ڪتاب جو نالو: جديديت پڄاڻان
مصنف: پروفيسر ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ
ڇپائيندڙ: سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 30 مارچ 2018 ع
پڙهيو ويو: 594 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 304 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سوشيالاجي ۽ ادب جي شاگردن، محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر غفور جون تحريرون حالتن جي مطابق، روح کي ڇهندڙ، گهري ڄاڻ، عالمي سطح جي فڪر، مڃيل دليلن ۽ وقت جي سچائيءَ سان ڀرپور هونديون آهن. جنهن ڪري پڙهندڙن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺن ٿيون.
هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ جديديت پڄاڻان جي تحريڪ، تحرڪ ۽ لاڙي ۾ ڪتب ايندڙ جا اصطلاح سمجهايا ويا آهن. يعني هڪ طرح سان هيءُ بنيادي ڪتاب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • سنڌسلامت پاران
  • انتساب
  • مهاڳ
  • تان ڪي ساڻن اور...
  • “جديديت پڄاڻان” جو اڪيلو سنڌي مفڪر ڊاڪٽر غفور ميمڻ...
  • پنهنجي پاران...
  • جديديت پڄاڻان (پس منظر ۽ پِيش منظر )
  • حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality)
  • ڪاري مسخري (Black Humor)
  • جديديت پڄاڻان ۽ صوفي مت
  • ائبنارملٽي ۽ جديديت پڄاڻان
  • ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان
  • جديديت پڄاڻان ۽ جنس
  • جديديت پڄاڻان ۽ مذهب
  • جديديت پڄاڻان ۽ پاڪستان
  • جديديت پڄاڻان جو زمان و مڪان
  • ادب جي نفسياتي تنقيد
  • جمالياتي تنقيد
  • فيمينزم

  • سڀ حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: جديديت پڄاڻان

    موضوع: سماج ۽ ادب
    ليکڪ

    : ڊاڪٽر غفور ميمڻ
    03332323516

    ڇاپو پهريون: جنوري 2016
    ڇپيندڙ: ذڪي پرنٽرس، ڪراچي
    ٽائيٽل: قربان علي سولنگي
    قيمت: 250 رپيا










    ملڻ جو هنڌ
    سنڌي شعبو
    يونيورسٽي آف ڪراچي
    ڪراچي


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”جديديت پڄاڻان“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر غفور ميمڻ آهي.
    سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سوشيالاجي ۽ ادب جي شاگردن، محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيو آهي. ڊاڪٽر غفور جون تحريرون حالتن جي مطابق، روح کي ڇهندڙ، گهري ڄاڻ، عالمي سطح جي فڪر، مڃيل دليلن ۽ وقت جي سچائيءَ سان ڀرپور هونديون آهن. جنهن ڪري پڙهندڙن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺن ٿيون.
    هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها آهي ته هن ۾ جديديت پڄاڻان جي تحريڪ، تحرڪ ۽ لاڙي ۾ ڪتب ايندڙ جا اصطلاح سمجهايا ويا آهن. يعني هڪ طرح سان هيءُ بنيادي ڪتاب آهي.
    هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    انتساب

    پنهنجي بابا محمد اسمٰعيل ميمڻ جي نالي جنهن کان مون صبر جي انتها، درگذر ڪرڻ، توڪل ۽ سادگي جهڙا ڳڻ سکيا...
    پنهنجي ننڍڙي پٽ سروش جي نالي جنهن جي روپ ۾ مون سچ ۽ معصوميت ڏٺي...
    پنهنجي جيون ساٿياڻي رخسانه جي نالي جنهن جي لاءِ آئون مصطفيٰ زيدي جو هيءُ شعر چوندو آهيان،
    فنکار خود نہ تهی، مرے فن کی شریک تھی
    وه روح كے سفر میں بدن کی شریک تھی

    ڊاڪٽر غفور ميمڻ


    مهاڳ

    اڪبر لغاري
    ڪراچي

    پروفيسر ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب سنڌ جي انهن ذي شعور ۽ عالم ليکڪن منجهان آهي جيڪي پي ايڇ ڊي ڪرڻ کان پوءِ به پڙهڻ ۽ لکڻ جو سلسلو جاري رکن ٿا. اصل تحقيق ٿيندي ئي ڊاڪٽريٽ ڪرڻ کان پوءِ آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌي ادب تي گھري نظر رکڻ سان گڏ، عالمي ادب، نفسيات، فلسفي، جديد سائنس کان ويندي فڪري توڙي ادبي تحريڪن جو به مسلسل مطالعو ڪندا رهن ٿا. نه صرف مطالعو پر هو ان تي گھڻو سوچين ۽ لوچين به ٿا. زيرِ نظر ڪتاب، سندن مشاهدي جي گھرائي، مطالعي جي وسعت ۽فڪري پختگي جو ناقابلِ ترديد ثبوت آهي.
    عقل ۽ فهم جي بالادستي جيڪا ڊيڪارٽ، لاڪ، هيوم، والٽيئر، هيگل، مارڪس وارن قائم ڪئي هئي (جنهن کي فڪري جديديت چئجي ٿو)، ان کي وجودين، جديديت پسندن، پسِ ساختياتين ۽ مابعد جديديت پسند ڏاهن اچي للڪاريو. انهن سڀني ۾ طاقتور آواز مابعد جديديت جو آهي جيڪا ڪنهن به آفاقي سچ کي مڃڻ لاءِ تيار ئي ناهي ۽ هر قسم جي سياسي، سماجي، اخلاقي توڙي مذهبي نظامن جي هڪ هٽي کي للڪاريو بيٺي آهي.
    ڇا ڪا ڳالھ يقين (certainty) سان چئي سگھجي ٿي؟ ڇا ڪو تشخص اڻ تبديل ٿيندڙ آهي؟ ڇا ڪو سچ آفاقي آهي؟ ڇا ڪو سونهن جو هڪڙو مڃيل معيار آهي؟ انهن سڀني سوالن جو نفي ۾ جواب ڏيڻ وارو فلسفي دريدا آهي؛ جنهن رد تشڪيل جو طريقو وضع ڪيو. هو چوي ٿو ته، ڪنهن به فڪر يا ادبي متن کي جڏهن مختلف قاري پڙهن ٿا ته مختلف معنائون جنم وٺن ٿيون جيڪي ڪڏهن ڪڏهن متنوع ۽ متضاد پڻ هونديون آهن. تنهنڪري متن جي ڪا به حتمي ۽ مستند معنيٰ نه ٿيندي آهي. ساڳي حالت تشخص ۽ آفاقي سچ جي به آهي. ڪٿي ڪو آفاقي سچ آهي يا نه؟ دريدا وٽ ان جي ڪا به اهميت ناهي؛ دريدا چوي ٿو ته سچ بيان ڪرڻ لاءِ اسان ٻولي جو سهارو وٺون ٿا جيڪا حتمي معنيٰ بيان ڪرڻ کان قاصر آهي. هن جي فڪر جو مرڪزي نقطو آهي ته جڏهن اهو ذريعو جنهن وسيلي اسان سچ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا اهو ئي هڪ هنڌ بيٺل ناهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سچ آفاقي ٿي سگهي ٿو؟ توڙي جو دريدا جي ان فڪري نقطي تي گهڻو بحث ٿيو ۽ ڪجهه ڏاهن ان کي رد ڪرڻ لاءِ دليل بازي پڻ ڪئي، پر کيس رد ڪندڙ پڻ مڃي ويٺا ته هو پنهنجي جاءِ تي معتبر ۽ مڃڻ لائق ڳالهه ڪري ٿو.
    ڏسون ٿا ته اڄوڪي مابعد جديد ادب، ڊرامي، فلم۽ مصوري ۾ اهو معلوم ڪرڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي ته آيا هي ادب، ڊرامي، فلم توڙي مصوري جا نمونا افسانوي آهن يا حقيقي. ڇو ته ناولن ۽ ڊرامن ۾ حقيقي واقعن جي پيوندڪاري اهڙي طريقي سان ڪئي وڃي ٿي جو افسانوي شيون به حقيقي لڳن ٿيون يا وري حقيقي شيون افسانوي لڳن ٿيون. اهڙي طريقي سان حقيقت جو تصور ڌنڌلائجي وڃي ٿو يا اهو ماڳهين پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو. حقيقت جو ائين خيالن سان وڃائجي وڃڻ ئي مابعد جديد ٿيوري جي صورتحال کي پڌرو ڪري ٿو. اهڙي طرح مابعد جديد ادب پڻ پروفيسر موهن سنگهه جي خيال وانگر ٿيندو پيو وڃي جنهن ۾ هن چيو هو ته،
    “رب اڪ گنجلدار ڳجهارت،
    رب اڪ گورک دهندا،
    اس دي گنجل کولڻ لگيان،
    ڪافر هوجائو بندا...
    ساڳي ڪڇان تا ڪافر واري ڪار آهي.
    مابعد جديديت جا ڪيئي لقاءُ آهن جيڪي ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب پنهنجي برجستي قلم ذريعي اسان تائين پهچايا آهن. هن مابعد جديد نظريي توڙي مابعد صورتحال کي ڏاڍو خوبصورتي سان سمجهايو آهي. نظريي سان ته ڏه ڀيرا اختلاف ڪري سگھجي ٿو پر صورتحال جو ڇا ڪجي؟
    مابعد جديد صورتحال ڏاڍي ڀوائتي آهي جيڪا مها ٻوڏ وانگر اسان جو سڀ ڪجهه لوڙهي هاڻي اسانجي جهڙوڪر گھرن ۾ به ڪاهي پيئي آهي يا ائين کڻي چئون ته هيءَ صورتحال سئو پيري بلا وانگر اسان جي وجود کي وڪوڙي ۽ نپوڙي رهي آهي. ميڊيا جي ذريعي اسان جي ذهنن کي سوچڻ کان روڪيو پيو وڃي. هاڻي جيڪو ميڊيا جو موقف هوندو اسان کي ان کي ئي مڃڻو پوندو. عجيب مصنوعي طريقن سان متاثر پيو ڪيو وڃي جو اسان کي خبر به نٿي پوي. اسان گهر ڦرائي به خوش ويٺا آهيون. اسان جي خواهشن کي ضرورت بنائي پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ اسان مارڪيٽ ڏانهن ڊوڙ پايون ٿا ۽ وڏي خوشي سان پنهنجا کيسا خالي ڪري موٽي اچون ٿا. وڌيڪ ڪمايون ٿا ۽ وڌيڪ خرچ ڪريون ٿا، خواهشون پئدا ڪيون وڃن ٿيون، اهي خواهشون جن جو ڪو انت ئي ناهي. انهن بي انت خواهشن جو اڻ کٽ خال ڀرجي ئي نٿو؛ نه ڪو وري ڀرجڻو آهي. اهڙي صورتحال ۾ بئنڪن جا نمائنده اسان جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري اسان کي قسطن تي ڪار ۽ ٻيو سامان خريد ڪرڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. ڪريڊٽ ڪارڊ وسيلي نوان ڄار وڇائي اسان کي ڦاسايو وڃي ٿو. خوبصورت اشتهار ڏسي اسان نوان گھر قسطن تي وٺڻ جي چڪر ۾ لڳي وڃون ٿا. وائيٽ ڪالر ايم بي اي مزدور؛ ڪوٽ ۽ ٽائي لڳائي هٿرادو مرڪ چپن تي چنبڙائي پنهنجي آقائن لاءِ کن ۾ اسان کي ڦري سڃو ڪري سگهي ٿو. نتيجي ۾ اسان هر طرف کان قرضن جي گھيري ۾ اچي وڃون ٿا. قرض لاهڻ لاءِ وري ٻيو قرض کڻون ٿا. اسان بي خبري ۾ شين جا ۽ اڻ سڌي طرح بي رحم سرمائيدار جا غلام بنجي وڃون ٿا. سرمائيدار خواب جي نالي ۾ سراب وڪڻي ٿو ۽ اسان زندگي ۽ آزادي جي قيمت ڏئي اهو سراب خريد ڪريون ٿا. خوشي پنهنجو آجپو ۽ اميدون، خوشيون ۽ راحتون، چاهتون ۽ پيار، وصل ۽ وڇوڙا وڪڻي فرد مان هڪ مشين ٿي جيئڻ تي مجبور ٿي وڃون ٿا. اهو تصوير جو صرف هڪ هلڪو رخ آهي جڏهن ته تصوير جو ٻيو رخ ڏاڍو خوفناڪ آهي.
    سرمائيدار دنيا جنهن جا مهندار آمريڪا، انگليڊ، جرمني، فرانس، جاپان ۽ اٽلي آهن انهن تي حڪمراني ڪندڙ بيشمار خفيه هٿ آهن جن جي مرضي سان اهي ملڪ پنهنجون پاليسيون ٺاهين ٿا جن جو مقصد صرف ۽ صرف منافع خوري ۽ سرمائي ۽ وسيلن جو حصول آهي. ورلڊ بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف انهن سرمائيدارن جا ايجنٽ آهن جيڪي گھڻ قومي ڪمپنين جا ناديده مالڪ آهن. عالمي مالياتي ادارا غريب ملڪن کي قرضن ۾ ڦاسائي انهن جو سرمايو مغرب ۾ منتقل ڪرائين ٿا. تيل ۽ معدنيات حاصل ڪرڻ لاءِ ، معدني وسيلن وارن ملڪن تي غير ضروري ۽ تباه ڪن جنگيون مسلط ڪن ٿا ۽ انهن ملڪن جو سڀ ڪجهه ڦٻائي اوڳرايون ڏين ٿا. عراق، افغانستان، لبيا وغيره انهن فضول جنگين جي ور چڙهيل جيئرا جاڳندا مثال آهن. وچ اوڀر جي تيل تي اجاره داري قائم ڪرڻ لاءِ انهن تي پابنديون لڳائڻ ته انهن جي کاٻي هٿ جو کيل آهي. اهو سڀ ڪجھ ڪي جاهل ماڻهو نه پر وڏين يونيورسٽين جا اعليٰ تعليم يافته ماهر ڪن ٿا جيڪي وڏي معاوضي تي پنهنجون صلاحيتون وڪڻن ٿا ته جيئن سرمائيدار جي ٽجوڙي ويران وير وڌ هجي. جهڙوڪر انهن سکيو ئي سرمائيدار جي ٽجوڙي ڀرڻ جو هنر آهي. هنن جو ايجاد ڪيل نعرو ملڪين مشهور ٿيو آهي ته، “پاڻ کي وڪري لائق بڻايو” پاڻ وڪڻو، ٻين کي ڦريو سرمائيدار جي پوري ڪيو. ٽڪو پنجو توهان جو به ٿي ويندو. غريب جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوچڻ سرمائيدار جي ڊڪشنري ۾ گناهه آهي. ان تي سوچڻو ئي ناهي. بلڪه ڪنهن به معاملي تي ناهي سوچڻو، جي سوچڻو آهي ته صرف ان تي ته سرمايو ڪيئن ٻيڻو، ٽيڻو ڇا بلڪه ڏهوڻو ڪيئن ڪرڻو آهي؟ دنيا ۾ وڏا ٿنڪ ٽئنڪ آهن. انهن جو ڪم ٽين دنيا جي ملڪن کي نه نظر ايندڙ غلامي جي ڄار ۾ ڦاسائڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي.
    اڄ قومن وٽ قدر ناهن، ثقافت جي اهميت ناهي، ادب بي معنيٰ آهي، تاريخ کي هڪ وڃايل ٻارڙي وانگر وساريو ويو آهي. هن صورتحال ۾ تعليم جو مقصد به بدلجي ويو آهي. اڳ تعليم انسان کي روشن خيال، انسان دوست ۽ هڪ سٺو ماڻهو بنائڻ لاءِ ڏني ويندي هئي پر اڄ اها انسان کي پئسو بنائڻ جي مشين ٺاهڻ جي ڪم اچي ٿي. فرد مشين بڻجي ڪم ڪري ٿو. احساس وڪامن ٿا، خواب يرغمال بڻجن ٿا، جذبا بي معنيٰ وکر بڻجي ويا آهن. ادب، ثقافت ۽ تاريخ ٽين دنيا جي ملڪن جا معاملا وڃي رهيا آهن. وڏا ملڪ فلم وسيلي مائينڊ سيٽ تبديل ڪن ٿا. يا اسٽيفن ڪووي ٽائيپ سوڪالڊ دانشور تيار ڪن ٿا. جيڪي اسان کي ٻڌائيندا ته دنيا ۾ خوش ڪيئن رهبو؟ ڪاميابي ڪيئن ماڻبي؟ هنن جي نظر ۾ اسانجي ڪاميابي انهيءَ ۾ ئي آهي ته اسان ڪو سوال نه اٿاريون. ڪو احتجاج نه ڪيون. جيڪو ٿئي ٿو ٿيئڻ ڏيون. مابعد جديد صورتحال موجب اسانجي ڪاميابي انهيءَ ۾ ئي آهي.
    ڊاڪٽر غفور صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ مابعد جديد صورتحال جا مختلف نمونا ڏنا آهن. مارڪس جي ٻن تضادن مان هڪ جي کٽڻ ۽ ٻي جي هارائڻ واري ڳالهه جي حوالي سان سندس اهو چوڻ بلڪل درست آهي ته “جديديت پڄاڻان چوي ٿي تضادن جو بنياد ۾ ٽڪراءُ نه آهي اها ته انفرادي وجود جي بقا آهي، جن ۾ ڳالهين ۾ اختلاف آهي انهن کي ڇڏيو، جتي گڏ ٿي سگهون ٿا اتي اچو ته گڏ ٿيون . مثال توهان جو ڪم بم ٺاهي ماڻهو مارڻ آهي ، منهنجو ڪم ماڻهن جو دوا درمل ڪرڻ آهي، پر اسان ٻنهي کي پاڻي پيئڻ يا ماني کائڻ ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي؛ پوءِ اچو ته انهيءَ هڪجهڙائي تي گڏ ٿيون. باقي اسان جي اختلافن تي هڪ ٻئي سان ڪوبه سروڪار نه هجڻ کپي. جديديت پڄاڻان win+ win جو فلسفو ڏئي ٿي. هارائڻو ڪنهن کي ڪونهي ، ٻنهي کي کٽڻو آهي. هاڻ مزدور به خوش ته سرمائيدار به خوش پوءِ انقلاب ڪٿان ايندو؟” اصل ۾ مابعد جديديت انقلابي سوچ کي ئي ته مڏو ڪرڻ گهري ٿي. ۽ هوءَ ان ڏس ۾ اڃا ته ڪنهن کي وٺ نٿي ڏئي.
    ڊاڪٽر صاحب جي هن ڪتاب سان پڙهندڙن کي سکڻ ۽ سوچڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملندو. خاص طور هيءُ ڪتاب اهڙن شاگردن ، استادن توڙي عام پڙهندڙن لاءِ هيءُ ڪتاب انتهائي اهم آهي؛ جيڪي مابعدجديدت کي سمجهڻ چاهين ٿا.


    تان ڪي ساڻن اور...

    ڊاڪٽر شير مهراڻي
    ڪراچي يونيورسٽي

    آئنسٽائين چيو هو، ‘هڪ استاد جو بهترين هنر اهوئي آهي ته هوتخليقي اظهار ۽ ڄاڻ ۾ به راحت ڀري پيش ڪري.’ توڙي جو اهو هنر ايترو سولو ناهي. ڇاڪاڻ ته ليڪچر دوران استاد جو گهڻو ڌيان موضوع ڏانهن هوندو آهي؛ انڪري اڪثر استاد اهو ويساري ويهندا آهن ته شاگرد سندن شخصيت جي ڊپ کان ‘پن ڊراپ’ خاموش آهن يا هو ليڪچر سمجهي به رهيا آهن. آئون خوشنصيب آهيان جو مونکي تمام ذهين استاد مليا. آئون جيڪڏهن چار لفظ لکڻ ۽ پڙهائڻ جي اهل آهيان ته اهو پنهنجي استادن جي ڏنل دان طفيل آهيان. ڪنهن درست چيو آهي ته هڪ سٺو استاد ڪڏهن به نٿو گذاري بلڪه هو پنهنجن شاگردن ۽ شاگردن جي شاگردن ۾ هميشه جيئرو رهندو آهي. پي ايڇ ڊي جي ڊگري هڪ اعزاز کان گهٽ ناهي، آئون پاڻ لاءِ اهو پڻ اعزاز ٿو سمجهان ته مون پنهنجي ٿيسز ڊاڪٽر غفور ميمڻ صاحب جي نگرانيء ۾ لکي آهي. اها سندن مهربان طبيعت ئي هئي جو مون يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ ٽائيم ۾ ٿيسز لکي ورتي. تحقيق جي ميدان سان واسطو رکندڙ چڱيءَ طرح ڄاڻندا هوندا ته ٿيسز جي تياري دوران رهنما ڪيڏو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيڪڏهن رهنما وقت سر تحقيقي ڪم جاچي موٽائي نه ڏيندو ته ٿيسز جي تياري ۾ سالن جا سال لڳي سگهن ٿا. اسان جي سامهون اهڙا به مثال آهن جو ٿيسز مڪمل ڪرڻ ۾ محققن کي20، 20 سال لڳا آهن. يونيورسٽين ۾ گائيڊ کي ٿيسز مڪمل ڪرائڻ تي هونئن به ڪو فائدو نٿو پهچي انڪري گهڻا استاد پي ايڇ ڊي جي شاگردن کي مٿي جو سور سمجهي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن استادن مان آهي، جن سماج ۾ موجود ميرٽ جي مقابلن لاءِ ماڻهو تيار ڪيا آهن. جن هڪ پيڙهي جي پرورش ڪئي آهي. جڳاڙ جي هن دور ۾ سچائي ۽ علم جي رستي تي هلندڙن کي چريو سمجهيو ٿو وڃي. پر ڊاڪٽر صاحب ڀٽائيءَ جي هنن سچين سٽن جو سچو پوئلڳ آهي ته،
    اَک اُلِٽي ڌارِ، وان اُلٽو عامَ سين،
    جي لَهِوارو لوڪُ وَهي، تَه تُون اُوچو وَهُ اُوڀارِ،
    مَنجهان نُوچَ نِهارِ، وان پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
    ڊاڪٽر صاحب لوڪ جي لهواري وهڪ جي ابتڙ اوچو وهڻ کي ترجيح ڏئي ڪري پاڻ لاءِ ڪي مشڪلاتون به پئدا ڪيون هونديون. پر هو مونکي هميشه ان ڪري به مطمئن نظر ايندو آهي ته هن ڪنهن مان ڪا طمع ئي ناهي رکي، هو اتي پڻ ڀٽائي جو سچو مڃيندڙ آهي جنهن چيو هو،
    طَمعَ جِي تَنوارَ، مَتان ڪَرِين مَڱڻان،
    ڌِڪي ڪَندَءِ ڌارَ، ماڻِڪَ ڏيئِي مُٺِ ۾.
    سندس ‘لاطمع طبيعت’ مان ڪو ڪهڙو به مطلب وٺي پر مون ڊاڪٽر صاحب کي هميشه ٻاجهارو سمجهيو آهي. سندس علم ورهائڻ واري سخا ائين آهي جو ڄڻ هن علم حاصل ئي ورهائڻ لاءِ ڪيو آهي. اڄ اهو دور آهي جو ماڻهو پنهنجا آئيڊيا لوڪان لڪايو پيا هلن ۽ جوڳو ملهه ملڻ تي پيا وڪڻن. پر ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪو به وڃي ٿو ته علم ۽ آئيڊياز جا واهڙ وهايو ڇڏي. پوءِ ڀلي ڪو پيو انهن خيالن مان فائدا وٺي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ‘لاطمع طبيعت’ سبب ڪڏهن ڪو ڪو فائدو ناهي پرايو. يونيورسٽي جو پروفيسر هوندي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙيا پڙهي نڪرندڙ پنهنجن ٻارڙن سنڌيا ۽ سارنگ جي لاءِ ڪڏهن ڪنهن استاد وٽ ڪا فيور وٺڻ لاءِ نه ويو. اهو ڄاڻندي به ته ميرٽ بدران ٻين ڪيترن ئي مختلف بنيادن تي سندن ٻارڙن سان نا انصافي ٿي سگهي ٿي. اسان ٻيا استاد ڪوششون ڪندا آهيون ته متان ڪٿي ڪو سندس ٻارڙن سان نا انصافي نه ڪري ڇڏي. پر ڊاڪٽر صاحب پنهنجن اصولن تي هميشه ڪار بند ئي نظر آيو آهي.
    يونيورسٽين ۾ ڪي استاد سٺا هوندا آهن ته وري ايڊمنسٽريٽر سٺا ثابت ناهن ٿي سگهندا، ڪي وري ايڊمنسٽريٽر سٺا هوندا آهن ته اهي استاد سٺا ناهن هوندا. اهڙا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن پر ڊاڪٽر غفور صاحب انهن ٿورڙن ماڻهن مان آهي جيڪي سٺا استاد ته آهن ئي پر ڪامياب ۽ بهترين ايڊمنسٽريٽر پڻ آهن. مون ڪڏهن به سندن ٽيبل تي ڪو پينڊنگ فائل ناهي ڏٺو. سنڌي شعبي ۾ سندن چئرمين شپ جو ٽينيوئر ڪامياب ترين ٽينيوئر مڃيو ويندو. سندن ڪوششن سان سنڌي شعبي پاران “ڪلياڻ” تحقيقي جرنل شروع ڪيو ويو آهي. ڪلياڻ جي نالي تجويز ڪرڻ کان مواد جي ڇنڊ ڇاڻ تائين ڊاڪٽر صاحب انتهائي مصروف هوندي به سڄو بار پنهنجي مٿان کنيو. علم، ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ ورتل سندن ڪوششن کي سنڌي شعبي جي تاريخ ۾ ضرور مڃوتي ملندي.
    آئون سندس علمي سطح تي هميشه حيران ئي رهيو آهيان. مونکي اڄ به ڊاڪٽر صاحب جا ليڪچر ياد آهن. سندن ليڪچر دوران اسان شاگرد رڳو ان ڪري ‘پن ڊراپ سائلينس’ ۾ هوندا هئاسين ته ڪٿي ڪو لفظ اسان جي ٻڌڻ کان رهجي نه وڃي. ڊاڪٽر غفور صاحب جو هر لفظ اسان ٻڌڻ ۽ سمجهڻ پاڻ تي لازم سمجهندا هئاسين. ڊاڪٽر صاحب جي اها علمي خوبي نه صرف اسان واري دور ۾ اسان محسوس ڪئي پر، هلندڙ سيميسٽر ۾ ورڪ لوڊ وڌي وڃڻ سبب ايم فل جا ڪلاس نه ورتا ته مون ايم فل جي نابين شاگرد اختر گهنڃئي کي ڊاڪٽر صاحب کي چوندي ٻڌو هو ته ‘سائين اسان کي اوهان جي ليڪچر جي ٻاڙ لڳي آهي.’ هڪ بهترين استاد وانگر ڊاڪٽر صاحب جو سمورو ليڪچر علم، ڏاهپ ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار لڳندو هو. سندن پسند جا موضوع نفسيات، لطيفيات، سائنس، تصوف، جماليات، جديديت، مابعد جديديت ۽ فلسفو آهن. ڊاڪٽر صاحب بهترين ڪهاڻيڪار به آهن ته اعليٰ درجي جو نقاد پڻ آهي. سنڌي ادب ۾ سندن تنقيد اهم حيثيت رکي ٿي. سندن تنقيد جو اسڪول آف ٿاٽ الڳ آهي. جنهن ۾ وجدان کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي، سندن خيال آهي ته،
    “تخليق اها آهي جيڪا توهان جڏهن پڙهو ته اها توهان تي پنهنجو وجداني اثر ڇڏي، توهان جي زمان و مڪان جا پردا کڄي وڃن، توهان جي اڳيان لفظ گم ٿي وڃن، توهان خاموشي جي سمنڊ مان ٽٻي هڻي نڪرو ته شعور جو وهڪرو توهان جي اندر جالارو ٿي وهي.”
    ‘جديديت پڄاڻان’ ڊاڪٽر غفور صاحب جو ستون ڪتاب آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب جديديت پڄاڻان بابت بنيادي ڄاڻ ڏني آهي. هن ڪتاب جي خاص ڳالهه اها به آهي ته هن ۾ جديديت پڄاڻان جي تحريڪ، تحرڪ ۽ لاڙي ۾ ڪتب ايندڙ جا اصطلاح سمجهايا ويا آهن. يعني هڪ طرح سان هيءُ بنيادي ڪتاب آهي. يورپ توڙي دنيا جي ٻين خطن ۾ ته جديديت يا جديديت پڄاڻان تي تمام گهڻا ڪتاب موجود آهن پر اسان وٽ انهن موضوعن تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به ڪتاب ناهن. حالانڪه اهي اُهي موضوع آهن جن کي نه صرف سمجهڻ جي ضرورت آهي بلڪه انهن کي سمجهي سنئين واٽ وٺڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته طوفاني لهر جي هن دور ۾ عاقبت بچائي انسان دوستيءَ جي ڳالهه ڪرڻ ئي ته اصل دانشمندي آهي. اهڙي دانشمنديءَ جو ثبوت ڊاڪٽر صاحب جو هيءُ ڪتاب آهي. انڪري هيءُ ڪتاب خاص طور شاگردن ۽ استادن لاءِ هڪجيترو ئي لاڀائتو آهي.
    منهنجي پهرين خوشنصيبي اها آهي ته آئون ڊاڪٽر غفور صاحب جو شاگرد آهيان ۽ ٻي خوشنصيبي اها آهي ته آئون يونيورسٽي ۾ سندن ماتحت آهيان. مون ڊاڪٽر صاحب کي جيترو شفيق هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڏٺو آهي ايترو ئي مهربان کيس شعبي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ پاتو آهي. ڊاڪٽر صاحب هڪ بهترين استاد، اعليٰ درجي جو محقق، شعبي جي چئرمين جي حيثيت سان هڪ قابل ايڊمنسٽريٽر، ڏاهو ۽ دانشور هوندي به هن ڪڏهن ڪا دعويٰ ناهي ڪئي. بلڪه هو هميشه دادو ديال جو اهو شعر شاگردن کي ٻڌائيندو آهي ته، ‘دادو دعويٰ ڇوڙ، بن دعويٰ دن ڪاٽ’ پر آئون سندس علم ۽ دانش کان متاثر ٿي هميشه کين ڀٽائيءَ جو هيءُ بيت ارپيندو آهيان ته،
    تان ڪِي ساڻَنِ اورِ، جان آهِينِ اوطاقُنِ ۾؛
    ڏَه ڏَه ڀيرا ڏِينهَن ۾، پاڻُ مَٿانئن گھورِ؛
    وِيا جي هِنگلورِ، ته ڪَرَمِ مِلَندَءِ ڪاپَڙِي.
    (شاھ)


    “جديديت پڄاڻان” جو اڪيلو سنڌي مفڪر ڊاڪٽر غفور ميمڻ...

    ڊاڪٽر نواب ڪاڪا
    سنڌ يونيورسٽي

    سوچڻ، سمجھڻ ۽ فڪر جي خاصيت انسانن کي حيوانن کان جدا ڪري ٿي. دنيا جي ارتقائي سفر ۾ پنهنجي پنهنجي دور جي ڏاهن ۽ ڳڻوان انسانن پنهنجي فڪر ذريعي دنيا کي سمجھڻ سمجھائڻ جا جتن ڪيا. اهڙي طرح عالمي فڪري نظرين جنم ورتو ۽ ادب تي انهن جا اثر ٿيڻ لڳا ڇاڪاڻ ته ادب زندگيءَ جو فني اظهار آهي. وقت جي ڏاهن گڏيل انساني جدوجهد مطابق برابري جي بنياد تي ونڊي ورڇي کائڻ ،امن ۽ پيار جي ڳالهه ڪئي.انسان جي وجود ۽ ان سان لاڳاپيل هر موضوع کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي. پوءِ به حريص ذهنن پنهنجي مفادن ۽ انا خاطر رياستي ادارن ۽ معيشت تي قبضو ڪري پنهنجي ذاتي سک آسائش جو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جڏهن ته ٻيا بنيادي گھرجن جي پورائي لاءِ سرگردان رهيا. سوچيندڙ انسانن لاءِ اهڙو نظام بي چينيءَ جو سبب بڻيو. مسئلو صرف کاڌي ڪپڙي علاج ۽ رهڻ جو نه هو بلڪه حق سچ ،احساس، روين ، سلوڪ ۽ سوچ جو به هو. دنيا جي نظام کي هلائڻ لاءِ مذهبي نظام به رهيو پر ان تي به عمل صرف بي پهچ ۽ ڏتڙيل ۽ مصيبت مارين کان ئي ڪرايو ويو. اهڙين حالتن ۾ جديديت ۽ ترقي پسند فڪر اڀريو . انهيءَ فڪري ڌارا مان اشتراڪيت وجوديت، شعور جو وهڪرو، سر ريئلزم ، حقيقت نگاري، قوم پرستي، روشن خيالي جهڙا فڪر وقت ۽ حالتن جي نزاڪت تحت ظاهر ٿيندا ۽ جھڪا ٿيندا رهيا. انساني فڪري ڌرا ۾يوناني ديو مالائي ڪردار سسيفس، کان ويندي زرتشت، گوتم ٻڌ، سقراط ارسطو والٽيئر، روسو، سارتر، ڪرڪيگارڊ، مارڪس، فريڊرڪ نٽشي، هيگل، لينن، دوستو وسڪي،سگمنڊ فرائڊ، ٽالسٽاءِ ، مارٽن لوٿر، برنارڊ شا، فرانس بيڪن، شاهه لطيف ، ۽ ٻين انسانن دنيا ۾ ِمختلف فڪري ڪوششون وٺي پنهنجي پنهنجي علم ۽ مشاهدي آڌار انسانيت کي گهڻو ڪجھه سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    سنڌي ادب ۾ جديد فڪري نظرين ۽ لاڙن تي تخليقي ادب کان ڌار تحقيقي حوالي سان گھڻو ڪم ناهي ٿيو. محترم محمد ابراهيم جويي،الهداد ٻوهيي رشيد ڀٽي ان موضوع تي ڪم ڪيو آهي. ان سلسلي کي ڊاڪٽر غفور ميمڻ وڏي ذميواري سان پنهنجي گھري اڀياس ، سائنسي سوچ ۽ مشاهدي ذريعي اڳتي وڌائيندو پيو اچي.سندس پي.ايڇ.ڊي جومقالو“ سنڌي ادب جو فڪري پس منظر” تمام گھڻي مقبوليت حاصل ڪري چڪو آهي.“ شاهه لطيف جا فڪري رخ ”ڪتاب به شاهه سائين تي ٿيل ڪم ۾ اهم اضافو آهي.سندس هي ڪتاب “جديديت پڄاڻان” جديد فڪر جي پرک ، ادب ۽ سماج جي حوالي سان نهايت ئي اهم ۽ وقت جي گھرج مطابق آهي. جيتوڻيڪ اڪبر لغاري ۽ مبارڪ لاشاري به جديد تنقيدي نظرين جي ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهن. پر ڊاڪٽر غفور جو ڪم الڳ آهي.
    جديديت پڄاڻان جو اصطلاح استعمال ڪندڙ مشل فوڪو مشهور فرانسي مفڪر آهي، ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اڀرندڙ اهڙن مفڪرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو جن جي فڪر دنيا جو ڌيان به ڇڪايو پنهنجو اثر به قائم ڪيو ته تڪراري به رهيا.فوڪو فلسفي جو استاد رهيو آهي جنهن پنهنجي فڪري تحريرن ۾ هي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انساني فطرت ۽ سماج جي لاءِ جن تصورن کي ماڻهو مستقل سچائي سمجھي قبول ڪري ويهن ٿا تاريخي عمل ۾ اهي سچائيون تبديل ٿينديون رهن ٿيون، هن مارڪس ۽ فرائڊ جي فڪري اثرن کي به چئلينج ڪيو. هن کان علاوه ايلون ٽافر، اسٽيون ڪووي، فيڊرڪ جيمس، ڊونالڊ ڊيوڊ سن رچرڊ نوٽري ۽ ٻين بعد جديديت جي مفڪرن جا موجوده حالتن سان ٺهڪندڙ حوالا ڊاڪٽر غفور صاحب ڏنا آهن. انساني فطرت سندس جديديت پڄاڻان واري فڪر جي پرک ڊاڪٽر غفورادب ۽ سماج جي مختلف موضوعن جي روشنيءَ ۾ ڪئي آهي . هڪ اهڙو دور هلي پيو جنهن جو ڪٿي به پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب سان واسطو نظر نٿو اچي. تهذيب جي شروعات لاءِ فرائيڊ چيو هو ته “ تهذيب جي شروعات ان وقت کان ٿي جڏهن ڪنهن ڪاوڙ ۾ اچي پٿر بجاءِ لفظن سان وار ڪيو”. جديديت کان پوءِ هي هڪٻئي تي ڇا سان وار ڪيا پيا وڃن،بم گولا، بيمارين جا وائرس، هٿرادو کوٽ، نقل گدلاڻ الائي ڇاڇا سان وار ڪيا پيا وڃن. ڊاڪٽر غفور اهڙي دور ۽ سماج جو اڀياس ڪيو آهي جيڪو مارڪيٽ جي چمڪ دمڪ ڏيکاءَ ۽ ميڊيا جي پويان ڊوڙندي پنهنجو سڀ ڪجھه وڃائيندو اچي. هن ڪتاب جي ذريعي زبان ڏئي ٻڌائي ۽ سمجھائي ٿو ته هي جديديت پڄاڻان جو زمانو آهي جنهن ۾ خاص ڪري اسان جي ٽين دنيا جي پٺتي پيل ملڪن ۾ ڪوبه اصول، آدرش يا نظريو نه رهيو آهي. ڪوبه آفاقي سچ يا قدر بيهي نه سگھيو آهي. انسان انسانيت وارا سمورا ليڪا لتاڙي اڳتي نڪري ويو آهي. پنهنجي ٺاهيل ڄار ۾ پاڻ ڦاسندو، غمگين، هجوم ۾ اڪيلو، احساسن کان خالي ٿيندو پيو وڃي. زندگيءَ جو ڪوبه شعبو اهڙو نه رهيو آهي جنهن ۾ اسان سماجي حقيقت ، ترقي پسند، يا جدت کي برقرار رکيو هجي، هر پاسي کوکلائپ ماڻهپي ۽ انسانيت کان خالي روين کي هٿي ملي رهي آهي. سياست ڪوڙ منافقت ذريعي گھڻي کان گھڻي ملڪيت ٺاهڻ وارو گورک ڌنڌو ٿي پئي آهي، مذهب ۾ ڏيکاءَ وڌندو وڃي، دوستيون تعلقات ڏي وٺ ڪير ڪيترو ڪم جو آهي بنياد تي ٺهن ۽ ڊهن پيا. رشتا ناتا پنهنجو مفهوم وڃائي ويٺا آهن، مفڪر ، ڏاهو دانشور اسٽيج تي يا ميڊيا ذريعي صرف پنهنجو اثر ڄمائڻ جي جتن ۾ ۽ اين جي .اوز ذريعي پاڻ کي ٺاهڻ ۾ پورو آهي، ڊاڪٽر، استاد، ڪامورو ،قانوندان پنهنجي ذميوريءَ جي ابتڙ ڪم ڪي رهيو آهي. مارڪيٽ ۾ خريداري لا ءِ وڃو هر شيءِ جو نقل توهان جو انتظار ڪري رهيو آهي.غم کي خوشيءَ جيان ملهايو پيو وڃي. بعد جديديت دنيا جي هرشيءِ پنهنجو وجود ، اصليت ۽ مقصد وڃائي ويٺي آهي. اطلاعات جا وسيلا ڪوڙ بليڪ ميلنگ، فحاشي ذاتي ڪمائيءَ واسطي جاکوڙي رهيا آهن.آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون ته ٺهي رهيون آهن پر انسان وري به اجھي لاءِ دربدر آهي، سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪ پٺتي پيل ملڪن کي مقروض رکيو اچن، وڏي پئماني تي هٿيارن جو ڪاروبار ڪري رهيا آهن. دنيا گلوبل وليج نه بلڪه هڪ عالمي منڊيءَ ۾ تبديل ٿي رهي آهي ،جنهن ۾ صرف وڪري جون شيون پيل آهن، انسان به هڪ شيءِ جيان مارڪيٽ ۾ پيو آهي.ڪٿي ٻين کي خريد ڪري ٿو ڪڏهن پاڻ وڪامي وڃي ٿو، ماڻهپو ، انسانيت ، احساس جذبو، همدردي ، پيار، سهپ ،خلوص، پنهنجائپ،حق سچ قبرن ۽ مساڻن ۾ پيل ۽ ٻرندڙ لاشن جيان فنا ٿي رهيا آهن. فصلن جا ٻج ليبارٽين ۾ زهريلن ڪيميڪلن جي ملاوٽ سان اهڙا تيا ڪيا ويا آهن جيڪي بظاهر پيداوار ته گھڻي ڏئي رهيا آهن پر انهن ۾ ٻيهر پيداوار ڏيڻ جي صلاحيت ناهي. دنيا بارود جي ڍير تي رقص ڪري رهي آهي ، آڱر جي ڇهاءَ سان جيڪڏهن علم ڄاڻ جا دروزا کليا آهن ته ان ئي آڱر جي ڇهاءَ سان جيئرن سالم ماڻهن جا وجود ماس جي ڳپلن ۾تبديل ٿي پري تا ئين پکڙجندي ڀتين ۽ ڇتين ۾ چنبڙي پون ٿا. نه مارڻ واري کي خبر آهي ته ڪنهن کي ۽ ڇو ماري رهيو آهي نه مرڻ واري کي سڌ آهي ته هو ڇو ماريو پيو وڃي ، ميڊيا لاءِ خاص خبر آهي سماج لاءِ عام خبر.دنيا جو چهرو مسخ ٿي اهڙي صورت وٺي رهيو آهي جنهن کي ڪو به حتمي نالو نٿو ڏئي سگھجي. نالي ۾ قائم وڏا وڏا ادرا پنهنجي ڪارج کان هٽيل ڪوهين ڏور نظر اچن ٿا.فيمينزم جو آواز ميڊيا تي اهڙيون عورتون اٿاري رهيون آهن جيڪي گھڻي ڀاڱي آزاد ۽ خود مختيار آهن. سنڌي سماج ۽ ادب ۾ اهڙي آگاهيءَ جو ڪم ڊاڪٽر غفور ميمڻ هن ڪتاب ذريعي ڪيو آهي. دنيا ۾ مختلف وقتن ۽ حالتن ۾ ڪهڙا نظريا ۽ لاڙا اڀريا ، انهن جون ڪمزوريون، انهن مان نڪرندڙ نون نظرين جو هڪ تسلسل سان اڀياس پيش ڪيو ويو . ڊاڪٽر غفور وقت ۽ حالتن جي روشنيءَ ۾ سماج جي دکندڙ رڳ تي هٿ رکيو آهي. ڪتاب ۾ شامل سمورا موضوع، بلڪل نوان ۽ وقت جي گھرج مطابق آهن سمورا مقالا موجوده سماج جي اندروني توڙي ٻاهرين جوڙجڪ کي پڌرو ڪن ٿا. ڪتاب ۾ شامل موضوع “جديديت پڄاڻان” کان ويندي “فيمنزم ۽ ادب ”تائين سمورا مقالا اڄ جي دور جو اڀياس آهن. هي اڀياس تنقيدي ۽ فڪري به آهي ته ڇرڪائيندڙبه آهي. ڊاڪٽر غفور جون هي فڪري تحريرون موجوده سماج جي صورت جا سمورا پهلو چٽا ڪري ڏيکارين ٿيون. هر موضوع بابت عالمي مفڪرن جا سگھارا دليل ڏنا ويا آهن.پر انهن کان به اهم دليل ڊاڪٽر صاحب هلندڙ دور جي سماجي ريتن رواجن مان اهڙا کڻي ٿو جيڪي عام طور اسان سڀني جي مشاهدي مان گذرن پيا، جن کان ڪوبه انڪاري ناهي. سنڌي ادب ۽ سماج جي ڪيترن ئي موضوعن تي روزانو تحقيقي مقالا مضمون ۽ ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، پر جديديت کان پوءِ سماج جنهن رخ ۾ وڃي پيو ان جو تجزيو فڪري طور نه ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر غفور ان طرف وک وڌائي آهي.
    سنڌي ادب ۾ پنهنجي نوعيت جو هي پهريون ڪتاب آهي جيڪو سوشيالاجي ۽ ادب جي شاگردن محققن ۽ عام پڙهندڙن لاءِ نهايت ڪارائتو ثابت ٿيندو. ڊاڪٽر غفور جون تحريرون حالتن جي مطابق ، روح کي ڇهندڙ، گھري ڄاڻ، عالمي سطح جي فڪر ، مڃيل دليلن ۽ وقت جي سچائيءَ سان ڀرپور هونديون آهن . جنهن ڪري پڙهندڙن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي وٺن ٿيون.


    پنهنجي پاران...

    جديديت پڄاڻان تي تمام گهڻو مواد اچي چڪو آهي ۽ اچي رهيو آهي . هي ڪتاب بنيادي طور جديديت پڄاڻان جي اثرن ۾ دنيا جو نئون روپ کي سمجهڻ جي ڪوشش آهي. ٿي سگهي ٿو ته جديديت پڄاڻان انسان لاءِ يا دنيا کي سمجهڻ ۾ انتهائي اهم هجي، ٿي سگهي ٿو ته مشل فوڪو جي ڳالهه درست هجي ته دنيا کي سمجهڻ جو هي انتهائي نئون نظريو آهي. پر جنهن صورت حال کي انسان منهن ڏئي رهيو آهي اها ڏاڍي ڀيانڪ آهي . انهيءَ ڪري مون هن ڪتاب ۾ جديديت پڄاڻان جي دور جي سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    هر ماڻهو جي پنهنجي راءِ آهي ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي وصف آهي . عام طور سان جديديت پڄاڻان جي ڪا به وصف ناهي. ڪا تعريف ناهي ڇو ته وصف لاءِ ڪنهن به شيءِ کي سندس ماضي سان رشتو ڳنڍڻو پوندو آهي پر جديديت پڄاڻان پنهنجي رشتو ماضي سان نٿي جوڙي اصل ۾ اهو ئي سندس وجود جو جواز آهي ته جديديت پڄاڻان بلڪل نئون Episteme آهي. هي اصطلاح پهريون دفعو مشل فوڪو (Michel Foucault) استعمال ڪيو هو. جنهن جو مطلب هو ته دنيا کي سمجهڻ لاءِ هر دور جو جيڪو نڪتهءِ نظر نفسياتي ساخت ۽ نظريا هوندا آهن انهن کي ان دور جي ايپسٽيم چئبو آهي. جديديت پڄاڻان بلڪل هڪ نئين ايپسٽيم آهي. جنهن جو تعلق ماضي سان ناهي بلڪ جديديت پڄاڻان وارن جو خيال آهي ته ماضي جي سڀني نظرين ،فلسفن، مذهبن دنيا کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي ، بلڪ دنيا کي سمجهڻ ۾ بري طرح ناڪام ويا آهن. هاڻي جو سماج بلڪل نرالو آهي هر دستور جي ابتڙ آهي. جنهن کي ايلين ٽافلر فيوچر شاڪس جو دور چيو هو. مثال اڳ ماڻهو شراب پي هينگ اوور ٿيندو هو، هاڻ هينگ اوور ٿي پوءِ شراب پئي ٿو. اڳ ماڻهو شريف عورت سان گهر گرهستي ٺاهڻ لاءِ شادي ڪندو هو هاڻ لست لاءِ، دولت۽ شهرت لاءِ طوائف يا زمانه بدنام سان شادي کي ترجيع ڏي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ شريف عورت پردي دار جا رشتا گهٽ ئي اچن ٿا. اڳ بزرگ جي عزت ڪئي ويندي هئي هاڻ ڇورو وات ڳاڙهو هيرو آهي ۽ بزرگ اولڊ ايج هائوس ۾ ڇڏيو اچن. اڳ علم جو دور هو هاڻ معلومات جو دور آهي. اڳ قدر هئا؛ هاڻ واپار آهي. اڳ ماڻهو ۾ همدردي ، پيار جهڙا ڳڻ هئا؛ هاڻ ماڻهو مرون کان به اڳرو آهي. اڳ ڪچهريون هيون ، مهمان نوازي هئي، هاڻ ڪنهن وٽ وقت ڪونهي، سڀ مارڪيٽ جي رحم وڪرم تي آهن. اڳ اصلي شيون ۽ کاڌا هئا. هاڻ مڪمل نقلي ، فارمي شيون آهن. اڳ فاصلا طبعي هئا هاڻ فاصلا ذهنن جا آهن.
    جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اسان يورپ ۾ سجاڳي واري دور جي نظرين جي بنياد تي هلي رهيا آهيون ، جنهن ۾ مادي دنيا جي اهميت وڌيڪ آهي. خود ڪارل مارڪس به جديديت جي دور جو تسلسل هو. هن جدلياتي ماديت جو نظريو ڏئي ڊيڪارٽ جي ثنويت واري نظريي مان مادي کي چونڊي ورتو. پر ڊيڪارٽ جي ثنويت جي ٻي حصي کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. اڳتي هلي نيٽشي انهيءَ ماديت جي دنيا کي سمجهڻ لاءِ تمام روحاني، مذهبي عقيدن جي مخالف ڪري خدا کان بغير دنيا جي تشريح ڪئي . هن انسان جي هر سهاري کي رد ڪري انسان کي پنهنجي دنيا جو خود خدا ٿيڻ جو بنياد وڌو. اڃا اڳتي هلي هائيڊيگر زندگي جي بنياد کي سمجهڻ لاءِ موت کي اهم قرار ڏنو. هن جو خيال هو ته انسان جي بنيادي خواهش وجود ۾ اچڻ جي ناهي بلڪ عدم ۾ اچڻ جي آهي .يعنيٰ تمام زندگي جا محرڪ زندگي جي امنگن ۾ لڪيل ناهن بلڪ موت ۾ لڪيل آهن . انسان جيڪي ڪجهه ڪري ٿو اهو موت جي ڪري ڪري ٿو زندگي جي ڪري نٿو ڪري. اهي اهڙي بنياد هئا جن دنيا ۾ نئين سري سان فلسفين کي سوچڻ لاءِ مجبور ڪيو. ڪارل مارڪس جي سوشلسٽ نظريي سان ڪي به اختلاف ناهن . اڄ به دنيا کي غير طبقاتي نظام جي ضرورت آهي پر ڪارل مارڪس جي فلسفه ماديت جو بنياد انسان کي انسان ۾ ازلي بوريت ۽ بيزاريت پيدا پيو ڪري . ته آخر انسان جو جوهر مادي حصول ۾ آهي؟ ڇا دنيا جا سک سهوليتون انسان جي بي چين وجود کي هميشه لاءِ ٿانيڪو ڪري سگهن ٿيون ؟ جي ائين هجي ها ته گوتم ٻڌ پنهنجو محل نه ڇڏي ها. سقراط زهر جو پيالو نه پئي ها. خود مارڪس ايڏيون اذيتون برداشت نه ڪري ها. ڪجهه ته آهي جيڪو مادي کان بالاتر آهي، انهيءَ جو مطلب اهو هرگز ناهي ته مُلا صحيح آهي، اصل ۾ اسان وٽ انهيءَ غلط فهمي جو بنياد پيل آهي ته روحانيت جي معنيٰ مذهب ورتي ويندي آهي. حقيقت اها آهي ته روحانيت الڳ آهي مذهب الڳ آهي ۽ خدا جو تصور الڳ آهي. انهن ٽنهي عنصرن کي گڏڻ جي ڪوشش به نه ڪجي. جهڙي طرح جديد دور روحانيت کي ختم ڪري مادي دنيا جو بنياد وڌو. اهڙي طرح جديديت پڄاڻان سوفسطائيت کي جنم ڏئي مرڪز کي ٽوڙي ڇڏيو، هاڻي ڪوبه نظريو ڪارگر ناهي، ڪابه تاريخ،ڪلچر ۽ قدر ناهن. جديديت پڄاڻان بلڪل ٻڙي کان شروع ڪري ٿي . تنهن ڪري ممڪن آهي ته اسان هن دور کي سمجهڻ ۾ غلطي ڪري ويهون. تنهن جي باوجود به انسان پنهنجي هزارن سالن جي تاريخ ۽ قدرن کان بلڪل عاري ٿي وڃون اهو ناممڪن آهي. انسان جي مڪمل وجود کي سندس تاريخ ، قدر گهيريو بيٺا آهن، انهن کي الٽو ڪرڻ شايد انسان جي وس ۾ ناهي، اها ڳالهه ضرور اهم آهي ته انسان جهڙي تڪڙين تبديلين کي منهن ڏئي رهيو آهي. جيئن فطرت کان بي دخل ٿي رهيو آهي، اصليت کان بي نياز ٿي رهيو آهي، رشتن ناتن، جذبن ۽ احساسن کان منهن موڙي رهيو آهي. ته شايد جلدي انسان پاڻ وڃائي ويهندو. بلڪ انسان اجتمائي روحاني خود ڪشي ڪندو باقي صرف مادو رهندو، خوشحال مادو جنهن جو آئيڊيل پيار ، رشتا ، جذبا ، انسانيت نه پر سپر اسٽور هوندو. هو صرف شين جو غلام هوندو، پاڻ کي وسيع دنيا مان ڪڍي سپر مارڪيٽ ۾ قيد ڪري ڇڏيندو. جتي شيون ۽ شيون هونديون . جن ۾ اڪيلو ، تنها ماڻهو وجود جو بوجهه کڻي هلندو وٽس سڀ ڪجهه هوندو سواءِ زندگي جي.
    زندگي رڳو مادي حصول ناهي هر شيءَ وکر ناهي، خريد و فروخت جي سماج ڪٿي وڃي دنگ ڪندو ان جو اندازو جديديت پڄاڻان جي شروعاتي دور کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو.
    اسان جا مارڪسواد دوست چون ٿا اسان مايوس آهيون، شايد تاريخ جي تبديلي کي نٿا سمجهون ، پر صرف ايترو سوال آهي ته ڪارل مارڪس جي فلسفي کي خود جڏهن اسان قران بنائڻ ڇڏي ڏينداسين ، تڏهن اسان کي سمجهه ۾ ڳالهه ايندي ته تبديليون ٻن قسمن جون ٿينديون آهن هڪ مثبت ٻيو منفي. تاريخ جو وهڪرو بيٺل پاڻي ناهي، 1882ع کان پوءِ دنيا ۾ ڪهڙيون تبديليون آيون ، خود ڪارل مارڪس به موجود هجي ها ته پنهنجي فلسفي ۾ ڪيتريون تبديليون ڪري ها. آئون ته ائين چوندس ته مارڪس جي فلسفي کي ابتو ڪريو ته جديديت پڄاڻان ٿي پوندي . مارڪس چيو هو ته معروضي حالتون اهم آهن ڪنهن به فرد جي ٺهڻ ۽ بگڙجڻ ۾ ، جديديت پڄاڻان ۾ صرف موضوعي حالتون اهم آهن، مارڪس چيو هو ته تاريخ ٻن ابتڙن جو ميلاپ ۽ تضادن جي صورت ۾ اڳتي وڌي ٿي ٻن جي تضادن ۾ هڪ کي کٽڻو آهي ٻي کي هارائڻو آهي. پر جديديت پڄاڻان چوي ٿي تضادن جو بنياد ۾ ٽڪراءُ نه آهي اها ته انفرادي وجود جي بقا آهي، جن ۾ ڳالهين ۾ اختلاف آهي انهن کي ڇڏيو، جتي گڏ ٿي سگهون ٿا اتي اچو ته گڏ ٿيون . مثال توهان جو ڪم بم ٺاهي ماڻهو مارڻ آهي ، منهنجو ڪم ماڻهن جو دوا درمل ڪرڻ آهي ، پر اسان ٻنهي کي پاڻي پيئڻ يا ماني کائڻ ۾ ڪوبه اختلاف ڪونهي پوءِ اچو ته انهيءَ هڪجهڙائي تي گڏ ٿيون. باقي اسان جي اختلافن تي هڪ ٻئي سان ڪوبه سروڪار نه هجڻ کپي. جديديت پڄاڻان win+ win جو فلسفو ڏئي ٿي. هارائڻو ڪنهن کي ڪونهي ، ٻنهي کي کٽڻو آهي. هاڻ مزدور به خوش ته سرمائيدار به خوش پوءِ انقلاب ڪٿان ايندو؟ توهان ڏٺو ته پاڪستان ۾ ايتري ڪرپشن ڦهلائي ويئي آهي ، ايترو ڪرائيم ڦهلايو ويو آهي جو سڀ ڏهاري آهن، ڏوهه ڪندي خوش آهن سڀ ڏوهه ڪري ناجائز دولت هٿ ڪرڻ ۾ خوش آهن، انهيءَ ڪري رياست سان ڪير به وڙهڻ نٿو چاهي. مارڪس جو سائنسي ڪميونزم جيڪو گلوبل وليج جو تصور هو انهيءَ ۾ پرولتاريه ڊڪٽيٽرشپ اهم هئي جديديت پڄاڻان ۾ گلوبل وليج آهي پر پرولتاريه جي ڊڪٽيٽرشپ سان نه پر سرمائيدار جي ڊڪٽيٽرشپ سان آهي. ڳالهه صرف ايتري آهي ته اسان حد کان وڌيڪ اميد پرست آهيون ، اسان حقيقت کان اکيون چورائي جيئڻ ٿا چاهيون. ان ڪري اسان قبول ئي نٿا ڪريون ته دنيا تباهي طرف وڃي رهي آهي. دنيا ۾ سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اڃا سنڌ گدڙن ڪانه کاڌي آهي. ان جو سبب به اهو آهي ته اسان موقعي پرستي جا شڪار آهيون، اسان جا رشتا مفادن جي بنيادن تي ٺهندا ۽ ٽٽندا آهن، اسان سڻڀي گرهه لاءِ ڪپڙا لاهيو بيٺا آهيون. اسان ڪرپشن ڪري مفت جو مال هٿ ايترو ڪيو آهي جو ڪنڌ ۾ ڪلي لڳي ويئي . هاڻي حقيقت اسان جي هٿ جي ٺاهيل آهي. اسان گسيل پٽيل پراڻا نعرا هٿ ڪري ڇڏيا آهن. انهن تي جذباتي ٿي هنڀوڇيون هڻون ٿا. دنيا ڪيڏانهن پئي وڃي اسان کي خبر ڪانهي. توهان ڏسندا ته مارڪسسٽ پراڻا جملا اڃا به ورجائي ترقي پسندي جو ثبوت ڏينداآهن. ڪي وري اڄ به مذهب کي گاريون ڏئي ڪميونسٽ هئڻ جو ثبوت ڏيندا آهن. اسان وٽ نقلي دانشور سيميناري، اسٽيج تي ويهڻ وارن دانشورن جي کوٽ ڪانهي. ملا جي ڊوڙ مسيت تائين ، انهن دانشورن جي ڊوڙ ڪا سڻڀي سيٽ هٿ ڪرڻ يا فوٽو سيشن ڪرائڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي. وکر جي دنيا ، هوس جي دنيا ايتري وسيع ٿي چڪي آهي جو نا اهل ، ڪوڙو ماڻهو هام هڻندي ۽ پاڻ کي پڏائيندي نٿو ٿڪي.
    اهڙي دور کي سمجهڻ تمام گهڻو ضروري آهي. اهڙي دور ۾ سچ تي بيهڻ تمام ضروري آهي، ها ڏاڍو ڏکيو دور آهي ، ڏاڍو ٿڪائيندڙ دور آهي . سوچ واري ماڻهو کي اڪيلو ڪريو ڇڏي ٿو، پر ڳالهه اها آهي ته سچو ماڻهو ايماندار ماڻهو پنهنجو ڪم ڪندو رهندو، تاريخ ۾ جيڪو سندس ڪردار آهي، اهو نڀاهيندو رهندو آهي. دنيا ۾ اهڙا ڏکيا دور اڳ به آيا ۽ اڃا ايندا پر اهو انسان آهي جيڪو هر دور ۾ جيئڻ جو گس ڳوليو وٺي.


    ڊاڪٽر غفور ميمڻ
    چيئرمين سنڌي شعبو
    ڪراچي يونيورسٽي


    جديديت پڄاڻان (پس منظر ۽ پِيش منظر )

    سجاڳيءَ جي دور ۾ فلسفي مان ٽي پرت ڦٽي نڪتا هڪ عقليت (Rationalism) ٻيو ذهن ۽ جسم جي الڳ الڳ حثيت ( (Dualism (ٽيون هر شيءَ تي شڪ ڪرڻ(Skeptical) رين ڊيڪارٽ جي هن فلسفي کي جديد فلسفي جو بنياد چيو وڃي ٿو. انهن ٽن پرتن مان ادب ۾ ڪلاسيڪل لاڙو پيدا ٿيو. ۽ جديد سائنس جو بنياد پيو . ذهن ۽ جسم جي حقيقت الڳ الڳ تسليم ڪرڻ مان هڪ ته اڳتي هلي وجوديت ۽ ٻيو جديد نفسيات جو بنياد پيو.اهڙي طرح سجاڳيءَ واري تحريڪ مان انسان ۽ ڪائنات جي رشتي کي نئين طرح استوار ڪيو ويو. اهڙي طرح جديديت جي شروعات ٿي. جنهن جو بنياد سائنسي ترقيءَ معاشي نظام جي تبديلي ۽ منطق تي رکيو ويو. بقول ڊاڪٽر افتخار جي ته.
    “ جديديت ڪا نئين شيءَ ناهي بلڪ ايتري پراڻي آهي جيترو انسان . جديديت جي اظهار جا ذريعا بدلجندا رهيا آهن . فڪر ۽ واقعا تاريخي پس منظر ۾ قديم يا جديد ٿي سگهن ٿا . پر هر زمان ۽ مڪان فڪر جيڪو انساني ترقي لاءِ سرگرم آهي جديد آهي.” 1
    جديديت صرف ذهني لاڙو يا رجحان ناهي بلڪ هي هڪ ثقافتي عمل به آهي، جنهن ڪري تخليق ۽ جماليات جا نوان گس ۽ پيچرا به هن ۾ ملن ٿا . جديديت سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي ترقي ۾ پيدا ٿيندڙ نوان رشتا ۽ نئين سوچ کي عقلي بنيادن تي استوار ڪري ٿي ، ان ڪري جديديت جو اهم رجحان سيڪيولر ازم آهي .جديديت جڏهن ادبي تحريڪ بنجي اڀري ٿي ته منجهس انسان دوستي جو پهلو نمايان ملي ٿو، جنهن کي ارڙهين صدي ۾ روش خيال جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. جنهن جو مقصد هو دنيا مان توهم پرستي ، جهالت ، وحشي پڻو ناانصافي کان انسان کي نجات ڏياري وڃي . هن فلسفي جو اهم نمائندو والٽئير (Voltaire 1664-1778) هو. ارڙهين صدي ۾ يورپ ۾ تمام وڏيون تبديليون اچڻ لڳيون، روشن خيالي جي تحريڪ يورپ ۾ تهذيبي، اخلاقي قدرن کي بدلائي ڇڏيو. ادب ، مصوري، موسيقي ، سياست ۾ تبديلي آئي. جنهن جي نتيجي ۾ جمهوري قدر پيدا ٿيا. انهيءَ دوران فلسفي ۾ ڪانٽ ، هيگل ۽ روسو جهڙا ڏاها پيدا ٿيا ، سائنس ۾ اسحاق نيوٽن ، چارلس ڊارون جهڙا اهم ڏاها پيدا ٿيا ، هر طرف اهم بحث ۽ نوان موضوع زير بحث آيا ، ڪليسا ۽ چرچ جي بادشاهت ٽٽي وئي . صنعتي انقلاب اچڻ لڳا ۽ يورپ سرمائيداري نظام وجود ۾ اچي ويو. ڪچو مال ۽ واڌو پيداوار هٿ ڪرڻ خاطر نيون منڊيون ڳولڻ لاءِ دنيا ۾ واپاري ۽ فوجي يلغار شروع ٿي . اهڙي طرح آبادياتي ۽ نئون آبادياتي نظام وجود ۾ آيو. هر نظام جا ٻه پاسا هوندا آهن . شروعاتي دور ۾ سرمائيداري نظام سڪيولر، انسان دوست، هو ۽ ٻي دور ۾ سندس رجعتي پهلو ظاهر ٿيو . پهرين دور ۾ منڊي جي تلاش ، ماڻهن کي شيون واپرائڻ لاءِ متوج ڪرڻ ، روڊ رستا ٺهرائڻ ، ٽپال جو سرشتو قائم ڪرڻ ، علم ۽ شعور وڌائڻ لاءِ اسڪول قائم ڪرڻ، ٻولين ۽ قومن کي سندن سڃاڻپ ڏيڻ، مطلب ته هر طرح جي کوج ڪرڻ ۽ نئين دنيا تلاش ڪرڻ سرمائيداري نظام جي ضرورت هئي . آهستي آهستي سرمايو گڏ ٿيندي ويو. ٽجوڙيون ڀرجي ويون ۽ ٻي طرف وڏا شهر وجود ۾ اچڻ لڳا. شهر جي ارد گرد ڪارخانا، ۽ مزدورن جون ڪچيون جهوپڙيون، هڪ طرف سائنسي ترقي جي نتيجي ۾ سک سهولتون ۽ آسوده طبقو ٻي طرف غريب ، محروم طبقو، بي روزگار طبقو، سبط حسن“ موسيٰ سي مارڪس تڪ”۾ لکي ٿو،
    “ هڪ طرف وڏا شهر مزدورن لاءِ سزا ۽ لعنت بنجندا ويا ٻي طرف مزدور طبقو وڌندو ويو، جنهن ڪري مزدور تحريڪون به شروع ٿيون. آخرڪار برطانيا ۾ هڪ وڏي جدوجهد کان پوءِ مزدور طبقي ٽريڊ يونين ٺاهڻ جو حق به حاصل ڪري ورتو. ”
    آخر ڪار جديد دور خلاف نعرا بلند ٿيڻ لڳا مزدور مشينون ٽوڙڻ لڳا. ٻي طرف ڪارل مارڪس ( Karl Marx 1818-1883) جدلياتي ماديت ۽ تاريخي ماديت جو فلسفو پيش ڪيو. جنهن تحت هن هڪ نئون معاشي نظام ڏنو جنهن جو نالو سوشلزم هو. 1915 ع ۾ عالمي جنگ لڳي جنهن جي نتيجي ۾ روس ۾ انقلاب اچي ويو . سوويت يونين جي انقلاب دنيا ۾ پورهيت ۽ مظلوم طبقي ۾ هڪ نئون عزم ۽ حوصلو پيدا ڪيو جنهن ڪري سڄي دنيا ۾ ترقي پسند تحريڪ شروع ٿي وئي . دنيا هر ڏاهي ، ساڃهه وند ماڻهو ترقي پسند تحريڪ کان متاثر ٿيو. ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ سڄي دنيا ۾ جديد دور ۾ ماڻهوءَ جي جيئڻ جو هڪ نئون اسلوب قائم ڪيو. ادب جي ان تحريڪ جو باقاعده منشور ۽ وابستگي هئي. جنهن جو مقصد هو ته طبقاتي نظام کي وائکو ڪجي ۽ انسان جي جيئڻ جو ڪو نئون رستو تلاش ڪجي ، جيڪو سوشلزم نظام ۾ موجود هو. جديد دور پنهنجي ارتقا جا مختلف مرحلا طئي ڪندي هڪ دنيا ۾ ٻن ڪيئمپن کي جنم ڏنو ٻي طرف سرمائيداري جي بحران دنيا کي ٻي جنگ عظيم ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. ٻي جنگ عظيم دنيا ۾ هڪ وڏو بحران پيدا ڪيو جنهن ۾ انسان ۾ ڀڃ ڍاهه ٿي ، انسان ۾ اڪيلائي، ڏک، ويچارگي جو احساس نروار ٿيڻ لڳو ، جنهن ڪري انسان وجودي وارداتن ۾ وڪوڙجي ويو. حقيقت ۾ جديد دور انسان کي فطرت جي گود مان ڪڍي مصنوعي ۽ مشيني ماحول ۾ آندو هو. ان ڪري انسان جنگ جي هاڃي ڪارين ۾ پنهنجو جيئڻ جي مقصد کي وڃائي وهي رهيو. ادب جي اندر انهيءَ جو اظهار مختلف تحريڪن جي صورتن ۾ ٿيندو رهيو. وجوديت جي تحريڪ ادب کي متاثر ڪيو. جان پال سارتر (Jean Paul Sartre 1905-1980) هن تحريڪ کي فلسي ۽ ادب ۾ اظهاريو. سندس ڪيترائي ڊراما ۽ ناول جهڙوڪ 1938 ۾ لکيل ناول ڪراهت Nausea ) ) 1943 ۾ لکيل ڊرامو““ The flies 1944 ۾ لکيل ڊرامو No Exit 1949 ۾ لکيل ناول 1947 (The reprieve ) ۾ لکيل ناول Trouble Sleep ۾ وجودي لاڙو ۽ انسان جي مقصد ۽ بي مقصديت جا سوال موجود آهن . ان کان پوءِ البرٽ ڪاميو. (Albert Camus 1913 -1960) ادب ۾ هن لاڙي جو اهم نمائندو هو. سندس مشهور لکڻين ۾ ڌاريو ۽ پليگ آهن . انهيءَ کان علاوه يورپ ۾ ڪيترائي ٻيا ادبي لاڙا پيدا ٿيا. جهڙوڪ ماورائي حقيقت (Surrealism ) دادا ازم ( Dadaism) ڪيوب ازم ڪيوب ازم (Cubism) اظهاريت (Expressionism ) شعوري وهڪرو (Stream of Consciousness) وغيره هنن ۾ ڪيترائي ئي لاڙا چترڪاري ۾ وڌيڪ ظاهر ٿيا . ادب ۾ به هنن جو نمايان اثر ملي ٿو جن ۾ ڊورٿي رچرڊ سن ورجينا وولف (Virginia woolf) جيمس جوائس James Joyce اهم نالا ملن ٿا. پهرين جنگ عظيم کان پوءِ هي لاڙا جرمني، رومانيه ۽ فرانس ۾ شروع ٿيا. هنن لاڙن ۾ هڪ ته ادب جو اسلوب مخصوص هو. ٻيو قدرن روايتن ۽ آدرشن کان بغاوت هنن لاڙن ۾ نمايان هئي. جهڙي طرح ڪلاسيڪل دور ۾ فن، حقيقت نگاري، جي مخصوص قدرن خلاف بغاوت طور رومانويت پيدا ٿي هئي . اهڙي طرح ترقي پسند تحريڪ جي مخصوص روين ۽ لاڙن ۽ پابندين خلاف بغاوت طور به هي لاڙا پيدا ٿيا جن ۾ مڪمل ڇڙواڳي، ۽ هر ڳالهه کان نفي موجود هئي. رومانيت ۾ ته فطرت نگاري هئي پر هنن لاڙن ۾ مايوسي ، فراريت، وڌيڪ هئي. ڇو ته شهرن جي مصنوعي ماحول ۽ عقليت جي فڪر ۾ ماڻهوءَ مان فطري ۽ روحاني جذبا موڪلائي ويا هئا ان کان پوءِ مارڪسزم جيڪو پورهيت ۽ مظلوم طبقي جي نجات بنجي آيو ان جو مسئلو اهو هو ته ماڻهو کي صرف مادي دنيا جي سک ۽ ضرورتن تائين محدود پئي رکيو. ٻي ڳالهه انسان مان روحانيت ختم ٿي وئي . برصغير ۾ روحانيت مان مراد ، خدا ترسي، توڪل، درگذر ڪرڻ، همدردي ، پيار، قرب جي معنيٰ ۾ ورتل آهي. جيئن ايڇ بي ڊينش چيوهو
    “When modern philosophers announced god dead, it was the divinity -in-human that died, not god”*
    انسان ۾ اڪيلائي جو سبب اها مڪنيڪل ماديت به بني ۽ زندگي جي بي سببي جو بنياد به بني. نتيجي طور ادب ۾ وجوديت جهڙا لاڙا پيدا ٿيا. سوويت يونين جيستائين قائم هو عالمي طور ادب ۾ ترقي پسند تحريڪ سان گڏ ٻيون تحريڪون فرد ۽ آزادي جي بحث سان هلنديون رهيون ويهين صدي جي آخر ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ عالمي طور حالتون بدلجي ويون. ملٽي نيشنل ڪمپنين جو وجود ۾ اچڻ ، مارڪيٽ ڪلچر ، کپت واري ثقافت، نيوڪلئير ٽيڪنالوجي، ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي، جينيٽڪس سائنس، دنيا جو گلوبل وليج ۾ تبديل ٿيڻ. دنيا کي نئين دور ۾ داخل ڪيو. هن مرحلي جي معروضيت کي مابعد جديديت يا جديديت پڄاڻان چئجي ٿو.
    مابعد جديديت جي مڪمل تعريف ته اڄ تائين ڪنهن نه ڪئي آهي. پر ايترو ضرور آهي ته مابعد جديديت هڪ ئي وقت ۾ مختلسف تضادن وارا تصور ۽ هاڃا کڻي آئي آهي .جديديت ۽ مابعد جديديت ۾ فرق اسان هيئن ڪنداسين ته جديديت ۾ مرڪزيت هئي، تاريخ ۽ ڪلچر هو. منصوبه بندي ۽ تخليق هئي پر مابعد جديديت ۾ لامرڪزيت، مايا، عدم تعين، انشار، هٿرادا موضوع ۽ رينڊم اسٽائيل موجود آهي. مابعد جديديت جو بنياد هيٺن نڪتن تي رکيل آهي.
     ڪوائٽم فزڪس
     جديد ميڊيا
     ڪمپيوٽر ٽيڪنالوجي
     غير مادي معشيت (Intangible economics )
     جنيٽڪ سائنس
    ڪوانٽم فزڪس جا هيٺيان بنيادي نڪتا آهن
     wave particle duality
     un certainty principle
     quantum entanglement
    آئنسٽائن کان اڳ دنيا اسحاق نيوٽن جي قاعدن تي هلندي هئي . سائنس ۽ معشيت جو بنياد فارمولائز هو. 1905 ۾ اليڪٽران جي دريافت ٿي ۽ اليڪٽران کي مادي ذرو (Particle) سمجهيو ويو, پر 1930 ع ۾ اليڪٽران جي مادي وجود تي شڪ ڪيو ويو. ڇو ته اليڪٽران جو انرجي ۾ تبديلي وارو مرحلو فارمولائيز ناهي. اليڪٽران پنهنجي خصوصيت ۾ هڪ ئي وقت انرجي به آهي ته مادي ذرو به آهي . روشني اليڪٽران جو وهڪرو آهي اهي اليڪٽران مادي ذرو آهن يا انرجي جون لهرون جيڪڏهن مادي ذرو آهي ته روشني ۾ تبديل ڪيئن ٿئي ٿو. جيڪڏهن انرجي آهي ته پوءِ اهو بحث ئي ختم ته دنيا مادي آهي بلڪ پوءِ مادي جي حثيت ثانوي ٿي وئي ، پر ڪوائنٽم فزڪس انهيءَ تي ڪو حتمي جواب نٿي ڏئي . بلڪ اتي رينڊم صورتحال پيدا ٿئي ٿي .
    Light is an energy exchange between electrons. However, the exchange Mechanism was unknown, as Einstein implied when he said: "I would just like to know what an electron is."
    هن صورتحال ۾ عدم تعين جو هڪ اڻ کٽندڙ سلسلو شروع ٿي وڃي ٿو ، جنهن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته “ God play dice” جيتوڻيڪ آئنسٽائين پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪندو رهيو ته ڪائنات کي ڪلاسيڪل فزڪس تي پرکجي .
    While at a glance this may seem like just another strange theory, it contains many clues as to the fundamental nature of the universe and is more important than even relativity in the grand scheme of things (if any one thing at that level could be said to be more important than anything else). Furthermore, it describes the nature of the universe as being much different than the world we see. As Niels Bohr said, "Anyone who is not shocked by quantum theory has not understood it."

    هن ٿيوري کان پوءِ دنيا ۾ هڪ نئون بحث ڇڙي پيو ته هاڻ دنيا جا وهنوار ۽ شين کي ڏسڻ ۽ مسئلن جا حل صرف فارمولائيز ناهن بلڪ رينڊم به آهن . نتيجي طور معشيت ۾ به عدم تعين ۽ گهڻ رخي صورتحال پيدا ٿي جنهن کيentanglement Quantum معشيت به چيو وڃي ٿو .
    توهان ڏٺو ته گلوبل دنيا جي معشيت کان پوءِ مارڪسزم جي ٿيوري کي ابتڙ پيش ڪيو ويو. مارڪسزم جي ٿيوري مطابق ڪنهن به ماڻهو کي ٺاهڻ ۽ ڦٽائڻ ۾ معرضي صورتحال اهم آهي، ماڻهو تيستائين تبديل نٿا ٿي سگهن جيستائين معروضي صورتحال تبديل نٿي ٿئي . ان لاءِ هڪ وڏي انقلاب جي ضرورت آهي ان کان پوءِ دنيا جو هر عمل معاشي نظام جي تابع آهي. پر گلوبل دنيا جو اهو نعرو آهي ته ماڻهو جو اندر ئي سڀ ڪجهه آهي. ايلون ٽافلر Alvin Toffler کان وٺي اسٽيون ڪووي تائين امريڪا ۽ يورپ جا ڏاها اهو مابعد جديديت جو فڪر پيدا ڪري رهيا آهن ته دنيا تبديل پنهنجي داخلي طاقت سان ڪريو . مارڪس جو اهو چوڻ هو ته دنيا ۾ وچٿري ( Neutral) ڪابه شيءَ ناهي ڪنهن هڪ جو پاسو کڻڻو پوندو ڪنهن هڪ کي کٽنڻو آهي ۽ ٻي کي هارائڻو آهي پر مابعد جديديت جو نعرو آهي ته win + win يعني ٻنهي کي کٽڻو آهي . ڇوته هڪ شيءَ جا ڪيترائي رخ آهن ڪنهن کا هڪ انگ 6 نظر اچي رهيو آهي عين ممڪن آهي ته ٻي کي اهو 9 نظر اچي رهيو هجي ڇو ته ٻنهي جي جڳهه الڳ الڳ آهي، هاڻ جڳهه ٻنهي جي مٽايو ته رايا ٻنهي جا وري بدلجي ويا معنيٰ ٻئي کٽي ويا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته سرمائيدار ۽ مزدور جي جهيڙي جو حل اهو به ٿي سگهي ٿو. مزدور کي سرمائيدار بنجي وڃڻ گهرجي پوءِ ڪنهن به بدعنواني جي طريقي سان ٿئي.
    ان کان پوءِ معروضي حالتون ڪابه معنيٰ نٿيون رکن ماڻهو کي Proactive ٿيڻ گهرجي. هن لفظ جي معنيٰ اها آهي ته ماڻهوءَ کي پنهنجي موسم پاڻ سان کڻي هلڻ گهرجي . حالتن جو شڪار نه ٿئي . مطلب ته موجوده نظام ۾ جيڪڏهن ڪو غريب آهي ته پنهنجي افعالن جي ڪري آهي. ان ۾ حالتن بدلائڻ جي طاقت ناهي .
    مارڪس جي فلسفي جو بنياد هو ته معروضي حالتن کان داخلي حالتون ٺهن ٿيون پر اسٽيون ڪووي جو چوڻ آهي ته
    “Our behavior is functioning of our decisions not our conditions”
    يعني توهان پنهنجي سوچ بدلايو ته دنيا بدلجي ويندي .
    مابعد جديديت جو ٻيو بنياد جديد سڌ سماءَ جا ذريعا آهن . جديد سڌ سماءَ انسان کي جيترا فائدا پهچايا آهن اوترا نقصان به . ڇوته بنيادي ڳالهه ايجاد جي نه پر استعمال جي آهي . غلط رستي تي هلي صحيح نتيجا ڪڏهن به حاصل نٿا ڪري سگهجن. واپاري ڪمپنيون جديد ميڊيا کي خوب استعمال ڪن ٿيون . پنهنجي شين کي وڪڻڻ لاءِ ميڊيا تي مشهوري ۽ ماڻهن کي مونجهائڻ لاءِ هثرادا اشوز پيدا ڪيا ويندا آهن ، اڳ ميڊيا حالتن ۽ واقعن جون خبرون ڏيندي هئي پر هاڻ ميڊيا ماڻهن جون خبرون ٺاهيندي آهي . واقعا رونما ٿيل ۽ ميڊيا جا پيش ڪيل الڳ الڳ حقيقت رکندا آهن . ڇوته خبرون کي سنسني خيز ٺاهڻ ميڊيا جو ڪم آهي . يعنيٰ عوام اهو ڪجهه ڏسندي آهي جيڪو هن کي ميڊيا ڏيکاريندي آهي . ان پوءِ اينڪر پرسن ميڊيا جو هڪ الڳ ڪلچر آهي . جنهن جو مطلب آهي ته دنيا کي ڪنهن نظريي ، علم، ڏاهپ ۽ حقيقت جي بجاءِ مخصوص اينڪر پرسن جي راءِ تي هلائجي. يقيني طور اهي اينڪر پرسن واپاري دنيا جي نمائدگي ڪندا آهن جي ائين نه ڪندا ته ڪامياب اينڪر پرسن نه سڏبا . نتيجو اهو ٿو نڪري ته ميڊيا هڪ مايا جو ڄار بنجي وڃي ٿي . ميڊيا هٿرادا اشوز ٺاهيندي آهي ، جن جي ذريعي ما ڻهن جي راءِ هموار ڪندي آهي .انهن هٿرادن واقعن کي سنسني ٺاهي سماج ۾ ڦهلايو ويندو آهي . جيئن سنڌ ۾ ڪارو ڪاري، ڌرڻو ، جرگو ۽ پريمي جوڙن جو رواج ميڊيا جو پيدا ڪيل آهي. دنيا ۾ به ميڊيا ذريعي ڪنهن کي هيرو ٺاهيو ويندو آهي ته ڪنهن کي زيرو ٺاهيو ويندو آهي . مائڪل جيڪسن کان وٺي ميڊنا تائين ، هڪ فلم جي سيريز کان وٺي ٻي تائين سڀ ڪاروباري هيرو آهن .
    ڪي ايف سي KFC ڪلچر کان وٺي پيزا هٽ تائين جو ڪلچر سڀ جديد گليمر ۽ ڪمائي جا ڌنڌا آهن . ڇو ته انهن جي مشهوري ايتري ڪئي وڃي ٿي جو اهي ماڻهن جي ضرورت بنجي وڃن ٿا. اڳين اسان ٻڌندا هئاسين ته ” ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي “ پر هاڻي اها چوڻي ابتي آهي ” ايجاد ضرورت جي ماءُ آهي.“ پهرين ايجاد ٿيندي آهي پوءِ ميڊيا ذريعي ان جي مشهوري ڪري توهان جي ضرورت بنائي ويندي آهي .
    ٽي وي جي دنيا ۾ توهان کي ڪيئن ڳالهائڻو آهي . ڪهڙي اسٽائل سان وهڻو آهي ، ڪهڙا ڪپڙا پائڻا آهن ، سڀ نقلي ۽ گليمر جو حصو آهن . توهان جي شخصيت ٺاهي ويندي آهي . جيڪا اصلي فطرت کان ڪٽيل به ٿي سگهي ٿي . مطلب ته ميڊيا جي ذريعي جڙتو ڪردار پيدا ڪيا ويندا آهن . ميڊيا مايا جي دنيا پيدا ڪئي آهي حقيقت گم ڪئي وئي آهي . ان کان پوءِ سڀ نقلي ڪردار پيدا ڪيا ويا آهن جيڪي مارڪيٽ جو وکر آهن .ماڻهن کي ايترو الجهايو ويو آهي جو سچ گم ٿي ويو آهي رڳو ڪوڙ جي لڙائي ڪوڙ سان پئي هلي .
    اچو ته ڏسون مابعد جديديت جي باري دنيا جي مخلف عالمن جا ڪهڙا رايا آهن.
    14 نومبر 1997 ع تي شڪاگو ۾ مابعد جديديت جي موضوع تي هڪ ڪانفرنس ٿي هئي ان ۾ هڪ ماهر جو رايو هو ته مابعد جديديت اسان کي ڪجهه به نئون نٿي سيکاري هي اهو رويو آهي جيڪو فطرت ۾ موجود آهي صرف سائنس ان جون معروضي حالتون پيدا ڪيون آهن. قبل مسيح ۾ هيراقليطس (Heraclites) چيو هو ته ،
    “You cannot step into same river twice” his student added “not even once, there is not same river”
    ان بيان مطابق ڪنهن به حقيقت کي بقا ناهي بلڪ هڪ رواني آهي ، جنهن ڪري هر شيءَ نئين آهي . بيهڪ (Consistence ) ڪٿي به ناهي ، مابعد جديديت ۾ اهو عمل تيز ٿي ويو آهي اڳ تاريخ هزارين سالن جي هئي ، پوءِ صدين جي ٿيندي هئي ۽ هاڻ ڏهن سالن جي تاريخ آهي اڃا به روز جي تاريخ ٿيندي . تاريخ هوندي ته ڪلچر ، قومون ، ٻولي به هوندا نه ته ڪلچر ، قوم ٻولي به ختم ٿي ويندا . اسان ڏسون پيا ته گلوبل ڪلچر ۽ گلوبل معشيت ۾ اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي.
    ڪولمبيا جي ساڃاهه وند ليکڪ ڪالي ليسن ( kale lasn 1942) جو خيال آهي ته “مابعد جديديت ڏاڍي مايوس ڪن ۽ ذهني دٻاءُ وارو فلسفو آهي ، ان کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ، ڇو ته ڪو به ان کي صحيح معنيٰ ۾ نٿو ڄاڻي پر هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اسان انساني تاريخ جي آخري نڪتي تي پهچي چڪا آهيون. هر شي جي اصليت جو خاتمو ٿي رهيو آهي، فن علم ادب، ڏاهپ ۽ روايتن جو موت ٿي چڪو آهي . مذهب ۽ مسقبل جا رومانوي خيال مري چڪا آهن . دنيا ۾ هاڻ ڪوبه انقلاب نه ايندو. انسان ذات مسقل بحران ۾ ڦاسي چڪو آهي . جنهن مان ٻاهر نٿو ڀڄي سگهي ”.
    ڊونالڊ ڊيوڊ سن ( Donald Davidson) جو چوڻ آهي “مابعد جديديت ۾ اسان دنيا کي پنهنجي تصورن يا خيالن سان سجائي نٿا سگهون. بلڪه دنيا اسان کي سجائيندي آهي . سچ حقيقت جو منظر نامو ناهي بلڪ سماجي عمل جو پيش منظر آهي” . ساڳي وقت ٻولي جيڪا مخصوص زمان و مڪان ۾ موجود آهي پنهجي لفظن ۽ اکرن سان سچ پيش ڪري سگهي اها به مابعد جديديت جي الڳ آهي . ڪابه پراڻي ٻولي مابعد جديديت کي پيش نٿي ڪري سگهي ڇو ته ان ٻولي وٽ موجوده زمان و مڪان جي شين ۽ عملن جا لفظ ئي نه هوندا اهو ئي سبب آهي جو هن وقت دنيا ۾ ڪابه خالص ٻولي ناهي ڇو ته ٻولي فطرت ۽ ڪلچر مان جنم وٺندي آهي. هتي فطرت ۽ ڪلچر روز نئون آهي ته پوءِ ٻولي ڪٿان جنم وٺندي ؟
    رچرڊ روٽري ( Richard Rotry ) جو خيال آهي مابعد جديديت ٽن تحريڪن جي بنياد تي رکيل آهي . هڪ ساختيات (structuralism ) ٻيو ساختيات شڪن ( De- structuralism )۽ ٽيون تعمير شڪن ( De- constructions) 1960ع کان 1970 ع تائين) دريدا فرانس جو اديب هو ، هن به سائنسي طور سماجي ساختيات جو نعرو هنيو . دريدا جو خيال هو ته جديديت پڄاڻان نه ته ڪو نظريو آهي نه لاڙو بلڪ معروضي حالتن جو عڪس آهي .
    مابعد جديديت جي دور ۾ شهر ۽ شهري آبادي ٻهراڙيءَ کان وڌي ويندي آهي. نتيجي طور ڪلچر جو ۽ قدرن جو خاتمو ٿي ويندو آهي . اتي صرف صارفين جو ڪلچر هوندو آهي . شهر جي سڄي سرگرمي معاشي ۽ واپاري هوندي آهي. اتي رهڻ وارا آهستي آهستي ان ماحول ۽ معاشي نعرن ۾ گم ٿي ويندا آهن هنن جو وجود ڪجهه به نه هوندو آهي هو صرف مارڪيٽ جو عڪس هوندا آهن. مارڪيٽ ئي هنن جي رهڻ سهڻ جو ڍنگ طئي ڪندي آهي. مابعد جديديت ۾ دنيا مادي حصول جي پويان ديواني هوندي آهي. مادي ڪشمش کي ايڇ بي ڊينش هن طرح بيان ڪيو آهي .
    “The force of love kindness and mercy were too often defeated in the struggle for material development and consumption. Frequently force took place of love, information replaced wisdom, wealth become synonymous of happiness. The earth was shattered into many little centers of self - interests. Consequently human knowledge become limited to the physical world and laws of material were applied to the spiritual. The futility of such as under taking is now clearly before us, as we behold our world divided , dispirited , burdened with in Justice, inequality, mistrust , war , hunger , disease , immorality and death. The world is now seriously ill with disease of materialism.
    مابعد جديديت جي دور جو پيدا ٿيندڙ نسل ائين آهي جيئن ڪڪڙ جا فارمي ٻچا . جن نه ڪڏهن ماءُ جي گود ڏٺي ،نه پيار جي گرمائش محسوس ڪئي ، نه فطرتي منظر ڏٺا ، نه چانڊوڪيون ڏٺيون ، نه ٿدي هوا جا جهوٽا محسوس ڪيا، اهڙو ئي نسل اڄ جي مابعد جديديت جو آهي جيڪو ڪٽر ڌندي باز ، نتيجي پرست Pragmatic)) فطرتي منظرن کان ڪٽيل ، جذبا، همدردي ، برادري ۽ پنهنجائپ ان لاءِ سڀ اوپريون شيون آهن . هن آپريشن سان جنم ورتو ، ٽوڪري ۾ ماءَ کڻي هلي، ٿڃ بجاءِ فيڊر پيتو ، ماءُ جي لولي بجاءِ سناٽي جا ڇيڏڪ ڀريا ، نه بهار ڏٺو نه سرءُ ، نه تارا ڏٺا نه ڪتي ، نه ٽيڙو، نه عيد نه براد هن ته صرف فيشن ڏٺو ، هن ته ڏيکاءُ جا تهوار ڏٺا ، گليئمر جي چمڪ ۾ گم ٿيل اگهاڙا وجود ڏٺا. گولين جا آواز ٻڌا ۽ لاشن جي نمائش ڏٺي ، هن کي پنهنجي ڪابه خبر ناهي هو ته صرف هڪ ڪردار آهي ، وکر آهي ، پاڻ کي مکي چکي مارڪيٽ ۾ وڪڻندو . پوءِ مادي شين پٺيان ۽ مادي لذتن پٺيان ڀڄندو گهر کي ڊپارٽمينٽل اسٽور ٺاهيندو جنهن ۾ وائڙا ڪردار اڪيلا بگهڙن جيان نقلي خول پائي جيئندا .
    اياز گل هن طرح انهيءُ ڳالهه کي اظهاريو هو
    ماڻهوءَ اڳيان پويان پاڇا ڊوڙن ٿا،
    نظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا
    سچ اصولن ۽ احساسن کي دفنائي
    رستن تي بس زنده لاشا ڊوڙن ٿا
    ڪيئن ڪري سگهندا منزل کي پنهنجو
    خيال جيڪي چارئي پاسا ڊوڙن ٿا
    ٻار ڇا سوچن جيون ڪهڙي ويڌن آهي
    جنهن جي پويان امان بابا ڊوڙن ٿا
    هر شيءَ هن کان ڪيڏو ڏور هلي وئي آهي
    دل پسي بس يار دلاسا ڊوڙن ٿا.

    مابعد جديديت جو هڪ اهم نڪتو غير مادي معشيت آهي يعنيٰ “ Intangible economics ” هن نظام ۾ واقعي لاءِ سائنس، معروضي حالتون ، سبب يا علت هئڻ ضروري ناهن واقعا جڙتو، ڪردار جڙتو هوندا ، معاشي سرگرمي جڙتو هوندي . ويٺي ويـٺي رات وچ ۾ ڪو به شاطر ماڻهو امير ۽ ڪو امير غريب بنجي سگهي ٿو ، فائلن جي هيرا ڦيري ، شيئر مارڪيٽ ۾ ڪروڙن جا سودا ويٺي ويٺي امير يا غريب ڪري سگهن ٿا. هن دور ۾ دولت جو تصور غير مادي آهي ، معنيٰ هڪ اليڪٽرڪ ڪريڊٽ ڪارڊ لکين روپين جو هوندو . اربين روپين جا سودا ڪريڊٽ ڪارڊ ۽ ڪوڊ نمبر ذريعي ٿيندا آهن ، اسڪينگ ٽيڪنالوجي، ڪمپيوٽر فوٽوگرافي، انٽرنيٽ لائبريري ، اليڪٽرڪ پيغام رسائي غير مادي دنيا کي جنم ڏئي رهي آهي. ٻي طرف جينيٽڪ سائنس ملٽي نيشل ڪمپنين ۾ وڌيڪ ڪمائڻ جي حوس پيدا ڪئي آهي ڇو ته زرعي طور فارمي جنسون پيدا ڪرڻ ، تڪڙا فصل پيدا ڪرڻ ، ٻنين ۾ وڌيڪ ڀاڻ ۽ دوائون وجهي ٻنين جي سگهه ختم ڪرڻ ، مسقبل لاءِ ڏاڍو هاڃي ڪار آهي . ان کان پوءِ جاندارن ۾ جينيٽڪس DNA مان ڊولي رڍ ٺاهي اهو ثابت ڪيو ته هاڻي انسان مان اسان انسان به ٺاهي سگهون ٿا. دنيا ۾ هن ٽيڪنالوجي تي پابندي آهي .
    دنيا ۾ هميشه ٻه نقطهء نظر اهم رهيا آهن هڪ اميد افزان ٻيو مايوس ڪن . اميد وارن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ انڌير ڪونهي اهي سڀ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون آهن . نه ته سائنس ته انسان کي ترقي وٺرائي آهي . سهولتون ڏنيون آهن ۽ انسان اڳتي وڌي رهيو آهي . مابعد جديديت ڪا مايوس ڪن ڪونهي دنيا ۾ هي عبوري دور آهي تبديلي ايندي . ٻيو مايوس ڪن نقطهء نظر آهي ته دنيا روز به روز تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي . سائنس انسان کي ماديت ڏانهن ڌڪيو آهي ۽ انسان انسانيت وڃائي ويٺو آهي .ترقي جي نالي تي انسان وحشي جانور ٿيندو وڃي ۽ ڏينهان ڏينهن اڪيلو ۽ بيوس بنجندو وڃي .
    مابعد جديديت جو انهن ٻنهي سان ڪوبه تعلق ڪونهي ڇوته مابعد جديديت هڪ عمل ۽ معروضيت جو نالو آهي . اهو ته دنيا ڦٽي ٿي يا ٺهي ٿي ترقي ڏانهن وڃي ٿي يا تنزل ڏانهن اهو سوچڻ ڪنهن فلسفي ، نظريات دان ، سياست دان ،۽ آشا واد جو ڪم آهي . جديديت ۾ ته الميي ، ڏک ، تباهي ، تي رڙيون ڪيون وينديون هيون ، احتجاج ڪيو ويندو هو پر مابعد جديديت ته ڏک، الميي يا سانحي کي به Celebrate ڪندي آهي. جي زلزلو ايندو ته ماڻهو لکين مري ويندا پر مابعد جديديت لاءِ اهو صرف هڪ اشو آهي، جنهن مان ڪروڙين روپيا ڪمائڻا آهن. سياست چمڪائڻي آهي .توهان اڄ تائين اهو طئي ڪري نه سگهندا ته 9/11 جو واقعو الميو هو ، سازش هئي ، سياست هئي يا پلاننگ هئي . ڪابه ڳالهه توهان طئي نه ڪري سگهندا . جديديت ته پنهنجي فڪر ۽ نظرئي سان وابسته هئي پر مابعد جديديت جو ڪوبه فڪري حصار ڪونهي ، نه مرڪزيت اٿس ، مابعد جديديت جا هزارين رخ آهن سڀ قيمتي ، ۽ ناياب، حقيقت کان ڏور، ۽ سوچ کان ڏور.
    مابعد جديديت جا اهم پهلو حيران ڪندڙ واقعا ( Future Shocks) آهن . هن ۾ ظالم ۽ مظلوم جو ڪردار بدلجي ويندو. ڪو ظالم توهان کي رڙيون ڪندي نظر ايندو ته هن سان ظلم ٿيو آهي، ڪو مظلوم دنيا ۾ بدنام هوندو ته هو ظلم ڪري ٿو. اصل ۾ مظلوم ڪو نسل، ڪا قوم ڪو ملڪ يا ڪا جنس نه هوندي . بلڪ فرد هوندا. مثال امريڪا جو صدر ڪو شيدي ٿئي ته ان ۾ حيراني جي ڪابه ڳالهه ناهي. مجموعي طور شيدي حڪمران نه هوندا، يا وري سڀ شيدي آسوده نه هوندا . اهڙي طرح ڪا عورت حڪمران ٿئي ته ان جو مطلب اهو ناهي ته عورت طاقتور ٿي وئي. ڪو ڇڪي هڻڻ وارو ڪروڙين ڪمائي ۽ ڏاهپ وارو عالم بک مري ته حيراني جي ڳالهه ناهي . ڪو ڏوهاري، سمگلر قوم جو هيرو هجي ۽ ساڃاهه وند کي چريو چيو وڃي ته ڪا حيراني جي ڳالهه ناهي. ڪوڙ کي سچ ۽ سچ کي ڪوڙ چوڻ رواجي ڳالهه آهي مابعد جديديت فيوچر شاڪس جو دور آهي.
    طالب المولي! هن صورت حال تي چيو هو ؛
    عجب آهي زماني جا اهي اطوار مٽجي ويا
    وڏا سردار مٽجي ويا، وڏا ڀوتا مٽجي ويا
    اها الفت اها تهذيب ڪانهي ڪا
    غريبن ۾ اڃا ڪجهه آ پر زردار مٽجي ويا
    پتل کي سون چون ٿا، هيرو شيشي کي
    ڏسو ڇا ٿي ويو جو سڀ وينجهار مٽجي ويا
    جي ليلي هجي ها ته اڄ ور مٽي ڪين ها مڻين تي
    قسم رب جو جو اڄوڪا هيرن جا هار مٽجي ويا
    پراون تي ڪهڙيون معيارون طالبالموليٰ
    هو ننڍپڻ جا ساٿي ڪارا وار مٽجي ويا.

    رولينڊ بارٿس (Roland Bathes 1912-1980) جو مضمون ليڪک جو موت (Death of Author) ڪافي شهرت ماڻي چڪو آهي ، ان جو چوڻ آهي ته هر نظام جي مطالعي لا۽ هڪ ميٽا ٿيوري جي ضرورت آهي. مثال دريدا ، فوڪو جرمني جي مثال پسنديءَ کي فڪري پس منظر ٺاهي جديديت تي تنقيد ڪئي. اهڙي طرح هڪ لکڻيءَ تي تنقيد به يا ان جو قد ڪاٺ وقت، حالتون، ۽ مارڪيٽ طئي ڪندي ليکڪ پنهنجو ليک لکي الڳ ٿي ويو. ان جا پهلو تنقيد نگار، ۽ مارڪيٽ ظاهر ڪندي .
    هاڻ تنقيد نگار ته وچٿرو رهي نٿو سگهي ڇو ته هو خود مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سلمان رشدي جا ناول، تسليمان نسرين جو لڄ Laja، سوزانا ارون دتي راءِ جو، ‘غريبن جو آهي الله’ ( God of small things) هڪ مخصوص مارڪيٽ جي مفاد خاطر انهن ناولن کي شهرت تي چاڙهيو ويو جڏهن ته فني يا فڪري طور انهن ناولن ۾ ڏاڍيون ڪچايون هيون. هاڻي اهڙي طرح سان دنيا ۾ مارڪيٽ جنهن شيءَ کي چاهي آسمان جي بلندين تي پهچائي ڇڏي ، پوءِ اهو ڪو اداڪار هجي ، اداڪاره هجي ، ڪرڪيٽر هجي، پريمي جوڙو هجي، ڪا فلم هجي يا ڪا استعمال جي شيءَ يا جڳهه مثال ڪي ايف سي، پيزا هٽ ،ميڪ ڊونالڊ وغيره يا ڪو مخصوص کاڌو، سڀ مارڪيٽ پيدا ڪندي آهي. مشهور ڪندي آهي ۽ ماڻهو انهيءَ شهرت جي پٺيان پٺيان ڊوڙندا رهندا آهن بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي. مابعد جديديت جي به اها به خصوصيت آهي ته ماڻهن کي ايترا رخ ڏيکاريو جو هو منجهي پوي ۽ سوچڻ ڇڏي ڏين .
    ميٽا ٿيوري ڪنهن به نظريي لاءِ مثبت ۽ منفي دليل ڳولي سگهي ٿي. هر دور جو نظام معروض ۾ الڳ ۽ ٽيڪسٽ ۾ الڳ هوندو آهي. ٽيڪسٽ ۾ لفظن جو ناچ ٿيندو آهي غلط کي صحيح ۽ صحيح کي غلط. لفظن ۽ منطق جي هيرا ڦيري سان ٿي سگهي ٿي. سوال اهو اهي ته ڇا انسان جي احساسن ۽ اندر جي سچ کي لفظ پيش ڪري سگهن ٿا ؟.
    مابعد جديديت جي هر لمحي جي هڪ ڪهاڻي آهي ، هر لمحي جي هڪ تاريخ آهي ۽ دنيا هڪ اليڪٽرڪ ڪاڪ محل (Electronic labyrinth ) آهي . ان جي اظهار لاءِ ڪهاڻي يا افساني ۾ ايتري جان نه رهي آهي. انهي ءَ ڪري دنيا ۾ ناول کي مقبوليت ملي رهي آهي .“ ارون دتي” کان وٺي“هرٽا مولر” تائين ناولن جو تسلسل اها ڳالهه ثابت ڪري ٿو ته ناول هڪ ادبي طاقتور صنف بنجي اڀري آهي . دنيا ۾ جيڪي اهم ناول مابعد جديديت جي حوالي کان لکيا ويا آهن اهي ڪجهه هن ريت آهن ،
    ايلين جنسبرگ Allen Ginsberg 1926-1997 جو مشهور ناول بيٽ جنريشن Beat Generation جيڪو گهٽي جي ڪلچر street culture تي لکيل آهي ، اڄڪلهه جا نوجوان جن ۾ سنجيدگي گهٽ مهم جوئي گهڻي هوندي آهي ، فاسٽ فوڊ کائيندي ، فلرٽ ڪندي ، قدرن کان بي خبر نوجوانن تي هي ناول ڏاڍو اهم آهي. ان کان پوءِ وليم ايس بوروفس (William S Burroughs) جو 1992 ۾ مشهور ناول naked lunch ڏاڍو اهم آهي. هي ناول دنيا جي اندر نشي جا سوداگرن تي، انڊر گرائونڊ مافيا، lesbian ، homo sexualityتي لکيل آهي دنيا ۾ ماڻهو ڪيئن وکري رهيو آهي ، مرڪزيت کان ٻاهر نڪري جانور ٿي رهيو آهي. اهڙي طرح 2000ع ۾ Mark Z Danielewski جو آيل ناول هائوس آف ليوز House of Leaves ۽ 2005 ۾ ڪيٽ موس Kate Moses جو لابرينٿ (Labyrinth ) مابعد جديديت جا ڏاڍا اهم ناول هئا . هنن ناولن ۾ مابعد جديديت جا اهم لاڙا جيڪي مان هيٺ ڏيان ٿو موجود آهن .
     Metafiction
     Pastiche
     Black humor
     Intertextuality
     Fablution
     Poioumenon
     Magic realism
     Techno culture and hyper realty
     Paranoia
     Maximalism
     Minimalism
    عام طور سان اسان وٽ سنڌيءَ ۾ انهن لاڙن جو اثر اڃا گهٽ آهي ڪجهه ڏينهن اڳ اخلاق انصاري جو ناول “ اڏوهي” پڙهيو هوم انهيءَ ناول ۾ Metafiction ۽ Poioumenon جهڙا رجحان موجود هئا .
    اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ملڪ نديم جو آزاد نظم ” باليءَ جي ڀڙوي ڀاءُ وانگر“ به مابعد جديديت جي صورت حال تي ڏاڍو اهم آهي
    باليءَ جي ڀڙوي ڀاءُ
    سو سال اڳ
    پيسي جي اهميت کي سمجهيو
    پنهنجي ڀيڻ جي عيوض
    ميرن کي لٽيو،
    ڪيڏو نه سياڻو هو!؟
    نوانوي سيڪڙو
    اڄوڪي شاعر اديب ۽ دانشور،
    وڏيري ، ڪاموري ،صحافي ۽ سياست دان،
    ۽ پڙهيل ڪڙهيل ماڻهوءَ
    وطن ، قوم ،عوام
    ۽ انسانيت جي بدلي
    پيسي جي اهميت کي اڄ سمجهيو
    باليءَ جي ڀڙوي ڀاءُ وانگر
    پيسن حاصل ڪرڻ خاطر
    هر ڌنڌو شروع ڪيو آهي
    ڪيڌو نه سياڻو آهي!!؟
    باليءَ جي ڀڙوي ڀاءُ وانگر!؟؟؟.

    ان کان پوءِ فياض چنڊ ڪليري جي هنن سٽن ڏي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
    جذبا ۽ احساس شهر ڇڏيا ڳڙڪائي
    جسم سمورا ڪورا ڪاڳر جهڙا هئا
    هر چهري جي پنهنجي ٻولي واڪ هيو
    ڳوڙها ٽهڪ سڀئي ، اوڌر جهڙا هئا
    (سوجهرو آڪٽوبر 2007)

    سعيد ميمڻ جي هي سٽون ڏسو.
    ماڻهو ماڻهو ڍڪيو پيو آهي
    يار هيڏا نقاب ڪير ڳڻي
    سڀ نظر رکن ٿا گناهن تي
    سعيد ! تنهنجا ثواب ڪير ڳڻي. .
    سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ منظور ڪوهيار ، عبيد راشدي، محمد صديق مڱيجو وٽ اهڙا عڪس ملن ٿا جن ۾ مابعد جديديت جا سماجي عڪس ملن ٿا. ماهتاب محبوب جا ٻه ناول “ پيار پناهون ڇانورا” ۽ “خواب خوشبو ڇوڪري” ۾ جديد شهري قدر ، مارڪيٽ جو گليمر ، وجود جي اڇل، اڻ کٽندڙ هوس ۽ نوان جنسي قدر زير بحث آيل آهن . جيتوڻيڪ سنڌي سماج جا ڳوٺاڻا علائقا اڃا ٻهراڙيءَ جي قدرن جي اثر ۾ آهن. پر ان جي باوجود به ميڊيا اتي به مارڪيٽ ڪلچر ڦهلائي ڇڏيو آهي . تازو منير چانڊيي جو ناول ” ڪيف داران ڪوئي“ پڙهڻ لاءِ مليو بنيادي طور هي ناول رومانٽڪ آهي پر هن ۾ اينٽي ڪلائيمڪس جديد دور جي نتيجي پرستي Pragmatic وارو آهي ، هن ناول ۾ هن نعري جي گونج موجود آهي ته Think globally and act locallyساڳيءَ طرح پيار جي آفاقي هجڻ جي روايت هن ناول ۾ ٽٽندي نظر اچي ٿي .

    نتيجو Conclusion
    پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ سوال ضرور پيدا ٿيندو ته آخر مابعدجديديت مثبت آهي يا منفي؟
    ڪارل مارڪس چيو هو ته سرمائيداري نظام پنهنجو مدو پورو ڪري سوشلزم کي جنم ڏيندو ۽ اڳتي هلي دنيا ۾ جڏهن سوشلزم اچي ويندو ته سائنس جي بي انتها ترقي سائنسي ڪميونزم کي جنم ڏيندي . پر ان لاءِ انقلاب آڻڻ جي شعوري ڪوشش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ٿيو ائين ته اسان سوشلزم بچائي نه سگهياسين . دنيا انساني مفادن جي بجاءِ مادي ۽ واپاري مفادن ڏانهن مڙي وئي. تاريخ جو ڦيٿو ابتو گمهي ويو . سائينسي ڪميونزم بجاءِ دنيا واپاري گلوبل ٿي وئي . انسان جي هٿ اچڻ بجاءِ چند مافيائن جي هٿ اچي وئي. نتيجي طور ماڻهو جيئڻ لاءِ يا مافيا جو ميمبر ٿئي ، ڪوڙ جو ساٿ ڏي ، مفادن لاءِ سرگردان رهي. يا گمنام ٿي وڃي. ڪنڊ وٺي ڪوڙ جي بادشاهت ڏسي ۽ ڪوڙن ڪائنرن کي سلام ڪري . مخدوم گرهوڙيءَ انهيءَ صورت حال تي خوب چيو هو.
    راور ڦري راڪاس ٿيندا، مند نه وسندا مينهن
    ڪڏهن ڪڏهن شينهن، سلام ڪندا سهن جو .

    مابعد جديديت هڪ معروضي صورت حال آهي ، اها صورت حال خراب آهي يا صحيح آهي قيامت آهي يا ويڌن آهي پر آهي اها معروضي حقيقت .هاڻ جيڪڏهن ڪو اميد پرست آهي ته اهو چوندو اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي انسان ترقي جي راهه تي گامزن آهي سائنس جي ترقي تمام گهڻيون سهولتون پيدا ڪيون آهن ۽ مايوسي پسند آهي ته چوندو انسان ته تباهه ٿي چڪو آهي دنيا تباهي ڏانهن پئي وڃي. پر مابعد جديديت جو انهيءَ ڳالهه سان واسطو ناهي اميد ۽ مايوسي به مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي آهي . جنهن گهر ۾ ڌاڙو لڳي ٿو، جنهن کي گولين جو نشانو بنايو ويو.جنهن جي ذهانت ۽ علم جو مذاق اڏايو ويو هجي، جهڳاڙي Cunning ماڻهو اڳتي هجن انهن جي واهه واهه هجي ان وقت ان ماڻهو کان پڇو ته اميد ۽ مايوسي ڇا آهي؟ توهان چوندا اها ڪا نئين ڳالهه ناهي روز اول کان ائين ٿيندو رهيو آهي ته به دنيا هلي پئي . ته مان به ائين چوان ٿو ائين ٿيندو آيو آهي ۽ سائنس انهيءَ صورت حال کي وڌيڪ تيز ڪيو آهي . پوءِ توهان ترقي ڪهڙي ڪئي آهي ؟ بس سوال صرف اهو آهي ته مابعد جديديت هر سائنسي سهولت کي انسان خلاف استعمال ڪري ٿي ۽ دولت جا انبار گڏ ڪري ٿي .ٿي سگهي ٿو ته هي ڪو عبوري دور هجي ڪنهن وڏي تبديليءَ ڏانهن دنيا وڃي رهي هجي پر ان ايندڙ تبديلي جو نالو مابعد جديديت نه هوندو. يقيني طور اهو بحث الڳ هوندو جيڪو تاريخ طئي ڪندي.
    . هن ريسرچ ۾ اها ڳالهه واضح ٿي آهي . مابعد جديديت ۾ هي رجحان عام آهن .
    1. ڪلچر جو خاتمو Anti Culture
    2. تاريخ جو خاتمو Anti History
    3. قدرن جو خاتمو crises of value
    4. علم ، ڏاهپ، ساڃاهه ۽ سوچ ويچار جو خاتمو
    5. عدم تعين Unpredictable
    6. مسقل مزاجي جو خاتمو Inconsistency
    7. نظرين جو خاتمو
    8. فطرت ۽ اصليت جو خاتمو.
    9. مافيا جو دور
    10. ڪوڙ جي ڪوڙ سان لڙائي.
    اهڙي طرح ادب ۾ ماورائي ٽيڪسٽ ، نقلي فن ۽ خيال چوري ڪرڻ (Pastiche) الميئي کي ناول ۾ سينگارڻ ، ذات جي آگاهي جو درد، خيالن جي چريائپ ، وغيره لاڙا موجود آهن .


    حقيقت کان مٿانهين حقيقت (Hyper Reality)

    هائپر ريئلٽي اڄ جي دور جي اهم صورت حال آهي، جنهن جي وسيلي نقل ۽ ڪوڙ اصل جي جڳهه وٺندو آهي. پر اهڙي طرح جو اصل پنهنجي صداقت ئي وڃائي ويهي بلڪ سندس سڃاڻپ به نقل جي ذريعي ٿئي. هي رجحان جديديت پڄاڻان جو هڪ اهم ۽ ضروري جز آهي. ڪي چون ٿا ته جديديت پڄاڻان دراصل سرمائيداري جو ٽيون دور آهي . هڪ سورنهين صدي کان 1900ع تائين جو دور هليو، جيڪو پنهنجي مزاج ۾ ترقي پسند هو. ٻيون دور سامراجي دور جيڪو ڪالونائزيشن ۽ جديد آبادياتي نظام جي شڪل ۾ هو. هاڻي ٽيون دور جيڪو پوسٽ ماڊرن ازم جي شڪل ۾ ظاهر ٿيو آهي. جتي سرمائيداري هوندي اتي استحصال به هوندو ۽ اتي ڪارل مارڪس جو ذڪر به ٿيندو تنهن ڪري اسان ڪارل مارڪس جي هن ڳالهه کي ورجائينداسين ته “سرمائيداري نظام جون فضول ڳالهيون جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي اهو آهي فيشن، گلئمر، ۽ اشتهار ذريعي ايجاد کي ضرورت جي ماءُ ٺاهڻ.” ڪارل مارڪس کي شايد اها خبر نه هئي ته فضول ۽ واهيات پڻو ئي هڪ ڏينهن سرمائيداري نظام جو جياپو بنجندو.
    اسان وٽ چوندا آهن، “ شاهه کان زياده شاهه جو وفادار” سو هن دور ۾ حقيقت کان زياده حقيقت ئي سماج جو بنياد آهي.
    مثال توهان خواب ۾ ڏسو ٿا ته مڇي کي پر آهن اڏامي پئي، توهان جا عضوا مشيني بنجي ويا آهن توهان جا دوست ڪيڙا مڪوڙا بنجي ويا آهن توهان اهڙي ٻڪري ڏسو ٿا جيڪا توهان سان ڳالهائي پئي يا وري اهڙي رڍ جيڪا مڇي جي دڙ سان پاڻي ۾ تري پئي . توهان خواب ڏسندا ٿا وڃو ، ان ۾ ڪٿي به گمان نٿو ٿئي ته هيءَ حقيقت ناهي. پر جڏهن جاڳو ٿا ته مرڪي سوچيو ٿا ڇا عجيب دنيا هئي . جي ها ! بلڪل اڄ جي دنيا ان خواب وانگر اٿو جنهن ۾ ڪوڙ ڪٿي به رڪجڻ جو نالو نٿو وٺي. توهان به ان خواب جا حصا بنجي چڪا آهيو. هزارين تصور ۽ خيال ، علامتون ۽ استعارا جيڪي پنهنجي اصل کان وڇڙي چڪا آهن. پر اسان جي روزمره زندگي جا اهم جز بنجي چڪا آهن. توهان روز ناشتي ۾ فارمي آنو/ بيدو ته کائيندا هوندا پر جي هڪ ڏينهن توهان کي اصلي بيدو ڏجي ته توهان ڪونه کائي سگهندا توهان کي ان جو رنگ ۽ ذائقو نه وڻندو . جيئن توهان فارمي ڪڪڙ کائيندا هوندا پر اصلي هاڻي توهان کي نه وڻندو. توهان کير روز پيئندا هوندا پر جي توهان کي ڪانگاري مينهن جيڪا جنهگ ۾ چرندي هجي ان جو کير ڏجي ته توهان کي نه وڻندو.
    ڇو ته سرمائيداري جو مسئلو هاڻ پيداوار نه بلڪ نقلي پيداوار پيدا ڪرڻ آهي جنهن جو بنياد جينيٽڪ ڪوڊ تي رکيل آهي. جنهن ذريعي Hybrid پيداوار تيار ڪئي وڃي ٿي. توهان هاڻ اصلي ٻج ڳوليو ته بازار ۾ ڪونه ملندا. بلڪ اصلي ٻج زميدار وٺندو به ڪونه . هاڻي چانور، ڪڻڪ ، سبزي، سرنهن ، سن فلاور، ڪيلو مطلب ته زمين ۾ ڪنهن به هاري وٽ هاڻي اصلي ٻج رهيو ئي ناهي. هاڻي هاري ۽ زميدار خوشيءَ سان نقلي ٻج خريد ڪري ٿو. ڇوته فاعدو به ان ۾ آهي. توهان هاڻي امريڪن نقلي باداميون وٺندا آهيو. اصلي بادامي توهان کي نه وڻندي ، توهان بصر، ٽماٽا ، انب، ڪڪڙ ، وغيره ته کائي وٺندا آهيو. پر هاڻ ڳالهه صرف اتي نٿي بيهي. بلڪ ڪردار به بدلجي نقلي ٿي پيا آهن مثال ڪو ڊاڪٽر جيڪو واقعي ئي سچو هجي اهو هڪدم نه اينٽي بايوٽڪ ڏيندو، نه سئي هڻندو پوءِ مريض ان وٽ نه ويندو. ڇو ته بازار ۾ اهڙي ڊاڪٽر جو ڪردار تخليق ڪيو ويو آهي جيڪو جهٽ پٽ ۾ ٺيڪ ڪري سئي هڻي ڪا ڳري اينٽي بايوٽڪ ڏئي ۽ ڳري فيس وٺي . مريض ان مان خوش آهي. ڇو ته سٺي ڊاڪٽر جو تصور اهو پيدا ڪيو ويو آهي ته ڳري فيس وٺي ۽ جلدي ٺيڪ ڪري . هاڻ اسان ان تصور جي پوئواري ڪريون ٿا جو توهان ڏسندا ته نقلي ڊاڪٽر وٽ ۽ جعلي پير وٽ رش گهڻي ملندي اصلي ويٺو هوندو . يعني هن سماج ۾ حقيقت جي شڪل يا پاڇي سان گڏ رهڻ اهم آهي بجاءِ ان جي جو حقيقت جو حصو بنجي.
    هائپر ريئلٽي جو دائري ان وقت وڌي ٿو وڃي ٿو جڏهن ميڊيا اسان جي زندگي جو لازمي جزو ۽ اهم حصو بنجي ٿي. هاڻي ميڊيا طئي ڪندي ته ڪهڙا اهم مسئلا آهن ڪهڙا ليڊر آهن ، دانشور ڪهڙا آهن، وري سٺي ۽ خراب جو تعين به ميڊيا ڪندي., مثال جيڪڏهن ڊرامي ۾ سس ۽ نهن جو ڪردار ڏيکاريو وڃي ٿو ته عين ممڪن آهي ته اصلي زندگي ۾ عورتون پاڻ کي ان نقلي ڪردار ۾ وجهي سازشون ڪرڻ لڳن. جيڪڏهن ڊرامي ۾ ڏيکاريو وڃي ته مثالي مڙس اهو آهي ته زال سان ڪچن ۾ ڪم ڪري ۽ روز زال کي گهمائي شاپنگ ڪرائي کيس مخصوص طرح پيار جو اظهار ڪري ته اسان جي سماج جي زال به مڙس مان اها ئي توقع رکندي يا فرمائش ڪندي جيڪڏهن مڙس ائين نه ڪيو ته شادي ممڪن آهي ته ناڪام ٿئي.
    هڪ مثالي پيءَ جو ڪردار به ميڊيا طئي ڪندي ته هو روز ٻارن کي ميڪڊونالڊ يا ڪي ايف سي جا برگر کارائي کين موبائل فون نوان نوان وٺي ڏي ، رشوت جي پئسن مان پٽ کي موٽر سائيڪل يا ڪار وٺي ڏي هڪ الڳ ڪمرو ڊجيٽل سولهتن وارو ٺاهي ڏي پنهنجي اولاد کي لو مئريج ڪرڻ جي اجازت ڏي . زال جون الماريون ڪپڙن مان ڀري ڇڏي. هاڻي جيڪڏهن ائين نٿو ڪري ته پوءِ اهو پيءُ ناڪام آهي. ڀلي هو پنهنجي اولاد سان ڪيترو به پيار ڪندو هجي پر مادي شيون جيڪي مارڪيٽ ۽ ميڊيا ڏيکاري ٿي انهن جي نمائش ڪرڻ جا موقعا نٿو ڏي ته اهو پيءُ ظالم آهي. هاڻي نقلي پيءُ کپي جيڪو مارڪيٽ ٺاهيو آهي، نقلي مڙس کپي جيڪو ڊرامن ٺاهيو آهي. هاڻي زال به نقلي کپي جيڪا مونا ليزا جهڙي مرڪ رکي ، ڪترينا ڪيف جهڙي سيڪسي ۽ چنچل هجي، جيڪا وار کولي جينز جي پئنٽ پائي ڪنن ۾ وڏا والا وجهي ڊگهي ڪار ۾ توهان سان گڏ ڊگهي ڊرائيونگ تي هلڻ جي فرمائش ڪري. . سندس سندرتا ۽ جواني جا جلوا ٻيا ڏسي جنسي آهون ڀرين توهان ان جو هٿ جهلي هيرو وانگر هليا وڃو . هاڻ اصلي زال نه کپي جيڪا شرافت جي لباس پائي توهان لاءِ گهر ۾ دعاگو هجي جيڪا گهر سنواري ، ٻارن جي تربيت ڪري ، عزت پاڪ دامني جو مجسمو هجي اها زال ڪنهن کي به پسند ناهي. اهڙي زال هوندي ڪنهن ڪنڊ ۾ پئي هوندي. تنهن کان پوءِ ميڊيا توهان کي سيکاري ٿي ته اصلي پيار نه ڪريو. شين وارو پيار ڪريو. تحفا ڏيو. ڊيٽنگ ڪريو . گرل فرينڊ ٺاهيو. بواءِ فرينڊ ٺاهيو. بلڪ نقلي ڪردارن جو جياپو انهيءَ ۾ آهي ته پلي بواءِ يا پلي گرل هجي. پيار جو اصلي تصور گم ٿي ويو آهي. هاڻ هڪ ٻي کي ڦاسائي ۽ ڊيٽنگ ڪريو، فلمي پيار ڪريو. سيڪس جي هوس کي پيار سمجهو. روح کان عاري ٿي وڃو.جديد پڄاڻان جي سماج اسان کي مڪمل گهيري ۾آڻي ڇڏيو آهي.
    هن نظام کي بودريلارڊ (Jean Baudrillard) پنهنجي ڪتاب From Marxism to Post Modernism ۾ انهيءَ ڳالهه کي سمجهائيندي چوي ٿو ته جهڙي طرح ڪنهن ڊرامي سيريل ۾ ڪو ڊاڪٽر جو ڪردار اهڙو خوبصورتي سان نبائي جو عين ممڪن آهي ته توهان انهيءَ کان پنهنجو علاج ڪرائڻ پسند ڪرايو. يا وري ڪو ولين جو ڪردار اهڙو ادا ڪري جو توهان ان کي ڊان سمجهو. يا وري ڪو سياستدان يا ڊان اهڙي انداز سان عوام سان همدردي ڪري انهن جي مسئلن تي ڳالهائي جو توهان انهيءَ کي حقيقي اڳواڻ سمجهو جيتوڻيڪ اهو اصل ۾ ڊان هجي .
    معنيٰ ڪردار بدلجي ويا آهن ، اسان جا سياسي ليڊر ڏسو مداري وارو کيل اهڙو ڪندا آهن جو ويچاري عوام انهن جي سحر ۾ گم ٿيو وڃي يا وري ڪا اهڙي اداڪارا فحاشيءَ جو اهڙو بڇڙو نمونو هجي پر ميڊيا ان کي اهڙو ساراهي جو عوام ان جي مدا ٿي پوي ۽ ان کي پنهنجو آئيڊيل اهڙي ئي عورت ٿي پوي.
    نقلي ڪردارن جي عجيب ماورائي دنيا آهي .سماج ۾ اسان ڪنهن جي ساک کي ،سچائي کي ، ايمانداري کي ڄاڻن بجاءِ اهو ڏسندا آهيون ته وٽس ڪيترا بنگلا آهن، ڪهڙي ڪار اٿس ، موبائل فون ڪهڙي اٿس؟ رشوت واري نوڪري اٿس يا نه ، حرام جو مال جام اٿس يا نه جي آهي ته پوءِ واه واه هاڻي اهو معزز ماڻهو آهي ، انتهائي شريف ۽ وڏو ماڻهو آهي. اصل ۾ جيڪو شريف ۽ معزز ماڻهو هوندو اهو اسان کي بيوقوف لڳندو. ڇو ته توهان نقل کي اصل سمجهڻ لڳا آهيو. مارڪيٽ جو پيدا ڪيل تصور ئي حقيقت کان مٿانهين حقيقت بنجي چڪو آهي.
    ڪوڙ جو چرچو ايترو آهي جو ماڻهو هاڻ اصلي شيءَ ۽ نقلي شيءَ ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي. ننڍي هوندي هڪ ڪهاڻي پڙهندا هئاسين ته هڪ ماڻهو ٻڪري وٺي ڳوٺ وڃي رهيو هو.رستي ۾ هڪ همراه مليس جنهن چيس ته هي ڪتو ڪيڏانهن وٺي پيو وڃين؟ تنهن تي همراه چيس ته انڌو آهين ڇا؟ هي ته ٻڪري آهي. اڳتي هليو ته هڪ ٻيو همراه مليس سلام دعا کان پوءِ پڇيائينس ته هي ڪتو ڪيڏانهن پيو وٺي وڃين؟ تنهن تي همراه پنهنجي ٻڪري ڏانهن نهاريو ۽ چيائين ته ادا غور سان ڏس هي ٻڪري آهي. وري اڳتي هليو ته ٽيون همراه مليس جنهن چيس ته ادا ڏي خبر هي ڪتو ڪيڏانهن وٺي ٿو وڃين؟ همراه پريشان ٿي ويو ۽ کڻي ٻڪري مان هٿ ڪڍيائين چيائين برابر آئون غلط آهيان. سو بلڪل اهڙي طرح اسان کي حقيقت کان پري ڪيو وڃي ٿو جو اسان ڪوڙ کي سچ سمجهي خوشيءَ سان قبول ڪريون ٿا.
    هاڻي اديب، دانشور، عالم، مولوي ، وڏيرو، سڀ نقلي اچي ويا آهن جنهن جي هلندي پڄندي سٺي هوندي جيڪو جڳاڙ وڌيڪ ڪري سگهي ٿو ان کي وڏو اديب ،دانشور سمجهيوويندو.دريدا چيو هو ته ؛
    To pretend, I actually do the thing: I have therefore only pretended to pretend.
    نقلي دنيا ۾ به نقل ڏسندي دريدا اهڙن ويچارن کي ونڊيو پر دريدا صرف نظرين ۽ لفظن جي جنگ ۾ نه پيو هو عملي ماڻهو هو. هن کي خبر هئي ته زندگي ڪلچر ۽ حواسن جي تجربي جو مجموعو آهي. ان ڪري اڪثر چوندو هو “
    “I am applied derrieda “
    هائيپر ريئلٽي ۾ اديب هئڻ لاءِ ادب تخليق ڪرڻ ضروري ناهي ، دانشور هئڻ لاءِ علم جي ضرورت ناهي بلڪل ائين جيئن شريف بنجڻ لاءِ شرافت جو هئڻ ضروري ناهي . بلڪل ائين جيئن طوائفون گڏجي جسم فروشيءَ خلاف مظاهرو ڪن. بلڪل ائين جيئن ڪرپٽ يا قبضه گير سياستدان ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف تقرير ڪري.
    مثال ثقافتي ڏينهن ملهائڻ اڄ ڪلهه فيشن شو ، فوٽو سيشن آهي. ٽي وي جو بزنيس آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ ماڻهو بندوق ڳچهي ۾ وجهي فوٽو ڪڍرائيندو هو. سو اڄ ڪلهه ٽوپي اجرڪ پائي ماڻهو فوٽو ڪڍرائي ٿو. هاڻي نقل ئي اصل جو تعين ڪندو. توهان سوچيندا ته اصلي ڪهڙو نقلي ڪهڙو؟ اهو ممڪن آهي ته توهان هڪ ڏينهن موريءَ جي پاڙ ڪيلو سمجهي کائو يا روح افزا چانهه ۾ وجهي پيئو يا بٽڻ قميض جي بجاءِ ڪنن ۾ ٽاڪيو. يا جوتو پيرن جي بجاءِ شو پيس ڪري مٿي ٽنگهيو. بلڪل ائين جيئن ڪو ٺيڪيدار پنهنجي زال بيروڪريٽ کي پيش ڪري ٺيڪو وٺي يا مرد مرد سان شادي ڪري ۽ عورت عورت سان شادي ڪري. جنسي مزا وٺي، بلڪل ائين جيئن ڪو رٽائرڊ ڪامورو رٽائزڊ ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ پاور ۾ اچي ۽ ڪنهن اداري جو سربراه ٿي پوي. يا جماعت اسلامي اوچتو سوشلسٽ انقلاب جو نعرو هڻي.
    آهي نه خوابن جي دنيا. !!!
    بودريلارڊ چيو هو ته جڏهن سماج جو بنياد Hyper reality هوندو آهي ته پوءِ صرف تصورن جي ڪائنات اهميت رکندي آهي.
    ڪنهن به سماج جو بنياد مرڪزي صداقت هوندي آهي. جديديت پڄاڻان انهيءَ صداقت کي ٽوڙي مروڙي اڇلائي ڇڏيو آهي. هاڻي نقل جي لڙائي نقل سان ٿي رهي آهي.
    ڇا واقعي اسان جديد دور کي خير آباد چئي چڪا اهيون ، هاڻي صرف مارڪيٽ جي تخليق ٿيل صداقت ئي ملندي. جنهن جو نظريي يا فطرت سان ڪو به تعلق نه هوندو.
    اهو اڄ جو اهم سوال آهي. جنهن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.


    ڪاري مسخري (Black Humor)

    جديديت پڄاڻان دور جو هڪ اهڙو رجحان جنهن ۾ ڏکن ، اذيتن، بيمارين، آفتن ۽ موت کي به ڪمرشلائيز ڪيو ويندو آهي. انسان جي ڀوڳنا کي مذاق بنائي مسخري جي نئون انداز متعارف ڪرايو ويو. هي رجحان پهرين ادب ۾ نروار ٿيو. آهستي آهستي سماجي بنجي ويو. اڄ جي دنيا جا عجيب کيل تماشا توهان روزمره زندگي ۾ ڏسندا آهيو. توهان ڏٺو هوندو ته ڪو بيمار ٿي اسپتال ۾ داخل ٿيو ته اخبار ۾ مشهوري ايندي. دعا جي اپيل!! وري اسپتال ۾ جيڪي پڇڻ ويندا ته اتي رجسٽر ۾ نالا لکيا ويندا ۽ پنهنجا تاثر به لکندا. جيڪڏهن اهو بيمار اديب يا فنڪار هوندو ته پوءِ وري ثقافت کاتي تي گار جي ڏرڻي پئي هلندي. . نيٺ ثقافت کاتو به ڪجهه پئسا ڏئي جان ڇڏائيندو. جي همراه ٺيڪ ٿي ويو ته وري اخبار ۾ ليک ڏيندو ته جن دعائون ڪيون يا پڇڻ آيا انهن جي مهرباني. ڇو ته مشهور ٿيڻ جو اهو آسان نسخو آهي. ڳالهه اڃا به اڳتي جي آهي. توهان اڪثر اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته “اسان جو چاچا مرحوم جو ٽيجهو آهي شريڪ ٿي ثواب حاصل ڪندا” يا وري مرحوم جي مرتيي کي ڪيئن ڪيش ڪرائجي ان لاءِ وڏا پروگرام ڪرايا ويندا. انهيءَ جي خدمتن تي وڏا مقالا پڙهيا ويندا. ممڪن آهي ان جي نالي پٺيان ڪا اڪيڊمي قائم ڪجي.
    ملالا کي گولي لڳي ان ٽرجئڊي کي مارڪيٽ زبردست ڪيش ڪرايو. ڪنهن قاتل کي ڦاهي آئي ته هڪڙي گروه ان تي وڏو ڌندو ڪيو اربين رپيا گڏ ڪيا چون ٿا ان جي مزار ٺهندي. مقتول ڪهڙي در دانهي؟ دنيا کي ته اهڙا ڪردار کپن ، جيئرا يا مردا!! ته مارڪيٽ ۾ هڪ نئون تصور هلي .
    اها اٿو بليڪ هيومر يا ڪاري مسخري. ڇو ته ڏک ۽ سک ، ظالم يا مظلوم . سچ ۽ ڪوڙ سڀ ماضي جون ڳالهيون آهن هي ته جديديت پڄاڻان جو دور آهي هن ۾ ضد ختم آهن. سڀ ڪجهه جائز آهي. سڀ وهنوار آهي. ميڊيا انهيءَ بليڪ هيومر کي وڏي هٿي ڏني آهي. توهان ڏٺو هوندو ڪنهن ڇوڪريءَ سان ريپ ٿئي . ميڊيا لاءِ بريڪنگ نيوز ٺهيو پوي. ان کي ڪئمرا اڳيان ويهاري ان جون وڊيو ڪلپس، انهن جي ڀائرن ڀينرون جا تاثر ، جذباتي منظر اڀارڻ. ۽ فيمينسٽ عورتن جو احتجاج. ميڊيا جو ڌندو اڳتي هلي پوندو تان جو ڪو منسٽر اچي ڪو پئسو پنجڙ ڏيندو. ٻيو ته ٺهيو اهو پوڙهو توهان ڏٺو هوندو جيڪو پٽ يا نياڻي ڪلهي تي رکي هوڪا ڏيندا آهي “پٽ ويڪو” ٽي وي ان جي وڊيو هلائيندي. ماڻهن ۾ جذباتي اٿل پٿل پيدا ٿيندي “ مار!! ڪيڏي غربت آهي؟ ماڻهو پنهنجا ٻچا پيا وڪڻن .!! اها آهي بليڪ هيومر ته ٽرجئڊي ، ڏک جي چٿر اڏائڻ ، درد کي مسخري بنائڻ .
    هاڻي وري توهان کي ٻيو مثال ڏيان، ٿورو غور ڪجو ... سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، دريا ۾ چاڙهه ٿيو، پنجاب ٻوڙيندي ٻوڏ سنڌ ۾ آئي. وڏيرن بند ٽوڙيا، هر طرف پاڻي لاش ترندي نظر آيا، ميڊيا وارن انهيءَ الميي کي ڏاڍو سيليبريٽ ڪيو. ۽ خوب ڪمايو. اثرائي وڊيو ڀرائڻ لاءِ ماين کي سامان مٿي تي سامان رکائي ٻار ڪڇن ۾ ڏيئي فوٽو ڪڍيا ويا ، وڊيو ڀري وئي ته جئين جذباتي ماحول پيدا ڪجي . هوڏانهن وري اين جي اوز وارن جي عيد ٿي ويئي. سياسي پارٽين وري الڳ ڪئمپون لڳايون. ماڻهن ۾ سامان ، پئسا ، اٽو لٽو ورهايو ويو ايتري قدر جو ماڻهو ڪم ڪار ڇڏي امداد جي پٺيان ڪاهي پيا. پوءِ وري وطن ڪارڊ مطلب ته عام ماڻهو پينو فقير ٿي پيو. هن ٻوڏ ۾ ماڻهو ڀلي ڪيترا مئا ماڻهو دربدر ٿيا مالي نقصان ٿيو پر هن ٻوڏ کي خوب سيليبريٽ ڪيو ويو. خوب ڪمايو ويو. وڏيرن وٽ نيون وڏيون گاڏيون اچي ويون. بنگلا ٺهي ويا. ٽي وي وارن خوب ڪمايو. اين جي اوز جي ته چاندي ٿي ويئي. اهو آهي بليڪ هيومر.گذريل سال ماڻهو ٻوڏ جو انظار ڪندا رهيا. ماڻهن اڳ ۾ ٽيڪم ، ٽريڪٽر تيار رکيا هئا ته دريا رڳو چاڙهه ڪري ته ٻوڏ آڻڻ اسان جو ڪم آهي.
    انهن ڏينهن ۾ هڪ شاگرد مون وٽ آيو چيائين سائين غريب ايترو آهيان جو فيس جا پئسا ناهن نٿو پڙهي سگهان ڇا ڪريان؟ مون کيس هڪ دفتري جو کوکو ڏنو چيائين هي ڇا آهي؟ ترس بابا ... هڪ اڇي پٽي ان کوکي تي لڳائي ڏني مانس جنهن تي لکيل هو. “ ٻوڏ جي متاثرن جي واهر ڪريو” پاڻ سمجهي ويو. شام جو آيو ته وٽس ساڍا چار هزار هئا 25 سئو فيس جا ڏنائين باقي وڃي گندي ڪپڙو ورتائين. مون چيومانس تون جي پڇندو هئين نه ته بليڪ هيومر ڇا آهي؟ اهو اٿئي بليڪ هيومر معنيٰ دردن کي ڪيش ڪرايو عذابن کي ڪمرشلائيز ڪريو، موت تان به چٿرون ڪريو. توهان سوچيندا ته اهو سڀ ڪجهه صحيح آهي يا غلط ته جناب صحيح يا غلط جو تصور وري ڪٿان اچي ويو. جديديت پڄاڻان انهن ڳالهين کي مڃي ئي نٿي.
    جڏهن ٿر جي ٿوهر کي اديبن پنهنجي زندگي سان تشبهه ڏيندا هئا ته اهو رجحان ايترو وڌيو جو ٿوهر اچي بدنام ٿيو. پوءِ ٿر گلئمرائيزڊ ٿيو . ٿر وارا ماڻهو غربت ۾ ورتل ڦاٽل ڪپڙا، پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ ٻار، انهن جون جهوپڙيون، بيماريون عورتون ۽ ٻار بک ۾ ورتل ۽ بدحال انهن کي واپاري دنيا ڪيش ڪرايو. هتان جا سير ڪندڙ ماڻهو ، اين جو اوز ۽ ميڊيا کي اچي روئشو ٿيو. فوٽو ڪڍرائڻ ۽ فيس بڪ تي ڏيڻ ، انهن جي نالي تي اسٽال لڳائڻ، ناڻو ڪمائڻ، مطلب هڪ نئون واپار شروع ٿي ويو. ٿر ميڊيا کي جيئاري ڇڏيو. وڏي سياستدان ، اديب، سماج سڌارڪ ته ٿر جا چڪر لڳائي خوشي ۾ نه پيا ماپن . هاڻي ته اتان جا ٻار روڊن تي بيٺا انتظار ڪندا اهن ته ڪار وارا پاڻي جي بوتل ته اڇلائي ڏيندا. ۽ وري پنهنجي خوبصورت دوري کي فيس بڪ جي زينت بنائيندا. اڃا ڪاري مسخري سمجهه ۾ نه آئي ته هڪ ٻيو مثال توهان کي ڏيان ٿو.
    ڀلا توهان قرباني واري ڍڳي کي ڏٺو هوندو جيڪو ست ماڙ تان ڪرين ذريعي لاٿو ويندو آهي. يا اهڙو ڍڳو جنهن جي قيمت اڍائي لک هوندي آهي کيس سينگاري ٽي وي تي ڏيکاريو ويندو آهي. يا ڀلا ڪو ڪرپٽ ڪامورو توهان ڏٺو هوندو جيڪو هر سال حج تي ويندو آهي. سوين ماڻهو ان کي گلن جا هار پارائيندا، سوچيو ٿورو ٻي طرف لکين ماڻهو بکون پيا ڪاٽين اسپتالن ۾ بي يار و مددگار پيا آهن علاج جا پئسا ڪونهي. . وري مٿان سئو ديڳيون رئيس لاهي پنهنجي واهه واهه ڪرائيندو .
    ڪارو مذاق اهو به آهي ته اڳ پاڪ دامني ، عزت حياءَ سٺا گڻ سمجهيا ويندا هئا. هاڻ جيترو بدنام عورت يا مرد هجي، جيترو فحش هجي ايترو عزت جي لائق آهي ان سان شادي لاءِ سوين ماڻهو پيا آڇون ڪندا. توهان ڏسو طوائفيت هڪ بهترين عزت دار پيشو ٿي چڪو آهي. فن ۽ اداڪاري جي نالي ۾ جنسي فحش نگاري کي ڪيتري اهميت آهي. ڪاري مسخري اها آهي ته اهميت ۽ عزت به ان عورت جي آهي جيڪا جسماني نمائش ڪري باقي حياءَ دار پاڪ دامن عورت سماج کي قبول ئي ڪانهي.
    هاڻي ڪراچي ۾ روز ماڻهو ٽي وي دير تائين ڏسندا آهن. انهيءَ َ ڪري آهن ته ڪا بريڪنگ نيوز هجي متان ڪو بم ڦاٽو هجي، يا دهشت گرد شهر بند ڪن ته سڀاڻي موڪل ڪجي ۽ ويهي گهر ۾ دهشت گردي کي سيليبريٽ ڪجي. تازو ڪراچي ۾ اهڙا واقعا ٿيا جو باهه لڳي 250 ماڻهو سڙي مري ويا بس جو ايڪسيڊنٽ ٿيو 150 ماڻهو سڙي مري ويا. ميڊيا کي برڪينگ نيوز ملي. سياست ڪارن کي سياست چمڪائڻ جو موقعو مليو. ڏک ڇا آهي ، اذيت ڇا آهي ڪيترا ماڻهو مئا انهن جي پوين جو ڇا ٿيو؟ روڊ ڇو خراب آهن؟ بجٽ ڪيڏانهن ٿي وڃي ان سان ميڊيا جو ڪو تعلق ناهي.
    سنڌ سڄِي سورن ۾ آهي. قبضه گير، مذهبي فرقه بنديون ، داڙا ڦرون ، بي روزگاري، ڪرپٽ وڏيرا هاڻي صرف خبر به نه رهيا آهن، ڇو ته عوام کي تاڙيون وڄائڻيون آهن، نعرا هڻڻا آهن. ميڊيا تي مفت ۾ ڪم ڪندڙ صحافي روز اشوز پيدا ڪن ٿا. خبرون ٺاهين ٿا ، لاشن جون تصويرون ڀري صبح صبح ٽي وي تي ڏيکارين ٿا. اهو هاڻي روز جو معمول آهي. ڏک ڳوليو، تباهي بربادي ڳوليو اذيتون ڳوليو ۽ انهن تي واپار ڪريو. انهن کي سيليبريٽ ڪريو. اها آهي ڪاري مسخري.
    جديديت پڄاڻان جو دور اهو آهي ته درد ونڊيو نه پر انهن جي مشهوري ڪريو. ڏکن تي روئڻ يا ماتم ڪريو ته ٽي وي وارو فوٽو ڪڍنس . ذلت جي مشهوري ڪريو، المين جي نمائش ڪريو. ۽ ناڻو ڪمايو پنهنجي ناما چاري ڪريو. اجهو بم ڦاٽو اچو ته سيليبريٽ ڪريون.


    جديديت پڄاڻان ۽ صوفي مت

    (شاهه جي شاعريءَ جي پس منظر۽ پيش منظر ۾(
    ٻي مهاڀاري لڙائي دوران دنيا ۾ تمام وڏي تباهي ٿي، ڪروڙين انسان موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ دربدر ٿيا ، اذيت ۽ ويڳاڻپ جو ايترو شڪار ٿيا جو ماڻهو جو انسان ۽ سماج تان ويساه کڄي ويو . انهيءَ دوران وجوديت پسندن نعرو بلند ڪيو ته “ وجود جوهر کان اڳ آهي ” بلڪ جوهر آهي ئي ڪونه . يعنيٰ انسان صرف بي معنيٰ وجود آهي .زندگي بي معنيٰ بنجي رهجي ويئي. هوڏانهن 19 صدي ۾ فيڊرڪ نيٽسي اڳ ۾ نعرو لڳايو ته ـ“ ڀڳوان مري ويو” هاڻي انسان اڪيلو آهي ان ڪري پاڻ کي ئي ڀڳوان ٺاهيو ڇو ته هاڻي ڪابه مدد ڪانه ايندي . .اسان کي انهيءِ سلسلي جي ڪڙي سوسئسر (Fernando de Saussure) وٽ ملي ٿي . جنهن چيو ته لفظن کي ڪابه معنيٰ ناهي ، لفظ پنهنجي معنيٰ لاءِ مخصوص ساخت جا محتاج آهن . اهڙي طرح لفظن جو معنوي پهلو پنهنجي ضد ذريعي سڃاڻپجي ٿو . مثال رات جو ضد ڏينهن ، اڇي جو ضد ڪارو ، خير جو ضد شر . جيڪڏهن ضد نه هجن ها ته ڪابه سڃاڻپ نه ٿي سگهي ها تنهن ڪري سوئيسر Binary opposites جو نظام متعارف ڪرايو. انهيءَ بنياد تي ادبي نقاد رولينڊ بارٿس Roland Barthes اعلان ڪيو ته؛The text is tissue of quotations drawn from the innumerable centers of culture.

    مطلب ته ڪوبه متن اديب جي ذات سان وابسته ناهي بلڪ اديب جي ذات ڪا نئين شيءَ نٿو ڏي بلڪ هو به ڪلچر ۾ موجود نشان ۽ علامتن کي ترتيب ڏي ٿو . رولينڊ بارٿس ليکڪ جي موت جو اعلان ڪندي چيو ته ليکڪ هڪ جديد شخصيت جو نالو آهي جيڪو اسان جي سماج جي پيداوار آهي . جيڪو سرمائيداري دور جي پيداوآر آهي . ان کان پوءِ زاڪ دريدا آيو ، جنهن سندس ڪتاب “Of Grammatology” ۾ رد ساختيات جو نظريو ڏنو هن سوسئر جي ان خيال تي تنقيد ڪئي ته Binary Oppositionذريعي اسان Signified جو تصور قائم نٿا ڪري سگهون ، ڇو ته ڏينهن جي تصور سان رات جو اڪيلو تصور نه ايندو بلڪ ان سان جڙيل تصور به ايندا مثال ، اونڌائي، ڪاراڻ، اڪيلائي ، ننڊ، ڪتن جي ڀونڪ ، خاموشي ، وغيرهه وغيره جا تصور جڙيل آهن انهيءَ ڪري لفظ جي معنيءٰ آهي ئي ڪو نه. رد ساختيات انهيءَ ضدن جي بنياد کي رد ڪندي دنيا جا موجوده تصور به ختم ڪرڻ ٿي چاهي . ضد اصل ۾ شين متعلق قائم صورتن کي هٿي ڏين ٿا . مثال عورت جي تصور سان ڪمزور، نازڪ، جنس ، لذت ، جذباتي ، بي عقل جهڙا تصور اچن ٿا. جيڪي تصور ڪنهن هڪ جو غلبو ظاهر ڪن ٿا . انهيءَ ڪري ساختيات پڃاڻان انهيءَ ابتڙن جي تصور کي ئي ٽوڙڻ ٿي چاهي. پر ساختيات پڄاڻان انهيءَ سان گڏ شين جي باهمي رشتي کي به ٽوڙي ڇڏي ٿي . جنهن ڪري لامرڪزيت (Decentralization) جو تصور جنم وٺي ٿو. جنهن سان انارڪي پيدا ٿئي ٿي .
    اسان ڏٺو ته ساختيات ۽ رد ساختيات وجوديت جي گود مان ڦٽي نڪتيون آهن جن ۾ يڪسان ڳالهه اها آهي ته شيون پنهنجي معنيٰ وڃائي ويٺيون آهن بلڪل انهي بنياد مان جديديت پڄاڻان ڦٽي نڪتي .
    Post-Modernism جديديت پڄاڻان جي حتمي ڪابه وصف ناهي پر بقول Joseph Stieglitz جي ته مابعد جديديت ۽ گلوبلائزيشن هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن . نوم چومسڪي گلوبلائيزيشن کي امريڪي vision جو اڻ ٽر حصو قرار ڏنو ، هن چيو ته جديديت پڄاڻان جا ڪجهه حصا انساني سمجهه کان بالاتر آهن.
    ڪجهه دانشورن جو چوڻ آهي ته جديديت پڄاڻان جديد ٽيڪنالوجي جي پيدائش آهي. انهيءِ پيش منظر ۾ اسان جديديت پڄاڻان جا ڪجهه بنياد هن ريت سمجهي سگهون ٿا .
    جديديت مابعد جديديت
    1. مرڪزيت لامرڪزيت
    2. آئڊيالاجي انارڪي
    3. نيچرل ڪلچر ۽ قوم ٽيڪنو ڪلچر
    4. تاريخ روزاني جي تاريخ
    5. سچ ۽ ڪوڙ win= win
    ٿورو اسان غور ڪنداسين ته جديديت پڄاڻان جو بنياد لامرڪزيت تي رکيل آهي .زندگي کي معنوي ۽ مقصدي پهلو ئي يڪجا ڪري جوڙي سگهي ٿو. جيڪو سري کان هن نظام ۾ غائب آهي ان کان پوءِ نظريو مرڪزيت جو بنياد هوندو آهي . جديديت پڄاڻان نظريي کان انڪار ڪري ٿي بلڪ سند نعرو آهي “ Think Globally and act locally” گلوبلائيزيشن دراصل سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ جو نعرو آهي . جڏهن ته ڪارل مارڪس جديد سائنس ٽيڪنالوجي جي اڀرڻ کان پوءِ سائينٽفڪ ڪميونزم جو نظريو ڏنو هو . سائنٽيفڪ ڪميوزم جي جڳهه تي گلوبلائزيشن ۽ جديد پڄاڻان جو دور اچي ويو . جيڪو سامراجي مفادن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي هڪ هٽي لاءِ سازگار آهي .
    جديديت پڄاڻان جي پٺيان امريڪي نظريو وليم جيمز جو نظريو نتيجي پرستي به آهي. جيڪو امريڪن پنهنجي واپاري مقصدن لاءِ جوڙيو هو جديديت پڄاڻان ٿيوري آف رليٽيوٽي کي به خوب استعمال ڪيو . جنهن جو مقصد هو ته ڪابه شيءِ فارمولائيز ناهي ، نه وري خاطري سان مرڪزي حثيت رکي ٿي ، بلڪ ڪابه شيءَ پنهنجا ڪيترا نتيجا ڏئي سگهي ٿي. انهيءَ ڪري هڪ شيءِ يا ڪو عمل هڪ جڳهه تي غلط نظر اچي ٿو، ته عين ممڪن آهي ته اهو ٻي جڳهه تان اهو عمل صحيح نظر اچي . معنيٰ دنيا فارمولائيز ناهي بلڪ رينڊم آهي . نتيجو اهو نڪتو ته غلط ۽ صحيح جا معيار ختم ٿي ويا . ڪارل مارڪس چيو هو ته ڪابه شيءَ نيوٽرل ناهي هڪ کي کٽڻو آهي ته ٻي کي هارائڻو آهي . هڪ غلط آهي ته ٻيوصحيح آهي پر پوسٽ ماڊرن ازم چئي ٿو win + win ٻنهي کي کٽڻو آهي.
    جديد دور ۾ عقل ۽ تجربي جي بنياد تي سائسي علم پروان چڙهيا ،جنهن بنياد تي ڪارل مارڪس معروضي حالتن کي انتهائي اهم قرار ڏنوهو. انسان جو رويو، معاشي حالتون ، اخلاقي حالتون، سماجي حالتون سڀئي معروضي حالتن جو عڪس آهن. پر جديديت پڄاڻان بلڪل “U” ٽرن ورتو ته انسان جون تمام سرگرميون موضوعي حالتن جو عڪس آهن. مثال؛ اسٽيون ڪوي(Stephen R Covey) چيو هو :
    “I am not a product of my circumstances. I am a product of my decisions.”
    مطلب ته سوچ بدلايو ته دنيا بدلجي ويندي .
    سنڌي سماج تي جديديت پڄاڻان جا اثر ؛
    سنڌ موجوده دنيا جي صورتحال سان ڳنڍيل آهي ، دنيا کان الڳ ٿلڳ ناهي . تنهن ڪري جيڪڏهن دنيا مان اخلاقيات ، مرڪزيت، سچائي ختم ٿئي ٿي ته سنڌ ۾ وري ڪٿان رهندي ؟ ڀلي اسان صوفي هجون ، ڀلي سنڌ صدين کان صوفين جي زير اثر رهي هجي پر سنڌ مو جوده دنيا سان به ڳنڍيل آهي .
    ان کان علاوه سنڌ ۾ جڙتو اشو وڌيڪ پيدا ڪيا وڃن ٿا . ڌارين آبادي کي سنڌ ۾ آباد ڪري سنڌي روايتن کي ختم باغيانه ۽ ڇڙواڳي ڏانهن ڌڪيو وڃي ٿو . ان ۾ اسان جا وڏيرا ، ميڊيا ، سياستدان ، ايجنسيون ، ۽ ويڪائو دانشور برابر جا شريڪ آهن .
    دنيا ۾ ڪو به ظلم ٿي رهيو هجي ۽ صوفي خاموش رهي ۽ در گذر ڪري اها صوفي مت جي روايت ناهي [ Sufi is for social justice ] . صوفي مت امن خاطر گلو گهٽائڻ جو مشورو نٿو ڏئي . انهيءَ ڪري شاه لطيف چيو ته ؛
    جي سورهي مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار
    هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار
    مٿان تيغ ترار ، مار ته متارو ٿئين
    سوويت يونين جي ٽٽڻ کان اڳ جمهوريت جو تصور ڪجهه ٻيو هو پر گلوبلائيزيشن ۾ جمهوريت جو تصور صرف ڇڙواڳي آهي . جنهن جو اصول آهي “جيڪو ڏاڍو سو گابو” انهيءَ ڪري سنڌ جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ورهائي ڏني وئي آهي . سنڌ ۾ لامرڪزيت وڌڻ ڪري ذات پرستي، قبيلائي پرستي، مذهبي فرقه پرستي، وڌي ويئي آهي . ڇوته ڏاڍن جي بدمعاشي ۽ من ماني جي ڪري عدم تحفظ جو احساس وڌڻ لڳو آهي ، هر ماڻهو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڏاڍي جو سهارو وٺي ٿو .اهڙي طرح ذاتيون، قبيلا، فرقه ، سياسي غنڊه گردي، وڏيرا گردي وڌندي ٿي وڃي.
    گلوبل مارڪيٽ جي ڪري اليڪٽرانڪ ، مڪينيڪل شين جي ڀرمار وڌي ويئي آهي. ماڻهن جي خريد ڪرڻ جر قوت نه هئڻ جي صورت ۾ ماڻهن کي بنئڪون قرض ڏين ٿيون. اهڙي طرح ماڻهو مقروض بنجي اڃا به پريشان ۽ ڊپريشن جو شڪار ٿي رهيو آهي .
    ملٽي نيشل ڪمپنيون غريب ملڪن مان سرمايو گڏ ڪري ٻاهر کڻيو وڃن جنهن ڪري غريب ملڪ اڃا به ڪنگال پيا ٿين.
    هاڻي زراعت ڪمپنين جي رحم و ڪرم تي آهي ، ڇو ته ڪوبه ديسي ٻج رهيو ئي ناهي جي ڪنهن وٽ آهي ته ڪير استعمال نٿو ڪري ڇو ته فاعدو هٿڙادن ٻجن ۾ وڌيڪ آهي. تنهن ڪري ڪمپنين جي اجاره داري آهي ان کان پوءِ هٿرادو ڀاڻ ، دوائون، ماحولياتي آلودگي کاڌي کي زهريلو بنائي رهيون آهن. جنهن ڪري طرح طرح جون بيماريون پيدا ٿي رهيون آهن .
    سنڌ جيڪا صوفي مت جي پيروڪار هئي اها قبيلائي جيهڙن، مذهبي جنون جو شڪار ٿي چڪي آهي ٻي طرف دولت جي هوس روايتن، اخلاق،۽ ڀائيچاري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي.
    اسان جي سڄي سنڌ مافيائن جو مرڪز بنجي ويئي آهي. ان جو مطلب ته اسان جديديت پڄاڻان دور ۾ شريڪ نه پر شڪار ٿيا آهيون.
    مابعد جديديت ۽ صوفي مت
    ايشيا کنڊ ۾ اها روايت رهي آهي ته هر شيءَ کي مذهبي نڪتي نگاه کان ڏٺو ويندو آهي. هندستان ۽ وچ اوڀر ۾ تاريخ مذهبي ڪٿائن جو نالو آهي. ڪلچر کي مذهبي روايتن ۾ ڳڻيو ويندو آهي . انهيءِ ڪري هندستان ۾ ٻڌمت ، جين مت، گرونانڪ، ڀڳتي تحريڪ ۽ ويدانيت کي به هندو مذهب جو نالو ڏنو ويو. اهڙي طرح صوفي مت جو مذهب سان ناتو ڳنڍيو ويو، پر مذهب سان ڪو تعلق نه اٿس پر هر مذهب ۾ صوفي مت موجود آهي انهيءَ ڪري 20 صدي ۾ گهڻن صوفين عالمي صوفي مت نظريي تي زور ڏنو جنهن ۾ هڪ مثال حضرت عنايت خان جو ذڪر به ملي ٿو جنهن بمبئي کا ن 1910 ۾ امريڪا ۾ وڃي صوفي مت جي پرچار ڪئي .هن جو چوڻ هو ته ؛
    “There is essential unity between the great religions of the world, divine inspiration which comes to humanity from time to time in different form which is in harmony with the culture of a certain people at a certain time, Different forms but the same truth.”
    سنڌ ۾ صوفي مت کي دانشوراڻي پذيرائي گهٽ ملڻ سبب صوفي مت اوتارن، پيري مريدي ۽ درگاهي ڪلچر بنجي ويو. جنهن ڪري صوفي مت کي Passive فلسفو سمجهيو ويو. اهو سمجهيو ويو ته صوفي معنيٰ سلفي پيئڻ وارو، ڏاڙهي رکرائڻ وارو، يا پيري مريدي وارو يا وري پينو فَقير، جڏهن ته صوفي روايت اها ناهي .
    وجوديت پسند چون ٿا “خواهش” وجود جي کوٽ جي نشاندهي ڪري ٿي پر صوفي خواهش کي جوهر جي کوٽ سان مشابهت ڏئي ٿو ، جنهن جو طمع سان واسطو آهي. طمع معنيٰ “مايا” جي لالچ . جيڪو مايا جي پٺيان ڊوڙندو اهو “عشق” کان محروم رهندو ان جي مٿان آفاقي راز نه کلندا نه وري انسانيت جي معراج تي پهچندو.
    محروم ئي مري ويا ، ماهر ٿي نه مئا
    چڙي جيئن چنهنج هڻي، لڏيائون لئا
    حباب ئي هئا ، انهيءَ واديءَ وچ ۾
    Postmodernity جديديت پڄاڻان ۾ لامرڪزيت ۽ انارڪي موجود آهي. پر صوفي مت ۾ مرڪزيت ۽ رياضت موجود آهي .
    صوفي جي مابعدالطبعات اها آهي ته ڪائنات هڪ اڪائي هڪ وجود آهي . سندس ظهور ڪثرت ۾ آهي . هر شيءَ جو بنيادي جوهر هڪ ئي آهي ، سندس سڃاڻپ سندس ضد Polarity principle سان ٿئي ٿي . مثال ڏينهن کي ڏينهن تڏهن چيو وڃي ٿو جو رات جو تصور آهي ، محبت جي سڃاڻپ نفرت سان آهي ، سٺائي جو معيار خرابيءَ سان آهي . شاهه لطيف چيو هو ته؛
    جي سڃاڻن نه سچ کي، ويهي مَ تنهين وٽ
    املهه کي اڌ ڪري، پاڻان هڻندا پٽ
    مهر تنهين سين مٽ ، پارکو جي پارس جا
    ساختيات پڄاڻان جيڪو جديديت پڄاڻان جو بنيادي نظريو آهي ، ان ۾ ضد جو تصور ئي ڪونهي ڇوته هنن جي خيال ۾ ڪنهن هڪ شيءَ جو ڪو هڪ ضد ناهي بلڪ هڪ شيءَ سان هزارين ٻيا تصور موجود آهن اهو سلسو اڻ کٽندڙ آهي. تنهن ڪري ٻوليءَ جي ڪنهن لفظ جو هڪ signified ٿي نٿو سگهي دريدا جي هن راءِ کي ڏسو.
    “The signified concept is never present in and of itself, in a sufficient presence that would refer only itself essentially and lawfully; every concept is inscribed in a chain or in a system within which it refers to the other, to other concept.
    صوفي جي مابعدالطبعات ۾ انسان پنهنجي جوهر کي سڃاڻي وحدت سان جڙي ٿو . پر جوهر کان بغير انسان مادي وجود آهي جنهن ۾ هوس ، لالچ ،طمع، انا، ڪروڌ ڀريل آهي .
    صوفي جو جوهر“پيار” آهي جيڪو هن ڪائنات جي بنيادي حرڪي طاقت آهي ،انهيءَ جي حصول ۾ انا ۽ طمع ڇڏڻي پوندي شاهه جي هن بيت کي ڏسو؛
    طمع جي تنوار، متان ڪرين مڱڻا
    ڌڪي ڪنديءَ ڌار، ڏئي ماڻڪ مٺ ۾
    صوفي سڄي ڪائنات جي آفاقيت جو حصو آهي ، تاريخ تصوف ۾ پروفيسر يوسف سليم چشتي چوي ٿو ته؛ “ تصوف جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هر ملڪ ۽ هر دور ۾ سندس طريقو ڪار هڪ ئي رهيو آهي ، اهو آهي “عشق” جيڪو انسان کي ٻي انسان سان جوڙي ٿو ۽ خدا جي ابدي تصور ۾ آفاقي بنجي انسان اڀري ٿو”. جيترو هو ڪثرتي جز ٿيندو اوترو ان جي اندر ۾ کوٽ پيدا ٿيندي .خاليپڻو پيدا ٿيندو .
    نتيجي طور ان ۾ طمع وڌندي . جيڪا هو مادي شين جي حصول سان پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪند و ، انا، غرور، ڪروڌ سان انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو پر اوترو ئي خال وڌندو . نتيجي طور ماڻهو جنون ۾ مبتلا ٿي اڻ کٽندڙ ڊوڙ ۾ جانور ٿي پوندو. شاهه اهڙن ماڻهن جي لاءِ چيو هو؛
    عالم “آئون” ساڻ ،ڀريو ٿو ڀير ڪري
    پاڻ نه آهي ڄاڻ، مانڊي منڊ پکيڙيو
    صوفي جي مابعدالطعبات ۾ دنيا هڪ “مايا” آهي ،جديديت پڄاڻان ۾ دنيا حقيقت کان مٿاهين آهي . جنهن ۾ حقيقت اضافي آهي قطعي ناهي .
    جڏهن حقيقت جو تصور ناهي ته پوءَ عبادت ، رياضت ۽ انسانيت ، ڪهل، همدردي ، پيار جهڙا گڻ به سڀ اضافي ٿي وڃن ٿا نتيجي طور انسان جو دنيا سان تعلق حرص هوس، بي رحمي، دهشت زده بنجي بنجي وڃي ٿو. پر صوفي وٽ حقيقت اضافي ناهي بلڪ قطعي آهي جنهن جو اضهار دنيا ، سونهن، ۽ انسان ۾ آهي انهيءَ جو حصول لا۽ “عشق“ جو رستو آهي . جيڪو ماڻهوءَ جي داخلي قوت کي اڀاري عالمي روحاني سگهه سان جوڙي ٿو . شاهه لطيف انهيءَ ڪري چيو هو ته ؛
    دنيا سڀ دريا ، ڪو ڪو تارون تنهن ۾
    هڪڙي لهر لوڀ ، جي ٻيو آتشي اوڙاهه
    طالبن توڙان ، موڙي چاڙهيون مڪڙيون .
    صوفي جو ٻيو اهم پهلو انسانيت پسندي آهي . صوفي جو “خدا” انتهائي وسيع آهي ۽ ڪائنات هڪ حرڪي تصور آهي جنهن جي ذري ذري ۾ اهو سمايل آهي . تنهن ڪري هر انسان رنگ ، نسل ، ذات پات، ۽ طبقي کان بالاتر آهي . اهي سڀئي فرق ۽ تفاوت صرف اهنڪار ۽ مادي روپ جا آهن نه ته اصل ۾ حقيقت هڪ آهي .
    ڪوڙين ڪايائون تنهنجون لکن لک هزار
    جيءُ سڀ ڪنهن جيءَ سان درسن ڌاورون دار
    پريم تنهنجا پار، ڪهڙا چئي ڪهڙا چئان.
    سنڌ جي صوفي مت ۾ هڪ اهم رنگ اهو به آهي ته ان ۾ سماجي ، معاشي هم آهنگي موجود آهي ، شاهه ڪريم کان وٺي شاهه لطيف تائين ڪو به صوفي تارڪ الدنيا نه رهيو، صوفي شاهه عنايت ته اهو به نعرو لڳايو ته “جيڪو کيڙي سو کائي” سڀني جي مسلڪ ۾ ڪوبه ماڻهو سندن مريد ٿي سگهي ٿو انهن وٽ هندو يا مسلمان جي ڪابه تفريق ناهي. جيئن سـچل چيو هو ته ؛
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
    شيخي ، پيري، بزرگي بيحد ڀلايا
    جديديت پڄاڻان ۾ لامرڪزيت ۽ نظريي جو خاتمو هئڻ ڪري سڄي دنيا ۾ جنونيت پيدا ٿي چڪو آهي. جنهن ڪري دهشت گردي هڪ اهم مسئلو بنجي اڀريو آهي . صوفي مت ۾ زور زبردستي ناهي پر وچٿرو رستو موجود آهي .
    “روزا نمازون ايءَ پڻ چڱو ڪم،
    او ڪو ٻيو فهم ، جنهن سان پسجي پرين کي.”
    شاهه لطيف صرف منافَقي کي نندي ٿو ، ان کان علاوه سنڌ ۾ صوفي مت رڳو رياضت يا طريقت جو نالو آهن سنڌ ۾ صوفياڻو رويو به موجود آهي ، جنهن جي ڪري ماڻهو ۾ درگذر ، ڪهل، لاطمع، درويشي ، عاجزي ،انڪساري جهڙا گڻ موجود آهي . جيتوڻيڪ اهڙن گڻن کي ننديو به ويو آهي پر ان جي باوجود به اهي گڻ انساني روح جي سڪون لاءِ اهم آهن .اڄ جي جنون واري دور ۾ انساني روين جي سڃاڻپ به اها ئي آهي.
    جديديت پڄاڻان ۾ جيڪو win + win جو تصور آهي اهو ڪوڙ کي سهارو ڏئي ٿو[ See Robert Wright ] .ماڻهو يا ته سچو آهي يا ڪوڙو آهي .حقيقت جو محور انسانيت جي چوگرد گهمي ٿو . ڪا به صورتحال انسان جي خلاف هجي ته اها صوفي وٽ قابل قبول ناهي.
    نتيجو Conclusion
    [1] Post modernismجديديت پڄاڻان ڏاڍي منجهيل ۽ پيچيده آهي جنهن جي ڪابه وصف ناهي ، ڇو ته هر دور ۽ نظام جو ڪو مرڪز هوندو آهي ، ان نظام جو پنهنجو سچ ۽ طريقي ڪار هوندو آهي . پر جديديت پڄاڻان ۾ ڪوبه مرڪزي خيال ناهي نه وري ڪو حتمي سچ آهي ، انهيءَ ڪري ڇڙواڳي هن دور جو بنياد آهي .
    [2] هن وقت دنيا دولت جي حصول جو نالو آهي ، جنهن ڪري جنوني رويا پيدا ٿي رهيا آهن، اهڙي دور ۾ جتي نظرين جو بحران آهي ، انارڪي ۽ سفاڪي وڌي رهي آهي. اهڙي دور ۾ شاهه لطيف جي هن بيت جي معنيٰ ڪيڏي اهم بنجي وڃي ٿي.
    کاڻيءَ مَ کانيو ، مٺيءَ مڱر مَ ڏيو
    هيڪر اجهايو ، ڏيئي ٻر لوهار جي.
    صوفي مت بطور رويو انتهائي اهم آهي ،جنهن ۾ دنيا ۽ زندگيءَ گذارڻ جو هڪ ڍنگ موجود آهي.
    [4] جديد دور انسان کي مادي مشين بنائي ڇڏيو ، جديديت پڄاڻان سچ ۽ ڪوڙ ، ظالم مظلوم جي ۽ طبقن جي حقيقت کان مڃڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو. انهيءَ بنياد تي گلوبلائيزيشن جو تصور غريب ملڪن لاءِ غلاميءَ جو ٻيو طوق کڻي آيو .
    [5] مٿان وري جنونيت ، دولت جي هوس انسان کي اونڌاهي واري دور کان به پوئتي ڌڪي ڇڏيو.
    (6) اهڙي دور ۾ صوفي مت انسان جي ڳولا ڪري ٿو[ What it means to be human ] ، گهٽ ۾ گهٽ انسان کي مادي هوس جي دٻڻ مان ڪڍڻ جي ڪوشش ضرور ڪري ٿو .
    [7] پڙهندڙ جي ذهن ۾ هڪ سوال ضرور پيدا ٿيندو ته اڄ جي دور ۾ جتي “ڏاڍو سو گابو” وارو ڪم لڳو پيو آهي اتي درگذر، عاجزي، لاطمع جهڙا گڻ ڪمزورانساني ۽ قومي وجود کي بچائي سگهندا ؟
    [8] اڄ جي دور ۾ جتي انسان عالمي طور پنهنجي تباهي کان بي خبر مقابلي بازي جي ڊوڙ ۾ لڳو پيو آهي ، دولت ڪمائڻ جي هوس ۾ هو ماحول کي خراب ڪري رهيو آهي. ان جي نتيجي ۾ دنيا ۾ تمام وڏيون تباهيون اينديون ٻوڏون، زلزلا، خطرناڪ وائرس، بيماريون ، جنگيون، جنون انساني وجود لاءِ اڳ ۾ ئي خطرو بنجي چڪيون آهن،
    [9] صوفي دنيا کان لاطمع نٿو ٿئي ،صوفي ته صرف انساني رويي[ What it means to be Human ] کي اجاگر ڪري ٿو . جنهن بنياد تي هڪ بهترين نظام استوار ڪري سگهجي ٿو .


    ائبنارملٽي ۽ جديديت پڄاڻان

    (Abnormality and Post Modernism)

    اسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿيا آهيون جيڪو تاريخ جو بلڪل انوکو ۽ اڇوتو دور آهي ، نه ته هن دور ۾ گذارڻ جو اسان وٽ تجربو آهي نه وري منهن ڏيڻ لاءِگهربل علم آهي. يقينن هن دور کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جون ذميداريون ۽ رويا به نوان هئڻ گهرجن.
    فطري تبد يلين کي قبول ڪرڻ ۽ انهن مطابق رويو پيدا ڪرڻ ته تاريخ ۾ انساني روش رهي آهي پر جڙتو ۽ تمام تيز تبديلين مطابق روين ۽ روش کي تبديل ڪرڻ ايترو آسان ناهي .
    اسان ڪهڙي دنيا ۾ پير پاتو آهي ان دنيا کي سڀ کان پهرئين سمجهڻ ضروري آهي ڇو ته ذهني صحت ان دنيا سان جڙيل آهي.
    ذهني صحت ڇا آهي ؟ ٿورو غور ڪنداسين ته انسان حواسن، عقل ، وجدان ۽ تجربي ۾ جيڪڏهن موجوده زمان و مڪان مطابق صحيح رد عمل ۽ روش اختيار ڪريون ٿا ته اهو رويو نارمل يا سالم سڏبو.
    پر جيڪڏهن مٿئين ڪنهن به عنصر مان صرف هڪ عنصر ڪم نه ڪري ته انسان سالم نه رهندو . مثال عقل کان بغير انسان وائڙو ۽ بيوقوف سڏبو ۽ غلط حرڪتون ڪندو. وجدان کان بغير ٿيندڙ واقعن ۽ محسوس ڪرڻ جي سگهه جي تاثير کان محروم رهندو ،جيڪڏهن تجربي مان سکڻ ڇڏي ڏئي ته بار بار هاڃن کي منهن ڏيندو ، جيئن توهان ڏٺو هوندو ته اڄ ڪلهه ماڻهن تجربن مان سکڻ ڇڏي ڏنو آهيcommon sense کي common practice بنائڻ ڇڏي ڏنو آهي مثال روز غلط ڊرائيونگ ڪرڻ سان حادثه ٿين ٿا ، موٽر سائيڪل بي ترتيب هلائڻ سان روڊ تي حاثه ٿين ٿا. گٽڪو کائڻ سان ڪينسر ٿئي ٿو، سگريٽ پيئڻ سان بيماريون ٿين ٿيون. لالچ ڪرڻ سان ماڻهو ٺڳجي وڃي ٿو پر ماڻهو “ساڳيا لاٽون ساڳيان چگهه” ان مان ظاهر آهي تجربي مان ماڻهن سکڻ ڇڏي ڏنو آهي.
    جيڪڏهن ماڻهو جا حواس ڪم نه ڪندا ته ماڻهو جو نروس بريڪ ڊائون ٿي پوندو.
    پر ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه آهي ماڻهو جو لڳا تار زمان و مڪان سان جڙيل رهڻ ، مثال جي ماڻهو نئين اوپري ماحول ۾ ويندو ته اتي پاڻ کا اوپرو ڀائيندو ۽ پاڻ کي ان مطابق ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪري جيڪڏهن ماڻهو ۾ نئين ماحول کي ساساهڻ جي خاصيت نه هوندي ته اهو به سالم نه سڏبو . هڪ طريقو اهو به سالميت جو آهي ته انسان پنهنجي سالميت ۽ فاعدي جا جزا ماحول مان حاصل ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هجي .
    هاڻ توهان غور ڪريو جديديت پڄاڻان ۾ سڀ شيون تبديل ٿي چڪيون آهن . مثال عقل، حرفت ۽ چالاڪيءَ ۾ تبديل ٿي چڪو آهي . هاڻ عقل جو سڪو هن مارڪيٽ ۾ نٿو هلي. تنهن ڪري جيڪڏهن ڪو عاقل آهي ته ان کي هن مارڪيٽي حرفت ۽ چا لاڪي لاءِ استعمال ڪرڻو پوندو نه ته عقل جو سڪو کوٽو سمجهيو ويندو. تجربو روز نئون آهي پراڻو تجربو ٻي ڏينهن ڪم جو نٿو رهي ڇو ته مارڪيٽ سماج کي روز تبديل ڪري ٿي . تجربي جي بجاءِ روز رسڪ کڻڻ ، مهم جوئي ڏيکارڻ، جانباز بنجڻ ۾ هيرو ازم آهي . وجدان جو تعلق روحانيت سان آهي پر سماج صرف ماديت جو پيش منظر آهي تنهن ڪري احسا س ختم ٿي ويو آهي . حواس ان وقت ختم ٿيو وڃي جڏهن اسان روز اهڙي صورت حال ڏسون ٿا جنهن لاءِ اسان ڪڏهن سوچيو به ناهي ياوري زمان مڪان ايترو تبديل ٿيو وڃي جو اسان جا حواس خطا ٿيو و ڃن .
    اسان جي تاريخ ، ڪلچر ۽ روايتون اسان ۾ روحاني عافيت پيدا ڪن ٿيون ۽ اندر جي انسان کي ٿانيڪو ڪن ٿيون. هر قوم جو هڪ تاريخي ورثو ٿيندو آهي. جنهن ۾ ماديت کان وڌيڪ روحاني وهنوار وڌيڪ هوندو آهي انسان روحاني رستي تي لکين سال زندگي گذاري اڄ جي ماديت واري ماحول ۾ پهتو آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي انسان جون لکين activities مادي شين کان بغير هيون . جنهن ۾ انسان to have جي بدران to be جي فڪر تي عمل پيرا هو. جيڪو اجتماعي نوعيت جو هو . جنهن ۾ فرد کي سندس اڪيلي هئڻ جي احساس نه هو ، نه وري کيس زندگي ٿڪائيندي هئي . ان سڄي تاريخي عمل ۾ پيار ، محبت همدردي ، ڀائپي جهڙا احساس ۽ گڻ اهم هئا . انسان جو رشتو انسان سان هو. يعني گهر ۾ ڇنل رلي به نه هجي پائڻ جا ڪپڙا به نه هجن ، کائڻ لاءِ سڪل ماني به نه هجي پر پوءِ به زندگي مان ماڻهو مطعمين هو. بلڪل ائين جو اڄ به ڪنهن جهوپڙي ۾ رهندڙ مسڪين ماڻهو زندگي ۾ وڌيڪ خوش ۽ ٿانيڪو هوندو بنسبت ڪنهن بنگلي ۾ رهڻ واري کان . ڇو ته بنگلي واري امير جو مسئلو آهي مقابلي بازي ۽ انهيءَ دولت ۾ واڌارو ڪرڻ ، انهيءَ ڪري امير ۽ وچيون طبقو مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي هوندو آهي.
    مادي شين جو حصول در اصل “انا” جو حصول آهي، جيترو ماديت جي دنيا ۾ ماڻهو پير پائيندو ايترو پنهنجي چوڌاري “انا”، “ غرور” جو ڄار اڻندو ۽ اڪيلو ٿيندو دشمن وڌندا. سڪون برباد ٿيندو. تان جو اهو ماڻهو ائبنارملٽي ڏانهن ويندو. ڇو ته شين جا انبار ماڻهو کي خوش نٿا رکي سگهن ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي سپر اسٽور ۾ بند ڪري ڇڏجي ته باقي زندگي اتي ئي گذار ته رڙيون ڪندو چريو ٿي پوندو . ڇو ته زندگي لاءِ فطرت جو کليل ماحول کپي ، رشتا ناتا کپن، ميل ميلاپ، روايتون، خواب، پيار ۽ انساني سرگرمي کپي.
    پر هتي مسئلو اهو آهي ته انا (ego) انسان کي هلڪو ڦلڪو نٿي رکي بلڪ اڪيلو ڪري ڇڏي ٿي . انا جي مونجهاري ۾ ماڻهو ڦونڊجي عجيب حرڪتون ڪري ٿو . چريائپ صرف اها ناهي ته ماڻهو رڙيون ڪري ۽ پٿر هڻي پر چريائپ اها به آهي ته ماڻهو بسڪٽ به ٽشو پيپر سان کائي ، چريائپ اها به آهي ته ماءَ پنهنجي ٻار کي ٽوڪري ۾ وجهي کڻي هلي . چريائپ اها به آهي ته انسان کان سندس غربت جي ڪري نفرت ڪجي ، چريائپ اها به آهي ته گٽڪي کائڻ وگهي مري ويل کي دفنائڻ وارن جي منهن ۾ به گٽڪو پيل آهي.چريائپ اها به آهي ته ٺرو پي روڊ تي روز شرو ڪجي ۽ اسان وٽ ته چريائپ جا مثال عام جام ملن ٿا. جنوري 2015 ۾ هڪ ماڻهو پنهنجا پنج ٻار ڪهي ڇڏيا. روز طلاقن جي شرح وڌي رهي آهي . نشو خطرناڪ حد تائين وڌي پيو. ماڻهو اکين ڏٺو موت قبول پيا ڪن . اها سڀ چريائپ ته آهي جو برداشت جي حد ختم ٿي ويئي آهي. صبر نٿو اچي.
    دراصل هر مادي شيءَ جي هڪڙي قيمت پئسن ۾ اسان ادا ڪريون ٿا. ٻي قيمت اسان انا ، غرور ۾ ڦونڊجي ادا ڪريون ٿا جنهن ۾ اسان ماڻهو کان ڪٽجي رهيا هوندا آهيون، خلوص ، پيار ، ماڻهپو ختم ڪري رهيا هوندا آهيون. ڇو ته هي واپاري سماج توهان کي هڪ اڻ کٽ مقابلي بازي ۾ مبتلا ڪري چڪو آهي. توهان هر وقت ٻين جي حصول تي نظر رکو ٿا، ڪنهن ڪو عهدو يا مرتبو ماڻيو ته توهان احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي وڃو ٿا، ڪنهن بنگلو ورتو ته توهان کي پنهنجو گهر جهنم لڳي ٿو ، ڪنهن وڏي ڪار ورتي ته توهان پاڻ کي گهٽ سمجهڻ لڳو ٿا ، ٻي جي خوبصورت زال ڏسي توهان کي پنهنجي زندگي بي مزه ۽ بيڪار لڳي ٿي ، توهان روز جلن ۽ حسد جا شڪار ٿيو ٿا، وري ٻي طرف جنهن ڪا شيءَ حاصل ڪئي ته انهِيءَ سڀني کي مات ڏئي ڇڏي اندر ۾ هڪ تسڪين ۽ غرور پيدا ٿيندس . تان جو اها مقابلي بازي ماڻهو کي اذيت پسند بنائي ڇڏي ٿي ، منجهانس پيار ، سڪون ڀائپي ، انسانيت، همدردي سڀ ختم ٿي وڃي ٿي .
    جديديت پڄاڻان اهڙي صورت حال آهي جنهن ۾ صرف پنهنجي ماضي سان رشتو ختم ڪري ڇڏيو آهي. اهو ماضي جنهن ۾ سٺائي خرابي جا معيار هئا، سچ ۽ ڪوڙ جو تصور هو. انسان جي نارملٽي ۽ سالميت لاءِ سچ ۽ ڪوڙ، سٺائي ۽ خرابي جو معيار ضروري آهي نه ته سڀ جائز آهي ۽ بلڪل جديديت پڄاڻان ۾ سڀ جائز آهي.
    جيڪڏهن توهان ڪو پاڇو ڏسو يا شڪل شبيهه ڏسو جيڪا عام رواجي نه هجي، حقيقي نه هجي توهان کي ڊاڪٽر چوندو ته توهان کي شيزوفرينا
    ( schizophrenia ) ٿي چڪي آهي، جيڪڏهن توهان رات ڏينهن هڪ ڳالهه جي هورا خورا ڪريو ته ڊاڪٽر چوندو توهان کي فوبيا ۽ ماليخوليا ٿي پئي آهي. جيڪڏهن توهان هر وقت وڙهڻ لاءِ تيار هجو ، موت جو رسڪ کڻڻ ۾ نه گهٻرايو ته ڊاڪٽر چوندو توهانکي mania ٿي پئي آهي .
    پر جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت کان مٿهانين حقيقت کي ايترو اڀاريو ويو آهي جو سماج ۾ اصل حقيقي ڪجهه به نه رهيو آهي سب ڪجهه جڙتو آهي ، پر ايترو حاوي آهي جو هر ماڻهو ان جڙتو کي حقيقي سمجهي قبول ڪري ٿو ، يعني ڪو ماڻهو اڄ کان 50 سال اڳ چوي ها ته هن صرف ڪاغذن جي هيرا ڦيرا ڪندي اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي چريو چون ها، يا چوي ته هن هڪ بند ڪواب پنج هزار رپين ۾ کاڌو ته ماڻهو ان کي چون ها هن جو دماغ ڦري ويو آهي، جيڪڏهن چوي ها ته هن پنهنجي شڪل و صورت بدلائي ٻي ٺهرائي آهي ته ماڻهو هن کي چون ها ته ڪو خواب ڌٺو اٿس يا دماغ ۾ خلل اٿس ،جيڪڏهن ڪو ماڻهو 50 سال اڳ چوي ها ته هن جي زال بهترين جسم جي نمائش ڪري اربين رپيا ڪمايا ته ماڻهو ان کي پنهنجي ڀت برادري مان ئي ڪڍي ڇڏين ها، يا سندس ڌيءَ روز بواءِ فرينڊ بدلائيندي آهي ته ماڻهو ان کي بيغيرت چون ها. جديديت پڄاڻان ۾ اهي سڀ تصور جائز آهن ۽ اهي ئي حقيقي آهي، تنهن ڪري چريائپ جو معيار به بدلجي ويو آهي ،اڄ جيڪڏهن ڪو شين جي نمائش نٿو ڪري پنهنجي چوگرد دولت جا انبار لڳائڻ لاءِ حرفت بازي نٿو ڪري ، بي وقوفانه مقابلي بازي ۾ حصو نٿو وٺي يا عورت پنهنجا نقش نگار جي نمائش نٿي ڪري ته ان کي چريو سمجهيو و ڃي ٿو .
    ڇا چريائپ جو ڪو وجود آهي؟ يا اسان جي چريائپ آهي ته چريائپ موجود آهي. ان لاءِ توهان کي هڪ مثال ڏيان ٿو . هالي ووڊ وارن هڪ فلم اسٽار ٽريڪ جي سيريز ۾ ٺاهي هئي . ڪهاڻي هن ريت هئي ته هڪ ڪيپٽن پنهنجي ٽيم سميت هڪ سياري تي لهندو آهي، جتي هڪ قسم جو ڪيميڪل جنهن کي لڳندو آهي اهو چريو ٿي پوندو آهي. اهو چريو مار ڌاڙ رڙيون پيو ڪندو آهي، آهستي آهستي سڀ چريا ٿي ويندا آهن سواءِ ڪيپٽن جي . هاڻ هڪ طرف سڀ چريا ٻي طرف اڪيلو ڪيپٽن .
    ڪيپٽن سوچيندو آهي ته ڪٿي آئون ته چريو ناهيان متان هي سڀ ٺيڪ هجن ۽ آئون ائبنارمل هجان. يا وري منهنجي نارملٽي اڪثريت کي قبول ناهي ته پوءِ اها به ائبنارملٽي چئبي . تنهن ڪري مون کي به چريو ٿي وڃڻ گهرجي . اها ئي نارملٽي آهي. ته سڀ هڪ جهڙا هجن. نه ته پوءِ خطرناڪ اذيت ڀوڳڻي پوندي. پر ٿوري دير لاءِ ڪيپٽن سوچيندو آهي ته پهريان اهو تسليم ڪرڻ گهرجي ته ائبنارملٽي جو جيئن وجود آهي تئين نارملٽي به ڪا شيءَ آهي. معنيٰ مون کي پهرين اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته هي سڀ چريا آهن ۽ آئون چريو ناهيان. ته پوءِ مون کي ڪو بلو ڪرڻو پوندو. هڪ ته پاڻ بچائڻو پوندو، ٻيو ته هنن جو به علاج ڪرڻو پوندو. آخر ڪار ڪيپٽن هنن جو علاج ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ۽ سڀني کي ٺيڪ ڪندو آهي ۽ پوءِ انهيءَ سياري تان هليا ويندا آهن.
    بلڪل ائين اسان جو سماج آهي. جنهن ۾ ماڻهو مايا جي موه ۾ ڀٽڪي ويا آهن. چريي جو مطلب اهو ناهي ته ماڻهو پٿر هڻي، گهگهه ڳاڙهي، رڙيون ڪري ، چريائپ اها به آهي ، ماڻهو رات ڏينهن دولت حاصل ڪرڻ جي جنون ۾ گم رهي. ماڻهو رات ڏينهن ڪرپشن ڪري پنهنجي اولاد کي ناجائز دولت تي عياشي ڪرائي. مذهب جي نالي تي قتل عام ڪري، ڏيکاءَ بازي ۾ عزت ، غيرت نيلام ڪري، غرور تڪبر ڪرڻ ٻي کي گهٽ ڪري ڏيکارڻ به ائبنارملٽي آهي. نارملٽي وچ ٿرائپ جو نالو آهي ، جنون چريائپ جو نالو آهي ۽ توهان ٿورو غور ڪريو . اسان جي سماج ۾ هر طرف جنون آهي. چوطرف هڪ تماشو لڳو پيو آهي ، انسان هڪ خطرناڪ جانور جو روپ اختيار ڪيو آهي، هر طرف افرا تفري آهي ذرو ذري کان ڌار آهي. دريدا انهيءَ کي (Play) چوي ٿو ، اها چال ڏيئي دريدا هر ماڻهو کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي . ته هر ماڻهو پاڻ کي آزمائي نوان رستا ڳولي، ڪامياب ٿئي ۽ ڪاميابي صرف مادي حصول ۾ آهي . جيڪو ماڻهو انهيءَ مارڪيٽي ڪلچر کي نٿو مڃي ، پاڻ کي انهيءِ بيوقوفاڻي مقابلي ۾ شامل نٿو ڪري ،سادگي سان رهي ٿو ، ايمانداري ، عزت، شرافت ، حيا جي ڳالهه ڪري ٿو، اهو چريو سڏجي ٿو. انهيءَ کي جديديت پڄاڻان Paranoiac چئي ٿي. هاڻ اهڙو ايماندار ماڻهو موجوده مانڊاڻ کي ڏسي ڪڏهن اهو سوچي ٿو ته واقعي آئون چريو آهيان؟ يا هي ماڻهو سڀ چريا آهن . بلڪل ائين جيئن ڪيپٽن هڪ منٽ لاءِ سوچيو ته ڇا هو چريو آهي؟ جديديت پڄاڻان جي مطابق ته هو (Paranoiac) هو. پر ڪيپٽن پاڻ سنڀالي ورتو.
    در اصل Paranoiac هڪ اهڙي بيماري آهي جنهن ۾ ماڻهو کي اهو احساس ٿيندو آهي ته هن سان سڀ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهن ، ٻيا ماڻهو هن کي تڪليف پيا پهچائن ، هن کي نقصان پيا رسائن ، ٻيا سڀ هن جا دشمن آهن ، سڀ هن کي بيقوف پيا ٺاهين، اهڙي بيماري وارو مريض دنيا ۽ پاڻ جو رشتو ٺاهي نه سگهندو آهي ۽ اڪيلو رهجي ويندو آهي.
    جديديت پڄاڻان ۾ سماجي طور رشتن ۾ Paranoia عام هوندي آهي ڇو ته هن سماج جو بنياد شڪ تي رکيل آهي ، زال مڙس جي لاءِ Paranoiac آهي ، ملازم آفيسر لاءِ Paranoiac آهي ، هڪ ذات ورو ٻي لاءِ ، اهڙي طرح هي سڄو سماج Paranoiac بڻجي وڃي ٿو . ويڳاڻپ ۽ اڪيلائي وڌي وڃي ٿي . ماڻهو پنهنجي سڃاڻپ مادي شين ۾ ڳولي ٿو ، اهو بي روح عمل بار بار ماڻهو کي دل شڪسته ڪري ٿو . ماڻهو ۾ اذيت پرستي وڌي وڃي ٿي ، آهستي آهستي خود ئي انهيءَ راند ۾ شامل ٿي اهڙي سماج کي قبول ڪري ٿو. جتي سماجي رتبن ماڻڻ ۾ لذت آهي، عزت ، پيار ، همدردي جهڙن قدرن کي درگذر ڪري ماڻهو پاڻ کي وکر بنائي ڇڏي ٿو. انهيءَ سماج جون خوشيون به وقتي، رشتا به وقتي، مثال لاٽري کلي ته خوشي ملي، شراب پي خوشي ماڻي، پگهار مليو ته خوشي ٿي ، نئون موبائل ورتو ته خوشي ٿي، ميلاد ڪرايو ته خوشي ٿي، انڊين ڊرامي جي هيروئن ڪا چالاڪي ڪئي ته خوشي ٿي ، ٻي جي ڦرلٽ ٿي ته خوشي، ٻي جو نقصان ٿيو ته خوشي ٿي، تان جو خوشي اذيت پرستي ۾ ملڻ لڳندي ، اهو سلسلو جبلت موت جو طويل رستو کولي ٿو. جنهن ۾ جبليت حيات ماڻهو ڇڏي ڏند شيڪي بگهڙن وانگر پاڻ ۾ نهارين ٿا ته اجهو اڳلو ڪريو.
    جديديت پڄاڻان جو دور جيڪي به نوان قدر ۽ تصور اڀاري ٿو، اهي ماڻهو کي جيتري دير قبول ڪرڻ ۾ لڳي ٿي اوتري دير ۾ ٻيا تصور اچي وڃن ٿا ، تنهن ڪري ماڻهو اکيون مهٽي اڃان شيءَ کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، تيستائين شيون پنهنجو روپ بدلايو وٺن ، تنهن ڪري ماڻهو کي پاڻ تي اعتبار نه رهيو آهي، ماڻهو جهنجلاٽ ۾ ورچي پوي ٿو ، جنهن ڪري وٽس ڏيکاءَ پرستي وڃي رهي آهي، جيئن شين ۾ هو ٻي کان گوءِ کڻي وڃي. ڏيکاءِ پرستي جو بنياد ميڊيا آهي، ميڊيا هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪري چڪي آهي، جيڪو مارڪس جي انهيءَ کدڙي کان وڌيڪ تيز آهي جيڪو پنهنجي مالڪ جي ستل شهوت کي جاڳائڻ جي لاءِ طرح طرح جا نخرا ڪري ٿو، پر سرمائيدار پنهنجي شيون وڪڻڻ لاءِ سياست ڪار پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ ، ايجنسيون پنهنجن شين وڪڻڻ لاءِ ميڊيا جا کدڙا پيدا ڪري چڪيون آهن. توهان غور سان ڏسو ته دنيا هڪ جنون ۾ وٺجي چڪي آهي ، مذهبي جنون ، فرقي پرستي جو جنون، ذات پرستي جو جنون، خاندان پرستي جو جنون، ڪرپشن جو جنون، هوس پرستي جو جنون تان جو انسان جنون ۾ جيئي ٿو جنون ۾ مري ٿو.
    ٻي طرف نفسيات دانن جو چوڻ آهي ته جهڙي طرح فرد بيمار ٿيندا آهن اهڙي طرح سماج به بيمار ٿيندا آهن . اڄ ڪلهه پوري دنيا ائبنارملٽي ڏانهن وڃي رهي آهي . ڪئين طرح جا نفسياتي روڳ موجود آهن ،
    هر طرح جو جنون، قتل و غارت، گهريلو ناچاڪيون، آفس ۾ سازشون،، ٿوري ڳالهه تي جهيڙو، برداشت جو مادو نه هئڻ ، غصو، بي چيني، خود ڪشي، نشو واپرائڻ، سڀ ائبنارملٽيز آهن . اها صورتحال ٻڌائي ٿي ته ماڻهو اڇلجي چڪو آهي. کيس ڪابه شيءَ ٿانيڪو نٿي ڪري،
    اهڙي ئي سماج ۾ اسان پير پائي چڪا آهيون ، جنهن جو ڪو به سرو نٿو ملي ، پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا هن بحران مان نڪرڻ جو ڪو گس آهي؟ بلڪل آهي. پر پهرين اسان کي قبول ڪرڻو پوندو ته اسان بيمار آهيون، پوءِ علاج جا اپاءَ وٺڻا پوندا، هر سماج جا پنهنجا مسئلا آهن انهن مسئلن جو حل به آهي، سڀ کان پهرين جهموريت ختم ڪرڻي پوندي ، ميڊيا جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي ، سياست واري سماج کي مڪمل ختم ڪرڻو پوندو ، ان کان پوءِ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ڇڙواڳي ختم ڪرڻي پوندي ، اسان وٽ قانون صرف ڪتابن ۾ آهن عملن ڪو به قانون ناهي جيڪو ڏاڍو سو گابو واري ڳالهه تي عمل پيو ٿئي . لوفر کي ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي لوفر ٺاهي ڇڏجي، ڪرپشن ختم ڪرڻ بجاءِ پوري سماج کي ڪرپٽ ڪري ڇڏجي واري پاليسي تي اسان عمل پيرا آهيون، ڇو ته عالمي سرمائيداري کي اهڙي ڇڙواڳ سماج جي ضرورت آهي ، جڏهن سوويت يونين قائم هو ته سامراج جون پاليسيون جمهوريت خلاف هيون آمرانه هيون ، پر سوييت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ پاليسي اها آهي ته سڄي سماج کي سڇڙواڳي وارو سماج ٺاهي ڇڏجي. دنيا جي ڪابه نارملٽي ، ڪو به سماج، هڪ بهترين ڊسيپلين کان سواءِ ممڪن ئي ڪونهي، پر سامراج اربين ماڻهن کي ڇڙواڳي جي خطرناڪ بٺي ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.
    هن وقت سماج کي بچائڻو آهي ته هڪ اهڙو ئي خطرناڪ ڊسيپلين ۽ آمرانه قانون تي عمل ڪرائڻ جي ضرورت آهي. جيڪو هن سياست جي گند ۾ ممڪن ڪونهي.


    ساختيات ۽ ساختيات پڄاڻان

    دريدا جي ٿيوري چال (Play)
    پرزا پرزا زندگي...
    توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته دنيا گلوبل وليج بنجي چڪي آهي ، معاش هجي يا سڌ سماءَ هر وهنوار ۾ ماڻهو ڳنڍجي چڪو آهي ۽ دنيا سڪڙجي ويئي آهي، پر ماڻهو ماڻهو کان ڌار آهي. انساني وحدت ٽٽي چڪي آهي ، اتفاق راءِ جي بجاءِ انشار ، قوم جي بجاءِ ذاتيون، ڪڙم جي بجاءِ فرد، تنظيم جي بجاءِ انارڪي، قانون جي بجاءِ چڙواڳي ، جهموريت جي بجاءِ بد معاشي . مطلب ته ذرو ذري کان ڌار آهي، جڏهن ته عالمي طور اها دعويٰ آهي ته دنيا هڪ ڳوٺ بنجي ويئي آهي.
    انهيءَ جو جواب اسان جيڪ دريدا ( Jacque Derrida ) وٽ ڳولينداسين جيڪو جديديت پڄاڻان جو اهم ٿنڀ آهي. جيڪ دريدا ڀڃ گهڙ (Deconstruction ) جي ٿيوري ڏني هئي . جنهن پنهنجي ڪتاب Grammatology of ۾ چيو هو ته “ ماضي جي تاريخ ۾ دنيا فڪر ۽ سماج جو هر نڪتو “ مرڪز” مائل هو يعنيٰ هر چيزاخلاق ، قدر ،وهنوار، سماج، علم ،فڪر، نظريا ،تاريخ ، ۽ ڪلچر سڀ پنهنجي مرڪز جي چوڌاري گهمي رهيا هئا . اهو مرڪز مذهب ۾ “خدا” هو نفسيات ۾ “لاشعور” هو، سماجيات ۾ “قومي ساخت” هو ۽ مارڪس وٽ “ معاشيات” هو . انهيءَ ڳالهه کي سوسئير (Saussure) هن ريت واضح ڪيو هو ته شين کي معنيٰ سندس ساخت ڏيندي آهي ، لفظ جي ڪابه معنيٰ ناهي اهو لفظ هڪ مخصوص ساخت ۾ اچي ٿو ته معنيٰ پائي ٿو . مثال “ ماسي” سنڌي سماجي ساخت ۾ ماءَ جي ڀيڻ کي چوندا آهن. جيڪو هڪ معتبر رشتو آهي، پر ڪراچي ۾ ماسي گهر جي نوڪرياڻي کي چوندا آهن، ساخت سان گڏ معنيٰ بدلجي ويئي . اهڙي طرح “ جهنگ جو خيال ڪرڻ” جي هرگز اها معنيٰ ناهي ته ماڻهو کي باٿ روم وڃڻو آهي. پر سنڌي سماج ۾ انهيءَ جي معنيٰ مخصوص طئي ٿيل آهي . سوسئير جي خيال ۾ ساخت مرڪز آهي . مثال سنڌ ۾ ون يونٽ دوران سنڌي سماج جي ساخت قومي ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾ مرڪزي حثيت ٺاهي ورتي هر اديب جي لکڻي ۽ اتساهه انهيءَ ساخت تحت هو. پر جئين ئي ساخت بدلجي ويئي ته شيخ اياز جيڪو اسان جو قومي مزاحمتي سرواڻ هو اهو دعائون گهرڻ لڳو. سراج ڪيترا خوبصورت ۽ اتساهيندڙ ناول لکيا پر ساخت بدلي ته پاڻ خاموش ويهي رهيا.
    هاڻ مسئلو اهو آهي ته ساخت ڪلچر جي ، نفسيات جي مذهب جي رسمن جي، رواجن جي ، معاش ۽ فڪر جي ٿيندي آهي. جيڪا مرڪز مائل هوندي آهي. انساني داخلي ڪيفيتون ساختياتي مرڪز کان متاثر به ٿينديون آهن ۽ ساخت جو مرڪز پاڻ به ٺاهينديون آهن . مثال شاهه لطيف اهڙو ساختياتي مرڪز آهي ، جيڪو سنڌي عوام جي وجود جي چوڌاري ڦري ٿو . مثال جدوجهد ڪرڻ جي ساخت، جمالياتي ساخت، پاڻ سڃاڻڻ جي ساخت ، صداقت جي تلاش ، موت ، حيرانگي، صبر، هيٺاهين، سڀ انساني وجود سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري عملي طور شاهه لطيف هر نئي ساخت ۽ پراڻي ساخت کي علامت بنائي شاعريءَ ۾ اظهاري ٿو. ان کان علاوه صوفي مت مرڪز مائل نظريو آهي جيڪو دائمي صداقت جو متلاشي آهي.
    سوسئير انهيءَ مرڪزي نظام کي ضدن ۾ ورهائي ٿو هو چوي ٿو . ساخت Binary Opposition sets ۾ ورهايل آهي جنهن جو هڪ مثبت ٻيو منفي پهلو آهي. مثال اونداهي ۽ روشني، مزڪر ۽ مونث، تقرير ۽ تحرير ، موجودگي ۽ غير موجودگي وغيره.
    هر جڳهه تي موجودگي ۽ غير موجودگيءَ تي فوقيت آهي. . مثال “ ڪن” چئي خدا ڪائنات تخليق ڪئي ڳالهائڻ جو عمل ڳالهائڻ واري کان سواءِ ممڪن ڪونهي انهيءَ ڪري خدا ئي آهي جنهن “ڪن” چئي ضد ۽ جوڙا وجود ۾ آندا. جنهن کي بائبل ۾ “ Logo centrism ” چيو ويندو آهي .
    دريدا اڳتي هلي چوي ٿو ته انهن ضدن ۾ موجودگي کي غير موجودگي تي فوقيت رهي آهي، جنهن ڪري دولت وارن کي غريبن تي فوقيت ، طاقت وارن کي ڪمزورن تي فوقيت ، علم وارن کي جاهلن تي فوقيت ۽ آخر ۾ “مان” اڀري ٿي جيڪا سڀني تي حاوي ٿيڻ ٿي چاهي، فرائيڊ جي نفسيات ۾ مرد وٽ عضوو موجود ۽ عورت وٽ نه هئڻ ڪري مرد کي عورت تي فوقيت رهي آهي.
    يورپ ۾ مذهبي مرڪزيت مان جند ڇڏا ئڻ لاءِ عقل جي مرڪزيت کي قبول ڪيو ويو. دريدا جي خيال ۾ دنيا ۾ خدا ، روح ، جوهر ، هستي ، صداقت، انسان ،ديوتا، مادو، شعور ، تخليقڪار سڀني جي بنيادي مرڪزي حيثيت رهي آهي .پر خود مرڪز انهِيءَ ساخت جو حصو نه رهيو آهي. . مثال سماجي ساخت خدا جي مرڪزي قوت جو حصو آهي ، پر خود خدا انهيءَ ساخت جو حصو ناهي. اسان ٻين لفظن ۾ ائين چئي سگهون ٿا، سڀئي ساختياتي نظام فارمولائيز رهيا آهن.
    دريدا جي هڪ مثال وانگر ته هڪ ڪلاس ۾ 50 ٻار ويٺا آهن ۽ استاد بيٺو آهي ، ٻار سڀ نظم و ضبط ۾ ويٺا آهن. چو ته ڪلاس جو مرڪز موجود آهي. هاڻي استاد انهيءَ ڪلاس مان خارج ڪيو وڃِ ٿو. ٻارن جو مزڪز ٽٽي ويو. ٻارن کي چال ملي ويئي ۽ سڀ ٻار ڊوڙون پائن ٿا، شرارتون ڪن ٿا. .هاڻي مرڪز ويڳاڻو ٿي ويو. استاد ٻاهريون مرڪز هو. پر خود انهيءَ ساخت جو حصو نه هو . ساخت کي چال ملي ويئي ، ساخت مرڪز جي گرپ کان ٻاهر نڪري ويئي ته خود ساخت ئي نه رهي. هاڻي جي خود استاد انهيءَ ٻارن جي گوڙ ۾ شامل ٿي ڊوڙون پائي ته ضدن جو نظآم ختم ٿي ويندو.
    دريدا انهيءَ مرڪز کي چال ڏئي ٿو. جنهن کي هو” Play” چوي ٿو جنهن سان مرڪز ٽٽي وڃي ٿو. هو سڄي ساختيات مان مرڪز خارج ڪري ڇڏي ٿو. هو ڪلچر ۽ ضدن جي نظام کي ڍاهي ڀچ ڍاهه ( Deconstruction)ذريعي واضح ڪندي ساختياتي نظام کي ٽوڙي معنيٰ غائب ڪري ڇڏي ٿو. هن جو خيال هو ته هر دليل جو رد دليل آهي. هر تشريح جي ٻي تشريح آهي ، هر معنيٰ جي وري ڪا ٻي معنيٰ آهي ، تنهن ڪري معنيٰ جو نه ختم ٿيندڙ سلسلو ايترو طويل آهي جو اصل معنيٰ غائب ٿيو وڃي . دريدا ان ڳالهه کي واضح ڪندي difference جو اصطلاح ڪم آڻي ٿو جنهن کي هڪ differ ۽ ٻيو defer ۾ ورهائي ٿو . Differ جو مطلب آهي ته ڪنهن به لفظ جون گونا گون معنائون آهن. هڪ لفظ جا معنوي رخ تمام گهڻا ٿيندا آهن. وري defer مان مراد دريدا جي اها آهي ته هڪ لفظ ڪيترين ئي معنائن جي ڪري منجهيل ۽ غير واضح ٿيو پوي . ان صورت ۾ هر موجوده صورت پنهنجي جڳهه تي هڪ يونٽ آهي ۽ پاڻ مرڪز آهي ، اهڙي طرح تخليق جي مرڪزي ساخت ٽٽڻ سان ان تخليق جون سوين معنائون ۽ علامتون ٺهن ٿيون جيڪو قاريءَ يا پڙهندڙ تي ڇڏيل آهي، باقي سندس رشتو پنهنجي تخليقڪار سان ختم ٿيو وڃي .
    آخر ڇو دريدا مرڪز کي چال ڏيئي ڀڃ گهڙ جو سلسلو شروع ڪري ٿو . ڇو ته هن جي خيال ۾ تاريخ مرڪز مائل قوتن جي ساخت ۽ نظرين ۾ فرد کي سندس آزادي کان محروم ڪيو وڃي ٿو. ڇو ته مزڪز حقيقي ناهي بلڪ ساختياتي آهي . هڪ نظريي کي رد ڪرڻ لاءِ ٻيو نظريو ائين آهي جيئن هڪ آقا کي ڇڏي ٻي جي غلامي قبول ڪجي . تنهن ڪري هڪ نظام ۽ مرڪز جي خلاف بغاوت کان اسان کي ٻي مرڪزي نظام جو سهارو وٺڻو پوندو آهي. اهڙي طرح غلامي در غلامي مسلسل هلندي رهندي آهي.
    اصل ۾ سوسئير مرڪز کي لساني ۽ ثقافتي قرار ڏئي ٿو. هن لفظ ۽ متن جي معنيٰ کي ثقافتي ۽ لساني ناتن رشتن ۾ ڳوليو، پر دريدا ان مرڪز کي لوڏي معنائن جو نظام ختم ڪري ڇڏيو. دريدا جو خيال هو ته مظبوط مرڪز کي چال ڏئي توهان وٽ ٻه ڳالهيون سامهون اچن ٿيون هڪ ته توهان پراڻي فرسوده نظرئي کي رد ڪري ٻي ترقي و ترجيع جي ڳالهه ڪري وري مرڪز مائل ٿي وڃو . يا وري مرڪز کي انتشار ڏئي گونا گون معنائن جي رنگن ۾ لطف اندوز ٿيو. بلڪل انهيءَ استاد وانگر جيڪو ٻارن سان انتشار ۾ شامل ٿي لطف اندوز ٿئي . يعنيٰ فارمولائيز طريقي جي بجاءِ رينڊم طريقو پنهنجائي جنهن ۾ جمالياتي پرت جا رنگ ائين وکريل آهن . جيئن پانوڙي پڪ سان سوين رنگ رچن.
    سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا انسان مڪمل آزادي جو متحمل ٿي سگهي ٿو. آزادي ۾ زندگي جي لکين روپن ۾ ڪيترائي ئي لڪل گوهر نروار ٿين ٿا . پر زندگي هڪ واقعو ناهي هڪ دور جي ڪهاڻي ناهي . زمان ومڪان تي ڦهليل لکين سالن جي ڪهاڻي آهي جيڪا انتشار ۾ ته ڀڙڪو ڏئي وسامي ويندي . دريدا جي ٿيوري (جنهن کي دريدا ٿيوري چوڻ کان به انڪار ڪيو، ڇو ته ٿيوري ته وري هڪ مرڪز ۾ آڻي بيهاري ٿي ) لسانياتي هئي . هو متن کي ٽوڙي ڀڇ ڍاهه مان گذاري بي معنيٰ بنائي ڇڏي ٿو. پر اها ٿيوري جديديت پڄاڻان جو بنياد بني ، جنهن ۾ سماج ،مذهب، اخلاق، خاندان، معاش جو به مرڪز ٽٽي ويو.دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي ويئي. جيڪا بظاهر ته گلوبل وليج آهي، پر منتشر ۽ پرزا پرزا ٿي ويل، دنيا ڇو ته حقيقي آزادي نظم و ضبط ۽ مطلق سچائي کان بغير ناممڪن آهي. مثال ڪارل مارڪس جڏهن جدلياتي ماديت جو نظام ڏنو ته سندس نظام ۾ مذهب ۽ خدا جي مرڪزيت کي ختم ٿي ويئي. پر مرڪز وري به غير طبقاتي نظام ۽ سائنسي ڪميونزم هو. جنهن جي پنهنجي اخلاقيات هئي . پر جڏهن دريدا مطلق سچائي وقتي سهي ، ثقافتي سهي، قدرن ۽ رواجن واري سهي پر هڪ نظام کي هلائي ٿي، جڏهن ڪو به مرڪز نه رهيو ته فرد انارڪي جو شڪار ٿي منتشر ٿي خالي کوکلو وجود کڻي پنهنجي سڃاڻپ وڃائي ويٺو. عين ان وقت مارڪيٽ ان کي captureڪري ورتو. ڇو ته سچ جي مرڪزيت ختم ٿي ويئي ته واپاري دنيا پنهنجا فيشن ، گلئمر ۽ هيروز ۽ نوان تصور متعارف ڪرايا هڪ نئين پئراڊم win + win جي ڳالهه ڪئي . جنهن جو مطلب ته ڀاڳيو به کٽي ته چور به کٽي . هاڻي سچ انفرادي اسٽائل آهي ، حقيقت معياري نه پر نمائشي آهي . جنهن ڪري اجتماعيت جو تصور ختم ٿي ويو. قوم ذاتين ۾ پناهه وٺڻ لڳي ، قبيلن ۽ خاندانن ۾ ورهائجي ويئي. انهيءَ ڪري سنڌي قوم جي وحدت کي به ڪاري ضرب لڳي ويئي ذاتيون ۽ برادريون ايترو زور وٺي ويون جو سياست به برادري واري، مذهب به برادري ۽ ذات وارو، ادب به خانداني ۽ ذات پرستي جي بنيادن تي تخليق ڪرڻ لڳو، ماڻهو پنهنجن پيءَ، پٽ، ڀيڻ، زال، چاچو، ڀاءَ وغيره کي پڏائڻ لڳا. انهن جي ناما چاري ڪري ان تي ڌندي بازي ڪرڻ لڳا. وڏيري ان جو خوب فاعدو ورتو ، جو برادرين کي وڙهائي، سياسي خانن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ لڳو.
    ٻي طرف جديديت پڄاڻان عقليت تي وار ڪري ماڻهن کي هڪ دفعو وري انڌي تقليد ۽ وهمن جي بند گهٽي ۾ رولي ڇڏيو. جيتوڻيڪ جديديت پڄاڻان جو موقف آهي ته صداقت ۽ عقل کي مڪمل اختيار ڏيئي انسان گذريل سئو سالن جي تاريخ ناڪام گذاري آهي ، اڄ تائين ڪو اهڙو فڪر يا نظام نه آيو آهي جيڪو انساني مسئلن جو مڪمل حل ڏي يا وري انساني عقل عالمي معيار جو اخلاق جو نظام ڏيڻ کان عاري رهيو. آهي. بلڪ اهو انساني عقل آهي جنهن ايٽم بم هڻي لکين ماڻهو ماريا.
    پر پوءِ به جديديت پڄاڻان هڪ دفعو وري عقيدي جي نئين بازار کولي ڇڏي . هن دفعي عقيدو روحاني نه پر واپاري آهي. هاڻ مذهب تي يقين رکڻ رجعت پسندي نه پر هڪ نئون پئراڊم آهي ، ڇو ته هر ماڻهو جي صداقت جو سچ پنهنجو آهي . تنهن ڪري طالبان جو تصور دنيا ڀلي ان کي دهشت گردي چوي پر جديديت پڄاڻان مطابق هو پاڻ کي صحيح ثابت ڪن ٿا . ڇو ته جديديت پڄاڻان هڪ معروضي صورتحال آهي تنهن ڪري هڪ ڪرپٽ ، رشوت خور ماڻهو به پنهنجي صحيح هئڻ جا دليل ڳولي وٺي ٿو . دريدا چيو هو ته ڪائنات جي هر شيءَ واضح ۽ صاف ڏسي نٿي سگهجي ، عقل ،تجربو ۽ وجدان به حقيقت جي تهه تائين نٿا پهچن ته پوءِ شين کي هڪ خاص نسبت ۽ چال ڏيئي سمجهي سگجهي ٿو. تنهن ڪري تخليقڪار پنهنجي تخليق سان معنويٰ رشتو نٿو رکي . انهيءَ بنياد تي رولينڊ بارٿس پنهنجي ٿيوري death of Author ڏني ٻي طرف ڇو ته رشتن جو تعلق معنيٰ سان آهي. جديديت پڄاڻان معنيٰ وڃائي ويٺي ته رشتا به بي معنيٰ ٿي ويا . هاڻي رشتو واپاري ۽ گراهڪ جو آهي . زندگي جي هر پرت ۾ واپار ۽ منافعو ڪاهي پيو آهي.
    سارتر جنهن وجودي اڪيلائي ۽ بي يار مددگار جي ڳالهه ڪئي هئي ۽ ڪارل مارڪس جنهن ويڳاڻپ جي ڳالهه ڪئي هئي. ان جي عملي شڪل Deconstruction کان پوءِ ظاهر ٿئي ٿي.


    جديديت پڄاڻان ۽ جنس

    (Sex and Post Modernism)

    جهڙي طرح جديديت ۾ اهو تصور هو ته دنيا ٻن متضادن جو ميلاپ آهي بلڪل انهيءَ جي ابتڙ جديديت پڄاڻان ۾ دنيا ۾ ڪجهه به متضاد ناهي، اهو اسان پنهنجي جڙتو ساخت قائم ڪري تضاد قائم ڪيا آهن . سيمون ڊي بوارا پنهنجي مشهور ڪتاب Second Sex ۾ اها ڳالهه چئي هئي ته “ عورت پيدا نه ٿيندي آهي بلڪ سماج انهيءَ کي عورت ٺاهيندو آهي ” ساڳي وقت اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته مرد پيدا نه ٿيندو آهي بلڪ هي سماج انهيءَ کي ٺاهيندو آهي. انهيءَ جو مطلب ته جنس جي تفريق جو سبب سماجي ساخت جي ٺهيل آهي. پر فطرت جي ناهي. دريدا جڏهن Binary Opposition جو نظام ختم ڪري ڇڏيو. مرڪز ٽوڙي ڇڏيو. ته پوءِ جنس خود مختيار بنجي ويئي. ڇو ته جديديت پڄاڻان جي پهرين دعويٰ اها آهي ته تضادن واري فرق جي بنياد تي جنس جي فرق کي جنم ڏيئي عورت جي مظلوميت جي ڪهاڻي ٺاهي ويئي آهي، تنهن ڪري هر شيءَ Unique آهي . جيڪڏهن هر شيءَ خود مختيار ۽ خود ساخته آهي ته پوءِ مرڪزي ساخت جي پرواهه ڇو ڪجي ؟ اهو ئي سبب آهي جو مردن به وڏا وار رکرائڻ چوٽي ڪرڻ ، ڪنن ۾ وڏا والا پائڻ شروع ڪيا . ٻي طرف عورت به مردانه ۽ عورتاڻا ڪپڙا مڪس پائڻ شروع ڪيا مردن وانگر شراب پيئڻ ، سگريٽ نوشي ڪرڻ فلرٽ ڪرڻ ، جوا ڪرڻ ۽ ڏوهه ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ان کان پوءِ جنسي آپريشنون ڪرائي عضوا بدلائي جنس جا ٻئي مزا وٺڻ شروع ڪيا . ڊاڪٽر جنگ چيو هو ته هر مرد ۾ هڪ عورت موجود هوندي آهي ، وري هر عورت ۾ هڪ مرد موجود هوندو آهي جنهن کي هن Anima and Animus جو نالو ڏنو هو . مطلب ته نفسياتي طور ڪابه جنس قطعي جنس ناهي البته هڪ جنس جو حصو وڌيڪ هئڻ ڪري انهيءَ جي شڪل هڪ جنس ۾ ظاهر ٿئي ٿي . فيمينسٽ تحريڪ جو بنياد اهو هو ته جنسي تفريق ۽ جنسي متڀيد ختم ڪيو وڃي. جديديد پڄاڻان جنسي متڀيد ته ٺهيو پر جنس ئي ختم ڪري ڇڏي جنهن جو واضح مثال مائڪل جيڪسن هو. ڪير به اهو نٿو چئي سگهي ته مائڪل جيڪسن ڪير هو عورت يا مرد؟ هن پلاسٽڪ سرجري ايترا دفعا ڪرائي هئي جو سندس اصل سڃاڻپ گم ٿي ويئي ، بلڪ هن جي وجود کي اسان جادوئي حقيقت نگاري جو نمونو قرار ڏئي سگهون ٿا . هو عورت به هو ، مرد به هو کدڙو به هو ته ايلين به هو. يعنيٰ هي به هو ته هو به هو بلڪل جديديت پڄاڻان وارو win+win هو بلڪل ائين ناچ جي اصل تصور کي گم ڪيو ويو آهي جو ورزش ۽ ٺينگ ٽپا رڙيون ملائي ناچ جو نمونو ٺاهيو ويو آهي. جنهن ۾ جنسي ايلين جو تصور موجود آهي اهو نمونو ميڊونا شروع ڪيو هو هاڻ عام جام آهي. يعني جنسي تجريد جو تصور . اڳتي هلي جنس کي اڃا به تجريدي ٺاهيو ويو. مثال هم جنس پرستي جنهن ۾ Gays and Lesbian کي نه صرف قانوني طور تسليم ڪيو ويو بلڪ انهن جي پاڻ ۾ شادي کي به قانوني طور قبول ڪيو . جڏهن ته اڳ ساڳي جنس سان جنسي تعلق کي نفسياتي بيماري ۾ شمار ڪيو ويندو هو. تجريدي جنس جو بنياد حقيقت کان مٿانهون (Hyper Reality) جو هڪ مثال آهي. جنهن مطابق جنس کي واپاري دنيا پنهنجي منافعي لاءِ استعمال ڪري ٿي . عورت ۽ مرد جي حقيقي پر مسرت زندگي کي حقيقت کان مٿانهون ڪري جنس کي هوس ۽ هٻڇ ۾ تبديل ڪيو ويو. واپاري دنيا عورت ۽ مرد کي هڪ پپٽ ٺاهي مارڪيٽ جي سونهن ٺاهي ڇڏيو آهي ، هٻڇ ۽ هوس جي ڇت ڪتائي کي هٿي ڏيڻ لاءِ Viagra جي ايجاد ۽ ان جو ڦهلاءُ ڪيو ويو آهي، ايتري قدر جو جنس ۾ اذيت پرستي جو عنصر شامل ٿي ويو آهي مثال ريپ ڪيس ، جنسي تشدد ، ٻارن سان ڏاڍائي جا ڪيس بيشمار سامهون اچڻ لڳا آهن. گلوبل دنيا ۾ سيڪس جي علامتي گڏي ٺآهڻ لاءِ ميڊيا شو ۽ عالمي حسن جا مقابلا ڪرائي عورت کي مڪمل واپار ٺاهيو ويو آهي ، ان کان پوءِ پلاسٽڪ سرجري دنيا ۾ وڏو انقلاب ڀرپا ڪري ڇڏيو جو ماڻهو جي اصلي چهري مٿان تهن مٿان تهه ٺهندا ويا ، جيڪا مارڪيٽ جي ڊيمانڊ هجي ان مطابق پاڻ کي مکي چکي پيش ڪرڻو آهي، ڪيتريون عورتون پنهنجي شڪل و صورت کي تبديل ڪرايو اچن ، ڪيترا ئي مرد پنهنجي جسم ۾ تبديليون ڪرايو اچن. چهري کان وٺي جنسي عضون ، ڇاتيون، ڌڏا، ڏورا سڀ سرجري ذريعي جنسي ڇڪ مطابق ٺاهيا وڃن ٿا. اداڪارن کان وٺي شو بزنيس جي پوري دنيا ۾ اهو رجحان عام آهي پر هاڻ ته آفيسن ۾ ملازمت ڪندڙ عورتون به هڪ خاص قسم جي جنسي ڇڪ پيدا ڪرڻ لاءِ به پلاسٽڪ سرجري ڪرائن ٿيون. ان کان علاوه جنسي ڪلب، هيلث ڪلب ، جنسي ٽرينگ سينٽر به قائم ٿي چڪا آهن. جن ۾ نه صرف جسم جا نقش نگار تبديل ڪرڻ جو هنر سيکاريو وڃي ٿو بلڪ جنسي لڳ جا مزيدار طريقا به سيکاريا وڃن ٿا مثال Anal Sex ڪيئن ڪجي ، فلرٽ ڪيئن ڪجي، ڪس ڪيئن ڪجي ، جديديت پڄاڻان ڇو ته مارڪيٽ جي فطرت سماج ۾ نافض ڪري ٿي . ان لاءِ عورت جو مرد سان فطري ناتو تجريدي بنائڻ کان پوءِ جانورن سان ما ڻهن جو لڳ ڪرائڻ جا عجيب تجريدي طريقا به متعارف ڪرايا ويا جن جا تفصيل توهان کي انٽر نيٽ تي ملي سگهن ٿا.
    ان کان علاوه sexy doll جو تصور ، جنسي عضون جو تصور به عام ٿي ويو آهي . سليڪان ۽ پلاسٽڪ ربڙ ۽ مختلف عنصرن مان اهي شيون ٺاهيون وڃن ٿيون. سيڪسي گڏي جو تصور به عجيب قسم جو آهي ، جو توهان کي گمان به نه ٿيندي ته هي نقلي عورت آهي ان جو جسم اهڙن عنصرن مان ٺاهيو وڃي ٿو جو آرام سان اها وري ڦري سگهي ٿي. منجهس هڪ عورت وانگر گرمائش به موجود آهي سيڪسي گڏي آواز به ڪڍي سگهي ٿي . امريڪا ۽ يورپ ۾ هيءَ گڏي وڏي مارڪيٽ ٺاهي چڪي آهي . هاڻي توهان ڪنهن به چهري ۽ ڪنهن به جسم واري گڏي جو آرڊر ڏئي ٺهرائي سگهو ٿا . امريڪا ۾ سيڪسي گڏي سان همبستري ڪرڻ جو جو جنسي reality Hyper جو جو هڪ اهم مثال آهي . نه صرف ايترو بلڪ مرد جي جسم جا به نمونا مارڪيٽ ۾ ميسر آهن.
    جديديت پڄاڻان ۾ جنس ڪا شرم و حيا ، قدرن جي دائري ۾ نٿي اچي . بلڪ جنسيActivity هڪ عام تصور آهي جنهن کي مارڪيٽ استعمال ڪيو آهي .جڏهن عورت ۽ مرد جي تفريق ئي نه رهي ته پوءِ جنس معيوب ناهي. اهڙي صورتحال ۾ عورت يا مرد پنهنجي جواني کي وکر وانگر مارڪيٽ ۾ ڪيش ڪرائي سگهي ٿو. جديديت پڄاڻان ۾ جيتوڻيڪ اهو چيو وڃي ٿو ته عورت ۽ مرد جي تفريق ختم ٿي چڪي آهي پر مارڪيٽ ۾ استعمال ئي جنسي تفريق ٿئي ٿي هڪ طرف جنسي تفريق کي ختم ڪرڻ جا منظر به توهان کي ملندا ٻي طرف جنسي تفريق اسعمال ڪرڻ جا منظر به توهان کي ملندا . مثال يونيورسٽي ۾ ڪاليجن ۾ آفيسن ۾ ڇوڪرا ڇوڪريون بغير تفريق جي پاڻ ۾ پڙهن ٿا يا آفيسن ۾ ڪم ڪن ٿا . پاڻ ۾ کل ڀوڳ به ڪن ٿا دعوتون به کائڻ ٿا . ڪٿي ته ڇوڪرا ڇوڪريون شراب نوشي ، سگريٽ نوشي ، شيشا پيئڻ ، جوا کيڏڻ، پڪنڪ ملائڻ ۾ برابر بغير تفريق جي گڏجن ٿا . ٻي طرف وري سرمائيداري سماج ۾ عورت کي گلئيمر جو ذريعو بنايو ويو آهي. جيڪڏهن سيڪريٽيري کپي ته اها خوبصورت عورت کپي، اسڪول ٽيچر کپي ته اها خوبصورت عورت کپي. ريسيپشنسٽ خوبصورت سمارٽ ڇوڪري کپي، اهڙي طرح ائڊورٽائيزمينٽ لاءِ سيڪسي عوت کپي جيڪا ماڻهو کي متوجه ڪري . مطلب شيون وڪڻڻ لاءِ سرمائيدار جنس کي استعمال ڪري ٿو. ڏسڻ وارو ان مان جنسي مزو وٺي ٿو . مثال هڪ مشهوري ۾ آئس ڪريم خوبصورت اڌ اگهاڙي عورت چسڪا ۽ سسڪا ڀري کائي ٿي ، ان جو مطلب ته ڏسڻ وارو به آئس ڪريم کي خريد ڪري تصور ۾ انهيءَ عورت جو جنسي هز پرائي.
    جديديت پڄاڻان فطري حقيقت جي نه پر مارڪيٽ جي تصوراتي حقيقت تي يقين رکي ٿي ان ڪري هر تصور جيڪو مارڪيٽ ۾ مشهور ڪيو ويندو، اهو ئي حقيقت هوندو. مارڪيٽ جي مشهوري سان گڏ ماڻهو کي به مشهور ٿيڻ جو شوق ڏياريو ويندو آهي ، جيترو ماڻهو مشهور هوندو جيترا ان جا فين هوندا اوترو مارڪيٽ ۾ ان جي قيمت وڌندي . مثال ٽي وي انڪر س ، ماڊل، وغيره. انهيءَ ڪري عورت پنهنجو مارڪيٽ ۾ قيمت وڌائڻ لاءِ پنهنجي جسم ، جواني ۽ خوبصورت ادائن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو ، ان کان پوءِ به مشهوري نه ملي ته ته پوءِ مفت جا اسڪينڊل مشهور ڪيا ويندا آهن ، ڪنهن زمانه بدنام عورت سان شادي ڪرڻ يا ڪنهن بدنام سياست دان سان شادي ڪرڻ، جا مثال به عام آهن. ماڻهو مارڪيٽ جي رحم و ڪرم تي آهي مارڪيٽ جنهن کي چاهي حور پري بنائي پيش ڪري جنهن کي چاهي ڪيرائي ڇڏي . ڪجهه ڏينهن اڳ توها ن هڪ گانو ٻڌو هوندو “ پاپي ڇولو” توهان مان ڪنهن کي به خبر نه هوندي ته ان گاني جو مطلب ڇا هو. ان جي معنيٰ ڇا هئي ؟ پر سڀ ڏسو عورتون ، مرد ، ٻار سڀ پاپي ڇولو. ڇو ته هن گاني کي سيڪسي علامت ٺاهيو ويو هو. بلڪل اهڙي طرح مائڪل جيڪسن جي ڊانس ۽ گانا سمجهه ۾ اچن يا نه پر سبڪو پيو ٻڌي . جديديت پڄاڻان دور اهڙو ئي آهي جنهن ۾ عقل گم ۽ سمجهه گم آهي. بس مارڪيٽ جي تصور پٺيان ڊوڙندا رهو يا وري پاڻ تصور ٺاهيو ۽ مشهور ڪريو جي هلي ويا ته توهان ڪروڙ پتي ٿي ويندا . ڇو ته صحيح غلط سچ ڪوڙ جو قدر ته ٽٽي چڪو آهي ، تنهن ڪري مشهور ٿيڻ لاءِ ڪنهن به اسڪينڊل کي کڻي سگهجي ٿو. مثال ڪنهن ڪتاب تي ڪوڙو ڪيس ڪري يا ڪنهن فلم تي سنسر وجهي مشهور ڪري سگهجي ٿو. يا ڪنهن ڪنهن عورت جو اڌ اگهاڙو گانو ايترو مشهور ڪريو جو هر ماڻهو جي آئڊيل اها عورت هجي .
    جديديت پڄاڻان ۾ جماليات جو تصور به بدلجي چڪو آهي. هاڻي جماليات فن ۽ فڪر جي وجداني تاثر جو نالو ناهي پر اسٽائيل جو نالو آهي. جيڪو اسٽائيل مشهور ٿي وڃي . اهو خوبصورت آهي. هاڻي اسان کي رفيع ، لتا مهدي حسن جا ڪلاسڪ فن ۽ فڪر سان ڀرپور گانا ڪونه ملندا نه وري ليليٰ مجنون يا سهڻي مهيار جهڙو عشق ملندو ساڳي وقت هاڻ پاڪ دامن يا عصمت هئڻ ديواني جو خواب آهي . هاڻ جنس ۾ ٻڏل هوس ۽ هٻڇ کي اڀارڻ وارا تصور توهان کي وک وک تي ملندا . محبت وفاداري ۽ حب ۽ ساٿ جا تصور پراڻا ٿي ويا . بلڪ مدي خارج ٿي ويا .ڪلاسيڪل دور ۾ عشق هو، جديد دور ۾ پيار هو پر جديديت پڄاڻان م ڊيٽينگ آهي. ڪلاسيڪل دور ۾ ڏاهپ هئي جديد دور ۾ تعليم هئي پر جديديت پڄاڻان ۾ صرف انفارميشن آهي.


    جديديت پڄاڻان ۽ مذهب

    (Religion and Post Modernism)

    ڪارل مارڪس مذهب جي باري ۾ چيو هو ته “ اهو حقيقت جو رنگين ۽ مسخ ڪيل عڪس آهي . مذهب بذات خود ڪجهه به نه هوندو آهي پر ماڻهوءَ جي دماغ ۾ ٻاهرين طاقتن ذريعي رنگ برنگي عڪس پيدا ڪيا ويندا آهن جنهن ذريعي ماڻهوءَ جي روز بروز زندگيءَ کي ڪنٽرول ڪيو ويندا آهي”
    ڪارل مارڪس جي هن وصف ۾ جديديت پڃاڻان جا چٽا عڪس موجود آهن. ٿورو غور ڪريو . مسخ ڪيل عڪس جيڪي بذات خود ڪجهه به نه آهن پر حقيقت کان مٿانهان قبول ڪيا ويندا آهن. تنهن ڪري مذهب هڪ نئين حقيقت بنجي اڀري آيو. جديد دور ۾ عقل ۽ سائنس زندگي جو مرڪز هئا. هن جديد دور مذهب کي پنهنجي حيات جي نظام مان ئي ڪڍي ڇڏيو هو. جديديت پڃاڻان وري مذهب جي مسخ ڪيل عڪس کي ٻي دروازي کان نظام حيات لاڳو ڪري ٿي بلڪل ائين جيئن خود جديديت پڄاڻان جي وصف اها آهي ته سندس ڪابه وصف ناهي . جديديت پڄاڻان ۾ مذهب کي رد ڇو ڪيو وڃي ٿو . انهيءَ ڪري ته مذهب مرڪزي صداقت تي يقين رکي ٿو . جيڪا ڳالهه جديديت پڄاڻان جي دور ۾ رد ڪيل آهي ته ڪوبه “ مطلق سچ” ناهي انهيءَ دعويٰ کي قبول ڪيو وڃي ته خود اها “ دعويٰ مطلق” پنهنجو ئي رد ڏئي ٿي. جديديت پڄاڻان ڪو به تصور رد نٿي ڪري بلڪ انهيءَ کي ڪمرشلائيز ڪري ٿي، جيئن انهيءَ جو مارڪيٽ قدر وڌي. تنهن ڪري موجوده دور ۾ مذهب اهو ناهي جنهن جو تصور جاگيرداريءَ جي باقيات طور جديد دور ۾ شامل هو. جديديت پڄاڻان ۾ سچ جو تصور هر ماڻهو لاءِ جدا آهي . جيڪا شيءَ مادي طور فاعدي مند آهي اها سچي آهي پوءِ اها شيءَ ڀلي ٻي لاءِ نقصانڪار ڇو نه هجي . انهيءَ ڪري پاڪ ڪتابن مان هر ماڻهو پنهنجو مطلب ۽ معنيءِ ڪڍيو وٺي .جيڪڏهن ڀڃ گهڙ (Deconstruction) جو عمل پاڪ ڪتابن تي ڪيو وڃِي ته سندن مرڪزيت ۽ “مطلق حڪم” ٽٽي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. پر موجوده دور ۾ بلڪل ائين ٿي رهيو آهي . ڇو ته جديديت پڄاڻان معروضي بنيادن ۽ صداقتن کان انڪاري آهي انهيء ڪري ماڻهو پنهنجون صداقتون تخليق ڪرڻ لڳا آهن. جديديت پڄاڻان انهن سڀني فرقن کي قابلِ قبول ۽ درست قرار ڏي ٿي . انهيءَ ڪري ته هر تصور قابل قبول آهي. پر عملي طور سماج ۾ ان وقت تباهي شروعات ٿئي ٿي جڏهن سڀني جا مفروضا پاڻ ۾ ٽڪرائن ٿا ، فطري طور ماڻهو ٽوٽڪا، آکاڻي مفروضا ٻڌڻ جو شوقين آهي ، مارڪيٽ صرف انهِيءَ شوق کي ڪمرشلائيز ڪيو آهي . تنهن ڪري سڀني تضادن جو حل وري win +win ۾ آهي ته تون پنهنجي جڳهه تي درست آئون پنهنجي جڳهه تي درست.
    ڪارل مارڪس مذهب بابت چيوهو ته مذهب ماڻهو جي لاءِ آفيم آهي . جاگيرداري زرعي سماج ۾ سادي زندگي پر بامعنيٰ هئي ڇو ته ان سماج ۾ انسان روحاني طور پر مسرت هو ، عقيدو کيس فطرت جي بي پناهه حيرانگي ۾ ٿانيڪو رکندو هو ، خود ثقافت جو روحاني پاسو ماڻهو جي مٿان حاوي هو. جديديت ۾ سائنس ۽ مذهب ۾ ٽڪراءُ رهيو . ماڻهن مذهب کي رجعت پسندي ۽ وهمن وسوسن جي دنيا سمجهيو. جديديت پڄاڻان ۾ مذهب خود جديد ٽيڪنالوجي ۽ ڪمرشلائيز ٿي زندگي ۾ داخل ٿي ويو هاڻي فطرتي ڪلچر ناهي ته ماڻهو ڇا ۾ پناهه وٺي ؟ مشيني ۽ مقابلي بازي واري زندگي ۾ ماڻهو اڪتائجي وڃي ٿو ، ٻيو ته ماحولياتي آلودگي جي وڌڻ ڪري لکين بيمارين جا نوان قسم ظاهر ٿيا آهن جن کي سائنس منهن نه ڏئي سگهي آهي. سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سوشلسٽ نظام جو ختم ٿيڻ جي ڪري به هڪ نسل کي مايوسي پلئه پئي. عين ان وقت ملان ڪمپيوٽر کڻي توهان کي جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪندي مذهب جي تشريح ڪرڻ لڳو. جاگيرداري ۽ جديد دور ۾ ملن جو ڪردار ڏتڙيل ۽ لولا پني کائيندڙ هو ، پر جديديت پڄاڻان ۾ ملان وڏو ڪارآمد بنجي ويو . هو جديديت پڄاڻان جا پيدا ڪيل عڪس ، مفروضا ، جملا ، ٽوٽڪا استعمال ڪندي ٿلهو ٿنڀرو ٿي پيو. نتيجي طور ماڻهو هڪ دفعو وري وسوسن ۽ وهمن ۾ گهيرجي ويو. هاڻي وسوسا ، وهم روحاني کاتي ۾ نه مادي کاتي ۾ آهن هاڻ پير جديد ڪارن ۾ گهمن ٿا ٽيڪنالوجي استعمال ڪن ٿا . مذهبي ڏهاڙا جديد ٽيڪنالوجي استعمال ڪندي ملها يا وڃن ٿا. بلڪ زندگي ۾ انهن ڏهاڙن ملهائڻ جو رواج مادي طور ايترو سگهارو ٿي ويو آهي جو ڀلي ڪيترو سڪيورٽي رسڪ هجي ، ماڻهن جو ڪاروهنوار ٺپ ٿي وڃي ، ڪروڙين رپيا سڪيرٽي تي خرچ ٿين پر پوءِ به جلوس ڪڍڻا آهن ، مذهبي ڏهاڙا ملهائڻا آهن . مذهب مادي ڏيکاءَ جي ذريعي ظاهر ڪيو ويندو آهي. مثال عيد تي قرباني ڪرڻي آهي ته ٻڪر وٺي گهٽين ۾ گهمائڻو آهي يا وڏي قيمت ڀري مشهوري ڪرڻي آهي ، اهڙي طرح ميلاد هجي ، يا مجلس باقائده وڏا اهتمام ڪيا وڃن ٿا ، اسان وٽ هڪ ڪلارڪ آهي جنهن سڄي زندگي رشوت وٺي پنهنجي ٻچبن کي کارائي پگهار بئنڪ ۾ جمع ڪندو رهيو ، پوءِ هڪ ڏينهن ان پگهار مان حج ڪيائين ۽ اعلان ڪيائين ته مان پنهنجي حق حلال جي ڪمائي مان حج ڪري رهيو آهيان . سڀني جي نيت تي شڪ ناهي پر گهڻا ڏيکاءَ لاءِ ڪن ٿا ته جيئن اهي مذهبي ڪم ڏيکاءَ ۾ اچن جي ڪو ماڻهو ڏيکاءَ نٿو ڪري ته ان کي ديندار يا مذهبي نٿو مڃيو وڃي. ڇو ته هاڻي جديديت پڄاڻان تصورن کي حقيقت کان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري صالح ٿيڻ جون نصيحيتون ماڻهو تي ڪوبه اثر نٿيون ڪن ايتري قدر جو دهشت ناڪ واقعا به ماڻهو تي اثر نٿا ڪن .
    ڇو ته سڀ ڪجهه واپار آهي انهيءَ ڪري ڪابه جنگ آخري ناهي ڪابه مهم نتيجي لاءِ ناهي . مثال پاڪستان ۾ پوليو خلاف ڦڙا پئيارڻ جي مهم هلندي آهي پر پاڪستان ۾ پوليو اڃان وڌي پيو. ختم نٿو ٿئي ، چو ته پوليو جا ڦڙا پيئارڻ هڪ واپار آهي ، ٻاهرين ملڪن مان پئسا ملن ٿا هتي وزير ، ڊاڪٽر ، ڪامورا انهيءَ مان ڍوءَ ڪن ٿا هنن جو دماغ خراب آهي جو پوليو بيماري ختم ڪن . بلڪل ائين طالبان به هڪ واپار آهي ، آفيم ، هيروئن هٿيارن جي اسمگلنگ طالبان ذريعي ٿئي ٿي ، دنيا جا ملڪ طالبان کي پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا ، انهيءَ ڪري طالبان ختم نه ٿيندا . جديديت پڄاڻان ۾ ختم صرف اها شيءَ ٿيندي جنهن جو واپاري ڪارج نه هجي . جنهن جي مارڪيٽ ۾ گهرج نه هجي . مثال علم جو واپري ڪارج ناهي صرف هنر، ٽيڪنڪ، معاشيات جو ڪارج آهي ، انهيءَ ڪري ڊگريون جعلي ملن ٿيون . اهڙي طرح روحانيت جو ڪارج انسانيت پسندي آهي ان ڪري روحانيت جي گهرج مارڪيٽ ۾ ناهي . انهيءَ ڪري عامل ،جعلي پير مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن. توهان ڏسندا ته اڄ ڪلهه ٽي وي تي پيرن ۽ عاملن کي گهرائي عورتن جا جن ڪڍريا وڃن ٿا يا ڪو نجومي ڪمپيوٽر تي ستارن جي علم ذريعي ماڻهن جي قسمت جو حال ٻڌائيندو آهي . توهان ڌسندا ته ايترا شوشا ڏيکاريا ويندا آهن جو ماڻهو ڪنفيوز ٿي پوندو آهي ته آخر ڇا ڪري . اهڙي طرح مسئلا اڃا وڌندا رهن ٿا.
    جديديت پڄاڻان انهن تضادن ۽ مسئلن کي کڻي دوستانه سماج (win+win) قائم ڪرڻ چاهي ٿي . اهو سماج جنهن کي هٿ وٺي منتشر ۽ ڇڙوڇڙ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ واپار ۽ نفعو ڪمائڻ، دولت هٿ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ سبڪو ڊوڙي رهيو آهي.
    دنيا ۾ ڪو به مذهب مادي حصول ۽ مادي رتبي جي هوس جو درس نٿو نٿو ڏي نه وري انا ۾ گم ٿيڻ ۽ غرور ۾ ڏيکاءَ پرستي جو درس ڏي ٿو. بلڪ مذهب جو بنياد روحاني طور ماڻهن کي ٿانيڪو ڪرڻ ۽ هڪ اهڙي اخلاقي نظام جي صداقت پيش ڪرڻ آهي جنهن ذريعي هڪ انساني سماج قائم ٿئي .
    سنڌ جي صوفين انهِيءَ رمز کي سمجهيو. پر انسانيت پسندي ، پيار ، جنهن ۾ نيتن جو عمل دخل هجي ، دلين جو قرار ۽ آنند هجي ان مان مارڪيٽ کي ڪهڙو فاعدو؟؟ ٻيو ته جيڪڏهن مذهب نوجوانن کي فرضي ۽ جڙتو مادي مسئلن ۾ نه ورهائي ته پوءِ حڪمرانن کي ڪهڙو فاعدو؟ امريڪا ، سوويت يونين خلاف مذهب کي وچ ايشيا ۾ هڪ وڏي هٿيار طور ڪتب آندو.
    جديديت پڄاڻان ۾ دنيا جو 80 سيڪڙو سرمايو فضول جڙتو مسئلن کي پيدا ڪرڻ ۽ انهن تصور کي اڀارڻ ۾ خرچ ٿئي ٿو . ته جيئن ماڻهو صرف مارڪيٽ جي رحم ڪرم تي رهن سندن ڪابه سوچ نه هجي اهڙو طلسمي سحر جنهن ۾ ماڻهو خوشي سان گم ٿيڻ قبولي ۽ پاڻ کي برباد ڪري ڇڏي
    جيئن سامي چيو هو ته
    مايا ڀلائي وڌا ، جيءَ جهان جا
    وڌائين ول ڇل سان ، انڌا ٻڌي ٽوئي
    سامي ڏسي ڪين ڪي منهن مڙهي پائي
    ڪو ست گر جاڳائي ته جاڳي جڙي پاڻ سين.
    يا وري ڪنهن شاعر چيو هو ته
    وه اس قدر کهيلا تها، عشق ڪي بازي
    مين فتح سمجهتا رها، مات هوني تڪ.


    جديديت پڄاڻان ۽ پاڪستان

    Post Modernism and Pakistan
    عام طور سان جديديت جي خلاف رد عمل کي جديديت پڄاڻان چيو ويندو آهي. جديديت پڄاڻان جي دانشورن جو چوڻ آهي ته جديد دور ۾ ضدن جو نظام استحصال جي گنجائش پيدا ڪري وٺي ٿو . مثال سرمائيدار مزدور جو ضد، جاگيردار جو هاري ضد، عورت جو مرد ضد، امير جو غريب ، سچ جو ڪوڙ ضد وغيره . ان کان علاوه جديديت سڀني رنگن کي پوئي هڪ رنگ ۾ ڏسڻ جي عادي آهي. پر جديديت پڄاڻان نه صرف ضدن کي رد ڪري ٿي بلڪ سڀني رنگن کي انفرادي چمڪ ڌمڪ سان قبول ڪري ٿي. يعني طبقاتي نظام کي ائين ختم ڪري ٿي ته طبقا دائمي ناهن عين ممڪن آهي ته جتيون ڳنڍڻ وارو ڪارخاني جو مالڪ بنجي وڃي، ۽ ڪارخاني وارو فٽ پاٿ تي اچي وڃي . بلڪل ائين جيئن ڪو شيدي سياست ڪري صدر ٿي وڃي وري سيد پٽيوالو هجي . بلڪل ائين جو مولوي خاڪروب جي نوڪري وٺي. جديديت پڄاڻان ۾ ڪوبه ڪردار دائمي يا جٽادار ناهي، انهيءَ ڪري جديديت پڄاڻان طبقاتي تضادن کي رد ڪري ٿي .
    اڄ جي دور ۾ ڪارل مارڪس وارو پرولتاري ناهي رهيو. بلڪ پرولتاري کي به سرمائيدار ٿيڻ جو موقعو ميسر آهي. اهو سوال ته اڳ ۾ ئي رد ٿي چڪو آهي ته غلط ۽صحيح ڇا آهي . معنيٰ جيڪڏهن بلوچستان جي وزير اعليٰ جو اهو جملو عين جديديت پڄاڻان مطابق آهي ته “ ڊگري ڊگري هوندي آهي اصلي ۽ جعلي ڇا آهي ؟ ” بلڪل ائين طبقن جي تبديلي انفرادي طور سرگرم عمل آهي . توهان ڏٺو ته ڪنگ مارٽر لوٿر جي اڀاريل تحريڪ ته نسلي طور امتياز ختم ڪيو وڃي . اڄ جي دور ۾ معنيٰ وڃائي ويٺي آهي ، ڇو ته هاڻ قوم ، نسل ،گروهه يا ڪنهن به اجتماعيت جو مسئلو ناهي . هاڻ فرد آهن ، ساڳي قوم يا نسل جو ڪو فرد بادشاهه آهي ته ڪو فرد فقير آهي . ڇو ته حقيقي ڪردار، حقيقي مسئلا ۽ حقيقت ته ڪابه معنيٰ نٿي رکي. تنهن ڪري ڪردار سڀ مارڪيٽي آهن. نسل پرستي ، ذات پرستي، اقليت پرستي هاڻ صرف نعرا آهن واپار لاءِ جن کي استعمال ڪري ناڻو ڪمايو ويندو آهي . مثال ٿر ۾ ڏتڙيل ۽ غريب ماڻهن رهن ٿا ، ٻار روز مرن ٿا پر اهي اشو صرف خبر آهن جيڪي ميڊيا ، اين جي اوز ۽ سياست جي واپار کي وڌائين ٿا . ٿر جي حالت اڃا به خراب ٿيندي ، ها البته ڪجهه ٿري انهيءَ اشو مان فاعدو وٺي ارب پتي ٿي سگهن ٿا.
    اهڙي طرح اقليت جو تصور آهي . هندو يا عيسائي هن ملڪ جي اقليت ۾ شمار ٿين ٿا . عام طور چيو ويندو آهي ته اقليت پاڪستان ۾ آزار ۾ آهي مٿن ظلم ٿئي ٿو. پر حقيقت ته اها آهي ته انهن کان وڌيڪ ظلم اڪثريت تي ٿئي ٿو. ڪجهه اقليتن جا فرد ارب پتي آهن ، هو استحصالي طبقي ۾ آهن، اقليت جديديت پڄاڻان ۾ ڪا معنيٰ نٿي رکي امر جليل هڪ دفعو ڪنهن سوال جي جواب ۾ چيو هو ته جيڪڏهن منهنجو نڪ هڪ آهي اکيون ٻه ته پوءِ منهنجو نڪ اقليت ۾ آهي . اهڙي طرح وار سڀني کان وڏيڪ اڪثريت ۾ آهن پر دل اقليت ۾ آهي پوءِ به زندگي دل کان سواءِ ناهي. اهڙي طرح ڏٺو وڃي ته دولت يا طاقت جنهن وٽ آهي. اهو اقليت ۾ ناهي پر جي ڪو غريب آهي ته اڪيلو رڙيون پيو ڪندو.
    ڌن وتي ڪو ڪانٽا لگا ، دوڙي غير هزار
    اور نرڌن گرا پهاڙ سي ڪوئي نه آيا يار.
    پر خود مظلوميت هڪ خوبصورت نعرو آهي، جنهن کي استعمال ڪري اقليت ۽ ميڊيا خوب فاعدو وٺي ٿي. هاڻي اقليت جو تصور ڪلي ناهي جزوي آهي. ڇو ته جديديت پڄاڻان ڪنهن جي به اجتماعيت ۽ ڪليت کي ٽوڙي چڪي آهي. هاڻ ڪو ڀيل بادشاهه ٿي سگهي ٿو. پر ان جو مطلب اهو نه هوندو ته سڀ ڀيل مزي ۾ هوندا . بلڪل اهڙي طرح ڪا عورت وزير اعظم ٿي ته ان جو مطلب اهو نه هوندو ته هاڻ عورت مڪمل طاقت ور ۽ آزاد آهي . پاڪستان ۾ مجموعي طور مظلوم ۽ ظالم جو ڪردار گڏ وچڙ ٿي ويو آهي. ڪو ظالم توهان کي رڙيون ڪندي نظر ايندو ته ڪو ظالم مظلوم بنجي ڳوڙها پيو ڳاڙيندو. مثال سنڌي قوم غلام آهي يا آقا . ظالم آهي يا مظلوم پر اهو نعرو سياست ڪار ۽ ميڊيا لاءِ هڪ واپار آهي ، ڪاروبار آهي جيڪڏهن ميڊيا جي سربراهه کي ٻه پئسا وڌيڪ مليا ته هو سنڌي قوم کي ظالم يا نالائق ڪري پيش ڪندو. خود سنڌين جي لاءِ سياست ڪرڻ وارو سنڌين کان ڀته خوري ڪندو يا سنڌي وڏيرو ڌاڙيل پالي سنڌين کان ڦرلٽ ڪرائيندو.
    جديديت پڄاڻان جو اهم ٿنڀ ميڊيا آهي. سڄي سماج کي حڪمرانن ۽ عام ماڻهن جي راءِ ميڊيا ٺاهيندي آهي. دنيا ۾ ميڊيا واپاري مقصدن لاءِ استعمال ٿئي ٿي . واپاري مقصدن تحت خبرون ٺاهڻيون آهن ۽ واپاري مقصدن تحت خبرون گم ڪرڻيون آهن. برٽرينڊ رسل چيو هو ته “جي صحافي سڌري وڃن ته دنيا سڌري ويندي” سو صحافت به هڪ واپار آهي، خبرن جي ذريعي بليڪ ميلنگ ڪرڻ ۽ ناڻو ڪمائڻ اڄ ڪلهه جي صحافت آهي . مثال سڄي سنڌ ۾ روڊ ٽٽي چڪا آهن، . لکين ماڻهو اذيت پيا ڀوڳين . اسان جي ڳوٺن ۾ قبضه گيري جي ڪري روڊ بند ٿيو وڃن، اسٽاپن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهو ڦاٿل رهي ٿو. پر صحافي ڪونه ڳالهائيندو. پر جي انهن کان قبضوڇڏايو وڃي ته صحافي ڪئميرا کڻِ اچي بيهي رهندو. ان کان پوءِ سنڌ ۾ طبي سهوليتون ختم ٿي چڪيون آهن . صرف ڪراچي ۽ حيدارآباد ۾ هڪ ٻه اسپتالون ملنديون باقي ڪٿي به ڪابه ايمرجنسي حل نه ٿيندي. ماڻهو روز مرن ٿا. پر بجٽ کاڄيو وڃي. تعليم ڏسو ته سنڌ ۾ ٻڙي تي بيٺي آهي. بجٽ وڏيرو کايو وڃي. پر صحافي چپ .! پر شل نه ڪا گهر کان ڀڄي ٽي وي جي خبر ٺهي ويئي ، ڪو بم ڦاٽي ته صحافت جي چاندي ٿيو وڃي. رڳو من گهڙت اشو کپن
    اصل مسئلن کي ته لڪائڻو آهي. عوام جي حالت ڏسو. غنڊه گردي ، وڏيره گردي عروج تي آهي .پر صحافي سنسي خيز خبرون ٺاهڻ ۾ لڳو پيو آهي . توهان صبح جو ڪو سنڌي چئنل کوليو صرف لاشن جون تصويرون توهان کي ڏيکاريون وينديون . ميڊيا لاءِ اهو اشو اهم آهي ته عمران خان جي ڪنوار ميڪ اپ ڪيترو ڪيو. عمران خان زال کي طلاق ڏيئي ڇڏي يا شيخ رشيد شادي ڇو نٿو ڪري ؟
    ميڊيا روز نوان اشو پيدا ڪري ٿي ۽ حقيقي مسئلا لڪائي ٿي . جديديت پڄاڻان حقيقت کان مٿانهين حقيقت جي دنيا متعارف ميڊيا ذريعي ڪرائيندي آهي. خود پاڪستان به Hyper Reality جي پيداوار آهي. جتي هميشه غير حقيقي اشوز تي مسئلا پيدا ڪري سياست هلي آهي . ۽ قوم کي ان غير حقيقي رستي تي سالن کان هلايو پيو وڃي. اسان جمهوريت لاءِ 50 سالن کان سڪندا رهياسين پر جمهوريت نٿي آئي ۽ هاڻ جمهوريت جان نٿي ڇڏي. ڇو ته جهموريت هن ملڪ ۾ خيالي تصور آهي. هڪ افسانوي ڪهاڻي آهي، جنهن جا 20 ڪروڙ ڪردار آهن. ڪي ڪردار ديو مالائي آهن. ڪي راڪاس آهن، ڪي ڪارونَ آهن ، ڪي فرعون آهن ته ڪجهه ڪردار ڀوت بنجي ويا آهن ڪجهه ڪردار مرد ته ڪجهه تاڙين وڄآئڻ وارا آهن. ڪي ڪردار مرن ٿا ڪي ڪردار مارين ٿا ۽ گهڻا ڪردار شيزوفرينڪ آهن. ڪي ائبنارمل آهن . مطلب ته حقيقي ڪردارن جي زندگي هتي ناهي.
    توهان سوچيو ته هن ملڪ مان طالبان ختم نه پيا ٿين . ڇو ته 20 سالن جي اڻٿڪ جدوجهد سان طالبان پيدا ڪيا ويا هئا. ضيا شاهي جي دور ۾ فرقي پرستي ، توهم پرستي ، بنياد پرستي کي هٿ وٺي اڀاريو ويو هو . هاڻي پاڪستان ۾ واحد مدرسي تعليم آهي جيڪا مفت ۾ ڏني وڃي ٿي شاگردن کي ماني به کارائي وڃي ٿي رهڻ لاءِ جڳهه به ملي ٿي ، تعليم به ملي ٿي . پر اسڪولي تعليم مهانگي آهي، اهڙي طرح سعودي امداد سان جڳهه جڳهه تي مدرسه کلي رهيا آهن. جيڪي نئين نسل کي فرقن بندي ۾ ورهائيندا ۽ جنون اڃا به وڌندو. پهرين طالبان پيدا ڪرڻ لاءِ کربين رپيا امداد ايندي هئي هاڻي وري طالبان کي منهن ڏيڻ لاءِ امداد ايندي آهي. طالبان ختم نه ٿيندا ڇو ته هن افساني جا نفعي بخش ڪردار طالبان آهن.
    جديديت ۾ مرڪزيت هئي ، سچ ۽ ڪوڙ جي جنگ هئي ، انهيءَ دور جون روايتون ۽ فيشن گهڻا مٿئين طبقي مان هيٺين طبقي ۽ ترقي يا آفته ملڪن مان ترقي پذير ملڪن ۾ ايندا هئا. پر جديديت ان جي ابتڙ آهي . هاڻ مرڪزي ميڊيا ۽ گلوبل وليج ۾ جيئو پر علاقائي روايتن کي مارڪيٽ لاءِ استعمال ڪريو. انهيءِ ڪري جديديت پڄاڻان اتي وڌيڪ پروان چڙهي سگهي ٿي جتي ڇڙواڳي آهي ، انارڪي آهي ، جتي ڪابه روايت يا قدر ماڻهو کي مارڪيٽ کان بچائي نه سگهي. ڪوبه قانون نه هجي “جيڪو ڏاڍو سو گابو هجي” معنيٰ مرد چاهي ته کدڙو بنجي پني ، عورت چاهي ته طواف بنجي دنيا جي حسين ناماچاري عورت بنجي وڃي، ڪير چاهي ته پنهنجي اولاد کي ڪهي ڇڏي يا قتل عام ڪري . چاهي ته گهٽي تي قبضو ڪري ، چاهي ته ٺڳي کلي عام ڪري . جيڪو وڻيس سو ڪري ڇو ته هر ماڻهو کي پنهنجي مرڪز کان ڌار ڪري انفرادي ڇڙواڳي ڏني ويئي آهي. هاڻ اهڙي انارڪي صرف پاڪستان ۾ آهي انهيءَ ڪري جديديت پڄاڻان لاءِ هيءَ زمين زرخيز آهي. اهڙي ڇڙواڳي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به آهي، اهي پنهنجي رياست کي بچائڻ لاءِ تي قانون جون بندشون وجهن ٿا .يعنيٰ اتي ڇڙواڳي هڪ بهترين قانوني دائري ۾ موجود آهي. مثال مرد کي اهو حق آهي ته ٻي مرد سان شادي ڪري، پر ٻي مرد قتل ڪري نٿو سگهي. اسان وٽ ملان جنت جا خواب ڏيکاري نوجوان کي بم ٻڌي خود ڪش حملي لاٰ تيار ڪري ٿو هوڏانهن وري ملٽي نيشنل ڪمپنيون دولت ۽ مادي عياشين جي دنيا ڏيکاري ماڻهو کي پاڻ وڪڻڻ لاءِ تيار ڪن ٿا . طالبان هتي به آهي ته هُتي به آهي. هتي جو طالبان به سهانا خواب يا دولت جي هوس ۾ پنهنجي جسم کي اڏائي ٿو ڇڏي . هوڏانهن وري عورت اسٽيٽس ، فهم ۽ دولت لاِ ءِ پنهنجي جسم جا ڏگرا ڪڍيو ڇڏيو. يا وري ڪو مرد دولت خاطر ڀڙوي جو ڪردار ادا ٿو ڪري. فرق صرف انفرا اسٽڪچر جو آهي سپر اسٽڪچر ساڳيو آهي. بلڪ هتي ته جديديت پڄاڻان مرڪز مائل آهي. اها مرڪزيت انفرا اسٽڪچر ۽ قانون جي گرفت جي آهي. پر اسان ان کان آجا آهيون. اسان وٽ جديديت پڄاڻان سماجي ۽ سياسي وڌيڪ آهي. هوڏانهن وري فڪري ۽ ادبي وڌيڪ آهي. اسان سپر طاقتن جو جائز“ناجائز” اولاد آهيون بلڪ اسان جديديت پڄاڻان جي “بازار حسن ” آهيون. هيستائين اسان کي سوويت يونين جي قائم هئڻ پي هلايو ڇو ته ان وقت مجبوري هئي ته مارشلا لڳي ۽ قانون به سخت هجي ته ترقي پسند ماڻهو ڪنڌ نه کڻي سگهي پر هاڻي مارشلا جي لاءِ وس ڪنداسين پر نه لڳندي. مُردن جي هيءَ جنگ ڪٿي دنگ ڪندي ڪير نٿو ٻڌائي سگهي. ؟ اسان هن نظام جي خلاف ڳالهايون ٿا ته چون ٿا توهان مايوس آهيو ۽ paranoia جا شڪار آهيو. اسان کي به خبر آهي ته هي عارضي Transaction وارو دور آهي . دنيا جڏهن به سرمائيداري جي گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي آهي ته وڏي تباهي کان پوءِ تبديلي آئي آهي. مثال 1914ع ۾ دنيا جا ڪجهه ملڪ سڄي دنيا تي قبضو ڪري دنيا کي گلوبل مارڪيٽ ٺاهي ڇڏيو هو ان وقت عالمي جنگ لڳي ۽ وڏي تباهي کان پوءِ سوويت يونين جو انقلاب آيو. وري 1940ع ۾ دنيا چند سامراجي ملڪن جي قبضي هيٺ اچي ويئي هڪ طرف امريڪا، برطانيه ، سوويت يونين، ته ٻي طرف جرمني، جاپان، اٽلي، سڄي دنيا گلوبل مارڪيٽ هئي برطانيه لاءِ چوندا آهن ته ان سلطنت جو سج ئي ڪونه لهندو هو. توهان ڏٺو تاريخ ۾ ٻي عالمي جنگ لڳي جنهن ۾ تقريبن 4 ڪروڙ ماڻهو ماريا ويا. ان کان پوءِ دنيا ۾ 30 ملڪ سوشلسٽ بنجي ويا. تيزي سان انقلاب اچڻ لڳا. سو وري به تاريخ ان موڙ تي اچي بيٺي آهي. هڪ وڏي تباهي ايندي دنيا جي اڌ آبادي ختم ٿيندي ان کان پوءِ وري نئون سماج جنم وٺندو.
    آغا شورش ڪاشميري خوب چيو هو ته
    ميري وطن ڪي سياست ڪا حال، مت پوڇو
    گري هوئي هي طوائف، تماش بينون ۾


    جديديت پڄاڻان جو زمان و مڪان

    Time and Space in Post Modernism
    فيڊرڪ جيمس ((Fredric Jameson چيو هو ته جيڪڏهن جديديت پڄاڻان هڪ تاريخي حقيقت آهي ته ته پوءِ سندس اهڙيون ڪاوشون سامهون اچڻ گهرجن جنهن سان ڪو انساني ، اخلاقي، ثقافتي ۽ معاشي نقش پيش منطر اچڻ گهرجن . جنهن سان اسان کي اهو احساس اجاگر ٿئي ته شايد اسان جديديت پڄاڻان کي سمجهڻ م غلطي ڪئي آهي .
    جڏهن اسان تهذيب ، فطرت ، اخلاق ،قدر ۽ ثقافت جي ماضي ۾ جاچ ڪريون ٿا ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه سامهون اچي ٿي اهي سب سلسله تاريخ ۾ ڦهليل آهن جن جو زمان و مڪان ئي سان واسطو اهي. ڪارل مارڪس جڏهن تاريخي ماديت ۽ جدلياتي ماديت جي ڳالهه ڪئي هئي ته هن زمان و مڪان ۾ ڦهليل طبقاتي ڪشمش ۽ تاريخ ۾ فرد جي ڪردار واضح ڪيو هو. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ثابت ٿي ته تاريخ ٽن حصن ۾ ورهايل آهي هڪ ماضي جي ٻيو مسقبل جي ٽيون حال جي . هنن ٽنهي صورتن ۾ انسان ۽ سندس معاشي نظام اهم جڳهه والاري ٿو. انسان جي ٺاهيل پيداواري اوزارن مستقبل کي ماضي کان ڌار ڪرڻ شروع ڪيو. يعني تبديلين جو اڻ کٽ سلسلو شروع ٿئي ٿو. انهيءَ سڄي عمل ۾ فطرت هڪ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، جنهن ۾ انساني ثقافتي سرگرمين ذريعي هڪ تاريخ ٺهي ٿي. فطرت ۾ انسان جا روزمره واقعا پيداواري رشتا ۽ پيداواري اوزار ۽ جاگرافيائي حالتون ملي ڪري قوم جي نفسياتي ساخت ٺاهيندا آهن. انهيءَ سڄي نظام جي هڪ پنهنجي ساخت هوندي آهي. جيئن سنڌ جي ساخت جو مرڪز سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ساخت، اخلاقي قدر، سنڌي ٻولي ۽ صوفي فڪر هو. اهي سڀ عنصر سنڌ جي زمان و مڪان ۾ شامل هئا. سنڌ جي ثقافتي سلسلي جو پس منظر ئي آهي جو ماڻهو پنج هزار سال جي پراڻي تاريخ سان پنهنجو ناتو جوڙين ٿا.
    اسان اڪثر ٻڌندا آهيون ته وڏيرو به سنڌ جي ثقافت جو اهم حصو هو. ان جا قدر هئا، صرف ان ڪري ته وڏيرو سنڌ جي ساخت جو حصو هو. ان جو مرڪز اخلاقي قدر ۽ صداقت جو سرشتو هو. غيبي خان چانڊيو سماجي طور اخلاقي ۽ بزرگي جي ڪري سڀني جي مٿان هٿ رکندو هو ته سندس خانداني زمان جي تاريخ هئي. هو پنهنجي مڪان ۾ انهيءَ جو تسلسل هو . نتيجي طور هن کي قدر ورثي ۾ مليا انهن قدرن جي سنڌ ۾ ساخت موجود هئي . پر جيئن ساخت ٽٽي قدرن ۽ فڪر جو مرڪز ٽٽي ويو ۽ صداقت جهڙي ڪابه شيءَ نه رهي نتيجي طور وڏيرو هڪ طاقتور ظالم ۽ ڇڙواڳ شڪل ۾ ظاهر ٿي اڀريو. جنهن جو ڪو به دين ايمان نه رهيو.
    فطرتي طور زمان ماضيءَ جو تسلسل هوندو آهي. جنهن کي اسان تاريخ چوندا آهيون ان جي هڪ سري تي اسان جي وجود جو ماضي ته ٻي سري تي اسان جو حال هوندو آهي. جديديت پڄاڻان اسان کي حقيقتن کان مٿانهين حقيقت(Hyper Reality) ذريعي اسان کي ماضي کان ڪٽي ڇڏيو. ۽ تاريخ جو خاتمو ٿي ويو. جديديت ۾ جيڪڏهن اسان مارڪيٽ مان ٽي وي وٺندا هئاسين ته لڳ ڀڳ هڪ صدي تائين ٽي وي جي تاريخ هئي. بلڪ بليڪ وائيٽ کان رنگين ٽي وي جو سفر به اڌ صدي جو آهي. پر اوچتو رنگين ٽي وي ۽ LCD ڏسندي وري هڪدم LED وري سمارٽ ٽي وي ايترو تيزي سان جو ماڻهو وائڙو ٿي ويو. اهڙي طرح موبائل سيٽ مان Android set سمارٽ موبائل ، وري هڪ ڪمپني ڪا شيءَ ٺاهيندي ته ان کي ڏسي سئو ڪمپنيون اها شيءَ نقل ڪري ٺاهي وٺنديون،روز نيون شيون ۽ هزارين ڪمپنيون هر ڪمپني جي دعويٰ ته مهنجي شيءَ ئي سٺي اهي. توهان جيڪا شيءَ وٺندا ان جي تاريخ صرف هڪ ڏينهن جي هوندي اهڙي طرح سياست ڪار چوندا ته سياست ۾ ڪابه مستقل شيءِ ناهي دوستيون دشمنيون به دائمي ناهن ، ته پوءِ تاريخ ڪٿان ٺهندي؟؟ هي ته صرف جديديت پڄاڻان جو پنهنجو مڪان ٺهيل آهي جنهن ۾ اسان پوري طرح غرق آهيون .
    بود ريلارڊ زمان و مڪان کي مختلف درجن ۾ ورهايو هو هن جو خيال هو ته پٿر جي دور کان جاگيرداري تائين هڪ زمان و مڪان جو تسلسل هو جنهن ۾ ثقافتي علامتون فطرت مان ڦٽي نڪتل هيون. ڪو به تصور يا خيال ڪنهن بنيادي حقيقت جي نمائيندگي ڪندو هو. قديم سماج ۾ خواب مقدس سمجهيا ويندا هئا. جن جو مسقبل سان رشتو ڳنڍيو ويندو هو. مثال حضرت ابراهيم جو خواب ، حضرت يوسف جي خوابن جي تعبير. پر ان سماج ۾ عڪس يا استعارا حقيقت جي نشاندهي ڪندا هئا. يا انهن حقيقتن جو زمان صدين تائين ڦهليل هو ، انهيءَ زمان جو مڪان حقيقيت جو تسلسل هوندو هو. مثال سنڌي سماج ۾ مصري ، ڳڙ ، مٺاڻ پيار جي علامت هو. پاڙو اوڙو ڀت برادري ، وڏي ننڍي جو حياءَ ، نياڻي ست قران ، مهمان نوازي فطرت تاريخ جي ارتقا مان ٺهيل تصور هئا . ڪو هڪ واقعو ٿيندو هو ته سماج کي لوڏي ڇڏيندو هو ۽ صدين تائين ڳائبو هو. انهيءَ جي ڪهاڻي هلندي هئي ڪو ڏوهه ٿيندو هو ته تاريخ ۾ ان جو ڳاڻيٽو صدين تائين هلندو هو. مثال ان زمان و مڪان مان ڪو ماڻهو سئو سال نڪري وڃي ۽ وري موٽي اچي ان سماج ۾ شامل ٿئي ته ڪو خاص فرق نه پوندو اهو ماڻهو صرف چهرن جي تبديلي ڏسندو ، پر قدر ، ثقافت، گهر گهاٽ ، رسم رواج ساڳيون هونديون. پر توهان سوچيو ته جي اڄ ڪو ماڻهو هن سماج جي زمان و مڪان مان نڪري وڃي ۽ صرف 20 سالن کان پوءِ موٽي اچي ته اهو ماڻهو سماج ۾ ايلين هوندو سڀ ڪجهه بدلجي چڪو هوندو. هر شيءَ جا نوان بدليل ماڊل اچي چڪا هوندا. ٽيڪنالوجي ڪا ٻي اچي چڪي هوندي. ماڻهن جا رويا ڪي ٻيا هوندا. اهو ئي تصور آهي زمان و مڪان کي Capture ڪرڻ جو هي مارڪيٽ زمان مڪان کي پنهنجي وس ۾ ڪري چڪي آهي. هاڻ روز نئون زمان و مڪان آهي انهيءَ کي جديديت پڄاڻان جو The End of History جو نالو ڏئي ٿي.
    جديديت پڄاڻان ۾ حقيقت ڪا به معنيٰ نٿي رکي ڪو به نقلي تصور حقيقت کان وڌيڪ حقيقت بنجي سماج ۾ ڦهلجي ٿو ماڻهو ان کي قبول ڪن ٿا. ڏٺو وڃي ته تصور جو اڀو افلاطون هو هن پهرين اها دعويٰ ڪئي ته تصور ئي حقيقت آهن جيڪي شين کان مٿان بالا تر ۽ معروضي طور موجود آهن. جديديت پڄاڻان وري تصور پاڻ ٺاهي ٿي مارڪيٽ ۾ تصورن جي نمائش ٿئي ٿي ماڻهو ان جا خريدار ٿين ٿا . تصور ، استعارا، علامتون اصل ۾ صرف حقيقت کي ڄاڻائڻ لاءِ تخليق ڪيا ويندا آهن پر جڏهن تصور ئي حقيقت کان مٿانهين حقيقت بنجي وڃن ته جو حقيقت جو گمان به نه رهي ته پوءِ خواب خود مختيار ٿيو وڃن جن جو ڪوبه تعبير ناهي. ڇو ته خواب جو ڪوبه زمان و مڪان نه هوندو آهي. خواب ۾ ماڻهو مختلف شڪليون ڏسي ٿو. جيڪي بي ترتيب هونديون آهن. هڪ وقت ۾ ماڻهو جي شڪل مڇي جي دڙ سان، ڪڏهن پکي بنجي اڏامي ٿو ، ڪڏهن مئلن سان پيو ڳالهائي. انهن واقعن ۾ وقت ۽ جڳهه جو ڪوبه تعين نه هوندو آهي ڏسندي ڏسندي واقعا ۽ جڳهيون تبديل ٿيو وڃن. جديديت پڄاڻان انهيءَ خواب مان جاڳائي ڪونه ٿي بلڪ خوابن جو حصار اڃا وڌائي ٿي . تان جو ماڻهو اصل حقيقت کي ڀيانڪ سمجهي ٿو.
    جاگيرداري ۾ signifier ۽ signified طئي ٿيل هوندا آهن انهن جي خلاف ورزي ڪرڻ وارو منڪر يا باغي ٿي وڃي ٿو پر خواب وارن تصورن signifier ۽ signified ڪوبه طئي ٿيل ناهي صرف تصور ئي حقيقت هوندي آهي. مثال جاگيرداري ۾ عورت شرم حياءُ سندس عزت سماجي تصورن ۾ طئي ٿيل هو پر جديديت پڄاڻان ۾ قدر ڪا معنيٰ نٿا رکن ان ڪري هڪ بي حياءُ يا طوائف عزت دار بنجي توهان جي سامهون ايندي. جديد دور ۾ چوري ، ڌاڙي يا ڪرپشن جا تصور شخصيت لاءِ مسخ ڪندڙ تصور هئا. پر اڄ ڪرپشن ۽ ڌاڙا هڻندڙ شخصيت عزت دار ۽ ليڊر بنجي توهان جي سامهون ايندي ڇو ته جديديت پڄاڻان مرڪزي صداقت جو خاتمو ڪري ڇڏيو. انهي ڪري روز جي صداقت نئي آهي ۽ هر ماڻهو جي پنهنجي تخليق ڪيل صداقت آهي. ٽيڪنالوجي جي ٻوڏ روز مارڪيٽ کي روز نئون زمان و مڪان ڏئي ٿي . ان مڪان ۾ روز نيون شيون ۽ نوان ڪردار اڀرن ٿا جن سان اسان کي Familiar ٿيڻ لاٰءِ زمان نه ملندوآهي. ڏسندي ڏسندي اسان هر چيز کان ويڳاڻان ٿي ويندا آهيون. دنيا هڪ شيزوفرينڪ لقاءَ بنجي ويندي آهي. جنهن ۾ اسان کي ڀوت، ڪيڙا ماڪوڙا، ڏائڻيون مطلب عجيب چهرا نظر ايندا آهن. اسان کي يقين ڏياريو ويندو آهي،ته اصل مسئلا به اهي آهن انهن کان ڊڄو، اهڙي طرح اصل مسئلا ماڻهن کان وسري ويندا . مثال روڊ ٽٽل هوندو اتي روز حادثا ٿيندا پر اتي هڪ ملان پيتي کڻيو بيٺو هوندو توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته اصل مسئلو مسجد ٺهرائڻ آهي. ان لاءِ چندو ڏيو. مثال هزارين ماڻهو بک ، بدحالي جو شڪار هوندا، نه ڪورٽون انصاف ڏينديون نه صحت يا تعليم ڏانهن توجهه هوندو پر توهان کي يقين ڏياريو ويندو ته ڪشمير جو مسئلو ضرور حل ٿيندو.
    اهڙي طرح ثقافت، مذهب، قدر، پيار۽ رحم جا جذبا به مادي روپ ۾ ڪمرشلائيز ڪيا ويا آهن. جيڪي مارڪيٽ کان رليز ٿيندا انهن جو ڪوبه وقت يا جڳهه طئي ٿيل نه هوندي. مثال پاڪ وطن، حلال بئنڪاري، قسطن تي قرباني جو ٻڪر، صدقي جي رقم 5000 هزار رپيا، تراويحن جو پيڪيج، صوفياڻو عشق، لاشن جا فوٽو، ريپ جي وڊيو، ٻارن کي ميڪڊونالڊ جو چڪر لڳرائڻ. ،زنده هي ڀٽو، اهڙا لکين نعرا ۽ تصور مارڪيٽ جي طرفان روز نئين انداز ۾ رليز ٿيندا آهن. اسان ان عڪسن جي ڪن ۾ گوتا کائي پنهنجي بي مقصد زندگي جي ڊوڙ ۾ اڇلجي چڪا آهيون. اسان مان فطرت موڪلائي ويئي آهي، سماج هڪ ڀوت خانو بنجي پيو آهي. نعرا ، تصور زمان و مڪان کان اڳتي نڪرڻ چاهين ٿا. انهيءَ جلد بازي جو اثر ماڻهو تي ائين ٿئي ٿو ڄڻ ڪو ماڻهو هڪ ئي وقت 50 ريڊيو اسٽيشنون ٻڌي رهيو هجي يا وري وچ چورايي تي منجهي بيهي رهي. ۽ سوين ماڻهو هن کي ڏسي رهيا هجن. اهڙي حالت ۾ ماڻهو ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي ڇتو ٿيو پوي . توهان ڏسندا ته اڄ ڪلهه ماڻهوءَ مان سهپ ختم ٿي ويئي آهي. صبر ۽ ڪهل نه رهي آهي.
    جديديت پڄاڻان مغرب ۾ شايد ڪي مثبت تبديليون کڻي آئي هجي پر ٽئين دنيا جا ملڪ ته جديديت پڄاڻان کي ڀوڳي رهيا آهن ڇو ته ته جديديت پڄاڻان سرمائيداري جي اها شڪل آهي جنهن سرمائيدارن کي دنيا مارڪيٽ ٺاهي ڏني ويئي آهي.


    ادب جي نفسياتي تنقيد

    Psychological literary Criticism
    اسان ادب جي پرک ڪرڻ وقت هميشه فن ،ٻولي، فڪر کي اهميت ڏيندا آهيون. پر اسان ادب جي نفسياتي پرک ڪرڻ جا عادي ناهيون. جڏهن ادب لاءِ شعور ، لاشعور، الهام ۽ وجدان جهڙا اصطلاح استعمال ڪندا آهيون ته پوءِ خود به خود علم نفسيات جي دائري ۾ اچي ويندا آهيون. عالمي ادب ۾تنقيد جي شعبي ۾ اسان کي علم نفسيات جا تنقيدي رجحان گهڻا ملن ٿا. رومانوي تحريڪ جي ڪولرج جڏهن پنهنجي مشهور نظم“Kuba khan” لاءِ چيو هو ته اهو نفسياتي عجوبو (Psychological Curiosity) آهي ته ان جو مطلب ڪولرج وٽ نفسياتي اهميت جو تصور موجود هو . اڳتي هلي ڪولرج جهڙي طرح تخيل جي تشريح ڪئي اڄ به فلسفي ۽ نفسيات ۾ ان جي اهميت آهي، ڪولرج جي تخيل جي نفسياتي اهميت کي هربرٽ ريڊ هن طرح بيان ڪيو آهي ته؛ “ڪولرج کي اهو يقين هو ته تخيل پنهنجي اعليٰ تر توانائي ۾ هڪ جوش حيات (Vital force) آهي ۽ انهيءَ جو بنياد لاشعور ۾ آهي” 1990ع ۾ ڊاڪٽر ارنسٽ جونز تحليل نفسي جي روشني ۾ شيڪسپيئر جي ڊرامي هيمليٽ جي پرک ڪئي جنهن ۾ هن هيمليٽ کي ايڊي پس مونجهاري (Oedipus Complex) جو شڪار ڏيکاريو.
    هيمليٽ ۾ فيصلي جي قوت گهٽ هوندي آهي هو پنهنجي مڪمل طاقت ساڻ به پنهنجي پيءَ جي بدلي وٺڻ ۾ دير ڪندو آهي. تحليل نفسي جي مطابق قوت فيصله ان وقت مفلوج ٿيندي آهي جڏهن لاشعوري محرڪ شعوري ارادي ۽ مقصد تي حاوي ٿي وڃن. ارنسٽ جونز انهيءَ ڪشمڪش کي ايڊي پس مونجهارو قرار ڏنو. هن جو خيال هو ته هيمليٽ پنهنجي ماءُ سان وڌيڪ پيار ڪندو هو ۽ لاشعوري طور پنهنجي پيءُ سان نفرت ڪندو هو. انهيءَ ڪري پيءَ جي قتل جو بدلو وٺڻ ۾ دير ڪندو آهي.
    ساڳئي طرح ارنسٽ جونز شيڪسپيئر جي شخصيت جو به جائزو سندس ادبي ڪاوشن ذريعي وٺڻ شروع ڪيو ته خود هيمليٽ لکي پنهنجي نفسياتي تسڪين جو هڪ ذريعو پيدا ڪيو هو.
    ارنيسٽ جونز بنيادي طرح سگمنڊ فرائيڊ جي نظريي جو پوئلڳ هو . تنهن ڪري فرائيڊ جي واضح ڪيل نفسياتي اصطلاحن مطابق تنقيد ڪئي.
    1942ع ۾ ڊاڪٽر هانس شاس وري سگمنڊ فرائيڊ جي سوانح حيات Freud: Master and Friend” “ ۾ انهيءَ ڳالهه واضح ڪيو ته فرائيڊ جو ادب ڏانهن لاڙو تمام گهڻو هو . خود فرائيڊ جو چوڻ هو ته جي هو نفسيات دان نه هجي ها ته ناول نگار هجي ها. هن ڪتاب ۾ تخليق ۽ تخليقڪار جو لاشعور سان تعلق ۽ اثر اندازي جو گهرو اڀياس ڪيو ويو آهي.
    نفسياتي تنقيد ۾ ائڊمنڊ ولسن جو نالو به اهم آهي. هن تخليقڪار جي شخصيت جي ائبنارملٽي جو تخليق تي اثر جو مطالعو ڪيو ۽ اهو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انسان بنيادي طرح وحشي جانور ناهي بلڪ مريض آهي.
    هن سوفوڪليز(Sophocles) جي ڊرامي “Philotetes”جو تجزيو ڪندي مقالو لکيو جنهن جو نالو هو” The Wound and Bow”جنهن ۾ هن ثابت ڪيو ته تخلقيڪار جي بيماري نفسياتي طور وڏي اهميت رکي ٿي بلڪ تخليق ذريعي ليکڪ پنهنجي شخصيت ۾ سڌارو آڻي سگهي ٿو.
    هن ڊرامي جي ڪهاڻي هن ريت آهي ته؛
    “ فوج جنگ ڪرڻ وڃي رهي آهي هڪ سپاهي کي نانگ ڏنگي وجهي ٿو ، سپاهي مري نٿو پر سندس پير ۾ زخم اهڙو گهرو ٿئي ٿو جو ان مان روڳ ۽ بدبو ٻين لاءِ آزار بنجي وڃي ٿي .فوج ان سپاهي کي رستي ۾ ڇڏي اڳتي وڏي وڃي ٿي. ”
    جنگ جي دوران طلسمي قوتن جي تير اندازي جي ضرورت پوندي آهي ته جنگ فيصله ڪن ٿي پوي . پر اهو فن صرف ان سپاهي وٽ هوندو آهي. جنهن کي هنن رستي ۾ ڇڏي ڏنو هو. ۽ آخر فوج جو سردار حڪم ڪندو آهي ته وڃو انهيءَ سپاهي کي پرچائي وٺي اچو . آخر اهو سپاهي ايندو آهي اهو طلسمي تير اندازاي ڪري جنگ کٽي ڏيندو آهي . پر جيئن ئي تير اندازاي ڪندو آهي ته سندس پير جو ناسور به ٺيڪ ٿي ويندو آهي ۽ آخر صحتياب ٿي ويندو آهي. ”
    هن ڊرامي ۾ نفسياتي طرح تشريح هيئن ٿيندي ته زخم پير جو ناسور تخليقڪار جي ائبنارملٽي آهي ، هڪ اعصابي خلل آهي، . ڪمان تيز اندازي ڪرڻ تخليقڪار جو تخليقي جوهر آهي ۽ اهو ئي جوهر تخليقي عمل آهي، جڏهن تخليقڪار تخليق جي عمل مان گذرندو آهي ته سندس اعصابي خلل به ٺيڪ ٿيڻ شروع ٿيڻ لڳندو آهي. هن بنياد تي ماڻهو جي صلاحيتن جي پرک به ڪبي آهي ته ڪنهن ۾ ڪيتري صلاحيت آهي. پر سماج هن کان سندس صلاحيت مطابق ڪم نه وٺي ته ماڻهو ۾ اعصابي اڻ تڻ ٿيندي آهي. هن ڊرامي جو سماجي پهلو اهو به آهي ته جيڪو ماڻهو معاشري لاءِ ناچاڪ آهي پر ان جي صلاحيتن جي ضرورت پوي ته قابل قبول آهي. ٻيو ته جي ماڻهو جو ڪارج هوندو ته ان جي اهميت وڌندي ان جو جوهر پيدا ٿيندو. اهڙي طرح ماڻهو پاڻ کي بيڪار نه سمجهندو انهيءَ ڪري سنڌي ۾ چوندا آهن “بيڪاريءَ کان بيگاري ڀلي”
    نفسياتي تنقيد ۾ ائڊلر (Alfred Adler 1870-1937) ۽ ڊاڪٽر جنگ (Carl Jung 1875-1961) جي نظرين جو به وڏو اثر موجود آهيئ جيئن فرائيڊ جو چوڻ هو ته “ دنيا جنس جي چوڌاري گهمي ٿي” اهڙي طرح ايڊلر جو خيال هو ته “ Fundamental drive in life is the desire for power” هن خيال جي بنياد تي ايڊلر احساس ڪمتري وارو نظريو ڏنو.
    هن نظريي جي مظابق ماڻهو ۾ ڪا ازلي کوٽ آهي. جنهن جي پورائي لاءِ هو لکائيندو رهندو آهي ڪانه ڪا ڳالهه ، ڪو هنر ، ڪو فن، ڪا تخليق ڪري پنهنجي اندر جي کوٽ کي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
    هن نظريي مطابق جڏهن ڪوبه تخليقڪار تخليق ڪندو آهي ته در اصل هو پنهنجي احساس ڪمتري مان جند ڇڏائڻ چاهيندو آهي. جيئن جيئن ڪردارن جون ناآسودگيون ، محروميون ۽ اڻپوريون خواهشون پيش ڪندو آهي ، تيئن ليکڪ جو ڪٿارسزم ٿيندو آهي ۽ سندس اندر آسودو ٿيندو ويندو آهي. ڪهاڻي لکڻ سان دراصل ليکڪ پنهنجي زندگي جي ڪهاڻي سنوارڻ چاهيندو آهي. ساڳئي وقت اديب جي ذات جو اظهار سندس ناموس ۽ تعريف سندس انهيءَ کوٽ کي پوري ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندي آهي. پر اها کوٽ مڪمل پوري ٿي نٿي سگهي. انهيءَ ڪري هي احساس ڪمتري جو سلسو هلندو رهندو آهي. جيڪڏهن اها ڪمتري نفسياتي روڳ بنجي وڃي ته زندگي تباهه و برباد ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ماڻهو فرعون ، هٽلر، چنگيز خان، يا وري خوني ، ضدي ، ڪروڌي جهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو.
    ڊاڪٽر جنگ وري اجتماعي لاشعور جو نظريو ڏنو . فرائيڊ لاشعور جو انفرادي تصور ڏنو پر جنگ جي تصور اجتماعي لاشعور نفسيات جي دنيا ۾ هڪ وڏو انقلاب برپا ڪيو . هن جو چوڻ هو ته لاشعور صدين کان ماڻهو جي جين ۾ گردش ڪندو آهي، جنهن بنياد تي ڪنهن به خاندان يا قوم جي نفسياتي ساخت جڙندي آهي .
    اسان غور ڪنداسين ته سنڌي اديب جيڪي قومي جذبي تحت ناول لکيا يا شعر چيا ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ان جي پٺيان قوم جي اجتماعي لاشعوري جذبو هو .جيڪو تاريخ ۾ ظلم ، ڦرون ، ڌاڙا، جنگين جي نتيجي ۽ رد عمل ۾ پيدا ٿيو هو. خاص طور سان سراج جا ناول، آغا سليم جو “ اونڌائي ڌرتي روشن هٿ” علي بابا جو “ موهن جو دڙو” انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪن ٿا ته تخليق ڪارن جي لاشعور ۾ پنهنجي قوم سان محبت، ڏک ڏولائن جا اثر لاشعور ۾ ويٺل آهن. ساڳئي وقت ائڊلر واري احساس ڪمتري واري نظريي تحت پرک ڪئي وڃي ته اها ڳالهه ظاهر ٿيندي ته سنڌي قوم جو زوال ۽ غلامي جو احساس اديب کي سندس احساس ڪمتري ۾ ڌڪي پيو جنهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ هو پنهنجي قوم جي سنهري دور کي خوبصورت ڪارنامن سان پيش ڪري مونجهاري مان جان ڇڏائڻ پيو چاهي.
    اسان وٽ سنڌي ۾ نفسياتي تنقيد اڃا آڳاهون نه ٿي آهي پر ايترو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي ادب ۽ اديب جي نفسياتي پرک ڪرڻ لاءِ گهڻو مواد پيو آهي.
    هتي آئون غلام رباني آگري جي ڪهاڻي “ اکڙيون اڃايون” جو مثال ڏيندس هي ڪهاڻي آب حيات ڪتاب جيڪو 1960ع ۾ ڇپيو هو ۾ موجود آهي. هن ڪهاڻي ۾ فرائيڊ جي ٿيوري مطابق ته خواب اسان جي ناآسوده خواهشن يا ناآسوده جنسي جذبن جو روپ آهن وارو فڪر موجود آهي. ڪهاڻي ۾ هڪ ڪردار خواب ۾ ڏسي ٿو ته هن ڪنهن حسين ڇوڪري جي اک ۾ اسٽيل(قلم)اڇلائي هنئي آهي.
    نفسيات جو شاگرد سندس دوست هن خواب جو تعبير کيس ٻڌائي ٿو ته سندس خواب اندر دٻيل جنسي جذبن جو لاشعوري اظهار موجود آهي.
    هن سڄي ڪهاڻي ۾ فرائيڊ جي نظريي مظابق ڪردار جنسي خواهشن جو دٻيل اظهار ڪندو رهندو آهي.
    فرائيڊ چيو هو ته جنسي خواهش صرف جنسي عمل ناهي بلڪ “ انسان جي سڄي ذات ۾ جنس جاري و ساري هوندي آهي ۽ هر ڪم ۾ جنس مداخلت ڪندي آهي يعني پيانو وڄايون يا دهل پر ان ۾ جنس جو عمل دخل هوندو آهي”
    غلام رباني آگري صاحٻ هي ڪهاڻي ڏاڍي فني پيرائي ۾ فرائيڊ جي نظريي جي پوئيواري ۾ لکي آهي.
    نفسياتي تنقيد جي دنيا ۾ هربرٽ ريڊ Sir Herbert Edward Read, 1893–1968) اهڙو تنقيد نگار هو جنهن فرائيڊ، جنگ ۽ ايڊلر ٽنهي جي نظرين ۾ توازن آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٽنهي نظرين جي اهميت ۽ افاديت کي سمجهيو. هن جو چوڻ هو ته تنقيد دراصل وضاحت ڪرڻ جي هڪ اهڙي سلسي جو نالو آهي جيڪو هڪ طرف ذهن جي عجيب و غريب پراسرار لڪل رازن کي ظاهر ڪري ٿو ته ٻي طرف وري خارجي دنيا جي رنگن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اهڙي طرح هن يورپ جي ڪلاسيڪل ۽ رومانوي شاعري کي خارجي ۽ داخلي عڪسن جو نالو ڏنو.
    اسان وٽ سنڌي ادب اساسي دور کان وٺي اڄ تائين نفسيات جي مخلتف رنگن سان گونا گون رنگن سان ڀريل آهي.
    مثال شاهه لطيف ۽ سندس شاعري جو جائزو ورتو وڃي ته شاهه وٽ گهڻ رخو فڪر ۽ زندگي جا پراسرار رنگ ملندا . مثال شاهه صاحب جي شاعريءَ ۾ عورت جي زبان ڇو استعمال ٿيل آهي؟
    اديون عبدالطيف چئي ،
    ڀينر هن ڀنڀور ۾ ،
    آيل ڪريان ڪيئن.
    يعني شاهه عورت جي الميي کي ڏک کي وڌيڪ ڳايو آهي. ته ڇا اسان چئي سگهون ٿا ته شاهه صاحب ايڊيپس مونجهاري جو شڪار هو. ؟
    شاهه صاحب جي لاشعور ۾ مورثي طور ، فردي طور ،۽ اجتماعي طور ڪهڙا سبب شامل هئا جو شاهه صاحب ايڏو وڏو تخليقڪار ٿيو.
    ساڳئي طور جديد ادب ۾ شيخ اياز جي فڪري لاڙن ، رومانويت ۽ دعائن جا سبب به نفسياتي تنقيد ذريعي ڳولي سگهجن ٿا. اهڙي طرح گهڻن اديبن جي خودڪشي جا سبب به سندن تحريرن ۾ ڳولي سگهجن ٿا.
    امر جليل جي ڪهاڻين ۾ پيار نه حاصل ڪري سگهڻ جو درد جو بنيادي سبب نفسياتي طور فردي ۽ اجتماعي لاشعور ۾ لڪل آهي. سنڌي قوم جي اجتماعي محرومي ، ڌرتي ۽ سرتي سان پيار جو سبب ، سنڌي ماڻهو جو رومانٽڪ هئڻ جا سبب ڪنهن اجتماعي لاشعور ڏانهن اشارو ڪن ٿا.
    ساڳئي طرح موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين ۾ زندگي جو خالي پڻو ايترو گهرو آهي جو زندگي جي رومانيت جي انتها تي پهچڻ کان پوءِ به پورو نٿو ٿئي. يعني موهن ڪلپنا ايڊلر جي ان نظريي مطابق هڪ اهڙي ڳولا ۾ آهي جيڪا ڪڏهن به پوري نٿي ٿئي . سوين حسين خوبصورت عشقن جي قصن سان ڀريل ڪهاڻيون دراصل موهن جي اندر جو هڪ فرياد بنجن ٿيون ته فرد جي داخلي پيڙا ۽ خال نه ڀرجڻ جو آهي.
    فرائيڊ چيو هو دنيا ۾ ڪو به ماڻهو نارمل ناهي بلڪ نارمل ڪابه شيءَ نه ٿيندي آهي. هر فرد ڪنهن نه ڪنهن موجهاري جو شڪار آهي پر جڏهن مونجهارو شدت اختيار ڪري ۽ فرد ڪي اهڙا عمل ڪري جيڪي سماج کي يا ٻين ماڻهن کي پريشان ڪن ته اهڙو ماڻهو اسان وٽ نفسياتي مريض سڏبو آهي. پر دراصل آهي هر ماڻهو مريض ڪو ٿورو ڪو گهڻو. اديب به دراصل خودڪار پاڻ بچاءَ جي طاقت تحت تخليق ڪري پنهنجي اڻ تڻ مان جند ڇڏائيندو آهي . ساڳئي وقت تخليقڪار جنسي دٻاءُ تحت تخليق ڪري جماليات جي دنيا ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. ڇو ته اديب جو شعور ، لاشعور سگهاري طرح ڪم ڪن ٿا جنهن ڪري کيس الهامي اديب به چيو ويندو آهي. علم نفسيات ايترو وسيع ۽ پيچيده موضوع آهي جو انهيءَ جي حوالي کان تنقيد ڪري سڀئي پاسا جاچڻ ڪو آسان ڪم ناهي . پر ان تي ضرور ڌيان ڏيڻ گهرجي.
    حاشيه
    1. هن مقالي کي لکڻ لاءِ ڊاڪٽر سليم اختر جي پي ايڇ ڊي جي ٿيسز بعنوان، “ اردو ادب ۾ نفسياتي دبستان” جيڪا هن پنجاب يونيورسٽي ۾ 1978ع ۾ پيش ڪئي ۽ پوءِ سنگ ميل پبليڪيشن لاهور وارن 1998ع ۾ ڇاپي؛ جو مطالعو ڪيو ويو ۽ مدد ورتي وئي.
    2. سراج صاحب جا ناول، علي بابا ، ۽ آغا سيلم جي ناولن جو مطالعو ڪيو ويو.
    3. سوفوڪيلز جا تقريبن سئو کن ڊرامه لکيل آهن . سندس پيدائش جو دور 496 ق م آهي. هي يونان جو مشهور ڊرامه نگار هو. هن فلوطيطيس نالي ڊرامو 409 قم ۾ لکيو.
    4. ايڊيپس موجهارو دراصل فرائيڊ يونان جي ڏند ڪٿا داستان مان مشهور ديوتا ايڊي پس تان ورتو آهي . جنهن بي خبري ۾ پنهنجي پيءُ کي ماري پنهنجي ماءُ سان شادي ڪئي هئي. فرائيڊ ان ڪردار کي اصطلاحي طور استعمال ڪيو آهي.
    5. الفريڊ ايڊلر آسٽريا ۾ 07 فئبروري 1870ع ۾ ڄائو. 28 مئي 1937ع تي وفات ڪيائين . هي ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ سائڪالوجسٽ به هو.
    6. ڪارل جنگ 26 جولاءِ 1875ع ۾ هڪ ننڍي ڳوٺ سوئيز ۾ ڄائو هو. فرائيڊ جو دوست هو. 1907ع ۾ فرائيڊ سان ويانا ۾ مليو. 06 جون 1961ع Zurich ۾ وفات ڪيائين.
    7. سگمنڊ فرائيڊ 8156ع ۾ فرائيبرگ ۾ ڄائو، لڏي اچي ويانا ۾ ويٺو. پاڻ ميڊيڪل ڊاڪٽر ۽ سائڪالوجسٽ هو.

    مارڪسي تنقيد جا ٽي دور ۽ انهن جو ادب تي اثر
    مارڪسي تنقيد جا ٽي دور آهن
    1. ڪلاسيڪل مارڪسي تنقيد
    2. نئين مارڪسي تنقيد
    3. ساختياتي مارڪسي تنقيد
    سڀ کان پهرين اسان ڏسون ته ڪارل مارڪس جو تخليق جي باري ۾ ڪهڙو خيال هو. سن 1857ع ۾ ڪائوتسڪي جي ڪتاب جا پيش لفظ لکندي چيو هو ته
    “ there is an unequal relation between the development of material production and for instance , artistic production “
    هن رائي مطابق مارڪس فن ۽ مادي پيداوار عمل کي الڳ الڳ خانن ۾ ورهائي ٿو ، ائين چئي سگهجي ٿو ته تخليقار هڪ خودمختيار لقاءَ آهي . مارڪس يونان جي ادب جي مطالعي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته عظيم تخليقي ادب اعليٰ مادي ترقي جو نتيجو ناهي . ڇو ته يونان ۾ معاشي زوال پذير نظام هو ، تڏهن عظيم ادب پيدا ٿيو هو . ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته مارڪسي ادب جي تخليق ان جي تاثر کي زمان و مڪان کان بالا تر قرار ڏنو هو . مارڪس جو اهو وري هن جي تاريخي ماديت مان ثابت ٿئي ٿو . مارڪس سماجي ۽ فطرتي ارتقا لاءِ جدلياتي ماديت طريقي ڪار واضح ڪيو هو . مارڪس وٽ ٻه اصطلاح هئا 1. جدلياتي ماديت 2. تاريخي ماديت.
    جدلياتي ماديت اهو طريقي ڪار آهي جنهن جي بنياد تي دنيا ۾ ڀڃ ڍاهه ،ارتقا ۽ تبديلي اچي ٿي. جدلياتي ماديت جا اهي اصول پوري فطرت ۾ يڪسان ۽ اٽل آهن . جنهن جي بنياد تي مارڪس مابعد الطبعيات ۽ تصوراتي روايتن ۽ مذهب کي رد ڪيو هو . پر جڏهن ان جدلياتي ماديت جي ذريعي سماجي ارتقاءَ جي پرک ڪئي ويئي ته تاريخي ماديت جو نظريو پڌرو ٿيو . جدلياتي ماديت همه گير ۽ Deductive Method تي ڪم ڪري ٿي پر تاريخي ماديت جز کان ڪل يعني Inductive Method تي ڪم ڪري ٿي ، ڇو ته جدلياتي ماديت ارتقا جي اصولن جو هڪ اٽل قانون آهي ، جنهن ڪري سندس مزاج ۾ جبريت (Determinism)
    وارو آهي ۽ تاريخي ماديت عمل ۾ انساني ارادي جي شرڪت جي ڪري ۽ تاريخ ۾ فرد جي ڪردار جي ڪري رضاڪاري (volunteerism) ڏانهن مائل آهي .
    تاريخي ماديت جي ڪري مارڪسزم خالص جبريت جو فلسفو ناهي . هاڻ ادب ، فن، تخليق جو خانو تاريخي ماديت ۾ آهي.
    ٻي طرف اينگلس جو موقف به انهيءَ کان مختلف ناهي .هن مانا ڪائوتسڪي (Minna Kaustsky) جي ناول 1884ع تي راءِ ڏيندو لکيو هو ته
    “ ….the poet is not obliged to present the readers with historical future solution of the social conflicts described by him”
    اينگلس ليکڪ جي آزادي تي يقين رکندي چوي ٿو ليکڪ جي سياسي ۽ نظرين ۽ ان جي تخليق ۾ فرق هوندو آهي يعنيٰ سماجي شعور ۽ تخليقي شعور جا دائرا الڳ الڳ آهن . غور سان ڏٺو وڃي ته تاريخي ماديت جو اصول جدلياتي ماديت جي ابتڙ آهي ڇو ته تاريخي ماديت حتمي اصولن کان وڌيڪ انساني ارادي ۽ جدوجهد تي يقين رکي ٿي . اهو ئي سبب آهي جو مارڪس سماج کي بدلائڻ لاءِ هڪ انقلابي پارٽي ۽ انقلابي طبقي جي جدوجهد جي ڳالهه ڪئي .
    ڪلاسيڪي تنقيد
    اسٽالن جي دور ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي ثقافتي ۽ ادبي پاليسي سرڪاري منشور مطابق هئي ليکڪ تي لازم هو ته هو سرڪاري پارٽي جي منشور مطابق لکي نه ته باقاعده سزا مقرر هئي .
    سرڪاري پاليسي ۾ بنيادي هي ڳالهه طئي ڪئي ويئي ته ؛
    “The communist writer is allowed and even encouraged to dream, but his dream should remain within the confines of Marxist logic and comprehensible to party censors”
    مطلب ته ليکڪ کي سرڪاري پاليسين جو پابند بنايو ويو ٻي صورت ۾ ليکڪ جي تخيل جي وسعت ۽ موضوعي پيچيدگين ۽ حياتياتي پراسراريت کان انڪار ڪيو ويو . 1930 ۾ پهرين سوويت رائٽرز ڪانفرنس ۾ سوشلسٽ حقيقت نگاري ادب جي سرڪاري پاليسي طور واضح ڪئي وئي . جنهن ۾ ادب کي سوشلزم جي راهه هموار ڪرڻ جو هٿيار بنايو ويو . جنهن اهو واضح ڪيو ويو ته تخليقڪار پنهنجي تخليق جي نتيجي جو خيال رکي . ادب جو ڪوبه حصو پرولتاري جدوجهد ۽ سوشلسٽ انقلاب جي برخلاف نه هجي . اها حقيقت آهي ته سڄي دنيا جي هر پرت کي مارڪسزم متاثر ڪيو ، پر ائين نٿو چئي سگهجي ترقي پسندي صرف مارڪسزم متعارف ڪرائي . ترقي پسندي اڳ به هئي بلڪ جڏهن کان دنيا وجود ۾ آئي آهي انسان جا رويا ۽ سوچون ٻن قسمن جا رهيا آهن 1. ترقي پسند 2. رجعت پسند رويو . ترقي پسند رويو يا ڍنگ آهي جنهن ۾ هر عمل کي مثبت ۽ انساني ادب ۽ قدر سان ڀيٽيو ويو آهي . بلڪ آئون ائين چوندس ته ترقي پسند انسان ٿيندو آهي ۽ رجعت پسند جانور ،ڇوته انسان هر عمل کي مهذب طرح عقلي بنيادن تي پورو ڪندو آهي ۽ جانور هر عمل تي Reaction ڪندو آهي ، ائين چئجي “ترقي پسند اديب سنجيده ، اميد پرست ۽ حوصله انگيز هوندو آهي” اسان وٽ سنڌ ۾ مارڪسزم جي تنقيد جو ڪلاسيڪل تنقيد جو رجحان رهيو، جنهن ادب کي ادب برائي سياست بنايو ويو جنهن ڪري هڪ ته ادب جو فن ۽ وسعت متاثر ٿئي . ٻيو ته ادب کي فارمولائيز ڪيو ويو جڏهن ته زندگي رينڊم آهي . ادب جي آئيڊيالاجي طئي نٿي ڪري سگهجي ۽ نه ئي زمان و مڪان ۾ قيد ڪري سگهجي ٿو . سنڌ ۾ مارڪسزم کي صوفي مت جي ٽڪراءَ ۾ نه اچڻ گهرجي ها . جيڪڏهن اسان صوفي مت کي مارڪسزم جو روح بنايون ها ته هڪ ته اسان مارڪسزم جي مڪينيڪل ماديت کان بچي وڃون ها ٻيو ته اسان صوفي مت کي اوتارن ۽ خانڪائن ما ڪڍي عوامي سطح تي کڻي اچون ها نتيجي طور اسان شاهه لطيف جي فڪر سان تسلسل کي ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون ها . سنڌي ادب پنهنجي روح ۾ مزاحمتي رهيو آهي ، انهيءَ ڪري جڏهن ون يونٽ جي خلاف ادب جو سونهري دور شروع ٿيو هو اهو ڪلاسيڪل مارڪسي تنقيد جي تلوار سان اسان زخمي ڪري وڌو . نتيجو اهو نڪتو ته هڪ پاسي اديبن وجوديت جي تحريڪ ۾ پناهه ورتي ٻيو محبوبا جي زلفن ۾ اٽڪي بيهي رهيو . مارڪسسٽ تنقيد نگار ڪٽر رهيا جنهن ڪري هڪ طرف رجعت پسندي جي ٽڪراءَ ۾ ترقي پسندن جو رويو لبرل ۽ اعتدال وارو نه رهيو ٻي طرف اديبن ۽ تنقيد نگارن ۾ به ٽڪراءَ واري صورتحال رهي . بقول علي سردار جعفري جي ته
    “ سياسي تحريڪن سان وابستگي اسان کي ورثي ۾ ملي آهي تنهن ڪري ترقي پسند ادب جي گهٽي ۾ سياست پيل آهي .”
    نئين مارڪسي تنقيد
    نئين مارڪسي تنقيد جنهن کي حقيقي مارڪسي تنقيد به چيو وڃي ٿو ان تنقيد جي تشڪيل روس کان ٻاهر ٿي هن جا اهم نمائيندا جن ۾ بريخت برٽالٽ (Bertolt Brekht) ٿيوڊر ڊرائڊرنو (Theodor Adorno) ميڪس هورخي مر (Max Horkhrimer) هربرٽ مارڪيز (Herbert Marcuse) والٽر بنجمن (Wlter Benjamin) ۽ لائوس گولڊ مان (Lucien Goldmann) شامل آهن . هنن سڀني جو رايو هو ته آرٽ کي زياده کان زياده خودمختيار شعبو هئڻ گهرجي . هنن جي خيال مطابق “اسٽالن جي دور ۾ پيدا ٿيل ادب ۾ مارڪسي جارحيت جو روح سمايل آهي اهو نڪرڻ گهرجي ، ڇو ته ان سان ادب جو اعليٰ معيار قائم نٿو رکي سگهجي اديب رڳو پڙهي ڏيڻ وارو بنجيو وڃي”. نئين مارڪسي تنقيد مطابق سپر اسٽرڪچر انفرا اسٽرڪچر جي تابغ ناهي پر ان کان متاثر ضرور ٿيندو آهي . ٻين لظن ۾ ائين چئجي ته معاشي ڍانچي ۽ پيداواري رشتن مان سياست ، آرٽ ، فلسفو، مذهب، ٻولي ۽ تخليق جنم نه وٺندي آهي ، پر متاثر ضرور ٿيندي آهي . ڇو ته ليکڪ تخيل پرست ۽ تخليق پرست هوندو آهي ان ڪري هو پنهنجيون ڪيتريون دنيائون آباد ڪري وٺندو آهي . جيڪي زمان و مڪان جي گرفت ۾ نه هونديون آهن . انهيءَ ڪري فن ۽ فڪري اڏام مٿانهين هوندي آهي . جيئن شاهه لطيف جي شاعري کي زمان ومڪان جي قيد ۾ نٿو آڻي سگهجي . پر سندس فن ، فڪر ۽ جماليات ٽنهي جو سنگم شاعري ۾ موجود آهي. ڀلي ڪلهوڙن جي دورجو ڪلاسيڪل ادب هجي يا اڄ جي دور جو پوسٽ ماڊرن ازم جو ادب هجي پر شاهه جي شاعريءَ جي اهميت ۽ جمالياتي هز اهو ئي آهي .
    ساختياتي مارڪسي تنقيد
    ساختيات شعور کي لساني نظام جي پيداوار قرار ڏي ٿي ۽ مارڪس انساني شعور کي مادي حالتن جي پيداوار سمجهي ٿو .اهڙي ساختيات ۽ مارڪسسٽ فرد ۽ موضوع جي بجاءِ اجتماعيت ۽ معروضيت تي يقين رکي ٿي . ساختيات فرد ۾ داخليات کي مسترد ڪندي ڪلچر کي اهم سمجهي ٿي ۽ مارڪسسٽ معشيت ، تاريخ ۽ سياست کي سماجي ارتقا جو جز قرار ڏين ٿا . اهڙي طرح ٻنهي فڪرن جو بنياد اجتماعيت يعني ڪل آهي .
    آلٿس سر (Louis Althusier) ساختياتي مارڪسي تنقيد جو پهريون نقاد هو هن جو خيال هو ته معشيت ، سياست ۽ نظرئي مان ڪنهن جي به مرڪزي حيثيت ناهي پر اهي اضافي خودمختياري يعني (Relative Autonomy) آهن اهڙي طرح هن ادب کي به اضافي خودمختياري قرار ڏنو هن جو چوڻ هو ته ادب نه ته نظريي جو عڪس آهي ۽ نه وري حقيقت جو بلڪ ٻنهي کان ڪجهه فاصلي تي آهي اها ئي ادب جي خودمختياري آهي .
    ساختيات جو بنياد لفظ آهن جن کي معنيٰ ناهي هڪ لفظ کي ڄآڻڻ لاءِ ٻي لفظ کي سمجهڻو پوندو آهي . مثال ڪانگ انهي ڪري ڪانگ آهي ته اهو ڪبوتر ناهي پر ڪبوتر کي ڪبوتر ڪنهن چيو ؟ يعني اسان هڪ لفظ کي سمجهڻ لاءِ ٻي لفظ سان ڀيٽ ڪرڻي پوندي ۽ لفظ ڪانگ مان هرگز به اها هوبهو ڪانگ جي معنيٰ نٿي نڪري. اهڙي طرح اسان معنائون طئي ڪندي وڃي هڪ ڪلچر جي نظام ۾ داخل ٿينداسين پر معنيٰ نه ملندي يعنيٰ بصر جون کلون لاهيندي اسان خالي پڻي تي وڃي بيهنداسين جتان اسان وري ساختيات پڄاڻان تحريڪ ۾ داخل ٿي وينداسين .ڪابه شئي انفرادي طرح ڪجهه به ناهي پر ڪنهن نه ڪنهن ڪلچر جو حصو آهي يعنيٰ لفظ صرف ساخت آهن جن کي معنيٰ ڪلچر ڏئي ٿو ، وري هر ڪلچر ۾ لفظ جي معنيٰ الڳ الڳ آهي .اسان غور سان ڏسنداسين ته ساختيات جو بنياد ليکڪ جو موت (Death of Author) تحريڪ آهي جيڪا رولينڊ بارٿس شروع ڪئي . جنهن ۾ ليکڪ جي حيثيت ثانوي بنجي وڃي ٿي . هي بي روح ماديت جي تحريڪ آهي جنهن ۾ تخليق کي معنوي روپ پڙهندڙ پنهنجي ڪلچر مطابق ڏي ٿو .
    اسان غور سان ڏسون ته سنڌي سماج ۾ ون يونٽ جي دور جو هڪ پنهنجو ڪلچر هو جنهن تخليقڪار لفظن جا انبار پڙهندڙ کي ڏي ٿو ۽ پڙهندڙ ان وقت جي ڪلچر مطابق ان کي معنيٰ جو لباس پهرائي ٿو . پر جيئن ئي اهو ڪلچر ختم ٿئي ٿو . ته ليکڪ بي معنويت جو شڪار ٿئي ٿو ، اهو ئي جمال ابڙو موجود آهي پر اهي شاهڪار ڪهاڻيون نه پيو ڏئي ، اهو ئي امر جليل موجود آهي پر سندس سندس ادبي چاشني ختم ٿي ويئي ، شيخ اياز ته موجود هو پر خوبصورت ، مزاحمتي ۽ جمالياتي شاعري گم ٿي ويئي ۽ دعائون پيو لکي .جيڪي نوان تخليقڪار آيا اهي صرف لفظن جي پاري زري ڪرڻ لڳا سندن تخليقون بي روح ۽ سماجي نه بنجي سگهيون . ڇو ته پوسٽ ماڊرن ازم اينٽي ڪلچرآهي جنهن ۾ ذرو ذري کان ڌار آهي . جڏهن ته “ساختيات دنيا جي وسعت ۾ شين کي الڳ الڳ نه پر انهن کي هڪ وسيع رشتن سان منسلڪ نظام ذريعي سمجهي ٿي” ان صورت ۾ ساختيات نه پر پس ساختيات وڌيڪ نظر اچي ٿي ، جيڪا معنيٰ کان ئي انڪار ڪري ٿي .
    جيڪڏهن ادب بي روح ماديت جي بنياد تي پرورش پائيندو ته اهو سپر اسٽرڪچر جي بجاءِ انفرا اسٽرڪچر بنجي ويندو . نتيجي طور ان کي پنهجو ڪلچر ٺاهڻو پوندو . جيڪو ذري گهٽ سرريئلزم جي خاني ۾ هليو ويندو . دنيا ۾ ناول جي صنف وڌيڪ مقبول ٿي ان ڪري ته ائنٽي ڪلچر کي هڪ وسيع ڪهاڻي ۾ ڪلچر جي جڳهه ڏي ٿو . سنڌ ۾ اديب زياده تر شاعري جي صنف تي طبع آزمائي ڪئي، جيڪا صرف فني قالب ۽ لفظن جو جمالياتي رنگ ظاهر ڪري ٿي . ڪارل مارڪس جي ادبي تنقيد ترقي پسندي کي هڪ سائنسي ۽ نئون رخ ڏنو پر ادبي نقادن ماديت پسندي جي عينڪ پائي تخليقڪارن تي جارحانه حمله ڪيا ۽ جتي اديب تخيل ۽ فطرتي جي گهرائي ۾ پنهجي روح سميت نه پهتو اتي اديب بي روح بنجي رهجي ويو .ٻي طرف ساختياتي تنقيد به ماديت پرست ۽ فارولائيز آهي جنهن ڪري ادب جو وسيع تخليقي روح متاثر ٿئي ٿو. اسان جو اديب جيستائين ادب لاءِ سرمائيداريءَ سماج مان ڪمرشل فاعدو ڳوليندو رهندو ، يعنيٰ شهرت جي بک، سرڪاري ايوارڊ جي بک ، نامه چاري، واهه واهه . مطلب ادب کي مادي فاعدي لاءِ استعمال ڪندو يا ادب کي نوڪري ٺاهيندو ته لازوال تخليق نه ڪري سگهندو .


    جمالياتي تنقيد

    Aesthetical Literary Criticism
    ادبي تنقيد جا مختلف قسم ٿيندا آهن. جيڪي ادبي دنيا ۾ رائج ڪن نظرين ، رجحانن ۽ لاڙن موجب هڪ ٻئي کان مختلف ٿينداآهن. مثال ادب جي ڪارج کي بنياد بنائي هڪڙا اديب ۽ نقاد ادب برائي ادب ٻيا ادب برائي زندگي، يا ادب برائي مقصد جا قائل آهن. ادب برائي ادب يا ادب برائي فن ۾ يقين رکندڙ ادب کي صرف ان جي پنهنجي فني سونهن (جماليات) سبب ڪري اهميت ڏيڻ جا قائل آهن ۽ اهي ادب جي پرک پڻ انهيءَ مفروضي موجب ڪندا آهن. اهڙي قسم جي تنقيد کي جمالياتي تنقيد سڏيو ويندو آهي.
    جمالياتي تنقيد (Aesthetic Criticism ) جو ادبي طور بنياد اسان کي ڪانٽ جي انهيءَ ڳالهه مان ملي ٿو ته ؛
    “Art can be judged by its own criteria”
    فن سندس پنهنجي گهرجن پٽاندڙ پکي سگهجي ٿو.انهيءَ خيال جي بنياد تي يورپ ۾ جمالياتي تنقيد جو بنياد اهو بنيو ته ؛
    “Art is an end in itself and does not need to have any moral, religious, political or educational purpose.”
    ترجمو؛ فن پنهنجو پاڻ ۾ هڪ مقصد آهي، جنهن ۾ اخلاقيات ، مذهب، سياست يا تعليم جو مقصد هئڻ ضروري ناهي.
    جمالياتي تنقيد نگار فن جي فارم تي وڌيڪ زور ڏيندا آهن ، وٽن مواد ثانوي شيءَ آهي، يعني خيال ڪو سگهارو هجي يا نه هجي پر لفظن جي جادوگري فني شهپاري کي نکاريندي آهي. ڪنهن چترڪار جا رنگ هڪ عام شيءَ کي اهڙي طرح پيش ڪندا آهن جو خيال ڀلي سمجهه ۾ نه اچي پر پوءِ به شيءَ خوبصورت لڳندي آهي. آخر ڪار ڪا شيءَ اسان کي ڀلي ڇو ٿي لڳي ؟ ان ۾ ڪهڙي خوبصورتي آهي؟ يا اهو ته خوبصورتي ڇا آهي؟
    اناطول فرانس (1844-1924) Anatole France چيو هو ته “ اسان اهو ڄاڻي ئي نٿا سگهون ته سونهن ڇا اهي؟ ڪهڙن سبب جي ڪري ڪا شيءَ سهڻي لڳي ٿي”
    اسان انهيءَ خيال کي هيئن به سمجهي سگهون ٿا ته انسان غير منطقي جِيو آهي. سندس لاشعور ۾ ڪهڙا محرڪ کيس ڪيڏانهن وٺي وڃن ٿا ڪجهه نٿو چئي سگهجي. انهيءَ ڪري سونهن جو وٽس تصور ڪو فارمولي وارو ناهي. خبرناهي ڪڏهن ڪهڙي شيءَ پسند ڪري.
    آخر سونهن ڇا آهي؟
    افلاطون حسن کي معروضي حقيقت جو نالو ڏنو هو. هن جو خيال هو ته حسن خود هڪ حقيقت آهي ۽ حسن دائمي جوهر آهي . مختلف شين ۾ دراصل حسن جو هڪ دائمي جوهر موجود هوندو هوندو آهي . اهڙي طرح هيگل به معروضي حسن جو قائل هو . هن جو چوڻ هو ته حسن هڪ مطلق (Absolute) تصور آهي، جيڪو پنهنجي پاڻ کي حواسن ذريعي ظاهر ڪري ٿو. يعنيٰ ڪا شيءَ ايتري حسين هوندي آهي جيترو ان ۾ هڪ خاص تناسب سان حسن هوندو آهي.
    پر ڳالهه اها آهي ته ڪهڙي قوت آهي جنهن سان اسان حسن کي پرکيون ۽ اها قوت سڀني ۾ هڪ جهڙي ڇو ناهي ؟ ان جو مطلب ته حسن جو بنياد ته وري به پرک تي آهي. اهڙي طرح وري حسن جيڪڏهن معروضي آهي ته پوءِ اهو يڪسان طور سڀني کي هڪ جهڙو حسين لڳي پر ائين ناهي. ڪنهن کي گلاب ٿو وڻي ته ڪنهن کي خوبصورت نظارا وڻندا آهن ته ڪنهن کي بور لڳندا آهن. ڪنهن کي سانورو رنگ ٿو وڻي ته ڪنهن کي ڳورو. ان جو مطلب ته حسن جو معروضي تصور صحيح ناهي.
    اسپينوزا (Benedic de Spinoza 1632-1677) چيو هو ته “اسان خوبصورت شيءَ جي خواهش انهيءَ ڪري ڪندا آهيون جو اها اسان جي امنگن جي ترجمان هوندي آهي .
    يعنيٰ ڪا شيءَ انسان جي فطرتي ضرورت پوري ڪري ان ۾ جمالياتي فيض ڏيڻ جا امڪان موجود هوندا آهن.
    مثال هڪ بکئي ماڻهو لاءِ کاڌي جي ٿالهي کان وڌيڪ ڪا خوبصورت شيءَ نه هوندي آهي. وري ڪنهن جوان جانٺي لاءِ جوان ڇوڪري کان وڌيڪ ڪا خوبصورت شيءَ ناهي. پر ان کي پنج ڏينهن بکيو رکو ۽ موچڙا هڻوس پوءِ چئوس ته بابا خوبصورت ڇوڪري کپي يا ماني؟
    هڪ اديب لاءِ سندس نئين ڇپيل تخليق کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوبصورت شيءَ هوندي پر هڪ هاري صبح جو ان سان هٿ صاف ڪري اڇلائي ڇڏيندو ان لاءِ وري مڪئي جا سنگ، ڏڌ جو لوٽو وڌيڪ خوبصورت آهي.
    نيٽشي (Friedrich Nietzche 1844-1910) جرمن فلسفي چوندو هو ته سونهن ۽ بدصورتي حياتياتي تصور آهن . جيڪا شي ڪنهن به نسل لاءِ نقصانڪار آهي. اها بدصورت آهي ۽ جيڪا شيءَ نسل لاءِ فائيديمند آهي اها خوبصورت آهي. .
    معنيٰ اسين کنڊ مان اسان کي ڪيلريز ملن ٿيون ان ڪري سٺي آهي. پر شوگر جي مريض لاءِ کنڊ خراب آهي.
    هڪ ٻيو نظريو سونهن متعلق هي آهي ته سونهن فاعدي جي ابتڙ فرحت ۽ سڪون سان لاڳاپيل آهي. جنهن جي پٺيان اسان جون سڌون لڪيل آهن. مثال پئسو، دولت ڪنجوس لاءِ ڪنهن فاعدي ۾ ناهي پر هو دولت کي ڏسي فرحت محسوس ڪري ٿو . يعنيٰ ڪو آواز ، ڪو سريلو گيت ڪو نرم ڇهاءَ فرحت بخشي ٿو ته اهو سهڻو آهي. جارج سنتيانا جو چوڻ آهي .“ سونهن لطف جو ٻيو نالو آهي” يعني سونهن پٺيان جنسي جذبي جو به اثر موجود آهي. هن نظريي مطابق تخليق لاءِ به جنسي جذبو متحرڪ آهي. ۽ ان جي اثر ۾ ماڻهو تخليقڪار ٿئي ٿو ۽ پيار سونهن جي تخليق ڪري ٿو. هڪ عاشق کي پنهنجي محبوبه کان وڌيڪ ڪا ٻي شيءَ حسين نه لڳندي ان پٺيان به اهڙو ئي سبب موجود آهي. ڊاڪٽر سليم اختر جي خيال آهي ته “ جيڪڏهن عورت جنس جو کليو اظهار نٿي ڪري سگهي ته لپ اسٽڪ لڳائي مرد ۾ عاشقي واري خواهش کي اڀاري سگهي ٿي.
    سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهو حسن ته لازوال ناهي. هماليه جي چوٽي سر ڪرڻ کان پوءِ حسن جا تجلا گهٽجيو وڃن . نپولين بوناپارٽ سندس محبوبه جي بي وفائي جو سبب ڳولي نه سگهيو . هن چيو ته مان حسين . دولت مند، طاقتور ۽ افعالن وارو آهيان پر پوءِ به محبوبه کي حسن ڪنهن ٻيءَ ۾ نظر آيو.
    جڏهن ڪنهن سان عشق ٿي وڃي ٿو ته اها دنيا جي خوبصورت ترين شيءَ بنجيو وڃي . دل چاهي ٿي ته رڳو پري کان سندس ديدار ٿئي . بس اهائي سڀ ڪجهه آهي ۽ ان سان ڳالهيون ان جا تصور هجن!! پر ڪيستائين جڏهن ان جي حسن کي پنهنجي وجود ۾ ضم ڪرڻ جي خواهش زور وٺي ٿي ته اهڙي حسن جي پٺيان هوس جو جذبو اڀري ٿو .
    بقول غالب جي
    “ هو چڪا عشق اب هوس ئي سهي
    ڪيا ڪرين فرض هي ادائي نماز.
    انهيءَ ڪري سونهن کي مايا قرار ڏنو ويو جنهن جي اصل حقيقت ڪجهه به ناهي.
    فطرت جا اصول اسان ڪنهن هڪ فارمولي سان نٿا سمجهي سگهون ڇو ته عالمگير اصولن جا به هزارين روپ آهن. جنس جو جذبو فطرت جي مختلف رنگن ۾ ظاهر ٿئي ٿو. جنهن جو تعلق مخصوص جنسي چڪ سان بنهه ڪونهي. هڪ ماءُ لاءِ سندس ٻار جيڪو ڀلي ڪوجهو ڪنو هجي پر ان کان وڌيڪ خوبصورت ڪو به ناهي. آهستي آهستي سونهن ڪائنات جي ڪثرت ۾ ڦهلجي مخلتف روپن ۾ ظاهر ٿئي ٿي . ان لاءِ صوفين جو چوڻ آهي ته هر شيءَ خوبصورت آهي. بجا طور سمجهه ۾ اچي ٿو.
    “ خدا سونهن جو ڳجهو خزانو هو کيس جنبش جاڳي ته پاڻ سڃاڻجان ۽ پوءِ ڪائنات خلقيائين”
    معنيٰ ته آهي ئي سونهن ! ڇو ته خدا سونهن آهي انهيءَ صورت ۾ سونهن کي محسوس ڪرڻ جي سگهه شعوري پختگي کانپوءِ حاصل ڪريون ٿا. جيترو شعور پختو هوندو تخيل ۽ وجدان جي سگهه اوتري وڌندي. جاهل تي الهام نه ٿيندو نه وري جاهل وٽ تخيل جي سگهه هوندي آهي. ان جو مطلب ته سونهن جو احساس جاهل ۽ جانور کي نه هوندو آهي. . شايد اهو ئي سبب آهي جو شعوري علمي سگهه وارو ماڻهو وڌيڪ رومانٽڪ ٿيندو آهي يا وري امن پسند ٿيدو آهي.
    ڪروچي benedetto croce (1892-1952) جي خيال ۾ سونهن کي شعوري ۽ ذهني پختگي نه پر وجدان ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو. جماليات هڪ روحاني عمل آهي. جيڪو وجدان جي صورت ۾ هڪ تاثر ۾ بدلجي ٿو. اسان هيئن سمجهون ته انسان اندر ۾ الهامي صورت سونهن جو احساس جاڳائي ٿي. اها سونهن تخليق ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته ڀٽائي پيدا ٿئي ٿو. شيخ اياز پيدا ٿئي ٿو. اها قوت محبت ۾ ظاهر ٿئي ٿي ته رضيه سلطانه ، ياقوت شيديءَ سان پيار ڪري ٿي ۽ ان شيديءَ کان وڌيڪ حسين شيءَ رضيه سلطانه کي نظر نه آئي. اها ئي وجداني قوت ڪنهن عاشق کي ڦاهيءَ تي وٺي وڃي ٿي . بادشاهي ٿڏي چڏڻ تي مجبور ڪري ٿي يا زهر جو پيالو پياري ٿي.
    ڇا سونهن وجداني احساس آهي.؟
    ڊارون جي خيال ۾ سونهن م نسلي ، علاقائي ۽ شخصي پهلو آهن . هر قوم ۽ علائقي جي ماڻهن وٽ پنهنجا سونهن جا معيار آهن. وري هر شخص وٽ سونهن سندس تجربي ۽ ڄاڻ جي آڌار تي آهي. يعنيٰ ڀلا ڀلي جو ڇيهه ڪونهي، حسين شيون هڪ کان هڪ پيون آهن. توهان جي تجربي ۾ اينديون وينديون ۽ توهان جو معيار وڌندو ويندو.
    هاڻ اسان موٽي اچون ٿا ڪانٽ جي ان ڳالهه ڏانهن ته ادبي تخليق جي ڄاڻ جو پنهنجو معيار آهي. ان جي سونهن ان جو پنهنجو فن آهي. جماليات ابد جي تخليق جو اهم محرڪ آهي هاڻ جماليات جا ماڻ ماپا هر هڪ لاءِ الڳ الڳ آهن. ڪنهن سوشلسٽ ريئلسٽ ليکڪ لاءِ ته پورهئي جو عمل جماليات جو اهم ذريعو آهي. پر ڪنهن عاشق لاءِ جماليات جو ذريعو الڳ آهي.
    شاهه جو هي بيت ڏسو؛
    ڪاريون ڪوجهيون ڪوڙيون مور نه موچاريون
    کڻي ويٺيون واٽ تي ککي جون کاريون
    انهن جون آريون سمي ريءَ ڪير سهي
    پورهيو ڪندڙ مهاڻيون ، مڇي وڪڻندڙ ڌپ هاڻيون عورتون جن جا ڪپڙا ڦاٽل، رنگ سندن ڪارو پر سمي بادشاهه کي انهن ۾ حسن نظر آيو. اها ڪهڙي سونهن هئي؟ اتي سونهن جو اخلاقي پهلو ظاهر ٿئي ٿو ته سونهن انسان جي افعالن ، سادگي، عاجزي ۽ ڪردار جي عظمت ۾ آهي.
    پر هتي اسان جماليات ڪنهن فني شهپاري ۾ ڳولينداسين ته ڇا فن ۽ فڪر کان جماليات بالاتر آهي؟ ته جواب آهي جماليات هوا ۾ لٽڪيل ناهي سادن لفظن ۾ ڪا ڳالهه اهڙي طرح چئي وڃي جو خوبصورت لڳي.
    تنهنجي ديدن ۾ دلبر
    انتر منتر ، جادو جنتر
    استاد بخاري جي هن شعر ۾ عام لفظ مروج اصطلاح انتر منتر جادو جنتر آهي جو ان جو روپ جمالي ٿي پيو آهي. پر هتي اها ڳالهه به بحث طلب آهي ته ڇا جماليات هڪ انتهائي تنظيم ڪاري يا منظم شيءَ جو نالو آهي؟
    هي شعر ڏسو؛
    راند ڪريندو ڪير
    سنڌيا جو ڊوڙيندي،
    ڦٽجي پيو آهي پير.
    سحر امداد جي هن ٽيڙوءَ ۾ هڪ سادو خيال آهي. پر شعر هڪ خوبصورت تاثر ڇڏي ٿو ته جمال ترتيب جو هڪ حسين امتزاج آهي. جيڪو پڙهندڙ ۽ شاعر جي وچ ۾ هڪ تعلق قائم ڪري ٿو اهو تعلق ٻڌندڙ تي هڪ جمالياتي ڪيفيت طاري ڪري ٿو. وري هي شعر ڏسو. ؛
    تون ئي تنها رهجي ويندين،
    هوءَ ته ڪنهن جي به ٿي سگهي ٿي
    سميع بلوچ جو هي خيال جيترو سگهارو آهي اوترو من کي ڇهندڙ آهي . ڪڏهن ڪڏهن من کي ڇهندڙ جذبا لفظن جو روپ وٺي سا مهون بيهن ته خوبصورت لڳندا آهن . اهڙي طرح ڪو منظر جيڪو بار بار توهان ڏٺو هجي پر شاعر ۾ اها طاقت آهي ته هو ان جي جماليات جا رنگ نروار ڪري ڇڏي ٿو. شيخ اياز جو هي خيال ڏسو.
    تنهنجا منهنجا چپ
    جيئين چمي ماتلي
    ٻئي ڦليليءَ ڪپ
    جنهن ماتلي جو شهر ڏٺو هوندو اهو ئي هن ٽيڙو جي خوبصورتي کي پرکي سگهندو. پر ساڳي وقت جي ڪو روز ماتلي ڏسندو هوندو پر وري هن شعر پڙهڻ يا ٻڌڻ کانپوءِ انهيءَ منظر کي ڏسي ته ان جي خوبصورت وڌي ويندي .
    آسڪر وائلڊ واري ڳالهه ته آرٽ کي آرٽ سان مطلب هوندو آهي. “Art for Art’s sake” سو فن جي خوبصورتي جيڪڏهن ڪنهن پيغام ، مذهب ، نظريي کان بالاتر ٿي ماڻهو کي متوجه ڪري ٿي ته آخر اها ڪهڙي شيءِ آهي ؟ ڇا اها خوبصورتي ڪا الڳ شيءِ آهي ۽ اها ڏسڻ واري جي اک ۾ رهي ٿي ؟
    ڏٺو وڃي ته سڄي فطرت پنهنجي لقاءَ مان هڪ آرٽ آهي. پر اهو آرٽ ڇا پنهنجي حقيقي وجود ۾ ڪا خوبصورتي رکي ٿو.؟ ڏسڻ وارن جي اک ۾ اها فطرت پري کان حسن جي جلون کي متوجه ڪري ٿي ؟.
    جيئن شاعر لاءِ چنڊ هميشه خوبصورتيءَ جي علامت رهيو آهي پر حقيقيت ۾ چنڊ تي پهچڻ کان پوءِ سائنسدانن چيو ته چنڊ ۾ خوبصورتي جهڙي ڪابه شيءِ ناهي . بلڪل اهڙي طرح ماڻهو هڏن جو پڃرو، گوشت، رنگ ، چمڙي جو ٺهيل آهي، ڪهڙي شيءِ خوبصورت آهي. ماڻهو مري پوي ته ان کي ٻه ڏينهن به رکي نٿو سگهجي ڌپ ايتري ٿيو پوي جو نڪ تي هٿ اچيو وڃي، ته پوءِ خوبصورت ڪهڙي شيءِ آهي ؟
    اتي هڪڙي ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته خوبصورتي اندر جي ڪا طاقت آهي، جيڪا ماڻهو منجهه تخيل جي صورت ۾ موجود رهي ٿي. بس ماڻهو انهيءَ تخيل کي ڪنهن تي آڻي يا ٺهڪائي ٿو يا فٽ ڪري ٿو. ته اها شيءَ خوبصورت لڳي ٿي. پر اصل ۾ ڪابه شيءِ خوبصورت يا بدصورت ناهي. معيار پرک سان تخيل جي سگهاري پن سان يا اندر جي ان سگهه سان آهي جنهن ۾ جماليات جا رنگ وکريل آهن. .
    مثال شاهه جو هي شعر ڏسو؛
    ڪر موڙيندي ڪاڪ تڙ، مومل ڏٺي مون
    اٿليس آهون ڀري ، ڀري مٿي ڀون،
    سا جي ڏسين تون ته موٽين ڪين مينڌرا.
    اتي خوبصورتيءَ جو معيار پرک سان آهي. مومل ته مينڌري به ڏٺي پر هو غلط فهميءَ ۾ ان کي ڇڏي هليو ويو، هن جي خوبصورتي پرکي ڪين سگهيو. شاهه ان جو تجلو ٻي معنيٰ ۾ پيو ڏسي ، جيڪو زمان و مڪان کان بالاتر آهي،
    بلڪل ادب به ائين اهو سگهارو ۽ دائمي رهي ٿو جيڪو جمالياتي طور وجداني تاثر رکندو هجي ، زمان و مڪان جي سرحدن ۾ قيد نه هجي.


    فيمينزم

    (فڪري، نفسياتي، سماجي ۽ ادبي بحث)
    انسان جو بنيادي مسئلو سندس ذات جي سڃاڻپ جو آهي. سوال اهو آهي ته انسان ڇا آهي ؟ جوب آهي ته انسان اها فطرت آهي جنهن کي پنهنجي آگاهي جو شعور آهي . فطرت ٻن قسمن جي آهي هڪ لقاءَ واري (phenomenological) ۽ ٻيو حرڪي (Vibrant) . انسان لقاءَ مان اڀري پاڻ کان آگاهه ٿئي ٿو۽. هن وسيع ڪائنات ۾ پنهنجي هئڻ جو وجدان حاصل ڪري ٿو. پر اهو جوهر کان بغير صرف وجود جو وجدان.
    انسان جا ٻه اهم مسئلا آهن.
    1 وجود جو عظيم خال جنهن ۾ جوهر ڀرڻو آهي.
    2. آزادي جو بي پناهه وجدان جنهن جو بوجهه ناقابل برداشت آهي.
    دنيا ۾ هر تحريڪ جو بنياد انهن ٻن مسئلن تي رکيل آهي. جيستائين انسان ۾ شعور ناهي تيستائين وجود جو خال ظاهر نٿو ٿئي ۽ جيستائين انسان آزاد ناهي تيستائين بي پناهه آزادي جو وجدان ناهي نه ئي آزادي جو بوجهه کيس مٿي ۾ سور وجهندو،
    انهيءَ ڪري غلام ۽ جاهل پنهنجي عمل ۽ ذات جي آگاهي جي پريشاني کان آزاد آهي.
    اهي ٻئي عمل هڪ ٻئي جي مخالف رخ ۾ آهن ، جڏهن ذات جي آگاهي اچي ٿي ته غلامي قبول ناهي ۽ جتي غلامي قبول ڪئي وڃي ٿي اتي ذات جي آگاهي ناهي. فيمينزم جي تاريخ انهن ئي تضادن جي ڪهاڻي آهي. فيمينزم جي شروعات عورت جي پنهنجي ذات جي شروعات سڃاڻپ کان شروع ٿئي ٿي .
    فيمينزم ڇا آهي؟
    جوب سڌو آهي ته عورت ذات جي وجود جي الڳ سڃاڻپ جي ڪوشش آهي. ڇو تاريخ ۾ عورت پنهنجي خودي ۽ ذات جي عرفان کان محروم رهي آهي . تاريخ ۾ عورت جي تشريح سندس الڳ حثيت سان نه پر مرد جي رشتي سان ڪئي ويئي آهي. تاريخ هجي يا تهذيب ، اخلاق هجي يا فلسفو، مذهب هجي سياست، سماج هجي يا گهر ور عورت جو جيڪو به حصو ۽ ڪردار اسان جي سامهون اچي ٿو ان کي ايني فيرگوسن پنهنجي ڪتاب “Images of women of literature” ۾ هن ريت بيان ڪيو آهي.
    “Man has been defined by his relation ship to the out side world .to nature, to society, indeed to God … where as woman has been defined in relation ship to man”. (1)
    عورت جي تشريح جڏهن به ڪئي ويئي آهي ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن رشتي سان سڏيو ويو آهي. عورت ماءُ آهي يا زال ، ڌيءُ آهي يا ننهن عورت ڀيڻ آهي يا ڀاڄائي آهي . سوٽ آهي يا ماسات آهي. محبوبه آهي يا معشوقه آهي. انهن لقبن ۾ عورت معزز آهي پر کيس حقير رشتن سان به نوازيو ويو جنهن ۾ عورت ٻانهي آهي ، رکيل ، ويشيا، ڏائڻ آهي، ان کان علاوه به عورت کي لقب مليا انهن ۾ عورت ديوي آهي . پر اها ديوي ڪالي آهي يا ايفروڊائيٽ يا ماتا ديوي. جنهن سان پڻ مرد ۽ عورت جو مخصوص رشتو ئي لڪيل آهي. سوال اهو آهي ته عورت جي غلامي يا ڪمزوري جو بنيادي سبب ڇا آهي ؟ ڇا عورت جي اها حالت حياتياتي جبر جي ڪري آهي يا سندس ان حالت جي ذميداري ثقافتي عمل تي آهي؟
    سگمنڊ فرائيڊ چيو هو ته “ The anatomy is destiny” (2) جنهن جو مطلب ته بدني ساخت ماڻهوءَ جي قسمت طئي ڪري ٿي هن نڪتي نظر موجب عورت جو ماءَ بنجڻ وارو عمل جيڪو عورت کي ديوي جي رتبي تي پهچائي ٿو اهو ئي کيس تاريخ جي ابتي چڪر ويو ۾ به ڦاسائي ٿو . “Primitive” سماج ۾ جڏهن عورت خاص ڏينهن ۾ ڊوڙي نه سگهندي هئي، اتي ان کي کاڌ خوراڪ ۽ حفاظت ڪير ڪري ، اهو ڪم مرد ڪرڻ لڳو .پر آخر مرد اهو ڪم ڇو ڪرڻ لڳو انهيءَ ڪري ته ٻنهي جي وچم جنسي رشتو هڪٻئي لاءِ ڇڪ جو سبب هو. آهستي آهستي عورت هڪ جڳهه تي رهڻ لڳي. ۽ مرد ٻاهر شڪار لاءَ ڊوڙ دڪ ڪندو هو. ڪٽنب جي شروعات اتان ٿئي ٿي. ان جو مطلب ته عورت جي Anatomy هي عورت ۽ مرد جي سماجي ڍانچي ۾ ڦيرو آندو ۽ گهر ۽ ڪٽنب جو رواج وڌو.
    ان کان پوءِ عورت ٻني ٻاري جي دريافت ڪئي زراعت جو بنياد وڌو. شڪار ڪڏهن ملي يا نه پر زراعت وڌيڪ فاعدي مند ۽ هر وقت موجود هئي. تنهن ڪري مرد آهستي آهستي شڪار ڇڏي زراعت ڏانهن ڌيان ڏنو. هن وقت تائين عورت جي بدني ساخت مطابق نظام استوار ٿيو عورت ڪٽنب ۽ قبيلي جي سردار هئي ان وقت مدري نظام هو. ان کان پوءِ طبقاتي نظام شروع ٿئي ٿو. جنهن جو بنياد ڏاڍو سو گابو واري قول تي هو.عورت ڪمزور هئڻ سبب کيس بي دخل ڪري گهر ڀيڙو ڪيو ويو . اهڙي طرح طبقاتي نظام عورت جي پدري نظام کي جنم ڏنو ان کان پوءِ عورت جو ڪردار ثقافت طئي ڪري ٿي .
    هر نظام ۾ عورت جو ڪردار طئي ٿيل آهي جاگيرداريءَ ۾ عورت جائز وارث پيدا ڪرڻ جي مشين هئي . سندس تشريح رشتن ۾ محدود هئي. جاگيرداريءَ ۾ سماج جو بنيادي قدر خاندان ، شادي ، اولاد ، رشتا ۽ ڳوٺ ريتون رسمون هيون. هي نظام صدين تائين هليو. جنهن ۾ عورت پنهنجي ذات جي سڃاڻپ ۽ شعور وڃائي ويٺي . کيس غلامي ۾ ئي عافيت ۽ اهميت هئي . بغاوت ڪرڻ جي صورت ۾ وٽس ڪو به ٻيو رشتو نه هو سواءِ وحشيا ٿيڻ جي .
    ان کان پوءِ يورپ ۾ سجاڳيءَ جو دور شروع ٿيو. دراصل اهو دور جاگيرداريءَ مان سرمائيداريءَ ۾ تبديلي جو دور هو . سرمائيداري نظام جي ضرورت اها هئي ته هو عورت کي گهر کان ٻاهر آڻي ڇو ته جاگيرداريءَ جو بنياد گهر هو پر سرمائيداريءَ جو جو بنياد مارڪيٽ آهي . جاگيرداريءَ جو بنياد ٿيوڪريسي هو پر سرمائيداريءَ جو سڪيولر ازم آهي. جاگيرداريءَ ۾ مان مريادي هئي ، اخلاق هو فطرت هئي پر سرمائيداريءَ ۾ بناوت ، نتيجي پرستي (Pragmatism ) ۽ مارڪيٽ جو ڪلچر جيڪو فطرت کان ڪٽيل آهي. .سرمائيداريءَ سڄي دنيا کي منڊي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو ۽ هر ماڻهو کي وکر بنائي ڇڏيو. هر ماڻهو ۾ جيڪي به صلاحيتو آهن اهي مارڪيٽ ۾ وڪڻي سگهي ٿو. ڇو ته سرمائيداريءَ نظام کي صارفين جي ضرورت آهي ان ڪري دنيا جي اڌ آبادي عورت کي سرمائيدار گهر کان ٻاهر اچڻ جي ترغيب ڏني . هي اهو ئي دور آهي جڏهن عورت وري تاريخ جي وهڪري ۾ شامل ٿئي ٿي. عورت پنهنجي سڃاڻپ جي ڳولا ۾ نڪري ٿي .
    ميري والٽسن ڪرافٽ (Mary Wollstonecraft) ڪتاب لکيو
    (A vindication of the rights of woman) جنهن ۾ هن عورتن جي تعليم جو مطالبو ڪيو. جنهن کان پوءَ جان اسٽورٽ مل ڪتاب ( The subjugation of woman) لکيو . جان اسٽورٽ مل جو خيال هو ته عورت کي علم ڏئي عورت کي بهتر شهري بنائي سگهجي ٿو. فيمينزم جي انهيءَ تحريڪ کي لبرل فيمينزم جو نالو ڏنو ويو. جنهن تي فيمينسٽ تنقيد نگارن تنقيد ڪندي چيو ته ” در اصل پدري نظام جي مفادن کي اڳيان رکي عورت کي باشعور بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي پر حقيقت ۾ عورت جي ذات اجاگر نه ڪئي ويئي.“ لبرل فيمينزم عورت کي سٺو گهر هلائڻ ۽ ٻارن جي سٺي پرورش ڪرڻ تائين محدود هئي جنهن جو اثر سنڌي ادب ۾ پڻ اسان کي ملي ٿو بادام ناتوان جو ”خوش خصلت خاتون“ ۽ مرازا قليچ بيگ جو ” زينت“ ناول لبرل فيمينزم جون ئي ڪوششون آهن. اها فيمينزم جي پهرين لهر هئي . 1920 ع ۾ عورت کي ووٽ ڏيڻ جو حق ملي ويو ۽ ساڳي وقت سوويت يونين جي انقلاب دنيا ۾ عورتن جي سجاڳيءَ جي هڪ نئين لهر پيدا ڪري ڇڏي جنهن ۾ عورت پدري نظام جي غير مساوي رشتي کي چيلينج ڪرڻ شروع ڪري ڏنو . 1949ع ۾ سيمون ڊي بوارا Simone de Beauvoir ) ( ڪتاب (The second sex) لکيو جنهن فيمينزم کي نئون موڙ ڏنو سيمون ڊي بوارا پدري سماج جي ثقافتي عمل کي چيلينج ڪندي چيو ته
    “One is not born, but becomes a woman. No biological, psychological, or economical fate determines the figure that the human female present in the society: it is civilization as a whole that produces this creation, intermediate between male and eunuch which is described as a feminine” (3).
    سيمون ڊي بوارا جي اها ڪوشش هئي ته عورت جي اصلي حقيقت ۽ سڃاڻپ کي ڳولجي .
    عورت جي اها ڪهڙي حقيقي سڃاڻپ هئي جيڪا پدري سماج ۾ گم ٿي ويئي ،انهيءَ جو جواب ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو آهي ، ڇو ته عورت پدري سماج جي ثقافتي عمل ۾ جيڪو روپ عورت اختيار ڪيو انهيءَ کي بدلائڻ لاءِ هڪ نئين ثقافتي عمل جي ضرورت آهي . ڇو ته انسان جو جوهر طئي شده ناهي عورت اها ئي ڪجهه بنجي ويئي جيڪو هن کي سماج ٺاهيو . هاڻي اهو ڪهڙو آئيڊيل تصور عورت جو آهي جنهن مطابق هوءَ پاڻ کي ٺاهي . انهيءَ ڪري سيمون ڊي بوارا ثقافتي عمل کان بغاوت ڪندي پنهنجي مرضي جو استعمال ڪري سارتر سان گڏ بغير شادي جي سڄي عمر گذاري انهيءَ جو جواز وجودي فلسفي ۾ ته ملي ٿو پر فيمينزم ۾ نٿو ملي .
    سيمون ڊي بوارا پنهنجي انهيءَ عمل سان پنهنجي ذات جي ڪا نئين سڃاڻپ نه ڳولي سگهي بلڪ اهو عمل خود فرانس جي آزاد ثقافتي عمل جو حصو هو. . يورپ جي واپاري دنيا هڪ نئين ثقافتي عمل جي تشڪيل ڪئي. جنهن ۾ عورت کي پنهنجي ذات جو شعور ته ڏنو پر جوهر نه ڏنو، واپاري دنيا عورت کي آزادي ته ڏني پر آزادي استعمال ڪرڻ جي ڪا واٽ نه ڏني. تنهن ڪري جيئن جيئن شعور وڌڻ لڳو عورت ۾ پنهنجي ذات جي اشتها Excitement وڌڻ لڳي . نتيجو اهو نڪتو ته فيمينزم جي ٽيئين لهر ۾ ڪجهه فيمينزم جون اهڙيون تحريڪون شروع ٿي ويون جن عورت جي ذات کي مسخ ڪرڻ شروع ڪيو. جهڙوڪ

    Punk feminism, lipstick feminism, lesbian feminism وغيره، جنهن ۾ عورت right of nymphomania, (4) جهڙا مطالبا ڪرڻ شروع ڪيا. موجوده دور ۾ فيمينزم جي چوٿين لهر به شروع ٿي وئي آهي . جنهن ۾ عورت حڪمران ۽ مرد کان سواءِ دنيا هلائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي بلڪ مدري سماج واپس آڻڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي پئي.
    فيمينزم جي نفسيات.
    ڊاڪٽر ڪارل جنگ (Carl Jung ) جي خيال ۾ هر عورت اندر Animus هوندو آهي جيڪو عورت ۾ مرد جي نمائندگي ڪندو آهي ۽ اهڙي طرح مرد اندر Anima هوندو آهي ، جيڪو مرد اندر عورت جي نمائدگي ڪندو آهي. جيڪڏهن عورت ۾ اينمس وڌيڪ هوندو ته عورت ۾ مرداني خصلتون ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن مرد ۾ اينيما وڌيڪ هوندو ته اهو مرد عورتن واريون خصلتون رکندو. يعنيٰ مرد ۽ عورت بنيادي طرح هڪ ئي وجود آهن پر ٻنهي جا سماجي دائرا الڳ الڳ آهن. ڊاڪٽر شرلي Shirley ۽ Endrin Ardenes ان دائري کي هن ريت واضح ڪيو آهي . (5)
    غور سان ڏسنداسين ته عورت جي دائري مٿان مرد جي دائري جو پاڇو حاوي آهي . دراصل اهو وچ جو حصو ئي سماجي نوعيت جو حصو آهي. باقي عورت ۽ مرد جو Original Secret Wild zone الڳ آهي . عورت ۽ مرد جي وچم ڪشش ۽ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ ۽ حاصل ڪرڻ جي جنگ ۽ پيار جو بنياد اهو wild zone آهي . ڇوته اصل ۾ عورت ۽ مرد پنهنجي wild zone ۾ رهن ٿا ، مرد جو wild zone ظاهر ظهور آهي. ۽ سماجي آهي جنهن ڪري مرد پنهنجي آزادي جي وجدان ۽ جوهر ڳولڻ ۾ تخليق ۾ جڏهن پناهه وٺي ٿو ته سندس تخليق ۾ ڪائنات، فطرت، سماج ، جماليات ۽ عورت موجود آهي. پر عورت وٽ wild zone کان علاه ٻيو ڪجهه به ناهي ان ڪري سندس تخليقن ۾ داخليت، احساس، جذبا ۽ ڪيفيتون زياده هونديون آهن. خاص طور سان ماءُ جي روپ ۾ هوءَ پنهنجي داخليت ۽ wild zone ۾ تسڪين ماڻيندي آهي . پر جڏهن بغاوت ڪري ٿي ته تخليق ۾ پنهنجو wild zone عيان ڪري ٿي . جيئن اسان وٽ نورالهديٰ شاهه ”جلاوطن“ لکي ۽ خيرالنسان جعفري ”حويلي کان هاسٽل تائين
    “ لکي پنهنجو wild zone عيان ڪيو. فيمنزم جي نفسياتي جائزي ۾ هڪ ٻي ڳالهه اهم آهي اها آهي حساس ڪمتري ۽ ٻيو جنسي ڪجروي. تمام گهڻا مونجهارا اهڙا هوندا آهن جن کي ماڻهو لڪائڻ لاءِ ڪنهن تنظيم يا ڪنهن مذهب يا وري منفي ڪنهن ڪردار جو سهارو وٺندا آهن . فيمينزم به ڪجهه اهڙين عورتن جي پناهه گاهه آهي . مثال ڪا عورت خوبصورت ناهي منجهس ڪو مرد دلچسپي نٿو وٺي هوءَ مرد کان بدلي جي باهه ۾ فيمينزم جو سهارو وٺي مرد جي خلاف ڳالهائي سگهي ٿي. يا وري ڪنهن مرد ان کي دوکو ڏنو آهي ، انهيءَ دوکي جي بدلي ۾ هوءَ سڀني مردن کان نفرت ڪري فيمينزم ۾ پناهه وٺي سگهي ٿي.
    فيمينزم ۽ مذهب
    مذهب ۾ عورت تاريخ جي ڪناري تي ملي ٿي ، گهڻو ڪري مصيبتن جو ڪارڻ سمجهيو ويو آهي. عورت کي هڪ مايا جو ڄار سمجهي ان کان پري رهڻ جي تلقين ڪئي ويئي. يوناني ڏند ڪٿا موجب پينڊورا انساني مصيبتن جو سبب آهي. (6) يهودي ڪٿا موجب بيبي حوا آدم جي زوال جو سبب بني. هنڌو سماج ۾ عورت صرف پتي جي داسي آهي. ڊاڪٽر مبارڪ شايد انهيءَ ڪري پيو هو ته “هندو ۽ مسلمان گهٽ ۾ گهٽ عورت جي معاملي ۾ گڏ ٿي ويندا آهن” (7) اسلام ۾ ڪنهن حد تائين لبرل فيمينزم جو تصور موجود آهي. جنهن ۾ شادي جي باري ۾ راءِ وٺڻ، طلاق جو حق، تعليم جو حق وغيره جو تصور موجود آهي. انهيءَ بنياد تي ڊپٽي نذير آحمدجو ”مره الروس“ ۽ بهشتي زيور لکيا ويا. ڏٺو وڃي ته فيمينزم جو بنيادي مسئلو عورت جي جوهر جي تلاش آهي پر مذهب ۾ جوهر ته طئي ٿيل آهي. ان ڪري جيڪو مذهبي آهي اهو فيمينسٽ نٿو ٿي سگهي . فيمينزم جي ٽيئن لهر ته سڌو سنئون مذهب سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿي . بَقول ڪشور ناهيد جي ته
    ” مردن جي بالا دستي جي سڄي عمارت عورت جي ڪنوارپڻ ۽ عصمت تي بيٺل آهي. ( 8)“ اهو فيوڊل سماج جو تصور هو. جنهن ۾ عورت جي غلامي ۾ مرد جي عزت هئي . پر اڄ جو دور بلڪل مخلتف آهي ، عورت جو باعصمت هئڻ ، عورت شرم حيا جو زيور هئڻ ، عورت جو غير محرم کان پردو ڪرڻ ڏند ڪٿائي ڳالهيون ٿيون لڳن.
    سنڌ ۾ فيمينزم
    سنڌ ۾ فيمنزم جي ڪا خاص تاريخ ناهي بلڪ چند فيمينسٽ عورتن جا نالا اسان کي ملن ٿا جن فيمينزم تي ڪجهه مضمون لکيا آهن ، ان کان علاوه ڪجهه عورتن ۽ مردن جا فيمينزم تي مضمون لکيل آهن . مان سمجهان ٿو عورتن جي مسئلن تي ڳالهائڻ ڪو فيمينزم ناهي اسان جي ادب ۾ بيشمار عورت ليکڪائون آهن . جن پنهنجي جذبن ۽ احساسن جا انوکا رنگ چٽيا آهن . انهن سڀني کي اسان فيمينسٽ نٿا چئي سگهون . عورتن جي حقن ۽ برابري لاءِ وڌ ۾ وڌ ڪميونسٽن جاکوڙيو پر اهي فيمينسٽ نه هئا.
    سحر گل ڀٽي پنهنجي هڪ مضون ” ڇا رڳو عورتن جي ڳالهه ڪرڻ انتها پسندي ناهي“ ۾ لکي ٿي عورتا زاد تحريڪ يا فيمينزم تحريڪ جو مطلب آهي ته ”عورتن جي الڳ ٿلڳ تحريڪ جنهن ۾ عورت جي گهٽ سماجي حيثيت جو سبب مرد کي ڄاڻايو وڃي ٿو“. عام طور سان اسان وٽ فيمينزم مان ته اها ئي مراد ورتي وڃي ٿي ته عورت جي مظلوميت جو بنيادي ڪارڻ مرد جو رويو آهي ۽ پدري سماج آهي.
    عطيه دائود پنهنجي مضمون ” “feminine voices in sindhi poetry۾ لکي ٿي
    “ Shakh Ayaz’s wife said that she spent her entire life waiting for him , when ever he asked her to pack his clothes , she asked how many to pack? His writer friends would come and suddenly in the middle of night they would all leave, even during illness and old age. He studied sixteen to seventeen hours a day. He slept little. The famous poet, shamshir ul Hadris’s wife, once told me affectionately marries a thief, dacoit, or scoundrel if you will, but never marry a poet”. (9)
    مون اڳ ۾ ٻڌايو ته مرد جي سوچ جو محور آفاقي آهي، پر عورت جي سوچ جو مرڪز مرد آهي، جيڪو يقينن ارتقائي ، ڪلچرل نقص آهي پر شيخ اياز جيڪڏهن سندس زال جي دلجوئي ۾ پنهنجو عظيم ڏک قربان ڪري ڇڏي ها ته شيخ اياز اڄ شيخ اياز هجي ها . اسان جو نوجوان نسل 1960 کان 70 ڏهاڪي ۾ شهرن ۾ آيو اهو مرد پڙهيل لکيل ۽ پهرين نوڪري جي سلسي ۾ فيوڊل سماج مان نڪري شهر ۾ آيو پر ان سان ٽرئجڊي اها ٿي ته کيس شادي پنهنجي ٻهراڙي ۾ اڻ پڙهيل سوٽ ماسات سان ڪرڻي پئي. هي اها ٽرجئڊي آهي جيڪا رڳو شمشير الحيدري نه پر اسان جي گهڻن ئي نوجوانن ڀوڳي.اها ٽرئجڊي اسان جي عورت نه ڀوڳي ڇو ته ڪنهن هڪ عورت جو اهڙو مثال نه ملندو ته اها پڙهيل لکيل ڊاڪٽر انجنيئر ، پروفيسر هجي ۽ شادي وري ٻهڙاڙي جي ٻڪرار سان ڪئي هجي.
    عطيه دائود اڳتي لکي ٿي
    “Poets and intellectuals actively participate in literary activates. Their drawing rooms echo with literary debates and arguments. The intellectual or poet’s wife brings is in the tea and then closes the door, puts the children to sleep and recreates into the kitchen. The debate on woman’s emancipation in the drawing room does not reach her ears. (10)
    اها ذهني وڇوٽي آهي ، ان عورت کي خبر ئي ناهي ته هوءَ غلام آهي يا آزاد . اهو پڙهيل لکيل عورت ۽ مرد جو مسئلو آهي . ان عورت جو ناهي جيڪا گهر ۾ پنهنجي روزمره زندگي پئي گذاري. فيمينزم آزاد عورت جو مسئلو آهي جيڪا شهر ۾ سهولتن سان رهي ٿي . باقي عورت جي سماجي ناهمواريت ، پسماندگي ، ظلم جو سبب مرد نه پر موجوده طبقاتي سماج آهي انهيءَ طبقاتي سماج ۾ غريب تي وڏيرو ، جاگيردار ۽ رياست جو ظلم آهي ان ۾ جيتري عورت مظلوم آهي اوترو مرد به مظلوم آهي. توهان ڏٺو ته نورالهديٰ شاهه جڏهن حويلي خلاف بغاوت ڪري جلاوطن لکيو ته ان کي پذيرائي عورتن نه پر مردن ڏني اهو مرد جيڪو ان سماجي ناهمواريت کي سمجهي ٿو پڙهيل لکيل آهي. پر فيمينزم جو ٽارگيٽ ان جاگيردار خلاف ناهي ان وڏيري خلاف ناهي ان رياست خلاف ناهي بلڪ صرف ان مرد خلاف آهي جيڪو شهري آهي پڙهيل لکيل آهي ، انهيء ڪري ايرڪ فراهم پنهنجي ڪتاب ”The sane society” ۾ لکيو هو يو هو ته ماضي جو خطرو اهو هو ته انسان غلام هو پر مستقبل جو خطرو اهو آهي ته انسان روبوٽ هوندو ۽ روبوٽ سالم دماغ نٿو رهي سگهي اهو جلدي پنهنجي دنيا پاڻ تباه ڪري ڇڏيندو (11) انهيءَ ڪري سرمائيدار جي پپٽ يا روبوٽ بنجڻ لا ءِ اسان جي هن ناهمواري سماج ۾ جنس جي بنياد تي نئين سياست جو چيپٽر کولڻ طبقاتي جنگ کي ڪمزور ڪرڻ آهي.
    جيڪڏهن مرد ظالم آهي هو عورت کي آزادي نٿو ڏيڻ چاهي يا آزادي ۾ رڪاوٽ آهي، ته پوءِ اسان جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ تمام وڏو انگ عورتن جو ڪيئن ٿو پهچي ، سنڌي عورت زندگي جي هر شعبي ۾ پهچي ويئي آهي. ايتري قدر جو اليڪٽرانڪ ميڊيا تي روز چڱو خاصو تعداد ڇوڪرين جو اچي ٿو ، جيڪي ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار آهن ، ان جي باوجود اسان جي ٻهراڙين ۾ اڃان ڪاري ڪاري جا ڪيس ٿين ٿا ، اڃان چٽين ۾ سنڱ ڏنا وڃن ٿا . اڃان عورتن کي ڇوڪرن جي مقابلي ۾ گهٽ ترجيح ڏني وڃي ٿي ، اڃان بي جوڙ شاديون ٿين ٿيون. پر ان سماج کي اسان فيمينزم جي ذريعي نه پر تعليم ڏئي بدلائي سگهون ٿا ، نه ته توهان بلوچستان ۾ وڃي ڏسو ، مجال آهي سرداري حڪم کان ڪير ٻاهر وڃي، اسان وٽ ته عورتن جي مظلوميت جا داستان اخبارن ۾ ڇپجن ٿا پر بلوچستان ۾ ڪنهن صحافي کي جرعت به ناهي ته ڪا رپورٽ ڪري سگهي پوءِ فيمينزم جي ضرورت ته وڌ ۾ وڌ ان سماج کي آهي. پر فيمسٽ تحريڪ سان ان سماج کي بدلائي نٿو سگهجي اتي وڏي انقلاب جي ضرورت آهي تعليم جو انقلاب ، سرداري چوڌراهٽ ختم ڪرڻ جو انقلاب.
    مان سمجهان ٿو ته فيوڊل دور کان به وڌيڪ عورت اڄ جي واپاري سماج ۾ مظلوم آهي. جنهن ۾ بظاهر ته عورت آزاد آهي پر ڪهڙي آزادي مارڪيٽ جي وکر ٿيڻ واري آزادي؟ اڄ جي دور ۾ عورت جي وار کان وٺي آواز تائين بازار ۾ وڪجي ٿو بلڪ عورت کي اها ترغيب ڏني وڃي ٿي ته هوءَ پنهنجي خوبصورتي کي ڪيش ڪرائي. ٻاهر مارڪيٽ ۾ اچي ته ان جي حيثيت آهي. ڇا مذاق آهي ؟ عورت فيوڊل دور ۾ گهر جي گڏي هئي ۽ سرمائيداريءَ ۾ مارڪيٽ جي سيڪسي گڏي آهي اسان ان کي آزادي ٿا سمجهون جنهن عورت جي پنهنجي ذات جي سڃاڻپ نه رهي آهي. صرف هن جي جسم ۽ نقشن جي مڃتا آهي، توهان جي ميڊيا کان وٺي بئينڪ، اسپتالن کان وٺي اسڪولن تائين سڀني اهو ڌنڌو شروع ڪيو آهي ته خوبصورتون عورتون رکڻيون آهن جيڪي گراهڪن کي من لبائي ڦاسائي وٺي اچن.جنسي ادائون ناز نخرا، فيشن جي نالي ۾ اگهاڙپ، هر طرف ماڻهو کي ڇتو ڪيو وڃي ٿو پر الٽو مرد تي اهو الزم لڳايو وڃي ٿو ته هن وٽ جنسي مفاد کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اسان وٽ ترقي پسند ، لبرل ۽ آزاد خيال مرد به ان کي سمجهيو وڃي ٿو جيڪو عورت کي مارڪيٽ جي وکر بنجڻ کان نه روڪي اسان جي فيمينزم جو ٽارگيٽ صرف ٻهراڙي جو سماج آهي جنهن ۾ عورت اڃا مارڪيٽ جو وکر نه بڻي آهي هاڻ توهان ئي ٻڌايو ته فيمينزم تحريڪ ڪنهن جي لاءِ ڪم پئي ڪري؟
    سنڌ جو سماج تعليمي طور پسماندگيءَ جو شڪار آهي، جاگيردار ۽ وڏيرن جي ڪرپشن کان علاوه بيروڪريسي جي ڪرپشن ۽ عياشيون سنڌي سماج کي پوئتي ڌڪڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون . گذريل ڏهاڪي کان سنڌ جي تباهي ۾ ميڊيا جو ۽ سياست دانن جو به وڏو هٿ آهي . هر مسئلي تي اسان وٽ سياست ٿئي ٿي ، اسان وٽ سياست جي وبا ڦهليل آهي. ٻي طرف ميڊيا جڙتو مسئلا اڀاري سنڌ جي ڪيس کي وڌيڪ ڪمزور پئي ڪري. اسان وٽ علمي ۽ اخلاقي بحران آهي ، اسان کي هڪ وڏي ڪلچرل انقلا ب جي ضرورت آهي باقي هر مظلوم جي آزادي ۽ برابري جا حق صرف غير طبقاتي ۽ هڪ نئين ثقافتي نظام ۾ ملي سگهن ٿا .

    Professor, Dr Ghafoor Memon's book “Postmodernism” (society and literature) is an original and provocative treatment of both critique of modernism and postmodernism, he has successfully given a very clear account of parallels between critical social theory, modernism and postmodernism that depicts the novelty and plausibility of philosophical argument by the writer. The 14 chapters in this book make an important, illuminating contribution to explaining the complexity and influence of basic thoughts in postmodernism. The book on postmodernism is unrivalled in its scope and quality. Its comprehensiveness makes it the most useful writings so far available on postmodernism in Pakistan. It demonstrates writer's rich understanding of conceptual framework embedded with critique of modernism via general views of deconstructive historicity of rational beings (world view), philology, individualism, perspectivism, de-constructionism and post-structuralim.
    Professor Dr Ghafoor Memon has tried to give a concise guide on postmodern thinking, deconstructive values, ideas and critique of moral precepts through postmodern critique of modernism. The book opens up by focusing on the most significant issues in terms of the postmodern condition (Lyotard's specification of postmodern epistemes of knowledge relegated to information), critique of Rationalism, hyper realism. The book than goes on to provide a systematic and comprehensive exploration of postmodern thoughts. The contribution proceeds chronologically begening with the discussion on primative of postmodernism in relation s to mysticism, abnormality, Darridian critique of structuralism and constructivism through his attack on the metaphysics of presence, and moving on to the problems of sex and religion, spactio-temporality aggregates of postmodernism in terms of deconstructing teleological history (Foucault's critique of historical materialism and Marxism), modern values and, above all culture as a whole.
    Professor Dr Ghafoor Memon conducts a careful analysis of major themes of postmodernism, and examines with painstaking care and objectivity, the shifting structures of argument from modern to postmodernism epismtemes. I think professor g m has opened up critique of modern literature (especially in Pakistan) via challenges of postmodernism to a far wider audience than they have appealed to at all until now (in Pakistan). Certainly Dr Memon's book on postmodernism is enormously required to further research in the postmodernism and critique of literature.

    Dr Syed Alam Shah,
    Sheffield, UK.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170142
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ