهر اندر رهي، خودڪشيءَ ڏانهن وڌندڙ هن شخص آخر زندگيءَ ڏانهن ڪيئنءَ موٽَ کاڌي؟ تڏهن سندس ئي جملو منهنجي ڪنن ۾ گونجي ٿو ته: ”منهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن رضيه نه هجي هان ته مان خودڪشي ڪري ڇڏيان هان.“ تڏهن ناول مان هي آواز اڀريو هو ته، ”اسان جيڪڏهن پنهنجا اندر پنهنجي ٻاهران مڙهي هلون نه، ته هِڪَ وِکَ به هلي نه سگهون.“
    مون پنهنجي ڪهاڻين جي ڪِتاب ”اڻپورا وجود“، جي مهورت تقريبَ ۾ اهو اعتراف ڪيو هو ته سائين اخلاق انصاري منهنجو مرشد ڪهاڻيڪار آهي، اڄ هڪ ٻيو به اعتراف ٿو ڪريان ته منهنجي ڪهاڻين ۾ تشبيهن جو اثر منهنجي ٻئي مرشد طارق عالم ابڙي کان متاثر ٿيڻ جي ڪري آهي.
    نڪور ۽ تخليقي تشبيهن جي سونهن سان ڀرپور هي ناول يقينن اڄ به سنڌي ادب توڙي سنڌي ناولن جو ڳاٽُ اوچو ڪيو بيٺو آهي. هن ناول جو هر صفحو خوبصورت احساسن ۽ اڻڇهيل احساساتي تشبيهن سان ڀرپور آهي. جن مان ڪجهه تشبيهون حوالي طور پيش ڪيان ٿو:
    ـــ تو پنهنجا چپ منهنجي ڊائريءَ مٿان اُتاري ڇڏيا هئا، اڄ به انهيءَ پني مٿان تنهنجي لپ اسٽڪ جي سُرهاڻ ۽ شفق رنگ چپ ستل آهن.
    ـــ هونءَ به مون کي اُداس ڇوڪريون فٽ پاٿ تي رديءَ ۾ وڪامجندڙ قيمتي ڪِتابن جهڙيون لڳنديون آهن.
    ـــ منهنجا خوابَ اسان جي گهر جي مٿئين ڪمري جي روڊ ڏانهن کلندڙ دريءَ مان، آپگھات ڪري ڇڏيندا آهن. يا منهنجي خوابن جو ايبارشن ٿي ويندو آهي.
    ـــ عورت بهرحال مرد جي وڏين ضرورتن مان هڪ ضرورت آهي.
    ـــ مان سڄي رات سمنڊ جيان ڇلندي گذاري ڇڏي هئي.
    ـــ مون کي جڏهن به سمنڊ گهمڻ جو شوق جاڳندو آهي ٽئگور کي پڙهندو آهيان.
    ـــ هوا زنا جي ڏوهه ۾ ڇڏائي، ڀڄندڙ ڏوهيءَ پٺيان ڪنهن مڇريل هجوم جيان اندر ڌوڪي، هر طرف ڦهلجي وئي هئي.
    ـــ نٽهڻ اُسَ ۾ منهنجو ذهن تنهنجي آواز جي برف باريءَ ۾ وڃائجي ويو هو.
    ـــ کن لاءِ تنهنجا اداس نيڻ ٽانڊاڻن جان جرڪي پيا هئا، ۽ هلڪا ٽهڪَ، سڏڪا بڻجي هوائن ۾ اڏري ويا هئا.
    اهڙين ڪيترين ئي دل ڇهندڙ تشبيهن سبب محبوبائن کي تحفي ۾ ڏيڻ جهڙو هي ناول انسان جي داخلي ڪيفيتن، جي ڀڃ ڊاهه، احساسن جو دستاويز ۽ پيار جي ڪٿا تي مشتمل جيءُ جھوري ڇڏيندڙ هڪ اهڙو شاهڪار ناول آهي، جيڪو سنڌي ناولن جي چوڌاري هڪ مضبوط قلعو قائم ڪيو بيٺو آهي. هي ناول سنڌ يونيورسٽيءَ جي 1980ع واري دؤر جي تاريخ پڻ آهي.
    جيئن طارق عالم ابڙي جي نالي سان هي خوبصورت ناول ڳنڍيل آهي، تيئن ئي سندس زندگيءَ سان ادي رضيه جو نانءُ ڳنڍيل آهي. جنهن جي عظمت، سهپ ۽ وفا آڏو منهنجا لفظَ ڪنڌُ جھُڪائي اظهارين ٿا ته: ”منهنجي ڀيڻَ رضيه! تون انهن ڏينهن ۾ طارق عالم جي وکريل وجودَ کي سهيڙيو هو، جڏهن طارق ڪمري جي اڪيلائي ۾ آئيني سان ڳالهائيندي چوندو هو ته: ”ماڻهو محبتن جي موٽَ ۾ ويساهه گهاتيون، دوستين جي نانءَ تي دوکا ڇو ڏيندا آهن....؟“
    ”رهجي ويل منظر“ وقت ۽ ادبَ جي نقادن، ۽ محققن جي راين سان توريو ويو آهي، پر مان هن ناول لاءِ پنهنجي احساسن جي پڄاڻي هن ئي ناول جي هن خوبصورت احساساتي جملي سان ڪندس ته:
    ”جنهن صبح جو تو کي اچڻو هو، ان صبح جو وزم گهڻي پيئڻ ڪري منهنجو گلو سالن کان سڪل کوهه جيان ڪلراٺجي ويو هو. چپ سڪل پنن جهڙا ٿي پيا هئا. ننڍڙي موريءَ تي ويهي تنهنجو انتظار ڪرڻ لڳو هوس. بس آئي هئي، پهرين اسٽاپَ تي بيٺي هئي، پر تون نه لٿي هُئينءَ. بس منهنجي ڀر مان لنگهي هئي، ڏٺو هئم تون فرنٽ سيٽَ تي ويٺي هئينءَ. سمجھي ويو هوس، ته تون انهن رستن تان اچڻ نه ٿي چاهيو، جن کي اورانگهي ڪڏهن مون وٽ پيار ونڊڻ ايندي هئينءَ.
    موريءَ تان اُٿي اڳئين اسٽاپَ ڏانهن هلڻ لڳو هوس. شايد تو مون کي ويٺل ڏسي ورتو هو. تڏهن ئي ته گهر وڃڻ بدران، موريءَ ڏانهن هلڻ شروع ڪيو هُيئي.....؟ سُنسان روڊ جي هڪ ڪنڊ کان مان توڏانهن اچي رهيو هوس. ٻئي کان تو مون ڏانهن.....
    ڪيتري عجيب ڳالهه هئي سنجھا....؟ ماڻهو سدائين ملڻ لاءِ وڇڙندا آهن ۽ اسان هميشه وڇڙڻ لاءِ ملي رهيا هئاسون......؟ اسان ٿاٻڙجندا هڪ ٻئي جي اڳيان بيهي رهيا هئاسون. کاٻي طرف ڳليءَ ڏانهن اشارو ڪري پڇيو هومانءِ.
    هن ڳليءَ مان، پاڻ اڳي ڪڏهن لنگهيا آهيون؟ ڪنڌُ جھُڪائي ناڪار ۾ لوڏي ڇڏيو هُيئي. چيو هئم: هن ڳليءَ مان گهر ته ويجھو آهي، پر مان توکي وٺي نه هلندس. ڇو ته ڪجهه ڳليون ڪجهه رستا اهڙا به هُجن. توکان وڇڙڻ پُڄاڻان جن تان ڪڏهن لنگهان به، ته مون کي ڪُجهه به ياد نه اچي.“


    سدا بهار رهجي ويل منظر ـــ ننگر چنا

    سنڌي ادب ۾ ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ ڪيترائي ناول/ناوليٽ آهن. جيئن: ”رهجي ويل منظر“، ”خالي بينچ“، ”تون هڪ خوابُ آهين“، ”ڪاليج ڪڪي“، ”تون هڪ خواب آهين“، ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، ”هَٺ يوگي“، ”پٿرن جو شهر“، ”يونيورسٽيءَ ۾ گم ٿيل خواب“، ”توپڄاڻان“ ۽ ڪي ٻيا. پر ”ڪاليجي ڪڪي“ جهڙو عورت دشمن، سماج دشمن ناول ٻيو نه هوندو ۽ ”رهجي ويل منظر“ جهڙو شاهڪار رومانوي ناول ٻيو نه هوندو. ”رهجي ويل منظر“ جي جوڙ جو هڪڙو ٻيو ناول مون کي ياد اچي ٿو، ”پيلي ڇتري والي لڙڪي“، جيڪو اُدي پرڪاش جهڙي جڳ مشهور تخليقڪار جو شاهڪار آهي. اسان جي طارق عالم ابڙي جي ناول جا سڀئي ڌاڳا رومان جي رنگ ۾ ٻُڏل آهن ۽ ڪٿي ڪٿي انهن ۾ ڪا سياسي جهلڪ ۽ سماجي اوچ نيچ نظر اچي به وڃي ٿي پر اهي ايڪڙ ٻيڪڙ جهلڪيون پيار، پيڙا ۽ پڇتاءَ جي شخصي رنگن ۾ جهيڻيون پئجي وڃن ٿيون. جڏهن ته اُدي پرڪاش جي ناول ”ڦڪي ڇٽيءَ واري ڇوڪري“ ۾ هندوستاني سماج جي هڪڙي جامع ۽ مربوط تصوير پيش ڪئي وئي آهي. مذهبي تضاد جيڪو هندومت اندر جاتي ورڇ جي شڪل ۾ برهمڻ، کتري، شودر ۽ وئش جي شڪل ۾ به ته هندو، مسلم ۽ عيسائين جي وچ ۾ به ڏيکاريو ويو آهي، قومي تضاد جيڪو پنجابي، ميزو، ناگا، آسامي، مني پوري، تري پوري ۽ ٻين شڪلين ۾ پيش ڪيا ويا آهن ۽ طبقاتي تضاد کي به ڀرپور نموني سان رکندي لساني تضاد (هندي ۽ اڙدو) کي به درست نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.اهڙو ئي هڪ ٻيو ناول آهي پنجابي اديب احمد سليم جو ”تتليان تي ٽينڪ“ (پوپٽيون ۽ ٽينڪ). هي پنجابي ٻوليءَ جو خوبصورت ناول آهي ۽ زبردست ڳالهه هيءَ آهي ته ان جو پس منظر به سنڌ يونيورسٽي آهي ۽ سنڌ يورسٽيءَ ۾ جنرل ضياء جي قهري دور ۾ ٿيل شيرين سومرو واقعي کي بنياد بڻائي لکيو ويو آهي. اهڙو ٻيو زبردست رومانوي ناول آهي راجا انور جو ”جهوٽي روپ ڪي درشن“. انهيءَ ناول به نوجوانن کي ڪيف ۽ سُرور کان، درد جي لذت کان، محبت جي مستيءَ کان آشنا ڪيو.
    ته اسان جنهن دور ۾ پڙهڻ شروع ڪيو، ان دور ۾ ڪهاڻين ۾ امر جليل ۽ علي بابا نوجوانن لاءِ اُتساهه جو ڪارڻ هوندا هئا ۽ انهن لاءِ اونداهيءَ ۾ لاٽ به ۽ ٻئي پاسي اهو هڪڙو مست قلندر طارق عالم ابڙو پنهنجي ناول وسيلي اسان جي دلين ۾ واسو ڪري ويهي رهيو ۽ هر پڙهندڙ پاڻ کي پنهونءَ جي ڪردار ۾ پسڻ لڳندو هو. ان ناول پڙهندڙن جي ذهن ۾ موکيءَ جي وٽين کانپوءِ واري ڪيفيت کي اُڀاريو، خوابن جي دنيا ۾ پنهنجي پسند جو ڪردار چونڊڻ سيکاريو، سپنن ۾ گلابي، نيرا، ناسي ۽ ڪارا رنگ ڀرڻ جو هُنر ڏنو. اهو ناول ايتري ته طاقتور ڇڪ سان اڳيان آيو جو ٽين ايجر (Teenager) هڪٻئي کي گفٽ جي صورت ۾ ڏيڻ لڳا. اهو ناول ڪيترن ئي نوجوانن کي رٽيل هوندو هو ۽ ان جا ڪوٽيشنس عام جام ٻڌايا ويندا هئا ۽ ڪيترن ئي پڙهاڪن جي هٿن ۾ سدائين موجود هوندو هو. ڪنهن کان وٺي کولي ڏسبو هو ته جملن جا جملا لِيڪيل (Underlined) هوندا هئا.
    پنهون، سنجها، صبا، وفا، علي، ناردمني، ٽيلي اسٽار، ظهير ۽ ٻين ڪردارن تي آڌاريل هي ناول اڄ به پنهنجي ساڳئي آب ۽ تاب سان، شان ۽ شوڪت سان، سنڌي ناولن جي وچ ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو بيٺو آهي. هڪ هڪ پيار ڀوڳي آيل، تياڳي آيل پنهون ۽ سنجهاجي ڪهاڻي. عشقِ ناتمام جي ڪهاڻي. هن ناول جو پنهون مون کي هڪ پاسي اهڙو ڪردار لڳندو آهي جيڪو هڪ عشق ڪري، ٻيو عشق انهيءَ لاءَ ڪندو آهي ته جيئن اڳئين عشق جي پيڙا کي وساري سگهي ۽ اهڙي ئي سنجها. پر پنهونءَ جي ڪردار ۾ هڪڙي ٻي لهر به آهي، وڏي لهر جي هيٺيان هيٺيان، جيڪا مُنڍَ کان پڇاڙي تائين گڏوگڏ هلندي رهي ٿي. پنهون هڪ پاسي اهڙو نوجوان آهي جيڪو جنرل ضياء الحق جي ڪاري ٻاٽ واري جُڳ ۾ به پنهنجي دنيا جي دائري ۾ محدود آهي، هڪڙو پاڻ پسند ، خود غرض، لاپرواهه قسم جو نوجوان ۽ڪٿي جيڪڏهن ڪا سياسي ٻاڦُور آهي به ته اُها رڳو هيتري آهي:
    ”ڪجهه ڏينهن ٿيندا، هڪ جلوس تي گولي هلائيندي پوليس منهنجي جگري يار کي شوٽ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هُنَ ڪو به نعرو نه هنيو هو. هُو ته ٿڌي پاڻيءَ جي ڳولها ۾ نڪتو.“
    ڪا خبر نه ٿي پوي ته جلوس ڇو نڪتو، ڪنهن ڪڍيو، ڪنهن جي خلاف ڪڍيو؟ ايڏي جبر هوندي، هٽلري ظلم هوندي به ته پنهونءَ جي هڪ دوست کي پوليس بنان ڪنهن سياسي حرڪت جي شوٽ ڪري ڇڏيو، پوءِ به ڪتاب خاموش آهي. ها رڳو ايترو ضرور ٿيو آهي ته هڪڙي شاهدي ملي آهي ته پوليس ايتري بدمست هوندي هئي جو بنان ڏوهه ۽ گناهه جي ڪنهن کي به گولي هڻي سگهندي هئي.
    پر ٻئي پاسي پنهونءَ جي صورت ۾ هڪڙو ويدانتي آهي، وحدت الوجودي روح آهي، ملامتي صوفي آهي، اهڙو سنڌي آهي جنهن وٽ پيار ۽ سهپ جو اَٿاهه ساگر آهي. مثال طور: پنهون هڪ هنڌ سنجها کي چوي ٿو: ”ها، واقعي هُو اسان ٻنهين کان وڌيڪ سهڻو آهي. ڇو ته هُو اسان ٻنهين جو حصو آهي. نه اسان ٻئي هُنَ جو حصو آهيون..... اسان ٽيئي هڪ آهيون. اسان مان ڪو به ٻيو ڪونهي، ڪو به ٽيون ڪونهي......... اسان ٻئي ”هو“ آهي، توهان ٻئي، مان آهيان. هو ۽ مان، تون آهين.“
    ائين سنجها کي صبا سان نفرت ۽ ڌڪار ڪندي ڏسي پنهون کيس چوي ٿو: ”اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ڪنهن کي بُرو چوڻ جو.“
    سنجها چوي ٿي: ”بُرائي، سُٺائيءَ جو وجود آهي، تنهنڪري مان بري کي برو، سُٺي کي سٺو چوڻ جو حق رکان ٿي.“
    ”جيڪڏهن ڪو برو هجي ته.“
    ”صبا بري آهي.“
    ”اهڙي طرح اسان سڀ، ڪنهن جي نه ڪنهن جي نطر ۾ بُرا ضرور آهيون.“
    ائين ئي پنهون هڪڙي ٻئي هنڌ چوي ٿو:
    ”خراب اسان سڀ آهيون سنجها. تنهنڪري اسان ڪنهن کي به خراب چوڻ جو حق نه ٿا رکون.“
    اهو ئي پنهون ڪتاب جي 126 صفحي تي پنهنجي شخصيت جي هڪ ٻئي اهڙي ئي پاسي جو اظهار هينئن ڪري ٿو:
    ”منهنجي وڏي ٽريجدي اها آهي سنجها ته مان ڪنهن جي به بي عزتي ڪري نه سگهندو آهيان.“
    ائين سڄي ناول ۾ اسان کي پنهونءَ جي شخصيت جا اهڙا پاسا جَرڪندي نظر اچن ٿا ۽ طارق عالم ابڙي شعوري يا لاشعوري طور تي پنهونءَ ۾ اهي اولڙا پسايا آهن جيڪي سنڌيت جي نمائندگي ڪن ٿا ۽ ڪنهن حد تائين Passive Behaviour جو اظهار به ڪن ٿا.
    سڄي ناول ۾ نثر جي رواني صبح جي هِير جيان آهي يا وري تارو تار درياءَ جيئن، پر اهڙو درياءُ جنهن جي مٿاڇري تي سُڪون هجي ۽ هيٺيان وري گهڻو ڪجھه رِڙهندو، گِهِلجندو ۽ ليٿڙندو ايندو هجي.
    هڪڙي مٺڙي، پياري درد جي لهر آهي جيڪا ناول پڙهندي مَتنَ (Text) سان گڏوگڏ پڙهندڙ جي وجود ۾ جاري ۽ ساري رهي ٿي. ڄڻ ته سياري جي اُسَ ۾ ويٺل اڪيلي اُداس ماڻهوءَ جي چوڌاري يادن جو ڪو ميڙ آهي. يادون جهرڪيءَ جي کنڀن جهڙيون نَرمُ، ٿَرَ جي واريءَ ۾ ڦٽي آيل کُنڀيءَ جهڙيون اڇيون اجريون، ننڍڙي کَڏَ جي صاف پاڻيءَ اندر جَرڪا ڪندڙ مڇين جهڙيون، ڏُڌَ ولوڙي، لَسيءَ مان مکڻ ڪڍندڙ، لَسي ورهائيندڙ ڏاڏيءَ جي سڻڀن هٿن جيئن سدا تازيون ۽ سڻڀيون، مُدي جي بخار جيئن هَڏن ۾ گهري ويل ڄَرُ جهڙيون يادون.
    سڄو ناول محبت جي يقين ڀرين ڪيفيتن، ايمان پرور احساسن ۽ کرن سچن ۽ سدا بهار جذبن جي اظهار سان ڀريو پيو آهي. ڪجهه مثال:
    ”تو کي گهڻا ڏينهن نه پسي لڳندوهئم، هوائن مان آڪسيجن ختم ٿيندي پئي وڃي“.
    ”اسان سنڌي پنهنجن دوستن جي محبوبائن کي پنهنجين ڀيڻن جيڏو ئي مقدس سمجهندا آهيون ........ اسان ته انهن ويشائن ڏي به نه ويندا آهيون، جن سان اسان جي يارن جا واسطا هوندا آهن“.
    توڙي جو اڄ سنڌي سماج ۾ اهڙا قدر (Values) نه رهيا آهن. هاڻ ته سڱ نه ڏيڻ تي به گُهريل نياڻي جي لڄالٽ ڪئي وڃي ٿي ۽ گينگ ريپ جون رپورٽون، شهرن ۽ ٻهراڙين مان اچڻ لڳيون آهن. پر مٿين جملن مان توهان طارق عالم جي آئيڊيلسٽ هجڻ جو اندازو ڪري سگهو ٿا ۽ اهو به ته هُنَ ڪهڙي ڪردار کي تخليق ڪرڻ جي ڪوشش هئي يا هُنَ سماج ۾ ڪهڙو آئيڊيل ماڻهو ڏسڻ ٿي گهريو. توڻي جو اهو ماڻهو وري به اڻپورو آهي جو هُو وئيشائن لاءِ سماج ۾ گنجائش به ڇڏي ٿو ته انهن ڏانهن ويندڙ پنهنجي دوستن جي گنجائش رکي ٿو.
    ناول جا ڪجهه ٻيا ياد گار جملا به پڙهندا هلو:
    ”لَو ميريج اُهو جهاز آهي، جيڪو آڪاس جي بلندين تي پهچي اُمالڪ پنهنجو ٻارڻ وڃائي ويهي ۽ ٽٽي پيل تاري جيان ڪرڻ لڳي ڌرتيءَ ڏانهن پوري رفتار سان.“
    ”محبتن ۾ يا شديد پيار ڪرڻ گهرجي يا شديد نفرت، شادي هرگز نه.“
    ”ڪِس، تيرتاڻيل ڪمان جهڙن چپن جو نه، ماکيءَ سان ڀري اڳتي وڌائي ڏنل سپين جهڙن چپن جو نالو هوندو آهي.“
    ”خواب ڪڏهن به ساڀيا نه ٿيندڙ خواهشن جا ڌنڌلا عڪس هوندا آهن.“
    ائين جيڪڏهن نوٽ ڪرڻ شروع ڪجي ته پوءِ ڪيترائي پنا ڪارا ڪري سگهجن ٿا. سڄو ناول اهڙن اَملهه خيالن، ڀرپور انساني احساسن ۽ جذبن سان ڀريو پيو آهي. هن ناول هڪ دور ۾ بهترين اثر ڇڏيا ۽ اڄ به اهو نوجوان نسل جي فيوريٽ ناولن مان هڪ آهي. رومانوي لاڙي هيٺ سِرجيل هن ناول نه رڳو سنڌي ادب کي پنهنجي مقناطيسي سگهه جي ڪري نَوان پڙهندڙ ڏنا پر ناول جا پڙهندڙ به پيدا ڪيا. ناول پڙهڻ جو رجحان وڌيو ساڳي وقت اهڙي پس منظر کي آڏو رکي اهڙا ناول/ ناوليٽ سرجڻ جو لاڙو به سگهارو ٿيو، انهيءَ سان گڏوگڏ اهو به ٿيو ته نوجوانن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ به محبت ۽ ڇڪ پيدا ٿي ۽ هر نوجوان مادرِعلميءَ ۾ پڙهڻ جا سپنا ڏسڻ لڳو.
    هي سدا بهار ناول پنهنجي منفرد اُسلوب، سگهاري خيال، بهترين ڊائيلاگن ۽ نرالي پيشڪش جي ڪري سنڌي ادب ۾ سدائين ياد رکيو ويندو.


    سمورا ڏيکَ اُجھاڻا ـــ حبدار سولنگي

    سال 2007ع جي ڊسمبر جي هڪ شامَ، زندگيءَ مان ڇڻندڙ اُداسيءَ ۾ منهنجا نيڻَ لَٽجي چڪا هئا، دل ڄڻ ته ڪنهن حسينا جي ڀڳل چُوڙيءَ جيان وجودَ ۾ چُڀڻ لڳي هُئي، سيل فون تي ميسيج لکندي منهنجي آڱرين نه ڄاڻ ته ڪيئن منهنجي من جو سڄو ڏُک طارق عالم جي نمبر تي منتقل ڪري ڇڏيو. ڪا مهل مون پنهنجي گهر ٻاهران بيٺل کجيءَ جي اڪيلي اُداس وڻ کي پئي ڏٺو ۽ اکيون ڪنهن وِڃايل ٻارَ جي دل جيان اُٻاڻڪيون اُٻاڻڪيون پئي لڳيون. گهر ۾ هڪ هُيس آنءُ، ٻيو ڪانءُ !!
    تصور جي تندُ ٽُٽي ته ڏٺم منهنجي موبائيل فون تي هڪ ميسيج آيو آهي. پڙهيم ته لکيل هو:
    ”پيارا! جيتري پيار مان تو ياد ڪيو آهي، پڪ ڄاڻ اوترو پيارُ آءٌ به تنهنجي حوالي ڪيان ٿو.... Thanks “
    منهنجي پهرين ميسيج جو طارق عالم ايڏي قربَ مان جواب ڏنو ته اکيون مُرڪي پيون. حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته: ”دوستي ۽ محبت پيدا ڪرڻ عقل جو اڌ ڀاڱو آهي.“
    تصوير ۾تنهنجو ڳڙي روپ ايئن
    لڳي ٿو هوا ۾ ڪنول پيو تري
    (طارق)

    22 فيبروري 2008ع تي سنجها جو دير سان فون ڪري ٿو:
    ”يار ڪٿي آهين؟“
    ”ڳيريلي.....“
    ”اِهو وري ڪاٿي آهي؟“
    ”ڇو؟“
    ”مان لاڙڪاڻي ڀُٽي صاحبَ جي بنگلي جي ڀرسان بيٺو آهيان ۽ تو سان ملڻ چاهيان ٿو؟“
    ”اوهه .... طارق مان ته پنهنجي ڳوٺ آهيان“
    ”ڳيريلو، لاڙڪاڻي کان پري آهي ڇا؟“
    ”ها 23. 24 ڪلو ميٽر پري آهي، ۽ هينئر ته مون کي سواري به نه ملندي لاڙڪاڻي لاءِ، تون قُرب ڪري هيڏي اچ ته وڏي مهرباني ٿيندي.“
    ” نه يار! مان ڳيريلي نه ٿو اچي سگهان، ڇو ته سُڀاڻي مون کي واپس ٿيڻو آ. مون سمجهيو تنهنجو ڳوٺ لاڙڪاڻي جي ويجهو هوندو بس ٺيڪ آ، زندگيءَ اُجازت ڏِني ته ڪٿي ضرور ملنداسين، خدا حافظ“
    مون کي پاڻ تي ڪاوڙ پئي آئي ته، مان لاڙڪاڻي ڇو نه ٿو وڃي سگهان؟ پريشانيءَ واري ڪيفيت ۾ مون لاڙڪاڻي ۾ موجود پنهنجي شاعر دوست عارف مظهر کي فون ڪيو.
    ”يار! طارق عالم لاڙڪاڻي آيو اٿئي، مهرباني ڪري ان کي ڳيريلي ته وٺي اچ، مون کي هن وقت لاڙڪاڻي لاءِ سواري نه ٿي ملي، نه ته مان اچان ها“
    ”ٺيڪ آ، ڪال ڪري پُڇانس ٿو ته ڪٿي آ، اڄ ته خوشخبري ٻُڌائي ڇَڏيَوَ“
    ”ها، پر هيڏي وٺي اچجانس.“
    ”ڪوشش ڪندس، پوءِ ٻُڌايانوَ ٿو.“
    ”ٺيڪ آ مهرباني عارف!“
    تقريباً اڌ ڪلاڪَ کان پوءِ عارف ميسيج ڪري ٿو: ”سائين طارق مون سان گڏ آ“
    کيس ڪال ڪريان ٿو: ”هيلو، هيڏي اچو نه!“
    ”نه پيارا! ٽائيم ڪونهي، هِتي رضيه جا مائٽ رهندا آهن، اُنهن ڏي وڃڻو آ، نه ته رضيه ڪاوڙ جي ويندي. مان سڀني دوستن کان چوري چوري لاڙڪاڻي ۾ رهڻ پئي چاهيو، صرف توکي ئي ڪال ڪيم، پر تو ته ڳالهه هُلائي ڇڏي.“
    ”مون کي مزو نه پئي آيو، ان ڪري عارف کي منٿ ڪيم ته طارق کي هيڏي وٺي آ.“
    ”ها يار! عارف منهنجي ڏاڍي خدمت ڪئي آهي، سُٺو ماڻهو ٿئي.“
    ”مطلب هيڏي نه ٿا اچو؟!“
    ”نه پيارا! هاڻي تون اچ ڄامشوري. ۽ تولاءِ ”مهراڻ“ جو نئون پرچو کڻڻ وِسِري ويو، اُتي پهچي موڪليندو سانءِ.“
    ”ٺيڪ آ طارق! مهرباني“
    (هن فون ڪال جو احوال بعد ۾ طارق مون کي ڏِنل پنهنجي هڪ آٽوگراف ۾ به لکيو آهي)
    اسين نه شاهه، نه زردار، ۽ نه ئي سردار
    کِڙو ٿا پوءِ به ڪنول جان اسان جي ئي پڳ ۾
    (طارق)

    2009ع ۾ مان بينظير يوٿ ڊولپمينٽ پروگرامَ جي ايجوڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ جي ڇهن مهينن جي مُدت لاءِ ٽريننگ پروگرام ۾ شامل ٿيو هُئس. جِتي تاشفين انصاري (انيس انصاريءَ جو پوٽو)، رضوان منگي، عامر ٻگهيو، اشتياق سانڊاڻو، حفيظ سومرو ۽ ٻيا بهترين دوستَ مليا. مان ٽريننگ دوران لاڙڪاڻي ۾ رهندو هُئس پنهنجي ڀيڻَ وٽ. ۽ اهو سالُ منهنجي وجودي ڀڃ ڊاههَ جو سالُ هو. من ۾ محبت جي مورَ جو رقصُ هو ته اکين ۾ صحرا جي اُداسي..........!
    طارق کان فون تي پُڇان ٿو:
    ”پيارا عورتَ ڇا هي؟“
    ”عورت اُها برسات آ، جيڪا ڪچا گهر ڊاهيندي آهي“
    ”يار! مان ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو آهيان“
    ”محبت کي من جو روڳ نه بڻاءِ، ان کي انجواءِ ڪر!“
    ”مطلب ؟؟“
    ”جيڪو پل به زندگيءَ ۾ اچئي، اُنَ کي ماڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ هڪ عورت لاءِ پريشان نه ٿيءُ سولي سنڌيءَ ۾ ائين سمجهه ته، آئي ته روزي ٽري ته بَلا“.
    کيس ڪو به جواب نه ٿو ڏيئي سگهان، لاجواب ٿي وڃان ٿو.
    ساڳئي سال منهنجو ايم.اي فائنل (سنڌي ادب) جو رزلٽ به آيو هو. پر ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان منهنجو ڪو مهربان ”دوست“ مارڪس سرٽيفڪٽ کڻي هليو ويو منهنجي غير موجودگيءَ ۾. ان وقت مون کي پنهنجو هڪ شعرُ ياد آيو هو:
    دل ۾ خنجر ٿي لٿي آ، ”دوستن“ جي هردغا
    دوستن جون مهربانيون ڪٿ وِساريون ٿا اسين

    ڪاليج جو پرنسپال سليم ڪورائي صاحب هو. سوچيو متان طارق جو دوست هُجي سو طارق کي سڄو احوال ڏنم چيائين:
    ”مون ڏي سليم ڪورائيءَ جو موبائيل نمبر ايس ايم ايس ڪر.“
    مون ڪنهن کان سليم ڪورائيءَ جو نمبر وٺي کيس ايس ايم ايس ڪيو. جهٽ کان پوءِ ڪال ڪري چيائين: ”يار! سليم ڪورائي چئي ٿو ته اِهو هاڻي يونيورسٽيءَ جو مسئلو آ، اسان ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون، سو تون يونيورسٽيءَ مان وٺي اچ“.
    ”مان يونيورسٽيءَ نه ٿو وڃڻ چاهيان، مجبوري آ“
    ”تون هينئن ڪر، پنهنجو اڪائونٽ نمبر موڪل، مان توڏي پئسا موڪلايان ٿو، تون يونيورسٽيءَ وڃ، اڄ ئي رات ادل وٽ ترس، مان کيس فون ڪيان ٿو.“
    ”طارق! پئسن جي ڳالهه ناهي. مان ليڪچرر شپ جي ڪميشن لاءِ اپلاءِ ٿو ڪيان ۽ سُڀاڻي آخري تاريخ آهي ان جي. مان، اڄ خيرپور وڃان به ته واپسيءَ ۾ دير ٿي ويندي!“
    ” چڱو ٿورو انتظار ڪر، مان پياري ادل سان ڳالهايان ٿو“
    جهٽ کان پوءِ سائين ادل سومرو ڳالهائي ٿو:
    ”ادا! طارق فون ڪئي، توهان جي مارڪس سرٽيفڪيٽ لاءِ“
    ”جي سر!“
    ”توهان هينئن ڪيو، جو اڄ ئي بلڪ هاڻي ئي پنهنجا ڪاغذ فارم وغيره سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ايڊريس تي TCS ڪري ڇڏيو، رهي ڳالهه مارڪس ٽيسٽ جي، ته اُها پوءِ به موڪلي سگهجي ٿي.“
    ”سر! بعد ۾ ڪو مسئلو ته نه ٿيندو نه؟“
    ” ڪجهه نه ٿيندو، بعد ۾ توهان مارڪ شيٽ سان گڏ هڪ درخواست به لکجو ڪميشن ڏانهن، جنهن ۾ ڳالهه واضع ڪجو ته مون پهريان فلاڻا فلاڻا ڪاغذ موڪليا ها، هي سرٽيفڪيٽ موجود نه هو، ان ڪري هاڻي موڪليان ٿو“
    ”مهرباني سائين!“
    ”ڪا ڳالهه ناهي، توهان پنهنجي بايوڊيٽا ايس ايم ايس ڪيو، ته مان توهان ڏانهن مارڪس سرٽيفڪيٽ TCS ڪري موڪليندس.“
    ”ٿينڪ يوسر!“
    ”ٺيڪ ادا!“
    28 جون 2009ع تي مان لاڙڪاڻي جي دوستن رضوان منگي ۽ عامر ٻُگهيو سان مڪلي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي گُهمڻ وڃان ٿو. مڪليءَ مان طارق کي ميسيج ڪيان ٿو.
    ”ملان لٽر جي قبر تي بيٺو آهيان“
    ”اتي ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”رُلان ٿو، توهان ڪٿي آهيو؟“
    ”مان رات ڪراچي ويندس، پروگرام آ اُستاد محمد جُمن جي ياد ۾“
    ”مان رات حيدرآباد هوندس نسيم نگر ۾، سڀاڻي توسان ڪٿي مِلان؟“
    ”ڪهڙي وقت ايندين؟“
    ”صبح جو نڪرندس ڄامشورو لاءِ اسحاق سان به مِلڻو آهي.“
    ”مان آفيس هوندس، اُتي اچجانءِ، پوءِ اسحاق ڏي هلنداسي، هُنَ سان مون کي به ڪچهري ڪرڻي آ“ مڪليءَ ۾ رُلي، ڪينجهر تي ڀٽڪي رات جو حيدرآباد اچون ٿا، نسيم نگر وڃڻ بجاءِ سڀ دوست هڪ هوٽل تي رات گذاريون ٿا، رات جو سڀني دوستن کي ڇڏي هيٺ لهي اچان ٿو. هوٽل ڀرسان هڪ ميوزڪ سينٽر نظر اچي ٿو، اتان جگجيت سنگهه، مهدي حسن ۽ حامد علي خان جا البم وٺان ٿو.
    سڄي ڏينهن جو ٿَڪُ هئڻ سبب سڀ دوست سُمهي پون ٿا، پر مون کي ننڊ نه ٿي اچي، روبينه ابڙو جو شعر ياد اچي ٿو:

    يادون لِڪيون پيون هِن وانداهه نه ڪر سکي ڙي!
    اوندهه جي آرسيءَ ۾ چهرا نه پون جاڳي

    هڪ چهرو ساري رات مون سان جاڳندو ٿو رهي، نه ڄاڻ ڪهڙي وقت هو اڏامي وڃي ٿو ۽ خوابن جا پکي منهنجي نيڻن ۾لهي ٿااچن.

    اسان جي ڀاڳ ۾ آهين، نه آهين
    اسان جي جاڳَ ۾ آهين مگر تون
    (طارق)

    29 جون جي صبح جو اک کُلي ٿي طارق جي ڪال تي: ”ڇا ٿو ڪرين؟“
    ”بس تيار ٿي ڪلاڪ کن ۾ نڪران ٿو“
    ”ٻڌ، مان آفيس ٿو وڃان، جلدي موٽي ايندس، تون گهر اچجانءِ“
    سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ۾گهر نمبر C-33 وٽ پهچي بيل وڄايان ٿو،
    هڪ ننڍڙو ڪيوٽ ڇوڪرو نڪري ٿو ۽ اچڻ سان سوال ڪري ٿو:
    ”ڪنهن سان ملندؤ؟“
    ”سائين طارق عالم سان“
    ”توهان ڪاٿان آيا آهيو؟“
    ”لاڙڪاڻي مان“ رضوان چئيس ٿو.
    ”اڙي! لاڙڪاڻو ته اسان جو شهر آ“
    ”توهان جو ناهي، اسان جو آ“ عامر چئيس ٿو.
    ”توهان سائين طارق کي ٻُڌايو ته لاڙڪاڻي مان مهمان آيا آهن، وڃو شاباس.“
    کيس گهر موڪليان ٿو، کن کان پوءِ طارق اچي ٿو، سڀني سان محبت سان ملي ٿو. طارق سان هيءَ منهنجي پهرين مُلاقات آهي.
    حال احوال وٺڻ کانپوءِ طارق چوي ٿو: ”رات نصير سان گڏ ڪراچيءَ هُيس، اُستاد محمد جمن جي ياد ۾ پروگرام هو. دير تائين سڀ دوست مستيون ڪندا رهياسين، انهن مستين ۾ هوٽل تي منهنجو چشمو به وسري ويو. صبح سويرَ گهر پهتو هُئس، تنهنجو انتظار هو، ان ڪري ننڊ به نه ڪئي اٿم، ڏاڍو اوجاڳو آهي. مان ننڊ ڪندو آهيان ته رضيه منهنجي موبائيل فون مون وٽان کڻي ويندي آهي.“
    ساڳيو ڪيوٽ ڇوڪرو ”رهبر“، ڪولڊ ڊرنڪس کڻي اچي ٿو. ان کان پوءِ طارق سنڌ الاجيءَ وٺي هلي ٿو. اڳ ۾ سنڌ الاجيءَ اسحاق سميجي سان گڏ آيو هُئس. سنڌ الاجيءَ پهچي اسحاق کي فون ڪيان ٿو، پر هُو ڪراچي ويل آهي. سنڌالاجيءَ ۾ اوچتو بجلي هلي وڃي ٿي ته هال ۾ اوندهه ڇائنجي وڃي ٿي. ڀاڀي رضيه موبائيل فون جي لائيٽ سان حال ۾ اچي ٿي. طارق چوي ٿو: ”پيارا اڳ ۾ ملاقات آهي؟“
    ”نه، اڳ ۾ هتي آيو هُيس ته اسحاق ميڊم کي سلامُ ڪيو هو، تعارف نه ٿيو هو.“
    ”منهنجي رضيه .......... رضيه! هي پيارو حبدارُ“
    ڀاڀي رضيه سلامُ ڪري ٿي، اسان لاءِ ڪولڊ ڊرنڪس گهرائي ٿي.
    منجهند جي ماني طارق جي گهر. آڳر تي وڻن جي ڇانوَ ۾ کائون ٿا. طارق پُڇي ٿو:
    ”پيارا هاڻي ڪاڏي ويندين؟“
    ”حيدرآباد“
    ”پياري نصير ڏي وڃجان، ڪچهري ڪجو. مان هلان ها پر اوجاڳي پيڙهي ڇڏيو آ، ڊرائيو نه ڪري سگهندس.“
    طارق، لاهوت کي فون کڻي اچڻ لاءِ سڏي ٿو.
    طارق نصير مرزا صاحب سان ڳالهائي ٿو.
    پوءِ فون مون کي ڏي ٿو،
    ”جي سر!“
    ”ها، ادا توهان اچو، مان شامَ 7 بجي تائين آفيس ۾ هوندس.“
    ”ٺيڪ آ سائين!“
    ”توهان کي خبر هوندي ته طارق جي هر دوست ۾ منهنجو اَڌُ آهي. هاڻي توهان طارق جا دوست آهيو، مطلب ته اڌ منهنجا به دوست آهيو“
    ”مهرباني سائين!“
    ”توهان اچو، ڪچهري ڪيون ٿا“
    طارق، ڄامشورو ڦاٽڪ تائين اسان کي ڇڏي اچي ٿو.
    ”ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، جي آفيس ۾ آءٌ، رضوان ۽ عامر پهچون ٿا.
    نصير مرزا صاحب سان مِلي روحُ رابيل ٿي وڃي ٿو. ويتر خوشي ٿئي ٿي ته هُو پنهنجي ڪتاب ”ٿي نه سگهيس شاعر“ جي ڪاپي اسان کي گفٽ ڪري ٿو.

    سفر ۾ ڪالهه هُئا ۽ سفرَ ۾ اڄ آهن
    نه جن جا ٿاڪَ، ٺڪاڻا پري پري تائين
    (طارق)

    ”مڃتا“ رسالي ۾ طارق جو انٽرويو ڇپيو. انٽرويوءَ مزو نه ڏِنو. فون تي طارق کي چيم:
    ”پيارا !”مڃتا“ ۾ تنهنجو انٽرويو پڙهيم، انٽرويوءَ ۾ ڪجهه ڪونهي“
    ”ڏِسُ، چرچا ٿو ڪرين نه؟!“
    ”نه سچي ٿو چوان، ان ۾ تنهنجو قصور ڪونهي، انٽرويو وٺندڙ دوستن تنهنجي شخصيتَ جا تَههَ نه کوليا آهن، ان ڪري انٽرويو بلڪل روايتي بڻجي ويو آهي، تنهنجو هڪڙو سيلف انٽرويو ڪافي سال اڳ ”عبرت ميگزين“ ۾ پڙهيو هُئم، اُهو ايڏو خوبصورت هو، جو مون کان اڄ تائين ناهي وسريو“
    ”دوست نوان هُيا، ان ڪري ائين ٿيو آ“
    ”تنهنجو انٽرويو اسحاق ڪري يا نصير صاحب“
    ”حبدار ڇو نه؟“
    ”ان کي تنهنجي ذاتي زندگيءَ بابت گهڻي خبر چارَ ڪانهي؟“
    ”پيارا!، منهنجي ڪا به ذاتي زندگي ناهي“

    اسين فقير، مُسافر، محبتن جا سفيرَ
    پُڇو ٿا ڪهڙي اٿئون ذات، ڪا خبر ناهي
    (طارق)

    22 آڪٽوبر 2009ع تي آءٌ ڄامشوري وڃان ٿو، اسحاق سميجي وٽ سندس هاسٽل واري روم تي ترسان ٿو. ڄامشوري جي حوالي سان منهنجي ذهن ۾ جن شخصيتن جو عڪسُ سدائين مُرڪندو رهيو آهي، اُهي آهن، طارق عالم ۽ اسحاق سميجو. طارق عالم سان رُوحاني ربطُ رهيو آهي ۽ اسحاق سميجي سان دِلي لڳاءُ. نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ منجهند جو ٻي بجي سنڌيءَ ۾ ليڪچرر جي رٽن ٽيسٽ آهي ”سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن“ جي. اسحاق يونيورسٽيءَ پنهنجي ڊيوٽيءَ تي ويل آهي، ۽ سندس روم تي اڪيلو ڪتابن ڏسڻ/پڙهڻ ۾ مشغول. طارق کي فون ڪيان ٿو.
    ”ڪٿي آهيو؟“
    ”پيارا آفيس، تون ڄامشوري آيو آهين؟“
    ”ها، اسحاق جي روم تي آهيان“
    ”بس، اتي ئي هُج، مان اچان ٿو“، ڪُجهه منٽن کانپوءِ طارق اچي ٿو. طارق سان هِيءَ منهنجي ٻي مُلاقات آهي. حال احوال وٺڻ کان پوءِ چئي ٿو، ”هل ته هلون ٽيڪسٽ بُڪَ بورڊ، اُتي پير معظم آيو آهي، ان ۾ ڪم آ.“
    ”۽ اسحاق اچي ته ..........؟“
    ”فون ڪندو اسحاق، پوءِ کيس ٻُڌايون ٿا ته، اسان ڪٿي آهيون“
    اسحاق جو روم، لاڪ ڪري، ٻئي ڄڻا نڪرون ٿا، ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ طارق جو ڪو ”ميمڻ“ ذات جو دوست آهي، اُهو طارق ۽ مون سان ڏاڍي پيارَ سان مِلي ٿو. هُو مون کي لائبريريءَ ۾ ويهاري ٿو، جِتي ڪيترائي ”خوبصورت ڪتابَ“ خاموش آهن ۽ ٽي چار”خوبصورت چهرا“ ڳالهائن ٿا. آءٌ ”ڪِتاب“ ڏسڻ لڳان ٿو ۽ ”چهرا“ پڙهڻ لڳان ٿو. طارق پير مُعَظم صاحب سان ملي موٽي اچي ٿو. گاڏيءَ ۾ ويهون ٿا ته اسحاق جي ڪال اچي ٿي.
    ”ڪٿي آهيو حبدار؟“
    ”سائين طارق عالمَ سان ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ“
    ”۽ توهان جي ٽيسٽ؟“
    ”ان ۾ اڃا ٽائيم آهي، طارق صاحب مون سان گڏ حيدرآباد هلي ٿو“
    پوءِ طارق به اسحاق سان فون تي ڳالهائي ٿو.
    ”پيارا! اسحاق ٿو چئي ته حبدار کي ٽائيم تي امتحاني سينٽر تي پهچائجو، 5 يا 10 منٽ به دير ٿي وَيوَ ته امتحاني سينٽر ۾ اندر اچڻ نه ڏيندس، سو، هاڻي بس دير ناهي حيدرآباد هلون ٿا“
    ڪار ڊرائيور ڪندو هُو ڳالهائي ٿو: ”تون ڪالهه ڪڏهن آيو هُئين؟“
    ”شامَ جو پنجين بجي“
    ”پوءِ رات فون نه ڪيئي؟“
    ”رات ٿڪل هُئس ۽ ٽيسٽ بابت اسحاق کان رهنمائي به وٺڻي هُئي، ان ڪري توهان کي فون نه ڪيم“
    ”صبح جو اسحاق يونيورسٽيءَ ويو هو ته، تون مون ڏي آفيس هليو اچين ها“.
    ”ٽيسٽ جي تياري پئي ڪيم، ڪجهه ڪتابَ آندا ها، اُهي پئي ڏٺم“
    ”امتحان جي ڏينهن تياري ڪبي آ! ياد ٿيل سوال به وِسري ويندا آهن“
    سي اين جي اسٽيشن تان هُو گاڏيءَ ۾ گيس وجھرائي ٿو ۽ مون کي چئي ٿو ”پيارا! مانيءَ جو ٽائيم به ٿي ويو آ ۽ تنهنجي ٽيسٽ ۾ به ڏهه منٽ بچيا آهن، ڪيئن ڪيون؟ انگريزي نمونو ٿا ڪيون“
    هُو سي اين جي اسٽيشن ڀرسان بيڪرس شاپ تان ڪيڪ وغيره وٺي اچي ٿو. آءٌ کيس چوان ٿو، ”هي هيترو ڪيرُ کائيندو؟“
    ”سڀ تو کي کائڻو آ سُهڻا! نه کائيندين ته امتحان ڪيئن ڏيندين؟“
    هُو مون کي دوست نه پر اولاد جيان پيار ڏيئي ٿو، نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد جي گيٽ تي ڪار بيهاريندي چئي ٿو: ”پيارا! هاڻي هينئن ڪجانءِ، جو ٽيسٽ ڏئي مون کي ڪال ڪجانءِ، مان توکي کڻڻ ايندس، مان نصير وٽ وڃان ٿو.“
    ”پيار! فون Not Allowed آ، منهنجي موبائيل فون توهان کڻي وڃو، مان ٽيسٽ ڏئي ريڊيو اسٽيشن تي پهچي ويندس“
    ”توکي اُتي اچڻ ۾ متان ڪا ڏُکيائي ٿئي؟!“
    ”نه ٿيندي انشاءَ الله، مان اڳ ۾ به نصير صاحب وٽ ويو آهيان، پُڄي ويندس، توهان فڪر نه ڪيو“
    طارق هليو وڃي ٿو، آءٌ ٽيسٽ ڏئي، اسڪول کان ٻاهر نڪران ٿو ته هڪ اڻ سڃاتل ماڻهو نهايت پيارَ سان ملي ٿو، ٽيسٽ جو احوال وٺي ٿو. ۽ ڪٿي چانهه پيئڻ لاءِ آفر ڪري ٿو (پنهنجو نالو ممتاز علي کوکر ٻُڌائي ٿو، بقول سندس هو ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچرر آهي) پر مان چانهه پيئڻ کان انڪارُ ڪيان ٿو، ڇو ته مون کي طارق وٽ وڃڻو آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جي آفيس ۾ نصير مرزا صاحب ۽ طارق عالم ويٺا آهن. فقير محمد ڍول به موجود آهي، پوءِ زيب سنڌي صاحب به اچي ٿو، تمام خوبصورت پَلَ گذرن ٿا. نصير صاحب طارق کي چئي ٿو: ”طارق! اڄ ڏاڍو سُٺو ٿيو، جو توهان آيا آهيو، حبدار ۽ فقير محمد به آهن، اسان هِتي هڪڙو نئون پارڪ پيا ٺاهيون، ان لاءِ ٻوٽا آندا آهن، سو مان چاهيان ٿو ته اُهي توهان جي هٿان لڳرائجن.“
    ”ڏاڍو سُٺو“ طارق وراڻي ٿو. پوءِ پارڪ ۾ اسان ٽئي ڄڻا نصير صاحب جي محبت ڀرئي ساٿَ ۾ ٻوٽا لڳايون ٿا. طارق چئي ٿو: ”پيارا! اڄوڪو ڏينهن ته يادگار بڻجي ويو“. موٽ ۾ مان کيس مُرڪي ڏسان ٿو ۽ دل ۾ سوچيان ٿو توهان سان گذرندڙ پل اپل يادگار آهي. ريڊيو حيدرآباد کان ٿي طارق ۽ آءٌ جيمخانه اچون ٿا، جيمخانه کانپوءِ المنطر تي. ”المنظر“ تي آءٌ کانئس سوال ڪيان ٿو: ”توهان ٻيو ناول ڇو نه ٿا لکو؟“
    ”ها، يار! ٻيو ناول مون کي لکڻ کپي، هڪڙو سوانحي ناول لکان پيو، جنهن جا ڪجهه Chapter لکيا اٿم، مڪمل ٿئي ته پوءِ ڇپائبو“.
    ”توهان کي رائيٽر ڪهڙو وڻندو آهي؟“
    ”گارشيا مارڪيز“
    ”اشفاق احمد ۽ بانو قدسيه؟“
    ”اشفاق صاحب کي مون گهڻو پڙهيو آ، سکيو آ، بانو آپا جو ناول ”راجه گدهه“ گهڻو وقت اڳ پڙهيو هو، اُهو ٻيهر پڙهندس ڪڏهن“.
    ”شاعريءَ جو ڪتاب ڇو نه ٿا ڇپرايو“
    ”ها، شاعري هلي ٿي، جڏهن بند ٿي ته ڪتابُ آڻبو“
    ”مون اوهان جي هڪڙي ڪهاڻي اردوءَ ۾ ترجمو ڪئي آهي“.
    ”ڪهڙي؟“
    ”ڏور به اوڏا سُپرين“
    ”اِها تو ڪا ٿي پڙهي“؟
    ”مهراڻ ۾“
    وڏو ظالم آهين، مون کي ته ياد به ناهي، اردوءَ ۾ ڇا نالو رکيو اٿئي؟“
    ”فاصلون ڪي دستڪ“
    ”صحيح – رضيه به منهنجون ڪجھه ڪهاڻيون ترجمون ڪيون آهن اردوءَ ۾، تنهنجا موڪليل اردو غزل مون پڙهيا ها، جيڪي مون کي وڻيا ها، تون اُهي ڇپائين ڇو نه ٿو“؟
    ”مون ”ادبيات“ کي موڪليا ها، پر نه ڇپيا، پنهنجو مجموعو آڻبو اردو شاعريءَ جو“
    ”اِهو صحيح آ“
    تقريباً ستين بجي طارق جي گهر پهچون ٿا. هُو جلديءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا (شلوار قميص) کڻي اچي ٿو ۽ چئي ٿو، ”پيار! هي وٺ چينج ڪري اچ“
    ”بس ائين ٺيڪ آ“
    ”نه، ٺيڪ ناهي، سڄو ڏينهن تون پينٽ شرٽ ۾ رهيو آهين، هاڻي Easy ٿيءُ، چينج ڪري آ“
    مان ڪپڙا باٿ روم ۾ چينج ڪري موٽي اچان ٿو. سائين انعام شيخ ڪمري ۾ موجود آهي، تعارف وغيره ٿئي ٿو. رات جي مانيءَ تي طارق، انعام صاحب، هالار ۽ لاهوت گڏ آهيون. مانيءَ کانپوءِ ڪچهري ٿئي ٿي. اسحاق فون ڪري حال احوال وٺي ٿو. طارق جي گهر ۾ رات پيار، پنهنجائپ ۽ قرب جي عجيب احساسَ ۾ گُذري ٿي. هُو ٻه ڀيرا منهنجي ڪمري ۾ اچي ٿو.
    طارق جي بڪ شيلف مان ”آج“ رسالو ڪڍي پڙهان ٿو ته هُو منهنجي ڳچيءَ ۾ ٻانهون وجھي چئي ٿو: ”پيارا! ڪنهن به شيءِ جي ضرورت پئي ته مون کي فون ڪجان، مان پنهنجي موبائيل فون ”On“ رکان ٿو، گُڊ نائيٽ پيارا!“
    صبح جو هُو پاڻ چانهه کڻي اچي ٿو. چئي ٿو: ”پاڻ هالار کي يونيورسٽيءَ ڇڏي، پوءِ پياري انعام وٽ هلون ٿا“
    ”سائين انعام وٽ نه ٿا هلون، وري ڪنهن ٻئي ڀيرا هلنداسي“.
    ”نه پيارا! هُنَ سان رات ڪمٽمينٽ ڪئي هُئي سي، ته ناشتو تو وٽ ڪنداسي، ان ڪري لازمي هلڻو پوندو، نه ته پيارو ڪاوڙجي ويندو.“
    ”ٺيڪ آ، هلون ٿا“
    هالار کي مهراڻ يونيورسٽيءَ ڇڏي، اسان سائين انعام شيخ جي گهر اچون ٿا. جتي هو اسان جي انتظار ۾ هُيو. انعام صاحب ڏاڍي قربائتي نموني آڌر ڀاءُ ڪري ٿو. لاڙڪاڻي جي ماڻهوءَ جي محبت ۽ مهمانوازي دل خوش ڪري ڇڏي ٿي. کانئس موڪلائي اسحاق وٽ هاسٽل تي اچون ٿا. هُو مون کان حال احوال وٺي ٿو ۽ علي دوست عاجز جو ڪتاب ”رنگ رتو آڪاس“ گفٽ ڪري ٿو. ڄامشورو ڦاٽڪ تائين طارق ڇڏڻ گڏ هلي ٿو ۽ مان کوڙ ساريون محبتون کڻي لاڙڪاڻي واري ڪوچ ۾ ويهان ٿو. ساري واٽ محبت جي خوشبو مون سان ساڻ رهي ٿي.
    روپ ڪنهن جو، نه ڪنهن جو رنگُ آهي
    سارَ ڪنهنجي هي منهنجي سنگ آهي
    (طارق)

    طارق سان منهنجي ٽين مُلاقات شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ 25 مارچ 2010ع تي ”شيخ اياز ڪانفرنس“ ۾ ٿئي ٿي. جِتي هو انعام شيخ، اسحاق سميجي ۽ زيب سنڌيءَ سان گڏ آيو هو. مانيءَ جي وقفي دوران ليکڪ ۽ يونيورسٽيءَ جا شاگرد کيس وڪوڙي وڃن ٿا، ڪو کانئس ڪانٽيڪٽ نمبر ٿو گهري ته ڪو آٽو گراف. اڪثر ماڻهن جي واتان هي جملو ٻُڌڻ ۾ ٿو اچي:
    ”سر! توهان جو ناول ”رهي ويل منظر“ واڍو وڻيو.
    جڏهن هجوم گهٽي ٿو ته طارق چئي ٿو: ”يارَ! منهنجون ٻيون لکڻيون ”رهجي ويل منظر“ جي هيٺان دٻجي ويون آهن.“
    شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر ادل سومرو ۽ اياز گل محبت ڏين ٿا. طارق لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو ”هُوٽر“ به هيو. روبينه ابڙو پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿي:
    ”طارق رائيٽر سان گڏ هُوٽر به ڪمال جو هُيو ۽ اها ته حقيقت آهي ته هُوٽنگ هميشه اُهوئي ماڻهو ڪري سگهندو آهي، جيڪو پاڻ تي به تنقيد برداشت ڪري سگهندو هُجي“
    ”شيخ اياز ڪانفرنس“ ۾ مون طارق کي ان روپ (هُوٽر) ۾ به ڏِٺو، پر واههَ جو ڏِٺو پنهنجي مخصوص اسٽائيل ۾ ”چڱن ڀلن“ تي هوٽنگ ڪيائين.

    طارق سان منهنجي چوٿين (آخري) ملاقات لاڙڪاڻي ۾ 10 اپريل 2010ع تي ٿئي ٿي. جتي سنڌي ادبي سنگت ڳيريلو ۽ سارنگا ادبي ۽ ثقافتي سوسائٽي ڄامشورو پاران نظاماڻي ليبر هال ۾ طارق جي 52 هين جنم ڏينهن جي شاندار تقريبَ ٿئي ٿي. جنهن ۾ ڄامشورو کان طارق عالم، نصير مرزا، انعام شيخ ۽ اسحاق سميجو اچن ٿا. سکر کان ڊاڪٽر ادل سومرو اچي ٿو، ان کان علاوه لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن جا اديب شرڪت ڪن ٿا. طارق عالم جي شخصيت، فن ۽ فڪر تي نهايت ڀرپور نموني مقالا ۽ مضمونَ پڙهيا وڃن ٿا.
    پروگرامَ جي پُڄاڻيءَ تي ڄامشورو کان آيل معزز مهمانن جي مانيءَ جو شاندار بندوبست ڳيريلي جو مورن جهڙو ماڻهو ظهور احمد ڪماريو صاحب شيخ زيد ڪالونيءَ ۾ ڪري ٿو. اُتي طارق چوي ٿو: ”پيارا! تو پروگرام ته شاندارُ ڪري ڏيکاريو“.
    ”توهان اڃا به وڌيڪَ محبت جا حقدار آهيو، هي ته ننڍڙو پروگرام هو“ موٽ ۾ طارق مون کي Kiss ڪري ٿو. ان پروگرام ارينج ڪرڻ ۾ مون سان اسحاق سميجي، ظهور احمد ڪماريي، احسان دانش، ياسين چانڊئي، ڄام زوهيب احمد ۽ ابرار ابڙي تمام گهڻو سهڪارُ ڪيو. مان سندن هميشه لاءِ ٿورائتو رهندس.

    مارچ 2011ع تي منهنجي شادي هئي لاڙڪاڻي ۾. طارق جي ان وقت طبيعت ٺيڪ نه هئي. ڪنهن دوست کيس منهنجي شاديءَ جي خبر ڏِني ته ڪال. ڪري چيائين: ”پيارا! مان تنهنجو ڏوهاري آهيان، جو هن خوبصورت گهڙين ۾ توکان پري آهيان، منهنجي طبيعت صحيح ٿئي ته مان هالار ۽ لاهوت سان گڏ ضرور ايندس.“

    10 اپريل 2011ع تي رات جو دير سان طارق کي فون ڪري ”جنم ڏينهن“ جو واڌايون ڏِيان ٿو. چئي ٿو: ”اڄ پنهنجي شاعري ٻُڌاءِ“ آءُ کيس پنهنجو غزل:
    بند گهر سانت ۾ ڪو غَمُ هُيو
    ڀِتِ مٿان گهڙيال جو ماتُم هُيو

    ٻڌايان ٿو ته چئي ٿو:
    ”تنهنجي شاعري ته ڏاڍي سُٺي ٿي پئي آ پيارا!، تون هاڻي پنهنجو ٻيو مجموعو ڇپراءِ.“
    ”ڇپائيندس طارق! پر هڪڙو شرط آ ته، ان جو مهاڳُ تون لِکندين“
    ڪنهن عورت شاعره کان لکائينداسي، جنهن کان چوندين، اُنَ کان لِکائي ڏيڻ منهنجو ڪم آ.“
    ”صرف طارق عالم“
    ”ايڏو ضد!؟“
    ”بلڪل ضد“
    ”لکندس پيارا!، تون مجموعو ترتيب ڏي، مسودو تيارُ ڪر، مان فقير محمد ڍول سان ڳالهايان ٿو، اڄڪلهه اُهو ڪِتابَ سُٺا ٿو ڇپرائي، ان کي چوان ٿو، اُهو توسان ڪانٽيڪٽ ڪندو“
    بعد ۾ ان معاملي تي فقير محمد ڍول سان منهنجي ڳالهه بولهه به ٿي هُئي، پر اُهو معاملو منهنجي سُستيءَ جي ڪري ”ڳالهه ٻولهه“ کان اڳتي وڌي نه سگهيو.
    *
    طارق جي وفات کان تقريباً مهينو کن اڳ اسان جي فون تي ڳالهه ٻولهه ٿئي ٿي، طارق چئي ٿو:
    ”پيارا ! تون گهرِ آهين؟“
    ”ها پر ڇو طارق!؟“
    ”امڙ سان ڳالهائڻو آ، ممڪن آهي؟“
    ”ها، ڇو نه“
    پوءِ طارق امڙ سان ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو:
    ”امڙ! پيرن تي هَٿَ، مان به توهان جو پُٽ آهيان، منهنجي طبيعت تمام خراب آ، دُعا ڪيو ته مان ٺيڪ ٿيان، مان حبدار جي شاديءَ تي به نه آيو هُيس، جو طبيعت خراب هُئي. توهان جو قرضي آهيان، ڳيريلي ضرور ايندس دُعا، ڪيو ته ٺيڪ ٿي وڃان“
    امان جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي اچن ٿا، کانئس فون وٺي طارق کي روئڻهارڪي آواز ۾ چوان ٿو: ”طارق! اسان جو دُعائون توسان سدائين گڏ آهن، پريشان نه ٿي، انشاءَ الله تون ٺيڪ ٿي ويندين“
    اخبارن ۾ طارق جي صحت بابت ڳڻتيءَ جهڙيون خبرون ڇپجن ٿيون. کيس ڪال ڪيان ٿو، پر اٽينڊ نه ٿي ٿئي. هڪ ڀيرو ڀاڀي رضيه ڪال اٽينڊ ڪري ڏکايل لهجي ۾ چئي ٿي:
    ”ادا ! طارق نه ٿو ڳالهائي سگهي ............!“
    اسحاق سميجي کي فون ڪيان ٿو:
    ”اسحاق! طارق جي طبيعت ڪيئن آهي؟“
    ”حبدار! SIUT ۾ آ طارق. سندس صحت مسلسل خراب ٿيندي ٿي وڃي.“
    ”مان ڪراچيءَ وڃان ته مِلندو طارق مون سان؟“
    ”نه، توهان سان ته ڇا پر ڪنهن سان به نه ملندو، توهان جو ڪراچيءَ وڃڻ اجايو ٿيندو، شيشي جي ديوار مان کيس پري کان ڏِسي سگهندو، پر ڳالهه ٻولهه يا ملڻ وغيره ممڪن ناهي.“
    ”اڇا؟!“
    ”ها، ان ڪري اسان ئي ڪو نه ٿا وڃون اسان طارق کي سدائين کِلندي ڏٺو آ، کيس اِنَ حالت ۾ نه ٿا ڏِسي سگهون“.

    11 جو 2011ع تي رات جو ڪنهن شاعر دوست وٽان ميسيج اچي ٿو:
    ”طارق عالم اسان کي ڇڏي هليو ويو .......!“
    موبائيل فون جي اسڪرين ڌنڌلي نظر اچي ٿي، اسحاق کي فون ڪيان ٿو:
    ”اسحاق! طارق جي Death جو ايس ايم ايس آيو آ .......“
    ”ها، يار! طارق هليو ويو............مون کي به هاڻي ئي خبر پئي آ“
    ”مان سُڀاڻي ڄامشوري ايندس........“
    صبح جو ڄامشوري لاءِ نڪران ٿو، ڄامشوري ۾ منهنجا ڳيريلي جا ٻه دوست ياسين چانڊيو ۽ ناصر ميئو ڪجھه ڏينهن کان ترسيل آهن. اُنهن وٽ وڃان ٿو، اسحاق سان به رابطو ڪريان ٿو. طارق عالم جي گهر ٻاهران ”تڏو“ وِڇايل آهي، جِتي علي بابا، انعام شيخ، حسن درس، هالار، لاهوت ۽ کوڙ اڻ سُڃاتل اديب ويٺا آهن، دُعا گهري طارق جي گهر جي گيٽ ڏِسان ٿو ته اندرُ ڀرجي اچي ٿو.

    ناميارو اردو ليکڪ اصغر نديم سيد لکي ٿو:
    ”ڪي شخصيتون اهڙيون آهن، جن جي تلاش ۾ نڪرون ته اوچتو سامهون ڀت اچي ويندي آهي، جنهن تي لکيل هوندو آهي، ”موٽ پوئتي، ڌيان ڪٿي اٿئي!“ يا لکيل هوندو آهي، ”هتان کان اڳتي ته هُو شخص پاڻ به نه وڃي سگهيو آهي، توهان ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟“ ۽ ڪي شخصيتون اهڙيون هونديون آهن جن جي ڳولا ۾ نڪرو ته رستا ئي رستا، چونڪ ۽ ڪيترن ئي قسمن جا موڙ ايندا آهن، بس اُتي پاڻ کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.“
    مٿي ڄاڻايل ٻن قسمن جي شخصيتن مان طارق عالم آخري قسم واري شخصيتن مان هو. جنهن سان ملڻ لاءِ نڪربوهو ته آڏو نه صرف رستا ئي رستا بلڪه موسمون ئي موسمون، هوائون ئي هوائون مِلنديون هيون، ماڻهوءَ جي دل بادل ٿي پوندي هُئي. هن پنهنجي آڏو ڪڏهن به ديوار نه ٺهرائي، هُو ته عشق جي آسمان جو ڪو ڪڪُر هُيو........!
    طارق عالم پنهنجي ذات ۾ مڪمل آرٽسٽ هُيو، اجائي ٺاهه ٺوهه يا مَفاد پرستيءَ کان هو هميشه پري رهيو. وڏي واڪي سچ چئي ڏيڻ سندس رت ۾ شامل هو. آفيس هُجي يا ادبي پروگرام، هُو هر جڳهه تي پنهنجو احتجاجي آواز بلند ڪندو هو. هو سنڌي ادب جي چاپلوسيءَ واري ماحول کان سدائين ڪٽيل رهيو، ان ڪري کيس ڪڏهن به منافقيءَ واري بيماري نه لڳي. هُو سنڌي ٻوليءَ جو اهو اڪيلو ليکڪ آهي جيڪو پنهنجي اسٽائيل جي حوالي سان سڀني کان الڳ ٿلڳ رهيو، پوءِ اُهو اسٽائيل شخصيت جو هُجي يا لکڻين جو، سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ سنڌي ادب ۾ هميشه جدت ۽ اظهارَ جي ڀرپوريت جو مضبوط اُهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو. سندس ناول منهنجي لاءِ انتهائي مقدس رهيو آهي، ان ناول ئي هڪ دوست جيان مون کي محبت جو معنائون سمجهايون، جنهن مون کي اِهو سمجهايو ته عشق لا حاصل ٿيندو آهي، محبت کي ڇُهي ته سگهجي ٿو پر ان کي پنهنجي دل جي مُٺ ۾ قيد ڪرڻ ممڪن ئي ناهي، محبت ته خوشبوءَ- جيان آهي، جيڪا حواسن جون حدون اورانگهي نه ڄاڻ ڪهڙين وسعتن ۾ هلي ويندي آهي. جنهن وقت مون سندس اهو ناول پڙهيو هو، ان وقت محبت جي جُنونَ منهنجي جيءَ کي مجذوييت جي صحرا ۾ ڀٽڪايو پئي، مون لاءِ حاصلات ئي محبت هئي، ليڪن ناول جي پُڄاڻيءَ وقت مون محبت جي هڪ نئين معنيٰ کي ماڻيو.
    طارق عالم محبت جي مِٽيءَ مان ٺهيل ماڻهو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ انيڪ محبتون ڪيون. منهنجي خيالَ ۾ هو شيخ اياز صاحب کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جو اهو ليکڪ هو، جنهن جي محبتن ۽ محبوبائن جو تعداد ٻين سڀني سنڌي اديبن کان مٿي آهي.
    سنڌي ادب ۾ طارق عالم جي دوستن جي هڪ الڳ ئي دنيا آهي، جيڪي طارق جي محبت جا مقروض رهيا آهن. نصير مرزا کان انعام شيخ، ادل سومري کان اسحاق سميجي، مُنور سراج کان قاضي اياز مهيسر ۽ روبينه ابڙو کان حبدار سولنگيءَ تائين اڄ به طارق جي دوستن جي دلين ۾ سندس وڇوڙي جو دردُ دُکي رهيو آهي.

    (11 جون 2012ع تي ملهايلَ طارق عالمَ ابڙي جي پهرئين ورسيءَ جي نسبت سان)

    


    اسحاق سميجو

    طارق جي ادبي سُڃاڻپ ڪارڊ ۾، سُڃاڻپ جي نشاني ”فڪشن رائيٽر“ ڄاڻايل آهي، پر هن جي تحرير ۽ تخليق ٻئي شاعريءَ جي عرقَ سان ڳوهيل آهن. سندس ناول ”رهجي ويل منظر“ جا لا تعداد جملا ائين ئي پاپولر آهن، جيئن بي مثال ۽ دل جي رُوحَ تائين لهي سگهندڙ نظميه مصرعون. طارق شاعريءَ جي دنيا ۾ ”هائيڪو“ سان قدم رکيو هو. جيتوڻيڪ هائيڪو لکڻ لاءِ ماڻهوءَ جو شاعر هُجڻ ايترو به لازمي نه آهي، پر طارق هائيڪو به هڪ شاعر وانگر ئي لکيا آهن.
    مُصوري ۽ هائيڪو سان نفسياتي لڳاءُ، طارق جي غزلن ۽ نظمن ۾ به منظرن ۽ محاڪات جا عجب ۾ وجھندڙ جهانَ خلقي ڇڏيا آهن، اُهي منظرَ ڊوڙندي، گُنگنائيندي، پهاڙي ندين وانگر اُٿلون کائيندي، پوپٽن جي ٽولين وانگر ساوڪ جي سمونڊن مٿان رقصُ ڪندي ۽ پکين وانگر پري پري تائين اُڏارن جون انڊلٺون اُڀاريندي ڏِسي سگهجن ٿا. هن وٽ سٽون ساههُ کڻن ٿيون، جن منجهه جمالياتي ۽ رومانوي دلڪشي به پُوري اوجَ ۽ عروجَ تي ملندي. هُو اوندهه جي زهرَ ۾ ورتل سماجَ جا اهڙا اهڙا مٺڙا پهلو روشن ڪري ٿو ڄاڻي، جو زندگيءَ جي ڪڙي گوري به، ڳِهَڻَ جي لائق ٿيو پوي.

    اسحاق سميجو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1375979
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 406727
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ