ڪتاب جو نالو: هٽڙيءَ جو گل
مصنف: خدا بخش ”خاضع“
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 08 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 300 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 48 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف
  • ابيات

  • حمد باري تعاليٰ
  • هَٽي ۽ هٽڙي فرق آهي فڪر جو
  • سڄڻ سين ساهه آه منهنجو ايئن
  • سنبهي سُڃَ ٿيام اکن ڏٺا اوٺيا
  • هوري هلج هيئن جيئن پڙلاءُ نه پير جو
  • جن کي ٿي جئان سي ته ناهن ساڻ مون
  • پچاري پنوهارين کي ڳوڙها پيم ڳڙي
  • پچاري پنوهارن کي رنم ساري رات
  • پچاري پنوهارن کي ڏنم رات روئي
  • اڄ ته اوري آءُ ڪا سڌ سڻايانءِ سور جي
  • ڪَهه ڪبوتر ڪوڏيان تون عرض کڻي اي،
  • ڇُهيو مَ ڇن موتئي مکڙي ماليا
  • سڄڻ آئي سک ٿيام، جيڏن ڇڏي جاڙ
  • سڄڻ تنهنجي سنڀار ڳاريو ڳچ ڳاري
  • جن سان جڙيم جيءُ سي ايندام سپرين
  • ابر جيئن اکيون، وٺيو وسڪارو ڪن
  • سا ڪيئن وساريان ڪالهه هُيون جنهن سان حسرتون
  • هي ماڻهو محبتي شل هميشه هُون
  • سدا نه رهندي سڪڙي ٿيندي پڄاڻي نيٺ
  • ماٺو ڪج متان، اندر ٻارڻ عشق جو
  • مون ويسههَ ڏيندين وس ڪيائون مچيو مُور
  • منهن ۾ مفتي خصلت ۾ خالصو
  • سُتي سور پرينءَ جو ويٺي ناهي ويساند
  • آئون رکان اوسيئڙو، سڄن نه سارين
  • مون ڀانڱي ڀانڱو آئيو پاند سڄا پنج
  • ڪري ترڪ طبيبن کي اڱڻ اُنهن جي اچ
  • غزل

  • سدا سيڪ سانول سهان پر خموش
  • مٺا منهن تو موڙي منجهائي ڇڏيو آ
  • اسان يار جا يار آهيون ٻڌي ڇڏ
  • هميشه هجي تو بقا اي ببالا
  • هلي جام ٿو هت هٽائي جو سودو
  • تو اکڙيون اکن سان ملائي ڏٺو ٿي
  • ڇُهڻ سان تون منهنجي ٿو ڇرڪين سدائين
  • ڪري پيار پيارا وسارين نه ها تون
  • ڪيم تو سين الفت نڀائي نه توئي
  • اڃا پيو ٻري من، وساڻو ته ناهي
  • وري چهڪ دل جا هي چوري ڇڏيا تو
  • گهٽايو تو ڪونهي سزا ڏيندي ڏيندي
  • پراون کي پنهنجو ڪري ڪين سگهبو
  • سڄڻ سونهن وارا سٺو ٿو لڳين تون
  • ادب علم کي تون نه پڙهجان اڌورو
  • ڪاش تنهنجو هجان محب مطلوب من
  • آ گلي مل صنم يار يارن جئان
  • يار منهنجا پرين مون ڏي ايندو ته ڪر
  • رکي هن شوخ جي شاني تي هٿڙو تون نه هل هاڻي
  • نظر کڻي نهاريم ته سامهون منهنجي هو صنم
  • اڃا نٿو اچين سڄن بهار ڀي ويو هليو
  • گر ڪو کلي ڀل خوب تر تنهنجو کلڻ سٺڙو لڳو
  • اهڙو ته تون دلبر اصل، سهڻو گلابي آهين گل
  • اي صبا چئجان وڃي تون منهنجي پيارن کي ڏسي
  • آه زاري بيقراري تات طاري ڇو اٿم
  • محبوب جي ملڻ لئه هت ساه مون سڪي ٿو
  • آ انتظار جنهن جو تنهن يار کي ڇڏي ڏي
  • جنجال تنهن لئه دنيا، جرئت نٿو رکي جو
  • ڏس داغدار دل تون حبدار يار ڪونهي
  • تقدير کي ڪيان ڇا تدبير ڪم نٿي ڏي
  • مَنَ ماس پاڻ منهنجو ڪوري ڏسين ها جيڪر
  • هن يار بيوفا کان، آ هاڻ بس اسان جي
  • ٿو پيار خار بنجي چڀندو رهي اڃا
  • ويندين نه مون وسارج دلدار يار تون
  • رباعيون

  • تکي هلي تڪڙي آءُ دِلي ڪريان ڍر
  • مسجد ۾ ٿي محبت نه تو سان مندر ۾
  • پلي مان پکڙين رهان ٿي نه راڻي
  • اڄ دنيا ۾ دوست توڙي ڀاءُ نه پنهنجو ڀاءُ آ
  • مون نه ئي دل جي ڏٺي چاه ڀريو چهرو ڏٺم
  • گهٽايو ڪين تو سزا ڏيندي ڏيندي
  • ڇا ڇا نه مون ڪيو تنهنجي ڪري
  • گيت ۽ وايون

  • صفا ڏيهه مان ويو آ ڏڌڙو لڏي
  • تو ته دل تان سڄڻ آ وساري ڇڏيو
  • دانهن ڪنهن کي ڏجي بيوفا يار جي
  • درشن ڪرائي ڪڏهين پاسي نقاب ٿيندو
  • دلدار يار ڇو ٿو ايڏي دغا ڪرين
  • او پري او پري منٺار ٿو رهي
  • ڇوڙي وارنه ڇڏ، او سائين
  • وسي ٿي بوند بهار اچين وئين تون ڍولڻا، مٺيون ٻوليون ٻولڻا
  • منهنجا پرين جان جگر ايڏو ته ايئن پاسو نه ڪر
  • محب اکيون ته پٽ، ڦٽ نه منهنجا ڦٽ
  • وار ونگا جي وارين ٿو، مون کي مارين ٿو
  • ابيات (حاجي عبدالحيات هاليپوٽو)

  • عاشق قوت آهي راحت روح رهاڻ
  • خيال خفي ۾ نفي ٿي آيو نينهن
  • وٺ راه رباني لڪي ڪر ذڪر ذاتي
  • طمع لوڀ لالچ پڙهيا حريصن پنا
  • سڪ جن جو ساه پري پنڌ نه تن کي

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 81
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: هٽڙيءَ جو گل
    موضوع: شاعري
    شاعر: خدا بخش ”خاضع“
    مرتب: حفي الحفيظ الحفن
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    ڪمپوزنگ/لي آئوٽ: آفتاب احمد هنڱورو
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 200 روپيا

    Hatri Jo Gul
    (Poetry)
    By: Khuda Bux “Khazai”
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ:
    ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد،. فڪشن هائوس حيدرآباد، ادبي بورڊ بڪ اسٽال تلڪ چاڙهي حيدرآباد، قليچ ڪتاب گهر سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد، ڪنگ پن بڪ هائوس پريس ڪلب حيدرآباد، ڪامريڊ بڪ اسٽال ڄامشورو. رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو. وسيم ڪتاب گهر شڪارپور، سنڌيڪا ڪتاب گهر سکر. تهذيب بڪ اسٽور خيرپور ميرس، ٿر ڪتاب گهر مٺي. الفتح نيوز ايجنسي سکر.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”هٽڙيءَ جو گُل“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب خدا بخش خاضع جي شاعريءَ جو مجموعو آهي، جنهن جو مرتب حفي الحفيظ الحفن آهي.
    هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين).
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري مزمل سائر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    تعارف

    هن ڪتاب جو باني شاعرانه مزاج رکندڙ دارالبقا جو راهي مرحوم خدا بخش تخلص ”خاضع“ ولد حاجي عبدالحيات هاليپوٽو (1936-06-06) ڇهه جون اوڻيهه سو ڇٽيهه ٽي حيدرآباد ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ”هٽڙي“ ۾ پيدا ٿيو. مرحوم منهنجو وڏو ڀاءُ هو. جيڪو هن فاني دنيا مان (2002 ــ 02 ــ 19) اوڻيهه فيبروري ٻه هزار ٻه ۾ (66) ڇاهٺ سالن جي ڄمار ۾ ڪوچ فرمائي ويو. سندس زندگيءَ جو تمام عرصو ڳوٺ هٽڙي ۾ گذريو. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ هٽڙي ۾ حاصل ڪئي. پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد سهولتن نه هجڻ سبب انگريزي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. ڇاڪاڻ ته اُنهي دور ۾ ڳوٺ هٽڙي ۾ ڪو به مڊل اسڪول يا هائي اسڪول نه هو. پرائمري اسڪول به هڪ خانگي گهر ۾ هلايو ويندو هو. آس پاس جا شاگرد وڏين تڪليفن سان علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا. ڳوٺ هٽڙي جو ڪو به اهڙو شخص منهنجي نظر مان ڪونهي گذريو، جيڪو ان دور جو ڪنهن اعليٰ مرتبه تي پهتو هجي. اها هن ڳوٺ جي بدقسمتي هئي. وري جيڪي پرائمري تائين تعليم حاصل ڪندا هئا، اُهي به حاصل ڪيل علم کي اسڪولن مان نڪرڻ بعد وساري ڇڏيندا هئا. ڄڻ اُهي ڪڏهين پڙهيا ئي ڪونه هئا. ليڪن مرحوم خدا بخش اُنهن اهل علم دوستن مان هو، جن علم کي پنهنجي ٽين اک سمجهي پنهنجي شعوري فطرت کي پروڙيو، پرکيو ۽ ويجهايو. مرحوم زندگيءَ ۾ ارتقا طرف گامزن نه ٿي سگهيو. يعني ڪا علمي ڊگري حاصل ڪري ته نه سگهيو پر ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي تدبرانه ڪيفيت ۾ سمائجي ضرور ويو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ چند انسانن سان لافاني الفت جو عملاً مظاهرو ڪيو. اها هڪ الڳ حقيقت آهي ته فطرت پنهنجو رنگ جدا جدا انداز ۾ نکاري ۽ سنواري ٿي، ڪڏهن بيچين ڪيفيت ۾ درديلا گيت ٿي ڳارائي ته ڪڏهن خوشيءَ جي احساسن کي جهومائيندي نظر ٿي اچي. ڪڏهن ڪربي حالت ۾ ويراني جو رخ ٿي ڪرائي ته ڪڏهن طربي ڪيفيت ۾ وري شور و غل جي ماحول ۾ رقص ڪندي نظر ٿي اچي. هن شاعر ۾ به اهڙي قسم جي جاذبيت نظر اچي ٿي. شاعرانه مزاج رکندڙ انسان حقيقت ۾ منافق نه ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ جو جنهن کي چاهيندو آهي ان سان ايترو ته پيار ڪندو آهي جو اُن کي اهو گمان ٿيڻ لڳندو آهي ته شايد سندس شخصيت ۾ ڪي انمول هيرا مدفون آهن، جيڪي هو چوري ڪري ويندو پر جڏهن اهو شاعر ڪنهن کان متنفر ٿيندو آهي ته ان جي آڏو ان جي ئي متعلق پنهنجي جذبات جي اظهار ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪندو آهي. سو مرحوم خدا بخش “خاضع” هڪ سچو انسان هو يقينن اهڙو انسان هر فرد ڪائنات کي پنهنجو معشوق يا محبوب نٿو سمجهي سگهي پر جنهن سان پيار ڪري ٿو، تنهن کي ڀڳوان جي رتبي تي پهچائي سندس عبديت ۾ اچي ٿو وڃي ۽ پوڄيندو ٿو رهي، هي به اهڙو ئي هڪ عاشق ۽ شاعر آهي.
    مرحوم خدا بخش هاليپوٽو جي باري ۾ ڪجهه حقيقتون بيان ڪرڻ ضروري آهن، ڇاڪاڻ ته هن جو ڪلام هن کي شاعر ظاهر ڪري ٿو پر اُهي ڪهڙيون حقيقتون هيون، جيڪي هن جي شاعرانه زندگي جون آئينه دار آهن، جيئن ته طبيعتن پاڻ هڪ موڊي انسان هو، جنهن ڪري هر عام و خاص سان متوصل ٿي نه سگهيو. هن تنهائيءَ ۾ گهڻو وقت گذاريو، اُنهيءَ جو ڪارڻ جيڪو محسوس ڪيو ، اُهو اِهو هو ته هو هڪ سچو ۽ کرو ماڻهو هو، جنهن ڪري اڪثر و بيشتر عام و خاص هن کان لهرائيندا هئا. بهرحال دليري ۽ بيباڪي هن جي سڃاڻپ هئي، هي پُر اعتماد رهندو به هو ۽ واقعي هوندو به هو ۽ ڀروسي لائق انسان هو سواءِ مصلحت جي هن ڪوڙ ڪونه ڳالهايو، مون هن کي زندگيءَ ۾ ڪنهن کان به ڊڄندي نه ڏٺو سواءِ ابدي عدالت جي خوف کان جڏهن هي انهي ڪيفيت ۾ ايندو هو ته ڏاڍو روئندو هو، مون هن کي ڪيئي ڀيرا هن حالت ۾ ڏٺو، يعني خدا جو خوف رکندڙ انسان هو، آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو ۽ پنهنجو پاڻ کان سوال پڇندو آهيان ته هي ايڏو دلير ۽ بيباڪ ڇو هُيو، گهري سوچ فڪر بعد هن نتيجي تي پهچندو آهيان ته هي خود غرض ۽ مفاد پرست نه هو، ڪنهن جي ملڪيت يا مال تي هن جي نظر نه هئي. مطلب ته لالچي ته نه هو ته بزدل به نه هو، رب العزت جو احسان آهي، اهڙو ڪو حادثو هن جي ذهن تي اثر انداز نه هو ۽ نه ٿيو ورنه خطرناڪ موڙ اختيار ڪري ها، وري اهڙي طبيعت جي برعڪس هي مهمان نواز سادگي پسندتمسخر پسند رحم ڪرڻ وارو جنهن سان ٺهي، تنهن تان قربان ٿيڻ وارو وفا لفظ جو مجسمو چئجي ته وڏاءُ نه ٿيندو، جنهن سان محبت ڪيائين، توڙ نڀايائين عهدو پيمان جو پيڪر هو ۽ هڪ غيرت مند انسان هو، انسان فطرتي غلطين جو گهر آهي. هن کان ڪي اهڙيون غلطيون ٿيون، جيڪي نه ٿيڻ کپنديون هيون پرسراري طور هي هڪ بهترين انسان هو. نالائقن ۽ منافقن لاءِ آزار هو ۽ فضيلت ڀرين لائق دوستن جو يار هو، وفادارن جو غلام هو.
    زندگيءَ جي منفي پهلوءَ ۾ مرحوم ڪن دنيوي نعتن کان محروم رهيو، جنهن جو هن جي ذهن تي گهرو اثر هو. کيس اولاد نه هو، جيئن اڪيلو آيو، تيئن بنا وارث جي دارالبقا ڏانهن راهي ٿيو دنيا ۾ هر انسان جي اها خواهش هوندي آهي ته کيس ياد ڪرڻ ۽ ياد رکڻ لاءِ هن جو وارث هجي ان حقيقت کي مد نظر رکي مون اهو شدت سان محشوس ڪيو ته ڇو نه مرحوم جي احساس محروميت کي درپرده رکي هن جي شاعرانه ڪلام کي ڪتاب جي شڪل ڏئي هن جو لازوال وارث منظرعام تي اندو وڃي. الله پاڪ جي نوازش سان آئون انهي ڪم ۾ ڪامياب ٿيس. الحمدالله شاعري جي مواد ۾ بيت، ڪافيون، گيت، رباعي ۽ غزل شامل آهن. مون فقط غزل تي علم عروض جي تقطيع تي ڪم ڪيو آهي. شايد ڪجهه غزل مرڳوئي بدلجي ويا، ليڪن خيال ساڳيو رهيو. مون ساڻس گهڻو وقت گذاريو. انهي ڪري طبيعتن آئون سندس واقف هوس، بهر ڪيف الله جي ذات مون کي سرخرو ڪيو ۽ خدا بخش خاضح جو ڪتاب هٽڙي جو گل توهان جي هٿن ۾ آهي ۽ ضايع ٿيڻ کان بچي ويو. شڪر الحمدالله.
    هن ڪتاب جو نالو ”هٽڙي جو گل“ رکيو ويو آهي. هٽڙي خدا بخش ”خاضع“ جي ماءُ آهي ۽ هي گل سندس پٽ آهي، جيڪو سندس سيني ۾ دفن آهي. هن گل جي خوشبو هٽڙي جي هوائن ۽ فضائن ۾ تاقيامت گهلندي رهندي ۽ سندس محبت جي جذبي کي پکيڙيندي رهندي. شل قدرت سندس روح غريق رحمت ڪري. (آمين.
    ادا خدا بخش ”خاضح“ ۽ خدن ٻئي تخلص طور استعمال ڪيا آهن. خاضح جي معنيٰ آهي. نوڙت ۽ انڪساري رکندڙ. هن ڪتاب جي آخر ۾ بابا حاجي عبدالحيات هاليپوٽو جا چند ابيات ڏنا اٿم، جيڪي سندس خيال جي عڪاسي ڪن ٿا. الحمدالله ضايع ٿيڻ کان بچي ويا.


    حفي الحفيظ اَلحفن
    فيبروري 2004


    ابيات

    حمد باري تعاليٰ

    جا ڏي ڏسان ٿو تاڏي تون اله اله اله اله
    تون هي تون
    تون هي تون
    هر گل شجر خوشبو سندو معطر ڪري ٿو من مَحُو
    اله اله اله اله
    شمس و قمر تارن سين گڏ دنيا لئه ڪئي روشن تو رُو
    اله اله اله اله
    لوح و قلم عرش و مکان ارض سمان سڀ تون هي تون
    اله اله اله اله
    ايڏي حسين مخلوق اٿئي تون ڇا ته هوندين خوبرو
    اله اله اله اله
    حمد و ثنا ۾ آ مگن مخلوق کل شام صُبوح
    اله اله اله اله
    هيڏي ته ڏس خاضع ڏي تون وائي گهري ٿو هُوئي هُو
    اله اله اله اله


    هَٽي ۽ هٽڙي فرق آهي فڪر جو

    هَٽي ۽ هٽڙي فرق آهي فڪر جو
    چُڻ مَ چوکا چنگاليون وکر واچي وٺ ڙي
    متان ڪو ڦٽ ڙي چِڪي پَوَئي چاش تي

    هَٽڙيِيون هوند وکر پرائين وِت جو
    ڦڪي ڳنهه فلاح جي بره بَرائي بوند
    هڪ حرص هِينيون هيريو ٻيا دنيا سندا دود
    پُرسي ڪج پاڻ سان وَهيءَ جو وجود
    ميان تو معبود حرف ڇڏيو هيڪڙي

    هٽڙي آهي هيريو من مون ميهار سين
    دِلا دَکيون دل سان ڦوڪيان آئون ڦيريو
    سڄڻ کي سيريو ٿوڪ وڪامن ٿانوڙا

    آئون ڌريان ٿي واسڙي ساجن سو سرواڻ
    پلئه لائي پنهنجي آريءَ وڌايم آسڙي
    ٿورائتي ٿيانس ڙي اٿم ساجن سٻاجهڙو


    سڄڻ سين ساهه آه منهنجو ايئن

    سڄڻ سين ساهه آه منهنجو ايئن
    پيوند پالر سين جڙ جوڙي جيئن
    من منهنجو تيئن مليو آهي محب سين

    هوتن منهنجو هيانءُ ڏوريندي ڏاريو
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ تهين نه ڳنهي نانءُ
    وري ڪا وهانءُ ڪندي ڪانه ڪڏهن

    آيل منهنجو انگڙو آريءَ سين آه
    ويهان ڪيئن وري لاڳاپا لاهي
    ڪيچن کي ڪاهي رسان مان راه ۾

    رات به روح رهاڻ هُيم هوت پنهونءَ سين
    جاڳان تان جت ويا سمهان تان ساڻ
    پليان ڪيئن پاڻ سمهڻ کنئوڻ سرتيون


    سنبهي سُڃَ ٿيام اکن ڏٺا اوٺيا

    سنبهي سُڃَ ٿيام اکن ڏٺا اوٺيا
    باک ڦٽي بس ٿي هينئڙي هٿ هيام
    وري ڪيئن ويام آيا جي اڱڻين

    سڄڻ پاتوم سرتيون ڀاڪر رات ڀري
    ڏينهن پڄاڻان ڏورهان وِلهو مون وري
    ڀنڀري هن ڀنڀور مان ويو جو ڪوچ ڪري
    ڀل نه ڀانيان پاڻ کي پنهل آئون پري
    انهيءَ جي عشق اري نينهن نهوڙي جندڙي

    جيڏيون منهنجو جيءُ جتن سان جڙيو
    پنهون نيائون پاڻ سين ڪنواٺن ڪڙيو
    چوريءَ جو چڙهيو، سو پنهون نه وڃڻو پاڻ کان


    هوري هلج هيئن جيئن پڙلاءُ نه پير جو

    هوري هلج هيئن جيئن پڙلاءُ نه پير جو
    ٿڌي وک ٿورڙي پائج ڏانهن پرين
    اُٺن پٺيان ايئن هل ته رسين هوت کي

    وڏي پاءِ وِک هل مڙوئي هراسڙي
    هڪ ته ڏونگر ڏکيا ٻيو تاءُ ڏيکاري تک
    کري منجهه کک، هئي تان هوت ويا

    سرتيون سئو ۾ سڏ پل پل پئي پنهون جو
    ننڌر رهياس ننڊ ۾ نه هوڏي ورايم هڏ
    گولي گڏوگڏ ڀاتي هُياس ڀيڻئين

    سلي ڪنهن سان سليان ڳچ سانڍيون مون ڳالهيون
    جهونگاريندي جيءَ سين کِليو پاڻ کان
    موٽيو هٿ مليان ايئن سوريندي سور کي


    جن کي ٿي جئان سي ته ناهن ساڻ مون

    جن کي ٿي جئان سي ته ناهن ساڻ مون
    ڪيهر ڪيچ ڏي آئون کڻي نڪ نيان
    ٿورائتي ٿيان جي هوت مليم هِتڙي

    ڏينهن سين ڏک اوريان پئي اندر جا
    مون ماتم من ۾ ساجن ڀيڙو سک
    ملان تان ماٺي ٿئي سندي بره بک
    توئي رب الک وراج منهنجو وِلهو

    سڪندي تنهن سڱ اڻ سڪندين پڻ آه
    پائي سر پنهنجي تون رئو ڪري رنڱ
    مهر تنهن کان مڱ جو هوت نه پڇي حبيب کي

    ٻڙي ٿيان ٻلهار جيڪر آئون جتن تان
    مون ته ڪيو ماءُ ڙي هوت هيئن جو هار
    آري سين اقرار شل پيوند ڀري پرت جو


    پچاري پنوهارين کي ڳوڙها پيم ڳڙي

    پچاري پنوهارين کي ڳوڙها پيم ڳڙي
    ويٺي سڪان ويڙهيچن لڌائون نه سڌ سڙي
    ڇپر جا ڇيهه هئي سانڍي هاڻ ٻڙي
    ساعت سنگهارن ري گهاريان ڪيئن گهڙي
    جن سان جيءَ جڙي سي مارو مون ملير ٿيا

    پيوند پرت جو پاري ڪيئن پاريان
    ساجن سوائي سرتيون گهايل ٿي گهاريان
    منهن پنهنجي ماريان هوتن ري هٿڙا

    پچاري پنوهارن کي ڳوڙها پون ڳڙيو
    سڪندي سانگين کي ڪريان سڏ سڙيو
    جن سان جيءُ جڙيو اُنهن اُڪنڊي آهيان

    پچاري پنوهارن کي رئان ويٺي رت
    مارو مٽ مُئيءَ جا سانگي منهنجو ست
    ڪنديس ڪانه ڪپت وساري ويڙهيچن کي


    پچاري پنوهارن کي رنم ساري رات

    پچاري پنوهارن کي رنم ساري رات
    سڪ سنگهارن جي بره ڀلاري رات
    مارن جي مسئلات اندر مون اُجاريو

    ڇپر هئي جا ڇڪ سا آنڍي عمرڪوٽ ۾
    سوين ڪيئي سومرا ڪاهيچا مون سان هيڪ
    اڳي تو انيڪ، باندي آنديون بند ۾

    سرتيون نه ڀانئج مور ڪوجها پسي ڪپڙا
    لائي لٽ لنڱن کي ڌوتا ڪن ئي دور
    خدن تن کستور آهي مٽي ملڪ ملير جي

    ڪهه ڪبوتر ڪوڏيائون اُوچي ڪري اُڏام
    آئون جا اوريان ڳالهڙي سامن اندر جي مام
    پهچائج پنوهارن کي مون سنيهو ڪري سام
    تان متورهين مدام ڪرم سان ڪبوترا


    پچاري پنوهارن کي ڏنم رات روئي

    پچاري پنوهارن کي ڏنم رات روئي
    چڪيا چهڪ اندر جا سُڻن سور سڀوئي
    سڪڻ مون سوئي جو هو هيڪاندو اڳ ۾

    اُسيا جي عميق سي گهر نه موٽيا گهاتئا
    موڙي مڳن مڪڙا رميا مون رفيق
    ڪنين نه سُيم ڪيڪ ته ماگر ڪيئن مڙيا

    ماڳر ڪيئن ميڙيا هتان جي ويا هوءِ
    بر ۽ بحر مان اچي بانڪن بوءِ
    جاني ڇڏي جوءِ ويا واڪيندا ويري

    ويڙها وسنداءِ سدا ساجن سٻاجهڙا
    ڏينهن ئون ڏان ڏهاڙي مليو ملنداءِ
    هميشه هونداءِ سهج سامهان سپرين


    اڄ ته اوري آءُ ڪا سڌ سڻايانءِ سور جي

    اڄ ته اوري آءُ ڪا سڌ سڻايانءِ سور جي
    سوا تنهنجي سپرين مون ساڻ ناهي ساءُ
    نڪو لوڪ لڳاءُ جيڪا سا سڪ سڄڻين

    چڪيو چڪن چاڪ آهي اوسيئڙو ارواح کي
    جا هوتن جي هيراڪ تنهن ساءُ نه ايندو سرتئين

    مارن سندو مذڪور اوريان ڪنهن سان اديون
    سدا رهيا ساڻ مون دم نه هڪڙو دُور
    وري ٿيا وهلور ڏيئي دلاسا دُور ٿيا

    ڏٺي ڏينهن ٿيام پنهون نيائون پاڻ سين
    سڪان سهڃان سرتيون پلئه پور پيام
    جي وساري ويام آئون نه اُڪنڍي اُن ري


    ڪَهه ڪبوتر ڪوڏيان تون عرض کڻي اي،

    ڪَهه ڪبوتر ڪوڏيان تون عرض کڻي اي،
    جهڄيو جهران کي جهوپڙن ڪوٽن ناهي ڪيءُ
    حال منهنجو هيءُ اورج نيئي ادب سين

    ڪَهه ڪبوتر ڪوڏيان تون خاصو خط کڻي
    هت بند باندي ڪئي آهيان همير هڻي
    اوهين تان ڌنار ڌڻي آهيو مون اڙيءَ جا

    اوکي تڙا اوپريون گهوريو سر گهڙن
    وڃيو محب مڙن تانگهه ڄاڻي تار کي

    لاهيارن جا لئي پوکي سا پرين جي
    راوت رنبو نار ناڙي هميشه هئي
    پر سيراب نه سُئي پرين ري پوک جي


    ڇُهيو مَ ڇن موتئي مکڙي ماليا

    ڇُهيو مَ ڇن موتئي مکڙي ماليا
    ٻهڪندو رک پار کي ڪڍي ڪچرو ڪن
    پڻ گهڻيون ڳن شاخون اُن شجر جون

    انگارا اُسريا گلن ڇڏي گوءِ
    تنها پو توءِ چونڊي مون چاهه ڪيو

    سڄڻ آئي سک ٿيا ڇڏي ڏکن ڏڍ
    آءُ ڪيئن ڪنهن جي ڪڍ پلئه ڇڏيان پرين جو

    سڄڻ آئي سک ٿيا ڏک ڀڳا ڏور
    هوتن جي حضور جيڪر اگهامي سسئي

    سڄڻ آئي سک ٿيا ڏکن ڇڏيو ڏيل
    ساجن سان سِيل، شل پري مون پرت جو


    سڄڻ آئي سک ٿيام، جيڏن ڇڏي جاڙ

    سڄڻ آئي سک ٿيام، جيڏن ڇڏي جاڙ
    ڍڪ ڍڪي ڍولئي ڍڪي مون اُگهاڙ
    لٿي لوڪ لٻاڙ آري جي اچڻ سين

    ڌوتا ڌوٻين ڌاٻ آري جان آئيو
    چاڙهيائون چلهن تي کنڀ کستوري پائيو
    راجا اُت وائيو سڱ منهنجو سُٿرو

    ڌوٻين ڌاٻ ڌوتا آري جان آئيو
    چنبڙيون ٻڌي چيلهه سين پت هڻي پوتا
    هن پر تون هوت آ، ڌوٻين ڌوئي ڌتاريو

    سڄڻ تنهنجي سنڀار هر ويلي هيانءُ سين
    سڪڻ ۽ سڏڪڻ ٿيو هورا کورا هروار
    ڪونهي قلب قرار، جهوريءَ جهوري جندڙي


    سڄڻ تنهنجي سنڀار ڳاريو ڳچ ڳاري

    سڄڻ تنهنجي سنڀار ڳاريو ڳچ ڳاري
    سڏڪندو ساه رَهي جي سڄڻ تو ساري
    مرڳو مون ماري جو پرين ويو پرديس ڏي

    وري واري واڳ ڪو ميڙائو مسڪين تي
    موٽي اچج مون پرين مٿاهين ماڳ
    سندا دودن داغ ميساريا نه مون ٿين

    ڳارين جي ڳچ سي سارُوڻيون سڄڻ جون
    ملان تان ماٺاڻين مچي محبت مچ
    اندر اورچ هوريئڙو هيئين جي

    سڪان ۽ ساريان وساريان ڪيئن ري
    پيوند پيچ پرين سين مون لئه ڳالهه ڳري
    ڪيم چاهه چري ويٺي واجهيان وصل کي


    جن سان جڙيم جيءُ سي ايندام سپرين

    جن سان جڙيم جيءُ سي ايندام سپرين
    آئون اُڪنڊي اُن کي ڪيئن گهران ٻيو ڪي
    حال وٺيو هي خدن ستايان خاوند کي

    هو جي ڏٺو هونِ سڄڻ منهنجو سپرين
    تان مڪالون محبوب جون چارئي پهر چُون
    رويو ويٺيون رُون، تن ديدون مون دوست کي

    هُو جي ڏٺو هُئانءِ سڄڻ منهنجو سپرين
    سيگهه سڻايو سرتيون ٿي پيرين آئون پُئان
    ڇاچپن سان چُئان، اندر منهنجو اُن سين

    جي وڃڻ کي ويا سي موٽي نه ايندا ڏينهڙا
    مون پرين دل پاڻ ۾، ٻيلي ٻڌايان ٻيا
    جي سنهيءَ سئيءَ سِيا، سي آر آريا انگڙا


    ابر جيئن اکيون، وٺيو وسڪارو ڪن

    ابر جيئن اکيون، وٺيو وسڪارو ڪن
    سنڀاري رويو روئن ته ايندا ڪڏهن اڱڻ تي

    ٻنڌڻ ٻاروچن سين شل هميشه هُون
    پير پرين پيچري مون پانڌيئڙا ٿي پُون
    ڌوڙ نه مٿان ڌُون رک پرين جي راهه جي

    سڪيو ساري سڄڻين پڪاريان پيئي
    جنهن مهل پرين وڃڻا سا ويل مون کان ويئي
    ڏکي ڏک ڏيئي خاضع رميا خوبرو

    سهجان جن سڏيو، هل تن ڏي هيج سين
    ڀُون ڀُون ڀوري، متان ڇڪيندن کي ڇڏيو
    تان پٽيءَ ۾ جن پانڌڙو جان لوڪان تو ۾ لڏيو
    گولي ٿي گڏيو هينئون جڙ هوتن سين


    سا ڪيئن وساريان ڪالهه هُيون جنهن سان حسرتون

    سا ڪيئن وساريان ڪالهه هُيون جنهن سان حسرتون
    اڄ پڻ ائين اُسهندي رهي اڄ سڀان ڪيو سال
    آئون اُڪنڊجي اَن کي هئڙا وٺيو حال
    مولا ڀوريءَ مٿي ڀال ڪري ميڙج ڪالهه کي

    ڪوجو وريو واءُ ڙي، جانيان جنهن جدا ڪيو
    سور سپرينءَ جي ڪيو، گهر اٿم گهاءُ ڙي
    ختم خاضع خوشيون ٿيون، سڄن نيو ساءُ ڙي
    مون کي ماري ماءُ ڙي هو هوتاڻا هليا ويا

    سڄڻ سدائين ويڙها وسنداءِ
    مليو موڪ ملنداءِ ڏينهن تون ڏاج ڏهاڙي

    ماڻهو سڀ محبتي ڪونهي ڪيني وار ڪو
    الفت جن اکن ۾ سڄڻ ڏسنديون سي
    جاڙون ڪنديون جي سي پاڻ نه ڏسن پيار کي


    هي ماڻهو محبتي شل هميشه هُون

    هي ماڻهو محبتي شل هميشه هُون
    ڏسيو داغ دامن تي ڌاريان اچيو ڌُون
    رليو مليو رُون غم نه سمجهن ڪو غير جو

    ماڻهو سڀ محبتي ڪونهي ڪلفت وارو ڪو
    الفت جنهن جي اکن ۾ سڄڻ ڏسي سو
    جفا ڪري جو سو ڪيئن ماڻي قرب کي

    هميشه وسي هٽڙي منهنجو دلربا ديس
    سرسبز شل ساوڪ جو ڍڪي ويس
    ڏاتر ڏيو پيو ڏيئس، ڀري فاضل فضل جو

    جاني تنهنجو جوٽ جو سمهي مون ساءُ لڌو
    سو ڪپهه ڪشميرو ڪونه، آهي مڙني کي موٽ
    آهي پشم جي پالوٽ سنڌ سنڌ تنهنجو سپرين


    سدا نه رهندي سڪڙي ٿيندي پڄاڻي نيٺ

    سدا نه رهندي سڪڙي ٿيندي پڄاڻي نيٺ
    هي ڏکن ڀري ڏيٺ جي کٽيءَ تو کٽيو

    پاري ڪيئن پائي سان کربن جي کوٽ
    ٻيڻي ٽيڻي کوٽ ڀري نه سگهندو ڪوئي

    ڪٿي قرض ڪروڙ، ڪٿي مسڪين ماروئڙا
    ڪٿي ڪاٽي ڪرم سان جاني ڪندا جوڙ
    تهان پوءِ توڙ ٿيندو حاج حساب جو

    جي سارُون هُون سڄڻين ڪيئن وساري ڪير
    پريت ڌاران پير کَٽِيل ٿو کُٽيو پوي

    هت تانگهائي تون هُت پرين پاڻ کي
    پل نه پت پرن تان نه وڃ اجايو ونئون
    سدا سڄڻ سنئون رليو اچج روح ۾


    ماٺو ڪج متان، اندر ٻارڻ عشق جو

    ماٺو ڪج متان، اندر ٻارڻ عشق جو
    ڀلي ڀڙڪي باهڙي هوتن جي هٿان
    موٽي تو مٿان، وسندا مينهن مٺاڻ جا

    سولي چاڙه سڙرو، گهاٽي واڌي گهور
    نه تڪ نه طور (تور) اتي اڻ مَيو آڪسير آ

    نڪي اکر عشق جو نڪي نينهن نقطو
    پرينءَ سين پختو، شل پيڇڙو لهه اچي

    ڪندين خرچ خاضع چڱو توکي چوندا
    نظر جيئن ئي ايندين منجهان نوڙت نمندا
    جي حال ٿي ويو هيڻو ته ٻئي گس کان رَمندا
    خدن تو کان لڪندا لڪڻ تن نه جڳائي ڪو


    مون ويسههَ ڏيندين وس ڪيائون مچيو مُور

    مون ويسههَ ڏيندين وس ڪيائون مچيو مُور
    سڄڻ اِهو سور لهندو ڪين خدن چئي

    مون ويسَههُ ڏيندين وس ڪيا تو ڪيو نه اعتبار
    پاپ ڄاتئي پيار غاصب ڇو غريب جو

    خصلت ۾ خالصو منهن ۾ مفتي
    کوڙ اِهي خبطي جائي اٿئي جهان ۾

    الله ڪندو آگ اچي لڳندي عشق جي
    ڪندين وس وسائڻ لئه پر لهندين نه راڳ
    کامي مرندين خدن لئه نه ڀيڙو ٿيندءِ ڀاڳ
    نوناري نڀاڳ هاوي رهندءِ حال تي


    منهن ۾ مفتي خصلت ۾ خالصو

    منهن ۾ مفتي خصلت ۾ خالصو
    باري اِها بدبختي ڪڏهن نه ڏجان ڪنهن کي

    امرت ڌارا اڄ ڳٽ پيا ڳاڙين
    پرين پيارين ته وٺان ڦڙو وات سين

    جا امرت ڌارا اَهٽجي پئي ڳٽن مان ڳڙي
    سا بوند مون لئه بس آ جي چپن تي چڙهي
    ٿيئي مُردو تڙي کڙي جيئرو هن جهان ۾

    جا منهن پرين ماڪ، سا امرت جهڙي عاشقن
    ڏسيو چاش چهري تي چڪيو پون چاڪ
    جي حُسن جا هيراڪ جهڄن جهورن ڪين ڪي


    سُتي سور پرينءَ جو ويٺي ناهي ويساند

    سُتي سور پرينءَ جو ويٺي ناهي ويساند
    بِهان ته بِرهُ ڀڙڪي، هلان ته موره ماند
    اِها روح رَتي راند، کايو ماري خدن کي

    ماڻهو محبتي ڏٺم هيڪاندا هِت
    اوکيءَ ويل آسري ڪين ڇڏيائون ڪٿ
    جي ضروري جت سي ئي هئا ساڻ مون

    شل هُون هيڪاندا هِت ماڻهو سدا محبتي
    اوکي ويل آسري ڇڏين ڪين ڪٿ
    پارڻ ڪارڻ پرت دکن تان دڄ ٿئي

    دل ڪري دانهون ڪري نه ظاهر زبان
    هيءَ اُڀاري آکڻ لئه هُو ڪڇي مُور ڪان
    آئون اندر جا ارمان سليان ڪيئن سڄڻ کي


    آئون رکان اوسيئڙو، سڄن نه سارين

    آئون رکان اوسيئڙو، سڄن نه سارين
    حيف اهڙي حُب کي جا پوجارا پارين
    سي گهنگهر ٿا گهارين جن يڪطرفو پيار ڪيو

    زندگي خود زبان، قلعي چاڙهج قلب تي
    دانهون ڪندي دهن سان، هِت کپي ويا خان
    نٿو ڄاڻين نادان، مُلهه مهانگو ماٺ جو

    پرين کان نه پڇ آئي ويل اچڻ جي
    مزو اٿئي ماٺ ۾، ڪِيسَنَ تان نه ڪڇ
    لوڏي لڱ مَ لڇ متان سڌ پوي سور جي

    ٻڙي گڏ ٻارن آءُ ڪالهه هُيُس ڪيڏڙي
    اک ڇنڀندي اڇا پيا ٻيون وٿون منجهه وارن
    خدن اهڙن پارن ياد ڏياري ابد جي


    مون ڀانڱي ڀانڱو آئيو پاند سڄا پنج

    مون ڀانڱي ڀانڱو آئيو پاند سڄا پنج
    گولي لاءِ گنج ڪاتبن ئي ڪري ڇڏيا

    آجو ڪج الله هِت هُت مون کي حرج کان
    باقي ڏينم بندگي ڪنا پاپ پناهه
    موٽ وِلهي جي واه ڪانهي تو ڪرم ري

    ڪڏهن واڃڻ وهوڻي قادر مون نه ڪجان
    ڦڪيون مون فيض جون ڏکئون اڳ ڏجان
    روز و شب رکجان پاڇي هيٺ پناهه جي

    ويڄن وٽ وڃي آءُ ڪڄارو ڪندي
    آهيان جنهن سندي سوئي ڏيندم ستيون

    سوئي ڏيندم سُتيون آهيان جنجي آئون
    مون ڇوري تي ڇانئون، اٺ ئي پهر اُن جون


    ڪري ترڪ طبيبن کي اڱڻ اُنهن جي اچ

    ڪري ترڪ طبيبن کي اڱڻ اُنهن جي اچ
    ته ڳاڻيٽي ري ڳچ دوا ملئي درد جي

    ويڄن وٽ وڃي آئون ڪڄاڙو ڪندي
    امر ري علاج کي ته ڪنارو نه ڪندي
    آهيان جنهن سندي سوئي ڏيندم سُتيون

    سُتيون جن صيف آ دست رس تن کي درد تي
    ساڃاه رکن سور جي ٻيو ڪافي سڻن ڪيف
    خدن تو کي حيف وڃي نه تن ويڄن ڏي

    سُتيون جن جون سڦليون، سودو جن جو سچ
    ڪري ترڪ طبيبن کي اُنهن جي اڱڻ اچ
    ڳاڻيٽي ري ڳچ دوا ڏين درد جي


    غزل

    سدا سيڪ سانول سهان پر خموش

    سدا سيڪ سانول سهان پر خموش
    رڙي روح روئي رهان پر خموش

    شب و روز شڪوه شڪايت شديد
    چپان چهڪ چوري چوان پر خموش

    دُکايا جي دلدار دردن تي درد
    ولوڙين جي ور ور وِهان پر خموش

    سوا سرڪ ساقي سُجهي نا سُکون
    پُسيل پلڪ پنهنجو پيان پر خموش

    خفا خوب خاضع ۽ خسته خيال
    نمڻ نيڻ ناحق نهان پر خموش
    *


    مٺا منهن تو موڙي منجهائي ڇڏيو آ

    مٺا منهن تو موڙي منجهائي ڇڏيو آ
    رکي هيئن رقابت رلائي ڇڏيو آ

    ڪرڻ تو کپي ها وفائي وڏي ڪا
    مگر تو وڇوڙو وڌائي ڇڏيو آ

    مرڻ کان مهانگو جياري جنون ٿو
    تڏهن جيءُ جانب جهڪائي ڇڏيو آ

    ڇني تو ڇڏي ڇو رکي يار ياري
    سڄڻ سور تنهنجي سڪائي ڇڏيو آ

    ڏنو مون ته روئي سنڀاري صبح سان
    چوان ڇا چري دل چڪائي ڇڏيو آ

    خبر ناهي خاضع پرين ڇو پري آ
    محبت ۾ جنهن من منجهائي ڇڏيو آ


    اسان يار جا يار آهيون ٻڌي ڇڏ

    اسان يار جا يار آهيون ٻڌي ڇڏ
    نڪي پرت پينار آهيون ٻڌي ڇڏ

    نه تنهنجي نه تنهنجي صباحت جي سودا
    لهٰذا نه لاچار آهيون ٻڌي ڇڏ

    مڃان ٿو ته محبوب آهين مٺا پر
    ڌڪيندين ته پوءِ ڌار آهيون ٻڌي ڇڏ

    نه سوسن سمن تون نه موتيو نه مُگرو
    اسان گهُور گلزار آهيون ٻڌي ڇڏ

    نه تون مشڪ عنبر نه کستور خوشبوءِ
    بنا بوءِ بيزار آهيون ٻڌي ڇڏ

    سڄڻ ساه کان وڌ ٿو سمجهان مان تو کي
    اصل ڪين اغيار آهيون ٻڌي ڇڏ

    هجين گل گلابي هجين گل بدن تون
    پوءِ تنهنجا خريدار آهيون ٻڌي ڇڏ

    اڃا قلب آهي ڪشادو قسم سان
    هميشه سي حبدار آهيون ٻڌي ڇڏ

    جفائن جي بدلي خفا ٿي به خاضع
    وري ڀي وفادار آهيون ٻڌي ڇڏ


    هميشه هجي تو بقا اي ببالا

    هميشه هجي تو بقا اي ببالا
    ڏسي ڏيل تنهنجو جيئن ٿا جيالا

    خدا توکي خلقي ڪيو راس ڪيڏو
    بدن ڀي بلا جو اڏوات به عاليٰ

    سراسر سهن ٿا عجب چشم ابرو
    ڊگها پلڪ پيڪان نه نرتئون نرالا

    نمي نوڪ نڪڙو چَتون چهنب ڀايان
    ڪيو ناز نٿ ڀي لڏي ساڻ لالا

    ڏٺم ڏند موتي چپن کي چوان ڇا
    صدف جي سراسر ڪو دردان دوبالا

    ڪنن ڪور ڪاني ڳتي آهي ڳهڙن
    جچن جام جهومڪ وڻن خوب والا

    ڪري زلف زهري ڏنو آب داڻو
    هلن ڪين هاڻي نڙي کان نوالا

    حلق هار پائي يا ڪٺمال ڪائي
    وٺن زيب زيور ڇا جانب جمالا

    ڀلي ٻانهه ٻُرسان ٻٽو جوڙ ٻانهين
    ڪيان مان بيان ڇا هجن ڪي حوالا

    مِٺي خوبروءِ جو پسينو به خوشبوءِ
    نٿو مشڪ عنبر ملي تنهن مثالا

    سراپا تون سهڻو بنا عيب آهين
    صفت صاف سهڻي تي لکجن مقالا

    زماني ۾ دلدار نه ٻيو ڪو ڏٺو مون
    کسي دل جو خاضع ۽ ڏي طاق تالا
    *


    هلي جام ٿو هت هٽائي جو سودو

    هلي جام ٿو هت هٽائي جو سودو
    وکر واڪ تي آ وڏائي جو سودو

    ديانت دنيا مان ڪيو ڪوچ ڪيڏانهن
    ٻکان ٻک ٻري ٿو ڇو ٻيائي جو سودو

    ڏسي مال مفتي وڌي ٿو واپاري
    سمر صاف ناهي صفائي جو سودو

    دڪانن تي دانهون ٻڌان روز ٻيلي
    مهانگو جو آهي مدائي جو سودو

    ڪُدورت سان ڪوٺا ڀريا پيٽ ڀائو
    نمايان آ نفرت نمائي جو سودو

    ٿي هر شيءِ جهان ۾ وڪامي يقيناً
    ڪٿي يار ڪونهي سچائي جو سوود

    ڏيو داٻ ڌڙڪا بهاڪن ڀليري
    اگهن ڪاڻ اوسر آ ڏائي جو سودو

    وريو ٿوڪ وڪڻن ڇروري ۾ ڇاهي
    رهي ريزڪي ٿو رُکائي جو سودو

    کپي خام خاصو وکر ٿو وڃي سڀ
    تهان پوءِ به پڄري نه پائي جو سودو

    هِتي دين و دنيا ڌرم ڌوڙ آهي
    کڻي ڪونه خاضع خدائي جو سودو
    *


    تو اکڙيون اکن سان ملائي ڏٺو ٿي

    تو اکڙيون اکن سان ملائي ڏٺو ٿي
    نهاري محبت سان مون کي ڪٺو ٿي

    جڏهن دور ويئن ٿي ته اکڙيون رنيون ٿي
    لڳو ايئن ته ڪو وڏ ڦڙو ڄڻ وٺو ٿي

    ڪڏهن دوري تنهنجي قبولي مون ڪانهي
    مگر سور مجبور ٿي دل سٺو ٿي

    محبت بکيرڻ لئه ڪيئن ٿيا مخالف
    مگر دل سندو گهر نه ڪنهن کان ڊٺو ٿي

    ڊڄان ڪين ٿو مان جي دشمن اسان جا
    ڊنس ٿي ته اُن کان جو مون کان رُٺو ٿي

    رُسڻ تون ڇڏي ڏي خدن ڏي کلي اچ
    زماني ۾ هر پل مٺو ٿي سٺو ٿي


    ڇُهڻ سان تون منهنجي ٿو ڇرڪين سدائين

    ڇُهڻ سان تون منهنجي ٿو ڇرڪين سدائين
    ڏيو ڀر بيهان پوءِ به سرڪين سدائين

    پري کان به مون تي جي اکڙي پَوَئي ٿي
    ڪيو پير پويان ٿو ٽرڪين سدائين

    ڏنل يار تنهنجا نه ڦٽڙا ڇٽن ٿا
    ٻيڻو زهر تن تي ٿو ٻرڪين سدائين

    ڏکيو وقت ڏاڍو گذاريان ٿو يارا
    ڏسي مون کي مجبور مرڪين سدائين

    خدن دل جي بدلي نه دل ڀي ڏني تو
    کسي دل تون پوڀي ٿو ڪرڪين سدائين


    ڪري پيار پيارا وسارين نه ها تون

    ڪري پيار پيارا وسارين نه ها تون
    محبت جي بدلي مون مارين نه ها تون

    اچي سامهون خود کي سينگاري لڪين ٿو
    سڄڻ اهڙي طرح جيارين نه ها تون

    مون لئه يار تون ڀي ته بيوس لڳين ٿو
    ستل پيار کي ايئن اُڀارين نه ها تون

    محبت ۾ ڏکڙو ڏنئي دور ٿي ڇو
    مٺا اهڙي دلڙي ته ڌارين نه ها تون

    رهان منتظر تون ضرور ايندين هيڪر
    محبت جي دگ تي بيهارين نه ها تون


    ڪيم تو سين الفت نڀائي نه توئي

    ڪيم تو سين الفت نڀائي نه توئي
    صدا دل جي ڪڏهن ڪنائي نه توئي

    ڇڏي تو ڏنو آ صفا غير ڄاڻي
    ڪيئي ڪين پنهنجو رَهائي نه توئي

    مٺي مرڪ تنهنجي ڪيو مون کي موهت
    ڪري ناز وکڙي وڌائي نه توئي

    صلي ۾ وفا جي جفا تو ته ڪئي آ
    رسي ايئن عداوت گهٽائي نه تو ئي

    هيءَ نادان دلڙي پلي آسري ۾
    کسي دل خدن جي ورائي نه تو ئي


    اڃا پيو ٻري من، وساڻو ته ناهي

    اڃا پيو ٻري من، وساڻو ته ناهي
    ڪڏهن پيار ٿيندو، پراڻو ته ناهي

    پلي دل ڇڏي تو ڇو آهي اسان کان
    ڪٿي من ڪو تنهنجو وڪاڻو ته ناهي

    سڀن سان ملي ٿو ملهائين تون خوشيون
    اسان لئه اندر تو اُٻاڻو ته ناهي

    ڏنا روز دل کي مون ڏکندي دلاسا
    اِجهو يار ايندو اياڻو ته ناهي

    ڪري بس بنهه تون ڇو ويهي رهيو آن
    اڏيو تو ڪو ايڏهن اڏاڻو ته ناهي

    اچو درد پنهنجو ٿو هر ڪو سڻائي
    نٿو هو سڻائي سياڻو ته ناهي

    خدن محب ماڻهو ملن ٿا هزارين
    مگر روح تن سان ريجهاڻو ته ناهي


    وري چهڪ دل جا هي چوري ڇڏيا تو

    وري چهڪ دل جا هي چوري ڇڏيا تو
    ستل سور سيني جا سوري ڇڏيا تو

    اڃا داغ دل جا مون مس مس ها ڌوتا
    وري شوخ ٿي سي ئي جهوري ڇڏيا تو

    خوابن ۾ جوڙيم وڏا محل تو لئه
    مگر دُور ٿي سي به ڀوري ڇڏيا تو

    کلندين خدن تان اڃا يار ڪيڏو
    ڇني ماس انگڙا ته ڪوري ڇڏيا تو


    گهٽايو تو ڪونهي سزا ڏيندي ڏيندي

    گهٽايو تو ڪونهي سزا ڏيندي ڏيندي
    رڳو رهجي وئي آ عزا ڏيندي ڏيندي

    وسارڻ هو آسان صفا محب توکي
    مون ويل وئي سا قضا ٿيندي ٿيندي

    وڃان ڪاش ها پاڻ کي مان سنڀالي
    مٺا محب تو کان جدا ٿيندي ٿيندي

    ستمگر ستائي نه ٿي دُور مون کان
    اڃان پيو وڌائين ايذا ڏيندي ڏيندي

    جفا تو ڏني آ وفا جي صلي ۾
    خدن کي ته ڏي ڪا جزا ڏيندي ڏيندي


    پراون کي پنهنجو ڪري ڪين سگهبو

    پراون کي پنهنجو ڪري ڪين سگهبو
    ڀڳي ٿانو بر کي ڀري ڪين سگهبو

    هتي حال ڀائي ڪو همدرد ناهي
    ڏندن سان هي ڏونگر ڏري ڪين سگهبو

    جڏهن ڀي ڪا جيءَ سان هجي جنگ جاري
    زماني ڏي توجهه ڌري ڪين سگهبو

    بلائي بي درمان پوي کوءِ خاضع
    تجاوز سان تنهن کي تري ڪين سگهبو


    سڄڻ سونهن وارا سٺو ٿو لڳين تون

    سڄڻ سونهن وارا سٺو ٿو لڳين تون
    ملين ٿو ته مٺڙا مٺو ٿو لڳين تون

    ڏٺا مون به آهن پرين خوبصورت
    مگر چنڊ کان ڀي چٽو ٿو لڳين تون

    جتي ڀي هجين من سلامت هجين شل
    خبر ناهي ڇو مون سٺو ٿو لڳين تون

    مٺا ڀي ڪڙا ڀي زماني ۾ خاضع
    مٺا محب مٺڙا مٺو ٿو لڳين تون


    ادب علم کي تون نه پڙهجان اڌورو

    ادب علم کي تون نه پڙهجان اڌورو
    ڪجان فڪر پورو عمل پڻ سمورو

    مٺا لفظ هڪڙو جتي معنيٰ خيز آ
    اُتي اُن کي اهڙو سبق سمجهه پورو

    جي تهذيب ناهي ته تعليم ڇا جي
    جهالت عدم ٿي اگر علم آ پورو

    عجب ڪائنات آ جيئڻ آهي ڏکيو
    پڄاڻي ٿي عامل کي دنيا ٿي کوور

    علم آهي بلڪل ازل کان ئي عاليٰ
    فڪر ڪر عمل ڪر پوءِ وٺ تون اُجورو


    ڪاش تنهنجو هجان محب مطلوب من

    ڪاش تنهنجو هجان محب مطلوب من
    تون به منهنجو هجين يار محبوب من

    تو ڪري چاق دل منهنجي ناهي ڏٺي
    تون رهين ٿو سدا محب مقروب من

    مون ته تو کان ڪڏهن ڪين پاسو ڪيو
    تنهنجي دُوري صنم مون لئه مضروب من

    دلربا دل خفا ٿي رهي تو بنا
    تنهنجي آمد هجي هر سمئي خوب من

    آن حسين جيترو اوترو پيار ڪر
    مان به تو سان سدا ٿيان ڪو منسوب من

    عشق يا وَر هجي مست منڙو رهي
    يار جانان خدن ڪر ڪو مجذوب من


    آ گلي مل صنم يار يارن جئان

    آ گلي مل صنم يار يارن جئان
    ڪر نه ضد تون مٺا هاڻ ٻارن جئان

    دل ته آهي ٻڏل پيار ۾ يار مون
    دل ته تو سان جڙي آهي وارن جئان

    ڳل گلابي ته گل وانگي امرت لڳن
    ٿو جڏهن مان چمان يار پيارن جئان

    تون اگر گل هجين واس هر پل وٺان
    مان حفاظت ڪيان تنهنجي خارن جئان

    اڳ خدن تو سوا مان اڪيلو هُيس
    چنڊ تو لئه جئان ٿو مان تارن جئان


    يار منهنجا پرين مون ڏي ايندو ته ڪر

    يار منهنجا پرين مون ڏي ايندو ته ڪر
    ٿورڙو يا گهڻو پيار ڏيندو ته ڪر

    پيار تنهنجو سڄڻ ڄڻ سهارو اٿم
    زندگي کي سنوارڻ لئه ايندو ته ڪر

    غمگساري ڪري ڇو پري ٿو رهين
    دانهن دل جي ٻڌڻ لئه سڏيندو ته ڪر

    ڇڏ زمانو مفادن جي کاڻ آ خدن
    خير خواه آهين تون يار ايندو ته ڪر


    رکي هن شوخ جي شاني تي هٿڙو تون نه هل هاڻي

    رکي هن شوخ جي شاني تي هٿڙو تون نه هل هاڻي
    نه ڪوئي تون ڪٿي پهچين نه ڪوئي هو جڳهه ماڻي

    ڏٺا ڪنهن ڪين هوندا هِت ڏٺا ٻٻرن ڪي ٻير آهن
    اجايو وڻ کي ڌوڻي پيو رڳو پلڙائي پيو ڇاڻي

    نه ڪوئي سور فرقت جو ڪٿي سگهيو زماني ۾
    فراق غِم اگر ڪوئي ٻڌائي ڪين ٿو پاڻهي

    اندر جو حال ۽ احوال ڪنهن سان مان ويهي اوريان
    خدن ڪيڏو جلي ٿو من رڳو منهنجو خداڄاڻي
    *


    نظر کڻي نهاريم ته سامهون منهنجي هو صنم

    نظر کڻي نهاريم ته سامهون منهنجي هو صنم
    وسڻ اکن ڇڏي ڏنو ۽ خشڪ ٿيا مون نيڻ نم

    رُسي ويو ته رات هئي، صُلح ٿيو ته رات وئي
    عجب هئي رات درد جي مگر اسان تي ٿيو ڪرم

    ڏسي ادا فدا ٿيان جدا رهي نه مان جئان
    پري جڏهن پِرن ڪيو ساه سان ٿيو ستم

    جدا ڪري نه جهور جان رُسڻ سدا نه آروا
    اڳي ته تو ڪيو ستم نه هاڻ ڏج ڪو درد غم

    رکي آ تو نڀائجان ڇني نه تون ڇڏي ڏجان
    وري جي تو ڌڪاريو ته چين ويندو ٿي عدم

    سڪي سڏي ڇُهي ڇڏي ڪيو مون ڪي قريب تر
    دِلان انهيءَ ڌڪاريو اهو روا نه هو ستم

    خطا خدن جي ڪئي به آ ته حاضر آ سزا جي لئه
    وفا صلي اي دلربا ڀلي ڪيو هي سر قلم
    *


    اڃا نٿو اچين سڄن بهار ڀي ويو هليو

    اڃا نٿو اچين سڄن بهار ڀي ويو هليو
    هري هري حيات جو نکار ڀي ويو هليو

    هوا هلي صفا تکي مگر خدا ڪرم ڪيو
    نه دز رهي دگن مٿي غبار ڀي ويو هَليو

    شريڪ بزم بيوفا نه تو ڪيو ته ڇا ٿي پيو
    اسان جو اهڙي بزم ۾ شمار ڀي ويو هليو

    خزان خدن کلي ڏنو رئان رڳو ته مان ئي پيو
    اگر ڪو غم اٿم ته غم گسار ڀي ويو هليو


    گر ڪو کلي ڀل خوب تر تنهنجو کلڻ سٺڙو لڳو

    گر ڪو کلي ڀل خوب تر تنهنجو کلڻ سٺڙو لڳو
    سهڻا ملن چڱڙا لڳن تنهنجو ملڻ سٺڙو لڳو

    تنهنجو هلڻ اهڙو هلڻ جهڙو ٽلڻ آ ڊيل جو
    هرڙي هلين تکڙيو هلين تنهنجو هلڻ سٺڙو لڳو

    ڀل گُهور پيو پائي پرين مون ڏي ڏٺئي نظرون کڻي
    پنهنجو قسم تنهنجو اهو گهوري ڏسڻ سٺڙو لڳو

    تنهنجو ٻڌان جاتي جتي ڪاهيو اچان مان ٿو اُتي
    هر شيءِ ڇڏي هتڙي هُتي تو ڏي اچڻ سٺڙو لڳو

    ڇو سرڪندو ويتر وڃي ويجهو اچي ويهي وري
    پو ڀي پرين انگڙن کي ايئن ساهي سرڻ سٺڙو لڳو

    ڇڏ ڌاريان پنهنجا خدن تو کي نٿا مون سان سهن
    محفل ۾ تن جي سامهان تنهنجو هجڻ سٺڙو لڳو
    *


    اهڙو ته تون دلبر اصل، سهڻو گلابي آهين گل

    اهڙو ته تون دلبر اصل، سهڻو گلابي آهين گل
    رُوپو رُتو احمر اُتو، سهڻو سدا آهين سڦل

    سوسن سمن مُگرو مگن، بهتر نه تنهنجو آ بدل
    نرگس نڪي سورج مکي، ڪيئن ڪو وڻي تو بن ڪنول

    ونگڙو وجهي مکڙي ٻڌي، خوشبوءِ پکيڙي آ تو کُل
    گلزار آ باغ و صحن، هر جا ٻڌو آهي هي هُل

    تنهنجي نه ڪو منهڙي مثل، بلڪل گلابي آهين گل
    ڪُو ڪُو ڪري ڪوئل وري، بلبل هڻي بيشڪ بغل

    ماکي مکي چاسئون کي، اُسرين نٿو دلبر اصل
    منهڙو مٺو مون ڇو ڏٺو، وسري ويو آهيم ڪُل

    لرزان لُڇان ڪجهه ڀي ڪڇان، ڪوئل جئان آهيان ڪٺل
    خاضع جڏهن تو کي ڏسان، اُڏريو وڃي منهنجو عقل
    *


    اي صبا چئجان وڃي تون منهنجي پيارن کي ڏسي

    اي صبا چئجان وڃي تون منهنجي پيارن کي ڏسي
    ساه ساري ٿو سڪان مان قدر وارن کي ڏسي

    محب ناهي مون هِتي تو کان سوا آرام ڪو
    روز روئي رات گهاريان چنڊ تارن کي ڏسي

    جو چوان ٿو سو سراسر يار کي پهچائجان
    دل جلي ٿي هاڻ هت باغن بهارن کي ڏسي

    منتظر ٿي يار سانده راه تنهنجي پيو ڏسان
    مان وهايان نير نيڻي ره گذارن کي ڏسي

    دل لڳي جو قدر ڪونهي موت ڄڻ ٿيو پيار جو
    دل جلي ٿي يار خاضع سوڳوارن کي ڏسي
    *


    آه زاري بيقراري تات طاري ڇو اٿم

    آه زاري بيقراري تات طاري ڇو اٿم
    يار ياري ڪانه پاري پو به پياري ڇو اٿم

    ڄار ڄاڻي پو به پاڻهي وار واڻي مون ڇڏيا
    جار جاري وره واري نت نياري ڇو اٿم

    هون به هاڻي تيغ تاڻي ڇوه ڇاڻي ڇا ڪبو
    ڪج ڪٽاري قتل واري اُف اُلاري ڇو اٿم

    گهور گهاڻي عرق آڻي دل جي داڻي مان ڪڍيو
    ڳاه ڳاري ماڳ ماري دل ويچاري ڇو اٿم

    راز راڻي موج ماڻي نينهن ناڻي ڀي ڏنو
    پوءِ به هاري ساک ساري دل دکاري ڇو اٿم

    ساه ساڻي اڄ اباڻي موجماڻي عيد ڪئي
    ڄام آري دل ويچاري خاضع هاري ڇو اٿم


    محبوب جي ملڻ لئه هت ساه مون سڪي ٿو

    محبوب جي ملڻ لئه هت ساه مون سڪي ٿو
    ڄاڻي خدا ڇو مون کان لهرائي ۽ لڪي ٿو

    ڏينهن پڄاڻان ديدون ٿيون يار کي ڏسن هِت
    ليڪن هو غير سمجهي مون ڏي نه پل ٽڪي ٿو

    ڪهڙو ڪندي طيبا دارون تون درد دل جو
    جيئن ٿو دوا ڪرين تون تيئن درد دل چڪي ٿو

    احوال منهنجو ان کي ٻيو ڪيئن ٻڌائي اهڙو
    اوريم جو ڪين ڪنهن سان سو درد دل ڌڪي ٿو

    حيلا ڪيم هزارين مليو نه يار مون کي
    طالب خدن ٿي هر پل راهون سندس تڪي ٿو


    آ انتظار جنهن جو تنهن يار کي ڇڏي ڏي

    آ انتظار جنهن جو تنهن يار کي ڇڏي ڏي
    جو پيار پيار ناهي تنهن پِيار کي ڇڏي ڏي

    سر تي سهين پيو سختيون چاهت ۾ يار جي تون
    جنهن تي اثر ڪو ناهي تنهن يار کي ڇڏي ڏي

    تيرن کان تيز طعنيٰ غيرن جي آڏو ڏي جو
    بيدرد بي مروت دلدار کي ڇڏي ڏي

    هر جائي جي شڪايت ڪنهن کي ڀلا تون ڏيندين
    هر هڪ گلو سجائي تنهن هار کي ڇڏي ڏي

    مشڪل خدن ملي ٿي الفت صلي وفائي
    خود عرض ۽ فريبي سنسار کي ڇڏي ڏي


    جنجال تنهن لئه دنيا، جرئت نٿو رکي جو

    جنجال تنهن لئه دنيا، جرئت نٿو رکي جو
    حاصل ڪندو ڇا يارو، حريت نٿو رکي جو

    پل پل جو پاسو پلٽي عاقل سو يار ناهي
    الفت وفا کي پرکي رغبت نٿو رکي جو

    اصراف ڇڏ بخل ڇڏ اختيار ڪر ڪفايت
    بي سمجهه آسو اهڙي عادت نٿو رکي جو

    دشمن نظر ۾ رکجي يارن کي يار سمجهي
    انسان نه آهي اهڙي فطرت نٿو رکي جو

    الفت آعين امانت، دل اُن جي ٽجوڙي
    ماڻهو نه ٿيو سو ماڻهون الفت نٿو رکي جو


    ڏس داغدار دل تون حبدار يار ڪونهي

    ڏس داغدار دل تون حبدار يار ڪونهي
    دانهين متان تون در در غمخوار يار ڪونهي

    بدمست بي اثر دل مسرور ڇو ٿي آهين
    ساري جهان کي ڇاڻيم، ڳڻدار يار ڪونهي

    ڇڏ هور کور دلڙي ڦٽ ياد ٿي چڪائين
    سڪ سوز ڪم نه ايندي ٺپٺار يار ڪونهي

    لبگور آن تون بيشڪ پريار مرگ ويلي
    هت سوڳوار ڏس ڪو دلدار يار ڪونهي

    مطلوب کي هميشه مون گل هو سمجهو خاضع
    ليڪن هو خار نڪتو گلزار يار ڪونهي


    تقدير کي ڪيان ڇا تدبير ڪم نٿي ڏي

    تقدير کي ڪيان ڇا تدبير ڪم نٿي ڏي
    بهلائي دل ٿي صورت تصوير ڪم نٿي ڏي

    هر نفس ۾ پئي پنهنجو گمنام يار ڳوليم
    هڪ شخص کي ڏنم پر تسخير ڪم نٿي ڏي

    منظور هو ڪيو مون هر خواب کي خوشي سان
    افسوس آ انهيءَ لئه تعبير ڪم نٿي ڏي

    تدبير ٿي سنواري تقدير جي شڪل کي
    جاذب نطر ڇا ٿيندي تدبير ڪم نٿي ڏي

    اقرار هنجنو مبهم، انڪار ٿو لڳي ڄڻ
    اظهار ٿيو نه افشان تشهير ڪم نٿي ڏي

    مقصود آهي اُن کي دل درد ڪو به مون لئه
    بس يار کي خدن ڀي تقصير ڪم نٿي ڏي


    مَنَ ماس پاڻ منهنجو ڪوري ڏسين ها جيڪر

    مَنَ ماس پاڻ منهنجو ڪوري ڏسين ها جيڪر
    ڪا دانهن ڪين ٿئي ها جهوري ڏسين ها جيڪر

    هڪڙو دفعو ئي مون سان جيڪر کڻي ملين ها
    تون حال ڀي پڇين ها اوري ڏسين ها جيڪر

    گروي بنائي دلڙي تو ڏي رکي ڇڏي ٿم
    سا تون جي سون وانگر توري ڏسين ها جيڪر

    خاموش ٿي خدن تون ويهي رهئين اجايو
    پيرا کڻي پرين کي ڏوري ڏسين ها جيڪر


    هن يار بيوفا کان، آ هاڻ بس اسان جي

    هن يار بيوفا کان، آ هاڻ بس اسان جي
    ملبو نه هاڻ اُن سان ڇڪتاڻ بس اسان جي

    ارمان پو به تنهنجو سک سان سمهڻ نه ڏيندو
    دل زار زار روئندي پر پاڻ بس اسان جي

    ڪو حال زار دل جو اُن سان وري نه ونڊيو
    سڪ سوز ۾ اجائي واکاڻ بس اسان جي

    مغموم ڏاڍو ماڻهن هر پل ڪيو آ دل کي
    ڇا مان چوان خدن کي ڇاڪاڻ بس اسان جي


    ٿو پيار خار بنجي چڀندو رهي اڃا

    ٿو پيار خار بنجي چڀندو رهي اڃا
    دل ۾ هي درد بڻجي دکندو رهي اڃا

    هر صبح شام سانجهي نئي رات جو پهر
    ڪنهن ڪاڻ جي، جاني جهرندو رهي اڃا

    ڪنهن موڙ تي مليو ٿي محبوب ڪا گهڙي
    تنهن راهه روح منهنجو رُلندو رهي اڃا

    ارمان يار تي ٿم الفت نه سمجهي هُن
    ٿي بره درد دل جو دُکندو رهي اڃان

    بس ياد ٿي پوي ڪا سخن و سخا خدن
    چپ چاپ سور ڀي چرندور هي اڃا


    ويندين نه مون وسارج دلدار يار تون

    ويندين نه مون وسارج دلدار يار تون
    منهڙو وري ڏيکارج دلدار يار تون

    پهرين ڪڏهن نه ڪو پل تو کان پري رَهيس
    سو ڀي ته ڌيان ڌارج دلدار يار تون

    وسري وڃي نه تو کي عهدو پيمان صنم
    پنهنجو ته قول پارج دلدار يار تون

    هر روز راه تنهنجي اکڙيون پيون ڏسن
    واڳون سڄڻ ڪي وارج دلدار يار تون

    سڪ سوز سور دلڙي سهندي ڪٿان خدن
    ماندي ڪري نمارج دلدار يار تون


    رباعيون

    تکي هلي تڪڙي آءُ دِلي ڪريان ڍر

    تکي هلي تڪڙي آءُ دِلي ڪريان ڍر
    جا سٿي مٿان سر ساڀري شل پنڌ ۾

    ڪا ٻلهائتي ٻاجهه ڪج مالڪ مسڪين تي
    سنجهين صبح سهنج لئه آءُ وجهان ويٺي واجهه
    آ هادي منهنجي حاج تنهنجي ڪرم اڳيان ڪيتري

    اي مولا مون ڪيا آهن حيلن تي حيلا
    واهر ٿي وسيلا تان سهنج لهي ساهِڙو

    سُتي ملندم صحت جي اُٿي هلندس آئون
    مقبول پونديون مديءَ جون داور در دعائون
    سگهي سرتين سان آئون ملي ملهائيندس مسرتون

    اي حاڪم ربّ حَليم اي اعليٰ ربّ الله
    عافيت ڏي عليل کي صحت منهنجي ساه
    اي والي توريءَ واه ڪانهي ڪا ڪمزور جي


    مسجد ۾ ٿي محبت نه تو سان مندر ۾

    مسجد ۾ ٿي محبت نه تو سان مندر ۾
    تو ڀي آ پير پاتو خالص خدا جي گهر ۾
    قادر رکندو قائم تقدس پنهنجي حرم جو
    ايندين تون به اُن اڄ يا سڀان اثر ۾

    تنهنجي بيرخيءَ کان بالا محبت آ منهنجي
    لائي پو نڀائڻ رهي عادت آ منهنجي
    گڏين توڙي تڏين ته به پرواهه ناهي
    صداقت تي مبني هي صحبت آ منهنجي

    منهنجي تو سان محبت صحبت سچي آ
    سچائي سندم وئي رڳن ۾ رچي آ
    خدن ماس کائي وئي منهنجو
    بقايا به باقي خاصي کل بچي آ


    پلي مان پکڙين رهان ٿي نه راڻي

    پلي مان پکڙين رهان ٿي نه راڻي
    وساريان نه وسريم عادت اباڻي
    اڃا سي اباڻا نه وريا ٿي وَهرو
    ادا پيئي ان کي نهاريان نماڻي

    بيوفا سان پيار ڪيم ڪجهه نه مليم
    زندگي دشوار ڪيم ڪجهه نه مليم
    مون چيري ڪنهن جي اڳيان دلڙي رکي
    رنج و غم اظهار ڪيم ڪجهه نه مليم

    مان رڙهندو اچان هو سرندو وڃي
    مان ٻڏندو اچان هو ترندو وڃي
    واه واه عشق ڀي ڪا عجب آگ آ
    مان سڙندو اچان هو ٺرندو وڃي


    اڄ دنيا ۾ دوست توڙي ڀاءُ نه پنهنجو ڀاءُ آ

    اڄ دنيا ۾ دوست توڙي ڀاءُ نه پنهنجو ڀاءُ آ
    ٿيو سحر ڀي بيسوادو ڪو رهيو ناساءُ آ
    ڇا جي الفت ساٿ صحبت راس رغبت آ ڪٿي
    اي عزيزن يا يزيدن ڪاڻ گهرو گهاءُ آ

    هاڻ ڪنهن کي داغ دلڙي مان ڏيکاريندو وتان
    پاڻ تان روئندو وتان ڇو پيار واريندو وتان
    مون چيو تو ڪين سمجهو ڪير ڪنهن جو آ هِتي
    تو ڪيئي پر مان به تو سان آب هاريندو وتان

    حال دل يار کي ٻڌائي نٿو سگهان
    جي هو پڇي ته پو وري لڪائي نٿو سگهان
    هر هر چوان ٿو هن دفعي ظاهر ڪندس ذرو ذرو
    ڇا ڪجي سوز سخن سڻائي نٿو سگهان


    مون نه ئي دل جي ڏٺي چاه ڀريو چهرو ڏٺم

    مون نه ئي دل جي ڏٺي چاه ڀريو چهرو ڏٺم
    دم نه اڃا دير لڳي گهاءُ اندر گهرو ڏٺم
    آه وفغان ڪيئن ڪيان پاڻ سان اٿم پاڻ ڪئي
    لائق لڪي سار لڌي پيار مٿان چهرو ڏٺم

    گوندر ڪين گهٽبا، اهو مون نه ڄاتو
    ڇمر هي نه ڇڏبا اِهو مون نه ڄاتو
    ڏسي پهر پاڻهي او ساريو ۾ جن کي
    پڪيءَ پار پٽبا اِهو مون نه ڄاتو

    منهنجي ته تون ساهن ۾ آن راهن ۾ پو ڇورهان
    هر وقت گڏ تون جو رهين تانگهن ۾ پوڇور هان
    برحق اها ٻي ڳالهه آ ظاهر جو هي فاصلو
    تخيل ۾ تون آن دُوبدو تاڪُن ۾ پو ڇو رهان


    گهٽايو ڪين تو سزا ڏيندي ڏيندي

    گهٽايو ڪين تو سزا ڏيندي ڏيندي
    ٽريو مون تان اجل عزا ٿيندي ٿيندي
    سنڀالي مان اگر کڻان ها قدم
    مگر وقت ويو ٿي قضا ٿيندي ٿيندي

    ٿو وفا سان رهي چؤطرف چهچٽو
    جي جفا ڪو ڪري هر مزو پوڇٽو
    تون وفا سا ڪجان داد دشمن به ڏي
    گر ملي نه ملي پاڻ پائي پتو

    دل کي دلاسو ڪنهن نه ڏنو اٿم
    لڇندي ساري رات رُنو اٿم
    سنگت مان ڪوڀي ساءُ نه سنبران
    جڏهن کان دل جو يار ڇنو اٿم


    ڇا ڇا نه مون ڪيو تنهنجي ڪري

    ڇا ڇا نه مون ڪيو تنهنجي ڪري
    هي هو هٿان ويو تنهنجي ڪري
    پرديس ۾ ڀي پنهنجو وطن
    سمجهي سڏيان پيو تنهنجي ڪري

    وڻي ٿو هير جان مون کي صبا جو قسم
    ڪري جا پاڻ مون سان تنهن وفا جو قسم
    وڻي جا يار ٿي مون کي ادا تنهنجي من
    لڳين ٿو پيارو تون صبح مَصا جو قسم

    چڱايون جي تو ۾ آُهي ڀل ٻُٽي ڇڏ
    چڱو ٿي چڱو ڪر لڱائي لُٽي ڇڏ
    ميان وڃ مکڻ ٿي نه تو کي ٿڏي ڪو
    اداعيب عادت مِڙوئي مَٽي ڇڏ


    گيت ۽ وايون

    صفا ڏيهه مان ويو آ ڏڌڙو لڏي

    صفا ڏيهه مان ويو آ ڏڌڙو لڏي
    چٻيان چانهه سان ٿو مان روٽي گڏي

    ولوڙيو ٿي هر ويڙهي ڌنئورو دهي
    ڏنئون ڏڌ مکڻ پڻ گهرجي جن مهي
    مگر مفت هاڻي ڇڏن ٿا ٿڏي

    پٽاٽن جي سڀ ڪنهن خبر آه بادي
    مروٽو وجهي ٿو جنهن گوبي کاڌي
    اڃا گيس وانڱڻ ڪيو آ وڏي

    نه ذٿ ساڳ ڌونئرو ملي ٿو هِتي
    للر ڄانڀو لوڻڪ مليرو ڪٿي
    سڪان ڇو نه ساوڪ سندي ڪڻ ڪڏي

    گوار ۽ گجر پڻ گهڻو گوگڙو
    تون وٺ بيهه پالڪ ڪريلو ڪڙو
    ڪدو ميٿي توري ٿي مسڪين ڏي

    مڇي آ مهانگي مهانگو پلو
    نه مرغي آسستي نه ڪي ٻاڪرو
    اِهو وات وڏڙي چوان ٿو سڏي

    خدن دال ڌوتل مسور ۽ چڻا
    انهن سان گڏي کاءُ مٽر پڻ گهڻا
    لٿو ڪم يقينا جي کاڌو جڏي
    *


    تو ته دل تان سڄڻ آ وساري ڇڏيو

    تو ته دل تان سڄڻ آ وساري ڇڏيو
    ياد تنهنجي ۾ خود کي ڳاري ڇڏيو

    ياد توکي ڪيو يار مون هر گهڙي
    تو لڌيءَ سار منهنجي نه ڪائي لڙي
    رڳو مون کان پري تو گذاري ڇڏيو

    حال هيڻو سڄڻ يار ٻڌ تون اچي
    ڳالهه تو سان صفا مان سلندس سڄي
    درد دل جي اٿم رت رئاري ڇڏيو

    ڪاڻ تنهنجي خدن ڪيئن خدا جا ولي
    خاص ڀيٽيا پڳل پير پيادو هلي
    جن کان تو کي گهريم تن به واري ڇڏيو
    *


    دانهن ڪنهن کي ڏجي بيوفا يار جي

    دانهن ڪنهن کي ڏجي بيوفا يار جي
    ڪرب جي طِرب جي جيت جي هار جي

    هاڻ دل يار جي ٿي پرائي لڳي
    ڪاڻ ڪنهن جي سڄڻ ڇو ٿي مون کي ٺڳي
    آ هي دلڙي رهي ڪنهن نه ڪم ڪار جي

    يار ٻڌ ڇو ڀلا مون مڃي آڻ هئي
    يار تنهنجي ڪري پاڻ سان پاڻ ڪئي
    ڳالهه ڪهڙي ڪجي اهڙي لاچار جي

    زندگي دل لڳي جو نالو آ خدن
    آهي دل کي ته گهائي ڇڏيو گلبدن
    سهپ ڪانهي رهي هاڻ هڪ وار جي
    *


    درشن ڪرائي ڪڏهين پاسي نقاب ٿيندو

    درشن ڪرائي ڪڏهين پاسي نقاب ٿيندو
    مون سان ملڻ لئه دلبر ڪهڙو حجاب ٿيندو

    هڪڙي گهڙي به هاڻي ٿي پهر آه مون لئه
    نخرو حجاب تنهنجو ٿيو مهر آه مون لئه
    دل سوڳوار ٿيندي جي اجتناب ٿيندو

    اکڙيون کڻي هي تو ڏي بيٺو ڏسي نماڻو
    وصلت جي وار وائي من تو سين آ ريجهاڻو
    گلزار ٿيندو گلشن من گل گلاب ٿيندو

    رُخ تان نقاب لاهي پردو پري ڪري ڇڏ
    احسان هي خدن تي سهڻا صنم ڪري ڇڏ
    هڪ ديد جي پوڻ سان سينو سيراب ٿيندو
    *


    دلدار يار ڇو ٿو ايڏي دغا ڪرين

    دلدار يار ڇو ٿو ايڏي دغا ڪرين
    پيو بار بار مون سان جاڙون جفا ڪرين

    هر وقت روڄ راڙو ڪُوڪون ڪيون اٿم
    دک درد دل جون ڳالهيون توکي چيون اٿم
    پوءِ ڀي نٿو اڃا تون مون سان وفا ڪرين

    ڏهه ڏوهه ڏيان ڀري جي منهنجي خطا هجي
    ڪهڙي به ڪا شڪايت تون ڀل ٻڌا هجي
    سامهون ويهي جي سانول ڳالهيون صفا ڪرين

    سر ساه تو ته منهنجو قابو ڪري ڇڏيو
    مت عقل سڀ ڦري تو موڳو ڪري ڇڏيو
    مدت کان تون خدن تي پيو ٿو جفا ڪرين
    *


    او پري او پري منٺار ٿو رهي

    او پري او پري منٺار ٿو رهي
    دلدار ٿو رهي شل ڪاهو سار لهي

    مون ڏئي يار کي آهي جو دل ڇڏي، آهي جو دل ڇڏي
    وفا توڙي جفا ڪري جا هو ڪري سا دل سهي
    شل ڪا هو سار لهي

    گهور ٻايو هر گهڙي ڏاڍ سان هو ڏسي ڏاڍ سان هو ڏسي
    ڇا ڪريان هاڻ ٿو، سهڻو مون سڀ پوي
    شل ڪا هو سار لهي

    خوامخواه تو خدن دل اڙائي درد ۾، دل اڙائي درد ۾
    جڏهن ڪڏهن جيءَ سان ڇا وهيو ڇا وهي
    شل ڪا هو سار لهي


    ڇوڙي وارنه ڇڏ، او سائين

    ڇوڙي وارنه ڇڏ، او سائين
    ڇوڙي وار نه ڇڏ
    وات پڪل ٿئي ماڻهو هڻندا نظرون تنهنجي هڏ
    او سائين ڇوڙي وار نه ڇڏ

    پل نه پري ٿي مون کان پيارل
    دم ٿو نڪري دور او سانول
    اوري اچ تون آڏانئون اڏ
    او سائين ڇوڙي وار نه ڇڏ

    تنهنجي دوري آهي اوکي
    ماٺ مٺي ۾ محبت موکي
    سانول سهڻا سرتئون سڏ
    او سائين ڇوڙي وار نه ڇڏ

    دوست اهي دلبر دلڙي موهي
    هيڪر اچ تون دل پئي روئي
    دلبر دوريءَ کي تون تڏ
    او سائين ڇوڙي وار نه ڇڏ


    وسي ٿي بوند بهار اچين وئين تون ڍولڻا، مٺيون ٻوليون ٻولڻا

    وسي ٿي بوند بهار اچين وئين تون ڍولڻا، مٺيون ٻوليون ٻولڻا
    وسي ٿي بوند بهار

    جيءُ چوي ٿو جهمريون پايان، جهمريون پايان رنگ رچايان
    ڳايان ته ٻيو ملهار

    سانول ٻڌائو سڏڙا ته هوندا سور سڏن ۾ سڏڙا ته هوندا
    ٻڌين ٿو پرت پڪار

    آهن اُفق تي بادل باقي، بادل برسن سُرڪيو ساقي
    خدن کي آهي خمار


    منهنجا پرين جان جگر ايڏو ته ايئن پاسو نه ڪر

    منهنجا پرين جان جگر ايڏو ته ايئن پاسو نه ڪر
    دل ٿي چوي آغوش ۾ منهنجي هجين شام و سحر

    هِتڙي هُتي ڊوڙان ڊڪان ليکن نه مان تو کي لهان
    تنهنجو پڇان هر راه بر

    داتا اچي درتو ڌڻي هر هر چيم مٺڙا کڻي
    مولا ڏي مون کي هم سفر

    تنهنجو ٻڌان جائي جتي پل ۾ اچيو پهچان اُتي
    ليکين نه ٿيو تو ڏي قدر

    مان جو ڏسان تنهنجو دهن مهڪيو پوي دل جو صحن
    خود کان بنائي بيخبر

    سهڻي سڄڻ خاطر خدن ڄاڻي ڪيا مون ڀي جتن
    شل محب تي ٿئي ڪو اثر


    محب اکيون ته پٽ، ڦٽ نه منهنجا ڦٽ

    محب اکيون ته پٽ، ڦٽ نه منهنجا ڦٽ
    گهٽ ۾ گهٽ

    چاق تو ئي ڪيا، سنڌڙا ايئن نه سٽ
    گهٽ ۾ گهٽ

    سک سبق پيار جو شب وِهائي نه رٽ
    گهٽ ۾ گهٽ

    پهر پيارا پرين ڪي اسان سان به ڪٽ
    گهٽ ۾ گهٽ

    سور سهبا سڀئي پر مَڏي ٿئي سامٽ
    گهٽ ۾ گهٽ

    دل خدن ويو کسي سا ورائي تون کٽ
    گهٽ ۾ گهٽ


    وار ونگا جي وارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    وار ونگا جي وارين ٿو، مون کي مارين ٿو
    جيئن ئي يار نهارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    سر مون سرخي سينڌ سجائين، چنڊ چوڏهين جو پاڻ چوائين
    سهڻا پاڻ سينگارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    واهواه توکي سونهن واليون، ڪنهن سان ڪريان تنهنجون ڳالهيون
    اکڙيون منهنجون ته ٺارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    جهومڪ توکي بيشڪ جهرڪن، هر ڪنهن جون پيون دليون هرکن
    خلق ائين تون ته کارين ٿو مون کي مارين ٿو

    بينر بولو بينيءَ پاتئي ڪنهن جي لئه هي ڇٻيون ڄاتئي
    ٻارڻ ٻيلي تون ٻارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    چاندي جهڙيون چندن چوڙيون، ٻهه ٻهه ٻهڪن ٻانهن جهوڙيون
    سيريو جن کي سنوارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    ڳلڙي پائين ڳهڙا ڳولي، راهه ويندن کي راه ۾ رولي
    واٽن تي ئي ويهارين ٿو، مون کي مارين ٿو

    پٽ پوشاڪون انگ تي اوڙين خاضع دل تي نيزا کوڙين
    او نهال سيلهه اٿارين ٿو، مون کي مارين ٿو


    ابيات (حاجي عبدالحيات هاليپوٽو)

    عاشق قوت آهي راحت روح رهاڻ

    عاشق قوت آهي راحت روح رهاڻ
    ٻڌن نه سڻن ٻوڙآ ڪنهن جي نه ڪڍن ڪاڻ
    حقيقت ۾ حال جو سمر کڻج ساڻ
    پسي موج مجاز جي طلب طريقن تاڻ
    عاجز ڀلي ماڻ شاهي شان شريعت جو

    عشق مجاز آ ڄڻ سامونڊي سفر
    گهڙي اِن گهيڙ ۾ تارُن جيئن تر
    سانگو نه ڪر ساه جو وره وندر ڪر
    هجر ۾ حبيب جي جال وهائي جر
    عاجز ڀانئج نه ڀر اُنهون اٿئي عميق ۾

    محبتي ميدان ۾ عاشق روئن زارو زار
    ڪڙو ڪنجي نه ڪلف کُليو عجب اسرار
    پچي پتنگ وانگر ڪر پرين جي پچار
    ته عشق ٿئي آڌار محب ملي تو محبتي

    عشق اصل آه سندو سورن سمر
    حال وڃائي حال ۾ ڏکن کي تون ڏر
    ڪڍي ڪچ ڪوڙ کي ڌوئي ڇڏ اندر
    ته ٿئين تون امر عاجز اُجري عشق ۾


    خيال خفي ۾ نفي ٿي آيو نينهن

    خيال خفي ۾ نفي ٿي آيو نينهن
    اثباتي آثار ۾ وسي سانوڻ مينهن
    هيڪڙائي هيڪ ٿي رُجوع رات ڏينهن
    ته شافعي شينهن عارو ڪندو عاجز تي

    جنهن کي سڪ يار جي سدا روئي رت ڦڙا
    گهاري تان نه گذرڻ دکي سندا ڏينهڙا
    مرهجي عمرڪوٽ ۾ توڻي هجن ڪوٽ ڪڙا
    عاجز عاشق اهڙا، رلندي ڏٺم رڻ ۾

    عاشقن کي اوجهر ڏس اوجاگو اکڙين
    محبت جن جي من ۾ رات و ڏينهن روئن
    سي سک ڪين سمهن جن پڙهيو باب بره جو

    عاشقن کي آهين شيشا شرابن جا
    ڏسو مومجاز جا پُر ڪري پين
    عاجز سان حساب جي طلب تانگهه نه ڪن
    محبت من ۾ جن سي اڻ ميائي اوجرا


    وٺ راه رباني لڪي ڪر ذڪر ذاتي

    وٺ راه رباني لڪي ڪر ذڪر ذاتي
    طمع کي ترڪ ڪر صفت ڪر صفاتي
    اصل کنئون عاجز جي عشق ۾ دل آ آتي
    لالن لنئون لاتي اچي سامهون ساٿ جي

    جي هجين عاشق ته ٽپي پئو منجهه آڙاه
    پتنگ ٿي پچي ڪر صدقو ساه پساه
    قربان ٿي قلوب سان ڏي محبن کي ماه
    قبولي هو الله سچائي ڏسي تو سپرين

    مرد ٿي ميدان ۾ قابو جهلي ڪِير
    سوره ٿي سر ڏي ثابت رکج سِير
    عاجز کڻ شمشير ڪوڏئون ڪڏي قربان ٿي

    مرڻ کان اڳي مر مري مات نه ٿين مورهين
    ڪڍي جن ڪدورت تن ڏي آيو نيهن نر
    ڇڏي لاڳ لوڪ جا وٺ مالڪ جو در
    ڪم نه ايندي ار، عاجز چئي عشق مان


    طمع لوڀ لالچ پڙهيا حريصن پنا

    طمع لوڀ لالچ پڙهيا حريصن پنا
    هزارين هوس ۾، ٿيا عام آڏو ڪنا
    اُهي اصل نه پُنا محبت سندي ماڳ ڏي

    جي ها قول ڪيام سي مون نه پاريا
    سوين سال سوال ٿيا اتوبي ٻول
    امڙ وانگي هنجهه لئه ڪر ٽڪر ٽٽول
    ڳجهي ڳالهه ڳول ته ملين ماروئڙن کي

    تون آهين تون هوندين تون هي تون يا ربّ
    باقي نه بچي توري ڳُجهه اندر ڪو ڳڀ
    عاجز ملائي محب لڪ لنگهائج لطف سان

    ڪين آهين ڪين هوندين ڪين تنهنجا ڪم
    گهڙي هوندين وري ويندين ڇڏي هي ڇم
    پرچائي پرين کي دم ۾ ڏئي دم
    ناه ٿي نم عاجز تون عجز سان


    سڪ جن جو ساه پري پنڌ نه تن کي

    سڪ جن جو ساه پري پنڌ نه تن کي
    وحده لا شريڪ له شاهي شهنشاه
    ٻانهي هن عاجز تي نرتئون ڪر نگاهه
    ته هلي انهي راه، پڄان محبوبن کي

    ذات سڏائين اُجري اُوچي ناهي ذات
    واحد کي وڻن سي جن ڏاتر ڏني ڏات
    فزڪروني اذڪر ڪم وائي جن جي وات
    طلب پرين تات اُجرو ڪيو عاجز کي

    ڪڍ ٻيائي ڪر صفائي تون طلب رک تن
    ملندا سي محبوبن کي دغا ڪڍي جن
    طمع کي ترڪ ڪري نفي مان نڪرن
    عاجز تن من آيا جي اثبات ۾

    سندرو ٻڌ سچ جو توکي روڪ نه جهل
    پڪاريندو وت پرين کي پاسي ٿي نه پل
    ڏکي منزل مجاز جي تون هوري هوري هل
    عاجز ڪا اڳتي جي آهي ڪنهن کي ڪل
    رڳو هٿ نه مل رڙيون ڪر ڪي روح سان


    • ويهارو کن مٿيان بيت حاجي عبدالحيات هاليپوٽي جن جا آهن. سندن تخلص ”عاجز“ آهي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816617
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281142
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ