ڪتاب جو نالو: ميلي جي تنهائي
مصنف: اياز گل
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 21 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 378 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 113 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر اياز گُل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. اياز گُــل سنڌي ٻوليءَ جو اُهو ڀاڳَ وارو شاعر آهي جنهن پنهنجي منفرد ۽ مَن کي ڇُهندڙَ شاعريءَ وسيلي نه صرف عامَ جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، پر اَدب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جي سنجيده پارکُن وٽان به مانُ ۽ مڃتا حاصل ڪئي آهي. پنهنجي الڳ ٿلڳ لهجي سبب، اياز گُــل سنڌي شاعريءَ جي آسمانَ تي چنڊَ جيان چمڪندي نظر پئي آيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ناموَر اياز گُل وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌسلامت پاران
  • ڳالهيون
  • شاعري لباس آهي
  • قلم برداشته : مهاڳ
  • غزل

  • ڀلي ته راههَ جا ڪنڊا کڻي گُلاب نه ڪر
  • اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
  • هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄڪلهه
  • ڪنهن ٻوڙان ٻوڙَ وانگي آ
  • رُڳو ٿي روههَ رُلائي، اکين جي دَربَدري !
  • اڳتي اڳتي يارَ ! ڏِسڻ ئي بهتر آ
  • هي چنڊُ ٿِڙندو پيو، هوشَ ۾ ئي ايندو نه !
  • اڳيان تُنهنجو دَرُ ئي نه آيو هيو
  • ذهنَ تي اَڄ به ائين، نانءُ ڪو تَري ٿو پيو
  • زندگي ايئن واربي ناهي ڪڏهن
  • هوءَ ته محلين وڃي سُکِي ٿيندي
  • اَنڌيري راههَ کڻي زندگي رهي آهي
  • تون هُجين ڀل چينَ ۾، جاپانَ ۾
  • ساٿُ تُنهنجو ڇڏي ڀڳو ناهي
  • ٿوريءَ دير ۾ ڏِسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي !
  • پـيارَ جــو راڳُ ته ڇيڙيئه سُهڻا !
  • اوهان کان پري ڀي نِهاري سگهان ٿو !
  • ساڙِ نه ايئن شمشانَن ۾
  • پيارَ بنا هي شاعرَ سارا ڪيئن ڪندا ؟
  • مُنهنجو نالو ئي سَکي ! ، وِسري ويئه
  • دِل ۾ اُڌما، صدما، معنيٰ رکندا هِن
  • خوابَ، خُمار نٿو گُهرجي
  • هي جيئڻَ لاءِ سڀ جَتن پنهنجا
  • ڇاهي يارَ ! جُدائي، توکي ڇا معلوم ؟
  • فرضُ پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
  • توکان وِڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي ؟
  • ايئن کڻي جو موتَ ڏي سُرندو رهيو
  • ڪنهن ڏِنا هي گهاوَ ؟، ليکا بعد جا
  • سڄڻُ گُهرنديون رهيون اڄُ ڀي
  • پاڻَ کي ان رِيت مارڻُ ٺيڪ آ ؟
  • نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻَ تي دِل چاهي
  • سڄو ڏِهاڙو ئي پيارا !، بَڻي بَڻي ٿَڪبين !
  • ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
  • ڌُوڙِ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
  • اَسان جي ڏاتِ کي، جنهن جاءِ ماتِ ٿي ڏِسجي
  • جي تُنهنجي پيارَ جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني !
  • تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
  • هُو ائين هو دارَ سان ٻَکجِي ويو
  • راتِ موٽي ته کڻي آئي، اَنڌيرا دِل ۾
  • دلبرَ کان دِل ڌارَ هئي ڪا
  • چنڊَ وانگي راتِ ۾ رهجي وئي
  • اَلائي ڇا ڇا وِڃائي، وِساري پُهتاسي
  • ايئن مشڪل نه زندگاني ڪَر
  • پيارُ به هُن پئي ڪيو ڪم ڪار جيان
  • تو وِساريو نه، پنهنجو ناتو آ
  • هُنَ کان مُنهنجو پيارُ، مُنهنجي دوستي وِسري وَئي
  • صفا مَرڻ جي ڳالههِ آ
  • خانِ خانيءَ جي سفَر تي ٿا هلون
  • پاڻَ سان ڀي دَغا هلي ٿي پئي !
  • مون کي ماري ڇا ملندءِ !؟
  • ماڻهو جيڪي قرارُ چاهِن ٿا
  • ايترا هُنَ سان اگر ليکا ڪندين !
  • دِل تان گُذري وئي ڪٽارَ هئي
  • ساعتَ نه سَري تو بِن !
  • ايڏي ڇوٿي ٿئين، اوپري اوپري !
  • ڳاءِ اهوئي ڳاءِ کپي
  • چئو پرينءَ کي اچي ۽ وَرائي ننڊَ کي آڻي
  • تون جو هر وقت ئي جَل ٿَل آهين
  • غزل مسلسل
  • مون سڄڻَ ! تو سان هر ڳالههِ آهي سَلِي
  • اسان ڀي اوهانجو ڏِٺو پيارُ پيارا !
  • سوچَ !، لوچَ ۽ پِيڙا مان ٿا، جوڙيون جڳمڳ راڳُ
  • ڪَرڪي واتِ وَرڻَ جون وايون
  • پيارَ پَکيئڙو گهرَ گهرَ رُليو
  • تُنهنجي ڳَلن تان ڳوڙها ڳَڙندا
  • پيار ڏني آ پِيڙا سائين ! سُونهنَ ڏنو سوداءُ
  • هڪڙي پل جي جُدائي نه تون سَهي سگهندين
  • ٿا معصوم بي مُوت ماري ڇڏيو
  • اَچُ آ تولئه خالي خالي
  • هيڪَل وياڪُل جيءُ جُهري ٿو
  • پيارَ پريتِ جا ڪي پُوڄاري
  • جاني ! جيوَنُ آهي اَسان جو
  • نارِ نَشيلي نينهُن نِماڻو
  • پيارَ جو اَنتُ اَچي ويو آخر
  • تنهن ٺُڪرايا، جنهن سان لاتا
  • وِڇڙڻُ هو يا ڪو حادثو
  • پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ
  • گُــلَ !، ڇو سوگوار ٿي ويو آن
  • اوهان جو خيال آهي
  • سُرها ٿي پيا ساههَ
  • آرزوئون هيون، دل جا ها فيصلا
  • ڦاٿُل مان وِيچارن ۾
  • هُو تُنهنجو ٿي ويو آ
  • ڄارا، ڄارا آهيون
  • آسَ رکُ نِراسَ ۾
  • اختلافن ۽ حادثن کان مان
  • تو سواءِ عيدَ جو ڏِهاڙو آ
  • ايئن پاڻَ زماني ۾
  • وڇڙي ويندُس مان
  • ڇاجي ناهيون هيرنِ مان
  • سوايون

  • الائي ڇو ٿا، تلاشيون گَھرن ۾ رشتن کي ؟
  • ڪَرڻ تي آئي ته، ڪيڏا وئي ڪمالَ ڪندي
  • َلائي ڪيترا سامي رهن ٿا
  • ڪي گهڙيون ماٺارَ ئي ماٺارَ هئي
  • ڪرڻ کان ائين به ڪري ٿا سگهون
  • جنهن به چهري تي نظرَ پئي آهي
  • وايون

  • ڄاڻي هڪڙي ٻولي
  • ايئن جو وَڄِي رهيو آن !
  • اڳتي اڳتي پيرُ هجي
  • مِلندي نه ڪڏهن مِٽي
  • دردَ جي دَرَ تي بيهاري
  • قيدَ ۾ اُڏارن تي
  • هُن جي چوڻَ، ڪَرڻ ۾
  • ڪهڙيءَ ماٺِ منجهان ؟
  • هي رونقون شهرَ جون
  • سارو جڳُ وِسارجانءِ
  • ٻيڙيون ۽ لَهرون
  • ڏئي مون کي ڏوههَ ۽
  • ڪينَ حياتي ڳارِ
  • راڻا ! اَچي رَسُ
  • اندَرُ کارو کوههُ
  • جاني ! تُنهنجيءَ تاتِ
  • ساهه سَنڀاريا سانگيئڙا
  • سوئي سوئي سُکَ
  • مُرڪون ماڻڻ اَچُ !
  • دردَنِ ڇڏيا داڳَ
  • چو ٿين مارچ
  • نظم

  • ٽيڙو نظم
  • پاڻي
  • تاريخ
  • بي خواب نيڻَ
  • ٻَهروپي
  • تخليق جو موت
  • يادون
  • انسانن جي بستيءَ ۾
  • تون ۽ مان
  • فرق
  • بيزاري
  • 80ع جي آخري رات جو نظم
  • HOROSCOPE
  • نئين جوتِ
  • آسَ
  • ڪَلپنا
  • ياد
  • الطافَ عباسيءَ ڏانهن
  • عُنوان بنان
  • حياتي
  • تجربو ـ 1
  • نو ويڪنسي
  • ٿورا نه ٿورا
  • تاثر
  • ڌاريو ماڻهو
  • ڪمپليمينٽري ڪاپي
  • سنڌڙي
  • ديپُ
  • سوال؟
  • وڇوڙو
  • ٻوڏ جي شاعري

  • سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻي!
  • ڏُکن جي وَڻن مان ڇَڻِي عيدَ آئي
  • دردَ ــ ڪَٿا
  • مؤلا ! ٰ پنهنجا پاڻَ سنڀال....
  • حوصلو زندگي حوصلو
  • سائينمِ! سدائين ڪرين....
  • صوفياڻو ڪلام

  • ابتدا
  • رنگي، ڪيئن بيرَنگي !
  • عرشُ ڇڏايو رَبَّ سبحاني
  • دل جوڙ ِ، جوڙ ِ رازا !
  • سچل سائين
  • غزل مسلسل
  • سَچَ جو نانءُ سچل
  • سَچَ جي ساکَ
  • ڏينهن هجي يا رات
  • بيتَ

  • بيٺل پاڻي ٿو ڪري، جيئن دُٻـــٖي ۾ ڌَپَ،
  • واءُ وِساريو آ گُهلڻ ؟، ڀلا چنڊَ کِڙڻ ؟
  • هُن چيو هو، اوچتو هٿُ ڇڏائيندي،
  • خطَ کڻي آيا سندءِ، هَٿِڙن جي سُرهاڻ،
  • نئون سال
  • لياري
  • بشير خان
  • دوها

  • ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي هاڻي، هُو ٿو ايئن نِهاري
  • پروين جي شاديءَ تي
  • نئون سال
  • گيتَ

  • هاڻِ حياتي ڀي پنهنجو
  • جوتِ جلندي رَهي
  • پيارا پيارا پَــرَ ڦَهلائي
  • مون کان ڏُور نه گهاري سگهندين
  • چؤسِٽا

  • نئون سال
  • دردَ جو شهرُ ٿو ڏِسڻ ۾ اَچي
  • اوندهه ۾ واجھائيندو رهه، کولي پنهنجا نيڻَ
  • جڏهن سَچَ تي ڪُوڙَ پَهرا لڳايا
  • ترائيلُ

  • آءٌ تنها ۽ اڪيلو ئي گُذاري ويندُس
  • ڪانڍَ
  • هوا ۾ مَهڪَ،
  • اُنهيءَ ڏينهن تي
  • اوهان جي ايندؤ ته سُرهاڻِ ٿيندي محفل ۾
  • اياز گُلَ جا ڇپيل شعري مجموعا

  • حق ۽ واسطا ناموَر اياز گُل وٽ محفوظ

    پوپٽ پبلشنگ هائوس جو ڪتاب :26

    ميلي جي تنهائي (شاعري)
    شاعر: اياز گُل

    ڇاپو پهريون: سيپٽمبر 2012ع
    لي آئوٽ: اياز گُـل
    ڪمپوزنگ: آصف رضا نظاماڻي
    ڇاپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور سنڌ.
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس، مال روڊ، خيرپور سنڌ.

    ملهه: 300 روپيا










    MELE JI TANHAI
    (Alone in a crowd)

    Collection of Sindhi Poetry By: AYAZ GUL

    Edition: 1st – September 2012
    Layout: Ayaz Gul
    Composing: Asif Raza Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Sindh, Pakistan.
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road,
    Khairpur Sindh, Pakistan.

    Price: Rs. 300/- per copy.


    ارپنا

    شيخ اياز
    تنوير عباسي
    رشيد ڀٽي
    ذوالفقار راشدي
    ايم ــ ڪمل
    وفا ناٿن شاهي
    مرغوب بُخاري
    واجد
    ڪيهر شوڪت
    طارق عالم ابڙو
    قيس عالم ابڙو


    عقيدتُن ۽ محبتُن جي نالي

    ـ اياز گُل


    سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ميلي جي تنهائي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب اسان جي دور جي خوبصورت شاعر اياز گُل جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. نصير مرزا لکي ٿو:
    ”اياز گــل ايڏو سُٺو شاعر ڇو آهي ۽ ايڏو منفرد ڪيئن آهي؟ ۽ ان کي پڙهڻ سان حسد بدران خوشي ڇوٿي ٿئي. ۽ اهي سوال ڪيئي سال اڳ، جڏهن مون ۽ طارق عالم لکڻ شروع ڪيو هو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار وٽ هڪ ٻئي کان اسان پُڇيا هئا. ۽ پوءِ ٻيئي انهيءَ راءِ جا ٿيا هئا سين ته، ڳُوڙهي سوچَ ۽ جديد کان جديد تر خيالَ کي پڪ سان ته simplicity سان پيش ڪرڻ جي هُنر اچي وڃڻ سبب ئي، هُن جي غزل ۾ اهڙي ڪشش پيدا ٿي پئي آهي.
    اياز گُــل سنڌي ٻوليءَ جو اُهو ڀاڳَ وارو شاعر آهي جنهن پنهنجي منفرد ۽ مَن کي ڇُهندڙَ شاعريءَ وسيلي نه صرف عامَ جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، پر اَدب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جي سنجيده پارکُن وٽان به مانُ ۽ مڃتا حاصل ڪئي آهي. پنهنجي الڳ ٿلڳ لهجي سبب، اياز گُــل سنڌي شاعريءَ جي آسمانَ تي چنڊَ جيان چمڪندي نظر پئي آيو آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڳالهيون

    اياز گُــل سنڌي ٻوليءَ جو اُهو ڀاڳَ وارو شاعر آهي. جنهن پنهنجي منفرد ۽ مَن کي ڇُهندڙَ شاعريءَ وسيلي نه صرف عامَ جي دلين ۾ جايون جوڙيون آهن، پر اَدب ۽ خاص ڪري شاعريءَ جي سنجيده پارکُن وٽان به مانُ ۽ مڃتا حاصل ڪئي آهي. پنهنجي الڳ ٿلڳ لهجي سبب، اياز گُــل سنڌي شاعريءَ جي آسمانَ تي ڪنهن چنڊَ جيان چمڪندي نظر پئي آيو آهي. هونئن ته اياز گُلَ سنڌي شاعريءَ جي تقريباً سڀني مُرَوج صنفن ۾ خوب لکيو آهي، پر غزل ئي سندس سَڀَ کان سُهڻي ۽ سگھاري سُڃاڻپ بڻيو آهي. غزلَ ۾ وري اياز گُلَ مُحبتَ، وڇوڙن ۽ وصالن جي ڪيفيتن کي اهڙي ته ڪمالَ سان چِٽيو آهي، جو اُهي سڀئي ڪيفيتون ايازَ جي غزلن ۾ اچي هميشه لاءِ زندهه ٿيو پَون. گڏوگڏ اياز گُــل پنهنجي شاعريءَ ۾ هِنَ ديسَ ۽ ديسَ واسين جي سمورن دردن کي به اوچي تخليقي اندازَ سان ڳائيندي نظر اچي ٿو.
    اياز گُــل اُهو شاعر آهي، جنهن جي شاعراڻي اندازَ ۽ اسلوبَ واري رستي تي کانئس پوءِ ايندڙَ شاعراڻيون ٽَهيون فخرَ سان پَنڌُ ڪندي نظر اچن ٿيون. ائين اياز گُــلَ جو شُمار جديد سنڌي شاعريءَ جي اُنهن سرموڙ شاعرن ۾ ٿئي ٿو جن بجا طور تي سنڌي شاعريءَ جي جھولَ کي پنهنجن گُلابن جهڙن گيتن سان ڀريو آهي.
    اياز گُــلَ جي شاعريءَ جي گڏيل ڪتابَ ”دُکَ جي نه پُڄاڻي آ“ کان پوءِ، تخليق ڪيلَ سندس شاعريءَ جي ڪتابَ جي ڇپجڻ جي ضرورت سالن کان محسوس ڪئي پئي وئي. ادارو پوپٽ پبلشنگ هائوس وڏي خوشي ۽ اعزازَ سان سنڌي ٻوليءَ جي هن سدا سُهڻي شاعرَ جي ڪتابَ ”ميلي جي تنهائي“ کي انتهائي خوبصورت اندازَ ۾ ڇپرائي اوهان جي هٿن ۾ پُهچائي رهيو آهي.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس ــ خيرپور سنڌ


    شاعري لباس آهي

    اکِ ٻوٽي، کولڻ وارو قصو آهي، پتو ئي نه پيو، وقتُ هر شيءِ کي لتاڙي لنگھي ويو. 1971ع ۾ پهريون شعر لکيو هئم ۽ اڄ جي آخري لکيل شعرَ تائين، ڀريا ايڪيتاليهه سالَ گُذري ويا ــ ڇا ڇا مليو، ڇا وڃايو سي ؟ ڪهڙا ليکا ڪجن ! ”جيڪي ٿيو، سو خوب ٿيو“ ــ
    لِکيوسي، نه لِکيوسي ــ ٻنهي صورتن ۾ ڪڏهن شاعريءَ کان ڌارَ رهڻ نه ٿيو. مون لاءِ شاعري لباس جيان آهي، لاهجي ها ته اُگھاڙو ٿي وڃجي ها ! ۽ پاتَل، ڇپر ڇانوَ رهي آهي. ”دُک جي نه پُڄاڻي آ “ کانپوءِ جيڪي ڪُجھه ڪَٺو ڪيو آهي. ”ميلي جي تنهائيءَ“ ۾ حاضر آهي، جيئن آهي، جهڙو آهي ــ بس قبول پوي. هي ڪتاب ڪي سالَ اڳ اچڻ کپندو هيو، پياري نصيرَ کان مهاڳ به گهڻو اڳ لکرايو هئم، پر ڪيترن ئي سببن ڪري دير ٿي وئي، ان وچ ۾ لکيل شاعري به ڪتابَ ۾ شامل آهي، جيڪا نصيرَ جي مهاڳ کانپوءِ جي آهي ۽ ٿوري اُها شاعري به جيڪا شروعاتي دؤر جي آهي ۽ اڳ وارن ڪتابن ۾ شامل ڪونهي. اُها شاعري هر صنف جي آخر ۾ شعرَ جي
    جنم ــ تاريخ سان ڏنل آهي. اهو عمل پنهنجن سگھارن ۽ سُهڻن ٻارن سان گڏُ، ڪمزور ۽ ڪوجھن کي پنهنجو (own) ڪرڻ وارو عمل آهي ۽ شاعرَ جي ارتقائي سفرَ کي سمجھڻ جو به ــ
    پنهنجي ۽ پنهنجي شاعريءَ لا ءِ ڇا چوان؟ اوهان مون کي ۽ منهنجي شاعريءَ کي، مون کان وڌيڪ سُڃاڻو ٿا. ڪُجھه چوڻ جو حق به اوهان کي ڏيان ٿو:

    مُنهنجي باري ۾ به، تون ئي سوچ ڪُجھه !
    مُنهنجي تُنهنجي ٿي وئي آ زندگي !


    لکَ ٿورا سُهڻي شاعرَ ۽ نثر نويس پياري نصير مرزا جا ۽ اُنهن سڀني سڄڻن جا، منهنجي شاعريءَ بابت جن جون چار سِٽون، هِن ڪتابَ ۾ شامل آهن ۽ گهڻا قربَ دوستَ قُربان منگيءَ جا، جنهن پوپٽ پبلشنگ هائوس پاران ڪتابُ ڇپرائڻ لاءِ گھُريو ۽ پوءِ ايترو عرصو صبر سان ڪتاب ملڻ جو انتظار ڪندو رهيو ــ ”مڙيئي مون ڏي، سڄڻن ڏي نه هيڪڙي !“ ــ






    اياز گـل
     ڀُٽا روڊ، سکر سنڌ
    23 جولاءِ 2012ع
    300300-9311491- 0333-71046


    قلم برداشته : مهاڳ

     اياز گــل ۽ ايازَ جو غزل، منهنجي ڦوهه جوانيءَ جا ساٿي آهن. ۽ جيئن پهرين نظرَ ۾ ئي، هُن جو غزل مون کي وڻيو هو ۽ پوءِ جڏهن فرسٽ ٽائيم مون هُن کي روبرو ڏٺو، ته هو به مون کي ايئن ئي بيحد وڻيو.
    ملوڪ ملوڪ مُهانڊا، سانورو بانورو... ترو تازه سارُوپا ۽ ڪيئي سال اڳ پهرين نگاهه ۾، هي اياز گــل، صفا هڪڙو الهڙ الهڙ ڇوڪرو لڳو هو مون کي: ۽ بلڪل معشوق معشوق !
    ۽ هن سان گڏ، ساٿ ۾ شاعري ڪندي ڪندي پوءِ نهايت جلد ئي مون اهو به ڄاڻي ورتو، ته اياز گــل کان، ڄمار ۾ برابر ته ڪئي ورهيه آئون وڏو آهيان، پر تخيل جي اُڏام جي ڏس ۾ هُن جي پرواز مون کان بلڪل اُتانهين آهي، گهڻو مٿانهين.
    تڏهن اصولن، اهڙي صورت حال ۾، مون کي هُن سان حسد ٿيڻ گهرجي ها ۽ شايد ٿيو به، پر پوءِ هڪڙي ڏينهن، امام بارگاهه، ’آستانه قُدس‘ جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ بيهاري مون پاڻ کي سمجهايو هو، چريا شاعر!! حسد نه ڪر... پنهنجي منفرد اسلوب ٺاهڻ لاءِ محنت ڪر: محنت !
    ڏِس، تنهنجي جدِ امجد بزرگوارَ، قليچ بيگ به ائين ئي ته فرمايو آهي:
    محنت ڪر تون محنت يار !
    محنت سان ٿيندي هوشيار

    ۽ ادب ۾ منهنجي محنت مون کي ڪهڙي ماڳ تي پُهچايو ؟ شايد اوندهه ۽ اوجهڙ ۾ !
    خير... ۽ هتي مون کي هي اعتراف ڪرڻ ڏيو ته 74-1973ع کان اسان جي جنهن ٽهيءَ... شاعريءَ جي ميدان ۾ پير پاتو هو، اُنهن مِڙني مان هي اياز گــل ئي اهو اڪيلو شاعر نڪتو، جنهن کي جديد سنڌي غزل جي صنف ۾ Mile-Stone شاعر جو رُتبو حاصل ٿيو. ۽ علاوه ازين هتي اِهو به اعتراف ڪندو هلان، ته اياز گــل ئي همعصرن هڪ جيڏن منجهان... اهو شاعر (هو ۽) آهي، جنهن کي آئون پنهنجو فيوريٽ ترين شاعر به سمجهان ٿو ۽ مون کي ياد ناهي، ته مون هُن جو ڪو غزل ڪٿي پڙهيو هجي، ڪنهن راڳيءَ کان، يا خود کانئس زباني ڪڏهن ٻُڌو هجي ۽ اهو مون کي نه وڻيو هجي !. ’نه‘- ايئن ڪڏهن ٿيوئي ڪونهي مون کي ياد آهي، 1973ع، جڏهن کان مون هن جو غزل پڙهڻ شروع ڪيو هو، هُن جي پهرين غزل ئي منهنجي دل ۾ گهر ٺاهي ورتو هو، ۽ ان کان پوءِ ته اياز گــل جي صرف غزل صنف ئي ڇا، هُن جي پياري شخصيت به منهنجي روح ۾ جاءِ جوڙي ورتي هئي. چوندا آهن ! سُٺو شعر هجي يا سٺو دوست، اُن سان جيڪڏهن ٻيهر مُکا ميلو ٿئي، ته اُهو پهرين کان به وڌيڪ وڻي. اياز گــل ۽ سندس غزل سان وري وري ملندي، منهنجي به، هر دفعي ڪيفيت اهڙي ئي هوندي آهي: دلبهار ۽ خوشگوار !
    پر بيهو... هتي مون کي هڪڙو ٻيو به عرض ڪرڻو آهي. Sorry عرض نه، معذرت، اياز گــل کان معذرت ! اصل ۾ اياز جو اصرار آهي ته آئون هن کي تڙتڪڙ ۾ هن ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي ڏيان ۽ مون سان اڄڪلهه اذيت هي آهي ته، حيدرآباد مانHomeless ٿي ڪراچي ٽرانسفر ٿي وڃڻ سبب، آئون اِن پوزيشن ۾ ئي ناهيان ته
    يڪ مَنو ٿي ڪجهه لکي سگهان، جو گهر هڪ پاسي... ننڍڙا ٻار ٻئي پاسي، ۽ مٿان وري ڪراچيءَ جي ”نان ـ سنڌين“ سان گڏجي ريڊيو ۾ ڪم ڪندي... مسلسل ذهني اذيتون ٽئين پاسي، ۽ عجب بدقسمتي هيءَ به، ته نه مطالعي لاءِ ڪي ڪتاب مون کي ويجها آهن، نه دوست، ۽ نه مهاڳ لکڻ لاءِ ڪي آئيڊيل حالتون ئي ميسر! ظاهر آهي اهڙي صورت حال ۾، قلم برداشته جيڪو ڪجهه به لکندو ويندس، اُهو بي ترتيب ئي هوندو ۽ علاوه ازين بي ربط پڻ.
    ۽ ڀلا غزل هي، سنڌيءَ ۾ آيو ڪهڙي ٻوليءَ مان آهي ۽ هِن وقت پوزيشن ڪهڙي وٺيو بيٺو آهي، ته اِهو بحث آئون سمجهان ٿو ته هاڻي اجايو ئي آهي. جو قليچ، سانگيءَ ۽ ان کان پوءِ شيخ اياز، شيام، تنوير، ذوالفقار، امداد، وفا، تاج بلوچ ۽ اياز گــل جهڙن شاعرن، اڄ جنهن منصب تي هِن صنف کي آڻي بيهاريو آهي ته چئي سگهجي ٿو ته بيتَ، ۽ وائي وانگر، هي غزل جي صنف به هاڻي انهن شاعرن جي طفيل، جهڙوڪر نِج پج اسان جي سنڌي ٻوليءَ جي ئي صنف، بڻجي چڪي آهي.
    ها! هڪڙي عجب جهڙي ٽرئجڊي، سا ضرور لاحق آهي هن صنف سان ! ۽ اُها به تقريبن هرئي ٻوليءَ ۾ هِن صنف جي شاعرن سان آهي ئي آهي ۽ اُها هيءَ ته، غزلَ جو ڪو شاعر کڻي، وڏو ڪيڏو به ڇو نه هجي. اُن شاعرَ جي غزل جو هر هڪ شعر قطعي وڏو ناهي هوندو ــ ته ڇا اياز گــل جي غزلن سان به ڪا اهڙي صورت حال لاڳو آهي ؟
    ڀانئيان ٿو ته، بنهه گهٽ گهٽ، ۽ حيرت جهڙي حقيقت هيءَ به ته،
    اياز گــل... سنڌي ٻوليءَ ۾ غزل جو اهڙو انوکو شاعر ٿي ظاهر ٿيو آهي، جنهن جي هر غزل جو، گهڻو ڪري ته هر هڪ شعرُ، ڄڻ منتخب شعر پيو لڳندو آهي ’عالم ۾ انتخاب‘ !
    منهنجي انهيءَ دعويٰ جي موٽَ ۾ اِجهو اياز جي غزلن مان، هي محض هڪڙو ئي غزل هتي آئون مثال طور، ڏيان پيو ۽ جنهن مان ڄاڻي وٺو ته هِن جا ٻيا غزل به ائين ئي آهن. سڄي جا سڄا منتخب شعرن سان ٽِمٽار.. بلڪل ئي هِن غزل وانگر:
    سڄو ڏهاڙو ئي پيارا ! بَڻي بَڻي ٿَڪبين
    تون پنهنجو پاڻَ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين

    ڪو هڪڙو ٻيرُ به ڇڻندو، نه پيارَ جو هِن مان
    عجيب ٻيرِ آ، پٿرَ هَڻي هَڻي ٿَڪبين

    نه هن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبار ڪڏهن
    قسمَ، قُرآن ۽ ساکُون، کَڻي کَڻي ٿَڪبين

    صبرَ سان گهاوَ سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو ؟
    گهڙي گهڙي آهي نيزي - اَڻي، اَڻي ٿَڪبين؟!

    صدين جي پياس کڻي ٿَرَ جيان رهيو آهين
    هي زندگي ته اڃا ڀي، ڪَڻي ڪَڻي ٿَڪبين

    وري وري توکي ڦُٽڻو آ، گُل آهين تون
    نٿو مان سمجهان ته سُهڻا ! ڇَڻي ڇَڻي ٿَڪبين

    ۽ اياز گــل ايڏو سُٺو شاعر ڇو آهي ۽ ايڏو منفرد ڪيئن آهي هو ؟ ۽ ان کي پڙهڻ سان حسد بدران خوشي ڇوٿي ٿئي. ۽ اهي سوال ڪيئي سال اڳ، جڏهن مون ۽ طارق عالم لکڻ شروع ڪيو هو، علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ جي مزار وٽ هڪ ٻئي کان اسان پُڇيا هئا. ۽ پوءِ ٻيئي انهيءَ راءِ جا ٿيا هئا سين ته، ڳُوڙهي سوچَ ۽ جديد کان جديد تر خيالَ کي پڪ سان ته simplicity سان پيش ڪرڻ جي هُنر اچي وڃڻ سبب ئي، هُن جي غزل ۾ اهڙي ڪشش پيدا ٿي پئي آهي.
    ۽ جيڪڏهن ڀُلجان نٿو، ته اهو 75- 1974ع وارو زمانو هو. اياز گــل سان اَڻ ڏٺي ئي... هُن جي شاعريءَ آڌار منهنجي دوستي ٿي وئي هئي، ساڻس قلمي دوستي ! ۽ آئون جي Teenager هوس ان وقت، ته هو وري مون کان وڌيڪ Teenager هو. انهيءَ وقت سکر اچڻ جي هُن دعوت ڏني، ته ڪُلهي تي بئگ رکي وڃي ڀُٽا روڊ پهتو هوس. پوءِ اسان ادل سومري جي ساٿَ ۾ اُتان جو سير ڪيو، لاڙڪاڻي ويا سين، جتي اُتان جي وڏي شاهي اسٽيڊيم جي ڏاڪڻين تي ويهي هڪ ٻئي جي ڪلهن تي هٿ رکي، فوٽو ڪڍراياسين ۽ اُتان جدا ٿيڻ کانپوءِ اسان ٻنهي پاڻ کي شاعريءَ جي درياهه ۾ لاهي ڇڏيو هو. ظاهر آهي شاعري هُو به ڪندو رهيو، شاعري مون کان به ٿيندي رهي، ۽ اڄ جڏهن اياز گــل ۽ پنهنجي شاعري ۽ اياز گــل ۽ پنهنجي ٽِين ـ ايج ۾ گڏ نڪتل ان تصوير کي ڏِسان ويٺو، ته اياز مون کي پاڻ کان ڪيڏو نه وڏو شاعر پيو نظر اچي ۽ آئون پاڻ کي هُن جي آڏو، اُن وقت فوٽؤَ ۾ پنهنجي آڱر ۾ پاتلَ فيروزي جي مُنڊيءَ وانگر، ڪيڏو نه پِتڪڙو پِتڪڙو پيو ڀانئيان، بلڪل پنهنجي ئي هن شعر مثال:
    ڪهڙي منهنجي سوچَ، ڪهڙي منهنجي شاعري
    ٽُڪرا ٽُڪرا چنڊُ، پُرزا پُرزا آرسي !

    هر سُٺي ۽ وڏي شاعرَ وانگر اياز گــل ۾ به، هڪڙو حيرتَ جهڙو گُڻ نظر ايندو آهي مون کي. ڪنهن شاعر چيو هو... شايد نِدا فاضليءَ چيو هو... ته: ”دردَ جي اظهار جا ٻه طريقا آهن... اهو يا ته اکين مان ڳڙي يا مُرڪ جي رُوپ ۾ ظاهر ٿئي“- عجب اتفاق
    اياز گــل کي پڙهان ٿو، ته هو مون کي انهن ٻنهي expressions جو ڪاميابيءَ سان اظهار ڪندي نظر اچي ٿو، ان ڏس ۾ هتي اياز جي جنهن غزلَ جو آئون مثال ڏيندس، ان بابت پنهنجي هڪ ٻن ذاتي دُکن ۽ نِجي experiences کي به هتي آئون ضرور بيان ڪندو هلندس، پر پهرين ’ڏُک ۽ مُرڪ‘ کي هڪ ئي غزل ۾، ڪاميابيءَ سان سمائي ڏيکاريندڙ اياز گــل جي، هڪڙي غزل جا هي ٻه شعر ڏسو:
    ڳالهيون ڄڻ مهڪارون آهن
    تُنهنجا ٽَهڪَ بهارون آهن

    هُوءَ به اُن جي ئي ٿي ويندي
    جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن

    سُٺو ڪتاب، سچو سُر ۽ پُراثر شعر، ڇا دنيا يا ڪنهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪائي هلچل پيدا ڪري سگهي ٿو! بدلائي سگهي ٿو ان کي ؟ ـ نٿو ڄاڻان آئون ـ ها ! ايترو ضرور چئي سگهان ٿو ته، ٻن موقعن تي، اياز گــل جا ٻه شعر جڏهن مون کي ياد آيا هئا ته قسم مؤلا جو، ياد اچڻ تي لوڏي ئي ته ڇڏيو هو اُنهن مون کي.
    شايد 1980ع وارو سال هو. سنڌ يونيورسٽي ۾ آرٽس فيڪلٽيءَ جي دروازي وٽ ’هُوءَ‘ منهنجو ڪجهه ورهين جو ساٿُ ڇڏي، ڪنهن ڪار ــ ڌڻيءَ سان چڙهي مون کي اڪيلو ڪري هلي ويئي هئي، ۽ بلڪل فلمي انداز ۾، اياز گــل جو هي شعرُ اکين ۾ آلاڻِ سميت منهنجي چَپن تي چڙهي آيو هو:
    هُوءَ به اُن جي ئي ٿي ويندي
    جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن

    ۽ ٻي اهڙي دُکدائڪ واردات جو سَن، غالبن هوندو 94-1993ع، چاندني شاپنگ مال حيدرآباد جي، مهانگن رانديڪن سان ڀريل شوڪيسن آڏو دُردانه ۽ آئون لنگهياسين پئي. جو ڪنهن نهايت ڪاسٽلي رانديڪي وٺي ڏيڻ لاءِ، منهنجي ڌيءَ رِدا ضد ڪيو ۽ نه وٺي ڏيڻ جي صورت ۾ زارو قطار روئڻ شروع ڪري ڏنو هو... ظاهر آهي ’رِدا‘ منهنجو پهريون ٻار هئي، ۽ شايد زندگي ۾ هُن مون سان اهو پهريون ئي انگل ڪيو هو، جنهن کي ان وقت پُورو ڪرڻ جي آئون پوزيشن ۾ ئي ڪونه هوس، بعد ۾ ان واردات جي پس منظرَ ۾
    اياز گــل جي شعر: ”ٻارن کي ڇاهي، ڀوڳيون يارَ اسان ٿا“... تي جڏهن نظر پئي هئم، ته يقين ڄاڻو ’رِدا‘ ڌيءَ جي اُن ڏينهن انگل نه پوري ڪري سگهڻ واري لاچاريءَ کي ياد ڪري،... دير دير تائين آئون تنهائيءَ ۾ روئيندو رهيو هوس.
    علاوه ازين اياز گــل جا ڪيئي اهڙا ٻيا شعر به مون پڙهيا آهن، جيڪي بظاهر ته غاليچن تي اُڪريل گُلن وانگر سُهڻا سهڻا ۽ دل لُڀائيندڙ پيا لڳندا آهن پر انهن جي گهراين ۾ لهبو آهي ته اُهي ڄڻ، غاليچن تي ٿَرَ جي غريب، مسڪين ۽ لاچار ٿري ٻارن جي اُڻيل دُکن جي داستان جهڙا سُور پيا بيان ڪندي نظر ايندا آهن، هتي اياز گــل جي ڪجهه اهڙن دُکي ڪري ڇڏيندڙ، دُکدائڪ شعرن مان هي ڪي شعرَ ڏسو:
    ڪا قيامت مٿان ٿي گُذري، تڏهن
    ڪير ايئن ٿو ڇڏي وطن پنهنجا !؟
    -
    بارشُن جي موسمن ۾ سوچجانءِ
    ڪيئن وِڇوڙا ٿا ڪَپِن تلوار جيان !
    -
    ٻارَ ڇا ڄاڻِن، جيون ڪهڙي ويڌن آ،
    جنهن جي پويان، اَمان، بابا ڊوڙن ٿا
    -
    هڪڙو ننڍڙو دردُ ٿو ڇيهُون ڪري
    ويڪري ڇاتِي به آخر ڇا ڪندي !؟
    -
    مُفلسي ته رهندي ئي
    پوءِ وڌيلَ پگهارُن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ؟

    اياز گــل جي، هِن مجموعي وارن غزلن کي پڙهندي ٿوري دير لاءِ مون سوچيو... ته ٿورو ڏِسان ته سهي، هُو ازم ڪهڙي جو شاعر آهي ۽ شاعريءَ ڏانهن نطريو ڪهڙو آهي هُن جو ؟ ۽ شاعري ذريعي صوفين وانگر پنهنجي، آسان ۽ communicative لهجي ۾ هو آکڻ ڇا ٿو چاهي؟ يا ايئن چوان ته شاعريءَ ۾ هُن جو مافي الضمير ڇا آهي ؟... يا شاعري ڪري هو چوڻ ڇا ٿو چاهي، ته ان جو جواب... خود اياز جي هِنن شعرن مان مون کي اِجهو هِن ريت مليو آهي:
    هي ديس ُ، عشقُ، شاعري
    جيئڻَ مرڻَ جي ڳالهه آ !
    -
    جيڪي سچُ آهه، سو ته چونداسي
    تُنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر
    -
    چَپَ مُنهنجا، هي لفظَ، شعرَ سڀئي
    سنڌُ ! تولئه سُڪار چاهن ٿا

    بي شڪ ته اياز، ديسَ، عشقَ ۽ سچَ جو ساکي شاعرُ آهي ۽ واقعي
    ڏات ـ ڌڻي... جي ڪنهن شاعرَ کي، شاعريءَ جي ڏاتِ سان نوازي ٿو ته، هُن کي هرحالت ۾ بحيثيت انسان ـ دوست شاعرَ جي، اهڙو ئي ڪجهه لکڻ ۽ سوچڻ گهرجي،جيئن ايازَ پنهنجي شعري موقف کي انهن مٿئين شعرن ۾ اُپٽاريو آهي.
    اسان جي سنڌُ سان اڄُ، سنڌ جي سياست ڪارن ۽ دانشورن جيڪا حالت ڪئي آهي، ۽ سنڌ ـ ڪاز کان مُنهن ڦيري، جنهن ريت اُهي اَپرچيونسٽ ٿي چُڪا آهن ۽ ٿي رهيا آهن، تڏهن اياز گــل باخبر شاعرَ جي حيثيت ۾ اُنهن جي پَتِ، پنهنجي شعرن ۾ اِجهو هن ريت وائکي ڪئي آهي :
    هر ڪو عُهدن جي پناهُن ۾ لِڪل
    ڪو نٿو ڳولهيو لڀي ميدانَ ۾

    اهڙو ڪهڙو ڏوههُ آ، سنڌي هُجڻ
    سنڌُ ٿي ڏِيڻي پوي تاوان ۾

    -
    سچَ ۽ سونهن تي به سوچ ِ ڪڏهن
    پنهنجو مرڪز رُڳو، نه ماني ڪر

    -
    مسيحا ! سنڌُ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳول
    رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطابَ نه ڪر

    فني سطحَ تي اياز گــل جو غزل ڪٿي بيٺو آهي، اهو منهنجي نظر ۾ ...؟ جئين مون مٿي لِکيو آهي ته، اُهو ڪنهن ’صوفيءَ‘ جي لهجي وانگر Communicative آهي. ٻه هزار ورهيه اڳ گوتم ٻُڌ چيو هو: ’’ڪا هڪڙي سِٽَ، ڪو هڪڙو لفظ ٻُڌي، ماڻهو جيڪڏهن يڪدم چُپ ٿي وڃي، يا سوچ ۾ ٻُڏي وڃي ۽ ان جي مفهوم جي گِهرائي ۾ لهي وڃي، ڪجهه سوچڻ تي مجبور ٿي پوي... ته پوءِ سمجهو اُهو لفظُ، اُهاسِٽَ، انهن هزار لفظن ۽ سوين سِٽُن کان بهتر آهي، جنهن مان ڪائي معنيٰ، يا ڪوئي به مفهوم ناهي نِڪرندو.‘‘
    غزل يا ٻئي سڄي شاعريءَ جي ٻوليءَ جو لهجو ڪيئن هُجڻ گُهرجي ؟ اياز گــل وٽ بحيثيت شاعر جي ان حوالي سان به هڪ راءِ، هڪ موقف ۽ هڪڙو نظريو آهي. ڪهڙو ؟
    اجهوهيءُ:
    عجيب خيالَ، ڳرا لفظَ، ڇِپَ معنائون
    شعرَ کي شعرُ رهڻ ڏي ڪوي ! نِصاب نه ڪر

    ڪيئي ورهيه اڳ اياز گــل جڏهن غزل لکڻ شروع ڪيو هو ته، چيو پئي ويو، ته هو تنوير عباسي صاحب جي اسلوب کان inspired آهي ـ سُٺي ڳالهه، ابتدا ۾ هر ڪو نؤآموز شاعرُ سڀاويڪ ته ڪنهن نه ڪنهن پيشرو کان inspire هوندو ئي آهي. ۽ ظاهر آهي اياز گــل به شروع ۾ تنويرَ مان اثر ورتو هوندو، پر: گُڊلڪ ! نهايت جلد تنوير عباسيءَ ، اياز گــل جي غالبن پهرين ئي شعري مجموعي جي مهاڳ ۾ ڄاڻايو ته: ”ايازگل پنهنجي انفرادي اُڏام شروع ڪري چُڪو آهي، ۽ پنهنجي شعري ضرب خاني منجهان نوان
    ’لفظ ـ سِڪا‘، استعارا ۽ تشبيهون جاري ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن“.
    ظاهر آهي ته، تنوير صاحب اِهو دُرست ئي لکيو هو، جو خاص ڪري غزلَ جي صنف ۾ شيخ اياز صاحب کان پوءِ وفا ناٿن شاهيءَ تائين، جيئن اياز گــل جي پيشرو شاعرن هي صنف لکي پئي، اياز گــل اُن ۾ يڪ سِر پنهنجي حصي جي نواڻ ڏيڻ شروع ڪري ڏني هئي ـ ان لاءِ هتي جيڪر ائين چوان، ته اُن جي vision کي جيئن اياز گــل vast پئي ڪيو، هُن جي ٻئي ڪنهن به همعصر ايئن ڪري نه پئي ڏيکاريو.
    آئون ڀانئيان ته اسان مان، گهڻن همعصرن جي ڀيٽَ ۾، ائين ڪرڻ ۾ هُو ان ڪري به ڪامياب ٿيو، جو هُن پاڻ کي ان صنف لاءِ ئي مخصوص ڪيو ۽ گهٽ ۾ گهٽ مون وانگر، گهڻَ ـ ڪاريو نه ٿيو، ۽ شعري صنفن مان غزل سان وفاداري دائم قائم رکي، هُن ان ئي صنف ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو ڄڻ اڳي ئي پڪو پُختو ارادو ڪري ڇڏيو هو. گهٽ ۾ گهٽ سندس هيٺين غزلن مان ته هُن جي اهڙي ئي ارادي جي خبر ملي پئي:
    گُلَ سوچيو کيس ڪرڻو آهي ڪجهه
    ۽ ائين هُٻڪارَ سان ٻَکجِي ويو
    -
    اڳتي اڳتي يارَ ڏِسڻ ئي بهتر آ
    هُن سوچيو، هُن پار وڃڻ ئي بهتر آ

    واههَ ـ ڪناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو
    بيهڻ کان سؤ وار، وَهڻ ئي بهتر آ !

    ظاهر آهي اياز گــل جهڙي زنده... ۽ متحرڪ شاعر کي، جديدکان جديد تَر ٿيندڙ دنيا سان گڏُ تيز رفتاريءَ سان پنهنجي غزل جي اسلوب ۾ به هر وقت سجاڳ رهڻو هو ۽ جي نه رهي ها ته، سندس غزل سڀاويڪ هڪ ئي هنڌ بيهي رهي ها، ۽ جنهن کي هُن هڪ هنڌ بيهڻ نه ڏنو.
    بحيثيت شاعرَ ۽ خاص ڪري غزل ـ شاعر جي حوالي سان، غزل جي صنف کي مليل نواڻ ارپڻ جي خوبيءَ باعث، اڄ اياز گــل ۽ سندس غزلَ مان آئون گهڻو خوش به آهيان، جو هُن هر دؤر ۾، پنهنجي غزلَ ۾ پاڻ کي رپيٽ ڪرڻ بدران ’اَپ ڊيٽ‘ ئي پئي ڪيو آهي، اِجهو ان جو اطلاع هِن مجموعي ۾ اياز اسان کي هِن ريت ڏنو آهي:

    نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻَ تي دل چاهي
    پاڻيءَ تي ٿي پير، ڌَرڻَ تي دل چاهي

    غزل صنف ۾، ڏِٺو وڃي ته تجربي ڪَرڻ جي رِسڪ کڻڻ تِهائين ضروري آهي، پر تجربو ڪهڙي سطح تي !؟ فارميٽ يا content ۾ !...، ظاهر آهي ته content ۾ ! ۽ اهو ان ڪري جو غزل جي ٻِن ٻِن هم وزن مصراعن ۾ هيئت جي تبديليءَ جي گنجائش ته آهي ئي ڪانه ! ۽ غزل جي ان مقرر فارم ۾ ڪا تبديلي ڪبي ته، اُها ڪا ٻي صنفَ بيشڪ ته بڻجي پوندي، پر غزل بلڪل نه، ها ! فارم جي سطح تي دوهو ئي اهڙي شعري صنف آهي، جيڪو غزل وانگر ’ٻه - سِٽو‘ ٿيندو آهي. علاوه ازين غزل وانگر، دوهي جي ٻِن سِٽُن ۾ به خَيال جي، ايئن ئي unity ٿيندي آهي، جئين غزلَ جي شعرَ ۾، ۽ جي اتفاق سان دوهي وانگر، دوها اسٽائيل ۾ لکيل غزلَ جو شعرُ به دلفريب ۽ وڻندڙ آهي، ته جهٽَ ۾ ياد به ٿي ويندو آهي. آئون ڀانيان ته، اياز گــل انهن چند ڀاڳ َ ـ وَند شاعرن مان هڪ آهي، جنهن ’دوها‘ هيئت ۾ به غزل لکڻ جو تجربو ڪيو آهي. سندس هن مجموعي ۾، اهڙا جيڪي هُن جا تجربا آهن، ڪيڏا نه دوآتشه پيا محسوس ٿين. جن کي چاهيو، ته دوها سمجهي غزل جيان پڙهو، يا غزل جي هيئت ۾... دوها ڄاڻي انهن مان لُطف وٺو:

    ٿوريءَ دير ۾ ڏِسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي !
    مُنهنجيءَ ذاتِ جو هڪڙو حِصو، ڌارَ هي ريلَ ڪندي

    ميگههَ ملهار ٿيڻ ڏيو ٿَرَ تي، ان کي پوءِ ڏِسبو !
    ڇا ڇا مورُ ڪندو مستيءَ ۾، ۽ ڇا ڊيلَ ڪندي

    -
    توکي گُذري توڙي ٿيا هِن، لڳ ڀڳ ٻه سؤ سالَ سچل !
    اڄ به پنهنجي حالتَ ساڳي، ساڳيا پنهنجا حالَ سچل !

    ساڳيون روز مَرڻَ جون خبرون، ڪارنهِن، بَدلا، ويڙهه، بُکون
    نئين صديءَ ۾ ايئن جي وياسي، ڪهڙا يارَ ڪمال سچل !

    دوهي هيئت ۾، تجربي ڪرڻ کان سواءِ ايازَ، گيت ــ نما غزل به لکيا آهن، ۽ اُنهن غزلن جو مطلع ڏسو... ته جهڙا ڪِن ڪامياب ۽ خوبصورت گيتن جا مَن موهيندڙ مُکڙا:
    مُنهنجو نالو ئي سَکي ! وِسري ويئي
    گُــلَ ڪتابن ۾ رکي، وِسري ويئي
    -
    راتِ موٽي ته، کڻي آئي انڌيرا دِل ۾
    ڏي ڪي يادون ته، ٿين يارَ ! سويرا دِل ۾
    -
    الائي ڇا ڇا وِڃائي وِساري پُهتاسي
    اوهان جي دَرَ تي ائين، عُمر ڳاري پهتاسي
    -
    توکان وِڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي ؟
    دَربدر پنهنجا رُڳو سپنا ڪندي !
    -
    ذهنَ تي اڄ به ائين نانءُ ڪو تَري ٿو پيو
    ڊَٺل مزارَ تي، ڄڻ ديپُ ڪو ٻَري ٿو پيو

    ته مون چيو پئي ته، غزلُ... شاعريءَ جو اهڙو پئٽرن آهي، جنهن ۾ هيئت (فريم) جي ڏس ۾ ته تجربي جي گنجائش آهي ئي ڪانه، ها ! اُن جي رائج structure اندر رهندي ئي، شاعرَ کي پنهنجو شاعراڻو ڪمال ڏيکارڻو پوندو آهي. ظاهر آهي، هڪ سُجاڳ شاعرَ طور اياز گــل بجا طور تي اِهڙو ڪمال ڪري به ڏيکاريو آهي، ۽ غزل جي رائج هيئت ۾ رهندي ان جي content ۾ ڪڏهن نظمَ، ڪڏهن گيتَ، ته ڪڏهن دوهي اسٽائيل جو مواد ڏيئي، ان ۾ ويرائٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـ هتي اياز جي انهن تجربن کي بلڪل آئون ائين پيو ڏِسان، جيئن غزل جا وڏا راڳي، غزل گائيڪي ۾ نواڻ ۽ جدت آڻڻ لاءِ ڪڏهن ان کي خالص غزل ــ انداز ۾، ته ڪڏهن وري ان کي ’گيت ـ انداز‘ يا ٺُمري اسٽائيل ۾ ڳائي، اُن جي گائيڪي ۾ ويرائٽي ۽ انفراديت پيدا ڪري دادُ ماڻيندا آهن.
    علاوه ازين اياز گــل جي غزلَ بابت مون تعجب منجهان اِهو به اڪثر پئي سوچيو آهي ته، سنڌيءَ ۾ غزل جا هونئن ته ٻيا به سوين شاعر آهن، پر پڙهندڙن ۾ الائجي ته ڇو ! un-notice ۽ انهن پيارن جا غزلن مٿان غزلَ پڙهندا وڃو، ته منجهائن هڪ اَڌ کي ڇڏي ڪنهن به شاعرَ جي هڪ سِٽَ، حافظي ۾ محفوظ رهندي ئي ڪانهي ڪڏهن ! - ۽ اُنهن جي مقابلي ۾ هيڏانهن اياز گــل جو غزل پڙهبو آهي ته يڪدم ئي، اُن جي ڪانه ڪا سِٽَ، ڪو نه ڪو شعرُ ياد ئي ته ٿي ويندو آهي.
    ۽ اهو ڀلا ڇو !؟
    آئون ڀانئيان ته ان جو وڏي ۾ وڏو سبب آهي، اياز گــل جي غزلَ جو دلفريب اسلوب، ننڍن بحرن جي چونڊَ، خيال جي دلاويزيت، لفظن کي سٽاءَ ۾ پيش ڪرڻ جو سليقو، وقت ۽ حالتن سان Relevantاستعارن ۽ تشبيهن جي دُرست ۽ چُست ادائگي ۽ هتي پوري پڪ سان ٿو چوان، ته شيخ اياز ۽ وفا ناٿن شاهيءَ کان پوءِ، هي مُنهنجو دوست اياز گــل ئي اهڙو شاعر آهي، جنهن جي غزلن جا ڪئي هر واسي شعرَ، انهن مٿئين خوبين باعث، آئون هتي ڪنهن ڊائري يا ڪتاب مان نه، پنهنجي حافظي مان پيو مثال طور پيش ڪريان: ”دک جي نه پُڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ “، ”هُوءَ به ان جي ئي ٿي ويندي، جنهن وٽ بنگلا، ڪارون آهن“، ”هڪ بُرو بس اسانجو گهر آهي، تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي“، ”ڇوڪري ته ناهي هوءَ، شاهه جو رسالو آ“، ”چورَ آهن اُٿيا وري تَرَجا، بند رکجئو سڀيئي دَرَ گهر جا“، ”روزُ ملندا رهون ته بهتر آ، فاصلا، فاصلا وڌائن ٿا“، ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي، ڪنهن وِڇوڙي جي سال ڪم ايندئي“... وغيره.
    نه ٿو ڀانئيان ته، ايترا ۽ اهڙا روان دوان ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ محاوري طور استعمال ٿيندڙ، ههڙا مقبول شعرَ، شيخ اياز ۽ ’وفا‘ کان پوءِ سواءِ اياز گــل جي، ڪنهن ٻئي سنڌي شاعر وٽان سنڌي ٻوليءَ کي ميسر ٿيا هوندا.
    اِجهو اياز گــل جي هِن نئين مجموعي مان به، اهڙي ئي لَب و لهجي وارا هي هيٺيان شعرَ ـ مُنهنجي اڳ ـ ڪٿي آهي ته هندُ سنڌُ ۾ نهايت جلد محاورن مِثل، هُن جي مداحن جي چَپن تي هر حالت ۾ روان دوان ملندا :

    جنهن به چهري تي نظرَ پئي آهي
    گهاوَ گهري تي نظرَ پئي آهي

    -
    هُوءَ ته محلين وڃي سُکي ٿيندي
    پنهنجي ئي زندگي دُکي ٿيندي

    -
    فرضُ پنهنجو اَدا ڪندو ٿو رهي
    دوست آهي، دغا ڪندو ٿو رهي

    -
    چنڊَ وانگي راتِ ۾ رهجي وئي
    هُوءَ اسانجي ذاتِ ۾ رهجي وئي

    -
    انڌي ٻوڙِي ٿيندي آهي
    گولِي ڪو سوچيندي آهي ؟

    -
    ڌُوڙ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
    هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر

    نوڪريءَ سان نِباههُ ڪر بيشڪ !
    سوچَ پنهنجي مگر، غلام نه ڪر

    ۽ هيءُ هڪڙي ٻي خاص خوبي به، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ته، مونکي جهڙوڪر
    اياز گــل جي غزل ۾ ئي گهڻو نظر آئي آهي ۽ اُها آهي ’غزل ـ شعر‘ جي پهرين سِٽَ پڙهندي، پڙهندڙَ جي ذهن ۾، پويان ايندڙَ سِٽَ اصل ۾ ته، ڪا ٻي ئي هوندي آهي، پر شاعرُ پنهنجي فني ڪمال سان اُتي رکندو ٻي سِٽَ آهي ۽ جنهن سبب، اُهو شعر پڙهندڙَ لاءِ يڪدم ئي حيرت جهڙو بڻجي پوندو آهي ـ ته مون چيو پئي ته اِهو گُڻ ته ڄڻ، اياز گــل جي غزلَ جو خاص گُڻ آهي. هُنَ وٽ ان رنگ جا هي ڪي ٿورا مثالَ ته ڏسو :

    اسان کي ڪهڙي پئي آ، ٺَرون زماني تي ؟
    زمانو ڪهڙو اسان تي ڀلا ٺَري ٿو پيو
    -
    مُنهنجي دل کي اچي لڳا آهن
    روڳَ ڀي روزگارُ چاهِن ٿا
    -
    هڪڙو تون ئي مُنهنجو ٿي وڃ
    سڀ سنسار، نٿو گهرجي
    -
    تيز ڄڻ برسات جيئن هُوءَ ڇوڪري
    هيءُ ڪچي ديوار جيان ڀُرندو رهيو
    -
    بدنَ جي رهي پوءِ به خوشبو الڳ
    عطُر ٿو لَٽن کي لڳايو هيو
    -
    سورجَ سان گڏ سفر ته گُذري ويندو آ
    سانجههَ - لَڙِيءَ جا اُلڪا، معنيٰ رکندا هِن

    ڪو سمجهي يا سمجهڻَ کان انڪار ڪري
    اَناالحق جا نعرا، معنيٰ رکندا هِن

    غزل ۾ خيال جي اهڙي تجسس ڀري حُسناڪي ڏيکارڻ کان سواءِ، اياز پنهنجي وايُن ۾ به ان ئي انداز سان اُنهن ۾ ڪششِ رکي آهي :


    هلڪو نه ٿيءُ ايڏو
    سڀ کان کِڄي رهيو آن
    خالي گهڙو ته ناهين !؟


    تون هُجين ته پوءِ پيارا !
    باکَ ۽ بهارُن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ !؟


    ڪپ تي ٻُڏي وڃڻ ۽
    ٻُڏندي، ٻُڏي ترڻ ۾
    ڪيڏو تضاد آهي !


    مُفلسي ته رهندي ئي
    پوءِ وڌيل پگهارُن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙوآ !


    هاڻي اکيُن ۾ پاڻي
    واريءَ مٿان بـَتيلا
    دَردن کي ڪير روڪي ؟

    هِندُ جي سُهڻي اردو شاعرَ ندا فاضلي، ڪنهن هنڌِ لکيو آهي: ”زندگيءَ سان مُهاڏي اٽڪائڻ لاءِ بهترين هٿيار ۽ دلڪش طريقو اِهو آهي ته، رومينٽڪ شاعريءَ جي ذريعي زندگيءَ جي ڏُکن ۽ ڏکيائِن جو تدارڪ سوچيو وڃي“. اياز گــل جا شعرَ پڙهو ته لڳندو، هُن به، پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڏُکن ۾، وطنَ واسين لاءِ ايئن ئي ته تدارڪ ڳوليو آهي:
    ڇا دوائُن سان جياريون جِندڙي ؟
    تُنهنجي نيڻن سان جيارڻ ٺيڪ آ
    -
    لڳي، جهانَ جا منظر مُئا پيا آهن
    کڻو نگاههَ ته هر چيزَ زندگي ماڻي

    ٻئي پاسي اياز گــل جو، وحشي انساني جيوَ، يعني اشرف المخلوقات کي ماڻهپي جو ڏَسُ ڏيندڙ هِي هڪڙو شعر ڏسو:

    آدمي ! ماڻهپي ۾ رهه ٿورو
    ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر

    ڏِٺو وڃي ته دنيا جو انسانُ، ڏينهن به ڏينهن اڄ جيڪا بَدنظمي ۽ مَڪاري اختيار ڪندو پيو وڃي، ظاهر آهي ته اياز گــل جهڙو حساس شاعرُ، ان کان اَڻ واقف ناهي ۽ هڪ ذميدار شاعرَ جي حيثيت ۾ ائين ڪرڻ کان، باز رکڻ لاءِ ماڻهن کي، هُن پنهنجي شاعريءَ ذريعي بار بار تنبيهه به پئي ڪئي آهي. تازو Time مئگزين ۾ ڏِٺم، آمريڪا ۾ برانس 200 نالي سان هڪ Expo ۾ سير ڪندي ڪندي، ڏِسندڙ هڪ اهڙي پُراسرار ڪمري جي دروازي وٽ وڃي پُهچندا آهن، جنهن تي لکيل هوندو آهي: ”دنيا جو خطرناڪ ترين جانورُ هن ئي ڪمري ۾ رهندو آهي“. ان ڪمري ۾ گِهربو آهي ته اتي ماڻهوءَ کي، قدِ آدم آرسي رکيل نظر ايندي آهي. جنهن ۾ سامهون نِهارڻ سان، خطرناڪ جانور طور ”ماڻهو“ پاڻ کي ئي نظر اچڻ لڳندو آهي. ٻئي پاسي ڏِسو ته هيءَ دنيا اڄڪلهه حيرت انگيز ايجادُن جي دنيا بڻجي پيئي آهي. قاتل ملڪ گهر ويٺي هزارين ميل ڏُور فاصلن وارن ملڪن تي، ميزائلن سان حملي ڪرڻ جا منصوبا جوڙيو ويٺا آهن. ڪمپيوٽر انجينيئرن جي دعويٰ آهي ته نهايت جلد، هُو انساني دماغ ۾ هڪ اهڙي Device فِٽ ڪرڻ وارا آهن جو، هُو خود به ڪنهن مشين وانگر ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا. تڏهن گلوبلائيزيشن جي نرغي ۾ گهريل دنيا جي انسان کي، اياز گــل جي هيءَ دُعا ڪيڏي نه وقتائتي دعا پئي معلوم ٿئي:
    ڀل هُجين تون چينَ ۾، جاپان ۾
    شالَ ڳڻجين پيو سدا انسان ۾

    اسان هڪ جيڏن ۽ همعصرن جي مقابلي ۾ آئون ڀانئيان ته، اسانجو دوست
    اياز گــل ! هڪڙو Contented شاعر آهي، ٿانيڪو ۽ پُرسڪون ، رولاڪن اوجاڳن، آوارگين، ڊِرنڪس، ۽ سموڪنگ کان آجو هڪ شاعرُ، ۽ هڪڙو انسان ! جنهن کي مستور ڀاڀي جهڙي خوبصورت ۽ ذهين زالَ جو پيارُ حاصل آهي، جنهن کي ’پرينءَ‘ جهڙو active ۽ پيارو پُٽ آهي، ۽ جنهن کي هندُ سنڌ ۾ جديد لهجي رکندڙ شاعرَ جي حيثيت ۾ مثالي شُهرت حاصل آهي، تڏهن هُن جي ذاتِ ۽ ڏاتِ تي جيترو رَشڪ ڪجي اوترو گهٽِ.
    شيخ ايـاز لکيو هو، هُن سوامي رام تيرٿ جي ڊائرين مان اُتساهه ماڻي، پنهنجي زندگيءَ جو پهريون غزل لکيو هو. اياز گــل پڪ سان ته، جنهن وقت هُن جي مَن ۾ شاعريءَ آرس پئي موڙيا، تنويرَ جي اسلوب ۾ اکيون کوليون هيون، پر اياز گــل بابت منهنجو مطالعو ۽ مشاهدو هاڻي هي آهي ته، هُن وٽ جيترو به آهي ۽ جيڪو به آهي، اُهو هن جو پنهنجو آهي. اَ-ڳاتو ۽ نجُ ! پنهنجو ۽ ذاتي ! ۽ اڄ اياز جيئن پنهنجي Talent باعث، عام پڙهندڙ کان وٺي راڳين ۽ دانشورن تائين هر واسي آهي، اُن کي ڏِسندي اڄُ مون کي يقين آهي ته، ايندڙ زمانن تائين به، هُو پنهنجي انهن گُڻن باعث مير عبدالحسين سانگي ۽ وفا ناٿن شاهيءَ وانگر، هر زماني ۾ چاههَ ۽ ذوق شوق سان پڙهبو پيو ۽ پِيڙهي به پيڙهي پڙهجندو ئي رهندو.
    مولاءِ ڪائنات فرمايو آهي: ”جنهن سان مِلو، يا پرکيو، هميشه اُن جي سُٺاين تي ئي نظر رکو، ۽ سندس بُراين کي... ٻين جي لاءِ ڇڏي ڏيو. مؤلا جن جي ان قول تي عمل ڪندي، ايـاز کي مون اڃا به وڌيڪ هِن مُهاڳ ۾ ساراهِڻ پئي چاهيو، ته هُن جو هي شعر اوچتو منهنجي چِتُ تي چڙهي آيو:
    اسان جي لاءِ اِها روشني ڀي ڪافي آ
    اسان کي ديپُ رهڻ ڏي، تون آفتاب نه ڪر

    ۽ اڄ... اياز گــل جي شخصيت ۽ غزلَ کي ڏِسندي ۽ پڙهندي، ۽ اُن بابت هي ڪجهه لِکندي حساب ٿو ويٺو لڳايان ته، چوٽيهه سالَ ته واهه جا ٿي ويا آهن، هاڻي اسان جي تعلق کي، ۽ قطع نظر ان طويل رفاقتَ ۽ محبتَ جي، هتي هُن جي سڀاءَ جي ڪِن پهلوئن ۽ غزلن ۾ ڪن هلڪين ڦلڪين شين بابت چاهيان ته انهن کي Point out به ڪري سگهان ٿو ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ذهني طرح سان پاڻ کي مون تياربه ڪيو، پر اَلاس ! اهڙي خيالَ ايندي ئي، ايازَ جي مٿئين غزل جو هي ٻيو شعرُ، اوچتو منهنجي قلمَ جو رستو روڪي اڳيان اچي بيهي رهيو آهي ۽ لڳيم پيو، ڄڻ اياز گــل خود پاڻ ئي پنهنجيءَ معصوم مُرڪَ سان آڏو اچي بيٺو اٿم ۽ چويم پيو:

    مَڃان ٿو مون ۾ سوين عيبَ، ساريون ڪوتاهيون
    ورهيَن کان پوءِ مليو آن، اِهي حسابَ نه ڪر!


    نصير مرزا
     ڪراچي، سنڌ.
    16-12-2007



    نوٽ: ڪراچيءَ ۾ شديد ۽ هنگامه خيز ريڊيائي مصروفيتن مان، آچر- 16هين ڊسمبر 2007ع تي وقت ڪڍي، مون هي مهاڳُ، ڊفينس ڪراچيءَ واري قبرستان ۾، ملڪهء ترنم نورجهان جي تُربت ڀرسان، ٿَلهي تي ويهي، منجهند کان شام تائين جي عرصي دؤران قلم برداشته لکيو آهي. ]ن . م[


    غزل

    ڀلي ته راههَ جا ڪنڊا کڻي گُلاب نه ڪر

    ڀلي ته راههَ جا ڪنڊا کڻي گُلاب نه ڪر
    اَسان جون آسون مگر يا خُدا ! سَراب نه ڪر

    جنين کي چاهيون، اُنهن کي به خوش رکي نه سگهون
    اسان کي پنهنجي ئي نظرُن ۾، ايئن خراب نه ڪر

    اسان جي لاءِ اها روشني ڀي ڪافي آ !
    اسان کي ديپُ رهڻ ڏي، تون آفتاب نه ڪر

    مڃان ٿو مون ۾، سڀئي عيبَ، ساريون ڪوتاهيون
    وَرهين کانپوءِ مليو آن، اهي حسابَ نه ڪر

    نه ڪنهن جو پيارُ قبولين، نه ڪنهن کي چاهين تون
    اَڪيلو گهاري حياتي ، مِٺا ! عذاب نه ڪر

    عجيب خيالَ، ڳَرا لفظَ، ڇِپَ معنائون
    شعرَ کي شعرُ رهڻ ڏيَ، ڪَوي ! نصاب نه ڪر

    مسيحا!، سنڌُ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳولِ
    رُڳو بيانَ نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر



    اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين

    اُجاڙ گهرَ جي ڪَٻٽَ جو، ڪتابُ ٿي ويندين
    جي خوابَ ڏِسندين نه پيارا ! ته خوابُ ٿي ويندين

    سدائين بند رهين جي، کُلين نه ڪنهن آڏو
    پئي پئي ئي ائين تون خراب ٿي ويندين !

    نه ڪنهن جي جاڳَ ۾ هوندين، نه ڪنهن جي سپني ۾
    اگر ائين ئي ڏُکيو ڪو نصاب ٿي ويندين

    هي جيڪي پيرَ کنيا ٿي نه !، پيارَ ڏي اَڄڪلهه
    ڳڀا ڳڀا تون مٺا ! بي حساب ٿي ويندين

    وطن جو نانءُ گهڻو ئي وتئه، ڪيئي ڪجھه نه
    ائين ڪندو جي رهين، مهڻي ــ هاب ٿي ويندين

     


    هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄڪلهه

    هزارين گهرَ جو اُجاڙي ٿي خودڪشي اَڄڪلهه
    مِرُون ڀي ڪين ٿيڻ چاهي آدمي اَڄڪلهه

    کِڙي ٿو چَنڊُ ۽ سورجُ به روزُ نِڪري ٿو
    مگر ٿئي ئي نٿي پوءِ به روشني اَڄڪلهه

    کُلي به روئجي ته پَڇتاءُ، گهٽِ ٿئي ئي نٿو !
    کِلي به ڪين ٿئي ٿي، دِلي خوشي اَڄڪلهه

    شهرَ ۾، ڳوٺَ ۾، واهڻَ ۾، هُوءَ ملي ئي نٿي
    ڪٿي ڪٿي نٿو ڳوليان مان، زندگي اَڄڪلهه

    اسان، اوهان کي ائين ڀي ڪڏهن وَڻيا آهيون ؟
    نٿي وَڻي جي، مڙيئي خير شاعري اَڄڪلهه

    سدائين پيرَ ڪڍڻ جو ئي ڊَپُ رهي هر دَم
    اها به ڪهڙي ڀلا آهي دوستي اڄڪلهه ؟

    اسان کي ڪهڙي پئي آ، جو سچُ ڳالهايون !؟
    سُڪونَ سان ٿا ڪيون پاڻَ، نوڪري اَڄڪلهه

    


    ڪنهن ٻوڙان ٻوڙَ وانگي آ

    ڪنهن ٻوڙان ٻوڙَ وانگي آ
    هي غَم گجگوڙَ وانگي آ

    اوهان ناهيو حياتي پوءِ
    ڌُڌُڙ ۾ ڊوڙَ وانگي آ

    مُحبتَ، آرسي ۽ شَڪُ !
    اُنهيءَ ۾ جوڙَ وانگي آ

    اسان جي دِل، صفا سوگهي
    پرين پنجوڙَ وانگي آ

    پُڇين ٿو: ” موتُ ڇا آهي ؟“
    وِڇوڙي ـ موڙَ وانگي آ

    هُو ساگَر ۽ اسانجي سِڪَ
    سنڌؤَ جي ڇوڙَ وانگي آ

    مِلڻُ هُن جو، کِلڻُ هُن جو
    غَمن جي ٽوڙَ وانگي آ

    


    رُڳو ٿي روههَ رُلائي، اکين جي دَربَدري !

    رُڳو ٿي روههَ رُلائي، اکين جي دَربَدري !
    ڪٿي ته پنڌُ کُٽائي، اکين جي دَربَدري !

    چِتائي ڏسجي ته، هي نيڻَ ڄڻ ته ٿَرُ ڀاسِن
    ڇڏي ٿي سمنڊَ سُڪائي، اکين جي دَربَدري !

    عجيب طورَ طريقا !! ، سدا رکي وئي آ
    هوا ۾ دِيپُ جلائي، اکين جي دَربدري !

    ڪو دَرُ به کُلندو ڪڏهن ؟، مُرڪَ جي صَدا ايندي
    پئي ٿي وقتُ وڃائي، اکين جي دَربَدري !

    ڪجن ته ڪهڙيون پُڇائون، ڪجن علاجَ گهڻا ؟
    ڪٿي ٿي سَچُ ٻُڌائي، اکين جي دَربَدري !

    ٿَڪڻَ جو نانءُ وٺي ئي نٿي، اَڃا تائين
    پرينءَ جا پارَ پُڇائي، اکين جي دَربَدري !

    


    اڳتي اڳتي يارَ ! ڏِسڻ ئي بهتر آ

    اڳتي اڳتي يارَ ! ڏِسڻ ئي بهتر آ
    هُن سوچيو: ” هُن پارِ وڃڻ ئي بهتر آ “

    هونئن ته ايئن بي نانءِ رهي ڀي، جِي سگهبو
    جيونَ کي پر نانءُ ڏيڻ ئي بهتر آ

    واههَ ڪِناري بيٺل، هڪڙي وَڻَ سوچيو:
    ”بيهڻ کان سؤ وار، وَهڻ ئي بهتر آ“

    آوازن سان ئي جيونَ کي معنائون !
    ڪيئن سوچيو تو !، ماٺِ رهڻ ئي بهتر آ ؟

    سُهڻي سنڌڙي، يا هُن جا سُندر سپنا
    سونهن جو هرڪو روپُ سڄڻَ ! ئي بهتر آ

    ڪنهن چهري تي، ڪارا لِيڪا پائِڻ کان
    سمجهان ٿو ته، بُرش ڀڃڻ ئي بهتر آ

    ڄاڻان ٿو هڪ زَهرَ پُڙي آ، ساڻُ مگر
    هُن کي پنهنجو دوستُ چوڻ ئي بهتر آ

    


    هي چنڊُ ٿِڙندو پيو، هوشَ ۾ ئي ايندو نه !

    هي چنڊُ ٿِڙندو پيو، هوشَ ۾ ئي ايندو نه !
    اوهان جي وارَ نه ويڙهيا، ته ڏينهنُ ٿيندو نه !

    ڪو دَردُ، ڪائي جُدائي، ڪو يارَ جو طعنو !
    ائين ته ناهي ڪوئي، ڀورَ ڀورَ ٿيندو نه ؟

    سڄي زماني کي، هُن جا هي لُڙڪَ ڏِسڻا هِن
    اکين جي قبرَ ۾، لاشا ته هُو لَٽيندو نه ! ؟

    ڪڏهن وِڇوڙو به، مرَهم ٿئي تو زَخمن جي
    ڪڏهن وِصال به آهي مِٺا ! ، ڏنگيندو نه !

    سڀيئي رَستا اسان جا، اُنهيءَ تي دنگُ ڪندا
    خُدا ڪندو ته ڪڏهن، هُو به مُنهن مَٽيندو نه !

    هَٿن ۾ باههِ کڻي، ڪيرُ تاوَ کان بَچندو ؟
    سو پيارُ ڪيئن پو وٺندو، جو پيارُ ڏيندو نه ! ؟

    سوالُ سنڌ جو آهي ۽ ويڙهِه جِيئڻ جي
    ڪڏهن به آڻِ صفا، هُو ائين مڃيندو نه !

    


    اڳيان تُنهنجو دَرُ ئي نه آيو هيو

    اڳيان تُنهنجو دَرُ ئي نه آيو هيو
    لڳو ڄڻ سفر ئي اَجايو هيو

    اسان کي وري هُو مليو پوءِ ڪٿي ؟
    اسان هڪڙو سپنو وِڃايو هيو !

    اسان کي نه آئي چڱي ڳالههِ ڪا
    اسان کي جيئڻُ ڪهڙو آيو هيو ؟

    اسان وقتُ کي ڪين ويجهو ڪيو
    ڀلا وقتَ ڪهڙو نِڀايو هيو ؟

    انهيءَ هنڌِ هڪ دردُ رهجي ويو
    جتان تو کِلي موڪلايو هيو

    بَدن جي رهي پوءِ به خوشبوءِ الڳ
    عَطرُ تو لَٽن کي لڳايو هيو

    مَڃون ٿا نه لاهي سگهياسي ڪڏهن
    مگر تُنهنجي ٿورن کي ڳايو هيو


    سدا ڇو وِڇوڙا ئي ها يادِ آيا ؟
    جڏهن ڀي ڪٿي موڙُ آيو هيو

    ها وِڇڙي ڪَمِي ئي رهي هر طرح
    رُڳو سُور دِل ۾ سَوايو هيو

    هُو گڏجڻ جو آيو ته احساسُ ٿيو
    ته هر وَهم دِل ۾ اَجايو هيو

    سڄي شهرَ کي ڪيرُ نابينُ چئي ؟
    اسان نُور پنهنجو وِڃايو هيو

    رُڳو نانءُ ئي ڪين هو سنڌڙي
    اَجهل عشقُ اکرين سمايو هيو



    ذهنَ تي اَڄ به ائين، نانءُ ڪو تَري ٿو پيو

    ذهنَ تي اَڄ به ائين، نانءُ ڪو تَري ٿو پيو
    ڊٺلَ مزار تي ڄڻ ديپُ ڪو ٻَري ٿو پيو

    جو توسان روز ٿو گڏجي، هُو جيئرو ماڻهو
    الائي ڏينهن ۾، ڪيڏا دفعا مَري ٿو پيو

    نه ڪائي آڳ، نه سورجَ سَوا ڪو نيزي تي
    شهرُ تڏهن به صفا برفَ جيان ڳَري ٿو پيو !

    اسان کي ڪهڙي پئي آ، ٺَرون زماني تي
    زمانو ڪهڙو اسان تي ڀلا، ٺَري ٿو پيو ؟

    اهو به ٺيڪ پري ڪين کيس سمجهيو مون
    ائين به آهي برابر، رهي پَري ٿو پيو

    ڪڏهن ته ڪوئي، اُنهيءَ کان ڪري پُڇاڻو جو ؟
    نظرَ سان روزُ نوان حادثا ڪري ٿو پيو

    وري وجود، رِهاڻيون، ڪهاڻيون پيو ٿئي
    اسان ڏي پيارُ وري، ڀاڳَ جيان وَري ٿو پيو

    


    زندگي ايئن واربي ناهي ڪڏهن

    زندگي ايئن واربي ناهي ڪڏهن
    پيارَ ۾ جي گهاربي ناهي ڪڏهن

    ڪوئي چهرو ڄڻ حياتي ٿو ٿئي
    ڪائي صورتَ ساربي ناهي ڪڏهن

    هر عملَ مان پيارُ ظاهر ٿو ٿئي
    دِل ڪڍي ڏيکاربي ناهي ڪڏهن

    هر خوشيءَ کان ڀل ڪجي ٽارو مگر
    ڳالههِ هُن جي ٽاربي ناهي ڪڏهن

    محبتون ڌاريو، نه ڌاريو دوستؤ !
    پر دَغا ڀي ڌاربي ناهي ڪڏهن


    جا هٿن مان وئي هلي، واريءَ جيان
    ڳالههِ سا وِيچاربي ناهي ڪڏهن

    ديس َ تان صدقو ٿيڻ، ٿي ٿَڄُ ۾ !
    راندِ هيءَ سيکاربي ناهي ڪڏهن

    ڀِٽَ ڌَڻيءَ ڀرسان، سُتل آ، جي ” اياز“
    سونهن ڇا سِينگاربي ناهي ڪڏهن ؟

    



    هوءَ ته محلين وڃي سُکِي ٿيندي

    هوءَ ته محلين وڃي سُکِي ٿيندي
    زندگي پُنهنجي ئي دُکِي ٿيندي

    سو به هڪ رُوپ موتَ جو هوندو
    هڪڙي سانئڻِ جڏهن رُکِي ٿيندي

    کيس ڪانهي خبر زماني جي
    ڏِسجو ڪيڏي هلي ڏُکِي ٿيندي !

    زندگي شُهرتون نٿي چاهي
    ها مگر پيارَ جي بُکِي ٿيندي

    هيءُ اَزل جو معاهدو آهي
    آءٌ سُورج ۽ هُوءَ مُکِي ٿيندي



    اَنڌيري راههَ کڻي زندگي رهي آهي

    اَنڌيري راههَ کڻي زندگي رهي آهي
    اسان جي سوچَ، سدا روشني رهي آهي

    ائين نه آهي ته دُنيا کُٽي وئي آ پر
    اسان جي دُنيا اُها ڇوڪري رهي آهي

    کڻي مِلون نه ڀلي، سالَ فاصلا بڻجن
    اَسان جا آهيو اوهين، خاطري رهي آهي

    ائين گُذاريو اسان آهي تُنهنجي دُنيا ۾
    اَنڌن جي شهرَ ۾ ڄڻ، آرسي رهي آهي

    وَساءِ پيارَ جا بادلَ، وڏا زمانا ٿيا
    هي زندگي ته صفا ڌَرتتي رهي آهي

    اَجاڙ نيڻَ، ٽُٽلَ دِل، ثبوت آ پيارا !
    اسان جي توسان ڪڏهن دوستي رهي آهي

    اُتم، عظيم، نه بهتر، صفا سِڌي سادي
    اياز گُــل جي مِٺا ! شاعري رهي آهي


    تون هُجين ڀل چينَ ۾، جاپانَ ۾

    تون هُجين ڀل چينَ ۾، جاپانَ ۾
    شالَ ڳڻجين پيو سدا انسانَ ۾

    هي اَمُن ۽ پيارَ جا، داعي عجيب !
    دردُ ٿا ڏيندا وتن جي دانَ ۾

    هرڪو عُهدن جي پناهُن ۾ لِڪل
    ڪو نٿو ڳوليو لڀي ميدانَ ۾ !

    اهڙو ڪهڙو ڏوههُ آ، سنڌي هجڻ ؟
    سنڌُ ٿي ڏيڻي پوي تاوانَ ۾ !

    ڪو بُکايل ئي ٿو بس سمجهي سگهي
    ڪيترو رومانس آهي نانَ ۾

    ٻه اکر ڪي پيارَ جا، سامهون چئين
    ڪهڙي گهٽتائي اچئي ٿي شانَ ۾ ؟

    ڇو لڳي ٿو ايئن، ڄڻ تولاءِ مان
    ٿي ويس شامل گَهرُو سامانَ ۾

    نيٺ ڪَٽجِي وياسي ڪپڙي وانگيان
    پاڻ ها ويڙهيا پياسي ٿانَ ۾

    ڇا ته ماضي هو صديون اڳُ سنڌُ جو !
    ڇا صديون رهبو، انهيءَ ارمانَ ۾ !؟

    زندگي مقصد بِنا آهي ائين !
    گُــل سُڪل ڄڻ ڪو هجي گُلدانَ ۾

    


    ساٿُ تُنهنجو ڇڏي ڀڳو ناهي

    ساٿُ تُنهنجو ڇڏي ڀڳو ناهي
    توکي بهتر تڏهن لڳو ناهي !

    توسان آهي ته پوءِ بدلبو ڪيئن ؟
    پيارُ آهي پرين !، وَڳو ناهي

    ماريو ويو آ، پِڙَ ۾ سوڍي جيان
    خوابُ نيڻن مَنجهان ڀڳو ناهي

    دِل تي هيڏو هِي دَرد جو حملو
    سائِرن، پر ڪٿي وڳو ناهي

    پاڻَ ئي مهربان ٿي ويو ڪو
    مون ته سورِيو ڪوئي سڳو ناهي

    تو کان، منهنجي گِهٽي به وسري وئي !
    مون ته ڀيرو ڪڏهن ڀَڳو ناهي

    ايترا غَمَ کڻي هُو ڪيئن جِيئندو ؟
    ماڻهو آهي مِٺا ! ڍڳو ناهي !


    ٿوريءَ دير ۾ ڏِسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي !

    ٿوريءَ دير ۾ ڏِسجو، مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي !
    منهنجيءَ ذاتِ جو هڪڙو حصّو، ڌارَ هي ريلَ ڪندي

    هائو جُدائيءَ سوچيو آهي، ٿورا ڏينهنَ رکي
    مون کي ٽوڙي ٽوڙي، جوڙي، ٽوڙي کيلَ ڪندي

    هُن وٽ هڪڙو اهڙو جادو آهي، هوءَ جنهن سان
    منهنجا نيڻَ ڪندي قيدي ۽ پنهنجا جيلَ ڪندي

    ميگههَ ملهار ٿيڻ ڏيو ٿَرَ تي، ان کي پوءِ ڏِسبو !
    ڇا ڇا مورُ ڪندو مستيءَ ۾، ۽ ڇا ڊيلَ ڪندي

    جڳَ جي ريتُن، رسمن پاران، جنگِ جڏهن لڳندي
    رُوحن تي راتاها لڳندا، جذبا ڀيلَ ڪندي

    تون هوندينءَ جي ساڻُ مٺي ! پوءِ رُت ـــ بَسنتي ڀي
    اڳي نه اهڙا ويسَ ڪيا ها، جهڙا هيلَ ڪندي



    پـيارَ جــو راڳُ ته ڇيڙيئه سُهڻا !

    پـيارَ جــو راڳُ ته ڇيڙيئه سُهڻا !
    ڪيڏا سُورَ سهيڙيئه سُهڻا !

    ويندي ويندي مُڙي ڏِٺَئين ڀي ؟
    جنهن لئه جڳَ سان جهيڙيئه سُـهڻا !

    نفرتَ، ڪاوڙ، طنزَ ڦُٽا هِن
    ڪهـڙي ڌرتي کيـڙيئه سُهڻا !؟

    يادِ نه آيُم، پوءِ اکڙيُن ۾
    سُرمو ڪيئن پکيڙَيئه سُهڻا !

    پيارَ ۾ گهاريلَ پَلَ ميڙي ڏِسُ !
    مالُ گهڻو ئي ميڙيئه سُهڻا !

    پيٽُ اکِيُن جو ڪين ڀريو پر
    سونهن ته روزُ پکيڙيئه سُهڻا !

    صادق يارَ ! * جو راڻو ڳاتَئي
    ڪيڏا ڦَٽَ اُڊيڙيئه سُهڻا !

    هُن کي پوءِ به زَهرُ لڳين تون
    ڏَندَ گهڻا ئي ٽيڙيئه سُهڻا !

    
    * سنڌُ جو سُريلو راڳي ــ مُنهنجو دوست صادق فقير


    اوهان کان پري ڀي نِهاري سگهان ٿو !

    اوهان کان پري ڀي نِهاري سگهان ٿو !
    مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو ؟

    ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
    سندءِ مهربانيون شُماري سگهان ٿو

    نئون نانءٌ دل تي، لِکان ڪيئن ٻيو ڪو ؟
    ٻريلَ کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو ؟

    وڏي ٿو مهارتَ رکي ڪوڙَ تي هُو
    وِساري چوي ٿو، وِساري سگهان ٿو ! ؟

    پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمَن کان
    مگر ڪين ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو

    ڪرم ٿي وڃي جي، سندءِ منهنجا مؤلا !
    عُمر کان به اڳتي نهاري سگهان ٿو

    هليو ويو ته، هاڻي مَياري نه ٿيندُس
    ٻه ٽي لُڙڪ هاڻي ته هاري سگهان ٿو

     


    ساڙِ نه ايئن شمشانَن ۾

    ساڙِ نه ايئن شمشانَن ۾
    جذبا بنديخانن ۾

    ايڏي اوندههِ ڪاٿئون آئي ؟!
    آهي روشن دانن ۾

    انسانن کي ڪين ورهايو
    رنگَ، نَسل جي خانن ۾

    عشق ئي هڪڙو سَنڌو آهي
    دانائَن، ديوانن ۾

    ڪو انسان به پُهتو آهي ؟
    سرڪاري ايوانن ۾
    ڪهڙو فرق رهيو آ هاڻي ؟
    ماڻهن ۾، حيوانن ۾ !

    ساري عُمر وڃي ٿي گُذري
    دَردنَ ۾، درَمانن ۾

    ڳوڙها اک ۾ ايئن لڳا پئي
    گُـل جئين، گُـل ــ دانن ۾

    


    پيارَ بنا هي شاعرَ سارا ڪيئن ڪندا ؟

    پيارَ بنا هي شاعرَ سارا ڪيئن ڪندا ؟
    بندِ ڳليءَ ڏي ويندڙ چارا ڪيئن ڪندا ؟

    چهرو ڪوئي، ديپَ، اشارا ڪجهه ڪونهي
    عُمر سڄي هي خالي جارا ڪيئن ڪندا ؟

    مون ڀي دَرَ جي بندِ رکيا پنهنجيءَ دِل جا
    سوچيان ٿو هي دردَ ويچارا ڪيئن ڪندا ؟

    جهڙو تهڙو وقتُ سڀن جو گُذري ٿو
    وِڇڙيل ماڻهو سوچِ گُذارا ڪيئن ڪندا ؟

    سِيرَ ۾ ساههُ ڏِنو جن، تِن جو ڀاڳَن تي
    جن کي ٻوڙِنِ پاڻَ ڪنارا، ڪيئن ڪندا ؟

    سَکڻا لفظَ سفر ۾ ساڻُ کڻي نِڪتين !
    ناوَ بنا آخر وَڻجارا، ڪيئن ڪندا ؟

    تون جو سمنڊَ جيان کارو ٿي ويو آهين
    جذبا پنهنجا پوءِ اُڃارا ڪيئن ڪندا ؟

    تُنهنجيءَ دِل ۾ فرقَ نه ڪوئي شالَ اچي
    ماڻهو ڌارَ اسان کي پيارا !، ڪيئن ڪندا ؟



    مُنهنجو نالو ئي سَکي ! ، وِسري ويئه

    مُنهنجو نالو ئي سَکي ! ، وِسري ويئه
    گُـلَ ڪتابن ۾ رکي، وِسري ويئه

    تو چَپن سان ته مڃيو ڪين مگر
    ڳالههِ چهري مان بَکي، وِسري ويئه

    دوستَ !، آزاد فِضائُن ۾ وڃي
    هڪڙو پِڃري جو پکي، وِسري ويئه

    تو ته احساسَ سڀيئي ماڻيا
    مون جُدائي، ئي چَکي، وِسري ويئه

    جنهن کي سُرمو ٿي چَيئه، اکڙين جو
    ڪيئن سو هرڻَ ــ اَکي !، وِسري ويئه ؟



    دِل ۾ اُڌما، صدما، معنيٰ رکندا هِن

    دِل ۾ اُڌما، صدما، معنيٰ رکندا هِن
    ٻارن لئه رانديڪا، معنيٰ رکندا هِن

    سُورجَ سان گڏُ سفر ته گَذري ويندو آ
    سانجههَ لَڙيءَ جا اُلڪا، معنيٰ رکندا هِن

    ڪِن سان گهاريل جيونُ، بي معنيٰ آهي
    ڪِن سان ٻَٽڙي لمحا، معنيٰ رکندا هِن

    پنهنجو پاڻَ سان ڳالهيون، سارُون ۽ سپنا
    اکڙِين جا اوجاڳا، معنيٰ رکندا هِن

    ڀلي وضاحَت ڪرِ، اُنهن جي ڪهڙي ڀي
    سانئڻ ! تُنهنجا طَعنا، معني ٰ رکندا هِن

    پوءِ به عڪسَ اُهي ئي تِن ۾ رهندا هِن
    ٽُڪرا ٿي آئينا، معنيٰ رکندا هِن

    ڪو سمجهي، يا سمجهڻ کان انڪار ڪري
    ’اَناالحق‘ جا نعرا، معنيٰ رکندا هِن


    خوابَ، خُمار نٿو گُهرجي

    خوابَ، خُمار نٿو گُهرجي
    ڪنهن کي پيارُ، نٿو گُهرجي ؟

    وڌندو ويندو، دِل جي گهرَ ۾
    ننڍڙو ڏارُ نٿو گُهرجي

    هڪڙو تون ئي منهنجو ٿي وَڃُ !
    سڀ سنسار، نٿو گُهرجي

    ڏيڻو ٿي جي، ساٿُ ڏي باقي
    هي سهڪار، نٿو گُهرجي

    اهڙي ڪهڙي دِل آ، جنهن کي
    ڪو دلدار، نٿو گُهرجي !

    هُن کي ڀي واپاري گُهرجن
    ڪو فنڪار، نَٿو گُهرجي

    پيٽَ بُکئي ماڻهؤ کي ميلو
    ۽ ملهار، نٿو گُهرجي

    پٿر آ، گُلَ، سازَ ۽ جنهن کي
    گهرَ ۾ ٻار، نٿو گُهرجي



    هي جيئڻَ لاءِ سڀ جَتن پنهنجا

    هي جيئڻَ لاءِ سڀ جَتن پنهنجا
    جنگِ وانگر هئا اَمن پنهنجا

    ٿي سگهي آ، نه پنهنجي ويراني !
    ڪيئن ٿيندا ڀلا چَمن پنهنجا ؟

    ڪا قيامتَ مٿان ٿي گُذري تڏهن
    ڪيرُ ايئن ٿو ڇڏي وَطن پنهنجا ؟

    ڇا ٿا ڳوليو، شعرَ ۾ بَحرو وَزن !
    پيارَ جا ٿا، ٿين وَزن پنهنجا

    جي مِلون ٿا، مِلن ٿيون معنائون
    سَنڍِ، بي نانءِ هونئن بَدن پنهنجا

    عشقَ جي ڪنهن وڏيءَ عدالتَ مان
    روزُ نِڪرن پيا سَمَن پنهنجا

    سڏُ ٿيندو ته، ساههُ تُنهنجو آ
    سنڌُ ! توسان اِهي وَچَن پنهنجا

    پاڻَ سان گڏُ کڻي هلو، سڀ ئي
    ويڙههِ جو حوصلو، ڪَفن پنهنجا



    ڇاهي يارَ ! جُدائي، توکي ڇا معلوم ؟

    ڇاهي يارَ ! جُدائي، توکي ڇا معلوم ؟
    ميلي جي تنهائي، توکي ڇا معلوم ؟

    يادِ اسان کي روليو ڪيڏو راهُن ۾
    راتِ جڏهن ڀي آئي، توکي ڇا معلوم ؟

    هُن کان ڌارَ رهي ڀي، هُن جي ئي رهندي
    هِن دِل جي اَرڏائي، توکي ڇا معلوم ؟

    هُن جا نيڻَ ڪڏهن تو ڪين ڏِٺا آهن
    سمنڊَن جي گِهرائي، تو کي ڇا معلوم ؟

    پيارَ جي پاڇي کان ڀي دُور رهيو آهين
    تُنهنجي عُمر اَجائي، تو کي ڇا معلوم ؟

    عَطرن جي سُرِهاڻ، تون بيشڪ ڄاڻين ٿو
    سوچُن جا ڦَهلائي، توکي ڇا معلوم ؟

    ڪيئن هي درِدَ ٽِڙيا، گُل ها ڄڻ اَندر ۾
    ۽ ڪيئن مُندَ ملهائي، تو کي ڇا معلوم ؟



    فرضُ پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي

    فرضُ پنهنجو ادا ڪندو ٿو رهي
    دوستُ آهي دغا ڪندو ٿو رهي

    تُهمتون هُن ڇڏيون وِرهائي سڀ
    نيڪ آهي، سخا ڪندو ٿو رهي

    اَکِ اُماڙي، زِبانَ خنجر جيان
    سونهن کي به سزا ڪندو ٿو رهي

    زندگي چار ڏينهنَ، مگر انسان
    روزُ ڪيڏا خفا ڪندو ٿو رهي !

    هُو خدا ناهي، پر اُنهيءَ وانگي
    اَڻ گُهري ئي، عطا ڪندو ٿو رهي

    روزُ سوچي، لِکي ۽ ڳالهائي
    هُو خطا تي، خطا ڪندو ٿو رهي

    لوڪُ پٿر، وري وري ٿو وَسي
    هُو دُعا آ، دُعا ڪندو ٿو رهي

    دادُ ملندو يا دَربَدر ٿيندو ؟
    ڪجهه نه سوچي، وَفا ڪندو ٿو رهي

    ماٺِ جي شهرَ ۾ اَڃا تائين
    ڪو مسافر صدا ڪندو ٿو رهي




    توکان وِڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي ؟

    توکان وِڇڙي زندگي ٻيو ڇا ڪندي ؟
    دَربَدر پنهنجا رُڳو سپنا ڪندي !

    هڪڙو ننڍڙو دَردُ ٿو ڇِيهون ڪري
    ويڪري ڇاتِي به آخر ڇا ڪندي ؟

    روز گڏجڻ ڀي نٿو الزامَ ڏي
    ڪا نظرَ ڀي آ، ڪڏهن رُسوا ڪندي

    هيءَ اَڪيلائي اکيون مَهٽي اُٿي
    ڪنهن پرينءَ جي آ، پئي ڳولاڪندي

    سڀ اَڌورا گُذرندا، ٽُڪرا ٿيل !
    ڪيترا ئي هُوءَ کڻي واعدا ڪندي

    ڪيئن سي آزاد ٿي سگهندا ڪڏهن ؟
    هُو جي نيڻن ۾ وڃي سوگها ڪندي

    هڪڙي پَل ۾ آهي، اکڙين جو ڪمالُ
    هُوءَ زمانا ٿي وڃي سوگها ڪندي

    دُشمني ڀي، دوستيءَ جو رُوپ ۽
    ها ڪڏهن ياري به آ، دوکا ڪندي

    ڪنهن ٻَروچل تائين پُهچڻ واسطي
    آسَ پنهنجي پئي، سدا واڪا ڪندي



    ايئن کڻي جو موتَ ڏي سُرندو رهيو

    ايئن کڻي جو موتَ ڏي سُرندو رهيو
    زندگيءَ کان حوصلو گُهرندو رهيو

    سڀ نشانيون ٿيون نظرَ کان ڌارَ پر
    نانءُ هڪڙو هانءَ ۾ هُرندو رهيو

    ڪنهن سُريلي گيتَ جيان، دِل جي ڪَنيٖن
    روزُ هڪڙو دردُ پيو ٻُرندو رهيو

    سارَ هئي، سپنو هيو يا سُور ڪو ؟
    زخمَ وانگي جو سدا ڪُرندو رهيو

    تيز ڄڻ برساتِ جيان، هوءَ ڇوڪري
    هيءُ، ڪچِي ديوارَ جيان ڀُرندو رهيو

    جڳُ واپاري هيو ۽ پيارَ لئه !
    وقتُ تارازي هيو، تُرندو رهيو

    سگههَ وارا ڏينهن وِسريا ڪين پئي
    جِيءَ ۾ ڪو جُهونڙو جُهرندو رهيو


    ڪنهن ڏِنا هي گهاوَ ؟، ليکا بعد جا

    ڪنهن ڏِنا هي گهاوَ ؟، ليکا بعد جا
    ذَهنَ ٽُڪرا ٿي سهيڙيا يادِ جا

    دِل ۾ ڪو احساسُ جيئرو ڀي اَٿئي ؟
    تو هڻين نعرا جو زندهه بادِ جا !

    ماءُ پيءُ ڪيڏو ڏُکارو ٿو ٿئي !
    ڪي اَنگلَ، ڪيڏا ڏُکيا اولادِ جا

    ڪنهن گهڙيءَ بيهي وڃي، ڪهڙي خبر ؟
    حالَ پُورا هِن دلِ بربادِ جا

    سانتِ ساري شهرَ تي ڇانيلَ هئي
    چَپَ سِبيل ها، دادِ ۽ فريادِ جا

    توکي آڻي، ايترو ويجهو ڪَيئِين !
    ڪيترا ٿورا اسان تي يادِ جا

     


    سڄڻُ گُهرنديون رهيون اڄُ ڀي

    سڄڻُ گُهرنديون رهيون اڄُ ڀي
    اکيُون ڪُرنديون رهيون اڄُ ڀي

    وڇوڙي ــ ويلَ جون ڳالهيون
    هِينئين هُرنديون رهيون اڄُ ڀي

    ڪي يادون، اَجرڪَن وانگي
    ذِهنُ ڇُرنديون رهيون اڄُ ڀي

    نه روڪيو ڪالههِ ديوارُن !!
    ڀِتيون ڀُرنديون رهيون اڄُ ڀي

    عَجب خاموشيون دِل جون ! ڪَنٖين ٻُرنديون رهيون اڄُ ڀي

    


    پاڻَ کي ان رِيت مارڻُ ٺيڪ آ ؟

    پاڻَ کي ان رِيت مارڻُ ٺيڪ آ ؟
    ڇا ائين هُن کي وِسارڻُ ٺيڪ آ ؟

    رات آئي ۽ وري تارَن پُڇيو:
    ”چنڊَ لئه، ايڏو نِـهارڻُ ٺيڪ آ ؟“

    يارَ ! سوچيان ٿو، مگر سمجهان نٿو
    تو بِنا جيون گُذارڻُ ٺيڪ آ !

    ڇا دوائُن سان جِيئاريون جندڙي !
    تُنهنجي نيڻَن سان جيئارڻُ ٺيڪ آ

    هر گَهڙي تُنهنجا پيا رَستا ڏِسن
    نيڻَ پنهنجا ايئن کارڻُ ٺيڪ آ ؟

    سونهن وارا ! روز هي سِينگارجَڻ
    باههِ تي ايئن تيل هارڻُ ٺيڪ آ ؟

    وِکَ ڀي اڳتي وڌائين ها ڪڏهن !
    ڇا رُڳو رستا نِـهارڻُ ٺيڪ آ ؟

    


    نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻَ تي دِل چاهي

    نئون نئون ڪجهه نئون ڪرڻَ تي دِل چاهي
    پاڻيءَ تي ٿي پير ڌَرڻَ تي دِل چاهي

    گُم سُم، گُم سُم ويٺو هُجِجي ڪمري ۾
    ٿَڌا ٿَڌا ٿي ساههَ ڀرَڻ تي دِل چاهي

    توسان گڏجڻ موتُ ئي آهي ڄڻ هاڻي
    ۽ پنهنجي ٿي، روزُ مرڻَ تي دِل چاهي

    ديپَ جيان ٿي، يا ڪنهن ٻَرندڙَ ڪاٺيءَ جيان
    پنهنجي هر پل يارَ !، ٻَرڻَ تي دِل چاهي

    سوچي سمجهي، جيڪي ڪُجهه ڇڏي اَچجي
    ڪيئن اُنهيءَ ڏي پوءِ وَرڻَ تي دِل چاهي ؟

    ماڻهو سمجهيو ويندو، آخر ماڻهوءَ کي !
    اکڙِين ۾ ٿي خوابَ ڀَرڻَ تي دِل چاهي

    


    سڄو ڏِهاڙو ئي پيارا !، بَڻي بَڻي ٿَڪبين !

    سڄو ڏِهاڙو ئي پيارا !، بَڻي بَڻي ٿَڪبين !
    تون پنهنجو پاڻ کي آخر وَڻي وَڻي ٿَڪبين !

    ڪو هڪڙو ٻيرُ به ڇَڻندو نه، پيارَ جو هِن مان
    عجيب ٻيرِ آ، پٿرَ هَڻي هَڻي ٿَڪبين !

    نه هُن جو ساٿ ئي ملندءِ، نه اعتبارُ ڪڏهن
    قسمَ، قرآنَ ۽ ساکُون کَڻي کَڻي ٿَڪبين !

    صبُر سان گهاوَ، سهڻ جو به حوصلو ڪيڏو ؟
    گهڙِي گهڙِي آهي نيزي ــ اَڻِي، اَڻِي ٿَڪبين !

    صَدين جي پياسِ کڻي، ٿَرَ جيان رهيو آهين
    هي زندگي ته اَڃا ڀي ڪَڻِي ڪِڻِي ٿَڪبين ؟

    وري وري توکي ڦُٽِڻو آ، گُل آهين تون !
    نٿو مان سمجهان ته سُهڻا !، ڇَڻِي ڇَڻِي ٿَڪبين

    


    ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا

    ماڻهو اڳيان، پويان پاڇا ڊوڙن ٿا
    نَظرن ڏي هر روز تماشا ڊوڙن ٿا

    سچَ، اُصول ۽ احساسن کي دفنائي
    رستن تي بس زندهه لاشا ڊوڙن ٿا

    ڪيئن ڪري سگهندا، منزل کي پنهنجو هُو ؟
    خيالَ اُهي جي چارَئي پاسا ڊوڙن ٿا

    ٻارَ ڇا ڄاڻِن، جيونُ ڪهڙي ويڌن آ
    جنهن جي پويان اَمان، بابا ڊوڙن ٿا

    هر شيءِ هُن کان ڪيڏو ڏُور هلي وئي آ
    دِل پاسي بس يارَ !، دِلاسا ڊوڙن ٿا

    سالن کانپوءِ توسان گڏجڻ ٿيو آهي
    چَپڙن ڏي ڄڻ هو جمالا ڊوڙن ٿا

     


    ڌُوڙِ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر

    ڌُوڙِ وڏڙن جو نيڪ نام نه ڪر
    هر نئين سِجَ کي سلام نه ڪر

    نوڪريءَ سان نباههُ ڪرِ بيشڪ !
    سوچَ پنهنجي مگر غلام نه ڪر

    پيارَکي ڪر نه، چؤنڪَ جو رونشو
    دِل جي رَستي کي، راههِ عام نه ڪر

    آدمي !، ماڻهپي ۾ رَههُ ٿورو
    ايئن اونڌو صفا نظام نه ڪر

    خودڪشي حَلُ، نه ماڳُ ئي پيارا !
    زندگي رُڃَ ۾ تمام نه ڪر

    جيڪي سَچُ آهي، سو ته چونداسي
    تُنهنجي مرضي ڀلي ڪلام نه ڪر

    


    اَسان جي ڏاتِ کي، جنهن جاءِ ماتِ ٿي ڏِسجي

    اَسان جي ڏاتِ کي، جنهن جاءِ ماتِ ٿي ڏِسجي
    اوهان جا نيڻَ، جتي ڪائناتِ ٿي ڏِسجي

    لڳيس شهرُ نه پنهنجو، وَڻٖي نه آئينو
    نئين نئين ڪا ٿيلَ وارداتِ ٿي ڏِسجي

    ٻيو ته ڪُجهه نه ٿيو، پر اوهان پُڄاڻان دوستَ !
    حياتي هڪڙي ڊگهي ڄڻ ته راتِ ٿي ڏسجي

    ٽُٽي ته راههَ ۾ گڏجڻ به ڪين ٿا چاهيون !
    جُڙي ته ٻي ۾ ڀي، پنهنجي ئي ذاتِ ٿي ڏسجي

    نه دَردُ، پيارُ، وڇوڙو، نه خوابُ ئي ڪوئي
    شعرُ ته ناهي، رڳو فاعلاتِ ٿي ڏسجي

    کِلن ٿا ماڻهو ته ٿو روئڻَ جو گُمان ٿئي
    عجيب شهرُ آ، جت ڏينهنُ، راتِ ٿي ڏسجي

    اوهان کي هاڻي وِساري ڇڏيون صفا دِل تان
    اسان کي پنهنجي انهيءَ ۾، نجاتِ ٿي ڏسجي

    


    جي تُنهنجي پيارَ جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني !

    جي تُنهنجي پيارَ جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني !
    هي زندگي ته رُڳو رُڃَ، رُڃَ آهي ني !

    پري جو آهيون ته ڄڻ، دردَ جي سفرَ ۾ هئون
    ٻنهي کي وقتُ پيو ڳاههَ وانگي ڳاهي ني !

    سڄي حياتي جنين راتِ ۾ گُذاري آ
    ڪڏهن ته ڪوئي، اُنهن تي به ڏينهُن لاهي ني !

    وِصالُ پنهنجو مُقدر به ٿي سگهي ٿو پر
    سوالُ آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي ني !

    اسان ته پنهنجي ئي سوچُن کان هارَ کاڌي آ
    اسان کي پنهنجا، ڇڏيندا ڪي خوابَ ڊاهي ني !

    رُڳو ٿي ڌُوڙِ رهي، زَخم زَخم پيرنِ تي
    جڏهن به حِرصُ ڪوئي، ڊوڙَ ۾ ٿو لاهي ني !

    


    تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي

    تو جي آهين ته ڄڻ سحرَ وانگي
    زندگي هونئن ته هئي زَهرَ وانگي

    تُنهنجون ٻانهون، جيئين ڀِٽون ٿَـرَ جون
    وچ ۾ آءٌ ڄڻ ڏَهرَ وانگي


    هُو ائين هو دارَ سان ٻَکجِي ويو

    هُو ائين هو دارَ سان ٻَکجِي ويو
    ڄڻ پرينءَ جي سارَ سان ٻَکجِي ويو

    کيس تُنهنجي جيتَ هئي، گُهربي تڏهن
    هوُ سدائين هارَ سان ٻَکجِي ويو

    ويا پکي اُڏري، پرانهين پارَ ڏي
    گهرُ سندن پر ڏارَ سان ٻَکجِي ويو

    ديسُ هُن کي يادِ پوءِ آيو ڪٿي ؟
    هُو جڏهن درٻار سان ٻَکجِي ويو

    تو ڪڏهن آهي ڏِٺو، ڪنهن دؤرَ ۾ ؟
    ڪو ڪَمِي، ڀوتارَ سان ٻَکجِي ويو

    ڪنهن ڪَکائين گهرَ ۾ جَنميو، ڄمڻ سان
    ٻارڙو وانگارَ سان ٻَکجِي ويو

    زندگي وئي زندگيءَ کان ڌارَ ٿي
    واقعو اخبارَ سان ٻَکجِي ويو

    هُو سدا دُکندو رهيو، پرنيٺ ڀي
    چڻنگَ وانگي ڇارَ سان ٻَکجِي ويو

    دردَ ها ۽ دِل اسان جي، ڀاڪُرين
    يارُ ڄڻ ڪو يارَ سان ٻَکجِي ويو

    گُلَ سوچيو: ”کيس ڪرڻو آهي ڪجهه“
    ۽ ائين هُٻڪارَ سان ٻَکجِي ويو

    


    راتِ موٽي ته کڻي آئي، اَنڌيرا دِل ۾

    راتِ موٽي ته کڻي آئي، اَنڌيرا دِل ۾
    ڏي ڪي يادون، ته ٿين يارَ !، سويرا دِل ۾

    ٿي وِڇوڙو ته، ٻيو ڇاٿو رهي جيونَ ۾ ؟
    لُڙڪَ رهجي ٿا وڃن، سارَ جا پيرا دِل ۾

    مون مڃيو ئي نه ڪڏهن، هُو به بَدلجي ٿو سگهي
    خيال آيو هو گهڻئي، هونئن ته ڀيرا دِل ۾

    ڪوئي ناتو، نه سُڃاڻپ ئي رهي ٿي ڪائي
    وقتُ آڻي ٿو ڇڏي دوستَ !، ڪي ڦيرا دِل ۾

    پيارَ تي ڪيڏو نه، سُهڻو ٿي پئي ڳالهايئين !
    ڪنهن ڏِٺو ؟ خيالَ هئس، ڪيڏا نه ميرا دِل ۾

    کيتَ ۾ نارِ ننڍي نيٽي ڏِسي موٽيو آن !
    ڪجهه ته سوچين ٿو پيو ؟، نيٺِ وڏيرا دِل ۾ !

    


    دلبرَ کان دِل ڌارَ هئي ڪا

    دلبرَ کان دِل ڌارَ هئي ڪا
    آنڌيُن جي آڌارَ هئي ڪا

    ڳَڀا ڳَڀا وئي، ذهنُ ڪري ايئن
    يادِ به ڄڻ تلوارَ هئي ڪا

    پڙهندي پڙهندي يادِ اچي وئين
    ”سارنگا“ ۾ سارَ هئي ڪا

    لفظَ، ڊِنَل طوفانَ کان پَنڇِي
    اهڙي ته ماٺارَ هئي ڪا !

    جذبا، بيمانا * ٿي موٽيا !
    سامهون ڄڻ ديوارَ هئي ڪا


    هُوءَ اسان کان وِسري ويئي
    جِيتَ هئي يا هَارَ هئي ڪا !

    هُن حياتي ايئن گُذاري
    وَڏِڙن کان وانگارَ هئي ڪا



    * سارنگا: سنڌي ادب جو تخليقي ڪتابي سلسلو
    * بيمانا: مانَ کانسواءِ- بي عِزتا


    چنڊَ وانگي راتِ ۾ رهجي وئي

    چنڊَ وانگي راتِ ۾ رهجي وئي
    هُوءَ اسان جي ذاتِ ۾ رهجي وئي

    هُن اَڃا وارنِ کي ويڙهيو ڪين هو
    ڪا ڪَمِي پرڀاتِ ۾ رهجي وئي

    دِل چريءَ سان، ننڊَ پنهنجي ۽ نظرَ
    ها پرينءَ جي جهاتِ ۾ رهجي وئي

    ڪو صدين جو ٿَڪُ هيو، ڳولا هئي
    جا اَسان جيءَ ڏاتِ ۾ رهجي وئي

    ڪيرُ ساجن کي چوي، پُوري ڪري ؟
    آسَ جا برساتِ ۾ رهجي وئي

    زَخم سيني تي لڳل، تَمغن جيان
    جيتَ هر ڪا، ماتِ ۾ رهجي وئي



    اَلائي ڇا ڇا وِڃائي، وِساري پُهتاسي

    اَلائي ڇا ڇا وِڃائي، وِساري پُهتاسي
    اوهان جي دَرَ تي ائين، عُمرِ ڳاري پُهتاسي

    ڏِسڻَ ۾ ٽَهڪَ ٽِڙيا ٿي، اسان جا ٽانگُر جيان
    اَندرَ اَندرَ ۾ لکين لُڙڪَ هاري پُهتاسي

    اسان جي دِل ۾ به هڪ شامَ هئي لَٿل، ڄڻ ڪي
    اوهان جي شهرِ جڏهن شامَ ڌاري پُهتاسي

    سَڙي رهيو هو، سڄو ئي وجودُ سوچُن جو
    ائين ها يارَ وٽان ڏينهنُ ٺاري پُهتاسي

    اوهان جو هوڏَ کي زندهه رکڻ، ضروري هو
    اسان اکين جا سڀئي خوابَ ماري پُهتاسي

    نه راههَ، راههَ ڏني ڪا، نه ماڳَ پنهنجو ڪيو
    اسان کان پُڇ ته، ڪئين وقتُ ٽاري پُهتاسي ؟

    انڌيري راههَ ٿا چاهيون، ائين متان ڪو چئي !
    اَندرَ جا گهاوَ ڪري ديپُ، ٻاري پُهتاسي

    


    ايئن مشڪل نه زندگاني ڪَر

    ايئن مشڪل نه زندگاني ڪَر
    مون تي ايڏي نه مهرباني ڪَر

    ساڳيا ساڳيا، وري وري ٿا اَچن
    دردَ ڏي پر مٿن نِشاني ڪَر

    ڪنهن ته ماڻهوءَ کي معتبر ڪَر تون !
    ڪنهن جي نالي ته هيءَ جواني ڪَر

    هيءَ دِل، مِلڪ ٿَئي حڪومت لئه !
    منهنجي اکڙِين کي راڄڌاني ڪَر

    آءُ سوچَن تي، سوڀَ حاصل ڪَر
    منهنجي خوابَن تي حُڪمراني ڪَر

    پيارُ ڪَٽجِي ۽ ضَربِجي نه وڃي
    ايڏا ليکا نه هاڻِ جاني ڪَر

    پيرُ پَٽَ تي رهي، چڱو آهي
    ڳالهيون پيارا ! نه آسماني ڪَر

    سچَ ۽ سُونهَن تي به، سوچِ ڪڏهن
    پنهنجو مرڪز رُڳو نه ماني ڪَر

    يا خدا ! عامَ جي دِلين ۾ هُجان
    نه اول ۽ نه ڪنهنجو ثاني ڪَر

    


    پيارُ به هُن پئي ڪيو ڪم ڪار جيان

    پيارُ به هُن پئي ڪيو ڪم ڪار جيان
    هوريان هوريان ٿي ويو سنسارَ جيان

    ٿِي پرينءَ جي سونهن جيان، سينگارَ جيان
    ڇو ٿئين هر وقت جي تڪرارَ جيان ؟

    خوابَ، خوشيون، خواهشون ڦاٿلَ رهن
    زندگي ڇو ٿي ٿئي، ڪنهن ڄارَ جيان

    هُو جڏهن ڀي ڌارَ ٿيو، خوش خوش رهيو
    مان رهيس ميلي ۾ وِڇڙيل ٻارَ جيان

    منهنجا جذبا ايئن، جيئن سنڌُ جو عوام
    هر عملَ ۾ هُو سدا سرڪار جيان
    ماءُ جي مِٺيءَ جيان ڪائي مَرهم !
    ڪوئي آٿَتُ آ، سڄڻَ جي سارَ جيان ؟

    جنهن کي آيو جو، ويو لِکندو مٿسِ
    هُو رهيو ساري عُمر ديوارَ جيان

    بارشُن جي موسمَن ۾ سوچجانءِ
    ڪيئن وِڇوڙا ٿا ڪَپِن تلوارَ جيان



    تو وِساريو نه، پنهنجو ناتو آ

    تو وِساريو نه، پنهنجو ناتو آ
    مون انهيءَ ۾ سُڪون پاتو آ

    ها وڏي واڪ ٿا چئون اَڄ ڀي
    نينهُن لاتو آ، نينهُن لاتو آ !

    عشقُ هاڻي جتي به پُهچائي !
    پاڻَ مقتل ۾ پيرُ پاتو آ

    دِل ۾ محسوس ٿيا ٿي وَسڪارا
    ڪنهن، جو ٿَرَ ۾ ملهار ڳاتو آ

    جيڪو پنهنجو ئي ڪين ٿيو ڪڏهين
    ڪيئن تو کيس، پنهنجو ڄاتو آ ؟

    مُنهن موڙي ٿو سنڌُ کان، اڳ تَنهن
    سڱَ ڪهڙو ڀلا سُڃاتو آ ؟


    هُنَ کان مُنهنجو پيارُ، مُنهنجي دوستي وِسري وَئي

    هُنَ کان مُنهنجو پيارُ، مُنهنجي دوستي وِسري وَئي
    مُنهنجي خوابن جي مٿان، ڄڻ ٽرين ڪا گُذري وَئي

    هُنَ جي نيڻن ۾ جڏهن کان، اوپرائپَ وئي اچي
    مُنهنجي نيڻن مان تڏهن کان، ننڊَ ئي اُڏري وَئي


    صفا مَرڻ جي ڳالههِ آ

    صفا مَرڻ جي ڳالههِ آ
    جُدا ٿيڻ جي ڳالههِ آ

    ڪي خوابَ جِي سگهن پيا
    نظرَ کڻڻ جي ڳالههِ آ

    هي دردَ ڀي دوا مٺا !
    رُڳو سَهڻَ جي ڳالههِ آ

    قريب ٿي چئي ويو
    پري وڃڻ جي ڳالههِ آ

    ڪٿي چئون ٿا گڏُ هجون ؟
    رُڳو ڏِسڻ جي ڳالههِ آ

    وڃي ٿو کائجي صفا
    مِٺٖي ٿيڻ جي ڳالههِ آ

    هي ديسُ، عِشقُ، شاعري
    جيئڻَ، مرڻَ جي ڳالههِ آ

    ڪڏهن لڳي هي زندگي
    زَهر پِيئڻ جي ڳالههِ آ


      


    خانِ خانيءَ جي سفَر تي ٿا هلون

    خانِ خانيءَ جي سفَر تي ٿا هلون
    لامَڪانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون !

    ڪو پڪو پُختو پتو ناهي رهيو
    بس نشانيءَ جي سفر تي ٿا هلون

    جڳُ ڀلي چنڊَ تي وڃي، سِجَ تي کڻي
    پاڻَ، مانيءَ جي سفرَ تي ٿا هلون

    زندگيءَ تي پيارُ هڪ احسانُ آ
    مهربانيءَ جي سفر تي ٿا هلون

    تُنهنجي نيڻن جو نَشو آ زندگي
    زندگانيءَ جي سفر تي ٿا هلون

    گهاوَ، صدما، تُهمتون، ڳوڙها کڻي
    شادمانيءَ جي سفر تي ٿا هلون

    هلُ ! کڻي ڌرتيءَ جي عظمتَ جو عَلم
    پاسبانيءَ جي سفر تي ٿا هلون



    پاڻَ سان ڀي دَغا هلي ٿي پئي !

    پاڻَ سان ڀي دَغا هلي ٿي پئي !
    هيءَ ڪهڙي هوا هلي ٿي پئي ؟

    هر عملُ ٿو وِڪامجي اَڄڪلهه
    هر گهڙيءَ جي بَها هلي ٿي پئي

    توسان هي روزُ فون تي ڳالهيون
    دردَ جي ڄڻ دوا هلي ٿي پئي

    آئينو ٿو پَڇي ته: ”ڪير آهين ؟!“
    سوچِ، ڪيڏي سزا هلي ٿي پئي !

    مان مڃان ٿو ته، ناهي بهتر پر
    زندگي تو سِوا هلي ٿي پئي

    هُن پاسي دَغا هلي ٿي ۽
    هِن پاسي دُعا هلي ٿي پئي

    


    مون کي ماري ڇا ملندءِ !؟

    مون کي ماري ڇا ملندءِ !؟
    ايئن وِساري ڇا ملندءِ !؟

    مُنهنجي جيونَ جي راهُن ۾
    راتِ بيهاري ڇا ملندءِ !؟

    پنهنجا، مُنهنجي نيڻن مان
    خُوابَ ٻُهاري ڇا ملندءِ !؟

    هاڻِ ته ڪنهنجو نانءُ رکي وٺُ
    هيکَل گهاري ڇا ملندءِ !؟

    ڇا ڇا آءٌ وِساري آيس !
    يادِ ڏياري ڇا ملندءِ !؟

    سُورجَ پويان پاڳَل ماڻهو !
    سنجها ڌاري ڇا ملندءِ !؟

    هُن کان سڀ رَستا وِسري ويا
    واٽَ نِهاري ڇا ملندءِ !؟

    سمنڊَ ته تُنهنجي اَندر ۾ آ
    سمنڊَ ــ ڪناري ڇا ملندءِ !؟

    مَنُ ته ميرو، نانءَ جي تختي
    روزُ اُجاري ڇا ملندءِ !؟

    


    ماڻهو جيڪي قرارُ چاهِن ٿا

    ماڻهو جيڪي قرارُ چاهِن ٿا
    زندگيءَ کان فرارُ چاهِن ٿا

    هُو جي چاهن ٿا نفرتون هردم
    هر محبتَ ۾ ڏارُ چاهِن ٿا

    پيارَ جي لاءِ ڀي ائين سوچين
    ڄڻ نئون ڪو شڪارُ چاهِن ٿا

    دردَ، دِل ۾ اَچن ٿا ايئن، جيئين
    نينهَن ۾ ڪو نِکارُ چاهِن ٿا

    نيڻَ، مَنُ، خوابَ ڏاڍا ظالم هِن
    ڪو پرانهون ئي پارُ چاهِن ٿا

    منهنجي دِل کي اچي لَڳا آهن
    روڳَ ڀي روزگارُ چاهِن ٿا

    نيڻَ ٿَڪجن ٿا، جنهن گهڙيءَ، سامهون
    صرف تُنهنجو دُوارُ چاهِن ٿا

    چَپَ مُنهنجا، هي لفظَ، شعرَ سڀئي
    سنڌُ ! تولئه سُڪارُ چاهَن ٿا


    ايترا هُنَ سان اگر ليکا ڪندين !

    ايترا هُنَ سان اگر ليکا ڪندين !
    پاڻ کي تنها ڪندين، ٻيو ڇا ڪندين !؟

    ڇا ائين ئي گُذرندي، تُنهنجي عُمر ؟
    پيو ٻين جي ڳالهه تي وَهه وا ! ڪندين !


    دِل تان گُذري وئي ڪٽارَ هئي

    دِل تان گُذري وئي ڪٽارَ هئي
    ڪنهن وِڇڙي ويل جي سارَ هئي

    ٻه وِهاڻا پيا ها بِستَر تي
    ڪجهه سُندر گهڙين جي ڇارَ هئي

    ڪي مُئلَ خوابَ وئي ڪري جيئرا
    معجزو هو ڪوئي، نهارَ هئي !؟

    تون نه هئين ته ائين گُذاريوسي
    روشني ڄڻ اکين کان ڌارَ هئي

    تُنهنجي دَرَ تان وَرياسي اهڙي طرح
    هارَ وانگي ڳچيءَ ۾ هارَ هئي ؟

    پنهنجي چؤڦير ئي رهين اُڏندو
    هيءَ ڪهڙي مٺا !، اُڏارَ هئي

    موتَ تائين نه ٿي سگهي پُوري
    زندگي وياجَ تي اُڌار هئي


    ساعتَ نه سَري تو بِن !

    ساعتَ نه سَري تو بِن !
    هر ڳالههِ ڳَرِي تو بِن !

    ڏَسِ سونهن ڪٿي آهي ؟
    او سونهن ـــ پَرِي ! تو بِن !

    هڪ گهاءُ ڀريو توسان
    هڪ گهاءَ وري تو بِن !

    هر ڏينهُن وڃايو مون
    هر راتِ ڳَرِي تو بِن !

    هيءَ آهي حياتي ڄڻ
    دَردن جي ڀَرِي تو بِن !

    مون لاءِ ته ڀاڳَنِ ڀي
    کولِي نه دَرِي تو بِن !

    تيئن باههِ ٻَري دل ۾
    جيئن راتِ ٺرِي تو بِن !

    گُلَ پيارَ جا آڇِيندو
    ڪيئن ٻي کي، چَرِي تو بِن !

    


    ايڏي ڇوٿي ٿئين، اوپري اوپري !

    ايڏي ڇوٿي ٿئين، اوپري اوپري !
    مُنهنجي پنهنجي صفا ڇوڪري، اوپري !

    مُنهن تون موڙي وڃين ٿي جڏهن ٻي طرف
    ڄڻ لڳي ٿي تڏهن، زندگي اوپري

    هوءَ ته مُنهنجي اَندر ۾ ائين، جئين تون
    ڪيئن ٿِي، ٿي سگهي شاعري اوپري !

    هوءَ به تُنهنجي ذڪرَ ساڻُ آهي ڀريل
    مُنهنجي ٿي آ وئي، ڊائري اوپري

    توکي پنهنجي گهڻي ٿي لڳي جي کڻي
    هيءَ جواني اٿئي، عارضي اوپري

    ٺاههَ ۽ ٺوههَ جي وَرِ چڙهي آ ويو
    شهرَ کي ٿي لڳي، سادگي اوپري

    سمجهجانءِ هُن جو رستو بدلجي ويو
    توکي هرڪا لڳي، جي خوشي اوپري


    ڳاءِ اهوئي ڳاءِ کپي

    ڳاءِ اهوئي ڳاءِ کپي
    پيارُ پُڄاڻيءَ تاءِ کپي

    تُنهنجي يادِ آ مرهمَ وانگي
    ذَهن جي زخمن لاءِ کپي

    تاريخُن ۾ ڪين ٿي گُهرجي
    تُنهنجيءَ دِل ۾ جاءِ کپي

    ٭” بسم الله “ جي ڏاتِ به گُهرجي
    رُڳو نٿي شرناءِ کپي

    ڏينهَن، مهينا ڪافي ناهن
    ساٿُ ٿو صدين لاءِ کپي



    * ننڍي کنڊَ جو تمام وڏو شرناءِ نواز ــ اُستاد بسم الله خان


    چئو پرينءَ کي اچي ۽ وَرائي ننڊَ کي آڻي

    چئو پرينءَ کي اچي ۽ وَرائي ننڊَ کي آڻي
    الائي ڪاڏي ويا، خوابَ ئي خُدا ڄاڻي

    لڳي جهانَ جا منظرَ، مُئا پيا آهن
    کڻو نگاههَ ته هر چيزَ زندگي ماڻي

    نظرَ جي ناهي خرابي، ڪمال عشقَ جو آ
    اڳي جي لُڙڪ ها، موتي لڳن پيا هاڻي

    ڪري جي ماڻا ته ڪنهن سان ڀلا ڪري موملَ
    وڃي وَسايو ڪٿي شهر ُ ئي نئون راڻي

    اسان جي دِل ڀي جيئين آسمانُ تارن سان
    کِڙي پون ٿا سوين دردَ، ايئن سنجها ٽاڻي

    قتل، زمينَ تي جهيڙو، پلاندُ ناهي سبب !
    وِڇوڙو آهي ڪيو، ضِدَ هڪڙي ٻاراڻي



    تون جو هر وقت ئي جَل ٿَل آهين

    تون جو هر وقت ئي جَل ٿَل آهين
    ڪهڙي اَحساسَ جو کاڌل آهين ؟

    ڪنهن سان ڪنهن لاِ وڙهين ؟، سوچِ ته ڪجهه
    بس ائين ميلَ ۾ لاٿل آهين !

    دِل جي ڌرتي رهي اُڃي پوءِ تون !
    ميگهه ڇا جو، ڪهڙو بادل آهين ؟

    سونِهَن، سچَ، سنڌُ کان تون اَڻواقف
    پاڻَ ئي پاڻَ ۾ ڦاٿَل آهين !

    ايئن اُجڙيل لڳين ٿو تون جيونَ !
    ڄڻ ته سرطانَ ۾ ورتل آهين !

    تُنهنجو ناهيان، تون ائين سوچين ٿو !؟
    شابَسون ٿي پرين ! پاڳَل آهين ؟


    غزل مسلسل

    غزل مسلسل

    اَنڌي، ٻوڙي ٿيندي آهي
    گولِي ڪو سوچيندي آهي ؟

    آباديون ڀَڙڀانگ ڪندي آ
    برباديون آڇِيندي آهي

    سِينن سان گڏُ، آسُون، خوشيون
    سپنا ڀي چِيريندي آهي

    نعرا، نوحا ٿي ويندا هِن
    راتِ جڏهن ڀي ايندي آهي

    جنگِ پُڄاڻان، سالَ ڪي ڌرتي
    مُرڪن کي ڳوليندي آهي

    ڪڏهن ڪڏهن چُپ چاپ شهرَ ۽
    وِيراني ٻولِيندي آهي

    مَرهمَ جي نالي ۾ دُنيا
    ڦَٽَ سوين کوليندي آهي

    ڏاتِ، پَنٖي سان هوريان هوريان
    پيئي سُورَ سَليندي آهي

    



    مون سڄڻَ ! تو سان هر ڳالههِ آهي سَلِي

    مون سڄڻَ ! تو سان هر ڳالههِ آهي سَلِي
    تون سدائين ويو آهين، مون کان اَلِي

    ڪُجهه ته ساجُهرِ ڀرو شهرَ مان موٽجانءِ
    تو سواءِ پُل نه پيارا ! رهي دلِ پَلِي

    رات هتڙي رَهڻ جو بهانو مِلئي
    ڳوٺَ جي آخري بَسِ وَڃئي جي هَلِي

    اَڄُ ماني مِٺا ! ڍوءُ ڪري کائجانءِ
    پيارَ مان تولئهِ پيارا ! پَٽي مون پَلِي

    ڳالهه پنهنجن پراوَن کي چَئبِي کَري
    ڪو جي ڪاوڙِ ڪري ٿو، ڪَري پيو ڀَلِي

    26-6-1976


    اسان ڀي اوهانجو ڏِٺو پيارُ پيارا !

    اسان ڀي اوهانجو ڏِٺو پيارُ پيارا !
    ڏئي پوءِ کَسي ويئو سَمورا سهارا

    ڏِسو ڪيئن واٽون وڃايلَ لهون ٿا
    اوهان اَڄُ اکيُن جا ڪيو جي اشارا

    ڪبوتر جيان آءٌ اُڏري هليو تون !
    رکيا تو لئه خالي اَٿم جيءَ جارا

    اسان تي به ڀُلجي ڪيو ڪو ڪرم اَڄُ
    تڪي نيڻَ واٽون ٿَڪيا هِن آسارا

    وَريو آهي ساجنَ ! ڏيڻَ سُورَ سانوڻُ
    سواءِ تُنهنجي هاڻي ٿينِ ڪيئن گُذارا ؟

    اوهان جي ته پيرن برابر ڀي ناهيون
    ڪِٿي چنڊُ آهي، ڪٿي سائين ! تارا

    پنهنجي پرين ! پيارَ جي بندَ ۾ شل
    پَون نفرتُن جا ڪڏهن ڪين گهارا

    کڻي نيڻَ ڀِنڙا، جڏهن تو نهاريو
    تڏهن مُنهنجا تڙپي، رُنا شعرَ سارا

    سچائيءَ تي جن جو اَچي دنگُ ٿئي ٿو
    اسان پنهنجي لئه سي ئي چُونڊياسي چارا

    ڪهاڻيون ائين ته ڪروڙين ٿين، پر
    ٿينِ نينهنَ جا ٿا فَسانا نِيارا

    سدا سِيرَ ۾ آ، اسان سُک پاتو
    اوهان کي ته ڏاڍا وَڻيا ٿي ڪنارا

    اسان ئي ته توکي ڏني سونهنَ آهي
    اسان سان ئي ويڇا ؟ اَڙي سونهنَ وارا !

    ڏسو ڦيٿو دُنيا جو اونڌو ڦِري ٿو
    ٿيون راتيون روشن، ٿيا ڏينهنَ ڪارا

    ڪيون ”گُلَ“ سدائين سڀن کي دُعائون
    ته: ”ماڻيو جواني، جيئو شالَ پيارا !“

    8-7-1976


    سوچَ !، لوچَ ۽ پِيڙا مان ٿا، جوڙيون جڳمڳ راڳُ

    سوچَ !، لوچَ ۽ پِيڙا مان ٿا، جوڙيون جڳمڳ راڳُ
    پاڻ رِڻن جا راهي سائين ! پنهنجو پنڌُ اَجھاڳُ

    سُک جو ڪينَ رَهيو آ ڪڏهن ساٿُ اسان سان يارَ !
    دردُ اسان جو سارو جيونُ، ورتوسين ويراڳ

    تَنها گهارڻ جا او جيڏا !، ٿي وياسي هيراڪَ
    اسان غَمن ۾ گُم ٿي وياسي، سُکَ ڪياسي تِياڳُ

    نازڪ ماڻهو مُکڙين جَهڙا !، گڏجي ڪين گُذاري سگهندين
    ٿُوهَرَ جهڙو ٿاڪُ اَسان جو، اَڪَ جون ڦُلڙيون ماڳُ

    19-3-1976


    ڪَرڪي واتِ وَرڻَ جون وايون

    ڪَرڪي واتِ وَرڻَ جون وايون
    موٽُ مينڌرا ! مُندَ ملهايون

    لانگَ ورائي، چانگَ چَڙهي آ
    ڪاڪِ ڪنڌي آ، وري وَسايون

    تو بِن جيونُ موتَ مِثل
    ويران ويران وادِيون سايون

    اَکڙيون سانوَڻَ مُندَ ملهائن
    بادل وانگي ڀرجي آيون

    وقتُ وڃي ٿو رُسَندو راڻا !
    پيار ڪري پَلُ پلُ پرچايون

    10-02-1976


    پيارَ پَکيئڙو گهرَ گهرَ رُليو

    پيارَ پَکيئڙو گهرَ گهرَ رُليو
    پيارَ جو بَدلو پيارُ نه مِليو

    مون ته سَڀن جا لُڙڪ اُگهيا پر
    منهنجي روئڻ تي هَرڪو کِليو

    ساحِل جا سَڀُ ساٿي ها
    سيرَ ۾ ڪوئي ساٿُ نه هَليو

    دردُ اَسان جو ڪنهن به نه ڄاتو
    هر ڪنهن پنهنجو مطلبَ سَلِيو

    گُــل ڪيوسي جيون ساٿي
    ماڻهن کان مَنُ ايڏو جَلِيو

    03-12-1975


    تُنهنجي ڳَلن تان ڳوڙها ڳَڙندا

    تُنهنجي ڳَلن تان ڳوڙها ڳَڙندا
    مُنهنجي اَندرَ جا اُڌما رَڙندا

    ماڪَ ڀِنا رابيلَ اَکين جا
    ڪَلَ ڪهڙي هُئي مون سان اَڙندا

    هَٿُ ڏئي هَٿَ ۾ جي هَلنداسي
    دُنيا وارا سارا سَڙندا

    تولئه، جيءَ جا جَرڪيل جَذبا
    ساري جڳَ سان لالڻَ ! لَڙندا

    گُـــلَ ! نه ڄاڻان ڪاٿي آهن ؟
    هيري جيان جي، جيءَ ۾ جَڙندا

    27-12-1975


    پيار ڏني آ پِيڙا سائين ! سُونهنَ ڏنو سوداءُ

    پيار ڏني آ پِيڙا سائين ! سُونهنَ ڏنو سوداءُ
    کِلندي کِلندي پاڻ ڪيوسي، سُورن سان سَرچاءُ

    پاڻَ ته جڳَ کي پيارُ ڏيڻ لئه. پيارا ! آيا آهيون
    پيار جُوا ۾ لائي ڇڏبو، جيونُ سارو داءُ

    جيسين رَهبو، چئبو رَهبو، پيار مَهان ۽ پيار اَمر
    ٻيا سڀ ناتا ڦِرڻا گِهرڻا، نينهن کي آهي نِڀاءُ

    موتَ پُڪاريو پيارَ مان جي، ڊوڙي وڃبو واءُ جيان
    پوءِ جوانيءَ تي ڀي جاني ! ڪين ڪبو ڪَهڪاءُ

    سونهنَ جي وارن ڇانوَ ۾ جڏهين، پيارَ پچارَ ڪبي
    تڏهن اسان کي ياد نه رهندو، ڪو به پُراڻو گهاءُ

    24-10-1975


    هڪڙي پل جي جُدائي نه تون سَهي سگهندين

    هڪڙي پل جي جُدائي نه تون سَهي سگهندين
    اسان کان ڏور او راڻلَ ! ڪٿي رَهي سگهندين ؟

    هُجي ها پيارُ جي پَلَ جو، وساري ڇڏجي ها
    تون نقش دل تي صدين کان، ڪٿي ڊَهي سگهندين ؟

    اسان جو ساٿُ ڇڏي، پاڻ پوءِ اڪيلو ئي
    هي زندگيءَ جا ڪشالا ڪٿي ڪَهي سگهندين ؟

    چمنَ سان پنهنجي مڃون ٿا، ڪڏهن قُربت هئي
    اسان جي جھولَ ۾، هاڻي نه گُـــلَ لَهي سگهندين ؟

    21-7-1975



    ٿا معصوم بي مُوت ماري ڇڏيو

    ٿا معصوم بي مُوت ماري ڇڏيو
    اوهان جي ٿا، مُرڪي نِهاري ڇڏيو

    اوهان جي رُسي ويا اَسان جو ڇا ٿيندو ؟
    انهن ڳڻتين آهي ڳاري ڇڏيو

    اسان سان ڪري بيوفائيءَ جون ڳالهيون
    سُتل سُور ساجنَ اُٿاري ڇڏيو

    اسين بي يارو مددگار آهيون
    خُدارا نه مؤجو ! ڪِناري ڇڏيو

    هِتي ڪوئي ڪنهن جو نه آهي نه ٿيندو
    آ سنسار مون کي سيکاري ڇَڏيو

    اسين آهيون تنها، احساس ٿيو
    جڏهن آهي پنهنجن ڌِڪاري ڇَڏيو

    نه ها جن پيارن کي گُـــلَ به پسندِ
    انهن وقتُ خارن سان گهاري ڇڏيو

    27-03-1975



    اَچُ آ تولئه خالي خالي

    اَچُ آ تولئه خالي خالي
    مَنَ مَندر ۾ جاءِ او گوري !

    سَپنن ۾ ڀي ڏور رَهين ٿي
    ايئن نه تون شرماءِ او گوري ؟

    چنڊَ جيان بادلَ مان سَجني !
    لِڪي لِياڪا پاءِ او گوري !

    سُهڻيءَ، سَسُئي جيڪو ڳاتو
    ساڳيو گيتُ ٻُڌاءِ او گوري !

    تو بِن دُنيا وِيران ويران
    مَنَ ۾ ميلا لاءِ او گوري !

    منهنجي مَنَ کي ٿا تَڙپائِن
    گُـلَ جا گيتَ نه ڳاءِ او گوري !

    24-12-1974


    هيڪَل وياڪُل جيءُ جُهري ٿو

    هيڪَل وياڪُل جيءُ جُهري ٿو
    سورَ سمورا سَهندو ڪيسين ؟

    نفرتَ جون هِتِ گُهلجن آنڌيون
    پيارَ جو ديپڪ جَلندو ڪيسين ؟

    ڪاڪِ محل جون پاڙون کاڌل
    موملَ، راڻو رَهندو ڪيسين ؟

    ڏاڍَن جو هيءُ ڏاڍُ اڻانگو
    هِيڻن هَڏڙَن هَلندو ڪيسين ؟

    اُلن آندو راڄَ ۾ راڙو
    مُور نِماڻو ٽِلندو ڪيسين ؟

    16-01-1974


    پيارَ پريتِ جا ڪي پُوڄاري

    پيارَ پريتِ جا ڪي پُوڄاري
    ڪِن کي گُهرجي مايا مَٽُ

    ڪوڙيون رَسمون، ڪوڙي نگري
    سَچَ کي سَڀڪو سَمجهي زَٽُ

    ڄِڀَ تي تالو سوچَ تي پَهرا
    کَري چَوي جو، سَڏجي ڄَٽُ

    ماڪَ جيان معصوم ڪي ماڻهو
    ڪِنِ جي مَنَ تي ڪارِي ڪَٽُ

    پاڻ ٻئي ڪو ڌارَ ته ناهيُون
    مون هارايو تُون ئي کَٽُ

    ڪنهن جي نيڻَن ــ نيزن کان
    روزُ نَئون ٿا کائون ڦَٽُ

    محبت جا ويا محَل ڊَهي
    اَکڙين آڏو آ رِڻ پَٽُ

    ڪَنڊا ڪُجهه اهڙا ته وَڻي ويا
    گُـلَ نه ڀانيان تن جو مَٽُ

    2-3-1975




    جاني ! جيوَنُ آهي اَسان جو

    جاني ! جيوَنُ آهي اَسان جو
    چَندرما جيان داڳي داڳي

    سُکَ جا سانتِ ۾ سازَ سَڀوئي
    سُورَنِ سُرَ ۾ ڳائي راڳي

    دل جِنين جي گهائلِ گهائلِ
    سي ئي ڄاڻين راتيون جاڳي

    مَنَ ماڻهنُ جا ميرا ميرا
    صورتَ سائين ! سُهڻي ساڳي

    رُسي وَئي آ موٽي ناهي
    اَڃا اسانَ وٽِ ننڊَ نِڀاڳي

    23-5-1975


    نارِ نَشيلي نينهُن نِماڻو

    نارِ نَشيلي نينهُن نِماڻو
    پَلُ پَلُ پِيڙا پائي ويٺي

    نيٺ ته ايندو آسَ لڳائي
    دُکن دلِ رِيجهائي ويٺي

    هاءِ سَرءُ ۾ سانوَڻ سندا
    ڳيچَ ڳَهيلي ڳائي ويٺي

    هيرو ڄاڻِي مَنُ هُو ماندو
    پٿرَ سان پِرڀائي ويٺي

    مُوملَ جهڙي مُحبت مارِيَلَ
    راڻو راتِ رُسائي ويٺي

    روپُ نَگر شَرمائڻ واري
    گُـــل اَسان جو گهائِي ويٺي

    2-2-1975


    پيارَ جو اَنتُ اَچي ويو آخر

    پيارَ جو اَنتُ اَچي ويو آخر
    ڏُور هَليا ويا مُنهنجا مِيتَ

    اَڻ مُلهه مَڻيا ويا وِڪامي
    پئسي جو سڀ پيارُ پريتَ

    ڪَنڌُ ڪَويءَ جو ڪاتَ حوالي
    وِڇڙيون وايُون، گُم ٿيا گيتَ

    سچ ته سوليءَ سيجَ تي سُمهندو
    جيڪا جُوٺي جَڳ جي ريتَ

    گُــلَ ! ماکيءَ کان مِٺڙا ماڻهو
    جن جي جيتَ، اسان جي جيتَ

    16-2-1975


    تنهن ٺُڪرايا، جنهن سان لاتا

    تنهن ٺُڪرايا، جنهن سان لاتا
    روحَ جا رِشتا، اَزلي ناتا

    رِم جِهم برکا روز لڳائنِ
    نيڻَ اسان جا تنهن لئه آتا

    هر هر مون کي ياد اچنِ ٿا
    گيتَ ٻنهي جي گڏجي ڳاتا

    آنڌِ مانڌِ آ سوچان لُوچان
    ڇو مون پَرايا پنهنجا ڄاتا ؟!

    تُنهنجي گودَ جون سُندر ناريون
    گُـلَ به رئائِن سِنڌو ماتا !

    18-10-1974


    وِڇڙڻُ هو يا ڪو حادثو

    وِڇڙڻُ هو يا ڪو حادثو
    ڪُجھه باقي ڪين رهيو

    توسان گڏجي مُرڪڻ وارو
    هيکل ٿي روئي پيو

    جيئن سمنڊَ ڪِناري واريءَ ــ گهر
    تيئن تُنهنجو پيار هيو

    طوفانُ اَچڻ وارو آهي
    هٿُ، هٿَ ۾ ڏئي هلجو

    ڏوهي هُو آ، يا مان ڏوهي
    هاڻي سڀ وسِري ويو

    پٿرَ جا ٿي ويندؤ يارؤ !
    پوئتي نه مُڙي ڏِسجو

    تُنهنجون راهُون واجھائن ٿا
    گُـل ۽ خالي ڪمرو

    23-12-1981



    پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ

    پنهنجي ڪائي به ڪم نه آئي آ
    هر گهڙي دوستَ !، آزمائي آ

    ڀاڳَ جا دَرَ کُلي پيا آهن
    جي ڪڏهن هوءَ مُسڪرائي آ

    مُنهنجي رُسوائين جي هر ڪا ڳالهه
    مُنهنجي ئي دوستن هُلائي آ

    هاڻي مون کي يقين ٿي ويو آ
    تو بِنا زندگي اَجائي آ

    ٿورڙو سوچِجو جَڏهن ڏُکَ ڏيو
    مون اوهان ڏي خوشي وڌائي آ

    5-11-1981


    گُــلَ !، ڇو سوگوار ٿي ويو آن

    گُــلَ !، ڇو سوگوار ٿي ويو آن
    پاڻَ تي پاڻَ بار ٿي ويو آن

    هُن جي هر ڳالهه ٿو ڪرين دل ۾
    تون به بلڪل ئي ٻار ٿي ويو آن

    پيارُ تُنهنجو به آهي ڏاڍو عجيب
    تون به ڄڻ يادگار ٿي ويو آن

    جنهن کان وڇڙڻَ کي موتُ ڀانيم پئي
    اَڄُ انهيءَ کان به ڌار ٿي ويو آن

    پنهنجي ڏَوهن کي ڪو ڏِسي ئي نٿو
    مان ئي بس گُنهگار ٿي ويو آن

    مُنهنجي چاهتَ ۾ ڀي يقين نٿي
    ڪيڏو بي اعتبار ٿي ويو آن

    پَنَ ڇڻَ جون سموريون مُنهنجون مُندون
    تون ته هر پل بهار ٿي ويون آن

    1-10-1981


    اوهان جو خيال آهي

    اوهان جو خيال آهي
    عجب ئي حال آهي

    حياتي آ ٿُڏن ۾
    جيئين فُٽ بال آهي

    اُڏايو زندگيءَ کي
    پرايو مال آهي

    سڄي ئي شهرَ ۾ اَڄ
    وَفا جو ڪال آهي

    اوهان جو پيارُ گُهرجي
    جيئڻَ جو خيال آهي

    اسان جي شاعري ئي
    اَسان جو حالُ آهي

    اَسان جو پَهر ڀي نه
    اوهان جو سال آهي

    10-10-1981


    سُرها ٿي پيا ساههَ

    سُرها ٿي پيا ساههَ
    خوشبوءِ پلٽِي چاههَ

    پيارُ ديوتا ڪوئي
    اکيون عِبادت گاههَ

    دِليون اسان جون شاهيون
    اسان جيئين ڪي شاههَ

    تُنهنجي راههَ تڪيندي
    اَنڌا ٿيا ويساههَ

    تاريخُن جو سرمايو
    لاشا ۽ ڀڃَ ــ ڊاهه

    اُڻٽيهنَ کان ڪارا
    اونداهيُن جا ٺاههَ

    ماڳُ ته گُـلَ گُلابي
    ڪنڊڙا ڪنڊڙا راههَ

    31-12-1979


    آرزوئون هيون، دل جا ها فيصلا

    آرزوئون هيون، دل جا ها فيصلا
    پيارَ جا ڪي هلي پيا نوان سِلسلا

    ڏينهنَ کان راتِ تائينءَ جي سفر ۾
    دِل تي آيا ويا ڪيترا زِلزلا

    يادِ ڀي ساڻُ تُنهنجي نه آهي پرين !
    هاڻي گهاريون پيا هيکلا هيکلا

    هو ڀي ٽُڪرا ٿيو، مان ڀي وِکري ويس
    جڳَ وارن جا مضبوط ها فيصلا

    ريتون رسمون هيون، اوچ ۽ نيچ هئي
    وچ ۾ ڪيترا ته هئا فاصِلا

    گُــلَ ـ ڳَلَ، چنڊَ ـ چهرا ۽ ساگرَ ـ اکيون
    جاڳي پيا جيئڻ لئه ڪي وري حوصلا

    14-7-1980



    ڦاٿُل مان وِيچارن ۾

    ڦاٿُل مان وِيچارن ۾
    سڏجان ٿو بيمارن ۾

    پيارَ کي ڪين جَهٽي ٿو سگهجي
    دولتَ جي راڊارن ۾

    تون ڏاٽو، مان سنگُ ڪڻڪَ جو
    گڏجئون ٿا لابارن ۾

    مون کي ڪهڙي راههَ ڏسيندين !
    پاڻَ رهي مُونجهارن ۾

    تُنهنجا ٽهڪَ اضافو آهن
    گُلڙن جي هُٻڪارن ۾

    مان انسانُ ئي ناهيان ٿيو، هُو
    ڳولِن ٿا اوتارن ۾

    ڪين رهيو ويساههُ آ، هاڻي
    پنهنجن ئي هٿيارن ۾

    جذبا ڪين وِڪامي سگهبا
    رِيتُن جي بازارن ۾

    سجُ به آهي پَگهريل پَگهريل
    هيلوڪن اونهارن ۾

    24-7-1982





    هُو تُنهنجو ٿي ويو آ

    هُو تُنهنجو ٿي ويو آ
    صفا اُجڙي ويو آ

    اَسان ڀي ها کِلياسي
    زمانو ٿي وَيو آ

    اَڃا جيئرو آ، توڙي
    زهرُ ڀي پِي ويو آ

    اسان کان پاڻُ پنهنجو
    مِلي، وِڇڙي ويو آ

    اَسان کي تو نه سمجهيو شَهرُ سمجهي ويو آ

    اَندر ۾ ڪُجھه به ناهي
    جو هو وِکري ويو آ

    رُنو هان ڪاغذن تي
    شعرُ لِکجي ويو آ

    25-11-1982






    ڄارا، ڄارا آهيون

    ڄارا، ڄارا آهيون
    اُجڙيلَ ڪمرا آهيون

    وِکرڻ ئي مقدر آهي
    پَنَ ـ ڇَڻ ۾ مِليا آهيون

    ڪنهن ڀي ته نه ميڙيو آ
    جنهن پر وِکريا آهيون

    سڀ پنڇي اُڏري ويا هِن
    خالي پِڃرا آهيون

    هڪٻئي لئه، تون ۽ مان
    ڄڻ باههِ، هوا آهيون

    تون ملُ ته حقيقتَ ٿيون
    هونئن ته سپنا آهيون

    اي دوست !، اسان تولئه
    ڀاڳن جا لِکيا آهيون

    ڪو عڪسُ، نه ڪو منظر
    ٺلها شيشا آهيون

    27-11-1982







    آسَ رکُ نِراسَ ۾

    آسَ رکُ نِراسَ ۾
    لاٽَ ڪا اُماسَ ۾

    چؤطرف ڌَماڪا هِن
    اَمنُ ڀي هِراسَ ۾

    رَتُ، رکَ، راڙو ئي
    آ رُڳو اِتهاسَ ۾

    زهرُ پي ويو آهيان
    شڪُ پوءِ ڀي پياسَ ۾ !

    پيارُ آهي مسئلو
    مِڊل ئي ڪلاس ۾

    مُشڪلون ته اينديون هِن
    دوست !، رَهُه حواسَ ۾

    5-5-1986



    اختلافن ۽ حادثن کان مان

    اختلافن ۽ حادثن کان مان
    ڪيسيتائين ڀلا بچي ٿو سگهان ؟

    ڪُجهه نه هوندي به، سڀ ڪُجهه آهين
    اهڙي ناتي کي ڪهڙو نانءُ ڏيان ؟

    هاڻي ڪيڏا نه مطمئن آهيون
    هڪٻئي جي، گهڙي ويهي ڀرسان



    تو سواءِ عيدَ جو ڏِهاڙو آ

    تو سواءِ عيدَ جو ڏِهاڙو آ
    جان !، ڄڻ ڪنڌَ تي ڪُهاڙو آ

    لُڙڪَ، يادون، هي دردَ، اوسيئڙو
    محبتن جي شهرَ جو ڀاڙو آ

    تُنهنجون راهون، سندم ئي راهون هِن
    پنهنجو ساڳيو ئي نيٺ پاڙو آ

    هڪ کان مُنهن ڦير، ٻيو سامهون
    دوستَ !، هر دردُ ڄَڻ ته جاڙو آ

    مُرڪَ مونکان وئي ڦُرجي آهي
    يارَ ! تُنهنجو رُسڻ به ڌاڙو آ

    تون ڀلي کيس سُکَ ــ وستي چئهُ
    هيءَ ڌرتي ته روڄُ راڙو آ

    سچَ جو سلسلو رهيو جاري
    ڪڏهن تاڙي، ته ڪڏهن تاڙو آ

    19-8-1986




    ايئن پاڻَ زماني ۾

    ايئن پاڻَ زماني ۾
    ڄڻ بنديخاني ۾

    پنهنجو به ته حصو آ
    هِن سونهَن ــ خزاني ۾

    تُنهنجي وئي هوندو هان
    ڄڻ مان، ويراني ۾

    ڪيڏو وئين ماهرُ ٿي
    تون يارَ !، بهاني ۾

    هڪ دردَ جو رشتو آ
    ڏاٽٖي ۽ پانٖي ۾

    ڪجهه ٽهڪَ، گهڻا ڳوڙها
    جيونَ جي فَساني ۾

    بس يادِ ڏئي ويو آ
    هڪ شخص بَياني ۾

    28-10-1990



    وڇڙي ويندُس مان

    وڇڙي ويندُس مان
    تُنهنجي يادُن کان

    ڪؤڙا لفظَ ٿي پَلٽيئه
    مِٺن چَپڙن مان

    جيڪي ڀي الزامَ هجن
    سڀ مون تي مَڙهجان

    منهنجي پيارَ تي، پنهنجيءَ
    چاهتَ تي کِلجان

    مُنهنجي لُڙڪَ ــ ڪهاڻي پُڇ
    پنهنجيءَ پوتيءَ کان

    تُنهنجي يادِ ٿو راتِ جو
    اَجرڪ جيان اوڍيَان

    شالَ مان توکان سنڌڙي !
    ڪڏهن ڪين ڇِڄان
    پيرُ سنڀالي رکُ
    ڀُتيءَ ڏاڪڻ تان

    آهن ڪيڏيون وحشتون
    ڳنڍيلَ ماڻهوءَ سان

    گُـــل ڏِسين ڪو اوچتو
    توکي ياد اَچان

    25-9-1987



    ڇاجي ناهيون هيرنِ مان

    ڇاجي ناهيون هيرنِ مان
    تُنهنجي هئون فقيرنِ مان

    توکي اَچبو چورائي
    ڀاڳَ جي لڪيرنِ مان

    تُنهنجي آئي ٿٖي خوشبوءِ
    باکَ ويل هِيرنِ مان

    محبتون لنگهي وينديون
    نفرتن جي تِيرنِ مان

    پاڻَ آهيون جڳَ وارؤ !
    پيارَ جي سفيرنِ مان

    دل جا بادشاههَ آهيون
    توڙي هئون فقيرنِ مان

    سُکَ لئه ننڍا آهيون
    دُکَ لئه ڪبيرنِ مان


    لعلَ ڪي لڀي پوندوَ
    دوستؤ !، حقيرنِ مان

    ڪيرُ آهي، ناهي جو
    وقتَ جي اَسيرنِ مان

    سِنڌُ آهي اَڙجي وئي
    پَڙَ، باسَ، پِيرَن مان

    1-6-1980


    سوايون

    الائي ڇو ٿا، تلاشيون گَھرن ۾ رشتن کي ؟

    الائي ڇو ٿا، تلاشيون گَھرن ۾ رشتن کي ؟
    گَهرن کي يارَ ! اسان، گهرُ ڪٿي ڇڏيو آهي !

    سڄو جهانُ ويو آ، ڇڏائجي پوءِ ڀي
    اوهانجو دوستَ !، اسان دَرُ ڪٿي ڇڏيو آهي !


    ڪَرڻ تي آئي ته، ڪيڏا وئي ڪمالَ ڪندي

    ڪَرڻ تي آئي ته، ڪيڏا وئي ڪمالَ ڪندي
    الائي ڪهڙا حياتي، اسانجا حالَ ڪندي ؟


    ا


    َلائي ڪيترا سامي رهن ٿا

    َلائي ڪيترا سامي رهن ٿا
    اَڃا آهي گهڻو ئي ڪجھه مَٽن ۾


    ڪي گهڙيون ماٺارَ ئي ماٺارَ هئي

    ڪي گهڙيون ماٺارَ ئي ماٺارَ هئي
    ۽ پو سُڏڪا هئا ۽ سارَ هئي
    ڇ


    ڪرڻ کان ائين به ڪري ٿا سگهون

    ڪرڻ کان ائين به ڪري ٿا سگهون
    گهڙيءَ ۾ زمانا، ڀري ٿا سگهون


    جنهن به چهري تي نظرَ پئي آهي

    جنهن به چهري تي نظرَ پئي آهي
    گھاوَ گهري تي نظرَ پئي آهي


    وايون

    ڄاڻي هڪڙي ٻولي

    ڄاڻي هڪڙي ٻولي
    گولي گولي گولي
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    روزُ ٿئي ٿي چِيهاڙيون
    جيونَ جي هيءَ چولي
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    پيارُ ويو ٿي تنها تنها
    نفرتَ ٽولي ٽولي
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    رنگَن بدران رَتُ جي آهي
    هر پاسي ئي هولي
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    هيءَ حياتي پنهنجي آخر
    ڇو نه ٿئي ٿي سؤلي !
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    شاعرُ سوچي ههڙي جڳَ ۾
    اکِ اَجايو کولي !
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    ڄاڻي هڪڙي ٻولي
    گولي گولي گولي
    مؤلا ! جڳَ جو ڇا ٿيندو ؟

    


    ايئن جو وَڄِي رهيو آن !

    ايئن جو وَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    هٿَ جو رُڳو اِشارو
    ٽَڙ ٽَڙ ڀَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    هلڪو نه ٿيءُ ايڏو
    سڀ کان کَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    وِڙُهه، ويڙههِ پيرَ کوڙي
    ڪاڏي ڀَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    ڪجهه حوصلو، حياتي
    ڊِڄندو سڄي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    سنڌڙيءَ جو نانءُ کڻندي
    ٿي ڇو لَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    ائين جو وَڄِي رهيو آن !
    خالي گهڙو ته ناهين ؟

    


    اڳتي اڳتي پيرُ هجي

    اڳتي اڳتي پيرُ هجي
    اڳتي اڳتي خيالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    قِسمتَ ڪين مِٽائي سگهندا
    باسُون، ڦِيڻا، فالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    سنڌُ کي پيارا ! ڪينَ کَپنِ
    ٺلها هي اَحوالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    ساڳئي حالتَ رهڻي ناهي
    جيڪا هئي پَرُ سالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    محنتَ کي هٿيارُ بڻايو
    همتَ ٿيندي ڍالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    پيارَ ۾ ڪهڙيون ڪرڻيون آهن ؟
    جاچُون ۽ پڙتالَ
    مُڙي نه ڏِسجو !

    


    مِلندي نه ڪڏهن مِٽي

    مِلندي نه ڪڏهن مِٽي
    سنڌُ جو نه وري پاڻي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    هڪ ڏينهن، ائين ٿيندو !
    هي صُبح ئي سومهاڻي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    سڀُ راڄُ ويو ڪاڏي ؟
    حيرانُ سندءِ راڻي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    گُلڙا هئا جنهن گَهر ۾
    هُٻڪارَ نه تنهن ماڻِي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟
    سڀ سُکَ وَهِي ويئڙا
    هيءَ عُمر هئي ڇاڻِي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    سڀ خوابَ نه خَنجر ۽
    سڀ خوابَ نه ڳُڙ ـــ ڌاڻي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    ڏَهه سالَ ويا گُذري
    اَک جو نه سُڪو پاڻي
    تنويرَ ! تو سوچيو هو ؟

    

    ( نامياري شاعر ۽ دانشور سائين تنوير عباسيءَ جي ڏهين ورسي ــ 25 نِومبر 2009ع تي کيس ساريندي لکيل. )




    دردَ جي دَرَ تي بيهاري

    دردَ جي دَرَ تي بيهاري
    بس ڇڏيندَئي يارَ ! ماري
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    مان مڃان ٿو آهه مشڪل
    ڪيئن وَيل کي ڪو وِساري ؟
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    سڀ کسيندءِ خوابَ توکان
    ساري دُنيا کي سُمهاري
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    ۽ اُنهيءَ تائين جو پُهچين
    سارَ ڀي توکي ڌِڪاري
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    دِل ته چوندي آ، گهڻو ئي
    ڇڏِ انهيءِ جي ڳالهه ٽاري
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    دردَ جي دَرَ تي بيهاري
    بس ڇڏيندَئي يارَ ! ماري
    سارَ جا پيرا نه کَڻُ !

    


    قيدَ ۾ اُڏارن تي

    قيدَ ۾ اُڏارن تي
    ۽ ٻُڏي، ڪنارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    ڪيرُ ٿو اُگهي ڳوڙها
    دِل جي اوڇنگارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    هي جي هيکلايون هِن !
    هاڙَهه تي، سِيارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    هي سفر ته هلڻو آ
    هاڙَهه تي، سِيارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟
    مَرڻ کانپوءِ وَرسيُن
    بيانَ، يادگارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    مُفلسي ته رهندي ئي
    پوءِ وڌيلَ پگهارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    تون هجين ته پوءِ پيارا !
    باکَ ۽ بهارن تي
    سوچڻو ئي ڪهڙو آ ؟

    


    هُن جي چوڻَ، ڪَرڻ ۾

    هُن جي چوڻَ، ڪَرڻ ۾
    ڪيڏو تضاد آهي ؟

    منزِل نِگاههَ ۾ ۽
    مايوس ٿي وَرڻ ۾
    ڪيڏو تضاد آهي ؟

    نظرن منجهان ڪِرڻ ۾
    پيارا ! نظرَ ڪَرڻ ۾
    ڪيڏو تضاد آهي ؟

    ڪَنِ پيارَ جون پُڇائون
    ۽ خوفُ ڀي مرڻَ ۾ !
    ڪيڏو تضاد آهي ؟

    ڪَپَ تي ٻُڏي وڃڻ ۽
    ٻُڏندٖي، ٻُڏي ترڻَ ۾
    ڪيڏو تضاد آهي ؟

    


    ڪهڙيءَ ماٺِ منجهان ؟

    ڪهڙيءَ ماٺِ منجهان ؟
    ڪهڙي واٽَ وڃان ؟
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    ڪهڙي دَرَ کان ڌارَ ٿيان
    ڪاٿي پيرُ رکان ؟
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    ” تو ڏِنو، تنهن دَردَ کي
    ڪهڙو نانءُ ڏيان ؟ “
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    ڇا چاهي ٿي زندگي
    آخر ماڻهوءَ کان ؟
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    ” ڇا مان سوچڻ بند ڪيان،
    هاڻي لُڙڪَ اُگهان ؟ “
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    ڪهڙيءَ ماٺِ مُنجهان ؟
    ڪهڙي واٽَ وڃان ؟
    ۽ مان سوچيندو رهيس !

    


    هي رونقون شهرَ جون

    هي رونقون شهرَ جون
    هي آدمي اَڪيلا !
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    آجيان ئي ٿي اُنهن جي
    آيا کڻي اَويلا
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    ماضي گڏيو اسان کي
    مَڪليءَ ۾ يارَ ميلا !
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    اڄڪلهه اکيُن ۾ پاڻي !
    واريءَ مٿان بَتيلا
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟
    ڪا سارَ سڀ کَسي ٿي
    جهنڪارَ يا جَهميلا
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    ڄڻ چِڻنگَ، دردُ دِل ۾
    ٻاري ڇڏي ٿو ٻيلا
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    اَندرَ ۾ آ، جو ٻاهر
    ڳولي ٿَڪا ڳهيلا
    دَردن کي ڪيرُ روڪي ؟

    


    سارو جڳُ وِسارجانءِ

    سارو جڳُ وِسارجانءِ
    ها، پر پيارُ متان !
    تُنهنجيءَ دِل کان ڌارَ ٿئي !

    هُن جون ساريون حُجتون
    ۽ هُو يارُ متان
    تُنهنجيءَ دِل کان ڌارَ ٿئي !

    هر ماڻهوءَ سان پيارَ جو
    هي وهنوارُ متان
    تُنهنجيءَ دِل کان ڌارَ ٿئي !

    اَندرَ ۾ هر شخصَ جي
    هڪڙو ٻارُ، متان
    تُنهنجيءَ دِل کان ڌارَ ٿئي !

    


    ٻيڙيون ۽ لَهرون

    ٻيڙيون ۽ لَهرون
    نيٺ ڪنارن ڏي
    موٽي اينديون آهن !

    ڪرفيوءَ کانپوءِ رونقون
    جيئن بازارُن ڏي
    موٽي اينديون آهن !

    کُليلَ ٻانهون، چاهتون
    پنهنجن پيارن ڏي
    موٽي اينديون آهن !

    منهنجون نظرون هَر هَر
    تُنهنجي چارَن ڏي
    موٽي اينديون آهن !

    


    ڏئي مون کي ڏوههَ ۽

    ڏئي مون کي ڏوههَ ۽
    مِٺا ! ميارون
    تون ته آجو ٿي وئين !

    روزُ روئاري ٿيون وجهن
    ڪُونجن ــ قطارون
    تون ته آجو ٿي وئين !

    مان آهيان ، چوڌار ۽
    ٺلهيون ديوارون
    تون ته آجو ٿي وئين !

    اَٺ ئي پَهر ڄڻ ته
    سنگِينون ــ سارون
    تون ته آجو ٿي وئين !

    ڪٿان آڻيان پانهنجي
    دردَن جو دارون ؟
    تون ته آجو ٿي وئين !

    ڏئي مون کي ڏوههَ ۽
    مِٺا ! ميارون
    تون ته آجو ٿي وئين !

    


    ڪينَ حياتي ڳارِ

    ڪينَ حياتي ڳارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !

    هِن واستيءَ کي ڊاهيون، ٺاهيون
    هلڻو ڇا ؟ هُن پارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !

    ڪوي ! سڏائين جي ڪَوي
    سوچَ سُريلي ڌارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !

    تَــرُ نه مٿي تارِ تون !
    گهرايُن ۾ گهارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !

    ڏُک وِسرن، ڏُکويل ڏي
    مُرڪي مَنَ !، نهارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !

    ڪين حياتي ڳارِ
    سورَ سمائي سيني ۾ !



    9-12-1976


    راڻا ! اَچي رَسُ

    راڻا ! اَچي رَسُ
    وَئي وِهامي راتِڙي !

    روئي روزُ نِهاريان
    هَر هَر تُنهنجو گَسُ
    وَئي وِهامي راتِڙي !

    ڪَرِ سڀُ معاف مَدايون
    کاءُ کڻي ڪو ڪَسُ
    وئي وِهامي راتِڙي !

    ڪؤڙي لڳي ڪاڪِ ٿي
    ناهي ڪوئي چَسُ
    وَئي وِهامي راتِڙي !



    01-05-1976


    اندَرُ کارو کوههُ

    اندَرُ کارو کوههُ
    جَرڪيلَ جَرڪيلَ جِندڙي !

    ٻاهر مُرڪون مُنهنَ تي
    رُوئي رَڙي روحُ
    جَرڪيلَ جَرڪيلَ جِندڙي !

    پِي ويا پيئندَڙ پاڻ ئي
    اَکڙينُ راههَ ڪَڪوهُه
    جَرڪيلَ جَرڪيلَ جِندڙي !

    اُڀري ايندو سِجَ سمان
    جوڀَنُ پنهنجو ڦُوهه
    جَرڪيلَ جَرڪيلَ جِندڙي !

    اَندرُ کارو کوهه
    جَرڪيلَ جَرڪيلَ جِندڙي !



    10-2-1976


    جاني ! تُنهنجيءَ تاتِ

    جاني ! تُنهنجيءَ تاتِ
    ساري راتِ سَتايو آ !

    چانڊوڪيءَ جا چهڪ سَهي مون
    جاڳي ڪئي پِرڀات
    ساري راتِ سَتايو آ !

    ٽيڙُن ٽَهڪ هَنيا ٿي مون تي
    ساجنَ ! ساري رات
    ساري راتِ سَتايو آ !

    رُئندي کِلندي رات ڏنِم
    مايوسين کي ماتِ
    ساري راتِ سَتايو آ !

    واڳَ ورائي آءُ ڪيون
    پيارَ ڀري ڪا باتِ
    ساري راتِ سَتايو آ !

    جاني ! تُنهنجي تاتِ
    ساري راتِ سَتايو آ !


    
    15-11-1975


    ساهه سَنڀاريا سانگيئڙا

    ساهه سَنڀاريا سانگيئڙا
    نيڻين ننڊَ نه آئي !

    سِنڌي سَٻاجھا، مارو مُرڪن
    جيئن جاني جھانگيئڙا
    نيڻين ننڊَ نه آئي !

    سازَ ٽُٽا ۽ راڳَ رُسي ويا
    رِڻڪَن * روئن راڳيئڙا
    نيڻين ننڊَ نه آئي !

    پيرَ پَساري وقت وڃايئه
    پنڌُ پُرانهون پانڌيئڙا !
    نيڻين ننڊَ نه آئي !

    سَاههَ سَنڀاريا سانگيئڙا
    نيڻين ننڊَ نه آئي !

    * رِڻڪَن: دانهون ڪَنِ
    

    11-05-1975


    سوئي سوئي سُکَ

    سوئي سوئي سُکَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    ماندي منهنجي مَنَ کي
    بَهارُن جي بُکَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    جَرڪائنِ ٿا جندڙي
    ڏِيئن جهڙا ڏُکَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    مَنَ ته موتين جهڙا
    مٽيءَ هاَڻا مُکَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    هوائُن جا هِمتون
    ڦيري ڇڏن رُخَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    سوئي سوئي سُکَ
    جڳُ کڻي ويو جهولَ مان !

    
    28-10-1977


    مُرڪون ماڻڻ اَچُ !

    مُرڪون ماڻڻ اَچُ !
    دَردَ ڏنئي جي دُنيا !

    ڇيريون ٻَڌي نينهَن جون
    نانگو بڻجي نَچُ !
    دَردَ ڏنئي جي دُنيا !

    ڪنهن پياري جي پيارَ ۾
    پرين !، پَڪو ٿي پَچُ !
    دَردَ ڏنئي جي دُنيا !

    پِڃري کان، آزاد پکيئڙا !
    ڀڙڪو کائي بَچُ !
    دَردَ ڏنئي جي دُنيا !

    صورتَ توڙي سَچَ جي
    ڪُچَ تڏهن ڀي ڪَچُ ! دَردَ ڏنئي جي دُنيا !

    
    2-8-1978


    دردَنِ ڇڏيا داڳَ

    دردَنِ ڇڏيا داڳَ
    ديواننِ جي دل تي !

    ڏِسون سَپنا سونهَن جا
    سُتي توڙي جاڳَ
    ديواننِ جي دل تي !

    پرچائي پوءِ موٽندا
    رُسي ويلَ کي راڳَ
    ديواننِ جي دل تي !

    پاڻ ئي آهيون پيچرا
    پاڻ ئي آهيون ماڳَ
    ديواننِ جي دل تي !

    وري ٿي ٻُڌجي ”ڌاڙِ، ڌاڙِ !!“
    وقتَ ورائي واڳَ
    ديواننِ جي دل تي !

    ڪُوڙنِ پَٿريا ڪيترا
    آهن اَڄُ کِٽراڳ
    ديواننِ جي دل تي !


    
    18-9-1979


    چو ٿين مارچ

    چو ٿين مارچ

    جنهن ۾ کِلندي کِلندي کيڏِي
    مُڙسن پاڻ مَلهايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    سچُ سَمائي سيني ۾
    جو ڌَنِ ڏاڍُ ڏَڪايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    ديسَ سان دِلڙي لائي دودَن
    پنهنجو نينهن نڀايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    جبلَ جهڙن عَزِمن آڏو
    آمرَ ڪنڌُ جھُڪايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    اَچي وري او ! سنڌُ سَهارؤ !
    ساڳي جوتِ جَلايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !
    سالن کان جي سنڌُ ڏسِي ٿي
    سپنا سَچُ بڻايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    سارو ڪُوڙ ڪيو سنگسار
    ڀنڀٽَ باههِ لَڳايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !

    جنهن ۾ کِلندي کِلندي کيڏي
    مُڙسن پاڻ ملهايو
    تنهن مارچِ مانُ مٿانهون آ !


    04-03-1976


    نظم

    ٽيڙو نظم

    ٽيڙو نظم


     ديسُ وِسارين ٿو !
    پنهنجيءَ دل مان ڪيئن تون ؟
    سچُ ٻُهارين ٿو ؟

    ديسُ وِسارين ٿو !
    ڪُوڙو آهين جي چَئيِن
    خوش گُذارين ٿو

    ديسُ وِسارين ٿو !
    پيرن تي ڄڻ ٽَهڪيل
    پاڻي هارين ٿو !

    ديسُ وِسارين ٿو !
    اَندرَ ۾ ڄڻ مستقل
    نانگُ ويهارين ٿو

    ديسُ وِسارين ٿو !
    ايئن ڪري تون ڪنهن جو !
    اَندرُ ٺارين ٿو ؟

    ديسُ وِسارين ٿو !
    حيرت آ، پوءِ آرسي
    ڪيئن نِهارين ٿو ؟

    ديسُ وِسارين ٿو !
    پئسو ٿو پنهنجو ڪرين
    پيارُ ڌِڪارين ٿو !؟

    ديسُ وِسارين ٿو !
    ساريون خوشيون ڦُوڪَ سان
    ڪيئن اُڏارين ٿو ؟

    ديسُ وِسارين ٿو !
    سؤلو آ، ان کان گهڻو
    پاڻُ نه مارين ٿو ؟




    پاڻي

    پاڻي


     اَڙي سنڌُ وارؤ !

    اَنديشو، نه اُلڪو ڪوئي آئيندي جو
    ٿو بَدحال ئي، حالُ گُذري سدائين
    نَڪو شور، آواز ، نعرو، تياري !
    پَڪي ماٺِ سان ايئن زماني کان ياري !
    ڊگهي راتِ جا
    سَوَ ڏينهنِ تي ڀاري !

    اَڃا ڪهڙي آ گمَ جون راهون نِهاريو
    ائين پاڻَ کي پاڻَ ڇا لاءِ ماريو ؟

    ڪُڇڻ ۽ پُڇڻ کان هليا جي ويا هو
    چڱو آ
    اڍائي ڪِروڙن اکين مان
    ڪي ڳوڙها ئي هاريو

    مُٺيءَ سنڌُ کي، ڪنهن نموني
    اَڙي سنڌُ وارؤ !

    پاڻي ته گُهرجي !!؟






    تاريخ

    تاريخ

     اَلائجي ڇو ؟

    ڪنهن به دؤر
    ڪنهن به ديسَ ۾
    جڏهن به ڪا
    گولِي هلي آهي

    سدائين
    ڪنهن ڪمزور کي ئي
    لڳي آهي

    اَلائجي ڇو ؟؟


    بي خواب نيڻَ

    بي خواب نيڻَ


    اُنهيءَ وقت جڏهن يادِ تُنهنجي آئي هئي
    اُنهيءَ وقت اسان زندگيءَ کي ياد ڪيو
    اُنهيءَ وقت اسان زندگي وِساري ڇڏي !

    اُنهيءَ ويلَ جڏهن ڪنهن پُڇيو هيو تُنهنجو
    اُنهيءَ ويل اسان لُڙڪ لُڙڪ ٿي وياسي
    اُنهيءَ ويل اسان هر خوشي سُمهاري ڇڏي !

    اُنهيءَ خوابَ، ڏِٺو جاڳندي اسان جيڪو
    اُنهيءَ خواب ڪيو بي خواب نيڻن کي
    اُنهيءَ خواب ته ڄڻ ننڊَ ئي ٻُهاري ڇڏي !

    اُنهيءَ رات جڏهن چنڊُ قيد هو ڪاٿي
    اُنهيءَ راتِ اسان دِل کي ديپَ جيان ٻاريو
    اُنهيءَ راتِ اسان راتِ ئي بيهاري ڇڏي !


    ٻَهروپي

    ٻَهروپي

     ٻارن جي عالمي ڏينهن تي

    هڪ هنڌِ، هڪ وڏي ماڻهوءَ جي
    تيز رفتار، وڏي ڪار
    هڪ معصوم، مزدور ٻار
    چِيڀاٽي، اڳتي ئي اڳتي وڌندي وئي
    وڏي ماڻهوءَ جي پٿر جهڙيءَ دل ۾
    رحمَ جو تِـرَ جيترو احساسُ
    ڀي ڪين اُٿيو

    معصوم ٻالڪَ کي پُٺيءَ تي کنيل
    بوٽ پالش جي پيٽيءَ جو
    سمورو سامان، سندس ڳاڙهي ڳاڙهي
    رتُ سان گَڏُ، روڊ تي وَيو وِکرجي
    گهڙيءَ کانپوءِ ساڳي ئي، وڏي ماڻهوءَ
    خاص مهمان ٿي، هڪ فنڪشن ۾
    وڏيون وڏيون پئي ڳالهيون ڪيون
    ٻارن جي ترقيءَ ۽ سُٺيءَ پالنا لاءِ

    ٻارن جي عالمي ڏينهن تي !


    12-4-1977


    تخليق جو موت

    تخليق جو موت

     (اڳياڙي)

    هڪ تصور هيو وَسيل
    سالن کان منَ ــ مندر ۾
    هڪ سُڃو پيٽَ بُکيو
    ۽ مان مصور
    ڪيترن ڏانهن کان
    ان تصور کي پَني تي اُڀارڻ جي
    ڪوشش ڪري رهيو هئس
    گُذريلَ رات جي پوئين پَهر ۾
    هُو تصور جي دنيا جا
    سڀ طاقَ کولي
    رنگن ۾ رنگجي پنهنجي
    سڄيءَ سونهنَ سوڌو
    پَني تي هليو آيو

    مون رَتُ ۾ احساسن جو
    رنگُ مِلائي
    کيس جَلا بخشي هُئي
    سچ ته هوءَ منهنجي
    ”عظيم تخليق“ هُئي
    تصور کان به وَڌ
    صدين جي سپني کي
    اکين آڏو پَسي
    دل چاهيو کيس پُوڄان
    سجدي لاءِ سندس
    اڳيان جُهڪيس
    دل ۾ دردُ اُٿيو، ڪِري پيسُ
    ياد آيم
    ڪيترن ڏينهن کان مانيءَ ڳڀو نه مليو هيو

    (پڇاڙي)

    هاڻي پنهنجي ”تخليق جي موت“
    کان ٿوريءَ جهٽَ پوءِ
    مون پيٽ ڀَري ماني کاڌي آ

    ها اُن کان به اڳ
    شهر جي ڀريل بازار ۾
    مان پنهنجي ”عظيم تخليق“
    کي وِڪڻي آيو هئس
    چند سِڪن عيوض !



    17-7-1977


    يادون

    يادون

     او مَنَ ــ ميتَ !
    وِجھي وڇوڙا وَرهين جا
    ڇو هَليو وئين مون کان ڏور
    مون کي بخشي پُورَ ئي پور
    مون کان ڳالهيون وِسريون ناهن
    پيار جون ڳالهيون، پنهنجي جَڳَ جهانَ
    جون ڳالهيون
    جيڪي گڏجي سِنڌوءَ ڪَپَ تي
    پاڻ ڪيون هيون، هَٿُ ڏئي هَٿ ۾
    سُندر مُرڪون تُنهنجي چَپَ تي
    ڏاڍيون مون کي ڀانيون هيون

    تِنهن پَر، ها
    ڪُجهه وعدا به ڪياسي
    نيلَ گَگَن کي شاهد ٺاهي
    ”گَڏُ جيئنداسي، گَڏُ مَرنداسي“
    پر پوءِ پيارا !
    ڪِهڙي وَسِتي وَڃي وَسايئه
    پَنهنجا وعدا ڪينَ نڀايئه
    هليو وئين تون ڏاڍو ڏور
    مون کي بَخشي پور ئي پور
    تو بِن چينُ نه آهي ساجن ! ويراڳي هان
    ڪڏهن به !!
    مون کان وڇڙي جي پَڇتائين
    واعدا توکي ياد اَچن جي
    تُنهنجي آڏو
    تن ڏينهن جا خيال نَچن جي
    ان ويلي جا، سِنڌوءَ ڪَپَ جا

    هليو تون اچجانءِ
    دُولتَ جون ديوارون ٽوڙي
    تُنهنجي ويهي راهَه تڪيندُس

    دِل دَروازو کولي رَکَندس !
    دِل دَروازو کولي رَکَندس !


    27-02-1975


    انسانن جي بستيءَ ۾

    انسانن جي بستيءَ ۾

     سُورَن جو سامانُ
    آهي هيءُ انسانُ
    خِيالي خِيالي
    سوچَ نِرالي
    مُنهن ۾ ماتم
    اکِ اکِ آلي

    بيداد نگر ۾
    رَڙندي رَڙندي
    بُکَ جي باهِه ۾
    سَڙَندي سَڙندي
    وقتَ سان وِيڙهِه ۾
    وِڙهندي وِڙهندي
    جيئري ئي جَڳَ ۾ مَري وڃي ٿو
    هَڏَ چَمَ جو هي بيجانُ بُوتو
    روز رُلي ٿو
    چُؤ واٽي تي
    گِهٽيءَ گِهٽيءَ ۾
    هُنَ جو جيئرو لاشو هِتڙي
    رُلندو رَهندو
    سَڙندو رَهندو

    ڇاڪاڻ ته
    شهر جي مِڙني
    قَبرستانن ۾
    هُنَ لئه ڪائي جاءِ نه آهي
    هُنَ لئه ڪائي جاءِ نه آهي !


    24-05-1975


    تون ۽ مان

    تون ۽ مان

     مان !
    چَپَ جيان آهيان
    پيارَ سان پُر
    جنهن ۾ ڀريلَ
    سِڪَ جا سمنڊَ
    چاههَ جي چاشني
    نينهنَ جو نَشو

    منهنجا گيتَ گُلن جون مالهائون
    هيرَن جا هارَ
    سچَ جو سَڏُ
    پريتِ پڙاڏو
    منهنجو عزمُ
    اَرڏو ۽ اَٽل
    ڪينجَهر جيان وسيع
    ڪارونجهر جبل
    تُون !!
    ڪَپَ جيان آهين
    نَفرتَ جو نِشانُ
    قُربَ جو قاتل
    تنهنجو باطن
    تو جيان ڪُوڙو ڪَچُ
    تون ڇا ڄاڻين سَچُ

    تنهنجون وايون وِکريلَ وِکريلَ
    تُنهنجون ڳالهيون
    ڦِرندڙ گهِرندڙ
    تُنهنجا خيال
    مَڪڙيءَ کاڌل


    17-05-1975


    فرق

    فرق

     ڪالَهه ــ

    هو غير عورتَ سان
    گڏُ هيو ، پُڇيائينسِ:
    ”ڪيرَ هُئي ؟“
    کِلي ڏنو، چيائين :

    ”چڱي هئي نه ؟
    شادي ڪيانسِ ــ ؟“

    ۽ اَڄُ ــ

    هوءَ غَير مردَ سان
    گڏُ هئي،
    سِرُ لاهي ڇڏيائينس
    هُنَ اهو به نه پُڇيس :

    ”چڱو هيو نه ؟
    شادي ڪيانسِ ــ ؟“


    16-10-1974


    بيزاري

    بيزاري


     اڄڪلههَ جيئڻُ
    ائين لڳي ڄڻُ
    ڪنهن سان ڪارو مُنهن ڪرڻ
    ۽ دُنيا جا دردَ وِساري
    ٽَهڪ َ ڏيڻ
    آهي ڄڻُ
    ڪُتو کائي پيٽُ ڀرڻُ

    اڄڪلههَ جيئڻُ
    جاڙَ جيئڻُ !


    20-01-1980


    80ع جي آخري رات جو نظم

    80ع جي آخري رات جو نظم



     مُنهنجي هٿَ ــ تِريءَ جون
    ڪوئي
    ساريون ليِڪون ڊاهي
    تُنهنجو نانءُ لِکي

    ڪاش ائين ٿي
    شالَ ٿئي !!


    31-12-1980


    HOROSCOPE

    HOROSCOPE



     جنهن هفتي جي
    مُنڍَ ۾ تُنهنجو کِلندڙ چهرو
    ڏِسندو آهيان

    پرين !، اهو سڄوئي هفتو
    تُنهنجي مُکَ جا
    ڀاوَ تصور ۾ آڻي
    خوش گُذاريندو آهيان !


    28-12-1981


    نئين جوتِ

    نئين جوتِ

    وري مُندَ مِٺڙي ملهايون اَچو !
    نئين جوتِ گڏجي جلايون اَچو !

    ڇڏيو وقتَ جا وارَ سارا وِساري
    غَمن گوندرن ۾ ڀي کِلندي گُذاري
    سُتلَ ڀاڳَ پنهنجا جَڳايون اَچو !
    نئين جوتِ گڏجي جلايون اَچو !

    لڳل زنگُ، پورو هي ظالم سماج
    اَنڌا ۽ اُبتا هي رَسمون رواج
    هي ڊاهي، سي مِٽيءَ ملايون اَچو !
    نئين جوتِ گڏجي جلايون اَچو !

    هي مظلوم ماڻهو، غَمن ۾ گَٿل
    بُکي پيٽ ، ڏُٻرا ، هي چهرا لَٿلَ
    سندن مُنهن تي مُرڪون سجايون اَچو !
    نئين جوتِ گڏجي جلايون اَچو !

    وري مُندَ مِٺڙي ملهايون اَچو !
    نئين جوتِ گڏجي جلايون اَچو !

    25-8-1977

    ڇ


    آسَ

    آسَ


    بـــــادلَ بـــرسنِ
    ڪــاٿي تَرسن

    جـــيءَ جِيـــارا
    وَڃـــــــڻ وارا

    سُــــوئي سُکَ
    ڏيــئـــــي ڏُک

    ويـــــا هَــليـــا
    ڪيــــنَ سَليــا

    ڇــــوريءَ سُورَ
    پنهنجــــا پُـــورَ

    ســــاجنُ ساري
    راتِ گُــــذاري

    صُبـــحُ سويلي
    هــــاءِ اَڪيلي

    هــــــيءَ ڳهيلي
    سُـــــورَ سَهيلي

    سينـــو ســـاڙي
    پــاڇــا تـــــاڙي

    رُوئــــي ڳـــائي
    مـــَنُ پِرڀـائــي

    شـــايـدُ مـيـــتُ
    ٻُــــڌِي گــيـــتُ

    مُـــــوٽي اَچـــي
    ميــــڙو مَچــــي

    29-05-1975




    ڪَلپنا

    ڪَلپنا

     مُنهنجا ننڍڙا مِٺڙا ڀاءُ !
    پنهنجي چِترَن جي ڪاپيءَ ۾
    اُبتا سُبتا لِيڪا پائي
    چِترَ سُهڻا سُهڻا ٺاهي
    تون جي تن ۾ رنگُ ڀرين ٿو
    ڏاڍو پيارو ڪم ڪرين ٿو

    مان چاهيان ٿو
    مان چاهيان ٿو

    وڌي جڏهن تون وڏڙو ٿئين
    تڏهن به تُنهنجي هٿڙن ۾
    ننڍڙا، وڏڙا بُرشَ هجن
    جن سان ديسَ سڄي کي ٺاهين
    واهڻَ، واهنِ، کيتن جي
    بي رنگ، بي رنگ ــ ڌُنڌلن ڌُندلن
    رنگَ ڀرين ڪي چِترَن ۾
    ڦاٽلَ، ڪپڙن ميرَن ۾
    ڦاٿلَ ميرَن چَهرن کي
    سُندرتا جو روپ وٺائين

    ۽ ها، ڪوڙن، دانگيءَ جهڙي دل وارن جي
    (ڪوڙهيل، زَنگيل، داڳي داڳي)
    ظاهر اُجرن چَهرن ۾
    ڪارو، ڪارو، گهاٽو ڪارو
    اُڻٽيهنَ جي اونداهيءَ جهڙو
    رنگُ ڀرين ۽ ڏِٺو ڪرين
    تن کي ساريءَ دُنيا آڏو

    مان چاهيان ٿو
    مان چاهيان ٿو

    فَنَ جي ناتي شال جئين !
    ديس جي ناتي شال مرين !!


    15-2-1978


    ياد

    ياد


     مُنهنجي خيالن جي گهرَ کي
    رات وري آ،
    کاٽُ هڻي ويو
    تُنهنجيءَ يادِ جو چورُ

    ۽ آهي،
    چورائي سڀ خيالَ کڻي ويو

    پويان پنهنجي ڇڏي ويو بس
    اَڻڀن اَڻڀن، کنڊرَ جهڙن
    مُنهنجن هيڊن ڳَلڙِن تي
    ڳوڙ هن جي صورتَ ۾ پيرا !


    29-03-1978


    الطافَ عباسيءَ ڏانهن

    الطافَ عباسيءَ ڏانهن

     موتَ جي آهي
    تُنهنجي چهري جي چنڊَ تي
    صديون پُراڻيءَ
    ڪاريءَ، ميريءَ، جِهيرون جِهيرون
    پنهنجيءَ چادرَ کي ڦهلايو

    تنهن سان، تُنهنجي چهري جو
    چنڊُ ته لِڪڻو آهي ڪونه
    گيتَ، سَنگيتَ جي چانڊوڪيءَ جو
    مَنڊُ ته ٽُٽڻو آهي ڪونه

    پر سمجههُ کڻي جي
    چانڊوڪيءَ جو منڊُ ٽُٽي پئي
    چنڊُ چهري جو لِڪي وڃي ڀي
    پوءِ ڀي فَنَ جي اُڀ مٿان جي
    تُنهنجنِ گيتن، نظمن جا
    ڪيئي چنڊَ چڙهيا آهن
    سي ته لِڪڻ جا آهن ڪونه
    صديون پُراڻيءَ
    ڪاريءَ، ميريءَ جِهيرون جِهيرون
    چادرَ هيٺان، موتُ ڀلا
    ڪهڙو چنڊُ لڪائي سائين !
    ڪهڙو چنڊُ لڪائيندو ! ؟

    اوندهه کي ڦهلائيندو !!!.


    14-3-1978


    عُنوان بنان

    عُنوان بنان

     مان جنهن سان ٿو پيارُ ڪيان سا
    واءُ جيان آهي !

    چاهيون ڀي جي، پوءِ ڀي
    جنهن کي ڪين ڏِسي ٿو سگهجي
    هٿُ وڌائي
    پوپٽَ وانگي پڪڙي مُور نه سگهجي

    مان جنهن سان ٿو پيارُ ڪيان سا
    واءُ جيان آهي

    جيڪا تيز گُهلي ۽
    دل جو دَرُ کڙڪائي ٿي
    ۽ دل جي گهر ۾ رهندڙ ٿي
    جذبن کي جاڳائي
    پلَ لئه ٿڌڙا، مٺڙا ڪي
    اَحساسَ پئي ڦهلائي
    ۽ ٻي پل هلي وڃي ٿي
    ٻيو ڪو شَهرُ وسائي
    هڪڙي پل گڏُ آهي مون سان
    ٻئي پل مون سان ناهي

    مان جنهن سان ٿو پيارُ ڪيان سا
    واءُ جيان آهي !

    ڪين ڏسي ٿو سگهجي، جنهن کي
    بس محسوس ڪجي ٿو !


    5-4-1978


    حياتي

    حياتي

    مون کي تُنهنجو سُنهن اوسانئڻ !
    مون کي ڏاڍي پياري آهين
    پنهنجي آهين ڌاري ناهين

    پوپٽَ جهڙا رنگَ اٿئي يا
    ڦِڪي ڦِڪي بي رنگ آهين تون
    سنڌوءَ جيان پَوتَر ۽ اُجري
    يا ڪنهن ڍَنڍَ جو گدلو پاڻي
    نِٽهڻ اُسَ ۾ ڇانوَ ٿڌي آن
    توڙي ڪوسو جھولو آهين
    خوشبؤ توڙي بدبؤ آهين
    کنڊُ آن، توڙي واري آهين
    مون کي ڏاڍي پياري آهين
    مون لئه سڀ کان نياري آهين

    دردَ ڏئي ٿي توڙي مارين
    يا مُرڪن مان سُرڪَ پيئارين
    روز ٿي مارين، روز جيئارين
    سڀ ڪُجھه آهين يا ڪُجھه ناهين
    پوءِ به ڪنهن کان گهٽ ته ناهين !!

    جهڙي حالين آهين مِٺڙي !
    رنگَ جنهين ۾ آهين

    مون کي تُنهنجو سُنهن اوسانئڻ !
    مون کي ڏاڍي پياري آهين
    مون کي ڏاڍي پياري آهين

    18-4-1978



    تجربو ـ 1

    تجربو ـ 1

     تجربو:

    ڪُو ماڻلَ، چهرو لٿلَ، اُداس عاشق اَڳيان
    رُسي ويل، سندس پرين پرچائي
    جڏهين آندو سين ته
    ٽِڙي پيو گُــلَ جيان
    سندس دل جو اُجھاڻل ديپڪُ
    ٻري پيو پلَ ۾

    تجربي مان ثابت ٿيو ته:

    پرين ۽ پيارُ سندس
    جيئڻ ۽ خوش ٿيڻ ۾
    وڏي مدد ٿا ڪن !


    13-10-1978


    نو ويڪنسي

    نو ويڪنسي

     پنهنجو پيارُ ويچارو
    ”لائي توڙ نڀائڻ“ جي
    سرٽيفڪيٽن ساڻُ هوندي به
    هر دِل جي دفتر جي دَرَ تان
    گُذريل ڪيئي سالن کان
    ڏاڍو آ، مايوس ٿي موٽيو
    هر دل جي دفترَ جي ٻاهران

    ”جاءِ نه آ“
    جو بورڊ پڙهي !


    13-10-1978


    ٿورا نه ٿورا

    ٿورا نه ٿورا

     پاڻَ ته وئين،
    پر پاڻَ سان گڏُ
    منهنجي انڊلٺِ جهڙي جيونَ جا
    ڇَههَ رنگَ ڀي تَون ساڻُ کڻي وئين

    ها پر هڪڙو رنگُ ڇڏي وئين
    پِيلو رنگُ
    پِيڙا ۽ پُورن جو رنگُ

    اهو به ڄڻ احسان ڪيو ٿي
    شابس ٿئي !!



    13-10-1978


    تاثر

    تاثر

     پاڙي ۾ ٿيلَ موتَ تي
    مري ويلَ ماڻهوءَ لئه
    روئندڙَ، رڙندڙَ ميڙَ ڏِسي
    دلِ چاهي ٿي !

    ”مان ڀي جيڪر مري وڃان“
    (ان بهاني ساڻ سهي ئي)
    مُنهنجي ڪاڻِ به ماڻهو روئنِ
    پارَ ڪڍنِ،
    مُنهنجا سارا ڏوههَ وِساري
    مون کي ساري
    پنهنجا، ڌاريا سارا ماڻهو
    مُنهنجون حياتيءَ منجههِ ڪيل
    ايڪڙ ٻيڪڙ نيڪيون، ڳائنِ
    مُنهنجي ڪارڻ ڪُجھه پهرَ ئي
    پاڻُ وڃائنِ

    دل چاهي ٿي
    ”مان ڀي جيڪر مري وڃان !“


    25-11-1979


    ڌاريو ماڻهو

    ڌاريو ماڻهو

     جنهن جو نالو وٺي
    سورجَ جو ڏِٺم ٿي چهرو
    راتِ جو، جنهن جي
    حوالي سان
    گُذاريم پَلُ پَلُ

    هُن جي چاهيو ته (نه چاهيندي به)
    مُکَ تي ليپُ ڏنم
    مُرڪن جو
    ۽ جي هُن چاهيو ته
    پهرَن جا پَهر روئندو رهيس
    راتين جو

    هُن جي ٽهڪُ لڳايو ته ٽِڙيُس
    ٽانگُرَ جيان
    هُن جي لُڙڪ به هاريو
    ته مان هارائي ڇڏيو
    جيونَ کي
    مُنهنجي هر سوچَ، هر جذبي ۽ اَحساسَ مٿان
    هُن جا حقَ واسطا محفوظ رهيا
    اَڄ تائين
    ۽ سدا پاڻ، وساري ڀي مان
    هُن کي ساريندو رهيس ساهَن ۾

    پوءِ به مان، ها مان يارو !
    اَڄ به آهيان، هُن لئه
    ڏينهنَ پهرين جيان
    ”ڌاريو ماڻهو !!“


    8-5-1982


    ڪمپليمينٽري ڪاپي

    ڪمپليمينٽري ڪاپي

     مون کي وئي
    آهين ڏئي
    جيڪو سندءِ ”جيون ـ ڪتاب“

    ”پيارَ مان ـ تولئه“
    لِکي

    مُنهنجي مِٺي !
    اَٺَ صفحا اُن مان
    آهن کُٽل
    خبر ٿئي ؟!!


    10-4-1985


    سنڌڙي

    سنڌڙي

    وَر وَر، هر هر، سَوَ سِرَ جي مِلن
    هوندَ گهوريان، سڀ گهوريان، سڀ گهوريان
    تو تان سنڌڙي !

    جيءُ جيءُ سنڌڙي، سُکَ ماڻِ سنڌڙي !
    کِلندي ئي مَـرنداسي، تُنهنجي ڪاڻ سنڌڙي !
    وَر وَر، هر هر، سَوَ سِرَ جي مِلن
    هوندَ گهوريان، سڀ گهوريان، سڀ گهوريان
    تو تان سنڌڙي !

    ڏاڍُ نه رهندو، ٻاٽَ نه رهندي
    هاڻي هيءَ ڌرتي، سُورَ نه سهندي
    وَر وَر، هر هر، سَوَ سِرَ جي مِلن
    هوندَ گهوريان، سڀ گهوريان، سڀ گهوريان
    تو تان سنڌڙي !

    گڏجي سڏجي، گيتَ هي ڳايون
    سنڌُ جهڙي ڪائي به جنتَ نه ڀانيون
    وَر وَر، هر هر، سَوَ سِرَ جي مِلن
    هوندَ گهوريان، سڀ گهوريان، سڀ گهوريان
    تو تان سنڌڙي !


    16-1-1984


    ديپُ

    ديپُ

    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو
    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو
    اونداهيءَ جي چهري تي
    ويٺو ڌُوڙِ مَلي ٿو


    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو

    پيڙائُن جي پاڇولي ۾
    هِڪڙو ٽهڪُ پلي ٿو


    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو

    منزل مِلڻي آهي مِلندي
    پنهنجو پنڌُ هلي ٿو


    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو
    اَڃا ته ديپُ جَلي ٿو

    19-7-1990


    سوال؟

    سوال؟


    سِجَ جيان جيڪو مُور نه لَڙندو
    سَچَ جي ڪارڻ سوليءَ چڙهندو


    ڪو آهي ساجن ! آهي ڪو ؟

    هي رُوپا رَستي خلجيءَ ڪاهون
    جو دودو بڻجي رُوڪي راهون


    ڪو آهي ساجن ! آهي ڪو ؟

    چارِڻَ جا هِن خوابَ اَڌورا
    سِرُ ڏئي ڪيرُ ڪندو هي پورا


    ڪو آهي ساجن ! آهي ڪو ؟

    گُل ڇَڏي جو ڪنڊڙا سوئي
    پِيلا پَنڙا هارَ ۾ پوئي



    ڪو آهي ساجن ! آهي ڪو ؟


    11-2-1975


    وڇوڙو

    وڇوڙو

    ويو قُرب ڪُسي
    هر ڳالهه ٻُسي
    پيو پاندُ پُسي
    آ راتِ رُسي

    ويو مون کان مُنهنجو مينڌرو

    شل خوش وَسي
    جي اَچي رَسي
    منُ پيارُ پَسي
    سڀُ سکَ کَسي

    ويو مون کان مُنهنجو مينڌرو

    ٿو ساههُ سَڙي
    پيو روح رَڙي
    دل قيدِ ڪَڙي
    ڪري قهرَ اَڙي !


    ويو مون کان مُنهنجو مينڌرو

    هڪ وارِ سَهي
    اَچي ڪاڪِ ڪَهي
    وڃي رات رَهي
    ڇو ڪيئن ؟ ڊَهي ؟


    ويو مون کان مُنهنجو مينڌرو


    20-4-1976


    ٻوڏ جي شاعري

    سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻي!

    سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻي!

    اکيُن ۾ دَردن جي هيءَ ڪهاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!
    ڇِڳل جُتِي ۽ چُنِي پُراڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    نه ڳوٺَ بچيا، نه گھَرَ سلامت، نه مالُ، ٻَنيون !
    سڀيئي لوڙهي ويو خوابَ پاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    ”گُڏيون ۽ سَرتيون، سِليٽَ مُنهنجي، ويا ته ڪاڏي ؟!“
    روئِي ٿي سوچي، هي ننڍڙِي راڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    سڀيئي خوشيون، سڀيئي رشتا، ڇَڻِي ويا نِڪري،
    هي ٻوڏِ هڪڙي وڏي آ ڇاڻِي ، عيدَ ڪهڙي ؟!

    هي ڪئمپَ ناهن، اُداسيُن جو جهانُ آهي،
    اچِي جِتي ٿي سوچَ ساڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    ٻُڏَل گھَرن تان، هَوا به گھُلندي اهو ٿي سوچي !
    ڪِٿي ته دَردن جي ٿئي پُڄاڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    جي تُنهنجي نالي جي لَٺِ ــ سهاري هلن پيا مؤلا !
    سَفر ۾ تِن جو اچِي ٿي ساڻِي، عيدَ ڪهڙي ؟!

    


    ڏُکن جي وَڻن مان ڇَڻِي عيدَ آئي

    ڏُکن جي وَڻن مان ڇَڻِي عيدَ آئي
    نه ميندي، نه سُرمو، ڦَڻِي عيدَ آئي

    گَهرن کان پَري ڪئمپَ جي وستيُن ۾
    اسان ڏي اُداسيُون کَڻِي عيدَ آئي

    هي اِمدادَ خاطر کنيلَ ٿالَههَ هٿَ ۾ !
    وڏو زخمُ آهي بَڻِي، عيدَ آئي

    هي پاڻي اکيُن مان، لَهڻَ جو نه آهي
    گھَڻو ٿيو !! اسان ڏي گھَڻِي عيدَ آئي

    مٺا ربَ !، تنهنجو سَهارو آ، ورنه
    اُميدُن کي تالا هَڻِي عيدَ آئي

    


    دردَ ــ ڪَٿا

    دردَ ــ ڪَٿا

     سنڌُ جي سُهڻي بَدن تان
    سُکَ واري،
    ڀَرت ڀريلَ قميصَ
    لاهي وَئي

    ٻوڏِ آئي
    ۽ خواب ڊاهي وئي !!


    مؤلا ! ٰ پنهنجا پاڻَ سنڀال....

    مؤلا ! ٰ پنهنجا پاڻَ سنڀال....
    سندءِ هي روپُ ڄڻُ آهي، اکيُن ۾ وحشتُن وانگي
    اَڙي سنڌو ! اسان ڪَرِ چڱائي دوستَن وانگي

    

    سڄِي سنڌُ شادِ، رکُ آباد، ڦِٽل ڪو ڀاڳُ ڇو ٿو ٿئين !؟
    مٺا مهراڻَ ! ٿي محبوبُ، دليُن جو داڳُ ڇو ٿو ٿئين !؟

    

    هيڏو هِي اِيذاءُ اکيُن ۾، مسڪينَن جو ڪهڙو حال ؟
    توجيان تِن کي ڪيرُ سنڀالي، مؤلا ! پنهنجا پاڻَ سنڀال

    

    جيونَ ــ ريکائون ڊاهيندو، وڌي پيو درياهه
    سنڌوءَ کي ڪا ساڃاههَ ڏي تون، هِيڻَن جا الله !

    
    ڇ


    حوصلو زندگي حوصلو

    حوصلو زندگي حوصلو

    ڪيترو ڀي کَڻي جي هُجي مسئلو
    نيٺ ٿيندو ختم هي ڏُکيو مرحلو

    حوصلو زندگي حوصلو !

    ڪوئي ناهي سهارو، ته ڇا ٿي پيو ؟
    هُوئي ساٿي ، سڄَڻُ، ربُ ئي ڀَرجھلو

    حوصلو زندگي حوصلو !

    مان مڃان ٿو وئِينءَ تون گھڻو وِکرجي
    پوءِ ڀِي رُڪڻو ته ناهي ڀَلا قافلو ؟

    حوصلو زندگي حوصلو !

    دَردُ مهمانُ بيشڪ ٿيو ديسَ ۾
    کيس پنهنجو کَڻي ڪو ڏِبو حوصلو !

    حوصلو زندگي حوصلو !

    کيس ساگرَ جا زنجيرَ پَوندا ضرور
    ڪيترو ڀي هي درياهه هجي دادلو

    حوصلو زندگي حوصلو !
    حوصلو زندگي حوصلو !




    


    سائينمِ! سدائين ڪرين....

    سائينمِ! سدائين ڪرين....
    سنڌ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !
    سنڌُ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !

    ٻوڏِ دادُوءَ کي اُجاڙيو
    ۽ ٺَٽي جو ساههُ ساڙيو
    تُون سسئيءَ جيان آهين مِٺڙِي !
    ۽ وڏيرو ڏيرُ تُنهنجو
    سنڌُ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !

    ڪيسين قسمتَ ۾ انڌارا ؟
    ڏُکَ ٿيندا ڏُور سارا
    ۽ سُکَن جي رَهگُذر تي
    ڄاڻُ پوندو، پيرُ تُنهنجو
    سنڌُ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !

    هر دُعا جا لفظَ سارا
    سڀُ اکيُن جا خواب تُنهنجا
    ڪيئن ٿيندو، ڪيئن ٿيندو ؟
    گھٽِ ــ گھُرو ئي ڪيرُ تُنهنجو ؟
    سنڌُ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !
    سنڌُ مُنهنجي خيرُ تُنهنجو !

    


    (سنڌُ ۾ آيل مَها ٻوڏِ جي، تباهه ڪارين کان پوءِ جا شاعراڻا احساسَ)


    صوفياڻو ڪلام

    ابتدا

    ابتدا

    هڪڙو نالو جو محبت جي علامتَ آهي
    هڪڙو نالو جو اُچارڻ ئي تلاوتَ آهي

    هڪڙو نالو جو سُڳنڌ آهي، سچائي آهي
    هڪڙو نالو جو سراپا ئي سُهائي آهي
    هڪڙو نالو جنهن اَنڌيرن کي جَلا بخشي آ
    هڪڙو نالو جنهن زماني جي خطا بخشي آ

    هڪڙو نالو جو ڪوڙَ، اوندههِ لئه
    ايئن آ، جيئن ڪپههَ ۾ تِيلِي
    هڪڙو نالو جو ائين اُڀريو جيئن
    رات جي ڪُکِ مان ٿو سجُ اُڀري

    ها اُهو نانءُ مِٺو نانءُ ، سندءِ آ سائين !
    ها اُهو نانءُ مِٺو نانءُ ، سندءِ آ سائين !

    حضور ﷺ جن کي ڀيٽا



    5-6-1984


    رنگي، ڪيئن بيرَنگي !

    رنگي، ڪيئن بيرَنگي !
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    جنهن جنهن پاڻُ سڃاتو ناهي
    تَنهن، حياتي زَنگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    عشقُ رکيوسي اَندر، باقي
    هر شيءِ ٻاهر ٽَنگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    دُوئي، ڌارَ ڪري ڪيئن سگهندي ؟
    وحدتَ سان جا وَنگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    ڪپڙا ڪينَ ڍَڪنِ ماڻهوءَ کي
    ننگَ ڍڪي ٿو ننگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    ڪهڙا دَ مَ دِلاسا دِلبرَ !
    ڪهڙا ساٿي، سَنگي ؟
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    رُوح انهيءَ ۾ ڪيسين رهندو ؟
    تَنَ ۾ ڪيڏي تَنگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    دهشتَ، وحشتَ، جنگِ، فَسادَن
    ڏاتِ اسانجي ڏنگي
    دِل وارو، ڪيئن بيدِل آهي ؟

    


    عرشُ ڇڏايو رَبَّ سبحاني

    عرشُ ڇڏايو رَبَّ سبحاني
    نينهُن ڏئي نِيشاني
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

    حاصل ۽ لا حاصِل مان
    حاصل ٿي حيراني
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

    پاڻَ ئي پنهنجو دُشمن آهيان
    پاڻَ ئي پنهنجو جاني
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

    منصبَ سارا ڇڏي وَتِيسي
    دلبَر جي دَرباني
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !
    ماسُ سندم ئي ڪوري مُنهنجي
    مُحبَ ڪئي مهماني
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

    ڪنڌُ نِوائي نانءَ سندس جي
    پاءِ ڳچيءَ ۾ ڳانِي
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

    بيدل جو آ عشقُ اُتانهون
    ڪيرُ سڏائي ثاني ؟
    بارُ بِرههَ جو سِرَ تي چاتُم !

     


    دل جوڙ ِ، جوڙ ِ رازا !

    دل جوڙ ِ، جوڙ ِ رازا !
    ڇڏِ خيرپور ، درازا
    سچل ته ساهَه ۾ آ !

    وڃنَئي نه پيرَ نِڪري
    ڪمزور ٿي ڪَوازا
    سچل ته ساهَه ۾ آ !

    دُوئي اَڃا اَندر ۾ !
    هي زخمَ اڄ ڀي تازا
    سچل ته ساهَه ۾ آ !

    وَٺُ عشقَ جي اِمامتَ
    دِل کي ئي ڪر درازا
    سچل ته ساهَه ۾ آ !

    دل جوڙ ِ، جوڙ ِ رازا !
    ڇڏِ خيرپور ، درازا
    سچل ته ساهَه ۾ آ !

     


    سچل سائين

    سچل سائين

    سچلَ جي سِٽَ جي پڙهبي
    اَندر ۾ روشني ايندي
    سچلُ خوشبو هيو سُهڻا !
    ۽ خوشبو ڪيئن ختم ٿيندي ؟

    هنئين ۾ سارَ جيان هُرندي
    ڪَنَن ۾ سازَ جيان ٻُرندي
    ذهنَ ڏي سونهَن جيان سُرندي
    سڀن جو خيرُ پئي گهُرندي

    سچل جي سِٽَ جي پڙهبي
    اَندر ۾ روشني ايندي
    سچلُ خوشبو هيو سُهڻا !
    ۽ خوشبو ڪيئن ختم ٿيندي !؟

    امامت عشقَ کي ڏيئي
    پرههَ سان پيچُ پاتو هو
    ڌِڪي دُوُئي اَندر مان جنهن
    ۽ پنهنجو پاڻُ ڄاتو هو
    اُها ئي روپُ ڪو سچَ جو
    اُهـــــــا ئـــي رهــبـــري ٿينــــدي

    سچلَ جي سِٽَ جي پڙهبي
    اَندر ۾ روشني ايندي
    سچلُ خوشبو هيو سُهڻا !
    ۽ خوشبو ڪيئن ختم ٿيندي !؟

    سچو منصور هو بيشڪ
    ۽ قاضي ڪوڙُ ٿي ويندو
    سندس هر فيصلو، فتويٰ
    ڌُڌڙ ۽ ڌُوڙ ٿي ويندو
    اَناالحق جو هڻي نعرو
    هُو پنهنجو فيصلو ڏيندي

    سچلَ جي سِٽَ جي پڙهبي
    اَندر ۾ روشني ايندي
    سچل خوشبو هيو سهڻا !
    ۽ خوشبو ڪيئن ختم ٿيندي !؟


    غزل مسلسل

    غزل مسلسل

    توکي گُذري توڙي ٿيا هِن لڳ ڀڳ ٻه سؤ سال سچل !
    اڄُ به پنهنجي حالتَ ساڳي، ساڳيو پنهنجو حال سچل !

    پيٽَ جي جادوءَ ۾ سُڪَ آهي، سونهنَ به جڳَ کان وِسري وئي
    ڪهڙا شعرَ، ڪتابَ، ڪهاڻيون، ڇا جا راڳَ ۽ تال سچل !؟

    ساڳيون روز مَرڻ جون خبرون، ڪارنهن، بَدلا، ويڙههِ، بُکون !
    نئين صديءَ ۾ ايئن جي وياسي، ڪهڙا يارَ ڪمال سچل !

    پيارُ لَتاڙي، رِشتا ساڙي، جذبا خُونان خون ڪري
    ماڻهپَ کان ٿيا خالي خالي، ماڻهُن ميڙيا مال سچل !

    گهرَ ڀي اُڄ محفوظ نه آهن، رَستا واڳونءَ جيان
    جيئرا هوندي مُئلَ لڳن ٿا، سارا ٻَچڙيوال سچل !

    ڪهڙي دَرَ تي دانهنِ ماڻهو، ڪنهن سان پنهنجا سُورَ سلِين ؟
    پنهنجي ديسَ ۾ بگهڙَ آهن، رِڍُن جا رَکوال سچل !

    شالَ خيالَ سان گڏجي وڃجي، ڪو مفهوم ملي
    تون به ڪوئي خيال هئين ۽ مان به ڪوئي خيال سچل !

    حقُ آهي يا ناهي سائين !، پوءِ به چئون ٿا ”حق موجود“
    آسَ اها ئي نيٺ ته ڀَربا، روحَ جا پنهنجي خال سچل !


    سَچَ جو نانءُ سچل

    سَچَ جو نانءُ سچل

    سَچل نالو سَچَ جو !

    سچائي جي مُکَ تي
    هر دم رنگُ ــ رتل

    سَچل نالو سَچَ جو !

    چهرا جاڳنِ چؤطرف
    ڦاسي گهاٽُ سُتل

    سَچل نالو سَچَ جو !

    ذهنَ سمورا ٿي ويا
    ڇاکئون ڪوڙههَ ــ وتل ؟

    سَچل نالو سَچَ جو !

    مايوسين جي مُندَ ۾
    جذبا رنگ ــ رَتل !!!؟
    سَچل نالو سَچَ جو !

    گهرَ کان ايڏو ڏُور ۽
    مٿان ڏينهُن تَتل

    سَچل نالو سَچَ جو !

    ڌرتي هر هڪ دؤر ۾
    ڳولي ڪوءِ سَچل

    سَچل نالو سَچَ جو !



    1-7-1982


    سَچَ جي ساکَ

    سَچَ جي ساکَ


    سَچلَ ! تُنهنجي ڇايا ۾ هِنَ، محفل کي ته مچائينداسي
    ڪُل ڪوڙَ جا ڪنگرا ڊاهي، سچَ جي ساکَ بچائينداسي

    تُنهنجي ڌرتيءَ خاطر سائين ! وَرهين تائين وڙهبو رَهبو
    سچلَ ! تنهنجو سَچُ امانت، ٻُڌبو رهبو، چئبو رهبو

    سرمد وانگي سُوليءَ چڙهبو، سَرمستيءَ جو جَهنڊو کڻبو
    موتَ اڳيان منصورُ سڏائي، حقَ جو هر هر نعرو هَڻبو

    جنهن، جڏهن به جيئن آ چاهيو، خلقَ سَڄي ريجھائي آهي
    پنهنجا مطلب، پنهنجون ڳالهيون، مذهب مَتِ مُنجهائي آهي

    مذهبَ جي هِن ڄارَ ۾ ڦاسي، ماڻهو، ”ماڻهو“ ڪينَ رَهيا هِن
    مذهبَ جي نالي تي ”ماڻهُن“، روزَ ازل کان سُورَ سَهيا هِن

    ڪنِ جا عشق جي آڏو سائين ! نِوڙي نِوڙي نِرڙَ گَسي ويا
    ڪي تو پارا سچل سائين ! لحظي اندر عشقُ پَسي ويا

    جذبن جي جا جوت جَلي آ، ڪوئي ڪينَ اُجھائي سگهندو
    سوچَ رَهِي آزاد ازل کان، ڪين ڪو پَهرا لائي سَگهندو

    گُـــلَ جو روپُ وٺي ديسين لاءِ، سانوڻَ جو سينگار ٿياسي
    سَچَ جي ساکَ بچائڻ خاطر،ڪڏهن ته تِکڙا خارَ ٿياسي




    17-09-1975 


    ڏينهن هجي يا رات

    ڏينهن هجي يا رات
    جيتَ ٿئي يا مات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !

    عشقُ ٿيو جي ساڻ اسان سان
    رات به ٿِي پِرڀات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !

    هِن مِٽيءَ کان آههِ مٿانهين
    ڏاتِ نه پنهنجي ذات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !

    مون لئه جيءَ جياپو ڪانئرَ !
    تُنهنجي لئه سَڪرات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !

    شهرَ درازن ۾ آهي اَڄُ
    وائي هڪڙي وات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !

    ڏينهن هجي يا رات
    جيتَ ٿئي يا مات
    سَچُ، سَچل، سنڌُ زنده باد !



    7-4-1988


    بيتَ

    بيٺل پاڻي ٿو ڪري، جيئن دُٻـــٖي ۾ ڌَپَ،

    بيٺل پاڻي ٿو ڪري، جيئن دُٻـــٖي ۾ ڌَپَ،
    ڏاها ! ايئن ڏاهپَ، عشقَ بِنا آزارُ ٿئي !

    سُهڻي بيشڪ آ مَسيتِ، سُهڻو هي مَندر،
    ماڻهوءَ جو اَندر، سُهڻو پر ٿيندو ڪڏهن ؟

    ڪيڏا دوکا، وَحشتون، ڪُوڙيون ڪَٿائون،
    ها پوءِ ڀي آئون، سونُ ٿو سمجھان زندگي !

    ڪيڏيون *”پهريون“ آئيون، رهيا ساڳيا سُورَ،
    اَجھو، لَٽو، مزدورَ، ڪڏهن گڏيا نه پاڻَ ۾ !

    دلبرَ ! ڇا لئه ديسَ ۾، ايڏي چُپ چپات ؟
    هيڏو اُجرو ڏينهن ڀي، ڀاسي ڪاري رات،
    ماڻهن کان پِرڀات، وِسري ڄڻ آهي وئي !



    * ”پهريون“ ـــ پهرين مئي، مزدورن جو عالمي ڏينهن


    واءُ وِساريو آ گُهلڻ ؟، ڀلا چنڊَ کِڙڻ ؟

    واءُ وِساريو آ گُهلڻ ؟، ڀلا چنڊَ کِڙڻ ؟
    شاعرَ خوابَ ڏِسڻ، ڪيئن ڇڏيندا سوچِ ني !

    سمنڊُ گهڻو ئي گَهرو، مَنُ انهيءَ کان ڀي،
    لفظَن جا موتي، ٻُڏي ٻُڏي ٿا ميڙجَن.

    ڪيڏا ويسَ وٺي هلي، چنڊَ ستارن کان،
    سُورجَ اُڀرڻ سان، راتِ اُگهاڙِي ٿي وئي !

    وارِي ئي وارِي پَئي، نَظرِي سنڌؤَ مان،
    سوچيو چنڊَ مٿان، ” ٿَــرُ ته وڌندو ٿو وڃي !“

    توکي ڪين وڻن ٿا، پوپٽَ، گُلڙا، ٻار،
    توکي چَوندي يار، ڪيڏو لَڄِي ٿو ٿيان !

    


    هُن چيو هو، اوچتو هٿُ ڇڏائيندي،

    هُن چيو هو، اوچتو هٿُ ڇڏائيندي،
    ”ناهي رکڻو واسطو، هاڻي آئيندي !“،
    راههَ مٽائيندي، رِشتا مَٽجي ٿا وڃن ؟!

    ”ڪافي“ ٻُڌندي ڪارِ ۾ ، ڀرَجي آيا نيڻَ،
    ڇا هوُ مُنهنجا سيڻَ، هاڻي ڌاريا ٿي ويا ؟
    ايڏا سُهڻا جو ڪجي، هٿَ ٻَڌي ٻانهپَ،
    جيئن سکر بئراج تان، نظرنِ سنڌؤَ ڪَپَ،
    ڪي اهڙا به چَپَ، مُرڪ کي معنائون ڏين !

    روزُ جيان ئي سونهن تي، شعرُ لکيو پئي مون،
    اُڀري آئين تون، اکرَ اکرَ مان اوچتو !


    خطَ کڻي آيا سندءِ، هَٿِڙن جي سُرهاڻ،

    خطَ کڻي آيا سندءِ، هَٿِڙن جي سُرهاڻ،
    چئهُ کڻي سا هاڻِ، اِي ــ ميل مان ڪيئن اَچي ؟

    ڪيرُ سگهي ٿو ڪنهنجون، يادون ايئن لَٽٖي ؟
    ڪيئن ڇڏيئه هڪ سَٽَ ۾، جيونَ ــ ڏورِ ڪٽٖي،
    تو ڇو سِم مَٽٖي، سمجهو سڀ ختم ٿيو !

    ”گُوگل“ تي ڳوليو پئي، مون تُنهنجو نالو،
    ڪين مليو پر پوءِ ڀي، ڪوئي حوالو،
    ڀاڳن تي تالو، ايئن به لڳندو آ پرين !

    سمجُهيم، مون کي، پيارَ کي، ڪينَ وِساريندين ،
    مون سوچيوئي هو ڪٿي ؟ ، ايئن به ماريندين !
    ريلَ گُذاريندين، مُنهنجي سوچُن جي مٿان !

    سمجهي توکي اوپرو، ڦيري مُنهن وڃان،
    ڀل حقيقتَ ئي سَهي، آخر ڪيئن مَڃان ؟
    تُنهنجو دَرُ اَڃا، مون کان ڪٿي وِسريو !

    تيز ڊُڪي ٿي ڪارِ ۽، تنهن کان تڪڙا خيالِ،
    وِڇڙيا جي پَــرُ سال، مِلندا ؟ مِلندا ڪينڪي !؟

    راتِ ٺَـري وئي آ مگر، ناهِن نيڻَ ٺَريا،
    تُنهنجا خيالَ ٻَريا، آڳِ سِوا ٻيو ڇا هيو ؟

    


    نئون سال

    نئون سال

    خوشيءَ جي خريدَ جون، آسون رسيدون،
    وري نئين سالَ ۾، نيون اُميدون،
    دَرنِ ۾ ديدون، سُکَ اِجھوڪي آئيا.

    2012ع

    


    لياري

    لياري

    ڪانهي ڪنهن به ٿَڃُ ۾، اهڙو ڪو لاچار،
    ڪينَ ڄڻي ڪا ماءُ ٿي، ڪو ڏوهاري ٻار،
    ڇا لئه پوءِ هٿيار، مُـــــرڪ کَســــــنِ هــر ماءُ کان ؟

    گُـــلَ ٽِڙڻَ جي مُند ۾، گوليون چوڌاري،
    رَتوهاڻي ٿي وئي، ڌرتي هيءَ ساري،
    ساري لياري، ڏوهي آهي ڇا ڀلا ؟

    تون جو پوکين ٿو پيو، نفرتَ جو هي ٻِجُ،
    ڪيئن هتان ڪو سِجُ، پيارُ کڻي پوءِ اُڀرندو ؟

    راتيون توڻي جي لَهن، تُنهنجي جيونَ تي،
    پُٺِ نه ڏجان پوءِ ڀي، پنهنجي ڌرتيءَ کي،
    ماريو ويندين جي، انتُ نه سو سوراجَ جو.

    هڪڙيءَ وڏي ويڙههِ جي، آهي تياري،
    لالا ! ليـــــاري، نيٺ مياڻي بڻجندي !

    لشڪرَ اچڻا وڃڻا، رهندي لياري،
    هر شيءِ تي ڀاري، سچُ رهيو ۽ حوصلو !


    


    بشير خان

    بشير خان

    هُن سوچيو هو سنڌُ لئه، ٿڌڙي ڇانوَ ٿيان
    پنهنجي ڀِٽڪيل قومَ کي، هڪڙي راههَ ڏيان
    سڀني خوشين جيان، خانُ به کسجي ويو هليو !

    هڪڙي نئينءَ سنڌ کي، خانَ چيو اَڏجو،
    مُنهنجي پويان سنڌُ کي هيکل نه ڇڏجو
    شالَ سڀئي گڏجو، ته سنڌُ سوڀاري ٿي وڃي !

    اَجرڪَ ـــ اَڇي ڦُلڙيءَ، سنڌُ جي نقشي ۾،
    هوندُس مان سوراجَ جي، هر ڪنهن سَپني ۾،
    مُنهنجي قِصي ۾، ماٺِ ڪڏهن ٿيڻي نه آ !

    


    دوها

    ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي هاڻي، هُو ٿو ايئن نِهاري

    ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي هاڻي، هُو ٿو ايئن نِهاري
    هُن جي قيمتي ڪپڙن ٿي ڄڻ، مَسُ ڇڏي مون هاري

    راتِ اَنڌيري، وقتُ اَويلو، سَرد هوا ڀي آهي
    شايد ڪوئي دَرُ کُلي پئي، سڏَ ڪَرڻ ۾ ڇاهي ؟

    هُن جي يادِ کي تالو هڻبو، لُڙڪَ ڪبا مَدفُون
    دِل جون پنهنجون يارَ ! سزائون، پنهنجو ئي قانون

    ڪُوڙا، دوکيبازَ چوين ٿو، هاڻي تون جن کي
    ساههَ جيان ويساههُ ڪندو هئين، ساڳين نيڻَن تي !

    جوڀَن آيس، ٿي وئي آهي، پاڻَ ئي هڪ ڪهاڻي
    ٻالڪپڻ ۾ ٻُڌندي هئي جا، نانيءَ کان آکاڻي !

    اڳي اهي ئي منظرَ ها، پر بور ٿيو هئس مان
    ساڳيا منظرُ نوان لڳن ٿا، آهيان جي توسان

    ماري ٿو يا موتُ قبولي، سامهون تيز تَرارَ
    بَند ڳليءَ ۾ بيٺل ماڻهو، ڪيئن ڪندو ٻيو يارَ !


    پروين جي شاديءَ تي

    پروين جي شاديءَ تي

    ”هُن گهرَ“ وانگي ”هِن گهرَ“ ۾ ڀي، شالَ رَهين تون ايئن
    جَڳمڳ جڳمڳ نيري اُڀ تي، چنڊُ رهي ٿو جيئن

    سمجهُه کڻي سپنو هُو گهر هو، ساڀيا ”هي گهرُ“ آهي
    ماضي ڪوئي سفر هيو ۽، منزل ”هي دَرُ“ آهي

    گهرَ ۾ جيڪي وَرُ چوندو آ، ڪرڻو پوندو آهي
    ٺَهڻو پوندو آهي هُن لئه، ڊهڻو پوندو آهي

    ”هِن گهرَ“ جي تصويرَ ۾ ڪوئي، سُهڻو رنگُ ڀَري ڇَڏِ !
    اَنڌيارن کي دُور ڪرڻ لئه، دِل کي ديپُ ڪري ڇَڏِ !!


    29-11-1977


    نئون سال

    نئون سال

    سنڌُ سَڄيءَ جا وستيون واهڻَ، ٿَرَ بَــرَ، درياهه، جھنگُ
    سالَ نوان ! سڀ توکان چاهنِ، مورَ کنڀن جا رنگَ

    2012ع


    گيتَ

    هاڻِ حياتي ڀي پنهنجو

    هاڻِ حياتي ڀي پنهنجو
    ڪَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !

    ڏينهنُ ٺَريو آ، راتِ اکين ۾
    ٺَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !

    ڪنهن پياري جو خالُ حياتي
    ڀَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !

    ايئن وئي آ، مُرڪَ اُڏامي
    وَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !

    آخر ڇاهي ؟ سڄڻَ بِنا جو
    سَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !

    هاڻِ حياتي ڀي پنهنجو
    ڪَري نه ٿي
    پَري نه ٿي !



    جوتِ جلندي رَهي

    جوتِ جلندي رَهي
    جوتِ جلندي رَهي

    سچَ جي واٽَ تان مورِ هٽڻو نه آ
    ڏُکَ پائي ڀي سوچُن کي مَٽڻو نه آ
    پيارَ جي پارَ ڏي ناوَ هلندي رَهي

    جوتِ جلندي رَهيَ
    جوتِ جلندي رَهي

    زندگي روئي روئي ته کِلندي ضرور
    نيٺ منزل ته هڪ ڏينهن ملندي ضرور
    آسَ دل ۾ اِها پيئي پلندي رَهي

    جوتِ جلندي رَهي
    جوتِ جلندي رَهي


    14-11-1976


    پيارا پيارا پَــرَ ڦَهلائي

    پيارا پيارا پَــرَ ڦَهلائي
    ڪَلا، ڪويءَ جي اُڏري ويندي !

    سُورن سان سينگاريل صورتَ
    پاهَه بُکَنِ ۾ پياري مورتَ
    ڏِسي، ڀَريون آٿتَ جون ڏيندي
    ڪَلا، ڪويءَ جي اُڏري ويندي !

    گهاٽُ، گهٽي ۽ گهرَ گهرَ گِهڙندي
    مايوسين سان وڙهندي جِهڙندي
    ٿَــرَ بَــرَ مان هيءَ ويندي ٿيندي
    ڪَلا، ڪويءَ جي اُڏري ويندي !

    جيئڻَ جا ڪي ڍَنگَ ٻُڌائي
    جيءَ جيءَ ۾ جُهمر پائي
    وَستيءَ وَستيءَ ياد ڇڏيندي
    ڪَلا، ڪويءَ جي اُڏري ويندي !

    روپَ روپَ تي رَنگَ ڏسي
    جُهوميلَ جُهوميلَ اَنگَ ڏسي
    گيت کڻي پوءِ موٽي ايندي

    ڪَلا، ڪويءَ جي اُڏري ويندي !
    گيت کڻي پوءِ موٽي ايندي.


    30-12-1975


    مون کان ڏُور نه گهاري سگهندين

    مون کان ڏُور نه گهاري سگهندين
    مون کي ڪينَ وِساري سگهندين

    منهنجي ياد ڌڪاري دل مان، پاڻَ کي پيارا ! دوکو ڏئين ٿو
    ”آءٌ ته تُنهنجو ڪُجھه ڀي ناهيان“: ڪيڏو سَڀَ کي ڪوڙُ چئين ٿو

    ڪيڏو چاهين مون لئه پوءِ ڀي
    ڪِرڀَ نه دل ۾ ڌاري سگهندين
    مون کان ڏُور ِ نه گهاري سگهندين
    مون کي ڪينَ وِساري سگهندين

    پَنهنجي غلطيءَ تي پَڇتائي، لِڪي لِڪي پيو روئيندين تون !
    پنهنجي پيارَ جون ڳالهيون ساري، مَنُ پَنهنجو پيو لوئيندين تون !

    پنهنجي سَچائيءَ جي پوءِ پيارا !
    پَڪَ نه ڪنهن کي ڏياري سگهندين
    مون کان ڏُور ِ نه گهاري سگهندين
    مون کي ڪين وِساري سگهندين




    25-5-1976


    چؤسِٽا

    نئون سال

    نئون سال

    وري ديسُ سائو سَتابو ٿئي
    وَرن شالَ جيڪي ويا هن پري
    نئين سالَ ۾، ساريون خوشيون ملن
    سدا دِل اهائي دُعا ٿي ڪري

    2009ع


    دردَ جو شهرُ ٿو ڏِسڻ ۾ اَچي

    دردَ جو شهرُ ٿو ڏِسڻ ۾ اَچي
    پنهنجي دل ۾ جڏهن گِهريو آهيان
    ساري دُنيا پئي ٿي ٺُڪرائي
    تُنهنجي نظرن مان جي ڪِريو آهيان


    30-03-1977


    اوندهه ۾ واجھائيندو رهه، کولي پنهنجا نيڻَ

    اوندهه ۾ واجھائيندو رهه، کولي پنهنجا نيڻَ
    هر ڪنهن راتِ جي پويان ٿيندو، آهي روشن ڏينهنءُ
    ٻوسٽُ ٿيندو آهي جڏهين، چُپِ آ، ڇانيل هوندي
    تيز ڪا آنڌي ايندي آهي، وَسندو آهي مينهنُ


    14-04-1977


    جڏهن سَچَ تي ڪُوڙَ پَهرا لڳايا

    جڏهن سَچَ تي ڪُوڙَ پَهرا لڳايا
    صَديُن جي حقيقت تي الزام َ آيا
    جڏهن کوٽَ جا کيلَ دُنيا رَچايا
    تڏهن توئي شاعرَ کَرا گيتَ ڳايا



    10-02-1976


    ترائيلُ

    آءٌ تنها ۽ اڪيلو ئي گُذاري ويندُس

    آءٌ تنها ۽ اڪيلو ئي گُذاري ويندُس
    تون ڪيئن ؟ مون بن رَهندين رانوَلَ !
    آءٌ گهاوَ سهي ڀي کِلي گهاري ويندُس
    آءٌ تنها ۽ اڪيلو ئي گُذاري ويندُس


    پنهنجا اَحساسَ اندر ۾ئي دَٻائي ماري ويندس
    تون هي سورَ نه سَهندين رانول !
    آءٌ تنها ۽ اڪيلوئي گُذاري ويندُس
    تون ڪيئن ؟ مون بِن رَهندين رانول !



    29-2-1976


    ڪانڍَ

    ڪانڍَ

     اُنهيءَ ڏينهن
    جڏهن ٽهڪَ ٽِڙندا ٽانگُرَ جيان
    اکيُن مان قُربَ جون
    رنگَ رنگَ روشنيون ڦُٽنديون
    بَسنتِ ــ رُتِ جا هوندا، پِڇاڙڪا ڏينهڙا


    هوا ۾ مَهڪَ،

    هوا ۾ مَهڪَ،
    کُليل ٻانهون هونديون سکرَ جون
    هزارين رنگَ خوشين جا، سُڳنڌ، ٽهڪَ، بهار
    گهڙيءَ گهڙيءَ ڪيا هوندا، سورنهَن ئي سينگار


    اُنهيءَ ڏينهن تي

    اُنهيءَ ڏينهن تي
    ٿيندو اَياز گُلَ جو وهانءُ
    ۽ کُهنبو ويسُ ڍڪيندي، ڪُنوار جو مَستور
    ٻه ــ هِڪُ ٿيندا، جو آهي اِهو ئي دَستور


    اوهان جي ايندؤ ته سُرهاڻِ ٿيندي محفل ۾

    اوهان جي ايندؤ ته سُرهاڻِ ٿيندي محفل ۾
    اسان جا نيڻَ ڪندا، دوستَن جو آڌر ڀاءُ !




    ] 30 مارچ 1989ع تي ٿيل اياز گُــل ۽ ڊاڪٽر مستور بُخاريءَ جي شاديءَ جو نظماڻو ــ ڪارڊ [


    اياز گُلَ جا ڇپيل شعري مجموعا

    اياز گُلَ جا ڇپيل شعري مجموعا


     سوچون سُرها گُلَ ] تاج جويي سان گڏُ [
    ــ سنڌالاجي انعام حاصل ڪيل ــ 1978ع


     گُل ۽ تارا ] ٻارن لاءِ گيتَ ۽ نظمَ[
    ــ ينگ رائٽرس گِلڊ انعام حاصل ڪيل ــ 1979ع


     پِيلا گُلَ پلاندَ ۾ ] غزلن جو مجموعو [
    ــ 1980ع


     ڏينهنَ ڏِٺي جا سَپنا
    ــ سِنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن گولڊ ميڊل
    حاصل ڪيل ــ 1984ع



     توبِن ڪهڙا ڇانورا
    ــ سنڌي ادبي سنگت سنڌ ] اُستاد بُخاري ايوارڊ [
    حاصل ڪيل ــ 1992ع


     دُکَ جي نه پُڄاڻي آ ] 1997ع تائينءَ جي شاعريءَ مان چونڊَ[
    ــ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس ] شاهه لطيف هجره ايوارڊ [
    حاصل ڪيل ــ 1997ع
    ــ سنڌي لينگوئيج اٿارٽي ايوارڊ حاصل ڪيل ــ 1997ع


     ميلي جي تنهائي ] هٿن ۾ [
    ــ 2012ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 667
    ڪتابن جو مشاهدو: 860762
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292563
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ