ڪتاب جو نالو: سائنس ڏنو سوجھرو
مصنف: آزاد بُخاري
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 07 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 983 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل سائنسي نظمن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ آزاد بخاري آهي.
آزاد بخاري روشنين جو شاعر آهي، روشني جيڪا انقلاب جي علامت آهي. جنهن ۾ شاعرکي قوي اميد آهي، ته اسان جون ڪوششون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون. آزاد بخاريءَ ٻارن کي سولي طريقي سان سائنسي وصفون سمجهائي، ٻارن کي سائنس جي دنيا ڏانهن راغب ڪيو آهي. سائنس جي معنيٰ ئي آهي کوجنا، هن ۾ نين کوجنائن ۽ ايجادن جو پيرائتو ذڪر آهي. سو به منظوم ۽ آسان زبان ۾ جيئن ٻار چڱيءَ طرح سمجهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌن ۽ ترقي ڪن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • آزاد بُخاري روشنين جو پانڌيئڙو
  • سونهن ۽ سوجھري ڏانهن وکون کڻندڙ آزاد بُخاري
  • پاڻ ارپيندڙ دوست
  • سائنسي نظم

  • سائنس جون نعمتون
  • سائنسدان SCIENTISTS -
  • MUSLIM SCIENTISTS - مسلم سائنسدان
  • سنڌي سائنسدان SINDHI SCIENTISTS -
  • ڌرتي EARTH -
  • ليزر LASER -
  • ڪمپيوٽرCOMPUTER –
  • موبائيلMOBILE -
  • روشنيLIGHT –
  • VCR - وي سي آر
  • TRAM - ٽرام
  • MATTER – مادو
  • REFRIGRATOR – ريفريجريٽر
  • CABLE SYSTEM - ڪيبل سسٽم
  • ELECTRICITY – بجلي
  • SATELLITE - هٿرادو گرھ
  • PLANETS - شمسي گرھ
  • EVOLUTION – ارتقا
  • INTERNET – انٽرنيٽ
  • F.M STATION - ايف ايم اسٽيشن
  • THERMOMETER – ٿرماميٽر
  • آبدوز SUBMARINE -
  • AIR CONDITIONED - ايئر ڪنڊيشن
  • PLASTER OF PAIRIS -پلاسٽر آف پئرس
  • TELESCOPE - دور بيني
  • MICROSCOPE – خوردبيني
  • GRAPHITE –گريفائيٽ
  • THERMOS - ٿرماس
  • CAMERA –ڪئميرا
  • ATOM –ائٽم
  • MOTOR CYCLE –موٽرسائيڪل
  • WASHING MACHINE - واشنگ مشين
  • PLASMA – پلازما
  • ROCKET - راڪيٽ
  • BLEACHING POWDER - بليچنگ پائوڊر
  • چقمق MAGNET -
  • RADIO- ريڊيو
  • BIO TECHNOLOGY-بايو ٽيڪنالاجي
  • E،fan_ بجلي پکو
  • هوائي جهازAeroplane
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 74
    سائنس ڏنو سوجھرو
    (سائنسي نظمَ)
    شاعِرُ: آزاد بُخاري
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 100/- روپيه


    SCIENCE DINO SOJHRO
    (Scientific Poetry)
    Poet: Azad Bukhari
    First Edition: 2014
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-/-


    ارپنا

    پنهنجي فقير منش والد
    مرحوم سيد عبدالغفار شاھ بخاري
    ۽ ناني
    مرحوم سيد حسين شاھ بخاري
    جي نانءِ

    ــــــ آزاد بخاري


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارڙن لاءِ لکيل سائنسي نظمن تي مشتمل هن ڪتاب جو ليکڪ آزاد بخاري آهي.
    آزاد بخاري روشنين جو شاعر آهي، روشني جيڪا انقلاب جي علامت آهي. جنهن ۾ شاعرکي قوي اميد آهي، ته اسان جون ڪوششون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون. آزاد بخاريءَ ٻارن کي سولي طريقي سان سائنسي وصفون سمجهائي، ٻارن کي سائنس جي دنيا ڏانهن راغب ڪيو آهي. سائنس جي معنيٰ ئي آهي کوجنا، هن ۾ نين کوجنائن ۽ ايجادن جو پيرائتو ذڪر آهي. سو به منظوم ۽ آسان زبان ۾ جيئن ٻار چڱيءَ طرح سمجهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌن ۽ ترقي ڪن.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    آزاد بُخاري سنڌي ٻوليءَ جو سُڄاڻ ليکڪ آهي جنهن جي ادبي ڪَمَ جو هِڪُ حوالو تحقيقَ آهي ته ٻئي طرف هُو ٻالڪ ادبَ جي ميدانَ ۾ پڻ پاڻ موکيندو رهي ٿو. ٻارن لاءِ هُنَ هِنَ کان اڳ ۾ ٽي ڪِتابَ تخليق ڪيا آهن، جيڪي نثرَ توڙي نظمَ تي مشتمل آهن. اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪِتابُ ”سائنس ڏنو سوجھرو“ نظمن جو ڪِتابُ آهي جيڪي نظمَ هُنَ ٻارڙن لاءِ لکيا آهن ۽ انهن نظمن جي وسيلي ٻارڙن کي سائنسي ايجادن سان متعارف ڪرائڻَ ۽ انهن جي اهميت ۽ ڪَمَ جي حوالي سان آگاهي ڏيڻُ آهي.
    ”پوپٽ“ پبلشنگ هائوس وقت بوقت سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙَ ٻالڪ ادبَ کي ڇاپِڻَ جي جستجوءِ پِڻُ ڪَندو رهي ٿو هي ڪِتابُ پڻ انهيءَ سلسلي جي هِڪَ ڪَڙي آهي.
    اُميدَ ڪجي ٿي ته سنڌ جي ٻارڙن کي هي ڪِتابُ پسند ايندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    پنهنجي پاران

    پيارا ٻارو!
    سدائين سرها هجو
    سلامت هجو.
    اوهان جي هٿن ۾ منهنجي ٻارن لاء ڪيل شاعري جو هي ٽيون ۽ ٻارن لاءِ لکيل چوٿون ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ موجود آهي . ان ،کان پهريون ” گل خوشبو ٻار“، ”نچڻا کلڻا کيڏڻا ٻار“ ۽ سنڌي قاعدو (درسي ڪتاب) اوهان جي هٿن ۾ ڏئي چڪو آهيان انهن ڪتابن ۾ وندر نصيحت ڀريا ۽ ڄاڻ وارا نظم آهن. جن کي اوهان پسند ڪيو هوندو. مون سوچيو ته ڇو نه مان اوهان جي لاء اهڙا ڪي نظم لکان جيڪي اوهان جي ڄاڻ ۽ علم ۾ ڪجهه واڌارو ڪن، ان سلسلي کي تڪميل ڏيڻ لاء مون اوهان لاء سائنسي نظم لکيا آهن، جن جا موضوع سائنسي ڄاڻ ۽ سائنسي ايجادون آهن. هنن نظمن ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته سائنس جهڙي خشڪ ۽ دلچسپ مضمون کي نظمَ جي انداز ۾ پيش ڪيان پر اها ڄاڻ تڏهن پوندي جڏهن اهي نظم اوهان کي وڻندا مون ڪوشش ڪئي آهي ته هنن نظمن ۾ ترنم ۽ رڌم موجود رهي پر جيئن ته هي سائنسي نظم آهن جن ۾ انگريزي لفظ ججھي انداز ۾ ڪتب آيل آهن. ان سلسلي ۾اوهان پنهنجن سائنسي استادن کان رهنمائي وٺندا. اميد آهي ته هي نظم توهان کي ياد ڪرڻ ۾ آسان ۽ سولا لڳندا.“
    مان هن ڪِتابَ تي رايا ڏيندڙ دوستن محمد شريف شاد سومرو، خواجه ذوالفقار، سميع سجاد ميراڻي، سميع ساجد جوڻيجو ۽ ان کان علاوه دوست گوهر سنڌي، حاڪم مهر (چڪ)، احسان لغاري ۽ قربان منگي جو ٿورائتو آهيان جن پنهنجا قيمتي مشورن سان نوازيو.

    آزاد بخاري
    چڪ


    آزاد بُخاري روشنين جو پانڌيئڙو

    ٽي _ايس ايليٽ (T.S.Eliot) جو چوڻ آهي “ته ”ورجاءَ کان نواڻ بهتر آهي“ بظاهر ته هي هڪ ننڍڙو جملو آهي ، پر انهيءَ ۾ تبديليءَ جو فلسفو سمايل آهي . جنهن تي عمل ڪري انسان ترقيءَ جون منزلون طئه ڪري ٿو ، انهيءَ فلسفي تحت ئي دنيا هيڏي ساري ترقي ڪئي آهي . خاص طور تي سائنس جي دنيا ۾ ته وڏي تبديلي ۽ ترقي ٿي آهي .جنهنجي ارتقا جاري آهي . جتي آزادي هوندي آهي ، اتي ئي سائنسدان پيدا ٿيندا آهن . آزاد قومن ۾ ئي اڳتي وڌڻ جا موقعا تمام گهڻا هوندا آهن .اهوئي سبب آهي جو غلام قومن ۾ سائنسدان ته تمام گهٽ پيدا ٿيندا آهن ، پر اتي شاعر ضرور پيدا ٿيندا آهن ، جيڪي پنهنجي قوم کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ سدائين ڪوشان رهندا آهن ۽ نوان گس ۽ دڳ ڏسيندا آهن.
    ڪنهن قوم جي ترقي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ، جيڪڏهن جاچبو ته سڀ کان پهريائين ان قوم جي شاعري جو مطالعو ڪبو، ڇو ته اهوئي لڪل ۽ راز ڀريو پيغام هوندو آهي ، جيڪو ترقيءَ جي طرف وٺي ويندو آهي . ڇاڪاڻ ته غلام قوم کليءَ طرح پنهنجو مقصد بيان ڪرڻ کان قاصر هوندي آهي. انهيءَ تحت ، وري اسان کي ٻاراڻو ادب جاچڻو پوندو ، ڇو جو ٻاراڻو ادب ئي ، انهن ٻارن ۾ شعوري علم جي قنديل روشن ڪندو آهي . جيڪڏهن ٻاراڻو ادب ۽ شاعري وندر سان گڏ پڪو پختو ۽ علم جي روشنيءَ سان منور هوندو ، ته ان قوم جي ترقي لازمي طور اوتري سٺي ۽ مثبت ثابت ٿيندي
    اسان جي سنڌي ادب ۾ جيڪڏهن نظر وجهون ٿا ته ٻاراڻو ادب آڱرين تي ڳڻڻ جيترو مس آهي . ڪاڪي ڀيرومل کان ديوان ڪوڙومل، ڪشنچند بيوس ، هري دلگير ، گورڌن محبوباڻي ، ليکراج ڪشنچند ”عزيز“، هوندراج بلواڻي، سندر جڳتياڻي، ٽيگور جا گيت ترجمو ڪندڙ ارجن ايسراڻي، جمعا خان غريب استاد بخاري ، نصير مرزا، ادل سومرو ، اياز گل، ذوالفقار سيال، مختيار ملڪ، نياز پنهور، مقصود گل، زاهد شيخ. مختيار مڱڻهار، غلام محمد غازي، پروانو ڀٽي، غلام محمد ڀٽي ، آصف مٺياڻوي ، مختيار گهمرو ، بيخود بلوچ، اختر درگاهي وغيره جا نالا ڳڻي سگهجن ٿا .تازو ڪجهه نون شاعرن جا ٻاراڻي شاعريءَ تي ڪتاب آيا آهن
    انهن شاعرن ۾ چڪ سنڌ جي انقلابي شاعر آزاد بخاري جو ٻاراڻي شاعري جو ٽيون مجموعو بعنوان ”سائنس ڏنو سوجهرو“به هڪ آهي . جنهن جو ليکڪ اسانجو دوست آهي . جنهن چيو ته منهنجي ڪتاب تي ٻه لفظ توهان لکي ڏيو توڙي جو مصروفيتون تمام گهڻيو آهن ، تنهن هوندي به هن کان لنوائي نه سگهيس. جنهن تي ٻه اکر لکيا آهن
    آزاد بخاري روشنين جو شاعر آهي، روشني جيڪا انقلاب جي علامت آهي .جنهن ۾ شاعرکي قوي اميد آهي ، ته اسان جون ڪوششون هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائينديون هن کان اڳ جن شاعرن پنهنجا مجموعا ڏنا آهن انهن ۾ رڳو ورجاءُ ۽ وندر کانسواءِ ڪجهه به ناهي. پر آزاد بخاري ءَ ٻارن کي سولي طريقي سان سائنسي وصفون سمجهائي، ٻارن کي سائنس جي دنيا ڏانهن راغب ڪيو آهي.سائنس جي معنيٰ ئي آهي ،کوجنا ، هن ۾ نين کوجنائن ۽ ايجادن جو پيرائتو ذڪر آهي .سو به منظوم ۽ آسان زبان ۾ جيئن ٻار چڱيءَ طرح سمجهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ اظهار ڪري سگهن ۽ اڳتي وڌن ۽ ترقي ڪن . ڇاڪاڻ ته اسان جو سنڌي سماج سائنسي طور گهڻو پٺتي رهيو آهي.
    ٻارن کي جڏهن پنهنجي مادري زبان ۾ ئي سائنسي سبق سيکاربا ته جلد سکي وٺندا، انهيءَ نظريي تحت ، آزاد بخاري به پنهنجون ابتدائي ڪوششون ڪيون آهن .جيڪي بلڪل نيون آهن. ۽ اها نواڻ ئي تبديلي آڻيندي . يقينن پرائمري کان وٺي سيڪنڊري سطح تائين ٻار سمجهي سگهي ٿو. جيڪو ٻاراڻي ادب ۾ ايڊيسن جي ايجاد بلب جيان ثابت ٿيندو۽ سڄو سماج روشن ٿيندو.انهيءَ روشنيءَ جي راهه ۾ ڪيئي ڪونڌر جاڳي اٿندا، جيڪي پنهنجي قوم جي قافلي جي سرواڻي ڪندا ڇاڪاڻ ته ٻار آئيندي جا ابا ۽ اڳواڻ هوندا آهن ، انهيءَ ڪري ان اڳواڻ ۽ اَبي جي تربيت به چڱيءَ طرح ڪرڻ گهرجي.
    آزاد بخاري پنهنجون سموريون صلاحيتون هن ننڍڙي مجموعي تي خرچ ڪيون آهن . جنهن جي شروعات ئي نظم (حمد) سان ڪري ٿو ، جيڪو هن ڪائنات جو اڪيلو تخليقڪار آهي. جنهن ۾ اظهار جو نئون طريقو آهي .
    چوي ٿو،
    عقل سمجهه بيشڪ تو مالڪ ڏنو،
    کليو در تڏهن آهي ايجاد جو.
    خداتو ڏنو آ اسان کي شعور،
    ڪيئن ٿيو دنيا جو سوچون ظهور

    آزاد بخاري، مثنوي نظم جي هيئت ۾ پنهنجو اظهار ڪيو آهي .حمد کانپوءِ هن کي نعت ڏيڻ کپندي هئي ، پر الائي ڇو رهائي ويو آهي ؟
    بهرحال آزاد بخاري ان کانپوءِ دنيا جي چند سائنسدانن جو تعارف ڪرايو آهي ، جنهن ۾ مسلمان سائنسدانن جو تعارف به الڳ نظم ۾ ڪرايو آهي، سڀ کان نرالي ڳالهه اها آهي ته آزاد، سنڌي سائنسدانن جو تعارف ڪرايو آهي.

    اچو ته ٻارو سنڌ گهمون
    سنڌي سائنسدانن سان ملون.

    سنڌي سائنسدانن جو ٻن مصراعن ۾ انهن جو تعارف ڪرايو آهي نالو ۽ ان جي ايجاد!
    آزاد بخاري جي مجموعي ”سائنس ڏنو سوجهرو“ ۾ نوان نظم شامل آهن ، جيڪي اڳ ۾ ڪنهن به شاعر نه ڏنا آهن .مثال طور ” ليزر شعاع. ڌرتي، موبائل، ڪمپيوٽر، وي.سي،آر، روشني، مادو، ٽرام، ڪيبل سسٽم، ريفريجيٽر، هٿراڌوگرهه، بجلي، ارتقا، شمسي گرهه، ايف.ايم،اسٽيشن، انٽرنيٽ، آبدوز، ٿرماميٽر،پلاسٽرآف پيرس، ايئرڪنڊيشنڊ، خوردبيني، دوربيني، ٿرماس ، گريفائيٽ ،ائٽم ، ڪئميرا، واشنگ مشين ، موٽر سائيڪل، راڪيٽ ، پلازما، چقمق، بليچنگ پائوڊر، بايو ٽيڪنالاجي، ريڊيو وغيرھ.
    تقريباً 40 نظم ڏناويا آهن جن مان چند موضوعن کان سواءِ باقي سڀ نوان موضوع آهن .اها هڪ پهرين شروعات آهي ، جيڪا اڳتي هلي ضرور رنگ لائيندي .اڃان سائنس جي دنيا وسيع آهي ،جنهن کي اڃان اجاگر ڪرڻ ۽ سنڌي شاگردن ۾ متعارف ڪرائڻو آهي.
    موضوعن کي منظوم ڪري ياد ڪرائڻ جو طريقو ته تمام گهڻو پراڻو آهي ، جنهن جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار ناهي، سنڌي ۾ سڀ کان پهريون سنڌي ٻولي ءَ جي ماهر ابوالحسن سنڌي، اهو طريقو ايجاد ڪيو جنهن مسلمانن ۾ نماز جو طريقو ياد ڪرڻ لاءِ منظوم طريقو استعمال ڪيو، ابوالحسن پنهنجي ذهانت سان سنڌي ٻوليءَ کي به سائنسي بنيادن تي، متعارف ڪرايو، جيڪو اڄ تائين لکڻ جو طريقو هلندو پيو اچي.نثر جي مقابلي ۾ نظم ۾ وڌيڪ ياد رکيو وڃي ٿو.
    آزاد بخاري مادي جي وصف، سهڻي سليقي سان سليس انداز ۾ سمجهائي ٿو ؛

    ڪو ته ٻڌائي، ڪو ته ٻڌائي،
    هي مادو، مادو ڇا آهي؟
    جاءِ والاري وزن رکي ٿو،
    هرڪو هن کي مادو سڏي ٿو.

    وري مادي جا قسم به ٻڌايا آهن؛

    نهرو، گئس، پاڻياٺ، پلازما،
    الڳ الڳ ٿس شڪل ”ماما“.

    مادو فنا ناهي ٿيندو، جنهن جو ذڪر به ”آزاد“ ڪيو آهي ، جنهن ۾ فنا کان پوءِ بقا جو فلسفو سمايل آهي ، شڪل مٽي سگهي ٿو، پر فنا نٿو ٿي سگهي.
    چوي ٿو؛
    شڪل ”آزاد“، هي آ مٽيندو،
    پر نه ختم مادو آ ٿيندو.

    بيحد وڻندڙ نظم آهي.
    آزاد بخاري جا سڀ نظم وڻندڙ آهن ،جن کي پڙهڻ کانپوءِ بوريت محسوس ٿيڻ نٿا ڏين.
    آزاد بخاري جو ٻارن لاءِ نظم ” ٽرام “ ڏنو آهي ، جيڪا هن وقت اسان وٽ اڻ لڀ آهي جيڪا ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جي روڊن تي ٻن پٽڙين تي هلندي هئي .جنهن مان ماڻهو آرام سان لهي چڙهي سگهندو هو.۽ وقت بچندو هيو.
    چوي ٿو؛
    وڏن شهرن ۾ صبح شام،
    ريل جي ڀيڻ هلي ٽرام.

    هي نظم ٻارن کي خيالي طور ريل ڏانهن وٺي ويندو، جنهن جو مشاهدو پسي نه سگهندو ڇاڪاڻ ته ٽرامون اڪثر دنيا مان ختم ٿي چڪيون آهن ، هاڻي اهي اسان وٽ عجائب گهرن ۾ به ڪون ٿيون ملن .تنهن ڪري ٻار مشاهداتي طور عدم موجودگي جو شڪار رهندو .
    آزاد بخاري جا باقي سڀ نظم مادي تصور رکن ٿا .”ارتقا “ نظم ۾ ڊارون واري ٿيوري (نظريو) جو ذڪر ڪيو آهي ۽ مذهبي سوچ جو ذڪر ڪيو آهي. جنهن جو آزاد هن ريت ذڪر ڏنو آهي.

    مذهب به هي ٻڌايو آ،
    انسان کري ڀولو ٿيو آ.

    آزاد ٻارن کي انڌي تقليد کان به بچائي ٿو، سائنس جي مذهب سان ٺڪراءُ وارو نظريو به ٻڌائي ٿو ، مجموعي طور ٻار کي خيالي طور ڀٽڪڻ کان بچايو آهي.
    اصل ڳالهه آهي ٻار کي حقيقت جي دنيا ڏانهن وٺي وڃڻو آهي . سائنس اصل کان موجود هئي ، پر انسان گهڻو دير سان ترقي ڪئي
    مجموعي طور ”آزاد“ ٻارن ۾ نئون چس ڀريو آهي، نئون شعور ڏنو آهي، جيڪو سنڌي ٻارن لاءِ سٺو سنوڻ آهي .اميد ته آئيندي به اهڙي ڪوشش جاري رکندو. مون کي ياد اچي ٿو . اسان نظم پڙهندا هياسين، راند ڪندي ٿا علم پرايون، علم پرايون سمجهه وڌايون .
    سو،آزاد ٻارن کي وندرائڻ سان گڏوگڏ علم جي ستي به وجهي ٿو. ۽ اهو ادبي ارتقا جو سلسلو ٽٽڻ نه گهرجي لاٽ ٻرندي رهي، روشني ءَ جو سفر جاري وساري رهي.

    پروفيسر محمد شريف “شاد” سومرو
    سومرا ساهت گهر شڪارپور.


    سونهن ۽ سوجھري ڏانهن وکون کڻندڙ آزاد بُخاري

    مشهور برطانوي شاعر ”جان ڪيٽس“ پنهنجي دوست نامياري نقاد ۽ شاعر ”شيلي“ کي مرڻ کان اڳ آخري خط لکيو هو ” اي منهنجا دوست ، گل ، روشني،ٻار ۽ سدائين مرڪندڙ چهرا مونکي موهي وجهندا آهن ، جيئن پتنگ روشني ءَ کي پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي زندگي ءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن ساڳي ءَ طرح آءُ به سدائين ،سونهن ۽ سوجهري ڏانهن وکون وڌائيندي پتنگن جيان پٺتي هٽڻ سکيو ناهي، منهنجي محبوبا مونکان هزارين ميل ڏور آهي پر ان جو مرڪندڙ چهرو منهنجي من اندرخوبصورت عڪسن جيان محفوظ آهي ۽ آءُ اڪثراسڪول ڏانهن ويندڙ خوبصورت ٻارڙن کي ڏسندو آهيان ته ڪائنات جي مصور جي مهانتا ۾ يقين وڌيڪ پختو ٿي ويندو آهي ۽ منهجي شاعريءَ ۾ جيڪي به سونهن جا عڪس شامل آهن انهن ۾ مرڪندڙ ٻارڙن جا عڪس به موجود هوندا آهن ، اهوئي سبب آهي ته منهنجو تخيل هڪ خانقاهه آهي ۽ مان اتي ويٺل راهب آهيان“ آزاد بخاري ءَ جي ٻارن لاءِ سرجيل ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ تي ٻه ٽي اکر لکندي مونکي جان ڪيٽس جو آخري خط ياد اچي ويو
    ڌارين جڏهن به سنڌ تي ڪاهه ڪئي انهن سڀ کان پهريان سنڌ جي ڪتب خانن کي باهه ڏياري جيئن علمي ۽ادبي خزانن کي تباهه ڪري هتان جي نئين نسل کي علم جي روشنيءَ کان پري رکي سگهجي،ليڪن سنڌ جي شاعرن، اديبن، تاريخدانن علم، ادب ،سونهن ۽ڌرتيءَ سان محبت واري لاٽ ڪڏهن به وسامڻ نه ڏني.
    سنڌي ادب ۾ ورهاڱي کان اڳ جيڪڏهن ٻاراڻي ادب تي نظر وجهنداسين ته علم ۽ ادب جي ميدان ۾ گورڌن محبوباڻي ، هوندراج بلواڻي، ليکراج ،ڪشنچند ”عزيز“ سندر ڄڳتاڻي ۽ شيخ اياز جا نالا اچي وڃن ٿا ،شيخ اياز جي ٻارڙن با بت شاعري مختلف ٻالڪ رسالن ۾ موجود آهي ۽ ورهاڱي کانپوءِ استاد بخاري ،تنوير عباسي، پروانو ڀٽي کان مختيار ملڪ،نصير مرزا،ادل سومرو،اياز گل ،مختيار گهمرو، غلام محمد غازي، اختر درگاهي کان آزاد بخاري ۽ گوهرسنڌي تائين ڪيترائي نالا آهن جن ٻارڙن لا ءِ شاعري جا خوبصورت ڪتاب تخليق ڪيا آهن.
    آزاد بخاري جيڪو بنيادي طور هڪ سٺو نثر نويس آهي جنهن دل ۾ ٻاررن لاءِ اٿاهه محبت محسوس ڪندي سائنسي نظم لکيا آهن .هن وقت تائين سائنسي حوالي سان ٻارن لاءِ اهڙا ڪارائتا ڪتاب گهٽ نظر مان گذريا آهن ڪجهه سال اڳ ٻاراڻي شاعري ءَ جي خوبصورت شاعر غلام محمد غازي ءَ جو ڪتاب ”سائنس بخشي سونهن“ نظر مان گذريو هو ، اصل ۾ منهنجا ٻئي دوست غلام محمد غازي ۽ آزاد بخاري ، ڊرائنگ جا استاد آهن سندن حياتي ٻارڙن کي پڙهائڻ ۽سيکارڻ ۾ گذري آهي .ان لاءِ هنن جو ٻاررن جي مشاهدي ، علمي گهرج ۽ ڄاڻ جي کوٽ کي محسوس ڪندي ٻارڙن لاءِ خوبصورت شاعري سرجي آهي، هرهڪ شاعر جي لکڻ جو معيار ، انداز ،ٻولي ،رواني سندس پنهنجي محنت ۽ ڄاڻ جي آڌار تي هوندي آهي.
    آزاد بخاريءَ پنهنجي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ جيڪا خيالن جي نواڻ ڏني آهي اها مستقبل ۾ ٻارڙن لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي باقي جيڪڏهن رڌم ۽ رواني جي ڳالهه ڪنداسين ته ڪنهن به نثر نويس جي شاعري ۾ رواني اچڻ لاءءِ ضرور وقت لڳندو آهي ، ليڪن مونکي آزاد بخاريءَ جي شاعري پڙهندي نامياري شاعر ۽ نقاد ”ايمرسن“ جا لفظ ياد اچي ويا جنهن چيو ته” مهانتا سدائين سيکڙاٽن کي ئي ملندي آهي ان لاءِ ته ڪا به تخليق سرجڻ وقت رٿا بندي ناهي ٿيندي ،عظيم شاعر ، تخليقڪار ،مصور ۽ ڊامه نگار پنهنجون تخليقون سرجڻ وقت ڪابه خاص رٿابندي ناهن ڪندا ، لفظ پاڻي جي وهڪري ،پکين جي اڏام ، پايل جي جهنڪار جيان هڪ خاص رڌم جوڙي خيالن جي اڏام سميت قلم جي ڪرت سان پيار جي پني تي پکڙجي ويندا آهن ۽ اهڙيون تخليقون ئي پڙهڻ سان دل اندر جيڪو ڇهاءُ محسوس ٿيندو آهي اهوئي هر تخليق جي مهانتا جو ساکي هوندو آهي ۽ مهانتا سدائين سيکڙاٽن جي حصي ۾ ايندي آهي. آزاد بخاري سيکڙاٽ ته ناهي هڪ پڪو پختو ذهن رکندڙ استاد ،قلمڪار، سنڌيڪار ۽ شاعر آهي ، سندس هي ڪتاب ٻارڙن لاءِ چوٿون ڪتاب آهي، سندس شاعراڻن خيالن کي ڪيتري موٽ ملندي ان جو فيصلو ته مستقبل جا نقاد ۽ پڙهندڙ ڪري سگهن ٿا، ليڪن سندس ٻارڙن لاءِ سندس ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن.
    آزاد بخاريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ مسلم سائنسدانن جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي
    ”علي بن عيسيٰ“ ٿيو ظاهر،
    اکين جي بيمارين جو ماهر.
    بوعلي سينا، ظاهر ظهور،
    طب جو باني ٿيو مشهور.

    آزاد بخاري ءَ جو ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ٻارڙن لاءِ انتهائي ڪارائتو ٿابت ٿيندو جنهن ۾ هن سائنس جون نعمتون واري نظم ۾ ڪائنات جي مصور جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته .

    خدا تو ڏنو آ، اسانکي شعور،
    ڪيئن ٿيو دنيا جو، سوچون ظهورُ.

    ان کان سواءِ سندس ٻين نّظمن ۾ مسلم سائنسدانن سميت هن سنڌي سائنسدانن کي به ياد رکيو آهي ،

    ”سيد وڏل شاهه“ سنڌ جو ساهه ُ،
    ڪيميڪل سائنس سان ڪيو نباههُ.

    ان کان پو ءِ هن ڪمپيو ٽر، ليزر ،روشني ءَ جهڙا خوبصورت نظم لکيا آهن ، روشني ءَ جو ذڪر ڪندي آزاد بخاري لکي ٿو ته:

    روشني آهي توانائي،
    استاد اها ڳالهه ٻڌائي.
    جت به وڃي هيءَ ڪري ٿي،
    موٽ کائي هيءَ وري ٿي.

    آزاد بخاريءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ موبائيل، ٽرام ، وي سي آر، ريفريجيٽر ، مادو، بجلي ، ڪيبل سسٽم ، شمسي گرهه، هٿراڌو گرهه، انٽر نيٽ ،ارتقا،، ٿرماميٽر، ايف ايم اسٽيشن، ايئر ڪنڊيشن ،آبدوز، دوربيني، پلاسٽر آف پيرس، گريفائيٽ، خوردبيني، ڪئمرا، ٿرماس،موٽر سائيڪل، ائٽم،پلازما ،واشنگ مشين، بليچنگ پائوڊر، راڪيٽ ،ريڊيو، بجلي پکو ، جهاز ، بايو ٽيڪنالاجي تي معلومات ڀريا نظم لکيا آهن.
    آزاد بخاري جي سائنسي نظمن ۾ جن به شين جي ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي انهن ۾ آءُ موٽر سائيڪل ۽ ٽرام جو ذڪر ڪندس ٻارڙن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ آزاد بخاري ٽرام بابت نظم ۾ هن طرح ڄاڻ ڏني آهي

    وڏن شهرن ۾ صبح شام ،
    ريل جي ڀيڻ هلي ٽرام.
    ڪراچي ءَ ۾ هلندي هئي،
    دنيا فائدو وٺندي هئي.
    ٻارو سڄي هڪ صدي،
    ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلي.
    ٽرام هلائي ويو انگريز،
    هلندي هئي جا ڏاڍو تيز.

    پيارا ٻارو آگاهه هجو ته 20 اپريل 1885ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر مسٽر هينري رسڪن ڪراچي م ٽرام هلائڻ جو افتتاح ڪيو هو۽ اڄ کان 129 سال اڳ سنڌواسين جي مک تي مرڪون اچي ويون هيون ۽ سنڌ سرڪار 30 اپريل 1975ع ٽي ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ ڄاڻائي ٽرام بند ڪرائي ڇڏي هئي ۽ ڪراچي واسين جو 91 سالن تا.ئين هلندڙ ٽرام سان سفر وارو ساٿ پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ ٽرام جو ذڪر فقط ڪتابن ۾ رهجي ويو ۽ ٽرامن جي پٽري ڪٻاڙ ۾ وڪامي وئي ۽ انجڻ ۽ گاڏن جو لوهه به نيلام ٿي ويو .آزاد بخاري ءَ ٽرام تي نظم لکي هڪ تاريخ کي محفوظ ڪيو آهي ٻارو سنڌ اندر هلندڙ ٽرام ٽريفڪ لاءِ ڪابه رڪاوٽ نه هئي ،جيڪڏهن ايئن هجي ها ته 11 نومبر 2014ع تي دبئي جهڙي خوبصورت شهر ۾ دبئي ءَ جو نوجوان وليعهد شيخ حمدان ٽرام سروس جو افتتاح نه ڪري ها.
    آزاد بخاري ءَ جو نظم ،ايف ايم اسٽيسن ۾ پڻ ٻارڙن لاءِ نئين ڄاڻ آهي.
    ايف ايم اسٽيشن ڏس کولي،
    فريڪوئنسي تي ڪيئن ٿي ٻولي.
    ڀليو ناهيان ڀيٽيو آهي،
    ايف ايم ڀي ريڊيو آهي.
    هن جا آهن رنگ پيارا،
    ٻول ٻڌن سڀ سنڌڙي وارا.
    ترقي ڪري ويو آ انسان،
    ايف ايم پنهنجو عاليشان.

    هن نظم ۾ ايف ايم اسٽيشن سان گڏ آزاد بخاري وضاحت به ڪئي آهي ته ايف ايم اسٽيشن ڇا آهي ۽ اصل ۾ اهو به ريڊيو آهي پهريان ميڊيم ويوز ريڊيو هئا ۽ هاڻي ايف ايم ريڊيو هلي رهيا آهن ها ٻارو اوهان لاءِ آزاد بخاري هڪ نظم موٽر سائيڪل به ڏنو آهي
    موٽر سائيڪل جڏهن هلي ٿي
    منهنجي دلڙي تڏهن کلي ٿي
    هن جي ويڪري نرم آ سِيٽَ
    ٻار چڙ هن ته ڪن ٿا سِيٽَ
    بابو چوي اڳيان تون ويهه
    مونکي ڏسي جيئن سارو ڏيهه

    پيارا ٻارو موٽرسائيڪل جاپان جي هڪ غريب گهر ۾ پيدا ٿيندڙ سائنسدان مسٽر هونڊا ايجاد ڪئي هو ٽوڪيو ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي والد کي سائيڪلن جا پنڪچر هڻندي ۽ سائيڪلن جي مرمت ڪندي ڏٺو ۽ 14 سالن جي عمر ۾ يتيم ٿي ويل هونڊا ٽوڪيو جي فيڪٽري ۾ مزدوري ڪئي ۽ ڪجهه پئسا بچائي تجربا ڪندو رهيو ۽ نيٺ هن پنهنجي ورڪشاپ قائم ڪئي جيڪا آهستي آهستي ڪارخانو بڻجي ويو پر ٻي مهاڀاري ويڙهه ۾ ٽوڪيو تي آمريڪا جي بمباري ءَ سبب هونڊا جي فيڪٽري تباهه ٿي وئي پر هن همت نه هاري ۽ پنهنجي نئين ايجاد لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو ۽ 1948ع ۾ پهرين موٽرسائيڪل ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪا هاڻي هرهڪ گهر جي ضرورت بڻجي وئي آهي ۽ اڄ ”هونڊا“ جي نالي تي قائم ڪيل ڪمپني جپان جي سڀ کان وڏي موٽر ڪارون ۽ موٽر سائيڪلون ٺاهيندڙ ڪمپني بڻجي وئي آهي.
    آزاد بخاريءَ پنهنجي هن ٻاراڻي ڪتاب ۾ سائنس جي ايجادن بابت سمورين شين کي شاعراڻي رنگ ۾ پيش ڪيو آهي ۽ سائنسي تحقيق مطابق مادي جي سڀني کان ننڍڙي ذري ائٽم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته هر مادو ائٽم جو ٺهيل آهي
    ائٽم جو مادو ٺهيل،
    ڳالهه اوهانجي آهي ٻڌل؟
    ٻاهران ڦرن ٿا اليڪٽرانس.
    اندر پروٽانس، نيوٽرانس،
    هن مان، ائٽم بَمُ ٺهيو،
    شهرن کي جنهن ڀسم ڪيو. ”ناگاساڪي“ اجڙي ويو،
    ”هيروشيما“ پڄري ويو.
    ٻارو هجو توهان آگاهه،
    هن بم ڪيا شهر تباهه.

    هن نظم ۾ آزاد ائٽم بابت ٻاررن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڌ ائٽم مان تيار ٿيندڙ ائٽم بم ۽ آمريڪا پاران جپان جي شهر هيرو شيما ۽ ناگاساڪي تي ائٽم بم ڪيرائڻ بابت ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، جنهن ۾ لکين گلن جهڙن معصوم ٻاررن کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو هو .
    آزاد بخاريءَ واشنگ مشين واري نظم ۾ ٻارڙن کي نصيحت به ڪئي آهي
    واشنگ مشين به نعمت آهي،
    عورت جي لئه راحت آهي.
    ڪپڙا ڌوئي ڍيرئون ڍيرُ،
    ڪڍي ڇڏي ٿي ساري ميرُ.
    مشين کان ٻالڪ سبق سکو،
    متان من ۾ مير رکو.

    عبدالڪريم شاهه ”آزاد“ بخاري جاکوڙي استاد قومي ڪارڪن ڌرتي ءَ جو سچو سپاهي ۽ روشني جي سفر جو پانڌيئڙو آهي، اصل زندگي ٻين لاءِ جيئڻ هٿ هٿن تي رکڻ بدران ڪائي ڪارائتي ڪرت ڪرڻ ئي مهانتا آهي ۽ آزاد بخاريءَ جي هن ڪتاب مان جيڪڏهن ڪنهن هڪ ٻار به ڄاڻ حاصل ڪري اها ڄاڻ ٻين تائين منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهندي.
    سنڌ اندر ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي آزاد بخاريءَ جيڪي وکون کنيون آهن اهي ضرور لاڀائتيون ثابت ٿينديون ان لاءِ ته آزاد بخاريءَ ننڍڙن نظمن ۾ ٻارڙن جي دل وندرائڻ سان گڏ ڀرپور ڄاڻ فراهم ڪئي آهي، اميد ته آزاد بخاري ٻارڙن لاءِ اهڙا دل وندرائيندڙ نظم لکندو رهندو ان لاءِ ته جڳ مشهور شاعر ۽ نقاد آسڪروائلڊ چيو آهي ته ”بهترين فن جي تخليق ئي فن جو بنيادي مقصد آهي“ ان لاءِ اسانجو دوست آزاد بخاري ضرور مستقبل ۾ پنهنجن تخليقن جي فني ضرورتن ، رواني ءِ رڌم تي وڌيڪ ڌيان ڏيندو ،جيئن شاعري پڙهندي ڪٿي به اٽڪاءُ محسوس نه ٿئي ،ليڪن اها حقيقت آهي ته آزاد بخاري جي هنن نظمن ۾ ٻارڙن لاءِ ڀرپور ڄاڻ موجود آهي، شال سدائين ساڳيءَ طرح محبتن سان آزاد بخاري پنهنجي قلم جي ڪرت جاري رکندو.


    خواجه ذوالفقار
    هالار جو گهر آدم شاهه ڪالوني سکر


    پاڻ ارپيندڙ دوست

    آزاد بخاري ادبي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ واري دڳ جو پانڌي آهي جنهن سنڌي ادب جي جهول ۾ پنهنجا ڏهه ڪتاب پيش ڪري پنهنجي حصي جو ڪم تمام سهڻي نموني نڀايو آهي .
    سندس واسطو چڪ سان ته آهي پر ادبي حوالي سان هو سڄي سنڌ جو شاعر ـــ اديب آهي لکڻ پڙهڻ سان سندس تعلق سندس شخصيت تي منڊيءَ تي ٽڪ جيان چمڪندي نظر ايندو آهي هن تيز رفتار ترقيءَ جي دور ۾ دنيا اڳ جي نسبت تمام گهڻي ويجهو ٿي وئي آهي جتي انٽر نيٽ ۽ موبائل فون هر ماڻهوءَ کي ملائي ڇڏيو آهي پر اتي اهي ڪتاب جي اهميت کي گهٽائي ناهن سگهيون.
    پيارو عبدالڪريم شاهه جنهن کي ادبي دنيا آزاد بخاري سان سڃاڻي ٿي هڪ محنتي استاد ڌرتي لاءِ جاکوڙيندڙ ۽ ڏکي سکي ويل پاڻ ارپيندڙ هڪ سٺو نثر نويس ۽ شاعربه آهي ٻارن لاءِ مسلسل ٽي ڪِتابَ اوهان جي هٿن تائين پڄائي چڪو آهي. جنهنجو هي چوٿون ڪتاب ”سائنس ڏنو سوجهرو“ اوهانجي هٿن تائين پهتو آهي .
    ٻاراڻو ادب سرجڻ جي ڪري آزاد صاحب کي ادبي حلقن ۾ تمام سٺي موٽ ملي آهي سندس ٻي ڪتاب کي سنڌي ليئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ،پاران ٻاراڻي ادب ۾ سال 2011 ع لاءِ بيسٽ پرائيز ايوارڊ ملي چڪا آهن سندس سرجيل نظم ٻارن جي تمام سٺي رهنمائي ڪن ٿا ۽ اڄ جي دور جي اهميت ۽ مسئلن کي ٻارن ۾ روشناس ڪرائن ٿا آزاد بخاري ادبي حوالي سان پنهنجي الڳ سڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي سندس ڪيل ڪم ترجمن ، تحقيق ، ڪهاڻين ، ڪالم نگاري ۽ شاعري ءَ جي صورت ۾ نروار ٿي چڪا آهن هي ڪتاب سنڌي ادب ۾ سندس پهرين ڪتابن جيان پنهنجو اثر ضرور ڇڏيندو اسان دوست آزاد جي اهڙين ڪاوشن تي کيس مبارڪ پيش ڪيون ٿا ۽ اميد ٿا رکون ته سندس وکون اڳ کان اڳريون رهنديون .

    سميع سجاد ميراڻي
    پريان لوءِ، خيرپور


    سائنسي نظم

    سائنس جون نعمتون

    خدا تنهنجون آهن هي خلقيل شيون،
    هٿان جيڪي انسانن جي ٺهيون.

    عقل سمجھه بيشڪ تو مالڪ ڏنو،
    کليو در تڏهن آهي ايجاد جو.

    خدا تنهنجو ڳجھه آ بيشڪ وڏو،
    تڏهن ته سائنس آهي شڪ رکيو.

    لکين تنهنجون جڳ تي رهن رحمتون
    وسيلي سائنس تو ڏنيون نعمتون،
    .
    خدا تو ڏنو آ اسان کي شعور،
    ڪيئن ٿيو دنيا جو سوچون ظهور.

    ”آزاد“ آهي نظم هي لکيو،
    تو هر شيءِ ۾ اسرار اونهو رکيو.


    سائنسدان SCIENTISTS -

    سائنس جي تاريخ جو پايو،
    ”ٿيلس“ وجهي ڌاڪو ڄمايو.

    جاميٽري، جو ماهر هيو،
    ”يوڪلڊ“ کان پوءِ آيو.

    ”پئٿاگورس“ رياضي آندي،
    جنهن کان خلقت ناهي واندي.

    ”نيوٽن“ سائنس ۾ پير رکيو،
    ”ڪشش ثقل“ ڌرتي جو ڏسيو.

    ”چيانگ هينگ“ زلزلن جو،
    ماپ جو آهي طريقو لکيو.

    ”ايڊيسن“ ڪري بلب ايجاد،
    دنيا ڇڏي ڪري شاد.

    ”هائپشيا“ عورت رياضي دان،
    پادريءَ ورتي جنهن جي جان.

    مشهور هيا هي سائنسدان،
    پر ٻيا به اڃان هن مسلمان.


    MUSLIM SCIENTISTS - مسلم سائنسدان

    ٻارو نه ٿيو اوهين حيران،
    پڙهي مسلم سائنسدان.

    ”ابو علي حسن الهيشم“،
    روشني آ چيو توانائي قسم.

    ”يعقوب بن اسحاق الڪندي“،
    راڳ ۾ فريڪوئنسي آندي.

    ”ابوريحان محمد البيروني“،
    چيو ڌرتي گول آ، ناهي گوني.

    ”محمد بن موسى خوارزمي“،
    آلجبرا جو سڏ جي باني.

    ”علي بن عيسى“ ٿيو ظاهر،
    اکين جي بيمارين جو ماهر.

    ”عبدالمالڪ اصمعي“ جناب،
    ”خلق الانسان“ لکيو ڪتاب.

    ”بوعلي سينا“ ظاهر ظهور،
    طب جو باني ٿيو مشهور.


    سنڌي سائنسدان SINDHI SCIENTISTS -

    اچو ته ٻارو سنڌ گهمون،
    سنڌي سائنسدانن سان ملون.

    ”سيد وڏل شاھ“ سنڌ جو ساھ،
    ”ڪيميڪل سائنس“ سان ڪيو نباھه.

    ”ڊاڪٽر عنايت“ سٿر هڏي جو،
    ”جوکيو ٽريڪشن“ علاج ڏنو.

    ”ايڇ ايم پنهور“ زراعت جو،
    سائنسدان، وڏو ماهر هو.

    ”ڪي ڊي سومرو“ چڪ جو هو،
    مئٿ ۾ ”ڪي ڊي نظريو“ ڏنو.

    ”ولي محمد راهمون“ محنت ڪئي،
    واريءَ مان ٺاهي بجلي ڏني.

    ”شاداب رسول ٻرڙي“ مڃايو،
    ”بايو ڪيميڪل“ ۾ نانءُ ڪمايو.

    اوهان به سائنس پڙهو ٻارو،
    نالو روشن ڪيو ٻارو.


    ڌرتي EARTH -

    ڌرتي به هڪ آ سَيارو ٻارو.
    جنهن تي ٿئي ٿو اونهارو سِيارو.

    هن کي پنهنجو چنڊ ٿئي ٿو،
    هر ڪنهن کي ڏاڍو وڻي ٿو.

    سال ۾ پورو چڪر ڪندي آ،
    سج چوڌاري ڦرندي آ.

    هوا، پاڻي آ، باھ، هن تي ،
    ماڻهن جو جياپو جنهن تي.

    ڌرتي گول، ”گئليلو“ ڏسيو،
    عقل جي انڌن ڪوڙ چيو.

    ڌرتي بن ڪيئن پاڻ جيئون،
    ڌرتيءَ کي ٿا ماءُ سڏيون.

    دنيا نيٺ، مڃيو ”آزاد“،
    گول آ ڌرتي، زندهه باد.


    ليزر LASER -

    ليزر جي روشني ڏس،
    ڪيڏي ته آهي پياري.

    سائنس ڪئي آ پيدا،
    ڳوڙهي طاقت واري.

    هن سان علاج ٿئي ٿو،
    هي آ شعاع ساري.

    اکين جو پردو ٺاهي،
    ڪولسٽرال لئه آري.

    بڪين جي پٿري کي،
    ڀور ڪري هي واري.

    صنعت، ڪارخانن ۾،
    ليزر جي ناماچاري.


    ڪمپيوٽرCOMPUTER –

    آهيان مشين ننڍڙي مان،
    ڪم جي آهيان وڏڙي مان.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر

    جيڪو ڏسيو ڪري ڏيکاريان،
    ماڻهن آڏو سوئي آڻيان.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر

    منهنجي سسٽم جا ٽي حصا،
    ڪم ڪرن ٿا وڏا وڏا.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر

    ”سي پي يو“ ۽ اِن پُٽ منهنجو،
    آهي ڪم جو آئوُٽ پُٽ منهنجو.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر

    سڀن جو آهيان خدمتگار،
    ٻارن جو ڀي مددگار.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر

    ٿڪجان ڪين ڪڏهن ”آزاد“،
    منهنجو دماغ آ سدا آباد.
    منهنجو نالو آ ڪمپيوٽر


    موبائيلMOBILE -

    گهڙي گهڙي رنگ، ٽون، بيل،
    منهنجي وڄائي موبائيل.

    ”ايس ايم ايس“ ٿي پهچائي،
    گيت پيار واهه واهه ڳائي.

    نت نوان ٿي فوٽو ڪڍي،
    محفوظ ڪري سنڀاري رکي.

    هرڪو دوست هلائي عام،
    رانديون هن ۾ آهن جام.

    آواز ڀرڻ جو سسٽم اٿس،
    ”ايف ايم“ ريڊيو سهڻو وٽس.

    ”ڪلڪيوليٽر“ سان انگ ڳڻي،
    ننڊ مان اٿاري رِنگ هڻي.

    ماڻهن کي هيءَ وڻندي آهي،
    ”مووي“ رڪارڊ ڪندي آهي.

    موبائيل ”آزاد“ جي آ پياري،
    ”ٽچ اسڪرين“ بيٽري واري.


    روشنيLIGHT –

    روشني آھي توانائي،
    استاد اها ڳالھه ٻڌائي.

    هنجو سورج آ محور،
    روشني پهچي گهر گهر گهر.

    جت به وڃي هيءَ ڪري ٿي،
    موٽ کائي هيءَ وري ٿي.

    پور وڇوٽ شعاعن ۾،
    پکڙجي ٿي ڏسائن ۾.

    ٽارچ، آئينو کڻي وٺو،
    روشني جي موٽ ڏسو.

    ايندي ويندي ڪرڻا ڪرن،
    شفاف جسمن مان گذرن.

    عڪس ٺاهي ٿي هيءَ جام،
    صبح، منجهند رهي شام.

    منشور/”پرزم“ کڻي اوهين،
    رنگ ڏسو ”آزاد“ توهين.

    اوندهه ۾ ڇا رکيو آ،
    علم روشن جهان ڪيو آ.


    VCR - وي سي آر

    ننڍڙي هڪڙي پيٽي آهي،
    پيٽ اندر ڪئسيٽ ٿي لڪائي.

    وڏڙا هلائن توڙي ٻار،
    نالو هنجو وي سي آر.

    منظر، کيل رڪارڊ ڪري ٿي،
    پنهنجي ڪيسٽ ۾ ڀري ٿي.

    ”مقناطيسي“ ٽيپ آ هنجي،
    آهي فلمي وڏي ڪم جي.

    ڳنڍي ٽي ويءَ سان تار،
    پروگرام ڏيکاري هزار.

    سبق هلائڻ لئه آ تيار،
    شاگردن جي آ مددگار.

    ”آزاد“ ”وي سي آر“ هلاءِ،
    ليڪچر استادن جو ڏيکاءِ.


    TRAM - ٽرام

    وڏن شهرن ۾ صبح شام،
    ريل جي ڀيڻ هلي ٽرام.

    هن جو ڊگهو گاڏو ٿئي ٿو،
    هرڪو هن ۾ سيٽ وٺي ٿو.

    پٽڙين تي هيءَ هلندي آهي،
    گهنٽي هر هر هڻندي آهي.

    هنڌ هنڌ بيهي ماڻهو کڻي ٿي،
    سندر سهڻِي سڀ کي وڻي ٿي.

    روڊ جي لڳ، هلندي آهي،
    خلق خدا جي چڙهندي آهي.

    هنجو ٿي ٿو پنهنجو دڳ،
    ڪو به وٺي نه هن جو اڳ.

    ڪراچيءَ ۾ هلندي هئي،
    دنيا فائدو وٺندي هئي.

    ٻارو سڄي هڪ صدي،
    ڪراچيءَ ۾ ٽرام هلي.

    ٽرام هلائي ويو انگريز،
    هلندي هئي جا ڏاڍو تيز.


    MATTER – مادو

    ڪو ته ٻڌائي ڪو ته ٻڌائي،
    هي مادو، مادو ڇا آهي؟.

    جاءِ والاري وزن رکي ٿو،
    هرڪو هنکي مادو سڏي ٿو.

    ڪاٺ، هوا، پاڻياٺ ۽ پٿر،
    ننڍڙن ذرڙن جو آ وکر.

    نهرو، گئس، پاڻياٺ، پلازما،
    الڳ الڳ ٿس شڪل ”ماما“.

    چوڌاري ڏس ٻيو ڇا آهي،
    جٿ ڪٿ پيو مادو ئي آهي.

    شڪل ”آزاد“ هي آ مٽيندو،
    پر نه ختم مادو آ ٿيندو.


    REFRIGRATOR – ريفريجريٽر

    منهنجي گهر ۾ فرج آهي،
    ”ريفريجريٽر“ جا سڏائي.

    بخارجڻ مان گذري ٿي،
    ٿڌڪار گهڻو هيءَ ڪري ٿي.

    داٻ آڻي ٿو ”ڪمپريسر“،
    گئس ڄمائي ”ڪنڊنسر“.

    هن ۾ برف جو ڪمرو آهي،
    جيڪو ٿڌڙو ننڍڙو، آهي.

    هن ۾ شربت پاڻي ڀرجي،
    تازو توانو ميوو رکجي.

    کير لسي به ڇاڻي رکجي،
    سبزي گوشت به آڻي رکجي.

    ٻارو هرهر ڪين کپايو،
    وقت ضرورت شيون کائو.


    CABLE SYSTEM - ڪيبل سسٽم

    سڄي دنيا جو ملي احوال،
    ڪيبل سسٽم آهي ڪمال.

    چينل هن ۾ سوين هلن،
    ٻار ويٺا ڪارٽون ڏسن.

    خبرون، رپوٽون ۽ رانديون،
    جڳ ساري ۾ ڪيبل آنديون.

    هلن هتي پروگرام ڪيئي،
    فلم، رانديون، ڊراما سڀ ئي.

    ميوزڪ تي شوقين نچن ٿا،
    مذهبي عالم درس ڏين ٿا.

    ٻار، ٻڍا جوان ڏسن ٿا،
    ڪيبل تي واهه رنگ رچن ٿا.


    ELECTRICITY – بجلي

    سائنس ۾ هي پڙهيو اٿم،
    بجلي توانائيءَ جو قسم.

    مادي جي چارجن مان ٺهي،
    گهڪي سان ٽڙٽڙ هي ڪري.

    اليڪٽران جي حرڪت سان،
    ڪرنٽ اچي ٿو تارن مان.

    اليڪٽران جي حرڪت ڪن،
    ان رستي کي ”سرڪٽ“ چون.

    سلسليوار هي سارا ”سرڪٽ“،
    برداشت نه ڪن ڪا به رڪاوٽ.

    بجلي هيءَ هلي برن ۾
    دڪانن ۾ توڙي گهرن ۾

    برسات پَئي، ته اڀ ۾ ڏٺم،
    کنوڻ به بجليءَ جو آ قسم.

    ”برقي ڪرڻا“ مڇيون به آهن
    بجلي ٺاهي شڪار ڦاسائن

    بجلي کان پري ٻارو رهو،
    بجلي سان ڪڏهن ڪين کهو.


    SATELLITE - هٿرادو گرھ

    هو ڏسو هٿراڌو سَيارا،
    ڳولهن پيا اڀ ۾ تارا.

    خلا ۾ آهن بيٺل سارا،
    ٺهيل دنيا جا سندر سَيارا.

    ”اسپوتنڪ“ هٿرادو گرهه،
    اڳ ٺهيو ڪي ئي ورهيه.

    بنا مشين هي ڪم نه ڪن،
    راڪيٽ سان گڏ مٿي وڃن.

    ٻاهران اليومينيم جا ٺھيل،
    اندران ريڊيو ٽرانسميٽر لڳل.

    موسمي ،فوجي، مواصلاتي،
    رهنما هي، سيٽلائيٽ، طبي.


    PLANETS - شمسي گرھ

    گردش ۾ هن صديون ورهيه،
    ٻارو پڙهو شمسي گِرهه.

    سڏجن ٿا هي سَيَارا،
    سج ويجهو ڪي دور سارا.

    عطارد، زهرھ ۽ ڌرتي،
    مريخ، يورينس، مشتري.

    زحل، سان گڏ نيپچون،
    سج جا اٺ ئي ڄڻ پلٽون.

    تارن جيان نه چمڪن هي،
    الڳ الڳ چنڊَ رکن هي.

    هنن جو خاندان پيارو آ،
    سؤ ڇاهٺ چنڊن وارو آ.


    EVOLUTION – ارتقا

    ٻارو ٻڌايو ٻارو ٻڌايو،
    دنيا ۾ انسان ڪيئن آيو.

    سائنس ۾ ته ڏسيو ويو آ،
    ڀولو وڌي انسان ٿيو آ.

    ”ڊارون“ جي ٿيوري آ اها،
    جنهن کي چئون ٿا ارتقا.

    مذهب به هي ٻڌايو آ،
    انسان کري ڀولو ٿيو آ.

    عجب ٻنهي جو رشتو آهي،
    سائنس، مذهب ڏسيو آهي.

    اڃان به ماڻهو ڪن ٿا ڳولا،
    انسان سان ڪيئن جڙيا ڀولا.

    ٻارو پڙهو ۽ ڪيو ڳولا،
    ڪٿان آيا انسان ۽ ڀولا.


    INTERNET – انٽرنيٽ

    وندرائي ٿي انٽرنيٽ،
    ننڍا، وڏا پيا ڪن چَيٽِ.

    ”ويب سائيٽ“ لکي کوليو،
    دنيا ساري جهٽ پٽ ڳوليو.

    دوست بڻايو جام توهان،
    ”اي ميل“ ٺاهيو پاڻ اوهان.

    پسند جي ڊائون لوڊ ڪيو،
    بوڪ کڻو پيغام پڙهو.

    ڪمپيوٽر موڊيم سان لڳائي،
    هر ڪو انٽرنيٽ هلائي.

    ويب ڪيم جي سامهون ڳالهايو،
    دوستن کي احوال ٻڌايو.

    ”ٿري جي“ يا ”ايوو“ هلايو
    ٻارو اوهين مرضي جا آهيو.


    F.M STATION - ايف ايم اسٽيشن

    چون زون ٽرون ٽرون ٽرون،
    هلاءِ ”ايف ايم اسٽيشن“ تون.

    خبرون ٻڌون ۽ گانا ٻڌون،
    آءَ ته گڏجي، نانا ٻڌون.

    ”ايف ايم اسٽيشن“ ڏس کولي،
    فريڪوئنسي تي ڪيئن ٿي ٻولي.

    سکر، شڪارپور، هاءِ وي،
    سنڌ ۾ ٿي هر هنڌ هلي.

    ٽيپ ۾ هلي ريڊيو ۾ هلي،
    اڪثر موبائيل ۾ هلي.

    ڀليو ناهيان ڀيٽيو آهي،
    ايف ايم ڀي ريڊيو آهي.

    فرمائش ڪريو ۽ گانا ٻڌو،
    هيج مان اٿي ٻالڪ ڪڏو.

    هن جا آهن رنگ پيارا،
    ٻول ٻڌن سڀ سنڌڙي وارا.

    ترقي ڪري ويو آ انسان،
    ايف ايم پنهنجو عاليشان.


    THERMOMETER – ٿرماميٽر

    سائنس ڏني هڪ اهڙي چيز،
    سڃاڻپ جي، جنهن ۾ تميز.

    هڪ منٽ ۾ ڏسي پيو،
    ڪيترو آهي بخار ٿيو.

    هن جو نالو آ ٿرماميٽر،
    سچو آهي، ناهي چيٽر.

    هڪڙو ڊگري پاري ٺهيل،
    ٻئي کي چون ڊجيٽل.

    ڊاڪٽرن وٽ هي هوندو آهي،
    ڪم تپاس جي ايندو آهي.

    هيٺ ڪري ته، ذرڙا ٿئي ٿو،
    هن جو پارو وکري وڃي ٿو.


    آبدوز SUBMARINE -

    گوڙ ڪري نه ڪوئي آواز،
    سمنڊ اندر پاڻي جو جهاز.

    آبدوز آ هن جو نالو،
    رنگ جو ميرو آهي ڪارو.

    ”البرٽ“ سائنسدان هي ٺاهيو،
    ارڙهين صدي ۾ هتڙي آيو.

    بيٽريون هلائن هن جو نظام،
    دشمن جو ڪم ڪري تمام.

    امن وقت، ساگر ۾ تري،
    ننڍن وڏن کي خوب وڻي.

    گهمي سمنڊ جي جر ۾ روز،
    محافظ ملڪن جو آبدوز.


    AIR CONDITIONED - ايئر ڪنڊيشن

    هڪڙي ٿڌ جي پيٽي پئي آ،
    گهرن گاڏين ۾ لڳي پئي آ.

    بجلي تي هيءَ هلندي آهي،
    ڪمرو ٿڌڙو ڪندي آهي.

    پاڻ کي ساڙي ٻين کي ٺاري،
    سياري نه، هلي اونهاري.

    هلي پاڻ مان پاڻي ڪڍي،
    سڪون انسانن کي ڏي.

    ايئرڪنڊيشنڊ ”اسپلٽ“ جو،
    هرڪو آ متوالو هن جو.

    اسپيڊ وڌائي ”ٿرموسٽ“ هنجي،
    ٿڌ ٿو چاڙهي چوٽ هنجي.

    بجلي گهڻي کپائيندي آ،
    ميٽر کي ڊڪائيندي آ.


    PLASTER OF PAIRIS -پلاسٽر آف پئرس

    گڏا، رانديڪا ۽ جايون،
    ”پلاسٽر پئرس“ مان ٺهيون.

    چن جيان هي اجرو ٿئي ٿو،
    پاڻيءَ ۾ ملي ڄمي وڃي ٿو.

    هن مان مجسما عام ٺهن ٿا،
    شوپيس ننڍڙا ٽول ٺهن ٿا.

    ”فالزسيلنگ“ جون ڇتيون ٺهن،
    نت نيون ٿيون شيون ٺهن.

    ڊاڪٽرن جي هي ڪم جو آهي،
    ڀڳل هڏن کي جوڙي ملائي.

    ”گوهرسنڌي“ ”پلاسٽرپئرس“ جو،
    ٺاهيو آهي نقشو سنڌ جو.


    TELESCOPE - دور بيني

    پري جڏهن به ڏسو توهان،
    دوربيني سان ڏسو اوهان.

    شين کي ٿي ويجهو آڻي،
    صاف ڪري چٽو ڏيکاري.

    عرب سائنسدان ڪئي ايجاد،
    دنيا ڪري ٿي جنهن کي ياد.

    ”گليلوگليلي“ ماهر ٺاهي،
    هن جي ويو اهميت ٻڌائي.

    هن ۾ ”اپٽيل بلور“ آهن،
    منظر دنيا کي ٿا ڏيکارن.

    وچ ۾ ٿلهو ڪنارا سنها،
    ابتا سبتا عڪس هن ڏنا.


    MICROSCOPE – خوردبيني

    چرندڙ پرندڙ جيوڙا ڏسو،
    خوردبيني تي اکيون رکو.

    اوهان ڏسي جي نٿا سگهو،
    هن جي مدد سان ئي ڏسو.

    سنهيون شيون وڏيون ڏيکاري،
    حيرت ۾ ٿي ڇڏي بيهاري.

    بيمارين جي چڪاس ٿئي ٿي،
    علاج جي به خبر پئي ٿي.

    عڪس جسم جو وڏو ڪري،
    ڏيکاري ٿي هيءَ چٽو ڪري.

    مائڪرو اسڪوپ نالو هن جو،
    سائنس ڏي ٿي حوالو هن جو.


    GRAPHITE –گريفائيٽ

    توهان کي ٻارو، آهي خبر؟
    گريفائيٽ ڪهڙو آ عنصر.

    گريفائيٽ ڪاربان جو قسم،
    هن مان ٺهي پينسل قلم.

    گريفائيٽ مٽي گڏجي پون،
    پينسل جا سوين گورا ٺهن.

    موٽر جي بئرنگ، مشين ۾،
    ڪم اچي سائيڪل جي چئن ۾.

    ڪاري رنگ طور ڪم اچي،
    ريڊيو جي سيلن ۾ پوي ٿو.

    گريفائيٽ مان سرمو ٺهي ٿو،
    ماڻهن جي اکين ۾ پئي ٿو.


    THERMOS - ٿرماس

    اڪثر گهرن ۾ ملي ٿو،
    ٿرماس هن کي هرڪو سڏي.

    ڌاتو اندران رکيل شيشو آ،
    ٻاهران جنهن جي وئڪيوم آ.

    ٻِٽي ڀت، شيشي جي بوتل،
    اندران ٻاهران، پالش ٿيل.

    پيالي نما ڍڪڻ لڳل،
    هيٺ تري ۾ رٻڙ پيل.

    هن ۾ تازي چانھه وجهو،
    کير ٿڌو يا گرم رکو.

    اڪثر شيون خراب نه ٿين،
    تازيون توانيون پيون رهن.


    CAMERA –ڪئميرا

    آهي ڪو جو فوٽو ڪڍرائي،
    مون وٽ هڪ ڪئميرا آهي.

    روشني کان محفوظ آ سارو،
    هن جي اندر ڪمرو ڪارو.

    روشن ڪرڻا جذب ڪري ٿي،
    تڏهن ته هيءَ فوٽو ڪڍي ٿي.

    عڪس پڪڙڻ جي آهي مُورُ،
    هن ۾ پيل اپٽيل بِلُورُ.

    ٻي به ڪئميرا، ڀلي آهي،
    جيڪا ڊجيٽل ٿي چوائي.

    عام ڪئميرا رول گهري ٿي،
    ڊجيٽل پر ڪونه گهري ٿي.


    ATOM –ائٽم

    ائٽم جو آ مادو ٺهيل،
    ڳالھه اوهان جي آهي ٻُڌلَ.

    ننڍڙن آ ذرڙن ۾ ورهايل،
    باريڪ ذرن جو ائٽم ٺهيل.

    اليڪٽرانس ۽ پروٽانس وٽس،
    نيوٽرانس ۽ بوسان اٿس.

    ٻاهران ڦرنس ٿا اليڪٽرانس،
    اندر پروٽانس، نيوٽرانس.

    ”ڊيموقريطس“ نظريو ڏنو،
    ”آئن اسٽائن“ پوءِ ڪم ڪيو.

    هن مان ”ائٽم بم“ ٺهيو،
    شهرن کي جنهن ڀسم ڪيو.

    ”ناگاساڪي“ اجڙي ويو،
    ”هيروشيما“ پڄري ويو.

    ٻارو هجو توهان آگاهه،
    هن بم ڪيا شهر تباهه.


    MOTOR CYCLE –موٽرسائيڪل

    موٽرسائيڪل جڏهن هلي ٿي،
    منهنجي دلڙي تڏهن کلي ٿي.

    روڊ تي چڙهي ڊڪي ٿي،
    هيءَ ٻن ڦيٿن تي هلي ٿي.

    تيل سوا نه هلندي آهي،
    تيل کپي ته بيهندي آهي.

    هن جي ويڪري نرم آ سيٽ،
    ٻار چڙهن ته ڪن ٿا سيٽ.

    بابو چوي اڳيان تون ويھه،
    مونکي ڏسي جيئن سارو ڏيھه.

    ٽي ٽي ماڻهو چڙهن ٿا پيا،
    ڪرڻ کان نه ڊڄن ٿا پيا.

    ڦٽ ڦٽي هن کي چوندا آهن،
    اسڪوٽر به نالو ٻڌائن.


    WASHING MACHINE - واشنگ مشين

    چؤڪنڊي، گول، دٻي وانگر،
    هڪ وڏي کڏي وانگر.

    هن جي وچ ۾ ڦيٿو ڦري،
    گهر گهر ۾ گجگاٽ ڪري.

    ڪپڙا سوين ڌوئجن هن ۾،
    جلدي جلدي پل کن ۾.

    ٽائيم ڪري ٿئي جڏهن پورو،
    بند ڪري هي پنهنجو ڦيرو.

    بجلي بنا نه ڦرندي آهي،
    بجلي اچي ته هلندي آهي.

    واشنگ مشين به نعمت آهي،
    عورت جي لئه راحت آهي.

    ڪپڙا ڌوئي ڍيرئون ڍير،
    ڪڍي ڇڏي ٿي ساري مير.

    مشين کان ٻالڪ سبق سکو،
    متان من ۾ مير رکو.


    PLASMA – پلازما

    پلازما بابت ٻڌو ٻارو،
    هي به هڪ آ مادو سارو.

    آئيني حالت آ مادي جي.
    هن ۾ اليڪٽران، بجلي ڌاتوئي.

    ”پلازما“ جي ٿي ”ٽي وي“ ملي،
    ”ڪمپيوٽر“، ”ايل سي ڊي“ ملي.

    موبائل جي اسڪرين هن جي،
    آهي ڏاڍي وڏي ڪم جي.

    ذرڙا هن ۾ بار بنا ٿين،
    آئيني گئس سان تعلق رکن.

    سائنس ۾ اهميت رکي ٿو،
    مايو ۽ هڪ جاءِ وٺي ٿو.


    ROCKET - راڪيٽ

    چنڊ تي راڪيٽ، انسان ويو،
    دنيا کي جنهن حيران ڪيو.

    راڪيٽ جا ٿين ڪيئي قسمَ،
    خلا ۾ وڃن، ڪن وڏا ڪم.

    اڀ ۾ چڙهي ويا ماڻهو هن تي،
    تحقيق سيارن تي جيئن ٿي.

    راڪيٽ ڦٽاڪي جيان اٿي ٿو،
    ڌرتيءَ کان آسمان پڄي ٿو.

    سائنسدانن وڏو ڪم آ ڪيو،
    مريخ، مشتريءَ تي راڪيٽ ويو.

    راڪيٽ جي ”آزاد“ وسيلي،
    گرهن جا مليا فوٽو اسانکي.


    BLEACHING POWDER - بليچنگ پائوڊر

    ياد ڪرڻ ۾ ناهي اولو،
    ”بليچنگ پائوڊر“ فارمولو.

    ”بليچنگ پائوڊر“ جو آ ڪمال،
    ٺاهي شيون، ڪري مالا مال.

    جيوڙا، ڪيئي ماري ٿو،
    ناليون گٽر صاف ڪري ٿو.

    ڪپڙا ڌوئي داغ هٽائي،
    ڪپھه کي به صاف ڪرائي.

    ”تيزاب“ ٺهڻ م ڪم ڏئي ٿو،
    ”ڪلورين گئس“ ۾ ڪتب اچي ٿو.

    ”بليچ ڪريم“ ٺهي پئي هن مان،
    وڏا وڏا ڪم ٿين ٿا جنهن مان.


    چقمق MAGNET -

    هن ۾ ناهي ڪوئي شڪ،
    ”مئگنيٽ“ چئجي ٿو چقمق.

    ننڍين شين کي ڇڪي پاڻ،
    ڳري لوھ ڏي ڊڪي پاڻ.

    ڪشش اها چقمق جي،
    وڏي پاڻ کي ڪم اچي ٿي.

    پنهنجي هڪڙي طاقت اٿس،
    ڪاٽو واڌو قطب وٽس.

    ڌرتي به ڪشش رکي ٿي،
    چقمق وانگر ڇڪي ٿي.

    ڪارائتو آ، مقناطيس،
    برقي ڪرنٽ جو مقناطيس.


    RADIO- ريڊيو

    گيت ۽ گانا ٻڌائي ٿو،
    ريڊيو مونکي وندرائي ٿو.

    ٻارن لئه ٿا ڊراما هلن،
    خبرون توڙي چرچا هلن.

    لهرون فضا مان اچن،
    روشنيءَ جي رفتار پڄن.

    هن ۾ هڪڙي مشين آهي،
    لهرون، آواز ۾ جا بدلائي.

    پاسي ۾ لڳل ايريل آهي،
    ڇڪي آواز ٿي پهچائي.

    هن ۾ سيل پون ٿا چار،
    بجلي جي لڳل اٿس تار.

    ڪوڊ ۽ سگنل پهچن ٿا،
    پيغام به ”آزاد“ وڃن ٿا.


    BIO TECHNOLOGY-بايو ٽيڪنالاجي

    وڏي ڪم جي آهي بايو ٽيڪنالاجي،
    انسانن جي ساٿي بايو ٽيڪنالاجي.

    روزاني نمونن ۾ ڪم هيءَ اچي ٿي،
    شيون ٺاهي هڪدم ڏئي ٿي.

    مکڻ، ڌونئرو، پنير، ٺاهيون اسان،
    خوردبيني جاندارن جي مدد سان.

    آچار ۾ سرڪو ملائي وجھون ٿا،
    هن ٽيڪنالاجي جو، ڪمال ڏسون ٿا.

    فصل اپائڻ ۾ ڪم هيءَ ايندي آ،
    دوا جي ٺاهڻ ۾ مدد هيءَ ڪندي آ.

    ارڙي، پوليو ۽ ريبيز جا ٽڪا،
    هن جي ئي ساٿ سان ”آزاد“ ٺهيا.


    E،fan_ بجلي پکو

    وڻي ٿو مونکي ڏاڍو پيارو،
    بجلي پکو، ٽن پرن وارو.

    هوا ڏي ٿو بدن منهنجي کي،
    ڀَڄَائي گرمي سارو اونهارو.

    ڇت ۾ هلي ۽ ڀت ۾ هلي،
    گول ڦري ٽيبل تي هلي.

    اسپيڊ هن جي واهه جو وڻي ٿي،
    ڪپڙن کي اڏاري کڻي ٿي.

    ”ڊي سي“ هلن ڪي ”اي سي“ هلن،
    بجلي پکا هي ٿوري ڇڪن.

    دعا ڪريو ان کي ٻارو،
    پکو ٺاهيو جنهن بجلي وارو.


    هوائي جهازAeroplane

    ڌرتيءَ تان مان اٿان ٿو،
    ڪڪرن مٿان اڏران ٿو.

    تيز هلڻ ۾ ڪير پڄي؟
    ديس ديس مان وڃان ٿو.

    ماڳ وڃي پهچايان مسافر،
    جنگ، امن، ڪم اچان ٿو.

    ”رائيٽ برادران“ ٺاهيو مونکي،
    ايئرپورٽ، لهان چڙهان ٿو.

    ٻارن کي مان وڻندو آهيان،
    پکين جيان اڏران ٿو.

    مونکان واقف هرڪو آهي،
    هوائي جهاز مان سڏجان ٿو.


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1369199
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 405635
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ