ڪتاب جو نالو: چوئنري مٿان چنڊ
مصنف: امر رائيسنگهه راجپوت
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 29 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 457 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 146 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
نئون ڪتاب ”چوئنري مٿان چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. فرزانه شاهين لکي ٿي: امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعري تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن جي شاعريء ۾ ڀرپوريت آھي ،من ۽ فڪر جو حسين ميلاپ آھي.  سندس شاعريء ۾ هڪ درد آھي، هڪ ڪوڪ آھي ،هڪ ايذاء آھي، هن جي شاعريء ۾ منظرڪشي ايئن هوندي آھي جيئن سهڻي عورت لاء زيور. سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي امر ان کي انتهائي موهيندڙ انداز ۾ اظهاريو   آھي، جماليات جي حسناڪين سان سينگاريل سندس تخيل روح ۾ لهي وڃي ٿو .
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • ھُــــــــــو چـونئري مــــــــــــٿان چــــــــــــــنڊ ڏســـــــــــــــي 
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • رابيل جهڙا ڪومئل احساس رکندڙ شاعر
  • غزل

  • سنجها ويلي شوخ هوا ۾ جانان کولي وار موهي ٿي
  • پرين جڳ کان جُدا آھين
  • توبن سجني  ڏات ڏنڀي ٿي
  • رات ريٽن مٿي ڇير ڇمڪو ڪيو
  • ڪڪر ڪارا ڏسي خُوب بر جي مٿان
  • سنجها ٽاڻي جام پيئون ٿا
  • مٺا مور مرڪي صدائون ته ڪن ٿا
  • گُلابي ويس ۾ ويڙھيل کڻي ٿي پير پاڻياريءَ
  • پيو مور ٻولي نما شام ويلي
  • درد ٻيجل هُيو درد قاتل هُيو
  • نڀائي وياسين سفر زندگي جو
  • گُلابي ڳلن تي چگهن جون ڪهاڻيون
  • نيڻ نيرا پرين
  • اڪيلي رات اوٽي تي تڪي تارا سُتي آھي
  • پُور تنهنجا ٿا پون او پدمڻي
  • پرھ جي هير ۾ سرتي سجايو نرڙ تي ٽيلو
  • دُنيا ساري دوکو آھي
  • تنهنجي وئي کانپوءَ پيارا
  • ٿر جي شام ڏسي وڃ ڍوليا
  • تون ندي ۾ لٿين شام ٽاڻي سکي
  • پاڻياريءَ جو پُور وڻي ٿو
  • نظم

  • سڌُوري ڳوٺ جي نينگر
  • تنهائي رڻ ڪارو آ
  • اڄ چون ٿا ھولي آھي
  • ڀريي تُريي ميلي ۾ تون
  • مٺي جي منظر ڪَشيءَ تون ڪندين ڇا؟
  • او مور منهنجي ديس جا..!!
  • پُر نُور گگن تي چنڊ ڏسي
  • مٺي جي شهر جي راڻي
  • دُنيا ليکي مٺي سانئڻ!
  • او سنڌيا تنهنجي بنديا هي
  • ملائي نيڻ نيڻن سان
  • اڙي سُونهن ايڏا هي انگل ڇو ڪرين ٿي
  • سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي
  • ”چُمي“
  • ”غربت“
  • هُوءَ جا ڪوٺي تي حياتي ڪٽي ٿي پيئي
  • تون امير هوندي غريب ڪيڏو
  • ”مٺي“
  • آ رات ڏاڍي چاندني
  • سانجھ ويلا سدا
  • اڙي او وقت جا وحشي !
  • اسين ارڏا ڏُکن ڏاڍا
  • اسين ڪاسٻي جي گُلابي گليءَ ۾
  • سج لٿي جو پاڻ سنواري
  • تونءَ نه سوچين توکان سانئڻ
  • ھلي آ ھيل ھولي تي
  • هي ڪينجهر ڪارونجهر ڇڏي
  • اڃا عشق ٽانڊن تي رقص ڪري پيو
  • بدن ڪو بانورو ڪونهي
  • ڪارونجهر جي ڪور سڏي ٿي
  • توکي سُک صدين جو گهرجي
  • وڌوا
  • ٻُڌائي سگهو ته ٻُڌايو اسان کي
  • دلين جا راج دُلارا تون
  • ڇتن کي تون ڇوڙي سجني
  • هن ٿر جي ٿڌڙي ريٽ مٿي
  • سڀاڳي وطن جي اڀاڳي اديءَ
  • تنهنجي اکين جي نيرڙي ندي ۾ لهي
  • او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪري
  • هُو ٻالڪ ننڍڙو موچيءَ جو
  • هلندي هڪڙو خواب ڏسان ٿو
  • ڏينهن تتي جو ڪاري ڪولهڻ
  • وقت وڏو ڪو وحشي آھي
  • رات نماڻي چنڊ ٻُڌايو
  • هڪ ڏهاڳڻ عورت جي اڳڪٿي.
  • ”سنڌ“
  • صادق فقير کي ڀيٽا
  • ڏسين ٿي ڏور کان ويهي
  • آشا
  • هلندي هانسل سوڍيءَ کي اڄ
  • انجلي
  • ونگي جا واءَ تون ٻُڌجان
  • اسين سنڌ نگري جا نردوش ماڻھون
  • ڪُنواري ڇوڪري تنهنجي!
  • دير
  • کول گونگهٽ پري
  • اُجهاميل چُلھ جي ڀرسان
  • خدا تون هميشه ڏکائين اسان کي
  • بڻي جوڳي جڳن جو پوءَ
  • دُلاري سنڌ ڌرتيءَ لئه
  • ڍاٽڻ تنهنجي ڍاڻيءَ جهڙيون
  • گهڻن جي وچ ۾ گهُوري
  • وسڪارو
  • ٿاريلي
  • چنڊُ
  • چري دل سونهن تنهنجي ۾
  • تون ته پلر ۾ پونئري جهڙي
  • منهنجا سج سلاخن پويان
  • ڪجلاسر تي
  • ”نصيب“
  • تپسيا
  • سِندُور
  • ڌرتيءَ ڌڪاڻي“
  • عورت
  • ڪيفيت
  • نصيب
  • ”ڀيٽا“
  • ”ڏات“
  • ”اڳڪٿي“
  • چئوسٽا، ٽيڙو، دوھا

  • چوسٽا
  • هائيڪا / ٽيڙو
  • دُوها

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”چوئنري مٿان چنڊ“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. فرزانه شاهين لکي ٿي:
    امر رائيسنگهه راجپوت جي شاعري تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن جي شاعريء ۾ ڀرپوريت آھي ،من ۽ فڪر جو حسين ميلاپ آھي.  سندس شاعريء ۾ هڪ درد آھي، هڪ ڪوڪ آھي ،هڪ ايذاء آھي، هن جي شاعريء ۾ منظرڪشي ايئن هوندي آھي جيئن سهڻي عورت لاء زيور. سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي امر ان کي انتهائي موهيندڙ انداز ۾ اظهاريو   آھي، جماليات جي حسناڪين سان سينگاريل سندس تخيل روح ۾ لهي وڃي ٿو .
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيش، ٿرپارڪر پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرمواڻي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    (08)
    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
    ڪتاب جو نالو: چوئنري مٿان چنڊ
    شاعر: امر رائيسنگهه راجپوت
    موضوع: شاعري
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: هڪ هزار
    سال: © 2017ع
    ڪمپوزنگ لي آئوٽ \ٽائٽل: پرڪاش ڪرمواڻي
    ڇپيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    03333173584
    قيمت: 250 روپيا



    [POETRY]
    By Amar rai Singh Rajput
    Edition: First
    Year: © 2017
    Price: Rs. 250-00


    ــــــــــــــــ اسٽاڪسٽ ــــــــــــــــ
    ڀٽائي ڪتاب گهر، گاڏي کاتو حيدرآباد-ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد-
    شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاھ- ڪاٺياواڙا اسٽور اردو باراز ڪراچي-رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو-
    مهراڻ ڪتاب، کپرو-العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ-المدينه ڪتاب گهر، ڇاڇرو-
    ٿر ڪتاب گهر، مٺي-ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپورخاص-المهراڻ ڪتاب گهر، سانگهڙ-
    عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ-مرچولال بوڪ ڊيپو، بدين-سوجهرو ڪتاب گهر، بدين-
    مهراڻ بوڪ سينٽر، سکر-سنڌ ڪتاب گهر ، شڪارپور-وسيم ڪتاب گهر شڪارپور-
    سچل ڪتاب گهر، درزا-ڪنول ڪتاب گهر، مورو-
    سارنگ ڪتاب گهر ڪنڊيارو


    ارپنا

    ارپنا.....
    نرن سوڍن جي نَڪ، پاٻوهر جي پراڪرمي سوڍي “کينئراج سنگهه” جي نانءُ
    جيڪو تيجوان تُري جي رڪاب ۾ پير وجهي ڪنجڪ کي ڪشي جڏهن مٺي جي مور بازار مان لنگهندو هو، تڏهن هر ماڻهو هٿ ٻڌي مُنجرو ڪندو هو. هُن جي سورهيائي، سونهن ۽ اڪابري کي اڄ به هن وطن جو وڻ وڻ ياد ڪري ٿو.

    ”امر رائيسنگهه راجپوت“


    ھُــــــــــو چـونئري مــــــــــــٿان چــــــــــــــنڊ ڏســـــــــــــــي 

    ھُــــــــــو چـونئري مــــــــــــٿان چــــــــــــــنڊ ڏســـــــــــــــي 
    ڪـــــــا نـــــــــــــــــــاريءَ آرس مـــــــــــوڙي ٿـــــــــــــــــــــي
    ٿـــــــو ڇُلڪي ساگــــــــــــــــــــــــــر ڇاتين جــــــــــــــــــــــو
    ھــــــــــــــــڪ لھــــــر لـــــــــــــنڱن ۾ ڊوڙي ٿــــــــــــــــــــي


    اداري پاران

    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر جي پهرين ڏينهن کان اهو ڪوشش رهي آهي ته پنهنجي ڌرتيءَ جي ادب، تاريخ، تهذيب، تمندن ۽ ٻولي کي بچائڻ لاءِ ادبي محاذ تان نج قومي خدمت جي جذبي سان ڪم ڪجي، ان ادبي ڪرت کي ڪنهن به ريت پيٽ گذر جو ذريعو يا واپار بڻائڻ بجاءِ ادب جي حقيقي خدمت ڪري ڌرتيءَ جي تاريخ کي زنده رکي پنهنجي ايندڙ نسل تائين پهچائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون ڪتب آڻڻ گھرجن. گذريل ويجهي عرصي ۾ سنڌي ٻولي ۾ لاتعداد ڪتاب شايع ٿيا آهن، انهن ڪتابن ۾ تمام ٿوري انگ کانسواءِ گھڻائي جو ميار سان تعلق گھٽ آهي. اسان جو ادارو سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر ڪتابي دنيا ۾ نواڻ جو ڳولائو آهي. ان ڪوشش جي نتيجي ۾ سامروٽي پبليڪيشن جي اها خوشنصيبي آهي جو ٿر جي نوجوان شاعر امر رائيسنگهه راجپوت جي هي ٻيو ڪتاب “چوئنري مٿان چنڊ” ڇپي دلي سُرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. شاعري جو هن ڪتاب “چوئنري مٿان چنڊ” ۾ شامل سموري شاعري جا موضوع وقتائتي ۽ ڪارائتي ڄاڻ جو مجموعو آهن. انهن موضوعن تي امر رائسنگهه راجپوت انتهائي شاندار نموني لفظن جي مالها سان پرويو آهي، جنهن لاءِ شاعر جس لهي.
    پرڪاش ڪرمواڻي
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    03333173584


    پنهنجي پاران

    ماڻھون جڏھن دنيا جي دردن مان بيزار ٿي زندگي کان فرار ٿيڻ چاهيندو آھي تڏھن شاعري ئي اُها واحد پناھ گاھ ثابت ٿيندي آھي جيڪا جيئڻ جا جواز پيدا ڪندي آھي.! شاعري ڏُک جي ڪُک مان ازخود اُتپن ٿيندي آھي.زندگي جي ڪنهن اهم مقصد ۾ ناڪام ٿيندڙ ماڻھون شاعر ٿيندو آھي ۽ زندگي جي مقصد ۾ عشق وڏي اهميت رکي ٿو! شاعري اُداس ۽ بيوس ماڻھون لئه هڪ آس آھي هڪ اُمنگ آھي.شاعري هڪڙو وشواش آھي انهن دردمند دلين لئه جيڪي ستمگر سماج هٿان رُسوا ٿيندي روز رت جا ڳوڙھا پيئن ٿيون.شاعري ڏاتار وٽان مليل هڪ ڏات به آھي!
    ”ٺلي ٺڪرائي ڇار اوڳرائي“ واري ڦونگر ۾ اچي،سماج ۾ ڏُڦيڙ پيدا ڪرڻ،واندو ويهي ڪنهن جي گلا ڪرڻ،چار ڇڏائي پنج ٻَڌائڻ،واندي پٽيلپائي ڪرڻ ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي حياتيءَ تان هٿ ڌوئڻ کان بهتر آھي ماڻھون ويهي سنجيدگي سان شاعري ڪري.شاعري ۾ جيڪڏھن ڪو فائدو نه به ٿيو ته نقصان پڪ سان ڪونه ٿيندو ڇاڪاڻ ته شاعري زندگي جي دردن جو اهڙو ديسي علاج آھي جنهن جو ڪو به سائيڊ افيڪٽ ناهي…!!
    اسان وٽ اڪثر ماڻھن جي اها راءَ رهي آھي ته هڪ سُٺو شاعر يا ليکڪ ٿيڻ لئه اهو ضروري آھي ته هُو تمام گهڻو مطالعو ۽ مشاهدو ڪري،منهنجي خيال ۾ ماڻھون بنان ڪنهن مطالعي ۽ مشاهدي جي به سٺو شاعر ٿي سگهي ٿو.ان لئه بس هڪڙو شرط آھي ته ان جي اندر ۾ هڪ احساس هجي،هڪ عشق هجي.اهڙو عشق جيڪو ڀري ننڊ مان ڇرڪ ڀرائي اُٿياري ڇڏي! اهڙو احساس جيڪو ڪنهن بُکايل کي ڏسي پنهنجي بُک وساريو ڇڏي! ڪنهن اُڃايل کي ڏسي پنهنجي اُڃ وسريو وڃي! ڪنهن کي پيرين اُگهاڙو ڏسي پنهنجي پنڌ جي پيڙاءَ وسريو وڃي! ڪنهن کي پوھ جي پارن ۾ سيءَ مرندو ڏسي پنهنجا وستر لاهي ڏي! اهو ئي سٺو شاعر ۽ ليکڪ ٿي سگهي ٿو باقي رڳو واندو رُلڻ ۽ نُور وڃائڻ سان ماڻھون ٻيو ته ڪجھه ٿي سگهي ٿو پر شاعر ء ليکڪ نه!
    منهنجو ادب ۾ اچڻ هڪ حادثو ئي سمجهو ڇاڪاڻ ته منهنجو جنهن ڳوٺ ۽ گهر ۾ جنم ٿيو آھي اُتي ڪير ادب جي الف کان به واقف ناهي.مون جنهن سماج ۾ ساھ کنيو آھي ان ۾ ادب جي دنيا کي صرف آوارگي سمجهيو وڃي ٿو پوءَ به مون اها آوارگي دل سان ڌونڃي کنئي آھي ڇاڪاڻ ته ان آوارگي مونکي ماڻھپو سيکاريو آھي.ادب جي درپن ۾ مون انسانيت جي اپسرا جو درشن ڪيو آھي ۽ منهنجو ان سان عشق ٿي ويو آھي. منهنجو شاعري سان عشق ٿي ويو آھي.شاعري مون کي محبُوبه جي چُمي جهڙو چس ڏي ٿي.شاعري نه رڳو منهنجي وجود جي وياڪُلتا جو آواز آھي پر شاعري منهنجي بي ترتيب جيون جي بقا جو ڪارڻ به آھي.شاعري مونکي جيئاري به ٿي.شاعري منهنجي دل جي تڙپندڙ پکيءَ کي ڪجھه ڏڍ جو داڻو پاڻي ڏي ٿي.مونکي شاعر بڻائڻ ۾ هر اُن ماڻھون ۽ ماحول جو هٿ آھي جنهن مون کي دل سان درد ڏنا.حياتيءَ ۾ حادثا ڀوڳي ڀوڳي دل درد ۾ ٻُڏي ويئي ، اندر مان هڪ آنهن صدين جي صدا بڻجي نڪتي ۽ هڪ ڪم گو راجپوت ڇوڪرو شاعر بڻجي ويو.
    آئون انتهائي حساس دل انسان آھيان.ڪنهن به اک مان ڪرندڙ آنسو منهنجي اندر کي اڌ ڪري وجهندا آھن. ريلوي پليٽ فارم تي ماڻھن کي هڪ ٻئي کان هميشه لاءَ موڪلائيندي ڏسندو آھيان ڀُري پوندو آھيان. ڪا به دردناڪ فلم منهنجي اکين جا پاند پُسائي ويندي آھي. هر اُداس ناول مونکي اُداس ڪري ويندو آھي.پاپي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لئه ننڍڙين نياڻين جي ڪمزور ڪُلهن تي ڪاٺين جون ڀريون ڏسي اندر جون جي سج وانگي جلي پوندو آھي .پڙھڻ جي وهي ۾ پورهيو ڪندڙ معصوم ٻارن جا سواليه چهرا مونکي چنتائن جي چِتا ۾ جيئري جلائي ويندا آھن.پکين کي پاڻي لئه چُون چُون ڪندي ٻُڌندو آھيان تڙپي پوندو آھيان.بُکايل ٻارن جي بُک مونکان ڏسڻ ناهي ٿيندي.ويران ٿر جو بُرو حال ڏسي آئون اڪثر روئي پوندو آھيان.
    منهنجي شاعري جو محور خاص ڪري ٿر ڌرتيءَ ئي آھي اُن جو وڏو سبب منهنجي ماتر ڀومي هئڻ آھي. آئون هن واريءَ سندي وطن ۾ واريءَ سان کيڏي وڏو ٿيو آھيان، سو هن واريءَ جو ڪڻ ڪڻ ۽ وڻ وڻ منهنجي لاءَ وڏي مهانتا رکي ٿو.منهنجي رڳ رڳ ۾ هن خطي جي خوبصورت فطرت سمايل آھي. هن ڌرتيءَ جي ٻاڙن کوهن جو پاڻي مون لاءَ گنگا جل برابر آھي.مون پنهنجي شاعري ۾ هن ڌرتيءَ جا درد بيان ڪندي وسانءِ ناهي گهٽايو.مون هر اُن هاڃي تي لکيو آھي جنهن ۾ منهنجي معصوم ٻار جي حسرت جهڙي دل پاڻ کي پيڙاءَ ۾ محسوس ڪيو آھي.! منهنجي دل هر اُن پل درد ۾ ڦٿڪيءَ آھي جڏھن ڪنهن به ساھ واري شيءَ جو ساھ مُنجهيو آھي، مون لکيو آھي. اُڏاڻي ۾ اچانڪ لڳل آڳ جي لپيٽ ۾ ٻري ويل تمنائن تي لکيو آھي ته ڪُنري جي ڪولھڻ هيميءَ جي ڪنڌ ۾ پيل ڦاهي جي ڦندي تي به لکيو آھي. گداگرن جي گودڙين ۾ ڦُڻ کڻي ويٺل بُک تي به لکيو آھي ته ڪنهن ٻال نويليءَ نار جي جوڀن رُت ۾ اُجڙي ويل سندُور جي سُڏڪي تي به لکيو آھي.مون اُن ڳوٺاڻي نينگري جي اُڀ ڏاريندڙ اوڇنگارن تي به نوحا لکيا آھن جنهن کي پئسن عيوض شھر ۾ پرڻائي ويئي.پشاور ۾ سفاڪ دهشتگردن هٿان شھيد ٿيل معصوم ٻارن جي موت کان وٺي اسلامڪوٽ ويجهو آتم هتيا ڪندڙ پريمي جوڙي تائين هر هاڃي تي مون وس آھر قلم کنيو آھي.
    منهنجي شاعري ۾ ڪيترو فن ۽ فڪر آھي اهو ته ڪو شاعري جو ماهر نقاد ئي ٻڌائي سگهي ٿو باقي آئون فقط ايترو چوندس ته هن ڪچي ڦڪي ڪويتا ۾ ٻيو ڪجھ ملي نه ملي پر بُکايل،اُڃايل ۽ ستايل صحرا جا اُهي سُڏڪا ضرور ملندا جن کي وس وارن جي ڪنن ڪڏھن به ناهن ٻُڌا. منهنجي شاعري ۾ ٻيو ملي نه ملي پر اُها قديم سنڌ ضرور ملندي جنهن کي حسن درس پرين جي پاڇي سان ڀيٽي آھي.اُها سرڳ کان سرس سنڌ ئي منهنجي شاعري جو روح آھي.! اها سنڌ جيڪا مون کي جند کان وڌيڪ پياري آھي.منهنجي شاعري ۾ ڪارونجهر جي مورن جا ٽهوڪا به هوندا ته سامروٽي جي سيمن جي سونهن جا جلوا به جرڪندي نظر ايندا.
    منهنجي شاعري ۾ اوهان کي رومانس جا رنگ به ڪٿي ڪٿي ووڊڪا جي پهرين پيگ جهڙن خُمارن جهڙا سُرور ڏيئي ويندا.
    مون سانوڻ رُت ۾ سهسين رنگ ڪري ايندڙ سرامڻ ٽيج جي لوڏن تي به لکيو آھي ته پيازي پور سان پڙا پائي ڏھرن ۾ ڏينهن ڌونئري جو ڏيئن جهڙا ڏيک ڏيندڙ پاڻھيارين جي ڪوڏن تي به قلم کنيو آھي. ڪانهوڙي جو وڏڦُڙي جهڙو نرت ڪندڙ نارين جي ڇوليون هڻندڙ ڇاتين جي سمنڊن جي سُونهن تي لکيو آھي ته ڪيهر لنڪين گورين جي انڊلٺ جهڙي انگ لٺ جا رنگ به ڪويتا جي ڪشميري سان ڪاغذ جي ڪپڙي تي ڀرت وانگي ڀريا آھن.مون لَلُوسر ڊنڍ تان لٿل سورج جي رتاڻ ۾ آنچل اُڏاريندڙ پٺاڻيءَ نار جي ڳاڙھن ڳلن جي موهي ماريندڙ حُسن تي نظم لکيا آھن ته اِندر لوڪ جي اپڇرائن جهڙين ڪاسٻي جي ڪامڻين جي پيرن جا پدم پسي دروپدي جي ساڙھي جيڏا نظم لکيا آھن.
    شاعري ۾ منهنجي پسنديده صنف نظم آھي ان ڪري مون گهڻي ڀاڱي نظم ئي لکيا آھن.نظمن کان سواءَ غزل،هائيڪا،دوها ۽ چوءَسٽا به لکيا آھن پر گھٽ. بهرحال مون جيڪو ڪجھه به لکيو آھي اهو دل سان لکيو آھي.منهنجي دل جو ڪيل هي قلمي پورهيو جيڪڏھن اوهان دلبر ديس واسين کي قبول پيو ته آئون ڀلا ڀاڳ ڀائيندس.
    وڏا وڙ پياري روحل ڪالرو جا جنهن ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل لاءَ پنهنجو قيمتي رايو لکي ڏنو.اديءَ فرزانه شاهين جا به وڏا ٿورا جنهن پنهنجي قيمتي راءَ ڏني.مهربانيون وڏيون منهنجن انهن گهڻگهرن ادبي دوستن جون جن حياتيءَ جي هر موڙ تي مونکي همٿايو.آئون سوائي سنگهه سوڍو آروکي، ڪينيا جن جون خاص مهربانيون. جڏھن به زندگي جو سفر ڪندي ڪنهن ڪٿڪ مارگ ۾ مايوس ٿيو آھيان تڏھن مون لئه ڇپر ڇانوَ بڻيا آھن منهنجا اُهي مُحسن دوست جيڪي مون کي زندگي وانگي عزيز ۽ ساھ کان قريب آھن.آئون ڪئين وساريان منهنجي اُستاد امر ساهڙ جا ٿر جيڏا ٿورا جنهن مون کي ادبي سفر ۾ هڪ صدين جي سُونهي وانگي مُفيد مشورا ڏنا.وڏا وڙ خالد جوڳي،فقير منور ساگر،عبدالله آس هنڱورجو، نثار بلوچ ،ساگر مشتاق جنجهي،دسرت ٿري،عبدلرزاق سميجو۽ پياري سليم راهمون جا جن مون کي ادبي سفر ۾ ڪڏھن به اڪيلائپ جو احساس ٿيڻ نه ڏنو.هر موڙ تي سنگ سنگ هجڻ جو احساس ڏيارڻ ۾ هنن به وسانءَ ناهي گهٽايو هيمراج سنگھه ،اين ايس راٺوڙ، کينئراج سنگھه مهر،سروپسنگھه سوڍو اسلامڪوٽ،غريب گل حسن جلالاڻي،ارباب خُدا بخش،سريش ھيراڻي،دليپ سنگھه راٺوڙ مٺڙيو ڏوهٽ،سريش ولاسائي،سنڀومل راٺوڙ،دليپ هميراڻي سوٽھڙ، مهاديوسنگھه سوڍو ڀاڏاري،سرويچ هاشم راهمون،ڀرت نگاڻي،چندرڪمار نگاڻي،امير علي سنڌي،روشن منڱريو،سائل مهراڻ،پدم سنگھه ڀٽي،ربڏنو ساند،رائيسنگھه راجپوت،جڳديش ڪُمار، اشوڪ خاموش، ڀوپت سنگهه سوڍو، رائيسنگهه ساڪريو ڏوهٽ، سنگيڏان سنگهه ساڏور، موهن سنگهه راٺوڙ ڊونڊيو، کيتسنگهه پير ڪوتاني، راجوير سنگهه سوڍا پاٻوهر، بچل سانگي راجپوت، جوت سنگهه دانڌل پيارا اوهان سڀئي حياتيءَ جو حصو آھيو.
    خاص مهربانيون وڪيل رائيسنگھه سوڍو صاحب، ڪامريڊ سورنسنگھه سوڍو،نرپت سنگھه سوڍو پاٻوهر، مهتاب سنگھه راٺوڙ ، صفدر پنهنور ،دليپ ڪُمار صالحاڻي،ڊاڪٽر خادم حُسين سميجو جون جن هن ڪتاب کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ هڙان توڙي وڙان دل سان ساٿ ڏنو.
    وڏا قرب پياري پرين ڀاءُ پرڪاش ڪرمواڻي جا جنهن وڏي محنت سان نه رڳو نور نچوئي ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڪئي آھي پر پنهنجي اداري سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر جي پليٽ فارم تان انتهائي خوبصورتي سان ڇاپيو به آھي.آئون سندس تھَه دل سان شڪر گُذار آھيان.

    امر رائيسنگهه راجپوت
    0346-3751610


    رابيل جهڙا ڪومئل احساس رکندڙ شاعر

    “رابيل جهڙا ڪومئل احساس رکندڙ شاعر“


     شاعري فقط سهڻي ۽ چونڊيل لفظن جي ترتيب ۽ فني سگهڙائپ جو نالو ناهي، پر فڪر اظهار ترڪيب، تمثيل ،تشبيھ استعارو ،تخيل، احساس ۽ ابلاغ انجا اهڙا اٽوٽ جزا آھن جن جي امتزاج سان شاعري ساحريء جو روپ ۽ رنگ وٺي ٿي، بقول شيخ اياز جي، “شاعري موزون تڪبندي نه پر زندگيءجو رياض ۽ شاعر جي گهري مشاهدي ۽ تخليقي وجدان جو نتيجو آھي“ امر راء سنگھ راجپوت جي شاعري تي جڏهن نظر وجهون ٿا ته هن جي شاعريء ۾ ڀرپوريت آھي ،من ۽ فڪر جو حسين ميلاپ آھي.  سندس شاعريء ۾ هڪ درد آھي هڪ ڪوڪ آھي ،هڪ ايذاء آھي، هن جي شاعريء ۾ منظرڪشي ايئن هوندي آھي جيئن سهڻي عورت لاء زيور، سونهن فطرت جي هجي يا انسان جي امر ان کي انتهائي موهيندڙ انداز ۾ اظهاريو   آھي، جماليات جي حسناڪين سان سينگاريل سندس تخيل روح ۾ لهي وڃي ٿو شاعري روح جي پيداوار آھي. شاعريء جو سڌو سنئون واسطو روح سان  هجي ٿو جا شاعري روح واسطو نه ٿي رکي يا روح کي پنهنجو نه ٿي ڪري اها بي معنيٰ۽ بي مقصد لڳي ٿي .امر جي شاعريء ۾ به اهائي ڪشش آھي جيڪا روح کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي روح جي تارن کي ڇيڙي وجد ۾ آڻي ڇڏي ٿي.


    فرزانه شاهين


    غزل

    سنجها ويلي شوخ هوا ۾ جانان کولي وار موهي ٿي

    سنجها ويلي شوخ هوا ۾ جانان کولي وار موهي ٿي
    ڏُور ڏسا ۾ نيلي پيلي آنچل جي اُڏار موهي ٿي

    گيت اُچاري گجوئن سان هي نرت نرالا ناز ڪن ٿيون
    جيڏين جوڙا ڇيل ڇٻيلا ڇيرن جي ڇمڪار موهي ٿي

    چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ پيارا کڙيل سارا کيٽ پيارا
    انڊلٺ انگڙا پگهر پُسائي جوڀن اُڏائي جهار موهي ٿي

    دلبر ايڏي دير نه ڪر تون هاڻ هلي آ حرس منجهان تون
    تنهنجو درشن دل گهري ٿي دلڙي هي دلدار موهي ٿي

    هن جي هڪڙي ديد دڙن تي آڌيءَ ويلي عشق جگائي
    چمڪن چوڙا چانڊوڪي ۾ چوڙيلي چوڌار موهي ٿي

    ڪاوڙ ۾ هُوءَ ڪونج لڳي ٿي وسندي مينهن جي گونج لڳي ٿي
    گهور گروهڙي ساڻ سجيلي کائي ڏاڍا خار موهي ٿي

    ساجن سان گڏ سيج رمڻ لئه چاھ مان چادر پاڻ ڀري ٿي
    کلندي کُڻ کڻي ٿي سارا اُڻندي جهالر آر موهي ٿي
    


    پرين جڳ کان جُدا آھين

    پرين جڳ کان جُدا آھين
    تڏهن ئي با وفا آھين

    سدا سُرهاڻ سان واسين
    وٺي جي ڪا هوا آھين

    دُنيا شيطان ڀل سمجهي
    اسان لئه پر خُدا آھين

    ڏسڻ ۾ روپ انڊلٺ جو
    هلڻ ۾ حرفِ ندا آھين

    اسان جي هر ادا تان
    سدائين تون فدا آھين


    توبن سجني  ڏات ڏنڀي ٿي

    توبن سجني  ڏات ڏنڀي ٿي
    مونکي پنهنجي ذات ڏنڀي ٿي

    بک ۾ ٻالڪ وجهڪن ويٺا
    لنوندي ڪويل لات ڏنڀي ٿي

    انگ ۾ آڙنگ سانوڻ مند ۾
    ڪانڌ بنان برسات ڏنڀي ٿي

    وڇڙڻ ويلي مُرڪ چپن تي
    ساجن جي سوغات ڏنڀي ٿي

    تون ٿي تڙپين چانڊوڪي ۾
    وڌوا کي هر رات ڏنڀي ٿي

    بُک ڀلي آ بيک نه گهُرندس
    من ۾ ڪا مرجات ڏنڀي ٿي

    آڌي ويلي آرس موڙي
    ڇير وڄائي ڇا ته ڏنڀي ٿي

    موڀيءَ ڌيءَ وڏيري ماري
    هاري کي هي گهات ڏنڀي ٿي

    تنهنجا ويڻ به وينا جهڙا
    پر جُدائي جات ڏنڀي ٿي
    ²²


    رات ريٽن مٿي ڇير ڇمڪو ڪيو

    رات ريٽن مٿي ڇير ڇمڪو ڪيو
    پير هُن جا پُڳا ديپ ٽمڪو ڪيو

    حُسن هيڏو ڏسي سيم مُرڪي پيئي
    چنڊُ چوڏس جيان چال چمڪو ڪيو

    وار کولي وڏا هُن وڇائي ڇڏيا
    ٻانهن تڪيو ٿي روح رلڪو ڪيو

    هنج منهنجي مٿي ننڍ هن کي لڳي
    ڇرڪ کائي اُٿي مور ٽهُوڪو ڪيو

    باک ڀٽ تي ڦُٽي هن وڃڻ جي ڪئي
    نيڻ  منهنجا رُنا ساھ سُڏڪو ڪيو
    ²²


    ڪڪر ڪارا ڏسي خُوب بر جي مٿان

    ڪڪر ڪارا ڏسي خُوب بر جي مٿان
    روپ ڪيڏا ڪيا منڌ ور جي مٿان

    پوھ پارن جيان ٿاڪ ٿڌڙا ٿيا
    ميگھه وسندو رهيو رات ٿر جي مٿان

    ڏيک هن جو ڏسي سونهن سجدو ڪيو
    چنڊُ مُرڪي اُڳو گهاٽ گهر جي مٿان

    جوڙ جيڏين ڇني ڪونج ڪُڻڪي رُني
    وار ڪيڏو ڪيو باز پر جي مٿان

    پوڄي ساگر سڄو ور ورڻ لئه وني
    رات ٻاري ڇڏيا ديپ جر جي مٿان

    قلم ڌرتي ڏنو درد ديس جو لکيم
    ڏات ڏھوڻي لٿي دل نگر جي مٿان

    لکان مان لکان ديس توتي لکان
    گيت وايون غزل سنڌ ٿر جي مٿان
    


    سنجها ٽاڻي جام پيئون ٿا

    سنجها ٽاڻي جام پيئون ٿا
    غم کي ماڻي جام پيئون ٿا

    تون جي ناهين او دلبرڙي
    جيون ڇاڻي جام پيئون ٿا

    محفل ڪوئي من ۾ ناهي
    هيڪل هاڻي جام پيئون ٿا

    خُوب وڇوڙي دل کي گهايو
    ڳوڙھا آڻي جام پيئون ٿا

    تنهنجو چهرو چت چڙھي ٿو
    چنڊُ کي تاڻي جام پيئون ٿا

    هن کي ڳاڙھا نيڻ وڻن ٿا
    هن جي ماڻي جام پيئون ٿا
    


    مٺا مور مرڪي صدائون ته ڪن ٿا

    مٺا مور مرڪي صدائون ته ڪن ٿا
    اوهان جي اچڻ لئه دعائون ته ڪن ٿا

    اڃا ديپ دل ۾ دُکائي وفا جا
    وفادار ڪيئي وفائون ته ڪن ٿا

    اُساٽيل بدن جي اُڃايل گگن تي
    اڃا زُلف ڪارا گهٽائون ته ڪن ٿا

    رُٺل روپ راڻا هجن شال سُکيا
    اشعارا ڪري سي ادائون ته ڪن ٿا

    ڀلي ڏُک ڏُڪارن ڏنا کوڙ آھن
    اڃا مور ماڻھون سکائون ته ڪن ٿا

    اڃا سنڌ منهنجي جا سمورا سپاهي
    سچي عشق جون انتهائون ته ڪن ٿا
    


    گُلابي ويس ۾ ويڙھيل کڻي ٿي پير پاڻياريءَ

    گُلابي ويس ۾ ويڙھيل کڻي ٿي پير پاڻياريءَ
    پکيڙي پيار جي خُوشبوءَ وڃي پيئي ڪير پاڻياريءَ

    ڪري ٿي کوھ تي کينچل چُمي ٿي چيلھه کي گاگر
    هلي ٿي حُور وانگي هي الاهي دير پاڻياريءَ

    رمي ٿي روز ريٽن تي جهُڙالي شوخ جوڀن ۾
    وڄائي وقت جي چُوڙي ڇمڪائي ڇير پاڻياريءَ

    پڙي تي پور ٿو ٻولي گهڙي تي مور ٿو ٻولي
    سڏي ٿي ساٿ ساجن جو گهُمائي گهير پاڻياريءَ

    پُڇن ٿا رند ريٽن تي ڪري سينگارڙا سهسين
    لٿي آ ڏهر ۾ ڪنهن لئه اويلي وير پاڻياريءَ

    سموري سيم کي واسي ڪري ٿي گهوٽڙا گهايل
    وڄي ٿي شوخ سرگم سان جهلي ڇڏ جهير پاڻياريءَ

    ڏڪاريل ڏيھه مان هاڻي لڏي ويو لاڙ ڏي ڍولو
    اُنهي جي سار ۾ سُڏڪي ڀڄائي ڀير پاڻياريءَ
    


    پيو مور ٻولي نما شام ويلي

    پيو مور ٻولي نما شام ويلي
    ويو ڪير رولي نما شام ويلي

    ڀڄائي بدن کي اچي ٽڪ آڏو
    کلي وار کولي نما شام ويلي

    سکي سار تنهنجي تکي تار تنهنجي
    پيئي ڳُجھه ڳولي نما شام ويلي

    وڃي ڏينهن لائي نوان نينهن لائي
    وڌو وير ڍولي نما شام ويلي

    ڏسان ڪون ڏيهي وجهان ڪئين ويهي
    چتيون تن چولي نما شام ويلي

    اڪيلي اويلي نڪو ٻانهن ٻيلي
    الا! ڪير اولي نما شام ويلي
    


    درد ٻيجل هُيو درد قاتل هُيو

    درد ٻيجل هُيو درد قاتل هُيو
    يار توکي چوان ڇا ته ويڌن ٿيو

    جند منهنجي لُٽي سنڌ منهنجي لُٽي
    درد قاسم بڻي قهر ڪيڏو ڪيو

    جاٽ جوڀن ملي سا به وئرٿ ويئي
    تون نه آئين سکي جيءَ جلندو رهيو

    آتما ٿي اڪيلي هجومن ۾ ويئي
    ساٿ تنهنجو سجيلو هٿن مان ويو

    ڪنهن به ويرا پرين تون نه دل تان لٿين
    حال هيڻا ٿيا من موڳو بڻيو

    عمر ساري ڏُکن ۾ گُذاري امر
    ڪو به ساٿي نه ڪوئي سهارو مليو
    


    نڀائي وياسين سفر زندگي جو

    نڀائي وياسين سفر زندگي جو
    غمن ۾ ٿيو آ گُذر زندگي جو

    ڏسي سور صدما لهي نيٺ ويندو
    سواءَ تو سهڻا قمر زندگي جو

    ويا روپ روپا وئي سونهن سُرتا
    اياڻو لڳي ٿو ننگر زندگي جو

    چري دل چوڻ سان مڃي ئي ڪٿي ٿي؟
    ڏٺو جنهن سدا آ ڏمر زندگي جو

    سڏي روح توکي هلي آ پيارا
    وسايان مٿان تو ڪڪر زندگي جو

    هوا جي هٿن تي نياپو لکيوسين
    سليو ڪنهن نه سنديسو مگر زندگي جو

    جنهي جي مٿان جان نڇاور ڪئي سين
    اُھي ئي ٿيا هن ڪٽر زندگي جو

    صبح شام هيڪل وياڪل رهياسين
    ڪجي ڪهڙو بيان هن بنجر زندگي جو

    ٽڙي گُل گُلابي جيان هي حياتي
    نصيب سو ڪٿي آ امر زندگي جو
    


    گُلابي ڳلن تي چگهن جون ڪهاڻيون

    گُلابي ڳلن تي چگهن جون ڪهاڻيون
    نرالن نڪن ۽ نٿن جون ڪهاڻيون

    وڳو چنگ چوڏس وريو مال وٿاڻن
    وڻن ٿيون لٿي سج لَڪن جون ڪهاڻيون

    ويا ڦوڳ اُڌڙي نه ٿوهر رهيو ڪو
    رُڳو بس رهيون هن اڪن جون ڪهاڻيون

    وساريو ڀلي پر وساري نه سگهندا
    الا! هن اباڻي وطن جون ڪهاڻيون

    اوهين بادِ صبا جا شوقين ماڻھون
    اسان جو نصيب هن لُڪن جون ڪهاڻيون

    اسان عمر ساري لکيون سين ڏٺيون سين
    لنڱن تي ليڙون لٽن جون ڪهاڻيون

    ڪتي ارٽ آڌي اُڻن خواب کيرا
    چُمان تن هٺيلن هٿن جون ڪهاڻيون

    عجب سي ادائون وڃن دل لُٽي ٿيون
    پڙھي ڏس ڇُڙواڳ ڇتن جون ڪهاڻيون

    ڪينجهر جي ڪنارن تي جوڀن جهُلي ٿو
    لبن تي لُڇن ٿيون چڪن جون ڪهاڻيون

    امر سي ئي رهندا جڳن ۾ جيئرا
    لکيون جن وطن جي ڦٽن جون ڪهاڻيون
    


    نيڻ نيرا پرين

    نيڻ نيرا پرين
    هاڻ هيرا پرين

    پڪل ڇاتيءَ مٿان
    ڄڻ متيرا پرين

    سُونهن تنهنجي اڳيان
    سڀ ڪسيرا پرين

    ڇو کپائي ڇڏيئي
    خواب کيرا پرين

    ٿي ڪويتا گهري
    ڪي ڪبيرا پرين

    ڀيڻ ٻاگهل گهُري
    سور ويرا پرين
    


    اڪيلي رات اوٽي تي تڪي تارا سُتي آھي

    اڪيلي رات اوٽي تي تڪي تارا سُتي آھي
    چري هڪ چاھ واري لئه چُمي چارا سُتي آھي

    اُجالي عشق ڪنهن جي ۾ ڏسي ڪي خواب حياتي جا
    پُراڻا پيار جوڀن جا سڏي سارا سُتي آھي

    وڏيري وقت جي آڏو جواني جوڳ هارائي
    لٽا ڪنهن ماتمي وانگي ڪري ڪارا سُتي آھي

    ستارا سينڌ ۾ ٽانڪي اشارا اک ۾ اوتي
    نظارا نينهن ڌارا جا اُڻي آرا سُتي آھي

    پرين کي پرچائڻ لئه سنجهي مان سرچائڻ لئه
    وينگس وارڙا کولي سڄا سارا سُتي آھي

    تپائي تن بدن پنهنجو برھ جي باھ ۾ ڀولي
    اُتاري عڪس اکين ۾ پرين پارا سُتي آھي
    


    پُور تنهنجا ٿا پون او پدمڻي

    پُور تنهنجا ٿا پون او پدمڻي
    چاڪ منهنجا ٿا چڪن او پدمڻي

    ڪوڏ ڪاڏي تو ڪيا او ڪامڻي
    چنڊ تارا ٿا پُڇن او پدمڻي

    حُسن تنهنجي جا حسينا ڇو ڀلا؟
    هوڏ هيڻا ٿا لڳن او پدمڻي

    گھُرج تنهنجي ڇو گهڻيري ٿي رهي
    پيار منهنجا ٿا چون او پدمڻي

    آس هي آھي اڃا چپ مان چمان
    لنڱ منهنجا ٿا لُڇن او پدمڻي

    روپ تنهنجا ياد رنگيلا اچن
    سُور ٻيڻا ٿا وڌن او پدمڻي
    


    پرھ جي هير ۾ سرتي سجايو نرڙ تي ٽيلو

    پرھ جي هير ۾ سرتي سجايو نرڙ تي ٽيلو
    وڻيو ٿي ماڪ ۾ ڪيڏو بدن تي پولڪو پيلو

    لنڱن تي روز پائي ٿي مُڪي سان ڀرت ڀريل هُوءَ
    مرُوڙي پور ۾ پياري لڳي ٿي موريو نيلو

    لُڏي جئين لهر ڪينجهر ۾ بتيلو رات آڌيءَ جو
    هلي ٿي ائين حجابن ۾ ڪڍي ڪنڪو سندو ٽيلو

    اکين مان نڪ ڪڍي ڄاڻي ملڻ جا سڀ هُنر هن وٽ
    تڏهن هن جي اڳيان ڪنهن جو هلي ٿو ڪون ڪو حيلو

    نگاهن جا تڪي نشتر ادائن سان ڪري گهايل
    ارائي نوڪ نيڻن جي کُپائي خار مان کيلو
    


    دُنيا ساري دوکو آھي

    دُنيا ساري دوکو آھي
    پنڌ اڙانگو اوکو آھي

    سڀ ڪو درد ڏسي ٿو سرتي
    سُکيو سولو ڪو ڪو آھي

    پيار ورهايو قرب ڪمايو
    هيءَ اسان جو هوڪو آھي

    تنهنجي زندگي سنڱري سائي
    منهنجو جيون کوکو آھي

    محبت ڪنهن ڪنهن منجھه وسي ٿي
    پيار جو ويري هرڪو آھي

    آڌيءَ مانجهيءَ موت اُڏامي
    جيون ڏاڍو جوکو آھي

    نيٺ نظارا امر نه پسنديون
    اکين کي هي اُلڪو آھي
    


    تنهنجي وئي کانپوءَ پيارا

    تنهنجي وئي کانپوءَ پيارا
    منهنجي من جو مور مري ويو

    هيل به تنهنجي راھ تڪيندي
    هٿ سان ڪڍيل هور مري ويو

    نيڻن سان جنهن ناتا جوڙيا
    چت ۾ ويٺل چور مري ويو

    ڪارونجهر تي روز ڌماڪا
    مورن جو آ شور مري ويو

    ڏُک ۾ ساڻي آ ڏوٿياڻي
    گُل بدن جو پور مري ويو
    


    ٿر جي شام ڏسي وڃ ڍوليا

    ٿر جي شام ڏسي وڃ ڍوليا
    ڪونڀٽ لام ڏسي وڃ ڍوليا

    ڪئين ڪٽن ٿا مارو منهنجا
    هڪڙي مام ڏسي وڃ ڍوليا

    سيم سڄي ۾ سرنگهو سهڻا
    ڪچڙي ڪام ڏسي وڃ ڍوليا

    چونئرا چونڪيون کُڏ وکاريون
    گوهر گام ڏسي وڃ ڍوليا

    رٻ راٻڙيو شوق سانگين جو
    تِکڙا طعام ڏسي وڃ ڍوليا

    ميهوڳي ۾ مور گهمن ٿا
    سرِعام ڏسي وڃ ڍوليا

    ڪئين جهلن ٿا اڄ ڀي ابڙا
    هڪڙي سام ڏسي وڃ ڍوليا

    چانڊوڪي ۾ چنڊ ٻکن ۾
    اُڀري ڪام ڏسي وڃ ڍوليا

    ٿر ۾ ور ونيءَ جي جوڙي
    سيتا رام ڏسي وڃ ڍوليا
    


    تون ندي ۾ لٿين شام ٽاڻي سکي

    تون ندي ۾ لٿين شام ٽاڻي سکي
    ڇا ته ڇُلڪي ندي تنهنجو جوڀن پسي

    سا ته وسري نٿي مور مونکان مٺا
    تو ڏني جا چمي چپ چپن تي رکي

    مُرڪ تنهنجي مٿي جان گهوري ڇڏيان
    چنگ چوري ڇڏيان ٻول تنهنجا ٻُڌي

    ميگھ وسندو ڏسي سار تنهنجي وڌي
    دل سڏي ٿي پئي او وديسي پکي

    تون ڪٿي وئين لڪي ڏس نه ٿو ڪو ملي
    ڳوليم هر گهٽي سامروٽي سڄي
    


    پاڻياريءَ جو پُور وڻي ٿو

    پاڻياريءَ جو پُور وڻي ٿو
    ناريءَ مُک تي نُور وڻي ٿو

    ڪڇ تي گاگهر پگ ۾ جانجهر
    هلڻ سندءِ حُور وڻي ٿو

    رُت بسنتي روپ ڪيا هن
    ٻاٻوريءَ ۾ ٻُور وڻي ٿو

    محبت جو ڪو مت ئي ناهي
    محبت جو منشُور وڻي ٿو

    سو ڪهڙي سنڌ سنڀاريندو؟
    جنهن کي جوڌ پور وڻي ٿو

    جڳ سڄي کي جهاڳي وريو
    جهونو سوئي جهور وڻي ٿو
    


    نظم

    سڌُوري ڳوٺ جي نينگر

    پرڻائي شھر ۾ بابل
    وٺي ڪي روڪڙا ڏوڪڙ
    ڇڏي آ پاڻ تان ٽاري
    نياڻي نينٻ وڻ جهڙي
    سڄو ڏينهن ڳوٺ ٿي ساري
    مٿي تان وائلو واري
    هلڻ ۾ حُور پئي هٻڪي
    ٿڙن ٿا پير ٽائلن تان
    منجهي ٿي شھر ۾ ھرپل
    ڳئون آ ڳوڀ ڳوٺاڻي
    شهر جي بند ڪمرن ۾
    ڪٽي ٿي قيد جا ڏينهڙا
    ننڍي کان نينگري سادي
    نپوڙيل درد ۾ ڏاڍي
    زندھ ھُوءَ لاش ٿي پيئي آ
    نڪي پيزا وڻن هن کي
    نڪي برگر چکي ٿي هُوءَ
    پائي ڪئين پينسل هِل
    صفا هُوءَ سادڙي نينگر
    نڪي ٿي جين مان سمجهي
    نڪي ٿي پينٽ ڪا پائي
    وڻي ڪئين ور کي هُوءَ
    ڪري جو وينڍلا وارن
    گهگهو ۽ گاگهرو پائي
    ڳلن تي زرد ذريءَ سان هُوءَ
    ڪڍي ٽيلا ڪري سينگار
    اُها ڪئين ٺھي جدت ۾
    قديمي ڪوڏ سڀ هن جا
    پکن جي شور ۾ سُڏڪي
    ڪنڊيشن ايئر مان وِرچي
    پيئي ٿي برف جو پاڻي
    نڙي ۾ روز ٿو چُھٽي
    وڏو ڪو ويڻ ساسُو جو
    وڃي ٿو پار دلڙي مان
    لمحو ڪو ڳوٺ پنهنجي جو
    اچي ٿو ياد سُڏڪن ۾
    اندر ۾ ھيڪلي سوچي
    وڃان ڪئين ڳوٺ ڏي هاڻي
    جتي مان ڇيلڙا پالي
    ڪيان ڪُل ٻارڙا پنهنجا
    نموريون ناز مان چونڊي
    گُنڌان مان وارڙا پنهنجا
    پٻي سان روز پاساڙي
    پپون چونڍي ڪيان کيٽا
    ٻنيءَ جي ٻير آمڻ کي
    ڏيان ڪا ڌوڻ جوڀن جي
    مندون سڀ ميڙيا ويٺي
    هينئين کي هرڙا ڏيئي
    خوابي کيٽ يادن جا
    سڄو ڏينهن کيڙيان ويٺي
    ملي جي ماءُ جي هٿ جي
    مکڻ ماني ته ڇا گُهرجي؟
    پراڻو چيچ جو ڇلڙو
    ملي ٿي پيار جو تحفو
    ڪجل ڪاني ته ڇا گهرجي؟
    سُمهاري هنج ۾ سانجهي
    ٻُڌائي لوڪ آکاڻي
    مٺي نانيءَ ته ڇا گهرجي؟
    وڃان مان کوھ تي کلندي
    ورايان ورت کي ٻيهر
    تلاءَ جي نير ۾ تڙڳي
    ٿيان مان ڦُولڙو ڪوئي
    الا! هو ٽيج سرامڻ جا
    ترن ٿا ذهن تي گجوئا
    ڪانهوڙو ڪوڏ مان ٺاهيل
    ٻُڏي ٿي روح ۾ راڌا
    ڪُلر کي ڪئين وساريان مان
    چکي جا ورت گوگي ۾
    الا! اُن لوڏ جا لوڏا
    وڍن ٿا وڻ حياتيءَ جو
    لُڇي ٿو ٻارڙو بڻجي
    دڙن تي ڌڻ حياتيءَ جو
    اچي ٿو روز سپنن ۾
    ڊگهو نم ڳوٺ جو جهونو
    انهي جي ڇانوءَ ۾ ويهي
    گگر مان گهونٽ هڪڙي سان
    اُجهايان اُڃ صدين جي
    جيڏين جي جوڙ ۾ ويهي
    ڳايان سڀ گيت ڳوٺن جا
    وڻن جي ٻانهن ۾ ڌاڳا
    ٻڌان مان پيار منهنجي جا
    چڙھان مان ڄار ساڏوھي
    چونڍان ڪي سيڙڪا پيرون
    چکيندي ڏينهن ٿي ويا هِن
    الا هُن ڳوٺ منهنجي کي
    ڏٺي ڪي ڏينهن ٿي ويا هِن
    پُراڻا نينهن ٿي ويا هن!!
    


    تنهائي رڻ ڪارو آ

    سڄڻ مان سار تنهنجي ۾
    صفا لاچار ٿي پيو هان
    مرڻ تي دل گهڻي آهي
    جيئڻ لئه جنگ ڪيان ويٺو
    الا ! هڪ وار درشن لئه
    حياتي تنگ ڪيان ويٺو
    گهڙي کن ڳوٺ ۾ وندران
    اکين جي نب سان سانئڻ
    نمن تي نانءُ لکي تنهنجو
    چپن سان روز چمان ٿو مان
    ڪٿي هاڻي سُمهان ٿو مان
    اڪيلي اونگھه اُڏري ويئي
    سواءَ تنهنجي مٺا ماڻھُون
    جواني جاڳ ۾ ساري
    اجائي ائين گُذري ويئي
    ڀلاري مُند بهاري ۾
    خزان جو قهر ڀانيان ٿو
    مندن جو هر مٺو ميوو
    ڪڙو ڪو زهر ڀانيان ٿو
    اڪيلو ڪئين چکان پيرون
    اچان جيڪي چونڊي پيرون
    ڪري ڪوڪڙ رکان تو لئه
    سڱر سيڪي سڄڻ منهنجا
    مُڪان توڏي مليرن مان
    بهارن جا سوين تحفا
    ڏيان توکي دعائن ۾
    عمر ساري پرين منهنجا
    هجين شل تون هندورن ۾
    لُڏين شل تون هندورن ۾
    انهي خاطر تتي ڏينهن جو
    ٻڌي ٺينٻر ڪنڊي ۾ ڪو
    پکين لئه جل ڀريان ٿو
    ٻُڌي ڪي لوڪ آکاڻيون
    جيئڻ جي ٽل ڪريان ٿو
    لٿي سج مال ۾ وڙڪي
    ولر ۾ ڇيلڙيان واريان
    ڌنارن سان ڌڙن تي مان
    سکان سينڍون سرگم ۾
    ملهاري ۾ مندون ڳايان
    مهياٽن جا وٽا پيئندي
    پرين پيو پاڻ وندريان
    وڃي مان کوھ پراڻي تي
    سڄڻ تنهنجا سڄا سارا
    پڇان ٿو پار گوسي کان
    ڏٺي ڪا ڊيل ڍاٽاڻي
    سڳيءَ جي ٽونئر کي لوڏي
    پڙي سان پاڻياريءَ ٿي
    کڻي گاگر ڳچي واري
    ڀنڀن جا وينڍلا ويڙهيل
    پڳن ۾ پولريون پائي
    وِڇين سان وک کڻندي هئي
    وڄائي پڳپان پيرن ۾
    سمائي سونهن ساٽين جي
    ڇڙواڳ ڇيلڪڙي سان ھُوءَ
    سمورا ٽول چاندي جا
    سدائين شوق سان پائي
    ڪَڙين سان ڪونج ايندي هُئي
    انهي جي ڪنٺ ڪنواري مان
    گلابي گونج ايندي هُئي
    کِلي کِيلي چوي ٿو بس
    پکي پرديس اُڏري ويا
    جيئڻ جا ڏينهن گُذري ويا
    ٻُڌي پيغام جُدائي جو
    مٺا مايوس موٽان ٿو
    وڃان ٿو شام لڙي ويلي
    مندر تي مان مٿو ٽيڪڻ
    ڏسان ٿو روپ راڌا جو
    اچي ٿي ياد تنهنجي ڪا
    سنجهي مان سنک وڄائي جا
    پوڄارڻ سان ڏسڻ جي لاءَ
    لُڇن ٿا نيڻ گهَورن جيان
    وسن ٿا ميگھه نيڻ مان
    وڄائي گهنڊ وران ٿو مان
    اُڳائي چنڊ وران ٿو مان
    وڃائي ننڊ وران ٿو مان
    ستارن جو سڄيون ڳالهيون
    وڻن ڪئين تو سواءَ جانان
    چٽيون هي چاندنيون راتيون
    برھ جون ٿيون لڳن ڪاتيون
    گهڙي کن شھر لئه سوچيان
    وڃي ڪٿ چين ڪو پايان
    مگر هُو شور شھرن جو
    اسان کي راس ڪئين ايندو؟
    اسين هون ڳوڀ ڳوٺن جا
    اسان جا پيار پوٺن جا
    ڪٿي سي ڏُور اُڏامي ويا
    لمحي لئه لوڪ ۾ لوچيان
    پلن ۾ پاڻ سان اٽڪان
    ڀٽن ۾ ھاڻ پيو ڀٽڪان
    وڻن سان واتيون اوريان
    پکين سان پاڻ ٿو پرچان
    حياتي هاڻ ٿو ورچان
    وري آ مينهن وانگي تون
    نئين ڪنهن نينهن وانگي تون
    سڄڻ مونکي سنواري وڃ
    تنهائي رڻ ڪارو آ
    پرين تو پاڻ اُڪاري وڃ
    وڇوڙو مها ساگر آ
    ھلي آ ھاڻ اڪاري وڃ…!!
    


    اڄ چون ٿا ھولي آھي

    ڄاڻان ٿي مان جيجل تُنھنجي
    ماٺي ڇو ٿي لولي آھي
    رات سُتا ھئا بُک ۾ ڀاتي
    ننڍڙي گڏڙي ٿڃ لئه آتي
    جيجل تنھنجي ڇڻيل ڇاتي
    ڏسندي ڏنجھه ۾ ڏُسڪي ڏُسڪي
    پنڪي ساري رات رُني پي
    رات ته ڇا،پرڀات رُني پي
    لنوندي ڪويل لات رُني پي
    ڪنھن نه ٻڌيون دانھون آنھون
    ڪنهن نه ڄاتو ڏانءَ ڏُکن جو
    ڪنھن نه ڄاتو ڀيد بکن جو
    ڪئين ٿي وٽ وجھي ھُو ڏائڻ
    جيڪا ھڪ پرولي آھي
    ھُو چون ٿا ھولي آھي
    ڪاش! اھو ڪو ڄاڻي ھا جي
    ڏُک ۾ ھرڪا بات مري ٿي
    بُک ۾ ڪئين مرجات مري ٿي
    هر ڪا ذات صفات مري ٿي
    ساڌو کي ڀي چور ڪري ٿي
    آنڊن ۾ جا شور ڪري ٿي
    ان لئه ڪھڙيون عيدون ھوليون
    جنھن لئه جيون لولو آھي
    اھڙي پاپڻ ويرڻ بُک جي
    ڪنھن نه ڄاتي ٻولي آھي
    اڄ چون ٿا ھولي آھي
    ڪھڙا طعام تري ھُو ناري
    جنھن وٽ ھڪڙو ويلو ناھي
    ڪھڙا زيور پائي پدما
    جنھن وٽ ڪوئي جھيلو ناھي
    ھُو ڪئين وِڌوا سينڌ سنواري
    جنھن جو ڳڀرو گھوٽ ڪُساڻون
    ھُو ڪئين جيجل جھُڻڪي ڳائي
    جنھن جو پُٽ اڻموٽ ڪُساڻون
    ڪنھن تان گھوري ھارولا ھُو
    ڀيڻ ڏُکاري، ڀاءُ ڪُساڻون
    مٺڙو مٺڙو ساءُ ڪُساڻون
    ھُو ڪئين ڪاجل پائي ڪومل
    جنھن کان ڍولو يار رُساڻون
    ڌوڙيلي ڪئين ديس ملھائي
    گوڙاڻون آ ڳوٺ وڪاڻون
    ڪئين ھُو مچ مچائي مرچو؟
    جنھن جي مومل تپ ۾ تڙپي
    گوري گھرندي ڪالھه مري وئي
    غربت جي اُن گھاوَ وڏي ۾
    ھُن جي ھر ڪا ڳالھه مري وئي
    ھاڻي ھولي ڪئين ملھائي؟
    ھُن وٽ ڪجھه بچيو ئي ناھي
    ويس وڳا ھُو ڪھڙا پائي
    جنھن وٽ ڦاٽل چولي آھي
    اڄ چون ٿا ھولي آھي
    ڄام به هلندا طعام به هلندا
    رنگ وطن ۾ گيرون ٿيندا
    مايا تنهنجي ڇايا ۾ ڪي
    لُڏندي ڪُڏندي لهرون ٿيندا
    پر سي ڪهڙي ھولي ڪندا
    ڳچ ڏينهن کان ڳاراڻي ۾
    کاڌي جن هڪ ماني ناهي
    تن لئه هولي درد وڏو آ
    تهوارن کان فرد وڏو آ
    ڪنھن تي رنگ هڻي ھُوءَ ريکا
    هن جي قسمت هن سان ناهي
    مان ڀي ڪھڙا سانگ سجايان
    منهنجي قسمت مونسان ناهي
    مون سان ڇا پر توسان ناهي
    ڏيھه ڏُکن ۾ گهايل آھي
    ماٺي هر ڪا پايل آھي
    جيجل هاڻي تون ٻُڌاءَ
    ڪهڙو ديس وسايون آخر....؟
    هڪڙي عيد ملهايون آخر....؟
    


    ڀريي تُريي ميلي ۾ تون

    مون کي هيڪل جند ڇڏي وئين
    اهڙو ڪهڙو پور پيو جو؟
    مونکي ڳوڙھن منجھه گڏي وئين
    کلندي کلندي منهنجي پياري
    پنهنجي ڀومي سنڌ ڇڏي وئين
    تون جي مهڪ مٽي جي پرکين
    ڪجھه پل ترسي ٿوهر هيٺان
    ٿڪ ڀڃين ها ساھ پٽين ها
    سنڌ ڏسين ها منهنجي سانئڻ!
    توسان سارو ڏيھه گهمان ها
    ڪينجهر ۾ ڀي ڪنول بڻجي
    تنهنجي چوٽي گل ٿيان ها
    ڪارونجهر تي مور ٿيان ها
    توکي سانوڻ ميگھه وڻي ها
    گجندي مينهن جي گوڙ ٿيان ها
    سنڌو ۾ تون پير ڌرين ها
    ڇولي بڻجي ڏولي ٿيان ها
    گورک تي جي ٿڌ لڳي ها
    ٻارڻ بڻجي يار ٻران ها
    تو ۾ تارون تار تران ها
    سيوهڻ ۾ جي رقص ڪرين ها
    هڪڙي ڌُن ڌمال ٿيان ها
    تولئه يار ڪمال ٿيان ها
    موهن جي تون ماڳ هلين ها
    سمبارا ڀي ساھ ڇڏي ها
    روپا ماڙي ديس اچين ها
    دودو تولئه ڀاءُ ٿئي ها
    هالا ۾ جي پاڻ ھلون ها
    هوُ به هندورو ٿي پوي ها
    ڀٽ تي رات ڪٽون ها هڪڙي
    لوري شاھ لطيف چوي ها
    لاڙ ته تولا لاڏا ڳائي
    گوري تنهنجا گهاوَ ڀري ها
    تڪڙا تڪڙا تاوَ ڀري ها
    پلو تولئه طعام تري ها
    وونئڻ ته تنهنجو ويس اُڻي ها
    کٿوري ڀي کيس اُڻي ها
    هُرٻو تو ۾ حرس ڪري ها
    سورج مُکي سينڌ ڪڍي ها
    ڪمند مصري روز ورهائي
    ميندي تنهنجا موڙ سجائي
    ساريون تولئه سهرا ڳائين
    ھيڪر تون جي لاڙ وڃين ها
    پپر تولئه پينگھه ٻڌي ها
    سج لٿي جو موتيو مرڪي
    تنهنجي گلي هار ٿئي ها
    منهنجو ٻيڙو پار ٿئي ها
    ٿر به توتي هٿ ڌري ها
    روهيڙو ڀي لوڏ ڪري ها
    ڪنڊي ڪيئي ڪوڏ ڪري ها
    ٿوهر لاڏا چرميون ڳائي
    اڪ ته نيرا جهومڪ پائي
    واريءَ تنهنجا پير پکاري
    ڏونگر توکي ڏاج ڏي ها
    ڀٽون توکي ڀاڪر پائين
    ڪونڀٽ ٿي ڪا ڇير پوي ها
    تنهنجو ٽڪي پير پوي ها
    پر تو سانئڻ ڪون سُڃاتي
    پنهنجي ڀومي ڀاڳ ڀٽن جو
    هسندي ڪڏندي حُور ڇڏي وئين
    صدين جيڏو سُور ڇڏي وئين
    وياهي جهڙو پُور ڇڏي وئين
    سارا چارا ڳوليندي مان
    روح کي رڻ ۾ روليندي مان
    ڪيڏو وياڪل ٿي پيو آھيان
    تو بن ڪنهن کي هاڻي چاهيان
    ڪيڏانهن ڏور هلي وئي آھين
    مون مان آھ پلي وئي آھين
    منهنجون اکيون ترسن تولئه
    راتو ڏينهن ٿيون برسن تو لئه
    ڳوڙھا ڪوئي ڪون اُگهي ٿو
    مونکي هاڻي موت سُجهي ٿو
    تُنهنجي ڇانوَ ڇتن جي ساري
    ائين پيو تڙپان ولکان هيڪل
    جئين ڪو ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي
    بر ۾ پياسو پنڇي ڦٿڪي
    ميگها رُت لئه مور پڪاري
    جئين ڪا ڊيل ڊڪي ٿي بن ۾
    ائين مان توکي ڳوليان من ۾
    منهنجي ڪويل ڪاڪ ڌڃاڻي
    ڪهڙي ديس اُڏي وئي آھين
    جهوري جند ڇڏي وئي آھين
    هاڻي ڏس پڇان مان ڪنهن کان
    گگن گونگو پاڻ سڏائي
    ڌرتي توکان رُٺل آھي
    چنڊ ته تُنهنجا پار نه ڏي ٿو
    سج به توکان دوُر رهي ٿو
    وڻ چون ٿا ويجهي ناهي
    سمنڊ کي ڪا سُجھي ئي نٿي
    ندي نسورا ڪوڙ ڪري ٿي
    هاڻ هوا کان ڪئين پڇان مان
    ڏونگر ڪوئي ڏڍ نه ڏي ٿو
    پکين کي ڪو پتو به ناهي
    درياءَ ڪهڙي دانهن ڏيان مان
    مونکي ڪوئي متو به ناهي
    هاڻي ڪهڙو شڪ ڪيان مان
    دل چوي ٿي پڪ ڪيان مان
    تو آ ديس وساري ڇڏيو....!!!!
    مونکي جيئري ماري ڇڏيو....!!
    


    مٺي جي منظر ڪَشيءَ تون ڪندين ڇا؟

    سرمست سرمدي خيالن جا مالڪ.
    هتي ڏينهن ڌونئري جو ڏيئا ٻرن ٿا
    گُلابي گهونگهٽن مان ليئا ٻرن ٿا
    نگاهن جا ڪَبُوتر اُڏندي ڪرن ٿا
    جڏهن ڪِن ڪُلهن تي ڪي ڪاڪل نچن ٿا
    لٿي سج مٺي جي رستن تي هلندي
    حواسن جي مستيءَ ۾ حياتيون ڌُڏن ٿيون
    ڳچين جي هندورن ۾ دُهريون لُڏن ٿيون
    بدن ۾ برهه جون ڀنڀوريون اُڏن ٿيون
    مجازن جي مستي ۾ حُورون ٻُڏن ٿيون
    نڪن جي اڪن ۾ نٿن جون ڦُلڙيون
    اڳي چنڊ چمن ۾ چمڪي پون ٿيون
    ڪنن جي نمن ۾ ايرنگي نموريون
    هلڻ سان هوا ۾ پنن جيئن جهُلن ٿيون
    اجنبي اکين سان اچانڪ ملندي
    لبن جي گُلن تي تبسم لُڇي ٿي
    چُمڻ لئه انوکي ڪا شبنم سڏي ٿي
    تڏهن آگ اندر ۾ ڪا ازلي ٻري ٿي
    جڏهن ڪو تهوار خوشيءَ جو اچي ٿو
    نوي سيڪڙو نشي ۾ ڌُت ٿي ملن ٿا
    نه ڪنهن کي مڃن ٿا نه ڪنهن جي ٻُڌن ٿا
    تڏهن ئي مسافر مٺي ۾ مرن ٿا
    جڏهن سونهن جواني اجايو ڏنگي ٿي
    نڪي ڪنڌ ورائي ڪنهن کي ڏسي ٿي
    بنان ڏوهه گسن ۾ رُلايو ڇڏي ٿي
    دڳن کان ڀُلايو وڃايو ڇڏي ٿي
    اڃان ڀي پُڇين ٿو مٺي جا منظر
    گڍي تي بارش کي وسندو ڏسي وڃ
    جُهڙالي گگن ۾ گهڙي کن پُسي وڃ
    ٻُڌي ڇڏ محبوب خيالن جا شاعر!
    رڳو بس اهو ئي مٺي شهر ناهي!
    مٺي ۾ اڃا ڪيئي ڪهاڻيون ملن ٿيون
    هتي جي سوڙھين گهٽين ۾ گهمندي
    ڀتين تي ڇيڻڻ جا ليپا ڏسين
    متان ائين سمجهين هي غريبن جا گهرڙا
    هي اميرن جون وڏيون عمارتون ٿئي پر
    مذھبن جي معاملن ماري ڇڏيا جو
    گوبر جي به غلامي ڪرڻي پوي ٿي
    ڍڳي جي به سلامي ڀرڻي پوي ٿي
    وڳن تي وڏا خرچ خوشيءَ سان ٿين ٿا
    چڳن ۾ چنبيليون به هڻيون وڃن ٿيون
    گهٽين ۾ به اوبر اجائي ملي ٿي
    نت روز نگرا به پُوڄيا وڃن ٿا
    ڍڳن کي به ڍوءَ تي ماني ملي ٿي
    مندر ۾ بي ساھ بُتن جي اڳيان
    هزارن ۾ دولت هٿيڪي ملي ٿي
    مگر ڪنهن به پورهيت جي بُکايل ٻچي کي
    نه لولو ملي ٿو نه اولو ملي ٿو
    بُکي پيٽ ڍيلان جو ڍولو سُمهي ٿو
    تڏهن سج سُورن ۾ گرهڻجي پوي ٿو
    جڏهن ڪنهن ڏهاڙي ڏکن جي ڪا ماريل
    اميرن جي اُگهاڙن درن جي اڳيان
    کڻي ڪو ڪٽورو ٻچن لئه پني ٿي
    اُنهي جي اُڀاميل اُرهن کي ڏسي ڪو
    تونگر تڪي ۽ قيمت ڪٿي ٿو
    تڏهن ديس دردن ۾ تڙپي اُٿي ٿو
    جڏهن ڪا نياڻي ننگي پير هلندي
    تتي جو تڙَهَن مان پاڻي ڀري ٿي
    اُس ۾ ونڪي به وڃايو ڇڏي ٿي
    ٻري ۾ ٻرندي به ڪاٺيون ڪري ٿي
    بکن ۾ ڀلا ڪئين اُنهن جي سري ٿي
    جنهي جي ڪکائن گهرن ۾ ڪڏهن ڪا
    نه دانگي چڙهي ٿي نه ماني پچي ٿي
    ننڍي ڪا نياڻي ڳڀي لئه سڪي ٿي
    تڏهن سُونهن ساري ٽانڊا لڳي ٿي
    سموري خدائي اکين ۾ ڇُپي ٿي!
    


    او مور منهنجي ديس جا..!!

    مان ٻار بُکي پيٽ سان
    ٿو ناچ تنهنجي کي ڏسان
    مان روز ڍاپي ڍوۡ ڪيان
    او مور منهنجي ٿر جا!
    ٿو روز توکي سڏ ڪيان
    هي سڏ سڀئي سور جا
    تون شوق سان بس ٻڌجانءَ
    مان ڇير تنهنجي پير ۾
    ٿو روز ٻڌان روح جي
    تون عڪس پنهنجي رقص جا
    ڪر سڀ نڇاور مون مٿان
    هي خوب کيڙا سونهن جا
    ۽ بک منهنجي کي اُجهاءَ
    او مور منهنجي ديس جا
    ڪا نار تنهنجي کنڀ مان
    ٿي پاڻ ڀري پولڪو
    ڪا ڪونج ڳچي ڪنٺ مان
    ٿي گيت ڳائي موريو
    ڪا نار تنهنجي ناچ جو
    ٿي ڪاجل پائي اک ۾
    ڪو مرد تنهنجي ڪلنگي
    جو موڙ ٻڌي مرڪي
    هن ڏيک سڀئي ڏانگڙي
    جا مور تنهنجي پک ۾
    او چنڊ نيري اُڀ جا
    هي مور توکان آ مٿي
    جو کائي پٿر ريٽ جا
    ٿو ڳائي نغما ديس جا
    او مور منهنجي ٿر جا
    ڪا ڊيل تو سان ميل لئه
    ٿي روز رمي راندڙي
    تون ناچ کيڙي سان ڪرين
    ٿي لُڙڪ جهپي ڊيلڙي
    هي کيل تنهنجو ڊيل سان
    ٿو روز موهي ٻارڙا
    ڪي ڪارڙا ڪي ڪوجهڙا
    او مور منهنجي ديس جا
    آ راڻي توسان ريس ۾
    ٿي کونڌي روز کنڀڙا
    تون رات ساري سُڏڪين
    مان دعا گهران رب کان
    هي ٻئي ٻڌي هٿڙا
    اي مالڪ منهنجا مٺڙا
    هي مور منهنجا ٻچڙا
    تون شاد سدا رکجان..
    


    پُر نُور گگن تي چنڊ ڏسي

    ڪا لهر نه تو ۾ اُڀري جي
    ڪنهن رنگ برنگي محفل ۾
    ڪا گُهور نه توکي گهائي جي
    ڪنهن مور جو ڊيل سان ميل ڏسي
    ڪا سُونهن نه توکي روز سڏي
    ڪنهن ميگهه جهڙالي موسم ۾
    ڪو مور نه تنهنجو من منڊي
    هي جل ٿل جوڀن هوندي ڀي
    ڪا حُور نه توسان دل ڳنڍي
    ڪٿ وڄندي آڌيءَ ويلا جو
    ڪا ڇير نه تنهنجو چين کسي
    ڪٿ انڊلٺ جهڙي انگلٺ سان
    ڪو ڏيل نه توکي ڏانوڻ ڏي
    ۽ تُنھنجي اوڙي پاڙي ۾
    ڪا نار ڏُھاگڻ آنھن ڪري
    ڪنھن رات نڀاڳي ويرڻ جو
    ڪو ٻار بُکايل دانھن ڪري
    ۽ توکي گھيري ننڊ وڃي
    پوءِ تنهنجو جيون وئرٿ آ

    ڪنهن وسندي وسندي سانوڻ ۾
    ڪو نچندي نچندي مور ڏسين
    ۽ مور مٺي لئه ٽور ڪندي
    ڪا آنسو جهپندي ڊيل ڏسين
    ڪنهن کوهه پُراڻي سارڻ تي
    ڪنهن ٻانهياري جا ٻول ٻُڌين
    ۽ راسوڙن جي رم جهم تي
    ڪنهن شام ڪنٺي جي سرمئي ۾
    ڪا ٻانهن نه تو ۾ ٻک وجهي
    ڪا چيلهه نه تو سان چاڳ ڪري
    ڪا ڊيل نه توسان ميل ڪري
    نه کينچل ڪوئي کيل ڪري
    پوءِ تنهنجو جيون وئرٿ آ

    ڪنهن ڪاڄ رنگيلي رسمن ۾
    ڪي ناريون ڳائين گيت سُٺا
    ۽ ڪويل جهڙن ڪنٺن سان
    ڪَن راسوڙن جي ريت مٺا
    ڪنهن جهوپي جي ڪا ڪُنڊ وٺي
    ڪن سُس پس سرتيون ڀوڳن ۾
    ۽ ڪينجهر ڪينجهر جوڀن ۾
    ڪا ڇلڪي ڇاتي ڇولين جيان
    ڪنهن اڙل وڇيڙي وينگس جي
    ڪا ڀاڪر روح کي ڀيڙي ڀي
    ۽ مد ڪٽورن نيڻن جو
    ڪو جام نه تنهنجو جيءَ ڇڪي
    پوءِ تنهنجو جيون وئرٿ آ....!

    ڪنهن ننڍڙي مٺڙي ٻالڪ جي
    ڪا مرڪ نه توکي مُور وڻي
    ڪنهن لال گُلابي مکڙي جي
    ڪا ديد نه توکي دُور وڻي
    ڪو پوپٽ تو لئه بار بڻي
    ڪوگل به تو لئه گار بڻي
    ڪا جيت به تو لئه هار بڻي
    ڪنهن شوخ هوا جي جهونڪي سان
    ڪنهن چال فريبي دوکي سان
    ڪو توکان پنهنجو ننگ کسي
    ۽ ڌرتي جا سڀ دنگ کسي
    ڪي ناسي نيرا رنگ کسي
    ڪي جهانپا جهوپا جهنگ کسي
    تون ڪانئر بڻجي مور نه ڪُڇين
    پوءِ تنهنجو جيون وئرٿ آ
    پوءِ تنهنجو جيون وئرٿ آ
    


    مٺي جي شهر جي راڻي

    زمين کان تون مٿي ٿوري
    هوائن جيان هلڻ ڄاڻين
    ورائي چيلهه چنبيلي کي
    نرتڪي جيان نچڻ ڄاڻين
    اچانڪ رات آڌي جو
    بڻي تون ننڊ جو جُهوٽو
    اکين ۾ ٿي اچڻ ڄاڻين
    شبابي شوخ جوڀن ۾
    وڄن وانگي ورڻ ڄاڻين
    وڏ ڦڙي جيان وسڻ جاڻين
    گهٽائن ۾ گهمڻ ڄاڻين
    ستارن تي سُهمڻ ڄاڻين
    جُدائي جو سڄو سکيو
    تنهائي ۾ تِڪون ڏيندي
    خيالن ۾ ملڻ ڄاڻين
    نگاهن سان نٿيو وجهين
    ادائن سان ڪکيو وجهين
    وڃون ڪاڏي چري سانئڻ
    ٻڌي ٻانهون ٻکيو وجهين
    سمورو رس جوڀن جو
    چپن سان ٿي چکيو وجهين
    وڇوڙن جي خزان ڀوڳي
    پنن وانگي ڇڻڻ ڄاڻين
    قرب ۾ ٿي ڪُسڻ ڄاڻين
    انا ۾ تون رُسڻ ڄاڻين
    ڪُلهن تي وار ڪيرائي
    ڇمر وانگي ڇنڊي ڄاڻين
    اکين سان منڊ منڊي ڄاڻين
    ٽٽل رشتا زمانن جا
    ڳنڍيرن جيان ڳنڍي ڄاڻين
    ڪڍي ٽيلا ڪنڪُو جا تون
    ڏياريءَ جو ڏيا ٻارين
    هزارين رنگ هولي جا
    هڪڙي گهور سان هارين
    گڊي جي ڀٽ تان بيهي
    سڄو هي شهر ٿي مارين
    اُڏاري لال آنچليو
    وجهي تون خوب ڪاجليو
    جڏهن ٿي گيتڙو ڳائين
    گڍي تي ميگهه ورسائين
    پڳن ۾ ڇير ڇم ڪائي
    چڳن ۾ چوٽلا پائي
    هٿن تي مينديون لائي
    مٿي تي مينڊڙا ٺاهي
    جڏهن ٿي چوڙلا پائين
    تڏهن هي دل گهُري رب کان
    اسانجي شل عمر ماڻين
    مٺي جي شهر جي راڻي ...!!

    سڀن کان تون مٿي آهين
    مندر جي مورئي وانگي
    مٺيون تنهنجون صدائون هِن
    وڏيون قاتل نگاهون هِن
    عجب نخرا ادائون هِن
    ڪڏهن سرمي سرائي جيان
    اکين ۾ ٿي لهيو وڃين
    ڪڏهن اُکڙي ڪهاڙي جيان
    اندر ۾ ٿي کُپيو وڃين
    ڪڏهن ماکي مکڻ وانگي
    صفا نرمل صفا نازڪ
    ڪڏهن ڏاڍي پٿر وانگي
    ڪڏهن موري صفا من جي
    ڪڏھن برسين ڪڪر وانگي
    ڪڏهن کاري ڪڏهن مٺڙي
    ڪڏھين تون نارنگي وانگي
    وڄين ٿي هر وقت مون ۾
    سريلي سارنگي وانگي
    وهين ٿي ويڪري مون ۾
    لڳين ٿي نيل تون درياءَ
    ڇڏين ٿي روح کي ٻوڙي
    رڳن جا رُخ سڀ موڙي
    بدن جا بند ٿي ٽوڙين
    ڪڏھن ننڍڙي ندي آھين
    ڪڏھن ساگر سمان بڻجين
    ڪڏھن گنگا ڪڏھن جمنا
    ڪڏهن سِنڌو سندو پاڻي
    مٺي جي شهر جي راڻي!

    اچين جي اوج تي جانم
    پکين وانگي اُڏڻ ڄاڻين
    ڏکن جي سِمنڊ گهري ۾
    مڇين وانگي ترڻ ڄاڻين
    سمورا سور جيون جا
    سسئي وانگي سهي ڄاڻين
    وڇوڙي ۾ رهي ڄاڻين
    وڙهي وري ٺهي ڄاڻي
    سنگت ۾ ڀي وهي ڄاڻين
    بڻي ڪا ڪوڪ ڪويل جي
    دلين ۾ تون لهي جاڻين
    وڄائي هٿ جي تاڙي
    اڏائين هوش ٿي آڙي
    پياري راڳ جي تاڙي
    ڪڏهن ڳائين ڀٽائي تون
    ڪڏھن ميران سندي واڻي
    مٺي جي شهر جي راڻي!

    سوين سورج تپن تو ۾
    وڏا بادل گجن تو ۾
    نغارا ڪي وڄن تو ۾
    مٺا سنڌڙي پچن تو ۾
    تکا چشما ڦٽن تو ۾
    تتر بنجي اُڏن تو ۾
    جواني جا سڄا جذبا
    هرڻ وانگي هلن تو ۾
    جوانيون سڀ جچن تو ۾
    ڪچا آنڀو پچن تو ۾
    جڏهن کان سال سورنهين ۾
    سُندر تون نار ساماڻي
    مٺي جي شهر جي راڻي...!
    


    دُنيا ليکي مٺي سانئڻ!

    دُنيا ليکي مٺي سانئڻ!
    جناور ٿي پيا آھيون
    هتي کوٽي سڪي وانگي
    دنيا بيڪار ٿي سمجهي
    تڏهن پنهنجا سڳا سانئڻ
    دلين مان ڀي ڌڪارين ٿا
    ننڍي دل جي وڏن جا هي
    رويا روز مارين ٿا
    غريبي سيڻ آ پنهنجي
    تڏهن هي ڏيڻ ڀنجڙي جي
    اميري ويڻ ٿي آڇي
    چئي ٿي ڏينهن ڌونئري جو
    اٽي تي ڪا چٽي آھيو
    لڳو ٿا بوج ڌرتي تي
    ڏريو ٿا منڱ اميرن لئه
    نڪي بنگلو نڪي گاڏي
    نڪي ڪاٽن وڳا پائيو
    نڪي ٿا پاڻ کي ٺاهيو
    نڪي ٿا مڌ مان ڄاڻو
    نڪي ٿا صد مان ڄاڻو
    صفا سڃا بکيا هوندي
    رهو ٿا آڻ پنهنجي ۾
    مڃو ڪنهن کي نٿا واڏي
    غريبي ۾ انڌا آھيو
    عقل هوندي جڏا آھيو
    اسان لئه ڪي ڦڏا آھيو
    ڀلي ڪيڏا وڏا آھيو
    چوان ٿو مان اميرن کي
    ٻڌو لوڪو غريبن کي
    تڏن مان ڇو تڙيو ويٺا؟
    غريبي گار ڪا ناهي
    ڦٽن تي لوڻ لپ جهڙي
    اوهان کي ڇو لڳي اهڙي؟
    اوهان کي ڀي سڃاڻون ٿا
    ڳجهي هي ڳالھه ڪا ناهي
    اوهان هن ديس دلاري جي
    واريءَ کي ڀي وڪيو آهي
    اوهين ايمان پنهنجي کي
    ٽڪن تي روز کپايو ٿا
    اُجاڙي گهر غريبن جا
    نيون سيجون سجايو ٿا
    اوهين وحشي وڏا آھيو
    گلابن کي گُهٽي ماريو
    حواسن جون حدون ٽوڙي
    جوانين کي لُٽي ماريو
    اوهين انسان مان ڇا ڄاڻون
    پکين جا پر پَٽي ماريو
    اوهين پئسي ٽڪي خاطر
    فريبن سان ڦَٽي ماريو
    نچائي نت نياڻين کي
    جهپاٽن سان جَهٽي ماريو
    اوهانجي شوق اهڙي کي
    خدا ڀي خار مان گُهوري
    ڏسي ٿو اک ڪرڙي سان
    اوهين اوتي گلاسن ۾
    پيئو جو پيگ وسڪي جا
    انهن ۾ رت غريبن جو
    ڪڙھي ٿو چانھه ڪاري جيان
    چڙھي جئين چيئن تي ڪوئي
    اوهان جي ديد کي پسندي
    دکن ۾ ائين دکون ويٺا
    جڳن کان بس جلون ويٺا
    اسانجو فلسفو اهڙو
    اسين آزاد پکين جيان
    فضائن ۾ اُڏڻ چاهيون
    پلر جي گهونٽ پويتر لئه
    هرڻ سان گڏ ھلڻ چاهيون
    اميدن جي ومانن ۾
    گگن تي بس گهمون ويٺا
    چڙھي غوراب غريبي تي
    صحرائن ۾ ترون ويٺا
    جُتي ناهي ته ڇا ٿي پيو؟
    وڻن جي ڇانو ٿڌڙي جا
    اسين جوراب پايون ٿا
    وڳن لئه ڪئين وڪيون ڌرتي؟
    مٽي جو ويس پايون ٿا
    لنگهڻ ھوندي صبح سانجهي
    پکين کي چوڻ چُڳايون ٿا
    ٻنين کي هر ڦڻي ڏيئي
    وطن جي سينڌ سجايون ٿا
    ٻچن جو پيٽ پارڻ لئه
    پهگر وهائي ڪمايون ٿا
    بکيا هوندي سکيا آهيون
    ذليلن لئه ڏکيا آھيون
    اسان جو عزم ڇا ڄاڻو
    اوهين وڪيل ايامن جا
    اسانجو ايمان ڇا ڄاڻو
    اسان هر وقت چيو آھي
    وڏيرن جي ونگارين کي
    اميرن جا ڀري بدنا
    جيئڻ کان موت بهتر آ
    غلامي جو ڪڙو امرت
    پيئڻ کان موت بهتر آ.
    


    او سنڌيا تنهنجي بنديا هي

    ٿي چنڊ لڳي ڪو چوڏس جو
    ٿي مرڪي تنهنجي ماٿي تي
    جئين ڏُور اُفق تي چلڪي ٿو
    ڪو روز ستارو سانجهي جو
    ائين ريک رتيءَ ٿي سونهي تو
    مان سونهن سندءَ جو ساکي هان
    ٿي جوڳڻ جيڪا ڄاڳي پيئي
    اُن ڄاڳ سندو آ جوڳ وڏو
    ۽ سرتي سان سنجوڳ وڏو
    پر قسمت اهڙي ڪنهنجي آ؟
    جو ميل ٿئي ڪو ميت سندو
    هڪ ٽهڪ گلابي گيت سندو
    آ تنهنجي چنچل چوڙيءَ ۾
    ٿي کَن کَن کيٽا کيل ڪري
    جئين مور پکي لئه ڊيل ڪري
    ٿي روز اُڃارن ريٽن تي
    هُن گهاگهرلي جي گهير سڏي
    ۽ ڇم ڇم جانجهر جهير سڏي
    ٿي سازن ۾ ڪي رنگ ڀري
    هي لوڏ لنڱن جي لاکيڻي
    سُر تال ملائي تن من سان
    ٿي تنهنجي چمپا چيلھ وري
    جئين ڪجلاسر تي ڪوڏ ڪندي
    ڪا ٻانهياري ٿي هيل ڀري
    ۽ هُن جي هٿ ۾ حرس ڪري
    سا چوڙي سارو چين کسي
    جا چوڙي چمڪي ٻانهُن ۾
    ۽ شوخ هوا جئين ساهُن ۾
    ٿي سرتي ڇيڙي سرگم کي
    هي پل پل پايل پيرن جي
    ڄڻ روز غزل ڪو ڳائي ٿي
    هن جهرڻي جهڙي جوڀن جي
    هر گهُور گلابي گهائي ٿي
    مد هوش نشيلن نيڻن سان
    هن جيون کي جهومائي ٿي
    هن جيون کي جهومائي ٿي
    


    ملائي نيڻ نيڻن سان

    لڳائي زور سان تاڙي
    اُڏائي ٽھڪ فضائن ۾
    انڌي اهنڪار جو هڪڙو
    چوين ٿي غم ڪهڙو آ؟
    روئڻ جو ڪم ڪهڙو آ؟
    چوين ٿي چاندني جهڙو
    وڳو ڪو نئون ڀلو وٺجي
    لڳائي کنڀ محبت جا
    عقابن جئين سدا اُڏجي
    اُتي هلجي جتي ڪوئي
    ڏُکيو ناهي بکيو ناهي
    مگر منهنجي سڀاڳي ٻُڌ!
    ڪٿي هلجي يڪو لڏجي
    سنڌو ۾ ساھ پنهنجي کي
    ڪڍان پوءَ جند ڪئين رهندي؟
    اڪيلي سنڌ ڪئين رهندي؟
    چوين ٿي چاڳلي سانئڻ
    هٿن ۾ ھٿ ڏيئي هلجي
    غمن کان پاڻ کي پلجي
    سمو ڪو سُک جو سلجي
    رنگيلي ريٽ تي رمجي
    ڪَتي ۾ قرب جي ناهي
    چوين ٿي چيٽ ۾ ملجي
    مگر منهنجي سڌُوري ٻُڌ!
    وطن سڪرات ۾ آهي
    وڏي ڪنهن گهات ۾ آهي
    وساري ديس دلبر کي
    چپن کي ڪئين ڀلا چُمجي؟
    ڀُلائي سور سانگين جا
    ڳلن جون ڪئين ڪجن ڳالهيون؟
    نڪي جهومڪ نڪي واليون
    وطن جي وڏ ڀاڳين جا
    سڄا سينگار اُجڙي ويا
    هجي جي ديس سُکيو پوءَ
    سهاڳڻ سونهن تنهنجي جي
    سنواري سينڌ سدا چُمجي
    وطن جي ڌيءَ چوان ٿو اڄ
    ڀڃي تون چوڙيون ٻاگهل
    اکين جي اُڀ تان ڪاجل
    ھٽائي هوريان ڇڏجانءَ
    هٿن تان گل ميندي جا
    اُتاري ڇير ڀي ڇڏجانءَ
    اُگهاڙي پير تون هلجانءَ
    سندوري رنگ سينڌن جا
    ڏُکن ۾ ڪئين ڀلا سوُنهندا؟
    جنين جا ور ھجن گهاڻي
    اُنهن کي ڇا ڇلا سُونهندا؟
    وطن لئه ٿي ڏُهاڳڻ تون
    ڪندين ڪا دانهن جي سرتي
    صدين لئه سي سنڀاريندي
    دُلاري ديس جي ڌرتي
    اڃا پئي رت اوڳاڇي
    ڏسي پيڙا وطن جي پوءَ
    اکين ۾ ڪئين وجهان ڪاجل؟
    سمورو ڏيھه ڏوٿين جو
    سڄو ڏينهن لُڙڪ لاڙي ٿو
    اهو ئي درد ماري ٿو
    سنواريان سينڌ ڪئين سانئڻ؟
    وطن جا وار وکري ويا
    ڏُڪارن ۾ بکون ڪاٽي
    اسان جا ٻار وکري ويا
    سمهان ڪئين سيج تي سانئڻ؟
    مٺي هن ديس جا مارو
    وڻن سان ويدنان اوري
    وڇائي ريت جون رليون
    سواءَ اوڇڻ سُتا آھن
    چٻاڙيان ڪئين چڪن ٻوٽيون؟
    هتي منهنجا مٺا مارو
    ڳڀي کي گند مان ڳولي
    بکايل وات ۾ وجهندي
    اکين سان مون ڏٺا آهن
    پيئان ڪئين پيگ ڀري جانان؟
    سنڌُو ۾ هڪ سُتي ناهي
    اُڃايل ديس منهنجي جي
    صدين کان اُڃ اُجهي ناهي
    اُگهاڙا پير نياڻين جا
    جلن ٿا روز ڪاڙهي ۾
    ملي تن کي جُتي ناهي
    وڳا ڪنهن نڪ وڏي پايان؟
    لنڱن تي لير هڪڙي ۾
    غريبن جو گذر آھي
    دکن ۾ ڀي نٿا دانهين
    وڏو تن ۾ صبر آهي
    ترڻ توڪل سندي تُرهي
    ڏُکيو ڏاڍو سفر آهي
    ڏُکن ۾ ڏيھه ھوندي ڀي
    ڪيون جي عيش عشرت ڪا
    اسان لئه سو ڪُفر آهي
    اسان جي ڌرم اھڙي جي
    خدا کي ڀي خبر آهي
    


    اڙي سُونهن ايڏا هي انگل ڇو ڪرين ٿي

    نه هيڏي ڏسين ٿي نه هوڏي ڏسين ٿي
    پسي روپ پنهنجو گگن تي گهمين ٿي
    چڳن ۾ سجائي چنبيليون هلين ٿي
    اکين جي ڪنارن تي ڪاجل هڻين ٿي
    بدن جي بهارن تي ڇرڪيو پوين ٿي
    وڏا زُلف ڪارا ھوا ۾ اُڏائي
    پٻن تي ھلين ٿي پري ڪا لڳين ٿي
    جتان ڀي لنگھين ٿي خوشبوءَ وڌي ٿي
    قسم سان گُلن جي ڀري ڪا لڳين ٿي
    رڳو ڪام تنهنجي اکين مان ٽمي ٿو
    بدن ۾ سمائي سمنڊ ڪو هلين ٿي
    ڇاتين جي ڇولين ۾ ڇُلڪي پوين ٿي
    جڏھن لوڏ لاڏي ٻڌي تون لڏين ٿي
    تڏھن سونهن توکي سنجهي مان سڏيندي
    اسان جون نگاهون نماڻيون چون ٿيون
    کپي ديد تنهنجي دُلاري اسان کي
    ٿيون خوش پيارين ادائن کي پرکي
    پرين تنهنجي اڇوتي حُسن کي ڏسڻ لئه
    هتي جون هٺيلا هوائون چون ٿيون
    هلي آ تون هيڏي وفائون سڏن ٿيون
    ڪري عرض توکي صدائون چون ٿيون
    مٺي موھ مايا اجايو ڪرين ٿي
    اسان جي اکين کي نه پرکي سگهين ٿي
    اُڏاري تون آنچل ادائون ڪرين ٿي
    لبن کي لڪائي اُڃارو رکين ٿي
    ڇتن کي ڇنڊي تون جهُڙالو ڪرين ٿي
    مٺي منڊ منڊي تون اجالو ڪرين ٿي
    چپن کي ڀيڪوڙي ڏندن ۾ ھڻين ٿي
    رڌم سان رڳن ۾ سواسو کڻين ٿي
    الائي ته ڪيڏي اسانکي وڻين ٿي
    مگر موھ مايا ۾ انڌي ٿيو وتين ٿي
    اسان جي عشق جو نه ازالو ڪرين ٿي
    ڏسي چنڊ چوڏس چڙيو پوين ٿي
    اٿئي روپ اهڙو جو کڙيو پوين ٿي
    نه سج کي مڃين ٿي نه چنڊ کي مڃين ٿي
    چري سونهن ايڏو ستم ڇو ڪرين ٿي
    لهي نيٺ ويندو هي جواني جو سورج
    وسري هي سمورا وڳا ويس ويندا
    عمر جي انهي ھند اڇا قيص ٿيندا
    مروڙي مُڪي سان ٽڪن جا هي تجلا
    هوا تي ڏيئي جيان وسامي سي ويندا
    اٿئي ناز جن تي اُھي نيڻ ڪجلا
    نه رهندا رڳن ۾ مجازن جا ٻگلا
    لڏي سونهن ساري لنڱن مان هي ويندي
    ڏسي هڏ ھيڻا هي هوائون کلنديون
    نظر نور نازڪ رُسي نيٺ ويندو
    ڏسي ڪون سگهندين هي نرمل نظارا
    پسي ڪون سگهندين پوءَ ڪتيون چنڊ تارا
    هلي ڪون سگهندين هوائن جيان تون
    ٻُڌي ڪون سگهندين ڪي ڪويل جون ڪوڪون
    رُٺا رنگ سارا جڏهن روپ توکان
    تڏهن سرد آنهون ڀري تون اُداسڻ
    اسان کي پُڪاري سڏيندين دُئاري
    جڏھن وقت ويندو هٿن مان هلي ھي
    تڏهن پور پنهنجن جا اندر ۾ ڪي پوندا
    جڏهن سور سينو تو ڪوري ڪپيندا
    تڏهن سونهن تڙپي اڪيلي دڳن ۾
    رُوئي روڳ ڏسندين پنهنجي بدن ۾
    ڏسي حال هيڻا تڏهن سونهن تنهنجا
    کلي تو تي کلندا زمانن جا ساٿي
    سهي ڪون سگهندين گلابن جا ساٿي...!!
    


    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس باغ ۾ ڪويل ڪوڪي
    مٺڙو راڳ ملهاري ڳائي
    هُو ڏس تند تنبوري ڇيڙي
    صُوفي سر ڀٽائي ڳائي
    هُو ڏس مور مٺي جي ڀٽ تي
    مُرڪي ويٺو ميگھه وسائي
    هُو ڏس هاري کيتي کيڙي
    سونا روپا سنگ اُپائي
    ناري ور جو هٿ ونڊائي
    ھُو ڏس ڏاند اڇن جي جوڙي
    جوٽيندي ڪئين جاٽ ڀري ٿي

    هُو ڏس ڇوليون ڇُوليون ڪينجهر
    جنهن ۾ ترندڙ ٻيڙي اندر
    لال وڳي ۾ وينگس نياري
    ڇرڪي ڪيڏا ڇال ڏئي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    ھُو ڏس ٻار ندي ۾ ترندي
    خوش ٿي ڪيڏا ٽھڪ ڏين ٿا
    ڀنڀا وار ندي ۾ ترندي
    اُڀ تي آگم جئين لڳن ٿا
    ھُو ڏس نار ندي ۾ ترندي
    ڇولين منجھه ڪئين ڇلي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس سونهن سکر جي ساري
    ڪڻڪي ڪونج ڳچي سان ناري
    هُن جي لنڱ تي بخمل ساڙهي
    واھ جي چنچل چمڪي ڳاڙھي
    هُن جي هڪڙي گهور گُلابي
    جهرڪ جي ڄڻ تازي تاڙي
    ڏسندي ڏسندي هوش وڃائي
    خمارن ۾ کيپ ڀري ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس گورک اوچي ڳاٽ سان
    جنهن تي سونهن سڏي ٿي سنڌڙي
    اُڏندڙ آنچل گهاٽا بادل
    ڇرڪن ڇورا ڇمڪي پايل
    جهومن جوڙا نيڻ خماريل
    خوب حياتي کيل ڪري ٿي
    محبت ميت سان ميل ڪري ٿي
    وڻندڙ ڪيڏي هير گهُلي ٿي
    جنت جي تاثير ملي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس شوخ سنڌو جون لهرون
    پربت چيري ڇيرون پائي
    لڏندي لمندي ڪئين اچن ٿيون
    هو ڏس جر تي ڏيئا جرڪن
    گهونگهٽ کولي ليئا جرڪن
    هو ڏس جر ۾ اکا وجهندي
    ناري ڪنڌ نمائي پوڄي
    سنڌو پنهنجو داتا سمجهي
    مرڪي مهاڻي نار مڇي لئه
    آڌي مانجهي واجھه وجهي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هو ڏس سهڻي سيوهڻ نگري
    جنهن ۾ قلندر مي رقصم
    هو ڏس سچل سچ چوي ٿو
    ھُو ڏس گهوٽ ڀٽائي ڀٽ تي
    عالم لئه ڪئين عرض ڪري ٿو
    سامي جو ڀي سنک وڄي ٿو
    چارڻ چوري چنگ چوي ٿو
    ڌرتي منهنجي جيجل جهڙي
    هندو مسلم هڪ ڪري ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس ڪاڇو ڪيٽي بندر
    هو ڏس سهڻو سنڌ سمندر
    گونجي ڪيڏو گوڙ ڪري ٿو
    جنهن مهل سنڌو ڇوڙ ڪري ٿو
    هو ڏس لاڙ پٽن جون شامون
    جهومن واھ ڪپن تي لامون
    هو ڏس نريڙي نير تي نيرڳ
    ڪئين ترنگ سان ترن پيا ٿا
    هو ڏس پيلا پيلا گلڙا
    سورج مکي سون سريکا
    واهوندي ۾ لڏن پيا ٿا
    ھُو ڏس سارين سونهن ڀليري
    اکين ۾ ڪئين ٺار وجهي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي
    هُو ڏس رايون ٻولايون سايون
    ڊُڪندي مالڪ وٽ مڙن ٿيون
    جن ۾ چڙا چنگ وڄن ٿا
    ڏاڍا پيارا رنگ لڳن ٿا
    شام جو پنهنجي ماڳ تي موٽي
    ناول تي ڪئين ننگ ورن ٿا
    ڌيما ڌيما پير کڄن ٿا
    ھلڪي هلڪي ڌوڙ اُڏي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هو ڏس جهونو کٽ تي کگهندي
    پن جي ٻيڙي چپ تي رکندي
    روز دونهي ۾ درد اُڏائي
    جهُڻڪي سنڌ جمالا ڳائي
    ڏٺ پروليون روز ٻُڌائي
    جهوني سنڌ کي جيوت ڏي ٿو
    هن جي پٽڪي ور ور مان بس
    موٿن جي مهڪار اچي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    هُو ڏس سهاڳڻ سينڌ سجائي
    اسر جو اُٿندي ڪماڙ کولي
    حجاب رکندي مور نه ٻولي
    انڊلٺ انگڙا آرس موڙي
    کلندي ويٺي کير ولوڙي
    جنڊ کي جوٽي منڊ منڊيندي
    رتڙا چانور روز ڇڙيندي
    هرمچ پڪو ڀرت ڀريندي
    کوھ تي پهچي هيل کڻندي
    ٻگلن جهڙا ٻار ڄڻيندي
    مور نه ورچي سگهڙ سياڻي
    ايڏا سارا ڪم ڪندي ڀي
    پنهنجي سس کي جيءَ چوي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي

    ھُو ڏس ڏور ننگر ۾ ناري
    مينهن لئه ماندي نينهن لئه ماندي
    ڀاڳ ڀريي هڪ ڏينهن لئه ماندي
    اُڀ ۾ هلڪو آڙنگ ڏسندي
    ڀوڏيسر جي ڀوري ڪپ تي
    مرڪي پنهنجا مينڊا ويڙھي
    ساري سونهن بدن ۾ ميڙي
    ڇم ڇم پايل سرگم ڇيڙي
    ٻانهن ۾ ٻاجو ٻند لڳائي
    ڪم ڪم ٽيٻي نرڙ تي پائي
    سانوڻ لئه سو سانگ سجائي
    ڊيل سان ڊڪندي مور سان مرڪي
    راسوڙن جي ڌُن تي ڌڙڪي
    ٿاريلي ٿن ٿن نچي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي
    هو ڏس هسيون هار نرالا
    سنڌڙي جا سينگار نرالا
    ڳل تي ٽيلا نڪ تي ٽيلا
    سينڌ نموريل ٽونئر ٽنڊيلا
    مينڊا ويڙھيل جهومڪ جهيلا
    ڪجلاسر کان ڪينجهر تائين
    جانجهر پائي سونهن جهڙالي
    رم جهم رم جهم رقص ڪري ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي
    سنڌ سرڳ کان سرس لڳي ٿي
    


    ”چُمي“

    چُمي ٻن چپن جو سُريلو سنگم
    چُمي ڪنهن ڪوي جو نرالو نظم
    چُمي مان محبت وٺي ٿي جنم
    چُمي کي چمڻ لئه اکيون ڀي سڪن
    چُمي عيد ڏھاڙي جي ڀاڪر وڏي
    چُمي ديپ ديوالي جيان آ ڀلي
    چُمي ڳالھه دل جي سدائين سلي
    چُمي ٻار ننڍڙي جي ٻوڙيو ڇڏي
    چُمي ماءُ جيجل جي ممتا گهڻي
    جا محبت جي سمندر ۾ لوڙھيو ڇڏي
    چُمي ڀيڻ ٻاگهل جو ڀرم رکي
    چُمي رُخ رڳن جا موڙيو ڇڏي
    چُمي راس ليلا ۾ راڌا بڻي
    چُمي باغ واٽيڪا ۾ سيتا بڻي
    چُمي شهر ڀنڀور ۾ سسئي بڻي
    وڇوڙن کي ويڙهي وصل ڏي هلي
    چُمي راز محبت جو ازل کان لڳي
    چمي دروپدي جي پنجن کي مليِ
    چُمي عشق يوسف ۾ ذُليخان بڻي
    چُمي رنگ جيون ۾ ڀري ٿي ڀري
    ملي ٻن دلين کي ملايو ڇڏي
    خوابن ۾ ايندي ئي کلايو ڇڏي
    چُمي مارئي جي ڀٽن لئه لُڇي
    چُمي آس سارا جي اڌوري رهي
    سا صدين کي روئاڙي رلايو ڇڏي
    چُمي سارنگا جي هٿن جو دُوهُو
    چُمي سڪ مومل جي چکيا چڙھي
    چُمي دانهن سورٺ جي ٻيجل ٻُڌي
    چُمي لُڙڪ ليلا جو مجني ڏٺو
    چُمي هير رانجهي جي ڌڙڪن وڳي
    چُمي هاشمي جي فطرت بڻي
    چُمي کي چوان ڪئين فحاشي کڻي؟
    چُمي ۾ سڄو جڳ جڙيو وتي
    چُمي بس چقمق جيان ٿي ڇڪي
    چُمي ڪون دين ڌرم ٿي پُڇي
    رڳو سڪ سيني ۾ سمايل هجي

    جڏھن تيز اس ۾ تپي ٿي زمين
    تڏهن بارشن جا ڇمر ٿا ڇڻن
    اها آ گگن جي پَٽن کي چُمي
    جا واري جي پياسي بدن کي ڇُهي
    سا روح رڻ تي ڄڻ بادل وسي
    جا تتي ريٽ تڙ تان پاڻي ڀري
    سا پويتر پڳن جي دڳن کي چُمي
    جو ڪُڏي ڪنڌ ڀومي لئه وڙھندي ڪِري
    سا شهيدن جي اٿئي وطن کي چُمي
    جا ڪيلاش جي پهاڙن کا ڇُلڪندي اچي
    سا سنڌُو جي ساگر کي سڪ مان چُمي

    ڏسي ميت مٺڙو حجابي سکيءَ
    ٿي شرم ۾ اکڙيون ٻوٽيو ڇڏين
    سا به اکين جي اکين کي چمي ٿي لڳي
    جا بدن ۾ ھوندي به لڪندي وتي
    جا چپن تي اچڻ لئه ٿي ڦٿڪيو پوي
    جا ريتن ۽ رسمن جو ٻارڻ بڻي
    ۽ رڦندي رڳن ۾ ڇُپيو ٿي وڃي
    سا گُلن کان گهڻيري وڻي ٿي وڻي
    جا چپن مان ڦُٽي ٿي جهرڻي جيان
    جا اکين مان اُڀري ۽ اکين ۾ لهي
    سا به ساهُن ۾ پيوند ٿيو ٿي وڃي
    تون لڪي لوڪ کان بند دريون ٿي ڪرين
    طاق ملندي چون ٿا ڏسي ڇڏ ڏسي
    اسان جي ملڻ کي چمي ٿا چون
    گُلن جي لڏُڻ ۾ چُميو ٿيون لڇن
    لڳي ڳالھه دل سان ٿي توکي گهڻي
    وڄائي تون تاڙي ٿي کل ۾ ٻُڏين
    اها ڀي هٿن کي هٿن جي چُمي
    رڳوبس اندر جي اکين سان ڏسين
    تنهنجي بدن تي پاتل وڳو ڀي چُمي
    تنهنجي ڪنن ۾ جهومڪ لڳن ٿا چمي
    تنهنجي اکين ۾ وڌل هي ڪجل ڀي چمي
    تنهنجي وارن جي چوٽي ۾ لڏي ٿي سڳي
    سا به ڪري چيلھه چُمڻ لئه انوکي ٺڳي
    تنهنجي هانوَ تي هُري ٿي دُهري وڏي
    سا به سڄو ڏينهن لُڏندي ڳچيءَ کي چُمي
    تون وارن کي کولي هوا تي ڇڏين
    سا به لڳي ٿي چڳهن کي چڳن سان چُمي
    تون محبوب جي گورن ڳلن کي چري
    ڇو ڇُھڻ ساڻ ايڏي ٿي ڇرڪيو پوين
    تون اياڻي صفا اڃا ٿي لڳين
    تون چُمي جا قصا ڪون سمجهي سگهين
    هو چيو ڇا خدا ڪون سمجهي سگهين
    تون چنڊُ کي پري گگن کان رکين
    تون نديءَ کي روڪي سمنڊ کي چوين
    ٿڌو ٿي ٿڌو ٿي اي اُڃارا ڪوي!
    مان چوان ڪئين سونهن تو سانوڻ سندي
    تنهنجي وسڻ ۽ پسڻ ۾ زندگي اٿئي
    نه روڪ جوڀن سندي جلترنگي
    تون هٿن سان چپن سان بدن سان ڀلي
    چُمي ٿي چُمي ڏي چُمي وڃ پرين……!!
    


    ”غربت“

    غربت ماڻهون ماري ڄاڻي
    غربت خاصا کاري ڄاڻي
    ڳاراڻي ۾ ڳاري ڄاڻي
    پنهنجو پيٽ ئي پاري ڄاڻي
    غربت ريتون رسمون ٽوڙي
    غربت من کي روز مروڙي
    غربت سپنا خاڪ ڪري ٿي
    غربت هيڻي هاڪ ڪري ٿي
    غربت ڄمار گهٽائي ويٺي
    خون اسان جو کپائي ويٺي
    غربت ڪارا چاندي ڪندي
    غربت مينا ماندي ڪندي
    غربت ڏاج نه ڏيئي ڄاڻي
    غربت ڪاڄ نه ڪوئي ڄاڻي
    غربت هڪڙو ويل سراسر
    جيون تنهن ۾ جيل سراسر
    غربت پوڄا پاٺ نه ڄاڻي
    غربت ٺاٺ ۽ باٺ نه ڄاڻي
    غُربت ڏينهن تتي جو واريءَ
    غُربت ڪوجهي غُربت ڪاريءَ
    غُربت قاتل غُربت ماريءَ
    غربت جا هن رنگ گھڻيرا
    هو جو مارو ماڻھُون آھي
    غربت هن کي ائين ٿي ڳوهي
    جئين ڪا نار اٽي کي ڳوهي
    غربت هن کي ائين ٿي پيهي
    جئين ڪا ناري مرچ لساڙي
    غربت هن کي ائين ولوڙي
    جئين ڪا نار مهي جي ماٽي
    غربت هن کي گهوٽي ويٺي
    جئين ڪا نار سرمو گهوٽي
    ائين ٿي هن جو رت هي چوسي
    جئين ڪو ڄئور بدن سان چهٽي
    هن کي غربت ائين ٿي ڪاهي
    جئين ڪو هاريءَ جوڙا جوٽي
    ائين هُو درد ڪلهن تي ڪاهي
    ها هو هڪڙو ڏوٿي آھي
    ڏُک جي کليل پوٿي آھي
    ڏيھه سنواري ڏُک پرائي
    ٻنيون پوکي بُک پرائي
    ليکا چوکا ڪون ڪري ٿو
    ها بس هڪڙي اون ڪري ٿو
    سالن کان هو قرضو آھي
    روز وڏيرو گاريون ڏي ٿو
    ڪون ڪڏھن ڪجھه ساريون ڏي ٿو
    ڪير به هن جو ٻيلي ناهي
    ساري گنگا ميلي آھي
    منهنجا مالڪ ائين ڇو آهي؟
    ڪنهن وٽ گاڏي ويگو آھي
    ڪنهن وٽ پنهنجو پير به ناهي
    ڪوئي پل پل ويس مٽائي
    ڪنهن وٽ ليڙ لٽو ڀي ناهي
    ڪوڪو طعام تري ٿو ويھه ويھه
    ڪنهن وٽ کارو اٽو ڀي ناهي
    ڪير ٻُڌائي داتا توکي
    تنهنجي دنيا اوکي آھي
    هو جو جهاز اُڏي ٿو اُڀ ۾
    ان ۾ جيڪو ماڻهون آھي
    ان ۾ هن ۾ فرق به ناهي
    قسمت سارا کيل رچائي
    هو جو جهولي جهولي ۾ ٿو
    ٻار وڏيري تونگر جو ڏس
    ان کي ڏسندي کلندي کلندي
    نرڌن ٻالڪ جُهولڻ چاهي
    ها پر هن وٽ پونجي ناهي
    غربت سارا خيال کپائي
    هو ڏس سيٺ وڏي جو پاليل
    ڪارو ڪُتو ڪيڪ ٿڏي ٿو
    بکيو ٻالڪ دانهن ڪري ٿو
    مالڪ تنهنجي ڪهڙي ڪايا
    ڪنهن تي اُس ته ڪنهن تي ڇايا
    ڪنهن لئه ڌوڙ ته ڪنهن لئه مايا
    هو جو پيگ پيئي ٿو وسڪي
    منهنجا چپ ڀي ڇڪجن ٿا پر
    منهنجو پيٽ موالي اَن جو
    مون لئه لولو ڳالھه وڏي آ
    هو ڏس پيزا هٽ جي در تي
    هڪڙي نار نشي ۾ ٿڙندي
    شيشي مان ڏس سرڪ ڀري ٿي
    سا ته وڏي ڪا مايا موهي
    جنهن کي پنهنجي پرک به ناهي
    تنهن لئه سڀ ڪجھه دولت آھي
    ها پر هن لئه لڄ وڏي آ
    هو جا نار مٽي جي چپٽي
    پاڻي مان جا پيگ ڀري ٿي
    هن کي نشا پيار پلر جا
    هُو جا ناريءَ نڪ وڏي سان
    پنهنجي ويٺي پت سنڀالي
    غربت ۾ جا گهايل هوندي
    ور سان ويٺي ست سنڀالي
    سا ته سنڌو جو شان رکي ٿي
    مرڪ ۽ پنهنجو مان رکي ٿي
    ڌرتي جيڏو ڌيان رکي ٿي
    غربت جو ڪل گيان رکي ٿي.!
    


    هُوءَ جا ڪوٺي تي حياتي ڪٽي ٿي پيئي

    هُوءَ جا راهن ۾ ويندڙ تڪي ٿي پيئي
    تنهن کي طوائف جو ڪوجهو لقب ڪئين ڏجي؟
    هُوءَ جا خيمي ۾ کٿوري جيان ٿي کلي
    هُوءَ جا گلن کي اکين ۾ سمايو هلي
    ھُوءَ جا هٿن ۾ محبت جا پوپٽ جهلي
    هُوءَ سڏي ٿي سڏي ٿي ڪنچن ڪلي
    تنهن جي پوڄا ڪجي دل جي ديول اندر
    هُوءَ جا خوابن ۾ چونئري جا ڦيرا ڦري
    هُوءَ جا نئين سج سپنن ۾ نڪاح ڪري
    پوءَ به ڪنواري ازل کان هُو سارا جيان
    هُوءَ جا امرتا پريتم جو ناول لڳي
    هُوءَ جا ساحر جي اکين ۾ سرمي جيان
    هوُءَ آ دلين جا ديبل لُٽيندڙ پري
    هُوءَ آ اکين جي تيرن سان ڦٽيندڙ پري
    هُوءَ آ دينن ۽ ڌرمن کان مٿاهين صفا
    هُوءَ بندرا ۾ ڪنعيي جي گوپي جيان
    هُوءَ مٺي جي گهٽين ۾ ٻرندڙ ڏيئو
    هُوءَ ڪڪر مان چنڊ جو پاتل ليئو
    هن جي جوڀن ۾ بهارن جي وڻڦوٽ اٿئي
    هن جي ٻوليءَ ۾ تترن جي لولي اٿئي
    هن جي ساهن جي رم جهم ۾ سانوڻ وسن
    هن جي ٻانهن جي ٽارين ۾ ٻاڄُو لُڏن
    هن جي هلڻ ۾ ڪجلي جا گينور لُڇن
    هن جي ڪنن ۾ اڪن جا ڦُليا ڪُڏن
    هن جي وارن ۾ مُگرا ۽ موتيا گهمن
    ھُن جي نيڻن مان اسُو جا موتي ٽمن
    هن جي پيرن ۾ پاتل ڇيرن جو قسم
    هن جي ڇاتيءَ ۾ دجلا جون لهرون اُٿن
    هن جي چهري جي رنگت ۾ ستارا لڀن

    هن جي ساهُن جي سفاري آ جنهن به پيتي
    تنهن کان اسڪاچ ۽ شيمپئن به وسري ويون
    هن جي چپن جي امرت آ جنهن به چکي
    تنهن کي انگورن جو رس ڀي ٻاڙو لڳو
    هن جي ڇتن جي ڇانوَ ۾ جيڪو سُتو
    تنهن کي ڪانڪهي جي ڇانوَ ۾ ڪاڙھو لڳو
    هن جي ٻانهن جي هندوري ۾ جيڪو لُڏيو
    تنهن کان سرامڻ جون لوڏون به وسري ويون
    هن جي وارن کي جنهن به وهاڻا ڪيا
    تنهن کي تڪيا ۽ طول به پٿر لڳا
    هن جي رقص ۾ جنهن جو به روح ٻُڏو
    تنهن کي سمنڊ به چوڏھين جو شانت لڳو

    اُن پري کي ڀلا ڪئين وئشيا چوان؟
    جيڪا غُربت جي گهاون ۾ پاپڻ بڻي
    جيڪا بکن جي ڪاون ۾ ڦٽيل سڄي
    جيڪا نصيبن جي ماري ۽ لُٽيل سڄي
    تنهن کي دنيا جون نظرون ٿيون دوشي چون
    جنهن جي روح کي پويتر چوي ٿي هوا
    جنهن جي چپن تي تبسم تري ٿي سدا
    جنهن جي پويتر نيڻن کي پوپٽ چمن
    جنهن جي جسم ۾ ڪيئي پيا جُگنو گهمن
    تنهن کي طوائف چوڻ وڏو دوش آ
    ھُوءَ نردوش آ هُوءَ نردوش آ
    


    تون امير هوندي غريب ڪيڏو

    سڪون لئه جو سدا سڪين ٿو
    ڏسي تون پنهنجو پليت پاڇو
    اڪيلو هوندي ڊڄين ٿو ڪيڏو
    نڪي ساھ سورھو کڻي سگهين ٿو
    نڪي خدا کي وڻي سگهين ٿو
    کلي اڱڻ تي نڪي سمهين ٿو
    نڪي تون تارا ڳڻي سگهين ٿو
    وسي ٿي بارش ڇٽي کڻين ٿو
    مٽيءَ کي بُت تان ڇنڍي ڇڏين ٿو
    مٽيءَ جا ماڻھون مٽيءَ نه ڄاڻين
    هوا لڳي ٿي چشم ٿو چاڙھين
    ڀري ڊڍر کي چڙھين تون گاڏي
    بکئي پيٽ سان هلڻ نه ڄاڻين
    ڀري تون شيشا شراب پئين ٿو
    گهڙي جو پاڻي پلر ڇا ڄاڻين؟
    سدا برف سان جگر کي ٺارين
    هٿن سان ڪمرا ٿڌا رکين ٿو
    کپن جا جهوپا هوا ڇا ڄاڻين؟
    ڪِري ٿو اک مان لُڙڪ نه ڄاڻين
    تري ٿي مک تي مُرڪ نه ڄاڻين
    ڀري تون ڏُک جي سُرڪ نه ڄاڻين
    اڃان چوين ٿو امير آھيان
    اڙي اياڻا اميرزادا……!!
    پکين جون لوليون ڪڏهن نه ڄاتيون
    رڳو بدن جي وڳن ۾ پورو
    اکين جون ٻوليون ڪڏھن نه ڄاتيون
    پرار تان ڪئين پُڪار بڻجي
    اچن ٿيون ڪنهن لئه سُڪار بڻجي
    اُھي نگاهون سگهين جي سمجهي
    ڪرين تون سجدا هزار ڀيرا
    جسم فروشي اکين سان ڏسندي
    ڪڏهن نه ڄاتو درد اهو تو
    لهو لهو ڇو جسم سمورو؟
    ٽڪي تي ڇا لئه عزت وڪاڻي؟
    اکين مان ٽپڪي اُداس پاڻي
    ڪڏھن نه ڄاتي اها تو ڪهاڻي
    ٻچا بکايل ڏسي اُڃايل
    ذلالتن ۾ ضمير ماري
    حوا جي ڌيءَ ڪئين اگن چڙهي ٿي
    اهو نه پرکين اڙي اياڻا
    غريب جو ڪئين گُذر ٿئي ٿو
    ڳڀي جو ٽُڪرو سفر ٿئي ٿو
    بُکن جي ڪهاڻي اڃا وڏي آ
    ٻُڌي نه سگهندين صفا ڏُکي آ
    حياتيءَ ڇاھي، ڪٿا ڊگهي آ
    ڪتابِ فطرت اول پڙھي آ
    جيئڻ جي چاهين اهو سِکي آ
    گلن تي پوپٽ مڙن ٿا ڇا لئه؟
    گگن ۾ ٽيڙو ٽڙڻ ٿا ڇا لئه؟
    ڏسي چانڊوڪي اُداس ٿيندي
    چڪور چنڊ لئه لڇي ٿو ڇا لئه؟
    ڪڙھي اُڃن ۾ قرار ماڻي
    هرڻ پلر جو پڇي ٿو ڇا لئه ؟
    مئل ڦر جي مٽي رکون ٿا
    ڍڳيءَ تنهن چم کي چٽي پرانسي
    ڏسي گگن ۾ کنوڻ جا کيٽا
    مٺي جي ڀٽ تي ملهار ڇيڙي
    ڪري ٽھوڪا مور ٿو ڪنهن لئه؟
    گلاب وانگي گهٽا کي واسي
    هوا اُٺي جي اچي ڪٿان ٿي؟
    ڇلر ڇڏي ڇو چِڙي ڪلر ۾
    سڄو ڏينهن وهنجي سڏي ٿي ڪنهن کي؟
    سمنڊ جو پاڻي صفا ڪڙو آ
    مڇي ڇو تنهن ۾ سدا سرهي آ؟
    مندن تي موٽي اُڏار بڻجي
    پکي ڇو پنهنجي وطن وڃن ٿا؟
    اهو جي ڄاڻين اڙي اياڻا
    حياتي تنهنجي گُلاب ٿي پئي
    ڪرين جي محبت غريب سان تون
    گُناھ به تنهنجو ثواب ٿي پئي
    


    ”مٺي“

    سُريلي سانجھه جي ٽاڻي
    مٺي ۾ موتيا مرڪن
    خُماريل نيڻ حياتين جا
    چنبيليون چوٽلا مهڪن
    وديسيءَ سوم رس جهڙيون
    جوانيون جوش ۾ ٻھڪن
    ستارن سان ڀرين چولا
    ٽڪن جا تجلا اُڏرن
    گگن تي رات ڪاري جو
    چندرما چاندني اوتي
    مٺي جي سينڌ ۾ ڇڙڪي
    سندوري رنگ جوڀن جا
    ڀرن ٿا مانگ روهيڙا
    مٺي آ لاڏلي وينگس
    مٺي جي ٻانهن ۾ چُوڙا
    وجهن ٿا پاڻ پينجولا
    مٺي جي نڪ ۾ ڦُلڙي
    وجهي ٿو ڦوڳ ونگڙ جو
    مٺي جي ڪن ۾ جهومڪ
    وجهن ٿا نم نمورين سان
    مٺي جي ٻانهن ۾ ٻاجو
    ٻڌن ٿا جهنگ جوڳيئڙا
    مٺي جي اک ۾ سرمو
    وجهي ٿي سانجھه سانولڙي
    مٺي جي پير ۾ جانجهر
    ٻڌي ٿو وڻ ڪونڀٽ جو
    مٺي جي ڪونج ڳچڙي ۾
    سونارو سون جي دهري
    وجهي ٿو لاڏ مان لاڏو
    چوي ٿو ماٺ ۾ ڇاهي
    مٺي ۾ زندگي آھي
    مٺي جي سونهن کي سجدو
    اسان جي بندگي آھي
    مٺي جون مور بازارون
    گهمڻ ٿي دل گهڻيون چاهي
    مٺي جون موڪريون گهٽيون
    سُڳند جون شيشيون ڀريل
    وڻن ٿا ويڪرا رستا
    هلن ٿيون حرس مان ناريون
    مٺي جون هوٽلون ساريون
    سوادي طعام جون ساکي
    جليبيون روز ٿيون جرڪن
    گڊي تي مور ٿو ٻولي
    مندر ۾ مورتي مُرڪي
    هٿن تي ديپڙا ٻاري
    اُتاري آرتي ڪنهن جي
    پڪاري روز پوڄارڻ
    مٺي ۾ راڳ موهن جو
    وڄائي روز پوڄارڻ
    مٺي ۾ سُر صادق جو
    ٻُري ٿو ٻاٻيهي وانگي
    گڊي جي ڀٽ تان ڏسجي
    ڏھر ۾ ڏيک حياتي جو
    گهڙي سان نار ٿي ڇُلڪي
    ڪڏي ٿو ڪڇ ۾ ٻالڪ
    مٺي جا جهوپڙا جهرمر
    لڳن ٿا ڪهڪشان مِلڪي
    گڊي تان شهر دلبر کي
    ڏسي ٿي ڇوڪري ڇرڪي
    مٺي جو شھر ٿو مُرڪي
    


    آ رات ڏاڍي چاندني

    ٿي لڳي هير واهوندي
    ٿو چنڊ ڀنڃي اکڙي
    تون آءُ ته کيڏيون راندڙي
    او وينگس منهنجي بنڙي
    تون چيچ ٿي، مان ڇلڙو
    مان هجان تنهنجي هٿ ۾
    آ نينهن تنهنجو ننڍڙو
    تون ڳيچ ٿي، مان گَلڙو
    مان ڳايان توکي گُڻ ۾
    تون وار ٿي،مان سڳڙو
    مان لڏان تنهنجي ڪت تي
    تون ڳچي ٿي،مان هنسلي
    مان ڇُهان تنهنجي ڇاتڙي
    آ روشن ڏاڍي راتڙي
    تون رات ٿي،مان باک ڪا
    مان ڦُٽان تنهنجي تن مان
    تون ماڪ ٿي،مان گُل ڪو
    تون چُمي منهنجي ويس کي
    تون رُت ٿي،مان ميگھه ڪو
    مان وسان تنهنجي ديس تي
    تون مُرڪ ٿي ڪنهن نار جي
    ۽ ڇڏ موهي ڇاڇرو
    هي گهير ٺاهي گهاگهرو
    تون ڪر ڇَتا ڇانورو
    مان ٿَڪ ڀڃان ٿورڙو
    مان ٽهڪ ٿيان ڪنهن ٻار جو
    تون کلين منهنجي کِل تي
    مان ڏسان تنهنجي جهِل کي
    تون وڃين مون ۾ ويڙھجي
    جئين ڄار ٻکي پينجولو
    جئين ڳولاڙي جي ول ڪا
    ٿي ڀاڪر پائي بُنڊ سان
    ائين مل منهنجي تن سان
    او نار منهنجي ننڍڙي
    تون ڦُوڪ ٿي،مان ونسلي
    مان وڄان تنهنجي ون ۾
    تون چنڊُ ٿي، مان ڌرتي
    ڪر روشن مونکي سرتي
    تون ڇير ٿي، مان پيرڙو
    تون وڄ منهنجي وک ۾
    تون ندي ٿي،مان سمنڊ ڪو
    ڪر ڇوڙ مون ۾ ڇُلڪي
    تون کوھ ٿي،مان ڪوس ڪو
    مان ٻُڏان تو ۾ اونڌڪو
    تون نير ٿي،مان پياس ڪا
    مان پيئان توکي پل ۾
    تون سمنڊ ٿي،مان مڇلي
    مان جيئان تنهنجي جل ۾
    تون پارس ٿي، مان لوھ ڪو
    تون سڃين جيڪر سون ٿيان
    تون هرڻ ٿي، مان بن ڪا
    ڏي ٺينگ ٽپا ڇمڪو
    تون ڪن ٿي،مان جهومڪو
    مان هلان تنهنجي حرس ۾
    تون نڪ ٿي، مان نٿڙي
    مان ڇُھان تنهنجا چپڙا
    تون تن ٿي،مان ويس ڪو
    تون پائين ڪري ڪپڙا
    تون ڊيل ٿي، مان مور ڪو
    تون جهپ منهنجا آنسوڙا
    تون چيلھه ٿي، مان هيل ڪا
    تون کڻين مونکي ڪڇ تي
    تون وڄ ٿي، مان واڏڙ ڪو
    تون کنوين ڪري کجڪو
    مان گوڙون ڪيان گجڪو
    تون ٽنڊ ٿي،مان ٽونئر ڪو
    مان سجان تنهنجي کنج ۾
    تون ٻاجھه ٿي،مان ٻار ڪو
    مان سمهان تنهنجي هنج ۾
    تون ٽُڪ ٿي، مان رَلڪو
    ۽ وڃون سُبجي پاڻ ۾
    ڇا رکيو آ ڇڪتاڻ ۾
    تون هلي آ چانڊاڻ ۾.
    


    سانجھ ويلا سدا

    وار ڪارا وڏا
    تون جو کولي ڇڏين
    ونگ مونکي وجهن
    رنگ تنهنجا گهڻا
    روپ موهي ڇڏين
    ٽھڪ ڏي تون کلين
    ڏند تنهنجا اڇا
    وڄ وانگي لڳن
    نيڻ ناسي وڏا
    ڏنگ مونکي هڻن
    ناز نيرا ڪرين
    ٻانهن لوڏي لُٽين
    دل جا ديبل سڄا
    سونهن سانوڻ مٿان
    جند گهوري ڇڏيان
    گهور هڪڙي مٿان
    پاڻ اوري ڇڏيان
    مُرڪ مُکڙي جيان
    روز تنهنجي لڳي
    ديد دل کي لُڀي
    نٿ تنهنجي پرين
    مور کيڙو لڳي
    رقص تنهنجو ڏسي
    هرڻ ڌيمو هلي
    عڪس تنهنجو ڏسي
    چنڊ ڇرڪيو پوي
    نڀ نيري منجهان
    روز جهانڪي پيو
    سج توکي ڏسي
    ديپ بڻجي وڃي
    مور توکي ڏسي
    ڊيل وسري وڃي
    چال تنهنجي ڏسي
    باز ڀڙڪيو وڃي
    سمنڊ توکي ڏسي
    جوار اُٿلي پوي
    نديءَ ۾ تون پوين
    ڇيرون پائي نچي
    نير توکي ڇُھي
    گول ڇاتي مٿان
    رئو اُڏري وڃي
    برف پگهري وڃي
    مانگ ماٿي مٿان
    چُني سرڪيو وڃي
    جهاڙ جهومي پون
    خُوب مونکي وڻن
    ويس پيلا پرين
    تون جو پايو گهُمين
    ماڪ توکي چُمي
    ولھه ۾ جو سُمهين
    باک ويلا پرين
    ڇير سان تون هلين
    واءُ جهونڪي مٿي
    لام وانگي لُڏين
    روز مونکي وڻين
    حُور ڌرتي مٿي
    پير ڌيما کڻين
    چپ چوري سنها
    گيت لاڏا چوين
    ٻول مٺڙا ٻُڌي
    ياد ڪويل اچي
    روز مون ۾ نچي
    سار تنهنجي رڳي
    دل جي ديول اندر
    پاڻ پوڄا ڪيان
    روپ راڌا سندو
    خُوب تو ۾ پسان
    مان ته مرلي بڻي
    روز تو ۾ وڄان
    روح جي آ صدا
    ساھ توتي ڏيان
    نيٺ تنهنجو ٿيان
    


    اڙي او وقت جا وحشي !

    اڙي او سونهن جا قاتل
    ڪيو هي قهر ڪيڏو تو ؟
    رُلايو شھر ڪيڏو تو؟
    کُٿابي خون سان کيڏي
    پُسايو رات پشاور کي
    ڪُھي سڀ ڪھلڙا ٻچڙا
    قيامت ھي مچائي آ
    اُنھي ڏک ۾ ڏُکاري اڄ
    رُني ساري خدائي آ
    مگر تو ماٺ ۾ مُرڪي
    لڄايو مانِکو آهي
    ھڻي گوليون گُلابن کي
    خوابن کي ڪتابن کي
    جلايو تو جُرم ڪهڙي؟
    صغيرن جي صحيفن کي
    سوالن کي جوابن کي
    صفا نردوش نماڻن کي
    بنا ڪهن ڏوھ جي ڀيلي
    ُاُجاڙيو تو اڙي ظالم !
    اسانجو هي چمن آھي
    بمن جي باھ ۾ ٻاري
    اسانجا ٻال ڀولا هي
    جُھڪايو تو سبز پرچم
    امن جي ائين اُڏامڻ تي
    وياڪُل هي وطن آهي
    مڪاري سوچ تهنجي ۾
    رُنو ڪيڏو گگن آهي
    سڄي فطرت پُڪاري ٿي
    صغيري سُوڳ ماري ٿي
    پکين ۾ درد ٿو سُڏڪي
    اکين ۾ آگ ٿي ڀڙڪي
    هوائون هوش ۾ ناهن
    جبل سارا جهُڪي ويا آھن
    وڻن ۾ ماٺ هيڪاندي
    وجهي ٿي ڏار ڏيلن ۾
    سمونڊن شانتي آھي
    نماڻو چنڊ سُڏڪي ٿو
    سُھائي سج ۾ ناهي
    ٻکي ٿي ٻاٽ اونداهي
    لُڇي ٿي تيز لهرن ۾
    ندين ۾ ڀي نراسائي
    چوي ٿي رات اونداهي
    کُٿوري خون ننڍڙن جو
    وطن کي نيٺ واسيندو
    ڀنل هي شھر پشاور جو
    سُڻي هاڃو ڪري ماتم
    پُڳي ماتا شفا خاني
    ڏسي لاشا ڏري ڪيڏي
    صفا ٿي وئي چري ڪيڏي
    ڪري دانهون چُمي چولي
    لھُو ۾ لال ٻالڪ جي
    ٻُدي ھر چيخ اڌرائي
    ڏُکاري ماءُ جي ڳِل تان
    وھي ٿي لاڙ لُڙڪن ۾
    جُدائي ٻار ننڍڙي جي
    وڍي ٿي ڪرٽ وانگي ڙي
    ڪٿا هي شھر پشاور جي
    نسُوري ڪهر پشاور جي
    


    اسين ارڏا ڏُکن ڏاڍا

    دڙن جي ديس جا واسي
    رڃن جا راز ٿا ڳوليون
    اُڃن ۾ اُڃ ٿي ڀٽڪون
    سُڃن جا سُور ٿا پرکون
    بُکن ۾ بُک ٿي ڀوڳيون
    جهوني ڪنهن جهوڪ تي ويهي
    ڀري ڏابر پتل جا ڪي
    اُٺين جو کير ٿا ڏوڪيون
    ڏُکن جي ڏوک کي ڇُھندي
    ٿوهر جو ڇير ٿا ڏوڪيون
    اڪن جا پُڙڪلا ٽوڙي
    ٻَڌون ٿا سور سيني لئه
    نمن جي ٻُور کي گهوٽي
    پيئون ٿا مرض موذي ۾
    بلائن کان بچڻ جي لئه
    پائولا پيرَ ۾ پايون
    صفا سادا اڃا آھيون
    پکين کي پيار مان پاليون
    ٻُوهن کي ٿا ڪيون ٻارڻ
    کوهن مان خُوب ٿا ڄاڻون
    ڌڻن سان دل لڳي آھي
    وڻن سان ڀي وڏي آھي
    اسانجي عشق جي ڪهاڻي
    ازل کان ائين لکي آھي
    اسين دولھ اسين دودا
    اسين ڌرتي سندا جوڌا
    جڳن کان جنگ لڙي ڄاڻون
    وطن لئه ٿا وڙھي ڄاڻورن
    نڪي ڪنهن کان مُڙي ڄاڻون
    اڏي تي سر رکي ڄاڻون
    نرالو جام شھادت جو
    کلي ڪُڏي چکي ڄاڻون
    اسين سوڍا سنڌي آھيون
    اسان جو هي عزم آھي
    وڏن سان هڪ وچن آهي
    وطن سان واسطا ٽوڙي
    وڃون ڪنهن ڏيھه سڻڀي ڏي
    غداري گار جهڙي هي
    اسان جي انگ ۾ ناهي
    ڏُلي پوءَ ڏيھه کي ڇڏيون
    نسل ۽ رنگ ۾ ناهي
    اسان جي بندگي اهڙي
    اوهان جي ڍنگ ۾ ناهي
    اسان جي سادگي سائين
    اسان لئه زندگي آھي
    گُذارو ڀي غضب آھي
    سڪل، ٻاجهر سندي ماني
    بصر جي ڳنڍ سان کائي
    پيئون ٿا شوق ۾ سائين
    لسي جون لوٽڪيون ٿڌيون
    مٽيءَ ۾ مٽڪا پوريل
    هيئن کي هير سان ٺاريون
    کرٽي مان ٺينڪلا ٺاهيل
    مٺائي کان مٿي ڀانيون
    اسين سادا اڃا آھيون
    مٿي تي مولهيا ٺاهيون
    پڳن ۾ موجڪيون پايون
    ڪچهري ڪوڏيا آھيون
    سُڪايل ڪاچريون کايون
    مڙھن جون تينڏسيون سايون
    اسان لئه بيھه جون ڀاڄيون
    سڄڻ لئه سوکڙيون ساديون
    پپون چونڊي ڀريون ڪانبا
    ڪڍي ڪونڍير مُرڪون ٿا
    اچي ٿي رُت وڻڦوٽي
    سنڱر ٿا شوق مان سيڪيون
    پڪل پيرون پرين جي لئه
    رتا ۽ سيڙڪا چونڊيون
    دڙن جي ڌوڙ ڦلهوري
    لکون ٿا لوڪ جون ڪهاڻيون
    اسان جي ڏيھ جون راڻيون
    ڀرن ٿيون ڀرت ۾ ڪهاڻيون
    وطن جي سُونهن جون ساريون
    ڀٽائي گهوٽ جي ڳايون
    مڙهن ۾ مال واريندي
    اسين هر روز ورجايون
    تراين جا ترا ٻُھاري
    رکون ٿا ورت ورکا لئه
    پڙھون ٿا مينهن نمازون ڀي
    ڪيون ٿا آجيان دل سان
    ملهاري مند لئه متوا...!
    سمورو ٿر آتو آ
    اسان جو ڏيھه سان اهڙو
    ازل کان نينهن ناتو آ…!
    


    اسين ڪاسٻي جي گُلابي گليءَ ۾

    اوهان جو پُڇون ٿا اوهان لئه لُڇون ٿا
    اوهان جي ادائن جا منظر پسڻ لئه
    اسين پير پهاڙن تي گسائي اچون ٿا
    اوهان سان ملڻ لئه کِلي بس کِلڻ لئه
    پُراڻي مندر جي مورتين اڳيان
    اسين سيس نوائي سجدا ڪيون ٿا
    اسين ڪئين وساريون اوهان کي ڀلاڙي!
    اوهان جي لبن تي لُڇي چاندني ٿي
    اوهان جي وڳن تي رمن مور مٽڪو
    اوهان جي نرڙ کي چُمي چنڊ چئوڏس
    اوهان جي ڪڪوريل بدن تي هي گُلڙا
    ڪري پور ڪيڏا چمڪي اُٿن ٿا
    اوهان جي هٿن تي ڪُڏي ڪوڏ ميندي
    اوهان جي ڇتن تي مڙن روز مروا
    اوهان جي گجن تي ٽڪن جا هي تجلا
    پري کان پُڪاري اسان کي سڏين ٿا
    اوهان جي سيني ۾ شرابن جا شيشا
    جواني جي ڇولين ۾ ڇُلڪي پون ٿا
    اوهان جي بدن ۾ خُمارن جي خُوشبوءَ
    حواسن تي ڏاڍو حاوي ٿئي ٿي
    اوهان جي نگاهن جي نيري سُهائي
    اسان جا سڀئي وڻ وڄائي ڇڏي ٿي
    اوهان جي گُلابي چُوڙين جا کجڪا
    ڪچي ننڊ مان ڪيئي اُٿاري ڇڏن ٿا
    اوهان جي ڇيرن جا ڇُڙواڳ ڇمڪا
    پکين کان اُڏامون وساريو ڇڏن ٿا
    سڄي ديس دلبر جا ماڻھون چون ٿا
    ڏُڪاريل ڏيھه جي اُڃايل پٽن تي
    اوهان جي هلڻ سان بارش وسي ٿي
    اوهان جي کلڻ سان خُوشبوءَ وڌي ٿي
    اوهان جي ملڻ سان زندگي ملي ٿي
    اوهان جي ڳلن کي هوا جي ڇُھي ٿي
    صفا هوش وڃايو ٿي مد مست هلي ٿي
    اوهان جي شبابي بدن جي هي بهاري
    سموري وطن کي ته واسي ڇڏي ٿي
    مگر گهوٽ گهائي ڪيئي وطن جا
    نه اوسي ڇڏي ٿي نه پاسي ڇڏي ٿي
    هِتان کان وڃائي هُتان کان وڃائي
    نه دين جو ڇڏي ٿي نه دُنيا جو ڇڏي ٿي
    اوهان جي اُجالي گلي ڪاسٻي جي
    اٿئي سونهن ساري ڀلي ڪاسٻي جي
    وڻن جي قطارن تي ويٺل پکيئڙا
    ڏسي دل ٺري ٿي ڪي مورن جا ميڙا
    هي کيٽن جي خُوشبوءَ هي جوڀن جل ٿل
    هي ٽيڪا هي ڪاجل هي ڀنڀا هي قاتل
    هي سرتين جا ٽولا هي کوهن تي کينچل
    هي ڪُم ڪُم جا ٽيلا هي اُڏندڙ ڪي آنچل
    ڪي نيلا ڪي پيلا ڪي ساوا ڪي ڳاڙھا
    وڳا ويس نيارا اوهان جي وطن جا
    ڏسڻ لئه ته هيڏا ڪُشالا ڪيون ٿا
    اسين عشق ارڏي کي اندر ۾ رکون ٿا
    اسين سر اڏي تي رکي جو اچون ٿا
    اوهان لئه ڪُسون ٿا مڳي ۾ مسون ٿا
    اوهان جي ادائن جي ٺڳي ۾ ڪُسون ٿا
    کڻي کوڙ سپنا اکين ۾ اچون ٿا
    اوهان ۾ رچون ٿا ٿي نماڻا نچون ٿا
    کڻي جي نگاهون هي دنيا ڏسون ٿا
    رڳو بس اکين سان اوهان کي پسون ٿا
    قسم آ خدا جو اوهان جي سوا هي
    سموري خُدائي اجائي لڳي ٿي
    سموري خُدائي اجائي لڳي ٿي
    


    سج لٿي جو پاڻ سنواري

    منھنجي ھوش جون ٻيڙيون ساريون
    سمنڊ بدن ۾ ٻوڙي ڇڏجانءَ
    وڄ وراڪن وانگي نانگڻ
    ھڪڙي آرس موڙي ڇڏجانءَ
    ھلڪي ھلڪي ھير ٿڌي ۾
    تون ھي ڇَتا ڇوڙي ڇڏجانءَ
    ڪاجل جھڙن ڪارن ڪارن
    وارن ۾ مان الجھي ويندس
    پنھنجو پاڻ کان ڀلجي ويندس
    منزل منھنجي نيڻ نشيلا
    نيڻن ۾ تون ٻوڙي ڇڏجانءَ
    مونکي خود ڏي موڙي ڇڏجانءَ
    منھنجي دل وڇيري جي لئه
    سينڌ وچين پوء واٽون ٿيندي
    تنھنجي ھڪڙي ديد دُلاري
    جر تي ڏيئا لاٽون ٿيندي
    سانول سُونھن سڏيونت جھڙي!
    آخر نينھن نياپو ٿيندي
    اڃ ازل جي لاھڻ خاطر
    منھنجي پياسي رڻ بدن تي
    تنھنجي ھڪڙي بوند چُمي جي
    مون لئه نيٺ جياپو ٿيندي
    اھڙا خيال روز لٿي جو
    تو ۾ ٿَڪ ڀڃڻ جي خاطر
    پروانن جيان اُڏري اُڏري
    تو وٽ ايندا تنھنجا ٿيندا
    تون اُنھن لئه سڪ مان سارا
    دل جا ديرا کولي ڇڏجانءَ
    منھنجا خيال انگُورن جھڙا
    پنھنجو پاڻ۾ رولي ڇڏجانءَ
    رُلندي آنڀوُ جوڀن جا سڀ
    پکين وانگي چُڳندي چُڳندي
    ساري سُونھن اکين ۾ اوتي
    توتي نيرا نظم لکندا
    منھنجا خيال کٿوري جھڙا
    تو ۾ آخر ٿڪ ڀڃندا....!!
    


    تونءَ نه سوچين توکان سانئڻ

    نيٺ حياتي حُسن کسيندي
    جوڀن واءُ جھونڪي وانگيان
    تڪڙو تڪڙو گذري ويندو
    تنھنجي سُونھن جو اُجرو آنچل
    اُڏري آخر ٿڪجي ويندو
    باغ برھ جو جوڀن گُلڙو
    پوڙھاپڻ ۾ پٽجي ويندو
    وسڪاري ۾ آڙنگ جھڙو
    تو ۾ پسجي حِرس بدن جو
    گُونجي برسي گھٽجي ويندو
    جذبا آخر جھيڻا ٿيندا
    ھڏ ٻڍا پوءَ ھيڻا ٿيندا
    جيڏيون وينديون جوڙا ويندا
    گُڏيون وينديون ڳوڙھا ويندا
    سيند سنواريل سڳيون وينديون
    مرڪون ماڻا مڳيون وينديون
    اُجري اک جي نرمل نڀ تان
    ڪاجل ڪتيون تارا ويندا
    توکان وسري آخر سانئڻ!
    جيون جا سڀ چارا ويندا
    تون جا مرڪي ميگھه وسائين
    ڪاروُنجھر جا مور نچائين
    چپ مروڙي چاڳ ڪرين تون
    ڪويل وانگي راڳ ڪرين تون
    ڇير وڄائي ڇال ڪرين تون
    ٿوري ٿوري ڳالھه تي رُسندي
    تترن جھڙا تال ڪرين تون
    ڀنڀا کولي بادل ٺاھين
    ڌوٻي ڌوٻي ڪاجل پائين
    ڇاتي لوڏي وک وڌائين
    روز پٻن تي ھلندي سُھڻي
    ڪيڏا ڳڀرو گھوٽ ڪُسائين
    سرتي توکان ھي سمورا
    آڙنگ ارڏا آرا ويندا
    اڪ جي نيرين ڦلين جھڙا
    نيرا ناسي نيڻ نه رھندا
    جنھن ڏينھن سونھن ڪراڙي ٿيندي
    تنھن ڏينھن ساڳيا سيڻ نه رھندا
    ڀنڀن تي پوءَ ڀونئر نه رھندا
    گُجر تھنجي ڳاڙھي گج تي
    ٽانڪيل ٽڪون ٽونئر نه رھندا
    چوڙيون سارا چاھ ڇڏينديون
    ڪانچ ڪرايون ڪوڏ نه ڪنديون
    جيون جي اُن جاٽ مٿي پوءَ
    لھرائي ڪا لوڏ نه ڪنديون
    سانول سڳيون سون سريکيون
    حرس منجھان ڪا ھوڏ نه ڪنديون
    روھيڙن سان ريس او پياري!
    پن ڇڻ وانگي اُجڙي ويندي
    بھار بدن جي باغيچي مان
    آخر خوشبوءَ اُڏري ويندي
    نيٺ چڳن ۾ چاندي پوندي
    دل دکن ۾ ماندي ٿيندي
    جل ٿل جوڀن ڪينجھر جھڙو
    ڪنھن ڏينھن اُجڙي رڻ ڪڇ ٿيندو
    ھاڻ به دير ڪرين ٿو دلبر
    ھي وقت پرايو ٿي ويندو
    ھي بخت پرايو ٿي ويندو
    


    ھلي آ ھيل ھولي تي

    مچايون رنگ رنگولي ڪا
    سمورا ڏک حياتي جا
    وساريون ڪجھه لمحن جي لئه
    وري ھڪ وار ريٽن تي
    وجھون ڪي ڏار ويڇن ۾
    رساما رنج ڇڏي سارا
    ڳنڍي ڳنڍير جيان ناتا
    ھڻان مان رنگ چولي تي
    ھلي آ ھيل ھولي تي

    جڏھن پونم چڙھي چنڊڙو
    جڏھن مندر وڄي گھنڊڙو
    تڏھن سڀ ھار ھارولا
    ڪنديون ڪي گھور بيري تان
    تڏھن تون موھ منھنجي ۾
    حياتي جا ھڙئي رنگڙا
    ڇڏجان ڇوٽ ۾ ھاري
    جڏھن ڪو ٻاٽ ۾ ٻاري
    وڏيون ڪي باھ جون لاٽون
    تڏھن ڪاجل وجھي ڪانيون
    ڪجان ڪا لوڏ جواني جي
    ڏيئي تون ٽھڪ سکين ۾
    وڏي ھن ڪونج ڳچڙي سان
    کڻين ٿي پيرڙا ڌيما
    لھي جيئن پھاڙ تان پاڻي
    لڳين سرواڻ تون راڻي
    حيا ۾ لال ھولي ٿي
    ٽلن ٿيون مور جيان جيڪي
    انھن جي موج مستي ۾
    اٿئي ڀاري حۡسن تنھنجو
    سموري سونھن ٽولي تي
    ھلي آ ھيل ھولي تي

    ٻُڌي ڪويل سندي ٻولي
    ڀري ڪانبا گلابن جا
    ڪندس گھورون مٿان تھنجي
    وڃي ڀل ھوش ھٿان تنھنجي
    وڇائي وار ڏجان مونکي
    پرين تون ھنج پنھنجي ۾
    ڪندس مان ننڊ جھولي تي
    ھلي آ ھيل ھولي تي.....!!!!
    


    هي ڪينجهر ڪارونجهر ڇڏي

    ٿو الوداع ڪرين المنظر کي
    ٿو مُرڪي مُرڪي هند وڃين
    ٿو سپنن جهڙي سنڌ ڇڏين
    ٿو ديس ڇڏين ٿو ويس ڇڏين
    ٿو کهنڀي کٿو کيس ڇڏين
    ٿو ٿڃ وسارين ماتا جي
    ٿو ديس لڄائين دلبر هي
    ٿو سوچ نه ڌارين سهڻي ڪا
    ٿو جيءَ جلائين سنڌڙي جو
    ٿو ڀال ڀُلائين ڀومي جا
    ٿو نيڻ رُلائين ڀومي جا
    ڇو اهڙو تون انسان ٿئين
    جو ڌرتي کان اڻ ڄاڻ ٿئين
    ڇو سنڌ ڇڏي ٿو هند وڃين
    ڇو ايڏو ٿو اپمان ڪرين
    او ديش دروهي ڌرتي جا
    تون ٻول ٻُڌي ڇڏ سرتي جا
    هي سُونهن نه ملندي سنڌڙي جي
    هي روپ نه ملندا راڻين جا
    هي ڍنگ نه ملندا ڍاڻين جا
    هي مٽ نه ملندا موکي جا
    هي ڇانوَ نه ملندي پنهنجن جي
    هي وار نه ملندا مينڍن ۾
    ھي سُر نه ملندا سينڍن ۾
    هي ڇال نه ملندا هرڻن جا
    هي بڙ نه ملندا ڍورن جا
    هي کنڀ نه ملندا مورن جا
    هي تال نه ملندا تترن جا
    هي کيٽ نه ملندا ٻاجهر جا
    هي کوھ نه ملندا ڪاجهر جا
    هي سُر نه ملندا جانجهر جا
    تون سڪندين ٺٺي ماڃر لاءَ
    ھي لاڙ اُتر ۽ ڪاڇي جا
    سڀ رنگ وسارڻ اوکو آ
    هي موهن صادق سرمد جا
    سڀ گيت پُڪارين تو کي ٿا
    تون موٽي آ تون موٽي آ
    ھي جل سنڌوُ جو تنهنجي لاءَ
    ٿو ڇُلڪي ڪيڏو اڃ مري
    ٿي سنڌ چوي اڄ سُڏڪن ۾
    او منهنجا پُٽڙا مٺيءَ جا
    وڻڻدڙ توکي ويس نه ملندو
    دلبر جهڙو ديس نه ملندو
    جهڙي منهنجي ڀونءَ ڀلي آ
    اهڙو اُت پر ديس نه ملندو
    مٺڙا مٺڙا ٻول نه ملندا
    ڍاٽي اهڙا ڍول نه ملندا
    ويس وڳا ۽ تهذيب اتي ڀي
    هر هند هوندي پوءَ ڀي مگر
    سنڌڙي جي سرهاڻ نه ملندي
    ٽوپي اجرڪ هاڻ نه ملندي
    


    اڃا عشق ٽانڊن تي رقص ڪري پيو

    اڃا رت دانگي تي وڏي ڏينهن وري پيو
    اڃا کير ٿڻن مان اڇو ئي اچي ٿو
    اڃا رس ماکي جو مٺو ئي ٿئي ٿو
    اڃا سونهن ڪاجل وجهڻ ڪون ڇڏيو
    اڃا ڌان ڌرتي ڏيڻ ڪون ڇڏيو
    اڃا وار مينڍا وطن ۾ ٿين ٿا
    اڃا گاھ ٻُوٽا دڳن ۾ ٿين ٿا
    اڃا مينهن مندن تي موٽي وسي پيو
    اڃا ماڪ مرجهايل گُلن جي ڳلن تي
    پرھ جي پلن ۾ ونجهڪي وسي ٿي
    اڃا چنڊ چيٽن ۾ سُهائي ڪري پيو
    اڃا پند پکين کان وسريا به ناهن
    اڃا ٽھڪ سکين جي چپن تي چُرن ٿا
    اڃا تنهنجي پيرن جي آھٽ ٻُڌڻ لئه
    مٺي مور کيڙا گسن تي ڪرن ٿا
    اڃا تنهنجي پايل جي سرگم سُريلي
    اسان جي ڪنن ۾ رڌم سان ٻُري ٿي
    اڃا تنهنجي چپن جي چانئٺ چُمڻ لئه
    ڪري ويس بارش گڊي تي وسي ٿي
    اڃا تنهنجي ڇُڙواڳ ڇتن جا ڪڪرڙا
    ڪري گهير گهٽائون ڳلن تي بيهن ٿا
    اڃا تنهنجي پويتر نيڻن جا حوالا
    اسان جي ڪچهرين جو موضوع ٿين ٿا
    اڃا ڪونج ڳچين تي چُمين جا ڪبوتر
    جواني جي کيٽن جو چوڻو چڳن ٿا
    اڃا شام سُرمئي گڊي تي لڙي ٿي
    مٺا دل اُڃايل اوهان کي سڏي ٿي
    اڃا گج گُلابي بدن جي گگن تي
    اُڳي چنڊ وانگي اُجالا ڪري ٿو
    اڃا ٽيج سانوڻ تي سرتين جا ٽولا
    رمي راند مٽڪو ٽڙڪي پون ٿا
    اڃا ”سنڌ آھي پرين جو ڪو پاڇو“
    اڃا سونهن ساڳي پٽن ۾ رهي ٿي
    اڃا عشق اُڃارو اذيتون ڏسي ٿو
    اڃا پيار اوڄاڳيل اکين جو الميو!
    سهي سور صدما ٿئي ئي ٿئي ٿو
    ٻُڌي دانهن ٻارن جي بُکايل ڪٿي
    اڃا ساھ سولي تي اٽڪي پوي ٿو
    اڃا تنهنجي لبن جو لهجو نيارو
    ٻُڌي روح راڻي ڀٽڪي پوي ٿو
    


    بدن ڪو بانورو ڪونهي

    ڇتن جو ڇانورو ڪونهي
    پويتر پاڪ نيڻن جي
    ٿئي ڪا ديد دلڙي کي
    سمو سو سانورو ڪونهي
    حياتي هي ٻُسي آھي
    لڳي ٿو روح منهنجي سان
    وئي محبت رُسي آھي
    مگر هن ماٺ مڪلي ۾
    جيئون ٿا پوءَ به جاني لئه
    ڪڙي جا بس ڀري ڪوزا
    پيئون ٿا پوءَ به جاني لئه
    جواني زهر ڪوڙي ۾
    ڪبابن جيان ڪڙھي ٿي پيئي
    ايامن کان اُڃايل دل
    رڃن ۾ هي رڙي ٿي پيئي

    ٽٽل هن دل جي ٽاري
    پکي ٿي پيار جو ڳولي
    اُٿي مان رات آڌيءَ جو
    پوان ٿو چنڊ سان ٻولي
    اڙي او چنڊ امبر جا
    ٻُڌاءَ تون هُوءَ ڪٿي آھي
    ندي جي نير جهڙي هُوءَ
    سمونڊي وير جهڙي ھُوءَ
    جواني جي ڦُليلي آ
    چوانءَ چنڊ مان توکي
    چمن جي ڪا چنبيلي آ
    اکين ۾ جا اڙي ٿي پيئي
    ايامن کا اُڃايل دل
    رڃن ۾ هي رڙي ٿي پيئي

    سُھاڳڻ سامروٽي جي
    مندر جي مورتي آھي
    وڏي خُوبصورتي آھي
    حُسن هن جي حياتي جو
    ڪَٿي ٿو ڪانچوئو سوڙھو
    سمورو آر ڇاتيءَ جو
    رواني نيل جهڙي آ
    ڇڻي ٿو نُور مُکڙي مان
    چٽي ڪا چاندڻي آھي
    جهلڪ هڪڙي جهاتيءَ جي
    سراسر سانڍڻي آھي
    نرالي سُونهن سانولڙي
    پُراڻي پيگ وسڪي جيان
    خُمارن ۾ کڙي ٿي پيئي
    ايامن کان اُڃايل دل
    رُڃن ۾ هي رڙي ٿي پيئي

    ڏنگي ٿي هاڻ اڪيلائي
    مرڻ تي دل اجهو آئي
    سگهو ور هاڻ هرجائي
    پون ٿا ياد پورن ۾
    ملڻ جي مُند جا ڏينهڙا
    کلڻ جي مند جا ڏينهڙا
    مٽي ويندا کُٽي ويندا
    اچي وڃ يار تون جهٽ پٽ
    سڏي ٿو روز سانجهي جو
    پياسي روح جو پوپٽ
    ڪري ٿو ڳالھه گلابن سان
    سڄڻ جي ڪا سُڌ ئي ناهي
    خبر هي کاٽ جهڙي آ
    نڙي ۾ جا نڙي ٿي پيئي
    ايامن کان اُڃايل دل
    رُڃن ۾ هي رڙي ٿي پيئي
    


    ڪارونجهر جي ڪور سڏي ٿي

    گهن گهٽا ۽ گهور سڏي ٿي
    ٽنڊيلين جي ٽور سڏي ٿي
    پل پل وڌل هور سڏي ٿي
    اچ پرين تون ٿر ڏسي وڃ
    صحرا منهنجو ستر ڏسي وڃ

    محبت جا هت ميڙ نيارا
    ڀٽياڻي جا گهيڙ نيارا
    ڪُڻڪن ڪُنڍيون ڪيڙ نيارا
    پاڻيارين جا پير نيارا
    ڀورا ماڻهون بر ڏسي وڃ
    صحرا منهنجو ستر ڏسي وڃ

    راڻاسر جي ريل سونهي ٿي
    وسڪاري جي ويل سونهي ٿي
    ٻانهياري کي هيل سونهي ٿي
    ڪولهي هٿ گُليل سونهي ٿي
    جهانگين جو جهنگ جهر ڏسي وڃ
    صحرا منهنجو ستر ڏسي وڃ

    وينگس ڌوئي وار پيارا
    پوپٽ پڪڙن ٻار پيارا
    نير ڀري ٿي نار پيارا
    پيرو پڪل ڏار پيارا
    جهوپا جهوپا گهر ڏسي وڃ
    صحرا منهنجو ستر ڏسي وڃ
    


    توکي سُک صدين جو گهرجي

    مون وٽ ڏُک ازل کان آھي
    تنهنجا پير ته پشم پيازي
    منهنجا پير ته لفون ڇالا
    تنهنجي مايا ڪنچن ڪايا
    مان ته مٽي جو ماڻھون آھيان
    توسان منهنجو ناتو ڪهڙو؟
    توکي گهرجن ساٿ سجيلا
    تو وٽ بخمل بينسر بولا
    تولئه ڪهڙا لُڪون جهولا
    تون آنءَ راڻي روپ رنگيلي
    توکي ڪهڙي غرض گهيلي؟
    تنهنجو ديس سدائين سُکيو
    منهنجي ڌرتي درد وندي آ
    تون ته رکين ٿي شوق اميري
    منهنجي بُک غريبي جهڙي
    تون ته ڏئين ٿي ٽهڪ ڪنوارا
    منهنجي مرڪ اُڃاري آھي
    تو ۾ رحم رتي ڀي ناهي
    مون وٽ احساس اڃا ڀي آھي
    تنهنجو مون سان نينهن اجايو
    رات اجائي ڏينهن اجايو
    مونکي منهنجي مومل گهرجي
    سيرت جنهن جي سومل گهرجي
    تنهنجي سونهن ته سونا روپا
    ها پر هن جو تيج مٿي آ
    چندرما جي چوٿيءَ جهڙا
    چپ انهي جا سندر آھن
    ڄڻ ته مٺي جا مندر آھن
    هن جو اکيون نير گگن جو
    چمڪي جنهن ۾ چنڊ وطن جو
    هن جا چوڙا چانڊوڪي ۾
    هرک هٺيلا هار ٿيڻ لئه
    ٻانهون جوڙي ٻاجھه گھُرن ٿا
    وصل وري ڪا واجھه وجهن ٿا
    هن جا ميندي رتا هٿڙا
    منهنجي سڀئي موڙي آھن
    ھُن جا نخرا هرڻن جهڙا
    ڪئين وساريان ڪرڻن جهڙا
    هن جا تجلا ڏينهن ڏٺي جا
    ڏيئن وانگي ڏيک سمورا
    ھُن جون ڳالهيون گيت لڳن ٿيون
    منهنجي روح ۾ ھُوءَ رمي ٿي
    جيڪا جانجهر پائي ساجهر
    مون لئه مرڪي ايندي آھي
    جاڳ جڳن جي ڏيندي آھي
    اُن جو ڀرم ڀُلائي توسان
    ڪهڙو ناتو جوڙي سگهندس
    هن جو اندر ڪرشن مندر
    اُن کي ڪئين مان ٽوڙي سگهندس؟
    


    وڌوا

    هن جا سپنا
    ٻارن جهڙا
    اڀ ۾ چمڪن
    تارن جهڙا
    هُن جا ميندي
    ڏينهن ٻڌا ڄڻ
    نازڪ ڪيڏا
    نينهن ٻڌا ڄڻ
    هن جي مک تي
    مُرڪ نويلي
    ٿينديس ڪُنوار
    ڪوڏ ڪويلي
    آخر اهڙو
    ڏينهن به آيو
    هن جي هٿ تي
    ميندي مرڪي
    هن جي مانگ ۾
    لالي جرڪي
    هن جي ٻانهُن
    چوڙا چمڪيا
    قسمت هن جو
    جيءَ جرڪايو
    هن جي اک مان
    آنسُو آيو
    هن کي نه هئي
    ڪل قضا جي
    نيٺ ڪو اهڙو
    ڏينهن به ايندو
    وڇڙي هن کان
    نينهن به ويندو
    هن جو ڳاڙھو
    گهوٽ ڪُسندو
    ڳاڙھا جوڙا
    گل بدن تان
    اُتري ويندا
    رنگ چپن تان
    سُرما سيندون
    تيل ڦُليلا
    بنديا چوڙيون
    واڳون جهيلا
    تلڪ سندوري
    تيج سمورا
    وسري ويندا
    هيج سمورا
    جيون اهڙي
    جاڙ ڪندو ڪو
    هن کي ڪائي
    ڪل نه هئي
    هڪ ڏينهن هن جو
    ڪانڌ ڪوڏيلو
    قهر قضا
    وڇڙي ويو پوءَ
    هن جو جيون
    اُجڙي ويو پوءَ
    پور وھي ۾
    وڌوا ٿي ويئي
    ايڏي ننڍڙي
    اٻلا ٿي ويئي
    وڌوا هاڻي
    ويس اڇي ۾
    ڪيڏا ڪٺن
    ڏينهن ڪٽي ٿي
    آڌي مانجهي
    روز لُڇي ٿي
    ٿڌڙي ڪيڏي
    هير گهُلي ٿي
    هن جي اندر
    ياد ٻُري ٿي
    ايس ارھ سان
    روز ڀڃي ٿي
    ڪانڌ بنان هُوءَ
    ڪئين ڪٽي ٿي
    ڌيمو ڪوئي
    مور ٻولي ٿو
    هن جو ڏاڍو
    روح رولي ٿو
    چنڊ امبر تي
    چمڪي چمڪي
    چيلهاٽي جيان
    چڪ هڻي ٿو
    ور کي ساري
    ڳوڙها ڳاڙي
    باھ بدن ۾
    ٻاري ٻاري
    اوڄاڳن ۾
    لوچي پوچي
    کامي پڄري
    ڦٿڪي تڙپي
    پرھ ڦٽي جو
    سج اُڀاري
    سُڏڪي ٿي هُوءَ
    ڪانڌ سنڀاري
    ولکي ٿي ھُوءَ
    


    ٻُڌائي سگهو ته ٻُڌايو اسان کي

    وڃون ڪٿ خُدارا ڇڏي هن وطن کي
    جو مهڪي بدن ۾ جو ٽهڪي رڳن ۾
    جو سُڏڪي اکين ۾جو مُرڪي ننڊن ۾
    جو تڙپي ڏُکن ۾ جو گرجي گگن ۾
    اهو ديس دلبر ڏيون ڪيئن ٽڪن ۾
    اوهين هٿ وجهو ٿا دنگن ۽ ننگن ۾
    اسين ٿا پُڪاريون گونگي گگن ۾
    ٻُدايو اسان کي اڙي رهزنو !!
    هي وطن آ سڃاڻپ ازل کان اسانجي
    صدين جا ناتا ڇنون ڪيئن پلن ۾
    اسان لئه ته دبئي وطن جي مٽي آ
    کسي ديس ، اهڙي ڌن کان ڪٽي آ
    اسان لئه غريبي سڀن کان سُٺي آ
    اسين رٻ آراڙي تي جئيڻ خوب ڄاڻون
    ڪڙو نير قاتل پيئڻ خوب ڄاڻون
    ڇني ۽ ڇپني جون ڪٿائون رکون ٿا
    اسين ديس پنهنجي سان وفائون رکون ٿا
    اڃا قحط ڏُڪارن کان ڊنا ڪون آھيون
    اڃا ٿڪ ٿوھر تي ڀڃڻ ڀي ٿا ڄاڻون
    اڃان پير اُگهاڙي اُسن ۾ لُڇون ٿا
    اڃان وڻ اوهان جا وڄائي سگهون ٿا
    اسين ديس پنهنجو بچائي سگهون ٿا
    اسين هون مورن ۽ ڍورن جا عاشق
    اسين هون وڻن ۽ ڌڻن جا وارث
    اسين اڪ ڦلين کي نٿن سان ٿا ڀيٽيون
    اسين گُل روهيڙي گلي هار پايون
    اسين کير اُٺين جو خُوشي سان ٿا ڏوڪيون
    اسين نم گهوٽي ٻَرن ۾ پئيون ٿا
    اسين پنهنجي ڪکائن گهرن ۾ جئيون ٿا
    اسين ڪئين ڀُلايون ڀٽن کي ڀلا ڙي
    اسان کي لڏائي اوهين جو ڪڍو ٿا
    اهو سون ڪارو اسان جي ڪنن کي
    ڇني نيٺ ڇنندو اباڻي وطن کي
    وڏو نانگ وحشي ڪکيندو سڀن کي
    اُنهي کي نٿڻ لئه پيا آواز اُٿاريون
    اوهان کان بچڻ لئه خُدا کي پُڪاريون
    


    دلين جا راج دُلارا تون

    هليو وئين هوڏ ڪهڙي ۾
    ڇڏي هي جُوءَ جوڌن جي
    لڏي وئين ڪوڏ ڪهڙي ۾
    ڪري تون لوڏ لاکيڻي
    دُلاري راج ڌرتي جي
    مري ٿي مرڪ هڪڙي لئه
    ڏني جنهن دل ڪپي ڪوري
    نگاهن ۾ تڪي توري
    ڪيو جنهن پيار هو تو سان
    اُها وينگس وطن ۾ اڄ
    ٻڌي ٻانهون ڪري دانهون
    چوي ٿي سرد ساهُن سان
    سڏي ٿو ڇاڇرو توکي
    هلي آ ڍاٽ جا ڍوليا
    لُڇي ٿي سونهن هي تو لاءَ
    وجهي فالون واريءَ تي
    اُڏائي ڪانگ ٿي تولئه
    پُڇائي ڪل پنڊتن کان
    نهاري روز نکٽن کي
    پکين جا ٻول پرکي ٿي
    سمورا سوڻ ٻولائي
    سڄو ڏينهن ديد تنهنجي لئه
    دڙن تي پير ٻاري ٿي
    الا! ائين ڪير ساري ٿي؟
    وڇوڙن جي وڍي هوندي
    پرين جا قول پاري ٿي
    سڄڻ سان خواب ۾ ملندي
    سجائي پاڻ کي پگلي
    ڪري سينگار گُلڙن جا
    ٻڌي گنگهرو ستارن جا
    گچي ۾ هار موتين جا
    وجهي مروا مجازن جا
    ڀنڀن جي باغ ۾ لاڏي
    سڳي سان چوٽلا ٺاهي
    نمن جي ٻُور ۾ وهنجي
    پرين جي پُور ۾ وهنجي
    اکين ۾ آس جا ديپڪ
    جلائي روز جوالا سان
    لڱن تي چاندني پائي
    پڳيءَ هانءَ پاٽ تي هاڻي
    اُڳو ڏس چنڊ ڀي آھي
    گگن جي گهاٽ تي هاڻي
    وريا هن واهوندا ڪيڏا
    چوي ٿي هاڻ موٽي آءُ
    بدن ۾ باھ ٻارڻ لئه
    چري هن چيٽ جا ڏينهڙا
    ٿڌي ڪنهن ريٽ تي رمجن
    اندر جي آگ ٺارڻ لئه
    چپن کي چاھ مان چُمجي
    اُڃايل عشق ڪُنواري کي
    بدن جي باھ سان ٻکجي
    مجازي موج تي آھي
    بدن هي بخملي منهنجو
    پُراڻي اوج تي آھي
    اچي ڏس هاڻ تون مون کي
    سڏي ٿو ڇاڇرو توکي
    هلي آ ڍاٽ ڏي ڍوليا
    اچي بس ماڻ تون مون کي
    


    ڇتن کي تون ڇوڙي سجني

    ارڏي آرس موڙي سجني
    تن تي پيلو ويس سجائي
    چانڊوڪيءَ ۾ چوڙا پائي
    ڪجلن نيڻن ڪاجل پائي
    مخمل جا ڪي ٽونئر لڳائي
    چوٽي ڳاڙھو گُل هڻي پوءَ
    خود کي خود سا ڀيٽي پياري
    محبت سان من ريٽي پياري
    منهنجي اک سان جانچي ڏس تون
    سانوڻ گهاٽي ڪنڍر جهڙن
    واسينگن کي وانچي ڏس تون
    توکان سُھڻو سانوڻ ناهي
    من کي توبن ڀانوڻ ناهي
    تنهنجو تجلو وڄ اُتر جي
    اونڌاهي ۾ لاٽ جيان آ
    تنهنجي هوڏ ھٺيلي سانئڻ
    اوچي اوچي ڳاٽ جيان آ
    تنهنجي بنديا لال گُلابي
    اُجري اُجري باک جيان آ
    توکان روشن چنڊ به ناهي
    تون جو مُرڪي روز منڊين ٿي
    اهڙو ڪوئي منڊ به ناهي
    تون جا هلڻي حُور هلين ٿي
    اهڙي هرڻن ڇال ڪٿي آ؟
    تون جا راڻي رقص ڪرين ٿي
    اهڙي مورن چال ڪٿي آ؟
    تون جو ڳائين گيت رسيلا
    اهڙي ڪويل لات به ناهي
    کلندي کلندي نچ پياري
    توکي ڪوئي مات به ناهي
    اُڏندي اُڏندي اچ پياري
    اهڙي ڪاري رات به ناهي
    جهڙا تنهنجا ڇيڪ ڇتن ۾
    ڇمر بڊي جا ڇم ڇم ڇڻڪن
    تنهنجا نيڻ به مئڪدي جيان
    مومل گهائي حال وڃائي
    تنهنجي ڇاتيءَ ڇيل ڇٻيلي
    جنهن تي جهومي هڪڙي دهري
    تنهنجون ٻانهون ريشم ڏوريون
    ڪپھه وانگي ڪونئريون گوريون
    جن ۾ ڇڻڪن چنچل چوڙيون
    تنهنجي پايل وڏ ڦُڙي جيان
    ڇمڪي ٿي ڏس ڇيلڪڙي جيان
    تون جو ٽھڪ ڏئين ٿي سجني
    اهڙو ٽھوڪو مور به ناهي
    تنهنجو آنچل انڊلٺ جهڙو
    اهڙو آڀي پور به ناهي
    وسندي مينهن ۾ ويس پُسائي
    تون جو ڀيڙي ڀاڪر ناکي
    دل کي دل سان راس ملائي
    هلڪا هلڪا ساھ کڻين ٿي
    اهڙي خُوشبوءَ گُل ڪٿي آ؟
    تنهنجو سانئڻ مُلھه ڪٿي آ؟
    تنهنجو سانئڻ مُلھه ڪٿي آ؟
    


    هن ٿر جي ٿڌڙي ريٽ مٿي

    شام لڙي جو پير پساري
    تو جا جانجهر پاتي آھي
    لهندي اولھه سج لڪن ۾
    تو ڏي جهاتي پاتي آھي
    سوچي ويٺو چنڊ گگن ۾
    ڪنهن لئه ايڏي آتي آھي
    هلندي هلندي پير ٿڙن ٿا
    مڌومتي جي ڇولين وانگي
    ڇُلي اُڏاڻي ڇاتيءَ آھي
    بن ۾ وياڪل ڪويل وانگي
    تو جا ٻولي ڳاتي آھي
    تنهنجا ٻول ته هير ٿڌي جيان
    هانوَ هندوري لوريون ڳائين
    تون آنءَ ڪاڪ پٽن جي راڻي
    تو ۾ مرڪن مومل ماڻا
    تو ۾ سونهن سنجهي جا ٽاڻا
    تنهنجي ڳوڙھي ڇانوَ ڇتن جي
    جهوني بڙ کان گهاٽي آھي
    ماکي جهڙي چاش چپن جي
    موکيءَ جي ڪا ماٽي آھي
    ريٽ ٿڌي تي رمندي ڪُڏندي
    تون جا گهير گهٽا ٿي برسين
    ڪنهن تي ڪون ذرو ٿي ترسين
    وڄڙين وانگي انگ ورائي
    تون جو ناچ نچين ٿي ديوي!
    فطرت کي به جچين ٿي ديوي!
    تنهنجا انگ انگورن جهڙا
    تازن تازن موتين وانگي
    آد جگادي خوشبوءَ تن ۾
    تنهنجون اکيون مد ڪٽورا
    کيپ خُماريل ڳاڙھيون ڳاڙھيون
    تن ۾ ٽانڊو ناچ نچي ٿو
    منهنجي من جو پاڳل شوڙو
    توکي ڪيڏو راس اچي ٿو
    جوڀن ڪاري بادل جهڙو
    هرڻي اک ۾ ڪاجل جهڙو
    روز گگن کي گهائي وجهندو
    تنهنجو جوڀن جلوو سانئڻ
    اُڀ ۾ اڏندي آنچل جهڙو
    تنهنجو روپ اسان لئه راڻي
    ساري موڙي پونجي آھي
    


    سڀاڳي وطن جي اڀاڳي اديءَ

    اُجهائي سمورا اُميدن جا ڏيئا
    تمنا جي چُوڙين کي ٽوڙي ڇڏيو
    ٿڪي ڏُک جيون ۾ ڀوڳي يڪو
    حياتي کان منهن نيٺ موڙي ڇڏيو
    وجهي ڪونج ڳچي ۾ ڦاهو وڏو
    اُنهن بي ضميرن کي ڀونڊو ڏنو
    جنهي وات بُکئي مان ڳڀو هو ڇنو
    انهن ديس دروهين جا مهانڊا ڏسي
    ويو ساھ وڻن جو ھو تو ۾ مُنجهي
    جڏهن تو هوا جي هندوري لُڏي
    چيو پي ٻچن جي پارت اٿئي
    تڏهن ديس دانهون ٿي ڏاڍيون ڪيون
    جڏهن تو پڇاڙي جي هچڪي ڀَريءَ
    تنهنجي ڪنن جا ڏُرگهل به تو لئه رُنا
    تنهنجي ٻانهُن ۾ پاتل چوڙا ٽُٽا
    تنهنجي ڳلي ۾ راسُوڙا به اٽڪي پيا
    تنهنجي سهيلين جي ساهن ۾ ٿوهر اُڳا
    تنهنجي وارن ۾ وجهڪيا پي ڪارا سڳا
    تنهنجي هٿن تي ميندي رت اُلٽيون ڪيون
    گهر جي لوڏ تي لڇيا تولئه ليلا لٽا
    اڙي ديس منهنجي جي دراوڙ ڌيءَ
    مڃان ٿو توکي به هئي زندگي مٺي
    مگر سور صدما نه سهي تون سگهي
    وڏي جنگ جياپي جي لڙندي مُئي
    ڪندو ديس نياءَ هڪ هيمي به هئي
    جا بُکن ۾ تڙپي ۽ ڏکن ۾ وئي
    


    تنهنجي اکين جي نيرڙي ندي ۾ لهي

    مون به اسڪاچ ۽ شيمپيئن ھو ماڻيو سکي
    مون کي اڃا تنهنجي نيڻن جو نشو آ پرين
    مان خمارن ۾ کڙندي ٿو چوندو وتان
    مان سدا تنهنجي اکين کي اوڏو هجان
    مان ڀري پيگ تنهنجي جواني پيئان
    مان جهرڻن جي تو ۾ ئي رواني ٿيان
    مان تو ۾ اُڳان ۽ تو مان ڦٽان
    ٿو سمورو تنهنجي پڳن ۾ پوان
    مان جڏهن ٿو اُلجهي چڳن ۾ پوان
    مان چوان ٿو چوان او منهنجا پرين!!
    تون راڌا ۽ ڪرشن جو سنگم لڳين
    تون بالي جي ٻيٽن جو بدن لڳين
    تون نمن ۾ لڏُندڙ نموري لڳين
    تون سهاڳڻ جي سر تي پٽوري لڳين
    تون ڪينڊي ۾ چانھه جو ٻُوٽو لڳين
    تون هوا جي هنج ۾ جھوٽو لڳين
    تون سڻي جو اڇو ٿي ڦُلڙو لڳين
    تون لٿي سج موتئي جو گُلڙو لڳين
    تون ٻارن جي کيسي ۾ خرچي لڳين
    تون اظھار محبت جي پرچي لڳين
    تون گهڻن جي اکين ۾ مرچي لڳين
    تون ستارن جي اکين ۾ سرما وجهين
    تون اسانجي نڪن ۾ ناڪيليون هڻين
    تون پکين جي پيرن ۾ ڌاڳا ٻڌين
    تون معصوم ٻارن جي حسرت لڳين
    تون هوا جي هٿن تي مينديون هڻين
    تون خوابن ۾ کلندي پئي لانئون لهين
    تون پلر کي شربت ڪري جو پيئن
    تون جيئن تون جيئن او چاڳلي چري
    تون ٻڪري جي ٻارن سان ڳالهيون ڪرين
    تون وڻن جي ڪراين ۾ راکيون ٻڌين
    تون ڪونڀٽ جي پلڙن کي ڇيرون چوين
    تون جهومڪ جي مينن کي پيرون چوين
    تون ٽڪيون ۽ سوپاريون سنڀارون مُڪين
    تون وکاريءَ جي پڇنڊي تي گلڙا چٽين
    تون قديم سنڌ جو استعارو لڳين
    تون ڳچي ۾ ٽُنبي جو ٽاجوئا کڻين
    تون ڳلن تي زريءَ سان ٽيلا ڪڍين
    تون ڀرتن ۾ پريتم لئه چميون ٿي ڀرين
    تون سوين قهر نت روز نوان ٿي ڪرين
    تنهنجي نشن مان ڪئين نڪرون او منهنجا پرين!
    


    او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪري

    هي چال تنهنجي پوپريءَ
    ٿي ٻولي لڳي چين جي
    ٿو ڪير وانچي چوپڙيءَ
    آ ڏاڍي ڏُکي مام ڪو
    هي نيڻ تنهنجا جام ڪو
    ٿا ٿيڙين روز ڇوڪرا
    هي اوپرا هي اوپرا
    تون کائي گهڻا ڪوپرا
    ٿي ٺاهين روز ونڪي
    هي چيلھه تنهنجي سنهڙيءَ
    ٿي ونگ وجهي لمندي
    تون وار ڇنڊين وهنجندي
    تون خوب جچين کلندي
    ٿو موھ وڌي ملندي
    تون لوڏ ٻڌي لام ۾
    ٿي روز لُڏين گام ۾
    ٿو ساھ مُنجهي ڪام ۾
    تون ٻول ٻولين مٺڙا
    هي چوري چور چپڙا
    مان وٺان تنهنجي نام کي
    جئين سيتا جپي رام کي
    مان تو ۾ ڳوليان پاڻ کي
    تون مُور نه پرکين مام کي
    ٿي روح ڇيڙي راڳ سان
    هي ڇير تنهنجي ڇيگريءَ
    او ڏيلھه ڏڪي ڇوڪريءَ

    ٿي روز ٻوڙين ڳڀرو
    تون گهائي پنهنجي گهور سان
    ٿو چنڊ ڏسي دور کان
    تون نار پنهنجي نور سان
    ٿي روز منڊين منڊ ڪي
    هن جوڀن سندي ٻُور سان
    تون لڳين ندي ويڪريءَ
    او ڏيلھ ڏڪي ڇوڪريءَ

    هي پيرون منهنجي ديس جا
    ڪي راتڪا ڪي آڇڪا
    ٿي چونڊين مون لئه چاھ مان
    مان چمان تنهنجا چپڙا
    هي هرک جهڙا هٿڙا
    تون پائي پيلا ڪپڙا
    ٿي وڻين مونکي ائين
    جئين عورت وڻي انبڙي
    جئين مرد وڻي مرچڙي
    جئين ميٽ کائي مورَ ۾
    ڪا نار ڀاريءَ پير سان
    ٿي وڻي پنهنجي ور کي
    جئين سُگهڙ رکي گهر کي
    ٿي لڳين مونکي ائين
    جئين تري پنهنجي ترنگ سان
    ٿي ڊنڍ مٿي نيرڳي
    جئين مور مٿي ڪلنگي
    جئين ڊيل اچي ڊڪندي
    جئين ڪلي ڪُڏي واڇڙي
    جئين ٻار کلي ننڊ ۾
    جئين مندر گونجي گهنڊ ۾
    جئين وسي نور چنڊ ۾
    تون منڊين پنهنجي منڊ ۾
    جئين ڪويل ٻولي ون ۾
    تون وڄين منهنجي من ۾
    ۽ لڳين مون کي بانسري
    او ڏيلھه ڏڪي ڇوڪريءَ
    


    هُو ٻالڪ ننڍڙو موچيءَ جو

    ٿو پاپي پيٽ لئه جُتيون ٺاهي
    ميڻ پُسائي آر ارائي
    سڳا سوهي سوچي ويٺو
    هُو جو تونگر تر سنڌءِ جو
    منهنجي ڀر سان روز لنگهي ٿو
    منهنجا ووٽ وٺي هو چڙھيو
    هاڻي مونکي ڪون کنگهي ٿو
    هن جا شاهي سُک ڏسي بس
    مالڪ تو کان سوال پڇان ٿو
    منهنجو ڪهڙو دوش ديالو
    منهنجو لکيو تو ئي لکيو
    هاڻي تون ئي نيٺ نياءَ ڪر
    مان ڀي ماڻھون هُو ڀي ماڻھون
    منهنجا هن جا رنگ به ساڳيا
    انگ به ساڳيا ننگ به ساڳيا
    پوءَ هي ڇو تقدير نرالي
    منهنجو پيءُ مزدور بٺي جو
    ٻچن ڪارڻ ساري زندگي
    رُکي روٽي مرچ سان کائي
    لسي بدران لُڙڪ پيئندي
    مٽيءَ ڳوهي نيٺ مري ويو
    منهنجا لٽا ليڙون ليڙون
    تن تي چتيون چوپا ڏاڍا
    هن جا ڪاٽن ڪوٽ ڪرنڊي
    هن جا بُوٽ به سونا روپا
    هن جا ڪُتا روز ڪڙھايون
    کائي ڪيڏا خوش ٿين ٿا
    منهنجي هڪڙي ڀيڻ بکايل
    تارا تڪي روز سُمهي ٿي
    درد نه ان جو ڪوئي ڄاڻي
    جيڪا اصلي ديس ڌڃاڻي
    ڳڀي لئه ڀٽڪي وڳي لئه ڀٽڪي
    بنان جُتي جي برن ۾ ڀوڳي
    سليٽ پين ۽ قلم لئه تڙپي
    آديواسي علم لئه تڙپي
    مون کان ڪيئي سوال ڪري ٿي
    هن کي ڪهڙو جواز ٻُڌايان
    پنهنجي ديس ۾ ڌاريون آھيان
    منو جي جوڙيل منحوس سسٽم
    اوچ نيچ ۾ اڇُوت آھيان
    ڇو جو سنڌ جو سپوت آھيان
    کٿا ٺاهيان شهر سجايان
    ٻنيون پوکيان ٻار پڙھايان
    امير ديس جو غريب آھيان
    مگر مان بي ضمير ناهيان
    هُو ٿو وڪڻي ووٽ اسان جا
    ٻنيون ٻارا ڳوٺ اسان جا
    هن کي پنهنجو انگ مٺو آ
    مون کي سڀ کان اول اسان جي
    ديس ڀلي جو ننگ مٺو آ
    بُکون ڪاٽي ڀيڻ پڙھائي
    پنهنجو سپنو پورو ڪندس
    اُماس جهڙي تاريڪي ۾
    دُرگا نيٺ سُهائي ٿيندي
    سڦل تڏهن هي ڪمائي ويندي
    ائين هو سوچي پاڻ سنڀالي
    جُتيون جوڙي لُڙڪ اُگهي ٿو
    ڄڻ هو پنهنجا زخم سُبي ٿو
    


    هلندي هڪڙو خواب ڏسان ٿو

    ٿر تي ڏينهن ڏُکن جا ڏسندي
    سامي ويري ساک ڀري ٿي
    ٻيهر ڪوئي کوسو ڄڻندي
    پاٻُوهر ۾ پير وڄن ٿا
    کينئرو گهوڙي ساڻ اچي ٿو
    ڌرتي خاطر هاڻ اچي ٿو
    رتن سنگھه جي ريت نڀائي
    هٿ ۾ کڻيو ٻاڻ اچي ٿو
    نُھٽو ڀي ڪو ننگ رکي ٿو
    فقير جهڙو فرد ڄمي ٿو
    ڪونڀاري مان ڪوڪ اچي ٿي
    ڪولهڻ سائي ڪُک ڪري ٿي
    روپي جهڙو ڪونڌر گهرجي
    پنهنجي ڀومي ڀاڳ بچائي
    ويرين جا سڀ وڻ وڄائي
    پورڻ واءَ جا پٽ مچائي
    ڪيسُو جهڙو ڪنور گهرجي
    ڀوڏيسر جي لڄ بچائي
    ڀوڏي جهڙو ڀنور گهرجي
    ٻُھراڻي جا ٻار چون ٿا
    ڪلجي جهڙا ڪونپا گهرجن
    روپا ماڙي رڻ گجي ٿو
    ٻاگهل ويرا دودا گهرجن
    ويراواھ جا وڻ چون ٿا
    لاڌي جهڙا سوڍا گهرجن
    ٽلٽي ۾ ڀي ٽاھ وجهي جو
    اھڙو گهوٽ بلاول ڄمندي
    ٿاريليءَ هر نار چوي ٿي
    پنهنجا سونپي ٻار چوي ٿي
    ڌرتي خاطر رت به ڏيندي
    ساھ به ڏيندي ست به ڏيندي
    پاڻ وڃائي پت به ڏيندي
    بختاور جي ڀيڻ سڏائي
    تروٽن جا تر تپائي
    پنهنجا کيٽ بچائي ويندي
    ڪتيون چيٽ بچائي ويندي
    


    ڏينهن تتي جو ڪاري ڪولهڻ

    ڌنوانن جي در جي اڳيان
    وياڪل وياڪل بيٺي آھي
    هُن جي هٿ ۾ لوٽي آھي
    جهڻ جي لپ لئه پيئي واجهائي
    زندگي ساري کوٽي آھي
    جيون هڪڙي روٽي آھي
    هن جي جهيڻي سڏ کي ٻُڌندي
    جهونيءَ کٽ تي کنگهندي پنهنجي
    نُنهن کي نوڙت منجھه چوي ٿي
    ”لاڏي هن کي جهڻ جي لپ ڏي“
    لاڏي چپ مروڙي چئي ٿي
    ”هي جا ڪولهڻ روز اچي ٿي
    بُک جي ٻارس ڪون مري ٿي
    ڏاڍو هاڻي تنگ ڪري ٿي
    روز وڙهان ٿي پوءَ به اچي ٿي
    نڪ جي نرجي ڪون مُڙي ٿي
    ڏينهن تتي جو ننڊ ڦٽي ٿي
    ننڍ ڦٽائي جهڻ ڏيان ڪئين“؟
    ڪولهڻ ڪنڌ جهُڪائي چئي ٿي
    ننڍڙو ٻالڪ ٿڃ گهُري ٿو
    هُن کي خالي ٿڻ ڏيان ڪئين؟
    هُن جي خاطر روز اوهان جا
    ممتا ماريءَ ويڻ سهان ٿي
    ٻُڌ وڏيري ڀيڻ چئان ٿي
    نه ئي نڪ جي نرجي آھيان
    نه ئي بُک جي ڀاڙي آھيان
    ها پر مُقدر ماري آھيان
    ڏيل ڏُڪارن ڳاري آھيان
    ڌرتي پنهنجي در در ڀٽڪان
    پنهنجي ديس ۾ جهڻ لئه تڙپان
    ڪيڏي آئون اڀاڳي آھيان
    


    وقت وڏو ڪو وحشي آھي

    وقت نه ڪنهن جو ڌوڙي ڀيچي
    وقت ڪُميتن وانگي ڊوڙي
    وقت نه ڪنهن جي واٽ ڏِسي ٿو
    جنهن کي چاهي تنهن کي ڊاهي
    وقت نه گهر ۽ گهاٽ ڏِسي ٿو
    وقت سراسر اوکو آھي
    وقت اُٺي جون خبرون ڏي ٿو
    وقت سُڪارن جهڙو آھي
    وقت ڦُڙي لئه خوب سڪائي
    وقت ڏُڪارن جهڙو آھي
    وقت سراسر هڪڙو ناهي
    وقت هوا جي جهونڪي وانگي
    ڪڏھن گرم ته ڪڏھن ٿڌو
    وقت وڻن جي ڇايا وانگي
    وقت نسورو مايا وانگي
    وقت وتائي جهڙو آھي
    ڪنهن کي لڏو ڪنهن کي ٺيلها
    ڪنهن کي روز ڳرھ جي ڳولا
    وقت گدا کي حاڪم ٺاهي
    وقت راجا مان رنڪ ڪري ٿو
    وقت هٿن تي مينديون لائي
    دُنيا ساري سرڳ ڪري ٿو
    وقت صدين جا گهاوَ ڀري ٿو
    وقت مٿي جي مانگ ڦٽائي
    ناريءَ جيون نرڪ ڪري ٿو
    وقت نوان ڪي ڦٽ ڪري ٿو
    چاري پلي چٽ ڪري ٿو
    وقت مٿي جو موڙ ٿئي ٿو
    وقت خوشين جا ٿال سجائي
    ڪنهن کي دولت شھرت ڏي ٿو
    ڪنهن جي عزت پاڻ لُٽي ٿو
    وقت نوان ڪي ناتا جوڙي
    وقت پُراڻو پيار ڇني ٿو
    وقت ٻُڍا ۽ ٻار ڇني ٿو
    وقت جواني سونهن کسي ٿو
    وقت وڇوڙا ويڙھي ڄاڻي
    وقت ڏُکن کي ميڙي ڄاڻي
    وقت روئاڙي وقت کلائي
    وقت وڇڙيل نيٺ ملائي
    وقت هلڻ جو هنر سکائي
    وقت دُنيا جي پرک ڪرائي
    وقت ڀيڻ جو ڀرم ڀُلائي
    وقت ماءُ کان ڌيءَ کسي ٿو
    وقت پُٽ کان پيءُ کسي ٿو
    وقت ڀاءُ سان ڀاءُ وڙھائي
    وقت جُڳن کان جنگ لگائي
    عالم کي حيوان ڪري ٿو
    وقت نه ڪنهن جو ٻيلي آھي
    وقت نه ڪو انسان لڳي ٿو
    وقت ته ڪو ڀڳوان لڳي ٿو
    


    رات نماڻي چنڊ ٻُڌايو

    ”اندران“سُڏڪي ائين چيو پي
    ڌرتي تنهنجي هنج هندوري
    هڪڙو ارڏو پٽ سُمهي پيو
    آزادي جي اوڍي چادر
    ائين لڳو ڄڻ يُڳ سُمهي پيو
    سنڌ جي فڪري امبر جو ڏس
    رات گرھڻجي چنڊ ويو آ
    سُور انهي جي سونامي ۾
    ٻُڏي ايشيا کنڊ ويو آ
    مهنجا پيارا بابل تو بن
    ڪيڏي رات انڌاري آھي
    وياڪل هاڻي هن وطن ۾
    تنهنجي راڄ دُلاري آھي
    توکي ساري سنڌو ماتا
    رت جا گوڙھا ڳاڙي ڳل تان
    ويري تي هيئن وار ڪري ٿي
    مهنجو پٽ ازل کان ارڏو
    موت نه تنهن کي ماري سگهندو
    منهجو کير کٿوري جهڙو
    ڪو به نه تنهن کي کاري سگهندو
    صديون هن جو سونهن کڻنديون
    ”سر ۾ سانجهي وير“ لکيو جنهن
    ”چانڊوڪيون ۽ چيٽ“ لکيو جنهن
    تنهن جي اُجري” روح ۾ ريلا “
    آزادي جي نيل دريا جا
    خواب سُمورا ساڻ کڻي ويو
    آزادي جو ارڏو ماڻهو
    رات رمي ويو” ٿر جو ماڻهو“
    چانڊو ڪي سان چاهه رکيا جنهن
    وطن تي ويساهه رکيا جنهن
    ڌيما ڌيما مد پئيندي
    سنڌ جا سُور صفحن تي لاٿا
    روحل واه جي ريٽ ٿڌي تي
    ”باغي“ جا جنهن گيت به ڳاتا
    پاپي پيٽ کي پرتي رکندي
    سرتي سُک سُمورا تياڳي
    ڌرتي کي جنهن دل سان لاتو
    تنهن جو قد پڇين ٿو ڪانئر
    تو کان هڪڙو سوال پُڇان ڇا ؟
    ڪارونجهر کي ماپي سگهندين؟
    هُن جو قد تهان ئي اوچو
    آڌي ويلي دانهن ڪري هُو
    ڪارونجهر جو مور چوي ٿو
    ڪارونجهر جو مور چوي ٿو
    


    هڪ ڏهاڳڻ عورت جي اڳڪٿي.

    هُوءَ جا ڪومل ڪُونجهيءَ آھي
    سا ته يُگن کان يوڳي آھي
    چُونئري ڦرندي ڏنءَ ڏٺو جنهن
    ان تي ڪهل ڪونه ڪيو ڪنهن
    سينڌ سنواريل سندرو لاهي
    ٽول سمورا ٽوڙي ڦوڙي
    ويس اڇي ۾ جيون گهاري
    قسمت ماريءَ ڏينهن ڪٽي ٿي
    هُوءَ جا جوڳڻ جوڳ سڄي ۾
    کارڪ کائي پيٽ ڀري ٿي
    اُن جو جوڳ نه وئرٿ ويندو
    هُوءَ جا پوڄي فطرت ويٺي
    تنهن لاءِ سوچي قدرت ويٺي
    هُن سان هيڏو قهر ڪيو ڇو؟
    هُن جو جيون زهر ڪيو ڇو؟
    هُن جا خدا هن جا داتا
    نکٽ تارا نيل گگن جا
    جنهن ۾ جهانڪي جوتش جانچي
    سڀ ڪجھه ڀانپي سڀ ڪجھه ڀانپي
    ڀيد وڻن جا پرکي ٿي هوءَ
    ھن جو جوتش هيئن چوي ٿو
    هيل گگن ۾ گونج نه ٿيندي
    هيل ڀٽن تي بوند نه پوندي
    جاڙا ڏڪر جاڙون ڪندا
    مال ڀٽارا راڙون ڪندا
    هيل رُتن ۾ رنگ نه رهندا
    گهنڊويون ڳانا چنگ نه رهندا
    کنهنڀي جهڙيون خُوب گهٽائون
    هيل نه ٿينديون اڀ جو گهونگهٽ
    ھيل برن کان برکا رُسندي
    وانگيئڙن کان ورکا رُسندي
    ديوالي تي ديپ نه ٻرندا
    هيل نه هولي رنگ رچندا
    عيد نه ڪائي ديد پسيندي
    هرڪو جُنبش جيءَ لئه ڪرندو
    پاڻ پڳاري پيٽ ئي ڀرندو
    ڪنڪو ورنيون ڪونج ڪُنواريون
    ورتولن تي وار سنواري
    راسُوڙن تي رقص نه ڪنديون
    ساجن ڪارڻ پاڻ پڌاري
    جل تي ڏيئا عڪس نه ڪنديون
    اڀ ۾ تتر کرڙي هوندي
    اٻون موگون آڙا ٿيندا
    ڪتي ۾ ڀي ڪاڙها ٿيندا
    چندرما تي جل ڀي چڙھندو
    آکا ٻيج به چمڪي پوندو
    پوءِ ڀي بارش اُڀ ۾ هوندي
    کنوڻن کجڪا کيل کنياتا
    انڊلٺ امبر ميگھه نياپا
    هيل نه ڪوئي آٿت ٿيندا
    مُنهنجي ٿر جا مارو پيارا
    پنهنجا جهوپا جُھگيون جهوري
    بئراجن ڏي ڀٽڪي ويندا
    خالي امبر جانچي جانچي
    نيڻ نماڻا ٿڪجي پوندا
    نيڻ نماڻا ٿڪجي پوندا
    


    ”سنڌ“

    سنڌ ته آهي ديش اسانجو
    جنهن ۾ رهون ٿا سادا مارو
    ديس به سادو ويس به سادو
    ازل کان سادي سنڌ ثقافت
    جنهن تي دنيا دنگ رهي ٿي
    سنڌي ٽوپي ٽاٽ ٽڪن سان
    نراڙ تي پائي لوڏ ڪيون ٿا
    اجرڪ سان آ عشق اسانجو
    پٽڪا پائي گوڏ ٻڌون ٿا
    اسانجون ناريون صفا ڪي ساديون
    ڳل تي هٿڙا گول گهمائي
    لاڏا چرميون ڏورا ڳائين
    دُهري جهومڪ والا پائين
    ڌرتي جو ٿيون مان وڌائين
    ڪوڏ ڪري هو ڀرت ڀرن ٿيو
    ڪچو پڪو هُرمچ ٽانڪو
    ٽُڪ تي رليون ٽونئر ٽنڊيلا
    کٿا لويون ٿان اسان وٽ
    سنڌي آهيون شان اسان وٽ
    ڪرڙن ڏينا کاڄ اسانجو
    تڏا توريون ڏاج اسانجو
    ڪيڏو سادو ڪاڄ اسانجو
    پاٻوڙا پوشاڪ اسانجي
    دنيا تي آ ڌاڪ اسانجي
    صدين جي تاريخ هئين چوي ٿي
    اسان نه ڪڏهن ڪا آڻ مڃي آ
    اسين ازل کان ارڏا آھيون
    اسين نه ڄاڻون هندو مسلم
    اسين نه ڄاڻون ڪافر مومن
    اسين ته آھيون صدين کان صوفي
    اسانجو ڌرم به ديس اسانجو
    اسانجو ڀرم به ڀونءَ وطن جي
    اسانجو ڪرم به ڪير نه ڄاڻي
    ڪنهن کي ڪائي ڪل نه آھي
    تنبوري جي تار وڃائي
    ڪي جو ٻيجل ٻولي ويٺو
    سرمد صوفي سچل ڳائي
    جهنگ ۾ جهونا روز جهومائي
    سنڌ ته بيت ڀٽائي آھي
    سنڌ ته بيت ڀٽائي آھي
    سنڌ ۾ جهولي لعل قلندر
    سنڌ ۾ ڪينجهر سنڌ منڇر
    سنڌ ۾ مڪلي سنڌ ۾ موهن
    سنڌ ۾ گورک سنڌ ۾ ننگر
    سنڌ ۾ ديبل سنڌ ۾ ڪاهو
    سنڌ ۾ ڪاڇو ڪيٽي بندر
    سنڌ جي ساري ڌرتي پياري
    صدين جو اهڃاڻ لڳي ٿي
    سنڌ جو ساگر سون سريکو
    جنهن ۾ ھيرا موتي اُپجن
    سنڌ ته هيرن کاڻ لڳي ٿي
    سنڌ جون ٻنيون ٻارا تليون
    جنهن ۾ مروُو موتيو مُگرو
    سنڌ سڄي سرهاڻ لڳي ٿي
    تون ٿو چاهين سنڌ جي ڌرتي
    هرڪو وڪڻي هرڪو کائي
    سوچ نه اهڙي ڌار مڪاري
    سنڌ نه ڪوئي سودو آهي
    سنڌ سدائين لڙندي رهندي
    سنڌ ته دولھه دودو آهي
    سنڌ جا رُوپا سنڌ جا هوشا
    سر ڪٽائي سُرخا ٿيندا
    سنڌ نه جنهن کي تنهن کي ڏيندا
    سنڌ نه جنهن کي تنهن کي ڏيندا…!
    


    صادق فقير کي ڀيٽا

    سنڌ جا صادق سون سريکا
    تو جا ڳاتا گيت صدين جا
    تن کي ساري سنڌ روئي ٿي
    ويڳاڻي هر جند روئي
    جنهن لئه توهي ٻُول ٻُرايا
    چيٽي چنڊ جا چمڪا ڳاتا
    چوڙيلين جا کجڪا ڳاتا
    وڌوائن جا سُڏڪا ڳاتا
    مظلومن جي احساسن ۽
    اکين جا تو الڪا ڳاتا
    محبوبن جا ماڻا ڳاتا
    سنڌڙي جا تو راڻا ڳاتا
    ”مٽي ماٿي لايان“ جهڙا
    ”دلڪش منظر “ سارا ڳاتا
    ڏيک ڏڪارن پارا ڳاتا
    قومي گيت صدائون سنڌ جون
    جن کي ڳائي امرتا پائي
    پنهنجو جيون وئين سجائي
    ٻاٻيهن کان ٻول چُرائي
    تو جو راڳ ملهاري ڳاتو
    ان جي صدقي تو تان گهوري
    اندر ڪيڏا ميگھه منڏايا
    تنهنجو اهڙو سڏ نرالو
    اڏندڙ ڪونج گگن ۾ گهائي
    پاڻيارين جا پير ڄمائي
    وڄندڙ ڇمڪا ڇير ڇُپائي
    راڳي تنهنجو راڳ رسيلو
    جهڙو بندرابن ۾ ڦوڪي
    ڪان ڪنور ڪا مُرلي ويٺو
    گوپين کي ريجهائڻ لئه
    ۽ پريم کي پرچائڻ لئه
    مُرلي منوهر موهن لالا
    تنهنجي بندرا توبن پيارا!
    هاڻي هيڪل وياڪل آهي
    گوهر گوپيون ڇيل ڇٻيليون
    سُڏڪي ساري ڪان ڪُنور تو!
    لُڇندي پڇُندي ائين چون ٿيون
    ڪوئل جهڙو ڪنٺ ويراڳي
    صدين کانپوءِ ايندو آهي
    صادق جهڙو سون سريکو
    راڳي وڙلي هوندو آھي
    جنهن لئه جنتا جاڳي ساري
    هنجون هاري ديپڪ ٻاري
    شرڌائن جا ڦول چڙاهي
    لڙڪن ڀيٽا روز ڏي ٿي
    لڙڪن ڀيٽا روز ڏي ٿي
    


    ڏسين ٿي ڏور کان ويهي

    اسان جي حال هيڻي کي
    کلين ٿي ٽهڪڙا ڏئي
    اسان جي راڳ جهيڻي تي
    چري هن سُور ٻيڻي تي
    ڇڏي تو ڇاپ اهڙي آ
    حياتي ٽوھ جهڙي آ
    پرين تنهنجي پُڄاڻا پوءِ
    اکين ۾ جاڳ ٿي ڦٿڪي
    ننڊ جو ڪو پتو ناهي
    تڪي تارا ٿڪا آھيون
    نڪي ٿا چنڊ کي چاهيون
    نڪي ٿا سج کي ڀانيون
    نڪي ٿا سونهن کي پوڄين
    نڪي ٿا راڳ ڪو ڳايون
    صفا بي سُڌ پيا آھيون
    نڪي ٿا پاڻ کي ٺاهيون
    مٺا اُجڙي ويا آھيون
    وڃون ڪنهن مئڪدي ۾ سو
    پيئڻ جو پور ڀي ناهي
    چُمون ڪنهن چنڊ جا چپڙا
    لبن سان لنئون ڀي ناهي
    سمهون ڪنهن سونهن سان سانئڻ
    بدن ۾ باھ ڀي ناهي
    حياتي هاڻ ڇا آھي
    لڳي ٿو ائين پرين پيارا
    رڳو بيوس بدن پيو آ
    ڪلهن تي ڄڻ ڪفن پيو آ
    اڃا ڀي تون کلين ٿي ڙي
    اسان جي هن حياتي تي
    کلڻ هاڻي اجايو آ
    پري کان ئي ڏسي وڃ تون
    ملڻ هاڻي اجايو آ
    


    آشا

    آشا توتي جڳ جيئي ٿو
    هڪڙي تون آنءَ جنهن تي هرڪو
    خواب ڏسي ٿو راھ تڪي ٿو
    روز جيئي ٿو روز مري ٿو
    ڪيڏي ڪومل پياري آشا
    جرڪائي ٿي جيون سارو
    وڌوا لئه ڀي هڪڙي آشا
    هُن جو پُٽ وڏو ٿي پوءَ
    هُن جا درد سمورا ڌوئي
    نيٺ سُکن جا سج اُڀاري
    ويندو ٻيڙا پار اُڪاري
    اُڃئي لئه ڀي هڪڙي آشا
    هيڏي بنجر دنيا ۾ ڪٿ
    ڪا ته ترائي جل ٿل هوندي
    بکيو ڪهڙي ڄاڻي ڀاشا
    هُن لئه ڀي آنءَ تو ئي آشا
    نيٺ ڪٿي ڪو لولو ملندو
    خيمي ۾ جنهن رات گُذاري
    اُن جي من ۾ ڀٽڪي آشا
    انگ اگهاڙيءَ اولو ملندو
    وڻجاريءَ جي من ۾ آشا
    وڇڙيل ڪانڌ نيٺ ته ورندو
    ڪونجي چوڻ چُڳي ٿي بن ۾
    ويندس موٽي ماڳ وطن ڏي
    آشا اُلجھي هُن جي من ۾
    ڏيھه ڏڪاريل ڏوٿين جي ۾
    ھيل ڀٽن تي برکا وسندي
    ٿرين لئه ڀي ڪيڏي آشا
    ڏور پرين کان ڏُکيارڻ جا
    قيد حياتي ڪاٽي ويٺي
    هُن جي اندر ۾ ڀي آشا
    نيٺ ڏکن جا ڏينهن سمورا
    گهاري ويندي گهايل جندڙي
    ٿيندو ميل پرين جو پڪ سان
    ائين هوءَ سوچي قيد بندن ۾
    کلندي ڪُڏندي خوب چوي ٿي
    آشا ناهين جي جيون ۾
    پوءِ هي جيون زهر لڳي ٿو
    ڪرب قضا جو قهر لڳي ٿو
    


    هلندي هانسل سوڍيءَ کي اڄ

    پورڻ واءِ ۾ پور اچي ٿو
    ڪيسوٻاءِ کي ڪير ٻُدائي؟
    هُن جو ٿر ٿڪو پيو آهي،
    رُوپي جو آ راڄ رُلي ويو،
    ڪاسٻو ڀي ڪومايل آ،
    انچليشورجي شام اڀوڳي،
    ڪونڀٽ ڪنڊي لام اڀوڳي،
    سارنگا جو رُوح لڇي ٿو.
    ڪجلاسر ڀي ڪورو آهي،
    ڀوڏيسر جي ڀونءَ تساري،
    هيل ٿيو ٿر ڇورو آھي،
    چيلي جا سڀ چارا سُڏڪن،
    چوڏس چنڊ ستارا سُڏڪن،
    راڻا سر ۾ ريٽ اُڏي ٿو،
    هيل ڪنٺي ۾ ھورو ناهي،
    مور ڪلنگي رنگ برنگي،
    ڇيل ڪڙي ۾ ڇيل ڇٻيلي،
    راسوڙن جي ريت پياري،
    ننگر تنهنجي نرت نياري،
    هاڻي ڪا وڌوا لڳي ٿي،
    سامروٽي جي سيم سموري،
    سوڪهڙي ۾ ساڻي ٿي آ،
    موراڙي تي مير پيو آ،
    ٿر تي ڪڙڪي قهر پيو آ،
    گهانگهيٽي ۽ گولاڙو ڀي،
    زرد رُتن ۾ زهر ٿيو آ،
    هيڻن هينئڙي هول پيئڙا،
    تڙ ڪولن جو تيج گهٽي ويو،
    گوڇارن ۾ گاھ کٽي ويو،
    مارن مُٺ ۾ ساھ اچي ويو،
    ڪنڊي ڪنهن ۾ پن به ناهي
    گندي ڪنهن ۾ ان به ناهي
    ونگو وٽ ۽ ڍٽ اڀاڳو،
    پارڪر جو پٽ اڀاڳو،
    مُھراڻو ڀي مينهن پکيڻو،
    ڏيھه ڏکارو ڏٽ پکيڻو،
    آونگ آونگ ان گهري ٿو،
    اِتري آءُ اوميگھه ملهاري،
    توبن ولکي ٿر جي ناريءَ.
    نِجهرو نِجهرو نير سڪاڻو،
    ميگها توکان مينهن گُهري ٿو،
    ساوڻ ۾ سَوَ سانگ ڪري اچ،
    هيل ڇمر ڪو ڇاڻي وڃ تون،
    مارن مُرڪون ماڻي وڃ تون..!!
    


    انجلي

    آئون انجلي ائين چوان ٿي
    مونکي صوفي مت وڻي ٿو
    جنهن ۾ مُرشد ساھ کڻي ٿو
    منهنجو دين ڌرم ڀٽائي
    منهنجو رهبر شاھ سنائي
    منهنجي دل درازن ڌرتيءَ
    جنهن جو شاعر سچل آھي
    منهنجي سوچ به سيوهڻ نگري
    جنهن ۾ قلندر مي رقصم
    مون ۾ سامي سنک وڄي ٿو
    مون ۾ ٻيجل چنگ وڄي ٿو
    مون ۾ سنڌوءَ موج ڪري ٿو
    مون ۾ ڪينجهر ڪوڏ ڪري ٿي
    مون ۾ مڪلي ماٺ رهي ٿي
    مون ۾ موهن ماڳ وسي ٿو
    بنجر بنجر ڀاڳ وسي ٿو
    منهنجي دل جي دڳ مٿي او
    روح سنبارا رقص ڪري ٿو
    منهنجو چهرو چنتا ٻڏل
    سنڌين کان انصاف گهري ٿو
    مان ويڳاڻي ڪونج وطن جي
    جهوريءَ جهريل جند لڳان ٿي
    آئون سراپا سنڌ لڳان ٿي
    ظالم توتي مار پوي ڪا
    موتي ڪيڏو ظلم ڪيو آ
    مون کان منهنجو ڀرم ڇنو آ
    ڪيڏو تنهنجو ڪرم ڪنو آ
    مان ته سڏايان سنڌ جي ناريءَ
    مون لئهِ دين ڌرم سڀ ڀاريءَ
    منهنجو مندر منهنجي گيتا
    سنڌ جي ڌرتي سنڌڙي ماتا
    سي تون مون کان جي ڇنيندين
    رڃ ۾ تڙپي تڙپي مرندين
    منهنجي گهر جي ديوارن ۾
    منهنجي ماتا سڏڪي مون لئه
    منهنجو بابل ڀٽڪي مون لئه
    منهنجي ادڙي لڙڪ لڪائي
    مون کي ڏاڍا سڏ ڪري ٿي
    هن جا ساڻا ساڻا سڏڙا
    نيٺ ته تنهنجو انت آڻيندا
    منهنجا ڀريل سرد شوڪارا
    منهنجي دانهن دراوڙ آهي
    ڪانئر ڪونه ڪنائي سگهندين
    مان ته ستي ڄڻ سيتا آھيان
    مون لئه پنهنجا راوڻ بڻيا
    مون کي ڪوئي رام نه مليو
    جيون ۾ ڀڳوان نه مليو
    مان ته بڻي هان دروپدي ڄڻ
    ڀري ڇنڀا ۾ لڄ لُٽاڻي
    مان ٿي دانهيان سنڌ نياڻي
    منهنجي تن جو ٿيو تماشو
    ديش دشاشڻ سارو آهي
    مون لئه شيام نه ساڙهي بڻيو
    ڪيڏو ڪلجگ ڪارو آهي
    او بلاول منهنجا ڀائر !
    هيلوڪي هن ديوالي تي
    ديپ جلائي دل جي اندر
    هٿ سان تلڪ گلال لڳائي
    تنهنجون آرتيون خوب اتاري
    مون جي راکيون ٻڌيون توکي
    تن جو قرض نه لاهي سگهندين
    مون کي ڪونه بچائي سگهندين
    مون کي ڪونه بچائي سگهندين…
    


    ونگي جا واءَ تون ٻُڌجان

    ڪٿا هي مون نماڻي جي
    ڪلوئي شھر جي ڀرسان
    بٺن تي بٺ ڪاڙھن ۾
    مٽي کي روز ڳوهيندي
    سنجها ۽ سحر ٿيندي ويئي
    ڳڀي جي روز ڳولا ۾
    اسانجي زندگي ساري
    زمانا زهر ٿيندي ويئي
    اسانجي حال هيڻي تي
    نڪي ڪنهن ڄام ٿي سوچيو
    اکين ۾ اشڪ هئا ڏاڍا
    نڪي ڪنهن درد کي وانچيو
    سوين لاڏيون لنگهيون ڀر مان
    لکين گاڏيون لنگهيون ٿر مان
    مگر ڪنهن ڀي مڙي مون ڏي
    ڏٺو ناهي ڏُکن ۾ ڪئين
    ڪٽان ٿي مان زندگي هي
    جواني ۾ ٻڏل هوندي
    صفا سينگار ۾ ناهيان
    وڏي آزاز ۾ آهيان
    هئين تي هار ڀي ناهي
    پرين جي سار ڀي ناهي
    ڪنن ۾ ڪئين وجهان والا
    هٿن ۾ ٿيا لڦون ڇالا
    ڇتن ۾ ڇا ڇٽان مروو؟
    ورهين کان هن رهيا اڻڀا
    وجهي تن ۾ وڏا چوٽا
    ڪيان سينگار مان ڪهڙا
    وڳن تي مير آ ڏاڍو
    ڏسي ميري کلن مون تي
    اميرن جا اڇا ڇورا
    ونگي جا واءَ تون ٻُڌجان
    ڪسي آھيان ڪڙي آھيان
    مگر مان بي وڙي ناهيان
    سوين جذبا لڇن مون ۾
    غريبي جي اگيان بيوس
    رهي آھيان ڊهي آهيان
    نڪي ڪنهن عيد لئه سوچيان
    نڪي ڪنهن ديد لئه سوچيان
    نڪي ورلاپ وڳن جي لئه
    نڪي چاهت چوڙين جي
    نڪي سرمو اکين پايان
    نڪي ڪا ڇير ڇمڪايان
    مگر هڪڙي جُتي جي لئه
    سمورو سال سڪان ويٺي
    لُڪن ۾ ڀي لڇان ويٺي
    نصيبن کان پڇان ويٺي
    ڪيو مون ڏوهه ڪهڙو آ
    ڏکن ۾ جو جلان ويٺي
    خدا کان دعا گهران ويٺي
    عزت سان تون ڏجا هاڻي
    اگهاڙي انگ لئه چولو
    اتر جي اوت ۾ اولو
    بکايل پيٽ لئه لولو
    اڃايل وات لئه پاڻي
    اسان جي بس اها ڪهاڻي
    مٽي جا هي پنوڙا ڏس
    حياتي جو حصو ٿي ويا
    اسانجا جذبا سارا
    غريبي جو قصو ٿي ويا
    ڇنل کٽ تي سمهي تارا
    سموري رات ڳڻيون ٿا
    اچي ڪئين ننڊ گڻتين ۾
    پيو جو تس خالي آ
    اٽي جو سير ڀي ناهي
    اسانجو جو ڪير ڀي ناهي
    زمانو ڇا سگهي سمجهي
    غريبي ۾ گلابن جيان
    ٽڙڻ ڪيڏو ڏکيو آھي
    مري ڀي ڪئين جيئڻو آ
    اسان اهو سکيو آهي
    


    اسين سنڌ نگري جا نردوش ماڻھون

    اسان جي هٿن ۾ گُلن جا حوالا
    اسان کي رکي جي اکين تي ڏسو ها
    ڦُلنکان به هلڪا هوا جئين پسو ها
    اسانکي جيئڻ ڏيو اوهين ڀي جيئو ها
    محبت جي مقدس پلر کي پيئو ها
    اسان کي ڇو اونڌاهي سمجهيو اياڻا
    اسين چنڊُ پونم جو پرتوَ هياسين
    اسين سج لٿي جو موتين جا گُلڙا
    اسين باک ويلا جو شبنم جا قطرا
    ڀلا ڇو اسان مانزماني کي خطرا
    اسين رنگ ڪاري جا ڪولهي هياسين
    سڄو ڏينهن مڙھا ۽ مولهي هياسين
    اسين سنڌ تنهنجي به ٻولي هياسين
    اسين رنگ وطن جو، هولي هياسين
    محبت جي دُشمن لئه گولي هياسين
    اسان گيت ڪوئل سندا روز ڳائي
    اسان پوپٽن جيان اُڏارون ڪيون ٿي
    مڙھن ۾ڪي مُرڪي ملهارون ڪيون ٿي
    اسان سڪ سارس جئين سيني رکي ٿي
    وڏن وڻ ٿُڙن تي ڀڃي ٿڪ صدين جا
    اسانٻول ٻاٻيهن جئين نغما لکياسين
    اسين پاڻ پپيهن جي پاڙي رهياسين
    ٿُڏي ڇانوَ ٿڌيري ڪاڙھي رهياسين
    اسان چوڻ چپن سان چُمين جي چڳڻ لئه
    پکين جئين پريتم کي پائڻ ٿي چاهيو
    نئون دور دُنيا ۾ٺاھڻ ٿي چاهيو
    اسان جي اکين ۾ اُميدن جا ديپڪ
    جلڻ کان اڳي ئي وسايا ويا هِن
    اسان جي ڪليجن ۾ محبت جا ڪبوتر
    نفرتن جي نيزن سان گهايا ويا هِن
    اسان ڪهڙو ائٽم بم ٿي بنايو
    اسين ڪهڙو ويٽو پاور ٿيون ها
    اسان ڪنهن جي اُرهي ۾ نه پرهي ۾ هياسين
    مگر لوڪ ليکي گنهگار ٿياسين
    اسين بس ائين ئي بنان ڏوھ مئاسين
    مذهبن جي ٻندن۾ ملي ڪون سگهياسين
    هُياسين خوش پوءَ به کِلي ڪون سگهياسين
    دنيا جي دستورن دلين کي ڏُکايو
    ملڻ کان روڪي گهرن۾ رُلايو
    نه ”جيئي“ کي جڳ ۾جيئڻ ڏنو ڪنهن
    نه ”مينا “جي تمنا کي سمجهي سگهيو ڪو
    رڳا ڏنڀ زماني هيگڏجي ڏنا ٿي
    ڳنڍيل نينهن ناتا ڇڪي ۽ ڇنا ٿي
    اڪيلي عذابن ۾ گهارڻ ڏُکيو آ
    انهيجي ڪري بس ابد لئه ملياسين
    اڳي هڪ هياسين ۽ هاڻي به ٿياسين
    اسين هڪ رسيءَ ۾ مالها جا مڻيا
    اوهان جي ڦيرڻ کان مٿي ٿي ويان هون
    اسان کي جپي ٿي خُدائي خُدارا…!
    اوهين ڀي ڏسو شل جدائي خُدارا…!
    


    ”اسلام ڪوٽ لڳ خودڪشي ڪندڙپريمي جوڙي جي نانءُ“


    ڪُنواري ڇوڪري تنهنجي!

    ڳلن ۾ ڏار ميندي جا
    ڦُٽا هن ڦوھ جواني ۾
    سگهو سينو صفا چيري
    ٻٽاٻوٽاٻٻُروانگي
    گهڻن کي ٿا چُڀن ڪنڊا
    وڻن جيديس جي راڻيءَ
    چندن جي چوڪڙي آھين
    لسي تونلاسوئن وانگي
    سڄي ناريل جهڙي آنءَ
    کجي تون خيرپور جي
    رنگت بادام جي تو ۾
    چڪون جي چس جهڙي تون
    چکڻ سان چپ نٿا ڍاپن
    انبن جي رس جهڙي تون
    پپيتي جيان پڪي پيلي
    ڪچن پستن جيان آھين
    لڳين ٿي نارنگي جهڙي
    انگورن جو ڇُڳو آھين
    سُوادي ٻير صوفي تون
    کٽي ڏاڙهون جيان آھين
    ڄمون جا وڻ لڳن ٻانهون
    زبان زيتون جي ٽاري
    اکين ۾ رنگ انگورن جو
    پڪي ڪيلي جيان آھي
    جواني جي سڄي رونق
    متل ميلي جيان آھي
    نموريل ڇوڪري تنهنجي
    سموري سونهن وڻن جهڙي
    ٻَري ٻيلي جيان آھي …!!
    ڪڪوريل ڇوڪريءَ تو ۾
    سڄي وڻراھ سمايل آ
    ڊگهو آ قد صنوبر جيان
    ڳچي ڪنگور جي ڪاٺي
    لڳين ٿي بانسري وانگي
    وڄن ٿا سُر سڀئيتو ۾
    ڪِنجهي جي تانسري وانگي
    وڄت تنهنجي وڄائي ٿي
    اسان جا وڻ سڄا سارا
    اُڳا تو ۾ اڪن پارا
    ڦُلاريل ڦُل ڦوڳن جا
    ڦُٽا تو ۾ ڦڳڻ ماسي
    ٿوهر منڌي جيان ٿيوا
    مُنڊي ۾ تو مڙھيا سارا
    روهيڙن جا رتا گُلڙا
    ڪنن ۾ جي ڪُڏن جهومڪ
    لڳن ڪونڀٽ سندا پلڙا
    پڪي کان ڀي پڪي ڇوريءَ
    انجيرن جي چڪيءَ آھين
    ڀنڀا تنهنجا بڙن گھاٽا
    نمورين سان گُنديل آھن
    وڳا تنهنجا پرين منهنجا
    سدا سرنگهو جيان ساوا
    سنهي تَن تي سونهَن ڪيڏا
    ورھ وستر جيان ويڙھيل
    جواني جل پري توتي!
    گُلابن جي ڀري توتي!
    ڀرن ڀونئرا ڀلا ڀُڻڪي
    ڏسي تن کي اڪن ڇڪن
    ٽڙين ٽانگر جيان تون ٿي
    ڀڃيآرسبدن لوڏين
    وڻن جو ٿي وطن لوڏين
    نگاهن سان گگنلوڏين
    چڳون کولي چمن لوڏين
    اشارن ۾ ڪري ڳالهيون
    گهڻن جو ٿي امن لوڏين
    بدن هن باغ جهڙي سان
    ڇتا ڇنڊي ڇمر لوڏين
    ڪمر بند سان ڪمر لوڏين
    ادا سان تون فضا لوڏين
    هندوري ۾ هوا لوڏين
    سڳيءَ لوڏي پساھ لوڏين
    اسان جا ٿي نشا لوڏين
    اُلاري نيڻاُگهاڙاتون
    سڀن جو ٿي شرم لوڏين
    ڀريل شيشي بدن کولي
    ڪمايل ڪُل ڪرم لوڏين
    گهڻن جو ٿي ڌرم لوڏين
    گهڻن جو ٿي ڌرم لوڏين…!
    


    دير

    گل تي شبنم جيان
    ديد نازڪ صفا
    ديد نرمل به آ
    ديد بارش جيان
    جسم ٺاري به ٿي
    ديد ڪاوڙ منجهان
    روح ٻاري به ٿي
    ديد نيزي جيان
    چوٽ گهري به آ
    ديد پنڇي جيان
    گيت ڳايو سگهي
    ساھ سُرمو ڪري
    ديد پايو سگهي
    ديد ڏيئي جيان
    جڳ روشن ڪري
    ديد ليئي جيان
    چنڊ مُکڙو لڳي
    ديد سانوڻ جيان
    ڪنهن تي برسي به ٿي
    ديد قياسي وڏي
    ڪنهن تي ترسي به ٿي
    ديد دوکو به آ
    روھ رولي ڇڏي
    پند اوکو به آ
    روزگهايو ڇڏي
    ديد دلبر سندي
    روز ٺاهيو ڇڏي
    ديد ويري به آ
    ڍينگ ڊاهيو ڇڏي
    ديد ميري به آ
    لٽا لاهيو ڇڏي
    جسم ڪُنوارا تڪي
    ديد ماريو ڇڏي
    گُهور اهڙي ڪري
    ديد کاريو ڇڏي
    ديد ناتا ڳنڍي
    ديد پنهنجا ڪري
    ميٺ محبت گهُري
    ديد دليون کٽي
    ديد جيون ڦٽي
    ديد هاريو ڇڏي
    ديد بازي وڏي
    ڪير کيڏي ڀلا؟
    ديد ٻولي اٿئي
    گهاوَ گهرا ڇڏي
    ديد گولي اٿئي
    باھ ٻاري ڇڏي
    ديد هولي اٿئي
    ڪير سمجهي ڀلا؟
    ديد پرولي اٿئي
    قيد جيون ڪري
    ديد کولي اٿئي
    پاڪ پلڪن مٿي
    پيار پنهنجو کڻي
    ديد ڏولي اٿئي
    ديد ساگر جيان
    خُوب گهري اٿئي
    ديد درياءَ سندي
    شوخ ڇولي اٿئي
    ديد ٻوڙي به ٿي
    ديد لوڙھي به ٿي…!!
    


    کول گونگهٽ پري

    مور مک تي تري
    ديپ جوڀن ٻري
    نيڻ تو ۾ ڌري
    هير ٿڌڙي وري
    ڳل ڳاڙھا تنهنجا
    گُل ٻاٽي جيان
    روز اُن جي مٿان
    آس منهنجي سندو
    ڀونئر ڀُڻڪي ڀِري
    نڪ تنهنجو تُڳيءَ
    نٿ سورج لڳيءَ
    انگ آرس ڀڳيءَ
    ٻاٽ ٻاجهر جيان
    ٻانهن لوڏي لُڏي
    يار تنهنجي سڳيءَ
    گول ڪمر مٿان
    ناچ کيڙو ڪري
    عشق منهنجو پرين
    چيچ تنهنجي جهلي
    تار تو ۾ تري
    جيءَ جهڻڪي سڏي
    وار چوٽي ڪري
    خُوب کوٽي ڪري
    واٽ ويندي ڪوئي
    حُور هلندي ڏسي
    روز بادل وسي
    ٿر جي کيٽن مٿان
    چنڊ چيٽي جيان
    نور ناريءَ ڇَڻي
    تانگھه تاڙي سندي
    روز هاريءَ ڇَڻي
    سونهن ساري وڻي
    عاج چوڙي جيان
    روپ روڙي جيان
    پيار هولي ٿئي
    رنگ ريٽا هڻي
    رنج ميٽي سڄا
    ٻار ٻولي ٿئي
    دل کي ٻوڙي ڇڏي
    پيار ڇولي ٿئي…!!
    پيار ڇولي ٿئي…!!
    


    اُجهاميل چُلھ جي ڀرسان

    نياڻي اک نماڻي سان
    امان کان سوال پڇي ويٺي
    امان ٻُڌاو مٺي جيجان
    گُڏين سان راند ڪيان ڪهڙي
    نڪي سهيلي وڻي ٿي ڪا
    ابا جي سڪ ڏاڍي آ
    وجهان جي وات ۾ ماني
    نڙي ۾ نانگ جئين ڀاسي
    ٻُڌاءَ جيجل مٺي هاڻي
    ”ابو مانجو ڪڏهن آسي“
    وٺي ڪي ڪانچ جون چوڙيون
    گُڏين جا گنج ڀي مون لئه
    وڳا ٻه ٽي ليلامي
    جُتي ڪا ٽونئر واري ڀي
    کڻي هُو پاڻ خوشين جا
    اسان لئه مڻ ايندو آ
    ٻُڌاءَ او مٺي ماتا
    ابا ڇو ڪون اڃا آيو
    مٿان آ عيد ڀي ويجهي
    اُڏائي ڪانگ چونئري تان
    نياپو ڪو هلائي ڏي
    نياڻي کي وراڻي ۾
    چيو سُڏڪي ڏُکايل ماءُ
    ”بلوچن بي رحمي سان
    ڇڏيا مزدور سڀ ماري
    ڏُکايل سنڌ بنھه بيوس
    صبح کان پيئي هنجون هاري
    ابو تنهنجو انهن ۾ هو
    هٿين خالي هئا جيڪي
    ڇڏيا ماريءَ سڄا ماري“
    نياڻي هي ٻڌي نوحو
    خدائي کي چيو ويٺي
    ”ولوڙي رت پنهنجي کي
    پگهر جي پاڪ پاڻي سان
    ڪئي جن پيٽ جي پوڄا
    انهن سان وير ڪهڙو هو؟
    ٻچن جي بُک اُجهائڻ لئه
    اباڻا جن اجها ڇڏيا
    انهن جي من اُجري ۾
    مندي ۽ مير ڪهڙو ھو؟
    سڏائي پاڻ کي سورهيه
    لڪي ٿا وار ڪيو ويري
    ٻُڌايو هيڀلا بُزدلو
    اوهان ۾ شير ڪهڙو هو؟
    هليا ڪئين هٿ ظالمو
    انهن جي انگ اگهاڙن تي
    جنهي تي بس جنم کان ئي
    لکيل ھئي بک جي ٻوليءَ
    الا تو ڪئين هنئي ڳوليءَ
    گھڻن جا گهر اُجاڙي تو
    کيڏي هي رت جي هوليءَ
    وڏو ڪو وير پرايو آ
    اُنهن سان سنڌ جو هاڻي
    سڄو ناتو اجايو آ
    رُلي مرندا پهاڙن ۾
    اسان کي جئين رُلايو آ
    خدا ڪندو سدائين ائين
    وطن لئه سي سڪي مرندا
    اسان جا جن ڇنا ڇنا سهارا
    ڪفن لئه سي سڪي مرندا
    دفن لئه سي سڪي مرندا“…!!
    


    خدا تون هميشه ڏکائين اسان کي

    ڪڏهن آڳ بڻجي ڪڙڪي پوين ٿو
    ڪڏهن تون هوا جي هٿن تي اچين ٿو
    ڪڏهن ڌوڙ ڌوٻا اکين ۾ وجهين ٿو
    ڪڏھن مالهيار جي مڙهن کي مٽائين
    ڪڏھن تون اُڏاڻي چنبن سان اُڏائين
    خدا تون سدائين ڇو ڏٻرا ڏُکائين؟
    هوا تون به اسان جا اجها ٿي اُجاڙين
    اسين ڏيل ڏٻري مارو ڀٽن ۾
    بکيي پيٽ ڀٽڪون سڄو ڏينهن دڳن ۾
    اُڃارالڇون ٿا اُٺن جي وڳن ۾
    جڏهن رٻ اُڌاري آڻي رکون ٿا
    تڏهن تون واري ٻُڪن سان وجهين ٿي
    اسان وٽ نه ماڙيون بنگلا وطن ۾
    پوءَ ڀي ڏمر تون اسان تي ڪرين ٿي
    مٽي جي بدن مان اڏي گهر ڪکانوان
    وڻن جو ڍڪي ويس ڪچن ۾ رهون ٿا
    تڏھن روز تنهنجي ڏچن ۾ رهون ٿا
    اُهي گهر اسان جا جلايو ڇڏين ٿي
    جنهي کي ڏسي مينهن هلڪو وسي ٿو
    ڪچن تي ڪري رحم سانوڻ سڄي ۾
    گگن جي اکين مان وهي نير پوي ٿو
    اسان جو نه اوهي واهي سُجهي ٿو
    تڏهن ديس ڌونئري ڏينهن جو دُکي ٿو
    جڏهن تون ننگو ناچ ڪکن ۾ ڪرين ٿي
    ڪنهن ٻاگهل جي سپنن جي چادر سڙي ٿي
    ڪنهن جيجل جي اُميدن جا سهرا جلن ٿا
    ڪنهن ونيءَ جي چُني جون اُڏارون دکن ٿيون
    ڪنهن ڀيڻ جي ڀرم جون راکيون ٻرن ٿيون
    ڪنهن گُڏي جي ڳلن تان ڳوڙها ڳڙن ٿا
    جڏهن ڳوٺ پنهنجي جا لوڙها سڙن ٿا
    مگر تون نه اسان تي ڪرين قياس ويرڻ
    ڇپر ڇانوءَ اسان تان هٽايو ڇڏين ٿي
    وڏي ڏيڻ قاتل هوا تون لڳين ٿي
    کڻي باھ هٿن ۾ ھميشه هلين ٿي
    


    بڻي جوڳي جڳن جو پوءَ

    لٿو هو سج للُوسر تان
    لڳو ٿي ليڪ چاندي جي
    ٿڌو ڪُنهار جو پاڻي
    اُڏائي ٽهڪ پهاڙن مان
    کلي ٿي رات جي راڻي
    هوا ۾ چائو جي خوشبوءَ
    لڳي ٿي مهڪ موکيءَ جي
    جبل تي جهوپڙي مان ڪو
    اُڏيو پي پومچو ڪنهن جو
    اُڳو هو چنڊ اوڀر کان
    نرالو روپ هو تنهن جو
    گگن جي گول ڇاتيءَ مان
    ڇڻيو پي نُور قدرت جو
    نهاري چنڊ جو تجلو
    ننڍو ڪو ٻار پي جهوميو
    پٺاڻي نار جي هنج ۾
    سڄو سنسار پي جهوميو
    ٻُڌي ڪي راڳ جهرڻن جا
    ولاتي نارپي ٻهڪي
    ڪڍي ڦوٽو_فطرت جا
    ٽنڊيلي ٽور ۾ ٽھڪي
    ڇُلي ٿي سمنڊ عربي جيان
    ڏسي هي ڏيک گوريءَ جو
    گُهمائي هٿ ۾ چُوڙي
    پٺاڻي ڇوڪري مرڪي
    ڪنن ۾ ڪيوٽيون پائي
    ڪيو هو رقص ڏونگر تي
    چُريو هو پولڪو تنهن جو
    ڳري ويو برف ڏونگر تي
    لُڏيا پي ڏڪ انگورن جيان
    رمي ٿي راند ڪا اهڙي
    چڳن ۾ چوٽلي جهڙي
    جواني خوب ٿي جهومي
    گگن تي وڄُ وراڪي جيان
    لُنڊي جا وٽ ڪي کائي
    هوا ۾ چيل وانگي هُن
    لنڱن جي لام کي لوڏيو
    جبل تي بُت کي کولي
    ڀلي بادام کي لوڏيو
    نچڻ ھُن جي نرالي هو
    سموري شام کي لوڏيو
    ڏسي هي رقص قنڌارڻ جو
    خدا ڀي خوش ٿي ويو هو
    


    دُلاري سنڌ ڌرتيءَ لئه

    سدا ڌڙڪي ٿي سيني ۾
    اسانجي دل جي هرڻي
    سنڌوُ جي پيار ۾ پرڻي
    ڪري ٿي ڪوڏڙا ڪيئي
    هينئن کي اوڏڙا ڪيئي
    رهن ٿا سنڌ جا منظر
    ڪڏھن ڪاڇو ڪڏھن ننگر
    چڙھي ٿو چت تي چمبڙ
    موهي ٿي ننڊ ۾ منڇر
    سڏي ٿي جاڳ ۾ ڪينجهر
    لڳيءَ دل لاڙ جي اندر
    ڇيڻي سان اوٽڙا راڳيل
    گڻن سان ڳوٺڙا واڳيل
    رليون سڀ ٽُڪ سان ٽانڪيل
    انهن تي سنڌ جا عاشق
    لکن ٿا ڪهاڻيون ڪيئي
    ڏسن ٿا سونهن سرگم ۾
    لٿي سج لاڙ جا منظر
    ڪڙين جي ڪپ تي ڪپڙا
    ڌوئن ٿيون ديس جون ناريون
    اکين ۾ اوتجي آيون
    سدائين ريک سُرمي جيئن
    سنڌوُ جي سينڌ سامايون
    ٻنن تان سانجھه سُرمئي جو
    پکين وانگي وريءَ آيون
    سنڌو جي سير ۾ سُھڻيون
    پنن وانگي تريءَ آيون
    سدائين سانجھه ويلي جو
    مٿن تي گاھ جون ڀريون
    هٿن ۾ لوھ جا ڏانٽا
    هلن ٿيون حرس مان ڪيڏيون
    لڄاري لاڙ جون پريون
    لڳن ٿيون لوڪ آکاڻيون
    سموري ڏيھه جون ڍاڻيون
    وڻن ٿيون شام جي ٽاڻي
    پچن ٿا سادڙا کاڌا
    ٻرن ٿيون آليون ڪاٺيون
    اُڏي ٿو نيرڙو دونهون
    اچي ٿي داڳ جي خوشبوءَ
    مڇي جي ساڳ جي خوشبوءَ
    ڀلاري ڀاڳ جي خوشبوءَ
    دُلاري ديس جي ڌرتيءَ
    سدا ڌڙڪي ٿي سيني ۾
    ننگر جي نانوَ تي دلڙي
    وڃي ٿي ڏُور صحرا ۾
    اڏن ٿا شوق ۾ گهرڙا
    ڀٽن جي ڀڪ ۾ جهوپا
    منهي تي مور جا کيڙا
    بدن تي پور جا کيڙا
    وڏي ورانڊ جي ويلا
    کوهن تي پاڻيارين جا
    لهن ٿا ڪونجڙين ٽولا
    مٿن تي ٻيلهڙا سهڻا
    ڪڇن ۾ ڪيهلڙا سهڻا
    کڻن ٿيون ناز مان ٻايون
    پُراڻي پاند ۾ ڦوٽا
    پرين جي پار جا تحفه
    لڪائي لوڪ کان سومل
    ھٿن ۾ هٿ جو رومال
    مڙھي ٿي ماٺ ۾ مومل
    مُڪي سان پومچو پيلو
    ڀري ٿي ڇانوَ ۾ سرتيءَ
    پرين جي نانوَ ۾ سرتيءَ
    سمائي ديس جي ڌرتيءَ
    رڳن ۾ رت جيئن ڊوڙي
    سنڌوُ جي سار هيڪاندي
    مٽي هن ديس مٺڙي جي
    هينئن جو هار ٿي ويندي
    جڏي هي جند ڌرتيءَ تان
    سدا ٻلهيار ٿي ويندي…!
    


    ڍاٽڻ تنهنجي ڍاڻيءَ جهڙيون

    راجا واري راڻيءَ جهڙيون
    ميران جي ڪنهن واڻيءَ جهڙيون
    ڪجلاسر جي پاڻيءَ جهڙيون
    پَريَن جي آکاڻيءَ جهڙيون
    روز ڀنڀوريون مارڻ واريون
    ماڪوڙين سان مستيون ڪيڏيون
    ڪاغذ واريون ڪشتيون ڪيڏيون
    تار ترائي منجھه اُتاري
    تاريندي ڪئين ترڪڻ تنهنجو
    ڇيلن سان گڏ ڇرڪڻ تنهنجو
    پوپٽ پڪڙي مرڪڻ تنهنجو
    ڪئين وساريان وينسگس منهنجي
    پکين سان ڀي پيار پڪو هو
    چوڻ چُڳائي پالڻ واريون
    پنهنجون ڳالهيون ٻاروتڻ جون
    ادڙ گدڙ سام گدڙ
    ھيڻو هلي مور مچڪي
    واريون رانديون ياد پون ٿيون
    مون تي آگ ڏيڻ جي خاطر
    لونٻارن ۾ لُڏندي تو جي
    آنٻلئي ۾ ٽوڙيون ٽاريون
    سي ته سموريون سايون ٿي ويون
    جهرڪلي جون ساريون ڄاريون
    پيرون چونڊي پاڻ ڀڳيون سين
    تنهنجون چوڙيون چار هٿن جون
    مون سي ميڙي پاڻ رکيون ھِن
    تنهنجون يادون ساڻ رکيون هِن
    لڪ لڪوٽي وارا ليکا
    ڏيکان ميکان ڏيک سمورا
    وسڪاري جو نارن هيٺيان
    پاڻ پلر ۾ وهنجي سهنجي
    واري مان جي محل اڏياسين
    اھڙا محل اندر ۾ سانئڻ
    روز ڊهن ٿا روز ٺھن ٿا
    پنهنجا پيار پپيهن جهڙا
    ٻاٽن ۾ سي اوتي سارا
    پاڻ بلورن ساڻ چِٽياسين
    سارا کيل حياتيءَ تنهنجا
    کلندي ڪُڏندي خُوب کٽياسين
    چوڙين لئه ڪئين چُرچُر مُنگلي
    مون کان راند کٽي هئي راڻيء
    ڍينچڪ لڪڙي پانچڪ پرووو
    ارچڪ مرچڪ کيل تماشو
    لوڏ سرامڻ لُڏندي توکي
    ٽاريءَ سان ڪئين ٽڪرايو هو
    َڪاغذ جي هڪ ڪَشتي ۾ تو
    ڪئين گُڏيءَ کي تارايو هو
    نم جي هيٺيان نوءَ کُڻي ۾
    تو جو مونکي هارايو هو
    هار اُنهي ۾ حُب وڏي هئي
    اهڙي هڪڙي هار ڏيئي وڃ
    مونکي پهريون پيار ڏيئي وڃ…!!
    


    گهڻن جي وچ ۾ گهُوري

    ڏسڻ ڪنهن کي ڏُکيو آھي
    مگر هن ڳالھه جو مالڪ
    سدائين ڀرم رکيو آھي
    نظر جو پاپ نظر سمجهي
    جپي مالا سدا اُن جي
    وڻي درشن اول جنهن جو
    پرين اُن پيار پهرين جو
    ڪرڻ اقرار اوکو آ
    اڙائي نيڻ نيڻن سان
    ٿئي جو پيار چوکو آ
    سدائين هانوَ ۾ هُر کُر
    ملڻ جي لئه ٿئي ماندو
    صفا بيوس بدن تَنهنجو
    چپن کي چپ چمڻ خاطر
    رڦن ڪُٺل تتر وانگي
    اشارن ۾ وڏي اُلفت
    ادائن ۾ لُڇي لوچي
    نگاهن ۾ نماڻپ جي
    سدا اُڻ تُڻ سمايل آ
    ٿڌيون آنھون ٿڌا سرگم
    گهڻيون ڳالهيون چون هر دم
    مگر سمجهي سگهن سالڪ
    نگاهن جا نظم نيارا
    لکيل ٻولي ٻڳهڻ ڪنهن ۾
    پريتم پيار پهرين جي
    پڙهڻ پوٿي ڏُکي آھي
    ٿڌن ساهن سندا باجا
    پرين پرکڻ ڏُکيا آھن
    ڀري محفل اڳيان ڪنهن جي
    چپن کي ڇا ڪيان چوري
    اکين سان مون ڇڏيون اوري
    سڄڻ ڳالھيون صفا سوليون
    مگر سمجهين نٿو مورک
    مٿو توسان هڻان ڪهڙو؟
    قسم رب جو کڻان ڪهڙو؟
    


    وسڪارو

    اڄ اُتر ۾
    آڙنگ آھي
    آڀو روپ
    سروپ ٿيو آ
    ڪالي ڪانٿل
    پلٽي جل ٿل
    ڌڙ ڌڙ ڌڙڪي
    جيو پيا بن
    وڻ تي تاڙو
    مڌرو ٻولي
    مور مٺو ٿو
    ٽھوڪي ٽولي
    ميگها کي ڪي
    سڏ ڪري ٿو
    گاج گگن ۾
    گج ڪري ٿو
    گاجي هيڪي
    گهور وري ٿو
    ٿڌڙو ٿڌڙو
    وانئور سان گڏ
    واءُ وطن ۾
    مينهن جو آيو
    ساءُ وطن ۾
    ٽم ٽم برسي
    بوند چمن ۾
    ٻال نويلي
    نار اڪيلي
    پلر پُسندي
    هئين چوي ٿي
    آتر ويلا
    انگ تپن ٿا
    آٿر پاٿر
    پلر پُسن ٿا
    نيوَ ٽمن ٿا
    توکي ساري
    نيڻ ڀڄن ٿا
    ڪون وڻن ٿا
    روپ ميهوڳي
    هي جا مون تي
    بوند ڪري ٿي
    ٽانڊي وانگي
    تن ڏنڀي ٿي
    ڪٿڪ گهڙي آ
    ڪانڌ به ناهي
    ڪير دلاسو
    دل کي ڏيندو
    ڀيڄ ڀنيءَ جو
    ويڄ گهري ٿي
    ڀونءَ بدن جي
    ريڄ گهري ٿي
    تن جي واڙي
    تيج گهري ٿي
    ڀونئر ناهين
    گُل کِلي ڪئين؟
    تو بن جوڀن
    ڦُل ڦُلي ڪئين؟
    ڪنچن ورني
    ڪايا منهنجي
    ڪنهن لئه پلٽي
    مايا منهنجي
    سورج ساکيا
    ڍولا هاڻي
    ڍٽ وري آ
    پُسيا سارا
    پَٽ وري آ
    ڍوليڙا ڪي
    ڍاڙي تولئه
    جاجم وانگي
    وار وڇائي
    واٽن تي مان
    راھ تڪان ٿي
    راڻل منهنجا
    ڍاٽاڻي ۾
    ڊيل اڪيلي
    چونئري ۾ هان
    هيل اڪيلي
    کنوڻ کنوي ٿي
    خُوب ڊڄان ٿي
    ايس اُرھ سان
    روز ڀڃان ٿي
    هاڻ ته موٽي
    آ ڀرٿار
    ٿر ۾ ڏاڍي
    ٿي ٿڌ ڪار…!!
    


    ٿاريلي

    بُک کي بُک ۾ کائي ويٺي
    پوءَ ڀي ٿر کي چاهي ويٺي
    بر ۾ ڀوڳي سور صدين جا
    پنهنجي ٿڃ ملهائي ويٺي

    اُڃ ۾ اُڃ پيئڻ ٿي ڄاڻي
    بر ۾ جر ٿيئڻ ٿي ڄاڻي
    ٿاريليءَ آ ڀرم ڀٽن جو
    ڏُک ۾ ڏُک،جيئڻ ٿي ڄاڻي

    ڏيل ڏبرو ڏُک ڏري ٿي
    ساٺيڪن تان جل ڀري ٿي
    پوپٽ جهڙي نازڪ ناريءَ
    ريٽ تتي تي پير ٻري ٿي

    گونگهٽ پنهنجو پل نه کولي
    روز گهڻن کي رڻ ۾ رولي
    هُڙڪ هلي ٿي حُور لڳي ٿي
    ٻاٻيهن جئنڌيمي ٻولي

    رٻ رڌي ٿي روز ڏجهي ٿي
    بُکيا پنهنجا ٻار ڏسي ٿي
    بيک گهرڻ کي مهڻو سمجهي
    ارڏي اوچي ڳاٽ اچي ٿي

    کيتيءَ کيڙي گهر هلائي
    پنهنجي روز پاڻ ڪمائي
    پورهيت ناريءَ ٿر وطن جي
    مٽيءَ کي ڀي سون بڻائي
    


    چنڊُ

    چنڊ جڳن کان جهونو جوڳي
    گيڙو ويس گگن ۾ پائي
    ڌرتيءَ کي ٿو دل سان چاهي
    ڌرتيءَ هن جي سرتيءَ آھي
    جنهن سان گڏ ٿو ڦيرا کائي
    چنڊ گگن جي بنديا آھي
    چنڊ گھڻن جو چين ڦٽائي
    چنڊ ستارن ساڻ گهمي ٿو
    چنڊُ وڻن تي چاندي هاري
    چنڊُ جبلتي ڏيئوٻاري
    چنڊُ نديءَ جا چپ چمي ٿو
    چنڊُ سمنڊ سان گڏ سُمهي ٿو
    چنڊ پرين جو پرتَوَ آهي
    روزِ ازل کان ريت هلي ٿي
    چنڊُ ڪڪر جو جهيڙو آھي
    اونڌاهي سان جنگ ڪري ٿو
    چنڊُ يُگن کان يوڌو آھي
    چنڊُ ڏسي ڇو ڇرڪين ڇوريءَ
    چنڊُ نه ڪنهن سان چُغلي هڻندو
    چنڊُ به ڪنهن جو ڍولو آھي
    چنڊُ صدين کان ڀولو آھي
    چنڊُ ففا جو چولو آھي
    


    چري دل سونهن تنهنجي ۾

    وڃائي حال ويٺي آ
    اچانڪ ڏينهن هڪڙي جو
    دُلاريديد ۾ ڦاٿي
    سرامڻ ٽيج ۾ ڦاٿي
    جڏھن تو جوڙ جيڏين ۾
    مچائي لوڏ ماريو هو
    کِلي تو ٽھڪ هڪڙي سان
    سڄو هُو ڳوٺ کاريو هو
    ٻُڌائي گيت لاڏيلو
    اُڏاڻيل ڪونجڙين جي
    وڳر کي به واريو هو
    انهي ڏينهن عڪس تنهنجي کي
    اکين ۾ مون اُتاريو هو
    ڪجل ڪاني جيان اوتي
    سهاڳڻ روپ تنهنجي کي
    ڏنم چُميون نگاهن سان
    گُلابي ڳل تنهنجي تي
    اُڳو هو چنڊُ وانگي جو
    نٿو وسري گهڙي هڪڙي
    اُهو ئي ٽاجوئو ڪارو
    اندر ۾ گهر اڏي ويٺو
    گُلابي هو گگهو تنهنجو
    ٽڪن سان مون سڏي ويٺو
    ڪري تجلا اشارن جا
    هيو گوڏي گڏي ويٺو
    اهو ٽاڻو نٿو وسري
    مروڙي چپ هلي وئي هئين!
    پرين ماڻو نٿو وسري!
    سنجها ٽاڻو نٿو وسري!!
    


    تون ته پلر ۾ پونئري جهڙي

    ڌرتيءَ تي ڏينهن ڌونئري جهڙي
    ڇر ۾ ڇتا ڇاڇولي تون
    جهُڙ ۾ وهنجين جهرڪيءَ وانگي
    اُڏندي انگ سُڪائين گوريءَ
    ڇم ڇم ڇيڄُ وجهين ٿي ڇوريءَ
    ڇالر ڇاڪ ڇڏي ٿي موهي
    تنهنجي چيلھ چنبيلي جهڙي
    ورندي ورندي ونگ وجهي ٿي
    هڪڙي گهُور گگن کي گهائي
    ڏسندي ڏسندي ڏنگ وجهي ٿي
    ڪنٺ به تنهنجو نيارو آھي
    ڪويل جهڙي ڪوڪ به تو وٽ
    ونسلي واري ڦُوڪ به تو وٽ
    تنهنجي چال به ڳالھ گهڻي آ
    وڄ جا پاڻي تو ۾ راڻيءَ
    جرڪن جوت جوالا وانگي
    تنهنجا نيڻ امبر ۾ تارا
    ٽم ٽم ٽمڪن ديپ دُلارا
    تو ۾ آڙنگ جهڙا آرا
    تو ۾ پوھ سنڌا ڪي پارا
    تو ۾ جيٺ اپارن جهڙي
    بارش جا سڀ آگم آھن
    هاڻ وسڻ جا وارا ڪر تون
    اُڏندي اُڀ ۾ آرا ڪر تون
    


    منهنجا سج سلاخن پويان

    توکي قهريقيد ڪيو آ
    بي ڏوھ بانڌي تولئه ماندي
    هي دل تڙپي دعا گهري ٿي
    تنهنجا سورنهن ڪرڻا سورج
    نيٺ ته ڳاٽ وڏي سان اُڀري
    روشن سارو ڏيھ ڪندا هي
    تنهنجا جذبا روپي جهڙا
    رڻمل جوڌي ڪوپي جهڙا
    تون آنءَ ارڏو اُڌمل وانگي
    تو ۾ گهوٽ بلاول گونجي
    تو ۾ شاھ عنايت ڀڙڪي
    تو ۾ رت رَتن جو ٽھڪي
    تو ۾ ھوشو حرس وڏي سان
    تو ۾ ھانسو هانسيسر جو
    ڀيڙو ڀوڏو ڀوڏيسر جو
    ڀيد ڀڻيو تو آريسر جو
    رهبر سنڌ رڳن ۾ ڊوڙي
    تو ۾ ڪان ڪرن جو واسو
    تو ۾ ڪارونجهر جو ڪيسو
    سرتي کان وڌ ڌرتي چاهي
    ڏاهر تنهنجا ڏُک ورهائي
    سوُنهن به توسان ڀيڙي آھي
    تو جا کيتي کيڙي آهي
    محبت پونجي ميڙي آھي
    تو کي ٻاگهل تلڪ لڳائي
    دودو سمجهي دل سان لائي
    ساري سنڌ اسان سان آھي
    ڪيڏي پياريآٿت آھي
    ڪير ٻُڌائي منهنجا سانول؟
    ڪونج ولر کان ڀٽڪي جئين ٿي
    هرڻي ون ۾ ڦٿڪي جئين ٿي
    ائين مان وجهڪيواجھ وجهان ٿي
    ڏينهن تتي جو پير اگهاڙا
    ڀوريلي جي ڀٽ چڙھان ٿي
    حيداڻي ڏي روز ڪيان ٿي
    توکي سجدا منهنجا سانول
    توبن ڪهڙيون پايان ڇيرون
    ڪهڙا پيرون هيڪل کايان
    ڪنهن لئه ڳاڙها ڪنجرا پايان
    ڪنهن لئه موتي مانگ سجايان
    ڪهڙا چوڙن ٽونئر لڳايان
    ڪئين ٻُڌايان دل جون دانهون
    آنهون منهنجون ڪير ٻُڌي ٿو
    توبن سارو ديس ڏنڀي ٿي
    مون کي پيلو ويس ڏنڀي ٿي
    واهوندي جو واءُ وري ٿو
    منهنجو تو ۾ ساھُ اڙي ٿو
    اُڀ ۾ پيلو چنڊ اُڳي ٿو
    چيلهاٽي جو چڪ لڳي ٿو
    آڌي ويلي مور ٽھُوڪي
    دل ۾ دلبر ڌڪ لڳي ٿو
    تنهنجي ياد ستائي پل پل
    محبتمٺڙي جوئر جهڙي
    يار جُدائي ٿوهر جهڙي
    هاڻ نڙي ۾ اٽڪي پيئي آ
    تنهنجي مينا ڀٽڪي پيئي آ
    


    ڪجلاسر تي

    ڪجلاسر تي
    ريک ڪجل جئن
    ڀوڏيسر تي
    باک ڦُٽي جئن
    نڙياسر تي
    نيرڳ جهڙي
    ڪارونجهر تي
    ڪويل جهڙي
    تو جا پاليءَ
    پکين وانگي
    نار نراليءَ
    ميگھ جهڙالي
    موسم جهڙي
    ننڍپڻ ۾ ھئي
    مرگها ڇاليءَ
    نيٺ بڻي آ
    تتر تاليءَ
    هاڻ وڏي ٿي
    سورنهن ساليءَ
    باغ بڻي آ
    منهنجا مالهيءَ
    ننگر واسي
    تنهنجي داسي
    تولئه آتي
    منهنجي ڇاتي
    ڇُلڪي ٿي ڏس
    ڇولي وانگي
    هولي وانگي
    هاڻ دُکان ٿي
    پاڻ ڏُکان ٿي
    منهنجا سرتا
    هاڻ وري آ
    مُرڪي منهنجي
    ڪاڻ وري آ
    تنهنجو پوکيل
    کيت پڪو آ
    چوڻ چُڳي وڃ
    سونهن ڏسي وڃ
    سانوڻ جهڙي
    من کي من سان
    ڀانوڻ جهڙي
    وڄ جا تجلا
    انگ انگ جرڪن
    ڪارا ڪجلا
    نيڻ نشانبر
    بادل وانگي
    جل ٿل جل ٿل
    جوڀن منهنجو
    آڙنگ جهڙو
    ساوڻ رُت ۾
    سارنگ جهڙو
    تاڙي وانگي
    تڙپي تولئه
    تنهنجي گوري
    نار گُجر جو
    رنگ سڻيءَ جي
    ڦل جيان آ
    گُل جيان آ
    روپ بدن جو
    چنڊُ گگن جو
    چمڪي چولو
    سجُ سريکو
    منهنجا سانوَل
    تولئه ٻانهون
    هار ڪيان ٿي
    ڪيڏا مان
    سينگار ڪيان ٿي…!!
    روز پٻن تي
    ڏيڍيءَ تان مان
    توکي جهانڪي
    آر ڪيان ٿي
    تصور ۾ گڏ
    توسان ترندي
    پنهنجا ٻيڙا
    پار ڪيان ٿي…!!
    


    ”نصيب“

    اُڃاري نار
    ڪڇ ۾ ٻار
    ۽ مٿي تي بار کڻي
    ٽاڪ منجهند جو
    جبل جيڏي ڀٽ تي چڙھندي
    پل پل سوچي ٿي:
    پيئڻ جي پاڻي لپ لئه
    ايڏا ڪشالا…؟
    سوچيندي سوچيندي
    اُڃاري آڪاس ڏانهن
    تسارا نيڻ کڻي
    پالڻھار کان پُڇي ٿي
    ڇا منهنجو نصيب
    هن تتل واريءَ جي
    پياسي تن جهڙو آھي
    يا
    حُڪمرانن جي هٺ ڌرمي
    جو قهر ڀوڳيان ٿي…؟
    


    تپسيا

    ڪڏهن ڪڏهن
    هي بي قرار روح
    چوندو آھي ته
    ڪارونجهر جي هنج ۾ ويهي
    تپسيا ڪيان
    ڌيان جي گيان ۾ مگن ٿي وڃان
    ۽ پرماتما پائي نرماڻ پد تي پهچان
    پر وري جلد اهو خوف
    ورائي ويندو آھي ته
    متان ڪٿي ڪامديو
    مون سان به پاراسر
    وارو حشر ڪري
    ڇاڪاڻ ته
    پاري ننگر ۾ اڄ به
    مڇندرائون جنم وٺن پيون……!!
    


    سِندُور

    ڪڏھن ڪڏهن
    دل چوندي آھي ته
    آتم هتيا ڪيان
    زندگي جي زنجير ٽوڙي ڇڏيان
    سڀ غم لحظي ۾ لهي وڃن
    سڀ ڏُک ختم ٿي وڃن
    ۽ آزاد ٿي وڃان
    هن دورنگي دُنيا جي جنجهٽن مان
    پرواز ڪندو وڃان پهاڙن مٿان
    آبشارن مٿان
    پر وري سوچيندو آھيان
    اُن جو ڇا ٿيندو…؟
    جنهن جي مانگ ۾
    منهنجي نالي جو سندور آھي!
    آئون اهو ڪئين اُجاڙيان؟
    آئون ڪا سينڌ ڪئين اُجاڙيان؟
    ڇو ته……
    اُجڙيل سينڌون مون
    اکين ڏٺيون آھن…!!
    


    ڌرتيءَ ڌڪاڻي“

    ڌرتيءَ ڌڪاڻي“
    مومل
    جيڪا روز
    باک ڦُٽي جو
    ”مٽيءَ ماٿي لايان“ جي سرگم تي
    مٽيءَ جو تلڪ نرڙ تي لڳائيندي هئي
    سنجها ويلي صدقي سان
    ڀٽائي جي رسالي کي
    گيتا جي پويتر شلوڪن وانگي
    ترنم ۾ جهونگاريندي هُئي
    هُوءَ ڌرتيءَ جي ڌيءَ هئي
    هُوءَ جيڪا هر روز
    مندر وڃڻ وقت
    مسجد واري گهٽي مان گُذرندي
    مسجد کي سيس نوائي سجدو ڪندي هئي
    هن لئه رام ۽ رحيم
    هڪ ئي هستي هئا
    هُوءَ هر هوليءَ ۽ ڏياري تي
    پنهنجي سهيلي شازيه کي
    وڏي سڪ مان سوکڙيون ڏيندي هئي
    ۽ هر عيد تي ان سان گڏ کلندي
    ۽ کيڏيندي ھُئي
    هُوءَ هر رکشا بندن تي
    پنهنجي ڌرم جي ڀاءُ
    بلاول کي وڏي لاڏ مان
    راکي ٻڌندي هئي
    اُها مومل ڪجھ ڏينهن اڳ ۾
    صوفين واري سنڌ کي
    ميارن جا مڻ ڏيئي
    هميشه لاءَ هُن پار هلي ويئي…!
    جتي سنڌ جو عاشق
    موهن ڪلپنا سُتل آھي
    ٻُڌو آ ھُوءَ روز
    صبح شام
    موهن جي مزار تي
    مٿو ٽيڪي سُڏڪندي چوي ٿي:
    ”منهنجا موهن سائين!
    مون لئه شاھ،سچل۽ سامي برابر هُئا
    آئون ته آد جگاد کان
    فقط سنڌياڻي هئس
    پوءَ ڇو ڌرتيءَ ڌڪاڻي ٿيس“……؟؟
    


    عورت

    گهڻن ڏينهن کان
    آئون گُم آھيان
    اُن ذات ۾
    جنهن ذات
    وشوا منتر ۽ پاراشر جهڙن
    مهان رشين جي تپسيا ڀنگ ڪئي
    جنهن ذات جي ڪري
    رامائڻ رچي ويئي
    جنهن ذات ڏم کي پُٺ ڏئي
    پتيورتا تي ڪلنڪ هنيو
    جنهن ذات ٽڪساٽ جوڙي
    معصومن کي لُٽيو
    جنهن ذات مڻئي تي موهجي
    ور وڪڻي ڇڏيو
    جنهن ذات عقل کُڙي
    ۾ هئڻ ڪري
    باهُو بلي جهڙي وير کي
    نردوش ماري ڇڏيو
    اُن ذات کي سمجهڻ لئه
    پنهنجو سڀ ڪُجھه ارپيم
    اُن جي هر اشاري تي
    پنهنجو پاڻ وڃايم
    پر اُن کي آئون
    چڱي ريت پروڙي نه سگهيس
    جنهن کي شيڪسپيئر
    گھڻو وقت اڳ ۾
    پرکي ويو آھي……!!
    


    ڪيفيت

    اي ڪويل…!
    اسر ويل ايڏي
    اُداس ڇو آھين؟
    ڪنهن لئه ڪوڪين ٿي؟
    ڇا تنهنجو به ڪانڌ لاباري تي ويل آھي؟
    يا ڪنهن بُک جو طعنو ڏيئي ڏُکايو آھي؟
    يا پريتم سان موج
    ملهائيندي اوج ۾ ٻولين ٿي؟
    جيئن به هجي پر
    ڌيري ڌيري ٻول
    منهنجي هينئڙي ۾ هول نه وجھه
    منهنجو بُکايل ٻار
    ڌاوڻ بنان سُتل آھي
    ان جي ننڊ ۾ کلل نه وجھه
    ھتان هلي وڃ
    ھيءَ ڏيھه ڏُکايل آھي
    هتي بک ۽ اُڃ
    پڙ ڪڍي ويٺيون آھن
    اهڙي ڪيفيت ۾
    تنهنجو آواز به
    بنھه بي سُرو ٿو لڳي…!!
    


    نصيب

    تنهنجي گهر جي گهٽيءَ
    ڪيڏي نه خوش نصيب آھي
    جيڪا روز تنهنجي پيرن جا
    پدم چُمي ٿي
    آئون ڪيڏو نه بد نصيب آھيان
    جو تنهنجي پاڇي لئه به سڪان پيو…!
    


    ”ڀيٽا“

    هن چيو
    اڄڪلھه وساري ڇڏيو اٿئي
    چيم
    توکي ڀلا ڪهڙو ڪافر وساريندو؟
    چيائين
    اهو به ڪو ياد ڪرڻ آھي؟
    روز صبح شام
    رڳو دعا سلام
    چيم
    منهنجي ڌرم ۾ خُدا جي پوڄا
    فقط صبح شام ٿيندي آھي…!!
    


    ”ڏات“

    ڏات بنارس ساڙھي جهڙي
    مدرا شيشيءَ ڳاڙھي جهڙي
    ڏات ڪشن جي مُرلي وانگي
    من جي بن ۾ راڌا ڳولي
    ڏات جبل تي ڏيئي جهڙي
    گهونگهٽ مان ڪنهن ليئي جهڙي
    ڏات ڪڪر ۾ وڄ جا تجلا
    ڏات وڻن جي ٻولي سمجهي
    ڏات پکين سان پيچ اڙائي
    ڏات سمنڊ ۾ چنڊ جو پاڇو
    خوب هوا تي رقص ڪري ٿو
    ڏات ندي جي نير جيان آ
    هير جيان آ
    کنڊ ۽ مصري کير جيان آ
    ڏات گگن ۾ ٽيڙو جهڙي
    موتي وانگي ٽمڪي چمڪي
    جنهن جي ماٿي بنديا بڻجي
    تنهن جو مقدر موڙ ڪري ٿي
    ڏات نه ننڍ وڏائي ڄاڻي
    ڏات نه ڪائي ذات پُڇي ٿي
    ڏات نه جنهن لئه تنهن لئه آھي
    ڏات ته ڪنهن ڪنهن منجھ وسي ٿي
    هئين چوي ٿي
    ”مان ته خدا جو تحفو آھيان“
    ڏات سگھڙ جي سُئي ۾ مُرڪي
    تُن ۾ تارا ٽانڪي ڪيئي
    ٽُڪ تي رليون روز سُبي ٿي
    ڏات ڪوي جي دل ۾ ڌڙڪي
    نينهن جا نازڪ نظم لکائي
    ڏات جبل تان ٻُوٽيون ڳولي
    حڪمت جو هر فن رکي ٿي
    من رکي ٿي
    ڏات نياءَ جو ديپ اُجالو
    ڏات پُراڻا پير سُڃاڻي
    ڪير سُڃاڻي
    هن جي ٻولي ڪويل جهڙي
    ڏات گويئي ڪنٺ ۾ گونجي
    گيت گلابن جهڙا ڳائي
    جانجهر پائي
    سانجھه سمي جو
    نرتڪي جي ڇال ۾ ڇُلڪي
    ڊيل ڪا ٽُلڪي
    ناچ نچي ٿي
    روز اچي ٿي مصور هٿ ۾
    ڇيڻي بڻجي نوڪ ارائي
    سنگ لسائي
    ڏات جبل مان مورت جوڙي
    پٿر کي ڀڳوان ڪري ٿي
    ڏات اندر ۾ مندر ٺاهي
    ماڻھون کي انسان ڪري ٿي
    ڏات ارٽ تي اُن ڪَتي ٿي
    ڌُن ڪَتي ٿي
    کٿا لويون کرڙ اُڻي ٿي
    ڏات اُٺن کي پنڌ سکائي
    ڏات سنوارن سام بڻي آ
    مام بڻي آ
    ڏات ڪنڀر جي هٿ اچي ٿي
    چڪ چڙھي ٿي
    گاگر بڻجي چيلھه چُمي ٿي
    هيل کڻي ٿي
    کوھ تان ناريءَ
    ڏاڍي ڀاري ڏات انهي جي
    سينهون آ سوغات انهي جي
    جيڪا هلندي حرس منجهاران
    ساجن لئه سينگار ڪري ٿي
    آر ڪري ٿي
    ڳاڙھي چپ تي مُرڪ تري ٿي
    سُرڪ ڀري ٿي
    سُڏڪن ۾ ڪا سار اچي ٿي
    ساجن پرچي پير چمي ٿو
    تنهنجي ڏات ته اوچي ڳاٽ
    تون جو اجها جوڙين رازا
    توکي سُرخ سلام او واڍا
    تون جو ڪاٺ ڪُٽي ٿو ٺاهين
    جهولا پينگها روز هندورا
    تن ۾ ڪاشيءَ وانگي جرڪن
    ڪانوان هيرا ڪاچ ٽڪن سان
    سونارو جو ٽول گهڙي ٿو
    خُوب جڙي ٿو
    مينا جنهن ۾
    تنهن ۾ ڏات ڏيئي جيان جرڪي
    لوهر جيڪو لوھ ڪُٽي ٿو
    تنهن جي هٿ ۾ ڏات وڏي آ
    ڏوجهارڻ جا کير ڏُھي ٿي
    تنهن وٽ ڀي آ ڏات ھٿيڪي
    جيڪو سچ سندو آ ٻيلي
    تنهن لئه ڏات ڏکن جي ٻولي
    گيت به گولي جهڙا سرجي
    ڏات ته ڏاڍا ڏُک پرائي
    بُک پرائي
    ڪون ڪڍي ٿي ڪنهن جي ڪاڻ
    چوندس هاڻ
    ڏات وڏا ڪي وڍ به ڏي ٿي
    ڏات اسان کي ڏڍ به ڏي ٿي
    ڏات بُکن ۾ لولي جهڙي
    اڀري سڀري اولي جهڙي
    مالڪ تنهنجي مهر وڏي آ
    مون پارن لئه لهر وڏي آ
    


    ”اڳڪٿي“

    تنهنجي پايل جا
    اُهي سُر اڃان به
    مونکي ياد آھن
    جيڪي تڏھن وڄائيندي هئين
    جڏھن مونڏي ايندي هئين
    هيلوڪي وڏ ڦُڙي ۾ به
    اُهي ئي سُر سمايل آھن
    لڳي ٿو
    هيل گڏ پُسندا سين…!!
    


    چئوسٽا، ٽيڙو، دوھا

    چوسٽا

    منهنجي ٿر جا مور پياسا
    ڍاٽيئڙن جا ڍور پياسا
    هيل به رهجي ويا هن سارا
    پولڪن جا پور پياسا
    

    ڪارونجهر جي ڪور تي ويهي
    موريئڙن جو ميڙ اُداسي
    روپا! توکي روز سڏي ٿو
    ڀٽياڻي جو گهيڙ اُداسي
    

    سُڏڪي صحرا سانجهي ويلا
    بُک ۾ تڙپن ڇانگون ڇيلا
    هاءَ اُڃارا ٿر جا ٿيئڙا
    جهيڻا جهڪا جهومڪ جهيلا
    

    ٻالڪ ننڍڙا ٻار مري ويا
    هاءَ ھيئن جا هار مري ويا
    طب گهرن ۾ تڙپي ڦٿڪي
    بي حد ڪي بيمار مري ويا
    

    ميهوڳي ۾ مور سنڀاري
    پياسي ٿر جو روح پڪاري
    مورن جا هي لاش ڏسي اڄ
    هاري ناريءَ هنجون هاري
    

    رُڃون راڱا هن ڌرتي تي
    هيڏا هاڃا هن ڌرتي تي
    قهر قضا جا ڪڙڪن ڪيڏا
    هاءَ زمانا هن ڌرتي تي
    

    پاڻي لئه پل پل پڪاري
    تڙ تي توڏا روز تنواري
    بُک ۾ سانگي ڀٽڪن ڪيڏا
    لُڪن ۾ ڪي لڪ لتاڙي
    

    ڪونڀٽ پلڙا پور پيارا
    پوڄي ٿي ڳڻ ڳور پيارا
    راڻي کيت ۾ روز مرن ٿا
    مٺڙي ٿر جا مور پيارا
    


    ھي وسڪاري جي ويل ڏسي
    ۽ کنوڻن جا ڪي کيل ڏسي
    گھن گھور گھٽا ۾ مور مٺا
    ٿا ٽھوڪن ڊُڪندي ڊيل ڏسي
    

    جنھن وقت گگن ۾ گونج ڪري
    ڪا بوند وطن تي برسي ٿي
    تنھن وقت اسانکي ائين لڳي
    جڻ قسمت ٿر تي ترسي ٿي
    

    چپن تي مرڪن جا پوپٽ سجائي
    اکين سان گھڻن کي ھُو گھايل ڪري ٿي
    ھلڻ ۾ به ترنم سنڀاليو ھلي ٿي
    تڏھن ناز وڄندي ڪي پايل ڪري ٿي
    

    نڪي هندي نڪي فارسي چاهي
    وطن ٿو وارثي چاهي
    ڏَسي جو عڪس آزادي
    اُها ٿو آرسي چاهي
    

    اوهان جي اچڻ جو جڏھن ڀي ٻُڌون ٿا
    کڻي کوڙ گُلڙا گسن تي بيهون ٿا
    اُڀي پير اوهان جي آجيان ڪرڻ لئه
    نه تتي جو ترسون نه ٿڌي ڏسون ٿا
    

    اهي پير اوهان جا اسان جي اکين تي
    گُلن کي ڇڏي ڏيو ڪليون ٿا وڇايون
    اچو دل وڏي سان مُرڪندي مهڪندي
    دڳن ۾ اوهان لئه دليون ٿا وڇايون
    

    سڄڻ تنهنجو حُسن هيڏو گُلابن کان مٿي آھي
    پڙھان ويٺو چٽو چهرو ڪتابن کان مٿي آھي
    لُٽين ٿي واٽ ويندڙ ڪي بڻي ڌاڙيل دلين جو
    نگاهُن سان جهپڻ تنهنجو عُقابن کان مٿي آھي
    

    هڪ آنهن اُڃايل ڌرتيءَ جي
    هڪ سين ڏُکاريل سرتيءَ جي
    ٿي روح ڏُکائي ريٽن جا
    هر آنهن اُڃاري ڌرتيءَ جي
    

    تون چنڊ لهي وڃ چونئري تان!
    هُوءَ آڌي ويلي اچڻي آ
    ٿي لوڪ سڄي کان لهرائي
    ڄڻ هيسايل ڪا هرڻي آ
    

    ڪو مور مئو آهي ڪا ڊيل ڊني آهي
    ڪو ٻار مئو آهي ڪا ماءَ رُني آهي
    هي سال نڀاڳو آ هي مُند اڀاڳڻ آ
    ڪو يار ويو آهي ڪا اک ڀني آهي
    

    اي چنڊ نه ايڏو چريو ٿي!
    ڏس هُوءَ به ڪنهن جي پرڻي آ
    ٿو راھ تڪين تون رات سڄي
    پر هُوءَ نه هاڻي ورڻي آ
    

    اي سانوڻ گهاٽا بادلڙا!
    ٿو چمڪي دل کي چهڪ ڏئين
    مان هيڪل جندڙي چونئري ۾
    تون ٽم ٽم وسندي ٽهڪ ڏئين
    

    پاڻياريءَ جي ويس ۾ کوهه تي
    مور سان ملندي ڊيل ڏسي ٿو
    گوسي کي ڪو هوش نه آهي
    کيلي سارو کيل پسي ٿو
    

    هن هير اُتر جي ويرڻ ۾
    ڪو ٻارڻ بڻجي ٻرڻي آ
    جا آگ لڳائي انگ انگ ۾
    سا ڳالهه نه ڪنهن سان ڪرڻي آ
    

    نه صورت گهُرجي سُهڻن جي
    نه سيرت ڪنهن جي ڏِسڻي آ
    دل پيار گهُري ٿي ٻارن جيان
    بس محبت تي ئي مرڻي آ
    

    هو چنڊ نماڻو چوڏهين جو
    ٿو ڦٿڪي تنهنجو نُور ڏسي
    تون هوشربا هي حُسن کڻي
    ڇو آڌيءَ ٽاڻي آنءَ نڪتي
    

    تون ڇوڙ نه ڇَتا سانوڻ ۾
    ٿي وڄ ڪري ولهارن تي
    ٿا نانگ نچن ڪي مستي ۾
    ڄڻ تُنهنجن ڪارن وارن تي
    

    کوهه تي پهچي ڪوس کي واري
    گوسي کي ٿي گهور سان ماري
    هرڻي جهڙي هڪڙي ناريءَ
    سارڻ ۾ سوءَ سج اُڀاري
    

    چمڪن پيا ڏس چٽ گهڙن جا
    من ۾ مهڪن پور پڙن جا
    ٿر جا منظر سُونهن صدين جي
    خُوب وڻن ٿا ساز چڙن جا
    

    اي مور نه ايڏي ٽور ڪر!
    ھي ڊيل ته ھيل لڏي ويندي
    ٿو جنھن لئه ايڏا ناچ نچين
    سا توکي نيٺ ڇڏي ويندي
    

    ھُو چونئري مٿان چنڊ ڏسي
    ڪا ناريءَ آرس موڙي ٿي
    ٿو ڇُلڪي ساگر ڇاتين جو
    ھڪ لھر لنڱن ۾ ڊوڙي ٿي
    

    اي سُونھن سڀاگي سنڌڙي جي!
    تون کول نه گونگھٽ لاريءَ ۾
    پيو ڏيڍي اک سان لوڪ ڏسي
    تون ويندينءَ ڪارو ڪاريءَ ۾
    

    منهنجي ٿر جا مور پياسا
    ڍاٽيئڙن جا ڍور پياسا
    هيل به رهجي ويا هن سارا
    پولڪن جا پور پياسا
    

    ڪارونجهر جي ڪور تي ويهي
    موريئڙن جو ميڙ اُداسي
    روپا! توکي روز سڏي ٿو
    ڀٽياڻي جو گهيڙ اُداسي
    

    سُڏڪي صحرا سانجهي ويلا
    بُک ۾ تڙپن ڇانگون ڇيلا
    هاءَ اُڃارا ٿر جا ٿيئڙا
    جهيڻا جهڪا جهومڪ جهيلا
    

    ٻالڪ ننڍڙا ٻار مري ويا
    هاءَ ھيئن جا هار مري ويا
    طب گهرن ۾ تڙپي ڦٿڪي
    بي حد ڪي بيمار مري ويا
    

    ميهوڳي ۾ مور سنڀاري
    پياسي ٿر جو روح پڪاري
    مورن جا هي لاش ڏسي اڄ
    هاري ناريءَ هنجون هاري
    


    رُڃون راڱا هن ڌرتي تي
    هيڏا هاڃا هن ڌرتي تي
    قهر قضا جا ڪڙڪن ڪيڏا
    هاءَ زمانا هن ڌرتي تي
    

    پاڻي لئه پل پل پڪاري
    تڙ تي توڏا روز تنواري
    بُک ۾ سانگي ڀٽڪن ڪيڏا
    لُڪن ۾ ڪي لڪ لتاڙي
    

    ڪونڀٽ پلڙا پور پيارا
    پوڄي ٿي ڳڻ ڳور پيارا
    راڻي کيت ۾ روز مرن ٿا
    مٺڙي ٿر جا مور پيارا
    

    ھي وسڪاري جي ويل ڏسي
    ۽ کنوڻن جا ڪي کيل ڏسي
    گھن گھور گھٽا ۾ مور مٺا
    ٿا ٽھوڪن ڊُڪندي ڊيل ڏسي
    

    جنھن وقت گگن ۾ گونج ڪري
    ڪا بوند وطن تي برسي ٿي
    تنھن وقت اسانکي ائين لڳي
    جڻ قسمت ٿر تي ترسي ٿي
    

    چپن تي مرڪن جا پوپٽ سجائي
    اکين سان گھڻن کي ھُو گھايل ڪري ٿي
    ھلڻ ۾ به ترنم سنڀاليو ھلي ٿي
    تڏھن ناز وڄندي ڪي پايل ڪري ٿي
    

    نڪي هندي نڪي فارسي چاهي
    وطن ٿو وارثي چاهي
    ڏَسي جو عڪس آزادي
    اُها ٿو آرسي چاهي
    

    اوهان جي اچڻ جو جڏھن ڀي ٻُڌون ٿا
    کڻي کوڙ گُلڙا گسن تي بيهون ٿا
    اُڀي پير اوهان جي آجيان ڪرڻ لئه
    نه تتي جو ترسون نه ٿڌي ڏسون ٿا
    

    اهي پير اوهان جا اسان جي اکين تي
    گُلن کي ڇڏي ڏيو ڪليون ٿا وڇايون
    اچو دل وڏي سان مُرڪندي مهڪندي
    دڳن ۾ اوهان لئه دليون ٿا وڇايون
    

    سڄڻ تنهنجو حُسن هيڏو گُلابن کان مٿي آھي
    پڙھان ويٺو چٽو چهرو ڪتابن کان مٿي آھي
    لُٽين ٿي واٽ ويندڙ ڪي بڻي ڌاڙيل دلين جو
    نگاهُن سان جهپڻ تنهنجو عُقابن کان مٿي آھي
    


    هڪ آنهن اُڃايل ڌرتيءَ جي
    هڪ سين ڏُکاريل سرتيءَ جي
    ٿي روح ڏُکائي ريٽن جا
    هر آنهن اُڃاري ڌرتيءَ جي
    

    تون چنڊ لهي وڃ چونئري تان!
    هُوءَ آڌي ويلي اچڻي آ
    ٿي لوڪ سڄي کان لهرائي
    ڄڻ هيسايل ڪا هرڻي آ
    

    ڪو مور مئو آهي ڪا ڊيل ڊني آهي
    ڪو ٻار مئو آهي ڪا ماءَ رُني آهي
    هي سال نڀاڳو آ هي مُند اڀاڳڻ آ
    ڪو يار ويو آهي ڪا اک ڀني آهي
    

    اي چنڊ نه ايڏو چريو ٿي!
    ڏس هُوءَ به ڪنهن جي پرڻي آ
    ٿو راھ تڪين تون رات سڄي
    پر هُوءَ نه هاڻي ورڻي آ
    

    اي سانوڻ گهاٽا بادلڙا!
    ٿو چمڪي دل کي چهڪ ڏئين
    مان هيڪل جندڙي چونئري ۾
    تون ٽم ٽم وسندي ٽهڪ ڏئين
    

    پاڻياريءَ جي ويس ۾ کوهه تي
    مور سان ملندي ڊيل ڏسي ٿو
    گوسي کي ڪو هوش نه آهي
    کيلي سارو کيل پسي ٿو
    

    هن هير اُتر جي ويرڻ ۾
    ڪو ٻارڻ بڻجي ٻرڻي آ
    جا آگ لڳائي انگ انگ ۾
    سا ڳالهه نه ڪنهن سان ڪرڻي آ
    

    نه صورت گهُرجي سُهڻن جي
    نه سيرت ڪنهن جي ڏِسڻي آ
    دل پيار گهُري ٿي ٻارن جيان
    بس محبت تي ئي مرڻي آ
    

    هو چنڊ نماڻو چوڏهين جو
    ٿو ڦٿڪي تنهنجو نُور ڏسي
    تون هوشربا هي حُسن کڻي
    ڇو آڌيءَ ٽاڻي آنءَ نڪتي
    

    تون ڇوڙ نه ڇَتا سانوڻ ۾
    ٿي وڄ ڪري ولهارن تي
    ٿا نانگ نچن ڪي مستي ۾
    ڄڻ تُنهنجن ڪارن وارن تي
    

    کوهه تي پهچي ڪوس کي واري
    گوسي کي ٿي گهور سان ماري
    هرڻي جهڙي هڪڙي ناريءَ
    سارڻ ۾ سوءَ سج اُڀاري
    

    چمڪن پيا ڏس چٽ گهڙن جا
    من ۾ مهڪن پور پڙن جا
    ٿر جا منظر سُونهن صدين جي
    خُوب وڻن ٿا ساز چڙن جا
    

    اي مور نه ايڏي ٽور ڪر!
    ھي ڊيل ته ھيل لڏي ويندي
    ٿو جنھن لئه ايڏا ناچ نچين
    سا توکي نيٺ ڇڏي ويندي
    

    ھُو چونئري مٿان چنڊ ڏسي
    ڪا ناريءَ آرس موڙي ٿي
    ٿو ڇُلڪي ساگر ڇاتين جو
    ھڪ لھر لنڱن ۾ ڊوڙي ٿي
    

    اي سُونھن سڀاگي سنڌڙي جي!
    تون کول نه گونگھٽ لاريءَ ۾
    پيو ڏيڍي اک سان لوڪ ڏسي
    تون ويندينءَ ڪارو ڪاريءَ ۾
    


    هائيڪا / ٽيڙو

    اهڙو منهنجو ٿر
    کائين بصر ڳنڍ سان
    روز روٽي ٻاجهر
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    مورن ۽ ڍورن جا
    وڙڪن جت ولر
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    تاڙو ٻولي تڙپي
    پيئڻ لئه پلر
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    ڳوٺاڻن جون ڳالهيون
    دودا ۽ ڀونگر
    

    ٿوهر بنان ٿر
    ويڳاڻو ٿو لڳي
    ٻالڪ بنان گهر
    

    ٿوھر مٿان مِينهن
    هرڻ بيٺو مُرڪي
    سانوڻ سندي ڏينهن
    

    ٿوهر مٿي ويل
    مور سڏي مُرڪي
    ڍاٽاڻي جي ڊيل
    

    ڳولاڙي جي ول
    سُتي آھي ڄار سان
    ڳل تي رکي ڳل
    

    ڳولاڙي جي ول
    ٻکي آھي ڄار سان
    ڪري ڪهڙي ٽل
    

    روهيڙي جو وڻ
    بيٺو آھي بر ۾
    وينگسن جو ڌڻ
    

    سرامڻ جي ٽيج
    ناريءَ پيئي مُرڪي
    ڄڻ واڏڙ ۾ ويڄ
    

    مُڪي سان نيٽ
    مڙھي ويٺي مُحب لئه
    ناريءَ نم هيٺ
    

    ناريءَ تنهنجا چپ
    مونکي ائين لڳا
    ڄڻ ڪجلاسر جا ڪپ
    

    ناريءَ تنهنجون اکيون
    ڳولاڙي جي ول جئين
    مونکي آھن ٻکيون
    

    راسُوڙن جي ريت
    ٿاريليءَ ٿي نچي
    ڳائي لوڪ گيت
    

    راسُوڙن جي ريت
    ڪولهڻ تنهنجو ڪنٺ
    صدين جي سنگيت
    

    ڪانهوڙي جو ڏڻ
    جرڪي ٿي جوانيءَ
    ڄڻ ڪاريهر جي مڻ
    

    ناريءَ تنهنجي نٿ
    مونکي ائين لڳي
    ڄڻ موريئڙي جي پنک
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    اُڳو آڌي رات جو
    اُڏري ويئي ننڊ
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    ساري رات سُڏڪي
    ناريءَ هيڪل جند
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    ايس ڀڳي اُرھ سان
    اهڙي آئي اُڪنڊ
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    ٻري باھ برھ جي
    آڌي رات اکنڊ
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    ولوڙي وجود کي
    عشق جو سمنڊ
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    وڳو من مندر ۾
    ساجن تولئه گهنڊ
    

    اوٽي مٿان چنڊ
    ٻار گهرن لولو
    ناريءَ جوٽي جنڊ
    

    ڪارڙو ڪونڀارڙو
    مينهن لئه ڪري پانپرا
    هاريءَ جو ٻارڙو
    

    ڌيمو ٽھُوڪي مور
    آئي رُت پياري
    کيڏي ٿي ڳڻگور
    

    ڪيڏا ڪوڏ ڪري
    ٽاٻر پنهنجي ڏاج لئه
    هُرمچ روز ڀري
    

    کيڏي ٿي ڳڻگور
    پائي رُت سانوڻ ۾
    انڊلٺ جهڙو پور
    

    ريڙھي تي انب
    غريبن لئه آھن
    ڏينهن ڏٺي جا ڏنڀ
    

    اُڪرڙي تان اَن
    مليو اڄ غريب کي
    ڄڻ ڌرتي مان ڌن
    

    پاپي ڪيڏو پيٽ
    ڳولي ويٺو گند مان
    ڀت جي پليٽ
    

    وينا پنهنجي ور لئه
    ڪيڏا ڪري سينگار
    ڳوٺاڻي ٿي گهر لئه
    

    اُسڙڪي ٿو مال
    تسيارو تڙن تي
    بُکن ۾ بي حال
    

    ڪاٺيون ٿي ڪري
    ڪولهڻ ڪاڙھي بٺ ۾
    پاپي پيٽ ڀري
    

    بکن ۾ بي حال
    ڏوٿي هن ڏيھه جا
    هي لاکيڻا لڄپال
    

    سهاڳڻ جي هنج
    ٻالڪ ڌاوڻ ڌائي
    کيڏي ساڻ کنج
    

    ميهوڳي جي مند
    آئي تنهنجي پگهر مان
    بارش جي سُڳند
    

    ميهوڳي جي مند
    ناريءَ ڪري نرت
    لُڏنٻاجُو ٻند
    

    ڇُلڪي ٿي گاگهر
    پاڻياريءَ جي ڪڇ ۾
    مُرڪي منهنجو ٿر
    

    تنهنجا هي ڪمڊل
    ڪنن ۾ جهومن
    روهيڙي جا گُل
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    جهڙو چنڊ چمڪي
    آڌي رات امبر
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    ڪانڪهي جي ڇانوَ ۾
    ٻڪرين جو ولر
    

    اهڙو منهنجو ديس
    گج پڙاپولڪا
    ٻانهيارين جو ويس
    

    روهيڙي تي گهر
    مور ٺاهيو مُرڪي
    اهڙو منهنجو ٿر
    

    اهڙو منهنجو ٿر
    چارين ٿيون چوڙيليون
    ڦوڳن پاسي ڦر
    

    کوهن تي کينچل
    ڪري سانجھه ويلا
    ٿاريليءَ جل ٿل
    


    دُوها


    هاڻ پٻن تي ڏيڍيءَ تان هُو جهانڪي ٿي سنسار
    مُکڙي مان ڪئين گُل بڻي آ نازڪ ڏاڍي نار


    ٻالاپڻ مان نسري گورل جوڀن پير پاتا
    ڪانچُوڙي ۾ قيد ڪبوتر اُڏرڻ لئه آتا


    سج لٿي جو ڏھر چُمي ٿو پاڻياريءَ جا پير
    واهيري جي وير وڻي ٿي گهاگهرلي جي گهير


    پوڄارڻ جي هٿ ۾ ڏيئو جاڳي جوت اکنڊُ
    مورت جهڙي صورت هُن جي جهڙو چوڏهين چنڊُ


    چانڊوڪيءَ ۾ ريت ٿڌي تي مڌ ڪٽوري ساڻ
    ٻانهُن ۾ ڪو چنڊُ ستو آ چپ چمڻ جي ڪاڻ


    ساهُن جي سرگم ۾ ٻُڌجي عشق انوکو ساز
    پايل لڳندي پيرن جي آ جهرڻن جو آواز


    قد صنوبر ڪاٺي جهڙو چيلھ کنهي جي ڌار
    وهنتي ويٺي نار تلاءَ ۾ کولي ڀنڀا وار


    ٿر ۾ رات ٿڌي جو ٻُڌجن صادق جا ڪي گيت
    روح کي راحت ڏيندا هن جا سارا سُر سنگيت


    ٿر ۾ مينهن وٺي جو چُمجن ڏوجهارڻ جا هٿ
    کلندي کير پياري کوھ تي سرهو سارو سٿ


    ڪانهوڙي جي ڏڻ ڏٺو مون جلوو جل پري
    مُک تان آنچل اُڏري پيو ڄڻ ڀڙڪي باھ ٻري


    وسڪاري جي ورتولن ۾ تنهنجي لوڏ وڻي
    ڌيمي ڌيمي وڏ ڦُڙي جيان ڇمڪي ڇير ڇڻي


    مينهن وٺي جو مُرڪڻ تنهنجو جهڙو ميگھ ملهار
    ڏينهن ڏٺي جو وڄُ جا تجلا تنهنجي نيڻ نهار


    جهُڙ ۾ پاتو ململ گوريءَ جرڪيا آلا انگ
    واڏڙ ۾ جئن وڄُ ٿئي ٿياهڙا هن جا رنگ


    ريت ٿڌي تي تنهنجا ڀاڪر آھن سرڳ سمان
    ڇتا ڇوڙين چپ مروڙين اکيون تير ڪمان


    جهُڙ ۾ جهالا ڏيندا جهڻڪي گوريءَ تنهنجا گيت
    پايل تنهنجي پريت وڌائي راسوڙن جي ريت


    سنجها ٽاڻي ڀٽ تي ونجهلي ڇيڙي آ ڌنار
    جنهن جا سُر ٻُڌي آ تڙپي نجهري ۾ هڪ نار


    ساگر ساگر ساز وڏو هي جهرڻا جهرڻا گيت
    درياءَ درياءَ ڌڙ ڌڙ گونجي ڌرتيءَ جي سنگيت


    تيز هوا تي ڪونه ڪري ٿو گهري ننڊ سُتو
    مور ڏسي ڇڏ ٽاريءَ تي پئي خُوب خدا جو پتو


    ڪانهوڙي جي ڏڻ تي پيئي تَل تي نارتَري
    چوڏھين جو ڄڻ چنڊُ نديءَ ۾ رم جهم رقص ڪَري


    ڀيڄ ڀٽائيءَ تنهنجي ٻوليءَ سانوڻ جي سُرهاڻ
    وايون مروي موتئي جهڙيون بيت کٿوريءَ کاڻ


    ڏينهن تتي جو اُڀراڻي تون ڪنهن لئه ڳولين ٻير
    اڄُٻُڌاءَ مونکي تنهنجي دل جو داتا ڪير


    پورڻ واءَ جي پت رکي هئي ڪيسُوٻاءَ رجپُوت
    سنڌڙي اهڙا ڄڻندي رهندي سورهيه وير سپُوت


    اَنُ اُڌارو ڏيندي مونکي سهييلي آڇيا ويڻ
    اُڀ ڏي تڪن ميگها لئه پيا منهنجا آلا نيڻ


    واسينگن کي کولي وينگس وار نه ڪر تون هاڻ
    گهائڻ لئه بس ڪافي آھن نيڻن جا هي ٻاڻ


    تون جي ڳائين سارنگ سُهڻي مهڪيءَ مُند پوي
    تنهنجي ڪويل ڪُوڪ ٻُڌي پيو چارڻ ڀاٽ چوي


    پوڄارڻ جي من ۾ مُرڪي ڪرشن ڪارو نانگ
    گوپيءَ بڻجي نرت ڪري هُوءَ مهڪي هن جي مانگ


    مون لئه بندرا بن جئن آھي گوري تنهنجو گام
    گوپين جهڙا روپ ڏسي ٿو ڪڙڪي مون تي ڪام


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 667
    ڪتابن جو مشاهدو: 860765
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292563
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ