ڪتاب جو نالو: اکڙين جي ڀاڪر ۾
مصنف: شهمير سومرو
ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 01 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 414 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 136 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر شهمير سومري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. عبدالغفار تبسم لکي ٿو: ”شهمير سومرو پنهنجن اندر جي اڌمن، ولولن ۽ بي چيني کي هڪ ذميوار شاعر جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ڪنهن ڪنهن جاءِ تي سندس اظهار ڪمال جو آهي هن جي اظهار جي بي ساختگي ۽ اسلوب هن جا بنهه پنهنجا آهن وقت جي اهميت ۽ ڏات جي مسلسل مشق يا قربتن ۾ رهي هو وڌيڪ رياضتن سان پنهنجي امرتا جو سفر سڦل ڪري سگهي ٿو، سندس خيالن جي پاڪيزگي، فطرت سان هم آهنگي ۽ سوچن جي وشالتا سان گڏ اگر مطالعو به زير مشق رهيو ته ضر
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر پاران:
  • شاعري ـــ اجتماعي درد جو فلسفو
  • تخليق جي آڌار مڃتا جو سفر
  • احساس جي گلابي شاعري
  • خيال ستارن جيان
  • سوچن جو سُٽ
  • حمد شريف
  • نعت شريف
  • غزل

  • جڏهن ڀي پرين جي اچي ياد ٿي،
  • وينگس مرڪي چاهه اکين سان ٽاڪي وئي
  • چاهه جي چانڊاڻ پائي ٿو گهمان.
  • اسان جي وفا نئين رلي ٿي سبي.
  • نه ڪو سنگتي، نه ڪا سرتي، اسان جي زندگي آهي.
  • گـــنــاهه وائـــڙا هـئـا، ثـواب وائڙا هئا.
  • ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
  • اوهان ڏي اسان جي وفا ٿيڙ کاڌا.
  • جيت جو نـظريو هار جو نظريو.
  • مان دلبر جو، دلبر منهنجو، ڇو ناهي!
  • پيار جي احساس کي پاڻي ڏيو.
  • هڪڙي اخبار وڇائي سمهي پيو آهي.
  • پرين تنهنجي وئي کان پوءِ وفا جا نيڻ آلا ها.
  • سوريم پئي پيارا تسبيح جا داڻا ها.
  • اسان جي پيار جا جذبا پرين شفاف رهيا.
  • اسان جا خواب برفيلا اسان جا نيڻ ڀڙڪيلا.
  • تو سان گذريون جي ساعتون آهن.
  • اسان جي انگ انگ مان ٿو نڪري چنڊ چاهه جو.
  • اکين جي ڪنارن تي لڙڪن جون ٻيڙيون.
  • جهوپڙي ۾ وڃي ستي آهي.
  • تنهنجو ئي سپنو آ اکڙين جي ڀاڪر ۾.
  • رات جو ساڻ آوارگي ٿي ٻري.
  • زندگي ڳوٺ جو ڪچو رستو.
  • درُ جو کڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.
  • هڪ مرڪ جي پاڇي ۾ لڙڪن جا اٽالا هن.
  • سفر جو ٿڪُ لهي ويو سڀُ اکين سان زورَ ڏئي وئي آ.
  • ڀل جلي اندر اسان جو خير آ.
  • اوهان جا خواب پنڇي هن اسان جا نيڻ آکيرا.
  • گلاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.
  • تنهنجو هر هڪ غم دوا جهڙو هيو.
  • سينهو چنڊ ڀرپور، پرين جي گهاگهر جو.
  • روشني ۽ حيات آ مون لئه.
  • هو جو مون کي پيو ٿو سلجهائي.
  • سڌ نه آ ڇو ڏسي رهيا آهيون.
  • هوءَ آئي ته جاڳي پيا خير سان.
  • نيڻن تي هٿ پرينءَ جي خوابن رکي ڇڏيا.
  • هڪ وڻي اهڙي پڙي سان ڇوڪري.
  • جانِ جانا ملي وئي مون کي.
  • چون ٿا سڀئي ماڻهو سچ اسان چريا آهيون.
  • دل چئي تي هلي پيا آهيون.
  • محبوب عاشقن جي آهُنِ جو خيال ڪر.
  • هر دم هي دل آتي آهي.
  • يادگيرين جي رليءَ تي هي ستارا تو اڻيا.
  • ڪو نه سوچيو مون ته ٿيندين ائين تون.
  • هو اميراڻيون اکيون، منهنجون فقيراڻيون اکيون.
  • سفر اسان جو عشق جي دڳن تي جاري آ.
  • دوسـتاڻـي مزاج جا آهيون.
  • ايڏا نه درد ڏي تون پٿر نه ٿي وڃان.
  • زندگيءَ ۾ وڏو مزو آيو.
  • چٺي تنهنجي چمي ناهي چپن کي ننڊ ڪيئن ايندي.
  • پيار تنهنجو پرين ڪڪر وانگي.
  • اڪيلو جيون پرين به ناهي حياتي ويران ٿي وئي آ.
  • پيارُ ڄڻ سمنڊ سج جو منظر آ.
  • خوشين جي ڪهاڻي حياتي اسان جي.
  • منهنجون اکڙيون ڪتابن تي گھمنديون رهيون.
  • نيڻ مون سان ملائي ويو.
  • اکين ۾ خواب اچن ٿا مسافرن وانگي.
  • باهه جي شعلن تي گهر منهنجو هيو.
  • افسوس هيل خالي بادل به ڪو نه آيا.
  • ڪل خواب پيا آهن مجبور نگاهن ۾.
  • هڪڙي مون تصوير رکي ڇا اندر ۾.
  • نوجوانيءَ ۾ گھاوَ جهونا ڏسو.
  • هر زخم جي دوا مرڪ تنهنجي مٺا.
  • ٿورو هاڻي سڪون آيو آ.
  • مٺا ڏيکاريا تو ها وڏا رنگين سپنا.
  • چاهت جو اظهار اڌورو رهجي ويو.
  • تو سوا هي ڪهڙي آهي زندگي.
  • هن چٺي منهنجي جو ڦاڙي آهي.
  • ڏک وساري مان جي رهيو آهيان.
  • اسان جي دعائن جي منزل پرين تون.
  • نه مور ڄاڻان خوشي آهي ڇا؟
  • ڦٽ ٿو ڏين چاهت جي هر دم چهري تي.
  • زندگي تو سواءِ رڻ وانگي.
  • خوبصورت خواب جهڙي ڇوڪري.
  • ساهه منهنجو صنم تو نپوڙي ڇڏيو.
  • درد وٺڻ يا درد ڏيڻ ٿو چاهين تون؟
  • اڌورا خواب مليا هن اڌوري ننڊ ملي آهي.
  • مينهن ڪڻين لئه جيئن ٿر ماندو.
  • نظر اسان جي پياسي جنهن جي نظر اها سا نظر نه آئي.
  • هو سڪ منجهان محبوب جنهن مون کي سمايو ساهه ۾.
  • اوهان جي ياد اسان کي پئي ستائي ٿي.
  • اسان ڪو نه ٻي ڪا عبادت ڪئي آ.
  • هو جواني ۾ هو، مور جهونو نه هو.
  • شخص هو پاڳل الائي ڪير هو.
  • بي وفا سان ايترا ناتا نه رک.
  • مون کي منزل چيو تنهنجي منزل اڃا.
  • اسان تنهنجي در جا سوالي سدائين.
  • محبوبُ طلب ڪن ٿا اکڙين جا هي اوجاڳا.
  • ڏٺو جنهن جنهن حسن تنهنجو انهن کان دانهن نڪري وئي.
  • تو بن مون کي ٿي تڙپائي چنچل چانڊوڪي.
  • منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.
  • تنهنجو چهرو گلاب ڀانيان ٿو.
  • اسان جي به ٻڌ ڪا گذارش پيارا.
  • جناب اک ۾.
  • تنهنجي ته در جو منهنجي لئه بند رهيو ڪڙو آ.
  • پرين تنهنجي اکين ۾ شاعري آ.
  • محبوب ٿو نهاري پنهنجي حساب سان.
  • ادائون اوهان جون اداڪار آهن.
  • بندگي جا اثر ٿا وڌن هر گهڙي.
  • اوهان جو اسان کي ڀلائي ڇڏيو آ.
  • خوبصورت ناز نيڻن ۾ هئا.
  • تون هئين، هيءَ حياتي ڀي مٺڙي هئي.
  • اجورو ڏي خدا مون کي هتي ٿورو ثوابن جو.
  • مظلوم جي پارت ٿي.
  • ساڻا ساڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.
  • هٿ ادب جا ٻڌي، مون رکي جهول ۾.
  • شام پاڇي جئين لڙي وئي زندگي.
  • مون کي تنها ڪري ويو جاني.
  • جو ڏک ڏئي هو کلندو، سوئي مزار تي.
  • ڳاڙها، ڳاڙها، شباب پاڻيءَ ۾.
  • مان ته دنيا ۾ يار پيارا تنها ٿي ويو هان.
  • پيار وارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.
  • تون به ڏس زندگي فقيرن جي.
  • هٿ ڇڏايئي دوستيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.
  • يار منهنجي زندگيءَ جو سج لهندو.
  • زندگي گيت هڪ نرالو آ.
  • مون ڏٺي هڪڙي مرڪ لڙڪن ۾.
  • منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.
  • اسان کي به ايڏو نه بيوس ڪيو.
  • ڏٺو مون يار سپني ۾، ڪيو سي پيار سپني ۾.
  • مون کي واپس جو چٺي ڦاٽل ملي.
  • هڪڙو چهرو مون کان مور نه وسري ٿو.
  • سياڻي پرين سان چريو چاهه منهنجو.
  • ٿڪل اکين ۾ هجوم سپنن جو رات ترسيو.
  • هڪڙي تاريخ سڏيندي آهي.
  • رات کائي پئي اڪيلائي.
  • ڏٺا هن خواب چنڊ جهڙا ڪجن چانڊاڻ جون ڳالهيون.
  • بي وفا سان وفا ڪندو آيس.
  • خوبصورت لڳل هئي ميندي.
  • اکين منجهه خوابن کي پوکيان پيو.
  • لڙڪن جو وسڪار حياتي ٻوڙي ويو.
  • رنج پوڙهو پيو ٿو سڪي اس تي.
  • تهذيبي ٽڪراءَ جو حامي ناهيان مان.
  • تنهنجي نيڻن جي راهه ۾ آهيان.
  • ٽيڪ ڀتِ کي ڏئي هو سوچي ٿو.
  • هوءَ ڇوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.
  • تنهنجي پرچڻ کان اڳ واري تنهائي.
  • آخري پنو

  • حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ISBN. 978 ــ969 ــ9873 ــ00 ــ 3

    ڪتاب: اکڙين جي ڀاڪر ۾
    ليکڪ: شهمير سومرو
    موضوع: شاعري
    پهريون ڇاپو: آگسٽ 2013
    ٽائيٽل ڊزائين: رضوان گل
    ڇپائيندڙ: سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو
    ڪتاب نمبر 10
    اسٽاڪسٽ:
    * مهراڻ ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، لاڙڪاڻو
    * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌيڪا بوڪ شاپ، حيدرآباد * سنڌ بڪ ڪلب، نواب شاهه * فرخ ڪتاب گهر سکر * نويد سراج بڪ اسٽور، قنبر * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.

    * رابطي لاءِ:03003428619 \ 03133702868

    Book Name: Akhriyun jey Bhakur men (Poetry)
    Written by: Shahmir Soomro
    1st Edition: August: 2013
    Published by: Sarswati Sahat Ghar Dokri,
    Distt. Larkano
    Price/copy: 200


    ارپنا

    مٺڙي امڙ ۽ بابا سائين کي
    جن پرهه جي هير جهڙي
    زندگي بخشي
    ۽ مان
    روشنيءَ ڏانهن
    روانو ٿي شفق جي ڇانوَ ۾
    جهمريون پائي معشوق هوا ۾
    جهومندو رهيس.


    ــــ شهمير سومرو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اکڙين جي ڀاڪر ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر شهمير سومري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. عبدالغفار تبسم لکي ٿو:
    ”شهمير سومرو پنهنجن اندر جي اڌمن، ولولن ۽ بي چيني کي هڪ ذميوار شاعر جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ڪنهن ڪنهن جاءِ تي سندس اظهار ڪمال جو آهي هن جي اظهار جي بي ساختگي ۽ اسلوب هن جا بنهه پنهنجا آهن وقت جي اهميت ۽ ڏات جي مسلسل مشق يا قربتن ۾ رهي هو وڌيڪ رياضتن سان پنهنجي امرتا جو سفر سڦل ڪري سگهي ٿو، سندس خيالن جي پاڪيزگي، فطرت سان هم آهنگي ۽ سوچن جي وشالتا سان گڏ اگر مطالعو به زير مشق رهيو ته ضرور پنهنجي ڏات جي سگهه سان مڃتائڻ جو رڻ اڪري پار پوندو.“
    هي ڪتاب سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪري پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري شهمير سومري جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر پاران:

    ( ڏاڪڻ جي صفائي هميشه مٿان کان ٿيندي آ )
    جپانيءَ ۾ اها عام چوڻي جڏهن اسان عام انساني سماج تي لاڳو ڪنداسين ته ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته جيستائين سماج جي رهبري ڪندڙ طبقو درست نه ٿيندو، ان ۾ بهتري پيدا نه ايندي، تيستائين سماج ۾ تبديليءَ جو تصور، اياڻپ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ڇاڪاڻ ته سماج لاشعوري طور تي سفر ڪندو آهي ان ڪري اتان جا شاعر، اديب، دانشور سماجي ۽ سياسي ڪارڪن سماج جا رهبر ۽ سونهان ٿيندا آهن، جيڪي وقت کان اڳ تبديلي جي لهر کي محسوس ڪندي پنهنجو متحرڪ ڪردار ادا ڪندا آهن. سماج ۾ تبديلي ارتقائي هجي انقلابي، ٻنهي حالتن ۾ مورخن جي ضرورت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. تاريخ کان پوءِ وارو سڄو دؤر اهو ٻڌائي ٿو ته تاريخ جي سفر ۾ سماجي حالتن جي تبديليءَ ۾ فرد جو ۽ ان ۾ خاص ڪري باشعور فرد جو اهم ۽ اڻ مٽ ڪردار آهي.
    ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ سيد بچل شاهه کان پنهنجو ادبي سفر شروع ڪندڙ شهمير سومرو کي ڪنهن به طرح نظرانداز نه ڪري سگهبو. سندس شاعري پنهنجي ٽهيءَ ۾ انتهائي برجستي ۽ مٿ ڀري نظر اچي ٿي. شهمير سومرو جي شاعري ڪتابي صورت ۾ آڻي اوهان جي هٿن تائين پهچائيندي اسان کي فخر به آهي ته اميد به آهي، ته اسان جو هي پورهيو ضايع نه ٿيندو. اوهان جي راين جو هميشه اوسيئڙو رهندو.

    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري
    ضلعو لاڙڪاڻو
    03 جون 2013


    شاعري ـــ اجتماعي درد جو فلسفو

    شهمير سومرو غزل جي ميدان جو پيارو محاڪاتي شاعر آهي. جنهن جي غزل ۾ محاڪات، تخيل ۽ تغزل جا انوکا نمونا، سندس غزل جي سونهن آهن. مٿيان ٽئي عنصر علم بيان ۽ معنى جا عنصر آهن.
    شهمير سومرو سنڌي ادبي سنگت جو نقاد شاعر آهي. انفرادي سکيا ۽ اجتماعي سکيا سنڌي ادبي سنگت جي شاعرن ۽ اديبن جو علمي زيور رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جا سکيا وارا ڪلاس ڪسوٽي جو درجو رکن ٿا. شهمير سومري جو هي غزل جو مجموعو پنهنجي طور تي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو.
    محاڪات شاعري جي فن ۾ مصوري ۽ منظرنگاري جو نالو آهي. شهمير سومري جي غزل جي محاڪات جو مطالعو ڪريو:
    پايل، ميندي، چوڙيون، سرخي ميڙ وٺي،
    آئي ۽ پو ٺاههُ اکين سان ٽاڪي وئي.

    غزل جي هن بيت ۾ محبوبا جي سينگار جي منظرنگاري آهي. يا ائين چئجي ته بدني منظرڪشي آهي. هن منظر ۾ ٻه زيور جا قسم آهن ۽ ٻن رنگن جا منظر آهن. شاعر جي محبوبا هڪ مرڪز جي حيثيت ۾ آڏو آهي. پايل ۽ چوڙيون سماعتي سرور جو باعث بڻجي ٽور ۽ لوڏ جو منظر چٽينِ ٿيون، ميندي مٿان سون تي سهاڳي جو ڪم ڏنو. سرخي ان جي سڄي ماحول کي مرڪائي محبوبا کي محبوب بنايو. رنگن وارو بصري منظر، وري شاعر جي محبوبا جو اچڻ، رسامي کي ختم ڪري، ٺاهه کي اکين يا نظر سان ٽاڪي وڃڻ جو تخيلاتي استعارو، گڏجي تغزل جو رنگ ڀري يعني ردم ۽ راڳ کي ايجاد ڪيو. اها آهي منطق جي محاڪات ٻيو بدني منظر:
    ڀنل زلف پنهنجا پرين تو ڇنڊيا پئي!
    انهي مهل ڏاڍا هوا ٿيڙ کاڌا.

    غزل جي هن بند ۾ منظر کان وڌيڪ پس منظر حسين آهي. شاعريءَ ۾ تحسينات جو عمل دخل ڪناياتي هجي يا مشبهه هجي، يا مستعار هجي، اهو سڌن منظرن تي حاوي پئجي ويندو آهي. هتي شاعر جي پرين جو زلفن جي ڇنڊڻ کان زلفن جي ڀڄائڻ يا ڀڄڻ وارو پس منظر حاوي پئجي ٿو وڃي. هي منظر ٻن ڀاڱن ۾ ورهائجي ٿو وڃي. جنهن جو هڪڙو حصو فضائي بنجي ٿو وڃي ۽ ٻيو حصو زميني منظر آهي. شاعر جي پرين وارو وارن ڇنڊڻ جو منظر زميني آهي، جڏهن ته هوا جو ٿيڙ کائڻ وارو منظر فضائي آهي. هن منظر کي سماوي ان ڪري نه ٿو چئي سگهجي جو هوا فضا ۾ موجود رهي ٿي. جڏهن ته هي ٻئي ڇهاوي منظر آهن. زلفن جي ڇنڊڻ وارو منظر به ڇهاءَ وارو آهي ته هوا جو ٿيڙ کائي ٽڪرائجڻ وارو منظر به ڇهاوي آهي. تنهن ڪري مٿي هن منظر کي بدني منظر سڏيو ويو آهي.
    دوستو: تغزل مان مراد صرف غزل گوئي نه آهي. تغزل مان مراد تخيل واري پرواز ۽ ان جو سُر ۽ ردم يعني موسيقي به آهي. ڏسو غزل جو هي انداز:
    شهر جي ٻاهران جوڙي، ڪچو گهر ڀي نه سگهيس مان،
    هي صحرا ۾ اڏيو آ گهر، الائي ڪنهن گلابن جو.

    صحرا ۾ گلابن جي تصور سان تخيل جي سُڌ پوي ٿي، جڏهن ته ڪنهن ڳوٺاڻي جو شهر جي ٻاهران ڀي ڪچو گهر نه اڏي سگهڻ واري ترڪيب تغزل آهي ۽ صحرا ۾ گلابن جو گهر، معنى گلابن جو دائمي تصور تخيلاتي آهي. هن بيت ۾ تخيل ۽ تغزل سان جيڪو موسيقي وارو ماحول جڙي ٿو، اهو تغزل جي نزاڪت ظاهر ڪري ٿو. صحرا ۾ باغ جو تصور ترڪيب ايجاد آهي. شهر ۾ گهر نه اڏي سگهڻ جو تصور ترڪيب حسرت آهي. حسرت تغزل آهي ۽ ايجاد تخيل آهي. موسيقي ۾ لاهو ۽ چاڙهو ٻه الڳ آوازي عمل آهن. انهن جو وقت سر ڪم آڻڻ وارو عمل فن آهي. اهو شاعراڻو مزاج شهمير سومري کي پنهنجي ٽهي ۾ خاص مقام بخشي ٿو. اڃا هڪڙو بند غزل جي تغزل مان:
    ديد درزيءَ به مون کي موٽائي ڇڏيو،
    ننڊ نيڻن جي اهڙي ته اڊڙي هئي.

    نيڻن جي ننڊ جو اڊڙي وڃڻ وارو ترڪيبي انداز شهمير جي ايجاد آهي. ديد يا نظر کان مايوس ٿي موٽي اچڻ واري ترڪيب تغزل آهي. شاعر جي ذهن ۾ جيڪو اختراع هو، جيڪو جاڳ جي صورت ۾ هو، ان اختراع کي ختم ڪرڻ سان ننڊ اچي ويندي. تخيل شاعر جي وهم کي رد ڪري ڇڏيو. جنهن جي ڪري غزل جو مٿيون بند شاهڪار بنجي ويو. اسان کي جيڪو منطق ڪورس ۾ پڙهايو ٿو وڃي، شاعري ان علم ۾ ايجادن جا واڌارا ڪندي ٿي رهي. جنهن جي ڪري شاعريءَ کي سند جو درجو مليل آهي.
    شهمير جا غزل تغزل سان ڀرپور آهن. مٿين بند ۾ مايوسي ۽ حقيقت تغزل جو روپ ڌاري موسيقي جي رنگن کي نکاريو. هن سڄي بحث مان خبر پئي ته ايجادون اهي مادي هجن يا تخيلاتي، پر اهي ٻولين ۾ واڌارو ڪنديون آهن. هاڻي هڪ تمثيلي بند:
    مڃون ٿا برابر مٺا چَــپَ اوهان جا،
    گلابي گلن جا به سردار آهن.

    سنڌي ادب ۾ تمثيل مطابقت کان اعلى هجي ٿي. جيئن غزل جي مٿين بند ۾ شهمير ڏني آهي. گلابي گلن سان محبوب جي چپن جي تمثيل آهي. مطابقت آهي صرف رنگت جي، ليڪن گل جي ڄمار هڪ هفتو. جواني يا زندگي هزارين گلن جي ڄمار کان مٿي آهي. شهمير چپن کي گلن جي سرداري جو خطاب ڏئي مطابقت کي رد ڪري ڇڏيو. جيئن ادب ۾ مثال ۽ بي مثال جا لفظ موجود آهن.
    مثال مطابقت موجود هوندو آهي، بي مثال مطابقت کان مبرا هوندو آهي. شهمير سومري جي غزل جو هڪ مستعار بيت:
    مرڪ تنهنجي خزان جي آ ڳل تي چماٽ،
    تنهنجي ٽهڪن سان گل ٿا ٽڙڻ هر گھڙي.

    هن غزل جي بيت ۾ شهمير نه صرف محبوب جي مرڪن سان خزان جي موسم کي رد ڪري ڇڏيو، پر ٽهڪن سان پيار جي موسم کي سدا بهار بنائي، بهار جي موسم کي به رد ڏيئي ڇڏيو. هن بند ۾ پيار يا خوشيءَ جي موسم جو ڪو به ذڪر ناهي، هتي صرف ٽهڪن جو ذڪر آهي. ٽهڪ پيار ۽ خوشيءَ جي موسم جا گل آهن. پيار ۽ خوشيءَ جي موسم ڪنايي ۾ پنهان آهي. ائين بهار جي موسم به ڪنايي ۾ لڪل آهي. ان ٻنهي ڪنايتي موسمن مان هڪ موسم مستعار آهي ۽ ٻي موسم مستعار عليه آهي. شهمير بهار جو استعارو پيار جي موسم کي بنايو.
    ايشيائي شاعريءَ ۾ عرب شاعرن جا قصيدا ۽ مثنويون، ايرانين جا دوسخا ۽ غزل، سنڌ ۽ هند جا دوها ۽ سورٺا ٻن ٻن مصرعن واريون صنفون آهن.
    اسان جي گهڻن استادن جي راءِ آهي ته غزل صنف ٻن ٻن مصرعن جي سولائيءَ ڪري گھڻو لکي ٿي وڃي. ٿي سگهي ٿو ائين به هجي، پر منهنجي راءِ آهي ته ماحول، مطالعي ۽ سنگت جو اثر قبول ڪندي، نوجوان دوست غزل طرف وڌيڪ مائل ٿيا آهن. شهمير سومري صاحب سان منهنجون گھڻيون ڪچهريون ته ڪو نه ٿيون آهن. پر شهمير گيت، نظم ۽ وايون به رقم ڪيون آهن. هي دؤر وسيع معلومات جو آهي، تنهن ڪري شاعر حضرات جي گھڻائي گھڻن صنفن لکڻ وارن جي آهي. مان سمجهان ٿو ته شهمير جي طبع غزل کي ويجھو آهي، جنهن جي ڪري هن غزل کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. شهمير جو غزل فني طور تي ڏاڍو پختو ۽ پيارو آهي. غزل جي لوازمات کان شهمير چڱي پر باخبر آهي:
    سدائين وڇوڙن جي طوفان ٻوڙيون،
    الائي ڇو شهمير مرڪن جون ٻيڙيون.

    هن غزل جي مطالعي کان پوءِ ڏسجي ٿو ته شهمير سومرو عروض قافيي، رديف ۽ تقطيع ۾ سگھارو شاعر آهي. ان فني پورائي کان هٽي ڪري ڏسبو ته غزل جو موضوعاتي فن به شهمير وٽ ڀرپور آهي. پرين ناهي تڏهن به هو پنهنجا خيال سماج سان اوري ٿو. اها هڪ نمائندي شاعر جي خوبي آهي:
    موت جو سيڪ ٿو وڃي چڙهندو،
    هيءَ حياتي گھڻي ڀـتِـي آهي.

    علمي بحث ۾ وڃبو ته هي فارسي بحر آهي، مرڪب بحر آهي، شهمير جنهن وزن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي، اهو ڀڳل رڪن تي آڌاريل وزن آهي. غزل جي دنيا ۾ حافظ شيرازي موصوف کان وٺي، شيخ اياز تائين هن وزن جو گھڻو استعمال ٿيو آهي. اها ڳالهه شهمير جي سمجھيل آهي. گھڻي مطالعي جي ڪري اڄوڪو نوجوان اسان کان به وڌيڪ با خبر آهي ۽ ڌڻي ڪري اهو شوق جاري ۽ ساري رهي. موت ۽ زندگي جي فلاسافيءَ تي شيخ اياز صاحب جن گھڻو لکيو آهي. گھڻي دليل بازي جي ميدان ۾ شاعراڻا خيال ٿورا وڃي رهندا آهن. ان ٿورن خيالن مان شهمير هي خيال آندو آهي. اهو به هن ڌرتي جو خيال آهي. موت جو سيڪ لڳڻ ۽ حياتي جو ڀتو ۽ ختو ٿي وڃڻ اسان اوهان جي گهر جي، تر جي ڳالهه آهي، پر شهمير ان خيال جو لاجواب استعمال ڪيو آهي. پنهنجي ڌرتي جي چپي چپي تي شاعر جي نظر آهي. اهو هڪ ڪامياب ۽ سگهاري شاعر جو مثال آهي:
    سهڻي! هر ساروڻي تنهنجي،
    سيني سان مون لاتي آهي.

    بحر تقارب جو هي وزن سنڌي غزل ۾ گھڻو استعمال ٿيو آهي. منهنجو پيارو دوست علي آڪاش اڪثر چوندو آهي ته”شاعر حضرات هن فعلن فعلن وزن ۾ غزل لکن ڇو ٿا“۽ هن بند جي پڙهڻ کان پوءِ خبر ٿي پوي ته شهمير غزل جي صديون پراڻي تشهير سان خوب نڀايو آهي.
    غزل معنى عورت سان پيار محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. هن بند جو پهريون لفظ سهڻي آهي. جيڪو لفظ سونهن مان ورتو ويو آهي. سونهن شاعر جي مجبوري آهي. هن سڄي بند ۾ ڪل نـوَ لفظ آهن انهن نون لفظن مان چار لفظ هم قافيا آهن. لفظ سهڻيءَ جو تــز قافيو تنهنجي ٿيندو، پر ساروڻي ۽ لاتي به اندرين قافين ۾ شامل آهن. حالانڪ لفظ لاتي اصل جو قافيو آهي، پر هتي لفظ سُهڻي جي تغزل ۽ موضوع جي ڪري اندروني قافين ۾ هليو ويو آهي. اهو آهي شهمير جي غزل سرائي جو فن. معاف ڪجو ڪڏهن ڪڏهن پيءُ جي سڃاڻپ پٽ جي نالي سان ڪئي ويندي آهي. هتي هن بحث ۾ مون اصل ۽ ان جي قافين جي ڳالهه نه ڪئي، پر لفظ سهڻي جي پيار ۽ سونهن ۾ هليو ويس، جتي اصل جي قافيي کي به مجروح ٿيڻو پيو ۽ ثانوي قطار ۾ بيهاريو ويو:
    چون ٿا عشق سدائين اتي سڙيو آهي،
    جتي هٿن سان حسن باهه پاڻ ٻاري آ.

    بحر مجتث به مرڪب بحرن ۾ شامل آهي. ڀڳل رڪنن تي آڌاريل هي وزن وڏي ردم ۽ موسيقي وارو آهي. هن بند ۾ عشق ۽ حسن جي مخالف جنس ۽ هستيءَ جو ذڪر آهي. هونئن ته عشق ۽ حسن لازم ملزوم آهن. عشق ۽ حسن غزل جي رنگينيءَ ۾ لامحدوديت پيدا ڪن ٿا. غزل جي هن بند ۾ عشق ويچارو پتنگ آهي ۽ حسن روشن سَرا شمع جلائڻ وارو. اهو ئي ته عاشق ۽ معشوق ۾ فرق آهي. حالانڪ غزل جي گائڪي سنڌ ۾ تمام ٿوري آهي، پر جيڪا گائڪي آهي، اها غضب جي آهي. هن بند ۾ شهمير غزل سرائي جو ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي. هتي علم هِجا وارو بحث نه ڇيڙبو، ڇو ته لفظ حسن سنڌي شاعرن ان بيهڪ ۾ استعمال ڪيو آهي:
    مينهن شهمير هو نينهن ڀي،
    نيٺ دامن پُسائي ويو.

    بحر متدارڪ کي مسدس ڪري استعمال ڪرڻ وارو تجربو، سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز ڪيو. هاڻي مروج ٿي ويو آهي. غزل جي هن بند ۾ شهمير مسدس رڪن جو استعمال ڊوڙي ڪيو آهي، جيڪڏهن هي وزن مثمن رڪنن تي هجي ها ته ٻن رڪنن کان پوءِ ڪامان ڏيڻي پوي ها. جيڪا اڪثر سنڌي شاعر ناهن ڏيندا. هن بند ۾ شهمير مصرع اول ۾ تغزل جو جهان ڇلائي پوءِ مصرع ثاني ۾ محاڪات ڀري آهي. اهو غزل جو فن سڀني شاعرن وٽ هڪ جيترو ناهي هوندو:
    پروانا ڪل پير ڇهڻ لئه آتا هن،
    پيار جا مون هن ڏيئا ٻاريا اندر ۾.

    جيڪا عربن، ايرانين ۽ هند سنڌ وارن جي فني مماثلت جي ڳالهه ڪري آيو آهيان، ان مطابق هن غزل کي پراڻي دوهي ڇند ۾ موڪليون به کڻي، پر اهڙن غزلن جي گھڻائي شهمير وٽ ناهي. تنهن ڪري هن غزل کي وري به بحر تقارب جي ٻارهن رڪني ترتيب ۾ شامل ڪبو. ڇو ته هن غزل ۾ رديف وارو پاسو روڪي ٿو ته هي غزل مردف غزل آهي. هن غزل کي دوهي ڇند ۾ شامل ڪري پنهنجي اڻ ڄاڻائي جو مظاهرو نه ڪريون. دوهي ۾ رديف نه ٿيندو آهي.
    هاڻي خبر پئي ته شهمير سومرو غزل جي دنيا جو ڄاڻو شهسوار آهي. جنهن غزل جي هن بند ۾ تخيل، تغزل ۽ محاڪات جو خوبصورت ميلاپ ڪري، پاڻ کي بهترين غزل گو شاعر مڃايو آهي. پنهنجي هن بحث کي ٽيڪو ڏيڻ لاءِ ضروري سمجھان ٿو ته ٻئي غزل جو بند ڏيان:
    اڪثر ويٺو ٿڌڙا ساهه ڀريندو هان،
    خوشين جو سنسار اڌورو رهجي ويو.

    هاڻي اسان ڏٺو ته ساڳي وزن وارو هي غزل اڃا به ڊگھي رديف وارو آهي. ساڳيو ئي بحر تقارب جي ٻارهن رڪنن تي آڌاريل آهي. هڪ صنف کي زوريءَ ڪنهن ٻي صنف تي نه ٿو مڙهي سگهجي. هاڻي سٽاءَ، عروض ۽ ڇند واري بحث کي ڇڏي قافيي ۽ رديف ڏانهن هلون:

    درد وٺڻ يا درد ڏيڻ ٿو چاهين تون!
    منهنجي درد جو سمنڊ ترڻ ٿو چاهين تون.

    هن غزل جا سمورا قافيا فعلي آهن، تنهن ڪري تــز آهن. زير، زبر جي ڪري قافين جا اساس يا بنياد هلڪا ڌڪيا آهن. هتي اصل قافيو آهي ڏِيَــڻُ ۽ قافيو ثاني آهي تَـرَڻُ، ڏال کي زير آهي ۽ تي کي زبر آهي. ”ٿو چاهين تُون! بهترين رديف آهي. اصل قافيي توڻي هيٺين قافين ۾ ٽي ٽي آواز يا اچار آهن. جي اول وارو اچارُ اساس ڪري نه ڳڻبو ته سمورا قافيا بلڪل پورا ۽ هر طرح صحيح آهن، پر فعل هجڻ ڪري نه ڪٽجن ته معنوي لحاظ کان درست نه هوندا. عربن وٽ علم هِجا جو لحاظ گهٽ رکيو ويندو آهي. ڇو ته تقطيع نالو ئي وڍ ڪٽ جو آهي. تنهن ڪري عروض ۾ اسين به اهو ئي قانون اختيار ڪندا آهيون. قافيي ۽ رديف ۾ اها اجازت ناهي. جڏهن ته اردوءَ وارا خاص لحاظ نه رکندا آهن:

    گناهه وائڙا هئا، ثواب وائڙا هئا،
    پرينءَ جو پيار جو مليو، حجاب وائڙا هئا!

    هن غزل جا قافيا هيري جي چمڪ اختيار ڪري جرڪي رهيا آهن. رديف وري هيري جي ڀر ۾ ياقوت نماءُ ڪري پوچي رکيو ويو.
    شهمير سومري کي اڃا گھڻي مشق جي ضرورت آهي. ڪي غزل اهڙا به آهن جن ۾ قافيا ڪمزور ۽ نه ٺهندڙ آهن:

    ننڊ اسٽور تان آءٌ آڻي رکان،
    جاڳ چوري اکين ۾ رکي ٿي وڃي.

    ڪنهن جي چهري تي ميڪ اپ جا بادل هئا،
    ڪنهن جي چهري جي پر سادگي ٿي ٻري.

    جديد فلاسافي جا اثر شهمير تي به آهن. جڏهن ڌرتي، پٿر، وڻ ٻوٽا ماحول جو اثر وٺن ٿا، انسان ته انسان آهي. شاعر ته اڃا به حساس آهن. ننڊ جواسٽور تان آڻڻ ۽ چهري تي ميڪ اپ جا بادل، جديد ايجادن جا تحفا آهن. جيڪي پنهنجي پوري اصطلاح سازيءَ سان اسان جي ٻوليءَ جو حصو بنجي ويا آهن. جيڪا ڳالهه آءُ مٿي بيان ڪري آيو آهيان، توڻي جو شهمير جو گھڻو تڻو ڪلام مشيني اصطلاحن کان پالهو آهي، پر پوءِ به اٽي ۾ لوڻ برابر ته اها چهراڻ موجود آهي. شاعري هڪ بي ساختا عمل آهي. شاعري جي آمد ٿيندي آهي، ته شاعر شاعري رچڻ کان سواءِ ڪو به ڪم ڪري ئي نه سگهندو آهي. منهنجي هن جملي کي پڙهندڙ حضرات بيماري ڪري نه سمجهن. زندگي جي سفر ۾الائي ڪيتريون ڪيفيتون ماڻهو جو آرام ڦٽائي ڇڏينديون آهن. شهمير سومرو پنهنجي سماج تي گهري نظر رکي ٿو. ان ڪري سندس غزل ۾ موضوعاتي وسعت آهي. نه صرف اهو ۽ ايترو، پر انهن موضوعن کي بيان ڪرڻ جي به وٽس قوت موجود آهي:

    سنڌ جا ڳوٺ، شهر، ٻوڏ ۾ ٻڏيون ٻنيون،
    سنڌو سنسار وڇائي سمهي پيو آهي.

    او مٺي سنڌ، قسم ٿي ربّ جو،
    خوني تڪرار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    ليکڪو! هاڻي قلم جي نوڪ سان،
    سچ سندي اتهاس کي پاڻي ڏيو.

    آس جي ڳنڍ ٻڌل آ ٿوڻيءَ سان،
    ٻوڏ ۾ ڪو ته لک پتي آهي.

    هِي سنڌي قوم آهي آئينو،
    ۽ هي اڳواڻ هن پٿر وانگي.

    ضمير جن به وڪيو آهي ڪجهه سِڪن عيوض،
    وري به تن جا ڏٺا سي گناهه معاف رهيا.

    اجتماعي درد جو فلسفو، شاعري جي مقصد جو فلسفو، انسان جي سجاڳي جو فلسفو، ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جي اذيت جو فلسفو، اهي سڀ مسئلا جيڪي پنهنجي زندگي جا درد آهن، انهن دردن جو ڇوٽڪارو، جيڪو آئيندي جو اتساهه ٿو بنجي، شهمير سومري جي شاعري ۾ موجود آهن. طبقات، قومي ڦرلٽ، فطري طوفان، سهائتا نه ٿيڻ جو ڏک ۽ ٻيا الائي ڪيترا واقعا شهمير جي غزل جو حصو آهن.
    قومي ۽ طبقاتي سوال اٿارڻ، انهن مسئلن جو حل، سياسي مسئلو آهي. ليڪن ڪو به شاعر، اديب، تاريخدان، قلمڪار پنهنجي قوم ۽ طبقي کان سواءِ ڇا آهي؟ قومي ۽ طبقاتي مسئلا پوري قوم جا مسئلا آهن. جنهن ۾ سياستدان، اديب، شاعر، استاد، شاگرد، ڊاڪٽر، صحافي، پورهيت، هاري، عورتون، مرد، ٻار، ٻڍا شامل آهن. شهمير سومرو سنڌي قوم جو باشعور فرد ۽ هن ڌرتيءَ جو هڏ ڏوکي پٽ آهي، ان کي پنهنجي فرضن جي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي. هڪ درد مند حلالي فرزند وارا فرض نڀائي رهيو آهي.
    شاعري سياسي اثرات کان وانجهيل، ڍڪيل يا الڳ ٿلڳ ڪو علمي مورچو نه آهي ۽ نه وري ڪو سياسي پوسٽر آهي. شاعر جي ڏات ۽ ڏانوَ ۾ جيڪا ڏک، سور، اڻ برابريءَ واري لهر اٿي نروار ٿي آهي، شهمير سومرو ان سور ۽ درد کي محسوس ڪندي پنهنجي تخيل ۾ آڻي بااثر نموني بيان ڪيو آهي.
    شهمير سومرو نهايت حساس ذميوار، نيڪ نيت ۽ باضمير نوجوان آهي، پنهنجي ٽهيءَ جو حسين، جميل اظهار وارو شاعر آهي. غزل جي ميدان جو هي باعمل مجاهد، سنڌ ڌرتيءَ جو سپوت پنهنجي تاريخ کان ٻاهر، لنوائڻ وارو شخص نه آهي. جدوجهد ۽ جفاڪشي وارو هڪ نهايت حساس شاعر آهي. ” اکڙين جي ڀاڪر ۾“ شهمير سومري جو هيءُ پهريون مجموعو آهي. سَلو اهو ڀلو، جيڪو انگورجڻ سان دل ۽ دماغ کي، اکين ۽ شعور کي راحت بخشي، خوشي ۽ اميد جو احساس ڏياري، سڀاڻي جو آسرو بنجي. ان حوالي سان سرشار اميد ۽ آس جو هي شاعر، ڪوي هن مجموعي جو خالق سڀاڻي جو آسرو آهي.
    هن جديد ميڊيا جي همت افزائي ۽ پٺ ڀرائيءَ جو نوجوان شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن سان سهڪار هجڻ گهرجي. انهن جا شايع ٿيل ڪتاب پڌري ٿيڻ پڄاڻان ميڊيا تي اچڻ گهرجن.

    سرمد چانڊيو
    ميراڻي محلو لاڙڪاڻو
    11 فيبروري 2013


    تخليق جي آڌار مڃتا جو سفر

    لبنان جي فيلسوف ۽ شاعر خليل جبران جون ڳالهيون ننڍپڻ ۾ ئي وري وري پڙهندو هوس جو سندس کريون ڳالهيون ۽ چڀندڙ جملا ڪوڙ ۽ اونداهين جي تز نشاندهي سندس بيانيءَ جو تکو ۽ تيز لهجو مون کي ڏاڍو وڻندو هو، آئون ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏينهن جا ڏينهن سندس، زندگيءَ جي نهايت قريب يا قريب ترين مصلحتن ۽ منافقتن کي وائکي ڪرڻ، اميريءَ ۽ غريبيءَ جي فاصلن ۽ اميرن يا انهن جي محلن ۾ پلجندڙ خرابيون حتاڪ مذهبي براين جي به ديده دليريءَ سان نندا هن جي لکڻين ۽ فلسفي جو جوهر لڳندو هوم.
    پادرين، پنڊتن يا ملان گيريءَ جي رَوشن جا اهي پاسا جن تي تنهن وقت جو ماڻهو ڀڻڪندي به ڊڄندو هو تن تي هو پنهنجي انداز ۾ نهايت جرئتن سان نه صرف ڳالهائي پر لکتن ۾ به گوناگون سچائيون لکي ويو آهي. موت، حيات، سمنڊن، آبشارن، پکين ۽ ان جي پروازن، دنيا جي مڪر ۽ فريب شباب، پيرسني وغيره وغيره مطلب ته فطرت جي هر حسناڪيءَ ۽ ڪائنات جي گهڻي ڀاڱي مشاهدن ۽ تجربن جي ڪوڙين مِٺين ڳالهين کي غضب سان چٽي ويو آهي ۽ حقيقتن جي نزديڪ تر هئڻ ڪري سندس لکڻين کي اڄ تائين امرتا جو مقام حاصل آهي.
    هڪ جاءِ تي لکي ٿو “انسان لاءِ اجتماعي زندگي ايتري ضروري آهي جيترو اهم پکيءَ لاءِ پر هجن ٿا”. هو چوي ٿو ته اجتماعي زندگيءَ ۾ ورهايل محبت ڪڏهن به ختم نه ٿي ٿئي. ٻيءَ جاءِ تي هو لکي ٿو ته “منافق جي لاءِ دعا گهرڻ دعا جي بي عزتي آهي”.
    خليل جبران کي پڙهڻ کان پوءِ زندگيءَ موت جي فلسفي، لفظن ۽ سوچن کي هڪ نئين ۽ انقلابي واٽ ملي ٿي.
    هن کي پنهنجن خيالن ۽ لکڻين تي ايترو ويساهه رهي ٿو جو هو پاڻ ئي چوي ٿو ته “اگر منهنجي پيغام ۾ سچائي موجود آهي ته ان کي مستقبل جي پيشانيءَ تي هميشه چمڪندڙ ڏسندؤ” ۽ هن چواڻيءَ ته “جيڪو آئون لکان يا چوان ٿو ان تي يقين به رکان ٿو”.
    هو هڪ هنڌ پنهنجي شاعريءَ لاءِ لکي ٿو ته “شعر هڪ عجيب ۽ دلفريب پکي آهي جيڪو فن ۽ فڪر جي اچائين تان اسان ڏي پرواز ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن اسان ان جو قدر نه ڪنداسين ته هو وري پنهنجي وطن موٽي ويندو” آئون ڀانيان ٿو ڪنهن شاعر جون سوچون مشاهدا ۽ ان جو فڪر ئي ان جي ميراث ٿئي ٿو آفاقي شاعري فن کان اڳتي شاعر جي فڪر ۾ ئي نپجي جوان ٿي امرتائن ڏانهن وک کڻڻ لڳي ٿو.
    سنڌي شاعريءَ جي عظيم سرجڻهار شيخ اياز هڪ جاءِ پنهنجين يادگيرين ۾ لکي ٿو ته “مون کان اهي ڏينهن ڪيئن وسري سگهندا جڏهن سکر ۽ شڪارپور جي وچ ۾ اڪثر سفر ڪندي رستي تي ڪَسِيُن ۾ ڪنول جا گل ٽڙيل هوندا هئا ۽ چؤڌاري سارين جي اوٻر ۾ ڪنگ، ٽيٽيهر، ٽٻڻيون نظر اينديون هيون، جڏهن لري لڳندي هئي ۽ ڍانڍيئڙن جا آکيرا ڪنڊين ۾ خالي لڙڪندا هئا”. شيخ اياز اهڙن منظرن ۽ مشاهدن کي سچائين سان اندر ۾ اوتي پوءِ انهن جو پوري سچائين سان امرتائن جي مُهر هڻي ڇڏي ٿو هو هڪ ٻئي هنڌ لکي ٿو ته زندگي هڪ اڻ کٽ مطالعو ۽ مشاهدو آهي جن پسندي منهنجين اکين جو جهول ڪڏهن به نه ڀريو آهي.
    شاعري جي رنگ برنگي ڪائنات جو ڪينواس نهايت ئي وسيع آهي آئون چوان ٿو ته انسان جو اندر ۽ سوچن جو محور جڏهن ان وشالتائن ۾ پاڻ گهڙي ۽ گهمي جڏهن ان جا عڪس سچائين سان چٽڻ گھري ٿو ته سندس قلم ۽ ذات ٻئي مهانتا ماڻين ٿا. ڪوئي ڀي ڪلاڪار جيڪڏهن صرف ئي صرف پنهنجي ڪلا جي آڌار هن اربن ماڻهن ۾ جيئڻ ۽ مرڻ بعد به هميشگي ماڻڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان کي خداداد صلاحتن کان سواءِ پنهنجي وقت پنهنجيءَ ڪل ڄمار سان اهو وچن ڪرڻو پوي ٿو ته هو ان جو هر منٽ، سيڪنڊ ان ڪلا کيتر جي سفر ۾ سڪارتو ڪندو ۽ پنهنجو نور به ان ڏات جي لاءِ نچوئڻ ۾ نه هترندو تڏهن ڏات جي ديوي ڪجهه نه ڪجهه راضي ٿي ان ڏات ڌڻيءَ جي جهول ۾ ڪي ڪڻا وجهي ٿي.
    مرزا اسدالله غالب جون سٽون ياد ٿيون اچن ته:
    دل ڈھونڈتا ہے پھر وہی، فرصت کے رات دن
    بیٹھے رہیں تصورِ جاناں کیے ہوئے

    غالب اردو شاعري جو وڏو ۽ مستند نالو آهي گهٽ ۾ گھٽ هن جي فڪر فن ۽ اسلوب مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي هو جڏهن چوي ٿو ته کيس اهي ئي ڏينهن گهرجن جو صرف ئي صرف يار جو تصور هجي ۽ هو ان جي تصور ۾ ئي ويٺل هجي، کيس زندگي جا اهي ئي پل گهرجن ٿا جنهن ۾ هو ويهي يار جي عڪسن سوچن ۽ هن جي ڳالهين کي ورجائي پنهنجيءَ شاعريءَ ۾ هن جي ادائن، ڪج ادائن کي بيان ڪندي ڪندي هو پنهنجي محبوبا سان گڏ پاڻ کي به صرف اندازِ بيانيءَ ۾ ئي امر بڻائي وڃي.
    هڪ فارسيءَ جو شعر آهي ته:
    على لصباح که مردان بکار کار روند،
    بلا کشان محبت بهه کوئي يار روند.

    ترجمو: اسر جو جڏهن ماڻهو پنهنجن ڪمن ڪارن ڏانهن وڃن ٿا تڏهن پيار جا طالبو پنهنجي پرينءَ طرف هلڻ لڳن ٿا.
    پيار جي اها طلب جيڪا هيڪر انسان جي اندر ميخون هڻي ۽ پوءِ اهو طالب ساري ڄمار ان محبوب يا طلب جي وصل لاءِ گذاري ڇڏي ۽ مطلوب پنهنجي ڪل عمر ان هڪ طلب لاءِ وقف ڪري پنهنجي اکين کي پير بڻائي پرينءَ جو پار طلبيندو رهي ٿو ته اها اڪير کيس ضرور ابديت بخشي ٿي، طالب جڏهن ڀٽائيءَ سرڪار هي هنن سٽن جيان محبوب جي مشاهدي ماڻڻ لاءِ جهنگ جبل جهاڳي ٿو، پنهنجن وصل جي ارادن سان ٽڪرن کي پڻ هلان ڪري چوي ٿو:
    آڏو ٽڪر ٽر، متان روه رتيون ٿئين.
    شاه
    يا
    هلندي هوت پنهونءَ ڏي، آئون پيرين پنڌ ڪنديانس،
    پيرن پنڌ ڇڏيو، ته آئون چيلهه ڀر چرندياس،

    ته پوءِ اهڙي “Commitment” انهن ڪردارن ته ٺهيو پر پنهنجي محبوب سان گڏ ان پنهونءَ کي به امرتائن ڏانهن نئي ٿي.
    اسان جو هي ڪوتاگر شهمير سومرو به پنهنجين ڪَوِتائن آڌار ان ڪيچ مڪران جي پهڻن پيچرن ۽ اڻانگن پهاڙن جو رمتو ٿي پنهنجي من جي آريءَ جو متلاشي رهي ٿو، سندس شاعري ٻڌائي پئي ته کيس ڪا وينگس اکين سان هن ۾ چاهه ٽاڪي وئي آهي هو چوي پيو:
    وينگس مرڪي چاهه اکين سان ٽاڪي وئي.
    مردي ۾ ڄڻ ساهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    مُرڪي اکين سان چاهُه ٽاڪڻ يا مردي ۾ اکين سان ساهُه ٽاڪڻ ٻئي مطلع جون سٽون شاعريءَ جي کيتر جو نئون نڪور خيال آهي ۽ پاٺڪن کي اهو نسخو هميشه ياد رکڻ گهرجي ته ورجاءُ موت آهي ۽ تخليق ئي زندگي آهي.
    شهمير جي شاعريءَ جون کوڙ سٽون، سٽن جو فڪر ۽ تاڃي پيٽو بنهه پنهنجو آهي هڪ جاءِ تي هُــو فطرت جو عڪاس بڻجي فطرت جي هڪ منظر کي نهايت ئي پنهنجي انداز ۾ هيئن ٿو چٽي:

    هي پاڻيءَ تي لهرن جون ٻاريون ڏسو،
    لڳي ٿو هوا نئين رلي ٿي سبي.

    لهرن جون ٻاريون بلڪل نئين نڪور تشبيهه آهي جا هن جي پنهنجيءَ ڏات جي اڻت آهي ۽ جا نهايت وڻندڙ پڻ آهي هو انهيءَ غزل جي هڪ بند ۾ لکي ٿو:
    ا۸گهاڙو اسان جو مقدر رهيو،
    خدا جي رضا نئين رلي ٿي سبي.

    ڇا ته سهڻن خيالن جي اڏام آهي، مون کي لڳي ٿو ته خليل جبران جي مثال پٽاندڙ هو پنهنجي فن ۽ فڪر جي پکيءَ کي نراس واپس نه موٽائيندو هن وٽ شاعريءَ جو پکي فڪر جي جن اوچائين تان اچي ٿو هو ان کي ئي سگهه سان جهٽڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو.
    هن جيڪا شاعري مون کي مطالعي لاءِ ڏني سا ساري غزلن تي مشتمل هئي آئون ڀانيان ٿو ته غزل سندس محبوب صنف آهي ۽ هو غزل ۾ ئي پنهنجن خيالن جي اپٽار شايد ڀرپور ڪري سگهي ٿو ۽ مون سندس غزلن کي پڙهندي سندس تغزل جي رنگ ۽ ڏانءَ کي محسوس ڪندي اهو ضرور چوندس ته شهمير پنهنجي ڪيفيتن جي بياني غزل ۾ ئي بهتر ڪري سگهي ٿو جنهن ۾ نازڪ خيالي ۽ ٻوليءَ جي سونهن جهلڪيون ڏئي جهلڪي رهي آهي.
    شهمير محبوب جي انگل آرن کان سواءِ پنهنجي ديس پنهنجيءَ ڀونءِ جا نت نوان مسئلا ان جا ڪرب زندگيءَ جي ٻين انيڪ روپن کي به شاعريءَ ۾ رقم ڪيو آهي انساني اذيتون مفلسيون، غربتون، ناداريون، ظلم، بي ضميرائپ ماڻهن جا رويا، سماجي اوڻايون هر شاعر جيان پنهنجي ساڻيهه جي سلامتي ۽ ساڻيهه واسين لاءِ امن جي طلب سندس اندر کي اٿاهه آرزو بڻجي اجهو هنن سٽن ۾ هيئن ٿي اڀري:
    ٽمن ٿا خوب ڌرتيءَ تي امن جي اک منجهان ڳوڙها،
    سدائين سوز جي موسم فضا جا نيڻ آلا ها.

    او مٺي سنڌ قسم ٿي ربّ جو،
    خوني تڪرار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    هو سماج جي ڪريتن کي هڪ باخبر شاعر جيان نشانبر ڪري عام اڳيان وائکي ڪرڻ جي هيئن ڀرپور ڪوشش ڪري ٿو:
    هڪڙي اخبار وڇائي سمهي پيو آهي.
    ڪنهن جو هي ٻار وڇائي سمهي پيو آهي.

    هٿ مٿي کي ته حياتي ڏئي پئي روئي،
    موت لاچار وڇائي سمهي پيو آهي.

    شهمير سومرو پنهنجن اندر جي اڌمن، ولولن ۽ بي چيني کي هڪ ذميوار شاعر جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ سموئڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ڪنهن ڪنهن جاءِ تي سندس اظهار ڪمال جو آهي هن جي اظهار جي بي ساختگي ۽ اسلوب هن جا بنهه پنهنجا آهن وقت جي اهميت ۽ ڏات جي مسلسل مشق يا قربتن ۾ رهي هو وڌيڪ رياضتن سان پنهنجي امرتا جو سفر سڦل ڪري سگهي ٿو، سندس خيالن جي پاڪيزگي، فطرت سان هم آهنگي ۽ سوچن جي وشالتا سان گڏ اگر مطالعو به زير مشق رهيو ته ضرور پنهنجي ڏات جي سگهه سان مڃتائڻ جو رڻ اڪري پار پوندو.

    دعاگو
    ع ـــ غ ـــ تبسم
    نئون ديرو
    26_فيبروري 2013


    احساس جي گلابي شاعري

    غزل شاعري جي اها محبوب صنف آهي جنهن کي خاص ڪري دنيا جي انهن سر زمينن وڌيڪ پيار سان پنهنجو ڪيو آهي، جن زمينن عشق ۽ موسيقي سان محبوبائن جهڙي محبت ڪئي آهي. غزل جي خوبصورت صنف کي سنڌ ڌرتي پاران پنهنجو ڪندي، ڪي گهڻيون صديون ناهن گذريون، پر سنڌي شاعرن جنهن روح سان هن صنف کي عشق جا ڀاڪر ڀريا آهن، ان مان ائين لڳي ٿو ته ڄڻ غزل جي صنف پيدا ئي هتان ٿي آهي.
    اڄ به اسان جي سنڌي شاعري ۾ غزل لکڻ وارن جو ته ڇيهه ئي ناهي، پر جيڪو گلابي ۽ گنگهور غزل سنڌي شاعري کي گهرجي اهو بنهه گهٽ سرجي رهيو آهي. پر صفا ائين به ناهي ته هن يڪسانيت جي وبا ۽ ماٺ ۾ ڪو دل جو، شاعري جو ڪڙو کڙڪائڻ وارو ئي ناهي رهيو، ائين ڪونهي! اڃا ڪي پيرا سفر جي ساک بڻيل آهن. جوان جذبن سان ٽمٽار اسان جو دوست نوجوان خوبصورت شاعر شهمير سومرو اهو پاڻ ڏي متوجهه ڪندڙ نئون آواز آهي جنهن جي شاعري کي پڙهي هڪڙو نئون اتساهه جاڳي ٿو ڇو جو هن جي شاعري ۾ نئين خيال جو نياپو ملي ٿو:
    هر گهڙي هن جو تصور ساڻ آ.
    ڄڻ ته مان سرهاڻ پائي ٿو گهمان.

    آسماني مئڪدو آهي کليل،
    ديد ۾ ڳاڙهاڻ پائي ٿو گهمان.

    شاعري جو هي بي باڪ لهجو هن جي پيش ڪيل هر خيال کي چٽو ڪري بيهاري ٿو. اکين ۾ ڳاڙهاڻ وجد ۽ عشق جي به علامت آهي ته اوجاڳن جي به وارتا آهي. اٺي جي هوا جو احساس ڏيندڙ اهڙا ڪيئي خيال شهمير سومري جي شاعري جي اکين ۾ آهن:
    رُسي وئين حشر هيو، حشر ۾ ڀي عنايتون،
    حساب وائڙا هئا، عذاب وائڙا هئا.

    مان دلبر جو، دلبر منهنجو، ڇو ناهي!
    من آ صحرا، ساگر منهنجو، ڇو ناهي؟

    حساب وائڙا، عذاب وائڙا ۽ منهنجو ڇو ناهي جو سوال شعر جي نئين حسناڪي جو ترجمان آهي. هي نئين لفظيات وڻندڙ آهي، اها تازگي جي نشاني آهي. اهڙي نواڻ شاعري جي انفراديت کي پڌرو ڪري ٿي:
    کلي ڪڏهن به اسان ڪو کِلي نه ڳالهايو،
    اسان جي چاهه مٿان جو رڳو غلاف رهيا.

    شهمير سومرو جي غزلن ۾ سادگي ۽ معصوميت پيار جي اجرائي وانگي پاڻ کي پڌرو ڪري ٿي هن جي شاعري ۾ رومانويت ڏاڍي پياري لڳي ٿي جيڪا ثابت ڪري ٿي ته شهمير زندگي جي احساس جو خوبصورت شاعر آهي. هن جي شعرن ۾ جيڪا بيساختگي آهي اها هن جي شاعري جي خوبي ڳڻائي سگهجي ٿي. سٺي علامت اها آهي ته هن جي شاعري ڳرن فلسفن ۾ ويڙهيل ناهي، اها گل جي مهڪ وانگي پڌري آهي.
    شهمير جي شاعري ۾ جواڻي جو هڳاءُ محسوس ٿئي ٿو. اهو هڳاءُ جيڪو ٽهڪن ۽ پازيبن مان جنم وٺي ٿو. صوفي ازم جي پچار به هن جي شاعري جو وڻندڙ رنگ آهي. اهي سموريون سٺايون ظاهر ڪن ٿيون ته شهمير جي شاعري کي پنهنجي احساس جي مٽي حاصل آهي، ان مٽيءَ مان جيڪو به گهڙو جڙي ٿو، اهو ڇانوَ ۾ رکجڻ جو حقدار آهي:
    تنبوري جي تار تي گم ٿي ويندو هان،
    من ۾ ڀٽ جو شاهُه اکين سان ٽاڪي وئي.

    چنڊ جو ساهه منجهي ٿو اڀّ ۾،
    وارو ڪر وار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    شهمير کي گهٽيءَ مان ناراض ٿي نه تڙ،
    هيڏي وڏي دنيا ۾ بي گھر نه ٿي وڃان.

    ڏسڻ ۾ ائين به اچي ٿو ته شهمير غزل جي مزاج سان ٺهڪندڙ موضوع کڻي هي سڄو پيار جو پورهيو ڪيو آهي. هن جو سٺو مشاهدو هن جي شاعري کي نواڻ ڏيڻ جو سبب محسوس ٿئي ٿو. شهمير تجربن جي موسم ۾ اڃا به گھڻو ڪجهه پنهنجي شاعري کي ڏيندو ڇو جو هن وٽ ڏات ۽ ڏانءُ ٻئي آهن جن جو استعمال به هو ڄاڻي ٿو. يقين آهي ته هن جي شاعري جو آئيندو روشن ثابت ٿيندو.

    ايوب کوسو
    اپريل 2013


    خيال ستارن جيان

    بهترين شاعري جي خوبي اها آهي جو اها سليس ايڏي هجي جو هر باذوق ماڻهو ان کي سولائي سان سمجهي سگهي ۽ جڏهن ان شاعري جي فڪر تي ويچار ڪجي ته ڏاهن کي به ڏندين آڱريون اچي وڃن. شاعري تي ان قسم جو عبور حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ منهنجو شاعر دوست شهمير سومرو لاڙڪاڻي سان تعلق رکي ٿو.
    شهمير علم عروض تي ڪافي عبور رکي ٿو سندس محبوب صنف غزل جي خاص انفراديت نرالا رديف آهن جيڪي سندر قافين سان ملي غزل ۾ انوکو حسن پيدا ڪن ٿا.
    غزل ۾ قافيي ۽ رديف جو تعلق انهن پاڙيسرين جهڙو هجي جيڪي هڪ ٻئي کي سهارو ڏين اوپرا يا لاتعلق نه هجن “اڄوڪن انسانن وانگر” شعر ۾ قافيو ۽ رديف ملي مفهوم کي وڌيڪ چٽو ۽ واضع ڪن نه ڪي مبهم بڻائين، شهمير جو غزل ڪٿي ڪٿي مبهم پڻي جو شڪار ٿيو آهي نه ته گهڻي ڀاڱي هن غزل سان سٺو نڀاءُ ڪيو آهي. نرالن قافين ۽ رديفن کان علاوه شهمير جي غزل جون خاص خوبيون آهن دلڪش استعارا، تشبيهون، ۽ مرڪب لفظ مثال طور، خواب پنڇي، نيڻ آکيرا، بدن الماس ۽ اهڙا الائي ڪيترا مرڪب لفظ، تشبيهون، استعارا ۽ خيال ستارن جيان سندس شاعري ۾ جرڪن ٿا.

    سعيد ميمڻ
    عاقل
    22 مئي 2013


    سوچن جو سُٽ

    مرڪ معصوم هوندي آهي ڀل اها ننڍڙي ٻارڙي جي هجي يا جهور ڪراڙي جي، پر جڏهن جوانيءَ ۾ “پيارُ” شرارتي مرڪ اپنائي ته زندگي هڪ اهڙي خوبصورت موڙ تي پهچي ويندي آهي جتان جو انوکو جهان ماڻهوءَ جا حواس ئي حيران ڪري ڇڏيندو آهي. ڪنهن خوبصورت ماڻهوءَ جون ادائون ۽ اشارا انسان کي حسين خيالن جي اهڙي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندا آهن جتي ان خوبصورت ماڻهوءَ کان مليل ڏک به انڊلٺ جي رنگن جيان رنگين ۽ من کي لڀائيندڙ محسوس ٿيندا آهن، جو ان پل ماڻهو مسئلن جو آسمان مٿي تي کڻي به پنهنجي مٿان بار محسوس نه ڪندو آهي.
    1993 ع ۾ جڏهن بهار موسم ۾ بند مکڙين پنهنجون ٻانهون کولي گلن جي پتڙين کي ظاهر ڪيو ۽ هوا خوشبوءِ کي ڦهلائي ڪائنات کي ڀاڪر ۾ ڀريو ته مون به پهريون شعر لکي سونهن کي ارپڻ چاهيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ اندر جو لڪل شاعر ظاهر ٿيڻ لڳو ۽ طبيعت ۾ عجيب قسم جي طلسماتي تبديلي اچڻ لڳي. عشق جي آويءَ ۾ پچڻ لاءِ پرين جي گھٽيءَ ۾احساسن جا پير اگھاڙا ڪري پنڌ چڪر ڪٽڻ شروع ڪيم. مزاج ۾ تبديلي ۽ شعرن ۾ سنجيدگي وڌڻ لڳي، بعد ۾ اڪيلائي جو احساس شام جي لهندڙ منظر جيان منهنجي اندر ۾ وڌڻ لڳو. سج لهڻ کان پوءِ تڪڙي اوندهه وانگر بيقراري به من ۾ گهيرو ڪري ويهي رهي. بهتر ڀانيم ته ڪٿي شاعرن جي سٿ ۾ پهچي پنهنجي اندر جي ڳالهه اوريان نه ته سوچن جو سُٽ مونکي منجهائي ڇڏيندو. تن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڏوڪريءَ جون هفتيوار تنقيدي گڏجاڻيون ٽاڪ مجھند جو منعقد ٿينديون هيون پر مون لئه اهي گڏجاڻيون گھاٽي وڻ جي ڇانوَ جيان ثابت ٿيون، جتي مون سوچن جي سُٽ کي نوجوان ناريءَ جي زلفن جيان سنوارڻ شروع ڪيو. اتي ئي منهنجي شاعري کي گهڻي آسيس آئي ۽ شعرن جي پرورش پڻ ٿي.
    شاعري جي ابتدائي اصلاح استاد خير محمد چنو کان ورتم ادبي سنگت جي سڀني دوستن ڀائرن جيان ڀانيو پر مختلف وقتن تي لفظن جا لڪڻ به لڳندا رهيا. هونئن ته سنڌ ۾ هزارين لکين شاعر پنهنجي اندر جي جذبن ۽ اڌمن جو اظهار ڪري چڪا آهن پر مونکي سدائين شاعرن جي ان چمڪندڙ ڪهڪشان ۾ استاد بخاري چنڊ جيان نظر ايندو رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي آنءُ سدائين استاد بخاري جي شاعريءَ کان تمام گهڻو متاثر رهيو آهيان.
    چيو وڃي ٿو ته دنيا ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا موضوع آهن جن کي قلم ڌڻين پنهنجي پنهنجي انداز سان اظهاريو آهي. اڻ ڳڻين شاعرن جي قافلي ۾ اوهان پڙهندڙ سڄڻن کي منهنجي شاعري ۾ ممڪن آ ڪٿي ڪٿي ڪو خيال جيئن جو تيئن يا ڪنڊ پاسو ٽڪرائجندي ورجاءَ جو شڪار ملي ڇو جو شاعرن جي تمام وڏي سٿ ۾ پاڻ کي ظاهر ڪرڻ يا پنهنجي موجودگي جو احساس ڏيارڻ ڪنهن به طرح ڪاميابي کان گهٽ ناهي.
    منهنجي شاعري ۾ اوهان کي ڌرتي، چنڊ، ڪڪر، سونهن، گل، پوپٽ جا موضوع اڪثر چرپر ڪندي محسوس ٿيندا. ائين ئي خوبصورت ماڻهن تي موهيندڙ لفظ ميڙي گلابن جي پتڙين جيان نڇاور ڪندڙ منهنجو من به سونهن جي رنگن ۾ رچجي ويو. اوچتو ئي زندگيءَ جي ڳوٺ ڳلي ۾ هڪ درُ کليو ۽ شاعري مون کي سڏيو. مان زندگي جي اس ۾ ڇانوَ ٿي ڀانيم. رات جي اونداهي ۾ چنڊ ۽ ستارن سان ڀريل آسمان مون کي پرينءَ جي چولي جا ستارا ياد ڏياريندو رهيو آهي. ڳوٺ جي ڳلين کان سرنهن جي ڦولار ۽ فطرت جو حسن مونکي عشق جي اونهائي ۾ وٺي وڃي اتي پهچايو جتي ڏات جي ديوي پنهنجو ملائم هٿ ملائي ڪائنات جو سير سفر ڪرائي شاعري جي شهر وٺي آئي بس انهي پَل کان وٺي لکندو، لڇندو ۽ پنهنجي اندر جي اڌمن جو اظهار ڪندو پيو اچان. هن وٺ پڪڙ جي زماني ۾ شاعراڻا احساس رکندڙ شخص بارود جي بوءِ جهڙين رسمن ۾ مسڪرائي جيئڻ جي جستجو ۾ مصروف رهي ٿو، محبتن جا احساس نفرتن جي قيد ۾ پل پل نين اذيتن سان مهاڏو اٽڪائي جيئڻ جو درس ڏين ٿا.
    ڪنهن ڪنهن مهل لفظ مسافرن جيان ذهن جي اوتاري تي اچي شاعري جو روپ ڌاري نڪور ڪاغذ تي پنهنجي جاءِ والاري رهيا آهن ته ڪڏهن وري رٺل محبوب جيان ڪيترائي ڏينهن درشن ئي نه ٿا ڪرائن. هي منهنجي شاعري جو پهريون ڪتاب اوهان سڄڻن جي سهڻن هٿن ۾ لفظن جا رنگ کڻي قرب جا ڪشالا ڪٽي پهتو آهي.
    منهنجا ويچار شاعريءَ جي صورت ۾ اوهان پيارن جي سامهون آهن، منهنجون خواهشون پوريون ٿين ٿيون باقي حسرتن جي ته حد ئي ناهي. عيب مون ۾ اڻ ڳڻيا ۽ خوبين جو خال خالي ٽٻڪڙا ئي ٽٻڪڙا آهي. مونکي اوهان جي پيار ڀري موٽ جو اوسيئڙو رهندو جيڪڏهن منهنجي شاعريءَ بابت اوهان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندا ته مونکي تمام گھڻي خوشي ٿيندي.
    هن ڪتاب کي ڇپائڻ لاءِ ڪافي دوستن پئي همٿايو آهي. ان حوالي سان ڪجهه دوستن مون کي اصلاحي رايا پڻ ڏنا آهن، خاص طور تي سائين رضوان گل، احسان دانش، رضا بخاري، گوهر شيخ، عادل عباسي، نثار شيخ، نظير شيخ ۽ سڄي سنگت جو تمام گهڻو شڪرگذار آهيان. منهنجو هي پيار ڀريو پورهيو اوهان جي هٿن جي گلابن ۾ آهي اميد ته اوهان کي پسند جي خوشبوءِ ضرور ڏيندو.

    شهمير سومرو
    مينهل آباد ــ لاڙڪاڻو
    موبائيل نمبر 03003428619
    ssoomro939@gmail.com


    حمد شريف

    جٿي ڪٿي آ ڪمال تنهنجو نه آ دنيا ۾ مثال تنهنجو.
    رهين ٿو هر هنڌ الله سائين اهو وڏو آ ڪمال تنهنجو.

    فقير ۾ تون امير ۾ تون ظهير ۾ تون ضمير ۾ تون،
    اوهان جو ڪوئي جواب ناهي پڇي جي ڪوئي سوال تنهنجو.

    غفار خالق رزاق باري وهاب واجد حفيظ باعث،
    نوانوي نانءَ سڀئي پيارا آ نانءُ هر بي مثال تنهنجو.

    پوين جي پرچي ته پل ڀرين ٿو، پوين ڏمرجي تڏهن به ڏئين ٿو،
    اوهان جي هستي عجيب آهي اتم عجب آ خيال تنهنجو.

    جتي اسان جو عقل ختم ٿئي اتان کان قدرت شروع ٿئي ٿي،
    رحم ڪرم جي به حد ئي ناهي غضب جو آهي جلال تنهنجو.


    نعت شريف

    نور تي ٿو لکان روشني ٿي اچي.
    منهنجي شعرن ۾ ڄڻ زندگي ٿي اچي.

    نعت محبوب جي شان ۾ ٿو چوان،
    منهنجي کاتي ۾ ڄڻ بندگي ٿي اچي.

    روح کي ٿِي ملي بادشاهي وڃي،
    جسم ۾ جيڪڏهن سادگي ٿي اچي.

    باغ ۾ ماڪ سان قلب ۾ ذڪر سان،
    درود سان دل ۾ تيئن تازگي ٿي اچي.

    مان عمل ٿو ڪيان سنتن تي صرف،
    پوءِ بس پاڻ پاڪيزگي ٿي اچي.

    خيال سان خيال عربيءَ حوالي ڪيم،
    ڄڻ ته معراج تان شاعري ٿي اچي.


    غزل

    جڏهن ڀي پرين جي اچي ياد ٿي،

    جڏهن ڀي پرين جي اچي ياد ٿي،
    تڏهن سوچ ڪا نئين رلي ٿي سبي.

    هي پاڻيءَ تي لهرن جون ٻاريون ڏسي،
    لڳي ٿو هوا نئين رلي ٿي سبي.


    وينگس مرڪي چاهه اکين سان ٽاڪي وئي

    وينگس مرڪي چاهه اکين سان ٽاڪي وئي.
    مردي ۾ ڄڻ ساهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    رڻ پٽ جهڙا خواب هئا سڀ نيڻن ۾،
    موج ڀريو درياهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    تنبوري جي تار تي گم ٿي ويندو هان،
    من ۾ ڀٽ جو شاهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    پايل، ميندي، چوڙيون، سرخي ميڙ وٺي،
    آئي ۽ پوءِ ٺاهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    هٿَ ڪلهن تي ڍاري، مٺڙو ڳالهائي،
    اندر ۾ الله، اکين سان ٽاڪي وئي.

    مٽيءَ ذرڙو جيون پنهنجو هو ان ۾،
    اڀ جيڏو اتساهه اکين سان ٽاڪي وئي.

    صوفي سوچن جو مالڪ شهمير هيو،
    آفاقي ويساهه اکين سان ٽاڪي وئي.


    چاهه جي چانڊاڻ پائي ٿو گهمان.

    چاهه جي چانڊاڻ پائي ٿو گهمان.
    دلربا! تو ڪاڻ پائي ٿو گهمان.

    سازشن جي اس تکي آهي گھڻي،
    حڪمتي پهراڻ پائي ٿو گهمان.

    نيڻ درشن جا پياسا هن تڏهن،
    آس جي آلاڻ پائي ٿو گهمان.

    دل اياڻي هي شهر ٻهروپيو،
    آنءُ پنهنجو، پاڻ پائي ٿو گهمان.

    هر گھڙي هــن جو تصور ساڻ آ،
    ڄڻ ته مان سرهاڻ پائي ٿو گهمان.

    آسماني مئڪدو آهي کليل،
    ديدَ ۾ ڳاڙهاڻ پائي ٿو گهمان. 


    اسان جي وفا نئين رلي ٿي سبي.

    اسان جي وفا نئين رلي ٿي سبي.
    وري دلربا نئين رلي ٿي سبي.

    جڏهن ڀي پرين جي اچي ياد ٿي،
    تڏهن سوچ ڪا نئين رلي ٿي سبي.

    هي پاڻيءَ تي لهرن جون ٻاريون ڏسي،
    لڳي ٿو هوا نئين رلي ٿي سبي.

    چمن ۾ حسينن گلن کي ڏسو،
    صبح جي فضا نئين رلي ٿي سبي.

    ستارا سڄي رات منهنجي مٿان،
    ڏئي ڏات ڇا نئين رلي ٿي سبي؟

    اگھاڙو اسان جو مقدر رهيو،
    خدا جي رضا نئين رلي ٿي سبي.

    اها آرزو شل خدا کي وڻي،
    سٽن ۾ دعا نئين رلي ٿي سبي.


    نه ڪو سنگتي، نه ڪا سرتي، اسان جي زندگي آهي.

    نه ڪو سنگتي، نه ڪا سرتي، اسان جي زندگي آهي.
    خريدي ڄڻ خزان ورتي، اسان جي زندگي آهي.

    صرف هڪ مرڪ جي عيوض ڇڏيان گھوري حياتي کي،
    وٺي ڪوئي وڏي سستي، اسان جي زندگي آهي.

    ملڻ چاهيو ملي وڃجو، اسان سان درد جي درَ تي،
    پراڻي ڪا لڳل تختي، اسان جي زندگي آهي.

    زماني ۾ ڊُڪياسي پئي مسلسل پيار جي پويان،
    خبر ناهي ڪٿي پهتي! اسان جي زندگي آهي.

    اکيون پوڙهيون ويون بڻجي ڪنوارا خواب رهجي ويا،
    کنڊر بڻجي ويل بستي، اسان جي زندگي آهي.

    پري آهي پري رهندو، اهو ئي آسمان ڏسجو،
    حقيقت ۾ وري ڌرتي، اسان جي زندگي آهي.

    ثوابن کي وساري ۽ گناهن کي ڇو ميڙيون ٿا،
    هتي حالانڪ هيءَ وقتي، اسان جي زندگي آهي.

    نه ڪڏهن ڇانوَ ڪا شهمير ڀلجي ڪنهن ڪڪر آڇي،
    الئه ڪهڙي ڪئي غلطي اسان جي زندگي آهي!


    گـــنــاهه وائـــڙا هـئـا، ثـواب وائڙا هئا.

    گـــنــاهه وائـــڙا هـئـا، ثـواب وائڙا هئا.
    پرينءَ جو پيار جو مليو حجاب وائڙا هئا.

    جڏهن جو تون ملي وئين حقيقتون ملي ويون،
    سموري زندگيءَ جا خواب وائڙا هئا.

    ڏسي کلي، ڳلي ملي، چمي ڏنئي ته هوش ويو،
    خمار ايترا چڙهيا، شراب وائڙا هئا.

    مڃيوسي هر گھڙي هتي حياتي امتحان هئي،
    سوال سيبتا سڀئي، جواب وائڙا هئا.

    ذڪر اوهان جو شعر ۾ ڪيم ته سونهن سڏ ڪيو،
    کلي سڳنڌ اٿي ملي، گلاب وائڙا هئا.

    رُسي وئين حشر هيو، حشر ۾ ڀي عنايتون،
    حساب وائڙا هئا، عذاب وائڙا هئا.

    حواس ئي حيران ها، ڪلامُ پرُ اثر پڙهي،
    خدا جي هن ڪتاب تي ڪتاب وائڙا هئا.

    مرڻ جيئڻ جا واعدا ڪيا تو ڪل شهمير سان،
    غريب وائــڙا هئا، نـواب وائڙا هئا.


    ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    ريشمي وار سڳيءَ ۾ بند ڪر.
    منهنجا آزار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    ڏينهن کي ڏينهنُ، ٿيڻ ڏي ڪجهه پل،
    سونهن سرڪار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    اڄ ته خواهش کي کلڻ ڏي ٿورو،
    اڄ ته هٿيار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    يا ته هر شام ملڻ ايندي ڪر،
    يا ته هر سار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    منهنجا احساس ٻڏي بي گهر ٿيا،
    هاڻي وسڪار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    مغربي ڍنگ نه مڙهه مشرق تي،
    اهڙا آثار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    چنڊ جو ساهُه منجهي ٿو اڀ ۾،
    وارو ڪر وار سڳيءَ ۾ بند ڪر.

    او مٺي سنڌ، قسم ٿي ربَّ جو،
    خوني تڪرار سڳيءَ ۾ بند ڪر.


    اوهان ڏي اسان جي وفا ٿيڙ کاڌا.

    اوهان ڏي اسان جي وفا ٿيڙ کاڌا.
    اسان وٽ اوهان جي جفا ٿيڙ کاڌا.

    ڀنل زلف پنهنجا پرين تو ڇنڊيا پئي،
    انهي مهل ڏاڍا هوا ٿيڙ کاڌا.

    سدا شام جا پير ميرا ڏٺاسي،
    لٿو سج، اوجاڳن وڏا ٿيڙ کاڌا.

    مٺي! تنهنجي چاهت نه ماڻي سگهياسي،
    هئا هر قدم تي دعا ٿيڙ کاڌا.

    ڏسي حال منهنجو دوائن دعا ڪئي،
    مگر تون نه آئينءَ شفا ٿيڙ کاڌا.

    اميدن جي هٿ سان لکي خونِ دل سان،
    ته سٽ سٽ ۾ جيون_ڪٿا ٿيڙ کاڌا.


    جيت جو نـظريو هار جو نظريو.

    جيت جو نـظريو هار جو نظريو.
    پيارُ ڄـڻ رانـد آ يار جو نظريو.

    مان مُنجهي ٿو پوان بادلن کي ڏسي،
    تنهنجي زلفن ۾ آ ڄار جو نظريو.

    منهنجو سرُ ٿو وڃي، جي نه ٿو ساريان،
    سونهن سينگار ۽ پيار جو نظريو.

    عمر گذري وئي مان نه سمجهي سگهيس،
    تنهنـجي انڪارَ، اقرار جو نظريو.

    بي سبب دلربا ڇو الڳ ٿا رهون،
    تون به تبديل ڪر ڌار جو نظريو.

    سچُ اِهو آ ته ٻيجل ٻڌائي ويو،
    راڳَ آلاپَ ۽ تار جو نظريو.

    شعر شهمير جا ڪو نه لڳندئي ڏکيا،
    ٿورڙو سمجهه بس پيار جو نظريو.


    مان دلبر جو، دلبر منهنجو، ڇو ناهي!

    مان دلبر جو، دلبر منهنجو، ڇو ناهي!
    من آ صحرا، ساگر منهنجو، ڇو ناهي؟

    ڪيسيتائين هڪ ڪمري ۾ جيئندس مان،
    آزادي، ۽ آڳر منهنجو، ڇو ناهي؟

    خواب کڻي مان ڪيسيتائين پنڌ ڪيان،
    منزل منهنجي، رهبر منهنجو، ڇو ناهي؟

    جڏهين هن جي دل چاهي هو پيار ڪري،
    وڻندو هن کي ڀاڪر منهنجو، ڇو ناهي؟

    هن کي پوڄيو، هن کي سجدو مون ته ڪيو،
    ڪا، نه ڪمي آ، آخر منهنجو، ڇو ناهي؟

    سوچيندو آهيان مان حيرت ٿيندي آ،
    مان جنهن گهر جو، سو گھر منهنجو، ڇو ناهي؟

    اوڙاپي تي کوڙ وڃي ٿو ڳالهائي،
    ذهن هميشه حاضر منهنجو، ڇو ناهي؟

    عمر وڃائي پاڻ کي آهي ڳوليندي،
    مان مسجد جو، مندر منهنجو، ڇو ناهي؟


    پيار جي احساس کي پاڻي ڏيو.

    پيار جي احساس کي پاڻي ڏيو.
    دوستو وشواس کي پاڻي ڏيو.

    هير خوشبوء کي تلاشي ٿي پئي،
    سڀ گلن جي واس کي پاڻي ڏيو.

    سج ته ڌرتي تي الا اڇلي پيو،
    بادلو آڪاس کي پاڻي ڏيو.

    ڪربلا جي دؤر مان نڪري اچو،
    عام کي ۽ خاص کي پاڻي ڏيو.

    ليکڪو هاڻي قلم جي نوڪ سان،
    سچ سندي اتهاس کي پاڻي ڏيو.

    ٿڙ سڪل وڻ جون ڪهاڻيون ٿو رکي،
    سڏ ٻڌي ڪو تاس کي پاڻي ڏيو.

    ڪنهن طرح ڀي درد جا ڳوڙها اگهي،
    مرڪندي هر آس کي پاڻي ڏيو.


    هڪڙي اخبار وڇائي سمهي پيو آهي.

    هڪڙي اخبار وڇائي سمهي پيو آهي.
    ڪنهن جو هي ٻار وڇائي سمهي پيو آهي.

    ڀت جو پاڇو به ڪري هن جي جسم کان پاسو،
    پوءِ به ڪا سارَ وڇائي سمهي پيو آهي.

    هن جو ماضي به لڙهي مستقبل ساڻ ويو،
    حال بيمار وڇائي سمهي پيو آهي.

    ڪيئن ڪري ننڊ هوا درد جي آلاپن تي،
    سُرُ جو فنڪار وڇائي سمهي پيو آهي.

    هٿ مٿي کي ته حياتي ڏئي پئي روئي،
    موت لاچار وڇائي سمهي پيو آهي.

    سنڌ جا ڳوٺ، شهر، ٻوڏ ۾ ٻڏيون ٻنيون،
    سنڌو سنسار وڇائي سمهي پيو آهي.

    اڄ ته ڇڏيوس سمهي موج ڀل ڪري شهمير،
    مس ته ڪو پيار وڇائي سمهي پيو آهي.


    پرين تنهنجي وئي کان پوءِ وفا جا نيڻ آلا ها.

    پرين تنهنجي وئي کان پوءِ وفا جا نيڻ آلا ها.
    رنو دردن تي زخمن ڀي، دوا جا نيڻ آلا ها.

    ڇڏائي هٿ جدائي ڏئي هليو وئين شام جي ويلي،
    تڏهن پيارا ڏکڻ واري هوا جا نيڻ آلا ها.

    زماني پيار کي چاڙهيو جدائي جي صليبن تي،
    روئي صدما پيا سارا سزا جا نيڻ آلا ها.

    نه منهنجا ڪنهن اگھيا ڳوڙها خدا جي هن خدائي ۾،
    سوالي ٿي خدا ڏي ويا، صدا جا نيڻ آلا ها.

    مصر جي شهر ۾ پهچي جڏهن يوسف وڪاڻو هو،
    تڏهن سچ پچ خدا ڄاڻي بها جا نيڻ آلا ها.

    رکي اهڙي طرح ٻيجل پڳو سرَ جي صدا سرُ ۾،
    جو سرڙُو ڏياچ ڏئي ويٺو ڪلا جا نيڻ آلا ها.

    ٽمن ٿا خوب ڌرتيءَ تي، امن جي اک منجهان ڳوڙها،
    سدائين سوز جي موسم فضا جا نيڻ آلا ها.

    نه تو مون کي ڏني چاهت نه دنيا ڪا ڏني آٿت،
    دعا شهمير بيوس هئي دعا جا نيڻ آلا ها.


    سوريم پئي پيارا تسبيح جا داڻا ها.

    سوريم پئي پيارا تسبيح جا داڻا ها.
    سڀ لڙڪ اکين وارا تسبيح جا داڻا ها.

    ڏک آهي ذهن ۾ مان بلڪل نه سگهيس پوئي،
    تنهنجا گهڻا اشارا تسبيح جا داڻا ها.

    تنهنجو اسم مبارڪ ساهن جو وردُ آهي،
    ۽ ساهه منهنجا سارا تسبيح جا داڻا ها.

    ڦرندا رهيا سدائين سڀ وقت جي هٿن ۾،
    سج چنڊ ۽ ستارا تسبيح جا داڻا ها.

    يا ربَّ وطن جا ماڻهو آزاد ڪاٿي آهن،
    جڪڙيل سڀئي ويچارا تسبيح جا داڻا ها.

    سمجهي اسان عبادت چوريا پئي چپن تي،
    او سنڌ تنهنجا نعرا تسبيح جا داڻا ها.

    تو کان مليا چمي سڀ شهمير سيني لايا،
    محبوب سور سارا تسبيح جا داڻا ها.


    اسان جي پيار جا جذبا پرين شفاف رهيا.

    اسان جي پيار جا جذبا پرين شفاف رهيا.
    تڏهن ڀي ساري زماني جا اختلاف رهيا.

    کلي ڪڏهن به اسان ڪو کِلي نه ڳالهايو،
    اسان جي چاهه مٿان جو رڳو غلاف رهيا.

    اسان ته چاهيو هيو پيار جون وسن ڪڪريون،
    وسڻ پڳو ئي نه ڪڪرين جا اعتراف رهيا.

    اسان اڪيلا رهياسي سڄي حياتيءَ ۾،
    سمورا پنهنجا تڏهن ڀي ڏٺم خلاف رهيا.

    ضمير جن به وڪاڻو آ ڪجهه سڪن عيوض،
    وري به تن جا ڏٺا سي گناهه معاف رهيا.

    اسان جي دؤر جا ماڻهو به اهڙا خلقئي خدا،
    اندر جا ڪارا مگر ٻاهران هُو صاف رهيا.


    اسان جا خواب برفيلا اسان جا نيڻ ڀڙڪيلا.

    اسان جا خواب برفيلا اسان جا نيڻ ڀڙڪيلا.
    اسان سان پيار جون ڳالهيون ڪري اک کول شرميلا.

    اسان کي ڪجهه ته شابس ڏي ڦٽائي پير پهتا هون،
    هزارين عشق جا رستا مگر سڀ ٺوٺ پٿريلا.

    اوهان جي شهر جا ماڻهون ڏنگن ٿا نانگ بڻجي سڀ،
    پيا ٿا زهر اوڳاڇن مزاجن جا سڀئي پيلا.

    سموريون رنجشون ميڙي ائين دل کي سجايو آ،
    پکي جيئن آشياني لئه ڪندو آ گڏ کڻي تيلا.

    محبت ۾ مزو آهي مزي ۾ وقت گذري ٿو،
    سڙن ٿا پيار ۾ جيڪي انهن کي پيٽ ۾ وِيلا.


    تو سان گذريون جي ساعتون آهن.

    تو سان گذريون جي ساعتون آهن.
    بس، اهي ئي عبادتون آهن.

    پاڻ کي مان نواب ٿو سمجهان،
    درد جون سڀ رياستون آهن.

    ڪجهه نه ورتو آ، بس ڏنو آ تو،
    کوڙ تنهنجون عنايتون آهن.

    تنهنجون تصويرون مون سان گڏ نڪتل،
    ڄڻ وفاقي وزارتون آهن.

    واعدي تي نه پهچي سگهيو آن،
    تو کي ڪيڏيون وضاحتون آهن.

    روز ديدار لئه کڻان خطرو،
    ڇو ته ڳنڀير حالتون آهن.

    رنگ پيلو ۽ نيڻ اوجاڳيل،
    عشق جون هي علامتون آهن.


    اسان جي انگ انگ مان ٿو نڪري چنڊ چاهه جو.

    اسان جي انگ انگ مان ٿو نڪري چنڊ چاهه جو.
    اوهان جي دل ۾ ڇو نه ٿو ڪو اڀري چنڊ چاهه جو.

    ڏهاڙي آسمان ڏي اسان جي عشق جو پرين،
    ٿو روشنيءَ جا پرَ وجھي ۽ اڏري چنڊ چاهه جو.

    بچاءَ لئه ڏٺو اٿم رکي ٿو داغ پاڻ ۾،
    متان ظلم ڪري وڃي ڪو نظري چنڊ چاهه جو.

    ڀلي ڪو ڪوششون ڪري زماني ۾ هزار پرَ،
    نه قيد ٿو ڪري سگھي ڪو پڃري چنڊ چاهه جو.

    پيار جي پياس ٿي اوهان کي ڀي ڪا آس ٿي،
    خدا ڪري اوهان جي دل مان گذري چنڊ چاهه جو.

    حيات جي تڏهن صفا وڃي بدلجي مند ٿي،
    جڏهن به ڪنهن جي من اندر ٿو نسري چنڊ چاهه جو.


    اکين جي ڪنارن تي لڙڪن جون ٻيڙيون.

    اکين جي ڪنارن تي لڙڪن جون ٻيڙيون.
    ۽ ساگر ۾ ڦٿڪن ٿيون سڏڪن جون ٻيڙيون.

    حياتي سڄيءَ ۾ ڪڏهن ڀي نه پهتيون،
    چپن جي ڪنارن تي ٽهڪن جون ٻيڙيون.

    خبر ناهي ڪيسين اڃا تائين رهنديون،
    هي جيون ڪنڌيءَ تي به الڪن جون ٻيڙيون.

    ڇڏي ٿر الائي ته ڪيڏانهن وڃن ٿيون،
    ڀريل آسمان تي هي ڪڪرن جون ٻيڙيون.

    جڏهن سمنڊ دامن ۾ سج کي لڪايو،
    وٺي ياد آئي ڪي دردن جون ٻيڙيون.

    پرين سڙههَ ڇوڙي خوشين جا هليا ويا،
    ڇڏي ويا هتي صرف صدمن جون ٻيڙيون.

    سدائين وڇوڙن جي طوفان ٻوڙيون،
    الائي ڇو شهمير مرڪن جون ٻيڙيون.


    جهوپڙي ۾ وڃي ستي آهي.

    جهوپڙي ۾ وڃي ستي آهي.
    گھگھ اوندهه ۾ هوءَ بتي آهي.

    خواب لولا ڪري پچائي ٿي،
    نينگري نينهن ۾ تتي آهي.

    هيءَ دنيا سڄي دڙي جهڙي،
    هوءَ موهن جي مورتي آهي.

    وار هن جا سڳيءَ ۾ قابو هن،
    بند خوشبوءَ جي بولتي آهي.

    آس جي ڳنڍ ٻڌل آ ٿوڻيءَ سان،
    ٻوڏ ۾ ڪو ته لک پتي آهي.

    زندگي ڀر پيو نڀائيندو،
    درد سان خوب دوستي آهي.

    موت جو سيڪ ٿو وڃي چڙهندو،
    هيءَ حياتي گهڻي ڀتي آهي.


    تنهنجو ئي سپنو آ اکڙين جي ڀاڪر ۾.

    تنهنجو ئي سپنو آ اکڙين جي ڀاڪر ۾.
    تنهنجو ئي نالو آ چپڙن جي ڀاڪر ۾.

    هر ساهه ۾ ائين تنهنجي هڪ سار سمايل آ،
    سرهاڻ رهي ٿي جيئن گلڙن جي ڀاڪر ۾.

    غمگين پکيءَ سوچيو بس ڏور اڏي وڃبو،
    ڪجهه هير سهيڙي اڄ پرڙن جي ڀاڪر ۾.

    هن ساري گلشن ۾ هڪڙو ئي گل آهي،
    هڪڙو ئي پوپٽ آ گلڙن جي ڀاڪر ۾.

    لڙڪن مان لڙهي نڪران ڏي پيار ته مان مرڪان،
    آ وقت گهڻو گذريو ڏکڙن جي ڀاڪر ۾.

    هر وقت رهين آجو هر درد الم کان تون،
    تو لاءِ دعا آهي هٿڙن جي ڀاڪر ۾.


    رات جو ساڻ آوارگي ٿي ٻري.

    رات جو ساڻ آوارگي ٿي ٻري.
    ڏوهه ڪاٺيون ڪيم بندگي ٿي ٻري.

    درد سڀ خاڪ هن سونهن شعلا ڏسو،
    عشق ٽانڊن تي اڄ تازگي ٿي ٻري.

    ڪو دنيا ديڳ ۾ ٿو پچائي اڃا،
    وقت جي چلهه اندر زندگي ٿي ٻري.

    رات جو ڪنهن ڦٽي ڪئي اچي دير سان،
    گند جي ڍير تي زندگي ٿي ٻري.

    جهڙ جيان خواب ها پر نه مون وٽ وسيا،
    رڃّ نيڻن اندر تشنگي ٿي ٻري.

    ڪيرُ آ ڄاڻ ڪر هن هوا جي اندر،
    ڪو ته آ جنهن جي موجودگي ٿي ٻري.

    ڪنهن جي چهري تي ميڪ اپ جا بادل هئا،
    ڪنهن جي چهري جي پر سادگي ٿي ٻري.


    زندگي ڳوٺ جو ڪچو رستو.

    زندگي ڳوٺ جو ڪچو رستو.
    تون جدا ٿين ته مون وڃي ورتو.

    پيار جي سمنڊ مان تري نڪتو.
    زندگي غم وٺڻ جو ڄڻ ڪشتو.

    هٿ مٿان هٿُ رکي ڏنو گل تو،
    ٿي حياتي رنگين گلدستو.

    دوستي، پيار، چاهه پنهنجائپ،
    سڀ جو سڀ اوچتو ٿيو ابتو.

    مان فقيريءَ ۾ ويس گم ٿي،
    هو اميري جي ڊوڙ ۾ پهتو.

    درد ئي ٽيڪ ڏئي وٺي آيا.
    موت تائين ته طاري هو سڪتو.


    درُ جو کڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    درُ جو کڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.
    درُ جو کوليو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    هن جو چهرو اکين کان اوجهل هو،
    هن کي ڳوليو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    مان پرينءَ سان پيار پيو چاهيان،
    عشق جهڙپيو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    مان هوا سان هُتان هليو آيس،
    باهه پڪڙيو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    گھر جي ڀرسان خدا جو گھر آهي.
    قهر ڪڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    سچ اهو آ ته دار تي مرڪي،
    سچ جو لڙڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.

    مون کي روئڻ به ڪو نه ٿي آيو،
    هو جو مرڪيو ته ڇرڪ نڪري ويو.


    هڪ مرڪ جي پاڇي ۾ لڙڪن جا اٽالا هن.

    هڪ مرڪ جي پاڇي ۾ لڙڪن جا اٽالا هن.
    جيون جو سفر اوکو هر گام ڪشالا هن.

    بيمار تمنا جا ڳل پيلا اڳي ئي ها.
    رنجش جا وري آندا ڇاڪاڻ تو ڀالا هن.

    اس تيز، تپي صحرا قدرت جو ڪمال آهي،
    هڪ سمنڊ مٿان ايڏا ڇا لاءِ جھڙالا هن.

    هڪ چنڊ بڻيو ساقي ۽ جام ستارا هن،
    ٿي ڏات پيئي هر هر هي ڪيف نرالا هن.

    تون چنڊ ڏسي مون کي حيران ٿئين ڇو ٿو،
    سينو ته پيو چمڪي زخمن جا اجالا هن.

    شهمير دنيا هن ۾ مشڪل آ کلڻ تنهنجو،
    دامن به ڀنل آهي احساس ڀي آلا هن.


    سفر جو ٿڪُ لهي ويو سڀُ اکين سان زورَ ڏئي وئي آ.

    سفر جو ٿڪُ لهي ويو سڀُ اکين سان زورَ ڏئي وئي آ.
    چمي منهنجون اکيون ڳاڙهيون چپن سان زورَ ڏئي وئي آ.

    هي منهنجو عشق بي صبرو پرين جي پيار لئه تڙپي،
    ته هوءَ مرڪي ڏسي سهڻي حسن سان زورَ ڏئي وئي آ.

    خيالن جي خلائن ۾ اڏان ٿو آنءٌ خوش آهيان،
    ٻنهي منهنجي هٿن کي هوءَ هٿن سان زورَ ڏئي وئي آ.

    مان سوچيان ٿو ته سوچن کي وري هڪ سوچ تنهنجي ئي،
    ڳلي لائي ڪري پنهنجو ذهن سان زورَ ڏئي وئي آ.

    مچي فطرت ۾ وئي هلچل اچي وئي روح کي راحت،
    قرارن ۾ پيو آهيان بدن سان زورَ ڏئي وئي آ.

    وڏي عرصي کان پوء مس ٿي بهارن ۾ بهاري آ،
    هوا خوشبوء کي ڦهلائي گلن سان زورَ ڏئي وئي آ.


    ڀل جلي اندر اسان جو خير آ.

    ڀل جلي اندر اسان جو خير آ.
    خوش هجي دلبر اسان جو خير آ.

    وڃ بسنتي هير هن ڏي هوريان،
    هيڏي ڏي اوٿر اسان جو خير آ.

    هن جي زلفن کي هوا تون تنگ نه ڪر،
    هيڏي اچ تنگ ڪر اسان جو خير آ.

    سونهن ٿي سيڪا وٺي پئي سيءَ ۾،
    عشق تون پيو ٻرُ اسان جو خير آ.

    سونهن کي اٺئي پهر تحفظ کپي،
    ڇا به ٿي هر هر اسان جو خير آ.

    هن مزو ورتو مينهوڳيءَ مند جو،
    پيو ڊهي جي گهر اسان جو خير آ.


    اوهان جا خواب پنڇي هن اسان جا نيڻ آکيرا.

    اوهان جا خواب پنڇي هن اسان جا نيڻ آکيرا.
    اسان جي چاهه جا ڏسندين پرين چؤڦير تون ديرا.

    اکيون نيلم جيان تنهنجون ۽ چپ ياقوت جهڙا هن،
    بدن الماس ڏند هيرا، ڏسي اڄ هوش ٿيا خيرا.

    سڏي سيني پرين لاٿو سڀن ماڻهن اڳيان مرڪي،
    ڏکن جي ڪن مهٽ ٿي وئي ويا سڀ سور ٿي سيرا.

    زماني جون بڻيون رسمون اسان جي لئه شڪاري هن،
    اسان کي اڄ به ڳولهن ٿيون، اسان آهيون ته ڄڻ ڳيرا.

    اڏيو سي پيار جو جهوپو اٿيا طوفان رنجش جا،
    بچايوسين محبت کي وفائن سان سوين ڀيرا.

    ڦڻي هٿڙن سان ڏئي جڏهين ورائين وار پاسي تي،
    ڇڏي گلڙا اچن پوپٽ ڏين زلفن مٿان ڦيرا.

    عبادت خوب ٿي شهمير جيون جي سفر ۾ آ،
    ڪيا سجدا اتي جاتي ڏٺاسي حسن جا پيرا.


    گلاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.

    گلاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.
    ثواب ڀي نقاب ٿا اچن پائي،

    ڏسان ته ڪيئن ڏسان ڀلا حسن تنهنجو،
    حجاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.

    .لڇي لڇي اسان جي ننڊ ٿي روئي،
    خواب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.

    قدم قدم ملي پيو نئون دوکو،
    عذاب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.

    سوال سوچ ۾ هئا تعجب آ،
    جواب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.

    عجيب شهر جو رواج آ هتڙي،
    جناب ڀي نقاب ٿا اچن پائي.


    تنهنجو هر هڪ غم دوا جهڙو هيو.

    تنهنجو هر هڪ غم دوا جهڙو هيو.
    تنهنجو مرڪڻ ڀي شفا جهڙو هيو.

    ڌار تو کان ٿي ڪئين زندهه رهان،
    تو سوا جيئڻ سزا جهڙو هيو.

    مان چڪر ڏيندو رهيس ديدار لئه،
    تنهنجو گهر مرووصفا جهڙو هيو.

    تون حسن هئين حڪم تنهنجي تي هليس،
    عشق منهنجو التجا جهڙو هيو.

    زندگي دولت هئي ڪل پيار جي،
    موت ان تي ازدها جهڙو هيو.

    ان به پڇتايو حياتيءَ ۾ ڏٺم،
    جنهن جو رويو ئي انا جهڙو هيو.

    پيار وارن جي ٻُڪي پئي شام جو،
    شفق جو رنگ ڀي حنا جهڙو هيو.


    سينهو چنڊ ڀرپور، پرين جي گهاگهر جو.

    سينهو چنڊ ڀرپور، پرين جي گهاگهر جو.
    چانڊوڪي ڄڻ نور، پرين جي گهاگهر جو.

    ماڻهن جو، موسم جو، ربّ شل خير ڪري،
    لوڏو آ مغرور، پرين جي گهاگهر جو.

    هر عاشق جو مٺ بند ڄڻ ساهه هجي،
    پنڌ گهڻو آ ڏور، پرين جي گهاگهر جو.

    گهاگهر ۾ ڇلڪي ٿو جلوو چاهت جو،
    من ۾ پئي ٿو پور، پرين جي گهاگهر جو.

    سنڌوءَ جي سر تي آ پاڻي سونهري،
    سمنڊ سڄو مجبور، پرين جي گهاگهر جو.

    مٺڙو ميوو پاڻي آهي کوهيءَ جو،
    قطرو قطرو ٻور، پرين جي گهاگهر جو.


    روشني ۽ حيات آ مون لئه.

    روشني ۽ حيات آ مون لئه.
    سانوري ڪائنات آ مون لئه.

    زندگي جي ته سڀني سپنن جي،
    هوءَ ئي حاصلات آ مون لئه.

    هوءَ ايندي آ گھر ته پوءِ هوندي،
    ڄڻ ته شب برات آ مون لئه.

    لوڪ طعنن جا جھولا هڻندو آ،
    مرڪ هن جي قنات آ مون لئه.

    ڪا دوا ڪو اثر نه ڏيندي آ،
    هن جو پهچڻ نجات آ مون لئه.

    سچ اهو آ ته هن سوا شهمير،
    هر گھڙي واردات آ مون لئه.


    هو جو مون کي پيو ٿو سلجهائي.

    هو جو مون کي پيو ٿو سلجهائي.
    درد ۾ پاڻ کي ٿو الجهائي.

    وقت ڪنهن سان نه ڪئي ڀلائي آ،
    وقت تنهنجي عمر به ٿو کائي.

    زندگي جاڳندي گذاريان ٿو،
    ننڊ ۾ خواب تنهنجو تڙپائي.

    تون نه آيو آن منهنجي گھر جو درُ،
    سرُ پيو ڀت سان يار ٽڪرائي.

    منهنجي حالت عجيب حالت آ،
    سورُ سؤ سؤ دفعا ٿو ڦٿڪائي.

    آءُ سڪرات ۾ گذاريان ٿو،
    روح کي يار وڃ ڪو ريجهائي.

    رنجشون شرم ۾ مري وينديون،
    پيار کي جيڪڏهن ڪو ڦهلائي.

    سار جي ٻوڏ جو ستايل هان،
    دل جي خيمي ۾ ڪير ترسائي.


    سڌ نه آ ڇو ڏسي رهيا آهيون.

    سڌ نه آ ڇو ڏسي رهيا آهيون.
    سڀ تماشو ڏسي رهيا آهيون.

    پيار جا پرَ ڦٽن ٿا جنهن کي ڀي،
    تنهن جو لاشو ڏسي رهيا آهيون.

    ويڄَ ڪاڏي مري ويا آهن،
    مرضُ خاشو ڏسي رهيا آهيون.

    هو پيو ٿو امن کي ڳڙڪائي،
    ديوُ پاڇو، ڏسي رهيا آهيون.

    منتشر پيار ٿي ڪري دنيا،
    هي به شوشو ڏسي رهيا آهيون.

    روح ٿو تاسَ ۾ ٻڏي پنهنجو،
    لاڙ، ڪاڇو، ڏسي رهيا آهيون.

    ڪو سياسي يڪو ٿو کيڏائي،
    پاڻ باشو ڏسي رهيا آهيون.

    دل پشوري ڪري هليو وڃبو،
    سرگسي شو ڏسي رهيا آهيون.


    هوءَ آئي ته جاڳي پيا خير سان.

    هوءَ آئي ته جاڳي پيا خير سان.
    سک گھڻائي ته جاڳي پيا خير سان.

    کوڙ جيئڻ جا جذبا پرين تو جڏهن،
    اک ملائي ته جاڳي پيا خير سان.

    ٽارين تي رکي ڪنڌ سمهي گل پيا،
    هير آئي ته جاڳي پيا خير سان.

    خواب نيڻن ۾ پاسا ورائي ٿڪا،
    ننڊ آئي ته جاڳي پيا خير سان.

    موت جي ننڊ ۾ ڪل ستل درد ها،
    ٿي جدائي ته جاڳي پيا خير سان.

    ٻانهن وارا ڪنگڻ ٻئي ڪرائي جڏهن،
    تو ورائي ته جاڳي پيا خير سان.


    نيڻن تي هٿ پرينءَ جي خوابن رکي ڇڏيا.

    نيڻن تي هٿ پرينءَ جي خوابن رکي ڇڏيا.
    ڄڻ سڀ گناهه منهنجا ثوابن رکي ڇڏيا.

    مون لاءِ ڪيئن رنو هئين مون کان پڇي متان،
    اکين ۾ چند ڳوڙها جوابن رکي ڇڏيا.

    محفل ۾ ٽهڪ جھومي خوشيون ڪندا رهيا،
    سڀ درد منهنجا ويڙهي ڪتابن رکي ڇڏيا.

    اکڙين ڪيا اشارا ايڏا ته ها ڏکيا،
    پنهنجي حصي ۾ سڀئي حسابن رکي ڇڏيا.

    محبوب اوچتو جو مرڪي وري ڏٺو،
    پنهنجا جهڪائي ڪنڌ حجابن رکي ڇڏيا.

    هن يار هڪ دفعو ڇا مرڪي نهاريو،
    منهنجي اڱڻ ڏي پنڌ گلابن رکي ڇڏيا.

    مدهوش مئڪدي جو ساقي ٿڙي ڪريو،
    پنهنجا خمار ٽوڙي شرابن رکي ڇڏيا.


    هڪ وڻي اهڙي پڙي سان ڇوڪري.

    هڪ وڻي اهڙي پڙي سان ڇوڪري.
    هنيانءُ ٻوڙي وئي گھڙي سان ڇوڪري.

    هوءَ سمبارا لڳي ٿي پاڻ کي،
    ٿي رکي تعلق دڙي سان ڇوڪري.

    رات اڀ تي چنڊ ڀي ڇرڪي پيو،
    تنهنجي هڪڙي اولڙي سان ڇوڪري.

    نينهن جو ناتو گهڻو مضبوط ٿي،
    ڏي ڪڙي پنهنجي ڪڙي سان ڇوڪري.

    سڌ نه پئي ڪا مان مزي سان ويس مري،
    تو ڪٺو مرڪي، ڦڙي سان ڇوڪري.

    رڻ حياتي آهي هن شهمير جي،
    تون وسي پئه وڏ ڦڙي سان ڇوڪري.


    جانِ جانا ملي وئي مون کي.

    جانِ جانا ملي وئي مون کي.
    منهنجي معنى ملي وئي مون کي.

    خوش ٿيو هئين کسي خوشي مون کان،
    او زمانا ملي وئي مون کي.

    زندگي ڪو نه هئي ملي مون کي،
    معجزانا ملي وئي مون کي.

    مان دعا لاءِ هٿ کڻان ڇا ربّ،
    هر تمنا ملي وئي مون کي.

    هوءَ جيڪا هئي حصو منهنجو،
    سورنهن آنا ملي وئي مون کي.

    روشني پيار جي هميشه لئه،
    دوستانا ملي وئي مون کي.

    هن جي طبيعت نفيس پوپٽ جيئن،
    شاعرانا ملي وئي مون کي.


    چون ٿا سڀئي ماڻهو سچ اسان چريا آهيون.

    چون ٿا سڀئي ماڻهو سچ اسان چريا آهيون.
    اسان جي عاشقيءَ کان بچ اسان چريا آهيون.

    اسان جا نيڻ چنبڙي نه پوَني چهري تي،
    نقاب لاهي تون نه اچ اسان چريا آهيون.

    او چنڊ تو کي ڄاڻ ناهي منهنجي طبيعت جي،
    تون روشني کڻي نه مچ اسان چريا آهيون.

    اسان جو مست عشق آ، ۽ مست هن نظرون،
    سياڻو ٿي پرين نه نچ اسان چريا آهيون.

    اسان جي عشق کان پچڻ سکيو پتنگن آ،
    نه ٻار سونهن جو تون مچ اسان چريا آهيون.


    دل چئي تي هلي پيا آهيون.

    دل چئي تي هلي پيا آهيون.
    زندگيءَ ۾ رلي پيا آهيون.

    درد حيران ٿي ويا آهن،
    اڄ الئه ڪيئن کلي پيا آهيون.

    سونهن مرڪي سڏيو ڊڪي پهتس،
    عشق تو وٽ ڀلي پيا آهيون.

    تنهنجي چوڙي ڪري ٿي چانڊوڪي،
    روشنيءَ ۾ جلي پيا آهيون.

    ياد تنهنجي هوا کڻي آئي،
    سمنڊ وانگي ڇلي پيا آهيون.

    خواب رستا هئا حياتي جا،
    موت توسان ملي پيا آهيون.

    هونئن شهمير بند هون کوري جيان،
    شاعريءَ ۾ کلي پيا آهيون.


    محبوب عاشقن جي آهُنِ جو خيال ڪر.

    محبوب عاشقن جي آهُنِ جو خيال ڪر.
    ٻرندڙ ڏيئو ٿي سونهن هوائن جو خيال ڪر.

    نازڪ هٿن ۾ سوڙهيون چوڙيون نه پاءِ تون،
    ٻانهون ٻڌي چوانءِ ٿو ٻانهن جو خيال ڪر.

    ڪجهه بي رخيءَ جي من ۾ محبت به رک مٺي،
    ڪر پيار ڇڏ هي ڪاوڙ، دانهن جو خيال ڪر.

    هيڻن سان بي سبب اڄ لهرون وڙهن پيون،
    او سمنڊ ڪنهن طرح ته ملاحن جو خيال ڪر.

    هرگز قبول ناهي سڀ کي ڪهڻ جي ريت،
    قاتل ادا سنڀال نگاهن جو خيال ڪر.

    ڇرڪي اٿي پون ٿا پازيب ٻڌ نه تون،
    اڌ رات جو ته جانان راهن جو خيال ڪر.

    هي عشق آ اياڻو ان کي نه ائين ستاءِ،
    سڀ ناز ڏاڍا ڏاها ڏاهن جو خيال ڪر.


    هر دم هي دل آتي آهي.

    هر دم هي دل آتي آهي.
    تنهنجو پيار حياتي آهي.

    خوابَ اکين جو کاڌو آهن،
    زم زم تنهنجي جھاتي آهي.

    آءُ ته رڻ تي رنگ ڦٽن ڪي،
    جھڙ جي ڀريل ڇاتي آهي.

    سهڻي! هر ساروڻي تنهنجي،
    سيني سان مون لاتي آهي.

    ڪو سک مون کي ڪو نه سڃاڻي،
    هر ڏک گھر جو ڀاتي آهي.

    هاءِ! وڇوڙي ۾ گھارڻ ڀي،
    پل پل ڄڻ سڪراتي آهي.

    مون کي ڊاهڻ وارو تنهنجو،
    سپنو ڀي جذباتي آهي.


    يادگيرين جي رليءَ تي هي ستارا تو اڻيا.

    يادگيرين جي رليءَ تي هي ستارا تو اڻيا.
    پيار جي درياهه تي پيارا ڪنارا تو اڻيا.

    منهنجي ساري زندگي تو کان اول اوندهه هئي،
    هي اجالا ۽ مشعالا محب پيارا تو اڻيا.

    پيار ئي ويندو وٺي آ عشق ڏي ويساهه ڪر،
    رڃّ رستا واعدن جا، سبز چارا تو اڻيا.

    نينهن جي نازڪ مسئلي کي پڪو پختو ڪري،
    نيڻ نيڻن سان ملائي ها اشارا تو اڻيا.

    سجّ کي ڇاهي لهي ويندو سمنڊ ۾ شام جو،
    چنڊ لئه ڇو ڄارَ وانگر وار ڪارا تو اڻيا.

    منهنجي قسمت جي برابر سير ۾ ڪشتي هئي،
    پر اچي شهمير ٻانهن جا ڪنارا تو اڻيا.


    ڪو نه سوچيو مون ته ٿيندين ائين تون.

    ڪو نه سوچيو مون ته ٿيندين ائين تون.
    هو بهو ڄڻ سامراجي قوتون.

    رک ڀلي سهڻا سياسي اختلاف،
    پر نه ڪٽ اڏندڙ اسان جون چاهتون.

    تو ڏنو هو مرڪي پاڻي پيار جو،
    سوچ منهنجي ۾ ڦٽي پيون محبتون.

    عاشقن جي هي به فطرت آ عجيب،
    کلندا، خوش ٿيندا سهي سڀ تهمتون.

    آنءُ تنهنجو، تون نه منهنجو، تون ئي خوش،
    ربُّ ڪري شل تنهنجون پوريون حسرتون.


    هو اميراڻيون اکيون، منهنجون فقيراڻيون اکيون.

    هو اميراڻيون اکيون، منهنجون فقيراڻيون اکيون.
    هو اکيون مرڪن ڏسي، منهنجون لهو هاڻيون اکيون.

    ڪجهه نه هو مون وٽ صرف سپنا هئا سڀ جهول ۾،
    هٿ ويو تن مان به نڪري تو جو ائين تاڻيون اکيون.

    ڏيوڍيءَ مان اڄ ڏسي مون کي ڏئي تو در ڇڏيو،
    تو جيان پڪيون پرين آخر ڪٿان آڻيون اکيون.

    دلربا جي در اڳيان پهتيون مگر افسوس آ،
    دربدر ٿيون پيار جي ئي شهر ويڳاڻيون اکيون.

    درد جي ميدان ۾ لڙڪن سان لڙيون هر گھڙي،
    زندگيءَ جي جستجو ۾ ننڊ جون ساڻيون اکيون.

    عرصي کان پوءِ چيلهه سپنن ڪئي ڊگھي ۽ پيا سمهي،
    رات اجرو چنڊ بيٺو پنڀڻين واڻيون اکيون.

    جاءِ ناهي ڪا چوڻ جي چپ سبي شهمير ڇڏ،
    پنهنجون روئي پاڻ چونديون پاڻ آکاڻيون اکيون.


    سفر اسان جو عشق جي دڳن تي جاري آ.

    سفر اسان جو عشق جي دڳن تي جاري آ.
    ڪڏهن ٿو مينهن وسي ۽ ڪڏهن انڌاري آ.

    مون تنهنجي ڳل تي رکي چپڙا سرڪ ڇا پيتي،
    حواس جاءِ تي ناهن ۽ نشو طاري آ.

    اسان جا خواب ڀي اڻ کٽ سفر تي نڪتا هن،
    اسان جي ننڊ ڀي ورتي وڏي تياري آ.

    ڪڏهن ڪڏهن ته اسان سان ائين به ٿيندو آ،
    بهار مرڪي آ چوندو ته ڇا بهاري آ.

    لڳي ٿو چنڊ سٺو ڏاڍو پر خبر ناهي،
    الائي ڇا جو اٿس داغ ڇا بيماري آ.

    چون ٿا عشق سدائين اتي سڙيو آهي،
    جتي هٿن سان حسن باهه پاڻ ٻاري آ.


    دوسـتاڻـي مزاج جا آهيون.

    دوسـتاڻـي مزاج جا آهيون.
    عاشـقاڻـي مزاج جا آهيون.

    توکي چاهيون ٿا سونهن تو وٽ آ،
    شاعـراڻـي مزاج جا آهيون.

    روح ۾ اڄ به ٿي رهي مومل،
    پاڻ راڻي مزاج جا آهيون.

    عشق آهي تصوف ڏي آندو،
    عارفـاڻـي مزاج جا آهيون.

    تنهنجون ناراضگيون سهي، ٿي ويا_
    تنهنجي هاڻي مزاج جا آهيون.


    ايڏا نه درد ڏي تون پٿر نه ٿي وڃان.

    ايڏا نه درد ڏي تون پٿر نه ٿي وڃان.
    موهن دڙي جيان ڪو کنڊر نه ٿي وڃان.

    محبوب گل ڪي ٽڙندا مرڪي نهار تون،
    ڪاوڙ نه ڪر ڪٿي مان ٿوهر نه ٿي وڃان.

    منهنجي اکين ۾ ٿوري آلاڻ ڏي رهڻ،
    صدما سهي سهي مان بنجر نه ٿي وڃان.

    مان رات سانوڻيءَ جو احساس هان ٿڌو،
    ناراض ٿي نه ٿڏ تون، اوٿر نه ٿي وڃان.

    پردو هٽائي رخ تان جهٽ جهٽ ۾ او پرين،
    ڏيکار ائين نه جلوا ڪافر نه ٿي وڃان.

    منهنجي نصيب ۾ تون، مرڪون نه اڻ ڀلي،
    ماتام ڏي نه ايڏو، محشر نه ٿي وڃان.

    خنجر هڻي نظر جو، نظرون ته ڪڍُ وري،
    تڙپڻ لڇڻ ته ڏي ڪجهه، ٺاپر نه ٿي وڃان.

    شهمير کي گهٽيءَ مان ناراض ٿي نه تڙ،
    هيڏي وڏي دنيا ۾ بي گھر نه ٿي وڃان.


    زندگيءَ ۾ وڏو مزو آيو.

    زندگيءَ ۾ وڏو مزو آيو.
    پيار ۾ پر اڃا جهجهو آيو.

    تو جو نيڻن ۾ مون کي ويهاريو.
    ڀاڳ منهنجي پٺيان لڳو آيو.

    آنءُ تنهنجو هان تو چيو ڏاڍيان،
    دشمنن کي ته ڄڻ گهٽو آيو.

    عشق پنهنجا اکر به ڏيکاريا،
    سونهن وارو جتي صفحو آيو.

    دل هئي تون سان ۽ اڃا آهي،
    ان ۾ ڪهڙو آ فلسفو آيو.

    ٻار سانجهيءَ جو پيس چنبڙي،
    ڏينهن ٻاهر ڪٽي ابو آيو.

    ڪنهن پڇيو ڪهڙو نقش سهڻو آ،
    ذهن ۾ اڀري سنڌ جو آيو.

    تنهنجو شهمير سونهن تنهنجيءَ تي،
    شعر ڪيئي لکي اجهو آيو.


    چٺي تنهنجي چمي ناهي چپن کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    چٺي تنهنجي چمي ناهي چپن کي ننڊ ڪيئن ايندي.
    تسلي تو مڪي ناهي ته من کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    الائي ڇو سڄي ڏينهن ۾ لياڪو تو نه پاتو آ،
    اسان جا نيڻ بک تي هِن، انهن کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    مسلسل رات ڏينهن بيٺا خدا آڏو ٿا ٻاڏائن،
    محبت جا مجاهد هِن، هٿن کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    اوهان زلفن جو ورُ کوليو هوا خوشبوء کڻي آئي،
    اڏيا ٿي ڀؤنر گلشن ۾ گلن کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    بسنتي رت ۾ جاڳن ٿا اڃا تائين اداسي سان،
    اسان جا نيڻ رستن تي، دڳن کي ننڊ ڪيئن ايندي.

    پسائي هٿ سنڌو درياهه تي جيڪي وچن ورتا،
    اڃا جاڳي ٿو درياء واعدن کي ننڊ ڪيئن ايندي.


    پيار تنهنجو پرين ڪڪر وانگي.

    پيار تنهنجو پرين ڪڪر وانگي.
    روح منهنجو سڄو ئي ٿر وانگي.

    تيسين سک جا سلا نه ٿا نڪرن،
    ڏک جيسين لڳي نه هر وانگي.

    تنهنجي يادن سان واسجي ويو آ،
    تن بدن ۽ ذهن عطر وانگي.

    ڏات ۽ ڏانوَ جو به آ رشتو،
    ڪنهن پريمي وني ۽ ورَ وانگي.

    تون ته مون لاءِ آن ڀٽائيءَ جيان،
    آنءُ تنهنجي پٺيان تمر وانگي.

    هي سنڌي قوم آهي آئينو،
    ۽ هي اڳواڻ هن پٿر وانگي.

    تو سوا سک سڀئي سڪي ويا هن،
    سور نسري پيو آ سر وانگي.

    لوڇ شهمير جو ته سرُ کڻندي،
    نيڻ ٻوٽيئي اگر هي در وانگي.


    اڪيلو جيون پرين به ناهي حياتي ويران ٿي وئي آ.

    اڪيلو جيون پرين به ناهي حياتي ويران ٿي وئي آ.
    اسان جي بت جي مٽي به وکري وڏو ڪو طوفان ٿي وئي آ.

    قدم قدم تي نوان مليا ڏکَ، ڏکن سان پنهنجو پراڻو ناتو،
    ڏکن جي ٻولي ڏکي آ ليڪن اسان لئه آسان ٿي وئي آ.

    سمورا سپنا حقيقتن جي سفر ۾ مشغول ها اچانڪ،
    اميد کي اڌ رنگو ٿي پيو آ ۽ جان بي جان ٿي وئي آ.

    اکين ۾ اڪثر اداس سپنا رکي رکي نيٺ ٿڪجي پياسي،
    اسان جي قسمت عجيب آهي قضا به حيران ٿي وئي آ.

    خدا ٿو ڄاڻي ٽٽل ڦٽل دل جي دانهن دنيا ۾ ڪير ٻڌنڌو،
    هتي ته معصوم دل ويچاري اچي پريشان ٿي وئي آ.


    پيارُ ڄڻ سمنڊ سج جو منظر آ.

    پيارُ ڄڻ سمنڊ سج جو منظر آ.
    يار تارن ڀريو ڪو امبر آ.

    واعدا ڄڻ هوا جا جھوٽا هن،
    رنجُ تنهنجو به اوکو اوٿر آ.

    قربتن جو ڪڪر ڪڏهن وسندو،
    تو بنا هي حياتي ٿر بر آ.

    من اندر هڪ اداس مڪلي آ،
    منهنجو جيون موهن جو کنڊر آ.

    سک ته موڪل سياح ڪي سهڻا،
    ڇلڪندڙ ڏس اکين ۾ ڪينجھر آ.


    خوشين جي ڪهاڻي حياتي اسان جي.

    خوشين جي ڪهاڻي حياتي اسان جي.
    هي سنڌوءَ جو پاڻي حياتي اسان جي.

    هوائن جي هٿ ۾ آ خوشبوء سدائين،
    بڻي رات راڻي حياتي اسان جي.

    هيس مونجهه ۾ مان ته مرڪن جي ٻيڙي،
    پرين تو اماڻي حياتي اسان جي.

    خدا جي رضا تي گھڻو خوش رهون ٿا.
    آ سادي ڳوٺاڻي حياتي اسان جي.

    ڇهي پيار شهمير کي تنهنجو ويو آ،
    کلي ڏي وراڻي حياتي اسان جي.


    منهنجون اکڙيون ڪتابن تي گھمنديون رهيون.

    منهنجون اکڙيون ڪتابن تي گھمنديون رهيون.
    رات ساري ثوابن تي گھمنديون رهيون.

    چند گھڙين لئه اکيون بند ڪري ڇا ستس،
    ڇوڪريون منهنجي خوابن تي گھمنديون رهيون.

    سونهن سرهاڻ جا ڳل ڇهي مون ڏٺا،
    آڱريون جو ڪتابن تي گھمنديون رهيون.

    اڃ لٿي ڪو نه پر آس پوري ته ٿي،
    ڪڪريون ڪي سرابن تي گهمنديون رهيون.

    هيل ڀي ويل آ جو سياسي رڍون،
    نئين سري سان ربابن تي گهمنديون رهيون.


    نيڻ مون سان ملائي ويو.

    نيڻ مون سان ملائي ويو.
    دل کسي مسڪرائي ويو.

    چنڊ ظاهر هيو اڀّ ۾،
    جهڙ ستارا لڪائي ويو.

    پوپٽن جي پرن جهڙو مُک،
    منهنجي من کي لڀائي ويو.

    درد جي هو سدا تور ۾،
    ڪاڻ مون ڏي وڌائي ويو.

    پيار آهي عبادت جيان،
    نينهن مون کي پڙهائي ويو.

    سڀ وڃائي ذهن يار جي،
    ياد هڪڙي ڪمائي ويو.

    عشق جا ٻئي ڪپر اوچتو،
    حسن درياهه پائي ويو.

    مينهن شهمير هو نينهن ڀي،
    نيٺ دامن پسائي ويو.


    اکين ۾ خواب اچن ٿا مسافرن وانگي.

    اکين ۾ خواب اچن ٿا مسافرن وانگي.
    هميشه ڪين ٽڪن ٿا مسافرن وانگي.

    اسان ته دل جي شدت ساڻ توکي چاهيون ٿا،
    ڇو تنهنجا نيڻ ڏسن ٿا مسافرن وانگي.

    پڄڻ جي لاءِ تو تائين ته ذهن ۾ منهنجي،
    سدائين خيال گهمن ٿا مسافرن وانگي.

    پڄائيندا به ستارا ته ڪيئن منزل تي،
    ستارا پاڻ ڦرن ٿا مسافرن وانگي.

    وڃن ٿا ڌوڙ جي دامن ۾ جذب سڀ ٿيندا،
    غريب نير ٽمن ٿا مسافرن وانگي.

    جڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر گهمڻ وڃان ٿو مان،
    ويڳاڻا وڻ ڀي لڳن ٿا مسافرن وانگي.

    گهڻيون شڪاري هتي هن سماج جون رسمون،
    پکي امن جا اڏن ٿا مسافرن وانگي.

    سمورا درد لهن ٿا جو ريل مان مون لئه،
    ته سڀئي سکڙا وڃن ٿا مسافرن وانگي. 


    باهه جي شعلن تي گهر منهنجو هيو.

    باهه جي شعلن تي گهر منهنجو هيو.
    شهر سارو بي خبر، منهنجو هيو.

    مان اڪيلو ئي هليس جيون سڄو،
    سج رستي تي سفر منهنجو هيو.

    زندگيءَ جا درد ميڙيندو رهيس،
    سارو جيون منتشر منهنجو هيو.

    دل هئي صحرا ۽ اک آلي هئي،
    تيز اس آڏو ڪڪر منهنجو هيو.

    مون ڏنو جنهن کي اکين جو ڇانورو،
    سوئي سپنو ٿيو ٽڪر منهنجو هيو.

    ڪنهن ڏهاڙي هُو خدا پهچي ته ها،
    درُ نه هو جاتي سو درُ منهنجو هيو.

    هيءَ به منهنجي لئه غنيمت هئي وڏي،
    تنهنجي نالي ۾ اکر منهنجو هيو.


    افسوس هيل خالي بادل به ڪو نه آيا.

    افسوس هيل خالي بادل به ڪو نه آيا.
    ڌرتي رهي اڃاري درياء نه چپ پسايا.

    هن سانوڻيءَ جي رتِ ۾، واعدي تي تون نه آئين،
    موسم جو منهن لٿل آ رابيل سڀ ڪومايا.

    هر روز پاڻ پوئي هي رات جا ستارا.
    هڪ چنڊ ڀٽ مٿان ڄڻ تو لاءِ ٿي سجايا.

    مون پيار سانڍيو آ جڏهين وڻئي هليو اچ.
    رستن تي تنهنجي لئه مون گيتن جا گل وڇايا.

    هن نينهن جي نگر ۾ تون مان غريب ناهيون،
    آ سونهن تنهنجي مايا، آ عشق منهنجي مايا.


    ڪل خواب پيا آهن مجبور نگاهن ۾.

    ڪل خواب پيا آهن مجبور نگاهن ۾.
    احساس ته ڪر ڪوئي مغرور نگاهن ۾.

    چهري کي ڪري ظاهر اونڌهه کي ڏنئي ٽانڊا،
    هو چنڊ پيو اڀري ڪو ڏور نگاهن ۾.

    ٽهڪن جي ڏئي آٿت لڙڪن کي بيهاريان ٿو،
    پر لڙڪ ڪريا سارا معذور نگاهن ۾.

    خوشين جا خدا مون کي هي ڪير ٻڌائيندو،
    هر وقت رهي ڇو ٿو عاشور نگاهن ۾.

    شهمير جي نيڻن ۾ آ عڪس ائين تنهنجو،
    قدرت جو سمايل جيئن ڪو نور نگاهن ۾.


    هڪڙي مون تصوير رکي ڇا اندر ۾.

    هڪڙي مون تصوير رکي ڇا اندر ۾.
    بت سمورا ڀورا ٿي ويا اندر ۾.

    خواب ڊڪي ٿا ڀاڪيون پائن نيڻن کي،
    جاڪون تنهنجي آئي آشا اندر ۾.

    منهنجي منزل هاڻي منهنجي سامهون آ.
    پيار بڻايا آهن رستا اندر ۾.

    ساروڻين جي چانڊوڪي چوڌاري آ،
    خيال پرينءَ جا آهن بيٺا اندر ۾.

    منهنجا سارا سورَ الائي ڪاڏي ويا،
    جڏهين سک جا پاڇا آيا اندر ۾.

    پروانا ڪل پير ڇهڻ لئه آتا هن،
    پيار جا مون هن ڏيئا ٻاريا اندر ۾.


    نوجوانيءَ ۾ گھاوَ جهونا ڏسو.

    نوجوانيءَ ۾ گھاوَ جهونا ڏسو.
    درد جهونا ڏسو، ڪجهه نمونا ڏسو.

    موت جي منهن کي رهڙون ڏئي ٿو جيئان،
    زندگيءَ جا هنيل مون کي ٿونا ڏسو.

    پيار جا وار سارا اڇا ٿي ويا،
    انتظاري هنيا خوب چونا ڏسو.

    رات ــــ چنريءَ منجهان باک پاتو ليئو،
    پير هٿ روشني جا هي سونا ڏسو.

    ماڳ جي راهه ۾ جبل جاڙون ڪيون،
    منهنجا رهڙيل ٻئي پير، مونا ڏسو.


    هر زخم جي دوا مرڪ تنهنجي مٺا.

    هر زخم جي دوا مرڪ تنهنجي مٺا.
    سونهن جي انتها مرڪ تنهنجي مٺا.

    پوپٽن جي حسين رنگتن جو قسم،
    مکڙين جي صدا مرڪ تنهنجي مٺا.

    گھور گھري جا جيڪي به گھايل هجن،
    تن کي ڏي ٿي شفا مرڪ تنهنجي مٺا.

    رڃّ ۾ اڃّ لاهي تصوّر تنهنجو،
    ڌر تتيءَ ۾ گھٽا مرڪ تنهنجي مٺا.

    هن دنيا جي سڀن عشق وارن جي آ،
    ڪا اگھايل دعا مرڪ تنهنجي مٺا.

    روز وسري ڪمن ۽ غمن ۾ مگر،
    ياد ڏياري خدا مرڪ تنهنجي مٺا.


    ٿورو هاڻي سڪون آيو آ.

    ٿورو هاڻي سڪون آيو آ.
    خط اماڻي سڪون آيو آ.

    ساڙي ناراضگيون ڇڏيون آهن،
    خوب هاڻي سڪون آيو آ.

    منهنجي خوابن کي تنهنجي نيڻن ۾،
    مولا ڄاڻي سڪون آيو آ.

    پوپٽن کي رنگين گلڙن جو،
    پيار ماڻي سڪون آيو آ.

    پنهنجي قسمت مان او پرين سارا،
    درد ڇاڻي سڪون آيو آ.

    ساري دنيا کان وڌ پرين مون کي،
    لاڙڪاڻـي سڪـون آيو آ.

    زندگيءَ جون خواهشون شهمير،
    ڳوٺ آڻي سڪون آيو آ.


    مٺا ڏيکاريا تو ها وڏا رنگين سپنا.

    مٺا ڏيکاريا تو ها وڏا رنگين سپنا.
    جدائي ڏئي ڪري ڇو وئين سڀئي غمگين سپنا.

    وڇوڙي ۾ رهن ٿا ٻئي سدائين نيڻ آلا،
    ملي وڃ تون ته ڪو مرڪن مٺا مسڪين سپنا.

    اڃا نيڻن جي درياء ۾ پرين برسات پئي ٿي.
    اڃا تنهنجي ڏسڻ جي لئه پيا روئين سپنا.

    اڃا سڏڪن جي موسم ۾ اسان جا نيڻ آهن،
    جڏهن محبت سان مرڪن جا پرين آڻين سپنا.

    اکين جي آرزو آهي مٺي ساڀيا ملي پئي،
    گھڻا ڳوڙهن سان گڏ سانڍيا اسان نمڪين سپنا.

    جڏهن لڙڪن جي جهنگل ۾ اسان جا ٽهڪ پهتا،
    ته روئي پيا ڪري دانهون ڊنل مسڪين سپنا.

    ڪٿي ايندو لهي پاڻهي مٿي جو آسمان آ،
    اندر ۾ اڄ به سانڍي ٿي پرين ڪي زمين سپنا.


    چاهت جو اظهار اڌورو رهجي ويو.

    چاهت جو اظهار اڌورو رهجي ويو.
    تنهنجو منهنجو پيار اڌورو رهجي ويو.

    پنڌ ڪري مان پهتس تنهنجي در تائين،
    در ۾ پر ديدار اڌورو رهجي ويو.

    ڪيئي ڀيرا ڪوشش ڪئي سي مرڪڻ جي،
    مرڪڻ پر هر بار اڌورو رهجي ويو.

    سڀ ڪجهه طئي هوندي به آخر ڇا جي لئه،
    دل جو هي واپار اڌورو رهجي ويو.

    اڪثر ويٺو ٿڌڙا ساهه ڀريندو هان،
    خوشين جو سنسار اڌورو رهجي ويو.

    تنهنجي ڳل جي تِر جي تارَ نه ڇيڙي مون،
    اندر جو فنڪار اڌورو رهجي ويو.

    حسرت آهي تنهنجي سامهون ساهه ڏيان،
    ساهه به ليڪن يار اڌورو رهجي ويو.

    لڙڪ اکين مان ڏاڍا ٽمندا هن شهمير،
    منهنجو ڪل ڪم ڪار اڌورو رهجي ويو.


    تو سوا هي ڪهڙي آهي زندگي.

    تو سوا هي ڪهڙي آهي زندگي.
    مون کان هر پل ٽيڙي آهي زندگي.

    پيار جو پاڻي ملي ڪجهه دل ٺري،
    چاليهي جي کيڙي آهي زندگي.

    موت هر دم ٺوڪرون ويٺو هڻي،
    مالڪي ڪر ڇيڙي آهي زندگي.

    يار مون کي حالتن لوڙهي ڇڏيو،
    ٿيءُ ڪنارو ٻيڙي آهي زندگي.

    ڇو دنيا طوفان ٿي بڻجي وڃي،
    مون جڏهن ڀي ميڙي آهي زندگي.

    يار تنهنجي پيار جي ئي آسري،
    بيٺي آ، نه ته، ليڙي آهي زندگي.

    تون پرين ناهي مليو شهمير سان،
    سور دل تي کيڙي آهي زندگي.


    هن چٺي منهنجي جو ڦاڙي آهي.

    هن چٺي منهنجي جو ڦاڙي آهي.
    پڪ حياتي جي پڇاڙي آهي.

    پنبڻين جي ڌار اڄ سرُ کڻندي،
    هن جي اکڙين ۾ ڪهاڙي آهي.

    بند جيئڻ جا ويا ٿي رستا،
    ديد اهڙي يار لاڙي آهي.

    هن رقيبن سان ملايو هٿ آ،
    جان منهنجي درد ساڙي آهي.

    سو به منزل تي رسي ڪٿ سگهندو،
    سوچ جنهن جي ٿي ڪراڙي آهي.

    عشق کان شهمير اڻ واقف آ،
    شاعري ۾ به اناڙي آهي.


    ڏک وساري مان جي رهيو آهيان.

    ڏک وساري مان جي رهيو آهيان.
    تو کي ساري مان جي رهيو آهيان.

    پيار جي ساڀيا ڦٽي ناهي،
    خواب هاري مان جي رهيو آهيان.

    نيڻ ڏيئا بڻيا ٻئي منهنجا،
    لڙڪ ٻاري مان جي رهيو آهيان.

    تنهنجي تصوير لائي سيني سان،
    باهه ٺاري مان جي رهيو آهيان.

    آنءُ ڄاڻان ٿو تون نه ايندين پر،
    دڳ نهاري مان جي رهيو آهيان.

    زندگي، زندگي رهي ناهي،
    پاڻ ماري مان جي رهيو آهيان.


    اسان جي دعائن جي منزل پرين تون.

    اسان جي دعائن جي منزل پرين تون.
    سڪايل نگاهن جي منزل پرين تون.

    سڄو سونهن جو آهين گهرو تون ساگر،
    اڃايل ٻه ٻانهن جي منزل پرين تون.

    الائي ڪٿان کان اچن سمنڊ جهاڳي،
    ڏکڻ جي هوائن جي منزل پرين تون.

    وٺي ميڙ، مکڙيون هي گل سڀ اچن ٿا،
    ۽ ڪويل جي دانهن جي منزل پرين تون.

    آ برباد سوچن جي خواهش سفر ۾،
    ۽ آباد راهن جي منزل پرين تون.


    نه مور ڄاڻان خوشي آهي ڇا؟

    نه مور ڄاڻان خوشي آهي ڇا؟
    سمورو جيون غمن جا پاڇا.

    اوهان سان دل آ گواهه آهن،
    اداس اکين ۾ لڙڪ خاشا.

    مروڙي ماري ڦٽي ڪيو ٿا،
    اکين جي آڏو خطن جا لاشا.

    سڄو زمانو ڏسي ٿو مرڪي،
    جلي رهي آ اسان جي آشا.

    اسان جو مرڪڻ گھڻو ڪَڙو آ،
    اوهان جا گفتا مٺا پتاشا.

    اسان جي خوابن جا پير زخمي،
    پري آ منزل ۽ دڳ لٽاشا.

    ڏسڻ نه آيو ستم اهو آ،
    بڻيا سي جنهن لئه اسين تماشا.


    ڦٽ ٿو ڏين چاهت جي هر دم چهري تي.

    ڦٽ ٿو ڏين چاهت جي هر دم چهري تي.
    پوءِ نه مکين ٿو چمين مرهم چهري تي.

    حيرانيءَ مان گھوري ڏسندي آهه خزان،
    تنهنجي وئي کان پوءِ جي موسم چهري تي.

    سمنڊ جيان گھرائي آ هر لڙڪ اندر،
    تو لئه ڪيڏا سمنڊ گذاريم چهري تي.

    صدين جيڏو ڪيئن ڪرايئي اوسيئڙو،
    جذبا موٽيا گھنج کڻي ٿم چهري تي.

    دردن جو آواز هوا ۾ اڏري ٿو،
    سور سڻائي ويٺو سرگم چهري تي.

    چند گھڙين لئه مرڪڻ چاهيو هو مون پر،
    حاوي ٿي ويا هڪدم سڀ غم چهري تي.

    منهنجو سوئي شعر حياتي ماڻيندو،
    جيڪو تنهنجي لکندس جانم چهري تي.

    فوٽو ننڍپڻ جا ڏسندي وئي ننڊ وٺي،
    رات به رهجي ويو هو البم چهري تي.


    زندگي تو سواءِ رڻ وانگي.

    زندگي تو سواءِ رڻ وانگي.
    خالي خالي سرءُ جي وڻ وانگي.

    تنهنجو مرڪڻ بهار جو نياپو،
    تنهنجي رنجش پرين کنوڻ وانگي.

    عشق منهنجو بکيو محبت جو،
    پيار تو کان مليو نه ڪڻ وانگي.

    لڙڪ منهنجا سڪي وڃن هان جي،
    هٿ ڊگھيرين هان تون اگهڻ وانگي.

    آسرو ڏي متان چڙهي به وڃان،
    حال آهي ته هونئن مرڻ وانگي.

    چاهه چشمي پٺيان سندس شهمير،
    من سندم آ رليو هرڻ وانگي.


    خوبصورت خواب جهڙي ڇوڪري.

    خوبصورت خواب جهڙي ڇوڪري.
    ڄڻ ٽڙيل گلاب جهڙي ڇوڪري.

    زندگي بلڪل گناهن ۾ ٻڏل،
    هو وڏي ثواب جهڙي ڇوڪري.

    ڪائناتي راز ٿو هن ۾ ڏسان،
    آسماني باب جهڙي ڇوڪري.

    هن جو پاڇو ڄڻ حياتي جو سوال،
    پاڻ آ جواب جهڙي ڇوڪري.

    ڪنهن طرح سان ڏي نه ٿي سمجهڻ مزاج،
    عشق جي نصاب جهڙي ڇوڪري.


    ساهه منهنجو صنم تو نپوڙي ڇڏيو.

    ساهه منهنجو صنم تو نپوڙي ڇڏيو.
    خار مان گل وٺي تو مروڙي ڇڏيو.

    پنکڙين کي پٽي جيئن ڦٽي تو ڪيو،
    ماس منهنجو به ائين غم ته روڙي ڇڏيو.

    دلربا سور جي ٽاٽ اڀري پئي،
    تير ديدن جو اهڙو تو کوڙي ڇڏيو.

    دل محل ڄڻ هئي ڪانچ جو دلربا،
    تو ته تنهن کي پٿر ساڻ ٽوڙي ڇڏيو.

    هاڻ زلفن جو مون تي ڪو سايو ڪيو،
    قرب مان ڪا گھڙي وار ڇوڙي ڇڏيو.

    تو سوا ڪيئن بچي جان شهمير جي،
    ول غمن جي صفا آ وڪوڙي ڇڏيو.


    درد وٺڻ يا درد ڏيڻ ٿو چاهين تون؟

    درد وٺڻ يا درد ڏيڻ ٿو چاهين تون؟
    منهنجي درد جو سمنڊ ترڻ ٿو چاهين تون!

    لفظن جا هٿيار سمورا اڇليا ٿي،
    شايد مون سان ٺاهه ڪرڻ ٿو چاهين تون!

    منهنجي منزل ڏور الائي ڪاٿي آ،
    هاڻي گڏجي ڪيئن هلڻ ٿو چاهين تون!

    ڏينهن نه آيو رات ڪنواري رهجي وئي،
    ڪهڙي پل کي موڙ ٻڌڻ ٿو چاهين تون!

    منهنجو هر هڪ ساهه خدا جو قرضي آ،
    ساهه ڏئي ڇا قرض ڀرڻ ٿو چاهين تون!

    دل جي ڳوٺ مان دڙڪن ڄڻ ته لڏي وئي آ،
    گھرڙو ڪاٿي هاڻ اڏڻ ٿو چاهين تون.


    اڌورا خواب مليا هن اڌوري ننڊ ملي آهي.

    اڌورا خواب مليا هن اڌوري ننڊ ملي آهي.
    اڌورو پيار مليو آ اڌوري دل جلي آهي.

    ختم ويساهه ٿي ويو آ هميشه لئه زماني تان،
    اسان سان روز رسمن جي نئين سر ڌاندلي آهي.

    اهو ناهين رهيو تون پر ته ڀي مون کي ستائڻ لئه،
    اوهان جي ياد پائي چهنڊڙيون ٿي چلولي آهي.

    وڏي ڪوشش ڪئي آهي ملڻ جي پر مليا ناهيون،
    اسان جي چاهه جي زوري ڪئي وئي بند ڳلي آهي.

    اچي تنهنجي دريءَ تي ئي، نظر منهنجي ڄمي وئي آ،
    ڄمي ويو مان به آهيان ته به دري ڪاٿي کلي آهي.

    جڏهن ڪمري جي ڇت مان سج ڪرڻا پار ٿي پهچن،
    حفاظت ڪيئن مان سمجهان ڊني دل هيڪلي آهي.

    گهڻا ويساهه جي ديوار کي هن ڏار پئجي ويا،
    عمارت پيار واري پيڙهه کان ٿي پئي ڍلي آهي.


    مينهن ڪڻين لئه جيئن ٿر ماندو.

    مينهن ڪڻين لئه جيئن ٿر ماندو.
    تو لئه تئين آ اندر ماندو.

    تولئه تڙپان ائين پرين جيئن،
    طوفانن ۾ ساگر ماندو.

    موٽي ايندي نيٺ ته نوري،
    آهي ڪينجهر جو، جر ماندو.

    چانڊوڪيءَ ۾ تنهنجون يادون،
    ياد اچن مان هر هر ماندو.

    هير ٿڌيءَ جي سيني ۾ آ،
    يادن جو ڪو اوٿر ماندو.

    چنڊ ستارن هوندين ڇو آ،
    ڌرتيءَ ڪارڻ امبر ماندو.


    نظر اسان جي پياسي جنهن جي نظر اها سا نظر نه آئي.

    نظر اسان جي پياسي جنهن جي نظر اها سا نظر نه آئي.
    سڄي حياتي ڏٺيون سي راهون الائي ڇو هوءَ پر نه آئي.

    چٽو ڏٺو چنڊ اڀ تي ماڻهن ۽ عيد جون ڪن ٿا ڪل تياريون،
    اسان ڏي ليڪن اسان جي چنڊ جي اڃا ته ڪائي خبر نه آئي.

    سڄي دنيا ۾ بهار آئي جتي ڪٿي ٿي ويون بهاريون،
    نه مکڙي آڇڻ گھڙي پهر لئه بهار منهنجي شهر نه آئي.

    عمر گذاري سياهه راتين ۾ روشني لئه رلي مئاسي،
    اوهان جي چهري جي پر الئه ڇو نصيب ۾ ڪا سحر نه آئي.

    نه هيل آئي، نه پرُ ئي آئي نه ڪي ٽيون سال سار ورتئي،
    خدايا برسات کان پڇي ڏي ته ڇو يڪو هوءَ ٿر نه آئي.

    خبر پيس مان بيمار آهيان ڪو حال ڪونهي مرڻ تي آهيان،
    ڏسو ته هن جي ستمگري هيءَ پاڙي ۾ پهتي ۽ گھر نه آئي.

    اها به شهمير آ حقيقت سوا پرينءَ جي خدا ٿو ڄاڻي،
    بچڻ پو منهنجو ڏکيو آ ڏاڍو اڄوڪي ڏينهن ۾ اگر نه آئي.


    هو سڪ منجهان محبوب جنهن مون کي سمايو ساهه ۾.

    هو سڪ منجهان محبوب جنهن مون کي سمايو ساهه ۾.
    افسوس سو ڀي ويو ڇڏي تنها ڪري اڄ راهه ۾.

    سو خط کڻي سانڍي رکيم جنهن تي چپن جا چنڊ هئا،
    آ روشني سڀ تنهن منجهان هن زندگيءَ اونداهه ۾.

    دل جي چيم آئيني کي پٿرن سندو ڇڏ پيار تون،
    پر دل چري ٿي پئي چري هئي پٿرن جي چاهه ۾.

    هڪ خواب هن جو اوچتو آيو ائين اڄ جاڳ ۾،
    زخمي ڊڪي سهڪي جيئن پهچي وڃي ڪو پناهه ۾.

    دل جي دنيا اجڙي وئي آ دوستو ان موڙ تان،
    جتِ پيار جي گهلندي هوا جتِ گل ٽڙن ٿا چاهه ۾.

    ڪهڙي خبر ٻئي کي ڀلا هن هجر واري آڳ جي،
    ائين ٿو پچان ڄاڻي خدا آويءَ گهڙو جيئن باهه ۾.


    اوهان جي ياد اسان کي پئي ستائي ٿي.

    اوهان جي ياد اسان کي پئي ستائي ٿي.
    اسان جي ننڊ کي هر روز پئي جلائي ٿي.

    اسان جي صبح جي نيڻن مان نير ٽمندا هن،
    اوهان جي شام سڄي رات مسڪرائي ٿي.

    ٻه ٽي ڪي خواب اچن ٿا نوان وڳا پائي،
    ته تنهنجي سار وسي مينهن جيئن پسائي ٿي.

    هي منهنجو چاهه به اڻ کٽ ٿي، آسمان جيان،
    ۽ منهنجي ياد اوهان ڏي ئي هٿ وڌائي ٿي.

    جيئڻ جي لاءِ ٿو سوچيان ته تنهنجي رنجش ڀي،
    پئي هر وقت مرڻ لاءِ ورغلائي ٿي.


    اسان ڪو نه ٻي ڪا عبادت ڪئي آ.

    اسان ڪو نه ٻي ڪا عبادت ڪئي آ.
    صرف سنڌ تنهنجي تلاوت ڪئي آ.

    هي ٽوپي هي اجرڪ هي پٽڪو ڪهاڙي،
    صدين کان انهي جي حفاظت ڪئي آ.

    وضوء مون ڪيو آ سدائين سنڌوءَ مان،
    انوکي شروع هي روايت ڪئي آ.

    حياتي سڄيءَ ۾ جتي ڀي وياسي،
    اتي ڀي اجاڳر ثقافت ڪئي آ.

    سدا سچ کي سانڍي رکيو آهي سيني،
    ڪڍي ڪوڙ ڪلفت بغاوت ڪئي آ.

    خدا ڀي ته بخشي ڇڏيو آ اسان کي،
    جڏهن سنڌ توسان محبت ڪئي آ.

    هجي شال شهمير آزاد سنڌڙي،
    چيو آ، لکي پڻ وضاحت ڪئي آ.


    هو جواني ۾ هو، مور جهونو نه هو.

    هو جواني ۾ هو، مور جهونو نه هو.
    جهور جهونو لڳو، جهور جهونو نه هو.

    نورُ تن کي اهو ڪين هو، جن چيو،
    نورُ جهونو ڏسو، نورُ جهونو نه هو.

    ڪجهه ويا ڪجهه وڃڻ ئي نه چاهيو مگر،
    جي ويا تن کان هي ڏور جهونو نه هو.

    وقت سوناري ها وار سونا ڪيا،
    ڪجهه نئي تور تي، تور جهونو نه هو.

    چؤ طرف کان چڪاسي حڪيمن چيو،
    گهاءُ جهونو مگر، سور جهونو نه هو.


    شخص هو پاڳل الائي ڪير هو.

    شخص هو پاڳل الائي ڪير هو.
    ٿي لڳو پهتل، الائي ڪير هو.

    آيو محفل کي ويو ٻاري هليو،
    عشق جو سڙيل الائي ڪير هو.

    ڪا خبر ئي ڪو نه پنهنجي گم هيو،
    سونهن جو ڦريل الائي ڪير هو.

    لڙڪ وانگي هُو نماڻو ٿي لڳو،
    ديد جو لٽيل الائي ڪير هو.

    هن کي ڇهندي درد ٿي دانهون ڪيون،
    سور جو بڻيل الائي ڪير هو.

    خواب ليڙون هن جي نيڻن جا بڻيا،
    مفلسيءَ ورتل الائي ڪير هو.

    هن جي طبيعت ٿي ملي شهمير سان،
    گهور جو گهايل الائي ڪير هو.


    بي وفا سان ايترا ناتا نه رک.

    بي وفا سان ايترا ناتا نه رک.
    او چري دل باهه ۾ ڪانا نه رک.

    هٿ ئي سڙندا ڪجهه نه ايندو هٿ هتي،
    جهول ۾ هي ڄرڪندڙ ٽانڊا نه رک.

    سنگ دل ماڻهو ڇا ڄاڻن پيار مان،
    تون ته پٿرن جي شهر شيشا نه رک.

    ڪيئن هوا معشوق ۾ ڪل گل سڙيا،
    هيءَ ڪهاڻي رکُ، مگر رکَ سان نه رک.

    نفرتن کي تورِ جي تورين سگھين،
    محبتن ۾ تون پرين ماپا نه رک.

    هنيانءُ ٿو ڦاٽي اُنهي جي سارَ سان،
    ايترا دل ۾ وڏا صدما نه رک.

    جي ڪيان پنهنجي حياتيءَ کي نثار،
    موٽ ۾ بخشي ٻه قل آشا نه رک.


    مون کي منزل چيو تنهنجي منزل اڃا.

    مون کي منزل چيو تنهنجي منزل اڃا.
    آهي اڳتي سڄڻ هل اڃا، هل اڃا.

    تيز طوفان ٿي يا ڳڙو مينهن ٿي،
    روشني ٿيءُ يا هير ٿي گھل اڃا.

    سوچ سهڻي سٺي ذهن ۾ رک مٺا،
    سوچ کي لوچ ڏي ڪر ڪا هلچل اڃا.

    اک ته پٽ، اک ته پٽ، واٽ تي ٿو ويهين،
    توکي ڪرڻو ئي آ ماڳ حاصل اڃا.

    هن جي پويان لڳي هڙ هلي ڀي وڃي،
    پوءِ به رکجانءِ هڙ ۾ تو توَڪل اڃا.

    غير جي ٻانهن تي ننڊ ناهي ڪبي،
    ڳول محبوب جو چمڪندڙ ڳل اڃا.

    زلف ڪارا هٽائڻ جي ڪوشش ته ڪر،
    چنڊ چهرو اکين کان آ اوجهل اڃا.

    صبح جو شام جو، رات جو، ڏينهن جو،
    پنهنجي شهمير سان مل اڃا مل اڃا.


    اسان تنهنجي در جا سوالي سدائين.

    اسان تنهنجي در جا سوالي سدائين.
    اسان جي خوشين جو تون والي سدائين

    اسان جي به دنيا خيالي سدائين.
    ۽ نيڻن جي موسم جهڙالي سدائين.

    اياڻين اکين جا اگھي ڪير ڳوڙها،
    آ خوابن جي دامن به آلي سدائين.

    ڪنڊن جي بدن تي گلابن جا پاڇا،
    ڇڏي ويا اداسي نرالي سدائين.

    نماڻي نظر جي تون بدلي پيارا،
    نظر ٿو نهارين جلالي سدائين.

    نه چهري تي نيشان ڪنهن مرڪ جو آ،
    اسان روشني جا سوالي سدائين.


    محبوبُ طلب ڪن ٿا اکڙين جا هي اوجاڳا.

    محبوبُ طلب ڪن ٿا اکڙين جا هي اوجاڳا.
    هن دل کي ستائن ٿا ڏکڙن جا هي اوجاڳا.

    هڪ ڏينهن پرين تنهنجي نيڻن جي وهاڻي تي،
    آرام ڪندا حاصل چپڙن جا هي اوجاڳا.

    وارن ۾ سجائي ڇڏ ڪجهه ڏينهن حياتي آ،
    زلفن جي طلب ڪن ٿا گلڙن جا هي اوجاڳا.

    ايلاز ڪندا آهن هر وقت خدا آڏو،
    ديدار جي ڪارڻ ئي هٿڙن جا هي اوجاڳا.

    ڪاغذ جي مٿان ٿي آ لفظن جي عذاداري،
    شاعر جو رنو ڪمرو خطڙن جا هي اوجاڳا.

    دلبر جي جدائي ۾ شهمير لٽا ڪارا،
    شل رنگ مٽن ڪوئي ڪپڙن جا هي اوجاڳا.


    ڏٺو جنهن جنهن حسن تنهنجو انهن کان دانهن نڪري وئي.

    ڏٺو جنهن جنهن حسن تنهنجو انهن کان دانهن نڪري وئي.
    وٺي وارن سندي خوشبوء گلن کان دانهن نڪري وئي.

    ڪجل ڦيري اکين ۾ تو ڪيو جو وارُ محفل ۾،
    اڳيان بيهوش ٿي ڪريا پٺين کان دانهن نڪري وئي.

    سندءِ جلون تي ڪو لکيل غزل محفل ۾ جھونگاري،
    چيو جڏهن به ڪنهن راڳي سرن کان دانهن نڪري وئي.

    سڄي ساري خدا تعالى سمائي سونهن تو ۾ آ،
    فرشتن ڀي ڏٺو جڏهن ته تن کان دانهن نڪري وئي.

    ڏسي مرڪي کڻي نظرون جڏهن مون ڏي نهاريو تو،
    خوشيون ايڏيون مليون جو پوءِ ڏکن کان دانهن نڪري وئي.

    ڏسي شهمير کي سهڻي پري پردو ڪيو منهن تان،
    رهيو ڪوئي نه دنيا ۾ سڀن کان دانهن نڪري وئي.


    تو بن مون کي ٿي تڙپائي چنچل چانڊوڪي.

    تو بن مون کي ٿي تڙپائي چنچل چانڊوڪي.
    نٽهڻ اس وانگي ٿي کائي چنچل چانڊوڪي.

    تون جي آهين ساڻ ته مون کي چنڊ ڀي کيڪاري،
    هونءَ ڀلجي ڀي ڪو نه ڳالهائي چنچل چانڊوڪي.

    مون کي تڙپائڻ جي خاطر منهنجي ڪمري جي_
    جاري مان جھاتيون ٿي پائي چنچل چانڊوڪي.

    ڪرڻن جي صورت ۾ هر دم منهنجي زخمن تي_
    ڄڻ ته پئي ٿي لوڻ لڳائي چنچل چانڊوڪي.

    تنهنجا فوٽو آنءُ ڏسي ٿو چين ڪيان محسوس،
    منهنجي لونءَ لونءَ کي ڇرڪائي چنچل چانڊوڪي.

    تون شهمير جي منهنجا مٺڙا سار لهي وڃ ڪا،
    جي نه ته گھايل من ٿي گھائي چنچل چانڊوڪي.


    منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.

    منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.
    مون کي ڏئي رهيو آن سهڻا گلاب ڏاڍا.

    منهنجا سوال هيڻا، تنهنجا جواب ڏاڍا.
    منهنجا گناهه ڏاڍا، تنهنجا ثواب ڏاڍا.

    دل کولي توکي سهڻا پنهنجي مان دل جون ڳالهيون،
    سوچيان ٿو ڪئين ٻڌايان تو کي نقاب ڏاڍا.

    مون کي لڳي ايئن ٿو هي نينهن مينهن آهي،
    منهنجي حياتي صحرا تو کي حجاب ڏاڍا.

    ڪيڏو عجب لڳي ٿو منهنجي ڪتاب ۾ ئي،
    منهنجو آ نانءُ واريل تو کي خطاب ڏاڍا.


    تنهنجو چهرو گلاب ڀانيان ٿو.

    تنهنجو چهرو گلاب ڀانيان ٿو.
    مان ڏسڻ ڀي ثواب ڀانيان ٿو.

    تنهنجي اک جي اشاري کي سهڻا،
    آلجبرا حساب ڀانيان ٿو.

    ساٿ تنهنجي سواءِ مان پنهنجو،
    سارو جيون عذاب ڀانيان ٿو.

    ساڻ آهين ته جون وارو ڀي،
    مان ٿڌو آفتاب ڀانيان ٿو.

    تون ته بلڪل اکين جي آڏو آن،
    پوءِ ڇاڪاڻ خواب ڀانيان ٿو.


    اسان جي به ٻڌ ڪا گذارش پيارا.

    اسان جي به ٻڌ ڪا گذارش پيارا.
    ڪري پيار ڪر ڪا نوازش پيارا.

    سوا پيار جي مان هٿين خالي آهيان،
    نه ڪا ٻي آ مون وٽ سفارش پيارا.

    لڳي ٿي ڏکڻ جي ٿڌي هير ۽ ٻيو.
    وسي ٿي مٿان هلڪي بارش پيارا.

    سڏي سڪ مان پنهنجي تون سيني لڳائج،
    جھڪي ٿي برهه جي ڪا آتش پيارا.

    صفا سادو سودو مان ڳوٺاڻو ماڻهو،
    کسي دل ڪجان تون نه سازش پيارا.

    سدائين رهي من ۾ شهمير کي ٿي،
    امر پيار تنهنجي جي خواهش پيارا.


    جناب اک ۾.

    جناب اک ۾.
    گلاب اک ۾.

    سوال اک ۾،
    جواب اک ۾.

    اکيون اکين ۾،
    شراب اک ۾.

    نه سونهن جو آ،
    حساب اک ۾.

    اڳيان آ ساڀيا،
    ۽ خواب اک ۾.

    رکيو ٿِي ڇا لئه،
    حجاب اک ۾.


    تنهنجي ته در جو منهنجي لئه بند رهيو ڪڙو آ.

    تنهنجي ته در جو منهنجي لئه بند رهيو ڪڙو آ.
    هر ويل پر نئون غم دل ۾ اٿي کڙو آ.

    اڪثر ته تنهنجي اونهي ناراضگي رهي آ،
    ۽ تنهنجو راضپو ڄڻ پاڻي جو بڙبڙو آ.

    پنهنجو ملڻ نه ٿيو پر پئجي پتو ويو آ،
    دنيا درياهه آهي جيون ڪچو گھڙو آ.

    محبوب هڪ نظر سان جيسين ڏسان نه تو کي،
    اکڙين جي آڏو هوندو هر ويل ڪوهيڙو آ.

    منهنجي اندر مان اڪثر اجڙيل ٿا شعر نڪرن،
    اڃيا، بکيا، ستايل ڪنهن کي نه چولڙو آ.

    سا سوچ چنڊ جهڙي، سو شعر سجّ جهڙو،
    منهنجو وڃي ٿو بڻجي جي تنهنجو اولڙو آ.

    شهمير ڇا ٻڌائي تنهنجي رسڻ سان پيارا،
    اکڙين جو سمنڊ اٿليو ٿي دل موهن دڙو آ.


    پرين تنهنجي اکين ۾ شاعري آ.

    پرين تنهنجي اکين ۾ شاعري آ.
    تڏهن منهنجي ذهن ۾ شاعري آ.

    تڏهن مون کي سلو ملندو مٺي آ،
    هوندي تنهنجي هٿن ۾ شاعري آ.

    ڪڏهن گھري ته اک سان ڀي ڏسي ڪو،
    مصوّر جي رنگن ۾ شاعري آ.

    هوا لوڏي ٻڌايو رات مون کي،
    هي ڏس ڪيڏي وڻن ۾ شاعري آ.

    رسالن ۾ نظر ايندي ته اڪثر،
    سٺي ٻن جي ڏهن ۾ شاعري آ.

    حسن آهي ڀٽائي شاعريءَ جو،
    تڏهن هوندي حسن ۾ شاعري آ.


    محبوب ٿو نهاري پنهنجي حساب سان.

    محبوب ٿو نهاري پنهنجي حساب سان.
    هر هر ٿو مون کي ماري پنهنجي حساب سان.

    ڏاڍو جيئڻ ڏکيو آ ڪاوڙ غضب اٿس،
    مرڪڻ به هن جو ماري پنهنجي حساب سان.

    محفل ۾ مان اچي ٿو پرُباش ٿي وڃان،
    امرت پيو پياري پنهنجي حساب سان.

    جلوا ڏيکاري پنهنجا بيهوش ٿو ڪري،
    پوءِ هوش ڀي ڏياري پنهنجي حساب سان.

    سهڻي جي سور ۾ آ ڏاڍو سرور پر،
    ڪنهن ڪنهن مهل روئاري پنهنجي حساب سان.

    هر هر پيو وڇوڙو مارڻ جا وس ڪري،
    پر ياد ٿي جيئاري پنهنجي حساب سان.

    گھلندي هوا اٺي جي، پڪ سان تڏهن ڀنل،
    زلفن کي جي سنواري پنهنجي حساب سان.

    شهمير جي رهيو آ سڀ ڪو ڏسي پيو.
    پر آ ويو گذاري پنهنجي حساب سان.


    ادائون اوهان جون اداڪار آهن.

    ادائون اوهان جون اداڪار آهن.
    ڦري دل وڃن ٿيون هي فنڪار آهن.

    اکيون ڪاريون ڪجليون ۽ ڳل تي موهيڙا،
    حقيقت ۾ تنهنجا هي هٿيار آهن،

    سياڻا سياڻا منجھائي رکيا ٿي،
    هي ڪاڪل غضب جا ڪلاڪار آهن.

    مڃئون ٿا برابر مٺا چپ اوهان جا،
    گلابي گلن جا به سردار آهن.

    رکين ٿو ذهن ۾ تون چالاڪ سوچون،
    اسان لئه اڻيا روز تو ڄار آهن.

    تون قسمت جا روڪي ستارا ڇڏين ٿو،
    مٺيون ڳالهيون بلڪل مزيدار آهن.

    ڀلا بي وفا ڪيئن چوان يار تو کي،
    جفائـون جو تنهنجون وفادار آهن.

    مون شهمير سڀ ڪجهه لٽائي ڇڏيو آ،
    نمـاڻـيون نگـاهـون گـلوڪـار آهن.


    بندگي جا اثر ٿا وڌن هر گهڙي.

    بندگي جا اثر ٿا وڌن هر گهڙي.
    ڏوهه منهنجا پرين ٿا ڇڻن هر گهڙي.

    ياد تنهنجي اچي ۽ ڏئي ٿي آذان،
    سور ساري وضوء ٿا ويهن هر گهڙي.

    آهي نيڻن جي مسجد ۾ هر دم نماز،
    لڙڪ منهنجا صفون ٿا ٻڌن هر گهڙي.

    آنءُ ويندس ٻڏي غم جي درياهه ۾،
    درد پائيندا مون کي رهن هر گهڙي.

    مرڪ تنهنجي خزان جي آ ڳل تي چماٽ،
    تنهنجي ٽهڪن سان گل ٿا ٽڙن هر گهڙي

    سونهن ڏي ٿا وڃن عشق جا قافلا،
    پيار جا پيچرا ٿا کلن هر گهڙي.

    حسن درٻار ۾ مون خطائون ڪيون،
    سارا اعمال ئي ٿا ڪنبن هر گهڙي.


    اوهان جو اسان کي ڀلائي ڇڏيو آ.

    اوهان جو اسان کي ڀلائي ڇڏيو آ.
    اسان پاڻ کي ئي وڃائي ڇڏيو آ.

    وڏو شهر خوابن جو نيڻن ۾ هو پر،
    اڀاڳن اوجاڳن ڦٽائي ڇڏيو آ.

    ڪٿي آنءُ آهيان ڪٿي ساهه آهي،
    ڪٿي ساهه آڻي الائي ڇڏيو آ.

    ڀلي هاڻ زلفن جا بادل نه بيهن،
    مون لڙڪن سان صحرا کي پائي ڇڏيو آ.

    اهي ئي هئا بس حياتي جا لمحا،
    جيڪو وقت تو سان نڀائي ڇڏيو آ.

    سموريون اميدون مٽي ٿي ويون هن،
    حياتي جي درَ کي ورائي ڇڏيو آ.


    خوبصورت ناز نيڻن ۾ هئا.

    خوبصورت ناز نيڻن ۾ هئا.
    اڻ ڳڻيا انداز نيڻن ۾ هئا.

    هڪ اشاري سان جهٽي دل کي وٺن،
    ڄڻ ته بحري باز نيڻن ۾ هئا.

    عشق ٿيندي ئي عقل ويو ڪم ڇڏي،
    حسن جا ڪل راز نيڻن ۾ هئا.

    يادگيريون ذهن ۾ جهومڻ لڳيون،
    ڄڻ ته مٺڙا ساز نيڻن ۾ هئا.

    شوخيون، ڇڙٻون، رخا لهجا نه ها،
    آزيون ايلاز، نيڻن ۾ هئا.

    تنهنجي درشن لاءِ منهنجا خواب ڪل،
    روز پڙهندا نماز نيڻن ۾ هئا.

    چرچ دل جي هئي تڏهن ظاهر ٿيا،
    ايترا ته مجاز نيڻن ۾ هئا.

    مون ڏٺا شهمير آهن پيار جا،
    ڪيترا ئي جواز نيڻن ۾ هئا.


    تون هئين، هيءَ حياتي ڀي مٺڙي هئي.

    تون هئين، هيءَ حياتي ڀي مٺڙي هئي.
    ڄڻ گلن کان مون خوشبوءِ پڪڙي هئي.

    تون رُسي وئين پرين، سچ پڇين ائين لڳو،
    زندگي، موت جي ڄڻ ته گرڙي هئي.

    ذهن گم سوچ ۾ هر گھڙي لوڇ ۾،
    وقت کاري ۾ جيون به ڪُرڙي هئي.

    گڏ رهڻ جي خوشي دل ۾ سانڍي رکيم،
    ديد ان تي دنيا جي به ڪرڙي هئي.

    ساهه جي رڳَ کي ڳنڍ هجي ڄڻ ڏنل،
    بند ڪمري جي جاڪون هو درڙي هئي.

    ديد درزيءَ به مون کي موٽائي ڇڏيو،
    ننڊ نيڻن جي اهڙي ته اڊڙي هئي.


    اجورو ڏي خدا مون کي هتي ٿورو ثوابن جو.

    اجورو ڏي خدا مون کي هتي ٿورو ثوابن جو.
    ملي محبوب ڳل لائي ڇڏي پردو حجابن جو.

    گھريون مرڪون مليا ڳوڙها اکين جو جهول ڀرجي ويو،
    سفر ڪيڏو ڪٽيو آهي ڏکيو نيڻن خوابن جو.

    شهر جي ٻاهران جوڙي ڪچو گھر ڀي نه سگھيس مان،
    هي صحرا ۾ اڏيو آ گھر الائي ڪنهن گلابن جو.

    مٿان ڪوئي ڇپر ناهي حياتي ڄڻ پڌر آهي،
    قهر ڪڙڪيو وري دل تي جدائي جي عذابن جو.

    الائي ڪيترن جا ٻار گھر لوڙهي ويو آهين،
    نه ڏيجان! سنڌ کي سنڌو وري تحفو سيلابن جو.

    دنيا جي وڻ تي ڀانيان ٿو حياتي ماڪ جو قطرو،
    اهو مقصد ٿيو ظاهر هتي سڀني خطابن جو.

    خدا جي نور هوندي ڀي گذاري ٿو ڪو اوندهه ۾،
    ڏسان ٿو منهنُ ڏهاڙي مان هزارين آفتابن جو.


    مظلوم جي پارت ٿي.

    مظلوم جي پارت ٿي.
    معصوم جي پارت ٿي.

    او باهه حسن واري،
    دل موم جي پارت ٿي،

    جو چئي نه سگهيس توکي،
    مفهوم جي پارت ٿي.

    مان پيار جو طالب هان،
    محروم جي پارت ٿي.

    ربَّ پاڪ جتي ڪاٿي،
    هن قوم جي پارت ٿي.

    شهمير مئل آهي،
    مرحوم جي پارت ٿي.


    ساڻا ساڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    ساڻا ساڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.
    لڙڪن هاڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    ماڻهن جي جهنگل ۾ سارا خواب کڻي،
    هاءِ اياڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    رات به خالي پيٽ سنڌو ۽ ڪينجهر جو،
    ان جا داڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    جاڳي جاڳي دير سُتس ننڊ ڀي نه ملي،
    پوءِ به نماڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    درد اڏيندا جهوپو منهنجي دل اندر،
    موڪل ماڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    دم دلاسا دڙڪن ۾ ئي ويڙهي ڏي،
    منهنجا راڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.

    هن به حياتي ڏئي ڏئي آخر موت ڏنو،
    ڪر نه پڇاڻا نيڻ مزوري ڳولهن ٿا.


    هٿ ادب جا ٻڌي، مون رکي جهول ۾.

    هٿ ادب جا ٻڌي، مون رکي جهول ۾.
    پيار آڏو اچي، هر خوشي جهول ۾.

    يار دڙڪن جا ٽانڊا نه رک موٽ ۾،
    قرب جي تون به ڏي ڪا ذري جهول ۾.

    مون وڃائي ڇڏي سڀ اوهان جي ڪري،
    جيڪا “دنيا” دنيا جي هئي جهول ۾.

    ڏور آهين ته گجگوڙ سان ٿي هلي،
    منهنجي نيڻن جي سنڌوندي جهول ۾.

    ڪين شهمير جي ٻي ڪا ميراث آ،
    ياد تنهنجي آ ۽ شاعري جهول ۾.


    شام پاڇي جئين لڙي وئي زندگي.

    شام پاڇي جئين لڙي وئي زندگي.
    مسئلن ۾ آ اڙي وئي زندگي.

    جا گلن جي تازگيءَ جهڙي هئي،
    هاءِ رسمن ۾ سڙي وئي زندگي.

    ظلم نگريءَ ۾ ننڍي هڪ نينگريءَ جي،
    جهور پوڙهي سان جڙي وئي زندگي.

    سڀ ڇڏي تو وٽ پرين آيو هئس،
    تو وٽان ڀي پر تڙي وئي زندگي.

    تنهنجي نهڪر سان ملي وئي خاڪ ۾،
    جيڪا محنت سان گهڙي وئي زندگي.

    شهر جي ويران قبرن کي ڏسي،
    زهر جئين بڻجي ڪڙي وئي زندگي.

    تو ڇڏيو تنهن جي ڪري منهنجا پرين،
    درد_رستن ڏي ٿڙي وئي زندگي.


    مون کي تنها ڪري ويو جاني.

    مون کي تنها ڪري ويو جاني.
    خواب پرزا ڪري ويو جاني.

    هڪڙو خوشين جو ننڍڙو گلشن هو،
    سو به صحرا ڪري ويو جاني.

    مرڪ ماري دفن ڪري منهنجي،
    لڙڪ جيئرا ڪري ويو جاني.

    مرچ ڳالهين جا ڇو وجهو ٿا جي،
    زخم گهرا ڪري ويو جاني.

    مون چيو تو سوا مري ويندس،
    پوءِ به نخرا ڪري ويو جاني.

    ڪيڏا شهمير هن حياتيءَ لئه،
    پيدا خطرا ڪري ويو جاني.


    جو ڏک ڏئي هو کلندو، سوئي مزار تي.

    جو ڏک ڏئي هو کلندو، سوئي مزار تي.
    اڄ گل رکي ويو ڳاڙها، روئي مزار تي.

    جيون جي پيچرن تي ڪنڊا ڦٽي پيا،
    زخمي وجود پهتو پوئي مزار تي.

    پنهنجي اکين جا ڪوسا ڳوڙها اگهي اگهي،
    آلي ڪري ڇڏيائين لوئي مزار تي.

    بيمار هو ته طبيعت هن کان پڇڻ نه ويو،
    گذري ٿو جنهن جو وقت سڄو ئي مزار تي.

    جيڪو وٺي ويو هو ڪلهه زندگيءَ طرف،
    رستو وٺي اهو آيو ئي مزار تي.

    ٻئي هٿ ٻڌي ڌڻيءَ کي ۽ چار قل پڙهي،
    بخشي ڀري ٿو سڏڪا ڪوئي مزار تي.

    ڪنهن بي وفا کي ساري هڪ ٻي قبر چيو،
    ٻاري هان ڪاش! ڪو ڏيئو ئي مزار تي.

    هن جي مرڻ پڄاڻان هن سان وفا ڪري،
    پنهنجون جفائون ڄڻ ٿو ڌوئي مزار تي.


    ڳاڙها، ڳاڙها، شباب پاڻيءَ ۾.

    ڳاڙها، ڳاڙها، شباب پاڻيءَ ۾.
    آيا ترندا گلاب پاڻيءَ ۾.

    سوال هي آ ته زندگي ڇاهي،
    جي مليا سي جواب پاڻيءَ ۾.

    تون ملين وئين ته مون ڇڏيا اڇلي،
    هاڻ سارا خواب پاڻيءَ ۾.

    پاڻ کان ڀي ڳرا نصابي هن،
    کوڙ اڇليا ڪتاب پاڻيءَ ۾.

    لوڪ جا سڀ گناهه ڀي تريا،
    منهنجا سارا ثواب پاڻيءَ ۾.

    هڪڙي ميهار لئه سٺا سهڻيءَ،
    هاءِ ڪيڏا عذاب پاڻيءَ ۾.


    مان ته دنيا ۾ يار پيارا تنها ٿي ويو هان.

    مان ته دنيا ۾ يار پيارا تنها ٿي ويو هان.
    تنهنجي وئي کان پوءِ ته بلڪل صحرا ٿي ويو هان.

    منهنجي جيون جون ڪل خوشيون ٻڏيون سهڻيءَ جيان،
    لهرون لهرون درد ڏنا تو دريا ٿي ويو هان.

    يادون مرڪون خواب سمورا مون کان وڇڙي ويا.
    لڙڪ قطارون ۽ اوڇگارون سڏڪا ٿي ويو هان.

    جيون سارو اس ۾ گذريو ڪنهن به نه ڇانوَ ڪئي،
    پاڇا ڳولي ڳولي مان خود پاڇا ٿي ويو هان.

    چؤڌاري رنگين خوشين جا ٽڙندا گل ڪي ها،
    اڄ مان ٿوهر بڻجي ڪيڏا ڪنڊا ٿي ويو هان.

    حيرت مان کاڏيءَ تي هٿ ڏئي مون ڏي گهوري ٿو،
    ويرانو سوچي ٿو ڪيئن مان ڪتبا ٿي ويو هان.

    بي ترتيب هوا ۾ اڏري لغڙ جيئن شهمير،
    جيون واري ڏور کان ائين مان ڪاٽا ٿي ويو هان.


    پيار وارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    پيار وارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.
    چنڊ تارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    سونهن ڪڏهن فنا نه ٿيڻي آ،
    گل، بهارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    نينهن ناهي ندي جو روڪيندا،
    آبشارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    قدرتي رنگ ئي نرالو آ،
    شاهڪارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    ٿا سڙن ساڙ جي شرارن ۾،
    پر شرارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.

    پيار شهمير جي وسي پوندو،
    پوءِ ملهارن کي ڇا ڪندا ماڻهو.


    تون به ڏس زندگي فقيرن جي.

    تون به ڏس زندگي فقيرن جي.
    ڇا نه آ بندگي فقيرن جي.

    شهر جي شور کان گھڻو ٻاهر،
    آهي هڪ جھوپڙي فقيرن جي.

    ماڳ هڪڙي جا کوڙ رستا هن،
    ڏس ته منزل اچي فقيرن جي.

    ڄاڻي اسرار پوري عالم جا،
    ٿي ڏئي دوستي فقيرن جي.

    عڪس صدين جا تون ڏسي وٺندين،
    آ، سچي آرسي فقيرن جي.

    زندگي ايئن وڃي پئي ڳرندي،
    جيئن ڳري گودڙي فقيرن جي.

    پيار سان پيار ڪر نه ڪر ڪاوڙ،
    ڳالهه آ سادڙي فقيرن جي.


    هٿ ڇڏايئي دوستيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    هٿ ڇڏايئي دوستيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.
    يار منهنجي زندگيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    تِر برابر مرڪ ناهي، لڙڪ هاڻا ڳل ڏسي،
    منهنجي آڏو درسنيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    ديد ڦيرايم دنيا ۾ هر ڏهاڙي ڪاڄُ هو،
    مون لئه ليڪن هر خوشيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    لانوَ لهندي عصر ويلي پنهنجو پوڙهو ورُ ڏسي،
    هڪ نويلي نينگريءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    هن بسنتي مند ۾ ڀي ڇو هوا سوچي نه ٿي،
    گوري گوري ڇوڪريءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    هو وڇوڙو زهر قاتل منهنجي رڳ رڳ ۾ لٿو،
    جنهن ڏٺو تنهن اجنبيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    هڪ تصوّر پيار جو توحيد ٿو بڻجي پوي،
    ٻيو جو آيو بندگيءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.

    تو نه ورجايا ڪڏهن ڀي تنهن ڪري شهمير جا،
    شعر شاهد، شاعريءَ جو رنگ پيلو ٿي ويو.


    يار منهنجي زندگيءَ جو سج لهندو.

    يار منهنجي زندگيءَ جو سج لهندو.
    پوءِ تنهنجي بي رخيءَ جو سج لهندو.

    درد جو دل ۾ وڌي اونداهه ويندو،
    تو بنا هر هڪ خوشيءَ جو سج لهندو.

    تاءُ ٿيندو تيز ۽ پوءِ هوريان هوريان،
    نيٺ آخر روشنيءَ جو سج لهندو.

    جهوپڙيءَ جي ڀر ۾ سج رهندو ته آهي،
    ڪو نه ڪڏهن جهوپڙيءَ جو سج لهندو.

    حل رڳو ٿي روزگاريءَ جو مسئلو،
    کوڙ سارو خودڪشيءَ جو سج لهندو.


    زندگي گيت هڪ نرالو آ.

    زندگي گيت هڪ نرالو آ.
    هر پهر جنهن جو هو جمالو آ.

    ڪوڙ ڪلفت حسد به اوندهه آ،
    پيار سچ، نينهن هڪ اجالو آ.

    درد ڄڻ جونِ جهڙي اُس آهي
    سک ته ڄڻ ڏينهن ڪو جھڙالو آ.

    سانت ڄڻ سوال نا اميديءَ جو،
    پيار ڄڻ مرڪ جو حوالو آ.

    گفتگو هن جي شاعري جهڙي،
    ماٺ هن جي به ڄڻ مقالو آ.

    دل جي دفتر جا نيڻ در آهن،
    ننڊ نيڻن جو ڄڻ ته تالو آ.

    سو ته ماڻهو نه ماڻهپي ۾ آ،
    پيار کان جنهن جو پاند پالو آ.


    مون ڏٺي هڪڙي مرڪ لڙڪن ۾.

    مون ڏٺي هڪڙي مرڪ لڙڪن ۾.
    ڇا ڏسان! سارا لڙڪ لڙڪن ۾.

    درد زخمن سان گيت ٿا ڳائن،
    آههِ ٽم ٽم جي ڌنڪ لڙڪن ۾.

    ذهن ۾ چنڊ چهرو تنهنجو آ،
    هي تڏهن آهه چمڪ لڙڪن ۾.

    لوڪ سمجهي ٿو منهنجي روئڻ کي،
    آهي تنهنجي جو مهڪ لڙڪن ۾.

    دل کي مون روڪيو، نه روئي ٻوڙي،
    سڀ اميدن جا مُلڪ لڙڪن ۾.

    هاڻ هر وقت ٿو پيو سوچيان،
    آڻجي ڪئين رنڊڪ لڙڪن ۾.


    منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.

    منهنجون اکيون ڏسن ٿيون محبوب خواب ڏاڍا.
    مون کي ڏئي رهيو آن سهڻا گلاب ڏاڍا.

    منهنجا سوال هيڻا، تنهنجا جواب ڏاڍا.
    منهنجا گناهه ڏاڍا، تنهنجا ثواب ڏاڍا.

    دل کولي توکي سهڻا پنهنجي مان دل جون ڳالهيون،
    سوچيان ٿو ڪئين ٻڌايان تو کي نقاب ڏاڍا.

    مون کي ايئن لڳي ٿو هي نينهن مينهن آهي،
    منهنجي حياتي صحرا تو کي حجاب ڏاڍا.

    ڪيڏو عجب لڳي ٿو منهنجي ڪتاب ۾ ئي،
    منهنجو آ نانءُ واريل تو کي خطاب ڏاڍا.


    اسان کي به ايڏو نه بيوس ڪيو.

    اسان کي به ايڏو نه بيوس ڪيو.
    ستم بس ڪيو، بس ڪيو، بس ڪيو.

    اڃا چاھ چمڪڻ شروع مس ڪيو.
    اوهان روڪيو، بس ڪيو بس ڪيو.

    زخم ڪل ختم ٿي وڃن جيڪڏهن،
    اسان جي به زخمن کي شابس ڪيو.

    نصيبن کي زلفن جي ڪا ڇانوَ ڏي،
    هي مقدر تي ڇو ٿا يڪو اس ڪيو.

    هي خاموش محبت بڻي لوھ آ،
    پرين پنهنجو اظهار پارس ڪيو.

    گلابن جا ڳوڙها اگهي وئي هوا،
    اسان جي ئي لڙڪن لئه آرس ڪيو.

    ڇڏيو عشق جي آسمان تي وڃئون،
    توهان ڇو پيا بند هرگس ڪيو.


    ڏٺو مون يار سپني ۾، ڪيو سي پيار سپني ۾.

    ڏٺو مون يار سپني ۾، ڪيو سي پيار سپني ۾.
    حياتي پرڪڪش سپنو مگر بيڪار سپني ۾.

    اسان هيراڪ رستن جا اسان جو پنڌ سان پالو،
    ڀلي چؤڌار ڪا بيهار تون ديوار سپني ۾.

    ڏهاڙي اڻ ڳڻيا مون کي ستارا رات آڇي ٿي،
    حقيقت ۾ ڏسان ٿو هي سڄو سنسار سپني ۾.

    مون پنهنجي ننڊ کي آهي چئي ڇڏيو هي سختيءَ سان،
    ڏئي وڃ جاڳ اڳ ۾ پوءِ ڀلي تون مار سپني ۾.

    دنيا کي آئي اورانگهي اسان جي سوچ کاهوڙي،
    پرين هيءَ جستجو ڪيڏي هئي هوشيار سپني ۾.

    جڏهن ڀي مان مليس تو سان، ته توسان ساڻ هوندو هو،
    چڱو ٿيو ويو مري انڪار ٿيو اقرار سپني ۾.


    مون کي واپس جو چٺي ڦاٽل ملي.

    مون کي واپس جو چٺي ڦاٽل ملي.
    ايئن لڳو ڄڻ زندگي ڦاٽل ملي.

    درد ويڙهي سڀ ڪلهي تي مون کنيا،
    ڪا نه ڪائي ڀي خوشي ڦاٽل ملي.

    ڳنڍ ڏئي، ٽوپو ڏئي، مون پئي ڳنڍي،
    دوستن کان دوستي ڦاٽل ملي.

    منهنجي احساسن تي رهڙون ٿي لڳيون،
    هن وٽان جو شاعري ڦاٽل ملي.

    خواب هڪڙي ساڀيا پويان ڊڪيا،
    ساڀيا جي ڪٿ ذري ڦاٽل ملي.؟

    هن وڇوڙي جي ڦٽي کاهيءَ ڪيو،
    پوءِ ته بس ڌرتي سڄي ڦاٽل ملي.


    هڪڙو چهرو مون کان مور نه وسري ٿو.

    هڪڙو چهرو مون کان مور نه وسري ٿو.
    دل تي چٽجي ويو آ هاڻ نه اتري ٿو.

    هن جون اکيون نيريون گهريون سمنڊ جيان،
    گهوري سڀ کي ٻوڙي ڪير نه نڪري ٿو.

    مٺڙا مٺڙا لفظ ملائم لهجي سان،
    ڳالهائي ٿو چنڊ چوڏهين جو اڀري ٿو.

    مرڪي ڏسندو آهي ايئن لڳندو آ،
    ڪاڄ لئه ڄڻ ڪو سنڌي ماڻهو سنڀري ٿو.

    هن جو هر هڪ ٽهڪ مسيحا هوندو آ،
    ڳالهائي ته بهار خزان مان نڪري ٿو.


    سياڻي پرين سان چريو چاهه منهنجو.

    سياڻي پرين سان چريو چاهه منهنجو.
    رٺل سان سدائين رهيو ٺاهه منهنجو.

    حياتي جي معنى پئي قيد ۾ آ،
    پٿر جي جسم ۾ پيل ساهه منهنجو.

    اڪيلو ئي آيس تتي ڏينهن ۾ مان،
    نه پاڇو ئي بڻيو آ همراهه منهنجو.

    اندر ئي اندر ۾ ڀڪون ڏئي ڪران ٿو،
    خطرناڪ غم جو آ درياهه منهنجو.

    حياتي سڄيءَ ۾ محبت ملي شل،
    وڇوڙو ٿو ڳاهي پيو ڳاهه منهنجو.

    اندر ۾ هي شهمير حسرت رکان ٿو،
    ڪري فيصلو شل ڪو الله منهنجو.


    ٿڪل اکين ۾ هجوم سپنن جو رات ترسيو.

    ٿڪل اکين ۾ هجوم سپنن جو رات ترسيو.
    ايئن لڳو ڄڻ مدت کان پوءِ ٿر، ڪڪر ڪو برسيو.

    اوهان جو مرڪڻ پرين منهنجي لئه مسيحا بڻيو،
    ۽ نينهن نياپو اکين مان مون کي اوهان جو مليو،

    اوهان جي پهچڻ سان دل جو در پاڻ بند ڪيو هو،
    وري نه کوليم توڙي جو هر هر پئي هو کڙڪيو.

    خزان ختم آ خبر پئي آ بهار جي اڄ،
    گلن ۾ ڪجهه ساهه پئجي ويو آ لکو نه مرثيو.

    پرين جي ديدار لئه ڏٺو چنڊ ته ڪو مسافر،
    رولاڪ بادل جيان اوهان جي شهر ۾ ڀٽڪيو.

    چڱو ٿيو جو نوان ڪانڊيرا ڦٽا ڀٽن تي،
    ملهار مند ۾ اچي ٻاٻيهو ڪو تڙ تي تڙڳيو،

    مئي پڄاڻان پرين تون ڏسجان ٻيا به ڏسندا،
    اوهان جا خط ۽ اوهان جا فوٽون اسان جو ورثو.


    هڪڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    هڪڙي تاريخ سڏيندي آهي.
    مٺڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    مس ته آيو آن نه وڃ، ويهه گھڙي،
    چنبڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    تو بنا منهنجو حال ڪهڙو آ،
    سنهڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    سست رفتار سان نه ڪر محبت،
    تڪڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    آ هلي آءُ، مون کي ميڙي وڃ،
    کنڊڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    ڪجهه نه ڪجهه مونکي تون سنوار مٺا،
    اجڙي تاريخ سڏيندي آهي.

    مان وڃان ٿو قلم کڻي هن ڏي،
    ننڍڙي تاريخ سڏيندي آهي.


    رات کائي پئي اڪيلائي.

    رات کائي پئي اڪيلائي.
    هن جي تصوير ڳل کڻي لائي.

    چنڊ جي روشني سوا تنهنجي،
    ايئن لڳي جونِ جي جيئن تائي.

    شاعري، آنءُ ۽ ڦٽل ڪمرو،
    هوءَ نه آئي نه ننڊ ئي آئي.

    هن چيو هو ته آنُ تنهنجي هان،
    دل سندم جملي ان ئي همٿائي.

    مون اڃا ننڊ ئي نه ڪئي هوڏانهن،
    صبح آذان ٿي، مٿان آئي.

    ڀاڳ منهنجي جي رات آ ساڳي،
    باک هوڏانهن ڪڍي آ لالائي.


    ڏٺا هن خواب چنڊ جهڙا ڪجن چانڊاڻ جون ڳالهيون.

    ڏٺا هن خواب چنڊ جهڙا ڪجن چانڊاڻ جون ڳالهيون.
    هلي آ تون پرين تون سان ڪيان سرهاڻ جون ڳالهيون.

    خبر ناهي الئه ڪهڙيون ڪندو آ سج هوائن سان،
    صبح سان، شام سان، ڪينجھر ڪنڌيءَ ڳاڙهاڻ جون ڳالهيون.

    اندر جي سمنڊ ۾ جيڪو ڪري ٿو ڇوڙ دل رستي،
    اکين مان موج مستيءَ سان انهي مهراڻ جون ڳالهيون.

    جتي ٽي چار ماڻهو ٿا ويهن اڪثر ڏسان ٿو مان،
    اهي ڏک واري لهجي ۾ ٿا ڪن مهراڻ جون ڳالهيون.

    گھڻي عرصي کان پوءِ سهڻا چمن ۾ ڪي ٽڙيا گل هن،
    ڊڪي پهچي ڪيون موسم اچي پيلاڻ جو ڳالهيون.

    جڏهن چاهت جي ٻيڙيءَ ۾ محبت موج ماڻي پئي،
    وڇوڙن جون وڌيون طوفان سان ڇڪتاڻ جون ڳالهيون.

    مري راڪاس ويندو آ حياتي موٽي ايندي آ،
    جڏهن ٿر تي ڪندو آ ڪو ڪڪر آلاڻ جون ڳالهيون.

    اهو ئي عشق او شهمير ڏاهن کي منجهائي ٿو،
    اٻوجهن کي ٻڌائي ٿو وري ڪي ڄاڻ جون ڳالهيون.


    بي وفا سان وفا ڪندو آيس.

    بي وفا سان وفا ڪندو آيس.
    فرض سمجهي ادا ڪندو آيس.

    ڌار ڪڏهين پرين نه ٿيجان تون،
    مان اها التجا ڪندو آيس.

    پاڻ ئي عشق جي اڱڻ آيس،
    پاڻ کي ئي منع ڪندو آيس.

    مون ته سمجهي وڏي عبادت آ،
    سونهن تنهنجي ثنا ڪندو آيس.

    نيٺ ٻيڙو به ٻوڙيو ان ئي،
    جنهن کي مان ناخدا ڪندو آيس.

    مون کي سڀني ڏٺو پي حيرت مان،
    غم جي غم سان دوا ڪندو آيس.

    لڙڪ منهنجا ڏسي هو خوش ٿيندو،
    نيڻ پنهنجا ڀنا ڪندو آيس.

    هن هزارين ستم ڪيا شهمير،
    مان ته پوءِ ڀي دعا ڪندو آيس.


    خوبصورت لڳل هئي ميندي.

    خوبصورت لڳل هئي ميندي.
    تنهنجي هٿ تي هنيل هئي ميندي.

    ويس ڳاڙهو خوشي خوشي پاتئي،
    تنهنجي خوابن_رچيل هئي ميندي.

    چوڙين ۾ چمڪ ڌنڪ پهتي،
    رنگ ۾ اڄ رتل هئي ميندي.

    هر خواهش قتل ٿيل آهي،
    منهنجي رت سان ڀنل هئي ميندي.

    هاءِ قسمت عجيب آ ڪاري،
    ڪو نه پنهنجي لکيل هئي ميندي.

    آنءُ ويران ٿي ويو آهيان،
    ڀاڳ منهنجو سڙيل هئي ميندي.

    تون مٿي کي هڻي پوءِ پهتي آن،
    منهنجي ڏاڙهيءَ پيل هئي ميندي.


    اکين منجهه خوابن کي پوکيان پيو.

    اکين منجهه خوابن کي پوکيان پيو.
    ڪلر ۾ گلابن کي پوکيان پيو.

    پرين تنهنجي رنجش جي جهرجهنگ ۾،
    مان ٻن ٽن جوابن کي پوکيان پيو.

    نئين سر سوالن جي پٿراوَ ۾،
    مان نازڪ جوابن کي پوکيان پيو.

    هجي علم جي روشني ذهن ۾،
    مسلسل ڪتابن کي پوکيان پيو.

    اڃا بي وفا سان ڪري پيار مان،
    اڻاگهن عذابن کي پوکيان پيو.

    گناهن جي گپَ ۾ ته شهمير مان،
    ڪري وس ثوابن کي پوکيان پيو.


    لڙڪن جو وسڪار حياتي ٻوڙي ويو.

    لڙڪن جو وسڪار حياتي ٻوڙي ويو.
    تنهنجو هڪ انڪار حياتي ٻوڙي ويو.

    ڪنهن کي پيار لڳايا گل ڦل باغ بڻيو،
    منهنجي قسمت، پيار حياتي ٻوڙي ويو.

    ڪاري رات ڪُنن سان جهيڙو عشق ڪيو،
    سهڻيءَ جي ميهار حياتي ٻوڙي ويو.

    ڪوڙو هو الزام ۽ ڪوڙو جرڳو هو،
    وينگس جي سردار حياتي ٻوڙي ويو.

    آخر تائين خوب تجسس حاوي هو،
    ناول جو ڪردار حياتي ٻوڙي ويو.


    رنج پوڙهو پيو ٿو سڪي اس تي.

    رنج پوڙهو پيو ٿو سڪي اس تي.
    درد ٻوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    پاڻ آهيون پرين پيار جي ڇانوَ ۾،
    پاڙُو اوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    هر ڪو جايون ڏئي ٿو مٺي کي مٺا،
    ماڻهو ڪوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    ناکئو ڪو هجي جو سفر تي هلي،
    ڀڪ تي ٻيڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    آ مُهڙ ۾ مُهڙ خوب پاڻي کنيو،
    آخري ڇيڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    لوڪ ديوار جيڪا ڪڍي وصل ۾،
    سو ٻنوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    منهنجي من ۾ جڏهن کان خوشي آئي آ،
    غم جو کوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.

    سج! ڪرڻا سمورا سنڀالي ڇٽج،
    هُن جو جوڙو پيو ٿو سڪي اس تي.


    تهذيبي ٽڪراءَ جو حامي ناهيان مان.

    تهذيبي ٽڪراءَ جو حامي ناهيان مان.
    شيشي تي پٿراءَ جو حامي ناهيان مان.

    سرحد جي حد تي ٿو پوکيان پيار پيو،
    بارودي ڦهلاءَ جو حامي ناهيان مان.

    سهڻي سمجهي ٻوڙي جيڪو سنڌ اڃا،
    اهڙي پوءِ درياءَ جو حامي ناهيان مان.

    سچ چوڻ تان چڙي وجهو ڀل گهاڻي ۾،
    هرگز ڪنهن انياءَ جو حامي ناهيان مان.

    خوشيون پنهنجي لاءِ سنڀالي ۽ ٻئي کي،
    ڏک ڏيندڙ فقراءَ جو حامي ناهيان مان.

    دل سان چاهڻ وارا دل سان پيار به ڪر،
    مصنوعي پرچاءَ جو حامي ناهيان مان.


    تنهنجي نيڻن جي راهه ۾ آهيان.

    تنهنجي نيڻن جي راهه ۾ آهيان.
    دل جي منزل جي چاهه ۾ آهيان.

    دل گھڙو مان ڪري گھڙِيو آهيان،
    سونهن تنهنجي درياهه ۾ آهيان.

    عشق جي مون اچي چمي چائٺ،
    ڪو نه هاڻي گناهه ۾ آهيان.

    هن پسايو قلندري جلوو،
    مست هن جي نگاهه ۾ آهيان.

    شل ائين خوش زمانو ٿي سارو،
    خوش جيئن آنءُ ٺاهه ۾ آهيان.

    زندگي موت جو هيو پاڇو،
    سچ پڇيو مان گواهه ۾ آهيان.


    ٽيڪ ڀتِ کي ڏئي هو سوچي ٿو.

    ٽيڪ ڀتِ کي ڏئي هو سوچي ٿو.
    موڪلائي نه وئي هو سوچي ٿو.

    پاڻ نازڪ مگر ڇا! دل هن جي،
    پنڊ پاهڻ هئي هو سوچي ٿو.

    پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي هن جي لئه،
    مون چريائي ڪئي هو سوچي ٿو.

    اڳ وڃڻ کان گلاس ۾ جيڪر،
    وهه وڃي ها ڏئي هو سوچي ٿو.

    پيار منهنجو اڇو ۽ اجرو هو،
    ڪنهن وڌي آ، رئي هو سوچي ٿو.

    شعر لکندو ائين ئي هو شهمير،
    هاڻ ڪيڏو، ائِي هو سوچي ٿو!


    هوءَ ڇوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    هوءَ ڇوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.
    لڙڪ زوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    مان سڄو ڏينهن بيهي ڪيان انتظار،
    جيڪا موري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    خواب چيڀاٽجي ٿا وڃن جيڪڏهن،
    ڳالهه ڳوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    لڙڪ نڻين کي هر دم ڪَتن ٿا پيا،
    ياد ڪوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    ننڊ اسٽور تان آنءُ آڻي رکان،
    جاڳ چوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    هوش منهنجو جڏهن هوش ۾ ٿو اچي،
    کيپ گوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.

    پيار سان ڏئي مِٺي هو وسائي نه ٿي،
    باهه ڀوري اکين ۾ ڇڏي ٿي وڃي.


    تنهنجي پرچڻ کان اڳ واري تنهائي.

    تنهنجي پرچڻ کان اڳ واري تنهائي.
    تنهنجي وئي کان پوءِ وري ڀي ڪم آئي.

    تنهنجو پيار به سطحي پيار هيو پيارا،
    منهنجو عشق وٺي ويو آخر گھرائي.

    اوسيئڙي جو لمبو پاڇو ٿي ويو آ،
    جيون جي ڀي سج آندي آ پيلائي.

    تو ته اسان کي جيئڻ قابل ڪو نه ڇڏيو،
    ۽ نه وري ڪا مرڻ ۾ ڏين ٿو سولائي.

    هڪڙو خواب اڃا ڀي جيئرو رکندو آ،
    هونئن ته جيئڻ جهڙو ناهيان هرجائي.

    سڀئي تصويرون ٿيون جاڳن البم ۾،
    هڪڙي هڪڙي آههِ پرين مون اٿلائي.

    ميڊيڪل اسٽور تان ننڊ خريديم پرَ،
    ساري رات گھڙي به نه هڪڙي ننڊ آئي.


    آخري پنو


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 690
    ڪتابن جو مشاهدو: 917566
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310950
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ