ڪتاب جو نالو: اَڻ توريو اَگهائيو
مصنف: اويس ڀٽو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 307 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 82 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اڻ توريو اگھايو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت بحيثيت مُعلم ۽ انسان دوست مُنتظم ۽ تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ طور سندس ارپيل خدمتن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ اويس ڀٽو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب نمبر 101
  • سنڌسلامت پاران
  • محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مَن جي ڊيسڪ تان
  • منهنجي پاران
  • استاد ارشاد احمد ڀٽو جي مانَ ۾ ڏنل الوداعي تقريب
  • باب پهريون

  • استاد جي اهميت بابت عظيم ماڻهن جون عظيم ڳالهيون
  • باب ٻيو

  • مبارڪپور شهر ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تاريخ
  • باب ٽيون: آفيسرن پاران

  • سُٺو استاد، ڀَلو مُنتظم ۽ پيارو دوست
  • هڪ استاد، جنهن کي آءُ بهترين نائب جي حيثيت ۾ ڏٺو
  • پنهنجي ڊيوٽيءَ سان نِڀاءُ ڪندڙ
  • انسانيت جون سڀئي گُهرجون پوريون ڪندڙ
  • باب چوٿون: ڪليگس (گڏ ڪم ڪندڙن) پاران

  • A Sincere, Loyal & Dutiful Teacher
  • استادن ۽ شاگردن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائيندڙ
  • هر هڪ بالا آفيسر جي واتان واهه واهه جا نڪرندڙ لفظَ
  • پنهنجي سموري اسٽاف کي گڏ کڻي هلندڙ
  • ڊيوٽيءَ کي عبادت سمجھندڙ بهترين استاد
  • هڪ استاد، منهنجو هيڊماستر منهنجو آئيڊيل
  • چيڪ اينڊ بئلينس رکندڙ منتظم
  • ٽائيم کان اڳ اسڪول ۾ ايندڙ استاد
  • باب پنجون دوستن پاران

  • A Loving Father, Great Mentor & Trustworthy Friend
  • علم ۽ روشنيءَ جو علمبردار
  • دل گُهريو دوست ۽ احترام لائق اُستاد
  • زندگيءَ جي نيڪ عمل کي سڦلتا جو رُوپ ڏيندڙ
  • سوچ ۽ لوچ وارو باضمير ۽ باڪردار انسان
  • قولَ جو پڪو ۽ سچ جو ساٿاري
  • اعليٰ تعليمي معيار ۽ بهتر انتظامي روايتن جو پاسدار
  • استاد ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ هڪ مثالي استاد جون ڪيل خدمتون
  • محنت، صبر ۽ عاجزي اختيار ڪندڙ
  • اسان به اهڙي نقشِ قدم تي هلون
  • پڙهائڻ ۾ ڪابه ڪَسر نه ڇڏيندڙ استاد
  • عقل، تدبر ۽ باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺندڙ اُستاد
  • محنتي ۽ همدرد دوست
  • باب ڇهون واقفڪار سڄڻن پاران

  • کِيرَ ۾ کنڊُ جهڙو مٺڙو معلم
  • ”اُستاد“ لفظ جي مفهوم تي، پورو لهندڙ استاد
  • مثالي اسڪول جو مثالي استاد
  • تعليم جو ٻيڙو تاريندڙ اُستاد
  • ماٺيڻي مزاج اُستاد جو، ڪامياب تعليمي سفر
  • کَرڪَڻا لاهي، سُکِ نه سُتا ڪڏهن
  • نئين سج نوان تجربا ۽ حقيقي نواڻ سان ڀرپور استاد
  • باب ستون شاگردن پاران

  • هڪ بهترين استاد ۽ سٺو انسان
  • تعليم جي بهار سان چمن کي معطر ڪندڙ....
  • هِيرن جوهارُ
  • ڏونگر جنين ڏوريا...
  • محبتن جو سفير استاد
  • ٻهڪندڙ چهرو رکندڙ استاد
  • شاگردن لاءِ مضبوط تعليمي بنياد رکندڙ استاد
  • سڀني شاگردن کي هڪ اک سان ڏسندڙ اُستاد
  • ڪي ڪي جِيءَ جيارا ماڻهو....
  • پڙهائيءَ ۽ سچائيءَ ۾ وڏي هاڪَ رکندڙ اُستاد
  • اُستاد جو مانُ ۽ اُستاد ارشاد احمد
  • بيشمار خوبين سان مالامال استاد
  • تاريخ ساز شخصيت جون تاريخي خدمتون
  • باب اٺون اولاد پاران

  • هڪ حقيقي مُربي، منهنجو بابا سائين
  • بابا، هڪ سَچو سُورمو...
  • منهنجو پيارو پيءُ ۽ منهنجون شرارتون
  • MY FATHER, MY MENTOR

  • ڪتاب نمبر 101

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: اَڻ توريو اگهائيو
    موضوع/صنف: سوانحي ادب
    سهيڙيندڙ: اويس ڀٽو
    ڇاپو پهريون: جنوري 2018ع
    ڪمپوزنگ: دانش ٻٻر ڪمپوزرس، حيدرآباد
    لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250 روپيا

    Ann Torio Aghaayo
    (Compilation)
    By: Awais Bhutto
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966





    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌسلامت پاران

    توريو اگھايو“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت بحيثيت مُعلم ۽ انسان دوست مُنتظم ۽ تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ طور سندس ارپيل خدمتن تي لکيل مضمونن جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ اويس ڀٽو آهي.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون اويس ڀٽو صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،

    محبت پائي من ۾، رنڍا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اَگهائيو.
    (شاهه لطيف رحه)


    ارپنا

    آءٌ پنهنجو هِي ڪتاب ٻاٽ اونداهيءَ ۾ علم جي لاٽَ روشن ڪندڙ هر انهيءَ شخصيت کي ارپيان ٿو، جنهن هڙان وڙان ان عظيم ڪم ۾ پنهنجي هڙئي زندگي ڏني.
    ۽ پڻ تعليم کاتي ۾ هڪ استاد يا منتظم طور چاهه ۽ گهري لڳاءَ سان فرض شناسيءَ کي سمجهندي پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني آهي.
    تعليم جا اهي پيروڪارَ پنهنجي انهيءَ ڪِرت کان ڪو نه مُڙيا.


    _ اويس ڀٽو


    اداري پاران

    ڪنهن به قوم ۾ ارتقا ۽ شعور جي اسرڻ ۽ نسرڻ ۾ والدين سميت خاص طور استاد جي ڪردار کي ڪنهن به طرح نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، اهوئي سبب آهي جو استاد کي پيغمبري پيشي طور تصور ڪيو وڃي ٿو، جيڪو ٻارڙن جي ذهني اوسر ۽ قومي ترقي لاءِ پاڻ پتوڙڻ جي جذبي سان سرشار ٿي پنهنجي فرض کي عين عبادت سمجهي ٿو. خاص طور سنڌ ۾ پٺتي پيل علائقن ۾ علم جو ڏيئو روشن ڪندڙ استادن جي خدمت کي عقيدت جي نگاهه سان ڏسڻ ۽ خراج پيش ڪرڻ کان عار محسوس نه ڪرڻ گهرجي، اهڙي ئي هڪ علائقي مبارڪپور سان واڳيل عظيم ڪردار استاد ارشاد احمد ڀٽو جون تعليمي خدمتون پڻ قابل داد ۽ فخر جهڙيون ان ڪري به آهن جو سائين جن مڙني دنياوي خواهشن کي پرڀرو رکي پنهنجي سموري زندگي تعليمي خدمتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي. استاد ارشاد احمد ڀٽو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ آڌار نه فقط ٻارڙن جي ذهنن ۾ شعور جي جوت جلائي پر پنهنجي آس پاس رهندڙ ماڻهن ۾ تعليم جي اهميت ۽ افاديت کان روشانس ڪرائڻ جي جستجو ۾ پڻ هميشه مگن رهيو.
    سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو جي علمي ۽ ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ سندس نوجوان فرزند ارجمند اويس ڀٽو، جيڪو پاڻ پڻ هڪ بهترين ليکڪ ۽ شاعر طور مڃتا ماڻي چڪو آهي، ” اڻ توريو اگهائيو“ جي عنوان هيٺ ڪتاب ترتيب ڏئي جيڪا ڀيٽا پيش ڪئي آهي، سا قابل تحسين ۽ واکاڻ جوڳو قدم آهي، توڙي جو اسان جي معاشري اندر اهڙا ڪردار اڪثر وقت جي دز ۾ دٻجي گم ٿي ويندا آهن، پر اويس ڀٽو هن ڪاوش کي وڌيڪ قدر جي نگاهه سان ان ڪري به ڏٺو ويندو جو هن نه فقط پنهنجي والد سان بي انتها محبت ۽ انسيت جو ڀرپور ثبوت پيش ڪيو آهي، پر سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو جي شخصيت ۽ خدمتن کي سندس همعصر شخصيتن جي نظر ۾ پيش ڪري اسان آڏو اهڙو آئينو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو سان سڌي يا اڻ سڌي طرح محبت، عقيدت ۽ احترام جو جذبو وڌيڪ پختو ٿيڻ لڳي ٿو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد
    0300-3513966


    مَن جي ڊيسڪ تان

    انسانيت ۽ ماڻهپي جي درجي تي حقيقي رسائي
    تعليم لاءِ هونئن ته هَزارين قول ۽ ڳڻ ڳوت جهڙيون ڳالهيون چيل آهن، پر سڀ کان سُٺو قول جيڪو هر وات جو ٻهڪندڙ ٻول آهي، سو اهو آهي ته “اوهان ڪنهن قوم کي جي ڪيرائڻ چاهيو ٿا ته سندن تعليم کي تباهه ڪريو، اُها پاڻ هُرتو تباهه ٿي ويندي”.
    سنڌ ۾ اَڪيچار تعليمدانَ تعليم جي وڏي واڪي خير خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان هر هنڌ پرچار ڪرڻ وارا ٿي گذريا آهن، اڻ ڳڻيا اڃا تائين انهيءَ جوت کي جلايو ويٺا آهن، انهن پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري واهه جو نڀايو آهي، انهن معاشري منجھان جيڪا مڃتا ماڻي آهي، سا ساراهه جوڳي آهي، اهڙين خدمتن عيوض قوم جو ڳاٽ اُوچو ٿئي ٿو ۽ ان قوم بنا ڪنهن ڊَپ ڊاءَ جي اهڙن عظيم انسانن تي هميشه فخر ڪيو آهي.
    منهنجي نظر ۾ تعليم جي تبليغ ماڻهوءَ جي مِڙني چڱن ڪمن کان مٿانهين حيثيت جي حامل آهي. جيڪڏهن اوهان ۽ اسان ههڙين مانَ ڀرين شخصيتن کي داد لاتعداد ۽ زبردست خراج تحسين نه ڏينداسين، ته اسين انسانيت ۽ ماڻهپي واري درجي تي نه ته رَسي سگهنداسين نه وري اسان کي ان ڏوهه کان سؤلو ڪنڌ ڪڍائڻو پوندو.
    تاريخ جا ورق اُٿلائڻ سان اها پروڙ پوي ٿي ته اهڙن عظيم ۽ تاريخ ساز انسانن کي اُتان جي قوم هڪ ته سندن قدآور شخصيت طور مڃيو ۽ ٻيو ته انهن کين اهڙو خراج پيش ڪيو آهي، جو ايندڙ نسلن تائين اُهي پنهنجي جوڳي جاءِ ٺاهيندا ايندا.
    آءٌ چاهيان ٿو ته اسان جي آسپاس، ڳوٺ يا معاشري ۾ جيڪي اهڙا ڪردار آهن، انهن کي سندن خدمتن جي مڃتا ڏجي ۽ سندن شخصيت کي تاريخ ۾ محفوظ ڪجي تان ته ايندڙ نسل سندن خدمتن، ڪاوشن ۽ ڪارنامن مان سبق پرائي اهڙا ڳُڻَ پاڻ ۾ پسڻ لڳن، اهڙي ڪردار جا موتي پنهنجي زندگيءَ واريءَ لڙيءَ ۾ پوئين.
    انهيءَ خيال خاطر آءٌ پنهنجي والد محترم جناب ارشاد احمد ڀٽو صاحب جن جي تعليمي خدمتن، ڪاوشن کي سندن رٽائيرمينٽ کان پوءِ هڪ ڪتاب جي صورت ۾ سهيڙڻ چاهيو ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ سندن شخصيت، ڪم، ڪردار ۽ خدمتن تي جن به مانَ وارن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي هن ڪتاب کي سنوارڻ لاءِ پنهنجا ليک لکي ڏنا آهن، ۽ ساڻس گهاريل گهڙيون وَنڊُ ڪيون، آءٌ انهن سڀني مهربان سڄڻن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
    آخر ۾ اُميد اٿم ته هِي ڪتاب سنڌ جي کاهوڙي استادن جي ڪيل تعليمي خدمتن عيوض جيڪو کين خراج پيش ڪيو ويو آهي، انهيءَ سِٽاءُ ۾ جڳهه جوڙيندو ۽ سنڌي ادب جي شخصيتون/خاڪا نويسي واري صنف ۾ سڦل ماڻي پنهنجي جوڳي جاءِ ٺاهيندو.


    اويس ڀٽو
    سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
    04 آگسٽ 2017ع

    ڳوٺ مبارڪپور، تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد
    3822678-0343
    awaisbhutto3@gmail.com


    منهنجي پاران

    چڱائيءَ جو بدلو چڱائي آهي
    الله تعاليٰ جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلّم جن فرمايو آهي ته: ”الله تعاليٰ ان ماڻهوءَ سان گڏ هوندو آهي، جيڪو ثابت قدم آهي“.
    دنيا جي زندگيءَ ۾ ماڻهو مختلف شعبن سان واڳيل آهن. اهي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ ۾ سڀ کان نمايان اَچڻ واري ويچار ۾ وڪوڙيل نظر ايندا آهن پر ظاهر آهي ته ڪارڪردگي پنهنجي ڪِرت ۾ ڪمال آڻڻ کان پوءِ ئي ممڪن آهي.
    استاد، انجنيئر، ڊاڪٽر، واڍو، موچي، لوهار، هاري، حجم، ڪنڀار، سپاهي، مطلب ته هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهو اسان جي سماج ۾ پنهنجي ڪم سان سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ ۾ وڌيڪ سڃاتو ويندو آهي، باقي نالي جو هر ڪوئي ڊاڪٽر، استاد ۽ انجنيئر ٿئي ٿو.
    مٿي ذڪر ڪيل شعبن منجھان سماج ۾ “استاد” يا معلمي وارو شعبو مڙني کان معزز ۽ مٿانهون سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ شعبي کي ”پيغمبري پيشو“ پڻ پڪارجي ٿو.
    الله تعاليٰ جا اڻ ڳڻيا احسان آهن، جنهن مون ناچيز کي به انهيءَ مقدس پيشي سان نوازيو، جو آءٌ پاڻ کي ان حوالي سان ڀاڳوند ڀانيان ٿو.
    اهو 17 اپريل 1982ع جو زمانو هو، جڏهن گورنمينٽ پرائمري اسڪول دين محمّد بروهي ۾ مون نوڪريءَ جي شروعات ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ماحول تمام سُٺو هو، ان وقت جا سپروائيزر، تعلقي آفيسر هفتي، پندرنهين ڏينهن وزٽ ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو استاد غير حاضر هوندو هو ته ان خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هئي. ان دؤر ۾ مسجد اسڪول به هئا، هڪڙو ڊسٽرڪٽ آفيسر پوري ضلعي جي اسڪولن جي وزٽ پڻ ڪندو هو. اهي سڀئي آفيسر استادن جي حاضريءَ کي يقيني بنائڻ لاءِ استادن کي قلم جي مارَ ڏيڻ کان به نه ڪترائيندا هئا.
    منهنجي بدلي جڏهن ڳوٺ سچل ڪَٽي تعلقي ٺُل ۾ ٿي، تڏهن به ساڳيو ماحول هو. پڙهائي به تمام گهڻي سخت هئي. بالا آفيسرن جي سختي به ڏسڻ وٽان هوندي هئي.
    1985-05-25 تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ جڏهن بدلي ٿي، تڏهوڪن هيڊماسترن ۾ استاد محمّد پناهه ڀٽو صاحب تمام فرض شناس استاد ۽ منتظم، انهن مان هڪ هو. هر استاد کان ڊيوٽي تمام سختيءَ سان وٺندو هو. پڙهائيءَ جي چڱي نموني چڪاس ڪندو هو. ڪنهن به استاد کي ريزڪي موڪل ڏيڻ کان سواءِ ائين ڪونه ڇڏيندو هو.
    مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته جڏهن به ڪو استاد ڪلاس ۾ نه هوندو هو يا رسيس دؤران ڪيڏانهن هليو ويندو هو ۽ رسيس بند ٿيڻ کان پوءِ واپس اچڻ ۾ دير ڪندو هو، ته سائين محمد پناهه ان جي ڪلاسَ ۾ اچي پاڻ ويهي رهندو هو، ٻارن کي پڙهائيندو هو، جيستائين اُهو استاد پنهنجي ڪلاسَ ۾ اچي. هڪ ڏينهن مون کي ڪنهن ڪم سانگي رسيس کان پوءِ واپس اچڻ ۾ ٿوري دير ٿي وئي، استاد محمّد پناهه پاڻ هُرتو ڪلاس ۾ ويٺل نظر آيو. آءٌ جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيس، هُن مون کي هڪ لفظ به نه چَيو ۽ ماٺِ ڪري هَليو ويو. سندس انهيءَ خاموشيءَ ڄڻ ته مون کي سڀ ڪجھه چئي ڇڏيو ۽ سيکاري ڇڏيو. اُهو ڏينهن اهو شينهن، مان وَري ڪڏهن به رسيس کان پوءِ ڪلاسَ ۾ دير سان نه پهتس.
    ان کان پوءِ استاد حاجي سردار خان ڀٽو صاحب به هيڊماستر رهيو، جيڪو پڻ سختي ۽ پابنديءَ جي حوالي سان هڪ فرض شناس استاد ۽ منتظم ثابت ٿيو.
    تنهن کان پوءِ استاد نواب علي مَهر صاحب هيڊماستر مقرر ٿيو. سائين جن به پنهنجي روايت کي جاري رکيو. مطلب ته سختيءَ ۽ پابنديءَ ۾ هن به ڪا ڪَسر ڪو نه ڇڏي. ان کان پوءِ استاد محمّد انور مَهر مقرر ٿيو. جيڪو ٿوري وقت کان پوءِ هليو ويو.
    استاد محمّد انور مهر کان پوءِ آءٌ هِن اسڪول جو هيڊماستر مُقرر ٿيس. اهو 1999ع جو زمانو هُيو. پر ان ڳالهه کان آءٌ بحيثيت استاد جي دِلي لڳاءَ ۽ جذبي سان پڙهائيندو رهيس.
    مون پنهنجي معلمي سفر دؤران پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون درجو گهڻي کان گهڻو عرصو پڙهايو. لڳ ڀڳ 12 سال، مسلسل پهريون ڪلاس پڙهايو. يقينن اهو ڪلاس ٻارن جو بنيادي ڪلاس آهي. ان ڪلاسَ ۾ هر سال مون اهڙي ته دِل سان محنت ڪئي جو ڪيترائي شاگرد سالياني امتحان ۾ سُٺا نمبر کڻي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ٿي آيا.
    اسان جا هيڊماستر صاحبان مٿيان ڪلاس به ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيندا هُئا. مٿين ڪلاسن کي سينيئر استادن ٿي پڙهايو.
    مختلف اسڪولن ۾ پڙهائڻ دؤران، مِينهن هجي چاهي جُهڙ، وقت تي اسڪول پهچندا هئاسين. اڪثر اسڪول ٻهراڙيءَ ۾ پري هئڻ ڪري ميلن جا ميل ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهن وري سائيڪل تي وڃڻو پوندو هو پر ڪڏهن به پنهنجي ڊيوٽيءَ کان لاپرواهي نه ڪئي.
    ڪلاس پهرين کان پوءِ ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون دَرجو سينارٽي جي بنياد تي پڙهايو.
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي تاريخ ۾ گهڻو وقت هيڊماستر رهندڙ آءٌ ئي هيس. انتظامي ذميداريءَ وارن ڏينهن ۾ منهنجي مٿان تمام وڏيون ذميواريون هُيون، هر قسم جي حالتن کي ثابت قدميءَ سان منهن ڏنم. اسڪول جي پڙهائيءَ کان وٺي، استادن جي سختيءَ تائين، اسڪول جي فنڊن کان وٺي، اسڪول جي مرمت تائين پنهنجي نيڪ نيتي ۽ سچائيءَ جو مظاهرو ڪيم. اسڪول جو فرنيچر، ڪلاسن جي مرمت، وقت بوقت گهُرج آهر اسڪول جي فنڊن مان پوري ٿي ڪيم. فنڊن جي استعمال جو باقاعده رڪارڊ رکيم.
    هيڊماستريءَ جي ايامن ۾ ڪجھه استادن جي لاپرواهي کي مون ڪڏهن به برداشت نه ڪيو. استادن جي غير حاضريءَ کي ٻُنجو ڏيڻ جي لاءِ مون آفيسرن کي اعتماد ۾ وٺي، انهن لاءِ جوڳا قدم کنيا. هفتيوار سرڪيولر ڪڍي، استادن کي پابند بڻايم. استادن جي حاضريءَ ۾ جڏهن گهٽتائي ڏٺم ته کين حاضريءَ جي رجسٽر تي صبح جو صحيح (سگنيچر) نه ڪرڻ ڏنم، بلڪه موڪل مَهل 1- بجي کانئن سگنيچر ٿي ڪرايم. آفيسرن منهنجي انهيءَ عمل کي ساراهيو ۽ مون کي انتظامي معاملن ۾ سپورٽ ڪئي.
    صبح جو روزانو اسيمبليءَ دؤران شاگردن جي پڻ درجيوار حاضري ورتي. جيڪي شاگرد غير حاضر هُئا، تن جي والدين سان ميٽنگ ڪري کين حاضر رهڻ لاءِ هدايتون ڪيون. ائين ٻارن جي حاضريءَ ۾ بهتري اچي وئي.
    پڙهائي جو پڻ چيڪ ۽ بئلينس رکيم. استادن کي ان ڳالهه جو پڻ پابند بڻايم ته هُو ٻارن کي ساليانو ڪورس مڪمل ڪرائين ۽ هفتي يا مهيني ۾ ٻارن جي ڪلاس ٽيسٽ پڻ وٺن.
    تن ڏينهن ۾ ڳوٺ واسين جو سهڪار به ساراهه جوڳو هو، جو هُو اسان سان هَر سهڪارُ ڪندا هئا. ٻارن کي داخل ڪرائڻ، پابنديءَ سان ٻارن کي اسڪول موڪلڻ، پڙهائيءَ جي پُڇا ڳاڇا ڪرڻ جَهڙي ساٿ سهڪار اسڪول ۾ بهتريءَ واري خيال کي هٿِي ٿي ڏني.
    نائب قاصدن ۽ چوڪيدارن کي پڻ پنهنجي ڊيوٽي سچائيءَ سان ڪرڻ لاءِ پابند بڻايم. اسڪول جي صفائي سٿرائيءَ جو هر وقت اُلڪو ۽ اُونو ٿي رهيو. اسڪول ۾ گل ٻوٽا پوکڻ ۽ وري انهن جي سارَ لهڻ منهنجو مشغلو ٿي رهيو، يقيناً گل ٻوٽن سان اسڪول جي سونهن ٻيڻي بڻجي وئي.
    آءٌ هڪ پرائمري استاد ٿي، پنهنجي ٻچن کي پڙهايم، هٿ تنگ هئڻ جي باوجود سندن تعليم واري عمل کي بند نه ڪيم. الاهي ساريون تڪليفون آيون پر صبر سان سَٺم ۽ هڪ والد جي ذميواري تحت پنهنجو فرض پورو ڪيم. الله تعاليٰ جا ڪروڙين احسان آهن، جو اڄ منهنجا پُٽ مختلف کاتن ۾ آفيسر آهن. بحيثيت پرائمري ٽيچر جي منهنجي پُٽن کي سرڪاري نوڪريون هجڻ، منهنجي لاءِ ڪنهن وڏي اعزاز کان گهٽ ناهي. پر سچ اهو ته آءٌ ٻين جي ٻارن کي پڙهايو، تڏهن منهنجا به ٻار پڙهيا. اهو قدرت جو قانون آهي، ته توهان ٻين سان چڱائي ڪندؤ ته اوهان سان به چڱائي ٿيندي. يقينن جيڪڏهن مان پنهنجي فرض ۾ ٿوري به ڪوتاهي ڪيان ها ته اڄ صورتحال ڪجھه مختلف هجي ها. انهيءَ ڪري منهنجي سڀني استادن کي وينتي آهي ته هُو پنهنجي ڊيوٽيءَ ۾ سچائيءَ جو مظاهرو ڪن ۽ نتيجي ۾ انهن سان به چڱائيءَ جو معاملو ٿيندو. ڇو ته الله تعاليٰ وٽ انصاف آهي.
    آخر ۾ مان پنهنجي پُٽن خاص ڪري اويس ڀُٽو کي جَسُ ڏيندس ته هُن الله تعاليٰ پاران ڏنل پنهنجي ذهانت جي آڌار تي محنت ڪري منهنجي تعليمي سفر ۽ ڪيل خدمتن تي ڪتاب آڻڻ جي همت ڪئي.
    الله تعاليٰ کين عزت ۽ وڏي ڄَمار عطا ڪري (آمين).
    ۽ پڻ سڀني گهڻ گُهرن جو ٿورائتو آهيان، جن مون لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي، پنهنجا ويچار لکي ڏنا، جو هي ڪتاب اڄ سندن ارپيل موتين سان مالها جو دلڪش روپ بڻجي آڏو آيو آهي.

    مهرباني




    اوهان سڀني جو:

    استاد ارشاد احمد ڀٽو
    هيڊماستر (ريٽائرڊ)
    گورنمينٽ (مين) بوائز پرائمري
    اسڪول مبارڪپور
    تعلقو، ٺل ضلع جيڪب آباد
    2017-07-20


    استاد ارشاد احمد ڀٽو جي مانَ ۾ ڏنل الوداعي تقريب

    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي استاد ساٿين ۽ ٻين دوستن پاران استاد ارشاد احمد ڀٽو جي الوداعي تقريب 04 مارچ 2017ع بروز ڇنڇر تي ٿي گذري.
    هِن تقريب کي سُهڻو سِٽاءُ ڏنو ويو. پروگرام جي ڪارروائي جناب استاد رشيد احمد ڀٽو هلائي. سڀ کان پهريائين قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي. بعد ۾ اُستاد رشيد احمد، محفل جي مور استاد ارشاد احمد کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائڻ جو چيو.
    تنهن کان پوءِ گڏجاڻيءَ ۾ موجود سينيئر استادن کي ٻه لفظ ڳالهائڻ لاءِ استاد رشيد احمد عرض رکيو.
    تن مان رٽائرڊ هيڊ ماستر استاد نواب علي مهر صاحب ڳالهائيندي چيو ته ”مبارڪپور اسڪول جي اها تاريخ آهي ته اُهو سڀ کان اڳرو رهيو آهي. مبارڪپور اسڪول جو هر استاد ايئن سمجهندو آهي ته آءٌ اسڪول جو گهرڀاتي آهيان. استاد ارشاد احمد تمام گهڻي محنت ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي.“
    استاد عبدالرسول مهر ڳالهائيندي چيو ته ”سينيئر استادن تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، اسان کي گهرجي ته اسان به انهن جي نقشِ قدم تي هلون.“
    ان کان پوءِ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور جي هيڊ ماستر استاد رفيق احمد آرائين چيو ”سائين جن خير سان پنهنجو ٽائيم پورو ڪيو آهي. ان سڄي وقت ۾ هُنن وڏي محنت کان ڪم ورتو آهي.“
    بعد ۾ پرائمري اسڪولز جي سپروائيزر استاد شمس الدين مهر ڳالهائيندي چيو ته ”اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، جو اسان کي هن تقريب ۾ گُهرايو ويو آهي. استاد ارشاد احمد نهايت ئي پنهنجي ڊيوٽيءَ جو پابند هو.“
    ان کان پوءِ استاد ارشاد احمد متعلق استاد زيد احمد ڀٽو ڳالهائيندي چيو ”اسان کي خوشي آهي ته سائين جن پنهنجي سروس جو ٽائيم خير خوبيءَ سان گذاريو آهي، ڏک اهو آهي ته اڄ اسين اهڙن کاهوڙي ۽ سُٺن استادن کان محروم ٿي رهيا آهيون.“
    انهيءَ تقريب ۾ سينيئر رٽائرڊ استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. استاد الهداد ڀٽو، استاد زبير علي ڀٽو، اُستاد حافظ طارق ڀٽو، استاد محمد علي ڀٽو جن خاص مهمان طور پڻ شريڪ هئا. ان کانپوءِ مانجهاندو ڪيو ويو.
    ياد رهي ته اها تقريب ٻن رٽائرڊ ٿيندڙ سينيئر استادن، استاد ارشاد احمد ڀٽو ۽ استاد محمد انور مهر جن جي گڏيل طور تي الوداعي تقريب هئي. جنهن ۾ قدردانن کين زبردست خراج پيش ڪيو.


    باب پهريون

    استاد جي اهميت بابت عظيم ماڻهن جون عظيم ڳالهيون

    1. مشهور فاتح سِڪندر هڪ دفعي پنهنجي استاد ارسطو سان گڏ گهاٽي ٻيلي مان گذري رهيو هو، رستي ۾ هڪ وڏي برساتي نالِي هئي. اها مِينهن جي ڪري ننڍڙي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري وئي هئي.
    استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ اهو بحث ڇِڙيو ته ان خطرناڪ نالِي مان پهريون ڪير ٽپندو؟ سڪندر اَڙِي وجهيو ويٺو هو ته اڳ ۾ آءٌ ويندس. آخر ارسطو انهيءَ جي ڳالهه مڃي. پهريان سڪندر انهيءَ نالِيءَ مان ٽپي پار پيو، پوءِ ارسطو ٽپي پار ڪندي سڪندر کان پڇيو ته ”ڇا تُون اڳ ۾ نالِي ٽپندي منهنجي بي عزتي نه ڪئي؟“
    سڪندر جواب ڏنو ”نه استاد محترم! مُون پنهنجو فرض ادا ڪيو آهي. ارسطو رهندو ته هزارين سڪندر تيار ٿي سگهن ٿا پر سڪندر هڪ به ارسطو تيار نه ٿو ڪري سگهي.“
    2. اردو ادب جو مشهور ليکڪ اشفاق احمد پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب”زاويه“۾ لکي ٿو ته”روم (اٽلي) ۾ منهنجو ٽرئفڪ چالان ٿيو. مصروفيت جي ڪري فيس ٽائيم تي ادا نه ڪري سگهيس. نيٺ ڪورٽ ڏانهن وٺي ويا. جج جي سامهون پيش ٿيم ته ان مون کان ڪارڻ پڇيو. مون چيو استاد آهيان، مصروف ايترو رهيم جو وقت ئي نه مليو. ان کان اڳ جو آءٌ پنهنجي ڳالهه پوري ڪريان، جج چيو : “A Teacher is in the court”???، پوءِ ته سڀ ماڻهو ٽپ ڏيئي اٿي بيٺا ۽ مون کان معافي وٺندي چالان ختم ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن آءٌ ان قوم جي ترقيءَ جو راز ڄاڻي ورتو.“
    3. علامه اقبالؓ ”شمس العلماء“ جي لقب لاءِ پاڻ بجاءِ پنهنجي استاد مير حسن جو نالو پيش ڪيو. ڪاميٽيءَ جي ميمبرن کانئس پڇيو ته ”تنهنجي اُستاد ڪيترا ڪتاب لکيا آهن؟“
    علامه اقبال جواب ڏنو ”آءٌ جو، ان جو جيئرو جاڳندو ڪتاب آهيان“! اهو ٻڌي سڀئي ميمبر حيرتن جي حوالي ٿي ويا.
    4. هڪ دفعي خليفي هارون رشيد ڏٺو ته سندس پٽ استاد جي پيرن مٿان پاڻي هاري رهيو هو. هارون رشيد اهو ڏسي ڪاوڙ ۾ وٺجي ويو ۽ پنهنجي پٽ جي ڇَنڊ پٽيائين. استاد کيس چيو ”نماز جو وقت ٿي ويو هو، ان ڪري آءٌ توهان جي شهزادي کي تڪليف ڏني. خليفي هارون رشيد چيو ”مون کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ آهي ته منهنجي پُٽ جو هڪ هٿ خالي آهي ته پوءِ هُو ان سان توهان جا پيرَ ڇو نه ٿو ڌوئي؟!“
    5. علم جي محبت ۽ استاد جي عزت کان سواءِ ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. (حضرت عليڪرم اللّٰه وجهه(
    6. هڪ لفظ سيکارڻ وارو به منهنجو استاد آهي (حضرت علي ڪرم اللّٰه وجهه(
    7. جيڪڏهن منهنجو استاد نه هجي ها ته مان پنهنجي رب کي به سڃاڻي نه سگهان ها. (عربي چوڻي)
    8. اها علميت، جيڪا محض معلومات ياد رکڻ جو نالو هجي، اها ڪنهن کي استاد بڻجي وڃڻ جي لائق نٿي بڻائي سگهي. (ڪنفيوشس)
    9. هڪ معمولي درجي جو استاد فقط ٻڌائيندو آهي، هڪ سٺو استاد سمجهائيندو آهي، اعليٰ درجي جو استاد عظيم مقصد ڏانهن مائل ڪندو آهي، پر هڪ عظيم استاد، دلين ۾ اثر پيدا ڪري ڇڏيندو آهي. (وليم ارٿر وارڊ)
    10. هڪ سٺو شاگرد ان کي چوندا آهن، جنهن ۾ علم جي طلب هجي، اگر شاگرد ۾ علم جي طلب ناهي ته استاد ڪيڏو به سٺو ڇو نه هجي، توهان کي ڪجهه به ڏيئي نٿو سگهي. (ماهر تعليم)
    11. هڪ سٺو استاد اهو آهي جو، چڱي ريت سمجهائي ۽ نه بغير دليلن ۽ ثبوتن جي پنهنجي ڳالهه مڃرائي، هو پنهنجي ٻڌندڙ جي دل ۾ اهو روح ڦوڪي جيئن هو خودبخود سکڻ جي خواهش ڏيکاري. (ائڊورڊ رابرٽ بلور)
    12. پڙهائڻ ۽ پاڻ کي استاد سڏائڻ ۾ سؤ بوتلن جو نشو آهي، اهو بادشاهيءَ ۾ هجي ته هجي، باقي دنيا جو هر مزو ان جي اڳيان هيچ آهي، انهيءَ لاءِ ته شاهجهان پنهنجي قيد واري دور ۾ صرف اها خواهش ڪئي هئي ته کيس ٻارن پڙهائڻ جي اجازت ڏني وڃي جا رد ڪئي ويئي. (مستاق يوسفي)
    13. هڪ سٺو اسڪول ٽيچر هزار پادرين کان بهتر آهي. (رابرٽ انجر سول)
    14. ماستريءَ جو پيشو، ڪيترن مجبوريءَ سبب قبول ڪيو آهي، ته ڪيترن تي مڙهيو ويو آهي، مگر اعليٰ مقصد خاطر ڪن ٿورن اختيار ڪيو آهي، جن اهو پيغمبري پيشو سمجهي نڀايو آهي. (سيد محمد عالم شاهه، ماهر تعليم)
    15. جنهن شخص مون کي هڪڙي حرف جي به تعليم ڏني، ان مون کي پنهنجو غلام بڻائي ڇڏيو. (خليل جبران)
    16. جيڪو شخص پنهنجي نفس جو استاد بڻجي نٿو سگهي، اهو ٻين جو استاد ڪيئن بڻجي سگهي ٿو؟ (حضرت عبدالقادر جيلانيرح)
    17. دنيا ۾ هر ڪنهن جي خواهش هوندي آهي ته هو ٻين کان اڳتي وڌي وڃي، پر هڪ استاد ۽ ٻيو والد، اهي ٻيئِي چاهيندا آهن ته هن جو شاگرد يا پٽ هن کان وڌيڪ ترقي ڪري. (جميل يوسف)
    19. بحث مباحثو ڪريو، سوال پڇو، انهن جا جواب ڏيو، سمجهه ۾ نه اچن ته وري دهرايو، تان ته مسئلي جا سارا نڪتا راز ۾ نه رهن، بلڪه کلي ظاهر ٿي پون. (سقراط)
    19. ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪريو ته ڏاهپ جي علم جا استاد، ذاتي طور چڱا آهن يا مٺا، اوهان فقط سندن فلسفي بابت سوچيو. (سقراط)
    20. جيڪڏهن توهان ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪجهه پڙهائڻ جي ڪوشش ڪندؤ ته هو ڪجهه سکي نه سگهندو ڇو ته سکڻ جو واسطو عمل سان آهي، اسين جڏهن ڪجهه ڪندا آهيون ته پوءِ ئي سکندا آهيون. (برنارڊشا)
    21. تعليم جو مطلب انهيءَ کان گهڻو بلند آهي ته ٻار کي حقيقتن سان ڀريو وڃي، ليڪن ان جي شروعات سوالن پڇڻ سان هجي. (ڊي ٽي مئڪس)
    22. اڄوڪا شاگرد ان منهن زور گهوڙي وانگر آهن جي نه والدين جي قابو ۾ ٿا اچن ۽ نه استاد جي پڪڙ ۾، اُهي پنهنجي روشن مستقبل جي طرف نه بلڪ اخلاقي پستي ۽ تاريڪي ۾ ٻڏي رهيا آهن، امتحان سر تي اچي پوي ته ڪاپي ڪندا ته پوءِ سندن مستقبل ڇا ٿيندو؟ (محمد علي نقوي)
    23. هڪ استاد جو اهو ذمو آهي ته هو پنهنجن شاگردن منجهه ڪتابن پڙهڻ لاءِ اڻميو پيار پيدا ڪري، هنن لاءِ سٺن ڪتابن جي چونڊ ڪري جيئن هو اجايو وقت وڃائڻ ۽ توانائي جي زيان کان بچي وڃن، ابتدائي تعليم دوران ته اهو تمام ضروري آهي. (اي ڪي بروهي)
    24. استادن جڏهن سيکارڻ جو هيڏو وڏو پيغمبري منصب جو بار کڻي ورتو آهي ته پوءِ الله پاڪ وٽ ان جي جوابدهي به اوتري سخت آهي، جنهن بابت قيامت ڏينهن پڇا ضرور ٿيندي. (نور احمد ميمڻ، چيئرمين سنڌيڪا اڪيڊمي)


    باب ٻيو

    مبارڪپور شهر ۽ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي تاريخ

    1. مبارڪپور شهر جي تاريخ تي نظر:
    سنڌ سراپا سُونهن ۽ سُندرتا سان سرشار آهي. سِنڌ جو هر ڳوٺ، واهڻ، وستي ۽ شهر شانائتو، شعور ڀَريو ۽ ڏاهپ سان ٽُٻٽار آهي. سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي نظر نروار ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هر ڳوٺ ۽ شهر پنهنجي هِڪ تاريخ رکي ٿو. اهي ڳوٺ ۽ شهر ڪي هاڻي جا ٺهيل ناهن، بلڪه تمام گهڻا پُراڻا آهن. مبارڪپور شهر جي پڻ هڪ پنهنجي تاريخ آهي. ان سلسلي ۾ آءٌ سائين گُل حسن ”گل“ ملڪ جي هن ڪتاب لاءِ لکيل مضمون ۾ مبارڪپور جي تاريخ واريون سِٽُون جيئن جو تيئن ڏيان ٿو.
    مبارڪپور نالي هڪ تاريخي شهر هندستان ۾ پڻ آهي. پر آءٌ جنهن مبارڪپور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، سو واديءِ مهراڻ جو هڪ تاريخي ڳوٺڙو آهي. هونءَ ته ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي مبارڪپور نالي هڪ ڳوٺ ضلعي سکر ۾ به آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ڪي ٻيا به مبارڪپور نالي ڳوٺ ۽ شهر هجن پر هي زيرِ ذڪر اهو ڳوٺڙو آهي جنهن جو تعلق ٺوٺ گرم ضلعي جيڪب آباد جي ٺل تعلقي سان آهي. هي ڳوٺ ٺل، همايون، جيڪب آباد جي پڪي لنڪ روڊ سان آهي. هي ڳوٺ ڪڏهن وجود ۾ آيو ان بابت به صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي. باقي انگريزن جي دور جا جيڪي پڪا پختا اهڃاڻ ملن ٿا تن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ هن ڳوٺ جي وڏي اهميت هُئي. ڳوٺ ۾ انگريزن جي دور جي قائم ٿيل تپيداري، مختيارڪاري ۽ چيئرمين آفيس ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته، انگريزن جي دور ۾ هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي اهميت رکندو هو. انگريزن جي بيٺڪ منزل گاهه ڳوٺ کان ٻاهر اوڀر طرف اڄ به ان پراڻي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڳوٺ مبارڪپور بيهڪ جي لحاظ کان ڄڻ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن جي چوڌاري پاڻي جا تلاءُ اونهاري سياري ڀريا بيٺا هوندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ بيگاري ڪئنال سڏ پنڌ تي آهي. جيڪا ضلعي جيڪب آباد جي حد کي ختم ڪري ضلعي شڪارپور جي حد کي شروع ڪري ٿي. ڳوٺ جي اولهه طرف تقريباً 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر جيڪب آباد آهي. ۽ ڳوٺ جي اوڀر طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي هيڊڪوارٽر ٺل شهر آهي ۽ ڳوٺ جي اتر طرف اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن آهي. هن وقت هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکي ٿو. تعليمي لحاظ کان هن ڳوٺ جي اڄ به وڏي اهميت آهي. مختلف کاتن جا ڪيترائي اوهان کي 17 گريڊ جا آفيسر ملندا. جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جو ڳڙهه چئجيس ته وڌاءُ نه ٿيندو.
    2. اسڪول جي تاريخ تي نظر:
    ڪنهن به معاشري ۾ اسڪول يا درسگاهون اُتان جي حقيقي ترقي، تبديلي ۽ انقلاب جو اُهڃاڻ هونديون آهن. عِلم سان جهالت جو جنازو کڄندو آهي. ڦُرون، ڌاڙا، قتل، خون، چوريون، نفرتون، ساڙ، ڪينو، حَسد، انياءُ ۽ ٻيون هڙئي بڇڙايون عِلم جي اچڻ سان ڀڄي وڃن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو علمي ادارن جو هجڻ ماڻهپي ۽ انسانيت جي هجڻ جو ضامن آهي.
    گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مبارڪپور ڪو اڄڪلهه ڪو نه ٺهيو آهي، ان موتيءَ جو هارُ ڪو ايئن ڪونه جَڙيو آهي، بلڪه ان جي تاريخ صدين سان سلهاڙيل آهي.
    هِي اسڪول انگريزن جي دورِ حڪومت هيٺ 1880ع ۾ ٺهيو. لڳ ڀڳ ڏيڍ صديءَ جي تاريخي قدامت رکندڙ هِي اسڪول ضلعي جيڪب آباد جي قديم ترين اسڪولن واري سِٽاءَ ۾ مٿانهين جاءِ جوڙي ٿو. اٽڪل مُنِي صديءَ پڄاڻان هن اسڪول جي ڪُکِ مان مِڊل اسڪول 1961ع ۾ بڻيو. مِڊل اسڪول پنهنجي جوت جلائي 1986ع ۾ هاءِ اسڪول کي هيڪاندو جنم ڏنو، پر پرائمري اسڪول پوڙهو ٿيڻ باوجود اڄ به جوان آهي ۽ پنهنجي جوڀن جا جلوا پسائڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    3. جن اُستادن پرائمري اسڪول ۾ پڙهايو تن تي نظر:
    جيئن ته هِي اسڪول آڳاٽي وقت کان مبارڪپور شهر ۽ ڀرپاسي وارن کي علم جي سُهائي سان سندن زندگيون سَنواري رهيو آهي. هِن اسڪول ۾ جتي هزارين بلڪه لکين شاگرد پڙهي پاس پيا، اُتي هزارين استادن به پڙهائي پنهنجي ذميواريءَ ۽ فرض شناسيءَ جو مظاهرو ڪندي اڪيچار ڳوٺ واسين جي سنوارَ ۽ سُڌارَ لاءِ پاڻُ پتوڙيو هوندو. جي 1880ع کان وٺي اُستادن جي لِسٽ تيار ڪجي ته هُوند انهيءَ تي الڳ ڪتاب اچي، پَر ڇاڪاڻ ته هِتي انهن ڪجهه استادن جان نالا ذڪر هيٺ آڻي هن اسڪول جي تاريخ کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ آءٌ سائين گل حسن ملڪ ۽ سائين سُهيل ”سوز“ ڀٽو جي لکيل مفحونن مان استادن جا نالا کڻي ڏيان ٿو. ممڪن آهي ته ڪيترن ئي استادن جا نالا ذِڪر کان رهجي وڃن.
    جيڪي مانَ وارا استادَ هن تاريخي اسڪول ۾ پڙهائي ويا.
    تن ۾:
    قادر بخش بشير سومرو، دريا خان سومرو، سيد مظهر علي شاهه، باشو مل، محمّد اسحاق سومرو، ڪمال الدين مڱڻهار، فيض محمّد سيٺار، فيض محمّد فيض ڀٽو، استاد بهاول الدين ڀٽو، عبدالفتاح ڀٽو، محمّد خان چنا، محمّد پناهه ڀٽو، سردار خان ڀٽو، خدا بخش ڀٽو، استاد غلام الرسول مستوئي، رستم علي ڀٽو، غلام النبي ڀٽو، عبدالمجيد ڀٽو، حاڪم علي ڀٽو، الهداد ڀٽو، روشن الدين ڀٽو، استاد نواب علي مهر،
    آهن. سچ اهو آهي ته اهڙن جاکوڙي ۽ ڀلوڙ استادن پنهنجي نِت نون تجربن سان، صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندي شاگردن کي پڙهائيءَ، اخلاق ۽ ڪردارَ ۾ ڀَڙُ ڪيو هوندو. انهن استادن جي شاگردن جا ڀاڳ ڀلا هئا، جو کين تجربيڪار استادن سندن عِلمي مهارتن ۾ اڳ کان اڳرو رکيو. ذڪر ڪيل استادن منجهان ڪيترائي هِن ڪُوڙيءَ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن. دُعا آهي ته شالَ اُپائڻهار کين اُتي رحم جي نظر ڪري سندن ٺِڪاڻو جنت ۾ ڏئي. شالَ رب سائين کين پنهنجي هر نيڪ عمل جو اُجورو ڏئين ۽ تن منجهان جيڪي مانائتا استاد حالِ حيات آهن، انهن کي شال الله سائين ڪامل صحت ۽ وڏي ڄمار عطار ڪري (آمين)


    باب ٽيون: آفيسرن پاران

    سُٺو استاد، ڀَلو مُنتظم ۽ پيارو دوست

    سُٺو استاد، ڀَلو مُنتظم ۽ پيارو دوست

    ڌڻي تعاليٰ هن ڀونءِ تي کوڙ سارا سٺا انسان پيدا ڪيا آهن، جن چڱائي، ڀلائي ۽ خلقِ خدمت ڪئي آهي. انهن چڱيرڙن انسانن منجھان استاد ارشاد احمد ڀٽو به هڪ آهي.
    منهنجِي ڳوٺ مبارڪپور ۾ سڀ کان پهريائين واقفڪاري استاد ارشاد احمد ڀٽو سان ٿي، اها تڏهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اسان (جي.ٽي.آءِ) ۾ ڪارڪن هئاسون. اتي مرحوم مولوي شاهنواز جعفري ۽ مرحوم مولوي عبدالحئي نوناري پڻ ايندا هئا ۽ اسان وڏا ڀوڳ چرچا ڪندا هئاسون. اسان کي مرحوم مولوي شاهنواز جعفري هر ڳالهه تي کِلائي کِلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. اسان جا ٽهڪ آسمان کي چيريندا هئا. استاد ارشاد احمّد ڀٽو سٻاجھڙو انسان هجڻ سان گڏوگڏ مهمان نواز به وڏو هوندو هو. هن جو بابو ٺيڪيدار هو جيڪو سخاوت ۾ سڄي ڳوٺ توڙي تَرَ ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو هو. جنهن جو نالو سيٺ پير بخش هو. حقيقت ۾ سيٺ پير بخش ڀٽو “حاتم طائيءَ” جهڙو ڪردار هو. ساڳئيءَ طرح ارشاد احمّد ڀٽو به دل جو سخي آهي. هُو محبتون ڏيڻ ۽ وٺڻ جو چڱو چوکو هُنر ڄاڻيندو آهي. اصل ۾ هُو کلمک ۽ ملنسار مزاج جو ماڻهو آهي.
    استاد ارشاد احمّد ڀٽو هڪ پرائمري استاد کان سفر ڪندي هيڊماستريءَ جي سفر تي پهچي رٽائرمينٽ ورتي آهي. انهيءَ سڄي سفر ۾ هُن ايمانداريءَ سان پنهنجي ڊيوٽيءَ جا فرائض سرانجام ڏنا آهن. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هُو پنهنجي ڊيوٽيءَ کي عبادت سمجھندو هو ۽ ڪڏهن به بِنا جواز جي اسڪول منجھان ڪو نه گُسايائين.
    مان جڏهن S.D.E.O, A.D.E.O, D.E.O, E.D.O جي پوسٽن تي هوندو هئس ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجو وزٽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ ٿيندو هو. تن ڏهاڙن ۾ استاد ارشاد احمّد هيڊماستر هو. مان ڏسندو هوس ته هُو پاڻ ته حاضر هوندو هو پر ان جا نائب ماستر به حاضر هوندا هئا. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته “ڌڻ ته ڌڻي نه ته وڪڻ کڻي”، اهو سچ آهي ته جيڪڏهن ڌڻي نه هوندو ته ڌڻ به ڪو نه هوندو.
    هُو جوش و خروش وچان ڪلاسن جا وزٽ ڪرائيندو هو ۽ اسڪول کي سُٺي کان سٺو بنائڻ ۾ صلاحون ۽ مشورا ڪندو هو. جنهن سان مان ڄاڻي وٺندو هوس ته هُو واقعي هڪ سٺو منتظم آهي. ها! توڙي جو سائينءَ جي ايڊمنسٽريشن ۾ رقيب رڪاوٽون وجھندا هئس پر پوءِ به هُو بردباريءَ سان مانجھي مڙس ٿي مقابلو ڪندو هو.
    حقيقت ۾ اهڙن ئي منتظمن ۽ سٺن استادن جي اسان جي معاشري کي ضرورت آهي. جيڪر ههڙا املهه ماڻڪ ملن ته هوند اسان جو معاشرو سون ورنو ٿي وڃي.
    استاد ارشاد احمّد جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته هن پنهنجي ٻچڙن جي سٺي تربيت ڪري وڏن عهدن تي پهچايو آهي. اڄ سندس اولاد ”صاحبِ ڪتاب“ آهي ۽ اهي ٻين کي پاڻ جهڙو تيار ڪري رهيا آهن. اهو سچ آهي ته جيڪو ٻئي جي اولاد کي پڙهائيندو آهي. ان جي پنهنجي اولاد به پڙهندي آهي. اهڙا مثال ڀريا پيا آهن.
    مان هن مرد مجاهد شخصيت جي ڪهڙن پهلوئن کي هتي اجاگر ڪريان، سچ ته هُو هڪ الله لوڪ انسان آهي.
    مان آخر ۾ اميد رکان ٿو ته سندس اولاد به پنهنجي ابي جي نقش قدم تي هلي ۽ پنهنجا فرائض احسن طريقي سان سرانجام ڏيندا.




    پروفيسر محمد ابراهيم ٻرڙو
    (اڳوڻو E.D.O جيڪب آباد)
    پرنسيپال
    گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج
    (جيڪب آباد)


    هڪ استاد، جنهن کي آءُ بهترين نائب جي حيثيت ۾ ڏٺو

    هڪ استاد، جنهن کي آءُ بهترين نائب جي حيثيت ۾ ڏٺو

    گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مبارڪپور، انگريزن جي دؤر کان وٺي هيل تائين علم جا املهه ماڻڪ موتي پيدا ڪري ضلعي جيڪب آباد جي سٺن اسڪولن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. سٺو اسڪول ان ڪري سڏجي ٿو جو هن اسڪول کي هميشه سٺا هيڊماستر ۽ بهترين استاد مليا آهن. جن پنهنجي پنهنجي دور ۾ علم جا واهڙ وهائي ڇڏيا ۽ قابل شاگرد تيار ڪري مثال قائم ڪيا، جيڪي اڄ به مختلف کاتن ۾ اعليٰ عهدن تي ويٺل آهن. پر اڄ آءٌ مبارڪپور جي ان قابل استاد جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي مختصر بيان ڪندس، جنهن کي آءُ پنهنجي هيڊماستريءَ جي دور ۾ هڪ باصلاحيت ۽ ذميوار نائب ماستر جي حيثيت ۾ ڏٺو، اُهو آهي ارشاد احمد ولد پير بخش ڀٽو ويٺل ڳوٺ مبارڪپور تعلقو ٺُل ضلع جيڪب آباد. جيڪو 09 مارچ 2017ع تي رٽائر ٿيو آهي.
    هو پرائمري استاد جي حيثيت ۾ بهترين محنتي استاد هو. جنهن ملازمت دوران پنهنجي ڊيوٽيءَ کي عبادت سمجھي تعليم ڏني، ڇو ته هو ذاتي زندگيءَ ۾ صوم ۽ صلوٰة جو پابند ۽ اسلامي فهم رکندڙ هو. تنهن ڪري ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ پنهنجي لياقت آهر خوش اسلوبيءَ سان تعليم ڏيڻ کي فرض سمجھندو هو. سڀ کان وڏي ڳالهه هن دوست استاد جي هيءَ هئي ۽ رهي جيڪا خاص توجهه طلب آهي ته پورا ارڙهن سال پنهنجي ڳوٺ مبارڪپور ۾ لڳاتار هيڊماستر طور ملازمت ڪئي ۽ سروس جو عرصو ٻن سالن کان سواءِ باقي سڄو پيرڊ ڳوٺ ۾ گذاريو.
    هن نائب ۽ هيڊماستر جي حيثيت سان پنهنجي استاد عملي سان بهترين انداز ۽ شفقت سان پيش ايندو هو.
    جيئن ته آءٌ هڪ فائنل پاس (7 درجا) پاس تي پرائمري استاد ٿيس ۽ رٽائرمينٽ ورتي ۽ منهنجي رٽائرمينٽ کان بعد ارشاد احمد هيڊماستر رهي پوءِ رٽائر ٿيو. آءٌ ڪنهن ڀوتار يا ڪنهن وڏي سرڪاري آفيسر لاءِ نه پر هڪ فرض شناس پرائمري استاد لاءِ لکي رهيو آهيان.
    ڇو ته پرائمري استاد هڪ اُها شخصيت آهي، جيڪو انسانيت جي تعليم جو بنياد رکندڙ فرد آهي. جنهن جي جيتري تعريف ڪجي سندس جو حق آهي. ڇو ته ڪنهن عمارت جو بنياد مضبوط نه هوندو ته اُها عمارت ڪيئن برقرار يا ڪامياب رهندي، تنهن ڪري پرائمري استاد کي معاشري ۾ وڏي اهميت ۽ حيثيت سمجھيو وڃي ٿو. معلم الخير استاد ان فرد کي سڏيو ويندو آهي جيڪو تعليم ڏيڻ کي پنهنجو فرض ۽ ذميواري سمجھندو. معاشري ۾ جنهن به شخص کي فرض، ذميواري جو احساس نه آهي اُهو دنيا ۾ بي سواد ۽ اڻپورو فرد سمجھيو ويندو آهي.
    تعليم سکڻ ۽ تعليم سيکارڻ جو مقام اعليٰ آهي. تنهن ڪري سمجھڻ گهرجي ته جنهن به شخص يا استاد تعليم ڏيڻ کي پنهنجو فرض سمجھيو ۽ ڀلائيءَ واري تعليم ڏني ته اهڙي شخص يا استاد لاءِ هر شيءِ دعا گهُري ٿي. ايتري تائين جو سمنڊ جي تري ۾ رهندڙ مڇيون به.
    مٿي ذڪر ڪيل استاد جي باري ۾ خاص ڳالهه بيان ڪندس ته هو منهنجي هيڊماستري واري عرصي ۾ منهنجو نائب به رهيو هو. جنهن کي ڄاڻان ۽ چڱيءَ طرح واقف آهيان. جنهن بهترين استاد ۾ کوڙ ساريون خوبيون هونديون آهن، اُهي سڀ هن فهميدي استاد ۾ ڏٺيون.
    هو اسڪول ۾ هميشه اسيمبلي (بيل وڄڻ وقت موجود رهندو هو) پوشاڪ هڪ استاد جي حيثيت ۾ پهريل هوندي هيس. استاد جي حيثيت ۾ ڪلاس ۽ شاگرد جي صفائي جو خاص اونو رکندو هو. معاشري توڙي محلي جي حساب سان سڀني فردن سان پڙهيل لکيل طور سڃاتو ويندو هو.
    مون طرفان هڪ فرض شناس، ايماندار، پرخلوص استاد لاءِ اهي تاثرات هئا. دعا آهي ته جناب ارشاد احمد سُکيو رهي (آمين).

    خاڪسار
    نواب علي مهر
    اڳوڻو هيڊماستر
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور،ٺُل


    پنهنجي ڊيوٽيءَ سان نِڀاءُ ڪندڙ

    پنهنجي ڊيوٽيءَ سان نِڀاءُ ڪندڙ

    اُستاد ارشاد احمّد ڀٽو جو نالو پرائمري اسڪول جي تاريخ ۾ وڏي اهميت جو حامل آهي. ڇو ته هن پنهنجي سروس دؤران پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سٺي نموني نڀاءُ ڪيو آهي. جُهڙ هجي يا مينهن پر سائين پنهنجي ڊيوٽي کي سڀ کان اَول ترجيح ڏيئي تعليم سان سچي پيار جو ثبوت ڏنو آهي.
    پرائمري اسڪول ۾ استاد ارشاد احمّد ڳوٺ جي ٻارن کي وڏي دلچسپيءَ سان پڙهايو آهي. اڄ به الائي ڪيترا شاگرد وٽس پڙهي وڏن عهدن تي پهتا آهن. يقينن اهو سائينءَ جي مُسلسل محنت جو ئي نتيجو آهي. هُو مزاج جو سُٺو، اٿڻي ويهڻيءَ ۾ نرالو ۽ دوستن سان سچو پڻ رهيو آهي. کانئس ڪنهن کي به تڪليف نه پهتي آهي. اها ئي هڪ عظيم انسان جي نشاني آهي.
    اڄ جڏهن سائين پنهنجي سروس جو ٽائيم پورو ڪيو آهي، مان سمجھان ٿو ته هُو پنهنجو پاڻ مان مطمئن هوندو، سندس ضمير کيس ڪا به ميار نه ڏيندو، ڇو ته پاڻَ پنهنجي فرض جي پورائي ۾ ڪا به ڪوتاهي نه ڪئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هُو مطمئن آهي.
    دُعا آهي ته شال هُو خوش هجي. (آمين)





    شمس الدين مَهر
    سپروائيزر
    مبارڪپور


    انسانيت جون سڀئي گُهرجون پوريون ڪندڙ

    انسانيت جون سڀئي گُهرجون پوريون ڪندڙ

    مون کي انتهائي خوشي آهي ته پنهنجي سائين ارشاد احمّد سروس وارو ٽائيم سهڻي نموني پورو ڪيو آهي. پر ڏک اهو آهي ته اسين سائين ارشاد احمد ڀٽو جن جي وڃڻ کان پوءِ هڪ بهترين استاد ۽ ذميوار منتظم کان محروم ٿينداسين.
    استاد ارشاد احمّد ڀٽو، جيڪو آءٌ سمجھان ٿو هڪ رول ماڊل جي حيثيت رکي ٿو. سندس خوش لباس، مٺڙو لهجو ۽ اهڙو فُل ڊسيپلينڊ ماڻهو مون ڪٿي نه ڏٺو.
    استاد جي پنهنجي نوڪريءَ سان دلچسپي ڏسڻ وٽان هئي. هُو صبح جو سويل ٽائيم کان اڳ پنهنجي اسڪول پهچي ويندو هو. اسڪول جي اسيمبلي سٺي نموني سان ڪرائي ٻارن کي نظم و ضبط سان رهڻ لاءِ ليڪچر ڏيندو هو. آءٌ سمجان ٿو ته پرائمري اسڪول جي انتظامي معاملن ۾ استاد جهڙو ڪو ٻيو شخص مون کي نظر نه ٿو اچي. اسيمبليءَ ۾ ٻارن جي حاضري ۽ استادن جي حاضري فُل هجڻ استاد کي ليڊرشپ جي صلاحيتن هجڻ جو چِٽو ثبوت آهي.
    ڪو به وڏو آفيسر يا اسين جڏهن هِن اسڪول جي وزٽ ڪندا هئاسين ته اُستاد پنهنجي سڄي رڪارڊ کي Maintain ڪندي نظر آيو، مطلب اسان جڏهن به کانئس ڪو فائيل يا ڊاڪيومينٽ گُهريوسين ته هُن اسان کي بروقت ڏنو. ڪا به شيءِ کُٽل نظر نه آئي. پنهنجي نائب استادن سان سندس رَويو ٻاجھارو هو. انتظامي معاملن جي حوالي سان شاگردن ۽ استادن کي وقت بوقت سرڪيولر ڪڍي هدايتون ڏيندو رهيو ۽ پنهنجي ذميواريءَ کي پورو ڪندو رهيو.
    آءٌ سمجھان ٿو ته استاد جي اها سچائي کيس وڏي ڪم آئي آهي. سچيءَ نيت سان پنهنجي ڊيوٽيءَ ڪرڻ جو فائدو اهو مليو ته اڄ سندس اولاد پڙهي وڏن عهدن ۽ گريڊن تي پهتو آهي. اهو هن پنهنجي عظمت جو مثال ڏنو آهي ته ها جيڪڏهن هڪ استاد پرايا ٻارَ پڙهائي ته سندس پنهنجا ٻار به پڙهي سگهن ٿا ۽ اهي وڏي عهدي تي پهچي سگهن ٿا.
    استاد جتي پنهنجي شعبي سان سچو رهيو آهي، اُتي هُن پنهنجي ذاتي زندگيءَ به انتهائي خبرداريءَ ۽ ذميداريءَ سان گذاري آهي. شادي غمي ۾ هُو بنا ڪنهن رک رکاءَ، ذات، قوم، قبيلي جي شريڪ ٿيندو رهيو آهي. اُهو سندس وڏو ماڻهپو چئبو جو هُو انسانيت جون سڀئي گُهرجون پوريون ڪندي نظر اچي ٿو.
    اسان جي دُعا آهي ته شالَ استاد ارشاد احمّد خوش ۽ مُرڪندو رهي. (آمين)





    زيد علي ڀٽو
    سپروائيزر، مبارڪپور


    باب چوٿون: ڪليگس (گڏ ڪم ڪندڙن) پاران

    A Sincere, Loyal & Dutiful Teacher

    Teacher should be ideal & Mirror in the society. Our Prophet Hazrat Muhammad ﷺ has said:
    اِنَّمَا بُعِثْتُ مُعَلِّمَاً (الحديث)
    The all Prophets came to the nations as a Teacher. They told them the right way.
    Being a teacher, I feel sad, for loosing a sincere, Loyal & dutiful colleague Mr. Irshad Ahmed Bhutto, F.A (Primary Section), who has completed and qualified service in teaching profession.
    Such teachers are always living in the hearts of common peoples.
    Thanks.







    Shafique Ahmed Bhutto
    H.M
    Govt: (B) Campus High School
    Mubarakpur, Distt: Jacobabad


    استادن ۽ شاگردن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائيندڙ

    استادن ۽ شاگردن جي حاضريءَ کي يقيني بڻائيندڙ

    مان اُستاد ارشاد احمّد کي پنهنجو وڏو ڀاءُ سمجھندو آهيان. توڙي جوهُو منهنجو ڪليگ ۽ سُٺو دوست به آهي.
    اسان پنهنجي دوستيءَ مان مطمئن آهيون، ڇو ته اسان جي دوستيءَ ۾ ڪا به لوڀ ۽ لالچ نه رهي آهي. دوستي ۽ رشتا تڏهن ئي ختم ٿي ويندا آهن، جڏهن انهن ۾ لالچ اچي وڃي. الله جو شڪر آهي ته اسين پنهنجي ڀائري دوستيءَ جو ڳچ عرصو جنهن محبت ۽ خلوص سان گذاريو آهي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي.
    اُستاد سان آءٌ مختلف اسڪولن ۾ ڪليگ طور گڏ به رهيو آهيان، هُو جتي به رهيو، اُتي دل و جان سان پنهنجو ڪم ڪيائين. حالتون ڪيتريون به ڏکيون هيون، پر هُن ڪڏهن به محنت ۽ صبر جو دامن نه ڇڏيو.
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ مان سمجھان ٿو ته چند استاد ۽ منتظم سُٺا ٿي گذريا آهن، جن پنهنجي محنت جي ذريعي سُٺو نالو ڪڍيو آهي. استاد حاجي سردار احمد ڀٽو، استاد محمّد پناهه ڀٽو استاد نواب علي مهر جن جي سَٿ ۾ استاد ارشاد احمّد ڀٽو جو به نالو اچي ٿو، جنهن به پنهنجي هيڊماستريءَ واري دؤر ۾ اسڪول جي ماحول کي سٺو رکيو آهي.
    شاگردن جي حاضريءَ تي سائين ارشاد احمد صاحب جو تمام گهڻو زور هوندو هيو. هُو اسان کي اها سختيءَ سان تنبيهه ڪندو هو، ته غير حاضر شاگردن جي والدين ڏانهن نوٽيس لکي انهن کي حاضر رهڻ لاءِ چئو. جيڪڏهن ٻار اسڪول کان گُسائيندو ته هُو ڪيئن پڙهي سگهندو؟ جيڪڏهن نه پڙهندو ته پوءِ اهو ٻار نه فقط اسڪول جي معيار کي خراب ڪندو پر پنهنجي مستقبل کي پڻ خراب ڪندو. ان سان گڏوگڏ پنهنجي پيءُ ماءُ جي لاءِ هُو پريشانيءَ جو سبب بڻجندو. ان سلسلي ۾ سائين ڪيترائي دفعا استادن جي ميٽنگ ڪوٺائي، سرڪيولر ڪڍي کين پابند بڻايو. ان کان علاوه جيڪڏهن استاد دير سان اچن يا اسيمبليءَ ۾ نه پُهچن ته هُو سختيءَ سان کين تنبيهه ڪندو هو. پر پنهنجي ماتحتن سان هُن جو روَيو انتهائي نرم هو. ۽ هڪ ليڊر جو ڪم به اهو آهي ته هُو ڪم جي معاملي ۾ سختي ڏيکاري باقي مزاجن اهو نرم ۽ ٿڌو هجي، اِن طريقي سان ئي ادارا مضبوط ٿين ٿا. اسان کي هڪ قابل ماڻهوءَ تي فخر آهي جنهن پنهنجي صلاحيتن سان اداري کي رات ڏينهن بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو پرائمري اسڪول پنهنجي اؤج تي اچي ويو.
    ٺُل تعلقي پر ضلعي جيڪب آباد جا جيڪي به پرائمري اسڪول آهن، تن مان مبارڪپور وارو پرائمري اسڪول ٻارن جي حاضري، ۽ انهن جي قابل هئڻ سان گڏوگڏ استادن جي حاضري ۽ سندن قابل هئڻ، اسڪول ۾ ڪِلاسن جي سَنوار ۽ اسڪول ۾ گل ٻوٽن، صفائي سٿرائي جي حوالي سان وڌيڪ آهي. خود اعليٰ آفيسرن جي وزٽ ڪرڻ کان پوءِ سندن اسڪول بابت راين مان پتو لڳائي سگهجي ٿو جو اهي پڻ اسڪول جي ساراهه ڪندا هئا. اهو سَهرو استاد ارشاد احمّد ڏانهن وڃي ٿو، جنهن انهيءَ معاملي ۾ پنهنجي ذاتي دلچسپي ۽ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو.
    سائين ارشاد احمد جيئن ته منهنجو سٺو دوست به آهي، ان ڪري سندس رٽائرمينٽ جي تاريخن ۾ مون به مهينو اڳ رٽائرمينٽ ورتي ۽ ساڻس گڏ رٽائرڊ ٿيس.
    اسان جي دُعا آهي ته استاد پنهنجي انهيءَ تعليمي سفر کان پوءِ به تعليم لاءِ جاکوڙيندو ۽ اها پڻ دُعا آهي ته هُو جتي هُجي شل خوش هجي.


    محمد انور مَهر
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول
    مبارڪپور


    هر هڪ بالا آفيسر جي واتان واهه واهه جا نڪرندڙ لفظَ

    هر هڪ بالا آفيسر جي واتان واهه واهه جا نڪرندڙ لفظَ

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
    الحمدلِلّھ والصلاة والسلام عليٰ رسول الله

    مون کي ڏاڍي مسرت ٿي جڏهن منهنجي پياري شاگرد صاحب شال الله تبارڪ وتعاليٰ اڃان وڏي عهدي تي ترقي عطا فرمائين. آمين
    اويس احمد ڀٽو صاحب جن حڪم ڪيو ته سائين محترم ارشاد احمد ڀٽو جي زندگيءَ جون يادون لکت ۾ موڪليو.
    سائين محترم استاد ارشاد احمّد ڀٽو جون يادون اسڪول واريون بطور استاد جي، هيڊماستر جي، بطور عزيز رشتيدار جي، بطور پاڙيسري، بطور مذهبي يعني نمازي هجڻ جي. اها ڳالهه صاحب اويس احمد کان شايد وسري وئي آهي.
    محترم استاد ارشاد احمد جي انهن رشتن جون يادون جيڪڏهن هنن ورقن تي لکان ته شايد سمورو ڪتاب لکي ڇڏيان. مان حقيقت ٻڌايان ته ڪو وڌاء نه آهي جيڪي خوبيون سائين ۾ آهن اهي هڪ ڪامياب استاد ۾ هونديون آهن. سائين ارشاد احمّد هڪ وقت ٻڌايو ته اسان کي هيڊماستر صاحب 12 سال پهريون ڪلاس پڙهائڻ لاءِ ڏنو، اسان ڪڏهن به انڪار نه ڪيوسين.
    سائين غير حاضر رهڻ جو تصور ته ڄڻڪ سوچيو ئي نه هو. جو اسڪول visit بُڪ شاهد آهي جڏهن به بالا آفيسر visit ڪئي سائين موجود آهي.
    استاد ارشاد احمد جي ايمانداري:
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول لاءِ S.M.C فنڊ مقرر ڪيو ويو، سائين ميٽنگ ڪال ڪري مون کي ۽ استاد نصير محمد ڀٽو کي ذميداري ڏني. اسان چيوسين اوهان جو حڪم قبول. جيئن مسجد جو پئسو استعمال ڪيو آهي. تيئن S.M.C جو ڪم ڪرائي ڏنوسين. سائين تمام خوش ٿيا چيائون اسڪول جو ڀلو اسان سڀَ جو ڀلو آهي.
    اڄڪلهه اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جو دؤر آهي. ميڊيا جي اک تيز آهي. بند اسڪول ۽ استادن لاءِ جڏهن ڪي خبرون ميڊيا تي اينديون هيون تڏهن سائين جن يڪدم استادن کي ٻڌائيندا هئا ته دؤر ڏاڍو ڏکيو آهي. ڊيوٽي کي ڊيوٽي سمجھو. سائين جي حاضر رهڻ ۽ تاڪيد ڪرڻ لاءِ اهو مشهور ٿيو پرائمري اسڪول جيل آهي. صبح جو ٽائيم تي وڃن ٿا ۽ موڪل ۾ به ٽائيم تي واپس اچن ٿا.
    سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيشن جج صاحب پاڻ وزٽ ڪئي. استاد ارشاد احمد کيس سمورو رڪارڊ چيڪ ڪرايو. حيران ٿي ويو جڏهن جج صاحب وزٽ دؤران آيو. موڊ حيران ڪندڙ هيو. جڏهن رڪارڊ ۽ ڪلاس چوٿين جي ٻن شاگردن کي هيڊماستر صاحب جج صاحب جي سامهون رول پلي (Role Play) لاءِ چيو، جج ايڏو ته متاثر ۽ خوش ٿي روانو ٿيو جو جنهن جو ذڪر هن ڪنهن اعليٰ گڏجاڻي ۾ به ڪيو.
    E.D.E.O صاحب وزٽ ڪئي سائين ارشاد احمد صاحب جي لاءِ ايتري تعريف هاءِ اسڪول ۾ سمورن استادن جي سامهون ڪئي ته انتظام ته ارشاد احمد جو تمام Good آهي.
    S.D.M صاحب پاڻ وزٽ تي آيو هر ڪلاس ۾ وزٽ ڪئي. ڪلاس ۾ بيهي اها ڳالهه ڪئي ته آخر ميڊيا سرڪاري اسڪولن جي ڪارڪردگي ڇو نه ٿي ڏسي. محترم ارشاد احمد جو انتظام تمام سٺو آهي ۽ مان اعلان ڪريان ٿو ته D.C صاحب کي اوهان جي ڪارڪردگي ٻڌائيندس ۽ ٻه لک گرانٽ وٺي ڏيندس، جيڪا هن وٺي ڏني ۽ رپيئر ڪرائي ڏني ۽ پاڻ بروقت شاگردن کي نقد انعام به ڏنا. مطلب ته جڏهن به ڪو بالا آفيسر اسان جي اسڪول آيو ان استاد ارشاد احمد جي ڪارڪردگيءَ تي پنهنجي واتان واهه واهه جا لفظ ڪڍيا.
    سائين منهنجو هيڊماستر صاحب به آهي مائٽ به آهي ۽ اسان جو نماز جو جماعتي به آهي.
    آخر ۾ اويس احمد صاحب ۽ سندس اولاد ۽ پڙهندڙن کي عرض ٿو ڪريان ته سائين ڊيوٽي کي نماز جيان ادا ڪيو آهي جنهن جو ثمر ته آخرت ۾ آهي ئي آهي پر دنيا ۾ به هُن جو هڪ پٽ 17 گريڊ ۾ آفيسر ٿيو آهي. جيڪو پڙهيو به سرڪاري اسڪول ۾ ٻيو منهنجو تمام پيارو اويس احمد صاحب به پاڻ 17 گريڊ ۾ آفيسر بغير سياسي سفارش جي ٿيو آهي.
    ٽيون پٽ پاڻ پنهنجي محنت جي بنياد تي فورس جوائن ڪئي آهي. چوٿون ۽ آخري پٽ پير بخش خان پڙهڻ دؤران ڏاڍو هوشيار آهي.
    سائين ايمانداري سان ڊيوٽي ڪئي. نتيجو سڀني جي سامهون آهي اسان به ائين ڪنداسين ان جو به نتيجو ساڳيو ملندو.
    شال الله سائين سندس پٽن کي به سائين ارشاد احمد جي دوستن مٽن مائٽن سان ساڳيو ورتاءُ نصيب ڪري. (آمين)







    رشيد احمد ڀٽو
    گورنمينٽ پرائمري
    اسڪول مبارڪپور


    پنهنجي سموري اسٽاف کي گڏ کڻي هلندڙ

    پنهنجي سموري اسٽاف کي گڏ کڻي هلندڙ

    ارشاد احمّد ولدپير بخش ڀٽو تاريخ: 17 اپريل 1982ع تي ڳوٺ مبارڪپور تعلقو ٺُل ضلعو جيڪب آباد دين محمّد بروهي تعلقو ضلعو جيڪب آباد ۾ بطور پرائمري استاد مقرر ٿيو. سائين ارشاد احمّد ڀٽو کي تاريخ 25- مارچ 1985ع تي ڳوٺ بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي هيڊماستر محمّد پناهه ڀٽو وٽ (نائب ماستر) مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن سالن کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ خدمت ڪئي ۽ پهرين کان پنجين تائين اسڪول ۾ مختلف درجا پڙهايا، ۽ انهن جي پڙهائڻ جو انداز نرالو هو ۽ بهترين ڪارڪردگي رهي اٿس. هر هڪ سبجيڪٽ ۾ ماهر هيو ۽ اڪثر درجن ۾ مقابلا ٿيندا هئا. ۽ هر هڪ درجي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي ڏيکاريو. هر سال درجا مٽبا آهن ۽ جڏهن به هن کي درجو مليو ته پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويندو هو. خاص خوبي سائين جي اها به هئي ته هن ڪيترن هيڊماسترن سان گڏجي ڪم ڪيو آهي ۽ انهن جي حڪمن کي پوري ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار اٿس ۽ انهن سٺن ڪردارن جي ڪري تاريخ 21 مئي 1999ع تي گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جو هيڊماستر مقرر ٿي ۽ وڌيڪ ذميواري سان ڪم ڪندو رهيو. نهايت ايمانداري، سچائي ۽ خلوص جي ڪري هن کي وڏو موقعو مليو. اسڪول ۾ ريگيولر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ نه ڪيٻائڻ ۽ اسڪول جي رڪارڊ کي محفوظ رکڻ ۾ وڏي ذميداريءَ جو مظاهرو ڪيائين. ڇا ته هن جو ادب، ڇا ته هن جو ڳالهائڻ، ڇا ته هن جي لکائي ڇا ته هن جي نصيحت، ڇا ته هن جي سمجھاڻي، ۽ اڪثر ٻارن جي والدين کي سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سمجهائڻ ۾ ته ڪا به ڪثر نه ڇڏي. ۽ هن جي اسڪول مان ڪو به سوالي خالي نه موٽيو ۽ اهي سمورا ڪم ٽائيم تي ڪرڻ وارو ۽ سمورن استادن کي گڏ کڻي هلڻ وارو سائين گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ داخلا وڌائڻ ۾ ته وڏي ۾ وڏو ڪردار رهيو اٿس. امتحانن ڪرائڻ جو ڄاڻُو اسڪول جو رڪارڊ ته ٽائيم تي تيار ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هر هڪ استاد کان الڳ الڳ مشورو ڪندو هو ۽ پوءِ سڀني کي گڏ ڪري هر هڪ جي ڳالهه غور سان ٻڌندو هو. محمد انور مهر سان ته هر صلاح ڪندو هو. ٻنهي گڏجي رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو. خاص ڪري استادن کان ڪم وٺڻ جو ته وڏو طريقو هيس. ارشاد احمّد 14 سال نائب ماستر گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جو رهيو ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪول جو هيڊماستر 18 سال رهيو. هن 32 سال ساڳي اسڪول ۾ ڪم ڪيو. 2017-03-09 تي 60 سال عمر ٿيڻ تي سائين جن کي رٽائرمينٽ ٿيڻو پيو پاڻ اسڪول کي هلائڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ورتيون ۽ نيڪ ڪم ۾ ڪاميابي نصيب ٿيس.
    دعا آهي ته سائين محترم خوش ۽ آباد رهي (آمين).




    عبدالجبار ڀٽو
    هيڊماستر، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
    سچل سرڪي
    يونين ڪائونسل مبارڪپور
    تعلقو ٺل، ضلع جيڪب آباد


    ڊيوٽيءَ کي عبادت سمجھندڙ بهترين استاد

    ڊيوٽيءَ کي عبادت سمجھندڙ بهترين استاد

    الله تعاليٰ هن ڌرتي تي ڪيترا ئي سٺا انسان پيدا ڪيا آهن. جن هن ڌرتيءَ وارن جي سدائين خدمت ڪئي آهي. انهن سٺن انسانن منجھان استاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي. جنهن سدائين ڳوٺ جي غريب شاگردن کي بهتر تعليم ڏيڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. جنهن جي محنت جي بدولت اڄ اهي شاگرد سٺي مقام تي پهتا آهن.
    ڳوٺ مبارڪپور ۾ ڪافي سٺيون شخصيتون پيدا ٿيون آهن. تن مان استاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي. سنڌ جي مهمان نوازي جي روايت برقرار رکندي، استاد به مهمان نواز سان گڏوگڏ سدائين ٻين جي عزت ڪندو آهي ۽ اسان کي به هدايت ڪندو ته آيل دوستن جي عزت ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي ڊيوٽي جا پابند رهندا ڪريو ۽ سدائين شاگردن جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا ڪريو.
    استاد صاف دل انسان سان گڏوگڏ عزت ڏيڻ ۽ عزت حاصل ڪرڻ جو بهتر انداز ڄاڻندو هو. استاد ارشاد احمّد ڀٽو پرائمري استاد کان شروعات ڪئي. ۽ پرائمري استاد جي عهدي تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي ۽ زندگي جا 17 سال پرائمري اسڪول جي هيڊماستري جي عهدي تي برقرار رهيو. انهيءَ سڄي سفر ۾ سائين تمام ايمانداري سان ڊيوٽي جا فرائض سرانجام ڏنا ۽ ڊيوٽي کي عبادت سمجھندو هيو ۽ ڪڏهن به بنا جواز جي پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪيائين. بلڪه تمام استادن کي ٽائيم جي پابندي ۽ فرض سان سچي رهڻ جي هدايت ڪندو هو. حقيقت ۾ اهڙن سٺن استادن جي اڄ جي دؤر ۾ تمام گهڻي ضرورت آهي، ته جيئن اسان جي تعليم جو معيار بهتر ٿئي. اهڙا فرض شناس استاد هجن ته مان نٿو سمجھان ته اسان جي تعليم پوئتي ويندي، پر يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو، بهتر انداز ۾ ترقي ڪندي ۽ بگڙيل معيار جي بهتري ٿيڻ ۾ مدد ملندي.
    الله تعاليٰ محنت ڪنهن جي به رائيگان نه ڪندو آهي. برابر اهو سچ آهي ته استاد ڳوٺ جي غريب ماڻهن جي اولاد جي خدمت ڪئي آهي. جنهن جو بدلو خدا تعاليٰ استاد ارشاد احمّد ڀٽو کي ڏنو آهي. جو هن جو اولاد اڄ هيڏي مقام تي پهتو آهي ۽ انهيءَ اولاد تي فرض ٿو عائد ٿئي ته اهي به پنهنجي والد جي نقش قدم تي هلي ڪري پنهنجا فرائض احسن طريقي سان سرانجام ڏين ۽ قوم جي خدمت ڪن ۽ سدائين استاد وانگر سٺا شاگرد تيار ڪن ته جيئن اسان جي تعليم ترقي طرف وڌي ۽ سنڌي قوم جو نالو روشن ٿئي.
    آخر ۾ دعا آهي ته الله تعاليٰ استاد ارشاد احمّد کي کوڙ ساريون خوشيون نصيب ڪري، ۽ ڪڏهن به ڏک نه ڏسي. (آمين)





    نزاڪت علي ڀٽو
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول
    مبارڪپور


    هڪ استاد، منهنجو هيڊماستر منهنجو آئيڊيل

    هڪ استاد، منهنجو هيڊماستر منهنجو آئيڊيل

    اها اُن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن منهنجي بدلي ٻئي اسڪول کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ ٿي. اتان جي ته مون کي سڀ خبر هئي ته اسڪول ۾ هڪ کان هڪ باصلاحيت هيڊماستر ٿي گذريا آهن. ان ڪري جو آءٌ به ان اسڪول مان پرائمري تعليم حاصل ڪئي هئي. پر پوءِ به وقت گذرڻ سان هر شيءِ ۾ فرق اچي ويندو آهي. جڏهن منهنجي بدلي جي خبر منهنجن استاد دوستن کي پئي ته، انهن چيو ادا اسڪول وڃين ها. پهريائين ته مان گهٻرائجي ويس پوءِ مون چيو ادا هيڊماستر صاحب اسڪول جي پوري ڊيوٽي وٺندو. سا اسان پوري ڪنداسين هيڊماستر صاحب سڀ کان پهريان موجود نظر آيو ۽ اسيمبلي ٿيڻ کان اڳ پٽيوالن کي صفائيءَ جي باري ۾ حڪم ڪري رهيو هو ته هيڏانهن جي صفائي رهيل آهي تون هوڏانهن جي صفائي ڪراءِ، ڪجھه ٽائيم کان پوءِ پٽيوالي کي گهنڊ (Bell) هڻڻ لاءِ چيو. مون ڏٺو ته ڇوڪرا ڊوڙندا پيا اچن ۽ استاد به گهڙي کي نهاريندا تڪڙا تڪڙا اچن پيا. ڪنهن استاد ائين به چيو ته سائين اڃا پنج منٽ پيا آهن. هيڊماستر صاحب جي چهري ڏي مون ڏٺو ته هو خاموش رهيو، تلاوت ٿي ۽ قومي ترانو ڳايو ويو. پوءِ هيڊماستر صاحب استادن ۽ شاگردن کي سوير اچڻ ۽ اسڪول جي ڪم جي باري ۾ ٿوري لفظن ۾ گهڻي سمجھاڻي ڏني ۽ آءٌ خاموش رهندي اهو سارو نظارو پئي ڏٺو. جڏهن هيڊ ماستر صاحب پنهنجي آفيس ۾ ويٺو ته مان بدلي جو آرڊر سندس اڳيان رکيو. تڏهن سائين ارشاد احمد صاحب آرڊر کنيو ۽ مرڪندو رهيو، پوءِ مخاطب ٿيندي چيائين (Wel come).
    اسان کي به توهان جهڙن استادن جي سخت ضرورت آهي. هن اسڪول ۾ شاگرد گهڻا پر استاد ٿورا آهن. ان ڪري ڏاڍي تڪليف هئي ۽ هُن جلدئي پٽيوالي کي چانهه جو حڪم ڏنو. مون گهڻو روڪيو پر سائين ارشاد احمد صاحب چيو اڄ توهان اسان جا مهمان آهيو. باقي سڀاڻي کان اسڪول ۾ اسان ڪا ڪوتاهي معاف نه ڪنداسين. ان وقت آءٌ تمام گهڻو پريشان ٿيس پر ڦِڪي کِلَ منهن تي آڻي مرڪندو رهيس. وقت تمام تيزي سان گذرندو رهيو. ڪجھه عرصي کان پوءِ اسڪول ۾ رسيس جي وقت چانهه پي رهيا هئاسين ته هيڊماستر صاحب کلندي چيو بس سائين اسان جي رٽائرمينٽ جو وقت اچي ويو آهي. خُدا جو شڪر آهي خير خوبي ۽ عزت سان وقت گذري ويو. اها ڳالهه ٻُڌي ڄڻ دماغ ۾ ڌڪُ لڳو ۽ مون رڙ ڪري چيو ته سائين ڪهڙي تاريخ جواب ڏنائين 09 مارچ 2017ع تي. مان خاموش ٿي ويس. شايد جسم مان ساهه ڇڏائي ويو هجي ۽ مان سوچيندو رهيس.
    اسان جي اسڪول جو هيڊماستر صاحب استاد ارشاد احمد ڀٽو هڪ بهترين، قابل، باصلاحيت ۽ فرض شناس هيڊماستر آهي. جيڪو پنهنجي ڊيوٽي کي عبادت سمجھي ڪندو آهي، هو اسيمبلي ڪرائڻ کان وٺي تعليم جي باري ۾ پنهنجي صلاحيت مان ڪجھه ڳالهيون شيئر ڪندو هو ۽ هو اسڪول جي هر مسئلي تي جلدي ۾ استادن جي ميٽنگ ڪوٺائي صلاح ضرور ڪندو هو. هو هر ٽين مهيني ۾ هر ڪلاس جي ٽيسٽ وٺندو هو ۽ تعليم جي باري ۾ هر استاد ۽ شاگرد سان سختي سان پيش ايندو هو. هو تمام گهڻو صفائي پسند هو ۽ پاڻ به هميشه صاف رهندو هو ۽ اسڪول جو رڪارڊ به شيشي وانگر صاف رکندو هو.ان ڪري هر ايندڙ بالا آفيسر رڪارڊ ڏسندي ئي هيڊماستر صاحب جي تعريف ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو هو. سندس جي جيتري تعريف ڪجي ان جو حق آهي. سندس معاشري ۽ برادري ۾ به وڏي عزت اٿس.
    جڏهن سائين محترم جي الوداعي دعوت ٿي ته ان ۾ هر استاد خوش هوندي به خاموش ۽ ڏکارو هو. هر استاد جي زبان تي اها دعا هئي ڪاش! خدا ڪري منهنجي سنڌڙي ۾ استاد ارشاد احمد ڀٽو جهڙا بردبار هيڊماستر هجن، جيئن سنڌ جي تعليم ۽ سرڪاري اسڪول شاد ۽ آباد هجن. (آمين)
    دعاگو
    ڪليم الله ڀٽو
    مبارڪپور، ٺُل
    جيڪب آباد


    چيڪ اينڊ بئلينس رکندڙ منتظم

    چيڪ اينڊ بئلينس رکندڙ منتظم

    مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته سائين ارشاد احمّد ڀٽو صاحب پنهنجي انتظامي ڏينهن ۾، جڏهن هُو هيڊماستر هو، تڏهن اسان کي شاگردن لاءِ ڊسيپلين رائج ڪرڻ لاءِ گهڻي تلقين ڪيائين. سائينءَ جي ڪلاس مئنيجمينٽ جي حوالي سان اسان کي ڏنل هدايتون اڄ به ياد آهن ۽ انهن هدايتن تي هلڻ سان اسين سوڀارا ٿياسين.
    ان کان علاوه سائين محترم اسان کي ڪلاس رُوم ۾ Check and Balance رکڻ جو پڻ گهڻو تاڪيد ڪيو. ٻارن کي سال ۾ ڪرايل ڪم جو چيڪ اينڊ بئلينس هڪ لازمي جُز هو. سائينءَ ان حوالي سان پڻ وقت بوقت ڪلاسن ۾ سرپرائيز زباني ۽ لکت ٽيسٽ وٺي نه فقط اسان کي پڙهائيءَ جي حوالي سان سرگرم رکيو بلڪه شاگردن ۾ اهڙي گرم جوشيءَ جو مظاهرو پڻ پيدا ڪيو.
    اسان جي اها وڏي خوشنصيبي آهي، جو اسين سائينءَ جي نگرانيءَ ۾ نائب طور ڪم ڪري سچ ته تمام گهڻو سکياسين. اهڙي سکيا، اسان کي اڳتي هلي پڻ ڪم ايندي.
    دُعا آهي ته سائين ارشاد احمد پنهنجي سٺي صحت سان سدائين آباد هجي. (آمين)



    عبدالقيوم ڀٽو
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول
    مبارڪپور


    ٽائيم کان اڳ اسڪول ۾ ايندڙ استاد

    ٽائيم کان اڳ اسڪول ۾ ايندڙ استاد

    سائين هڪ استاد هئڻ وقت ته پنهنجي سچائي ۽ ايمانداري ڏيکاري پر جڏهن هيڊماستر ٿيو، تڏهن سائين تمام شفيق ۽ مهربان هيو. هيڊماستر صاحب پنهنجي زندگي اسڪول ۾ تمام گهڻي ايمانداري سان گذاري. هو ڪڏهن به اسڪول کان غافل نه رهندو هو. سندس رَويو استادن سان تمام سٺو هوندو هو. هو ٽائيم کان اڳ ۾ اسڪول ۾ ايندو هيو ۽ اسيمبلي پنهنجي نظرداري ۾ ڪرائيندو هيو. اگر ڪو به استاد موڪل تي ويل هوندو هو ته ان استاد جو ڪلاس پاڻ پڙهائيندو هيو. سڀني استادن کي هاف ٽائيم ۾ ويهي سڀني استادن کي پڙهائڻ جي باري ۾ نصيحت ڪندو هو ته اگر توهان چاهيو ٿا ته اسان جي اولاد ڪامياب ٿئي ته ايمانداري سان پڙهايو اها ئي دعا آهي اها ئي نصيحت. مان سندس نائب استاد جي حيثيت سان 17 سال گڏ رهيس. سائين ارشاد احمد اسان جو انتهائي شريف ڳوٺ واسي به آهي. اسان جي سندس لاءِ تمام گهڻي محبت ۽ دُعا آهي، ته شال هو خوش، سلامت ۽ آباد هجي. (آمين)




    ظهور احمد ڀٽو
    گورنمينٽ بوائز مين
    پرائمري اسڪول
    مبارڪپور


    باب پنجون دوستن پاران

    A Loving Father, Great Mentor & Trustworthy Friend

    Having an honest, loyal and trust friend whom you know since childhood is a blessing from Allah Subhan-o-talla. Mr. Irshad Ahmed Bhutto is that blessing for me from primary school.
    Irshad Ahmed’s life inspires me as He acquires a very fine nature with abilities that brings a great human being out of him.
    I have seen many of his students securing a very bright future, in terms of being a good citizen and acquiring successful career under his kind mentorship. I must say! His honesty with his area of work is remarkable.
    I also see a great contribution of Irshad Ahmed in my life which ultimately makes me who am I?
    He is loving father, a great mentor a trustworthy friend and above all a beautiful human being.
    My love and prayers are always with you Irshad!!!


    M. Saleh Bhutto
    Director, KDA
    (Karachi)


    علم ۽ روشنيءَ جو علمبردار

    علم ۽ روشنيءَ جو علمبردار

    ماڻهو پنهنجي ارگرد جي ماحول مان سڃاتو وڃي ٿو. هن جا خيال، خواب، آسپاس ۾ رهندڙ انسان، آبهوا ۽ ماحول انسان جي مٿان اثرانداز ٿئي ٿو ۽ انسان انهن اسمن جو اثر قبول ڪندي پنهنجي زندگي جا رُخ ۽ ترجيحات طئي ڪري ٿو، اسان جي علم ۽ روشنيءَ جي قافلي جو سرواڻ سائين ارشاد علي ڀٽو صاحب، گُهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ خوشبوءَ جو جھوٽو آهي، جنهن جي سرهاڻ ڪوهين ڏور پسي سگهجي ٿي. شاهه لطيف اهڙن انسانن لاءِ شايد هي سٽون چيون آهن:
    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
    (شاهه)
    علم، ادب ۽ روشنيءَ جي علمبردار سائين ارشاد احمد ڀٽو، جيڪب آباد ضلعي جي هڪ روشن شهر مبارڪپور ڀٽو ۾ جنم ورتو، بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ پرايائين. مئٽرڪ کان پوءِ پاڻ گريجوئيشن ڪيائون. پروفيشنل ڊگرين ۾ پي.ٽي.سي ۽ بي.ايڊ به ڪيائون. ان کان سواءِ ڪيتريون ئي ايجوڪيشنل ٽريننگس ڪيائون، هُو ازل کان روشني ۽ خوشبوءَ جو خريدار هو. ڪڏهن به وقت کي پٺي نه ڏنائين، وقت جو صحيح استعمال ڪيائين، ڇو ته هو چڱي ريت ڄاڻي پيو ته وقت جي وير ڪنهن جو انتظار نه ڪندي آهي. پاڻ پنهنجي اولاد کي دل و جان سان تعليم ڏياري. ڪشالا ڪڍيا، اولاد جي تعليم لاءِ پاڻ کي ڏکيائين ۾ رکي اولاد جي روشن مستقبل لاءِ قرباني ڏني، ڏيئي وانگر پاڻ کي جلائي ٻين کي سهائي ڏني.
    دل مان اُٿي دعا،
    منهنجا مولا سائين
    چوڏسُ ٿئي هُڳاءُ،
    ماڻهو مڻيادار ٿين ٿا، جن جي شان ۾ ڳالهائڻ به ايڏو ڏکيو آهي، جيڏو آسمان تي ڪمند وجھڻ، ليڪن اهي انسان سمنڊ مان موتي لعل ۽ سِپون ڳولي لهندا آهن، اُهي انسان جيڪي زمانن کي اٿلائي پٿلائي ڇڏيندا، سائين ارشاد احمد ڀٽو به انهن منجھان هڪ آهي، پاڻ معلمي جهڙي مقدس پيشي سان لاڳاپيل رهيو، استاد جيڪو ٻار کي فرش کان کڻي عرش تي پهچائي ٿو. استاد پيغمبري پيشو آهي. سائين جن پنهنجي پوري حياتي انسان ذات جي روشن مستقبل لاءِ جاکوڙيو آهي.
    تتي ٿڌي ڪاهه، ناهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.
    (شاهه)
    شاهه لطيف جا هيروز پورهيت، ڪمي ۽ ڪاسبي آهن، استاد (معلم) به هڪ اهڙو پورهيت انسان آهي جيڪو انساني دل و دماغ ۽ انساني روحن کي جوڙي ٿو، هونئن ته استاد/مستري ۽ ڪاريگر واڍا، بجلي جا مڪينڪ، لوهار ۽ ٻيا به ٿين ٿا جيڪي ٽٽل کي جوڙين ۽ سينگارين ٿا، ليڪن استاد انساني انجنيئر آهي، روس جو عظيم اڳواڻ جوزف اسٽالن چوي ٿو ته: “اديب انسان جا روحاني انجنيئر آهن”. اسان جي روشنيءَ جي سفير سائين ارشاد احمد ڀٽو صاحب ۾ ادب واريون صفتون به عام آهن،جيڪي استاد ۾ اولين طور موجود رهن ٿيون، ليڪن ان جو عڪس هن جي اولاد سائين اياز ڀٽو ۽ سائين اويس ڀٽو صاحب ۾ به اعليٰ قسم جو ادبي ذوق نظر اچي ٿو. جو اهي ٻيئي صاحب درجن ڪتابن جا ليکڪَ آهن. محترم ارشاد احمد ڀٽو تعليم کاتي ۾ هڪ پرائمري استادَ جي حيثيت سان ڊيوٽي ڪئي پر اها ڊيوٽي به ڪا نالي ماتر ڪونه ڪئي آهي. بلڪ سائين انتهائي ايمانداري ۽ سچائيءَ سان پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا آهن، سندس اهڙي جُرئت ۽ بردباريءَ جي ڇا ڳالهه ڪجي، پنهنجي ماتحت استادن آڏو ايمانداريءَ جي اها روش سچ ته ساراهه جوڳي آهي، ۽ مان سمجهان ٿو ته سندس ماتحت به اثر قبولي ساڳئي واٽ تي هلندا.
    جناب ارشاد صاحب لاءِ کوڙ ساريون محبتون ۽ دعائون آهن، شال سُکيا ستابا هجن.

    ڊاڪٽر فهيم نوناري
    سينيئر سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (انگلش)
    ڊائريڪٽر، آڪسفورڊ اڪيڊمي، ڄام شورو


    دل گُهريو دوست ۽ احترام لائق اُستاد

    دل گُهريو دوست ۽ احترام لائق اُستاد

    دنيا جي زندگيءَ ۾ جتي نفرتون آڇيون وڃن ٿيون، اُتي محبت جو ملڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. هر طرف اَنا ۽ وڏائيءَ جو ماحول جُڙيو پيو آهي. اهڙي ماحول ۾ جيئڻ به ڪنهن جهاد کان گهٽ نه آهي.
    منهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا دوست آيا، جن محبت جو وکر وکيريو. جن جي ساٿ سان پنهنجائپ وارو احساس سدائين ٿي رهيو آهي. ها اهڙن ماڻهن هوندي پوءِ جيئڻ جو احساس جاڳي ٿو.
    منهنجي اهڙن پيارن دوستن مان اُستاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي. جنهن جي خلوص جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    ارشاد احمد سان منهنجو تعلق ڪو اڄ جو ناهي، هو اسان جو دوست ۽ مائٽ پڻ آهي. اهو 1984ع وارو زمانو هو، جڏهن منهنجي والدين منهنجي مڱڻي ڪرڻ لاءِ منهنجي رشتي جي چونڊ ٿي ڪئي، نصيبن ۾ سکر مان منهنجو رشتو ٿيو، منهنجي مڱڻيءَ تي منهنجي مٽن مائٽن کان سواءِ الاهي سارا دوست پڻ آيا، جن انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي گڏ ٿي پنهنجائپ ۽ پيارَ جو ثبوت ڏنو، انهن مان اسان جو سائين ارشاد احمد ڀٽو پڻ مبارڪپور مان ڪهي اچي انهيءَ خوشيءَ جي موقعي تي شريڪ ٿيو. سندس شرڪت منهنجي لاءِ وڏي خوشيءَ جو باعث هئي. اڄ به ان مڱڻيءَ جا فوٽو مون وٽ محفوظ آهن، جن ۾ ارشاد احمد جو ٻهڪندڙ چهرو نظر اچي ٿو.
    ارشاد صاحب اسان جو دل گهريو دوست ۽ احترام لائق استاد آهي، پر سندس پهريان دوستي منهنجي وڏي ڀاءُ اَدا عنايت الله سان هئي. هو اسان وٽ هِتي ڪوٽڙيءَ ڏانهن ملاقات، ڪچهريءَ ۽ ڪم ڪار سانگي ايندو رهندو هو. پر اڄڪلهه هو اسان ڏانهن انهيءَ تسلسل سان ڪونه پيو اچي، جيڪا کانئس شڪايت آهي، پر آءٌ ڀانيان ٿو ته شايد سندس تسلسل سان نه اچڻ جو سبب زماني جا ڪم ڪار ۽ ذاتي مصروفيتون ٿي سگهي ٿو. ڇو ته اڄڪلهه هر ماڻهو پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ گهڻو مصروف آهي.
    ارشاد صاحب جي پنهنجي پيشي سان سچائي به ڪنهن کان ڪونه لڪيل آهي. هُن تعليم کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان وٺي رٽائيرمينٽ تائين پنهنجي ڊيوٽي کي بهترين طريقي سان سرانجام ڏنو آهي. پاڻ معاشري ۾ هڪ سٺي استاد طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، سٺو استاد صرف نالي جو نه بلڪ عملي طور تي هُن پنهنجي نالو ڪمايو آهي.
    پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سچائي ۽ وفاداريءَ جو جيڪو مثال ارشاد صاحب قائم ڪيو آهي، اهڙو مثال سندس تَر ۾ ملڻ مشڪل آهي. ڇو ته ٺُل، جيڪب آباد تعليم جي حوالي سان پٺتي پيل علائقو آهي، پر سائين محترم جن جهڙا اُستاد اتي هوندا ته پوءِ نيٺ اهي علائقا هڪ ڏينهن تعليمي ترقيءَ ۾ جتي ڪٿي ساراهبا.
    ارشاد صاحب جي سندس کاتي ۾ هڪ سُٺي منتظم طور به سڃاڻپ آهي، جيڪا سندس شخصيت کي پڻ معتبر بڻائي ٿي. هُن بطور هيڊماستر جي، پنهنجي سڀني ذميوارين کي خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آهي. جيڪا ڳالهه پڻ تعريف جوڳي آهي.
    ارشاد صاحب تعليم ذريعي سماجَ ۾ بهتريءَ جو جيڪو قدم کنيو سو آءٌ ڪامياب ٿو ڏسان، واقعي هو سماج سُڌارڪ آهي.
    منهنجون دعائون ۽ محبتون ساڻس گڏ آهن. شالَ ائين ئي اڳ کان اڳرو هجي. (آمين)





    شفقت الله قبوليو
    سينيئر پبليڪيشن آفيسر
    سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، ڄام شورو


    زندگيءَ جي نيڪ عمل کي سڦلتا جو رُوپ ڏيندڙ

    زندگيءَ جي نيڪ عمل کي سڦلتا جو رُوپ ڏيندڙ

    اسان جي ڳوٺ مبارڪپور جو پرائمري اسڪول تمام گهڻو آڳاٽو آهي. هن اسڪول ۾ ڳوٺ جي معتبر شخصيتن پڙهي پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو پرائمري اسڪول پهريان کان اڄ تائين انهيءَ ئي ناماچاريءَ جو سبب بڻجندو آيو آهي.
    اسڪول جي بهتريءَ لاءِ جتي اسڪول جو ضروري سامان، استاد ۽ پڙهائي آهي. اُتي، اسڪول جي ”انتظاميه“ پڻ وڏي حيثيت رکي ٿي. مطلب ته سُٺو منتظم هڪ سُٺي اسڪول لاءِ لازمي حيثيت جو حامل آهي.
    پرائمري اسڪول مبارڪپور جي اها خوش نصيبي ئي چئبي جو جتي هن اسڪول ۾ ٻيون شيون به مُيسر رهيون، اُتي بهترين انتظاميه پڻ ان جي نصيب ۾ رهي آهي.
    منهنجو والد محترم حاجي محمد پناهه ڀٽو صاحب پڻ هن اسڪول جو هيڊماستر ٿي گذريو آهي، جيڪو پنهنجي دؤر جو سُٺو منتظم ليکجي ٿو. انهيءَ ڪڙيءَ ۽ لڙيءَ ۾ اسان جو ادا ارشاد احمّد ڀٽو صاحب به آهي.
    ادا ارشاد نه فقط سُٺو استاد ٿي رهيو بلڪه سٺو منتظم پڻ رهيو آهي. سندس جي انتظامي ڏينهن ۾ پرائمري اسڪول جيڪا ترقي ڪئي اها سڀني جي سامهون آهي. يقينن اها سندس محنت ئي آهي، جنهن اڄ کيس هيڏي وڏي مڃتا ۽ مُحبت جو شرف بخشيو آهي.
    ادا ارشاد احمد هڪ قابل استاد ۽ فرض شناس انسان طور جيڪا پنهنجي سُڃاڻپ ٺاهي آهي، سا ڪنهن کان به لڪل ناهي. هُو نيت جو صاف، طبيعت ۾ ماٺيڻو، اخلاق ۾ مٿانهون ۽ ڊيوٽيءَ ۾ ذميوار شخص طور معاشري ۾ ڄاتو وڃي ٿو.
    پرائمري اسڪول جو ڳچ عرصو هيڊماستر رهي، هُن اهو ثابت ڪيو آهي ته مسلسل محنت ۽ ڪمٽمنٽ سان ڪنهن به عُهدي کي گهڻو عرصو هلائي سگهجي ٿو. ۽ ان حوالي سان هن مبارڪپور پرائمري اسڪول جي تاريخ ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي آهي. سڀاڻي سندس نالو عزت ۽ ادب جي نگاهه سان ورتو ويندو.
    مبارڪپور پرائمري اسڪول کي ادا ارشاد جنهن جاکوڙ سان هَلايو آهي، مان نه ٿو سمجھان ته ايندڙ وقت ۾ ڪا اهڙي ڪمٽمنٽ نظر اچي. پر پوءِبه هميشه سُٺي جي اُميد رکڻ نيڪي آهي. بهرحال ادا ارشاد جي پنهنجي پيشي سان سچائي ۽ دلي لڳاءُ جي ڪهڙيءَ ڳالهه ڪجي. هُو ان معاملي ۾ الڳ ٿلڳ نظر اچي ٿو.
    مبارڪپور واسين جي ٻارن کي جيڪڏهن ادا ارشاد جهڙا سرڪاري اسڪولن ۾ فرض شناس استاد ۽ منتطم مليا ته يقينن سندن ٻارَ علم جهڙي زيور سان ضرور سينگارجي ويندا ۽ عام طور تي پيدا ٿيل اهو تاثر ختم ٿي ويندو، جيڪو سرڪاري اسڪولن ۽ استادن بابت هر والدين جي واتان ٻُڌجي ٿو.
    آءٌ بحيثيت استاد جي ادا ارشاد جي انهيءَ معلمي پيشي کي سندس زندگيءَ جي ان نيڪ عمل کي سڦل ڏسان ٿو جنهن جي جستجو هر ماڻهو ڪندو آهي ۽ آءٌ سندس انهيءَ پيشي سان پورو پورو نڀائيندڙ ڏسان ٿو.
    اڄ جڏهن هن انهيءَ تعليمي سفر کي پڄاڻيءَ تي پهچايو آهي. تڏهن مان سمجان ٿو ته ادا ارشاد پنهنجو پاڻ مان ضرور مطمئن هوندو، ڇو ته هُو معاشري جي ماڻهن پاران سانڍيل اُميدن کان به مَٿي لٿو آهي. اسان جي سندس لاءِ دعا آهي ته شال الله سائين ادا ارشاد کي صحتمند ۽ سکيو رکي. (آمين)


    پروفيسر سيف الدين ڀٽو
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    جيڪب آباد


    سوچ ۽ لوچ وارو باضمير ۽ باڪردار انسان

    سوچ ۽ لوچ وارو باضمير ۽ باڪردار انسان

    دنيا جي گولي تي هزارين، لکين بلڪ ڪروڙين عظيم انسان آيا، جن پنهنجي ڪم سان، پنهنجي مهارتن سان، پنهنجي ڪارنامن سان دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪمايو آهي. انهن جو دنيا ۾ اچڻ مقصد کان خالي نه هو. يقيناً هن دنيا ۾ ماڻهو ڪونه ڪو مقصد کڻي اچي ٿو. ڪونه ڪو سندس زندگيءَ جو مقصد ۽ مول مَتو هوندو آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل ڳالهه مطابق جن پنهنجو نالو ڪمايو، انهن مان ڳوٺ مبارڪپور جو بااخلاق انسان ارشاد احمد ڀٽو به هڪ آهي.
    ارشاد احمد جي زندگيءَ تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته هن صاحب پنهنجي زندگيءَ کي انتهائي خبرداري، عاجزيءَ ۽ مقصد تحت گذاريو آهي.
    ارشاد احمد معلمي پيشي سان وابسته هجڻ ڪري سيرت کي سنوارڻ ۾ وڏو ڪمال ڪيو آهي. ورنه معاشري ۾ اهڙي مقدس پيشي سان وابسته هجڻ باوجود اهڙو ڪمال ۽ مثال مِلڻ تمام گهٽ آهي.
    ارشاد احمد منهنجو دوست ۽ عزيز مائٽ به آهي. اسان زندگيءَ جي ڪافي موڙن تي پنهنجي محبتن کي قائم رکندي، هڪ ٻئي لاءِ هَڪيا حاضر رهيا آهيون.
    سائين ارشاد احمّد جي شخصيت ڪنهن کان به ڳجهي ناهي. کيس سڄو ڳوٺ عزت جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هڪ استاد جي حيثيت سان هن پنهنجي ڊيوٽيءَ کي رٽائرمينٽ تائين وڏي ذميواريءَ سان نڀايو آهي.
    شاگردن جي هِن خيرخواهه استاد پنهنجي جذبي سان کين پڙهائي سُٺو انسان بڻائڻ ۾ ڪائي ڪَسر ڪونه ڇڏي.
    مون کي ارشاد احمّد جون جتي ٻيون ڳالهيون متاثر ڪن ٿيون اُتي هيءَ ڳالهه پڻ گهڻي متاثر ڪندي آهي، جو هُن انتهائي ڏکين گهڙين ۾ سخت تڪليفن باوجود پنهنجي اولاد کي به پڙهايو آهي، نه ته اسان جي ڳوٺ ۾ اهڙو مثال گهٽ ملي ٿو.
    هُن جو مقصد ٻين ماڻهن جيان وڏيون وڏيون عمارتون ٺاهڻ، وڏا محل ۽ بنگلا جوڙڻ ۽ گاڏيون وٺڻ نه هو. هن کي چار پئسا به پٽن جي تعليم تي خرچ ڪرڻ جو فڪر، هر وقت ٿي رهيو. هڪ والد جي حيثيت سان اولاد جي حقن ۽ ان جي پورائي واري سوچ ۽ لوچ سندس ضمير ۽ ظرف کي ظاهر ڪري ٿي. ان سلسلي ۾ هُو اسان سان پڻ رابطي ۾ ٿي رهيو ته اولاد کي ڪٿي پڙهائجي؟ ڪهڙي ڊگري وٺرائجي؟ وغيره.
    ارشاد احمد ڪردار جو نهايت ئي سِڌو، کرو ۽ سچو ماڻهو آهي. هُو صوم ۽ صلواة جو ننڍپڻ کان وٺي پابند آهي. ديني لاڙي پڻ سندس سيرت ۽ ڪردار کي اُتم ۽ اعليٰ بڻايو آهي.
    اسڪول ۾ هڪ سٺي استاد کان پوءِ هُن هڪ سٺي منتظم طور پڻ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا. اڄ سندس ڪيل جاکوڙ کي ڪتابي صورت ۾ ڀيٽا ڏني وئي آهي. اها ڳالهه پڻ فخر جي آهي.
    اسان جي ڳوٺ جو هِي مانائتو استاد تعليمي خدمتن ۾ تاريخ جو حصو بڻجندو.
    ايندڙ نسل سندس انهيءَ خدمتن مان اُميد ته ڪو اثر قبوليندو، ۽ يقيناً سندس خدمتن کي احترام ۽ عزت جي نظر سان ڏٺو ويندو.
    دعا آهي ته اسان جو هي دوست شال خوش ۽ آباد هجي (آمين).





    پروفيسر لياقت علي ڀٽو
    مبارڪپور، تعلقو ٺُل
    ضلعو جيڪب آباد


    قولَ جو پڪو ۽ سچ جو ساٿاري

    قولَ جو پڪو ۽ سچ جو ساٿاري

    عظيم انسانن سان ته اسان جي پوري سنڌ ڀري پئي آهي. پر انهن عظيم انسانن مان به هڪ ضلعي جيڪب آباد تعلقي ٺل ۽ يونين ڪائونسل مبارڪپور سان تعلق رکندڙ محترم ارشاد احمّد ولد پير بخش ڀٽو صاحب به هڪ عظيم انسان آهي.
    محترم ارشاد احمّد ڀٽو ڳوٺ مبارڪپور سيٺ پير بخش ڀٽو صاحب جي گهر ۾ جنم ورتو. ارشاد احمّد جن جي پيدائش تاريخ 3- آڪٽوبر1957ع آهي. محترم ارشاد احمّد ڀٽو صاحب شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي. سائين جن 1970ع ۾ پنج درجا پاس ڪيائون. ان کان بعد سائين جن 1977ع ۾ انٽر ۽ 1985ع ۾ بي.اي جي ڊگري گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج جيڪب آباد مان پاس ڪيائون. ارشاد احمّد ڀٽو صاحب کي 1982ع ۾ گورنمينٽ جي نوڪري پرائمري ٽيچر طور ملي. جيڪا پوسٽنگ دين محمّد بروهيءَ جي ڳوٺ تعلقي ۽ ضلع جيڪب آباد ۾ مقرري ٿي. ان کان بعد سائين جن جي مختلف هنڌن تي به پوسٽنگ ٿيندي رهي. 25 مارچ 1985ع ۾ پنهنجي ڳوٺ مبارڪپور ۾ مقرر ٿي. سائين جن پنهنجي ڊيوٽيءَ جا فرائض ايمانداري، نيڪ نيتي سان سرانجام ڏيندا رهيا. سائين جن سان منهنجي دوستي محترم سائين جناب قادر بخش خان مهر صاحب جي معرفت ٿي. سائين جن نيت جا صاف، قول جا پڪا، سچ جا ساٿاري ۽ دوستيءَ جا علمبردار رهيا آهن. محترم سائين ارشاد احمد ڀٽو صاحب 1999ع ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مبارڪپور جا هيڊماستر مقرر ٿيا ۽ ساڳي اسڪول مان سائين جن تاريخ 09 مارچ 2017ع تي رٽائرڊ ٿيا.
    رٽائرمينٽ حياتي جي هڪ اهم حقيقت آهي. ڪيترائي مهربان منهنجا استاد صاحبان ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ کان انڪاري هوندا آهن. جنهن سبب جي ڪري استاد صاحبان پنهنجو وقت ڏاڍو پريشانيءَ ۾ گذاريندا آهن. استاد صاحبان کي ان حقيقت کي دل سان تسليم ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هاڻي اوهان پنهنجي آفيس ۾ پنهنجي پيشي ۾ يا دفتر جي لحاظ کان گهڻو وقت نه ٿا گذاري سگهو. تنهن ڪري توهان کي پنهنجو اهو وقت پنهنجي گهر وارن سان گذارڻ لاءِ منصوبا بندي ڪرڻ گهرجي. سڀ کان پهريائين پنهنجي گهرواريءَ جي وڌ کان وڌ تعظيم ڪيو. جيڪا مان سمجھان ٿو ته، توهان اڳ ۾ به ڪندا آيا آهيو. پر هاڻي اوهان پنهنجو وقت گهر ۾ گذارڻ سکو. سمجھداري انهيءَ ڳالهه ۾ به آهي ته اوهان پنهنجو پاڻ کي بدلايو ۽ گهر جي سڀني ڀاتين سان ۽ پاڙيسرين سان سٺو سلوڪ رکو، وقت سان گڏوگڏ عمر به وڌندي رهي ٿي. جهڙي نموني وقت ڪڏهن به ڪنهن به حالت ۾ بيهي نه ٿو. بلڪل اهڙيءَ طرح عمر به روان دوان رهي ٿي. وڌندڙ عمر پاڻ سان گڏ ڪيترائي مسئلا کڻي ايندي آهي. انهيءَ ڪري وڌندڙ عمر ۾ جيڪڏهن توهان پنهنجي صحت کي سٺو رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ پاڻ کي سماجي طور سرگرم رکو. حياتي جو ٻيو نالو منصوبا بندي آهي. هر ماڻهو بلڪه ماڻهو ڇا هر ساهه وارو ڪيڙي، ماڪوڙي تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح پنهنجي حياتيءَ جي لاءِ، سولائين جي لاءِ، ڪاميابين جي لاءِ، خوشيءَ جي لاءِ ڪا نه ڪا اوهانکي منصوبا بندي ڪرڻي پوندي. موجوده وقت ۾خوشيون حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي جدوجهد ڪرڻي پوندي. سائين ارشاد احمّد ڀٽو جي شخصيت ۽ ڪردار مان هڪ ئي لفظ ۾ بيان ڪري سگهان ٿو. اهو لفظ آهي پاڻ ارپڻ. بهرحال سائين جن فرض ۽ ذميواريءَ کي خوش اسلوبيءَ سان نڀايو آهي، ۽ ائين اسان سڀني جي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان هر ذميواري ادا ڪرڻ گهرجي. هن جي زندگي عظيم آدرشن جي حاصلات لاءِ سدائين وقف رهي آهي. ارشاد صاحب لاءِ ٻيو ڪو زندگي جو مقصد ئي ڪو نه، سرسيتائي ۽ پاڻ پڻ هن جي زندگيءَ جو مقصد رهيو آهي. ارشاد احمّد هميشه سچو ۽ کرو انسان رهيو آهي. ڇو ته سچ ۽ نيڪيءَ جا اهڙا خدمتگار انسان روز روز پيدا ڪو نه ٿيندا آهن. منهنجي رب پاڪ کان دعا آهي ته رٽائرمينٽ کان بعد باقي زندگيءَ جا ڏينهن خوشيءَ ۽ خيريت سان گذاريندا. سائين ارشاد احمد انسانيت جو هڪ عظيم استاد ٿي رهيو آهي. ۽ سائين جن تعليمي معيار کي سختيءَ سان برقرار رکيو آهي.

    علي شير مَهر
    هيڊماستر، گورنمينٽ هاءِ اسڪول، آباد
    جيڪب آباد


    اعليٰ تعليمي معيار ۽ بهتر انتظامي روايتن جو پاسدار

    اعليٰ تعليمي معيار ۽ بهتر انتظامي روايتن جو پاسدار

    سرزمين سنڌ جي اُترئين علائقي ۾ گرميءَ جي لُڪ ۽ سرد هوائن ۾ آباد سرسبز زرخيز ٻنين ۽ سائي سبزين جي پوکن وارو ڳوٺ مبارڪپور جتي علم جي اڪابرن ۽ مهان استاد صاحبان علم جي شعاعن ۽ لاٽن ذريعي لڳاتار جُهد جاري رکي جهالت خلاف روشني ڦهلائي علمي عاشقن ۽ طالبن جي اُڃ پئي اُجھائي آهي.
    بيگاري ڪئنال جي ساڄيءَ ڀر تي واقع ڳوٺ مبارڪپور جي پرائمري اسڪول جي مهان ۽ نامور استاد صاحبان جو ذڪر ڇيڙجي ٿو ته من ۽ ذهن ۾ ڪيتريون ئي عظيم ۽ اعليٰ مرتبي واريون شخصيتون اچي اکين اڳيان بيهن ٿيون. ماضيءَ جي دري کلڻ سان پتو پوي ٿو ته مبارڪپور پرائمري اسڪول جا ُهي اوائلي عظيم استاد صاحبان سادا سٻاجھڙا قابل ۽ لائق هئا. جيڪي حقيقت ۾ بااليقين علم جا علمبردار هئا. اهڙا ڪردار يقيناً خراج تحسين جي لائق آهن. جيڪڏهن اڄ هتي اُن علم جي سرواڻن جو ذڪر نه ڪجي ته يقيناً اها انهن سان زيادتي ٿيندي. انهن مهان استاد صاحبان ۾ شامل آهن: محترم استاد نظام الدين خان ڀٽو، محترم استاد باڇو مل، محترم استاد دريا خان سومرو، محترم استاد محمد خان چنو، محترم استاد فيض محمد (فيض) ڀٽو، (شاهه عبداللطيفرحه جو گمنام پارکو ۽ شاعر هو، تر جا ناميارا شاعر سگهڙ کانئس رهنمائي حاصل ڪندا هئا). محترم استاد حاجي سردار خان ڀٽو، محترم استاد محمد پناهه (سخي ڀٽو)، محترم استاد روشن الدين ڀٽو، محترم استاد بهاوالدين ڀٽو، محترم استاد عبدالمجيد ڀٽو، محترم استاد حاڪم علي ڀٽو، محترم استاد عبدالفتاح ڀٽو، محترم استاد خدا بخش ڀٽو، محترم استاد نواب علي مهر، محترم سائين زبير علي ڀٽو. يقيناً انهن پنهنجي اچارن ۽ آوازن ذريعي پنهنجيءَ رت ۽ ستُ سان وقت بوقت علم جا ڏيئا ٻاريا. اهڙي مهان استاد صاحبان منجھان محترم سائين ارشاد احمد ڀٽو به هڪ آهي. محترم سائين ارشاد احمد صاحب، ٺيڪيدار سيٺ پير بخش خان ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. سيٺ پير بخش خان ڀٽو شيردل ۽ سختي مرد هو، جنهن جو تعلق مبارڪپور جي معزز گهراڻي سان آهي. سائين ارشاد احمد ڀٽو صاحب نهايت شفيق ۽ انتهائي شريف انسان آهي. جنهن پنهنجو جوڀن درس و تدريس کي احسن طريقي سان نڀائيندي گذاريو. ان کان علاوه سائين جن پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ هيڊماستر جي عهدي تي رهي اسڪول جي اعليٰ تعليمي معيار ۽ بهترين انتظامي روايتن کي برقرار رکيو. سائين محترم ارشاد احمد علم جي لاٽ ٻاري پنهنجي سموري زندگي ۾ جهالت جي اوندهه خلاف جھيڙيو آهي. محترم سائين ارشاد احمد جي ڀلا ڪهڙي ڳالهه ڪجي جنهن پنهنجي علمي قابليت ۽ معصوم شفقت، علم ۽ همدريءَ کي معصوم دلين لاءِ ارپي ڇڏيو. آءٌ سائين ارشاد احمد صاحب کي هميشه صابر و شاڪر، کل مک، بردبار، معاف ڪندڙ ۽ سدائين معتبر ڏٺو آهي. سائين جو اندر ۽ ٻاهر هڪ آهي. آءٌ پنهنجي بيت جون سٽون سائين ارشاد احمد ڀٽو جي نانءُ ڪريان ٿو:
    ڪي ڪي من جا مٺڙا ماڻهو
    اندر ٻاهر هڪڙا ماڻهو(سوز)
    محترم سائين ارشاد احمد ڀٽو صاحب اعليٰ ڪردار ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ آهي. صوم و صلاة جو پابند، محترم سائين ارشاد احمد صاحب جي ڪنهن شاگرد پنهنجي يادن کي ورجائيندي مون کي ٻڌايو هو ته آءٌ سائين جن جي غير موجودگيءَ ۾ پنهنجي ڪلاس روم ۾ شرارت ڪري رهيو هئس ته محترم سائين منهنجي پٺيان اچي منهنجي مٿي ۾ هٿ وجھي پنهنجي آڱرين کي ڦيرايو ته آءٌ لاعلميءَ ۾ نازيب لفظ استعمال ڪيو، مگر محترم سائين استاد ڪاوڙ ڪرڻ بجاءِ مون کي پيار ڪيو ۽ سزا ڏيڻ بجاءِ سمجھايو ته ٻچا پنهنجي زبان سان ڪڏهن به برا لفظ نه چئو. ڇاڪاڻ ته اهي بداخلاقيءَ جي زمري ۾ اچن ٿا. مطلب ته سائينءَ محترم ارشاد صاحب پنهنجي ڏانءُ، ڏات، علم ۽ فن ذريعي تعليم جي آبياري سان گڏوگڏ اخلاق ۽ ڪردار جي جوڙڻ لاءِ پڻ لازوال ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. محترم ارشاد احمد صاحب ايمانداري، انتهائي شرافت ۽ پابنديءَ سان پنهنجا فرائض نڀايا آهن ۽ ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي آهي. آءٌ بحيثيت استاد هڪ قوي اميد رکان ٿو ته سائين جن رٽائرمينٽ کان پوءِ به اڳ جيان پنهنجي نماڻي ٻاجھه ۽ شفقت جاري رکي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا. آءٌ دعا ٿو گهران ته رب تعاليٰ سائين ارشاد احمد کي هميشه ڪامل صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري.
    جيڻا اڳي جي جيا، جڳ جڳ سي جيئن
    اوءِ موٽي ڪين مرن، مرڻا اَڳي جي مُئا
    (شاهه)
    آءٌ ٿورائتو آهيان، محترم پياري اويس احمد ڀٽو جو جنهن مون کي سائين محترم ارشاد احمد ڀٽو جهڙي باوقار ۽ مانائتي شخصيت تي لکڻ جو موقعو فراهم ڪيو.




    سُهيل احمد ڀٽو
    (سوز مبارڪپوري)
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور


    استاد ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ هڪ مثالي استاد جون ڪيل خدمتون

    استاد ڇا کي چئبو آهي؟ ۽ هڪ مثالي استاد جون ڪيل خدمتون

    ‘اُستاد’ لفظ فارسي ٻوليءَ جي ٻن لفظن ‘اُستا’ ۽ ‘ود’ جو مرڪب آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ‘دانائيءَ جو ڪتاب’. استاد جي ٻي معنيٰ شاگرد لفظ جي اشتقاق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿي. شاگرد به فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي. سندس اشتقاق ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته شاگرد لفظ ٻن لفظن ‘شاهه’ ۽ ‘گرد’ جي ميلاپ سان جڙيو آهي. شاهه جي معنيٰ بادشاهه آهي ۽ گرد جي معنيٰ بادشاهه جي چوڌاري ويهڻ وارو. يعني استاد بادشاهه آهي ۽ سندس راڄ شاگرد آهن. اسلام ۾ استاد جو وڏو مان ۽ مرتبو آهي. رب العزت پنهنجي پاڪ ڪتاب فرقان مجيد جي الرحمان سورت ۾ فرمائي ٿو ته:
    اَلرَّحْمٰنُ۝ۙ عَلَّمَ الْقُرْاٰنَ۝ۭ خَلَقَ الْاِنْسَانَ۝ۙ عَلَّمَهُ الْبَيَانَ۝
    ترجمو: “رحمان قرآن جي تعليم ڏني، انسان کي خلقيو ۽ کيس بيان ڪرڻ سيکاريو”.
    سوچڻ جي ڳالهه آهي ته استاد جو ڪيڏو نه مان ۽ مرتبو آهي جو رب تعاليٰ پاڻ کي استاد ۽ آدم عليھ السّلام کي شاگرد بڻايو آهي.
    استاد جي عظمت جو هن حديث شريف مان به پتو پئي ٿو ته، ٻنهي جهانن جي سردار ۽ پاڪ پيغمبر حضرت محمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جو پاڪ فرمان آهي ته: “مان ته معلم (استاد) ڪري موڪليو ويو آهيان”.
    معلوم ٿيو ته استاد پيغمبري پيشي سان واڳيل آهي. اهو مان ۽ مرتبو تمام وڏو آهي، استاد، نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جي ورثي کي وٺي پنهنجي شاگردن کي علم جي زيور سان آراسته ڪري ٿو.
    حضرت سهيل بن سعد رضي الله تعاليٰ عنھ چيو ته، رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم، حضرت علي رضي الله تعاليٰ عنھ کي فرمايو: “خدا جو قسم (اي علي) تنهنجي ڪري الله تعاليٰ ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کي هدايت نصيب ڪري ته اها تنهنجي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان ڀلي آهي”.
    هي آهي استاد جي عظمت جنهن جو ڪم ئي آهي مرده دلين کي زندهه ڪرڻ، غير آباد سينن کي آباد ڪرڻ.
    حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنھ جو قول آهي ته: “جنهن مون کي هڪ حرف سيکاريو، اهو منهنجو سائين آهي، وڻيس ته مون کي وڪڻي ڇڏي ۽ وڻيس ته آزاد ڪري”.
    ڪيڏو نه استاد جو مان ۽ شان آهي جو حضرت علي سائين رضي الله تعاليٰ عنھ جهڙي هستي به پاڻ کي استاد جي حوالي ڪري آقا ٿو سڏي ۽ استاد جي هٿان وڪڻڻ تي فخر ٿو محسوس ڪري. پر هاڻي آءٌ پنهنجي موضوع جي طرف ايندي ان استاد جو ذڪر ڪندس جيڪو پنهنجي پيشي سان سچو، فرض شناس، بردبار، باڪردار، بااخلاق، صوم ۽ صلوات جو پابند، سلڇڻو استاد ارشاد احمد ڀٽو جيڪو پنهنجي عمر جا 60 سال پورا ڪري 09 مارچ 2017ع تي رٽائر ٿيو آهي. سندس والد جو نالو پير بخش هو. هو ٺيڪيداري جو ڪم ڪندو هو. هن ۾ ٻه خوبيون مشهور هيون هڪ ته ٺيڪو وٺڻ لاءِ ڪنهن به ڪاموري کي رشوت نه ڏيندو هو ۽ ٺيڪيدارن جي يونين جو سنڌ جو صدر به رهي چڪو هو. ٻي خوبي هن جي سخاوت جي هُئي. هن جي لاءِ مشهور هو ته ڪاسائيءَ کان سڄو ٻڪرو خريد ڪري ۽ ان جو گوشت پاڙي جي بيوهه ۽ يتيمن ۾ تقسيم ڪندو هو. استاد ارشاد احمد لاءِ اهو به اعزاز آهي ته هن جو والد مرحوم نيڪ نمازي ۽ سخي مڙس هو. استاد ارشاد احمّد جو جنم 1957ع تي ڳوٺ مبارڪپور ۾ ٿيو. مبارڪپور نالي هڪ تاريخي شهر هندستان ۾ پڻ آهي. پر آءٌ جنهن مبارڪپور جو ذڪر ڪري رهيو آهيان، سو واديءِ مهراڻ جو هڪ تاريخي ڳوٺڙو آهي. هونءَ ته ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي مبارڪپور نالي هڪ ڳوٺ ضلعي سکر ۾ به آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ان کان علاوه ڪي ٻيا به مبارڪپور نالي ڳوٺ ۽ شهر هجن پر هي زيرِ ذڪر اهو ڳوٺڙو آهي جنهن جو تعلق ٺوٺ گرم ضلعي جيڪب آباد جي ٺل تعلقي سان آهي. هي ڳوٺ ٺل، همايون، جيڪب آباد جي پڪي لنڪ روڊ سان آهي. هي ڳوٺ ڪڏهن وجود ۾ آيو ان بابت به صحيح پتو پئجي نه سگهيو آهي. باقي انگريزن جي دور جا جيڪي پڪا پختا اهڃاڻ ملن ٿا تن مان معلوم ٿئي ٿو ته انگريزن جي دور ۾ هن ڳوٺ جي وڏي اهميت هُئي. ڳوٺ ۾ انگريزن جي دور جي قائم ٿيل تپيداري، مختيارڪاري ۽ چيئرمين آفيس ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته، انگريزن جي دور ۾ هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد ۾ وڏي اهميت رکندو هو. انگريزن جي بيٺڪ منزل گاهه ڳوٺ کان ٻاهر اوڀر طرف اڄ به ان پراڻي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. ڳوٺ مبارڪپور بيهڪ جي لحاظ کان ڄڻ هڪ ٻيٽ تي ٻڌل آهي. هن جي چوڌاري پاڻي جا تلاءُ اونهاري سياري ڀريا بيٺا هوندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ ۾ بيگاري ڪئنال سڏ پنڌ تي آهي. جيڪا ضلعي جيڪب آباد جي حد کي ختم ڪري ضلعي شڪارپور جي حد کي شروع ڪري ٿي. ڳوٺ جي اولهه طرف تقريباً 20 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ضلعي هيڊڪوارٽر شهر جيڪب آباد آهي. ۽ ڳوٺ جي اوڀر طرف 17 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي تعلقي هيڊڪوارٽر ٺل شهر آهي ۽ ڳوٺ جي اتر طرف اٽڪل 15 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي دلمراد ريلوي اسٽيشن آهي. هن وقت هي ڳوٺ ضلعي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل ۾ يونين ڪائونسل جي حيثيت رکي ٿو. تعليمي لحاظ کان هن ڳوٺ جي اڄ به وڏي اهميت آهي. مختلف کاتن جا ڪيترائي اوهان کي 17 گريڊ جا آفيسر ملندا. جڏهن ته پرائمري ۽ سيڪنڊري استادن جو ڳڙهه چئجيس ته وڌاءُ نه ٿيندو. تنظيم فڪر و نظر سنڌ جي باني ملڪ جي وڏي اسلامي اسڪالر ۽ سنڌي ادب جي ڄاتل سڃاتل شخصت مرحوم پروفيسر اسدالله ڀٽو صاحب جو به هن ڳوٺ سان تعلق هو. ان کان علاوه هن ڳوٺ جي نئين ٽهي جون ادبي شخصيتون اڄ به سنڌي ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهائي رهيون آهن. هي ته مختصر تعارف ارشاد احمّد جي جنم ڀوميءَ جو هو. سندس چوڻ آهي ته پرائمري ۽ مڊل جي تعليم به ان تاريخي ڳوٺ جي تاريخي اسڪول ۾ ٿي. سرڪاري پراڻي رڪارڊ مان معلوم ٿيو آهي ته ڳوٺ جو مين پرائمري اسڪول 1880ع کان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ 1961ع ۾ مڊل اسڪول بڻيو. جڏهن ته 1986ع ۾ هن اسڪول کي گورنمينٽ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو.
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور تعلقي ٺل ضلعي جيڪب آباد جي پراڻن، سٺن ۽ تاريخي اسڪولن منجھان هڪ آهي. سٺو اسڪول ان کي نه چيو ويندو آهي جنهن اسڪول جي عاليشان بلڊنگ هجي پر سٺو اسڪول ان کي چيو ويندو آهي جنهن اسڪول جا استاد سٺا هجن.
    استاد ارشاد احمد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ٻرڙو ۾ ۽ B.A جي ڊگري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ حاصل ڪئي.
    هي محترم ۽ مان وارو مهان استاد 1982-04-17 ۾ تعلقي ۽ ضلعي جيڪب آباد جي پرائمري اسڪول دين محمد بروهي ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو. هڪ مهينو رهڻ کان پوءِ تعلقي ٺل جي پرائمري اسڪول مددپور کوسو ۾ 9 مهينا ۽ ساڳئي ئي تعلقي ٺل جي هڪ ٻئي پرائمري اسڪول جلال پور ۾ هڪ سال تعليمي گل نڇاور ڪري 1984ع کان 2017ع تائين 33 سال مبارڪپور جي مين پرائمري اسڪول ۾ علم جي لاٽ ٻاريندڙ جاکوڙي استادن جي صف ۾ پاڻُ ڳڻايائين. هن اسڪول ۾ استاد ارشاد احمّد کان اڳ ۾ جيڪي به نائب ۽ هيڊماستر رهي چڪا هُئا سي فائينل پاس سڏبا هئا. هي پهريون گريجوئيٽ هيڊماستر هو جنهن فائينل پاس هيڊماستر کان 25 فيبروري 1999ع تي گورنمينٽ بوائر پرائمري اسڪول مبارڪپور جي هيڊماستري جي چارج ورتي. هن کان اڳ ۾ جيڪي فائينل پاس مهان استاد علم ۽ ادب جي کيڙِي کيڙي خوبصورت کيت اُپايون هليا ويا تن موتين جي مالها هن ريت قلم بند ڪئي آهي. سنڌ جي بلندپايه اديب ۽ باڪمال شاعر شمس العلماء حضرت مرزا قليچ بيگ جو شاگرد سنڌ جو نالي وارو استاد، اديب ۽ شاعر قادر بخش بشير سومرو، درياءُ خان سومرو، سيد مظهر علي شاهه، باشومل، محمد اسحاق سومرو، ڪمال الدين مڱڻهار، فيض محمد سيٺار، محمد خان چنه، نظام الدين ڀٽو، استاد فيض محمد ڀٽو، عبدالغفور چنه، محمد پناهه ڀٽو، سردار خان ڀٽو، خدا بخش ڀٽو، استاد غلام الرسول مستوئي، رستم علي ڀٽو، غلام النبي ڀٽو، عبدالمجيد ڀٽو، حاڪم علي ڀٽو، الهداد ڀٽو، روشن الدين ڀٽو، استاد نواب علي مهر وغيره. گورنمينٽ بوائر پرائمري اسڪول مبارڪپور کي هميشه بهترين ۽ جاکوڙي استاد مليا آهن.انهن سٺن استادن منجھان استاد ارشاد احمّد ڀٽو به پڻ هڪ آهي. استاد ارشاد احمّد جيڪو پاڻ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ پڙهيو ۽ ان ئي اسڪول ۾ نائب ۽ بعد ۾ هيڊماستري جا فرائض احسن طريقي سان سرانجام ڏنا.
    سائينءَ کي جيڪو به ڪلاس حوالي ڪيو ويندو هو ان ڪلاس کي صاف سٿرو ۽ دلڪش بڻائي ڇڏيندو هو. هن جي مثالي شاگردن مان معلوم ٿيندو هو ته واقعي هو هڪ بهترين، محنت ڪش ۽ مثالي استاد آهي. هن پنهنجي هيڊماستري واري دؤر ۾ به انتظامي ذميواري سهڻي نموني سرانجام ڏني. هن ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن نائب کي قلم جي مار نه ڏني، جيڪڏهن ڪنهن نائب ۾ سستي، ڪاهلي ڏسندو هو ته دوستاڻي ماحول ۾ ان کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندو هو. شاهه سائين اهڙن انسانن لاءِ ئي ته چيو آهي:
    ڀلائي آهين، پرين ڀلائيءَ پانهنجي،
    سٻاجھا سر چڙهيو، ڏوراپو نه ڏين،
    مان ڏي مديون ٿين، سڄڻ سڄاين ۾.
    (شاهه)
    هو هميشه اسڪول ۾ سڀني استادن کان پهريان پهچڻ جو عادي ۽ وقت جو پابند هوندو هو. جهڙ، مينهن يا ڪيڏي به گپ هجي هو اسڪول پهچي اسيمبلي ضرور ڪرائيندو هو. ڪنهن مجبوري سبب ضروري سرڪاري آفيس جي ڪم کان سواءِ ريزڪي موڪلون به بچائڻ جو عادي هو.
    هن جي آفيس بلڪل آفيس لڳندي هُئي. هن جي آفيس ۾ رکيل ڪرسي ۽ ٽيبل جي سامهون واري ديوار تي هڪ وڏو خوبصورت بورڊ ٺهيل هوندو هو. جنهن تي اسڪول جي سڀني استادن جي بايو ڊيٽا اُڪريل هوندي هُئي. ڪنهن به اسڪول جي استاد جو فارم فِل ڪرڻو پوندو هئس ته بورڊ مان ئي معلومات وٺي فارم فِل ڪري ڇڏيندو هو. ان مان ئي هڪ قابل استاد جي ڏاهپ جو ڏس ملي ٿو.
    ڪاش! اهڙو کاهوڙي استاد اڃان به علم جي اُڃ اُجھائيندو رهي ها. پر ڇا ڪجي جو وقت تيزيءَ سان گذري ويو ۽ لطيف سائين جو هي بيت موقعي جي مناسبت سان چوڻو پيو ته:
    کاهوڙين کڻي، ساجهر ٻَڌا سندرا،
    ڏوريندي ڏونگرين، ڪيائون پاڻُ پڻي،
    ڏکن ڏيک هَڻي، ڇيهه لڌائون ڇپرين.
    (شاهه)





    گل حسن “گل” مَلڪ
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول مبارڪپور
    مرڪزي صدر
    سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)


    محنت، صبر ۽ عاجزي اختيار ڪندڙ

    محنت، صبر ۽ عاجزي اختيار ڪندڙ

    ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
    جيئن ته ڳوٺ مبارڪپور هڪ تاريخي ۽ قديمي ڳوٺ آهي. مبارڪپور تعلقي ٺُل ضلع جيڪب آباد، همايون شريف براسته ٺل تي واقع آهي. مبارڪپور ۾ مختلف قومون رهائش پذير آهن. جن مان گهڻائي ڀٽو قوم جي آهي. هِتان جي رهاڪن جو ڌنڌو ڌاڙي، ٻَني ٻارو، ڪاروبار، ۽ گهڻائي مختلف سرڪاري کاتن ۾ ملازمن جي آهي. ۽ سرڪاري ملازمتن جي به گهڻائي/ اڪثريت ڀٽو قوم جي آهي.
    ڳوٺ مبارڪپور ۾ گهڻا نه پر 3 ادارا سرڪاري جيڪي به تاريخي ۽ قديمي آهن، جن ۾ پوليس ٿاڻو، اسپتال، ۽ بنيادي طور تي هڪ پرائمري اسڪول به آهي. جيڪي انگريزن جي دؤر کان هلندا ٿا اچن.
    پرائمري اسڪول مبارڪپور مان هزارين شاگرد، ڳوٺ وارا ۽ علائقي وارا تعليم جي اعليٰ زيور سان مستفيض ٿيندا رهيا آهن.
    هن اسڪول مان بنيادي تعليم حاصل ڪندڙ، ڪي ڊاڪٽر بنيا ڪي پروفيسر بڻيا، ڪي اديب، دانشور، ليکڪ، سگهڙ، شاعر، پوليس آفيسر ۽ عالم به ٿيا.
    خاص ۽ اهم ڳالهه اها ته هن پرائمري اسڪول مان تعليم حاصل ڪندڙن جي گهڻائي استادن جي آهي. جن ۾ پرائمري استاد، هائير سيڪنڊري استادن ۽ پروفيسرن جي آهي.
    ضروري سمجھندي اها ڳالهه واضح ڪريان ته اسان ڀٽو قوم ۾ تعليم جو شعور ڏيارڻ، تعليم جو منور ڏيئو روشن ڪرڻ/ رکڻ جو بنياد، محترم جناب محمد بخش ڀٽو صاحب جن پنهنجي اڻ ٿڪ محنت ۽ ڪوشش سان رکيو. جنهن جو شاندار، مٺو ۽ سٺو ڦل اڄ ڀٽو قوم کي الحمدالله حاصل آهي. محمد بخش ڀٽو صاحب کي رب پاڪ جواهر رحمت عطا فرمائي. (آمين)
    مبارڪپور ۾ پرائمري اسڪول کان بعد مڊل اسڪول، نياڻين لاءِ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول به ٺهيو. هن وقت اهو اسڪول هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو رکي ٿو. تعليم ته مڙني اسڪولن کان مبارڪپور ۾ بهتر آهي. پر بلڊنگ جو حال پورو آهي. “حال حبيبان پيش پِريان. بس چلي جار هي، هي خدا ڪي سهاري”.
    تعليم ڏيارڻ لاءِ سٺي ۾ سٺا، محنتي، هوشيار، ذهين ۽ قابل استاد ٿي گذريا آهن. اها ڪاميابي و ڪامراني انهن اعليٰ استادن جي ئي ڪري هلي آهي. انهن استاد صاحبان تي ناز ۽ فخر آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ پرائمري اسڪول جا تمام سٺا ۽ قابل استاد توڙي ناميارا هيڊماستر صاحبان به ٿي گذريا آهن.
    منهنجي لکڻيءَ جو خاص مقصد اسان جي عزيز محترم جناب استاد هيڊماستر ارشاد احمد ڀٽوبابت ڪجھه ڀڳل ٽٽل جملن ۾ سائين تي تاثرات، خيالات ۽ خدمات تي بيان ڪرڻ آهي. لکڻ ته سڀني هيڊماسترن تي فرض آهي.
    عام طور تي اسين پاڻ ۾ ڳوٺاڻا ۽ ويجھا رشتيدار به آهيون. ڪوئي ڪنهن کان ڳجھو ۽ لڪل نه آهي. پڌري پَٽَ جيان سڀ واضح ۽ ظاهر آهي. هر هڪ فرد پنهنجي پنهنجي ڪردار، رهڻي ڪهڻيءَ، اخلاق، اخلاص، ادب ۽ علم سان سڃاتو ۽ ڄاتو ويندو آهي.
    محترم استاد ارشاد احمد ڀٽو به انهن مان هڪ آهي. جنهن تعليم ڏيڻ لاءِ هڪ استاد هئڻ جي حيثيت ۾ اڻ ٿڪ محنت ۽ ڪوشش جاري رکي. سائين جي محنت جو رنگ ڪيترن ئي علائقي ۽ ڳوٺ وارن حاصل ڪيو آهي. هن ڊيوٽيءَ دؤران ڪڏهن به پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڪئي. هن مختلف ڳوٺن جي اسڪولن ۾ خدمت ڪئي. محترم استاد ارشاد احمد ڀٽو 10 مارچ 1957ع ۾ مبارڪپور ۾ پيدا ٿيو ۽ پاڻ به پنهنجي ڳوٺ مبارڪپور پرائمري اسڪول مان ئي بنيادي تعليم جي شروعات ڪئي. مئٽرڪ 1975ع ۾ ميرپور ٻرڙو مان ڪئي ۽ 1982ع ۾ هڪ پرائمري استاد مقرر ٿيا.
    1982ع ۾ B.A به پاس ڪيائون ۽ 1985ع ۾ P.T.C جو امتحان ڏيئي پاس ڪيائون، 2005ع ۾ B.Ed جو امتحان ڏنو.
    محترم استاد ارشاد احمد ڀٽو 1999ع ۾ پرائمري اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ٿيا ۽ مارچ 2017ع ۾ رٽائرڊ ٿيا. تقريباً 20 سالن تائين هيڊماستريءَ جا فرائض خوش اسلوبي، خوش اخلاقي، ايمانداري، ديانتداري، بردباري ۽ نيڪ نيتيءَ ۽ سچائيءَ سان سرانجام ڏنائون.
    محترم عزيزم استاد ارشاد احمد ڀٽو جو مِلڻ جُلڻ، هلت چلت، سندن اخلاق، اخلاص، ادب ۽ حياءُ ئي خاص سُڃاڻ آهي. چهري تي سدائين مسڪراهٽ ۽ مرڪ رهندي اٿن. ڪڏهن به تڪبر فخر ۽ وڏائي نه ڪيائون. هميشه عاجزيءَ، انڪساريءَ صبر ۽ تحمل اختيار ڪندا رهيا. ڪڏهن به پاڻ کي فوقيت نه ڏنائون. شاگردن، استادن، ننڍن، وڏڙن توڙي جو مٽن مائٽن سان سٺو ورتاءُ اختيار ڪيو اٿائون. سڪ محبت ۽ پاٻوهه سان پيش ايندا هئا. صوم و صلوٰة جا پابند آهن. شرافت استاد جي پهچان آهي. ذاتي زندگي به هڪ سٺي نيڪ انسان، نيڪ مرد جيان گذاري اٿائون.
    منهنجي دعا آهي ته رب پاڪ کين محنت ۽ ڪاوش جو اجر ڏيڻ فرمائي. (آمين)





    محمد سرفراز ڀٽو
    مبارڪپور ٺُل، جيڪب آباد


    اسان به اهڙي نقشِ قدم تي هلون

    اسان به اهڙي نقشِ قدم تي هلون

    مبارڪپور ڳوٺ ۾ الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان ڪيترائي بهترين استاد پنهنجي دؤر ۾ پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سَچا رهي پنهنجو نالو ڪمائي ويا آهن. پرائمري اسڪول جي اها وڏي خوش نصيبي آهي، جنهن ۾ بيشمار بهترين استاد پڙهائي چُڪا آهن. انهن استادن تمام وڏو ڪم ڪيو آهي، جنهن جي ڪري انهن جو نالو اڄ به ڳائجي پيو.
    محترم سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو به انهن جاکوڙي استادن واري قطار ۾ اچي ٿو. جنهن پڻ نهايت سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي ڊيوٽي ڪري هڪ فرض شناس ۽ وقت شناس استاد جو ثبوت ڏنو آهي. اهڙن پابند مزاج استاد جو طريقو، جونيئر استاد به جيڪڏهن اپنائين ته سچ پچ ته اهي به پنهنجي ناماچاري ڪرائي سگهن ٿا.
    استاد ارشاد احمّد پنهنجي ڊيوٽيءَ سان واهَه جو نڀايو آهي. هيڊماستر جي ذميوارين ۾ به هُن ڪا ئي ڪسر ڪو نه ڇڏي آهي. انهيءَ انتظامي عهدي تي هُو لڳ ڀڳ اوڻيهه سال رهي اهو ثبوت ڏنو آهي ته وقت ڪيترو به ڏکيو ڇو نه هجي پر سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ جو دامن هميشه مضبوط هجي.
    اسان کي گهرجي ته اسان به اهڙن ماڻهن جي نقشِ قدم تي هلون.





    عبدالرسول مَهر
    مبارڪپور


    پڙهائڻ ۾ ڪابه ڪَسر نه ڇڏيندڙ استاد

    پڙهائڻ ۾ ڪابه ڪَسر نه ڇڏيندڙ استاد

    محترم ارشاد احمّد ڀٽو ڳوٺ مبارڪپور تعلقو ٺُل ضلعو جيڪب آباد تاريخ 1982-04-17 دين محمّد بروهي ۾ مقرر ٿيو ۽ تاريخ 1995-03-25 تي بدلي ڪري گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ مقرر ڪيو ويو. هن استاد پڙهائڻ ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏي ۽ بنيادي تعليم عام ڪرڻ ۾ پنهنجو وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ استاد جا شاگرد ڪيترن هنڌن تي سرڪاري نوڪريون ڪري رهيا آهن ۽ اها استاد جي وڏي ڪاميابي آهي سچائي ايمانداريءَ سان پنهنجو فرض نڀايو اٿس. ڳوٺ مبارڪپور جي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ نهايت محنتي استادن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، گورنيمنٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ 32 سال ڊيوٽي ڪرڻ معمولي ڳالهه نه آهي پر اها هڪ حقيقت آهي ۽ اها انهن جي صلاحيتن کي ظاهر ڪري ٿي ۽ وقت جي پابندي گهڻي هئس ۽ ريگيولر هيڊماستر سڏيو وڃي ٿو ۽ ڳڻيو ويندو. مان سائينءَ جي اهڙي زندگي گذارڻ تي کيس جَسُ ڏيان ٿو ۽ سندس وڏي ڄمار ۽ سُٺي صحت لاءِ دعاگو آهيان، شال الله سائينءَ کيس خوش رکي. (آمين)




    محمّد سليمان ڀٽو/مبارڪپور
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول
    عبدالقادر کوسو


    عقل، تدبر ۽ باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺندڙ اُستاد

    عقل، تدبر ۽ باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺندڙ اُستاد

    دنيا ۾ ڪجهه انسان اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار سان سڃاتا ويندا آهن، سندن اهڙي عمل جي ڪري، اُهي هميشه يادن ۾ زندهه رهن ٿا.
    محترم ارشاد احمد ڀٽو صاحب به پنهنجي زندگيءَ جي لمحن ۾ پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار جو عملي نمونو آهي، جنهن جو ثبوت سندن پڙهيل ڪافي شاگردن ۽ سندن پنهنجي اولاد کي باعزت ۽ باوقار زندگي گذاريندي ڏسي سگهجي ٿو.
    هونئن ته سائين محترم جن سان جيڪي لمحا محبت ۾ گذارياسين اهو دور تقريباً 2004ع کان اڳ جو آهي، تن ڏينهن کان پوءِ پنهنجي ملاقات ۽ ڪچهريءَ جو سلسلو نه هجڻ جهڙو رهيو، ڇو ته زندگيءَ جي مصروفيتن اڪثر ڪري انساني ميل جول کي گهٽائي ڇڏيو آهي، پر سائين جن سان گذاريل گهڙين ۾ جيڪو مون مشاهدو ڪيو آهي ته اُستاد ارشاد احمد فطري طور طبيعت جا ڏاڍا نرم ۽ حساس دل جا مالڪ آهن. ڇو ته پاڻ جيڪي گهڙيون گڏ ويهندا هئاسين ۽ هاڻي به جڏهن سائين جن سان ملاقات ٿيندي آهي ته سائين جن کي ڏسندو آهيان، جو سائين جن ڳالهائيندڙ سان ته مصروف هوندا آهن پر سائين جن جي نظر غير محسوس انداز ۾ پسگردائيءَ ڏانهن به متوجه هوندي آهي ۽ هر ننڍي يا وڏي منظر کي تمام باريڪ بينيءَ سان فوري جائزو وٺي ويندا آهن ۽ پوءِ اهڙي منظر ڏانهن، اسان کي به متوجه ڪرائڻ لاءِ هڪ وڏي ٽهڪ سان اشارو ڪندا آهن. جيڪو سائينءَ جو هڪ منفرد اسٽائيل آهي. جيترو عرصو مون سائين جن کي جانچيو آهي، ته سائين جن وقت جا ڏاڍا پابند رهي ڪري زندگي گذارين ٿا ۽ پنهنجي ذميواريءَ کي وَس وِت آهر پوري ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪن ٿا. جيڪڏهن سنگت ساٿيءَ سان ملاقات جو وقت مقرر اٿن، ته تمام مصروفيات کي پاسيرو رکي، دوستن کي فراخ دليءَ سان آڌر ڀاءُ ڪن ٿا ۽ ڏاڍي دل جَمعِي سان اهي گهڙيون انهن سان گذارين ٿا.
    استاد صاحب جن ۾ مون اها ڳالهه پڻ ڏٺي آهي ته ڪڏهن به ڪنهن جي خلاف سازش جو حصو نه ٿيندا آهن، بلڪ اهڙي عمل کي ويجهو ڏسي جلدي انسانيت جي ناتي پاسيرو ٿي ويندا آهن. حقيقت ۾ اهڙي خوبي هڪ خوفِ خدا رکندڙ انسان ۾ هوندي آهي. ڪڏهن به ڪنهن سان ذاتي رنجش هوندي ان کان ذاتي انتقام وٺڻ کان پري رهندا آهن ۽ اهڙو عمل سُنتِ نبويءَ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي دائري ۾ اچي ٿو.
    سائين جن کان ڪڏهن ڪوئي ماڻهو جيڪڏهن تعاون ڪرڻ لاءِ چوي ٿو ته سائين جن پنهنجي طاقت آهر اهڙي ماڻهوءَ سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار رهن ٿا. جيڪا پڻ هڪ سنت آهي.
    سائين جن جي هڪ وڏي وصف هي به آهي ته پاڻ حقوق الله پوري ڪرڻ لاءِ هميشه فڪرمند رهندا آهن ۽ انهن کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به روايتي سستيءَ جو مظاهرو ڪونه ڪيائون.
    استاد محترم بحيثيت هڪ استاد ۽ هيڊماستر هئڻ جي، پڻ پنهنجي مٿان عائد فرضن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهيءَ ۽ لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪونه ڪيائون. بلڪ انتهائي ايمانداريءَ سان شاگردن کي پڙهايائون، سندن زندگي سنواري وڏو اجر جو ڪم سرانجام ڏنائون. انتظامي ذميوارين کي به جنهن عقل ۽ تدبر سان نڀايو اٿائون، تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. اها سندن پيشي سان سچائي ئي آهي، جنهن جو پاڻ پورائو ڪَري ٻين جي لاءِ هڪ مثال پڻ قائم ڪيو آهي ته ڪيئن نه فرض شناسيءَ سان ئي معاشري ۾ حقيقي عزت ملي ٿي، جنهن جو طلبگار هر عام و خاص آهي.
    سائين ارشاد احمد جن جي شخصيت لاءِ اڃا گهڻو لکجي سگهجي ٿو پر جيئن ته ٻين دوستن پڻ سائين جن جي علمي خدمتن تي پنهنجا تاثرات لکيا آهن، ۽ سندن تاثرات سان سائينءَ جي شخصيت کي وڌيڪ پرکي سگهجي ٿو.
    سائين جن لاءِ آخر ۾ دعا آهي ته الله تعاليٰ کين آئنده جي زندگيءَ ۾ به حقوق الله ۽ حقوق العباد جي ادائگيءَ ۾ وڌيڪ توفيق ۽ مدد فرمائيندو رهي ته جيئن پنهنجي رب جي اڳيان نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جو هڪ ڪامياب اُمتي بڻائي. شالَ سائين محترم پنهنجي زندگيءَ ۾ سَدا خوش ۽ آباد هجي. (آمين)





    اياز احمد سومرو
    (مبارڪپور)
    اسسٽنٽ پروفيسر (ڪيمسٽري)
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد


    محنتي ۽ همدرد دوست

    محنتي ۽ همدرد دوست

    محترم استاد ارشاد احمّد منهنجو ننڍپڻ جو دوست ۽ ساٿي آهي. اسان ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان پنهنجي دوستيءَ کي سُٺي نموني نڀائيندا پيا اچون.
    سائين ارشاد احمّد سان منهنجون ڪيتريون ئي يادون آهن. اسين سنڌ توڙي پاڪستان جي جنهن به شهر ڏانهن ويا آهيون، اُتي پاڻ گڏوگڏ ويا آهيون. هُو انتهائي دل جو سَچو ۽ همدرد ماڻهو آهي.
    اسان جا ڪراچي يا ڪنهن بالا آفيسرن ۾ ڪي ڪم ڪار ٿيندا هئا، ته آءٌ سائينءَ کي اڳيان ڪندو هئس. ڇو ته آفيسن ۾ ڳالهائڻ، ڪرڻ اسان کان ڪو نه پڄندو هو، تنهن ڪري آءٌ ان حوالي سان سائينءَ جون خدمتون وٺندو هوس.
    مون کي ياد آهي ته سندس ڊيوٽيءَ دؤران آءٌ کيس ڪٿي هلڻ لاءِ چيو ته هُن مون کي صاف انڪار ڪندي معذرت ڏيکاري. ۽ چيو ته آءٌ پنهنجي ڊيوٽي ٽائيم تي ڪڏهن به ٻاهر يا ڪنهن شهر نه ٿو هلي سگهان. مان سمجھان ٿو ته، پرائمري اسڪول ۾ سائين پنهنجي دؤر جو واحد استاد هو جيڪو سچائي ۽ ايمانداريءَ سان نوڪري ڪندو هو.
    سائين جڏهن هيڊماستر ٿيو پوءِ ته، تمام گهڻو پابند ٿي ويو. ڪيڏو به ضروري ڪم هجي پر موڪل کان پوءِ يا آچر جي ڏينهن هلندو هو. باقي سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي جو هُو ڊيوٽي ٽائيم تي پنهنجو اسڪول ڇڏي.
    سائين مهنجي زندگيءَ جي هر خراب ۽ سٺي وقت ۾ مون سان گڏ رهيو آهي. آءٌ ته کيس دوست گهٽ پر ڀاءُ وڌيڪ سمجھندو آهيان. منهنجي اڪثر گهريلو ڪمن ڪارين ۾ به هُن مون کي حوصلو، مدد ڏني، نه ته آءٌ انهن ڪمن کي سائين ارشاد صاحب کان سواءِ مشڪل سان نبيري سگهان ها.
    مون کي اُهي ڏينهن به ياد آهن، جڏهن ان وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هئا جو هُو هڪ ئي وقت گهر به هلائي ته اولاد جون شاديون، تعليم ۽ ٻيون گُهرجون به پوريون ڪري. منهنجو کيس سلام آهي ته هُن پنهنجي اهڙي ڏکئي وقت ۾ ڪيئن نه همت ۽ بهادريءَ سان نڀايو آهي.
    جيئن ته مون چيو ته هن سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان پنهنجي ڊيوٽي ڪئي، شاگردن کي علم جي زيور سان سنواريو. خدا تعاليٰ کيس ان جي موٽ ۾ پنهنجي اولاد به نيڪ ۽ صالح ڏني، جيڪا اڄ وڏن عهدن تي فائض آهي.
    مون کي پنهنجي هڪ محنتي، ۽ همدرد دوست تي فخر آهي، ته هُن پنهنجي زندگيءَ کي ڪارائتو بڻايو. منهنجي نظر ۾ اها ئي سندس ڪاميابي آهي. دُعا آهي ته منهنجو دوست هميشه خوش رهي. (آمين)




    محرم علي ڀٽو/مبارڪپور
    ASI (رٽائرڊ) ايڪسائيز اينڊ
    ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ
    جيڪب آباد


    باب ڇهون واقفڪار سڄڻن پاران

    کِيرَ ۾ کنڊُ جهڙو مٺڙو معلم

    کِيرَ ۾ کنڊُ جهڙو مٺڙو معلم

    هِن ڪائنات ڏانهن نظر ڦيرائجي ٿي ته انيڪ خوبيون، حيرت انگيز حقيقتون ۽ ڏندين آڱريون ڏيندڙ ڪارناما نظر اچن ٿا. اهو ڪنهن فرشتي يا مخلوق يا ڪنهن ٻئي جو ڪم نه، بلڪ حضرت انسان جو ڪمال آهي. جبل مان رستن جا لنگهه ڪڍي ٻيلن کي هموار ڪري، اتي واٽون ۽ گَس ڪڍي آسانيون پيدا ڪيون.
    ڌرتيءَ تي هر ماڻهو پنهنجو پاڻ ملهائي ٿو، ڪوبه وسان ڪونه گهٽائي ٿو.
    ها، سائين ارشاد احمد ڀٽو به وسان ڪين گهٽايو آهي. هُو پنهنجي دور جو، پنهنجي ڳوٺ ۾ سٺو والد، ڪامياب استاد، باڪردار انسان ٿي رهيو آهي.
    استاد ارشاد ڀٽو مان سمجهان ٿو ته ڀاڳوند انسان آهي، جنهن کي الله تعاليٰ مقدس پيشي “معلمي” سان منور ڪيو آهي.
    هڪ استاد اسان جي معاشري ۾ تمام وڏي عزت ۽ مان مرتبي جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. مطلب ته ٻين ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه سرس.
    وري جيڪڏهن اُستاد، ذميوار، فرض شناس ۽ محنتي هجي پوءِ ته اصل کير ۾ کنڊ.......! استاد ارشاد احمد به ائين کير ۾ کنڊ جهڙو مٺڙو معلم آهي.
    اويس ڀٽو کي مان اها ڳالهه ڪندو آهيان ته بابلا، جيڪو استاد پراين ٻارن کي سچائيءَ سان پڙهائي ٿو، مان دعويٰ سان چوان ٿو ته ان جا ٻار به پڙهن ٿا ۽ ها استاد ارشاد احمد ان ڳالهه ۾، جيئن چنڊ تارن ۾ سِجُ آهي. جيئن گلن ۾ گلاب آهي. مطلب ته ڪامياب استاد آهي.
    مبارڪپور جهڙن تعليمي اعتبار کان پٺتي پيل علائقن ۾ استاد ارشاد احمد جهڙا استاد ان ڳالهه جو ثبوت آهن، ته اڃان به ڪي مانجهي مڙس آهن، اڃان به ڪي کاهوڙي انسان آهن، جيڪي معاشري مان جهالت کي ڀڄائڻ ۾ مصروفِ عمل آهن.
    آخر ۾ دعا اٿم ته محترم سائين ارشاد احمد هميشه خوش ۽ سٺي صحت سان مالامال رَهي.



    پروفيسر سراج چنا
    هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ
    ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو
    (ڄام شورو)


    ”اُستاد“ لفظ جي مفهوم تي، پورو لهندڙ استاد

    ”اُستاد“ لفظ جي مفهوم تي، پورو لهندڙ استاد

    اويس ڀٽو جو حڪم ٿيو ته استاد ارشاد احمّد ڀٽو جي رٽائرمينٽ جي موقعي تي ڪجھه لکي استاد جي ڪيل علمي خدمتن تي روشني وجھجي. سو ڪوشش ڪيان ٿو ته پنهنجي سوچ ۽ سمجھه آهر استاد تي ڪجھه لکان.
    استاد ارشاد احمد ڀٽو ڪافي وقت کان گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ هيڊماستر طور ذميواري سنڀاليندو رهيو آهي. هو هڪ ايماندار انسان ۽ استاد آهي. جيستائين مان سمجھان ٿو ته هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد صرف تعليم ۽ تدريس سان وفاداري ڪرڻ بڻائي ڇڏيو هو. استاد اسان جي معاشري جو قابل ذڪر انسان آهي. ڇو ته هُو هر وقت پنهنجي مليل ذميواري ۾ مشغول نظر آيو. وَس ويندي پنهنجي ڪم ۾ ڪوتاهي نه ڪئي اٿائين ۽ نه ئي وري ڪٿي کوٽو نظر آيو آهي. ان جي ڪري مان اهو ٺيڪ ٿو سمجھان ته جيڪو لفظ ”استاد“ آهي، سو استاد ارشاد احمّد ڀٽو ان لفظ جي مفهوم تي مڪمل طور پورو ٿو لهي. استادَ کي استادُ چوندي دل خوش ٿيندي آهي. اسان وٽ اهڙ اشريف النفس انسان آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس هوندا، جن کي دل ۽ دماغ خراج تحسين پيش ڪندي وڏي سرهائي محسوس ڪندو هجي. مان ان چوڻ کان هرگز نٿو ڪيٻايان ته ڪجھه ماڻهو استاد ارشاد احمّد ڀٽو جي اهڙي بي مثال ايمانداريءَ ڪارڻ کيس ڪمزور ۽ ڊڄڻو ڪري ڪوٺيندا رهيا آهن. انهن مان وارن جو ڪو ڏوهه ڪونهي، ڇو ته اسان وٽ هر شيءِ جا معيار ۽ ماپا بدلجي ويا آهن. هتي شريف کي بزدل ۽ ايماندار کي بي ايمان سمجھيو ويندو آهي. هتي جيڪو ڪم چور ۽ اٽڪلي آهي اهو ئي بهادر، دلير، سياڻو ۽ سمجھدار آهي. ان ڪري استاد به لاشعوري ۽ بي حسيءَ جو شڪار رهيو آهي. بهرحال اهڙن بيمار ذهني لاڙن، استاد جي ان عظمت کي ڪڏهن به نه جھڪايو ۽ اُهي ائين چوندي استاد جي پيرن جي مٽيءَ کي به نه ڇُهي سگهيا هوندا.
    استاد اسڪول جي وقت جو پابند اهڙو رهيو جو ڪهڙو مثال ڏجي!؟ اسڪول جي ڊيوٽي کي پنهنجي گهر، مٽيءَ مائٽيءَ، دوستيءَ، سياسي ۽ سماجي واسطن کان هميشه مٿي رکيو. ڪڏهن به ڪنهن جي غرض نه ڪڍي. اسڪول جي شروع ٿيڻ کان بند ٿيڻ جي وقت تائين اڪيلو به ويهڻو پوندو هوس ته ويهي رهندو هو. ان جو مقصد اهو هرگز ناهي ته هو ڪنهن کان ڊڄندو هو. استاد پنهنجي ڊيوٽي کي فرض ۽ عبادت سمجھي پورو ڪندو رهيو.
    هن سماج ۾ موجود مسئلن هوندي به ڪڏهن ڪنهن جي شڪايت نه ڪئي آهي. استاد شعبو جيترو معتبر ۽ مانائتو آهي، استاد ارشاد احمّد ڀٽو اوترو ئي لائق انسان آهي. ڄڻ ته استاد شعبو هن لاءِ جڙيو هجي ۽ هي استاد شعبي لاءِ پيدا ٿيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪيترائي مانَ وارا منهنجي هن لکڻي سان اختلاف رکن پر مان ذاتي طور هي جملا لکي ڏاڍي فرحت محسوس ڪيان ٿو. اميد ته سائين ارشاد احمّد ڀٽو جڳ جڳ جيئندو ۽ مسڪرائيندو رهندو.




    عبدالحق آزاد مهر
    گورنمينٽ هاءِ اسڪول
    مبارڪپور


    مثالي اسڪول جو مثالي استاد

    مثالي اسڪول جو مثالي استاد

    بنيادي طور تي منهنجو واسطو صحافت سان آهي. ان ڪري آءٌ ضروري سمجھان ٿو ته ان پيشي جي هتي گهڻي نه ته ٿوري وضاحت ڪيان. صحافي معاشري جي اک هوندو آهي، هو پنهنجي اک سان جيڪو ڪجھه ڏسندو آهي ان کي جيئن جو تيئن دنيا آڏو پيش ڪندو آهي. معاشري جي ڪنهن به دين ڌرم سان واسطو رکندڙ فردن سان جيڪڏهن ڪٿي به ڪو انياءُ يا ناحق ٿيندو آهي، ته پوءِ اهو صحافي ئي هوندو آهي، جيڪو مظلومن جي دانهن ورنائڻ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ ان هنڌ تي پهچي ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان اسان جي معاشري ۾ صحافيءَ کي هڪ خسيس ۽ ويڪائو سمجھيو وڃي ٿو، جيڪو هڪ وڏو الميو آهي. معاشري ۾ رڳو خراب ماڻهو نه آهن پر ڪي سٺا انسان به آهن، جن جي ڪري هن وقت تائين هيءَ دنيا قائم آهي. هتي اها ڳالهه ضرور مڃبي ته صحافين ۾ به ڪي ڪاريون رڍون آهن، جن صحافتي شعبي جو ڪنڌ اوچي ڪرڻ بدران هيٺ ڪيو آهي. اهڙن چند نااهل ۽ قلم فروش صحافين جي ڪري حق ۽ سچ لکڻ وارا صحافي پنهنجو صحافتي ميدان ڪڏهن به خالي نه ڇڏيندا. پوءِ ڀلي معاشري جا فرد انهن کي ڪهڙي به نگاهه سان ڏسن. هڪ صحافي جي حيثيت سان مبارڪپور جي جتي ٻين مسئلن کي پنهنجي قلم ذريعي اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اتي تعليم ۽ تدريس جي بهتري لاءِ به وقت بوقت قلم ضرور کنيو آهي. مبارڪپور جو پرائمري بوائز اسڪول تعلقي ٺل جو هڪ مثالي اسڪول رهيو آهي. ان اسڪول کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ ماضي ۽ حال جي ٻين استادن سان گڏ استاد ارشاد احمّد ڀٽو جو به وڏو ڪردار رهيو آهي. ڏٺو وڃي ته اڄڪلهه جي دور ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجين ذميوارين کان ڀڄندا ۽ نٽائيندا رهندا آهن، پر استاد ارشاد احمّد ڀٽو ۾ اسان کي ڪڏهن به اهڙي قسم جي ڪا به لاپرواهي ڏسڻ ۾ نه آئي، اسڪول لاءِ جيڪي به فنڊ ايندا رهيا، انهن جو استعمال استاد اسڪول جي بلڊنگ، رپيئرنگ، فرنيچر، آفيس ۽ ٻين ڪمن جي مد ۾ بهتر نموني ڪيو. اسڪول ۾ جيڪڏهن ڪا کوٽ واڌ هوندي هئي ۽ ان اسڪول جا انتظاميا طرفان جيڪڏهن ڪي جائز مسئلا حل نه ٿيندا هئا ته انهن جي حل لاءِ استاد نه رڳو پاڻ پر اسان صحافين جي مدد پڻ وٺندو هو. استاد نه صرف هيڊماستر طور پنهنجي اسڪول سان سچو ۽ وفادار رهيو پر هڪ استاد جي حيثيت سان پڻ خوب ملهايو.
    آءٌ هڪ صحافي شهري ۽ والدين جي حيثيت سان اها ڳالهه به ضرور ڪندس ته خدا تعاليٰ ان ماڻهوءَ جو ڀلو ضرور ڪندو آهي جيڪو ٻين جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندو آهي. استاد ڪالهه جيڪا محنت ۽ سچائي ٻين جي ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ڪئي. اڄ ڌڻيءَ ان جو ڦل کيس اهو ڏنو آهي جو سندس اولاد ڪاميابيون ماڻي مختلف کاتن ۾ مختلف عهدا ماڻيا آهن. ڌڻيءَ در دعا آهي ته استاد ارشاد احمّد ڀٽو شال سدا سکيو رهي. (آمين)



    صحافي ممتاز ڀٽو
    مبارڪپور


    تعليم جو ٻيڙو تاريندڙ اُستاد

    تعليم جو ٻيڙو تاريندڙ اُستاد

    اَڄوڪي دؤر ۾ تعليم جو مَعيار تمام گهٽ ٿو نظر اچي. اسان کي معاشري ۾ سُڌارو آڻڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ تعليم تي ڌيان ڏيڻ گُهرجي.
    جيئن ته اسين ان ڳالهه کان بخوبي واقف آهيون ته اسان جو معاشرو تيستائين ترقي نه ڪندو جيستائين تعليم کي هَٿي نه وٺرائبي.
    تعليم کي پُٺتي ڪرڻ ۾ خاص طور تي وڏيرن ۽ انهن اُستادن جو هٿ آهي، جيڪي پنهنجي فرض کي سرانجام ڏيڻ کان ڪيٻائيندا آهن. هر فرد سُٺي زندگي ڪيئن گذاري؟ ان لاءِ ضروري آهي ته ان جي تعليم ۽ تربيت بهتر هجڻ کپي. تربيت والدين کان ملندي آهي ۽ تعليم استادن کان...........
    استاد هڪ پيغمبري پيشوآهي. جيئن ته استاد ارشاد احمّد ڀٽو پنهنجي دؤر ۾ هڪ اهڙو استاد ٿي گذريو آهي، جنهن پنهنجي فرض شناسيءَ جو ثبوت ڏيندي، وڏي جاکوڙ ڪئي. سچ ته هُن تعليم جو ٻيڙو تاريو آهي. ان ڳالهه کان پورو مبارڪپور شهر واقف آهي ته، استاد ارشاد احمّد ڀٽو صاحب هر موسم ۾ سخت گرمي هجي يا سردي، هُن ڪڏهن به پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي نه ڏيکاري. هر اداري ۾ سَچا ۽ فرض شناس ماڻهو هئڻ کپن، ته جيئن ادارا پٺتي پوڻ کان بچي سگهن. ائين ڪرڻ سان اسان جي معاشري ۾ ترقي ٿيندي ۽ سڌارا ايندا.
    استاد ارشاد احمّد صاحب طبيعت جو تمام ماٺيڻو، ملڻ جلڻ جو تمام سُٺو، اخلاق ۾ اعليٰ مرتبي تي پهتل آهي. سائينءَ سان ملندي اسان کين ڪڏهن به وڏائي ڪندي ڪو نه ڏٺو آهي. هُو هر ڪنهن کي وڌ کان وڌ عزت ڏيڻ وارو عظيم انسان آهي. سندس اهڙي چڱائي ڏِسي معاشري جي انهن ماڻهن جو گِهرو ڏک ٿئي ٿو، جيڪي انهيءَ وکر کان خالي آهن. جن ۾ چڱائيءَ جي اُميد ئي نه ٿي ڪري سگهجي. چڱائيءَ جوبدلو يقينن چڱائي آهي.
    استاد ارشاد احمّد جهڙا پنهنجي فرض سان سچا ماڻهو جن پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن جي تعليم ذريعي ڀرپور خدمت ڪئي. استاد ارشاد احمد هميشه ٻين سان چڱائي ڪئي، نتيجي ۾ الله تبارڪ وتعاليٰ سندس فرزندَ اياز ڀٽو صاحب، اويس ڀٽو صاحب ۽ جاويد ڀٽو صاحب جن وڏن عُهدن تي فائز آهن. سندس ننڍو فرزند پير بخش ڀٽو به ڪنهن کان گهٽ ناهي، يقينن اهو به مستقبل ۾ پنهنجي منزل ماڻيندو.
    دُعا آهي ته سائين محترم ارشاد احمّد ڀٽو صاحب وڏي عُمر ماڻي ۽ سدا خوش و خُرم هجي. (آمين)




    محمّد يوسف سومرو
    ميرپور ٻرڙو،ٺُل


    ماٺيڻي مزاج اُستاد جو، ڪامياب تعليمي سفر

    ماٺيڻي مزاج اُستاد جو، ڪامياب تعليمي سفر

    منهنجي نظر ۾ دنيا جا وڏي ۾ وڏا ڪم ٻه آهن هڪ اخلاقيات جيڪا اسين والدين ۽ استادن کان حاصل ڪريون ٿا ٻيو تعليم جيڪا انسان کي سنواري سينگاري دنيا ۾ انسان هجڻ جو شرف حاصل ڪرائي ٿي. اها تعليم ئي آهي جنهن سان انسان ڪافي شين کان روشناس ٿئي ٿو ۽ اشرف المخلوقات جي اعليٰ صفت تي پهچي ٿو.
    اسان جنهن سر زمين سنڌ تي رهون ٿا ان ۾ اسان جو جيڪب آباد ضلعو تمام پسمانده رهيو آهي هتي ماڻهن جي لاءِ بنيادي سهولتون حاصل ڪرڻ هڪ خواب آهي، اهڙي پسمانده علائقي جيڪب آباد جي تعلقي ٺل جي اوڀر کان هڪ تعليمي سج سيٺ پير بخش ڀٽو جي گهر مان اڀريو جنهن کي اڄ اسين ارشاد احمد ڀٽو جي نالي سان سڃاڻون ٿا.جنهن پنهنجي ساري ڄمار تعليم کي ارپي ڇڏي، استاد ارشاد احمد تعليم سان اهڙي انداز سان نڀايو جو سندس جي علائقي مبارڪپور توڙي ٺل شهر ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هن ماٺيڻي مزاج استاد جنهن انداز سان ڪامياب تعليمي سفر کي پنهنجي منزل تي پهچايو، ان جي شاهدي سندس سان گڏ ڪم ڪندڙ استاد صاحبان ڏيئي سگهن ٿا.
    اسان جنهن علائقي جي ڳالھه پيا ڪريون ان کي مبارڪپور طور سڃاتو وڃي ٿو ان مان جيڪڏهن اسين استاد ارشاد احمد ڀٽو جي تعليمي خدمتن کي ٻاهر رکون ٿا ته سراسر ناانصافي ٿيندي.
    سائين ارشاد احمد ڀٽو پنهنجي استاد پيشي سان اهڙي ته سچائي سان رهيو جو هتان جا، سندس جي دور جا جيڪي به تعليمي اداري سان سلهاڙيل آفيسر ٿوڙي استاد سندس نالو احترام سان کڻن ٿا ۽ سندس جي خدمتن جا مثال ڏين ٿا. اهڙن املھه هيرن کي مڃتا ڏيڻ اسان جو قومي فرض بڻجي ٿو جو اسين اهڙن تعليمي ماهرن کي اعليٰ اعزازن سان نوازيون. ها پر اسان جي هن سماج ۾ استاد پيشي جي مرتبي جي هتان جي ماڻهن کي اڃا به ڪا سُڌ ناهي ته استاد جو معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي ان جي ڪهڙي ذميواري آهي ۽ استاد ڇا آهي ان تي اسان کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.تعليم جتي جتي به پنهنجا پير کوڙيا آهن اهي خطا دنيا جا ماڊل بڻجي ويا آهن.
    تعليم سڌريل سماجن لاءِ هڪ اهم روشن جز آهي جنهن جي ڪري ئي سماج ۾ ترقي ممڪن آهي، اها ترقي يا سماجي سڌارا ڪير آڻي ٿو؟ سماج جي بهتري لاءِ سماج جو ڪهڙو فرد آهي جيڪو ان جي سڌاري ۾ هر گهڙي بيچين رهي ٿو جڏهن انهن ڳالهين کي نظر ۾ رکون ٿا ته اسان کي سماج ۾ انيڪ فرد ملن ٿا جيڪي سماج جي بهتري لاءِ ڏينهن رات ڪوشان رهن ٿا پر ان سماج کي استاد جي جيڪا ضرورت پئي ٿي اها اهم آهي ڇو ته ڪيترو به وڏو سماج سڌارڪ ماڻهو هجي ان کي شعوري اک سان جيڪڏهن روشناس ڪرائي ٿو ته اهو استاد ئي آهي، ائين ئي اسان جي سائين استاد ارشاد ڀٽو جنهن انداز سان تعليمي فرض نڀايو آهي ۽ سماج کي بهترين ۽ ذهين شاگرد ڏنا آهن جيڪي اڄ به انساني ڀلائي ۽ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. سنڌ جي عظيم شاعر شاھ لطيف سائين ارشاد جهڙن ڪردار لاءِ فرمايو آهي ته
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھه، ڪانهي ويل ويهڻ جي.
    سائين ارشاد احمد ڀٽو به پنهنجي استاد پيشي دوران پنهنجي پوري سچائي ۽ ايمانداري سان فرض نڀايو. گرمي هجي يا سردي هن ڪڏهن به پنهنجي فرض ۾ غفلت يا ڪوتاهي ڪڏهن به نه ڪئي اهو ئي سبب آهي جو جيڪب آباد ضلعي جا تعليمي آفيسر ۽ مثبت تعليمي ماهر هڪ کين فرض شناس استاد طور ياد ڪن ٿا.
    سائين ارشاد احمد ڀٽو پنهنجي ذاتي زندگي ۾ به هڪ بهترين انسان رهيو آهي، سندس جا ڳوٺائي به هڪ باڪردار انسان طور سڃاڻين ٿا
    لطيف سرڪار جو شعر استاد ارشاد جي ذاتي زندگي سان ٺهڪندڙ آهي ته:
    ماڻهو سڀ نه سُهڻا پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
    اسان کي استاد ارشاد احمد ڀٽو جهڙن ڪردارن کي مڃتا ڏيئي سندن جي ڪيل خدمتن کي ساراهڻ گهرجي، جيڪو اسان جو قومي فرض بڻجي ٿو. سنڌ ۾ اسان کي سائين ارشاد احمد جي پيشي سان واڳيل ڪيترائي بهترين استاد ملن ٿا پر کين مانُ نٿو ڏنو وڃي جيڪا اسان جي سماج جي هڪ بي حسي آهي جو استاد جهڙي اهم ڪردارن کي اسين وساري ويهون ٿا.
    هي جيڪو بهترين ڪم سائين ارشاد احمد ڀٽو جي فرزند اويس ڀٽو جنهن سُهڻي انداز سان کنيو آهي ان سان بهترين انداز سان نڀاءُ ڪري جيڪا ڪتابي صورت ۾ پنهنجي والد کي مڃتا ڏني آهي، ان جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي. اويس پنهنجي والد جي فرض شناسي واري ڪردار کي تاريخ ۾ زنده ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي سندس جيتري حوصلا افزائي ڪجي گهٽ آهي.




    وفا گولو
    ٺل


    کَرڪَڻا لاهي، سُکِ نه سُتا ڪڏهن

    کَرڪَڻا لاهي، سُکِ نه سُتا ڪڏهن

    ڪنهن به سماج جو سڌارو تيسين ممڪن ناهي، جيسين منجھس پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تناسب غير معمولي نه هوندو. اهي پڙهيل لکيل ماڻهو پنهنجي وِتَ ۽ وسَ آهر پنهنجي پنهنجي حصي جي جوت جلائي سماجي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙي، پنهنجي معاشري ۾ جوڳيون تبديليون آڻي کيس دنيا جي مُهذب سماجن جي قطار ۾ آڻي بيهارين ٿا.
    مختلف سماجن مختلف دورن ۾اهڙن عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي، جن سماجي ڀلائيءَ لاءِ پنهنجا جيون ۽ حياتيُون ارپي ڇڏيون آهن.
    سنڌ سونهاريءَ کي به رب سائين اهڙين لازوال نعمتن سان نوازيو آهي، هن ڌرتيءَ جي خمير مان ڪيترائي فيلسوف، اديب ،عالِمَ، شاعر، ڏاها، دانشور، سياستدان ۽ استاد پيدا ٿيا آهن، جن سنڌ جي معاشي، فڪري، مذهبي، ثقافتي ۽ تمدني تعمير ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آهي.
    مٿي ذڪر ڪيل ڪنهن به سماجي خدمتگار جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگھي، پر معاشري جي مڙني خدمتگذارن مان استاد اها ذميوار ۽ باوقار شخصيت آهي، جنهن تي قوم جي ٻارڙن توڙي وڏڙن جي تعليم ۽ تربيت جو وڏو بار ۽ ذميواري هجي ٿي. خود فيلسوف، اديب، عالِمَ، شاعر، ڏاها، دانشور۽ سياستدان به سندس ئي محنت ۽ شفقت جو نتيجو آهن، اهو ئي سبب آهي جو استاد کي سماج جي هر فرد جي تقدير سڏيو ويو آهي.
    ملڪ جي هر فرد جي تقدير آهي ماستر،
    ۽ سچي انسان جي تصوير آهي ماستر.
    دنيا جي مهذب معاشرن ۾ استاد کي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، اهو استاد ئي آهي جيڪو ڪنهن انسان کي عرش کان فرش تائين پهچائي ڪاميابين سان همڪنار ڪري ٿو. استاد ارشاد احمد ڀٽو به اهڙن امُلهه ماڻڪن ۽ موتيُن منجھان هڪ آهن جن پنهنجي زندگيءَ جا پنجٽيهه سال ان مقدس پيشي کي ارپي ڇڏيا ۽ پنهنجي نوڪريءَ جو هڪ هڪ ڏينهن سچائيءَ، پاڻ ارپڻ واري جذبي سان گذاريو. ان بي مثال ۽ اتساهه ڏيندڙ زنده مثال لاءِ سائين جن جسُ ۽ کيرُون لهڻن. شاهه سائين به اهڙن مرد مجاهدن جي واکاڻ ڪندي چيو آهي:
    جکرو جسُ کَرو، ٻيا سڀ انِيرا.
    استاد ارشاد احمد ڀٽو 1982ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت ۾ ڀرتي ٿيا ۽ ساندهه سترهن سال معصوم ٻارڙن جي تعليم ۽ تربيت ۾ رُڌل رهيا ۽ هڪ کري انسان جو سونپيل ڪم به اهو ئي آهي ته هو پنهنجي پيشي سان سچو ٿي رهي، پوءِ ڇونه کيس ڪيتريُن ئي وقتي تڪليفن، اهنجَن، ايذائن ۽ ڏکيائيُن کي منهن ڏيڻو پوي. استاد ارشاد احمد ڀٽو اهڙي دور ۾ پنهنجي پيشي سان سچا ٿي رهيا، جنهن دور ۾ هر ماڻهو سک، سڪون ۽ عيش عشرت کي ترجيح ڏئي ان مقدس پيشي جي تذليل ڪندو رهيو پر ان جي برعڪس استاد سائين پنهنجي پيشي کي ڌرم ۽ ڀرم ڀانئي ڪنهن به بالا آفيسر جي ڊپ ڊاءَ بنا ساڻس ناتو نڀائيندا رهيا.
    1999ع کان 2017ع تائين ارڙهن سال انتظامي عهدي (هيڊ ماستر) سان سلهاڙيل رهيا. پنهنجي شاگردن ۽ استادن جي خدمت لاءِ هر وقت هڪيا حاضر هوندا هئا، کين گرمي سردي يا جھُڙ مينهن جي موسم به کين پنهنجي فرض شناسيءَ کان پري نه ڪري سگھي. سچ ته استاد ارشاد سائين ، نوڪريءَ دوران شاهه سائين جي “تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهِه” واري فلسفي جا سچا پانڌيئڙا ٿي رهيا، کين پنهنجي پيشي سان الستي عشق ۽ ازلي محبت هئي، اهڙي محبت جا ڪنهن عام انسان جي وس ۾ ناهي هوندي ان محبت ۽ عشق سان نڀائڻ وارا ڪروڙن ۾ ڪي ڪي هوندا آهن. محبت جي ان عظيم ۽ بي مثل نڀاءَ تي مونکي وري به شاهه سائينءَ جا لفظ ٿا ياد اچن، جي سائينءَ اهڙن مرد مٿيرن لاءِ چيا آهن:
    ڪوڙين منجھان ئي ڪو، اِيءُ نباهي ننگُ.
    سچ ته استاد سائينءَ جي تعليمي خدمتن کي مبارڪپور جِي تاريخ جي ورقن ۾ هميشه لاءِ ياد رکيو ويندو.
    آءٌ پنهنجي ذاتي مشاهدي جي آڌارتي استاد سائين جن کي هڪ سٺي استاد سان گڏ سٺو والد پڻ ڏسان ٿو، جنهن پنهنجي شاگردن سان گڏ پنهنجن ٻچڙن جي تعليم ۽ تربيت ۾ به ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. منهنجي ملاقات جڏهن به سندن فرزندن (اياز ڀٽو، اويس ڀٽو، جايد ڀٽو، پِيربخش ڀٽو) سان ٿي آهي ته هر وقت سندن سِيرت ۽ ڪردار مٿان والد صاحب جي تعليم ۽ تربيت جو اثر نمايان نظر آيو آهي. توڙي جو منهنجي عمر سندن تعليمي خدمتن ۽ سروس کان به گھٽ آهي ۽ آءٌ سندن فرزندن جو همعصر ۽ همعمر آهيان ايتري تفاوت باوجود به منهنجون ساڻن جڏهن ۽ جتي، جيتريون به ملاقاتون ٿيون آهن تن منجھان ڪڏهن ۽ ڪٿي اهڙي ڪا به گھڙي ياد ناهي جو سائين جن جي واتان مُون لاءِ “سائين” کانسواءِ ڪو لفظ نڪتو هجي. اهي اهڙا انساني گُڻ آهن، جي انسان کي مٿانهين حيثيت ۽ بلند مقام تي رسائِين ٿا.
    آءٌ رب سائينءَ جي بارگاهه ۾ سندن صحت، تندرستي ۽ خوشحال جيوَن لاءِ دعاڳو آهيان آهيان. اهڙا عظيم انسان جي سماجي ڀلائيءَ ۽ بهبود لاءِ پنهنجون زندگيون ارپي ڇڏيِن ٿا ۽ ايندڙ وقت ۾ به حق ۽ سچ سان گڏ سماجي خدمتن لاءِ آتا رهن ٿ،ا اهي ئي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي جيوَن کي ڪارگر بڻائِين ٿا جن لاءِ ڀلاري ڀٽ ڌڻِي فرمايو:
    کَرڪَڻا لاهي، سُکِ نه سُتا ڪڏهن،
    اوسِيئڙو آهي، کاهوڙيُن کي پنڌ جو.


    ادب ۽ احترام مان
    فضل سومرو
    ڳوٺ ميرپور ٻرڙو،
    ٺل، جيڪب آباد


    نئين سج نوان تجربا ۽ حقيقي نواڻ سان ڀرپور استاد

    نئين سج نوان تجربا ۽ حقيقي نواڻ سان ڀرپور استاد

    جڏهن به استاد جو ذڪر ايندو آهي ته مون کي لطيف سرڪار جو اهو بيت ياد اچي ويندو آهي ته،
    اڄ آڳڙيا آئيــــا، سائـــو ڪــي سُڄاڻ.
    لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو!
    (شاهه)
    سچ پچ ته استاد ئي اهي عقلمند آڳڙيا ٿيندا آهن جيڪي زماني هٿان زنگجي ويل وجودن تان سموري مَر مورياڻ، پنهنجي ڪمال ڪاريگري سان لاهي ڦٽي ڪندا آهن، نه رڳو ايترو پر اهي مُرده ماحول هٿان مُڏا ٿي ويل ذهن به شعور جي تڦڻي سان، تپائي اهڙا ته تِکا ڪندا آهن جو اهي ذهن قومن جي جمود ۾ ڪنڪر ٿي ڪِرندا آهن ۽ هر طرف هلچل مچائي ڇڏيندا آهن. استاد سماج جا اڏيندڙ ٿيندا آهن، استاد قومن جا امام ٿيندا آهن. استاد نه رڳو سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر يا ٻين شعبن جا ماهر پيدا ڪندا آهن پر ان سان گڏ استاد سماج جا سٺا ۽ ڪارگر فرد به پيدا ڪندا آهن. استاد عظمت جا مينار ٿيندا آهن. استاد انسانيت جا علمبردار ٿيندا آهن. استاد ملازم نه پر بادشاهه ٿيندا آهن ۽ بادشاهه به اهي، جيڪي دلين تي بادشاهي ڪندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اڄ جڏهن مون کي هڪ استاد جي باري ۾ اظهارِ خيال ڪرڻ جو موقعو مليو آهي ته مان بيحد خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان.
    اڄ آئون جنهن استاد جي باري ۾ ڪجهه لکڻ لاءِ ويٺو آهيان سو آهي محترم سائين ارشاد احمد ڀُٽو صاحب. توڙي جو منهنجي سائينجن سان هينئر تائين هڪ به ملاقات ٿي نه سگهي آهي پر تنهن هوندي به هن ڪتاب ۾ موجود مواد پڙهي مون کي سائينجن سان اڻ ڏٺي آشنائي ضرور ٿي وئي آهي. محترم ارشاد احمد ڀٽو صاحب جي خدمتن جو احوال توڙي سندس بابت دوستن، شاگردن ۽ اولاد توڙي آفيسرن جا احوال پڙهي منهنجي ذهن ۾ جيڪو خاڪو جُڙيو آهي سو هڪ فرض شناس استاد، بهترين منظم ۽ ذميوار پيءُ جو آهي. ارشاد صاحب ارڙهن سالن تائين پنهنجي ئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ٿي رهيو سو سندس ڳوٺ ۾ ڪيڏو مان ۽ مرتبو هوندو ان جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن وقت ان ڳوٺ جا سمورا رهواسي گهڻي ڀاڱي سندس شاگرد ئي هوندا. سائين جا ڪيئي شاگرد تعليم حاصل ڪري سکي زندگي گذاري رهيا هوندا. ۽ اها به اميد اٿم ته جن کي ارشاد صاحب جهڙن فرض شناس استادن پڙهايو هوندو سي سماج جا ذميوار فرد ضرور بڻيا هوندا.
    ارشاد احمد ڀٽو صاحب بابت هي ليک لکندي مون کي هر هر اهو خيال اچي رهيو آهي ته ڪجهه ئي عرصو اڳ وارو اهو دور ڪيڏو نه پيارو هو جڏهن ماڻهو پنهنجي پيشي سان ڏاڍا سچا هوندا هئا، اهي پنهنجي پاڻ کي ڪنهن اعلى بالا آفيسر کان وڌيڪ پنهنجي ضمير جي آڏو جوابده سمجهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو تتي ٿڌي ڪڏهن به پير پساري نه ويهندا هئا. هڪ استاد جي حيثيت ۾ ارشاد احمد ڀٽو صاحب به پنهنجي پيشي سان سچو رهيو ۽ پنهنجو فرض سدائين ايمانداري سان نڀائيندو رهيو. ارشاد احمد ڀٽو انهن استادن منجهان هڪ هو جن کي پنهنجي مانُ ۽ مرتبي توڙي اهميت ۽ افاديت جي ڀلي ڀت ڄاڻ هئي. انهن ڪڏهن به پنهنجي ڪم ۾ سستي جو مظاهرو نه ڪيو ۽ نه ئي اسڪول کان وڌيڪ ڪنهن ٻئي ڪم کي اهميت ڏنائون. ارشاد احمد جهڙن استادن ۽ سندن دور کي جيڪڏهن ڌيان سان ڏسجي ته اڄڪلهه تعليمي سڌارن جي حوالي سان حڪومت پاران جيڪي نئين سج نوان تجربا ٿي رهيا آهن تن تي سواءِ افسوس ڪرڻ جي ٻي ڪا ڳالهه نٿي سُجهي. گهڻي سوچ لوچ کان پوءِ نتيجو اهو ئي ٿو نڪري ته جيڪڏهن ايمانداري ۽ سچائي هجي ته پوءِ هروڀرو جي اجائي اوک ڊوک جي ضرورت ئي ناهي. سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اڳي رڳو استاد ۽ سپروائزرس ئي تعليمي سڌاري جي لاءِ ڪافي هئا. پر هاڻي بائيو ميٽرڪ سسٽم، ججز، مختيار ڪار توڙي ٻيا ڪيترائي آفيسر اسڪولن جي پُٺيان پيل آهن پر تنهن هوندي به ڪو کڙتيل نڪري نه سگهيو آهي. حقيقت هي آهي ته هن دور ۾ تعليم جو سُٽ رڳو اجاين ڪاغذن جي ور چاڙهي منجهايو ويو آهي نه ته بهتري جي نيت سان جيڪڏهن پُراڻو سادو نظام ئي فعال بڻايو وڃي ته به گهڻو ڪجهه بهتر ٿي سگهي ٿو. ارشاد احمد صاحب جهڙن استادن جي ڪردار تي نهار ٿي ڪجي ته محسوس ٿو ٿئي ته اهڙا استاد اسان جي قوم جو حقيقي سرمايو آهن. ڪجهه ئي عرصي جي ڳالهه آهي جو ڪاپي ڪلچر ۽ ناقص ڀرتين جيڪري استاد جي عظمت سان هٿ وٺي کيڏاڙ ڪيو ويو آهي نه ته سنڌ ۾ اهڙن استادن جي به ڪا ڪمي نه هئي جن قوم جي امامت جو هنر ڄاتو ٿي. اڄ جو هر بهتر استاد، جيڪو استاد جي لاءِ سماج ۾ رائج لفظ ‘گوسڙو’ توڙي ‘آڱوٺي ڇاپ’ جهڙا لفظ ٻڌي ٻڌي پريشان آهي تنهن کي هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي ته جيئن کيس استاد جي شاندار ماضي جي به سُڌ پئجي سگهي.
    ارشاد احمد صاحب، هڪ پيءُ جي حيثيت ۾ پُڻ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي جو پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم جي زيور سان نوازيو اٿس. اهو قدرت واري جو قانون آهي ته محنت ڪنهن جي به رائگان نه ويندي آهي سو خدا ارشاد صاحب جي محنت به سجائي ڪئي ۽ اڄ سندس اولاد ٿڌي ڇانوَ ۾ سُٺن عهدن تي ويٺل آهي. اهو سمورو ارشاد صاحب جو احسان ئي آهي هن پنهنجي ٻچن کي اهڙو تعليمي ماحول مهيا ڪيائين جو اڄ سندس سمورو اولاد علم سان چاهه رکندڙ آهي. ارشاد صاحب جي ٻن پُٽن سان منهنجو واسطو رهيو آهي. اياز کي اڻسڌو ۽ اويس کي سڌو سُڃاڻان. اياز تمام سُٺو ترجمي نگار آهي ۽ ترجمي ڪرڻ ۾ سندس چونڊ به متاثر ڪندڙ آهي. ان کان پوءِ اويس احمد کي آئون گهڻي عرصي کان سڃاڻان. اويس علم سان چاهه رکندڙ هڪ محنتي ۽ مثبت سوچ رکندڙ نوجوان آهي جنهن جي دوستي منهنجي لاءِ لطف به آهي ته ضرورت پڻ. هن ڪتاب ۾ مون جڏهن ارشاد احمد ڀٽو صاحب پاران لکيل ليک جڏهن پڙهيو ته مون کي ائين ٿو لڳي ته اويس پنهنجي پيءُ جو آئينو ئي آهي. اهڙي طرح اهو چوڻ به غلط نه ٿيندو ته مون ارشاد احمد صاحب کي روبرو نه سهي پر سندس آئيني ۾ ضرور ڏٺو آهي.
    اويس احمد جڏهن مون کي هن ڪتاب بابت ٻڌايو ته سچ پچ مون کي بيحد خوشي ٿي. ڇاڪاڻ جو هي ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻي نه رڳو هو هڪ سپوت پُٽ هجڻ جو ثبوت ڏئي رهيو آهي پر ان سان گڏوگڏ هُو هڪ استاد جي عظمت کي به خراج پيش ڪري رهيو آهي جيڪو آئون سمجهان ٿو ته هر معتبر استاد جو حق به هوندو آهي. ذاتي طور تي آئون ان حق ۾ آهيان ته هر فرض شناس استاد جي زندگي تي ڪتاب ڇپجڻ گهرجي ته جيئن سماج ۾ استاد جي عظمت جو پرچار ٿي سگهي ۽ اها هن وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي. اميد آهي ته اويس جي هي محنت، باشعور دلين ۾ ضرور پنهنجي جاءِ جوڙيندي.
    آخري ڳالهه هي ته، سنڌ کي ارشاد احمد ڀٽو صاحب جهڙن استادن جي اشد ضرورت آهي.





    حسيب ڪانهيو
    سنڌڙي، ميرپورخاص


    باب ستون شاگردن پاران

    هڪ بهترين استاد ۽ سٺو انسان

    هڪ بهترين استاد ۽ سٺو انسان

    هن ڪائنات ۾ ڪي هستيون اهڙيون آهن، جن جي ساراهه لکندي لفظن جا ذخيرا به کٽي پوندا آهن. ڪائنات جي انهن عظيم هستين ۾ والدين ۽ استاد سرفهرست آهن. والدين جن ۾ پيءُ ۽ ماءُ اچي وڃن ٿا، سي اسان کي جنم ڏئي هن دنيا ۾ آڻين ٿا ۽ پوءِ پالنا ۽ تربيت جو ذمو نهايت ئي پيار ۽ پاٻوهه سان نڀائين ٿا. ماءُ جيڪا پنهنجو سڪون ۽ ننڊون قربان ڪري پنهنجي اولاد جي هروقت سار ۽ سنڀال لهي ٿي ۽ کيس ڪا به تڪليف پهچڻ ناهي ڏيندي. پيءُ جيڪو سرديءَ ۽ گرميءَ جي پرواهه ڪرڻ بغير سخت پورهيو ڪري پنهنجي اولاد لاءِ خوراڪ ۽ خوشين جو سامان گڏ ڪري ٿو. والدين لاءِ سندن اولاد ئي مرڪز ۽ محور هجي ٿي، انهن کان جيڪو ۽ جيترو ڪجهه ٿي سگهندو آهي اهي پنهنجي اولاد لاءِ ضرور ڪندا آهن، سندن پالنا ۽ تربيت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا آهن. ان حوالي سان پاڻ ڪريم صه جن جو فرمان به آهي ته “ماءُ ۽ پيءُ پنهنجي اولاد لاءِ جيڪي ڪجهه ڪري ٿو ان ۾ بهترين شيءِ تعليم ۽ تربيت آهي. ”
    ٻار جڏهن ٿورو وڏو ۽ سمجهدار ٿئي ٿو ته پوءِ والدين سندس تربيت ۽ تعليم ۾ وڌيڪ اضافو ڪرڻ لاءِ کيس استاد جي حوالي ڪن ٿا. “استاد” معاشري کي بهتر بڻائڻ واري هستي هجي ٿو، ان ڪري ئي معاشري ۾ کيس مان واري ۽ معتبر شخصيت سمجهيو وڃي ٿو، هو ڪنهن به طرح مان ۽ مرتبي ۾ پيءُ ۽ ماءُ کان گهٽ نه آهي. ڇو ته اهو استاد ئي هوندو آهي جيڪو ٻار کي فرش کان عرش تائين پهچائيندو آهي.
    ٻار بنيادي طور تي اڻ تراشيل پٿر وانگر هوندو آهي، جنهن کي استاد پنهنجي علم ۽ فهم سان تراشي هڪ خوبصورت انسان بڻائيندوآهي. خوشنصيب هوندا آهن اهي ماڻهو جن کي محبتي ۽ محنتي استاد ملندا آهن، جن جي سهاري هو پنهنجي زندگي ۾ نواڻ آڻيندا ۽ جڳ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪندا آهن.
    اسان به پنهنجو پاڻ کي انهن خوشقسمت ماڻهن جي قطار ۾ بيٺل محسوس ڪيون ٿا، جو اڄ پنهنجي استادن جي ڪري لکڻ پڙهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي قابل ٿيا آهيون.
    اڄ مونکي موقعو مليو آهي ته آءُ پنهنجي محسن استاد ارشاد احمد ڀٽو لاءِ هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ ڪجهه لکان. استاد جي عظمت کي بيان ڪرڻ جي منهنجو هي قلم ڪا به سگهه نه ٿو رکي، استاد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جي هيءَ هڪ تمام ننڍڙي ڪوشش آهي، جيڪا شل قبول پوي. آءُ بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جڏهن سليٽ ۽ قلم وٺي اسڪول پهتو هوس ته “منهنجو پهريون استاد” استاد ارشاد احمد ڀٽو هو جنهن مونکي پهرين کان ٽئين ڪلاس تائين لڳاتار پڙهائي ان لائق بڻايو جو ٻين ڪلاسن جي تعليم مون لاءِ ڪنهن ڏکيائي جو سبب نه بڻي.
    پڙهائي وارن انهن ڏينهن کي اڄ جڏهن ياد ڪجي ٿو ته ياد اچي ٿو ته استاد ارشاد احمد ڀٽو ڪڏهن به اسڪول کان بي مقصد موڪل نه ڪئي، سائين جي اهڙي خوبي جي ڪري اسان جي تعليم ڪڏهن به متاثر نه ٿيندي هئي. استاد وقت جو وڏو پابند هوندو هو ۽ اهڙي تلقين اسان کي به هروقت ڪندو رهندو هو. سائين چوندو هو ته “اوهين مستقبل جا عظيم انسان آهيو.” استاد جي پڙهائڻ جو انداز تمام نرالو هوندو هو، هو اهڙي طريقي سان پڙهائيندو هو جو اسان کي سبق جلدي ياد ۽ ان جو مفهوم سمجهه ۾ اچي ويندو هو. ڪلاس ٽئين ۾ هڪ سبق “ٻين ڪاڻ جيئڻ” هوندو هو. جيڪو منهنجو پسنديده سبق هوندو هو. اهو سبق به استاد اسان کي ڪجهه اهڙي طريقي سان پڙهايو ۽ سمجهايو، جو اڄ ڏينهن تائين اهو وسري نه سگهيو آهي. استاد پنهنجي حساب سان جيترو شفيق هو اوترو پڙهائي جي معاملي ۾ سخت به هو، سبق ڪچو هجڻ تي هو اسان کي جائز سزا به ڏيندو هو. اڄ اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته سندس پاران اها جائز ۽ هلڪي ڦلڪي سزا ڪيڏي نه ڪارائتي ۽ اسان جي ڀلي لاءِ هئي. اهو به استاد جي محنت جو ئي نتيجو هو جو آءُ سندس پهرين کان ٽئين ۽ پوءِ ٻين ڪلاسن جو مانيٽر رهيس.
    يادگيرين جي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته ڪڏهن ڪڏهن استاد مونکي سودي سامان ۽ ٻئي ڪم ڪار لاءِ گهر موڪليندو ۽ گهرائيندو هو جيڪو ڪم آءُ خوشيءَ سان سان ڪندو هوس. هڪ ڀيري آءُ سندس گهر سامان پهچائي واپس اچي رهيو هوس ته سندن گهٽيءَ ۾ هڪ پالتو ڪتي مونکي چڪ هنيو هو، اهڙي ڳالهه مون استاد کي صرف انڪري نه ٻڌائي هئي جو متان استاد مونکي ڇڏي ڪنهن ٻئي شاگرد کي نه ڪم لاءِ گهر موڪلي، ۽ مان استاد جي شفقت کان محروم نه ٿي وڃان. ان وقت استاد سميت ٻين استادن جو ڪم ڪندي نهايت خوشي محسوس ٿيندي هئي، سندن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام هوندو هو ڇاڪاڻ جو اهي اسان کي سٺي نموني پڙهائيندا ۽ شفقت ڀريو هٿ مٿي تي رکندا هئا.
    وقت جي رفتار کي ڪو به لغام وجهي نه سگهيو آهي، اسان جي شاگرديءَ وارو دور ڪيئن آيو ۽ ويو ڪا خبر ئي ڪانه پئي. استاد جيترو لگن ۽ محنت سان اسان کي پڙهايو اهو ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ لاءِ علم ۽ تعليم جي واٽ ۾ استاد ارشاد احمد ڀٽو پنهنجي استاد هجڻ جا جيڪي پنهنجا فرض نڀايا انهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، دنيا جي گردش ۾ آءُ ڪٿي به رهيس پر استاد کي نه وساريو اهڙي طرح استاد به مونکي ڪڏهن نه وساريو، هن هميشه پنهنجي ٻچن وانگر مونکي پيارو ڀانيو. سندس ان ڳالهه جو ثبوت هي آهي جو هن مونکي پنهنجو نياڻو بڻائي پنهنجي گهر جو هميشه لاءِ فرد بڻائي ڇڏيو، سندس پاران اها ڳالهه مون لاءِ تمام وڏي اعزاز ۽ مان واري آهي. شاگرد ۽ نياڻي جي حيثيت سان آءُ پنهنجي حياتيءَ ۾ کيس ڪڏهن به وساري نه سگهندس ۽ نه ئي سندس ٿورا لاهي سگهندس.
    ڪلاس ٽيچر کان هيڊ ماستر ٿيڻ واري سفر کان پوءِ هاڻي سندس رٽائرمينٽ جو وقت اچي ويو. استاد ارشاد احمد ڀٽو جي حياتيءَ جو جيڪڏهن تجزيو ڪبو ته هن جي ساري زندگي برائين کان پري ۽ علم ۽ تعليم جي ويجهو گذري آهي. هن کي پنهنجي استادي پيشي سان انتها درجي جي محبت رهي آهي، هو پنهنجي ان پيشي کي مقدس سمجهي ٿو، منهنجي سمجهه موجب هن پنهنجي فرض ۾ ڪڏهن به ڪا ڪوتاهي نه ڪئي آهي، هميشه حق ۽ سچ جي راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. استاد لاءِ اها ڳالهه ساک سان چئي سگهجي ٿي ته هن پنهنجي مليل عهدن ۽ ذميوارين جو ڪڏهن به ناجائز استعمال نه ڪيو. هو نه صرف هڪ ايماندار ۽ بهترين استاد پر پاڙي وارن جو خيال رکڻ وارو پڻ رهيو آهي. زندگيءَ ۾ سٺي هلت چلت جي ڪري کيس نه رڳو پاڙي وارا پر پوري ڳوٺ ۽ علائقي وارا به کيس قدر جي نگاهه سان ڏسندا ۽ پنهنجي تعريف ۾ ياد رکندا آهن. اُستاد هاڻي جڏهن پنهنجي تعليم کاتي مان رٽائرڊ ٿيو آهي ته يقينن ان اسڪول ۾ وڏو خال پيدا ٿيندو، جنهن ۾ هن پنهنجن ڪليگ دوستن سان پنهنجي حياتيءَ جا ڪتيرائي سال گذاريا آهن. استاد پنهنجي لڳاتار محنت ۽ مخلصي سان ڪيترائي اهڙا شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ مختلف شعبن ۾ مختلف عهدن تي فائز آهن. هن مهان استاد ۽ مهان انسان لاءِ آءُ هيءَ دعا گهرندس ته “شال زندگي جي ڪنهن به موڙ تي کيس ڪا تڪليف نه پهچي ۽ هو اڳ کان اڳرو رهي وڏي ڄمار ماڻي.” آمين.




    ساجد ڀٽو
    مبارڪپور، ٺل
    جيڪب آباد


    تعليم جي بهار سان چمن کي معطر ڪندڙ....

    تعليم جي بهار سان چمن کي معطر ڪندڙ....

    جنهن مهان شخصيت جي باري ۾ مون کي قلم کڻڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي، اهو ڪنهن بهار جي هير کان گهٽ نه آهي، جنهن تعليم جي بهار سان چمن کي معطر ڪيو آهي. جيڪا ڳالهه ناقابل فراموش آهي. محترم استاد ارشاد احمّد ڀٽو صاحب جن نهايت ئي معتبر ۽ صبر واري شخصيت آهن. جنهن جي شخصيت ۾ ايترو ته سحر آهي جو اڻ واقف ماڻهو به سائين جن جي سحر انگيز شخصيت جي گرفت ۾ اچي وڃي ٿو.
    هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن اسين ڇهين ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين ته، سائين جن پهرين ڪلاس کي پڙهائيندا هئا ۽ اسين پنهنجي ڇهين ڪلاس جي دري مان سائين جن کي پڙهائيندي ڏسندا هئاسين. ڇا ته سائين جي محنت هوندي هئي، ڇا ته Commitment هوندي هئي، سڄو ڏينهن سائين جن درس و تدريس ۾ گذاريندا هئا. نه ٺلها حوال نه ڪو پگهار جي وڌڻ جي ڪا ڳڻتي نه ڪا وري ڪا تنظيمي لالچ بس بي لوث شاگردن کي پڙهائڻ ۾ اڪثر وقت گهاريندا هئا.
    سائين جن جي پرڪشش شخصيت جي طلسماتي اثر کان اسان به ڪين بچي سگهياسين ۽ خالي پيرڊ ۾ ڪلاسن مان نڪري ڪري وڃي سائين جن جي محفل مان لاڀ وٺڻ ويندا هئاسين. سائين جن ايڏا ته شفيق هوندا هئا جو اسان کي پنهنجي هٿن سان ڪلاس ۾ رکيل دلي مان پاڻي پيئاريندا هئا ۽ معاشرتي زندگيءَ جي باري ۾ اهڙي ته سمجھاڻي ڏيندا هئا جو دل چوندي هئي ته سائين جن سان پورو ڏينهن گذارجي.
    ڇا ته اندازِ بيان هو، ڇا ته لهجي جي نرمي هئي، ڇا ته فهم هيو جو هر مسئلي کي اهڙي چٽي ۽ سولي طريقي سان سمجهائيندا هئا جو ڄڻ مسئلو هيو ئي ڪين.
    توڻي جو اسان سائين وٽ باقاعدي ڪلاس ۾ نه ويٺاسين پر Informal ۽ Nonformal طريقي سان سائين جن اسان جي لاءِ هميشه اتساهه جو سبب بڻيل آهن. سائين جي شرافت ۽ دينداري به ڪنهن کان لڪل ڪو نه آهي. سائين جن صوم و صلوات جا پابند رهيا آهن. مينهن هجي، واءُ يا وري جهڙ هجي. سائين جن نه سرڪاري ڊيوٽي ۾ ڪڏهن ڪوتاهي ڪئي ۽ نه ئي وري مذهبي فرائضن ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي آهي.
    سائين جن جي شخصيت هڪ رول ماڊل رهي آهي. صاف سٿرا ڪپڙا، وارن کي باقاعده سينڌ ڏنل ۽ پروقار شخصيت جو ڏيک ڏيندڙ سائين هميشه صبر و تحمل سان وقت گذاريو آهي. نه ڪا ڊاڙ نه ڪا لٻاڙ نه ڪي ڪنهن هوٽل تي ويهي ڊاڙون هنيون، ان جي برعڪس سائين جن مسجد ۽ اسڪول کي هميشه پنهنجو مسڪن بڻايو آهي. مون کي ڪڏهن ياد نه آهي ته سائين جن ڪڏهن ڪا بَدڪلامي يا وڌاءُ يا ٽوڪ ۽ چٿر ڪئي هجي.
    مان جيڪڏهن سائين جن جي ڀيٽ چاسر Chaucer جي Prologue جي هڪ ڪردار Parson سان ڪريان ته، ان ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. جنهن ۾ Geoffrey Chaucer پنهنجي هڪ ڪردار Parson کي هن ريت بيان ڪيو آهي.
    “that he practiced first and preached afterwards.
    He took his motto from the Gospel and further added this saying:
    That if Gold rusts, what shall iron do?
    سائين محترم جن جي شخصيت ته بلڪل عملي زندگي رهي آهي، جنهن ۾ نصيحتون گهٽ پر عمل وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. شايد سائين جن کي اها ڳالهه قدرتي طور يا زندگي جي مشاهدن مان حاصل ٿي هجي ته محض تقريرن سان ماڻهن جون دليون نه ٿيون موهي سگهجن. بلڪ عملي زندگي ۽ زندگي جي اعليٰ ڪردار سان انسانن کي موهي سگهجي ٿو.
    سائين جن جي تربيت ۽ تعليم جي ڪري ڪيترائي شاگرد اعليٰ منزلن تي پهتا آهن ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي گهر جي فردن کي به اهڙي ته تربيت مهيا ڪيائون، جو اڄ هن جو اولاد اعليٰ منصبن تي پهتل آهي. هڪ پرائمري استاد جنهن جي محدود آمدني پر ان ۾ برڪت ايتري جو ماشاالله پنهنجي اولاد کي سٺين يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم ڏياري اعليٰ منصبن تي پهچايو آهي ۽ مان ڪڏهن به نه ڏٺو جو سائين جن ڪنهن جي اڳيان ڪو هٿ ٽنگيو هجي، اهڙي نموني سان ته ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪيائون جو ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ٽنگيائون. بلڪ هڪ معتبر ۽ پروقار شخصيت جا مالڪ رهيا آهن.
    منهنجون سائين جن لاءِ هميشه نيڪ تمنائون رهنديون. سائين جن جت به هجن خدا تعاليٰ سائين جن کي خوش و خرم رکي ۽ وڏي زندگي عطا ڪري. (آمين)







    قمر زمان ڀٽو/مبارڪپور
    اسڪالر ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (انگلش)
    جيڪب آباد


    هِيرن جوهارُ

    هِيرن جوهارُ

    استاد ارشاد احمد منهنجو محسن ۽ مبارڪپور جي تعليمي حساب سان هڪ مرد مجاهد، نيڪ صورت ۽ شفيق انسان آهي. اگر سندن خاندان جي ڳالهه ڪجي ته سائين جا والد صاحب غريبن جا همدرد ۽ پاڙيسرين جي ساٿي هئا.
    استاد ارشاد احمّد جي تعليمي خدمت ايتري ته سٺي رهي آهي جو آءٌ بيان نه ٿو ڪري سگهان. مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، سردي هجي يا گرمي، سائين جن پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سچا رهيا آهن.
    ڪجھه وقت پهريان جي ڳالهه آهي ته، سائين پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ لاءِ سائيڪل تي وڃي ڪري ٻهراڙيءَ جي ٻارن کي پوري ٽائيم تي تعليم ڏني.
    سائين ارشاد احمّد ڀٽو جيترو پيار ڪندڙ اوترو سختي ڪندڙ استاد پڻ ٿي گذريو آهي. سائين جي مارَ مون کي اڄ به ياد آهي، هڪ ڏينهن جڏهن اسان جو هوم ورڪ ڏٺائون ڪم پوري نه هجڻ جي ڪري هلڪي ڦلڪي مار ڏنائون، پر بهرحال انهيءَ سختيءَ ۾ يقينن اسان جو فائدو هو.
    سائين ارشاد احمّد وقت جا ڏاڍا پابند هئا. ڇو ته سائينءَ جن جي پرورش سٺي گهراڻي ۾ ٿي هئي، استاد سائينءَ ۾ هڪ اها به خوبي هئي جو پاڻ ڪڏهن به فضول جاين جهڙوڪ: هوٽل، بازارون يا ٻيون اهڙيون جايون، جن تي وڃڻ سراسر بيڪار ۽ نقصانڪار هجي، پاڻ اوڏانهن ڪڏهن به نه ويا.
    مون اڄ ڏينهن تائين اهو به ناهي ڏٺو ته سائين معاشري ۾ ڪڏهن ڪنهن سان جڳهڙي يا سخت لهجي ۾ پيش آيا هجن. سائين جن انتهائي بهادر، نيڪ انسان سان گڏ ديندار پڻ آهن. اڄ الله سائين جو ڪرم اٿن ته پنهنجي اولاد به نيڪ صالح، هوشيار ۽ ڏاها اٿس. اهو سڀ ڪجھه سائينءَ جي محنت ۽ سچائيءَ جو ثمر آهي.
    اڄ سائينءَ جو خير خوبيءَ سان اهو تعليمي سفر پنهنجي پُڄاڻي يعني رٽائرمينٽ تي پهتو آهي، جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آهي. انهيءَ موقعي تي اسين فخر محسوس ڪندي ڄاڻون ٿا ته سائين جن تعليمي لحاظ کان مبارڪپور شهر لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سچ ته سائين مبارڪپور جي ماڻهن ۾ ڄڻ هيرن جو هار آهن.




    فقير عبدالفتاح مستوئي
    مبارڪپور/ٺل


    ڏونگر جنين ڏوريا...

    ڏونگر جنين ڏوريا...

    وقت بادشاهه
    وقت هڪ اهڙو بادشاهه آهي جو ميار مهڻي کان آجو، هر اميرُ گدا جو محتاج نه ٿو رهي، هن بادشاهه جي وڏي ڳالهه اها جو ڪڏهن ڪنهن وٽ ٽڪي نه ٿو. بس پنهنجي مرضيءَ سان وهندڙ پاڻي جيان هلندو رهي ٿو ۽ يادن جا اهڙا چٽ چٽي ٿو جيڪي عمر ڀر مٽجي نه ٿا مٽجن، بس يادون ان وهندڙ پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جي ٻيڙي جيان ترنديون رهن ٿيون.
    ڪالهه ڪالهوڪي ڳالهه آهي جڏهن والد بزرگ وار ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ مون کي داخلا لاءِ وٺي ويو، جتي اڪثر استاد ۽ هيڊماستر صاحب سندس جا شاگرد هئا. جنهن سان ملاقات بعد بابا سائين مون کي پهريون درجو سائين ارشاد احمّد ڀٽو وٽ پڙهڻ کي ترجيح ڏني ۽ سائين کي مرڪندي چيائين ته “ارشاد احمّد توهان مون وٽ پڙهيا ۽ هاڻي منهنجو پٽ توهان وٽ پڙهندو”. جنهن تي سائين ارشاد احمد وراڻيو ته سائين مون لاءِ اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي. بس پوءِ ٻاتڙي ٻوليءَ ۾ ا، ب، ت، پڙهڻ شروع ڪيو جنهن کي اڄ ٽيهه (30) سال گذري ويا ۽ خبر ئي نه پئي.
    سائين بحيثيت هڪ استاد
    لفظ استاد لکڻ، پڙهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ته هڪ ننڍڙو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ مفهوم کان هر ڪوئي چڱي ريت ڄاڻ رکي ٿو، استاد ئي ته آهي جنهن کي پيءُ ماءُ جو درجو مليل آهي، استاد جو مان، مرتبو ۽ اهميت ان حديث مان سمجهي سگهجي ٿي ته، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ته، رب پاڪ مون کي هن دنيا ۾ استاد ڪري موڪليو آهي.
    اهو استاد ئي ته آهي جيڪو دماغ جي بند پيل ٽئين اک کولي ٿو. اسان جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ ڪنهن استاد جو ذڪر ڪنداسين ته سائين ارشاد احمّد جو نالو به سرفهرست نظر ايندو. جنهن تعليمي ميدان ۾ نه صرف پاڻ ملهايو پر مڃرايو به آهي. سندس پڙهائڻ جو طريقو، هر هڪ ڳالهه پنهنجو مثال پاڻ آهن، هر شاگرد سان پيار ۽ شفقت، کين اولاد جيان ڀانئڻ سندس اعليٰ ظرف ۽ اخلاقيات جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. جي کڻي چئجي ته عام رواجي استاد کان بلڪل مختلف ته وڌاءُ ٿيندو. سندس شخصيت تي لفظ استاد ائين ٺهي ٿو ڄڻ منڊي تي ٽڪ.
    نِينهُن نِهائِينء جان، ڍڪيو ڪوهُه نه ڍڪِئين؟
    ڄَرَ ڄَيري ڇَڏي، تِه ڪِئين پَچندا ٿانءَ؟
    سَندي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالَهڙي.
    (شاهه)
    سائين جي شخصيت
    سائين جي شخصيت تي لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه ته ناهي پر هڪ شاگرد ۽ ٻچي جي حيثيت سان ڪجھه لکڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي. گهڻ رُخي شخصيت جا مالڪ سائين ارشاد احمّد جي عام زندگي به اتساهه ڏيندڙ ۽ مثالي آهي، پرائي کان پري هر وقت خدا جي سڏ تي حاضر، لاچار جي مدد ائين ڪندا جو ٻي هٿ کي به سڌ نه پوي.
    سندس چهري تي خدا ترسي ۽ همدردي عيان هوندي آهي/ هئي. ڳوٺ جي سُکي ستابي خاندان سان تعلق هئڻ ڪري به سندس شخصيت نمايان آهي. اسڪول هجي يا گهر هر وقت صاف سٿرا، تازا توانا، چست ۽ ڀڙ نظر ايندا.
    سندس مرڪندڙ چهرو شخصيت کي چار چنڊ لڳائي ٿو. بهار جي مُندَ جهڙو سائين پنهنجو مٽ پاڻ آهي.
    آءٌ تن ڏوٿين جو، پڇان پير، پَهي،
    رُڃَ رات رهي، ڏونگر جنين ڏوريا.
    (شاهه)
    جڏهن آءٌ سائين وٽ پڙهندو هيس
    اها ٽيهه سال پهريان جي ڳالهه آهي، جڏهن آءٌ سائين وٽ پهرين ڪلاس جو شاگرد هيس. وري خوش نصيبي اها جو پرائمري جا پنج ئي سال سائين جو لاڏلو رهيس. سندس گهڻا تڻا ڪم ڪار آءٌ ئي ڪندو هيس. ڇاڪاڻ ته سائين مون کي اولاد جيان ڀائيندو هو، سياري جي موسم ۾ گهڻو ڪري سائي چانهه ۽ ڊراءِ فروٽ کائيندا هئا ۽ ٻين استادن ڏانهن به موڪليندا هئا، ڪڏهن ڪڏهن دوستن جي آمد به ٿيندي هئي، دوستن ۾ اڪثر مرحوم سيف الله مگسي ۽ محرم ڀٽو نمايان رهيا. مون کي ياد ناهي جو سائين ڪڏهن سرڪاري ڪرسي استعمال ڪئي هجي، اڪثر پنهنجي ذاتي خرچ تي ڪرسي ۽ ميز جو ڪَور خريد ڪندا هئا.
    گهنڊ لڳڻ کان پهريان اسڪول اچڻ ۽ ٺيڪ موڪل جي وقت وڃڻ سندس ڊيوٽيءَ جو معمول هوندو هو، فرض شناس ۽ ڊيوٽي جا پابند رهيا.
    صاف سٿري پوشاڪ ۾ شخصيت نمايان نظر ايندي هئن. سياري جي موسم ۾ ڪوٽ ۽ ويسٽ ڪوٽ پائڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. سندس پڙهائڻ جو طريقو ٻين استادن کان گهڻو مختلف نظر آيو، وس ويندي ڪنهن شاگرد کي سزا نه ڏيندا هئا. مطلب ته هڪ حقيقي استاد جا سڀ گڻ سائين جن ۾ جهلڪندي نظر ايندا هئا.

    ٻه اکر ۽ دعا
    شيڪسپيئر چواڻي ته هي دنيا هڪ اسٽيج آهي جتي هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو.
    اها حقيقت آهي هر ماڻهو پنهنجي ڪردار جي ڪري ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو، پوءِ اهوڪردار Positive هجي يا Negative، ان جي سڃاڻ ان جا عمل هجن ٿا.
    تاريخ هميشه اهڙا ڪردار ساراهيا ۽ پنهنجي ورقن ۾ زندهه رکيا آهن. جن خلق خدا جي ڀلائي ۽ چڱائي لاءِ ڪجھه ڪري ڏيکاريو هجي، اهڙن ڪردارن مان سائين ارشاد احمّد ڀٽو جن جو ڪردار به قابل تعريف آهي. جنهن پنهنجي استاديءَ ۽ هيڊماستريءَ واري دؤر ۾ جنهن نموني ڳوٺ جي تعليم کي هٿي وٺرائي پاڙ پختي ڪئي، ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. سندس تعليمي ميدان ۾ ڪيل خدمتون تاريخ جو اَملهه حصو آهن.
    سندس قيمتي پورهيي مان مون سميت ڪيترائي شاگرد وڃي منزل رَسيا ۽ رسندا، سندس پورهيو صدقه جاريه آهي. سائين جي رٽائرمينٽ سان تعليمي ميدان ۾ ٿيندڙ خال جو ڀرجڻ نهايت مشڪل آهي.
    آءُ ڌڻي در سائين جن جي عمر درازي ۽ سدا خوشحالي جي دعا ٿو ڪريان. (آمين)
    نورِي ۽ ناري، جوڳيَڙا جهان ۾،
    ٻَري جَن ٻاري، آءٌ نه جِئندِي اُن رِي.




    آصف فيض ڀٽو
    مبارڪپور


    محبتن جو سفير استاد

    محبتن جو سفير استاد

    شخصيتون هميشه ڪردار ذريعي سڃاتيون وينديون آهن. ڀلي کڻي ڪيڏو به وڏو نانءُ رکندڙ شخصيت ڇو نه هجي پر ان ۾ خير خواهي، ڀلائي، همدرديءَ ۽ انسان جي احساس وارو عمل نه هجي ته اها شخصيت ڪنهن ڪم جي ناهي هوندي!!
    اسان جي هن ننڍڙي ڳوٺ مبارڪپور ۾ ڀلائيءَ سان ڀرپور ڪردار جي مالڪ شخصيت استاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي، ان جي شخصيت ۽ ڪردار تي جيترو لکجي سو گهٽ آهي. منهنجي سائينءَ سان جڏهن ڪا ملاقات ٿي آهي ته، مون ڪڏهن به منهن تي مايوسي يا پريشاني ناهي ڏٺي. هميشه ڳالهائڻ دوران هر لفظ پٺيانءَ مُرڪَ ضرور نظر ايندي آهي.
    مون کي ڪنهن ڏاهيءَ جو ڏنل ڏس ياد ايندو ته ”ڪوئي به استاد جيستائين اسڪول ۾ نه پڙهائيندو، تيستائين ان جي اولاد به ڪڏهن نه پڙهي سگهندي آهي“. يقينن!! اهڙا ڪيئي استاد به آهن، جيڪي نالي جا استاد آهن. جنهن اسڪول وڃي ڪنهن ٻار کي ڪو هڪ اکر به ناهي پڙهايو خدا گواهه آهي انهن استادن جا ٻار به رلندي ڏٺا ويا آهن.
    استاد ارشاد احمّد ڀٽو صاحب جي محنت ۽ سچائيءَ جو ثبوت ان جو اولاد آهي، جيڪا پنهنجي بابا سائينءَ جيئان ان جي نقش قدم تي هلي ڪاميابي ماڻي آهي. اها استاد ارشاد احمّد جي ڪاميابي آهي.
    سائين لاءِ سدائين دعا آهي ته پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن ڪو ڏک نه ڏسي. سدائين ان جي مُنهن تي مُرڪ موجود هجي ۽ محبتن جو سفير بڻجي ماحول کي مهڪائيندو رهي. (آمين)


    نثار “ساگر” مهر
    اڳوڻو صدر، پريس ڪلب
    مبارڪپور، ٺل


    ٻهڪندڙ چهرو رکندڙ استاد

    ٻهڪندڙ چهرو رکندڙ استاد

    آءُ ڪنهن ڪم سانگي وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ هڪ خاڪي رنگ جو لفافو استاد جي فرزند ڏنو، مون جڏهن ان کي پڙهيو ته استاد ارشاد احمّد ڀٽو رٽائر پيو ٿئي، سائين جي زندگيءَ تي سندس جا فرزند ڪتاب پيا ڇپرائڻ چاهين، ڳوٺ جي مختلف سياسي، سماجي، صحافين، پاڙي وارن ۽ ڪليگس کان مواد وٺڻ لاءِ استاد جي پٽن سڀنيءَ کي عرض ڪيو، انهن ماڻهن ۾ مون کي به اهو اعزاز مليو ته، آءُ به سائين جي زندگيءَ تي روشني وجھان. انسان ۾ ڪيتريون ئي خوبيون هونديون آهن. سائين جن به انيڪ خوبين سان مالامال آهن. ٻيا دوست به استاد ارشاد احمّد تي گهڻو ئي لکندا. پر آءُ هتي سائينءَ محترم لاءِ مختصر لکندس. آءٌ جڏهن به ڪنهن ڪم سانگي، يا رستي تي اڪثر استاد سان دُعا سلام ٿيندو هيو ته سائين جن جي چهري تي هميشه خوشي نظر آئي، جڏهن ڏٺو مرڪندي ڏٺو اهڙا خوش قسمت ماڻهو دنيا ۾ گهٽ هوندا آهن، مون ڪڏهن به استاد ارشاد احمّد کي ڪاوڙ ڪندي ڪو نه ڏٺو، سواءِ هڪ دفعو اُهو به چند سيڪنڊن جي لاءِ. ٿيو ائين جو منهنجي سائين جي وڏي فرزند اياز احمد سان ڪنهن وقت اسين پاڻ ۾ دوست هئاسين (هاڻي به آهيون) ۽ مان عيد جي نماز پڙهي سڌو اياز ڏي وڃي رهيو هوس ته رستي ۾ سائين مليو ۽ مون اياز جو پڇيو، ظاهر آ سائين جو وڏو فرزند آهي، استاد ڪاوڙ ڪئي ۽ اُتي مُرڪي چيائين ته وڃ گهر اياز کي پرچاءِ. پوءِ آءُ اياز ڏي آيس ۽ ان کي پرچايو. مون سدائين استاد کي خوش رهندي ڏٺو. اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جي برابر هوندا آهن، سائين جن جو پاڙيسري هئڻ جي ڪري مون اِهو به ڏٺو ته ڪڏهن به ڪنهن پاڙي واري کي سائين جن کان ڪا تڪليف ڪو نه پُهتي.
    دعا آهي ته سائين جن سدا خوش ۽ آباد هجن. (آمين)

    بهادر حسين ڀُٽو “صحافي”
    مبارڪپور


    شاگردن لاءِ مضبوط تعليمي بنياد رکندڙ استاد

    شاگردن لاءِ مضبوط تعليمي بنياد رکندڙ استاد

    منهنجي مُحترم سائين ارشاد احمّد ڀٽو صاحب جن جي شخصيت گهڻ رُخي آهي. هُو تمام گهڻا نيڪ صفت انسان ۽ بهترين استاد آهن. هن مهان شخصيت لاءِ مون وٽ لفظ ناهن جو مان لکي سگهان. مان ڪٿان شروع ڪريان ۽ ڪٿي ختم ڪريان....!
    سائين ارشاد احمّد ڀٽو صاحب جن اسان کي پنهنجي ٻچن جيان سمجھيو آهي، هُن اسان کي هڪ استاد جي ناتي جيڪو پڙهايو لِکايو آهي، سو اڄ به ياد آهي. آءُ جيڪو اڄ ليڪچرار آهيان، اهو منهنجي انهن سڀني استادن جو ٿورو ئي آهي، جن مون کي پيار سان پڙهايو. تن منجهان اُستاد ارشاد احمّد جو نالو وڏي اهميت وارو آهي. ڇو ته ڪنهن به شيءِ جو جيڪڏهن بنياد مضبوط هوندو آهي ته، اها شيءِ اڳتي هلي وڌيڪ مضبوط ٿيندي آهي. سائين ارشاد احمّد جن مون کي پهريون ڪلاس پڙهايو. منهنجو بنياد مضبوط ڪيو ۽ اڳتي هلي مون کي ڪا به تڪليف نه ٿي. سچ پچ ته جيڪڏهن سائين بنياد پڪو نه ڪن ها ته مان شايد اڳتي نه وڌي سگهان ها.
    مون کي ياد آهي اُهو دؤر، اهو زمانو جڏهن مان سائينءَ وٽ سنڌي ٻاراڻو ڪتاب پڙهي رهيو هوس. ان کان اڳ سائين مون کي سنڌي بنيادي ڪَڪ- پَٽي پڙهائي، آواز ۽ اُچارَ سيکاريا.
    دلچسپ قصو ائين هو ته مون کي سنڌيءَ الفابيٽ جا ٻيا اکر ته آيا پر “جھه” (جهرڪي) ڪو نه آيو. اُستاد ان اکر سيکارڻ تي جيڪا مون مٿان محنت ڪئي، سا مون کي اڄ به ياد آهي. ايتري تائين جو “جھه” اکر جڏهن مون ٺيڪ طرح سان ڪو نه ٿي لکيو. تڏهن استاد منهنجو هٿ پڪڙي قلم سان لکائڻ جي ڪامياب مشق ڪرائي. نيٺ “جھه” اکر مان لکي ويس.
    اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن اهڙا محنتي ۽ شاگردن سان پيار ڀريي روَيي وارا استاد هوندا، سچ پچ ته اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏي تعليمي تبديلي ايندي. ڇو ته اهڙن استادن جي اڄ جي معاشري کي تمام گهڻي ضرورت آهي. سائين ارشاد احمد پنهنجي تعليمي سفر جي بظاهر ته پڄاڻي ڪئي آهي، پر مون جيان سندس سوين شاگرد سندس ٻاريل علم جي ڏيئي جي روشني کڻي جهالت واري اوندهه کي ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهن. يقينن اهو چڱائيءَ وارو سفر نسلن تائين هلندو رهندو.
    سائين محترم لاءِ انتهائي خلوص سان دُعا آهي ته شالَ پاڻ وڏي ڄمار ماڻين. (آمين)


    نثار احمّد ڪيهر
    (ليڪچرار زولاجي)
    گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
    جيڪب آباد


    سڀني شاگردن کي هڪ اک سان ڏسندڙ اُستاد

    سڀني شاگردن کي هڪ اک سان ڏسندڙ اُستاد

    تعليم واري دؤر ۾ منهنجا ڪيترائي اُستاد ٿي گذريا. جيڪي اڄ تائين سُٺي نموني سان پڙهائڻ ڪري ياد آهن. انهن مان استاد ارشاد احمّد ڀٽو به هڪ آهي.
    اُستاد ارشاد احمّد، رشتي ۾ منهنجو مامو آهي. منهنجي زبان تي “استاد” بجاءِ “ماما” لفظ گهڻو اُچارجي ٿو. ڇو ته ننڍي لاءِ کان وٺي مان کيس ماما چوندو ايندو آهيان، ايتري تائين جو ڪلاس ۾ کيس به “ماما” چوندو هوس.
    مامي ارشاد جي محنت ۽ سچائيءَ کان ڪير واقف ڪونهي؟ اها ڳالهه ته هر ماڻهوءَ جي وات هوندي آهي ته استاد ارشاد احمّد ڀٽو هڪ نيڪ نيت انسان، سُٺو والد، بهترين استاد ۽ همدرد سماجي فرد آهي. واقعي به ماما جي شخصيت انهيءَ گڻن تي پوري لهي ٿي. اسان کي فخر آهي ته، هُو اهڙن سٺن لفظن سان معاشري ۾ ياد ڪيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪجھه سندس سچائيءَ جي ڪري آهي.
    ماما ارشاد احمّد وٽ اسان ٽئين درجي ۾ پڙهياسين. هُن ڏاڍي محنت سان اسان کي پڙهايو. ايتري تائين جو هُن اسان ۽ ٻين شاگردن کي هِڪ سمجھيو. مطلب هُن ائين نه ڏٺو ته آءُ شاگرد سان گڏوگڏ سندس ڀاڻيجو به آهيان ۽ ان رشتي عيوض کيس ڪلاس ۾ نرمي ڪريان، نه نه هُن مون کي فقط هڪ “شاگرد” ئي سمجھيو. متان ٻين شاگردن ۾ اها احساس محرومي ٿئي ته، اُستاد پنهنجي مائٽن کي ڪجھه نه ٿو چئي. وڏي ڳالهه ته ماما جو پُٽ اياز ڀٽو به اسان جو هم ڪلاسي هو. هُن ان کي به ڪلاس يا اسڪول ۾ صرف “شاگرد” سمجھيو. سندس پُٽ تي هُن ساڳي سختي ڪئي، جهڙي ٻين شاگردن تي.
    دُعا آهي ته اسان جو مامو سَدا خوش هجي . (آمين)

    حسين بخش ڀٽو
    مبارڪپور


    ڪي ڪي جِيءَ جيارا ماڻهو....

    ڪي ڪي جِيءَ جيارا ماڻهو....

    منهنجي شروعاتي استادن منجهان هڪ لائق ۽ معتبر استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب تازو ئي رٽائرڊ ٿيو آهي.
    آءٌ سمجهان ٿو ته اهو سن 1989ع يا 1988ع جو دور هو، جو مون کي والدين پهرين درجي ۾ داخل ڪرايو. منهنجو پهريون يا شروعاتي استاد جنهن مون کي بئنچ تي شاگردن سان ويهڻ، قلم هٿ ۾ پڪڙڻ ۽ لکڻ پڙهڻ سيکاريو، اهو منهنجو مانائتو استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب ئي هو.
    پڙهائيءَ جي اوائلي درجن ۾ جيڪڏهن تجربيڪار ۽ ٻاجهارا استاد ملن ته پوءِ اڳتي وڏي آساني پيدا ٿئي ٿي. اهي ٻئي شيون سائين ارشاد احمد منجهه مليون، جنهن جي ڪري اڳتي به آساني ٿي.
    سائين محترم جي پڙهائيءَ سان گڏ پوشاڪ پڻ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. سائين جن پاڻ قدآور، صاف سٿرا ڪپڙا پهري ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪپڙن تي موسم مطابق وائس ڪوٽ ۽ ڪوٽ به پهري ايندو هو.
    روزانو سائين صبح جو اسيمبليءَ ۾ اچي ضرور بيهندو هو. اهڙي عمل مان يقيناً سندس وقت جي پابندي نظر اچي ٿي. اسان به اسيمبليءَ ۾ بيهي پنهنجي پتڪڙن هٿن ۾ سليٽ ۽ ڪتاب پڪڙي وڏي نظم ۽ ضبط سان بيٺا هوندا هئاسين. هڪ استاد جي حيثيت سان سائين اسان کي پڙهڻ ۽ لکڻ سان گڏوگڏ ادب، اخلاق ۽ نظم و ضبط پڻ سيکاريو، اهي ڏينهن ڄڻ ته قدرت واري استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب کي اسان جي سنوارَ لاءِ سونپيا هئا.
    استاد صاحب نهايت ڪمٽيڊ ۽ پنهنجي پيشي سان ايترو سچو جو اسان کي ياد ڪونهي ته سائين ڪڏهن ڪا موڪل ڪئي هجي، جيئن شاهه ڀٽائيرحه سُر سامونڊي ۾ فرمايو آهي ته:
    سمنڊ ڪين سڪن، ڪوڙين جو ڪائو ٿئي،
    پاڻيءَ سين پيک ڪيو، تيلارا وڻجارن،
    لاحلُون سي لهن، جنين سودو سچ سين.
    محترم استاد صاحب وارو ٻيڙو به مون کي سچ ئي لڳو، جنهن ۾ اسين سفر ڪري رهيا هئاسين.
    گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ شروعات کان آخر تائين مون کي استاد ڪنهن تنظيم يا سياست ۾ حصو وٺندي نظر نه آيو، شايد پنهنجي پيشي سان سچو هجڻ جو هڪ پهلو اهو به آهي.
    سائين جن اسان جي پڙهائيءَ جي معاملي ۾ ايترا ته سخت هوندا هئا، جو جيڪڏهن سبق ڪچو هجي، ته پوءِ رسيس به بند ۽ پاڻ اسان کي ياد ڪرائي پوءِ موڪل يا رسيس ڪندا هئا. اهڙي سچائيءَ جو مظاهرو جيڪڏهن هر استاد ڪري ته شايد تعليم جو پنهنجو اهو اوج واپس اچي وڃي، جيڪو اڄ کان پهريان هو.
    استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب جن جي سنگت جو حلقو به تمام محدود هو، جيڪو اڄ تائين به محدود آهي. سائين پنج وقت نماز پڙهندڙ ۽ دين مذهب جي پابنديءَ سان پوئواري ڪندڙ آهي. نفيس ۽ حليم طبيعت جو مالڪ استاد جڏهن ڪلاس ۾ داخل ٿيندو هو ته هڪ ڪڙڪيدار آواز هوندو هو، جنهن کي ٻڌندي اسان جو سڄو ڌيان سليٽ ۽ ڪتابَ ۾ هليو ويندو هو ته ڪٿي ڪا غلطي نه ٿي پئي، ڇو ته غلطيءَ جي گنجائش نه هوندي هئي.
    استاد جي اها هڪ وڏي خوبي ئي چئبي جو سائين ڌڪ ۽ چماٽ جي جاءِ تي هڪ دڙڪي مان ڪم وٺندو هو ۽ اسان ڪلاس ۾ ويٺل سڀ شاگرد خاموشي ۾ وٺجي وسامي ويندا هئاسين، ۽ رڳو پڙهڻ ۾ ڌيان اٽڪجي ويندو هو.
    سائين محترم، سيٺ پير بخش ڀٽو صاحب جن جو لائق فرزند، ٻين جي ٻارن جي تعليم جو فڪر ائين ڪندو هو، جيئن پنهنجي ٻارن جو. اهڙا استاد اسان جي معاشري ۾ تمام گهٽ آهن.
    استاد محترم، پرائمري استاد جي حيثيت سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ هي مرد مجاهد، هڪ ڏينهن ساڳئي ئي اسڪول ۾ جڏهن هيڊماستر مقرر ٿيو، تڏهن آءٌ ڪراچي، بئنڪ الحبيب ۾ ڊيوٽي ڪندو هئس. سائين جن جي هيڊماستر ٿيڻ جي خبر ٻڌي بيحد خوش ٿيس، نيٺ محنت جو ڦل کيس ائين به مليو.
    آءٌ اهو نه ٿو ڄاڻان ته استاد ارشاد صاحب جا استاد ڪهڙا هئا، پر شخصيت منجهان اهو پرکي سگهجي ٿو ته سندن تربيت ۽ تعليم استاد صاحب تي گهرو اثر ضرور ڇڏيو هوندو.
    فنونِ لطيفه، محفلن ۽ موسيقيءَ سان گهٽ چاهه رکندڙ، هي استاد گڏجاڻين ۽ تقريبن ۾ به گهٽ. نظر ايندو هو. جي کڻي ڪٿي ڪنهن تقريب ۾ هوندو به ته هڪ پاسي، خاموش، پنهنجي شخصيت ڏانهن متوجهه ڪندڙ.
    جيئن ڪنهن شاعر فرمايو:
    ڪنهن جي ڳالهه ڪين وڻي، ڪنهن جي ماري خاموشي،
    ڪنهن جي هستي موت برابر، ڪي ڪي جيءَ جيارا ماڻهو.
    سو سائين ارشاد احمد صاحب به انهن جيءَ جيارن منجهان ئي آهن.
    خداوند ڪريم کيس چئن فرزندن سان نوازيو آهي، جيڪي نيڪ ۽ صالح آهن. جن مان ٻه اياز ۽ اويس 17هين گريڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ آهن. جاويد پوليس ڪانسٽيبل ۽ جونيئر پير بخش اڃان تعليم واري پيچري ۽ والد محترم پاران مليل گس تي آهي. الله تعاليٰ ان کي به سٺو سرڪاري عهدو نوازيندو.
    آءٌ وڌيڪ استاد محترم جي صحتيابي ۽ وڏي عمر لاءِ ڌڻيءَ پاڪ جي بارگاهه ۾ دعاگو آهيان، شالَ رب کيس آسائشون عطا ڪري ۽ آسانيون پيدا فرمائي. (آمين)


    قمر مهر/مبارڪپور
    اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ
    سنڌ بئنڪ لميٽيڊ
    ڪشمور (سنڌ)


    پڙهائيءَ ۽ سچائيءَ ۾ وڏي هاڪَ رکندڙ اُستاد

    پڙهائيءَ ۽ سچائيءَ ۾ وڏي هاڪَ رکندڙ اُستاد

    وقت گذرندي ڪائي خبر نه ٿي پوي. هيڏو جبل جيڏو وقت ڪيئن گذري ويو، ڪا خبر ئي ڪانه پئي.
    اهو 1986ع جو دور هيو، جڏهن پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ استاد محمد پناهه ڀٽو، استاد ڪوڙو، استاد عبدالفتاح، استاد سائين غريب شاهه، استاد سردار خان ڀٽو، استاد روشن جن هوندا هئا. انهن مان اسان جو سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو به هڪ آهي. اُهي استاد پنهنجي پڙهائيءَ ۽ سچائيءَ ۾ وڏي هاڪَ رکندا هئا. تن مان استاد ارشاد پڻ هنڌين ماڳين ان حوالي سان مشهور هو.
    استاد اسان جي لاءِ هڪ والد جي حيثيت رکندو هو، جيئن والد پنهنجي ٻچن کي ڏسي.
    استاد ارشاد وَٽ مون چوٿون ڪلاس پڙهيو. تمام گهڻي محنت سان استاد اسان کي پڙهايو.
    صورتخطي، سبق پڙهڻ، کوڙا ٻڌائڻ، فيئر ڪاپيون ٺاهڻ ۾ استاد جي سختي ڏسڻ وٽان هئي. هُن اسان کي جتي سختي ڪئي اتي پيار به ڏنو.
    پرائمري اسڪول ۾ پڙهي پاس ڪري جڏهن هاءِ اسڪول پهتاسين ته استاد اسان کي تڏهن به نه وساريو. هاءِ اسڪول جي استادن استاد علي گل، استاد غلام مرتضيٰ، استاد لياقت ۽ ٻين کي منهنجي تمام گهڻي پارت ڪندو هو. اهڙو ٻاجهارو استاد اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪٿي به نه ڏٺو.
    استاد نماز قرآن پڙهڻ جو پابند آهي، ان ڪري هو اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ شريف انسان طور پڻ سڃاتو وڃي ٿو.
    اسان جي پنهنجي معتبر استاد ارشاد احمد لاءِ دل سان دعا آهي ته شال الله سائين ان کي سدا خوش رکي.(آمين)


    عبدالقدير سومرو (سپاهي)
    (مبارڪپور)


    اُستاد جو مانُ ۽ اُستاد ارشاد احمد

    اُستاد جو مانُ ۽ اُستاد ارشاد احمد

    چيو ويندو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته ان قوم جي علم ۽ ڪلچر کي ختم ڪيو وڃي، ته اها قوم خودبخود تباهه ٿي ويندي. اهڙيءَ طرح علم جو شرف اهو آهي جو آءٌ سمجهان ٿو ته علم کي ڦهلائيندڙ يعني استاد جو مان ۽ مرتبو علم کان به وڌيڪ آهي. ڇو جو علم جو سيکاريندڙ ئي استاد آهي.
    ڪنهن وقت جي پراڻي ڳالهه آهي ته ڪنهن بادشاهه جي گهر ۾ استاد 6 ڪلوميٽر پنڌ ڪري، ان جي ٻار کي پڙهائڻ ايندو هو، هو گهوڙي تي ايندو هو، شام جو واپس پنهنجي ڳوٺ موٽي ويندو هو. استاد انهن ٻارن مان هڪ 9-10 سالن جي ٻار ڏانهن ڪڙي نظر سان ڏسندو هو، جو اهو ٻار استاد ڏانهن حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندو هو.
    هڪ ڏينهن استاد، ان ٻار کان پڇا ڪئي، ته پٽ تون مون ڏي ائين ڇو ڏسندو آهين؟ انهيءَ تي ان ٻار جواب ڏنو ته استاد آءٌ هڪ غريب ۽ مسڪين جو ٻار آهيان، اوهان مون کي به ڪجهه علم ڏيو، ان ڪري اوهان ڏانهن نهاريندو آهيان. استاد چيو پٽ مون کي ٽائيم ئي ڪونهي جو توکي ڏيان، اهو ممڪن ئي ناهي. ان تي ٻار چيو ته ڀلا سائين هڪ عرض مڃيو، ڀلا جنهن وقت اوهان ڳوٺ ڏانهن واپس ويندا آهيو ته ان وقت آءٌ اوهان کان ڪجهه سوال پڇندس، اوهان صرف ان جا جواب مون کي ٻڌائجو. استاد سوچيو ڪجهه سوال هوندا، ان ۾ ڪو حرج ناهي. ٻه چار سوال ئي ته هوندا.
    استاد ان ٻار کي ها ۾ جواب ڏنو، ٻئي ڏينهن تي شاگرد سوال شروع ڪيا. هو سوال ڪندو رهيو، استاد جواب ڏيندو رهيو. مسلسل 6 ڪلو ميٽر پورا ٿيا پر سوال پورا نه ٿيا. وري ٻيو ڏينهن.
    آخرڪار 6 سال مسلسل سوال ۽ جواب جو 6 ڪلو ميٽر پنڌ، شاگرد سوال ڪندو رهيو ۽ اهو شاگرد اڳتي هلي امام غزاليرحه جي نالي سان مشهور ٿيو.
    استاد جو شان ۽ مان تمام وڏو آهي. اهڙن عظيم استادن مان اسان جي ڳوٺ مبارڪپور جو ڄاتل سڃاتل استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب به هڪ آهي.
    استاد هميشه مسڪرائيندو آهي، پاڻ ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه تان ڪاوڙ جو اظهار نه ڪيو آهي. آءٌ استاد ارشاد احمد وٽ جڏهن به ملڻ ويندو آهيان، ته هو وڏي آڌرڀاءُ سان ملندو آهي ۽ خير عافيت ۽ حال احوال به چڱيءَ طرح وٺندو آهي.
    مان استاد ارشاد احمد وٽ چوٿين ڪلاس ۾ پڙهيم، ان کان پهريان مان جڏهن ٽئين ڪلاس ۾ هوندو هئس، ته استاد جو ڪلاس اسان جي ڪلاس سان گڏوگڏ هوندو هو. آءٌ سندس ڪلاس ڏانهن گهڻو نهاريندو هيس. ڏسڻ ۾ ايندو هيو ته ڪڏهن ڪو شاگرد اٿي بيهي سبق ٻڌائيندو هو ته ڪو شاگرد سبق ياد ڪندو هو.
    استاد وقت جو تمام وڏو پابند هو. استاد کي اسيمبليءَ ۾ به ڏسندو هيس، حالانڪ اڪثر استاد اڄ به اسيمبليءَ ۾ ڪونه پهچندا آهن ۽ پڙهائڻ جي وقت وري استاد کي مان پورو جو پورو ٽائيم پڙهائيندي ڏسندو هيس.
    هڪ ڏينهن اسان جي ڪلاس جو استاد شايد ڪلاس ۾ ڪونه هو، سو آءٌ سندس ڪلاس ۾ اچي ويٺس.
    هڪ ڀيري استاد جي ٻانهن ۾ مون واچ ڏٺي، مون کي اها واچ ڏاڍي پسند آئي، ڇو جو ان واچ ۾ جيڪي انگ لکيل هئا، اهي چٽيءَ طرح لکيل هئا. سو روز وڃي ان واچ تان آءٌ ٽائيم ڏسي ايندو هُيس.
    چوٿين ڪلاس ۾ اسان کي استاد واهه جو پڙهايو، اڄ به اسان کي استاد جو اکر اکر ياد آهي.
    سبق پڙهڻ ۽ سبق ياد ڪرڻ ۾ اسان جي وڏي مدد ڪيائين. رياضي به استاد سٺي پڙهائي. ستين جو کوڙو استاد کي پڪو ڪري مون ياد ٻڌايو هو.
    اڄ استاد جن انهيءَ اسڪول ۾ ڪونه پڙهائيندا آهن، ڇو ته اتان رٽائرمينٽ ورتي اٿائون. اڄ به اسڪول جا اهي ڪلاس ياد ايندا آهن، اڳ ۾ اهي پراڻا هئا، هاڻي اهي ڊهي ٻيا نوان ٺهيا آهن، وقت هليو ويندو آهي پر ياد هميشه گڏ هوندي آهي.
    نيڪ تمنائن سان دعا آهي ته شل استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب جن کي الله تعاليٰ وڏي ڄمار عطا ڪري ۽ دعا آهي ته رب پاڪ جي سدائين ڇانوَ ۾ هجن. (آمين)



    سيد سڪندر علي شاهه
    مبارڪپور، ٺل
    جيڪب آباد


    بيشمار خوبين سان مالامال استاد

    بيشمار خوبين سان مالامال استاد

    واديءَ مهراڻ سنڌ ڌرتي، ڪيترن ئي عظيم انسانن کي جنم ڏنو آهي؛ انهن ۾ شاعر، دانشور، اديب، سياستدان، بزرگ، درويش ۽ استاد وغيره اچي وڃن ٿا. اهڙن ئي عظيم انسانن مان هڪ بهترين استادن مان علم جي لاٽ ڦهلائيندڙ استاد ارشاد احمد ڀٽو جو نالو پڻ هڪ آهي.
    مان جڏهن 1993ع ۾ ٽيون درجو پاس ڪري، ڳوٺ مير مهراڻ خان بجاراڻيءَ کان ڳوٺ مبارڪپور ۾ آيس ته منهنجو والد صاحب مون کي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول مبارڪپور ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا وٺرائي ڏني.
    واضح ڪندو هلان ته ڳوٺ مير مهراڻ خان بجاراڻيءَ جيڪو هينئر ڪرمپور ويجهو ڪشمور ضلعي ۾ آهي.
    هتي مبارڪپور ۾ مون کي نوان دوست ۽ نئون ماحول مليو. نئون اسڪول ۽ نوان استاد ۽ نئون تعليمي ماحول مليو، اسان کي چوٿين ڪلاس ۾ استاد نواب علي مهر پڙهائيندو هو. جيئن ته سائين جن جي اسڪول ۾ مسلسل غير حاضر رهڻ ڪري، اسان جو ڪلاس ڊسٽرب ٿي رهيو هو.
    هيڊ ماستر آفيس مان معلوم ٿيو ته سائين ٽيچر ٽريننگ ۾ آهي، جنهنڪري هو نه ٿا اچي سگهن.
    ان کان پوءِ سائين ارشاد احمد ڀٽو جيڪو ٽيون ڪلاس لڳو لڳ اسان جي ويجهوئي پڙهائيندو هو.
    سائين ارشاد احمد بيشمار خوبين سان مالامال استاد ٿي گذريو آهي. پنهنجي ٽيچنگ وارن ڏينهن ۾ هو تمام گهڻا وقت جا پابند ۽ صفائيءَ طرف به خاص خيال رکندا هئا، شاگردن کي پڻ صفائيءَ جي تمام گهڻي تلقين ڪندا هئا.
    اسين سائينءَ وٽ صرف ٽي مهينا پڙهياسين. بظاهر ته اهي ٽي مهينا هئا، پر سندن سکيا ۽ تربيت کي ڏسجي ته گويا اهي ٽي سال لڳندا آهن.
    سائين، صبح جو روزانو سفيد پوشاڪ ۽ مٿان ڪاري رنگ جي واسڪيٽ پهري وڏي دٻدٻي سان اسيمبليءَ ۾ ايندا هئا ته هرهڪ ٻار بغير ٻڌائڻ جي فُل ڊسيپلين ۾ اچي ويندو هو. سائين ارشاد احمد جو هر سال ڪلاس بوائز پرائمري اسڪول ۾ گلاب جي گل جيان ڏيک ڏيندو رهيو.
    سائينءَ جي بهترين خوبين ۾، ريگيولر هئڻ شاگردن کي ريگيولر بڻائڻ، صفائي سٿرائي ۽ ڪوئز ڪامپيٽيشن ڪرائڻ نمايان ڪردار رکندا هئا.
    سياري جي صبح جو ٻاهر بئنچون ڪڍرائي خوبصورت سج جي ڪِرڻن تي جڏهن سائين چٽي تلفظ سان ۽ وڏي آواز ۾ صورتخطي لکرائيندا هئا ته نه لکندڙ ٻار به لکڻ طرف مائل ٿي ويندو هو.
    اهڙن محنتي ۽ جفاڪش استادن کي سچ ته حڪومت طرفان وڏي اعزاز ۽ انعامن سان نوازيو وڃي.
    فرانس جي عدالت ۾ استاد کانسواءِ ڪنهن کي به ڪُرسي نه ڏني ويندي آهي. اهڙيءَ طرح جاپان ۾ پوليس کي استاد جي گرفتاريءَ لاءِ سڀ کان پهرين حڪومت کان اجازت وٺڻي پوندي آهي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ استادن کي بنيادي حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو. جڏهن هو پنهنجي الائونس ۽ اسڪيل لاءِ مظاهرا ڪري حڪومت اڳيان آواز اٿارين ٿا ته کين پوليس هٿان تذليل ڪيو وڃي ٿو.
    اڄ سائين پنهنجي عهدي تي فائز ناهن ليڪن ڏنل تعليمي خدمتون تاريخ ۾ هميشه ياد رهنديون.
    مان جڏهن مهراڻ ڪاليج ٺل ۾ پڙهائيندو هئس ته هڪ ڪلارڪ محترم سعدالله مهر کي مبارڪپور شهر جو هئڻ ناتي پنهنجو تعارف پيش ڪيم ته سائين يڪدم استاد ارشاد احمد ڀٽو صاحب لاءِ پڇيو. هن ٻڌايو ته سائين محترم سان ماضيءَ ۾ بهترين دوستاڻا تعلقات هئا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته سائين سماجي زندگيءَ ۾ به هڪ وڏو نانءُ آهي.
    مان نهايت شڪرگذار آهيان پنهنجي ڀاءُ اويس ڀٽو جو. جن مون کي ڪال ڪري، سائين جن جي شخصيت تي شاگرد هئڻ ناتي ڪجهه لکڻ لاءِ چيو ۽ اُتساهيو.
    پر اهو اسان مٿان فرض عائد ٿئي ٿو ته پنهنجي پيشي سان سچو هئڻ جو ثبوت ڏيندڙ استادن جي شان ۾ ٻيو نه کڻي چند سٽون ضرور اسان کي لکڻ گهرجن.
    مان ڌڻيءَ در دعاڳو آهيان ته الله تعاليٰ سائين محترم کي سٺي صحت ۽ وڏي ڄمار عطا ڪري. (آمين)


    محمد عالم مَلڪ/مبارڪپور
    ليڪچرار، پاڪستان اسٽڊيز
    سينٽ جونز ڪاليج
    جيڪب آباد


    تاريخ ساز شخصيت جون تاريخي خدمتون

    تاريخ ساز شخصيت جون تاريخي خدمتون

    جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي عزت، احترام ۽ واکاڻ جون حدون، ان جي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن، ذات ۽ ڳوٺ جي دائري کان نڪري ٻين گهرن، ٻين ڳوٺن ۽ ٻين ذاتين جي ماڻهن تائين وڃي پهچن تڏهن سمجهڻ گهرجي ته ان شخص يقيناً ڪو اهڙو ڪارنامو يا ڪي اهڙا ڪم ڪيا هوندا، جن جي وسيلي هُو ٻين جي لاءِ به گهر ڀاتي بڻجي ويو آهي ۽ ٻين جي لاءِ به نيڪ دل، سادگي دل، حق سچ چوندڙ بڻجي ويو آهي.
    اها حقيقت آهي ته ڪير ماڻهو پنهنجي ذات جي لاءِ ڪيترو به بهتر ڪم ڪري، ڪيتري به ملڪيت ٺاهي، ڪيترو به پنهنجي اولاد، ڀيڻ ڀائرن کي سُکيو ستابو رکي، ڪيتري به انهن کي تعليم ڏياري پر انهن جي اهڙي ڪم جي بنياد تي ساراهَه ۽ مڃتا جو دائرو محدود هوندو آهي ۽ اهڙا ماڻهو گهر وارن ۽ مٽن مائٽن کي ئي ياد رهن ٿا. پر جيڪي ماڻهو ٻين جي دردن تي دانهن ڪن ٿا، جيڪي پاڻ بيمار هوندي به ٻين جي بيماريءَ جو ٻڌي انهن جي مدد لاءِ نڪري پون ٿا. منهنجي نظر ۾ جيڪي انسان اهڙا ڪم ڪندا آهن سي ئي وڏا ماڻهو هوندا آهن.
    محترم سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو به اهڙن انسانن مان هڪ آهن.
    استاد ارشاد احمد جو نالو مبارڪپور يا ضلعي جيڪب آباد جي تاريخ ۾ تمام احترام جي لائق آهي. سائين تعليم جي ذريعي پنهنجي علائقي ۾ هڪ نمايان حيثيت جوڙي ورتي آهي. سائين مبارڪپور جي ماڻهن جي ذات جي فرق کان سواءِ خدمت ڪئي آهي. هن حياتيءَ سونا روپا ورق تعليم جي ذريعي خدمت ڪندي گذاريا آهن.
    محترم سائين استاد ارشاد احمد بحيثيت هڪ استاد طور سڃاتو وڃي ٿو پر مان سمجهان ٿو منهنجي نظر ۾ سائين هڪ عظيم استاد آهي، جنهن روايتي استادي کان هٽي ڪري ڪم ڪيو آهي. ڇو ته اسين جڏهن سائين وٽ پڙهندا هئاسين ته سائين جن اسان کي تمام گهڻي محنت سان پڙهائي اسان جي اخلاقي تربيت به ڪندا هئا. مون سائين وٽ پنجون ڪلاس پڙهيو. سائين جن جي پڙهائڻ ۽ سمجهائڻ جو طريقو واهه جو هيو. اسان کي تڏهن سائينءَ جي پڙهائڻ مان ڪابه بوريت نه ٿيندي هئي بلڪ اسان وڏي چاهَه سان اسڪول ويندا هياسين.
    سائين ارشاد احمد جهڙا بهترين استاد تعليم کاتي ۾ تمام گهٽ نظر اچن ٿا. جيڪڏهن آهن به ته اُهي تمام ٿورا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا.
    مبارڪپور جي تاريخ ۾ اها ڳالهه پڻ نئين ۽ پهرين آهي جو ڪنهن مانائتي استاد جي ڪيل خدمتن تي ڪو جامع ڪتاب اچي. اها عظمت ۽ تاريخي قدم به سائين ارشاد احمد جن لاءِ کنيو ويو، سندس خدمتن تي ڪتاب لکيو ويو ۽ تاريخ ۾ محفوظ ڪيو وَيو. سچ ته سائين جن واقعي تاريخ ساز شخصيت آهن.
    آخر ۾ سائين مُحترم جن لاءِ کوڙ دُعائون آهن، بس الله سائين انهن کي خوش ۽ آباد رکي (آمين).


    پرويز احمد مَهر
    (زرعي ماهر)
    مبارڪپور، ٺُل


    باب اٺون اولاد پاران

    هڪ حقيقي مُربي، منهنجو بابا سائين

    هڪ حقيقي مُربي، منهنجو بابا سائين

    اِها حقيقت آهي ته ڳوٺ مبارڪپور، تعلقوٺل پنهنجي تاريخ ۾ مَها ڏاها، مفڪر، اسڪالر، استاد، ليڪچرار ۽ سماجي ڪارڪن پيدا ڪيا آهن. انهن منجهان منهنجو بابو سائين استاد ارشاد احمد ڀٽو پڻ هڪ آهي. جيڪو ڳوٺ مبارڪپور جي زرخيز چيڪي مٽيءَ جو رهاڪو آهي. جتي ساڳُ پلي ۽ وَڙ وَڙ جي سبزي ٿيندي آهي جتي ڌؤنرو ۽ لسي جام ٿيندي آهي، جتي چانورن ۽ ڪڻڪ ٿيندي آهي، جتي جَوَ به جهجها ٿيندا آهن. جتي چانور جي ماني ۽ جوئر جي ماني کاڌي ويندي آهي. جتي جَوَ به جهجها ملندا آهن، جتي مهمانوازيءَ جا مَها قدردان آهن، جتي چار موسمون آهن، جتي وَنگا ۽ بادِ رنگ گهڻا ٿيندا آهن، جتان جي ماڻهن جي اقتصادي حالت وچٿري آهي، جتان جي سياسي ماحول جي ڇا ڳالهه ڪجي؟ هر پاسي امن امان جا ڏيئا ٻرندا آهن، جتي وات کي ٻُنجو ڏئي هلڻو پوندو آهي، جتي کوڙ سارا وڻراههَ آهن، جتي ويهي ڇانوري ۾ ساهه پٽبو آهي، جتان جي مذهبي حالت ماٺار ۾ آهي، جيترا وات اوتريون ڳالهيون، البت ڇَتي ڪوريءَ واري ڊيگهه جابجا هوندي آهي، بس ڪو واقعو ٿيو، ڏونڪو وڄائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏيندا آهن.
    اهڙيءَ ماحول ۾ بابي سائينءَ جون تعليمي ۽ علمي خدمتون اڻ مِٽِ ۽ اڻ کُٽِ آهن، بابي سائين تازو گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي هيڊ ماستر جي عهدي تان رٽائيرمينٽ ورتي آهي. ان کان اڳ ۾ معلمي جي پيشي سان سلهاڙيل هو، هي پيشو پيغمبري آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته دنيا ۾ سڀ کان مشڪل ڪم اهوئي آهي، بند ٻڌڻُ، جايون ٺاهڻ، رستا ٺاهڻ، پُليون تعمير ڪرڻ، ڪاروبار ڪرڻ، ڪارخانو هلائڻ، منصوبو ٺاهڻ، مملڪت جو نظام هلائڻ، عدالتون قائم ڪرڻ ۽ جنگ جوٽڻ آسان آهي، پر انهن مذڪوره ڳالهين کي سرانجام ڏيڻ وارا هٿ ۽ ٻانهون، دل ۽ دماغ کي ترتيب ڏيڻ سهنجو ڪم ڪونه آهي. اهو ڪارنامو اهي انسان سرانجام ڏيندا آهن، جن کي اسان “معلم” يعني “استاد، چوندا آهيون، “استاد” تهذيب وجود ۾ آڻيندا آهن، تمدن تعمير ڪندا آهن، معاشرن کي هيٺاهينءَ کان کڻي بلنديءَ سان همڪنار ڪندا آهن، قومن جي تعمير ڪندا آهن، ۽ انسانن کي انسانيت ۽ ملڪن کي عظمتن سان مالامال ڪندا آهن، اهو سچ آهي ته مختلف ملڪن جي معاشري ۾ استاد کي جيڪو مقام حاصل آهي، ان جو هڪ مثال الطاف شيخ جي ڪنهن سفرنامي ۾ آهي ته اٽليءَ جي عدالتن ۾ جج صاحبان استاد کي ڪُرسي پيش ڪندا آهن. پر اسين ڏسون ٿا ته اسان وٽ استاد جي منزل ۽ قدر جو معيار ڪونهي. ان سلسلي ۾ حضرت عليرضه فرمايو ته جنهن مون کي هڪ اکر به سيکاريو ته مان انهيءَ جو غلام آهيان، اهو چاهي مون کي وڪڻي، آزاد ڪري يا غلام بڻائي ڇڏي. سڪندر اعظم جو پيءُ يونان جي ننڍڙي رياست مقدونيه جو حڪمران هو، پر سڪندر وڏو نالو ڪمائي شهرت حاصل ڪئي، هن تقريباً اڌ دنيا فتح ڪري ورتي هئي، حقيقت ۾ سڪندر جي عظمت سندس استاد ۽ وزير ارسطو جي مرهونِ منت هئي، ڪنهن هن کان پڇيو ته توهان استاد کي پيءُ تي ڇو ترجيح ڏيندا آهيو؟ تنهن تي هن چيو ته، ”منهنجي پيءُ ته مون کي آسمان کان زمين تي آندو ۽ منهنجي استاد ارسطو مون کي زمين کان آسمان تي وٺي ويو“.
    هڪ ڏهاڙي مشهور عباسي خليفي هارون رشيد ڏٺو ته سندس پٽ مامون ۽ امين انهيءَ ڳالهه تي جهيڙو ڪري رهيا هئا ته استاد جا جُوتا ڪير کڻي؟ آخرڪار! استاد جي چوڻ تي اهي هڪ هڪ جُتي کڻي آيا، ٻئي ڏينهن خليفي پنهنجي درٻار ۾ اهو سوال ڪيو ته، ”اڄ سڀ کان وڌيڪ عزت ڪنهن جي آهي؟“ ان تي سڀني چيو ته، ”خليفي جي عزت سڀ کان وڌيڪ آهي“. پر هارون رشيد ٻڌايو ته ”سڀ کان وڌيڪ عزت استاد جي آهي، جنهن جا جوتا کڻڻ ۾ خليفي جا پٽ فخر محسوس ڪن“.
    علامه اقبال پنهنجي استاد مولوي مير حسن جو تمام گهڻو احترام ڪندو هو، اقبال جي ئي سفارش تي مولوي صاحب کي “شمس العلماء” جو خطاب ڏنو ويو هو، جڏهن ان وقت جي گورنر لارڊ ميڪليگن اقبال کان پڇيو ته، “مولوي صاحب جا ڪهڙا ڪتاب لکيل آهن؟” علامه اقبال ٺهه پهه چيو، “مان ان جو زندهه ڪتاب آهيان. ”
    ان حوالي سان جان ايف ڪينڊي ڪيڏو نه سچ چيو آهي ته:
    “If you ignore the Education, You ignore the Nation, If you ignore the Teacher, You ignore Education.”
    (جيڪڏهن توهان تعليم کي نظرانداز ڪريو ٿا ڄڻ ته توهان قوم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ٿا، جيڪڏهن توهان استاد کي نظرانداز ڪيو ٿا ڄڻ ته توهان تعليم کي نظرانداز ڪري ڇڏيو ٿا).
    بابا سائين هنن ڳالهين ۾ پورو پنو اسڪيل هو، هن پنهنجي عرصي ۾ ڪڏهن به بيجا ڊيوٽيءَ کان ڪونه گسايو، جڏهن به ڪاڏي ويندا هئا ته هيڊماستر ڏانهن ريزڪي موڪل لکندا هئا. ابو اڪثر پهريون ڪلاس کڻندو هو، بابي جو اصل مقصد شاگرد کي سنڌيءَ ۾ ڀَڙ ڪرڻ هوندو هو.
    اهو 1990ع جو دور آهي، جڏهن مان بابا جي ڪَڍ لڳي اسڪول ايندو هوس، بابا سنڌيءَ جون 13 تختيون پڙهائيندو ۽ لکائيندو هو، تيستائين ڪونه ڇڏيندو هو، جيستائين شاگرد انهن تختين ۾ ڀَڙ ڪونه ٿي وڃي.
    اهو سچ آهي ته جيڪا قوم پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ ڀَڙ هوندي آهي، اها ٻي ٻولي سکڻ ۾ دير ناهي ڪندي. بابي سائين پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ جيڪي به شاگرد هوشيار ڪيا، اهي اڄ ليڪچرار، استاد، ۽ مختلف اعليٰ کاتن ۾ سرڪاري نوڪريون ڪري رهيا آهن، انهن منجهان نشانبر ٻه ڪيهر مائٽ اڄ سائنس جي سبجيڪٽ زولاجيءَ ۾ ليڪچرر آهن.
    مان پڻ بابي جو شاگرد آهيان، جنهن مون کي ٽيون ڪلاس پڙهايو هو، اڄ مان بابا جي بدولت ڪنهن عظيم عهدي تي آهيان، اهو سڄو بابي جو فيض آهي، جنهن هن ناچيز ۽ خاڪسار بندي کي ونڊُ ڪيو. اڄ اسان ٻه ڀائر سنڌي ادب جي خدمت ڪري رهيا آهيون.
    بابا سائينءَ جي ڏهاڙن ۾ ڪچا امتحان به ٿيندا هئا، ان کان پوءِ پَڪا امتحان ٿيندا هئا، اهي امتحان تعلقي جو آفيسر وٺڻ ايندو هو، اسان جي زماني ۾ الهداد ميمڻ صاحب تعلقه تعليم جو آفيسر هو، جنهن مون کي ٽئين ڪلاس جي امتحان دوران سليٽ تي اردوءَ ۾ “ڻماڻر“ لفظ لکڻ لاءِ چيو هو. ان وقت ٽيون ڪلاس بابا پڙهائيندو هو، ها، مان منٽ ۾ “ڻماڻر” لفظ لکي اڳيان ڏنومانس، پوءِ ته هر پاسي واهه واهه ٿي وئي ان سمي الهداد ميمڻ صاحب جن شاباس ڏني ۽ پٺي ٺپيندي چيو ته تون اڳتي هلي ڏاڍو هوشيار ٿيندين ۽ پنهنجي منزل حاصل ڪري وٺندين. ان جون ڳالهيون سورنهن آنا سچ ثابت ٿيون. بابا کي الهداد ميمڻ سٺي پڙهائڻ جي تمام گهڻي واکاڻ ڪئي، ان وقت مون محسوس ڪيو ته بابا کي ڏاڍو سڪون اچي ويو هو، ڄڻ روحانيت جي ماٿريءَ ۾ پهچي ويو هجي، ان وقت هيڊماستر استاد حاجي محمد پناهه هو. استاد حاجي محمد پناهه پنهنجي ڊيوٽيءَ سان سچو هو، هر وقت هر ڪلاس جو وزٽ پئي ڪندو هو، مجال آهي جو ڪو استاد ٽِين ٽان ڪري يا اصل بت بڻجي ويندا هئا. اڄ جا استاد هيڊماستر کي منهن تي ٻڌائن ٿا ۽ ڪاڻ ڪونه ڪڍندا آهن ۽ اهو چون ٿا ته جهڙو تون گورنمينٽ جو ملازم، تهڙو مان گورنمينٽ جو نوڪر آهيان. اڄڪلهه ڪٿي به فرمانبرداري نظر ڪونه اچي ٿي. استاد محمد پناهه جڏهن باباجي ڪلاس ۾ ايندو هو ته کيڪاري ارشاد خان چئي اُڀ ڏاريندڙ ٽهڪ ڏئي هليو ويندو هو ۽ ٻين استادن کي اهو چوندو هو ته ٻيلي ارشاد احمد وانگر پڙهايو. ان کان پوءِ هيڊ ماستر استاد حاجي سردار خان ڀٽو ٿيو. جنهن پڻ اسڪول کي شاندار نموني سان هلايو.
    جڏهن اسان پنجين ڪلاس ۾ هئاسون ته استاد سردار احمد اسان کي اڌ سال پڙهايو، پوءِ هيڊماستر ٿي ويو، پنجين ڪلاس جو رهيل اڌ سال استاد عبدالجبار ڀٽو پڙهايو.
    استاد سردار به وڏو کلمک هو، اهو به بابا جي ڪلاس ۾ اچي ادا ارشاد چئي ماحول خوشگوار ڪري ويندو هو، مون کي ياد ناهي ته استاد محمد پناهه ۽ استاد حاجي سردار احمد فضول ڊيوٽيءَ کان گسايو هجي. بابا به ڄڻ هنن جي ڪاپي هو، ڄڻ ته بابا سڀ ڪجهه هنن کان سکيو هجي، بابا ڪڏهن به ڪونه گسايو، ۽ پڙهڻ پڙهائڻ کي ترجيح ڏيندو هو، اڳ ۽ هاڻي جي هيڊماسترن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي. بابا پنهنجي دور ۾ SMC جي فنڊ منجهان اسڪول جي مرمت ڪرائيندو هو ۽ هڪ روپيو به ڪونه کائيندو هو، جڏهن ته ٻيا هيڊماستر گهر ٺهرائيندا هئا.
    اسڪول ۾ بابا سائينءَ جي دوستن جو حلقو بنهه گهٽ هو، البت هڪ ئي اسڪول ۾ بابا استاد انور علي مهر سان گهڻو ويجهو هوندو هو، استاد انور ڏاڍو ڀوڳائي ۽ چرچائي قسم جو ماڻهو هوندو هو، اڪثر بابا صبح جو ناشتو اسڪول ۾ استاد انور سان گڏجي ڪندو هو. اهو گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته ڪنهن به اداري يا اسڪول ۾ ڪم ڪندڙ هڪٻئي جي گلا ۽ چغلي هڻندا آهن، پر بابا ۾ اها عادت ڪونه هئي جو هو هڪ جي ٻڌي ٻئي کي ٻڌائي يا چغلي هڻي ويڙهائي، بابا پنهنجي هيڊماسترن ۽ اعليٰ عملدارن جو وڏو خيال ڪندو هو، ۽ عزت ڪندو هو، اسان جي معاشري ۾ اهڙا به استاد آهن جيڪي هيڊماستر کان ڪاڏي ويندا آهن ته اجازت به ڪونه وٺندا آهن ۽ جيڪڏهن پوءِ هيڊماستر ڪجهه چوي ته پوءِ ان کي اکيون ڏيکاريندا آهن يا وري انهن جي بيعزتي ڪندا آهن، پر مون ڏٺو آهي ته جيڪي اهڙو رويو روا رکندا آهن، انهن جي گهر ۾ عزت ناهي هوندي ۽ سدائين پيا بيعزتا ٿيندا آهن، اهو سچ آهي ته اڳي آفيسرن جي وڏي عزت هوندي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ڊيوٽي صحيح نموني سان ڪندا هئا ۽ حرام به ڪونه کائيندا، اڄ جي آفيسرن ۾ اهي ٻئي عمل گهڻا ڏٺا ويا آهن، جيڪي ائين ڪندا آهن، انهن جا نسل ئي تباهه ٿي ويندا آهن.
    بابا سائين پنهنجي ڊيوٽيءَ جو ايترو پابند هوندو هو جو جيڪڏهن اسڪول جو ٽائيم پورو ٿي ويندو هو ته گهر ۾ صبح جو ناشتو ڪونه ڪندو هو ۽ اهو اسڪول ۾ گهرائي استادن ۽ هيڊماسترن کي گهرائي ڪندو هو، مون کي ياد آهي ته امان خيران (ڏاڏي) مڇي، پٽاٽا ۽ ٽماٽا تري بابا ڏانهن موڪليندي هئي، ان سان گڏوگڏ ٿرماس چانهه جو ڀري موڪليندي هيس، مون کي ياد آهي ته محمد پناهه، استاد سائين محمد پناهه ڀٽو، استاد انور ۽ استاد نواب، علي مهر وغيره جن بابا سائينءَ سان گڏ جي صبح جو ناشتو ڪندا هئا. اڄڪلهه ڪنهن کي ڳَتي پئي آهي جو اسڪول ۾ ناشتو ڪري وٺي، ٽائيم ٿي وڃي ته ٿي وڃي گهر ۾ ئي ناشتو ڪرڻو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪوئي استاد قضا الاهيءَ سان ڪوئي استاد ماني گهرائيندو به ته ڪنڌ هيٺ ڪري کائيندو.
    هڪڙو وقت هو جو نصابي ڪتاب پاڻ وٺي اسڪول پڙهڻو پوندو هو، پر هڪ دور اهڙو به آيو جو مفت ۾ ڪتاب ملڻ لڳا، ۽ مفت ۾ ڪتاب محترمه بينظير ڀٽو شروع ڪيا، جڏهن گورنمينٽ پرائمري بوائز اسڪول مبارڪپور ۾ ڪتاب ايندا هئا ته بابا سائين هر شاگرد کي ڪتاب ڏيندو هو، پر ٻيا هيڊماستر ائين ڪونه ڪندا هئا، اهڙا به استاد هوندا هئا جيڪي شاگردن کي ڪتاب ڏيڻ بجاءِ پنهنجا ڪٻٽ ڀريندا هئا. هن اسڪول جي لائبريريءَ جا ٻه ڪٻٽ ادبي ۽ علمي ڪتابن سان ڀريل هوندا هئا. جنهن وقت پاڻ هيڊماستر هئا، بابا سائين انهيءَ لائبريريءَ جي تمام گهڻي حفاظت ڪئي. مان کوڙ سارا ادبي ڪتاب اُتان پڙهيا، اهوئي سبب آهي جو اڪيچار شاگردن انهيءَ منجهان لاڀ حاصل ڪيو، تان ته ڳوٺ مبارڪپور ۾ جهجها شاعر، اديب پيدا ڪيا. هن اسڪول کي سٺا هيڊماستر ۽ استاد مليا، جنهن جي ڪري ٻين قومن منجهان ڀٽو قوم وڏو فائدو حاصل ڪيو. هن اسڪول ۾ استاد فيض محمد ڀٽو، استاد نظام الدين ڀٽو ۽استاد روشن علي ڀٽو سون جهڙا استاد ۽ منتظم هئا. هنن استادن وڏا شاگرد پيدا ڪيا، پر اڄ اهڙا استاد ڪونه ملن ٿا، جن جا ڳيچ ڳائجن.
    اسان جي ملڪ ۾ ڊاڪٽر ۽ انجينيئر ٿيڻ ڏکيو آهي، جڏهن ته استاد ٿيڻ بلڪل آسان آهي، دنيا جي ٻين ملڪن ۾ ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ صفا سهنجو آهي پر استاد ٿيڻ مشڪل آهي. پرڏيهه ۾
    پي ايڇ.ڊي وارو استاد پرائمري سطح جي شاگردن کي پڙهائيندو آهي، پر اسان وٽ پي ايڇ.ڊي هولڊر يونيورسٽي سطح جي شاگرد پاڙهيندو آهي. جيڪر اسان جي ملڪ ۾ تعليم جو اهڙو ڍانچو هجي ته هر پاسي واهه واهه ٿي وڃي.
    بابا سائين اسڪول کان پوءِ ٽيوشن به پڙهائيندو هو، يعني بابا پڙهائڻ کي گهڻي ترجيح ڏيندو هو، جڏهن گهر ايندو هو، ته بابا سائين جي هٿن ۾ ڪونه ڪو رسالو، ڊائجيسٽ، اخبار ۽ ڪتاب هوندو هو، اهو سچ آهي ته جيڪو مطالعو ڪندو آهي، اهو سٺو پڙهائيندو آهي، اڄڪلهه جا استاد اڀياس کان بنهه پري آهن، جڏهن استاد ئي اڀياسي ڪونه آهي ته پوءِ اهو شاگردن کي ڪهڙا ڏس ڏيندو. ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته:
    انگريزن جي دور ۾ انهيءَ استاد کي ڀرتي ڪندا هئا، جيڪو اديب هوندو هو، ڇو ته اديب ئي نفسيات کان سٺو واقف هوندو آهي، ان مطابق اهو پڙهائيندو آهي.
    بابا سائين پنهنجي زندگيءَ ۾ ايترا سوشل ڪونه ٿيا، بس اسڪول کان گهر، گهر کان مسجد، اها حقيقت آهي ته سٺو استاد معاشري کي به پرکي ويندو آهي ته هي معاشرو منهنجي لاءِ ڪيترو ڪارگر آهي. بابا سائين جي دوستيءَ جو حلقو اسڪول جي دنيا کان ٻاهر به مختصر رهيو آهي. مون پنهنجي ڄمار ۾ بابا جا صفا چند دوست ڏٺا، جن سان بابا اٿندو ويهندو هو، انهن منجهان محمد صالح ڀٽو ۽ محرم علي ڀٽو هئا. محمد صالح ڀٽو ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ هن وقت K.D.A ۾ ڊائريڪٽر آهي. جناب محمد صالح ڀٽو جاين جا نقشا ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو ماهر آهي. هي ڏاڍو سکيو ستابو آهي. نه ڪنهن جي تيريءَ ۾ هوندو آهي نه ڪنهن جي ميريءَ ۾ هوندو آهي، البت هن وٽ کوڙ سلامي هوندا آهن. هي گهڻو “ڀٽو صاحب” سان مشهور آهي. صوم صلوة جو پابند آهي، ڳوٺ ۾ نئين جامع مسجد ٺهرائڻ ۾ هن جو وڏو ڪليدي ڪردار آهي. اڳتي ڏاڙهي لاهيندو هو، هاڻي وڏي سونهاري رکي اٿائين. هي تمام گهڻو ديندار ۽ متقي ماڻهو آهي. جڏهن ڪراچيءَ کان ڀٽو صاحب جن ڳوٺ ايندا هئا ته اڪثر بابا سان سندس مکاميلو هوندو هو. اسان جي ڏاڏي پير بخش ڀٽو جي اوطاق ۾ رات جو دير تائين ويهي حال احوال ڪندا هئا، مان به بابا سان گڏ هوندو هوس، استاد محمد مراد، استاد سليمان، ملان محرم ۽ اظهر چنو ۽ خالد چنو، ڀٽو صاحب سان ٻٽ هوندا هئا. سيٺ جا ڇيلا ڪُسبا هئا، بابا ڏونگا ڀرائي اوطاق ۾ کڻي ايندو هو، وڙ وڙ جون ڀاڄيون هونديون هيون، تريل مڇين جا پيس هوندا هئا، کائڻ وارا به چند بس ڇا ڳالهه ڪجي؟
    وہ زمانہ اور تھا جب پسینہ گلاب تھا
    بابا سائين جو ٻيو دوست جيڪو گهرو رهيو، اهو مامو محرم علي ڀٽو آهي، جنهن سان بابا زندگيءَ جو گهڻو عرصو گڏ گهاريو آهي، محرم علي ڀٽو ايڪسائيز کاتي ۾ ASI هو، جنهن هاڻي رٽائيرمينٽ ورتي آهي، هن درويش صفت انسان جي بابا کان سواءِ ٻيو ڪنهن سان به ڪونه لڳندي آهي. هي اڄڪلهه جيڪب آباد شهر ۾ رهائش پذير آهي.
    بابا سائين جي ڏيهي معاملن جو واءُ سواءُ وٺڻ ۾ تمام گهڻي دلچسپي آهي، اخبار، ريڊيو ۽ ٽيليويزن بابا جي وندر ورنهن آهن. بابا سائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي تمام گهڻو پسند ڪندو آهي، اهوئي سبب آهي جو شهيد جي زندگيءَ تي اڪيچار ڪتاب گڏ ڪيا اٿائين، ڪنهن وقت بابا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو فوٽو ڊرائينگ ڪرائي اوطاق ۾ لڳايو هو، بابا سياست جي باري ۾ چڱي چوکي معلومات رکندو آهي ۽ بي.بي.سي لنڊن جي نشريات، مينهن هجي يا جُهڙ، تندهيءَ وچان ٻڌندو آهي، پر بحث ڪنهن سان ناهي ڪندو، ڇو ته سياست ۽ مذهب تي بحث مباحثو جهيڙي جهٽي جو باعث هوندو آهي.
    بابا سائين مذهبي به تمام گهڻو آهي، صوم صلواة جو پابند آهي، اها هيرَ کيس ننڍپڻ کان وٺي آهي، قرآن شريف روزانو پرهه ڦٽيءَ جو پڙهندو آهي، بابا سائين ٻالجتيءَ کان روزا رکندو آهي. تراويحون پڙهندو آهي، بابا کي حج ڪرڻ جو به جهجهو شوق آهي، جيڪو هاڻي ترت پورو ڪندو.
    هاڻي جڏهن بابا رٽائيرمينٽ ورتي آهي ته اڪثر پنهنجو وقت گهر ۾ گهاريندو آهي. خوب عبادت ڪري ٿو. ان کانسواءِ اخبارن، رسالن، ڪتابن ۽ ٽيليويزن منجهان لطف اندوز ٿئي ٿو، بس هاڻي بابا جو ڄڻ ته هي موقف آهي ته زندگيءَ جا باقي ڏهاڙا آرام عبادت ۽ رياضت سان گذرن. منهنجي دعا آهي ته بابا سائين پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهڙا خير ۽ عافيت سان گهارين ۽ شل ڪوسو واءُ نه لڳي. شالَ سٺي صحت رب تعاليٰ عطا ڪرين. شالَ الله سائين پنهنجي ٻاجهه هر وقت مٿان ڪرين. الله سائين کيس سَدا خوش رکي. (آمين)
    مون کي مون پرين ٻڌي وڌو ٻار ۾،
    اُڀا ائين چون مڇڻ پاند پسائين.
    (شاهه لطيفؒ )






    اياز ڀٽو
    سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
    ڳوٺ مبارڪپور, تعلقو ٺل
    ضلعو جيڪب آباد


    بابا، هڪ سَچو سُورمو...

    بابا، هڪ سَچو سُورمو...

    ڀانيان ٿو ته اهو 1994ع وارو دؤر هو، آءٌ شايد ڇهن سالن جو هئس، جو پرائمري اسڪول جي اترئين پاسي واري پراڻي بلڊنگ جنهن ۾ ٻه ڪمرا (ڪلاس) وِرانڊو ۽ ڪشادو اڱڻ هو. هاڻي ته اها پراڻي بلڊنگ ڊَهي نئين بلڊنگ تيار ٿيل آهي. مون کي ياد آهي ته اها نئين بلڊنگ به اسان جي ڳوٺَ جي ٺيڪيدار مرحوم پير بخش ڀُٽي ٺاهي هئي.
    سو ڳالهه پئي ڪيم ته ان پراڻي بلڊنگ ۾ هڪ ڪلاس بابا جو به هو. بابا ان ڪلاس ۾ ٽيون ڪلاس پڙهائيندو هو. آءٌ ڪلاس جي اترئين پاسي کان اڏيل ٻن درين ٻاهران ويهي مٽيءَ جا گهرڙا ٺاهي راند ڪندو هئس. هڪ ڏينهن بابا هٿ کان پڪڙي چيو.
    “هل پُٽ آءٌ تو کي اسڪول جي استاد وٽ ڇڏي ٿو اچان. ته جيئن تُون پڙهين ۽ لکين”.
    جنهن استاد کي منهنجو هٿ پڪڙايائين سو استاد رشيد احمّد ڀٽو صاحب هو. هاڻي آءٌ ان وٽ پهرئين ڪلاس ۾ داخل ٿيس. استاد رشيد تمام سخت مزاج جو استاد هو/ آهي. اهو ڏهاڙي ڪنهن نه ڪنهن شاگرد کي سَٽڪو چاڙهيندو هو، آءُ ان ڊپ وچان استاد کان ڊڄڻ لڳس، ۽ سندس ڪلاس ۾ ويهڻ کان نابري واري ويٺس. بابا کي انڪار ڪيس ته ان استاد وٽ نه ويهندس نه پڙهندس، اهو مار ڏئي ماري ڇڏيندو. پر بابا جو زور هُيو ته اهو ئي استاد سُٺو آهي اتي پڙهي تون سُڌرندين. آءُ اسڪول کان ڪڏهن ڪڏهن گسايان ته بابا ڪجھه شاگرد موڪلي ٽنگو ٽالي (ڄنگهن ۽ هٿن کان پڪڙي) ڪري کنڀائي اچي استاد جي حوالي ڪندو هيو. بهرحال بابا جي اها سختي ۽ توجھه جو نتيجو اهو نڪتو جو آءُ پهريون ڪلاس استاد رشيد احمد وٽ وڏي محنت ۽ جاکوڙ سان پڙهيو. استاد رشيد احمد جي ڪرايل محنت به مون کي گهڻو هوشيار بڻائي وڌو.
    ائين ٻيو، ٽيون، چوٿون ۽ پنجون ڪلاس پڙهيو. پرائمريءَ جي انهيءَ تعليم ۾ بابا هر قسم جي سپورٽ ڪئي. خرچي ڏيڻ، ڪتاب وٺي ڏيڻ، اسڪول جي مليل ڪم کي گهر ۾ سختيءَ سان چيڪ ڪرڻ يا اُهي شيون پڪيون ڪرائڻ ۾ ڪائي ڪَسر ڪا نه ڇڏيائين.
    منهنجو بابا منهنجو والد ئي نه پر منهنجو استاد به ٿي گذريو آهي، جو چوٿون ڪلاس آءُ وٽس پڙهيس. مون کي ياد آهي ته چوٿين ڪلاس ۾ بابا مون کي تمام گهڻي محنت ڪرائي ۽ ان ڪلاس ۾ سندس روَيو هڪ پيءُ جو نه پر استاد جو رهيو. ان ڪلاسَ ۾ ڪنهن به شاگرد اهو نه ڀانيو ته آءُ ڪو سندس پٽ آهيان، ۽ بابا ٻين شاگردن جيان مون کي به هڪ شاگرد طور Treat (ورتاءُ) ڪيو. متان شاگردَ اهو سمجھين ته سائين پنهنجي پٽ سان نرمي ۽ پيارَ سان پيش اچي ٿو، جڏهن ته اسان سان سختي ۽ مارَ سان پيش اچي ٿو.
    چوٿين ڪلاسَ ۾ منهنجي غلطيءَ تي بابا مون کي گهڻو نِنديو. شايد ان ڪري ئي ته هُو ٻين شاگردن کي به اها نصيحت ڏيڻ پئي چاهي ته اوهان پڻ انهيءَ نوبت کي نه اچڻ ڏيو، بلڪه سُٺا ٿيو، هوشيار ٿيو، ڏاها ٿيو.
    مون کي ٻين سبجيڪٽن جي ڀيٽَ ۾ رياضي گهٽ سمجھه ۾ آئي ٿي، بابا جي حتي المقدور اها ئي ڪوشش رهي ته آءٌ ان مضمون ۾ به ڀَڙُ ٿيان. ۽ يقينن سندس ئي محنت جي بدولت مون کي رياضيءَ تي دسترس (Grip) اچي وئي. اڳتي مون کي رياضيءَ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿي آئي. تان جو چوٿين ۽ پنجين ڪلاس ۾ آءٌ رياضي جا حساب سڀني شاگردن کان اول حل ڪري اچي استادن کي ڏيکاريا پئي. پنجين ڪلاسَ ۾ استاد زبير احمد ڀٽو صاحب پڻ، مون کي رياضيءَ ۾ ڀَڙُ ڪيو. پر رنگ بابا وارو لڳل هو. ٿوري پالش جي ضرورت پئي، جيڪا استاد زبير ڪري ڇڏي.
    پرائمري پاس ڪري جڏهن بابا هاءِ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ته اُتي به کيس منهنجي (منهنجي ٻين ڀائرن جي پڻ) پڙهائيءَ جو الڪو، اونو رهيو. هُو مسلسل هاءِ اسڪول جي استادن سان رابطي ۾ رهيو ٿي، مون لاءِ سختيءَ سان پڙهائڻ ۽ ضرورت موجب مارَ ڏيڻ لاءِ پڻ کين خاطري ڏئي ڇڏي ۽ اهو برملا چيو، اوهان اهو نه سوچيو ته استاد جو پُٽ آهي، مارَ ڪيئن ڏجيس. غلطي ڪري، گسائي ته پادر وَهائي ڪڍوس.
    هاءِ اسڪول ۾ فِي، ڪتابَ، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون بابا هر وقت مُهيا ڪندو رهيو ٿي ۽ دل لڳائي پڙهڻ جون نصيحتون ڪندو رهيو ٿي.
    مون کي ياد آهي ته ڇهين ڪلاسَ ۾ سختيءَ جي ڪري اسڪول کان ونئون وڃڻ لڳس ان جو سبب ڪُجھه ڪاهل دوست به هئا، جيڪي پڙهڻ بجاءِ رُلڻ جي هُشي ڏيندا رهيا ٿي. پوءِ ائين ٿيو ته صبح جو گهران ٺهي سنڀري اسڪول لاءِ نڪرون، گهر وارن ليکي ته اسڪول ويو هان، هيڏانهن وري اسڪول بجاءِ سڌو بيگاري، ٻنين ۽ تلائن تي اچي رولاڪيون ڪيون. هڪ دفعي بابا کي اها خبر پئي ته آءٌ اسڪول بجاءِ ٻنين جا پاسا وٺي گسايان ٿو، تڏهن هُن لاڳاپيل استاد کي چيو، ان اُستاد اسان ڏانهن اَٺ ڏهه متارا ڇوڪرا موڪليا ته وڃو انهن کي وڃي گِهلي، پڪڙي، کنڀي اچو.
    ڇوڪرا به اچي ڪاهي پيا، اسين بيگاريءَ جي ڀَرسان اڏيل واٽر سپلاءِ (افسوس جيڪو هاڻي تباهه ٿي چُڪو آهي) جي وَٽِ ۾ ويٺا هئاسين اچي چيائون “نه ويندؤ ڪاڏي، بيهو اتي” اسين اهو آواز ٻڌي وٺي ڀڳاسون، هاڻي اُهي اسان جي پويان ۽ اسين انهن جي اڳيان، رڳو ڊُڪ ڊُڪان وارو نظارو هُيو...... اسين زمين لتاڙيندي اڳتي ڀڄندا رهياسين، تان جو وڃي وڏي گُجي (هڪ ڳوٺ) پهتاسين. هاڻي اُهي اسان کي گهڻو پري ڏِسي اڳتي نه وڌيا، مورڳو واپس هليا ويا. مطلب اسين کين هٿ نه ڏنوسون.
    ان ڏينهن تي آءٌ شامَ جو گهر به چوري چوري آيس، پر بابا مون کي سٺي رنڌڪي ڏني، ۽ ٻئي ڏينهن صُبح جو ناشتي کان اڳ مون کي پڪڙي پاڻَ سان ويهاريو ۽ ناشتو ڪري گڏ اسڪول وٺي، استاد جي حوالي ڪيائين. استاد کي چيائين “سائين! هِي رولُو ڇوڪرن جي صحبت ۾ آيو آهي، مون ان کي سٺي رنڌڪي ڏني آهي، اوهان کان به جيڪو پُڄي اصل سڌو ڪيوس. استاد به مون کي منهنجي انهيءَ ڪِرت تي مون مٿان سُٺو سونٽو هَلايو. اهو ڏينهن، اُهو شينهن، جو آءٌ وري ڪڏهن اسڪول کان گسايان. هڪ دفعو وري ڇهين ڪلاس کان وٺي ڏهين ڪلاس تائين آءٌ محنت سان پڙهندو رهيس.
    اڙي!!! اها ڳالهه ته وسري وئي........ جو، بابا ستن سالن جي عُمر ۾ اسان سڀني ڀائرن کي نماز طرف لاڙو وٺرايو. آءٌ به ستن سالن جو هئس جو بابا مون کي به مسجد ڏانهن وٺي ويو، چار وقت پاڻ سان گڏ مسجد وٺي نماز پڙهائي وري واپس آڻيندو هو. فجر جي نماز تي صُبح جو شروعاتي ڏينهن ۾ ڪو نه ٿي اٿايائين جو اسين پتڪڙا هئاسين، سِيءَ جي سَٽ نه سَهي سگهياسون جو بابا فجر تي في الحال ڪو نه ٿي اٿاريو. پر اڳتي هلي پنج ئي وقت مسجد ڏانهن وٺي ٿي هليو.
    نماز پڙهڻ واري اها عادت يقينن بابا سائين وڌي، جو اڄ به الله جي ڪرم سان نماز پڙهون پيا. ان کان سواءِ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ پڻ هُن اسان کي حافظ ظهور احمد ڀٽو صاحب جي حوالي ڪيو، جنهن جي جڳ مشهور سختي اسان کي ٻيڪڙ ۾ وِڌو، جو اسين قرآن جي تعليم سان گڏوگڏ اسلامي تعليم پڻ سختيءَ سان ٻڌي، پڙهي، سمجھي، ان تي عمل به سختيءَ سان ڪيوسون، مجالَ آهي جو اسان جا پاڇا ڀيڏيءَ کان هيٺ هجن، اصل بکيا اڊيڙي ڇڏي حافظ ظهور........! بهرحال اهڙيءَ سختيءَ به اسان جي شخصي تعمير ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
    حافظ ظهور احمد کان پوءِ وري بابا اسان کي استاد رشيد احمد وٽ وڌيڪ ديني تعليم لاءِ ويهاريو.
    مئٽرڪ کان پوءِ يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس ۾ داخلا ته ورتي، پر افسوس جو ان وقت ريگيولر ڪلاس ڪو نه هليا ٿي، جو سڀني سبجيڪٽن کي صحيح نموني سان پڙهجي ها. پر بهرحال يارهين ۽ ٻارهين جو امتحان پنهنجي ٻَل تي پاس ڪيوسون. تن ڏينهن ۾ بابا مون کي شناختي ٺهرائڻ لاءِ پاڻ سان گڏ وٺي هليو. ان کان سواءِ ڊوميسائل وغيره ٺهرائڻ لاءِ ٺُل ڏانهن پڻ پنهنجي ذميواريءَ جو مظاهرو ڪري مون کي وقت بوقت ڊي سي آفيس ڏانهن وٺي ويندو ٿي رهيو.
    آءٌ هتي اها ڳالهه واضح ڪندو هلان ته نائين درجي کان اسان جُون معاشي حالتون ايترين سٺيون نه هُيون، ڇو ته اسان جو بابا سائين هڪ ئي وقت پنهنجي گهر کي اڪيلي سر هلائي به رهيو هو ته هوڏانهن اسان ڀائرن جي تعليم تي به خرچ ڪري رهيو هو. اسين ڪڏهن ڪڏهن نوان ڪپڙا، ڪتاب، جوتا به خريد نه ڪري سگهندا هئاسين. پر بابا اسان جي تعليم کي بيهڻ ڪو نه ڏنو، بلڪه ان کي هر ڏکئي حالَ ۾ جاري رکيائين. پئسا پٽي سٽي به اسان کي اسڪول فِي جو پُورائو ۽ ڪتاب وٺي ڏيندو هو. معاشي گذران ايڏو تنگ ٿي ويو، جو بابا سائيڊ ۾ هڪ ننڍڙو ٽيوشن سينٽر کوليو. ان جو بظاهر وڏو مقصد ٻارن کي تعليم ڏيڻ ته هيو، پر حقيقت ۾ اتان ڪجھه ڏوڪڙ ڪَٺا ڪري اسان مٿان خرچ ڪيائين، ته جيئن اسان جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪا ڪمي نه اچي. ڀل ته اسين ڪپڙا پراڻا پهرياسين پر ڪتاب نوان ورتاسين، اسڪول ۾ فِي سڀ کان اڳ اسان جمع ڪرائي سين. اڄ اهو ڏک ناهي ته ان ڏکي گهڙيءَ ۾ بابا اسان کي نوان جُوتا ۽ نوان ڪپڙا نه وٺي ڏئي سگهيو، پر تعليم ڏياري هُن سڀ ڪجھه ڏئي ڇڏيو. اڄ الله جو شڪر آهي ته وَڙ وَڙ جا ويسَ وڳا پايون ٿا، اهو سڀ ڪجھه پنهنجي بابا ۽ امڙ جي ڪري ئي آهي. سُٺو ٿيو جو بابا ڪالهه جيڪڏهن رڳو سٺن ڪپڙن پارائڻ تي ئي ترجيح ڏئي ها، ته اڄ اسين واقعي پراڻا ڪپڙا پايون ها. اڄ اسان جي اها حالت نه هجي ها، شايد اسين بيڪار بڻجي ۽ بِگڙجي وڃون ها. اهو سڀ ڪُجھه سندس اولاد سان سچائي ۽ محبت جو ثبوت آهي، جو هُن اسان کي سُٺي تعليم ۽ تربيت ڏني. اڄ بابا جا اسين ٽيئي پُٽ سرڪاري نوڪري ۾ آهيون. آءٌ ۽ اياز صاحب سترهين گريڊ ۾ آهيون، اهو بابا جي محنت ۽ سچائي جو ثمر آهي. نه فقط اسان سان بلڪه پنهنجي پيشي سان سچائيءَ جو صِلو آهي. جو هُن ڪالهه پرايا ٻارَ ٿي پڙهايا، اڄ هُن جو اولاد پڙهي پنهنجي منزل تي رسيو آهي. اها سندس اڻ ٿڪ محنت ئي آهي.
    گريجوئيشن ۽ ماسٽر ڪرائڻ ۾ به بابا جو ئي هٿ رهيو. هُن فُل سپورٽ ڪئي. نه فقط اهو بلڪه ايم.ايڊ، بي.ايڊ ۽ ايم فِل جھڙي اعليٰ تعليم ڏياري هُن هڪ فرض شناس استاد، ۽ وفادار والد، جو ثبوت ڏنو آهي.
    سرڪاري نوڪريءَ کان اڳ بابا اسان جي نوڪريءَ ۽ روزگار لاءِ ڏاڍو فڪرمند رهيو ٿي. ان وچ ۾ بابا سائين پرائيوٽ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪم ڪرڻ، مهارتون حاصل ڪرڻ ۽ چار پئسا ڪمائڻ لاءِ اسان جي هر حوالي سان سهائتا ڪئي. ايتري تائين جو ادارن جي مالڪن کي پاڻ پنڌ ڪري وڃي چيائين ته سائين هنن کي پنهنجي اداري ۾ پڙهائڻ جو موقعو ڏيو، هي لائق آهن.
    اڳتي هلي هن پنهنجي سپنن جي ساڀيان ڏٺي، جو اسان کي سرڪاري نوڪريون مليون. هُن پنهنجا ٿَڪ لهندي محسوس ڪيا. اڄ اسان کي هڪ سُٺي ۽ ذميوار والد تي فخر آهي. جنهن پنهنجي دؤر ۾ ڪنهن به فرض ۾ڪوتاهي نه ڪئي. پنهنجي ڊيوٽيءَ سان ايترو سچو رهيو، جو اڄ مبارڪپور جو هر فرد کيس ان حوالي سان ڪا به مَيار نه ڏيندو ته هُن ٻارن کي نه پڙهايو، اسڪول ۾ نه پڙهايو، اسڪول ۾ گسايو، وقت وڃايو، هينئن ڪيو، هونئن ڪيو. بلڪه هر ڪوئي عزت ۽ ادب جي نگاهه سان کيس ڏسي پيو ته سائين خوب نڀايو ۽ سٺو ملهايو آهي. هُن جي شخصيت ۾ ڪو به تضاد ناهي. هُو نهايت ذميوار شخص۽ تعليم ذريعي سماج سُڌارڪ طور مبارڪپور جي تاريخ ۾ اُڀريو آهي.
    اسان جي ڳوٺ مبارڪپور جي اها تاريخ بابائي جوڙي آهي ته ڪو ماڻهو پنهنجي محنت سان، هڪ پرائمري ٽيچر هوندي، پنهنجي اولاد کي پڙهائي آفيسر بڻائي. ها، اها تاريخ بابا ئي رقم ڪئي آهي. اڄ هر ماڻهو کيس زبردست خراج پيش ڪري پيو ته ڪيئن نه هڪ پرائمري ٽيچر ايڏو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي. جيڪڏهن هڪ پرائمري ٽيچر پنهنجي پيشي سان سچو ٿي پنهنجي دنيا، آخرت ۽ اولاد سنواري سگهي ٿو ته ٻيو ڪو ماڻهو ائين ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟
    آءٌ سمجھان ٿو ته بابا پنهنجي پيشي سان سچو نه رهي ها، ته شايد اڄ ڪهاڻي ٻي ڪا هجي ها. اڄ جيڪو ڪجھه آهي، اهو ائين نه هجي ها، بلڪ ان جي ابتڙ هجي ها.
    بابا جتي پنهنجي پروفيشن سان سچائيءَ جو اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي، اُتي هُن هڪ معاشري جي مِثالي فرد طور پڻ پاڻ کي پيش ڪيو آهي. هُن پنهنجي توڙي پرائي سان ڪڏهن ڪو نه ڦِٽايو آهي. هر جنم وٺندڙ جهيڙي کي ٽاريو آهي. ماڻهن کي ٺاريو آهي، نفرت کي ماريو آهي. سِڪ، محبت کي ساريو آهي. ڪڏهن به ڪو بغض، ڪينو، ساڙ دل اندر ڪو نه ڌاريو آهي.
    لطيف سائين اهڙي جرئت کي هيئن بيان ڪيو آهي:
    سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وِهم وِسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍالَ مَ ڍارَ،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿيين.
    مون کي ياد آهي ته اسين جڏهن جوان ٿياسين، رت گرم هُيو، ٿوري ٿوري ڳالهه تي اُلرون پئي ڪيوسين، ڪاوڙ جا ڪارتُوس ٻين مٿان تاڻڻ جا تابعدار ٿياسين. تڏهن بابا اسان کي به ٽاريو، چي: “پُٽ! ڪاوڙ ڪني شيءِ آهي. سڀ ڪجھه صحيح ٿي ويندو. جهيڙي جو مُنهن بَر ڏي ڪريو. ڪو هڪ ٻه گار ڏئي ته به ڪنڌ نمائي پنهنجي واٽ وٺي هليا وڃو.
    ڪجھه معاملن ۾ اسان سان ماڻهن ٻيائي، ٻه اکيائي ۽ اَنياءُ انتهائي ڪيو، جنهن تي پنهنجو رتُ ڏاڍو ٽَچڪندو هو. پر بابا ڇاڪاڻ ته همت، صبر، سهپ جي صورت هو، تنهن سدائين “جيڪو مُڙيو سو جُڙيو” واري فارميٽ تي هلايو. ان ڏس ۾ ڪجھه ماڻهن وري اسان کي اهو چئي ڄڻ ڦٽن تي لُوڻ ٻُرڪيو ته “توهان جو پيءُ ڪمزور آهي”. پر نه نه!! اهي سڀ غلط ۽ ڪوڙا هئا. بابا صحيح، سچو ۽ سگهارو آهي. بقول لطيف سائينءَ جي ته:
    سُور وراهيان سرتيون،
    ٻيون ڪوهُه ٻُجهنِ،
    جي وراهيا وڃن،
    جن سَندا تن سامهان.
    بابا جيڪو اکر اکر چيو آهي اُهو جيئن جو تيئن ثابت ٿيو آهي. صوم صلواة، ذڪر، عبادتن جو اهتمام ڪندڙ بابا هِڪ اُجري احساس جيان سُٺي سوچ جو مالڪ آهي، تنهن ڪري الله سائين جي ڀلائيءَ سان کيس اڄ ڏينهن تائين ڪنهن وار به ونگو نه ڪيس. جن ماڻهن کيس تڪليف ڏيڻ پئي چاهي، انهن جي پنهنجي تَرا پٽ ٿي وئي.
    گهر ته گهر پر پاڙي ۾ به ڪنهن کي تڪليف ڪو نه ڏني، ۽ سنڌيءَ ۾ انهيءَ مشهور چوڻيءَ جي پَرِ پاري ته “پاڙو نبين کي به پيارو آهي”.
    اڄ به ڪنهن اوڙي پاڙي کان پڇا ڪبي ته هُو بابا لاءِ پنهنجي راءِ مثبت ڏيندا. ۽ اهو چوڻ ۾ ڪا به هَٽڪ هٻڪ محسوس نه ڪندا ته هُو سُٺو پاڙيسري آهي. کين بابا پاران پوري حياتيءَ ۾ هيل تائين ڪا تڪليف، ڪو جوکو ڪو نه رَسيو هوندو. بابا سائينءَ ۾ اهي شرافت واريون صفتون اسان جي ڏاڏي مرحوم پير بخش ڀُٽو واريون آهن. جيڪڏهن والدين معاشري ۾ چڱا ليکيا ويندا، ته انهن جو اولاد به ساڳي گَس جو راهي ٿيندو. ان مان به ساڳي چڱائي پلئه پوندي. لطيف سائين به چوي ٿو:
    چڱا ڪن چڱايون، مَندايون مَٺن،
    جو وَڙ جُڙي جن سين، سو وَڙُ سي ڪن.
    اسان جو ڏاڏو مرحوم به ڪنهن تعريف جو محتاج ناهي. سخي مرد، دريا دل ۽ هڏ ڏوکي سيٺ پير بخش ڀُٽو پوري ڳوٺَ جو خيرخواهه هو، ان جي سخاوت ۽ خيرخواهي پري پري تائين مشهور آهي. اهڙين اعليٰ خوبين ۽ سُٺن ڳڻن واري انسان جي اولاد به ته ساڳئي ئي پيرَ تي هلندي نه....... سو بابا سائين پنهنجي والد واريون صِفتون پاڻ منجھه آنديون.
    ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمّدﷺ جن فرمايو ته: “والدين جي مٿان اولاد جي حقن مان هِڪ حق اهو به آهي ته اُهي سُٺو نالو رکن، کين تعليم ۽ تربيت ڏين ۽ سندن شادي ڪرائين“. بابا سائين پاران تعليم ۽ تربيت واري ڳالهه آءٌ مٿي ذڪر ڪري آيو آهيان. پر اولاد جي شايءَ جو ذڪر ڪري پاڻ سڳورنﷺ جن جي فرمان جي تڪميل بابت اهو ٻڌائيندس ته بابا هڪ پرائمري استاد ٿي ڪري پنهنجي نياڻين (ڌيئرن) جي شادي پڻ ڪرائي آهي. اهو وڏو خرچ هُن پنهنجي پوري ساري پگهار مان گهر جي خرچ، اسان جي تعليم مان خبر ناهي ڪيئن بچائي، اِهو وڏو عمل پورو ڪندي پنهنجي ذميواريءَ وارو فرض ادا ڪيو آهي. گڏوگڏ منهنجي وڏي ڀاءُ ادل اياز ڀٽو جي ۽ منهنجي به شادي ڪرايائين. اهي سڀئي ذميواريون ۽ فرض هڪ والد جي حيثيت سان هُن خوش اسلوبيءَ سان ادا ڪيا آهن، نه ته هر ڪوئي انهيءَ پوزيشن ۾ هڪ ئي وقت ايڏا سارا ڪم ڪٿي ٿو ڪري سگهي....
    ڪنهن به پيءُ ماءُ کي پنهنجي اولاد ڪوڙِي نه هوندي آهي، پوءِ اها چاهي چڱي هجي يا مَٺي....... اسان به پنهنجي والدين جي نظر ۾ کين پيارا، سندن اکين جا تارا، سَڀُ نيارا، سونهن وارا، ۽ دل وارا آهيون. اسان جي امڙ جتي اسان مٿان ڪَکُ به نه سَٺو آهي، اُتي اسان جي پيءُ به اسان جي هر پريشانيءَ کي پروڙيو آهي. هنن پاڻ کي ڏکيو رکي اسان کي سکيو رکڻ جا جَتن ڪيا آهن. جي بابا اسان کي ڌڙڪو ڏيندو ته امڙ کان سَٺو نه ٿيندو. پر جي وري امڙ ناراض ٿي ڪا ڇڙٻ ڏئي ته بابا کان برداشت نه ٿيندو آهي. آءٌ جيئن چيو ته هر پيءُ ماءُ کي سندن اولاد پياري هوندي آهي، ائين اسان جي والدين به اسان جي هر موڙَ تي واهُر ڪري اسان کي اڳ کان اڳرو رکڻ جي دل وچان ڪوشش ڪئي آهي. ۽ آءٌ يقين سان چوان ٿو ته، انهن هڪ والدين جي حيثيت سان اولاد وارن حقن جي پورائي ۾ ڪائي ڪسر نه ڇڏي آهي. هُو انهيءَ سِٽاءَ ۾ سَڀ کان مٿانهان نظر اچن ٿا. اُهي پنهنجي پالڻهار آڏو چڱيءَ پَرِ سُرخرو آهن ته انهن انهيءَ حوالي سان پنهنجي مٿان اهو بارُ لاٿو آهي. انهن پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي. الله جي عدالت ۾ هُو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي يا هَٽڪ هٻڪ جي اهو چوندا ته، “اي الله! اسين اولاد جي حقن جو پورائو نيڪ نيتي، سچائي ۽ ايمانداريءَ سان سرانجام ڏنو آهي. اسين تنهنجي حُڪمن کي مڃڻ ۾ ڪائي ڪوتاهي نه ڪئي آهي”.
    گهوٽن ۽ گهوڙن، جيئن ٿورا ڏينهڙا،
    ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.
    جيئن آمريڪي ناول نگار ارنيسٽ هيمنگوي چيو ته “سُورمي (Hero) بڻجڻ لاءِ خاموش دعويٰ ڪريو”. آءٌ سمجھان ٿو ته بابا به ڪڏهن ڪا دعويٰ نه ڪئي. هُن اسڪول ۾ پابنديءَ سان ڊيوٽي ڪرڻ دؤران يا هيڊماستريءَ وارن ڏهاڙن ۾ بهترين مئنجمينٽ ذريعي اسڪول جي گِراف کي مٿي کڻي آيو. سندس اها هاڪَ پري پري تائين پکڙيل هئي. سچ ته بابا، هڪ سچو سورمو آهي.
    ٻيو ته جيئن مون مٿي به ذڪر ڪيو ته، بابا مبارڪپور جي تاريخ ۾ اهو واحد پرائمري ٽيچر آهي، جنهن ايتري جستجو سان پنهنجي اولاد کي به تعليم جهڙي زيور سان سينگاري، سنواري کين وڏن عهدن تائين پهچائي وڏو ماڻهو بڻايو ان سلسلي ۾ بابا ڪڏهن به ڪٿي به، ڪا پٽاڙ نه هنئي ته ٻيلي منهنجا پُٽ تعليم يافته آهن، منهنجا پٽ آفيسر آهن، منهنجا پُٽ اڪيچار ڪتابن جا ليکڪ آهن. مون وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي وغيره وغيره. بلڪه اڃا ماڻهو کيس چوندا آهن ته “سائين! اوهان کي جَسُ هجي جو اوهان تڪليف سان پنهنجي اولاد کي پڙهايو آهي”. پر ان جي اُبتڙ آءٌ تن ماڻهن کي ذاتي طور ڄاڻان ٿو ته، نه فقط اُهي بلڪه سندن والدين به هر محفل ۾ پاڻُ پڏائيندا وتن. چي: اسان جي اولاد هيڏي هوشيار آهي، هيئن آهي. هونئن آهي. اسان جي اولاد هيئن ٿيندي هونئن ٿيندي”. انهيءَ ڳالهه ڪرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف اهو هو ته ماڻهوءَ کي ڪڏهن به اجائي پٽاڙ يا دعويٰ نه ڪرڻ کپي. ڇاڪاڻ ته دنيا حقيقتن ۽ نتيجن جي جاءِ آهي، هتي خوابن ۾ رهڻ وارن کي خوابن جي زندگيءَ ئي پلئه پوندي آهي. ڪو به ڪم، ڪو به ڪارنامو سرانجام ڏيڻ دؤران خاموشيءَ کان ڪم وٺجي ۽ پوءِ جڏهن اهو ڪارنامو سرانجام ڏجي تڏهن به پاڻَ اُن تي واهه واهه نه ڪجي، بلڪه ٻيو ڪوئي اوهان جي اِنهيءَ سوڀ تي ساراهَه جا ڍُڪَ ڀَري، اها ئي حقيقي ڪاميابي آهي. ۽ مان سمجھان ٿو ته بابا اِنهيءَ خيال جو ماڻهو آهي.
    گريڊ، عُهدا، ڊگريون، رُتبا، اهي دنيا جي زندگيءَ ۾ اچڻيون وڃڻيون شيون آهن. بابا هيڊماستر هئڻ جي ناتي پاڻ ان عهدي جو ڪڏهن به غلط استعمال ۽ ناجائز فائدو نه ورتو. نه ئي ان عهدي تي رهي پاڻ کي ڪو آفيسر ڀانيو. بلڪه الله پاران ڏنل انهيءَ ذميواريءَ کي بهتر نموني سان نڀائي هڪ سُٺو مثال قائم ڪيو آهي. لڳ ڀڳ اوڻيهه سال انهيءَ عهدي تي رهڻ ڪا مذاق جي ڳالهه ناهي. آءٌ ڀانيان ٿو اها گورنمينٽ پرائمري اسڪول مبارڪپور جي تاريخ آهي جو بابا ئي ايڏو وڏو عرصو ان عهدي تي رهيو آهي.
    جهڙيءَ طرح ڪمري جي ننڍڙي سوراخ مان، ڏينهن ٿيڻ جو پتو پئجي وڃي ٿو، تهڙيءَ طرح ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين مان، انسان جو ڪردار بي نقاب ٿي وڃي ٿو. بابا ان عرصي دؤران اسڪول جي ڪا به ننڍي شيءِ هيڏي هوڏي ڪرڻ کي پاپُ سَمجھيو. هُن اسڪول جي شين کي هڪ امانت طور ڀانيو. ڪتاب، ڪُرسيون، ميزون، بئنچون وغيره اسڪول جي ئي ملڪيت ٿي سمجھيائين. انهن جي انگ اکر جي مُسلسل جانچ پڙتال ۽ انهن کي محفوظ رکڻ ۾ رُڌل نظر آيو. اسڪول جي دفتري استعمال لاءِ رجسٽرن ۽ رڪارڊن کي به واهه جو محفوظ ڪيائين. جڏهن به، جيڪو به آفيسر آيو، هر شيءِ ٺيڪ ۽ صحيح بخوبي تيار ٿي رکيائين. اسڪول لاءِ ملندڙ فنڊن جو صحيح استعمال ڪيائين. ايس.ايم.سي وارن پئسن مان اسڪول جي ضرورتن کي آڏو رکندي سڀئي پئسا ان ۾ خرچ ڪيائين. ايس.ايم.سِي فنڊ جو صحيح استعمال به پوري تعلقي ٺُل ۾ ورلي ڪٿي ٿيو هجي. پر بابا پنهنجي ايامن ۾ ان جي دُرست استعمال واري وَرجاءَ ۽ وِرد کي جاري رکندو ٿي آيو.
    ڏسجي ته انسان ڪجھه به ناهي. هڪ انسان هڪ پاڇي وانگر آهي، جو سڄي زندگي هن دنيا ۾ گذارڻ بعد به، ڪنهن تي واضح نه ٿو ٿئي. پر “اشرف المخلوقات” واري مرتبي ڏانهن نظر ڊوڙائجي ٿي پوءِ انسان سڀ ڪجھه نظر اچي ٿو. ها انهيءَ هڪ لفظ ۾ ئي پورو انسان لِڪل آهي.
    روس جي مشهور ناول نگار ليو ٽالسٽاءِ چيو ته، “هر ڪو انسان سڀني کي سُڌارڻ جو خواهشمند ته هوندو آهي، پر پنهنجو پاڻ کي نه”. سنڌيءَ ۾ به پهاڪو آهي ته “جنهن پاڻ کي سُڃاتو، ان پنهنجي الله کي سڃاتو”. سو ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي وجود جي ڪارڻ کي پروڙي وٺي ۽ پنهنجي ذميوارين کي قبول ڪري وٺي ته شايد هُو عظيم بڻجي وڃي. پر اسان وٽ ته قصو ڪجھه مختلف آهي، هڪ ته ماڻهو پاڻ چڱو ڪم نه ڪندو، پر جي ٻيو ڪوئي اها ونگار وهي ويندو ته ساراهَه بجاءِ مٿس تنقيد ۽ اجائي واويلا ڪندا آهن. اهڙي عمل سان ظاهر آهي مُعاسري ۾ سڌاري بجاءِ بگاڙ پيدا ٿيندو. بابا مٿان به سندس ڪم سان نيڪ نيتيءَ ۽ دلي لڳاءَ ڪارڻ مٿس ڊڄڻو، ڪمزور وغيره جا لفظ استعمال ٿيا. پر بابا انهيءَ تنقيد کي ترڪ ڪندي پنهنجي ڪم ۾ جنبيل نظر آيو. اها سندس ثابت قدمي هئي، جنهن کيس جڳ ۾ نرالي سڃاڻپ ڏياري. دنيا جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀري پئي آهي، جنهن به چڱائي يا ترقيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان مٿان الرون ۽ چِٿرون چاهه وچان ڪيون ويون آهن. خود مُحسنِ انسانيت، ڪائنات جي ڪارڻي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن جڏهن چڱائي، حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي ته کيس طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون ويون، پر پاڻ پنهنجي مقصد تي ثابت قدم رهيا.
    ان حوالي سان مون کي هڪ ڳالهه ياد اچي ٿي، ڪٿي مون پڙهيو هو ته “اسان سمنڊ ۾ مڇين وانگر ترڻ سکيو، فضائن ۾ پکين وانگر اڏامڻ به سکيو، پر اڄ تائين اسان کي زمين تي انسانن وانگر رهڻ نه آيو”.
    مجموعي طور تي بابا جي زندگيءَ جو جائزو وٺجي ٿو ته، هُو تعليم جي ذريعي هڪ سماج سُڌارڪ نظر اچي ٿو. هن پنهنجي صلاحيتن جو صحيح نموني استعمال ڪندي پنهنجي هر گهڙي علم لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي.
    نبي ڪريم صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن فرمايو ته: “جهالت کان وڌيڪ ٻِي ڪا خراب غربت ڪانهي، ذهانت کان وڌيڪ ٻِي ڪا به دولت ناهي”. واقعي جهالت جي اونداهيءَ ۾ اسان جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. اسان مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لڳي ته معاشرو اُجرو ٿي پوندو، پر تعليم واري سلسلي ۾ ته صفا سنجيده ئي ٿيڻو آهي. هاڻي ته هر ماڻهوءَ ۾ شعور آهي، هر ماڻهو پنهنجو فائدو نقصان سمجھي ٿو. ڇو ته تعليم زندگيءَ جي مشڪلاتن لاءِ هڪ نظم و ضبط آهي. مشهور چيني چوڻي به آهي ته “تعليم بابت جيڪڏهن توهان جو منصوبو هڪ سال آهي ته کيتي ڪريو، ڏهن سالن لاءِ آهي ته وڻ پوکيو، اگر دائمي طور آهي ته مناسب افراد پيدا ڪريو”.
    بابا سائين تعليم ذريعي سچ پچ ته انساني خدمت ڪئي آهي. انسانن جي خدمت هڪ بهترين شغل آهي ۽ خدمت سان الله ملندو آهي ۽ جنهن کي الله ملي وڃي ته ان کي ٻيو ڇا کپي؟
    دُعا آهي ته بابا کي الله تعاليٰ سُٺي صحت ۽ وڏي ڄمارَ عطا ڪري. شال مُرڪندو رهي. رب سائين کيس هِتان کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ به آسانيءَ جو معاملو فرمائي کيس صراطِ مستقيم تي هليل پنهنجي ٻانهن ۾ شمار ڪري ۽ انهيءَ گس تي هلندڙ لاءِ رب سائين جيڪي انعام اڪرام رکيا آهن، انهن ۾ سندس شمار ڪري. (آمين)




    اويس ڀٽو
    سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي)
    ڳوٺ مبارڪپور
    تعلقو ٺُل، ضلعو جيڪب آباد


    منهنجو پيارو پيءُ ۽ منهنجون شرارتون

    منهنجو پيارو پيءُ ۽ منهنجون شرارتون

    هڪ اهڙي دؤر ۾ جتي اڄ جا اڪثر والدين پنهنجي اولاد جي تعليم ۽ تربيت ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا، اهي الله تعاليٰ جون وڏيون مهربانيون آهن جو اسان کي اهڙا والدين عطا ڪيائين، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي.
    اسان جو بابا پنهنجي دوستن، مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ واسين ۾ هڪ اعليٰ مقام رکي ٿو. اهو ان ڪري نه ته هُو ڪو پئسي وارو آهي، بلڪه پنهنجي اخلاق جي دولت سان مالامال آهي.
    اسان جي تعليم ۽ تربيت ۾ تِر برابر به ڪا ڪوتاهي ڪو نه ڪيائين. اسان کي هر حال ۾ سپورٽ ڪئي اٿائين. اڄ جيڪو ڪجھه به آهيون سچ ته سندس اڻٿڪ محنت ۽ محبت جو نتيجو آهي.
    تعليم سان گڏ بابا اسان جي تربيت ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اسان جڏهن ننڍا هئاسين تڏهن کان نماز، قرآن طرف لاڙو وٺرايائين، ته جيئن اسين بڇڙن ڪمن ۾ جڪڙجي نه وڃون. اها اخلاقي سنوارَ اڄ جا هر والدين جيڪڏهن پنهنجي اولاد جي ڪن ته سندن اولاد کين معاشري ۾ هڪ مثالي فرد طور پنهنجو پاڻ مڃرائي ڏيندو.
    بابا اسان جو وڏو محسن آهي، اسين سندس جا ٿورا، پوري زندگي نه لاهي سگهنداسين. پنهنجي ڊيوٽيءَ کي بهترين نموني سان سرانجام ڏيندي وڏو مثال قائم ڪيو اٿس ته، ڪيئن نه فرض شناسي سان ئي ماڻهپو ملي ٿو، انهيءَ عمل سان معاشري ۾ ڪيتري نه عزت ملي ٿي. بابا اسان کي پڻ پاڻ وانگر پنهجي ڊيوٽيءَ سان سچائي ۽ فرض شناسي جي لاءِ تلقين ڪندو رهندو آهي.
    اسان جو والد محترم اسان جي هر ڏک سک جو ساٿي آهي. هُو ڪڏهن به اسان کي ڏکين حالتن ۾ ڏسي اَرهو نه ٿيو، پر هڪ ذميوار والد بڻجي ڏک ۾ ڀرجھلو بڻجي اسان جو سچو مددگار رهيو آهي. گهرڀاتين سان سندس روَيو نهايت شفيق ۽ حليم آهي. هُن ڪڏهن به بيجا ڇڙٻ نه ڏني آهي. ها پر غلطيءَ تي هُو اسان کي صفا سِڌو ڪندو آهي.
    ننڍپڻ کان هيل تائين ڪيتريون ئي يادگيريون آهن پر اُهي جي بيان ڪجن ته سارو ڪتاب لکجي وڃي. پر انهن مان ڪجھه شيئر ڪجن ٿيون.
    1. آءٌ اسڪول کان پنهنجي بُري سنگت جي ڪري اڪثر گُسائيندو هوس، بابا مون کي گِهلي، ٽنگو ٽالي ڪري استاد تائين پهچائيندو هو. آءٌ پڙهڻ لکڻ ۾ ٿورو ڏَڏ هيس، تڏهن بابا گهر ۾ مون کي پاڻ پڙهائيندو هو. ايتري تائين جو قرآن پاڪ جو به ڀيرو ڏياريندو هو.
    2. ننڍي هوندي مون کي ڪالرا ٿي وئي. بابا ڏاڍو پريشان ٿي ويو. ڳوٺ ۾ گهڻو علاج ڪرايائين جڏهن ڦڪين فرق نه ڪيو تڏهن ميان جي ڳوٺ مان علاج ڪرايو. جڏهن ڊاڪٽرن اتان به جواب ڏنو تڏهن بابا مون کي جيڪب آباد کان علاج ڪرايو ۽ مان چاڪ چڱو ٿيس.
    3. منهنجي ننڍپڻ ۾ بابا اڪثر شام جي نماز پڙهي بازار ۾ شبير سومري (جنهن کي خبر ناهي ته “ماڪوڙي” ڇو چوندا آهن) جي دڪان تي ويهندو هو. پوءِ اويس صاحب ۽ مان کانئس خرچي وٺڻ لاءِ اتي ويندا هئاسين. بابا اتي اسان کي بنانا بسڪوٽ کارائي چانهه پيئاري خرچي ڏئي ڪڏهن ڪڏهن ڪو گهر جو سامان وٺي ڏئي پوءِ روانو ڪندو هو. بابا جو شبير سومري سان اوڌر جو کاتو به کليل هو. ڪڏهن بابا کي پئسا نه هوندا هُئا ته چٺي لکي صحيح ڪري شبير کان شيءِ وٺڻ لاءِ موڪليندو هو.
    مان وري اهڙي اٽڪل ڪندو رهيس جو جڏهن به مون کي شيءِ يا خرچيءَ جي ضرورت پوي شبير جي نالي پاڻ چٺي لکي بابا جي صحيح به مان پاڻ ڪري ان ڏانهن کڻي ويندو هوس. اهو به ويچارو چِٺي ڪڏهن پڙهندو هو ته ڪڏهن بلڪل نه! ۽ شيءِ ڏيندو هو. ۽ ان ڳالهه جي خبر بابا کي بلڪل به نه هئي!
    هڪ ڏينهن ٿيو ائين جو مهيني ۾ کنيل اوڌر جا پئسا جڏهن بابا ان کي ڏنا پئي ته ايڏي اوڌر ڏسي بابا حيران ٿي ويو، ۽ شبير کان پڇيائين ته منهنجي چِٺيءَ کان سواءِ تون سودو يا شيءِ وغيره ڏني آهي ڇا؟ ان ويچاري چيو ته نه سائين.....!! مان ته توهان جي چٺيءَ کان سواءِ ڪنهن کي به ائين سودو يا شيءِ نه ڏيندو آهيان. توهان جون سڀ چٺيون مون وٽ پيون آهن. هي وٺو، ڏسو!
    بابا جڏهن اهي چٺيون ڏٺيون ته ٻيڻو حيران ٿي ويو، ڏٺائين ته اهي سندس هٿ اکرين نه هيون، بلڪه منهنجون لکيل هُيون، اهو ڏسي بابا پوءِ گهر ۾ منهنجي اهڙي ڇَنڊَ پٽي جو بعد ۾ مون توبه ڪئي.
    بهرحال بابا اسان جي لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. هُن تعليم کاتي ۽ پنهنجي زندگيءَ جي کاتي ۾ هڪ سَچي، بااصول، فرض شناس ۽ ايماندار شخص طور پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي. هُن کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪا به شڪايت ناهي. هُو پاڻ مان گهڻو مطمئن آهي.
    اسان جي بابا سائين لاءِ ڌڻيءَ کان دُعا آهي ته شال الله تعاليٰ کيس سُٺي صحت، خوشيون، وڏي ڄمار ۽ گهڻي عزت عطا فرمائي. (آمين)




    جاويد احمد ڀٽو
    (سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ)
    مبارڪپور، ٺل، جيڪب آباد


    MY FATHER, MY MENTOR

    MY FATHER, MY MENTOR

    It is truly said: “Parents are a gift from Almighty Allah and there is no replacement. I used to be with my father all the times. So, and so that his friends would say that wherever you go, your youngest son is always with you. Be it mosque or the school, and he, my father used to reply with a smile and say Yeah! He is with me wherever I go. I learnt a lot from that habit of mine. Such as how to greet others and how to behave with others. I also learnt much etiquettes, manners, social and moral ethics. I even learnt to respect others. No doubt, whatever I learnt from my father, those things became beneficial for me in my life. I do not have enough words to express my feelings about my father and the way he maintained me and my childhood with great efficiency and kind behaviour. My father always used to instruct me about offering my prayers (Salah), reciting Holy Quran, moral character and education as well. My father not only taught me how to become a successful person in life, but he also taught me the right path of religion.
    I am extremely thankful to my elder brother, Mr Awais Bhutto, who has given me an opportunity to express my feelings about my father. To conclude, I would pray that may Allah Almighty bestows countless blessings to my father. (Ameen)
    It is exposed moral:
    If you take good care of a young child, he will be in a better place, whenever a good nation can take its existence of similar stretching.




    Pir Bux Bhutto
    Student of Class :IX
    (Mubarakpur)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 687
    ڪتابن جو مشاهدو: 909944
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 307256
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ