ڪتاب جو نالو: گگن گونگو ٻڌائي ڇا
مصنف: غلام نبي گل
ڇپائيندڙ: وجاهت پبليڪيشن لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 10 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 509 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 177 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر غلام نبي گل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. غلام نبي گل ڪيئي ورهه پاڻ ۾ پيهي شاعريءَ سان نينهن نڀايو آهي ۽ غزل جهڙي روايت پسند صنف مان اُهو ڪم ورتو آهي، جيڪو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. غلام نبي گل زندگي جي سفاڪ حقيقتن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڏسي ٿو پنهنجي تخليقي شعور جو برملا اظهار ٿو ڪري ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي ستم ظريفي ۽ نڪمي پڻ کي وائکو ٿو ڪري. هُو لمحي ۾ جيئڻ وارو شاعر آهي. غافل ناهي وقت جي جبر کان، زندگيءَ جي لطافتن ۽ حسناڪين کان.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌسلامت پاران
  • اداري پاران
  • مهاڳ: آ سفر جي نظر مسافر ۾
  • پنهنجي پاران
  • چنڊ ايڪهين جو ائين اڌ گول جان.
  • جا سزا سَهڻي نه، سَهڻي ٿي پوي.
  • هر ڪوئي واقعو جاءِ پنهنجيءَ تي آ.
  • ياد وسري ويل نه ساري ٿي.
  • ڪم نه ٿا ڪن حواس پنج هاڻي.
  • جڏهن کان تو مون کان ڇنو آ تعلق.
  • نه ڪا دولت نه ڪا دنيا ٿو ڳوليان!
  • هجي گهر ۾ کٽراڳ حالت ڏکي.
  • ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آ.
  • صنم آ، يا خدا آهي،
  • رقص ۾ هر وقت هوندو آجنون.
  • ڏٺو اڪثر اکين تنهنجن ۾ الڪو.
  • ڪنهن کي سڌ ناهي پنهنجي سورن جي.
  • لا علاج آ لڳي ڪا بيماري،
  • تو به ڳالهايو، مان به ڳالهايان.
  • قرب آ دل ۾ کنيو ڪَرُ.
  • سچائي ڪچائي اکر هڪ جو ڦيرو،
  • دل جي دروازي تي دستڪ پيار جي.
  • شعور کان ڪجهه مواد ورتو.
  • هي گلشن دل جو اجڙيو آهه اهڙو.
  • هو به ايڏو ئي ضدي آ.
  • دنيا جي نقشي کي کولي.
  • گفتگو مان تنهنجو ڀرجي ويو آ من.
  • ڏٺو ناهي اهو ارمان آهي.
  • ڪلهن تي آ جنازو چاهتن جو.
  • اک ۾ ان جي ڪي مئڪدا آهن.
  • نه ٿو اچين تون گھٽي آ پڇندي.
  • اڃا به جاڳن ٿا جيءَ ۾ جذبا.
  • مسافر کي سفر صحرا سجهي ٿو.
  • پيار سان ڀرپور اکيون.
  • جيت به ٿيندي هار به ٿيندي.
  • نظر ڪنهن کي ٿي ڳولي ڇا خبر آ!
  • آ ڦاٿو ذهن اکرن ۾.
  • بعد مدت هُو آيو آ گهر ۾.
  • بي نيازي نياز وارن سان.
  • ڪو تعفو ڏيان، سوکڙي ڪا ڏيان،
  • غلط رستي وٺي نه هل مون کي.
  • هجي شر کان محفوظ گهرجاءِ گهرجي.
  • نوان لفظ، قافيا ڪٿان آڻجن،
  • خدا کي خط کڻي لکجي،
  • من موهه ڏي مائل آ.
  • وڇوڙي جو ويلو اچي ٿو وري.
  • سک ۽ دک سان گاڏڙ زندگي آ.
  • ڳالهه آ تو سان ڪرڻي خلاصي.
  • تو ته ڇني ڇڏيو رشتو آ.
  • رام تنهنجي راڄڌاني.
  • تو ڇو اوندهه ۾ آهه اڇلايو.
  • آئينو روبرو رکجي.
  • ڇڪ ڇڪان ۾ زندگي گذري وئي.
  • حسن جي ڪرڻي آهه رکوالي.
  • ٿا چمڪن چنڊ ۽ تارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!
  • نظر ڪائي ابتي نهاري ٿي دل ۾.
  • ايمان وسري ٿو وڃي.
  • چتيون چتيون چهرو لڳو، پر خواب ۾.
  • ڪشمڪش ۾ زندگي آ.
  • وٿي وچ ۾ جيڪا پئجي وئي آ.
  • ٿيو آ وقت ايندو ناهه مون وٽ.
  • جا مِس ڪال آئي سا بي نام آئي.
  • جهلي بک نه جهولي ڪا خيرات جي آ.
  • عجيب ڳالهين جو سلسلو آ.
  • نظر کان آخر پڇا آ ڇا جي!
  • رفاقت جي سفر ۾ آهيان مان.
  • لڳي بازار نيلامي.
  • صديون سياست پراڻي راند آهي.
  • تير تاڻيل آ نظر جو مون طرف.
  • شرميلي شاهه آهي.
  • رشتن کي جو ڪٽي ٿو.
  • وقت کان هر حساب وٺڻو آ.
  • اڌورو حوصلو ڪهڙي آ ڪم جو.
  • هي ڌرتي اڄ ڇو لهُو لهان آ.
  • رنگ هڪ ۾ زندگي گهاري رڳو.
  • ٽن اچارن جو هي جيون لفظ آ.
  • بنان سبب جي ڇني تو سنگت.
  • مون سان گڏ رات جي ڀي ننڊ ڦٽي وئي.
  • بي قيمت آ اهو گل جو.
  • بهارو سمهي پئو نظارو سمهي پئو.
  • نظر تو مون طرف موڙي.
  • تنهنجي ڪا ياد، ياد ايندي آ.
  • سمنڊ جون لهرون اٿن ٿيون.
  • صحيفا آسمانن تان اتاريل.
  • سٺي سوچ رکندڙ آ ثابت دماغي.
  • درد دل ۾ آ گهر ڪري ويٺو،
  • غمگين رُت جو آ قسم.
  • جانِ هڪڙي لاءِ ٿو روئين پيو.
  • بارش جي هلڪي ڪڻ ڪڻ آ.
  • دل ۾ ڪنهن جي آمد ٿي آ.
  • برف جهڙو آ ٿڌو تنهنجو بدن.
  • سچ جي رستي ۾ ڀِت ٿيندي نه آ.
  • اجايو سجايو به ٿيندي ڏٺو آ.
  • ڀاڳ منهنجو نرڙ تنهنجي تي لکيل.
  • دوستيءَ ۾ اجنبيت بي دلي.
  • مان اتي آهيان جتي تون وئين ڇڏي.
  • حوصلا اڌما گھٽي ماري نه ڇڏ.
  • هڪ دفعو ثاني نظر ڪردار تي.
  • ايترو ئي بس ٻڌاءِ في الحال تون.
  • کڻي وڃ تون پنهنجا سڀئي خط کڻي وڃ.
  • ارادو هو سويري ئي سمهڻ جو.
  • نظارو ڪجهه ته نظرن کان گهري ٿو.
  • نه ڪا ياد آهي نه ڪو درد آهي.
  • ڇني تون وئين دوست ناتو پراڻو.

  • ڪتاب بابت

    © وجاهت پبليڪيشن، لاڙڪاڻو- 1320ع
    ڪتاب: گگن گونگو ٻڌائي ڇا
    ليکڪ: غلام نبي گل
    موضوع: شاعري
    پهريون ڇاپو: 2013
    ڪمپوزنگ: شهمير سومرو
    ڇپائيندڙ: وجاهت پبليڪيشن، لاڙڪاڻو
    قيمت: 150 رپيا

    اسٽاڪسٽ:
    * مهراڻ ڪتاب گهر، ويجھو گھنٽي ڦاٽڪ، لاڙڪاڻو * رابيل ڪتاب گھر، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو * انٽيل ڪـميونيڪيشنز، حيدرآباد * سنڌيڪا بوڪ شاپ، حيدر چوڪ،حيدرآباد * سنڌ بڪ ڪلب، مريم روڊ، نواب شاهه * الفقراء ڪتاب گھـر، سانگھـڙ * فرخ ڪتاب گهر سکر * نويد سراج بڪ اسٽور،قنبر * ڪامريڊ بڪ اسٽال، ڄامشورو.
    رابطي لاءِ:

    Book Name: GAGAN GONGO BUDHAI CHA (Poetry)
    Written by: GHULAM NABI GUL
    1st Edition: 2013
    Composing: SHAHMIR SOOMRO
    Published by: Wajaht Publication, Larkano
    150Price/copy: Rs.


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر غلام نبي گل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

    غلام نبي گل ڪيئي ورهه پاڻ ۾ پيهي شاعريءَ سان نينهن نڀايو آهي ۽ غزل جهڙي روايت پسند صنف مان اُهو ڪم ورتو آهي، جيڪو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو. غلام نبي گل زندگي جي سفاڪ حقيقتن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڏسي ٿو پنهنجي تخليقي شعور جو برملا اظهار ٿو ڪري ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي ستم ظريفي ۽ نڪمي پڻ کي وائکو ٿو ڪري. هُو لمحي ۾ جيئڻ وارو شاعر آهي. غافل ناهي وقت جي جبر کان، زندگيءَ جي لطافتن ۽ حسناڪين کان.

    هي ڪتاب وجاهت پبليڪيشن، لاڙڪاڻو پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري شهمير سومري جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    محترم غلام نبي گل جو ”گگن گونگو ٻڌائي ڇا“ ويهون ڪتاب آهي. گگن گونگو ٻڌائي نه ٿو مگر اوهان پڙهندڙ، پڙهي پنهنجي راءِ ڏيندا ته اوهان کي ڪيئن لڳو. راءِ ۾ ڪا به رعايت، ۽ روايت نه هجي. اوهان جي اهڙي راءِ ليکڪ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ آهي. اميد آهي ته محترم غلام نبي گل جي ٻين ڪتابن وانگر هن ڪتاب کي به پڙهندڙن کان پذيرائي ملندي، اوهان جي راءِ جو منتظر.

    وجاهت ٻرڙو


    مهاڳ: آ سفر جي نظر مسافر ۾

    دنيا جي عظيم ڪهاڻيڪار ڪافڪا جو هم وطن رائٽر ماريارلڪي هڪ اهڙو شاعر هو جنهن جي شاعريءَ ۾ معاشرتي ڪرب ۽ جبر جو شديد احساس ملي ٿو. هُن پنهنجي هڪ خط ۾ ڪنهن نو آموز شاعر کي لکيو هو ”ڪوئي توهان کي صحيح صلاح نه ٿو ڏئي سگهي، ڪوئي توهان جي مدد نه ٿو ڪري سگهي، صرف هڪ رستو آهي، پاڻ ۾ پيهي پنهنجي اندر سان روح رهاڻ ڪريو. اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڪهڙي شيءِ توهان کي لکڻ لاءِ اتساهي ٿي، اهو ڄاڻو ته ڪنهن احساس توهان جي اندر ۾ پنهنجون جڙون پکيڙي ڇڏيون آهن يا نه.
    توهان ايمانداري سان پاڻ کان سوال ڪريو ته جيڪڏهن توهان کي اُهو سڀ ڪجهه لکڻ نه ڏنو وڃي ها ته توهان ائين ئي زندهه رهو ها؟
    ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته رات جي خاموش ترين لمحن ۾ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪيو ته ڇا منهنجي لاءِ لکڻ ناگزير آهي.
    سنجيده جواب جي لاءِ پنهنجي دل جي گهرائين ۾ لهي وڃو ۽ جيڪڏهن جواب هاڪار ۾ هجي ته مون کي لکڻ گهرجي. پوءِ توهان جي زندگيءَ جي معمولي ۽ غير اهم لمحن ۾ به ان ضرورت جو عڪس هجي. سڀ کان پهريان انسان جيان هي چوڻ جي ڪوشش ڪريو ته ڇا ڏٺم، ڇا محسوس ڪيم، ڇا چاهيم ۽ ڇا وڃايم“
    ائين سوچڻ پنهنجي اندر تخليق جو ٻج ڦٽندي محسوس ڪرڻ آهي. اِهو ئي زندگيءَ جو نزديڪ تر احساس آهي. اِها ئي شاعري آهي. شاعري زندگي جو سهارو آهي.
    جيڪڏهن ڳالهه شاعريءَ جي آهي ته ان کان وڌيڪ ڇا ٿو چئي سگهجي غلام نبي گل ڪيئي ورهه پاڻ ۾ پيهي شاعريءَ سان نينهن نڀايو آهي ۽ غزل جهڙي روايت پسند صنف مان اُهو ڪم ورتو آهي، جيڪو اسان جي ادبي تاريخ ۾ وڏي عرصي تائين ياد رکيو ويندو.
    محدود شعري لسانيات کان مانوس اسان جو ادبي ماحول زندگيءَ جي گونا گونيت، رنگيني ۽ هم عصر معاشرتي، معاشي ۽ نفسياتي عوامل سان پنهنجي شعر ذريعي مُنهان مُنهن ٿيڻ يا زندگيءَ کي حقيقت پسنديءَ جي اک سان ڏسڻ بدران جناتي قسم جي خيال آرائي، تُڪ بندي ۽ بي روح شعرن جي ڀر مار تي انحصار وڌيڪ ٿو ڪري. ان جي بر عڪس غلام نبي گل جديد سنڌي شاعري جو(Ground Breaking) شاعر آهي. هن فارسي آميز تغزل کان اڳتي نڪري جديد لب و لهجي ۾ نهايت درد منديءَ سان غزل جي (Craftness) ٿو ڪري.
    نگاهن مان ڪيئي ويا رنگ گذري،
    ڏٺو تو ڏي رڳو گل، پل هڪڙو.

    پنهنجي هن زندگيءَ کي ڇا ڪريان،
    پاڻ سڌري نه ئي سڌاري ٿي.

    ڪلاسيڪي غزل جي شعريات جن تصورن تي قائم آهي، سي هينئر به غزل سان گڏوگڏ هلن ٿا. ٿلهي ليکي انهن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي هڪ جي نوعيت علمياتي (Epistemological) آهي، ”يعني ڪنهن شعر مان اسان کي حاصل ڇا ٿو ٿئي“ ۽ ٻئي جي نوعيت وجودياتي (Ontological) آهي. ”يعني شعر جو وجود بحر وزن يا قافيي وغيره تي قائم هجڻ“.
    غلام نبي جي هنن غزلن ۾ ڪلاسيڪي شعريات، غزل جي ڀرپور ماحول ۽ منفرد اسلوب سان سامهون اچي ٿي. هِن جي شعرن ۾ شاعريءَ جي مروج اظهار جو تصنع نه آهي.
    وطن پنهنجي کان بي وطن ڪيئن ٿجي،
    هجر کان سوين بار هجرت ڏکي.

    هونئن بظاهر ڪنهن به ڳالهايو نه پئي،
    چپ چپ گل هئي لڳي چؤ ٻول جان.

    ٿي ويا ڌار دور هڪ هڪ ٿي،
    سڪ هاڻي لڳي سمورن جي.

    سيڪ آيو نه پاڙيوارن کي،
    منهنجي اندر آ آڳ کورن جي.

    هڪ شاعر جي لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنهن دؤر ۾ هُو جيئي پيو ان دؤر جي سياسي ۽ سماجي، معاشي ۽ معاشرتي لاڙن جو ادراڪ رکي.
    غلام نبي گل زندگي جي سفاڪ حقيقتن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڏسي ٿو پنهنجي تخليقي شعور جو برملا اظهار ٿو ڪري ۽ پنهنجي دؤر جي سياسي ستم ظريفي ۽ نڪمي پڻ کي وائکو ٿو ڪري.
    مليو ڪپڙو نه روٽي ۽ نه ڪوگهر،
    سوين ڀيرا ٿيو اعلان آهي.

    هُو لمحي ۾ جيئڻ وارو شاعر آهي. غافل ناهي وقت جي جبر کان، زندگيءَ جي لطافتن ۽ حسناڪين کان.
    عُمر جي جنهن حصي ۾ هو آهي ان ۾ ڪوئي به فرد وقت جا کڻايل بَار پنهنجي مٿي تان لاهي واپس وقت کي موٽائي ڏيڻ لاءِ تيار هوندو.
    موجوده حالت ۾ اڄ اسان زندگيءَ جي هر شعبي ۾ زوال آماده آهيون غلام نبي گل وٽ اِن زوال جو سفاڪانه ادراڪ آهي، هُو معاشرتي بگاڙ ۽ منافقانه طرزِ زندگيءَ ڏانهن مائل ماڻهن کي هڪ درد مند دل سان ڏسي ٿو ۽ هلڪي حزنيه انداز ۾ سماجي حقيقت پسنديءَ جو تخليقي جهان جوڙي ٿو.
    چنڊ ايڪهين جو ائين اڌ گول جان.
    تنهنجي اڻ پوري ڪيل ڪنهن قول جان.

    ڇو اڃا تيار ئي ٿيو ناهي،
    آ سفر جي نظر مسافر ۾.

    خدا کي خط کڻي لکجي،
    مگر ڪنهن کان پتو پڇجي.

    هيءَ زندگيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ شاعري آهي. وقت جي سفاڪين ۽ رعنائين سان متعارف ڪرائيندڙ شاعري آهي. جنهن جي تخليقي تازگي پڙهندڙ جي دل ڇُهي وٺي ٿي، پنهنجي بيساختگيءَ ۽ درد منديءَ سميت.
    پيار سان ڀرپور اکيون.
    مڌ ۾ مخمور اکيون.

    اکين مان ٿي من ۾ اتريون،
    من ڪيون منظور اکيون.
    يا
    وجود جي ڪرب سميت،
    تو ڇو اوندهه ۾ آهه اڇلايو.
    منهنجو مون کان جدا ڪيو سايو.

    احمد آزاد


    پنهنجي پاران

    رهڻ گمنام ٿو چاهي،
    ائين چاهي ٿو مشهوري.

    هي شعر مان ائين ئي لکيو هو، ڪنهن خاص، عام ڏانهن اشارتن ڪو نه لکيو هو، مون کي اها خبر نه هئي ته وقت گذرڻ سان اڳتي هلي هي شعر منهنجي زندگيءَ جي عڪاسي ڪندو، هي شعر منهنجي شاعريءَ جي ڪتاب ”آئينو چپ آ“ ۾ آهي. ”آئينو چپ آ“ 1995 ۾ ڇپيو هو، ان وقت تائين مان ادبي سنگت سان ڳانڍاپيل هيس.
    وقت ڪنهن جو انتظار نه ڪندو آهي، نه ئي وقت جو ڪو ڀروسو آهي ته ڪنهن جو وقت پاسو ٿو ورائي. ان ئي سال حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو، منهنجو ادبي سنگت سان ڳانڍاپيل رشتو ٽٽي ويو ڪنهن به ادبي سنگت جي گڏجاڻي، ميٽنگ ۾ شرڪت کان پاسيرو رهيس، ان جا ڪي اڻ ٽر سبب پيدا ٿي پيا، ڪجهه صحت صحتمند نه رهي، ڪجهه يارن جا روّيا، ٻه اکيائي، حلقا بندي، اڻ سهندي، خواهشن کي خبرن طور استعمال ڪرڻ، پنهنجي ادبي قد ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ ٻئي جي قد ڪاٺ کي بونو سمجهڻ، مان پاڻ کي انهن رعايتن، روايتن سان سهمت ڪري نه سگهيس، ائين سمجهو ته مان اڻ سڌي طرح گمنامي اختيار ڪئي، اردو جي هن مصرع وانگر ”بدنام جو هوگي تو ڪيا نام نه هوگا“ مان ائين چئي گمنام جو هوگي تو ڪيا نام نه هوگا پاڻ کي مطمئن ڪري ڇڏيو، گمناميءَ ۾ لکڻ جي رفتار اڳي کان وڌي وئي. 1995 تائين شاعري جا ٽي ڪتاب منظر عام تي آيا هئا، 2010 تائين ڪتابن جو انگ عدد ارڙهن ”18“ تائين پهتو ان ۾ نه رڳو شاعري، ڪهاڻيون، ناول هڪ اردوء ۾ شاعري جو ڪتاب ٻيو اردوء ۾ ناول شامل هئا.
    منهنجن ڪتابن کي منهنجي سوچ کان وڌيڪ پزيرائي ملي. گمناميءَ مون کي ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين مشهور ۽ معتبر ڪري ڇڏيو. ڪراچي اڪيڊمي آف ليٽرس کان مڃتا ايوارڊ ”شيلڊ“ مليو.
    محبت ٻرڙو اڪيڊمي قنبر کان شيلڊ ۽ لاڙڪاڻي ”سنڌو“ ايوارڊ سان نوازيو. ان کان علاوه لاهور کان ياسر جواد صاحب جو موبائيل تي مئسيج آيو ته پنهنجي زندگيءَ جو مختصر خاڪو، تخليقي سفر جو ترتيب وار احوال موڪليو، جيئن اوهان جو ذڪر ۽ نالو انسائيڪلوپيڊيا ۾ شامل هجي، اسلام آباد اڪيڊمي ادبيات طرفان ”خبر نامه ميگزين“ اچڻ شروع ٿي ويو. اسلام آباد کان ئي محترم طارق منظور طارق طرفان ليٽر آيو ته پنهنجا ڪجهه ڪتاب اردو سنڌي موڪلي ڏيو. سنڌ ثقافت کاتي کان ليتر آيو، ته پنهنجن ڪتابن جون ڪجهه ڪاپيون 20 سيڪڙو رعايت سان سنڌ جي سڀني لئبررين کي موڪلي ڏيو، مون کي گمنامي ڪٿي جو ڪٿي پهچائي ڇڏيو. مضمون جي عنواني شعر جي موٽ ۾ مون هي شعر لکيو،
    پاڻ گمنام ٿو رهي، ليڪن،
    گيت ان جا ڪٿي ڪٿي پهتا.

    هن وقت شاعري جا ٻه ڪتاب ڪمپوزنگ جي مرحلي مان گذري رهيا آهن، ڪتابن جو انگ ويهه ٿي ويندو.لکڻ جاري آهي بند ناهي ٿيو منهنجي هن شعر وانگر،

    اڃا هِي ذهن اونداهو نه ٿيو آ،
    اڃا گل ڏات جو ڏيئو ٻري ٿو.

    ڪراچي اڪيڊمي آف ليٽرس، اسلام آباد اڪيڊمي آف ليٽرس کان علاوه انڊيا تائين منهنجن ڪتابن کي پزيرائي ملي.
    انڊيا جي شاعر واسديو موهي جو تبصرو انڊيا جي ڪونج مئگزين ۾ شايع ٿيو، هتان جي شاعر رکيل مورائي منهنجن غزلن تي مضمون لکيو جيڪو ڪونج مئگزين ۾ ڇپيو، انڊيا جي شاعر موتي رام کي منهنجو لکيل خط ڪونج مئگزين ۾ شايع ٿيو.
    عمر جون اسي ”80“ بهارون، خزائون ڏسي چڪو آهيان ، ايڪاسيءَ ۾ هلان ٿو.
    ڪجهه وقت کان ڪا الجهن، ڪا اڻ پوري آس، اڌورو پن، وڃايل وجود زندگيءَ کي اٿلائي پٿلائي ٿو ڇڏي، محسوس ڪيان ٿو، مگر سمجهي نه ٿو سگهان ته ائين ڇو آهي؟.
    اهڙي وقت، اهڙي حالت ۾ محترم عابد ڪاظمي جو اردو آزاد نظم گنگنائيندو آهيان، ائين لڳندو آهي ته محترم عابد ڪاظمي منهنجي اندر ۾ جهاتي پائي لکيو آهي.
    نظم جو عنوان آهي.

    جستجو
    خالي گهر ڪي دروازي پر
    اب بهي دستڪ بجتي هي
    ڪبهي طاق وا نهين هوئي
    ڪوئي آهٽ بڙهي نهين
    ڪوئي آواز اڻهي نهين
    ڪوئي چهره کهلا نهين
    پهر وه بوڙها شخص
    ڪس سي ملني جاتا هي؟


    غلام نبي گل
    لطيف ڪالوني رحمت پور لاڙڪاڻو.
    موبائيل نمبر.033442785191


    چنڊ ايڪهين جو ائين اڌ گول جان.

    چنڊ ايڪهين جو ائين اڌ گول جان.
    تنهنجي اڻ پوري ڪيل ڪنهن قول جان.

    مول ڪنهن جو ڪيترو ڀي ڪٿ کڻي،
    دوست! ڪوئي ڀي نه آ انمول جان.

    تنهنجي چاهت هئي اميرن جو انگل،
    منهنجو من غربت جي ڦاٽل جهول جان.

    سر ڏيڻ وارو هوندو ڪو راءِ ڏياچ،
    ٻول ٻولي ڪوئي ٻيجل ٻول جان.

    ديد وئي محروم رهجي ديد کان،
    خالي خالي قيس جي ڪشڪول جان.

    هونئن بظاهر ڪنهن به ڳالهايو نه پئي،
    چپ چپ گل هئي لڳي چؤ ٻول جان.


    جا سزا سَهڻي نه، سَهڻي ٿي پوي.

    جا سزا سَهڻي نه، سَهڻي ٿي پوي.
    درد جي دل ڀي ته رکڻي ٿي پوي.

    زندگيءَ جي اصليت محسوس ٿئي،
    ڪجهه اداڪاري به ڪرڻي ٿي پوي.

    ڏينهن وٺندو روپ آ ڪيئن رات جو،
    وقت کي پوشاڪ مٽڻي ٿي پوي.

    موڙ ڳالهين ۾ اچي اهڙو ويو،
    ڳالهه وسريل ياد ڪرڻي ٿي پوي.

    راهه هُو ڪهڙي اچي، ڪهڙي خبر!
    چونڪ تي هر راهه ڏسڻي ٿي پوي.

    ضد ۾ ڪا راءِ آئي آ جڏهن،
    آخر ان جي راءِ مڃڻي ٿي پوي.

    دل کي گل دولاب ۾ رکڻونه آ،
    اکين جي عادت به مٽڻي ٿي پوي.


    هر ڪوئي واقعو جاءِ پنهنجيءَ تي آ.

    هر ڪوئي واقعو جاءِ پنهنجيءَ تي آ.
    ڪوئي ڪرسي تي آ، ڪوئي ڦاسيءَ تي آ.

    ويجهڙائي ٿا چاهن، يا دوري گهرن،
    فاصلو، فيصلو ٻن جي مرضيءَ تي آ.

    تون اچين ٿو اها ڄاڻ پئي اٿس،
    من ٿو اڇلون ڏئي موج مستيءَ تي آ.

    چنڊ تائين ٿو پهچڻ جي ڪوشش ڪري،
    آدميءَ جو اڃا پير ڌرتيءَ تي آ.

    وارَ جو وارَ سان آ ڏيڻو جواب،
    ڏوهه ڏيڻو نه ٿيڻي، يا ٿيڻيءَ تي آ.

    سوچي ٿو ۽ نه سمجهي ٿو انسان گل!
    حال جي ساري غفلت ڇو ماضيءَ تي آ!!


    ياد وسري ويل نه ساري ٿي.

    ياد وسري ويل نه ساري ٿي.
    خود کي ويسر به ڄڻ وساري ٿي.

    پنهنجي هن زندگيءَ کي ڇا ڪريان!
    پاڻ سڌري، نه ئي سڌاري ٿي.

    دوستي ٿي لڳي ڏکي ڏاڍي،
    ٿي ڌتاري ۽ پوء ڌڪاري ٿي.

    فرق پئجي ويو رفاقت ۾،
    بد مزاجيءَ جي مار ماري ٿي..

    سک جو ساٿ چند گهڙين جو،
    درد کي دل وري پڪاري ٿي.

    ڳالهه هن ڪئي عجيب لهجي ۾،
    ريءَ جواني، جواني گهاري ٿي.

    پڪ سکي! ان ۾ ايندو وڻجارو،
    ڏس هوءَ ڪشتي لنگر اتاري ٿي.

    ساڻ خوشبوءِ خواب ۽ مرڪون،
    گل نظر نينهن جي نهاري ٿي.


    ڪم نه ٿا ڪن حواس پنج هاڻي.

    ڪم نه ٿا ڪن حواس پنج هاڻي.
    مان ڇهين حِس حوالي هنج هاڻي.

    ڪوئي ورثو نه ڪائي ملڪيت آ،
    وِيهه آهن ڪتاب گنج هاڻي.

    سڀ کي راضي رکڻ ته مشڪل آ،
    رهجي ويا ڪيترن جا رنج هاڻي.

    تيز گهوڙي جان ڊوڙي ڪاغذ تي،
    سون جهڙا قلم کي سنج هاڻي.

    هاءِ ڪورٽ نه آ ادب جي ڪا،
    نه ئي انصاف وارا جج هاڻي.

    ڏوهه تنهنجا اڃا لٿا ناهن،
    سَوَ جي لڳ ڀڳ ڪيا ٿي حج هاڻي.

    آئيني گل ڇڏيو آ منهن موڙي،
    ڪيئن ڏسي منهن ۾ پيل گهنج هاڻي.


    جڏهن کان تو مون کان ڇنو آ تعلق.

    جڏهن کان تو مون کان ڇنو آ تعلق.
    تڌهن کان رهان ٿو هوا ۾ معلق.

    اڳيان تنهنجي ڪمزور آ پيار منهنجو،
    ڇڪي ٿو وٺي لوهه کي چاهه چڪمق.

    چرين ۽ سياڻن جو ساڳيو تناسب،
    جئين تو ۽ مون ۾ ڪو هڪڙو آ احمق.

    ٻڌايو سوال ان جو ڪنهن وٽ جواب آ،
    ڪڏهن حق واري کي پنهنجو مليو حق!

    سڄي ترقي مغرب جي حصي ۾ آئي،
    اڃا تائين ترقي پذير آهي مشرق.

    قيامت کان اڳ گل قيامت جا قصا،
    قصو ليلا مجنون، قصو عذرا وامق.


    نه ڪا دولت نه ڪا دنيا ٿو ڳوليان!

    نه ڪا دولت نه ڪا دنيا ٿو ڳوليان!
    خبر مون کي به ناهي ڇا ٿو ڳوليان!

    اڃا محفوظ آ منهنجن اکين ۾،
    پراڻي سپني جي ساڀيا ٿو ڳوليان.

    اونداهي دل کي ها روشن ڪري ويا،
    اهي چنڊ ۽ اهي تارا ٿو ڳوليان.

    مون کي پهچايو هو جن منزلن تي،
    شهر ۾ گم ٿيل رستا ٿو ڳوليان.

    سياري ۾ ڪناري سان هو وهندو،
    اونهاري ۾ اهو دريا ٿو ڳوليان.

    نه تنهائي نه محفل ۾ ملي ٿو،
    مان پنهنجو پاڻ کي تنها ٿو ڳوليان.

    چون ٿا خواب ڪو هوندو سچو آ،
    چمن ۾ گل اهو صحرا ٿو ڳوليان.


    هجي گهر ۾ کٽراڳ حالت ڏکي.

    هجي گهر ۾ کٽراڳ حالت ڏکي.
    ته پوءِ ناهه ان کان مسافت ڏکي.

    وطن پنهنجي کان بي وطن ڪيئن ٿجي،
    هجر کان سوين بار هجرت ڏکي.

    اڳياڙي مزي ۾ ٿي گذري وڃي،
    پڇاڙي نباهڻ محبت ڏکي.

    نه لاهي سگهان ۽ نه ڳائي سگهان،
    اها تنهنجي مون تي عنايت ڏکي.

    نه ناموس جهڙو مون ڪم آ ڪيو،
    حڪايت کان هونئن ڀي حقيقت ڏکي.

    بظاهر ته انسان، انسان آ،
    مگر ان جي سمجهڻ آ فطرت ڏکي.

    الائي ڇو گل آ ڳنڍيو پاڻ سان!
    اها ان جي نالي سان نسبت ڏکي.


    ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آ.

    ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آ.
    ڪجهه ڄاڻ ٿي رهي آ.

    منظر ۾ ۽ نظر ۾،
    ڇڪتاڻ ٿي رهي آ.

    خود کان هي بي خيالي،
    ڇاڪاڻ ٿي رهي آ.

    ڇت تي آ چنڊ، چهرو!
    چانڊاڻ ٿي رهي آ.

    هر شهر رت ۾ ڳاڙهو،
    رت ڇاڻ ٿي رهي آ.

    جيئن شام لام لاڙي،
    لالاڻ ٿي رهي آ.

    گل تنهنجي هر سخن ۾،
    سرهاڻ ٿي رهي آ.


    صنم آ، يا خدا آهي،

    صنم آ، يا خدا آهي،
    نه پڇ مون کان ته ڇا آهي.

    اڃا آ ڪيس ڪورٽ ۾،
    اڃا آڏي پڇا آهي.

    نه پٿر ٿي پٺي ڏئي وڃ،
    ڪئي لڙڪن صدا آهي.

    ٻنهي جي جاءِ هڪ دل ۾،
    وفا آ، يا جفا آهي.

    چيو جيئن تو، ڪيو تيئن مون،
    اڃا مون کان گلا آهي.

    ڏئي وئين انتظار ايڏو،
    قيامت جي سزا آهي.

    لڳي دل ۽ نه دلچسپي،
    ڪچهري تو سوا آهي.

    جا گل جي آهه خاموشي،
    سا گونگي التجا آهي.


    رقص ۾ هر وقت هوندو آجنون.

    رقص ۾ هر وقت هوندو آجنون.
    جيئن ڪندو گردش بدن ۾ آهه خون.

    شاعري، مصوري يا بت گري،
    پنهنجي آ لائين تي هر ڪو فنون.

    موج گرميءَ ۾ ته آ مشهور مئي،
    سج نيزي پاند پر لڳندو آ جون.

    پير ننگا، صحرا جي واري تتل،
    عشق جو نالو ٻيو آهي جنون.

    هيءَ اسان جي سوچ آ جاڏي وڃي،
    لفظ بهتر يا برو ناهي شگون.

    سمنڊ ساحل يا چمن يا راڳ رنگ،
    گل اتي، جاتي ملي من کي سڪون.


    ڏٺو اڪثر اکين تنهنجن ۾ الڪو.

    ڏٺو اڪثر اکين تنهنجن ۾ الڪو.
    ٻڌائين ڀي نه ٿو الڪو آ ڇا جو!

    اڀاڳي مان سڀاڳو آ ويو ٿي،
    خبر ناهي ڪٿان جو ڀاڳ ڦاٽو.

    اندر ۾ اٺ سٽا ٺاهڻ جو ماهر،
    ۽ ٻاهر ڏس ته پتلو سادگيءَ جو.

    چانڊوڪي چنڊ جي پوشاڪ آهي،
    اماوس ۾ ته چنڊ هوندو اگهاڙو.

    سبب آ، يا رکيل ڪو راز ان ۾،
    ڇو تنهنجي اڄ نه محفل ۾ هُو آيو.

    تصور ۾ رکيا تو هٿ اکين تي،
    تصور ۾ اکين هو ڇرڪ ڀريو.

    ڏسي آئيني کي حيرت وٺي وئي،
    هو تنهنجي چهري ۾ منهنجو به چهرو.

    نگاهن مان ڪيئي ويا رنگ گذري,
    ڏٺو تو ڏي رڳو گل پل هڪڙو.


    ڪنهن کي سڌ ناهي پنهنجي سورن جي.

    ڪنهن کي سڌ ناهي پنهنجي سورن جي.
    خواب رهجي ويل اڌورن جي.

    خرچ ٿي سُود ويو ثوابن ۾،
    ميڙ باقي بچي آ مُورن جي.

    ٿي ويا ڌار دور هڪ هڪ ٿي،
    سڪ هاڻي لڳي سمورن جي.

    ايترو ئي آ حق ڪارن جو،
    ڌرتي ماتا نه آهه ڀورن جي.

    سيڪ آيو نه پاڙيوارن کي،
    منهنجي اندر آ آڳ کورن جي.

    ٻيو ته ڪجهه ڀي رهيو نه گل تو وٽ،
    صرف خوشبو رهي آ پورن جي.


    لا علاج آ لڳي ڪا بيماري،

    لا علاج آ لڳي ڪا بيماري،
    مبتلا ان ۾ آ دنيا ساري.

    جوڙ توڙ جاري آ سياست جو،
    وچ ۾ ڀوڳي ٿي خلق ويچاري.

    کيل اک ٻوٽ ٿو هلي ڪوئي،
    چور جو ساڌ ڀي آ ساٿاري.

    جسم کائي ٿو خواب اکين جا،
    روح ساڀيا جي ٿو پيئي واري.

    زندگي گار آ وئي بڻجي،
    شڪ ۾ ٿي وڃي متان ڪاري.

    هر ڪو پنهنجو مفاد ٿو ماپي،
    ڇو ٻين لاءِ ڪري مٿو ماري.

    سارو مهڪيل رکيو آ گهر آڳر،
    تو سان گل جڏهن کان ٿي آ ياري.


    تو به ڳالهايو، مان به ڳالهايان.

    تو به ڳالهايو، مان به ڳالهايان.
    پنهنجو مؤقف مان تو کي سمجهايان.

    گهر کان نڪتس ته ان ڪري نڪتس،
    وقت ڪجهه دل کي ڪاٿي بهلايان.

    خوش رهي جاتي ڀي خوشي آهي،
    غم هلي آءُ تو کي ڳل لايان.

    تنهنجي فرمائش اکين تي آ مون کي،
    بي سُري سُر ۾ ڪيئن غزل ڳايان.

    ويس بدلائي مان اچان توڏي،
    پنهنجي چهري کي ڪيئن بدلايان.

    ڀونءِ مٽيءَ مان جي بڻيا بوتا،
    پاڻ کان وڌ انهن کي ٿو ڀانيان.

    جيڪي دل سان نه ٿا مڃين مون کي،
    تن کي زوري مان ڪيئن مڃرايان.

    جيڪي گل ٿا گلن کي ساراهن،
    ڇو نه تن جي سخن کي ساراهيان.


    قرب آ دل ۾ کنيو ڪَرُ.

    قرب آ دل ۾ کنيو ڪَرُ.
    ڄڻ ته ڇولي ڇولي ساگر.

    دل جو دروازو کليل آ،
    بند آ اوطاق جو در.

    مون کي اوسيئڙي ۾ ڏسندين،
    بند در کڙڪاءِ هيڪر.

    ڪنهن کي آسائش ملي آ،
    گهر ته بس نالي ۾ آ گهر.

    روز ٿو توکي وهنجاري،
    ڇا ته بخاور آ شاور.

    آ ٻين جي جر جو ڳيجهو،
    سمنڊ کي پنهنجو نه آ جر.

    گل گهڻا شاعر ويا ٿي،
    هڪڙو گل تون ناهين شاعر.


    سچائي ڪچائي اکر هڪ جو ڦيرو،

    سچائي ڪچائي اکر هڪ جو ڦيرو،
    ائين آ جئين آ سويرو اويرو.

    اهو ٻيو سبق آ ٻيو آ فهم ڪو،
    نه صابڻ سان ٿيندو صفا من ميرو.

    دليلن جي ديوار هڪ ڇا ڪري پئي،
    رهي ٿو گمانن جو چؤگرد گهيرو.

    پکي مند مسافر هت آيا ويا ڀي،
    نه پاڻي مٿي ڪنهن پکيءَ جو آ پيرو،

    آ ڪيڏو نه حرص ۽ هوس ۾ آ ڦاٿو،
    هجان مان مٿيرو اڃا ڀي مٿيرو.

    اچي ياد مون کي اهو ٿو زمانو،
    ملڻ ۾ نه ويرم هئي ۽ نه ويرو.

    جدائي جي صحرا ۾ ڀي ساٿ ساٿي،
    ڀڳو گل نه آ خواب_خوشبوءِ ڀيرو.


    دل جي دروازي تي دستڪ پيار جي.

    دل جي دروازي تي دستڪ پيار جي.
    ٿو ٻڌان سيني ۾ ڌڪ ڌڪ پيار جي.

    عشق جا ۽ حسن جا قصا سوين،
    هر قصي ۾ هوندي شِق هڪ پيار جي.

    تو گهڙي تحفي م جيڪا موڪلي،
    هر سيڪڊ ان ۾ آ ٽڪ ٽڪ پيار جي.

    پيار ماپي ماڻ کان آهي مٿي،
    تور ٿيندي آ نه ڪا تڪ پيار جي.

    واعدو ڪوڙو قسم ٿي ٿو سگهي،
    دل سان دل ڏيندي آ گل پڪ پيار جي.


    شعور کان ڪجهه مواد ورتو.

    شعور کان ڪجهه مواد ورتو.
    آ پوءِ شعرن سواد ورتو.

    قصي ۾ ڪيئي ها لفظ شامل،
    پسند جو هڪ لفظ شاد ورتو.

    سڌائي منهنجي ۽ سادگي سان،
    گهڻن آ يارن مفاد ورتو.

    جڏهن کان نامهربان تون ٿئين،
    آ دل کي بي مهر ياد ورتو.

    امن، محبت ۽ ايڪي عيوض،
    شهر آ فتنو فساد ورتو.

    حقيقي مڃتا کي داد گهرجي،
    خوشامندي گل نه داد ورتو.


    هي گلشن دل جو اجڙيو آهه اهڙو.

    هي گلشن دل جو اجڙيو آهه اهڙو.
    بهارن ڀي نه ڀلجي ليئو پاتو.

    بنا مقصد اڏامن ٿا خلا ۾،
    خيالن کي نه ڇڏ ڇڙواڳ ايڏو.

    وفا جو واعدو تنهنجو زباني،
    انهيءَ سان خال وچ جو ڪيئن ڀربو.

    چوان ٿو سچ خبر جيڪا آ مون کي،
    قيامت دڙڪي سان گڏ آ دلاسو.

    بنا اطلاع اچي ٿي ۽ وڃي ٿي،
    ڪونهي انهي بجليءَ جو ڀي ڀروسو ڪو.

    گهڻي ٿوري تي پنهنجا نيڻ برسيا،
    اهو هڪ وقت هو گذري ويو جو.

    پڇيو آ غمزده دل درد مان گل،
    پرينءَ جي پار جو ڪوئي سنديسو.


    هو به ايڏو ئي ضدي آ.

    هو به ايڏو ئي ضدي آ.
    هوڏ جي ڄڻ ڪا هڏي آ.

    سڀ وڪڙ ۽ موڙ اک ۾،
    سڙڪ هونئن سولي سڌي آ.

    جانعالم جو آ طوطو،
    ڳالهه مالڪ جي رٽي آ.

    آ اونده جو پوش پاتل،
    رات هر ڪائي ننگي آ.

    دل لڳي، دل جي لڳي ۾،
    لفظ هڪڙي جي وٿي آ.

    چغل ٿي بيٺو آ چهرو،
    خلق آخر ڇو کلي آ!

    جيسين گل کولي نه پڙهجي،
    هر چٽي ڄڻ بند مُٺي آ.


    دنيا جي نقشي کي کولي.

    دنيا جي نقشي کي کولي.
    ڏسجي پنهنجو پاڻ کي ڳولي.

    ڪوئي شعر ائين آ لڳندو،
    جئين گونگو ڪو گونگي ٻولي.

    جو ڪجهه گذريو، سو ويو گذري،
    ڪير ٿو جيون ڦورو ڦولي.

    ڪچ جي قيمت ڪهڙي ڪٿجي،
    سونُ آ ترندو ماسي تولي.

    خيال ۾ ويٺل گم سم ماڻهو،
    ڄڻ ته چڙهيل آ اڏند کٽولي.

    اڌ ننگي ڄڻ گار آ غربت،
    ٻار ڍڪيل آ ڦاٽل چولي.

    خوف جو سايو گهر گهر آ گل،
    شل نه چڙهي ڪو ور ڪنهن ٽولي.


    گفتگو مان تنهنجو ڀرجي ويو آ من.

    گفتگو مان تنهنجو ڀرجي ويو آ من.
    ٿي ٻڌائي تنهنجي لهجي جي ٿڪن.

    چين جي ديوار آ روڪي رکي،
    ڇو نه ٿي آخر گهلي پورب پَون.

    ٿا لنوايون، يا نه ٿا سمجهي سگهون،
    لفظ چپ چپ ۾ گهڻو ڪجهه ٿا چون.

    ياد گيرن جي جهروڪن ۾ ليئو،
    اڄ به اکيون راهه تنهنجي ٿيون تڪن.

    تنهنجي ڪنهن خاطر خوشي، يا پنهنجي غم،
    تون ٻڌاءِ ڪنهن جو ملهايان مان جشن،

    خالي نالي جي سڃاڻپ ٿي ٿئي،
    گڻ اوگڻ پوئتي رهجي وڃن.

    ڏينهن اڻ واقف ۽ اڻ ڄاڻ آ،
    رات رُت ۾ جيڪي گل ٿا رنگ رچن.


    ڏٺو ناهي اهو ارمان آهي.

    ڏٺو ناهي اهو ارمان آهي.
    هتي هر رات شبستان آهي.

    اويڙو عشق اندر ۾ انگوريو،
    ڪٿي ان جو نه ڪو درمان آهي.

    اشارو اڻ لکو مليو آ اوڏانهن،
    ملڻ جو ڪجهه نه ڪجهه امڪان آهي.

    ستل جاڳيو نه آهي ورهيه ٿي ويا،
    اندر انسان ٻيو انسان آهي.

    ائين سمجهي ٿو هُو گهر ۾ به رهندي،
    جئين ”پي اِنگ“ ڪو مهمان آهي.

    مليو ڪپڙو نه روٽي ۽ نه ڪوگهر،
    سوين ڀيرا ٿيو اعلان آهي.

    ٻين کان منهنجي باري ۾ پڇو ٿا،
    اوهان جو هي به گل احسان آهي.


    ڪلهن تي آ جنازو چاهتن جو.

    ڪلهن تي آ جنازو چاهتن جو.
    اهو بس آ خلاصو چاهتن جو.

    نه ڪر في الحال ڳالهيون چاهه نئين جون،
    اڃا آ گهاءُ تازو چاهتن جو.

    تو کان وسريو به ڪيئن هوندو، اسان جي،
    زماني ۾ هو چرچو چاهتن جو.

    ڪڏهن پارڪ ڪڏهن ڪو موڙ مڙندي،
    نظر آيو نظارو چاهتن جو.

    ڀري بازار يا ڪنهن چؤنڪ وچ تي،
    ڏٺو ٿيندي تماشو چاهتن جو.

    کڻي ڪيڏو به اکين اوٽ رکجي،
    لڪي سگهندو نه چهرو چاهتن جو.

    نظر ماضيءَ ۾ وجهجهي ٿي جڏهن گل،
    حقيقت هو فسانو چاهتن جو.


    اک ۾ ان جي ڪي مئڪدا آهن.

    اک ۾ ان جي ڪي مئڪدا آهن.
    ڏسندي سان ئي چڙهيا نشا آهن.

    تنهنجي هٿ ۾ ته هڪڙو پٿر آ،
    شيشي جا گهر هتي گھڻا آهن.

    ڪير ڪنهن جي غلامي چاهيندو،
    هٿ ته ڳڻ ڪيترا اُڀا آهن.

    راهه اوکي هئي پري منزل،
    ڪي ته راهي اتي پڳا آهن.

    تنهنجي گهرجو پتو ملي ويندو،
    ڪيترا تنهنجا آشنا آهن.

    تون جڏهن کان جدا ٿي ويو آهين،
    درد دل کان نه ٿيا جدا آهن.

    مان اهو ٿو رڳو پڇڻ چاهيان،
    مانُ ڇاهي ۽ ماڻهو ڇا آهن.

    تنهنجي چرچي ۾ چاهه هو ايڏو،
    اڻ ڏٺي ڪيئي گل فدا آهن.


    نه ٿو اچين تون گھٽي آ پڇندي.

    نه ٿو اچين تون گھٽي آ پڇندي.
    اها به ڄڻ مون جيان آ لڇندي.

    اداس راتيون اداس ڏينهڙا،
    مگر طبيعت اثر نه وٺندي.

    نه ڪوئي ماڻهو، نه ڪا سواري،
    سڃي آ ڪيڏي نه راهه لڳندي.

    آ ريس ايندي هوا تي مون کي،
    ننگو بدن جيئن آ تنهنجو ڇهندي.

    لٿو ته مون وٽ ضرور ايندو،
    تلاش سج ۾ نه رات رلندي،

    ڪَتي نه هوندي وڇون آ اڀ تي،
    انهن جي جوڙي حشر ۾ ملندي.

    ڇڏي وڃان ٿو مان تو کي تو وٽ،
    مان موٽندس جيئن ئي رات ٿيندي.

    هوا ۽ شبنم جي ساٿ سان ئي،
    ڪلي کُلي گل جو روپ وٺندي.


    اڃا به جاڳن ٿا جيءَ ۾ جذبا.

    اڃا به جاڳن ٿا جيءَ ۾ جذبا.
    نوان نڪور ۽ آئيني کان اجرا.

    لڳي ٿو ننڊ ۾ ڪو مون سان گڏ آ،
    اهو آ جيڪو اُڻي ٿو سپنا.

    نه پوري ٿي ۽ نه پوري ٿيندي،
    دفن ڪري ڇڏ اي دل تمنا.

    ڪري ڇڏي ڪيڏي ”نيٽ“ ويجهي،
    وڏو آ نالو ننڍي آ دنيا.

    منجهي پيو آهه اڄ جو ماڻهو،
    آ هڪڙي منزل هزار رستا.

    هي لڳ لاڳاپا ڏيکاءُ آهن،
    جيئن لٿي سج شام پاڇا.

    زماني ظاهر ڪري ڇڏيو گل،
    صدين کان آدم رهيو آ تنها.


    مسافر کي سفر صحرا سجهي ٿو.

    مسافر کي سفر صحرا سجهي ٿو.
    اڃايل ريت جو دريا سجهي ٿو.

    نه ڪوئي ساڻ هلڻو آهه ساٿي،
    بنان ساٿي ”سَڪر“ تنها سجهي ٿو.

    اصولن جو نه ڪرڻو آهه سودو،
    مگر سر ۾ جو آ سودا سجهي ٿو.

    عقل کان سڀ ته ڪورا ڪو نه آهن،
    عقل کي ڪو نه ڪو دانا سجهي ٿو.

    ڪشش جذبات ۾ ڪو ڪم ڪجي ڀي،
    پشيماني پويون پڇتا سجهي ٿو.

    دنيا سان دل لڳائڻ آ چڱو پر،
    حشر کان اڳ حشر برپا سجهي ٿو.

    اڃا مشهور ايڏو ڪو نه ٿيو آ،
    نئون گل نيڪ نانء ”دادا“سجهي ٿو.


    پيار سان ڀرپور اکيون.

    پيار سان ڀرپور اکيون.
    مڌ ۾ مخمور اکيون.

    چور_دل ڇپ ڇپ ڏٺو پئي،
    چاهتن ۾ چور اکيون.

    اکين مان ٿي من ۾ اتريون،
    من ڪيون منظور اکيون.

    هر محبت، ماڳ، محفل،
    ٿي ويون مشهور اکيون.

    هُن جي اکين لاءِ منهنجون،
    مانديون مجبور اکيون.

    اکين کي ويجهو به هوندي،
    ٿيون لڳن مجبور اکيون.


    جيت به ٿيندي هار به ٿيندي.

    جيت به ٿيندي هار به ٿيندي.
    هئه هئه، جئه_جئڪار به ٿيندي.

    جهمريون هيڏهن، هوڏهن نعرا،
    مٽ سٽ پئي سرڪار به ٿيندي.

    ڳالهه نه وڻندڙ، سچ لکڻ تي،
    ڏوهي آ اخبار به ٿيندي.

    پنهنجو جائز حق گهرڻ تي،
    سياسي ڪن_لاٽار به ٿيندي.

    هٿ ڊگها نه ته ڪهڙي ڪم جا،
    ڦيري تي ڦر مار به ٿيندي.

    خالي ڏيک ڏيکارڻ خاطر،
    ڌوڪي جي درٻار به ٿيندي.

    ڪير ڀلا روڪيندو ساوڻ،
    ساجن جي سڪ سار به ٿيندي.

    سرهو سرهو ساهه ساهن ۾،
    هنيانء ۾ گل هٻڪار به ٿيندي.


    نظر ڪنهن کي ٿي ڳولي ڇا خبر آ!

    نظر ڪنهن کي ٿي ڳولي ڇا خبر آ!
    ڇو من پنڇي ٿو ٻولي ڇا خبر آ!

    بگل جنگ جو وڄي ٿو هر طرف کان،
    پڇيو دنيا جي گولي ڇا خبر آ!

    لڳو ڄڻ چنڊ مون سان آ مخاطب،
    نه ٿو کڙڪي هو کولي ڇا خبر آ!

    تو کي سڀ ڄاڻ آهي زندگاني،
    وڌو رولي آ رولي ڇا خبر آ!

    نه ٿو بادشاهه ڏسجي ڪالهه کان ڇو!
    چيو بيگم کي گولي، ڇا خبر آ!

    مٿي کي هٿ ڏئي ويٺو آ گم سم،
    ڀلايو ڪنهن ٿي ڀولي ڇا خبر آ!

    ائين مايوس ڪوماڻيل لڳين ٿو،
    پڇيو گل کان آ جهولي ڇا خبر آ!


    آ ڦاٿو ذهن اکرن ۾.

    آ ڦاٿو ذهن اکرن ۾.
    نون نازن ۽ نخرن ۾.
    ڪٽي اڌ زندگي پنهنجي،
    مليريا جي آ مڇرن ۾.
    اڇي پوشاڪ وارا ڪي،
    گلا گهيرن ۽ گٽرن ۾.
    اندر آئيني ۾ جهاتي،
    ڪريو ڪو پنهنجي نظرن ۾.
    ڪڏهن منفي، ڪڏهن مثبت،
    آ هڪڙو شخص خبرن ۾.
    اشارو آدمي سمجهي،
    پِتو ناهه هوندو ڳيرن ۾.
    ڪڏهن هيءَ ڌُر، ڪڏهن هوءَ ڌُر،
    ڦريو نوٽن جي ڦيرن ۾.
    عمر گذري غريبن جي،
    اميرن جي ئي اثرن ۾.
    حياتي گل آ شاعر جي،
    سدا سوچن جي سفرن ۾.


    بعد مدت هُو آيو آ گهر ۾.

    بعد مدت هُو آيو آ گهر ۾.
    اکيون حيران پيش منظر ۾.

    مند آئي جيئن ئي مڌ ماتي،
    ڪيڏو مانڌاڻ من جي اندر ۾.

    پنهنجي نالي اڳيان آ ” ماڌو لال“
    ڇا ڏٺو هو ”حسين“ ڪافر ۾.

    هي اڃا تيار ئي ٿيو ناهي،
    آ سفر جي نظر مسافر ۾.

    ڌوڪي ۾ ٿو ڪڏهن اکيون ٻوٽي،
    اک ٻليءَ جي هئي ڪبوتر ۾.

    چنڊ تائين سگهي نه ڪا پهچي،
    ڪيئي لهرون اٿيون سمندر ۾.

    منهنجي خوشبو ڇڏي ڇو وئي مون کي،
    سوچ گل آ اڃا به ٻڏتر ۾.


    بي نيازي نياز وارن سان.

    بي نيازي نياز وارن سان.
    چنڊ جيئن چلولائي تارن سان.

    هڪ وڃي ٿي لهر اچي ٿي ٻي،
    ڄڻ ته اک ٻوٽ آ ڪنارن سان.

    هر مصور جو چتر ڪمري ۾،
    چاهه رکيو ٿي چتر ڪارن سان.

    ڏيتي ليتي سوا نه ڪم پيو ٿئي،
    ٺاهه ڪرڻو پيو ادارن سان.

    چاهتن جا اهي ئي رهبر ٿي،
    چاهه ٿي ويو آ چاهه_چارن سان.

    پيچ پئجي ويا ڏسڻ سان ئي،
    گڏ نظرون هلن نظارن سان.

    سونهن، سرهاڻ، رنگ، ڪوملتا،
    ساٿ سارو آ گل بهارن سان.


    ڪو تعفو ڏيان، سوکڙي ڪا ڏيان،

    ڪو تعفو ڏيان، سوکڙي ڪا ڏيان،
    سڄي شاعري تنهنجي نالي لکان.

    ڪوئي فرق ماضي نه آ حال ۾،
    کولي ڊائرين کي ٿو هر هر پڙهان.

    پيو آهه ڦاسي نوي پيچ ۾،
    چوي ٿو نوي مان پورو سؤ ڪيان.

    ٻئي هڪ ٻئي جون ٻڌن دڙڪنون،
    ڪڍي دل مان سيني ۾ تنهنجي رکان.

    گهٽي تنهنجي منهنجو آ ڄڻ رهه گذر،
    گھٽي ان سان ٿو مان اچان ۽ وڃان.

    ڏسڻ وانگي تو کي ڏٺو آ ڪٿي!
    ڏسڻ وانگي هڪ وار تو کي ڏسان.

    اندر جي آ هرکر ٿي اڻ جهل وئي،
    اجازت سوا ڪيئن مان تو ڏي اچان.

    چوڻ لاءِ مون وٽ گهڻو آ مواد،
    تون ڄاڻين ٿو گل مان تو کي ڇا چوان.


    غلط رستي وٺي نه هل مون کي.

    غلط رستي وٺي نه هل مون کي.
    لکڻ في الحال ڏي غزل مون کي.

    منجهي ڇا لاءِ ٿو پوين موڳا،
    تون اڌ کڻ بار ڏي ڊبل مون کي.

    رسڻ جي ڳالهه ڪر نه ڪا مون سان،
    اجل کان اڳ نه ڏي اجل مون کي.

    مٿي ۽ هيٺ جي به حالت ۾،
    ڇٽل خود کي رکيئه، ٻڌل مون کي.

    خدارا ترس جي نظر ڪائي،
    اچڻ کان ايترو نه جهل مون کي.

    حدون ويو پيار آ ٽپي ساريون،
    پلَي وڃ پاڻ يا ته پل مون کي.

    تنهنجي جهاتي مٿان جهاتي آ دل ۾،
    اڳي کان ڀي وڻين ٿو گل مون کي.


    هجي شر کان محفوظ گهرجاءِ گهرجي.

    هجي شر کان محفوظ گهرجاءِ گهرجي.
    ضمانت حياتي جي دلجاءِ گهرجي.

    کليل رابطي لاءِ آفيس ان جي،
    شڪايت نه پر ڪا به بيجاءِ گهرجي.

    اجايو بحث آ ٽي_وي چئنلن تي،
    رعايت بنان رک رکاء راءِ گهرجي.

    هوا جي هٿن ۾ به ڏيئو ٻري ٿو،
    هٿن جي حفاظت حقن لاءِ گهرجي.

    سچائي کي سمجهين ٿو تون گر سچائي،
    دلاسو نه دوکو نه واءِ واءِ گهرجي.

    اسان مهرباني اوهان جي جا گهايل،
    اوهان کي به احساس جو گهاءُ گهرجي.

    ميّسر دنيا جو آ هر عيش جن کي،
    ڪرڻ گل انهن کي نه هاءِ هاءِ گهرجي.


    نوان لفظ، قافيا ڪٿان آڻجن،

    نوان لفظ، قافيا ڪٿان آڻجن،
    پراڻا نئين معنى ۾ ڍالجن.

    هي قافيا ۽ مافيا لڳن هم وزن،
    ٻئي انگ اکرن سان ڀيٽائجن.

    چيو فون تي هن ٿو تو ڏي اچان،
    نئين نينهن جا ڪي مزا ماڻجن.

    خوشين ۾ الڳ ۽ غمن ۾ الڳ،
    ائين گانا مولود ٿا ڳائجن.

    آهر جنگ جو حل وري ڀي امن،
    نه وڙهجي نه ئي ٻيا ڪي ويڙهائجن.

    کٽولا کٽون واڻ سان واڻجن،
    مگر شعر لفظن سان ٿا واڻجن.

    ٿيو شوق شادي جو گل آ وري،
    ڪي گانا، ڪي ڳانا ڳلي پائجن.


    خدا کي خط کڻي لکجي،

    خدا کي خط کڻي لکجي،
    مگر ڪنهن کان پتو پڇجي.

    مٿي اڀ هيٺ آ ڌرتي،
    خلا ۾ پير ڪيئن رکجي.

    سڀئي بند برقي تارن سان،
    لنگهن اهڙن تان ڪيئن لنگهجي.

    اسان جي ديس جي سرحد،
    خبر غيرن کان ٿي پڇجي.

    ڏهاڙي سنگ باري آ،
    شهر پنهنجي کي ڪئين ڇڏجي.

    هٿن ۾ وقت واري جان،
    جهلڻ سان تو ڪٿي جهلجي.

    ويا پنهنجا پراوا ٿي،
    انهن سان هاڻي ڇا ملجي.

    ڪجي پوءِ گفتگو ٻئي سان،
    سليقو اڳ ۾ گل سکجي.


    من موهه ڏي مائل آ.

    من موهه ڏي مائل آ.
    هر قرب جو قائل آ.

    هلڪي ٿي اچي ڇن ڇن،
    پازيب يا پايل آ!

    ٽين چاپ آ قدمن جي،
    ٻن ۾ ٽيون حائل آ.

    توسان آ نينهن نرالو،
    ڊاڪا جئين ”ململ“ آ.

    ٿو سمنڊ سڏي مون کي،
    لهرن ۾ نه ساحل آ.

    صحرا جو سفر سر تي،
    سايو تنهنجو آنچل آ.

    خيرات نه گهر ان کان،
    جو پاڻ به سائل آ.

    تو کي نه وجهي گهائي،
    گل گيت هي گهائل آ.


    وڇوڙي جو ويلو اچي ٿو وري.

    وڇوڙي جو ويلو اچي ٿو وري.
    منهنجو من اڪيلو ٿئي ٿو وري.

    اها ڄاڻ دل کي هئي اڳ پئي،
    ڪٿان اک گليلو چُٽي ٿو وري.

    نه پوريون ٿيون اڳ، نه هاڻي مگر،
    اميدن جو ميلو مچي ٿو وري.

    نه ٿو ڳالهه سولي به سمجهي سگهي،
    ڳِهر ۾ ڳهيلو ڳري ٿو وري.

    ڪئي ختم هئلو رسم هن هئي،
    شروع رسم هئلو ڪري ٿو وري.

    ڪٿا جا ٻنهي وچ ۾ اڳ هئي ٿيل،
    گروء کي سا چيلو چوي ٿو وري.

    ائين گل ڪو پٿر پيل راهه ۾،
    ڪوئي پير ٿيلهو_ٿڏي ٿو وري.


    سک ۽ دک سان گاڏڙ زندگي آ.

    سک ۽ دک سان گاڏڙ زندگي آ.
    ائين وڻندڙ، نه وڻندڙ زندگي آ.

    بنان پر جي اڏامڻ جي ڪري ٿي،
    نئين ايجاد اڏندڙ زندگي آ.

    ڪڏهن مانائتو شانائتو وڙ،
    ڪڏهن ڦرڻيءَ جي ڦڙ ڦڙ زندگي آ.

    ٻڌڻ وارو نه ڪوئي وڻ نه واهي،
    ائين جيئن رڃ جي رڙ زندگي آ.

    جي ڏس واري تري ۾ ٿي اڏامي،
    جي ڏس وهندڙ ڪو واهڙ زندگي آ.

    انديشي جو لباس اوڍيل آ ورنه،
    نظر ايندڙ نه اوگهڙ زندگي آ.

    ڀلي ٻاهر ڪوئي ڀانئين نه ڀانئين،
    اندر کل جهڙي آڪڙ زندگي آ.

    جا آهي سا ته گل آ عڪس ان جو،
    اکين کان اصل اوجهڙ زندگي آ.


    ڳالهه آ تو سان ڪرڻي خلاصي.

    ڳالهه آ تو سان ڪرڻي خلاصي.
    روپ ۽ رنگ جنهن جو آ ناسي.

    مون کي ڀي سمجهاءِ ته اي دل!
    ڪهڙي آخر آهه اداسي.

    تون ته ڳجهي ڳالهين ۾ رکي وئين،
    چاهت چوري نيڻن باسي.

    چهرا اکيون ڌرتيء جي دز،
    چنڊ، ستارا اڀ جا واسي.

    نيٺ ڪڏهن تون ايندين مون وٽ،
    آس رکيو ويٺو آ آسي.

    شهر جا شاعر نانؤ نه ڄاڻان،
    شهرت رکندڙ آهن خاصي.

    چهرو کڙڪي اوٽ ۾ ڇو آ؟
    چنڊ آ چڙهيو پور نماسي.

    سچ لکڻو آ لک قلم گل،
    ڪنهن ڪنهن قلم کي ڏيندا ڦاسي.


    تو ته ڇني ڇڏيو رشتو آ.

    تو ته ڇني ڇڏيو رشتو آ.
    روز جو ڪهڙو سمجهوتو آ.

    پوءِ به پاڻ ۾ مليا ناهيون،
    تنهنجو منهنجو هڪ رستو آ.

    ڪهڙيون ڏسجن سواريون ويهي،
    پيار ته تو وٽ پنڌ پهتو آ.

    ماني لاءِ ترسيو هو ويٺو،
    گهر کان واندو مس نڪتو آ.

    چند سڪن عيوض ٿو وڪجي،
    ماڻهوء جو نظريو سستو آ.

    کاڏيءَ تي هٿ، ميڙيون منٿون،
    يار رٺل مس مس پرتو آ.

    سپنو ست رنگ، ساڀيا بي رنگ،
    ساڀيا ڏئي سپنو ورتو آ.

    ڪنڌ ورائي سڀ ٿا ڏسن گل،
    چهرو سبتو يا ابتو آ.


    رام تنهنجي راڄڌاني.

    رام تنهنجي راڄڌاني.
    ٿا چون آ خانداني.
    ولولو، جذبو، نه گرمي،
    نالي ۾ آهي جواني.
    گهر لڳو لڳ هڪ ۾ ماتم،
    ٻئي آ گهر ۾ شادماني.
    ڪم نه جي ٻئي ڪنهن کي آئي،
    ڪهڙي ڪم جي زندگاني.
    پاڻ پنڌ مون ڏي ڪيو ٿي،
    تنهنجي منزل مهرباني.
    آ هليو ڀاڪر کليل ۾،
    ڇو ڪرين ٿو آنا_ڪاني.
    منهنجو ڄڻ نڪ_نانءُ ٿيندو،
    نانءُ پنهنجو ڏي نيشاني.
    تون به سنبري ويهه مسافر،
    راهه ٿيڻي آ رواني.
    جو پڙهيو ٿي لک هن ۾،
    پرچو آهي امتحاني.
    رنگ ۽ خوشبو جي خاطر،
    مون ڪئي گل باغباني.


    تو ڇو اوندهه ۾ آهه اڇلايو.

    تو ڇو اوندهه ۾ آهه اڇلايو.
    منهنجو مون کان جدا ڪيو سايو.
    ڳالهه اڳتي وڌي به ڪيئن آخر،
    آ سڀن جو الڳ لڳ رايو.
    ائين نه آهي جيئن تون سمجهين ٿو،
    تو کي ڪنهن خواه خواه آ مڇرايو.
    زور سان، زر سان يا عدالت سان،
    جرم پنهنجو تو ٻئي کي مڃرايو.
    پنج لڳا منٽ سنڌ ورهائڻ ۾،
    ۽ ورهاڱي تي ڪنهن نه شرمايو.
    هر ڪو پنهنجي انا جي ڀاڪر ۾،
    ڪنهن رٺل کي نه ڪنهن به پرچايو.
    وهم آ يا دماغ جي ويسر،
    رات ڪنهن دير در هو کڙڪايو.
    ساز، سر، گيت يا غزل ڪوئي،
    ڪا گهڙي من منجهيل کي بهلايو.
    هوش تي جوش ٿي ويو غالب،
    پيار ڪيڏو نه پوءِ پڇتايو.
    فن ۽ فڪر جي حوالي سان،
    پاڻ کي نيٺ گل تو مڃرايو.


    آئينو روبرو رکجي.

    آئينو روبرو رکجي.
    پوءِ پنهنجي آبرو رکجي.

    وڃي اڀ کان نه جا اڳتي،
    اها ڇو آرزو رکجي.

    سڄي محفل پوي مهڪي،
    شگفته گفتگو رکجي.

    جئين محبوب جو منهن آ،
    محبت هو بهو رکجي.

    خبر ملندي ته مان ڇاهيان!
    جي جاري جستجو رکجي.

    صحافي ٿو ٿيڻ چاهين،
    خبر کي خابرو رکجي.

    پو هر شي خوبصورت آ،
    نظر کي خوبرو رکجي.

    ٻسو ٿو گل لڳي آڳر،
    جي ٻيو نه ته نازبو رکجي.


    ڇڪ ڇڪان ۾ زندگي گذري وئي.

    ڇڪ ڇڪان ۾ زندگي گذري وئي.
    وٺ وٺان ۾ زندگي گذري وئي.
    ڇا ته جوڀن جا اهي ڀي ڏينهن ها،
    کل کلان ۾ زندگي گذري وئي.
    ياد چاهت جي اچي ٿي چؤڪڙي،
    چم چمان ۾ زندگي گذري وئي.
    ڳالهه ساڳي هو نه آيو مان ويس،
    اچ وڃان ۾ زندگي گذري وئي.
    واعدا ڪيئي ٿيا، ڪيئي ٽٽا،
    رُس رُسان ۾ زندگي گذري وئي.
    سوچيان ٿو زندگي هئي، سپنو هئو،
    پڇ پڇان ۾ زندگي گذري وئي.
    ريءَ پڇا پوڙهائپ بيٺي آ مٿان،
    جيء جيان ۾ زندگي گذري وئي.
    ڏسندي ڏسندي ست پيڙهيون تو ڏٺيون،
    ڏس ڏسان ۾ زندگي گذري وئي.
    آخري پل جو هيو گل انتظار،
    ڪجهه ڪيان ۾ زندگي گذري وئي.


    حسن جي ڪرڻي آهه رکوالي.

    حسن جي ڪرڻي آهه رکوالي.
    عشق جي هر نظر آ دونالي.

    ٿي ويا بند لڙڪ اکڙِين جا،
    دل جي ڌرتي اڃا به آ آلي.

    تو کان وسري وئي هجي شايد،
    لوڪ اڄ ٿو ملهائي ديوالي.

    اي خدا! فرق ايڏو ڇو آهي؟
    هڪ جي خوشحالي ٻئي جي بدحالي.

    پهرين نمبر تي ياد آ تنهنجي،
    صبح خالي نه شام آ خالي.

    تنهنجي گل راهه ٿو ڏسان ويٺو،
    من جي مند ٿي وئي آ متوالي.


    ٿا چمڪن چنڊ ۽ تارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    ٿا چمڪن چنڊ ۽ تارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!
    هي پانڌي پنڌ ۽ چارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    سدائين سمنڊ ۾ گهارن لڏن لهرن جي لوڏن ۾،
    ڏيهي پرڏيهي وڻجارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    ڄاوا نپنا به ڌرتيءَ تي ڌڻين هوندي نڌڻڪا ڇو؟
    ڇو ويچارن ۾ ويچارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    ساڳي ميراڻ من اندر جا ڪلهه ڀي هئي ۽ اڄ ڀي آ،
    ٿا ٻولن ٻول اجيارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    ڪري تحصيل علمن جي ٻڌائين پڳ عالم جي،
    مگر معنى ۾ مونجهارا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!

    ڳجهو اجلاس هو ڪوئي ڳجهيون رکيون ويون ڳالهيون،
    بنان ڄاڻڻ جي گل نعرا گگن گونگو ٻڌائي ڇا!


    نظر ڪائي ابتي نهاري ٿي دل ۾.

    نظر ڪائي ابتي نهاري ٿي دل ۾.
    گھڻي پڪ، شڪ کي اڀاري ٿي دل ۾.

    ائين هلڪي هوريان ڪا قدمن جي آهٽ،
    سڪايل سمهيل سڪ اٿاري ٿي دل ۾.

    نويلي نئين پريت پاسي ۾ هوندي،
    پراڻي پريت ڪا پڪاري ٿي دل ۾.

    جڏهن واند وکريل وارن کان ملندس،
    تڏهن سينڌ سهڻي سنواري ٿي دل ۾.

    گلابي غزل جي هئي ڳالهه نڪتي،
    شرابي هوا رنگ اڏاري ٿي دل ۾.

    جئين رات جي سانت ڦهلي آ هر سو،
    ڪا گل تات جي تند سنواري ٿي دل ۾.


    ايمان وسري ٿو وڃي.

    ايمان وسري ٿو وڃي.
    ڀڳوان وسري ٿو وڃي.

    ارمان آ انسان کان،
    انسان وسري ٿو وڃي.

    داناءَ سان ڳالهيون ڪندي،
    نادان وسري ٿو وڃي.

    آسون امن جون، جنگ جون،
    ميدان وسري ٿو وڃي.

    ايندڙ سفر سانباهه جو،
    سامان وسري ٿو وڃي.

    دل سان ڪيل ڪنهن دوست جو،
    احسان وسري ٿو وڃي.

    پئسي پٺيان ڊڪ ڊوڙ ۾،
    گل مانُ وسري ٿو وڃي.


    چتيون چتيون چهرو لڳو، پر خواب ۾.

    چتيون چتيون چهرو لڳو، پر خواب ۾.
    ڪاوڙ ۾ آئينو ڀڳو، پر خواب ۾.

    هن جي جڏهن نيراڻ نيڻن ۾ ڏٺي،
    سڪ سمنڊ اٿلي پيو، پر خواب ۾.

    هو حجر اسود وانگيان چهري تي تر،
    جنهن کي عقيدت مان چميو، پر خواب ۾.

    سڪ، سار ڪنهن جي سڏ ڪيا ڏاڍا ڪيا،
    ها، مون نه ڪوئي سڏ ٻڌو، پر خواب ۾.

    لمبو سفر آ زندگي ڇا ڇا کڻان،
    سڀ ڪجهه ويندي وسري ويو، پر خواب ۾.

    آيو نه اڄ هو اچڻو آ، ايندو ضرور،
    دل کي دلاسي ۾ رکيو، پر خواب ۾.

    آ فلمي دنيا موت پويان زندگي،
    نرگس کي گل جيئرو ڏٺُو، پر خواب ۾.


    ڪشمڪش ۾ زندگي آ.

    ڪشمڪش ۾ زندگي آ.
    ڦاٿي رش ۾ زندگي آ.

    دلربا جي دلربائي،
    گار_گش ۾ زندگي آ.

    دم مٿان دم غم ٿئي ڪم،
    ڪش تي ڪش ۾ زندگي آ.

    ٻن انگن جي وچ تي ڦاٿل،
    پنج_شش ۾ زندگي آ.

    هوش هوندي هوش ڪاٿي،
    گذري غش ۾ زندگي آ.

    خواب خوشبو پوکي پرکيو،
    پرورش ۾ زندگي آ.

    ڇانوَ ۾ ڪا، ڪا وري گل،
    تِک_تپش ۾ زندگي آ.


    وٿي وچ ۾ جيڪا پئجي وئي آ.

    وٿي وچ ۾ جيڪا پئجي وئي آ.
    ٻنهي کان ڪا نه سا ڀرجي سگهي آ.

    ڪٿي ٿانيڪو من تنهنجو ويو ٿي،
    انهيءَ کان وڌ نه مون لئه ٻي خوشي آ

    لڳي ٿو معجزو ايڪهين صدي جو،
    سمندر ۾ ٻڏل ٻيڙي تري آ.

    شهر ۾ ڪا خبر اهڙي آ هلندي،
    نه ڪوڙي ۽ نه ئي هوندي سچي آ.

    حسد جي آڳ ساڙيو آ گھڻو ڪجهه،
    بچايو ان کي جا شيء وئي بچي آ.

    هلن ٿا اسم آڌر ٿي هلن ٿا،
    ضمير آڏو نه ڪوئي ڀي لڄي آ.

    اها احساس جي گل مات چئبي،
    نه تو بازي نه مان بازي کٽي آ.


    ٿيو آ وقت ايندو ناهه مون وٽ.

    ٿيو آ وقت ايندو ناهه مون وٽ.
    رڳو جملو اهو ويٺو نه تون رٽ.
    زمانو ڪيڏو اڳتي آ وڌي ويو،
    زماني ساڻ پنهنجي ڀي ته اک پٽ.
    ائين تنهنجو کلڻ آهي اجايو،
    تڏهن کل هاريل بازي جڏهن کٽ.
    ورهاست آ مقدر يا خدا جي،
    مليو ڪنهن کي گهڻو ڪنهن کي آهي گھٽ.
    سواري ٿي وڏي ماڻهوء جي گذري،
    سڄي هن روڊ رستي کان پري هٽ.
    جيئڻ چاهين ته ڏي جيئڻ ٻين کي،
    نه پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ قبر لٽ.
    ائين ڦاسي نه پؤ اکرن انگن ۾،
    نه پنهنجي راءِ پرائي راءِ تي مٽ.
    ٻين آڏو نه هلڪو پاڻ کي ڪر،
    ڪو ڪم آدير سان ٿيندو ڪو جهٽ پٽ.
    سٽون ناهن اهي گل آيتون هن،
    سٽن تي پنهنجو سارو ساهه سر سٽ.


    جا مِس ڪال آئي سا بي نام آئي.

    جا مِس ڪال آئي سا بي نام آئي.
    ائين جيئن ڳجهارت يا ڪا مام آئي.
    اکين جي نه آٿت نه دل جو دلاسو،
    آ هُن جي به خالي خبر خام آئي.
    کُلي ڪا نه کڙڪي سنجها شام ٿي وئي،
    نظر نينهن نازڪ به ناڪام آئي.
    ڇني دوستي وئي ننڍين ڳالهين تي،
    ڦري موٽي آئي ته بدنام آئي.
    اها ڳالهه جيڪا هئي خاص تائين،
    عوامي وٺي روپ سا عام آئي.
    اهو سمنڊ ساحل هليو ويو ٻين سان،
    ڪيڏو شڪ هُن لئه کڻي شام آئي.
    اها پڪ جنهن ۾ نه هو شڪ شبهو،
    طرف ان کان مون لاءِ انعام آئي.
    انهي پرک ۾ ڀي اسان پاس آهيون،
    پرائي ڪا عزّت ٿي گر سام آهي.
    ڪيل واعدي تي صنم ڪو نه آيو،
    آئي ننڊ گل پر بي آرام آئي.


    جهلي بک نه جهولي ڪا خيرات جي آ.

    جهلي بک نه جهولي ڪا خيرات جي آ.
    ڪهاڻي اها اڄ جي حالات جي آ.

    پراڻي وڃائي ڇڏي ساک ساري،
    نئين ساک سازش ڪا محلات جي آ.

    جهلي بند پاڻي جھلي ڪو نه سگهيا،
    تباهي اڪيلي نه برسات جي آ.

    ائين ڪيئي راتيون اوجاڳن اجهايون.
    ڦٽي ننڊ هيڪل نه اڄ رات جي آ.

    اڃا ڀي اسان جي اکيون ڪو نه کوليون،
    اڃا اڻ ڏٺي ڳالهه خطرات جي آ.

    ڇو مقصد جون ڳالهيون ويون چپ ٿي گل!
    لڳي ٿو ته هيءَ سانت سڪرات جي آ.


    عجيب ڳالهين جو سلسلو آ.

    عجيب ڳالهين جو سلسلو آ.
    ٻڌڻ جو ڪنهن ۾ نه حوصلو آ.

    خبر نه آهي ڪٿي هُو هوندو،
    ٽٽل زماني کان رابطو آ.

    پنجاهه سالن کان پوءِ ڏٺو مون،
    شهر هي ساڳيو آ، يا ٻيو آ.

    اسان ٻنهي جي گهرن جي وچ ۾،
    چئن ته قدمن جو فاصلو آ.

    مون کي آ منظور ٻنهي رخن کان،
    ڪيو تو جيڪو ڀي فيصلو آ.

    خمار منهنجن اکين ۾ هو، يا،
    اکين ۾ آئيني جي نشو آ.

    نه پنهنجي حالت تي غمزده ٿي،
    دنيا جو ئي حال گل برو آ.


    نظر کان آخر پڇا آ ڇا جي!

    نظر کان آخر پڇا آ ڇا جي!
    ڏسڻ ڪو چهرو خطا آ ڇا جي!!

    طبيب ڪهڙي قسم جو آهين،
    جي درد ناهي دوا آ ڇا جي!

    مان پنهنجو مطلب ڪيو آ پورو،
    ڀلا انهي ۾ دغا آ ڇا جي!

    سندَ ۽ فتوا ڇٽل آ ٻانهو،
    پوء ان جي حق ۾ دعا آ ڇا جي!

    ڪڏهن تون منهنجو، ڪڏهن ٻئي جو،
    وفا ۾ شامل جفا آ ڇا جي!

    ٻڌي ٿو خود، پر پڇي ٻين کان،
    ڳلي ڳلي ۾ گلا آ ڇا جي!

    پتو نه مون کي ڇو هٿ کنيا مون!
    گهري خدا کان دعا آ ڇا جي!

    جواب شڪوه، اڃا به شڪوه،
    ته پوءِ گل دل صفا آ ڇا جي!


    رفاقت جي سفر ۾ آهيان مان.

    رفاقت جي سفر ۾ آهيان مان.
    قيامت جي سفر ۾ آهيان مان.

    صلي، عيوض نه جنت جي تمنا،
    عبادت جي سفر ۾ آهيان مان.

    لڳا الزام بي بنياد ڪيئي،
    شرافت جي سفر ۾ آهيان مان.

    ڏئي سر سنڌڙي تي سرخرو ٿيا،
    شهادت جي سفر ۾ آهيان مان.

    خدا ڇاهي! دنيا ڇاهي ۽ ڇو آ!!
    حقيقت جي سفر ۾ آهيان مان.

    اکين ۾ ڪيئي چهرا گل گلابي،
    محبت جي سفر ۾ آهيان مان.


    لڳي بازار نيلامي.

    لڳي بازار نيلامي.
    ڀري ڪو واڪ جي هامي.

    ڏٺم گڏ خواب ۾ ويٺل،
    سچل، ڀٽ شاهه، ۽ سامي.

    ڪو هوندو دال ۾ ڪارو،
    ڀلي ماڻهوء جي بدنامي.

    اهو ممڪن نه ٿو ڀاسي،
    نه آدم ۾ هجي خامي.

    نه تنهنجي آ، نه منهنجي آ،
    مقّدر جي آ ناڪامي.

    لهي چنڊ چوڏهين جو ويو،
    مگر آيو نه انجامي.

    هتان گذري وڃو هوريان،
    ٿيو مس گل آ آرامي.


    صديون سياست پراڻي راند آهي.

    صديون سياست پراڻي راند آهي.
    نه وير آهي، مگر ويڙهاند آهي.

    هلي آ دوست نَوَ ٽڻ راند کيڏون،
    رهيل تو ڏي ڪلهوڪو پاند آهي.

    نه ٿو سمجهي سگهان مان ڇو الائي،
    خوشي گاڏڙ ڪا من ۾ ماند آهي.

    ڪيون ويهي ورونهن ڪا هڪ ٻئي سان،
    جي تو کي دوست ٿوري واند آهي.

    جيئن آتم ڪٿا پنهنجي پڙهي گل،
    وڌي ويو درد دل هيڪاند آهي.


    تير تاڻيل آ نظر جو مون طرف.

    تير تاڻيل آ نظر جو مون طرف.
    مان نه ٿو چاهيان اچي تو تي حرف،

    پير پائي آئين تون منهنجي اڱڻ،
    ان کان وڌ مون لاءِ ٻيو ڪهڙو شرف.

    گفتگو هلندي ٿو پڌرو ٿي پوي،
    ڪيترو ڪنهن ۾ سهڻ جو آ ظرف.

    ڪير آهي جو ڪندو ان کي فيئر،
    منهنجو جيون ائين جيئن قصو ڪو رف.

    پيار ٻئي سان، تنهنجو خالي آ وهم،
    پيار منهنجو تو سان گل آهي صرف.


    شرميلي شاهه آهي.

    شرميلي شاهه آهي.
    رُت کي سلام آهي.

    قابو رکڻ لئه دل کي،
    ديدن جو دام آهي.

    ڪو شعر ٿو لڏي پيو،
    لفظن جي لام آهي.

    چانڊوڪي جي چپن تي،
    چنڊ مئه جو جام آهي.

    هن پيچري ۽ پنڌ جو،
    ڪاٿي قيام آهي.

    هن کي ڇو بند رکو ٿا،
    رستو هي عام آهي.

    گل چاهتن جي مک تي،
    اڄ ڪلهه ملال آهي.


    رشتن کي جو ڪٽي ٿو.

    رشتن کي جو ڪٽي ٿو.
    فطرت کي ڄڻ ڦٽي ٿو.

    خنجر جو رقص جاري،
    پل پل ۾ رخ مٽي ٿو.

    هر روز نئون آ ماتم،
    ساٿين جو انگ کٽي ٿو.

    آفت اچي ٿي اڳ ۾،
    آدم پوءِ اک پٽي ٿو.

    آ ٻار هٿ گليلي،
    اُڀ کي اُڀو چٽي ٿو.

    اندر آ ان جو خالي،
    ست سمنڊ لٽ لٽي ٿو.

    هر هر چڪي پوي ٿو،
    مس مس ڪو ڦٽ ڇٽي ٿو.

    آ عشق جي علامت،
    نئون دل ۾ گل ڦٽي ٿو.


    وقت کان هر حساب وٺڻو آ.

    وقت کان هر حساب وٺڻو آ.
    نئون اکين ۾ ڪو خواب سجڻو آ.

    ڪائي تاريخ آ، يا مِٿ آهي،
    ڇا به آهي ڪتاب پڙهڻو آ.

    پير پير عمر هيءَ وڌي ڪئين ٿي،
    ڪئين اچي ٿو شباب ڏسڻو آ.

    ڪم تڪڙ جو نه آ صحيح ٿيندو،
    هوريان هوريان حجاب هٽڻو آ.

    پيار ۾ پير آ جڏهن پاتو،
    پيار جو هر عذاب سهڻو آ.

    خود چڱو آ ته جڳ چڱو آهي،
    پاڻ کي ڇو خراب ڪرڻو آ.

    مئڪدي جو آ بند دروازو،
    ڪنهن جي اک جو شراب پيڻو آ.

    رنگ خوشبوء سان واسبو من کي،
    پر نه ڪو گل گلاب پٽڻو آ.


    اڌورو حوصلو ڪهڙي آ ڪم جو.

    اڌورو حوصلو ڪهڙي آ ڪم جو.
    ائين جئين آسرو ڪوڙي قسم جو.
    سهڻ وارو هيس شايد رڳو مان،
    نه بدليو رخ ٻئي پاسي ستم جو.
    ڪڏهن آئي نه ان جي مرڪ مک تي،
    سدائين موڊ آف آهي صنم جو.
    سگهي پنهنجا نه ٿو ڪو غم سنڀالي،
    ٿئي احساس ڪئين ٻئي ڪنهن جي غم جو.
    اڃا تائين ته دم سان دم کڄي ٿو،
    پتو ڪنهن کي به ناهي پوئين دم جو.
    شهر ۾ روز هيڏيون وارداتون،
    نه پيڇو آ، نه پاڇو ڪنهن قدم جو.
    *”مرڻ جي ڏينهن جي ڪل ڪا نه آهي،
    اڄوڪو ڏينهن آ منهنجي جنم جو.“
    خبر ناهي ته ڪيسين ساٿ ڏيندو،
    ڀروسو ڪو به ناهي گل قلم جو.


    * هي شعر 10 سيٽمبر 2012 تي جنم ڏينهن لکيو هو.


    هي ڌرتي اڄ ڇو لهُو لهان آ.

    هي ڌرتي اڄ ڇو لهُو لهان آ.
    امن جو اهڄاڻ اڳ هئي جا.

    ڪئي سچي ڳالهه هوندي سائين،
    خوشامندي لَب ۽ ڪوڙي وه وا.

    گلا هئي توکي اگر ڪا مون کان،
    ڇو چپ هئين تون چئي ڏئين ها.

    اها ئي هئي هوبهو اهائي،
    اکين ۾ منهنجي هئي اپسرا جا.

    روش اها تنهنجي ناهه ساڳي،
    چيو گهڻو آ، اڃا چوان ڇا!

    رڳو فرق آهي حيثيت جو،
    جا تنهنجي دنيا سا منهنجي دنيا.

    ها، فضا رُت آ گل ٻي لڳندي،
    ٽڙي آ پوندي جڏهن ڪلي ڪا.


    رنگ هڪ ۾ زندگي گهاري رڳو.

    رنگ هڪ ۾ زندگي گهاري رڳو.
    باقي رنگن تي نه منهنجو وس پڳو.

    ڪا خوشي آئي نه مون کي راس آ،
    ڇو غمن کان منهنجو تو رشتو ڇڳو.

    تنهنجي هٿ ۾ آهي ساري سور پور،
    منهنجي تون هر ساهه جو آهين سڳو.

    شهر جون ڪجهه حالتون اهڙيون هيون،
    پنهنجي اندر خوف کان هر ڪو ڀڳو.

    مون کي ائين موضوع هو مٽڻو پيو،
    سچ ڪڙو تو کي چوڻ ڏکيو لڳو.

    گل سخن سنج ڳالهه ان کي سمجهندو،
    شاعري شاعر جي بت جو آ وڳو.


    ٽن اچارن جو هي جيون لفظ آ.

    ٽن اچارن جو هي جيون لفظ آ.
    چار هن ۾ حرف هر فن لفظ آ.

    چهري چهري جا سڃاڻي داغ ٿو،
    ائين اهو سمجهو ته درپن لفظ آ.

    ڪنهن نظاري ڪنهن به منظر کان پڇو،
    صبح ڇا هر شام درشن لفظ آ.

    موت تائين سور سرجڻ کان وٺي،
    ايترو ڀوڳي ٿو، سو من لفظ آ.

    وس غربت جي نه آهي پوءِ ڀي،
    پر ڪشش ۽ پر فريب ڌَن لفظ آ.

    ٽوڙي جو هڪ ٻئي جي ابتڙ اصل کان،
    دوست ڀي هڪ لفظ، دشمن لفظ آ.

    رنگ ۽ سرهاڻ سان واسيل سدا،
    گل ڪلين جو ساهه گلشن لفظ آ.


    بنان سبب جي ڇني تو سنگت.

    بنان سبب جي ڇني تو سنگت.
    ڇنڻ آ تنهنجي پراڻي عادت.

    وڏن جي ورثي جا ڀاڳ وارا،
    کُلي نه پئي ڪنهن جي ائين قسمت.

    جو در تي آفيس جي ٽنگيل آ،
    دٻي سان ڪهڙي ڪجي شڪايت.

    اهو به هٿ ناٽ جو آ شعبو،
    ڪو شوشو ڇوڙيو ملي وئي شهرت.

    اچان مان تو ڏي هلي اکين سان،
    ملئه جي مون سان ملڻ جي مهلت.

    رکي آ چانئٺ تي تنهنجي دَرَ جي،
    متان اورانگهين آ منهنجي چاهت.

    آ عمر مون کي وڌيڪ چوڙيو،
    وئي ٿي گهنج گهنج گل آ صورت.


    مون سان گڏ رات جي ڀي ننڊ ڦٽي وئي.

    مون سان گڏ رات جي ڀي ننڊ ڦٽي وئي.
    ڪندي ڳالهيون پتو پيو پرهه ٿي وئي.

    ٺٺولي ٽوڪ واري کِل کلندي،
    ائين کِل کان منهنجي دل ٿي کَٽي وئي.

    نظر آئيني جي کان مان ڊڄان پيو،
    زماني جي نظر تو کي لڳي وئي.

    دَنگي ۾ نار دريا پار ويندي،
    لڳو دريا ۾ سهڻي ڀي ٻڏي وئي.

    منهنجي دل ۾ محبت آڳ هئي جا،
    تنهنجي دامن تائين ڀي آ پڄي وئي.

    جتن اڳ ۾ اهو سوچيو ڪٿي هو،
    پنهون جي لڄ رڻ پٽ ۾ رلي وئي.

    قبولي يا نه گل ڪوئي قبولي،
    بهارن ۾ ڪلي مرجهائجي وئي.


    بي قيمت آ اهو گل جو.

    بي قيمت آ اهو گل جو.
    نه ڪنهن اک ۾ کُليو هوندو.

    دکن سان عمر جنهن گهاري،
    سکن جو نانءُ ڇا پڇندو!

    مڪمل ماٺ آ ٿي وئي،
    ڳليءَ جو شور ڪاڏي ويو.

    کُلي جئين لحد لفظن جي،
    دفن جو هو لکيو آ سو.

    ڪهاڻي، جو متن ڇاهي!
    ٻڌڻ واري ڪٿي سمجهو!!

    نظر ويئي فلڪ تائين،
    آ اڳتي ڇا ٻڌائي ڪو.

    اهو گل شعر شاعر جو،
    بنان ڳڻ ڳوت جي لکيو.


    بهارو سمهي پئو نظارو سمهي پئو.

    بهارو سمهي پئو نظارو سمهي پئو.
    مون سان گڏ نه جاڳو ستارو سمهي پئو.

    منهنجو مسئلو ڪنهن آ الجهن ۾ الجهيل،
    اوهان ڇو ٿا الجهو اي يارو سمهي پئو.

    نه ٻيڙو آ اچڻو نه وڻجارو ڪوئي،
    ٿي بي فڪر ساگر ڪنارو سمهي پئو.

    سهارن جو رستو ڏسڻ آ اجايو،
    سڄر سور پي بي سهارو سمهي پئو.

    لُڇو ۽ نه تڙپو نه آهون نه دانهون،
    دوا درد ٿيندو بيمارو سمهي پئو.

    اچي ننڊ نيڻن دعا گل ڪيو ڪا،
    گلن جهڙا في الحال ٻارو سمهي پئو.


    نظر تو مون طرف موڙي.

    نظر تو مون طرف موڙي.
    بدن ۾ بجلي وئي ڊوڙي.

    ٻنهي جي آئينو آڏو،
    ٻنهي مان پريت ڪنهن ٽوڙي.

    ملي ويو سينو سيني سان،
    گھٽي ايڏي هئي سوڙهي.

    چيو هُن پيءُ، پيڻي پئي،
    دوا هئي درد کان ڪوڙي.

    ڳنڍيل هئي ڳنڍ ٻولن سان،
    ۽ ٻولن ئي ڇني ڇوڙي.

    جو تو چاهيو مليو تو کي،
    سلامت گل رهي جوڙي.


    تنهنجي ڪا ياد، ياد ايندي آ.

    تنهنجي ڪا ياد، ياد ايندي آ.
    مون کي هيڪل نه پوءِ ڇڏيندي آ.

    ٿي ويو پاڻ آهين پٿر، پر،
    شيشي جي ڳالهه تو سان ٿيندي آ.

    تنهنجي اک جي اها نه وئي عادت،
    اڻ لکو ڪو اشارو ڏيندي آ.

    وٺ اها واٽ جنهن سان وڃڻو ٿي،
    واٽ کان پڇ نه ڪاڏي وڃڻو آ.

    هي به نفرت جو آهه هڪ پاسو،
    نينهن سان نانءُ ڀي ته نيندي آ.

    شاعري کان نه روڪ گل مون کي،
    روز نئين سوچ ڪا سڏيندي آ.


    سمنڊ جون لهرون اٿن ٿيون.

    سمنڊ جون لهرون اٿن ٿيون.
    چنڊ تي پهچڻ جي ڪن ٿيون.

    ائين بدن مليو بدن سان،
    ديدون ديدن سان ملن ٿيون.

    پيار پاتيون چند گهڙيون،
    ياد سي گهڙيون اچن ٿيون.

    ٻن سهيلن وچ ۾ چپ چپ،
    راز جون ڳالهيون ٿين ٿيون.

    چمندا آهن چپ اکين کي،
    ڪي اکيون ڀي چپ چمن ٿيون.

    وقت جيئن پاسو ورايو،
    حالتون حق ۾ هلن ٿيون.

    چاهتن جون موسمون گل،
    پل اَ پل مٽبيون رهن ٿيون.


    صحيفا آسمانن تان اتاريل.

    صحيفا آسمانن تان اتاريل.
    لٿا سينن تي جي ها اڳ اجاريل.

    شهر ڏي ڪيتريون ايندڙ ۽ ويندڙ،
    انهن واٽن جيان آهيون ورهايل.

    ٻٽي پاليسي يا ڪا چال سياسي،
    ڪڏهن ساريل ڪڏهن آهيون وساريل.

    مڃان ٿو رَبّ ۽ رَبّ جون نهارون،
    ڪروڙين پوءِ به ملندا اڻ نهاريل.

    بکيا، بي گهر، ڏکيا ۽ انگ اگهاڙا،
    دنيا جي بي ڌياني جا جياريل.

    مڪون دل جون مڃن ئي ڪو نه ٿا سي،
    اهي جي پنهنجي نظرن جا ڌڪاريل.

    اهي ڄاڻن ٿا جنّت جي حقيقت،
    گذر گاهن مان اڳ آهن گذاريل.

    لغت ۾ لفظ جيڪي ڀي ملن ٿا،
    اهيئي شاعريءَ ۾ گل اچاريل.


    سٺي سوچ رکندڙ آ ثابت دماغي.

    سٺي سوچ رکندڙ آ ثابت دماغي.
    انهيء کي چون عرفيت ۾ ٿا باغي.

    ڪندي جرم مجرم وساري ڇڏي ٿو،
    اندر وارو انسان آهي سراغي.

    اچڻ کان اڳيئي جهڳو جهڻ ويو ٿي،
    چيو سس سهري ته مڱ آ نڀاڳي.

    چراغي غريبن جي ڪا رات ناهي،
    اميرن جي هر رات آ شب براتي.

    ائين ارب پتي ٿيو سياست ۾ ايندي،
    ڇا سياست سڀاڳي يا ساعت سڀاڳي.

    گلابي نه موتيو نه چمپا چنبيلي،
    رڳو هڪڙو گل لاله ٿيندو آ داغي.

    زندگي عشق کان سوا ڇاهي!
    خالي جيئڻ ٻيو ته ڪجهه ناهي.


    درد دل ۾ آ گهر ڪري ويٺو،

    درد دل ۾ آ گهر ڪري ويٺو،
    مطمئن ڪيڏو بي فڪر آهي.

    پيار وٽ پيار ٿو اڳي پهچي،
    جيستائين پکي ٿو پر ساهي.

    ايتري پڪ ٻنهي کي ڪانهي ڪا،
    ڪيترو ڪير ڪنهن کي ٿو چاهي.

    روپ ٻهروپ تون به ۽ مان ڀي،
    روپ تان روپ ڪير ٿو لاهي.

    هڪڙي گهر ۾ هي هيترا گهر ڇو؟
    وچ جون ديوارون سڀ ڇڏيو ڊاهي.

    شاعرن جي آ لسٽ ۾ شامل،
    شعر ٺاهي ٿو، پر نه ٿو ٺاهي.

    ڇو ٻين لاءِ ايڏو ٿو سوچي،
    سوچ چاڙهي ڇڏن ٿا گل ڦاهي.


    غمگين رُت جو آ قسم.

    غمگين رُت جو آ قسم.
    حد کان نه وڌ تون رک ستم.

    پوڄا ٻنهي جي ٿي ٿئي،
    هڪڙو خدا، ٻيو آ صنم.

    تنهنجو هئو هٿ، هٿ ۾،
    ۽ تار بجلي تي قدم.

    ڄاڻي خدا ٿو ڀيدِ هي،
    منهنجو ٿيو هو ڇو جنم!

    سڀ ڪجهه ڇڏيو آ پيار تي،
    ڇاهي خوشي ڇاهي الم.

    تو ساڻ نيبهه شاعري،
    جيسين به دم ۾ آهه دم.

    سچ آ ڪڙو سچ ٿا لکون،
    گل سرخرو آهي قلم.


    جانِ هڪڙي لاءِ ٿو روئين پيو.

    جانِ هڪڙي لاءِ ٿو روئين پيو.
    شهر ڪيئي سمنڊ آ کائي ويو.

    ڪيترا آواز هڪ آواز ۾!
    ڪنهن ڪٿي هوندو ٻڌو جو مون ٻڌو.

    ان جي اکين ۾ رهيو بس انتظار،
    وقت تي جنهن ڀي ڪيو هو ڀروسو.

    پنهنجو سايو ڀي وڃي ٿو ڌار ٿي،
    ڪهڙو اوندهه ۾ رکين ٿو آسرو.

    پنبڻين، ڀرون منجهان، اکين منجهان،
    دل نه سمجهو تير ڪاٿئون هو ڇٽو!

    ڪس ڪسر ٿيندي آ رهندي پيار ۾،
    ٿورو گل نقصان ٿورو فاعدو.


    بارش جي هلڪي ڪڻ ڪڻ آ.

    بارش جي هلڪي ڪڻ ڪڻ آ.
    پايل جي ڄڻ ڪا ڇڻ ڇڻ آ.

    ٻالڪ جي هٿ ۾ رانديڪو،
    ڦيرائڻ سان ٿي جهڻ جهڻ آ.

    ريس کٽي آ رئيس جي گهوڙي،
    وه وه ٿي جهر جهنگ وڻ وڻ آ.

    ماڻهو ڊوڙن هيڏي هوڏي،
    شهر ۾ ڇو وٺ سٺ هڻ کڻ آ.

    پيلي رُت جي پهرين ڀيٽا،
    گلشن گلشن ٿي پن ڇڻ آ.


    دل ۾ ڪنهن جي آمد ٿي آ.

    دل ۾ ڪنهن جي آمد ٿي آ.
    پڪ ناهي، پر شايد ٿي آ.

    سڀ اٿي بيٺا ها ادب ۾،
    هال ۾ جيئن هوء وارد ٿي آ.

    آئون ته پراڻي راهه جو راهي،
    راهه نئين ڪا قائد ٿي آ.

    دل هڪڙي سان، اکيون ٻئي سان،
    پريت پريت سان حاسد ٿي آ.

    مون کي دڳ آواره سان لائي،
    آواره دل شاهد ٿي آ.

    سج، چنڊ، تارن اڀ کان اڳتي،
    سوچن جي گل سرحد ٿي آ.


    برف جهڙو آ ٿڌو تنهنجو بدن.

    برف جهڙو آ ٿڌو تنهنجو بدن.
    ان جي ابتڙ آ گرم منهنجو هي من.

    پوسٽ مارٽم بعد منهنجي شاعري،
    حق ادائگي، سان ڪجو ان کي دفن.

    مان ۽ تون، ٽيون وچ ۾ آ اغيار ڀي،
    ٽن اسمن ۾ ورهايل آ وچن.

    ڪجهه حدن ۽ سرحدن جي باوجود،
    سچ ته ساري ڌرتي آ منهنجو ‏‌وطن.

    هڪ گگن، هڪ ڌرتي ۽ هڪڙو خدا،
    وچ ۾ خالي ٽنگ اڙائي آ بتن.

    خط تنهنجو ڄڻ ڪوئي معمو هجي،
    لفظ معنى هوندي بي معنى لڳن.

    جنگ هڪڙي ۾ مرن ماڻهو لکين،
    ڪنهن جي حصي ۾ قبر ڪنهن بي ڪفن!!

    موسمون توڙي جو گل مٽبيون رهيون،
    رنگ، خوشبو کان نه خالي آ چمن.


    سچ جي رستي ۾ ڀِت ٿيندي نه آ.

    سچ جي رستي ۾ ڀِت ٿيندي نه آ.
    ڪوڙ جي سر تي به ڇت ٿيندي نه آ.

    خاندانن جي رضا مرضي سوا،
    پسند جي شاديءَ ۾ تٿ ٿيندي نه آ.

    بي سند قصو، ڪهاڻي آهه مٿ،
    ها، مگر تاريخ مٿ ٿيندي نه آ.

    اهڙي ڪا بازار ناهي شهر ۾،
    درد ۽ دل جي کپت ٿيندي نه آ.

    ”آڻيون ۽ چارهيون“ وارو قصو،
    پيٽ ۾ پورا بچت ٿيندي نه آ.

    ڀيٽ موتين سان ڏيو، پر سوچيو،
    لڙڪ لارن مان اپت ٿيندي نه آ.

    پيار، محبت، قسم ۽ واعدو به گل،
    پر وفا جي جنس هت ٿيندي نه آ.


    اجايو سجايو به ٿيندي ڏٺو آ.

    اجايو سجايو به ٿيندي ڏٺو آ.
    ۽ پنهنجو پرايو به ٿيندي ڏٺو آ.

    ڪمي ڪا نه، ان جي اچڻ جي گنجائش،
    ڪو آيو نه آيو به ٿيندي ڏٺو آ.

    ائين ننڊ واديءَ جي اکين ۾ هلڪو،
    ڪوئي سپنو سايو به ٿيندي ڏٺو آ.

    ستل آهه اي_سي ۾ پر ننڊ ڪانهي،
    اندر تاءَ تايو به ٿيندي ڏٺو آ.

    رواجن ۽ رسمن جي هن راڄ ۾ گل،
    رعايت ۾ رايو به ٿيندي ڏٺو آ.


    ڀاڳ منهنجو نرڙ تنهنجي تي لکيل.

    ڀاڳ منهنجو نرڙ تنهنجي تي لکيل.
    آ چڱو جو لوڪ کان آهي لڪيل.

    الف کان ي تائين هر شيء ٿي کپي،
    واڪ جي بازار آ هر پل کليل.

    مانَ کان وڌ مانُ مانيءَ کي ملي،
    مانُ، ماني جي آ بس ي ۾ ڀليل.

    هڪ طرف کان ٻئي طرف پنڌ ڪيترو،
    ڪئين پتو پئي ڪير ڪنهن سان مليل.

    ڇو ٿا هڪ ٻئي کي فريبن ۾ رکو،
    راز سارا ئي نه آهن اڻ سليل.

    زندگاني جو سفر باقي اڃا،
    رستي ۾ ڪيئي ڇڏي ويا گڏ هليل.

    سَوَ ڪري سينگار گل سامهون اچي،
    چوٽ کاڌل پيار کان دل آ پليل.


    دوستيءَ ۾ اجنبيت بي دلي.

    دوستيءَ ۾ اجنبيت بي دلي.
    ڪجهه نه ڪجهه وچ ۾ ٻنهي جي آ وٿي.

    منهنجي من مجبورين کي ڪنهن ڏٺو!
    آبروء تي حرف ايئن ويو هو اچي،

    ڪيتريون روڪون هيون ٽوڪون هيون،
    زندگي منهنجي هئي ڄڻ ٻين جي.

    مون قصو رومانيت جو ڇيڙيو،
    هُن شروع ڪئي ڳالهه ڪائي مذهبي.

    ٻول هڪ ٻئي کي نه سمجهائي سگهيا،
    هڪ جي ٻولي ٻي هئي، ۽ ٻئي جي ٻي،

    بي ارادي منهن مٿي مون جيئن ڪيو.
    هڪ دريءَ مان گار ڪا منهن ۾ لڳي.

    مان اچي اڻ ڄاڻ گل ڦاٿو هئس،
    شهر جي هر ڪا ڳلي هئي بند ڳلي.


    مان اتي آهيان جتي تون وئين ڇڏي.

    مان اتي آهيان جتي تون وئين ڇڏي.
    تون خبر پنهنجي ٻڌاءِ آهين ڪٿي.

    دل نه ٿي ماپي خوشيءَ ۾ شام کان،
    هُو ته اچڻو رات آ ٻارهين وڳي.

    دير کان چهرا چتائي ٿو ڏسان،
    من اهو چهرو به چهرن ۾ هجي.

    دل رکي، ڪاٿي رکي ڀلجي ويس،
    هاڻ ڳولا سان نه ٿي مون کان لڀي.

    هو تصور ڄام جو ڪينجهر ڪنڌي،
    دل هوا جي ٿي هندوري ۾ لڏي.

    دل جو ٻيو آ، ذهن جو رايو ٻيو،
    ڪنهن جي رايي کي ڀلا راضي ڪجي.

    دوست ۾ اميد ڇو رکجي غلط،
    جي نه ٿي پوري ته دل ڇو ٿي دکي!

    ڪا خبر ناهي سڀاڻي ڇا ٿئي،
    جو نه وس ۾ ان تي گل ڇا سوچجي.


    حوصلا اڌما گھٽي ماري نه ڇڏ.

    حوصلا اڌما گھٽي ماري نه ڇڏ.
    وقت کي ٻئي وقت تي ٽاري نه ڇڏ.

    اڻ سڌو ڄڻ خود ڪشيءَ جو آ عمل،
    ريءَ چَپُو ٻيڙي دريا ڌاري نه ڇڏ.

    ڇو وساري تو ڇڏيو آ جيت کي!
    هار تي هڪدم هنيون هاري نه ڇڏ.

    فيض ريءَ ڪهڙي ڀلا آ زندگي،
    زندگي بي فيض ائين گهاري نه ڇڏ.

    خواب شرمنده ٿين اکيون جهڪن،
    ايترو ڀي پاڻ کي کاري نه ڇڏ.

    جنهن کي گل اچڻو آ، سو ايندو ضرور،
    رات کان اڳ ۾ ڏيئو ٻاري نه ڇڏ.


    هڪ دفعو ثاني نظر ڪردار تي.

    هڪ دفعو ثاني نظر ڪردار تي.
    ڪوڙي سچي راءِ جي اظهار تي.

    لڄ قلم جي تو کان هئي وسري وئي.
    راضي ڪئين ٿئين بي لڄي اقرار تي.

    شاعري جي انگ کي ڏسڻو نه آ.
    صرف رکڻي آ نظر معيار تي.

    سر ٻه ها، ليڪن رسو هڪڙو هئو،
    هڪڙي ئي سر کي هو چڙهڻو دار تي.

    هر ڪائي هوندي مسيحا کي خبر،
    ڇا ڇا گذري آ رهيو بيمار تي.

    هفتي جي ان ڏينهن جو آ انتظار،
    ڪنهن ته ايندو يار واعدي وار تي.

    جو به گل مٽبو نه مٽجي ٿو سگهي،
    نانءُ لکيل دل جي آ ديوار تي.


    ايترو ئي بس ٻڌاءِ في الحال تون.

    ايترو ئي بس ٻڌاءِ في الحال تون.
    وقت ڪهڙي جي ڪرين ٿو ڳالهه تون.

    حالتن جي ڊيگهه اوچائي به ڏس،
    حد کان وڌ ٿو لڳائين ڇال تون.

    ڄاڻ هوندي ايترو اڻ ڄاڻ ڇو؟
    ڇو ٿڏن جو آن بڻيو فٽبال تون!؟

    جانِ پنهنجي جو سڄو رت ست ڏئي،
    پيار ٻئي جي کي نه ايڏو پال تون.

    صلح ۽ جنگ جو اهو آ فيصلو،
    هڪڙي هٿ تلوار ٻئي هٿ ڍال تون.

    جيڪو ڪجهه ڪرڻو اٿئي جيئري ئي ڪر،
    ڪيترو جيئندين صدي يا سال تون.

    موت کان پوءِ ٻيو جنم آهي اگر،
    پاڻ گل پنهنجو ڀريندين خال تون.


    کڻي وڃ تون پنهنجا سڀئي خط کڻي وڃ.

    کڻي وڃ تون پنهنجا سڀئي خط کڻي وڃ.
    پريت جا پراڻا، نوان بت کڻي وڃ.

    منهنجي آڱرين تي جي اتري ها آيا،
    اي پوپٽ! پرن جا سي رنگ ست کڻي وڃ.

    ڏسون پوءِ ته ڪهڙي ٿو مذهب تي بيهين،
    ڪتابن مان سڀ مذهبي تت کڻي وڃ.

    چرکڙي تي ڪَتيا تو جيڪي به ڪت ها،
    ڪتڻ واري محنت سندا ڪت کڻي وڃ.

    برن ۾ ۽ جبلن ۾ هيڪل رُلي ٿي،
    سسئي کي ۽ سورن کي اي جت! کڻي وڃ.

    رهيو دل جو دل سان نه ڪو واسطو گل،
    رُخن رابطن تان رُکا هٿ کڻي وڃ.


    ارادو هو سويري ئي سمهڻ جو.

    ارادو هو سويري ئي سمهڻ جو.
    ٺهي ويو موڊ ”ڊي وي ڊي“ ڏسڻ جو.

    ڏٺو تنهنجو اڳي چهرو چڙيل آ،
    چيو دل تو سان مرڪڻ ۽ کلڻ جو.

    رضا هڪ جي رضا بڻجي ٻئي جي،
    سوال آ دل ڏيڻ ۽ دل وٺڻ جو.

    ٻنهي کي سڏ هئو هڪ پارٽِيءَ ۾،
    ٻنهي کي موقعو مليو ملڻ جو.

    نظر جي تير بابت ان جي دعوا،
    ڪوئي هڪ وار ڀي ناهي گسڻ جو.

    وڃائي ڇو ائين ڇڏجي اجايو،
    ملي هڪ پل ٻڌائڻ ۽ ٻڌڻ جو.

    غزل گل مختلف رنگ ۾ لڳي ٿو،
    ويو شايد آ مٽجي ڍنگ لکڻ جو.


    نظارو ڪجهه ته نظرن کان گهري ٿو.

    نظارو ڪجهه ته نظرن کان گهري ٿو.
    تڏهن نظرن جي چوڌاري ڦري ٿو.

    وڃايل وقت جو ورجاءُ ڪهڙو،
    هي من نئين وقت جي ڳولا ڪري ٿو.

    برائي ۽ ڀلائي ڄاڻندي ڀي،
    ٻڌائي ڪو ته ماڻهو ڪيئن کري ٿو.

    اندر انسان جي احساس جو آ،
    اهو پل پل جئي پل پل مري ٿو.

    آ منهنجي دل، يا ويران گهر آ،
    تمنا جو نه ڪو ڏيئو ٻري ٿو.

    ميوزڪ منهنجي ڪمزوري رهي آ،
    مڌر آواز من ۾ چنگ چري ٿو.

    لڳائيندين ملم دلجاءِ جي گل!
    آ لفظن لوڻ ٻرڪيو ڦٽ ڪُري ٿو.


    نه ڪا ياد آهي نه ڪو درد آهي.

    نه ڪا ياد آهي نه ڪو درد آهي.
    گرم دل به اڄ ڪلهه صفا سرد آهي.

    ڦري جيڪو چؤگرد استاد جي ٿو،
    انهيء جي آ معنى ته شاگرد آهي.

    هِي مت ڀيد جو درس ماڻهن ۾ ڇو آ؟
    جو سر آهي پيرن جي سو گرد آهي،

    اُٺي مينهن جو جيئن آ پهريون نظارو.
    ائين قوم ۾ اهم هڪ فرد آهي.

    سدائين رکي سر جو اوچو، جئي ٿو،
    جهڪيو سر نه مصلحت اڳيان مرد آهي.

    اکين کان ٿي اوجهل ويا دوست ڪيئي،
    اسان جي روّين جو ئي رد آهي.

    بهار ۽ خزان رُت جو ميلاپ آ گل،
    گلابي بدن تي وڳو زرد آهي.


    ڇني تون وئين دوست ناتو پراڻو.

    ڇني تون وئين دوست ناتو پراڻو.
    کليل پيار جو بند ٿيو کاتو پراڻو.

    پراڻي نظر سان ڏٺو نئين شهر کي،
    نئين شهر کي ڄڻ مون ڄاتو پراڻو.

    سماجي رواجن ۽ رسمن جي بندش،
    حياتي جي چؤگرد حاطو پراڻو.

    ننڍو ٻار، پوڙهو مڙئي ڳالهه ساڳي،
    وري دؤر ماضي آ پاتو پراڻو.

    مون لئه تنهنجون ڳالهيون ڪتاب آيتون هن،
    ٻڌڻ آيتن لئه من آتو پراڻو.

    مون کي تنهنجي فرمائش جيئن ياد آئي،
    اهو ئي مون گل گيت ڳاتو پراڻو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1163701
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 370011
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ