ڪتاب جو نالو: دَمِ ديدار مي رقصم
مصنف: حفي الحفيظ ”الحفن“
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 06 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 337 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 57 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • مهاڳ
  • دعائون

  • مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
  • فعولن فعولن فعولن فعولن
  • مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
  • فعولن فعولن فعولن فعولن
  • مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن
  • ابيات

  • ابيات
  • وايون

  • آ سانوڻ به آيو ۽ ڪويل به ڪوڪي
  • هلي هوت حاڪم پنهل پاڻ آيو،
  • مٺا منهنجا مارو-سچا منهنجا مارو
  • هو ڏم ڪهڙو ڪم جو ٿيو ور هو سهڻي
  • چمن ۾ آ بلبل-اڏي ٿي لڏي ٿي
  • ڪلي ڏس ته ڪيئن ٿي ٽڙي پئي ٽڙي پئي.
  • بدن سنگ مرمر-اڇو کير جهڙو
  • ليلان ايڏي سادي نه ٿين ها چڱو هو
  • راڻو اوچتو رات مومل ڏي آيو،
  • بهارُن جي مد ۾-هجن شل بهارون
  • رباعيون

  • رباعيون
  • غزل

  • سفر زندگي جو ڪرڻ ڇو ڏکيو آ
  • ملان مان نه آهيان نه ڪي يار ساڌو
  • آ ناري نه ڪنهن سان ڪڏه پرت پاڙي
  • ڪري هلڪڙائي-تون عالي نه ٿيندين.
  • محبت جي پاڪ آ-ته عاشق ولي آ
  • حسينن جو پاڙو-وساري هلي آ.
  • چيم هڪ حسين دلربا کي ته ڏي دل
  • اجايو مون تو کي پي سمجهيو پرايو
  • پراڻو زمانو وري ياد آيو-
  • وڃين محب کي تون ٻڌائي پيامي-
  • محبت جي محفل مچائي هليو آ-
  • اچي محب اوري چمي ڏي ڳلن تي-
  • خدا کان نه مايوس رهجان اي بنت
  • تبسم ۾ تائي نگاهون ملائي
  • جي دلبر آ دارون نه درمل ڇڏي ڏي.
  • هلي آ تون مون ڏي ڪري ڪو بهانو
  • وفادار دلبر وفائي ڪري وڃ.
  • اٿئي عشق انڌو پري ره تون هن کان
  • ڏسي وقت خود کي مون موڙي ڇڏيو آ
  • دونهين درد دل جي-دکي پئي دکي پِئي
  • ڪيو علم اخلاق تهذيب حاصل
  • نگاهه جي خمار ۾ شراب مون ڏٺو صنم
  • آ نيهن جي نماز ۾ سُجود ڪو قضا نه ٿيو
  • سڪون دل اگر طلب ڪرين ته لب خموش رک
  • ديار حُسن ۾ ته يار منهنجو بيمثال آ
  • ڪلال جام جلد ڏي ڀري ڀري شراب جو
  • نشو چڙهيو آ نيهن جو قرار آ خمار ۾.
  • مون خواهش آ جهان ۾-نه تخت جي نه تاج جي
  • ڪلي جڏه گلاب ٿي-گلن جي واس جام ٿي
  • تلاش گر آ بخت جي-سڃاڻ ان جي وقت کي
  • سڃاڻ يار قرب کي-سڃاڻ ان مقام کي
  • نه سرڪ جي پيڻ سندو-هِتي ڪو اهتمام هو
  • ثنا گري ڪرين ته ڀل-مگر نه پنهنجي ذات جي
  • ڪتاب جو نچوڙ ٿئي-وضاحتي مهاڳ ۾
  • اي حسن تون ستا نه مون نه درد ڏي فراق جو
  • اسان کان ڇو رهين ٿو تون پري پري.
  • سڄي دنيا نشو آهي-نشي جو فل اڏو آهي
  • ڇڏائي جان روئي ڇڏ-متان ناسور ٿئي دل ۾
  • جوان جوڀن جياريو جيءَ جلائي جوت اکڙن ۾
  • مٺو محبوب من موهڻو-حب تن من حبيب آيو
  • رُسڻ وارا رُسين ڇو ٿو-رُسامون ڇڏ گلي سان مِل
  • ڏسان پيو رونقِ دنيا-مگر دلڙي نٿي وندري
  • متان پرواه ڪنهن جي تون ڪرين دلبر زماني ۾
  • وفا دلبر نه ڪر بيشڪ-مگر درشن ڪرائي وڃ
  • وساري غم تون مرڪي جيءَ-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.
  • حيات مختصر جو حال-يارو ائين ٻڌايوسين.
  • ڇڏي ويندين جي يارا تون-محافل جو پو ڇا ٿيندو.
  • سڪون قلب جا طالب-هِتي راهب تو ٿيڻو آ.
  • خيال يار دل جو درد اٿلايو
  • سينو صحن دل جو چمن روشن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو.
  • محبوب جي محفل ۾ اڄ آهي اهو اعلان ٿيو
  • منصف رڳو دعوا ۾ آ-عادل ڪڏه انصاف ٿيو
  • تنهنجو اچڻ مون سان ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
  • آڪاش ڀي خاموش آ-تون ڀي پري اي دلربا
  • اکڙي لڳي تو سان جڏه-هر هڪ سمئي من شاد ٿيو
  • فهم و فراست ۾ قوي-دمساز ڪو آهي نه ٻيو
  • گلزار ٿي گلشن سڄو-تو لئه کِلي شل راس ٿئي
  • محبوب کي ويجهو اچي-سرهو پسي پُر نور ٿيو
  • انداز دل لڳيءَ جو-آ دل جي پار گذريو.
  • انداز بي رخيءَ جو-ليل و نهار ٿي ويو
  • قربان تنهنجي سر تان-سر ساه ٿيو ته ڇا ٿيو.
  • يادن اچي ستايو-رشتن وري رنجايو.
  • ڳل گلابي لال لبڙا سونهنجي سردار جا
  • ناز پرور يار منهنجو نيهن سان نروار ٿيو
  • عاشقن جو نيهن نرمل-يار جو ديدار آ.
  • وڃ پيامي دلبربا ڏي-چئو وسين ٿو ساه ۾.
  • وڃ نه ڇڏي ديار دل باد صبا وري لڳي
  • باک ڦٽي پو اک لڳي-رات سڄي -نه آيو هو
  • ڪاهلو اُٿو متان ڪاروان هليو وڃي.
  • ديد کڻ نگاهن جي-نار جو نظارو ڪر
  • نه پيار تنهنجو ڪو آه مون سان-رڳو تون ڪوڙا قسم کڻي ٿو
  • نه يار آ نه خمار آ-نه جام ۾ ڪو نشو
  • محبوب گل گلاب چوان يا که گلبدن
  • يار اچي حال احوال ۾ غمخوار ٿي
  • وفا ڇا ڪيم جفا ٿي ملي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو
  • دنيا جي هر خوشي ملي-اڄ ديد دلبري ملي
  • عابس جو جنم-بساط دَهن

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 53
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: دَمِ ديدار مي رقصم
    موضوع: شاعري
    شاعر: حفي الحفيظ “الحفن”
    ڇاپو پهريون: اپريل 2017ع
    ڪمپوزنگ ۽ ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 300/=



    DAM-E-DEEDAR MEE RAQSAM
    (Poetry)
    Poet : Hafi Ul Hafeez “Al Hafan”
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”دم ديدار مي رقصم“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب حفي الحفيظ الحفن جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ”دمِ ديدار مي رقصم“ ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيش، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري مزمل سائر جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    پنهنجي فرزندن
    مزمل سائر (شاعر)، راجا مدثر حسين (سنگر)،
    ظفر حسين هاليپوٽو، منور حسين عرف جيمي،
    مبشر حسين ۽ مطهر حسين
    سميت پنهنجن قريبي
    دوستن، احبابن ۽ همدردن جي نانءُ.


    اداري پاران

    جيتوڻيڪ انساني صحيفن جون تاريخي حقيقتون باشعور قومن لاءِ هميشه اصلاحي رستن کي هموار ڪرڻ جو سبب رهيون آهن پر پنهنجي وقت ۽ تاريخ جا ڪردار انهن صحيفن جي سڃاڻپ جا امين هوندا آهن، اهو ضروري به ناهي ته اهڙن ماڻهن جي مايا جا اڻ ملهه موتي صرف ڏيکاءُ ۽ سستي شهرت جا حامل هجن، “دمِ ديدار مي رقصم” ۾ شامل اهڙا انيڪ موتي اسان کي تصوف جي اهڙين رمزن سان روشناس ڪرائين ٿا، جتي فن ۽ فڪر جو ڦهلاءُ پاڻمرادو حفي الحفيظ “الحفن” يعني عبدالحفيظ هاليپوٽو جي ڏات ۽ ڏانءُ اڳيان موجوده روايتي تاڃي پيٽو سر تسليم خم ٿيڻ تي مجبور ڪندو، سندس شاعري ۾ رومانوي ۽ جمالياتي ڪمال جو ڪهڪشان جهڙي نموني مترنم ۽ رواني سان بيان ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهندي پڙهندڙ جون اکيون ڄڻ ڪنهن الهامي آواز سان همڪنار ٿي محبوب جي شبنمي وارن ۽ نشيلن نيڻن جو طواف ڪرڻ لڳن ٿيون.
    پاڻ گوشه نشينيءَ ۾ گهاريندي به حفي الحفيظ “الحفن” جو قلم خاموشيءَ جي داستان کان وانجهيل، نهايت متحرڪ ۽ تصوفي رنگن جي آرٽسٽڪ نموني طور سامهون آيو آهي، هو نه فقط ڪنهن وڏي هام کان بغير پنهنجي فني ۽ فڪري گوهر شاهي جو ڀنڊار آڇڻ لاءِ بي چين آهي، پر پنهنجي همعصرن جي غرور ۽ تڪبر کي به لتاڙي نئين ٽهي جي قلمڪارن ۽ شاعريءَ جي متوالن کي موکيءَ جيان مَٽن مان پرت جا پيالا پيش ڪرڻ لاءِ آتو آهي، جن ۾ سونهن، سُرت، چاهه، چس، نينهن، نوڙت، واءُ، ونگ ۽ محبت جو پرسرور هڳاءُ هيئين سان هنڊائڻ جهڙو آهي، بس رڳو عشاق، اکيون اوجهل ڪرڻ کان غافل رهن ته يقينن عبدالحفيظ هاليپوٽو عرف حفي الحفيظ “الحفن” جو “من اندر جا لوچ” کان پوءِ هڪ ڊگهي عرصي بعد هي ٻيو شعري مجموعو “دمِ ديدار مي رقصم” پڻ پڙهندڙ لاءِ ضرور لاڀائتو ثابت ٿيندو.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    مهاڳ

    الله تبارڪ و تعاليٰ جي مهرباني سان هي ڪتاب شاعري جو مجموعو نالي “دَمِ ديدار مي رقصم” ڇپرائي منظر عام تي آندو ويو آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ “من اندر جا لوچ” جي نالي سان شاعري جو مجموعو 1999ع ۾ ڇپرائي منظر عام تي آندو ويو هو. جنهن ۾ هر غزل جي مٿان بحر وزن تحرير ڪيو ويو هو ته جيئن سيکڙاٽ شاعرن جي رهنمائي ٿي سگهي، پر ڪن دوستن انهيءَ عمل کي دقيق محسوس ڪيو. انهيءَ حقيقت کي مد نظر رکي هر غزل جي مٿان فقط وزن جا ارڪان تحرير ڪيا ويا آهن انهيءَ سان گڏ علم عروض جي تقطيح ۽ شاعري جي آساني لاءِ شاعري جو قاعدو به وضاحت سان ڏنو ويو آهي انشاءَ الله پڙهندڙن کي چڱي رهنمائي حاصل ٿيندي. انهيءَ کان علاوه رباعي به علم عروض جي صنف آهي جنهن تي هن ڪتاب ۾ رباعيءَ جي ارڪانن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي اٿم انشاءَ الله اها به پڙهندڙ دوستن کي لطف اندوز ڪندي. ڪجهه بيت ڇند وديا تحت لکيا اٿم ۽ ڪجهه وايون پڻ لکيون اٿم، بهرحال علم عروض جي تقطيح ۽ قاعدو مختلف ڪتابن تان وٺي هيٺين ريت آساني لاءِ ڏنا ويا آهن:

    علم عروض جي تقطيح

    نوٽ: بحر جو توازن برقرار رکڻ لاءِ مندرجه ذيل وزن کي خيال ۾ رکڻ ضروري آهي. (1) مثمن اٺن جو تعداد (2) مسدس ڇهن جو تعداد (3) مربع چئن جو تعداد (4) سالم پورو وزن (5) اڻپورو وزن

    1. مثمن-فعولن فعولن فعولن فعولن
    2. مسدس-فعولن فعولن فعولن
    3. مربع-فعولن فعولن
    4. سالم- فعولن فعولن فعولن فعولن
    5. مقصور-فعولن فعولن فعولن فعول

    رباعي
    مفعول مفاعلن مفاعيل فعولن
    مفعول مفاعلن مفاعيل فعول
    مفعول مفاعلن مفاعيل فعل
    مفعول مفاعلن مفاعيل فاع
    مفعول مفاعلن مفاعيل فع

    عروض شاعري جو مددگار قاعدو
    سنڌي ٻولي تي عربي ٻولي جو اثر ڪنهن کان لڪل ناهي. عربي ٻولي جا سڀ جا سڀ اکر (الفابيٽ) جيڪا (28) اٺاويهه اکرن تي مشتمل آهي سنڌي ٻولي ۾ مروج آهن. انهيءَ ڪري شاعري کي آسان ڪرڻ لئه جيڪي قائدا لکيا ويا آهن تن کي سلسلي به سلسلي هيٺ ڏجي ٿو.
    عربي ۾ ڪل 28 اٺاويهه اکر آهن– 14 شمسي ۽ 14 قمري جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.
    قمري اکر: ا ب ج ح خ ع غ ف ق ڪ م و هه ي
    شمسي اکر: ت ث د ذ ر ز س ش ص ض ط ظ ل ن
    قمري اکر اهي آهن جيڪي زور ڏيڻ بغير اُچاري سگهبا آهن
    مثلاََ ح ۽ ڪ: عبدالحليم ۽ عبدالڪريم- انهن ٻنهي اکرن تي زور ناهي. قمري نرم ۽ ملائم اکر آهن.
    شمسي اکر اهي آهن جن تي زور ڏيڻو پوي ٿو، يعني مشدد يا شد () وارا اکر آهن. مثلاََ ر ۽ س: عبدالرشيد ۽ عبدالسعيد انهن اکرن تي زور آهي يا زور ڏئي پڙهڻو ٿو پوي.
    ٻوليءَ جي تلفظ يا اُچار کي سمجهڻ لئه “اعراب” سمجهڻو پوندو. اعراب عربي ٻولي ۾ واويل (Vowel) جو ڪم ڪندي آهي. جيئن صرف علت سنڌي ٻوليءَ ۾ - اعراب ڪل اٺ آهن. مدرجه ذيل:
    (1)زبر
    (2) زير
    (3) پيش
    (4) مد
    (5) تنوين
    (6) جزم
    (7) تشديد
    (8) وقف
    (1) زبر: زبر حرف جي مٿان ٿيندي آهي، زبر ڏنل اکر کي “مَفتوح” چئبو آهي مفتوح اکر جو اُچار جهڪي (الف) جهڙو ٿيندو آهي.
    (2) زير: زير حرف جي هيٺان ٿيندي آهي زير ڏنل حرف کي “مشڪور” چئبو آهي مسڪور حرف جو اُچار جهڪي “ي” ٿيندو آهي.
    (3) پيش: پيش حرف جي مٿان ايندو آهي،. پيش ڏنل حرف کي (مضموم) چئبو آهي مضموم حرف جو اچار جهڪي “و” جهڙو ٿيندو آهي.
    (4) مد: مد جو مطلب آهي ڊيگهه يا وڌاءُ، حرف کي ڊگهو ڪري پڙهڻ لئه مد ڏني آهي. مد ڏنل حرف کي (ممدود) چئبو آهي.
    (5) تنوين: زَبر-زِير ۽ پيش کي ٻٽو ڪري لکيو آهي، تنوين هميشه لفظ جي آخري حرف تي ايندي آهي، مثلاََ ، حقيقتَا، وقتَاَ فوقتاَ وغيره.
    (6) جزم: بن اکرن جي وچ ۾ ٽيون اکر جنهن جو اُچار گهٽ ۽ هلڪو ظاهر ٿئي، ان جي مٿان جزم جي نشاني ڏبي آهي. جزم ڏنل حرف کي (مجزوم) چئبو آهي، مجزوم اکر کي ساڪن يا غير متحرڪ ڪرڻ چئبو آهي، مجزوم اکر جي شڪل مثلاََ لُطفُ-قدرُ وغيره.
    (7) تشديد: جنهن به اکر کي زور ڌئي ادا ڪجي انهيءَ اکر کي شد ڏبي آهي، شد ۾ آيل اکر حقيقت ۾ ٻٽو هوندو آهي، جيئن (محمد)، محمد لفظ جو وچون (م) مسدود آهي، يعني زور ڏئي پڙهجي ٿو مطلب ته هتي هڪ (م) نه پر ٻه (م) آهن لکت ۾ هڪ (م) لکبو پر ان تي شد ڏبي اهڙي اُچار واري حرف کي مشدود چئبو آهي.
    (8) وقف: ساڪن اکر جي پٺيان ٻيو ساڪن يا غير متحرڪ اکر اچي ته اُن کي وقف جي نشاني ڏبي آهي، مثلاَ پيار، پار، وغير، هنن لفظن ۾ “ي” جو پيون اکر (ا) يا الف ساڪن آهي، انهيءَ ساڪن الف جي پويان هڪ ٻيو اکر آهي (ر) اِهو “ر” موقوف يعني وقف وارو اکر آهي، عموماَ جملي ۾ پوئين لفظ جي آخرين اکر تي وقف ڏبو آهي، انهيءَ کان علاوه (ر) الف سان منسوب ٿي وئي ۽ هلڪي آواز ۾ اُچاربي.
    مٿئين قاعدي سان گڏوگڏ حرف (علت) کي سمجهڻ ناگزير آهي، حرف علت يعني (الف-و-ي) يا 0ا-و-ي) جنهن کي اڪثر واي) يا وائي چئبو آهي، حرف علت مندرجه ذيل ڏسو:
    ا-الف
    و-واو
    ي- يا ئي
    (i)الف ٻن قسمن جا ٿيندا آهن
    الف ممدود ۽ الف مقصور
    (1) الف ممدود-الف تي مد هجڻ جي حالت ۾ الف جو آواز ڊگهو نڪرندو-مثلاَ-آغاز-آواز-آچر-آب وغيره
    (2) الف مقصور-اهو الف جنهن کي ننڍو ڪري پڙهجي مثلاَ اڄ-اڃ-اچ-اُڀ-اُٺ وغيره اهڙي الف کي الف مقصور چئجي ٿو، الف مقصور ۽ الف (همزه) يعني (ء) جو اُچار ساڳيو آهي.

    “و” ٽن قسمن جو ٿيندو آهي.
    1. معروف، 2. مجهول، 3. معدول
    (1)و-معروف-جنهن “و” جي اڳئين اکر تي پيش هجي ۽ ان کي چٽو ڪري پڙهجي ته اُن (و-معروف) چئبو آهي، مثلاَ: دُور-سُور-نُور-صُورت وغيره.
    (2) و-مجهول-جنهن “و” جي اڳئين اکر تي پيش هجي پر ان کي چٽو ڪري نه پڙهجي ان کي “و” مجهول چئبو آهي، زور-روز-هوش مور-شور وغيره.
    (3)“و” معدول-اُهو “و” جيڪو لکڻ ۾ ته اچي پر پڙهڻ ۾ نه اچي اُن “و” کي معدول چئبو آهي-مثلاَ: خوش-خود-خوامخاه-خواب وغيره.

    .i يائي معروف
    .ii يائي مجهول
    .i يائي معروف-جنهن “ي” جي اڳئين اکر تي زير هجي ۽ ان کي چٽو ڪري پڙهجي ته ان کي يا ئي معروف چئبو آهي: مثال: امير-فقير وغيره.
    .ii يائي مجهول-جنهن “ي” جي اڳئين اکر تي زير هجي پر ان کي چٽو ڪري نه پڙهجي ان کي يا ئي مجهول چئبو آهي. مثال: شير-دلير وغيره


    حرف علت کان علاوه “هه” ۽ “ن” جي وضاحت ضروري آهي جيڪا پڻ هيٺ ڏجي ٿي:
    “هه” جا ٽي قسم ٿيندا آهن
    i. هائي ملفوظ
    ii. هائي غير ملفوظ
    iii. هائي مخلوط

    i. هائي ملفوظ-اُها “هه” جيڪا چٽي اُچاري سگهجي، مثلاَ واهُ-راهَه -آوَ وغيره.
    ii. هائي غير ملفوظ: اُها “هه” جيڪا چٽي طرح اُچاري نه سگهجي. مثلاَ ورده-پروانه-بيگانه ۽ مردانه وغيره.
    iii. هائي مخلوط-اُها “هه” جنهن جو اُچار بئي ڪنهن حرف سان ملائي پڙهجي-مثلاَ اوها-توهين-سنهو وغيره

    “ن”
    “ن” جا به قسم آهن
    i. نون غنه
    ii. نون متحرڪ

    i. نون غنه: اُها نون “ن” جيڪا چٽي ڪري نه پڙهجي بلڪه اُن جو آواز نڪ مان نڪري مثلا: هينئر-سنڀال وغيره
    ii. نون متحرڪ: اُها نون “ن” جيڪا چٽي ڪري پڙهجي-هن “ن” تي اعراب (زير-زبر يا پيش) هوندو آهي، مثلاَ: ڪَنُ-نَڪُ-نعمت وغيره
    “نقطو”

    حروف منقوطو ۽ غير منقوطو
    i. منقوطو: منقوطو اُنهي اکر کي چئبو آهي جنهن تي نقطو هجي يعني: ت-پ-ث-ٺ وغيره.
    ii. غير منقوطو: اُهي اکر آهن جن تي ڪو به نقطو نه هوندو آهي. مثلاَ ح-د-ر-ل وغيره
    سنڌي ٻولي ۾ لفظن جون صورتون
    عام طرح ڪنهن به زبان ۾ لفظن جوڙڻ جا ڪي خاص قاعده ڪو نه هوندا آهن پر جيئن ته هر ٻولي ۾ شاعري جي زبان کي معياري ۽ تحقيق يافته زبان لکيو ويندو آهي تنهن ڪري شاعرن جي لفظن ۾ تفصير يا اضافو سندن خيالن کي جامع بائڻ لئه مجبوري حالت ۾ ضروري ٿي پوندو آهي اهڙا لفظ جيڪي قاعدي جي صورت ۾ اختيار ڪري چڪا آهن تن کي هيٺ ڏجي ٿو:
    1. ترخيم، 2. حذف، 3. تحريڪ، 4. تسڪين، 5. اشباع، 6. ابدال، 7. استقاق 8. زيادت يا اضافت، 9. تصرف، 10 تذڪير، 11. اِدغام
    (1) ترخيم: لفظ ترخيم فعلي رخم مان نڪتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي ننڍو ڪرڻ- لفظ جي پوئين حرف جي ڪڍي ڇڏڻ کي ترخيم چئبو آهي، مثلاَ : بادشاهه مان (بادشا) درياه مان (دريا) وغير اهڙيون تبديليون اڪثر شعرن ۾ نظر اينديون آهن جيئن هيٺ شعر ۾:
    ٿين ٻوڏون جڏهن چڙهي دريا
    سڀ ڀڄن ٻڌي ڪُنن ڪڙڪا
    “مرزا قليچ”
    (2) حذف: حذف جي معنيٰ آهي (ڪڍي ڇڏڻ) لفظ جي ڪنهن حرف يا عبارت جي ڪنهن لفظ کي ڪڍي ڇڏڻ کي حذف چئبو آهي. مثلاَ: جهڙو مان (جهو) جيئن هيٺين شعر ۾:
    ڏنو مون کي ڏاهي اشارو اهو
    ته آهي سپت ۾ نه سڀ تنهن “جهو”
    (3) تحريڪ: ساڪن يا غير متحرڪ حرف شعر يا محاوري ۾ متحرڪ ڪري استعمال ڪبو آهي ان کي تحريڪ چئبو آهي. جيئن (شرم ۽ گرم) انهن لفظن ۾ “ر” ساڪن آهي پر شاعر متحرڪ ڪري استعمال ڪئي آهي، مثلاَ
    هڻي گل انهيءَ “شرم” ڪيو شرمندو
    وهائي اکن مان ٿو پاڻي “گرم”
    (خليفو گل محمد)
    (4)تسڪين: متحرڪ اکر کي ساڪن ڪري پڙهڻ کي تسڪين چئبو آهي، جيئن حرڪت مان حرڪت، برڪت مان برڪت، حيوان مان حيوان وغير، هتي “ر” ۽ “ي” متحرڪ آهن پر انهن کي ساڪن ڪري استعمال ڪيو ويو آهي.
    (5) اشباع: اشباع لفظ جي معنيٰ آهي “وڌاءَ” اشباع انهيءَ هالت کي چئبو آهي جنهن ۾ لفظ جي ڪنهن حرف کي ايترو ڊگهو ڪجي جو پيشن مان (واو) زبر مان (الف) ۽ زير مان (ي) جو اُچار نڪري، جيئن هيٺين بيت ۾:
    قسمت قيد ڪيو“نات” ڪير اچي هن ڪوٽ ۾
    شاهه
    مٿئين بيت ۾ “نات” لفظ اصل ۾ نه ته آهي پر شاعر اشباع استعمال ڪندي لفظ ۾ وڌاءُ ڪيو آهي جيڪو شاعري ۾ جائز آهي.
    (6) ابدال: لفظ جي معنيٰ آهي تبديلي يا ڦير گهير شاعر هيٺين بيتن ۾ ابدال استعمال ڪيو آهي، جيئن:
    1. “مزمانن” مهري آڻي جهوڪيا جهوڪ ۾
    2. ڪونهي ڪميڻي جو “بگر” تو بلو
    3. جنهن کي عشق مولا جو ناهي
    سوڄڻ جهنگ “جناور” آهي.
    مٿئين بيتن ۾ مهمان مان ميزبان، بغير مان بگر ۽ جانور مان جناور جي ڦير گهير کي ابدال چئبو آهي.
    (7) اشتقاق: لفظ جي معنيٰ ڪڍي ڇڏڻ، هڪ لفظ مان ٻيو لفظ ٺاهڻ يا ڪنهن لفظ مان اضافي حرف ڪڍي خالص صورت ۾ آڻڻ کي اشتقاق چئبو آهي، مثلاَ مظلوم مان ظلم، مفعول مال فعل، مندائتو مان مند، گهريلو مان گهر وغيره.
    (8) زيادت يا اضافت: اهو لفظ جنهن ۾ زائد هرف آڻي استعمال ڪجي تنهن کي زيادت يا اضافت چئبو آهي، مثلاَ نرڙ مان نراڙ جيئن هيٺ ڏنل بيت ۾:
    لکيو جو “نراڙ” سو انگ ڪياڙي نه ٿئي
    پاڙيو ويٺي پاڙ-جيڪي لکيو لوح قلم ۾.
    (شاهه)
    (9) تصرف: ڌارين ٻولين مان لفظ وٺي ان ۾ ڦير ڦار آڻي پنهنجي ٻولي ۾ ڪم آڻڻ کي تصرف چئبو آهي مثال طور: عربي ٻولي مان فلانَ مان ڦلاڻو ۽ فواره مان ڦوهارو ۽ انگريزي ٻولي (Matches) مان ماچيس۽ Sleeper مان سليفر استعمال ٿيل آهي اهڙي هالت کي تصرف چئبو آهي.
    (10) تذڪير: مئونث لفظ کي مذڪر ڪري ڪم آڻڻ کي تذڪير چئبو آهي جهڙوڪ: جندڙي مان جندڙو، ۽ ياراڻي مان ياراڻو جيئن هيٺ بيت ۾ ڏنل آهي.
    سامونڊي ساري ماءُ منهنجو “جندڙو”
    من کي چائي لوچ پاڻ پيهي ويا ڇپرين.
    (11) ادغام: ٻن هم جنس يا هم مخرج لفظن کي ملائي هڪ لفظ ڪري پڙهڻ کي ادعام چئبو آهي، انهي کان علاوه اچارڻ ۾ دقت پيش اچڻ سبب انهن لفظن مان ڪو حرف حذف ڪرڻ کي پڻ ادغام چئبو آهي، مثلاَ
    i. ياد ۽ داشت ٻه الگ الگ لفظ آهن
    شاد ۽ باش پڻ ٻه الگ الگ لفظ آهن
    انهن لفظن کي ملائبو ته ياد داشت ۽ شادباش ٺهندا. اهڙي ميل يا جوڙ کي ادغام چئبو آهي.
    (ii)انهن ساڳين لفظن مان (د) حذف ڪبو ته ياد-داشت مان ياداشت ۽ شاد-باش مان شاباش ٺهندا-اهڙي حذف کي به ادغام چئبو آهي.
    هي ڪتاب “دَمِ ديدار مي رقصم” جيڪو اوهان دوستن جي هٿ ۾ آهي انهيءَ کي سهيڙڻ ۾ ظفر حسين جو وڏو هٿ آهي ظفر حسين منهنجو ٽيون نمبر فرزند آهي هن کي پڻ علمي ادبي شوق وذوق آهي آئون ظفر حسين جو ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي دلچسپي سان ڪتاب مڪمل ڪرايو.
    انهيءَ کان علاوه آئون مزمل حسين جو پڻ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي هن ڪتاب کي پنهنجي صورت ۾ آڻڻ ۾ منهنجي مڪمل مدد ڪئي، مزمل حسين به علمي ادبي شوق رکندڙ انسان آهي.
    مزمل حسين ٽي ڪتاب تحرير ڪري چڪو آهي جن جا نالا هي آهن،
    1. سدا سائر سپر ۾
    2. سائيلنس آف دي پيانو سنگس (انگلش شاعري ۾ آهي ۽ لنڊن مان ڇپيل آهي.
    3. کٿوري کيپ کيتر ۾، مزمل حسين جو شاعرانه تخلص مزمل سائر آهي. مٿيان ٽيئي ڪتاب شاعري جا مجموعه آهن، مزمل حسين منهنجو ڇهن پٽن ۾ سڀني کان وڏو فرزند آهي. هو سي ايس ايس (ڊي ايم جي) گروپ جو 19 اوڻويهه گريڊ ۾ آفيسر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ هن وقت آسٽريليا ۾ ٻن سالن جي ٽريننگ تي آهي، الله تبارڪ و تعاليٰ کيس وڌيڪ ڪامياب و ڪامران ڪري، آمين.
    هن ڪتاب جي آخر ۾ هٽڙي جي هاليپوٽن جو شجرو پڻ ڏنو اٿم سو ڪڏهن نه ڪڏهن تاريخ جو باب ٿيندو. انشاءَ الله
    شل منهنجي هي هڪ ننڍڙي ڪاوش پڙهندڙن جي درٻار ۾ قبول پوي.


    عبدالحفيظ هاليپوٽو
    تخلص: حفي الحفيظ “حفن”


    دعائون

    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

    خدا وندا ڪرم ڪر مون مٿان صدقي محمد جي
    نوازي نعمتن سان ڇڏ مٺا صدقي محمد جي

    گناهن ۾ ٻڏل آهيان بچيل ناهي پلئه منهنجو
    پگهاري ڇڏ گناهن کي صفا صدقي محمد جي
    لڳي ٿو دل ڪلر وانگي ٿي ڪاري آه وئي منهنجي
    ڪري زرخيز تنهن کي تون بچا صدقي محمد جي
    ڳرو ٿيلهو ڪلهن تي ٿم خطائن جو خداوندا
    الاهي بخش منهنجي هر خطا صدقي محمد جي
    الاهي ڇو گناهن ڏي لڙي ٿو مان پوان هردم
    بچڻ واري ڪا طاقت ڪر عطا صدقي محمد جي
    ڪيان ٿو ورد روزانه-وساريو ڪين ٿم تو کي
    متان مون کي وسارين يا خدا صدقي محمد جي
    تو طاقت جا ڏني مون کي ڪيم مخلوق جي خدمت
    ڪمي بيشي لئه معافي ٿو گهران صدقي محمد جي
    عطا جي نعمتون تو ان گنت مون تي ڪيون آهن
    شڪر تن جو ڪيان ٿو جا بجا صدقي محمد جي


    بچائج امتهان کان يا خدا هر پل مون هيڻي کي
    ڏجان مون نه ڪا ڪڏهن جفا صدقي محمد جي
    نڙي ۾ ساهه آ جيسين سهارو تون ئي آن منهنجون
    ڪيون مون آسرو تنهنجو سدا صدقي محمد جي
    سچو انصاف ڪهڙون مون ڪيو هوندو زماني ۾
    ڪرم انصاف جي عيوض ڪجان صدقي محمد جي
    ڪيم احڪام پورا پر نقائص بيشمار آهن
    قبولي ڇڏ سي عاصي جا الا صدقي محمد جي
    ڪيو تخليق مون کي تو حقوقن ۽ فرائض سان
    جي رهجي ويا سي بخش ڪر سخا صدقي محمد جي
    ڪسو ايمان آ منهنجو ڪري ڪامل عطا ڪر مون
    مسلماني سان گڏ مومن بنا صدقي محمد جي
    متان محتاج ڪنهنجو تون ڪرين يا رب سوا پنهنجي
    سلامت رک تون محتاجي ڪئا صدقي محمد جي
    رهان ٿو تنهنجي دنيا ۾ اڃا زنده تو رکيو آ
    اگر مارين ته عزت سان مران صدقي محمد جي
    گهرائين تون جڏهن مون کي ڪري معصوم ڇڏجان مون
    قبولي ڇڏ “حفن” جي هي دعا صدقي محمد جي.


    فعولن فعولن فعولن فعولن

    فعولن فعولن فعولن فعولن

    پسا ملڪ مولا-مڪو ۽ مدينو
    ڏسان روضو نوري ۽ ڪعبه خزينو

    زماني کان پلجي ٿي هيءَ آس دل ۾
    مڪو ۽ مدينو ڏسان هڪڙي پل ۾
    مگر سال ٿي ويا ويا ٿي هڪ هڪ مهينو
    هزارين وڃن پيا ٿا ڪعبه ڏسڻ لئه
    محمد جو روضو ۽ جالي چمڻ لئه
    ڪڏهن ٿيندو مولا ڪرم جو قرينو
    پري پنڌ ڏاڍو ڪرايو به ناهي
    غريبي منجهايو سهارو به ناهي
    نڪي هڙ ۾ آجو کڻي ڪو سفينو
    محمد جو درشن ڪيان آروز آ
    ڏسان خوبروءِ کي اکن جستجو آ
    ڪشف جي ڏي منزل ڪڍي ڪوري ڪينو
    مديني گهرايو-مڪو مون پسايو
    طواف اهڙو ڪعبه جو مون کي ڪرايو
    حفن جو مڪمل ڪيو سير سپنو.


    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

    دعا دل سان گهران ٿو مان، اگهائي سا خداوندا.
    جا پوري آس ٿي ناهي پڄائي سا خداوندا.

    ڪرم تنهنجو ڪڏهن گهٽ ڪين ٿيو آهي مگر پوءِ ڀي
    جا بگڙي ڳالهه آهي هت بنائي سا خداوندا.
    زماني جي تو هر خواهش آ ڪئي پوري مڃان ٿو مان
    نه ٿي مرسل سندي زيارت ڪرائي سا خداوندا.
    اهو تنهنجو ڪرم آهي نه ڪنهن آڏو جهڪايو تو
    جهڪڻ چاهي ٿي تو ڏي دل-جهڪائي سا خداوندا.
    الاهي دلفريب آهي جهان سارو مگر هاڻي
    مڙي آ دل بچڻ لاءِ-بچائي سا خداوندا.
    جڏهن ڪيفيت ٿي نازل ٿي، لڳي ٿو ائين ته ويجهو آن
    محبت ڪل ڀري دل ۾-سمائي سا خداوندا.
    سڀئي اولاد مال وڏان-ڪيم تنهنجي حوالي هت
    رکي ايمان جي دولت-وڏائي سا خداوندا.
    حفيظ اهڙو نه ڏاهو آ-گهرڻ جنهن کي اچي سڀڪي
    ڀلي جنهن ۾ ٿو سمجهين تون ڀلائي سا خداوندا.


    فعولن فعولن فعولن فعولن

    فعولن فعولن فعولن فعولن

    گناهن ۾ گهيريل گنهگار گندو.
    سڏائي ٿو مالڪ مگر تنهنجو بندو.

    عجب سهوي فطرت ڏني ٿو اسان کي،
    کنيم لاهي پاهي-خطائن جو کندو.
    تو انسان بنايو- مگر مون نه ڄاتو،
    زماني جي رونق ڪيو آهي انڌو.
    مون ڪئي ڪهڙي ناهي جهان ۾ برائي،
    يقيناَ ڪيو ٿم گناهن جو ڌنڌو.
    چڙهي وئي گناهن جي گر قلب تي آ،
    ڪرم ڪر تون مالڪ لڳي گر کي رندو.
    گهران ٿو اي مالڪ مان پردو پناهون،
    ڍڪي ڍول ڍڪجان دعائن جو ڌنڌو.
    وساري مان ويٺس-وچن روز ازلي،
    ڳچي ۾ وڌو مون گناهن جو ڦندو.
    ڪِنو جيڏو آهيان-مگر آهيان تنهنجو،
    حفيظي ڪرم ڪر ته ٿيان نيڪ بندو.


    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

    مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن مفاعيلن

    خداوندا نه ڪائي آس دل ۾ تون سمائين ها.
    سمائي هئي ته پوءِ مالڪ-اُها هر هڪ پڄائين ها.

    ڪرم تنهنجو وساريان ڪيئن-هميشه جو ڪيئن مون تي،
    اِلاهي ڇو گهري ٿي دل-اڃا احسان نائين ها.
    ڪڏهن کان آس پئي پلجي-اندر ۾ يا الاهي مون،
    نظارو نور جو مرسل مون مالڪ تون ڪرائين ها.
    خداوندا جهان سارو-يقيناَ آ فريبي پر،
    عقل منهنجو نفي هو ڪاش اثباتي بنائين ها.
    اهو تنهنجو ڪرم آهي-نه ڪنهن آڏو جهڪايو تو،
    نماز نينهن سان سرڙو-سندئي در تي جهڪائي ها.
    ملائڪ جن شيطاني-ڏني فطرت تو انسان کي،
    حفي کي شوق دنيا کان-هميشه پيو ڀڄائين ها.


    ابيات

    ابيات

    اٿئي عشق آتش-متائن پلئه ڪو پائي
    لڳڻ کي جي لڳي ويو-پوءِ ور ڏئي نه اجهائي
    اهو ڳٽ ڳچي پائي- ته بره بسمل جي بات ٿئي.

    اٿئي عشق آتش-لڳڻ کي هو سو لڳي ويو
    ڏنو پلئه پرين-اندر ۾ ٿي آه خواهش
    ڪندي ڪوه ڪاوش-چُنو آهين ڇت سان.

    مري جي من ٿيو آ مام- ته ٻيو جهان آهيم اک ۾،
    بقائي بقا آهي-فنا ناهي ڪو مقام،
    اهو آ مشهور عام-ته حفن آ فنا ۾ بقا ٿيو.

    مرڪي ٿو محب ملين-ڄڻ انگ انگ ٿو ٺري،
    ٻکڙا وجهي قرب مان-ور ڏئي ٿو جڏه کلين،
    وري جو سور سلين-ته حفن ڄڻ غم غرق ٿيا.


    شمع جو شاهي شان-ٻري ته ٻهڪي ٻلهار،
    هجي جي هوند هن جي-ته موچارو موهجي مهمان،
    جي موڙي ٿي منهڙو-نه خانان رهي نه خان،
    موٽي ملي ڏئي مان-ته آرام اچي اوطاق ۾.

    سڙون ساري رات-سهائي ڪري سڄڻن سٿ ۾،
    جيڏو تيل تر ٿئي-اوڏي سڙون ساعت،
    سهائي سنديد تات-عيوضو نه آ ڏيئڙا.

    تيل سڙي وٽ سڙي-سڙي ڏيئڙو ساري رات،
    ترڪ نه تيسين ٿئي تيرگي-جيسين ٿئي پرڀات،
    ڪنهنجو اهڙو وات-جو ساراهسيون ساه سان.

    ڏيئڙو تيل وٽ-سڙيو سڙن ساري رات،
    تخليق اهڙي انهن جي-عجب جهڙي بات،
    ڪجي ڪهڙي تات-هيئت اهڙي نصيب اهڙو.


    وايون

    آ سانوڻ به آيو ۽ ڪويل به ڪوڪي

    آ سانوڻ به آيو ۽ ڪويل به ڪوڪي
    سندي دل پئي ڌڙڪي.
    وسن وڏ ڦڙا پيا-نظر پئي ٿي ٿڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي،
    فضا ۾ ڦوهارو ٿو ملهار ڇڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    وسي بوند باران سرهاڻ سرڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    هي ڪڪري ڪارايل ڀري ڀون ٿي ڀڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    هوا سان حسينن جي زلفن کي جهٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    ٻاٻيهل ٿو ٻولي ڍانڍيئر ٿو ڍرڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    پکي لاڳ لئه شاخ تي پيو ٿو لڙڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    سڀن موج مستي آ سانوڻ پيو ڇٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    لنڊو ۽ لنڊي ٻي ٿي ٽارن ۾ لٽڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.
    ڪرن مينهن داڻا-سٺو مينهن ٽپڪي، اچي شل ڪو ڪڙڪي.


    هلي هوت حاڪم پنهل پاڻ آيو،

    هلي هوت حاڪم پنهل پاڻ آيو،
    آيو ڄام آري.
    سسئي ويو وساري.
    هُئا جُنگ جوڌا-سڀن جو هو رايو- سسئي ويو وساري.
    لڳو عشق اونهون-تنهن سينو ٽپايو-سسئي ويو وساري.
    ڪيو عشق ڪيچن سسئي پر نڀايو-سسئي ويو وساري.
    هُئي ڪمزور سسئي جنهن خود کي ملهايو-سسئي ويو وساري.
    سسئي حور هُئي هن ڇهي آ لڄايو-سسئي ويو وساري.
    هي دل ڪهڙي ڪم جي لڄن کي لڄايو-سسئي ويو وساري.
    اِهي ڏير ڪهڙا سسئي کان لڪايو-سسئي ويو وساري.
    شرم ٿو اچي مون کي ڏيرن ٻڌايو-سسئي ويو وساري.
    آهي دل جي دنيا لڳي کي لڳايو-سسئي ويو وساري.
    سوين سال ٿي ويا نه عاشق ٻيو آيو-سسئي ويو وساري.
    حفن روح تنهنجو آ هوتن رنجايو-سسئي ويو وساري.


    مٺا منهنجا مارو-سچا منهنجا مارو

    مٺا منهنجا مارو-سچا منهنجا مارو
    آ مٽ پنهنجو مارئي.
    وساري ڀلا ڪيئن-وطن ويڻ مارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    مريو ڦوڳ مارنگ-ٻري پاسا چارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    قصو کيت جو ڏس-هنداڻي ۾ هارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    عمر کي هوس جو هو ڇو مَدُ پيارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    ستَي پاڪ مارئي نه ٿيس ونگو وار ئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    الا ٻڌ ته مارن کي مارئي ته سارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    نڀائي ننگن کي-شرم کي اُجارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    کڻي سوکڙي ها هجي ها ڪا پارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    هي چونئري اندر ئي حفن پئي ٻهارئي-آ مٽ پنهنجو مارئي.
    حفن پيو هميشه کان مارئي کي سارئي آ مٽ پنهنجو مارئي.


    هو ڏم ڪهڙو ڪم جو ٿيو ور هو سهڻي

    هو ڏم ڪهڙو ڪم جو ٿيو ور هو سهڻي
    ميهر جي مجاز ۾.
    جي من سان نه هو من-پوهن ڇو ته پرڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    اندر ۾ اسيري ميهار لنئون هئي لهڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    جتي عشق آتش اُتي باه ٻرڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    عقل مت شرم سان ته لنئون ناهي لڳڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    ڏجهو ڏم هو ڏامر مقابل هئي سهڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    اندر کي اُجاري ميهر سان هئي ملڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    اجاين غيورن نه هئي زوري ڪرڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    ڪٿي ڏم بهگڙ ۽ ڪٿي سهڻي هرڻي-ميهر جي مجاز ۾.
    حفن نج هو ناتو اصل جاءِ وڃڻي-ميهر جي مجاز ۾.


    چمن ۾ آ بلبل-اڏي ٿي لڏي ٿي

    چمن ۾ آ بلبل-اڏي ٿي لڏي ٿي
    ڪڏي ٿي جي بلبل،
    رُسي رات راڻي.
    آ گلزار گلشن آ ساڳي ڪهاڻي-رُسي رات راڻي.
    گهمي باغبان پيو-ڏي ٻوٽن کي پاڻي-رُسي رات راڻي.
    هوائون هلن پيون بهارن جون هاڻي-رُسي رات راڻي.
    فضا آ معطر-اٿم مڌَ ماڻي-رُسي رات راڻي.
    چنبيلي چنبن مان هوائن اڏاڻي-رُسي رات راڻي.
    آ موتئي ۽ مگري سڳنڌ فل اُماڻي-رُسي رات راڻي.


    ڪلي ڏس ته ڪيئن ٿي ٽڙي پئي ٽڙي پئي.

    ڪلي ڏس ته ڪيئن ٿي ٽڙي پئي ٽڙي پئي.
    اٿس شوق ٿئي گل،
    گلابي گلابي.
    بهارن جي موسم ڪري مست اڙي پئي- هُجي هل رهي گل.
    گلن ۾ مگن ٿي هوا ۾ ٿڙي پئي-ٻڌي شور ۽ غل.
    مَڌُر آهي خوشبوءِ مغز ۾ چڙهي پئي-بهارن ڪيو مُلهه
    ڪلي گل ٿيڻ لاءِ سڀن سان وڙهي پئي-آ بيچين هرپل.
    بنا ڀنئور اڳ ئي سڀن کي تڙي پئي-لڳي پئي ڪا مومل.


    بدن سنگ مرمر-اڇو کير جهڙو

    بدن سنگ مرمر-اڇو کير جهڙو
    ملائم ملائم.
    هلي ڊيل وانگر-جي ڳائي ته هنجهڙو-ملائم ملائم.
    پکي ڪونج ساٿي سهيلين سان سهڙو-ملائم ملائم.
    ولر سان وڃي ٿي-ڪري ڪين ٽهڙو-ملائم ملائم.
    جي ٻولي ته ٻهڪي نهاري ته نينهڙو-ملائم ملائم.
    جي پازيب پائي-هُري هانءَ هينئڙو-ملائم ملائم.
    چپن سرخ سرخي گلي ۾ آ ڳهڙو-ملائم ملائم.
    کلي ٿي ڳلن تي ٿو ڊمپل ٿئي ننڍڙو-ملائم ملائم.
    نگاهون نڇاور ڪري ننگ نگڙو-ملائم ملائم.
    حفن پيار جو ڏي پلئه پرت پلڙو-ملائم ملائم.


    ليلان ايڏي سادي نه ٿين ها چڱو هو

    ليلان ايڏي سادي نه ٿين ها چڱو هو
    ندامت جو سودو.

    اِهو هار ليلان ڇڏين ها چڱو هو-ندامت جو سودو.
    چنيسر ڪيو عشق تو سان چڱو هو-ندامت جو سودو.
    چنيسر جو دل ۾ رهڻ ئي چڱو هو-ندامت جو سودو.
    تو جلدي سنڀاليو اهو ڀي چڱو هو-ندامت جو سودو.
    ٻنهي جو ملڻ پو سڀن کان چڱو هو-ندامت جو سودو.


    راڻو اوچتو رات مومل ڏي آيو،

    راڻو اوچتو رات مومل ڏي آيو،
    صفا هن جا ٿي ويا،
    انا عقل ساڻا.
    چون ٿا هو ڏاهو عقل جو هو پايو، نه پر کيئين اياڻا.
    عقل هوشمندي نه ادراڪ آيو، خيال ها پراڻا.
    چون ٿا ته حاڪم ذهين هو سوايو، هو بيزار پاڻا.
    عقل ۾ اجايو اڪابر نه ڀانيو، سڃاڻي نه ٿاڻا.
    راڻي عشق کي هي هو سمجهي هلايو، ته آهن اباڻا.
    محبت ته مومل جي من کي تپايو، پي ڪاهل جا ماڻا.
    نجو نيهن ناري يقيناً نڀايو، نه شعلا اُجهاڻا.
    راڻو ڀي هو ماڻهو اهو ڪي ٻڌايو، انا جي ڪا کاڻ آ.
    حفن هن کي پنهنجي عقل ئي منجهايو، نه سمجهيو ڪي ماڻا.


    بهارُن جي مد ۾-هجن شل بهارون

    بهارُن جي مد ۾-هجن شل بهارون
    هُجن مور ماڻا.
    ٽڙن ڳل ڳاڙها.
    هُجن حسن واران-ٻيون نرمل نهارون-هُجن مور ماڻا.
    جهلي جهول جهومن-جهومائن جهنارون-هُجن مور ماڻا.
    ڀڄايو آ بوندن ۽ لڳڙن جون لاڙون-هُجن مور ماڻا.
    صفا مست مکڙيون کنبن جو کُلارون-هُجن مور ماڻا.
    وڻن شو و غل سان هي قربي قطارون-هُجن مور ماڻا.
    محبت جي مستي جوانيءَ جون جاڙون-هُجن مور ماڻا.
    پريمين پُڄايون پرن جو پچارون-هُجن مور ماڻا.
    لڪي ڏس ته ڇوريون لڳن پيون خُماريون-هُجن مور ماڻا.
    خوشيءَ جو کِلڻ ۽ آ ٽهڪن ٽڪارون-هُجن مور ماڻا.
    ڏسو ڊيل ڊوڙون ڏسو مور آرون-هُجن مور ماڻا.


    رباعيون

    رباعيون

    تون ويڻ وطن-متان وسارين اي حفن
    هر پل تون ذهن ۾ رک هي مفهوم ضمن
    مضمون وسارجان نه تفهيم عقل
    ملعون نه ٿي وڃي-تنهنجو گورڪفن.

    آڪاش شڪر گذار مان تنهنجو مدام
    بلڪل تو ڏنو جو مون کي گهربو هو تمام
    ليڪن نه ڇڏي وڃي ها جي پنهنجي وطن کي
    اي ڪاش وطن ۾ ڪل ڪري ها جي قيام.

    احسان جو آيو بزم ۾ بار سريلو
    ويٺو ته لڳو مور آ محفل جو هٺيلو
    درشن ته ڪرايائين اِها هُن جي عنايت
    ڪهڙي به شڪل ۾ ٿو ڪري وصل جو هيلو.

    حيران ٿئيس صنم ته مرڳوئي عجب هو
    آيو ته هو اوچتو مگر چهرو غضب هو
    ابهام ۾ تاثرات بنجي ويا ڳجهارت
    معلوم اِهو ئي ٿيو ته مدهوشي سبب هو

    محبوب زبان سان ته انڪار ڪريٿو
    آغوش حجاب ۾ ئي اقرار ڪريٿو
    اقرار هميش شرم و حيا جي قيد ۾ آ
    محجوب نگاه سان ٻي هاڪار ڪريٿو.



    موصوف جوان ٿيو ته جوهر به اچي ويو
    محبوب نگاه ۾ ته جوهر به لهي ويو
    ايڏو ته پچايائين جو ڪُندن ڀي ٿو سڏجي
    مرڪوز نگاه قلب پارس ڀي ٺهي ويو.

    نرمل ته اچي اڱڻ تي آ شان وڌايو
    احسان عجيب جو-آ پنهنجو نه پرايو
    هيڻان ته عقل ۽ فهم ۾ هئاسين اڳيئي
    پرين ته اچي پريم جو سامان سجايو.

    سڀ ڪو ٿو چوي گهڻو جو پڙهيو سو اڪابر
    مونڊا جي ته فلم ڏس-اهي انسان پاڪر
    پڙهجي ته پرائجي به ورنه دگ ڇڏي ڏي
    ادراڪ ته کوڙ پر-عقل ٿس نالي ماتر

    فطرت جو مذاق ڏس-اميدن جي آ قاتل
    ڪشتي ته ڌڪي مون نيهن سان مليو نه ساحل
    محنت مون يقين سان لڳاتار ڪئي ليڪن
    مطلوب عُروج مون کي ٿيو ڪين ڪي حاصل.

    مقبول هجن رهن مساجد ۾ فقيها
    سيکاري ڇڏين زندگي جا سليقا
    آ دين وسيع مذهبي فرقي منجهايو
    اڄ ڪاش فقيهه ڪو ولي پاڻ هجي ها



    عالم ته علم عمل جي باري ۾ چوي ٿو
    علماءَ فقيهه ڀي ساڳي ڳالهه ڪري ٿو
    عامل نههجي علم جو ڄاڻو پو ڪبو ڇا
    ادراڪ عقل پو دين جو روح چري ٿو

    عاشق ته رڳو ٿو عشق ۾ تقليد سيکاري
    عاشق ۾ ادا نه رنگ سهڻن کي پچاري
    عاشق ۾ ته عشق جي فقط بينائي ڀريل
    عاشق ته اهو انڌو جو معشوق نهاري.

    مخلوق خدا جي ٻي-عجيب آهي ئي يارو
    بيهوش بنا عقل نه ادراڪ سهارو
    النسان عقل جي جاندار آه نشاني
    دنيا کي ڪري سوڙهو-بنايائينس کارو.

    سوچيان ٿو اگر هي عشق جڳ ۾ نه هجي ها
    هڪ خاص خلا جنم يقينن ته وٺي ها
    مضمون علم عقل سڀئي ڀل ته هجن پر
    شايد ڪائنات جو وجود ئي نه هجي ها.

    سوچيان ٿو علم عمل سڀئي گڏ ٿي رهن ها
    ادراڪ عقل ٿيو عشق مقلد به ملن ها
    ماڻهو ته هتي نه ڏسجي ها عام ڪٿي ڀي.
    انبياءُ رڳو نگاه حيرت ۾ هجن ها.



    خيال آهي گهڻن جو هي-قيامت ڇو ته ٿيندي
    ماڻهو ته ڄمي مري-قيامت ڇو ته ٿيندي
    انصاف سڀن مليو-يا هن طرح يا هُن طرح
    مقصد به اهو ئي آ-قيامت ڇو ته ٿيندي.

    مخلوق خدا جي ٻڌ-صفا سهڻي وضاحت
    ٿاڻو ته نقل آ هت-آ مظلوم لئه آٿت
    هر جرم عقل صفا-قيامت جي نشاني
    دنيا جي عدالتي نظامن ۾ آ قيامت.

    دردن جي دوا ٿو سمجهان دوستن کي اي ناصح
    تڪليف ڏسي اُتي ئي پهچن ٿا سي صالح
    ڀڳوان اگر نه آ-ته ڇاهي دوستي پو
    ڇا جڳ ۾ رهي سگهي ٿو بن دوست جي فاتح.

    ساجد ته سجود سان سچي دلڙي رکي ٿو
    زاهد به ته عبديت رياضت ۾ اچي ٿو
    ليڪن ڪو جهان کي سخاوت سان هلائي
    بيشڪ ڪو عدالتن ۾ انصاف ڪري ٿو.

    خاموش جي ٿيان نه ها ته دل روئي وجهي ها
    احسان ته ياد ڪو نه هو تن ڇا ڪجي ها
    محفوظ هميش پنهنجي خودي کي رکيو مون
    مقروب جي سامهان-ڀلا ڇا ته ڪجي ها.



    آڪاش هميش کان-سدا دل جي ٻڌي آ
    روئي جو چيم ته دل-الاهي مون وڏي آ
    ڪيڏا نه وڏا معاملا معمولي ٿي ويا
    مالڪ جا وڏا ڪرم جو هر ڳالهه سڌي.

    ايڏو هي جهان آ-ايامن کان هلي پيو
    ڪيڏو نه حسين آ-جو سهڻن سان ٺهي پيو
    دنيا کي نه پاڻ ڪنهن-چيو الوداع آهي
    سمجهو ته سهي هتي ئي انسان رهي ٿو.

    سهڻي ته ڏسڻ ۾ آ-مگر هوڏ وڏي ٿس
    مرڪي ته اچي به ٿي-مگر لوڏ مڏي ٿس
    موٽي به ته ٽوٽي ڀي-وري کوٽ اندر ۾
    ديوار نڀاڳ جي-اها اوڏ اڏي ٿس.

    ڪنهن يار چيو ته-معاف غلطي ٿي وڃي
    محسوس ڪجي مگر-شڪايت نه ڏجي
    رندن جو ته مان غلام اِبنِ اسلاف آن
    بيظرف جي ٿو ڪري-پو ان کي ڇا ڪجي.

    دعوا نه ڪجي علم عقل سمجهه ڌرم جي
    مڪتوب فڪر عمل ڪبي بات قلم جي
    محسوس ڪجي ڪڏه به ڪنهن جي به ڪا خامي
    خاموش رهين اگر اها بات ڀرم جي.



    ڇاڪاڻ چوين ٿو ڪم-منهنجا دوست اچن ٿا
    بلڪل آ معاوضو ڏنو مون جو گهرن ٿا
    ليڪن ٿو لڳي تو ٽاري ڇڏيو آ اُنهن کي
    حاسد ته لڪي ڪڏه ڪي ڪم اهڙا به ڪن ٿا.

    محبوب ته سونهن عشق جي ڄار ٿو سمجهي
    چاهت سين ڏسن ٿا تن کي بيمار ٿو سمجهي
    صورت ته خدا جي آ-اسان ان کي ڏٺو آ
    شايد هو اسان کي ٻي-گرفتار ٿو سمجهي.

    مخمور نگاه ۾ ڪو نئون نيهن ٿو ڏسجي
    ڀرپور ادا جي رنگ ۾ مينهن ٿو ڏسجي
    اکڙن ۾ نشو بدن ۾ انگڙائي بلا جي
    شباب آ دل فگار اڄ شينهن ٿو ڏسجي.

    اڄ يار گلن کي ڏس-صفا تازا ڦٽا هن
    ڏس ٽار لمي لڏي ٿو گلڙا به جوان هن
    خوش رنگ ڪلي به آ ته گلڙا به گلابي
    هر پل ٽلندا رهن هي شاخن ۾ سٺاهن.

    هر شاخ گلاب جي-لڳي سهڻي گلن سان
    مجبور ڪو باغبان-ڇني گلڙا هٿن سان
    ڏس شاخ به گل به ڏس-لڳي ٿو ڪو ويرانو
    شامل ٿيو گلاب ٿي سڄو ڪڙم خوشين سان.



    هر شاخ گلاب جي-لڳي سهڻي گلن سان
    مجبور ڪو باغبان -ڇني گلڙا هٿن سان
    هت شاخ به نا اميد ناهي ۽ ٽڙي پئي
    ميلاپ ڪلي جو ٿيندو-ٻيهر وري هن سان.

    نظرن ته لڪي سڪي ڏٺو چهرو يار
    پهرين ته ڪليءَ ٽڙي ڏنو پهرو يار
    گلڙن جو به هار زلف بن ڌار ناه
    مدهوش ٿي خلق ڪل-ڏسي سهرو يار.

    محبوب کلي چيو مون سان يار مل
    گلشن ته اچي ڪيو تو گلزار گل
    بينور جهان ۾ مرده ماڻهو ته ڏس
    آغوش ۾ پنهن جي مون کي هڪبار جهل.

    نادم ٿي چيائين درگذر سَهوَ ٿئي
    اخلاق چيو وري شڪايت نه ٿئي
    رندن جو ته مان-غلام اِبنِ اسلاف آن
    بيظرف هجي ته ان جو ڪهڙو مان ٿئي.

    هر ڪنهن کي تون گلم تي ويهارين ٿو ڇو
    اخلاق حريف ڏي نهارين ٿو ڇو
    ڪاش اي سيکارين ها ڪا تهذيب ڪنهن
    مهذب ٿي تون مفلسن کي مارين ٿو ڇو



    ايڏو ته بخيل مون ڏٺو ناه صفا
    تعجب ٿو لڳي ته ٿيو سياڻو خفا
    اسباب جي اثباتي هجن پو ٺيڪ آ
    ليڪن نه سڃاتو هن ڀرم کي بيوفا.

    انسان نٿو مڃي جي احسان ته ڇا ٿيو
    احسان فراموش آهي شيطان ته ڇا ٿيو
    پونم ته پني ڏني آ چانڊاڻ سڙي پو
    مردار دلين ۾ ناهي ايمان ته ڇا ٿيو.

    ڀاڙين تون متان انهن جي مردار ذهن تي
    معمول وزن به تون نه رکجان ڪو هنن تي
    گهوڙي جي ڪهاڻي آهي غازي جي ڪهاڙي
    کودي کي ڀلا ڪهڙو ڏبو بار ڪلهن تي.

    آسان جي زندگي هجي ها جانِ من
    چڪلن ۾ نه پار وڪامي ها ڪوئن
    ايمان وڪامي ۽ نه محنت ڪري ڪو
    دنيا ته رڳو نفي-آهي ايمان بن

    مذهب جو پڄاري هو اشوڪا بادشا
    دنيا ۾ نفي ڏسي ٿيو راهب پارسا
    سلطان امن ڏٺو ۽ ٿيو گوشه نشين
    تاريخ ڏنو مثال ناهي بارها.



    ديدار نصيب ٿيو-ويهاري مون کي ڀر ۾
    ڏوراپو ڏنائين پو چيائين پنهنجي پر ۾
    عامل جو عمل جي صاف آ لخت جگر پو
    فردوس برين مڪان ٿيو تنهنجي سمر ۾.

    مرشد جو مريد حڪم تبديل ۾ آيو
    تحڪم جي اندر مقام تعميل ۾ آيو
    ورثه ته گناه آه انسان جو هر پل
    احسان! گناه اڄ کان تعطيل ۾ آيو

    صورت ۽ دماغ تي ڏاڍو غور ڪيو مون
    مرغوب جو قول فعل پڻ تور ڪيو مون
    رَسمَن ته رُسي به پو وري پيار ۾ پرچي
    زهريلي لُنڊي لڳي جنهن کي مور ڪيو مون.

    صورت ڪا ڪنهن وقت ۾-مون کي ڏاڍي وڻي هئي
    عادت به چڱيرڙي-وري سونهن ڪڻي هئي
    آئيني جي پٽ لڳي-وري ڪاري ڪوجهي پو
    بسمل نه ڪري ها جي محبت جي ڌڻي هئي

    عاشق جي نگاه ۾-نشو آه يا ناهي.
    هن جي بيقراري ۾-نشو آه يا ناهي
    عاقل ٿا چون ته حسن تڪبر جو نشو آ
    گلشن ۾ جوان ڀونئرو-نشو آه يا ناهي.



    مسجد نه مندر نه گرجا ڪا يار ڏٺي هئي
    مخدوم ۽ پير شاهه جي ٽولي ڪٺي هئي
    مفلس ته صفا پري هو محلات خدا کان
    شايد هو رُنو اندر ۾ ڪا دانهن اُٺي هئي

    دورانِ نگاه يار احساس ڏياريو
    مدهوش نه ٿيو نه اهڙي ديدن سان نهاريو
    انگور جو رس صراحي ۾ باقي نه رهيو
    کيچل نه ڪيو جولان جبلت نه اُڀاريو

    ٽارڻ جو انداز ڏس-اُماڻي ٿو انهي ڏي
    جنکي نه ڏٺم اڳي پو وڃبو ڪيئين اُنهي ڏي
    محبوب ته پاڻ کي اسان کان ٿو نٽائي
    دلبر کي ڇڏي نه وڃبو ائين يار انهي ڏي

    شايد نه ڪٿي ڪو امتحان منهنجو ٿو وٺي هو
    محتاط ٿيو متان منجهائي نه ڇڏي هو
    معشوق ڪنهن رنگ ۾-توازن به ڏسن ٿا
    منظور نه آ ته ائين-ڦٽائين پو ڦٽي هُو.

    آغوش ۾ يار جي-مزو ڪو نه قضا ٿيو
    پُرباش وصال اڄ زبردست وفا ٿيو
    سيني سين لڳائي يار کي مدهوش ٿي ويس
    ڪو هوش نه هو ته يار جي پيارم ڇا ٿيو.



    واعده ته وفا ڪبا مگر پيارسين پيارا
    ڪهڙا ته ڏٽا ڊبا جگر يار کي پيارا
    دليون جي ڏجن ته جان آ چيز پو ڪهڙي
    گلزار گلن ۾ ٻي رهن خار ٿا نيارا

    غلطان غمن ۾ هو-غمن ۾ چُور هو.
    مايوس بنا سبب سڀن لئه سور هو
    پاسو ته اڃا به هو-ڏسي ها جي پويان
    خوشين سين زمانو ساروئي ڀرپور هو.

    چپ چاپ هري هري هو محفل مان اُٿي ويو
    ڪا ٻڻڪ نه ٿي هو ڇو ته هن طرح هلي ويو
    جامن ۾ پيڙا هجي اها اوربي آهي
    هو قلب فگار کي نه سمجهي ڇو رُسي ويو.

    مان ڇو ته جنم وتو-ٻڌائي ته سهي
    ڪهڙو ته منگل ڪندس سڻائي ته سهي
    ڪيڏو به رهان مگر صدين جي ئي اندر
    واپس ته ٿبو ڀلا نٽائي ته سهي.

    نادان نه نيهن ڪن-نيڪي نيهن سمجهن
    مزرو به وڏو وٺن-مگر پو به ڪُرڪن
    ڏوڪڙ ته گهنا هجن-ٻي پرواه ناهي
    اهڙن جون لڄون به يار غيرن تي هرکن.



    انسان سوين ڏٺا مون دولت جا پڄاري
    ڏاها به وڏا ڏٺم-مگر ها سڀ مداري
    معيار اولاد زال غيرت نه ٻي ڪاشيءِ
    بنگلو گاڏي جي ملي-قبول آهي خواري.

    جاهل کي تون علم اون سان سيکار ڀلي
    ڪاهل جو دماغ بابڙا پائي ته هلي
    آخر ته وڏو ٿي ڊوڙ پائيندو به ڪڏه
    بيشڪ هو سکي ويندو علم جي واڳ جهلي.

    تهذيب علم جو منطقي شاهه ڪار آه
    تعليم بنا بهادري سڀ بيڪار آه
    ترتيب سليقو زندگي يار اٿئي
    تهذيب و تمدن ئي-سڀن جو سردار آه.

    ڏاڍائي ڪرين ٿو ڀل ڪري وٺ اي سکي
    محبوب ائين نه ڪر ڪني ڳالهه رکي
    کولي ته قفس کي ڏس-ته ڇا قيد ڇو ڪٿي
    هڪ قيد رڳو ضمير جو ئي آه پکي.

    دوزخ نه جنت کپي-نمازي ٿا چون
    تڪليف فجر نماز ۾ سڀ ٿا مڃن
    باقي جي نمازون هن انهن کي منهن ڏبو
    پر يار عشا نماز جي مهل آ ڪٺن.



    سامهون ڪو هلي آيو ته ڇا ٿي پيو صنم
    جيڪر هو گلي اچي مليو مي چه ڪنم
    سهڻا ته هميشه ٿي پسند هن انسان کي
    پابندي نه مڙه ملڻ جلڻ کي ڪر نه عدم.

    فرمان عمل سجود ارواح ٿيو نازل
    انڪار ڪري ڇڏيو عروج اعزاز زائل
    اسرار هو در جو عشق جو مسجود کي ڏيو
    احڪام خدا جو ڏس سخا اُن ۾ آ شامل.

    سردار جو سر ڏسو-مٿو ڪيڏو وڏو آ
    ممتاز محل کي ڏس-قبو ڪيڏو وڏو آ
    ممتاز ته پڪ ناهي-مگر ٻيو ڪجهه به ناهي
    سوچڻ جو مقام فرسودو ڪيڏو وڏو آ.

    اوصاف جي قلب ۾ ڪي روح روان ڏسو
    تصوف جي اوشن ۾ ايڏا عوطه نوان ڏسو
    تصوف ته اها چيز آ جا خود خودي ۾ رهي
    صوفي ته حلاج هو اڃا ڪو جوان ڏسو

    ها حال به اوري ٿو مگر جلدي جلدي
    ها مال به سوري ٿو مگر جلدي جلدي
    بزدل ته نٿو لڳي-اڃا اڳيان ويندو
    مرضي سان ئي چوري ٿو مگر جلدي جلدي.



    حيرت ته لڳي مگر پو مزڙو ڏاڍو آيو
    فرقان ڏسيو مون پڙهيو توجه سان سجايو
    ممبر تي نظارو هو جنت جو مگر هو نه هو اُت
    تعريف جي صدقي بندو فردوس پڄايو.

    هر رات صبح صبا ٿين ٿا نه ٿو سمجهي
    دشوار ڪي مرحلا ٿين ٿا نه ٿو سمجهي
    دنيا ۾ ته عام جاندار آهن رهندڙ
    دنيا جا به سلسلا ٿين ٿا نٿو سمجهي.

    عورت جو قدر ڪرڻ مفادن ۾ آ تنهنجي
    وارث آه تنهنجو جو پليو هنجن ۾ هنجي
    انسان ٿي سمجهين هن جو احسان آ توتي
    ورنه هي جهان اڳيئي حوالي آه رن جي.

    ڏاها ٿا چون ته يار عورت کي قلم ڏيو
    تعليم و تربيت ۽ تهذيب ڌرم ڏيو
    سرتاج جي دل ۾ ڏس-اها ڪيئن ٿي رهي پو
    ورنه هي جُتي جو ڪوڪو آ جي ائين جنم ڏيو.

    اندر ۾ آڙاه آ ۽ ظاهر ۾ زماني
    گوهر کي ته جوهري سڃاڻي باآساني
    ڳجهه ڳوه ڀي راز-وائکو ڇو ڪجي هر هنڌ
    هر ڪو ته ڀلا نه سمجهي ڪهڙي آ ڪهاني.



    سپنا به سٺا ڏسو-ته تعبير سٺي ٿئي
    دنيا به رڳو جهنجهٽ ته ناهي جو مٺي ٿئي
    ادوار عجيب پر-ڪي موقعه به ملن ٿا
    مالڪ ۾ اميد رک چڱائي جي چڱي ٿئي.

    مايوس نه ٿي نه آسرو لاه آسروند
    لاها ته ڪڏه چاڙها-ڪڏه واه مرئي بند
    مضبوط پلاند جهل-اِهي لوڏا لمان اٿئي
    منزل ته اجها آئي-اُڇل اندر جو سڀ گند.

    جيون ۾ سکون دل جو تاثير ڏسنداسين
    سپنن جو سڄو پريمي تعبير ڏسنداسين
    مرڪن سان نگاه يار گهيرو ڪيو دل تي
    عاشق جي ڦِٽي جُڙي ڪا تقدير ڏسنداسين.

    اخلاق بلند جن جو اوچو ڳاٽ تن
    احسان ڪندا رهن جتائڻ نه سکن
    انسان هميش کان سودائي ته رهيو آ
    بدلو نه گهرن رڳو ڏسندي پيا ٺرن.

    ساقي جي ڀري ڏي جام دنيا کي ڇڏي پي
    مخمور نگاهه مان خمارن کي ڀري پي
    معشوق جي رمز شوق دل کي جي اُڀاري
    آغوش ۾ پي ڳلن کي-پستان جهلي پي.



    ساڃهه ته هميش هوش ۾ ئي ته پلي ٿي
    جن راه ڇڏي حيات کل تن جي کلي ٿي
    بيراه روي هميش کاهي ۾ ڪيرائي
    ڏاهپ ته مدام اهڙائي سور سلي ٿي.

    احسان مند خدا ڄاڻي ٿو بي پِتاهن
    النسان نرم ڏٺم طلب مهل ڪُتاهِن
    انسان جي جوڙجڪ مفادن تي ٻڌل آ
    احسان فراموش هت هزارين مون ڏٺاهن.

    معشوق ته بيقرار آ-عاشق جي عدم ٿيو
    تعريف جي بک لٿي جي عاشق جو جنم ٿيو
    محبوب جي حب ۾ ناهي-محبوب پو ڇا جو
    عاشق جو هجڻ صنم لئه ڄڻ پهريون قدم ٿيو.

    مايوس هو سونهن جو ڪو سالار غضٻ ۾
    عاشق ته ڪو عشق لئه هو سهڻن جي طلب ۾
    محبوب انا پرست ساراه ٿو طلبي
    عاشق ڪو هجي وٺي جو محبوب کي حب ۾.

    هر روز ٿي شام- ٿئي انعام آه يقينن
    ڪنهن روز نه شام ٿي-ايمان آه يقينن
    هر ڪو ٿو هتي ڄاڻي-ته هلڻو آجهان مان
    بس جلد ٿي شام ڪا ڪچهري ٿي يقينن.


    غزل

    سفر زندگي جو ڪرڻ ڇو ڏکيو آ

    سفر زندگي جو ڪرڻ ڇو ڏکيو آ.
    اميدون ڇو ايڏيون مرڻ ڇو ڏکيو آ.

    جسارت ڪرين گر-نه مشڪل آ مشڪل
    جنم هو اڪيلو-جيئڻ ڇو ڏکيو آ.

    ڪروڙين طبعيت جا مالڪ رهن ٿا
    تون خود سان ٿي مخلص رهڻ ڇو ڏکيو آ.

    خطائون ڪنداسين اها ڳالهه ڇڏ تون
    توڪل سين صدمان سهڻ ڇو ڏکيو آ.

    ڪروڙين هي ماڻهو لکين انبياءُ ڏس
    چڱو ڪر برا ڪم ڇڏڻ ڇو ڏکيو آ.

    گناهن جي جهرمٽ جي تڙپائي تو کي
    ضمير آهي زنده-هلڻ ڇو ڏکيو آ.

    نٽائين ٿو قانون هر هر ٻڌائي
    علم رک عقل سان چوڻ ڇو ڏکيو آ.

    اٿم عارضه ڪو-ڏکيا ڪم نه ٿيندا
    پنهنجي جاءِ خود ئي وٺڻ ڇو ڏکيو آ.

    زمانو ته پنهنجي ئي رفتار ۾ آ
    ڪري وٺ تون جلدي- هلڻ ڇو ڏکيو آ.

    زماني جي رنڊڪ نه محسوس ڪر تون
    تون ٺوڪر هڻي هل-هلڻ ڇو ڏکيو آ.

    تو انسان ڪهڙا ڏٺا ڪيترا هن
    تون مردار سڀ ڇڏ-ڇڏڻ ڇو ڏکيو آ.

    ڪي حاسد ڪي فاسق ڪي منڪر ڪي ملحد
    سڀن کي ڇڏي ڏي ڇڏڻ ڇو ڏکيو آ.

    اصل ڪا ڪهاڻي تون ويٺين وساري
    مسافر کي منزل هلڻ ڇو ڏکيو آ.

    اي مدهوش آئين ته پرباش هئين تون
    رڳو چار گهنٽا-اٿڻ ڇو ڏکيو آ.

    گهڙي سوچ پنهنجي عمر گهٽ صدي کان
    صدي جي اندر ئي هلڻ ڇو ڏکيو آ.

    جي زنده تون آهين ڪجان معاف دلبر
    وصال صنم آن-ملڻ ڇو ڏکيو آ.

    حفن هي حفيظ آ حفي ڀي سڏن ٿا
    حفي کي حفن پو سڏڻ ڇو ڏکيو آ.


    ملان مان نه آهيان نه ڪي يار ساڌو

    ملان مان نه آهيان نه ڪي يار ساڌو
    نه ڪي مان کٽل آن نه ڪي يار واڌو

    عجب ئي عجب آ-لڳن ٿي لڳي وئي
    هٿن سان هڻي وئي وري يار ماڌو.

    طبع انفرادي لڳي ڪا نه ڪنهن سان
    مڙي وئي ملڻ کان-ڏسي يار کانڌو.

    نه آيو اڳي هو نه هاڻي ڪو ايندو
    رهان منتظر ڇو-ڪري ڪير جادو.

    نه ڪي سور سهجي نه ڪي پور پئجي
    ملي ڪو ملي ڀل-نه تادي نه تادو.

    اسان ڀي ڏٺو آ-هنن ڀي ڏٺو آ
    نه آ هوڪو بابو نه مان آهيان بابو.

    امين آ امن ۾ اچي ويو هميشه
    نه ڪي قرب ڪنهن سان رڳو هو ته نازو.

    نوافل پڙهي پيو-ته ميلاپ ٿئي ڪو
    مگر يار هاڻي-ٿبو ڪين قابو.

    نه کائڻ جي عادت-آ ايڏي اسان ۾
    نه ڪا چهري چيز آ-نه ڪي حلوه چاٻو.

    جهڪيو ڪين ڪنهن ڏي اجايو نه جهڪيو
    توڪل جي ترهي-چڙهيو آ ديوانو.

    حسد ۾ فسد ۾-رڳو آ آ فسق ۾
    جهد آهي وزش ۾ ڳوڙهو خزانو.

    نه ڪي گوڙ سهڻا-نه ڪي موڙ سهڻا
    چڱو ٿيو جو ٿي ويو-ٻڌان ڇو مان تانو.

    ٿو هر هر پياري غصو غم جو پاڻي
    وري ڪين پيبو-خراب آ مثانو.

    اسان تي رڳو فرض رشتن جو آهي
    هتي ڌاريان ڀي-رڳو باڙدانو.

    اول هو عجب هو-هينئر ڀي عجب آ
    نه ڪي راڳ هُن ۾ نه ڪي سُر نه ڳانو.

    ڏٺي ڪائنات آ-اشارن ۾ ساري
    نه ظاهر جي ياري نه باطن جو يارو.

    نه دولت نه شهرت عياشي به ڪهڙي
    رڳو حرص يارو-ڪري ٿو بيگانو.

    رڳو آسرن ۾ هلون پيا جهان ۾
    عجب هي جهان آ-عجب هي زمانو.

    فقط دين دنيا تهان آخرت پو
    سڄو هي آ منڍل فقط هڪ فسانو.

    نه ڪي حسن ساحل نه ڪي عشق عاقل
    نه ڪي عقل عادل-چوي ٿو لکانو.

    عزت آ خدا جي-خدا لئه عزت آ
    محبت ۽ محنت عزت آهي جانو.

    پراڻا پهاڪا پراڻا زمانه
    عجب يار هئا ڪي-عجب ڪارخانو.

    چوان ٿو ڪيانٿو چڱو پڻ ڪيانٿو
    اڪيلو مان ناهيان اندر ۾ ڪو آمون.

    هُنن ڇا پئي سمجهو-اسان ڇا پئي سمجهيو
    خبر ڪين ڪائي-جتي چئو هلانٿو.

    اميدون اجايون وڏا خواب سپنا
    نه هُو هو نه هي آ- رڳوا راز راڻو.

    اسان جو جياپو آ فلمي ڪريڪٽر
    سچي آ ڪهاڻي عجب آ ڊرامون.

    سئاها-ڏٺا ڀي-هئا ڇا-الائي
    وري غور ڪيڙو-نه سمجهيو اياڻو

    حفن ڏينهن هڪڙي فنا تون به ٿيندي
    قبر شل هجي تو-ولي آستانو.


    آ ناري نه ڪنهن سان ڪڏه پرت پاڙي

    آ ناري نه ڪنهن سان ڪڏه پرت پاڙي
    مٺو ٻول ڪهڙو-رڳو آهي ٻاڙي

    نه ڪا بردباري نه ڪا دل نوازي-
    رڳو هلڪڙائي وچولي يا لاڙي.

    ڏسي هلڪڙائي-دکي دل هميشه-
    سڄو وقت هن جي لڳي پئي آڄاڙي.

    وڻي ٿي مگر دل ۾ ٿم پيار ٿورو-
    لڳي ٿو ته شايد-اها آ بيپاڙي.

    جي اظهار الفت ڪيو مون جڏه ڀي-
    تڏه مون لڳو آهي ٻڪري پهاڙي.

    پسند پيار کان گهٽ آ احساس دل جو-
    سڪون دل جو بلڪل وڃي ٿو ڏهاڙي.

    نه رمزو نه غمزو رڳو نيم نخرو-
    نه سهڻي نه ساهڙ رڳو منهن مهاڙي.

    عجب مهل آهي وڻي ڪو وڃي ٿو-
    خيالن جو قيدي هميشه اناڙي.

    رڳو جسم سهڻو-مگر سمجهه ٿوري-
    پو ڪهڙي ته عاشق جي ٿيندي پڇاڙي

    ملي ٿي جڏه ڀي گهري پيار ۾ سڀ-
    چوي ٿي ته مون کي جوڙائي ڏي ماڙي.

    ڪڏه خيال ڪهڙا-ڪڏه حال ڪهڙا-
    اُتي ئي اچانڪ-وڄائي ٿي تاڙي.

    اچانڪ ڪو جهيڙو-ڪڏڏه ڪنهن سان ٿي پيو-
    اُتي ئي ٿي سمجهي ته آ مڙس ڀاڙي

    ڀلي راز ڪهڙو به هن کي ٻڌائي-
    ڍڪڻ جي خبر ڇا-صفا آ اُگهاڙي.

    اچي خيال هن کي هل ٿي وڃي هي-
    ڏسي ٿي نه واڙو نڪا ڪائي واڙي.

    ڀلا ڪير چوندو عزت وارو هنکي-
    نڪا سينڌ ثابت-نڪا ٿس ڪاڏاڙهي.

    وفا جو ڀروسو ڪيو جنهن به هن تي-
    وفا هن جي اهڙي آ جهڙي ڪهاڙي.

    سٺي ڳالهه مردن جڏه ڀي ٻڌائي-
    ٻه پيري ٻڌي پو-سڄي سا بگاڙي.

    ڪڏه تو ٻڌو آ-نبي ٿي آ ناري-
    هي ماڻهو جي صورت ۾ آهي بگهاڙي.

    هزارين تون ديوان هن تي لکين ڇڏ-
    مگر هر سٺي شي آ هن ئي اُجاڙي.

    حفن يار سادو ڇا ڀولو به آن تون-
    تڙائي پو آدم جي دلڙي به ساڙي.


    ڪري هلڪڙائي-تون عالي نه ٿيندين.

    ڪري هلڪڙائي-تون عالي نه ٿيندين.
    ڪري نفرتون پو-غزالي نه ٿيندين.

    نه ڪو نيهن سمجهين-نه اعزاز ڪو ئي
    چڱي ڪم بنا تون-مثالي نه ٿيندين.

    برن ۽ ڪنن کي-ٿو سمجهين اُصولي
    چڱن جو مددگار-مالي نه ٿيندين.

    رڳو خود ثنائي-۾ ورتل جي هوندين
    گناهن کان بلڪل-تون خالي نه ٿيندين.

    محبت شرافت ادب ۽ سچائي
    ڪڏه ڀي تون حاذق حلالي نه ٿيندين.

    خدا سونهن تو کي ڏني آ شڪر ڪر
    تون سيرت بنا هٿ-ڪا بالي نه ٿيندين.


    اُهو علم ڪهڙو-عمل جنهنجو ناهي
    وڏي مرتبي وارو-والي نه ٿيندين.

    برن سان ڀلائي ڪرڻ ڪم چڱو آ
    چڱي ڪم بنا تون-بلالي نه ٿيندين.

    رڳو جام پنهنجو-ڀري پي وڃي ٿو
    ڇڏي رند ساٿي-ڪلالي نه ٿيندين.

    رڳو آسرن تي حياتي گذارڻ
    سوا پنهنجي محنت-ڪمالي نه ٿيندين.

    اجائي حياتي گذاري نه ڇڏجان
    ٻين جي ڪلهن تي-پخالي نه ٿيندين.

    حفن کي ٻڌائي-ٿيڻ ڇاٿو چاهين.
    مقالا لکڻ بن-مقالي نه ٿيندين.


    محبت جي پاڪ آ-ته عاشق ولي آ

    محبت جي پاڪ آ-ته عاشق ولي آ
    گلن ۾ جا خوشبو-اگر ڪنهن جهلي آ

    اگر فرج سالم-سراسر هلي پيو
    ته هر چيز ان ۾-برابر ڀلي آ.

    صُراحي شرابن سان معمور آهي
    انگوري آ رنگت انگوري ڪلي آ.

    جي ڪمرو به نئون آ-۽ روشن به آهي
    پو سمجهو ڏيئي ۾ نئي وٽ جلي آ.

    بغل ۾ جي وَرَ جي-سُهاڳڻ ستل آ
    گلن سان سجايل سا عالي رَلي آ.

    قمر چوڏهين جون-ٿڌو ڏينهن ڏسجي
    اندر ۾ ڪا هلڪي-هوا ڄڻ هلي آ.

    آ تاريخ پهرين-آ مس چنڊ اڀريو
    ريکا چنڊ جهڙي ٻڌائڻ هلي آ

    صبح جي صبا م گلن جو ٽڙڻ ڏس
    گلن جي آ خوشبو-سڀن کان ڀلي آ.

    اچانڪ آ آڌي-اٿاري ڇڏيو مون
    فضا راز هي ڳالهڙي ڪا سلي آ.

    جهڙن ۾ هي چنڊڙو-لڪي پيو تڪي پيو
    فضا ۾ آ راحت-هوا ڀي کلي آ.

    هي سجڙو لڪي رات کي ڄڻ سڏي پيو
    اٿئي شام ٿي وئي پِرن سان ملي آ.

    اهو وصل پهريون جو محبوب سان ٿيو
    اهو شهر سهڻو اهائي گلي آ.

    نگاه تبسم-مٿان سينڌ سرمون
    ڳلن ۽ چپن جي ڇا چر پر چلي آ.

    منڌل هوس من ۾-ملڻ ڪين ٿيندو
    مون مشڪل سان دلڙي-حفن کان پلي آ.


    حسينن جو پاڙو-وساري هلي آ.

    حسينن جو پاڙو-وساري هلي آ.
    قريبن جي قربي-ڪناري هلي آ.

    نه دل جي خبر ٿن-نه ڪي عشق تن کي
    مٿي تان وزن هي-اتاري هلي آ.

    مروت اٿن ڪا نه ڪي قرب سهڻن
    محبت تون اهڙي ٻهاري هلي آ.

    اسان سونهن کي سهڻو ڀڳوان سمجهو
    تون پوڄا کي من مان-مساري هلي آ.

    مون ڳوليو ته سهڻا صفا ٿورڙا هن
    رڳو کوٽ ٿن تون-سنڀاري هلي آ.

    سڪن تي ٿا وڪڻن-سندن حُسن هر هنڌ
    انهن کي پري کان-نهاري هلي آ.

    خدا حسن پنهنجو نکاريو هنن مان
    ڏسي تن کي خود کي-اجاري هلي آ.

    مٿان نفس پنهنجو-اُڀارين اي عاشق
    قفس ۾ رکي نفس ماري هلي آ.

    مجاز آهي جيڪر-ته پو ٺيڪ آهي
    مزاجي تون حرڪت-پگهاري هلي آ.

    وفا جون اميدون-وري حسن وارا
    متان ٿين انهن جي پناري هلي آ.

    ملي سونهن جن کي-تنين قدر ڪهڙو
    انهن کي هميشه-تون ٽاري هلي آ.

    عقل آ نه سمجه آ-نه نرمي پريمي
    اها سونهن عاشق کي ڳاري هلي آ.

    اگر عشق ۾ تون-جي مجبور آهين
    هميشه لئه تنهن کي تون ٺاري هلي آ.

    بگهڙ وانگي عاشق جي ڪُک ٿو ڪڍي هي
    هي مجبور دل ٿو-ڌتاري هلي آ.

    حسينن جي سڀني-ادائن کي سمجهو
    اٿئي نانگ ڦڻ ٿو-ڦلهاري هلي آ.

    تونگر لئه حسن آهي گهنگهرن جي ڇن ڇن
    نچائن ٿا تن کي-اُٿاري هلي آ.

    تونگر اچي ٿو ته جهومي ٿو سهڻو
    سڄي رات ڪيئن ٿو هو گهاري هلي آ.

    هي خاطر نوازي-۽ ٻيو ناز نخرو
    تونگر جي دلڙي ڌتاري هلي آ.

    ٻنهي جو توازن ڪري وٺ اي عاشق
    تون سهڻن جو لاڙو-نهاري هلي آ.

    جوان آ حسين آ-مگر هو غريب آ
    جي سوچين غريبن جي باري هلي آ.

    امير آهي جهونو-اٿئي سوني جهرڪي
    ڏسو ڪيئن ٿو-بلبل اُڏاري هلي آ.

    اهو رنگ رنگين دنيا جو ڏس تون
    خدا کي پو خود کي تون ساري هلي آ.

    هِتي حسن ڪهڙو-وري عشق ڇا جو
    غريبن جي دلڙي سمهاري هلي آ.

    متان يار فلمي ڪهاڻي تون سمجهي
    حقيقت مغز م ويهاري هلي آ.

    مجازي محبت ۾ مدهوش ره ڀل
    تون اهڙي محبت کي تاري هلي آ.

    سچي عشق جي هت-ڀلي ڳالهه ڪر تون
    شمع عشق جي ڀل تون ٻاري هلي آ.

    اگر انتظار آ-وصال حسينا
    ڀلي عشق اهڙي کي ماري هلي آ.

    اگر جسم تنهنجي ضرورت آ دلبر
    ته هڪ رات اهڙي گذاري هلي آ.

    اگر عشق پارس هجي ها جهان ۾
    نه پيسو ڪو عورت کي کاري هلي آ.

    وفائون ڪيون تو-جفائون ڪيون هن
    حفن هت نه ڪو ئي ٿو پاري هلي آ.


    چيم هڪ حسين دلربا کي ته ڏي دل

    چيم هڪ حسين دلربا کي ته ڏي دل
    ته مرڪي چيائين اڪيلائي ۾ مل

    چيو مانس هر ڪو ڏسي پيو ٻنهي کي
    ٻڌائي ملڻ جو اي محبوب ڪو حل

    لنگهي وره ڪيئن ويا مگر اي حسينا
    رڳو آسرن ۾ بهانا ٿئي شامل

    ملي موقعو آخر-ويو مون کي هن سان
    ڪيم حال دل جو-مگر رحم هو نِل.

    ستائين ٿو مون کي-مزو ٿو اچي تو
    کلي پو چيائين ته آهين تون پاگل.

    نه تنهنجي مان آهيان نه تنهنجي مان ٿيندس
    ڀلي خرچ پيو ڪر-ستائيم پيو ڀل.

    نه هير آ نه سهڻي نه ليلا نه شيرين
    رڳو پئي ستائين ڀلا سمجهه سائل

    اهو شيوه سهڻن جو آهي اصل کان
    ته تعريف جو بس هميشه هُجي هُل.

    فنا سونهن تي ڏس-عجب ناز آ تن
    نه دل کي ٿا سمجهن ته ڪا آهي هي دل

    ادائون انهن جون فقط روڳ دل جو
    مسيحا ٿا سمجهون-انهن کي ئي هر پل

    اسيري ڇڏي ڏي-حفن بيوفا جي
    محبت جي بلڪل صفا ناهي قابل.


    اجايو مون تو کي پي سمجهيو پرايو

    اجايو مون تو کي پي سمجهيو پرايو
    حقيقت ۾ آ هين سڪون منهنجو سايو

    تنهنجي سادگي کي عجب سان ڏسان ٿو
    زماني کي سهڻي نموني هلايو.

    ڪڏهن رنج راتيون ڪڏهن قرب واريون
    انهن کي سهيڙي چڱو تو نڀايو.

    ڪڏهن پور سورن کان وڌ ٿا سٽائن
    اچي فهم و پيمان ۾ مارن مڃايو

    ڪڏهن سور ساڪت طريقي ستائن
    وري عقل درمان ٿي تن کي هٽايو.

    ڪڏهن موڊ مستي ڪڏهن قرب ڪورو
    اچي اوري ارپي ٿو خود کي رجهايو.

    وري ٻول ٻولين وري سور اورين
    اهي ئي ته وندرون وڃن ٿيون ڪمايو.

    نگاهون کڄي پو مگن ٿي پون ٿيون
    پي مڌرا شبابي-پرن پريت پايو

    نگاهون نمن پيون ڏسي محب مستي
    اچي محب اوري آ ڪنڌڙو نمايو

    عجب عشق آيو عجيبن کان اهڙو
    آهيان محب ۾ مان سمائي سمايو.

    نمي نيهن سان ٿو ادائن سان چنبڙين
    هميشه ائين ڪر تون ڀاڪر ۾ پايو.

    ايامن کان هئي آرزو شل ملي مون
    اهو ئي مليو ٿم-سو ساڳيو سڏايو

    اهو قرب قربي ڇو وسري ڀلا مون
    ائين شل هميشه رهين ڀال ڀايو

    رهان ٿو مان خوش ۽ رهان پر سڪون ٿو
    زمانو عجب ۾ جڏهن مون ٻڌايو

    اهو ئي جهان جو حسين حسن آهي
    ٿئي خوش ٿو محبوب نظرون ملايو

    اها موج مستي هميشه هجي شل
    انهي جي شغل ۾ نمي نيهن نايو

    محبت جون ميخون اڃا ڪاڏي هونديون
    اتي ئي رهن ٿيون رکي راز رايو.

    اهو آهي مشڪور نعمت جو بدلو
    دعا کي خدا آهي نعمت بنايو.

    شڪر آ خدا جو اٿس -سونهن خلقي
    سڄي سونهن سان ٿس جهان کي سجايو.

    خدايا هميشه اهو ساٿ رکجان
    متان مون کي هن کان الڳ ڪو رهايو

    طفيلي حبيبي گناهن کان بچيس
    تنهنجي مهر مالڪ آ مون کي بچايو

    ازل کان آ قائل سجود خدا جو
    حفن کي تو پنهنجو تڏهن کان بنايو.


    پراڻو زمانو وري ياد آيو-

    پراڻو زمانو وري ياد آيو-
    رُڳو هو فسانو وري ياد آيو

    جواني ملي پر بنا عيش عشرت-
    هو سپنو سُهانو وري ياد آيو

    سوين خواب آيا اجا سجايا-
    نه تعبير تانو وري ياد آيو

    حسينن کي ڏسندي جواني ٿي پوري-
    عجب عاشقانو وري ياد آيو

    جواني جو جوڀن ۽ جوهر شُعل هو-
    عجب هو خزانو وري ياد آيو

    ٻري جوت سيني ۾ جبلت جي هر هر-
    عجب ڪارخانو وري ياد آيو

    اچانڪ عجيبن سان اکڙي اڙي پئي-
    اُهو آستانو وري ياد آيو

    هي گلزار گلشن ته سر سبز ٿيو آ-
    اٿم آب دانو وري ياد آيو

    جواني جي هڪڙي عمر آ هي يارو-
    آ گانو بجانو وري ياد آيو

    جواني گناهن جو آهي تسلسل-
    هلي ڪو بهانو وري ياد آيو

    حفن ٻوٽو ٻاريو نه ڪو ئي جهان ۾-
    زماني جو طعنو وري ياد آيو.


    وڃين محب کي تون ٻڌائي پيامي-

    وڃين محب کي تون ٻڌائي پيامي-
    تنهنجي عشق ۾ دل ڀري پئي سلامي

    جڏهن کان ڏٺم تو کي بزم سخن ۾-
    تڏهن کان ڦٽي ننڊ ٿي بي آرامي

    جي تو ٻول ٻوليا سهيلين جي ڪٺ ۾-
    تنين سحر دل تي ڪيو آ بي دامي

    چيو ڪنهن سخن بن آ محبوب ڪهڙو-
    نه رمزو نه غمزو نڪي خوش ڪلامي

    ڪري ناز نخرا نوازين ٿو عاشق-
    لڳي ٿو هي انداز تنهنجو عوامي

    جڏهن زلف ڪرلي هٽائين ٿو رخ تان-
    چوي دل پئي تنهنجي ڪيان مان غلامي

    نهارين پيو ترڇي نظر سان جڏهن تون-
    لڳي پيو ته تنهنجون اکيون هن بدامي

    ملڻ مان گهران ۽ هجين تون به راضي-
    ملڻ جي خوشي ۾ وڃي دل وسامي

    نگاهن ۾ تنهنجي ڏٺم پُر هئي مڌرا-
    ڏسڻ ساڻ سڪتو ٿيو طاري دوامي

    فضيلت ڀريو يار آهي ٻڌو ٿم-
    عقل ۽ فهم جي نه ٿس ڪائي خامي

    محبت مقدس امانت آ يارو-
    حفيظ آ يقينن محبت جو سامي.


    محبت جي محفل مچائي هليو آ-

    محبت جي محفل مچائي هليو آ-
    مقدر جي شمع جلالئي هليو آ

    جنين سان هي جيئڙو جڙيل آهي جانب-
    تنين سان تون نيهڙو نڀائي هليو آ.

    هئا ننگ ناموس ناتا نماڻا-
    تنين کي سڃاڻي ڳڻائي هليو آ.

    برابر زماني جون انگڙايون آهن-
    سهي سڀ ڀلو ٿي سهائي هليو آ.

    جتي لاڏ آهي اُتي ڪوڏ آهن-
    ڀلي لاڏي ڪوڏي ڪڏائي هليو آ.

    هي پنهنجا هو پنهنجا سڀئي پنهنجا آهن-
    خطائون سڀن جون ڀُلائي هليو آ.

    حياتي ۾ ڪهڙو سمر باقي آهي-
    تنفر جي طوقن کي تائي هليو آ.

    محبت جو ميوو صبر وانگي مٺڙو-
    زنگي دل کي ڌوئي سجائي هليو آ.

    جواني ته دنيا سندي زينت آهي-
    تهين کي سنواري سنڀائي هليو آ.

    هِتي لڳ لاڳاپا ئي سرمايو آهن-
    تنين کي سهيڙي سرائي هليو آ.

    محبت جون ميخون اندر ۾ کتل هِن-
    انهن کي تون چت ۾ سمائي هليو آ.

    حفن آهي سمجهو-سرائي آ دنيا-
    رهڻ جي تون قابل بنائي هليو آ.


    اچي محب اوري چمي ڏي ڳلن تي-

    اچي محب اوري چمي ڏي ڳلن تي-
    چپن کي جي چوري چمي ڏي چپن تي.

    نظر نيهن نرمل نهاري نشي سان-
    گلي سان لڳائي چمي ڏي اکن تي.

    ڪري قرب قربي کلي ٿو خوشي مان-
    تون ويجهو ٿي ان کي چمي ڏي ڏندن تي.

    ملائم هي هٿڙا جهلي ڏس حفي جا-
    اکن تي رکي پو چمي ڏي هٿن تي.

    پرين پير پيارا پدم جي پسائي-
    چمي ڏي انهن کي ۽ ان جي پٻن تي.

    جي خنده جبين ڏس ٽڙي پيو ٺري پيو-
    مٿي تي چمي ڏي ۽ ان جي حصن تي.

    جي ارڏو جهڪي ٿو جهڪائي ٿو ڪنڌڙو-
    چمي ڏي تون ڪياڙي ۽ ان جي ڪپن تي.


    جي آغوش ۾ ٿي ٿو شرمائي هر هر-
    چمي ڏي سجن کي پو سيني سجن تي.

    بدن جي جي خوشبو ڪري محو هر هر-
    ڀلي پو چمي ڏي تون چاندي بدن تي.

    جي محبوب سائين اچي ٿو بغل ۾-
    چمي ڏي بغل تي پو هڙني هنڌن تي.

    ملي مطمئن ٿي ٽڙي ٿو جي خرمي-
    چمي ڏي اُتي هن کي جذبن نون تي.

    حفن تنهنجو اعليٰ ترين آ تخيل-
    محور آ جنهن جو-چمڻ جي وزن تي.


    خدا کان نه مايوس رهجان اي بنت

    خدا کان نه مايوس رهجان اي بنت
    نڪي ظلم ڪنهن جو به سهجان اي بنت

    صفا خوبصورت آ تخليق تنهنجي
    ڪڏه گهٽ نه خود کي تون چئجان اي بنت

    زماني کي ڏس چوطرف هر نظر سان
    عقل سان تون سمجهي پو هلجان اي بنت

    عجب رنگ رنگيءَ بنايو جهان ۾
    مزو وٺ فضائن جو دل سان اي بنت

    خدا تو کي آدم مان پيدا ڪيو آ
    مگر هت سڀئي ڏس ته تو مان اي بنت

    هو احسان آدم ڪيو تو تي هڪ ور
    مگر تنهنجا در جا مٿاهان اي بنت

    تون احسان فراموش ناهين مگر سچ
    ته مردن جي روحِ روان آن اي بنت

    ڪڏه ڪين مردن ڄڻيو آه ڪنهن کي
    اگر تون نه آهين نه دنيا اي بنت

    رڳو ٻِگ نظر سان جي عورت کي ڏسبو
    نظر اهڙي بلڪل ذيان آ اي بنت

    محافظ آ مردن کي مولا بنايو
    تڏه ٿو ڪري جان قربان اي بنت

    جوان مرد هر ڪو ٿو تو تان فدا ٿئي
    سنڀالي هتي خود کي هلجان اي بنت

    جهان ۾ نه پهتو ڪو مرد آ اُفق تي
    سهارو جي تنهنجو نه هن سان اي بنت

    ڊڄن زن مريدي کان بيشڪ بهادر
    مگر تو ڏي سڀئي جهڪن ٿا اي بنت

    حفن يار خود کي سڃاڻي آ ورتو
    يقينن ڪري پيار تو سان اي بنت.


    تبسم ۾ تائي نگاهون ملائي

    تبسم ۾ تائي نگاهون ملائي
    ويو يار رمزن ۾ مون کي رلائي

    ادا تي فدا ٿئي ڏسي ٿو عدم ٿئي
    اهو آ ته ڇاهي اي ساحر ٻڌائي

    نگاهون نشاهن ۽ نخرا نوان هن
    وري لوڏ مرڳو ٿي سرڙو وڃائي

    اچي پيو ته مرڪي وڃي ٿو ته ڪرڪي
    ڪندو ڪير مَهلون صنم کان سوائي

    وڻي ٿو اسان کي-اسان ڀي وڻون ٿا
    لڳي ٿو ته دل جي لڳن پئي هلائي

    ڪري ياد ٿو هو-ٺري انگ انگ ٿو
    هلي ٿو اچي دل جي دنيا سجائي

    سفر تي وڃي ٿو-صفا يار ٿورو
    مگر جسم جان کي ڇڏي ٿو هِلائي

    رڳو انتظار آ-اِجهو ٿو اچي هو
    نگاهون درن تي ويٺا هون لڳائي

    اڃا يارُ هُتڙي- هتي ڪين ايندو
    ڪنهين مت جي موڙهي-ڇڏيو آ منجهائي

    جڏه مور وانگر هٺيلو هلي ٿو
    دعائون گهرن ٿا ته نظرون ملائي

    عجب موج مڻيان اکين ۾ سمايل
    سمائي سماُيس ڏٺم جو چتائي

    حفن ڀل حسينن جي ڪر انتظاري
    انهن کان سوا پل ٿو هر ڪو ستائي.


    جي دلبر آ دارون نه درمل ڇڏي ڏي.

    جي دلبر آ دارون نه درمل ڇڏي ڏي.
    جتي نيهن نازڪ نه نرمل ڇڏي ڏي.

    محبت ته من ۾ هميشه رچي آ
    نه الفت آ جنهن ڏي سو بيدل ڇڏي ڏي.

    اگر دلربا بزم مان ئي وڃي ٿو
    اُها يار محفل تون بلڪل ڇڏي ڏي.

    ضروري ته ناهي بدن کي بدن سان
    ملائي ٺرون ۽ ٺري دل ڇڏي ڏي.

    اِهو عشق ڪهڙو جو جسمن سان پلجي
    اگر دل نه دل سان لڳي ڀل ڇڏي ڏي.

    ڪڏه اوچتو ئي وڻي ڪو وڃي ٿو
    اهو آهي سانوڻ جو بادل ڇڏي ڏي.

    نگاهون ملن ٿيون-نظارو به آ نرمل
    پو دنيا جي هر ڪائي محفل ڇڏي ڏي.

    چڱي ديد آهي ته دنيا حسين آ
    چڱو چونڊي باقي تون عاقل ڇڏي ڏي.

    محبت علاج آهي هڪڙو جهان ۾
    محبت جتي ناهي بخمل ڇڏي ڏي.

    زماني سان گڏجي هلين ٿو ڀلي هل
    سوا ڪنهن به مقصد جي منزل ڇڏي ڏي.

    ڪڏه ڪين ٿيندين زماني جو والي
    اجاين خيالن جي هلچل ڇڏي ڏي.

    حفن معتبر پاڻ کي پيو تون سمجهين
    ٻڌائي ڪيو ڇا ٿئي حاصل ڇڏي ڏي.


    هلي آ تون مون ڏي ڪري ڪو بهانو

    هلي آ تون مون ڏي ڪري ڪو بهانو
    لڪڻ آ ضروري خراب آ زمانو

    جواني جا ڏينهنڙا صفا ٿورڙا هن-
    اسان جو اهو ئي سڄڻ آ خزانو

    اسان جي طبعيت سڀن کان نرالي-
    سڀن سان لڳي جو نه آ دل ۾ خانو

    اچانڪ مون تو کي ڏٺو آ هِتي پر-
    متاثر وڏو تو ڪيو مون کي جانو

    خوشي جي گهڙي ڪا اچي گهار مون سان-
    رهي روح پنهنجو ته تازو توانو

    جواني هميشه جو تحفو ته ناهي-
    ڪيو رقص جانان وڄائي پيانو

    ذري جي ملي ٿي خوشي سان کلي وٺ-
    هتي هي نه ڪنهنجو رهيو آ ميخانو

    هتي ظرف وڪجي ٿو ٿورن گهڻن تان-
    چڱن جو ڪٿي آ هتي ڪو پيمانو

    ڏکن ۽ ڏجهن جو هي سنسار آهي-
    اسان جو مٺو پر ترانو به تانو (طعنو)

    زماني ۾ هر هڪ الڳ ئي رهي ٿو-
    نه ڪو آه ڪنهنجو اهو آ فسانو

    اميدن جا گلڙا ٽڙن ڪين ٿا جت-
    اُتي ڪهڙو گلشن رڳو آ ويرانو

    حفن پاڻ ۾ اچ ڪيون عهد و پيمان-
    رهون گڏ ڪري گهر کي پنهنجو گهرانو.


    وفادار دلبر وفائي ڪري وڃ.

    وفادار دلبر وفائي ڪري وڃ.
    هجر سوز دل سان ڀلائي ڪري وڃ.

    نشيب و فراز آ سڄي زندگي ۾
    ملڻ جي ڪري اچ سهائي ڪري وڃ

    ڏسان ٿو مان تو کي ته وندري وڃاٿو
    انهي جوت سان دلربائي ڪري وڃ

    ستارن جي گردش آ ويجهو ڪيو پر
    اچي پيار سان رونمائي ڪري وڃ

    ڏسي مسڪرائي منڌل من ريجهائي
    ڀلائي سڄڻ تون اها ئي ڪري وڃ

    جڏهن تون اچين ٿو لهن پور سڀئي
    اچي ڪو انهن جي ڪشائي ڪري وڃ

    عجب ذات تنهنجي آ محبوب سائين
    ڏکن ۽ ڏجهن جي ڏهائي ڪري وڃ

    سڄڻ جي سچو آ ته آباد آ دنيا
    حفن جي وفاسين خدائي ڪري وڃ


    اٿئي عشق انڌو پري ره تون هن کان

    اٿئي عشق انڌو پري ره تون هن کان
    عشاقن جو ڌنڌو پري عاقلن کان

    لڳي کي نڀائي ته سودو ٿيو سر جو-
    پو گردن جو ڦندو ڦري جان تن کان

    هي ادراڪ تعقل کان آ جو ازل کان-
    ڏٺو ڪنهن نه سنڌو پري آ حدن کان

    حقيقت جو معراج عشق آ مجازي-
    الڳ سوئي بندو زمين وز من کان

    مجاز آهي صورت پچائي سا پر ۾-
    نه ٻاهر آ ڪنڌو ڪو دل جي صحن کان

    جي عشق آ ترابي بنا ڪنهن خرابي-
    ته عاشق پو انڌو ويو ڪل ڪمن کان

    تقابل بدن جو نه صورت سان ڪر تون-
    اٿئي حسن منڌو چڱو آ بدن کان

    مجاز عشق فطري تسلسل رکي ٿو-
    گهري ڪين ڪنڌو حسينن سڀن کان

    مڃانٿو ته جوڀن ڏي هر ڪو وڌي ٿو-
    نڪو نيهن کندو ملي جو هٽن کان

    بدن گلبدن جي جو خوشبو ٿو سونگهي-
    وڃي ڇا ته ڪندو پري هن چمن کان

    جو مدهوش ماکي چکي ٿو چپن تان-
    چندن جو هي چندو گهري ٿو سڀن کان

    حفيظ آهين صورت جو حبدار بيشڪ-
    زمانو آ گندو پري ره برن کان.


    ڏسي وقت خود کي مون موڙي ڇڏيو آ

    ڏسي وقت خود کي مون موڙي ڇڏيو آ
    عجب درد کي دل سان جوڙي ڇڏيو آ

    منهنجي درد لفظن جو جامون آ پهريون
    تحسس جي تيرن جنجهوڙي ڇڏيو آ

    منهنجا لڙڪ موتي متان آب سمجهو
    انهن خونِ دل کي وِلوڙي ڇڏيو آ

    عجب درد جو هت وُجود آهي يارو
    ڳجهي پيڙ سان جنهن مروڙي ڇڏيو آ

    حصو درد مان هت مليو آ سڀن کي
    مگر هن ته دل کي نهوڙي ڇڏيو آ

    جنجهوڙن ٿيون سوچون سوين فهم جوڳيون
    اندر تن يقينن-اڊوڙي ڇڏيو آ

    صبر ڪر صبر ئي علاج آهي دل جو
    صبر ئي ته شدت کي ٽوڙي ڇڏيو آ


    دونهين درد دل جي-دکي پئي دکي پِئي

    دونهين درد دل جي-دکي پئي دکي پِئي
    اڃا رڙ اندر مان-اٿي پئي اٿي پئي

    هُنن ڀي هِنن ڀي -آ هر هر رنجايو
    جگر تي ڇري ڄڻ هلي پئي هلي پئي

    سڀئي پرسڪون دل پيا سمجهن اسان جي
    اندر ئي اندر ۾-جُهري پئي جهري پئي

    ڏسي لڙڪ سمجهن ٿا اکڙي رُئي پئي
    هي آتش فشان مان-ٽمي پئي ٽمي پئي

    مون هڪ ڪوهنور آ-تراشيو هٿن سان
    بَلا هڪ فريبي-ڦُري پئي ڦري پئي

    بلا جي وڪڙ مان جي هيرو ڇڏايو
    مون بيوس کي جيڪر ڏنگي پئي ڏنگي پئي

    ڏسان مان اکن سان-ته هو ڀي جلن ٿا
    هي فطرت انهن کي-وڍي پئي وڍي پئي

    چون ٿا ته بدلو-هتي ئي ملي ٿو
    اڃا منتظر دل-ڏسي پئي ڏسي پئي

    گهڻي ڪئي مون ڪوشش ته وسريم هر غم
    مگر باه هر هر-اٿي پئي اٿي پئي

    دکي دل جون دانهون ٻڌين ٿو تون يا رب
    ڏي انمول هيرو-گهري پئي گهري پئي

    ڪڏهن کان جا تڙپي-حفيظ آهي دلڙي
    ملي تيئن جيئن دل-گهري پئي گهري پئي


    ڪيو علم اخلاق تهذيب حاصل

    ڪيو علم اخلاق تهذيب حاصل
    ڪڏهن ڀي نه رهجو بنا علم جاهل

    چون ٿا ته انسان اڳي جا ڀلا هئا
    وفادار اهڙا جو هڪ ٻئي لئه بادل

    اگر فيصلو ٿيو ته آ اچين وڃڻو
    آ قابل ٿي ورڻو ڪبا حل مسائل

    وڃي ٿو نه موٽي اچي ٿو اگر ڪو
    نه آ چين ۾ چين جو ڪوئي حل

    سوين بزدل آهن ڀڄي ٿا وڃن جي
    سڄي زندگي جو جلائن ٿا فائل

    هزارين ته اهڙا ٻڌا مون به آهن
    نه ويڻ ۽ وطن جي رڳو ڳالهه باطل

    حياتي آ ٿوري مگر خواب اوچا
    هتي وائڙا سڀ لڳن ٿا مون پاگل

    هي ڪارو هتي ئي لڳي خوبصورت
    هُتي ڇا به هوندو مگر هوندو سانول

    حفن علم آهي ته همت جوان آ
    مسائل جي آڏو رهو منهن مقابل


    نگاهه جي خمار ۾ شراب مون ڏٺو صنم

    نگاهه جي خمار ۾ شراب مون ڏٺو صنم
    شباب پُر حجاب لا جواب مون ڏٺو صنم

    هُو گلبدن گلاب هو يا دلفگار يار هو
    حسين دلربا جو اڄ شباب مون ڏٺو صنم

    گناهه جي فضا ۾ اڄ نگاهه جو ڀرم رهي
    ڀرم جو واشگاف اِضطراب مون ڏٺو صنم

    اکين سان جي ڏسي وٺن چپن سان جي ڇُهي وٺن
    تنين جي انگ انگ ۾ سراب مون ڏٺو صنم

    گلن کي جي کڻي سنگهن ۽ عرق پو ڪڍي وٺن
    ستم سان هو نپوڙيل گلاب مون ڏٺو صنم

    چوي ٿو عشق آهي مون مگر سهي نٿو سگهي
    ستم ڪري جو دل تي سو عتاب مون ڏٺو صنم

    مون ڳڻپ کان مٿي ڏٺا عُشاق هجر ۾ عدم
    چمن سڪل تنهن عشق جو خراب مون ڏٺو صنم

    لڳيءَ کان تون پري ٿي ڀڄ، پري کان ڀل نهار ڪر
    لڳي نپوڙي دل کي سو، عذاب مون ڏٺو صنم

    وڻن کي جا سڪائي ٿي سا عشقه ول سڏائي ٿي
    لڳي لڳن جي لاڳ جو ته باب مون ڏٺو صنم

    ديار يار فطرتن گهري ٿو انتهائي دل
    ملي ته ڪل جهان ٿي سيراب مون ڏٺو صنم

    عظيم ڀل عقل هجي مگر نه عشق سان لڳي
    خلاف عشق جي نه ڪو ڪتاب مون ڏٺو صنم

    اي ناصحا ٻڌائي تون حقيقي عشق آهي ڇا
    ڪتاب ۾ ڪٿي نه ڪو خطاب مون ڏٺو صنم

    وفا جفا سزا جزا هي عشق جو نچوڙ آ
    عشاق کي وصال لئه بيتاب مون ڏٺو صنم

    فراق ۾ وصال لئه رني آ دل هي روز شب
    تقابلي اکن ۾ ڪو نه آب مون ڏٺو صنم

    سڪون جي تلاش ۾ حُصول يار شرط هو
    مجاز مان عروج لئه هو خواب مون ڏٺو صنم

    پلاند عشقهٰ ڄار ۾ وڪوڙجي وڃڻ لڳو
    مگر وزن نه پاڻ ۾ جناب مون ڏٺو صنم

    حفيظ اجتناب ڪر تون عشق جي آڙاه کان
    مجاز جي عميق جو آ تاب مون ڏٺو صنم


    آ نيهن جي نماز ۾ سُجود ڪو قضا نه ٿيو

    آ نيهن جي نماز ۾ سُجود ڪو قضا نه ٿيو
    نشانو جو جتي جو هو اُهو اتي خطا نه ٿيو

    مزا وٺي جزا گهري جفا کي ٿو سزا چوي
    اهو هو يار جو عقل فنا ته ٿيو رضا نه ٿيو

    وفا به ڪر جفا به ڪر سزا به يا جزا به وٺ
    اهو اصول يار جو تون ياد رک خطا نه ٿيو

    نه ڪو مڪان نه ڪو مڪين نه ڪو زمان نڪا زمين
    نه وقت هو نه بخت هو ۽ تخت ڀي عيان نه ٿيو

    جنم وتو نه هو صنم ته عشق هو نه حسن هو
    رڳو هو ڪار ساز هو اسان کان پوءِ جدا نه ٿيو

    شروع ڪري جهان ڪل رجوع ڪري چيائين پو
    عقل فهم سنڀالجو انا ڪڍو خفا نه ٿيو

    ٻڌو ٻڌي وري ٻڌو چوي ٿو هُو اُهو ڪيو
    برو هجي ڇڏي ڀڄو ڪڏهن برو وفا نه ٿيو

    ازل ابد جي ڳالهه ڪر ظهر بُطن ڏي ڌيان ڌر
    ستم ظريفي ڇو بچي اهو صفا رها نه ٿيو

    اميد ڪل حفيظ ڀل خدا ۾ رک ڀلو ڪري
    رکي ڀرم ڪندو ڪرم حساب ڄڻ صفا نه ٿيو.


    سڪون دل اگر طلب ڪرين ته لب خموش رک

    سڪون دل اگر طلب ڪرين ته لب خموش رک
    غبار دل جو آب ٿي وهي اچي ته پوش رک

    سمهي رهن ٿا مثل مرگ-رات ڪاري ٿي جڏهن
    سجاگ ڪو رهي ته ڇو نه ڪنهنجو دل تي دوش رک

    خوشي ۽ غم رهن ٿا گڏ نه ڪرب ڪر نه طرب ڇڏ
    نزاڪتن سين وقت جي تون خود کي خوش خروش رک

    جڏهن ڪو وس هلي نٿو ته راض سمجهه يار جو
    صبر سين انتظار ڪر هي نقطو من بگوش رک

    جهان ۾ هميشه لئه-شب گران نٿي رهي
    اِجها سحر ٿي رونما-اُميد پُر سَروش رک

    نمود ڏينهن جو جڏهن-بَدل ڪري ٿو رات کي
    سحر چوي ٿي رات کي-ته خود کي پرده پوش رک

    جڏهن ٿو مئي سمئه اچي-ته ساقي باده مست ٿي
    ڀري چوي ٿو بزم ۾-هي جام رندي نوش رک

    حفيظ تون نراس ٿي-نه پاند ڇڏج صبر جو
    تون جنهن به حال ۾ هجين-عقل فهم به هوش رک


    ديار حُسن ۾ ته يار منهنجو بيمثال آ

    ديار حُسن ۾ ته يار منهنجو بيمثال آ
    کڻي نظر ته سرڪ پي نظر جي مئي حلال آ

    ثنا صنم سندي ڪرڻ لڳس ته هُو چوڻ لڳا
    ٻٽاڪ ٿو هڻي رڳو اِهو سندس خيال آ

    تماشبن ته پو ڏٺو نظر وجهي تنهن حُسن ۾
    ٿي موم موهجي ويا کلم کلا ڪمال آ

    مزاج ۽ مجاز ۾ ڪو فرق تون بيان ڪر
    ها نفس روح جو ازل کا سنگمي وصال آ

    تون نقش جا خطوط ڏس مگن ڪري ڇڏين من
    جي روح جو غسل اٿئي لڳي لڳن بحال آ

    مزاج کان پري هُيس-مجاز هو خمير ۾
    حفيظ کي مجاز ۾ حسين رخ حلال آ.


    ڪلال جام جلد ڏي ڀري ڀري شراب جو

    ڪلال جام جلد ڏي ڀري ڀري شراب جو
    لڳي آ تاس بيڪران وري ڏي پيالو آب جو

    نگاه کي مٿي ته کڻ حيا جي فل لباس ۾
    نقاب کي هٽا هري مزو وٺا حجاب جو

    نگاه ۾ نظر وڌم صُراحي پر سرور هئي
    چڪور هو اُڏام هئي نظارو هو شهاب جو

    تيار آهي رند هي-جي سرڪ تو وري ڏني
    حساب پو ڪبو نه ڪو شراب جي حساب جو

    اُڃايل آن ڪڏهو ڪو مان ۽ پياس آه چوٽ تي
    ذرو وري وجهي ته ڏي-شراب لاجواب جو

    هِتي هُتي ڏٺو نه مون نکار ڪو به حسن ۾
    صنم بنا ڪنهن حُسن ۾ نه-رنگ هو شباب جو

    گهڻن کي منڌ جي خبر نه مُنڌ جي اي دلربا
    پريم جو اثر نه ٿيو ڪو رڍ کي رباب جو

    لُبِ لُباب حسن جو نقاب ۾ لڪل هيو
    حجاب جيئن هٽي ويو ڪلي ٿي گل گلاب جو

    ڪلال اڄ اسان جو بخت ياور آه ٿيو وري
    ملي ويو صنم اهو جو راڻو هوم خواب جو

    حفن حسين آهين تون حجاب کي بحال رک
    هٽائجان نه حسن تان حسين پُڙ نقاب جو.


    نشو چڙهيو آ نيهن جو قرار آ خمار ۾.

    نشو چڙهيو آ نيهن جو قرار آ خمار ۾.
    هي قلب بي قرار هو مگر آ اڄ قرار ۾.

    خيال ۾ ۽ خواب ۾ رڳو هو دلربا حسين
    نه ننڊ هئي نه چين هو نه هو مزو بهار ۾.

    اڃا ته اڳڀرو نه يار جو آ سلسلو وڌيو
    رهي جو روبرو صفا ٿو قرب ۾ جوار ۾.

    وفا جفا جو ذڪر پيو ٻڌان اصل کان يار مان
    اهو ٻڌائي آهي ڇا اثر اٿن ڪو پيار ۾.

    وڻي ٿو هُو لڳي ٿو مون اسان جي دل آ وئي لڳي
    مگر اڃا اچي نٿو هو عشق جي بازار ۾.

    آ دل لڳي ته قربتون هميشه لئه جوان رهن
    حفيظ ڀل سدا رهن سي دل سندي ديار ۾.


    مون خواهش آ جهان ۾-نه تخت جي نه تاج جي

    مون خواهش آ جهان ۾-نه تخت جي نه تاج جي
    نه مرتبي جي گهرج آ-نه رسم جي نه رواج جي

    ڏٺو اٿم جهان هي رڳو هتي هوس رهيو
    حريص نفس کي فقط-آ گهرج بس مساج جي

    سڪون دل ملي نٿو-نه تخت ۾ نه بخت ۾
    نه ورد ٿو لڀائي دل-نه گهرج آ سماج جي

    نه هاڪ حسن جي ٻڌم-نه رنگ عشق جو ڏٺم
    نه آه ڪنهن ڀري ٻڌم-نه ڪا ندا حلاج جي

    ملي عمر مون ٿورڙي-مٿان وري هجر ڏٺم
    ڀڄي ويو خبر نه پئي-تنهن يار جي مزاج جي

    جواني ڏينهن چار هئي-جا خرچ ٿي هلي چُري
    ٻڌا اي غمگسار ڪا آ گهرج ڪنهن علاج جي

    اميد ٿا چون سڀئي-آ تحفو هن حيات جو
    سڪون جي تلاش ۾-نه گهرج آ خراج جي

    چيو سڀن بلند آ-نصيب پُر اميد جو
    سراج تنهنجو سائر آ-نه گهرج ٻئي سراج جي

    حفن اڃا ته آس ۾-تڪي پيو راه يار جي
    وصال جي اميد آ-ٻي قربي احتياج جي.


    ڪلي جڏه گلاب ٿي-گلن جي واس جام ٿي

    ڪلي جڏه گلاب ٿي-گلن جي واس جام ٿي
    ٿڌي هوا لڳي آ فل-گلن جي خوشبو عام ٿي

    فضا ۾ محو ذوق ٿي-گهمن پيا حسن جا ڌڻي
    بهار پر خمار ۾-سرور ۾ آ شام ٿي

    ڪلال شوق ڀي عجيب چيز آ يا موج آ
    هلي به ٿو تري به ٿو گهري به ٿو خيام ٿي

    سليقو هو ڪٿيي نه ڪو-جتي نه حسن عشق هو
    عجب سليقي ٿا رهن-زماني جا غلام ٿي

    اگر سليقو عشق جو-اسان ڏسي وٺون ڪٿي
    اهو ئي ڪم اسان ڪيون-جي حسن چئي امام ٿي

    هجوم ۾ حجاب ڪو-سرور ۾ شباب ڪو
    لڳي ٿو ڪو آ باخبر-ڏسين اگر عوام ٿي

    اهو ڪرم اسان تي آ-بهار ڀي اسان ڏي آ
    گهڻائي ديس پيا سڪن-ملي بهار انعام ٿي

    عوام ناس آ گهڻو-بهار جي به موسم آ
    ڏسو ته هر حسين رخ هلي پيو ڪيئن اڏام ٿي

    گرم هوا ڪٿي نه آ-نرم فضا هلي ٿي پئي
    تراوتن جي طرب ۾-بهار اهتمام ٿي

    هري هري پئي رات ٿئي-تون رات جو سمان ته ڏس
    وڃي ٿي نيرگي ختم ٿي روشني جي نام ٿي

    عجب نمود شام جو-عجب نمود رات جو
    عجب بدل آ وقت جو-آ ڪير ڪنهنجي سام ٿي

    مون اوچتو مٿي ڏٺو-ستارا ها ٻي روشني
    نگاه ترورا پئي ٿئي-مزو وٺو تمام ٿي

    حفن تو هن حيات ۾-بهار کي ڏٺو آ ڪيئن
    بهار ڏي پيام پئي-ملو ته من مدام ٿي.


    تلاش گر آ بخت جي-سڃاڻ ان جي وقت کي

    تلاش گر آ بخت جي-سڃاڻ ان جي وقت کي
    لڪل ٿئي راز ڪرت ۾-اگر گهرين ٿو تخت کي

    تون وقت جو خيال رک-نماز جو قيام رک
    تون پهرين تندرست ٿي-نه ڇڏج اهڙي ڪرت کي

    جهان ميلو آ وڏو-حسين کان حسين تر
    انهي جي حاصلات لئه-سڌار پنهنجي صحت کي

    اگر لڳو رهين نماز کي ته چست آهين تون
    نماز اهڙو شيوه آ-روان ڪري ٿو پست کي

    اگر تو استقامت آ-ته جُهد جو جهاد ڪر
    جي جُهد آهي زُهد ۾-پو ويجهو آهين پرت کي

    نماز کان پري نه ره-نه تن نه من جي کوٽ رک
    نماز اعليٰ ورزش آ-ڪر عادي اهڙي خفت کي

    چُري نٿو هلي نٿو-جمود ۾ آ مثل مرگ
    تون لوڏ هن کي دوس ٿي اٿار اهڙي سست کي

    ڄمڻ مرڻ جي وقفي ۾-هِتي هُتي جو کڻ سمر
    اجائي سوچ ۾ نه وڃ-ڇڏي ڏي اهڙي گشت کي

    نماز جو آ فلسفو ته چار ڏينهن چاق ره
    جمود ۾ تون زندگي وڃائي خود نه سرت کي

    نماز جي حُصول لئه-دماغ دل سجاگ رک
    اگر اهي سمهي رهن-لڪڻ هڻين پشت کي

    دل و دماغ صحت مند-اگر قيام ۾ رهن
    حيات صحت ڪاملا-چمن بنائي دشت کي

    حفن نماز جو عمل خلوص سان تا دم رهي
    ڪو احتياج غير جو کپي نٿو ڪنهن چست کي.


    سڃاڻ يار قرب کي-سڃاڻ ان مقام کي

    سڃاڻ يار قرب کي-سڃاڻ ان مقام کي
    هي دل آ قرب جي جڳه-سڃاڻ ان جي دام کي

    هميشه حسن بيقرار ٿو ڏسين اي ديدور
    سبب ٻڌائي ڪرب جو-ڪو عشق جي امام کي

    نگاه نيزو نيهن جو-هڻي قتل ڪري ٿي دل
    ترار تيغ تيز تر-قتل ڪري ٿي عام کي

    ترار جي آڌار ۾-نگاه جي نهار ۾
    فگار دل ۽ جان جو-ڏنل آ ڪم شهام کي

    نه عشق کي ڪا پرک آ-ڇا حسن جو مزاج آ
    حيا شرم نه مت عقل-نه ڄاڻي احترام کي

    سڪون دل وڃي هليو-اگر صنم تون آن پري
    ديار دل اٻاڻڪو-سڪائي ٿو بسام کي

    نه سمجهه ائين ته شان ٿو-پري رهي وڌي صنم
    وڃي ٿي جان جسم مان-لڳي ٿي باه بام کي

    مزاج ۾ غرور ۽ غرور ۾ سرور ڏس
    امام پر خمار ٿي جهلي ٿو نائي جام کي

    هري هري هلي ته وڃ ڪلال کي قريب ٿي
    جي مرڪ سان ٿو سرڪ ڏي سلام اهڙي شام کي

    ملين ٿو ڄڻ ٽلين ٿو تون-کلين ٿو ڄڻ ملين ٿو تون
    سلام تنهنجي ناز کي-مٺا تو خوش خرام کي

    تون شوخ جو ته شوق ڏس-باذوق ڀي آ عشق ۾
    نهار ۾ ڏتار ڏس-هري سڏي ٿو رام کي

    جهان ۾ امام بزم گر صفا عدم هجن
    پو ڇا ڪبو جهان کي-جهان جي قِوام کي

    حفن تون حسن جو غلام قرب ۾ مدام آن
    نه هوش آ نه پوش آ نه پوش ڏين حرام کي.


    نه سرڪ جي پيڻ سندو-هِتي ڪو اهتمام هو

    نه سرڪ جي پيڻ سندو-هِتي ڪو اهتمام هو
    رُخ حسين يار کي ڏسڻ هتي حرام هو

    نه سرت جي ڪا سُرت هئي-نه ڪِرت ڪا ئي تُرت هئي
    نه دين جي خبر هين-رڳو سندن قيام هو

    نڀاڳا سڀ پگهار تي-پڄاري دين جا هيا
    نه سرڪ جي نه مرڪ جي-ته مڌ هئي نه جام هو

    جڏه ڏٺم عجب لڳو صنم صفا حجاب ۾
    نه حسن جو قدر هيو-جي مال هو ته خام هو

    وڏو جهان هو هتي-موالي حسن جا هيا
    جڏه هتي اچي ڏٺم-جو شهر هو سو عام هو

    ثنا هتي ٻڌي هيم-فنا هتي اچي ڏٺم
    خفا ته دل صفا ٿيم-نه ڪنهنجو ڪوئي دام هو

    جوان پيرسن هتي-ڪڏن ته راند پيا سڀئي
    بلور پيا کلي کڻن-انهن سان گڏ ڪلام هو

    رڳو مون ريش هئي ڏٺي نه نور هو نه پور هو
    خدا جو ڪو خيال ڇا-نه خيال ۾ ڪو رام هو

    حسين مون ڏٺا هتي-غريب سڀ ها گوڏ ۾
    نه هو ڪو صاف گلبدن-نه صاف ڪو تمام هو

    ٺرو وٺي وريو هتي-نرو کڻي لڳو اچي
    سٺو هجي برو هجي-اهو ڪمام جام هو

    نه مئي سندو ميخانو هو-نه مسجدي ڪانيل هئي
    نه چرچ هو مندر نه هو-نه دين جو امام هو

    نه انتظام يار هو-نه هڪم جي ڪا پيروي
    مون کي لڳو ته جهنگ هو-نه شهر جو ڪو نام هو

    اڃا ته ارتقا اٿئي-هزار سال پوئتي
    هريف ارتقا جا ٻئي-وڏيرو يا که ڄام هو

    امير بادشاه ڪل هريف ارتقا سڀئي
    مُلو پنڊت پادري-انهن سان گڏ عوام هو

    حفيظ عمر وئي ڳري-دوا نه آ درد جي
    مٿي جي سور لاءِ ڀي-نه ڪنهن ڏي ڪو ئي بام هو


    ثنا گري ڪرين ته ڀل-مگر نه پنهنجي ذات جي

    ثنا گري ڪرين ته ڀل-مگر نه پنهنجي ذات جي
    اڃا ڀلي اها ثنا جا يوسف صفات جي

    سراج ٿين يا چنڊ ٿين اِها تون چونڊ پاڻ ڪر
    عروج وٺ ٿي روشني ڪا ڏينهن جي ڪا رات جي

    عروج جي حصول لئه اُڏام اوچي ڪر مٺا
    نظر پوي ته تو ڏي پو سڄي ئي ڪائنات جي

    ڀلي هي منزلون پري هجن مگر جدوجهد
    بنا ٿڪن هجي تلاش يار حاصلات جي

    تون چپ رهين ته هي جهان يار چپ رهي سڄو
    جهان کان عزت ڪرائي پنهنجي ذات پات جي

    چڱو عمل جڏه ڪرين چون سڀئي امين آ
    امانتن جي ڳالهه ٿئي ۽ ڳالهه معاملات جي

    صبيح صورت آ سٺي-متان تون خود پرست ٿين
    مداح گڏ متان نه ٿئي ڪا ڳالهه تحفظات جي

    عزت آ محفلن ۾ ڏس-جڏه اُتي وڃان ٿو مان
    خدا عزت ڏني آ مون-نه ڳالهه معجزات جي

    مطالعو تو ڪيو آهي-ته دعوائون ڪري متان
    هتي رهي آ رهبري هميشه علميات جي

    نه دوستن تي ڀاڙيو-اهي ئي پاڙ ٿا پٽن
    ڪڏه ته ساڙ ۾ سڙي ڪندا هي ڳالهه ڪات جي

    هي دين ڪائنات ۾-نصيهتن جو دين آ
    حقيقتن ڪري ٿو ڳالهه هت عيان نجات جي

    اهو سفر ڳرو سهي-مگر نتيجا خيز ٿئي
    ڪادين جي تون ڳالهه ڪري ڪا صوم جي صلات جي

    جنم وتو ختم ٿبو-اهو آ نقطو سمجهه جو
    تون غور ڪر زمانو ڏس- آ ڳالهه معرفات جي

    تون مختصر حيات ۾-جزا سزا جون منطقون
    ٻڌائي فلسفو نفي ڇا زينت آ حيات جي

    حفيظ بس اهو چوڻ گهري ٿو يار هوش ڪر
    اجائي سوچ ڇڏ ۽ ڪر ڪا ڳالهه ترقيات جي.


    ڪتاب جو نچوڙ ٿئي-وضاحتي مهاڳ ۾

    ڪتاب جو نچوڙ ٿئي-وضاحتي مهاڳ ۾
    اگر ڪا ڌُن وڄائجي ته سُر هجي ڪو راڳ ۾

    وڏا اڳي غريب ها-نه مال هو نه حال هو
    جو حال هو سو پيش هو-وڏو مزو هو ساڳ ۾

    سوين لڏي پرائي پڊ روزگار ڪاڻ ويا
    مگر مزو ڪٿي نه هو-هيو جو پنهنجي ماڳ ۾

    اڪابرن هميش واٽ ارتقا ڏسي مگر
    نصيب ڪنهن جو چاق هو ته يار ڪو اڀاڳ ۾

    هو بخت جنهن جو يا وري-انهي ته محنتون ڪيون
    جدوجهد جو ڪري-عروج تنهن جي ڀاڳ ۾

    جي ڀاڳ تو سجاڳ آ-ته ننڊ پو حرام آ
    آ سلطنت سهاڳ ۾-سڪون آهي جاڳ ۾

    مثال ڪئين ڏٺا اٿم هميشه دربدر اهي
    جنين کي پيار اڻ ميو-هئا جي لاڏ چاڳ ۾

    هي ڪائنات ميل آ-رهن ٿا عشق حسن ٻئي
    ڪو حسن جي نشي ۾ آ ڪو عشق جي ويراڳ ۾

    تون عشق جو مجاز ڏس-تون مشڪ جي به موج ڏس
    مجاز موج مستڙيون-نه يار ڪنهن جي واڳ ۾

    سهاڳ ڏس سڀاڳ ڏس-اهي ئي وقت جا ڌڻي
    اٿن سوير محنتي-رهن سدا سجاڳ ۾

    جهان هڪ ندي مثل-سڄو کٻو ڪنار ڏس
    کٻو اٿس نڀاڳ ۾-سڄو اٿس ته ڀاڳ ۾

    عقل فهم هميش تون-عمل ۾ رک اي اجنبي
    تون سلطنت جو مالڪ آن-نظر جي ٿئي سهاڳ ۾

    حفن مٿان ڪرم ته ڏس-نگاه ساڄي پاسي ٿس
    صفا يقين ڪو نه ٿس-ڪو کاٻي جي نڀاڳ ۾.


    اي حسن تون ستا نه مون نه درد ڏي فراق جو

    اي حسن تون ستا نه مون نه درد ڏي فراق جو
    اهو ئي امتحان آ هميشه کئون عُشاق جو

    جهان جو نه دين جو نه آخرت جو معاملو
    رڳو آ معاملو صنم سان دل جي ارتفاق جو

    جي سونهن ٿو رکين صنم ته قرب کي نڀائي تون
    عجب طريقو تو ڪيو آ دل سان هي مذاق جو

    اهو سٺو لڳي ٿو مون-تون حسن کي سينگار پيو
    نه نيهن کان نٽائي تون نه رستو وٺ اباق جو

    اهو آ شيوه گل سندو سڏي ٿو ڀونئر کي هري
    اهو ئي نيهن ناز دل وٺڻ جو استراق جو

    صنم رهي پري پري-هري هري لڪي ڏسي
    يقين سان اهو سبب آ دل جي التحاق جو

    هتي گهڻن کي شوق آ ته محب سان وصال ڪن
    مگر لڳي ٿو شور غل-شفاق جو نفاق جو

    مجاز ۾ غريق ٿي مون شوق دل ڏٺو جڏه
    ته افتخار دل اندر وڏيو مون اشتياق جو

    جهان عشق جو وڏو آماجگاه آ رهيو
    مگر ٻڏائي حال ڪو بيمار جو ۽ چاق جو

    زماني کان ڊڄي ٿو هو-عزت جو خيال ٿس وڏو
    اچي ته ڀل عتاق سان رکي سخن سياق جو

    پنا مون ڪيئن ڏٺا مگر سڀئي ها درد عشق جا
    پنو ڪو ڀي نه خالي هو ڪتاب جي اوراق جو

    مجاز موج برق ٿي متان نه شوق ۾ اُٿي
    متان حفن مذاق ۾ کلي نه طاق ڪاڪ جو.


    اسان کان ڇو رهين ٿو تون پري پري.

    اسان کان ڇو رهين ٿو تون پري پري.
    لڪي اچين وري وڃين هري هري.

    لڳي ٿو مون خبر اٿئي ته يار ڪو
    تڪي ٿو راه هر گهڙي ذري ذري

    ڏسين به ٿو کلين به ٿو ملين نٿو
    هتي اڱڻ تون پير اچ ڀري ڀري

    يقين ٿم ته ايندين تون خوشي خوشي
    تڏهن ته منتظر پئي دل ٺري ٺري

    وسارجان نه خُوبرو خُمار ۾
    تون حُسن جي سنڀال خود ڪري ڪري

    سدا تون حُسنَ جي نشي ۾ ٿو رهين
    هي بره يار جي نه دل چري چري

    جهان ۾ جنم وٺي پو ٿو چوي
    تو کان سوا منهنجي نٿي سري سري

    اي حسن ٻڌ خيال ڪر ٿي عشق جي
    اکن ۾ منهنجي جوت ٿي ٻري ٻري

    متان فخر تون سونهن تي ڪري اها
    ڦلي ڦولي ٿي عشق ۾ هري هري

    غُرور ڪر ضرور ڪر حضور تون
    مگر تون عشق کان نه ره پري پري

    اي خوبرو آ روبرو حفيظ ڏي
    سوا تو دلربا نٿي سري سري.


    سڄي دنيا نشو آهي-نشي جو فل اڏو آهي

    سڄي دنيا نشو آهي-نشي جو فل اڏو آهي
    طلب جيڏي وڏي آهي-غلام اوڏو وڏو آهي

    يقينن مختصر آهي-سڏائي ٿي مگر دنيا
    چون هن کي سڀئي ادنيٰ مگر هن ۾ چسو آهي

    ڀلي ادنيٰ مذڪر آ-ڀلي دنيا چون ماده
    مگر دنيا اجهو آهي-نشو آهي مزو آهي

    جواني ڏس وجهي ٻکڙن ۾-وچڙي پئي ٿي دنيا کي
    انڌن وانگر جو چنبڙي پئي-لطف پڪ سين وڏو آهي

    حسينن جون وڻن رمزون-نگاهون ڀي ادائون ڀي
    خرابي ڪا نه ٿي ڏسجي-مزو ئي بس مزو آهي

    زماني جي فريبي رونقن ۾ گم ٿيو اهڙو
    جو سونپيل هر ذميواري-وساري ڄڻ ڀڳو آهي

    گريبان ۾ نظر پنهنجي وڌم محسوس ٿيو مون کي
    نه ڪنهن جو ڏوه آ ڪوئي- نه ڪنهن جو ڪم ڪُڌو آهي

    وفائن جون اميدون هت-رکڻ وارا ڀُليل آهن
    رڳو مطلب جا پوڄاري-ڀلي رشتو سڳو آهي

    هلائي ڪين سگهجي ها-سوائي مئي جي دنيا کي
    هتي مدهوش آ هر ڪو-مليو هر ڪنهن ذور آهي

    عجب جا ها اهي ماڻهو-فرائض جن ڪيا پورا
    حقوقن کي نڀايو تن-سندن هر ڪم سچو آهي

    عمل منهنجا چڱا ناهن-اميدون پر حفيظ آهن
    وڃان هن قيد کان مسڪن-جتي عالم سٺو آهي.


    ڇڏائي جان روئي ڇڏ-متان ناسور ٿئي دل ۾

    ڇڏائي جان روئي ڇڏ-متان ناسور ٿئي دل ۾
    وساري ڇڏ تون يادن کي-متان ڪو سور ٿئي دل ۾

    حياتي مون سچي ڪاٽي-نڀائڻ فرض مون سمجهو
    جفا اڄ ڏاڍو جهوريو آ-متان عاشور ٿئي دل ۾

    اچانڪ ڀلجي آيو ڪو-پڇائين حال آ ڪهڙو
    رُنل اکڙن چيو روئي-سحر ڪا نور ٿئي دل ۾

    وڃڻ چاهين ڀلي تون وڃ ڀڄڻ چاهين ڀلي تون ڀڄ
    ڪٿي ئي اطمينان ناهي-ڀلي مفرور ٿئي دل ۾

    جهان سارو عذاب آهي-خوشي هت مختصر آهي
    ڀلي ڏاهو سڏائي ڪو-ڀلي مسرور ٿئي دل ۾

    هميشه مون نڀايو آ-محبت سان سچائي سان
    وفا واري هُجي رغبت-اچي مهنور ٿئي دل ۾

    اسيري ڪنهنجي زلفن جي-قفس خانو آ الفت جو
    کُلي الفت ڪري ڪوئي-حفن منظور ٿئي دل ۾


    جوان جوڀن جياريو جيءَ جلائي جوت اکڙن ۾

    جوان جوڀن جياريو جيءَ جلائي جوت اکڙن ۾
    اچي اوري صفا سوري-اچي ويٺو آ ٻکڙن ۾

    مفادن جون جنگون جاري-مگر دل کي سڪون گهرجي
    صبوح من صفا سهڻي اُڀاري موج انگڙن ۾

    جلي آ جوت الفت جي-اها ٻاري ته رکڻي آ
    شمع وانگي ڪجان روشن جلائي تيل ڏيئڙن ۾

    اهو ڪهڙو عمل آهي چون مردار ٿا جنهن کي
    محبت سان آ ميرو من هلي پاڳل جي ڪپڙن ۾

    عجيبن جو اچڻ اهڙو-نواڻ آ نيهن ۾ نازڪ
    ڀري ڀاڪر وڌائين ائين آ جيئن معشوق مجرن ۾

    نشانو جا بجا آهي-محبت پڻ امر آهي
    پُڳو الفت جي محفل ۾-پُڳو محبوبي گلڙن ۾

    قفس جي قيد جو قائل-ڪري ٿو قلب کي قابو
    اهي جي فاصله آهن اهي آهن ئي پلڪن ۾

    مراسم مير محفل جا ملائِم ها مها مخمل
    يقينن برقرار آهي پرين جي پرت پنبڻ ۾

    محبت کي محبت ۾-سڃاڻي پو محبت چئو
    اها انمول چيز آهي-رهي ٿي جيڪا دلين ۾

    محبت پاڪ جذبو آ-هدون هن جون ڪٿي ناهن
    محبت با تقالب آ-هلي ٿي قريبي لهرن ۾

    هوائون هت گرم آهن جهان جو هي جهيز آهن
    سنڀالي خود کي هلڻو آ-محبت جي ئي پردن ۾

    اگر سنياسي الفت جو-رهڻ چاهين ٿو اي مانجهي
    محبت سان جا جڙيل آ-کڻي وٺ ٻوٽي جبلن ۾

    حفن مون بار ها سوچو-سڪون ڪهڙي هنڌان ملندو
    محبت ئي سڪون آهي-مزو ناهي ڪو جهڳڙن ۾.


    مٺو محبوب من موهڻو-حب تن من حبيب آيو

    مٺو محبوب من موهڻو-حب تن من حبيب آيو
    زماني جي ڪري مون کان-پري هو پر قريب آيو

    تخيل ۽ تهسس ۾ تضاد آهي لڳي ٿو مون
    جهان وارا چون پيا ائين-اسان ڏي ڪو رقيب آيو

    اسان اکڙن کي پيرن ۾-وڇايو سين اهو دلبر
    هلي آيو کلي آيو-عجائب ٿي عجيب آيو

    سوين ديدن ڏٺو پئي غور سان ليڪن منجهي پيا سڀ
    انهن جي درميان آيو-مگر جهڙو نقيب آيو

    سڀن جي وات آڱر هئي هو بختاور فُغ دلبر
    اچڻ سان رونقون نکريو سڀاڳن جو نصيب آيو

    الاهي تهمتون دلبر سٺيون آهن محبت ۾
    مگر هو پُر حجاب آيو-نظر نرمل نجيب آيو

    محبت جو ڪو ڪاٿو آ-ٻڌائي ديدور ڪوئي
    حجابن جي نقابن جي-حسابن جو حسيب آيو

    گهڻي گهري نظر کان پوءِ اهو سمجهيم صنم منهنجو
    صفا سهڻو وزن وارو-طبعيت جو طبيب آيو

    سوالن جي جوابن مان-سڀئي هئا مطمئن همسر
    سڀن گڏجي چيو پئي هي-ڪٿان اهڙو خطيب آيو

    صنم جي سخن جون هاڪون ٻڌي مشتاق ٿيو هر ڪو
    پسڻ جي شوق ۾ شائق-امير آيو غريب آيو

    ادب جي ارتقا ٿي جنهن اُصولي گفتگو پئي ڪئي
    متاثر ٿي چيو اهل ادب سهڻو اديب آيو

    گناهن جو ذڪر ڇيڙي-مڃي اهل زهد ورتو
    حفن وٽ قلب مومن هڪ عجيب آيو منيب آيو.


    رُسڻ وارا رُسين ڇو ٿو-رُسامون ڇڏ گلي سان مِل

    رُسڻ وارا رُسين ڇو ٿو-رُسامون ڇڏ گلي سان مِل
    پَراهون ٿي ٺهين ٿو ڇا-پراون سان نه ائين تون کِل

    هتي ڪيئن ڏس ٺرن ٿا پيا-جدا تو کي ڏسي مون کان
    اهو جي مهربان سمجهين-پري تنهنجو هجڻ آ ڀُل

    محبت ڪا نه سمجهين ڪن-جنين سمجهي وفا ٿي ويا
    فنا خود ٿي بقا ٿي ويا سچائي جو اهو آ ڦل

    محبت ناهي بازاري وکر-جنهن کي خريدي ڪو
    انعام آ خوش نصيبن جو-ملي ٿو دل جو اهڙو گل

    تنهنجي دل منهنجي پهلوءَ ۾-ڪڏهوڪو يار ڌڙڪي پئي
    توجه ڏي ته ڌڙڪن ۾-رڳو تنهنجو ئي آهي هُل

    روايت ۽ روين کي نٿو سمجهي ته ڇا ٿي پيو
    اشارن ۾ ٿا سمجهايون محبت ۾ آدل ڦاٿل

    هتي هڪ راز کي کولي-ٻڌائي يار اڄ مون کي
    پري مون کان رهين ڇو ٿو سندم دل تنهنجي آ منزل

    ڇڏي ڏي منفي ماڻهن کي-نفي جي سوچ دل مان ڪڍ
    خبرداري انهن کان رک-اهي الفت سندا قاتل

    ڪتابن کي پڙهو کولي-زماني کي ڏسو رولي
    محبت ڇاهي سمجهي وٺ-اگر دلبر آهين قابل

    رڳو سمجهڻ ته هو منڪر-مڃي ئي ڪين ٿو منهنجي
    اهو سمجهڻ ڪفر آهي- محبت ۾ غلط هر پل

    حفن تو ڀي گذاري آ عمر سورن ۽ پورن ۾
    سچي محبوب جي مرضي محبت جو ئي آهي حل.


    ڏسان پيو رونقِ دنيا-مگر دلڙي نٿي وندري

    ڏسان پيو رونقِ دنيا-مگر دلڙي نٿي وندري
    اڪيلائي غضب جي آ-گهڙي هڪڙي نٿي گذري

    خبر ناهي ته ڇا ٿيو آ-بنا محبوب جي دل کي
    سمائي ياد دل ۾ وئي-اٿم اهڙي نٿي نڪري

    نسورو نيهن نظرن سان-نگاهن ۾ ويو نائي
    سندس صورت صفا سهڻي پونم جهڙي نٿي وسري

    سنيها مون مُڪا آهن-جوابي سلسلو ناهي
    رڳو هت انتظار آهي سيڙهي ننڍڙي نٿي اُڪري

    قرار دل ڪڏهن ايندو-نهاريان رند راهون پيو
    پٿر پهڙي نٿان پگهرن-رنڊڪ رهڙي نٿي پگهري

    ستارا ڪن ستارن سان-لڳن رنگين رنگت ۾
    لڳي جا پرت پيارن سان-ڪجي ڪهڙي نٿي نبري

    وفائن جي وچن سان هي چمن گلزار ٿيو هو پر
    جهڪو جو هر ويو جهوري-وفا ولڙي نٿي اُسري

    نماز آ خوفِ احڪامي-نه آ معشوق منظر تي
    انهي کي عشق ڪيئن چئبو-محبت ڙي نٿي اُڀري

    نماز عشق جو پهلو ڏسي وٺ غور سان صوفي
    سچا صوفي خدا جي خوف مان دلڙي نٿي نڪري

    جتي محبوب آ سامهون-اُتي عاشق جون ديدون هن
    اِتي پرواز ٿئي اوچي-اها ننڍڙي نٿي اُڏري

    اول آخر آ دروازو-رڳو ظاهر ۽ باطن آ
    اتي موجود آهي سڀ-اگر بگڙي نٿي سڌري

    لڳو آ عشق اربيلو-پهي ويو پيار مان پائي
    لڳي آ بره بيماري-چڙهي چنبڙي نٿي اُتري

    حفن هي حادثو ناهي لڳي دل جي ته هئي لڳڻي
    لڳڻ دل جو ئي شيوه آ-ننڍي وُهڙي نٿي وُهري.


    متان پرواه ڪنهن جي تون ڪرين دلبر زماني ۾

    متان پرواه ڪنهن جي تون ڪرين دلبر زماني ۾
    نه ڪو ويساه ڪرڻو آ-حقيقت جو فساني ۾

    چيو هو ڪن-ٻڌو هو مون-وفا وارا رهن ٿا ڪئين
    جگر گوشي ڪيو آ تيئن-جيئن پٿري مثاني ۾

    وڏي دلڙي ڪري هلبو نظر چوگرد ڦيرائي
    رکي هلبو زماني جي رقيبن کي نشاني ۾

    اگر مايوس رهندين تون ته پو گاڏو هلندو ڪيئن
    مٺا زنده ته رهڻو آ-جهان جي ڪارخاني ۾

    همت ڪر اُٿ کڙو ٿي يار لوڏي ڇڏ زماني کي
    حصو تنهنجو به آهي هن جهان جي ڪل خزاني ۾

    تجربا ڇڏ نه هيڏي وڃ نه هوڏي وڃ بيهي پختو
    جهلي وٺ هر پلر دنيا سندي هن قيد خاني ۾

    ڀلي ڪو ڪيئن چوي پيو ڀل-توجه ڪو نه ڏي ڪنهن ڏي
    ڀري ڇڏ تون وجهي مڌرا-صفا خالي پيماني ۾

    ڇڏي ڏيندين ته ڇا ٿيندو هتي رهيجي ته تون ويندين
    هي تنهنجو آ-وڃي ڇا ڪنهن ٻئي جو هن آستاني ۾

    نگاهون کڻ بهارون ڏس زمانو هي سڄو تنهنجو
    مزو وٺ تون کُلي دل سان-گهمي ڏس آشياني ۾

    سڄڻ منهنجا سدا خوش ره-سدائين مسڪرائي پيو
    جڏهن ايندين کلي ملجان-ملڻ جي ڪنهن بهاني ۾

    خداوندا حفن بس ناصحا آهي نه هادي آ
    اهو پاور ته تنهنجو آ-عطا ڪر سُر تراني ۾


    وفا دلبر نه ڪر بيشڪ-مگر درشن ڪرائي وڃ

    وفا دلبر نه ڪر بيشڪ-مگر درشن ڪرائي وڃ
    نظر نرمل وندر واري-تون هڪ ڀيرو ملائي وڃ

    جفا شيوُ آ سهڻن جو-ادا تنهنجي جفا آ ڄڻ
    حُسن وارا هلي آ هت-جفا سان جيءَ جلائي وڃ

    حسن وارا لکين آهن-مگر مون کي وڻي ٿو تون
    گهُري ٿو روح من تو کي-تهين کي ڀل رُلائي وڃ

    ڪڏهن کان منتظر آهيان-ڪٿان ايندين ڪڏهن ايندين
    گهڙي پل لئه تون ڀُلجي اچ-هميشه لئه ڀلائي وڃ

    تون نيڻن ۾ نهاري ڏس-نه تو بن آس آ ڪائي
    وڃي ٿو گر ڇڏي مون کي-ته پوءِ خود کي لڪائي وڃ

    وري ميلو ڪڏهن ٿيندو-اها ڪائي خبر ناهي
    هوا کي چئو ته راز اهڙو لڪي ڪن ۾ ٻڌائي وڃ

    حفيظ اهڙو سڪون ڪهڙو-جياري ڀي ته ماري ڀي
    رُنو ڏاڍو آهي بسمل-اچي هاڻي کِلائي وڃ.


    وساري غم تون مرڪي جيءَ-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    وساري غم تون مرڪي جيءَ-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.
    زهر کي جام سمجهي پيءَ--جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    نه غمگين ٿي سڄڻ سائين-غم گردش مان نڪري اچ
    وڌائي وک سڄڻ مرڪي-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    زماني ۾ ڪيم غلطي-پياريم کير نانگن کي
    تون جيءَ هي حادثو سمجهي-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    جن کي باوفا سمجهي-ڪيو ڏوه ڪبيرا مون
    ڪنو سپنو وساري جيءَ -جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    مون رشتن کي ته پويو هو-وڏي اُتساه سان پر پوءِ
    چيئون مون کي پرانهون ٿي-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    اميدن جي نيا کي ڏس-هوائن جي نظر ٿي وئي
    ڀري پيالو تون پنهنجو پيءُ-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    پنهنجا سک تو وڃايا سڀ-هتي ڪن جي سُکن خاطر
    قدر تنکان نه ٿيو ڪوئي-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    ڇڏي احسان فراموشن کي پنهنجي ڌُن ۾ گم ٿي وڃ
    جلائي شمع تون پنهنجي -جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.

    ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي-حفي وٺ راه تون پنهنجي
    تون اپڻي گهوٽ پيالو پيءَ-جيئڻ ان کي ئي چئبو آ.


    حيات مختصر جو حال-يارو ائين ٻڌايوسين.

    حيات مختصر جو حال-يارو ائين ٻڌايوسين.
    رڳوا حوال دردن جو-هو سارو ائين ٻڌايو سين.

    رڳو هئي رات ۽ باقي حصي م درد ها ساقي
    ڀُري پئي دل ڏسي اهڙو ڪفارو ائين ٻڌايو سين.

    سُتل ها گهور ننڊن ۾-سحر کان پوءِ اُٿي ساٿين
    چيو مرڪي ڪرين ها جي اشارو ائين ٻڌايو سين.

    اندر جي پيڙ پئي جهوريو-طبعيت ۾ به ناسازي
    توانو ڪو نه آيو ٿي-سهارو ائين ٻڌايو سين.

    اميدون آسرا شبنم-مٿل آهن مگر ڪڏهن
    رُئارِن ٿا ته مارِن ڀي-ٿي آرو ائين ٻڌايو سين.

    اگر ادراڪ اٿئي پيارا-ٿي مالڪ جي نهارن ۾
    ٿي ويندو جڳ حفي تو لئه-هي نيارو ائين ٻڌايو سين.


    ڇڏي ويندين جي يارا تون-محافل جو پو ڇا ٿيندو.

    ڇڏي ويندين جي يارا تون-محافل جو پو ڇا ٿيندو.
    وندر وارو ئي ماحول آ-مشاغل جو پو ڇا ٿيندو.

    اڪيلائي متان ماري-ڪري مون کي اڪيلو ئي
    انهي ويچار ۾ آهيان-مسائل جو پو ڇا ٿيندو.

    گذاري عمر ٿئون ساري-جڏه کان ٿيو سنگم آهي
    هي احساس ۽ ويل هڪ انهي پل جو پو ڇا ٿيندو.

    الاهي ڀل اسان روئي کلي گهاريو آ گڏ ويهي
    انهن لمحات جي جذبئي فضائل جو پو ڇا ٿيندو.

    ڪڏه توجه ڪڏه مائل ڪڏه ڪن ڍار هئي مون سان
    انهن قربن قريبن جي شمائل جو پو ڇا ٿيندو.

    کلي کلندي کلياسين پو اچانڪ لڙڪ ٽپڪي پيا
    اِتي اورڻ انهن اڌمن جي بادل جو پو ڇا ٿيندو.

    ڪڏهن ٿوري ۾ پرچڻ هو ڪڏهن ٿوري ۾ جهورڻ هو
    محبت کي سهيڙڻ جي وسائل جو پو ڇا ٿيندو.

    اهو جهورڻ جي دوري آ-وري موٽي ضرور ايندو
    ڪنن ماڻهن جا مفروضه ٻڌايل جو پو ڇا ٿيندو.

    وڙهڻ جو نئون نمونون ڏس-مگر شب روز ٿو ساري
    اهي سڀ ئي خيال آهن-دلائل جو پو ڇا ٿيندو.

    خدا جي هن زمين تي ڪجهه پري آهي اسان کان پر
    هتان ايڏو پري ناهي جو هن دل جو پو ڇا ٿيندو.

    دعائن جي اثر سان ڏس-سڪون دل جگر منهنجو
    اسان سان گڏ آ سپنن ۾-مبائل جو پو ڇا ٿيندو.

    حفن هو پل پري آ پر-دعائن جي آ گهيري ۾
    سدائين خوش اُتي رهندو-مراسل جو پو ڇا ٿيندو.


    سڪون قلب جا طالب-هِتي راهب تو ٿيڻو آ.

    سڪون قلب جا طالب-هِتي راهب تو ٿيڻو آ.
    زماني جي پنجوڙن کي-ٽُڪي ٻاهر تو اچڻو آ

    هنگامه خيز ٿئي دنيا-مدارن جا به ميلا ٿئي
    نظارا پُر فريب آهن-ارادي سان ئي بچڻو آ.

    اگر چاهين ٿو حاذق تون-چڱا ٻئي جڳ ٿين تنهنجا
    پلئه پنهنجو بچائڻ لئه-تو کي وريام ٿيڻو آ

    رڳو نقطي جو فرق آهي-محبت ۾ ۽ محنت ۾
    ٻنهي ڪر ساڻ سندرو ٻڌ-اهو ميلو تو کٽڻو آ

    مفادن بن حفي ناتو-ڏٺو ناهي جهان ۾ مون
    نظر ۾ سڀ رکي ثابت قدم ٿي توکي هلڻو آ.


    خيال يار دل جو درد اٿلايو

    خيال يار دل جو درد اٿلايو
    وري ٻيهر سڄڻ جي ياد تڙپايو

    زماني جي ڪمن ۾ پئي رُڌل سمجهئون
    مگر سيني اندر پئي برهَ پگهرايو

    محبت راز سيني جو نه سمجهو ڪنهن
    زماني کي اهو اکڙين ئي سمجهايو

    اُڃايل ديد دلبر جي نگاهن مان
    ڀري سرڪي سُتل جذبن کي گرمايو

    سڀئي يادون اميدون سڀ هيون گهريون
    اچانڪ اڄ انهن دل کي آ تڙپايو

    اهي يادون محبت جو حصو آهن
    حفيظ آهن اهي جيون جو سرمايو.


    سينو صحن دل جو چمن روشن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو.

    سينو صحن دل جو چمن روشن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو.
    محبوب جي گلفام دل-گلشن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو.

    مدهوش جي محبوب ٿئي-پو حال دل پو مال تن،
    آغوش ۾ پو گلبدن-تن من نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو

    ڪا دل ٽٽي ڪا اک رُني عاشق مدامي منتظر،
    دلبر اگر عاشق سندي ڌڙڪن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو

    ڌڙڪن ٻڌي-لڙڪن ڏسي محبوب پو مرڪي چيو،
    ان جو اثر محبوب جي جذبن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو

    عرصو لڳو ڏاڍو وڏو-منهنجو ٿيڻ ۾ يار کي،
    من منتظر دُوري ۾ گر برهن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو

    مدهوش مان ٿيندس ڪڏه-پرباش هو ٿيندو ڪڏه،
    من جو لڳن ٿيندو ڪڏه-هو من نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو

    عاشق حفن آ منتظر-معشوق جي آ تاڙ ۾،
    بن دلربا ڄڻ دربدر-درشن نه ٿيو ڪجهه ڀي نه ٿيو


    محبوب جي محفل ۾ اڄ آهي اهو اعلان ٿيو

    محبوب جي محفل ۾ اڄ آهي اهو اعلان ٿيو
    مرڪي ملي جنهن سان جڏه تنهن تي تڏه احسان ٿيو

    چانڊوڪيون تارا ڪتيون-بزم سخن ۾ يار جي
    جيڪو هجي هليو اچي-بلڪل هتي مهمان ٿيو.

    آ گفتگو دلدار جي-پُرباش ٿي بلڪل ٻڌو،
    مدهوش ٿي ڏسندا رهو-ڏسندي ڀلي قربان ٿيو.

    محبوب آهي خوبرو-جنهن ڀي ڏٺو آ روبرو،
    معراج ٿيو تنهن جو هتي جنهن جو هتي ميلان ٿيو.

    آهي گداگر حسن جو عاشق هميشه عشق ۾،
    آڏو اچي محبوب جي هر پل جهڪي دربان ٿيو.

    نازو و ادا گفتار ڀي-رفتار ڀي سڀ پيا وڻن،
    خوش باش ٿي هٿڙا چمن پورو سندن ارمان ٿيو.

    ٿيو دلربائي يار جو مبهم اشارو اوچتو،
    آٿت وصال يار ڄڻ عاشق جو آ-درمان ٿيو.

    محبوب پيو مرڪي ملي-گلشن سڄو گلزار آ،
    روشن سڄو سنسار آ-آهي ختم سنسان ٿيو.

    اڄ پئي فضا معطر لڳي-مڌراپون ۾ پئي گهلي
    سڀ ڪو چوي پيو يار جي-آمد تي اڄ مستان ٿيو.

    آهي حفن اڄ منتظر-محبوب جو ٿو وصل ٿئي
    هر ڪو هٽي مون کان وڃي-محبوب جو فرمان ٿيو.


    منصف رڳو دعوا ۾ آ-عادل ڪڏه انصاف ٿيو

    منصف رڳو دعوا ۾ آ-عادل ڪڏه انصاف ٿيو
    مظلوم اڄ قربان ٿيو-مجرم کي اڄ سڀ معاف ٿيو

    طاقت اها فرعون جي-شيطان جي بلڪل ڏسو
    گردن جهڪيو مقبول ٿيو-ورنه اتي ئي صاف ٿيو

    قبرون هتي هرجا ڏسو-ڪي مقبرا شاهن سندا
    ڪي بادشا ڪي ٻيا ولي-مفلس منجهن اوقاف ٿيو

    عربا سندي هر ٽيڪس کي امرا هتي کايو وڃن
    فقرا هميشه جيل ۾ شرفا جو ڪل اصراف ٿيو

    جيڪي هتي پنڌ پيا هلون تن ڏي مڪان ناهي زمين
    غربا سڀئي ننڍڙا اٿئي سي هيٺ دُن جو ناف ٿيو

    سارو جهان ڏس غور سان سڀ بادشا سڏجن سدا
    مرشد سندن شيطان آ، ان جو حڪم او صاف ٿيو

    مخدوم هت مرشد بنيا پيرن وري سنڌڙي لٽي
    جنهن کي جتان جهٽ پيو لڳي آهي اهو الطاف ٿيو

    ماروئڙن ڏوٿيئڙن کي پيٽ لئه ڳڀڙو کپي،
    ٿر کي سمر جيڪو مليو-سرڪار لئه اسراف ٿيو.

    جاهل هتي قاتل هتي ظالم هتي فاسق هتي
    بلڪل اهي ئي ٿا چون اهڙا هتي اشراف ٿيو

    ڪنهن سان ڪندين ڪهڙين ڪندين جا باه ٿي دل ۾ دکي
    هر ڪو حفن ورتل اٿئي-جو زهر هو سو ٻاڦ ٿيو.


    تنهنجو اچڻ مون سان ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    تنهنجو اچڻ مون سان ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.
    هر هر ڏسڻ ور ور کلڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    دنيا حسينن مهه جبينن سان ڀريل آهي مگر
    تنهنجو اچڻ مرڪي ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    تنهائيءَ ۾ بيحال ٿي-مرجهائي وئي مايوس دل
    پر اوچتو تنهنجو اچڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    گهِري نظر سان سونهن جا-ميلا ڏٺم پُر مئي مگر
    بلڪل حسين تنهنجو هجڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    کيڪار ڪئي تو-دل ڇڪڻ واري صدا سان واهواه
    ناز و ادا انداز پڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    مهرو وفا جي آس ٿو تو ۾ رکان اي دل نشين
    هاڪار ديدن سان ڪرڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    دل ٿي چوي آغوش ۾-هر پل هجين منهنجي صنم
    هڪدم کلي مون ڏي سرڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.

    هن ڪائناتي سلسلي ۾-حور ۽ مشروب جو
    تو کي حفي تن جو ملڻ-ڏاڍو سڄڻ سهڻو لڳو.


    آڪاش ڀي خاموش آ-تون ڀي پري اي دلربا

    آڪاش ڀي خاموش آ-تون ڀي پري اي دلربا
    آغوش ڀي تو کان سوا-بس ڪرب آ جانِ وفا

    محبوب جو نخرو ڏسان جيڪر اچي نروار ٿي
    مخمور کي ڀاڪر وجهان جيڪر قبولي التجا

    ميهار ۽ فرهاد ڀي مجنون به آ رانجهو پنهل
    عاشق ميڙئي دل ڦينڪ ٿئي سڏجن سڀئي ٿا چلولا

    پهرين ڪلي پو گل کلي محبن ملي سرشار ٿي
    ساڳو قلم لاڳو اسان سان ڀي ڪري ماه لڪا

    دل جي لگن بلڪل جلن آهي اگن ساڙي ٿي پئي
    دلبر اگر دل ۾ رهي ٺاري ڇڏي آه و فغان

    نرمل نجو هر پل سچو آهي-مزو بلڪل حفن
    دل ۾ رهو ڪل ٿي رهو اهڙو مزو آهي ڪُجا


    اکڙي لڳي تو سان جڏه-هر هڪ سمئي من شاد ٿيو

    اکڙي لڳي تو سان جڏه-هر هڪ سمئي من شاد ٿيو
    مون کي خبر ڪا ڪانه هئي-مون سان وڏو بيداد ٿيو

    پهري نظر تو کي ڏٺم-ڏاڍو وڻي ڄڻ حور تون
    تو سان جڏه پالو پيو-مون سان ڄڻ بغداد ٿيو

    عورت ته تون آهين مگر-آدم سندي دشمن وڏي
    تو سان ملي دنيا ۾ هي آدم وڏو برباد ٿيو

    تنهنجو عقل فرعون کان-گهٽ ڪين آهي هر طرح
    پَستِ عقل تو کي ڏسي-موسيٰ به خود ناشاد ٿيو

    احسان جنهن تو تي ڪيو-تنهن جو هتي شل خير ٿئي
    دنيا ته وئي پر دين کان-بلڪل هتي آزاد ٿيو

    عاشق سڀئي مت جا منڌل-ها چلولا ٻارن جئان
    تن کي کُلي هڪ ڳالهه چئو-يارو ڪڏهن بهزاد ٿيو

    ڦاٿو جڏه ڪو عشق ۾-سو در بدر لٽجي ويو
    اهلِ زمين کي هي سبق ڄڻ تاقيامت ياد ٿيو

    بالغ جڏه ڪو فرد ٿيو-جوهر پهي جوڀن ٿيو
    هر سنڌ مان ٽٻڪي ٽمي ڄڻ عيش لئه ايجاد ٿيو

    دنيا لگن جو آ چمن-هر جنس پيو هر هر تڪي
    بيچين ٿي هر ڪنهن چوي مجبور جي امداد ٿيو

    ڏس عاشقي عورت ڏسي بدمست ٿي چنبڙي پوڻ
    ڏس عاشقن جو فطرتن آهي وڏو تعداد ٿيو

    سادي طبعيت جا حفن-تون ڀي کڻي چپ چاپ ڪر
    تون ڀي ڪڏهن شاگرد هئين-هاڻي کڻي استاد ٿيو.


    فهم و فراست ۾ قوي-دمساز ڪو آهي نه ٻيو

    فهم و فراست ۾ قوي-دمساز ڪو آهي نه ٻيو
    لخت جگر بخت بلند همراز ڪو آهي نه ٻيو

    سسڪيون ڀري روئندو رهيس-محبوب هو بلڪل پري
    آٿت ڏيڻ وارو هتي-آواز ڪو آهي نه ٻيو

    مون کي خبر ڪا ڪانه هئي-درد هِجر اهڙي طرح
    ڳاريندو مون ماريندو مون-دلساز ڪو آهي نه ٻيو

    مون پئي اهو سمجهيو فقط-موٽي وري ايندو هِتي
    مون کان وڏو برداشتن-جان باز ڪو آهي نه ٻيو

    دلبر جڏه ٿئي ٿو پري-شايد قدر ٿيندو آ پو
    ويجهي پري جو يار هت-امتياز ڪو آهي نه ٻيو

    مالڪ وڏا ناچيز تي احسان ڏس بلڪل ڪيا
    اولاد کي ممتاز ڪيو-اعزاز ڪو آهي نه ٻيو

    دنيا گهمڻ جي شوق ۾-دنيا ڀلي پرکي وٺي
    هر هڪ جهان جي ديد جو پرواز ڪو آهي نه ٻيو

    آهي جنم هر ڪنهن وتو-ساٿي سٺو مون کي ڏنئي
    گلنازڪو آهي نه ٻيو-اعجاز ڪو آهي نه ٻيو

    برزخ سڄي دنيا کي ڏس-هت روح پيا تڙپن گهڻا
    ناراضگي خود پئي وڌي-آغاز ڪو آهي نه ٻيو

    دنيا اگر مختص ڪري-ڪنهن يار لئه ڪا راءِ هِت
    محبوب آ ڏاڍو سٺو-ممتاز ڪو آهي نه ٻيو

    فطرت نوازي يار کي-دنيا جي هر نعمت سان هت
    مرڪي ملي جي خوب تر-انداز ڪو آهي نه ٻيو

    مايوس ڇو آهين حفن-بلڪل اهو آهي ڪفر
    پرواز ڪر اُوچو اُڏي-شهباز ڪو آهي نه ٻيو.


    گلزار ٿي گلشن سڄو-تو لئه کِلي شل راس ٿئي

    گلزار ٿي گلشن سڄو-تو لئه کِلي شل راس ٿئي
    دل سان دعا آ مهربان پوري تو هر هڪ آس ٿئي

    تا زندگي ٽڙندو رهين-ڪو غم نه ٿو ويجهو اچي
    جيڪي ڏسين سهڻو ڏسين-هر غم فنا ۽ ناس ٿئي

    رشتا هتي جا مطلبي-رت جا ڦڙا چوسڻ لڳا
    تن کان ٽري بهتر ڪيئي-شل تن کي ڪو احساس ٿئي

    آهين جتي اُت دين جو-ڪو معاملو ناهي سڌو
    ايمان شل سالم هجيئي-اهڙو نه ڪو تو لاس ٿئي

    تنهنجا هڙئي ڏکڙا سڙن-شل باه ۾ چلڪي وڃن
    آڪاش شل راضي هجئي-هر چين تنهنجي پاس ٿئي

    اخلاق ۽ ڪردار سڀ-تنهنجي ذهانت ۽ عمل
    تنهنجي سخا سيرت صفا-هر ڪنهن لئه بهتر واس ٿئي

    تنهنجو نطق علم و هنر-ٿي گامزن شهرت وئي
    هر عام جي ڪم ۾ اچي-سر جي سڄي ۽ خاص ٿئي

    هر هر دعا گهرندو رهي-شل شان تنهنجو پيو وڌي
    تنهنجي ادا هر ڪنهن وڻي-تو کي نه ڪنهن جي تاس ٿئي


    محبوب کي ويجهو اچي-سرهو پسي پُر نور ٿيو

    محبوب کي ويجهو اچي-سرهو پسي پُر نور ٿيو
    ڪو رنگ ۾ رنگجي ويو-ڪو ترت ئي تندور ٿيو

    مون ڀي اهو رنگڙو ڏٺو-حيرت زده ماحول هو
    هر هڪ نظر مرڪوز هئي-هر ڪو صفا مسحور هو

    مهمان ٿي آيو جڏه-محبوب هو منهنجي اڱڻ
    ڇا انڪساري هئي تڏه-محبوب ڄڻ محصور ٿيو

    دنيا ته هڪ آڙاه آ-پرکڻ هتي آسان نه هو
    بازار لا محدود آ-ڳولڻ هِتي اک پور ٿيو

    هڪ حسن ٻيو انداز ٿيو مرڪڻ وري هو نيم ڪُش
    دلڙي سندو بسمل ٿيڻ-گهري نظر جو گُهور ٿيو

    مون ڀي سوين هت حسن جا پاڇا ڏٺا ڄڻ نانگ ها
    مجبور کي هر پل ڪکڻ لئه حسن هي معمور ٿيو

    گهري نظر جا مون وڌي محبوب ۾ ڳوليم وفا
    مون کي لڳو تعريف لئه آهي صنم مشهور ٿيو

    ناز و ادا کان ٿي متاثر يار کي چنبڙي پوڻ
    آغوش ۾ مرڪي ڪرڻ محبوب کي منظور ٿيو

    ارض و سمان تارن ستارن سان جڙيل آ پُرڪشش
    ڪو ديير سان چمڪيو وري جلدي نظر کان دور ٿيو

    آهي خدائي خوبتر-هن ۾ مڻيا انمول ٿئي،
    توري لڪي موتي ڏسو-خوشبو وٺو مسرور ٿيو.

    جي حسن ۾ مدهوش ٿين-پو يار کي پرکي به ڏس،
    آ پيار جو پياسي صنم يا مال لئه مجبور ٿيو.

    دنيا عياشي جو محل آ اِن نظر ڏسجي اگر،
    ڀل عيش ڪيو پر باش ٿيو-پر يار پو مفرور ٿيو.

    عاشق سڏائين ٿو حفن-ڀڄ عيش کان بلڪل پري،
    مزڙو وٺو ڀل عشق جو-عاشق سچا منصور ٿيو.


    انداز دل لڳيءَ جو-آ دل جي پار گذريو.

    انداز دل لڳيءَ جو-آ دل جي پار گذريو.
    اهڙو حسين منظر آ-خوشگوار گذريو.

    چرچا ته بيرخيءَ جا-مون ڀي گهڻئي ٻڌا ها،
    اهڙو نه پل سڄڻ جو-هِت ناگوار گذريو.

    نقش و نگار اهڙو شايد نه هو ڏٺو مون،
    صورت حسين ڏسندي هر پل قرار گذريو.

    ڀرپور آ جواني-مدهوش ٿيون نگاهون،
    اڄ عاشقانه هر پل-آ پُر خمار گذريو.

    هڪ حسن ٻيو ادائون-ٽيو ڪُل ڪلام شيرين،
    آ مُرڪ ڪافرانه ڄڻ دل تي وار گذريو

    آ دلفريب صورت-غافل ڪيو خدا کان،
    ناهي نظر جي آڏو-اهڙو نکار گذريو

    محبوب دل لڳي ڪئي-مون کان خزان پري وئي،
    هر پل حفي آ ڄڻ ڪو-باد و بهار گذريو.


    انداز بي رخيءَ جو-ليل و نهار ٿي ويو

    انداز بي رخيءَ جو-ليل و نهار ٿي ويو
    ناز و ادا غرورِ-نقش و نگار ٿي ويو.

    دلبر جي سونهن سان گڏ چرچا جا بيرخيءَ جا،
    بلڪل يقين نه هو پر اڄ اعتبار ٿي ويو.

    مغرور منهنجي چاهت-سمجهي ويو هو شايد،
    اُن وقت کان ڇڊو ٿي-هو ٻئي ڪنار ٿي ويو.

    شايد هو حسن کي ڪو-رسم جهان جو خطرو،
    مجبور عشق آخر-ائين سوڳوار ٿي ويو.

    محبوب جي اندر ۾-جهاتي وڌي جڏهن مون،
    خود کي اُتي ڏٺو مون-دل کي قرار ٿي ويو.

    خاموش قربتن آ-آخر ۾ رنگ لاتو،
    حفي الحفيظ مليو-۽ ٻيڙو پار ٿي ويو.


    قربان تنهنجي سر تان-سر ساه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    قربان تنهنجي سر تان-سر ساه ٿيو ته ڇا ٿيو.
    تنهنجي ڪري زمانو-بدخواه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    دنيا جي سمنڊ ۾ ڏس-هر ڪنهن جو جوڙ آهي،
    منهنجو تون جوڙ آهين-ڪو باه ٿيو ته ڇا ٿيو

    واعدا وفا ڪيا ٿئون-هن پيار جي جهان ۾،
    هن راز کان جي ڪو ڀي-آگاه ٿيو ته ڇا ٿيو

    ڪيئن عشق ۾ کپي ويا-ڪئين عشق ۾ رچي ويا،
    عاشق کي هوش ڪهڙو-گمراه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    بيحد حسين آهين-ڀڳوان جهڙو سهڻو،
    تنهنجي مقابلي ۾ جي ماه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    دنيا ۾ جو رهي ٿو-آ مبتلائي الفت،
    الفت خلاف جيڪر-آراه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    الفت نفي نه آهي-الفت آ ڪم خدا جو،
    مدهوش قرب ۾ ڪو-بيراه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    دنيا آ مئي جو نالو-هيءَ عشق مان جُري آ،
    بدبخت عشق بن ڪو-جي شاه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    هِن هُن سان ٺاهه ڪهڙو-محبوب جي رضابن
    محبوب جي رضابن-ڪو ٺاه ٿيو ته ڇا ٿيو.

    پرواه ڪا سڪندر-مون کي حفيظ ناهي
    جيڪر جهان جو ساري-مفتاح ٿيو ته ڇا ٿيو.


    يادن اچي ستايو-رشتن وري رنجايو.

    يادن اچي ستايو-رشتن وري رنجايو.
    تڪليف جو زمانو-هر هر ٿي ياد آيو.

    جو هو شريڪ جيون تنهن ڀي وچن ڪيو هو،
    ليڪن وفا جي داعي هرگز نه هو نڀايو

    لخت جگر چون ٿا پنهنجو ئي خون آهي،
    ليڪن جوان ٿي تن ڀي رخ شهر ڏانهن ڦيرايو.

    تن مان هو هڪ الگ پر تنهنجي صفت ڪيان ڇا،
    ٿي ڪنهن جي هنج ۾ پو ان ڀي نه ڪي گهٽايو.

    ڪنهن لئه چوان جهان ۾ آهي وفا جو پيڪر،
    خود غرض آ نه جنهن کي احسان ياد آيو.

    جن کي مون پنهنجو سمجهو تن ئي نپوڙيو دل کي
    ڪو ڀي پڇڻ نه آيو مطلب لئه سڀ ڪو آيو.

    آ وقت منهنجو پيري سڀ ڪو پري آ پيارو،
    ڪا سار ڪو لهي ڇو ڪنهن فرض ڪين ڀانيو

    ڇو ٿو چوين حفي تون احسان تو ڪيو هو،
    تو قرض پنهنجو لاٿو هو فرض تو نڀايو.


    ڳل گلابي لال لبڙا سونهنجي سردار جا

    ڳل گلابي لال لبڙا سونهنجي سردار جا
    ناز نخرا نيهن وارا قرب جي حبدار جا

    بانهن لوڏي آءُ اوري ويهه ڀر ۾ بادشا
    دل چوي ٿي مان چمان هٿڙا مٺي منٺار جا

    قرب واري ڪا ڪچهري ڪر اچي اي دلربا،
    ڪي ٻڌائي ٻول اهڙا تنهنجي منهنجي پيار جا

    بار ها تنهنجي ملڻ جون ڪاوشون مون پئي ڪيون،
    تا که مان درشن ڪيان تو دل سندي دلدار جا

    دل خدا جو گهر چون ٿا پر رهين ٿو يار تون،
    جا بجا ڪلمان ڪفر هي بره جي بيمار جا

    مهجبين اي دلنشين ٻڌ هاڪ پنهنجي حسن جي،
    ٿا چون تو کي مسيحا هن سڄي سنسار جا

    سڀ وهي ۽ واپري ٿو هن جهان ۾ هر سمئي،
    مون توجه اُت ڪيو جت سڀ فسانه يار جا

    مئي ذري مون کي ملي آعشق جي ۽ حسن جي،
    مون مٿي ايڏا وڏا احسان پالڻهار جا

    چار پل جا فاصله ٿا فاصله مون کي لڳن،
    حفن تون ڏس ته جذبا پيار جي پينار جا.


    ناز پرور يار منهنجو نيهن سان نروار ٿيو

    ناز پرور يار منهنجو نيهن سان نروار ٿيو
    قرب ۾ قابو ڪري هن دل سندو مهندار ٿيو

    آستاني ۾ اڪيلائي ڏنگيو پئي بارها
    اوچتو محبوب جو مون ڏي اچڻ غمٽار ٿيو

    جابجا محبوب بن هر ڪم هِتي آهي مئل
    قيد ٿو هر پل لڳي جي دور آ غمخوار ٿيو

    ڪائنات آ مشغلو هر رنگ ۾ رنگين مگر
    ڪا نه ٿي سڀ سان لڳي هر ڪو هتي بس بار ٿيو

    ڪير ٿو يارو چوي آهي طبعيت خشڪ مون
    قرب مون جنهن کي ڏنو سو قرب مان ٽمٽار ٿيو

    عشق ۾ غلطان ٿيو سو-هوش ۾ آيو نه پو،
    يار جي ديداربن هر پل صفا بيڪار ٿيو.

    غور مون ڏاڍو ڪيو پر سمجهه ۾ آيو اِهو،
    يار جي ميلاپ بن آڇين منهنجو ڌار ٿيو.

    آ عجب هي فارمولا-چين ۽ بي چين جو
    يار جو جي وصل ٿيو پو چين ڄڻ دلٺار ٿيو

    آ نشاني يار جي نخرا نوان ۽ ناز پڻ
    پيار ۾ ويجهو اچي پو-پيار جو سينگار ٿيو.

    بادشاهي حڪم راني-رعيتي آ معاملو،
    عشق پڻ آ بادشاه جو دل سندو سرڪار ٿيو.

    قرب داري عجز واري آ اهو شيوه دلي،
    قرب ۾ قابو ڪري جو يار سو دلدار ٿيو.

    عاشقن جي دل هميشه سونهن وارن جو آ گهر،
    سونهن وارا جي مڃن ٿا-نيهن جو اظهار ٿيو.

    اي حفن تون عاشق آهين نيهن کي محسوس ڪر،
    سونهن ڏس هن نيهن ۾ ڄڻ سونهن جو ديدار ٿيو.


    عاشقن جو نيهن نرمل-يار جو ديدار آ.

    عاشقن جو نيهن نرمل-يار جو ديدار آ.
    ورنه قالب خود قفس آ-جان تن لئه بار آ.

    هر نگاه عاشقان صورت رهي ٿي هيڪڙي،
    جا سمائي ساه ۾ تو من شدي من ٺار آ.

    يار جي مرضي جڏهن درشن ڪرائي ديد جو،
    خوشگوار آ موڊ ڄڻ سڀ هار ۽ سينگار آ.

    محب جهڙو ڪو به ناهي-جو وڻيو سوئي وڻيو.
    هر صبا ۾ هي حقيقت قرب جي آشڪار آ.

    محب جي هر هڪ ادا آهي صفا مسحورڪن،
    هر سمئي هر رنگ ۾ هو محب جو حبدار آ.

    جو رهي ٿو من ۾ تنهن جو-ورد ٿي ويو خودبخود،
    چئو ڀلي هر عام کي ڀڳوان خود هڪ پيار آ.

    دلربا درشن ڪرائي وڃ ته ٿئي ڪا تازگي،
    انتظار آهي حفن کي-ديد لئه اصرار آ.


    وڃ پيامي دلبربا ڏي-چئو وسين ٿو ساه ۾.

    وڃ پيامي دلبربا ڏي-چئو وسين ٿو ساه ۾.
    ڏج سنيهو جڳ چوي-تو ڪاڻ چريو چاه ۾.

    ڪا به صورت هن جهان ۾ ڪا نه ٿي مون کي وڻي
    اچ ملي وچ يار جاني-ساهه پئيم ساه ۾

    ڪاٺ قد سان يار جو هي ناز ڏس انداز ڏس
    نقش نرمل ناهي ڪو ئي چوڏيهن جي ماه ۾

    ڇا نگاهن ۾ تبسم ۽ ادائن ۾ حيا
    مرڪ ويتر باه ٻاري-عشق جي آڙاه ۾

    دل جي دنيا صاحبان کي با ادب ٿي چئو حفي،
    منتظر ديدار جي لئه بيٺو آهي راه ۾.


    وڃ نه ڇڏي ديار دل باد صبا وري لڳي

    وڃ نه ڇڏي ديار دل باد صبا وري لڳي
    اچ ته ملي قرار دل-دل ٿو بنا چري لڳي

    ناه خبر حيات جي-غور و فڪر ڪرين اگر
    وقت ڪڍي وصال ڪر-دوري صفا ڳري لڳي

    ابري ڪرم ڀلي وسي گل ۽ ڪلي ڀلي ٽڙن
    دل جو صحن بهار ٿيو باد چمن ٺري لڳي.

    قرب جوار ۾ رهي جور جفا نه ڪر سجن
    يار وفا ڪرين ها گر-تنهنجي جفا بري لڳي.

    آءَ گلي لڳي ته مل-دل جو چمن آباد ڪر
    ڇا هي رکيو جهان ۾ تنهنجي لڳن ٻري لڳي

    نيهن نشو بهار سان-جوت جلائي ٿو ڀلي
    نيهن خمار قلب آ-بات دَهن کري لڳي

    جان جگر بهار ٿي باغ حفن آباد رک
    آئين وري ته پيار جي خالي نيا ڀري لڳي.


    باک ڦٽي پو اک لڳي-رات سڄي -نه آيو هو

    باک ڦٽي پو اک لڳي-رات سڄي -نه آيو هو
    واعد وفا به يار ڪيو-جاڳ به ٿي-نه آيو هو

    ڪالهه سڀن چيو ته هو ناه وفا-ڪنهن يار ۾
    ڪا به خبر نه يار پئي مون سين ملي-نه آيو هو

    ماه لڪا سڀن چيو-آه ڪجا-هي مون ڏٺو
    ناز ادا سخا نه ٿيو-راه ڏسي نه آيو هو

    مون کي لڳو ته ٿا جلن-صبح صبا صنم ڏسي
    ماه قمر-اهو ته هو-ساک کڻي -نه آيو هو

    قلب چوي ٿو حال دل-يار کي مان-سنڌو چوان
    دل ۾ رها مثال ڪر-يار ٻڌي -نه آيو هو

    يار سڄڻ نگاه مان قلب اندر پهي ويو
    ڄاڻي خدا ڇو ٿيو پري دل ۾ رهي نه آيو هو.


    ڪاهلو اُٿو متان ڪاروان هليو وڃي.

    ڪاهلو اُٿو متان ڪاروان هليو وڃي.
    جاهلان ڏسي متان رهنما هليو وڃي.

    بارها چيو هو مون هي چمن سنواريو
    باغبان ڦٽل ڏسي گلستان هليو وڃي

    آ حيات مختصر غور ڪو ڪري ڏسو
    اڄ سڀان خلوص دل مهربان هليو وڃي

    يار آ سچو مگر-بار پيو کڻي سڄو،
    حالتون ڏسي پو ٿي بدگمان هليو وڃي.

    يار آ اڃا اُتي-رونقن جي درميان،
    بخت بي نيا ڏسي بادبان هليو وڃي.

    آس تون ڇڏين متان حاصلات ڪرڻي آ،
    مهربان پو ڀلي-پيار مان هليو وڃي

    صاحبو حقيقت آ-آهي جو حفن چيو،
    قلب سان سجائي هي آشيان هليو وڃي.


    ديد کڻ نگاهن جي-نار جو نظارو ڪر

    ديد کڻ نگاهن جي-نار جو نظارو ڪر
    سونهن انتها آهي-يار جو نظارو ڪر

    ڇا خدا تراشي هِن حسن کي نکاريو آ
    مهجبين ديد و لبر رُخسار جو نظارو ڪر

    شوخ، دلربا جي مون گفتگو ٻڌي ورتي
    ڇا انداز هو خوش گفتار جو نظارو ڪر

    زلف مهجبين تي ڏس-نانگ بنجي جهومن پيا
    زلف جي اسيري سينگار جونظارو ڪر

    خوبرو هلي ائين پيو-ڊيل ڄڻ ٽلي ٿي پئي
    ڊيل جهڙي سهني منٺار جو نظارو ڪر

    رمز خوبرو جي ڏس-سونهن ڏس ادائون ڏس
    آشباب حسن سردار جو نظارو ڪر

    اوچتو نگاه جانان اسان تي پئجي وئي
    نيهن سان نهاري تنهن يار جو نظارو ڪر

    عجب جو پيام آيو-جلد مان ڀڄان هن وٽ
    اڄ گلاب جي گل جي هار جو نظارو ڪر

    يار بن هئي تنهائي-پيار بن هئي بيچيني،
    اُن عدم محبت جي پار جو نظارو ڪر.

    اجتناب الفت جو-اضطراب هو دل جو،
    اختتام ٿيو هن آزار جو نظارو ڪر.

    فاصله پچائي ٿا لال ڪن عشاقن کي،
    جابجا عشاق جي پيار جو نظارو ڪر.

    اي حفيظ الفت ۾-خوش نصيب آهين تون،
    وصل هو ته هو-مڻيادار جو نظارو ڪر.


    نه پيار تنهنجو ڪو آه مون سان-رڳو تون ڪوڙا قسم کڻي ٿو

    نه پيار تنهنجو ڪو آه مون سان-رڳو تون ڪوڙا قسم کڻي ٿو
    نه دل ڏني تو- نه دل وٺي ٿو-نه سچ چوين ٿو رڳو هڻي ٿو

    ڳڻائي يا ڳڻ-هزار راتون-گليءَ مان تنهنجي لنگهي چڪو آن
    قدر ڪرين ها ڏسي ها جيڪر ته ڪيڏو دل کي مٺا وڻي ٿو

    حسين ڀي آن ته شوخ ڀي آن-لڪي ڏسين ٿو ڏسي لڪين ٿو
    مذاق ۾ دل ڦري ڇڏي ٿو-اهو عجب گُر کڻي هلين ٿو.

    ٻڌائي مون کي سوائي منهنجي گهڻا ڪيا ٿو ته عاشق آهن
    رڳو لڌو مان ته تو کي آهيان-اها روش ڇو روا رکين ٿو.

    اندر ۾ پنهنجي نظر وجهي ڏس-چڱو ڪرين پيو بروڪرين پيو
    نظر کڻي ڏس ته دلڙي ڪنهن جي گهڙي کڻي ٿو گهڙي ڇڏين ٿو

    اگر تو الفت ذري به آهي سچو ٿي هيڏي حفن هلي آ
    نه دل لڳي آ سزا رڳي آ رڳو ٺڳي آ تون جا ڪرين ٿو.


    نه يار آ نه خمار آ-نه جام ۾ ڪو نشو

    نه يار آ نه خمار آ-نه جام ۾ ڪو نشو
    نه پيار آ نه قرار آ-نه قلب ۾ ڪو مزو

    بهار اڄ ته خزائن-جي ور نه چڙهي وڃي
    بخار جلد لهي ڇو-نٿو علاج ڪيو

    نه چين هو نه سڪو آ-قرار ڇا ته چوان
    اچي ته پو ئي قرار آ-ديار يار وڃو

    نگاه مان ته لڳو پئي-آ پيار ۽ نشو ڀي
    دوا اِها ته آ بلڪل-رڳو شفا آڻجو

    صنم ڪٿي به هجي يا پري جتي به هجي،
    لڪي وڃي ته به ڇا ٿيو-مري تلاش ڪجو

    حفن هي عشق آهي ڪُل-نگاه پرت نشو،
    جو يار پيار قرار آ-سو يار آه سچو.


    محبوب گل گلاب چوان يا که گلبدن

    محبوب گل گلاب چوان يا که گلبدن
    سارو جهان آه صفا سونهن تي مگن

    مخمور ڇا نگاه کڻي ٿو خمار مان-
    مدهوش ٿو ڪرين تون سڀن کي اي جانِ من

    گلزار هن چمن ۾ بهارون رهن سدا-
    جيڪر خزان لڳائي به گلشن ۾ ڇو اگن

    گلزار گلستان ۾ بهارون هُجن سدا-
    سرسبز رک چمن کي سجا باغبان من

    خاموش ٿو رهي ته ادب جي آ انتها-
    چوري جي چپ چوي ته ڪو آواز ڪن ٻڌن

    ڀڳوان ڪا به کوٽ رکي ناهي يار ۾-
    اوصاف يار جا ته صفا جام آ جمن

    خلوت هجي خمار هجي موج ڀل هجي-
    مهجور جي وصال لئه سارون هي سارجن

    وارن کي ائين نه ڇوڙ متان ڪو ڏسي نه ٻيو-
    جي ٿا ڏسن نظارو سي سڀ واه واه ڪن

    ترڇي نظر جي رمز کي سمجهي ڪو پارکو-
    ورنه ته خام خيال ۾ عاشق ٿاخوش رهن

    دنيا جو ڏس مذاق ڏنگائي روان دوان-
    اهڙي وري آ اُبتي جو ٻرڙي سان ٻار ڪن.


    يار اچي حال احوال ۾ غمخوار ٿي

    يار اچي حال احوال ۾ غمخوار ٿي
    ڪنهنجي ته تون ڍال ٿي ڪنهن جو ته حبدار ٿي

    ڏس ته سهي يار تون ٻڌ ته اچي حال دل
    پاڻ ڪهي يار اچ قلب منا سار ٿي

    عشق فنا ڪين ٿيو-حسن بقا ڪين ٿيو
    اعراف بي دين ٿيو-آه عجب مار ٿي

    واڳ جهلي راه ٿي چوڏهين جو ماه ٿي
    بره منجهان باه ٿي عشق بقادار ٿي

    حسن جو هيراڪ ٿي عشق جو تيراڪ ٿي
    راڳ پي تون پاڪ ٿي نيهن ۾ نروار ٿي

    نينهن کي نروار ڪر-قرب سندي ڪار ڪر
    دين نه تون ڌار ڪر عشق جو حبدار ٿي

    خام منجهان خاص ٿي-آس وندن آس ٿي
    يار لئه تون ماس ٿي عام حفن يار ٿي.


    وفا ڇا ڪيم جفا ٿي ملي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    وفا ڇا ڪيم جفا ٿي ملي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو
    خطا نه ڪيم سزا ٿي ملي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    مون دل ته ڏني-آ ڏاڍي رُني-تو کان نه پُني-جوڳنڍ ڪني
    ڇڏين ها ڇني-اي دل جا ڌني-هيءَ قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    هي ملڪ ڇڏي نه وڃ تون لڏي هي دل ٿي سڏي آ روح گڏي
    هي محل اڏي تون اچ ته سهي هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    آ عمر ساقي رهي نه باقي-چڪايا چاقي هي چاق خاڪي
    حياتي قطعي نه آه گهڻي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    ڏسي مون عمر ڪڇي ئي نٿو-گهمڻ ٿو وڃي ۽ پڇي ئي نٿو
    چوي به نٿو آ منهنجي وهي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    صبوح صبا-رجوع رضا-فروغ وفا ٿي دارون دوا
    سخا جي ڪرين عطائ ٿئي چڱي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    صبائي سحر-وفائي مهر-سخائي سمر-عطائي بحر
    شفا ٿي اگر ڪرين ٿو اچي- هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    نه حڪمت ٿا رکن عملي نڪي ادراڪ آ ڪاتن
    ٽرائي جو ڪو به هيرو نٿي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو

    سپاه جو تون ته سالار آن-جهاد جو گُڻ-رکين ٿو چڱو
    ٿو آسري ۾ رهي ٿو حفي-هي قلب ڀلا ٻيو ڇا چوندو


    دنيا جي هر خوشي ملي-اڄ ديد دلبري ملي

    دنيا جي هر خوشي ملي-اڄ ديد دلبري ملي
    خود خوبرو اچي ملي-ڄڻ زندگي وري ملي

    دل بيقرار يار هئي-تو کان سوا مزار هئي
    دنيا رڳو بزار هئي-پر تنهنجي دلبري ملي

    تنها هُيس زماني ۾-الفت جي آشياني ۾
    گلشن جي ڪارخاني ۾-خوشبو سندي ڪلي ملي

    مضمون پيار جو هتي-استاد ڪو نه آ ڪٿي
    اک قرب جي لڳي جتي ڊگري پريم جي ملي

    صورت وفا ۽ پيار آ-ادراڪ جنهن ڏي ڌار آ
    وصلت ۾ ۾ ڪل قرار آ-فردوس ڄڻ حفي ملي


    عابس جو جنم-بساط دَهن

    عابس جو جنم-بساط دَهن
    بهار چمن-نشاط صحن

    گلاب گلن جو عا بس اٿئي
    چمن جي اندر حياط رهن

    هوا ۽ فضا آ عطر عيان
    لڳي ٿو اختلاط چمن

    صبوح صبا-پيغام ڏنو
    پڄايو خدا-شواط ا من

    تون بخت بنايو تخت سجا
    اسان سان نه اشتراط ڪجن

    ايمان ڀري ڏي منڙو ٺري
    پو ڪهڙو ڪيان احتياط پون

    اُجار هي دل-روان روح ڪر
    تراش ٿئي تن-خراط ڪندن

    ڏي خُلق زبان-ايمان امان
    پو دين جا پل صراط سجن

    قرار ۾ خاندان رهي
    نصيب سان ڀل نباط ڏسن

    سڀاڳ صفا سجاڳ رهي
    انعام اهو ضباط آهن

    اي بخت ٻڌا-خدا جي عطا
    هي بخت بلند-خطاط لکن

    دعا هي مان قلب ساڻ لکان
    اولاد ۾ رک صراط حفن


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 646
    ڪتابن جو مشاهدو: 816620
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 281142
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ