ڪتاب جو نالو: خوابن جي آزادي
مصنف: لطيف جمال
ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 02 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 373 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 105 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • خُواب وڏا ڏوهاري آهن
  • اداري پاران
  • مُهاڳ: ڪاري رات ۾ ڪچي گهڙي جهڙيون لکڻيون
  • ليکڪ پاران: ساري عُمر سجائي وئي..!
  • خُوابن جي آزادي

  • آسرن جي اُس ۾ سڙندڙ سنڌي سماج
  • خواب وڏا ڏوهاري آهن...
  • افغان جنگ ۾ ڪمزور سياسي حڪمت عمليون..!
  • قُدرتي آفتن جا اثر ۽ اُن جو ازالو
  • گُلابن جو قبرستان...
  • پيپلز پارٽي پنهنجو احتساب ڪڏهن ڪندي!؟
  • پيپلزپارٽي - اسٽيبلشمينٽ ٽڪراءُ ۽ سنڌ جو مُستقبل
  • ڌاري آبادڪاري - سنڌ لاءِ اهم مسئلو...
  • طالبان سان ڳالهيون، رياست جي ڪمزور پاليسي...
  • ڇا اوباما، پاڪ-ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائي سگهندو؟
  • امن جو نوبل انعام ۽ ٻن مُلڪن جو امن...
  • اسلام آباد ۾ جاري تماشي جو انت ڇا هوندو؟
  • بلوچستان ۾ امدادي سرگرميون، سواليا نشان بڻيل!
  • پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچستان معاملو...
  • پاڪستان جي تحفظ جو آرڊيننس ۽ پُرامن سياسي پارٽيون
  • پنجاب حُڪومت ۽ علامه قادريءَ جا پنج مُطالبا...
  • ڇا خاص عدالتون رياستي رِٽ بحال ڪري سگهنديون؟
  • خراب حُڪمراني ئي بدعنوان سماجن جو بُنياد آهي...
  • سنڌ ۾ ٻن انتظامي نظامن خلاف احتجاج ۾ اسان جو ڪردار!
  • پيپلزپارٽيءَ جي اوليت تي سنڌ جا مسئلا ناهن.
  • سنڌ جي ترقيءَ لاءِ 5 سال به وڏا آهن...
  • بلوچ قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جو سوال
  • سنڌ جي قومپرست قيادت مُتبادل بڻجي سگهي ٿي..؟
  • سنڌ سان ٿيندڙ شيطاني شرارتون...
  • سنڌ سياسي اڪيلائپ مان ڪڏهن نڪرندي؟
  • سنڌ کي سوات ٿيڻ کان بچڻ گُهرجي...
  • سنڌ ڪنهن جو فتح ٿيل قلعو ناهي...
  • سِول نافرماني، ريڊ زون ياترا ۽ نون ليگ جو مُستقبل
  • سنڌ، نواز ليگ مان ڪي اُميدون رکي سگهي ٿي؟
  • سياست ۾ ڏوهن جو عنصر ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار
  • سياسي زوال، سماج جي بگاڙ جو ڪارڻ بڻجي ٿو...
  • سياسي سونامي، ٻوڏ ۽ سنڌ جي ورهاست جا مُطالبا.
  • سياسي شعور ئي سماجن کي بدلائي ٿو...
  • صحافتي سياست ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڳڻتي!
  • طالبان سان ناڪام ٿيل ڳالهيون ۽ سنڌ جا خدشا!
  • انتها پسنديءَ جي روڪٿام لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا پيا وڃن؟
  • عمران، علامه تحريڪ - نواز ليگ سرڪار لاءِ نئون محاذ..!
  • عوام جي سياسي تقدير ۽ تحريڪِ انصاف جي طاقت
  • قومپرست پارٽيون ڪراچيءَ کي سياسي قلعو بڻائين
  • ڪالاباغ ڊيم _ صوبائيت واري سياست جا وڌندڙ اثر...
  • ڪپتان ۽ قادريءَ جي سياسي مطالبن کان ٻاهر بيٺل سنڌ
  • ڪراچي ڪنهن جو شهر آهي؟
  • مُحبت ئي جُنونيت خلاف طاقتور هٿيار آهي...
  • انتهاپسندي ۽ ضربِ عضب.!
  • غزه سان گڏ بيٺل سعيده وارثي.
  • سنڌ جو رعيتي راڄ ۽ ڀوتارڪي ذهنيت.
  • نفرت جي تيلين سان سڙندڙ ڪراچي.
  • نواز ليگ _ ايس يو پي اتحاد، سنڌ کي ڇا ملندو؟
  • وزيرِ اعظم کي سنڌ سان پنجاب جيتري مُحبت ڇو ناهي؟
  • وساريل عوام ڏانهن سياستدانن جي واپسي...!
  • نائين زيرو مٿان چڙهائي - مُتحده لاءِ نئون امتحان!؟
  • انتهاپسندن سان نواز حُڪومت جون ڳالهيون...
  • نئون سال، سنڌ جي ڳلن جا ڳوڙها اُگهي سگهندو؟
  • هِن بيان سان مُحترمه جو خُون کٿوري بڻجي سگهندو؟
  • هر ڏينهن _ڌرتيءَ سان مُحبت جو ڏينهن آهي
  • سنڌ لاءِ اصل عيد سياسي تبديليءَ ۾ آهي
  • سنڌ جي ساڃاهه، پنساريءَ جو وکر ته ناهي..!
  • سنڌ ۾ سياسي تبديلي ڇو ممڪن ڪونهي؟
  • سيتا! اسان تُنهنجا ڏوهاري آهيون...!
  • ڪنٽرولڊ جرنلزم ۽ سِرل جو صدقو
  • نئين سنڌ جو تصور ۽ اسان جو اجتماعي شعور.
  • گاديءَ واري شهر ۾ هي ڪنهن جو جهنڊو پيو جهولي؟
  • سياسي اڪيلائپ جو شڪار سنڌ جو اُداس نسل...!
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    ايلسا پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر: 65

    ڪتاب جو نالو: خوابن جي آزادي
    موضوع: مضمون
    مصنف: لطيف جمال
    ڇاپو: پهريون
    تعداد: 1000
    سال: آڪٽوبر 2017ع
    ڪمپوزنگ: سليم حيدر سولنگي
    ڊيزائين ۽ لي آئوٽ: ارون ابڙو
    ڇپائيندڙ: ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد
    قيمت: 500

    اسٽاڪسٽ:
    حيدرآباد ايلسا پبليڪيشن، ڪويتا بُڪ شاپ، ذوالفقار بُڪ ڊپو، لياقت پنهور بُڪ اسٽال، سنڌيڪا بُڪ هائوس، فڪشن هائوس، سنڌي ادبي بورڊ بُڪ اسٽال، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي بُڪ اسٽال، فرينڊس بُڪ پُوائنٽ ڊفينس پلازه، ڪاشف بُڪ ڊپو حيدر چوڪ، ڪنگ پن بُڪ شاپ، پريس ڪلب ڪراچي، ايس اي بُڪ ڪارنر (اردو بازار) رائل بُڪ هائوس، توڪل اڪيڊمي اردو بازار، ثقافت کاتو بُڪ شاپ، ڪاٺياواڙ بُڪ اسٽور،ڀٽ شاهه، لطيف بُڪ اسٽال درگاهه ڀٽ شاهه، ميهڙ: ساحر ڪتاب گهر(کوندي) سکر: عزيز ڪتاب گهر، الفتح نيوز ايجنسي. اسلام آباد: سعيد بُڪ بئنڪ، خيرپور ميرس: تهذيب نيوز ايجنسي، نيشنل بُڪ اسٽال. ميرپور ماٿيلو: هائوس آف ناولٽي. لاڙڪاڻو: رابيل ڪتاب گهر، مهراڻ ڪتاب گهر سامهون سپنا لان، شڪارپور: گُل ڪتاب گهر، وسيم ڪتاب گهر، سانگهڙ: المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، عمرڪوٽ: العزيز بُڪ ڊپو، ٿر ڪتاب گهر. ميرپور خاص: مڪتبه يوسفيه. دادو: المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، بدين: مرچومل بُڪ ڊپو، مُحمد هاشم بُڪ اسٽال، پريس ڪلب سجاول، سنڌ ڪتاب گهر، پريس ڪلب حيدرآباد. ڊگهڙي: اڪرام بُڪ ڊپو.

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جي آزادي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ليکڪ جمال لطيف جي ڪالمن ۽ مضمونن تي مشتمل آهي.
    لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون.
    هي ڪتاب ايلسا پبليڪيشن، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم لطيف جمال جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    اعجاز منگيءَ جي نالي.......
    جنهن جون لکڻيون اکين ۾ لُڙڪ آڻي ڇڏينديون آهن.

    ڳائي ڳائي ڳوٺ، ڪُهندو ويو ڪينرو...!

    (اياز)


    خُواب وڏا ڏوهاري آهن

    هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
    خُواب وڏا ڏوهاري آهن
    آزاديءَ جا خُواب، اُنهن تي
    بند اڳي کان ڀاري آهن.
    (اياز)


    اداري پاران

    لطيف جمال سنڌ جي اُنهن ٿورڙن ليکڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو، جن کي گهڻو پڙهيو ويندو آهي. جنهن جا مضمون پڙهڻ شروع ڪبا ته آخري لفظن تائين جيسيتائين پڙهي پورا نه ڪبا تيسيتائين سُڪون نه ايندو. هُن جي لفظن ۾ مينهوڳيءَ کان پوءِ، گُهلندڙ ٿڌڙي هوا جو هُڳاءُ به آهي ته وڇوڙي جون ميارون به آهن ته سرءُ مند جا سڏڪا به آهن ته گُلابن تي پوندڙ ماڪ جا قطرا به آهن. هُن جي مضمونن مان سندس وسيع مُطالعي جي پروڙ پوي ٿي. هُو جڏهن لفظن کي صبح جي موسمن ۾ ويڙهي پڙهندڙن آڏو پيش ڪري ٿو ته ديس جون شامون دُعائون بڻجي وڃن ٿيون. هُو جڏهن ديس جي ماڻهن کي بُک جهڙي جهنم ۾ جيئندي ڏسي ٿو ته سندس قلم جي نوڪ تلوار کان وڌيڪ تيز ۽ تکي بڻجي وڃي ٿي ۽ اُنهن ماڻهن جا سينا زخمي ڪري وجهي ٿي. جيڪي سياست کي صنعت سمجهي انساني زندگيءَ کي اذيت جي جهنم ۾ اُڇلائيندا رهن ٿا. هُو خُوابن کي آزاد هوا ۾ ائين ڏسڻ چاهي ٿو جيئن سَرَ، نسري آسمان ڏانهن اُوچا ڳاٽ کڻي بيهندا آهن، ۽ ائين ڀاسندو آهي ته اُهي سَرَ ڄڻ مياڻيءَ جي ميدان تي شهيدن جا اُهي ڪنڌ هُجن. جيڪي ڪڏهن به جُهڪي نٿا سگهن.
    لطيف جمال ”خُوابن جي آزادي“ ۾ دراصل هن سماج جي آزادي چاهي ٿو. جيڪو ڪيترن ئي حوالن سان بندشن هيٺ آهي.
    لطيف جمال جو هي ڪتاب ”خُوابن جي آزادي“ ايلسا پبليڪيشن پاران ڇپائيندي بيحد سَرهائي محسوس ڪري رهيا آهيون. اُميد ته هي ڪتاب پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ سنڌ جي لائبريرين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو. ڇاڪاڻ ته لطيف جمال جنهن نئين سنڌ جو سپنو ڏٺو آهي. اُهو حقيقي معنى ۾ جيسيتائين نوجوان نسل پاڻ ۾ نظرياتي طور سياسي پختگي پئدا نه ڪندو ۽ ڪتابن جي دُنيا ۾ داخل نه ٿيندو. تيسيتائين اُن سپني جي ساڀيان ممڪن ٿي نه سگهندي. اُميد ته اسان جو هي تُحفو پڙهندڙن کي پسند ايندو ۽ پنهنجي راين کان اسان کي آگاهه ڪندا.

    واحد ڪانڌڙو


    مُهاڳ: ڪاري رات ۾ ڪچي گهڙي جهڙيون لکڻيون

    "اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي مائرن جي ساهن جا سيپارا هُئا. جن کي ڪروڌي ڪاريهرن نمرود جي نظرن وانگر بمن ۽ گولين سان سُمهاري ڇڏيو. اُهي ٻارڙا جن جا ٽهڪ زندگيءَ جي علامت ۽ اڻپورين نظمن جي تڪميل هوندا آهن. جن جي چهرن جون چاندنيون بمن جي ڪاري دونهين ۾ دٻجي ويون. جن جا معصوم ٽهڪ گولين جي گجگاٽ سان سُمهاريا ويا. اُهي ٻارڙا جن رات جو خُوابن ۾ پوپٽ جي رنگن جهڙا خوبصورت خواب ڏٺا هُئا. جن موت کان ڪجهه گهڙيون پهرين پنهنجي مائرن کان مُرڪي موڪلايو هو، جن کي مُلڪن جي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هُئي، جيڪي جڏهن به ٽي وي اسڪرين اڳيان ويهندا هُئا، سي ”اوگي اينڊ ڪاڪروچز“، ”ڊوري مون“ ۽ ”ٽام اينڊ جيري“ جهڙا ڪارٽون وڏي شوق سان ڏسندا هُئا."
    اهي مٿيون سٽون مون کي (هو جي چوندا آهن نه!)‌ "لڙِي"‌ ويون۔ اهي سٽون هن ڪتاب ۾‌ڪالمن جي ليکڪ پياري لطيف جمال سندي پشاور ۾ ٻه سال اڳ "آرمي پبلڪ اسڪول"‌مٿان طالبان دهشتگردن هٿان ٿيل حملي ۾ ٻارڙن جي قتل عام واري سانحي تي سندي ڪالم ۾ لکيون هيون۔ اهو ڪتاب لطيف جمال جي "ڪاوش"‌۾‌ لکيل ڪالمن جو ڳٽڪو آهي۔ پياري لطيف جمال مونکي اهو مان ڏيڻ‌ لاءِ سال کان به وڌ اڳ چونڊيو هو ته مان سندي ڪتاب تي مهاڳ لکان۔ اها سندس مون جهڙي ماڻهوءَ سان محبت آ‌ جيڪا منهنجي روايتي سنڌي سستي يا سنڌ سان منهنجي انهي محبت جي نظر ٿي وئي جنهن کي ڀٽائي چيو هو؛
    ”لُڙڪ نه لکڻ‌ ڏينم، ڪريو پون قلم سين"
    معني ته "رائيٽرس بلاڪ"‌ يا " لکڻ‌ واري سان قلم رسي وڃڻ‌ واري لقاءَ بابت اهڙِي تعريف مون ڪٿي به ڪونه پڙهي۔ حلانڪ اها روايتي سنڌي چنڊائي ٽائپ سستي جڏهن اڻهويهين صديءَ ۾ فرانس پهتي هئي ته انهي باقائدهه هڪ فلسفي جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي ۽‌ اهڙي ڪاهلي جي حق ۾‌ ناول به لکيا ويا هئا۔ هڪڙو اهڙو ناول مونکي منهنجي هڪڙي مون جهڙي ئي ڪاهل دوست سوکڙِ ي ڪري ڏنو هو۔ اهو منهنجو دوست ملڪ جي هڪ وڏي نجي يونيورسٽي جو ڊِين به آهي۔ سندم اهو دوست سنڌي ڪونهي۔
    فرانسيسين کي ڪهڙي خبر ته هڪ ڏينهن مارڪ زوڪر برگ "فيس بوڪ"‌ ايجاد ڪندو ۽‌ اسان سنڌين جا گوڏا ٻيهر مم چٽي ويندي۔ اسان سنڌي فيس بوڪ مان به ڪجهه اهڙو ڪم وٺڻ‌ لڳندا سين جيڪو سنڌين ڪمپيوٽر کان ورتو هو۔ يعني پهريون سنڌي ڪمپيوٽر مان سنڌي اخبار ئي ڪڍي ۽‌ فيس بوڪ تي هڪ ٻئي جي ماءُ ڀيڻ‌ هڪ ڪرڻ ۾‌لڳي ويا۔ يا سنڌين ان کان ڳوٺ ‌واري حڄام جي سيلون يا وي سي آر واري "هوٽل"‌ جو ڪم وٺڻ لڳا۔ مون جهڙي ڏيهه تڙِيل ماڻهو ان کي هڪڙِي سنڌ سمجهيو۔ يا وري صدر حيدرآباد ۾‌ استاد ”ڪاري حجام“ واري ڪلاسيڪل سيلون جتي ڪلاسيڪل تصويرون هونديون هيون۔ معاف ڪجو مان سدائين موضُوع تان هٽِي ڳالهائيندو آهيان۔
    سو ليکڪ جڏهن ڪم کان هليو ويندو آ‌ ته هو نه فقط ڪالم لکندو آ‌ پر ڪتابن جا مهاڳ لکڻ به شروع ڪندو آ ۔ الائجي ڇو جڏهن به لفظ "مهاڳ"‌ ٻڌندو آهيان مونکي رسول بخش ‌پليجو ۽‌ محمد ابراهيم جويو ياد ايندا آهن۔ غالب چواڻي:


    مگر لکھوانے کوئی اسکو خط تو ہم سے لکھوائے
    ہوئی صبح اور گھر سے کان پر رکھ کر قلم نکلے.
    پر هاڻ‌ ماڻهو ڪن ۾‌قلم بدران ليپ ٽاپ يا سمارٽ‌ فون يا ٻئي وکر کڻي نڪري ٿو۔ آمريڪي به جن لاءِ چيو ويندو هو ته هو پيپربئڪ وارن ڪتابن سان پيار ڪندڙ‌ قوم آهي. سي به ٽرين يا بس تي پنهنجي سمارٽ‌ فونن ۾ منهن وجهيو آڱوٺي جي حرڪت ۾‌ رڌل ڏسڻ‌ ۾ ايندا آهن. آچر ڏيهاڙ‌ي ريل تي پاڻ سان گڏ ويٺل مائي کي مون داد ڏيندي چيو: ”هن سموري ريل جي دٻي ۾ رڳو تون اڪيلي آهين. جيڪا سمارٽ‌ فون بدران ڪاڳر واري اخبار ۾ سيل جا ڪوپن پيئي نهارين۔“ ته هن وراڻيو: "ٿينڪ يو"‌ پر پوءِ ٿيلهي مان فون ڪڍندي چوڻ‌ لڳي، ”اميد ته تون دل ۾‌ نه ڪندين.“ ۽‌ پوءِ هو به بُروٽس وانگر وقت جي سيزر جي سيني ۾ سمارٽ‌ فون جو خنجر لاهيندي فيس بُڪ جي گجگاهه جهنگ ۾‌گم ٿي ويئي۔ مون سوچيو الا !‌هي مارڪ زوڪربرگ دنيا کي ڪهڙِي ڪار سان لڳائي ڇڏيو آهي!‌ بلڪل ائين جئين علي قاضي سنڌ جي نوجوان ذهنن کي ڪالم نگار يا رپورٽر بڻائي ڇڏيو۔ پر فيس بُڪ ته هرماڻهو کي پنهنجي پر ۾ ڪالم نگار ۽‌ صحافي بڻائي ڇڏيو۔ انڊين فلم مدر انڊِيا ۾‌ ڊائلاگ آهي:
    "‌ حالات ني هم کو اور تم کو چارلی کا باپ بنا ڈالا ہے. مدر انڈیا"
    سو اوشو چيو هو "خوبصورت جهنگل رڳو ان لاءِ وڍيا وڃن جو انهن مان ٿرڊ‌ ڪلاس اخبارون ڪڍڻ‌ لاءِ نيوز پرنٽ‌ وارو پنو تيار ڪيو وڃي۔؟“ پر مان چوان ٿو ته: ”ڇا سنڌ جا جوان ذهن رڳو اخباري دنيا جي ڏينهن رات جو کاڄ ٿيڻ لاءِ هئا۔؟ رڳو ڪالم نگاريءَ لاءِ هئا۔؟ جي سياست ۽‌ سياست ۾ غائب ٿيڻ کان بچي ويا ته اخباري دنيا جي ور چڙهي ويا۔ جي اتان بچي نڪتا ته اين جي اوز جي ڌٻڻ‌ ۾‌ وڃِي نڪتا۔ منهنجو هڪڙو دوست چوندو آهي "اين جو اوز ٽِين دنيا جي ڪنگلن، پر ذهين نوجوانن کي امير بڻائڻ‌ جو پهرين دنيا وٽ‌ نسخو آهي۔" ‌مان سوچيان ٿو ته جي مٿين سڀني ڳالهين کان بچي ويا ته پوءِ ملان ۽‌ صوفي کان ٺپ نه بچي نه سگهيا۔ آر۔ڊِ ي۔ برمن واري گيت جي ٻولن وانگيان ته
    مسافر! توجائے گا کہان
    دم لے لے گھڑی بھر
    دم پائے گا کہاں
    کہتے ہیں گیانی
    دنیا ہے فانی
    پانی پہ لکھی لکھاْئی
    ہے سب کی دیکھی
    ہاتھ کسی کے نہ آئی
    کچھ تیرا نہ میرا
    پهريون ڀيرو فلم "گائيڊ" جو اهو گانو ”شلندرا“ جي شاعري ۽‌ ايس ڊِي برمن جو آواز مون طارق عالم ابڙي واتان حيدرآباد ۽‌ ڄامشوري جي ٽاڪ منجهندن جي واچوڙن کانوٺي نيويارڪ جي سينٽرل پارڪ تائين ڪئين ڀييرا ٻڌو هو۔ اڃان به جڏهن ڀلي ايس ڊي برمن کي سندو اهو گيت ڳائيندي ٻڌان پر چوان اهو طارق وارو مزو ڪٿي ؟ اهو طارق ڪٿي؟
    اهو سنڌ جو ذهن ڪيڏانهن ويو؟‌ ان جا ڪجهه اولڙا جيئن ان رات مون هڪ دوست جي گهر جي دري مان نائين سيپٽمبر جي رات اڌ چنڊ‌ ۽‌ انجو عڪس نيويارڪ جي ايسٽ‌ ندي ۾‌ ڏٺا هئا. اهي هاڻ لطيف جمال جي ڪن ڪالمن ۾ هتي ڏسان پيو۔ لفظ‌ جيڪي تارن ۽‌ چنڊ ‌جيان سنڌوءَ جي لهرن ۾‌ اولڙن جهڙا لڳن ٿا. سنڌو جيڪا سدائين منهنجي روح‌ ۾‌آهي۔ جنهنجو فل فوٽو مان نيويارڪ جي هڊسن ۾ پسندو آهيان۔
    اياز مون واري ان ڪيفيت کي هيئن بيان ڪيو هو.
    جيءَ اچي نه جهل
    توکي ڪهڙِي ڪل
    مون کان سنڌ نه وسري۔
    لطيف جمال به انهن قميص جي ڳلي بند نوجوانن مان آهي. جيڪي قلم ڪتاب ۽‌ سنڌ سان رشتو رکندا آهن. جيڪي ئي اياز جي ان سٽ‌ وانگر هوندا آهن: "پوءِ به ڪڏهن تو سوچيو آهي ڪنهن سان تنهنجي ياري آهي؟" جي اهي پاڪستان يا سنڌ ۾ اخباري ڪالم عمران لکن ته ان ۾‌به ڪافڪا جو حوالو ڏيندا آهن۔ سنڌ ۾‌ ويجهي ماضِي واريون ٻه وڏيون ٻوڏون هجن (ان ۾ سمجهان ٿو ته اهڙِيون ٻوڏون ئي موهن جي دڙي کي هميشه لاءِ ٻوڙڻ‌ لا ڪافي هونديون۔ موهن جي دڙي جا آثار به بس انلا ملي ويا، جو اُهي ”سر جان مارشل“ کوٽرايا جي سنڌ جا ڪرپٽ‌ آبپاشي ڪامورا ۽‌ وزير کوٽرائن ها ته اهي به ڪون ملن ها)، يا سنڌ تي مٿان قبضي گيري واري حاڪماڻِي مرڪزيت پسندي يا جناح‌ ۽‌ عمران خان واري پاڪستان جي تصورات ۾ فرق، يا ڪيٽِي ڄامشوري ڀرسان جوهي جي نوجوان بخت جمال سومري جو سندس ئي ٻارڙن جي اکين آڏو قتل، سنڌ ۾ لبرلزم جو موت، ملڪ ۾ طالباني ۽‌ ٻي مذهبي فسطائيت۔ بلوچ قومپرست تحريڪ، تان جو افغانستان پاڪستان لاڳاپا، آمريڪا انڊِيا لاڳاپا، سنڌ ۾‌نظرياتي سياست جو خاتمو ۽‌ يا وري گلابن جي شهر پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ ٻارڙن جو قتل عام جهڙا ڪي ڏکوئيندڙ، هيانو کي جهوٻو ڏيندڙ‌ ته ڪي وري مٿي کي ڦِيري ڏيندڙ، روز مرهه جي اخبار جي ادارتي صفحي جي پيٽ‌ ڀرڻ ۽‌ سيٺين جون ٽجوڙِيون ڀرڻ‌ وارا گهڻو تڻو واقعاتي پر بي مقصد موضُوعاتي ڪالم يا ايڊيٽوريل ٽائيپ ڪالم انهي کي لطيف جمال جي ٻولي اسلوب ۽‌ لفظن جي چونڊ‌ ۽ اهو بيانيو کنيو بِيٺا آهن۔ اهو بيانيو جيڪو به کنڀي گم ڪيل ماڻهن وانگر پياري پاڪستان عرف غائبستان مان غائب ڪيو ويو آهي۔ پر گذريل ڏهاڪن ۾ سنڌي لکندڙن ۽‌ ڳالهايئندڙ‌ توڻِي پڙهندڙ‌ن جا اهي نسل نڪتا آهن. جيڪي رياستي يا خود سينسرڊ‌ اخباري دنيا جي هڪ يگاني شاعر ۽ ڪالم نگار نور عباسي چواڻي "ڀينگ ٿي ويئي آهي دلبر ٻيو مڙيئي خير آ"‌ جهڙين حالتن هوندي به هڪ لفاظيت واري سياست ۽‌ پوءِ صحافت واري دورن جي پيداوار آهن جنهن ۾‌(ٺيڪ طور)‌ جو به گذاري اهو "مٽيءَ ماءُ حوالي ٿي ويو" پوءِ ڀلي اهو سنڌ جو "غدار"‌ ئي ڇو نه هجي (لفظ‌"غدار"‌ هڪ لاڳاپيل غير لاڳاپيل اصطلاح‌ آهي. جنهن ملڪ ۾‌ملڪ جي ٺاهيندڙ‌ جي ايم سيد کي غدار سڏيو ويو. انهي سنڌ ۾ مان ته نائومل کي به غدار نه ٿو سمجهان، ويچاري نائومل جي ڀيٽ ۾ ته هڪ ٻن کي ڇڏي ٽالپر امير "غدار"‌ جي سڏي سگهان. جن انگريزن وٽ‌ هڪٻئي لاءِ چغليون هنيون هيون. ان سبب ته چوندا آهن ته: ”ميرن کي گهران لڳي“ ۽ سنڌ وڃائي ويٺا۔ سو اهڙي سنڌي سياست ۽ صحافت مٿان رومانويت واري ٻولي جو مهندار عبدالواحد آريسر هو. وري انهي سنڌي ڪالم نگاري ۽‌ اداريي نگاريءَ ۾ ان جا ٻه گهڙُوگهنٽال فقير محمد لاشاري بڻيا۔ اها سنڌي اخباري دنيا جنهن ۾ هاڻ سر وکيربا آهن، نعري بازي ڇتي هوندي آهي، سڀ مهاجر دهشتگرد هوندا آهن، غيرسنڌي سڀ ڌاريا هوندا آهن، شهر سڀ سنڌين جا هوندا آهن، ماڻهو مٽيءَ ماءُ حوالي هوندو آهي (هجڻ‌ به گهرجي سورمو هجي يا غدار ڇو ته ڌرتي ته سمورن انسانن جي ماءُ هوندي آهي) ته پيارو لطيف جمال به انهن سنڌي سياست ۽‌ صحافت جي گهنٽاگهرن کي ڏسي پنهنجي گهڙِي ٺيڪ ڪيل ڏسجي ٿو۔ سا ڪا ايڏي غلط ڳالهه به ناهي۔ هو گهڻ پڙهيو آهي. سنڌ جي حقن واري تحريڪ سان لاڳاپيل بند بٽڻن وارو نوجوان رهيو آهي۔ سو صحافت ۾ هو پنهنجي ٽين اک ۽‌ کليل ذهن رکي ٿو۔ سنڌي صحافت جيڪا آزادي (سواءِ 14 آگسٽ 1947جي) کي "آجپو"‌، فوج ۽‌ انجي ڳجهن ادارن کي "سگهارا ادارا"، ڪاري ٿيل ڪٺل ريپ ٿيل عورت جو گهڻو ڪري نالو ۽‌ قاتل ۽ ريپسٽ جي نالي جو پهريون اکر يا "هڪ بااثر" ، نمائش‌ ۾‌ ناريون، پريمي جوڙا، پر ذُوالفقار علي ڀٽو سندس پٽ‌ ۽‌ ڌي سڀ "شهيد"‌، جي ا يم سيد "سائين" ، پير پاڳارو ”پير سائين پاڳارو“ ان کان اڳ هو "راجا سائين“ ليکيا ۽ پڙهيا ويندا هجن (‌سنڌي ۽‌اردو اخبارن ۾ به هڪڙي وقت تائين آصف زرداري به نالي بدران "هڪ اهم شخصيت"‌ لکي ويندي رهي هئي)‌۔ جتي سنڌ ڇا پاڪستان ۾ به مارشل لا بظاهر ختم ته ٿي ويئي پر قانون ٽوڙيندڙ‌ادارن کي "قانون لاڳو ڪندڙ‌ادارا" لکيو ۽‌ پڙهيو ويندو آهي۔ اتي ان هنڌ ۽ ڪاري ڪڪر هيٺ لطيف جمال جهڙن لکندڙ‌ن جون لکڻيون نه فقط ڪاري رات ۾‌ڪچو گهڙو آهن پر اها ٽِم ٽِم لاٽ‌ آهن. جيڪا جوڳي ڪالهه جلائي ويا۔ جنهن رات ۾‌مان هزارين ميلن تان به ڏسي سگهان ٿو ته سنڌ اڃان گدڙن نه کاڌي آهي۔
    پر سٺو ٿئي ها جي هن ڪتاب ۾‌ شامل سمورن ڪالمن منجهان چونڊ‌ ۽‌ ايڊيٽنگ تي ڌيان ڏنو وڃي ها۔ بجاءِ منهنجي خيال ۾‌اڳئين سال وارن ڇپيل ڪالمن کي رڳو ڪتابي صورت ۾‌ ڇپرائڻ‌ جي۔ جي ائين آهي ته پوءِ پڙهندڙن سان ٻه ڀيرا زيادتي ٿيندي هڪ ته ان اهي سموار ڪالم اخبار ۾ پڙهيا ۽‌ وري پوءِ ٻيهر ڪتابي شڪل ۾ انکي پڙهي۔ مونکي خبر ناهي ته ابوالڪلام آزاد جي ”شورش ڪاشميري“ کي سندي رسالي "‌چٽان"‌۾‌1948 ۾‌انٽرويو کان وٺي شامي عظيم عرب شاعر نزارقباني جي حوالن ۽‌ بلوچن جي حوالي سان حق خود اراديت واري ڳالهه تائين اهي ڪالم لطيف جمال جي اخبار ۾ ”جون ڪا تون“ ڇپيا ها يا ضرور ڪاٽيا ويا ها جو نه فقط اڳيان اهي توريندڙ ‌تکا به هيا پر ڪنهن چواڻي ”خود غرض ايڊيٽر عرف وائڙِي واڇ“ به ٿين۔ ۽‌ اڳيان پڙهندڙ تکا.

    حسن مجتبى
    نيويارڪ
    12 سيپٽمبر 2017


    ليکڪ پاران: ساري عُمر سجائي وئي..!

    جيڪڏهن ڪالم ئي سماج جي قسمت تبديل ڪن ها ته اڄ سڄي دُنيا مان بم ۽ بارود جي ڌپ ئي ختم ٿي وڃي ها. ليڪن ڪالم ۽ لکڻيون تبديلين واري اُن تحريڪ جو حصو هونديون آهن. جيڪا تحريڪ سماج کي تبديل ڪرڻ جو بُنيادي مُحرڪ بڻجندي آهي. ليکڪ بُنيادي طور سماج اندر ٿيندڙ انيائن خلاف قلم جي سگهه سان وڙهندو آهي. پر ڇا اُها جنگ ئي سماج کي تبديل ڪري سگهندي آهي؟ ڇا فقط لکڻ سان ئي تبديلي اچي سگهي ٿي؟ مان انهن سوالن تي ڪيترائي ڀيرا ويچاريو آهي. ليڪن مون اهو محسوس ڪيو آهي ته مضبوط سياسي جدوجهد کان سواءِ سماج تبديل ٿي ناهن سگهندا. ليکڪ سياسي تحريڪ جو حصو ته ناهي هوندو پر سياسي، سماجي ۽ اقتصادي استحصال خلاف پنهنجو آواز اُٿاريندو آهي ۽ سماج ۾ اهڙي استحصال خلاف سياسي جاڳرتا پئدا ڪرڻ جي اهم ذميواري کڻندو آهي. سياسي ۽ سماجي تبديليءَ لاءِ هلندڙ تحريڪن لاءِ عوامي جاڳرتا يا سياسي شعور پئدا ڪرڻ لاءِ قلمڪارن جي لکڻين جو اهم ڪردار هوندو آهي. جيڪي سياسي تحريڪن لاءِ مددگار ثابت ٿينديون آهن. پر ان خوشفهميءَ ۾ رهڻ نه گهرجي ته فقط لکڻ سان ئي تبديلي اچي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سماجن کي تبديل فقط سياسي طريقي ۽ جدوجهد وسيلي ئي ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪو ليکڪ خوشامدڙيو ٿي استحصالي طاقتن جو ٻانهن ٻيلي بڻجي سماج ۾ ٿيندڙ انيائن تي اکيون پُوري ڇڏي ٿو يا حاڪمن جي ملندڙ مراعتن عيوض وڪامجي وڃي ٿو ته اُهو پنهنجي دور سان وڏو ظلم ڪري ٿو. ائين ناهي ته دُنيا اندر ”انٽرنيشنل گُڊ وِل“ جي آڙ رُڳو ڪالهه تائين جي سياسي انقلابين ورتي هُئي ۽ هر ڪوئي پنهنجي پنهنجي مُفادن جي گاڏيءَ ۾ چڙهي روانو ٿي ويو. پر اهڙي اثر هيٺ ڪيترائي ليکڪ به مارڪيٽ جو وکر بڻجي وڪامجي ويا. ٻُڍاپي جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيڻ ته بهانو ئي هو. جنهن بهاني جي گُمنامين ڪيترن ئي اديبن ۽ ساڃاهه وندن کي انقلابي دور کان ڪٽي، انفرادي آسائشن جي قبرن ۾ پُوري ڇڏيو. پر عوام مٿان اُن صبح جو سج ڪڏهن به اُڀري نه سگهيو. جنهن جي انتظار ۾ ڪيترائي ڪردار مايوسين جي رڻ ۾ رُلي ويا. جن جو ذڪر هاڻ رُڳو افسانوي ادب ۾ ئي پڙهي سگهجي ٿو.
    هر دور جو هٽلر هميشه ائين چوندو رهيو آهي ته: ” اچو ته اسان سرڪش دماغن کي اهڙو ڪُٽيون جو اُن جا پڙاڏا ٻُڌڻ ۾ اچن.“ اُهڙي ئي ذهنيت جيڪا هٽلر جي هٺيلي سياست ۾ يقين رکندي رهي آهي سا هميشه حملن ۾ يقين رکندي رهي آهي. اُهو هٽلر ئي هو جنهن چيو هو ته "Strength lies not in defence, but in attack” (طاقت جو سرچشمو بچاءُ نه پر حملو آهي). اُها ذهنيت پاور، پئسي، پروٽوڪول کي هٿي ڏيندي رهي آهي. اهو ياد رکڻ گُهرجي ته جڏهن به حاڪمن وٽ اهڙي ذهنيت پئدا ٿي آهي، تڏهن عوام سُک سان ساهه ناهي کنيو. سڄي انساني تاريخ اهڙن لقائن ۽ حادثن سان ڀريل آهي ته پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي بُک پيٽ جي بُک کان به بدتر ٿيندي آهي.
    روسي زندگيءَ جا ٻه وڏا شهر، ”سينٽ پيٽرسبرگ“ ۽ ”ماسڪو“ جيڪي اياز چواڻي ته: ”روسي زندگيءَ جا مرڪز هُئا.“ پر اُهي شهر اسٽالن جي اقتدار واري عرصي ۾ ڪيتري نه اذيت ڀوڳي رهيا هُئا؟ اسٽالن جي سڄي اقتدار واري عرصي کي ئي ڏسي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ، انقلاب لاءِ زندگيون وقف ڪندڙ خود اقتدار ۾ اچي، سياسي روايتن جي لتاڙ ڪيتري نه ڀيانڪ انداز ۾ ڪندا آهن؟ اسٽالن جي سموري اقتدار واري عرصي کي پڙهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو ته هُن سياسي سازشن سان انقلابي ادب جو ڇا حشر ڪيو هو؟! هُن اُنهن اديبن سان ڪهڙو حشر ڪيو هو؟! جن افسانوي ادب جي ذريعي مزاحمت جا بُنياد وڌا هُئا. انتهائي بي شرميءَ سان پوءِ به هُو پنهنجي تقريرن ۾ چوندو هو ته:
    “Ideas are far more powerful than guns. We don't let our people have guns. Why should we let them have ideas?”
    جڏهن مزدور موچيءَ جو پُٽ اقتدار ۾ آيو ته کانئس وسري ويو ته ڪفن ۾ نه کيسو هوندو آهي، نه قبر ۾ ڪا الماڙي ۽ فرشتا رُشوت ناهن وٺندا. پر پوءِ به پاور جي طاقت کيس انڌو ڪري ڇڏيو. سنڌ جي اها سياسي بدنصيبي چئجي يا سياسي ڪوتاهي. جو سنڌ ڪڏهن به جاگيرداريت جي نفسياتي اثرن مان نڪري ناهي سگهي. نتيجي طور اُهي اثر سنڌي قوم کي ڄڻ ورثي ۾ مليل آهن، ڄڻ ته جينيٽيڪل پروسيس جو حصو آهن. ڪالهه تائين سنڌ جي خوشحاليءَ ۽ خودمُختياريءَ خاطر جيڪا سياست بُک تي به پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري بيٺل هُئي. اڄ اُها سياست تمام گهڻن وسيلن جي باوجود به ڪمزور بڻيل آهي. ڪالهه تائين سنڌ جون درسگاهون تمام تر ڪمزورين جي باوجود به هڪ مضبوط سياسي مورچو بڻيل هُيون. اڄ اُهي درسگاهون انتهاپسندن وٽ يرغمال آهن. جيڪي هر دماغ ۾ زبردستي پنهنجي ذهنيت اوتڻ گُهرن ٿا. جيڪي چاهين ٿا ته سنڌ جي سيڪيولر سُڃاڻپ ۽ گيڙو رنگ کي مڪمل Decimate ڪري، پنهنجي انتهاپسند ذهنيت جي ٻوٽن کي وڌائي وڻ ڪري سگهن. اهڙي دور ۾ جتي، وطن دوست سياسي ورڪر کنڀي کنيا وڃن ۽ سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪيندڙ پارٽيون پنهنجي تمام تر ڪرپشن جي باوجود ڪنهن پڪڙ کان آجيون هُجن. جتي هڪ وطن دوست غريب ورڪر مان مُلڪي مُفاد خطري هيٺ اچي وڃن ۽ سڄي دُنيا ۾ بدناميءَ جو باعث بڻيل انتهاپسند قُوتن کي هنجهه ۾ ويهاري دُڪا کارائي وڏو ڪري پراوَن معاملن ۾ مُداخلتون ڪرائڻ ۽ اُنهن کي مڪمل تحفظ ڏيڻ ۽ اها ذهنيت رکڻ ته ان سان مُلڪ جو مان ۽ مرتبو اُوچو ٿي ويندو. سڄي دُنيا جي تڙيل آباديءَ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ آباد ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، فقط ان بُنياد تي ته اُهي مُسلمان آهن. هن مُلڪ ۽ اُن جي ٿنڪ ٽينڪ جي اهڙي سياسي روش ئي هن مُلڪ جا بُنياد لوڏي سگهي ٿي. اسٽيبلشمينٽ پاران هر اُن سياسي پارٽيءَ کي پنهنجو آشيرواد آڇڻ جيڪا پارٽي پنهنجي سياسي نفسيات ۾ ئي عوام دُشمن هُجي ۽ عوام کي اوڙاهه ۾ اُڇلائي پنهنجا انفرادي مُفاد حاصل ڪرڻ جهڙي منحوس بيماريءَ ۾ مُبتلا هُجي. اهڙي رياستي رِوش ڇا هن مُلڪ کي ايندڙ تباهين کان بچائي سگهي ٿي؟! جڏهن ته اهڙي سنگين سياسي بحران دوران سنڌ اندر سنڌ جي قومي مُفادن ۽ سلامتيءَ لاءِ جيڪا گُهربل جدوجهد، سياسي پارٽين کي ڪرڻ گُهرجي. اُهي پنهنجي حصي جو معمولي ڪردار به ادا نه ڪري رهيون هُجن ته اهڙي حالت ۾ ڪنهن قلمڪار پاران قلم ذريعي مذاحمت ڪرڻ به غير معمولي ڳالهه آهي. مان سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اهڙي سنگين صُورتحال ۾ ڪو قلمڪار فقط پنهنجي حصي جو ڪردار به ادا ڪري ٿو ته اها غير معمولي ڳالهه آهي. جيتوڻيڪ هي منهنجا سمورا آرٽيڪل پهرين ئي ڇپيل آهن. پر ڊگهي مُدت تائين، اُنهن کي تاريخ جو حصو بڻائڻ ۽ اُنهن کي ترتيب ڏئي سهيڙي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ مان پنهنجي پياري دوست واحد ڪانڌڙو جو بيحد شُڪر گُذار آهيان. جنهن پنهنجي اداري ”ايلسا پبليڪيشن“ پاران منهنجو پهريون ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. خاص مهربانيون پياري ”اَرون ابڙي“ جون. جنهن کي جڏهن به ڏسندو آهيان ته سنڌ جو آرٽ زندگيءَ جا نوان رُخ اختيار ڪندي نظر ايندو آهي. جنهن منهنجي ڪتاب جي ٽائيٽل ڊيزائين ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    ان کان اڳ ۾ پياري شوڪت سومرو ” سياست جو صحرا“ ڪتاب ڇپايو هو. ان حساب سان هي منهنجو ٻيو ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. پر مان پنهنجي هن پورهئي کي ڪنهن جي مٿان ڪو احسان نٿو سمجهان. پر مان سمجهان ٿو ته سنڌ وطن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ لاءِ اسان کي گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي. گهڻا ڏُونگر ڏورڻا آهن. حالتن اڳيان جُهڪڻ بجاءِ سياسي طور وڌيڪ سالم بڻجڻ جي ضرورت آهي ۽ وسيع تر اجتماعي قومي مُفادن خاطر انفرادي مُفادن کان مٿانهون ٿي سوچڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان سنڌ خاطر فقط پنهنجون انائون ۽ ذاتي مُفادن کان مٿانهون ٿي سوچيو ته اُهو ڏينهن پري ناهي جو نئين سنڌ جو عظيم سپنو ساڀيان ماڻي سگهي. اياز جي سٽن جيان؛
    ڪير چوي توکي ڳوليندي،
    منهنجي عُمر اجائي وئي!
    ڳولا خود به ته آزادي آ،
    ساري عُمر سجائي ويئي.!
    (اياز)

    لطيف جمال- حيدرآباد
    موبائيل نمبر: 0300-8376551


    خُوابن جي آزادي

    آسرن جي اُس ۾ سڙندڙ سنڌي سماج

    آمريڪي سائنسي ادب جي سگهاري نالي ”رابرٽ اي هينلين“ جنهن کي سائنسي ادب تي لکڻ لاءِ ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو هو. تنهن ٻي عالمي جنگ جي تباهين جي پسمنظر ۾لکيل ڪتاب ”ورلڊ وار ٽُو“ ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ تي آمريڪا پاران اُڇلايل ايٽمي زهر کان پوءِ به اکيون پٽي اُٿندڙ جپان جي همت کي ڏسي لکيو هو ته: ”مسلح معاشرن پٺيان هڪ مهذب سماج موجود هوندو آهي بس رڳو زندگيءَ جي ٽُٽل ڪڙين کي جوڙڻ جي ضرورت هوندي آهي.“ هينلين جي مٿين ڳالهه سان اتفاق ڪندي جڏهن سنڌ جي مذهبي، سياسي، سماجي، فڪري ۽ اخلاقي قدرن جو جائزو وٺبو ته سمورا رستا مايوسي ۽ نااُميديءَ پاسي ويندي نظر ايندا. سنڌ جو معاشرو مجموعي طور وڏي سياسي، مذهبي، سماجي، اخلاقي ۽ فڪري تباهيءَ کان پوءِ به ڪن انساني تهذيبي قدرن جا ڪي بنياد رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. سا ڳالهه ڏاڍي بي چين ڪندڙ آهي ڇاڪاڻ ته لڳاتار جدوجهد جي باوجود وڏي سياسي، سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي قدرن جي حاصلات ۾ ڪا ممڪن ڪاميابي ٿي ناهي سگهي. جنهن کي ڪنهن ڳڻپ ۾ آڻي سگهون.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي سيني ۾ هڪ لبرل سوچ واري دل ڌڙڪي رهي آهي. پر جنونيت وارو جن ايترو سگهارو آهي. جيڪو سنڌ جي تصوف وارين اُجرين اکين مٿان مسلسل مذهبي نفرتن جو تيزاب هارڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل آهي ۽ سنڌ جيڪا وحدت الوجود جي ابدي آواز جو پڙاڏو هُئي، تنهن کي مختلف فِرقن ۾ ڦاسائڻ ۽ اُلجهائڻ لاءِ سمورا حُربا استعمال ٿيندا رهن ٿا. نتيجي طور مختلف وقتن تي سنڌ جي شهري آبادي وارن علائقن مان اهڙيون کوڙ ساريون خبرون اينديون رهن ٿيون، جنهن مان اهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي لبرل سوچ کي مذهبي جنونيت ۾ بدلائڻ لاءِ ڪيئن نه چالاڪين وارا حُربا استعمال ڪيا وڃن ٿا. فرقيواراڻن حادثن کان سنڌ هميشه آجي رهي آهي پر هاڻوڪين حالتن سبب هر مذهبي ڏينهن تي سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو وڃي ٿو. ان جو وڏو مثال گُذريل ڪيترن سالن کان سنڌ اندر مختلف فرقيواراڻا حادثا آهن. ان حد تائين جو هلندڙ محرم پاڪ واري مهيني ۾ سخت سيڪيورٽيءَ وارا قدم کنيا ويا آهن، پر اُن جي باوجود به اِهي خدشا آهن ته اُنهن روايتي سيڪيورٽي اُپائن جي باوجود به اُهي عنصر جيڪي سنڌ جي خمير ۾ سمايل رواداريءَ واري مزاج تي چڙيل آهن، سي پنهنجي حرڪتن ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪيتري عرصي کان مذهبي سهپ ۽ رواداريءَ جا مثالي گُڻ رکندڙ سنڌ فرقيواراڻن نفرتن جي اوڙاهه پاسي آهستي آهستي وڌندي ي رهي آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ها. پر روايتي طرح سمورن ٻين حادثن وانگر فرقيواراڻن حادثن کي پڻ تحقيقاتي فائيلن ۾ اُڇلائي اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته سنڌ جي لبرل شڪل ۽ سوچ کي بگاڙيندڙ بگهڙن جي سازشن کي سنجيدگيءَ سان سمجهيو ئي نٿو وڃي.ناهي ويو. ڪٿي ائين ته ناهي جو ڪجهه فسادي عنصرن کي سنڌ جي لبرل تصوير نٿي وڻي ۽ اهي قطعي به نٿا چاهين ته پرڏيهي قوتون سنڌ کي سُٺي نظر سان ڏسي سگهن.؟ سنڌ جيڪا پنهنجي اندر ۾ مسجد ۽ مندر کي گڏ کڻي هلندي رهي آهي، سا رنڪل ڪمارين جهڙن حادثن وارين گهٽين ۾ گِهلبي رهي ٿي ۽ سموري دنيا اُن سنڌ کي به شڪ جي نظر سان ڏسندي رهي ٿي، جيڪا سنڌ هميشه سچل سائين جي دل سان سوچيندي رهي آهي.
    مذهبن مُلڪ ۾ ماڻهو منجهايا،
    شيخيءَ، پيريءَ، پنڊتيءَ بيحد ڀُلايا،
    ڪي نِوڙي نمازون پڙهن، ڪن مندر وسايا،
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي . (سچل سائين)
    هاڻوڪي سنڌ گهڻ قومي مسئلن ۾ ڦاٿل اهڙي ڌرتي آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طرح نون مسئلن ۽ معاملن ۾ اُلجهي، پنهنجي مذهبي، سياسي، سماجي ۽ فڪري وجود جي بقا لاءِ مسلسل اهڙي اُس جو پنڌ ڪري رهي آهي، جنهن جي پُڄاڻي اُداسين جي اُنهن اڱڻن تي ٿئي ٿي. جتي خوشين جي بارشن جون بوندون ته رڳو خواب ئي آهن. سنڌ مسلسل هڪ اهڙي سياسي سج جي تپش هيٺ آهي. جيڪو موسمن جي مٽاسٽا جو محتاج ناهي، جنهن لاءِ اياز لکيو هو ته ”اُن جي منهن مان اهڙي باهه ڀڙڪي رهي آهي جو جيڪڏهن اهڙي تپش هيٺ فرشتا به اَچن ته انهن جا پَر به سڙي خاڪ ٿي وڃن.“
    سنڌ جو سياسي مستقبل آڌيءَ رات جي انهن بگهڙن وٽ آهي. جيڪي ايترا چالاڪ آهن، جن جي رات جي ڪيل شڪار جي رت جي نشانن کي صبح جي سج جي روشني به ظاهر ڪري نٿي سگهي. سنڌ جو عوام بيزاريت جي باوجود به اهڙين سياسي پارٽين جي پوئلڳي ڪري رهيو آهي، جتان کين بهتر سماج جي اڏاوت جي ڪا اُميد ئي نظر نٿي اچي.”ڇا نواز ليگ سنڌي عوام جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه ڪري نٿي سگهي؟ اُن ڏينهن سول سوسائٽيءَ جي هڪ دوست ڪچهريءَ دوران سوال ڪيو هو. ڪنهن به پارٽيءَ جي سُٺائي اُن جي ڪيل ماضيءَ جي ڪم مان پرکي سگهجي ٿي. جتي سياست مختلف ڪاروبارن وانگر هڪ واپار بڻجي وڃي اُتي پيپلز پارٽي، نواز ليگ يا عمران خان جي سوناميءَ مان سنڌ کي ڪهڙو فائدو؟ سنڌ بنيادي طور اهڙي جاگيرداراڻا سياسي سماج اندر ساهه کڻي رهي آهي. جتي مڪمل مڊل ڪلاس سياسي قيادت جي اوسر اڃان سواليا نشان بڻيل آهي. جاگيرداراڻا ذهنيت مجموعي سياسي تبديليءَ ۾ وڏي رُڪاوٽ آهي. جنهن سبب ائين لڳي رهيو آهي ته هن سڄي سماج کي انفرادي مقصدن جي حاصلات لاءِ اُهي سياسي ماڻهو پنهنجي ذاتي مفادن خاطر هلائي رهيا آهن جن جو عوامي خدمت ۽ بهتر سياسي عوامي مستقبل سان ڪو تعلق ناهي. سنڌ ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ کي مختلف سببن جي ڪري ايوانن تائين آڻيندي رهي. هڪ جذباتي سياسي وابستگي به اُن جو سبب هُئي. پر ايندڙ چونڊون اُن جذباتي سياسي وابستگيءَ جي بنياد تي نه هونديون. ڇاڪاڻ ته اُهي سمورا جاگيردار جيڪي پيپلز پارٽيءَ لاءِ قطعي به قابلِ قبول نه هُئا نه ئي پيپلز پارٽي انهن لاءِ قابلِ قبول هُئي پر هن وقت ”سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي“ واري پاليسيءَ جي بنياد تي ٽوڙ ڦوڙ ڏسي رهيا آهيون جنهن مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، مستقبل ۾ ڪا وڏي سياسي تبديلي اچي سگهي سو ممڪن ناهي. ڇو ته سنڌي سماج جاگيرداراڻا سياسي اثرن هيٺ هُجڻ سبب جاگيردار مخالف سياسي پارٽيون به سياسي ٽوڙ ڦوڙ ۾ انهن جاگيردارن لاءِ پنهنجي پارٽيءَ جا دروازا کُليل رکڻ يا انهن سان گڏ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن. نتيجي طور سنڌي ماڻهو وري به سياسي طور، ڪنهن مڊل ڪلاس سياسي پارٽي يا قيادت کي چونڊڻ ۾ ناڪام ٿيندي نظر اچن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا ئي سياسي مبصر اهو چوندي نظر اچن ٿا ته ”پيپلز پارٽيءَ جو هن ڀيري کٽي اچڻ، ذوالفقار ڀٽو يا بينظير ڀٽو جي شهادتن ۽ ماڻهن جي ڀٽو خاندان سان والهانه محبت جو ڪمال نه هوندو، پر اُها آصف زرداريءَ جي سياسي حڪمت عملي ئي هوندي جنهن سان پيپلز پارٽي ٻيهر اقتدار حاصل ڪندي.“ اُها جُدا ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ۾ سياسي طور ڪافي چئلينجز آهن، هاڻ اڳي وانگر ممڪن ناهي ته گُذريل اليڪشن جيان، کين آسانيءَ سان ۽ بغير ورڪ ڪرڻ جي ووٽ ملي ويندا. هن ڀيري صورتحال ماضيءَ جي سمورن دورن کان سنگين آهي. اُن جي ٿوري جهلڪ ته پارٽيءَ جي اڳواڻن حيدرآباد واري جلسي ۾ پَسي هوندي جتي سموري سرڪاري مشينري استعمال ڪرڻ ۽ تمام گهڻي اشتهار بازي ڪرڻ جي باوجود به چند هزارن جي تعداد ۾ عوامي ميڙ ممڪن ٿي سگهيو.
    سنڌ ۾ عوام دوست ۽ مڊل ڪلاس سياسي قيادت وارو خال ڪڏهن پورو ٿيندو؟ اهو اهڙو سوال آهي جنهن تي تفصيلي تجزيي جي ضرورت آهي. بنيادي طور سنڌ زرعي معشيت تي دارومدار رکندڙ اهو صوبو آهي جتي 80 سيڪڙو زراعت موجود آهي ۽ 70 سيڪڙو آباديءَ جو واحد وسيلو زراعت ئي آهي. جڏهن ته ”پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ“ جي 2011 ع واري رپورٽ مطابق پاڪستان جي ڪُل آباديءَ جو 63 سيڪڙو ماڻهو ٻهراڙين ۾ رهن ٿا. ان جو مطلب ته مجموعي طور اڪثريتي آبادي ٻهراڙين ۾ ئي رهي ٿي. جڏهن ته اُن سڄي آباديءَ جي وڏي تعداد جو دارو مدار زراعت تي آهي باقي 15 کان 20 سيڪڙو آبادي اهڙي به آهي جيڪي محنت مزدوري ڪري پيٽ پالي ٿي. هاڻ سوال اهو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ جتي زمين جي ورهاست جا ڪي قانون ئي موجود نه هُجن. انگريزن سان وفادارين جي آڌار تي مليل جاگيرن جا مالڪاڻا حق رکندڙ جاگيردار جيڪي بنيادي طور پيڙهين کان پنهنجي جاگيرن ۾ آباد آهن، انهن کي چئلينج ڪرڻ ۽ انهن جي سياسي طاقتن کي ڪمزور ڪرڻ ايترو آسان ناهي. جن وٽ سماجي، سياسي ۽ معاشي طاقت موجود آهي. اُنهن جي طاقت کي ڪمزور ڪري وچولي سياسي طبقي جو اُڀري اچڻ يا ننڍي زميندار يا وڏيري کي ايوانن ۾ موقعو ملڻ ڪو آسان ڪم ناهي. تنهن ڪري سنڌ ۾ سمورين آزمايل سياسي پارٽين کي وڌيڪ آزمائڻ بجاءِ، بهتر سياسي ساک رکندڙ زميندارن، وڏيرن ۽ وچولي طبقي جي سياسي قيادت جي ميلاپ سان سنڌ جي وسيع تر قومي مفادن خاطر هڪ پليٽ فارم طئي ڪرڻو پوندو. جتان پنهنجي گڏيل اميدوارن کي بيهارڻ لاءِ ورهين کان موجود سياسي هڪ هٽي کي ٽوڙڻ لاءِ مڪمل تياري ڪرڻي پوندي. ان سلسلي ۾جاگيردار، وڏيري ۽ زميندار جي تشريح کي به سمجهڻو پوندو. سنڌ جا سمورا جاگيردار پنهنجي سياسي ڪردار ۽ عمل ۾ موقعي پرست ته ٿي سگهن ٿا. پر هر زميندار ۽ وڏيرو پنهنجي سياسي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪمزور هجي، اهو ممڪن ناهي. سنڌ ۾ اهڙا لاتعداد مثال ٿورو غور ڪرڻ سان ملي ويندا.
    سنڌ کي پنهنجي حصي جي سياسي اڪائونٽبلٽي (ذميواري) طئي ڪرڻ پوندي. شعوري طور ڪيل سياسي غلطين کي سنڌي سماج سان وڏي ويساهه گهاتي قرار ڏئي اُن تي مڪمل طور پنهنجي حصي جي چارج شيٽ جاري ڪرڻي پوندي، جيڪو معاشرو مڪمل طور تي بگاڙ جو شڪار بڻجي ويندو آهي، اُن کي لازمي طور ٻيهر مُهذب معاشري پاسي واپس ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ اُن جو زوال فطري آهي. سوال اهو آهي ته سنڌ جي پنهنجي شڪل ۽ صورت (جيڪا مڪمل طور بِگڙي چُڪي آهي) اُن وڃايل ساک جي بحاليءَ لاءِ مهذب طريقن جي چونڊ ڪرڻي پوندي. ڪا نا اميدي واري صورتحال ناهي، سنڌ جا شهر لساني، فرقيواراڻا فسادن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگس جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته 80 سيڪڙو آبادي رکندڙ سنڌ جون ٻهراڙيون چند ضلعن کي ڇڏي باقي قبائلي تڪرارن جي باهه ۾ سڙنديون رهن ٿيون. سنڌي ماڻهو اهڙي ٻِٽي تذبذب جو شڪار آهن، جو هو سنڌ جي شهرن توڙي ٻهراڙين اندر نفسياتي خوف ۾ رهن ٿا. ڇا اهڙي صورتحال جتي هو پاڻ کي مڪمل ويڳاڻو سمجهڻ لڳن ته سندن شهرن تي کين 10 سيڪڙو به مالڪيءَ جا حق مليل ناهن. اهڙي صورتحال ۾ظاهر آهي روزگار ته انهن لاءِ فقط هڪ خواب ئي هوندو. جڏهن ته ٻهراڙين ۾ قبائلي تڪرارن واري طوفان سبب سڄي سنڌ ڪک پن ٿيندي رهي آهي. انهن سمورن تڪرارن جا پيرا کڻبا ته اُهي پيرا انهن جاگيرن تي اچي کُٽندا، جن جاگيرن ۾ اُها سياسي قيادت ويٺل آهي جن کي اسان ووٽ ڏئي ايوانن ۾ ويهاري اها اُميد رکي ويٺا آهيون ته اُهي اسان کي ۽ اسانجي نسل کي بهتر مستقبل مُهيا ڪندا. پر موٽ ۾ جڏهن اسان پنهنجي مقدر جون ڳنڍيون کوليون ٿا ته مايوسي ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ ته اسان جا سياسي ادارا ڪمزور آهن. عوام جي اڪثريت انهن جاگيردارن جي پيڙهين کان غلام آهي. انهن غلامن ۾ انڪار جي جُرئت پئدا نٿي ٿئي. جڏهن سنڌي سماج ۾ انڪار جي جُرئت پئدا ٿي پئي، اُن ڏينهن کان جاگيرداري سماج جو خاتمو ايندو. انڪار جي جُرئت ماڻهن ۾ سياسي ادارا ۽ پارٽيون پئدا ڪنديون آهن. سنڌ جي وطن دوست، سياسي ساک رکندڙ وڏيرن، زميندارن ۽ وچولي طبقي جي گڏيل سياسي پليٽ فارم جي اها پڻ ذميواري هُجڻ گهرجي ته اُهي ماڻهن کي موبلائيز ڪن ۽ مسلح سماج کي مهذب بنائڻ لاءِ سياسي حڪمت عملي جوڙين. جيڪڏهن هن وقت به پنهنجي سماج کي صحيح سياسي رُخ ۾ هلائڻ لاءِ ڪوششون نه ڪيون ويون ۽ سنڌي سماج کي آسرن جي اُس ۾ ساڙيو ويو، ته پوءِ ايندڙ دور هن دور کان به وڌيڪ تلخ ثابت ٿيندو. ايما گولڊ مين صحيح چيو هو ته:
    The most violent element in society is ignorance.
    (سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ پُرتشدد عنصر جهالت/ اڻڄاڻائي آهي)


    خواب وڏا ڏوهاري آهن...

    اُهو پاڪستان جنهن لاءِ ”جناح“ کي پُوربندر جي پوڙهي ”موهن داس ڪرمچند گانڌيءَ“ مُحبت ڀريون منٿون ڪيون هُيون ته مُسلم ۽ هندو بُنيادن تي مُلڪن جي ورهاست برِ صغير جي اندر اهڙي باهه ٻاريندي جنهن کي هندستان جون سموريون نديون به وسائي نه سگهنديون. پر برِ صغير جي سياسي تاريخ ۾ جناح صاحب اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو هو. جنهن پاڪستان کي مُسلمانن جي جُداگانه قوميت واري نظريي هيٺ نه رُڳو قيام ۾ آڻڻو هو، پر اُن کان مُسلمانن جي ڌار رياست کي مذهب کان الڳ رکي سيڪيولر بُنيادن تي اُن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي ساڀيا پڻ اُن جي دلي خُواهش هُئي. انڊين نيشنل ڪانگريس جي سموري قيادت جي مُخالفت جي باوجود جناح صاحب مُسلم ليگ جي اڳواڻن سان گڏجي، ڪانگريس کي ان نُقطي تي راضي ڪري ورتو ته جيئن مُسلم اڪثريت وارن علائقن کي هندستان جي ڪُکِ مان نئين رياست ”پاڪستان“ جو قيام ممڪن بڻجي سگهي. جنهن جا نظرياتي بُنياد قرارداد پاڪستان ۾ پاس ڪري پُختا ڪيا ويا. اُهو جناح جنهن رياست کي سياست کان ڌار رکڻ جا بُنياد وڌا هُئا. جنهن پاڪستان جي اندر اقليتن جي احترام جي خاطري ڪرائي هُئي. جنهن پاڪستان کي نِج سيڪيولر رياست بڻائڻ پئي چاهيو. جنهن گانڌيءَ جو نياپو کڻي ايندڙ نهروءَ کي رُکائيءَ سان نهاري چيو هو ته ”مسٽر نهرو! پاڻ واري پوڙهي کي چئه ته مان انتها پسند مُسلمان ناهيان، پر تون انتها پسند اُهو هندو آهين، جنهن عدمِ تشدد کي عقيدو بڻائي ڇڏيو آهي.“ اُهو جناح جنهن عوام لاءِ حقيقي سياسي جمهوريت ۽ مُعاشي ترقيءَ خاطر مُسلم ليگ جي اڳواڻن کي شفافيت جا درس ڏنا هُئا. جنهن ڪڏهن به پاڪستان جي قيام کان پوءِ، اهو تصور نه ڪيو هو ته هُو جنهن مُلڪ جي قيام لاءِ پُوربندر جي پوڙهي سان جهيڙو ڪري رهيو آهي. هُو جنهن مُلڪ خاطر نهروءَ سان ناتا ٽوڙي رهيو آهي اُن مُلڪ مٿان اهڙو سياسي نظام رائج ٿيڻ وارو آهي. جنهن سياسي نظام جو سمورو ڪنٽرول اسٽيبلشمينٽ وٽ هوندو. بر پوءِ به هُن مُلڪي سلامتي ۽ مُعاشي ترقيءَ خاطر صنعتڪارن ۽ واپارين کي اهو پيغام ڏنو هو ته اُهي مُعاشي ترقيءَ خاطر پنهنجون صِفون سِڌيون رکن. هُن اهڙي ترقي يافته پاڪستان جا مضبوط بُنياد وجهڻ خاطر ”لارڊ مائونٽ بيٽن“ کي به موٽائي ڇڏيو هو. جنهن کيس نئين مُلڪ جي قيام سبب کيس برطانيه جي مدد جي آڇ ڏني هُئي. هُن مُسلم اڪثريتي علائقن واري الحاق ۾ مُسلمانن جي جنون واري جذبي واريون دليون پڙهي ورتيون هُيون. هُن اهو سمجهي ورتو هو ته مُلڪن جي ترقيءَ لاءِ مشينريون ئي ڪم ناهن ڪنديون پر اُهو جُنون به ڪم ڪندو آهي. جنهن جُنون ۽ جذبي واري جهان جا رُخ لالچون موڙي ناهن سگهنديون. ائين جناح برِ صغير جي ڪيترن ئي مُسلمان عالمن جي راءِ سان به اتفاق نه ڪيو هو. جيڪي پاڪستان جي سياست مُتعلق تمام گهڻو اڳ پيشنگويون ڪندا رهيا هُئا. جن کي جناح ائين چئي رد ڪندو رهيو ته ”سياسي شعور ۽ عوامي جمهوريت هن مُلڪ جي مضبوط ضمانت آهن.“ پر مُلڪي سياست جناح کان پوءِ ڪهڙو رُخ اختيار ڪندي اُن جو اندازو شايد مُسلم ليگ جي ڪيترن ئي اڳواڻن کي به نه هو. اُن جو اندازو اُن شخص کي به نه هو. جيڪو اڄ ڪتاب جهڙي قبر ۾ سُتل آهي. جنهن گهڻو پوءِ سمجهيو هو ته جناح جو پاڪستان ڪن ڳُجهين طاقتن جي هٿان يرغمال بڻجي چُڪو آهي. جنهن جي سياسي بصيرت ته برِصغير جي انتهائي اهم اڳواڻن ۾ ڳڻي ويندي هُئي. ليڪن سياست جي سيني ۾ رکيل پٿر جهڙي دل جو پتو کيس بعد ۾ پيو هو جو هُن مُسلم ليگ جي سياست کي به الوداع چئي ڇڏيو هو.
    جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي قيام ۽ نظرياتي بُنيادن تي بحث ڪرڻ هن مضمون جو مقصد ناهي. پر پاڪستان جي قيام تي مولانا ابوالڪلام آزاد جي سياسي بصيرت کي نظر انداز ڪرڻ به تاريخ جي اصل حقيقتن کي لڪائڻ جي برابر هوندو. جنهن 1946ع ۾ شورش ڪاشميري جي رسالي ”چٽان“ کي تفصيلي انٽرويو ڏيندي انتهائي اهم پيشنگوئيون ڪيون هُيون. جنهن چيو هو ته: ”فقط مذهب جي بُنياد تي قومن جي الحاق سان جُڙندڙ رياست اندر قومي سوال وارو تضاد ايتري شدت اختيار ڪري ويندو، جنهن جو اندازو مُسلم ليگ قيادت کي بلڪل به ناهي. جتي ننڍڙا حادثا ۽ لقاءَ وڏن المين جا دروازا کولي ڇڏيندا. جتي تشدد جي اهڙي باهه ٻرندي، جو عوامي سياست جو سينو هميشه سنگينن سان چيريو ويندو.“ پُراڻو پاڪستان جنهن جا بُنياد پوڻ وقت ورهاڱي جي صورت ۾ رت جا درياءَ وهيا.. پر جناح اُن رت جي پويان صُبحِ آزاديءَ جا سپنا پئي ڏٺا جيڪي سپنا اُن سياست جي خاتمي جا سپنا هئا. پر افسوس جو سياست کي مذهبي رنگ ڏئي، وڏي انساني آباديءَ جي اکين مٿان پٽيون چاڙهي رت جون نديون وهايون پئي ويون. جڏهن ته جناح پاڪستان جي سياست کي پاپي هٿن کان پري رکڻ لاءِ خُطبن جا طويل سلسلا شروع ڪيا هُئا. پر هُن کي ڪهڙي خبر ته هُو جيڪو پاڪستان چاهي ٿو پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ اهڙي پاڪستان کي پنهنجي مُڪمل ڪنٽرول هيٺ رکي هلائڻ چاهي ٿي. اڄ جناح جا خُطبا ته ڪنهن ميوزيم ۾ به مِلي نٿا سگهن. پر اُن جا ايڊٽ ٿيل ايڊيشن اسان جي نئين نسل جي نصاب ۾ ضرور مِلي ويندا ۽ پوءِ جناح جو پاڪستان ته اُن جي علالت واري عرصي ۾ ئي پُورو ڪيو ويو.
    نجات ديده و دل کي گهڙي نهين آئي
    چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي.
    (فيض)
    سائين جي ايم سيد به يونان جي ”سولون“وانگر، ”قَسمَ کان وڌيڪ شخصيتن جي شرافت ۽ وقار ۾ ڀروسو رکندو هو.“ سيد جو اُهو يقين ايسيتائين قائم رهيو جيسيتائين شخصيتن جي شرافت ۽ وقار جون تشريحون ئي تبديل ڪيون ويون. جڏهن جناح جي نُقطهءِ نظر مٿان ئي ڌرم فروش فرد حاوي بڻجي ويهي رهيا. جن اڳيان جناح خود بيوس بُت بڻيل رهيو. اُن جي بيوسيءَ جي باري ۾ جناح جي آخري ايامن تي ڏهاڪو سال اڳ ”ڊان“ اخبار ۾ ماهر عليءَ جو مضمون The vision we lost جنهن ”اليگز وون تنزلمين“ جي ڪتاب ”انڊين سمر“ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته: ” علالت جي آخري ڏهاڙن ۾ هڪ ڀيري جناح، لياقت علي خان ڏانهن نهاري، بيحد مايوسيءَ ۽ ڌيمي لهجي ۾ چيو ته: “Pakistan was the biggest blunder of his life” جناح جو اُهو پڇتاءُ ممڪن آهي ته ورهاڱي کان پوءِ وجود ۾ آيل مُلڪن مٿان حاوي ٿي ويل اُها سياسي قيادت هُجي، جيڪا ٻنهي مُلڪن جي تباهيءَ جو سبب بڻي. جن مُلڪن جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ ڌرم فروشيءَ واري ڌنڌي کي اُڀاريو ۽ ڌرم جي نالي تي سياسي سرمائيدارن جي سيڙپڪاري ڏسي ۽ اُنهن جون نيتون پرکي جناح اها ڳالهه ڪئي هُجي. ليڪن اها حقيقت آهي ته هندستان جي اندر ورهاڱي کان اڳ ئي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي اندر Penetrateٿي ويل ماڻهن سياست ۽ مذهب کي گڏي هلائڻ ۽ ڪاروباري فائدا حاصل ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ شروع ڪئي هُئي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ته اُهو ڪاروبار عُروج تي پُهتو. پر اهڙين سياسي حالتن کي ورهاڱي کان اڳ ئي سائين جي ايم سيد سمجهي ورتو هو. اُهو ئي سبب هو جو سائين جي ايم سيد مُسلم ليگ کان پنهنجا سياسي رستا جُدا ڪيا هُئا. جنهن تي ڏسڻا وائسڻا ماڻهو به ان معاملي کي بُنياد بڻائي سيد مٿان الزام هڻندا آهن ته: ”جناح پاران سيد کي ٽڪيٽ نه ڏيڻ سبب جي ايم سيد ناراض ٿي مُسلم ليگ کي الوداع چيو هو.“ جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد ته ڪانگريس سان به ساڳئي سياسي تضاد ۽ نُقطهءِ نظر جي بُنيادن تي اختلاف رکيا هُئا. جيڪي مُسلم ليگ سان رکيا هُئا. ڇاڪاڻ ته ٻنهي پارٽين وٽ ازاديءَ کان پوءِ قومن جي آزاد ۽ خودمُختيار هُجڻ جو ڪو واضع ۽ جامع پروگرام نه هو. هڪ پارٽيءَ مٿان لياقت علي خان واري مُسلم انتهاپسند ذهنيت حاوي هُئي ته ٻي پارٽيءَ مٿان ولڀ ڀائي پٽيل جهڙا انتهاپسند هندو حاوي هُئا. جنهن جو نتيجو اهو آهي جو ورهاڱي کان پوءِ واري سياست ۾ مذهبن کي مُلڪي قانون جي حيثيت ڏني وئي.
    اڄ جڏهن مُلڪي سياست اندر انقلاب آڻڻ ۽ آزادي مارچ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن تڏهن اها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته هن مُلڪ جو وڏو الميو سياسي ناهي پر سياست اندر مذهب کي شامل ڪري، اسٽيبلشمينٽ سڄي سياست کي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکڻ چاهي ٿي. تنهن ڪري اڄ جڏهن انقلاب ۽ آزاديءَ جا قافلا اسلام آباد روانا ٿي رهيا آهن. تڏهن تحريڪِ انصاف جو سربراهه عمران خان هڪ ئي نُقطي کي بار بار ورجائي رهيو آهي ته: ”هي مارچ پاڪستان جي آزاديءَ جو مارچ آهي. اسان نئون پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا. اسان اهڙو پاڪستان ٺاهڻ چاهيون ٿا. جنهن پاڪستان جي اندر اليڪشنن جي ذريعي ڌانڌليون نه ٿينديون هُجن... جنهن پاڪستان ۾ خوشحالي هوندي، انصاف هوندو. اهڙي آزادي ڪو به عوام کي پليٽ ۾ رکي پيش نه ڪندو اهڙي ”آزادي“ فقط آزادي مارچ سان ئي ممڪن آهي. وغيرهه وغيرهه“ عمران خان جا اِهي لفظ پاڪستان جي اندر پاڪستان مُخالف قومپرست تحريڪن جا اُهي اڳواڻ به مُختلف وقتن تي ورجائيندا رهندا آهن. ليڪن، آزادي ۽ انقلاب ائين ناهي ملندو، جو ڪو اوهان کي مُهذب انداز ۾ آزادي ڏئي ڇڏي. اُن آزاديءَ جي حاصلات لاءِ طويل سياسي ويڙهه وڙهڻي پوندي آهي. عمران خان جي نئين پاڪستان ٺاهڻ ۽ پاڪستاني عوام کي خوشحاليءَ جي نئين دور ۾ داخل ڪرڻ جي دعوى تي پاڪستان جي اڪثريتي عوام کي تعجب آهي ته آخر عمران خان وٽ اهڙو ڪهڙو علاءُ الدين جو چراغ آهي. جيڪو پاڪستان جي ورهين جي سياسي ڪلچر کي رُڳو نواز ليگ جي وزيرِاعظم ميان نواز شريف جي استعيفى سان ئي تبديل ڪري ڇڏيندو ۽ پاڪستان ۾ معاشي انقلاب اچي ويندو. پاڪستان جي ڪنهن به گهر ۾ ڪو به انسان بُکئيي پيٽ نه سُمهندو. مُلڪ اندر ايڏي وڏي تبديلي اچي ويندي، جو قومن جي بُنيادي سياسي تضادن وارا سوال به نئين پاڪستان ٺهڻ سان ئي ختم ٿي ويندا. امن امان جي صورتحال اهڙي بڻجي ويندي جو شينهن ٻڪريءَ جي ڪن ۾ سُسِ پُس ڪري، کيس لطيفا ٻُڌائي پيو کِلائيندو. ادارن مان ڪرپشن جو مُڪمل ۽ تڪڙو خاتمو اچي ويندو. ڪاميٽين مٿان ٺهندڙ ڪاميٽيون به ڪرپشن جو حصو بڻجڻ بجاءِ مُلڪي ناڻي کي امانت سمجهي استعمال ڪنديون. جيڪڏهن اهڙو نئون پاڪستان ٺهي ٿو ته ڀلا اهڙي پاڪستان تي اعتراض ڇو ٿيندا؟
    پر تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي ڪير سمجهائي ته، جيڪڏهن پاڪستان کي صحيح معنى ۾ آزادي ڏيارڻي ئي آهي ته سياست کي اُنهن هٿن مان آزاد ڪرائڻو پوندو جيڪي هٿ جناح کان پوءِ پاڪستان مٿان قابض آهن. جن قومن کان اُنهن جي آزاد ۽ خود مُختيار حيثيت ئي کسي ورتي آهي. اُهي طاقتون چاهين ٿيون ته مُلڪ ۾ ڌرم فروشيءَ وارو ڌنڌو ختم ٿي ويو ته اُنهن جي گهرن جا چُلها ٻرڻ بند ٿي ويندا. اُهي ئي طاقتون آهن جن افغان وار ۾ ڊالر ۽ روبل جي راند کيڏي. اُها ئي ذهنيت آهي، جيڪا اڄ به آمريڪي امداد لاءِ مذهب کي استعمال ڪندي رهي ٿي ۽ پنهنجي آشيرواد سان آندل حُڪمرانن کان پنهنجي مرضيءَ وارا ڪم وٺندي رهي ٿي. اُهي طاقتون ڪيئن چاهينديون ته اُهي اهڙي مُلڪ جو قيام عمل ۾ آڻين جنهن مُلڪ جي سياسي طاقت عوام وٽ هُجي. عوام لاءِ جهڙو عمران خان اهڙو ئي ميان صاحب آهي. جڏهن مُلڪ جون طاقتور قُوتون عمران خان تي مهربان ٿيون ته کيس اقتدار حوالي ڪري اُن کان به اُهي ڪم وٺنديون رهنديون جيئن ماضيءَ جي سمورن حُڪمرانن کان وٺنديون رهيون آهن. تنهن ڪري مُلڪ جي عوام کي اهڙا خُواب نه ڏيکاريا وڃن جن خوابن جو وجود ئي نه هُجي. ڪنهن به حُڪومت کي پرکڻ يا سمجڻ لاءِ ڪجهه مهينا ئي ڪافي هوندا آهن. اُهو ڪم جيڪو مهينن ۾ ٿيندو آهي ساڳيو ڪم سالن ۾ به ٿيڻو هوندو آهي. جيڪڏهن اُن جي ابتدا عمران خان پنهنجي حُڪومت خيبر پختونخواهه کان ئي ڪري تڏهن به عوام کي گهڻو ڪُجهه نظر اچي ويندو. جيڪڏهن مُلڪ ۾ آزادي مارچ ڪري هڪ صوبي کي آجپو ڏياريو وڃي تڏهن به سمجهيو ويندو ته عمران خان تمام وڏي تبديلي آندي آهي. جنهن کي 5 سالن جي وڏي عرصي جي اندر هڪ صوبي جي سياسي تبديليءِ واري آزاديءَ کي مثالي آزاديءَ طور پُوري مُلڪ ۾ مُتعارف ڪرايو وڃي ها. ته شايد بهتر ٿئي ها ۽ کيس مُستقبل ۾ اُن جا تمام گهڻا سياسي فائدا حاصل ٿي سگهن ها. گهٽ ۾ گهٽ اڄ هر سطع تي سياسي انارڪيءَ جو ڦهلاءُ ۽ تماشو نظر نه اچي ها. ليڪن هڪ مهيني کان لڳاتار لاهور ۽ اسلام آباد سياسي تماشي جو مرڪز بڻيل آهن ۽ اربين رُپيا انقلاب ۽ آزاديءَ جي نالي تي خرچ ٿي چُڪا آهن. صنعتن ۽ ڪاروباري مرڪزن جو ڏيوالو نڪري چُڪو آهي. مارچ اسلام آباد ۾ پُهچي ٿو ته اُن جي پُڄاڻي ڪهڙي نتيجي تي ٿئي ٿي؟ اُن جو ڪو واضح جواب ته ڪنهن وٽ به ناهي. پر هڪ ڳالهه ته بلڪل واضع ٿي چُڪي آهي ته جيڪڏهن هن مارچ جي نتيجي ۾ ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پئدا ٿي پوي ٿي ته رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل اختر حميد گُل جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪرڻو پوندو ته ”جڏهن پوليٽيڪل وِل(سياسي قُوت) ڪمزور ٿيندي آهي. تڏهن فوج لاءِ رستا کُلي پوندا آهن.“ پر اها به حقيقت آهي ته هن مُلڪ ۾ ڪڏهن به سياسي قُوتون طاقتور پوزيشن ۾ اچي ناهن سگهيون. نه ئي هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ اهو چاهي ٿي ته اُنهن جي مرضيءَ کان سواءِ سياسي طاقتون ڪي فيصلا ڪري سگهن. ان ڪري جيستائين سياست ڳُجهين طاقتن جي چنبن مان آزاد نه ٿيندي تيسيتائين اهڙا تماشا ٿيندا رهندا. مولانا آزاد ته پاڪستان جي سياسي صورتحال جو اهڙو تجزيو ته اُن جي ٺهڻ کان اڳ ئي ڪيو هو. شايد دهليءَ جي مسجد ۾ 1940ع ۾ خُطبي دوران ئي چيو هُئائين ته: ” جناح کان پوءِ پاڪستان جو سياسي مزاج تبديل ٿي ويندو. مذهبي هڪجهڙائيءَ جي بُنياد تي گڏ ٿيل قومن جي الحاق جي خاتمي جي شروعات اوڀر ۽ اولهه واري پاڪستان کان ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سندن ٻولي، ريتن رسمن، رهڻين ڪهڻين کي فقط مذهبي بُنيادن تي گڏي هلائي سگهڻ جي سياسي قيادت مان سگهه ختم ٿي چُڪي هوندي.“ هُن انتهائي اهم پيشنگوئي اها به ڪئي هُئي ته صوبن جي اندر قومي تصادن جهڙا سوال ايتري حد تائين اُڀري پوندا، جنهن سبب ٻاهرين قُوتن کي مُداخلتن جا موقعا مُيسر ٿي ويندا. جيڪي سياسي قيادتن کي تماشي وانگر استعمال ڪنديون. جنهن جي ڪري مُلڪن جي حالت بلڪان ۽ عرب رياستن کان مُختلف نه هوندي.“
    تحريڪِ انصاف جو مارچ عمران خان جي اڳواڻيءَ ۾ لاهور کي ڇڏي اسلام آباد روانو ٿي چُڪو آهي. جنهن جو نعرو نئون پاڪستان ٺاهڻ آهي. نئون پاڪستان ڪهڙو هوندو؟ هُن اُن جا تفصيل به ميڊيا کي ٻُڌائي ڇڏيا آهن. هاڻ سوال اهو آهي ته مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جناح جي پُراڻي پاڪستان کي بچائي ٿي يا عمران خان جي نئين پاڪستان جي تائيد ڪري ٿي؟ ڇاڪاڻ ته جناح جو پاڪستان ته بنگلاديش ٺهڻ سان ئي ٽُٽي چُڪو هو. موجودهه مُلڪ ته اسٽيبلشمينٽ جي ڳٺ جوڙ سان هلي رهيو آهي. اهڙي مُلڪ ۾ عمران خان جو نئون پاڪستان به هڪ اهڙو خُواب آهي. جنهن لاءِ ايازچيو هو ته:
    هاڻ ته هن ڌرتيءَ تي سڀ کان
    خُواب وڏا ڏوهاري آهن
    آزاديءَ جا خُواب، اُنهن تي
    بند اڳي کان ڀاري آهن. (اياز)


    افغان جنگ ۾ ڪمزور سياسي حڪمت عمليون..!

    ڪابل کان پوءِ بغداد، بغداد کان پوءِ بيروت ۽ بيروت کان پوءِ ڪنهن جو وارو آهي؟ تهران، مصر، دمشق، خرطوم يا اهو خِطو جتي اسان پنهنجي پُرسڪون زندگي ڪنهن گمنام خوشفهميءَ ۾ گُذاريون ٿا. اهڙيون انيڪ اڳڪٿيون اُن وقت کان ئي اسان جي جيءَ کي جنجهوڙي رهيون آهن يا دل ۾ ڪنهن ڪانهن جي ڇيت وانگر چُڀي رهيون آهن. جڏهن اڃان نائين اليون وارو واقعو وجود ۾ نه آيو هو. پر ڪابل ۽ قنڌار تي ڪنٽرول طالبان جو هو ۽ اهو عام نعرو اسلام آباد جي ديوارن تي پاڪستاني عوام تي ڪنهن چٿر وانگر چنبڙايو ويو هو ته “ افغانستان کي بعد پاڪستان.... طالبان طالبان....!” پر اسان جيڪي لبرل ۽ سيڪيولر سوچ واري خوشفهميءَ جو شڪار هُئاسين تن ان نعري جي پويان لڪيل نيتن کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي هُئي. اسان ائين پئي سمجهيو ته خطرو پري آهي. اسان پنهنجي اکين جا دروازا پُوري ڇڏيا ۽ معاملا وڃي ڪبوتر ۽ ٻلي واري ڪهاڻيءَ تائين پُهتا. ميرا داغستان ۾ رسول حمزه توف لکيو هو ته ”ڪنهن به ڳوٺ کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪڙو بد معاش ئي ڪافي هوندو آهي.“ پر ڇا ڪنهن غير محفوظ پاڙي جا باقي گهر محفوظ رهي سگهن ٿا؟ سرحدن جي باهه پاڙيسري مُلڪن تي ڪيئن پنهنجا اثر ڇڏيندي آهي؟! اُن جو سبق اسانجي موجودهه نسل جون پويون ست پيڙهيون به ياد رکنديون. اُهي طالبان جن اڃان ڊاڪٽر نجيب کي ڦاسي نه ڏني هُئي. اُن کان اڳ 1995ع ۾ سنڌ جو هڪ قومپرست اڳواڻ ڪنهن گڏجاڻيءَ مان اُٿي موڪلائڻ وقت اهو جملو چوندو هو ته: ”هاڻ طالبان جو قافلو اڳتي هلي؟“ اُن وقت اُها مذاق هُئي يا طالبان سان همدردي؟ سا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هُئي. پر جڏهن 1996ع ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي آف افغانستان (پي ڊي پي اي) جو طالبان هٿان تختو اونڌو ڪيو ويو هو ۽ لبرل ذهن ڊاڪٽر نجيب احمد زئي کي سرعام ڦاسي ڏني وئي هُئي، تڏهن اُن قومپرست اڳواڻ جي دل به سيني ۾ سُسي وئي هُئي. ڊاڪٽر نجيب سان ڪيل پنهنجي مُلاقاتن کي ائين ياد ڪرڻ لڳو هو، جيئن وڇڙي ويل محبت کي ياد ڪبو آهي. شايد اُن کان پوءِ ئي اُن قومپرست اڳواڻ جي دل جا دروازا طالبان جي همدرديءَ لاءِ هميشه پُورجي ويا هُئا. پر ڇا سياست جي سوڙهين گهٽين کي سمجهڻ وارا سمورا دانشور دوست اُن وقت تائين به افغان وار کي افغانستان جي جنگ سمجهي سوچيندا رهيا هُئا. ڇا اُنهن اهو نه سوچيو هو ته اُن بين الا قوامي راند ۾ سندن ڌرتيءَ جا ساوا سَلا به سڙي سگهن ٿا؟ اهو سچ آهي ته اُن وقت تائين ائين ڪنهن به نه سمجهيو هو ته اُن جنگ جا اثر پاڪستان جي شهرن کي ايترو سوڙهو ڪري ڇڏيندا جو ماڻهو گهرن جي درن مان نڪرندي خوف محسوس ڪندا. پر نائين اليون واري واقعي کان پوءِ پينٽاگان جي پيغام تي اسان هڪ پاسي ٿي بيٺاسين. جنگين ۾ اڻڌريو ٿيڻ جا امڪان گهٽ هوندا آهن. جڏهن اسان طالبان سان ناهيون ته پوءِ آمريڪا سان آهيون، آمريڪا سان ناهيون ته اُن جو مطلب اسان طالبان سان گڏ آهيون. ان سوچ تحت پاڪستان جي حڪمرانن پنهنجي رستي جو تعين ڪيو. اُنهن هڪ ئي ڌمڪيءَ تي پهاڙي رستن سان پنهنجي تاريخي لاڳاپن کي ٽوڙي ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته اُنهن کي خبر هُئي ته پهاڙي پيچرن سان سنگت جو رشتو بظاهر برقرار رکڻ جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟؟ ۽ اهڙي رشتي جا ڌاڳا ٽوڙي پنهنجي اڱڻن تي ڪيئن نه ڊالرن جا وڻ ٿا پوکي سگهجن؟؟!پر سنڌ ان سڄي بين الا قوامي گيم جي ڪنهن به حصي پتيءَ کان ٻاهر هُئي. اُن جا وڏا اسٽيڪ هولڊر ڪير هُئا؟ اُن تي گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي پر بلوچ ۽ سنڌي ان گيم جو حصو نه رهيا. پر پوءِ به گهڻي کان گهڻو اُن ”جنگ“ جا اثر سڌي طرح بلوچستان ۽ سنڌ تي پيا. افغان ڪئمپون سنڌ ۾ قائم ٿيون. افغان آباديءَ جو گهڻي کان گهڻو دٻاءُ سنڌين برداشت ڪيو. جن ماڻهن کي پشتو کانسواءِ ڪا ٻولي ڳالهائڻ نٿي اچي اوهان کي سنڌ جي ننڍي وڏي شهر ۾ اڪثريت سان ملندا. منظم منصوبي سان سنڌ مٿان اهڙي ڌاري آبادڪاريءَ جي يلغار ڪئي وئي. جنهن جو مثال ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو ملي. سنڌ جنهن ڪڏهن پنهنجي خوابن ۾ به اهو تصور نه ڪيو هو ته خودڪش ڌماڪا ڪرائي، سنڌ جي گيڙو لباس ۽ صوفي مزاج کي رت هاڻو ڪري سنڌ جي سڃاڻپ مٿان مذهبي جنونيت جو تيزاب هاريو ويندو ۽ سنڌ جو سمورو هاءِ وي مدرسن جي ڪنٽرول ۾ اچي ويندو ۽ ديني تعليم جي بهاني، معصوم ٻارڙن جي ذهنن کي مذهبي ڪٽرپڻي جي بارود سان اهڙو ڀريو ويندو جو انهن جي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي اک فقط جُنون سان ڏسڻ لڳندي.!!! اهو سڀ ڪجهه، ائين ٿيندو رهيو ۽ اسان جيڪي سنجيدهه سياسي فڪر رکندڙ جماعتن ۾ ورهايل هُئاسين اهڙين حالتن ۾ اسان جو ڪو به واضع موقف جُڙي نه سگهيو. ائين ئي بلوچستان به جيڪو ان سڄي بين الاقوامي گيم جو حصو نه هُيو پر گهڻي کان گهڻا خودڪش ڌماڪا به اُتان جي رستن ۽ روڊن تي ٿيندا رهيا. ڪوئٽا جون اُهي تيرنهن گهٽيون جن جو تازو ميان صاحب به ذڪر پئي ڪيو. انهن تيرنهن گهٽين ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪاررواين تي ڪنٽرول ڪرڻ به ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي رهي.
    افغان وار ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙن لاءِ بين الاقوامي سياسي بيورڪريٽن وٽ سواءِ بي حسيءَ جي، پري پري تائين ڪجهه به نظر نٿو اچي. ڪير ان ڳالهه کان انڪار ڪري سگهندو ته گهڻي کان گهڻو هٿيار جو واپار افغان وار کان پوءِ سنڌ ۾ وڌيو آهي. هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ته: ”افغان جنگ، کان پوءِ هٿيارن جي وڏي واهپي ۽ ڪاروبار جو وڏو مرڪز ڪراچي بڻجي ويو آهي. جتي جائز ۽ قانوني لائسنس تي وڪرو ٿيندڙ هٿيارن جا دوڪان محدود آهن. جڏهن ته ته غير قانوني هٿيارن جو واپار عروج تي پهچي چڪو آهي. جديد کان جديد هٿيار ڪراچيءَ ۾ وڪرو ٿين ٿا. جيڪي سڄي سنڌ ۾ غيرقانوني طريقي سان موڪليا وڃن ٿا. جن مان ڪيترائي هٿيار قبائلي تڪرارن ۾ به استعمال ٿين ٿا.“
    سنڌ جيڪڏهن نائين اليون واري حادثي کان ئي پنهنجون اکيون پٽي ڪنهن آمر جي آڱرين جي اشارن تي خاموش ويهڻ بجاءِ پنهنجي معقول موقف سان سنڌ جي ڪيس کي عالمي برادريءَ اڳيان رکي ها ۽ هن بين الاقوامي وار جي اسٽيڪ هولڊرس جي نيتن خلاف احتجاج جو رستو وٺي ها ته اڄ ڪنهن به طرح سنڌ جون گيڙو رتڙيون شامون رت جي راند جو ڏيک نه ڏين ها. ڇاڪاڻ ته سنڌ ڪڏهن به پنهنجي مزاج ۾ بنياد پرست قوتن سان گڏ ناهي رهي. اُهي بنياد پرست قوتون جيڪي سموري سماج کي پنهنجي منحوس پاليسين سان اُجاڙي تحس نحس ڪرڻ چاهين ٿيون ۽ نه ئي سنڌ اُنهن قوتن اڳيان مجرمانه خاموشي اختيار ڪري ها. جن قوتن ڪنهن نه ڪنهن طرح هر دور ۾ قومن جي بنيادي انساني آزاديءَ لاءِ سنجيدهه ٿيڻ جي بجاءِ، اُنهن قوتن جي پُٺي پئي ٺپي آهي جيڪي قوتون سنڌ کان بنيادي انساني آزاديءَ جو حق پنهنجي طاقت جي آڌار تي ڦٻائي چُڪيون آهن. اهو سمجهندي به ته پاڙي ۾ لڳل باهه جا اثر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻين گهرن کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندا، سنڌ جي ڪنهن به قومپرست سياسي پارٽيءَ اهڙي حڪمت عملي اختيار نه ڪئي. جنهن سان اُن جنگ جي اثرن کان سنڌ کي بچائي سگهجي. سنڌ ۾ وڏي سياسي پارٽيءَ طور مقبول رهندڙ پيپلز پارٽيءَ تي ان ڪري به ميار ڏئي نٿي سگهجي. ڇاڪاڻ ته اُن جي اوليت تي سنڌ ڪڏهن رهي به ناهي. جيڪڏهن سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي اوليت تي هُجي ها ته امن ڪميٽيءَ جي نالي تي ڪراچيءَ کي بد امنيءَ جي باهه ۾ ڌڪي اصلوڪن رهواسين کي دربدريءَ جي زندگي گُذارڻ تي مجبور نه ڪري ها. ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو جو دهشتگرديءَ کي دهشتگرديءَ واري انداز واري ماڊل کي متعارف ڪرائڻ سان ختم ڪري سگهجي. پيپلز پارٽيءَ امن ڪميٽيءَ کي ائين دُڪا کارائي وڏو ڪيو. جيئن افغان جنگ ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آمريڪا طالبان کي روس سان ويڙهه لاءِ پالي نپائي وڏو ڪيوهو. ظاهر آهي ته اُن جا نتيجا اهڙا ئي نڪرڻا هُئا جيڪي هن وقت نظر اچي رهيا آهن. پنهنجي ئي تير سان پنهنجا سينا زخمي ٿيندا رهيا. گروهي ۽ لساني سياست جي خاتمي لاءِ پيپلز پارٽيءَ جي ورتل سنجيدهه ڪوششن جا اسان گُذريل پنج سالن کان اکين ڏٺا شاهد آهيون. تنهن ڪري اهڙي پارٽيءَ مان اها اُميد اجائي هوندي ته ڪو اُن پارٽيءَ جي اندر هڪڙو اهڙو گروهه يا طبقو موجود هوندو جيڪو سنڌ کي لساني ۽ مذهبي ڪٽرپڻي خلاف بين الاقوامي بيوروڪريٽس سان بارگيننگ ڪري سگهي ٿو ۽ انهن جو ڌيان سنڌ جي لبرل ۽ صوفياڻي مزاج واري واٽ ڏيکاري سگهڻ ۾ سنجيدهه به آهي...! پر جڏهن اهڙي ڪوڙي آسري جا بنياد ئي ڪمزور نظر ايندا ۽ اُتي رڳو اقتدار ۾ رهڻ لاءِ هر پاليسي ۽ حڪمت عمليءَ کي جائز سمجهيو ويندو هُجي. پوءِ چاهي اها پاليسي سنڌ جي صورتحال کي اوڙاهه ۾ به اڇلائي ڇو نه ڇڏي. تنهن ڪري اهڙي ميار سنڌ سان جزباتي حد تائين وابستگي رکندڙ پارٽين کي ڏئي سگهجي ٿي، جن هر موڙ تي سنڌ جي ڪيس لاءِ ڪنهن مورچي کي خالي ناهي ڇڏيو. جيڪڏهن ٿوري ٿڪي سياسي اُميد ڪري سگهجي ٿي ته وري به سنڌ جي موجودهه سنڌ دوست اُنهن پارٽين مان ئي ڪري سگهجي ٿي. جيڪي ماضيءَ جي غلطين ۽ ناڪارهه حڪمت عملين جي تجربن جي روشنيءَ ۾ ڪو گڏيل پليٽ فارم جوڙين. ڇاڪاڻ ته اعتماد ٽُٽڻ کان پوءِ به اعتماد ئي ڪبو آهي. سماجن ۾ مايوسي ۽ نااميدي به تڏهن ئي پئدا ٿيندي آهي. جڏهن اعتماد ٽُٽندا آهن ۽ ٻيهر اعتماد ناهن ڪري سگهبا. تنهن ڪري هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تمام تر ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي سنڌ وطن جي خوشحاليءَ لاءِ هڪ ٻئي تي ڀروسو ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجون سياسي صفون سڌيون ڪرڻيون پونديون. فقط ٽي ٽائر ساڙڻ، چار رستا بلاڪ ڪرڻ، ٻن جلسن ۽ جنرل باڊيز سان سنڌ جي قسمت تبديل نه ٿيندي. سنڌ جي مڙني سياسي پارٽين جي گڏيل پليٽ فارم تان بين الاقوامي برادريءَ جو اُن سنگين معاملي طرف ڌيان ڇڪائڻو پوندو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌ ئي متاثر ٿي آهي. اُن لاءِ سنڌ جو ڪيس بين الاقوامي ايجنڊا تي آڻڻ لاءِ سمورا ذريعا استعمال ڪرڻا پوندا. عالمي برادريءَ تائين پهچي، انهن کي ٻڌائڻو پوندو ته اُهي سنڌ جي لبرل سوچ ۽ فڪر کي ڦهلائڻ لاءِ اُنهن لبرل قوتن تي هٿ رکن، جيڪي هر حالت ۾ سنڌ جي صوفياڻي مزاج ۽ امنِ عالم بني نوع آدم جا حامي آهن. معاملا هاڻ جلسن، جلوسن ۽ جنرل باڊيز کان مٿي جا آهن. اهڙي حڪمت عملي جيڪا ڪي به نتيجا ڏئي نه سگهي اُن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. مثال طور ڪو هاري سڄو سال محنت ڪري فصل جو انتظار ڪري پر ٻنيءَ مان ٻه داڻا به اُن جي حصي ۾ نه اچن. اهڙي جدوجهد ته اهڙي هاريءَ جي محنت وانگر ٿي. جديد دور جي تقاضائن مطابق سائنسي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙي جدوجهد ڪرڻي پوندي. هڪڙو ننڍڙو مثال ٿا وٺون ڪراچيءَ ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ زهرى شاهد جي قتل ڪيس کي الطاف حسين جي تقريرن سان جوڙي جهڙي ريت تحريڪِ انصاف برطانيه سان مواصلاتي ذريعن جو فائدو وٺندي مُتحرڪ بڻجي ۽ فون ڪالز ۽ ايميلز جي ذريعي الطاف حسين جي عمران فاروق قتل ڪيس ۾ لُڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ هڪ سوراخ ڪري ڇڏيو. اهڙو مثال نٿو ملي. تحريڪِ انصاف نه ئي ڪو وڏو ڌرڻو هنيو نه ئي مولانا قادري جهڙو مارچ ڪيو پر مواصلاتي ذريعن جي دُرست استعمال سان تڪڙا نتيجا به حاصل ڪري سگهجن ٿا.
    تنهن ڪري سنڌ کي بارود جي ڍير مان ڪڍڻ ۽ ڳچيءَ ۾ پيل دهشتگرديءَ جي رسيءَ مان پاڻ کي آجو ڪرڻ لاءِ لاڀائتي جدوجهد لاءِ سوچڻ گهرجي. گهڻ پاسائين جدوجهد جيڪا نتيجا به ڏئي سگهي. تڏهن ئي نئين سنڌ جو قيام ممڪن ٿي سگهندو. ڇو ته وقت ۽ ويرون ڪنهن لاءِ انتظار ناهن ڪندا نه ئي انهن جو فطري عمل رُڪجي سگهندو آهي.


    قُدرتي آفتن جا اثر ۽ اُن جو ازالو

    قدرتي آفتن جا اثر وقتي طور تي سماجن تي سَڪتو طاري ڪري ڇڏيندا آهن. متاثر معاشرن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ وقت جا ڪانٽا رُڪجي ويندا آهن. انهن جي زندگيءَ جا خواب آفتن جي ڳرن پيرن هيٺان لتاڙجي ختم ٿي ويندا آهن. کين ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ اُنهن جا پير ڌرتيءَ تان کِسڪي چُڪا هُجن. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي ڪُل ڪائنات اُنهن جي گهرن جا اُهي سُهڻا صحن هوندا آهن. جن تي ٻارڙن جي معصوم ٽهڪن جا سنگيت ڪنهن وقت ۽ لمحي جا منتظر ناهن هوندا. پر آفتون جڏهن به اينديون آهن اُهي نه فقط معاشرن کي اقتصادي بدحاليءَ پاسي ڌڪي ڇڏينديون آهن پر نفسياتي خوف جهڙي بيماري به اهڙن معاشرن کي ڪنهن وبا وانگر وڪوڙي ويندي آهي. سُڌريل دنيا اندر قدرتي آفتن جو اچڻ معمول هوندو آهي پر اُنهن جي نقصانن جو اثر ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جا امڪان گهٽ کان گهٽ ٿيندا آهن. اتان جو عوام اُنهن نقصانن جي ازالي لاءِ نه رڳو سرڪاري رٿابندين ۾ اُنهن جو حصو بڻبو آهي پر اهڙي آفت اچڻ جي نتيجي ۾ ٿيل نقصانن جي ڪارڻن تي ويچاري آئندهه حڪمت عمليون جوڙيندو آهي. ته جيئن اهڙين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ مستقل لائحه عمل جوڙي سگهن. مثال طور 2012ع ۾ ”سينڊي“ نالي آمريڪا ۾ آيل طوفان جنهن جي نتيجي ۾ آمريڪا جي اندر 18 جڏهن ته ”ڪيربين“ ۾ 69 ماڻهو مري ويا هُئا. اُن طوفان ”نيو جرسي“ کي به ڌوڏي ڇڏيو هو. جڏهن ته نيو يارڪ به اُن طوفان جي نشاني تي رهيو هو. اُن طوفان آمريڪا جي 108 سالن جي تاريخ ۾ تمام گهڻو نقصان پهچايو هو. جنهن تي آمريڪي صدر باراڪ اوبامه اُن طوفان کي آمريڪا لاءِ وڏي آفت قرار ڏنو هو. جنهن آمريڪا جي معاشي حالت کي وڏو ڌچڪو ته نه رسايو هو پر اُن جي بدن تي رهڙون ضرور پاتيون هُيون. جنهن سبب نيو يارڪ ۽ اُن جي آسپاس ڇهه لک ستر هزار ماڻهن کي بجليءَ کان محروم رهڻو پيو هو. معاملو ان حد تائين سنگين بڻيل هو جو نيو يارڪ جي ٽسچ اسپتال جي بيڪ اپ وارا جنريٽر به جواب ڏئي چُڪا هُئا ۽ انتظاميا 200 مريضن کي ٻين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي مجبور ٿي پئي هُئي. جڏهن ته مُلڪ جي 12000 اندرين ۽ ٻاهرين هوائي جهازن جي اُڏامن کي روڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ قُدرتي آفتون ڪٿي به اچن، اُهي ماحولياتي تبديلين سبب اينديون آهن. جيڪي وڏي مصيبت بڻجي وينديون آهن. پر آمريڪا جي اُن طوفان کي به پاڻ واري سنگت، وڏا مذهبي رنگ ڏئي پيش ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي هُئي. بنگلاديش جتي هر سال قدرتي آفتن جو اچڻ، اُن جي تقدير جو حصو بڻيل رهيو آهي. جيڪڏهن هلندڙ سال جو مختصر جائزو وٺبو ته هن سال به مئي، جون ۽ جولاءِ وارا مهينا بنگلاديش ۾ طوفاني بارشن ۽ ٻوڏن وارا مهينا رهيا. جنهن جي نتيجي ۾35000 ماڻهو بي گهر ٿيا. جڏهن ته 10 هزار ايڪڙ زرعي زمين به سيلاب جي زد ۾ رهي. هلندڙ سال ۾ ئي انڊيا ۾ مون سون وارين بارشن جي نتيجي ۾ جڏهن سمورا تڪراري ۽ غير تڪراري ڊيم ڪنارن تائين ڀرجي ويا ته باقي ٿورو گهڻو بچيل پاڻي اُن نديءَ جا ڪنارا پُسائڻ لاءِ پاڪستان روانو ڪيو ويو. جيڪا ندي پنجاب جي ٻن شهرن بهاولپور ۽ لوڌران جي وچ مان گُذري ٿي. اُها ستلج جيڪا سالن کان هميشه سُڪل ئي رهي ٿي، جنهن جي اندر وڏين وڏين انساني آبادين وڃي پنهنجا پڪا گهر جوڙائي رهائش اختيار ڪئي آهي. اُن اوچتي ۽ اڻ اعلانيل پاڻيءَ جي اچڻ سبب ستلج ۾ چاڙهه اچي ويو ۽ ڏکڻ پنجاب جا اُهي علائقا، جيڪي ڪهروڙ پڪا سان گڏ آهن، جن ۾ حاصل والا، ڀنڊا گروان، بستي هير کان وٺي بستي لال ڪمال (جتي اڳوڻي آمر جنر ضياءَ جو جهاز ڪِريو هو) کان هيٺ 60 ڪلوميٽرن تائين 500 ڳوٺ مواصلاتي نظام کان ڪٽيل رهيا. پر اُن سان ايڏو وڏو جاني نقصان نه ٿيو نه ئي انساني نفسيات مٿان ڪنهن آفت جي پاڇي جا اثر پئجي سگهيا. جو ائين چئجي ته پنجاب حڪومت فوري طور تي ٻوڏ جي ستايل ماڻهن جي امداد لاءِ واهر ڪري. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن 2005ع واري زلزلي کي ڏسجي ته اُها پاڪستاني تاريخ جي بد ترين آفت هُئي. اُن کان اڳ 1935ع ۾ ڪوئٽا ۾ آيل زلزلي کان به هن زلزلي ۾ نقصان جا انگ اکر وڌيڪ هُئا. 2005ع واري زلزلي ۾ هڪ لک انساني حياتيون زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺيون. 138000 ماڻهو سيريس زخمي بڻيا. جڏهن ته 35 لک ماڻهو بي گهر بڻيا. اهڙي وڏي آيل قدرتي آفت ۽ انساني جاني نقصان کي به ڪيترين مذهبي ڪهاڻين ۽ واقعن سان جوڙڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون.
    جڏهن ته 2010ع واري ٻوڏ سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ ۾ 8 آگسٽ تي ٽوڙهي واري بند ٽُٽڻ سان شروع ٿي. درياءَ بادشاهه جي پاڻيءَ پهرين نشانو اتر سنڌ جي ڳوٺ مور خان جتوئيءَ کي بڻايو هو. جنهن جون ڪچيون ديوارون پاڻيءَ ۾ ڇا ڪِري رهيون هُيون ڄڻ انساني اتهاس ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي رهيو هو. اُها اُتر سنڌ جتي قانون جي نالي ڪا شيءَ نظر نه پئي آئي ڦورو اهڙي حالت ۾ به انساني مجبورين جا فائدا وٺندي ٻيڙين ۾ چڙهي ماڻهن جا گهر ٻهاريندا رهيا. ٽوڙهيءَ کان وٺي دادوءَ تائين لکين ايڪڙ زرعي زمين ۽ هزارين ڳوٺن کي پاڻيءَ جي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي سرڪار سڳوري پنهنجي عطائي انجنيئرن جي سرپرستيءَ ۾ جيڪا ڀيل ڪرائيندي رهي هُئي. اُن جو مثال اُن وقت جون سڀ اخبارون اُٿلائي ڏسبيون ته ڪنهن دليل بازيءَ جي گنجائش نه رهندي. جنهن ۾ 4 لک گهر تباهه ٿيا ۽ هڪ لک 10 هزار گهر ته اهڙا هُئا، جيڪي پاڻي لهي وڃڻ کان پوءِ به ان حد تائين ميسارجي چُڪا هُئا. جو ڪنهن کي اها به خبر نه هُئي ته اُن ڳوٺ ۾ سندن گهر ڪهڙي جاءِ تي هو؟!
    جڏهن ته 2011ع ۾ گُذري ويل سال جي ڀيٽ ۾ آسمان جو سمنڊ ڌرتيءَ سان ٽڪرائجي ويو ته سنڌ جي اوڀر وارو پاسو جيڪو اڳئين سال بچيل رهيو هو. هڪ سال جي وٿيءَ سان وڏي آفت جي زد ۾ اچي ويو. ان حد تائين جو مرندڙ ماڻهوءَ کي دفن ڪرڻ جي به ڪا وِٿي بچيل ڪا نه هُئي جتي ڪنهن کي دفنائي سگهڻ جي جاءِ هُجي. اهڙين قدرتي آفتن تي لڳاتار هن ئي ڪاوش جي صفحن تي اکين سان ڏٺل حادثا ۽ واقعا به لکيا هُئا. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽيءَ جي انگن اکرن موجب 2011ع جي بارشن واري آفت ۾ 497 ماڻهو موت جي گود ۾ وڃي سُتا، جڏهن ته 753 زخمي حالت ۾ اسپتالن ۾ پهچايا ويا هُئا. 66 لک 74 هزار 859 ايڪڙ زمين ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ اچي وئي هُئي. جڏهن ته 9.27 ملين آبادي بي گهر بڻيل هُئي. 15 لک 96 هزار 807 گهر تباهه ٿي چُڪا هُئا 2.18 ملين ايڪڙن تي بيٺل ڪيترن قسمن جا فصل مڪمل تباهه ٿي چڪا هئا. ايترين وڏين قدرتي آفتن کان پوءِ به سنڌ جي مجموعي حالتن کي ڏسبو ته سرڪاري سطع تي اُن جي ترقيءَ لاءَ ڪو جامع منصوبو جوڙڻ لاءِ ڪا به منصوبا سازي نه پئي ٿئي. جيڪڏهن اهڙيون قدرتي آفتون دنيا جي ٻين حصن، مُلڪن ۾ اچن ٿيون ته وڏيءَ مُدت جا منصوبا جوڙي اُنهن ۾ امڪاني نقصانن کي گهٽائڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا اهن. پر جيڪڏهن سنڌ جي صورتحال جو تجزيو ڪنداسين ته سٺي حڪمرانيءَ جا خواب دلين کي دلاسن ڏيڻ جهڙا ئي محسوس ٿيندا. جيڪي فقط ڪنهن ڪوڙي آسري کانسواءِ ڪجهه به ناهن. 2005ع واري ڪشمير ۾ آيل زلزلي کان پوءِ 8 سالن گُذرڻ کان پوءِ هاڻ اُتان جي حالتن ۽ ماحول کي ڏسي اهو اندازو ڪرڻ به مُشڪل هوندو ته اُتي اڄ کان 8 سال پهرين ڪا اهڙي تباهي به آئي هُئي. جتي ٻارڙن جون ريهون پهاڙي رستن ۾ دفن ٿي ويون هُيون. پر اڄ اُتي جون حالتون هاڻ تمام گهڻو تبديل ٿي چُڪيون آهن.
    جيتوڻيڪ ٻن مها ٻوڏن کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي ترقياتي منصوبن لاءِ سرڪاري سطع تي گُهربل منصوبا سازي ٿيڻ گهرجي ها. اُن لاءِ ته پري پري تائين به ڪا سنجيدگي نظر نٿي اچي. جڏهن مُلڪ ۾ سرڪار سڳوري عوام جي سار لهڻ واري عادت ختم ڪري ڇڏي هُجي ته اُتي اهڙين حالتن ۾ سنڌ جي ڀلائيءَ ۽ هيٺئين سطع تائين ترقيءَ وارا خواب ساڀيا بڻجي نٿا سگهن.
    ڪيتري عرصي کان اهو مسئلو سنجيدگيءَ سان سوچڻ ۽ بحث جي موضوع کان گهڻو پري رهيو آهي ته پاڪستان جي جن علائقن ۾ قدرتي آفتون آيون آهن. اُنهن علائقن جي ماڻهن جي نفسيات به تبديل ٿي آهي. جيڪا ڪنهن نه ڪنهن طور هن سماج جي لاءِ حاڃيڪار پئدا ٿي سگهي ٿي. پنجاب جي اندر اهڙي نفسيات جو پئدا ٿيڻ ان ڪري به گهٽجي ويو. ڇاڪاڻ جو اُتي هيٺئين ۽ هيٺئين وچولي طبقي جي ذريعي پنجاب حڪومت سموري پنجاب ۾ ميگا پراجيڪٽ آڻي بيروزگار نوجوانن جي وڏي انگ کي اُن ۾ شامل ڪيو آهي. هن وقت پنجاب فقط فيصل آباد يا اوڪاڙه جي صنعتن تي ئي نٿو ڀاڙي پر ماضي قريب ۾ ضلعي خانيوال جي تعلقي ميان چنو تائين اهڙن صنعتي يونٽس کي هٿي ڏئي رهيو آهي ۽ آسپاس جي ٻهراڙين کي به انهن ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪري رهيو آهي. جيڪي زندگيءَ جي سهولتن کان محروم رهيون هُيون. ان حد تائين جو نوجوانن جي وڏي انگ کي هُنري سکيا جي صلاحيتن پاسي وٺي وڃي رهيو آهي. پر سنڌ حڪومت جي ناقص ڪارڪردگي گُذريل ڪيترن سالن کان سنڌي ماڻهن لاءِ سوال بڻيل آهي ته ڪڏهن هن سرڪار وٽ سنڌ جي معاشي حالت ۽ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ مستقل روزگار واري پاليسي وجود ۾ اچي سگهندي؟ ڪڏهن سنڌ سرڪار روزگار خاطر اُن ڀوتارڪي نظام مان جان آجي ڪندي جتي عارضي روزگار کان پوءِ کين روزگار مان نيڪالي ملي نه سگهندي.؟ هڪ عجيب بي يقينيءَ جي ڪيفيت ۾ رهندڙ سنڌ کي يقين ڏيارڻ وارا حڪومتي هٿ پئدا به ٿي سگهندا يا نه؟ افسوس ته اهو به آهي ته هن وقت تائين سنڌ حڪومت ۾ ڪو هڪڙو ميمبر به نظر نٿو اچي، جيڪو سنڌ جي بيروزگار نوجوانن جي نمائندگي ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هُجي. جيڪو اُنهن جي خوابن جي ساڀيا بڻجي ڪي اهڙيون ڪوششون وٺي سگهي. جيڪي اُنهن جي معاشي حالتن سان سلهاڙيل مسئلن کي حل ڪري سگهن. ڪو اهڙو به اسيمبلي ميمبر هُجي جيڪو هن حڪومت کي سنڌ مان بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ ڪا جامع پاليسي جوڙڻ جي صلاح ڏئي سگهي ۽ اسيمبليءَ مان ڪو بِل پاس ڪرائڻ جي صلاحيت رکندو هُجي ته سنڌ مان بيروزگاريءَ جو مُڪمل خاتمو آندو ويندو. جيڪو سنڌ جي ماڻهن کي معاشي بدحاليءَ جي کوهه مان ڪڍي سگهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ تي آيل ٻن قدرتي آفتن سنڌ جي ماڻهن جي نفسيات تي تمام گهڻا منفي اثر ڇڏيا آهن. اوهان اُنهن علائقن جو تجزيو ڪري ڏسو جتي ٻن ٻوڏن جي تباهي آئي آهي اُتان جي ماڻهن جي پُوري نفسيات امداد ۾ مليل سامان تي ڀاڙڻ شروع ڪيو آهي. پنهنجي ڪمائي ۽ پگهر پورهئي جي روزي روٽي هاڻ اُنهن کي راس نٿي اچي. جيتوڻيڪ اها نفسيات سڄي سنڌي سماج جي جهلڪ ناهي پر اها حقيقت آهي ته سنڌي سماج هاڻ اهڙي منفي نفسيات جو شڪار بڻجي ويو آهي جو 2000 وطن ڪارڊ يا انڪم سپورٽ پروگرام جا حاصل ڪرڻ لاءِ 1500 رپيا خرچ ڪري ٿو. جنهن سبب اُنهن جي سموري نفسيات تبديل ٿيڻ لڳي آهي. جيتوڻيڪ سنڌي سماج جي مزاج ۾ ئي نه هو ته هو اهڙن منفي لاڙن ۾ پنهنجي محنت جي ڪمائي، ڪمائڻ وساري ويهي. نه ئي هن سماج جي حصي ۾ ڪڏهن اهڙي ڪيلڪيوليشن موجود هُئي. پر هن سماج مان هاڻ نه اهڙي ڪمائيءَ جيڪا اُن جي پورهئي تي دارومدار رکندي هُجي، اهڙي روايت موڪلائيندي نظر اچي رهي آهي. ڇا اها حقيقت ناهي ته 5000 هزارن جي راشن لاءِ پنهنجي سڄي ڏينهن جي قيمت جي ادائگيءَ سان گڏ 4000 هزار خرچ ڪري اهو حاصل ڪيو وڃي ٿو. ڇا سنڌي سماج کي اهڙي بُکي نفسيات مان ڪڍڻ لاءِ اسان جون سياسي ۽ سماجي تنظيمون پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مُڪمل ناڪام ناهن ٿيون؟ يا اُنهن جو ڪردار ۽ عمل به اُن نفسيات جو حصو بڻيل آهي.؟ سنڌ حڪومت عوام کي اهڙي نفسيات مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪهڙو معاشي پروگرام ڏئي سگهي آهي؟ سا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟ ڇاڪاڻ ته اڃان تائين اهڙي معاشي پروگرام جا ڪي به امڪان نظر نٿا اچن. سنڌ جي ڪوئلي جي باري ۾ ڪنهن ميگا پروجيڪٽ جو اچڻ به اڃان واضح ٿي ناهي سگهيو. جيڪڏهن سنڌي عوام کي فقط خيرات جو عادي بڻائي هر ڀيري اُنهن کان فقط ووٽ حاصل ڪرڻو آهي ته سنڌ اهڙي اقتصادي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندي، جنهن جا ڪيترائي ايندڙ نسل خيرات جا عادي بڻجي ويندا.


    گُلابن جو قبرستان...

    1997ع ۾ جڏهن اسلام آباد جي ڀتين تي چِڙ ڏياريندڙ چٿرن جهڙي چاڪنگ ٿي رهي هُئي ته: ”افغانستان ڪي بعد... پاڪستان ..... طالبان طالبان“... تڏهن کان ڪابل جي گهٽين ۾ ٿيندڙ سازشن تي لبرل خيالن وارن ليکڪن اِهي خدشا ظاهر ڪيا هُئا ته ”اُها باهه جيڪا قنڌار، ڪابل ۽ جلال آباد کي شمشان گهاٽ بڻائي رهي آهي، سا باهه پاڪستان جي پُوري خِطي لاءِ ئي رُڳو خطرناڪ نه هوندي، پر اُها سڄي دُنيا جي دل ۾ اهڙي ڇيت واري اذيت بڻجي لهندي. جنهن تي عالمي قُوتون پنهنجي ڪيل غلطين جو ازالو ڪرڻ لاءِ مٿي تي هٿ ڏئي ويهي رهنديون.“ ڇاڪاڻ ته غير محفوظ پاڙي جا اثر محفوظ پاڙن کي به سلامت رکي ناهن سگهندا. ٻن ڏينهن کان آسٽريليا جي شهر ”سڊني“ ۾ داعش هٿان يرغمال ڪيل آسٽريليا جا شهري ۽ پوليس اهلڪار، اولهه جي ميڊيا جي سُرخين تي رهيا ته اوچتو ضربِ عضب جو انتقام اُنهن گُلابن کان ورتو ويو، جيڪي پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول ۾ پڙهندا هُئا. اُهي ٻارڙا جن کي آپريشن ضربِ عضب جي خبر به نه هُئي ته اُهو ”ضربِ عضب“ ڇا آهي؟ ليڪن ”ضَربِ عضب“ جو بدلو اُنهن جسمن کان ورتو ويو جيڪي اڃان ڪچين ڪلين ۾ گُلابي گونچ هُئا. جيڪي جوانيءَ جي سيڙهين تي پُهچڻ واري پنڌ کان پري هُئا. تن کي رت جو غسل ڏنو ويو ۽ کين سُفيد ڪفن ۾ ويڙهي دفنائڻ لاءِ اُنهن مائرن حوالي ڪيو ويو. جن اهو سوچيو به نه هو ته اُهي ٻارڙا هڪ رات جا مهمان آهن...! جيڪي سرد صبح جو اُٿي معمول مطابق پنهنجي اسڪولي ڪتابن سان سٿيل ٿيلها ڪُلهن سان لٽڪائي، مائرن جون مُحبتون ميڙي پڙهڻ لاءِ اسڪول پُهتا هُئا، پر پتيون بڻجي وکري ويا...!!
    هڪ سوڳ جنهن کي ڪنهن ڪٿا ۾ بيان ڪري نٿو سگهجي. اسڪول جي عمارت ۾ رُڳو رت هو، جيڪو بانبڙا پائي ڊوڙي رهيو هو. اُهي ٻارڙا جيڪي ٿاٻڙجي ڪِرندا آهن ته مائرن جون اکيون اُٿلي پونديون آهن. تن مٿان اي ڪي 47 جهڙن هٿيارن جهڙي ڪاري قيامت ڪيرائڻ جو ان کانسواءِ ٻيو ڪهڙو مطلب ٿي سگهي ٿو؟ سواءِ ان جي ته ٻارڙن جي رت جي رستي جنت جي دروازن جون ڪُنجيون کين مِلڻيون هُيون. پر نائيجيريا کان وٺي، آسٽريليا ۽ ايران تائين ۽ شام، اڙدن، عراق کان وٺي پاڪستان تائين سڀ انتها پسند قُوتن جا پردا فاش ٿي رهيا آهن. جنهن تي بين الاقوامي ميڊيا ڊاڪيومينٽريز جي ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ته اُهي بُنيادپرست قُوتون فقط جهاد جي نالي تي ڪاروبار ڪري رهيون آهن. داعش، بوڪو حرام ۽ طالبان تائين سڀني بُنياد پرست گروهن جون ساليانا بجيٽون اربين ڊالرز ۾ آهن. صنعت ۾ تبديل ٿي ويل انتها پسنديءَ خلاف سڄي دُنيا جديد وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. ليڪن امن جي ساوَن سَلن جي اُميد ڌُنڌلي نظر اچي رهي آهي. جيستائين بُنيادپرستيءَ کي جڙ کان اُکيڙيو نه ويندو، تيستائين ڪنهن به آپريشن جي ڪاميابيءَ جا نتيجا سواليا نشان بڻيل هوندا. پشاور واقعو فقط آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارڙن مٿان حملو نه هو. پر اُهو حملو پُوري انسانيت مٿان حملو هو. جيڪو حملو طالبان ۽ ٻين انتهاپسند قُوتن جي اُن ذهنيت کي ظاهر ڪري ٿو. جنهن ذهنيت کي ايڪيهين صديءَ ۾ ڪنهن مُهذب معاشري جي سڃاڻپ جو حصو ته قطعي قرار ڏئي نٿو سگهجي. 132 ٻارڙن جي گُلابن جهڙن جسمن مٿان گولين جو تصور ئي تڙپائي ڇڏي ٿو. اُهي ٻارڙا جن جي ساهه جي ستار کي اي ڪي 47 سان خاموش ڪيو ويو، جن جي رت کي رات جي اوندهه جي ڪاري چادر ڍڪي ڇڏيو. پر ڇا رات جي چادر هميشه وانگر رُڳو پاپ مٿان پنهنجا ڪارا پردا اُڇلائيندي رهندي؟ اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي مائرن جي ساهن جا سيپارا هُئا. جن کي ڪروڌي ڪاريهرن نمرود جي نظرن وانگر بمن ۽ گولين جي نفرت سان سُمهاري ڇڏيو. اُهي ٻارڙا جن جا ٽهڪ زندگيءَ جي علامت ۽ اڻپورين نظمن جي تڪميل هوندا آهن. جن جي چهرن جون چاندنيون بمن جي ڪاري دونهين ۾ دٻجي ويون. جن جا معصوم ٽهڪ گولين جي گجگاٽ سان سُمهاريا ويا. اُهي ٻارڙا جن رات جو خُوابن ۾ پوپٽ جي رنگن جهڙا خوبصورت خواب ڏٺا هُئا. جن موت کان ڪجهه گهڙيون پهرين پنهنجي مائرن کان مُرڪي موڪلايو هو، جن کي مُلڪن جي سياست سان ڪا به دلچسپي نه هُئي، جيڪي جڏهن به ٽي وي اسڪرين اڳيان ويهندا هُئا، سي ”اوگي اينڊ ڪاڪروچز“، ”ڊوري مون“ ۽ ”ٽام اينڊ جيري“ جهڙا ڪارٽون وڏي شوق سان ڏسندا هُئا. جيڪي ”دهشتگردن جي دُنيا“ کان بنهه بي خبر هُئا. تن کي گُلابن جي قبرستان ۾ تبديل ڪيو ويو. اُهو آرمي پبلڪ اسڪول جيڪو طالبان هڪ گهڙيءَ ۾ ئي قبرستان ۾ تبديل ڪري ڇڏيو....! جيتوڻيڪ اُن اسڪول کي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ معمول تي آندو ويندو. ميڊيا جي ٽاپ موضوع تان هٽي وڃڻ لاءِ به هن واقعي کي ڪي گهڻا ڏينهن لڳي نه سگهندا. ليڪن اُهو دشتِ سوس اُنهن مائرن جي دلين کي هميشه سوڳ بڻجي ساڙيندو رهندو. جن پنهنجي معصومن کي اسڪول جي عمرين تائين پُهچائڻ لاءِ ڪيترا نه ڪشٽ ڪاٽيا هوندا؟ اُهي ٻارڙا جيڪي پنهنجي گهرن جا گُلدستا هُئا. جن کان سواءِ گهر ماتمڪدي وانگر مُرجهايل نظر ايندا آهن. هاڻ اُنهن گهرن ۾ اُهو سوڳ سڄي زندگي سُمهي رهندو. اُنهن گهرن ۾ رُڳو والدين ئي غم جي اذيت ۾ نه هوندا پر اُهي رانديڪا به يتيم بڻجي رهجي ويندا. جن کي ڇُهڻ لاءِ هاڻ معصوم هٿڙا ئي نه هوندا. آرمي پبلڪ اسڪول جي اُنهن گُلابن جي قبرستان مٿان سياسي بيان به ايندا. شهيد ٿي ويل گُلابن جي وارثن سان تعزيتن جا سلسلا به جاري رهندا، جيڪي هڪ عرصي کان پوءِ گُمناميءَ جي گود جو حصو بڻجي ويندا. زندگي وري سوڳ مان اُٿي وهندڙ ندي بڻجي ويندي. ليڪن هڪ طويل رات اُنهن گهرن ۾ هميشه ٽِڪي پوندي. جن گهرن جي سونهن اُجڙي وڃڻ جي اذيت سڄي زندگي ساڻ کڻي جيئندي.
    هڪ طويل عرصي تائين ڪنهن وڏي دهشتگرد واقعي جي رونما نه ٿيڻ سبب پاڪستان جي عسڪري طاقتن ۽ دُنيا اِهو پئي سمجهيو ته پاڪستان اندر بُنياد پرستيءَ جا قلعا ڪمزور ٿي چُڪا آهن. پر ايتري گهڻي ساهيءَ پٽڻ کان پوءِ انتهاپسندن جون تياريون ايترو عُروج تي پُهچي وينديون؟! ان جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. اسان ميڻ بتين جي آسري تي امن جي روشنيءَ جو طويل سفر شروع ڪيو هو، ليڪن اِهو سوچيو ئي نه هو ته ميڻ بتين جو عُمريون ئي مُختصر ٿينديون آهن. اسان اهو وساري ويٺا هُئاسين ته پهرين عالمي جنگ لڳ ڀڳ چار سال هلي 21 سالن کان پوءِ ٻي عالمي جنگ ڇڙي جيڪا ست سال هلي، جنهن جي پُڄاڻي 1945ع ۾ تڏهن ٿي، جڏهن جپان جي ٻن وڏن شهرن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ مٿان آمريڪا طرفان ايٽم بم اُڇلايو ويو ۽ نتيجي ۾ هڪ لک ويهه هزار انسان موت جو شڪار بڻجي ويا. ٻن سالن جي ساهي پٽڻ کان پوءِ دُنيا سرد جنگ جي سوڙهين گهٽين ۾ 47 سالن تائين ديوانن وانگر رُلندي رهي. جيڪا گورباچوف جي گلاسنوسٽ تي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهتي. پر پوءِ جو دور ڪنهن ساهي پٽڻ کان سواءِ ئي اُن جنگ جو دور آهي. جنهن کي ”گرم جنگ“ چئون ته جائز آهي. جيڪا ختم ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي. اُن ”گرم جنگ“ ۾ انتهاپسندي بانبڙا پائي، جوان ٿي آهي. جنهن سمورين سفاڪين جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن. جن هالي ووڊ جي فلم Enemy at the gates ڏٺي هوندي. سي ”اسٽالن گراڊ“ جي اُن محاصري کي ڪڏهن به وساري نه سگهندا. جنهن ۾ ويسلي ۽ نتاشا جي مُحبت جي ڪهاڻي آهي. جيڪا ڪهاڻي انساني رت ۽ بارود مان ڦُٽي پيل ڪنهن گُلاب جهڙي لڳي ٿي. ليڪن پشاور جو واقعو اُنهن 132 ڪهاڻين جهڙو آهي هر ٻارڙو خود هڪ ڪهاڻي هو. جنهن کي جيئڻو هو، وڻن وانگر وڌڻو هو. ليڪن اُن کي زندگيءَ جي ڪونڊيءَ مان ڪڍي اُڇلايو ويو. ٻي عالمي جنگ ۾ اُسريل ادب مان هرمن ووڪ جي ناول The Winds of War جو هڪڙو ڪردار اُهو سپاهي به هوندو آهي، جيڪو دٻلين ۾ ڪيترن مُلڪن جي مِٽي گڏ ڪندو آهي. جن ۾ فرانس، آفريڪا، اٽلي ۽ تُرڪي به شامل هوندا آهن. تنهن کان ڪو ساٿي سپاهي پُڇندو آهي ته ”اها مِٽي ڇو ٿو کڻين؟“ هُو ٿڌو ساهه ڀري لڳ ڀڳ سُڏڪي چوندو آهي ته: ”هر ديس جي مِٽيءَ جو پنهنجو درد به ٿيندو آهي..!! آهه! هنن مُلڪن جي مِٽيءِ جي درد کي ڪو ترتيب به ڏئي سگهي...!!“ پاڪستان سميت سڄي دُنيا مٿان ”گرم جنگ“ جا اهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن. جن جي خاتمي خاطر پينٽاگان کان بيجنگ ۽ دليءَ کان ڪابل ۽ اسلام آباد تائين وڏا بحث ٿين ٿا. منصوبا جُڙن ٿا. انتها پسنديءَ کي جڙ کان ڪٽڻ لاءِ بجيٽون منظور ٿين ٿيون. ليڪن انتهاپسند قوتون پهرين کان وڌيڪ مُنظم شڪل ۾ سامهون اچن ٿيون. ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪو واقعو هن ديس جي ڪنهن گهٽيءَ ۽ چوڪ مٿان قهر بڻجي ڪڙڪي ٿو ۽ انساني جسمن جا عضوا هوا ۾ پنن وانگر پکڙجي وڃن ٿا. مُلڪي سياسي ۽ عسڪري ادارا دهشتگردن جي پاڙ پٽڻ جا واعدا ڪن ٿا. ليڪن بي ڏوهه مخلوق هڪ پاسي بُک بدحالي ۽ سياستدانن پاران عوام جي سُک ۽ سلامتيءَ ۾ عدمِ دلچسپيءَ سبب تڙپندي رهي ٿي، ته ٻئي پاسي دهشتگرد عوامي هُجوم وارن هنڌن تي خودڪش حملن جي صورت ۾ انساني جانين مٿان شدت سان حملو ڪري تباهي مچائيندا رهن ٿا. جنگ جي هلندڙ هن دور ۾ انتهاپسنديءَ جو اهڙو ڀوائتو روپ، هن دُنيا پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺو. ماضيءَ جي جنگين جا ڪي اُصول هُئا. سرينڊر ڪندڙ سپاهين، ٻارڙن ۽ عورتن لاءِ ڪنهن قدر بين الاقوامي جنگي قانون موجود هُئا. ليڪن هن ”گرم جنگ“ جا ڪي به قانون ناهن. جتي معصوم ڪنولن جا ڪنڌ مروڙي پنهنجي مخصوص مذهبي مائينڊ سيٽ ٻين مٿان مڙهيو وڃي ٿو. اُهي ٻارڙا جيڪي آسمان ۾ ننڍڙن چمڪندڙ ستارن جهڙا نظم پڙهندا هُئا، سي خود هڪ نوحو بڻجي ويا. جيڪي پنهنجي مائرن سان گڏجي ”بي بي، ييس ماما“ جهڙا ٻاراڻا نظم سِکندا هُئا. تن لاءِ اڄ به اُنهن جون مائرون پاڳلن وانگر خاموش بڻجي ويل ٻارڙن مٿان بيهي چپن ۾ ڀُڻڪي چونديون رهن ٿيون ”بي بي...!!“ ليڪن ”ييس ما ما...!!“ جهڙو جواب کين ملي نٿو سگهي. جواب ڏيڻ وارا اُهي ٻارڙا خاموش آهن. جيڪي درد ڀريون يادون ڇڏي ويا، اُنهن گهرن ۾، جن گهرن ۾ پيار مان کين مُختصر نالن سان سڏيو ويندو هو ۽ هُو ڊوڙون پائيندا، کلندا، ڪڏندا ايندا هُئا، اُنهن هنجهن ۾ جتي کين ڀاڪر ۽ معصوم چُميون ملنديون هُيون. جنهن جا سڀ ٻار عادي هوندا آهن. ليڪن هن مُلڪ جي سياست، جيڪا جوڙ توڙ کان سواءِ جِي ناهي سگهندي سا دهشتگرديءَ جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪڏهن سنجيدهه ٿيندي؟ اُها دهشتگردي جيڪا هن مُلڪ سميت سڄي دُنيا کي اُڏوهيءَ وانگر کائي رهي آهي. جيڪا هاڻ ان حد تائين انسانيت جا سمورا ليڪا لتاڙي چُڪي آهي، جنهن کان پتڪڙا پڙهندڙ ٻارڙا به محفوظ ناهن. هن وقت سڄي دُنيا سوڳ ۾ آهي. جنهن جي نقشي مٿان رت جي هڪ لڪير ڇڪبي رهي ٿي. اُها رت جي لڪير جنهن ۾ رُڳو درد آهي، انساني پيڙا جا پاڇا آهن، ٻارڙن جو چيخون آهن. اُهي ٻارڙا جن لاءِ فيض فلسطيني ڪيمپ ۾ نظم لکي هُئي.
    مت رو بچي،
    تيرا ڀائي
    اپني خُواب ڪي تتلي پيچهي
    دُور ڪهين پرديس گيا هي.
    اڄ جڏهن پشاور جا پاڇا اُداس آهن، شهيد گُلابن جي سوڳ ۾ پشاور جون بازارون به سُڏڪا ڀري روئي رهيون آهن. هر ماءُ جي اک آلي آهي. اُها ماءُ پوءِ سنڌ جي هُجي، يا پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي هُجي. آمريڪا جي هُجي يا چين ۽ تُرڪيءَ جي، ليڪن اُنهن جو درد ساڳيو آهي. ماءُ جون مُحبتون ٻارڙن سان هڪجهڙيون ئي هونديون آهن. سڀ مائرون اهڙي سوڳ تي پنهنجي آلين اکين سان هِن دُنيا کي دهشتگرديءَ ۽ بُنياد پرستيءَ کان آجو ڏسڻ چاهين ٿيون. اُهو آجپو کين تڏهن ئي مِلي سگهندو. جڏهن دُنيا جون سياسي قُوتون دهشتگرديءَ خلاف هڪ ئي آواز بڻجي سگهنديون ۽ مُلڪي عسڪري قُوتون اِهو سمجهڻ لڳنديون ته هن مُلڪ کي قومپرست سياسي ڪارڪنن مان خطرو ناهي پر اُنهن انتهاپسند قُوتن مان آهي. جيڪي، ضربِ عضب جو انتقام ”گُلابن جا قبرستان“ بڻائي وٺڻ چاهين ٿيون.


    پيپلز پارٽي پنهنجو احتساب ڪڏهن ڪندي!؟

    ستر جي ڏهاڪي تائين جيڪا ذهنيت پاڻ کي سنڌ جي مُعاشي مُفادن مٿان فقط پنهنجو ئي حق تسليم ڪندي هُئي. سا ذهنيت چار ڏهاڪا گُذري وڃڻ کان پوءِ به سنڌ جي اقتصادي مُفادن مٿان نه فقط پنهنجو ئي حق تسليم ڪري رهي آهي پر نون صوبن واري راڳ سان ٻيهراُن ٻِر مان ٻاهر نِڪري آئي آهي. جنهن لاءِ هُو سنڌ کي ماءُ سمجهي چوندا رهيا هُئا ته: ”هُو اهو سوچي به نٿا سگهن.“ ليڪن پارٽيءَ جي اندروني تضادن، برطانيه جي اندر سياسي سوڙهه ۽ مُلڪ اندر توقع کان وڌيڪ ڪِرندڙ ساک نه رُڳو مُتحدهه لاءِ مُستقبل جي سنگين سياسي صورتحال وارو سنيهو آندو آهي.پر سندن اهڙي سياسي عمل سبب هُو هاڻ شهري آباديءَ کان لڳاتار ڪَٽجي رهيا آهن. شهري آبادي نفرت واري سياسي باهه مٿان مسلسل مُحبت جي مِٽي اُڇلائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ شهري آبادي نفرت واري سياسي عمل مان نڪرڻ چاهي ٿي. جِي ٿري ۽ ڪلاشنڪوف جي خوف واري پاڇي ۾ سياسي قيدي بڻجي رهڻ کان بيزار بڻجي چُڪي آهي. سا اهڙي سياسي قيد مان آجپو چاهي ٿي. اُها شهري آبادي جيڪا نفرتن جي نعرن کان تنگ اچي چُڪي آهي سا ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ جي سياسي پنڃري جا در کولي جيئڻ چاهي ٿي. جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته اُها شهري آبادي ڪراچيءَ ۾ قيدي بڻجي رهڻ لاءِ تيار ناهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اهڙي آباديءَ کي لڳاتار سياسي قيد ۾ رکي نٿو سگهجي. جنهن آباديءَ جو نسل نفرت جي سياست کان بيزار بڻجي چُڪو هُجي. جيڪو نسل پنهنجي پناهه سُر ۽ سنگيت ۾ وٺڻ لڳو هُجي. جڏهن ڪنهن به معاشري جا نوجوان هٿيارن بجاءِ هٿن ۾ گِٽار کڻڻ لڳندا آهن. تڏهن نفرتن جي تيلين سان دُکايل ”سياست“ ختم ٿي ويندي آهي. هاڻ شهري آبادي اُن سحر ۾ گُم ناهي، جنهن ۾ کين ڌار صوبي ۽ حقن حاصل ڪرڻ وارن اجاين احساسن ۾ ڦاسائي مُنجهايو ويو هو هاڻ اُن شهري آباديءَ پنهنجي اکين مٿان نفرت واري سياست جو ڪاريون پٽيون لاهڻ شروع ڪيون آهن. جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته مُتحدهه ٽُٽي ٽُڪرا بڻجي ويندي ۽ شهري آبادي مُتحدهه سان گهڻي عرصي تائين ساٿ ڏئي نه سگهندي.
    اهڙيءَ ريت ساڳي صورتحال ۽ پيغام هن مُلڪ جي اندر خاص طور سنڌ ۾ اُن پارٽيءَ لاءِ به آهي. جيڪا وڏي عرصي تائين حُڪومت ۾ هُجڻ جي باوجود، سنڌ جي ماڻهن کي گُهربل نتيجا ڏئي ناهي سگهي. پيپلز پارٽيءَ لاءِ مُستقبل جي سياسي صورتحال ۾ ڪنهن وڏي عوامي مينڊيٽ سان اچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو. جيتوڻيڪ اُهي سموريون پارٽيون، جيڪي هر دور ۾ پاڻ کي اقتدار ۾ رهڻ جا خُواب ڏسنديون آهن. جن لاءِ حزبِ اختلاف ۾ رهڻ ڪنهن موت کان گهٽ ناهي هوندو سي مُفاهمت ۽ سياسي مُذاڪرن جا رستا هميشه کُليل رکنديون آهن. پيپلز پارٽيءَ به 88ع ۾ اقتدار ۾ اچڻ وقت اُن مُفاهمتي پاليسيءَ جو رستو اختيار ڪيو هو. جيڪو رستو پنهنجي پوئين اقتدار تائين به کُليل رکيو. جيتوڻيڪ اُن وقت به پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي ماڻهن جي سخت تنقيد سان مُنهن ڏيڻو پيو هو. جيڪو اُنهن لساني فسادن جي صورت ۾ سامهون آيو هو. جن لساني فسادن نه رُڳو مُلڪي سياست جي مزاج کي تبديل ڪيو هو. پر سنڌ جي شهري آبادين جي جاگرافيائي حيثيتن کي به تبديل ڪري ڇڏيو هو. پر هاڻ جڏهن وفاق ۽ سنڌ ۾ مُتحدهه اُن سگهه سان سامهون ناهي آئي. جنهن طاقت سان اُها وفاق ۾ ڪنهن بارگيننگ ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ رهي سگهي ۽ نه ئي اُن جي سياسي سگهه هاڻ اُنهن شهرن مٿان قابض قُوت وانگر رهي آهي. نتيجي ۾ ڪهڙي بُنيادي سياسي مسئلي جي جواز تي اُها پنهنجي سياسي سگهه کي ٻيهر بحال ڪري سگهي ٿي؟ سواءِ ان جي ته اُها پنهنجا بچايل پتا نون صوبن جي اعلانن سان اُڇلائي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان تحريڪِ انصاف اردو آباديءَ جي ايليٽ طبقي کي رستن تي آڻي بيهاريو. جيڪو طبقو ورهين کان مُتحده جي مُٺين کي پنهنجي پئسي سان مضبوط ڪندو رهيو هو. جن اڳيان سياست رُڳو سوديبازيءَ کان سواءِ ڪُجهه به نه هُئي. تن جڏهن اُن ڪپتان کي سياسي ٻيڙيءَ ۾ بيٺل ڏٺو تڏهن اُنهن مُتحدهه کي موٽ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ اُهو عام اُردو ڳالهائيندڙ جيڪو پنهنجي گهرن ۽ ڪُٽنب سان امن جهڙي زندگي گُذارڻ چاهي ٿو. تنهن به هاڻ سياسي انڪار واري لهجي واري واٽ ورتي آهي. شفاف چونڊن وارو مڪينزم نه رُڳو مُستقبل ۾ مُتحدهه لاءِ سياسي سوڳ جو سبب بڻبو. پر هاڻ کين لساني بُنيادن جهڙن کَٽن مِٺن نارنگيءَ جي ڦار جهڙن نعرن تي شهري عوام جي ذهن کي ريجهائي سگهڻ جو راڳ به ڪم اچي نه سگهندو. هن وقت جيڪو مُلڪ ۾ شفاف چونڊن جو شور اُٿيو آهي. اُن لاءِ سمورين پارٽين نوان نعرا ۽ نوان رستا ڳولڻ شروع ڪيا آهن. ليڪن اهڙا نعرا ۽ رستا ڏيکاري بُنيادي عوامي تبديليءَ جا رُخ موڙي نٿا سگهجن. عوام کان هڪ حد تائين سياسي مينڊيٽ جي توقع ڪري سگهجي ٿي. جيڪا حد پاڪستان ۾ لڳاتار اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين عوام کي نظراندازين جي ور چاڙهي اورانگهي چُڪيون آهن. جيڪڏهن اُنهن حدن کان اڳيان وڃبو ته عوام تبديل ٿيل هوندو. جيڪڏهن سنڌ اندر ٻن پارٽين جو جائزو وٺبو ته شهري آبادي لڳاتار هڪ نفسياتي خوف ۾ رهي آهي. اُن نفسياتي خوف جا اثر جڏهن لهڻ شروع ٿي ويا آهن. تڏهن کين اُن خوف ۾ گهڻي دير تائين ڦاسائي رکي نٿو سگهجي. ان ڳالهه کان مُتحدهه جا اڳواڻ چڱيءَ ريت واقف آهن. عمران فاروق جي قتل ڪيس کان وٺي مُتحده جي موجودهه قيادت جي ڪمزورين تائين، سوشل ميڊيا جي جهان، گهر گهر ۽ گهٽيءَ گهٽيءَ کي رستو بڻائي ڇڏيو آهي. هي ڪو نازين جو زمانو ناهي جو ماڻهو ساهه کڻڻ لاءِ به هٽلري فوجن جي اٿارٽي ليٽر جو انتظار ڪن. اُهو ئي سبب آهي جو اڄ مُتحدهه ميڊيا تي سنڌ کي ورهائڻ جو ميڊيائي شو شو ڇڏي شهر جي هڪ مخصوص ذهنيت کي ميڙي رهي آهي. جيڪا ذهنيت هاڻ سياسي طور مفلوج بڻجي چُڪي آهي. جيڪا مُتحدهه سان ڪنهن واعدي ڪرڻ جهڙي سنجيدگي ڏيکاري نٿي سگهي. ها البته اُها سندن اخلاقي مدد ڪري سگهي ٿي. پر اُن جي اخلاقي مدد به ايتري ڪمزور ۽ مفلوج هوندي، جنهن کي شهري شعور قطعي به قبول نه ڪندو. اهڙي طرح هڪ پارٽي سنڌ جي شهرن ۾ پنهنجي سياسي ساک واپس ورائڻ خاطر سنڌ کي بمبئي بيڪريءَ جو ڪيڪ سمجهي ڪاٽڻ سان اُردو آباديءَ جي حمايت حاصل ڪري سگهي سا هاڻ بنهه ٻاراڻي ڳالهه هوندي. ٻئي پاسي اُها پارٽي آهي. جنهن کي سنڌ ۾ جيترو عوامي مينڊيٽ مِليو ايتريون سنڌ جي حصي ۾ مصيبتون آيون. ڇا سنڌ اڃان به پيپلز پارٽيءَ کي عوامي مينڊيٽ جو بلينڪ چيڪ ڏئي ڇڏيندي؟ اِهو اهم سوال آهي جيڪو وقت اچڻ تي پتو پوندو. پر جنهن پارٽيءَ سڄي سنڌ کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.؟ ڪنهن سوچيو آهي.؟ ته سنڌ ۾ عوامي مينڊيٽ جي موٽ سنڌي ماڻهن کي ڪهڙي مِلي آهي؟ ها اهو سچ آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ انڪم سپورٽ پروگرام جي 2،000 کان 3،600 رپيا غريب ماڻهن کي مِلي رهيا آهن. جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي لتاڙجي مُري به چُڪا آهن ۽ مرندا رهن ٿا. پر سنڌ جي تعلقه ميونسپل آفيسن جي بجيٽن کان وٺي تعليم ۽ صحت جي بجيٽن تائين ڪنهن جي پُهچ آهي؟ اهڙين بجيٽن کان عوام ته گهڻو پري بيٺل آهي ۽ انفراسٽرڪچر ۾ پنهنجا نواز پاليسيءَ هيٺ شروع ڪيل ٺيڪيدارين ۾ سنڌ جا سمورا رستا پيادل هلڻ جي قابل به ناهن رهيا. پنهنجي سياسي طاقت جو شو ڏيکارڻ ته هر ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو بُنيادي حق آهي. پر جيتري مهم ۽ رقم اُن شو کي ڏيکارڻ لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي، اُن جو 20 سيڪڙو جيتري رقم، مُهم ۽ وسيلا سنڌ جي تعليم، صحت ۽ روزگار جي ذريعن تي استعمال ٿي پون ها ته شايد عوام اڳيان اهڙي نُمائش جي ضرورت به نه پوي ها. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ مُتحده مڪاني ادارن جي چونڊن کان اڳ اُهي رستا ڳولي رهيون آهن. جن جي بُنياد تي اُهي مڪاني ادارن جون مالڪ بڻجي سگهن ۽ مليل عوامي مينڊيٽ جي پُڇاڻي کان پاڻ کي بچائي سگهن. جيڪڏهن سنڌ جي صورتحال جو جائزو وٺبو ته پيپلز پارٽي هن وقت پاڻ کي پنهنجي پڇاڙڪن پساهن ۾ محسوس ڪري رهي آهي. پر ڇا اِهو دُرست ٿيندو ته سنڌ ۾ فقط پنهنجي ووٽ بئنڪ کي بچائڻ لاءِ اهڙو رستو اختيار ڪيو وڃي؟ جيڪو رستو سواءِ سياسي نفرتن ۽ تضادن جي ٻيو ڪجهه به ڏئي نه سگهندو. ووٽ ڪا معنى نٿو رکي، اُن جذبي جي اڳيان جيڪو جذبو هن مِٽيءَ سان ماڻهن جو جُڙيل آهي. پيپلز پارٽيءَ کي سمجهڻ گُهرجي ته مُتحده وٽ مِٽيءَ جي ڪا معنى ناهي مُفاد اهم آهن. جن ماڻهن وٽ سنڌ جا مُفاد پنهنجي زندگيءَ جو تلخ سچ بڻيل رهندا آهن. سي مِٽيءَ خاطر مذهب به تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. تاريخ ۾ اُن جا ڪيترائي مثال مِلن ٿا. جن ڌرتيءَ خاطر پنهنجا ڌرم به قُربان ڪري ڇڏيا.
    پيپلز پارٽي ڪُجهه به ڊليور نه ڪري سگهڻ کان پوءِ آخر ته اُن عوام ڏانهن واپس موٽندي، جنهن عوام جي درن تي ورهين کان بُک، بيماري ۽ جهالت ڪنهن جراثيم وانگر چنبڙيل آهي. جنهن عوام وٽ فقط بدن جو لباس ئي بچيل آهي. اُن عوام سان ووٽن وقت ڪيترائي نڀائي نه سگهڻ جهڙا واعدهه ڪيا وڃن ٿا. پر کين ڏيڻ لاءِ رُڳو ڏُک ڏنا وڃن ٿا. اُهي ڏُک هاڻ اُنهن جي جسم جو لباس بڻجي ويا آهن. اهڙو عوامي ناسور بڻجي ويا آهن. جنهن کي ڀُٽو ليگيسيءَ ۾ به لڪائي نٿو سگهجي. عوام کي ته ڪهڙي ميار ڏجي؟ اُهو ته ڀُٽو ليگيسيءَ ۾ ئي رهيو. ليڪن اُها ليگيسي ڪنهن جي حصي ۾ آئي؟ عوام جي؟ يا اُنهن اُميدوارن جي؟ جن پنهنجي اقتدار جا عرصا پُورا ڪيا ۽ اڃان ڪري به رهيا آهن. پر عوام جو سج جيڪو ڳڙهي خُدابخش مٿان لٿو ته وري اُڀري نه سگهيو. ها ڪير ٿو چوي ته پنجاب تبديل ناهي ٿيو.؟ ائين هُجي ها ته جاويد هاشميءَ کي شڪست نه مِلي ها. پنجاب تبديل ٿيو آهي. تڏهن ئي ته جاويد هاشميءَ جي شخصي حيثيت هار کائي وئي ۽ کيس گادي نشيني به بچائي نه سگهي. اُن جي جاءِ تي پاڪستان تحريڪِ انصاف جو حمايت يافته ۽ شخصي طور غير معروف اُميدوار به کٽي ويو. ذوالفقار ڀُٽي هن مُلڪ جي هنجهه ۾ دُنيا جي انقلابن ۽ عوامي تبديلين جي اُٿل وارن انقلابن کي اکين سان ڏٺو هو. يحيى خان کان اقتدار جي مُنتقليءَ واري عرصي ۾ انتظار جي اذيت ۾ سياسي ڊپلوميسي سِکي هُئي. هُو اهڙين حالتن ۾ عوامي نُمائندو ٿي اُڀريو هو. جن حالتن ۾ هن مُلڪ جي سياست مٿان اُها ئي ذهنيت قابض هُئي، جيڪا اڄ به پاڻ کي مظلوم سمجهي سنڌ جي وحدت مٿان وار ڪري رهي آهي. اهڙي حالت ۾ جتي هن مُلڪ مٿان وڏو ڀاءُ پنهنجي مُفادن کي اُن ذهنيت جي هٿن مان کسڻ ۽ مُلڪي مُفادن کي پنهنجي طابع ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهيو. اهڙي حالت ۾ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڀُٽي کي سياسي اسپيس ۽ اُڀار مِلڻ فطري ڳالهه هو. اُهو ئي سبب هو جو سنڌ جو قومي شعور اهو سمجهندي به ته، اڳتي هلي پيپلز پارٽيءَ جي سياست سنڌ کي ڪي خاص نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام ويندي. پوءِ به کين ڀُٽو جي قيادت کي ئي قبول ڪرڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو. هن وقت پيپلز پارٽي بلاول ڀُٽو زرداريءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪيتري تبديلي آڻي سگهي ٿي ۽ عوام جي وڃايل ساک کي ٻيهر موٽائي سگهي ٿي؟ ڪجهه به نٿو چئي سگهجي پر جيستائين خود پارٽيءَ اندر هڪ مخصوص ڪلچر کي تبديل نٿو ڪيو وڃي. تيستائين سنڌ ۾ بُنيادي سياسي تبديلي اچڻ ممڪن ناهي. جيڪڏهن بلاول ڀُٽو زرداري شفافيت کي پنهنجي بُنيادي سياسي اُصولن جو حصو ٺاهي احتسابي عمل جي ابتدا ڪندو ته شايد پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي سگهه بچائي سگهي. ٻي صورت ۾ چهرن جي تبديليءَ سان ساڳي ذهنيت جو موجود هُجڻ ۽ پارٽيءَ جي اڳواڻي عوامي هٿن ۾ هُجڻ جي بجاءِ عوام کي پنهنجي اوطاقن کان ٻاهر اُس ۾ ساڙڻ وارن هٿن ۾ هوندي يا جن جي نظر نئين سال جي بجيٽ ۾ جاري ٿيندڙ رقمن مٿان هوندي ته پارٽي عوام کي ڪجهه به ڊليور ڪري سگهڻ ۾ ناڪام رهندي. جنهن پارٽيءَ کي ڪنهن عوامي واعدي سان ٻيهر اُٿاري نٿو سگهجي. هن وقت بلاول ڀُٽو زرداريءَ وٽ وڏو سياسي موقعو آهي. جنهن کي نعريبازيءَ جي ور چاڙهڻ نه گُهرجي. سڄي دُنيا ۽ خود پاڪستان جي سياست جون حالتون تبديل ٿي رهيون آهن. جن حالتن سان مُقابلي لاءِ بلاول اڳيان تمام گهڻا چئلينجز آهن. جيڪڏهن هُن اڄ به پنهنجي پارٽيءَ ۾ سُڌارا نه آندا ۽ رُڳو عوام کي شهيدن جي رت ۽ قُربانين جي بُنياد تي اُٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد کيس مايوسيءَ سان مُنهن ڏيڻو پوي. اُن لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته کيس پارٽيءَ جي اندر احتساب ڪرڻوپوندو. هُو پُڇاڻو ڪري پنهنجي پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تا کٽي آيل اُنهن عوامي نُمائندن کان ته اُنهن جي تَڪ جا ڪيترا اسڪول بند آهن؟ ڪيترا صحت مرڪز آهن؟ جتي عملو ۽ دوائون فائيلن جا پيٽ ڀري رهيون آهن. هُو پنهنجي جيالن کان اهو به پُڇي سگهي ٿو ته جيڪي نوڪريون ڏنيون ويون آهن، اهليت ۽ معيار تي ڏنيون ويون آهن يا پنهنجي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ کين ڏنيون ويون آهن يا وڪڻيون ويون آهن؟ هي وقت آهي پيپلز پارٽيءَ لاءِ، جنهن کي بلاول ڀُٽو زرداري احتساب جي ذريعي ئي بچائي سگهي ٿو. پر ڪنهن به اهڙي نعري سان عوام جون دليون فتح ڪري سگهڻ سندس وس جي ڳالهه ناهي. جيڪو نعرو فقط پارٽيون تڏهن هڻنديون آهن جڏهن سندن مُفاد خطري ۾ هوندا آهن. پر هن وقت عوام خطري ۾ آهي. احتساب جو نعرو ئي پيپلز پارٽيءَ جي نئين زندگي ۽ آخري سهارو بڻجي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪي پارٽيون خود احتسابي عمل کان ڪيٻائينديون آهن. سي عوامي احتساب کان بچي ناهن سگهنديون.


    پيپلزپارٽي - اسٽيبلشمينٽ ٽڪراءُ ۽ سنڌ جو مُستقبل

    جڏهن کان نظرياتي سياست تاريڪ راهن پاسي سفر وارو رستو ورتو، تڏهن کان تاريخ جي ڪُک انقلابي اڳواڻن کي جنم ڏيڻ ڇڏي ڏنو. روبل ۽ ڊالر جي وچ ۾ هلندڙ جنگ جي دونهين جا ڪارا ڪڪر هٽي ويا ته سُرخ انقلابي سياست به جُرم جو جهان وڃي آباد ڪيو. اسپين جي ”لبريشن آرمي آف ٽيڪئيلا“ اُن جو وڏو مثال آهي. جنهن روبل جي رسد بند ٿيڻ کان پوءِ ٽيڪئيلا کي ڪولمبيا کان پوءِ وڏي ۾ وڏي ڪوڪين جي ڪاروبار جي صنعت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. جڏهن انقلابي اکين تان نظرين جا نشا لهي ويندا آهن ته اُهي اکيون عُقاب وانگر جهرڪين کي جهپ ڏيڻ ۾ دير ناهن ڪنديون. آمريڪا ۽ روس جي سياست ويجهي ماضيءَ ۾ انقلابي سياست کي اسٽالن جي دور کان به وڌيڪ ڌڪ رسايو. غلام قومن جي بنيادي حقن ۽ آزادين جي ڇوٽڪاري جو حل فقط طبقاتي ڦڪيءَ کي قرار ڏئي، قومن جي بُنيادي آزاديءَ واري خُواب ۾ رنڊڪون وڌيون ويون. اُها سياست جيڪا قومن جي نظرياتي بُنيادن جون جڙون مضبوط ڪري رهي هُئي سا سوويت يونين جي زوال کان پوءِ، ڪمزوريءَ جو شڪار بڻجي وئي. اڪيلي سپر پاور طاقت آمريڪا پنهنجي مُلڪي مُفادن خاطر، غلام قومن جا حق غضب ڪندڙ حاڪم قومن جون جهوليون ڊالرن سان ڀري ڇڏيون. ٽراٽسڪي صحيح چيو هو ته: ”غلاميءَ جي بدترين شڪل سرمائيداريت جي مضبوطي آهي. سياسي طاقت جيسيتائين آزاد قومن جي هٿن ۾ نه هوندي. تيسيتائين قومون حاڪمن جي حُڪمن جي تعميل ڪنديون ۽ سپر پاور قُوتون قومن جي بُنيادي انساني حقن کان کين محروم ئي رکنديون.“ سنڌي قوم جو هڪ پُورو نسل نظرياتي سياسي دور ۾ ساهه کڻندو رهيو پر اُهو عارضي نظرياتي سياست جو دور ”شرت چندر چئٽرجي“ جي ”چترليکا“ بڻجي رهجي ويو. ڪنهن پئي ڄاتو ته آزاديءَ سان اظهار واري دور لاءِ جيڪا سنڌ مزاحمت جو عظيم مورچو بڻجي وڙهي سا هڪ ڏينهن سموري سياسي ڪمائي ڪُوڙي سياست جي دڪانداريءَ تي خرچ ڪري ڇڏيندي ۽ سنڌ جي نالي کي مُنافعي بخش ڪاروبار طور مُتعارف ڪرائيندي. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڪالهه تائين جيڪو سنڌ جو نالو، ڪَوڙن ۽ ڦٽڪن جي علامت بڻيل هو ۽ هاڻ اُهو ساڳيو نعرو ۽ نالو اي ٽي ايم مشين بڻجي ويندو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڳڙهي خُدابخش ۾ سُتل شهيدن جو سمورو کٽيو نوابشاهه جا زرداري کائيندا. ڪنهن ٿي ڄاتو ته پيپلزپارٽي جيڪا وفاق جي علامت بڻيل پارٽي هُئي سا سُسي سوڙهي ٿي سنڌ ۾ هڪ ڏينهن قطرو بڻجي رهجي ويندي. پيپلزپارٽيءَ پاڪستان جي عوام سان روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو واعدو ڪيو هو. ليڪن عوام کي روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان کان محروم ڪندڙ پارٽي بڻجي وئي. پنجاب ۽ ٻيا صوبا ته اُن جي سحر مان نڪري چُڪا. ليڪن سنڌي ماڻهن ”ڀُٽو زندهه آهي.“ جا نعرا هڻي، پنهنجي جسم جا لٽا به لهرائي ڇڏيا. ڪنهن چيو آهي ته: ”اقتدار جي نشي ۾ حُڪمرانن جي اکين ۾ ڦُلا پئجي ويندا آهن.“ جن کي انگ اُگهاڙو عوام نظر ناهي ايندو. ڇا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ به اهڙي حالت جو شڪار آهن؟!
    اڄ جڏهن احتساب جي سُرڪڻ پيپلزپارٽيءَ جي ڳچيءَ کي سوڙهو ڪرڻ لڳي آهي ۽ ڊي جي رينجرس ايپيڪس ڪميٽيءَ اڳيان ڪراچيءَ مان 230 ارب رپين جي ساليانه غيرقانوني اوڳاڙيءَ جي حسابن ڪتابن جا انگ اکر پيش ڪرڻ لڳو آهي. تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ آصف زرداريءَ اسٽيبلشمينٽ جي سُرڪڻ جي سوڙهه محسوس ڪندي، پنهنجو سخت ردِعمل جاري ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ڪرپشن ڪيسن کي اُٿلائڻ رينجرز جو مينڊيٽ آهي يا نه؟ اُن جي باري ۾ آئيني اختيارن جا معاملا اڃان اُلجهن جو شڪار آهن. ليڪن نيب ۽ رينجرز پيپلز پارٽيءَ جي ڪمزورين کي سمجهندي ڇاپن جا سلسلا تيز ڪيا آهن. پيپلز پارٽيءَ کان سنڌي ماڻهن جي بيزاريءَ جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن زرداري صاحب سنڌ سميت سڄي مُلڪ کي بند ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيوهو. تڏهن سنڌ جا ماڻهو ٽي وي اسڪرين تي هُن جي تقرير ٻُڌي کِلي رهيا هُئا. ”پيپلزپارٽيءَ جي اشاري تي سنڌ بند ٿئي ٿي يا نه ليڪن مُلڪ جي باقي صوبن جو هڪ شهر ته ڇا پر هڪ دُڪان به بند نٿو ٿي سگهي.“ هڪ دانشور دوست چئي رهيو هو. سنڌي ماڻهو جيڪي پنهنجي مزاج ۾ ئي اسٽيبلشمينٽ مخالف رهيا آهن. سي رينجرز ۽ نيب جي کنيل قدمن تي ڪاوڙجڻ بجاءِ خوش ٿي رهيا آهن. اُنهن جي مُنهن تي سرهائيءَ جو سبب اِهو ناهي ته اُهي ڪنهن جي ونگار وهي رهيا آهن. ليڪن اُنهن جي سرهائيءَ جو سبب فقط هڪڙو ئي آهي ته هُنن پيپلزپارٽيءَ کي جيڪي بلينڪ چيڪ ڏئي ڇڏيا هُئا. اُنهن بلينڪ چيڪن تي پيپلزپارٽيءَ سنڌ کي اهڙي اوڙاهه ۾ اُڇلائي ڇڏيو. جنهن مان نڪرڻ لاءِ سنڌ کي هڪ صديءَ جو سفر ڪرڻو پوندو. جيتوڻيڪ رينجرز جي اختيارن تي آڱريون کڄي رهيون آهن ۽ پيپلز پارٽي رينجرز مٿان اهو الزام هڻي رهي آهي ته سنڌ سرڪار سرڪاري زمين رينجرز جي حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. جنهن جا نتيجا پيپلز پارٽي ڀوڳي رهي آهي. اُن ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ سا ته مالڪن کي خبر... ليڪن پيپلزپارٽي پنهنجي پيٽ پرستيءَ واري جهان ۾ اقتدار جي سمورن عرصن ۾ کيسن جون جيڪي جنتون آباد ڪري ويٺل آهي. سا پنهنجي سڄي اقتداري عرصي ۾ سنڌ جي زمينن تي ڪيتريون مُفاهمتون ڪيون آهن. اُهي به ڪنهن کان ڳُجهيون ناهن. جيڪڏهن پيپلزپارٽي اڄ اسٽيبلشمينٽ اڳيان مُفاهمتن بجاءِ مزاحمتن جا اعلان ڪري رهي آهي. اُن معاملي جي پويان ڪيترا ئي سبب ٿي سگهن ٿا. پر سوال اهو آهي ته ڇا پيپلزپارٽيءَ جي اندروني پارٽي پوزيشن اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائڻ جي حالت ۾ آهي؟ اڪثر سياسي مُبصرن جي راءِ آهي ته پيپلز پارٽي هن وقت ايتري ڪمزور حالت ۾ آهي. جيڪا اسٽيبلشمينٽ سان مزاحمت جو اعلان ڪري، ڪنهن به طرح سياسي همدرديون حاصل نٿي ڪري سگهي. جڏهن اسلام آباد ۾ عمران خان ۽ علامه قادري نواز ليگ حُڪومت لاءِ مٿي جو سُور بڻيل هُئا. تڏهن رائيونڊ تي مانجهاندي وقت مدعو ڪيل زرداري وزيرِاعظم ميان نواز شريف اڳيان سينو تاڻي هلي رهيو هو. اڄ اُهو ئي وزيرِاعظم زرداريءَ جي مزاحمت واري اعلان جي مذمت ڪري رهيو آهي. اها ڳالهه ڪنهن کان ڳُجهي آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي 7 سالن واري حُڪومتي دور ۾ سنڌ کي جيڪي تاج پارايا آهن. اُنهن جو اُجورو ڪنهن ڏينهن ته پيپلزپارٽيءَ جي پيالي ۾ پوڻو هو. سنڌ جا ماڻهو ۽ ڪالمن سان اخبارون ڪاريون ڪندڙ ڪالم نويس عرصي کان دانهون ڪندا پيا اچن ته سنڌ سُٺي حُڪمرانيءَ کان محروم آهي. سنڌ جو ڪو به اهڙو سيڪٽر ناهي جيڪو مثالي ڪردار ادا ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو هُجي. سياست جڏهن سماج دُشمن ڪردار ادا ڪندي آهي ته پوءِ سياستدان ۽ ڪنهن گينگسٽر ۾ ڪو فرق رکي ناهي سگهبو. سنڌ به اهڙي خيالي سياست جي خول ۾ ڦاٿل خِطو آهي. جتي سياسي سُڌارن ۽ ترقياتي ڪمن جو تصور تڪميل ماڻي ناهي سگهيو. فرحت الله بابر جو خيال آهي ته: ” اسٽيبلشمينٽ ايپيڪس ڪميٽيءَ جي ذريعي سنڌ حُڪومت کي معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ سرگرم آهي. هُن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ پهرين پردي جي پويان طاقت جو استعمال ڪندي هُئي هاڻ ايپيڪس ڪميٽين جي ذريعي پنهنجي طاقت جو مُظاهرو ڪري رهي آهي.“ اسٽيبلشمينٽ پيپلز پارٽيءَ جي شاندار ڪارڪردگيءَ اڳيان رُڪاوٽ بڻجي پيپلزپارٽيءَ کي ڪُنڊ ۾ ڪرڻ چاهي ٿي يا نه؟! ليڪن پيپلز پارٽي هن وقت جنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ بيٺل آهي. اُن جي ذميوار خود پيپلز پارٽي ۽ اُن جون اُهي پاليسيون آهن. جنهن سبب ساري سنڌ کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهي آهي. نازي انساني جانين سان خُون جي هولي کيڏيا. جن جا پولينڊ ۾ اڄ به ميوزيم موجود آهن. ڇا پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي ”آئوشوتز ڪئمپ“ ۾ تبديل ناهي ڪيو؟ سُٺي ۽ خراب سياست ته هر دور ۾ ٿي آهي پر جيڪڏهن اڄ هٽلر، فرانڪو، چنگيز ۽ هلاڪو يا تيمورلنگ، هني بال يا ميڪاولي هُجن ها ته جديد دُنيا جي نئين سياسي تسلط جي دور اڳيان شرمائجي وڃن ها. اسٽيبلشمينٽ ۽ پيپلزپارٽيءَ جي شروع ٿيل ويڙهه ڪٿي ڇيهه ڪندي؟ سا ته خبر ناهي. ليڪن هن صديءَ ۾ سنڌ مُتبادل سياسي پارٽيءَ جي تلاش ۾ جيڪا قيمت چُڪائيندي رهي آهي سا ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ وصول ٿيڻي آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کان جيڪا عوامي نفرت آهي اُن جي ڪا مُنظم شڪل جُڙي ناهي سگهي. پر انفرادي سياسي نفرت به ڪڏهن ڪڏهن وڏن بُتن کي ڀوري وجهندي آهي. سنڌ سياست جي نالي ته هن وقت تائين جيڪا ”هولو ڪاسٽ“ سَٺي آهي. آخر ته اُن جو ردِ عمل اچڻو ئي آهي. پوءِ اُهو ردِعمل بدعُنوانيءَ جي جُرم ۾ اسٽيبلشمينٽ طرفان اچي يا عوامي نفرت جي ڪا مُنظم شڪل ۽ صورت ۾ سامهون اچي. مائوزيتنگ کان پوءِ لين پيائو ۽ زيانگ چنگ کان عوام انتقام ڪيئن ورتو هو.؟ سياسي تاريخ تي ٿوري نظر وجهبي ته خبر پئجي ويندي. شايد سنڌ جا ماڻهو ماٺ جو سمنڊ آهن. اُٿي پيا ته سنڌ کي صديون پوئتي ڌڪيندڙ سياست جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندا.


    ڌاري آبادڪاري - سنڌ لاءِ اهم مسئلو...

    سنڌ جي سياسي يتيميءَ واري ڪيفيت اهڙي سياسي سُٽ وانگر مُنجهيل آهي، جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ وٽ حل نظر نٿو اچي. سنڌ جي سياسي تنهائيءَ کي سمجهڻ لاءِ ادب جي اک رکندڙ ليکڪن جا رايا ۽ تجويزون به سنڌي سماج کي سياسي طرح ڪنهن انقلابي تپش پاسي وٺي وڃي ناهن سگهيون. پيپلز پارٽيءَ جي هن پوئين دور کان پوءِ ايندڙ دور مان ڪهڙيون اميدون رکي سگهجن ٿيون؟ سنڌي سماج تي ايندڙ امڪاني سياسي اثر ڪهڙا پئجي سگهن ٿا؟ جيڪڏهن ان تي ٿورو به ويچار ڪجي ٿو ته ائين لڳي ٿو، ڄڻ سنڌ جي سياسي صورتحال نئين بوتل ۾ پُراڻي شراب واري پهاڪي وانگر نظر اچي ٿي. پاڪستان جي مجموعي سياسي صورتحال ئي ڪجهه ائين آهي. جتي سنڌ ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مصيبتن جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جتي پراڻي بوتل ۾ پراڻي شراب واري صورتحال هوندي. سنڌ جي حصي ۾ روايتي طرح هر ايندڙ سياسي دور پهرئين دور کان وڌيڪ مصيبتون کڻي اچي ٿو. گذريل عيد به ڪجهه اهڙين ئي سياسي سرگرمين ۾ ٿيندي نظر آئي جنهن کي سياسي عيد ئي چئي سگهجي ٿو. هر سياسي پارٽي اقتدار جي گهٽين ۾ گهڙڻ لاءِ سڀ اصول ۽ ضابطا پاسي تي رکي فقط اقتدار جي عياشيءَ لاءِ سرگرم نظر آئي. عوامي سطع تي ماڻهن جون ڪهڙيون مشڪلاتون ۽ مسئلا آهن؟ سنڌ جي ساهه جي تند ڪهڙي نازڪ ڌاڳي جي مرحلي تي پهتل آهي؟ سنڌي ماڻهن جي صحت، تعليم، اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ڇا صورتحال آهي؟ ان ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ جي دلچسپي نظر نه اچي رهي آهي. اقتدار جي غلاميءَ واري عياشي هر سياسي اڳواڻ لاءِ ايتري اهم بڻجي وئي آهي جو سنڌ جي اهم سياسي مسئلن سان انهن جي تر جيتري به دلچسپي ناهي رهي. هن وقت سنڌ ۾ جهڙي طرح تيزيءَ سان ڌاري آبادڪاري وڌي رهي آهي. مستقبل ۾ سنڌ جي سموري زمين ته هوندي پر سنڌي قوم جو وجود نه هوندو. اهو اهڙو سنگين سياسي مسئلو آهي جنهن مسئلي تي ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سنجيدگيءَ سان ناهي سوچيو. سنڌ ۾ ”لينڊ رائيٽس“ جو حق فقط سنڌي ماڻهن کي هجڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته سنڌ جون گاديون به محفوظ نه رهنديون نه ئي انهن گادين تي حاضري ڀريندڙ ماڻهو ملي سگهندا. اقتدار جي وقتي عياشيءَ خاطر سنڌ جي اهم مسئلن کي نظر انداز ڪرڻ سان مستقبل ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽن تي هڪ به سنڌي ميمبر نه هوندو. هن قوم لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي قيامت ايندي جو سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽن تي سنڌي ميمبرن کانسواءِ پنجابي، پختون، بلوچ ۽ مهاجر آبادين سان تعلق رکندڙ سمورا اسيمبلي ميمبر موجود هُجن پر ساڳيءَ ريت پنجاب، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان اسيمبلين ۾ ڪو هڪ به سنڌي اسيمبلي ميمبر موجود ناهي. پاڪستان جي ٻن صوبن پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾ (سواءِ بلوچستان جي) ڇا اها دعوى ڪري سگهجي ٿي ته اُتي سنڌين جي ڪنهن ڳوٺ جو ڪو ناياب نسل به موجود آهي؟ ڇا اڳتي هلي اهي امڪان آهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ۾سنڌين جي ڪا لڏپلاڻ به ٿي سگهي ٿي؟ منهنجي خيال ۾ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ 500 سالن تائين ته اُن جا امڪان نظر نٿا اچن. ته پوءِ سنڌ ۾ اهڙي انتهائي نازڪ سياسي صورتحال تي ڪنهن وڏي تحريڪ جي پيش رفت ڇو نٿي ٿئي؟ سنڌ جي زمين تي مالڪيءَ جو حق باقي سمورن صوبن جي ماڻهن کي ڇو ٿو ڏنو وڃي؟ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ هر جاءِ تي هڪ اهڙو به ناياب نسل موجود آهي جنهن کي اردو ڳالهائڻ به نٿي اچي پر اُهي اها دعوى ڪن ٿا ته انهن کي ته سنڌ ۾ رهندي 300 سال ٿي ويا آهن. جيڪي اهو چون ٿا ته اهي روزگار جي بهاني سان سنڌ ۾ آيل آهن. پر روزگار جي بهاني سان آيل ماڻهن کي سنڌ حڪومت پاران ايترو ته سولائيءِ سان زمين الاٽ ٿيندي رهي ٿي جو اهڙين آبادين جون سنڌ ۾ تيزيءَ سان وڏيون ڪالونيون بڻجي ويون آهن ۽ بڻجي رهيون آهن. ان لاءِ خود پيپلز پارٽيءِ ۾ موجود اڳواڻ، جن جي سنڌ سان ٿورڙي به محبت آهي ۽ هن يتيم قوم سان تِر جيتري به همدردي آهي ته اُنهن کي پنهنجي پارٽيءَ جي اجلاسن ۾ اهو طئي ڪرائڻ گُهرجي ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ گُهرجي ته ڪهڙي ضلعي مان ڪيتريون سيٽون پيپلز پارٽيءَ کي ٿورڙي محنت ڪرڻ سان ملي سگهن ٿيون ۽ ڪيترا ووٽ رکندڙ وڏيري کي سڻڀيون نوڪريون ڏيڻ سان خريد ڪري سگهجي ٿو؟ واري بحث سان گڏ سنڌ جي زمين تان ڌاري آبادڪاريءَ کان مالڪاڻا حق کسڻ ۽ اصل رهواسين کي ڏيارڻ واري ايجنڊا تي به ڳالهائڻ گهرجي. سنڌ جي قومپرست تحريڪن کي ان سلسلي ۾ سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ انهن سمورن ادارن ۽ ماڻهن خلاف مڪمل تحريڪ هلائڻ گهرجي ته سنڌ جي زمين تان ڌاري آبادڪاريءَ جون ٺهيل ڪالونيون ضبط ڪري کين غير قانوني قرار ڏياريو وڃي ۽ اهو طئي ڪرائڻ گُهرجي ته سنڌ جي زمينن تي فقط سنڌي ماڻهن جو ئي حق تسليم ڪيو وڃي.
    پر ان سڄي صورتحال جو رُخ تبديل ٿي نٿو سگهي ڇو ته جيڪي به مُلڪي سطع جون سياسي پارٽيون آهن. اُهي قطعي به سنڌ جي هن حساس مسئلي کي اهميت نه ڏينديون ڇو ته اقتدار خاطر سنڌ جا سودا انهن جي آئين ۽ منشور جو حصو آهن. تنهن ڪري مستقبل مان اها اميد رکڻ ته وفاق جي علامت بڻجي ڪا نئين سياسي جماعت ڪي انقلابي تبديليون آڻي سگهندي؟ ۽ سنڌ مان ڌاري آبادڪاريءَ جي روڪٿام لاءِ ڪي سنجيدهه قدم کڻندي سا ڳالهه ممڪن نظر نٿي اچي. البته سنڌ اندر قومپرست جماعتن کي هن معاملي تي ڪو سنجيدهه ڊرافٽ جوڙي سڄي دنيا سان رابطا مهم شروع ڪرڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهن جي پيرن هيٺان ڌرتي هڪ وڏي سازش تحت کسڪائي پئي وڃي؟ ان سلسلي ۾ هڪ نُڪاتي ايجندا واري تحريڪ به هلائي سگهجي ٿي. جنهن معاملي تي مڪمل تحريڪ هلائڻ لاءِ سمورين قومپرست جماعتن کي پيش رفت ڪرڻي پوندي. ڇو ته قومن مٿان فقط بمن جي ذريعي حملا ناهن ٿيندا قومون فقط ايٽمي هٿيارن سان ئي تباهه ناهن ٿينديون. ائين هجي ها ته جپان آمريڪا جي ايٽمي حملي کان پوءِ بلڪل به اُٿي نه سگهي ها نه ئي يهودي ڪنسٽريشن ڪيمپن مان اکيون پٽي طاقت بڻجي اُڀري سگهن ها. پر قومون ايٽمي هٿيارن کان وڌيڪ اقليت ۾ تبديل ٿي ڪمزور بڻجي تباهه ٿينديون آهن. جڏهن قومن جي سگهه کي ختم ڪيو ويندو آهي ته انهن کي اقليت ۾ تبديل ڪري انهن کي تباهه ڪيو ويندو آهي. تاتاري ڪنهن دور ۾ دنيا جي طاقتور قوم هُئا. پر ڪمزور ٿي ختم ٿي ويا. ڪُرد دنيا ۾ وڏي اڪثريت ۾ آهن پر ٽڙيل پکڙيل هجڻ سبب طاقتور قوم ناهن. تهذيبن جا به ڪيترائي مثال موجود آهن جيڪي هاڻ ناهن، ختم ٿي ويون. ميسوپوٽيميا، سميرين، يونان اهي وڏيون تهذيبون هُيون ختم ٿي ويون. جن جون نشانيون هاڻ فقط برٽش ميوزيم ۾ ئي ڏسي سگهجن ٿيون. تنهن ڪري ان خوشفهمي جو شڪار نه رهڻ گهرجي ته سنڌي قوم ختم نٿي ٿي سگهي. پر جڏهن اها پنهنجي تاريخي طاقت ۽ جاگرافيائي حيثيت ئي وڃائي ويهندي ته ڇا فطرت اُن جو بچاءُ ڪري سگهندي؟ فطري طور اُهي قومون ۽ تهذيبون ئي جٽاءُ ڪري سگهنديون آهن جيڪي طاقتور هونديون آهن. جيڪي پنهنجي تشخص کي بحال رکنديون آهن. پر قومن جي سگهه ورهايل هوندي آهي اُهي بچي ناهن سگهنديون. اُهي دُنيا جي نقشي تان مِٽجي ۽ ميسارجي وينديون آهن. .
    تنهن ڪري سنڌ لاءِ هن وقت اهو سوال ڪنهن مُنجهيل سُٽ وانگر آهي ته پاور ۽ پئسي جي نشي ۾ ڦاٿل هي حڪمران ٻارڙن جهڙي دل رکندڙ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي سمجهندي به اڻڄاڻائي جو اظهار ڪن ٿا ۽ پارٽين جي پاليسين ۾ سنڌ ڪنهن به طور اُنهن جي اوليتن ۾ شامل ناهي. جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي سان لاڳاپيل ”شو بواءِ“ سياستدان سرمايي جي حِرص ۽ لالچ ۾ آسمانن کي ڇُهندڙ عمارتون اڏي خوشي محسوس ڪن ٿا پر غريبن جي گهرن ۾ چُلهه هميشه وساميل رهي ٿي. هن وقت جڏهن سنڌي قوم جي مجموعي قسمت پاڻيءَ ۾ ترندڙ سُڪل ڪکن ۽ وڻ جي پنن وانگر ترندي نظر اچي رهي آهي. جتي روزگار نه هجڻ سبب خودڪشين جو رُجحان وبا جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. تڏهن پيپلز پارٽيءَ جي روزگار ڏيڻ واريون دعوائون به عُقاب کي گاهه کارائڻ ۽ گڏهه کي گوشت کارائڻ جهڙيون لڳن ٿيون.
    تنهنڪري پيپلز پارٽيءَ سميت ڪنهن به پارٽيءَ مان جيڪا ايندڙ هر دور ۾ پراڻي بوتل ۾ نئون شراب يا نئين بوتل ۾ پراڻي شراب وانگر هوندي تنهن مان اها توقع رکڻ اجائي هوندي ته سنڌ جي زمينن مٿان آباد ٿيندڙ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف ڪو سنجيدگيءَ سان نوٽيس وٺي سگهندي. سنڌي ماڻهو پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي سونهري مستقبل جا سپنا ڏسندا رهيا آهن. پر اهو مستقبل هڪ سپنو ئي آهي. ائين جيئن فارسي جو شعر آهي جنهن جو مفهوم ڪجهه ائين آهي ته ”مرغي خواب ڏسي عقاب ٿي پئي، ۽ هڪ پهاڙ تان اُڏري ۽ پنهنجا پَر ٽوڙائي ويهي رهي.“ تنهن ڪري سنڌي قوم هاڻي پٽيل پرن سان اهڙي نظام ۾ ڦاٿل آهي جنهن نظام جا سمورا قانوني طريقا هن قوم جي حق ۾ ناهن.
    پاڪستان ٺهڻ سان ئي سمورن حڪمرانن جي زبان تي ساڳيو سياسي آلاپ رهيو آهي جيڪو هڪ روائيزڊ ڪيسٽ وانگر مسلسل وڄندو رهي ٿو ته ”ڪجهه عرصي ۾ ئي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ڇو ته نئين ملڪ جي جوڙجڪ سبب هڪدم معاملا حل ناهن ٿيندا“. جناح صاحب 15 آگسٽ 1947ع واري خطبي ۾ چئي رهيو هو. ائين ئي اڄ تائين هن عوام جي ڪنن تائين اهائي گونج ٻڌڻ ۾ ايندي رهي ٿي جيڪا به نئين حڪومت ايندي آهي ساڳي روائيزڊ ڪيسٽ شروع ڪندي آهي ته انهن جي حصي ۾ گذريل حڪومت جو گند آيو آهي اهو جلدي صاف نه ٿيندو. پنج سال پورا ڪرڻ ڏيو سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. اهڙي طرح سڀ ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوڙي آسري تي هن عوام کي هلائيندا رهن ٿا.
    سنڌي قوم هاڻي اهڙي آسري سبب اقليت واري اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهي جنهن کي منظم سياسي جدوجهد کانسواءِ ڪو به ٻيو رستو ناهي جيڪو بچائي سگهي. اُن لاءِ اهو ضروري آهي ته سنڌ، لينڊ رائيٽس واري هڪ نُڪاتي ايجندا تي قومپرستن سميت اُهي سموريون ڌريون جيڪي سنڌ جو ذري جيترو به درد رکن ٿيون گڏيل حڪمت عملي جوڙي مضبوط جدوجهد لاءِ سروي ڪرائين ۽ اها نشاندهي ڪن ته جتي به ڌاري آبادڪاري موجود آهي انهن جي زمينن جا سمورا قانوني حق ختم ڪرائڻ لاءِ سنڌ ۾ مضبوط جدوجهد جي شروعات ڪن، نه ته ائين ئي ٿيندو ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌ اسيمبلي ته هوندي پر اُن اسيمبلي ۾ ڪو به سنڌي اسيمبلي ميمبر نه هوندو. وفاق جي علامت بڻيل سنڌ جي وڏي سياسي پارٽي ۽ هڪ اڌ سيٽن کٽڻ وارا اُهي اُميدوار به ان خوشفهميءَ جو شڪار نه ٿين ته پارٽين جي مفاد خاطر سنڌ کي قربان ڪرڻ سان اقتدار جي عياشي مستقل انهن جي خانداني ورثي جو حصو رهندي پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ جون سياسي ۽ سماجي حالتون جيتري تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن.جيڪڏهن هن وقت به اُنهن پنهنجي اکين تان انڌائپ جون ڪاريون پٽيون نه هٽايون ته سندن اڄ جي غلطين جو حساب ڪتاب سندن ايندڙ نسلن کي ڏيڻو پوندو. ڇو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي جاگيردار ۽ سرمائيدار ”شو بواءِ“ سياستدانن جو حق به ايترو ئي وڃي بيهندو، جيترو هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جي انهن ميمبرن جو آهي جن جو واسطو سنڌ سان ناهي.


    طالبان سان ڳالهيون، رياست جي ڪمزور پاليسي...

    هن مَمِلڪتِ خداداد پاڪستان جي اندر، سال جي پهرئين مهيني پُوري سال جي ڪثر ڪڍي ڇڏي آهي. سياسي سينچرين پُورين ڪرڻ جهڙا سياسي بيان ٻڌڻ ۽ هن مُلڪ ۾ امن جي قيام جون دعوائون به هاڻ ڪوڙيون لڳي رهيون آهن. جڏهن سڄو مُلڪ دوزخ بڻجي وڃي ۽ عوام اُن جو ٻارڻ بڻجندو هُجي ته اهڙي حالت ۾ دهشت ڦهلائيندڙ ڌُريون وڏي واڪ اها دعوى ڪري رهيون آهن ته هُو پاڪستان ۾ پنهنجي نُوعيت جي نظامِ حڪومت قائم ڪرڻ جا حامي آهن. هن مُلڪ جون ڪمزور سياسي قوتون ايترن حادثن جي باوجود به طالبان سان نينهن جا نغما گڏجي ڳائڻ واريون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ، تحريڪِ طالبان پاڪستان جي اڳواڻ مولانا محسود جي اُتر وزيرستان ۾ مارجي وڃڻ کان پوءِ ۽ نئين طالبان اڳواڻ جي چونڊجي اچڻ سان اُهي ڳالهيون ڳُجهيون نه رهيون هُيون ته تحريڪِ طالبان جو نئون چونڊيل اڳواڻ ملان فضل الله اُهو ئي آهي جنهن 2007ع کان 2009 تائين سوات جي ماڻهن جون ننڊون حرام ڪيون هُيون. ڇوڪرين جا اسڪول بند ڪرائڻ کانوٺي عورتن مٿان تشدد وارن قصن ۽ ڪهاڻين ۾ به مُلوث رهيو هو. جيڪو سوات ۾ 2010ع واري طالبان خلاف ملٽري آپريشن دوران سرحدي رستا لتاڙي روپوش رهيو هو. اُن جو نالو تڏهن منظرِ عام تي ٻيهر اچڻ لڳوهو. جڏهن 2012ع ۾ معصوم ٻارڙين سان ڀريل ويگن مٿان فائرنگ ڪري ملالا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر اُها مري نه سگهي. پر سڄي دُنيا جي ماڻهن جي دلين ۾ ڏيئو بڻجي ٻرڻ لڳي. اُن وقت به پاڪستان جي اڪثر سياسي تجزيي نگارن جو اهو خيال هو ته تحريڪِ طالبان پاڪستان جي سربراهي مُلان فضل الله جي هٿ ۾ اچي وڃڻ، ڪو سٺو سئنوڻ ناهي. جڏهن ته ڪو به باشعور ذهن اهو سمجهي سگهي ٿو ته مذهبي انتها پسنديءَ جون واڳون ڪنهن به گروهه، تنظيم يا پارٽيءَ وٽ هُجن. اُها هر شڪل ۽ هر صُورت ۾ انساني سماج ۽ عالمي امن ڏانهن ويندڙ رستن ۾ رُڪاوٽ ئي پئدا ڪري سگهي ٿي. پر سال جي پهرئين مهيني جي شروعات سان ئي جهڙي طرح پاڪستان جنگ جي لپيٽ ۾ آيل آهي. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مولانا فضل الله جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪِ طالبان پاڪستان هن مُلڪ جي سول ۽ ملٽري قيادتن لاءِ ڪيڏو وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي.!
    هي اهڙي جنگ آهي جنهن جنگ کي جيتڻ لاءِ تحريڪِ طالبان ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائڻ شروع ڪيا آهن. ڪوئٽا جي ضلعي مستونگ مان گُذرندڙ ايراني رستي تي ڪيترائي ڀيرا بم ڦاٽا آهن ۽ انساني جانيون وڻن ۽ پٿرن تان ميڙي ڪوئيٽا جي علمدار چوڪ وٽ گڏ ڪري ڌرڻا لڳايا ويا آهن. پر پاڪستان جا سمورا جاسوسي ادارا، سول توڙي قانون نافذ ڪندڙ ادارا اهڙن واقعن کي نه فقط روڪي سگهڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن پر پنڊي، ڪراچي توڙي پشاور تائين اهڙي جنگ ڇڙي چُڪي آهي. جنهن ۾ خود قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار پڻ اهڙن حملن کان محفوظ ناهن رهيا. هيءَ جنگ ڪٿي ڇيهه ڪندي؟ ڪو پتو ناهي. پر پاڪستان کي ٻين مُلڪن جي معاملن ۾ مُداخلت ڪرڻ جي جيڪا قيمت ڀرڻي پئي آهي اُن جو کيس اندازو ئي نه هو. روسي فوجون ته افغانستان خالي ڪري هليون به ويون. پر پاڪستان اُتي اهڙو ڦاسي پيو آهي جو کيس پنهنجي گهر جو آڳر به توب جي منهن ۾ محسوس ٿي رهيو آهي. هاڻ پاڪستان جي سياسي قيادت وٽ فقط ٻه رستا بچيل آهن يا اُهي طالبان قيادت اڳيان سندن نظامِ حڪومت ۽ طريقهءِ ڪار تي مُتفق ٿي معاملا طئي ڪري. يا طالبان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ جنگ ڪري.
    اهڙي حالت ۾ خبر ناهي ته پاڪستان جي سياسي قيادت ڇا سوچيو آهي؟ پر ميان نواز شريف پاران ڪراچيءَ ۾ پوليو ٽيمن مٿان حملن، مستونگ معاملي، پشاور ۽ پنڊيءَ وارن حملن جي ردِعمل ۾ اڃان به اهو چوڻ آهي ته: ”دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پهرين ترجيع ڳالهيون آهن. فوجي ڪارروائيءَ ڪرڻ جا معاملا، بعد ۾ سوچي گرين سگنل ڏنو ويندو.“ خبر ناهي ڪهڙيءَ سياسي حڪمت عمليءَ طور اڃان به طالبان اڳيان ڳالهين جا دروازا کُليل رکيا ويا آهن؟ جڏهن ته ٻئي پاسي اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جاري ڪئي وئي آهي. جنهن لاءِ پڻ اهو دليل ڏنو پيو وڃي ته اُها ڪارروائي حتمي ناهي. جڏهن ته اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جي نتيجي ۾ به ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا آهن. ۽ لڏ پلاڻ جو سلسلو شروع ٿي چُڪو آهي. سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائيءَ جي شروعات، طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ واري حڪمت عملي آهي. جيڪڏهن اُتر وزيرستان جي نتيجي ۾ تحريڪِ طالبان پاڪستان ڳالهين جي ميز تي ويهي ٿي ته اُن کان پوءِ معاملا اڳتي وڌندا.
    هن وقت پاڪستان جي اندروني صورتحال گهرو ويڙهه جو ميدان بڻجي پئي آهي. جنهن ۾ وڏو عمل دخل انتها پسند ڪارروايون آهن. اهڙين ڪاررواين ۽ خودڪش حملن کي روڪڻ جون جديد سهولتون هن مُلڪ جي ادارن وٽ مُيسر ناهن. پاڪستان جي اهڙي ڪمزور سيڪيورٽي صورتحال جو فائدو وٺندي تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجون ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيو آهن. هاڻ جيڪڏهن اهڙي ڪمزور صورتحال ۾ هن مُلڪ جون سياسي ۽ فوجي قيادتون طالبان کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ آمادهه ڪن ته آخر ڪيئن ڪن؟ ڇاڪاڻ ته سڄو مُلڪ تحريڪِ طالبان پاڪستان جي خودڪش حملن جي اهڙي گهيري ۾ ڦاٿل آهي جتي، لڳاتار ڊفينسو پوزيشن ۾ رهڻ سان تحريڪِ طالبان پاڪستان پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي. انڪري اهڙي حالت ۾ آفينسو حالت ۾ رهي، تحريڪِ طالبان جي طاقت کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ لاءِ جڏهن اُتر وزيرستان ۾ فوجي ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي ته ڇا اهڙي فوجي حڪمت عملي هن مُلڪ لاءِ فائديمند ٿي سگهي ٿي؟
    جيڪڏهن اسان ٿوري وقت لاءِ پنهنجا ساهه سينن ۾ روڪي اهو سمجهي به وٺون ته پاڪستان، انتها پسنديءَ خلاف ويڙهه ۾ سڀ ڪجهه وڃائڻ کان پوءِ به تحريڪِ طالبان پاڪستان واري کاتي کي ختم ڪرڻ لاءِ کين لڳاتار ڳالهين جي پيشڪش ڪندو رهي ٿو، ته پوءِ ڇا اُنهن جا اُهي سڀ شرط به قبول ڪري وٺندو؟ جيڪي تحريڪِ طالبان پاڪستان جا اڳواڻ مختلف وقتن تي ميڊيا تي آڻيندا رهيا آهن. جن ۾ سرِ فهرست سندن طرز جي نظامِ حڪومت لاڳو ڪرڻ وارو شرط به رهيو آهي. جيڪڏهن اُتر وزيرستان واري فوجي ڪارروائيءَ جي ذريعي پاڪستان، تحريڪِ طالبان مٿان پريشر وجهي کين ڳالهين جي ميز تي آڻي ويهاري ٿو ته ڇا اُهي ڳالهيون پاڪستان جي مُستقل امن لاءِ جٽادار ثابت ٿي سگهنديون؟ ڇاڪاڻ ته هن مُلڪ جي وڏي اڪثريت لبرل ۽ سيڪيولر سوچ جي حامي آهي. اُن مٿان طالبان طرزِ حڪومت وارو طريقهءِ ڪار لاڳو ٿي سگهڻ جهڙا معاملا طئي ٿي وڃڻ خود پيچيدهه معاملا به اهڙي ڪنڊي وانگر بڻجي پيا آهن جيڪي هن مُلڪ جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا آهن. جنهن کي نه ڳهي سگهجي ٿو نه ئي ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. جيتري قدر دهشتگرديءَ وارن معاملن کي نبيرڻ جو سوال آهي ته اُهي نبيرجي سگهجڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن هن مُلڪ جي جاگرافيائي ڪوريج ۾ اضافو ڪري رهيا آهن. ان حد تائين جو هاڻ هلندڙ مهيني جنوريءَ جو ئي جائزو وٺجي ته سال جي پهرئين مهيني ۾ اهڙن انتها پسند واقعن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچي آپريشن هلندڙ آهي. پر اُن جا هن وقت تائين به ڪي مُناسب نتيجا ملي ناهن سگهيا. اهڙي هلندڙ آپريشن دوران، چوڌري اسلم جو مارجي وڃڻ، پوليو ٽيمن جا لاش ملڻ کي ڪو سُٺو سنئوڻ سمجهي نٿو سگهجي. اهو سلسلو رُڪيو ناهي مسلسل هلندڙ آهي، جيڪو ٿورو به عقلي دليل سان ڳالهائي ٿو ته اُن مٿان قاتلاڻا حملا ٿين ٿا. اصغر نديم سيد لاهور ۾ رت هاڻو ٿي اسپتال ۾ داخل ٿئي ٿو ته چار سدهه ۾ پوليو ٽيمن کي بمن سان اُڏايو وڃي ٿو. اهڙين حالتن ۾ نه رُڳو نواز حڪومت لاءِ پر هن مُلڪ لاءِ به دهشتگردي وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي. جيڪڏهن هن مُلڪ جي سياسي قيادتن طرفان اڃان تائين به ڪنهن فيصله ڪُن مرحلي تي پُهچڻ بجاءِ نرم موقف رکيو ويو ته پوءِ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته هن مُلڪ جي اندر سنڌ ۽ بلوچستان جي چڙيل نسل کي چيڀاٽڻ ۽ کين ختم ڪرڻ جو ٻيو مطلب اهو وڃي بيهندو ته اُهي طاقت جي توازن ۾ شايد هن رياست کان ڪمزور آهن. هڪ پاسي طاقت جو توازن برقرار رکندڙ قُوتن (طالبان) پاران تمام گهڻي نقصان ڪرڻ جي باوجود به ساڻن ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي طاقت جي توازن ۾ ڪمزور قوتن کي چيڀاٽيو وڃي ٿو. اهڙي حالت ۾ چوڻ وارا ته ائين به چئي رهيا آهن ته هن مُلڪ جا معاملا مُستقبل ۾ نين جاگرافيائي لڪيرن جي نشاندهي جو نياپو ڏئي رهيا آهن.


    ڇا اوباما، پاڪ-ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائي سگهندو؟

    اڄ جڏهن ايشيا، آفريڪا ۽ سڄو يورپ داعش جي دڙڪي ۽ جُنوني جهادين جي نشاني تي آهي. تڏهن آمريڪي صدر باراڪ اوباما ٽِن ڏينهن جي دوري تي دهليءَ پُهتو آهي. جيڪو 25 ڊسمبر کان مُودي سرڪار جو مهمان بڻيل آهي. جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته هُو مُودي سرڪار سان سهڪار جو هٿ وڌائڻ لاءِ اُن اڳيان ”پينٽاگان“ جي پاليسي ساز ادارن جي ايجنڊا رکندو. تڏهن اِهو سوال هڪ ڀيرو ٻيهر اهميت اختيار ڪري ويو آهي ته، باراڪ اوبامه جي هِن دوري جو مقصد، رُڳو ڀارت سان ڪاروباري تعاون تائين محدود هوندو، يا اُن ايجنڊا ۾ اُها انتهاپسندي به شامل هوندي، جنهن انتهاپسنديءَ جي باهه جي تپش سڄي دُنيا کي پنهنجي لِپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. پِشاور واقعي کان پهرين، اُتر وزيرستان ۾ هلندڙ ضربِ عضب آپريشن دوران، جنرل راحيل شريف جي ستن ڏينهن واري آمريڪي دوري کي به دُنيا جي ميڊيا انتهائي اهميت واري اک سان ڏسي رهي هُئي. جنهن تي تبصرا ڪندي انگريزي اخبارن جنرل راحيل شريف جي آمريڪي دوري کي ڪامياب قرار ڏيڻ سان گڏ، کيس Man of the Year پِڻ قرار ڏنو هو. جنهن تي آمريڪا جي ”هيرالڊ ٽربيون“پنهنجي تبصري ۾ لکيو هو ته: ” ايوب خان کان پوءِ اِهو پهريون ڀيرو آهي، جو ڪو پاڪستاني جنرل آمريڪا ۾ حد کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري سگهيو آهي.“ اِهو سچ آهي ته آمريڪا پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي ويندڙ انتهاپسنديءَ واري جنگ ۾ ليڪا لتاڙي ويندڙ جهادين خلاف ويڙهه وڙهندڙ مُلڪن سان نه رُڳو مالي سهڪار ڪندو رهيو آهي، پر پنهنجي مُفادن جي تحفظ خاطر اُهي سمورا طريقا اختيار ڪندو رهيو آهي، جيڪي آمريڪا جي اندروني تحفظ ۽ پنهنجي اتحادي مُلڪن جي امن جي ضمانت ڏئي سگهن. ڪالهه جڏهن باراڪ اوبامه ڀارت جي ”يومِ جمهوريت“ واري جشن ۾ خاص مهمان هو جيڪو مُوديءَ سان خوشگوار مُوڊ ۾ نظر آيو. جنهن کان پوءِ آمريڪا ۽ ڀارت 10 سالن تائين دفاعي معاهدي تي صحيحون ڪيون. تڏهن اُهو ننڍو کنڊ جنهن جي نيڻن مٿان نفرتن جي بارود جا تهه چڙهي ويا هُئا سي وري اُمن جي شفاف اُميد سان هٽائڻ جون ڪوششون ٿيندي نظر اچن ٿيون ۽ وري هڪ ڀيرو ننڍي کنڊ جي اُفق تي بارودي ڪڪرن مان امن جي سج جي اُميد نظر اچي رهي آهي. باراڪ اوبامه جي ڀارت واري هِن دوري کي نه رُڳو ڀارت پر پُوري ايشيا انتهائي اهميت وارو دورو قرار ڏئي رهي آهي. ان کان پهرين آمريڪي صدر باراڪ اوبامه ۽ نريندر مُودي سيپٽمبر 2014ع ۾ آمريڪا ۾ نئين نينهن ڳنڍڻ جا واعدا ڪري چُڪا هُئا، جڏهن مُوديءَ کي توقع کان وڌيڪ آمريڪا ۾ مانائتي موٽ مِلي هُئي. تڏهن هڪ ڊگهي عرصي تائين آمريڪا جي دل ۾ نريندر مُوديءَ لاءِ نفرت واري برف رِجڻ لڳي هُئي. جڏهن ”ڀارتيا جنتا پارٽي“ پُوري ڀارت ۾ وڏي اڪثريت سان کٽي آئي هُئي ۽ نريندر مُودي ڀارت جو وزيرِاعظم بڻجي ويو هو. تڏهن آمريڪين جي اڪثريت پنهنجي اکين تان اُهو چشمو لاهي ڇڏيو هو. جنهن سان ”ڀارتيا جنتا پارٽيءَ“ کي هندن جي انتهاپسند جماعت واري آئيني ۾ ڏسندا هُئا. ڇاڪاڻ ته بابري مسجد جي شهيد ڪيل مينارن ۾ اُن ئي ”بي جي پي“ جو هٿ هو. جيڪا 2014ع وارين ڀارتي چونڊن ۾ مُسلمانن کي اعتماد ڏيارڻ ۽ اُنهن جي حقن ۽ عبادت گهرن جي احترام جا واعدا ڪري ووٽ ورتا هُئا. جنهن سبب ”بي جي پي“ باقي جماعتن کان گوءِ کڻي وئي. اُها ”بي جي پي“ جنهن لاءِ ”ڪيرالا“ جي سنهڙي ليکڪا، بُڪر پرائيز وِنر ۽ ڀارتي سياست مٿان ڇتي تنقيد ڪندڙ ”ارونڌتي راءِ“ پنهنجي طويل انٽرويوز ۾ ”هندن جي انتها پسند جماعت“ چوندي رهي. جنهن نريندر مُودي کي هميشه انتها پسند هندو سڏيو هو. جنهن هندستان جي سيڪيولر سياسي جماعت ڪانگريس کي به اهڙن الزامن کان آجو قرار نه ڏنو هو ۽ آمريڪي صحافي ”ڊيوڊ بيرسمين“ کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته: ” 1984ع ۾ سِکن جي قتل جا داغ اڄ تائين ڪانگريس جي دامن تان لٿا ئي ناهن.“ سا هن دوري کي ڪيئن ڏسندي؟ سو ته بعد جي ڳالهه آهي. ليڪن اُهو نريندر مُودي جنهن وزيرِاعظم جو حلف کڻڻ وقت پاڪستان جي وزيرِاعظم ميان نواز شريف کي به مدعو ڪيو هو ۽ پنهنجي تقرير ۾ پاڙيسري مُلڪن سان انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ سهڪار ڪرڻ جا واعدا ڪيا هُئا. جيڪي واعدا اڳتي هلي سرحدي ڇِڪتاڻ سبب وفا بڻجي ته نه سگهيا نه ئي ٻنهي مُلڪن کي پائيدار امن خاطر هڪ ميز مُهيا ڪري سگهيا. ليڪن پِشاور واقعي تي سڄي ڀارت جي اکين ۾ جيڪو سوڳ هو سو دُنيا ڏٺو. حادثا ۽ واقعا دُشمنين کي دوستين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. تاريخ اهڙن مثالن سان ڀري پئي آهي. جيتوڻيڪ هِن وقت باراڪ اوبامه جو دورو فقط هڪ سو ارب ڊالرن سان شروع ڪيل اُها تجارت ئي نه هوندي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ڀارت ٻئي پارٽنر آهن. جنهن ۾ ماحولياتي تبديلي، جوهري توانائي ۽ دفاعي واپار شامل آهن. جنهن کي ايندڙ پنج سالن ۾ پنجوڻ تي وڌائڻ جا ٻئي مُلڪ خُواهشمند آهن. هِن وقت ڀارت آمريڪا کان امداد وٺڻ بجاءِ اُن جو ڪاروباري ساٿي بڻجي ويو آهي. جنهن سان ايندڙ سالن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ويڇا ختم ٿيڻ جا امڪان به آهن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان مٿان ڀارت سان ويجهڙائپ لاءِ آمريڪي ڪردار کي قطعي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جنهن لاءِ مُختلف تجزيي نِگارن جو چوڻ آهي ته: ”هن وقت جڏهن ڀارت، آمريڪي امداد تي هلڻ بجاءِ اُن جو ساٿي مُلڪ بڻجي ويو آهي ۽ دفاعي سازو سامان واري صنعت کي هٿي وٺائڻ لاءِ آمريڪي سيڙپڪاريءَ لاءِ نه رُڳو ميزبانيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پر اُن جو ڪاروباري ساٿي بڻجي اُڀريو آهي. اهڙي حالت ۾ آمريڪا پنهنجي ڪاروباري مُنافعي کي عُروج تي پُهچائڻ خاطر، پاڪ_ ڀارت لاڳاپن ۾ بهتريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائيندو.“ ڇاڪاڻ ته آمريڪا افغانستان مان ڊسمبر 2014ع تائين، مُڪمل طور نِڪري اچڻ کان پوءِ افغانستان جي معاشي بدحاليءَ جي اُڀار کي به يقيني طور نظر ۾ رکيو هوندو. جيڪڏهن افغانستان جي ڌرتي مُڪمل امن جي فِضا سان ساهه کڻي ورتو ته ڀارتي صنعتڪار پنهنجي ويڙهيل صنعتن کي افغانستان ۾ ٻيهر وڇائڻ جي ڪوشش ڪندا. جن کي افغان حُڪومت تحفظ جي خاطري ڪرائي موٽائي وٺي ايندي. اُن لاءِ ڀارت ۽ افغانستان جا لاڳاپا ڪرزئي حڪومت کان وٺي بهتر آهن. جتي ڀارتي واپاري طبقو عرصي تائين ڪابل ۾ ڪاروبار ڪرڻ لاءِ ويٺل رهيو. اُن لاءِ آمريڪا جي خُواهش آهي ته پاڪستان جا تعلقات ٽِمورتي شِڪل ۾ سامهون آڻڻ لاءِ هُو پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. جهڙيءَ ريت پاڪستاني سياستدانن خاص ڪورٽن جي قيام لاءِ ڪڙيون گوريون کاڌيون ۽ ڳوڙها ڳاڙيندي به خاص عدالتن جي قيام واري بِل تي صحيحون ڪيون. اهڙي طرح هاڻ شايد هِن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي به پاڙيسري مُلڪن سان ويجهڙائپ وارن لاڳاپن کي هٿي ڏيارڻ خاطر ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پون. جيڪي پينٽاگان جي ڊگهين حڪمت عملين جو حصو نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته بظاهر آمريڪا افغانستان مان نِڪري چُڪو آهي پر ڊگهي عرصي تائين افغانستان ۾ رهڻ دوران، افغانستان اندر افغاني شڪل ۽ صورت ۾ پنهنجو پُورو اسٽرڪچر ڇڏي ويو آهي. جيڪو ڪنهن به طرح سولي طريقي سان انتهاپسنديءَ جي لت هيٺ اچي نه سگهندو. اهڙي طريقي سان اوبامه جو هي دورو به ڀارت سان ڊگهي پارٽنرشپ لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. جنهن سان ڀارت ايندڙ ڪجهه ئي سالن ۾ دفاعي صنعت بڻجي اُڀرندو. هاڻ سمجهي سگهجي ٿو ته جڏهن پاڪستان جا ٻه مضبوط پاڙيسري مُلڪ آمريڪا جا مضبوط اتحادي ئي نه پر پنهنجي ذات ۾ خود آمريڪا جي پاليسين جا پڪا پوئلڳ بڻجي هن خِطي ۾ پاڪستان جا پاڙيسري بڻجي رهندا، جن مٿان آمريڪا جو اعتماد وڌيڪ هوندو. تڏهن پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسين تي ضرور غور ڪندو ۽ سُٺي ۽ خراب طالبان واري سوچ عملي طور پنهنجو وجود وڃائي ويهندي ۽ هر طالبان کي ساڳئي سانچي ۾ فِٽ ڪري ڦِٽو ڪيو ويندو. اهڙي نئين صورتحال جُڙڻ ۾ پاڪستان مجبورن آمريڪا سان نه رُڳو آڱر وڍائي شهيدن ۾ شُمار ٿيڻ واري سوچ کان پاسو ڪندو پر عملي طور تي آمريڪا جي اتحادي هُجڻ جي بُنيادي ماپن تي پڻ پُورو لهندو، جنهن لاءِ عرصي کان آمريڪي پاليسي ساز ادارا پاڪستان کي شڪ جي نظر سان ڏسندا رهيا آهن. اُن لاءِ جنرل راحيل شريف جي آمريڪي دوري ۽ پشاور واري واقعي (جنهن کي پاڪستان جو نائين اِليون قرار ڏنو وڃي ٿو) کان پوءِ سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آهي. نريندر مُودي ۽ باراڪ اوبامه جي وچ ۾ مُلاقات پنهنجي ڏهه سالن ۾ 100 ارب ڊالرن واري پارٽنرشپ جهڙي منصوبي کان پوءِ اهم ايجنڊا پاڪ – ڀارت لاڳاپن تي هوندي. جيڪي لاڳاپا لازمي طور ننڍي کنڊ جي ڊگهي عرصي تائين بُحراني حالتن ۾ رهڻ کان پوءِ نبيرڻ لاءِ طئي ڪيا ويندا ۽ ڀارت مٿان زور ڀريو ويندو ته پاڪستان جي خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ نريندر مُودي سرڪار پنهنجي اقتدار واري عرصي ۾ ئي سرانجام ڏئي. ڇاڪاڻ پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي بهتريءَ کانسواءِ ننڍي کنڊ ۾ امن جو خُواب ممڪن بڻجي سگهڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. هِن وقت پاڪستان پنهنجي داخلي سياسي ۽ مُعاشي حالتن ۾ ايترو ڪمزور مُلڪ بڻجي ويو آهي. جنهن کي لازمي طور ڀارت ۽ افغانستان سان پنهنجائپ واري رِشتي کي بحال ڪرڻ کان سواءِ ڪو رستو نظر نٿو اچي. معاملو فقط انتهاپسند جهادين جي خاتمي جو ئي ناهي پر پاڪ-ڀارت لاڳاپن جي بهتريءَ سبب ٻنهي مُلڪن جي واپاري صلاحيت ۾ به اضافي جا امڪان آهن. تنهن ڪري هن وقت آمريڪي صدر باراڪ اوبامه جو دورو پاڪ-ڀارت کي ڳالهين جي ميز تي وٺي اچڻ وارن بند دروازن تي لڳايل زنگجي ويل تالن کي کولڻ لاءِ به اهم سمجهيو پيو وڃي. هِن وقت اُها جنگ جيڪا ٻِنهي مُلڪن جي ماضيءَ جي پئدا ڪيل پاليسين جي نتيجي ۾ عوام مٿان ڪنهن مصيبت وانگر مڙهيل آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن حادثي ۽ واقعي جي الزامن جي زِد ۾ ڦاٿل رهي آهي سا اوبامه جي هِن دوري سان پنهنجي انجام پاسي وڃي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مُلڪ لاءِ هاڻ اِهو ممڪن ناهي ته اُهو مُستقل طور ڪيترن ئي محاذن تي وڙهي پاڻ کي ڪمزور ڪندو رهي. پاڪستان ۽ ڀارت لاءِ هاڻ اِهو ممڪن ناهي رهيو ته سرحدي ڇِڪتاڻ کي برقرار رکي سگهن ۽ مُلڪ جي اندروني انتهاپسند سوچ جي خاتمي لاءِ سنجيدهه ڪوششون وٺي سگهن يا بدحال عوام کي بُک ۽ بيروزگاريءَ مان ٻاهر ڪڍي سگهن. جيڪڏهن پاڪستان جو عوام حُڪمرانن جي غلط پاليسين سبب بُک ۽ بدحاليءَ جي جهان ۾ جِي رهيو آهي ته مثالي جمهوريت واري مُلڪ ڀارت جو عوام به ڀارتي سياست جي باهه ۾ سڙندو رهيو آهي. جيڪڏهن پاڪستان اندر اقليتن سان ناانصافيون عُروج تي رهيون آهن ۽ انتهاپسندن جهادين هٿان اقليتن جي عبادت گهرن تي حملا معمول بڻيل آهن ته ڀارت اندر به هندو فاشزم هٿان مُسلمانن سان زيادتيون معمول بڻيل آهن اهڙي طرح ٻنهي مُلڪن جي اندر مذهبن جي نالي تي انسانن جو ڪوس هميشه ٿيندو رهيو آهي، جنهن کان ٻنهي مُلڪن جو عوام تنگ اچي چُڪو آهي. جيڪي مُلڪ ايٽمي طاقتون هُجڻ جي دعوى ڪن ۽ اُنهن جو عوام غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور هُجي. اهڙي ايٽمي طاقت جو هُجڻ ڪنهن جي به فائدي ۾ ناهي. دُنيا ۾ سوين مُلڪ آهن جن وٽ ايٽمي طاقت ناهي پر اُتان جو عوام هزار ڀيرا ايٽمي طاقت رکندڙ مُلڪن کان بهتر زندگي گُذاري رهيو آهي. امن خاطر ڪنهن سياسي سائنس يا آلجبرا جي ضرورت ناهي هوندي پر فقط پيش رفت جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اُها پيش رفت پاڪستان ڪري ٿو يا ڀارت، اُن ۾ ڪنهن جي انا مجروح ٿيڻ جو سوال ئي ناهي پر عوام کي غربت مان ڪڍڻ ۽ انائن جا کڙا ڪيل مينار ڊاهڻا پوندا. جيڪڏهن درندگيءَ جي پاڇولن جا پيڇا ڪرڻا پيا ته نظر ائين ايندو ته اُهي اسان جي ذات جا پنهنجا پاڇولا آهن. جن پاڇولن کان جان ڇڏائڻ خاطر اُهي سڀ پاليسيون تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي جن پاليسين سان مُلڪي استحڪام جا بُنياد خطري ۾ اچي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته مُلڪي استحڪام عوامي خوشحاليءَ سان مشروط هوندا آهن. عوام جي حصي ۾ بدحاليءَ جا جهنم ٻاري، مُلڪن کي استحڪام پاسي وٺي وڃي نٿو سگهجي. جيتوڻيڪ هِن وقت دهلي جي سجايل ”يومِ جمهوريه“ واري اسٽيج تي آمريڪي صدر باراڪ اوبامه خاص مهمان جي حيثيت سان خوشگوار مُوڊ ۾ نظر آيو. پر هاڻ ننڍي کنڊ جي امن جي ايجنڊا بند ڪمرن ۾ نريندر مُوديءَ آڏو رکي ويندي. مُودي اُن جي موٽ ڪيئن ٿو ڏئي ۽ پاڪستان سان مُذاڪراتي معاملن لاءِ ڪيترو جلدي ڪوششون وٺي ٿو سي معاملا اڳتي اچڻا آهن پر ٻنهي مُلڪن جو عوام اِها اُميد رکي ويٺو آهي ته ڇا باراڪ اوبامه جو هي دورو پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ ڪا بهتري آڻي سگهندو؟ جيڪڏهن ڊگهن عرصن کان انائن جي قيد مان نِڪري معاملا سنجيدگيءَ سان ورتا وڃن ٿا ۽ عوام جي خاطر پنهنجي مُنهن تان ماسڪ لاهي معاملا اڳتي وڌايا وڃن ٿا ته هِن خطي ۾ توبن جي مُنهن ۾ ڳيرن جا آکيرا نظر ايندا. معاملا نيتن تي بيٺل آهن. ڪنهن صحيح چيو هو ته: The Outline of the Beast (وحشيءَ جو خاڪو) ٺاهڻ کان پهرين، پنهنجون نيتون صاف رکو. ائين نه ٿئي جو اُن خاڪي ۾ پنهنجي جهلڪ محسوس ڪريو.“


    امن جو نوبل انعام ۽ ٻن مُلڪن جو امن...

    پاڪستان جي حصي ۾ پهريون نوبل پرائيز 1979ع ۾ فزڪس جي دُنيا جي وڏي نالي ڊاڪٽر عبدالسلام جي حصي ۾ آيو هو. جنهن کي غير مُلڪي صحافي ۽ رائيٽر ”مُسلمانن جو نيوٽن“ سڏيندا رهيا. ليڪن پاڪستان مٿان نوبل انعام جو نشو چڙهي نه سگهيو. پاڪستان اُهو مانُ کيس ڏئي نه سگهيو. جيڪا مڃتا دُنيا جا مُلڪ پنهنجي ديس جي جينيئس ماڻهن کي ڏيندا آهن. اُهي ته نوبل انعام ڪميٽيءَ جي ججن جون اکيون هُيون. جن دُنيا جي سوين مُلڪن جي ڪروڙين آباديءَ مان کيس کوٽي ڪڍيو ۽ هُن جي نالي جي نوبل انعام لاءِ چونڊ ڪئي. اُهو نوبل انعام جنهن لاءِ دُنيا جا ماڻهو ئي ناهن سِڪندا، ليڪن مُلڪ به سِڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته انعام مُلڪن جي پذيرائيءَ جو سبب به بڻبا آهن. انعامن جا اثر مُلڪي ساک جي بحاليءَ لاءِ سُٺو سنئوڻ سمجهيا ويندا آهن. ليڪن پاڪستان اندر فِرقيوارانه نفرتن جو نشانو بڻيل سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام ايتري مُحبت حاصل ڪري نه سگهيو. جيڪا کيس مڃتا طور مِلڻي هُئي. دُنيا ته کيس نوبل انعام ڏئي پنهنجو قرض لاهي ڇڏيو، ليڪن پاڪستان مٿان ڊاڪٽر عبد السلام جو اُهو قرض جنهن کي مُحبت چئجي ٿو سو چڙهيل ئي رهندو. جيڪو هن مُلڪ مان فرقيواريت جي خاتمي سان ئي لهي سگهندو ۽ هر فرقي ڏانهن سهپ ۽ رواداريءَ وارين روايتن سان ئي اُن جي قيمت ادا ڪري سگهجي ٿي. اُها مُحبت جيڪا عوامي موٽ جي صورت ۾ پاڪستان جي پهرئين نوبل انعام يافته سائنسدان ڊاڪٽر عبدالسلام جي حصي ۾ اچي نه سگهي. سا دريا جي موجن وانگر اُن ملالا جي حصي ۾ آئي. جنهن ملالا سوات جي گهٽين ۾ گُهمندڙ خوف جو خاتمو آندو. جتي پاڪستان دُنيا ۾ دهشتگرديءَ جي علامت بڻيل هُجي، جنهن کي مذهبي انتها پسنديءَ جو ڳڙهه سمجهي، کيس هر سطع تي هاءِ رسڪ سمجهي پاسي تي رکيو ويندو هُجي. جتي عورتن جي تعليم مٿان بندش هڻڻ لاءِ نياڻين جي اسڪولن تي زبردستي تالا لڳايا ويندا هُجن. جتي گهٽيون ۽ رستا بارود جي بُوءِ سان ڀريل هُجن. جتي پوليو ورڪرن مٿان حملا معمول بڻيل هُجن. اُتي پاڪستان جي حصي ۾ 17 سالن جي ملالا معرفت آيل ”امن نوبل پرائيز“ جو اڌ حصو حاصل ڪري سگهڻ به ڪا معمولي ڳالهه ناهي. هن ڀيري امن جو نوبل پرائيز ٻن دُشمن مُلڪن جي حصي ۾ آيو آهي. اُها دُشمني دوستيءَ ۾ بدلجي سگهي ٿي يا نه؟ ليڪن انڊيا ۾ ٻارڙن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ ”ننڍپڻ بچايو تحريڪ“ جي سربراهه 60 سالن جي ”ڪيلاش ستيارٿي“ ۽ ملالا جي حصي ۾ آيو آهي. جيتوڻيڪ ملالا اُهي سڀ ايوارڊ ميڙي ورتا آهن. جيڪي انعام اڄ تائين ڪنهن به خوشنصيب جي حصي ۾ اچي ناهن سگهيا. پر امن جي نوبل پرائيز لاءِ 278 اُميدوارن مان جن ۾ فرانس جو پوپ به شامل هُجي، اُتي 17 سالن جي ملالا يوسف زئي کٽي وڃي، اها ننڍڙي ڳالهه ناهي. جيتوڻيڪ ملالا پنهنجي ڄمار جي حساب سان غير معمولي ڪم ڪيو. 2009ع ۾ جڏهن سوات جي مينگورهه مٿان مولانا فضل الله ۽ سندس حامي گروپ مُڪمل قبضو ڪري پنهنجا شرعي اُصول ۽ ضابطا لاڳو ڪيا ۽ هر ميڊيائي چُر پُر مٿان ڪڙي نظر رکڻ شروع ڪئي ۽ نياڻين جي اسڪولن کي تالا لڳائي ڇڏيا. تڏهن ملالا مايوس ٿيڻ بجاءِ ميڊيا جو سهارو ورتو. جيئن سوات جي حالتن کي ميڊيا جي اک تي آڻي سگهي. تڏهن هُن بي بي سيءَ تي فرضي نالي ”گُل مڪئي“ سان ڊائري لکڻ شروع ڪئي. ائين جيئن جرمن جي يهودي ڇوڪري ايني فرينڪ نازين جي ڪئمپ ۾ قيد رهي ”هولو ڪاسٽ“ جي حقيقتن تان پردا کنيا هُئا. جنهن کي بعد ۾ ”دي ڊائري آف اي ينگ گرل“ يا ” ڊائري آف ايني فرينڪ“ جي نالن سان شايع ڪيو ويو هو. جنهن ڊائريءَ کي به ادب جونوبل انعام مليو هو. اُها ايني فرينڪ جنهن يهودين کي ڪنسٽريشن ڪيمپن ۽ هولو ڪاسٽ جهڙين حالتن ۾ ڏسي به لکيو هو ته: ”اذيتن ۽ مصيبتن کي وساري تصور ۾ سُهڻا خيال آڻڻ سان به خوش رهي سگهجي ٿو.“ هن جديد دور کي پٿر جي حالتن ۾ وٺي ويندڙ انتهاپسند قوتون جڏهن سوات جي سونهن کي ساڙي رهيون هُيون. اهڙي صورتحال ۾ جتي گهرن جي درن، ديوارن ۽ درين مان جِي ٿري جا سوراخ ڪيا ويندا هُجن، راڪيٽن سان اسڪولن کي اُڏايو ويندو هُجي. اهڙي هاءِ رِسڪ واري حالت ۾ 12 يا 11 سالن جي نينگري ڊائري لکي دُنيا جي اکين مٿان چڙهيل ڪاريون پٽيون لاهي وجهي، اِها غير معمولي ڳالهه هُئي. اُها ڊائري جنهن ۾ ايتري قلمي سگهه ته ڪا نه هُئي پر سادي طريقي سان مينگورهه جي صورتحال بيان ٿيل هُئي. جنهن ڊائريءَ کي نه رُڳو پاڪستان ۾ پر ٻين مُلڪن ۾ به ايتري ئي پذيرائي مِلي. جيڪا پذيرائي ڪنهن خوشنصيب ماڻهوءَ جي حصي ۾ ئي ايندي آهي.
    جڏهن پاڪستان آرمي سوات جي اُنهن علائقن تي آپريشن ڪيو جتي مُولانا فضل الله ۽ اُن جي حامي گروپن جو اثر هو ۽ سوات جي سمورن علائقن کي مُولانا فضل الله ۽ اُن جي حامين جي ڪنٽرول کان آجو ڪيو. تڏهن ”گُل مڪئي“ جي فرضي نالي سان ڊائري لکندڙ ملالا جو نالو سامهون آيو. جنهن ڪيترن ئي صحافين کي انٽرويوز به ڏنا. جڏهن سندس اصل سُڃاڻپ سامهون آئي ته سائوٿ آفريڪا جي سرگرم تنظيم پاران کيس ”انٽرنيشنل چلڊرينس پيس پرائيز“ لاءِ نامزد ڪيو ويو. هُن سوات ۾ صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ اسڪول وڃڻ شروع ڪيو، جنهن کان پوءِ ئي مولانا فضل الله جي حامين جي نشاني تي اچي وئي. ملالا جي زندگيءَ جو اُهو موڙ ڪنهن کان وسري نه سگهندو. جڏهن آڪٽومبر 2012ع تي مولانا فضل الله جي حامين ٻارڙين جي اُن اُسڪول ويگن مٿان فائرنگ ڪئي. جنهن اسڪول ويگن ۾ ملالا سوار هُئي. اُها ملالا جيڪا سنگدل دلين مان روشنين جي عظمتن جو مينار بڻجي اُڀري. جيڪا ڳالهه انتها پسند قُوتن کي نه وڻي ۽ اُنهن پنهنجي انتقام جو بُزدليءَ سان مُظاهرو ڪندي مٿس حملو ڪيو. ليڪن ملالا ۽ سندس ٻي ساٿي شاگردياڻي به زخمي ٿي پيا. جڏهن ته انتها پسند گروپ پاران ان واقعي ۾ ملالا کي مارڻ جي ذميواري قبول ڪندي چيو ويو ته: ملالا مٿان ٻيهر حملو ڪيو ويندو. اُها ملالا جنهن مولانا فضل الله ۽ اُن جي حامين جون ننڊون قلم جي سگهه سان ڦٽائي ڇڏيون. اُنهن جي ڪلاشنڪوفن جي دهشت قلم جي هڪ جهٽڪي سان ئي ختم ٿي وئي. اُنهن جون ڪلاشنڪوفون قلم اڳيان بيحد ڪمزور بڻجي ويون. جيڪي سوات کي بي لغام گهوڙي وانگر لتاڙيندا هُئا سي پنهنجي هار ڏسي انتقام جي جنون ۾ اُن ملالا مٿان حملو ڪري سندس معصوم آواز کي هميشه ختم ڪرڻ چاهيو. اُن مٿان ٿيل حملي جو ردِعمل ايتري شدت اختيار ڪري ويو جو، مُلڪ جي صدر آصف علي زرداريءَ کان وٺي سمورا سياسي اڳواڻ مذمتي بيان جاري ڪندا رهيا. آمريڪي صدر باراڪ اوبامه کان وٺي اقوامِ مُتحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ۽ دُنيا جي سمورن سياسي اڳواڻن تائين، آمريڪن سنگر ميڊونا کان وٺي بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي اداڪارن ۽ اداڪارائن تائين سموري دُنيا اڳيان ملالا معصوميت جو مُجسمو بڻجي پئي. جنهن کي ڪي به انتهاپسند قُوتون هارائي سگهڻ جي همت نه ڪري سگهيون، اُها ڇوڪري مينگورهه مان سوات جو آواز بڻجي اُڀري جنهن اقوامِ مُتحده ۾ تقرير ڪندي چيو ته: ”هڪ ڳالهه ياد رکي وڃي ته ملالا جو ڏينهن منهنجو ڏينهن ناهي. اُهو ڏينهن هر عورت، هر مرد، ڀاءُ، ڀيڻ، اُهي جيڪي انساني حقن جي ڳالهه ڪن ٿا. اُنهن جو ڏينهن آهي. هزارين ماڻهو انتهاپسنديءَ جي بٺيءَ ۾ سڙي چُڪا آهن، لکين ماڻهو زخمي بڻجي اپاهج ٿي ويا آهن. مان ته اڪيلي ملالا آهيان. پر مان سڀني جو گڏيل آواز آهيان. مان عورتن ۽ ٻارڙن جي تعليم، امن، عزت ۽ وقار جي جياپي ۽ برابريءَ خاطر اُٿاريل اهڙو آواز آهيان جنهن کي انتهاپسند قُوتون خاموش ڪري نٿيون سگهن.“
    پاڪستان ۽ هندستان عرصن کان جنهن جنونيت جي جنگ ۾ رُڌل آهن اُتي ٻن مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل پرائيز ڪنهن خوشگوار خبر کان گهٽ ناهي. پر ڇا ”ڪيلاش ستيارٿي“ ۽ ”ملالا يوسف زئي“ جي منٿ سان مُودي سرڪار ۽ نواز ليگ اُن امن کي واپس ورائي سگهن ٿيون؟ جنهن امن لاءِ ٻنهي مُلڪن جو عوام ورهاڱي کان وٺي مُنتظر آهي؟ ڇا پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ نه نبري سگهجندڙ معاملا ڪنهن نبيري جي نتيجي تائين پُهچي سگهن ٿا؟ جيڪي هميشه ڪشمير اشوءَ تي اٽڪيل رهندا آيا آهن. جيڪي هڪٻئي مٿان پنهنجي مُلڪن ۾ مُداخلتن جا الزام مڙهيندا رهيا آهن. پر هي اهڙو موقعو آهي جنهن موقعي تي ٻنهي مُلڪن جا وزيرِاعظم اُن تقريب ۾ ضرور شرڪت ڪن. جنهن جي خُواهش ملالا ۽ ڪيلاش ظاهر ڪئي آهي. پر ڇا اُهي قُوتون چاهينديون ته ٻنهي مُلڪن جا سربراهه مُلڪن جي وچ ۾ وڌيل وڇوٽين جي خاتمي لاءِ عوامي خُواهشن جو احترام ڪن؟ جيڪو عوام چاهي ٿو ته انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ امن جي فضا آسمانن تي انڊلٺي رنگن جيان اُڀري پوي. پر برِصغير جي بيمار سياست ۾ بارود جي بُوءِ ايتري ڦهليل آهي. جنهن کي ملالا ۽ ڪيلاش گڏجي ختم ڪري نٿا سگهن. اُن لاءِ کين ٻنهي مُلڪن جي عوام جو ساٿ به گُهربل هوندو. ڇاڪاڻ ته ٻنهي مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل انعام نه رُڳو ٻنهي مُلڪن جي عوام لاءِ امن جا بند پيل دروازا کولي سگهي ٿو. پر اُن جا اثر سڄي دُنيا تي پئجي سگهن ٿا. اُن لاءِ ٻنهي مُلڪن جي ساٿ سان امن مُخالف قُوتن جي حصي ۾ شڪست اچي سگهي ٿي. جيڪي قُوتون عرصن کان امن جي سفيد پکين جي اُڏام جون حامي ناهن رهيون. ليڪن ٻنهي مُلڪن جي حصي ۾ آيل امن جو نوبل انعام اُنهن ڪروڙين ماڻهن جي مٿان ڇانيل بارود جي ڪڪرن کي هٽائي سگهڻ جي آخري اُميد ثابت ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته امن خاطر انتقام جهڙي سياسي نفرت کان آزاديءَ جي ضرورت آهي.


    اسلام آباد ۾ جاري تماشي جو انت ڇا هوندو؟

    سياست ۾ ڪنهن به فيصلي کي حتمي فيصلو سمجهي،سياست جي ڪاميابيءَ جون منزلون پار ڪري نٿيون سگهجن. جن به برِصغير جي سياسي تاريخ ۾ ٿوري جهاتي پاتي هوندي يا سياست جي تاريخ کي سمجهڻ لاءِ دُنيا جي تحريڪن تي چند صُفحا به پڙهيا هوندا. اُهي اسلام آباد ۾ هلندڙ انقلاب ۽ آزاديءَ وارن ڌرڻن ۾ ويٺل اڳواڻن جي حڪمت عملين ۽ وقفي وقفي سان وڏن اعلانن تي پنهنجي حيرت کي لڪائي سگهڻ ۾ ناڪام رهيا هوندا. جهڙي طرح عوام سان همدردي ۽ چونڊن ۾ ڌانڌلين جي ردِعمل طور معاملن کي نواز شريف جي استعيفا سان مشروط ڪيو ويو آهي. ان سان ڳالهين جو نتيجن تي پُهچڻ ممڪن نه لڳي رهيو آهي. اُهو آزادي ۽ انقلاب مارچ جنهن ۾ شموليت اڪثراُن طبقي جي آهي. جنهن کي عوام لاءِ عام واهپي جي شين جي قيمتن جو به صحيح اندازو ناهي سي گُذريل 11 ڏينهن کان نواز ليگ حُڪومت جي خاتمي خاطر اسلام آباد ۾ بسترا وڇائي ويٺل آهن. تن کي سنڌ، بلوچستان ۽ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ عوام جي زندگين جي ذرو ذرو ٿي مرڻ واري اذيت جو احساس ئي ناهي. سي روزانو رات جو پنهنجي سياسي اڳواڻن جي تقريرن ۽ نغمن جي ڌُنن تي آزاديءَ جو جشن ملهائڻ ۽ قادري برانڊ انقلاب خاطر گڏ ٿين تان ۽ ڳالهين جي ڊگهي ڊيڊ لاڪ تي اهڙي مايوسيءَ ۾ مُبتلا ٿي وڃن ٿا. جيڪا مايوسي ڪنهن طوفان جي تباهيءَ کان پوءِ نظر ايندڙ منظرن وانگر هوندي آهي. جيتوڻيڪ مُلڪ جي وزيرِاعظم پاران اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کان مانجهاندي ۾ مُنجهيل سياسي سُٽ کي سُلجهائڻ خاطر صلاحون به ورتيون ويون. پر اُهي صلاحون هن وقت ڪيترو ڪارگر ٿي سگهن ٿيون؟ اُن جو اندازو جلدي ئي ٿي ويندو. جڏهن ته مُلڪ جي اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ شيخ رشيد کي قادري ۽ ڪپتان کي ڳالهين تي آمادهه ڪرڻ لاءِ پڻ چيو آهي. پر اڄ کان ٽي مهينا پهرين جنهن معاملي جي کچڻي لنڊن ۾ پچائي وئي هُئي. اُن کي ڪنهن طريقي سان تڪميل تائين پُهچائڻ کان پهرين شيخ رشيد ڪيئن پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته اهڙي کچڻيءَ ۾ کنڊ وجهڻ وارن ۾ اُن کي به شامل سمجهيو وڃي ٿو. هن وقت جنهن انداز سان ڪپتان پنهنجي سياسي ڪيريئر کي سمجهوتا ايڪسپريس کان پري ڪري بيٺل آهي ۽ نواز ليگ چئن سيٽن تي جاچ نه ڪرائڻ واري غلطيءَ کان پوءِ وڏي سياسي غوراب ۾ ڦاسي پئي آهي. تڏهن اسلام آباد ۾ ڪنهن به وقت ان اعلان جا امڪان نظر اچي رهيا آهن. جنهن ۾ ڪا ٽين قُوت سياسي اڳواڻن جو لچڪدار رويو نه ڏسي ۽ ڳالهين جي اڳتي وڌڻ جا اڻچٽا امڪان ڏسي مُداخلت ڪري، جنهن سان سمورين سياسي قُوتن جو ئي نُقصان ٿيندو. هن وقت اسلام آباد جي سياسي تماشي جو ڊراپ سين ڳالهين جي ذريعي ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان پهرئين ئي ڏينهن تي معاملا نواز شريف جي استعيفا سان مشروط ڪري ويٺل آهي ۽ قادري برانڊ انقلاب وارن جو مُطالبو نگران حُڪومت جي جوڙجڪ جو آهي. جڏهن ته تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي ويجهو رهندڙ حلقن جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي فطرت ۾ انتهائي ضدي آهي. پر ڇا سياست ۾ ضديت واري ذهنيت عوامي سياسي اجتماع کي خودڪشي ڪرائڻ جي برابر ناهي هوندي؟ جيڪڏهن سياست ۾ لچڪدار سياسي رويو نٿو رکيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ عوام مٿان سياسي ضديت وارو تيزاب هاري اُن کي تباهه ڪرڻ کان ته پاسو ڪرڻ گُهرجي. هن وقت اسلام آباد ۾ ڌرڻي جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا؟ ان سوال تي مُختلف سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته ٽن طريقن سان معاملا سُلجهي سگهن ٿا. هڪڙو فارمولو ته اهو آهي جيڪو مُخالف ڌُر جي اڳواڻ خورشيد شاهه به بيان ڪري چُڪو آهي ته ”پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران خان وزيرِ اعظم جي استعيفا واري معاملي کي ڳالهين جي پهرئين نُقطي تي رکڻ بجاءِ اُن کي آخري نُقطي تي رکي.“ جنهن سان ڳالهين ۾ آيل ڊيڊ لاڪ ختم ٿي سگهي ٿو ۽ معاملا نبرجي سگهن ٿا. جنهن لاءِ پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران خان اڃان تائين تيار ناهي. بلڪِ انتهائي سخت موقف اختيار ڪندي چوڻ لڳو آهي ته ”هُو مُطالبن جي مڃتا کان سواءِ اسلام آباد مان زندهه واپس نه ويندو.“ پر جيڪڏهن معاملا ائين اٽڪيل رهيا ته ڳالهيون اڳتي وڌي نه سگهنديون ۽ لڳاتار اهو تماشو جاري رهيو ته شايد ٽين قُوت موقعي جو فائدو وٺي مُداخلت ڪري. ٻيو آپشن اهو ٻُڌايو وڃي ٿو ته مائينس نواز شريف فارمولي تي عمل ڪيو وڃي. جنهن سان نواز ليگ حُڪومت بچي وڃي اهو به ٿي سگهي ٿو ته نواز شريف جي استعيفا جي بجاءِ شهباز شريف جي استعيفا اچي ۽ ٻن شريفن مان ڪنهن هڪ جي استعيفا سان ڳالهين جا بند دروازا کُلي سگهن. پر جيڪڏهن معاملا ڪنهن به سياسي سانچي واري فارمولي ۾ فِٽ ٿي نٿا سگهن. ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ پاران ڪا لچڪ نه ڏيکارڻ ۽ معاملا نواز شريف جي استعيفا ڏيڻ سان مشروط ڪري ويهڻ، پوءِ اُها استعيفا هڪ مهيني يا 15 ڏينهن جي ئي ڇو نه هُجي، تي ئي اٽڪيل رهيا ته شايد نواز ليگ جي حُڪومتي ڪاميٽين جو ڪنهن نتيجي تي پُهچي سگهڻ مُشڪل بڻجي وڃي ۽ ڌرڻي وارين ڌُرين کي راضي ڪري سگهڻ ۾ ناڪام رهڻ جي نتيجي ۾ غير معمولي سطع تي تبديلين اچڻ جي امڪانن کي روڪڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُجي. جيڪا تبديلي، مجموعي طور سمورين سياسي ۽ جمهوري قُوتن لاءِ وڏو نُقصان هوندي. جڏهن ته ڪجهه ڏينهن پهرين ئي اهو اندازو ٿي ويو هو ته پاڪستان تحريڪِ انصاف جا اڳواڻ، قادري ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ حيدر عباس رضوي ۽ اعجازالحق وچ ۾ ٿيل ڳالهين دوران ئي اڪيلائيءَ جو شڪار بڻجي ويا هُئا جو اُنهن هڪدم پارٽيءَ جو اجلاس ڪوٺائي ورتو هو. جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اُنهن اُن اجلاس ۾ اهو طئي ڪري ورتو هو ته قادري ۽ حُڪومت وچ ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هُو پنهنجي مُطالبن واري لسٽ ۾ لچڪ آڻيندا پر جيڪڏهن قادريءَ سان حُڪومتي ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته ان صورت ۾ هُو پنهنجي مُطالبن واري لسٽ ۾ وزيرِ اعظم واري استعيفا واري معاملي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ڪندا. ان ڳالهه کي به ڪجهه ڏينهن گُذري چُڪا آهن. هاڻ پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ کي سرچائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڌُريون سرگرم آهن. امڪان آهن ته قادري پنهنجي مُطالبن واري لسٽ مان نگران حُڪومت وارو مُطالبو يا ڪنهن جي استعيفا واري مُطالبي تان هٿ کڻي ماڊل ٽائون ۾ شهيد ٿيلن جي وارثن سان انصاف ٿيڻ ۽ مُلوث ماڻهن خلاف ڪيس درج ٿيڻ تي راضي ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته اهڙن سياسي اشارن جا معاملا سامهون اچي چُڪا آهن. ڪجهه تجزيي نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته جيڪڏهن قادري ۽ حُڪومتي ڪاميٽين جو ڪنهن طريقي سان معاملن تي اتفاق ٿي وڃي ٿو ته پوءِ ڪپتان جي ضديت جو زوال اچي ويندو ۽ معاملا شريف ڀائرن مان ڪنهن هڪ جي قُربانيءَ کان سواءِ ئي حل ٿي ويندا ۽ شايد عمران خان جي سخت سياسي موقف وارين تقريرن جو لهجو تبديل ٿي وڃي. پر جيڪڏهن قادريءَ سان تڪڙا معاملا طئي ٿي نه سگهيا ۽ ڪپتان جو قافلو روايتي طريقي سان اسلام آباد جي رستن تي ليٽيل رهيو ته باقي سمورين سياسي پارٽين جا اڳواڻ ۽ سياسي ورڪر پنهنجو ردِعمل ظاهر به ڪري سگهن ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ تشدد جا رستا کُلي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته مولانا فضل الرحمان پاران اسلام آباد ۾ ويٺلن کي اهو چتاءُ ڏنو ويو آهي ته سومر تائين معاملا نبرجي نه سگهيا ته اُهي به اسلام آباد ۾ ويٺلن کان وڏو انگ ساڻ ڪري پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪندڙن کي هٽائي ڇڏيندا. اهڙي طرح محمود خان اچڪزئي به اهڙا ئي اعلان ڪندو رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ خالد محمود سومري پاران هزارين ماڻهن جي قافلي سان سياسي جمهوري حُڪومت جي خاتمي خلاف اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن خلاف سکر جي رستن تي ردِعمل ڏيکاريو ويو آهي. صورتحال جي سنگيني ان مان صاف ظاهر نظر اچي رهي آهي ته ڪپتان جي ضديت ڪهڙي بُحران کي جنم ڏئي سگهي ٿي.؟ ڇاڪاڻ ته هڪ پاسي پاڪستان ۾ وفاق جو حصو بڻيل سموريون سياسي پارٽيون آهن ته ٻئي پاسي وفاق جو حصو بڻيل پاڪستان تحريڪِ انصاف اڪيلي آهي، ڏٺو وڃي ته تحريڪِ انصاف باقي پارٽين جي مُخالفت جي باوجود اُهو رستو اختيار ڪيو آهي، جيڪو موقف باقي سياسي پارٽين جي مجموعي اڪثريت واري موقف جي نفي آهي. جڏهن ته اها ڳالهه به انتهائي توجهه طلب آهي ته هڪ ئي هفتي ۾ شهباز شريف پاران چيف آف آرمي اسٽاف سان ڪيترا ئي ڀيرا مُلاقات ڪرڻ وارا معاملا اڃان تائين ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ناهن سگهيا. اُنهن مُلاقاتن ۾ مُلڪ جي ڪهڙن معاملن تي ڳالهيون ٿيو آهن؟ اُنهن جا تفصيل اڃان تائين ڳُجهارت بڻيل آهن. پر ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته چيف آف آرمي اسٽاف پاران نواز ليگ کي سڌي صلاح ڏني وئي آهي ته معاملن کي سياسي ۽ آئيني طريقي سان حل ڪرڻ لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن ۽ اسلام آباد جا رستا سياسي طريقي سان ڳالهيون ڪري آجا ڪرايا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ نواز ليگ سميت سموريون سياسي جمهوري پارٽيون قطعي به نه چاهينديون ته سندن سياسي ضديت ۽ انائن جي اُس ۾ مُلڪ مٿان اهڙي مُصيبت اچي وڃي جنهن سان جمهوريت جا بنياد لُڏي وڃن. جيتوڻيڪ عمران خان جي مُطالبن واري ڊگهي لسٽ تي حُڪومتي ڪاميٽين اتفاق به ڪيو آهي پر عمران خان هڪ ئي نُقطي تي اٽڪيل آهي ته وزيرِاعظم استعيفا ڏئي پوءِ اُها استعيفا هڪ مهيني جي مُدت لاءِ ئي ڇو نه هُجي؟ عمران خان جي اهڙي اِميچوئر سياسي مُطالبي تي سندس ضِديت کان سواءِ ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. دراصل هن وقت عمران خان اهڙي سياسي خوف ۾ مُبتلا آهي. جيڪو خوف سندس سياسي اميچوئرٽيءَ جي نتيجي ۾ پئدا ٿيو آهي. جيڪڏهن ابتدائي مرحلن م ئي پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ انتهائي سخت سياسي ردِعمل طور پنهنجي سياسي همدردن اڳيان وڏا اعلان نه ڪري ها ته شايد پاڻ کي بند سياسي گهٽيءَ ۾ بيٺل نه ڏسي ها. ليڪن هُن ابتدا ۾ ئي ايترو سخت موقف اختيار ڪيو جو کيس واپسيءَ جو مُناسب رستو نه مِلڻ ۽ سياسي زوال کان سواءِ ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي. کيس خبر آهي ته اسلام آباد ۾ وڌيڪ عرصي ويهڻ جي نتيجي ۾ جيڪڏهن اختيار پنڊيءَ پاسي مُنتقل ٿي وڃن ٿا. تڏهن به هُو پنهنجي سياسي زوال ۽ شڪست کي سوڀ قرار ڏئي واپس ٿيندو. پر جيڪڏهن هن وقت هُن پنهنجي موقف ۾ لچڪ پئدا ڪئي ۽ اچرج ڏياريندڙ سخت لهجي کي هڪدم نرميءَ واري انداز ۾ تبديل ڪري ورتو ته اهو خود نئين سياسي بحث جا دروازا کوليندو. پر هن وقت اها ڳالهه چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته عمران خان جي سياسي تماشي جي نتيجي ۾ مُلڪ جي باقي وفاق جي علامت بڻيل سياسي جمهوري پارٽين کي جيڪو سياسي نُقصان پُهچڻ جو انديشو آهي. اُن جي نتيجن کان اُن طبقي کي اندازو ئي ناهي. جيڪو طبقو اسلام اباد ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهي. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان، سڌي يا اڻسڌي طرح غير جمهوري طاقتن جو ڀاڱي ڀائيوار رهيو آهي. جن وٽ انقلاب ۽ آزادي جو رستو پنهنجي گهر جي گهٽيءَ وٽ ئي ختم ٿي وڃي ٿو. جن وٽ سياسي آدرش، انقلاب ۽ آزادي رُڳو چهرن جي تبديلي تائين محدود آهن. پر کين اها خبر ئي ناهي ته انقلابن ۽ آزادين جا سج عوامي بدحاليءَ جي خاتمي ۽ مزدورن جي هٿن جي لڦن تي مرهم رکڻ سان ئي اُڀرندا آهن.


    بلوچستان ۾ امدادي سرگرميون، سواليا نشان بڻيل!

    31 مئي 1935ع ۾ جڏهن خوبصورت خواب ڏسندڙ شهر ڪوئٽا کي صبح جو 3 لڳي 2 منٽن تي هڪ اهڙي تباهيءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو هو، جنهن تباهيءَ هڪ خوبصورت شهر کي کنڊر ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. ان ئي ساڳئي ريڪٽر اسڪيل 7.7، واري زلزلي کانپوءِ برٽش انڊيا هن شهر جي حال تي پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهي هُئي. اُنهن معصوم سُتل ٻارن مٿان جڏهن گهرن جون ڇپون ڪِريون هُيون ته پٿردل برطانوي سرڪار جا سپاهي به پنهنجي اکين جي ٻوڏ اڳيان بند ٻڌي نه سگهيا هُئا. عجيب اتفاق آهي ته 24 سيپٽمبر تي آيل زلزلو به 7.7 واري ريڪٽر اسڪيل تي هو. جنهن ۾ 30000 هزار کان 60000 هزار تائين ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا هُئا. اُن وڏي آفت ۾ نه فقط ڪوئٽه شهر تباهه ٿي ويو هو. پر قلات، مگهوڇڙ ۽ مستونگ به ميسارجي ويا هُئا. اُهي برطانوي سرڪار جا سپاهي هُئا، جن اهڙي وڏي قيامت کي منهن ڏنو هو ۽ شهر ۾ امدادي سرگرمين کي جاري رکيو هو ۽ اُن شهر کي خيما بستيءَ مان هڪ نئين شهر جي اڏاوت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. اُن وقت بلوچستان جي آبادي ايتري نه هُئي جيتري هاڻي آهي. ڪوئٽا به اُن وقت آباديءَ جي لحاظ کان ننڍڙو شهر هو. پر اڄ اُها آبادي چئوڻ تي سمجهڻ گهرجي. جيڪڏهن برطانوي سرڪار هن شهر جي نئين سِر اڏاوت نه ڪري ها ۽ اُن جي مڪمل انفراسٽرڪچر ۾ تبديليون نه آڻي ها ته شايد هي شهر هن ڀيري وڏي تباهيءَ جو شڪار بڻجي ها. ڇاڪاڻ ته پاڻ واريون حڪومتون اڄ تائين امداد جي آسري تي ئي رهنديون آيون آهن. پاڻ پنهنجي ماڻهن جي سنڀال لهڻ بجاءِ ٻاهرين مُلڪن تي ڀاڙڻ وارين روايتن کان ازل کان عادي بڻيل رهيا آهيون.
    جڏهن ته زلزلو چئن ڏهاڙن جي وٿيءَ کان پوءِ بلوچستان جي ساڳئي بيلٽ ۾ ڇنڇر واري ڏينهن 12 لڳي 34 منٽن تي آيو. جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 7.7 ٻڌائي وڃي ٿي. اُن زلزلي کي به سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ محسوس ڪيو ويو پر ڪنهن جاني نقصان جا اطلاع اڃان تائين ملي ناهن سگهيا. هن زلزلي جو مرڪز خضدار جو ڏاکڻو حصو هو. اومان ۽ ايران جي ڏاکڻن حصن ۾ به اُن زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته ماهرن جو خيال اهو آهي ته زلزلي کان پوءِ هلڪا جهٽڪا ايندا رهندا آهن. جيستائين زمين جون پليٽون پنهنجي جاءِ جوڙي نٿيون سگهن. پر ڇنڇر واري زلزلي کي ارضيات جا ماهر زلزلي کان پوءِ ايندڙ جهٽڪا نٿا سمجهن. ڇاڪاڻ ته آفٽر شاڪس جي شدت ان سطع جي ناهي هوندي. ڇنڇر واري زلزلي کي خود هڪ وڏي زلزلو سمجهيو پيو وڃي. جنهن ”آواران“ جي تعلقي ”مشڪي“ کي ئي پنهنجي نشاني تي آندو آهي. بلوچستان جو ”آواران“ ضلعو جنهن به ڏٺو هوندو، اُن کي اهو اندازو هوندو ته آواران ۽ ڪيچ جي 90 سيڪڙو ڳوٺن جا گهر ڪچا ئي آهن. جن گهرن ۾ پهرئين زلزلي سبب ڏار پيا سي ٻئي ڀيري آيل زلزلي ۾ مُڪمل ميسارجي ويا. جڏهن ته ڪيترا ئي ڳوٺ هن زلزلي جي سٽ نه سَهي مُڪمل طور ميسارجي چڪا آهن. تُربت مان امدادي سرگرمين کي مانيٽر ڪندڙ غير سرڪاري اداري م ڪم ڪندڙ هڪ دوست ٻڌايو ته ”مشڪي“ بُري طرح متاثر ٿيو آهي جتي هن زلزلي ۾ 20 کان وڌيڪ انساني جانيون موت جو شڪار بڻيون آهن. جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف امدادي سرگرميون اهڙي سُست رفتاريءَ سان ٿي رهيون آهن، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تڪڙي طبي امداد نه ملڻ سبب زخمين، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن سي موت جوشڪار ٿي سگهن ٿا.
    هن وقت بلوچستان ۾ آيل زلزلي جي تباهيءَ سبب چند اهم ڳالهين تي ڌيان رکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هي 1935ع وارو بلوچستان ناهي جيڪو انڊين برطانوي سرڪار جي قبضي ۾ هو. پر گُذريل ڪيترن سالن کان بلوچستان جون حالتون مُلڪ جي باقي حالتن کان مُختلف رهيون آهن. امدادي سرگرميون جاري رکندڙ ادارن جو چوڻ آهي ته هُو اُنهن علائقن تائين امدادي سرگرميون ڪيئن جاري رکي سگهن ٿا؟ جتي سندن حياتيون داوَ تي هُجڻ جا خدشا آهن؟ جڏهن ته هاڻوڪين خبرن موجب فقط ”آواران“ ۽ ”ڪيچ“ ئي نه پر بلوچستان جا اُهي علائقا به تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. جن ۾ خضدار، پنجگور، تربت شامل آهن. پر اُتي جاني نقصان جا ڪي اطلاع ناهن. ليڪن انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي. پنجگور مان يو ايس ايڊ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ دوست ٻڌايو ته تربت ۽ آواران جي سرحدن سان سلهاڙيل حصا ئي زلزلي جي نشاني تي رهيا. جن ۾” آواران“ بُري طرح متاثر ٿيو آهي. ڪيچ مڪران به اُن جهٽڪي مان بچي ناهي سگهيو. ”آواران“ به بلوچستان جو اُهو حصو آهي، جتي پاڪستان آرمي ۽ ٻيا فورسز وڃي نٿا سگهن. سڄو ”آواران“ ضلعو سيڪيورٽي رسڪ بڻيل آهي. جن ۾ گشڪور، ترتيج، مشڪي ۽ ”ڌنڌار“ به شامل آهن. جيڪي آواران جا علائقا آهن. جيڪڏهن فورسز جي رستي امدادي سامان کي پهچايو وڃي ٿو ته بلوچ ويڙهاڪن جا اعتراض ۽ خدشا وڌي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته ڪجهه سياسي تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته بلوچ ويڙهاڪ اهو سمجهن ٿا ته زلزلي جي تباهيءَ جي حالت ۾ امدادي سرگرمين جو سهارو وٺي فورسز اُنهن کي نقصان پهچائڻ جا سانباها ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن اين جي اوز اُن سلسلي ۾ اڳيان وڌن ٿيون ته سيڪيورٽي جي ذميواري هو پاڻ کڻندا. پر جيڪڏهن بلوچستان حڪومت اهڙي ڏس ۾ فورسز جو استعمال نه ڪري ۽ امدادي ادارن کي اها اجازت ڏئي ته اُهي اُنهن علائقن ۾ پنهنجون سرگرميون جاري رکن. جن علائقن جي ذميواري بلوچستان جا ماڻهو پاڻ پنهنجي سِر تي کڻن ٿا. ان حالت ۾ متاثر ماڻهن جي تڪڙي سُهائتا ٿي سگهي ٿي. زلزلي جي حالت ۾ سڀ کان پهرين ڊاڪٽرن جي ٽيمن جي ضرورت هوندي آهي، جتان زخمين کي تڪڙي امداد ڏئي اسپتالن تائين پهچائي سگهبو آهي. پر جيڪڏهن ريڊ زون علائقن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون پهچي زخمين کي اسپتالن تائين کڻي وڃڻ لاءِ مشورو ڏين ٿيون، ڇاڪاڻ ته اسپتالن جيتريون سهولتون اُنهن علائقن تائين ڏيڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه ناهن.ڇاڪاڻ ته ڪُجهه اهڙا زخمي به هُجن ٿا جن لاءِ آپريشن وغيرهه جا به انتطام ڪرڻا پوندا آهن. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته بلوچستان جي اندر اُنهن علائقن مان ماڻهن کي ڪڍي شهر جي اسپتالن تائين کڻي وڃڻ جي اجازت نه ملي سگهڻ جي صورت ۾ ڪهڙو حل هوندو؟ جيڪڏهن ڪو به امدادي ادارو پنهنجي ڊاڪٽرن جي ٽيم جي مشوري تي ڪنهن سيريس مريض کي مختلف اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ ڪي اُپاءَ وٺي ٿو ته ان جي ضمانت ڪير کڻندو ته اهڙي مريض جي ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ صحيح سلامت اُن جي واپسي پنهنجي علائقي تائين ٿي به سگهندي يا نه؟ ڇاڪاڻ ته بلوچستان ۾ گُمشدگين جا معاملا ته هاڻ ڪنهن کان به ڳُجها ناهن رهيا. سپريم ڪورٽ جي لڳاتار ڏنل فيصلن جي باوجود به ماڻهن جون گُمشدگيون سواليه نشان بڻيل آهن.؟!
    2013ع واري زلزلي جي تباهيءَ بلوچستان کي مختلف حوالن سان هڪ اهڙي صحرا ۾ اچي سوڙهو ڪيو آهي، جتان نڪرڻ ايترو آسان ناهي. ڇاڪاڻ ته بلوچستان جي وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ جي اچڻ سان ئي اهڙا سوال سامهون آيا هُئا ته پهاڙن تي پُهتل بلوچن جي واپسيءَ جا رستا کُلي سگهن ٿا. پر پهرين پيشرفت جيڪا پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي ادارن کي سهڪار جي صورت ۾ ڪرڻ گهربي هُئي سا ٿي نه سگهي. خود مالڪ بلوچ به ان معاملي تي مُنجهيل رهيو آهي ته جيڪڏهن گُمشدگين جا معاملا رُڪجي سگهن ته ڳالهين جي ٽُٽل زنجير کي جوڙڻ لاءِ هو ناراض بلوچن سان ڳالهائي سگهي. پر ڪي اهڙيون قوتون آهن جيڪي لڳاتار اهڙين ڳالهين جي ٽُٽل زنجير کي جوڙڻ نٿيون ڏين. هن وقت بلوچستان جي زلزلي جي سَٽ اُنهن ماڻهن جي حالت کي وڌيڪ رحم جوڳو بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪي زلزلي جي سياست جو شڪار بڻجڻ وارا آهن. هڪ پاسي ناراض بلوچن جا خدشا، ٻئي پاسي امدادي ادارن کي سيڪيورٽيءَ جي حوالي سان ”گرين سگنل“ وارو اعتماد ڏيارڻ. اهي اهڙا معاملا آهن جيڪي بلوچستان حڪومت لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن. امدادي سرگرميون جنهن سُست رفتاريءَ سان هلي رهيون آهن اهڙي رفتار رهي ته وڏي جاني نُقصان جا خدشا آهن.
    ڪنهن امدادي اداري جي بقول ته ”هُو اهڙن علائقن ۾ ڪيئن وڃن؟ جتي سندن زندگيون داوَ تي لڳل هُجن.“ ٻئي پاسي لسٻيلي، اوٿل ۽ تربت مان امدادي ڪم ڪندڙ ادارن کي ڳُجهن ادارن پاران، بار بار اها تنبيهه ڪئي وڃي ٿي ته هو اُنهن علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري نه رکن، جتي ناراض بلوچن جا ٺڪاڻا موجود آهن. جڏهن ته کين ان ڳالهه تي آمادهه ڪيو وڃي پيو ته هو سيڪيورٽي فورسز کي ساڻ کڻي وڃن. ٻئي پاسي اُنهن علائقن مان کين اهو سنيهو ملندو رهي ٿو ته سيڪيورٽيءَ کانسواءِ آزاديءَ سان امدادي ادارا ڪم ڪري سگهن ٿا. پر پاڪستان جي ڳُجهن ادارن جي ان ڳالهه تي رضامندي ناهي. جيڪڏهن امدادي ادارن کي اها اجازت ملي پوي ته هو سيڪيورٽي فورسز کانسواءِ به اُنهن علائقن ۾ وڃي سگهن ٿا، جيڪي علائقا ريڊ زون ۾ ڳڻيا وڃن ٿا ته شايد بلوچستان ۾ آيل اهڙي مصيبت کي ڪنهن حد تائين منهن ڏئي سگهجي ٿو. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته لڳاتار سيڪيورٽي فورسز ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي ڇو بيٺيون آهن ته اُنهن کانسواءِ اُنهن علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري نه رهن. ان جو مطلب ته پاڻ واري سنگت جون اهڙين سنگين حالتن ۾ به ڪي ٻيون نيتون آهن. جيڪڏهن آفتن جي آڙ ۾ انساني جذبي جي آڌار تي ڪنهن جي مدد ٿئي ٿي ته اُن مان به فائدن حاصل ڪرڻ ۽ اُنهن علائقن ۾ امدادي ادارن کي آزاديءَ سان موڪلڻ بجاءِ آپريشن ڪرڻ جون منصوبا سازيون ڪرڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مُلڪ جي ماڻهن جي نسل ڪُشي ڪرڻ لاءِ اُنهن جي مجبور حالتن جا به فائدا وٺندي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ درندگيءَ کي باقي ڪهڙو نالو ڏجي؟!!
    جيڪڏهن اهڙين نيتن کي ٺيڪ نه ڪيو ويو ته بلوچستان جي ناراض نسل کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به ڳالهين جا رستا کُلي نه سگهندا. دنيا ۾ جنگين جا به ڪي اصول هوندا آهن. جن ۾ بيمارن، ٻارن، عورتن ۽ ڪمزورن جو لحاذ ڪيو ويندو آهي. پر اُهو بلوچستان جيڪو پاڪستان جو حصو هُجڻ جي باوجود به اُن سان جنگي اصولن تي عمل ڪرڻ بجاءِ اُنهن اُصولن ۽ ضابطن کان هٽي بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته ڪڏهن به بلوچستان جي اُن ناراض نسل کي پرچائي نٿو سگهجي جيڪو پهاڙن جي پاڇي ۾ پلجي رهيو آهي. زلزلو ته قدرتي آفت آهي پر اُنهن ماڻهن لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو زلزلو هوندو جو اُنهن جي وقت سِر مدد ٿي نه سگهڻ سبب اُنهن جا پيارا اُنهن جي سامهون موت جي ننڊ سمهي پوندا هُجن؟ انساني همدرديءَ جون به ڪي تقاضائون هونديون آهن. جن جي بنياد تي، وقتي طور جنگبنديون به ٿينديون آهن. بلوچن جي ويڙهاڪن ته اهڙي آفت ۾ هٿيار ڦٽا ڪري، پنهنجي ماڻهن جي مدد لاءِ پيش رفت ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي اهي خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ته ويڙهاڪ بلوچن اهو فيصلو ڪري ورتو آهي ته هنن حالتن ۾ هو سمورن امدادي ادارن لاءِ رستا کُليل رکندا. پر ڪنهن به سيڪيورٽي فورسز جي داخلا تي بندش هوندي. اهڙي حالت ۾ اسان جو ردِ عمل اهڙو نه هُجڻ گهرجي جو امدادي ادارا به ماڻهن جي ضعيف حالت ڏسي به پنهنجون اکيون ٻوٽي هليا وڃن. تنهن ڪري مُلڪي اسٽيبلشمينٽ کي هن نازڪ مرحلي تي پنهنجون نيتون صاف رکڻيون پونديون. هونئن به ڪنهن جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺڻ اهڙي دلاليءَ جي برابر آهي. جنهن سان دلال جي دل به زخمي ٿي پوندي آهي.


    پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بلوچستان معاملو...

    هر جنگ جو بنياد ڌوڪو هوندو آهي. اهو ڌوڪو جيڪو دُشمنن کي ڏنو ويندو آهي. پر پاڪستان جي سياسي تاريخ اُن جي اُبتي گنگا وانگر اهڙن ڌوڪن سان ڀري پئي آهي جيڪي مُلڪي عوام سان حقِ خوداراديت جي مطالبي جي سزا طور ساڻن ٿيندا رهيا آهن. اُنهن ڌوڪن جي ابتدا ته اُن وقت کان ئي شروع ٿي چُڪي هُئي. جڏهن پاڪستان جو باني زيارت ۾ زيرِ علاج هو. اُن وقت جڏهن هُن کي ڦڦڙن جي بيماريءَ بستري تائين محدود ڪري ڇڏيو هو ۽ هُن نرس کي تپاسڻ کان به منع ڪري ڇڏي هُئي. نرس کيس ائين چئي کيس مُطمئن ڪرڻ لڳي هُئي ته: ”اهو ڊاڪٽرن جو حڪم آهي.“ تڏهن جسم جي ڪمزور پڃري مان به پُراعتماد انداز ۾ نرس کي چوندو رهيو ته: ”مان آرڊر وٺندو ناهيان... ڏيندو آهيان...“ تڏهن نرس کيس هلڪي مسڪراهٽ سان چوندي آهي ته: ”اها ڊاڪٽرن جي التجا آهي.“ ۽ 70 پائونڊ تائين وزن جي گهٽجي وڃڻ کان پوءِ به هُن جون سنهڙيون آڱريون انهن ڪاغذن تي ڪم ڪنديون رهيون، جيڪي ڪاغذ پاڪستان جي ترقيءَ، انصاف، برابري ۽ قومن جي حقِ خود اختياري جي گڏيل دستاويزي صورت ۾ سامهون اچي رهيا هُئا. اهو محمد علي جناح، جنهن وٽ علالت ۽ ضعيفيءَ واري عمر ۾ به موڪل جو ڏينهن اجنبي هوندو هو. پاڪستان جي ابتدائي سال ۾ ئي محمد علي جناح جي ويزن ۽ خواب واري پاڪستان کي سازشن جي سوڙهين گهٽين ۾ ئي ختم ڪيو ويو. اُن جي شروعات اُن وقت کان ٿي هُئي جڏهن 11سيپٽمبر 1948ع ۾ ڪوئٽه کان ڪراچيءَ جي ماڙيپور ايئر پورٽ تان محمد علي جناح لاءِ موڪليل ايمبولينس چار ڪلوميٽرن جو مفاصلو مس طئي ڪري سگهي هُئي ۽ هن مُلڪ جو باني اذيت واري انتظار ۾ اڌ رستي ۾ ئي رهيو ۽ نئين ايندڙ ايمبولينس به هڪ سازش تحت اهڙي رستي سان گُذاري وئي جيڪو رستو گهڻي رش سبب ايمبولينس کي اسپتال تائين آسانيءَ سان پهچائي نه پئي سگهيو.
    اُهي ڪهڙا ڳُجها هٿ هُئا جيڪي هن مُلڪ جي لبرل سوچ، قومن جي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل ٿيندڙ قومن واري حيثيت جا انڪاري هُئا. جن نه پئي چاهيو ته محمد علي جناح جي تصور وارو پاڪستان زندهه رهي سگهي. جن قطعي به قومن جي خودمختياريءَ واري سوال کي هميشه اُلجهائي، جناح جي پاڪستان واري تصور کي ماري اسلامي نظرياتي مُلڪ جي حيثيت برقرار رکڻ پئي چاهي.
    جمهوريت دُشمن قوتون هن مُلڪ جي اڇي ڪاري جون مالڪ ٿيڻ لاءِ قومن جي بنيادي انساني حقن ۽ برابريءَ جون شروعات کان ئي مخالف رهيون آهن. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته، ڀاءُ جي وڇوڙي کان پوءِ عملي سياست کان پري رهندڙ فاطمه جناح کي 2 جنوري 1965 جي صدارتي چونڊن ۾ ايوب خان جي مقابلي ۾ ڳري اُميدوار طور آڻڻ لاءِ جمهوريت پسند قوتن شهيد حسين سهرورديءَ جي گهر ۾ گڏجاڻي ڪري، هڪ ڊڪٽيٽر اڳيان، اُميدوار طور بيهارڻ جو فيصلو ڪيو. جيڪا مولانا ڀاشانيءَ جي اسرار تي آخرڪار راضي ٿي هُئي. جنهن کي جمهوريت مخالف قوتن ئي بُري طريقي سان ڌانڌلين ذريعي ايوب هٿان شڪست ڏياري هُئي.
    جمهوريت دُشمن قوتن ڪڏهن به ناهي چاهيو ته پاڪستان اندر قومن جي بنيادي حقن کي تسليم ڪري انهن جي مُعاشي وسيلن جي صحيح معنى ۾ ورهاست ٿي سگهي. جمهوريت مخالف قوتن جي دُشمنيءَ جا معيار ۽ ماپا مُلڪي وسيلن کي اک ۾ رکندڙ دُشمن قوتن کي ڌوڪو ڏئي وسيلن کي بچائڻ بجاءِ هن مُلڪ کي هميشه عوام جي هٿن ۾ ڏيڻ کي مُلڪ دُشمني پئي سمجهيو آهي. انهن وفاق جي نالي تي قومن جي بنيادي حقن کي پنهنجي بوٽن هيٺان لتاڙڻ کي اعزاز سمجهي هميشه اُهي عمل ڪيا آهن. جيڪي هن مُلڪ کي ڪنهن صبح پاسي وٺي وڃڻ بجاءِ رات جي اونداهين ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي.
    1970ع جي چونڊن ۾ اوڀر پاڪستان جي 162 سيٽن مان عوامي ليگ 160 سيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ فقط 87 سيٽون حاصل ڪري ٻي پوزيشن حاصل ڪئي هُئي. اُن وقت به جمهوريت دُشمن قوتن پاور شيئر جي بنياد تي حڪومت ٺاهڻ جو ارادو ڪيو هو. جڏهن ته حڪومت ٺاهڻ جو حق شيخ مجيب جو هو. اُنهن ئي سازشي هٿن ڀُٽي جي پُٺي ٺپي کيس ميدان ۾ لاهي بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪري ڀُٽي کي وزيرِاعظم بڻايو هو. اُن حساب سان ڏٺو وڃي ته ڀُٽو جمهوريت جو علمبردار نه هو پر اسٽيبلشمينٽ هٿن ۾ اهڙو رانديڪو بڻيل هو. جيڪو جمهوريت جو نامِ نهاد راڳ الاپي عوامي اڳواڻ جي نالي تي خود جاگيرداريت جو حامي هو. جنهن جي ڀڙڪيدار تقريرن بنگالين جي احساسن سان کيڏڻ شروع ڪيو هو. 18 فيبروري 1970ع ۾ مينارِ پاڪستان تان ڀُٽي جي اُها ڀڙڪيدار تقرير اڄ به رڪارڊ تي آهي. جنهن ۾ هُن چيو هو ته ”جنهن به اوڀر پاڪستان جي علحدگيءَ جي ڳالهه ڪئي ته مان اُن جون ٽنگون ٽوڙي ڇڏيندس” ۽ پوءِ ڀُٽي نه رُڳو مِلٽري اسٽيبلشمينٽ جو آشيرواد حاصل ڪري ورتو هو. پر اُنهن ئي هٿن ڀُٽي کي نئين برانڊ سان هن مُلڪ جو اقتدار سونپيو هو. شيخ مجيب جي 6 نُڪاتي ايجندا تي ويچارڻ بجاءِ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ کي پهرين ٻن نُقطن کانسواءِ باقي چئن نُقطن مان بغاوت جي بوءِ اچڻ لڳي هُئي. عوامي ليگ جي انهن 06 نُقطن تي بحث ڪرڻ لاءِ عوامي ليگ کي انتظار جي ڌوڪي ۾ رکي. بنگلاديش جي سِڻيءَ جا سَلا ساڙڻ جا سانباها شروع ٿي ويا هُئا ۽ هڪ هڪ ڏينهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ بنگالين کي بيهاري پنهنجا نشانا سُڌارڻ جي پريڪٽس ٿيندي رهي ۽ سانورن سينن ۾ سنگينون کوڙيون ويون. سرچ لائيٽ آپريشن ۾ 30 لک بنگالين جي رت جي عيوض بنگال مان جمهوريت دُشمن قوتن آخرڪار گوڏا کوڙيا ۽ اوڀر پاڪستان غير جمهوري قوتن جي غلطين ۽ پنهنجي ئي مُلڪي عوام کي ڌوڪي ڏيڻ جي نتيجي ۾ آزاد مُلڪ بنگلاديش جي صورت ۾ سامهون آيو. پاڪستان آرمي چٽاگانگ ۾ پاڪستاني فوج جي اڳواڻ جنرل نيازيءَ ڀارت جي فوجي اڳواڻ جنرل اروڙا جي پيرن تي پئي سرينڊر ڪري ڇڏيو. پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ پنهنجي ڪيل غلطين تي پڇتاءَ ڪرڻ جي بجاءِ ۽ انهن غلطين مان سکڻ ۽ سمجهڻ بجاءِ رهيل پاڪستان ۾ لڳاتار پنهنجي جُنوني طاقت جي مظاهري کي برقرار رکندي، پنهنجي بندوقن جا رُخ اُن پاسي موڙي ڇڏيا. جيڪو پاڪستان جو بيحد پٺتي پيل ۽ زندگيءَ جي تمام تر سهولتن جي اڻهوند جو شڪار صوبو بلوچستان هو. 1973ع واري بلوچستان آپريشن جي ابتدا به اسٽيبلشمينٽ هٿان ڀُٽي کي استعمال ڪري جنرل ٽڪا خان جي سربراهيءَ ۾ بلوچن کي سبق سيکارڻ هو. پنهنجي ئي مُلڪ جي عوام مٿان فوجي طاقت جي استعمال جا نتيجا اهڙا اُگرا نڪتا جو باغي بلوچ مسلسل هن رياست جي پاڇي ۾ پناهه وٺي رهڻ بجاءِ موت کي وڌيڪ ترجيع ڏيندا رهيا. اُن کان اڳ 1959ع ۾ بلوچستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ، ناراض بلوچن کي پهاڙن تان پاڪ ڪتابن جا واسطا ڏئي هيٺ لاٿو ويو هو پر ڳالهين بجاءِ، کين حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ قيد ڪرڻ کان پوءِ ڦاسيون ڏنيون ويون هُيون اُن وقت به بلوچ مزاحمت تحريڪ ڌوڪي جو شڪار بڻجي وئي هُئي. جنهن جو پاڪستان جي حڪمرانن تان اعتماد کڄي ويو هو. 90 سالن جي ”نوروز خان“ کي قيد کان پوءِ ڦاسي ڏيڻ سان بلوچن کي ڳالهين لاءِ آمادهه ڪرڻ واري وٿي به حڪمرانن پنهنجي هٿن مان وڃائي ڇڏي. اُها ڌار ڳالهه آهي ته باوجود ايترن، مفاصلن جي بلوچ قيادت سياسي مصلحتن کان ڪم وٺندي، وري به ڳالهين جي آڇ کي دل سان قبول ڪندي رهي. اُن کان پوءِ اڪثر بلوچ اڳواڻ اسيمبلين ۾ اعتماد رکي وفاق کان پنهنجي جائز حقن جي گُهر ڪندا رهيا. ان حد تائين جو بلوچستان جي باهه کي ڳالهين جي ٿڌي پاڻيءَ سان وسائي سگهجي ها. پر ڊاڪٽر شازيه خالد واري ڪيس جا پيرا جڏهن مُلڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ قوتن تائين پهتا ۽ نواب اڪبر بُگٽي اهڙي ڪيس تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ ساڳئي انداز سان ڳالهين جي سُئيءَ کي سورڻ لاءِ مسلم ليگ(ق) جي سيڪريٽري جنرل مشاهد حسين معرفت معاملا نبيرڻ لاءِ پيشرفت ڪئي، جيڪا گهڻي زور بار کان پوءِ به ڪامياب ٿي نه سگهي ۽ نواب اڪبر بُگٽي جيڪو سڄي زندگي اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد هيٺ رهيو. تنهن نه رُڳو بلوچستان جي مُڪمل قومي خودمختياريءَ جو مطالبو ڪيو پر مطالبي پوري نه ٿيڻ سبب ساٿين سميت 2005ع جي آخر ۾ پهاڙن پاسي هليو ويو. جتان هُن بلوچستان جي مُڪمل آزاديءَ جي گُهر ڪئي. ساڳئي انداز ۾ هڪ فوجي ڊڪٽيٽر مُشرف پاران اهو به بيان به جاري ڪيو ويو ته ”هي ستر جو ڏهاڪو ناهي پر هي 2006ع آهي. بلوچن کي خبر ئي نه پوندي ته مٿن حملو ڪٿان کان ٿيو آهي.“ جيتوڻيڪ بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ سردار نواب اڪبر بُگٽيءَ کان پهرين فقط بالاچ خان ۽ اُن جي ساٿين جي هٿ ۾ هُئي. جيڪي ڪنهن به صورت ۾ ڳالهين لاءِ تيار نه هُئا. پر جڏهن سردار نواب اڪبر بُگٽي خود به پهاڙن جو پنڌ ورتو ته بلوچن جي مزاحمتي تحريڪ وڌيڪ مُنظم ۽ متحرڪ ٿي وئي. جيتوڻيڪ 2006 ع ۾ نواب اڪبر بُگٽيءَ کي پاڪستان آرميءَ جي آپريشن ۾ ماريو ويو ۽ اُن جا ڪيترائي ٻيا ساٿي شهيد ٿي ويا پر باوجود اُن جي سردار خيربخش مريءَ جي پُٽ بالاچ خان اُن تحريڪ جي سرواڻي ڪرڻ شروع ڪئي. پر2007ع ۾ بالاچ خان جي شهادت کان پوءِ اهو عام تاثر اُڀريو ته بلوچ مزاحمتي تحريڪ هاڻ ڪمزور ٿي چُڪي آهي يا ڪنهن قدر ختم ٿي چُڪي آهي. اهو تاثر تڏهن غلط ثابت ٿيو جڏهن برهمداغ بُگٽيءَ جا انٽرويو ۽ بيان ميڊيا تي اچڻ لڳا. جنهن سوئزرلينڊ ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته: ”هاڻ بلوچستان معاملي تي ڳالهيون فقط هڪ ايجنڊا تي ٿينديون. ”ون پوائنٽ ايجنڊا“ جيڪا بلوچن جي آزاديءَ جي هوندي.“ جيتوڻيڪ برهمداغ جي بيانن، انٽرويوز ۽ سردار خيربخش مري جي بيانن مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته بلوچن جو ناراض نسل ڪيترو اڳتي نڪري چُڪو آهي؟ بظاهر بلوچستان معاملو ايترو سنگين بڻجي ويو آهي، جنهن تي مسلم ليگ (ن) تيستائين ڪجهه به ڪري نه سگهندي جيستائين قانون نافذ ڪندڙ ادارن طرفان گُمشدگين جو سلسلو ختم نه ٿيندو ۽ گُم ٿيل بلوچن جي واپسيءَ جا رستا صاف نه ٿيندا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ڊاڪٽر مالڪ بلوچ سياسي ساڃاهه رکندڙ شخصيت آهي. پر سياسي ساڃاهه جي رستي تي پوکيل انيڪ ڪنڊن وارا رستا صاف ڪرڻ جي وٽس طاقت به آهي يا نه؟ اهو خود هڪ وڏو سوال آهي. جيڪو اڪثر سياسي تجزيي نگارن جي ذهنن ۾ گردش ڪندو رهي ٿو.ڇاڪاڻ ته قانون نافذ ڪندڙ اهلڪارن مٿان سپريم ڪورٽ به ڪيترائي نوٽيس ڪڍي چُڪي آهي. پر گُم ٿيل بلوچن جو معاملو ايترو اُلجهي ويو آهي. جنهن تي سپريم ڪورٽ مسلسل سخت ٻولي استعمال ڪندي رهي، پر معاملو سُلجهڻ بجاءِ اُلجهندو ئي رهيو آهي. هن وقت مسلم ليگ (ن) معاملي کي سُلجهائڻ جي ڪيتري صلاحيت رکي ٿي؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو. پر گُذريل چئن ڏهاڪن کان هلندڙ ويڙهه ۾ بلوچن کي سياسي رستي ڏيکارڻ جي آڙ ۾ هميشه ڌوڪا مليا آهن. هن ڀيري جڏهن مسلم ليگ (ن) اهڙو ڏکيو معاملو هٿ ۾ کنيو آهي، جنهن کي سُلجهائڻ لاءِ هُن وٽ ڪيترائي آپشنس به موجود هُئا. پر جيڪڏهن بلوچ باغين سان ڳالهين لاءِ پهرين پيشرفت ٿيڻ لاءِ گُم ٿيل ماڻهن جا معاملا نٿا سُلجهايا وڃن ۽ کين پهاڙن تان واپسيءَ جا رستا ڪليئر ٿي نٿا ملن، تيستائين بلوچستان جي باهه وسائڻ نواز ليگ جي وس جي ڳالهه نظر نٿي اچي.
    شاگرد سياست کان وٺي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه تائين جي سياسي سفر ۾ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ بلوچستان جا مختلف دور ڏٺا آهن. اُن کي ان ڳالهه جو اندازو يقينن هوندو ته بلوچستان جون حالتون ڪنهن تڪڙي معاشي پئڪيج سان سلهاڙيل ناهن جو جلد سُلجهائي سگهجن. معاشي پئڪيجن تي پيشرفت تڏهن ٿي سگهندي آهي. جڏهن ماڻهو نفسياتي خوف واري الميي مان نڪرندا آهن. بلوچستان جا ڪُلها لاش ڍوئي ڍوئي ساڻا ٿي پيا آهن. لاشن جو اُهو سلسلو رُڪجڻ کان پوءِ ئي بلوچستان معاملي جو سياسي ۽ معاشي حل تلاش ٿي سگهندو. ٻي صورت ۾ معاشي پئڪيج ۽ ترقياتي رٿائن وارا قدم بلوچستان مسئلي جو حل ناهن. سڀ کان وڏو حل هزارن جي تعداد ۾ گُم ٿيل ماڻهن جي واپسيءَ جي معاملي سان سلهاڙيل آهي. جيڪڏهن اُن معاملي کي نظرانداز ڪري ترقياتي رٿائن، معاشي پئڪيجز جا اعلان ڪيا ويا ته، بلوچستان جو مسئلو وڌيڪ اُلجهي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن مُلڪ جي اندر ڪجهه اهڙيون قوتون به آهن جيڪي، ڪنهن به طرح نٿيون چاهن ته معاملا ڳالهين جي ذريعي ۽ سياسي طريقن جي رستي حل ٿي سگهن. پاڪستان اندر قومي سوال جي تضادن کي سمجهڻ ۽ قومن جي حقِ خوداراديت واري سوال جي لتاڙ جهڙي طرح هن مُلڪ ۾ ٿيندي رهي آهي. اهڙو مثال ڪٿي به نه ملندو. گهٽ ۾ گهٽ هن وقت تائين جي سياسي تاريخ ته اهڙن وڏن المين ۽ حادثن جو مجموعو نظر اچي رهي آهي.


    پاڪستان جي تحفظ جو آرڊيننس ۽ پُرامن سياسي پارٽيون

    پهرين جولاءِ 1970ع واري ڏينهن، جنهن ڏينهن ون يونٽ جو ويڙهيل واسينگ سنڌ جي ڳچيءَ مان لاٿو ويو هو ۽ سنڌ کي پنهنجي نالي جي سُڃاڻپ موٽي مِلي هُئي تڏهن سنڌ پرست ۽ وطن دوست قومپرست ڌُرين جي مُرجهايل چهرن تي مُرڪون موٽي آيون هُيون. اڄ 2014ع جو سال هلندڙ آهي. انهن 44 سالن واري عرصي ۾ سنڌ ڪيترن ئي قانوني ۽ آئيني حقن کان محروم رهي آهي. اُن تي نظر وجهون ٿا ته ائين ٿو لڳي، ڄڻ انهن 44 سالن واري عرصي ۾ ڪڏهن به سنڌ ڪو سڀاڳو صبح ناهي ڏٺو. سياست ليگل مافيا بڻجي عوامي حقن ۽ سياسي آزاديءَ مٿان مُختلف آرڊيننسن جي آڙ ۾ هر معاملي کي ليگلائيز ليبل لڳائي، مُخالف موقف مٿان اُبتيون ڇريون وهائيندي رهي آهي. ڪيتريون مارشلائون آيون ويون ۽ مجلسِ شورى جي آڙ ۾ انتهاپسنديءَ جي جن هٿان مُلڪ جي ڀيل ڪرائي وئي. سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاريءَ کي سرڪاري سرپرستيءَ ۾ نه رُڳو آندو ويو پر اُنهن جي روزگار ۽ رهائشن لاءِ ڪالونين جا فصل پوکيا ويا. سنڌ جي اعتراضن کي منهن ڏيڻ لاءِ قانوني ترميمون ۽ توثيقون اسيمبلين مان بِلن جي صورت ۾ بحال ٿينديون رهيون. ڪنهن سِر ڦريي اهڙن معاملن تي ڪو اعتراض ڪيو ته کيس جيلن ۾ واڙي ورهين تائين قيد ڪيو ويو. ڪنهن کي ڪهڙي مجال جو سرڪاري حُڪمن جي تابعداريءَ کان انڪار ڪري. سنڌ جي سياسي نفسيات کي مُنظم طريقي سان تبديل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ اهڙي سياسي قيادت کي اڳيان آندو. جيڪا اُن جي اڳيان هر وقت مُغل درٻار ۾ بيٺل غلامن وانگر نظر اچي. وطن دوست، قومپرست قوتون جيڪي ڪنهن به طرح اُنهن جي سياسي نفسيات واري سانچي ۾ فٽ نه پئي ٿيون. اُهي اسٽيبلشمينٽ جي نفرتن جي نشاني تي رهيون. کين ڪنهن به طرح اڳيان اچڻ جي وٿي نه ڏني وئي. ان جا سوين مثال پاڪستان جي گُذريل 44 سالن جي تاريخ پڙهڻ سان ملي ويندا. اهڙي سياسي قيادت کي اڳيان آندو ويو. جنهن سياسي قيادت وٽ بُنيادي انساني خدمتن ۽ عوامي مسئلن جي حل جو ڪو به سياسي پروگرام نه هو. اُهي پاور ۽ پروٽوڪول جي وچڙندڙ مرض ۾ مبتلا بڻجي. هر آرڊيننس ۽ بل کي ايوانن مان اکيون ٻوٽي پاس ڪرائيندا رهيا. جن کي اُن آرڊيننس جي نتيجي ۾ پئدا ٿيندڙ اثرن ۽ عوام ۾ پئدا ٿيندڙ بيچينيءَ سان ٽڪي جيتري به دلچسپي نه رهي. نتيجي طور سنڌ ۾ سنجيدهه سياسي ڌُريون جيڪي اهڙن آرڊيننسن ۽ بِلن کي سنڌ لاءِ خطرو قرار ڏئي روڊن ۽ رستن تي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائينديون رهيون. پر اهڙن احتجاجن، ريلين، مظاهرن ۽ هڙتالن جا ڪي به خاطر خُواهه نتيجا نڪري نه سگهيا. اهڙا گهٽ مثال آهن جو سنڌ جي سنجيدهه سياسي حلقن ۽ پارٽين جي احتجاج جي نتيجي ۾ ڪو بِل يا آرڊيننس واپس ٿي سگهيو هُجي. البته اهڙن احتجاج جي نتيجي ۾ مڪاني ادارن واري ٻٽي نظام وارو بِل واپس ٿي سگهيو هو. جنهن ۾ پڻ پيپلز پارٽيءَ جا پنهنجا مُفاد شامل هُئا. جيڪڏهن سنڌ جا سُڄاڻ دوست اهڙي خوشفهميءَ جو شڪار آهن ته اُنهن جي لڳاتار جدوجهد جي نتيجي ۾ اهڙو بِل واپس ٿي سگهيو هو ته شايد اها اُنهن جي ڀُل ئي آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ذوالفقار آباد سميت سنڌ جي اهم سياسي معاملن تي پيپلز پارٽي پنهنجي موقف ۾ ٿوري گهڻي لچڪ پئدا ڪري ها. افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته ون يونٽ جي خاتمي واري ڏينهن کان هڪ ڏينهن پهرين يعني 30 جون 2014ع تي سينيٽ اهڙي تڪراري بِل ”تحفظ پاڪستان آرڊيننس“ کي پاس ڪيو آهي. جيڪو پاڪستان جي سمورن صوبن جي اندر ڪنهن ”ڪاري قانون“ کان گهٽ ناهي. اُهو بِل 2 جولاءِ تي قومي اسيمبليءَ مان پڻ پاس ڪيو ويو آهي.
    هن وقت جڏهن پاڪستان جي اندر گوانٽانامو بي جهڙو بِل ”پروٽيڪشن آف پاڪستان آرڊيننس“ سينيٽ کان پوءِ، قومي اسيمبلي مان به پاس ٿي چُڪو آهي. جنهن تي انساني حقن جي قومي ۽ بين الاقوامي تنظيمن کي سخت تحفظات آهن. ڇاڪاڻ ته اهڙي بِل پاس ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ”ويلفيئر اسٽيٽ“ مان بدلجي ”سيڪيورٽي اسٽيٽ“ بڻجي ويندو. پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته سنڌ سميت ڪنهن به صوبي جي چونڊيل نُمائندي اهڙي بِل پاس ٿيڻ تي ڪنهن به قسم جو اعتراض ناهي ڪيو. سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل ٽنهي صوبن جا ماڻهو به اهڙي بِل تي صحيحون ڪري چُڪا آهن. اهو سمجهڻ ضروري آهي ته تحفظِ پاڪستان آرڊيننس ( پي پي او) آهي ڇا؟ اهڙي بِل جي هن وقت ضرورت پيش ڇو آئي آهي؟
    تحفظ پاڪستان آرڊيننس صدرِ پاڪستان، 31 آڪٽومبر، 2013ع ۾ جاري ڪيو هو. جيڪو سينيٽ مان پاس ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيڻ کان پوءِ پاس ڪيو ويو آهي. پروٽيڪشن آف پاڪستان آرڊيننس (پي پي او) اهڙو آرڊيننس آهي، جيڪو سيڪيورٽي فورسز کي جن ۾ پوليس به اچي وڃي ٿي، اهو قانوني حق ميسر ڪري ٿو ته هُو دهشتگرديءَ ۾ مُلوث ڪنهن به ماڻهو کي کنڀي سگهن ٿا ۽ انڪوائري ڪري سگهن ٿا. يا جن ماڻهن تي اُنهن کي شڪ آهي ته اُنهن کي ٽن مهينن تائين پنهنجي حراست ۾ رکي سگهن ٿا. ڪن حالتن ۾ جڏهن حالتون جنگي صورتحال اختيار ڪري وڃن يا ڪنهن به جاءِ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ٿيندو هُجي ته فورسز ۾ 15 گريڊ واري سيڪيورٽي اهلڪار کي اهو اختيار هوندو ته اُهو گولي هلائڻ جا آرڊر به ڏئي سگهي ٿو. ان کان سواءِ هن آرڊيننس ۾ هڪ اهم ترميم به شامل ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ پابند ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ اداري جو ڪو اهلڪار ”مشڪوڪ دهشتگرد“ کي گولي هڻي ماري ٿو ته اها محڪماتي انڪوارئريءَ بدران ان جي عدالتي جاچ جو حڪم ڏيندي.
    جيئن ته هن وقت مُلڪ اندر جنگي صورتحال هُجڻ سبب، جڏهن اُتر وزيرستان ۾ آپريشن ضربِ عضب اُنهن اُزبڪ ۽ ٻين مُلڪي ۽ غير مُلڪي ويڙهاڪن خلاف هلندڙ آهي. ڪراچي ۽ پشاور جي ايئربيس تي حملا ٿيندا رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهڙي بِل کي پيش ڪري پاس ڪيو ويو آهي ته جيئن سيڪيورٽي اهلڪارن کي اهو قانوني حق مِليل هُجي ته جيئن اُهي ڪنهن جي به مُداخلت کان سواءِ پنهنجي ڪارروائي جاري رکي سگهن. جيتوڻيڪ اهڙو بِل ضربِ عضب ۽ ٻن صوبن جي ايئر بيس تي ٿيل حملن کان اڳ ئي بحث جو موضوع بڻيل رهيو هو. جنهن تي سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين صوبن پڻ اعتراض اُٿاريا هُئا. پر اهڙي تڪراري بِل جي پاس ٿيڻ کان پوءِ هن ۾ موجود ڪيترا ئي نُڪتا، پُرامن سياسي تنظيمن جي اڳيان اهم سواليه نشان بڻيل آهن. دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ڪنهن به طور تي قابلِ قبول نه هُجڻ گُهرجن، جيڪڏهن دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جي خاتمي واري نيڪ نيتيءَ سان اهڙي بِل کي پاس ڪيو وڃي ها ته شايد ان تي ڪي به اعتراض سامهون اچي نه سگهن ها. پر هن وقت تائين اهڙي بِل جي پيش ٿيڻ جي پويان جيڪي معاملا سامهون آيا آهن. اُنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهڙي آرڊيننس لاڳو ٿيڻ سان پُرامن سياسي ورڪرن جي رستن تي ڪرندڙ لاشن ۾ اضافو ٿيندو ۽ پُرامن سياست جي رستا روڪ ڪئي ويندي. فاٽا کان وٺي، بلوچستان ۽ سنڌ اهڙي آرڊيننس جي عتاب جي قيمت ادا ڪندا. جتي اڳواٽ اهڙي آرڊيننس واري عتاب هيٺ آهن. هاڻ رُڳو اهڙي معاملي ۾ سيڪيورٽي فورسز مٿان ٿيندڙ سخت تنقيد جي خاتمي لاءِ اُن کي ليگلائيز (قانوني حيثيت) ڏيڻ جي ضرورت آهي. جنهن لاءِ پي پي او واري آرڊيننس کي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ مان منظوري ملي وئي آهي. آرڊيننس جي ڪجهه نُڪتن تي ويچارجي ٿو ته ايندڙ وقت ۾ پُرامن سياسي تنظيمن جي رستا روڪ ٿيندي جيڪي آزاديءَ سان پنهنجي راءِ رکي سگهڻ جي به حالت ۾ نه هونديون. هن بِل ۾ ٻين ڪيترن نُقطن سان گڏ اهم نُڪتو اهو به آهي، جنهن ۾ واضع طور چيو ويو آهي ته ”سيڪيورٽي فورسز هن آرڊيننس تحت مُلڪ دُشمن قُوتن، جيڪي مُلڪ خلاف ڪم ڪن ٿيون يا مُلڪ جي جاگرافيائي وحدت خلاف آهن. اُنهن جي خلاف سيڪيورٽي فورسز ايڪشن کڻنديون.“ گهٽ ۾ گهٽ ان نُقطي مان واضع ٿي وڃي ٿو ته سنڌ ۽ بلوچستان جون اُهي قومپرست جماعتون ته سڌي طرح ان آرڊيننس جي عتاب جو شڪار هونديون. جيڪي پنهنجي قوم ۽ وطن جي آجپي جا خواب اکين ۾ سانڍي ويٺل آهن. پوءِ ڀلي اُنهن جي آجپي جا رستا پُرامن ئي ڇو نه هُجن؟ پر سيڪيورٽي فورسز جي نشاني تي رهنديون.
    هن آرڊيننس هيٺ سيڪيورٽي جي ٻين ادارن سان گڏ، پوليس کي پڻ مُڪمل اختيار هوندا ته اُها بغير وارنٽن جي مشڪوڪ ماڻهوءَ يا ڪنهن ڏوهه ۾ مُلوث ماڻهوءَ کي گرفتار ڪري سگهي ٿي. سوال اهو آهي ته هن وقت تائين پوليس پاران پڪڙيل ماڻهن جي گرفتاريءَ جا ڪي به وارنٽ ته جاري به ناهن ٿيندا. جنهن جي ڪري انساني حقن جي تنظيمن جي تنقيدن کي مُنهن ڏيڻ يا پوليس پاران پڪڙيل ماڻهن کي جُڊيشل مئجسٽريٽ جي ڇاپن ذريعي ڇڏايو ويندو آهي. هاڻ ڪو به بيگناهه ماڻهو پوليس جي پڪڙ ۾ ايندو تڏهن به کيس ڇڏائي سگهڻ جا اختيار آرڊيننس جي سيڪشن 3 (3) تحت طئي ڪيا ويندا. جنهن ۾ مئجسٽريٽ جي مُداخلت نه هوندي. ان طريقي سان پوليس کاتي مٿان ڪنهن جو به وس هلي نه سگهندو. اُنهن جي مرضي هوندي ته پڪڙيل ڪنهن شريف ماڻهوءَ کي ڪنهن جو به ايجنٽ يا مُلڪ دُشمنيءَ واري سرٽيفڪيٽ سان نوازي اڳتي ڪري سگهن ٿا. هن آرڊيننس جي سيڪشن 16 تحت ڪيس اسپيشل ڪورٽن ڏانهن مُنتقل ڪيا ويندا جتي واڙيل ماڻهوءَ جي وڪيل ۽ گهر ڀاتين جي رسائي نه هوندي.
    اهڙي طريقي سان تحفظِ پاڪستان آرڊيننس جي نالي سان اهڙي ڪاري قانون جو بِل اُن سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ پاس ڪيو آهي جنهن سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ کي ماڻهن جي تحفظ بجاءِ خود سيڪيورٽي ادارن جي تحفظ جو فڪر آهي. جيتوڻيڪ مُلڪن جا سيڪيورٽي ادارا ماڻهن جي تحفظ خاطر پنهنجون جانيون قُربان ڪري ڇڏيندا آهن. هتي هن آرڊيننس هيٺ سيڪيورٽيءَ جي تحفظ خاطر ماڻهن کي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ جهڙي بِل جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙي بِل تي سنڌ سميت بلوچستان جي قومپرست سياسي تنظيمن جو ردِ عمل اچڻ گُهربو هو پر هن وقت تائين، اهڙو ردِعمل سامهون ناهي آيو. خود انساني حقن جي تنظيمن هن بِل کي رد ڪندي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ”هي بِل عوام کي اونداهي دور ۾ وٺي وڃڻ جي برابر آهي.“ پي پي او 1919ع واري انڊين روليٽ ايڪٽ وانگر بڻجي ويو آهي جتي ورهين تائين ماڻهو مُقدمي هلڻ کان سواءِ پيا سزائن ۾ سڙندا هُئا. جنهن قانون هيٺ ڪيترن باغين جا سِر سوريءَ تي سُمهاريا ويا هُئا. جن مان هڪ ڀڳت سنگهه به هو. پر قديم يونان جي بادشاهن جي احڪامن جهڙي هن بِل جي عوامي سطع تي سگهاري سياسي ردِعمل جو نه اچڻ به سنجيدهه ماڻهوءَ لاءِ ڪنهن الميي کان گهٽ ناهي. جهڙيءَ ريت شفاف پاڻي نانگ جي وات ۾ اچي زهر بڻجي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت رياست جا ڪُجهه قانون عوام مٿان لاڳو ڪرڻ، ڪنهن زهر قاتل کان گهٽ ناهن هوندا. اُهي آرڊيننس جن تحت مظلوم قومن جي معصومن کي کنڀي کنيو وڃي ٿو اُهي مظلوم قومن لاءِ نانگ جي وات ۾ پيل شفاف پاڻيءَ وانگر ئي هوندا آهن.


    پنجاب حُڪومت ۽ علامه قادريءَ جا پنج مُطالبا...

    تختِ لاهور جا شريف ڀائر اُن وقت ڪيتري پريشانيءَ ۾ مُبتلا هوندا، اُن جو اندازو ته نٿو لڳائي سگهجي. جڏهن علامه طاهرالقادريءَ جي پيش امامت هيٺ ڪوٺايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ گڏ ٿيل پاڪستان عوامي تحريڪ سميت 10 پارٽيون جن ۾ ننڍيون وڏيون ٽانگا پارٽيون به شامل هُيون. جن اي پي سي جي 5 نُڪاتي مطالبن تي مُتفق ٿي، اهو مُطالبو ڪيو ته شهباز شريف کي تخت لاهور تان استعيفى ڏئي گهر روانو ٿيڻ گُهرجي. جيتوڻيڪ علامه طاهرالقادريءَ جي شعلا بيان تقريرن ۽ ڦرڻي گِهرڻي سياسي موقف بازيءَ کان واقف، اي پي سي ۾ شامل، اُنهن پارٽين جا سربراهه به چڱيءَ ريت واقف رهيا آهن ته مولانا ڳالهه آسماني انقلاب جي ڪندو آهي پر مُتفق وڃي زميني انقلاب تي ٿيندو آهي. ضياءَ جي زماني جا لاهوري علامه طاهرالقادريءَ کي تڏهن کان سُڃاڻين جڏهن هُن هير رانجهي واري جهنگ سيال کان شفٽ ٿي، لاهور ۾ اچي اتفاق ڪمپنيءَ جي مسجد ۾ پيش امامت ڪئي هُئي. اُهو جهنگ سيال جيڪو ڪنهن دور ۾ هير ۽ رانجهي جي عشقيه داستان سان منسوب هوندو هو. هاڻ لشڪرِ جهنگوي سميت ڪيترين ئي مذهبي پارٽين جو ڳڙهه سمجهيو ويندو آهي. علامه طاهرالقادري جيڪو اڄ ڪئنيڊين شهريت رکي ٿو، ڪيئن لاهور مان نڪري ڪئناڊا پُهتو؟ ۽ پوءِ پاڪستاني سياست کي ڪنٽينرز واري سياست طور مُتعارف ڪرائي، نئين انقلاب جون دعوائون ڪرڻ لڳو. اُن جا پيرا کڻبا ته ڪنهن نه ڪنهن طرح ضياءَ جي زماني تي کُٽندا. جيڪو انقلاب سندس نظر ۾ اُن غريب عوام جي بُنيادي حقن لاءِ آهي، جنهن غريب عوام کي گُذريل سال ڏيڍ ۾ سردين ۾ ساڙي پاڻ گرم ڪنٽينر ۾ بند رهيو هو. اُهو علامه طاهرالقادري جنهن کي ڪنهن وقت لفظ ”انقلاب“ جي پويان ڪميونسٽ مُلحدگيءَ جي بوءِ ايندي هُئي. جنهن منهاج القران جي پليٽ فارم تان هڪ خُطبي ۾ ائين به چيو هو ته: ”مان انقلابي سياست کي نٿو مڃان ۽ روحاني سياست ئي عوام جي قسمت تبديل ڪري سگهي ٿي.“ جڏهن دُنيا ٻن سپر پاور مُلڪن جي وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ جي دور ۾ ورهايل رهي هُئي. اُن کان به ڪيئي صديون اڳ انقلابي سياست ۽ انقلاب ۽ تبديلين جا مُحاورا ۽ لفظ ته ٻُڌا هُئاسين ۽ پڙهيا هُئاسين ۽ سياست جي تاريخ جي ڪُتابن جا ڪيڙا اُهي دانشور به سمجهي سگهن ٿا ته سياسي انقلاب ته کين سمجهه ۾ ايندو هو پر ”روحاني سياست“ وارو انقلاب ڇا ٿيندو آهي؟ سا ڳالهه آمريڪا ۾ ويٺل اسانجي دوست جاويد ڀُٽي جي به سمجهه کان ٻاهر آهي. اڄ جڏهن ماڊل ٽائون جي شريف ڀائرن لاءِ علامه طاهر القادري ۽ اُن جي برادر برگيڊ تياريون ڪري رهي آهي ته شهباز شريف تخت لاهور تان هٽايو وڃي ۽ وزيرِ اعظم نواز شريف مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي، جن اُهي احڪامات جاري ڪيا هُئا، جن سببن جي ڪري 17 جون تي منهاج القران جي سيڪريٽريٽ ويجهو پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ پوليس جي وچ ۾ جهيڙي سبب 12 ماڻهو مارجي ويا هُئا ۽ 97 ماڻهو زخمي ٿيا هُئا. علامه طاهرالقادريءَ جي اهڙي پيش امامت پويان جمهوريت جو جنازو پڙهڻ ۾ جيڪي جماعتون سامهون آيون آهن. اُنهن ۾ چوڌري ڀائرن واري مُسلم ليگ(ق) عمران خان جي تحريڪِ انصاف، جماعت اسلامي، شيخ رشيد جي عوامي مُسلم ليگ، مُسلم ليگ (ف) ايم ڪيو ايم، سُني اتحاد ڪائونسل، مجلس وحدت المسلمين، هزاره صوبا تحريڪ. جڏهن ته ڪجهه سياسي جماعتن اهڙي تحريڪ جو حصو بڻجڻ بجاءِ پاسي تي رهڻ پسند ڪيو آهي.
    جيتوڻيڪ پاڪستان جي اندر نواز ليگ خلاف 10 پارٽين جو الحاق جيڪو اڳتي هلي مضبوط اتحاد ۾ به تبديل ٿي سگهي ٿو. اهو به ممڪن آهي ته هلندڙ مُبارڪ مهيني واري مُهلت واري عرصي ۾ نواز سرڪار علامه طاهر القادريءَ واري اي پي سي ۾ شامل پارٽين کي الڳ ڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. هن وقت سمورين سياسي سرگرمين جو مرڪز پنجاب بڻيل آهي. اُهو پنجاب جيڪو باقي مُلڪ جي صوبن جي معاملن ۾ هر وقت لاتعلقيءَ جي اظهار وارو رويو رکندو پئي آيو آهي. اهڙو رويو ڪراچي ايئر پورٽ تي ٿيل دهشتگرد ڪاررواين ۾ به نظر آيو هو. جنهن جو ردِعمل سنڌ حُڪومت پنهنجي اخباري بيانن ۾ به ڪيو هو.
    هاڻ جڏهن شريف ڀائرن خلاف 10 پارٽين جو پنجاب جي اندر 5 نُڪاتي مطالبن وارو پڌرنامون پيش ڪيو ويو آهي ته ان ڳالهه جا چِٽا امڪان آهن ته صدر ممنون حسين ڪو به اڳيان قدم کڻڻ لاءِ، شريف ڀائرن جي مهربانين کي وساري ڪا جلد بازي ته ڪو نه ڪندو. پر اي پي سي جي اثرن کي زائل ڪرڻ لاءِ پنجاب حُڪومت کي اها تجويز ضرور ڏيندو ته چيف سيڪريٽري، آءِ جي، ڊي آءِ جي ۽ هوم سيڪريٽريءَ مان ٿوري گهڻي فرق سان ردو بدل ڪري، طاهر القادري جي مُطالبن واري پڌرنامي مٿان ڇنڊو وجهي باقي معاملا پيپلز پارٽيءَ جي قيادت جي ٽياڪڙيءُ ذريعي ختم ڪرائي سگهجن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پنج سال پُورا ڪرڻ جو تجربو ۽ سياسي شطرنج کيڏڻ واريون چالون جيڪي پيپلزپارٽيءَ جي قيادت ۽ ان جي صلاحڪارن وٽ رهيون آهن. اُن کان سکڻ ۽ سمجهڻ ۽ رايا وٺڻ لاءِ مُلاقاتن جا به امڪان آهن. جيڪي مُلاقاتون شايد هن ليک کان اڳ ٿي به چُڪيون هُجن. يا ٿيڻ جي ويجهو هُجن.
    تنهن ڪري پاڪستان اندر رهندڙ نامِ نهاد جمهوريت ايترو جلد ڊي ريل ٿيڻ جا امڪان گهٽ نظر اچي رهيا آهن. ڇو ته مُلڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادتن جي وچ ۾ رُسي پرچڻ وارو پيار، اهڙي هوا کي هٿي ڪڏهن به نه ڏيندو، جنهن سان پاڪستان ۾ پئدا ٿيل تازي صورتحال ڪنٽرول کان ٻاهر بڻجي وڃي. ڇاڪاڻ ته اُتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل آپريشن جا دروازا کُليل آهن، لڏپلاڻ ڪري ايندڙ ماڻهن جي تعداد ۾ ڏينهون ڏينهن ٿيندڙ انگ ۾ اضافي سبب اُنهن کي مُناسب اجهو، کاڌ خوراڪ ۽ بُنيادي ضرورتون پُوريون ڪرڻ وارا معاملا ايترا ڳنڀير بڻيل آهن. جن کي نه رُڳو نوازليگ کي اُنهن معاملن سان مُنهن ڏيڻو آهي. پر چار لک چوهٺ هزار واري اُن آباديءَ تي خاص نظر رکڻ جهڙا سنگين معاملا به اُن جي سامهون آهن. جڏهن ته خيبر پختون خواهه ۾ عمران خان جي تحريڪِ انصاف جي قائم ٿيل حُڪومت جو بُنيادي ڪردار نظر اچڻ گُهرجي. جيڪو تمام گهٽ نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جيڪو آءِ ڊي پيز جي پرگهور پاسي ڌيان ڏيڻ بجاءِ لاهور جون آل پارٽيز ڪانفرنسن ۾ اُنهن ڌُرين جو اتحادي بڻيو ويٺو آهي. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح تڪڙين چونڊن جون حامي آهن. جيڪا ڳالهه عمران خان جي سياسي صحت کي مُستقبل ۾ ڪافي بگاڙي سگهي ٿي.
    جيتوڻيڪ اسلام آباد جي هوائن ۾ اهي ڳالهيون به هُلي رهيون آهن ته مُتحدهه کي علامه طاهر القادريءَ جي معجزاتي انقلاب جو حصو بڻجڻ کان پيپلز پارٽيءَ پاران مُحبت ڀري منٿ به ڪئي وئي آهي. شايد شريف ڀائرن جي ٻه قدم اڳيان ڀري پيپلز پارٽيءَ جي اعلى قيادتن وٽ وڃڻ سان اهڙي انقلاب ۽ مارچ جي غُباري مان هوا نڪري وڃي جيڪو عرصي کان پاڪستان برانڊ جمهوريت جي رستي تي ڪنٽينرز واري سياست جو کيل پُتلي واري تماشو وانگر هلي رهيو آهي. سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز آهي وارن جي راءِ اها آهي ته علامه طاهر القادري جي اي پي سي ۾ اڌ درجن ٽانگا پارٽيون تحريڪِ انصاف جي سڏ تي آيون هُيون. جيڪي علامه طاهر القادري جي انقلابي قافلي جو حصو بڻجي نٿيون سگهن. علامه طاهر القادريءَ پاران پاس ڪرايل پڌرنامي، جنهن ۾ رياستي دهشتگرديءَ کي روڪڻ جهڙا معاملا اُٿاريا ويا آهن. جنهن تي اي پي سيءَ ۾ سمورين پارٽين صحيحون به ڪيون آهن. جيتوڻيڪ رياستي ادارن يا غير رياستي هٿن هٿان بيگناهه ماڻهن جي قتل واري عمل کي ڪو به جمهوريت پسند ماڻهو بهتر نٿو سمجهي ۽ نه ئي اهڙي عمل جي ڪو تائيد ڪري سگهي ٿو. پر ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ رياستي ۽ غير رياستي قتلن ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو مارجي وڃن ٿا اهڙي عمل تي مُلڪي سطع تي ڪم ڪندڙ پارٽين جو ڪهڙو ڪردار رهيو آهي؟ سواءِ سنڌ سطع تي ڪم ڪندڙ قومپرست جماعتن جي، باقي جماعتن ڪرندڙ لاشن تي مُسلسل مُجرماڻي ماٺ اختيار ڪئي آهي. جيڪا پڻ ناقابلِ برداشت آهي. لاهور جو معاملو هُجي يا ڪراچيءَ جي رستن ۽ روڊن تي ڪرندڙ لاش هُجن. يا ڪوئٽه ۾ هزاره برادريءَ جو ڪوس هُجي يا بلوچن ۽ سنڌين جا چچريل ۽ سُڃاڻپ ۾ نه ايندڙ لاش هُجن. اهڙن معاملن تي علامه طاهر القادريءَ واري اي پي سي ۾ شامل پارٽين جو ڪهڙو واضع موقف رهيو آهي؟ ڪراچيءَ جي هڪ انگريزي اخبار جو صحافي چئي رهيو هو. ڪنهن به ڪئنيڊين قادريءَ کي اهو اختيار ناهي ته عوام جي رت سان آيل جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ جا خواب کڻي خوني راند کيڏڻ جو حق ڏنو وڃي. هُو جيڪو چوي ٿو ته مان ” پنجاب جي ماڻهن جي قتل تي سُک سان نٿو ويهي سگهان“. باقي صوبن ۾ مرندڙ ماڻهن تي هُو سڪون سان سُمهي ڪيئن ٿو سگهي.؟ منهاج القران جو مريدي سلسلو پنجاب تائين ته محدود ناهي؟
    پر جيڪڏهن علامه طاهر القادريءَ جي پڌرنامي کي تخت لاهور جي بادشاهن سياسي سُلڇڻائپ سان سُلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رمضان جي ساهي پٽڻ واري عرصي ۾ گهڻو ڪجهه تبديل ٿي ويندو. اهو به ممڪن آ ته جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ وارو انقلاب مهيني جا آخري ڏينهن يا عيد کان جلدي ئي پوءِ ڪئناڊا ۾ وڃي ساهي پٽي.


    ڇا خاص عدالتون رياستي رِٽ بحال ڪري سگهنديون؟

    2001ع ۾ نائين اليون واري واقعي سبب، آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ جا اُهي جاڙا ٽاور، جيڪي وڪٽري جي نشان وانگر نظر ايندا هُئا. نيو يارڪ شهر مان گُم ٿي ويا. آمريڪا سميت سڄي دُنيا جي اکين جون ماڻڪيون ڪجهه وقت لاءِ پٿر بڻجي ويون. آمريڪا مٿان اهڙي حملي جو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو. ليڪن اُن کان پوءِ هڪ طويل جنگ جي شروعات ٿي. جيڪا آمريڪا ۽ اُن جي اتحادي مُلڪن القاعدهه ۽ اُن جي اتحادي جهادي گروپن جي وچ ۾ جاري رهي، جيڪا 13 سالن کان پوءِ به ختم ٿي ناهي سگهي. جيتوڻيڪ سال 2014ع جي پُڄاڻيءَ سان افغانستان مان آمريڪا جون بچيل فوجون به واپسيءَ جا رستا وٺي وڃي چُڪيون. پر اُها جنگ جيڪا ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي حملي سان ئي شروع ٿي سا اڃان جاري آهي. جهڙيءَ ريت نائين اليون واري واقعي، سڄي دُنيا جي سياسي حالتن ۽ عسڪري قُوتن جا اسٽريٽجڪ منصوبا تبديل ڪري ڇڏيا. ائين ئي ڊسمبر 2014ع ۾ پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول مٿان جهادين جي حملي ۾ معصوم ٻارڙن جي وحشياڻي قتل نه رُڳو پاڪستاني عوام کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو. پر پُوري دُنيا اهڙي پاپ تي پنهنجي اکين جا لُڙڪ روڪي نه سگهي. پاڪستان جي عسڪري ۽ فوجي طاقتن اِهو فيصلو ڪري ورتو ته جهادي جِن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ لاءِ ڏُکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. اُنهن ڏکين فيصلن جي شروعات جي پهرين ڪڙي ڦَڪي پاڪستان تحريڪِ انصاف کاڌي. جنهن مهينن تائين ڌرڻن ۽ جلسن واري سياسي رستي کي مُلڪي مُفاد خاطر ختم ڪيو. نواز ليگ حُڪومت مان هٿ ڍرا ڪيا ۽ سموريون سياسي پارٽيون پڻ اهڙي واقعي کان پوءِ جهادي تنظيمن جي خلاف مُتحد بڻجي ويون. پاڪستان آرميءَ انتهاپسند جهادي گُروپن کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان اُتر وزيرستان سميت پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ پڻ اهڙا قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن. جن جي ساراهه نه رُڳو مُلڪ جون سياسي ڌُريون ڪري رهيون آهن. پر انتهاپسنديءَ خلاف آواز اُٿاريندڙ سِول سوسائٽي پڻ ڪري رهي آهي. اِها حقيقت آهي ته حادثا ۽ واقعا مُلڪن جي سياسي حالتن کي تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. پشاور واقعي کان اڳ ڪيتري عرصي تائين شديد اختلاف رکندڙ ٻئي مُلڪ افغانستان ۽ پاڪستان پنهنجا اختلاف وساري جهادي گروپن خلاف ويڙهه ڪرڻ واري واٽ تي، هڪٻئي سان سهڪار ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪابل ۽ اسلام آباد پنهنجي سموري توانائيءَ کي انتهاپسنديءَ خلاف استعمال ڪرڻ تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ جا پڻ اعلان ڪيا آهن. جڏهن ته پاڪستان جي سياسي ۽ عسڪري قُوتن ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو آهي ته جهادي گروپن خلاف ويڙهه ۽ گرفتار ٿيندڙن مٿان خاص عدالتن ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ خاص عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويندو. جيڪو عمل ۾ اچي به چُڪو آهي. هن وقت پاڪستان اندر اِهو وڏو بحث هلي رهيو آهي ته عدالتن جي موجودگيءَ ۾ خاص عدالتن جي قيام پويان ڪهڙي ماجرا آهي؟ قانوني ماهر ان معاملي کي ائين ڏسي رهيا آهن ته: ”مُلڪ جي عسڪري قُوتن جو موجودهه عدالتن مٿان ويساهه نه هُجڻ جي ڪري خاص عدالتن جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي.“ جڏهن ته مُلڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادتن جو چوڻ آهي ته: ”مُلڪ جون موجودهه عدالتون معمول موجب سمورا ڪيس هلائينديون. ليڪن رياست جي رِٽ کي چئلينج ڪندڙ قُوتن خلاف فقط خاص فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويندا.“ جن مان اِهو آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اُهي سمورا ڪيس جيڪي، مُلڪي سالميت ۽ مُفادن کي نُقصان پُهچائين ٿا، سي سمورا ڪيس خاص عدالتن ۾ ئي هلايا ويندا. مُختلف تجزيي نگارن خاص عدالتن جي قيام تي سخت تنقيد ڪئي آهي. ليڪن اُهي خاص عدالتن جي ذريعي جهادي تنظيمن خلاف سخت کان سخت قدمن کڻڻ جا قطعي به مُخالفت ناهن. جڏهن ته اُهي اِهو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته، خاص عدالتون جيڪڏهن جهادي تنظيمن خلاف ئي جوڙيون ويون آهن ته اُهي هر حالت ۾ جهادي تنظيمن کي جَڙ کان اُکيڙي سگهڻ لاءِ تڪڙا قانوني اُپاءَ وٺي، مُلڪي امن خاطر سُٺا نتيجا ڏئي سگهن ٿيون. پر اُنهن خاص عدالتن کي فقط، جهادي تنظيمن جي نيٽ ورڪ کي ڪمزور ڪري مُڪمل ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙا ڪيس اُڪلائڻ لاءِ ئي استعمال ڪرڻ گُهرجي. جيڪڏهن اُنهن عدالتن کي سياسي تنظيمن خلاف استعمال ڪيو ويو ته اُن جا نتيجا بهتر مِلي نه سگهندا ۽ مُلڪ اندر امن جي فضا قائم ٿي نه سگهندي. ٻئي طرف جڏهن سُٺي ۽ خراب طالبان جي وچ ۾ فرق ختم ڪيو ويو آهي. جنهن جو اڳواٽ مُلڪ جي وزيرِ اعظم اعلان به ڪيو آهي. تڏهن سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته هنن خاص عدالتن ۾ رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن جا ئي فيصلا ٿيندا ته پوءِ اُهي طالبان جيڪي مُلڪ جي سالميت لاءِ ڪنهن به طور خطرو بڻيل ناهن ڇا اُهي به خاص عدالتن ۾ پيش ڪيا ويندا؟! مُلڪي رِٽ کي چئلينج نه ڪندڙ جهادي گُروپ جيڪي ”ڊيورنڊ لائين“ کي لتاڙي ڪنهن ٻئي مُلڪ ۾ وڃي دهشتگردي ڦهلائين ٿا يا ”لائين آف ڪنٽرول“ جا سمورا ضابطا ۽ اُصول ختم ڪري پاڙيسري مُلڪن ۾ فسادن جا بُنياد وجهن ٿا، ڇا اُهي خاص عدالتن جي پڪڙ ۾ اچي نه سگهندا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ سُٺي ۽ خراب طالبان جو فرق ته برقرار ئي رهندو. جيڪڏهن عملي طور سُٺي يا خراب طالبان واري تصور کي وڌيڪ پُختو ڪرڻو آهي ۽ معاملا اعلانن کان به اڳتي سنجيدهه ٿي طئي ڪرڻا آهن ته پوءِ خاص عدالتن جي پڪڙ اُنهن جهادين کي به پنهنجي جڪڙ ۾ آڻڻ لاءِ ڪي جوڳا اُپاءَ وٺي جيڪي مُلڪي سالميت لاءِ ڀلي خطرو بڻيل نه هُجن ليڪن پاڙيسرين جون ننڊون حرام ڪرڻ لاءِ پنهنجا نيٽ ورڪ جوڙيو ويٺا آهن. جيڪڏهن ان طريقي سان انتهاپسند جهادين کي سوڙهو ڪيو ويو ته، هِن مُلڪ مان انتهاپسنديءَ کي آسانيءَ سان ختم ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن فقط ”رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن“ کي ئي خاص عدالتن ۾ آندو ويو ته اُن جا نتيجا ماضيءَ جي قائم ٿيل ”اينٽي ٽيررسٽ ڪورٽس“ جهڙا ئي نڪري سگهندا. جڏهن ته مُلڪ هن وقت جهادي گُروپن جي نشاني تي آهي. جنهن ۾ عام ماڻهوءَ کان وٺي معصوم ٻارڙن تائين ڪنهن کي به تحفظ حاصل ناهي. اهڙي حالت ۾ رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن کان سواءِ پاڙيسري مُلڪن ۾ دهشتگردي ڪندڙن کي پڻ پاڪستان جي زمين جو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جهڙا ڪيس به شامل هُجڻ گُهرجن. جنهن سان سُٺي ۽ خراب طالبان جي سوچ ۾ فرق نه ڪرڻ واري ڳالهه کي عمل ۾ آڻي سگهبو. وزيرِاعظم ميان نواز شريف سمورين سياسي پارٽين جي اجلاس ۾ جهادي تنظيمن خلاف پيش ڪيل پنهنجي 20 نُقطن ۾ ”دهشتگرد“ لفظ تي ئي گهڻو زور ڏنو آهي. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته ”دهشتگرد“ مان مُراد جهادي ۽ انتهاپسند تنظيمن جي دهشتگردي آهي؟ يا سياسي طور رياست سان اختلاف ڪندڙ سياسي تنظيمون به اهڙي دهشتگرديءَ جي زِمري ۾ اچن ٿيون؟ جيتوڻيڪ سمورين پارٽين جي سامهون پيش ڪيل 20 نُقطن تي اختلاف قطئي به نه هُجڻ گُهرجي. جن ۾ اقليتن جو تحفظ به شامل آهي ته فرقيواريت ڦهلائيندڙ ڌُريون به شامل آهن. جن کي قانوني جڪڙ ۾ آڻي خاص عدالتن جي ذريعي سزائون ڏئي سگهجن ٿيون. پر اُهي خاص عدالتون، جيڪي ٻن سالن جي عرصي ۾ فوجي آفيسرن جي سربراهيءَ هيٺ مُلڪي سالميت لاءِ خطرو بڻيل جهادي تنظيمن جي سزائن لاءِ تڪڙا ڪيس اُڪلائينديون. اُن حوالي سان جتي مُلڪ ۾ سياسي ۽ عسڪري قُوتن جي ساراهه ڪئي وڃي ٿي. اُتي، خاص عدالتن جي حوالي سان، پاڪستان جي ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گهري ڳڻتي ۽ تشويش نظر اچي رهي آهي. خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جون قومپرست تنظيمون، اُنهن عدالتن جي حوالي سان اهو سمجهن ٿيون ته اُنهن عدالتن جي ذريعي جبري طور گُمشدهه نوجوانن کي پيش ڪري سزائون ڏنيون وينديون. ڇاڪاڻ ته اُنهن عدالتن جو قيام ئي هڪ نُقاطي آهي. جيڪو فقط ”رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندڙن خلاف“ سزائن تي بيٺل آهي. جنهن سان جبري گُمشدگين جو سلسلو تيزي اختيار ڪري ويندو ۽ سزائن هيٺ رُڳو جهادي گُروپن بجاءِ، اُهي سياسي ورڪر اُنهن عدالتن جي پڪڙ هيٺ ايندا. جيڪي پنهنجي پُرامن سياسي نظرين ۾ هن مُلڪي سياست سان اختلاف رکن ٿا.
    جڏهن مُلڪ اندر جهادي گروپن جا هزارن جي تعداد ۾ ٽولا پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ ورهائجي ويا آهن ۽ ٽارگيٽيڊ ڪاررواين جون تياريون ڪري رهيا آهن. تڏهن مُلڪ جي عسڪري ۽ سياسي قيادتن کي خاص عدالتن جي قيام دوران سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرست ڌُرين کي، پنهنجي واضح حڪمت عمليءَ سان اعتماد ڏيارڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته عوامي اعتماد جي بحاليءَ کانسواءِ انتهاپسنديءَ جو خاتمو ممڪن بڻجي نه سگهندو. عوام جنهن کي تقدير ماري، تشدد ماري يا سياسي نفرت ماري ڳالهه ساڳي آهي. صوبن جي اندر خاص عدالتن ۾ ان ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته انتهاپسند جهاد ۽ پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکڻ ۾ فرق آهي. جيڪڏهن ڪنهن به آپريشن ۽ خاص عدالت جو رُخ انتهاپسند جهادي تنظيمن کي جَڙ کان اُکيڙڻ بجاءِ، پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکندڙ سياسي پارٽين طرف موڙيو ويو ته پاڪستان مان ڪڏهن به عُروج تي پُهتل انتهاپسنديءَ جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻ واريون سموريون ڪوششون ڪي نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام ٿي وينديون. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين سڄي دُنيا ۾ پاڪستان جي بدناميءَ جو باعث جهادي گُروپ ئي رهيا آهن. تنهن ڪري اِها ڳالهه انتهائي حساس حيثيت رکي ٿي ته خاص عدالتن کي فقط ۽ فقط اُن سوچ جي خاتمي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ گُهرجي. جيڪا سوچ داعش، بوڪو حرام، طالبان ۽ ٻين جهادي گُروپن جي آهي. جيڪي مذهبي آزاديءَ جا مُنڪر آهن. جيڪي پنهنجي مخصوص سوچ کي مڙهڻ لاءِ، ڪنهن به مذهب جو احترام ڪرڻ کي خراب خيال تصور ڪن ٿا. جيڪي فتح ٿيل علائقن ۾ عورتن سان بيحُرمتين کي عيب نٿا سمجهن. جيڪي ٻارڙن کي ذُبح ڪندي، پنهنجي دلين ۾ حِساسيت نالي ڪو به جذبو نٿا رکن. جيڪي پنهنجي مخصوص سوچ مڙهڻ لاءِ مُلڪ جي سمورن شهرن کي نشانو بڻائي، پنهنجي سوچ سان قبضو ڪرڻ چاهين ٿا. اُن لاءِ حُڪومتي سطع تي سنجيدهه عمل تڏهن نظر ايندو، جڏهن مُلڪي استحڪام سان گڏ پاڙيسري انسانن جي امن ۾ رُخنو وجهندڙن جي خراب نيتن کي سمجهي اُنهن جي خاتمي لاءِ به اهڙا اُپاءَ ورتا ويندا. ڇاڪاڻ ته جيستائين پنهنجي گهر جو ڪِچرو پاڙي ۾ اُڇلائبو ته هڪ ڏينهن اُن جي بدبوءِ گهر تائين به پُهچي سگهي ٿي. امن خاطر رُڳو عمل جي ئي نه پر نيتن جي صفائيءَ جي به ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن خاص عدالتن جي قيام سان ئي امن جي اُميد ڪئي وئي ته شايد اِها وڏي غلطي هوندي، رياستي رِٽ تڏهن قائم ٿي سگهندي جڏهن پنهنجي گهر جي گند کي پاڙي ڏانهن اُڇلائڻ واري نيت ختم ڪئي ويندي. پُرامن ۽ سيڪيولر سياسي سوچ کي هٿي ڏئي، جهادي ۽ انتهاپسند دهشتگردن ۽ پُرامن سياسي اختلاف راءِ رکندڙن جي وچ ۾ فرق رکيو ويندو. تڏهن ئي هن مُلڪ مان جهادي تنظيمن جون جڙون هميشه ختم ٿي سگهن ٿيون.


    خراب حُڪمراني ئي بدعنوان سماجن جو بُنياد آهي...

    سماجي سائنس اُنهن بدعنوان معاشرن تي بحث ڪندي، ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته ”جيڪي معاشرا پنهنجي سوچ ۾ بدعنوان ٿي ويندا آهن. اُتي آئين جي حُڪمراني ۽ قانون جي حيثيت ڪاري مس سان لکيل قانون جي ڪتابن تائين محدود بڻجي ويندي آهي.“ بدعنوانيءَ جي بيماري معاشرن جي مُنهن مٿان اهڙو تيزاب بڻجي ايندي آهي، جنهن سان سماجن جي سونهن ئي اُجڙي ويندي آهي. بُک، بدحالي ۽ بيوسيءَ جهڙيون بيماريون ڪوڙهه بڻجي، اهڙن سماجن ۽ معاشرن کي ختم ڪري ڇڏينديون آهن. ماڻهو باشعور هوندي به بيوس بڻيل هوندا آهن. اُنهن جي شعور،عقل ۽ ڏاهپ مان سماجن کي فائدو رسي ناهي سگهندو. پر اهڙو شعور به بازار ۾ وڪرو ٿيندڙ وکر هوندو آهي، جنهن کي بدعنوان حُڪمران ٽڪي پئسي تي خريد ڪري پنهنجو ٻڌو ٻانهو بڻائي ڇڏيندا آهن. جيڪڏهن قومن جو شعور ۽ ڏاهپ به سماجن ۾ وڪرو ٿيندڙ وکر بڻجي وڃي ته پوءِ اهڙن سماجن ۽ معاشرن جي اوسر جو عمل اهڙي سڙي ويل سنگ وانگر هوندو آهي. جنهن جون ٽاريون ته سايون نظر اينديون آهن. پر اُن مان اُپت جي اُميد اجائي هوندي آهي. سنڌي سماج به ورهين کان ويڳاڻپ جي اهڙي واٽ تي بيٺل آهي. جتي، ويڳاڻپ مان نڪرڻ جي انفرادي سوچ ته موجود آهي. پر اهڙي سوچ اجتماعي آواز ۾ تبديل ٿيڻ پاسي وڃڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته بُنيادي بيماري ئي سنڌي سماج جي جڙ ۾ آهي. جيڪا جڙ فردن جي اُن انفرادي سوچ جي پويان موجود آهي. جيڪي فرد انفرادي طرح، اهڙي سوچ جا حامي آهن، ته سنڌ بدعنوانيءَ جي بازار بڻيل آهي، سُٺي حُڪمراني نه هُجڻ سبب ماڻهن جي بدحالي، بيوسي ۽ بُک اُن جا نتيجا آهن. اسان سڀ جيڪي ان هڪ نُقطي تي اچي مُتفق ٿيون ٿا ته بُک، بدحالي ۽ بيوسي سنڌ اندر سُٺي حُڪمراني نه هُجڻ جو ڪارڻ آهن ته پوءِ سوال اهو آهي ته سنڌ ۾ گڏيل اجتماعي آواز اُٿڻ جا امڪان آخر نظر ڇو ڪونه اچي رهيا آهن؟ ڇاڪاڻ ته انفرادي ايمانداريءَ سان کنيل قدم ئي اجتماعي قومي ايمانداريءَ جا بُنياد وجهندا آهن. پر سنڌ ۾ بدعنوان سياسي پارٽين، ۽ ورهين کان سنڌ مان اڪثريت ۾ ووٽ کڻي اچڻ جون دعوائون ڪندڙ پارٽيون، جڏهن ايوانن تائين پهچن ٿيون ته اُنهن جي دعوائن جا دڳ ئي تبديل ٿي وڃن ٿا. پر باوجود ان جي سنڌ ۾ موجود ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين انفرادي طور پنهنجي ڪچهرين ۽ سياسي موضوئن تي تفصيلي بحث ڪرڻ دوران سڀ ان ڳالهه تي اچي مُتفق ٿيندا آهن ته سنڌ سياسي يتيميءَ جو شڪار آهي. سنڌ وٽ ڪنهن ٻئي آپشن نه هُجڻ جهڙا ڪمزور دليل پيش ڪيا ويندا آهن. ڇا سنڌي سماج ۾ ڪنهن ٻئي آپشن نه هُجڻ جو مطلب اهو آهي؟ ته هُو ڪنهن به طرح اهڙي آزمايل اُميدوار کي چونڊڻ لاءِ پنهنجو ووٽ ڏيندا رهن، جنهن اُميدوار وٽان کين ايترو به آسرو ناهي هوندو، جو هُو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول جا تالا ٽوڙائي ماستر کي ڊيوٽيءَ لاءِ پابند بڻائي سگهي.؟ جنهن اُميدوار سان هُو همت ڀري حُجت ڪري سگهن ته، پنج ڪلوميٽرن جي پنڌ تان سندن عورتون، جيڪي مهينن جي بيٺل گندي پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ عذاب ڀوڳين ٿيون، کين اهڙن اهنجن کان آجو ڪرائي، کين پيئڻ جو صاف پاڻي ڳوٺ تائين مُيسر ڪرائي سگهي؟ اهڙي لاچار ۽ بيوس اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ وقت سنڌ جا ماڻهو ڇو نٿا سوچين؟ ته جنهن کي هُو ووٽ ڏئي رهيا آهن، اُن وٽ ته ايترا به اختيار نه آهن، جو هُو سندن علائقي ۾ ڪو عزت ڀريو صحت گهر مُهيا ڪري سگهي، جتي عورتون ۽ ٻارڙا، آسانيءَ سان پنهنجو علاج ڪرائي سگهن؟ اهڙي بي اختيار اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪهڙي آهي؟ جنهن اُميدوار وٽ ايترا به اختيار نه هُجن جو هُو ڪنهن يونين ڪائونسل جي هڪ ڳوٺ کي مثالي ڳوٺ جهڙيون سموريون سهولتون ڏئي سگهي؟.
    پر بُنيادي ڳالهه ئي اها آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ ئي نماڻا، اٻوجهه ۽ ويسارا آهن، جو سالن تائين اسيمبلين ۽ ايوانن جي بهاني سان عوام کان مُنهن موڙي مُراقبي ۾ ويٺل چونڊيل نُمائندا رُڳو هڪ ڀيرو ئي سندن ڳوٺن پاسي هٿين خالي دم دلاسن سان ئي پُهچندا آهن ته سنڌي ماڻهو ٻيهر پنهنجون سموريون پريشانيون ڀُلائي، نئين سِر ساڻن ووٽن جا واعدا ڪري ويهندا آهن. اڄ جي جديد دور ۾ جتي ميڊيا جا مورچا مضبوط هُجن ۽ سوشل ميڊيا مُلڪن ۾ انقلابي تبديلين جو سبب بڻجي وڃي، سنڌ ۾ انفرادي آواز کي مُنظم اجتمائي آواز جي شڪل ۾ تبديل ڪرڻ اڳيان، ڪهڙيون رُڪاوٽون آهن.؟ اُن جا سبب ڪهڙا آهن؟ جو سنڌي سماج گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان اهڙي سياسي يتيميءَ جي پيرن هيٺان لتاڙبو رهيو آهي ۽ اقتدار حاصل ڪندڙ قُوتون ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائي ناهن سگهيون. اُن جا ڪجهه ڪارڻ هيٺيان آهن.
    سنڌ ۾ وڏيرڪو سياسي نظام.
    پڙهيل لکيل سوچ جي مٿان وڏيرڪو اثر.
    پيٽي/انفرادي مُفادن خاطر اجتماعي مُفادن کان لاتعلقي.
    سنڌي سماج ۾ هيٺئين طبقي تائين بدعنوانيءَ جو ڦهلاءُ.
    وڏيرو هُجڻ ڪا خراب ڳالهه ناهي. سنڌ جون پنهنجون شاهوڪار روايتون رهيون آهن. اهڙين روايتن جي روشنيءَ ۾، ڪنهن به علائقي يا ڳوٺ جا ماڻهو گڏجي ڪنهن مُخلص ۽ ايماندار ماڻهوءَ جي اهڙي چونڊ ڪندا هُئا. جيڪو پنهنجي مزاج ۾ مُخلص، ايماندار، حيادار ۽ سمجهدار هوندو هو. اهو ضروري نه هوندو هو ته اُن وٽ پنج سو ايڪڙ زرعي زمين به هُجي. اُهو بي زمين به ٿي سگهي ٿو. جيئن سماجي يا علائقائي معاملن کي سُلجهائڻ لاءِ مقامي سطع تي معاملن کي حل ڪري سگهجي. جيڪا ڪا بُري ڳالهه ناهي. ماضيءَ ۾ سنڌ جي اندر اهڙا سوين مثال موجود رهيا آهن ته اهڙن مُخلص ۽ چڱن ماڻهن جي چونڊ سان، علائقائي مسئلن کي مقامي سطع تي ئي حل ڪيو ويندو هو. پر جڏهن مادي ضرورتون وڌڻ لڳيون ۽ ماڻهن جا مزاج هر معاملي ۾ ذاتي مُفادن طرف جُهڪڻ لڳا. تڏهن وڏيرڪي تشريح به تبديل ٿيڻ لڳي. جيڪا تبديل ٿي جاگيرداريت جي جاڙي ڀيڻ وانگر بڻجي پئي. تڏهن وڏيرڪي سوچ به جاگيرادارانه ذهنيت وانگر خود مطلبيت ۽ ذاتي مُفادن جي حاصلات کانسواءِ هلي نه سگهي. جاگيرداريت جي اثرن کان مُتاثر ٿي وڏيرڪي سوچ به اُن جي ڪاربان ڪاپي بڻجي پئي. جنهن نه رُڳو سياست ۾ اچي پاور ۽ پئسي کي گڏ ڪيو. پر عوام جي اهنجن ۾ عدمِ دلچسپي رکي پنهنجي اوطاقن جا خرچ عوام جي ترقيءَ وارن فنڊن سان هلائڻ شروع ڪيا. عوام جي پئسي جو نه رُڳو ناجائز استعمال ڪيو پر اُن پئسي کي پنهنجي ذاتي اڪائونٽس ۾ مُنتقل ڪرائي، پرڏيهه ۾ سيڙپ ڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي سوچ ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جو مُقدر بڻيل رهي آهي. پنهنجي مزاج ۾ رعب تاب جي عنصر کي شامل ڪري عوام کي پنهنجي تابع رکيو ويو.
    اهڙي وڏيرڪي لاڙي جي اثرن کان مُتاثر ٿي، سنڌي سماج جو پڙهيل لکيل طبقو، جنهن وٽ سُٺي نوڪري يا هلڻ گُهمڻ لاءِ گاڏي هٿ اچي وئي آهي. يا هُن ٿورو گهڻو اثر رُسوخ پئدا ڪري ورتو آهي. اُن کي اندر مان کوٽي ڏسبو ته اُن جي اندر ۾ به هڪ خونخوار وڏيرو ويٺل هوندو. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجو پاڻ کي باقي خُدا جي خلق مٿان ننڍڙي ننڍڙي ڳالهه تي پيو چِڙ کائيندو. پنهنجي اُٿڻ ويهڻ جي اصولن، آدابن ۽ روين ۾ ننڍڙو وڏيرو محسوس ٿيندو. جيڪو هن سماج ۾ پنهنجي انفرادي ڪردار ۽ عمل سان ته بدعنواني ۽ عوام سان ٿيندڙ زيادتين تي چِڙ جو اظهار ڪندو. پر جيڪڏهن کيس ڪٿي ڪنهن طريقي سان ڪو موقعو مُيسر ٿي سگهيو ته اُهو اُن موقعي مان ڀرپور فائدو وٺندي هر ناجائز عمل کي جائز سمجهي نه رُڳو ڪندو، پر اُن جي عمل سان هن سماج تي پوندڙ ناڪاري اثرن جي بلڪل پرواهه نه ڪندو. نتيجي طور سنڌي سماج کي اهڙي پڙهيل لکيل سوچ مان ڪو به فائدو ناهي. جيڪا پنهنجي ڪردار ۽ عمل ۾ خود مطلب بڻيل رهي.
    سنڌي سماج جي اندر عام ماڻهو مجموعي قومي مُفادن کي اوليت ڏيڻ بجاءِ پيٽي/انفرادي مُفادن ۾ اُلجهيل رهي ٿو. جيڪا فطري ڳالهه آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن ماڻهن جون بُنيادي گُذرمعاش جون ضرورتون پُوريون نه ٿينديون، جيڪا رياست جي ذميواري آهي. تڏهن ماڻهو سڀ کان پهرين اوليت پنهنجي گهر جي ضرورتن کي ڏيندا. جڏهن ڪنهن نوڪريءَ جو آسرو به کين نه هوندو ته پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جون سِرون به وڪرو ڪري، پنهنجون ضرورتون پُوريون ڪندا. جتي به اُنهن جو وس هلي سگهيو، اُتي هُو ننڍڙن ننڍڙن ۽ پيٽي مُفادن مٿان وسيع تر قومي مُفادن کي ڪُهي ڇڏين ٿا. جيڪا ڳالهه نه رُڳو انتهائي خراب حُڪمرانيءَ جو نتيجو آهي. پر سنڌ اندر ڪيترن ڏهاڪن کان شخصي لباسن جي مَٽا سَٽا سان ساڳي رهي آهي. اُهو ئي سبب آهي جو ماڻهن بدعنوان سياسي ڪلچر کي ڏسندي، پنهنجي سوچ جو سانچو به اهڙن مُفادن سان سلهاڙي ڇڏيو آهي. جنهن جو سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن سان پري تائين به واسطو نظر نٿو اچي. گهڻي محنت جي بجاءِ سفارشي رُجحانن ۾ ويساهه واري سوچ وڌي آهي. هر شعبي ۾ اهڙي رُجحان کي هٿي ملڻ جو سبب ئي بدعنوان سياسي ڪلچر آهي. جنهن سنڌي سماج ۾ اهڙن منفي لاڙن ۽ رُجحانن کي مُتعارف ڪرائي سنڌي سماج کي اجتماعي قومي مُفادن واري سوچ کان پري ڪري ڇڏيو آهي.
    انتهائي افسوس جهڙي ڳالهه ته اِها آهي جو هاڻ جڏهن بدعنوانيءَ جي بيماري سڄي سنڌي سماج ۾ ڪنهن ڪوڙهه وانگر ڪاهي پئي آهي. تڏهن لازمي طور تي اُن جا اثر اُن غريب ترين هيٺئين طبقي تي به پيا آهن. جنهن وٽ انساني گُڻن جا اعلى معيار ۽ ماپا هُئا. جن ڪڏهن به ”سيڻ نه مٽائين سون تي،“ وارن تصورن هيٺ زندگيون پئي گُذاريون تن جي به سنڌ جي اندر خراب حُڪمراني ۽ بدعنوان سياسي ڪلچر سبب، نفسيات ئي تبديل ٿي وئي آهي. اُن جو ننڍڙو مثال اهو به ڏئي سگهجي ٿو جو، هُو ڪنهن نه ڪنهن طرح ڳوٺاڻي سطع تي اسڪول مئنيجمينٽ ڪميٽين جا ميمبر بڻجي چند ٽڪن جي عيوض، پنهنجي اسڪولن جي مرمت جا فنڊ به ڦٻائي وڃن ٿا. اُنهن کي ان ڳالهه جو قطعي به خيال ناهي ته جديد سائنسي دور ۾ سندن ٻارڙن جي مُستقبل جو ڇا ٿيندو؟ اُهي وقتي گُذاري خاطر مُستقبل جي عظيم تر مُفادن کي نظرانداز ڪري، پنهنجي اسڪولن جي فنڊن تي ٻارڙن جي تعليم جو حق ۽ اسڪول جي زبون حال عمارت جو حق سمجهڻ بجاءِ، پنهنجو قومي حق سمجهي ڦٻائي وڃڻ واري موقعي کي هٿان وڃائڻ نٿا چاهين. جيڪڏهن اهڙي صورتحال رهي ته ظاهر آهي، مُستقبل ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل هوندي؟ ان جو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو. هر کاتي ۽ شعبي ۾ بدعنوانيءَ جي بيماريءَ مٿان ضابطي اچڻ جا امڪان ان ڪري به گهٽ نظر اچي رهيا آهن. جو هر کاتي جي بجيٽ خدائي مخلوق مٿان خرچ ڪرڻ بجاءِ سمورو ڪلچر ۽ نفسيات ئي بدعنوانيءَ جي ور چڙهي وئي آهي.
    اُنهن سمورن معاملن تي ضابطي آڻڻ لاءِ بُنيادي شرط اهو آهي ته اسان پنهنجي انفرادي سوچ ۽ عمل ۾ جاگيرداريت جي جاڙي ڀيڻ بڻيل وڏيرڪي سياسي ڪلچر ۽ نظام کان نه فقط نفرت ڪريون پر پنهنجي عمل ۾ به اهڙا ئي شفاف نظر اچون. اسان اهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن جو مُڪمل سماجي بائيڪاٽ ڪريون. جيڪي پنهنجي اظهار ۾ ته وڏيرڪي سياسي ڪلچر جا مُخالف هوندا آهن پر عمل ۾ خود ننڍڙا وڏيرا هوندا آهن. اُنهن جي اهڙي عمل ۽ رويي تي اُنهن کي حُجت سان سمجهايون. ٻي صورت ۾ اسان سنجيدگيءَ سان اُنهن سان ميل جول ئي ختم ڪري ڇڏيون. جيڪي پنهنجي پاڻ کي مثبت سياسي ڪلچر جا حامي هُجڻ جون دعوائون ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي عمل ۾ خود منفي ڪردار جا مالڪ هوندا آهن. جتي ۽ جنهن به فيلڊ ۾ پنهنجا ڪم ڪندا رهون ٿا. اُن فيلڊ ۾ شفافيت کي نه رُڳو همٿايون پر سماج جي وسيع تر مُفادن ۾ ٿيندڙ ڪمن تي ڪنهن به قسم جو ڪمپرومائيز نه ڪريون، جتي به سمجهي سگهون ته ننڍڙن ۽ خسيس مُفادن خاطر وسيع اجتماعي سوچ ۽ قومي مُفاد خطري ۾ پئجي سگهن ٿا. اُتي ڪنهن به قسم تي پنهنجي صلاحيتن ۽ حال آهر محنتن سان اهڙن عملن کي روڪيون ۽ پنهنجي دوستن کي به پنهنجي اهڙي حلقي ۾ شامل ڪريون ۽ اُنهن جي راءِ کي اهميت ڏيون. پنهنجي ڳوٺن جي صحت گهرن، اسڪولن ۽ ادارن جي مالڪي ڪريون. پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڳوٺن تائين، جتي اسانجي رسائي ممڪن آهي. اُتي اها پرچار شروع ڪريون ته خسيس پئسن عيوض وسيع تر سنڌ جي اجتماعي مُفادن کي پاسي تي رکڻ قومي جُرم آهي. جنهن جُرم جي اجازت ڪنهن کي به نٿي ڏئي سگهجي. پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار مثبت انداز ۾ ادا ڪرڻ سان به اجتماعي قومي شعور ڏانهن ويندڙ رستي وارو پنڌ ويجهو بڻائي سگهجي ٿو. سوشل ميڊيا تي ڪنهن مٿان بُهتان مڙهڻ بجاءِ انگن اکرن سان هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، سنڌ جي بدعنوان سياسي ڪلچر جو حصو بڻيل اُنهن ماڻهن جي نشاندهي ڪجي، جيڪي ڏهاڪن کان سنڌ جي فنڊن کي خدائي خزانو سمجهي ڦٻائيندا رهن ٿا. پنهنجي ڳوٺن ۾ چار چڱا ۽ ايماندار ماڻهو پئدا ڪرڻ سان ئي بدعنوانيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل هن سماج کي ٻاهر ڪڍي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته هڪ چڱو عمل ئي سوين بُراين جي بيمارين کي ختم ڪري سگهي ٿو. وک وڌائڻ سان ئي منزل ويجهو اچي سگهي ٿي.


    سنڌ ۾ ٻن انتظامي نظامن خلاف احتجاج ۾ اسان جو ڪردار!

    سنڌ سان شيطاني شراررتون عالمي ادارا ڪندا هجن يا انهن جون ديسي دلال قوتون. اُهي ايستائين ڪاميابيءَ جون سرحدون ڪراس ڪري نٿيون سگهن، جيستائين اسان جي دل جون ديوارون نفسياتي حملن ۾ ڪمزور نٿيون ٿي سگهن. جنگين جي ابتدا کان پهرين نفسياتي جنگ ٿيندي آهي. جنهن ۾ شڪست ۽ فتح جو تعين ٿي ويندو آهي. جنگ جي فن تي چيني مفڪر سن تُزو پنهنجي ڪتاب ”آرٽ آف وار“ ۾ لکي ٿو ته ”نظر نه ايندڙ نفسياتي جنگ جي ذريعي مخالفن جي مقدر جا مالڪ بڻجي سگهو ٿا.“ ائين ئي نفسياتي حملي ۾ هيبتناڪ هٿيارن جي استعمال کانسواءِ به دشمنن جا مورچا سُڃ جي صدائن ۾ بدلائي سگهجن ٿا. جنگ ته جاري آهي، گرم گولين جي گجندڙ صورت ۾ نه ئي صحيح پر اها سياسي ۽ نفسياتي حملن جي صورت ۾ جاري آهي.اها اسانجي سياسي بي سمجهي هوندي جو اسان سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ وقفي واري وِٿيءَ کي جنگ کان جُدا وارو دور سمجهي اجرڪ اوڍي سُمهي پئون ۽ ائين سمجهون ته اسان تاريخ جا تلخ زمانا ڏسي چُڪا آهيون، هاڻ سنڌ جي بدن تي رڳو چانڊوڪيءَ جو رقص، امن ۽ سُڪون هوندو. اهڙي ڪوڙي آسري جي صحر ۾ سُتل سنڌ، وڃي اهڙي اڀاڳي دور ۾ داخل ٿئي جتي هن قوم جو وجود اُن ننڌڻڪي ٻار وانگر بڻجي پوي جيڪو ماءُ جي محبتن کان محروم ۽ پيءُ جي سهاري جي ڀاڪرن کان ڀٽڪي فوٽ پاٿن جي جهان ۾ پناهه وٺندو آهي. جيڪو دردن جي هوائن ۽ غمن جي غفائن ۾ پلجي وڏو ته ٿي ويندو آهي پر اُن کان مهذب پڻي جون سڀ علامتون ساٿ ڇڏي وينديون آهن.
    سنڌ مارڪيٽ جو اهڙو وکر آهي جيڪو صبح کان شام تائين وڪرو ٿئي ٿو، جنهن جا سوداگر پرڏيهي طاقتن کانوٺي اُهي ديسي دلال به آهن جيڪي سُڏڪندڙ سنڌ کي ٽڪي ڌڙيءَ طور مفاهمتن جي مُڏين ڪاتين سان ڪٽيندا ۽ ورهائيندا وتن ٿا ۽ مجموعي طور سنڌي سماج مسلسل مايوسين ۽ سياسي ستم ظريفين سبب ”هينگ اوور“ واري عرصي ۾ هليو ويو آهي. جنهن لاءِ اسان جي هڪ دانشور دوست ان عرصي کي ” سنڌ لاءِ حاڃيڪار قرار ڏيندي چيو هو ته: ”هينگ اوور“ وارو عرصو ان کي چئبو آهي جو ڪا قوم سوناميءَ جي صدمي ۾ هلي وڃڻ کان پوءِ اُٿي سگهڻ جي همت ڪري نه سگهي ۽ ان جي ذهني ڪيفيت هينگ اوور ٿي وڃي.“ اهڙي عرصي ۾ قومن جي قيادت ڪندڙ قوتن جو ڪردار اهم هوندو آهي. جيڪي ان عرصي جي ڳهر ۾ ڳوئجي ويل قومن کي سياسي اُتساهه سان اٿاري سگهڻ جي صلاحيت رکندا هُجن.
    پر افسوس ته سنڌ بُرقعي ۾ بند اُن عورت وانگر آهي، جيڪا بُرقعي مان نڪري ڪفن ۾ هلي ويندي آهي، سا پيپلز پارٽيءَ جي پهرايل پوشاڪ لاهڻ کان پوءِ ڪهڙي پارٽيءَ جي چونڊ ڪري، اڃان تائين اُن جي تعين جي تفصيل واري گهٽيءَ ۾ گهڙي ناهي سگهي. اڄ جڏهن پيپلز پارٽيءَ متحدهه جي مطالبن اڳيان سنڌ کي لاوارثيءَ جي حالت ۾ اُڇلائي ڦٽو ڪيو آهي ۽ سنڌ ۾ ٻن نظامن واري نُقطي تي سنڌ جي قومي وارثي ڪرڻ بجاءِ، هڪ شهري تنظيم جي بليڪ ميلنگ اڳيان پنهنجا هٿيار ڦتا ڪيا آهن. تڏهن سن تُزو جون سٽون ياد اچڻ لڳيون آهن ته:
    ” جنگ جي اک انڌي هوندي آهي، جنهن جا ڪي به اصول ۽ ضابطا ناهن هوندا.“
    سنڌ شهري تنظيم جي اهڙن نفسياتي حملن سبب مسلسل شڪستن جي سيريز ۾ گهيريل آهي. اُتي قومپرست جماعتن جو ڪردار اهم هجڻ گهرجي ها. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته قومپرست قيادتون به سنڌ سان ٿيندڙ سياسي سونامين سان منهن ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿينديون رهن ٿيون. اُن جا واضع مثال گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان هلندڙ اُهي هڙتالون آهن جن ۾ متحدهه کان وڌيڪ اسان جي قومپرست قيادتن اهو ثابت ڪيو آهي ته اُهي سنڌ کي جاگرافيائي ۽ لساني طور ورهائڻ ۾ خود به ذميوار آهن. مثال طور، ڪراچيءَ، حيدرآباد، ميرپورخاص جتي متحدهه جا اڪثريتي علائقا هجن ٿا. اُهي روايتي طور ڪاروباري لحاظ کان کُليل رهن ٿا. جڏهن ته هر ٽن ڏينهن کان پوءِ سنڌي علائقا ۽ ڪاروبار اهڙين هڙتالن ۽ مظاهرن سبب معاشي طور ڪنگال ٿيندا رهن ٿا. جيڪڏهن اسان اهو طئي ڪري ورتو آهي ته جتي متحدهه جي اڪثريت آهي. اُتي هڙتال ڪرڻ ۽ رستا بند ڪرڻ ممڪن ناهن ته پوءِ سنڌ جي امڪاني ورهاست واري سوال تي اسان ايترا ڇرڪيل ڇو آهيون؟ اسان ذهني طور اهو قبول ڪري ويٺا آهيون ته قاسم آباد بند ڪرائبي پر لطيف آباد جو ڪاروبار روايتي طرح هلندو رهي. اسان خود نفسياتي طور سياسي شڪست کائي سنڌ جي جاگرافيائي ورهاست جا ذميوار بڻجي رهيا آهيون. سنڌ فقط قاسم آباد ناهي، سنڌ ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، سکر، لاڙڪاڻو، سانگهڙ ۽ دادو ئي ناهي پر سنڌ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپور خاص ٺٽو ۽ سانگهڙ به آهي. ته پوءِ اسان پنهنجي شهرن جي جاگرافيائن کي هڙتالن دوران ڄاڻي واڻي ۽ شعوري طور ڇو ورهائي ڇڏيون آهن؟ ڇو اسان پنهنجي شهرن کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇو اسان پنهنجي شهرن جي مالڪيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي؟ جڏهن اسان ذهني طور اهڙن نفسياتي حملن جو شڪار بڻجي پنهنجي شهرن ۾ ئي سرحدن جون کاردار تارون کڙيون ڪيون آهن؟ جيڪڏهن اسان ئي خود اُن جا ذميوار آهيون ته پوءِ دشمنن جا دڳ ته وڌيڪ سولا بڻجي پيا آهن. جيڪي نه رڳو سنڌ کي ٻن انتظامي نظامن ۾ ورهائڻ واري عمل ۾ ڪامياب ٿي سگهن ٿا پر اُهي وقت گذرڻ سان گڏ سنڌ جي جاگرافيائي ورهاست واري ذهنيت کڻي اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا جنهن جو هن قوم کي خدشو آهي.
    پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ ۾ ٻن انتظامي نظامن سميت سنڌ جي جاگرافيائي ورهاست واري نُقطي کي به مجموعي قومي مفاهمت جي نالي تي قربان ڪري سگهي ٿي. جنهن لاءِ قومپرست سياسي قيادتن کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پوندو ۽ انهن کي اهو سمجهڻو پوندو ته سنڌ کي لساني سياسي گروهه وٽ قيد ڪرڻ لاءِ پنهنجون حڪمت عمليون تبديل ڪن. اُها هڙتال ناڪام هڙتال سمجهڻ گُهرجي. جيڪا ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جا سمورا علائقا بند ڪرائي نه سگهي. ان جو ٻيو مطلب اهو به ٿيندو ته سنڌ کي ورهائڻ ۾ نه رڳو پيپلز پارٽي ۽ اُن جي اتحادي جماعت ڏوهاري آهن. پر قومپرست جماعتون به اهڙي مجرماڻي موومينٽ هلائڻ سبب ڏوهاري سمجهيون وينديون. سنڌ نفسياتي طور اهڙي ذلت واري احساس مان ڪيئن نڪرندي جو اسان خود به سنڌ جي جاگرافيءَ کي ذهني طور ورهائي چُڪا آهيون. جيڪا رِوش هن قوم جي روح تي آيل زخمن جو ازالو قطعي به ڪري نه سگهندي. سنڌ تي جيڪا ٻن انتطامي نطامن واري لٽڪيل تلوار آهي اُن جو وار سنڌ جي دل تي جاگرافيائي ورهاست جي صورت ۾ ڪڏهن ٿو ٿئي؟ اُن جو اندازو هلندڙ سياسي صورتحال مان به ڪري سگهجي ٿو ۽ اسان جي اهڙي رِوش مان به سمجهي سگهجي ٿو. جنهن رِوش سبب هن دُکايل ديس جي دل کي اُجڙيل تقديرن جي آسري تي ڇڏي ڏنو آهي. ڇا سنڌ بغاوت جا باب پنهنجي سياسي ڪتابن مان ساڙي ڇڏيا آهن؟ ڇا اياز اڄ به ائين نوجوانن جو هيرو ناهي جيئن عرب دنيا ۾ نذار قاباني يا محمود درويش آهن؟ ڇا اسان پنهنجي بغاوتن کي سياسي عياشين جي سُئي هڻي سمهاري ڇڏيو آهي؟ ڇا اياز جي انهن سِٽن جي سچائيءَ جو ڪنهن وٽ جواب آهي؟
    تون ڪو ٻارڻ ٻاري سگهندين؟
    تون جو اڄ اڳواڻ بڻيو آن!
    سارو ڪوڙ مِٽائي سگهندين؟
    جا ڌرتي تو ڪالهه وڃائي،
    سا ڌرتي اڄ پائي سگهندين؟
    اسان پنهنجي وڃايل ڌرتيءَ جي واٽ جي تلاش ۾ آهيون، جنهن واٽ تي واسينگ ويٺل آهن ۽ اسان اتي وڃڻ بجاءِ سياسي بهانن جي بيمارين ۾ مبتلا آهيون. پر جي ڪا گهڙي اهڙي اچي جو قيادت اهو سمجهڻ شروع ڪري ته هر ڌرڻي ۽ احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ هوندي. سنڌ جي هر رستي ۽ گهٽيءَ تي پنهنجا ويڙهيل بينر کولي بيهنداسين ته پوءِ اسان لاءِ سنڌ فقط نسيم نگر چوڪ نه هوندي پر اُها لطيف آباد ۽ حيدرآباد جو پڪو قلعو به هوندي ته مارڙي جو ماڳ ڪراچي به هوندي. ڇا اسان وڏي مقصد لاءِ ننڍڙيون قربانيون ڏيڻ لاءِ به تيار ناهيون؟
    ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
    گهايل ڌرتيءَ جي سيني جيِ،
    اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا،
    جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
    جا دنيا کي بدلائي ٿي.
    (اياز)
    دنيا کي بدلائڻ لاءِ تاريخ جي چيخ ڪير ٿيندو؟ ڪير سنڌ جي سلامتيءَ لاءِ مصنوعي احتجاجن بجاءِ احتجاجن جي دائري کي وسيع ڪرڻ لاءِ سنڌ جي شهرن جي ذري ذري کي پنهنجي هڙتالن جو حصو بنائيندو؟ اُن ڏينهن جو انتظار آهي. جڏهن سنڌ جا قلمڪار به پنهنجي قلمن کان ڪاتين جو ڪم وٺندا.
    ”او منهنجا ديس!
    مان ته محبت جي معنى آهيان،
    جنهن قلم ڇڏي،
    ڪاتيءَ سان شاعري لکڻ،
    شروع ڪئي آهي.!!!“
    (نذار قاباني)
    باقي سياسي نعريبازين سان ڀتين جا چهرا ڪارا ڪرڻ سان ڪا تبديلي اچي ها ته شايد سنڌ ٻن انتظامي نظامن واري ڌٻڻ ۾ نه ڦاسي ها ۽ سنڌ جي امڪاني ورهاست لاءِ ٿيندڙ اندروني سازشون پئدا نه ٿين ها. پر سنڌ جي جاگرافيائي حدن تي وار ڪرڻ جي ذميوار پيپلز پارٽيءَ جي متحدهه سان مفاهمتي پاليسي ته آهي ئي. پر اسانجي سياسي روش به اُن کان بچيل ناهي.


    پيپلزپارٽيءَ جي اوليت تي سنڌ جا مسئلا ناهن.

    ڪجهه ڏينهن پهرين منهنجي ادبي دوست عبدالغفار کوکر ڏاڍي ڏک سان پنهنجا سياسي ويچار ونڊيندي چيو ته ”گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جي سياسي چِڙ وڏن عقابن جي اکين تان ڪاريون پٽيون لاهي سگهڻ ۾ ناڪام ڇو ٿي آهي؟ ڇا سبب آهي جو سنڌ جي سياسي چيخ ايوانن جي ديوارن کي لوڏي ناهي سگهي ۽ مسلسل سنڌ کي نون مسئلن ۾ اُلجهائي، سنڌي ماڻهن کي سياسي يتيميءَ واري اوڙاهه ۾ اڇليو وڃي ٿو.“ اُن وقت تائين اڃان لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت وارو معاملو اڃان ميڊيا جي سُرخي نه بڻيو هو نه ئي اُن کان اڳ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ صاحب جو ڪاوش ۾ اهو موقف آيو هو. جنهن ۾ شرجيل صاحب واضع طور سنڌ جي ڪجهه اشوز تي پيپلز پارٽيءَ جو موقف بيان ڪيو هو. جنهن ۾ هن ائين به چيو هو ته ”هڪ تڪراري موضوع ڪالاباغ ڊيم به آهي، جنهن تي ڪيترن ئي سالن کان ڪي ڌريون پنهنجا دُڪان هلائي رهيون آهن ۽ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي کي کڻي چوراهي جي سياست ۾ پنهنجا پنهنجا جهنڊا بُلند ڪري رهيون آهن. پر پاڪستان ۾ ڪالاباغ ڊيم جهڙي ٻرندڙ موضوع جو هميشه لاءِ خاتمو موجوده جمهوري حڪومت جي سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي.“
    جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڌي ماڻهن کي ڪالاباغ ڊيم واري اشو کي هميشه دفن ڪري ڇڏڻ جهڙو عظيم تحفو ڏئي ڇڏيو آهي ته اوچتو ئي پنجاب هاءِ ڪورٽ طرفان ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت وارو معاملو اُڀريو آهي. شايد سنڌي ماڻهو گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان نان اشوز تي پنهنجي سياست چمڪائيندا هُجن پر اپوزيشن ۾ ويٺل پيپلز پارٽيءَ جو سڄو دور اهڙن ”نان اشوز“ تي سياسي جدوجهد ۾ قومپرستن سان گڏ رهيو هو. سنڌ جي جائز چِڙ کي ”نان اشوز“ تي سياست چمڪائڻ وارو ليبل هڻندڙ پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ اهو ٻڌائي سگهندا ته هنن ڪالاباغ ڊيم جي اشو تي ڪهڙو دستاويز تيار ڪري پاڪستان جي سمورين اسيمبلين ۾ بِل طور پيش ڪري پاس ڪرايو هو ۽ پاڪستان جي سمورين صوبائي اسيمبلين اُن بِل کي پاس ڪري ڇڏيو هو؟ هن وقت سنڌ جيڪا نه کپي جا نعرا کڻي پنهنجي پوري چڙ ۽ غصي سان روڊن ۽ رستن تي پُرامن سياسي جدوجهد جي ميدان تي لٿل آهي. تنهن جو مقابلو اهڙي جمهوري حڪومت سان آهي جنهن لاءِ ول ڊيورانٽ پنهنجي ڪتاب ”پليئرس آف فلاسافي“ ۾ ”اڪثريت جي آمريت“ جي عنوان سان پورو باب لکيو آهي. جنهن ۾ هُن اهو به ڄاڻايو آهي ته آمريت رڳو لانگ بوٽن وارا ناهن آڻيندا نه ئي سنگينن جي سائي ۾ عوام مٿان مسلط ڪئي ويندي آهي. پر آمريت ته اُها به آهي جنهن کي انبوهه آڻيندو آهي، اُهو انبوهه جيڪو عوام ناهي هوندو ڇو ته عوام پڙهيل لکيل معاشرن جي اُن خدائي خلق کي چيو ويندو آهي جيڪا خلق باشعور هوندي آهي. جيڪا ڪنهن جاگيردار ۽ وڏيري جي خوف ۾ مبتلا ٿي ووٽ ناهي ڏيندي نه ئي جِي ٿِري جي گرم گولين جي خوف سبب پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪندي آهي، نه ئي ٽڪي جي مفادن خاطر پنهنجي قسمتن جا فيصلا انهن وڏيرن جي حوالي ڪندي آهي. جيڪي پرڏيهي قوتن کي اهو تاثر ڏيندا رهن ٿا ته، هو عوام جي اڪثريت سان چونڊجي آيا آهن. پر انبوهه اُهو هوندو آهي جن کي ووٽ جي صحيح استعمال جو شعور ته وڏي ڳالهه آهي پر انهن کي اِها به خبر ناهي هوندي ته جنهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ هو پنهنجا آڱوٺا ڪارا ڪرائڻ لاءِ پولنگ تي پهتا آهن اُنهن جي ووٽ سان اهو اُميدوار وري چونڊجي سگهي ٿو جنهن سنڌ وطن جي جاگرافيائي سرحدن جا سودا ڪرڻ کان وٺي، هر اهو عمل ڪيو آهي جنهن سان سندن ايندڙ نسل رڻ جي راتين ۾ رُلي ويندا. اهڙي سماج ۾ ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته انبوهه جي ووٽن سان چونڊيل حڪومتون آمريتن کان به وڌيڪ بدترين حڪمرانيءَ جو سبب بڻبيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ اها دعوى نٿي ڪري سگهجي ته پاڪستان ۾ اڪثريت سان چونڊجي ايندڙ حڪومتون پنهنجو پاڻ کي جمهوريت جون علمبردار سڏائي، باقي سياسي پارٽين تي طنز ڪنديون رهن ته انهن جي ضمانت ضبط ٿي ويندي.
    هن وقت جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت سنڌ ۽ خيبرپختونخواه طرفان واريل اعتراضن کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ سياسي قرارڏئي اهو موقف اختيار ڪيوآهي ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جو فيصلو ملڪي مفادن کي نظر ۾ رکي ٿيڻ کپي، جڏهن ته سياسي اعتراضن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو، موسمي تبديلين (گلوبل وارمنگ) سبب 2010ع کان برساتون ۽ ٻوڏون اچڻ هاڻ معمول بڻيل آهي، جن کان بچڻ لاءِ به نون ڊيمن جي اڏاوت ضروري آهي، عدالت وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڊيمن جي اڏاوت تي صوبن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرائڻ وفاقي سرڪار جي ذميواري آهي، اهو عدالت جو ڪم ناهي ته اها طئي ڪري ته ڊيم ٺهڻ کپي يا نه کپي، اسان کي قانون پٽاندر فيصلو ڪرڻو آهي، جڏهن ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم اڏجڻ سان منگلا ۽ تربيلا ڊيمن جي عمر وڌي ويندي. ٻڌڻي دوران پٽيشنرن جي وڪيل اي ڪي ڏوگر دليل ڏيندي چيو ته: ”لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مولوي انوار الحق ڪالاباغ رٿا جي اهميت کي سامهون رکي 2004ع ۾ ڊيم جي اڏاوت جو حڪم ڏنو هو. پر انهي حڪم تي اڄ تائين عمل ناهي ٿي سگهيو، هن ڄاڻايو ته ڊيم نه ٺهڻ سبب اڄ سڄو ملڪ لوڊشيڊنگ جو عذاب ڀوڳي رهيو آهي. وڪيل اهو پڻ موقف اختيار ڪندي چيو ته جڏهن ايوب خان جي حڪومت هُئي ته اُن وقت ذوالفقارعلي ڀٽو پرڏيهي معاملن وارو وزير هو ۽ ان وقت ٿيل سنڌ طاس معاهدي ۾ واضع چيو ويو هو ته تربيلا ۽ منگلا کان اڳ ڪالاباغ ڊيم اڏيو ويندو. جڏهن ته ذوالفقار ڀٽي ڪالاباغ ڊيم واري منصوبي جو افتتاح پڻ ڪيو هو، اڄ به ڊيم جي سائيٽ تي اهڙي افتتاحي تختي لڳل آهي. ڪالاباغ ڊيم کي مضبوط معاشي منصوبو قرار ڏيندي ائين چيو ويو ته سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي سياسي اعتراضن کي ڳالهين ذريعي ختم ڪري سگهجي ٿو.“ جڏهن ته دستاويزي مشاهدي لاءِ ايندڙ ٻڌڻي 30 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪئي وئي.
    جيتوڻيڪ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي تي پيپلز پارٽي سنڌ جي سربراهه نثار کهڙو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي اقتدار هوندي ڊيم نه ٺهندو. ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته اهو تڪراري ڊيم هميشه دفن ڪري ڇڏڻ واري شرجيل ميمڻ جي دعوى ۾ ڪا صداقت ناهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽي حڪومت کان پوءِ ڪو ٻيو اقتدار ۾ آيو ته اُهو اُن جو معاملو هوندو. سوال اهو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جيڪو ڪالاباغ ڊيم تي ڊبيٽ ٿيو آهي اُن سڄي ٻُڌڻيءَ مان ته اهو ٿو محسوس ٿئي ته هن ڊيم جي اڏاوت ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ئي وڏو ڪردار رهيو آهي جيڪو مسلسل ريفرنس طور استعمال ٿيندو رهيو آهي.
    سنڌ جيڪا گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان ڪالاباغ ڊيم تي پنهنجي اعتراضن تي سنڌ جي تباهه ٿي وڃڻ جا تفصيل وفاق ۾ اُٿاريندي رهي آهي، سا سنڌ لاهور هاءِ ڪورٽ واري فيصلي جي انتظار کان پوءِ پنهنجو ردِ عمل ڇا ٿي ظاهر ڪري اهو ته 30 آڪٽومبر تائين پتو پئجي ويندو. اُن سلسلي ۾ سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن جو ڪو تڪڙو ردِ عمل ناهي آيو نه ئي ان معاملي تي ڪنهن مضبوط تحريڪ هلائڻ جو موقف سامهون آيو آهي ڇو ته سنڌ آڏو مسلسل نون مسئلن وارا مونجهارا ايتري تعداد ۾ ايندا رهن ٿا جو سنڌ کي هاڻ انهن سمورن مسئلن تي هڪ ئي وقت جدوجهد هلائڻ جي ضرورت آهي. البته ساڳئي ڏينهن تي عوامي نيشنل پارٽيءَ جي صوبائي اڳواڻ سينيٽر افراسياب خٽڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته: ”اهڙو فيصلو پاڪستان جي فيڊريشن لاءِ هاڃيڪار هوندو جو ٽن اسيمبلين جي پاس ڪيل بلن کان پوءِ به به تختِ لاهور ڪالاباغ ڊيم جي هوڏ تان هيٺ نٿو لهي. هن ڪالاباغ ڊيم کي مُئل مسئلو قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ٽن صوبائي اسيمبلين هن معاملي کي فني ۽ سياسي طور هاڃيڪار قرار ڏيندي مڪمل رد ڪري ڇڏيو آهي.“ هن عدالت کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جي ذريعي درخواست ڪئي ته اها هن معاملي کي مڪمل ختم ڪري ڇڏي. هن چيو ته خيبر پختون خواهه کي مڪمل ٻوڙي ڇڏڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏني ويندي. جيڪڏهن ان معاملي کي وڌايو ويو ته صوبن ۾ نفرتون پئدا ٿينديون. جيڪي وفاق لاءِ خطري جو سبب بڻبيون.
    پر سنڌ جيڪا گُم ٿيندڙ سياسي ماڻهن جي ملندڙ لاشن، اين ايف سي ايوارڊ واري معاملي، ڌاري آبادڪاري، ذوالفقار آباد، سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارن معاملن سميت سوين ٻين معاملن ۾ اڃان تائين اُلجهيل ئي هُئي ته اوچتو ڊيم جو دفن ٿيل اشو( پيپلزپارٽي اڳواڻن چواڻي) اُڀريو آهي. موجودهه حڪومت جي اهڙي دعوى دُرست هجي ها ۽ هن حڪومت ڪالاباغ ڊيم کي هميشه دفن ڪري ڇڏيو هجي ها ته ڊيم جي سائيٽ تي ذوالفقار ڀٽي طرفان اُن افتتاحي تختي کي به هٽايو وڃي ها. جيڪا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻُڌڻي دوران ريفرنس طور بار بار سامهون آئي آهي. پر جيئن ته پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي ماڻهن جي اها انبوهه واري اڪثريت مسلسل پيپلز پارٽيءَ جي ڪُوڙن آسرن تي رڻ ۾ رُلي وڃڻ کان باز نٿي اچي.
    جيتوڻيڪ سنڌ جي عوام جي اڪثريت چاهي ٿي ته اُهي ڪارا قانون جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي قومي غلاميءَ جو سبب آهن. تن جي خاتمي لاءِ پنهنجي سموري چِڙ ۽ ڪاوڙ جو اظهار احتجاجن ۽ هڙتالن ۾ ڪن ٿا. انهن سمورن مسئلن جي ڊگهي لسٽ آهي جن لاءِ هر جاءِ تان نه کپي جا نعرا ٻُڌجي رهيا آهن. ليڪن انبوهه جي اڪثريت سان گڏ بيٺل اڳواڻ، جيڪي مسلسل ”کپي“ جي راڳ سان سنڌ کي ريجهائي رهيا آهن ۽ ڪوڙن آسرن ۾ سنڌ جا سودا ڪندا رهن ٿا. سنڌ گهڻ قومي مسئلن سبب کپي ۽ نه کپي واري ويڙهه پاسي وڌي رهي آهي. ڏسجي ته پنجاب هاءِ ڪورٽ جي اهڙي ”کپي“ واري فيصلي اچڻ کان پوءِ سياسي طور آئسوليشن واري احساس ۾ هلي ويل سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سهارو هُجڻ جي دعوى ڪندڙ مسلم ليگ (ن) جا نمائندهه ڪهڙو موقف اختيار ڪن ٿا؟ ان جو اندازو جلد ئي ٿي ويندو. پر سنڌ سياسي طور نه کپي واري هلچل ۾ ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿي؟ اُن جو اندازو لڳائڻ لاءِ ايندڙ چونڊن جو انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ڏسڻو پوندو ته ڇا انبوهه..... عوام بڻجي سگهيو آهي.؟ پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن کي اهو سمجهڻ گُهرجي ته اُهي جنهن جمهوريت جي بار بار دعوا ڪن ٿا سا اصل ۾ اڪثريت جي آمريت ئي آهي. جيڪا آمريت سنڌ جي ڀوتارن ۽ وڏيرن ڀُٽوز جي نالي تي سنڌ مٿان مڙهي ڇڏي آهي.


    سنڌ جي ترقيءَ لاءِ 5 سال به وڏا آهن...

    هن وقت دنيا ۾ اقتصادي ترقيءَ لاءِ سماجي سرمايي جي تصور کي سمجهڻ ۽ مقامي سطع تي سماجي سرمايي جي تصور کي هٿي ڏئي، اُن کي ڪامياب ماڊل طور متعارف ڪرايو وڃي ٿو ته جيئن ترقيءَ واري عمل ۾ عام ماڻهوءَ جي راءِ کي رد ڪري نه سگهجي ۽ اُن جي شموليت کي اوليت جي بنياد تي رکي سگهجي. اُن حوالي سان دنيا جي ڪيترن مُلڪن کي مثالي مُلڪن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. جنهن ۾ بنگلاديش، انڊيا، چين، نيپال ۽ سريلنڪا به شامل آهن. جيڪي ”ورلڊ ڊولپمينٽ انڊيڪيٽرس“ جي بنيادي اصولن جي حاصلات تي پُورا لٿا آهن. انهن نه رڳو مقامي اقتصادي ترقيءَ لاءِ سماجي سرمايي جي حوالي سان مثالي تبديليون آنديون آهن. پرمقامي ماڻهن جي سهڪار سان سماج تي صدين کان اثر انداز رهندڙ سينواريل سياسي نظام کي پڻ مجبور ڪيو آهي ته اُهي انساني سماج جي ڀلائيءَ لاءِ پڻ بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن. نتيجي طور سياست کي Confusion جي ڪوهيڙي مان نڪري عوام جي ڀلائيءَ لاءِ اهڙيون حڪمت عمليون جوڙڻيون پيون آهن. جنهن سان مقامي سطع تي روزگار جا رستا کُلي پيا آهن ۽ سماجي عدم تحفظ جو شڪار ماڻهن سُک جو ساهه کنيو آهي. ان ڳالهه تي ته تر جيترو به اختلاف موجود ناهي ته جڏهن سياسي ادارا زوال جو شڪار ٿيندا آهن ۽ سياسي اڳواڻ سياسي مونجهارن ۾ ڦاسجي پوندا آهن ته اهي عوام کي هڪ اهڙو اونداهو مستقبل ڏيندا آهن. جنهن سان عوام جي اکين تائين روشنيءَ جا ڪرڻا پهچي ئي ناهن سگهندا. جيتوڻيڪ گذريل ڪيترن سالن کان دنيا ۾ آيل مالياتي خساري (Financial Crunch) سڄي دنيا کي هڪدم لوڏي ڇڏيو هو. پر آهستي آهستي دنيا اهڙي مالياتي بحران مان ٻيهرنڪرڻ جون حڪمت عمليون جوڙي رهي آهي. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل مُلڪ اهڙي مالياتي بحران وارين حالتن کان گهڻي قدر بچيل ئي رهيا. اُن جو وڏو سبب مقامي سطع تي سرمايي جو مضبوط نظام ٻڌايو وڃي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ اها طئي ٿيل حقيقت آهي ته عوام جي شموليت کان سواءِ ترقيءَ جا تصور اڻپورا ئي هوندا آهن. پاڪستان جي سياسي ۽ سماجي صورتحال جو تجزيو ڪجي ته صورتحال ڪا خاص مطمئن ڪندڙ نظر نه ايندي. ڇاڪاڻ ته هتي ترقيءَ جي نالي تي ڪرپشن جا جيڪي کاتا کُليل آهن، اُهي هر نئين ايندڙ حڪومت ۾ گهٽجڻ بجاءِ وڌندا رهن ٿا. پاڪستان جي سڄي سياسي ڄمار کان وٺي اهو تجزيو ڪيو وڃي ته اها ڳالهه چِٽي ٿي سامهون ايندي ته اسان پنهنجي موجودهه ادارن کي بچائڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اُنهن جي پئداواري وسيلن کي به مڪمل طور کپائي ڇڏيو آهي. نتيجي طور هر ادارو تنزل جو شڪار بڻجي ويو آهي. اسان پنهنجي ادارن جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ انهن ادارن تان پنهنجي مالڪي ۽ وارثيءَ واري حق تان دستبردار ٿي چُڪا آهيون. ان سڄي عمل ۾ اسان جي سياسي ادارن جو وڏو هٿ رهيو آهي. سياسي ادارن جو مطلب اُهي ادارا جيڪي لڳاتار عوامي طاقت ۽ ووٽن جي ذريعي عوام جي اکين ۾ سُرمو وجهندا رهيا آهن. سي سماجي ترقي ۽ مقامي سرمايي جي تشڪيل ڪري نه سگهڻ جا ذميوار رهيا آهن.
    انهن سمورين حالتن ۾ جڏهن چونڊن جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي. تڏهن عوامي سطع تي سول سوسائٽيءَ کي پنهنجو ڪردار مضبوط طريقي سان ادا ڪرڻو پوندو ۽ عوامي سجاڳي ۽ شعور لاءِ زبردست حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن عوام ان قابل ٿي سگهي ته اهو پنهنجي پنهنجي تڪ تي اُميدوار جي صحيع چونڊ ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽيءَ جي هن 5 سالن واري دور جي پُڄاڻيءَ تائين به عوامي سطع تي جيڪي پيپلز پارٽيءَ سان عوام جون اُميدون وابسته هُيون، اُهي هڪ ڪوڙي آسري کانسواءِ ڪجهه به نه هُيون. جيڪڏهن اهو سلسلو ايندڙ 5 سالن تائين به رهندو ته عوام جون اقتصادي حالتون بدترين حد تائين پهچي سگهن ٿيون. اُن لاءِ خاص طور تي سنڌ جي سِول سوسائٽيءَ کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ عوامي شعور هلائڻ لاءِ مضبوط مهم کي اُڀارڻو پوندو. هاڻ اهو وقت گُذري ويو آهي جو سنڌ هر ڀيري ڪنهن هڪ پارٽيءَ جي زخم جي مرهم بڻجندي رهي. هن وقت سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ووٽ جو جائز حق استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو طئي ڪرڻو آهي ته اُهي جنهن اُميدوار کي ووٽ ڏين ٿا اُهي اُن کان 5 سالن جي ترقياتي منصوبي جو مطالبو ڪن ۽ لِکت ۾ وٺن ته اهو اُميدوار 5 سالن جي عرصي ۾ پنهنجي تڪ جون گهڻيون يونين ڪائونسلون مثالي يونين ڪائونسلون بڻائي سگهندو؟ ۽ سنڌ جي اهم اشوز جيڪي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهن انهن تي ڪيترو واضع ۽ چٽو موقف رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو؟ سنڌ جي زندگي ۽ موت وارن مسئلن تي پارٽيءَ جي ڊسيپلين کان مٿانهون موقف رکڻ جي جنهن اُميدوار ۾ صلاحيت هُجي ۽ لِکت ۾ عوام سان وچن ڪري ته اهڙي اُميدوار کي ووٽ ڏيڻ گهرجي.
    باشعور عوام طرفان سياسي پارٽين کان وچن وٺڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي ۽ سنڌ جو عوام اُميدوارن اڳيان پنهنجي 5 سالن جي منصوبه سازيءَ جو چارٽ ڪجهه هن ريت به پيش ڪري سگهي ٿو ته سنڌ ۾ جيترا به صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر موجود آهن اُهي پنهنجي پنهنجي تَڪ جي هڪ هڪ يونين ڪائونسل کي هڪ سال لاءِ مثالي يونين ڪائونسل طور کڻندا ۽ اُن مثالي يونين ڪائونسل ۾ 100 سيڪڙو انساني آباديءَ کي روزگار مُيسر ٿيندو، اُن سلسلي ۾ ننڍا ننڍا ڪاروباري يونٽ ٺاهي بيروزگاريءَ جو خاتمو آندو ويندو. مقامي سطع تي موجود وسيلن جي بهتر مارڪيٽنگ ڪرڻ لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا. يونين ڪائونسل جي سمورن پرائمري، مڊل توڙي هاءِ اسڪولن جي تعليمي نظام کي بهتر ۽ معياري بڻايو ويندو. صحت مرڪزن جي عمارتن کي بهتر بڻائي انهن ۾ سموريون سهولتون ميسر ڪيون وينديون. زرعي پئداوار جي واڌاري لاءِ اُپاءَ ورتا ويندا. يونين ڪائونسل جي سمورن لنڪ روڊن کي بهتر ڪيو ويندو. سمورن ڳوٺن جي گِهٽين ۽ نالين کي پڪو ڪرائي انهن جي ڊرينيج جو نظام بهتر رکيو ويندو. چوپايي مال جي بهتر سار سنڀال لاءِ مقامي سطع جي ماڻهن کي تربيتون ڏنيون وينديون، جيئن اُهي پنهنجي مال کي وقت سِر ويڪسين ڪري سگهن ۽ انهن جي سار سنڀال ڪري سگهن. غريب ۽ غريب ترين گهرن جي ڪکاون گهرن کي پڪو ڪرايو ويندو. عورتن جي تعليمي ۽ هُنري صلاحيتن کي همٿايو ويندو ۽ نياڻين جي تعليم کي لازمي قرار ڏئي انهن لاءِ بهتر تعليمي نظام جون ڪوششون ڪيون وينديون ۽ کين تعليمي وظيفا ڏنا ويندا. غير آباد زمينن کي آباد ڪرائڻ ۽ پوڇڙ جي آبادگارن تائين پاڻيءَ جي پهچ کي يقيني بڻايو ويندو. زمينن ۾ وڻن جي پوکائيءَ کي اوليت تي رکيو ويندو ۽ گهرن ۾ ميويدار وڻن جي پوکائيءَ کي همٿايو ويندو ته جيئن ميون تائين عام ماڻهوءَ جي پهچ ممڪن ٿي سگهي . پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ گهرن جي حساب سان واٽر پيوريفڪيشن پلانٽ لڳرايا ويندا. بيوهه ۽ معذور ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ اهڙيون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙيون وينديون جن سان انهن مان سماجي عدم تحفط وارو خوف ختم ٿي سگهندو. ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ عوامي سجاڳيءَ جي مهم هلائي ويندي. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مقامي ماڻهن جي راءِ يا صلاحن کي اوليت ڏئي اهڙي حڪمت عملي جوڙي ويندي جنهن سان نقصانن کان بچاءُ ممڪن بڻجي سگهي.
    مٿي ڄاڻايل سمورا مسئلا اهڙا به ناهن جيڪي ممڪن ٿي نه سگهن. جيڪڏهن ڪو به اُميدوار ايوانن ۾ وڃڻ کان پهرين سماجي سرمايي جي تعمير ۽ مقامي ترقيءَ لاءِ عوام سان وچن ڪري ٿو ۽ اهو ڪنهن دستاويزي شڪل ۾ پيش ڪري ٿو ته پوءِ سمورا ڪم آسان ٿي سگهن ٿا ۽ انهن مسئلن جو حل ممڪن به آهي. هن وقت تائين وطن ڪارڊ، پاڪستان ڪارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وارو کاتو کولجي ته ملڪي بجيٽ جو وڏو حصو عوام کي خيرات ڏئي پنڻ جو عادي ڪيو ويو آهي جيڪا جٽادار ترقي ناهي. پر جيڪڏهن يونين ڪائونسل سطع تي مقامي ماڻهن جي شراڪت سان مٿي ڄاڻايل پروگرام ترتيب ڏنا ويا ته مستقل طور پائيدار ترقيءَ وارو خواب پورو ٿي سگهي ٿو. اُن لاءِ ٿورو سوچڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ هن وقت 160 صوبائي اسيمبلي ميمبر موجود آهن جن ۾ رِزروڊ سيٽن تي عورتن ۽ مردن جو تعداد به شامل آهي. جڏهن ته 78 سيٽن تي قومي اسيمبلي ميمبر موجود آهن جن ۾ رِزروڊ سيٽن تي ويٺل عورتون ۽ اقليتن جون سيٽون به موجود آهن. سنڌ جي ڪُل صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جو تعداد 238 ٿئي ٿو. جنهن تعداد ۾ جڏهن ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ٽوٽل يونين ڪائونسلن جو تعداد 1108 آهي. جيڪڏهن رُڳو هڪ اُميدوار هڪ سال لاءِ هڪ يونين ڪائونسل مثالي يونين ڪائونسل طور کڻي ٿو ته سال ۾ 238 يونين ڪائونسلون مثالي يونين ڪائونسلون بڻجي سگهن ٿيون. 5 سالن ۾ مثالي يونين ڪائونسلن جو تعداد 1190 ٿيندو. پر جيڪڏهن شهري سيٽن خاص طور اردو ڳالهائيندڙ ۽ پختون آباديءَ واريون سيٽون ڪڍي به ڇڏجن تڏهن به 5 سالن ۾ 1108 يونين ڪائونسلن مان 800 يونين ڪائونسلن کي به جيڪڏهن 5 سالن ۾ مثالي يونين ڪائونسل طور بڻائي سگهجي ته اها ڪا ننڍڙي ڳالهه نه هوندي. پر هن 5 سالن واري ترقياتي منصوبي لاءِ سياست جا سڌا رستا طئي ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته منفي سياست مفاد پرستيءَ جي چوڌاري چڪر لڳائيندي آهي. مفادن کان مٿانهون ٿي عوامي سجاڳي ۽ ترقيءَ جي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ غير ضروري پروٽوڪول وارين عياشين مان ٻاهر اچڻو پوندو ۽ هڪ اهڙي سماج جي اڏاوت ڪرڻي پوندي جيڪو سماج پاڪستان جي پوري تاريخ ۾ هميشه تنزل جي رستن تي ڀٽڪندو رهيو آهي. اُن کي جاڳائڻ لاءِ اُن جي هٿ مان عارضي مدد وارو ڪِشتو کسڻو پوندو ۽ مستقل ۽ پائيدار ترقيءَ پاسي وٺي اچڻو پوندو. ڇو ته عارضي مدد سان سماج مستقل سماجي اوسر پاسي وڌڻ بجاءِ تنزل ۽ تباهيءَ جو شڪار ٿيندا آهن.
    جيڪڏهن اسان واقعي به عوام سان وفاداريءَ جا وچن ڪريون ٿا ۽ انهن جي خوشحاليءَ جا خواب ڏسون ٿا ته پوءِ ڪا حڪمت عملي طئي ڪرڻي پوندي ڪو رستو ڳولڻو پوندو. اهڙو رستو جتي مستقبل جون واٽون ڌنڌليون نظر نه اچن. جتي چنڊ هن ديس جو اُداس آئينو بڻجي نه سگهي. جتي بُکن، ڏکن ۽ پيڙائن ۾ پُوريل ماڻهو پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اُگهي ڪنهن بهتر صبح جي سوچ کانسواءِ ئي سمهي نه پون. سنڌ کي اهڙي شاندار مستقبل ڏيڻ وارين سياسي پارٽين جي کوٽ ته آهي. پر عوام جڏهن اکيون پٽي اُٿيو ته پارٽيون پنهنجون پاليسيون تبديل ڪرڻ ۾ دير نه ڪنديون. ڇا ڪا به پارٽي پنهنجي سياسي سلوگن ۾ ان وچن کي ورجائي نٿي سگهي ته عوام جي حقيقي ترقيءَ لاءِ ڪا منصوباسازي ٿيڻ گهرجي؟ ڪنهن به يونين ڪائونسل کي مثالي يونين ڪائونسل بڻائڻ لاءِ سال جي مُدت محدود نظر اچي ته اُن کي بيشڪ پنج سالن جي عرصي لاءِ ئي پنهنجي رٿابنديءَ جو حصو بڻائي سگهجي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ 5 سالن واري عرصي ۾ 238 يونين ڪائونسلون ئي مثالي بڻجي پون. تڏهن به ٽوٽل يونين ڪائونسل جو گهٽ ۾ گهٽ 22 سيڪڙو 5 سالن جي عرصي ۾ ترقيءَ طور ڳڻپ ۾ اچي سگهي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ايندڙ 15 کان ويهه سالن جي عرصي ۾ سنڌ ترقيءَ جي ڪنهن روشن رستي تي اچي سگهي ٿي. گهٽ ۾ گهٽ ماضيءَ جي وڃايل وقت جو ازالو جيڪڏهن ايندڙ ٻن ڏهاڪن ۾ به ڪيو وڃي ٿو ته اهو هن ديس جي ماڻهن لاءِ انقلابي تبديليءَ طور ڳڻيو ويندو.
    سنڌ جو سياسي شعور هن موڙ تي هڪ نئون جنم وٺي رهيو آهي. جنهن جي دُکي دل ۾ ديس جي درد جا گونچ هاڻ وڌي گلاب بڻجي پيا آهن. هاڻ اهڙي سنڌ ۾ ووٽن لاءِ ويندڙ پارٽيون پنهنجا پروگرام واضع رکن. هو ائين نه سمجهن ته هن سٻاجهي سنڌ جا ماڻهو کين هميشه اهڙي مخلوق نظر ايندا جو هو کين ورثي ۾ مليل ملڪيتون سمجهي انهن جي احساسن سان تاش جي پتي وانگر کيڏندا رهندا. لارڊ ڪلائيو کان وٺي چارلس نيپئر تائين انگريزن کي اگهاڙيون گاريون ڏيندڙ سنڌي ماڻهو هڪ اهڙي سياسي ننڊ ۾ سُتل رهيا آهن جو هُنن کان اِهو وسري ويو آهي ته هو ڪهڙي سياسي سحر ۾ پنهنجون واٽون وڃائي ويٺا آهن؟! جڏهن سياسي سحر ۾ ڦاٿل سنڌ پنهنجي اکين تان ڪاريون پٽيون لاهي وڌيون ته پوءِ انهن جون ويران وستيون به شهرن جي شڪل ۾ تبديل ٿي وينديون. اهو ناممڪن ناهي. سنڌ پنهنجي سياسي رستي تي وائڙي وِک کڻڻ کان پهرين جڏهن اهو سوچي ورتو ته بااختيار ماڻهن بي ضمير فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ۽ احتساب جي عمل جي ابتدا جو وقت اچي ويو آهي ته پوءِ هو اُهو فيصلو ڪندا جيڪو اُنهن جي حق ۾ هوندو. جيتوڻيڪ هر سياسي شعور رکندڙ ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته عوام کي بُکيو رکي، بين القوامي ڪاروبار ڪندڙ سياستدان عوام جي مستقبل جا ضامن ناهن هوندا. جن جا ٻار ٻاهرين مُلڪن ۾ بهترين تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. انهن کي صحت ۽ سماجي تحفظ جون ضمانتون حاصل آهن. پر لاچار ۽ بيوس بڻيل هي ماڻهو بنيادي انساني سهولتن کان محروم هڪ اهڙي دنيا جو حصو آهن جتي ٻه ويلا ماني به انهن لاءِ مسئلو بڻيل آهي. اهڙين حالتن ۾ اهو طئي ڪرڻ گهرجي ته هاڻ ايندڙ چونڊن ۾ اُميدوارن کان 5 سالن جي ترقياتي منصوبي لاءِ وچن ورتو ويندو. جنهن سان يونين ڪائونسل سطع تائين مثالي منصوبا جُڙي سگهن ٿا. جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان اهڙن منصوبن تي عمل ٿئي ٿو ته ايندڙ 5 سالن جي عرصي ۾ سنڌ جون معاشي حالتون ڪنهن قدر بهتريءَ جي دڳ تي رسائي سگهجن ٿيون.


    بلوچ قومي تحريڪ ۽ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت جو سوال

    پاڪستان جي قومن ۽ وفاق لاءِ اهو سوال انتهائي اهميت اختيار ڪندو وڃي ٿو ته ڇا قومون حقِ خوداراديت کان اڳتي واري نُڪتي تي نڪري چڪيون آهن؟ ان سوال جي جواب جو پسمنظر تازو ئي برهمداغ بگٽيءَ جي هڪ انٽرويوءَ مان پسي سگهجي ٿو. جنهن ۾ هُن بلوچن جي آجپي جي تحريڪ جي فقط هڪ نُڪاتي ايجنڊا تي حڪمرانن سان ڳالهائڻ جو ارادو ڏيکاريو آهي. اُها هڪ نُڪاتي ايجنڊا فقط بلوچستان جي آجپي واري ايجنڊا آهي. جيڪڏهن بلوچ تحريڪ جي پسمنظر کي ڏسبو ته اھا پاڪستان ٺهڻ کان وٺي رياستي عتاب جو شڪار رهي آهي. پر اها نه ختم ٿيندڙ اهڙي تحريڪ آهي جيڪا بندوق جي زور تي چٿڻ لاءِ پاڪستان جي سمورن حڪمرانن جي حُربن سان به ختم ٿي ناهي سگهي. بلوچستان ۾ جيتري به ڪشمڪش رهي آهي ان تي هن ملڪ جي محبِ وطن حڪمرانن ۽ مظلوم قومن کي هميشه ڳڻتي رهي آهي پر اڄ به ملڪي سطع تي بلوچ اڳواڻن لاءِ ڪنهن به سياسي پارٽيءِ جي نه همدردي رهي آهي نه ئي يڪجهتيءَ جو ڪو جذبو نظر آيو آهي. اهڙي طرح بلوچ جنهن بيگانگيءَ طرف وڌي رهيا آهن ان جو الزام ڪنهن تي عائد ڪري سگهجي ٿو؟ اهو سوال هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن مان ماضي قريب جي سياسي تاريخ جو مشاهدو ڪري سگهجي ٿو. برهمداغ جنيوا ۾ انٽرويو ڏيندي چوي ٿو ته: ”بلوچستان تي ڳالهين ۽ ڪانفرنسن جو وقت گذري چڪو آهي. هاڻي بلوچ قوم جي مڪمل آجپي کان سواءِ ڪنهن به نُڪتي تي ڳالهه ٻولهه ٿي نه سگهندي.“
    بلوچستان جو معاملو آمريڪن ڪانگريس جي ايجنڊا تي آهي. جنهن لاءِ بين الااقوامي سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ بلوچن جي امڪاني سياسي استعمال تي بلوچ ريپبليڪن پارٽيءَ جو اڳواڻ برهمداغ بُگٽي رد ڪندي چوي ٿو ته: ” آمريڪا کي پاڪستان جي پرڏيهي پاليسين ۽ ”وار آن ٽيررزم“ ۾ ساٿ ڏيڻ وارين حقيقتن جو پتو پئجي ويو آهي. ان ڪري هُو آمريڪا، برطانيا، روس ۽ انڊيا کان مدد وٺڻ لاءِ لابنگ ڪندا. ان سلسلي ۾ کين اميدون آهن ته دنيا جا سپر پاور ملڪ بلوچن جي مڪمل آجپي جي حمايت ڪندا ۽ انهن جي مدد ڪندا.“ جيڪڏهن بلوچستان ۽ سنڌ جي قومي تحريڪن جو جائزو وٺبو ته انهن ۾ خاص فرق اهو نظر ايندو. جو سنڌ جي قومي تحريڪ واضع طور پُر امن سياسي جدوجهد ڪئي آهي پر باوجود پُر امن سياسي جدوجهد جي نتيجي ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جنهن رياستي عتاب جو شڪار رهي آهي. ان جو اندازو ان مان به ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ مان اغوا ٿيل ڪيترن ئي قومي ڪارڪنن جا گهايل لاش جهرن جهنگن مان ملندا رهيا آهن. قومپرست ۽ آجپي جي ڳالهه ڪندڙ پارٽين سان هن رياست جا حڪمران ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ انهن جي ورڪرن کي بيدرديءَ سان قتل ڪري قومي تحريڪ کي هڪ اهڙي سياسي آئسوليشن (اڪيلائپ) پاسي ڌڪڻ چاهين ٿا جو ائين نه ٿئي ته سنڌ جي آجپي واريون پارٽيون به اڳتي هلي ون پوائنٽ ايجنڊا جو رستو اختيار ڪن ۽ پوءِ ڳالهين جا رستا بند ٿي چُڪا هُجن. ۽ جڏهن ڳالهين جا رستا بند ٿي ويندا آهن تڏهن تشدد جا رستا کُلي پوندا آهن. سنڌي قوم جي وطن دوست سياسي فڪر جا رستا بند ڪيا ويا ته هن ملڪ لاءِ اهو وڏو الميو هوندو جو ان وٽ ڳالهين جو جمهوري رستو نه هوندو. جنهن جا نتيجا ڳالهين جي رستي تي ئي طئي ڪري سگهجن. هن وقت جهڙي طرح ڪوهلو کان ڪوئٽه تائين اغوا ٿيل بلوچ نوجوانن جا لاش انهن جي وارثن کي وصول ٿي رهيا آهن. ساڳي طرح سنڌ ۾ ان روايت کي هٿي ملي رهي آهي. پر هن وقت سنڌ جي سياسي صورتحال بلوچستان جي حالتن کان بلڪل مختلف آهي. سنڌ جي قومي تحريڪ پُرامن سياسي ۽ جمهوري طريقي سان دنيا جي سپر پاور مُلڪن اڳيان پاڻ کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سياسي جدوجهد ۾ ايمان رکي ٿي. جنهن جو وڏو مثال شهيد بشير خان قريشيءَ طرفان ڪراچيءَ جهڙي، ميڊيا جي اک تي رهندڙ شهر ۾ ريلي ڪڍي دنيا کي اپيل ڪئي ته هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي بنيادي انساني ۽ سياسي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌي قوم جو ساٿ ڏين. جنهن جي نتيجي ۾ بلوچن جي آجپي لاءِ آمريڪن ريپبليڪن پارٽيءَ جي ”ڊينا روباڪر“ آمريڪن ڪانگريس ۾ بل پيش ڪرڻ کانپوءِ ايندڙ ڪانگريس جي اجلاس ۾ سنڌ جي آجپي جي بل پيش ڪرڻ لاءِ پڻ اعلان ڪيو. سنڌ جي هلندڙ قومي آجپي جي تحريڪن کي ڪُچلڻ لاءِ سنڌ کي هڪ وڏي نسلي جهيڙي جي باهه ۾ اڇلڻ جا سانباها پڻ ٿي رهيا آهن. بلوچستان اندر پختون آباديءَ لاءِ شروعات کان وٺي بلوچن ڪنهن به سخت موقف ڏيڻ کا گريز ڪيو آهي. پنهنجي پهاڙي ۽ قبائلي مزاج جي باوجود بلوچ آجپي جي اُٿاريل اِشو تي اهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن هنن هاڻوڪين حالتن ۾ بلوچستان جي اندر پختون آباديءَ لاءِ ڪو به سخت موقف رکيو ته انهن جي قومي آجپي جي تحريڪ کي نسلي سازش تحت ڪچليو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي پختون آباديءَ متعلق پڇيل هر سوال جو جواب انتهائي ڊپلوميسيءَ واري انداز ۾ ڏيندا رهيا آهن. هُو چوندا آهن ته آجپي کان پوءِ پختون آباديءِ جي مرضي آهي ته هو بلوچستان ۾ رهن ٿا يا افغانستان ۾. پر اهو سوال هنن حالتن ۾ انهن لاءِ ايترو اهم ناهي ڇو ته اُهي هنن حالتن ۾ ڪو اهڙو ردِعمل ڏئي ڪنهن نسلي تضاد کي اُڀارڻ جي حق ۾ ناهن رهيا. ڪالهه تائين بلوچن جي سياسي حڪمت عمليءَ تي ڪا به سياسي پارٽي انهن جي موقف جي حمايت نه ڪري رهي هُئي. پر اڄ بلوچن جي سياسي حڪمت عمليءَ تي بين الا اقوامي بارگيننگ ٿي رهي آهي. جنهن کان پاڪستان جي ڳجهين ايجنسين کان وٺي ٽي وي چينلز جا اينڪرز به واقف آهن.
    سنڌ هن وقت جنهن سياسي آئسوليشن جو شڪار آهي ان آئسوليشن مان نڪرڻ لاءِ عملي سياسي جدوجهد وارو ميدان خالي نظر اچي رهيو آهي. هڪ پاسي ذوالفقار آباد جهڙا سنڌ دشمن منصوبا متعارف ٿي رهيا آهن جنهن تي اقتدار ۾ ويٺل پارٽي مفاهمت جي اڏيءَ تي هرشيءِ کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ان حد تائين جو اها اُن سلسلي ۾ پنهنجي اسيمبلي ميمبرن جي اعتراضن کي به پارٽي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي انهن جون وزارتون به کسيندي رهي ٿي. نتيجي طور اهڙن اسيمبلي ميمبرن کي اوليت ڏني وڃي ٿي ۽ وڌيڪ اتساهيو وڃي ٿو، جيڪو اسيمبلي ميمبر پارٽيءَ جي سمورن سنڌ دشمن عملن تي پنهنجا چپ سبي ويٺو آهي. جنهن اسيمبلي ميمبر سنڌ جي جاگرافيائي وحدت خلاف ڪنهن به سازش تي احتجاج ڪيو ته ان کي پارٽيءِ جي ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان کي وزارتن تان استعفى ڏيڻي پوي ٿي.
    ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو جو جنهن سنڌ ورهاڱي وقت اسلام جي نالي تي آيل مسلمانن جو اهڙو آڌر ڀاءُ ڪيو. جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي پر جڏهن اسان جي مسلمان ڀائرن کي سنڌ ۾ هندن جا ڇڏيل سامانن سان ڀريل بنگلا ۽ جائيدادون مليون، تن وقت گذرڻ سان گڏ سنڌي آبادين تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا ۽ اها دعوى ڪرڻ شروع ڪئي ته سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي کين ڌار صوبو ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ ان عمل تي اڄ به متحدا ظاهري طور ان جي حمايت نٿي ڪري پر ان جي مخالفت به ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اها ڳالهه ڪيترائي سنجيدهه دوست بار بار چوندا رهن ٿا ته ڌار صوبي جو اشو پاور پاليٽڪس جو اهڙو پَتو آهي جنهن تي ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحدا ٻئي کيڏڻ چاهين ٿيون. پر ان ڳالهه ۾ ذاتي طور تي مونکي صداقت گهٽ نظر اچي رهي آهي. ڇو ته سنڌي ڪيترا به ڇڙوڇڙ ۽ مختلف گروپن، تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ ورهايل هجن پر سنڌ جي ورهاست واري سوال تي قطعي به الڳ ناهن. اهو هڪ اهڙو”محبتِ سنڌ“ وارو نُڪتو آهي. جنهن تي اختلاف رکڻ قومي ڏوهه تصور ڪيو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ نون صوبن وارو شوشو ڀلي پنجاب ۽ هزارهه ۾ ايندڙ چونڊن لاءِ ڪنهن پارٽيءَ جي هار ۽ جيت جو سبب بڻجي. پر سنڌ ۾ نئين صوبي تي سياست ڪرڻ جا ڪي به سبب ناهن. اها ڳالهه وقت کان اڳ چئبي پر بين الاقوامي سياسي حالتون جهڙي ريت مستقبل جي جاگرافيائي تبديلين پاسي وڃي رهيون آهن، ان ۾ ان خدشي کي قطعي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته سنڌ جي جاگرافيائي وحدت تي وار ڪندڙ ڌريون فقط بِل بورڊز، پينافليڪس ۽ وال چاڪنگ تائين محدود ناهن. اُهي سپرپاور طاقتن جي آشيرواد کانسواءِ اهڙي سنگين مسئلي ۾ هٿ وجهي نٿيون سگهن. اها به سڀني کي خبر آهي ته دنيا جي سپر پاور ملڪن جا سنڌ جي سامونڊي بيلٽ واري حصي ۾ ڪهڙا مفاد آهن؟ بروس گلي جنهن ”دي رائيز ايند فال آف چائنا“ لکيو هو تنهن پنهنجي هڪ هاڻوڪي مضمون ”سول سوسائٽي اينڊ دي اسٽيٽ“ ۾ لکيو آهي ته: ” مسئلن کي ڪنهن خاص وقت تي حل نه ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اسانجي سماجي ڄاڻ انتهائي محدود آهي يا اسانجي سمجهه جي سطع صفا گهٽ آهي ڇو ته مسئلي کي وقت سِر حل نه ڪرڻ به خود مسئلي کي وڌائڻ جي برابر آهي.“ هو لکي ٿو ته:
    All of us live under the same sky, but we don't all have the same horizon.
    (اسان سڀ هڪ ئي آسمان هيٺان رهون ٿا پر اسان جو اُفق ساڳيو ناهي).
    قومن جون قسمتون طويل سياسي جدوجهد سان ئي تبديل ٿينديون آهن. ڪنهن هڪ اڌ مثال کي بنياد بڻائي ائين نٿو سمجهي سگهجي ته ڪي اسان جا معاملا به سولا ٿي ويندا. اها ڳالهه ياد رکڻ گُهرجي ته اسانجا مسئلا، اسانجا ڏُک، خوشيون اسان جون پنهنجون آهن. انهن ڪيفيتن ۽ ڏکن تي اسانجو پنهنجو ردِعمل اچڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اهو آفاقي سچ آهي ته دنيا ۾ جيڪي به مظلوم قومون آهن انهن جا ڏک هڪجهڙا ئي هوندا آهن. پر اُهي مظلوم قومون پنهنجي ڏکن ۽ ظلم خلاف جدوجهد پاڻ ئي ڪنديون آهن. ڪنهن جي سهاري سان هلڻ واري جدوجهد وارو دڳ ڪارگر ناهي هوندو. هن وقت بلوچ تحريڪ ”ون پوائنٽ“ ايجنڊا تي هلي وئي آهي. پر سنڌ جي آجپي جي تحريڪ اڃان بارگيننگ جي مرحلي تائين به ناهي پهتي. ان لاءِ مڪمل سياسي جدوجهد کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌي قوم جيڪا ٻين جي خوشين ۾ خوش رهندي آئي آهي. سا جڏهن پاڙي جي مظلوم قومن جو ڪيس عالمي ادارن جي بحث هيٺ ايندو ڏسي ٿي ته فطري طور تي خوش ٿئي ٿي. پر عالمي ادارن جي ڌيان جو مرڪز جيڪڏهن بلوچن جي قومي آجپي جي تحريڪ آهي ته سٺي ڳالهه آهي پر اهو وڏو الميو هوندو جوجاگرافيائي تبديلين واري دور ۾عالمي قوتون سنڌ جي قسمت جو فيصلو به انهن ڌرين سان ويهي ڪنديون جن وٽ عالمي ادارن سان بارگيننگ ڪرڻ جي پوري صلاحيت هوندي. ڇو ته عالمي ادارن وٽ صلاحيتن جا پنهنجا معيار ۽ ماپا آهن.


    سنڌ جي قومپرست قيادت مُتبادل بڻجي سگهي ٿي..؟

    هن وقت جڏهن سنڌ جي سياست انڌيرين گهٽين ۾ ڪنهن يتيم ٻار وانگر ڀٽڪي رهي آهي، تڏهن ڪافڪا جي اُها سِٽ سنڌ جي موجودهه سياسي حالتن کي سمجهڻ لاءِ ڪيتري نه سولي ۽ سادي بڻجي، اُتساهه جا روشن رستا ڏيکاري ٿي..! ”شعوراسان جي اندر جي ڄمي ويل برفاني سمنڊ لاءِ ڪات جو ڪم ڪندو آهي.“ اُهو ڪات جيڪو قومن جي وجود کي ولوڙي ۽ اُٿاري سگهندو آهي. جيڪو دماغ جي بند پيل دروازن جون دريون کوليندو آهي. جنهن سان قومن جي اندر جي مايوسي، دل جي کُليل درين مان پرڙا هڻي پرواز ڪري ويندي آهي. سنڌ جيڪا لڳاتار سياسي طرح مايوسيءَ جي دور ۾ داخل رهي آهي. سا اڄ غير معمولي انداز ۾ سياست تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهي آهي. سنڌي ماڻهن جي دلين ۾ ڄمي ويل سياسي برف پگهرڻ لڳي آهي. اُن ۾ وڏو عمل دخل پاڪستاني سياست جي اندر تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ اُهي حالتون به آهن، جن نه رُڳو سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجا قِبلا دُرست ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي پر سنڌي ماڻهن کي پڻ مجبور ڪيو آهي ته جيئن اُهي پنهنجي سگهاري سياسي آواز سان قومي بقا جي جنگ ۾ ”سياسي هينگ اوور“ واري دور مان نڪري مُتحرڪ ڪردار ادا ڪري سگهن. اُهو ئي سبب آهي جو سنڌ هاڻ مُتبادل سياسي پارٽين تي ويچارڻ شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن هن وقت ڪنهن سياسي پارٽيءَ پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ اهو ثابت ڪيو ته اُها صحيح معنى ۾ سنڌي ماڻهن جي نُمائندهه سياسي جماعت آهي. جيڪا سنڌ جي سياسي ۽ قومي مُفادن خاطر ڪنهن به قسم جي مصلحت جو سهارو نه وٺندي ۽ اُن سلسلي ۾ سنڌي ماڻهن جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ۽ سياسي قيادتون پنهنجي آڪڙ وارو لباس لاهي، عوامي رنگ ۽ زبان وارا طريقا اختيار ڪن ٿيون ۽ ڪنهن به سياسي نظريي سان تعلق رکندڙ ڪارڪن کي پنهنجو تصور ڪري سياسي حسد، ساڙ ۽ انتقام وارو رويو رکڻ بجاءِ کين پنهنجائپ جهڙي آٿت آڇين ٿيون ته شايد اُهي سنڌ سطع تي سياسي تبديليءَ جو انوکو مثال بڻجي وڃن. سنڌ جي سياست کي هن وقت مُلڪي سياست جي وايومنڊل سان ڳنڍڻ بجاءِ، سنڌ سطع تي تبديليءَ لاءِ ويچارڻ گُهرجي. اُن لاءِ پارليماني پنڌ تي نڪتل قومپرست سياسي ڌُرين کي اِهو سمجهڻ گُهرجي ته پاڪستان سطع تي پيپلزپارٽيءَ جو وجود ڪنهن پڃري ۾ بند پيل شينهن جهڙو آهي. پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اندر ايندڙ وقت ۾ وڏو سياسي ٽڪراءُ تحريڪِ انصاف، مُسلم ليگ (ن) ۽ مُسلم ليگ (ق) جي وچ ۾ هوندو. اِهو به امڪان آهي ته پنجاب جون باقي ننڍيون جماعتون ڪپتان جي قافلي کي جُوائن ڪري وٺن. بلوچستان جي معاملي ۾ ته ڪا به سياسي جماعت پنهنجي سياسي اڪثريت جي دعوى ڪري نٿي سگهي. جيڪڏهن سنڌ کي پنهنجي بُنيادي سياسي تضاد جي حوالي سان ڏسبو ته پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ کڻي بيانن جون ڪيتريون به بندوقون هلائين. ليڪن ان حقيقت کي لِڪائي نٿو سگهجي ته پيپلز پارٽيءَ جا سنڌ اندر بُنياد ڪمزور آهن. پر ڪنهن به ٻي مُتبادل سياسي قُوت نه هُجڻ سبب، پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن جي اها دعوى به دُرست آهي ته اُنهن کان ڪا به ٻي سياسي پارٽي اُنهن جو مينڊيٽ ڦُري نٿي سگهي.
    سوال اهو آهي ته رُڳو 2013ع وارين چونڊن جو ئي جائزو وٺجي ٿو ته پاڪستان سطع تي پيپلزپارٽي ٻئي نمبر جي پارٽي بڻجي وئي ۽ توقع کان وڌيڪ ووٽ کڻي پاڪستان تحريڪِ انصاف، پاڪستاني سياست ۾ ٽين قُوت طور اُڀري آئي. جڏهن ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي اڪثريت سان کٽي ته آئي. پر پيپلز پارٽيءَ جي مُخالفت ۾ پيل ووٽن جي تناسب جو جائزو وٺي ڏسبو ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ اندر به سخت مُقابلي سان مُنهن ڏيڻو پيو هو. جڏهن ته هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي ساک سنڌ اندر رُڳو خراب حُڪمرانيءَ سبب ئي نه، پر پنهنجي اقتدار کي مُستحڪم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي اجتماعي قومي مُفادن مٿان مُسلسل سوديبازيون ڪرڻ ۽ پنهنجي سمورين سياسي پاليسين ۾ سنڌي عوام جي اقتصادي، سياسي ۽ سماجي مُفادن کي بنهه نظرانداز ڪري، سنڌي سماج کي ڪيترائي ڏهاڪا پوئتي ڌِڪي ڇڏڻ به اُن جو وڏو ڪارڻ آهن. قومون جڏهن پنهنجي ”سياسي هينگ اوور“ واري دور مان اک پٽي اُٿنديون آهن. تڏهن اُنهن کي قيادت جي ضرورت هوندي آهي. اُها قيادت جيڪا کين عوامي امرت رس پيئارڻ لاءِ، پنهنجي رت جا ڏيئا ٻاري سگهڻ جي صلاحيت رکندي هُجي. هن وقت سنڌ اندر پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي به سنڌ جا ساڃاهه وند حلقا سنڌ اندر مُتبادل سياسي قُوت جي طور تي بحث جو موضوع بنائي رهيا آهن. جيڪا اُنهن جي اجايو خوشفهمي ئي هوندي. ڇاڪاڻ ته تحريڪِ انصاف پنهنجي سموري طاقت هاڻ خيبر پختونخواهه ۾ ڏيکارڻ بجاءِ پنهنجي سياست جو مرڪز پنجاب کي رکندي. ڇاڪاڻ ته عمران خان به ائين ئي سمجهي ٿو ته جيڪڏهن کيس پنجاب مان مينڊيٽ مليو ته هُو مُستقبل جو وزيرِاعظم هوندو.ٻيو ته عمران خان ۽ سنڌ جو رشتو هڪ ٻئي لاءِ اوپرو به آهي. جنهن کي سنڌ ايترو جلد قبول نٿي ڪري سگهي. اُن لاءِ عمران خان کي سنڌ جي اندر ۾ جهاتي پائي جاچڻو پوندو. سنڌ جي سياست کي سمجهڻو پوندو. فقط ڪنهن فيڊ بيڪ جي بُنياد تي ڪو فيصلو ڪرڻ اُن لاءِ ڏُکيو بڻجي پوندو. اُن لاءِ عمران خان کي وقت لڳندو. پر سنڌ اندر پارليماني واٽ تي هلندڙ قومپرست سياسي جماعتن کي مُتحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن هن وقت سنڌ جي قومپرست قيادت ڪنهن مضبوط اتحاد جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي ۽ ماضيءَ جي ڪيل غلطين کان سِکي نئين سِر شروعات ڪري ٿي ته ڪنهن حد تائين اُن جو ازالو ممڪن ٿي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ جي قومپرست سياسي قيادت پارليماني سياست واري ڪلچر ۾اهڙي معصوم ۽ اڻڄاڻ آهي جو سنڌ جي ڀوتارڪي ڪلچر يا چالاڪ سياسي حرفتن کان بنهه اڻواقف بڻيل آهي. يا اُن جي سامهون پاڻ کي حقير سمجهڻ واري نفسياتي سياسي ڪيفيت جو شڪار آهي. سنڌ جي ڀوتارڪي سياسي ڪلچر جي اندر جيتريون اوڻايون آهن، اُن جو تفصيل ڪنهن ٻئي ڀيري پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته هُو جنهن به پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندا آهن، اُهي پارٽيءَ جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل بڻجي، ٽڪيٽن جي ورهاست کان وٺي وزارتن جي ويڙهه تائين، جيستائين به اُن پارٽيءَ سان سلهاڙيل هوندا آهن ته ڪنهن سياسي مرڪزيت جي فيصلي جا پابند رهندا آهن. سنڌ جي قومپرست قيادت جي ڪمزوري اِها آهي ته اُها اتحادن ۾ ئي اختلافن جي اُن حد تائين هلي ويندي آهي، جو کين ڪنهن سياسي مرڪزيت واري ڌارا ۾ رهي نبيري جا رستا به ملي ناهن سگهندا. ان حد تائين جو ڪن انفرادي فيصلن ڪرڻ لاءِ اتحادن جي ضابطن جو به احترام ياد ناهي رهندو. جيڪڏهن پارليماني سياست ۾ دلچسپي رکندڙ قومپرست پارٽيون پنهنجي گڏيل پليٽفارم کي مضبوط ڪري هاڻي کان ئي سخت محنت ۽ پورهيو ڪن ۽ سنڌي ماڻهن جي اُن راءِ کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪا گڏيل حڪمت عملي جوڙين. جيڪا راءِ سنڌي عوام اُنهن لاءِ رکي ٿو ته اُهي اتحادن کان اڳ ئي انتشار جو شڪار بڻجي وڃن ٿا. سنڌي ماڻهن جي سياسي اعتماد کي بحال ڪري، اُنهن جي سياسي سگهه سان اڳتي وڌن ٿا ته شايد سنڌ اندر اڳين چونڊن ۾ ڪنهن حد تائين پيپلز پارٽيءَ کان پوءِ قومپرست ڌُر ٻي قُوت طور اُڀري اچي. جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي. اُن لاءِ قومپرست ڪئمپ ۾ ويٺل جماعتن جي گڏيل اتحاد جي سخت پورهيي جا نتيجا سنڌ جي سياست کي تبديل ڪري سگهن ٿا. پر اُن لاءِ سنڌ جي قومپرست قيادت کي هاڻي کان ئي پنهنجا بُنياد مضبوط رکڻا پوندا ۽ چند اهم نُقطن تي توجهه ڏيڻو پوندو.
    1 . قومپرست قيادت پاران سنڌ سطع تي گڏيل سياسي پليٽفارم جوڙي هاڻي کان ئي مُتحرڪ ٿي وڃڻ گُهرجي.
    2 . اتحاد جي نظم وضبط لاءِ مرڪزيت جوڙي، جيڪا مرڪزيت هر پارٽيءَ لاءِ قابلِ قبول هُجي.
    3 . سنڌ جي سمورن تڪن جو رڪارڊ گڏ ڪري داخل ووٽن جي تعداد کي رڪارڊ تي رکي ۽ داخل نه ٿي سگهيل ووٽن جي اندراج لاءِ ڪوششون ڪري.
    4 . اتحاد جي پليٽفارم تان ورڪنگ ڪميٽي قائم ڪري، مضبوط حڪمت عملي جوڙي، جيڪا تعلقن ۽ يونين ڪائونسلن تائين انگن اکرن جا تفصيل گڏ ڪري.
    5 . گڏيل پليٽفارم تان سڄي سنڌ مان مضبوط مڊل ڪلاس قيادت جا نالا ذهن ۾ رکي، خاڪو جوڙڻ گُهرجي.
    6 . گڏيل پليٽفارم تان قيادت پنهنجي پارٽيءَ جي انائن ۽ مٿڀرائپ وارن احساسن مان نڪري، اجتماعي قومي مُفادن خاطر، تڇ ۽ حقير قسم جي اختلافن کان پاسو ڪري: مثال طور تقرير فلاڻي پوءِ ڇو ڪئي؟ پهرين ڇو نه ڪئي؟ وغيرهه.
    7 . سنڌي ماڻهن جي وڃايل اعتماد کي بحال ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطع تائين ڪارنر گڏجاڻين ۽ لڳاتار رابطاڪاري مُهم کي برقرار رکي وڌيڪ مُنظم ڪجي.
    8 . سنڌ جي قومپرست سياسي قيادت سڄي سنڌ ۾ سرگرميءَ سان ماڻهو ميڙڻ لاءِ مضبوط سياسي موبلائيزيشن جهڙي سهاري کي هٿان نه وڃائي.
    8 . سنڌ جي لڳ ڀڳ 1100 يونين ڪائونسلن (شهري/ٻهراڙي) جي سطع تي قومپرست قيادت جا 07 سگهارا اڳواڻ هڪ مهيني ۾ 13 ڏينهن به سياسي طرح سرگرم رهن ۽ سياسي طرح مُتحرڪ ڪردار ادا ڪن. تڏهن به اُهي هڪ سال جي اندر سڄي سنڌ سان رابطو ڪري سگهن ٿا ۽ پنهنجي پيغام ۽ سياسي پرچار ۽ سرگرميءَ سان سنڌ کي پنهنجائپ جا ڀاڪر آڇي سگهن ٿا.
    اهڙيءَ ريت اُهي ڪنهن به اُٻهرائپ ۾ اچڻ ۽ لالچ جو شڪار بنجڻ بجاءِ لڳاتار صبر ۽ جدوجهد رستي سنڌ جي وڏي اڪثريت کي پنهنجي اثر هيٺ آڻي سگهن ٿا. تنهن ڪري ذاتي طور تي مان ان راءِ جو آهيان ته سنڌ ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي رشتي تي ويچارڻ بجاءِ سنڌ جي قيادت فقط سنڌ جي رُوح مان ئي ڦُٽي سگهي ٿي. جيڪا ڪنهن مضبوط مُتبادل قُوت طور سنڌ جي ڀوتارڪي سياست جي لهندڙ سج کان پوءِ، رات جي ڪُک مان صبح جو وهنتل سج بڻجي سگهي ٿي. جيڪڏهن عمران خان جي هٿان سنڌ کي سياسي مُڪتي مِلي ها ته، سنڌ ۽ عمران جي وچ ۾ اوپرائپ جهڙو انداز لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ نظر نه اچي ها. سنڌ جي قومپرست ڌُرين لاءِ پنهنجي تجزياتي راءِ تبديل ڪرڻ گُهرجي. لاتعداد اوڻاين جي باوجود به جيڪڏهن سنڌ پنهنجي سياسي وجود جي بقا جي ويڙهه وڙهي سگهي ٿي ته اُها پنهنجي مِٽيءَ جي طاقت سان ئي وڙهي سگهي ٿي. جلسن جي طلسم ۾ ڦاسي پنهنجي سياسي طاقت کي ڪمزوريءَ جي اوڙاهه پاسي اُڇلائڻ جا ارادا ترڪ ڪري پنهنجي طاقت ۽ پنهنجي ٻانهن جي ٻل سان اڳتي وڌڻ گُهرجي. سنڌ جي ڪمزور قومپرست سياسي اتحاد کي وڌيڪ مُنظم شڪل ڏيڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته هِن وقت ڀوتارڪي سياسي ڪلچر کان مايوس سنڌ جا ماڻهو، سنڌ اندر به تبديليءَ جي تمنا رکن ٿا. اهڙي تبديليءَ جو فائدو وٺندي، سنڌ جي قومپرست سياست پنهنجي هيڻي حال سان مضبوط مُتبادل قُوت طور اُڀري سگهي ٿي. اُهي نوجوان جن عمران خان جي ڳچيءَ ۾ پنهنجي پيار جا لاڪيٽ لاهي وڌا آهن. تن عمران خان کي اُڀارڻ لاءِ پنهنجي محدود وسيلن آهر ۽ سوشل ميڊيا جي مُهم سان پاڪستاني سياست جي وڏن هاٿين جي پيرن ۾ زنجيرون وجهي ڇڏيون آهن. اُهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني سياست جو نقشو تبديل ٿيڻ لڳو آهي. شفاف چونڊن جي چرچي جي هُل کان پوءِ، مُستقبل ۾ ڌانڌلين جي ذريعي کٽي اچڻ جا خُواب ساڀيائن جي سيج ماڻي نٿا سگهن.
    جيتوڻيڪ عمران خان کي پاڪستاني سياست جو ڪو گهڻو تجربو به ناهي، جيڪو پاڪستان جي چئني صوبن جي سياست کي پنهنجي تجزيي جي تارازيءَ ۾ توري تڪي سياست ڪري. ليڪن نوجوانن جي مِلندڙ مُحبت کيس نئين توانائي ڏيندي رهي ٿي. اهڙو جُنون سنڌ جي جوانيءَ ۾ به موجود آهي. جنهن کي سهيڙڻ لاءِ ڪنهن سحرانگيز نعري جي ضرورت ناهي. رُڳو قومپرست سياست کي اُنهن ماڻهن ڏانهن موٽي وڃڻو پوندو. جيڪي ڀوتارڪي سياسي قيد کان بيزار آهن. اُهي بيزار آهن اهڙي نظام کان جنهن نظام اُنهن لاءِ دُنيا جا سمورا رستا پنهنجي پيرن سان پُوري رکيا آهن. اُنهن کي فقط هڪ اعتماد جي ضرورت آهي، جيڪي عرصن کان بي اعتمادين جي سماڌين ۾ پنهنجا ساهه جا ستارا ساڙيندا رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ مُحبت ڪندا آهن. اُهي سياست ناهن ڪندا. اُهي رُڳو پنهنجي پيار جي پلاندن ۾ وفا جا وچن ويڙهي رکندا آهن. ليڪن گُذريل 40 سالن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ڳڙهه ۾ عمران خان جي جلسي مان پتو پئجي ويو ته هاڻ اُها پاڪستان پيپلز پارٽي ناهي رهي. جنهن سان عوام مُحبت ڪندو هو ۽ ڀُٽوز جي سموري سياست اُن عوام مٿان هڪلون ڪري حُڪمراني ڪئي هُئي. اڄ اُن عوام جي دماغ مٿان عشق جا اثر ڏيئي جي آخري روشنيءَ وانگر مُرجهائجي رهيا آهن. جنهن مان مُسلم ليگ (ن) 2013ع جي چونڊن کان اڳ سنڌ سان رابطا مُهم شروع ڪئي هُئي ۽ سنڌ جي ڀوتارن کي آسرن جا لاليپاپ آڇيا هُئا. جنهن ۾ پنهنجي ڪمزور پارليماني تجربي سبب سنڌ جي قومپرست قيادت کي به نواز ليگ سان سياسي نرميءَ سبب پنهنجو سياسي پورهيو به داءَ تي لڳائڻو پيوهو. هن وقت اهڙن تجربن کي دُهرائڻ بجاءِ، سنڌ کي ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جي آسري ۾ ويهي پنهنجو وقت وڃائڻ بجاءِ، پنهنجو سياسي ميدان مچائڻ گُهرجي.
    عمران جو وڏو الميو اهو به آهي ته هُو بُنيادي طور تي سياست جو بي سمجهه ٻار آهي. جنهن سياست جي بيٺل پاڻيءَ ۾ پٿر اُڇلائي اُن ۾ حرارت پئدا ڪري محسوس ڪيو ته اُتي وڏو سياسي ويڪيوم آهي ۽ هُو سياست جي ميدان ۾ لهي پيو. جنهن کي عوامي موٽ جو مِلڻ فطري ڳالهه هو. ڇاڪاڻ ته عرصن کان عوامي مينڊيٽ جي لتاڙ جي نتيجي ۾ عوام جي اندر ۾ جيڪا جُوالا پلجي رهي هُئي. اُن کي ڦاٽ کائي ٻاهر نڪرڻو هو. جنهن عوامي ردِعمل کي روڪڻ ڪنهن جي به وس جي ڳالهه نه هُئي. سنڌ جي قومپرست قيادت جيتوڻيڪ پارليماني سياست ۾ اڻ تجربيڪار آهي. پر اُها پنهنجي سياسي فڪر ۽ نظرياتي سوچن ۾ تمام گهڻي ميچوئر آهي. جيڪا ننڍڙن ننڍڙن معمولي تضادن ۽ انائن جي خول مان نِڪري، سنڌ ۾ مضبوط مُتبادل قُوت طور اُڀري سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي به اهڙي يقين جي ضرورت آهي. جيڪو يقين اُن جي سياسي مُستقبل ۽ اقتصادي حالتن جي ضمانت ڏئي سگهي. جيڪو يقين سنڌ جي قومپرست قيادت سنڌ جي ماڻهن سان سگهاري رابطي رکڻ سان ئي کين ڏئي سگهي ٿي. شرط اِهو آهي ته اُن اتحاد جو حشر ”سپنا“ يا ٻين اتحادن جهڙو نه ٿيڻ گُهرجي. جن جي ختم ٿيڻ جي بُنيادي ڪارڻن ۽ تلخ تجربن مان سِکي سوچڻ گُهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام لاءِ سياست جي سُڪل نديءَ ۾ رُڳو اعتماد جو اُجرو پاڻي وهائڻ سان ئي سنڌ ٻيهر ٻري سگهي ٿي.


    سنڌ سان ٿيندڙ شيطاني شرارتون...

    هڪ ڪتاب جي مهورتي تقريب دوران هڪ قومپرست اڳواڻ باچا خان (خان غفار خان جي فڪر جي اصل دعويدار پارٽي) ”خيبر فڪري جرگه“ جي اڳواڻ امير همزهه جي تقرير جي جواب ۾ ڏاڍي اهم ڳالهه ڪئي هُئي ته: ”بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه ته فقط هڪ مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ هو اها ڳالهه ٿا ڪن ته کين سندن جائز حق نٿا ملن پر سنڌ سان هڪ وڏو الميو آهي ته نه رڳوسنڌ وفاق کي 75 سيڪڙو روينيو ڏئي ٿي پر پوءِ به بُکي رهي ٿي.... پر سنڌ سان وڏو الميو ته اهو به آهي جو ڌاري آبادي ايتري تعداد ۾ ايندي رهي ٿي جو، سنڌي قوم پنهنجي ڌرتيءَ تي تيزيءَ سان اقليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ ڌاري آباديءَ جي هڪ اهڙي وڏي سيلاب جي زد ۾ ڦاٿل آهي جتي سنڌي قوم پنهنجي قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪري يا پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي؟“ اهڙا ڪيترائي سوال جيڪي سنڌ جي موجودهه قومي حقن جي حاصلات سان سلهاڙيل آهن. اُتي سنڌي ماڻهن جي بقا جو سوال انتهائي اهم آهي. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ هن وقت تائين جيڪي ايندڙ خطرا نظر اچي رهيا آهن. انهن ۾ وڏو خطرو اهو آهي ته ڇا اقتدار جي حاصلات لاءِ سيٽن جي سيٽ اپ ۾ سنڌ انهن سمورين شيطاني شرارتن جو شڪار ٿي ويندي. جن لاءِ سنڌي ميڊيا پنهنجا خدشا ظاهر ڪندي رهي آهي. سنڌ ۾ هن وقت اردو ڳالهائيندڙ آباديءِ لاءِ به ايترا ئي چئلينجز آهن. جيترا سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ لاءِ. ڇاڪاڻ ته 1947ع کان وٺي آباديءَ جي جيڪا فطري واڌ ٿي آهي اردو ڳالهائيندڙ آبادي به ايترو ئي وڌي سگهي آهي جيترو سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي. پر آباديءَ جي واڌ لاءِ سماجياتي قانون چوي ٿو ته: ” شهرن بجاءِ ٻهراڙين ۾ آباديءَ جو تيزيءَ سان وڌڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.“ اُنڪري اردو ڳالهائيندڙ آبادي سنڌ جي شهرن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿي رهي آهي. بلڪل اهڙي طرح جهڙي طرح سنڌي ڳالهائيندڙ آباديءَ لاءِ هن وقت اقليت ۾ تبديل ٿيڻ وارا خطرا موجود آهن. اهڙي طرح فطري طور اُردو آبادي به اهڙن خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي، نتيجي طور ڪراچيءَ جون حالتون اسانجي سامهون آهن. ڪراچيءَ جون حالتون به اهڙي صورتحال جو ردِ عمل آهن. سنڌ جي وڏي شهر ڪراچيءَ اندر جتي جتي اردو ڳالهائيندڙ آبادي اڪثريت ۾ آهي اتي ٻي آباديءَ جا مفاد خطري ۾ ٿي وڃن ٿا ۽ جتي ٻي آباديءَ جي اڪثريت آهي اُتي اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جا مفاد خطري ۾ هجن ٿا. نتيجي طور تي ڪراچي رت جي راند جو شڪار رهندي پئي اچي. پر جيئن ته 1947ع واري ورهاڱي واري حادثي ۾ سنڌ جا وڏا شهر سنڌي ماڻهن پنهنجي مسلمان ڀائرن کي بمبئي بيڪري جي ڪيڪ وانگر تحفي طور ڏئي ڇڏيا. ظاهر آهي ته 65 سالن جي شهري دنيا جا مزا ماڻيندڙ هڪ ڌُر کي بدليل حالتن ۽ حادثن جي نتيجي ۾ مليل موقعا مُيسر ٿيا. مضبوط شهري انفراسٽرڪچر حصي ۾ آيو ۽ انهن اُن جو فائدو وٺندي سنڌ جي شهرن ۾ مضبوط تنظيم ڪاري ڪري ورتي. اهو ڌار بحث آهي ته سنڌي سماج کي اُن تنظيم جي لساني اثرن سبب ڪيترو ڀوڳڻو پيو آهي. پر سنڌ جي شهري سيٽن تي اُن تنظيم مختلف طريقن سان مڪمل طور تي قبضو ڪري ورتو آهي. جيڪو قبضو ڇڏائڻ شايد هن ملڪ جي وڏين سياسي پارٽين جي به وس جي ڳالهه ناهي. هن تنطيم لاءِ سنڌ جي شهرن ۾ سنڌ جو وڏيرو سياسي طرح Compitators طور ڪائونٽ نٿو ٿئي. نه ئي متحده قومي موومينٽ کي اُن وڏيري کان سياسي طور ڪو ئي خوف آهي. پر متحده اُن قوت کان ضرور ڊنل آهي جيڪا قوت سنڌ جي شهرن ۾ ست رنگن واريون ڪِٽليون ٽنگڻ ۽ پالش جي ڪاروبار سان داخل ٿي آهي ۽ سنڌ جي ٽرانسپورٽ کانوٺي هٿيارن ۽ هيروئن جي ڪاروبار تائين قانوني ۽ غير قانوني ڪاروبار مٿان مُڪمل طور قابض بڻجي وئي آهي. سنڌي ماڻهن کي حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هڪ اهڙي قوت سنڌ جي شهرن تي قابض آهي جيڪا اُردو آباديءَ جي نمائنده جماعت ناهي. پر ٻي قوت جيڪا پختون آباديءَ جي نمائنده جماعت آهي سا ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيٽن مان وڌيڪ سيٽون کڻي ويهندي. سوال اهو ٿو اُڀري ته سنڌ کي اردو آباديءَ واري سوال تي هڪ اک واري عينڪ پائي ڏسڻ نه گهرجي پر زميني حقيقتن کي سامهون رکي سائنسي تجزيي سان سمجهڻ گهرجي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي ايترو وڌي سگهي ٿي جيترو فطري واڌ جو حساب هوندو آهي. جهڙي طرح سنڌي ماڻهو آباديءَ جي حساب سان ايترو ئي وڌي سگهن ٿا جيتري فطري طرح انهن جي واڌ جي شرح هوندي. پر غيرفطري طريقي سان سنڌ جا شهر پختون آبادين سان سٿجي رهيا آهن. اها عوامي نيشنل پارٽيءَ جي مضبوط سياسي حڪمت عملي آهي. جن کي آسانيءَ سان سنڌ جا ڊوميسائيل به ٺهي ملن ٿا. اِها پريڪٽس تڏهن کان وٺي هلندڙ آهي جڏهن کان روسي فوجون افعانستان ۾ موجود هُيون. پر جڏهن کان افغانستان جون حالتون طالبان جي اثر هيٺ رهيون ۽9/11 کانپوءِ آمريڪا افغان جنگ جي باقاعده شروعات ڪئي تڏهن کان افغان پناهگيرن جون لوڌون ڌِڪجي سنڌ ۾ داخل ٿيون. اميگريشن جي ڪمزور قانونن ۽ بدترين حڪمرانيءَ سبب سنڌ ۾ اهڙي آباديءَ جو وهڪرو اڃان جاري آهي. متحده قومي موومينٽ پنهنجي مفادن ۽ سيٽن جي قطعي به سوديبازي نٿي چاهي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي ڀيرا نائين زيرو تان اِهي رڙيون به ميڊيا تي ٻُڌڻ ۾ آيون آهن ته ڪراچيءَ ۾ طالبان گروپ ۽ خودڪش حمله آور داخل ٿي ويا آهن. اصل ۾ اهڙي موقف ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ اُن جو جواب ته هن مُلڪ جي ڳجهن ادارن وٽ ئي هوندو پر دراصل ان موقف پٺيان متحده جي اها پريشاني صاف ظاهر نظر اچي ٿي جنهن کي ڪراچيءَ جي اندرعوامي نيشنل پارٽي چئلينج ڪيو آهي.
    هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته مستقبل ۾ سنڌ جي وڏن شهرن جي سياسي صورتحال ڪيئن بيهندي؟
    سنڌ جي وڏن شهرن ۾ مستقبل جي سياسي صورتحال ڪجهه ائين بيهندي ته ”عوامي نيشنل پارٽي“ متحده قومي موومينٽ جي مدِ مقابل ٻيو نمبر پارٽي ٿي بيهندي. هڪ پاسي ”نيشنل عوامي پارٽي“ اها دعوى ڪندي نظر به اچي ٿي ته سنڌ ته سنڌي ماڻهن جي آهي. اسان ته مڙيئي هتي ترسيل آهيون. پر ان ”مڙيئي“ جي پٺيان ٿيندڙ سياست جا نتيجا اُگرا نظر اچن ٿا. هڪ پاسي پختون آبادي سنڌي ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي، پختون آبادي سمجهي ٿي ته سنڌي ماڻهن جي ذهن ۾ متحده قومي موومينٽ خلاف جيڪا نفرت آهي ( جيئن متحده جي ڪردار سبب ٿيو آهي) اُن نفرت کي پاڻ ڏانهن همدرديءَ ۾ تبديل ڪن. اُن همدرديءَ جي آڙ ۾ سنڌ جي شهرن مان متحده جي سياسي هڪ هٽي ختم ڪري اُن تي پاڻ قابض ٿي وڃن ۽ بين الاقوامي ادارن سان بارگيننگ جي پوزيشن تي پهچي، ڪيمپن ۾ ويٺل پختون آباديءَ کي سنڌ ۾ مستقل اجهو ميسر ڪري سگهن ۽ انهن جي روزگار جا مناسب ذريعا ڳولي سگهن. نتيجي طور اهڙي سياسي شطرنج ۾ هو گهڻي حد تائين ڪامياب به ٿي رهيا آهن جو سنڌي ماڻهو جيتري نفرت متحده قومي موومينٽ کان ڪري ٿو ايتري نفرت شايد ٻي ڌاري آبادڪاريءَ کان نٿو ڪري. ان حد تائين جو ڪراچيءَ ۾ وڏي اڪثريت سان رهندڙ پنجابي آبادي جنهن جو ڪراچيءَ جي اهم ڪاروباري مرڪزن تي قبضو آهي سنڌ جي ساڃاهه وند حلقي جو ڌيان اُن پاسي ڇڪجي ئي ناهي سگهيو.
    ان سڄي سياسي راند ۾ نظر اچي ٿو ته سنڌ جا وڏا شهر مستقبل ۾ عوامي نيشنل پارٽي ۽ متحده جي وڏي ووٽ بئنڪ طور اُڀري ايندا. مان قطعي طور متحده جي نيتن کي سنڌ لاءِ صاف نٿو سمجهان پر ”نيشنل عوامي پارٽي“ به سنڌ ۾ حصيداريءَ جي دعوى ڪري؟! ان کان وڌيڪ سنڌ لاءِ ٻيو ڪهڙو وڏو حاڃو ٿي سگهي ٿو؟
    سنڌي سماج جيئن ته زرعي معشيت تي دارومدار رکي ٿو. انڪري ان جو مزاج به ڳوٺاڻين روايتن ۽ ريتن ۾ جڪڙيل آهي. جيتوڻيڪ تعليمي شعور اچڻ سبب گهڻي قدر وڏيرڪي ڪلچر مان آجو ٿيڻ جي باوجود به هن سماج جو گهڻو حصو يا ته سياست ۾ عدمِ دلچسپي رکي ٿو يا ته قومي مفادن خاطر ننڍڙن ننڍڙن مفادن کي اوليت ڏئي ٿو. مثال طور هڪ تڪ مان ڪي به ٽي اميدوار اليڪشن ۾ بيهن ٿا ته ووٽر کي چونڊ ته هڪڙي اميدوار جي ئي ڪرڻي آهي. پر بدقسمتيءَ سان اُهي ٽئي اُميدوار ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۽ صورت ۾ ساڳيا ئي آهن. انهن جون نيتون ۽ ڪردار قطعي به سنڌ لاءِ فائديمند ناهي،انهن مان سنڌ جي اشوز تي سڌو ٿي بيهڻ وارن جو انگ زيرو جي برابر آهي. مجبورن ڪنهن هڪ اميدوار جي حصي ۾ وڌيڪ ووٽ پون ٿا ۽ هو سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽن تي يا حڪمران ڌُر سان ويٺل هوندو يا اپوزيشن سان. پر انهن جي سياسي بصيرت ۽ سنڌ جي ٻهراڙين جي ترقيءَ جو تصور ڪيترو واضع آهي؟ اُن جو اندازو پاڪستان جي گذريل 65 سالن جو تجزيو ڪري اندازو لڳائي سگهجي ٿو.
    يونان جي ڏاهي ”سولون“ سچ چيو هو ته:
    Put more trust in nobility of character than in oath.
    جيڪڏهن ايوانن ۾ اقتداري ڌُر جي ڪردار کي ڏسبو ته انهن جي شرافت جي انتها اتي بيٺل آهي ته پٽيواليءَ جي نوڪريءَ لاءِ به لکن جا واڪ لڳن ٿا. جڏهن ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اندر عوام جون اڃان تائين اهڙيون شڪايتون سامهون ناهن آيون. ساڳي طرح متحده اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جي روزگار ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسيرو رکي ڪم ڪندي رهي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي اُميدوارن جي تڪن ۾ ماڻهو بيروزگاريءَ کان تنگ اچي پاڻ کي ساڙيندا رهن ٿا. سنڌ جي ننڍڙن شهرن ۽ ٻهراڙين جي صورتحال اها آهي جو ٻن مها ٻوڏن ۾ تباهه ٿي ويل زرعي معشيت ۽ انفراسٽرڪچر جي بحاليءَ لاءِ پيپلزپارٽي حڪومت وٽ ڪا بجيٽ ناهي پر 2005 ۾ ڪشمير ۾ آيل زلزلي جي ترقياتي ڪمن لاءِ بجيٽ ۾ اربين رپيا رکيا وڃن ٿا. سنڌ جي ڳوٺن ۽ ننڍڙن شهرن جو جائزو وٺبو ته اهي کنڊرن جو ڏيک ڏيندي نظر ايندا. پر اُنهن شهرن ۽ ڳوٺن جي ترقيءَ بجاءِ 100 ارب رپين جي لاڳت سان ذوالفقارآباد جهڙيون سنڌ دشمن رٿائون جوڙيون پيون وڃن. جنهن سان چيو پيو وڃي ته سنڌ خوشحال بڻجي ويندي. دراصل ترقيءَ جي ڪنهن به ماڊل تي اختلاف نه هجڻ گهرجي پر جنهن طريقي سان هن منصوبي ۾ هٿ وڌو ويو آهي اُن سان سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃڻ جو خدشو آهي. ڇو ته هن رٿا مان به اهي ئي طاقتور ڌريون فائدو وٺي سگهن ٿيون جيڪي مسلسل سنڌ جي شهرن تي قابض رهڻ جي نيت رکيو ويٺل آهن. انهن ڌرين لاءِ ئي روزگار جا نوان رستا ۽ راهون هموار ٿينديون ۽ سنڌي ماڻهن کي شعوري طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ وارن جو خواب ساڀيا ماڻيندو.
    سوال اهو آهي ته سنڌ سياسي طور اهڙي يتيميءَ واري صورتحال مان آخر ڪيئن نڪرندي؟ ڇو ته بين الا قوامي ادارا سنڌ جي ڪيس تي ڳالهائڻ لاءِ به چونڊيل نمائندن کي اهميت ڏين ٿا ۽ سنڌ جي بدقسمتي آهي جو هتي ووٽ بئنڪ انهن پارٽين جي هٿ ۾ آهي جن مان سنڌ جي سنجيدهه اشوز تي ڪنهن به چڱائيءَ جي اُميد رکي نٿي سگهجي. ائين سمجهجي ته سنڌ ۾ ڪا وڏي سياسي بصيرت رکندڙ وچولي طبقي جي نمائنده جماعت اُڀري ايندي ان جا امڪان مستقبل قريب ۾ ته نظر نٿا اچن. ڇو ته پاور پاليٽڪس هڪ اهڙو نشو آهي جنهن جي ملڻ کان پوءِ عوامي خدمت وارا جذبا ختم ٿي وڃن ٿا. جيتوڻيڪ ٿيڻ ته ائين گُهرجي ته جيڪي قومپرست هن وقت اها دعوى ڪندي نظر اچن ٿا ته اُهي ايندڙ اليڪشنن ۾ هر تڪ تي پنهنجا اميدوار بيهاريندا. انهن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهن جي مزاج، ڪلچر ۽ انهن ۾ موجود لاڙن کي مدِ نظر رکي پنهنجا اميدوار بيهارين، جيڪي وڏيرن جي هڪ هٽي کي مڪمل ٽوڙڻ لاءِ سگهه رکندا هُجن ۽ يونين ڪائونسل ۽ ڳوٺاڻي سطع تائين عوامي سجاڳيءَ جي سگهه رکندا هجن. نه ته هن وقت تائين جي تجربي اهو ثابت ڪيو آهي ته اهڙيون قيادتون سنڌي ماڻهن جي نصيب ۾ رهيون آهن جيڪي هميشه ايوانن ۾ پهچڻ کان پوءِ سنڌ خلاف ٿيندڙ سمورين شيطاني شرارتن کي ختم ڪرڻ بجاءِ انهن شرارتن جو حصو ٿي، سنڌ جي سيني ۾ نوان خنجر کوڙينديون رهيون آهن. سنڌ کي هن وقت اهڙي سياسي تنظيم جي ضرورت آهي جيڪا مڪمل طور منظم هجي جيڪا سنڌ جي مفادن تي اقتدار جي عارضي عياشيءَ کي قربان ڪري ۽ ڌاري آبادڪاريءَ سميت سنڌ جي خلاف ٿيندڙ سمورين شيطاني شرارتن سامهون پنهنجو مضبوط موقف رکڻ جي صلاحيت رکندي هجي. ڇو ته سنڌ کي هاڻ اهي تاريخي مثال بچائي نٿا سگهن جن ۾ اهو چيو ويندو هُجي ته سنڌ ڪنهن دور ۾ ڪيتري نه خوشحال هوندي هُئي!! ڏسڻو اِهو آهي ته شاندار ماضيءَ مٿان ته مقبرا جُڙي ويا. هاڻ جيڪڏهن حال جي حقيقتن تي نظر رکي ڪا سياسي رٿابندي نه ڪئي وئي ته مستقبل جي توبن جي نشاني تي هونداسين.
    وطنن جي سالميت قومن جي طاقتن ۾ ئي هوندي آهي، ڪمزور قومون پنهنجا وطن وڃائي ويهنديون آهن.... (ڪنفيوشس).


    سنڌ سياسي اڪيلائپ مان ڪڏهن نڪرندي؟

    جتي سڄو مُلڪ سياسي سُڃ جي پاڇي وانگر انسانن جو پيڇو ڪندو هُجي. سياستدانن جا بيان، ساڳي ڪيسٽ جي هڪ ئي پاسي وانگر ٻُڌڻ لاءِ ملندا هُجن. انساني اکين ۾ بي اعتماديءَ جي مرچن جا سُرما مُسلسل پوندا رهن. سياسي سُڌارن جا خواب نعريبازين جي بينرن جي زينت بڻجي ويندا هُجن. سجايل اسٽيجن تي سياسي اداڪاريون روز جو معمول بڻيل هُجن. سياسي مخالفت کي قبائلي تڪرارن ۾ تبديل ڪري، اختلافي موقف رکندڙن کي ڪنهن به طرح برداشت نه ڪرڻ جهڙا رويا رکيا ويندا هُجن. جتي روزگار کي اهليت ۽ قابليت جي بُنياد تي پرکڻ بجاءِ، پنهنجي سياسي موقف يا ذاتي ويجهڙائپ سان مشروط ڪيو ويندو هُجي. ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن تائين مروج سياسي طريقهءِ ڪار ۾ تبديليءَ جا ڪي به امڪان نظر نه ايندا هُجن. سياسي يتيميءَ مان نڪرڻ لاءِ انتظار ۾ ماڻهن جي اکين جون ماڻڪيون ئي سُڪي چُڪيون هُجن. غربت جي لڪير لکين حياتين کان جيئڻ جا گس به ڦُري ورتا هجن. اُتي مُلڪ جي حُڪمرانن مان عوامي ڀلائيءَ جهڙي تبديليءَ تمنا خواب بڻجي ويندي آهي. هن مُلڪ جو وڏو سياسي الميو اهو آهي ته، مُلڪ جا سمورا سياستدان عوام کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۾ بلڪل ناڪام ويا آهن. ماڻهن جي بُنيادي ضرورتن جي حل واري سوچ حڪمرانن جي اوليت کان بلڪل اوجهل رهي آهي يا هُو اُن لاءِ بلڪل سنجيدهه ناهن. هن مُلڪ جي وڏي آبادي اڄ به رُڳو گولين سان نه پر غربت ۽ بُک سبب مري رهي آهي. ماڻهو پنهنجي اولاد کي وڪڻي گُذارو ڪن ٿا. اهڙي شديد معاشي بحران جي حالتن ۾ سڄي سنڌ بيوسيءَ ۽ بدحاليءَ جهڙي جهان ۾ جِي رهي آهي. غربت سبب اڄ به مزدور ۽ هارين جا ٻارڙاپاهج هُجڻ جهڙي زندگي جِي رهيا آهن ۽ بُکئي پيٽ سمهن رهيا آهن. اهڙي زندگي جيئڻ جي جنجال کان ڪيتريون ئي مائرون ٻارڙن سميت پنهنجي زندگيءَ کي موت جي تيزاب سان ساڙينديون رهن ٿيون. اهڙين ڏُکين حالتن ۾ به ماڻهو، پنهنجي زندگيءَ کي تقدير جو لکيو سمجهي، جيئندا رهن ٿا.
    پاڙي ناهي پروڙ، ته رات به رنجائي گُذري. (شاهه رح)
    اهڙو جياپو، جنهن لاءِ دُنيا جا سمورا ڏاها ۽ عقلمند مُتفق هُئا ته: ”جيئڻ سڀ ڪجهه ناهي، جيئن ته جانور به ٿا.“ ليڪن سڙندڙ سينن جي اندر ڪنهن وڏي سياسي اُتساهه آڻڻ لاءِ، انقلابي سياست جو هُجڻ لازمي آهي. جنهن لاءِ گائيڊيڊ انقلاب جي ضرورت ناهي هوندي. ايتري وڏي معاشي انياءَ جي باوجود به معاشرن ۾ ڪنهن تبديليءَ جي پئدا نه ٿيڻ جو ٻيو مطلب اهو بيهي ٿو ته گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان مروج سياسي حالتن سبب سياسي سماج بيٺل پاڻيءَ وانگر بڻجي پيو آهي. جنهن ۾ تحرڪ اچڻ جهڙي اُميد نظر نٿي اچي. محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ عوام ۽ سياستدان ٻئي اهڙي ئي سياسي ڪلچر جا عادي بڻجي چُڪا آهن. جتان سماج ۾ سواءِ نعريباز سياسي ڪلچر جي ڪا تبديليءَ جي تمنا نٿي ڪري سگهجي. پر چرچل چيو هو ته: ”ڪاميابيون هميشه ناڪامين جي ڪُکِ مان ڦُٽنديون آهن.“ پر سنڌ لاءِ ڪڏهن اُهو سج، پيار وانگر پرهه جي پُڪار بڻجي اُڀرندو.؟ جڏهن سنڌ جا ماڻهو ڳريون سياسي قيمتون ڀرڻ کان پوءِ به سُڪون سان ساهه کڻي سگهندا. سنڌ هزارين سياسي ناڪامين کان پوءِ به پنهنجي سياسي واٽ جو تعين طئي ڪري ناهي سگهي. سنڌ جيتوڻيڪ پنهنجي قومي ڪردار ۾ اڄ به اجتماعي قومي شعور جا صحيفا سانڍي رکيا آهن. پر پنهنجي عملي اظهار ۾، اُن جي اُبتڙ سياست ۾ اڃان تائين ساڳيا لاٽون، ساڳيا چُگهه واري واٽ ورتي آهي. اهڙين حالتن ۾ سنڌي سماج، انتهائي خطرناڪ نفسياتي اثرن سبب اپاهج پڻي پاسي وڃي رهيو آهي. هڪ پاسي نظرياتي سياسي سوچ ۽ فڪر جو زوال آيو آهي. ٻئي پاسي، سنڌي سماج بي عمل ۽ اجتماعي قومي شعور مخالف سياسي قيادتن ۽ پارٽين جو عادي بڻجندو پيو وڃي. ٽين اهم ڳالهه جيڪا سنڌي سماج کي اُڏوهيءَ وانگر اندر کان کوٽي کائي رهي آهي. سا آهي ڪرپشن ۽ بي ايمانيءَ واري مزاج جو هيٺين سطع ۽ عام ماڻهن تائين مُنتقل ٿي وڃڻ. جيڪا ڳالهه ڪنهن به طرح سنڌي سماج جي بهتر شڪل ۽ صورت جوڙي نٿي سگهي. جهڙي طرح گُذريل ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ جي سرڪاري کاتن ۾ مالي بي قاعدگين جو گراف عروج تي رهيو آهي. نتيجي طور اُن جا اثر سنڌ جي سموري تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر سميت، سڄي سنڌ جي بُنيادي سهولتن جي اڻهوند جي طور تي سامهون آيا آهن. اُن جي هلڪي جهلڪ سنڌ جي شهرن جي تصويرن مان پسي سگهجي ٿي. جيڪي لاوارثيءَ سبب گٽرن ۾ تبديل ٿيندي نظر ايندا. اهڙي سڄي صورتحال ۾ جتي نه فقط اهڙي ڪرپشن جي بيماريءَ وارو مرض مٿين سطع تائين محدود رهيو آهي پر اهڙو مرض سنڌ جي مجموعي اجتماعيت لاءِ پڻ انتهائي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. ڪالهه تائين جنهن عمل کي سماجن لاءِ انتهائي بُرائي ۽ شرمناڪ ڳالهه تصور ڪيو ويندو هو. اڄ اهڙي عمل کي فخر واري انداز سان نه فقط ڪيو وڃي ٿو. پر اهڙي عمل کي پڇتاءَ وارو پاپ سمجهڻ بجاءِ، اهڙي عمل ڪرڻ تي پنهنجو قانوني حق تصور ڪيو وڃي ٿو. اهڙو لاڙو سنڌي سماج لاءِ مستقبل ۾ انتهائي حاڃيڪار ثابت ٿيندو. جنهن جا اثر هاڻي کان ئي ظاهر ٿي چُڪا آهن. جو هاڻ شفافيت واري واٽ اُڀن شيشن تي پنڌ جو نالو بڻجي پئي آهي. جڏهن ته مختلف پارٽين جي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪنن جي نظرياتي سياسي سگهه تي نفسياتي حملو ڪرڻ جهڙي مُنظم منصوبا سازي ڪئي وئي آهي. جنهن تي گُذريل ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ ڪم ٿيو آهي. جنهن سان نظرياتي سياسي ڪارڪنن کي معمولي سِڪن ۽ ٺيڪن جو عادي بڻائي سنڌ جي رهيل سهيل مزاحمتي سياسي سگهه کي بنهه ڪمزور ڪيو ويو آهي. هن وقت جيڪڏهن سنڌ نظرياتي سياسي فڪري بُحران ۾ ڦاٿل نظر اچي رهي آهي ته ان ۾ وڏو عمل دخل اُنهن پارٽين ۽ تنظيمن جو به آهي، جن سنڌ جي نالي تي سنڌ جي نظرياتي سياست کي سِڪن عيوض خريد ڪري ورتو آهي. جنهن سبب سنڌ جي رُڃ مان رڙ اچڻ وارا انديشا ختم ٿي چُڪا آهن.
    سنڌ لاءِ هلندڙ دور سنڌ جي سياسي سرينڊر جو دور آهي؟ جي ائين آهي ته سنڌي سماج جي سنجيدهه حلقن کي سوچڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته هن وقت تائين جيڪي لقاءَ ۽ حادثا سامهون اچي رهيا آهن. اُنهن سمورن لقائ ن ۽ حادثن مان ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ سنڌي سماج سياسي سرينڊر جي دور مان گُذري رهيو آهي. اُهو سنڌي سماج جنهن کي گن اٽيڪ به جُهڪائي نه سگهي سو گولڊ اٽيڪ سبب پنهنجي مزاحمتي سياسي سگهه وڃائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته وفاق جون علامت بڻيل سياسي پارٽين جي موجودهه صفبنديءَ جو مُتبادل بڻجڻ جون خواهش رکندڙ قومپرست سياسي جماعتون به پنهنجي ڪمزور سياسي حڪمت عملين، غير سنجيدهه ۽ موقعي پرست سياسي ڪارڪنن سبب سنڌي ماڻهن جي اعتماد کي بحال ڪري سگهڻ ۾ مُڪمل ناڪام ٿي ويون آهن. مسلم ليگ (ن) به کين آسرن جي ڦاٽل ڇٽي ڏيکاري، 7 نُڪاتي ايجنڊهه تي کين پنهنجي جهولي آڇي ٿي. جڏهن سمجهي ٿي ته اُنهن وٽ سياسي بارگيننگ ڪرڻ جيتري قُوت ناهي ته کانئن کِلي موڪلائڻ جيتري به مُهلت نٿي گُهري. اُن ئي مُسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ قومپرستن جي اتحاد جو بُرو حشر ڏسڻ کان پوءِ سنڌ جي قومپرست سياسي سگهه جو اندازو لڳائي ورتو هو. تڏهن اُنهن آسانيءَ سان سمجهي ورتو هو ته ايوانن ۾ وڃڻ جي خواهش ڏيکاريندڙ، سنڌ جي قومپرست سياسي جماعتن جي سياسي سگهه ڪيتري آهي؟ نتيجي طور ايوانن ۾ وڃڻ واري رستي جي چونڊ ڪندڙ قومپرست جماعتن جي 7 نُڪاتي ايجنڊا کي مُسلم ليگ (ن) پنهنجي پارٽيءَ جي ڪنهن فائيل جو حصو به بڻايو آهي يا نه؟ پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌ اندر اها راءِ ضرور جُڙي آهي ته وفاق ۾ ويساهه رکندڙ سنڌ جي قومپرست پارٽين سنڌ جي مليل ٿوري گهڻي مينڊيٽ کي داءَ تي لڳائي، سنڌ جي سياسي راءِ جو احترام ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياسي حڪمت عملين سبب ئي پنهنجو پروفائيل خراب ڪري ڇڏيو. اُن پروفائيل جو تعلق سڌي طرح سنڌ آهي. سنڌي ماڻهن جهڙي طرح گُذريل چونڊن ۾ قومپرستن کي موٽ ڏني هُئي اُن جو اندازو ڪنهن کي به نه هو. پر جيڪڏهن گُذريل سال ڏيڍ ۾ سنڌ جون اُهي قومپرست جماعتون، جيڪي وفاق ۾ وڃڻ ۽ ايوانن جي ذريعي سنڌ جي قسمت تبديل ڪرڻ جي خواهش کڻي جدوجهد ڪري رهيون آهن، سي سنڌ جي سنجيدهه حلقن جي راين، تنقيدن ۽ تجويزن جي روشنيءَ ۾ پيش رفت ڪن ها ته شايد کين سنڌي سماج جي سياست جو وسيع ميدان ميسرٿي ملي ها. ليڪن قومپرست سياست جي اندر به وفاق جي وڏين پارٽين وانگر غرور ۽ تڪبر وارو عنصر ان حد تائين ڪاهي پيو آهي جو ڪنهن به تجويز ۽ تنقيد کي تحمل سان سهڻ بجاءِ اُن کي سوشل ميڊيائي مُهم جو حصو بڻايو وڃي ٿو. جيتوڻيڪ سنڌ عرصي کان تبديليءَ واري سفر جي خُواهش رکي ٿي پر اهڙي تبديلي ڪهڙي ڪم جي جيڪا کين رستي جو صحيح تعين ڪرڻ ۾ مددگار بڻجڻ بجاءِ کين وڌيڪ تابعدار معاشري پاسي وٺي وڃي.
    سنڌ جي سياسي ضمير کي سنجيدهه بڻجي سوچڻو پوندو ته سنڌي ماڻهن کي جاگيردار يا وڏيرڪي ڄار مان ڪڍڻ ۽ نظرياتي، فڪري سياسي سگهه ڏيڻ لاءِ اهڙي ڪنهن به روايتي رستي جي چونڊ کان پاسو ڪرڻو پوندو جنهن رستي تي هلڻ سبب ورهين کان سنڌي ماڻهو تابعدار معاشري واري زندگي جِي رهيا آهن، جنهن سبب اُنهن مان مزاحمتي سياسي ڏنگ به نڪري چُڪو آهي. اُن لاءِ اهو به ضروري آهي ته ڪنهن به ليگ يا تحريڪِ انصاف يا قادريءَ جي نامِ نهاد انقلاب جو آسرو ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياسي سگهه جو جائزو وٺڻو پوندو ۽ پنهنجي سياسي سگهه جي واضع رستي جي تعين سان ئي اڳتي قدم رکڻو پوندو. پنهنجي سياسي صفن کي سڌو ڪرڻ سان ئي گُهربل نتيجا نڪري سگهن ٿا. سنڌي ماڻهو تاريخ جي انتهائي سفاڪ حالتن ۾ جهڙيءَ ريت منهن ڏئي رهيا آهن. اهڙي عمل ۾ رُڳو نعريباز سياسي ڪلچر ئي ڪافي ناهي. پر پنهنجي پارٽين ۽ تنظيمن جي سياسي سگهه جو نئين سِر جائزو وٺڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته جيڪي اڄ سنڌ جون اقتدار جي آسري تي ويٺل قومپرست سياسي پارٽيون سوچي رهيون آهن دُنيا اُن کان گهڻو اڳتي سوچي رهي آهي. سياسي صنعتن ۾ نيون مصنوعات مارڪيٽن ۾ متعارف ٿي رهيون آهن. ائين نه ٿئي جو اسان ڪنهن جو نعم البدل ٿيڻ بجاءِ پنهنجي چال هلڻ به وساري ويهون. ايلون ٽافل ”فيوچر شاڪس“ ۾ صحيح لکيو هو ته: ” سياسي طاقت طور اُڀرڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان جديد دور سان گڏ جيئون.“ دُنيا ۾ ايندڙ نين تبديلين لاءِ اسان ڪيترو تيار آهيون؟ اهو سمجهڻ لاءِ سياسي نظرياتي واٽ واري رستي کي وڃائڻ نه گُهرجي.


    سنڌ کي سوات ٿيڻ کان بچڻ گُهرجي...

    هي اُن دور جي ڳالهه آهي جڏهن ستارن جي سيج جهڙا سنڌ جا ڳوٺ اوچتو ئي اوچتو بندوقن ڀيلڻ شروع ڪيا هئا، هٿيارن جي وحشت ۽ خوف ۾ مبتلا ڳوٺاڻا رات کي ڏائڻ ۽ ڏينهن کي کي ديوتا سمجهندا هئا. گهرن ۾ وڄندڙ ريڊيا سج لٿي کان اڳ دروازن سان گڏ بند ڪيا ويندا هئا ۽ بتين جون روشنيون جهيڻيون ڪيون وينديون هيون. سنڌ جي هر شام ڄڻ جنگي سائرن بڻجي پوندي هئي. ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ هوندو هو. ڳوٺن جو ڪو اهڙو گس نه هو، جتي هٿياربندن جا ٽولا آزاديءَ سان نه گهمندا هجن. ان ئي دور ۾ ڪرسٽينا ليمب پاڪستان ۾ پنهنجي مشاهدن تي ٻڌل ڪتاب Waiting for Allah لکيو هو. جنهن ۾ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ ويجهڙائپ جا نوان انڪشاف سامهون آيا هئا.
    اڪثر ڳوٺاڻن جي مزاحمت سان مارجي ويل ڏوهارين کي پوليس مقابلو ڄاڻايو ويندو هو ۽ پوليس آفيسر انعامن سان گڏ ترقين جا مزا به ماڻيندا هئا. هي ماضي قريب جي ان سنڌ جي ڪهاڻي آهي. جنهن لاءِ پوليس آفيسر جي هڪ چٺي يرغمالي کي آزاد ڪرائڻ لاءِ ڪافي هوندي هئي ۽ ڏوهارين جي چٺين تي سپاهي ڀرتي ٿيندا هئا. هٿيار لاتعداد چيڪ پوسٽن جي باوجود به ڏوهارين تائين آساني سان پهچي ويندا هئا.
    اڃان موبائيل فون پاڪستان ۾ متعارف نه ٿيا هئا. پر رابطي جو ايترو مضبوط نيٽ ورڪ هو جو آپريشن کان اڳ ڏوهارين کي ڀڄي وڃڻ جو صاف رستو ملي ويندو هو.
    سنڌ جا ڳوٺ ڌاڙيل فيڪٽر وٽ يرغمال بڻيل هئا ته ٻئي طرف شهرن ۾ سنڌي مهاجر فسادن جي خوني ويڙهاند سڄي دنيا جي ميڊيا جي اک جو مرڪز بڻيل هئي. اهڙي رت ۽ بارود واري سنڌ، سوات جي حالتن کان گهڻو مختلف نه هئي، ان سڄي صورتحال سنڌي سماج کي تبديل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ ويران ٿيڻ لڳا ۽ ويجهڙائي وارا ننڍا وڏا شهر وڌڻ لڳا ۽ سنڌ جي وڏن شهرن اندر نوان شهر اڏجڻ لڳا ۽ ٻهراڙيون لڏپلاڻ Migration جي نتيجي ۾ ويران ٿيڻ شروع ٿيون، ڪجهه دوست ان مرحلي کي سنڌ جي مڊل ڪلاس ٺهڻ جي شروعات سمجهن ٿا، پر فقط هڪ مثبت پهلوءَ کانسواءِ ان جا سوين منفي سبب هئا. جن سنڌي سماج کي ڪيترائي سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو، ان جو هڪ مثال سنڌ جي زرعي معيشت جي تباهي به آهي جيڪا اجڙڻ کان پوءِ سر سبز انقلابن آڻڻ وارن حڪومتي اعلانن ۽ واعدن جي باوجود به سڌي واٽ تي اچي ناهي سگهي، ان پٺيان فقط لڏپلاڻ جو ئي عنصر شامل ناهي، پر هڪ تجربيڪار هاريءَ جو ڳوٺ کي ڇڏڻ به زرعي پئداوار جي حوالي سان وڏو نقصان هو.
    جيڪڏهن ان سڄي پسمنظر کي يا ماضي قريب واري سنڌ کي ڏسجي ٿو ته سڄي سنڌ تتل رڻ وانگر نظر ايندي. پر ان سڄي ڀيانڪ منظر جا سبب مذهبي نفرت تي بيٺل نه هئا، جيئن سوات ۽ وزيرستان جي صورتحال رهي آهي. سوات، بونير، مالاڪنڊ ۽ مردان مذهبي ويڙهاڪن جي ور چڙهيل اُهي علائقا آهن، جتي مذهب جي مقدس نالي تي زندگيءَ جا ڪتاب سڙندا رهن ٿا ۽ پهاڙن جي هنج ۾ ستل سوات جا ڳوٺ مذهبي ويڙهاڪن هٿان يرغمال ٿي زندگيءَ جو حُسن وڃائي ويٺا آهن ۽ وڻن جي لامن تي ماٺ جي موسم جو ماتم آهي. جتي مذهبي انتها پسنديءَ پرين جي ڪهاڻين جهڙي ديس کي بارود جي بوءِ ۽ ماتمي موسم سان ساڙي رک جو ڍير بڻائي ڇڏيو آهي. خيبر پختونخواهه جا اهي سمورا علائقا جتي مذهبي ويڙهاڪ جديد جنگي هٿيارن کان وٺي خودڪش حملن واري طاقت سان هٿياربند آهن، جتي پيار جهڙي فطري عمل تي ڦٽڪن جون فتوائون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ درسگاهن کي خانهءِ ڪعبه ۾ رکيل بُتن جيان ڀور ڀور ڪري ڇڏڻ کي جنت ۾ داخلا جو لائسنس سمجهيو وڃي ٿو.
    جيتوڻيڪ ويڙهاڪن جي مزاحمت کي چيڀاٽڻ لاءِ حڪومتي مشينري متحرڪ آهي ۽ آمريڪين آڏو پاڪستاني سرڪار جي صفاين جا فائيل ڦِرندا رهن ٿا. پر ان جي پڄاڻي ڪٿي ٿئي ٿي. ڪو پتو ناهي، ڇو ته هتي هر واقعي ۽ حادثي پويان جيڪي هٿ آهن اهي سياسي صحرا ۾ گم ٿي وڃن ٿا پوءِ اهو سنڌ اندر لساني ۽ گروهي فسادن جي صورت ۾ سامهون اچي يا ڌاڙيل فيڪٽر جو اُڀار هجي، ڳُجهن پيرن جو پيڇو اڄ تائين ڪو به ڪري ناهي سگهيو.
    ”جو چال هم چلي، بهت بري چلي“
    اڄ وري جُهڙ جي جهالر مان جهاتيون پائي چنڊ جي نظارن جهڙو ڏيک ڏيندڙ سنڌ جيڪا مذهبي انتها پسنديءَ پاسي وڌندي نظر اچي ٿي.
    سيتا روڊ واري واقعي جي وحشت جا پير اڃان پُوريا ئي ناهن، نه ئي رِنڪل جا معاملا نبرجي سگهيا آهن ته اوچتو ئي ڪراچيءَ سميت سنڌ جا ٻيا شهر ميرپورخاص ۽ حيدر آباد به آهستي آهستي پُرسرار خاموشيءَ سان فرقيواراڻه خانا جنگيءَ جي خوني کيل طرف ڌڪجندا پيا وڃن. ”مُلن ۽ پنڊتن لاءِ رت جا رشتا بي معنيٰ ٿي ويندا آهن“، قرت العين حيدر ”آخري شب ڪي همسفر“ ۾ لکيو هو. پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته فرقيواراڻه فسادن پويان سنڌ جي لبرل چهري تي نفرتن جي تيزاب هارڻ پويان ڪنهن جا هٿ آهن.؟ ڇا سنڌ مذهبي طور انساني رواداري وارا رستا وساري رهي آهي؟ ڇا تاريخ جي طوفان ۾ سنڌ نوح جي ڪشتيءَ وانگر ناهي؟ جنهن کي ڪي سازشي ڌريون سوراخ ڪڍڻ ۾ پُوريون آهن؟ سنڌ ته هميشه مذهبي رواداري، امن ۽ صوفي مزاج رکندڙ ڌرتي رهي آهي. سنڌ جي هاڻوڪين حالتن مان ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ ان معصوم ٻارڙيءَ وانگر آهي، جيڪا بارود جي ڍير تي چاڪليٽ چٻاڙي رهي هُجي، جيڪڏهن ان کي هڪ آتش فشان ۾ تبديل ڪيو وڃي ٿو ته اهو تاريخ جو ناقابل معافي جرم هوندو. ڇو ته هوا جو رُخ معلوم ڪرڻ لاءِ هڪ تيليءَ جو ٻارڻ ئي ڪافي هوندو آهي. موجودهه حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته سنڌ فرقيواراڻه نفرتن پاسي وڌي رهي آهي. هوا جي رُخ مان اندازو ٿي رهيو آهي ته سنڌ صوفين جي فڪر ۽ امن انسانيت بني نوع آدم واري پرچار کان پاسو ڪرڻ لڳي آهي.
    سنڌي سماج تيزيءَ سان عظيم معاشرتي قدر وڃائي اهڙي باهه پاسي وڌي رهيو آهي جنهن باهه کي شايد سنڌوءَ جو پاڻي به اُجهائي نه سگهي. اُها باهه فرقيواراڻه فسادن جي اهڙي باهه آهي جيڪا ڪنهن وقت به هن سڄي سماج کي رت ۾ آلو ڪري سگهي ٿي.
    شايد ورهاڱي وقت ٿيندڙ انساني خونريزي ڏسي ئي اهنسا تي عقيدت جي حد تائين عمل ڪندڙ گانڌيءَ لکيو هو ته: ”ڪنهن به معاشري جي مذهبي رواداريءَ ۽ مُهذب پڻي جو پئمانو اقليتن ۽ ٻين فرقن جي احترام ڪرڻ کي ئي سمجهيو ويندو آهي.“ سنڌ ۾ مذهبي بنياد پرستيءَ جا رُجحان سنڌي سماج لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن. جن به ورهاڱي واري تاريخ کي پڙهيو هوندو تن کي اها خبر هوندي ته اُهي معصوم ٻار جن جي سينن ۾ خنجر کوڙيا ويا هُئا تن کي ته اُها به خبر نه هُئي ته اُهي مسلمان آهن يا هندو؟ يا اُهي سُني آهن يا شيعا؟ اهي بريلوي آهن يا ڪنهن ٻئي فرقي سان تعلق رکن ٿا؟ سنڌ ته تصوف جي وهندڙ اهڙيءَ نديءَ وانگر رهي آهي جيڪا مذهبي رواداريءَ طور دنيا ۾ لبرل سڃاڻپ رکي ٿي پر ڪيتري وقت کان مسلسل سنڌ جي چهري کي تبديل ڪرڻ جهڙيون سازشون ڪيون پيون وڃن. مذهبي ڪٽرپڻو هڪدم ڪر کڻي ناهي اُٿندو. پر آهستي آهستي اُن جي اثرن کي ڦهلائڻ لاءِ منظم طريقي سان ڦهلاءُ ٿيندو آهي. جيڪڏهن سنڌ اندر لڳاتار فرقيواراڻن فسادن تي مجرمانا خاموشي اختيار ڪئي وئي ته اُهي واقعا وڌي اهڙي باهه ۾ تبديل ٿي ويندا. جيڪا باهه سڄي سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگهي ٿي ۽ سنڌ جي صوفياڻي مزاج جي اندر جون تارون سڙي رخ ٿي سگهن ٿيون. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان ايندڙ خبرن مان اندازو ٿي رهيو آهي ته فڪري طور صوفي مزاج رکندڙ علائقا به اهڙي مذهبي انتهاپسنديءَ پاسي وڃي رهيا آهن جن جو ڪڏهن ڪنهن کي اندازو ئي نه هو.
    ان ۾ ڪو به شڪ نه هُجڻ گُهرجي ته هن وقت تائين سنڌ جي صوفي بُزرگن جي فڪري واٽ سبب سنڌ اهڙي ڪٽرپڻي کان آجي رهي آهي. پر وقت گُذرڻ سان گڏ سنڌ ۾ ايندڙ ٻاهرين آبادي پنهنجي مزاج ۽ ڪلچر سان گڏ اهڙي مذهبي سوچ به آندي آهي، جيڪا انهن ننڍڙن ۽ معصوم دماغن ۾ اوتي وڃي ٿي. جن کي تصوف جي عالمي ۽ فڪري بُلندين کان پري رکيو ويو آهي. اُهي هر حالت ۾ ڪنهن به انتهاپسند فڪر جي حامي قوتن جي هٿ ۾ هليا وڃن ٿا. اُهي جڏهن جوانين جي سرحدن ۾ پُهچن ٿا ته اُنهن کي شاهه لطيف جي آفاقي پيغام واري رهبري حاصل نٿي ٿئي نه ئي سچل جي صوفياڻي فڪر جي ٿڌي ڇانو نصيب ٿئي ٿي. نتيجي طور انتها پسند ڌرين کي هن وقت تائين جيڪو اسپيس مليو آهي اُهو هر حالت ۾ سنڌ ۾ ظاهر ٿيڻو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي اهڙي صورتحال کي ڏسي هن وقت به مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن مجرماڻي ماٺ اختيار ڪئي ته شايد ايندڙ دور ۾ دنيا سنڌ کي به اهڙي اک سان ڏسي جيئن اُها سوات کي ڏسي رهي آهي.
    مسئلو فقط سنڌ کي مذهبي آزادي ڏيارڻ جو آهي. شخصي آزادي به تڏهن ممڪن ٿي سگهندي جڏهن مذهبي طور ماڻهو آزاد هوندا. اهڙي آزادي ڦريندڙ قوتن کي سياسي، سماجي ۽ ادبي طور پنهنجي اٽل ارادن واري هٿيار سان مات ڏئي سگهجي ٿي. سياسي ۽ سماجي تنظيمون اُن سلسلي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. جيڪي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ سياسي ۽ ادبي ماحول جوڙڻ لاءِ لائبريرين جا بنياد وجهن. جيئن سنڌ جو اڪثريتي نسل پنهنجو وقت وڃائڻ بجاءِ اسٽڊي سرڪلز جو حصو بڻجي سگهي. اُهو نسل جنهن جو آئيڊيل ڪو مذهبي اڳواڻ نه پر شاهه لطيف ۽ سنڌ جا ٻيا صوفي بُزرگ بڻجي سگهن. جيڪي انسانيت جا علمبردار هُئا جن جي فڪر، فهم ۽ شعور جي رهبريءَ وارا روشن رستا کين اوندهه مان ڪڍي سگهن. اُن سلسلي ۾ جيڪڏهن هاڻي کان ئي سنڌ جي سياسي پارٽين خاص طور قومپرست پارٽين اهڙي قسم جا اُپاءَ نه ورتا ته سنڌ هڪ وڏي الميي واري ڪٿا بڻجي ويندي.
    ڇاڪاڻ ته سنڌ جي شهرن مٿان انتها پسنديءَ واري خوف جو خطرناڪ پاڇو تڏهن هٽي سگهي ٿو. جڏهن سنڌ ذهني طور مذهبي انتها پسنديءَ واري خوف مان آجي ٿيندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ، سوات وانگر بارود جي بوءِ ۽ رتوڇاڻ جي عادي ناهي. پر سنڌ کيتن جي خوشبو پَسڻ ۽ سانوڻ جي ڀنل چنڊ کي ڏسڻ جي هيراڪ آهي.


    سنڌ ڪنهن جو فتح ٿيل قلعو ناهي...

    سياسي قيادتن جي ڪمزورين ۽ ڪوتاهين تي ڪڙيون تنقيدون ڪرڻ هن سماج جو اهو فطري ردِعمل آهي. جيڪو ڏهاڪن کان هن ديس جي دلين جي گهاون کي گهٽائڻ بجاءِ ان جي واڌاري جو سبب بڻجندو رهيو آهي. سنڌ جي اها وڏي بدقسمتي چئبي ته جڏهن غيرسياسي عوام جي اندر ۾ سياسي سوچ ۽ سمجهه پئدا ٿي آهي ۽ انهن جي اکين صحيح معنى ۾ سياسي شعور جي جهلڪ پسڻ جي شروعات ڪئي آهي ته انهن سوال ڪرڻ سکي ورتا آهن. سنڌ جي هيٺئين ۽ پورهيت طبقي، جنهن جي هٿن جي ترين تي هميشه محنت جي مٽي چڙهيل رهي ٿي. تن نه رڳو اليڪشني مهم ۽ ڪارنر گڏجاڻين ۾ سياسي قيادتن کان سندن ڪارڪردگيءَ متعلق سوال پُڇڻ شروع ڪيا آهن پر ڪٿي ڪٿي شديد ردِ عمل به ظاهر ڪيو آهي. جنهن سبب اُميدوارن کي انهن ڳوٺن ۽ شهرن کان نااُميد ٿي واپس موٽڻو پيو آهي. اهڙي اوچتي انڪشاف جهڙي غير معمولي تبديليءَ، چڱن ڀلن سياسي اُميدوارن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا آهن. جيڪڏهن گُذريل پنج سالن جو جائزو وٺبو ته سنڌ سان جزباتي سياسي وابستگي رکندڙ نوجوانن جو وڏو حلقو سنڌ دُشمن معاملن تي ننڍين وڏين سياسي جماعتن، سماجي تنظيمن ۽ ادبي فورمن جي هلايل هلچل جو حصو رهيو هو. تنهن نه رُڳو سنڌ دُشمن فيصلن تي سرگرميءَ سان ڪم ڪيو هو. پر هڙتالن ۽ احتجاجن ۾ به ڀرپور شرڪت ڪري سنڌ دُشمن فيصلن جي مذاحمت ڪئي هُئي ۽ ڪراچيءَ جي ديوارن تي چِڙ ڏياريندڙ چاڪنگ کان وٺي، سنڌ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس، ذوالفقار آباد ۽ شهري جماعت سان مفاهمتن وارين پاليسين ۽ سندن شرطن کي غير مشروط بنيادن تي ڳُجهه ڳوهه ۾ سنڌ جي مجموعي مفادن کي پاسيرو رکي، سنڌي ماڻهن جي احساسن جي جهڙي طرح لتاڙ ڪئي آهي. اُن خلاف سڄي سنڌ مذاحمتي مورچي تي پاڻ مڃائي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به عمل کي سنڌ قطعي به قبول نه ڪندي. جڏهن ته سنڌ ۾ آيل ٻن مها ٻوڏن ۾ جيڪا سنڌ جي صورتحال رهي. اُن دور جون دانهون اڄ به اخبارن جي سُرخين مان مان پسي سگهجن ٿيون. انهن سمورين حالتن ۾ سنڌ جو تبديل ٿيل سياسي منظر فطري ڳالهه آهي.
    هن وقت سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان مختلف دوستن جي معرفت دل کي دُکائيندڙ خبرون به دلين جي درن کي کڙڪائينديون رهن ٿيون. جيڪا صورتحال سنڌ کي مُستقبل ۾ ڪو شفاف سياسي رستو ڏيڻ ۾ رُڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو. اهڙا خدشا سماجن جي سياسي تبديليءَ ۾ وڏي رُڪاوٽ وجهي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته سنڌ لڳاتار سياسي تجربن جي آڌار تي هاڻ ڪنهن به تجربي ڪرڻ جي حالت ۾ ناهي رهي. جيڪي سماج لڳاتار غلطين مان سکڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ به تجربن جون فيڪٽريون کوليو ويٺا هوندا آهن. انهن جي قسمتن ۾ ڪڏهن به بهتر سياسي مستقبل جي واٽ لکيل ناهي هوندي. اهڙا سماج هميشه گهري ننڊ جي اهڙي درياءَ ۾ غوطا کائيندا آهن جيڪو دراصل ڪو درياءُ ئي ناهي هوندو. اهو اسانجي ڪمزور دلين جو وهم هوندو آهي. ساميءَ چواڻي ته:
    مايا ڀُلائي وڌا جيءَ جهان جا،
    اڻ هوندي درياءَ ۾ غوطا نت کائي.
    اها فقط انساني سماجن جي ڪيفيت هوندي آهي. جو اُهي ڪنهن مُصيبت کي منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي مصيبتن جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن. جن جا نظريا مايا جي موهت تي ڇڪجي ويندا آهن. پر باشعور انسان سڄي زندگي هن سنسار کي سُجاڳيءَ جا سڏ ڏيندا رهيا آهن. کين دوکي جي دڳ تان موٽي اچڻ جو درس ڏيندا رهيا آهن. جنهن درس کي سمجهندڙ سماج ترقيءَ جون تڪڙيون منزلون ماڻيندا آهن. هن وقت سنڌي سماج جي هيٺئين طبقي ۾ آيل سياسي شعور کي سرهائيءَ جي اک سان ڏسڻ بجاءِ ڪالهه تائين اُهي سنڌ پرست ورڪر جيڪي سنڌ جي سياسي معاملن تي هلچل جي متل ميدان ۾ سنڌ پرستيءَ جون دعوائون ڪري رهيا هُئا. اُهي اوچتو ڪُوڙن سِڪن تي هن سماج کي ساڙڻ لاءِ ڳُجهه ڳوهه ۾ اهڙن اُميدوارن سان سِڪن جا سودا ڪري رهيا آهن. جنهن سبب اٻوجهه عوام ٻيهر اڪيلائپ جي اوڙاهه ۾ ٻارڻ بڻجي ٻرندو رهندو. جنهن اوڙاهه مان هي سماج صدين تائين نڪري نه سگهندو. ڇاڪاڻ ته اعتماد جون تندون ڏاڍيون نازڪ ٿينديون آهن. جيڪڏهن ڪالهه تائين هن اٻوجهه عوام جي نظر ۾ ايماندار نوجوان، جيڪي اٻوجهه عوام کي سياسي سمجهه ڏيڻ لاءِ کين گهرن مان ڪڍي سنڌ جي ازلي سياسي مفادن خاطر رستن تي نڪري آيا هُئا. ۽ پنهنجي تقريرن ۾ اهو درس ڏئي رهيا هُئا ته نسلن کان هن سماج تي مسلط ٿيل سياسي قيادتن جي چونڊ بجاءِ عوام دوست اُميدوارن کي اڳيان اچڻ گهرجي ۽ ووٽ اُميدوار جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏيڻ گهرجي. جنهن تي مذاحمتي مُشاعرا به ٿيندا رهيا ۽ سڄي سنڌ ۾ عوامي سياسي سُجاڳيءَ سبب سياسي بحثن جا بنياد پيا ۽ ماڻهن اهو سوچڻ جي شروعات ڪئي جنهن جو ردِعمل هاڻوڪي مذاحمت جي صُورت ۾ سامهون آيو. جنهن ۾ عوام خراب ڪارڪردگي رکندڙ اُميدوارن جي آجيان ڦٿل ٽماٽن ۽ ڪِنن آنن سان ڪئي.
    موقعي پرست سياسي ورڪرن جي نشاندهي:
    اهي ورڪر جن گُذريل ڪيترن سالن کان پنهنجون راتيون سياسي سرگرمين ۾ روڊن ۽ رستن تي گُذاريون آهن. انهن اوچتو ئي چند ٽڪن تي موهجي ڀوتارن ۽ وڏيرن جون وڃي اوطاقون وسايون آهن ۽ انهن جي اليڪشن مهم جو حصو بڻجي ويا آهن. جيڪي ڪالهه تائين اُن جدوجهد جو حصو هُئا جنهن جدوجهد بي زبان سنڌي سماج کي زبان ڏني هُئي. جيتوڻيڪ اهڙن موقعي پرست سياسي ورڪرن جي ان عمل سان مجموعي طور تي سنڌي سماج ۾ ساک وڃائيندڙ سياسي قيادتن کي ڪو گهڻو فائدو ٿي نه سگهندو. پر اهڙي نفسيات به طويل سياسي حڪمت عملي ۾ سنڌ جي موجودهه حالتن ۾ اٻوجهه ماڻهن کي وڌيڪ مُنجهائي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ اندر مختلف برادرين، سماجي ڪارڪنن، صحافين ۽ مقامي سطع تي مختلف ماڻهن 500 کان1000 تائين جو ووٽ بئنڪ رکندڙ ڪيترائي نوجوان اميدوار طور مختلف تڪن تان بيٺل آهن. جيڪڏهن اُنهن اهڙين سياسي قوتن جي حق ۾ هٿ کڻي ورتو. جيڪي قوتون هيٺئين ۽ پيڙهيل طبقي سان ٽڪي جي به همدردي نٿيون رکن، ته پوءِ سنڌ هڪ اهڙي سياسي آئسوليشن (اڪيلائپ) جو شڪار ٿي ويندي. جنهن مان نڪرڻ لاءِ کين وري ورهين جي انتظار جي اذيت ڀوڳڻي پوندي. هن سماج جو وڏو الميو اهو ئي ته آهي جو جڏهن هيٺئين ۽ مزدور طبقي، پنهنجي تمام تر سادگين ۽ اٻوجهائپ جي، انڪار جي جُرئت جي سزا کي سمجهڻ جي باوجود اهو سوچڻ شروع ڪيو آهي ته سنڌ انهن لاءِ غيرمشروط محبتن وانگر آهي. جنهن لاءِ هو موت ته قبول ڪري سگهن ٿا. پر ڪنهن سياسي سوداگر جي حوالي نٿا ڪري سگهن. تڏهن سماج ۾ سرگرم رهندڙ اهڙا سياسي ورڪر به سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن جن جي موقعي پرست سوچ چند ٽڪن جي محتاج بڻيل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان جي سماج ۾ اهڙا سياسي ورڪر ننڍڙن ننڍڙن مفادن کي اجتماعي مفادن مٿان اوليت ڏين ٿا. رُڳو سياسي قيادتن جو ئي قصور ناهي پر خود اهڙا ورڪر جن وٽ چند ووٽن جو تعداد موجود آهي، اُهي هر حالت ۾ عين موقعي تي پنهنجو پاڻ کي وڪڻڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن سياسي قيادت جي هٿ تي بيعت ڪري وٺن ٿا. ان آسري ۾ ته جيئن کٽڻ کانپوءِ اُهي اقتدار جي عرصي ۾ انهن اُميدوارن کان فائدا حاصل ڪري سگهن. جنهن جي سڃاڻپ وقت سِر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    ڪهڙا مُفاد اوليت تي هُجڻ گهرجن؟
    جيتوڻيڪ ميڊيائي مهم، ۽ سماجي لاڳاپن جا ذريعا مُسلسل عوامي سطع تي متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پر هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ڪهڙن سياسي اوليتن جو تعين ڪري ٿي؟ ڪهڙا مُفاد اهم آهن جيڪي سنڌي سماج ۾ تبديلين جا مضبوط بنياد رکي سگهن؟. جيڪڏهن ووٽ جو هن ڀيري به استعمال گُذريل ڪيترن ڏهاڪن وانگر گونگن ۽ ٻوڙن وانگر آڱوٺا ڪارا ڪري، ڪيو ويو ته شايد سنڌي سماج جي قسمت جو ساٿ قدرت به ڏئي نه سگهي. تنهن ڪري سنڌ جي قومپرست ڌرين، جن نوازليگ کي به پنهنجو اتحادي بڻائي ڇڏيو آهي. اُنهن کي به ويچارڻ گُهرجي ته فقط جيت جي چڪر ۾ لفاظي سياسي ٻوليءَ جي استعمال سان سنڌي ماڻهن جي مفادن جو تحفظ نٿو ڪري سگهجي. پر سنڌي ماڻهن جي مفادن جي ضمانت ٻين سياسي پارٽين کان به وٺڻي پوندي. جيڪي سياسي پارٽيون، مشرف جي حڪومت ۾ ڪالاباغ ڊيم لاءِ وڏي مهم هلائي رهيون هُيون. هن وقت اهڙين سياسي پارٽين کي پنهنجي موقف جا بينر کُليل رکڻا پوندا. جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم، سنڌ جي ورهاست، ٻٽي نظام جو خاتمو، ذوالفقار آباد ۽ مسلسل ڌاري آبادڪاريءَ سميت سنڌ اندر بيروزگاريءَ، غربت جي خاتمي، مهانگائيءَ جي خاتمي لاءِ سائنسي بنيادن تي حڪمت عملي جوڙڻ ۽ پنهنجي اوطاقن کي اهڙن ماڻهن کان آزاد ڪرڻو پوندو. جيڪي نوڪرين جي ڪوٽا مٿان پهرين حق پنهنجي مِٽن مائٽن جو سمجهن ٿا. باقي خدائي خلق کي آسرن جا لاليپاپ ڏئي رُلائيندا آهن. سنڌ جي روڊن ۽ رستن جي بجيٽن مٿان پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق سمجهڻ واري سوچ جو پڻ خاتمو اچڻ گُهرجي ۽ اُن لاءِ جدوجهد جا ڊگهي مُدت وارا بُنياد وجهڻا پوندا. سنڌ جا شهر ۽ رستا جيڪي گٽرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن. اُنهن جي رٿابندي ڪري انهن اسڪيمن جي غير سرڪاري ادارن کان مانيٽرنگ جو مڪينزم جوڙڻو پوندو ته جيئن اُنهن اسڪيمن جو پئسو ڪميشنن ۽ ڏيتين ليتين ۾ هڙپ نه ٿي وڃي. اُهي اُميدوار جن کي اهڙين تَڪُن جو خاص خيال رکڻ گُهرجي جن تڪن ۾ کين شڪست ملي هُجي. اهڙين تَڪُن جي عوام کي سياسي نفرتن جي آڌار تي نظرانداز ڪرڻ بجاءِ، انهن ڳوٺاڻن جي حالتن کي به بهتر بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. انهن جي صحت، تعليم ۽ روزگار لاءِ به جوڳا بندوبست ڪرڻا پوندا. فقط ان لاءِ انهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ته انهن تڪن ۾ هو هارائي ويا هُئا. سڄي سنڌي سماج جي ترقيءَ لاءِ سوچڻو پوندو. جيڪڏهن مفادن جو تعين هن وقت نه ڪيو ويو ۽ عوام اهڙي قيادت جي چونڊ نه ڪئي ته شايد مُستقبل جو ڀوتارڪو ڪلچر هن سڄي سماج جي ترقيءَ واري واٽ ۾ وڏي رُڪاوٽ ثابت ٿئي ۽ اها سوچ قطعي به قابلِ قبول نه هُجڻ گهرجي ته ڪو سنڌ کي پنهنجو فتح ٿيل سياسي مورچو سمجهندو هُجي.


    سِول نافرماني، ريڊ زون ياترا ۽ نون ليگ جو مُستقبل

    عجيب اتفاق آهي يا اِهو تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جو ضِد آهي جو ايترا مهينا ڪابينا ۾ ويهڻ کان پوءِ حُڪومت کي هٽائڻ جي هوڏ تان لهڻ لاءِ تيار ئي ناهي. قادريءَ جي انقلاب جي فلاسافي ته ڪنهن به فلاسافر جي سمجهه کان مٿي آهي. پر جڏهن پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڌرڻن سان هن وقت تائين، حُڪومتي رڌڻي ۾ ڪو رولو نه پئجي سگهيو ۽ سياسي حلقن موجب اسٽيبلشمينٽ حُڪومتي معاملن ۾ مُداخلت نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي چُڪي آهي. تڏهن پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ شديد ردِعمل طور ريڊزون ڪراس ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. جيڪا اُن مُعاهدي جي ڀڃڪڙي سمجهي وڃي ٿي. جنهن لاءِ وفاقي وزير پرويز الاهي چئي چُڪو آهي. جنهن مُعاهدي هيٺ کين اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي اجازت مِلي هُئي. جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن کي اسلام آباد جي انتظاميا اڳواٽ ٻُڌائي چُڪي آهي ته ”ريڊ زون“ رُڳو ريڊ زون ئي ناهي پر اُها ”ڊيڊ لائين“ به آهي جنهن کي پار ڪرڻ جي کين قطعي اجازت نه هوندي. پر جيڪڏهن ٻنهي اڳواڻن مان ڪنهن به اهڙي ريڊ زون کي پار ڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کي اجازت ڏئي ڇڏي ته نُقصانن جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. جنهن لاءِ عمران خان اڄ اُن ڊيڊ لائين جنهن کي حُڪومتي حلقا ريڊ زون جو نالو ڏئي رهيا آهن اُن ۾ لهڻ لاءِ وڃي رهيو آهي. ڀلي پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ ڪپتان عمران خان هزارين ماڻهن جي قافلي سان اها دعوى ڪندو رهي ته سندن قافلو پُرامن رهندو ۽ ڪا به ڀڃ ڊاهه نه ٿيندي. پر اِهو ممڪن ناهي ته ماڻهن جي ايتري وڏي انگ سان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ شرط اُنهن جو ڊسيپلين به برقرار رهي سگهي. جيڪڏهن ڊسيپلين برقرار نه رهيو ته رتوڇاڻ جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. پر ٻنهي صورتن ۾ نواز شريف جي وزارت ڌرڻن جي قُرباني بڻجي وڃڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. جنهن لاءِ حُڪومتي ڪميٽي گُذريل ڪيترن ڏينهن کان انتهائي سُست رفتاريءَ سان ڳالهين جي معاملن کي اڳيان وڌائي رهي آهي. جنهن کي عوامي سطع تي سخت تنقيد سان مُنهن ڏيڻو پئجي ويو آهي. عمران خان پاران سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ شروع ڪرڻ واري ڳالهه اهڙي هُئي جنهن کي مُلڪي آئين سان بغاوت سان ڀيٽيو پئي ويو. عمران خان پنهنجي مُلڪ جي اندر سِول نافرمانيءَ جي ڳالهه ڪري خود سياسي تجزيي نگارن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. ڇاڪاڻ ته سِول نافرمانيءَ جو مطلب رياست سان ڪنهن به قسم جو تعاون ختم ڪري ڇڏڻ آهي. اهڙي صورتحال مُلڪ جي اندر رُڳو اُهي باغي قُوتون ڪري سگهن ٿيون. جيڪي مُلڪ جي آئين ۽ قانون جون مُنڪر هُجن. جڏهن ته مُلڪي سطع تي وفاق جي علامت سمجهي ويندڙ ۽ هڪ صوبي ۾ اقتدار تي ويٺل جماعت پاران سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ هلائڻ اهڙي نفسيات کي ظاهر پئي ڪيو. جيڪا نفسيات هر حالت ۾ اقتدار تي قابض ٿيڻ لاءِ بي صبريءَ جو مُظاهرو ڪري رهي آهي.
    اُهو روسي اديب ٽالسٽاءِ جنهن ”وار اينڊ پيس“ ۾ لکيو هو ته: ”وقت ۽ صبر ڪنهن شور شرابي کان وڌيڪ مضبوط هوندا آهن.“ پر عمران خان کي نه وقت جو انتظار آهي نه ئي صبر وارو سفر کيس سُڪون ڏئي سگهيو، کيس نه ئي ڪنهن شور شرابي ۾ پوڻ بجاءِ ايندڙ وقت لاءِ سياسي تياريءَ جو اُلڪو آهي. هُو ته هر حالت ۾ اُن اقتدار تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ بار بار چوندو رهي ٿو ته موجودهه اقتدار غير آئيني آهي. غير آئيني اقتدار کي هٽائڻ لاءِ ڪنهن ڪورٽ جو دروازو کڙڪائڻ بجاءِ، ورڪرن جي وڏي انگ سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ اهڙي انارڪي آهي جيڪا لازمي طور تشدد کي جنم ڏيندي. ٽالسٽاءِ اٽليءَ جي بادشاهه مٿان حملو ڪندڙ انارڪسٽن کي پنهنجي هڪ کُليل خط ۾ لکيو هو ته: ”تشدد جو طريقو اخلاقي طور تي بلڪل غلط ۽ سياسي طور تي فائديمند ناهي هوندو. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي قتل ڪيو ويندو ته ڪو ٻيو اُن جي جاءِ والاري وٺندو. دراصل تشدد هميشه پهرين کان وڌيڪ تشدد جا رستا کوليندو آهي.“ هڪ يوناني چوڻي آهي ته: ”قتل ٿيندڙ هر سپاهيءَ جي خون مان 999 نوان سپاهي جنم وٺندا آهن.“ ٽالسٽاءِ کين لکيو هو ته جابر حُڪمرانن مان جان ڇڏائڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته ٽيڪس جي ادائيگي بند ڪري ڇڏيو.“ شايد ٽالسٽاءِ جي اهڙي خط کي پڙهي يا ڪانگريس ۾ ويٺل ڪنهن اڳواڻ جي مشوري سان جڏهن گانڌيءَ 1920ع واري ڪلڪتي واري ڪانگريس جي اجلاس ۾ اهو اعلان ڪيو هو ته برطانوي سامراج کان آزادي حاصل ڪرڻ جو هڪڙو ئي واحد حل آهي، ”عدمِ تعاون جي تحريڪ“ اُها تحريڪ دراصل برطانوي سامراج خلاف سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ هُئي. جيتوڻيڪ اُن رِٿ جي مُخالفت ڪانگريس جي گڙنگ اڳواڻن لالا لجپت راءِ ۽ سي آر داس جهڙن معتبر اڳواڻن به ڪئي هُئي. پر ڀوپن چندر پال عدمِ تعاون جي تحريڪ کي پنهنجي پُرجوش تقرير ۾ انگريزن خلاف ويڙهه جو اهم مورچو قرار ڏنو هو. عدمِ تعاون جي اُن تحريڪ جو بُنيادي مقصد به برطانوي شين جو بائيڪاٽ هو. ڇاڪاڻ ته اُن وقت برطانوي معشيت جو ڦهلاءُ پُوري هندستان ۾ هو ۽ برطانوي شين جي وڏي منڊي به هندستان کي قرار ڏنو ويندو هو. جنهن جي نتيجي ۾ سموري هندستان ۾ عام ڪارڪنن سان گڏ اهم سياسي اڳواڻ به گرفتار ڪيا ويا هُئا. پر پاڪستان جي اندر صورتحال بلڪل اُن جي اُبتڙ آهي. اُن جي باوجود پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ پاران لڳاتار اهڙا اعلان ڪرڻ ۽ ڳالهين جي رستن کي بلڪل بند رکڻ جو ٻيو مطلب ته عمران خان ڪنهن به طرح سياسي طور معاملن کي حل ڪرڻ جي حق ۾ ناهي. ڇاڪاڻ ته لڳاتار حُڪومتي ڪميٽيءَ جي اڳواڻ عرفان صديقيءَ کان سواءِ خورشيد شاهه ۽ ٻين طرفان رابطا ڪرڻ جي باوجود پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڪنهن به اڳواڻ کين مُناسب موٽ ڏيڻ بجاءِ سندن فون اٽينڊ ڪرڻ لاءِ به تيار ناهن.
    اڄ جڏهن عمران خان اسلام آباد ۾ آزادي مارچ کان پوءِ ڌرڻو هڻي هڪ ئي ڏينهن تي لڳاتار ٽي اعلان ڪري نه رُڳو سياسي صورتحال جا سُٽ مُنجهائي ڇڏيا آهن. پر حُڪومت پاران جوڙيل ڳالهين وارين ڪاميٽين جا رستا پڻ بند ڪري ڇڏيا آهن. عمران خان هڪ پاسي سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ جو اعلان ڪري نه رُڳو پنهنجي پارٽيءَ جي ورڪرن جي سياسي رومانس کي ڪمزور ڪيو، پر ٻئي پاسي سنڌ، پنجاب ۽ قومي اسيمبليءَ مان استعيفائن ۽ خيبر پختونخواهه ۾ سندن مخلوط حُڪومت هُجڻ، سبب سياسي صلاح مشوري کان پوءِ استعيفائن جي حتمي فيصلي جي اعلان سان گڏ حُڪومت پاران طئي ڪيل مُعاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي ريڊ زون ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري چُڪو آهي. جنهن سان نه رُڳو سياسي صورتحال انتهائي ڳنڀير موڙ تي پُهچي وئي آهي. پر هاڻ صورتحال تي ضابطي جا بظاهر آثار نظر نه اچي رهيا آهن. جڏهن ته ان سڄي معاملي ۾ علامه صاحب جي انقلابي ڌرڻي ۾ ويٺل ورڪر به اشارن جي انتظار ۾ آهن. جيتوڻيڪ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي تڪڙن اعلانن سبب حُڪومتي ڪميٽين کي ڪنهن حڪمت عمليءَ جو موقعو به مِلي ناهي سگهيو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اعلان ملين مارچ جا ٿيا ۽ علامه ۽ عمران جي ڌرڻن ۾ شامل تعداد هزارن کان وڌي نه سگهيو. سوال اهو آهي ته اڄ جڏهن عمران خان حُڪومت پاران مُقرر حد ريڊ زون تي چند هزار ورڪرن سان گڏ به پهچي ٿو ته صورتحال حُڪومت جي هٿن مان نڪري چُڪي هوندي. جيڪڏهن فرض ڪجي ته قومي اسيمبليءَ مان پاڪستان تحريڪِ انصاف استعيفائون ڏئي حُڪومت کان علحدگي اختيار ڪري ٿي ته قومي اسيمبليءَ مان 34 سيٽن تان استعيفائون ئي هن حُڪومت لاءِ وڏو سياسي محاذ کڙو ڪري ڇڏينديون. ساڳي طرح پنجاب اسيمبليءَ مان 29 سيٽن تان استعيفائون پڻ پنجاب حُڪومت مٿان وڏو پريشر پئدا ڪنديون ان حالت ۾ نواز ليگ جي وڌيڪ عرصي تائين رهڻ وارا امڪان ختم ٿي ويندا. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن علامه طاهر القادري جيڪو هن وقت تائين پنهنجي ”چارٽر آف ڊمانڊ“ تي رهڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي. جيڪو بظاهر عمران خان جي تڪڙن اعلانن مان مطمئن نظر نه اچي رهيو آهي. جنهن لاءِ سياسي افواهه اسلام آباد ۾ گردش ڪري رهيا آهن ته حُڪومت پاران ڳالهين جي پيش رفت ۾ قادري، سياسي تحمل جو مُظاهرو ڪري رهيو آهي. جنهن ڪنهن نه ڪنهن طرح حُڪومتي ڳالهين لاءِ پنهنجا دروازا کُليل ئي رکيا آهن. پر جيڪڏهن علامه به حُڪومت جا حال هيڻا محسوس ڪيا ۽ نواز ليگ جو خاتمو ٿيندي ڏٺو ته شايد عمران خان جي آزاديءَ واري قافلي کان پويان ورون کڻي ريڊ زون طرف پنهنجي انقلاب جو رُخ موڙي ڇڏي. ڪن اهم سياسي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان لڳاتار پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ورڪرن ۾ ڦهليل مايوسيءَ کي ڏسي، پنهنجي سياسي ساک بچائڻ ۽ واپسيءَ جو مُناسب رستو نه مِلڻ سبب، استعيفائن ۽ ريڊ زون ۾ لهڻ جو ارادو ڪيو آهي. پر سوال اهو آهي ته عمران خان جي اهڙي عمل سبب پاڪستان اندر، هڪ نئين روايت جنم ورتو آهي ته ڪنهن به چونڊيل حُڪومت کي ڊاهڻ خاطر، چند هزارن جي قافلي کي ريڊ زون ۾ داخل ڪرائي ڪنهن به عوامي حُڪومت جي مينڊيٽ کي لتاڙي سگهجي ٿو. عمران خان جي لڳاتار موقف بدلائڻ جي نتيجي ۾ تحريڪِ انصاف جي ورڪرن جي مايوسيءَ کي سياسي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ اهڙي پاڪستان جا بُنياد رکڻ ڪنهن به صورت ۾ پاڪستان جي سياسي مُستقبل لاءِ ڪارگر ناهن. جنهن پاڪستان لاءِ پاڙيسري مُلڪ جا سياستدان اِها راءِ ڏيندا رهيا آهن ته اُهي ايتريون ڌوتيون به نٿا بدلائين، جيترا پاڪستان جي اندر وزيرِاعظم تبديل ٿيندا آهن. پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جنهن هڪ ئي وقت ٽي اهم اعلان ڪري، نواز ليگ لاءِ ڳالهين جا سمورا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي عمل سبب اسلام آباد جي صورتحال سياسي ڇڪتاڻ پاسي هلي وئي آهي. پر گهڻي رتوڇاڻ بجاءِ نواز ليگ شايد ڪو اهڙو پُر امن رستو ڳولي وٺي، جنهن سان سندن حُڪومت برقرار هُجي، پر ميان صاحب وزارتِ اعظمى واري عهدي تي رهي نه سگهي. اهو به ممڪن آهي ته ساڳي صورتحال مُلڪ جي وڏي صوبي پنجاب ۾ به لاڳو ٿي وڃي، جيڪو گُذريل ڪيترن مهينن کان سياسي ڇڪتاڻ جو مرڪز رهيو آهي. پاڪستان تحريڪِ انصاف جي آزادي ۽ طاهر القادريءَ جي انقلابي ڌرڻن وارين حڪمت عملين کي مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڪيئن ٿي ڏسي؟ بظاهر اُن جو ردِ عمل سامهون ناهي آيو البته سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ، اسيمبلين مان استعيفائون ۽ آخرڪار ريڊ زون ۾ وڃڻ وارا معاملا شايد مُلڪي اسٽيبلشمينٽ جي مُداخلت کي دعوت نه ڏئي سگهن. عمران خان جي ڪيل تقرير مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته عمران خان ڪنهن به طرح اسٽيبلشمينٽ کي نواز حُڪومت خلاف اُڪسائڻ واري عمل کي پاڻي ڏيندو رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ميان صاحب جو وزارتِ اعظمى ۾ رهڻ ڏُکيو بڻجي ويو آهي. هن وقت تائين عمران خان جي سخت گير حُڪومت مُخالف رويي کانسواءِ، طاهر القادريءَ پاران ڪنهن به قسم جو سخت سياسي تاثر سامهون ناهي آيو. پر ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته علامه ڪنهن به موڙ تي پنهنجي انقلاب جي رُخ کي موڙي سگهي ٿو. جنهن سان نواز ليگ حُڪومت جو رهڻ نا ممڪن نظر اچي رهيو آهي. عمران خان جي اعلان سان گڏ حُڪومت طرفان ريڊ زون ۾ سيڪيورٽيءَ جو تعداد وڌايو ويو آهي. ڳالهه رُڳو ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ جي ناهي. سوال اهو آهي ته حُڪومت طرفان قائم ٿيل ڪميٽين جو هن موڙ تي سرگرم رول نظر نه اچي رهيو آهي. جيڪڏهن حُڪومت جي قائم ڪيل ڪميٽين جو هن صورتحال ۾ غير سرگرميءَ وارو ڪردار رهيو ته پوءِ ڪيترن ڏينهن کان اسلام آباد کي گهر ٺاهي ويٺل ڌرڻن ۾ شامل ورڪر ڪنهن نتيجي تي رسڻ جي خُواهش ضرور ڏيکاريندا ۽ گُهربل نتيجا نه ملڻ سبب يا ته اُهي پنهنجن اڳواڻن مان مايوس ٿيندا يا مٿن اهو پريشر پئدا ڪندا ته جيئن معاملا ڪنهن نتيجي تي رسي سگهن.
    عوامي اڳواڻ بڻجڻ لاءِ عوامي هُجڻ ضروري هوندو آهي. رُڳو موقف بدلائڻ ۽ جمهوري قُوتن کي للڪارڻ سان عوامي اڳواڻ بڻجي ناهي سگهبو. پر پنهنجي انداز ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جا رنگ به بدلائڻا پوندا آهن. ڀُٽي عوامي سمنڊ جا رُخ ڪيئن بدلايا هُئا؟. ڪيئن هيڻا حال رکندڙ غريب مزدورن پنهنجي مايوس دلين ۾ ڀُٽي جي مُحبت جا ڏيئا روشن ڪيا هُئا؟ ڪيئن عوام جو هڪ سمنڊ ”اٽي، لٽي ۽ اجهي“ جي بُنياد تي ڀُٽي سان گڏ بيهي رهيو هو.؟ هن وقت خيبر پختونخواهه جي صوبي مٿان قُدرتي آفت سبب ڪيترا ئي ماڻهو ڪچين ديوارن ۽ ڀُرندڙ ڀتين هيٺان دٻجي چُڪا آهن. پر عمران خان پنهنجي عوامي اڳواڻ هُجڻ جا رنگ اسلام آباد ۾ ڏيکاري رهيو آهي ۽ پنهنجا مُطالبا نواز شريف جي استعيفى سان مشروط ڪري ويهڻ کان پوءِ نوان اعلان ڪري سياسي صورتحال کي مُنجهائي وڌو آهي. پاڪستان عوامي تحريڪ ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ٻنهي اڳواڻن جا شرط ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيا ئي آهن. جن جي مُطالبن جو بُنيادي نُقطو نواز شريف جي وزارتِ اعظمى تان استعيفى جو آهي. هڪ پاسي قادريءَ جو اهو الٽيميٽم ته جيڪڏهن مُطالبا منظور نه ڪيا ويا ته سندن ڪارڪن ڪنٽرول مان نڪري ويندا. نواز حُڪومت کي ساڳيو الٽيميٽم خان صاحب پنهنجي خطاب ۾ پڻ ڏنو آهي. جنهن سان اضافي ڳالهه سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ هلائڻ کانسواءِ اسيمبلين مان استعيفائون ۽ اڄ ريڊ زون پار ڪرڻ جو چتاءُ پڻ شامل آهي. جيڪڏهن سياسي تحريڪن جي تاريخ جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته تحريڪِ انصاف جي طاقت اهڙي پوزيشن ۾ ناهي جيڪا سِول نافرمانيءَ جي تحريڪ هلائي سڄي مُلڪ جي عوام جي آئيڊيل پارٽي بڻجي وڃي. البته اسيمبلين مان استعيفائون ۽ ريڊ زون ۾ وڃڻ وارا معاملا عمران خان چواڻي نواز جي نا جائز حُڪومت مان جند ڇڏائي سگهن ٿا. پر اهڙي روايت مُلڪي تاريخ ۾ عوامي انتشار کان سواءِ ڪي نتيجا ڏئي نه سگهندي. امڪان اهي به آهن ته مُختلف سياسي پارٽين جي مُداخلت سبب عمران خان ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ واري عرصي جي مُدت ۾ واڌ ڪري ڇڏي ۽ ان وچ ۾ حُڪومتي ڪميٽين کي ڳالهين ڪرڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهي. جنهن سان حالتون وڌيڪ بِگڙڻ بجاءِ، سياسي مصلحتن جي بُنياد تي نواز ليگ سربراهه ميان نواز شريف وزارتِ اعظمى واري عُهدي تان هٿ کڻي، ڪنهن حد تائين معاملن کي ضابطي ۾ آڻي وٺي. پر پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان پاران تڪڙن اعلانن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته هُو ڳالهين جي ڪنهن به موڊ ۾ ناهي. هُو هر حالت ۾ نواز شريف پاران وزارتِ اعظمى تان استعيفا چاهي ٿو.
    اهم ڳالهه اها به آهي ته هن وقت نواز ليگ جي قيادت جنهن بي صبري سان مُختلف معاملن تي بيان بازي ڪري ٻنهي پارٽين جي سربراهن جي چِڙ ۾ اضافو ڪري رهي آهي. ان سان ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ اچڻ جا امڪان آهن. ان لاءِ اهو ضروري اهي ته مُسلم ليگ (ن) کي ڪنهن به پارٽي موقف بيان ڪرڻ کان پهرين سياسي سوچ ۽ تحمل کان ڪم وٺڻو پوندو. جيڪڏهن تحريڪِ انصاف يا قادريءَ جي ڌرڻي ۾ موجود ماڻهن جي شامل تعداد يا انگ تي مٿان چِڙ ڀريون چٿرون ڪيون ويون ته ڳالهين جا رستا بند ٿي سگهن ٿا. پر جيڪڏهن صبر ۽ تحمل سان ڪنهن به بيان بازيءَ کان پاسو ڪري ڳالهيون ڪيون ويون ته اُن جا واضع امڪان آهن ته معاملا سياسي ڳالهين جي رستي سُلجهي وڃن. سياسي محاذ آرائيءَ جي خاتمي جو بُنيادي اُصول هڪ ڌُر جو جُهڪاءُ هوندو آهي. نواز ليگ لاءِ مٿي جو سُور بڻيل قادري جي انقلاب ۽ عمران خان جي آزاديءَ وارن ڌرڻن کي مُناسب رستي جي واپسيءَ جي واٽ ڏيڻ لاءِ سياسي بيان بازيءَ کان پاسو ڪندي ڳالهيون ڪندڙ ڪاميٽين کي تمام گهڻو سرگرم رکڻو پوندو. قومي اسيمبليءَ ۾ مُخالف ڌُر جي اڳواڻ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي خورشيد شاهه پارليمينٽ ۾ موجود جمهوري راءِ رکندڙ پارٽين جو سياسي مُشاورت خاطر اجلاس گُهرايو پر اُن اجلاس جو بُنيادي سبب جمهوريت جي مضبوطي هو. حُڪومت جي خاتمي خلاف عمران ۽ قادريءَ سان ڳالهين جو رستو اختيار ڪرڻ هو. پر نواز شريف جي استعيفا واري معاملي تي اُنهن پارٽين جو موقف بنهه اڻچٽو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته اُهي هن وقت تائين اهو ئي سمجهي رهيون آهن ته نواز شريف جي وزارتِ اعظمى واري عُهدي تان هليو وڃڻ سان جمهوريت کي ڪو نُقصان نٿو پُهچي سگهي. البته وزارتِ اعظمى لاءِ ڪنهن نئين نالي تي ويچارڻ سان عمران ۽ قادريءَ جي ڌرڻن ۽ ڌمڪين مان مُلڪي سياسي صورتحال جي بُحران کي بهتر ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن اڄ عمران خان ريڊ زون ۾ لهڻ واري چتاءَ واري مُدت کي وڌائي ورتو ته، اها نواز ليگ حُڪومت لاءِ سُٺي خبر هوندي. ڇاڪاڻ ته اهڙي مُهلت واري مُدت ۾ سرگرم ڌُريون جيڪي ڳالهين لاءِ ٽياڪڙي ڪري رهيون آهن عمران خان ۽ قادريءَ کي ڪنهن نه ڪنهن وچ واري رستي تي وٺي اچڻ لاءِ ڪامياب ٿي سگهن ٿيون. جنهن سان اهي امڪان پڻ واضع آهن ته شايد معاملا ڳالهين جي رستي ئي حل ٿي وڃن. پر ان سڄي مرحليوار معاملن ۾ سموري مُلڪ جون اکيون عمران خان جي پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اعلانن ۾ کُتل آهن. جيڪو سِول نافرمانيءَ واري تحريڪ، اسيمبلين مان استعيفائن ۽ اڄ ريڊ زون ۾ داخل ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن وچ ۾ سگهارين سياسي ڌُرين جي مُداخلت تي ريڊ زون ۾ لهڻ واري الٽيميٽم ۾ واڌ اچي وئي ته ڪنهن به طرح ٻيا معاملا سُلجهي سگهن ٿا ۽ نواز شريف ۽ شهباز شريف جي مائينس واري فارمولي هيٺ باقي معاملا سُلجهي وڃن ۽ نواز ليگ جو ٻُڏندڙ سياسي ٻيڙو پنهنجا سِڙهه سنوا ڪري سڌو ٿي وڃي. اسلام آباد جا ڪجهه ذريعا ته اهو به چئي رهيا آهن ته جنرل راحيل شريف جي وزيرِاعظم سان ڪالهوڪي مُلاقات به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.


    سنڌ، نواز ليگ مان ڪي اُميدون رکي سگهي ٿي؟

    سنڌ ۾ پيپلز پارٽي، پنجاب ۽ بلوچستان ۾ مسلم ليگ (ن) ۽ خيبر پختونخواهه جي قلعي تي عمران خان پنهنجي سياسي طاقت جا جهنڊا کوڙي ورتا آهن. جڏهن ته مجموعي طور وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) کي اڪثريت هُجڻ سبب پنجن سالن لاءِ حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملي ويو آهي. سياسي سوديبازين ۽ مسلم ليگ (ن) ۾ ننڍين ننڍين پارٽين جو ضم ٿيڻ به مسلم ليگ جي حصي ۾ ڀاري مينڊيٽ جهڙيون خوشيون کڻي آيو آهي. جنهن سان نه رُڳو وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) لاءِ رستا صاف ٿيا آهن. بلڪه مختلف پارٽين مسلم ليگ (ن) سان مُلڪي ترقيءَ لاءِ ساٿ ڏيڻ جو واعدو به ڪيو آهي. جيتوڻيڪ نئين نينهن وانگر ساٿ وارن معاملن ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو. پر ماضيءَ ۾ عسڪري طاقت جهڙي طرح بدترين حڪمرانيءَ جي باوجود، ڪنهن به آمراڻي روش وارا اشارا به نه ڏنا. جيڪا هن مُلڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪا چڱي پيشرفت نظر آئي. ان سان جمهوري حڪومت جي دور ڪنهن آئيني يا غير آئيني مداخلت کانسواءِ ئي پنهنجا پنج سال پورا ڪري ورتا. جڏهن ته انهن پنجن سالن ۾ پاڪستان جون سياسي حالتون تتل رڻ جهڙيون رهيون. مشرف دور کان شروع ڪيل سياسي ڪارڪنن کي اغوا ڪري ورهين تائين عقوبت خانن ۽ انڌيرن ۾ رکڻ کان پوءِ وارثن کي چچريل لاشن جو ملڻ يا انهن کي ذهني طور مفلوج ڪري ڇڏي ڏيڻ يا ته وري ورهين کان وارثن کي پنهنجي پيارن جو پتو ئي نه ڏيڻ، ته اُهي ڪٿي آهن.؟ اُهي زندهه به آهن يا انهن جي گجگوڙن کي ڪنهن ويران وستين ۾ دفن ڪيو ويو آهي؟ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف لاءِ کوڙ سارا چئلينجز آهن. انهن چئلينجز ۾ نه رُڳو بلوچستان جي بگڙجندڙ صورتحال آهي. پر بلوچستان ۾ هڪ وڏي عرصي کان اُن ناراض نسل کي پرچائڻ جهڙو پيچيدهه معاملو به آهي. جنهن کي بلوچستان پيڪيجز جهڙا لاليپاپ به ريجهائي نه سگهيا هُئا. اُن سنگين معاملي کي ميان صاحب، ڪيئن ٿو سُلجهائي؟ سو ته وقت ئي ٻڌائيندو. جڏهن ته گُذريل پنجن سالن واري عرصي ۾ سياسي مصلحتن ۽ سرچاءَ جهڙين پاليسين سبب سنڌ کي جنهن سياسي يتيميءَ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اُن جو اندازو به ميان صاحب کي يقينن هوندو. موجودهه حڪومت لاءِ هن وقت جيڪو سڀ کان ڏکيو ٽاسڪ آهي، اهو خودڪش حملن جي طوفان کي منهن ڏيڻ آهي. دهشتگردي پوءِ اُها فرقيواريت جي نالي تي هُجي يا لساني بنيادن تي ڪئي ويندي هُجي، اِهي اهڙا وڏا معاملا آهن. جن تي ضابطو آڻڻ ۾ ماضيءَ وارو جمهوري دور مُڪمل ناڪام ثابت ٿي چُڪو هو۽ رحمان ملڪ جي خطابن کان ماڻهو بيزار ٿي چُڪا هُئا. اهڙي غير يقينيءَ واري صورتحال ۾ دهشتگرديءَ سڄي مُلڪ کي ڄڻ مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو هو. جڏهن ته اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي مُڪمل طور تڏا ويڙهه ٿي چُڪي هُئي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن پاڪستان مان پنهنجا پير پوئتي سُرڪائڻ شروع ڪيا هُئا. جڏهن ته بجليءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ ۾ گُذريل حڪومت مُڪمل طور ناڪام رهي. جنهن سبب نه رُڳو وڏي پئماني تي انڊسٽريز (صنعتن) کي ڏيوالو ڏسڻو پيو پر بيروزگاري ۽ مهانگائيءَ سبب ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي کي ويلا ڪاٽڻا پيا. ادارن ۾ ڪرپشن جي بازار ايتري حد تائين گرم رهي جو پٽيواليءَ جي نوڪريءَ لاءِ به وڏا واڪ لڳندا رهيا. هن وقت جڏهن ميان صاحب جي اقتدار جي شروعات ٿي چُڪي آهي ته سنڌ جي بنيادي قومي مسئلن تي، ميان صاحب کي واضح ۽ چٽو موقف رکڻو پوندو. جيڪو چونڊن کان اڳ سنڌ جي قومپرستن سان مختلف گڏجاڻين ۽ اتحاد وقت ڪندو رهيو هو ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ سرِ عام سنڌي ماڻهن جي خدشن کي ختم ڪرائڻ جي خاطري ڏياريندو رهيو هو. سنڌ جو بنيادي مسئلو سنڌو درياهه مٿان ڊيمن ۽ ڪئنالن قائم ڪرڻ جو آهي. جيڪو مسئلو ڪنهن به حڪومت جي ترجيع ۾ انڪري به ناهي رهيو جو سموريون حڪومتون هميشه سنڌي ماڻهن کي سمورن صوبن جي راضپي کانسواءِ ڊيم واري معاملي ۾ هٿ نه وجهڻ جهڙن راڳن سان ريجهائينديون رهيون. پر اُن جي باوجود ٿل ڪئنال ٺهي ويو جڏهن ته ٻيا ڪئنال به وفاقي حڪومت پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ پنهنجي اوليت تي رکيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ وسيلن جي مالڪيءَ تي فقط سنڌ جو حق هُجڻ وارو نُقطو سنڌ جي قومپرست ڌرين سميت سنڌ جي سنجيدهه حلقن جي جدوجهد جو مرڪز رهيو آهي. پر سنڌ جي وسيلن کي بي درديءَ سان ڦريو ۽ لُٽيو ويو آهي. سنڌ جي قدرتي وسيلن کان وٺي پاڻيءَ وارن معاملن تائين سنڌ جي آواز کي مُسلسل نظرانداز ڪيو ويو آهي. ان حد تائين جو 1991ع واري ٺاهه مطابق به سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ناهي ملندو رهيو. جيڪو ٺاهه به ميان صاحب جي دورِ حڪومت ۾ طئي ٿيو هو. اُن تي عمل ڪرائڻ به ميان صاحب جي حڪومت جي اوليت ۾ هُجڻ گهرجي. هن وقت متحدهه جيڪا ڪنهن به حڪومت سان ان سطع جي بارگيننگ ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي رهي جو اُها مضبوط طريقي سان ڪنهن به پارٽيءَ جي اتحادي بڻجي، اُن پارٽيءَ کان مُفاهمتن ۽ مصلحتن جي آڌار تي سنڌ دُشمن فيصلا ڪرائي سگهي. تڏهن ميان صاحب کي اهو معاملو به ياد رکڻ گهرجي ته سينيٽ ۾ اڪثريت يا اقليت جي بنياد تي يا سنڌ ۾ مضبوط اپوزيشن جي ٺاهڻ جي آڌار تي اهڙي پارٽيءَ کي پنهنجي هنج ۾ کڻڻ کان پاسو ڪري، جيڪا پارٽي سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان هر حڪومت سان بارگيننگ جي پوزيشن ۾ رهندي آئي آهي ۽ ڏهاڪن کان ڪراچيءَ کي پنهنجي مُٺ ۾ رکيو ويٺي آهي. سڻڀيون وزارتون حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل ڌار ٿيڻ جي ڌمڪين تي هر حڪومت کي بليڪ ميل ڪندي رهي آهي. سنڌ ۾ ٻِٽي نظام، ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقارآباد واري نامِ نهاد ترقيءَ واري رِٿا جي نالي تي شروع ڪرايل ڪم کي روڪرائڻ لاءِ هر حالت ۾ وفاقي سرڪار کي صوبائي معاملن ۾ مُداخلت ڪري سنڌ جا ٻيٽ بچائڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ صوبائي سرڪار جي ترقياتي رٿائن جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي نيلاميءَ تي ماٺ نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اليڪشن کان اڳ ۾ اهڙي سياسي خاطريءَ جي بنياد تي سنڌ جي قومپرستن پنهنجي پارٽين ۾ مخالفت جي باوجود نواز شريف سان اتحاد ڪيو هو. جيتوڻيڪ اهڙي اتحاد سان سنڌ ۾ کين تنقيدن جا طعنا به سهڻا پيا هُئا. پر اُنهن سڀ مهڻا سِر تي کڻي ميان صاحب جو ساٿ ڏنو هو. جيتوڻيڪ 10 رُڪني اتحاد جي پليٽ فارم تي سڀئي ڌريون چونڊن ۾ سَرسي حاصل ڪري نه سگهڻ ۾ ناڪام رهيون. جن جا ڪيترائي سبب آهن. پر اتحاد ۾ شامل جن به اُميدوارن چونڊون کٽيون اُنهن سڀني جو موقف ۽ نُڪتهءِ نظر سنڌ جي بنيادي سياسي معاملن جو حل تلاش ڪرڻو هو. هن وقت جڏهن وفاق ۾ ڀاري مينڊيٽ کڻي ايندڙ مسلم ليگ (ن) وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آئي آهي ته اُن کي سنڌ جي بنيادي سياسي معاملن جو حل تلاش ڪرڻو پوندو. اهو پڻ سمجهڻو پوندو ته ڪالهه تائين متحدهه آئين جي آرٽيڪل 239 جي شق ۾ ترميم ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ڇو ڪري ڇڏيون هُيون؟ ڪهڙو سبب هو جو اُن ئي متحدهه سرائيڪي صوبي سميت پاڪستان ۾ نون صوبن جي حمايت ڪئي هُئي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته ڪراچيءَ جي ڀتين تي سنڌي ماڻهن تي چٿرن جهڙا نعرا چنبڙايا ويا هُئا. جيڪي پيپلز پارٽي حڪومت اقتدار ۾ هُجڻ جي باوجود به مِٽائي سگهڻ جي پوزيشن ۾ نه رهي هُئي. جيتوڻيڪ اها ڳالهه ميان صاحب به سمجهي پيو ته پيپلز پارٽي سرائيڪي صوبي جي ڳالهه فقط چونڊن جي جيت لاءِ ڪري رهي هُئي. پر چند سيٽن جي جيت جيڪا سنڌ جي ورهاست جي رستن کي وڌيڪ واضع ڪري رهي هُئي ۽ ڌار صوبي جا معاملا اکيون پٽي اٿڻ لڳا هُئا. تڏهن به پيپلز پارٽي پنهنجي موقف تي قائم رهندي آئي. جيتوڻيڪ ان وقت شهباز شريف جي ننڍڙي بيان تي سنڌ جا تيور تبديل ٿيندا ڏسي مسلم ليگ (ن) ترديدن وارا بيان به جاري ڪيا هُئا ۽ قومپرستن جي ڪاوڙ کي ماٺو ڪرڻ لاءِ کين اعتماد ۾ وٺڻ جون ڪوششون ڪيون هُيون. هن وقت ڀلي پيپلز پارٽي ان خوشفهميءَ جو شڪار رهي ته سنڌ جو ووٽ بئنڪ ان جي کيسي ۾ پيل، اي ٽي ايم ڪارڊ وانگر آهي. پر سچ ته اهو آهي جو هن وقت پيپلز پارٽي جيڪو ووٽ حاصل ڪري سنڌ حڪومت ٺاهي آهي اُن ۾ شهيد ڀٽو سان ماڻهن جي جزباتي سياسي وابستگيءَ کان وڌيڪ انفرادي سياسي شخصيتن کي ووٽ مليو آهي. جيڪڏهن شهيد ڀُٽو يا اُن جي خاندان سان ماڻهن جي غير مشروط محبت هُجي ها ته شهيد مرتضى ڀُٽو جي بيوهه هارائي نه وڃي ها. باقي گُذريل پنجن سالن جي بُري سياسي حڪمرانيءَ تي تفصيلي لکڻيون پڙهندڙن جي نظرن مان گُذريون هونديون ته ڪهڙي طرح سنڌ ٻن مها ٻوڏن جي مصيبتن ۾ يتيم ٻار وانگر انهن اُميدوارن جو انتطار ڪندي رهي، جيڪي کين رڻ جي راتين ۾ ڇڏي گُم ٿي ويا هُئا. جيڪڏهن امدادي ادارن کي ميدان ۾ لهڻو پيو ته انهن امدادي ادارن کي به مخصوص ماڻهن کي نوازڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ چونڊيل نمائندن ڪيترو سوڙهو ڪيو هو؟ جو مجبور ٿي ڪجهه ادارن کي ته پنهنجي اسيسمينٽ کي اڌ ۾ ڇڏي ڀڄڻو پيو هو.
    ڇا ميان صاحب امداد جي عادي بڻجي ويل سنڌ کي پائيدار ترقيءَ جي رستي تي وٺي هلڻ لاءِ ڪو جامع ترقياتي پروگرام کڻي ايندو؟ جيڪو شفافيت جي بنياد تي سنڌ مان بي روزگاريءَ جو خاتمو آڻي سگهي. سنڌ جي ڳوٺن کي مثالي ڳوٺ بڻائي انهن کي گٽرن ۽ گندگيءَ کان آجو ڪرائي سگهي. ڇا ميان صاحب جو دورِ اقتدار سنڌ جي معدني وسيلن جي آمدني کي وفاق جي وات مان ڪڍي اُن سنڌ جي سمورن ڳوٺن تائين کڻي ايندو؟ جيڪي هن جديد دور ۾ به مريخ جهڙو ڏيک ڏين ٿا. سنڌ جي عوام جيتوڻيڪ ميان صاحب کي مينڊيٽ ناهي ڏنو پر مستقبل جي مينڊيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ميان صاحب کي سنڌ تي خاص توجهه ڏيڻو پوندو. جيڪا سنڌ اهڙي خوشحاليءَ جو خواب ڏسي رهي آهي جيڪو خواب جيڪڏهن سنڌ کي ساڀيا جي صورت ۾ ملي ٿو ۽ ايندڙ پنج سالن ۾ سنڌ ۾ غير يقيني واري صورتحال جو خاتمو اچي ٿو يا سنڌ جا بنيادي قومي مسئلا جهڙوڪ، سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ وارو معاملو، ڪراچيءَ جو امن، سنڌ جي ٻيٽن جي وڪري جي روڪٿام، ٻٽي نظام جي لٽڪيل تلوار جو خاتمو، ذوالفقارآباد رٿا تي بندش، سنڌ جي معدني وسيلن جي وفاق هٿان لڳاتار ڦرلٽ، اهليت جي بنياد تي روزگار ڏيڻ ۽ سڄي سنڌ ۾ تعليمي نظام جي مُڪمل بحالي، صحت، ۽ صاف پاڻيءَ جي فراهميءَ جهڙا معاملا ميان صاحب لاءِ وڏو چئلينج بڻيل آهن. اُن کانسواءِ رياستي ادارن هٿان سنڌ مان کنڀي کنيل اُهي نوجوان جن جا چچريل لاش وارثن کي ملن ٿا. جيڪڏهن ميان صاحب بلوچستان جي چِڙيل نسل کي باغي ٿيڻ کان بچائي وٺي ٿو ۽ کين ڳالهين لاءِ آمادهه ڪري وٺي ٿو ته اها اُن جي وڏي سوڀ هوندي. ساڳي طرح سنڌ جي قومي تحريڪ جو اُهو چڙيل نسل به ميان صاحب جي ايجنڊا تي هُجڻ گهرجي، جن جي وارثن کي روزانو ڌمڪين واريون فونون وصول ٿين ٿيون. اظهار جي آزاديءَ جو هر ڪنهن کي حق آهي. پر رياستي ادارن کان اهو حق کسڻ گهرجي ته هو سياسي ورڪرن کي اغوا ڪري انهن کي ذهني طور مفلوج ڪن يا ماري ڇڏين.
    سنڌ جا سماجي ۽ سياسي حلقا نواز ليگ جي اقتدار مان ايندڙ پنجن سالن جي عرصي لاءِ اهڙي خواب جي اُميد ڪن ٿا. جيڪو خواب اُنهن جي اکين لاءِ ڪنهن ٽڙڪيل شيشي وانگر نه بڻجي نه سگهي. سنڌ اُداس اکين سان اُن ميان صاحب جي اقتدار کي ڏسي رهي آهي، جيڪو سنڌ ۾ اقتدار نه ٺاهي سگهڻ جي باوجود به اُنهن قومپرستن جو ساٿ ڏئي رهيو آهي. جيڪي قومپرست مُسلسل اُن صوبي جا مخالف رهيا آهن، جنهن صوبي مٿان سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ جو الزام آهي. اهو به تاريخ جو عجيب الميو آهي، جو ڪالهه تائين، جنهن صوبي تي سنڌ جي چِڙ ۽ ڪاوڙ هُئي، اڄ سنڌ جا قومپرست پنهنجا مطالبا اُن صوبي جي سربراهه جي سامهون رکن ٿا. هاڻ ڏسجي ته ميان صاحب سنڌ جي مطالبن کي مان ڏئي مستقبل ۾ سنڌ جون دليون فتح ڪري ٿو يا فقط قومپرستن جي ساٿ کي اقتدار تائين پهچڻ جو وسيلو سمجهي ٿو. جيڪا پاليسي ميثاقِ جمهوريت سان پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻن اختيار ڪئي هُئي ۽ آخر ۾ چيو هو ته ”وه واعده ڪيا جو وفا هوجائي....“


    سياست ۾ ڏوهن جو عنصر ۽ سياسي پارٽين جو ڪردار

    فارسيءَ جي عظيم صوفي شاعر سرمد شهيد جي زندگيءَ ۽ اُن دور جي حالتن جو تجزيو ڪندي، برِ صغير جي مشهور عالم مولانا آزاد لکيو هو ته: “هن وقت تائين سياست جي تلوار مذهب جي مياڻ ۾ رهندي آئي آهي.” مولانا آزاد برِ صغير جي سياسي صورتحال جي پسمنظر ۽ تاريخ جي تلخ حقيقتن جي روشنيءَ ۾ شايد اِهو چيو هُجي. پر ورهاڱي کان پوءِ سياست جي تلوار مذهب جي مياڻ مان نڪري انساني ڪنڌن کي ڪيئن ڪيرايو؟ ڪيئن اُن تلوار جي ڌار تي سياست انساني تاريخ جو وڏو ڪوس گهر ثابت ٿي پئي؟ اُن جا وڏا مثال هن ملڪ جي ٺهڻ سان ئي شروع ٿي ويا هُئا. اڄ به اُن انبالا اسٽيشن تي ڪاتين سان ڪُٺل انساني رت جا داڳ مِٽجي ناهن سگهيا. اڄ به اُن اسٽيشن جي آسپاس ۽ اُن دور جي انسانن جون دليون، پنهنجي معصوم ٻارڙن جي چيخن سان چِيرجنديون رهن ٿيون. مذهب جي مياڻ مان نڪتل تلوار وري ڪڏهن به واپس مياڻ ۾ ماپي نه سگهي. سياست جي اها تلوار مياڻ مان نڪري جڏهن جهادي تنظيمن جي هٿن ۾ پُهتي ته اُن جي شڪل ئي تبديل ٿي وئي ۽ هڪ منظم واپار ۽ صنعت ۾ تبديل ٿي وئي. اُهو واپار جيڪو مذهب جي نالي تي دنيا ۾ متعارف ٿيندو رهيو ۽ جهادي گروپن، روبل ۽ ڊالر ايترو ڪمايو جو اُنهن جي ڪمائيءَ مان اُنهن جون ست پيڙهيون به سُکيون ٿي ويون پر اُن جا نتيجا اڄ به هن مُلڪ جي مٿي جو سُور بڻيل آهن. انڊين پارليامينٽ تي حملن کان وٺي، اُتي ٿيندڙ سڀني ڪاررواين کي قبول ڪندڙ، اُنهن جهادي گروپن جي جهان کي اُن بالي ووڊ جي فلم “لمحه” ۾ پسي سگهجي ٿو، ته ڪهڙو جهادي گروپ آهي جنهن ڪشمير جهڙي جنت جي گود ۾ سُتل ٻارڙن کان خواب نه کسيا هُجن؟ جيشِ مُحمد، جماعت الدعوى، حزب المجاحدين، المنصورين، حرڪت الجهادِ اسلامي، المدينه ريجمينٽ کان وٺي لشڪرِ طيبه تائين، هر گروپ جهاد جي مقدس نالي تي ڪنهن جون ويٺي ونگارون وهيون آهن. اُهو ڪهڙو مقدس نالو ناهي جنهن جي آڌار تي ڪشمير کي ڪوس گهر ناهي بڻايو ويو.؟ ان حد تائين جو اهڙي گيم جي حصي پتيءَ ۾ انڊيا جا انٽيليجنس ادارا به مُلوث رهندا آيا آهن. پر سوال اهو آهي ته اهڙي کيل تماشي ۾ پاڪ _ انڊيا جا سمورا ادارا به مُلوث رهيا آهن، جن جون پُٺيون بين الاقوامي ادارا به ٺپيندا رهيا آهن. گُذريل ٽن ڏهاڪن کان مذهب جي مياڻ ۾ سُتل تلوار اکيون پٽي اُٿڻ کان پوءِ پنهنجون شڪليون ۽ چهرا به تبديل ڪندي رهي آهي. هاڻ ته سياست ڏوهن جي محفوظ پناهگاهه بڻجي وئي آهي. هاڻ ته حالتون ان حد تائين پهتل آهن جو حقيقت جو اعتراف ڪندڙ پوليس آفيسر به اهو اعتراف ڪندا رهيا آهن ته اهو سمجهڻ اُنهن لاءِ ڏُکيو آهي ته “سياست جون حدون ڪٿي ختم ٿين ٿيون ۽ ڏوهن جي حد ڪٿان شروع ٿئي ٿي؟” سياست ۾ گهڙي آيل ڏوهن جي ابتدا ته مختلف جهادي گروپن کان ٿي پر اُن جي نيٽ ورڪ ۽ ڦهلاءَ جي طريقهءِ ڪار کي، سياسي پارٽين پنهنجي تنظيمي ڍانچي جو حصو بڻائي ڇڏيو. مذهب جي مياڻ مان نڪتل سياسي تلوار کي جهادي گروپ ته استعمال ڪندا ئي رهيا پر هاڻي اُن تلوار جو استعمال اُهي سياسي مافيائون به ڪنديون رهن ٿيون، جيڪي ڪنهن به طرح نٿيون چاهن ته اُنهن جي سياسي طاقت جي ڪمزوريءَ مان ڪا ٻي پارٽي فائدو وٺي سگهي. اُهو ئي سبب آهي جو ڪيتري عرصي کان سياسي پارٽين جي اندر به هٿياربند ونگز موجود آهن. جيڪي ننڍن ننڍن چندن کان وٺي آهستي آهستي لينڊ مافيا جي ڪاروبار ۾ به ڪاهي پيون آهن. جن تي سندن پارٽين جو به هاڻ وس ناهي رهيو. ڇاڪاڻ ته اهڙي ڪاروبار ۾ سياسي قيادتن جي هيٺئين ورڪر ڪلاس کان وٺي مرڪزي قيادتن تائين سڀ اُن رنگ ۽ مزاج ۾ تبديل ٿي چُڪيون آهن.
    اڪثر اُداس رهندڙ اُهو سياسي نسل پنهنجي سُفيد وارن تي هٿ ڦيرائي، ٿڌن ساهن سان اهو سوچيندو ئي رهي ٿو ته ڇا هن مُلڪ جي سياست کي ڏوهن جي دُنيا کان ڌار ڪري سگهجي ٿو؟ پر نظرياتي بحثن جي گود ۾ پلجي وڏو ٿي ويل اُن نسل کي اڄ به اهو سوال ستائيندو رهي ٿو ته سياست جي گنگا ڏوهن جي دنيا ۾ ميري ٿي ويندي؟! اُنهن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هو ته سندن سياسي رومانس کي ڏوهن جي دُکندڙ دنيا ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.؟
    دنيا ۾ سياسي غلطين جا ازالا ٿيندا آهن ۽ غير يقيني سياسي حالتن جي دور ۾ اُنهن موقعن مان فائدو ورتو ويندو آهي. جيڪي موقعا پارٽين ۽ تنظيمن کي سماج سان جوڙي هلائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن. پر اسان اڄ به پنهنجي سياسي صفن کي سڌو رکڻ بجاءِ ڪو ليڪو پائي بيهڻ لاءِ تيار ناهيون ۽ نه سماجي سياسي حالتن کي سمجهندي بهتر تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ سنجيدهه آهيون. اڄ به مذهبي جنونيت تي ڇتي تنقيد ڪندڙ پارٽيون پنهنجي صفن ۾ جهاتي پائي ڏسنديون ته اُنهن ۾ اهڙا ڪيترائي ڏوهي نظر ايندا جيڪي نظرين ۽ آدرشن جي آڙ ۾ انفرادي مُعاشي مُفادن جي حاصلات لاءِ سياسي پارٽين جي پناهه هيٺ ويٺل نظر ايندا. هڪڙو اهڙو به دور هو جو چندا سياسي پارٽين کي هلائڻ لاءِ ڪيا ويندا هُئا ۽ سياسي پارٽيون ان حد تائين پنهنجي آدرشن ۽ نظرين سان وفادار رهنديون هُيون جو اُنهن چندن جو به حساب ڪتاب رکنديون هُيون. هاڻ ته سياسي پارٽين جي ننڍي کان ننڍي ورڪر جو گهر به اُنهن چندن تي هلي رهيو آهي. اڄ مُلڪي ۽ غير مُلڪي ناڻي جي گناهن جي وهندڙ گنگا جي ميري پاڻيءَ ۾ شفاف تعارف وارا سياسي اڳواڻ به پنهنجي دامن کي داڳن کان بچائي ناهن سگهيا. پاڻي پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي. اهڙيءَ طرح جڏهن پئسو پاڻيءَ وانگر وهڻ لڳي ته چڱن ڀلن جا پير به کسڪي وڃن ٿا. جڏهن نظرياتي سياسي رستا ئي بچيل نه هُجن ته جدوجهد فقط پينافليڪس جي بينر کانسواءِ ٻيو ڇا آهي؟ هاڻ سياست فقط اشتهار، بينر ۽ وال پوسٽر جو دڪان ۾ بڻجي وئي آهي. اقتدار ۾ رهندڙ پارٽين جي ورڪرن جا مزاج آجياڻن، پارٽين ۽ وڏن پينافليڪس جي سيڙپ کان پوءِ ٺيڪن، نوڪرين ۽ جائيدادن جي حاصلات جي ڪاروبار تائين محدود آهن. جڏهن ته اقتدار کان پري رهندڙ پارٽين جا ورڪر، ورسي تقريبن، جلسن ۽ ڌرڻن ڪرائڻ جي آڙ ۾ منظم رٿابنديءَ سان لينڊ مافيا جو حصو بڻجي پيا آهن. جيڪڏهن گهرائيءَ سان غور ڪجي ته اسان بنيادي سياسي فلسفي جي واٽ وڃائي، اُن پاسي وڃي رهيا آهيون. جتي سياسي صبح ٿيڻ جي ڪا به اُميد نظر نٿي اچي. گُذريل ٽن ڏهاڪن کان اسان مذهبي بنياد پرست ونگز کي واچ ڪندا رهياسين. ۽ اهو سوچيندا رهياسين ته ڪنهن به طرح سنڌ کي هڪ لبرل ۽ مڊل ڪلاس سياسي جماعت جي ضرورت آهي، جيڪا ڪنهن به طرح سنڌ جي مجموعي سياسي مُفادن تي ڪا سوديبازي نه ڪري سگهي. سنڌ جي سياسي مُفادن جي ايجنڊا کي اوليت جي بنيادن تي رکي. هن وقت جڏهن سنڌ جي سياسي مُفادن جي جدوجهد جو سوال آهي ته هر پارٽي ۽ تنظيم اهو ڏيکاءُ ته ڏيندي رهي آهي ته سنڌ سان اُنهن جو غير مشروط رشتو آهي. پر ڇا اها حقيقت ناهي ته اسان به اُنهن مذهبي بنياد پرست قوتن وانگر سنڌ جي سياسي نعرن جي آڙ ۾ اهڙي ئي ڪاربان ڪاپي ڪلچر کي اُڀاريو آهي. جيڪو ڪلچر مذهبي جماعتن سان ملندڙ جُلندڙ آهي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته ته مذهبي جماعتن جي پويان، بين الاقوامي سياسي هٿ هُئا. جيڪي اُنهن جي پُٺي ٺپيندا رهيا. ڪشمير، افغانستان، عراق ۽ ٻين مُلڪن جتي جتي به مذهبي جماعتن بين الاقوامي راند ۾ حصو وٺڻ چاهيو، جتي پنهنجي هٿياربند جٿن کي استعمال جي لائق سمجهيائون، اُنهن اُن جو ڀرپور استعمال ڪيو. اُنهن اُهو سڀ ڪجهه مذهب جي مقدس نالي تي ڪيو. روس افغان وار ۾ ڇا ٿيو؟ ڪجهه جماعتن ڊالرن تي ويڙهه ڪئي ڪن روبل تي راند رچائي.
    پر سوال اهو آهي ته سنڌ جون سياسي حالتون هن وقت ڪهڙي پاسي وڃي رهيون آهن؟ ڇا سنڌ جي سياسي پارٽين جي صفن ۾ به ساڳيون روايتون جيئن جو تيئن برقرار ناهن؟ جن جي زبان تي هر وقت سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين جو راڳ هوندو آهي. جيڪي سنڌي ماڻهن سان ٿيندڙ ناانصافين تي سراپا احتجاج ڪنديون رهن ٿيون، پر ڇا اُهي سنڌ کي مُڪمل سياسي تنظيم ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيون آهن؟ ڇا پيپلز پارٽي جنهن جي دامن تي ڪيترا ئي داڳ آهن، اُن جو نعمل بدل نه ئي صحيح پر ڪا اهڙي پارٽي آهي، جيڪا پنهنجي پوري ڪمٽمينٽ سان پنهنجي صفن مان اهڙن سياسي ورڪرن جو صفايو ڪري سگهي. جيڪي فقط پنهنجي ذاتي مفادن خاطر سياسي پليٽ فارم استعمال ڪن ٿا. جيڪي منظم طور تي ڏوهن جي دُنيا کي سياسي پارٽين جي سهاري تي آباد رکندا اچن پيا. ان ڳالهه تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪا به سياسي پارٽي ڪنهن به طور تي ايستائين سنڌ دوست نٿي بڻجي سگهي، جيستائين اُها پنهنجي صفن مان اهڙن مفاد پرست ٽولن کي ڪڍي، مُڪمل طور ڪميٽيڊ ۽ نظرياتي سياسي ورڪرن جو تعداد نٿي وڌائي. جيڪڏهن سنڌ جي سياسي پارٽين جي تنظيمن جي بنيادي سياسي ورڪرن تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته هر پارٽيءَ جو ورڪر خود هڪ سياسي پارٽي نظر ايندو. جيڪو ڪنهن به طرح سياسي ۽ تنظيمي ضابطن ۽ اصولن جو پابند ناهي. اهڙن ڇڙواڳ سياسي ورڪرن جي سهاري تي سنڌ ۾ سياسي جدوجهد جو تصور ائين آهي. ڄڻ انڌن کي آئينو ڏيکارڻ. گُذريل هڪ ڏهاڪي کان سنڌ جون حالتون تيزيءَ سان تبديل ٿيون آهن. جن ۾ وڏو عمل دخل سياسي پارٽين جي ڪمزور سياسي اسٽرڪچر جو آهي. جيئن جيئن مواصلاتي نظام ترقي ڪئي آهي. تيئن تيئن سنڌ جي سياسي تنظيمن کي، اهڙي مواصلاتي نظام مان فائدو وٺندي، پنهنجي سياسي ورڪرن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرجي ها ۽ اُن تربيت جا اولڙا اُنهن جي نظرياتي فڪر، فهم ۽ ادراڪ مان نظر اچڻ گُهرجن ها. پر افسوس جو سموريون سياسي پارٽيون ڏوهارين جي نرسري بڻجڻ کان پاڻ کي بچائي ناهن سگهيون. اهڙين حالتن ۾ ويجهي مستقبل ۾ سنڌ ۾ ڪنهن وڏي سياسي ڀونچال اچڻ جي اُميد ناهي رهي. جيڪڏهن سنڌ جي 80ع واري ڏهاڪي تي نظر وجهبي ته اهو ورڪر هن وقت صحافت، اين جي اوز ۽ ٻين ڪاروباري ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. جيڪا نئين نرسري پئدا ٿيڻ گهرجي ها سنڌ ۾ اُن جو وڏو ويڪيوم آهي. اڄ ان سچائيءَ کان نفي نٿي ڪري سگهجي ته سنڌ جي سياست گليمر جي دنيا ۾ اچي گُم ٿي وئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جون سياسي تنظيمون پنهنجي نظرياتي، سياسي ورڪر جي صحيح معنى ۾ نشاندهي ڪري وٺن ته سنڌ موجودهه سياسي بحران مان نڪري سگهي ٿي. شرط اهو آهي ته سياست ۽ ڏوهه جي وچ ۾ فرق رکي سگهڻ سان ڪيترا ئي معاملا سُلجهائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي سياسي پارٽين اهو سمجهي ورتو ته سنڌ جي نعري هيٺ ڏوهارين، لينڊ مافيا جي ماڻهن کي سندن پارٽين جي صفن ۾ رهڻ جي گُنجائش ناهي ته منهنجي خيال ۾ تعداد ته گهٽجي ويندو پر اهڙي اقليت سامهون ايندي جيڪا غير نظرياتي ۽ غيرسياسي اڪثريت کان بهتر هوندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ دوستي ۽ سنڌ جي خوشحاليءَ جو خواب ڏسندڙ پارٽيون ڪنهن ڏوهاري ۽ بدمعاش جي آخري آرامگاهه نه هُجڻ گهرجن. سياست جو لينڊ مافيا سان اتحاد ايترو پراڻو ناهي جو اُن کان ڌار ٿيڻ سان سياسي پارٽيون ڪمزور ٿي وڃن. پر شرط اهو آهي ته سنڌ جي مجموعي مفادن خاطر اهڙي اتحاد سان انفرادي طرح ته فائدو ملي سگهي ٿو پر سنڌ خاطر ڄمي جدوجهد ڪرڻ ممڪن بڻجي نه سگهندي.
    ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين سنڌ جي تصوير ڪجهه اهڙي ئي نظر اچي ٿي. پوءِ اهو ڀُنگ خاطر اغوا جو معاملو هُجي، يا رستي ۾ سرِ عام ڦرون ٿينديون هُجن يا قبائلي تڪرارن جا معاملا هُجن يا سنڌ جي شهرن ۾ ٽارگيٽيڊ ڪلنگز هُجن، سڀني جا پيرا سياسي پارٽين جي پاسي ئي اچي کُٽن ٿا. اهڙي حالت ۾ سنڌ جي بنيادي سياسي معاملن تي جدوجهد ڪري ڪي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. اهو ممڪن ناهي. سنڌ کي هاڻ سببن تي بحث نه پر جدوجهد ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته بهانن جو پتو پئجي چڦڪو آهي. ڪيترن ڏهاڪن کان سنڌ سببن ۽ نتيجن تي جدوجهد بجاءِ رُڳو بحث ڪندي رهي آهي. هر پارٽي جيڪڏهن سال جي ٻارنهن مهينن ۾ سنڌ اندر مختلف مسئلن تي انفرادي جدوجهد ڪرڻ لاءِ سنجيدهه ڪوششون وٺي، تڏهن به تاريخي نتيجن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب بڻجي سگهي ٿي. اتحادن جي صورت ۾ هلڻ جا تجربا به ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن اتحادن ۾ هلڻ سمورين پارٽين لاءِ ڏُکيو آهي ته انفرادي جدوجهد ڪرڻ لاءِ به پنهنجي پنهنجي حصي جي ڪم جو تعين ڪري سگهن ٿيو ۽ اثرائتي جدوجهد هلائي سگهن ٿيون.
    پر شرط اهو آهي ته سياسي پارٽين جي اندر انفرادي معاشي مفادن خاطر لڪيل ڏوهاري ماڻهن کي پنهنجي صفن مان سائيڊ تي ڪرڻو پوندو. سياست ۽ ڏوهه ڪنهن به طور گڏ نٿا هلي سگهن. ڏوهاري ماڻهن جا مفاد قطعي به سنڌ جي اجتماعي مفادن سان سلهاڙيل ناهن هوندا. اها آفاقي حقيقت آهي ته ڏوهاري قطعي به پنهنجي فطرت ۾ سياست سان اتحاد ڪري، وطن جي مفادن لاءِ پنمهنجي زندگي وقف ناهي ڪندو پر سياست کي به پنهنجي مقصدن لاءِ ئي استعمال ڪندو آهي. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ماضيءَ ۾ ڪجهه قومپرست ڌُرين جا دوست، جن ڌاڙيلن کي قومپرست بڻائڻ جي هام هڻي اُنهن کي موبلائيز ڪرڻ لاءِ نڪتا هُئا. سي ڏسندي ڏسندي اُنهن جو ئي حصو بڻجي نه وڃن ها.


    سياسي زوال، سماج جي بگاڙ جو ڪارڻ بڻجي ٿو...

    مون پنهنجي گُذريل مضمون ۾ سياست اندر ڪرائيم جو ڪاهي پوڻ تي تفصيلي بحث ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته سياست ڏوهن جي مضبوط پناهگاهن ۾ تبديل ٿي چُڪي آهي. هاڻ ته حالتون اهڙو رُخ اختيار ڪري چُڪيون آهن جو ڪي ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر به پنهنجي آدرشي دوستن اڳيان پنهنجي بيوسيءَ جو اظهار ڪندي اهڙو اعتراف ڪندي نظر اچن ٿا ته ”کين خبر ئي نٿي پوي ته سياست جو سرحدون ڪٿان کان شروع ٿين ٿيون ۽ ڏوهن جي دنيا جا دروازا ڪٿي بند ٿين ٿا؟؟؟“ اڪثر پارٽي ورڪر ٿاڻن جي حد بندين وارا بورڊ سفيد رنگن جي ذريعي مِٽائي پنهنجي سياسي اڳواڻن جي شان ۾ لکيل سلوگن يا پنهنجي قائد جا قول لکي ٿاڻن جون حد بنديون ئي مِٽائي ڇڏين ٿا. اُتي ڏوهن جي هنجهه ۾ هلي ويل سياست هن سماج کي تبديليءَ طرف وٺي وڃي اُن ڳالهه جا پري تائين به امڪان نظر نٿا اچن.
    هن مُلڪ جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي سياست کي ڏوهن جي دنيا ۾ ڌِڪي ڇڏڻ وارين سازشن جي شروعات ٿي وئي هُئي ۽ پوءِ آهستي آهستي ڏوهه ۽ سياست گڏ گڏ هلڻ لڳا. هن مُلڪ جي سموري سياسي خمير ۾ هاڻ ڏوهه مڪمل مافيا بڻجي ڪاهي پيو آهي. واعده خلافي جنهن مُلڪ ۾ سياسي ڊپلوميسي جو حصو بڻجي وڃي اتي عوامي راءِ جي احترام ڪرڻ وارا راڳ هاڻ خواب بڻجندا پيا وڃن. چون ٿا ته جڏهن آمريڪا ۾ شهري آزادين جو اعلان ٿيو هو ته هڪ ماڻهو پنهنجي آڱرين سان لٺ ڦيرائيندي ”جمهوريت جو راڳ“ الاپيندو وڃي رهيو هو ته ٻئي واٽهڙو جي نڪ سان اُن جي لٺ ٽڪرائجي وئي ۽ هن جوابي ڪارروائي ڪندي اُن جي چهري تي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ هو هيٺ ڪِري پيو. هُن اُتان ئي رڙ ڪندي چيو ته ” اڙي جاهل انسان! توکي خبر ناهي ته هاڻ آمريڪا آزاد ٿي چُڪو آهي ۽ هڪ آزاد آمريڪي حيثيت سان مونکي پورو پورو حق پهچي ٿو ته مان سرِعام پنهنجي لٺ سان کيڏندي پنهنجي مرضيءَ جو گيت ڳايان...“ اُن جي جواب ۾ ٿڦڙ هڻندڙ همراهه کيس چيو ته ”تون پنهنجي لٺ سان ڀلي کيڏندو رهه... پر تنهنجي لٺ جي حد منهنجي نڪ کان پري هجڻ گهرجي. ڇو ته جتان منهنجو نڪ شروع ٿئي ٿو اُتان کان منهنجي آزاديءَ جي حد شروع ٿئي ٿي.“ اسان جو وڏو الميو اهو رهيو آهي ته سياست جي لٺ هميشه قانون جي نڪ سان ٽڪرائجندي رهي آهي. نتيجي ۾ سُٺا پوليس آفيسر به ڪرپٽ ڪلچر جو حصو ٿي وڃن ٿا.
    جيتوڻيڪ دنيا جي سياست ۾ وقت سان گڏوگڏ سُٺين روايتن کي اوليت ڏني ويندي آهي. پر اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اُتي سياست ۾ منفي ماحول جا رستا ايترا ڪشادا ڪيا وڃن ٿا، جو جيڪڏهن ڪو محقق مُلڪي سياست جي زوال تي تحقيق ڪرڻ جي ابتدا جو عزم ڪري ته ان جي تحقيق واري تحرير انهن لفظن کانسواءِ مڪمل ٿي نه سگهندي ته ”سڀ سياسي پارٽيون ناجائز آمدنيءَ جي آڌار تي پنهنجي ذاتي سيڙپڪاريءَ کي مُلڪي ۽ غير مُلڪي سطع تي ان حد تائين هٿي ڏئي رهيون آهن. جو اُتي گناهن جي وهندڙ گنگا جي ميري پاڻيءَ سان اُجرا ۽ شفاف تعارف وارا فرد به ڦاٿل آهن. جن جا دامن به سلامت رهي ناهن سگهيا. ڪنهن آمريڪي ليکڪ لکيو هو ته ”گن کان وڌيڪ ۽ خطرناڪ حملو گولڊ سان ٿيندو آهي.“ اڄ اهڙيون پاليسيون پاڪستان جي سياسي ڪلچر جو حصو بڻجي رهيون آهن، جنهن سان گوليون ضايع ڪرڻ بجاءِ سرمايي ۽ لالچن سان لابنگ ٿئي ٿي ۽ سرمايي سان فتح ڪيل سياسي اڳواڻ عوام سان ڪيل واعدا وساري ويهن ٿا.
    هن وقت سڀ کان سستي منڊي سياست جي آهي، جتي چند اصولن واريون روايتون به رهي ناهن سگهيون. جنهن سبب سياسي ادارن جي تباهي ۽ تنزل جا رستا هن سموري معاشري کي ڪنهن اهڙي اوڙاهه پاسي ڌڪي رهيا آهن جتي هن سماج جي اوسر جا امڪان ئي نظر نٿا اچن. اقتدار جا خواب عوامي ڀلائي، سماجي ترقي، قومي خودمختياري يا سُٺي حڪمرانيءَ بجاءِ، پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي حاصلات لاءِ ڏٺا وڃن ٿا. مسلسل ادارن جي تباهي ۽ تنزل ڏسندي، عوام هاڻ هنن حڪمرانن مان نئين سماج جي اڏاوت واريون اميدون وابسته رکڻ ڇڏي ڏنيون آهن. جتي سياست مفاهمت جي مُڏين ڪاتين سان ڌرتيءَ کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ لاءِ اهڙا آرڊيننس آڻيندي هجي، جنهن سان ڌرتي ڌڻي قومي غلاميءَ وارن احساسن جي ور چڙهي وڃن. جتي نئين آئين سازيءَ جي ذريعي سنڌ کپائڻ جا سودا ٿيندا هُجن ڇا اهڙي حڪمرانيءَ مان اها توقع رکي سگهجي ٿي ته پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي نشي ۾ ڌُتُ، هي حڪمران عوام کي بهتر مستقبل ڏئي سگهن ٿا؟
    هن وقت سڄي سنڌ جو ساهه سُڪل آهي، احتجاجن ۽ ميڙاڪن جو اڻکٽ سلسلو آهي، ميڊيا جي اک هر لمحي کي پنهنجي ڪئمرائن ۾ محفوظ ڪري رهي آهي. اديبن صدارتي ايوارڊ وٺڻ ڇڏي ڏنا آهن، سڄي سنڌ پيپلز پارٽيءَ کي هر ضلعي ۽ تعلقي تي ٽف ٽائيم ڏئي رهي آهي. جن ماڻهن جي ووٽن سان پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا 5 سال پورا ڪرڻ وارا آهن. انهن جي ووٽن جي توهين ڪري اهڙو آرڊيننس آڻي ڇڏيو آهي. جنهن سان فقط شهري جماعت کان سواءِ ڪا به پارٽي خوش ناهي. اقتدار خاطر سنڌ کي آرڊيننس جي باهه ۾ اڇلائڻ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جون سُرخ اکيون نظر نٿيون اچن؟ سنڌ اڃان ته اُن مهل جي منتظر آهي. جڏهن پيپلز پارٽيءَ جا نمائندا پنهنجي تڪن ۾ ويندا ۽ ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ ورڪ ڪندا. هاڻي واري صورتحال ته اهڙي آهي جو پيپلز پارٽيءَ کي مستقبل قريب ۾ اهڙي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پوندو. جيڪا مزاحمت هنن پُرامن ۽ اٻوجهه ماڻهن ضياءَ خلاف ڪئي هُئي. سنڌ اهو سمجهي ٿي ته پيپلز پارٽي فقط پنهنجي اقتدار خاطر اهڙي آرڊيننس کي آندو آهي. جنهن سان سنڌي ماڻهن جي شهرن ۾ داخلا بند ٿي سگهندي. جڏهن سنڌي ماڻهن لاءِ اهڙا بِل ۽ قانون ٺاهي انهن جي رستا روڪ ڪئي ويندي ته ڇا اُهي پيپلزپارٽيءَ کان اهو به پُڇڻ جو حق نٿا رکن ته هنن پنهنجي ڌرتيءَ تي لاوارث ٿي رهڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ کي ووٽ نه ڏنا هئا نه ئي ان لاءِ ووٽ ڏنا هئا ته کين ڪفن ڪارڊ جهڙين ننڍڙين لالچن ۾ ريجهائي سنڌ وطن لاءِ اُهڙي آرڊيننس کي آڻين جنهن سان سموري سنڌ احساسِ محروميءَ جي باهه ۾ سڙندي رهي.
    هي سنڌ جيڪا تصوف جي اُجري اجرڪ وانگر آهي. تنهن ڳڙهي خدابخش سان پنهنجي جذباتي وابستگي جوڙڻ ۾ ڪنهن ڪيلڪيوليٽر جو سهارو ناهي ورتو نه ئي ووٽ جي بدلي ۾ هنن حڪمرانن سان وڏيون اميدون وابسته ڪيون آهن. هنن ماڻهن ڀُٽي کي سنڌي سمجهي ووٽ ڏنو. بينظير کي سنڌ جي مظلوم نياڻي سمجهي اقتدار تائين پهچايو ۽ کيس خراجِ تحسين لاءِ ”شهيد راڻيءَ“ جو لقب ڏئي ڇڏيو ۽ ان شهيد راڻيءَ جي ڏک ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو. پر جڏهن سنڌ وطن جي وحدت جو سوال اُٿيو آهي ته اهو سمجهڻ گُهرجي ته سنڌ جي ماڻهن ماڻهن لاءِ وطن کان مٿي ڪا به شخصيت ناهي. سنڌ کان مٿي نه ڀُٽو آهي نه ئي شهيد راڻي آهي جنهن جي نالي کي پيپلزپارٽيءَ وارا ڪارڊ طور استعمال ڪندا رهن ٿا ۽ سنڌي ماڻهن کي جذباتي نعريبازين ۾ اُلجهائي اقتدار حاصل ڪري پوءِ کين ڏينهن جا تارا ڏيکاريندا رهن ٿا.
    وطن جي عظمت جون انڪاري قوتون هميشه پاور ۽ پئسي خاطر سياسي اصولن ۽ ضابطن کي لتاڙي وينديون آهن. جيڪي شعوري طور ناهن چاهينديون ته انهن جي پاور ۽ پئسي ۾ گهٽتائي اچي. پاور ۽ پئسي خاطر وطن کي وڪڻڻ انهن لاءِ معمولي ڳالهه هوندي آهي. تنهن ڪري سنڌ تي سياسي حملو، سنڌ جي وحدت مٿان وار سمجهيو وڃي ٿو اها ڳالهه ڀلي پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن لاءِ معمولي هجي پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ پنهنجي موت جي وارنٽن مٿان صحيح ڪرڻ جي برابر آهي. سنڌي ماڻهن جو اهڙو ردِعمل اُنهن قوتن ڏانهن اهو پيغام به آهي ته: جيتوڻيڪ سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي نعم البدل سياسي پارٽي ناهي پر عوامي سطع تي پيپلز پارٽي پنهنجي هن اقتدار واري عرصي ۾ سياسي طور تمام گهڻي ڪمزور ٿي آهي. جنهن سبب ايندڙ چونڊن ۾ پنهجي اتحادي پارٽين سان چونڊ اتحاد ڪرڻ کانسواءِ کٽي اچي سگهڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي. پر اهم ڳالهه اها آهي ته اهڙا اتحاد ڪهڙن شرطن تي ڪيا ويندا؟ ڪٿي ائين ته ناهي جو سياسي اتحادن، مفاهمتن ۽ ڳُجهن ٺاهن ذريعي اهڙا عمل ڪيا وڃن. جنهن سان سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جو اختيار چند ادارن تائين محدود ٿي وڃي.هن وقت به رستن تي نڪتل سنڌ اهو سوچي رهي آهي ته پيپلز پارٽي پنهنجي سموري اقتدار واري عرصي ۾ سنڌ کي سواءِ محرومين ۽ مايوسين جي ڪجهه ۾ ناهي ڏنو.
    هن وقت غور سان ڏٺو وڃي ته پيپلز پارٽيءَ جي سياسي ساک ڪمزور ٿي آهي. سياسي دانشورن کان وٺي ٽي وي اينڪرن تائين مڪمل مايوسي ظاهر ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جو عوام شهيد بينظير ڀُٽو جي واپسيءَ کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ واري طويل عرصي ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي واري ڏٽي جي بجاءِ مسلسل ڪوڙي آسري جي انتظار کان پوءِ اهو سمجهي ورتو آهي ته جنهن جو کين اوسيئڙو هو اها صبح اڃان گهڻو پري آهي. ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽيءَ کي بحيثيت پارٽيءَ جي ووٽ ملڻ جا امڪان گهٽ آهن. پر پنهنجي پُراڻين پاليسين وانگر هاڻ آصف زرداري اُهي سياسي پَتا کيڏندو جن سياسي پتن جي سهاري ماضيءَ ۾ وننگ اميدوارن جي لسٽ ٺاهي ٽڪيٽون ورهايون ويون هُيون. جنهن لاءِ سڄي سنڌ ۾ سياسي سيٽ اپ جوڙيو پيو وڃي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ٻٽي نظام ۽ پيپلز لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس سبب پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ ٽف ٽائيم ڏيندي. جيڪا ڳالهه پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار به چڱيءَ ريت سمجهن ٿا. اهو آرڊيننس جيڪو ڪالهه تائين ڪنهن جي نظر مان نه گُذريو هو. سو هاڻ سڄي سنڌ پڙهي ۽ سمجهي ورتو آهي. سنڌ جا ماڻهو پيپلزپارٽيءَ مان اقتدار جي عياشين خاطر مفاهمتن کان به وڌيڪ بُراين جي اُميد رکن ٿا. پارٽيءَ جي سڄي عرصي ۾ جيڪي وڏيون قدرتي آفتون آيون، عوام اها توقع رکي ته مسقل بنيادن تي سندن سرڪاري سطع تي سهائتا ٿيندي، پر جڏهن کين نصيب ۾ وطن ڪارڊ جهڙو ڪفن ڪارڊ مليو. جنهن سان جيتري عوام جي سهائتا ٿي اها به سامهون آهي. جنهن نه رڳو محنت ڪش پورهيتن ۽ مزدورن ۾ پنڻ جي عادت پئدا ڪئي پر قدرتي آفتن کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ جي ورڪرن جي اڪثريت هر شعبي ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ قائم ڪيا. ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ معاشي طور بدحال عوام کي رليف مِلڻ بجاءِ، هر سطع تي پيپلزپارٽيءَ جي قيادت انفرادي مُفادن خاطر اجتماعي طرح عوام جي قتل جا جيڪي مثال قائم ڪيا آهن، اُن جا ماضيءَ ۾ ڪي مثال نٿا ملن. جڏهن سياسي اصول ۽ ضابطا ئي عوام مخالف عمل جو حصو ٿي وڃن ته پوءِ ملڪي معشيت جي ترقيءَ جا خواب ساڀيا ڪيئن ٿيندا؟ ظاهر آهي اهڙي صورتحال ۾ سياست ۽ ڏوهه جو تعلق وڌيڪ گهرو ٿي ويندو آهي ۽ عوام جي قسمت ۾ تنزل ۽ تباهي ئي لکيل هوندي آهي.
    نجات ديده و دل کي گهڙي نهين آئي
    چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي
    (فيض)


    سياسي سونامي، ٻوڏ ۽ سنڌ جي ورهاست جا مُطالبا.

    اُها سونامي جنهن انقلاب ۽ آزاديءَ وارا مقصد کڻي اسلام آباد ۾ پنهنجا خيما کوڙيا هُئا، سا ته اڃان به مقناطيسي مدد جي مُنتظر آهي. جنهن جو اظهار جاويد هاشمي بار بار پنهنجي پريس بيانن ۾ ڪندو رهيو آهي ۽ ميڊيا اڳيان ورجائيندو رهي ٿو. جنهن مان اهو آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته عمران خان سياست جي اهڙي سوڙهي گِهٽيءَ ۾ ڦاسي پيو آهي جتان کيس واپسيءَ جا رستا آسانيءَ سان نٿا مِلن. شايد کيس طاقتور ڌُر اهڙي خاطري به ڪرائي هُجي، جنهن سبب هُن اسلام آباد ۾ اچڻ وقت ئي پُراعتماد لهجي ۾ پنهنجي ورڪرن کي مُطالبن جي منظوريءَ تائين واپسيءَ جا سِڙهه ساڙي اچڻ جي اپيل به ڪئي هُئي. اهڙو ساڳيو انداز علامه قادريءَ جو به رهيو آهي. جنهن سبب حُڪومتي ڳالهيون بار بار ٿيڻ ۽ ناڪاميءَ جي ور چڙهي وڃڻ جهڙيون حالتون پئدا ٿينديون رهيون آهن. نتيجي ۾ سياسي ڪشيدگي وڌي وڃڻ کان پوءِ به ٻيهر ڳالهين لاءِ ميزن مٿان گُل سجائي رکيا وڃن ٿا. ڳالهين جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ اُن جو اندازو هوندي به ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. اهڙيءَ ريت مهيني کان مٿي گُذري ويل عرصي ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جا ڌرڻا هاڻ اسلام آباد جي ماڻهن جو اهم موضوع ناهن رهيا. ليڪن جمهوريت جي جهرڪي باز جي جهڙپ سان جهٽجي وڃڻ وارو خدشو اڃان به موجود آهي. پر پنجاب پوليس مٿان ڪپتان جي اُها ڪاوڙ به سندس طويل ڌرڻي جي ٿڪاوٽ جو ردِعمل نظر آيو. تڏهن پنجابي فلمن جا ڊائلاگ ” میں تینوں اتھے مارساں، جتھے پانی دا چک وی نا ہوسی۔.“ ياد اچڻ لڳا. اُها سياسي سونامي جنهن جا ٻه مُنتظر ڪردار اسلام آباد کي خيما بستيءَ ۾ تبديل ڪري ويٺل آهن، سا سونامي اچي ٿي يا نه؟ ليڪن پنجاب جي ماڻهن مٿان سيلاب واري سونامي قهر ٿي ڪڙڪي آهي. جنهن مُلڪ جي وڏي صوبي پنجاب جي وايو منڊل کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. لکين ايڪڙ زرعي زمين، ڳُتيل آباديءَ وارا شهر ۽ ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ اچي تباهه ٿي ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن پنجاب حُڪومت گُذريل ٻن مهينن کان مٿي واري عرصي ۾ لڳاتار مها مُصيبتن جي زِد ۾ رهي هُجي. جتي ماڊل ٽائون واري سانحي شريف ڀائرن جي اکين جي ننڊ اُڏائي ڇڏي هُجي، اُتي لڳاتار ڌرڻن واري صورتحال کي مُنهن ڏيڻ سميت اوچتو آيل مها ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ڪا معمولي ڳالهه ناهي. ڇاڪاڻ ته جتي سموري نواز ليگ قيادت پنهنجي جُهريل سياسي جُهوپڙيءَ کي ڪنهن غوراب ۾ گُم ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ خود پريشان هُجي اُتي ماڻهن جي واهر ڪرڻ ۽ تمام وڏي ٻوڏ کي مُنهن ڏيڻ ۽ تمام وڏين آبادين وارن شهرن ۽ ڳوٺن جي آباديءَ کي محفوظ هنڌن پاسي مُنتقل ڪرڻ وارو ڪم جنهن تيزيءَ سان سرانجام ڏنو ويو آهي. اُن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته پنجاب حُڪومت سمورن شُعبن کي مصيبت واري حالت ۾ مُتحرڪ رکڻ وارو ڪردار چڱيءَ ريت نڀايو آهي. ڇاڪاڻ ته 2010ع واري مها ٻوڏ ۾ سنڌ مٿان جيڪا ڪاري قيامت گُذري هُئي. تنهن جو تصور ئي ڊيڄاري ڇڏي ٿو. جهڙيءَ ريت سنڌ حُڪومت جي اعلى عملدارن پاڻيءَ جي نڪ ۾ ناڪيلي هڻي، اڌ سنڌ جي ڀيل ڪري پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پُهچايو هو.؟! اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حُڪومت جي ٽيڪنيڪل ماهرن مٿان سنڌ رُڳو ماتم ئي ڪري سگهي هُئي. جيڪا سنڌ پنهنجي سموري اقتصادي سگهه وڃائي ويهڻ کان پوءِ به اڄ ڏينهن تائين دربدري، خيما ۽ مُحتاجيءَ واري زندگيءَ مان نڪري ناهي سگهي. جنهن کي وطن ڪارڊ جهڙا عارضي آسرا به سهارا ڏئي سِڌو ڪري نه سگهيا آهن. هن وقت جيڪو پاڻي پنجاب جي سِر کان مٿان ٿي گُذريو آهي. سو جڏهن پنجند کان پنڌ ڪندو، سنڌ ۾ داخل ٿيندو. تڏهن پاڻيءَ جا گيج ڪهڙو انگ ٻُڌائيندا؟ سا ته خبر ناهي پر سنڌ ٻُڏل پنجاب کي ڏسي پاڻ سان ٿيل ويڌن کي ياد ڪندي ڏُکوئجي پوي ٿي. کين خدشو آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو 2010ع واري ٻوڏ وانگر کين پاڻيءَ جا غلط انگ اکر ٻُڌائي ٻوڙيو نه وڃي. پنجاب اندر 24 لکن کان وڌيڪ مُتاثر ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ پنجاب حُڪومت پنهنجي عوام جي بحاليءَ خاطر ڪهڙا اُپاءَ وٺي ٿي؟ اُها ته خبر پئجي ويندي. ليڪن پنجاب ۽ سنڌ جي دريائي وهڪرن، زميني سطع ۽ ٻوڏ جي صورتحال بلڪل مُختلف رهي آهي. جنهن جو پاڻيءَ جي ماهرن کي به پتو آهي ته جڏهن راوي، چناب يا ستلج جي سطح وڌي ٻوڏ جي صورتحال اختيار ڪري وٺندا آهن. تڏهن انساني آبادين کي ٻوڙيندڙ پاڻي ندين جي سطع گهٽجڻ سان ئي وري واپس اُنهن ندين ۾ ئي هليو ويندو آهي يا اُن کي رستو ڏئي ڇوڙ ڪرايو ويندو آهي. جڏهن ته سنڌ جي زميني بيهڪ يا سطع ڪجهه ائين آهي ته بئراجن کي بچائڻ خاطر جڏهن بندن کي ڪٽ ڏئي انساني آباديون ٻوڙايون وينديون آهن. تڏهن درياءَ مان نڪتل پاڻي وري واپس درياءَ ۾ داخل ٿي ناهي سگهندو. 2010 واري ٻوڏ اُن جو وڏو مثال آهي. جيڪو ٽوڙي کان ٽُٽڻ کان پوءِ مهينن تائين اڌ سنڌ جي ڀيل ڪرڻ کان پوءِ سوين ڪلوميٽرپري اچي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو هو. جڏهن ته اُن وقت تائين به درياءَ جي سطع منڇر جي پاڻيءَ جي سطع کان مٿي هُئي ۽ منڇر ۾ پاڻي داخل ڪري ايستائين انتظار ڪيو ويو. جيستائين درياءَ جي پاڻيءَ جي سطع گهٽجي نه وڃي. پر منڇر جي بندن مٿان پاڻيءَ جي وڌندڙ دٻاءَ سبب آخرڪار منڇر جي پاڻيءَ کي درياءَ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ منڇر کي ڪٽ ڏنو ويو هو. اُن وقت به منڇر ۽ درياءَ جي سطع ۾ ڪو خاص فرق نه هو. پر پاڻيءَ کي درياءَ ڏانهن رستو ڏيڻ لاءِ منڇر جي بندن تان دٻاءَ کي گهٽايو ويو هو. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي ٻوڏن جي صورتحال ساڳئي تناظر ۾ طئي نٿي ڪري سگهجي. سنڌ جيڪا ٻن مها ٻوڏن 2010ع ۽ 2011ع کي مُنهن ڏئي، جيڪو ڀوڳيو آهي. اُن جو تصور ئي جسم کي ڪنبائي ڇڏڻ لاءِ ڪافي آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ ٻن وڏين ٻوڏن، درياءَ واري ٻوڏ ۽ تباهه ڪُن بارشن سبب آيل ٻوڏن دوران به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حُڪومت رهي هُئي. هن وقت به سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حُڪومت آهي. گُذريل ٻن ٻوڏن ۾ ٻوڏن جي سياست سبب سنڌ تباهي ڏٺي هُئي. هن وقت جيتوڻيڪ پاڻي پنجاب جي اندر ئي بندن کي هٿرادو کنڊ هڻي کُٽايو ويو آهي. جنهن لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته پاڻيءَ جو وهڪرو توقع کان گهٽ سنڌ مان گُذرندو. ليڪن سنڌ حُڪومت پاران ورتل حفاظتي اُپائن کي ڏسندي افسوس ٿي رهيو آهي. دريائن جي بندن تي مرمتي ڪمن مان ڪامورن جي ڪيل موجن جا داستان ميڊيا جو موضوع بڻيل رهيا آهن. جنهن سبب بندن جي صورتحال تي سنڌ جي وڏي وزير خود ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. جيڪڏهن بندن جي اهڙي صورتحال ۾ مٿي بارشن جو سلسلو وڌي وڃي ها ۽ سنڌ ۾ 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي پهچي ها ته شايد پوري سنڌ پاڻيءَ ۾ ترندي نظر اچي ها. پر جيئن ته ڪوهِ سليمانيءَ تي بارشن جو مُتوقع سلسلو ختم ٿي چُڪو آهي. پنجند کان سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندڙ وهڪرن جي صورتحال خطري کان خالي نظر اچي رهي آهي. پر هن مُتوقع ٻوڏ سنڌ حُڪومت جي ناقص ڪارڪردگيءَ کي وائکو ڪري وڌو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته ڪچي مان لڏايل ماڻهن کي عارضي طور خيما بستين ۾ رهائڻ جيتري به صلاحيت هن حُڪومت وٽ ناهي. جنهن ڪچي مان ڪڍيل ماڻهن کي رهائڻ لاءِ اُنهن اسڪولن جون عمارتون خالي ڪرايون آهن. جن اسڪولن جي تعليم اڳي ئي سنڌ جي ماڻهن لاءِ معيار جي حوالي سان انتهائي ڪمزور حالت ۾ رهي آهي. سنڌ سرڪار جي اهڙي انتظامي ڍانچي ۽ ساک مٿان ڪنهن جو ڀُريل ڀروسو به ناهي رهيو. جيڪو جلدي بحال ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هن حُڪومت 2010ع واري ٻوڏ کان پوءِ ڪچي جي اندر زمينداري بندن کي هٽائڻ ۽ بندن جي مرمت ڪرائڻ سميت جيڪي به واعدا ڪيا هُئا، سي هن وقت بندن جي حالت ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته اُهي واعدا ڪيتري سنجيدگيءَ سان پُورا ڪيا ويا آهن. حيران ڪندڙ ڳالهه ان کان ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي ته ڪچي جي پيٽ وارين زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪئنالن مان پڪا واٽر ڪورس نڪتل آهن. جيڪي ڪچي جي زمينن کي آباد ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ پاڻيءَ جي دٻاءَ کي پنجاب ۾ هٿرادو کنڊ هڻي، پکيڙيو ويو آهي. جنهن سبب سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ پاڻي، ڪچي جي علائقن تائين محدود رهڻ جا امڪان آهن. ليڪن سنڌ حُڪومت کي اهو ضرور ويچارڻ گُهرجي ته بندن جي مرمت لاءِ مخصوص ٿيل بجيٽ مٿان هٿ صاف ڪندڙ ڪامورن کي ڪنهن قانوني ڪٽهڙي ۾ آڻي، جيڪي بندن جي ڪمزور حالتن کي ڏسي به مرمت لاءِ منظور ٿيندڙ رقمن کي ڦٻائيندا رهن ٿا.. اسان وري به اهڙي کِل جهڙي خُواهش انڪري به ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ماڻهن پيپلز پارٽيءَ کي لڳاتار ٻه ڀيرا ووٽ ڏئي سنڌ ۾ اقتدار جو حق ڏنو آهي. جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن کي موٽ ۾ مُشڪل حالتن ۾ ڪو سهارو مِلي نه سگهيو ۽ ماضيءَ جي غلطين سبب اُنهن کي دُرست ڪرڻ بجاءِ کين ٻيهر مُصيبتن جي رِڻ ۾ اُڇلايو ويو ته اها انتهائي سنگين صورتحال هوندي. جيتوڻيڪ ٻنهي ٻوڏن ۾ سنڌ حُڪومت اڳيان ڪنهن به سياسي سوناميءَ جهڙا چئلينجز سامهون نه هُئا. بلڪه بين الاقوامي امداد جا دروازا پڻ کُليل رهيا هُئا. اهڙي حالت ۾ به پنهنجي انتظامي نا اهلين سبب ماڻهن جي بُنيادي بحاليءَ جهڙا ڪم اڄ تائين ڪاغذن ۾ ڏيکاريل آهن ۽ بندن جي نازڪ صورتحال ماڻهن جي گهرن مٿان مصيبت جي تلوار وانگر لٽڪيل رهي ٿي اهڙي حالت ۾ سنڌ اندر حُڪمراني ڪندڙ پارٽيءَ مٿان ضرور تنقيدن جا تير اُڇلايا ويندا. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر ٻوڏ نه پر انتظامي لاپرواهين سبب تباهيون آيون آهن.
    جيڪڏهن اسان گهڻو پري وڃڻ جي بجاءِ رُڳو ماضي قريب ۾ ٻن وڏين (2010ع يا 2011ع) ٻوڏن جو ئي جائزو وٺنداسين ته اُن جا سبب انتظامي لاپرواهيءَ طور ئي سامهون ايندا. هن وقت جڏهن سنڌ ڏانهن پاڻي پنجند کان سفر شروع ڪندو. تڏهن سنڌ دادلي درياهه کي رحم ڪرڻ جي التجا ڪندي. اُهو درياءُ جيڪو ڪيترن سالن جي رُسڻ کان پوءِ ٻيهر پرچي پوي ٿو. پر درياءَ ته ڌرتيءَ جون رڳون ٿيندا آهن. اُهي تباهيءَ جو باعث ڪيئن بڻجي سگهندا؟ اُهي ته ڌرتيءَ کي ئي نه پر انسانن سميت سمورن ساهه وارن جي ساهن کي به سيراب ڪندا آهن، سي سيلابي صورتحال ۾ تڏهن تبديل ٿي ويندا آهن. جڏهن اسان اُن جي حصي کي پنهنجي جاگيرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهيون. تڏهن اُهي ناراض ٿيندا آهن. جڏهن به دريائن کي ناراض ڪيو ويندو آهي. تڏهن اُهي اهڙي آفت بڻجي ايندا آهن. جنهن تي ڪنهن جو وس هلي ناهي سگهندو. گُذريل ٻوڏن جا ستايل ماڻهو، حُڪومتي اعلانن تي اعتبار ڪرڻ بجاءِ پنجاب جون اُهي تصويرون ڏسي خوفزدهه آهن ته جيڪڏهن پنجاب جي اهڙي صورتحال آهي جتي، سمورا وسيلا ماڻهن جي واهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. جيڪڏهن ساڳي صورتحال سنڌ ۾ پئدا ٿي ته سنڌ شايد پنجاب کان به وڌيڪ بدتر حالتن ۾ تبديل ٿي وڃي. سنڌ جي ڳڻتي نه رُڳو جائز آهي. پر هن وقت تائين جا تجربا اهو ثابت ڪري چُڪا آهن ته مصيبت وقت حُڪومت جي سکڻن اعلانن کان سواءِ سنڌ کي ڪجهه به مِلي ناهي سگهندو. هڪ پاسي ٻوڏن جي تباهيءَ جا منظر آهن ته ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ سياسي سونامي اچڻ جا انتظار ٿيندا رهيا ته اوچتو ئي سنڌ جي فضائن ۾ شيطاني سازشن جي اُن بيان سان بُوءِ پکڙجڻ لڳي، جنهن ۾ مُتحدهه جي اڳواڻ الطاف حُسين سنڌ جي وڏ وزارت، اُردو ڳالهائيندڙن کي نه ڏيڻ تان سنڌ کي انتظامي طور ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڌمڪي ڏني. مُتحدهه جي اڳواڻ جا اهڙا بيان ڪا نئين ڳالهه ناهن. پر هُو لڳاتار اهڙا بيان ڏئي، سنڌ جي تپندڙ سياسي مزاج جي ردِعمل کان پوءِ واپس به وٺندو رهيو آهي. پر هن وقت جڏهن علامه طاهر القادريءَ جي بُنيادي انقلابي نُقطن ۾ هزاره سميت پاڪستان جي اندر نون انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪنهن زهريلي ذهنيت کي ظاهر ڪندي هُجي. تڏهن الطاف حُسين جي ان بيان کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته اسلام آباد وارن ڌرڻن مان محسوس ٿيندو رهيو آهي ته مُتحدهه پاڪستان تحريڪِ انصاف کان وڌيڪ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ويجهو رهي آهي. سندس اهڙي ويجهڙائپ به پاڪستان اندر نون انتظامي يونٽن جي قيام واري مُطالبي سبب ٿي آهي. مُتحدهه کي ڪنهن به طرح اهڙي سازش جو حصو بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ گُهرجي. جنهن سان سنڌ ۾ لساني ۽ گروهي فسادن کي هوا ملندي هُجي. اهڙن بيانن ۽ سياسي سُرٻاٽن مان سنڌ اندر جيڪي رت جون سيرون نظر اچي رهيون آهن. اُهي ڪنهن گهرو ويڙهه کان گهٽ ناهن. ڇاڪاڻ ته سنڌ مُتحدهه لاءِ ڀلي سياست جو وسيع ميدان هُجي پر سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌ هڪ رُومانس جو نالو آهي. سنڌ جي صبر مٿان ايترو جبر نه ڪيو وڃي، جو سُڀاڻي سمورا معاملا ضبط جا بند ٽوڙي اهڙي جنگ جي طبل ۾ تبديل ٿي وڃن. جنهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ ئي نه رهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو صبر به اُن سنڌوءَ وانگر آهي. جنهن جي ماٺيڻي وجود مٿان واري وَري ويندي آهي. پر جڏهن سانوڻيءَ جي رُت ۾ مست بڻجي اُٿندو آهي ته دليون دهلجي وينديون آهن.


    سياسي شعور ئي سماجن کي بدلائي ٿو...

    گهڻو وقت اڳ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ڪنهن ڪانفرنس جي صدارت ڪندي اڳوڻي قومپرست ۽ اڄ جي وفاق پرست سياستدان ممتاز ڀٽو پنهنجي صدارتي تقرير ڪندي شاگرد سياست تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو هو ته: ”جواني زندگيءَ جو جذباتي حصو هوندي آهي. اهڙي دور ۾ انساني سينا، ساڙيندڙ گرميءَ وانگر هوندا آهن ۽ شاگرد تنظيمون به اُن گرميءَ جو عڪس آهن.“
    ڀُٽي خاندان جي هن اڳوڻي قومپرست اڳواڻ جي ويجهن حلقن وٽ اهو عام تاثر آهي ته هو سٺا ڪتاب وڏي شوق سان پڙهندو آهي ۽ هن جي تقرير جو انداز به عوامي ۽ فڪر انگيز هوندو آهي. هن جي شاگرد سياست متعلق ڪيل تبصري تي اُن وقت جي يونيورسٽي انتطاميا متاثر ته گهڻي ٿي پر اُن جون ڳالهيون بحث جو بنياد وجهي نه سگهيون نه ئي سنڌ ۾ شاگرد سياست واري سوال تي اٿاريل اهم نُڪتي تي ڪو وڏو بحث ڇڙي سگهيو.
    اڄ جڏهن ٽافلر جي نظريي مطابق عالمي ۽ علائقائي حالتون ۽ ميڊيا جي طوفاني ترقيءَ سان ڪلچر جي تبديليءَ سبب شاگرد سياست سفيد پانڊا جو ناياب نسل بڻجندي پئي وڃي. تڏهن عالمي اُفق تي اُڀري آيل سماجي فورمن جي دنيائن تي به اهو بحث شروع ٿيڻ گهرجي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ کاٻي ڌُر جو مزاج رکندڙ ماڻهن ۾ جيڪا سامراج مخالف نفرت هُئي اها سماجي فورمن تي اچي ختم ٿي وئي. سفر ۽ سياست جو ڪاڪٽيل پسند ڪرڻ وارن لاءِ اوڀر ۽ اولهه جا سفر انقلابن جي جنون کان وڌيڪ مزو ڏيڻ لڳا. انهن جي پُرڪشش راتين ۾ انقلاب ۽ تبديليءَ جا رستا اوجاڳن جي رڻ ۾ ئي گُم ٿي ويا. اڄ سماجي فورمن تي سامراج دشمن سلوگن ڪنهن چريي جو خواب ئي لڳن ٿا. مارڪسي نڪتهءِ نظر جون حامي قوتون اهڙي سماجي انقلاب کي مظلوم قومن مٿان سماجي فورمن جي پليٽ فارم جي شڪل ۾ حملو سمجهن ٿيون. جن فورمن جي بنياد تي ٿيندڙ سيمينارن ۽ ثقافتي گيتن جي ذريعي قومن کي ريجهايو پيو وڃي. جيڪڏهن اسان شاگرد سياست کي شاگردن جي جوانيءَ جي جنون جو عڪس سمجهون ٿا ته پوءِ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ۽ خاص طور تي نائين اليون کان پوءِ دنيا ۾ آيل سياسي تبديلين جي روشنيءَ ۾ مجموعي سياسي حالتون ڪهڙي نُڪتي تي بيٺل آهن؟ ڇا سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ سياست سببن بجاءِ نتيجن تي ئي ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن سياست بُنيادي سببن بجاءِ نتيجن تي ئي ڪئي وڃي پئي ته پوءِ اهو به مڃڻ گُهرجي ته عوامي سياست جا ٿنڀا هوا ۾ ئي بيٺل آهن.
    انڊيا جي ارونڌتي راءِ صحيع چيو هو ته: ”ايماندار سياسي هلچل وڏيون عوامي تبديليون آڻي ڇڏيندي آهي. اهو ضروري ناهي ته ڪو ماڻهو هر موقعي تي دُرست موقف رکندو هُجي. پر ڪڏهن ڪڏهن دُرست هجڻ بجاءِ فتح انتهائي اهم هوندي آهي.“ سنڌ جي هر باشعور ماڻهوءَ کي مڪمل طور تي سياسي بڻجڻ گهرجي. غيرسياسي قومون سماجن کي سياسي رستا ڏيکاري ناهن سگهنديون. جيڪڏهن شاگرد سياست جوانيءَ جي جنون جو عڪس آهي ته پوءِ سڄي دنيا ۾ آيل سياسي تبديلين ۾ شاگردن جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسون؟ شاگرد، مزدور، هاريءَ سميت هر ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهو جيستائين مڪمل طرح سياسي طور باشعور نه هوندو. ايستائين سنڌ ۾ وچولي طبقي جي نمائندا سياسي پارٽيءَ جي اُڀري اچڻ جا امڪان بلڪل گهٽجي ويندا. اُن لاءِ سنڌ جي سياسي پارٽين کي ڪنهن هڪ نُڪتي تي گڏ ٿيڻ گُهرجي پوءِ اُها ڪيتري به ننڍي ڳالهه ڇو نه هجي؟ جيڪڏهن اسان سنڌ جي مسئلن کي حقيقي معنى ۾ حل ڪرڻ لاءِ سنجيدهه آهيون ته اسانکي سنڌ جي بنيادي سياسي مسئلن تي پنهنجون سموريون انائون پاسي تي رکي عوامي طاقت کي منظم سياسي شڪل ڏيڻي پوندي. سنڌ جي شاگردن، مزدورن، هارين، ڊاڪٽرن ۽ وڪيلن سميت سمورن حلقن کي منظم سياسي شڪل ڏيڻي پوندي. سنڌ جي درسگاهن جا مسئلا فقط شاگرد سياست جي خاتمي سان سلهاڙيل ناهن. منهنجو ذاتي خيال آهي ته شاگرد سياست جي خاتمي سان سنڌ جا تعليمي ادارا آڪسفورڊ ۽ هارورڊ يونيورسٽين جهڙي تعليمي ماحول ۾ تبديل ٿي نه سگهندا. جيستائين مجموعي تعليمي ادارن کي ايماندار انتظامي ڍانچي ۾ تبديل نٿو ڪيو وڃي. تعليمي ادارن جا سڌارا ممڪن ناهن. شاگرد سياست جي خاتمي جون صلاحون ڏيندڙ اها صلاح ڇو ڪونه ٿا ڏين ته تعليم کاتي جو مجموعي ڪلچر ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي، ادارن جون انتظاميائون تعليمي ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ سنجيدهه ناهن. انهن جي نظر هر وقت ادارن جي بجيٽ ۽ ذاتي ترقين تي رهندي آئي آهي. سنڌ جي درسگاهن جو مڪمل رڪارڊ شاهد آهي ته درسگاهن ۾ ٿيندڙ سمورا قتل ڪنهن نه ڪنهن طرح انتظامي لاپرواهيءَ جو نتيجو رهيا آهن. اُنهن جو ڪنهن نه ڪنهن ريت تعلق سياسي نظرياتي نُڪتن تي اختلافن بجاءِ معمولي مسئلن سبب ٿيندو رهيو آهي. جن پٺيان انتظاميا سميت اُهي ڌريون رهنديون پئي آيون آهن. جيڪي ڌُريون ڪنهن به طرح سنڌ جي درسگاهن ۾ پُرامن ماحول ڏسڻ پسند نٿيون ڪن. اُهي اهو به نٿيون چاهن ته سنڌ جا تعليمي ادارا سنجيدهه سياسي سرگرمين جو ميدان بڻجي سگهن.
    افسوس ته ان ڳالهه جو آهي جو هن وقت سمورين سياسي پارٽين جو انحصار عوامي هلچل بجاءِ مواصلات جي مختلف چينلز جو محتاج بڻجي پيو آهي. مواصلاتي چئنل سياسي سرگرمين لاءِ ضروري هوندا آهن. پر سنڌ جي وڏن اهم سياسي معاملن تي عوامي سطع جي هلچل هلائڻ بجاءِ،سياسي پارٽين جي تحريڪن ۽ جدوجهد جي مزاج کي فقط موبائيل ميسيجز تائين محدود ڪري ڇڏجي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو الميو ٿي سگهي ٿو.؟؟
    سنڌ جي سياست کي ڊرائنگ رومن جي ڊبيٽ جو حصو بڻجي وڃڻ کان بچائڻ گُهرجي. جيڪا هاڻ موبائيل ميسيجز جي موومينٽ بڻجندي پئي وڃي. هن وقت تائين سنڌ جي هڪ به اهڙي سياسي پارٽيءَ جو ڪو نالو ٻڌائي سگهندو. جنهن پارٽيءَ، سنڌ وطن جي مٽيءَ کي الوداعي چمي ڏيندڙ جوانين جا لاش ڏسي سخت نوٽيس ورتو هُجي؟؟ جنهن پارٽيءَ سنڌ ۾ روزانو ڌاري آبادڪاريءَ جي وڏي سيلاب اڳيان ڪو بند ڏيڻ واري مضبوط حڪمت عملي جوڙي هجي؟ ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته، ڌاري آبادڪاريءَ واري سيلاب سبب ايندڙ چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو نقشو ئي تبديل هوندو. قومن جي بنيادي انساني حقن واري نُڪتي تي گڏجڻ واري خواب سان پاڪستان لاءِ پهرين قرارداد پيش ڪندڙ سنڌ جي پاڻيءَ مٿان مختلف نون نالن سان ڊيمن جي اڏاوت لاءِ وفاق اڳيان سخت احتجاج ڪيو هُجي؟ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ(ن)، پاڪستان تحريڪِ انصاف کان وٺي اسيمبلين ۾ وڃڻ جا خواب ڏسندڙ قومپرست پارٽين تائين اهو ٻڌائي سگهن ٿيون ته عوامي سياسي تبديلي آڻڻ لاءِ اسيمبلين کان بدظن عوام کي ووٽن لاءِ ڪيئن آمادهه ڪنديون؟ جن جي مٿان جمهوريت مڙهيل نظام ۽ آمريت کان به وڌيڪ بدتر شڪل ۾ موجود آهي. اهڙي جمهوريت، جنهن جمهوريت واري ايوان جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ويٺل ميمبر وٽ اها جُرئت به ناهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪروڌ کي ختم ڪرڻ بجاءِ، انهن جي نوجوانن جي گمشدگين پويان ملندڙ لاشن تي اسيمبلين مان احتجاج طور واڪ آئوٽ ڪري سگهن.
    جيڪڏهن ماضيءَ جي قومپرست اڳواڻ جو شاگرد سياست جي باري ۾ اهو نُڪتهءِ نظر هو ته اهڙي نُڪتهءِ نظر تي سمورين سياسي پارٽين کي پنهنجي شاگرد ونگز جي باري ۾ پنهنجو واضع موقف رکڻ گهرجي ها. پر منهنجي خيال ۾ اهو تمام ٿورڙو انگ هوندو جيڪو شاگرد سياست ۾ پُختا پير پائڻ کان پوءِ واپسيءَ جا رستا وٺي ڪنهن گمنام زندگيءَ جي رستن تي هليو ويو هُجي ۽ پنهنجي زندگي موقعي پرست جماعتن جي سياسي ثناخوانيءَ ۾ گُذاريندو هُجي. اڪثر ته ائين ئي ٿيو آهي ته جڏهن شاگردن جي سياسي جنون پنهنجا جذباتي جوهر ڏيکاريا آهن. تڏهن انهن جي اڇي ڏاڙهيءَ تائين به انهن جي دل جي محرابن تان وقت جون آسائشون سياست جي ميرانجهڙي مٽيءَ کي هٽائي ناهن سگهن. سياست جي صحرا جو سفر انهن جي دلين کي ڪمزور ڪري ناهي سگهيو. ها ائين چئي سگهجي ٿو ته ملڪ جي مجموعي سياسي ڪلچر ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ آهي پر انهن جو انگ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ پکڙيل آهي. پر ڇا اها به حقيقت ناهي ته منتشر قومن جا نوجوان منظم به ٿي ويندا آهن. برازيل جي شهر ”پورٽو ايليگري“ ۾ منتشر ماڻهو جڏهن منظم ٿي پيا هُئا ته آمريڪي سياست جي سڀ کان وڏي نقاد نوم چومسڪيءَ جي فقط هڪ ڳالهه انهن جي جدوجهد کي نوان رنگ ڏئي ڇڏيا. آمريڪي دانشور، آمريڪي سازشن جي ناڪاميءَ جو اعلان ڪندي چيو هو ته ”هڪ ٻي دنيا ممڪن آهي“.
    اها دنيا ڪهڙي هوندي؟ ڪا به خبر ناهي پر اها دنيا ڪيئن هوندي؟ اُن ۾ سنڌ جي عوام جي حيثيت ڇا هوندي؟ ان جو اندازو پاڪستان جي سياسي پارٽين جي مجموعي سياسي جدوجهد ۽ عملي ڪردار مان لڳائي سگهجي ٿو. مستقبل جي سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ پاڪستان جو دانشور حلقواهو سمجهي ٿو ته اقتدار جو موتي به ان پارٽيءَ جي قسمت جي هٿن ۾ آهي. جيڪا پارٽي جوڙ توڙ ۽ سياسي مفاهمتن جي ماهر هوندي. هن وقت تائين هن ملڪ جي سياسي صورتحال فقط اقتدار جي حاصلات واري مرڪز ۾ گردش ڪندي رهي آهي. عوامي سطع تي معاشي سڌارن ۽ غربت جي خاتمي لاءِ سنجيدهه ڪوششن وٺڻ بجاءِ اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ فقط پروٽوڪول ۽ پئسي جي دنيا ۾ ووٽر جي دنيا اُجڙندي رهي آهي. هر پارٽي پنهنجي سياسي ورڪر کي اوليت جي بنياد تي رکي، هر سطع تي اُن جي بنيادي معاشي ضرورتن جو خيال رکندي رهي آهي. باقي خدا جي مخلوق جي جياپي سان نه جمهوريت جو واسطو رهيو آهي نه ئي اهڙي خدائي سياسي نظام کان هن ملڪ جو عوام واقف رهيو آهي.
    اُهو ئي سبب آهي جو هن مُلڪ جي سڄي سياست پاور ۽ پئسي جي مرڪز تائين محدود آهي. جن مان فائدو حاصل ڪندڙ اهو ئي طبقو رهي ٿو. جنهن جي هٿ ۾ اقتدار جو موتي آهي. باقي عوامي ڀلائيءَ جهڙا ڪم اُن طبقي جي ترجيحن ۾ شامل ناهن رهيا. تعليم، صحت ۽ روزگار جي بنيادي وسيلن کان عوام نه فقط محروم آهي. پر سمورن شعبن کي ان حد تائين ڪمائيءَ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. جو هر شعبي کي مالِ غنيمت سمجهي لُٽيو پيو وڃي. اهڙو زوال فقط انڪري آهي جو هن مُلڪ جي اندر مضبوط ۽ ايماندار سياسي قيادتن جي کوٽ آهي. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته هن ملڪ جي ٺهڻ سان جيڪي قومن سان واعدا ڪيا ويا هُئا سي پورا ڪيا وڃن ها ۽ ائين ڪوڙن آسرن تي قومن جا اقتصادي وسيلا وفاق پنهنجي ڪنٽرول ۾ نه رکي ها.
    جڏهن ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ دنيا جي سامراج طرفان وڏي پئماني تي اها مهم شروع ڪئي وئي ته ماڻهو غيرسياسي بڻجي وڃن. سياسي طرح پُختو عوام دنيا جي سامراجي سازشن ۽ انهن جي ديسي دلالن جي نيتن کي سمجهي سگهيو پئي. انڪري عوام کي غيرسياسي بڻائڻ لاءِ تمام گهڻن حُربن کي استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي.
    ان حد تائين جو آمريڪي سي آءِ اي جي هڪ رپورٽ ۾اهو به ڄاڻايو آهي ته سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ نه رڳو آمريڪا افغان مجاهدين کي امداد ڏيندو رهيو آهي پر ٽين دنيا جي ملڪن مان کاٻي ڌُر سان واسطو رکندڙ رسالا به آمريڪي امداد سان هلندا رهيا هئا. سوال اهو آهي ته هن وقت سنڌ سميت هن ملڪ جون ڪي به سياسي پارٽيون ناهن جيڪي اها دعوى ڪرڻ جي قابل هجن ته اُنهن جي پارٽيءَ ۾ وڏو انگ انهن اڳواڻن جو آهي. جيڪي سياسي طرح باشعور آهن جن وٽ عوام کي بحرانن جي سمنڊ مان ڪڍي خوشحاليءَ جي دڳ تي آڻڻو آهي. تنهن ڪري تعليمي ادارن، صحت جي مرڪزن، اميگريشن جي قانونن، پاڻيءَ جي ورڇ، قومن جي خودمختياري سميت سمورا شعبا ۽ ادارا بحرانن جي ور چڙهيل آهن.
    اها سياسي تبديلي جيڪا اچڻ گُهرجي ان لاءِ هر سطع تي عوام کي سياسي شعور جي ضرورت آهي، پوءِ اهو شعور شاگرد تنظيمن جي ذريعي اچي يا مزدورن، هارين ۽ پورهيتن جي سياسي جدوجهد جي ذريعي اچي. پر سياسي شعور کانسواءِ سياسي تبديلي ۽ وچولي طبقي جي نمائندهه جماعت جي اُڀري اچڻ جا امڪان پري پري تائين نظر نٿا اچن.


    صحافتي سياست ۽ مسلم ليگ (ن) جي ڳڻتي!

    جيتوڻيڪ هاڻ ته هُن جو بيان به اسڪرين تي اچي چُڪو آهي. اُن کان اڳ سندس گهر وارن جي بيان سان جيڪا باهه متي هئي. اُن کي وسائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. هڪ عرصي کان هلندڙ سولين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ لفظن جي ڇڪتاڻ پويان صحافتي سياست جا ڪيترا هٿ هُئا؟ حامد مير مٿان ٿيل حملي کان پوءِ صحافتي سياست جا معاملا سڌا ٿي سامهون آيا آهن. نواز حڪومت ٻيو ڀيرو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر ۾ آئي آهي. پهرئين ڀيري رائيونڊ جي راڻي سعودي شهزادن جون وڃي مهمانيون کاڌيون هُيون. هن ڀيري قومي اسيمبليءَ ۾ خواجه آصف جي جزباتي تقريرن وارن معاملن ڇڪتاڻ واري باهه مٿان پيٽرول هارڻ وارو ڪم ڪيو هو. جڏهن ته ان سڄي معاملي ۾ ميڊيا کي اڻ ڌُريو ڪردار ادا ڪرڻ بجاءِ ڌُر بڻجي بيهڻ سان اسٽيبلشمينٽ عرصي کان ميڊيائي ڪردار تي ڪاوڙيل رهي هُئي پر جڏهن حامد مير مٿان حملو ٿيو ۽ سندس گهر وارن ان حملي جو الزام اسٽيبلشمينٽ مٿان مڙهيو ته قومي ميڊيا جو هاٿيءَ جيڏو ادارو معاملي جي جاچ ٿيڻ تائين صبر ڪرڻ بجاءِ ڌُر ٿي بيهي رهيو. جنهن نه رُڳو سولين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جنگ کي وڌايو آهي. پر خود پنهنجي ڪردار کي به اڻ ڌُريو رهڻ بجاءِ ڌُر ٿي بيهڻ سان پنهنجي ساک کي به متاثر ڪري وڌو آهي. جيتوڻيڪ پيمرا جي اجلاس ۾ اُردو ميڊيا جي وڏي چينل کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. پيمرا جي جاري ڪيل نوٽيس کان اڳ مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ڄاڻايل مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو مُڪمل بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو. ظاهر آهي مُلڪ جي اڪثريتي ادارن ۾ موجود اسٽيبلشمينٽ جي طاقت اڳيان باقي ادارا به مجبورن اهڙي ميڊيائي گروپ جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۾ دير نه ڪندا. جنهن سبب مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ مٿان امتحان جي ابتدا شروع ٿي وئي آهي.
    ڪجهه تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته صحافتي سياست جو مُلڪي معاملن ۾ مُداخلت ان حد تائين وڌي چُڪي آهي جو اُن کي سولين حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻئي استعمال ڪري رهيون آهن. سوال اهو آهي ته ڇا صحافت پنهنجون صحافتي حدون اورانگهي، مُلڪي سياست ۾ رعايتون حاصل ڪرڻ لاءِ جانبدار بڻجي چُڪي آهي؟ جڏهن ته مُلڪ ۾ سولين ۽ اسٽيبلشمينٽ کان سواءِ جيڪڏهن ڪو ٽيون ادارو اسٽيڪ هولڊر بڻجڻ جو خواب ڏسندو ته صورتحال بگڙي سگهي ٿي. هن وقت مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ مٿان جيڪا ڏُکي گهڙي آئي آهي. ان سان ساٿ نڀائڻ ۾ باقي ميڊيائي گروپ وٿيرڪا آهن. جڏهن ته سول سوسائٽي پڻ خاموش آهي. اُن جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا؟ انساني حقن جي اڳواڻ ۽ نامياري وڪيل عاصمه جهانگير به ان معاملي تي پنهنجو موقف ڏنو آهي ته ”مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون هُيون. هن گروپ بي شرميءَ سان ماڻهن کي ذليل ڪرڻ ۽ کين ڏُک ڏيڻ شروع ڪيا هُئا.“ جيتوڻيڪ عاصمه جهانگير ماضيءَ کان وٺي صحافتي آزاديءَ جي علمبردار رهي آهي. پر جڏهن هڪ ميڊيائي گروپ پنهنجون حدون لتاڙي اڳيان پنهنجي اصل ڪردار نڀائڻ بجاءِ جيڪڏهن مُلڪي معاملن ۾ جانبدار بڻجي بيهي ٿو ته سنجيدهه حلقا اهڙي ڪردار جي قطعي تائيد ڪرڻ کان نه فقط ڪيٻائين ٿا پر اُن تي پنهنجو سخت موقف سامهون آڻين ٿا. اهو ئي سبب ٿي سگهي ٿو، جو باقي ٻيا ميڊيائي گروپ هن ڏکئي وقت تي خاموش رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيا آهن ۽ ڪنهن گڏيل احتجاج ڪرڻ کان پاسي تي رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهن ٿا.
    ”صحافت جڏهن اقتداري سياست جو حصو بڻجي ڪم ڪندي ته اُن جو ڪردار هن سماج ۾ مشڪوڪ بڻجي ويندو“ اردو جو هڪ ناميارو دانشور نجي ڪچهري ۾ چئي رهيو هو. مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ جا معاملا ڪٿي نبيرجي سگهندا؟ في الحال ان صورتحال کي حامد مير جي پنهنجي بيان سان جوڙيو پئي ويو. جيڪو به اسڪرين تي اچي ويو آهي. جنهن ۾ حامد مير صاف لفظن ۾ پاڻ تي ٿيل حملي جو الزام رياستي ۽ غير رياستي ادارن مٿان مڙهيو آهي. اهڙي بيان کان پوءِ مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ مٿان وڌي ويل دٻاءَ ۾ ڪافي گهٽتائي اچڻ جا امڪان واضع آهن. ڇاڪاڻ ته هاڻ مُلڪ جي وڏي ميڊيائي اداري وٽ اهو به جواز هوندو ته اُن جو اهو ذاتي موقف نه هو پر اهو موقف خود حامد مير جو هو. جنهن جي بيان کان پوءِ صورتحال بهتر ٿيڻ جا امڪان آهن. ڇو ته ڏُکئي وقت ۾ آيل ميڊيائي گروپ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڻ تي آيل مصيبت کي ٽارڻ لاءِ حامد مير جي ذاتي بيان کي ئي ڍال طور استعمال ڪري معاملي کي ٿڌو ڪندو ان کان پوءِ بارگيننگ جي گهڙي اچڻ جا امڪان چِٽا ٿيندا. هن وقت جڏهن پيمرا پنهنجي آرڊيننس هيٺ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي وڏي گروپ کي نوٽيس جاري ڪيو آهي ۽ 6 مئي تائين جواب طلب ڪيو آهي. 6 مئي تائين واري وقفي جي عرصي ۾ معاملا 80 سيڪڙو حل ٿي چُڪا هوندا. پر سوال اهو آهي ته ڇا مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ پنهنجي ميڊيائي مستيءَ ۾ مدهوش بڻجي پاڻ کي ايترو اڪيلو ڪري ڇڏڻ واري غلطي ڇو ڪئي آهي؟ جو سندس پٽي ڀائي به پاسو ڪري ويا آهن؟ ان جو مطلب ته ڄاڻايل ميڊيا گروپ باقي ميڊيا کي پنهنجي صحافتي سياست سان سائيڊ تي رکي کين لڳاتار اڪيلائپ جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪيندو رهيو آهي. هاڻ جڏهن مٿس ڏُکيو وقت آيو آهي ته کيس سرڪاري سرپرستيءَ واري سهاري سان گڏ اُهي ميڊيائي گروپ به سائيڊ تي رهيا آهن جن کي لڳاتار ڪجهه به نه سمجهڻ واري غرور سبب ڪاوڙ هُئي. پر آخر اسٽيبلشمينٽ جي رُکي انداز ۽ نشريات کان مُڪمل بائيڪاٽ، هن وقت مُلڪ جي وڏي ميڊيائي گروپ جي غرور کي نياز نوڙت ۽ جُهڪاءَ واري پاليسيءَ تي هلڻ پاسي مجبور ڪيو آهي.
    جيڪڏهن صحافت جي صحيفي کي اقتداري سياست جو حصو بڻائي رعايتن حاصل ڪرڻ پاسي ڌڪيو ويندو ته اُن جا نتيجا ڪي سُٺا ثابت ٿي نه سگهندا. سولين حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي دوران ميڊيا کي پنهنجو ڪردار غير جانبدارانه بڻجي ادا ڪرڻ گُهرجي. ڇاڪاڻ ته مجموعي طور ميڊيا جو ڪردار انتهائي مثبت رهيو آهي. جنهن نه رُڳو ويجهڙائيءَ ۾ ماضيءَ جي روايتي زرد صحافتي روين کي ختم ڪيو آهي. پر پنهنجي سگهاري آواز جي رستي، سماج ۾ اهم نوان لاڙا پڻ متعارف ڪرايا آهن. جيڪڏهن صحافت کي اقتداري سياست جو اسير بڻايو ويندو ته اُن سان سُٺي ساک وارن ميڊيائي حلقن کي به پاڻ مٿان طنز ڀريون تنقيدون سَهڻيون پونديون. جنهن سان ميڊيا جو مجموعي ڪردار به مشڪوڪ بڻجي ويندو. بهرحال مٿي بيان ڪيل صورتحال گهڻي قدر سولين ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙي سان جُڙيل آهي. اهڙي جهيڙي ۾ نواز ليگ حُڪومت اهو چڱيءَ طرح سمجهي ٿي ته هن مُلڪ ۾ پائيدار جمهوريت لاءِ اهو ضروري بڻجي ويو آهي ته اُها اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار سان پنهنجو مُدو پورو ڪري. جيڪڏهن سولين حُڪومتن جي مٿي تي سڱ نڪري آيا ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا رابطا خراب ڪري وڌا ته جمهوريت جي ديويءَ جا پير پنڌ ڪرڻ کان پهرين زخمي ٿي سگهن ٿا. ان ڳالهه کان سگهارا ميڊيائي قومي ادارا به چڱيءَ ريت باخبر آهن ته جيڪڏهن اقتداري سياست جون رسيون سولين جي هٿ ۾ آهن ته اُنهن کي سنڀالڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ سان اُچائڻ جو مطلب پنهنجي مليل مُدت وارو پنڌ پورو نه ڪري سگهڻ جي برابر هوندو. پر ان ڳالهه کان چڱيءَ ريت واقف هوندي به نواز ليگ اهڙي سياسي رسا ڪشيءَ واري پنڌ تي هلندي رهي ٿي. جنهن پنڌ جي پُڄاڻي ڪنهن نه ڪنهن طرح سياسي قربانيءَ تي اچي پوري ٿيڻي آهي. في الحال صورتحال ميڊيائي گروپ مٿان سختيءَ واري گرميءَ جو پد وڌيل آهي. جنهن کي ٺارڻ لاءِ خود ميڊيائي گروپ به مُتحرڪ آهي. پر جيستائين 6 مئي وارو ڏينهن ايندو ايستائين اسٽيبلشمينٽ جي غصي کي ٿڌو ڪرڻ وارا هٿ پنهنجا ڪرتب ڏيکاري چُڪا هوندا. حامد مير جو حملي متعلق بيان به واضح طور سامهون اچي چُڪو آهي. پر آئندهه ميڊيائي دُنيا جي وڏي گروپ کي جيڪو تجربو حاصل ٿيو هوندو. اُن تجربي جي روشنيءَ ۾ اقتداري سياست واري جهان ۾ پاڻ کي ٽئين اسٽيڪ هولڊر جي طور تي هن مُلڪ ۾ متعارف ڪرائڻ کان ضرور باز اچي چُڪو هوندو.
    پر اڻسڌي طرح سِولين حُڪومت به هن معاملي ۾ ڪافي سبق سکيا هوندا. اُن جي باوجود به اسٽيبلشمينٽ جي ڪاوڙ کي گهٽائڻ بجاءِ وڌايو ويو ته معاملا ڪنهن جي وس ۾ نه رهندا. ڇاڪاڻ ته هڪ ئي وقت اسٽيبلشمينٽ کي چيڙائڻ ۽ سڀني مسئلن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ نواز ليگ حُڪومت کي اپوزيشن جي ساٿ جي به ضرورت هوندي. جيڪا اپوزيشن ڪنهن حد تائين کيس سُٺيون صلاحون به ڏيندي رهي آهي ته اهڙن اختيارن جي جنگ وڙهڻ ئي اجائي آهي. جن اختيارن تي اسٽيبلشمينٽ چِڙي پوي. پر نواز ليگ رُڳو ان ڳڻتيءَ ۾ نظر اچي رهي آهي ته پنهنجي ڳچيءَ ۾ پئجي ويل سُرڪڻ مان جند آخر ڪيئن آجي ڪرائي؟


    طالبان سان ناڪام ٿيل ڳالهيون ۽ سنڌ جا خدشا!

    شطرنج جهڙي پاور پاليٽڪس جا سڀ رانديگر اُن وقت مايوسين جي گهٽين ۾ منجهيل نظر آيا. جڏهن ڳالهين جا سڀ گُر کيڏڻ کان پوءِ به مُلڪ مٿان طالبان جي خودڪش بمبارن وقتي وقفي دوران به پنهنجا جيڪٽ لاهي ڦٽا نه ڪيا. شايد اُن وقت اهو به ممڪن هُجي ته سياسي ۽ فوجي حڪمت عمليون ڪنهن به هڪ نُقطي تي مُتفق نه هُجن ۽ طالبان سان مُذاڪرات يا مِلٽري آپريشن واري حڪمت عملي تي اختلاف هُجن. اهو به ممڪن آهي ته ڳالهين تي اتفاق هُجي پر حڪمت عمليءَ تي اختلاف. پر پاڪستان جي موجودهه سياسي حڪمت عملي اڃان به ان ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺل آهي ته ڪهڙيءَ طرح به غير مشروط ڳالهين جي ٽيبل تي طالبان کي سرچائي کڻي اچجي. جڏهن ته ميان جي موقف ۾ اڄ تائين تِر جيتري به تبديلي ناهي آئي. جنهن ۾ بار بار هو چوندو رهيو آهي ته ”ملٽري آپريشن کان بهتر رستو ڳالهيون آهن.“ جيتوڻيڪ هلندڙ ڳالهين دوران سرڪاري مُذاڪراتي ٽيمن طالبان پاران نامزد ڪيل ڪميٽيءَ جي ميمبر مولانا يوسف شاهه اڳيان پاڪستان جي شهرن ۾ ٿيندڙ ڌماڪن تي سخت ردِ عمل نه ڏيکاريو. پر جڏهن هلندڙ ڳالهين دوران پوليس ۽ رينجرس مٿان حملا جاري رهيا ته ميڊيا جي سخت تنقيد ۽ فوجي مُداخلت سبب ڳالهين جو سلسلو اڳتي وڌڻ بجاءِ رُڪجي ويو. ۽اُتر وزيرستان ۾ مِلٽري آپريشن جي شروعات ڪئي وئي. جيتوڻيڪ ميڊيا تي پاڪستان سرڪار ۽ طالبان وارين ڳالهين جي ڊيڊلاڪ جا تفصيل ايندا رهيا آهن. هن بحث ۾ اهڙن تفصيلن ۽ معاملن کي ورجائڻ يا دُهرائڻ کان پاسو ڪندي. اسان فقط ان موضوع تي بحث ڪنداسين، جنهن سبب پُورو سائوٿ ايشيا هڪ اهڙي جنگ جي واٽ تي بيٺل آهي. جنهن جنگ ۾ ڪيتريون انساني جانيون تباهه ٿي چُڪيون آهن ۽ وڌيڪ تباهيءَ جا امڪان نظر اچي رهيا آهن.
    ڇا طالبان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ پاڪستان جي وس جي ڳالهه آهي؟
    جيتري قدر طالبان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ يا اُنهن کي بنهه ختم ڪرڻ جو سوال آهي ته اهو شايد، هاڻ پاڪستان جي رياست لاءِ ممڪن ٿي ناهي سگهيو. اُهو ئي سبب آهي جو طالبان سان ڳالهين لاءِ هتان جي سياسي قوتن پنهنجون پُوريون ڪوششون وٺي کين ڳالهين جي ميز تي آندو. پر جيئن ته طالبان جي اندر به لا تعداد گروهه ۽ ڌڙا بنديون ٿي ويون آهن. جيڪڏهن وقتي طور اهو تصور به ڪجي ته سمورن ڌڙن ۽ گروهن جي مرڪزي طاقتن، مولانا يوسف شاهه ۽ ٻين کي پاڪستاني سرڪار سان طالبان طرفان مقرر ڪيو هو. سا ڳالهه غلط ثابت ٿي چُڪي. جيڪڏهن طالبان جي مرڪزي طاقت ڳالهين جي حق ۾ نه هُئي ۽ اُها پنهنجي نوعيت جو نظامِ حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ هلندڙ ڳالهين جي دوران بنا ڪنهن وقفي جي بمبارين سان پاڪستان جي شهرن کي ساڙيندي رهي، ته پوءِ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر اُهي ڪهڙيون قوتون هُيون جن پاڪستاني سرڪار ۽ طالبان جي مُذاڪراتي ٽيمن جي وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪيو؟ ڇاڪاڻ ته ماضيءَ ۾ پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسين ۾ ڪيل غلط فيصلن سبب هن وقت سڄي دُنيا ۾ اڪيلائپ جو شڪار ٿيندو پيو وڃي. مُلڪي عوام جي حصي ۾ مهانگائي، غربت ۽ امن امان، صحت ۽ تعليم پاسي توجهه ڏيڻ بجاءِ، مُقدس نعرن هيٺ ٻين مُلڪن ۾ جيڪي مُداخلتن جا فصل پئي پوکيا آهن، تن کي هاڻ هُو لُڻي رهيو آهي. جڏهن ته طالبان پاڪستان جي ڪنهن مخصوص حصي ۾ موجود ناهن. جنهن حصي تي آپريشن ڪري ڪي نتيجا حاصل ڪري سگهجن. طالبان جو نيٽ ورڪ رُڳو اُتر وزيرستان تائين محدود ناهي. پر اُنهن جي موجودگي مُلڪ جي هر حصي ۾ آهي. اهو هن رياست جي ڳُجهن ادارن کي به اندازو آهي ته طالبان جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ يا ختم ڪرڻ سندن وس جي ڳالهه ناهي رهي. جنگي حڪمت عمليءَ تي سن تُزو پنهنجي شاندار ڪتاب ”آرٽ آف وار“ ۾ لکي ٿو ته ”جڏهن توهان دُشمن جي طاقت کان ڪمزور هُجو ته پنهنجي نيٽ ورڪ کي ايترو ڦهلائي ڇڏيو جو دُشمن حملي وقت ڪي نتيجا حاصل ڪري نه سگهي.“ ائين ئي طالبان جي طاقت سڄي مُلڪ ۾ ڦهلجي چُڪي آهي. تنهن ڪري اُنهن جا مورچا ايترا ڪمزور نه سمجهيا وڃن. جن کي فتح ڪري سگهجي. اُهو ئي سبب آهي جو طالبان ترجمان شاهدالله شاهد پوري اعتماد سان اشارو به ڏئي ڇڏيو آهي ته ”هُو غير مشروط جنگبنديءَ تي راضي ناهن. جيڪڏهن حُڪومت آپريشن ڪرڻ جو شوق پورو ڪري ٿي ته ڀلي پُورو ڪري.“ ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته طالبان مٿان فضائي يا زميني آپريشن جا ڪي به حتمي ۽ ڪارگر نتيجا ملي نه سگهندا. ڇاڪاڻ ته اُهي پنهنجي جنگي حڪمت عمليءَ سبب حُڪومتي آپريشن جي ٽارگيٽ کان پري آهن.
    ڳُجهين ايجنسين جي طرفان کنيل قدم ڪيترا ڪارگر ثابت ٿيندا؟
    جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي قيام کان وٺي اڄ تائين، بظاهر ڳُجهين ايجنسين جو ڪردار مشڪوڪ بڻجي ويو آهي. مُلڪي سلامتيءَ جي آڙ ۾ افغان وار ۾ ڊالر ۽ روبل ايترو استعمال ٿيو جو رات وچ ۾ مختلف مذهبي جماعتن جا ماڻهو جيڪي مريدن جي ڏنل ڏن پٽ سان پيا سلسلا هلائيندا هُئا. تن جا مُريد خادم به اڄ اوچائيءَ جي آسمانن کي ڇُهڻ لڳا آهن. ڪشمير اشوءَ تي ته ايترا ڪاروبار ٿيا جو اُن جو حساب ڪتاب ڪنهن به آڊٽ جي کاتي ۾ اچي نٿو سگهي. ايجنسيءَ مٿان ايجنسين جا ايترا ڄار وڇائجڻ جي باوجود به هن مُلڪ جون حالتون بدتر کان بدتر ٿينديون رهيون آهن. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ داخلي سيڪيورٽي پاليسيءَ وارو مسودو پيش ڪندي اهو به فرمايو ته ”پاڪستان ۾ 26 فوجي ۽ سولين ايجنسيون موجود آهن. پر اُنهن جو هڪ ٻئي سان ڪميونيڪيشن گيپ آهي.“ ”پينٽاگون“ جي آمريڪي گورن کي اچرج ته تڏهن ٿي هوندي جو، جڏهن چوڌري صاحب اوچتو انڪشاف ڪيو ته ”آمريڪا کان پوءِ وڌ ۾ وڌ انٽيليجنس ادارا پاڪستان ۾ موجود آهن.“
    افسوس ته اهو ٿو ٿئي ته جڏهن ايترا انٽيليجنس ادارا دُنيا جي ٻين مُلڪن ۾ موجود ناهن ته پوءِ اُتي امن ڪيئن ممڪن بڻجي سگهيو آهي؟ آمريڪا جي اندر پاڪستان جيڏيون وڏيون رياستون آهن. اُتي امن امان جي صورتحال به بهتر آهي. ايترا انٽيليجنس ادارا آمريڪا وٽ آهن. اها ڳالهه سمجهه ۾ به اچي ٿي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا اُنهن ادارن جي ذريعي سڄي دُنيا مٿان اک رکيو ويٺو آهي. اُنهن ادارن جي ذريعي نه رُڳو مُلڪي مانيٽرنگ ٿيندي رهي ٿي. پر دُنيا جهان ڇا پيو ڪري؟ اُنهن کان ٻين مُلڪن ۾ ٿيندڙ سرگرمين تي به اک رکڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو. پر پاڻ واري پاڪستان ۾انٽيليجنس ادارن کان ڪهڙا ڪم ورتا وڃن ٿا؟ اُهي معاملا به هاڻ ڪنهن پردي جي پويان لڪيل ناهن رهيا. تنهن ڪري پاڪستان جي ڳُجهن ادارن جون رپورٽون به هاڻ دُنيا وٽ ڀروسي جوڳيون ناهن رهيون. شايد مِلٽري ۾ موجود سنجيدهه حلقا به اُنهن جي ڏنل رپورٽس تي گهٽ ڌيان ڏئي رهيا آهن. جنهن جو وڏو مثال هڪ رٽائرڊ چيف آف آرمي اسٽاف جو اُهو انٽرويو به آهي. جنهن ۾ هُن چيو هو ته: ” ايجنسين جي مجموعي رپورٽن جي روشنيءَ ۾، ڪنهن جامع نتيجي تي پهچڻ مُشڪل ڳالهه آهي. تنهن ڪري آرمي پنهنجا مانيٽرنگ طريقا به آزمائيندي آهي.“ هاڻ سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن طالبان پنهنجي مجموعي طاقت سان هن رياست جي طاقت کي چئلينج ڪري رهيا آهن. تڏهن هن مُلڪ جا انٽيليجنس ادارا جن جو انگ 26 ٻُڌايو وڃي ٿو. اُهي طالبان نيٽ ورڪ کي ڪيترو ڪمزور ڪري سگهندا؟ اُهو وقت ٻُڌائيندو.


    انتها پسنديءَ جي روڪٿام لاءِ ڪهڙا اُپاءَ ورتا پيا وڃن؟

    جڏهن به ڪو حادثو يا واقعو پيش ايندو آهي يا ڪا مصيبت اچانڪ نازل ٿيندي آهي ته سڀ کان پهرين، اُن مصيبت جي سببن تي ويچاريو ويندو آهي. اهو سائنسي اصول آهي ته رُڳو مصيبت کي منهن ڏيڻ سان مصيبت کي ختم ڪري سگهڻ ممڪن ئي ناهي هوندو. هڪ پاسي انتهاپسنديءَ جي خاتمي ۽ دهشتگرديءَ خلاف آپريشن شروع ٿي رهيو آهي ته ٻئي پاسي اُن جي بنيادي ڪارڻن تي ويچارڻ ۽ اُن جو حل ڳولڻ لاءِ ڪي سنجيدهه ڪوششون نظر نه اچي رهيون آهن. سڄي پاڪستان جي مُختلف علائقن جو جائزو وٺبو ته هزارن جي تعداد ۾ مدرسا موجود آهن. جن ۾ ديني تعليم جي آڙ ۾ اهڙيون نرسريون تيار ٿي رهيون آهن جيڪي ڪنهن به طرح هن مُلڪ جي ماڻهن تي آزمايون وينديون. جيڪڏهن سرڪار رجسٽرڊ مدرسن لاءِ به ڪو مانيٽرنگ مڪينزم جوڙي وٺي يا ڪا سنجيدهه ۽ لبرل سوچ رکندڙ ڌُرين جي صلاح سان اهڙي چيڪ لسٽ تيار ڪري وٺي، جنهن جي ذريعي فرقيواريت ڦهلائيندڙ مدرسن جي رجسٽريشن رد ٿي سگهي ۽ مُقدس نالي تي بمبارن جون نرسريون پالڻ کان پرهيز ٿي سگهي ته مُستقبل قريب ۾ بهتر نتيجا ملي سگهڻ جا واضع امڪان نظر اچن ٿا.
    جڏهن ته سرڪار سڳوريءَ جو سمورو زور طالبان تحريڪ کي ڪُچلڻ ۽ آپريشن جي ذريعي نتيجا حاصل ڪرڻ تي آهي. ٻئي پاسي سڄو مُلڪ مدرسن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهي. ان سلسلي تي نظر رکڻ بجاءِ پورو توجهه ۽ زور جيڪڏهن رُڳو آپريشن تي ئي رهيو ته پوءِ اهو اهڙو سلسلو آهي جيڪو اڻکُٽ جنگ جي صورت ۾ سامهون ايندو. جنهن کان پاڪستان جون لبرل ۽ سنجيدهه ڌُريون قطعي به ڪن لاٽار ڪري نٿيون سگهن. جڏهن ته اسان کي ان ڳالهه تي به خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي ته هن مُلڪ جي حڪمرانن جي اها پُراڻي پاليسي رهي آهي ته ٻين مُلڪن جون ونگارون وهڻ تي وڏو فخر محسوس ڪندا آهن. هن وقت جيڪي معاملا ميڊيائي مُهم جو حصو بڻجي سڄي دُنيا ۾ ڦهلجي رهيا آهن، تن جي پويان به ڪي راز لڪيل هوندا. هروڀرو ميڊيا کي معاملا اُڇلائڻ جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ ياد رکڻ گُهرجي ته اهڙين ونگارن جي نتيجي ۾ اڄ دهشتگردي ۽ انتها پسندي پاڪستان جو وڏو مسئلو بڻيل آهي. مُلڪي ايجنسين کي به اهڙن معاملن ۾ اُلجهڻ کان پاسو ئي ڪرڻ گُهرجي.
    سنڌ اوڙي پاڙي جي يتيمن جو ٺيڪو ناهي کنيو:
    افغانستان جي اندر روس ۽ آمريڪا جي ويڙهه سنڌ لاءِ ته سنڌي پهاڪي، ”وڙهن سانَ ۽ لتاڙجن ٻوڙا“ وانگر ثابت ٿي هُئي. افغانستان مان نڪتل لوڌن ڦري گهري اچي سنڌ جو پاسو ورتو هو. سنڌي ماڻهن خاص طور اسان جي قومپرست تحريڪ ته وري اُن وقت اک پٽڻ بجاءِ سرحدي گانڌيءَ جي قُرب قراريءَ ۾ ايترو مدهوش هُئي جو اُنهن افغانستان جي ڀڳوڙن کي به خان غفار، جي ٻولي ڳالهائيندڙ سمجهي دلين ۾ جايون ڏنيون. منهنجو ذاتي خيال آهي ته سنڌ پاڪستان جي قيام ۾ ٻين کوڙ سارين غلطين سان گڏ ٻه اهم وڏيون غلطيون اهي به ڪيون آهن. جن غلطين سبب سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو مُسلسل احساس ٿيندو رهي ٿو. پهرين سنڌ جي غلطي اها هُئي جو ورهاڱي وقت، هندستان جي لوڌن کي سنڌي ماڻهن، مسلمان ڀائر سمجهي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. ٻي وڏي غلطي اها ڪئي وئي جو افغان لوڌن جي اچڻ ۽ آباد ٿيڻ تي مضبوط ردِ عمل نه ڏيکاريو ويو بلڪه مُجرمانه ماٺ اختيار ڪئي وئي. هن وقت سنڌ جي ساڃاهه وند حلقن کي پُر اثرائتي جدوجهد ڪرڻي پوندي. ڇاڪاڻ ته هن وقت جيئن ئي پاڪستان حڪومت وزيرستان ۽ ٻين قبائلي علائقن ۾ آپريشن تيز ڪيو آهي ته اُتان جا ستايل سڌا سنڌ ۾ داخل ٿيندا. سنڌ جيڪا پنهنجي مزاج ۾ انتهاپسنديءَ کان آجي رهي آهي. اُها اهڙي آباديءَ جي اچڻ سان وڌيڪ مصيبتن جو شڪار بڻجي ويندي. ان ڳالهه تي بلڪل به ڪمپرومائيز نه ڪرڻ گُهرجي ته هن وقت سنڌ ۾ رجسٽريشن کان سواءِ داخل ٿيندڙ ٻاهرين آباديءَ تي مُڪمل بندش وڌي وڃي. جيڪڏهن هن وقت سنڌ اهڙي ستايل آباديءَ تي رحم کائي مصلحتن ماٺ رهي ته ايندڙ وقت ۾ سنڌي ماڻهو خود ستايلن جي اهڙي آبادي بڻجي ويندا جنهن کي دُنيا جو ڪو به مُلڪ قبول نه ڪندو. سنڌ کي پنهنجي موقف جو بينر هن وقت ئي کولي بيهڻ گُهرجي ته جيئن سڀاڻي سنڌ جو صوفياڻو بينر سڙي سگهڻ کان بچي سگهي.


    عمران، علامه تحريڪ - نواز ليگ سرڪار لاءِ نئون محاذ..!

    جيتوڻيڪ مُلڪن جي معاشي بُحرانن کان وڌيڪ انتظامي بحران، اُنهن جي بُنيادن کي اُکيڙي ڇڏيندا آهن. پر پاڪستان مُعاشي بُحران سان گڏ انتظامي ۽ سياسي بُحران جي به ور چڙهيل اهڙو مُلڪ آهي. جتي معاشي، سياسي ۽ انتظامي بُحران گڏ گڏ هلي رهيا آهن. نواز ليگ حُڪومت هڪ ئي وقت ڪيترن ئي محاذن کي کولي نه رُڳو پاڻ لاءِ نيون مصيبتون پئدا ڪيون آهن. پر خود سياسي پارٽين جي اڳيان اهو سوال مُسلسل گردش ڪندو رهي ٿو ته، جي حالتون ضابطي ۾ نه رهيون ته نوازليگ پيپلزپارٽيءَ وانگر پنهنجا ڏينهن پُورا به ڪري سگهندي يا نه؟ پر جيڪڏهن نوازليگ حُڪومت پنهنجون سَلڻ نه جهڙيون، ڪَرڻ نه جهڙيون ڳالهيون، اُن ناراض اسٽيبلشمينٽ کي اعتماد ۾ وٺي ڪري ها ته شايد هن حُڪومت اڳيان اهڙا چئلينجز نه اچن ها. اقتداري سياست ۽ اسٽيبلشمينٽ جو رشتو ته گهڻو پُراڻو آهي. جنهن کي نواز ليگ حُڪومت سنجيدگيءَ سان وٺڻ بجاءِ نظرانداز ڇو ڪري رهي آهي؟ اُن جي پويان ڪهڙا راز آهن؟ اُنهن جو اندازو ته خود ميان صاحب ۽ اُن جي ويجهن حلقن کي هوندو. ليڪن گُذريل سال جي جنوريءَ ۾ اسلام آباد جي جناح اوينيو/ڊي چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي ويٺل علامه طاهرالقادريءَ پاران ٻيهر اعلانيل اڄوڪي 11 مئي تي حُڪومت مُخالف تحريڪ تيز ڪرڻ واري چِتاءَ سبب ميان صاحب لنڊن کان پهرين اچي، علامه ۽ عمران واري تحريڪ تي مشورا ڪرڻ ۽ حڪمت عملي جوڙڻ لاءِ پنهنجي ويجهي قيادت سان صلاحون ڪرڻ شروع ڪيون آهن. اڄوڪي 11 مئي واري علامه طاهرالقادريءَ جي تحريڪ جي حمايت لاءِ تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان سميت ايم ڪيو ايم پڻ حمايت ڪئي آهي. ايم ڪيو ايم ته شايد پنهنجي حمايت واپس به وٺي ڇڏي، ڇاڪاڻ ته ساڳي جماعت گُذريل ڀيري به پهرين علامه جي مارچ جي حمايت ڪرڻ کان پوءِ هٿ کڻي وئي هُئي. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته پيپلزپارٽيءَ سان اتحاد جي آسري ۾ وفاق ۽ سنڌ ۾ بارگيننگ جي پوزيشن برقرار رکڻ لاءِ آخر ۾ علامه سان ساٿ نڀائي سگهي يا نه؟ پر سياسي تجزيي نگارن جو اهو چوڻ آهي ته متحده قومي موومينٽ اهڙي تحريڪ جو حصو بڻجي نه سگهندي. جيڪا تحريڪ اڳتي هلي سندس مُفادن لاءِ خطرو بڻجي وڃي. پر هن وقت ٻين سمورن چئلينجز سان گڏ علامه ۽ عمران جي گڏيل تحريڪ واري چتاءَ نواز ليگ جي مُنهن کي هيڊو ڪري ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اڄوڪي ڏينهن کان شروع ٿيندڙ تحريڪ ۾ علامه طاهرالقادري ايترو مُتحرڪ نظر نه اچي رهيو آهي. جيترو مُتحرڪ تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران خان اچي رهيو آهي. عمران خان صبر جا چار سال گُذارڻ بجاءِ، حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ ناراضگين جو فائدو وٺندي جمهوريت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ جا وجهه ڳوليندي، اهڙو رستو اختيار ڪيو آهي. جيڪو رستو مُلڪ ۾ موجود جڏي ڦڏي جمهوريت جي جٽاءَ لاءِ مُستقبل ۾ غير جمهوري قُوتن جا رستا هموار ڪري ڇڏيندو. اُن کان اڳ جو عمران ۽ علامه جي تحريڪ سبب نواز ليگ جي پريشانيءَ تي ڪجهه لکجي، علامه جي ڪيل گُذريل سال واري مارچ جو جائزو وٺڻ بهتر رهندو.
    اسلام آباد جي جنوري 2013ع واري سرد جهنم ۾علامه طاهرالقادريءَ وارو مارچ اڃان ڪنهن کان ناهي وسريو. جنهن مارچ ۾ ماڻهن جي انگ کي اخبارن پنجاهه هزار جي لڳ ڀڳ رپورٽ ڪيو هو. هن مارچ ۾ لڳ ڀڳ 17000 سيڪيورٽي اهلڪارن کي مقرر ڪيو ويو هو. اسلام آباد بند بوتل جهڙو شهر بڻجي ويو هو. 15 جنوريءَ کان 18 جنوريءَ تائين، اسلام آباد ۾ معمول جون سرگرميون معطل رهيون هُيون. جيتوڻيڪ هزارن جي هُجوم جو لڳاتار چار ڏهاڙا پُرامن رهڻ، غير معمولي ڳالهه هُئي. اسلام آباد ۾ ڌرڻي هڻڻ لاءِ لاهور مان روانگيءَ وقت علامه طاهرالقادريءَ چيو هو ته: ” هُو ڏينهن ۽ هفتن لاءِ نه پر مهينن تائين ڌرڻو هڻي ويهندا.“ ڪوئٽا ۾ مارجي ويل 125 ماڻهن جي معاملي تي ردِ عمل ظاهر ڪندي، چيائين ته ”هُو اسلام آباد پُهچڻ کان پهرين بلوچستان حُڪومت جي برطرفيءَ جي خبر ٻُڌڻ چاهي ٿو.“ جيتوڻيڪ رئيساڻي سرڪار ختم ٿي ۽ بلوچستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿي چُڪو هو. اُها ڌار ڳالهه آهي ته بلوچستان حُڪومت جي برطرفي، علامه جي مارچ جي دٻاءَ جو نتيجو ته نه هُئي. پر بلوچستان جي اندر لڳاتار هزاره ڪميونٽيءَ جو اُهو ڪوس هو. جنهن تي ضابطو ته اڄ تائين اچي ناهي سگهيو. پر علامه طاهرالقادريءَ سمجهيو ته شايد اهو ڪرشمو به سندس مارچ جو نتيجو آهي. هُن اسلام آباد پُهچڻ شرط ائين محسوس ڪرايو، ڄڻ هُو هِن مُلڪ ۾ حقيقي آئيني بالادستيءَ جي علامت هُجي. هُو لڳاتار آئين جي بالادستي، قانون جي حُڪمراني ۽ حقيقي جمهوريت جي قيام جون ڳالهيون ڪندو رهيو. هُو حُسيني مقصد کڻي يزيد جي تخت جا ترا ڪڍڻ جهڙيون ڳالهيون ڪندو رهيو هو. هُن اسلام آباد ۾ پنهنجي مُطالبن جي طويل لسٽ ۾ اهم مُطالبا، اليڪشن ڪميشن جي ٽوڙڻ ۽ قومي اسيمبليءَ جي برطرفيءَ جون ڳالهيون پئي ڪيون ۽ 90 ڏينهن ۾ اليڪشنون ڪرائڻ جهڙا مُطالبا رکي، هُن جي بقول ته ماڻهن جا جذبا پنهنجي مُٺ ۾ ڪري ويهي رهيو هو. هُو جيڪو لڳاتار چوندو رهيو ته حُڪومت جي خاتمي تائين سندس ڌرڻو جاري رهندو. پر ڌرڻي جو ڊراپ سين، ڪنهن به مُطالبي جي مڃتا کانسواءِ ئي پنهنجي پُڄاڻيءَ تي پُهتو. 16 مارچ کان پهرين قومي اسيمبلي معطل ڪري 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو. حُڪومتي ڪميٽيءَ ۾ شامل ميمبرن ۾ فاروق نائيڪ، قمرالزمان قائره، مُشاهد حسين، خورشيد شاهه ۽ فاروق ستار شامل هُئا. ۽ علامه طاهرالقادري جيڪو گرم بڪر ۾ بند هو ۽ سرديءَ جي جهنم ۾ سڙندڙ اڌ پُسيل لٽن سان ڇٽين هيٺان ٻارڙن سان گڏ ويٺل عوام کي پنهنجي تقريرن سان گرمائيندو رهيو. پنهنجي آخري خُطبي ۾ مُخاطب ٿي چيو هُئائين ته: ” اسان جي سوڀ ٿي آهي، شيطاني شرارتون ناڪام ٿي ويون آهن.“ اُن وقت کان وٺي هزارين دلين تي راڄ ڪندڙ علامه لاءِ اُنهن ماڻهن جي دلين ۾ شڪن جنم ورتو هو. ڇاڪاڻ ته هُو جن نُقطن جي بُنياد تي عوامي هُجوم ساڻ ڪري ڊي چوڪ وٽ اچي لٿو هو، اُهي سڀ نُقطا پاسيرا ٿي ويا هُئا ۽ حُڪومت پنهنجو موقف مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هُئي.
    اسلام آباد جي سرد جهنم مان بچي ويل عوام بعد ۾ ڪيترا ئي ڏهاڙا بيماريءَ ۾ ڪاٽيا هوندا. پر ميڊيا تي هڪ هفتي تائين علامه جو مارچ ڇانيل رهيو. اُن وقت شديد سردي ۽ بارش هُئي. جڏهن علامه ڌرڻو هڻي، ڊي چوڪ تي ويٺو هو. پر هاڻ ته مئي جي موسم نواز ليگ لاءِ ان ڪري به مٿي جو سُور بڻيل رهندي ته ماڻهوعلامه جي سڏ تي هزارن جي تعداد ۾ ساڙيندڙ سرديءَ ۾ ساندهه چار ڏينهن ويهي سگهن ٿا ته مئي جو مهينو ته ماڻهن لاءِ ڄڻ تفريح بڻيل رهندو. جڏهن ته تحريڪِ انصاف علامه جي ساٿ سان تمام گهڻو سرگرم بڻجي وئي آهي. هن تحريڪ کي موسم جو ساٿ وڌيڪ طاقتور بڻائي سگهي ٿو. ۽ حُڪومت مُخالف تحريڪ عوامي هُجوم کي لکن تائين پُهچائي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ چوڌري نثار ۽ ميان شهباز شريف عمران خان ۽ علامه طاهرالقادري جي گڏيل تحريڪ کي ڪيئن منهن ڏيندا؟ اُن لاءِ نواز ليگ پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. هڪ پاسي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ مُختلف طريقا طئي ڪيا ويا آهن. جن ۾ هن تحريڪ جي اندر ٻارڙن جي شموليت کي روڪڻ ۽ ڪنهن به هٿيار جن ۾ ننڍي وڏي هٿيار کان وٺي، لٺ کڻي هلڻ وارين گاڏين کي به روڪڻ جهڙا معاملا طئي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته ٻئي پاسي وزيرِاعظم ميان نواز شريف، اقتدار جي آسري تي اُٻهرائپ جو شڪار بڻيل عمران خان کي واضع طور ڳالهين جي آڇ به ڪئي آهي. پرعمران خان ۽ علامه جيڪي ايترو سولو ڳالهين جي رستي تي اچڻ لاءِ تيار ٿيندي نظر اچي نه رهيا آهن. هُو هر حالت ۾ عوامي ميڙ کي وٺي ڊي چوڪ تي ويهڻ لاءِ وڃي رهيا آهن. جيڪي اسلام آباد جو هڪ ڀيرو ٻيهر سُڪون ڦٽائڻ ۽ عوامي ميڙ جي پويان پنهنجا اُهي مقصد کڻي وڃي رهيا آهن، جن مقصدن کي مجموعي طور سُٺي نظر سان نٿو ڏٺو وڃي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ايتري وڏي عوامي ميڙ کي گڏ ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن معاملا وري به ڳالهين جي رستي تي ئي کُٽڻا آهن ته پوءِ اهڙيون ڳالهيون عوام کي رستن تي آڻڻ ۽ تمام وڏن خرچن جي استعمال ڪرڻ کان پهرين ڇو نٿيون ڪيون وڃن؟ ڇا عمران خان ۽ علامه پنهنجي طاقت عوامي ميڙ جي نُمائش کان پوءِ ڪنهن اهڙي پاسي مُنتقل ته نه ڪندا، جنهن سان جمهوريت جي رستا روڪ ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اهڙو رُجحان ۽ سياسي انداز اختيار ڪيو ويو ته اهو به ياد رکڻ گُهرجي ته، پاڪستان جي سياست جا بُنياد ئي انتقامي سياسي انداز سان ڀريا پيا آهن. سُڀاڻي اهو به ممڪن آهي ته اڄ اقتدار تي ويٺل نواز ليگ سُڀاڻي جڏهن اپوزيشن ۾ ويهندي ته اُهو اسلام آباد وارو ڊي چوڪ نوازليگ جو به مورچو بڻجي سگهي ٿو. تنهن ڪري سياست ۾ اُٻهرائپ وارو انداز ڪڏهن به بهتر نتيجا ناهي ڏئي سگهندو. اڄ وفاق ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل عمران خان سُڀاڻي اقتدار جي مسند تي موجود هوندو ته اهڙن چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ وقت کيس ضرور هي ڏينهن ياد ايندا. محنت ۽ قُربانين سان حاصل ڪيل اقتدار جو رستو وٺڻ بجاءِ، هزارن جو هُجوم کڻي جمهوريت کي غير فعال بڻائڻ جا نتيجا مُستقبل ۾ سُٺا نڪري نٿا سگهن.
    نواز ليگ مٿان آيل هي نئين آزمائش واري مُصيبت کي نواز ليگ پنهنجي سياسي سنجيدگيءَ سان مُنهن ڏئي رهي آهي. ڳالهين جا سمورا رستا کُليل رکڻ کان پوءِ به علامه ۽ عمران پاپولر عوامي سياست ۾ پير رکڻ جا خواهشمند آهن ته سندن ڳالهين جي رستي تي نه اچڻ، اهڙي سياسي خودڪشي هوندو. جنهن ۾ سندن موجودهه عوامي ساک، بُري طرح مُتاثر ٿي سگهي ٿي. جيڪي اڳواٽ ئي پنهنجو سياسي گراف گهٽائي چُڪا آهن.
    جيتوڻيڪ نواز ليگ حُڪومت کي به صبر سان معاملا سُلجهائڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته اقتدار ۾ ويٺل هر حُڪومت جي راهه ۾ ته احتجاجي تحريڪن جا ڪنڊا اُن جو حصو بڻيل هوندا آهن. تنهن ڪري علامه ۽ عمران جي تحريڪ جا رستا روڪيا ويندا يا کين پنهنجي طاقت جي زور تي اُستادن جو احتجاج سمجهي مُنتشر ڪرڻ جهڙا حُربا استعمال ڪرڻ جو سوچيو ويو ته معاملا تمام گهڻو بگڙي سگهن ٿا. جيڪڏهن معاملي کي سياسي سُلجهاءَ واري واٽ تي آندو ويو ته نتيجا بهتر نڪري سگهن ٿا. پر جيڪڏهن نواز ليگ پنهنجي جزباتي سياسي صلاحڪارن جي صلاحن تي سياسي انداز بجاءِ ڪنهن طاقت جو استعمال ڪيو ته حُڪومت مُخالف پوزيشن وڌيڪ طاقتور بڻجي نوازليگ سرڪار جي راهه ۾ اهڙيون رُڪاوٽون کڙيون ڪندي جن کان نواز ليگ پنهنجو دفاع برقرار رکي نه سگهندي. اهم ڳالهه ته اسلام آباد جي هوائن ۾ مڊ ٽرم اليڪشن جون ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيڪڏهن نواز ليگ هن معاملي تي سنجيدگيءَ سان نه سوچيو ته حُڪومتي بُحران وڌي سگهي ٿو. تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان ۽ علامه طاهرالقادري جو بنيادي نقطهءِ نظر ساڳيو ئي آهي ته چونڊن جي شفافيت! سوال اهو آهي ته سال گُذري وڃڻ کان پوءِ چونڊن جي شفافيت وارا معاملا ڪيئن کڙا ٿي پيا آهن؟ جيڪڏهن خيبر پختونخواهه ۾ عمران خان جي پارٽي تحريڪِ انصاف جي حُڪومت آهي ته هڪ سال تائين ڌانڌلين سان جوڙيل حُڪومتي عرصي کي ڪهڙي کاتي ۾ وجهي سگهجي ٿو؟. اهڙا معاملا ته اُن وقت سامهون اچڻ گُهرجن ها، جڏهن اڃان صوبائي حُڪومتون ۽ وفاقي حُڪومتون ٺهي نه سگهيون هُيون. پر ايترو وقت گُذرڻ کان پوءِ اهڙو سوال هاڻ اٿارڻ ڪنهن معنى کان خالي نظر نٿو اچي.
    جيڪڏهن چونڊن جي شفافيت جا معاملا ۽ مُلڪ ۾ سُڌارن آڻڻ جو سوال آهي ته اهي ٻئي ڌار معاملا آهن. چونڊن جي شفافيت وارو مسئلو الڳ بحث آهي. مُلڪ ۾ بنيادي سياسي ۽ انتظامي سُڌارا جُدا ڳالهه آهن. چونڊن جي شفافيت جي باري ۾ سوال اُٿندو ته شايد ان معاملي تي علامه طاهرالقادريءَ جي سٿ ۾ باقي پارٽيون ميدان تي موجود نه هُجن. ممڪن آهي ته مُسلم ليگ (ق) ۽ تحريڪِ انصاف ٿوري گهڻي فرق سان وري به علامه جي سٿ ۾ موجود رهن. ڇاڪاڻ ته اُهي ڪنهن نه ڪنهن طرح مڊٽرم چونڊن جون حامي آهن. پر مُلڪ جي بنيادي سياسي ۽ انتظامي سُڌارن جي حوالي سان خود نواز ليگ کي به اعتراض نه هجڻ گُهرجي. ان نُقطي تي، شايد نواز ليگ حُڪومت، علامه ۽ عمران سان ڳالهين جا رستا کُليل به رکيا آهن. پر اڄ 11 مئي تائين معاملا سُلجهي نه سگهيا ته نواز ليگ حُڪومت جي لاءِ حالتون ڏُکيون بڻجي سگهن ٿيون. جنهن کي نواز ليگ سرڪار چڱيءَ طرح سمجهي ٿي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن علامه واري تحريڪ کي نواز ليگ حُڪومت سولو سمجهي ها ته لنڊن کان واپسيءَ وقت وزيرِاعظم تڪڙو اجلاس سڏائي معاملي تي صلاحون وٺڻ بجاءِ روايتي انداز اختيار ڪري ها. هن مسئلي تي في الحال ٻيا کڙا ٿيل سمورا محاذ عارضي طور پاسي تي ڪري علامه ۽ عمران جي تحريڪ کي مُنهن ڏيڻ واري معاملي تي ئي ويچارڻ مان محسوس ٿئي ٿو ته نواز ليگ لاءِ هي تحريڪ ڪيتري معنى خيز بڻيل آهي.؟


    عوام جي سياسي تقدير ۽ تحريڪِ انصاف جي طاقت

    جڏهن تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ عمران خان ساهيوال جي جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو ۽ هُجوم ۽ الفاظ هڪٻئي کي وائڙن وانگر تڪي رهيا هُئا. تڏهن هڪ ”پراڪرت گيت“ جون سِٽون مون کي شدت سان ياد اچڻ لڳيون هُيون. ”رات هُوءَ مُسافر لاءِ پلال وڇائي ڀُڻ ڀُڻ ڪري رهي هُئي، ۽ باک ڦُٽيءَ جو اُنهيءَ پلال کي ڪٺو ڪري روئي رهي هُئي.“ پاڪستان جي عوام جي قسمت به ڪُجهه اهڙي آهي. جيڪي پنهنجي سچائيءَ جي سج اُڀرڻ ۽ وفائن جهڙن واعدن تي اهڙن سياسي مُسافرن جو انتظار ڪندا آهن، جيڪي ڪڏهن به اچي ناهن سگهندا ۽ پنهنجون ميريون چادرون وڇائي ويهندا آهن. پر کين مايوسيءَ کان مٿي ڪُجهه مِلي ناهي سگهندو ۽ موٽ ۾ کين پنهنجون ميريون چادرون ويڙهي کڻڻيون پونديون آهن. ها اها حقيقت آهي ته پاڪستان جو سياسي منظر تبديل ٿي رهيو آهي. سياست جاگيرداري ۽ سرمائيداريءَ جي قيد مان نڪرڻ لاءِ پنهنجا زخمي پرڙا هڻي رهي آهي. پر جنهن انداز سان ڪپتان، پاڪستان جي سياسي قلعي کي فتح ڪرڻ جا خُواب ڏسي رهيو آهي. اُن لاءِ نئين پاڪستان جي قيام جو عمل ۾ اچڻ گهڻو پري نظر اچي رهيو آهي. لاهور کان اسلام آباد جي ڊي چوڪ ۽ ڊي چوڪ کان ريڊ زون ۽ سپريم ڪورٽ جي احاطي تائين واري سياسي سفر کان پوءِ مهينن تائين محيط خيما بستين تائين. اسلام آباد سميت سڄي ميڊيا مٿان ڌرڻن جي نُمائش کان سواءِ بحث لاءِ ڪُجهه بچيو ئي نه هو. اُهي خيما بستيون ته کڄي ئي ويون. قادريءَ جي انقلابي قافلي قربانيءَ واري عيد تي اجازت وٺي گهرن ڏانهن رُخ رکيو. پر ڪپتان پنهنجي ننڍڙي قافلي کي ڌرڻي جي هنڌ جي تبديليءَ سان اسلام آباد ۾ ماڻهن جي محدود خيما بستي برقرار رکي، سڄي مُلڪ ۾ جلسن جي شروعات ڪئي آهي. هن اسلام آباد جي ابتدائي ڏينهن ۾ سِول نافرمانيءَ جو اعلان ڪيو هو. جنهن تي مُلڪ جي اڪثر سياسي حلقن ۽ تجزيي نگارن مٿس ڇتي تنقيد به ڪئي هُئي ۽ غير مُلڪي اخبارن عمران خان جي اهڙي اعلان کي ”تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ جي جدوجهد کي اُٻهرائيءَ مان ڏنل سياسي بيان ڪوٺيو هو ۽ چيو هو ته ان مرحلي تي عمران خان جو بيان نئين پاڪستان جا در ته کولي نه سگهندو پر جناح جي بچيل پاڪستان لاءِ به ڏُکيائيون پئدا ڪندو.“ اُن کان پوءِ تحريڪِ انصاف جي سربراهه پنهنجي هلايل بياني بندوق سان پاڻ مٿان ئي ٿيندڙ فائر محسوس ڪندي، پنهنجي ئي زخمن مٿان ترديدن جون مرهم پٽيون رکيون هُيون. پر جڏهن سڄي پاڪستان ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف جو اڳواڻ سمورا جلسا ڪاميابيءَ سان ڪري رهيو آهي ۽ نئين عوامي اڳواڻ طور اُڀرڻ جا خُواب ڏسي رهيو آهي. تڏهن اُردوءَ جي مشهور شاعر مُنير نيازيءَ جي شهر ساهيوال واري جلسي ۾ هُو چئي رهيو هو ته: ”هُو غريبن مٿان ٽيڪس جو بار هٽائي ڇڏيندو ۽ اُنهن جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کان ٽيڪس ڇِڪي وٺندو جيڪي ٽيڪس چور آهن.“ ۽ ڪيترن سياستدانن جا نالا وٺي ”مين تجهي نهين ڇڊانگا“ جهڙي پنجابي فلمن جهڙا ڊائلاگ ڳالهائي رهيو هو. تڏهن ائين لڳي رهيو هو ڄڻ عوام جو وڏو ميڙ ورهين تائين جزباتي نعرن جي قيد مان نڪرڻ کان پوءِ ٻيهر نعرن جو قيدي بڻجڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اها صورتحال پنجاب جي آهي. جيڪو پنجاب تحريڪِ انصاف جي ساهيوال جلسي ۾ جُهمريون هڻي رهيو هو. هي اُهو ئي ساهيوال آهي، جنهن ساهيوال جيل ۾ 1968ع جي آخر ۾ سنڌ جو شاعرسرد صبحن ۾ قيديءَ طور اُس جي تڙڪي ۾ ويهي پنهنجي لکيل نظمن جي سزا ڪاٽيندو هو. سنڌ جا اڪثر ماڻهو ساهيوال کي ٻن شاعرن جي حوالي سان سُڃاڻين ٿا، مُنير نيازيءَ جو شهر ۽ اياز جي قيد واري ڪال ڪوٺڙيءَ وارو شهر. جڏهن اُن شهر جي جلسي ۾ عمران خان پنهنجي ڀڙڪيلي تقرير جي لفظن سان عوامي هُجوم کي مُخاطب هو. تڏهن پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ سياسي تبديلي به اُن ڪيفيت وانگر محسوس ٿي رهي هُئي. جيڪا ڪيفيت ”ڪاميو“ جي ”اجنبي“ ناول ۾ قيد دوران هڪ ڪردار جي هوندي آهي. جيڪو ٿڌو ساهه کڻي سوچيندو آهي ته: ” ڪڏهن ڪڏهن درد بغير ٻڌائڻ ۽ خبردار ڪرڻ کان سواءِ ئي سيني ۾ ڪنهن خنجر وانگر کُپي ويندو آهي.“ جيتوڻيڪ عمران خان نئين پاڪستان جو پرچم کڻي پُراڻي قيادت سان گڏ، نوجوانن جي نغمن سان اسٽيجون سجائي رهيو آهي، هڪ حد تائين پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه اندر پنهنجي سياسي ڪيريئر جو گراف وڌائي ته سگهي ٿو. عرصن کان تخت لاهور مٿان حُڪمراني ڪندڙ مُسلم ليگ (ن) کي سياست جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ بند ته ڪري سگهي ٿو. سياسي تبديليءَ لاءِ نوازليگ جي ڌاڳي ۾ پويل مڻين مٿان مهربان بڻجي پنهنجي ڌاڳي ۾ پوئي کڻي هلڻ سان کيس مُستقبل ۾ اقتدار ته مِلي سگهي ٿو. ليڪن عوام جي منزل رُڳو اقتدار ئي ناهي. جيڪڏهن ڪو سياستدان اقتدار کي آخري منزل سمجهي ٿو ته پوءِ اُن جي ايجنڊا عوام جون دليون فتح ڪرڻ نه پر اقتدار حاصل ڪرڻ هوندو آهي. اهڙا سياستدان عوام جي حصي ۾ ڪڏهن به سونهري صبح آڻي ناهن سگهندا. ڇاڪاڻ ته سياسي تبديليءَ جو سفر اقتدار جي رستن تي نٿو کُٽي. سياسي تبديليءَ جو سفر عوام جي باشعور ٿيڻ ۾ آهي. اُهي مڻيا جيڪي مُختلف پارٽين جي ڌاڳن مان ٽُٽي، پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ڌاڳن ۾ پوئجي پاڪستاني قيادت بڻجي رهيا آهن. سي عوام جا وقتي همدرد ته ٿي سگهن ٿا. ليڪن اُهي طويل سياسي سفر ۾ عوام جا هڏ ڏوکي بڻجي نٿا سگهن. اُهي به پنهنجي اندر ۾ اهڙا ئي آهن. جيڪي عوام کي فقط ايوانن تائين پُهچڻ جو رُڳو رستو ئي تصور ڪن ٿا. جيڪي هر حالت ۾ اقتدار ۾ رهڻ جا عادي بڻجي چُڪا آهن. جيڪي اپوزيشن ۾ ويهڻ کي پنهنجي وجود لاءِ وڏو خطرو محسوس ڪندا آهن. اهڙا سياستدان عوامي ڪيئن ٿا ٿي سگهن؟ جن وٽ عوامي طاقت کان وڌيڪ اقتدار جي نشي جي بُک هُجي؟؟؟ جيڪڏهن عمران خان سياست ۾ اهڙي سياسي تبديليءَ جي ذريعي اچي ٿو ته هُو پاڪستاني سياست جي ناڪام ڪردار طور ثابت ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اقتدار جي ڪُرسين مٿان ويهندڙ چهرن جون تبديليون ڪا معنى نٿيون رکن. سوال اِهو آهي ته عوامي ائپروچ سان ايندڙ اڳواڻن وٽ اختيار ڪيترا هوندا؟؟ جيڪي اختيار هُو حقيقي معنى ۾ عوام جي خوشحاليءَ خاطر استعمال ڪري سگهن. جن جي پويان تِر جيتري به بدنيتي شامل نه هُجي. هن وقت تائين، پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ عمران خان جي سياسي تبديلي به اهڙي پُراڻي سِڙهه جهڙي نظر اچي رهي آهي. جيڪا طوفان کان اڳ هوا جي معمولي جهوٽن جي سٽ به سهي سگهڻ جي پوزيشن ۾ ناهي.
    پاڪستان جي سياست جو مسئلو فقط ٽئڪسن جي چوري ۽ ڪرپشن جو ئي ناهي پر قانون جي حُڪمرانيءَ کان وٺي بُنيادي قومي مسئلن تي سياسي آزاديءَ جو به آهي. پُراڻو پاڪستان جنهن جا بُنياد پوڻ وقت ورهاڱي جي صورت ۾ رت وهيو هو. پر جناح اُن رت جي پويان آزاديءَ جي صبح جو اُهو سپنو ڏٺو هو. جيڪو سپنو اُن سياست جي خاتمي جو سپنو هو. جيڪا سياست گروهي سياسي مُفادن کان مٿاهين هُئي. قومن جي حقِ خود اراديت وارا سوال پُراڻي پاڪستان جي اندر واضع موجود هُئا. سياسي تبديليءَ جي تاريخ لکڻ کان اڳ پاڪستان جي اندر صوبن جي تقدير جي تاريخ طرف به ڏسڻ گُهرجي. جتان جو عوام عرصي کان عوامي راڄ جي باوجود به اذيتن جهڙي زندگي گُذاريندو رهي ٿو. سنڌ ۽ بلوچستان اندر وڌندڙ سياسي آئسوليشن جي خاتمي لاءِ پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ ڪنهن به جلسي ۾ پنهنجي حڪمت عملي واضع ناهي ڪئي. ساهيوال جي جلسي کان پوءِ جڏهن عمران خان لاڙڪاڻي ۾ جلسي جو اعلان ڪيو آهي. تڏهن عرصن کان عوامي راڄ جي نالي تي هلندڙ ڦُرلٽ جي گرم ڪيل بازار کان تنگ آيل عوام ڪنهن اهڙي اڳواڻ کي ڏسڻ چاهي ٿو، جنهن جي نالي تي به سندن ڪا ڦُرلُٽ ٿي نه سگهي. سنڌ سميت سڄو پاڪستان سياستدانن جي نالن تي به لُٽبو رهيو آهي. اُهي ورڪر جيڪي ايمانداريءَ جا درس ڏيندا آهن. سي پنهنجي پارٽيءَ جي اقتدار ۾ اچڻ وقت وڌ ۾ وڌ موقعي پرست بڻجي ويندا آهن. سنڌ اهڙن موقعي پرست ۽ عوام دُشمن سياسي ورڪرن کان بيزار ٿي چُڪي آهي. اُها چاهي ٿي ته بي ايمان سياسي قيادت ۽ ورڪر بي ايمان سماجن کي جنم ڏيندا آهن. ايماندار سياسي ورڪر ۽ قيادت سماجن جي نئين سِر جوڙجڪ ڪندا آهن. سنڌ نئين سياسي چهري کي ڏسڻ جي خُواهش رکي ٿي. ان جو مطلب اهو قطعي به ناهي ته سنڌ ڪنهن جي به آجيان ڪري سگهي ٿي؟! سنڌ جي عوام جي به ڪا ايجنڊا هُجڻ گُهرجي. اُهي به چاهين ٿا ته سنڌ اندر غربت، يتيمي۽ بيماريءَ جهڙا معاملا هميشه ختم ٿي وڃن. سنڌ سُکي ستابي زندگيءَ جهڙي زندگيءَ پاسي موٽي سگهي!!! سنڌ جون ٻهراڙيون عوامي سُک ۽ امن جي آشياني جو عظيم مثال بڻيل هُجن. جتي تعليم، صحت ۽ روزگار جهڙا مسئلا هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن.
    ڇا ساهيوال جي صحن تي سُٺو جلسو ڪري وڃڻ سان اهو سمجهجي ته هاڻ عمران خان لاڙڪاڻي جي جلسي کان پوءِ نئون پاڪستان ٺاهي ڇڏيندو؟ بلڪل به نه!! مونکي افسوس آهي عمران خان کي صلاحون ڏيندڙ سوچن تي، جيڪي سياسي بصيرت جا مالڪ ته بنهه به ناهن، پر کين سنڌ جي سياسي مزاج کي به پڙهي سگهڻ جيتري صلاحيت ناهي. ! ڇاڪاڻ ته عمران خان کي جيڪڏهن سنڌ جي سياسي صورتحال کي سمجهڻو آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ گهڙي سگهڻ جي صلاحيت آهي ته هُو سنڌ جي ووٽ بئنڪ کي سولائيءَ سان پنهنجي پاڪيٽ ۾ رکي سگهي ٿو. ليڪن افسوس جو کيس صلاحون ڏيندڙ عقلمند سياستدان به ناهن. جيڪي کيس سمجهائي سگهن ته سنڌ جو وڏو مسئلو ”مُحبت“ آهي. انگ اُگهاڙن ٻارن سان مُحبت، ويلو ڪاٽيندڙ ونين سان مُحبت، گُلن جهڙين، نفيس نازڪ ۽ اڇين عورتن کي ڪارو ڪري مارڻ وارن جي خاندان سان مُحبت، مُحبت کي عوامي سطع تي ڪو سياستدان مشهور ڪري سگهي ٿو ته اُهو سنڌ جو مقبول سياستدان بڻجي سگهي ٿو. ڇو ته اهڙي نفرت جي خاتمي لاءِ مُحبت برف جي سُفيد رستن وانگر نفيس هوندي آهي. عمران خان جي پاڪستان ۾ اهو به ضرور سوچڻو پوندو ته سنڌ ۾ هر هفتي جي ساهيءَ سان روڊن ۽ رستن تي لاشن جي سلسلي کي ڪير روڪيندو؟ جيڪي لاش ڏسي حافظ شيرازيءَ جي فارسي شعر جون سِٽون ياد اچي وڃن ٿيون. ”پنهنجي اکين کان پُڇ! ته اسانکي ڪير قتل ڪري رهيو آهي؟ مُنهنجا محبوب! اها نصيبن جي خطا يا ڪنهن ستاري جو ڏوهه ناهي پر تُنهنجي اکين جو آهي.“ اُنهن سياسي اکين جون دريون ايتريون ٻُوٽيل آهن، جو سنڌ جي جوانيءَ جي جسمن کي سوراخن جهڙيون اذيتون ڏئي سُمهارڻ تي به مُجرمانه ماٺ اختيار ڪيو ويٺيون آهن. جن جون اکيون اخباري سُرخين جي اکين ۾ تيزاب پوڻ جهڙين خبرن تي به هاڻ هِري ويون آهن. اهڙي حالت ۾ هُو جڏهن ڳڙهي خُدابخش کان 22 ڪلوميٽر پري لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي جلسي جي اسٽيج سجائيندو ته اُتي سندس ميزبان ڪير هوندا؟ جيڪڏهن اُهي ساڳيا چهرا جيڪي عوام جا آزمايل چهرا سندس اسٽيج تي ويٺل نظر آيا ته پوءِ ڪپتان جو سياسي ٻيڙو سنڌ ۾ شايد ئي پنهنجا پير پُختا ڪري سگهي! سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مُتبادل بڻجي اچڻ لاءِ تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ کي جزباتي سياسي نعرن جي سهاري سان داخلا مِلي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ عرصن کان جزباتي سياسي نعرن جي تتل رِڻ ۾ رُلي آهي. سنڌ کي ٿر جي ٿڌيءَ ريتيءَ جهڙي سياسي سهاري ڏيڻ لاءِ، سنڌ جي بُنيادي سياسي معاملن کي سمجهڻو پوندو ۽ سنڌ ۾ بهتر حُڪمراني تڏهن ئي قائم ٿي سگهندي. جڏهن مُختلف سياسي پارٽين جي ٽُٽل ڌاڳن مان ڪِري پيل مڻين جي ميڙ کي پنهنجي پارٽيءَ کان پري رکيو ويندو. ساڳين سياسي چهرن سان سنڌ ۾ بهتر حڪمراني ممڪن ٿي نه سگهندي. جيڪي غريب سنڌ جي بجيٽن مٿان سرڪاري عياشين تي هِري ويا آهن. جن لاءِ سنڌ جي مُفادن کان وڌيڪ پنهنجا ذاتي انفرادي مُفاد عزيز آهن. مارڪسي نُقطهِ نظر موجب: ”مُفاد به زنجير هوندا آهن. پوءِ اُهي ذاتي مُفاد هُجن يا سياسي، جن کان زندگيءَ ڀر جان ڇڏائي ناهي سگهبي.“ جيڪي عوامي سياسي مينڊيٽ کي سستي ساڙهي سمجهي، ووٽ وٺڻ کان پوءِ وساري ويهن ٿا. سي ڪڏهن به عوام جي بُنيادي حقن خاطر پنهنجي سياست جون صفون سِڌيون ڪري نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته گوڏن ڀر جُهڪيل مُلڪ ته جنگين جي سنگين حالتن مان ٻيهر اُٿي سگهن ٿا. پر جن مُلڪن جي سياست جي رڳن ۾ عوامي رت بجاءِ بُدعنوانيءَ جا جراثيم پئجي ويندا آهن. سي مُلڪ ڪڏهن به ترقيءَ جي واٽ وٺي ناهن سگهندا. عمران خان لاڙڪاڻي کان پوءِ اسلام آباد ۾ عوامي جلسن جي ذريعي موجودهه زنگجي ويل سياست جي تابوت ۾ آخري ڪوڪا هڻڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪري رهيو آهي. ليڪن اُهي دعوائون تڏهن حقيقت جو رُوپ وٺي سگهنديون. جڏهن سياست مان عوامي سياست واري غرور جو خاتمو ايندو. عوامي سياست جي سفر ۾ تڪبر واريون تدبيرون ناڪام بڻجي ويون آهن. ڇاڪاڻ ته وقت مغرور انسانن کي به عليل بڻائي ڇڏيندو آهي. وڏا جلسا ته ننڍيون پارٽيون به ڪاميابيءَ سان ڪري وڃن ٿيون. پر عوام کي بهتر مُستقبل ڏيڻ لاءِ ڪنهن وڏي پارٽيءَ جي نه پر اُن نيت جي ضرورت آهي. جنهن جي اُميد عوام عرصي کان ڪري رهيو آهي. مصيبتن جي مُسلسل مُهرين کائڻ کان پوءِ عوام جي تقدير هاڻ تبديل ٿيڻ گُهرجي.


    قومپرست پارٽيون ڪراچيءَ کي سياسي قلعو بڻائين

    قومن جي جاگرافيائي سرحدن کي جڏهن سلاخن سان سوڙهو ڪيو ويندو آهي ۽ انهن جي معاشي مرڪز ۽ معاشي مارڪيٽن تي قبضا ڪيا ويندا آهن. تڏهن قومون پنهنجون حڪمت عمليون تبديل ڪنديون آهن. پنهنجي معاشي مرڪزن ۽ ڪاروباري منڊين تان قبضن جو نوٽيس وٺنديون آهن ۽ سياسي قيادتون پنهنجي قوت ڏيکارڻ خاطر اهڙيون حڪمت عمليون جوڙي وٺنديون آهن. جن حڪمت عملين جي بنياد تي ڌرتي ڌڻي پنهنجي معشيت تي مالڪي حاصل ڪري سُک جو ساهه کڻندا آهن. قومن جي ڪاروباري مرڪز ۽ معاشي منڊين تي هاڻي جنگي حڪمت عملين جي ذريعي قابض ٿيڻ وارو دور ختم ٿي ويو. دنيا جي تاريخي نصاب تي نظر وجهبي ته معاشي طور بدحال قومون فقط هٿيارن ۽ فوجي طاقتن جي ذريعي پُرامن ۽ خوشحال قومن تي حملا ڪري انهن جي معشيت تي قابض ٿينديون رهيون آهن. سنڌ جي تاريخ مان ئي مثال وٺبو ته عربن جي ڪاهه کان وٺي ارغونن، مغلن، ترخانن ۽ برطانوي سامراج تائين، هِن پُرامن قوم مٿان جيڪي به حملا ٿيا آهن. اُهي فقط سنڌ جي خوشحال معاشي سببن جي ڪري ئي ٿيندا رهيا آهن. هونئن به هميشه اُهو ئي سُکيو ستابو گهر ڦُربو ۽ لُٽبو آهي، جيڪو پنهنجي ملڪيت جي حفاظت ڪرڻ جي سگهه ناهي رکندو يا اُن کان واقفيت رکڻ جي اهليت کان محروم هوندو آهي.
    ٻي عالمي جنگ کان پوءِ دنيا ۾ جنگي حڪمت عمليون به تبديل ٿي ويون آهن. خوشحال ملڪن ۽ قومن جي معاشي منڊين تي تسلط جا طريقا به تبديل ٿي ويا آهن. ائين جيئن هن وقت چائنا سڄي دنيا جي منڊين مان مقامي شين کي آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح سنڌ جي وڏن شهرن مان مقامي ماڻهو پنهنجي منڊين ۽ مارڪيٽن مان اڻلڀ ٿي ويو آهي. جن قومن کي پرڏيهي سياسي پاليسين جي ڄاڻ آهي سي سنڌ ۾ حصيداري حاصل ڪرڻ لاءِ مڪمل پلاننگ سان ڪم ڪري رهيون آهن. پنهنجي ماڻهن جي رهائش ۽ روزگار سميت کين سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ سرگردان آهن. ڇو ته پرڏيهي سياسي پاليسيون طويل مُدتن تائين جُڙنديون آهن. جن جي ايجنڊا جا مقصد موجودهه سياسي پاليسين جي تناظر ۾ طئي ٿيندا آهن.
    نائين اليون کانپوءِ دهشتگرديءَ خلاف اُٿندڙ جنگ واري طوفان ۾ دنيا جي سُپر پاور طاقتن پاڪستان متعلق پنهنجون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙي ورتيون آهن. جنهن نقظهءَ نظر سان ڏسجي ٿو ته ڊگهي مُدت کانپوءِ هن خطي ۾ جاگرافيائي تبديلين واري امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن جاگرافيائي تبديلين ۾ سنڌ جي صورتحال ڪٿي بيهندي؟ اُن جو اندازو به موجودهه سياسي صورتحال جي تجزيي مان ڪري سگهجي ٿو.
    جنگ جي فن تي چيني مفڪر سن تُزو جي لکيل ڪتاب ”جنگ جو فن“ کي آمريڪا جي فوجي اڪيڊمي ۾ بائيبل جي حيثيت حاصل آهي. جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ”هٿيارن جي حملي کان وڌيڪ نفسياتي حملو هوندو آهي، جنهن سان دشمنن جا مورچا خالي ٿي ويندا آهن.“ سنڌ هن وقت هڪ اهڙي ئي نفسياتي حملي جو شڪار آهي. سنڌ جي اهم سياسي معاملن تي گهري اک رکڻ بجاءِ هن ملڪ جي اهڙن معاملن تي بحث ڪيا وڃن ٿا جن معاملن جو سنڌ جي سياسي ماحول تي سڌي يا اڻسڌي طرح ڪو فرق پئجي نٿو سگهي.
    اصولي طور اسان اهو سمجهون ٿا ته پيپلز پارٽي سنڌ جي بقا جي جنگ وڙهڻ ۾ سنڌي ماڻهن کي مڪمل مايوس ڪيو آهي. ته پوءِ سوال اهو آهي ته آخر ٻي اهڙي ڪهڙي قوت آهي جنهن سان سنڌي قوم ڪي اُميدون وابسته ڪري سگهي ته اُها قوت ئي سنڌ جي بقا لاءِ سياسي مورچي تان سگهارو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟ پيپلز پارٽيءَ کي پاسي تي رکي سنڌ جي باقي قومپرست سياسي پارٽين جو جائزو وٺبو ته انهن جي پوزيشن به مڪمل مايوس ڪندڙ نظر ايندي. ڇو ته اُهي ڪنهن به هڪ نُقطي تي متحد ٿي يا ڌار رهي به ”سنڌ ڪيس“ کي بارگيننگ جي حد تائين به پهچائي ناهن سگهيون.
    هن وقت سنڌ مٿان نفسياتي حملو شايد اسان جي قومپرست قيادتن کي به نظر نه ايندو هُجي ته ”ڪراچي ڪيس“ سنڌي ماڻهن لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين صدمي وانگر بڻجندو پيو وڃي. اسانجا مسلمان ڀائر جيڪي چاچا حفيظ چواڻي ” ته معشيت ۾ ته حصيدار آهن پر اسانجي معاشري جا مُنڪر بڻيل آهن.“ سي جتي به آباد ٿيا تن تاريخي نالن کي تبديل ڪري سنڌ کان ان جي تاريخ کسڻ جي شروعات ڪئي. اهڙا سوين مثال موجود آهن. ”ايلفنسٽن اسٽريٽ“ جي نالي کي ”زينب مارڪيٽ“ ڪري ڇڏيائون. ”هارڊ ڊيوس روڊ“ کي ”ياسين ڇيپا روڊ“ ۽ ”پريٽ روڊ“ کي وري ”عارف شبير روڊ“ جهڙا نالا ڏنا ويا آهن. تازو هڪ انگريزي اخبار جي رپورٽ مطابق ڪراچيءَ جي تعلقا ميونسپل ايڊمنسٽريشنس جا اهي ايڊمنسٽريٽر جن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي. سي پنهنجي هٿرادو آرڊيننس جي ذريعي سڄي ڪراچيءَ جي اهم تاريخي جاين، روڊن ۽ رستن جا نالا تبديل ڪري انهن دهشتگردن جي نالن سان جوڙي رهيا آهن جيڪي مختلف جهيڙن ۽ فسادن ۾ مري چڪا آهن. رپورٽ مطابق فقط صدر ٽائون جي ايڊمنسٽريٽر پنهنجي نادر شاهي آرڊيننس جي ذريعي گذريل 4 سالن ۾ 400 جاين، رستن ۽ چونڪن جا پراڻا نالا تبديل ڪري پنهنجي پارٽيءَ جي ورڪرن جي نالن سان منسوب ڪري ڇڏيا آهن. ۽ نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته هن لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس، 1979 جي سب سيڪشن 07 جي سيڪشن 52 تحت ائين ڪيو آهي. پر هن کان ڪنهن به ناهي پڇيو ته تاريخي نالن کي ميسارڻ جو کيس ڪهڙو قانوني حق آهي. جڏهن ته اهڙا معاملا اسيمبلين جي ذريعي ٿيڻ کپن جتي بحث ڪرايو وڃي ۽ جيڪا اڪثريت جي راءِ جُڙي ان کان پوءِ نالن جي تبديليءَ تي غور ڪيو وڃي. پر نالن جي تبديلي به قومن جي توهين جي برابر هوندي آهي. اُصولي طور ڪنهن به تاريخي نالي کي تبديل ڪرڻ جو حق کي به حق نه هُجڻ گُهرجي. تاريخي نالن کي تبديل ڪري ڄڻ تاريخ سان وڏي هٿ چراند ڪئي وئي آهي ۽ ڌرتي ڌڻين جي نالن پويان جُڙيل عمارتن کي نون نالن سان منسوب ڪري انهن جي تاريخي توهين ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به نه هجڻ گهرجي.
    تنهن ڪري ڪراچي جيڪا سنڌ جي معشيت جو ڳڙهه آهي. جنهن مٿان سنڌي ماڻهن جو مڪمل حق آهي. جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. پر موجودهه وقت ان معشيت مٿان اُهي ڌُريون قابض آهن، جيڪي اُتي موجود آهن. جن جو ڪراچيءَ جي معشيت تي مڪمل ڪنٽرول آهي. بين الاقوامي قوتون ته ظاهر آ انهن سان ئي بارگيننگ ڪنديون جيڪي قوتون اُتي موجود آهن. پر جيڪڏهن سنڌ جون قومپرست پارٽيون ڪراچيءَ تي پنهنجي مالڪي جي دعوى ڪن ٿيون ته انهن کي سڀ کان پهرين ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيڻو پوندو. ڪراچيءَ جي معشيت کان پري رهي مالڪيءَ جي دعوى ڪرڻ وارا دليل هاڻي نه هلڻ گهرجن. ڪراچيءَ کان پري به رهجي ۽ معشيت تي دعوى به ڪجي؟ اهو سوال منجهائيندڙ آهي. باقي پرڏيهي سياسي قوتن کي اهڙو ڪهڙو لاچار آهي جو اُهي سنڌين جي طرفداري ڪنديون؟ اُهي ته پنهنجي مُعاشي مُفادن جي تحفظ خاطر اُنهن ڌُرين سان ڳالهائينديون جيڪي ڌُريون طاقتور هونديون.
    جيڪڏهن ڪراچيءَ جي مالڪي ڪشمور ۾ ويهي ڪبي ته پاڪستان جي سياسي صورتحال تي نظر رکندڙ ادارن جي اک اُن پاسي وڃي نه سگهندي. ڪراچيءَ جي مالڪي ڪراچيءَ ۾ رهي ڪري سگهجي ٿي. ٻي صورت ۾ اها پرڏيهي قوتن جي مجبوري هوندي ته اُهي انهن سان ڳالهائن جيڪي هن شهر ۾ وڏي اسٽيڪ هولڊر طور موجود آهن. اسان جي قومپرست سياسي پارٽين جي جدوجهد جو روايتي سياسي انداز اهو رهيو آهي ته ڪراچيءَ تي مالڪيءَ جي دعوى به ڪجي ۽ پارٽين جا مرڪز به پري رکجن. جيڪا حڪمت عملي نه رڳو نتيجا ڏئي نه سگهندي پر اهڙي پاليسي سنڌ کان ڪراچيءَ کي ڌار ڪرڻ واري حڪمت عملي کي وڌيڪ هٿي ڏيندي. قومپرست سياسي پارٽين کي گڏجي جدوجهد هلائڻ لاءِ مان ڪا تجويز ته نٿو ڏئي سگهان. ڇو ته اُن متعلق اتحادن جا بُرا حشر ماضيءَ کان وٺي ڏسندا پيا اچون. پر ڇا اُنهن کي اها ڳالهه به سمجهائڻي پوندي ته ڪراچيءَ سميت سڄي سامونڊي پٽيءَ جي معشيت متعلق يا مستقبل ۾ امڪاني تبديلين جي تناظر ۾ جيڪي حالتون جُڙنديون، اُن صورتحال ۾ پرڏيهي سياسي قوتون ڪنهن سان ڳالهائينديون؟ سنڌ ۾ ٻن انتطامي نظامن واري سوال تي جيڪڏهن متحده جي گورنر پيپلز ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن آرڊيننس 2012 جاري ڪيوآهي جنهن جي ذريعي ڪراچي سميت سنڌ جي وڏن شهرن کي هو پنهنجي ڪنٽرول هيٺ رکي سگهندا. جتي متحدهه جي اڪثريت آهي. ظاهر آهي ته اهڙي حالت ۾ متحده بارگيننگ جي مضبوط پوزيشن ۾ هوندي. اُن کان پوءِ ٻي قوت اي اين پي آهي جيڪا پڻ مستقبل ۾ ڪراچيءَ جي وڏي اسٽيڪ هولڊر طور اُڀري ايندي. اُن جا بنيادي سبب اِهي آهن ته انهن پارٽين جون ڪراچيءَ جي اندر مرڪزي آفيسون موجود آهن. جنهن سبب اهي پنهنجي ماڻهن کي رهائش ۽ روزگار کان وٺي زندگيءَ جون سموريون سهولتون ڏيارڻ لاءِ مسلسل ڪوششن ۾ آهن.
    جڏهن ته قومپرست سياسي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ بجاءِ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ نظر اينديون. پر قيادتون مسلسل سنڌي ماڻهن کي اپيلون ڪندي نظر اينديون ته اهي ڪراچي اچن. اِها غير فطري ڳالهه ٿيندي ته سنڌي ماڻهو قومپرست پارٽين جي سهڪار کانسواءِ لاوارثيءَ جي حالت ۾ ڪراچي پهچي خود روزگار ۽ رهائش جي تلاش ڪن. جتي کين ڪيترين لساني نفرتن سان منهن ڏيڻو پوي ٿو. اها حقيقت آهي ته متحدهه مسلسل اقتدار ۾ رهي آهي ۽ اي اين پي به اقتدار ۾ هجڻ سبب پنهنجي ماڻهن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪندي رهي آهي. پر سنڌ جي قومپرست قيادت انهن شين کان محروم رهي آهي. پر مسئلو اقتدار ۾ هجڻ يا نه هُجڻ جو ناهي مسئلو سياسي اُتساهه جو آهي. جن کان ڪراچيءِ جي اندر سنڌي ماڻهو محروم آهن. ڪراچيءَ جي اندر قومپرست قيادت جي موجودگيءَ سان نفسياتي طرح سنڌي ماڻهن جي دل کي جيڪا آٿت ملندي اُن جي ڀيٽ روزگار، رهائش ۽ ٻين سهولتن کان مٿي آهي. جيڪڏهن سمورين قومپرست پارٽين پنهنجي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ منتقل ڪري ورتيون ته سنڌين جو ووٽ جيترو ڪراچيءَ ۾ درج ٿيندو. ان جو اندازو نٿو لڳائي سگهجي. پر اُن جي باوجود جڏهن سنڌين جي پنهنجي شهر ڪراچيءَ ۾ مالڪي ڪرڻ واري ڪا به سياسي ڌُر موجود ناهي پوءِ به اُنهن ماڻهن جي همت کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. جيڪي ڪنهن به قومپرست جماعت جي سهڪار کانسواءِ سڄي ڪراچيءَ ۾ آباديءَ جي انگ کي وڌائي رهيا آهن. سي قومپرست قيادتن جي مرڪزي آفيسن جي ڪراچيءَ ڏانهن مُنتقليءَ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهو ٿا ته انهن معصوم ماڻهن جون دليون، جنهن لساني نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيون رهيون آهن سي قومپرست پارٽين جي موجودگيءَ ۾ نفسياتي خوف مان نه رڳو نڪري سگهندا پر ڪراچيءَ جي رستن کي اوپرو سمجهڻ واري احساس مان به نڪري ايندا. اُن سان اهي قوتون به ڪمزور ٿي سگهنديون جيڪي قوتون ائين سمجهن ٿيون ته ڪراچيءَ تي فقط انهن جو ئي حق آهي. قومپرست قيادتن جي موجودگيءَ ۾ پرڏيهي سياسي قوتون هن وڏي شهر ۾ اُنهن پارٽين جي ننڍين آفيسن ۾ به لڙي سگهن ٿيون ۽ مستقبل جي سياسي رٿابندين ۾ کين شامل به ڪري سگهن ٿيون. جنهن سان سنڌ نفسياتي سياسي حملي مان نڪري سگهي ٿي. قومون تباهيءَ کان پوءِ پاڻ سنڀالي وٺنديون آهن. جيڪڏهن قومپرست پارٽين هن وقت به ڪو اهڙو فيصلو ڪيو ته اهو وقتائتو فيصلو هوندو. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن، ڪراچيءَ جي اندر جڏهن پنهنجا کيما کوڙيا تڏهن ڪراچيءَ جي سياست جا رنگ ئي تبديل ٿي سگهن ٿا. پر ڪراچيءَ کي مريض سمجهي فقط عيادت ڪري موٽي اچڻ واري روش ختم ڪرڻي پوندي.


    ڪالاباغ ڊيم _ صوبائيت واري سياست جا وڌندڙ اثر...

    سنڌ جي سياسي صورتحال اهڙو ئي رُخ اختيار ڪري ورتو آهي، جنهن جو ڪيتري عرصي کان سنڌي ماڻهن کي خدشو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان وفاقي حڪومت کي آئين جي آرٽيڪل 154 تحت گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي 1991ع ۽ 1998ع ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت سفارشن تي عمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هدايت جاري ڪئي آهي ته وفاقي حڪومت ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ ضروري اُپاءَ وٺي. اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ سنڌ جي مختلف قومپرست سياسي جماعتن سميت پيپلز پارٽي، اي اين پي ۽ فنڪشنل ليگ به اهڙي فيصلي کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته سنڌ بچايو ڪميٽيءَ طرفان سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس خلاف رٿيل 30 نومبر واري هڙتال به ڪالاباغ ڊيم مخالف هڙتال ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪالاباغ ڊيم بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي اچڻ کان پوءِ صوبائيت واري سياست کي هٿي ملي رهي آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر پيپلز پارٽيءَ جا رستا صاف ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. ڇو ته سنڌ ورهائڻ واري معاملي تي سنڌ جي چِڙ کي پيپلز پارٽيءَ طرفان ڪالاباغ ڊيم تي واضع موقف رکڻ سان ٿڌو ڪرڻ لاءِ هڪ نئون اِشو ملي ويو آهي. جنهن سبب پيپلز پارٽي قومپرست تنظيمن کي پنهنجي تنقيد جو نشانو به بنائي رهي آهي. ڪالهه تائين نواز ليگ سنڌ ۾ پنهنجي تنظيم ڪاري ڪرڻ لاءِ قومپرستن کي جن ڪوڙن آسرن ۾ رکيو هو. اهڙن آسرن وارن نُقطن جي به پَت وائکي ٿي پئي آهي. سنڌ نيشنل فرنٽ جو نواز ليگ ۾ ضِم ٿيڻ ۽ ايس يو پي طرفان نواز ليگ سان 7 نُقاطي ايجنڊائن هيٺ اتحاد ڪرڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جون ٻين قومپرست پارٽين سان مُلاقاتن جي پَت لاهور هاءِ ڪورٽ واري فيصلي اچڻ کان پوءِ وائکي ٿي پئي آهي.
    مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب جي وڏي وزيرشهباز شريف هن مُلڪ جي ٽن صوبن جي مخالفتن جي باوجود پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ بئنڪ بچائڻ خاطر لاهور هاءِ ڪورٽ واري فيصلي جي ردِ عمل ۾ جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي. اهڙي موقف سان مسلم ليگ (ن) مٿان به صوبائي سطع جي پارٽيءَ جو ليبل لڳي چُڪو آهي. جڏهن ته پنجاب سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ احمد مختيار لاهور هاءِ ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي ملڪ جي استحڪام جو مسئلو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان سان صوبن ۾ ويڇا وڌندا. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي سمورن اڳواڻن جو ڪالاباغ ڊيم تي موقف قومپرستن جي موقف کان مختلف ناهي. پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ شرجيل ميمڻ جيڪو ڪيتري عرصي کان نواز ليگ کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو هو. تنهن کي به نواز ليگ ۽ قومپرستن جي سياسي پاليسين جي حوالي سان تنقيد لاءِ نئون موضوع ملي ويو آهي. ان سڄي سياسي راند ۾ هن وقت پيپلز پارٽي پنجاب جا اڳواڻ ڪالاباغ ڊيم تي وچٿرو موقف رکن ٿا. جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي هِن اِشو کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪيش ڪرائي سگهي ٿي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان اقتدار جي عشق ۾ ڦاٿل قومپرست سياسي پارٽين جي ڪيل غلطين سبب هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ماڻهن کي مايوسي ٿي آهي ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رستي تي کڙيون ٿيل رُڪاوٽون دور ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.
    سنڌي ماڻهن جي وڏي اڪثريت جيڪا ڪيتري عرصي تائين پيپلز پارٽيءَ کان مايوس هجڻ کان پوءِ به مسلم ليگ (ن) کي سيڪنڊ آپشن طور به سليڪٽ نه ڪيو هو. پر انهن چاهيو پئي ته قومپرست قيادت کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو سياسي اسپيس ملڻ گهرجي، جيئن اُهي سنڌ جي مسئلن کي ايوانن ۾ وڃي اُٿاري سگهن. پر اهڙي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ قيادتون ئي جڏهن پنجاب جي نمائنده پارٽيءَ سان ٺاهه ڪنديون رهيون ته سنڌ ۾ سياسي مايوسيءَ جي لهر جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه هو. پر قومپرست سياسي پارٽين طرفان اهي ترديدون ٿينديون رهيون ته انهن نواز ليگ سان اتحاد ڪري ڪا غلطي ناهي ڪئي. جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪري پنجاب ۾ پنهنجو ووٽ وڃائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن رهيون. پر اهي ڳالهيون انهن 7 نُقاطي ايجنڊائن جو حصو هُيون يا نه جيڪي ماضي قريب ۾ ايس يو پي طرفان نواز ليگ سان اتحاد دوران طئي ڪيون ويون هُيون؟ جيتوڻيڪ قاف ليگ جيڪا مشرف دور ۾ ڪالاباغ ڊيم تي صوبن کي راضي ڪرڻ واري هلچل جو حصو هُئي. سا هن وقت پيپلز پارٽيءَ جي پنجاب ۽ وفاق ۾ اتحادي بڻيل آهي. جنهن جا اڳواڻ قطعي طور به ڪالاباغ ڊيم تي وچٿرو موقف رکڻ بجاءِ هر حالت ۾ اُن جي حق ۾ بيان بازي ڪندا رهن ٿا.
    جڏهن ته ان سڄي سياسي راند ۾ مستقبل جي سياست صوبائيت جو رنگ اختيار ڪندي نظر اچي رهي آهي. جيڪا سياسي صورتحال وفاق پرست سياسي پارٽين جي قطعي به حق ۾ ناهي. پر خود هن مُلڪ جي سياسي مُستقبل لاءِ پڻ اهو وڏو چئلينج آهي ته ٽن صوبن جي موقف کي رد ڪري هڪ صوبي جي راءِ کي وڌيڪ اوليت ڏني پئي وڃي. اهڙي صورتحال مُلڪ جي سياسي مستقبل کي هڪ اهڙي پاسي وٺي وڃي رهي آهي جنهن سان سياسي مبصرن جو خيال آهي ته هن مُلڪ جو وجود سلامت رهي نه سگهندو. جيتوڻيڪ هن مُلڪ جي اندر مسلسل ڪالاباغ ڊيم بنائڻ لاءِ هڪ ئي جواز پيش ٿيندو رهي ٿو ته هي منصوبو مُلڪي توانائيءَ لاءِ ضروري آهي ۽ سنڌ ۾ پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. ان تي طويل بحث مباحثا به ٿيندا رهيا آهن ۽ سنڌ جا ٽيڪنيڪل ماهر اُن جي حاڃيڪار اثرن کان وفاقي سرڪار کي آگاهه به ڪندا رهيا آهن ۽ وفاقي سرڪار هميشه هڪ جهڙو موقف اختيار ڪندي رهي آهي ته مُلڪ جي توانائيءَ جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم ضروري آهي ۽ اُن لاءِ ٽن صوبن کي اعتماد ۾ ورتو وڃي. جڏهن ته اُصولي طور تي اها وڏي ناانصافي آهي ته ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي هڪ صوبي کي راضي رکڻ لاءِ ٽن صوبن جي اڪثريت کي اعتماد ۾ وٺجي. جڏهن ته ٽن صوبن کي راضي رکڻ لاءِ هڪ صوبي کي اعتماد ۾ وٺڻ بجاءِ هڪ صوبي جي هٺ ڌرمي ۽ ضديت جو ڪو مناسب حل ڇو نٿو ڳوليو وڃي؟ اُصولي طور ٿيڻ ته ائين گُهرجي جو ٽن صوبن جي موقف تي هڪ صوبي کي راضي ڪرڻ لاءِ مُلڪ جا دانشور، ٽيڪنيڪل ماهر ۽ وفاقي سرڪار کي ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پر افسوس جو مسلسل ان معاملي تي ٽن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ جهڙا جواز ڳوليا پيا وڃن. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ کان پوءِ سنڌ ٻن وڏن مسئلن ۾ ڦاسجي پئي آهي. هڪ پاسي سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارو معاملو سپريم ڪورٽ جي اسٽي تي آهي ته ٻئي پاسي اوچتو ڪالاباغ ڊيم واري معاملي سبب گهڻن سياسي مونجهارن کي وڌيڪ واضح ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي سنڌ ۾ ڪي به ٻه موقف ناهن. هاڻ سنڌ ته ان موقف کي به سنڌ جي حق ۾ نٿي سمجهي جو ڪنهن پارٽيءَ جو اڳواڻ پنهنجي پارٽي پاليسيءَ جي پَت رکندي، اهو بيان ڏئي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي سلسلي ۾ سمورن صوبن جو راضپو ضروري آهي.“ جڏهن ته سنڌ فقط هڪ ئي موقف جي حق ۾ آهي ته ”کين ڪالاباغ ڊيم نه کپي.“ مسلم ليگ (ن)، مسلم ليگ (ق) يا پيپلز پارٽيءَ جا اڳواڻ ڀلي پارٽي پاليسين جي حدن ۾ ڦاٿل رهن پر وفاق جون علامت بڻيل سمورين پارٽين کي ان ڳالهه تي ويچارڻو پوندو ته اڪثريتي صوبن جي راءِ کي اوليت ڏئي پنجاب کي اُن جي هوڏ تان هٿ کڻائڻ لاءِ زور ڀرڻو پوندو. ڇو ته اڪثريتي صوبا ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ناهن. جيڪڏهن ان معاملي تي سنجيدگيءَ سان نه ويچاريو ويو ته ملڪ اهڙي انارڪيءَ طرف هليو ويندو جتي وفاق جون علامت بڻيل پارٽيون به عوامي بغاوت کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻجي نه سگهنديون.
    لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست گذارن جي وڪيلن هاءِ ڪورٽ ۾ اهو موقف اختيار ڪيو ته ” ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي 2004ع ۾ چئني صوبن تي ٻڌل ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جوڙي وئي هئي. جنهن ۾ هر صوبي مان ٻه ٻه ميمبر شامل ڪيا ويا . ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي رپورٽ ۾ سنڌ جي هڪ ميمبر سميت ست ميمبرن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي حمايت ڪئي هئي، جڏهن ته سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻئي واحد ميمبر اي اين جي عباسي ان جي مخالفت ڪندي اعتراض واريو هو ته ڪالاباغ ڊيم سان سنڌ جو پاڻي گهٽجي ويندو. جڏهن ته سمنڊ لاءِ به سنڌ کي ساليانو 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهربل آهي.“ ڪاميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي واضح حمايت ڪندي چيو هو ته: ”ڪالاباغ ۽ ڀاشا ڊيم تي گڏ ڪم شروع ڪيو وڃي، ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي، جڏهن ته ڀاشا ڊيم جي فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرائي وڃي، جڏهن ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت مڪمل ٿيندي، ان وقت ڀاشا جو منصوبو به اڏاوت لاءِ تيار هوندو جنهن بعد انهي ڊيم جي اڏاوت شروع ٿي سگهندي.“ درخواست گذار اظهر صديق پنهنجي دليلن ۾ چيو ته: ”آئين جي آرٽيڪل 154 تحت حڪومت ان ڳالهه جي پابندي آهي ته اها گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سفارشن تي عمل ڪري.“ درخواست گذار فيروزشاهه گيلانيءَ جي وڪيل پنهنجي دليلن ۾ چيو ته: ”انڊس بيسن فنڊ تحت به عالمي بئنڪ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ فنڊ فراهم ڪرڻ جي پابند آهي.“
    جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته مختلف صوبن مان کنيل ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ به صوبن جي اڪثريتي عوام جي راءِ سان ٿيل نه هُئي. اها به مشرف ڪابينا جي مهربانين جو نتيجو هُئي. جنهن کي بنياد بنائي ائين چئجي ته ٽيڪنيڪل ڪميٽيءَ جي اڪثريتي ميمبرن جيئن ته ڊيم جي اڏاوت جي حمايت ڪئي آهي. انڪري ڊيم ٺهڻ لازمي آهي. اهو ائين ٿيو جو چئني صوبن مان پنهنجا هم خيال ٽيڪنيڪل ماڻهو گهرائي ڪو فيصلو ڪرائي وٺجي. بنيادي معاملو اڪثريت يا اقليت جو ئي آهي ته پوءِ ٽن صوبن جي اڪثريتي عوام جي راءِ جو احترام ڪندي، هڪ صوبي جي راءِ کي اهميت ڏيڻ جو باقي ڪو به جواز نٿو بچي. تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم وارو معاملو فقط سياسي ناهي پر اهو فني اعتبار کان به سنڌ کي بيابان ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. جڏهن ته خيبر پختون خواهه کي ٻوڙي تباهه ڪرڻ جو منصوبو آهي. جنهن تي چئني صوبن جي راضپي واري موقف واري راءِ رکي معاملي کي منجهائڻ بجاءِ ختم ڪرڻ گهرجي.
    سنڌ جي سياسي قيادتن کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ماڻهن لاءِ سنڌ اقتدار جي عياشيءَ کان مٿاهين آهي. اُهي ڪالاباغ ڊيم جهڙي سنڌ دشمن منصوبي تي ڪي به ٻه رايا نٿا رکن. انهن جو موقف هڪ ئي آهي ته کين ڪالاباغ ڊيم منظور ناهي. انڪري پارٽيون پنهنجي اصولن ۽ ضابطن کي سنڌ جي اصولي موقف کان مٿاهون نه رکن. ان سلسلي ۾ ڪنهن سان به اتحاد ڪرڻ کان پهرين سنڌ جي اشوز تي واضع ۽ لکت ۾ موقف وٺن. هونئن به سنڌ جيڪا ورهين کان مصيبتن جي منهن ۾ رهي آهي سا هاڻ اهو سمجهي ٿي ته انهن جا مسئلا سياسي پارٽين اقتدار خاطر مُفاهمتن ۽ مصلحتن هيٺ مُنجهائي ڇڏيا آهن. پوءِ اهو معاملو سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس وارو هُجي يا ڪالاباغ ڊيم جو معاملو هُجي. هر معاملي کي اقتدار جي حاصلات لاءِ ايترو منجهايو ويو آهي. جو انهن کي سُلجهائڻ لاءِ سياسي پارٽيون به سنڌ جي اهم ايجنڊا کي پاسي تي رکي پهرين پنهنجي اقتدار جي حاصلات جو سوچين ٿيون. جيڪڏهن سنڌ ڏانهن اهڙو سياسي موقف اختيار ڪيو ويو ته پوءِ اها طئي ٿيل حقيقت هوندي ته صوبائيت واري سياست جا رستا کُلي پوندا ۽ وفاق جون علامت بڻيل پارٽيون وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ به نه رهنديون. ڇاڪاڻ ته اُهي صوبائي سياست تائين محدود ٿي وينديون. جيڪو مُستقبل ۾ نظر به اچي رهيو آهي.


    ڪپتان ۽ قادريءَ جي سياسي مطالبن کان ٻاهر بيٺل سنڌ

    ڪيترن ئي ڏينهن کان اُن شهر مٿان ٻن پارٽين جا پروانا ڪنهن اهم اعلان جا مُنتظر آهن، جيڪو اعلان هاڻ پنڊيءَ پاسي مُنتقل ٿي چُڪو آهي. اُهو شهر جيڪو وفاق جي نالي سان اهڙو وات آهي، جنهن وات مٿان باقي صوبا سڀ ڪجهه ڦٻائي وڃڻ جا الزام هڻندا رهيا آهن. جنهن شهر مٿان هڪ الزام اهو به آهي ته هُو باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ رُڳو هڪ صوبي جي مهربان ماءُ بڻيل آهي. اڄ اُهو شهر لڳاتار آزادي ۽ انقلابي قافلن جي زِد ۾ آهي. جتي ڳالهين جا سڀ رستا سياست جي سوڙهين گهٽين ۾ وڃي ختم ٿي ويا. هاڻ هر ڌُر هڪٻئي ڏانهن نهاري رهي آهي. ۽ اُن فيصلي جو انتظار ڪري رهي آهي جيڪو فيصلو سياسي قوتن جي ڪمزور حڪمت عملين سبب پنڊيءَ پاسي مُنتقل ٿي چُڪو آهي. سياسي اڳواڻن جي انائن جا آکيرا بازن جا اهڙا گهر بڻجي ويا آهن. جتي جمهوريت جي جهرڪي ساهه کڻڻ کان اڳ ئي جهٽجي وڃي ٿي. قادري ۽ ڪپتان جي ڌرڻن کي اڌ مهيني کان مٿي جو عرصو گُذري چُڪو هو. حُڪومتي ڌُرين جي همراهن معاملن کي جيترو اسلام آباد ۾ اچي سنجيدهه ورتو، جيڪڏهن اُن معاملي کي لاهور ۾ ئي سنجيدهه وٺن ها ته شايد معاملا سُلجهي وڃن ها. ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور سياسي حڪمت عمليون وڏن سياسي حادثن جو سبب بڻجي پونديون آهن. مصلحتن ۽ مُذاڪراتي معاملن جي رستن جا دروازا بند ڪري ويٺل قادري ۽ ڪپتان به ايترا ئي سياسي مُجرم آهن جيترا نواز ليگ جا اُهي اڳواڻ، جيڪي آخري وقت تائين عوامي مينڊيٽ جي مڳيءَ ۾ ڳالهين لاءِ وک وڌائڻ لاءِ به تيار نه ٿيا. اڄ ٽئي ڌُريون حُڪومت، عمران خان ۽ طاهرالقادري فوج جي ثالثي ڪردار کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪري رهيون آهن. جيڪڏهن نواز ليگ جو اُهو روپ ئي ڏسجي ته اقتدار مِلڻ کان اڳ ۾ اڌ سنڌ جي وڏيرن سان ڪيل واعدا، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ وساري ويٺا. ان حد تائين جو سنڌ جي ڪن پُراڻن سياستدانن ته پنهنجون پارٽيون به نواز ليگ ۾ ضم ڪري ڇڏيون پر جڏهن سنڌ جا وڏيرا پيپلز پارٽيءَ اڳيان شڪست کائي ويٺا تڏهن ميان صاحب اُنهن کان بي وفا محبوب وانگر مُنهن موڙي ويٺو. هار ۽ جيت ته چونڊن جو حصو هوندي آهي. پر ميان صاحب سنڌ جي هارايل وڏيرن جي وفائيءَ جو ڪيترو قدر ڪيو؟ اُهو اسان پنهنجي گُنهگار اکين سان ڏٺو. سياست جا سڳا صفا ڪمزور ٿيندا آهن. سا ته خبر آهي. پر سنڌ جي وڏيرن جي حصي ۾ ميان صاحب سان ساٿ نڀائڻ جي جيتري کين مايوس ڪُن موٽ مِلي. ايترو اندازو ڪنهن کي به نه هو. اُهو ميان صاحب جيڪو پنج سال پنهنجي اقتدار جو سياسي سفر پُورو ڪري آيل آصف زرداريءَ تي نظر به نه وجهندو هو. سو اُن وقت اڳوڻي صدر اڳيان رائيونڊ ۾ ڪيئن نظر آيو؟ سا حقيقت به عوام پنهنجي اکين سان ڏٺي. تنهن ڪري اقتدار جي نشي ۾ اکيون پُوري ڇڏڻ واري عادت ختم ٿيڻ گُهرجي. ڇاڪاڻ ته طاقت جي سج جي تپش مُختصر ٿيندي آهي.
    قادري ۽ ڪپتان جو حُڪومت سان جهيڙي جو فيصلو سياسي قُوتن جي هٿن مان نڪري وڃڻ کان پوءِ هاڻ جڏهن سموري مُلڪ جون اکيون اُن ميڊيا تان هٽن ئي نه ٿيون. جنهن تان ڪيڏي مهل به ڪنهن اهم اعلان جا امڪان آهن. تڏهن سنڌ جو اجتماعي قومي شعور قادري ۽ ڪپتان جي اُنهن مُطالبن تي سنجيدگيءَ سان سوچي رهيو آهي. جن مُطالبن ۾ سنڌ جي ڪا به ايجنڊا ناهي. اڌ مهيني کان مٿي گُذري ويل عرصي ۾ ويٺل ٻنهي اڳواڻن جي مُطالبن جي فهرست کان ٻاهر بيٺل سنڌ اِهو سوچي رهي آهي ته ڪپتان جي آزاديءَ ۽ قادريءَ واري انقلابي ايجنڊائن ۾ سنڌ جي خوشحاليءَ خاطر ڪهڙو مُطالبو آهي.؟ جنهن سان سنڌ ۾ خوشحاليءَ جا نوان سج اُڀري سگهن ٿا؟ جڏهن ته قادريءَ جي انقلابي ايجنڊا ۾ پاڪستان اندر وڌيڪ صوبن واري ڳالهه اهڙي آهي. جنهن کي قطعي به سنڌ جو قومي عوامي شعور قبول نٿو ڪري سگهي نه ئي پاڪستان اندر نون صوبن جي ايجنڊا ايتري اهم آهي. جنهن کي عوام جي ڀاري اڪثريت جي حمايت حاصل هُجي. نه ئي ڀاري عوامي مينڊيٽ سان ايندڙ نواز ليگ، پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف کي ماڻهن وڌيڪ صوبن واري ايجنڊا طور ووٽ ڏنا هُئا. نه ئي کين وڌيڪ صوبن ٺاهڻ جي طور تي چونڊيو هو. ان جو مطلب ته نون صوبن جي ايجنڊا عوام جي ڀاري اڪثريت وٽ انتهائي غير مقبول رهي آهي. ليڪن قادريءَ، حُڪومت وٽ جيڪا مُطالبن جي لسٽ پيش ڪئي هُئي. اُن لسٽ ۾ وڌيڪ صوبن جي ڳالهه 19 مطالبن مان 14 نمبر تي موجود آهي. ڳالهه لاهور جي ماڊل ٽائون ۾ مارجي ويل ماڻهن جي ڪيسن داخل ڪرائڻ جي هُجي، يا حُڪومت کان استعيفائن وٺڻ ۽ ٻيا مُطالبا منظور ڪرائڻ جي هُجي پر جڏهن پاڪستان اندر وڌيڪ صوبن جي مُطالبي جي ڳالهه اچي ٿي ته سنڌ جو اجتماعي قومي شعور اکيون پُوري ويٺل ناهي. جيڪو ايتري سياسي رسا ڪشيءَ ۾ انتهائي اهم نُڪتي کي نظرانداز ڪري ويٺل هُجي. آزادي ۽ انقلابي مارچ جي ٻنهي مُطالبن جو جائزو وٺجي ته سنڌ ۽ بلوچستان سياسي طور بنهه نظرانداز ٿيل محسوس ٿيندا. اُنهن مُطالبن جي لسٽ ۾ بُنيادي مُطالبن جي کوٽ آهي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبائي خودمُختياريءَ خاطر ڪيترا ئي ڀيرا جدوجهد جا ميدان سجائيندا آيا آهن. پاڪستان جي ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي جا معاملا، وفاق پاران ناڻي جي غير مُنصفاڻه ورهاست، ڊيمن جا معاملا، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سياسي ڪارڪنن جي گُمشدگيءَ کان پوءِ چچريل لاشن جي وصولي ۽ صوبائي خود مُختيارين جهڙا سنگين سياسي معاملا ڪپتان ۽ قادريءَ جي مُطالبن جي لِسٽ کان ٻاهر آهن. جيتوڻيڪ جناح جو پاڪستان پنج صوبن جي زنجير بڻيل هو. اُها زنجير قومن جي بُنيادي سياسي حقن ۽ صوبن جي اختيارن ۾ وفاق جي مُداخلتن جي نتيجي ۾ 71ع ۾ ٽُٽي پئي ۽ پاڪستان چئن صوبن جي زنجير بڻجي ويو. اڄ جڏهن اسلام آباد جي سرڪشي چند هزار ماڻهن جي هُجوم جي نتيجي ۾ ڪنڌ جُهڪائي بيٺل آهي ته سنڌ ڪنهن ديواني جي خُواب وانگر ڪپتان ۽ قادريءَ جي ماڻهن کي ڏسي نه رهي آهي. پر اهو محسوس به ڪري رهي آهي ته جنهن وفاق جو هُو حصو آهن. جنهن فيڊريشن جا هُو فرمانبردار آهن. اُن فيڊريشن ۾ چند هزار ماڻهو پنهنجي مُطالبن جي لسٽ مڃائڻ خاطر اسلام آباد جي ايوانن اڳيان بيٺل آهن. اُنهن کي حيرت رُڳو ان ڳالهه تي آهي ته اُنهن جي ايجنڊا تي سنڌ جو هڪ به نُقطو ناهي. جنهن لاءِ سنڌ ۽ بلوچستان سندن سياسي ساٿاري بڻجي سگهن يا هُو سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجو ساٿي قبول ڪرڻ لاءِ ذهني طور تي تيار هُجن. جيڪڏهن هُو سنڌ ۽ بلوچستان کي پنهنجي سياسي سٿ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنجيدهه هُجن ها ته پنهنجي مُطالبن جي لِسٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ کين رُڳو ماڊل ٽائون ۾ مارجي ويل انسان نظر نه اچڻ گُهرجن ها. پر کين بلوچستان کان وٺي سنڌ جي روڊن رستن تي ڪرندڙ ڪنڌن ۽ مروٽيل گُلابن جي حساب وٺڻ وارو مُطالبو به رکڻ گُهرجي ها. پر جيڪڏهن اُنهن سمورن مُطالبن جو جائزو وٺجي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي بُنيادي سياسي مسئلن جو حل اُنهن جي ايجندائن تي ناهي رهيو. جيڪڏهن هُو پاڪستان جي عوام جي ڳالهه ڪن ٿا ته پاڪستان جو عوام رُڳو ٻن صوبن جو اڪثريتي عوام ئي ناهي. جيڪڏهن ڪپتان ۽ قادري جي آزادي ۽ انقلاب جي ايجنڊا تي سنڌ جو عوام ۽ بُنيادي سياسي مسئلن جي حل جهڙا نُقطا ناهن ته پوءِ سنڌ ڪنهن به طرح ڪپتان ۽ قادريءَ جي آزادي ۽ انقلاب جو حصو بڻجي نه سگهندي. ڇاڪاڻ ته سنڌ سياسي سمجهه ۾ سطعي نعرن ۽ مُطالبن جي سحر ۾ ڦاٿل ناهي نه ئي سنڌ اهڙن گيتن جي رقص ۽ گانن جي گونج ۾ پيش ڪيل مُطالبن جي مڃتا سان خوشحال بڻجي سگهندي. سنڌ جيڪڏهن عمران جي نئين پاڪستان ۾ شامل ناهي ۽ قادريءَ جي انقلابي نعري پويان لڪيل نون صوبن جي سازش کي سمجهي ٿي ته پوءِ سنڌ کي به مُڪمل سياسي ۽ جمهوري راءِ رکڻ جو حق هُجڻ گُهرجي. جنهن حق کان هن وقت تائين کيس محروم رکيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ هلندڙ سياسي ڊرامي جو ڊراپ سين ڪهڙو ٿيڻو آهي؟ اُن جو فيصلو ته هاڻ فيصلي ڪرڻ وارا ئي ڪندا. ليڪن سنڌ ۽ بلوچستان کي نئين پاڪستان ۾ نظرانداز ڪري ويٺل ڪپتان کي جڏهن واپسيءَ جو رستو وٺايو ويندو ته شايد هُو عوام کي ٻه آڱريون مٿي کڻي وڪٽري جو نشان ٺاهي ڏيکاريندو هُجي. ليڪن کيس ان ڳالهه جو شدت سان احساس ٿيندو ته جهڙيءَ ريت هُو جلد ئي جوان دلين مان روشني بڻجي ڦُٽو هو ۽ سياسي سحر بڻجي اُڀريو هو. ايتري تيزيءَ سان اُنهن دلين ۾ ساڻس هاڻ معمولي همدرديءَ جيتري حُجت به نه رهي هوندي. قادري جنهن انقلاب جو تير نواز ليگ جي اقتدار جي ڪُکِ ۾ کوڙڻ لاءِ پنڌ ڪيو هو. اُهو انقلاب نواز ليگ لاءِ ڀلي آفت هُجي. پر اُن جي ڪنهن به هڪ نُقطي ۾ سنڌ لاءِ ڪا حاجت نظر نه آئي. البته افسوس ان ڳالهه جو آهي ته قادريءَ جي انقلابي نُقطن جي اُنهن پهلوئن تي تمام گهڻو بحث ٿيو. جيڪي نواز ليگ جي اڳواڻن جي استعيفائن سان اٽڪيل رهيا ۽ ماڊل ٽائون جي مارجي ويل ماڻهن جي ڪيس ۾ مُلوثن تي ايف آءِ آرز درج نه ڪرڻ واري معاملي ۾ اُلجهيل رهيا. جيتوڻيڪ قادري ۽ ڪپتان جي مُطالبن جي لسٽ کان سنڌ ۽ بلوچستان جي ايجنڊا اوجهل رهي پر پاڪستان اندر نون صوبن جو مُطالبو اهڙو مُطالبو آهي. جنهن تي وفاق جو ڪهڙو ردِعمل آهي يا فيصلائتين گهڙين ۾ اهڙي مُطالبي تي فيصلو ڪندڙ ڌُريون ڪيترو عمل ڪرائين ٿيون. اُن معاملي تي بعد ۾ بحث ڪبو. ليڪن سنڌ جو قومي اجتماعي شعور اهڙي مُطالبي تي پنهنجي شديد سياسي ردِعمل جو حق رکي ٿو ۽ جيڪڏهن سنڌ کي پاڪستان جو حصو سمجهيو وڃي ٿو ته قادريءَ جي اهڙي مُطالبي کي هڪدم رد ڪيو وڃي. جنهن سان سنڌ اندر سياسي انتشار جا امڪان پئدا ٿين ٿا. جيڪڏهن ڪپتان ۽ قادري پاڪستان جي سمورن صوبن جا نُمائندا بڻجي اسلام آباد ۾ ويٺل رهيا ته پنهنجي مُطالبن جي لِسٽ ۽ ايجنڊا کي پاڪستان جي ٻن صوبن جي ايجنڊا طور پيش ڇو ڪري ويٺل رهيا؟ ڇا کين اها خبر نه هُئي ته سنڌ ۽ بلوچستان گُذريل هڪ ڏهاڪي کان مٿي واري عرصي دوران بغاوت جي گهٽين ۾ گُهمي رهيا آهن. ڪپتان ۽ قادريءَ جي ايجنڊا کان ٻاهر بيهڻ سبب سنڌ ۽ بلوچستان جون سياسي ڌُريون کين ٻن صوبن جو نُمائندو تصور ڪري رهيون آهن. چئن صوبن جي زنجير واري پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان سان اهڙي سياسي بي رُخي ڪنهن به طرح وفاق لاءِ وڻندڙ واءُ بڻجي نٿي سگهي.


    ڪراچي ڪنهن جو شهر آهي؟

    اُها پارسي ڇوڪريءَ جي اکين جهڙي اُجري ڪراچي، جيڪا سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا ويجهو دنيا جي وڏن سامونڊي بندرگاهن ۾ ڳڻي وڃي ٿي. سا ارڙهين صديءَ جي ابتدا ۾ ائين نه هُئي. جيئن اڄ رت ۽ بارود جي ڍير تي ويٺل اُن ٻارڙيءَ وانگر بيٺل نظر اچي رهي آهي. جيڪا چاڪليٽ چوسيندي، انتهائي وحشت سان ماري وڃي ٿي. اُها ڪراچي اُن وقت به تجارتي لحاظ کان واپار جو وڏو مرڪز هُئي پر اُن جي چهري کي ايتري حد تائين صنعتن جي مصنوعات نه ساڙيو هو ۽ نه ئي پروسيسنگ پلانٽس جي ڪيميائي مواد اُن ڪراچيءَ جي پيٽ کي زهر آلود ڪيو هو. جيئن اڄ اُن جي وجود کي زهريلي ڪيميڪل سان ڀريو ويو آهي. مائي ڪلاچي جنهن لاءِ برطانوي تاريخدان ايليٽ چوي ٿو ته ”واديءَ سنڌ جي هن ڳوٺ جو پٿر پٿر شاهد آهي ته ديبل جي بندرگاهه تان سنڌ کي تاراج ڪرڻ لاءِ ڌارين جون ڪيتريون ڪاهون سنڌ جي سينڌ کي ميرو ڪنديون رهيون آهن.“ چارلس نيپيئر جي اک اُن سامونڊي پٽيءَ جي ذري ذري کي جاچيو هو. جيڪا پٽي برطانيا لاءِ سوني جهرڪيءَ کان گهٽ نه هُئي. اهو ئي سبب هو جو 1843ع ۾ جڏهن سنڌ انگريزن جي غلام بڻجي وئي هُئي ته انهن ڪراچيءَ جي بندرگاهه جي ترقيءَ لاءِ ڪم تيز ڪري ڇڏيو ۽ ڪلاچيءَ جي آبادي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي هُئي. انگريزن پهريون ڀيرومواصلات جو مضبوط نظام ڪراچيءَ کان لنڊن تائين وڇائي، پنهنجا تجارتي ۽ فوجي مقصد پورا ڪري ورتا هُئا. ڪراچي نه فقط مسلمان ۽ هندو واپارين بلڪه يورپين، يهودين، پارسين، ايرانين، لبناني ۽ گوا جي واپارين جو به هڪ ميٽرو مرڪب بڻجي پئي هُئي. اُها ڪراچي جيڪا خوبصورت عمارتن جي مالها ۾ پويل قيمتي هار وانگر لڳندي هُئي، جنهن جي رستن تي رات جون روشنيون رقص ڪنديون هيون. اُهو شهر جنهن کي ڇُهڻ لاءِ سمنڊ جون ڇوليون هر وقت بي قرار رهن ٿيون. جنهن شهر ۾ محبت جي موسيقي ڪارستاني ڇوڪرين جي سينن ۾ ڪُٺل پرندي وانگر تڙپندي هُئي. جنهن جي ڪافي هائوسز ۾ سمجهه جو سفر رُڪجي ويندو هو ۽ دلين جي ديس جون ڳالهيون ٿينديون هُيون. اُها ڪراچي هاڻ اُن جپاني هائيڪي وانگر لڳي ٿي:
    پرديسي پکيءَ وانگر
    مان ته پنهنجي ڳوٺ ۾ سُمهندو آهيان
    هڪ مُسافر وانگر
    اُها ڪراچي هن ديس واسين لاءِ اوپري نه هُئي. اُها ڪراچي سنڌ واسين لاءِ بارش جي پهرين بوند وانگر انهن جي اداس من تان مايوسين جي مَر لاهي ڇڏيندي هُئي. اُن ڪراچيءَ سنڌين جي دلين مٿان خوف جي ڪاري ڪڪر جي چادر نه چاڙهي هُئي نه ئي انهن جي اولاد لاءِ ڪراچيءَ جي درسگاهن جا در بند ڪيا ويا هُئا. پر هيءَ اها ڪراچي هُئي. جنهن جو مزاج مجموعي سنڌ جي تهذيب جي نمائندگي ڪندو هو. جيڪا سنڌ جي مجموعي تهذيب ۽ ڪلچر جو آئينو هُئي. ڪا به اهڙن ماڻهن جي اڪثريت اُن ڪراچيءَ ۾ نه رهندي هُئي جيڪا نسلي طور پنهنجو پاڻ کي برتر سمجهي ۽ اصلوڪي آباديءَ کي نفرت جي باهه ۾ ساڙڻ جا سانباها ڪندي هُجي. اُها ڪراچي جنهن جي سيني ۾ هڪ معصوم دل ڌڙڪندي هُئي، سا اوچتو ئي اوچتو رت ۽ بارود جي باهه ۾ ڪيئن بدلجي وئي؟ ڪيئن اُن جي جوانيءَ جا ڪتاب يونان جي شهر ”ٽراءِ“ وانگر ساڙي رک ڪيا ويا؟ اُهو شهر جيڪو ڪيترن سالن کان خوني کيل جي باهه ۾ ڀسم ٿي رهيو آهي.
    جيتوڻيڪ امن انسانيت جي تحفظ جو امين هوندو آهي. امن کان سواءِ زندگيءَ جو تصور خوبصورت ٿي ئي نٿو سگهي. پر اهڙو امن جيڪو مفاهمتن جي قيمتن تي حاصل ٿيندو هُجي. اهڙو امن بدامنيءَ کان وڌيڪ بدتر هوندو آهي. اهڙو امن جيڪو سنڌ جي سلامتيءَ جي ڪُکِ ۾ خنجر هڻي حاصل ڪيو وڃي. اهڙي قيمت تي قائم ٿيندڙ امن، ڪڏهن به پائيدار سلامتيءَ جي ضمانت نٿو ڏئي سگهي. اُها ڪراچي جيڪا سياست جي مُقدس نالي تي مافيائن جي قيدي بڻجي وئي آهي، اهڙي قيد جا رستا فقط انهن مافيائن جا محتاج آهن جيڪي، ڪراچيءَ جي حالتن کي هر وقت پنهنجي ڪنٽرول هيٺ ڏسڻ چاهين ٿا. ڪراچيءَ جون حالتون ته تڏهن کان بدامنيءَ جي باهه جو شڪار آهن، جڏهن کان ٻاهرين آباديءَ ڪراچيءَ کي فتح ڪيل علائقو سمجهي، پنهنجا خيما کوڙيا هُئا. پوءِ اُها اُردو آبادي هُجي، يا پشتو ڳالهائيندڙ آبادي. ورهاڱي کان اڳ هن شهر ۾ فرقيواراڻه فسادن جو تصور به نه هو. پر هاڻ مسلسل هن شهر جي رستن تي مذهبي ڇڪتاڻ يا لساني ويڙهه جهڙي خوني راند کيڏي وڃي ٿي. پيپلز پارٽيءَ جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ ايم ڪي ايم، لياريءَ جي بلوچن تي داخل ڪيل ڪيسن جي واپسيءَ تي احتجاج طور اپوزيشن ۾ شامل ٿي وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪا به حڪومت آزاديءَ سان فيصلي ڪرڻ جو اختيار نٿي رکي. جڏهن ته اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ جاري تڪرار ۽ پنهنجن پنهنجن اڪثريتي آباديءَ وارن علائقن ۾ اقليتي سياسي پارٽين جي ميمبرن کي نفسياتي خوف ۽ ذهني دٻاءَ ۾ رکڻ واري سياسي چال گُذريل ڪيترن سالن کان جاري آهي. پيپلز پارٽي سياسي مصلحتن هيٺ ڪراچيءَ ۾ امن امان ٿي وڃڻ جون ڪيتريون به دعوائون ڪندي رهي. پر انهن بيانن کي تجزيي جي تکي اک سان ڏسبو ته اُنهن جي پويان به اُهي سياسي پَتا نظر ايندا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح حڪمران مُستقبل جي پاليسين واري سوچ هيٺ کيڏندا نظر اچن ٿا. اخباري رپورٽن ذريعي مسلسل ڪراچيءَ جي خوني کيل تي جيڪي خبرون شايع ٿي رهيون آهن، اُنهن مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته فرقيواراڻه ٽارگيٽ ڪلنگس کان سواءِ، لساني موت جو راڪاس مختلف سياسي پارٽين جي هٿياربند جٿن ۾ موجود آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هن مُلڪ جو وڏو تجارتي ۽ واپاري مرڪز مسلسل متاثر رهي ٿو. هن شهر ۾ اصلوڪي آبادي پُراڻن قرضن جي ادائگيءَ واري زندگي گُذاري جيئي ٿي. اهڙي زندگي جيڪا اُنهن جي حصي ۾ اڪيلائيءَ جو اهڙو ڄار کڻي آئي آهي. جنهن مان نڪرڻ هنن معصوم ماڻهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ڪراچيءَ جي سياسي ٽرين ۾ اُهي مسافر ئي سوار آهن. جن جو گذريل ساڍن ڇهن ڏهاڪن کان سنڌ سان ڪو روحاني رشتو جُڙي ناهي سگهيو. پر تاريخ تبديليءَ جو اهڙو سفر طئي ڪندي آهي. جو ڪالهه جا ظالم ۽ سفاڪ انسان وقت ۽ حالتن جي تبديليءَ واري سفر ۾ مِٽجي ۽ ميسارجي ويندا آهن. ڇا اها حقيقت ناهي ته ڪراچيءَ جون اُهي گهٽيون ۽ رستا هاڻ انهن ماڻهن لاءِ به سوڙها ٿيندي نظر اچن ٿا، جن ڪراچيءَ جي ڀتين تي اصلوڪي آباديءَ جي سينن کي چيرڻ واري چاڪنگ ڪئي هُئي. هن وقت جڏهن ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ کان ڌار ٿي اپوزيشن وارو رستو اختيار ڪيو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ پيپلز پارٽيءَ پاران 79ع واري مڪاني نظام کي لاڳو ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا ساڃاهه وند حلقا اهو سمجهي رهيا آهن ته پيپلز پارٽي، سنڌ جي قومي شعور ۽ جدوجهد جي نتيجي ۾ ٻٽي نظام جو خاتمو آندو آهي پر اها ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي اتحادي طور رهي ها ته پيپلز پارٽيءَ کي قطعي طور به سنڌ جي قومي شعور ۽ آواز جو اُلڪو نه هجي ها ۽ اها قطعي به سنڌ پيپلز لوڪل گونمينٽ آرڊيننس جي خاتمي لاءِ اسيمبليءَ ۾ بل پيش نه ڪري ها. ان جو صاف مطلب اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي پنهنجي پنج سالن جي عرصي ۾ سنڌ جي بنيادي مسئلن ۽ آواز کي اهميت ڏيڻ بجاءِ پنهنجي شهري اتحادي پارٽيءَ جي مفادن کي وڌيڪ اوليت ڏيندي رهي. جڏهن اُن اتحادي پارٽيءَ اپوزيشن جون سيٽون سنڀاليون ته پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جا اجتماعي قومي مفاد ياد اچڻ لڳا. ان ڳالهه کان سنڌ جو باشعور عوام چڱيءَ ريت واقف آهي ته سنڌ کي سياسي انڌيرن ۾ رکي ايندڙ اليڪشنن جي تيارين لاءِ ڪهڙي طرح سوديبازيون ٿي رهيون آهن. سنڌ جو مفاد ڪنهن وٽ اهم هجي ها ته اهو اتحادي ڌُر جي ساٿ ڇڏڻ کان پهرين به اوليت تي رکيو وڃي ها. ڇاڪاڻ ته ڪالهه تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي رهي هُئي ته مفاهمتن ۽ مصلحتن سبب پيپلز پارٽي اهڙي اتحادي ڌُر مان هٿ ڪڍڻ لاءِ تيار نه هُئي جيڪا پيپلز پارٽيءَ سان هر معاملي تي مسلسل بارگيننگ ڪندي رهي.
    جيتوڻيڪ سنڌ مسلسل لسانيت جي باهه مٿان پيٽرول هارائڻ جهڙا الفاظ استعمال ڪندڙن کي صبر سان ٻڌندي رهي آهي. ناجائز الفاظ هميشه ائين اوڳاڇيا ويندا آهن جيئن بارش ۾ سنهڙن سوراخن مان ڪيوليون ۽ ماڪوڙا نڪري ايندا آهن ۽ جائز لفظ پنهنجي تقدس جو لباس بچائڻ لاءِ هميشه پريشان پکين وانگر اُڏرندي نظر ايندا آهن. اهڙن تلخ ۽ ناجائز الفاظن ٻُڌڻ کان پوءِ به سنڌ پنهنجي پُرامن احتجاج کي لڳاتار جاري رکيو آهي. جيڪو سلسلو اڃان تائين جاري آهي.
    ڪراچي جيڪا سنڌي ماڻهن جي وجود جي سلامتيءَ جي ضامن آهي، جيڪا سامونڊي پَٽيءَ سان گڏ ساهه کڻي ٿي، اُن جي امن کي اُجاڙڻ جون سازشون فقط ان لاءِ ڪيون وڃن ٿيون ته جيئن ڪراچي هميشه انهن سياسي پارٽين جي هٿن ۾ يرغمال رهي. جيڪي پنهنجي هٿياربند گروپن جي ذريعي مسلسل ڪراچيءَ ۾ خوني راند کيڏندا رهن ٿا. اهي سياسي طاقتون جن جو نالو کڻڻ به ماڻهو پنهنجي معلومات تي چٿر سمجهي ٿو. اُهي سياسي طور ايترا سرگرم ٿي ويا آهن جو هو ڪراچيءَ تي پنهنجي مڪمل مالڪي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ امن کي خواب سمجهن ٿا. جڏهن پشتو آبادي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ٿي ته انهن کي اهڙي روش تي ڪاوڙ لڳي ٿي ۽ هن وقت تائين ڪراچيءَ ۾ جيڪي لساني فساد ٿيا آهن، اهي انهيءَ سلسلي جو لقاءُ آهن. جڏهن ته فرقيواراڻه فسادن پويان وري اُهي گروهه ۽ طاقتون آهن جيڪي پنهنجي فرقي کانسواءِ ٻين سمورن فرقن ۽ مسلڪن کي ڪفر سمجهن ٿا. پر جڏهن سنڌي ماڻهو پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ پنهنجي هُئڻ جو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته مخصوص ذهنيت کي اها ڳالهه نٿي وڻي. ڇو ته هو اهو سمجهن ٿا ته هن شهر جا اصل مالڪ ۽ وارث ڪير آهن؟ هڪ دوست چواڻي ته ان معاملي کي اڃان سولائيءَ سان سمجهڻ لاءِ ائين چئجي ته جيئن ڪنهن ٻنيءَ تي قبضو ٿيل هجي، ان زمين مان جيڪڏهن ڪوئي اوپرو ماڻهو گذري وڃي ته قبضي ڪرڻ وارن کي ڪو کٽڪو ئي ناهي هوندو. پر جيڪڏهن ان زمين کي اصل مالڪ فقط ڏسندو به ته قبضي ڪرڻ وارن کي عدم تحفظ جو احساس انهن کي اهڙي نفسياتي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو جو هو مسلسل ان احساس ۾ رهندا ته شايد هو پنهنجي ٻنيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ تياريون پيو ڪري. ڪراچيءَ تي قابض قوتن وٽ سنڌي ماڻهن جو اهو خوف اُنهن جي ذهن مان نڪرڻو ئي ناهي.
    موجودهه سياسي حالتن ۾ مونکي روسي اديب جون اُهي سٽون شدت سان ياد اچڻ لڳيون آهن. جيڪو چوندو هو ته: ”اسان سڀ انقلاب جي اوور ڪوٽ مان نڪتا آهيون.“ ڇا سنڌ پيپلز پارٽيءَ جي پنجن سالن جي سياسي پراگريس کانپوءِ، اهو ويچاري سگهي ٿي ته هاڻ انهن کي پيپلز پارٽيءَ جي سياسي سحر واري اوور ڪوٽ مان نڪري پنهنجي سياسي رستي جو تعين ڪرڻ گهرجي. ڇو ته لڳاتار سنڌ جيڪي سياسي نقصان سَٺا آهن، جيڪڏهن هاڻ به سنڌي ماڻهو اهڙي سياسي سحر مان نڪري نه سگهيا ته شايد مستقبل جون سياسي حالتون کين اهڙي اونداهي دور ۾ وٺي وڃن جتان واپسيءَ جي رستي جا ڪي به امڪان موجود نه هُجن.
    ڪراچي جو ڪيس سنڌ جي سمورين سياسي پارٽين جي ايجنڊا جو حصو بڻجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪراچيءَ کي سياسي طور مورچو ٺاهي هر سياسي هلچل جو بنياد ڪراچيءَ کي بڻايو ويو ته ڪراچي هر حالت ۾ قابض قوتن جي هٿن مان کسڪي اصلوڪي آباديءَ جي هٿن ۾ هوندي. پر اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ اهو ممڪن تڏهن ٿي سگهي ٿو. جڏهن سنڌ جون سموريون قومپرست سياسي جماعتون اهو طئي ڪنديون ته انهن جي پارٽين جون مرڪزي آفيسون ڪراچيءَ ڏانهن منتقل ٿيڻ گهرجن. ان سان سنڌي ماڻهو جيڪو ڪراچيءَ اندر اڪيلائيءَ جي رڻ جهڙي نفسياتي خوف ۾ جِي رهيو آهي، سو ڪنهن قدر سياسي ويڳاڻپ مان نڪري سگهندو. جيڪڏهن قومپرست جماعتن ڪراچيءَ ۾ هلندڙ خوني کيل کي فقط اهو سمجهي در گذر ڪري ڇڏيو ته اُن سان دُشمن ڪمزور ٿي رهيو آهي ۽ ڌاري آبادي پاڻ ۾ وڙهي تباهه ٿي رهي آهي ته شايد اهو رويو سنڌ لاءِ اڃان وڌيڪ حاڃيڪار ثابت ٿئي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ اندر لساني ويڙهه نه فقط انهن ڌرين جي وچ ۾ سياسي سگهه کي مضبوط ڪرڻ آهي پر اهڙي سوچ پويان ڪراچيءَ تي قبضي جون مڪمل تياريون شامل آهن. جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪراچيءَ جي معاشي وسيلن تي پنهنجي مالڪي چاهين ٿيون. ان سان ويڙهه ۾ شامل قوتون مختلف ويڙهه جي تجربن ۾ نقصان کائي ميچوئر ٿي رهيون آهن. انهن جا هٿياربند جٿا به ويڙهه جا نوان گُر سکن ٿا. جيڪڏهن سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ لڳاتار اهڙي ڇڪتاڻ رهي ته اهو نقصان اُنهن قوتن جو نه ٿيندو پر اهو سنڌ جو مجموعي نقصان هوندو. ڇاڪاڻ ته اُهي قابض قوتون ڪراچيءَ جي معاشي حالتن تي مُڪمل ڪنٽرول ڪرڻ چاهين ٿيون. سنڌي ماڻهو نٿو چاهي ته ڪراچيءَ جي معاشي حالتن جو ڪنٽرول اُن آباديءَ جي هٿ ۾ هُجي. جنهن آباديءَ کي سنڌ جي مجموعي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي مفادن ۽ قدرن ۾ عدمِ دلچسپي هُجي. تنهن ڪري اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سنڌ اسان لاءِ سياست نه پر اسانجي پهرين ۽ آخري محبت آهي. جنهن جو مرڪز ڪراچي آهي. اُها ڪراچي جيڪا قُرب جي ڪَجل جهڙيون اکيون پٽيندي هُئي ته ڏينهن ٿيندا هئا ۽ اُن جي نشيلن نيڻن جي بند پنبڻين سان رات ٿيندي هُئي. جنهن جي چهري کي دهشتگرديءَ جي تيزاب سان مسلسل ساڙيو پيو وڃي. اُهو تيزاب دراصل سنڌ جي وجود کي به ساڙي رهيو آهي.


    مُحبت ئي جُنونيت خلاف طاقتور هٿيار آهي...

    ڇا مُحبت به ڪنهن خوف جو نالو آهي؟ ڪو معصوم جذبو، خوف جي علامت ڪيئن ٿو بڻجي سگهي؟ هُو مُحبت جي ڏينهن کان خائف ڇو آهن؟ ڇا انسانن سان مُحبت ڌرتيءَ تي ساهه کڻندڙ مخلوق لاءِ امن جو آکيرو بڻجي نٿي سگهي؟ جڏهن ڪراچيءَ ۾ مُحبت جي ڏينهن ملهائڻ جو تياريون ٿي رهيون هُيون ۽ عاشق پنهنجي زندگيءَ جا ڪُجهه لمحا وفائن ۽ بي وفاين، فِراق ۽ وصال جي وٿيءَ واري وقت تي ويچاري رهيا هُئا. تڏهن اُن کان ڪجهه ئي ڏينهن پهرين ڪراچيءَ جي هر چوڪ تي نفرتن جا بينر لڳايا ويا هُئا. جن بينرن تي مُحبت مٿان بندشن جا نعرا لکيا ويا هُئا ۽ اُهو ڏينهن جنهن ڏينهن تي پيار ڪندڙ دليون موبائيلن تي سِڪ ڀريا سنيها موڪلي رهيون هُيون. اُن ڏهاڙي تي پِشاور جي امام بارگاهه مٿان بمن جا حملا ٿي رهيا هُئا ۽ انساني عُضوا پتن وانگر پکڙجي ويا هُئا. ڇا هِن مُلڪ اندر نفرتن جي سڄي سال ۾ ساهه کڻندڙ انسانن لاءِ مُحبت جو هڪ ڏينهن به ممنوع بڻجي ويو آهي.؟ ڪنهن ديوار يا چوڪ تي مارٽن لوٿر ڪنگ جا اُهي لفظ ڇو نٿا لکيا وڃن ته:
    I have decided to stick to Love. Hate is too great a burden to bear
    (مون اِهو فيصلو ڪيو آهي ته مان مُحبت سان جُڙيل رهان. نفرت برداشت کان وڌيڪ وڏو بوجهه آهي). اسان جو سماج جيڪو نفرتن جو مُستقل معبود بڻجي ويو آهي. اُن نفرت خِلاف نعرا اونداهين گِهٽين ۾ گُم ٿيندا پيا وڃن ۽ مُحبت ڪنهن قيدياڻيءَ وانگر قيد ڪاٽي رهي آهي. جنهن کي هڪ ڏينهن جي پئرول تي به آزادي نصيب نٿي ٿئي ۽ نفرتن وارا نعرا هِن مُلڪ ۾ سيلابي صورتحال اختيار ڪندا وڃن ٿا. هر دور ۾ ڪو نه ڪو اورنگزيب اکيون پٽي جاڳي ٿو ۽ مُحبت کي ڪوٽن ۽ ڪڙن ۾ قيد ڪري ڇڏي ٿو. ويلنٽائين واري ڏينهن جي پويان ته ڀلي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ قصا هُجن. ليڪن مُحبت ۽ نفرت جي ويڙهه ٽين صديءَ کان ڪلاڊيئس 2 شهنشاهه جي ظُلم جي نتيجي ۾ ”ويلينٽائين“ کي مليل سزا کان شروع نٿي ٿئي. اُها جنگ ازل کان آهي. نفرتن جون شيطاني شرارتون مُحبت جون ازل کان مُخالف رهيون آهن. هي مُلڪ به نفرتن جي باهه مٿان هٿ سيڪيندو رهيو آهي. جتي گانڌيءَ جي لفظن ۾ ”گُناهه کان نفرت ۽ گُناهگار سان مُحبت“ وارو نظام رائج آهي. هتي نفرتن جي سياسي باهه ۾ مُحبت ٻارڻ بڻجي ٻري رهي آهي. هِن مُلڪ ۾ هڪ ئي موسم هلندي آهي، ٻي ڪا به موسم هِن مُلڪ مٿان مهربان بڻجي ناهي ايندي. اُن هڪ ئي موسم جو نالو آهي ”نفرت“ پوءِ اُها سياسي نفرت هُجي يا فرقيواريت يا ڪنهن ٻي انتهاپسنديءَ جي صورت ۾ هُجي. هِن مُلڪ جو عوام اُن نفرت جي نِشاني تي آهي. جتي مُحبت جي موسم پاپ بڻجي وئي آهي. عوام کي سيکاريو وڃي ٿو ته نفرت جي اطاعت ڪيئن ٿيندي آهي؟ پر اُن اطاعت جا بُنياد ڪمزور آهن، ڇاڪاڻ ته مُحبت اڳيان نفرت هر دور ۾ هارايو آهي. عوام لڳاتار اطاعت کان پوءِ جڏهن بغاوت ڪندو آهي ته اُن اڳيان نفرتن جون ڪمزور ديوارون ڪِري پونديون آهن. روم جي ”اسپارٽيڪس“ کان ”ڪاموڊس“ ۽ آفريڪا جي ”اسٽونو“ کان سنڌ جي شاهه عنايت شهيد ۽ شهيد مخدوم بِلاول تائين. تاريخ ڪيترن مثالن سان ڀري پئي آهي، جتي لڳاتار اطاعتن جي نتيجي ۾ بغاوت اڳيان ڪو به نظام بند ٻڌي ناهي سگهيو. اڄ جڏهن مُحبت اڳيان نفرتن جا مينار کڙا ٿيڻ لڳا آهن ۽ انسانن کي مُختلف گروهن، فِرقن ۽ عقيدن ۾ ورهائي، هڪ ٻئي خلاف نفرتن جي جنگ جي باهه دُکائي وئي آهي. تڏهن پائيدار امن خاطر مُحبت کي ڦهلائڻ لاءِ گِروهن، عقيدن ۽ فِرقن جي ڦندي مان آجپو حاصل ڪرڻو پوندو. رواداريءَ جا بُنياد رکڻا پوندا. اهڙا بُنياد جن ۾ عيسائيت جي حِساسيت، اسلام جي رواداري، هِندو ازم جي امن ۽ شانتي شامل هُجن. جڏهن دُنيا مُحبتن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهي هُئي، تڏهن پشاور جي امام بارگاهه ۾ بم ڦاڙيا پئي ويا. اُها نفرت جيڪا مُستقل مهمان بڻجي هِن مُلڪ جي رڳ رڳ ۾ دونهون بڻجي دُکي رهي آهي. سا لڳاتار انساني امن ۽ مُحبت اڳيان وڏي رُڪاوٽ بڻيل آهي. مُحبت جي رستي ئي هارايل جنگيون کٽي سگهجن ٿيون. جنهن سان اندر جي ڪيني کي ڪڍي، گندگيءَ جي ڍير تي اُڇلائي ڦِٽو ڪرڻو پوندو ۽ ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي ويچارڻو پوندو ته مُحبت کي نفرتن جي مُحتاجيءَ مان ڪيئن ڪڍي سگهجي؟ ڪيئن هِن سماج جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ شامل ٿي ويل انتهاپسنديءَ جي زهر مان ڇوٽڪارو ڏياري سگهجي ٿو. هن ديس جو سٻاجهو سڀاءَ جڏهن انتهاپسندن جي آڱرين تي اچي هڪ ئي جهٽڪي سان پُوري علائقي کي رت ۽ بارود ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ دوزخ جهڙي دونهين ۾ انساني عُضوا پکڙجندا نظر اچن ٿا. تڏهن اسان کي پيار جي پرچار ڪرڻي پوندي. اُهو پيار جنهن لاءِ ڀِٽائي سائينءَ جي سِٽن وانگر کامي، پچي، پُڄري، لُڇي ۽ لوچڻو پوندو. جنهن ۾ پنڌ پري هُجڻ جهڙا بهانا تلاش نه ڪرڻا پوندا. هر ڏينهن کي مُحبت جو عالمي ڏينهن سمجهي اسان اُن کي پنهنجي انداز ۾ به ملهائي سگهون ٿا. اُهو انداز اُن گيڙو رنگ ۾ ئي آهي. جيڪو رنگ خود مُحبت، امن ۽ پيار جو رنگ آهي. ڇا انسان سان مُحبت ۽ پيار به ڪو ئي پاپ آهي. جنهن لاءِ اسان جي شهرن جون ڀِتيون ڪاريون ڪري، چونڪن تي بينر لڳائي، اِهو سنيهو ڏنو وڃي ٿو ته اهڙي پاپ کان پرهيز ڪريو. جيڪڏهن پيار به پاپ آهي ته پوءِ مذهب جي نالي تي يزيدي عورتن جون بيحُرمتيون ڪهڙي ثواب جي دائري ۾ اچن ٿيون.؟ عبادت گهرن کي مقتل گاهن ۾ تبديل ڪرڻ ڪهڙي مُهذب سوچ کي ظاهر ڪري ٿو. جيڪڏهن هِن مُلڪ ۾ امن جو مُطالبو ڏوهه آهي ته پوءِ معصوم ٻارڙن کان وٺي عورتن ۽ مردن جي ڪوس کي ڪهڙي زِمري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو؟ هِن مُلڪ جي اندر مُحبت به هاڻ ڪنهن سياسي مُطالبي وانگر بڻجي پئي آهي. اهڙو مُطالبو جيڪو ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ جي حالت ۾ ناهي رهيو. فطرت جي هر لقاءَ کي مصنوعي انداز ۾ هلائڻ وارا هٿ جبري طور پنهنجا مذهبي عقيدا مڙهڻ لاءِ نفرتن جو سهارو وٺي رهيا آهن ۽ عوام صحرا جيڏو صبر ڪري ويٺل آهي. موسيقي، رقص، مُحبت پاپ جي هيٺان پنڌ ڪندا رهن ٿا. قُدرت جي تخليق جو موت اهڙي ڀوائتي شِڪل اختيار ڪندو؟ ڪنهن جي وهم ۽ گُمان ۾ به نه هوندو. جيڪڏهن موسيقي گُناهه آهي ته پوءِ وهندڙ ندين جي موسيقي، اُداس شام کي رنگينين ۾ تبديل ڪندڙ پکين جي آواز جي موسيقي، هوا جي ڇُهاءَ سان وڻن ۾ پئدا ٿيندڙ سنگيت، ٻارڙن جي ٽهڪن جي گِٽار، سمنڊ جي ڪنارن کي چُمندڙ لهرن مان سُرن جي پيرن ۾ زنجيرون ڪو وِجهي سگهندو.؟ ڇا ڪنهن کي ايتري طاقت آهي ته پنهنجي عقيدي کي جبري طور ٻين انسانن مٿان مڙهي سگهي؟ دُنيا ۾ اُهي سڀ نظريا ۽ فلسفا ناڪامين جي انڌيرين گِهٽين ۾ گُم ٿي ويا. جن جو بُنياد انسان دُشمنيءَ تي بيٺل هو. اڄ جڏهن اُها ذهنيت ڪراچيءَ ۾ پنهنجي نظرياتي ويڙهه واري سوچ سان داخل ٿي آهي ۽ لڳاتار بم ڦاڙي پنهنجي سوچ کي جبري طور هِن سماج مٿان لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي. تڏهن ٻي عالمي جنگ جي پسمنظر ۾ ٺهيل هڪ فلم جو سين ياد اچي رهيو آهي. جنهن ۾ ”بيلجيئم“ جو هڪ شهر جرمن فوج فتح ڪري وٺندي آهي. سڄو شهر ڀيانڪ تباهيءَ جا منظر پيش ڪندو آهي. هڪ انسان به زندهه بچي ناهي سگهندو، ڪُتا ۽ ٻليون به جرمن فوجين هٿان ماريا ويندا آهن. هڪ ننڍڙو 6 سالن جو ٻار گهر جي تهه خاني جي ڪُنڊ ۾ هُجڻ سبب بچي ويندو آهي. جيڪو تهه خاني مان نِڪري گهر جي دريءَ مان شهر کي ڏسندو آهي ته کيس هر پاسي فاشي جهنڊا ئي ڦڙڪيل نظر ايندا آهن ۽ هُو وڻن جي ٻُور جهڙو ٻارڙو جرمني جهنڊن کي ڏسي چپن ۾ چوندو آهي ته: ” مان پنهنجي وطن جي سيني ۾ اوهان جا کوڙيل خنجر قبول نه ڪندس.“ اُهو اُتساهه جهڙو هڪ عزم هوندو آهي. جيڪو اُن ٻار جي دل سان گڏ ڌڙڪي رهيو هوندو آهي. جنهن دور ۾ سنڌ جو نئون نسل ساهه کڻي رهيو آهي. اُهو دور به ڪيترن محاذن تي ڇِڙيل جنگ جو دور آهي. جنهن جنگ ۾ سياست ڪمزور دل وانگر وينٽيليٽر تي ساهه کڻي رهي آهي ۽ انتهاپسند قُوتون مُحبت جي هڪڙي ڏينهن کي به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. سڄو سال نفرتن ۾ ساهه کڻندڙ هن سماج کي مُحبت مُخالف قُوتون مُحبت جي هڪ ڏينهن جي مُهلت به ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. پر اسان کي روشن واٽ جو تعين ڪرڻو پوندو. هِن ديس جي ماڻهن کي روشنيءَ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ انتهاپسنديءَ جي اوندهه مان ڪڍڻو پوندو. هِن ديس جا ماڻهو جيڪي عرصي کان انتهاپسنديءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، سي پيغامِ لطيف واري واٽ سان ئي انتهاپسنديءَ مان آجا ٿي سگهن ٿا. فرقيوارانه فسادي خيالن کان واحد رستو مُحبت جو رستو ئي آهي. فقط اُن عزم جي ضرورت آهي. جيڪو عزم طويل جنگين ۾ ڦاٿل انسان ڪندا آهن. مُحبت جو ڪو عقيدويا فِرقو ناهي هوندو. مُحبت ته وهندڙ نديءَ وانگر هوندي آهي. ندين جا ڪهڙا مذهب ۽ عقيدا؟! اُهي هر فرقي ۽ عقيدي جي اُڃ اُجهائينديون آهن. اُنهن جي دل ڪنهن دولاب جو شِڪار ناهي ٿيندي. تنهن ڪري بدترين حالتن ۾ مايوس ٿي موٽڻ، هار جي برابر هوندو آهي. جيڪڏهن سنڌي سماج جو هر فرد فقط هڪ عزم کڻي اڳتي وڌي ۽ اِهو سمجهي ته، هر انسان مُحبت جي لائق آهي، هر عقيدي جو احترام لازمي آهي. تڏهن به نفرتن جي پکڙيل باهه کي مُحبت جي پاڻيءَ سان وسائي سگهڻ ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو. ڇاڪاڻ ته مذهبي عقيدا ۽ نظريا انسانن کان اُتم ناهن هوندا. انساني مُحبت ۽ رواداري سڀ کان وڌيڪ اهم هوندي آهي. اِهو قطعي به سوچڻ هِن سماج لاءِ حاڃيڪار آهي ته سماجن جي اندر پئدا ٿيندڙ انتشار انت جي ڪنهن ڇيڙي تي پُهچي نٿا سگهن. سماجن جي اندر انتشار ۽ بُحران پئدا ئي ختم ٿيڻ لاءِ هوندا آهن. تنهن ڪري اِهو سمجهڻ اسان سڀني لاءِ وڌيڪ اهم آهي، جڏهن سڄي دُنيا پنهنجي ترقيءَ سبب تنزل جي خوف ۾ مُبتلا بڻيل هُجي ۽ بارود جي ڍير تي بيٺل ٻارڙا بي خوفيءَ ۾ چيوگم چٻاڙي رهيا هُجن، تڏهن ڪنهن فلاسافر جون اِهي سِٽون گهڻو سهارو ڏئي سگهن ٿيون ته: ”مُحبت ئي سڄي دُنيا جي فاتح آهي.“
    اُهي سڀ طاقتون جن نفرتن کي ڦهلائي مُنافعي جا مينار کڙا ڪيا آهن. جيڪي نفرتن جي نازي ڪئمپن ۾ جلاد بڻجي بيٺل رهيا آهن. جيڪي مُحبت کي ماڻهن جي دلين مان ميسارڻ لاءِ پنهنجون سموريون توانايون صَرف ڪندا رهيا آهن. اُنهن کي فقط مُحبت جي طاقت سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هر عاشق نفرت کي نينهن جو دُشمن سمجهندو آهي. مُحبت امن جو گيت آهي. جنهن گيت کي قيمتن جي تارازين ۾ توري نٿو سگهجي. اسان جيڪي عرصي کان رُڳو نفرتون ڪرڻ سِکيا آهيون۽ جن اونداهين جا سفر ڪيا آهن، روشنين کان محروم رهيا آهيون. سي مُحبت جي طاقت سمجهي سگهڻ جي صلاحيت کان محروم بڻجي ويا آهيون. ليڪن شاهه جا سمورا سُر مُحبت جو درس ڏين ٿا ۽ تنبوري جي تنوار سان تلوارن جي مُقابلي جو درس ڏين ٿا. مُحبت جي رستي تي هلڻ لاءِ اهو واعدو ڪريون ته اسان پنهنجي نيتن ۽ دلين کي نفرتن واري رِوش جو هر هنڌ خاتمو آڻينداسين. اوهان ڏسندوءَ ۽ محسوس ڪندو ته شاهه سائين پنهنجي فِڪري واٽ سان اونداهن رستن تي اسانجو آخري سهارو ثابت ٿيندو. جهڙي ريت ”شيراز“ ۾ حافظ شيرازيءَ جو فِڪر ايران جي نئين نسل لاءِ وڏو اُتساهه بڻجي رهيو آهي. سنڌ ۾ به مُحبت جي ڦهلاءَ ۽ پرچار لاءِ نئين نسل جي دلين ۾ شاهه سائينءَ جي سُرن کي لاهڻ سان ئي نفرتون ڦهلائيندڙ قُوتون شِڪست کائي سگهن ٿيون. شاهه سائينءَ جي لفظن ۾ ته نفرتن جا نيئر، نينهن کي اُجاري اڇو ڪندا آهن. ڏُکين حالتن ۽ ڏونگر جي گهڙين کان پوءِ ئي منزل مِلندي آهي. اِن وچن کي ورجائڻ لاءِ، دلين ۽ دماغن ۾ عرصن کان نفرتن جا ويٺل نانگ ماري مُحبت جي منزل ڏانهن وڌڻو آهي. اُها مُحبت ئي آهي جنهن کان انتهاپسند قُوتون خوفزدهه بڻيل آهن.


    انتهاپسندي ۽ ضربِ عضب.!

    هلندڙ دور، اُن ماڻهوءَ لاءِ ڪيڏي نه وڏي اذيت هوندو. جنهن ترقي پسند ادب جي جهان ۾ جهاتيون پائي انقلابي فڪر واري واٽ تي هلڻ سکيو هو. جنهن پنهنجي جواني سياست جي سندر بن ٻيلي ۾ ساڙي ڇڏي هُئي. جنهن سج جي تپش ۾ پنهنجي انقلابي فڪر جي تند تپائي، اُها واٽ ورتي هُئي، جنهن واٽ تي رُڳو واسينگ ويٺل هُئا. جنهن وٽ آدرشن واري اُتساهه لاءِ سوين دليل هُئا پر ڀُري پوڻ لاءِ ڀُل جهڙي ڪا گُنجائش به نه هُئي. اُنهن وٽ وڃائڻ لاءِ فقط پنهنجون زندگيون هُيون، جيڪي عظيم آدرشن جي حاصلاتن لاءِ وقف ٿيل هُيون. جن خواب ڏٺا پئي اُن محڪوم دُنيا جا، جيڪا دُنيا ڊالر جي اهميت سان پنهنجون قيمتون ڪيرائي ناهي سگهندي. پر اهڙي دُنيا ڪٿي آهي؟ اهڙي دُنيا جا اُهي ڪردار ڪٿي آهن؟ جن ڪڏهن به نظرين جي نيلاميءَ جا واڪ ڏئي، پنهنجي ضمير تي زنگ نه چاڙهيو هو. جن ڪڏهن به دل ۽ دماغ کي پيٽ جي هيٺان نه سمجهيو هو. جن سڄي زندگيءَ جي غلاميءَ واري گار کان موت کي بهتر سمجهيو هو. جن انقلابي نظرين خاطر صبر ۽ سهپ وارن اُصولن تي سوديبازيون نه ڪيون هُيون. جن سُقراط کان سکيو هو ته ”انقلاب غُربت جي ڪُکِ مان ڦُٽندا آهن.“ اُنهن اهو سمجهي ورتو هو ته سرمائيدار دُنيا جي هڪ هٽيءَ سان مزدورن جا چُلها ڪڏهن به ٻري ناهن سگهندا. جن گوڏن ڀر جُهڪي زندگي گُذارڻ کان پيرن ڀر بيهي موت کي ترجيع ڏني هُئي. جن ذاتي مُفادن خاطر سياسي پارٽين ۾ پناهه کي پاپ سمجهيو هو. جن رُوپوش راتين جي رڻ ۽ جيلن جي سختين ۽ اذيت گهرن ۾ به سياسي نظرين جو ايمان امانتن وانگر سنڀالي رکيو هو. جن جي من جي محرابن مٿان سياسي مايوسين جي موسم ڪڏهن آکيرا اڏي نه سگهي هُئي. پر سياسي سحر وارو هڪ پُورو دور نه رُڳو خاموشين جي خزائن جي ور چڙهي ويو. پر ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ پُورو سياسي دور ڪنهن صدمي جي صحرا جي ڳيت بڻجي ويو. اُن پُوري دور جي ڪردارن جا پيرا اُن سياسي صحرا ۾ گُم ٿي ويا. جنهن صحرا جون ستم ڀريون اکيون سُڏڪن جي پرواهه به ناهن ڪنديون.
    ہر گام پہ کھوئی ہوئی اک یاد ملی ہے،
    اک عمر سنائیں تو حکایت نہ ہو پوری - (حبیب جالب)
    اڄ جڏهن هڪ پُوري پيڙهي پوڙهائپ جي پنڌ تي پهتي آهي. تڏهن سياسي رُومانس جو سمورو دور کين خواب لڳي ٿو. کين ائين لڳي ٿو، ڄڻ هلندڙ دور جي سياسي تاريخ جي ڪُکِ مان اهڙي قيادت جي پئدائش، امڪان کان ٻاهر آهي، جيڪا قيادت سماجن جي نئين اڏاوت جا بُنياد رکي سگهي ۽ انقلابي سياسي تصور جي بُنياد تي مُردهه دلين ۾ زندگيءَ جو روح پئدا ڪري سگهي. جيڪا اُنهن نوجوان دلين کي پنهنجي تصور جي طاقت سان انقلابي رومانس طرف مائل ڪري سگهي. جيڪي دليون سياست سان فقط خسيس مُفادن خاطر جُڙيل آهن. اسان جون سياسي پارٽيون ماضيءَ جي اعلى قدرن ۽ آدرشن کي وساري ويٺيون آهن. اُنهن جا رِشتا ڪتابن کان ڪَٽجي چُڪا آهن، جيڪي اعلى آدرشن سان جوڙي رکڻ جو بُنياد بڻبا آهن. جيڪڏهن اسان جا سياسي قد عمل جي ميدان ۾ مٿاهان ناهن ته ڪا ڳالهه ناهي، ڪمزور ڪميٽمينٽ عملي سياسي واٽ جا رستا پُوريل رکندي آهي، علمي واٽ ڪمزور عمل جي سگهه جو بُنيادي سبب بڻجي ويندي آهي. نظرياتي طور ڪمزور قيادت عمل جي ميدان ۾ بهتر نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ناڪام رهي آهي.
    هن وقت دُنيا جي اڪثر مُلڪن جو اهو الميو آهي ته اعلى آدرشن ۽ انقلابي سياسي قيادت جي بُحران سبب اهڙي پاڳلپڻي وارين پاليسين پاسي وڃي رهيا آهن. جنهن سان دُنيا جو سمورو امن داءَ تي لڳل آهي. اها سرد جنگ اڃان جاري هُئي، دُنيا ٻن سپر پاور مُلڪن جي اتحادي بڻيل هُئي. هڪڙا آمريڪا جا اتحادي هُئا ته ٻيا سوويت يونين جي صفن ۾ بيٺل هُئا. پر سرد جنگ جي اُن دور ۾ جڏهن افغانستان کاٻي ڌُر جي ڪامريڊن کي پناهون ڏيندو هو. جڏهن ڪميونسٽ مخالف مسلم جٿن، افغانستان ۾ پنهنجون ڪارروايون شروع ڪيون ته افغان حُڪومت جي التجا تي 27 ڊسمبر 1979ع ۾ روس پنهنجي سُرخ فوج ڪميونسٽ مخالف مُسلم جٿن کي چٿڻ لاءِ موڪلي هُئي. جيتوڻيڪ اُها جنگ 1985ع تائين جاري رهي. جيستائين، مُلڪي ۽ بين الاقوامي معاملن تي سوويت يونين جي صدر نئين سوچ سامهون آندي ۽ اقتصادي سُڌارن جي نالي تي گورباچوف جي گلاسنوسٽ سان کاٻي ڌُر جي اکين جا سُرخ خواب سڙي ويا. 1987ع ۾ آمريڪا سان مشروط معاهدا ٿيا ۽ سوويت يونين ٽٽي ويو. ٻن سپر پاور مُلڪن مان فقط آمريڪا دُنيا جو سپر پاور بڻجي اُڀريو. اُن وقت آمريڪا کي اهو احساس بلڪل به نه هو ته جيڪا طاقت هُو سوويت يونين خلاف سرد جنگ ۾ استعمال ڪري رهيو آهي. اُن طاقت جي تلوارسندس سيني مٿان به وار ڪري سگهي ٿي. اُن سڄي عرصي ۾ ڪميونسٽ مخالف مُسلم جٿن کي دُڪا کارائي جهڙيءَ ريت آمريڪا پالي وڏو ڪيو. اُهي جٿا، اڳتي هلي اهڙي مُنظم قُوت بڻجي ويا، جو کين آمريڪا جون مضبوط رسيون به سوڙهو ڪري سگهڻ ۾ ناڪام ويون. جيڪڏهن دُنيا ۾ لبرل سياسي سوچ ۽انقلابي آدرشن جو انت نه اچي ها ته شايد اڄ سڄي دُنيا دهشتگرديءَ جي باهه ۾ ڀسم نه ٿئي ها. آمريڪا پنهنجي سُپر پاور هُجڻ جي نشي ۾ ايترو ته اڳتي نڪري ويو، جو ”پينٽاگان“ جي پردي ۾ دُنيا تي ڪنٽرول رکڻ جا خواب ڏسندو رهيو. اُن جون اکيون ته 11 سيپٽمبر 2001ع ۾ تڏهن کُليون جڏهن ”ورلڊ ٽريڊ سينٽر“ اُن دهشتگرديءَ جو شڪار بڻجي ويو. جنهن جو ذميوار القائده کي قرار ڏنو ويو ۽ بن لادن آمريڪي انٽيليجنس لاءِ انتهائي خطرناڪ ۽ اشتهاري قرار ڏنو ويو. اُن کان اڳ اهو ڪنهن تصور به نه ڪيو هو ته آمريڪا جي اندر اهڙي قيامت برپا ٿي سگهي ٿي؟! القاعده کان وٺي سَوَن جي تعداد ۾ اهڙن مُنظم هٿياربند مُسلم گروپن ۽ جماعتن مٿان ڪڙي نظر جي شروعات ٿي وئي. هڪ دانشور دوست جو اُن وقت اهو تجزيو سامهون آيو هو ته ” 11/9 واري واقعي کان پوءِ آمريڪا ۽ دُنيا جي ٻين مُلڪن جون سياسي حالتون ساڳيون ناهن رهڻيون.“
    جڏهن آمريڪا افغانستان سان جنگ جي ابتدا ڪئي ته اُن جا اثر پاڙيسري مُلڪن تي لازمي طور پوڻا هُئا. ڇاڪاڻ ته جيڪي ويڙهاڪ قُوتون هُيون، اُنهن پنهنجي عسڪري طاقت کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ مُنظم شڪل اختيار ڪئي. اڄ جڏهن لبيا، شام، عراق، پاڪستان، بنگلاديش نائيجيريا ۽ افغانستان دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آيل آهن ۽ انتهاپسند قوتن جي ڪاررواين سبب پريشانين جي پنڌ تي بيٺل آهن ۽ خود ايران تي به اهڙي جنگ مسلط ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته عراق ۾ دولتِ اسلاميءَ جو لشڪر جنهن طريقي سان وڙهي رهيو آهي، جيڪڏهن اُن لشڪر هٿان مُقدس هنڌن کي نُقصان پهچايو ويو ته لازمي طور ايران به اُن ويڙهه ۾ شامل ٿي ويندو. جيڪو ڪيترن ئي سالن کان آمريڪا جي نفرتن جي نشاني تي رهيو آهي. جنهن جي مصنوعات مٿان آمريڪي پابنديون اڃان تائي هٽي ناهن سگهيون. ڪجهه تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته دولتِ اسلامي جي شدت پسندن جو تعلق عراق ۽ شام سان آهي. جيڪي عراقي فوج کان وڌيڪ تربيت يافته آهن. سڄي دُنيا ۾ وڌندڙ شدت پسنديءَ جو وڏو سبب ئي اهو آهي جو مجموعي طور لبرل سياسي سوچ ۽ انقلابي فڪر جو خاتمو آيو آهي، جنهن جي ڪري انتهاپسند قُوتون وڌيڪ مُنظم شڪل ۾ سامهون آيون آهن.
    هن وقت ڀلي آمريڪا انتها پسند قوتن خلاف سفيد ڪفن سبرائي ويٺل هُجي ۽ کين پنهنجي نفرتن جي نشاني تي رکيو هُجي پر ترقي پسند لبرل حلقا اڄ به شاهد آهن ته آمريڪا سرد جنگ ۾ پنهنجي ادا ڪيل ڪردار جا نتيجا ڀوڳي رهيو آهي. جنهن جي ادا ڪيل حڪمت عمليءَ جو ئي نتيجو آهي جو هن وقت ڪيترائي مُلڪ انتهاپسند قوتن جي نشاني تي آهن. آمريڪا عراق اندر دولتِ اسلاميءَ جي جٿن سان ويڙهه ۾ عراق حڪومت جو ساٿ ڏيڻ جو اعلان ته ڪيو آهي. پر جڏهن انتها پسند قوتن ايترن مُلڪن ۾ دهشتگرد ڪاررواين جا در کوليا آهن، جتي آمريڪا پنهنجي حڪمت عمليءَ ۾ ئي بيوس نظر اچي رهيو آهي. اُتي آمريڪا جو عراق ۾ انتهاپسندن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن جو عارضي سهارو انتها پسنديءَ مٿان ڪيترو ڪنٽرول ڪري سگهندو؟ ان سوال جو اڃان ڪو واضع جواب نظر نٿو اچي. ان سڄي بين الاقوامي سياسي حالتن جي روشنيءَ ۾ جتي اڃان تائين نائجيريا جون اغوا ٿيل اسڪولي نياڻيون بوڪو حرام جي شدت پسند اسلامي گروهه کان آجيون ٿي ناهن سگهيون. 200 کان وڌيڪ نياڻين جي وارثن جون بين الاقوامي برادريءَ کي ڪيل اپيلون به بيوسيءَ جي رڻ ۾ رُلنديون رهن ٿيون.
    پاڪستان به گُذريل ڪيترن سالن کان دهشتگرد ڪاررواين جي نشاني تي رهيو آهي. پر خودڪش حملن جي سلسلي ۾ تيزي ته تڏهن آئي، جڏهن 2007ع ۾ لال مسجد مٿان مُلڪ جي اڳوڻي صدر پرويز مُشرف ”سن رائيز“ آپريشن شروع ڪيو. جنهن ۾ مولانا عبد الرشيد غازي مارجي ويو ۽ سندس ڀاءُ مولانا عبد العزيز گرفتار ڪيو ويو هو. مُلڪي ۽ بين الاقوامي سياست تي تمام گهڻي دسترس رکندڙ هڪ دوست اسلام آباد مان واپسي تي هڪ نجي ڪچهريءَ ۾ چيو هو ته: ”لال مسجد آپريشن پاڪستان حُڪومت کي ڏاڍو مهانگو پوندو.“ جيتوڻيڪ بظاهر لال مسجد مٿان حُڪومتي رٽ قائم ٿي چُڪي هُئي. پر اُهو دوست جنهن شدت پسند اسلامي گروپن ۽ مدرسن تي نه رُڳو تمام گهڻي اسٽڊي ڪئي هُئي. پر ترقي پسند سياسي نظرين سبب بار بار چوندو رهيو هو ته: ”مستقبل ۾ نه رُڳو خودڪش حملن ۾ اضافو ٿيندو، پر پاڪستان سميت ڪيترائي مُلڪ، مذهبي انتهاپسندن جي نشاني تي هوندا.“ دل جي موذي مرض ۾ مُبتلا دوست ته 2009ع ۾ هن دُنيا کي الوداع چئي هليو ويو. ليڪن هُن جا اُهي سمورا تجزيا موجودهه سياسي دور ۾ دُرست ثابت ٿيا آهن. جنهن 1982ع ۾ هڪ ڪميونسٽ دوست سان ڪچهري ڪندي کيس چيو هو ته: ”هلندڙ ڏهاڪي ۾ ئي سوويت يونين نه رهندو ٽُٽي ويندو. سوال اهو آهي ته سوويت يونين جي زوال کان پوءِ ڇا اسان پنهنجي نظرياتي سياست جا مورچا سنڀالي سگهڻ جي سگهه رکون ٿا؟“
    ائين ئي هڪ پُوري پيڙهيءَ جو پنڌ جنهن سحر جو مُنتظر هو اُها سحر ته پري رهي. پر لبرل سياسي سوچ، انتهاپسند قوتن هٿان يرغمال بڻجي وئي. ڪير ٿو چوي ته وزيرستان ۾ هلندڙ فوجي آپريشن پاڪستان کي پُرامن دور ۾ داخل ڪري سگهندو؟ ڪو به آپريشن ايستائين بهتر نتيجا ڏئي نٿو سگهي. جيستائين اُن جي بُنيادي سببن ۽ ڪارڻن کي نظر ۾ رکي نٿو ڪيو وڃي. هڪ پاسي پاڪستان جي سمورن شهرن ۾ ديني تعليم جي نالي تي نرسرين جا سنگ نِسري رهيا آهن. ٻئي پاسي نرسرين مان نڪتلن مٿان جنگي حڪمت عملي جوڙي آپريشن ڪيو پيو وڃي. ڪالهه تائين اُتر وزيرستان مان لڏپلاڻ ۾ نڪتل ماڻهن جو تعداد 70 هزار ٻُڌايو ويو آهي. اُنهن لڏيندڙ ماڻهن کي ڍال بڻائي جيڪڏهن رُڳو ڏهه هزار شدت پسند، پاڪستان جي باقي صوبن ۾ داخل ٿيا ته ڇا اهڙو آپريشن ڪي مثبت نتيجا ڏئي سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿو.؟ پاڪستان جون اندروني سياسي حالتون خود هڪ وڏي سياسي بيچينيءَ پاسي وڃي رهيون آهن. اُتر وزيرستان مان نڪتل ماڻهن جو تعداد طئي ناهي ڪيو ويو ته ڪٿي رهايو ويندو؟ جنهن کي محفوظ هنڌ مُنتقل ڪيو پيو وڃي ۽ اهو محفوظ هنڌ ڪهڙو آهي؟ يا ڪهڙي صوبي جي اندر آهي.؟ ڪا خبر ناهي. سنڌ حُڪومت پاران سيڪيورٽيءَ لاءِ کنيل اُپائن جو جائزو وٺبو ته کِل ايندي. وڏي وزير جي ڪيل اعلان ۽ پوليس کي چوڪس رهڻ وارن حُڪمن سان ئي اهڙي تعميل شروع ٿي وئي آهي، جو چيڪنگ جي بهاني سان پوليس نئون ڪاروبار شروع ڪري ڏنو آهي. قانوني ڪاغذ رکندڙ گاڏين کان به اوڳاڙين جا سلسلا وڃي عروج تي پهتا آهن.
    سنڌ کي هلندڙ ضربِ عضب آپريشن تي هڪ ئي اعتراض آهي ته قبائلي علائقن مان ايندڙ ماڻهن تي سخت چوڪسي رکي وڃي ۽ سنڌ ۾ اُنهن جي داخلا تي مُڪمل بندش لڳائي وڃي. باقي جيتري قدر وڌندڙ شدت پسنديءَ جو معاملو آهي ته اُن لاءِ، سنڌ سميت مُلڪ جي شهرن جي اهم رستن تي تيزيءَ سان وڌندڙ مدرسن لاءِ ڪو پروٽوڪول طئي ٿيڻ گهرجي. اُنهن جي فنڊز جي پرائيويٽ سيڪٽرز جي سهڪار سان مُڪمل آڊٽ ڪرائي وڃي. طئي ٿيل نصاب کان سواءِ فرقيوارانه نفرتن کي ڦهلائيندڙ نصاب تي بندش لڳائڻ گُهرجي. اُنهن مذهبي پارٽين جي اڳواڻن جي تقريرن تي بندش هڻڻ گُهرجي. جن جي تقريرن مان فرقيوارانه نفرت يا فسادن جو خدشو هُجي. مُلڪ ۾ لبرل سياسي سوچ ۽ آزاديءَ کي هٿي ڏيڻ گُهرجي. جيئن سموريون پارٽيون عوام ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪري سگهن ۽ تنظيم سازي جي سلسلي کي وڌائي سگهن. افسوس ته اهو آهي، جو هن وقت تائين ترقي پسند لبرل سياسي سوچ مٿان ڪيترائي سرڪاري ادارا عرصن کان نظر رکيو پيا اچن. پر انتها پسند قُوتون آزاديءَ سان فرقيواريت کي ڦهلائينديون رهن ٿيون. جيڪڏهن شدت پسنديءَ مٿان مُڪمل ڪنٽرول ڪرڻو آهي ۽ ان لاءِ سمورا حُڪومتي ادارا سنجيدهه آهن ته دهشتگردن جا بُنياد اُکيڙڻ لاءِ آپريشن ڪافي ناهي. جڏهن باهه کي وسائڻو هوندو آهي ته شعلن مٿان پاڻي اُڇلائڻ سان ڪو فائدو ناهي ٿيندو. باهه جي جَڙ مٿان پاڻي اُڇلائڻ سان ئي باهه وسامندي آهي.


    غزه سان گڏ بيٺل سعيده وارثي.

    جنهن به سعيده وارثيءَ جو پروفائيل پڙهيو هوندو، تنهن کي عرب دُنيا جي عظيم شاعر نذار قابانيءَ جون اُهي سِٽون ضرور ياد آيون هونديون. جنهن ۾ هُن لکيو هو ته: ”روشني بتيءَ کان بهتر هوندي آهي ۽ نوٽ بوڪ کان وڌيڪ، نظم سگهارا هوندا آهن.“ سعيده وارثيءَ نه رُڳو مصلحتن جي بتي ڀڃي ڀور ڪري روشنيءَ جا بُنيا د وڌا آهن. پر هُن برطانيه جي پاليسين خلاف ”انڪار“ جي نئين نظم لکي ورتي آهي. جيڪا نظم نئون نسل سيني سان ائين سانڍي رکندو، جيئن قومون پنهنجي لوڪ ورثي کي وڏڙن جي امانت سمجهي سانڍي رکنديون آهن. فلسطين جي ڌرتيءَ مٿان اسرائيلي فوجن 1800 انسانن کي راڪيٽن ۽ گولين مان گُذاري کين هميشه لاءِ سُمهاري ڇڏيو ۽ هزارين فلسطيني زخمي بڻجي، اهڙي اپاهج زندگي بسر ڪندا، جنهن جو تصور ڪندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. ”بينجمن نيتن ياهو“ اڳيان سڄي بين الاقوامي دُنيا ۽ اقوامِ مُتحده بيوس بڻيل رهي. ڪنهن ڇُڙواڳ درندي وانگر فلسطين جي مُڪمل ڀيل ڪرڻ کان پوءِ اسرائيلي فوجون واپس وڃي رهيون آهن. پر پوئتي رهجي ويل جنگي منظر جي ڌُنڌ ۾ مائرن جون اُهي چيخون ايندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين گُنهگار ڪنن ۾ گونجنديون رهنديون. ايڏي وڏي انساني الميي تي ڪيترائي ڪتاب سهيڙيا ويندا، مارڪيٽ ۾ صحافين جون اُهي ڊائريون به اينديون جيڪي، انساني الميي جو داستان پيش ڪنديون. ليڪن ان کان وڏو الميو ٻيو ڪهڙو هوندو، جتي اقوامِ مُتحده جو ڪردار باز اڳيان ڪمزور جهرڪيءَ وانگر نظر آيو. جنهن غزه مٿان لڳاتاراسرائيلي حملن کي جنگي جرائم سان تشبيهه پئي ڏني. پر اسرائيلي طاقت جو جنوني نشو نه لٿو. مُسلم دُنيا روايتي بيان بازيءَ سان پنهنجا بار لاهيندي رهي. يورپين يونين ۽ انساني حقن جون عالمي تنظيمون ”بينجمن نيتن ياهو“ اڳيان بيوس بڻيل رهيون. اُتي سعيده وارثيءَ جو غزه جي حوالي سان برطانوي پاليسيءَ کان بغاوت ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي. جنهن اهو چئي اهم عهدي کي ٺُڪرائي ڇڏيو ته: ”اخلاقي طور هُوءَ غزه تي برطانوي پاليسين جو دفاع نٿي ڪري سگهي.“ هُن اهڙي مُلڪ جي اهم عهدي کي ٺُڪرايو، جنهن مُلڪ جي ويزا لاءِ مُسلم دُنيا جا ماڻهو سِڪندا آهن ۽ پنهنجي اولاد کي اُتان جي درسگاهن ۾ پڙهائڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. جتان جي مصنوعات ۽ عام شين کي خوشيءَ سان خريد ڪيو ويندو آهي. اُتي وزارتِ خارجه تان وارثيءَ جي استعيفا ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي. هُن جي استعيفا ڀلي ”ڊيوڊ ڪيمرون“ جي ڪابينا ۾ بحث ڇيڙي نه سگهي. ڀلي کيس اقوامِ مُتحده ڪا مانائتي موٽ نه ڏئي سگهي، کيس انساني حقن جون عالمي تنظيمون ڀلي ايوارڊ نه ڏين. پر هُن لاءِ اهو اعزاز اُنهن سمورن اعزازن کان وڌيڪ اُتم آهي جوهُوءَ اُنهن مظلوم دُنيا جي محروم ماڻهن جي دلين جي وارث بڻجي وئي آهي. جيڪي هاڻوڪي دور واري دُنيا ۾ ظلم ۽ جبر جهڙي زندگي گُذاري رهيا آهن. جن وٽ مثالي ماڻهن جا حوالا هاڻ محدود بڻجي رهيا آهن. ڇا اُن لاءِ اهو وڏو اعزاز نه هوندو ته غزه جا ٻارڙا جيڪي، اسرائيلي جارحيت تي دُنيا جي مُلڪن جي مُجرمانه ماٺ ڏسي، مايوس ٿي ويا هُئا. سي اُميد جا اُجهاميل ڏيئا اُن عورت جي نالي سان ٻيهر روشن رکندا، جنهن جو نالو ”سعيده وارثي“ آهي. علي بابا پنهنجي مشهور ناول ” موهن جو دڙو“ ۾ لکي ٿو؛ ” ڪڏهن ڪڏهن ساهميءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي تور، هڪ کنڊ برابر ٿي ويندي آهي.“ سعيده وارثيءَ جو وزن اُن استعيفا وڌائي ڇڏيو آهي. جنهن استعيفا دُنيا کي هڪ سبق به ڏنو آهي ته عهدا ۽ ڪابينائون جيڪڏهن انسانيت مٿان وحشت ۽ جنگي جُرم اڳيان بند ٻڌڻ ۾ ناڪام ٿين ٿا ته اهڙن عهدن ۽ ڪابينائن ۽ اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به فائدو ناهي.
    سعيده وارثي رُڳو ”ڪنزرويٽو پارٽيءَ“ جي اهم عهدي، ميمبر يا ”ڊيوڊ ڪيمرون“ جي ڪابينا ۾اهم وزارت تي ويٺل عورت ئي نه هُئي. پر سعيده وارثي هڪ ماءُ به هُئي. هڪ ماءُ ئي معصوم ٻارڙن جي اکين ۾ ڦاٿل اُن خوف کي محسوس ڪري سگهي ٿي، جيڪو خوف فلسطين جي ٻارڙن جي اکين جو مُقدر بڻيل رهيو. ڪا ماءُ اُهي ڪاغذ وانگر ڦاٽل ٻارڙن جا جسم ڪيئن ٿي ڏسي سگهي؟ جيڪي جسم اسرائيلي راڪيٽن هٿان رهڙيا ويا هُئا. برطانيه جي ڪابينا ۾ هوندي به کيس سُڪون سان ننڊ نه ايندي هوندي. هُن ڪيڏي اذيت سَٺي هوندي، جڏهن ”ڊيوڊ ڪيمرون“ برطانيه جو پاليسي بيان جاري ڪندو هوندو. جنهن ۾ غزه جي گُلڙن جي لتاڙ جو تحفظ گهٽ پر اسرائيلي فوجن جي اغوا جي معاملن تي ڳڻتي وڌيڪ بيان ڪيل هوندي. تڏهن کيس اُهي لفظ ستائيندا هوندا. جيڪي پاسترناڪ جي ناول ”ڊاڪٽر زواگو“ ۾ قيدين سان ڀريل خاموش ٽرين ۾ زنجيرن سان جڪڙيل هڪ قيدي زور سان زنجيرون کڙڪائي طويل خاموشي ٽوڙي چوندو آهي.
    It means; only I am free in this train
    (ان جو مطلب هن ٽرين ۾ فقط مان ئي آزاد آهيان). جتي اقتدار جي نشي ۾ زنگجي ويل دليون مُفادن ۽ عهدن جون قيدي بڻجي وڃن. جتي سماجي ڏوهه کي قانوني لباس پهرائڻ جا جُرم ٿيندا هُجن. جتي سياست انساني جسمن جو سنگينن سان سبجندڙ لباس بڻيل هُجي. جتي انساني حقن جي عالمي قانون جي لتاڙ عام هُجي. جتي دُنيا ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ جبر تي اکيون پُوري ويهي رهڻ وارين مصلحتن جهڙي سياست جي نتيجي ۾ مراعتون حاصل ٿينديون هُجن. اهڙي سينواريل سياسي نظام جي قيد خاني ۾ هُن استعيفا ڏئي اهو ثابت ڪيو ته: ” اهڙي سياسي جهان ۾ فقط سعيده وارثي ئي آزاد آهي.“ قومن مٿان برپا ٿيندڙ قيامت تي برطانيه جي مُجرمانه خاموشي ۽ اسرائيل جي طرفداريءَ جهڙين پاليسين ۾ سعيده وارثي مُجرم نه ليکي ويندي. پر اهڙي بهادر عورت ليکي ويندي جنهن، ڪيمرون اڳيان ڪنڌ نه جُهڪايو. جنهن انڪار جي جُرئت ڪري نئين سياسي تاريخ جا بُنياد وڌا. جنهن نه رُڳو انفرادي طور ڪيترن مُلڪن کان وڌيڪ سگهارو ڪردار ادا ڪيو. پر سعودي جي سڳورن عالمن جي اُن فتوى تي به افسوس ڪيو. جيڪي غزه جي حق ۾ ٿيندڙ مُظاهرن کي غير شرعي ۽ غير اسلامي قرار ڏئي رهيا هُئا.
    سعيده وارثيءَ غزه مٿان اسرائيلي جارحيت جي رُڳو مُسلمان هُجڻ واري حيثيت سبب احتجاجن استعيفا نه ڏني. پر هُن اهڙي افسوسناڪ انساني الميي تي برطانيا جي پاليسين خلاف ڏني. جيڪي پاليسيون اسرائيل جي جنگي جُنون ۾ اضافي جو سبب بڻجنديون رهيون. غزه جهڙا سانحا ڪنهن به مُلڪ جي حصي ۾ ٿين، ڪٿي به ٿين، اُهي انساني سماج لاءِ وڏو الميو آهن. جيڪي قيادتون اهڙن واقعن تي وڏن سرمائيدار مُلڪن جي اندر ويهي خاموش بڻيل آهن. سي اهڙو سياسي قيد ڪاٽي رهيون آهن. جنهن سان انساني سماج کي ڪو به فائدو رسي نٿو سگهي. دُنيا ۾ بظاهر سُڌريل ۽ مُهذب هُجڻ جو سرٽيفڪيٽ رکندڙ مُلڪن جي سياست مصلحتن جي اهڙي بازار بڻيل آهي. جتي مُفادن جي سوديبازي انساني جانين کان وڌيڪ عظيم سمجهي ويندي آهي. ڇا اِهو مُهذب پڻو آهي؟ جو هڪ شهر مٿان پُورو مُلڪ جنگي هٿيارن سان ڪڙڪي پوي ۽ مُهذب سياسي دُنيا پنهنجي مڪروهه چهري کي لڪائيندي رهي ۽ اهڙي جنگي جُرم کي روڪڻ بجاءِ، جانبداريءَ جهڙي ناقابلِ معافي جُرم ۾ شامل بڻجي وڃي. جنهن کي انساني تاريخ جو اڻوڻندڙ الميو سمجهيو وڃي. ڪنهن اها ڳالهه صحيح چئي آهي ته: ”مُحاصري ۾ آيل مُلڪن جي زمين، انسانن کان وڌيڪ اهم هوندي آهي.“ سموري اسلامي دُنيا جا مُلڪ ٻن ڪئمپن ۾ ورهايل آهن. هڪڙا بُنياد پرستيءَ جي بُنياد تي بيٺل آهن ته ٻيا لبرل خيالن جي خُدائي آباد ڪيو ويٺا آهن. غزه جي الميي تي اُنهن جو رويو ”ڏجي نه، ته ڏُکائجي به نه_“ وارو رهيو. اُها ملالا يوسف زئي جنهن کي ته هاڻ ايوارڊن جي انگ جي به خبر ناهي رهي ته کيس دُنيا مان ڪيترا ايوارڊ مِليا آهن. سا نائجيريا جي نياڻين جي آزاديءَ لاءِ بوڪو حرام خلاف احتجاج ته ڪري رهي هُئي. ليڪن غزه ۾ اسرائيلين هٿان مروٽيل گُلن جي لاءِ ڪو بيان به جاري نه ڪيائين. ڇا اها مصلحت ناهي؟ جيڪڏهن ملالا آمريڪا کان وٺي برطانيه ۽ اقوامِ مُتحده کان مِليل سمورا اعزاز واپس ڪري کين چوي ها ته غزه مٿان اسرائيلي جارحيت بند ڪرائي وڃي، جتي مرندڙن جو گهڻي ڀاڱي انگ اُنهن ٻارڙن جو هو، جيڪي اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ پناهه وٺي ويٺل هُئا. جيتوڻيڪ دُنيا جا اُهي اتحادي مُلڪ جيڪي پنهنجي گڏيل مُهذب پڻي جو مُظاهرو هر هنڌ ڪندا رهندا آهن. سي ملالا کي ڀلي مُناسب موٽ نه ڏين ها ليڪن، دُنيا ۾ ملالا کي اُهي محروم اکيون ضرور مان ڏين ها. جيڪي غزه ۾ طويل عرصي تائين اذيت جو شڪار آهن. ڇا اهڙي مليل مان کي ڪنهن ايوارڊ جي تارازيءَ ۾ توري سگهجي ٿو؟ اهڙي مانائتي موٽ اُنهن سمورن اعزازن کان وڌيڪ اُتم هوندي آهي. جيڪي اعزاز ڪنهن اهڙي مُلڪ کان مليل هُجن جيڪو مُلڪ جارحيت ڪندڙن جو ساٿاري بڻيل هُجي.
    سعيده وارثي استعيفا کان اڳ خاموش ۽ گُمنام ڪردار هُئي. پر استعيفا کان پوءِ هُن جي گُمنامي غمزده غزه جي اکين لاءِ اهڙي اُميد آهي. جنهن کي غزه جون مائرون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهن. سعيده غزه جي عورتن ۽ ٻارڙن کي ڪنهن به قسم جو ڪو سهارو ناهي ڏنو نه ئي سندن امداد لاءِ برطانيه مان ڪي امدادي جهاز روانا ڪيا آهن. پر انساني همدرديءَ جي بُنياد تي اهڙي پاليسيءَ کان پرهيز خاطر استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جي ضمير کيس اجازت نه ڏني ته برطانيه جي اهڙين پاليسين جي حمايت ڪري، جيڪي پاليسيون اخلاقي جُرم ۾ شامل ڪيون وڃن ٿيون. آمنه سميت پنج ٻارڙن جي ماءُ سعيده وارثي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ماڻهن کان وسري چُڪي هوندي. ٻيهر گُمناميءَ جو ويس پهري گُم ٿي ويندي. ليڪن نه وسرندي اُنهن ماڻهن کان جن جي خاطر هُن اهم عهدن ۽ تمغن کي تُهمت سمجهي، پاڻ کان پري ڪيو. غزه جي ماتم جي جڏهن به نئين سِر تاريخ لکي ويندي، برطانيه کي آمريڪا جي پُراڻي اتحاديءَ سبب غزه پاليسيءَ تي غير واضع موقف رکندڙ اهڙومُلڪ سمجهيو ويندو. جيڪو غزه اندر اسرائيلي جارحيت واري سنگين انساني الميي تي خاموش بڻيل رهيو. ليڪن اهڙي مُلڪ ۾ وزارتِ خارجه جي عُهدي تي ويٺل سعيده وارثيءَ جي نالي کي ضرور ياد ڪيو ويندو. جنهن برطانيه جي غزه پاليسيءَ تي برطانيه جا عهدا ڇڏي، غزه جي غمزدهه مائرن سان گڏ بيٺل رهي.


    سنڌ جو رعيتي راڄ ۽ ڀوتارڪي ذهنيت.

    اُهو عرب شاعر نذار قاباني جيڪو شام جي گاديءَ واري هنڌ ڄائو هو. جنهن جا پڇاڙڪا ڏينهن بيروت کان پوءِ جنيوا ۾ بسر ٿيا هُئا. اُن پنهنجي ديس جي دانهن جو اظهار اُن نظم ۾ ڪيو هو. جيڪا نظم يروشلم جي گهٽين ۽ ديوارن جي اهڙي چيخ آهي. جنهن کي وقت جو ڪو به آمر دٻائي نٿو سگهي.
    اوهه! يروشلم، درد جا شهر!
    تُنهنجي اکين ۾ ڳرا ڳوڙها گُهمي رهيا آهن،
    جارحيت کي ڪير روڪيندو؟
    تون مذهبن جي مالها وانگر آهين،
    ڪير تُنهنجي رت هاڻين ديوارن جا داغ ڌوئيندو؟
    ڪير بائيبل جو بچاءُ ڪندو؟
    ڪير قُران جي مُقدس ورقن جي حفاظت ڪندو؟
    ڪير مسيحا کي بچائيندو؟
    ڇا مسيحا کي سزائن جي صليب تي چاڙهيندڙ،
    انسانن کي بچائي سگهندا؟؟؟!!!
    نذار قابانيءَ جي ديس وانگر اياز جي سنڌ جي امن جا صحيفا به پکين جي پرڙن وانگر پٽي هن ديس جي دل ۾ نفرت جي اهڙي باهه جو بارود پوکيو ويو آهي. جنهن کي سياسي سوداگرن بلڪل نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. جن جي اوليت تي سنڌ ناهي رهي. جيڪي سنڌ جي مسئلن کي وساريل واعدن وانگر وفا ٿي نه سگهڻ سبب عزت ڀريو اعتراف ڪرڻ به مُناسب نٿا سمجهن. اهڙي روش واري اقتداري سياست سنڌ جي نظرياتي سياسي سوچ کي اڳيان وڌڻ ۾ به رُڪاوٽ بڻيل آهي. ڀوتارڪو ۽ موروثي سياسي ڪلچر سنڌ جي اجتماعي، قومي شعور کي ڪرپٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجا سمورا ڪرتب ڏيکاري رهيو آهي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي لڳاتار ٻن حُڪومتي عرصن ۾ سنڌ جي انفرا اسٽرڪچر کي ئي ڏسبو ته سڄي سنڌ کنڊر بڻيل نظر ايندي. بُنيادي انساني سهولتن واري ترقيءَ کان محروم پاڪستان جا ٻه صوبا سنڌ ۽ بلوچستان ڪنهن به طرح هن مُلڪ جي جديد ترقيءَ واري تصور کان پري بيٺل نظر ايندا. بلوچستان جي سياسي حالتن ۾ ترقياتي فنڊن جي استعمال نه ڪرڻ جو بلوچستان حُڪومت وٽ ته وڏو بهانو موجود آهي. بلوچ ويڙهاڪ قوتن جي بهاني سان اُها بجيٽ مُلڪ جي ڪهڙي صوبي تي خرچ ٿئي ٿي؟ اُن گهڻي بحث ۾ پوڻ جي ضرورت ناهي. ليڪن سنڌ جي پسمنظر ۾ ترقياتي رٿائن جي بجيٽ ڪٿي خرچ ڪئي وئي آهي؟ جنهن جي شڪل ۽ صورت جا ڪي نالا ۽ نشان به ته نظر اچڻ گهرجن ها. پر هن وقت تائين کنڊر بڻيل سنڌ جي سنئين سڌي شڪل ۽ صورت به سڌي نطر نه اچي رهي آهي. ٿورو گهڻو امدادي ادارن جي مدد هيٺ ماڻهن جي شراڪت سان جيڪي ڪم ٿين ٿا. اُنهن ڪمن جي اڳيان به سياسي مُداخلتن ۽ جيالن جي مهربانين سبب سنڌ مان امدادي ادارن جا هٿ هاڻ ڍرا ٿيندي محسوس ٿي رهيا آهن.
    سنڌ جي اکين جي ماڻڪين جا موتي به هاڻ انتظار ۾ سُڪي ويا آهن. هُنن سنڌ جي وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي ڪلچر جون پاتل سنگهرون کولڻ لاءِ ڪيترائي وس ڪيا آهن. پر سنڌ جي پيرن ۾ پيل زنجيرون ڄڻ عمر قيد وانگر اُنهن جي قسمت جو حصو بڻجي ويون آهن. سنڌ جي سياسي يتيميءَ جو سوال تڏهن کان سنڌ جي هوائن ۾ ڪنهن پڙاڏي وانگر گونجي رهيو آهي. جڏهن کان سنڌ هن مُلڪ جي فيڊريشن جو حصو بڻجي، پنهنجي آجپي جا اختيار وڃائي ويٺي هُئي. پر سنڌ جي سياسي معاملن تي پيپلز پارٽيءَ جي لڳاتار مُجرمانه ماٺ جي باوجود به سنڌ کي جزباتي نعرن جا خوبصورت خواب ڏيکاري، جهڙيءَ ريت مُسلسل سنڌ مٿان حقِ حاڪميت جا اختيار حاصل ڪيا ويا آهن. اُن سان موجودهه حُڪومت جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسين مان قطعي به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪو سنڌ حُڪومت عوامي ڀلائيءَ لاءِ ڪي سنجيدهه ڪوششون وٺي ايندڙ سالن تائين سنڌ جي حالتن ۾ ڪي تبديليون آڻي سگهندي. ٽريڊيشنل سياسي انداز ۽ ڪمزور حُڪمرانيءَ مان ته صاف ظاهر آهي ته سنڌ جي عوام کي غربت جي اوڙاهه ۾ ڀسم ٿيڻ کان بچائڻ، هن حُڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي نه ئي هن حُڪومت مان ڪن اهڙين سنجيدهه ڪوششن وٺڻ جي ڪا اُميد ڪري سگهجي ٿي. جيڪا سنڌ جي وڃايل امن ۽ انتها پسنديءَ جي وڌندڙ اثرن لاءِ ڪا اڳواٽ ۽ بهتر حڪمت عملي جوڙي سگهي سا ڳالهه سج کي ڏيئي ڏيکارڻ جي برابر آهي. ان حد تائين جو سنڌ جو امن ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين چند ڏوهاري گروهن ۽ هٿياربندن جي هٿن ۾ يرغمال بڻيل آهي گهٽ ۾ گهٽ ان لاءِ ڪا مضبوط حڪمت عملي جوڙي سگهڻ جي به سنڌ جي موجودهه حُڪومت پنهنجي عملي انتظامي صلاحيتن مان ثابت ڪيو آهي ته اهڙي معاملي جي حل لاءِ بنهه سنجيدهه ناهي. جڏهن ته نوڪرين جي ڪوڙن آسرن ۽ دلاسن جي آڙ ۾ سنڌ ۾ هن حُڪومت جي ڇپر ڇانو هيٺ هلندڙ ڦُرلُٽ واري ڪاروبار جي پويان جيڪي لڪيل هٿ آهن. اُنهن کي پڪڙڻ به هاڻ موجودهه حُڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي به اهڙا عمل ٿي رهيا آهن. اُنهن عملن پويان ڳرا هٿ مُلوث آهن. ڳرا هٿ ڪهڙا آهن؟ اڃان تائين سنڌ جا ماڻهو اهڙن ڳرن هٿن اڳيان بلڪل بيوس بڻيل آهن.
    سوال اهو آهي ته سنڌ جي اکين کان کسيل امن جا خواب ۽ مقدس مالهائن ۾ پويل مذهبي رواداريءَ واري زندگيءَ اڳيان وڇوٽين واريون واٽون پئدا ڪرڻ سان سنڌ جو چهرو مُستقبل ۾ قطعي به بهتر نه هوندو. اهو اهڙو معاملو آهي. جنهن کي هر باشعور ۽ سنجيدهه سياسي ۽ سماجي ماڻهو ڳڻتيءَ جي اک سان ڏسي رهيو آهي. اُن لاءِ رُڳو قومپرست تنظيمن جي ڪردار تي ئي تنقيدن جا کاتا کولڻ سان معاملا نبرجي نه سگهندا. پر سنڌ ۾ چونڊيل نُمائندن جي ڪردار ۽ عمل کي قطعي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جن کي سنڌ جي عوام پنهنجا آڱوٺا ڪارا ڪري کين اسيمبلين ۾ ان ڪري نه موڪليو هو ته هُو معاملن تي سنجيدهه بحث ڪري ڪنهن نتيجي تي پُهچي سگهڻ بجاءِ، هر وقت ان ڳڻتيءَ ۾ ڳرندا هُجن ته سندن پروٽوڪول لاءِ سلامي ڀريندڙ سرڪاري عملدار گهٽ ڇو هُئا؟.
    درد جي ديس سنڌ جو وجود هاڻ اهو سڀ ڪجهه سهڻ واري سهپ کان بيزار بڻجي پيو آهي. سنڌ جون مائرون جن جي اولاد پنهنجي هٿن تي اڃان ميندي به نه لاتي هُئي. تن جا سڙيل، وڍيل ۽ چچريل لاش ميڙي ٿڪجي پيون آهن. هاڻ سنڌ طوفان کان اڳ خاموش سمنڊ وانگر ساهه کڻي رهي آهي. قران، گيتا ۽ بائيبل جي بُنيادي امن ۽ سلامتيءَ واري گڏيل درس جي وچ ۾ آيل وڇوٽين جو خاتمو چاهي ٿي. سنڌ جو زخمي وجود مخدوم بلاول جيان پنهنجي ٽُٽندڙ هڏڙين جا آواز ٻُڌي خاموش آهي. ڇا سنڌ جي خاموشي ڪنهن طوفان اچڻ جي اڳڪٿي ته ناهي؟ ڇاڪاڻ ته قومون پنهنجي جسم جي نقشن جي بگڙجي وڃڻ کي بي معنى سمجهنديون آهن. پر وطن جي بدن جي نقشن تي نظر رکنديون آهن. جڏهن به کين اهو انديشو ٿيندو آهي ته سندن وطن جي بدن جي سونهن جو سوال آهي ته پوءِ اُنهن کي مرزا باقيءَ جو تشدد به ياد ناهي رهندو. سنڌ خاموش آهي. پر اُن جي خاموشيءَ کي خوف تصور نه ڪيو وڃي. سنڌ جي دل پکين وانگر پاڪيزهه آهي. پاڪيزهه دليون نفرتن کي پنهنجي جيءَ ۾ جايون ناهن ڏينديون. پر جڏهن لڳاتار سُٺي حُڪمرانيءَ جا سوال ايندا آهن ته ماڻهو انفرادي ردِعمل به ظاهر ڪندا آهن. سنڌ آخر ڪيستائين ڪاروباري سياسي ڪلچر ۾ ڦاٿل رهندي؟ چونڊيل نُمائندن جا عوام سان ڪيل واعدا هر پوئين واعدي جي نفي هوندا آهن. اُنهن جا واعدا ته واريءَ جي اهڙن گهرڙن وانگر هوندا آهن. جيڪي هلڪي بوند ۾ ئي پنهنجا نشان مِٽائي ويهندا آهن. سنڌ جي ماڻهن کي رعيتي راڄ سمجهي ورهين کان حُڪمراني ڪندڙ ڀوتارڪي ڪلچر واري ڊرامي جي آخري قسط ته تڏهن ڏسڻ ۾ ايندي. جڏهن ورهين کان بُک ۽ بدحاليءَ جا ستايل ماڻهو، بيروزگاريءَ جي حالت ۾ خودڪشيون ڪندڙ جوانيون، رستن ۽ روڊن تي ٻارڙا پئدا ڪندڙ عورتون، نماڻين نظرن سان بند پيل اسڪولن کي حسرت سان ڏسندڙ ٻارڙا ۽ سنڌ جي زرعي زمينن جي پاڻيءَ تي پنهنجي ئي ووٽن سان چونڊيل نُمائندن هٿان ٿيندڙ چوريون، اغوائن ۽ ڦُرن جي وارداتن ۽ سرِعام ماڻهن کي ماريندڙ صنعت ۾ تبديل ٿيندڙ مافيائن پويان ڪنهن جا هٿ آهن؟ اُهو ڪير آهي جيڪو طاقت ۾ هوندي به عوام جي بُنيادي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن جي حل ۾ سنجيدهه ناهي؟ جڏهن ماڻهن ان ڳالهه کي سمجهي ورتو ته ايندڙ سالن ۾ اِهي به امڪان آهن ته سنڌ جا ماڻهو احتسابي عمل جي ابتدا ڪن. ڇاڪاڻ سنڌي سماج، جي مُتحرڪ رهڻ جا پوين ڪجهه ئي مهينن ۾ ڪيترائي مثال آهن. جڏهن ماڻهن سمورين حرفتن ۽ چالاڪين کي سمجهي، اُنهن ماڻهن جي چونڊ ڪري ورتي، جيڪي اُنهن جي ووٽ جي تقدس کي سمجهي سگهن ۽ سندن وارثيءَ جي دعوى دل سان ڪن ٿا. جن جي دلين کي اقتدار جو نشو بدلائي نٿو سگهي. جڏهن سنڌ جي عوام اهو سمجهي ورتو ته بار بار آزمائش کان پوءِ سندن ڏُکن ۽ سُورن جو ڪو تدارڪ ناهي ٿيو ته هُو ڪڏهن به اهڙو بيج نه لڳائيندا جيڪو سندن سُڃاڻپ ئي کسي وٺي. سنڌ حُڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي ڪنهن به شعبي ۾ نظر وجهي ڏسجي ته بنهه مايوس ڪندڙ صورتحال تي وڃي پُهتي آهي. اهڙي حالت ۾ هاڻ سنڌ جي عوام اهو سمجهي ورتو آهي ته ڪردار جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ وٺڻ ته آسان ڪم آهي. پر نيتن جا سرٽيفڪيٽ ڪير ڏيندو؟ اُهي سرٽيفڪيٽ آزمائشن سان ملندا آهن. عوام جي آزمائش ڏاڍي تلخ ٿيندي آهي. خاموش عوام کي خالي آکيري وانگر سمجهڻ نه گُهرجي. پر دُنيا ۾ آيل انقلاب ۽ تبديليون، ڳرين قيمتن تي حاصل ٿينديون رهيون آهن.
    پيپلز پارٽي پنهنجي ٻنهي عرصن ۾ سنڌ کي نظر ايندڙ تبديليءَ جي دڳ تي وٺي اچڻ ۾ مُڪمل ناڪام رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسجي ٿو ته ماڻهو وڏي بغاوت جي باهه سان ڀريا پيا آهن، اهڙي بغاوت جي باهه اُنهن جي اندر ۾ ٿورڙي عرصي کان پئدا ناهي ٿي. پر ورهين کان ٿيندڙ ناانصافين جو ردِعمل آهي. جنهن جي سامهون سياسي دوڪانداري هلائيندڙ ڌُريون گهڻي عرصي تائين بيهي نه سگهنديون. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ساون کيتن وارن ڳوٺن کي ساڙڻ ۽ اُجاڙڻ کان وٺي دربدر ٿيندڙ ماڻهو هاڻ ٿڪجي پيا آهن. جن جي ذميواري به اُن قيادت تي اچي ٿي، جيڪا قيادت عوام جي ڪُلهن تي چڙهي ايوانن تائين پُهتي آهي. ماڻهن جي اندر ۾ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ غير معمولي حد تائين وڌيل آهي. جيڪا رات وچ ۾ پئدا ناهي ٿي. پر وڏي عرصي کان سنڌ ۾ خراب حُڪمرانيءَ جو نتيجو آهي. سنڌ اهڙي قيادت جي خواهش رکي ٿي، جيڪا حقيقي معنى ۾ سنڌ جي سياسي ۽ قومي مُفادن تي سودي بازي ڪرڻ بجاءِ، سنڌ جي وسيلن جي مالڪيءَ تي تِر جيتري به سوديبازي نه ڪري ۽ کين عوام سمجهڻ بجاءِ رعيتي راڄ تصور نه ڪري. هن وقت تائين سنڌ جي ڀوتارن ۽ وڏيرن ته طاقت جي سرچشمي عوام کي رعيتي راڄ سمجهي ئي پنهنجي طاقت کي مضبوط ڪيوآهي. جن جو سنڌ جي مِٽيءَ سان رشتو به ووٽن جي ڪري ئي سلهاڙيل رهيو آهي.


    نفرت جي تيلين سان سڙندڙ ڪراچي.

    جڏهن به ڪو منحوس ميسيج ڪراچيءَ جي ڪَنن ۾ گونجڻ لڳندو آهي. تڏهن ڪراچي ڪنهن مُنتشر لشڪر وانگر لڳندو آهي. شهر جا روڊ ۽ رستا بند ڪيا ويندا آهن. اقليتي اُردو آباديءَ وارا علائقا به ان خوف سبب خالي نظر ايندا آهن ته متان ڪا اڻوڻندڙ صورتحال پئدا ٿي پوي. جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينهن پهرين مُتحدهه اڳواڻ پاران سنڌ کي ٻن انتظامي حصن ۾ ورهائڻ واري بيان کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن جو ردِ عمل فطري ته فطري ڳالهه هو. پر پيپلز پارٽيءَ سان وزارتن تي ويڙهه ۽ رسا ڪشيءَ جي ردِعمل ۾ سنڌ جي جاگرافيائي وحدت مٿان وار ڪرڻ، ڪنهن به طرح سنڌ اندر پُرامن ماحول مٿان رتوڇاڻ واري تيزاب کي هارڻ کان گهٽ نه آهي. ٻيو اهو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ پاران اهڙي ڳالهه ڪرڻ ته هُو ايم ڪيو ايم کي 1980ع واري دور جي دُنيا ۾ وٺي وڃڻ چاهي ٿو. ان جو ٻيو مطلب سنڌ اندر اُردو ڳالهائيندڙن جي نمائندهه پارٽي سنڌ ۾ اهڙي سياسي صورتحال کي هٿي ڏئي رهي آهي. جنهن جو ازالو سنڌ ڪيترن ڏهاڪن کان پوءِ به ڪري ناهي سگهي. اهڙيون ڳالهيون ڪنهن به ريت سنڌ جي اجتمائي سياسي شعور لاءِ ڪو سُٺو سنئوڻ ثابت نه ٿينديون. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ سان سياسي اختلاف رکيا وڃن ٿا ته اُنهن جو نبيرو به اُن پارٽيءَ سان سياسي طور ٿيڻ گُهرجي پر اُن جي سزا مجموعي طور اُردو ڳالهائيندڙ آباديءَ کي نه ڏيڻ گُهرجي ۽ نه ئي سنڌي ماڻهن ۽ اُردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائپ کي بيانن جي ڪاتين سان ڪٽڻ جون ڪوششون ڪيون وڃن. ها جيڪڏهن مُتحدهه جو اڳواڻ پنهنجي پارٽيءَ کي 1980ع واري پارٽي ڏسڻ چاهي ٿو ته سنڌ اندر اها به حقيقت آهي ته کوڙ سارا قومپرست اڳواڻ به آهن، جيڪي پنهنجي پارٽين کي 1980ع جي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي خُواهش رکندڙ آهن. پر 1980ع واري مهاجر قومي موومينٽ جڏهن مُتحدهه جي شڪل اختيار ڪئي هُئي. تڏهن سندن اکين اڳيان پاور ۾ رهڻ جا خُواب نظر آيا هُئا. اُهي خُواب جيڪي پُوري پاڪستان تي حڪمراني ڪرڻ جا خواب هُئا. اُهي خُواب تڏهن ختم ٿيندي محسوس ڪرڻ لڳا. جڏهن تحريڪِ انصاف ڪراچيءَ مان 3 سيٽون کٽيون هُيون. تڏهن کان مُتحدهه جون متيون مُنجهي پيون آهن. تڏهن پاڪستان تي حُڪمرانيءَ جا خُواب ته پري جي ڳالهه رهيا. پر ڪراچيءَ کي پنهنجي مُٺ ۾ بند ڪري ويٺل مُتحدهه جون وايون بتال ٿيڻ لڳيون آهن. هن وقت ڪراچيءَ جي صورتحال 1980ع واري ناهي رهي. اُن دور ۾ ڪراچي هڪ پارٽيءَ جي اُن وِنگ وٽ اسير بڻيل هُئي. جيڪا وِنگ لالو کيت کان سڄي ڪراچيءَ مٿان پنهنجي دهشت ۽ دڙڪي سان حُڪمراني ڪندي هُئي. ڪراچي شهر هاڻ تبديل ٿي چُڪو آهي. جنهن ۾ مُتحدهه دل سان دعوى ڪرڻ جيتري به همت نٿي ڪري سگهي ته ڪا اُها هاڻ ڪراچيءَ کي قيد ڪري سگهڻ جي پوزيشن ۾ رهي آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ جي بدلجندڙ صورتحال تي مشرف جي دور ۾ مُتحدهه جي ميئر معرفت پاڻ کي هڪ قلعي ۾ قيد رکڻ بجاءِ پاڻ کي ڪراچيءَ کان ٻاهر نڪرڻ ۽ منظم طريقي سان آرگنائيز ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هُئي. جنهن کان ڪراچيءَ جا رهواسي چڱيءَ ريت واقف به آهن. تيسر ٽائون، اورنگيءَ کان اڳيان نئين ناظم آباد وغيرهه اُن جا مثال آهن. ڪجهه اهم ذريعا ته اها به دعوى ڪري رهيا آهن ته پاڪستان اندر بحريه ٽائون مُتعارف ڪرائيندڙ جي مالڪ سان ڪراچيءَ جي اڳوڻي ناظم جا گهرا ڳانڍاپا به رهيا آهن. ان ڳالهه تي خود پيپلز پارٽيءَ کي سنجيدگيءَ سان سوچڻ گُهرجي ته هاءِ وي تي ٺهندڙ بحريه ٽائون ۾ ڪيتري سنڌي آباديءَ کي الاٽمينٽ ملي سگهندي يا ملي چُڪي آهي؟ جيڪڏهن ڪراچيءَ جي اندر ڪمزور قلعي تائين محدود رهندڙ مُتحدهه ان ذهنيت سان ڪراچيءَ کي آباديءَ جي لحاظ سان ڪڙو چاڙهي قيد ڪرڻ وڃي رهي آهي ته ان ڳالهه تي سنڌ جي سمورين ڌُرين کي ويچارڻ گُهرجي ۽ سوچڻ گُهرجي ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هر حالت ۾ هاءِ وي جي ٻنهي پاسن طرف ڪراچيءَ جي وڌندڙ آباديءَ کي ڏسي سنڌ جي سيڙپڪارن کي موقعو ميسر ڪجي ته جيئن هر سطع تي ڪراچيءَ مٿان قبضي جي نيت رکندڙ ڌُريون ناڪام ٿي سگهن.
    ڪراچيءَ جا رستا تڏهن سِيل ڪيا ويا. جڏهن متحدهه جي دفتر مٿان رينجرز ۽ پوليس ڇاپو هڻي 35 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو. نتيجي ۾ ڪراچيءَ جي مُختلف رستن تي اُها وحشت ڊوڙون پائڻ لڳي، جيڪا ڪنهن به حادثي جي نتيجي ۾ نظر ايندي آهي. مُتحدهه جو موقف هو ته جيستائين سندن ڪارڪن آزاد نٿا ڪيا وڃن. تيستائين ڪراچيءَ جي رستن تي سندن ڌرڻا جاري رهندا يا اُنهن ڌرڻن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو. مُتحدهه جا اڳواڻ اهو پڻ چوندا رهيا ته هن وقت تائين جيترو رياستي جبر مُتحدهه جي خلاف استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نٿو مِلي. جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ هلندڙ آپريشن جي حوالي سان رينجرز سياسي مُداخلتن سبب آپريشن جا گُهربل نتيجا حاصل نه ڪري سگهڻ جون پڻ شڪايتون ڪندي رهي آهي. قائمه ڪميٽيءَ پاران ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر رينجرز سنڌ کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي. اهو ممڪن آهي ته لڳاتار ڪيترن ڏهاڪن کان حُڪومت ۾ رهندڙ مُتحدهه ڪراچيءَ جي رستن تي ڌرڻا هڻي، پنهنجي پڪڙيل ورڪرن کي ڇڏائي وٺي، پر اها به حقيقت آهي ته جڏهن عيد الاضحى ۾ ڪجهه ڏينهن ئي بچيا آهن. تڏهن اهي ڳالهيون به گردش ڪري رهيون آهن ته ڪراچيءَ جي اندر رينجرز کي ملندڙ شڪايتن ۾ اهي شڪايتون به وڏي پئماني تي پُهچي رهيون آهن ته جانورن جي کلن تان ڪيتريون ئي سياسي جماعتون مُتحرڪ بڻيل آهن. جن جي نتيجي ۾ رينجرز ان معاملي کي به زبردستي چندي واري چِٺيءَ وارو معاملو سمجهي اهڙن ورڪرن خلاف نوٽيس وٺڻ لاءِ نه رُڳو مُتحدهه پر ٻين پارٽين جي ورڪرن خلاف به گرفتارين جي عمل کي تيز ڪيو آهي.
    هڪ پاسي ڪراچيءَ ۾ امن لاءِ هلندڙ آپريشن مٿان گُهربل نتيجا نه ڏئي سگهڻ جون سنگين تنقيدون ٿي رهيون آهن. ٻئي پاسي رينجرز پاران پڪڙيل ماڻهن لاءِ مُتحدهه ڌرڻا هڻي رهي آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پوليس مٿان لڳاتار حملا اُن هلندڙ آپريشن جو ردِعمل آهن. جيڪو آپريشن اُن دهشتگرديءَ جي خلاف ٿي رهيو آهي. جنهن لاءِ اهو تاثر اُڀريو آهي ته ڪراچيءَ اندر اهڙيون قُوتون پنهنجا پير پُختا ڪري رهيون آهن. جيڪي فرقيواريت جهڙي فسادي ذهنيت کڻي هلن ٿيون. ڪراچي لڳاتار اهڙين قُوتن جي نشاني تي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪراچيءَ ۾ ايس ايس پي فاروق اعواڻ مٿان ٿيل حملي کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ ڌرڻن وارا رستا صاف ٿي چُڪا هُئا. ليڪن مُتحدهه جي اِها شڪايت آهي ته اُن خلاف جيترو رياستي تشدد استعمال ڪيو ويو آهي. اهڙو پاڪستان جي ڪنهن به پارٽيءَ خلاف ناهي ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪراچيءَ جي رستن تي مُتحدهه جو هڪڙو ورڪر گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته ڪراچيءَ مٿان وحشت جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي وڃن ٿا. پر جڏهن بلوچستان جو پُورو نسل گُم ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي رستن ۽ روڊن تي چچريل لاش اُڇلايا وڃن ٿا، سون جي تعداد ۾ سياسي پارٽين جا ورڪر گُم آهن. اهڙي انياءَ کي مُتحدهه ڪهڙو نالو ڏيندي؟
    مُتحدهه اِهو سمجهي ورتو آهي ته هاڻ سندن حصي ۾ سدائين اقتدار ۾ رهڻ واري عياشيءَ وارا ڏينهن پُورا ٿي چُڪا آهن. هن وقت ڪراچيءَ کي ڪُوفو بڻائڻ جا جيترا زور لڳائي، تڏهن به ڪراچيءَ کي پنهنجو قيدي بڻائي نٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ ڪراچيءَ مٿان سندن جبري سياسي طاقت جو زور ٽُٽڻ لڳو آهي. اُن جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو، جو مُتحدهه ماضيءَ ۾ پنهنجي احتجاج وارن مخصوص علائقن کان ٻاهر نڪري ناهي سگهندي پر هن ڀيري هنيل ڌرڻي ۾ تين تلوار تي اهو تاثر ڏنو ويو ته هُو ڊفينس جي اندر به اڪثريت ۾ آهي. جيتوڻيڪ سڄي دُنيا اهو سمجهي رهي آهي ته ڪراچيءَ مٿان مُتحدهه جا هٿ هاڻ ڪمزور بڻجي رهيا آهن. جڏهن ڪراچيءَ مٿان سندن ڪنٽرول ڪمزور ٿي رهيو آهي. تڏهن مُختلف وقتن تي لسانيت کي هٿي ڏيڻ جهڙيون حرڪتون ڪيون وينديون آهن. جنهن کي سنڌ جو سياسي ۽ قومي شعور سياسي مذاحمت جي اک ڏيکاريندو آهي. تڏهن ترديدي بيانن جا سهارا ورتا ويندا آهن. هڪڙو مائينڊ سيٽ آهي جيڪو اقتدار ۾ رهڻ لاءِ ڪراچي شهر جي امن سان کيڏندو رهي ٿو. جيڪو هڪ شهر کي ساڙڻ لاءِ سمورا حُربا استعمال ڪري رهيو آهي. هُو جيڪي اڄ به ڪراچيءَ کي ڪنهن فاتح جي اک سان ڏسن ٿا. تن کي پنهنجي 35 ورڪرن جي گرفتاريءَ جو بهانو مِلي ويو آهي. هاڻ هو ڪراچيءَ جي رستن کي ڪنهن نه ڪنهن جواز سان ڊسٽرب ڪندا رهندا. حُڪومتي ڪميٽيءَ سان ڳالهين دوران هاڻ سندن 35 ورڪرن جي آزاديءَ جا معاملا ئي نه هوندا پر پيپلز پارٽيءَ سان نيون مُفاهمتون ۽ سياسي سوديبازيون ٿينديون. اهڙن مسئلن جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم پنهنجي پُراڻي عادت مُطابق سياسي ۽ مُعاشي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ چوٽيءَ جا زور لڳائيندي. جنهن کان سنڌ جا ماڻهو چڱيءَ ريت واقف آهن. جڏهن ته سياسي مصلحتن جي بُنيادن تي سنڌ کي تين وال ڪندڙ پيپلز پارٽي ڪنهن به طرح ڪي سنجيدهه قدم ناهن کنيا. جنهن سان سنڌ ۾ پنهنجي سياسي ساک کي بحال ڪري سگهي. نتيجي طور پيپلز پارٽي سنڌ جو ڀاري عوامي مينڊيٽ جي باوجود خراب حُڪمرانيءَ طور مشهور بڻجي وئي آهي. مُتحدهه 35 ورڪرن جي آزاديءَ جي آڙ ۾ حُڪومت جي 6 رُڪني ٽيم سان ڳالهيون ڪندي، پر اُهي ڳالهيون هاڻ وڌيڪ مُطالبن جي لِسٽ طور سامهون اينديون. جيتوڻيڪ اُهي مُطالبا ڪپتان ۽ قادري جي مُطالبن وانگر قبوليت جي دائري ۾ نه اچڻ جهڙا ته نه هوندا. ليڪن اُهي پيپلز پارٽيءَ سان پاور شيئرنگ تي هوندا. جيڪي سنڌ جي سياسي مُفادن وٽان هرگز نه هوندا. اُهي ماڻهو جيڪي 66 سالن ۾ به پاڻ کي هن ڌرتيءَ سان سلهاڙي ناهن سگهيا. جن کي هندن جون حويليون مُسلمان هُجڻ واري مُحبت ۾ حوالي ڪيون ويون. جن کي سنڌ جي جهنگلن، بيابانن ۽ رڻن ۾ رُلائڻ بجاءِ سنڌ جا وڏا شهر رهڻ لاءِ ڏنا ويا. جتي زندگيءَ جون سموريون سهولتون مُيسر هُيون. جتي سنڌ جو مڊل ڪلاس هندو رهندو هو يا وسنديءَ وارا وڏيرا جيڪي پنهنجي اولاد کي سُٺي تعليم ڏيارڻ خاطر اُنهن شهرن ۾ رهندا هُئا. پر ڪنهن ٿي ڄاتو ته من جي ميرن ماڻهن کي کِلي کيڪارڻ جو تاريخ سنڌي ماڻهن کان ايڏو وڏو انتقام وٺندي؟ ڪنهن ٿي ڄاتو ته اُهو شهر جيڪو تعصب جي ڌپ کان پري هو سو 1948ع ۾ ڪينٽ اسٽيشن تي لهندڙ قافلن سان ئي اهڙي لساني ڌپ سان ڀرجي چُڪو هوندو؟ جنهن کي پيار جي ڪيترن پاڻين سان سنان ڪرايو وڃي، تڏهن به اُها ڌپ ختم ٿي نه سگهندي. اُها پُرامن اُردو آبادي ڪٿي آهي؟ جيڪا کين سمجهائي ته 66 سالن تائين جنهن شهر جي گود اوهانکي ماءُ وانگر مُحبت سان پنهنجي پناهه ڏني آهي. اُن گود کي سياسي تيلين سان ساڙڻ ۽ اُن جي معشيت کي تباهه ڪرڻ ممتا سان دوکي جي برابر ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ جيتوڻيڪ ڪراچي ڀلي مُتحدهه لاءِ سياسي اسٽيج هُجي. پر سنڌ لاءِ ڪراچي سياسي اسٽيج ناهي نه ئي اهڙو واپار آهي. جنهن جي رستن تي رُڪاوٽون کڙيون ڪري ۽ اُن جي امن کي تباهه ڪري نئين سيڙپڪاريءَ جا رستا بند ڪريون ۽ پنهنجي سياسي مُفادن خاطر ممتا سان دوکو ڪريون. ڪراچيءَ جون حالتون هميشه وانگر هڪ جهڙيون ناهن رهنديون. ليڪن هن شهر جي پيٽ ۾ جيترا هٿيار پوريل آهن ۽ جيتريون سازشون ٿينديون رهن ٿيون اُهي هن شهر جي اُجاڙ جو سبب بڻبيون. اُن لاءِ ڪراچيءَ جي امن جي اهميت وارو اُلڪو به سنڌ سان مُحبت ڪندڙ دلين کي ئي ڪرڻو پوندو. جيڪي ڪراچيءَ کي نفرتن جي تيلين سان ساڙڻ بجاءِ، اُن سان ائين مُحبت ڪندا آهن، جيئن پاسترناڪ ماسڪو سان ڪندو هو. جيڪو چوندو هو ته:” ماسڪو مُنهجي معصوم مُحبت آهي.“


    نواز ليگ _ ايس يو پي اتحاد، سنڌ کي ڇا ملندو؟

    سنڌ وفاق پرست سياسي پارٽين جي سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجندي پئي وڃي. ان جو وڏو مثال سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ سموريون سياسي پارٽيون سنڌ ۾ متحرڪ ٿي ويون آهن ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ مختلف حڪمت عملين جوڙڻ لاءِ نون معاهدن ذريعي نوان اتحاد جُڙي رهيا آهن. 19 جولاءِ تي ڪراچيءَ جي ڪنهن مقامي هوٽل ۾ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي وچ ۾ 7 نقاطي ايجنڊا هيٺ نئون اتحاد سامهون آيو آهي. ان کان پهرين به ٻين قومپرست پارٽين سان مسلم ليگ (ن) جون ڳالهيون هلندڙ آهن. امڪان آهي ته اُهي قومپرست پارٽيون به اهڙي اتحاد جو حصو ٿي پون جنهن اتحاد جو حصو سنڌ يونائٽيڊ پارٽي بڻي آهي. سنڌ جو پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار طبقو جيڪو پيپلز پارٽيءَ مان مڪمل مايوس ٿيڻ کان پوءِ وفاق سان وڌيڪ اميدون وابسته رکڻ کي يا پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ نون ليگ سان پنهنجون اميدون سلهاڙڻ کي وقت جو زيان سمجهي ڪيتري عرصي کان اها خواهش پئي رکي ته سنڌ ۾ ڪا نئين سياسي تبديلي اچي، ساڳيا چهرا نون لباسن ۾ اچڻ واري رجحان جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. پر سنڌ جي قومپرست سياسي پارٽي ”سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ“ طرفان هڪدم مسلم ليگ (ن) سان 7 نقاطي ايجنڊا تي ٺاهه ڪرڻ کان پوءِ سنڌي ماڻهوگهڻو مايوس ٿيا آهن.
    ان کان پهرين سنڌ جي ڏهيسر سنڌ نيشنل فرنٽ کي اُن پارٽيءَ ۾ ضم ڪري ڇڏيو هو. جنهن ڪڏهن به سنڌ جي معاملن تي ڪو واضع موقف ناهي رکيو. ڪالاباغ ڊيم واري اشو تي سواءِ روايتي بيان ته ”ڪالاباغ ڊيم سمورن صوبن جي راضپي سان ٺاهيو ويندو“ واري موقف جهڙو اڻچٽو موقف پئي رکيو آهي. پر اُن کي مڪمل رد ڪري ڇڏڻ جهڙو واضع موقف پنهنجي دورِ حڪومت ۾ ڪڏهن به نه رکيو هو. جڏهن ته پنجاب ۾ سندس پارٽيءَ سان تعلق رکندڙ سمورا ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز ڪالاباغ ڊيم جا حامي آهن. اهڙي وفاق پرست قوت جيڪا پيپلز پارٽيءَ کان ڪنهن به طرح مختلف ناهي. سنڌ ۾ قومپرست ڌرين طرفان اُن جي آجيان ڏسي، سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو مايوس ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جن نقطن تي مسلم ليگ (ن) سان چونڊ اتحاد ڪيو آهي اچو ته انهن نقطن جو جائزو وٺون.
    نمبر هڪ: آئين جي دائري ۾ رهي صوبائي خود مختياري ڏني ويندي.
    نمبر ٻيو: سنڌ جي سرحدن ۾ ڪنهن به طرح ردوبدل نه ڪئي ويندي.
    نمبر ٽيون: نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي وڌ ۾ وڌ حق ڏنا ويندا.
    نمبر چوٿون: پاڻيءَ جي 1991 واري معاهدي تي عمل ڪيو ويندو.
    نمبر پنجون: عوام جي مرضي ۽ ملڪ جي ضرورت مطابق آزاد ۽ غير جانبدارانه پرڏيهي پاليسي جوڙي ويندي.
    نمبر ڇهون: سنڌ ۾ هر طرح جي دهشتگردي، مذهبي، لساني فسادن جو خاتمو ڪري عوام جو تحفظ ڪيو ويندو. نمبر ستون: ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ ٻين ڏوهڻ خلاف اُپاءَ ورتا ويندا.
    جيڪڏهن تفصيلي طور انهن نقطن جو جائزو وٺبو ته مٿي ڄاڻايل نقطن تي عمل ڪرائڻ پاڪستان جي ڪنهن به وزيرِاعظم يا صدر جي وس جي ڳالهه ناهي. هن ملڪ جي سڄي سياسي اتهاس کي اُٿلائي ڏسڻ گهرجي ته اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪمزور صوبن جي ڪلهن تي مضبوط وفاق جون حامي قوتون نالي ماتر به صوبائي خود مختياريءَ تي راضي هجن. ائين هجي ها ته هن وقت تائين بلوچستان جون پهاڙون انهن ويڙهاڪن جون پناهگاهون نه هجن ها جيڪي خودمختياريءَ جا خواب ڏسي بلوچستان جي اسيمبليءَ ۾ داخل ٿيا هئا ۽ مايوس ٿي موٽيا هُئا. نئين اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن کي حق ڏيارڻ وارو راڳ فقط اليڪشني الاپ آهي. اُن جي ضمانت مسلم ليگ (ن) ڪنهن سادي پني تي ڪيئن ڏئي سگهندي؟ اهڙيون سوين ضمانتون پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي صوبن کي ڏنيون وينديون رهيون آهن پر عمل ڪنهن به ٺاهه تي ٿي ناهي سگهيو. سنڌ جي سرحدن رستي پرڏيهين جي داخلا واري معاملي تي مسلم ليگ (ن) چونڊون کٽي اچڻ کان پوءِ ڪهڙي ضمانت ڏئي سگهي ٿي؟ ته اُهي سنڌ ۾ داخل ٿي نه سگهندا. سنڌ ۾ لساني گروهي سياست جي حوالي سان مسلم ليگ (ن) وٽ ڪهڙي ضمانت آهي ته سنڌ ۾ لسانيت کي هٿي نه ڏني ويندي؟؟ جڏهن ته اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد سان جهڙيءَ ريت ۽ جنهن طريقي سان لساني گروهن کي سرگرم ڪيو ويو آهي. اُن جي نتيجن کان سنڌ جا ماڻهو واقف آهن ۽ مستقبل ۾ سنڌ جي جيڪا بدترين صُورتحال جُڙڻي آهي اُن جو اڳواٽ اندازو لڳائي به سگهجي ٿو. ٻئي پاس اُن جو اندازو بين الاقوامي سياسي قوتن جي ايجنڊائن کي ڏسي لڳائي سگهجي ٿو. جيڪي پاڪستان جي حڪمران ڌُرين کي پنهنجي مقامي ايجنٽ طور استعمال ڪنديون رهيون آهن. اها شايد اسان جي سياسي ناسمجهي هوندي جو اسان سنڌ جي ورهاست واري سوال تي اُن وفاقي پارٽيءَ کان ضمانتون وٺي رهيا آهيون. جنهن پارٽيءَ سان سلهاڙيل اڪثر اسيمبلي ميمبرن جو سنڌ سان ڪنهن به طرح جذباتي لاڳاپو ناهي رهيو. نقطو نمبر چوٿون: پاڻيءَ جي 1991ع واري ٺاهه تي عمل ڪرائڻ وارو آهي. ڇا قومپرست سياسي پارٽيون اڃان تائين اهو سمجهي ناهن سگهيون ته 1991ع پاڻيءَ وارو معاهدو مڪمل طور سنڌ جا سنجيدهه حلقا رد ڪري چڪا آهن. جيڪو پاڻي ٺاهه ڄام صادق هٿان اسٽيبلشمينٽ انڪري ڪرايو هو ته جيئن هو وڏي ڀاءُ جي مفادن کي تحفظ فراهم ڪري سگهي. ان ٺاهه تحت ئي سنڌو دريا ۾ هٿرادو پاڻي کوٽ ڄاڻائي ٽنهي صوبن جي پُورت ڪرڻ هو. جنهن مان وڌيڪ حصو وڏي ڀاءُ جو رکيل آهي. اهو پاڻي ٺاهه سنڌو دريا تي اهڙو ڌاڙو آهي. جنهن سان سنڌ مڪمل طور سوڪهڙي جي ور چڙهي سگهي ٿي.
    باقي 7 نقاطي ايجنڊا جا 3 اهڙا نُڪتا آهن. جن تي ايس يو پي مسلم ليگ (ن) سان ٺاهه ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ جا اهم معاملا هن ٺاهه جو حصو ناهن ڄاڻايا ويا. مثال طور: ڪالاباغ ڊيم جو مڪمل خاتمو، ذوالفقارآباد جو خاتمو، سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گمشدگي وغيرهه سميت سنڌ جا اهم معاملا هن ٺاهه کان ٻاهر آهن. جن کان سواءِ هي ٺاهه مُنجهيل شڪل ۾ سامهون آيو آهي. ذوالفقارآباد هڪ اهڙي شهر جي اڏاوت آهي. جنهن کي ڪاغذي ٺاهه سان ختم نٿو ڪري سگهجي. اهڙو شهر جنهن کان پوءِ سنڌ جي ورهاست واري بين الاقوامي سازش جي شروعات ٿيڻي آهي. سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ ۾ ڪيترن ئي سپر پاورطاقتن جون اکيون کُتل آهن جن وٽ ماڻهن جي نه پر سيڙپڪاريءَ واري هنڌ/جاءِ جي اهميت هوندي آهي، اهڙن اهم اشوز کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ وارو معاملو ڇا معنى ٿو رکي. جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد جي پوٽي طور سيد جلال محمود شاهه جي ايمانداريءَ تي ڪنهن کي تِر جيترو به شڪ نه هُجڻ گهرجي. پر سياست جون پنهنجون تقاضائون به ٿينديون آهن. جيڪا سياست سنڌ وطن جي بچاءَ ۽ تحفظ جي ڪم اچي نه سگهي. اهڙي سياست ۽ ڪاروبار م ڪهڙو فرق آهي؟ اهڙو ڪاروبار ته پيپلز پارٽي ۽ ٻيون وفاق پرست پارٽيون عرصي کان ڪنديون پيون اچن. تنهن ڪري هن ٺاهه مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته سنڌ جي قسمت جا فيصلا وري به انهن هٿن ۾ آهن جيڪي پيپلز پارٽيءَ کان گهڻا مختلف ناهن. پر مسلم ليگ (ن) ته اُن وقت ئي پنهنجي عوامي مينڊيٽ واري ساک ڪيرائي وڌي هُئي. جڏهن ان جي قيادت ڏکين گهڙين ۾ خفيا معاهدن ذريعي پرڏيهه ۾ پناهه ورتي هُئي. مشرف جي شروعاتي سالن جي اخبارن کي اُٿلائي ڏسبو ته پاڪستان جي سمورين اخبارن مان مسلم ليگ(ن) ڪيموفليج نظر ايندي. سوال سنڌ جي پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار طبقي جو آهي جنهن جو قومپرست قيادت ڏانهن سافٽ ڪارنر جُڙيو هو ۽ جيڪا همدردي پئدا ٿي هُئي. ان کي جلد بازيءَ وارن ٺاهن ۾ ختم ڪيو ويو آهي. سنڌ فقط ٻن پارٽين پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي رحم و ڪرم تي ڇڏڻي ئي هُئي ته پوءِ سنڌ کي قومپرست پارٽين طرفان آسري واري لالي پاپ ۾ ڇو ريجهايو ويو؟ سنڌي ماڻهن جي وڏي اڪثريت پيپلز پارٽيءَ کان مايوس هجڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) کي سيڪنڊ آپشن طور به سليڪٽ نه ڪيو. پر انهن چاهيو پئي ته قومپرست قيادت کي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ اهڙو اسپيس ملڻ گهرجي جيئن اُهي سنڌ جي ڪيس کي ايوانن اندر آڻي ڪو سياسي طوفان کڙو ڪري سگهن. ڇو ته سياست ڪرڻ ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ سنڌ جي قومپرست قيادت جو جمهوري حق آهي. پر اهڙي مالڪيءَ جي دعوى ڪندڙ قيادتون ئي جڏهن پنجاب جي نمائنده پارٽيءَ سان ٺاهه ڪنديون رهنديون ته پوءِ سنڌ ۾ سياسي مايوسيءَ جي لهر جو پئدا ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.
    مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڇا ٿي چاهي؟
    جيئن ته مسلم ليگ (ن) پنجاب جي نمائندهه جماعت هجڻ جي ڪري سڄي دنيا وٽ اُن لاءِ اهو عام تاثر جُڙي رهيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاڪستان جي باقي صوبن ۾ عوامي سطع تي ڪو وڏو مينڊيٽ نٿي رکي. پر پنجاب ۾ اڪثريت هجڻ جي باوجود به مضبوط اپوزيشن کي منهن ڏيندي رهي ٿي. اهڙي سياسي صورتحال ۾ مسلم ليگ (ن) بحيثيت وفاقي پارٽيءَ جي پاڪستان جي چئني صوبن ۾ پنهنجا اتحادي ڳولڻ ۽ ٺاهڻ ۾ مصروف آهي. بلوچستان اندر مختلف ڪاغذي ٺاهن ذريعي هن پنهنجا اتحادي جوڙي ورتا آهن. سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي وڃائجندڙ عوامي ساک سبب ماڻهن جو قومپرست قيادت ڏانهن لاڙي سبب مسلم ليگ (ن) چاهي ٿي ته قومپرستن سان گڏجي ڪنهن حد تائين سنڌ مان ڪجهه سيٽون ڪَوَر ڪري سگهجن ته جيئن وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ سيٽن جو گهربل تعداد پورو ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آهي جو نواز شريف شهيد بشير خان جي پونئرن ڏانهن تعزيت لاءِ لڙي ويو. جيتوڻيڪ کيس اها خبر هُئي ته سنڌ ۾ قومپرست سياست ۾ ٻن لاڙن وارا ماڻهو موجود آهن. هڪڙا اُهي جيڪي، اهو سمجهن ٿا ته اسيمبلين ۾ وڃي سنڌ جا حق وٺي سگهڻ وارو نقطهءِ نظر فضول آهي. جيڪي ڪنهن به اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ ڪنهن پولنگ اسٽيشن تي وڃڻ به پسند ناهن ڪندا. جن ۾ شهيد بشير خان قريشي ۽ ان جي پارٽي سميت جيئي سنڌ هلچل جا ٻيا گروپ ۽ ڌڙا شامل آهن. اُن جي باوجود به هُو فقط رتيديري جي مٽيءَ جو واس وٺڻ انڪري به لَڙي ويو جو هن کي خبر هُئي ته سندس اهڙي عمل سان سنڌ ۾ اُن لاءِ سافٽ ڪارنر جُڙندي سگهندو. جڏهن ته ٻئي نقطءِ نظر واري قومپرست سياسي ڪيمپ ۾ اُهي پارٽيون ۽ گروپ اچي وڃن ٿا جيڪي ايوانن ۾ وڃي سنڌ جي تقدير بدلائڻ جي دعوى ڪن ٿا. جن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، عوامي تحريڪ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون پارٽيون ۽ گروپ شامل آهن. جن سان اتحاد ۽ معاهده مسلم ليگ (ن) جي مجبوري آهي. ڇو ته وفاق جي علامت بڻيل پارٽيءَ لاءِ چئني صوبن ۾ موجودگي ۽ سيٽن جو سيٽ اپ هجڻ ضروري آهي.
    جڏهن ته سوال اهو آهي ته مسلم ليگ (ن) سان قومپرست قيادت جي ويجهڙائپ هجڻ سبب ڇا قومپرست سياسي قيادت کي مليل سنڌ ۾ ٿوري گهڻي موٽ تي منفي اثر نٿا پئجي سگهن؟ ڇا هڪ عرصي کان پوءِ پيپلز پارٽيءَ مان بيزاريءَ کان پوءِ سنڌي ماڻهن جو قومپرست سياست ۾ بحال ٿيل ويساهه کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌچڪو نه رسندو؟ ڇا سنڌ جي اهم سياسي اشوز جهڙوڪ ڪالاباغ ڊيم ۽ ذوالفقارآباد تي مسلم ليگ قيادت اڻچٽي ناهي؟ ڇا قومپرستن جي سيٽن جي اهميت تڏهن گهٽجي نه ويندي جڏهن وفاق ۾ مسلم ليگ(ن) کي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل تعداد جي ضرورت هوندي؟ ڇا تڏهن انهن ٺاهن جي ڪا اهميت رهندي جيڪي مسلم ليگ (ن) جي سياسي ڊپلوميسي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهن؟ ٿوري دير لاءِ اهو مڃي به وٺجي ته قومپرستن جي چند سيٽن جي (جيڪڏهن کٽي اچن به ٿا ته) مسلم ليگ (ن) کي ضرورت پوندي. پر ڇا انهن سيٽن جي اهميت به ائين نه هوندي جيئن مير حاصل بزنجو جي آهي؟ جنهن وٽ سيٽ ته آهي رڙيون به ڪندو ٿو رهي پر کيس ٻڌڻ وارو ته ڪوئي ڪونهي.
    تنهن ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته پنجاب جي نمائنده جماعت مسلم ليگ(ن) سان ٺاهه جو نتيجو اهو ئي نڪرندو ته قومپرست پنهنجي بنيادي سياسي پيش رفت ۾ ئي سنڌي ماڻهن کي مايوسيءَ جي اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي وجهندا. جنهن جو ازالو صدين تائين ڪرڻ ممڪن نه هوندو.ان کان وڌيڪ چڱي ڳالهه ته اها هُئي ته اهي سمورا قومپرست گڏجي ويهن ها ۽ ڪنهن وڏي سياسي پارٽيءَ جو سهارو وٺڻ بجاءِ پنهنجو پليٽ فارم پاڻ طئي ڪن ها. ان کان قطئي به گهٻرائڻ جي ڳالهه نه هُئي جيڪڏهن هو هارائي وڃن؟! پر اهو کين سمجهڻ گهرجي ته ڪنهن جي ويساهه جو ٽُٽي پوڻ ايڏو وڏو معاملو آهي. جيڪو هار ۽ جيت واري الميي کان به وڏو الميو آهي. جيڪڏهن قومپرستن مان سنڌي ماڻهن جو ويساهه کڄي ويو ته سنڌ اهڙي صدمي مان ڪڏهن به نڪري نه سگهندي.


    وزيرِ اعظم کي سنڌ سان پنجاب جيتري مُحبت ڇو ناهي؟

    اُهو 1960ع جو ڏهاڪو، جنهن کي سياست ۾ صليبي دور سڏيو ويندو هو ۽ جنهن کي اياز ادب ۾ صليبي جنگين جو دور سڏيندو هو. اُهو ئي دور هو جنهن ۾ مُلڪي عوام، سياست جي مضبوط مُستقبل کان مايوس هو. اهڙي عوامي سياسي مايوسيءَ مان اُميد جو سج عوامي اقتدار جي شڪل ۾ اُڀرڻو هو. ايوب خان جي اقتدار ۾ پرڏيهي وزارت تي ويٺل ڀُٽي نه رُڳو پنهنجي سفارتي پاليسين سبب سوشلسٽ چين سان دوستيءَ جا گهرا لاڳاپا قائم ڪيا پر چين مُخالف مُلڪن اڳيان به اقوامِ مُتحدهه جي اجلاسن ۾ وڪالت ڪندو رهيو. اُهو الڳ بحث آهي ته ڀُٽي انڊونيشيا ۽ سعودي سهڪار سان ”پين اسلامزم اتحاد“ کي هٿي ڏني. پر ڀُٽي پنهنجي پرڏيهي پاليسين سان پاڪستاني عوام لاءِ دُنيا جا ٻُوٽيل دروازا کولڻ چاهيا. جيڪڏهن پاڪستان اڄ ايٽمي طاقت بڻجي دُنيا اڳيان طاقت جي توازن تي ڳالهائي ٿو ته اُها مهرباني به اُن عوامي اڳواڻ جي حصي ۾ اچي ٿي. جيڪو اسٽيجن تي بيهي عوامي اقتدار جي ڳالهه ڪندو هو. اُهو سٺ جوڏهاڪو، جنهن ۾ عوامي سياست وينٽيليٽر جي سهاري تي ساهه کڻي رهي هُئي. ڀُٽي اهڙي سياست ۾ عوامي طاقت جو روح ڦوڪيو. جنهن پاڪستان جي اندر قومن جي فطري تضادن کي پنهنجي ذهانت سان حل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. هُن ڪڏهن به پنجاب، سنڌ، سرحد يا بلوچستان جي اندر اهڙيون تقريرون نه ڪيون، جن مان قومن جي بُنيادي تضادن جي بُوءِ اچي. پر هُن چئني صوبن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جون پاڙون ڪنهن پُختي وڻ وانگر مضبوط ڪيون. هُو جيڪو دُنيا جي جنت کي عوامي پيرن هيٺان سمجهندو هو. تنهن ڪڏهن به ڪنهن صوبي ۾ وڃي عوام سان مُحبت هُجڻ جي دعوى نه ڪئي. پر هُو پنهنجي عمل ۾ عوامي لڳندو هو. هُن جو ڪو به عمل مصنوعي رنگ سان رنڱيل نه هوندو هو. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو اُهو عوامي اڳواڻ ڳڙهي خدابخش جي مٽيءَ ۾ سُتل آهي. اڄ جي پيپلز پارٽي ڀُٽي جي سياسي ڪمائي کائي خودڪشيءَ پاسي وڃي رهي آهي. جنهن پارٽيءَ جي ايجنڊا تي سنڌ جي خوشحالي جو تصور ته وڏي ڳالهه آهي پر سنڌ اُن پارٽيءَ جي ايجنڊا تي سوني جهرڪيءَ وانگر رهي آهي. اُها پارٽي هر ڏينهن تي ڪو نئون بيان جاري ڪندي رهي ٿي ۽ پنهنجي اقتداري عرصي ۾ ڪيل پاپن جو پيڇو ڇڏائڻ ۾ مصروف آهي. جنهن کان سنڌ جي عوام کي هاڻ ڪا اُميد باقي ناهي رهي. سنڌ جي عوام کي جمهوريت سان مُحبت جو جيڪو سَلو مليو. اهڙي موٽ مِلڻ جو تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو مِلي. سياست ۽ ڏوهه اقتدار جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بڻجي هلندا رهيا ۽ سنڌ جو عوام ته ڇا پر اهڙي انياءَ تي، شرم کان سنڌوءَ جي ڪپ تي ٻرندڙ ڏيئا به ڀڙڪو کائي وسامي وڃن ٿا. پر سنڌ ٽالسٽاءِ جي ڪتاب ”اينا ڪرينينا“ جي ڪردارن وانگر ناهي. جو ”اليگسي“ جي عشق ۾ حالتن جي گاڏيءَ هيٺان اچي چيڀاٽجي خودڪشي ڪري ڇڏي. پر سنڌي عوام جي اکين جا تيور ٻُڌائين ٿا ته جيڪڏهن، عوام عشق ڪندو آهي ته فنا جي حد تائين ڪندو آهي ۽ جيڪڏهن نفرت ڪندو آهي ته پوءِ اهڙي ڪندو آهي جو پنهنجي دامن تي لڳل سمورا داڳ ڌوئي ڇڏيندو آهي. جڏهن پاڪستان جو وزيرِاعظم ميان نواز شريف مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻن سان زرداريءَ جي بيانن تي نوٽيس وٺندي پارٽيءَ کي سنڌ ۾ وڌيڪ فعال ڪرڻ جون هدايتون ڪري رهيو هو. تڏهن کيس شايد اهو وسري ويو هُجي ته چونڊن کان اڳ سنڌ ۾ سندس قومپرستن سان اتحادن لاءِ وڌندڙ وکون ۽ ڪيل واعدا، اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ڇو تبديل ٿي ويا؟ ڇا اقتدار فقط اُهو آهي، جيڪو اقتدار مُلڪ جي هڪ صوبي جي ٿنڀي تي بيٺل هُجي.؟ جيڪڏهن ميان نواز شريف چونڊن کان اڳ قومپرستن جي گڏيل اتحاد کي مانائتي موٽ ڏئي ها ته شايد سنڌ ۾ اهو احساس شدت اختيار نه ڪري وڃي ها ته ميان صاحب جو اقتدار هڪ ٿوڻيءَ تي بيٺل آهي ۽ نه ئي سنڌ جا ماڻهو اهو سمجهن ها ته سنڌ جي قسمت تبديل ڪرڻ لاءِ رُڳو سياسي ڪوششن جي ضرورت ئي ناهي هوندي پر اُن عشق جي ضرورت هوندي آهي. جيڪا ووٽن سان مشروط ناهي ڪئي ويندي. عوام سان مُحبت ووٽن سان مشروط ڪري ويٺل اڳواڻ عوام جي حصي ۾ ڪڏهن به خوشحالي آڻي نٿا سگهن. هن مُلڪ جي بدقسمتي ئي اها آهي ته هتي عوام جا ووٽ ڳڻيا ويندا آهن پر اُنهن جي ڦٽن کي ڳڻيو ناهي ويندو. هن وقت جڏهن سياستدانن جي بيان بازين واري جهيڙي ۾ سنڌ جو عوام تماشو بڻيل آهي. جنهن کان ترقي گهڻو پري بيٺل آهي. اُها ترقي جيڪا بيانن جي تماشي سان اچڻي ناهي. پر عمل سان اچڻي آهي سو عمل نظر اچي ناهي رهيو. آصف زرداري، ميان نواز شريف مٿان ڪهڙا الزام لڳائي ٿو؟ ان سان عوام جي دلچسپي ناهي. عوام جي دلچسپي ته ان ۾ آهي ته ڪالهه تائين جڏهن ميان نواز شريف مُسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ قومپرستن سان اتحاد جي صورت ۾ سلهاڙي سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جو سوچيو هو ۽ اُن وقت جڏهن قومپرستن سان سنڌ جي مُفادن تي ڪنهن به سوديبازي نه ٿيڻ جا وچن ڪري رهيو هو. تڏهن سنڌ اعتماد ٽُٽڻ کان پوءِ به کيس اعتماد جي اک سان ڏسي رهي هُئي. پر جڏهن ميان صاحب، اقتدار ۾ آيو ته هُن کان اُهي سمورا پتا کيڏڻ وسري ويا. جيڪي هُو ڪاميابيءَ سان کيڏي پئي سگهيو. ليڪن مُسلم ليگ (ن) قيادت شعوري طور سنڌ ۾ پارٽيءَ کي آرگنائيز ڪرڻ بجاءِ آئسوليٽ ڪيو. هُنن کي اُها گيم کيڏڻ اچي وئي ته اڪثريتي صوبي مان کٽي اچڻ سان ئي اقتدار ملي وڃي ٿو ته سنڌ جهڙي جاگيرداريءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل عوام جي خوشحاليءَ جي باري ۾ ڀلا ڇو سوچيو وڃي؟ اُهو ئي سبب آهي جو نالي ماتر مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ رکيو ويو ۽ جاگيرداريءَ کي اکيون ڏيکارڻ بجاءِ سنڌ کي شهري تنظيم ۽ پيپلز پارٽيءَ جي حوالي ڪري، قومپرستن مان هٿ ڪڍيا ويا. اڄ جڏهن پيپلزپارٽي احتساب جي تپندڙ تندور مان گُذري رهي آهي ۽ ڪراچي آپريشن ۾ سياسي سوڙهه جي نتيجي ۾ آصف زرداري سڌي طرح نواز شريف سرڪار کي نشانو بڻائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اها کيس چڱيءَ ريت خبر به آهي ته ميان صاحب جي حُڪومت به هلندڙ آپريشن ۾ ايتري ئي بيوس آهي. جيتري پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ اندر حُڪومت بيوس آهي. پر اها ڳالهه سمجهندي به سڌي طرح اسٽيبلشمينٽ مٿان تنقيد ڪرڻ بجاءِ آصف زرداري مُسلم ليگ (ن) تي تنقيد ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي مظلوم آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي پنهنجي اندروني تضادن جو شڪار آهي. جنهن ۾ هر ڏينهن نوان انڪشاف ۽ معاملا سامهون اچي رهيا آهن. جنهن جو تازو مثال يوسف رضا گيلانيءَ جو آيل اُهو بيان به آهي جيڪو هُن شرجيل انعام ميمڻ جي حوالي سان ڏنو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اندر جيڪي تضاد اُڀريا آهن. اُنهن تي ضابطو آڻڻ، هاڻ پيپلز پارٽيءَ جي مرڪزي قيادت جي به وس جي ڳالهه ناهن رهيا. اهڙي صورتحال مان فائدو وٺندي ميان نواز شريف مُسلم ليگ (ن) سنڌ جي قيادت کي اسلام آباد ۾ گُهرائي اهو تاثر ڏيڻ لڳو آهي ته هُو سنڌ جي معاملن ۾ مُداخلت نٿو ڪري ۽ سنڌ کيس پياري آهي. جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻن کي اسلام آباد ۾ گُهرائي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ميان صاحب کي سنڌ پياري آهي ته پوءِ کيس اهو به سوچڻ گُهرجي ته هُو بحيثيت وفاق جي نُمائندي طور هن وقت تائين سنڌ لاءِ ڪهڙو ڪردار ادا ڪري سگهيو آهي؟. پيپلزپارٽيءَ جي وفاق وارن پنجن سالن کي ڇڏي گُذريل ٻن سالن کان سنڌ ۾ عروج تي پُهتل ڪرپشن وقت وفاقي سرڪار اکيون ٻوٽي ويٺل ڇو هُئي؟ جيڪڏهن پنجاب ۾ ترقياتي ڪم تيزيءَ سان هلندڙ هُئا ته سنڌ کي ٽئڪسن جي ادائگين ۾ پوئتي ڏيکاري اُن جا فنڊ روڪڻ ڪٿان جو انصاف هو؟ ڇا سنڌ پنجاب جي ڀيٽ ۾ ٽئڪسن جي ادائگين ۾ پوئتي رهي آهي؟ گئس تي سرچارج وارا معاملا ڪنهن جي وس ۾ رهيا آهن؟ پيپلز پارٽيءَ جي ڪرپشن جون ڪهاڻيون ته هاڻ ڪي لڪيل ڇُپيل ناهن رهيون. ليڪن، ميان صاحب وفاق جي نُمائندي بجاءِ وڏي صوبي جي نُمائندگي ڪندو رهيو آهي. جنهن جو وڏو مثال اُهي غير مُلڪي دورا به هُئا. جتي ٽن صوبن جي وڏن وزيرن کي ساڻ کڻڻ بجاءِ پنجاب جي وڏي وزير کي ساڻ کڻي ڪيا پئي ويا. جنهن سان وڏي ڊسڪريمنيشن (ٻه اکيائي) ڪئي پئي وئي. سنڌ ۾ وفاق جي هٿ هيٺ هلندڙ ترقياتي رٿائون اڄ تائين رولڙي جو شڪار آهن. جڏهن ته پنجاب جا نقشا ئي تبديل ٿي ويا آهن. جنهن جا وڏا مثال نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ جون اسڪيمون ۽ سنڌو درياءَ مٿان اڻپوريون اُهي پُلون به آهن. جيڪي اڃان تائين مڪمل ٿي ناهن سگهيون. ڇا ميان صاحب اهو ٻُڌائي سگهندو ته ايڪسٽرا جُڊيشل ڪلنگس لاءِ وفاق جو اهم حصو هُجڻ جي باوجود هُن سنڌ ۾ ڪِرندڙ نوجوانن جي لاشن جي حوالي سان ڪڏهن ڪو ننڍڙو بيان به جاري ڪيو آهي؟ ڳالهه فقط اها ناهي ته سنڌ ڪنهن کي ڪيتري پياري آهي! مُسلم ليگ (ن) هُجي يا پيپلز پارٽي، اُهي سنڌ جي مُفادن کي اوليت جي بُنياد تي رکي ناهن سگهيون. حيرت جهڙي ڳالهه آهي جو مُلڪ جي وفاق جي نمائندگي ڪندڙ ميان صاحب اڄ مينڊيٽ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. مُلاقات ۾ مسلم ليگ (ن) سنڌ جي اڳواڻن پاران ميان صاحب کان پُڇڻ گُهرجي ها ته سنڌ مان مينڊيٽ نه مِلڻ جو مطلب اهو هرگز نه هُجڻ گُهرجي ته سنڌ کي وفاق جي نظراندازين جي نشاني تي رکيو وڃي. جيڪڏهن مُسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وفاق جي سربراهه طرفان به اهڙي سوچ رکي وڃي ٿي ته پوءِ ان جو مطلب اهو ٿيو ته مُلڪ اندر سياسي پارٽين کي جن صوبن مان مينڊيٽ ملي نه سگهيو ته آئندهه، اُنهن صوبن کي نظرانداز ڪرڻ جي اهڙي روايت پئجي ويندي. جنهن سان هي مُلڪ وڏي بحران جو شڪار بڻجي سگهي ٿو. هن وقت تائين مسلم ليگ (ن) سنڌ مان مينڊيٽ نه ملڻ سبب سنڌ کي نظراندازين جي نشاني تي رکيو آهي. جيڪا روايت ڪنهن به طرح وفاق جي نمائندگي ڪندڙ وزيرِاعظم لاءِ مُناسب ناهي. هڪ پاسي سنڌ جو عوام پيپلز پارٽيءَ سان غيرمشروط مُحبت جي سزا ڪاٽي رهيو آهي ته ٻئي پاسي ميان صاحب طرفان سنڌ مان مينڊيٽ نه ملڻ وارو مِهڻو سَهي رهيو آهي. جيڪا سوچ مستقبل ۾ ٻنهي پارٽين جا سنڌ مان پيرا اُکيڙي سگهي ٿي. جيڪڏهن ميان صاحب کي سنڌ پياري آهي ته اُن جي جهلڪ سنڌ لاءِ وفاق جي ادا ڪيل ڪردار مان محسوس ٿيڻ گهرجي. جيڪا بظاهر نظر نٿي اچي. ڀُٽو سنڌ جي نُمائندي طور عوام جو هيرو نه بڻيو هو پر ڀُٽي چئني صوبن ۾پنهنجي عمل ۽ ڪردار سبب مقبوليت ماڻي هُئي. جيڪڏهن عوام ۾ اعتماد جي بحالي ممڪن آهي ته پوءِ لفظن ۽ بيانن بجاءِ عملي طور اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته مُلڪ جي وزيرِ اعظم کي هڪ صوبي کي ئي نه پر وفاق جي ايڪي ۾ شامل سمورن صوبن کي ساڳي اک سان ڏسڻو پوندو.


    وساريل عوام ڏانهن سياستدانن جي واپسي...!

    آمريڪا جي سانوري صدر باراڪ اوبامه آمريڪي صدر بڻجڻ کان پهرين سينيٽ جي چونڊن واري مهم دوران آمريڪي عوام جون دليون ان جملي سان ئي کٽي ورتيون هُيون. ته:"Everybody knows politics is a contact sport" (هر ماڻهو سمجهي ٿو ته سياست رابطن جي راند آهي.)
    اُها راند جيڪو کيڏي سگهڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اهو ڪامياب سياستدان ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن سياست رابطن جي راند نه هُجي ها ته هن وقت 5 سالن جو عرصو پورو ڪندڙ پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن کي عوام وٽ وڃڻ لاءِ ايتري شرمساريءَ سان منهن ڏيڻو نه پوي ها ۽ نه ئي کين سنڌ ۾ ايتري سياسي جوڙ توڙ وارا پَتا کيڏڻا پون ها. پر هن مُلڪ جو سياسي مزاج به ڪجهه ان طرح جو رهيو آهي جو عوام کي اقتدار جي ڏاڪڻ سمجهندڙ پارٽيون عوام کان پري رهيون آهن. پر پوءِ به مصيبتن جو ماريل ۽ بيوهه جي اکين وانگر اُداس عوام، وري به ايندڙ اليڪشني موسم ۾ ٿڌن واعدن تي ويساهه ڪري پنهنجي مُستقبل کي آسرن جي اُس ۾ ساڙڻ جا سانباها ڪندو رهي ٿو. پورا پنج سال پري رهندڙ ۽ عوام جي اُداس اکين جون گهٽيون گهمڻ لاءِ وقت نه هُجڻ جهڙا بهانا ڪندڙ سياستدان جڏهن انهن غريبن جي ڳوٺن ۾ گهڙندا ته انهن مسڪينن جي چهرن تان مايوسيون موڪلائي وينديون. هو اهو وساري ويهندا ته گُذريل پنج سالن جي اذيت ۾ انهن جي گهرن جا چُلها ڪيئن ٻري سگهيا هُئا؟ ڪيئن انهن جا پيارا گُذريل ٻوڏن ۾ انهن جي سامهون ڪکن پنن وانگر پاڻيءَ ۾ ترندا رهيا هُئا. ڪيئن نه تيل جي قيمتن جي واڌ سبب اُنهن جي خريداريءَ جي سگهه سندن ساٿ ڇڏي ڏنو هو. ڪيئن نه سنڌ کي مفاهمتن جي تيلين سان ساڙي پنهنجي اقتدار جو عرصو پورو ڪيو ويو هو. هُو پنهنجون سموريون رنجشون روايتي طرح دل جي گودڙيءَ ۾ ويڙهي وجهي ڇڏيندا ۽ وري اهڙن آسرن جي اُس ۾ سڙڻ لاءِ ٿڌن واعدن جو سهارو وٺندا. جيڪي کين خوابن جي خوبصورت دنيا ڏيکاري سندن رستن تي شيشن جا فصل پوکي ڇڏيندا. وري انهن ماڻهن لاءِ سُڃ جي سفر جي شروعات ٿيندي ۽ وري سنڌ جي ڳوٺن جا ماڻهو اپاهج ٻار جي اکين وانگر ورهين تائين انهن ماڻهن جو انتظار ڪندا. جيڪي اسيمبلين جي عمارتن ۾ گهڙڻ کان پوءِ اقتدار جي نشي ۾ پنهنجون اکيون پُوري ڇڏيندا آهن. اهو سلسلو هن مُلڪ جي قيام کان وٺي هلندڙ آهي. سياست جي اهڙي لُٻيل ڪاروبار جو سلسلو هلندو ئي رهندو. عوام جي آڱوٺن تان اڃان مَسُ جا نشان ئي ناهن مِٽبا اُميدوارن جي دلين تان عوام بي وفا محبوب جي ڪيل واعدن وانگر وسري چُڪو هوندو آهي. اسيمبلين جون عمارتون آباد ٿينديون وري خالي ٿينديون، وري نوان پُراڻا چهرا ساڳي ذهنيت سان ايندا ۽ اسيمبلي عمارتن کي آباد ڪندا رهندا. ائين اهو سلسلو هلندو رهندو. عوام جي انتظار جي صبح ڪڏهن ٿيندي؟ ڪڏهن هي ماڻهو بيحسين جي ڀاڪرن مان ڇوٽڪارو ماڻيندا؟ ڪڏهن انهن جي اڱڻن تي خوشين جي ڪنوار پنهنجا پير رکندي؟ سياست جي سينواريل ۽ گدلي پاڻيءَ مان شفافيت جي ڪنولن جي اميد ته عرصي کان هي عوام رکندو آيو آهي. پر جنهن مُلڪ ۾ چونڊون فقط اقتدار جي امتحان ۾ پاس ٿيڻ کان پوءِ پاور، پئسي ۽ پروٽوڪول جي حاصلات واري نيت سان وڙهيون وينديون هُجن. اُتي عوام سان رابطن جي سلسلي کي برقرار رکي اُنهن جي اُداس اکين ۽ مُرجهايل چهرن تي خوشيون موٽائي اچڻ جهڙو وهنوار ڪيئن هلي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته جن مُلڪن ۽ قومن وٽ سياست سڀ کان وڌيڪ مُشڪل ۽ ڏکيو وهنوار هُجي. پاڪستان ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ آسان ڪاروبار آهي. اهو آئنسٽائين جنهن ڪائنات کي ذرڙن ۾ تلاش ڪيو هو. تنهن به “سياست کي فزڪس کان وڌيڪ ڏکيو ۽ پيچيدهه سبجيڪٽ” قرار ڏنو هو. پر عوام جي اندر جون گهٽيون گهمڻ ۽ انهن جي زخمن تي پيار جون پَٽيون رکڻ وارو ڪم، انهن سياسي سوداگرن کان ڪيئن ٿيندو؟ جيڪي عوام جي آسائتين اکين کان ايستائين اوجهل رهندا آهن. جيستائين وري انهن جي موٽڻ جي موسم ناهي ايندي. اُها موسم هاڻ وري موٽي آئي آهي. عوام سان رابطن جي راند واري موسم ۾ ووٽ وٺڻ لاءِ اليڪشني مهمون هلنديون. جلسا ٿيندا. ديوارن تي عوام سان ڪوڙن واعدن جا بينر وري لڳايا ويندا. وري عوام جي آڱوٺن تي مَسُ جا نشان لڳندا ۽ ائين سڀ ڪجهه ٿيندو رهندو جيئن ماضيءَ ۾ ٿيندو رهيو آهي. پر نه بدلبيون ته اُنهن گهرن جون حالتون نه بدلبيون، جن گهرن جي اڳرن تي سُتل ڪيترن ئي ڪنولن جي اکين جا تارا ورهين کان بُک ۽ بدحاليءَ سبب ڪوماڻيل آهن. تاريخ جو بدترين الميو ته اهو آهي جو ننڍڙن ننڍڙن چورن لاءِ سزائن جا طويل سلسلا آهن پر وڏن ڦورن لاءِ پاور ۽ پروٽوڪول جون دنيائون آباد آهن ۽ پبلڪ آفيسن جا در انهن لاءِ هميشه کُليل ئي رهندا آيا آهن.
    دنيا جي مهذب معاشرن ۾ جتي بيلٽ باڪس ڪنهن بُليٽ (گوليءَ) کان وڌيڪ طاقتور هوندو آهي. سجاڳ سماجن ۾ اُن بيلٽ باڪس سان عوام جون قسمتون سلهاڙيل هونديون آهن. جنهن جي دُرست استعمال سان معاشرا ترقيءَ جا رستا طئي ڪندا آهن ۽ پنهنجي قيادتن کان انهن جي ڪيل ڪم جي ڪارڪردگيءَ جا پُڇاڻا ڪندا آهن. اُهو بيلٽ باڪس اسان جهڙن معاشرن جي ماڻهن تي بُليٽ (گوليءَ) وانگر استعمال ٿيندو رهيو آهي. هونئن به بيلٽ باڪس کي بُليٽ طور استعمال ڪندڙ سياسي پارٽين وٽ سياسي طاقت ۽ عوامي رنگ جي اڻهوند ئي ته هوندي آهي. تبديلي اها ناهي جيڪا بيلٽ باڪس ۾ ڪنهن نشان تي اڱوٺو لڳائڻ سان ايندي هُجي. اصل تبديلي ته اُن وقت اچي سگهي ٿي جڏهن عوام احتساب جي عمل کي صحيح معنى ۾ سمجهي وٺي ۽ چونڊيل نمائندن کان سندن ڪيل ڪمن جي ڪارڪردگيءَ جو پُڇاڻو ڪرڻ جي شروعات ڪري. جن معاشرن جو عوام پنهنجي اُميدوارن کان سندن ڪارڪردگيءَ جو پُڇاڻو ڪندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ بيلٽ باڪس اهڙي بُليٽ وانگر هوندو آهي. جنهن جو منهن سياسي قيادتن جي سينن ڏانهن هوندو آهي. اهڙن معاشرن ۾ سياست جو سبجيڪٽ فزڪس جي دنيا کان گهڻو پيچيدهه هوندو آهي. پر پاڪستان جهڙي معذور معاشري ۾ سياست جو سبجيڪٽ علمي دنيا جي سمورن موضوعن کان وڌيڪ سڦل سمجهيو ويندو آهي. سياست ۾ عوامي اصولن تي سوديبازين جون روايتون فقط اسان جهڙن غريب معاشرن ۾ ڪنهن موذي مرض وانگر اسان جو پيڇو ڪنديون رهن ٿيون. جيڪڏهن اسان سياست کي آرٽ سمجهون ٿا ته ڇا آرٽ خراب به ٿيندو آهي؟ آرٽ ته اذيت کان سواءِ حاصل ٿي ناهي سگهندو. اُها اذيت جيڪا پنهنجي ذات جي دائري کان دور ناهي ٿيندي. پنهنجي ذات جي دائري کان دور اذيت ظلم پئدا ڪندي آهي. جنهن جي تپش جا اثر سماجن تي ظاهر ٿيندا آهن. دنيا جا وڏا آرٽسٽ به اڪيلي سِر اذيتن مان گُذري ڪنهن شهپاري جا تخليقڪار بڻبا آهن. اسان جهڙن سماجن ۾ سياست آرٽ نه پر اهڙي اذيت آهي جيڪا سياستدانن جي ذات واري دائري مان نڪري عوام جي اُمنگن ۽ حسرتن کي مسلسل ساڙي رهي آهي. اُهو ڪهڙو آرٽ آهي جيڪو عوام جي دلين ۾ نفرتن جو زهر اوتي ڇڏي؟ اهو آرٽ نه پر انسانن مٿان اذيت مسلط ڪرڻ آهي. آرٽ ته اهو آهي جيڪو مردهه دلين لاءِ مسيحا بڻجي وڃي. جيڪو عوام جي دلين کي فريبن سان فتح ڪرڻ بجاءِ، انهن جي اونداهين دلين کي سچ جي ڏياٽين سان روشن ڪري. آرٽ ته اونداهين مان روشنين طرف هڪ ڇلانگ هوندو آهي.
    سياسي تماشن جي جهان کي جيئرو رکندڙ سياسي پارٽين کي ڪهڙي خبر ته عوام جي سهپ جي به هڪ حد هوندي آهي. جيڪڏهن عوام جي سهپ جون زنگجي ويل زنجيرون ٽُٽي پيون ته سياسي مذاقن وارا محل ريتيءَ سان کڙيون ڪيل اهڙيون عمارتون ثابت ٿيندا. جيڪي عوام جي طاقت جي اسرافيلي ڦوڪ سان پاش پاش ٿي وينديون. اُن اسرافيلي ڦوڪ کي ئي انقلابي تبديلي سڏيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته سچ اهڙي باهه آهي جيڪا روشنين ۽ شعلن سان ڳالهائيندو آهي. عوام اهڙي سچ کي سمجهي ورتو ته هن سماج جي تبديليءَ ۾ ڪا دير نه لڳندي. ڇاڪاڻ ته عوام جڏهن سچ جي سڃاڻپ ڪري ورتي ته اُهو فقط هڪ ڀيرو مرڻ کي ترجيح ڏيندو. ماڻهو جيڪي سياست جي سنگينين هٿان روز جيئن ۽ مرن ٿا. جتي انهن جي احساسن جو موت معمول هُجي! غربت جي پل پل ۾ گُذارڻ وارو موت انهن جو مقدر بڻيل هُجي!! ان حد تائين جوسياسي آسرن جي اُس ۾ جيئڻ جو موت انهن کان اُٿڻ جي سگهه به کسي وٺي. اهڙي موت کان وڌيڪ اهميت ته اُن موت جي هُجڻ گهرجي. جيڪا کين هڪ ڀيرو وڙهي مرڻ واري موت جي صورت ۾ ملي وڃي. اهڙو موت جيڪو جنگ ۾ مري ويلن جي حصي ۾ ايندو آهي. ڦڙو ڦڙو ٿي جيئڻ کان بهتر آهي ته انسان پنهنجي جياپي جي آزاديءَ جو موت قبول ڪري.!!
    ايندڙ اليڪشنون به ماضيءَ جي حقيقتن کان مختلف نه هونديون. جڏهن پارٽي قيادتن پنهنجي اقتدار جا عرصا پورا ڪري ماڻهن ڏانهن موٽ کاڌي آهي وري کين نون واعدن جا لاليپاپ ڏيڻ لاءِ پنهنجين گاڏين جا رُخ انهن ڳوٺن ڏانهن ڪيا آهن. جتي زندگي تبديل ٿيل نظر نٿي اچي پر زندگي ساڳئي بيٺل پاڻيءَ وانگر سينواريل محسوس ٿئي ٿي. جتي ماڻهن جي مقدر جي لڪيرن مان خوشحاليءَ جي لڪير نڪتل نظر اچي ٿي. پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جون سياسي حالتون هاڻ اهڙي موڙ تي بيٺل آهن جتي عوامي سجاڳيءَ جي دور جي ابتدا نه ٿي سگهي ته شايد سياسي حالتون به اهڙين گهٽين ۾ گُم ٿيڻ پاسي هليون وڃن. جتي عوامي راڄ جي نالي تي پنهنجا ازلي مفاد حاصل ڪندڙ حڪمرانن جي حاڪميت ٿوري گهڻي فرق سان هميشه برقرار رهي. عوامي اک جڏهن کُلندي آهي ته دنيا جي ڀاري بُرجن کي به لوڏي ڇڏيندي آهي. هي وقت به تبديلي جي تمنا رکندڙ ماڻهن لاءِ اهڙو موقعو آهي. جيڪو موجودهه سياسي ڍانچي جي لات منات کي مِٽائي سگهي ٿو. اها شايد اسان جي ڀُل هوندي جو سياسي حالتن جو تجزيو ڪرڻ وقت اسان ماضيءَ جي سياسي قصن وارين مزارن مٿان ويسر جو ڳرو پٿر رکي اهو سمجهون ته هاڻ عوام هميشه اونداهيءَ ۾ رهندو. پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته اصل طاقت عوام آهي ۽ عوام جي طاقت بندوق جي بيرل کان ٻاهر هوندي آهي.


    نائين زيرو مٿان چڙهائي - مُتحده لاءِ نئون امتحان!؟

    سنڌ جي تاريخ کي طنز ڀري نظر سان ڏسندڙ شهري جماعت ۽ اُن جي سياست هِن وقت اهڙي انڌيري گِهٽيءَ ۾ وڃي بيٺي آهي. جتان اُن جو نِڪرڻ ايترو آسان نظر نه اچي رهيو آهي. ليڪن اُها ذهنيت جيڪا پاڪستان جي وڏي شهر ۾ سمورين سهولتن ۽ آرائشن جي باوجود، پاڻ کي محروم طبقي طور مُتعارف ڪرائيندي رهي آهي. جن لاءِ سنڌ جي سٻاجهي سڀاءَ نه فقط مُسلمان هُجڻ جي ناتي آڌر ڀاءُ ڪيو هو. پر پنهنجي دلين جون رِليون به وڇائي کين ويهاريو هو. سي جڏهن مخصوص مائينڊ سيٽ واري سياست ۾ سگهارا بڻجي ويا. تڏهن اُنهن سنڌ جي ماڻهن کي نه فقط حقارت سان نهارڻ شروع ڪيو. پر پاڻ کي پاڪستان جي مظلوم شهريءَ طور پيش ڪيو. لاکيڻي لطيف اهڙي ذهنيت لاءِ ئي چيو هو ته ” مندي ڏيرن من ۾، مان کليو کيڪاريان.“ سنڌ جي سڄي معشيت مٿان مالڪ قُوتون فقط ٻه رهيون آهن. پيپلز پارٽي ۽ مُتحدهه قومي موومينٽ. سنڌ سان پيپلز پارٽيءَ جيڪي چڱايون ڪيون آهن. اُن جو سياسي الٽراسائونڊ ته مُختلف وقتن تي سنڌ جا ماڻهو ڏسندا رهيا آهن. ليڪن سنڌ ۾ هر سطع تي حصيدار رهندڙ شهري جماعت پنهنجي مظلوميت جي آڙ ۾ مجموعي سنڌي سماج کي سياسي طور ڪيترو اڪيلو ڪري، سنڌي ماڻهن جي قومي مُفادن جي مُسلسل لتاڙ ڪئي آهي؟ اُن جو اندازو گُذريل ٻن ڏهاڪن کان ٿيندڙ سياست مان ڪري سگهجي ٿو. جن جڏهن به چاهيو آهي ۽ جڏهن به پنهنجي مُفادن مٿان معمولي ڪاتيءَ جي رهنڊ محسوس ڪئي آهي. تڏهن ڪراچيءَ جون ديوارون ڪاريون ڪيون آهن. سنڌ جي ورهاست واري موقف کي ايترا ڀيرا ورجائي ۽ واپس ورتو آهي. جو سنڌي ماڻهن کي پڪ ٿيڻ لڳي آهي ته اهڙي شهري تنظيم ڪنهن نه ڪنهن طرح اُها سازش ڪرڻ لڳي آهي. جنهن سان سنڌ جو مُستقبل داءَ تي لڳي سگهي ٿو. جڏهن پاڪستان ۾ نون صوبن جا مُطالبا ٿي رهيا هُئا. تڏهن به سنڌ جا ماڻهو اهڙن صوبن جي فقط انڪري مُخالفت ڪري رهيا هُئا. ڇاڪاڻ ته کين خبر هُئي ته اهڙن مُطالبن جي تائيد ڪرڻ جو ٻيو مطلب پنهنجي ئي سيني ۾ خنجر هڻي خودڪشي ڪرڻ جي برابر آهي. ڪالهه جڏهن ڪراچيءَ جي قلعي ”نائين زير“ کي رينجرز پنهنجي تحويل ۾ وٺي آپريشن ڪيو ته اُن وقت رينجرز خلاف احتجاج ڪيو ويو. جڏهن ته ساڳي جماعت لياريءَ سميت ڪراچيءَ جي ٻين علائقن تي آپريشن ڪرڻ جي نه فقط حمايت ڪندي رهي آهي. پر لڳاتار فوج ۽ رينجرز جي ڪردار کي ساراهيندي رهي آهي. ليڪن جڏهن ساڳي رينجرز نائين زيرو تي آپريشن ڪيو ۽ ”خورشيد بيگم ميموريل“ کي سِيل ڪري نوان انڪشاف سامهون آندا ته رينجرز خلاف شهري جماعت مظلوميت جو لباس پائي ورتو. مُتحدهه جي اڳواڻ حيدر عباس رضويءَ رينجرز جي چڙهائيءَ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ مُخالفت ڪئي ۽ آپريشن مٿان تنقيد ڪندي چيو ته: ”هٿ آيل هٿيار پارٽيءَ پنهنجي بچاءَ ۾ رکيا هُئا. جيڪي لائسنس وارا آهن.“ جيتوڻيڪ اُهي ماڻهو به رينجرز پڪڙيا آهن. جن مٿان ناقابلِ معافي وارنٽ نِڪتل آهن. جن مٿان ڦاسين جون سزائون آهن ۽ ڪيئي اڻ ڳڻيا ڪيس اُنهن جي خلاف درج ٿيل آهن. سنڌ جا باشعور ساڃاهه وند ۽ سياسي ڌُريون ته اُن وقت به ائين چونديون رهيون هُيون ته نيٽو جي هٿيارن جي گُمشدهه ڪنٽينرن پويان شهري جماعت جا هٿ آهن. ليڪن ڪا به ثابتي سامهون نه اچڻ سبب اُهي معاملا دٻيل ئي رهيا. اڄ جڏهن رينجرز کي هٿ آيل هٿيارن ۾ گُم ٿيل نيٽو جي ڪنٽينرن وارا هٿيار به مِليا آهن ته پوءِ سنڌ جي ساڃاهه وند ڌُرين، قومپرست سياسي پارٽين ۽ سِول سوسائٽيءَ جا اُهي شڪ ۽ خدشا ڪنهن حد تائين صحيح لڳن ٿا. سوال اِهو ٿو پئدا ٿئي ته جڏهن ڪا به سياسي جماعت پُرامن هُجڻ جي دعوى ڪري ٿي ته پوءِ اُن کي ڏوهارين ۽ پاٿاريدارن کي پالڻ جي ضرورت ڇو ٿي محسوس ٿئي؟ هڪ پاسي شهري جماعت پنهنجي عام جلسن ۾ جاگيرداريت جي خاتمي واري سياست خِلاف پُرامن سياسي انقلاب آڻڻ جون دعوائون ڪندي رهي ٿي ته ٻئي پاسي مُختلف موقعن تي اُن جي هٿياربند وِنگز هُجڻ جون ثابتيون سامهون اچن ٿيون. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سنڌ انتهاپسندن جي نشاني تي هُجي ۽ مذهبي ويڙهاڪ تنظيمن خِلاف آپريشن هلندڙ هُجي. اُتي شهري جماعت پاران نسلي سياست جي پُٺي ٺپڻ لاءِ انڊر گرائونڊ ويڙهاڪ فورسز جي تياري آخر ڪنهن جي خِلاف آهي؟ ڇا اُهي ويڙهاڪ فورسز اُهي ته ناهن جن لاءِ لنڊن مان خُطبي دوران سنڌي ماڻهن کي دڙڪو ڏنو ويندو آهي ته ” اسان چاهيون ته هڪ رات ۾ ئي ڪراچيءَ کي خالي ڪرائي سگهون ٿا. فقط اشاري جي دير آهي. اسان کي تنگ نه ڪيو وڃي نه ته اسانجا ورڪر اسانجي ڪنٽرول ۾ رهي نه سگهندا“ وغيرهه وغيرهه. هِن وقت نائين زيرو مٿان آيل اوچتي مُصيبت پويان ڪهڙا سبب آهن. ليڪن شهري جماعت ۾ پيل ڏار چِٽيءَ طرح سامهون آيا آهن. ڪُجهه حلقا ته ائين به چئي رهيا آهن ته نائين زيرو تي آپريشن گورنر جي مرضيءَ کان سواءِ ناهي ٿيو. جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ شهري جماعت جي طاقت اهڙي ڪمزور شِڪل ۾ نظر اچي رهي آهي. جنهن جا مُستقبل ۾ ڪي مضبوط بُنياد نظر نه اچي رهيا آهن. ليڪن اها ڳالهه انتهائي غور طلب آهي ته نيٽو جي گُم ٿيل ڪنٽينرن مان ڪُجهه هٿيار نائين زيرو تان مِليا آهن ته باقي هٿيار ڪِٿي آهن؟ ڇاڪاڻ ته جڏهن ويڙهاڪ تنظيمون تياري ڪنديون آهن ته ايندڙ مصيبتن کي نظر ۾ رکي پنهنجي طاقت کي راز ۾ رکنديون آهن. نيٽو جي گُم ٿيل ڪنٽينرن جا معاملا به ڪنهن طرح سامهون اچي سگهن ٿا. جن لاءِ ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته اُنهن ڪنٽينرن جا پيرا به کنيا پيا وڃن. ڇاڪاڻ ته نائين زيرو کي سوڙهو ڪرڻ لاءِ هِن ڀيري رينجرز سنجيدهه نظر آئي آهي. اُن جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو جو، اُن ڪارروائيءَ ڪرڻ دوران هر معاملي کي رينجرز بغير دير جي ميڊيا اڳيان آندو. جيتوڻيڪ مُتحدهه جو فطري ردِعمل ڪراچيءَ جي ڪاروبار کي بند رکڻ وارو چتاءُ ئي هو. ليڪن رينجرز ترجمان ڪراچيءَ جي واپارين کي پنهنجي ڪاروبار کي بند نه رکڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته ڪاروبار جي حفاظت رينجرز ڪندي. جيتوڻيڪ رينجرز، هلندڙ آپريشن کي سياسي آپريشن هُجڻ جون ترديدون ڪندي رهي آهي. جيڪا ڳالهه ممڪن آ صحيح به هُجي. ليڪن ڪراچيءَ جي هڪ اهم سياسي اڳواڻ موجب ته: ”اُن آپريشن جي توقع تڏهن هُئي، جڏهن رينجرز جي ڪمانڊ رضوان اختر جي حوالي هُئي. ليڪن اُن وقت آپريشن اڳيان سياسي معاملا هُئا. اُن کان پوءِ 2014ع ۾ جڏهن رضوان اختر آءِ ايس آءِ جو ڊائريڪٽر بڻجي ويو هو. تڏهن کان شهري تنظيم جي ننڊ ڦِٽل هُئي.“ رينجرز جي اڳوڻي سربراهه ۽ شهري تنظيم جي وِچ ۾ معاملا ڪراچيءَ واري آپريشن کان وٺي ئي تلخ رهيا هُئا. ڇاڪاڻ ته رينجرز جي آپريشن ۾ وڏي رُڪاوٽ شهري تنظيم جي ئي هُئي ۽ لڳاتار سياسي مُداخلتن جي نتيجي ۾ رينجرز پنهجي ڪاررواين کي هڪ محدود حد کان اڳتي وڌائي نه سگهي. ليڪن جڏهن مُلڪ جي طاقتور اسٽيبلشمينٽ جي رينجرز کي حمايت حاصل هُجي. تڏهن سياسي مُداخلت پنهنجو اثر وڃائي ويهي ٿي. جڏهن ته سنڌ جون قومپرست جماعتون مُتحدهه جي معاملي تي ٻن حصن ۾ ورهايل رهيون آهن. هڪڙين قومپرست جماعتن جو موقف آهي ته مُتحدهه سنڌ جي ورهاست نٿي چاهي ۽ اُن ڏانهن قومپرست سياسي تنظيمن جي رِوش نسلي نفرت جي بُنيادن تي نه هُجڻ گُهرجي. اُن کان نفرت ڪرڻ سنڌي ماڻهن لاءِ سياسي طور مُناسب ناهي. جڏهن ته ٻين قومپرست جماعتن جو موقف آهي ته مُتحدهه نه فقط دهشتگرد جماعت آهي پر اُها 80ع واري ڏهاڪي کان وٺي سنڌ کي ورهائڻ جا سپنا ڏسي رهي آهي. انڪري اُن سان ويجهڙائپ رکڻ، وطن دُشمني ۽ قوم دُشمني آهي. اُنهن ٻنهي موقفن جي وِچ ۾ مُتحدهه جو پنهنجو موقف ڪڏهن ڌار صوبي جو مُطالبو رهيو آهي ته ڪڏهن وري سنڌ جي ردِعمل جي نتيجي ۾ ترديدي بيان جاري ٿيندا رهيا آهن. پر مُتحدهه لنڊن ۾ عمران فاروق قتل ڪيس ۾ اسڪاٽ لينڊ يارڊ پوليس جي ڪيل جاچ وارين ڪاررواين ۾ سڄي دُنيا اڳيان وائکي ٿي چُڪي هُئي. جنهن جي مٿان تيل جو ڪم پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ زهرا شاهد جو قتل هو. جنهن جو الزام عمران خان سڌي طرح مُتحدهه جي مٿان مڙهيو هو. جڏهن ته بلديا سانحي ۾ سڙي ويل پورهيتن جا پاپ به شهري جماعت جي حصي ۾ آيا. اُن کان پوءِ مختصر عرصي تائين لنڊن کان ڪراچيءَ کي ڪيل خِطابن ۾ وقفو آيو. ليڪن وري اُنهن خِطابن جو سلسلو شروع ٿيو. ليڪن ڪُجهه عرصي کان اُهي خُطبا بند ٿي ويا. جيڪي ڪالهوڪي واقعي وقت اُهي خُطبا وري ٻُڌا ويا. خُطبن جي ايتري ڊگهي وقفي جو ڇا سبب هو؟ ”لنڊن جا خُطبا اسان جي ڪيل جدوجهد جو نتيجو آهن.“ هڪ پُراڻو قومپرست اڳواڻ چئي رهيو هو. ليڪن ڇا نائين زيرو مٿان رينجرز آپريشن به برٽش هاءِ ڪميشن کي پيش ڪيل ميمورينڊم جو نتيجو آهي؟ اُن لاءِ ته ڪُجهه به چئي نٿو سگهجي. ليڪن مُتحدهه جي هيڊ ڪوارٽر تي آپريشن معاملو، اسٽيبلشمينٽ ۽ مُتحدهه جي وِچ ۾ سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي. اُن ۾ لازمي طور مُتحدهه سنڌ ۾ پنهنجي اُها طاقت بحال رکي سگهڻ جي پوزيشن ۾ نه رهندي. جنهن طاقت جي بُنياد تي ڪراچيءَ جون ڀِتيون ڪاريون ڪري سنڌي ماڻهن جي سينن ۾ سنگينون ٽُنبيون هُيون. هِن ڀيري مُتحدهه پنهنجي طاقت جي توازن کي بحال رکي سگهڻ ۾ بُري طريقي سان ناڪام نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته ثبوتن ۽ ثابتين اڳيان بياني موقف بي معنى بڻجي ويندا آهن. اُردو ڳالهائيندڙ آبادي جيڪا ڪنهن به طرح نسلي نفرت کي وڌائڻ جي حق ۾ ناهي سا اُن ذهنيت جي خِلاف هميشه مضبوط آواز بڻيل رهي آهي. جنهن پُوري ڪراچيءَ کي قيدي بڻائي ڇڏيو آهي. اُها سياست جيڪا انسانن کي ذهني دٻاءَ ۾ ڌِڪي ڇڏڻ جو باعث بڻجي سا سياست نه پر اذيت ڏيندڙ اهڙي ذهني سوچ جو نالو آهي. جيڪا سوچ ڪُجهه ڪُوچڙن جو ڪُڌو ڪاروبار هوندي آهي. سنڌ اهڙي ڪاروبار کان آجپو چاهي ٿي. اُها ذهنيت جيڪا جنگي جُنونيت ۾ مُبتلا مريض بڻجي، سنڌ کي ساڙي ۽ نسلي نفرتن ۾ ورهائڻ چاهي ٿي. سنڌي ماڻهو اهڙي ذهنيت کي قطعي طور قبول نٿا ڪري سگهن. ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهن ڪڏهن به ناهي چاهيو ته اُهي نفرتن جي سياست جو ٻارڻ بڻجي مِٽجي وڃن. جيتوڻيڪ هِن وقت مُتحدهه ڏُکئي موڙ تي بيٺل آهي. ليڪن اُن ۾ وڏو ڪِردار ۽ قصور خود مُتحدهه جي پنهنجي پاليسين جو به آهي. جيڪا اقتدار خاطر طاقت جي سياست ۾ ويساهه رکندي پئي آئي آهي. اُن طاقت کي وڌائڻ ۾ مُتحده ايترو اڳتي نِڪري وئي جو کيس امن جي واپسيءَ جو سياسي رستو هٿ اچي نه سگهيو. اڄ به مُتحدهه جنهن سوڙهي گهٽيءَ ۾ بيٺل آهي. اُن ۾ وڏو ڪردار سندس اُنهن سياسي پاليسين جو آهي. جيڪي گُذريل ٽن ڏهاڪن کان استعمال ۾ آڻي رهي آهي. جڏهن مُتحدهه مٿان گهيرو تنگ ٿيڻ لڳو آهي. تڏهن اُها ٻيهر دُنيا جي اکين ۾ ڌوڙ وِجهڻ لاءِ مظلوميت جو لباس پائي وٺندي. ليڪن اُها مظلوميت دُنيا کي نظر اچي وئي آهي ته ڪو به مظلوم ڪَڇ ۾ ڪتاب ۽ وَر ۾ هٿيار کڻي ناهي هلندو. رينجرز جي آپريشن جي سوڙهه مُتحدهه کي ڪهڙن شرطن تي سنڌ ۾ سياست ڪرڻ جي واٽ تي وٺي وڃي ٿي؟ اِهو ته وقت ٻُڌائيندو. مُتحدهه لاءِ ڪالهوڪي ڏينهن تي ئي ٻِن بُرين خبرن جي اطلاع وارو سنئوڻ سُٺو نه لڳي رهيو آهي. نائين زيرو تي آپريشن، گرفتاريون ۽ هٿيارن جو هٿ اچڻ ٻئي پاسي صُولت مرزا جي ڦاسيءَ جو اعلان. اِهي اهڙا معاملا آهن، جيڪي مُتحدهه جي سياسي مُستقبل لاءِ وڏو چئلينج آهن. ليڪن سنڌين جا ماضيءَ کان وٺي اڄ تائين جيڪي خدشا رهيا آهن. اُهي سچ ثابت ٿي رهيا آهن ته مُتحدهه اندروني طور سنڌ کي ٻه اڌ ڪرڻ واري پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ خونريز ويڙهه کان ويندي سياسي ڊپلوميسيءَ تائين سڀ طريقا اختيار ڪرڻ لاءِ ڪيتري عرصي کان تياري ڪري رهي آهي. ڪالهه واري آپريشن جي نتيجي ۾ مِليل ثابتيون ان ڳالهه جو وڏو ثبوت آهن. مُتحدهه سياسي رِڻ ۾ اڪيلي سِر ڪيئن ٿي سفر ڪري. اُن جو جلد پتو پئجي ويندو.


    انتهاپسندن سان نواز حُڪومت جون ڳالهيون...

    رومي فلاسافر سيسرو چيو هو ته: ”جنگ جي وقت قانون خاموش هوندو آهي“ ڇا پاڪستان هن وقت اهڙي جنگ جي اوڙاهه ۾ ڦاٿل آهي. جتي لاقانونيت جو راڄ اکيون پٽي عوام جي نيڻن جون ننڊون حرام ڪري رهيو آهي؟ اسلام آباد تي مهربان ماءُ وانگر هڪ پاسي سعوديءَ جا شهزادا دوستين جا دم نڀائڻ لاءِ ريالن جي راند کيڏي رهيا آهن ته ٻئي پاسي عوام جي حصي ۾ آيل مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي اچڻ جا پري تائين به ڪي امڪان نظر نٿا اچن. جڏهن ته آمريڪي ڪانگريس پاڪستان کي ملندڙ سالياني امداد مان هڪ ڪروڙ ڊالرن جي ڪٽوتي ڪري ورتي آهي. پاڪستان کي سعودي شهزادن جي مهربانين سان ملندڙ رُپئي جي مُلهه واري رعايت ڪيستائين ڊالر جي اهميت کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي؟ اُهو ته مُستقبل قريب ۾ ئي اندازو ٿي ويندو. پر هن وقت اسلام آباد ۽ تخت لاهور جا شريف شهزادا ڪنهن اهڙي ٻڏتر ۾ ضرور آهن. جنهن جو اندازو، اُنهن جي مُسلسل ماٺ مان لڳي رهيو آهي. ائين محسوس ٿي رهيو آهي جيئن طوفان اچڻ کان پهرين سمنڊ ۾ سانت اچي ويندي آهي. طالبان سان ڳالهيون موسمي معاملن سان سلهاڙي ٻيهر هنڌ ۽ وقت مُقرر ڪري، اورڪزئي ايجنسي جي اتر وزيرستان جي سرحد سان ملندڙ علائقي ”ٽل“ جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ طئي ٿيون آهن. حُڪومتي ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ ارباب عارف، حبيب الله خٽڪ، رستم شاهه مهمند ۽ فواد حسين شامل هُئا. جيڪي ڪيترا بااختيار هُئا. اُن جو اندازو ان مان به ڪري سگهجي ٿو. جو طالبان ڪميٽيءَ پاران چِڙ ڏياريندڙ چٿر ته ”توهان ڪيترا بااختيار آهيو“ ته حُڪومتي ڪميٽيءَ جي ميمبرن پنهنجي موبائيل جا رُخ گهرو وزير چوڌري نثار پاسي موڙي ڇڏيا. جنهن کين بااختيار هُجڻ جو يقين به ڏياري ورتو. جڏهن ته طالبان پاران طالبان شوريٰ جا ميمبر قاري شڪيل، اعظم طارق، مولوي ذاڪر ۽ مولوي بشير هُئا. حُڪومتي ڪميٽيءَ طالبان اڳيان جيڪي مطالبا پيش ڪيا. اُنهن جو تفصيل ميڊيا تي اچي چُڪو آهي. جنهن ۾ جنگ بندي، اغوا ڪيل يوسف رضا گيلانيءَ جو پُٽ، سلمان تاثير جو پُٽ ۽ پروفيسر اجمل جي آزاديءَ سميت ڳالهين جي مخالف گروپن جي نشاندهي به شامل هُئي. جڏهن ته طالبان طرفان وزيرستان ۾ فوج جي چُر پُر تي پابندي، 20 ويڙهاڪ قيدين کانسواءِ پنهنجي لسٽ کي وڌائي 400 قيدين جي آزاديءَ جو مطالبو ڪري ورتو آهي. جن ۾ طالبان جا اهم ويڙهاڪ به شامل آهن. جڏهن ته حُڪومتي ڪميٽيءَ جي ڪمزوريءَ مان فائدو وٺندي، واضع طور چئي ڇڏيو آهي ته هُو سلمان تاثير ۽گيلانيءَ جي پُٽن ۽ اجمل کي به آزاد نه ڪندا، ڇاڪاڻ ته سندن قيدين سان سنڌ ۾ غلط سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اهڙي ڪمزور پوزيشن ۾ طالبان سان ڳالهين پويان حُڪومت جا ڪهڙا سياسي مُفاد شامل آهن؟ اهڙن رازن تان پردا ته اڃان نه کنيا ويا آهن. ليڪن هڪڙي ڳالهه چٽي ٿي سامهون آئي آهي ته جنگي حڪمت عمليءَ جا هُنر سياسي قيادت سمجهي ناهي سگهندي. پر طالبان اهڙي حڪمت عمليءَ هيٺ حُڪومت سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. جنهن کان مُلڪ جي عسڪري طاقت چڱيءَ ريت واقف آهي. جيڪا اڃان تائين ڳالهين کان پري بيٺل نظر اچي رهي آهي.
    اهڙي سڄي صورتحال ۾ نواز ليگ جا اڳواڻ بار بار پنهنجو موقف ورجائيندا رهيا آهن ته طالبان سان ڳالهين ۾ کين پاڪستان جي عسڪري طاقتن جي به حمايت حاصل آهي. جڏهن ته فوج جي ڪنهن به ترجمان جو واضع موقف طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين تي سامهون ناهي آيو. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته خود گهرو معاملن وارو وزير چوڌري نثار خود ڪيترو با اختيار آهي؟ طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين مان معاملا ڪافي حد تائين واضح ٿي سامهون آيا آهن ته هن مُلڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادتن جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. ڪجهه ڏينهن پهرين هڪ صحافيءَ جو سياسي تجزيو ته اهو به ٻُڌائي رهيو هو ته”اسلام آباد جي ذريعن موجب سويلين حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ اختلاف ان سطع تي پُهچي چُڪا آهن جو هاڻ معاملا ڊراپ سين تي پُهچڻ وارا آهن.“ نامياري صحافيءَ ته پنهنجي صحافتي ۽ سياسي اک سان انهن معاملن کي تمام گهڻو ويجهڙائيءَ کان ڏٺو هوندو. پر جنهن ڪمزور پوزيشن ۾ طالبان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ان جي پويان ڪي بين الاقوامي سياسي معاملا به سلهاڙيل نظر اچي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته 2009ع کان پاڪستان ”ڪيري لوگر بل“ ۾ پنهنجو حصو پتي اٽڪائي سگهڻ ۾ ڪامياب ويو هو ته اُن ۾ وڏو ڪردار مُشرف جو هو. جنهن آمريڪا کي اعتماد ڏيارڻ ۽ مُسلسل انتها پسند قُوتن کي بظاهر ڏنڊو ڏيکاري ”ڪيري لوگر بل“ واري خيرات پاڪستان جي کيسي ۾ وڌي هُئي. اُها الڳ ڳالهه آهي ته 2009ع کان ڪيري لوگر بل هيٺ ايندڙ امداد زرداري حڪومت، خُدائي کاتو سمجهي ڪٿي پئي استعمال ڪئي؟ اُن جو ڪو به پتو ناهي. پر جڏهن 2014ع جا سياسي ِسڙهه سبجي رهيا هُئا ته عوام جي اکين ۾ اُميدن جو سج اٽڪي پيو هو. جن کي اهو آسرو هو ته شايد هن مُلڪ جي جاگيردار دل کان وري به سرمائيدار سوچ شايد عوام کي پاڻ ڀرو ڪري سگهڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي. جيڪا لاقانونيت جي جن کي بوتل ۾ بند ڪري عوام جي اکين ۾ بدامنيءَ جي هاريل تيزاب کي روڪي سگهي. پر پاڪستان اندر ٻين شهرن کي ڇڏي اسلام آباد جا رهواسي ئي محفوظ ناهن. جڏهن ته غربت، تعليم، صحت ۽ بيروزگاريءَ جي انگن اکرن کي ڏسجي ته گُذريل 25 سالن جي ڀيٽ ۾ حالتون وڌيڪ بدتر صورتحال اختيار ڪري چُڪيون آهن. پر هن مُلڪ جي بااثر قوتن وٽ جيڪو ڪِشتو آهي ڀرجي ئي نٿو. اُن ڪِشتي کي ڀرڻ لاءِ ايندڙ امداد هن مُلڪ جي حڪمرانن کي ڪهڙن شرطن تي حاصل ٿئي ٿي؟ اهڙن شرطن کان عوام اڄ تائين لاتعلق بڻيل آهي. سعوديءَ جي ريالن پويان ڇا ماجرا آهي؟ آمريڪي امداد جي ڪٽوتيءَ پويان ڪهڙا سبب لڪيل آهن. ان جو اندازو ته هن مُلڪ کي هلائيندڙ هٿن کي ئي هوندو. البته طالبان سان ڳالهين وارو نواز ليگ جيڪو نئون دروازو کوليو آهي. اُن دروازي جي پويان سياسي بازيگر ڪهڙيون ڪهاڻيون لڪائي ويٺا آهن؟ اُهي ڳالهيون ته جلد ئي منظر عام تي اچي وينديون.
    نواز ليگ جيتوڻيڪ پنهنجي پُراڻين پاليسين کان پاسيرو رهندي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ کان پهرين مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو اعتماد ضرور حاصل ڪندي. پر هن وقت تائين پرڏيهي معاملن کان وٺي طالبان سان ڳالهين وارن معاملن ۾ اڃان تائين اهڙي ڪا به پيشرفت نظر نٿي اچي، جنهن مان محسوس ٿي سگهي ته هن مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي قيادتن جي وچ ۾ اعتماد جا پڪا رشتا قائم آهن. ڇاڪاڻ ته طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ جيڪي حُڪومتي شرط آهن، اُنهن ۾ اهو واضع طور طئي ناهي ٿيو ته طالبان مُڪمل طور هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستان کي امن جو تحفو ڏيندا. بلڪه طالبان ته وڏي ۾ وڏو ۽ اهم شرط حُڪومتي ڌُرين کان مڃائي به ورتو آهي ته هُو پنهنجي عسڪري قيدين کي جن ۾ اهم ويڙهاڪ به شامل آهن، آزاد ڪرائي وٺندا. جڏهن ته عجيب فلاسافين تي اتفاق ڪيو ويو آهي. جنگبندي جاري رکڻ جو ڇا مطلب؟ عسڪري قيدين جو ڇا مطلب؟ ڇا طالبان ڪنهن الڳ رياست جو حصو هُئا؟ جن سان ڳالهيون ان انداز سان ڪيون پيون وڃن؟ ڄڻ ٻن مُلڪن جي وچ ۾ جنگ هلندڙ هُئي. جنهن ۾ قيدين جي مٽا سٽا ۽ فائربندي تي اتفاق ڪيو ويو هُجي. اهڙن اسٽريٽجڪ معاملن ۾ مُلڪ جي اسٽيبلشمينٽ wait and watch واري پاليسي اختيار ڪئي آهي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير چوڌري نثار کي به ان ڳالهه جو اندازو هوندو ته جنهن ڪميٽيءَ کي وزيرستان جي سرحد سان ملندڙ علائقي ”ٽل“ جي هڪ ڳوٺ ڏانهن موڪلي رهيو آهي. اُها ڪيتري بااختيار آهي؟ اها ڳالهه ڪنهن به طرح نظراندازيءَ جي نشاني تي ٽِڪي نٿي سگهي ته جنگ جي شروعات اڃان هاڻ ٿيڻي آهي. قانون جي خاموشيءَ مان اهو سنيهو سمجهڻ گُهرجي ته حالتون بِگڙڻ ۾ دير نه ڪنديون. ڇاڪاڻ ته اسلام آباد جي سياست مڪار مرد جو اهڙو رُوپ آهي. جنهن جي اندر جو پتو اذيت سهڻ کان پوءِ ئي پوندو آهي.
    جڏهن ته آمريڪا پنهنجا پير پوئتي ڪري پنهنجي مُفادن جي جائزي وٺڻ کان پوءِ ئي امداد ۾ اضافو ڪري سگهي ٿو. جنهن لاءِ اهو به چيو وڃي ٿو ته پاڪستان کي ملندڙ امداد جن بُنيادن تي پاڪستاني عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ ڏني وئي هُئي ۽ اُنهن جي معيارِ زندگي بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان جيڪي شرط رکيا ويا هُئا. اُنهن جو استعمال صحيح ناهي ٿيو. اُن امداد ۾ وڏي پئماني تي ڪرپشن جا کاتا کولي،عوامي نمائندن آمريڪي امداد کي انفرادي کيسن ۾ وجهي عوام جي زندگيءَ ۾ تبديليءَ جو ذري جيترو به فرق ناهي آندو. بجلي ۽ توانائيءَ جي بحران تي ضابطي اچڻ بجاءِ هن حُڪومت جي دور وارا واعدا به وفا ٿي ناهن سگهيا. جڏهن ته بجليءَ جي بِلن ۾ اضافي سبب عوام بِلن جي ادائگيءَ جي سگهه به وڃائي چُڪو آهي. 2015ع تائين بين الاقوامي ادارن جي مليل امداد جي مُڪمل اسيسمينٽ ڪرڻ لاءِ طئي ٿيل اصولن جي Outcome Indicators کي ڏسڻ کان پوءِ ئي آمريڪا پاڪستان جي وڌيڪ امداد جي ڪا اڳڀرائي ڪري سگهي ٿو. پر جڏهن به آمريڪا کي اها خاطري ٿي وئي ته هاڻ پاڪستان کانسواءِ به آمريڪا پنهنجا مُفاد حاصل ڪري سگهي ٿو. تڏهن پاڪستان جي ڪِشتي جي حصي ۾ امداد جي هر سال ڪٽوتي شامل هوندي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”ڪم لٿو ۽ ڊکڻ وسريو“ پر اڃان ته ڪم لٿو ئي ناهي ته ڊکڻ مان هٿ ڪيئن ڪڍبا؟ نواز ليگ حڪومت لاءِ آمريڪا، سعودي سرڪار، طالبان ۽ اندروني اسٽيبلشمينٽ اهڙا معاملا آهن. جن کي سياڻپ واري طريقي سان سُلجهائڻ سان ئي مصيبت جو وقت گُذري سگهي ٿو ۽ قانون جون بند پيل اکيون کُلي سگهن ٿيون.


    نئون سال، سنڌ جي ڳلن جا ڳوڙها اُگهي سگهندو؟

    سال جو آخري ٿڌو سج ٿڪجي اولهه ۾ اُلهي ويو!! نئين سال جي صبح جو ساڳيو چهرو هن سماج جو مقدر بڻيل هوندو. زندگي زمين تي مايوسين جي مدار ۾ رِڙهندي ئي رهندي. ڪجهه به بدليل نه هوندو. نئين سال جي لهندڙ سج جي منظر کي ڏسندي، مونکي اسانجي دلبر دوست حسن درس جون سِٽون شدت سان ياد اچڻ لڳيون آهن.
    اوهان مُرڪي، مِلي آخر هليا ويا شهر پنهنجي ڏي
    اسانجي ڳالهه جي ڳَل تان، اڃان ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو.
    سنڌ جي سياسي يتيميءَ جا ڳل ڳوڙهن سان پُسيل ئي رهندا. سال مُرڪي، موڪلائي ڀلي ويندا رهن. سالن جي تبديلي ته فطري ڳالهه آهي. وقت جي ڪانٽن کي روڪڻ جديد سائنسي ايجادن جي به وس جي ڳالهه ناهي رهي. اهڙي طرح اسان سڀني لاءِ سال جا سمورا ڏينهن ۽ موسمن جا مهانڊا هڪجهڙا ئي هوندا آهن. هن دردمنديءَ جي ديس مٿان لهندڙ سمورين شامن جا رنگ به هڪجهڙا ئي هوندا آهن. سنڌ جي حصي ۾ آيل سياسي سرديون ۽ گرميون به ساڳيون آهن. سال جي تبديليءَ سان سنڌ جي تقدير جي تبديلي سلهاڙي نٿي سگهجي. بندوق اڳيان سنڌ جون بهارون بي وس بڻيل آهن. سنڌ جي سياسي آئيني کي فيض جي سِٽن سان ڏسي سگهجي ٿو.
    زرد پتون کا بن، جو ميرا ديس هي،
    درد کي انجمن، جو ميرا ديس هي.
    اُهو ديس جنهن جي دل سياسي آهي، پر اُن دل کي کوٽن سِڪن سان خريد ڪري کسيو ويو آهي. اُها سنڌ جيڪا نسلن تائين سياسي ويڙهه جي مورچي تي بيٺل هُئي، سا پنهنجي ڪارپت ۾ ايتري ڪِري ناڪاره نعرن جهڙي بڻجي پئي آهي. جو هر ماڻهو اندر ۾ عدمِ اعتماد کڻي جِي رهيو آهي. سماج کي بدلائڻ جي ابتدا آخر ڪٿان ٿيندي؟ ماضيءَ ۾ هڪ سياسي چوڻي عام هوندي هُئي ته : ”دُنيا جا سمورا رستا پنهنجي گهر جي در کان شروع ٿين ٿا.“ شروعات ”ايڪي“ کان ٿيندي آهي. ابتدا هميشه اقليت ڪندي آهي. وڏو باهه جو مچ به هڪ چڻنگ مان ئي پئدا ٿيندو آهي. سنڌ کي اهڙي تيليءَ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. اهڙي سياسي تبديليءَ جي ابتدا هڪ فرد کان ئي ٿيڻي آهي. اُن لاءِ ليڪو ڪڍي بيهڻ جي ضرورت آهي. جهڙي طرح هر حڪومت ”جون“ جي مهيني ۾ سال جي ”مالياتي بجيٽ“ پيش ڪندي آهي. اهڙي طرح سنڌ جي سياسي پارٽين کي نئين سال جي شروعات ۾ ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪرڻ گهرجي. اُها سياسي بجيٽ نه، جنهن کي اپوزيشن پارٽيون ”مالياتي بجيٽ“ دوران سرڪار مٿان طنز ڀريون تنقيدون ڪندي چونديون آهن ته اها ”سياسي بجيٽ“ آهي.
    دراصل ”سياسي بجيٽ“ جي وصف کي مخالف ڌُرين مُنجهائي وڌو آهي. جرمني جي چانسلر ”اوٽو وون بسمارڪ“ جيڪو دراصل پروشيائي هو. جنهن آسٽريا کانسواءِ جرمني جي ڪيترين ئي رياستن کي پنهنجي سياسي حڪمت عملين جي ذريعي متحد ڪري، جرمني شهنشاهيت کي پروشيائي قيادت جي ڪنٽرول هيٺ رکيو هو. تنهن سياسي بجيٽ کي ”سياسي تصور“ قرار ڏنو هو. اهڙو تصور جيڪو سماجن ۾ ناممڪن تبديلي کي ممڪن بڻائي سگهي.
    تنهن ڪري نئين سال ۾ سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون جيڪي سنڌ کي نظرين ۽ عقيدن کان مٿانهون سمجهن ٿيون. سي نئين سال ۾ نئين سنڌ تعمير ڪرڻ لاءِ پنهنجا سياسي تصور واضع رکن. اُها سياسي بجيٽ پنهنجي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين کي عوام اڳيان رکي پيش ڪرڻ گهرجي. جيئن گُذريل سال ۾ سياسي خساري کي جرئت سان پيش ڪري، ۽ ايندڙ سالن ۾ اهڙي خساري مان نڪرڻ لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙي سگهجي.
    ان ۾ ڪا اچرج جهڙي ڳالهه ناهي ته مايوسيون، ناڪاميون ۽ نا اُميديون انساني دلين کي ڪمزور به ڪنديون آهن. اها فطري ڳالهه آهي. پر اُنهن ناڪامين ۽ نااُميدين کي مضبوط طاقت ۾ تبديل ڪرڻ سان سماجن ۾ سياسي سگهه پئدا ٿي پوندي آهي. حقيقت جي دُنيا جا پردا هٽائڻ سان ان ڳالهه جا ڳُجهه به ڳولي لهڻ ۾ سولائي ٿيندي ته دراصل سياسي محرومين سبب سماج ڪمزور ٿيندا آهن. اُنهن جون اوليتون تبديل ٿينديون آهن. پر جيستائين سنڌي سماج جي بنيادي سياسي مسئلن کي سمجهي نه سگهبو. تيستائين اُن جو علاج ممڪن بڻجي نه سگهندو. سياسي پارٽين کي عوام سان جُڙڻ لاءِ پنهنجون اوليتون سنڌي قوم جي بنيادي سياسي مسئلن سان سلهاڙڻيون پونديون. جيئن هر نئون سال گُذريل سال وانگر گهڙيال جي ڪانٽن سان گڏ روايتي طرح ۽ بي معنى گُذري نه سگهي.
    طويل سياسي جدوجهد جي باوجود به سنڌ جا مسئلا ”ڍڳو پير پيران“ وانگر حل پاسي وڌن ئي نٿا. اهڙي مايوسيءَ جي ٻوڙيندڙ ڪيفيت ۾ ڪا آس هٿ پڪڙي وٺي ٿي ته سنڌ جي اکين ۾ تري آيل سمنڊ جي پاڻيءَ جهڙا نمڪين ڳوڙها ضرور سُڪندا. خوشين کان نظر انداز ٿيل چپن تي ٻيهر نئين ترنگ سان مُسڪراهٽون موٽي اينديون. اُداس دليون نئين ترنگ ۽ نئين ڌُن سان ڌڙڪڻ لڳنديون. جيڪي ورهين کان وسامي ويل شمع وانگر اُجهامي رهيون هُيون. سنڌ کي سياسي پارٽين کان اهڙي اُميد جو آسرو آهي. جيڪا اُميد ڪنهن انگريزي شاعر جي انهن سِٽن وانگر ئي سمجهڻ گهرجي ته: ”زندگي اُميد آهي، ڇا اها اُميد ناهي ته اُهو ساهه جيڪو مان ٻاهر ڪڍان ٿو. واپس مون ڏانهن موٽي ايندو؟، جيڪڏهن مونکي اها اُميد نه هُجي ها ته مان پنهنجو ساهه پنهنجي چپن تان ڇو اُڏاريان ها!؟“
    سنڌ به هر نئين سال سان گڏ اُميد جي آڱر پڪڙي هلڻ لڳي ٿي. ايندڙ سال جي وقت جون آڱريون سنڌ لاءِ پُراڻن خوابن تي نين تعبيرن جا ڀرت ڀرينديون. ڪهڙي ليڊر ڪهڙي سياسي بي وفائي ڪئي؟ اُن کي ”سياسي بجيٽ“ جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته ڪوڙن آسرن ۽ دلفريب دلاسن سان ڪنهن ڪنهن پنهنجي ووٽن وٺڻ جو انگ وڌائي، کٽي وڃڻ کان پوءِ پوئتي ڪنڌ ڦيرائي به نه ڏٺو ته اُنهن علائقن ۾ رهندڙ انساني آباديون ڪهڙي حال ۾ آهن؟ سنڌ جي سمورن شهرن جو جائزو وٺي ڏسو ته هر گهٽيءَ ۾ گٽر وات کولي ويٺل آهن. جيڪي روزانو راند ڪندڙ معصومن کي ڳڙڪائيندا رهن ٿا. اسان جو پورو نسل اُنهن گٽرن سان وڙهي وڏو ٿئي ٿو. پر اُنهن شهرن جون بجيٽون خُدائي کاتو سمجهي کاڌيون وڃن ٿيون. ڪنهن به ترقياتي ڪم جي بجيٽ ڪم مڪمل ٿيڻ کان پهرين پوري ٿي وڃي ٿي. نوان ٽينڊر پاس ٿين ٿا. ائين سٻاجهي سنڌ جا ماڻهو وقت جون سختيون سهندا رهن ٿا ۽ جيئندا رهن ٿا.
    اسان جي تعليم جنهن جو ڪو به پاسو کڻو. هر پاسو ڪمزور آهي. سنڌ جي تعليم اهڙي ڀُريل ۽ ڪمزور ٻيڙي آهي، جيڪا مُقابلي جي هلڪي هوا جي سَٽ به سهي سگهڻ جي حالت ۾ ناهي رهي. جيڪڏهن سنڌ جون سياسي پارٽيون پنهنجي ”سياسي بجيٽ“ جي پلاننگ ڪن ۽ نئين سال ۾ سماجي شعبي ۾ ترقيءَ جا ڪم ڪن. ۽ سماج کي ترقي پسند نُقطهءِ نظر سان اڳتي وڌائڻ جو وچن ڪن ۽ پيار سان پورهيو ڪن ته سنڌ جي ماڻهن جي ڳلن جا ڳوڙها خُشڪ ٿي سگهن ٿا. سنڌ جي چپن تي صدين کان ويٺل سرد آهون ختم ٿي سگهن ٿيون. سياسي ۽ سماجي ڳانڍاپي سان سنڌ ۾ پکڙيل قبائلي تڪرارن جي باهه مٿان به امن جي ٿڌي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي وسائي سگهجي ٿو ۽ نفرتن جي کڙي ڪيل ديوار ۾ ڏار وجهي سگهجن ٿا. صحيح ۽ حقيقي سياسي اڳواڻ مُستقبل جي نسلن جي آجپي جي جنگ وڙهندا آهن. سياست کي ڪاروبار سمجهندڙ ماڻهو وقتي ووٽ جي حاصلات تائين محدود هوندا آهن. نئون سال سياسي اڳواڻن جي ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪرڻ جو سال هُئڻ گهُرجي. جتي اهو طئي ٿيڻ گُهرجي ته سنڌ کي سياسي يتيميءَ مان ڪڍڻ لاءِ سڙي ويل سمورن سالن جا نتيجا ڪيئن حاصل ڪري سگهجن ٿا؟ ڪيئن سنڌ جي ڪنفيوزڊ (مُنجهيل) سماج کي مسئلن جي محور مان ڪڍي دُنيا جي مثالي سماجي حالتن جي مدِ مقابل بيهاري سگهجي ٿو؟ انتها پسندي ڏانهن وڌندڙ سنڌي سماج کي لبرل سوچ جي ڪُشادين گهٽين ۾ گُهمائي، فرقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي سنڌ جي تصوف جي فڪري سوچ پاسي مائل ڪري سگهجي. نئين سال ۾ پارٽيون پنهنجي سياسي فلسفي جي بجيٽ ۾ اُهي اهم نُڪتا به شامل ڪري سگهن ٿيون ته معاشي ۽ اقتصادي حالتن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ جي وسيلن مٿان قابض قوتن جي هٿن کي ڪيئن ڪمزور ڪري، نئين سال ۾ اُن جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. سياسي بجيٽ دراصل پنهنجي سموري سياسي ڪارڪردگيءَ جي بنيادن تي هُئڻ گهرجي. جيڪي سرڪاري پارٽيون پيش ڪري نٿيون سگهن. سرڪاري سياسي پارٽين جي وس ۾ ته رُڳو اهڙي ڪمزور مالياتي بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ ئي هوندي آهي. جيڪا بجيٽ ايندڙ ڪيترن سالن تائين عوام جي هڏن تي بچيل ماس به روڙي وٺندي آهي. پر سياسي بجيٽ اُهي سياسي پارٽيون پيش ڪري سگهن ٿيون جن جا جوڳَ، عوامي جذبي ۽ سياسي سچائي ۽ ارادي جي پُختگيءَ سان سرشار هوندا آهن. برٽرينڊ رسل چيو هو ته: ” دنيا سان اها وڏي ٽريجڊي آهي ته: ”احمق مڪمل اعتماد سان آهن ۽ عقلمند شڪي مزاج بڻيل آهن.“ پاڻ ۾سياسي پُختگي ۽ عوام ۽ قيادت جي وچ ۾ اعتماد وارو رِشتو ۽ سچائي بحال تڏهن ٿيندي. جڏهن عملي سياسي حڪمت عملي جوڙي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
    سنڌ لاءِ هر ويندڙ ۽ ايندڙ سال آخر ساڳيا ڇو آهن؟ ڇو ايندڙ سال جي پُڄاڻي اسان جي پيشانيءَ تي پشيمانيءَ جون ريکائون ڇڏي گُذري وڃي ٿي؟ سنڌ کي عجيب و غريب روحاني انقلاب نٿا گُهرجن. سنڌ کي فقط پُختي سياسي تبديليءَ جي ضرورت آهي. جنهن جي انتظار ۾ ڪيترائي سال ٻري ۽ اُجهامي ويا آهن. ڇا سنڌ هن سال اها اُميد رکي سگهي ٿي ته سنڌ جون سياسي پارٽيون پنهنجي پليٽ فارمن تان عوام اڳيان ”سياسي بجيٽ“ پيش ڪنديون.؟ جيڪا بجيٽ گُذريل سمورن سالن جي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ٺاهي ويندي. سنڌ جا ته سوين مسئلا آهن. پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين سنڌ جن به مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. سا لسٽ پنجن سالن جي ٻارڙن کي به ياد ٿي چُڪي آهي. پر هن نئين سال جي گِهٽين ۾ گهڙڻ کان پهرين اهو سوچڻ به گُهرجي ته هاڻ سنڌ جو مسئلو فقط هڪ ئي بچيو آهي. سنڌ ۾ سموريون پارٽيون هن نئين سال ۾ ان مسئلي تي غور ڪن. تفصيلي لسٽ ته رٽجي ياد ٿي چُڪي آهي. سنڌ سان ويساهه گهاتين جا اڇا ڪارا چٺا ته هاڻ اسان جي ٻارڙن کي به ياد ٿي چُڪا آهن. پر هاڻ سنڌ جو فقط هڪڙو ئي مسئلو آهي. جنهن تي توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. نئين سال ۾ ان مسئلي تي ويچارڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جو هڪ ئي اهم مسئلو آهي. جيڪو مسئلو ئي اهو آهي ته سنڌ جو ڪو مسئلو حل ئي نٿو ٿئي.!!!


    هِن بيان سان مُحترمه جو خُون کٿوري بڻجي سگهندو؟

    هُو جنهن جي سيني ۾ رُڳو سازشن جا لاوا پچندا هُئا. جيڪو ورديءَ کي پنهنجي جسم جو لباس سمجهندو هو ۽ ورديءَ کانسواءِ پاڻ کي هيڻو ۽ ڪمزور سمجهندو هو. جنهن بلوچن مٿان ڪاهه ڪرڻ وقت کين ڌمڪي ڏني هُئي ته ” بلوچ اهو نه سمجهن ته اُهي رياستي رِٽ کي چئلينج ڪندا. کين خبر ئي نه پوندي ته اُنهن مٿان حملو ڪٿان ٿيو.؟“ پر پوءِ اُن مُشرف بلوچستان جي بگڙيل صورتحال کي ٿڌيءَ دل سان سمجهڻ بجاءِ بلوچستان کي هڪ وڏي بحران ۾ ڌڪي ڇڏيو. معاملن کي سُلجهائڻ لاءِ نالي ماتر ڪاميٽيون ته ٺهيون. ليڪن اُهي ڪاميٽيون بلوچستان جي باهه کي وسائي سگهڻ جي صلاحيت کان محروم رهيون يا اُنهن کي محروم رکيو ويو. مُلڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ جي موت جا ثُبوت اُن جي تدفين کان پهرين ئي لياقت باغ مان مٽايا ويا. مُحترمه بينظير ڀُٽو جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو. گڏيل قومن جي ڪميشن پاڪستان جي سڀ کان وڏي سياسي اڳواڻ جي قتل ڪيس کي سُلجهائي سگهڻ کان سواءِ هلي وئي يا اُن ڪيس جي اُلجهيل سُٽ کي سُلجهائڻ لاءِ ڪا دلچسپي نه ورتي وئي. مارڪ سيگل جي اُها اي ميل ۽ بيان ته اُن وقت به سامهون آيا هُئا. جڏهن اقتدار جي طاقت اُن پارٽيءَ وٽ هُئي. جيڪا پارٽي جمهوريت کي بينظير ڀُٽو جي قتل جو انتقام قرار ڏئي رهي هُئي. اُها جمهوريت آئي ۽ پنج سال پُورا ڪري هلي به وئي ۽ مُحترمه بينظير ڀُٽو جي قتل جو انتقام پنجن سالن جي اقتدار جي وصوليءَ جي صُورت ۾ ورتو ويو. ليڪن بينظير ڀُٽو جو خونِ ناحق، جمهوريت جي سڄي دور ۾ ڪنهن جي ڳچين کي سوڙهو ڪري نه سگهيو. پيپلز پارٽيءَ جو ”جمهوريت ئي بهترين انتقام“ وارو فلسفو اڌ تاڻيل تير وانگر بڻجي رهجي ويو. پنجن سالن جي عرصي ۾ عوام ڀُٽو ليگيسيءَ واري سحر واري سياست مان ٻاهر نڪري چُڪو ۽ پيپلزپارٽي عوامي سطع واري سياسي گريڊنگ ۾ گهڻو پوئتي رهجي وئي. مارڪ سيگل جو بيان ته بينظير ڀُٽو جي قتل ڪيس کان وٺي اڳوڻي فوجي سربراهه جو پيڇو ڪندو رهيو آهي. ليڪن راولپنڊي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب مارٿ وٽ شُنوائيءَ دوران مارڪ سيگل جو وڊيو رڪارڊنگ وارو بيان پهريون ڀيرو منظر عام تي آيو آهي. مارڪ سيگل جي ان وڊيو بيان تي مُشرف جي وڪيل الياس صديقيءَ ردِ عمل ۾ موقف ڏنو آهي ته ”مارڪ سيگل بينظير ڀُٽو جو لابيئسٽ هو. اُن جو بيان جانبدار آهي. جنهن کي اعتبار جوڳو قرار ڏئي نٿو سگهجي.“
    جيتوڻيڪ پاڪستان اندر سياسي قتل ڪيسن جا معاملا اڄ تائين ڪنهن نتيجي تي پُهچي ناهن سگهيا نه ئي اُنهن ڪيسن جا حتمي نتيجا يا اُنهن پويان سازشن کان عوام واقف ٿي سگهيو آهي. پر جڏهن ”مارڪ سيگل“ جو وڊيو بيان آيو آهي. تڏهن اُن بيان کي جانبداريءَ جو ليبل لڳائي رد نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ ته مارڪ سيگل جو وڊيو بيان سياسي قتل واري سازش کي بي نقاب ڪرڻ ۽ قاتلن تائين پُهچڻ جا بُنياد فراهم ڪري ٿو. بينظير قتل ڪيس جي باري ۾ مُختلف رايا رکيا ويندا رهيا آهن. هڪ پاسي برگيڊيئر چيما جو اُهو بيان به آهي. جنهن ۾ هُن بروقت پريس ڪانفرنس ڪري بينظير ڀُٽي جي شهادت جو سبب ڌماڪي ۾ گاڏيءَ جي ليور لڳڻ کي قرار ڏنو هو. برگيڊيئر چيما جي اُن بيان عوام کي چِڙ ڏياري هُئي ۽ عوام ۾ اهو تاثر اُڀريو هو ته ايڏي وڏي سانحي مٿان مُشرف حُڪومت پردا وجهي رهي آهي. جڏهن ته برگيڊيئر چيما بينظير قتل ڪيس جي ذميواري القائده اڳواڻن بيت الله محسود مٿان به مڙهي هُئي. جنهن جي ثُبوت طور هُن موبائيل گُفتگوءَ کي پيش ڪيو هو. جڏهن ته اُن وقت بيت الله محسود کانسواءِ طالبان جي مُختلف گروپن بينظير قتل ڪيس جي ڪا ذميواري قبول نه ڪئي هُئي. ان حد تائين جو بيت الله محسود ته اُن معاملي جي ترديد به ڪئي هُئي. بينظير قتل ڪيس جا پيرا کڻڻ لاءِ گڏيل قومن جي ڪميشن پنهنجي رپورٽ ته پيش ڪئي. ليڪن اُها رپورٽ به اهڙي هُئي جنهن جي بُنياد تي ڪنهن کي ذميوار قرار ڏئي نه پيو سگهجي. پيپلز پارٽيءَ جي سڄي اقتداري عرصي ۾ بينظير قتل ڪيس ڪنهن ايجنڊا جو حصو نه رهيو. جيڪڏهن هن وقت مارڪ سيگل جي وڊيو بيان کي بُنياد بڻائي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿئي ٿي ۽ معاملا ٻيهر اُٿلايا وڃن ٿا ته اُهي معاملا به ڪنهن فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته مارڪ سيگل جي ان بيان کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لاءِ پهرين ئي اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مارڪ سيگل خود ڌُر آهي. ان جو ٻيو مطلب اهو ٿيو ته مارڪ سيگل جي وڊيو بيان جي انڪري به اهميت ناهي ڇو ته هُو جانبدار بڻجي بيان ڏئي رهيو آهي. جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته سيگل جو بيان بينظير ڀُٽو جي خُون کي کستوري بڻائي نه سگهندو. پر ڪيس جو ٻيو پاسو انتهائي اهم آهي. جنهن ۾ مشرف سرڪار مٿان اهو الزام مڙهيو ويو آهي ته مشرف سرڪار محترمه بينظير ڀُٽو کي گُهربل سيڪيورٽي ڄاڻي واڻي مُهيا نه ڪئي. جڏهن ته شهيد بينظير ڀُٽو جي اي ميل کي بُنياد بڻائي، جيڪڏهن ڪيس اڳيان وڌي ٿو ۽ ٽيليفون رڪارڊ جا ڪي ٺوس ثبوت مِلن ٿا، جنهن جو ذڪر مارڪ سيگل پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڪري ٿو ته شايد ڪيس ۾ تمام گهڻي پيش رفت ٿئي. پر هن وقت تائين پاڪستان ۾ سياسي قتل ڪيسن وارن معاملن جا تجربا ٻُڌائين ٿا ته سمورن ڪيسن جا پينڊورا باڪس سياسي مقصدن لاءِ کُلندا ۽ بند ٿيندا رهيا آهن. هن وقت جڏهن مُشرف ٽن اهم قتل ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. جن ۾ لال مسجد جي مولوي رشيد، نواب اڪبر بُگٽي ۽ بينظير ڀُٽو جا ڪيس شامل آهن. ”مارڪ سيگل“ جي وڊيو بيان جي هلندڙ ڪيس ۾ ڪيتري اهميت هوندي؟ اُن جو تجزيو ته قانوني ماهر ئي ڪري سگهن ٿا. پر جڏهن معاملا سياسي رُخ اختيار ڪري ويندا آهن ته قتل ڪيسن جا معاملا به مونجهارن جي ور چڙهي ويندا آهن. پر ڪورٽ سڳوري بينظير قتل ڪيس ۾ مارڪ سيگل جي شاهديءَ بابت ضرور تحقيقات ڪرائيندي ۽ مارڪ سيگل جي بيان جي تصديق ڪندي. پر ڪيس جي موجودهه حالت کي ڏسندي اهو ضرور سمجهي سگهجي ٿو ته ڪورٽ پاران ڪنهن تڪڙي فيصلي اچڻ جا ڪي امڪان نظر نٿا اچن. ڇاڪاڻ ته مارڪ سيگل جي بيان جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ به وقت گُهربل هوندو. پر 5 آڪٽومبر تي مارڪ سيگل جي بيان جي روشنيءَ ۾ مُشرف جي موقف اچڻ جا امڪان آهن. مُشرف جنهن ڪيس کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. اُن ڪيس تي ڪا حتمي راءِ جوڙي ته نٿي سگهجي. البته ڪُجهه مُبصرن جي راءِ آهي ته اڳوڻو آرمي چيف جن ڪيسن کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. اُنهن ڪيسن کي جلد اُڪلايو ويندو. اُنهن جو اشارو ان ڳالهه پاسي آهي ته اُنهن ڪيسن مان مُشرف جي جان آجي ٿيڻ واري آهي. پر جڏهن مارڪ سيگل جي بيان جي روشنيءَ ۾ ڪيس جي هلڻ جي ڳالهه نڪري ٿي ته مُلڪ جا سياسي تجزيي نگار اها ڳالهه بار بار ورجائين ٿا ته جڏهن سڄو مُلڪ سيڪيورٽي رِسڪ بڻيل هُجي اُتي اهم سياسي قيادتن جي زندگين جي ذميواري کڻڻ ڪنهن جي به وس ۾ ناهي. انڪري مارڪ سيگل جي وڊيو بيان تي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿيڻ جا ڪي وڏا امڪان نظر نٿا اچن. دهشتگرديءَ خلاف ضربِ عضب آپريشن جي نتيجي ۾ ڪراچيءَ سميت مُلڪ جا اڪثر هيسيل هنڌ هن وقت سُڪون جو ساهه کڻي رهيا آهن. پر مُشرف جي دور ۾ القائدا سميت سموريون بُنيادپرست جماعتون پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي دهشتگرد ڪاررواين ڪرڻ ۾ سرگرم هُيون. اهو سلسلو پيپلزپارٽيءَ جي دور تائين جاري رهيو. جيڪو نواز ليگ سرڪار جي موجودهه دور تائين جاري آهي. جيتوڻيڪ هن وقت اهڙين ڪاررواين جي فريڪوئنسي ۾ گهٽتائي آئي آهي. اُن جو وڏو سبب ضربِ عضب آپريشن کي قرار ڏنو وڃي ٿو. اُهو ئي سبب آهي جو عوام ۾ سياسي اڳواڻن جي بجاءِ عسڪري قُوتن سان همدردين ۾ اضافو ٿيو آهي. اهڙي حالت ۾ ڪُجهه سياسي مُبصر اها به راءِ ڏين ٿا ته مُشرف جي حوالي سان بينظير قتل ڪيس جي باري ۾ مارڪ سيگل جو وڊيو بيان منظر تي اچڻ ۽ بينظير ڀُٽو کي سيڪيورٽي مُهيا ڪرڻ ۾ مُشرف مٿان ڪوتاهي ڪرڻ جهڙا سنگين الزام هڻڻ، سياسي ۽ عسڪري قُوتن وچ ۾ وڇوٽيون پئدا ڪرڻ جي سازش آهي. ڇاڪاڻ ته هن وقت سياسي قيادتون عوام مان پنهنجي ساک وڃائي ويٺيون آهن. اُهو ئي سبب آهي جو ماڻهو سياسي اڳواڻن ۾ ويساهه رکڻ بجاءِ عسڪري قيادت کي اهميت ڏئي رهيا آهن. اُن جا سبب سياسي اڳواڻن جي اُها روش آهي. جيڪا گُذريل ڪيترن سالن کان عوام اذيت جي صُورت ۾ ڀوڳي رهيو آهي.
    مُحترمه بينظير جي قتل ڪيس جون حقيقتون اڃان سامهون اچڻيون آهن. پر جيڪڏهن اُنهن حقيقتن پويان سياسي مقصد رکيا ويا ته شايد بينظير ڀُٽو قتل ڪيس جو فائيل به چند ڏينهن يا هفتن ۾ بند ٿي وڃي. ڇاڪاڻ ته بينظير قتل ڪيس جي باري ۾ مارڪ سيگل جي بيان کان وڌيڪ اُهي بُنيادي حقيقتون ۽ شاهديون وڌيڪ اهميت رکن پيون، جيڪي لياقت باغ مان اُن ڏينهن ئي ميساريون ويون هُيون. جنهن ڏينهن تي ڳڙهي خُدابخش ۾ مُحترمه بينظير ڀُٽو جو لاش به نه پُهتو هو ۽ عوام سنڌ کي پلاسيءَ جو ميدان بڻائي ڇڏيو هو. پر ”جمهوريت ئي بهترين انتقام“ آهي واري جُملي کان پوءِ عوام پنهنجو پاڻ کان انتقام ورتو. پوءِ اُهو پيپلز پارٽيءَ کي ووٽ ڏيڻ جي صورت ۾ ئي صحيح، ليڪن عوام پنهنجي بدن جا باغيچا ساڙي جمهوريت بحال ڪئي ۽ بينظير ڀُٽو جي قاتلن کان انتقام وٺڻ بجاءِ پاڻ کان ئي انتقام ورتو.


    هر ڏينهن _ڌرتيءَ سان مُحبت جو ڏينهن آهي

    اها به عجيب ڳالهه آهي ته ڪنهن به ڏهاڙي کي ڪنهن جو به ڏينهن ڪري ملهائڻ واري روايت ائين آهي، جيئن اُن ڏينهن جي اهميت ٻئي ڏينهن تي پُراڻي اخبار وانگر بڻجي وڃي. جنهن کي سياسي سماجيات جا ماهر ثقافتي حملو به قرار ڏين ٿا. اهڙي ثقافتي جنگ ۾ اهو ضروري ناهي هوندو ته بم ۽ بارود استعمال ٿين، پر دُنيا کي تبديليءَ جي رستي تي وٺي ويندڙ ڪنهن انقلابي فلاسافر ته ائين به چيو هو ته: ” دُنيا کي زنجيرون پاتل آهن. جنهن کي گُلن سان ڍڪيو ويو آهي.“ ائين جيئن اولهه ٽين دُنيا جي مُلڪن کي پنهنجي مخصوص ڪلچر ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي. ۽ ٽين دُنيا جا مُلڪ اولهه جي ڪاربان ڪاپي ڪلچر بڻجي پنهنجي مخصوص قومي ڪلچر کي وساري ويهي رهيا آهن. جنهن تي پڻ سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مخصوص ڏهاڙي کي ملهائڻ پويان به مخصوص تصورن جا بُنياد هوندا آهن. عورتن جو ڏينهن، پيئرن جو ڏينهن، مائرن جو ڏينهن، مزدورن جو عالمي ڏينهن يا 14 فيبروريءَ تي مُحبت جو ڏينهن. اُنهن سمورن ڏينهن جي پويان ته ڪيتريون ئي ڏند ڪٿائون موجود هونديون. يا صنعتي دُنيا جي ماڻهن محدود وقت کي مدِ نظر رکي مخصوص ڏينهن مُنتخب ڪيا. جن ڏهاڙن کي مُختلف نالا ڏنا ويا. پر ڇا اِها زيادتي ناهي ته مڇيءَ جي اک جهڙين معصوم عورتن جا ڪنڌ ڪُهاڙين سان وڍيا ويندا هُجن ۽ اسان عورتن جي حقن تي ڳالهائڻ ۽ آواز اُٿارڻ لاءِ عورتن جي عالمي ڏينهن جا مُنتظر هُجون.؟ ۽ سال ۾ فقط هڪ ڀيرو عورتن جي بُنيادي آزادي ۽ حقن تي سيمينار ڪرائي آجا ٿي وڃون؟ جڏهن ته هر ڏينهن عورتن جو ڏينهن تصور ڪري عورتن جي بُنيادي مسئلن لاءِ اسان جا بينر کُليل هُجڻ گُهرجن. اهڙيءَ طرح محنت ڪش ۽ مزدور طبقو جيڪو سڄو سال پنهنجي بُنيادي اُجوري مِلڻ کان به محروم رهندو آهي. سو اسان کي فقط سال ۾ هڪ ڀيرو ياد ايندو آهي. جنهن ڏينهن تي اسان پنهنجي گهرن ۾ مزدورن جي نالي تي مليل سرڪاري موڪل سُڪون سان سُمهي گُذاريندا آهيون ۽ اُهو مزدور طبقو موڪل واري سبسڊي کي سُڪون سان گُذاري ناهي سگهندو. هن مُلڪ جي اندر ڇا اِهو به ممڪن ناهي ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي هڪ ڏينهن جي ڏهاڙي، اُنهن مزدورن کي موڪل سان گڏ مُيسر ٿي سگهي. جيڪي اُن ڏينهن تي فقط ان خوف کان موڪل ڪري ناهن سگهندا ته سندن گهرن جا چُلها سندن روزانه ڪمايل چند پئسن نه اچڻ سبب ٻري نه سگهندا.!!
    ڇا اِهو الميو ناهي ته ماءُ....! جنهن جي نالي سان ڏينهن جي شروعات ٿئي ٿي. اُن ماءُ جي ياد به سال جي هڪ ڏينهن ۾ قيد ڪئي وڃي ۽ کيس ياد ڪرڻ لاءِ اسان فقط هڪ ڏينهن جي چونڊ ڪريون؟ اهڙا ڪم ته اُنهن سماجن ۾ ٿيندا آهن. جتي والدين پوڙهائپ ۾ پير رکڻ سان ئي اولڊ ايج هاسٽلز ۾ داخل ڪرايا ويندا آهن. ائين جيئن ٻارن کي بورڊنگ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويندو آهي. فرق رُڳو ايترو هوندو آهي، جو بورڊنگ اسڪول جي ٻارن سان سال ۾ ڪيترائي ڀيرا مُلاقاتون ٿينديون آهن. پر اولڊ ايج هاسٽل ۾ رهندڙن کي سال جي مخصوص ڏينهن تي پنهنجي اولاد کي ڏسڻ جو موقعو ملندو آهي. سال ۾ مخصوص ڏهاڙن جي نسبت سان ”ويلنٽائين ڊي“ کي به ملهايو وڃي ٿو. جنهن کي ”مُحبت ڪندڙن جو ڏينهن“ به سڏيو وڃي ٿو. هن ڏهاڙي جي پويان به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون آهن. جن مان هڪڙي ڪهاڻي اها به آهي ته ”روم جي سلطنت ۾ ڪولڊيئس بادشاهه پنهنجي فوج جي بهتر ڪارڪردگي ڏسي فوجي جوانن جي شاديءَ تي بندش هڻي ڇڏي هُئي. پر فوجي نوجوان ڪولڊيئس جي حُڪم جي تعميل ڪرڻ بجاءِ مقامي پادري جنهن جو نالو ”سينٽ ويلنٽائين“ هو تنهن وٽ ويندا هُئا ۽ لڪي شادي ڪري ڇڏيندا هُئا. جڏهن ڪولڊيئس کي ان ڳالهه جي خبر پئي ته ڪاوڙجي ”سينٽ ويلنٽائين“ کي موت جي سزا ڏئي ڇڏيائين. اُن سزا تي عمل 14 فيبروريءَ تي ٿيو هو. اُن کان پوءِ 17 هين صديءَ ۾ برطانوي پبلشر ويلنٽائين ڊي جي مُناسبت سان مارڪيٽ ۾ شاعريءَ جو مجموعو آندو. جنهن کان پوءِ ان ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ ارڙهين صديءَ ۾ انگلينڊ، فرانس سميت يورپ جا ڪيترائي مُلڪ ۽ آمريڪا به ڪاهي پيا. ائين محبت چاڪليٽ ڪمپنين کان وٺي پرنٽنگ ايجنسين تائين سڀني جي ڪاروبار جو سبب بڻجي پئي. پر سوال اهو آهي ته ڇا ٻين سمورن ڏهاڙن وانگر مُحبتن جو به ڪو مخصوص ڏينهن ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هاڻ مُحبت جي اظهار لاءِ وقت جو تعين ۽ ڏهاڙن جي چونڊ ڪرڻي پوندي؟ ڇا نرالي نينهن ۽ عشق جي عميق ۾ گهڙڻ لاءِ 14 فيبروريءَ جو انتظار ڪرڻو پوندو؟
    اسان جنهن سماج ۾ ساهه کڻون ٿا، اُتي مُحبت جو مفهوم حاصلات جي حدن تائين محدود بڻجي ويو آهي. لاحاصل مُحبتن جي ڪائنات جا ڳُجهه اسان جي پُهچ کان پري آهن. لاحاصل مُحبت کي اسان نامِ نهاد ناڪامي تصور ڪري ورتو آهي. مُحبت جي باري ۾ عجيب تصورن اسان جي دماغن کي دُڪان بڻائي ڇڏيو آهي. هن سماج ۾ محبوب حاصل نه ٿيڻ جي صورت ۾ زندگيءَ جو پنڌ خودڪشيءَ تي کُٽي ٿو ۽ حاصلات کان پوءِ به حاصل ٿي ويل مُحبت پنهنجي طويل عرصي ۾ نباهه جي رستي تي هلڻ بجاءِ بيزاريت جي بازار محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. در اصل مُحبت هن ديس جي دلين مان خودساخته جلاوطني اختيار ڪري ورتي آهي. جنهن کي سال جي هڪ ڏينهن جي ويزا تي واپس اچڻو پوي ٿو. يا مُحبت سزا يافته قيديءَ کي پئرول تي مليل هڪ ڏينهن جي آزادي بڻجي وئي آهي؟ ڇورڙي ٻار کان ڇُٽي ويل ريل جهڙي زندگيءَ ۾ محبت وڏي ڳالهه آهي. پر جڏهن دُنيا نفرتن جي بارود تي بيٺل بي خبر ٻار وانگر چيوگم چٻاڙي رهي آهي، اُتي مُحبتن جي مقروض دُنيا وٽ مُحبت جو تقدس بحال ڪرڻ لاءِ ڪهڙو دليل هوندو. جيڪا دُنيا سڄو سال نفرتن جون بٺيون ٻاريندي رهي ٿي ۽ سال جي فقط هڪ ڏينهن کي مُحبت ڪندڙن جي ڏينهن ملهائڻ جي فريب ۾ ڦاسي پوي ٿي. اها مُحبت نه پر مُصيبت آهي، جنهن کي ”ويلنٽائين ڊي“ طور ملهايو وڃي ٿو. سنڌ اندر تبديليءَ جي تاريخ لکندڙن پاران هن ڏينهن کي دُکندڙ ديس سان مُحبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ واري روايت ائين آهي جيئن زخمي ديس جي دل مٿان آٿت ڀريا هٿڙا گُهمائڻ. اهڙي آٿت، جيڪا بيمار جي علاج کان به وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي. روايتي طور هن ڏينهن کي ڪنهن فرد سان سلهاڙي سيليبريٽ ته ڪري سگهجي ٿو. پر ديس سان مُحبت جي ابتدا، ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي.
    هر ڏينهن مُحبت جو ڏينهن هُجڻ گُهرجي. پرينءَ جي پار پُهچڻ لاءِ موسمن جو مُنتظر بڻجڻ مُحبتن جي توهين آهي. اهڙي توهين جي تُهمت هٽائڻ لاءِ وطن سان عشق جي ابتدا واري روايت، وري به اُنهن ماڻهن جي حصي ۾ آئي جيڪي وطن سان بي پناهه عشق ڪن ٿا. ٿيڻ ته ائين گُهربو هو ته سنڌ ۾ سموريون سياسي پارٽيون سنڌ جي زخمي وجود مٿان ماتم ڪرڻ بجاءِ، هن ديس سان محبت جو اعلان ڪن ها ته شايد وطن سان مُحبت واري ايجنڊا ويلنٽائين جي ور چڙهي نه وڃي ها.
    باقي هڪ ڏينهن مُحبت ڪرڻ واري توهين جي تُهمت ڪو به عاشق کڻي نٿو سگهي. جنهن جي اندر ۾ ڌڙڪندڙ دل سان محبوب ڌڙڪي ٿو. ساهه سان سُرندو رهي ٿو. اُهي پنهنجي نينهن جي نديءَ کي فقط سال جي هڪڙي ڏينهن جي يادگيريءَ سان ميرو ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟ ساهڙ جي سڪ ته سياري ۾ به سرهو ڪري ڇڏيندي آهي، ته تتل رڻ ۾ ڏُکن جي ڏونگر ۽ پهڻ جي پنڌ ۾ به امرت رس جا واهڙ وهائيندي آهي. اُها وقت ۽ حالتن جي قيد ۾ ڪيئن ٿي ٽِڪي سگهي؟ مُحبت گُلاب جي تُحفي ڏيڻ جو ئي نالو ناهي پر ذرو ذرو ٿي مُرجهائڻ جو به نالو آهي. رُڳو حاصلات جي حوس رکندڙ دليون شايد ويلنٽائين ڊي جون مُنتظر هُجن ته جيئن اُهي پنهنجي محبوب کي موڪليل تُحفي جو جواز تلاش ڪري سگهن. پر لاحاصل مُحبتون ته لطيف سائينءَ جي انهن سِٽن وانگر هونديون آهن ته: ”جي سمنڊ منهن ڪريان، ته سُرڪيا ئي مَ ٿئي.“ فراق جي معراج تي پهتل عاشقن لاءِ هي ڏينهن بي معنى هوندو. اُنهن لاءِ ته هر ڏينهن محبوب جو ڏينهن هوندو آهي. محبوب جي پاڇي جون پوڄائون ڪندڙ ته دلين جا دروازا هر وقت کُليل ئي رکندا آهن. جيڪي ڪڏهن به ٻوٽجي ناهن سگهندا. محبت ته حال جي حقيقت هوندي آهي. اُها سڀاڻي ۽ ڪالهه وارن زمانن ۽ مڪانن مان ڇا ڄاڻي؟ اُها هر وقت دل جي تارن کي ڇيڙيندي رهندي آهي. اُن کي ڪنهن به ڏينهن جو مُحتاج بنائڻ اُن جي توهين ٿيندي. انڪري محبت ڪندڙن کي ڪنهن ڏينهن جي قيد ۾ ڦاسڻ نه گُهرجي. مُحبت جوڏينهن ملهائڻ، محبت لاءِ اعزاز نه پر مُحبت کي محدود ڪري ڇڏڻ آهي. اُها مُحبت جيڪا آفاقي حقيقت آهي، اُها عالمي ڏهاڙن جي مُحتاج ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟
    تنهن ڪري زندگي، جيڪا نفرتن جي زنجيرن ۾ ڦاٿل آهي. اُن کي ڌرتيءَ سان غير مشروط مُحبت واري ڏينهن طور ملهائڻ وارن جي ڏنل صلاح سان به حل ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته وطن جي حُب ئي سمورن مسئلن جو حل آهي. جيڪا عارضي نٿي ٿي سگهي. دُنيا جي رِشتن ۽ ناتن ۾ وڇوٽين جون لڪيرون ته فطري ڳالهه آهن. پر ڌرتيءَ سان مُحبت ته ائين آهي جيئن لطيف سائينءَ چيو ته: ”جيها ڪي تيها، مون مارو مڃيا“. ائين ئي زنجيرن ۾ سوگهو ڪيل سنڌ کي نفرتن جي پوکيل ڪنڊن کان مُحبت جي پوکيل ٻوٽن سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو. جتي نفرت دلين ۾ دونهان دُکائيندي رهي ٿي ۽ جسمن کي ساڙيندي رهي ٿي. اُتي ڪنهن کي گُلاب ڏيڻ، ڪاغذ جهڙو ڪارڊ ڏيڻ يا ويلنٽائين سان لکيل ڪيڪ موڪلڻ بجاءِ، جيڪڏهن اسان مينديءَ جي خوشبو جهڙن هٿن مٿان اهو وچن ڪري ورتو ته هن ڌرتيءَ کي دُعائن سان گڏ وڻن جا اهڙا تحفا به پيش ڪنداسين. جن جو ڪو هڪڙو ڏينهن نه هوندو. اُهي اسان کي هر ڏينهن تي ڌرتيءَ سان مُحبت جي ياد ڏياريندا ۽ انهن جي ڇانو ۾ ڪيئي پکيئڙا پنهنجا آکيرا اڏيندا ۽ ڪيئي مُسافر پنهنجو ٿڪ ڀڃندا. سنڌ کي سُڪي ويندڙ عارضي گُلابن جي ضرورت ناهي پر ٻارڙن سان گڏ وڌندڙ وڻن جي به ضرورت آهي. جنهن سان سنڌ جي سونهن سلامت رهي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته گُلابن جا ڏينهن ته مُختصر ٿيندا آهن. پر ڌرتيءَ کي ڏنل وڻن جا تحفا يادگار بڻجي ويندا آهن. جن جون عمريون عارضي ناهن ٿينديون.


    سنڌ لاءِ اصل عيد سياسي تبديليءَ ۾ آهي

    اها برِ صغير جي بد قِسمتي چئجي يا قومن جي الحاق دوران ڪيل واعدن جون سياسي بي وفائيون چئجن يا سنڌ جي سياست جو ڪنهن ڪاري نانگ هٿان ڪَکِجڻ چئجي. پر جڏهن سياست جي مٿان ايماندار قيادت جا هٿ هٽي ويندا آهن. تڏهن اُها اهڙي يتيم ٻار وانگر بڻجي پوندي آهي. جنهن جي پالنا در در جا ڌِڪا کائيندي ٿيندي آهي ۽ اُن جي نتيجي ۾ اُهو ٻار اڳتي هلي اُن سماج جي هنجهه کي ڪيترو سائو ڪندو؟ اُن بحث ۾ اُلجهڻ بجاءِ، اڄ ان ڳالهه تي ويچارجي ته خوشي ۽ خريد کان محروم بڻجي زندگي گُذاريندڙ انسانن جو وڏو انگ اڄ به تقدير جي تلوار هيٺان زندگيءَ جا ڏينهن ڳڻي رهيو آهي. هن مُلڪ جي قيام کان وٺي اڄ تائين 6 ڏهاڪن کان مٿي عرصو گُذرڻ جي باوجود به سنڌي سماج پنهنجي سياسي ارتقا مان نڪري بلوغت جي دور ۾ داخل ٿيڻ جي باوجود به ڪا اُجري باک ڏسڻ کان محروم رهيو آهي. اُن جي بُنيادي سببن ۽ نفسياتي ڪارڻن ۽ نتيجن تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي. پر سنڌي سماج گهڻ طرفين مُشڪلاتن سبب ڪمزور سياسي حڪمت عملين ۽ موقعي پرست سياسي قيادتن جي چالاڪين سبب اڳتي نڪرڻ بجاءِ، وڌيڪ مُشڪل حالتن ۾ ڦاسندو رهي ٿو. سنڌ جا ڳوٺ ۽ وسنديون اڄ به بيواهه عورت جي ڀڳل ڪنگڻن، اُداس اکين ۽ اڻڀن وارن وانگر نظر اچي رهيا آهن. جن جي اڱڻن تي اڄ به بُک مُستقل مهمان وانگر ترسيل آهي. جيڪي ٻن ويلن جي مانيءَ خاطر مُناسب اُجوري ملڻ لاءِ پريشان آهن. سنڌ جو اجتماعي سياسي شعور سوشل ميڊيا تي ٻه چار جُملا لکي، مهانگين هوٽلن ۾ ورڪشاپن ۾ طويل تقريرون ڪري، پنهنجو بُنيادي سياسي ڪردار نڀائڻ واري ناٽڪ ۾ مصروف آهي. عوام مٿان حُڪمرانيءَ جو حق رکندڙ پارٽيون، عوام جي فڪر ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي سياسي پوزيشن مُستحڪم ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جن وٽ سياست جو مطلب اهڙي صنعت بڻجي ويو آهي، جيڪا پنهنجي بيلنس شيٽ ۾ پرافٽ جي گراف کي هر وقت مٿي ڏسڻ چاهيندي هُجي. کين اُن عوام جو ڪيترو فڪر هوندو، جن جي ٻارڙن جون وحيون اڄ به اسڪول وڃڻ بجاءِ مال چاريندي، چڙهي وڃن ٿيون. جيڪي نٽهڻ اُس ۾ پنهنجي پٿر بڻجي ويل پيرن ۾ سالن کان سنڀالي رکيل جُتي انڪري نٿا پائين، جيئن اُهي اُن جُتيءَ مان چار عيدون چڱيءَ طرح ڪڍي سگهن. شهرن جي پرائيم لوڪيشنس تي شيشن جي دوڪانن ۾ ڊسپلي ٿيل مهانگا ڪُڙتا ته اُنهن جي پڙڏاڏن تائين ڪنهن خواب ۾ به نه پاتا هوندا. سندن گهرن جي اُجرت ايتري آهي جو کين پنهنجا کيسا ايتري به اجازت نٿا ڏين جو، سائيڪل تي سالياني اوڌر تي ڪپڙو وڪرو ڪندڙ پٺاڻ کان عيد جو نئون لٽو وٺي لڱن تي پائي سگهن. سي سالن کان سنڀالي رکيل جُوتا ۽ ڪپڙا ڪاٺ جي پيتين مان ڪڍي پائيندا رهن ٿا. هي جڳ جنهن کي عيد سمجهي ٿو اُها عيد اُنهن انسانن جي اکين ۾ سُڪل نديءَ جي واريءَ وانگر هوندي آهي. بس رسم خاطر پنهنجا روح ريجهائي، پنهنجن سان مِلي موٽندا آهن. سندن ٻارڙن جي هٿن تي پنهنجن کان ايتري ئي خرچي مِلي سگهندي آهي. جنهن سان کين پنهنجي پسند جي ڪاشيءِ به مِلي ناهي سگهندي.
    اُهي انسان جيڪي سال جا سمورا ڏينهن روزي سان هوندا آهن. سي رمضان جي روزن کي وڏي نعمت سمجهندا آهن. کين پُختو ايمان هوندو آهي ته مهيني جي بُک سندن آخرت کي اُجاري سگهي ٿي. سال جي سڄي بُک ته سياست جي سُڪل سسٽم سبب سندن حصي ۾ ايندي آهي. جيڪو نظام ورهين کان کين بُک ۽ غربت جي خاتمي جو آسرو ڏئي ووٽ وٺي وڃڻ کان پوءِ سندن اُجهاميل چُلهن کي مُنهن ورائي موٽي ناهي ڏسندو. اهڙي نظام جي اذيت واري زندگي فقط سنڌي سماج جي حصي ۾ ئي آيل آهي. سال ۾ رمضان شريف جا روزا ته مذهبي طور اُنهن انسانن کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ به هوندا آهن، جيڪي هڪ ويلو ماني نه کائڻ سبب پنهنجو پاڻ کي ڪمزور تصور ڪرڻ لڳندا آهن. جيئن کين اُنهن بُکايل انسانن جو احساس ٿي سگهي. جن جو بُکئي پيٽ سُمهڻ ته روز جو معمول بڻيل هوندو آهي. پر سڄي رمضان ۾ جهڙي طرح مُقدس مهيني کي به اشتهار بڻائي اُردو چينل پرافٽ واري پروفيشن کي هٿي ڏيندا رهيا. اُن مان ته ائين محسوس ٿي رهيو هو، ڄڻ هن مُقدس مهيني کي به مُنافعي بخش ڪاروبار سمجهي سرمائيدار اکين جون نظرون پنهنجي پرافٽ جي بيلنس شيٽ ۾ ئي کُتل رهيون. سنڌ حڪومت پاران قيمتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ورتل اُپاءَ روايتي طور سياسي بيانن ۽ اخبارن تائين محدود رهيا. جهڙي طرح ٻين سماجي، انساني ۽ قومي مُفادن ۽ امن امان جي بِگڙيل صورتحال تي سنڌ سرڪار مُجرماڻي ماٺ جو شڪار رهندي پئي آئي آهي. اهڙي طرح ماڻهن جي معاشي مسئلن تي سندن غفلت واري رِوش ۽ نظراندازيءَ واري رويي جي توقع ته هُئي. پر جهڙي طرح واپاري عام واهپي جي شين مٿان پنهنجي مرضيءَ جون قيمتون مڙهي، ماڻهن جي رهيل سهيل مالي سگهه نپوڙيندا رهيا. جن مٿان سنڌ حُڪومت جي ضابطي جا هٿ بلڪل بيوسيءَ جي زنجيرن سان ٻڌل نظر آيا. اُتي اهڙن حُڪمرانن مان وڏن سياسي فيصلن ۽ عوام کي بُک ۽ بدحاليءَ مان ڪڍڻ جهڙي توقع رکڻ اجائي آهي. عوام جي مليل مينڊيٽ جي ايتري سطع تائين لتاڙ جو تصور نه هو. جنهن سطع جي لتاڙ موجودهه سياسي دور جي حالتن ۾ ٿي رهي آهي. مُلڪ جي 67 سالن جي ڄمار ۾ عوام جي بُنيادي مسئلن جي حل لاءِ حُڪمرانن وٽ ڪهڙا ترقياتي پئڪيج آهن؟ اڃان تائين اُنهن جي روين ۽ خيالن مان به سماجي ترقي ۽ انساني ڀلائيءَ جهڙا پروگرام اُنهن جي ترجيعن ۾ شمار ٿي ناهن سگهيا. نه ئي اهڙي نيت ايندڙ ڪيترن ڏهاڪن تائين نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته مُفاهمتن ۽ مصلحتن جي آڌار تي هلندڙ سياسي پسمنظر مان هڪ ڳالهه واضع ٿي آهي ته مُختلف پارٽيون پنهنجي اقتدار جي عرصي کي پُورو ڪرڻ لاءِ سياست ڪنديون رهن ٿيون ۽ اندروني سياسي رساڪشيءَ ۾ عوام سندن نظراندازيءَ جو نشانو بڻجي ورهين کان ڀوڳيندو رهيو آهي. اهڙي حالت ۾ کين وڌيڪ آزمائڻ واري پهاڪي جو پاسو نٿا وٺون. ڇاڪاڻ ته گُذريل 67 سالن کان اقتدار تي ويٺل حُڪمران، عوام جي اکين ۾ ڳالهين جي ڌوڙ جو سُرمو پارائيندا پيا اچن. پر عوام جي مُعاشي حالت تبديل ناهي ٿي نه ئي سندن حصي ۾ عيدن جهڙيون خوشيون آيون آهن.
    عيد ته اُنهن ٻارڙن لاءِ هوندي آهي، جيڪي پنهنجي پنهنجي ننڍڙي ۽ مُختصر دُنيا تائين محدود هوندا آهن. جن جي معصوم ذهنن مٿان سماجي بوجهه جا بار ناهن پوندا. جيڪي گُلن ۽ پوپٽن جي رنگين دُنيا ۾ گُم هوندا آهن. جن جي ٽهڪن جي پاڪيزگيءَ مٿان غمن جي ميراڻ جا پاڇا پئجي ناهن سگهندا. ليڪن جن ٻارڙن کي ننڍپڻ ۾ ئي پوڙهائپ جو نانگ ڪَکي ويندو آهي، سي سڄي زندگي پنهنجي حياتي پوڙهائپ ۾ گُذاري ڇڏيندا آهن. سي پنهنجي ننڍپڻ ۽ جواني به پوڙهائپ جو قيدي بڻجي گُذاريندا آهن. اُهي ٻار فقط وساميل چُلهن جي صحنن ۾ پوڙها ٿي پئدا ٿيندا آهن. جن کان سماج جو طبقاتي فرق سڀ ڪجهه ڦُري وٺندو آهي. اُهي پنهنجي جنم کان ئي اذيت ڀري زندگيءَ جي ابتدا ڪندا آهن ۽ قبر تائين سُک جو ساهه کڻڻ سندن حصي ۾ ناهي ايندو. اُنهن لاءِ هر عيد رواجي طرح گُذري ويندي آهي. ٻارڙا ته اُهي به آهن جن جا پورهيت پيءَ عيد رات به اُنهن اميرن وٽ پنهنجي جائز رهيل مزدوري وٺڻ لاءِ منٿون ڪندا آهن. ٻارڙا ته اُهي به آهن جن جا والدين پنهنجي پُوري ڪٽنب سان اُنهن زمينن جا سينا ساوا ڪندا آهن. جن زمينن جي اُپت مان وسنديءَ وارن جي شهرن وارا گهر سُکي ستابي زندگي گُذاريندا آهن. پر اُهي هاري عيد کان اڳ ڳوٺن مان اُڌارا ڪِرايا وٺي اُنهن اميرن جي درن وٽ آباد سرونٽس ڪوارٽرن وٽ چند سِڪن لاءِ انتظار ۾ سڙندا رهندا آهن ۽ موٽ ۾ کين ايترو ئي ملندو آهي، جنهن مان عيد واري ڏينهن تي مُناسب ماني کائي سگهندا آهن. اُن کانسواءِ کين عورتن جا پُراڻا لٿل لَٽا ۽ اسٽورن ۾ سڙندڙ پُراڻيون جُتيون ۽ ٻارڙن جا پُراڻا ڪپڙا کين خيرات ۾ ڏئي روانو ڪيو ويندو آهي. باقي ڏنل پئسن جو حساب اُنهن کان فصلن تي وصول ڪيو ويندو آهي.
    اهڙي طبقاتي ناانصافي ته سنڌ جو نصيب بڻيل آهي. جنهن سبب نه رُڳو سڄو سماج پنهنجو توازن وڃائي چُڪو آهي پر وڏي معاشي بدحالي جي بُحران سبب، ماڻهو انتهائي قدم کڻڻ تي به مجبور بڻيل آهن. جنهن جو عڪس روز مرهه جون اخباري سُرخيون پيش ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن جو وڏو انگ بيروزگار بڻيل آهي ۽ هرسال سنڌ جا تعليمي ادارا اهڙن بيروزگار نوجوانن جون فيڪٽريون بڻجي کين ڄڻينديون رهن ٿيون. جن لاءِ حُڪومتي سطع تي روزگار ڏيڻ لاءِ ڪا مضبوط پاليسي يا سنجيدهه حڪمت عملي نظر نه اچي رهي آهي. جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ پڙهيل لکيل نوجوانن ۾ وڌندڙ آئسوليشن کي روڪي سگهجي. روزگار جي سلسلي ۾ حُڪومت جي غير سنجيدهه اُپائن ۽ غير موثر حڪمت عملين کي ڏسي،مايوس رهڻ بجاءِ، نوجوانن پنهنجي صلاحيتن ۽ قابليتن جي آڌار تي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ پناهه ورتي آهي. پر اُن پرائيويٽ سيڪٽر کي همٿائڻ ۽ اُنهن جي ڪارڪردگيءَ جي حوصلا افزائي ڪرڻ بجاءِ، انهن جي به رستا روڪ ڪئي وڃي ٿي. جن جا سوين مثال موجود آهن. هڪ پاسي سرڪاري سطع تي گريڊ جي حساب سان نوڪرين جا اگهه مُقرر ٿيل هُجن. جيڪي نوڪريون ملنديون هُجن، اُنهن ۾ به ميرٽ جي بُري طرح لتاڙ ٿيندي هُجي ۽ ڪانٽريڪٽ جي روائيز ٿيڻ جا امڪان به ڌُنڌلا نظر ايندا هُجن. اهليت ۽ معيار سرڪاري ادارن مان پرديسي پکيئڙن وانگر پرڙا هڻي اُڏامي چُڪي هُجي. اُتي خُدا جي خلق لاءِ نوڪرين جا دروازا هميشه بند رهڻ فطري ڳالهه آهي. غربت ۽ بدحاليءَ سبب ماڻهن جي معاشي حالت بدترين سطع تي پُهتل هُجي ۽ مخصوص طبقو ئي هن سماج ۾ ساهه کڻڻ جو حقدار بڻيل هُجي. اهڙي مايوس ڪُن صورتحال ۾ عيدن جهڙيون خوشيون مذهبي رسم بڻجي رهجي وڃن ٿيون. حقيقي عيد ته هن سماج جي تبديل ٿيڻ سان آهي ۽ اهڙي سماج اڏڻ سان آهي. جتي هر ٻار جو مُنهن محرومين سبب مُرجهايل نه هُجي، جتي ٻارڙن جون خوشيون غم جي پڃرن جون قيدي بڻجي نه سگهن. پر اهڙي سُڪون جا ساوا کيت بڻجي پنهنجون خوشيون سيليبريٽ ڪري سگهن، جو اُڀ جا ستارا به اُنهن جو استقبال ڪندا رهن. اُهو تڏهن ممڪن ٿي سگهي ٿو. جڏهن اسان سياسي سماج ۾ سياست کي صنعت سمجهڻ واري روش جي رستا روڪ ڪري، نئين سنڌ لاءِ، صحيح معنى ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪنداسين. تڏهن ئي سنڌ جي نصيب ۾ اُها عيد ايندي. جنهن عيد کي پنهنجي اکين سان پسڻ لاءِ لُڪن جا لُوساٽيل چهرا ورهين کان انتظار ڪري رهيا آهن ۽ اُهو ڏينهن ايترو پري ناهي.


    سنڌ جي ساڃاهه، پنساريءَ جو وکر ته ناهي..!

    تاريخ ۾ فردن جو ڪردار ۽ عمل ڪِن ڪِن حالتن ۾ مُلڪن کان به مٿانهون بڻجي ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته مُلڪن جون سرحدون ۽ جاگرافيائي حالتون ته تبديل ٿي وينديون آهن ۽ شهر اُجڙي کنڊرن ۾ تبديل ته ٿي ويندا آهن. ليڪن فردن جو ڪردار ۽ عمل تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو آهي. اُهو شهر ”ٽراءِ“ جنهن جو سڄي فرانس ۾ نالو نشان ئي نظر نٿو اچي، ليڪن هومر پنهنجي مشهور نظمن ”ايليڊا“ Iliad ۽ ”اوڊيسي“ Odyssey ۾ اڄ به زندهه آهي. علي بابا پنهنجي ناول ”موهن جو دڙو“ ۾ لکيو آهي ته: ”ڪڏهن ڪڏهن ساهميءَ ۾ هڪ ماڻهوءَ جي تور هڪ کنڊ برابر ٿي ويندي آهي.“ تنهن ڪري فردن ۽ شخصيتن جي ڪردار ۽ عمل سان تمام گهڻيون تاريخي تبديليون اينديون آهن. برِصغير ۾ جيڪڏهن دارا شڪوهه اورنگزيب اڳيان جُهڪي پوي ها ته شايد برِصغير ۾ دارا جو نالو به سياسي سيزرن اڳيان سلامي ڀرڻ وارن جي طويل لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي ها ۽ نهروءَ لکيو هو ته: ”جيڪڏهن دارا شڪوهه اورنگزيب اڳيان جُهڪي پوي ها ته هندستان مٿان لڳل اُهو ڪارو داغ ڪڏهن به لهي نه سگهي ها.“ جيڪڏهن ٺٽي جي مُغلن ۽ ارغونن جي درٻارن اڳيان سنڌ جي ساڃاهه مرزا باقي ۽ شاهه بيگ ارغون جون سلاميون ڀري ها ته اڄ دولهه دريا خان ۽ مخدوم مُحمد صالح سنڌ جا سُورما نه سڏيا وڃن ها. پر شايد سنڌ جي تاريخ مان ايڏو وڏو اُتساهه به حاصل ٿي نه سگهي ها. ليڪن اڄ جيڪڏهن سنڌ جي بچيل سچيل ساڃاهه کي اُتساهه مِلي رهيو آهي ته اُهو شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول ۽ دولهه دريا خان جي لازوال بهادري ۽ سياسي سيزرن اڳيان اُها بغاوت ئي آهي. جيڪا اونداهين دلين ۾ روشنين جا ڏيئا ٻاري رهي آهي. تنهن ڪري پنهنجي وطن جي عظيم تر مُفادن خاطر سنڌ جي ساڃاهه، خسيس مُفادن کي ٿُڏي سنڌ جي شاندار مُستقبل خاطر مصلحت پسنديءَ کان ڪم نٿي وٺي ۽ جُهڪڻ ۽ پيش پوڻ وارين روايتن کان بالاتر بڻجي ويڙهه ڪري ٿي ته تاريخ ۾ هميشه امر بڻجي ويندڙ ڪردارن جي اُن لِسٽ ۾ شامل بڻجي ويندي. جنهن لِسٽ ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو موجود هوندا آهن.
    ڪُجهه ڏينهن پهرين مُحترم شُهاب اوستو جو ” موجودهه حالتن ۾ ساڃاهه وندن جو ڪردار“ جي نالي سان بيحد ڪارائتو مضمون پڙهڻ وٽان مليو. جنهن ۾ هُن سنڌ جي ساڃاهه کي ميار ڏني آهي ته اُها وقت جي حاڪمن اڳيان پنهنجي ننڍڙن ننڍڙن مُفادن خاطر جيڪڏهن سلاميون ڀريندي رهي ته سنڌ اندر پيپلزپارٽيءَ کي اهو سرٽيفڪيٽ مِلي ويندو ته پيپلزپارٽي جيڪا ڪيترن سالن کان سنڌ ۾ بدترين سياسي حُڪمرانيءَ طور مشهور آهي سا جيڪو سنڌ ۾ ڊليور ڪري رهي آهي سو سڀ ٺيڪ آهي بڻجي ويندو. مان ان بحث سان مُتفق ٿيندي ۽ جن ٽن اهم نُڪتن تي شُهاب روشني وڌي آهي. مان ان ڳالهه کي اڳتي وڌايان ٿو ته اُن کان سواءِ به سنڌ اندر سياسي شعور جو جيڪو زوال آيو آهي ۽ جنهن طريقي سان پيپلز پارٽي سنڌ مٿان حُڪمرانيءَ جي طريقهءِ ڪار کي اپنايو آهي. اُن سان سنڌ وڌيڪ بدتر سياسي حالتن جو شڪار بڻجي وئي آهي.
    الف – سنڌ جي ترقي ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي وٽ منصوباسازيءَ جي کوٽ ۽ وفاق کان وقت سِر صوبي جي ترقياتي بجيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گُهربل تياريءَ جي صلاحيت جو نه هُجڻ.
    ب – وزارتن ۾ شڪلين جي تبديلي آڻي اُنهن کان روايتي طرح ساڳيو ڪم وٺڻ ۽ اها دعوا ڪرڻ ته نوجوان ۽ پڙهيل لکيل قيادت کي اڳيان آندو ويو آهي.
    ٻ –پيپلزپارٽيءَ ۾ وڏيرن جي وڌندڙ شموليت ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي سستو وکر سمجهي خريد ڪرڻ ۽ کين معمولي مُفادن عيوض خاموش رکڻ.
    ڀ – سڄي سياسي صُورتحال جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
    الف – سنڌ جي ترقي ۽ وڌندڙ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ پيپلزپارٽي وٽ منصوباسازيءَ جي کوٽ ۽ وفاق کان وقت سِر صوبي جي ترقياتي بجيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ گُهربل تياريءَ جي صلاحيت جو نه هُجڻ.
    سنڌ ۾ بُنيادي سهولتن جي اڻهوند ۽ ترقياتي بجيٽن کي ڦٻائي وڃڻ جا قصا ته لڳاتار رپورٽ ٿيندا رهيا آهن. جنهن حوالي سان پيپلزپارٽيءَ جي نئين قيادت جيڪو سنڌ ۾ ٻوٽو ٻاريو آهي سو سڄي سنڌ ڏسي رهي آهي. ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين انساني زندگيءَ جي رهڻي ڪهڻيءَ جا معيار ڏسي سنڌ جي دُبئي يا ڪُوالالمپور وارا خُواب ته ڏسڻ ڇڏيو. پر جيڪڏهن فقط اڄ کان 30 سالن واري سنڌ موٽي مِلي تڏهن به سمجهنداسين ته ڪا تبديلي نظر اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ سڄي سنڌ جاگيرن ۽ ڪيٽين ۾ ورهائي وئي آهي. جتي ترقيءَ لاءِ ڪا سنجيدهه ڪوشش ته پري جي ڳالهه آهي پر ڪو ترقيءَ جو تاثر به نٿو مِلي. جڏهن ته اعلان ڪيل نوڪرين جي شفافيت جي ڳالهه ته ٺهيو پر اُنهن نوڪرين جي شروعات ٿيڻ جا معاملا به عمل ۾ ايندي نظر نه اچي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جن احساسِ محرومين جو شڪار رهي آهي ۽ بدترين حُڪمرانيءَ سان سنڌ کان جيڪو پيپلزپارٽي جمهوريت جي نالي تي انتقام وٺي رهي آهي. اُهو صدين تائين سنڌ کي پوئتي ڌِڪڻ لاءِ ڪافي آهي. تنهن ڪري روايتي ترقيءَ جو به پري پري تائين نالو نظر نٿو اچي. علاج، تعليم، روزگار ۽ انصاف کان محروم ماڻهو وزيرِاعلى هائوس اڳيان ڌرڻا هڻي رهيا آهن. مزدور، هاري ۽ غريب جنهن ڏُکي ۽ بدترين زندگيءَ جو شڪار آهن. جنهن جو سنڌ ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. جتي ماني مهانگي ۽ رت سستو ٿي پيو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ حُڪومت پنهنجي اندروني سياسي ۽ ڪاروباري معاملن مان آجي ئي نٿي ٿئي. جيڪا سنڌ جي ترقيءَ جي باري ۾ سوچي به سگهي. جڏهن ته آدمشماري وارا معاملا، قومي مالياتي ايوارڊ وارا معاملا يا ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ جهڙن سنگين معاملن تي وفاق ننڍن صوبن سان ڪو چڱو سلوڪ نٿو ڪري. پر سوال اهو آهي ته پيپلزپارٽيءَ هن وقت تائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي اجلاسن ۾ ڪهڙا ”ڊاڪيومينٽري ايويڊنس“ پيش ڪيا آهن.؟ ”ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ“ جي ٽن مهينن واري گڏجاڻي، ڪڏهن به پنهنجي شيڊيول مطابق ناهي ٿي، نه ئي اُن ۾ ڳالهائڻ لاءِ هن وقت تائين پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن ڪڏهن ڪا گُهربل منصوباسازي ڪئي آهي؟ جيڪڏهن گُهربل منصوباسازي نه ڪبي ۽ نه ئي سينيٽ ۽ قومي اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ ڊاڪيومينٽري ثُبوتن سان سنڌ جو ڪيس وفاق تائين پُهچايو ويندو ته سنڌ جا معاملا حل ڪيئن ٿيندا.؟ اُن لاءِ پيپلزپارٽيءَ وٽ ڪهڙو ”پراپر هوم ورڪ“ موجود آهي.؟ پنجاب ۾ دريائن مٿان ٺهندڙ پُلن ۽ وڏن رستن مٿان خرچ ايندڙ پئسا وفاق کان ورتا ويندا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ٺٽي واري پُل لاءِ پئسا به سنڌ حُڪومت خرچ ڪري رهي آهي. محض ان لاءِ ته سنڌ سرڪار وفاق کان وڏيون ترقياتي رٿائون حاصل ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي بجيٽ مان خرچ ڪري ٿي. پوءِ شفافيت جو ڪيترو خيال رکيو وڃي ٿو. اُن جو اندازو ٺهندڙ ۽ مهيني ۾ ڊهندڙ رستن ۽ ٻين ترقياتي رٿائن مان لڳائي سگهجي ٿو. ڪيٽي بندر يا شاهه بندر سميت سنڌ جي ڏورانهن علائقن ۾ آر او پلانٽس سنڌ حُڪومت وفاق کان منظور ڪرائي پئي سگهي. ليڪن وفاق کان رٿائون منظور ڪرائڻ بجاءِ ڄاڻي واڻي اُن جا پئسا سنڌ سرڪار ڀريا. نتيجي طور اُنهن ۾ شفافيت ايتري رهي جو اُهي آراو پلانٽس اوهانکي بند پيل نظر ايندا. جيڪڏهن اسان وڏين ترقياتي رٿائن لاءِ پراپر هوم ورڪ نه ڪنداسين ته نتيجي ۾ وفاق وٽ ڪيس مضبوط رکي نه سگهنداسين. پوءِ ٿيندو ائين جو اُنهن سمورين رٿائن جو پئسو ٻين صوبن جي رٿائن ۾ خرچ ڪيو ويندو. اهم معاملو اهو به آهي ته مارچ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو سوچيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي آدمشماريءَ واري معاملي تي بنگالي ۽ بهارين کي سنڌي تسليم ڪرائي پنهنجو ووٽ بئنڪ وڌائڻ جون تياريون ڪري رهي آهي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ اندر سنڌي ماڻهن جي وجود ۽ بقا جو به سوال آهي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽي نظرياتي طور ڪهڙن ڀوتارن، پيرن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي انفرادي مُفادن جي تحفظ جي نظرياتي وِنگ بڻيل آهي. جنهن پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان سنڌ سان جنگين ۾ فتح ٿيل علائقن جهڙو حشر ڪيو آهي. جيڪڏهن سنڌ جو شعور ۽ ساڃاهه به پيپلزپارٽيءَ خريد ڪري ورتي ۽ سنڌ جو اُهو حلقو جنهن مان سنڌ کي آخري اُميد آهي سي به جيڪڏهن اورنگزيب جي دور جا جيوڻ خان بڻجي ويهي رهيا ته پوءِ باقي بچيل اُميد جو سج به دارا شڪوهه جي مُنڍيءَ وانگر ڪپجي ويندو.
    ب – وزارتن ۾ شڪلين جي تبديلي آڻي اُنهن کان روايتي طرح ساڳيو ڪم وٺڻ ۽ اها دعوا ڪرڻ ته نوجوان ۽ پڙهيل لکيل قيادت کي اڳيان آندو ويو آهي.
    جڏهن به بلاول ڀُٽو زرداري جوش ۾ ايندو آهي ته پڙهيل لکيل، سمجهدار ۽ نوجوان قيادت کي پيپلزپارٽيءَ جي مرڪزي ڌارا Mainstream ۾ کڻي اچڻ جي دعوا ڪندو آهي. ان حد تائين جو سنڌ حُڪومت ۾ وزارتن جي قلمدانن جون تڪڙيون تبديليون به اهڙي جوش ۽ جذبي جو نتيجو هونديون آهن. خبر ناهي ته بلاول ڀُٽو زرداريءَ جو پڙهيل لکيل ۽ نوجوان قيادت مان ڇا مطلب هوندو آهي؟ ليڪن اها حقيقت هاڻ ڪنهن کان ڳُجهي ناهي رهي ته فقط علمي قابليت ئي سماجن کي تبديل ناهي ڪندي. علمي قابليت چڱي ڳالهه آهي پر عوام سان فطري ڳانڍاپو ۽ اُن لاءِ درد جو پئدا ٿيڻ جُدا ڳالهه آهن. اُن لاءِ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان تعليم پِرائي تبديلي آڻي نٿي سگهجي. اُن لاءِ واهي پانڌيءَ کان ڪشمور ۽ ڪيٽي بندر تائين عوام جو حقيقي درد سمجهڻ ۽ اُن درد کي محسوس ڪرڻ ضروري هوندو آهي. جيڪو ڪنهن جاگيردار جي گهر ۾ پئدا ٿي ۽ آڪسفورڊ يا هارورڊ يونيورسٽين مان تعليم حاصل ڪرڻ سان پئدا نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن جاگيردار جو پُٽ ڪنهن اعلى تعليمي اداري مان سَند حاصل ڪري، نڪري ٿو ته ڇا هُو پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ به ڪا تبديلي محسوس ڪري ٿو؟ هن وقت تائين ته اُنهن جي ”تعليم“ سنڌ کي سنگين بُحران مان ٻاهر ڪڍي ناهي سگهي. تنهن ڪري روايتي طور اهو چوڻ ته چهرن جي تبديليءَ سان بدترين حُڪمرانيءَ کي بهتر حُڪمرانيءَ ۾ بدلائي سگهجي ٿو ته غلط آهي. اهڙي جُڳاڙ جي ذريعي سنڌي ماڻهن کي اڄ تائين سُرمو پارايو ويندو رهيو آهي. ٻي اهم ڳالهه ته جيڪڏهن پيپلزپارٽي اها دعوا ڪري ٿي ته اُها عوام جي نُمائندهه جماعت آهي، ڇاڪاڻ ته عوام ئي اُنهن کي چونڊيو آهي ته شايد اُنهن وِل ڊيورانٽ کي ناهي پڙهيو. جنهن اسان جهڙن مُعاشرن ۾ جمهوريت کي ”اڪثريت جي آمريت“ ڪوٺيو آهي. جنهن جي تشريح به ڪُجهه ان طرح آهي ته: ”جن معاشرن ۾ باشعور عوام پئدا ناهي ٿي سگهندو اُتي انبوهه موجود هوندو آهي ۽ انبوهه جي فيصلي کي جمهوري فيصلو قرار نٿو ڏئي سگهجي. اُن کي اڪثريت جي آمريت ئي چئي سگهجي ٿو.“ تنهن ڪري سنڌي ماڻهو هاڻ ان خوشفهميءَ جو شڪار به ناهن ته سنڌ جي جاگيردار گهراڻن ۾ جنم وٺندڙ ٻار به ڪو اهڙو پئدا ٿي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي مزاج ۾ گوتم ٻُڌ وانگر ”سَڌُو“ جي بادشاهيءَ کي ٿُڏي فقيري طبيعت سان سنڌ ۾ تبديليءَ جا وڏا بُنياد رکندو. تنهن ڪري موجودهه سياسي اسٽيٽسڪو ۾ پيپلزپارٽيءَ کان اها اُميد ڪجي ته اُها نون چهرن ۽ شڪلين کي آڻي سنڌ ۾ بهتر حُڪمرانيءَ جا مثال قائم ڪندي سا ڳالهه هاڻ سمجهه کان ٻاهر بڻجي چُڪي آهي. ڇاڪاڻ ته چهرن جي تبديليءَ سان بُنيادي سياسي تبديلي اچي نٿي سگهي. اُها تبديلي دراصل فطري انساني جذبي جي ذريعي ممڪن هوندي آهي.
    ٻ –پيپلزپارٽيءَ ۾ وڏيرن جي وڌندڙ شموليت ۽ سنڌ جي ساڃاهه کي سستو وکر سمجهي خريد ڪرڻ ۽ کين معمولي مُفادن عيوض خاموش رکڻ.
    هن وقت سڄي سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ پنهنجي سياسي ڪارپوريشن يا سياسي صنعت کي بچائڻ لاءِ نوان لاڙا ۽ رُجحان مُتعارف ڪرائڻ شروع ڪيا آهن. جنهن سان هُو سنڌ جي اڪثر وڏيرن کي لالچن جا لاليپاپ آڇي ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي سٿ ۾ شامل ڪندا رهن ٿا. جيتوڻيڪ اهو طريقو قطعي به بهتر حُڪمرانيءَ جا بُنياد رکي نه سگهندو پر ان طريقي سان سنڌ اندر ڪرپٽ ڀوتارن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. جيڪي وڌيڪ مُنظم شڪل اختيار ڪندا. جيڪي پاور ۽ پئسي جي بُنياد تي سنڌ کي لڳاتار لُٽيندا رهندا. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ڀوتار ۽ جاگيردار جي بُنيادي ڪمزوري لڳاتار اقتدار ۾ رهڻ ۽ پنهنجي مُفادن جي حاصلات آهي. اُنهن جي سنڌ جي خوشحالي يا ترقيءَ ۾ تِر جيتري به دلچسپي ناهي. جيڪي ”لارڊ بارن“ وانگر: ”دولت کي علاءُ الدين جو چراغ سمجهندا رهيا آهن.“ اُهي جڏهن مِڙي مُٺ ٿيا ته سنڌ ”مڙيا مڇ هزار ڀاڱا ٿيندي سُهڻي“ وارو قصو بڻجي ويندي. جڏهن ته سنڌ جي باشعور ۽ ساڃاهه وند طبقي، جنهن وٽ وڃائڻ لاءِ ڪُجهه به ناهي ۽ وڪرو ٿي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪُجهه آهي. سو ڪنهن نه ڪنهن طرح پيپلزپارٽيءَ جي پاپن کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي قيمت وصول ڪرڻ ۾ رُڌل آهي. جيڪو آرٽ واري دور جي صعوبتن واري سياست مان نڪري اقتدار جي نشي جو سُڪون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن جو سنڌ سان پهرين به ڪا سياسي ڪمٽمينٽ نه هُئي نه ئي هاڻ به ڪا سياسي ڪمٽمينٽ آهي. جيڪو پنهنجي واري اچڻ جي انتظار ۾ ويٺو هو. سو هاڻ به سنڌ جي سيني ۾ سنگين هڻڻ لاءِ تيار آهي. جنهن مان سنڌ کي جذباتي طور ڪي به خوشفهميون يا آسرا نه هُئا نه ئي آهن. پر سنڌ جي ساڃاهه جو ڪُجهه حصو ضرور موجود آهي. جيڪو سنڌ کي ڪنهن به طرح سياسي نيلاميءَ کان بچائڻ لاءِ پنهنجي قلم جي پُوري سگهه پيش ڪندو ۽ سنڌ جي سياسي آزاديءَ خاطر پنهنجي ايمان کي ڪمزور نه ڪندو. ڇاڪاڻ ته هر قلمڪار ۽ ساڃاهه وند ويڪائو ناهي ٿيندو. جيڪڏهن ائين هُجي ها ته ون يونٽ ۾ وڌ کان وڌ ساڃاهه وندن سان جيل نه ڀرجن ها. سنڌ ۾ ساڃاهه وندن جو هڪ مخصوص طبقو آهي. جيڪو سنڌ جي وسيع تر مُفادن کي پاسيرو رکي پنهنجي ذات جي مُفادن کي اوليت تي رکي ٿو. پر مجموعي طور سنڌي سماج آپگهات ناهي ڪئي. اڄ به رُڃ مان رَڙِ ايندي رهي ٿي.
    ڀ – سڄي سياسي صُورتحال جو آخر حل ڪهڙو آهي؟ سنڌ جي عوام کي ڪهڙو رستو وٺڻ گُهرجي؟
    ان سڄي سياسي منظر نامي ۾ ڪُجهه اهم فيصلا سنڌي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن کي ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن سنڌ اندر بهتر حُڪمراني هوندي ته اُن جو وڏو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي پوندو. جيڪڏهن سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن کي پاسيرو رکي پنهنجي ذاتي ۽ شخصي مُفادن جي حاصلات لاءِ ڪوششون وٺندو ته مجموعي طور اُن جو فائدو سنڌ کي پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ساڃاهه، پساريءَ جي دُڪان تي ڪنهن وکر وانگر وڪرو ناهي ٿيندي رهي. اسان جو اهو ايمان آهي ته سنڌ اندر هن وقت سنڌ جي ساڃاهه مٿان جيڪو زرداريءَ جو ”گولڊ اٽيڪ“ آهي اُن کان کيس بچائڻو آهي. ڪُجهه وطن فروش خيالن وارا ساڃاهه وند پيپلزپارٽيءَ اڳيان پساريءَ جي پُڙين وانگر وڪرو ٿي چُڪا آهن. ليڪن کين مُسقبل جي تاريخ ۾ ڪي سونا تاج نه پارايا ويندا. پر کين تاريخ جي ذلالت ڪنڌ ۾ پوڻي آهي. تنهن ڪري اهڙي گروپ، جٿي ۽ ميڙاڪي ۾ ذاتي طور شرڪت کان پاسيرو رهڻ گُهرجي. جنهن ۾ محسوس ڪيو وڃي ته هن ميڙاڪي، گروپ يا جٿي ۾ سنڌ کي مجموعي طور ڪو به لاڀ حاصل ٿيڻو ناهي پر اهڙي ميڙاڪي ۾ ڪُجهه اهڙا ماڻهو شريڪ ٿيندا. جيڪي سنڌ جي وسيع تر قومي مُفادن جي لاءِ حاڃيڪار آهن يا اُهي ڪنهن مخصوص سنڌ مُخالف سياسي پارٽيءَ جو حصو آهن يا اُنهن جا مُفاد شخصي ۽ ذاتي آهن. اهڙين سرگرمين کان پاسيرو رهڻ کي ترجيع ڏجي. ٻيو ته سنڌ اندر رُڳو پيپلز پارٽي ئي موجود ناهي. پيپلز پارٽي ته فقط اقتدار تي قابض رهندڙ جاگيردارن جي اهڙي جماعت آهي. جنهن کي سنڌ جا مزدور، پورهيت، هاري ۽ هيٺئين طبقي جا ماڻهو چونڊين ٿا. جيڪڏهن اُهي ماڻهو پنهنجي مُحلي ۽ پاڙي ۾ موجود ڪنهن شريف ۽ باڪردار ماڻهوءَ کي ننڍڙي گروپ يا جٿي جي صُورت ۾ ئي اڳواڻيءَ جي ذميواري ڏين ٿا ۽ اُن جي کٽڻ تي خوش ٿين ٿا ۽ هارائڻ تي پڇتائين ٿا ته اُن بيماريءَ مان کين نڪرڻ گُهرجي. کٽڻ تي خوش ٿيڻ فطري ڳالهه آهي پر هارائڻ تي مايوس ٿيڻ بُري ڳالهه آهي. هار جي خوف ۾ مُبتلا رهڻ به هڪ سماجي بيماري آهي. سنڌ جا ماڻهو هار ۽ جيت کان مٿانهان بڻجي پنهنجي ضمير جو فيصلو ڪرڻ جي شروعات ڪن. جيڪڏهن سنڌ ۾ مُنتشر ماڻهو مُنظم بڻجي ويا ته جاگيرداريت ۽ اُن جا کڙا ڪيل بُت ڊهي پَٽ پوندا. اهو تاريخ جو فيصلو آهي ته پلاسيءَ جي جنگ جو فاتح ”لارڊ ڪلائيو“ آخر ۾ خودڪشي ڪندو آهي. جيڪڏهن سنڌ ننڍڙن ننڍڙن جٿن ۽ گروپن جي شڪل ۾ مُنتشر ئي صحيح دُرست فيصلا ڪيا ته کين فتح ضرورحاصل ٿيندي.


    سنڌ ۾ سياسي تبديلي ڇو ممڪن ڪونهي؟

    جهڙيءَ ريت جنگيون، غرور ۽ تڪبر جي طاقت سان ناهن وڙهيون وينديون، اهڙيءَ ريت سياسي ڪاميابيون به تحمل ۽ تدبر جي طاقت سان ئي حاصل ٿينديون آهن. هي مُلڪ جتي طاقت جو توازن سياسي طاقتون برقرار رکي ناهن سگهيون، نتيجي ۾ انتشار واري صورتحال بڻجي پئي آهي ۽ عوام جون تقديرون ڪارن ڪوئلن سان لکيون ويون آهن. جڏهن عوامي تقديرن جي تاريخ جاگيردار راجائن جا پنڊت لکڻ شروع ڪندا ۽ سياسي طور عوام جاگيردارن جي پيرن جي جُتي بڻيل رهندو. تڏهن اهو ممڪن ئي ناهي هوندو ته عوامي طاقت کي ڪا سياسي سگهه حاصل ٿي سگهي ۽ عوام پنهنجي تقدير جي تاريخ پاڻ لکي سگهي. سنڌ سياسي طور مفتوحن جو اهڙو مُلڪ آهي جتي عوامي ذهنيت غلامانه سماجن جهڙي صُورت اختيار ڪري چُڪي آهي. جيڪڏهن مُستقبل جي سنڌ جو سياسي منظر ڏسجي ٿو. تڏهن به ڪا تبديل ٿيندڙ صُورتحال نظر نه اچي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته پيپلزپارٽيءَ جهڙيءَ ريت سنڌ جي زميني جاگرافيائي حقيقتن جي Spatial Mapping ڪئي آهي. اُن مان مُستقبل بعيد تائين به سنڌ جي سياسي صُورتحال تبديل ٿيندي، نظر نه اچي رهي آهي. هڪ پاسي سنڌ جا ماڻهو ان ڳالهه کي بار بار تسليم ڪري رهيا آهن ته ”پيپلزپارٽي پنهنجي مزاج ۽ طبيعت ۾ عوامي پارٽي ناهي رهي نه ئي اُن مان پُراڻي لباس لاهي نئين لباس پائڻ يا ڪنهن نوجوان قيادت جي اڳتي اچڻ سان ڪنهن وڏي Break Through ٿيڻ جا ڪي وڏا امڪان موجود آهن.“ پوءِ به سنڌ جا ماڻهو ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين پيپلز پارٽيءَ جي پيرن هيٺ رهڻ کي آخر ترجيع ڇو ڏئي رهيا آهن؟ اُهي ڪهڙا سبب يا مُحرڪ آهن جو سنڌ جو عوام پيپلزپارٽِيءَ جي بجاءِ ڪنهن مُتبادل سياسي قُوت کي سنڌ اندر اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.؟ يا سنڌ اندر شعوري طور تي ڪنهن مُتبادل سياسي پارٽيءَ کي اُسرڻ کان روڪيو پيو وڃي؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي ڪيتري عرصي کان سنڌ جي سياسي وايو منڊل ۾ گردش ڪندا رهن ٿا. جنهن تي بحث جي گُنجائش موجود آهي.
    شايد منهنجي ان ڳالهه سان ڪيترائي دوست اختلاف رکندا هُجن پر سنڌ جي ماڻهن مُختلف مرحلن تي مُتبادل سياسي قيادت لاءِ ماحول جوڙڻ ۾ شعوري ڪوششون ضرور ورتيون آهن. پوءِ اُهي ڪوششون ڪاميابيءَ جي ڏاڪن کي ڇُهندي ڇُهندي ناڪام ٿي ويون آهن يا اڳتي هلي اُنهن جي ٻيهر اُسرڻ جا موقعا ئي ختم ڪيا ويا آهن. پر اُڀرندڙ مُتبادل سياسي قيادتن جي معمولي غلطين ۽ ڪوتاهين سنڌي ماڻهن کي مايوسيءَ جي اهڙي ڌُٻڻ ۾ ڌِڪي ڇڏيو آهي جو سنڌ جي ماڻهن ٻيهر اُن لاءِ شعوري طور ڪوششن وٺڻ تان ئي هٿ کڻي ورتو آهي. مان ويجهي ماضيءَ جي ٻن وڏن واقعن کي هتي مثال طور پيش ڪندس. جيتوڻيڪ اُنهن واقعن يا حادثن سان سنڌ اندر ڪو وڏو سياسي ڀونچال نه ئي مچي ها پر گهٽ ۾ گهٽ پيپلزپارٽيءَ کان سواءِ به سنڌي ماڻهن وٽ ڪو سياسي آپشن يا چوائس موجود هُجي ها. مثال طور 1980ع جي ڏهاڪي ۾ سنڌ نيشنل الائينس (سنڌ قومي اتحاد) سنڌي- مهاجر تصادم جي صُورت ۾ ئي صحيح جڏهن وجود ۾ آيو ته سنڌي ماڻهن جي ڀرپور موٽ ڏسي، قومپرست تحريڪ جيڪا پنهنجي اوسر کان وٺي پارليامينٽ کان پري رهي هُئي تنهن اندر مُختلف سوال پئدا ٿيا ته آخر سنڌي ماڻهن کي ننڌڻڪو ڪري مارائڻ ۽ اُنهن کي اهڙين سياسي جماعتن جي حوالي ڪرڻ جن جا اڪثر اڳواڻ اسيمبليءَ جي اجلاسن ۾ سنڌ جي سياسي ويڳاڻپ تي ڳالهائڻ بجاءِ روايتي خاموشيءَ جو مُظاهرو ڪندا هُئا. ڇو نه پارليامينٽ ۾ وطن دوست سياسي اڳواڻ موجود هُجن. جيڪي پارليامينٽ جي مورچي تي اسيمبلين ۾ ويهي سنڌ جي سياسي مسئلن تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اُن دور جون اخبارون ۽ سياسي جذبو شاهد آهي ته سنڌ قومي اتحاد کي سنڌ اندر تمام گهڻي موٽ مِلي. پر سنڌين جي اُن وڏي اتحاد خود پنهنجي سياسي عملن سبب پاڻ کي سنڌي ماڻهن اڳيان ايترو تڪراري بڻائي ڇڏيو جو سنڌي عوام اُن اتحاد مٿان اهو الزام لڳائيندو رهيو ته اهو اتحاد هاڻ سنڌي عوام جي نُمائندگي ڪرڻ بجاءِ اسٽيبلشمينٽ جي نُمائندگي ڪري رهيو آهي. جنهن کان پوءِ ڪيترائي سنڌ دوست ماڻهو مايوسيءَ جو شڪار بڻيا ۽ ڪن ته اهڙي سياسي اتحاد کي سنڌ دُشمن اتحاد جا لقب به پڻ ڏنا. جيتوڻيڪ تمام تر ڪوتاهين ۽ ڪمزورين جي جيڪڏهن خود احتساب جو عمل اُن اتحاد اندر موجود هُجي ها ته اڄ صُورتحال تمام گهڻي تبديل نظر اچي ها. ڇاڪاڻ ته اُن اتحاد ۾ گهڻي قدر سنڌ جي وچئين ۽ هيٺئين طبقي جي نُمائندگي هُئي. پر اتحاد جون پاليسيون ۽ مزاج ئي اهڙو بڻجي ويو هو جو سنڌي ماڻهن ۾ پئدا ٿيل ساک ۽ ڀرم کي برقرار رکي سگهڻ ۾ ناڪام بڻجي ويو ۽ چونڊن ۾حصو وٺي بُري طرح شڪست جو شڪار بڻيو. اُن کان پوءِ ٻي وڏي موٽ سنڌ جي قومپرست ۽ پارليامينٽرين پارٽين کي سنڌي ماڻهن سنڌ ۾ ٻِٽي نظام خلاف هلندڙ جدوجهد دوران ڏني. جيڪا جدوجهد 2013ع وارين چونڊن مٿان سُٺي طريقي سان اثرانداز ٿي پئي سگهي. ليڪن سياسي طاقت جي زبردست مُظاهري جو مثال پيش ڪرڻ لاءِ مُسلم ليگ فنڪشنل جي سڏ تي ٻِٽي نظام خلاف سمورين قومپرست ۽ پارليامينٽرين پارٽين حيدرآباد ۾ گڏ ٿي تاريخي جلسو ڪيو ۽ سنڌي ماڻهن کين وڏي موٽ ڏني. سنڌي ماڻهن جي اُن وڏي مينڊيٽ کي مُسلم ليگ فنڪشنل سميت سنڌ جي سمورين قومپرست پارليماني پارٽين ڪنهن مُنظم طاقت ۾ تبديل ڪرڻ، يا ڪنهن گڏيل منظم سياسي اتحاد ۾ تبديل ڪرڻ يا اهڙي سياسي طاقت کي 2013ع وارين چونڊن مٿان اثرانداز ٿيڻ واري طاقت ۾ تبديل ڪرڻ بجاءِ، پنهنجي پنهنجي سياسي پارٽين جي طاقتن جو ڏيکاءُ ۽ نُمائش مُسلم ليگ (ن) اڳيان ڪرائي وئي ۽ فقط پنهنجي سياسي گروهي مُفادن خاطر مسلم ليگ (ن) اڳيان گوڏا کوڙائي سڄي سنڌي سماج کي مايوس ڪيو ويو. جڏهن ته پيپلزپارٽيءَ جي مُقابلي ۾ ٻِٽي نظام خلاف جدوجهد ڪندڙ پارٽيون مُسلم ليگ (ن) سان اليڪشني اتحاد ڪرڻ بجاءِ خود مُنظم طريقي سان ۽ ڪنهن حڪمت عمليءَ جي طور تي اليڪشن ۾ حصو وٺن ها ته نتيجا بنهه مُختلف هُجن ها. پر ائين ٿي نه سگهيو. جڏهن ته ميان صاحب سنڌ اندر پنهنجي پارٽيءَ کي اليڪشني حڪمت عمليءَ طور سنڌ جي قومپرست پارليماني پارٽين وسيلي سنڌ مان ووٽ بئنڪ حاصل ڪرڻ پئي چاهيو. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ وڏن جلسن ۽ ميڙاڪن مان هُن اهو محسوس پئي ڪيو ته سنڌ اندر پيپلزپارٽي مجموعي طور ڪمزور بڻجي چُڪي آهي. جڏهن ته اُن جي مُقابلي ۾ سنڌ جا ماڻهو پارليامينٽ جي رستي تي آيل قومپرست پارٽين کي ئي ووٽ ڏيندا. جڏهن ته قومپرست سياسي پارٽين پنهنجي گڏيل سياسي پليٽفارم کي سگهارو بڻائڻ ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ ڪم ڪرڻ ۽ ننڍڙا ننڍڙا ورڪنگ گروپس جوڙي اليڪشني حڪمت عمليون جوڙڻ بجاءِ، هڪ ٻئي سامهون اُميدوار بيهاري، ووٽن جي ڪمزور ڪيلڪيوليشن ۽ مُناسب اُميدوار کي اڳيان آڻڻ جهڙين حڪمت عملين ۾ هار کائي ويا. جن سياسي پارٽين ٻِٽي نظام خلاف سياسي جدوجهد وسيلي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪيو هُجي. اهڙي وقت ڪُل جماعتي اتحاد جي ذريعي 2013ع وارين چونڊن مٿان گڏيل حڪمت عمليءَ ذريعي اثر انداز ٿيڻ بجاءِ هڪ ٻئي اڳيان اُميدوار بيهاري ووٽن کي ورهائي پيپلزپارٽيءَ جي اُميدوارن کي هٿ سان کٽڻ جا موقعا مُيسر ڪندا رهيا. جنهن سبب قومپرست پارليماني پارٽين کي سنڌي ماڻهن وٽ جنهن سطع جي موٽ مِلڻي هُئي سا مِلي نه سگهي. جنهن جو وڏو سبب اهو ئي هو ته سنڌ جا ماڻهو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽيءَ کي هڪ ئي سِڪي جا ٻه پاسا تصور ڪري رهيا هُئا. جيڪڏهن 2013ع وارين چونڊن ۾ قومپرستن جو ڪو مضبوط پارليماني اتحاد جُڙي ها. جنهن ۾ فنڪشنل ليگ به موجود هُجي ها ته اُهو اتحاد ڀلي ڪي وڏا گُهربل تاريخي نتيجا نه ڏئي سگهي ها. پر تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ قومپرست پارليماني پارٽين جا هڪ ٻئي سامهون ووٽ نه ورهائجن ها ۽ جنهن سطع جا اُهي نتيجا حاصل ڪرڻ چاهن پيا لڳ ڀڳ کين ساڳي نوعيت جا گُهربل نتيجا ضرور مِلن ها. 2013ع وارين چونڊن جا نتيجا به ڪي مايوس ڪندڙ نه هُئا. مجموعي طور جيڪا پارٽي ضمانتون ضبط ڪرائڻ جي حوالي سان مشهور هُئي تنهن ووٽن جي ڳڻپ ڏسي اهو ضرور سوچيو هوندو ته سنڌ اندر هاڻ ضمانتون ضبط ڪرائڻ وارو دور ناهي رهيو هاڻ کين ووٽ حساب ڪتاب سان مِلي رهيا آهن. پر افسوس جو پارليامينٽ جي پنڌ تي نڪتل قومپرست جماعتن، پنهنجي اندروني ڇڪتاڻ ۽ ڪنهن گڏيل سياسي حڪمت عملي طئي ڪرڻ بجاءِ هڪٻئي جا ووٽ خراب ڪري پيپلزپارٽيءَ جا رستا صاف ڪيا.
    هن وقت جڏهن پنجاب ۾ ميان صاحب لاءِ پاڪستان تحريڪِ انصاف سياسي تندور تپائڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ پاناماليڪس جنهن کي سياسي مُبصر نئين سال ۾ پُراڻو بحث قرار ڏئي رهيا آهن سو بحث پنجاب ۾ ڀلي ميان صاحب جي سياسي ساک کي ڌڪ رسائي نه سگهي نه ئي پاڪستان جا سُڌريل سياستدان رومن دور جي بي وقوف بادشاهن وانگر آهن جو الزامن جي زد ۾ اچي پنهنجي سينن ۾ خنجر کوڙيندا رهن. پاڪستان جا سياستدان ته هن دور جا مُهذب لُٽيرا آهن. جيڪي سياست جي مُقدس نالي تي پنهنجي ملڪيتن جو تعداد وڌائيندا رهن ٿا. پر ايندڙ چونڊن ۾ تخت لاهور جا شريف ڀائر به هاڻ ڪنهن جون ضمانتون ضبط ڪرائڻ واري سياسي پوزيشن ۾ ناهن رهيا. جن لاءِ اياز امير لکيو هو ته: ” عدالتن ۾ هلندڙ ڪيس جو جيڪو به نتيجو نڪري پر شريف خاندان جي دامن تي لڳندڙ داغ هميشه رهندو. اهڙيءَ ريت جڏهن به سنڌ جا مورخ مُستقبل ۾ سنڌ جي تاريخ لکندا تڏهن هن دور جي اُن حُڪمرانيءَ هيٺ ساهه کڻندڙ سنڌ تي به ضرور لکندا ته اُنهن جي دور ۾ سنڌ جي ماڻهن جي حالت ڪهڙي هُئي؟ ۽ ائين به لکندا ته پيپلزپارٽيءَ اڳيان سنڌ جي مريخ تي رهندڙ مخلوق جي مجبوري ڪهڙي هُئي؟ پر ڇا اڄ به اها حقيقت ناهي ته پيپلزپارٽي ڀلي سنڌ ۾ Political Spatial Mapping ڪندي رهي. ليڪن اها به حقيقت آهي ته سنڌ جي هاڻ سياسي نفسيات تبديل ٿي رهي آهي. حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ هڪ مهمان ڏاڍي ڪارائتي ڳالهه ڪئي هُئي ته: ”جڏهن سنڌي ماڻهو چاهيندا ته تبديلي ايندي. جيڪڏهن هُو نه چاهيندا ته اوهان اُنهن لاءِ ڪُجهه نٿا ڪري سگهو.“ 2013ع ۾ اها ڳالهه ته ثابت ٿي چُڪي هُئي ته سنڌ جا ماڻهو تبديلي چاهن ٿا. هُو رڻ جي رستن ۾ ڀٽڪي مرڻ کي ترجيع نٿا ڏيڻ چاهين. ليڪن صدين کان جاگيردارانه سماج جي اثرن هيٺ رهڻ سبب، ماڻهو جنهن سياسي ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندا آهن. سنڌي سماج به اُن ويڳاڻپ جو شڪار بڻيل آهي. ليڪن اها خوشفهمي نه پر حقيقت آهي ته هاڻ جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ جي مُقابلي ۾ ڪا به جماعت مُنظم طريقي ۽ مضبوط رٿابنديءَ سان ڪم ڪندي ۽ چونڊن جي شفافيت کي يقيني بڻايو ويندو ته ايندڙ نتيجا پيپلزپارٽِيءَ جي حق ۾ نه هوندا. ڇاڪاڻ ته ورهين کان هي سماج جنهن سياسي لتاڙ جو شڪار رهيو آهي. اُهو ڪنهن به صُورت ۾ هاڻ اُن لتاڙ مان آجپو چاهي ٿو. حالتون تبديل ٿي رهيون آهن ننڍڙا ننڍڙا سياسي گروپ ۽ پارٽيون به پنهنجون حڪمت عمليون تبديل ڪن ۽ هر حالت ۾ هڪٻئي سان سهپ ۽ رواداريءَ وارو سلوڪ رکن، اتحاد ڪن، پنهنجي سياسي سگهه کي مضبوط ڪن. مان ذاتي طور تي ان خيال جو آهيان ته سمورو ڏوهه سنڌي سماج مٿان مڙهڻ بجاءِ پنهنجي سياسي حڪمت عملين تي تنقيدي نظر وجهڻ جي ضرورت آهي ۽ خوداحتسابي عمل وارين روايتن سان پنهنجي سياسي طاقت کي سگهه ڏئي، سماج ڏانهن ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن اسان پنهنجي حصي جو ذميواراڻو سياسي ڪردار ادا ڪيو ته سنڌ جا ماڻهو ذميوار سياسي پارٽين ۽ فردن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪندا ۽ اهڙي مايوس ڪندڙ سياسي صورتحال مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهندا.


    سيتا! اسان تُنهنجا ڏوهاري آهيون...!

    هي هاڻ رانوڻن جو شهر آهي، بارنيس اسٽريٽ جا سمورا غنڊا هاڻ هن شهر مٿان راڄ ڪن ٿا. هاڻ هن شهر جي ڪا به نياڻي پاڻ کي محفوظ نه سمجهي. پريل چانڊيي جي پُڄاڻيءَ کان پوءِ پاپ جون روايتون به تبديل ٿي ويون. ”نياڻي – ست قُران“ وارا مُحاورا هاڻ پراڻين روايتن جو حصو بڻجي ويا.. هاڻ چيٽ جون چانڊوڪيون هن شهر کي اُجرو نه رکنديون. هاڻ هن ”سيتا“ تي امرجليل ڪالم نه لکندو. هي سيتا پنهنجي تقدس جا سمورا سيپارا ساڙائي ويٺي آهي. هن شهر جا سيتل (گُل) سڙي ويا آهن. هاڻ ڪنهن به سيتا کي اجازت ناهي ته اُها آزاديءَ سان اسڪول وڃي سگهي. هاڻ هيءَ سيتا سياست جو سُندربن ناهي پر بار اسٽريٽ جي غنڊن جي سونا ٻنڊي آهي. اُها سونا ٻنڊي جيڪا ورهين کان هن سماج جا ساوا کيت ساڙيندي رهي آهي. هاڻ اُها اهڙي باهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. جيڪا باهه سيتا جي لوئيءَ کي به ساڙي رهي آهي. ليڪن اُن کي روڪڻ وارو ڪو رئيس خادم هاڻ ناهي رهيو نه ئي مزن خان ۽ علي شير جهڙا روايتن جا پابند ماڻهو رهيا آهن. جيڪي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن جي وارثي ڪندا هُئا. جيڪي ڳوٺن جي پويتر پوتين کي ساڙيندڙ هٿن کي روڪيندا هُئا. جيڪي هن شهر جي امن خاطر پنهنجون جانيون جوکم ۾ وجهي وڌندا هُئا. جيڪي سياسي ورڪرن جي اُجرن خُوابن جي تعبير خاطر، پنهنجا ڪُشادا ڀاڪر آڇيندا هُئا. هاڻ هي اُهو شهر ناهي رهيو. جتي سستن سگريٽن تي سياسي ڪچهريون ٿينديون هُيون ۽ اڌ ڪپ چانهه مُناسب اگهه تي مِلي ويندي هُئي. جتي هڪ سيلون تي سياسي ورڪر پنهنجي طِرز جا سياسي نظام جوڙيندا هُئا. جتي سياسي ورڪرن جي پڪي سُڃاڻپ ”ڪامريڊ“ سان ٿيندي هُئي. جتي ننڍڙا سياسي ورڪر چوٽيءَ جي ڌاڙيلن سان ڊائلاگ ڪندا هُئا ۽ ميڙ منٿ ڪري اغوا ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائي سگهڻ جي صلاحيت رکندا هُئا. جتي سياسي ورڪر سڄي سماج کي ڦُريندڙ ڌاڙيلن کان به چندا وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيندا هُئا. 80ع جو اُهو ڏهاڪو جنهن ۾ سڄي سنڌ مٿان ڌاڙيلن جو راڄ هوندو هو ۽ سانجهيءَ جو سج اولهه ۾ اکيون پُورڻ لڳندو هو ته گهرن جا در بند ڪيا ويندا هُئا. اهڙي دور ۾ به گهرن کان 30 ڪلوميٽر پري تائين تعليم لاءِ سفر ڪندڙ نياڻين کي اهڙي وحشت ۽ تذليل جو خوف نه هوندو هو. ڇاڪاڻ ته سياست هن سماج جو مضبوط مورچو هوندي هُئي. اهو صحيح آهي ته ڪمزور سياست ڪمزور سماجن کي جنم ڏيندي آهي. قبائلي تڪرار ۽ سنڌ اندر ڳوٺن جي تباهي اهڙي ڪمزور سياست جو وڏو مثال آهن.
    اچو ته هاڻ پنهنجي تقدير جي تاريخ لکون! اچو ته هن شهر سان هاڻ تعزيت ڪريون! جنهن شهر جي اڇن ڪبوترن جهڙو امن باز جي تِکين چُهنبن جي ور چڙهي ويو آهي.! اچو ته هاڻ ووٽ ڏيندڙ اُن مخلوق کي ٻُڌايون ته اُنهن جي حيثيت رُڳو هڪ ووٽ جيتري آهي، جيڪا آڱوٺن تي لڳل مَسُ کان پهرين ميسارجي وڃي ٿي. اچو ته کين ٻُڌايون ته اوهان جا ٻار مُستقبل جا معمار بڻجي نٿا سگهن. اُهي فقط کُليل گٽرن جو کاڄ بڻجي سگهن ٿا. اچو ته کين ٻُڌايون ته تعليم مٿان اوهانجي نياڻين جو ڪوئي حق ناهي. اوهانجون نياڻيون فقط وحشي نگاهن لاءِ پئدا ٿيون آهن ۽ مُعاوضن ۾ چٽيءَ طور ڀريون ويندڙ ”ڪموڊٽي“ آهن. اچو ته کين ٻُڌايون ته اوهانجي ڳوٺن جو اسپتالون ۽ اسڪول اوهانجي ٻارڙن جي پڙهائيءَ لاءِ تعمير ناهن ڪيا ويا پر اُهي وڏيرن، ڀوتارن ۽ اُنهن جي منظورِنظر ماڻهن جي اوطاقن طور استعمال ڪرڻ لاءِ جوڙيا ويا آهن. اچو ته کين ٻُڌايون ته قانون فقط اوهان جي ڳچين کي سوڙهو ڪري سگهي ٿو پر جن کي اوهان ووٽ ڏيو ٿا اُنهن لاءِ قانون ڪوريئڙي جو ڄار آهي. اچو ته هن سنڌ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ مخلوق کي اهو ٻُڌايون ته اوهان سان ٿيندڙ ناجائزين کي صُلح نامن، فيصلن ۽ راڄوڻين جي تارازين ۾ تورڻ جي قابل ناهي سمجهيو ويندو. ڇاڪاڻ ته اوهان جي حيثيت فقط هڪ ووٽ جيتري هوندي آهي. اوهان هن ڌرتيءَ تي وساريل مخلوق آهيو. اوهان سان ٿيندڙ ناانصافي ڪنهن انياءَ جي زمري ۾ اچي ناهي سگهندي. اوهان جا هٿ ڪمزور آهن. اوهان جا ڪمزور هٿ طاقتورن جي تختن کي ڪاغذن جو محل بڻائي نٿا سگهن. اوهان کي پنهنجي حيثيت سان هلڻ جي حرفت سمجهڻي پوندي. هن سموري سماج ۽ قانون جي طاقت، ”رانوڻن“ کي اهو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته اُهي اوهان جي ”سيتائن“ کي رانڀوٽن سان رهڙيندا رهن. هي دادو ضلعو آهي. جتان جي عوامي نُمائندن جون اوطاقون مُفاد پرست ماڻهن جي هُجومن سان ڀريل هونديون آهن. جتي اوهان کي مُغل دربار ۾ موجود غلاميءَ جهڙي حالت نظر ايندي. جيڪي ووٽ وٺڻ وقت ماڻهن کي پُرسڪون ۽ امن واري زندگي آڇڻ جا واعدا ته ڪندا آهن. ليڪن اُنهن جا ووٽر پنهنجي نياڻين کي وحشي نظرن کان بچائي سگهڻ لاءِ به سِول سوسائٽي ۽ صحافين کي منٿون ڪندي نظر ايندا. سيتا جي صدا اُنهن مُغل درٻارن تائين ڪيئن پُهچندي؟ جن درٻارن پنهنجي آشيرواد سان اهڙا ماڻهو پئدا ڪيا آهن جيڪي قانون جي پڪڙ کان پري آهن. سنڌ ۾ اغوا براءِ تاوان واري صنعت جي صورتحال اڃان ساڳي آهي. اُن جون حڪمت عمليون تبديل ٿيون آهن. ڀُتي جي صُورت ۾ وصوليون اڄ به عُروج تي آهن. دادوءَ جي دريا واري پٽيءَ ۾ آباد ننڍا شهر ماهوار ڀُتا ڪنهن کي ڏين ٿا ۽ اُنهن جي پويان ڪهڙيون سياسي طاقتون آهن؟ جيڪڏهن اڄ به ڦُلجيءَ کان پيارو ڳوٺ ۽ پاٽ شريف کان سيتا وليج ۽ سيتاروڊ کان شاهه پنجو ۽ بالي شاهه کان راڌڻ ۽ ڏوڪريءَ تائين ڏسنداسين ته اسان کي اغوا براءِ تاوان واري صنعت پنهنجي تبديل ٿيل شڪل ۾ موجود نظر ايندي. جديد انداز ۾ ڀُتا وصوليءَ جي مارڪيٽ عُروج تي نظر ايندي. ليڪن سياسي طاقتن جي پناهه ۾ سڀ ڪُجهه ٿيندو رهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ڪا نياڻي گهر کان نڪري اسڪول وڃي ٿي ته اُها اُنهن وحشين جي ڀونڪندڙ اکين کان ڪيئن محفوظ رهي سگهي ٿي؟ جتي چرٻٽ راجا جو قانون هلندڙ هُجي. هڪ پاسي اسڪولن جي انرولمينٽ وڌائڻ جون ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون ۽ نياڻين جي تعليم تي زور ڏنو وڃي ٿو ٻئي پاسي نياڻين جي تحفظ جو معاملو ايترو سنگين آهي جو قانون جا هٿ به ڪمزور بڻجي وڃن ٿا. جتي امن جي اُميد ناياب نسل جي پکين وانگر پرڙا هڻي اُڏامي وئي آهي. هڪ ڇوڪري جيڪا پنهنجي اسڪول کان گهر ڏانهن ٻين شاگردياڻين سان گڏ واپس اچي ٿي ته تاڙ ۾ ويٺل وحشي رستي ۾ کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ هُوءَ مزاحمت ڪري ٿي ۽ ڪو کيس بچائڻ وارو وچ ۾ نٿو اچي. غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ نياڻيءَ جا مائٽ طاقتور ڌُرين کي پنهنجي نياڻيءَ کي بچائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ لڳن ٿا ۽ ڪيس پوليس تائين پُهچي ٿو ۽ پوليس روايتي طريقن وانگر نياڻيءَ جي بچاءَ لاءِ ڪيس داخل ڪرڻ کان لاچاري ڏيکاري ٿي. شهرين جي سخت ردِعمل کان پوءِ ڪيس داخل ٿئي ٿو ۽ نياڻيءَ جي مائٽن مٿان راڄوڻيءَ لاءِ دٻاءُ وڌو وڃي ٿو ته جيئن ڪيس کي ڪمزور ڪري ختم ڪيو وڃي. اها صُورتحال نه رُڳو سيتا جي آهي. پر اهڙا واقعا ۽ حادثا سڄي سنڌ ۾ روزمرهه جو معمول بڻيل آهن. هيءَ اُن سيتا جي ڪهاڻي آهي جيڪو شهر سياسي، نظرياتي، ثقافتي ۽ ذهني جبر خلاف ڪنهن دور ۾ جدوجهد جو مثالي مورچو بڻيل هو. جنهن سيتا جو امن سياسي جُوارين هٿان تباهه ٿي چُڪو آهي. آسپاس جا سمورا علائقا قبائلي تڪرارن سبب تاراج ٿي چُڪا آهن. جتي سمورا ڳوٺ نمرودن جي نظرن ساڙي ڇڏيا آهن. جتي زندگي علائقا غير بڻيل آهي. اُتي هڪ ننڍڙو شهر ”سيتا“ به آباد آهي جيڪو اڄ نفرتن جي نشاني تي آهي. جتي هڪ نياڻيءَ سان حادثي سڄي سيتا کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙي صُورتحال ۾ ڪير پنهنجي نياڻين کي پڙهائڻ لاءِ اسڪول موڪليندو؟ ڪير چاهيندو ته سندس نياڻيءَ جي رستا روڪ ڪندڙ طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي؟ جيڪڏهن اها حالت رهي ته سيتا جي حالت به ڀرپاسي جي باقي ڳوٺن جهڙي بڻجي ويندي جيڪي اڳواٽ ئي سرد جنگ جي دوران تباهه ٿيل ڳوٺن جهڙو ڏيک ڏين ٿا. جيڪڏهن عوام کي ڏيڻ لاءِ پيپلزپاڙٽيءَ جي چونڊيل اڳواڻن وٽ ڪُجهه به ناهي بچيو ته گهٽ ۾ گهٽ بي پُهچ ۽ غريب ماڻهن کان عزت سان پنهنجي اجهي ۾ رهڻ جو حق ته نه کسڻ گُهرجي. جيڪڏهن پيپلزپارٽيءَ جا اڳواڻ عوام جي لوئيءَ ۽ لڄ جي تحفظ جي ضمانت ڏيڻ کان به بيوس بڻيل آهن ته پوءِ اُنهن لاءِ پشتو شاعريءَ جو اهي سِٽون ئي چئي سگهجن ٿيون: ”جڏهن ڪوئي شخص ڪنهن جي فرياد نٿو ٻُڌي، تڏهن دل ۾ اچي ٿو ته اُن جا ڪن ڪٽي وٺان.“ اياز لکيو هو ته: ”برِصغير ۾ سرمائيداري نظام اسان کي غليظ زندگي ڏني آهي.“ پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ کي جاگيرداريت غليظ ترين زندگي ڏني آهي. جتي سيتا رانوڻن هٿان هر دور ۾ سڙندي رهي ٿي ۽ اسان جي تهذيب ۽ روايتون اقبال جي سِٽن وانگر ته: ”پنهنجي ئي خنجر سان خودڪشي ڪري رهيون آهن.“ اهو رُڳو سيتا جي تقدس جو سوال ناهي پر اُنهن رانوڻن کي روڪڻ جو به سوال آهي. جيڪي هر دور ۾ پنهنجا وحشي چنبا وڌائي سيتا جي تقدس جا سيپارا ساڙيندا رهن ٿا. هي معاملو ڪنهن راڄوڻيءَ کان مٿانهون معاملو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نياڻيءَ سان اهڙو انياءُ ڪنهن کي ڦٻي ويو ته سڄي سيتا جي مُقدس لوئي ۽ لڄ ڪڏهن به محفوظ رهي نه سگهندي. اُن کان اڳ جو اسان سيتا جا ڏوهاري بڻجون. اچو ته چونڊيل نُمائندن کان پُڇون ته اوهان تعليم حاصل ڪندڙ نياڻين کي ڪهڙو تحفظ ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪنهن نياڻيءَ سان ڪو بُرو سلوڪ ٿيو ته سنڌ جو ضمير اوهان کان پُڇاڻا ڪندو ۽ جڏهن پُڇاڻا ٿيندا آهن تڏهن پاپ لِڪي ناهن سگهندا.


    ڪنٽرولڊ جرنلزم ۽ سِرل جو صدقو

    مون کي خبر ناهي ته فرانس جي خوبصوت شاعر باڊليئر ائين ڇو لکيو هو ته: ”جمهوريتن جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي.“ يا هڪ نظم ۾ ائين ڇو لکيو هُئائين ته: ”چند ماڻهن کي حڪمرانيءَ ۽ باقي عوام کي صبر سان زندگي گُذارڻ جو اختيار آهي.“ اُهو باڊليئر جنهن فرانس جي سياسي حالتن جي حوالي سان شاعريءَ جو مجموعو Flowers of Evil (بَديءَ جا گُل) لکيو هو. جيڪو نيپولين جي حامين کي ڀانءِ نه پيو هو. جنهن ۾ هُن چيو هو ته ”شور مان لُطف اندوز ٿيڻ به فن آهي.“ مان سمجهي نٿو سگهان ته ان کان وڌيڪ ادب گهرو جنگين ۽ جنگي حالتن سان ڪهڙي ويڙهه ڪري سگهي ٿو.؟ اُهي حالتون جيڪي عوام مٿان هر دور ۾ مڙهيون وينديون رهيون آهن. ادب جنگي حالتن ۾ عوام جي روحن جي نه رُڳو ترجماني ڪئي آهي پر نيڪيءَ ۽ بَديءَ جي وچ ۾ فرق واري لڪير ڇِڪي آهي. اُن وقت جي صحافت لاءِ سلاخون هُيون پر پوءِ به صحافين مٿان خوف جا اهڙا ڪارا ڪڪر ڇانيل نه هُئا. جيڪي هن مُلڪ ۾ صحافين مٿان ڇانيل رهيا آهن. جنهن لاءِ مُلڪي ۽ بين الاقوامي ميڊيا تي هن وقت وڏو بحث هلي رهيو آهي. سرل الميڊا نيويارڪ ٽائيمز ۽ واشنگٽن پوسٽ کان وٺي مُلڪي ميڊيا جي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. ڇا سرل المائيڊا شايد باڊليئر جي اُها نظم ناهي پڙهي جنهن ۾ باڊليئر ” جمهوريت جو رنگ ڪارو ٿيندو آهي.“ لکيو هو. پر شايد سول – ملٽري اسٽيبلشمينٽ معاملن جهڙن لاڳاپن واري ککر ۾ کڙو هڻڻ کان پهرين هُن اهو سمجهيو هو ته: ” جمهوريتن جا رنگ گيڙو ٿيندا آهن.“ جيڪڏهن مُلڪي ميڊيا کي حساس قومي معاملن تي لکڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پهرين پنهنجي ميڊيا جي حدن Limitations کي سمجهڻ گُهرجي. ڇاڪاڻ ته مُلڪ اندر اهو طئي ڪرڻ بيحد مُشڪل آهي ته ڪهڙا مسئلا حساس قومي معاملن جي زمري ۾ اچن ٿا ۽ ڪهڙا مسئلا مُلڪ جي حساس قومي معاملن جي زمري کان آجا قرار ڏنل آهن؟؟ جيڪڏهن لکڻ جي صحافتي آزاديءَ جي خبر ئي ناهي ته پوءِ اخباري ڪاغذ ڪارا ڪرڻ کان بهتر آهي ته باڊليئر جي اُنهن سِٽن وانگر ته شور مان لُطف اندوز ٿيڻ واري آرٽ تي عمل ڪرڻ گُهرجي. ڇا ٿي پيو جيڪڏهن سِرل الميڊا حساس قومي معاملن کي خطري ۾ وجهڻ واري خبر نه هلائي ها!! ڪهڙي قيامت اچي ها؟ جيڪڏهن هُو اهڙي ذميواري پنهنجي سِر تي کڻڻ بجاءِ خاموش رهي ها ؟! ڇا سرل الميڊا کي اها خبر نه هُئي ته هُو اهڙي مُلڪ ۾ رهي ٿو. جنهن لاءِ ”سي ڪرسٽين فيئر“ پنهنجو ڪتاب Fighting To The End لکي، هن مُلڪ ۾ پاڻ لاءِ داخلا جا سمورا دروازا بند ڪري ڇڏيا هُئا. جنهن هن مُلڪ کي Greedy State (لالچي رياست) جا لقب ڏنا هُئا. ڀلا سرل الميڊا کي اهڙي جُوالا جي مِٽيءَ مان رانديڪا ٺاهڻ جي ضرورت ڪهڙي هُئي؟ جنهن جي کيس خبر هُئي ته ڪنهن وقت به هُو اُن جي لپيٽ ۾ اچي ڀسم ٿي سگهي ٿو. ليڪن هُو جنهن لاءِ چون ٿا ته انگريزيءَ ۾ سوچيندو آهي. هن جديد دور ۾ ڀلا انگريزيءَ ۾ سوچڻ وارا مُلڪ جي حساس معاملن تي پنهنجي صحافتي ذميوارين کي پاسي تي رکي ڇو نٿا سوچين؟! سرل کي اها خبر هُجڻ گُهرجي ها ته جيڪي صحافي حساس قومي معاملن کي ڇيڙيندا آهن يا ٻوليءَ جا اُبتا سُبتا اصطلاح استعمال ڪندا آهن يا سڌي يا اڻسڌي طرح مُلڪي معاملن تي خيالن جي آزاديءَ جا عقاب اُڏاريندا آهن، سي پنهنجي ڪئي جي سزا ڪاٽيندا آهن. گُذريل ٻن ٽن ڏهاڪن جو رڪارڊ ئي معلوم ڪجي ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. ليڪن صحافي پنهنجي حدن ۾ رهڻ بجاءِ طئي ٿيل لڪيرون اورانگهي وڃن ٿا. نتيجي ۾ مُلڪ جي ساک بين الاقوامي سطع تي خراب ٿيڻ جا امڪان پئدا ٿي پون ٿا. سرل الميڊا ئي ڇو؟ هر اُهو صحافي يا قلمڪار جيڪو مُلڪي سالميت لاءِ خطري جو سبب بڻجندو. اُهو هر حالت ۾ پنهنجي ڪيل ڪوتاهيءَ جو حساب ڀريندو. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار کان سواءِ جمهوريت ساهه کڻي ناهي سگهندي. پر جڏهن ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي جو سوال اچي ٿو اُتي ته سول - ملٽري اسٽيبلشمينٽ جي سهڪار وارا معاملا وڌيڪ اهميت جوڳا بڻجي وڃن ٿا. اُتي ڪنهن به خُفيا يا ڳُجهي گڏجاڻيءَ کي پنهنجي ڪالمن ۽ خبرن ۾ کڻي اچڻ جو ٻيو مقصد ته اهو ئي بيهي ٿو ته اهڙي صحافت مُلڪ جي سالميت لاءِ خطري جو سبب هُجڻ جي علامت سمجهي وڃي ٿي. تنهن ڪري قومي ۽ بين الاقوامي ميڊيا سرل الميڊا جي معاملي کي پنهنجي سِر تي کڻڻ بجاءِ پهرين مُلڪ جي حساس معاملن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. ان لاءِ ضروري آهي ته سولين سرڪار، صحافت ۽ اسٽيبلشمينٽ جو هڪ پيج تي هُجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن سولين حُڪومتون ۽ اسٽيبلشمينٽ ئي فقط هڪ پيج تي هونديون ۽ صحافت سهڪار ڪرڻ واري ذميواريءَ کان آجي هوندي ته خدشات جنم وٺندا. هن وقت جڏهن ڪشمير ۾ ٻرندڙ باهه کي بُنياد بڻائي مُلڪ جي پرڏيهي وزارت ڪشمير ۾ مسلمانن مٿان ٿيندڙ ظلمن جي داستانن جا تاڪيا سڄي دُنيا اڳيان کولي رکيا آهن ۽ انڊيا سرجيڪل اسٽرائيڪ جي گهوڙي تي سوار هُجڻ جون دعوائون ڪري رهيو آهي ۽ ڪشمير جون ڪهاڻيون لڪائڻ لاءِ گلگت، بلتستان ۽ بلوچستان جا دُهل وڄائڻ شروع ڪيا آهن ۽ مُسلسل قومي سلامتيءَ خلاف سڄي دُنيا ۾ مُلڪ خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. جڏهن ته گلگت ۽ بلتستان جو عوام مُلڪ سان وفا جي علامت بڻيل آهي. چند اسماعيلي علهدگي پسند مُلڪي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻيل هُئا. جيڪي پڻ هاڻ مُلڪ جي قومي ڌارا ۾ شامل بڻجي گلگت ۽ بلتستان جي ترقيءَ لاءِ حُڪومت سان گڏ بيٺل آهن. بلوچستان ۾ ثناءُالله زهري سڄي بلوچستان اندر امن امان جي ضمانت بڻيل آهي. چند سردار پنهنجي قبائلي سوچ سبب مُلڪ جي خوشحال آئيندي جي خلاف هُئا. سي هاڻ مُلڪي اتحاد واري ڌارا ۾ شامل بڻيل آهن. دهشتگرديءَ خلاف جيترو هن مُلڪ نُقصان سَٺو آهي ايترو شايد دُنيا جي ڪنهن به مُلڪ نُقصان ناهي سَٺو. دهشتگردن خلاف وڏي جنگ هن مُلڪ جي ماڻهن وڙهي آهي. جيڪڏهن آمريڪا ۽ اُن جا اتحادي ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته اُها اُنهن جي نا سمجهي آهي. مُلڪ جي عظيم ترين قُربانين جي باوجود به صحافي ۽ قلمڪار مُلڪ جي سولين سرڪار ۽ اسٽيبلشمينٽ مٿان الزام تراشيون ڪري دُنيا اڳيان وطن عزيز جو اميج خراب ڪندا ته اهو مُلڪ جو حساس ترين معاملو ئي سمجهڻ گُهرجي. جڏهن ته سِرل الميڊا کي اهو ياد ڇو نٿو اچي ته هُو جن کي ”بُواءِ“ ڪري لکي ٿو دُنيا اُنهن کي ٻين لقبن سان سُڃاڻي. سو خوامخواهه معاملن کي مُنجهائڻ بجاءِ سرل الميڊا سازشن جو شڪار بڻيو آهي. معاملا تحقيقاتن کان پوءِ ئي طئي ٿيندا. جيستائين انڪوائرين جون رپورٽون اچن تيستائين پيرول جهڙي آزاديءَ ذريعي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان سرل الميڊا جو نالو هٽايو ويو آهي.
    اليڪٽرانڪ ميڊيا اڳيان وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس ۾ جنهن ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪيو هو ته: ”جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو وڃي ها ته اهو چيو وڃي ها ته حُڪومت اها خبر پاڻ لِيڪ ڪئي آهي.“ پر اخباري مالڪن ۽ ايڊيٽرن سان گڏجاڻيءَ بعد سرل الميڊا جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لِسٽ مان اهو چئي خارج ڪيو ويو ته: ” اهڙو قدم صحافت ۽ آزاد ميڊيا لاءِ خير سگاليءَ طور کنيو ويو آهي. پر اي سي ايل مان سِرل جو نالو خارج ٿيڻ سان انڪوائريءَ تي ڪو اثر نه پوندو.“ ٻئي پاسي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس واري اجلاس ۾ اهڙي خبر جي فيڊنگ کي قومي سلامتيءَ جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف قومي سلامتي ڪميٽيءَ جي اجلاس جي حوالي سان آيل خبر تي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. جنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن قومي سلامتي ڪائونسل واري اجلاس جي باري ۾ خبر جي فيڊنگ کي جڙتو قرار ڏنو آهي. جڏهن ته اخباري ذريعن موجب قومي سلامتي ڪائونسل واري اجلاس جي خبر خود حُڪومتي ادارن کان هٿ ڪئي وئي هُئي. جيڪڏهن اهڙي خبر جاري ٿيڻ جو اهم ذريعو حُڪومتي ادارا آهن ته پوءِ ان ڳالهه جا واضع امڪان آهن ته حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌي رهيون آهن. ڇاڪاڻ ته وفاقي گهرو وزير پنهنجي پهرين پريس پڌرائيءَ ۾ جنهن ڳالهه جو خدشو ظاهر ڪندي، سرل الميڊا کي ان معاملي جو ذميوار قرار ڏئي، حُڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ پئدا ٿيندڙ ٽڪراءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي سا بظاهر ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اهڙي اڻوڻندڙ صورتحال پئدا ٿيڻ جي صُورت ۾ نواز سرڪار ڪهڙا سياسي پتا کيڏندي؟ ان جو تجزيو ڪرڻ وقت کان اڳ هوندو. جڏهن ته صحافتي ذريعن کي اها ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته ڳُجهين گڏجاڻين جون رپورٽون سرڪاري طور جاري ٿيندڙ سرڪيولر کان اڳ ئي جاري ڪرڻ اسان جهڙي مُلڪ ۾ وڏو جُرم آهي. جتي صحافتي آزاديءَ کان وڌيڪ اهم قومي سلامتي آهي. ڇاڪاڻ ته اهڙين خبرن سان قومي سلامتيءَ جا سنگين معاملا جُڙيل هوندا آهن. جيتوڻيڪ هن وقت تائين اسان جيڪو صحافت لاءِ پڙهيوسين سمجهيوسين سو سرل الميڊا سڀ غلط ثابت ڪري ڏيکاريو. جيتوڻيڪ صحافتي آزادي هر سماج جو بُنيادي حق آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به اهڙي صحافتي آزاديءَ جي ئي ڳالهه ڪري رهيو هو ته جيڪا صحافتي آزادي اسان کي گُهربل آهي. جيڪا مُلڪ جي حساس معاملن لاءِ خطري جو سبب بڻجي نه سگهي. تنهن ڪري صحافين ۽ قلمڪارن کي هڪ ڳالهه سمجهڻ گُهرجي ته جيڪي مسئلا مُلڪ جي حساس معاملن لاءِ خطري جو سبب بڻيل آهن. اهڙن حساس معاملن تي پنهنجو قومي فرض سمجهي قلم جو صحيح استعمال ڪن ۽ اهڙن معاملن کي مُنجهائي پيش نه ڪن. جن سان ٻاهر جي دُنيا وٽ مُلڪي سالميت مٿان آڱريون کڄڻ شروع ٿين. جتي ”ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي“ رائج ٿي سگهي ٿي ڀلا ٻُڌايو ته اُتي ”ڪنٽرولڊ جرنلزم“ واري ٿيوري ڪارگر ڇو ڪونه ٿي سگهندي؟؟! صحافت جي آزاديءَ جي ڳالهه ته چوڌري نثار علي به ڪري رهيو آهي. هُن ته سرل الميڊا کي ”ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ“ مان آجو ڪري صحافتي ميڊيائي آزاديءَ جو هن مُلڪ ۾ وڏو مثال قائم ڪيو آهي. هُوته فقط اها تصديق ڪري رهيو آهي ته عدم جي خُواب مان اک ڪنهن کولي؟ اسان هروڀرو صحافت کي اياز وانگر ”ڪروڌ ۾ آيل ڪاريهر جي اکين وانگر ٿي سمجهيو.“ جڏهن ته هاڻ خبر پئي آهي ته صحافت ته سماج لاءِ سُندربن هُجڻ گُهرجي. جنهن وٽ سڀئي پاپ پُوري سگهڻ جي صلاحيت هُجي. اسان کي پهرين خبر ئي نه هُئي ته صحافت کي مليل آزادي مُلڪن جي سالميت لاءِ خطرو به بڻجي سگهي ٿي. چوڌري نثار علي! اسان تُنهنجا بيحد شُڪر گُذار آهيون. جن کي تو روشنيءَ جو رستو ڏيکاريو. اسان ته هن وقت تائين بيحد بيخبر هُئاسين ۽ اهو سمجهندا هُئاسين ته صحافت در اصل ”صحيفي“ مان نڪتل آهي. جڏهن ته اسان سڀ غلط هُئاسين دُنيا ۾ سوين يونيورسٽيون آهن ۽ مُلڪ ۾ به ڪيتريون ئي يونيورسٽيون آهن. جتي ماس ڪميونيڪيشن جا شُعبا آهن جتي صحافت پڙهائي وڃي ٿي. نوجوان ڊگريون حاصل ڪن ٿا. ليڪن اڄ تائين شايد ئي ڪنهن کي خبر هُجي ته صحافت جي باري ۾ چوڌري نثار عليءَ جيڪي حدون مُقرر ڪيون آهن. اُنهن حدن جي باري ۾ اُهي علمي ۽ تدريسي ادارا اڄ تائين پنهنجي شاگردن کي پڙهائي ڇو ڪونه سگهيا آهن.؟؟ مان سمجهان ٿو ته صحافت جي Limitations جي باري ۾ اهڙين درسگاهن ۾ چوڌري نثار عليءَ جا ليڪچر ضرور ڪرائڻ گُهرجن. جتي هُو صحافين کي پنهنجي پنهنجي اوقات ۾ رهڻ سيکاري سگهي. جيڪڏهن سرل الميڊا ”بديءَ جا گُل“ ڇاڻيا آهن ته پوءِ چوڌري نثار وٽ به سِرل جو صدقو ڪڍڻ لاءِ هاڻ ڪو اخلاقي جواز نٿو بچي.


    نئين سنڌ جو تصور ۽ اسان جو اجتماعي شعور.

    عظيم ادب سنگين سياسي حالتن جي پئداوار رهيو آهي. جيڪڏهن دُنيا ۾ سنگين سياسي حالتون نه هُجن ها ته شايد ايترو شاهوڪار ادب سِرجي نه سگهي ها. اُن جو وڏو مثال نه فقط روس جو ڏئي سگهجي ٿو. جتي ادب سياسي سرگرمين جو نه رُڳو وڏو سهارو بڻيل رهيو پر ادب جي ذريعي ئي سماجي شعور جي ارتقا جا بُنياد پيا. جيڪڏهن پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران جنگي محاذن تي موجود سپاهين جي پيار ڪهاڻين کي پڙهجي ٿو ته، دل سيني جي آکيري ۾ ڦٿڪڻ لڳي ٿي. فرانس، هاليند ۽ جرمنيءَ کان وٺي آسٽريا ۽ پولينڊ تائين رت ۾ ٻُڏل پيار ڪهاڻيون جنگي محاذن تي ساهه کڻن ٿيون. اڄ جيڪڏهن يورپ سُڌريل دُنيا ۾ ساهه کڻي رهيو آهي ته اُهو ڪنهن هڪ رات جي تبديليءَ جو نتيجو ناهي. اولهه جي پُرمسرت زندگي عظيم قُربانين جو نتيجو آهي. ڪافڪا لکيو هو ته: ”ڪجهه لفظ اهڙا هوندا آهن، جن کي فقط پنهنجن زخمن سان ئي سمجهي سگهجي ٿو.“ دُنيا ۾ انيڪ انقلابي تبديلين ۽ سياسي حالتن جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ انساني آزادي، پنهنجي زخمن کي سمجهڻ لاءِ ڪافي آهي. ليڪن هن وقت پنهنجي زخمن کي سمجهڻ لاءِ ادب سياست جو سهارو بنجڻ لاءِ تيار ناهي. سنڌ جي سياست مصلحتن ۽ مُفاهمتن جي آڌار تي وڏن سياسي معاملن تي بيهڻ بجاءِ ننڍڙن سماجي مسئلن تائين محدود بڻجندي پئي وڃي. هن وقت سنڌ ٻن وڏن بُحرانن جو شڪار آهي، هڪ پاسي، سياست مجموعي طور سماج جي بُنيادي اوليتن ۾ ناهي رهي. ٻيو ته ادب سياسي سرگرمين جي اُتساهه جو وسيلو بڻجڻ جي سگهه وڃائي ويٺو آهي. موجودهه دور وارين حالتن ۾ جيئندڙ سنڌ مُستقبل جي ڪهڙي نئين سنڌ جوڙي سگهندي؟ اهو انتهائي اهم سوال آهي. جيڪڏهن موجودهه حالتن کي وقت سِر نه سمجهيو ويو ۽ مصلحتن جي چادر ويڙهي، سنڌ جو سياسي شعور سُمهي پيو ته سنڌ جو مُستقبل بند گهٽيءَ کان سواءِ ڪُجهه به نه هوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ جو سياسي حل مُسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارٽي يا پاڪستان تحريڪِ انصاف جهڙين پارٽين وٽ ناهي. اُهي اقتدار خاطر سنڌ جي ووٽ جو استعمال ته ڪري سگهن ٿيون. ليڪن سنڌ جي اجتماعي قومي مُفادن جو بچاءُ ڪري نٿيون سگهن ۽ نه ئي اُنهن وٽ نئين سنڌ جو ڪو واضع تصور موجود آهي. نئين سنڌ جو تصور سنڌ جي گڏيل سياسي ۽ اجتماعي شعور وٽ آهي. جيڪو ڪنهن مُنظم شڪل ۽ صُورت ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي. نتيجي طور سنڌ جو عوام سياسي لاوارثيءَ جو شڪار آهي. ادب ۽ سياست جو مضبوط پليٽفارم نه هُجڻ سبب سياسي ڇُڙواڳي پئدا ٿي پئي آهي. جنهن سبب سنڌ جي وڏن اجتماعي قومي مُفادن تي سياسي جماعتن پاران جدوجهد ٿيڻ بجاءِ، انفرادي طرح ننڍڙا ننڍڙا گروپ سماجي مسئلن تي مُتحرڪ آهن. جنهن جي نتيجي ۾ ڇُڙواڳ سياسي ورڪر ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جي ڌارا ۾ هُجڻ جي باوجود به اُن جي ڪنهن ضابطي جا پابند ناهن. ۽ اُهي پنهنجي طور تي خود پارٽيون بڻجي ويا آهن. سنڌ ۾ مضبوط سياسي پارٽين جي ضابطن ۽ اُصولن جي حد اها رهي آهي ته جڏهن به ڇُڙواڳ سياسي ورڪر پنهنجي غير اخلاقي معاملن سبب ڦاسي ٿو ته وارثيءَ لاءِ پارٽيون مُتحرڪ بڻجي اُن کي پناهه ڏين ٿيون. ائين لڳي ٿو، ڄڻ سياسي پارٽيون اهڙن ورڪرن جي سياسي پناهگاهه هُجن. اهڙي حالت ۾ سنڌ جي اجتماعي قومي مُفادن خاطر هلندڙ جدوجهد جو ڇا حال هوندو؟ جيڪڏهن سنڌ جي وڏن ۽ اهم سياسي معاملن تي مُجرمانا خاموشي هوندي ۽ پارٽين وٽ ضابطي جا ڪي معيار طئي ٿيل نه هوندا ته هر ورڪر انفرادي طور تي خود پارٽي بڻجي ويندو. ادب افسانوي انداز ۾ مُعاشري جي حالتن جي عڪاسي ڪندو آهي. جنهن سان نه رُڳو سياسي واٽ جو تعين ڪري سگهبو آهي. پر قومن جو سياسي شعور نئين فڪري انداز سان قومن جي روشن مُستقبل جا رستا تلاش ڪندو آهي. پر سنڌ سياست ۽ ادب واري مورچي تي ڪمزور حالت ۾ نظر اچي رهي آهي. جنهن جو بُنيادي سبب اهو آهي ته هن وقت ٻاراڻي عمر کان ادب ۽ سياست پاسي دلچسپي جي کوٽ پئدا ٿي پئي آهي ۽ ڪتابن پڙهڻ ۽ اُن تي تفصيلي بحثن واري رُجحان ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي آئي آهي. اُن جون ذميوار به اُهي سياسي پارٽيون آهن. جن ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان ناهي سوچيو ته جڏهن قومون سياسي بصيرت وڃائي ويهنديون آهن، تڏهن مُنتشر بڻجي ڪيئي ڏهاڪا پُٺتي هليون وينديون آهن. جيڪڏهن سياسي پارٽيون سنڌ اندر ڪا وڏي تبديلي آڻي سگهڻ جي طاقت نه پئي رکي سگهيون ته فقط سنڌ اندر پنهنجي پارٽي ورڪرن ۾ اسٽڊي سرڪلز کي سرگرم ئي ڪري سگهن ها ته سنڌ مان نظرياتي قومي ورڪرن جو ايتري خراب حد تائين خاتمو اچي نه سگهي ها. ان کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته 80ع جي ڏهاڪي تائين سنڌ ۾ سياسي پارٽين جون ٻاراڻيون تنظيمون وڏي پئماني تي سرگرم هُيون. جنهن جي پليٽفارم کي استعمال ڪندي نه رُڳو سياسي پارٽين، سنڌ جي ادبي، سياسي ۽ ثقافتي سرگرمين کي جاري رکيو. پر اهڙي پليٽفارم موجود هُجڻ سان ٻاراپڻ ۾ ئي سياسي واٽ جو تعين ممڪن ٿي پئي سگهيو. اهڙي عُمر ۾ نظرياتي سياسي تربيت بهتر انداز ۾ ممڪن هُئي. ڇاڪاڻ ته اهڙي جُنون واري جهان ۾ ننڍڙين اکين ۾ وڏا خُواب پوکيل هُئا. پر جڏهن اهڙين ٻاراڻين تنظيمن جو خاتمو آندو ويو ته اُن سان ٽي اهم قومي نُقصان ٿيا. هڪ پاسي سنڌ ۾ قيادت جو بُحران پئدا ٿي پيو ۽ جيڪا کيپ کُٽڻي ئي نه هُئي. جيڪا ڀونءِ کي نئين ڀرتي ڪرڻي هُئي. اُن ڀونءِ جي ڀرتيءَ وارو سلسلو رُڪجي ويو. ٻيو ته جنهن عُمر ۾ ٻارڙن تي سياسي پارٽيون محنت ڪنديون هُيون. اُهي ٻارڙا نه رُڳو مُستقبل جي قومي قيادت بڻجي پئي سگهيا. پر پڪا پُختا نظرياتي ورڪر ۽ قومي شعور رکندڙ همدرد ثابت به ٿي پئي سگهيا. پر جڏهن اُهو سلسلو رُڪجي ويو ته سنڌ ۾ سياسي پارٽين مٿان قبائلي سردارن واري سوچ ۽ رُجحان جو اثر حاوي بڻجي ويو ۽ مُتبادل سياسي قيادت واري سوال جي سوڙهي گهٽيءَ ۾ سنڌ ڦاسي پئي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهي ها ۽ ٻاراڻين تنظيمن مٿان محنت ڪئي وڃي ها ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ مٿان (سواءِ چند وڏين پارٽين جي) شخصي اثر يا موروثيت وارو مرض پنهنجا اثر ڏيکاري نه سگهي ها. ٻاراڻين تنظيمن جي خاتمي سان ٽيون وڏو قومي نُقصان اهو ٿيو، جو جڏهن سنڌ جي سياسي تنظيمن ٻارڙن جي تنظيمن کي ختم ڪري ڇڏيو ته اُن موقعي مان فائدو وٺندي انتهاپسند قُوتن پنهنجن مدرسن جا دروازا ٻارڙن لاءِ کولي ڇڏيا. جيتوڻيڪ پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ حالتون وڌيڪ خطرناڪ آهن. پر سنڌ جي لبرل ۽ سيڪيولر خيالن کي مدرسن جي ذريعي به ڪمزور ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ انتهاپسنديءَ جي سطع وڌڻ لڳي. انتهاپسندي رُڳو بمن سان ماڻهن کي اُڏائڻ جو ئي نالو ناهي. پر انتهاپسندي هڪ مائينڊ سيٽ جو نالو آهي. جنهن مائينڊ سيٽ اسان جي پُوري هڪ نسل کي ڳِهي ڇڏيو. اڄ سنڌ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ جيڪا فرقيواريت جي نفرت ڦهلجي رهي آهي. اُها سنڌ جي سياسي تنظيمن جي سياسي ڪمزوريءَ جو سبب ئي آهي. جيڪڏهن سنڌ اندر سنڌ جي وسيع تر اجتماعي قومي مُفادن لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽيون نظرياتي سياسي زوال جو شڪار نه بڻجن ها ته اڄ سنڌ اندر مُتبادل قومي قيادت ضرور موجود هُجي ها ۽ قطعي به جاگيردارن ۽ ڀوتارن جي سياسي هڪ هٽي قائم نه هُجي ها ۽ مُتبادل سياسي پارٽي ضرور موجود هُجي ها. ليڪن جنهن انداز سان سنڌ جون سياسي تنظيمون ۽ پارٽيون 80ع جي ڏهاڪي کان پوءِ زوال جو شڪار ٿيون ته وري اُن زوال مان پاڻ کي نئين سِر سنڀالي اُٿي نه سگهيون. هٽلر جي چواڻي ته: ”مُستقبل جي جنگ ۾ پاڻ کي بچائي رکجي.“ ليڪن اسان جي سياسي پارٽين جي ڪمزور سياسي حڪمت عملين سبب اسان پاڻ کي مُستقبل جي جنگ لاءِ بچائي نه سگهياسين. ليڪن جيڪڏهن هن وقت انهن سمورن خدشن کي مدِنظر رکي مُستقل مزاجيءَ سان پيشرفت ڪئي وڃي ۽ نئين سياسي صِفبندي ڪئي وڃي ۽ سنڌ جي روشن آئيندي ۽ وسيع تر قومي مُفادن خاطر تياري ڪئي وڃي ته ايندڙ ڏهاڪو سالن ۾ سنڌ سياسي زوال کان بچي سگهي ٿي. سنڌ اندر ادب جي ڪمزور مورچي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سماج سان سلهاڙيل موضوعن کي پنهنجي آدرشن جا اجرڪ اوڍائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن سياسي طور سنڌ مُتحرڪ بڻجي پئي ۽ پنهنجي ڪمزورين جو ازالو ڪري سياسي پارٽيون نئين سِر وکون کڻڻ لڳيون ۽ ٻارڙن کي مُنظم ۽ مُتحرڪ رکي سگهيون ته ايندڙ ڏهاڪو سالن ۾ سنڌ اندر بهتر سياسي نتيجا مِلي سگهن ٿا. ٻي صورت ۾ تجربو ته اهو رهيو آهي جو موجودهه دور جا سياسي وِلين ته ڪنهن سان به وفادار ناهن رهيا.


    گاديءَ واري شهر ۾ هي ڪنهن جو جهنڊو پيو جهولي؟

    هاڻ هي مُلڪ اُها قيمت وياج سميت ڀريندو، جيڪا قيمت ضياءَ ۽ اُن جي حمايتين ۽ اُن کان پوءِ به هن مُلڪ جي حُڪمرانن پنهنجا دائمي مُلڪي مُفاد داءَ تي لڳائي ٻين مُلڪن جو دفاع ڪري وصول ڪئي هُئي. ورهاڱي کان پوءِ وڏي بدنصيبي اها پلئه پئي ته هڪ پاسي لياقت علي خان جي رُجعت پرست سياست کي هٿي ملي ته ٻئي پاسي سردار ولڀ ڀائي پٽيل جي انتهاپسند ذهنيت اڳيان آئي. ائين هن مُلڪ جي سياست مٿان اُها سوچ قابض رهي. جنهن رياستي معاملن کي مذهب کان سواءِ هلائڻ کي ڪُفر پئي تصور ڪيو. لڳ ڀڳ مُلڪ ٺهڻ جي ٽن ڏهاڪن کان پوءِ اُن ذهنيت ئي ڀُٽو خلاف هلندڙ تحريڪ کي هٿي ڏني (اُها جُدا ڳالهه آهي ته ڀُٽو اسٽيبلشمينٽ جي هر معاملي کي اولين فرض سمجهي پُورو ڪرڻ جي باوجود به قبول ٿي نه سگهيو). جنرل ضياءَ جي حدود آرڊيننس، مذهبي نعرا ۽ مدرسن جا بُنياد به اُن ذهنيت جو ئي تسلسل هُئا. اسان ڪڏهن به بهتر سماج جا بُنياد رکڻ لاءِ سنجيدهه ئي ناهيون رهيا. اسان ته هر دور جا ”بخشو“ آهيون. سوويت- افغان جنگ ۾ ڪنهن جي جيت ٿي ۽ ڪنهن جي هار؟ اهو بحث ته هاڻ پُراڻو بڻجي چُڪو آهي پر اُن جنگ ۾ آمريڪا جا دادلا ”بخشو“ ته اسان بڻيا هُئاسين. سڄي عرب دُنيا جن جنگين ۾ آخري دستي ۾ به شامل نه رهي. اسان اهڙين پراين جنگين ۾ به هر اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو. ڇاڪاڻ ته اسان هر جنگ کي ڪُفر ۽ اسلام جي جنگ سمجهي وڙهياسين. اسان مُلڪ اندر صاف سُٿري سماج لاءِ ڪوششن وٺڻ بجاءِ، ڪرپشن جا نوان طريقا ايجاد