ڪتاب جو نالو: آءُ اسان وٽ ويههُ (انٽرويو)
مصنف: امر اقبال
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 11 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 658 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال پاران ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي. جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا. هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ابتدائي شعر : تنوير عباسي
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ : مون لاءِ ”انڊلٺ ــ ريکا“ جهڙو ڪِتابُ....
  • آغا سليم جو انٽرويو

  • آغا سليم جي انٽرويو بابت
  • اسان ماڻهو ٿورڙي تي ڇو ٿا راضي ٿي وڃئون؟!
  • ادل سومرو جو انٽرويو

  • ادل سومرو جي انٽرويو بابت
  • محبت کي ڪنهن به فريم ۾ بند نٿو ڪري سگهجي
  • رسول ميمڻ جو انٽرويو

  • رسول ميمڻ جي انٽرويو بابت
  • مان اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو آهيان
  • ايازگُل جو انٽرويو

  • اياز گل جي انٽرويو بابت
  • پيارَ جو سفر، جيئڻ مرڻ جو سفر آهي!
  • اسحاق انصاري جو انٽرويو

  • اسحاق انصاري جي انٽرويو بابت
  • نوجوان ڏاڍو سُٺو ٿا لکن، پر سينيئر کين پڙهن ئي نه ٿا....
  • حبيب ساجد جو انٽرويو

  • حبيب ساجد جي انٽرويو بابت
  • لکڻ منهنجو عشق َآهي.....
  • پرويز ابڙو جو انٽرويو

  • پرويز ابڙو جي انٽرويو بابت
  • لکڻ مون کي وِرثي ۾ مليو آهي
  • امر اقبالَ جا ڇپيل ڪِتابَ

  • ابتدائي شعر : تنوير عباسي

    آءُ ، اسان وٽ ويههُ!
    الا او ويههُ!
    گهڙي پل منهنجا سائين!

    نينهن نباهيون، ڪيئن نباهيون
    هيءَ حياتي ٿوري ڀانئيون
    سوين جَنَمَ گڏ گهاريون پو ڀي

    پيارَ جو ناهي ڇيههُ
    الا او ويههُ!
    گهڙي پَل منهنجا سائين!

    (تنوير عباسي)


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO. 75
    آءُ، اسان وٽ ويههُ....
    (انٽرويو)
    انٽرويو ڪندڙ: امر اقبال
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 160/- روپيه







    AA’U ASAA’N WAT WEH’U
    (Interviews)
    By: Amar Iqbal
    First Edition: 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Composing & Lay’out: Asif Nizamani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 160/-


    ارپنا

    شيخ ايازَ ۽ تنوير عباسيءَ
    جي نانءِ
    ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پِرينءَ کي“


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”آءُ اسان وٽ ويههُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر ۽ ليکڪ امر اقبال پاران ورتل انٽرويوز تي مشتمل آهي.

    ڪِتابُ ”آءُ، اسان وَٽ ويههُ.....“ انهن انٽرويوز تي مشتمل آهي، جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا.
    هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    سنڌي ٻوليءَ جي سهڻي شاعِرَ امراقبالَ، پنهنجو تخليقي سفر، هميشه خاموشيءَ سان پئي ڪيو آهي. هِڪَ طرف هُنَ پنهنجي منفرد شاعريءَ جا ڪِتابَ پئي ڏنا آهن، ته ٻئي طرف نفيس ۽ مَنَ موهيندڙ نثر جا ڪِتابَ تخليق ڪري، پڙهندڙن جون محبتون ميڙيون آهن. اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هي نئون ڪِتابُ ”آءُ، اسان وَٽ ويههُ.....“ انهن انٽرويوز تي مشتمل آهي، جيڪي هُنَ مختلف وقتن تي ريڊيو خيرپور، ٽماهي ”پوپٽ“، يا ڪِن ٻين رسالن لاءِ ڪياآهن. انٽرويو، ڪجهه ويجھڙائيءَ ۾ ڪيل آهن ته ڪجهه وري آڳاٽا آهن، پَرَ سليقي ۽ نفاست سان ڪيل اِهي انٽرويو، جوابن جي صورت ۾ معزز ليکڪن/شاعرن پاران سامهون آيل قيمتي ويچارَن سبب، پَئي پُراڻا ناهن ٿيڻا.
    هي ڪِتابُ ليکڪن/شاعرن جي خيالن جي مختلف Flevers جي ڪري، نهايت دلچسپ آهي ۽ اسين سمجھون ٿا ته اوهان هِنَ ڪِتابَ کي ڪڏهن به اڌ ۾ ڇڏي نه سگهندؤ. هِنن انٽرويوز کان علاوه امر اقبال، ريڊيو خيرپور لاءِ ٻين به ڪيترن ئي قلمڪارن جا انٽرويو ڪيا آهن، اُهي به جيڪڏهن transcribe ٿي اکرن جو رُوپ وٺن ٿا ته ادارو ”پوپٽ“ انهن کي به ڪِتابي صورت ۾ شايع ڪندي، سرهائي محسوس ڪندو.
    هن ڪتاب ۾ موجود مختلف انٽرويو پڙهندي همعصر دؤر جي سنڌي ادب سان لاڳاپيل مختلف موضوع ۽ ڪيئي نيون ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، گڏوگڏ اديبن/شاعرن جي شخصيت جي حوالي سان به ڪيتريون ئي ڳالهيون نروار ٿين ٿيون، ائين هي ڪتابُ تهائين دلچسپ بڻجي پوي ٿو.
    اميد اٿئون ته امر اقبالَ جي گذريل ڪِتابَن جيان هي ڪِتابُ به اوهان کي پسند ايندو ۽ اوهان اُنَ جو آڌر ڀاءُ ڪندا.
    ادارو ”پوپٽ“ اوهان جي ساٿَ لاءِ هميشه اوهان جو ٿورائتو رهندو.


    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور ـــ سِنڌُ


    مهاڳ : مون لاءِ ”انڊلٺ ــ ريکا“ جهڙو ڪِتابُ....

    چوندا آهن ته خاموشي سَڀَ کان بهترين زبان آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڳالهائڻ سان ئي ماڻهوءَ جي حيثيت، سندس قدر ۽ قيمت ظاهر ٿيندي آهي. ”انٽرويو“ اهڙو موقعو هوندو آهي، جتي”ڳالهائيندڙ“ جو ”اَندر“ سَڀَ جي نظاري لاءِ ظاهر ٿي پوندو آهي، اتي وري انٽرويو وٺندڙ جي صلاحيت جو به امتحان هوندو آهي ته هُو ڪمال هوشياري ۽ ڏاهپَ سان، انٽرويو ڏيندڙ جي اندر جي ڪيتري اؤک ڊؤکَ ڪري ٿو سگهي.
    پڙهندڙ/ٻڌندڙ انٽرويوز ۾ دلچسپي ان ڪري به وٺندو آهي، جو هُو انهن مان هِڪَ طرف انٽرويو ڏيندڙ جي يادگيرين، ڪاميابين، ناڪامين، زندگي ۾ پلئه پوندڙ روشنين، اونداهين مان مَزو وٺڻ چاهيندو آهي ته ٻي طرف هُو انهن سڀني رنگن کي يڪجاءِ ڪري، پنهنجي ايندڙ زندگيءَ لاءِ ڪي سهڻا سبَقَ به سکڻ چاهيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سموري دنيا ۾ انٽرويوز جا ڪتابَ، آتم ڪٿائي ادب ۽ سفرنامن جيان Best Selling ڪتاب ثابت ٿي رهيا آهن.
    پاڻَ وٽ جڳ مشهور صحافڻ اوريانا فلاسيءَ جي ورتل انٽرويوز تي مشتمل ڪتاب “Interview with History” جو گهڻو ذڪر ٿيندو آهي. سٺ ۽ ستر وارن ڏهاڪن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، اندرا گانڌي، ياسر عرفات، شاهه ايران محمد رضا پهلوي، معمر قذافي، هينري ڪيسينجر ۽ ٻين عالمي اڳواڻن کان ورتل انٽرويوز تي مشتمل انهيءَ ”ٽينَ کڙڪائي ڇڏيندڙ“ ڪتاب جا پڙاڏا اَڄُ ايڪويهين صديءَ جي ٻئين ڏهاڪي ۾ به اڪثر دُنيا ۾ ڪنائجن ٿا ـــ (عُمر ميمڻ صاحب انهن انٽرويوز مان ڀُٽي صاحب جو انٽرويو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪنهن دؤر ۾، هڪ ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپرايو هو).
    ڪنهن زماني ۾ عبدالقادر جوڻيجي صاحب ”وڏا اديب، وڏيون ڳالهيون“ جي عُنوان سان انٽرويوز جو هڪ شاندار ڪتاب ترجمو ڪري ترتيبَ ڏنو هو، جنهن ۾ عالمي شهرت رکندڙ اديبن جا انٽرويوز شامل هئا. اهو دؤر، جڏهن هڪ طرف انٽرنيٽ جي سهولت نه هئي ۽ ٻي طرف اسان جا اديبَ انگريزي ادب خريد ڪرڻ/پڙهڻ افورڊ ئي نه پئي ڪري سگهيا، اهڙي دؤر ۾ جوڻيجي صاحب جو اهو ڪتاب اسان ”سنڌي اديبن“ لاءِ عالمي اديبن ڏانهن کلندڙ هڪ ننڍڙي دري بڻجي پيو هو ـــ رب سائين جوڻيجي صاحب کي صحت ۽ وڏي ڄمار ڏي، انهيءَ ڪتابَ کانپوءِ ۽ هن وقت به هو ڪافي سارو قيمتي پرڏيهي ادب (۽ خاص ڪري انٽرويوز) اسان کي ترجمو ڪري ڏيندو رهي ٿو.
    جتي انٽرويو وٺڻ هڪ آرٽ آهي ۽ سُٺو انٽرويو وٺڻ هر ڪنهن جي وسَ جي ڳالهه ناهي هوندي.... اُتي انٽرويو ڏيڻ به هڪ آرٽ آهي. پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا غير معمولي آرٽسٽ، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي تخليقن تي ڳالهائي ناهن سگهندا، انهن کي define ناهن ڪري سگهندا.
    ريڊيو خيرپور تي گذريل پندرنهن سالن ۾ مون ڪيترن ئي نامور توڙي نؤخيز اديبن جا انٽرويو ڪيا هوندا.... ڪڏهن ڪڏهن ڪو مهمان اهڙو اچي ويندو آهي، جيڪو ايترو ته وضاحت سان ڳالهائيندڙ هوندو آهي جو، هِڪَ سوالَ جي جوابَ ۾ ئي پُوري پروگرامَ جو وقتُ خرچ ڪري ڇڏيندو آهي، ته ڪڏهن وري ڪو اهڙو مهمان به سامهون هوندو آهي، جنهن جو جواب بنهه مختصر.... هِڪُ لفظ.... يا وري هِڪَ سِٽَ.... اهڙي صورتحال ۾ وري پاڻ پريشان ٿي ويندا آهيون ته ايترا سوال ڪٿان آڻجن، جيئن ٽائيم Cover ٿي وڃي.
    احمد فراز ۽ افتخار عارف هڪ دفعي فيض احمد فيض کان انٽرويو وٺي رهيا هئا، هنن کانئس پهريون سوال اهو ڪيو ته: ”اهي ڪهڙيون ڳالهيون هونديون، جيڪي اوهان چاهيندؤ ته، اسان هِنَ انٽرويو ۾ اوهان کان نه پڇئون؟“. فيض کين وراڻيو: ”منهنجي اعمال نامي ۾ ڪجهه ”پرده نشينن“ جا نالا به اچن ٿا.... اهي مان نه ٻُڌائيندس.... باقي منهنجي زندگي کليل ڪتاب وانگر آهي“.
    سو ائين به ٿيندو آهي ته ضروري ناهي ته هر انٽرويو هڪ مڪمل انٽرويو هجي (۽ اها ڳالهه هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود انٽرويوز سان به لاڳو آهي) هر انٽرويو جو پنهنجو مزاج، پنهنجي مهل، پنهنجو موقعو هوندو آهي.... هونئن اسان سماجي نفسيات جي حوالي سان اُنَ پَدَ کان الائي ڪيترو پري به بيٺا آهيون، جنهن پَدَ تي پهچڻ کانپوءِ ئي ماڻهو (تخليقڪار) پنهنجي زندگيءَ کي ڪنهن کليل ڪتابَ جيان واقعي کولي به سگهي. ڳالهه قبوليت (acceptance)جي به ته آهي نه.....
    لکڻ وارن کان اڪثر ڪري اهو به سوال ڪيو ويندو آهي ته: ”اوهان لکو ڇو ٿا؟“..... يا وري: ”لکڻ وقت اوهان جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟“.... اهڙا يا ان سان ملندڙ جلندڙ سوال مون به هن ڪتابَ ۾ موجود انٽرويوز ۾ مختلف ليکڪن کان ڪيا آهن ۽ انهن جا مختلف (يا ملندڙ جُلندڙ) جواب به سامهون آيا آهن. هتي مون کي بانو قدسيه جو، هڪ انٽرويوءَ ۾، اهڙي ئي قسمَ جي پڇيل سوالَ جي موٽَ ۾ ڏنل جواب ياد ٿو اچي. هن چيو هو: ”لکڻ وقت مان پاڻ ناهيان لکندي.... ڪوئي ٻيو لکرائيندو آهي“..... بلڪل ائين اڪثر ليکڪن کان ”عشقَ“ جي باري ۾ پڇيو ويندو آهي. اهڙو ئي سوال جڏهن احمد فراز کان هڪ انٽرويو ۾ ڪيو ويو ته هُنَ سگريٽ جو ڪَشُ هڻي، مُرڪندي وراڻيو هو: ”عشق هڪ خوبصورت، پَرَ ڊيڄاريندڙ خوابُ آهي، جنهن کي هَر ڪنهن کي ڏسڻ گهرجي“.
    مون کان ملڪهِ نرنم نور جهان جو هڪ انٽرويو دوران ڏنل اهو جواب به ناهي وسرندو ته: ”مون ڪيلَ گناهن ۽ ڳايل گيتن جو ڪڏهن شُمار ڪيو ئي ناهي.“
    پنهنجي اسڪولي عُمر دوران ئي مون کي رات جو BBC جي اردو نشريات ٻڌڻ جو شوق رهيو (هاڻي ته ريڊيو جو حصو هوندي به ريڊيو ٻُڌڻ گهٽ ٿو ٿئي).... مون کي اڃان تائين ياد آهي هِڪَ پروگرام ۾ ”گلزار“ جو انٽرويو پئي هليو. انـٽروويو وٺندڙ (ڪيرُ هُيو ياد نه ٿو اچيم...) گلزار کان پُڇيو هو: ”شاعري ڇا آهي؟“
    گلزار وراڻيو هو: ”ميرا ڪُڇ سامان تمهاري پاس پڙا هي وه لوٽادو..... This is not Poetry “
    ”ته پوءِ....؟!“ انٽرويو وٺندڙ پڇيو هو.
    ”ساون ڪي ڪڇ ڀيگي شامين.... خط ۾ لپٽي رات پڙي هي...... وه لوٽادو...... That’s Poetry“. گلزار جُملو مڪمل ڪيو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته انٽرويو ڏيندڙ شخصيت جو سحر ايترو ته سگهارو هوندو آهي، جو انٽرويو وٺندڙ/وٺندڙن جي ”بولتي بند“ ٿي ويندي آهي. 1993ع ۾ جڏهن اسان ڪجهه دوست پرنس ڪمپليڪس ۾ شيخ اياز سان مليا هئاسون، ته اسان جي حالت به ڪجهه اهڙي ئي هُئي. جيتوڻيڪ اُها Just هڪ Informal ڪچهري هُئي، ڪو formal انٽرويو نه هو.... پر اسان دوستن (وسيم سومرو، حبيب ساجد، رکيل مورائي ۽ مان) مان ڪنهن به دوست کي ايتري همت نه پئي ٿي ته اياز کان ڪوئي cross question ڪري سگهؤن.... بس اياز ڳالهائيندو پئي ويو ۽ اسان ٻڌندا ئي پئي وياسين.... مون ”شيخ اياز: هڪ ملاقات جي ياد“ جي عنوان سان انهيءَ ڪچهريءَ کي قلمبند ڪيو آهي، جيڪا منهنجي اڳ شايع ٿيل ڪتاب ”کنڀَ مورڻين جا“ ۾ شامل آهي.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود هِنَ ڪِتابَ ۾ جيڪي به انٽرويو شامل آهن، انهن انٽرويو ڏيندڙ شخصيتن متعلق مان اهو ٻڌائيندو هلان، ته اِهي سَڀُ شخصيتون، ذاتي حوالي سان يا سندن لکڻين/شاعريءَ جي حوالي سان، منهنجي دل جي قريب رهيون آهن. اصل ۾ مون سان مسئلو اهو آهي ته جيڪي ماڻهو (۽ پڻ ڪتاب) منهنجي دل کي، منهنجي مزاج کي، ڪنهن به قسمَ جو موههُ ناهن آڇيندا، پاڻَ انهن کان پَري رهندو آهيان۽ جيڪي مَنَ کي موهيندا آهن، انهن سان گهاريل ڪي گهڙيون به پنهنجي لاءِ سَرمايو سمجھندو آهيان.
    ڪتاب ۾ شامل انٽرويو مختلف سالَن ۾ ورتل آهن، مُون انهن سالَن جو حوالو، هر انٽرويوءَ جي شروعات ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن، انهن انٽرويوز ۾ Contemprory دؤرَ جا جيڪي به ادبي Issues، موضوع.... يا وري ليکڪ/شاعر جي شخصيت جي حوالي سان ڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون... ته پڙهندڙ، انهن سڀني شين کي، انهيءَ دؤرَ (سالن) جي پسمنظر ۾ ئي ڏسي ۽ perceive ڪري سگهي.
    آغا سليم صاحب جڏهن ريڊيو خيرپور آيو هو ۽ محمد علي ٻانڀڻ صاحب جڏهن مون کي فون ڪيو هو ته اچو، اچي آغا صاحبَ جو انٽرويو ڪريو.... ته منهنجيءَ هڪ دل چيو هو ته ٻانڀڻ صاحب سان ڪو بهانو ڪري نٽائي وڃان.... ڇو ته سچي ڳالهه اِها آهي ته اِهو پهريون دفعو هو جو مان آغا سليم صاحب جهڙي وڏي ليکڪ سان آمهون سامهون مِلڻ وڃي رهيو هُيس ۽ پَڪَ سان سندس شخصيت جو رُعب ئي هيو جو مان انٽرويو وٺڻ کان گهٻرائي رهيو هُيس.
    مونکي ياد آهي ٻانڀڻ صاحب جي آفيس ۾ چانهه پيئندي، آغا سليم صاحب کيس چيو هو: ”مَنَ! ڇَڏ انٽرويوءَ کي، مان هتي تو وٽ صرف چانهه پيئڻ آيو هئس.... ۽ ٻيو ته تنهنجو هي ڪمپيئر ڀلا مون کان انٽرويو وٺندو به ڇا؟.... پُڇندو.... پسند جو رنگ ڪهـڙو اٿئي؟.... پسند جي موسَمَ.... پسند جي خوشبوءِ....“. ٻانڀڻ صاحب، مُرڪندي آغا صاحب کي چيو هو: ”سائين! الله ڀلي ڪندو.... توهان Studio ۾ هلو ته سَهي....“
    ..... ۽ پوءِ ڌڙڪندڙ دل سان جڏهن مون آغا صاحب سان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي هُئي ته.... اُها وڌندي ئي وئي هُئي.... آغا صاحب کي به ڳالهائيندي مزو اچي رهيو هو.... انٽرويو پورو ٿيڻ تي مون دل ئي دل ۾ شڪرانا ادا ڪيا هُئا ۽ آغا صاحب، اسٽوڊيو مان نڪرندي، منهنجي ڪلهي تي هَٿُ رکندي، جهڙوڪر مون کي شاباس واري مُرڪَ ارپي هئي.
    ادل سومري صاحب جي شاعريءَ سان ۽ خُود ساڻس شخصي حوالي سان، منهنجو، منهنجي Teenage کان وٺي ئي محبت ۽ احترامَ وارو رشتو ۽ رستو رهيو آهي. ڪِتابَ ۾ شامل ادل صاحب جي هن انٽرويوءَ لاءِ سوالَ، مون سندس ئي شعرن مان اخذ ڪيا هُئا. اُنهن ڏينهن ۾ ادل ڪجهه عرصي لاءِ خيرپور shift ٿي آيو هو ۽ خيرپور جي ”مير علي بازار“ ۾ ڪرائي جو گهر وَٺي رهائش اختيار ڪئي هئائين. هي انٽرويو اُنهيءَ ئي گهرَ جي ڊررائنگ رُوم ۾ آڊيو ڪئسيٽ تي رڪارڊ ڪيو هو، جيڪو بعد ۾ مون اکر اکر ڪري ڪاغذ تي اتاريو هو ۽ ان وقت هي انٽرويو ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيو هو.
    ادل صاحب هِنَ انٽرويوءَ ۾ مختلف موضوعن تي تفصيلَ سان ڳالهايو آهي.... پَرَ ”دوستي“ ۽ ”محبت“ جي موضوعن تي جواب ڏيندي مُحتاط انداز به اختيار ڪيو اٿائين. هونئن شاعري توڙي شخصيت جي حوالي سان ادل صاحب وٽ جيتري سنجيدگي ۽ ڳنڀيرتا ملي ٿي.... مون کيس ايترو ئي Witty ۽ قهر جو جُملي باز به observe ڪيو آهي. (گذريل سال ڊسمبر ۾ ”سنڌالاجي“ جي ڇٻراٽي تي منعقد ٿيل ”مچ مشاعري“ ۾ مون جڏهن پنهنجو غزل پڙهيو هو ته ادل صاحب ٿڏي تي ان جو پيروڊي شعر ٺاهي مون کي ٻُڌايو هو).
    رسول ميمڻ صاحب هِنَ دؤرَ ۾ سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول جي حوالي سان تمام مٿڀرو نالو آهي. سندس تخليق ڪيل ڪهاڻيون توڙي ناول quality توڙي quantity جي لحاظ کان سنڌي Fiction لاءِ ڪنهن وڏي ڏَڍَ وانگر آهن. رسول ميمڻ صاحب سان، جيتوڻيڪ مان، ذاتي حوالي سان گهڻو ويجھو ناهيان رهيو، پر منهنجي دل ۾ سندس لاءِ اڻ مَيو احترام ۽ پيار سمايل آهي ـــ رسول صاحب جو ننڍو ڀاءُ امان ميمڻ، مُنهنجو ويجھو دوست آهي، جيڪو قد بُت ۽ مُنهن مُهانڊن ۾، صفا سندس جهڙو ئي لڳندو آهي. رسول ميمڻ صاحب پنهنجي هڪ ناول ”قالوبليٰ“ جو بئڪ ٽائيٽل لکڻ جو اعزاز مون کي بخشيو هو. ڪافي سال اڳ سکر جي ”مهراڻ“ هوٽل ۾ سنڌي ادبي سنگت سکر پاران ساڻس هڪ رهاڻ رَچائي وئي هُئي. مون اُتي مَٿس هڪ مختصر پيپر پڙهيو هو. اُهو منهنجو ساڻس محبت جو پهريون اظهار هيو. پڙهندڙ، رسول ميمڻ جي ڪهاڻين ۾ جيڪو جادو محسوس ڪندا آهن، اُهو جادُو کين، سندس اکين ۾ به نظر اچي سگهي ٿو.... جيڪڏهن هُو ڪڏهن، ڪٿي ساڻس گڏجي پَون ته..... هونئن سندس ڳالهين جوجادو اَسان، هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود انٽرويو وٺندي به محسوس ڪيو هو.
    ايازگُل صاحبَ جي شاعريءَ ۽ شخصيتَ جي ساٿَ ۽ سحرَ ۾ به اسان پنهنجي Teenage ۾ ئي آياسون. شانائِتي شاعري ۽ مانائِتي شخصيتَ واري اياز صاحب به پنهنجي گهڻن دوستن جيان، مون کي به پنهنجي دل جي هِڪَ ڪُنڊَ ۾ اهميت واري جاءِ پئي ڏني آهي. جديد سنڌي غزل جي سرواڻي ڪندڙ هيMatchless شاعِرُ، جيئن پنهنجي شعرن ۾ توريل تڪيل، دل ۾ لهي ويندڙ ۽ Perfect لفظَ استعمال ڪندو آهي، ائين ئي هُنَ، هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل انٽرويوءَ ۾ مُختصر پر سڌو سنئون communicate ٿيندڙ جوابَ ڏنا آهن. انٽرويوءَ ۾ شامل سوالَ مون اياز صاحبَ جي شعرن مان اخذ ڪيا هُئا ـــ انٽرويو، سندس ”ڀُٽا روڊ“ واري گهرَ جي خوبصورت ڊرائنگ رُوم ۾ ٿيو هو ۽ ان وقت ”عبرت مئگزين“ ۾ شايع ٿيو هو ـــ ۽ بعد ۾ مورو مان شايع ٿيندڙ هڪ ادبي مخزن ”سنڌُ سماچار“ جي ”ايازگُل نمبر“ ۾ به اهو انٽرويو repeat ٿيو هو.... ۽ هينئر هن ڪتاب جي صفحن ۾ محفوظ ٿي اوهان تائين پهچي رهيو آهي.... هونئن تازو ئي شايع ٿيل ٽماهي ”پوپٽ“ جي ”ايازگُل نمبر“ ۾ پڙهندڙن اياز صاحب جي ڪنهن نئين انٽرويوءَ جي کوٽ شدتَ سان محسوس ڪئي.... سو حياتي آهي ته، اهڙو انٽرويو ضرور ڪَبو.
    اسحاق انصاري صاحبَ جي لکڻين کان اڳ ۾ مان سندس آواز سان Introduce ٿيو آهيان. 1987ع ۾ پنهنجي School-age ۾ مُون جڏهن ريڊيو خيرپور تان، سندس آواز پهريون دفعو ٻُڌو هو ته ايندڙ وقتَ ۾ سندس “Habitual Listener” بنجي ويو هُئس. اڳتي هلي لطيف يونيورسٽيءَ جي ٽيچرس ڪالونيءَ ۾ موجود سندس گهر جي سامهون ڇٻراٽي تي ساڻس گڏ چانهه پيئندي، مون جڏهن ڪاٺَ جي اَڻ گهڙيل بُنڊَن مان ٺهيل بئنچن ۽ ڪُنڊن پاسَن ۾ ٽنگيل لالٽينُن کي ڏٺو هو ته، اسحاق صاحب جي Asthetic Sence تي پيارُ آيو هو..... ”خالي بئنچ“ ان کانپوءِ جو قصو آهي. مون هميشه اسحاق صاحب کي احترامَ، ۽ هُنَ مون کي پيارَ جي نظرَ سان ڏٺو آهي. ريڊيو خيرپور جا Studios هُنَ جيان مون لاءِ به پنهنجي هِڪَ الڳ خوشبوءِ رکن ٿا. پنهنجي ناول کان وٺي سفرنامن تائين پڙهندڙن جي دلين ۾ مُرڪندو رهندڙ اسحاق انصاريءَ جو هن ڪتابَ ۾ شامل انٽرويو به ريڊيو خيرپور جي Studio جي مهڪَ ۾ واسيل آهي.
    حبيب ساجد .... حبيب جي ڇا ڳالهه ڪجي؟!.... سندس مَنُ ڪڏهن ”ماڪوڙي“ ته ڪڏهن وري ”ڪيهر شينهن“.... ۽ ائين هُو ”هِڪڙي حال“ ۾ رهڻ وارو ماڻهو ئي ناهي. حبيب اسان جو انتهائي creative دوست، جڏهن به لکندو ۽ جيڪو به لکندو، سندس تخليق ڪيل سٽون، سندس ئي سُڃاڻپ جو حوالو بڻجي وينديون. سندس تمام گهڻو تخليقي ڪَمُ وکريو پيو آهي. منهنجي اها شديد خواهش رهي ته هُو پنهنجي ڪَمَ کي سهيڙي، ڪتابي شڪل ڏئي.... پَرَ.... ڪاش ائين ٿي پوي. حبيب جو انٽرويو ڪرڻ، منهنجي پُراڻي خواهش هئي پَرَ، هُو واري ۾ ئي نه پئي آيو. نيٺ ريڊيو خيرپور جي سينيئر پروڊيوسر ۽ اسان جي دوستَ مُسرت علي منگيءَ کيس ڦاسائي وڌو. وهه وا ٿي وئي.... تفصيلي انٽرويو ٿيو. مُسرت انهيءَ ڳالهه تي confusedهيو ته، مان حبيب کي ”تون“ چئي مخاطب ٿيندو رهيو آهيان، جيڪو ريڊيو جي پاليسيءَ مطابق، دَرِ آيل مهمانَ جي مانَ ۾ گهٽائي آڻڻ جي برابر آهي، مون، کيس چيو هو حبيب سان ”توهان“ وارو رشتو آهي ئي ڪونه ۽ مون لاءِ اِهو عجيب ترين لمحو هوندو جڏهن مان حبيبَ کي ”توهان“ چئي مخاطب ٿيندس.... بهرحال انٽرويو ”تُون“ جي ساٿَ ۾ ئي نشر ٿيو ۽ اَڄُ هِنَ ڪِتابَ ۾ موجود آهي.
    پرويز ابڙو .... ”هُو آيو، هُنَ ڏٺو ۽ هُنَ فتح ڪري ورتو“ واري چوڻي مطابق، پرويز، اَدبَ ۾ پنهنجي پهرين entry ، يعني پنهنجي ناول ”تون هڪ خوابُ آهين“ ذريعي ئي تمام گهڻي مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي ورتي ـــ منهنجو ذاتي مشاهدو آهي ته پڙهندڙ اڄ به مارڪيٽ مان ڳولهئي نه لڀندڙ سندس ناول کي، هتان هُتان، ڳولهي ڦولهي پڙهن ٿا. جنهن مان اِها ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته ڪنهن به تخليقي حوالي سان rich ڪتابَ کي هروڀرو جي مصنوعي Projection، تبصرن، مهاڳن، مهورتن جي ضرورت نه ٿي پوي. پرويز اسان جو مَنَ موجي دوست آهي. جنهن کي انهن شين جي صفا ضرورت ناهي رهي. سندس پيءُ قبول ابڙو صاحب کيس وڏو Business Man ڏسڻ ته چاهيندو هو پر گڏوگڏ سندس ناول جي پذيرائيءَ تي به ڏاڍو خوش ٿيندو هو ـــ پرويزَ جي ٻئي ناول ”نيريون اکيون، سرمئي خواب“ جو نالو مون تجويز ڪيو هو.... ۽ هينئر ”ملهار“ جي عنوان سان لکيل ناول، هُو لڪايون ويٺو آهي، ڏسؤن ته ڪڏهن ٿو پڙهائي؟.... هن ڪِتابَ ۾ شامل (سندس چواڻي) سندس زندگيءَ جو هي ”پهريون انٽرويو“...تازو ئي سمنڊ جي ساٿَ ۾ ساڻس ڪيل هڪ بي ترتيب ڪچهري آهي.
    عجيب اتفاق ته هِنَ ڪِتابَ ۾ شامل انٽرويوز جو تعداد سَتَ آهي. منهنجي لاءِ ڄَڻُ ته هي ڪِتابُ هِڪَ ”انڊلٺ ـــ ريکا“ بڻجي پيو آهي. انٽرويو ڏيندڙ شخصيتن مان چئن جو تعلق، ڪهاڻي ۽ ناول سان آهي (آغا سليم، رسول ميمڻ، اسحاق انصاري ۽ پرويز ابڙو) جڏهن ته ٽِن جو تعلق شاعريءَ سان آهي (ادل سومرو، ايازگُل، حبيب ساجد)..... ۽ انٽرويوز جي ترتيب به مون ڪجهه ائين رکي آهي ته هِڪَ ڪهاڻيڪار/ناولنِگار کانپوءِ هڪ شاعِرَ جي ڳالهين جا رنگَ آڏو اچن ۽ ائين پڙهندڙ انهيءَ رنگارنگيءَ کي لطفَ سان ماڻي سگهن.
    پاڻَ وَٽِ مستنصر حسين تارڙ ۽ پروين شاڪر کان وٺي نعيم بخاريءَ تائين ۽ مهتاب اڪبر راشديءَ کان وٺي نصير مرزا، ڪوثر ٻُرڙي ۽ محمود مغل تائين، ڪيترائي اهڙا Interviewer رهيا آهن، جن جڏهن به ڪنهن celebraty کان انٽرويو ورتو آهي، مَنَ کي گهڻو وڻيا آهن ـــ پونئين ٽِن مانائتن Broadcasters ته پنهنجي ورتل اڪثر انٽرويوز کي ٽرانسڪرائيب ڪري، پڙهندڙن تائين پهچايو به آهي.
    هڪڙي مزيدار ڳالهه اوهان سان Share ڪندو هلان ته اڪثر انٽرويو وٺندڙ وري اهڙا به هوندا آهن جيڪي انٽرويو ڏيندـڙ کي ايترو ٽائيم ڏيندا ئي ناهن، جيترو ٽائيم پاڻَ وٺندا آهن. انهيءَ حوالي سان..... هِتي مون کي ڪافي سال اڳ پي ٽي وي تي ڏٺل پروگرام ”انڪل سرگرم“ ياد اچي رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ انٽرويو ڪندڙ Puppet، مهمان Puppet کان سوال ڪندو آهي ته: ”توهان فَني زندگيءَ جو آغاز ڪڏهن ڪيو؟!“.... مهمان جواب ڏيڻ لاءِ واتُ کولي ئي مَسَ ته مٿان ميزبان چئي ڏي: ”مان سمجھي ويس، مان سمجھي ويس، توهان اِهو ٿا چوڻ چاهيو ته توهان پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز ”ننڍپڻ“ کان ئي ڪيو.....“ ۽ اِيئن سموري انٽرويوءَ ۾ مهمانَ کي جواب ڏيڻ جو موقعو ئي نه ٿو ملي..... سو ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي.....
    ڪِتابَ ۾ شامل هنن انٽرويوز کان علاوه، ريڊيو خيرپور لاءِ مان ٻين به گهڻن ئي ليکڪن جا انٽرويو ڪري چُڪو آهيان (جن ۾ سائين راشد مورائيءَ جو انٽرويو به شامل آهي) منهنجي ڪوشش هوندي ته اُهي انٽرويو (جيڪڏهن ريڊيو آرڪائيوز ۾ محفوظ آهن ته) هَٿ ڪري، انهن کي به ڪتابي صورت ڏئي سگهان.
    ڪجهه سالَ اڳ 2012ع ۾ ريڊيو خيرپور پاران جڏهن خيرپور جي Senior Citizens سان خيرپور جي تاريخ جي حوالي سان تفصيلي ڪچهريون ڪرڻ جو سلسلو ”خيرپور: هيرن جي کاڻ“ شروع ٿيو هو ته ان جي ميزباني ڪرڻ جو موقعو به مون کي ئي مليو هو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اَسان جسٽس رٽائرڊ علي اسلم جعفري، استاد مولا بخش لاڙڪ، لعل بخش منگي، استاد غلام رسول ٻُرڙي ۽ ٻين ڪيترن ئي شخصيتن جا انٽرويو رڪارڊ ڪيا هئا. مون کي ياد آهي ته انهيءَ ئي سلسلي ۾ بزرگ ڍولڪ نواز استاد قادر بخش مرحوم جو انٽرويو ڪندي مون جڏهن کانئس سندس ”عِشقن“ جي باري ۾ پُڇيو هو ته، وراڻيو هئائين: ”سرڪار! هِنَ فَنَ جي ڪَري ڪيترين ئي ”صُورَتُن“ اسان تي ”وڏا قُربَ“ ڪيا..... صرف ”فَنَ“ جي ڪري..... نه ته اسان جي شَڪل ته پاڻ ڏسو ٿا.....“. استاد قادر بخش رَنگَ جو پَڪو هوندو هُيو...... ۽ سندس انهيءَ جواب تي اسٽوڊيو ۾ ٽهڪڙو مچي ويو هو.
    قُربان منگي صاحبَ ڪجهه سالَ اَڳُ پنهنجي ذاتي خرچَ تي، خيرپور جي Legend شخصيتن (مختلف شعبن ۾) سان، خيرپور جي تاريخَ جي حوالي سان ڪچهري ڪري، انهن جي سينن ۾ مدفون تاريخَ کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو رِٿيو هُيو ـــ اُنهيءَ سلسلي ۾ سَڀَ کان پهريان اسان جسٽس رٽائرڊ علي اسلم جعفري صاحب سان هِڪَ تمام ڊگهي ڪچهري ڪئي هُئي ۽ اُنَ کي Video record به ڪيو هُيو. اُها، اُنَ سلسلي جي پهرئين ڪچهري هُئي.... جي اهڙي قسمَ جي ڪچهرين جي اها Series اڳتي وڌي ها (جيڪا ڪن مجبورين سبب اڳتي وڌي نه سگهي هئي) ته خيرپور جي علمي، ادبي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي تاريخ جي حوالي سان هِڪَ اهم Document جهڙو ڪتابُ ضرور جُڙي پوي ها.....
    ۽ آخر ۾ هن ڪتاب جي حوالي سان، مان ٿورائتو آهيان، ڪِتابَ ۾ شامل سَڀني مهربان شخصيتن/دوستن جو، جن مختلف وقتن تي مون کي وقتُ ڏنو ۽ مان ساڻن ڪچهري ڪري، سندن ڳالهين کي محفوظ ڪري سگهيس.
    ٿورائتو آهيان ريڊيو پاڪستان خيرپور جو، جنهن مختلف شخصيتن سان ڪچهري ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا ۽ پوءِ مان انهن ڪچهرين کي قلمبند ڪري سگهيس.
    ٿورائتو آهيان انهن رِسالن جو جن ۾، ڪجهه انٽرويو پهريون دفعو شايع ٿيا.
    تمام گهڻا ٿورا پنهنجي دوست، هاڪاري مُصور، ڀاءُ سعيد منگيءَ جا، جنهن هِنَ ڪِتابَ جي موڙَ تي به ماضيءَ جيان ساٿُ نڀائيندي خوبصورت ٽائيٽل ڊزائين ڪري ڏنو.
    مهرباني پياري آصف نظاماڻيءَ جي جنهن چُستيءَ سان ڪِتابُ ڪمپوز ڪيو ۽ ان جو لي آئوٽ ٺاهيو.
    تمام گهڻي مهرباني محترم قربان منگيءَ جي جنهن منهنجي هَر ڪِتابَ کي ڇاپيندي، دلي سَرهائي محسوس ڪئي آهي. ماضيءَ جيان هِنَ دفعي به هُنَ هيءَ ڪتابُ شاندار انداز ۾ شايع ڪيو آهي.
    گهڻي مهرباني پياري دوست ضمير لاشاريءَ جي جنهن ڪِتابَ جي بئڪ ٽائيٽل لاءِ چار سِٽون لکي، انهيءَ ”رسمَ“ کي نباهڻ ۾ ساٿُ ڏنو.

    ــ امر اقبال
     چَنا هائوس ـــ گلشنِ نذير
    خيرپور ــــ سنڌ.

    0331-3067097
    0302-3121450
    amariqbal@outlook.com


    آغا سليم جو انٽرويو

    آغا سليم جي انٽرويو بابت

    آغا سليم صاحب هونئن ته سندس لفظن ۾ پنهنجي “پيڪاڻي گهر” يعني ريڊيو اسٽيشن (خيرپور) صرف چانهه جو ڪوپ پيئڻ آيو هو، پَرَ هِتان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ صاحب جي خواهش هُئي ته آغا صاحب جو ادبي پروگرامَ لاءِ هڪ انٽرويو به ٿي وڃي. جنهن لاءِ وري ذميداري مون مَٿان اَچي وئي. هيڏانهن تڪڙي فون ڪال تي ريڊيو اسٽيشن پهتل، مان وري پريشان ته آغاسليم صاحب جهڙي اعليٰ ليکڪ سان مان ڪچهري ڪري به سَگهندسُ ته ڪهڙي؟!
    اصل ۾ آغا صاحب، سچل سرمست سائينءَ جي عُرس جي موقعي تي ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ لاءِ خيرپور آيل هُيو. درازا ۾ اُنهيءَ شامَ سندس ڪِتاب “Sachal: The Rapturist Poet” جو مهورت پڻ ٿيڻو هو ـــ بنهه مُختصر وقت ۾ ٿيل هِنَ ڪچهريءَ ۾ لطيف، سچل ۽ تصوف جا ٻيا گيڙو رنگ ئي گهڻا وکريل نظر ايندا ـــ جيتوڻيڪ هِنَ انٽرويوءَ کي ڪو تفصيلي، جامع، گهڻ رُخو ۽ رٿابنديءَ/اڳواٽ تياريءَ سان ٿيل انٽرويو نه ٿو چئي سگهجي، پَرَ پوءِ به منهنجي دِل گهريو ته سنڌي ٻوليءَ جي پنهنجي ئي اندازَ واري هِنَ سَدا سُهڻي ليکڪ جون ڳالهيون، پَنن تي اُتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن سان ضرور شيئر ڪجن.
    (2013ع)
    ................................................................................
     پبلشر پڙهيو ويندڙ ڪِتاب کي آئوٽ آف اسٽاڪ ٿيڻ نه ڏيندو آهي.
     مهرباني ڪري مون کان اهو نه پڇجو ته توهان کي فلاڻو ناول پسند آهي يا فلاڻو پسند ناهي.
    اسان جيڪي نثر نِگار آهيون، اهي نثر جي هڪ هڪ صفحي ۾ الائي ڪيترا غزلَ چئي ويندا آهيون.
    پوئتي ڏٺم ته شاههَ سائينءَ مون کي سَڏُ ڪيو آهي ۽ مان اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويس.
     اسان جو Heritage هيڏو سارو آهي ۽ اسان صرف موئن جي دڙي تي خوش آهيون.....
     ترجمو ڪو آسان ڪم ناهي...... reaction آ.


    اسان ماڻهو ٿورڙي تي ڇو ٿا راضي ٿي وڃئون؟!

    امر اقبال: سنڌي ناول، جنهن کي اوهان ۽ سراج صاحب مٿاهين ليول تي پهچايو، اهو سنڌي ناول هاڻي پڙهڻ لاءِ ڪونه ٿو ملي، ان جو ڇا سبب آهي؟
    آغا سليم: منهنجي خيالَ ۾ منهنجا ناول ”همه اوست“ ۽ ”اونداهين ڌرتي روشن هٿ“ اڃان به گهڻا پڙهيا ٿا وڃن. ان جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته اهي ناول يونيورسٽين جي سئليبس تي رکيل آهن. پر اها ناول جي popularity ناهي، اِها پڙهندڙ جي مجبوري آ. باقي جيسيتائين ناول جي وڪري جو سوال آهي، ۽ جيئن مان ڏسان ٿو، ته ناول وڪرو ٿئي ٿو ۽ ماڻهو پڙهن به ٿا، مون سان منهنجو جيڪو به پڙهندڙ مليو آ، اُنَ منهنجي انهن ٻن ناولن جو حوالو ڏنو آ، حالانڪه مون ٻيو به گهڻو ڪجهه لکيو آهي. منهنجا ناول بازار ۾ ملن ٿا يا وري آئوٽ آف اسٽاڪ ٿي ويا آهن مون کي خبر ناهي، پر مان سمجھان ٿو ته پبلشر پڙهيو ويندڙ ڪِتاب کي آئوٽ آف اسٽاڪ ٿيڻ نه ڏيندو آهي..... سو مون کي ته اها ئي انفارميشن آهي ته منهنجا ناول هَلن ٿا، پڙهيا ٿا وڃن ۽ ساڳي ئي وقت سراج جو ناول به ايڏو ئي پاپولر آ، اڄ به........ ”پڙاڏو سوئي سڏ“.

    امر اقبال: منهنجو مطلب آ ته، سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر ۾ سراج صاحب جيئن ناول لکيا، يا ان کان پوءِ وري غلام نبي مغل صاحب لکيا، يا وري توهان تصوف جي موضوعن تي ناول لکيا....... ته اهڙي قسم جا موضوعاتي ناول اڄڪلهه اسان وٽ ڇو نه ٿا لکيا وڃن...... يا توهان جي جنريشن کان پوءِ اسان وٽ اهڙا ڪي ناولنگار ڇو پئدا ٿي ڪونه سگهيا آهن؟
    آغا سليم: عرض اِهو آ ته........ اِها ڪا روايت ته نه ٿي ٿي سگهي نه، ته هميشه ماڻهو اهڙي ئي قسم جا ناول لکن...... هڪڙو موضوع آ، انهيءَ تي لکجي ويو، مون پنهنجي اينگل کان لکيو، سراج پنهنجي اينگل کان لکيو.... غلام نبي مغل لاءِ به توهان چئو ٿا..... پَرَ مون سندس ناول ڪونه پڙهيو آ...... جيڪو به تاريخي پس منطر ۾ آهي. ائين نه ٿيندو آ ته ليکڪ هڪ ئي موضوع جي تسلسل ۾ پيا لکندا رهن. زندگيءَ جا ٻيا به هزارين موضوع آهن.

    امر اقبال: طارق عالم جو ناول ”رهجي ويل منظر“، تمام گهڻو مقبول ٿيو. نوجوانن ۾ خاص ڪري، ان ناول کي تمام گهڻي پيارَ سان پڙهيو ويو ۽ اڃان به پڙهيو وڃي ٿو..... توهان ان جي باري ۾ ڇا چوندا؟
    آغا سليم: هاڻي مهرباني ڪري مون کان اهو نه پُڇجو ته توهان کي فلاڻو ناول پسند آهي يا فلاڻو پسند ناهي..... ٿورڙو مان پنهنجو عيب ٻڌايان ته مون ۾ rejection ڏاڍي آهي..... منهنجي طبيعت ۾ شامل آ. سو انهيءَrejection جو مطلب اِهو ناهي ته، هي سُٺو ناهي ته، ان جو مطلب ته مان پاڻ سُٺو آهيان ـــ ڪنهن جي rejection ڪري مان پنهنجي projection ڪيان.... اهو مقصد ناهي پر شاههَ واري اِها سِٽَ آهي:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرينءَ کي

    ته اسان ماڻهو تورڙي ٿي ڇو ٿا راضي ٿي وڃئون؟.... سو مون کان اهو نه پُڇو ته ڪهڙو ناول پسند اٿو..... ڪهڙو نه....

    امر اقبال: توهان جو جيڪو نثر آهي، ان نثر تي به شاعريءَ جو گُمان ٿيندو آهي، پر آغا سليم جيڪو شاعر آهي، ان جي شاعري هڪ محدود ڪئنواس ۾ ئي رهي، اُهو ڪئنواس گهڻو وسيع ڇو ڪونه ٿي سگهيو؟
    آغا سليم: پهرين ڳالهه ته ماڻهو ٺاهي ٺُڪي ناهي لکندو ــ توهان وٽ هِڪُ Inner discipline ٿيندو آهي، جنهن مان ٻولي پنهنجو Style ٺاهيندي آهي. ٻيو ليکڪ جا جيڪي Asthetics هوندا آهن، اهي develop ٿيندا آهن. ته انهن جو اظهار ٿيندو آهي. ٻولي پاڻ It self نه هوندي آ. ٻولي وسيلو آ، توهان جي اندر جي اظهار جو. پوءِ اها ٻولي ڪنهن جي ڪيئن ٿي ٺهي پوي، ڪنهن جي ڪيئن ــ اِهو سڀ ڪجهه ماڻهو دانسته نه ٿو ڪري. ائين الائي ڇو ٿيو جو منهنجي ٻولي اهڙي ٺهي وئي.....
    تنهن کانپوءِ توهان ڳالهه ڪئي ته شاعريءَ جي.......... ته اسان جيڪي نثر نگار آهيون، اُهي نثر جي هِڪَ هِڪَ صفحي ۾ الائي ڪيترا غزل چئي ويندا آهيون، اظهارَ جي لحاظَ کان........ سو نثر کي هروڀرو ائين سمجھيو ويندو آ........... سو ٺيڪ آ شاعري پنهنجي جاءِ تي، نثر پنهنجي جاءِ تي......

    امر اقبال: توهان جو جيڪو ترجمي جو ڪَمُ آهي، لطيف سائينءَ جي ڪلامَ کي اوهان اردوءَ ۾ منظوم ترجمو ڪيو، يا وري ريسرچ جي حوالي سان، خاص طرح سچل سائينءَ جي ڪلامَ جي حوالي سان توهان جو جيڪو ڪم آهي...... اِهي تمام اهم ۽ وڏا ڪَمَ آهن، پَرَ اَسان کي ضرورت آهي انهيءَ آغاسليم جي جيڪو ڪهاڻي لکي، جيڪو ناول لکي..... اُهو آغا سليم اسان کي واپس ملي سگهي ٿو؟
    آغا سليم: مان هڪڙي دفعي پنهنجي هڪ ڪالم ۾ لکيو ته: ”ننڍي لاءِ ڪهاڻي پڙهندا هياسي ته شهزادي گم ٿي وئي ۽ شهزادو ان کي ڳولڻ لاءِ نڪتو...... شهزادي کي چيو ويو ته پُٺتي نه نهارجان، پٺتي نهارڻ سان پنڊ پهڻ ٿي ويندين“.......... سو مان پنهنجي لاءِ لکيو ته: ”مان سڌو سنئون ويسُ پئي، شهزاديءَ جي ڪڍ، ته پويان سڏ ٿيو، پوئتي ڏٺم ته شاهه سائينءَ مون کي سڏ ڪيو آهي ۽ مان اتي ئي پنڊ پهڻ ٿي ويس“...... شاهه سائينءَ وٽ مان پنڊ پهڻ ٿي ويو آهيان. مون جڏهن ”همه اوست“ ناول لکيو، تڏهن ڄڻ ته سنڌ کي، پنهنجو پاڻ کي، سنڌ جي تصوف کي discover ڪيو..... مون چيو، اسان جو Heritage هيڏو سارو آهي ۽ اسان صرف موهن جي دڙي تي خوش آهيون...... ٺڪر ڀتر سامهون پيا آهن..... هي جيڪو جيئرو نظريو آ، attitude آ، اسان ان کي ڇڏيو ويٺا آهيون، بس انهيءَ ڏينهن کان پوءِ مون کي fixation ٿي وئي ته مان هاڻي ڪم ڪندس ته پنهنجي هن Heritage تي ڪندس...... افسانه ٻيا به لکن ٿا، ناول غلام نبي مغل به، شابس ٿس، تمام سُٺو لکي ٿو...... لِکَن ٿا..... مون چيو، مان هاڻي هي ڪَمُ ڪيان. پوءِ شاهه سائينءَ کي نئين نئين angle کان ٿا ڏسؤن ته نئون نئون ماڻهو ٿو نظر اچي ۽ هُنَ سان justice انهيءَ ڪري نه ٿيو آ جو هُنَ جي شاعريءَ کي عروضي شاعريءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آ. جڏهن ته هيءَ جيڪا شاعري آ شاهه سائينءَ جي، يا سَچَل جي، اها اسان جي سماعَ جي روايت جي شاعري آ، ڳائجڻ واري شاعري آ، جيڪڏهن ڳائجي نه ٿي سگهي ته پوءِ ترجمو ڇا جي لاءِ؟؟ ڪهڙي صوفي شاعِرَ ڪا نئين ڳالهه ڪئي آ جيڪا، ڪنهن ٻي نه ڪئي آ؟!.... Style هوندو آ هر شاعِرَ جو، expression جو اندازُ هوندو آ، موسيقيت هوندي آ.... سو مون سائينءَ جو ترجمو ڪيو موسيقيءَ تي، هِڪَ معمولي شعر ٿو ٻڌايان اوهان کي سائينءَ جو ته:

    نوري ۽ ناري جوڳيئڙا جهانَ ۾
    ٻري جن ٻاري، آءٌ نه جيئندس ان ريءَ

    اهو مون ترجمو ڪيو:

    ڪيا ڪيا جوگي جگ مين، ڪڇ نوري ڪڇ ناري
    جن مين جوت نياري، بن ان ڪي ڪيا جينا ري!؟

    سو مطلب آ ته مون سائينءَ کي اندر ۾ ٻوڙي، اندر ۾ تحليل ڪري recreate ڪيو آ ــ مان توهان کي وري.... شاهه سائينءَ جي ڳالهه نڪتي آ ته، ٻڌايان ٿو، مان گلگت ۾ هُيس...... درياءِ گلگت وهندو آ، ان جي ڪناري تي منهنجي هاسٽل هُئي، ان جي ڪمري ۾ رهندو هُيس، سائينءَ جو ”مومل راڻو“ ترجمو پئي ڪيم، مومل راڻي ۾ هِڪَ سِٽَ آهي ته:

    سون ورنيون سوڍيون، روپي رانديون ڪن

    اهو مان پهريان به ٻڌائي چُڪو آهيان مثالُ..... پَرَ اها ڏکيائي ٿو ٻُڌايان ته، ترجمو ڪندي ڪيئن ٿي ڏکيائي ٿي؟... هاڻي اُهو شعر مون کان (ترجمي ۾) هلي نه پيو. مان سگريٽ پيئندو هُيس، سو مان سگريٽ پيئندي درياءِ گلگت جي ڪناري پئي گهميس، ورجايم پئي ته: ”سون ورنيون سوڍيون، روپي رانديون ڪن“، انهيءَ کي اردوءَ ۾ ڪيئن ترجمو ڪيان...... ائين اوچتو خيال اچي ويو ته:

    ڪندن تَن ڪنواريان، کيلين چاندي سنگ
    جوڙي خوشبو مين رَچي، مهڪي مهڪي رنگ
    ڪهي لطيف سجائين خود ڪو، عجب رنگ ڪي ڍنگ
    چڙها پريت ڪا رنگ، وه آئي ڪاڪ ڪي گهاٽ په

    سو مون سائينءَ ۾ ايڏو ٻُڏي لکيو آ.

    امر اقبال: لطيف سائينءَ کي ترجمو ڪرڻ مهل توهان تي ڪي نوان انڪشاف..........؟
    آغا سليم: Yes......... Revelations..... انڪشافَ......... بهترين لفظ استعمال ڪيو توهان........

    امر اقبال: .......... ته ڪو اهڙو موڙ به آيو جو توهان، قلم پاسي تي رکي چيو هجي ته: ”هي ڪم مون کان زور آ......“
    آغا سليم: نه نه .............. شڪست نه مڃي....... سائينءَ سان انصاف نه ٿو ڪري سگهجي....... پُڄي نه ٿو سگهان مان. اهو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي..... هڪ ماڻهو جيڪو روحانيت جي بلندين تي هُجي...... اُهي وسعتون، اهي بلنديون ڪيئن حاصل ٿين؟..... پَرَ روشني ته ملي ٿي نه سائين!، ڪنهن نه ڪنهن هنڌان ـــ هاڻي مان توهان کي ٻُڌايان ٿو سائينءَ جي revelations جي باري ۾...... انڪشاف ڪيئن ٿا ٿين..... مون سارو رسالو ترجمو ڪيو آ....... پَرَ ڪو ڪو بيتُ پڙهان ٿو ته مون کي ائين ٿو لڳي ته هي ته مان پهريون دفعو پيو پڙهان...... مان توهان کي ٻُڌايان ته ترجمي ۾ به اصل رُوح ختم ٿي ٿو وڃي...... سائين music جو بادشاهه هو، لفظن جو بادشاهه هو، خبر ٿس ته ڪهڙي لفظ ۾ ڪيتري موسيقيت آ، هاڻي مان توهان کي هڪڙو شعر ٿو ٻڌايان..... رڳو اکيون ٻوٽي جيڪڏهن ماڻهو ٻُڌي ته ائين سمجھندو ته ڄڻ الائي ڇا پيو اکين اڳيان هلي:

    آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاخون، جِتي چوکا چندن ڪنور

    هاڻي ٻُڌايو....... ڪيڏي نه هڪ عجيب قسمَ جي سِٽَ آ...... صوتيات ته ڏسو ان جي..... موسيقيت ته ڏسو.

    مئه سي ئي ماڻيا، جن تي نه ڀرن ڀنور
    ڪنواريون ۽ ڪنور، ڪاهه ته پسون ڪاڪَ کي

    آکون، ڊاکون، سرکنڊ شاخون، جِتي چوکا چندن ڪنور............. مان ته ان جي صوتيات جي باري ۾ اوهان کي ٻُڌايو پئي.... ان جي معني ٰ آهي..... آکون، اخروٽ جا وڻ، ڊاکون، انگور جون وليون، سرکنڊ، خوشبوءَ جو جيڪو ٻوٽو ٿئي ٿو، ان جون شاخون..... جِتي چوکا چندن ڪنور...... جِتي تمام گهڻو چندن آ ۽ ڪنور جا گُلَ آهن.... هاڻي ٻُڌايو..... هيڏو حُسن صرف هِڪَ سِٽَ ۾ ٿا ڏسؤن.... جِتي خوشبوئون به آهن..... سونهن به آهي....

    مئه سي ئي ماڻيا، جن تي نه ڀرن ڀنور

    ايڏا ڪنوارا ڪنور هِن...... ڪنور جا گُلَ ايڏا ڪنوارا هِن جو جن تي اڃان ڀنور به نه ڀريا هِن..... هاڻي وري ڪاڪَ جي ڪنوارين جو ذڪر:

    ڪنواريون ۽ ڪنور، ڪاهه ته پسون ڪاڪَ کي

    اَڙي!!!.... مون چيو..... هي بيت ته الائي ڪيئن ترجمو ڪيو هوندم..... سو اِهي revelations آهن.....

    امر اقبال: ڀلا ڪڏهن اهو خيالُ آيو توهان کي، ته اُردوءَ جي پئماني ۾ لطيفَ جي ڪلامَ جو مَڌُ ماپي ئي نه ٿو سگهي!
    آغا سليم: مان اعتراض ڪندو آهيان دوستن تي، هڪڙو ته جيڪو...... اصل ۾ اردوءَ جا ٻَه لهجا آهن. هڪڙو آهي:

    ڪون هوتا هي حريفِ مئه مرد افگنِ عشق

    غالب ٿو ڳالهائي......... ترڪ ٿو ڳالهائي..... هي اهو ئي لهجو آ تُرڪن جو ـــ هڪڙو آهي:
    گوري سوئي سيج پر مخبر ڊالي کيس

    انهيءَ کي مان چوندو آهيان خسرو جو لهجو.

    خسرو ايسي پريت ڪرو جيسي هندو ڪي جوءِ
    پرائي پوت ڪي ڪارن جل جل ڪوئلا هوءِ

    امر اقبال: واهه واهه.......
    آغا سليم: هاڻي اها به اردو آ...... هوءَ به اُردو آ..... هي صوفي آ....... هُو چوي ٿو:
    سو پشت سي هي پيشهِ اَباء سپاه گري

    هُو اُنَ جو لهجو آ..... هاڻي مان..... مان ڀلا ڪو ائين ترجمو ڪيو آ ڇا؟!..... جو ڪا assignment مليل هُجي ۽ مان ويهي ترجمو ڪيان..... نه........ مون اهو سوچيو ته سائينءَ جو جيڪو عورت جو لهجو آ، اهو ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ٿي سگهندو؟.... ترڪ لهجي ۾ ٿيندو يا ”گوري سوئي سيج پر“ واري لهجي ۾ ٿيندو؟ پوءِ مون ٻنهي کي ملائي ڪري ڪيو. هاڻي ”چوکا ۽ چندن“.... انهن لاءِ اردوءَ ۾ ڪهڙو لفظ آهي؟!!! انهن کي اردوءَ ۾ ڪيئن ترجمو ڪبو؟ هاڻي جيڪا بادشاهي اردو آ، عورت جو لهجو ان ۾ نه آڻي سگهبو. عورت جو لهجو نرم هوندو..... ترجمو ڪو آسان ڪم ناهي...... recreation آ.
    امر اقبال: سچل سائينءَ عورت جو آواز ”ننگڙا نماڻي دا جيوين تيوين پالڻا“ جي لفظن ۾ اظهاريو آ.....
    آغا سليم: ها...... ايئن ته ٿيندو نه!...... چئو ته وري انهيءَ تي به ڳالهايان.

    امر اقبال: ها سائين! ضرور..........
    آغا سليم: مان سَچَلَ تي جيڪو ڪِتاب لکيو آ، ان ۾ لکيو آ ته سچل سائين اُميد جو شاعِرُ آ، Libration جو شاعِرُ آ ــــ Liberate ٿو ٿئي. اهو ڪيئن ٿو ٿئي؟؛ ڪافي آ...... هلي ٿي..... ”ننگڙا نماڻي دا، جيوين تيوين پالڻا“...... ڏسو ته هڪ عورت آ جيڪا ڪنوار آ، گهونگهٽ ڪڍي ويٺي آ، ڪنوار کي احساس آ ته مان شڪل صورت جي سُهڻي ناهيان، اها پنهنجي گهوٽ کي ٿي چوي ته: ”ميري آهيان مندي آهيان بيشڪ بندي آهيان، ڍڪين ميڏا ڍولڻا، عيبَ نه کولڻا“..... اها التجا ڪندي ڪندي..... پوءِ ڇا ٿي چوي: ”يار سچل تون لٿي ڪشالي، گهونگهٽ کولڻا، ٻهه ٻهه ٻولڻا“..... اهو آ سچل. اڄ تائين ڪنهن نه سمجھيو هوندو سچل کي ته انهيءَ هڪڙي ڪافيءَ ۾ ڪيڏو انسان جي اندر جو سفر آ.... ته هڪڙي ڇوڪري جنهن کي خبر آ ته منهنجي شڪل صورت سُٺي ناهي، ان جي قبوليت ٿي وئي ــــ هُنَ جيڪا التجا پئي ڪئي اها قبول ٿي وئي.... هاڻي ڏسو: ”گهونگهٽ کولڻا، ٻهه ٻهه ٻولڻا“..... سَچَلَ به ته سائين! discover ڪيو آ نه...... هِڪَ هِڪَ سِٽَ ڳالهائي ٿي..... ٻُڌڻ وارو هُجي.......

    امر اقبال: ڪٿي ڪٿي وري سائين! سَچل جهڙو سرمست عاشق وري عاشقاڻي مجبوريءَ ۾ به هليو ٿو وڃي: ”چيم آخر ٻُڌي هٿڙا: اڳيان دلبر تو اينداسون..... چيائين: ايندين ته ڇا ٿيندو؟ ڏسڻ منهن ڪين ڏينداسون.......“
    آغا سليم: ٺيڪ آ........ پَرَ هاڻي ڏسو نه..... ”گهنڊ کول ديدار وکائو، مين آيا مک ويکڻ“..... هاڻي ماڻهو اچي ٿو ديدار ڪرڻ ته ڪنهن humble way ۾ اچي ني!..... حڪم ٿو ڪري.... ۽ صوفيءَ لاءِ ۽ خُدا جي لاءِ چوندا آهن ته ماڻهوءَ جي وچ ۾ ماڻهوءَ جو پنهنجو وجود....... عاشق ۽ معشوق جي وچ ۾ عشق..... اهي پردا آهن...... خود عشق پردو آ....... ”گهونگهٽ کول“ معنيٰ الله کي ٿو چئي...... پَرَ ڪيڏي حاڪمانه اندازَ ۾ ٿو چئي، ڪيڏي اعتماد سان ٿو چئي ـــ اهڙي شاعريءَ ۾ رُڳو خوشبوءِ هوندي، رُڳو حُسن هوندو.......... مون کي ياد نه ٿو پوي..... منظور علي خان جو ڳايل ڪلام آهي: ”ڪيو سينگار سُهڻي دي اڳيان.......... تسان سياليان مشڪ ملو ڀلا“.... يعني پوري تَن کي توهان سينگاريو....... مشڪن سان خوشبوءِ ڪريو..... هِڪَ معمولي سِٽَ آ....... پر جي اوهان جي اندر ۾ مشڪ آهي، اندر ۾ ڪي اَٿَوَ خوشبوئون، ته اِها سِٽَ اوهان کي بيهاري ڇڏيندي ته اڳتي پوءِ وڌ اڳ ۾ هي سٽ ته اندر ۾ لاهه.......

    امر اقبال: سچل سائين جي فِڪرَ جي حوالي سان توهان جو جيڪو انگريزيءَ ۾ ڪِتابُ آيو آهي....
    آغا سليم: اُنَ ڪِتابَ جو Theme آهي ”سچل“. هِڪُ ٿيندو آهي توهان ڪا شيءِ کڻي رکو، هڪ ٿيندو آهي ان جو پورو perception، يعني ان جو پورو پس منظر ـــ سو مون سائينءَ کي کڻي ائين ساهميءَ وِچَ ۾ نه رکيو آ. مون ٻُڌايو آ پهريان ته تصوف ڇا آهي؟ ان جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ان جي History ڇا آهي؟ ڪهڙا ڪهڙا سبب هئا...... نظريو ٺهڻ جا؟..... ان کان پوءِ جيڪي صوفي شاعِرَ ٿي گذريا آهن. ڪن ماڻهن کي شايد خبر به نه هوندي ته بيبي رابعه بصري تمام وڏي شاعره هئي، منصور حلاج به شاعر هو. بايزيد بسطامي وڏو شاعر هو. ان کي چوندا آهن “Intoxicated poet”..... معنيٰ ته سرمست هوندو هيو ان زماني ۾. اهي سڀ اهڙا شاعِرَ آهن جن روانيون قائم ڪيون. اڄ جي ڪوئي صوفي شاعري ڪندو ته انهن مان ڪنهن نه ڪنهن جو اڻ سڌي طرح ان تي اثر ضرور ٿيندو. ايڏا وڏا شاعِرَ آهن..... دنيا جا جيڪي به صوفي شاعِرَ آهن، انهن تي انهن شاعرن جو اثر هوندو. اهي بنياد ئي اهڙو رکي ويا آهن. اهي ايڏا وڏا Jiant هُيا، هنن جي روشني اڃان تائين اسان تائين پُهچي ٿي ــــ اهي Fountain head هُيا. انهن وٽان وهڪرو وهي ٿو. اهو وهڪرو شاههَ تائين به پهتو ته سچل تائين به...... تنهن کانپوءِ سنڌ ۾ صوفي روايت جو آغاز ڪيئن ٿيو، ان تي لکيو اٿم ــــ يعني سچل کان اڳ هِتي ڪهڙا شاعِرَ هُيا، انهن جو سچل تي ڪهڙو اثر رهيو آهي. ڪِتاب جو نالو آهي: “Sachal: The Rapturist Poet”، سچل: سرمست شاعر........ مدهوش شاعر. پوءِ آيو آهيان سچل طرف....... هاڻي سائينءَ جا گهڻا ئي رُخَ آهن، هڪڙو ته شاهه ۽ سچل جو ٿورو موازنو ڪيو اٿم ته هُو ”جمالي“ آ ۽ هي ”جلالي“. لطيف سائين ائين نه ٿو چوي ته: ”آهيان اناالحق“ ـــ لطيف سائين پنهنجي ڪردارن جي معرفت ٿو ڳالهائي..... يعني سسئي ٿي چوي پئي ته: ”پاڻ پنهون آهيان“ ـــ ”اناالحق“ واري ئي ڳالهه آ نهَ؟! پَرَ جيئن ته هُو جمالي شاعِرُ آ ته اِها ڳالهه به لوڪ ڪردار جي واتان ٿو چئي.

    امر اقبال: ائين چئي سگهجي ٿو ته لطيف ”جمال“ جي جيتري گهرائيءَ تائين پُهتل آهي، سچل ”جلالَ“ جي اوتري ئي اوچائيءَ تي آهي؟
    آغا سليم: نه نه نه......... روين جي ڳالهه آهي.... منصور جلالي هو.... .هڪڙا آهن جمالي ۽ ٻيا جلالي ـــ سچل جو رويو جلالي آهي. ”ايجها ڪم ڪريجي.... جنهن وچ الله آپ بڻيجي“..... اها ڪا ڪفر جي دعويٰ ڪانهي ڪا. محبوب جي رنگ ۾ عاشق ايڏو رنگجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اهو ٿي وڃان: ”تو من شدي من تو شدم“ معنيٰ الله سان ايڏو عشق ڪجي ته الله پاڻ بڻجي وڃجي. سچل جڏهن چوي ٿو ته: ”عشق جي ٻاجھُون ٻيا سَڀُ ڪُوڙ نه ڪي حُور قصور“ يعني اِهي ڪونهن..... پر ان جو مطلب اهو ناهي ته هُو ڪفر ٿو ڪري..... جڏهن قُرآن ۾ آهي، ته پوءِ آهن..... پوءِ ڪيئن ٿو ان کان انڪار ڪري سگهي...... اهو نه هجڻ معنيٰ ته توهان انهن کي پاسيرو ڪري ڇڏيو...... جيڪا فلاسافي......... اسان جي بيبي رابعه بصري آهي...... چوي ٿي: ”الله سائين! مان جيڪڏهن جنت جي لالچ ۾ توسان پيار ڪريان ته مون کي دوزخ ۾ وِجُهه....... جيڪڏهن دوزخ جي ڀَوَ کان ڪريان، ته مون کي تباهه ڪر..... مون سان صرف انهيءَ ڪري پيار ڪر ته مان تو سان پيار ٿي ڪريان“. ٻي روايت آهي ته پاڻ وڃي پئي هِڪَ هٿ ۾ ڪُوزوهيس، ٻئي هٿ ۾ ڏيئو هُيس. پُڇيو ويس: ”بيبي صاحبه! ڪاڏي ٿي وڃين؟“ چيائين: ”هِنَ ڏيئي سان جنت کي ساڙڻ ٿي وڃان ۽ هُنَ ڪُوزي سان دوزخ کي وِسائڻ ٿي وڃان ته جيئن ماڻهو انهن جي لالچ ۽ ڊَپَ ۾ خدا سان پيار نه ڪن، پر خُدا سان صرف خُدا جي ڪري ئي پيارُ ڪَن“. سو هيءَ ڳالهه هروڀرو ”ڪُفر“ نه آهي. مُلان کي ته خبر ئي نه ٿي پوي......
    ”دين مذاهب رهه گيا ڪس جا، ڪفر ڪٿان اسلام“

    معنيٰ آهي ”الله سان عشق“ جنهن ۾ دوئي ختم ٿئي.


    ادل سومرو جو انٽرويو

    ادل سومرو جي انٽرويو بابت

    ادل خيرپور ۾ ڇا لڏي آيو، اسان جون دليون ويڪريون ٿي ويون. تنوير جي وڇوڙي کانپوءِ، هتان جي نوجوان ليکڪن/شاعرن جي اکين ۾ڄڻ ته ميرانجھڙو رنگ ڦهلجي ويو هو ۽ ڊاڪٽر ادل سومرو انهن ميرانجھڙين اکين ۾ ڄڻ ته ڪنهن ڏيئي جو عڪس هُيو/آهي. ادل پنهنجي سيني اندر هڪ سچي پچي صوفيءَ جي دل رکندڙ آهي. ٻين کي ٻڌڻ، انهن کي اهميت ڏيڻ ۽ Tolerance سندس شخصيت جا سون جهـڙا گُڻَ آهن. هُو اسان “گلا خورن” جي وچ ۾ رَهي به ڪنهن جي گلا نه ٿو ڪري ۽ ائين سوين هزارين اکين جو احترام ۽ دلين جو پيار نهايت خاموشيءَ سان سندس حصي ۾ اچي ٿو وڃي.

    (2001ع)
    ...................................................................
     آرٽسٽ مان جيڪڏهن انا ختم ٿي وڃي ته اُهو آرٽسٽ نه ٿو رهي.
     موقع پرست ماڻهو پنهنجي فَنَ کي وڪڻن ٿا، موقعو ڏسي پنهنجي اگهه جو بينر کڻي بيهي ٿا رهن.
     عشق جسمن جي ميلاپ جو نالو ناهي. عشق ته روحن جو ميلاپ آهي.
     جيڪڏهن هڪ شاعر اسان کي سُهڻا سُهڻا شعر ڏئي ٿو پر سندس اندر ۾ ڪو جھائپ ڀري پئي آهي ته سندس شاعري لفاظيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي رهي.
     اديب ويچارو وڏي اسٽيج جي سڀ کان اوچي ڪُرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ واپس وڃي ڊٺل جھُڳيءَ ۾ ڇنل کٽَ تي سمهي ٿو.
     اسان جي خوابن، اسان جي تصور وارو سماج ڳوليو ڪونه ٿو لڀي.
     تشدد، فساد، فتنو.... انهن جي خلاف شاعري به هڪ جهاد آهي.
     شيخ اياز جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سندس رستي ۾ ڪنڊا وڇايا ويا، کيس ذهني اذيتون مليون.....
     اسان مان ئي دوستن لکت ۾، بيانن وسيلي، اياز جي راهه ۾ ڪنڊا وڇايا.


    محبت کي ڪنهن به فريم ۾ بند نٿو ڪري سگهجي

    اَمر اقبال: پاڻ اُهي ساڳيا/ساڳيا ڪنارا!/سمنڊ جاڳي ٿو...... ”سمنڊ جاڳي ٿو“ کانپوءِ واري عرصي ۾ اوهان جي اندر جي سمنڊ جي ڪيفيت ڪهڙي رهي آهي؟
    ادل سومرو: شاعر جو اندر ته هميشه بيچين رهندو آهي ۽ سندس Inspiration جا وسيلا ڪڏهن ماٺا ته ڪڏهن تيز رهندا آهن. جيئن سمنڊ جي ڇولين ۾ ڪڏهن تيزي ته ڪڏهن ماٺار اچي ويندي آهي.... ته شاعر جي اندر جي سمنڊ جي ڪيفيت به ائين ئي رهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو مهينن جا مهينا ڪجهه نه ٿو لکي سگهي، ڪڏهن موج ۾ اچي ٿو وڃي ته هڪ ڏينهن ۾ ايتري تخليق ڪري ٿو وڃي، جيتري هڪ سال ۾ به نه ڪري سگهيو هوندو. اهڙيون ڪيفيتون تقريبن هر شاعر سان ٿين ٿيون، ڪوئي به شاعر مسلسل نه ٿو لکي سگهي. جيستائين منهنجو سوال آهي، ته مان سمجھان ٿو ته مان لکندو رهيو آهيان ۽ ڪوشش رهي آهي ته ايتري وڏي gape نه اچي جو مان پنهنجي پڙهندڙن کان پري رهجي وڃان. منهنجي شاعريءَ جي پوئين ڪتاب ”سمنڊ جاڳي ٿو“ جيڪو 1994ع ۾ ڇپيو، ان کانپوءِ به مون مسلسل لکيو آهي ۽ تمام گهڻي شاعري مختلف جايُن تي ڇپجندي رهي آهي، معنيٰ ته منهنجي اندرَ جو سمنڊ به مسلسل جاڳندو ئي رهيو آهي.

    اَمر اقبال: تنهنجي مرڪ ـــ تلاءَ جو، ڳوليندي چارو/ اڃان اڃارو، هرڻ منهنجي چاههَ جو..... ڇا اها اُڃَ اڃا به باقي آهي؟ انهيءَ جو ڇيههُ ڪٿي آهي؟
    ادل سومرو: چاهت، محبت ۽ درد جو ڇيهه ته ٿيڻو ئي ناهي. سنڌ جي شاعريءَ ۾ يا ٻاهرين شاعريءَ ۾ اهڙو ئي اظهار ملي ٿو.

    نه ڪو سنڌو سور جو، نڪو سنڌو سِڪَ
    عدد ناهي عشق، پڄاڻي پاڻ لهي

    يعني توهان محبت کي ڪنهن فريم ۾ بند نه ٿا ڪري سگهو ۽ نه ئي ان جو ڪو ڇيهه به آهي. محبت کي ماپي نه ٿا سگهو. سڪ جو ڪو انت ڪونهي ۽ ان جي پڄاڻيءَ لاءِ ڪو عدد مقرر نه ٿو ڪري سگهجي. هتي ڪنهن به Mathematical formula جو، ڪنهن فٽ ـــ پٽيءَ جو ڪم ناهي. بس سڄي زندگي ماڻهو اڃايل ئي رهي ٿو ۽ اها ئي اڃ آهي جيڪا انسان جي جياپي کي ڪا نه ڪا معنيٰ ڏئي ٿي.... ۽ مان سمجھان ٿو ته جڏهن اها اڃ باقي نه ٿي رهي ته روحَ جو هرڻ پاڻمُرادو مري وڃي ٿو.

    اَمر اقبال: دوستيءَ کي روشني سمجھي اسان/ ڪلهه وياسي راههَ ۾ رُلجي اسان..... اها ته هئي ”ڪلهه“، ”اڄ“ اوهان ڪٿي بيٺا آهيو؟
    ادل سومرو: (کلندي ۽ ان کانپوءِ سوچيندي) دوستيون، محبتون هميشه هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن. روين جن شڪايتون تقريبن سڀني شاعرن جي شاعريءَ ۾ موجود آهن. ڪٿي انهن کي محبتون مليون آهن، ڪٿي دوستن جي روين جي ڪري ڏکارا به ٿيا آهن. مان سمجھان ٿو ته ”دوستي“ هڪ وسيع لفظ آهي. ان کي اوهان ننڍڙي معنيٰ ۾ نه ٿا وٺي سگهو. ٻن دوستن جي وچ ۾ جيڪو relationship ٿئي ٿو، اهو ڪجهه ٻي طرح ٿئي ٿو. پيءُ ۽ پٽ جي وچ ۾ جيڪو ناتو آهي، اهو انهن کي ورثي ۾ مليل آهي، پر جيڪڏهن انهن جي وچ ۾ ”دوستي“ ناهي ته سندن رشتو اهميت وڃائي ويهي ٿو. دوستي نالو آهي ويجھڙائپ جو، پنهنجائپ جو. پنهنجائپ ۾ وري ڪڏهن ڪڏهن ڏک به ملن ٿا. اسان سڀني جا لاڳاپا اسان جي روين تي depend ڪن ٿا. جيئن هتي اڄ پاڻ ويٺا آهيون ته روين جي ڪري. اسان مان ڪو به ڪنهن سان ملڻ لاءِ پابند ناهي!.... ايترا سارا شاعر، اديب رهن ٿا، پر ضروري ناهي ته اسان مان هر ڪوئي هر ڪنهن سان ملي، اهو مدار رکي ٿو، روين تي. ڪنهن جاءِ تان محبت ملي ٿي ته اسان اوڏانهن ڇڪجي وڃون ٿا. ماڻهو attitudes جي ڪري ئي ويجهو ٿئي ٿو ۽ attitudes جي ڪري ئي پري ٿي وڃي ٿو. زندگيءَ ۾ اهي ڳالهيون رهڻيون آهن، جيستائين زندگي آهي.... تعلقات ۾ ويجھڙائپ ۽ دوري رهڻي آهي. باقي ڪنهن مان expectations نه رکڻ گهرجن. ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڪنهن مان ڪجهه expect ڪري ٿو ۽ هو پورو نٿو لهي ته پوءِ ڏک ئي ٿئي ٿو. ٻيو وري Tolerance جو جذبو به آهي. رواداريءَ ۾ گهڻو ڪجهه tolerate ڪرڻو ٿو پوي. ڪيتريون ئي شيون برداشت ڪرڻيون ٿيون پون. شاعري ته اندر جي ڪيفيتن جو اظهار آهي. سماج مان مليل درد، گهرو مسئلا، محبت جا مامرا، درد جي سڀني رنگن کي شاعر پنهنجي شاعريءَ جي رنگ ۾ رنڱي ٿو ڇڏي. اهو وري پڙهندڙ جي پنهنجي approach تي آهي ته ان شيءِ کي ڪيئن ٿو perceive ڪري. دوستين ۽ بيوفائين جي مرحلن مان هر ڪوئي گذري ٿو پر ان جو اظهار نه ٿو ڪري سگهي. شاعر ڪري ٿو ته پڙهندڙ کي اها ڳالهه پنهنجي محسوس ٿئي ٿي.

    اَمر اقبال: شاعر ڄڻ درٻاري آهن/سڀني آڏو ڪنڌ جھُڪائڻ/دوها ڏئي دينار وٺن ٿا/حرمسراءِ جي دروازي جي/ دَزَ چُمي پوءِ شعرَ لکن ٿا..... اسان جو شاعر، اديب ايڏو هلڪڙو ڇو ٿي پيو آهي؟
    ادل سومرو: ڇاهي ته، آرٽسٽ مان جيڪڏهن انا ختم ٿي وڃي ته اهو آرٽسٽ نه ٿو رهي. خودداري، انا ۽ عزت نفس قائم آهي ته سڀ ڪجهه آهي. هتي ”انا مان“ منهنجي مُراد ”اجائي وڏائي“ ناهي. باقي عزت نفس نه ٿو رهي ته انسان، انسان ئي نه ٿو رهي. شاعر يا آرٽسٽ ته بعد جي ڳالهه آ. شاعرن جو درٻاري role به واقعي رهيو آهي. جڏهن اسان انهن کي condemn ٿا ڪيون ته معنيٰ اسان انهن کي سٺو ڪونه ٿا سمجھون. مون پنهنجي انهيءَ نظمَ ۾ سڪي جي ٻن پاسن کي واضح ڪيو آهي. هڪ شاعر جنهن وٽ پنهنجي ماڻهن، پنهنجي ڌرتي لاءِ Commitment آهي ۽ٻيو جنهن وٽ اهڙي قسمَ جي ڪا شيءِ ڪانهي، مون Committed ۽ Non Committed شاعرن/اديبن ۾ فرق بيان ڪيو آهي.
    اسان جو شاعر ۽ اديب ايڏو هلڪڙو ڇو ٿي پيو آهي؟ واري سوال جو جيستائين تعلق آهي ته..... منهنجي خيالَ ۾ پنجَ ئي آڱريون برابر نه آهن. موقع پرست ماڻهو پنهنجي فن کي وڪڻن ٿا، موقعو ڏسي پنهنجي اگهه جو بينر کڻي بيهي ٿا رهن. زماني جي لحاظ کان اهي ضرور اڳتي نڪري ٿا وڃن، پر جيڪا دائمي عزت آهي، مانُ آهي، اهو وڃائي ويهي ٿا رهن. اهي ماڻهن جي دلين ۾ مري وڃن ٿا. هڪ آرٽسٽ پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ دفعو به جيڪڏهن اهڙو ڪم ڪري ٿو ته سندس ڪردار کي داغ لڳي ٿو وڃي. اديبن جي هلڪڙائپ تي مون کي هڪ واقعو به ياد ٿو اچي، پر ان کان اڳ مون کي پنهنجو هڪ شعر ٿو ياد اچي ته:

    اي ڪوي! سرڪار توکي سون جو تمغو ڏنو
    پر اهو تنهنجي خوديءَ جهڙو نه هو

    ......واقعو ائين هيو ته ڪجهه وقت اڳ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرز پاران ڪجهه رائيٽرز کي پاڪستان جو ٽوئر هڻايو ويو، جنهن ۾ اسان به هياسين. ان موقعي تي منهنجي قاضي جاويد سان ملاقات ٿي جيڪو لاهور جو سُڄاڻ دانشور ۽ اڪيڊميءَ جو پنجاب لاءِ ريجنل ڊائريڪٽر پڻ آهي. قاضي صاحب ٻڌايو ته: ”اسان وٽ ڪيترائي شاعر، اديب، صدارتي ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿون ۽ وزيرن مشيرن کان سفارشون ڪرائن ٿا، جيڪا هڪ عجيب ڳالهه آهي. اهڙي ئي ماحول ۾ جڏهن اديبن جون ايوارڊ حاصل ڪرڻ جي چڪرن ۾ جُتيون گسي ٿيون وڃن. تڏهن الطاف فاطمه جيڪا اردوءَ جي سينيئر رائيٽر آهي ۽ لاهور ۾ رهي ٿي...... ان ڏانهن مان ٻه دفعا صدارتي ايوارڊ وٺڻ لاءِ حڪومت جي سفارش کڻي ويس، پر هن انڪار ڪري ڇڏيو. هڪ دفعو ته سندس مالي حالت به ڏاڍي خراب هئي، تڏهن به هن چيو ته توهان پنهنجي اداري طرفان ڪائي assignment ، ڪوئي ترجمي جو ڪم وغيره مون کي ڏيو ته مان اهو ڪندس پر صدارتي ايوارڊ نه وٺندس“..... هن پنجاهه هزار رپيا، پلاٽ ۽ شهرت کي ٺڪرائي ڇڏيو،حالانڪه هن جو اردو ادب ۾ ڪافي سارو ڪم آهي، هوءَ deserve ڪري ٿي ته کيس ايوارڊ ڏنو وڃي پر پوءِ به هن ايوارڊ نه ورتو...... ۽ ان واقعي مان ظاهر ٿو ٿئي ته اڃا به اهڙا اديب آهن، جيڪي هروڀرو به رياستي ادارن آڏو ڪونه ٿا جھڪن. اسان جي سنڌي ادب ۾ به اهڙا ماڻهو آهن جيڪي انهن شين ۾ believe نه ٿا ڪن. جن جي لاءِ لقب، خطاب، عهدا ۽ ايوارڊ اهميت نه ٿا رکن.
    جيستائين ڪنهن شاعر اديب جو پنهنجي اصولن، نظرين ۽ آدرشن تان ڦري وڃڻ جو تعلق آهي..... ته منهنجي خيال ۾ اهڙن تضادن سان ادب جون تاريخون ڀريون پيون آهن. هڪڙا جيڪي زندگيءَ ۾ ڪنهن دؤر ۾ وڏا انقلابي ليکيا وڃن ٿا، اُهي زندگيءَ جي ڪنهن ٻي دؤرَ ۾ انقلاب جي خلاف نظم لکن ٿا. ورڊس ورٿ جنهن کي ”فطرت جو شاعر“ چيو ٿو وڃي...... تمام وڏو نالو آهي. سندس هڪ ڪتاب “Lyrical Ballads” سندس دوست ”ڪولرج“ سان گڏ ڇپيو هو. ڪولرج جي ڪري ئي هو هڪ شهر مان لڏي اچي سندس شهر ۾ رهيو هو. مون ذڪر پئي ڪيو ته ورڊس ورٿ هڪ دؤر ۾ فرانس جي انقلاب جي حمايت ۾ انقلابي نطم لکيا. وري هڪ دؤر اهڙو آيو جو هن جا خيال مٽجي ويا ۽ هو چوڻ لڳو ته اهي سڀ انقلابي نعرا بڪواس آهن. انسان کي صرف ۽ صرف Nature سان هم آهنگ ٿيڻ گهرجي. ورڊس ورٿ جي سياسي/نظرياتي نقطه نِگاهه ۾ فرق ضرور اچي ويو، هُنَ جي اڳوڻن ۽ نون خيالن ۾ ٽڪراءُ ضرور اچي ويو، پر سندس شاعري اڄ به زندهه آهي. هو Social reformsيا Parliamentary reforms جي خلاف ٿي ويو هو، بلڪه انسان کي مليل Vote ڪرڻ جي حق کي به تسليم نه پئي ڪيائين. هڪ طرح سان اهي ڳالهيون رجعت پرستانه ليکي سگهجن ٿيون.
    هڪ سٺو شاعر جيڪڏهن خوبصورت گيت ڏئي ٿو، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ وري نظرياتي طرح سان ان جي بلڪل ابتڙ ٿي وڃي.... ته اهي تبديليون به انسان جي زندگيءَ ۾ اچن ٿيون. هتي وري اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا ڪنهن شاعر جي نظرياتي ڪمزورين جي ڪري سندس فن/شاعريءَ کي reject ڪري ڇڏجي؟. جيڪڏهن سنڌ جو هڪ وڏو شاعر آهي، سندس زندگي فن لاءِ وقف ٿي وڃي ٿي پر ان جو هڪڙو عمل آهي جيڪو رياست جي فائدي ۽ عوام جي نقصان ۾ وڃي ٿو، ٻين لفظن ۾ عوام ان کي پسند نه ٿو ڪري ته ان جو اهو عمل ان جي شخصيت کي داغدار ته بنائي ٿو پر پوءِ به هن کي يا سندس فن کي مڪمل طرح سان reject نه ٿو ڪري سگهجي. اسان جي ادب جي تاريخ ۾ اهڙا الاهي سارا مثال رهيا آهن. جيئن قاضي قادن هيو، اسان جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو جائزو وٺبو ته اها سندس ذڪر کانسواءِ صفا اڌوري آهي. قاضيءَ جي شاعريءَ کي اسان اهم سمجھون ٿا پر سندس سياسي نظرين سان اسان اختلاف ٿا رکون، شخصي لحاظ کان ائين چئجي ته هو هڪ ڪمزور ماڻهو آهي، جيڪو ڌارين سان گڏجي مقامي ماڻهن تي ظلم ڪري ٿو، انهن سان ڏاڍ ۾ ڀاڱيوار آهي. هن جي سياست اسان لاءِ نفرت جوڳي آهي. سندس شاعري وري به اهميت رکي ٿي.... هِتي مان سمجھان ٿو ته اهو اسان وٽ وري به منجھيل سوال آهي ته ڪنهن شخص جي ذاتي ڪمزورين کي ڏسندي سندس فن کي ڪهڙي درجي تي رکون؟. انسان جي ڪردار جي اهميت بهرحال آهي. هڪ آرٽسٽ جي ڪنهن ذاتي غلطيءَ جي ڪري ان جي فن جي چاهيندڙن کي ڌچڪو لڳي ٿو، انهن کي ڏک ٿئي ٿو. ڪنهن آرٽسٽ جو سندس آدرشن تان ڦري وڃڻ ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي. انسان سموري زندگي آدرشن جي پويان ڊوڙي ٿو پر هڪ وقت اهڙو به اچي ٿو جو هو مايوس ٿي وڃي ٿو، ٿڪجي پوي ٿو ۽ پوءِ سوچي ٿو ته: ”ڇا جا نظريا؟ ڇا جا آدرش؟ اسان کي به زماني سان گڏ هلڻ گهرجي“. هونئن شاعر وقت ۽ زماني جي عام وهڪري کان الڳ رهيو آهي. سماج مفادن تي ٻڌل آهي. جنهن رُخَ ۾ مفاد هوندو، ان رُخَ ۾ لهي پئبو. هڪ آرٽسٽ انهن مفادن ۾ believe نه ٿو ڪري. هو زندگيءَ جي بنيادي Values ۾ ايمان رکي ٿو. انهن تي ڪنهن به قسمَ جي سوديبازي ڪرڻ نه ٿو چاهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ٿڪجي ٿو پوي ۽ هارَ مڃي ويهي ٿو رهي. اسان جي سياسي توڙي ادبي وايو منڊل ۾ ڏسجي ته ڪيترائي وڏا وڏا آدرشي، جھونا انقلابي، ڊگهو سفر ڪري آخر ۾ ٿڪجي پيا. انقلاب جا نعرا هڻي هڻي سندن نڙيون ويهجي ويون. ماڻهن کي الائي ڪهڙن رستن ڏانهن وٺي آيا ۽ هڪ موڙ اهڙو آيو جو پاڻ کسڪي ويا. ته اهي ڳالهيون جن کي هلڪڙائيءَ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخ جي هر دؤرَ جو حصو رهيون آهن.

    اَمر اقبال: مان ٻُڍائپ ۾ به توکي چاهيندس/ ناهه توسان پيار منهنجو عارضي.... ته ڇا ”عشق“ لاءِ اوهان ”سچل“ واري فلاسافيءَ کي اپنايو ٿا؟
    ادل سومرو: محبت اهو احساس يا جذبو آهي جنهن جي ڪا حد ڪانهي ڪا. محبت ۾ ڪا درجه بندي نه هجڻ گهرجي. ڪجهه عرصو اڳ ٽيليويزن تي بانو قدسيه جو ڊرامو هليو هو، جنهن ۾ هڪ ننڍي عمر جي ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي دوست سان محبت ٿي ڪري، جنهن ۾ هو ڇوڪريءَ کي چئي ٿو ته: ”مان توکان وڏي عمر جو آهيان، تون مون سان عشق ڪيئن ٿي ڪرين؟“. جنهن تي ڇوڪري جواب ٿي ڏئيس ته: ”عشق ڪا سرڪاري نوڪري ته ناهي جنهن ۾ Age Limit رکي ويندي آهي“.... ان ڪري محبت جي ڪا عمر نه ٿي ٿئي. اها هميشه رهي ٿي.

    امر اقبال: نصير مرزا صاحبَ تازو هڪ اخباري انٽرويو ۾ چيو آهي: ”ته هڪ پوڙهو ۽ هڪ پوڙهي هڪ ٻئي کي زور ته ڏئي سگهن ٿا، عشق نه ٿا ڪري سگهن“..... اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    ادل سومرو: (مسڪرائيندي) نصير جي ڳالهه سان مان agree ناهيان. عشق جو تصور صرف Sex ناهي. عشق جسمن جي ميلاپ جو نالو ناهي. عشق ته روحن جو ميلاپ آهي. منهنجي نظر ۾ اها محبت آخر تائين رهي ٿي. ”عشق“ ۽ “Sex” کي مان الڳ الڳ ٿو سمجھان.

    اَمر اقبال: پينگهه تي او پوپري! تنهنجو لڏڻ/ ڪين ٿو وسري سگهي تنهنجو کلڻ.... ڇا اهو ”کلڻ“ اڃان تائين ناهي وسريو اوهان کان؟
    ادل سومرو: (هڪ وڏو ٽهڪ) اهي ڳالهيون ته هاڻي زندگيءَ جو حصو آهن. زندگيءَ ۾ جيڪي عڪس ٿين ٿا. محبتن جا، چاهتن جا، اُهي هڪڙا وڏا داستان ٿين ٿا. ماڻهو جتان جتان گذري ٿو..... واقعا، حالتون، ڪيفيتون انهن کان ضرور inspire ٿئي ٿو. ڪڏهن ڪنهن منظر مان متاثر ٿجي ٿو.... اهي جيڪي آهن Sources of inspiration آهن. فطرت مان، خوبصورت چهرن مان، واقعن مان متاثر ٿي ئي شاعر سٺو شعر تخليق ڪري ٿو. مان سمجھان ٿو..... ته هڪ شاعر جو تخيل ته حقيقت کان به وڌيڪَ خوبصورت ٿئي ٿو. زندگيءَ جا منظر سهڻا آهن، پر شاعر جڏهن انهن کي سٽن ۾ سمائي ٿو ته اهي وڌيڪَ سهڻا ٿي وڃن ٿا. حقيقت جيئن جو تيئن ايتري خوبصورت ناهي جيتري هڪ آرٽسٽ، مصور يا شاعر ان کي معنيٰ ڏئي، ان کي اڃان به وڌيڪَ Powerful بنائي ٿو ڇڏي.

    اَمر اقبال: سونهن جا اُجرن پکين ۾ ٿي رهي/شاعرن جي سا دلين ۾ ٿي رهي..... پاڻ وٽ اڄوڪين حالتن ۾، اوهان جي اها ڳالهه، بلڪل ڪتابي ڳالهه نه ٿي لڳي؟
    ادل سومرو: اصل ۾ ائين ٿئي ٿو جو شاعر هميشه جتي ڪٿي حسن، نيڪي ۽ چڱائيءَ جي ڳولا ڪندو آهي. ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جيئن چيو هو:

    هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو
    هر ڪا دل هيرن جي کاڻِ

    ....ته ڇا واقعي، هرڪو ماڻهو ”موتيءَ داڻو“ آهي ۽ هرڪا دل ”هيرن جي کاڻ“ آهي؟ هڪ شاعر جي اک هر ماڻهوءَ کي موتيءَ داڻو ۽ هر دل کي هيرن جي کاڻ ڏسڻ جي خواهشمند آهي. شاعر ته هڪ عام انسان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ معتبر يا کڻي چئجي منفرد ٿئي ٿو. ان جو اندر يقيناً اجرن پکين وانگر سهڻو هئڻ گهرجي . اها منهنجي خواهش آهي ته جيئن سندس تخليقون خوبصورت آهن، ائين ئي سندس مَنُ به هُجڻ گهرجي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هڪ شاعر اسان کي سُهڻا سُهڻا شعر ڏئي ٿو پر سندس اندر ۾ ڪوجھائپ ڀري پئي آهي ته سندس شاعري لفاظيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي رهي.

    اَمر اقبال: ”پوپٽن جون محبتون/۽ گلن جي دوستي/ شاعريءَ مون کي ڏني“ ۽ ”ڪوتا جي ڳولا ۾ ٿياسي. مرڪ ـــ نگرکان دور/ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪئي پر نانو ٿيا مشهور“..... انهيءَ تضاد جي وضاحت ڪيئن ٿا ڪريو؟
    ادل سومرو: اهو تضاد ائين آهي ته هڪ هجي ٿي روحاني خوشي ۽ ٻيون ٿين ٿيون زماني جون حالتون. هاڻي هڪ شاعر کي سندس پڙهندڙن وٽان ته محبت ۽ عزت ملي ٿي.... اها کيس روحاني طرح خوش رکي ٿي. زماني جي نقطئه نِگاهه کان شاعر کي Society ۾ جيڪو Social status ملڻ گهرجي اهو نه ٿو ملي. دلي سڪون ۽ محبتون پنهنجي جاءِ تي پر سماج ۾ survive ڪرڻ لاءِ کيس ٻيو به گهڻو ڪجهه کپي ٿو. جيئن شيخ اياز چيو هو ته: ”شاعريءَ ۾ پئسو ۽ پئسي ۾ شاعري ناهي“..... ته هڪ شاعر جي حيثيت ۾ جڏهن هڪ شاعر اسٽيج تي شعر پڙهي ٿو ته ”واهه واهه“ ٿئي ٿي، تاڙيون وڄن ٿيون پر جڏهن هو گهر موٽي ٿو، ته اُتي اٽو ڪونهي، چانور ڪونهن..... وري هڪ ٻيو الميو به آهي ته جيڪي اديب سماجي Status جي لحاظ کان سگھارا آهن. انهن جي ڀيٽ ۾ غريب اديب کي مڃتا گهٽ ٿي ملي. طبقاتي سماج (Class Society) ۾ ايئن ٿئي ٿو. توڙي جو اسان ان ڳالهه ۾ Believe نه ٿا ڪريون، پر پوءِ به اسان وٽ ايئن ٿئي ٿو. جيئن ٻين Societies ۾ ڪنهن به تخليقڪار جو قد ان جي تخليقن جي بنياد تي طئه ٿئي ٿو، هتي وري سندس قد جي ڪٿ سندس مالي حالتن، واسطن، اثر رسوخ جي حساب سان ڪئي ٿي وڃي. مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ ڏات ڇانوَ نه ٿي ڪري.... ڪو اديب بيمار ٿئي ته ان جو علاج نه ٿو ٿي سگهي، معمولي دوا لاءِ پئسا نه ٿا ٿي سگهن، وڏا پرڏيهي علاجَ ۽ لکن جا خرچَ ڪونه ٿا ليکيون. نثار بزميءَ جو مثال آهي، جنهن لاءِ معمولي علاجَ جو بندوبست ٿي نه سگهيو. ڪيترائي ٻيا اهڙا شاعر اديب آهن جن وٽ علاج لاءِ، کائڻ لاءِ وسيلا ڪونهن.... ته اها جيڪا تنگدستي آهي، اها نه هجڻ گهرجي. جڏهن اسان چئون ٿا ته شاعر اسان جي سماج جو معتبر فرد آهي.... پرٻئي پاسي اسٽيٽ طرفان ان کي ڪوئي Shelter نه ٿو ڏنو وڃي. ٽاڪ منجھند، شاعر بيروزگار.... معنيٰ ڏاتِ اها ڇانوَ نٿي ڪري ۽ شاعر مالي لحاظ کان Society ۾ اهو مقام حاصل نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو هڪ رانديگر حاصل ڪري ٿو وٺي. اسان جن کي معاشري جي Cream ۽ سماج کي Change ڪندڙ ذهن چئون ٿا، اُهي ٻين کي اميد جي روشني ڏين ۽ پاڻ اونداهين ۾ ئي رهن.... انهيءَ تضادَ کي مون لکيو آهي.
    اسان وٽ سوين تجربا آهن. خود اسان جي ننڍي عُمر ۾ يا هاڻي ڏاڍي ڏکوئيندڙ ڪيفيت نظر آئي آهي. اسان وٽ رائلٽيءَ جو به مسئلو آهي. رائيٽر جي ڀيٽ ۾ راڳي، اداڪار يا مصور وري به ڪجهه نه ڪجهه earn ڪري ٿا وٺن، شهرت سان گڏ پئسو به ڪمائي ٿا وٺن. هڪ راڳيءَ کي جڏهن ڪنهن پروگرام ۾ گهرايو ٿو وڃي ته ڏهه پندرنهن هزار رپيا اسان کيس advance ۾ ڏيون ٿا، پر جڏهن ڪنهن شاعر کي ڪنهن مشاعري جي صدارت لاءِ گهرايون ٿا ته سفر جو ڪرائو به کيس پنهنجي کيسي مان ڪرڻو ٿو پوي. سنڌي ادبي سنگت ۾ ئي، منهنجو ذاتي تجربو آهي ته دوستن ڪوئي ادبي ميڙاڪو، ڪوئي جشن celebrate ڪرڻ لاءِ پنجاهه سٺ هزار رپيا مخصوص ڪيا، راڳيءَ کي ڏهه ويهه هزار رپيا ڏنا، پر جيڪو اديب ان جشن جي صدارت ٿو ڪري، ان کي ٽرانسپورٽ جي سهولت به مهيا نه ٿي ٿئي. اديب ويچارو وڏي اسٽيج جي سڀ کان اوچي ڪرسيءَ تي ويهي ٿو ۽ واپس وڃي ڊٺل جھڳيءَ ۾ ڇنل کٽ تي سمهي ٿو.... ته ان کي ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته: ”ڏات اسان تي ڇانوَ نه ڪئي“.... اسان جو هڪ اديب جي ايم سومار سومرو، جنهن ”سائنس ۽ جادو“ جي نالي سان هڪ بهترين ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ لاءِ ترجمو ڪيو ۽ ٻيا به ڪافي سُٺا ترجما ڪيا، پر هو انتهائي تنگدستيءَ جي حالت ۾ هڪ اخبار ۾ پورهيو ڪري ڪري مشڪل ۽ گمنام حالت ۾ گذاري ويو. خود مولائي شيدائي ڏسو. سندس ذاتي زندگي، ڊائريءَ جا ورق، پڙهندؤ ته ڪڏهن ڪڏهن وٽس ويلو کائڻ لاءِ به نه هوندو هو. ٻچڙيوال ماڻهو هو ۽ پڇاڙيءَ ۾ abnormal حالت ۾ فوت ٿي ويو. هڪ ماڻهو جيڪو سڄي زندگي ٻولي ۽ ادب کي ارپي ٿو. ريلوي ۾ گارڊ ٿي ڪري، ٻولي ۽ تاريخ کي contribute ٿو ڪري، ان کي موٽ ۾ اسان جي ادارن طرفان پذيرائي، محنتن جو ثمر ڪونه مليو. اسان جي معاشري ۾ ڪتاب کان وڌيڪَ رانديڪي جي اهميت آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ايئن ته ٿيڻو ئي آهي.

    اَمر اقبال: منهنجو پيءُ نيرولي آهي/ هن جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ/ شايد اوهان جي گهر به هجي.... ”نيروليءَ جو خواب“ وارو ”نيرولي“ جيڪو اوهان جو والد صاحب آهي. ان فنڪار جي فن جو ”ادل سومري“ جي فن تي ڪيترو ۽ ڪهڙو اثرُ آهي؟
    ادل سومرو: هي جيڪو اجرڪ ٺاهڻ جو هنر آهي، ان جو purely سنڌ جي ثقافت سان واسطو آهي. منهنجي لاءِ cultural محبت به inspiration جو وسيلو رهي آهي. ٻيو ته وري اسان جا جيڪي هنرمند آرٽسٽ آهن، سماج ۾ انهن جي exploitation ٿئي ٿي. اهي ڳالهيون به اثر ڇڏين ٿيون.... ۽ منهنجي شاعريءَ ۾ اهڙن موضوعن جو اچي وڃڻ به فطري آهي. ماحول جو وڏو اثر ٿئي ٿو. هاريءَ جي ٻارَ کي Nature کي ويجھو کان ڏسڻ جو موقعو ملي ٿو، اهڙي نموني سان وري منهنجي آس پاس اجرڪ جا ڪاريگر اجرڪون ڇريندا هئا ته اهي تشبيهون منهنجي شاعريءَ ۾ اچي ويون.

    اجرڪ جي ڦُلڙيءَ ۾ جيڏي، هوندي آهه اڇاڻ
    منهنجي من ۾ اهڙو اجرو پيار اوهان جي ڪاڻِ

    يا وري هڪ ٻيو شعر آهي ته:

    اجرڪ جا رنگ اڏري ويندا
    جي ڪلچر آهي خوف ۾ ورتل

    اجرڪ جي باري ۾ منهنجو هڪ تحقيقي مقالو پڻ ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيو هو.... ته اهو ڪهڙي process مان گذري تيار ٿئي ٿو.... ۽ هي نظم جيڪو ”نيروليءَ جو خواب“ آهي، ان ۾ جيڪو نيرولي آهي، اجرڪ ڇُريندڙ، جنهن کي رنگريز به چون ٿا..... اهو هڪ علامت آهي. اهو انهن سڀني هنرمندن کي represent ڪري ٿو جيڪي سنڌ ۾ آهن جيڪي زوال ۾ هليا ويا آهن. جن کي ڄاڻي واڻي پوئتي ڌڪيو ويو آهي، انهن جي سرپرستي ناهي ڪئي وئي..... ۽ نتيجي ۾ انهن وٽ صرف خواب رهجي ٿا وڃن.
    اسان جي سوسائٽيءَ جا معيار به fudalist آهن، هڪ هنر مند جيڪو سماج کي خوبصورت بنائڻ ۾ پنهنجون صلاحيتون خرچ ڪري ٿو ان جي عزت ان ڪاموري کان مٿاهين نه ٿي هجي، جيڪو رشوت خوري ڪري پنهنجا کيسا ٿو ڀري ۽ جيڪو سوسائٽيءَ کي disbalance ڪرڻ ۽ process کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ٿو ادا ڪري. لطيف سائينءَ پورهئي جي اهميت کي سمجھيو ۽ اسان کي ٻڌايو:

    هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن
    ڳنڍن سارو ڏينهن، ڇنڻ مور نه سکيا

    جنهن سماج ۾ اصل عزت لائق فردن کي اهميت ۽ عزت نه ملندي آهي، اهو سماج مصنوعي ۽ ڏيکاءُ وارو سماج هوندو آهي، اسان وٽ اهڙي قسم جو کوکلو سماج اڳتي نڪري رهيو آهي. اسان جي خوابن، اسان جي تصور وارو سماج ڳوليو ڪونه ٿو لڀي، جيئن پاڻيءَ ۾ ڪک ترندا آهن ۽ هيرا تري ۾ رهجي ويندا آهن.... بلڪل ائين اسان جي سماج ۾ سطحي ڳالهين کي اهميت ملي ٿي وڃي ۽ ٺوس ۽ حقيقي ڳالهين کي اهميت نه ٿي ملي، ”نيروليءَ جو خواب“ اهڙي سوسائٽيءَ خلاف هڪ احتجاج به آهي.

    اَمر اقبال: زندگي آ مختصر/نفرتن جي جاءِ تي/ پيار جو اظهار ڪر/ هر گهڙي هر بار ڪر.... ڇا زندگي گذارڻ لاءِ ڏنل اوهان جو اهو فارمولو هڪ ”ڪامياب زندگي“ جو فارمولو آهي؟
    ادل سومرو: نه ائين ناهي، ماڻهو ڪافي جاين تي re-act به ڪري ٿو، باقي هي فلسفو پراڻو به آهي.... ان ۾ تصوف جو رنگ آهي. اها منهنجي ڪافي آڳاٽي شاعري آهي، پر مان اڃان ان تي قائم آهيان.

    امر اقبال: ڇا اوهان عيسيٰ واري ڳالهه ته هڪ ماڻهو توهان کي هڪ ڳل تي چماٽ......
    ادل سومرو: نه ائين به ناهي.... عيسيٰ جي چوڻ مطابق ڪوئي توهان کي هڪ ڳل تي چماٽ هڻي ته ان کي ٻيو ڳل آڇيو واري ڳالهه تي مان اعتبار نٿو ڪريان. باقي هڪ شاعر، تخليقڪار سوسائٽيءَ کي ٻي angle کان ڏسي ٿو. تشدد، فساد، فتنو.... انهن جي خلاف شاعري به هڪ جهاد آهي. نفرتون، گندگي، وحشتون، استحصال، انهن سڀني خلاف شاعري هڪ جهاد آهي. اسان چاهيون ٿا ته سوسائٽيءَ مان اهي شيون ختم ٿين، خوبصورتي اچي ۽ نفرت کي محبت سان ئي ختم ڪري سگهجي ٿو، نفرت جي موٽ ۾ نفرت ڏيڻ سان نفرت ختم ڪونه ٿيندي، اها ٻيڻي ٿي ويندي. منهنجي ان شعر ۾ اها ئي فلاسافي آهي. جڏهن اسان کي خبر آهي ته زندگي تمام ٿورڙي آهي، مختصر آهي ته ڇو نه ان ننڍڙي زندگيءَ ۾ پيار ڪجي، نيڪيءَ کي ڦهلائجي. مختصر زندگي جيڪڏهن نفرتن، دشمنين، ساڙ ۽ حسد ۾ گذري وڃي ته output ڇا ملندو؟!... شاعر ته سماج کي سهڻو ڏسڻ جو خواب لهندو. اهو ٿئي يا نه ٿئي، اها ٻي ڳالهه آهي. هن جي ڪوشش پنهنجي جاءِ تي قائم آ ۽ سندس شعر به ان ڪوشش جو حصو آهن.

    آدميءَ کي مان ڏي
    درد جو درمانُ ڏي

    انسان کي، انسانَ کي مانُ ڏيڻ گهرجي، مان سمجھان ٿو جيڪڏهن اهڙي قسمَ جا خيالَ نه هجن ته سوسائٽي اڃان به وڌيڪَ بگڙجي سگهي ٿي. اسان جي صوفي شاعرن پڻ اهڙو ئي نياپو ڏنو آهي. هنن tolerate ڪرڻ جو درس ڏنو آهي. لطيف ڪونه چيو آهي ته:
    هو چونئي تون مَ چئه، واتان ورائي
    اڳ اڳرائي جو ڪري، خطا سو کائي
    پاند ۾ پائي، ويو ڪيني وارو ڪينَ ڪي

    ڪينو رکندڙ، تعصب رکندڙ ۽ ٻيائي رکندڙ ڪڏهن به ڪجهه به حاصل ڪري نه سگهندو. اڳرائي ڪندڙ aggressive ڪردار هميشه نقصان ۾ رهندا آهن. رواداري ته اسان جي سنڌي سماجَ جي مزاجَ ۾ رهي آهي..... اصل کان وٺي.

    اَمر اقبال: ”سڀني نانءَ پنهنجي پرين جا کنيا پر/اسان سنڌ! ويٺاسين تنهنجو سڏائي“ يا ”مون لئه ٻئي مقدس آهن/ دلبر تنهنجو در ۽ سنڌ“.... توهان ”محبوب“ ۽ ”ڌرتيءَ“ کي اهميت جي ڪهڙي ڪهڙي ڏاڪي تي بيهاريو ٿا؟
    ادل سومرو: ٻنهي جي اهميت آهي ۽ هر شاعر انهن ٻنهي کي ڳايو آهي. اهي ٻئي شيون هڪ وسيع ڪينواس ۾ اچي ٿيون وڃن. ”سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري“.... ”سڄڻ“ ۽ ”ساڻيهه“ تمام وڏا موضوع آهن. اسان جي جيڪا سنڌي شاعري آهي. ان ۾ ”سڄڻ“ سان گڏوگڏ ”ساڻيهه“ جو به ذڪر آهي، ڪلاسيڪل شاعري به انهن موضوعن سان ڀري پئي آهي. انهن موضوعن کي الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. اصل ۾ جڏهن داخلي ڪيفيتن جو دائرو خارجي ڪيفيتن ڏانهن وڌي ٿو ته محبوب جي محبت جو ڪئنواس وڌي وڃي ٿو. وسيع ڪئنواس ۾ ڌرتيءَ جي محبت، خود محبوب سان محبت جو حصو بڻجي ٿي وڃي. ڌرتيءَ جي محبت ۾ وري ان جا وڻ ٽڻ، ماڳ مڪان، پهاڙ، ندي..... مطلب ته سڄي سنڌ اچي ٿي وڃي. لطيف جن جن ماڳن کي ڳايو، انهن جي اهميت وڌي وئي ۽ اهي اسان جي اتهاس جو حصو بڻجي ويا. اياز جڏهن ڪينجھر ۽ ڪارونجھر جو ذڪر پنهنجي شعرن ۾ ڪيو تڏهن اهي وڌيڪَ اهم ٿي ويا، هڪ عام ماڻهو به ڪينجھر ۽ ڪارونجھر کي ڏسڻ جي تمنا ڪرڻ لڳو..... ”ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين، توکي چشمن چايان“.... ته وطن سان محبت مان مراد ان جي سڀني شين سان محبت آهي. سڄڻ جي محبت فرد جي داخلي ڪيفيت ۽ وارتا آهي. ان ڪيفيت کي جڏهن ڦهلاءُ ملي ٿو ته ان جو دائرو وطن تائين ڦهلجي وڃي ٿو. وطن ۾ وري به سڄڻ ٿو اچي وڃي. سڄي سنڌ پياري آ اسان کي..... بلڪل ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ان سان محبت جي دعويٰ به آهي، پر جيئن ته توهان خيرپور ۾ رهو ٿا ته خيرپور توهان کي ٻين شهرن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪَ پيارو هوندو. بلڪل ائين سڄي سنڌ اسان جي اکين جو نور آهي، پر جيئن ته ”محبوب“ جيڪو اسان جو، رڳو اسان جو آهي، ان ڪري ان جي اهميت به پنهنجي حيثيت رکي ٿي.

    اَمر اقبال: لفظن کي ڄڻ لوڻ لڳل آ/ تنهنجو لهجو ساڳيو ناهي.... لوڻ لڳل لفطن ۽ بدليل لهجن کا آخر هڪ حساس دل ڪيئن ٿي بچي سگهي؟ اوهان وٽ ان جو ڪو حل؟!
    ادل سومرو: مان سمجهان ٿو ته اهي ڳالهيون شروع کان ئي وٺي انساني سماج ۾ هڪ ٻئي سان گڏ رهيون آهن. محبت به آهي ته نفرت به آهي. مٺاڻ به آهي ته ڪڙاڻ به. جڏهن اسان مٺاڻ جي ذائقي جي طلب ٿا ڪريون ته لازمي ڳالهه آ ته لوڻ جو ذائقو به چکڻو پوندو. هونئن به جتي روشني هوندي اتي اوندهه ضرور هوندي. ڏک، سک، محبت، نفرت، گل، ڪنڊا، گڏ گڏ رهڻا آهن. اهي سڀ ڳالهيون زندگيءَ جو حصو آهن. هڪ حساس ماڻهو جيڪڏهن ميٺ محبت ڀرئي سماج کي imagine به ڪري ته صرف imagine ئي ڪري سگهي ٿو. ڪدورتون، ساڙ، بغض، لهجن جي ڪوڙاڻ.... اهي شيون رهڻيون آهن ۽ انهن کي face ڪرڻ جي همت پيدا ڪرڻ گهرجي. حساس دليون اهڙي Polution ۾ بيزار ٿي وينديون آهن. لطيف جي شاعري مختلف ڪيفيتن سان ڀري پئي آهي. ڪٿي ڪنهن ڪيفيت ۾ ڪنهن ٻئي ڪيفيت جو رد ٿو ملي.... ته اهي ڳالهيون، اهي ڪيفيتون زندگيءَ ۾ اچن ٿيون. ماڻهوءَ کي ڪوشس ڪري positive طرف ڏانهن ئي پنهنجي سوچ جو رُخ ڪرڻ گهرجي.

    اَمر اقبال: هي ماڻهن جو پيارُ ۽/ ڪنڊا رستي ۾/سوچي شيخ اياز ٿو.... شيخ اياز جي حوالي سان يا هونئن ئي generally هڪ آرٽسٽ لاءِ رستي جي ڪنڊن هٿان مليل زخمن لاءِ، ماڻهن جو پيار ڪيتري حد تائين مرهم بنجي سگهي ٿو؟
    ادل سومرو: هڪ تخليقڪار کي زماني طرفان محبت به ملي ٿي ۽ سندس مخالفتون به ٿين ٿيون. پر هُو محبت کي، ڀلي اها ٿوري ئي ڇو نه هجي، وڌيڪَ اهميت ڏئي ٿو. توهان پاڻ حساس ذهن رکندڙ آهيو ۽ ائين ئي محسوس ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ سان هڪ سؤ ماڻهو پيار ڪن ٿا ته هو ان پيار کي هزار ماڻهن جي مخالفت کان وڌيڪَ اهم سمجھندو. هڪ هزار ماڻهن پاران ڏنل زخمن لاءِ هڪ سؤ ماڻهن جي محبت بلڪل مرهم بنجي سگهي ٿي. شيخ اياز جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته سندس رستي ۾ ڪنڊا وڇايا ويا، کيس ذهني اذيتون مليون، کيس پنهنجي ماڻهن کان شڪايتون به هيون. هڪ طرف تمام گهڻا ماڻهو کيس محبت ڏئي رهيا هئا ته ٻي طرف ڪجهه حلقا کيس ذهني اذيتون ڏئي رهيا هئا. اهي ڳالهيون سموري زندگي ساڻس لاڳو رهيون ۽ آخري عمر تائين کيس اهو خيال هيو ته ڪجهه ماڻهو کيس torture ڪري رهيا آهن. اسان مان ئي دوستن لکت ۾، بيانن وسيلي اياز جي راهه ۾ ڪنڊا وڇايا، اها هڪ حقيقت آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته کيس محبت ڏيڻ وارا سندس مخالفن کان تمام گهڻا آهن. پيار ٿورو به گهڻو هوندو آهي. ائين کڻي چئجي ته جيڪڏهن ڪنهن شخص تي هڪ هجوم مان پٿر وسي رهيا آهن ۽ ان هجوم ۾ ٻه ماڻهو آهن جن جي اکين ۾ ان شخص لاءِ پيار آهي ته اهو ٻن ماڻهن جو پيار ان شخص لاءِ هڪ اميد بنجي وڃي ٿو..... اها اميد ته معاشري مان اڃا سڃاڻپ ختم ناهي ٿي. هونئن به چڱائيءَ وارا ڪردار بُرائيءَ وارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندا آهن ۽ ان ڳالهه تي مايوس به نه ٿيڻ گهرجي. ٿورڙي چڱائي به اميد جو اهڃاڻ آهي. هڪ تخليقڪار اهڙي صورتحال ۾ مايوس نه ٿو ٿئي، جتي ڪنڊا آهن ته اتي گل آڇڻ وارا به آهن.

    اَمر اقبال: ڍنڍ ـــ اکڙين ۾ ٿيا لڙڪ تنهنجا ڪنول/مان ڏسان ٿو ڪنول ۾ لکان ٿو غزل...... اڄ ڪلهه غزل لکڻ لاءِ Inspiration ڪٿان ٿا وٺو؟
    ادل سومرو: ڍنڍ جهڙيون اکيون، ڪنول جهڙا لڙڪ.... اهي سڀ Inspiration جا مختلف ذريعا آهن، پر اڄ جو غزل مڪمل طرح سان change ٿي ويو آهي. ان جي definition ئي بدلجي وئي آهي. ان جا ڪئنواس به وسيع ٿي ويا آهن. اردوءَ ۾ ته ان ۾ وڏا تجربا ٿيا آهن.

    اَمراقبال: اردوءَ ۾ ته آزاد غزل به لکيو ٿو وڃي؟
    ادل سومرو: جي بلڪل.... ته ان لاءِ Source of inspiration به مختلف وارتائون هجن ٿيون. اسان جو آس پاس، اسان جو اندر، پيار..... پيار کانسواءِ ته ماڻهو شاعري ڪري ئي نه ٿو سگهي. محبت هڪ وڏو وسيلو آهي، هڪ تخليقڪار جي تخليق لاءِ basic source آهي. محبت ئي کانئس لکرائي ٿي. وري هڪ تخليقڪار جي ذهني approach جو به عمل دخل هجي ٿو. شيون ته آهن اسان جي چوڌاري ۽..... سڀ ڪنهن لاءِ آهن، پر هر شاعر جي پنهنجي پنهنجي پهچ آهي ته هو انهن شين تائين ڪيئن ۽ ڪيترو پهچي سگهي ٿو..... ته اهي سڀ ڳالهيون آهن جيڪي اڄ به مون کي inspire ڪن ٿيون ۽ غزل لکجن پيا.


    رسول ميمڻ جو انٽرويو

    رسول ميمڻ جي انٽرويو بابت

    سکر جي اُها گرم شامَ هُئي، جڏهن اَسان “الحبيب” جي هِڪَ اڪيلي، اَڌَ اونداهين ۽ ٿڌي ڪُنڊَ ۾ چانهه جي ڪَپَ تي اچي ويٺاسون. سنڌي ٻوليءَ جو منفرد ڪهاڻيڪار، ناولنِگار ۽ شاعِرُ رسول ميمڻ پنهنجي شخصيت جي سموري پُراسراريت سميت اسان جي سامهون هو ـــ هو ڳالهائي رهيو هو ۽ اَسان بجاءِ کانئس ايندڙ سوال ڪرڻ جي تياريءَ جي شعوري ڪوشش ڪرڻ جي، سندس ڳالهين ۾ سمايَل سحر ۾ جھڙوڪر لهندائي پئي ويا سي.... هيءَ ڪچهري اڃان به اڳتي هلي ها، رسول ميمڻُ جون ڳالهيون اڃا به باقي هُيون، اسان جا سوالَ اڃان به پوئتي پنڌَ ۾ هُيا، پر ڪنهن سبب جي ڪَري اسان چانهه جي خالي ڪوپن ۽ ڪولڊرنڪ جي خالي شيشيُن کي اوچتي حيرت ۾ ڇڏي، اُٿيا هئاسون، انهيءَ خيالَ کي ساڻُ کَڻي ته....... “باقي ٻئي دفعي” ـــ ٻاهر رسول ميمڻ صاحب کان موڪلائڻ مهلَ سمورو سکر راتِ جي ڀاڪُرَ ۾ اَچي چُڪو هو ۽ اسان پنهنجيُن ڪهاڻين ۽ پنهنجيُن اکين ۾ اَڻَ ڳَڻيون حيرتون کڻي هلندڙ سنڌي ڪهاڻيءَ جي هِنَ غضبناڪ مسافر کان موڪلائي، سکر واري پُل تان سِنڌوءَ کي ڪراس ڪري، اچي ميرن واري خيرپور نِڪتا هُئاسون. “پوپٽ” جي چيف ايڊيٽر، سفرنامه نِگار قربان منگي ۽ نثري نظمَ جي شاعِرَ حبيب ساجد جو ساٿُ هن ڪچهريءَ ۾ مون سان گڏ رهيو ۽ هِنَ ڪچهريءَ کي رڪارڊ ڪرڻ ۽ فوٽوگرافيءَ واري ڪَمَ ۾ آصف نظاماڻيءَ هٿ ونڊايو. جنهن لاءِ سڀني جا وڏا قُربَ.
    (2014ع)
    .......................................................
     ڪُجهه عرصي بعد جڏهن مون اُهو بوڪ کوليو ته ان ۾ مَسُ جا رُڳو چُٽا ڇاپيل هُيا، شاعري الائي ڪاڏي اڏامي وئي هئي....
     ...... شاعري نوجوانن جو ڪَمُ آهي....
     اها حقيقت آهي ته شاعر نثر لکي سگهي ٿو، ۽ تمام سٺو نثر لکي سگهي ٿو.
     جڏهن مان لکڻ ويهندو آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي، ڄَڻُ ڪو ٻيو ٿو لکي.
     اياز جي شخصيت جو هڪ سحر هوندو هو. سندس اچڻ سان هڪ سانت ڇانئجي ويندي هئي.
     ڀَٽي صاحبَ چيو: ”اياز دريءَ جي سامهون ان ڪري نه ويٺو ته متان ڪوئي کيس دريءَ مان گولي نه هڻي وڃي.....“
     ..... خواهش هوندي هئي ته ڪاش مان ٽالسٽاءِ جهڙيون ڪهاڻيون لکي سگهان.
     امر جليل صاحب مون کي ڏاڍو encourage ڪيو، جو مون کي اچي عالمي ليکڪن سان ملايائين.
     سنڌ جو جيڪو پڙهندڙ آهي، ان اڃان صحيح معنيٰ ۾ منهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون ئي ناهن.
     ماضيءَ کي ڌار ڪرڻ ائين آهي، جيئن ماڻهو پنهنجو جسم دُنَ جي هيٺان ڪٽي ڦٽي ڪري.
     امڙ جيڪا ڪهاڻي اسان کي ٻُڌائيندي هئي، ان جا ڪردار مان ڀت تي ڏسندو رهندو هُيس.
     منهنجي وس ۾ هجي ته.... مان ڦاٽل ڪپڙا پايان، ڏاڙهي ڇڏي ڏيان ۽ هڪ لٺ کڻي برپٽن ۾ هَليو وڃان.
     جيئن ئي مون کي بابي جي مرڻ جي خبر پئي ته مون کي محسوس ٿيو ڄڻ مان هڪدم پوڙهو ٿي ويو هُجان.
     سنڌي ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين کي ڇڏي، باقي ڪهاڻين کي جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته اهي عالمي معيار تي پوريون ڪونه ٿيون لهن.


    مان اڪيلائيءَ ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو آهيان

    حبيب ساجد: انجيڪشنز، ٽيبليٽس ۽ مريضن جي ماحول مان ڪهڙي شئي اوهان کي ادب، شاعري ۽ ڪهاڻيءَ طرف divert ڪري آئي؟
    رسول ميمڻ: ماڻهو ڪڏهن به divert نه ٿيندو آهي، هو قدرتي طرح سان پنهنجي ماحول ۾ فٽ هوندو آهي، divert ٿيڻ هن جي وس ۾ ناهي، Diversion لفظ artificial آهي. مان جيئن دنيا ۾ آيو آهيان ته اها شئي اڳ ۾ ئي مون ۾ موجود آهي، diversion مون کي ڀلائي وجهندي آهي. ٽيبليٽس ۽ انجيڪشنز جي جيڪا دنيا آهي، اها منهنجي financial support واري دنيا آهي، اهو منهنجو رستو ناهي، منهنجو رستو اهو آهي جنهن جي توهان سڀني کي خبر آهي.

    حبيب ساجد: ماحول ادبي قسم جو مليو اوهان کي پنهنجي ننڍپڻ ۾، جو اوهان ادب طرف اچڻ جي ڇڪ محسوس ڪئي؟!
    رسول ميمڻ: هنر ماڻهوءَ ۾ موجود رهي ٿو ، حالتون ان کي سگهه ٿيون ڏين . ان کان پوءِ ماحول اچي ٿو ، جنهن ۾ ادبي دوستن جون لکڻيون، انهن سان ڪچهريون، ان کي طاقت عطا ڪن ٿيون. ان کان پوءِ مشاهدو اچي ٿو ، مشاهدو ماڻهوءَ کي اها سگهه ڏئي ٿو جو هو اظهار ڪري سگهي ٿو، هن کي اظهار ڪرڻ جو ڏانءُ اچي وڃي ٿو.

    امر اقبال: اوهان تي اهو انڪشاف ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو ته اوهان لکي به سگهو ٿا؟
    رسول ميمڻ: اصل ۾ چاچا سائين شروع کان وٺي گهر ۾ سنڌي رسالا وٺي ايندو هيو. جڏهن مان ننڍڙو هوندو هيم ته اهي پڙهندو هيس ۽ پڙهڻ دوران مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ هيءَ منهنجي ئي دنيا آهي. ائين مونکي هڪڙي قسم جو رستو يا کڻي سمجهو Gate way ملي ويو ته هاڻ مون کي ان دنيا ۾ رهڻو آهي. ڪهاڻيون گهڻيون پڙهندو هيس، خاص طور تي ترجما مون کي گهڻو attract ڪندا هيا. خاص طور تي اهي ڪهاڻيون شوق سان پڙهندو هيس جن ۾ پراسراريت ، تجسس ۽ سسپينس گهڻو هوندو هئو، ڪوهيڙي ويڙهيل ماحول واريون ڪهاڻيون ڏاڍيون وڻنديون هيون.

    امر اقبال: پهرين ڪهاڻي ڪڏهن لکي هئي اوهان ؟
    رسول ميمڻ: پهرين ڪهاڻي چوڏهن سالن جي عمر ۾ لکي هيم، جڏهن مان نائين درجي ۾ پڙهندو هيس. جڏهن مون پنهنجي سؤٽن ، ماساتن کي اها ڪهاڻي ٻڌائي ته انهن چيو، هيءَ سٺي ڪهاڻي آهي. پر مان اها ڪهاڻي ڪنهن رسالي ۾ ڪونه موڪلي. پر پوءِ ڪجهه سالن کان پوءِ مون جڏهن اها ڪهاڻي ٻيهر پڙهي ته مون محسوس ڪيو ته هيءَ سٺي ڪهاڻي ڪانه آهي، ان ڪري مون اها ڪهاڻي ڦاڙي ڦٽي ڪري ڇڏي. مون وٽ ڪنهن شئي کي سنڀالڻ جو سسٽم ئي ڪونهي، مان ڪابه شئي preserve ڪونه ڪندو آهيان. ڪا شئي اگر مون کي نه وڻندي آهي (ٿي سگهي ٿو ته اها ڪنهن ٻئي کي وڻندي هجي ) ته مان ان کي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڇلي ڇڏيندو آهيان، trash به ڪري ڇڏيندو آهيان. اسٽور ۾ ڪنهن ڀڳل پيتيءَ ۾ رکي ڇڏيندس. اسان جي گهر ۾ ڏاڪڻ جي هيٺان هڪ ڀڳل وڏي پيتي رکيل هوندي هئي. جڏهن بارش پوندي هئي ته پاڻي ءَ جي ڪري اها ڪهاڻي يا ڪاغذ پسي ڳري ويندا هيا، جيڪي پيتيءَ ۾ رکيل هوندا هئا. مان عام طور تي مَسُ واري پين سان لکندو آهيان. ان ڪري بارش ۾ ان لکڻيءَ جو نالو نشان به مٽجي ويندو هو. مون وٽ هڪڙو بوڪ هوندو هو شاعريءَ جو..... منهنجو خيال هوندو هو ته بوڪ ۾ لکيل اها شاعري سٺي ڪانه آهي، ان ڪري مون اهو بوڪ ان trash ڪندڙ پيٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيو هو، ڪجهه عرصي بعد جڏهن مون اهو بوڪ کوليو ته ان ۾ مَسُ جا رڳو چُٽا ڇاپيل هيا، شاعري الائي ڪاڏي اڏامي وئي هئي. ان سان گڏ جيڪي ٻيا به ڪتاب هيا ته اهي به تقريباً ختم ٿي چڪا هيا. منهنجي زندگي ڪڏهن به هڪ سسٽم تحت نه هلي آهي، مان هميشه بي ترتيب رهيو آهيان، جنهن ڪمري ۾ مان سمهندو آهيان ان ۾ منهنجي کٽ ۽ سامهون پيل صوفو ڪتابن سان سٿيل هوندا آهن. منهنجي ٻنهي پاسن کان ڪتاب پيا هوندا آهن، اڄ جهڙي نموني جي سوسائٽي آهي ان ۾ ان عادت کي شايد برو تصور ڪيو ويندو آهي، توهان پاسو ورايو ته ڪتاب پري ڪرڻا پون. (کلندي) ان ڳالهه تي منهنجي گهر واري مون سان سخت اعتراض ڪندي آهي.

    امر اقبال: اوهان”پوپٽ“ ۾ جيڪا تحرير لکي هئي ” کاڌي جي ميز تي رکيل ڪتاب“ ته ان ۾ به ان ڳالهه جو ذڪر اوهان ڪيو هو ته اوهان جي چؤگرد ڪتاب پيل هوندا آهن.........
    رسول ميمڻ: ها صحيح ٿا چئو هر جاءِ تي ڪتابَ، ڊائننگ ٽيبل تي ڪتابَ، ڪرسين تي ڪتابَ، پر اهو ماحول هاڻ رڳو منهنجي ڪمري تائين محدود آهي.

    امر اقبال: اهو توهان ڪڏهن طئي ڪيو ته هاڻ شاعريءَ کي ”الله واهي“ چئي رڳو ڪهاڻي ئي لکجي؟
    رسول ميمڻ: يار! شاعري نوجوانن جو ڪم آهي. ماڻهو young هجي، 22 يا 23 سال عمر هجيس، ڪنهن جي عشق ۾ شد ت سان مبتلا هجي، حساس هجي، پنهنجي عشق جو اظهار نه ڪري سگهي، اهو شاعريءَ ۾ اظهار ڪري. پنهنجي محبوب جي سامهون وڃي ۽ اتي ايڏو ته dipperesed هجي جو ڳالهائي نه سگهي... شاعري اتي جنم وٺندي آهي، سڀ کان بهترين شاعري هميشه نوجوان ڪندا آهن. مان 1974 ۾ شاعري ڪئي هئي، ۽ منهنجي شاعريءَ جو ڪتاب به آيو هو.... ”اُوشا جي آشا“. هاڻي چاهيان به جي نه ، ته به شاعري نه ٿو ڪري سگهان.

    حبيب ساجد : شاعريءَ ۾ اوهان نثري نظم گهڻو لکيا ؟
    رسول ميمڻ: ها مان شاعريءَ ۾ نثري نظم واقعي گهڻا لکيا.

    امر اقبال: اوهان هڪ نئين صنف ” نؤلکا“ به لکيا هيا؟
    رسول ميمڻ: مون ”نؤلکا“ لکيا هيا ۽ اها صنف مون ئي ايجاد ڪئي هئي. سڀ کان پهرين ”نؤلکا“ مون لکيا هيا، پر اها ڳالهه ماڻهن وچ ۾ ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي. ان کان علاوه مون هڪ ٻي صنف به ايجاد ڪئي هئي ان جو نالو رکيو هيو ” ڏيکارو“. ڏيکاري ۾ اوهان کي هڪ منظر نظر ايندو، اوهان اهو منظر ڪيئن ٿا پينٽ ڪيو ، اهو اوهان جي فن جو ڪمال آهي........ ته مان ”ڏيکاري“ ۾ اهڙا منظر رڪارڊ ڪيا. داخلي طور تي مان پنهنجي شاعريءَ جي معيار کان خوفزده رهندو آهيان، ان ڪري مان اها ڇپرائيندو ناهيان. شاعري ماڻهوءَ کي ايڏي ته Powerfull زبان فراهم ٿي ڪري جو اهو پنهنجو مقصد زورائتي نموني اظهار ڪري ٿو وڃي. شاعري ماڻهوءَ جي پنهنجي ٻولي آهي، جيڪڏهن توهان وٽ لفظن جو ذخيرو موجود آهي ته پوءِ توهان لاءِ پنهنجو اظهار ڪرڻ ڏاڍو آسان بڻجي وڃي ٿو. هڪڙو نثر نگار جيڪو شاعر به آهي ۽ هڪ شاعر جيڪو نثر نگار به آهي پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئن ناهي ته ان جو مثال هڪ ڊکڻ جيان آهي جنهن وٽ ڪاٺ ته آهي پر اهو ان کي رندو نه ٿو هڻي، سونهن نه ٿو ڏئي. اها حقيقت آهي ته شاعر نثر لکي سگهي ٿو، ۽ تمام سٺو نثر لکي سگهي ٿو. اها سگهه هن کي هن وٽ موجود لفظن جو جيڪو ذخيرو آهي ، اهو ڏئي ٿو.

    امر اقبال: اوهان جڏهن ڪا ڪهاڻي لکندا آهيو ته ان مهل اوهان جي ڪيفيت ڇا هوندي آهي ؟ شعور ۽ لاشعور اوهان جو ڪيترو ساٿُ حاصل ڪندا آهن؟
    رسول ميمڻ: حقيقت اها آهي يار! ته مان وٽ شعور آهي ئي ڪونه.... ۽ نه ئي ڪو لاشعور آ. مون وٽ ڪجهه به ڪونه آهي. جڏهن مان ڪهاڻي لکندو آهيان ته مان هوندو ئي ناهيان، جڏهن مان لکڻ ويهندو آهيان ته مون کي ايئن لڳندو آهي ڄڻ ڪو ٻيو ٿو لکي. مون کي پنهنجي هٿ ۽ ان ۾ پڪڙيل پين تي ڪوبه اختيار ناهي هوندو. هڪڙي اڏام آهي جنهن جو مان مزو وٺندو آهيان.

    حبيب ساجد: ان جو مطلب اهو ٿيو ته اوهان جا ڪردار اوهان جو استعمال ڪندا آهن، اوهان ڪردارن جي پوئتان هوندا آهيو ۽ ڪن ڪهاڻيڪارن جيان اوهان پنهنجي ڪردارن جو شعوري سفر طئي نه ڪندا آهيو؟
    رسول ميمڻ: ها ، منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار منهنجو ڀرپور استعمال ڪندا آهن ، مان انهن تي حڪم هلائي نه سگهندو آهيان يا انهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب موڙي نه سگهندو آهيان، ڪردار پنهنجي سفر جو تعين پاڻ ڪندا آهن ، مان اهو نه ڪندو آهيان.
    مان گهڻو تڻو ماضيءَ جو ماڻهو آهيان، ماضي مون لاءِ هڪ شهر جيان آهي ، جنهن ۾ مان بالم بڻجي پيو گهمندو آهيان. مان لکڻ مهل مڪمل طور تي disorganized هوندو آهيان. هڪ Pilot ته هوندو آهي پر مون کي ان تي ڪهڙي پوک پوکڻي آهي؟، اهو مان decide نه ڪندو آهيان. ائين سمجهو سِڻيءَ جي هڪ ٻوري آهي جيڪا مان ڪلهي تي کڻي گهمندو آهيان پر مون کي اها خبر ناهي هوندي ته مون کي بازار مان خريد ڇا ڪرڻو آهي؟ سو جڏهن مان لکڻ ويهندو آهيان ته منهنجي ذهن ۾ ايئن سمجهو ته ڪردارن جي هڪ بازار لڳل هوندي آهي، مان کي انهن مان ڪنهن ڪنهن جي چونڊ ڪرڻي آهي..... ته مان اهو به نه ڪري سگهندو آهيان. ڪڏهن ڪڏهن ته عجيب عجيب ۽ خوابناڪ ڳالهيون ذهن ۾ کڻي سمهي پوندو آهيان ۽ پوءِ رکي رکي جاڳي پوندو آهيان، ٿوري جهٽ ساهي پٽي مان وري انهن خوابناڪ خيالن ۾ کوئجي ويندو آهيان، مان وري return ٿي پوندو آهيان... ڪلاڪن جا ڪلاڪ ائين ئي گذري ويندا آهن ڄڻ ڪو ماڻهو ننڊ ۾ گهمندو هجي ۽ ائين صبح ٿي ويندو آهي. هڪڙي دفعي مان ننڊ ۾ هيس ته مون کي لڳو مان لکي رهيو آهيان ، لکي رهيو آهيان، ۽ صبح جو ڏٺم ته واقعي پني تي گهڻو ڪجهه لکيو پيو هو. مون کي لکڻ relief ڏيندو آهي، سڪون ڏيندو آهي، ائين لڳندو آهي ڄڻ مون ڪو وڏو بار پنهنجي ڪلهن تان لاهي ڇڏيو آهي، ۽ ان کان پوءِ مان پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون ۽ fresh محسوس ڪندو آهيان، ڄڻ مون تي سالن جو ڪو قرض هيو جيڪو ادا ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي مان ڪنهن پکيءَ وانگر بلڪل آزاد آهيان ... ته ايئن مان وقت جي ڪشتيءَ ۾ پيو سفر ڪندو آهيان ، اهائي منهنجي حاصلات آهي، باقي مون کي ان شئي سان ڪو سروڪار ڪونهي ته مان ڇا لکيو آهي، ڪنهن جي لاءِ لکيو آهي .. پر اهم رڳو اهو آهي ته مان هي لکيو آهي. بس مان پاڻ کي define ڪري لکيو آهي.

    امر اقبال: چيخوف کي پبلشر چيو هو ته، اوهان ميڊيڪل جو شعبو ڇڏي رڳو ڪهاڻيون لکو، جنهن تي چيخوف هن کي وراڻيو ته ميڊيڪل منهنجي ”قانوني زال“ آهي ۽ ڪهاڻي منهنجي ”محبوبه“ آهي، ته تون ڪيئن ٿو چوين ته مان پنهنجي قانوني زال کي ڇڏي محبوبه جي ڪڍ لڳان؟....... جيڪڏهن ڪو توهان کي چوي ته اوهان ڪا هڪ شئي کڻو، ميڊيڪل يا ڪهاڻي، ته اوهان ڇا فيصلو ڪندؤ؟
    رسول ميمڻ: جيڪڏهن ڪو مون کي ايترا پئسا ڏئي جو منهنجو وهنوار هلي ، مان ۽ منهنجي family ٽي ويلا کائي سگهي، انهن جون بنيادي ضرورتون پوريون ٿي وڃن ته مان زندگي ڀر ويهي ڪهاڻيون لکندم.

    امر اقبال: توهان کي جيڪو شروعاتي ماحول مليو سکر ۾ جنهن ۾ ”رسول ميمڻ“ رائٽر ٿيو، ان جو ٿورو پس منظر اسان کي ٻڌايو ته اوهان ڪهڙن دوستن جي وچ ۾ گذاريو؟
    رسول ميمڻ: هن ”الحبيب“ هوٽل جي ڀر ۾ جاگيراڻي پاڙي ۾ سائين رشيدڀٽي هوندو هُيو، فتاح ملڪ هيو، ته اهي اسان جا seniors هوندا هيا.
    شيخ اياز.... specially ان جو ذڪر ڪندم..... 1973 ۾ هڪڙو مشاعرو ٿيو هو، اهو آل پاڪستان مشاعرو هيو جنهن ۾ سڄي سنڌ مان اديب شاعر آيا هيا..... ادل سومري ۽ اياز گل به انهن ڏينهن ۾ نئون نئون لکڻ شروع ڪيو هو، ان ۾ اسان سکر جا رڳا ٽي هياسي. اتي سڀ رائٽر موجود هيا ، مان اتي بيت پڙهيا هيا، صدارت ڪري رهيو هو حسام الدين راشدي ۽ شيخ اياز Chief guest هيو، جڏهن مان بيت پڙهي ڪري اسٽيج تان لهي رهيو هيس ته پير حسام الدين راشديءَ مون کي سڏ ڪري چيو: ”پٽ! هيڏي آ“، پوءِ مون کان بيت وٺي پڙهيائين ۽ شيخ اياز سان به بيتن متعلق discuss ڪيائين.... ته اها منهنجي شروعات هئي.
    اسان سڀني ليکڪن جون گڏجاڻيون فتاح ملڪ جي آفيس ۾ والس روڊ تي ٿينديون هيون. ان ۾ اسان ويندا هياسي. مان، ادل سومرو، ايازگل، هڪڙو هوندو هو محمد عيسي جلباڻي، جيڪو ”سدا حيات جلباڻي“ جي نالي سان لکندو هو.... رفيق سومرو هوندو هيو.... ته انهن گڏجاڻين ۾ مان ڪهاڻيون پڙهندو هيس. ان کان پوءِ رشيد ڀٽي صاحب جي اوطاق تي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، اهي جيڪي گڏجاڻيون ٿينديون هيون، اهي ڏاڍيون يادگار هونديون هيون. ڀٽي صاحب ڏاڍو کرو ماڻهو هوندو هيو. هو سنئين سڌي ڳالهه ڪندو هو.... هِنَ شيءِ ۾ هيءَ deficiency آ، هيءَ شيءَ هيئن هڻڻ گهرجي.... ڏاڍا سٺا ماڻهو هئا اُهي پنهنجي وقت جا ـــ ڪڏهن ڪڏهن شيخ اياز به اوچتو ڪچهرين ۾ اَچي ويندو هيو. اياز جو اچڻ اسان لاءِ ڪنهن حيرت جهڙي ڳالهه هوندي هئي ـــ مان اوهان کي اياز جو هڪ قصو ٻڌايان......
    مان ڪرسيءَ تي ويٺو هيس، رشيد ڀَٽي صاحب سامهون ويٺو هو،
    شيخ اياز مون کي چيو ته: ”پُٽَ! تون هوءَ جيڪا دريءَ جي ڀرسان خالي ڪرسي پئي آهي، ان تي وڃي ويههُ، هِتي مان ٿو ويهان“. مان وَڃي اُنَ ڪرسيءَ تي ويٺس،
    شيخ اياز اسان نوجوانن جي شاعري ٻُڌي ۽ پوءِ هليو ويو. اياز جي وڃڻ کان پوءِ ڀَٽي صاحب کلي چيو ته: ”خبر ٿئي اياز توکي دريءَ جي سامهون ڇو ويهاريو؟“. مون چيو: ”نه سائين!“. ڀٽي صاحب چيو: ”اياز دريءَ جي سامهون اُنَ ڪري نه ويٺو ته متان ڪوئي کيس دريءَ مان گولي نه هڻي وڃي“...... (کلندي) معنيٰ ته کيس internally ڪو ايڏو ڊَپُ هيو. باقي ائين آهي ته اياز جي شخصيت جو سحر هوندو هو، سندس اچڻ سان هڪ سانتِ ڇائنجي ويندي هُئي. ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ جو روايتي decorum به تبديل ٿي ويندو هو ته ڪيرُ صدارت ڪندو؟ ڪير ڪاروائي هلائيندو؟.... اِهي سڀ ڳالهيون وسري وينديون هيون. اياز جي شخصيت جي ايتري دهشت به هوندي هئي. اسان لاءِ اها فخر جي ڳالهه هوندي هئي ته اياز اسان وٽ اچي ٿو ۽ ادبي سنگت ۾ اچي ڳالهائي ٿو ـــ تمام سُٺيون gatherings ٿينديون هيون ۽ اسان انهن مان ڏاڍو پرايوسي، اسان جا سينيئر جڏهن discussions ڪندا هئا.... ته نيون نيون ڳالهيون، اڻ ٻڌل ڳالهيون پهريون دفعو اتي ٻڌيوسين.

    حبيب ساجد: اوهان جي ڪهاڻين ۾ اڪثر ڏند ڪٿائي ماحول ملي ٿو. ٿورو ڌُندُ ...... ته محسوس ائين ٿو ٿئي ته شروعاتي دؤر ۾ اوهان Nathaniel Hathorine کان اثر ورتو آهي؟؟
    رسول ميمڻ: (کلندي) يار! واههَ جي observation آهي توهان جي..... بلڪل Hathorine جو ماحول مون کي ڏاڍو وڻندو هيو، هُنَ جو Style........ مون سندس ڪهاڻيون پڙهيون هيون ۽ مون کي ڏاڍيون وڻيون هيون..... اسان معصوم شاهه واري لئبريريءَ ۾ پڙهندا هياسين. سائين غلام مرتضيٰ شاهه هوندو هيو، لئبريريءَ ۾، سڀئي ڪِتابَ کيس ياد هُئا. جنهن ڪِتابَ لاءِ چئو، منٽن ۾ توهان کي ڪڍي ڏيندو..... ته مون کي ان وقت ٽالسٽاءِ ڏاڍو وڻندو هو ۽ ڪافي عرصو ان جو مون تي اثر به رهيو.... ۽ خواهش هوندي هئي ته ڪاش مان ٽالسٽاءِ جهڙيون ڪهاڻيون لکي سگهان. چيخوف هوندو هيو، چيخوف جا ڪردار Nature جي قريب تر ۽ realistic قسم جا آهن. ٽالسٽاءِ وٽ Mysticism (صوفي ازم) ملي ٿو ٽالسٽاءِ واقعي هڪ صوفي آهي....

    حبيب ساجد: ٽالسٽاءِ وٽ feelings جي زري پرزي کي واضح ڪرڻ ملي ٿو.....
    رسول ميمڻ: بلڪل..... ٽالسٽاءِ وٽ مختلف احساس ملن ٿا.... ۽ روسي ادب ۾ هڪ variety هوندي هُئي. ڀُٽو صاحب جي حڪمرانيءَ جي شروعاتي دؤر ۾ روسي ادب جا ڪِتابَ ڏاڍا سستا ملندا هئا. چئن آنن ۾ هِڪُ وڏو صَخيم ڪِتاب ملي ويندو هو. مئڪسم گورڪئي جو “Mother” ٻارنهن آنن ۾ ملي ويندو هو.... ۽ سُٺا ترجمو ٿيل هوندا هئا. Russian Embassy ۾ اهو سڄو literature ملندو هو. ۽ اتي سنڌي ڪِتابن جو section به هوندو هيو. اڪثر ادب اردو ۾ ترجمو ٿيل ملندو هو. روسي رسالا به ايندا هئا. “Sputnik” ڏهن رُپين ۾ ملندو هو، جيڪو “Readers Digest” جي مقابلي ۾ هوندو هيو.... ته اهو دؤر، منهنجي نوجوانيءَ جو دؤر، گهڻو study ۾ گذريو. رَشين ليکڪن جو مون تي ڪافي اثر رهيو. ڪجهه مصري ڪهاڻيون پڙهيم. ليکڪ جو نالو ياد ڪونهي پَر هڪ اهڙي مصري ڪهاڻي پڙهيم جنهن جو اثر سموري زندگي مون تي رهيو آهي..... ان ڪهاڻيءَ ۾ ائين هيو ته هڪ بزرگ شخص آهي، جنهن جي وڏي ڏاڙهي آهي...... پُهتل شخص آهي. اُهو ريگستان ۾ وڃي ٿو ۽ ٻرندڙ سِجَ جي هيٺان وڃي دعا ٿو گهري ته: ”يا خُدا! هن دنيا کي تباهه ڪر...... هيءَ دنيا ڪنهن به ڪم جي ناهي“..... اُهو دانهون ٿو ڪري.... اوچتو هِڪَ جھرڪي اچي سندس دُعا واري ٻُڪَ ۾ ڪَکَ ٿي رکي، آکيرو ٿي ٺاهي ۽ پوءِ ان ۾ آنا ٿي ڏي. آنن مان ٻَچا ٿا ڦُٽن.... ته پوءِ هي سوچي ٿو ته جيڪڏهن مان پنهنجو ٻُڪ کوليندم ته ٻچا هيٺ ڪري پوندا ۽ تَتل واريءَ تي ڪري مري ويندا.... پوءِ هُو سوچي ٿو ته، مان پنهنجي ٻُڪَ ۾ جھرڪيءَ جي جن ٻچن کي جھليو بيٺو آهيان، انهن کي هيٺ ڪيري تباهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهيان، ته خُدا پنهنجي ٺاهيل هن هيڏي وڏا ڪائنات کي ڪيئن تباهه ڪندو؟..... انهيءَ ڪهاڻيءَ جي ماحول، انهن ڏينهن ۾ مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو هو.... سو اهڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملنديون هيون. دوستن سان ادبي موضوعن، ڪِتابن تي اڪثر discussions ٿيندا هئا. رفيق سومرو اسان جو ڪهاڻيڪار دوست، ان وقت Russian Embassy ۾ هوندو هُيو. اُنَ جون discussions ڏاڍيون سُٺيون ۽ powerful هوندي هيون. ائين اسان همعصر دوستن مان به ڪافي پرايوسي. نوجواني هوندي هئي..... ادل سومرو هوندو هيو..... ايازگل هوندو هُيو..... مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندو هُيس.... هاسٽل لائيف..... دوستن سان بحث مباحثا..... اهو اسان جو towards maturity وارو دؤر هو.

    حبيب ساجد: امر جليل صاحب توهان لاءِ لکيو هو ته، رسول ميمڻ جون ڪهاڻيون پڙهي مون کان پرڏيهي ادب وسري ويندو آهي.....
    رسول ميمڻ: 1976ع ۾ منهنجي ڪهاڻين جو مجموعو آيو هو، ”امن جي نالي“...... ان کي پڙهي امر جليل صاحب ”هلال پاڪستان“ ۾ مون تي پورو ڪالم لکيو هو........ ڀُٽو صاحب جو دؤر هو......
    قربان منگي: ”تنهنجون منهنجون ڳالهيون“.......
    رسول ميمڻ: ها بلڪل.... ”تنهنجون منهنجيون ڳالهيون“..... ان ڪالم ۾ امر جليل صاحب مون کي ڏاڍو encourage ڪيو، جو مون کي اچي عالمي ليکڪن سان ملايائين.... مان سوچيو ته مان ته سُٺو لکي به سگهان ٿو..... انهيءَ لاـءِ مان سائين امر جليل جو اڄ به ٿورائتو آهيان. سائين هاڻي به appreciate ڪندو آهي. ان کان پوءِ ٻَه ڪالم ٻيا به لکيا اٿائين. انهيءَ ڪِتابَ ۾ منهنجي هڪ ڪهاڻي هئي ”شينهن جو ٻچو“.... ته جليل صاحب جو هڪ انٽرويو ڇپيو آهي..... (مون کي محمد علي ماجد فون ڪري ٻُڌايو).... اهو پُراڻو انٽرويو آهي، منهنجي اها ڪهاڻي 1977ع ۾ شايع ٿي آهي ۽ امر جليل صاحب ان انٽرويوءَ ۾ چيو آ ته سنڌيءَ ۾ اهڙي ڪهاڻي گذريل پنجويهن سالن ۾ نه ڇَپي آ..... حالانڪه ان دؤر ۾تمام وڏا writers موجود هُيا... ۽ اهو منهنجي لاءِ وڏو comment آهي.

    حبيب ساجد: اوهان جون ڪهاڻيون بدقسمتيءَ سان انگريزيءَ ۾ ترجمو نه ٿي سگهيون آهن. جيڪڏهن ٿين ها ته ٻيون ٻوليون ڳالهائيندڙن کي به خبر پئي ها ته سنڌيءَ ۾ اهڙي شاندار ڪهاڻي به لکجي ٿي.
    رسول ميمڻ: ترجمو ته ڇا، سنڌيءَ ۾ منهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون ئي نه ويون آهن. سنڌ جو جيڪو پڙهندڙ آهي ان اڃان صحيح معنيٰ ۾ منهنجيون ڪهاڻيون پڙهيون ئي ناهن. اسان وٽ Trend رهيو آهي ته جيڪي اديب نصابَ ۾ شامل آهن ۽ جن کي ڪو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ پڙهڻ ضروري هوندو آهي، صرف انهن کي ئي پڙهيو ويندو آهي. اها پڙهندڙ جي مجبوري آهي. جيڪي حقيقي پڙهندڙ آهن، انهن جو حلقو تمام ٿورڙو آهي.... ۽ مون کي اڄ محسوس پيو ٿئي ته منهنجي پڙهندڙن جو هڪ Purified ۽ Selected حلقو موجود آهي. سنڌ ۾ اهو حلقو ٿورو ئي سهي پر موجود آهي ۽ مان انهن کي ٻين ليکڪن کان different ٿو لڳان. اهو حلقو ئي real پڙهندڙن جو حلقو آهي. منهنجي باري ۾ انهن جي راءِ آهي ته، اهڙي قسم جو هن کان اڳ سنڌيءَ ۾ ناهي لکيو ويو. هُو ڪوشش ڪندا آهن مون کي سمجھڻ جي.... ڇو ته مون کي ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته جي مان پڙهيو به ويو آهيان ته سمجھيو نه ويو آهيان. ڇو ته جن ideas جي تحت مان لکندو آهيان ۽ پوءِ وي دوستن کان پڇندو آهيان ته انهن جو conclusion توهان وٽ ڪهڙو آهي؟.... ته هُو جيڪو جواب ڏيندا آهن، اُهو منهنجي دماغ ۾ موجود conclusion کان هٽيل هوندو آهي.

    حبيب ساجد: توهان جي هڪ ڪهاڻي ياد پئي ٿي جنهن ۾ بدصورتي خوبصورتيءَ جو لباس اوڍي نڪري ٿي، مگر پوءِ به اها بدصورتي ئي رهي ٿي.....
    رسول ميمڻ: منهنجي خيال ۾ خوبصورتي ماڻهوءَ جي اک ۾ هوندي آهي.... ۽ توهان جنهن ڪهاڻيءَ جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، اها آهي ”آدم جي دنيا“..... ته ماڻهو پنهنجي اک سان ڇا ڇا ڏسي ٿو اهو سندس personal معاملو آ. ضروري ناهي ته جيڪا شيءِ منهنجي لاءِ Beauty جي حيثيت رکي ٿي، اها ڪنهن ٻي لاءِ به ائين ئي هجي. ماڻهو سونهن کي ڳولي ٿو پر منهنجي لاءِ جيڪو سونهن جو تصور آهي، اهو ڪنهن ٻي لاءِ بدصورتيءَ جو تصور به ٿي سگهي ٿو.

    حبيب ساجد: سونهن ۽ مُحبت جا احساسَ ته صدين کان ساڳيا آهن پر ڪمالُ هوندو آهي، ليکڪ جو ته اهو انهن احساسن جي presentation ڪيئن ٿو ڪري؟
    رسول ميمڻ: ها...... توهان انهن شين کي محسوس ڪيئن ٿا ڪريو ۽ ان جو اظهار ڪيئن ٿا ڪريو، اصل اهميت ان جي آهي. هر ڪنهن وٽ پنهنجي ڏاتِ آهي. اظهار جو پنهنجو طريقو آهي.

    امر اقبال: توهان جي جيڪا ذاتي زندگي آهي، ان زندگيءَ جا واقعا، يادون ۽ ڪردار ڪيتري حد تائين اوهان جي ڪهاڻين يا ناولن ۾ هلي آيا آهن؟
    رسول ميمڻ: مان ڏاڍو Nostalgic ليکڪ آهيان. ماضي منهنجي دُنيا آهي. ماڻهو چوندا آهن ته ماضيءَ مان جان ڇڏائي ڇڏجي.... پر مان چوان ٿو ته ماضيءَ کي ڌار ڪرڻ ائين آهي جيئن ماڻهو پَنهنجو جسم دُنَ جي هيٺان ڪٽي ڦٽي ڪري. ماضي اسان سان ائين چنبڙيو پيو آهي، جيئن گرم موسم ۾ پگهر اسان جي جسم سان چنبڙيل رَهندو آهي.

    قربان منگي: ائين چئي سگهجي ٿو ته، ماضي اسان جو اثاثو آهي ۽ اسان ان مان جان ڇڏائڻ چاهيون ئي نه ٿا؟
    رسول ميمڻ: ها، مون اهوئي پئي چيو ته مان Nostalgic ليکڪ آهيان. منهنجا وڏڙا منهنجي لکڻين جا ڪردار آهن. جيڪي هينئر زندهه ڪونه آهن.... يا وري اهي ماڻهو جن کي مون ننڍپڻ ۾ پنهنجي اردگرد ڏٺو. ماضيءَ ۾ ننڍپڻ جا جيڪي Images هوندا آهن، اهي ڏاڍا Sharp هوندا آهن، ماڻهو سڄي زندگي پنهنجي ننڍپڻ ۾ رهي ٿو. پوڙهائپ ۾ جڏهن Memory loss ٿو ٿئي ۽ ماڻهو Devensia ۾ هليو ٿو وڃي ته سڀ ڪجهه وسري ٿو وڃي.... پر ننڍپڻ جا عڪس پوءِ به نه ٿا مٽجن. سو مون سان منهنجو Nostalgic atmosphere ائين گڏ هلندو آهي، جيئن مان ڪنهن جھنگل ۾ هجان ۽ اتان جا جھنگلي جانور مون سان ايترو هري ويا هجن جو مون سان گڏ گڏ ئي هلندا رهن. مان انهن تي پيارَ جو هَٿُ گهمائيندو هُجان، انهن مان ڪو خطرو محسوس نه ٿيندو هُجي ۽ هُو منهنجي پويان پويان هلندا رهن. سو ماضي شفيق جھنگلي جانورن جيان منهنجي پويان پويان هلي پيو ۽ ان جي مون سان ياري آهي.

    امر اقبال: تازو ”پوپٽ“ ۾ توهان جي ڪهاڻي شايع ٿي ”وڻ جي قبر“..... ته اهو وڻ به توهان جي ماضيءَ جو حصو رهيو آهي....؟
    رسول ميمڻ: اسان جي گهر جي پڌر ۾ اهو نم جو وڻ هوندو هيو. ان جي هيٺان کيڏندا هياسي. گهر ۾ بجلي نه هوندي هئي، منجھند جو اسڪول کان موٽي ان جي ڇانوَ ۾ سمهندا هياسي. ان مان نموريون ڪرنديون هيون. هڪ مينهن اسان جي گهر ۾ هوندي هئي جيڪا پڌر ۾ ٻڌل هوندي هئي، پٿر جو ڪُونر هوندو هو، جنهن جي هيٺان وري هڪ خطرناڪ کپر نانگ رهندو هو، جنهن جي اسان کي خبر ئي نه هوندي هئي. پر بي فڪر هوندا هئاسي. ان وڻ کي آهستي آهستي ڪٽيو ويو، جيئن ڪهاڻيءَ ۾ بيان ٿيل آهي ۽ آخر ۾ ائين ٿيو جو وڻ جي جيڪا پاڙَ زمين ۾ هُئي اها مٿي اڀري آئي ۽ فرش ۾ هِڪُ اُڀار اچي ويو. ائين محسوس ٿيو ڄڻ اها وڻ جي قبر هجي. اها هڪ Semi familial ڪهاڻي آ جنهن ۾ اڌ سَچُ آ ۽ اڌ Fanticy. اڌ ڪوڙ ته نه چئجي...... (کلندي)..... ان ۾ real touches آهن ۽ ان کان متاثر ٿي مون لکيو آهي. پنهنجي family جي واقعن ۽ ڪردارن کان متاثر ٿي لکيو آهي. اسان جي ڏاڏيءَ جو ڀاءُ هوندو هو، جيڪو شيعو هوندو هو. ڪارا ڪپڙا پائيندو هو، مجلسون پڙهندو هو، ان جو آواز ڏاڍو vocal قسم جو هوندو هو. هُو جڏهن مجلس پڙهندو هو ته سڀ روئندا هئا. جڏهن سکر ايندو هو ته اسان کي ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ٻِينڻيون پيئندو هو، دونهون ڇڏيندو هو. گهر ۾ بجلي نه هوندي هُئي، نم جي هيٺان کٽ تي ويهي اسان ڀائرن، ڀينرن سؤٽن کي ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو. مان سندس ٻِينڻيءَ جي دونهين ۾ ڪردارن کي اڏامندو ڏسندو هيس. هن جي ٻڌائڻ جو انداز ئي اهڙو هوندو هيو. مون پنهنجي ڪهاڻين جو مجموعو ”فونو“ کيس dedicate ڪيو آ.

    امراقبال: ”فونو“ نه سائين! ”سونو ڏند“......
    رسول ميمڻ: (کلندي) ها ”سونو ڏند“.

    امراقبال: ”زورار احمد جي نالي جنهن ڪهاڻيون ٻڌايون ۽ مون لکيون“.......
    رسول ميمڻ: بلڪل، بلڪل صحيح ٿا چئو....... ته اسان جي امڙ به اسان کي ڪهاڻيون ٻڌائيندي هئي. سياري ۾ هڪ ڪوٺيءَ ۾ اسان ٻارَ سُتل هوندا هياسي، لالٽين جي روشني هوندي هُئي، اُنَ ڪوٺيءَ جو چُونو هنڌان هنڌان لٿل هوندو هيو. انهيءَ لٿل چُوني ۾ وري مون کي ڪردار نظر ايندا هُيا..... (کلندي).... بادشاهه بيٺو آهي، ڀرسان وڏن وارن واري عورت گڏ بيٺي اٿس.... مطلب امڙ جيڪا ڪهاڻي اسان کي ٻڌائيندي هئي، ان جا ڪردار مان ڀت تي ڏسندو رهندو هُيس. اهڙو ماحول هيو... ان دؤر ۾ به مان اهو چاهيندو هُيس ته ڪاش مان اهي سڀ ڪهاڻيون لکي سگهان ۽ پوءِ اڳتي هلي لکيم.

    حبيب ساجد: ڪهاڻيڪارن لاءِ چيو ويندو آهي ته اُهي هِڪَ اهڙي دنيا تخليق پيا ڪن جنهن جو اسان جي روزمرهه جي زندگي سان ڪو تعلق ناهي.......
    رسول ميمڻ: مان تخليقڪار آهيان. ڪائنات ۾ ٻَه هستيون آهن.... هِڪُ خُدا، جنهن هيءَ سموري ڪائنات تخليق ڪئي ۽ ٻيو اهو آرٽسٽ جنهن پنهنجي لکڻين ۾ هڪ پنهنجي دنيا تخليق ڪئي. ان آرٽسٽ کي خدا جي ڪائنات کي real انداز ۾ copy ڪري ناهي ڏيکارڻو. ڪائنات ته سڀني ڏٺي آ، چنڊ سڀني ڏٺو آ، ستارا سڀني ڏنا آهن، پر انهيءَ چنڊ ۽ ستارن کي مختلف اندازَ ۾ ڏيکارڻ، دنيا جي روڊن رستن کي، مختلف اندازن ۾ ماڻهن آڏو پيش ڪرڻ..... اها “Creation” آهي. جڏهن اسان ڪا نئين شيءِ ماڻهن کي ڏيکاريون ٿا ته نواڻ جي ڪري ماڻهو اسان ڏانهن مُتوجه ٿين ٿا. جيڪڏهن مان صحافتي ادب لکان، جنهن ۾ عام شين جو تذڪرو هُجي ته ڇا فائدو؟.... مان ماڻهن کي اهو ڪجهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان جيڪو هنن اڳ ۾ ناهي ٻُڌو. مان کين اها دنيا ڏيکارڻ ٿو چاهيان، جيڪا هُنن ناهي ڏٺي. مون وٽ سحر انگيزي آ، طلسم آ، پراسراريت آ..... اهي شيون مون کي وڻنديون آهن. اهي ليکڪ جيڪي symbolic اندازَ ۾ لکن ٿا، جن جون تشبيهون مختلف آهن، اڳ ۾ استعمال ٿيل ناهن، اهي دنيا ۾ وڏا writer ليکيا وڃن ٿا، جيئن ڪافڪا آهي،گارشيا مارڪئيز آهي. گارشيا وٽ به Nostalgic انداز آهي ۽ انهيءَ ادب کي Magical realism ۾ شمار ڪيو ٿو وڃي....... ته مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته اسان کي عالمي ادب سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائڻو آهي. اسان جي سنڌ، جيڪو هڪ مُلڪ هيو، هيڏا وڏا intellectuals اسان جا، دُنيا ۾ ايڏو وڏو نالو اسان جو، اسان جو culture ڪاڏي ويو.... يقين ڪيو دنيا ۾ هاڻي اسان سنڌين کي ڪو سڃاڻي ئي نه ٿو.
    مان جڏهن سعودي عرب ۾ رهندو هُيس ته هڪ مصريءَ کان مون پڇيو (جيڪو مون سان گڏ فليٽ ۾ رهندو هو) ته تون سِنڌُ جي باري ۾ ڄاڻين ٿو؟..... چيائين، ها مون پنهنجي ڏاڏي کان سنڌ جي باري ۾ ٻُڌو آهي. پڇيم ڪيئن؟..... چيائين منهنجو ڏاڏو جڏهن ڪنهن ڏورانهين ماڳ جو ذڪر ڪندو هو ته اهو محاوري ۾ چوندو هو ته، اهو ايترو پري آهي جيترو سِنڌُ.... ته وَٽس سنڌ جو تصور اُهو هو ته، ڏاڍو پري. هڪ عرب کان پُڇيم، توکي محمد بن قاسم جي باري ۾ خبر آهي؟ هو عالِم هيو پر چيائين: ”ڪهڙو محمد بن قاسم؟!“.... مون چيو: ”هُو سنڌ ۾ اسلام کڻي آيو هو ۽ اُتان جو ”هيرو“ ليکبو آهي.... ان کي مرشد ڪري پوڄيندا آهن“. پَرَ هُن نه ٻڌايو. عربن محمد بن قاسم کي سڃاتو ئي نه پئي..... اها منهنجي لاءِ حيرت جي ڳالهه هُئي.

    امر اقبال: جيئن توهان جون لکڻيون مختلف آهن، ائين توهان جي شخصيت به مختلف رهي آهي. ميلن جھميلن کان پري.....
    رسول ميمڻ: سچ ٻڌايانوَ.... منهنجي وَسَ ۾ هجي نه..... ته مان ڦاٽل ڪپڙا پايان، ڏاڙهي ڇڏي ڏيان ۽ هڪ لٺ کڻي بَرپَٽن ۾ هليو وڃان.... منهنجي nature اِها آهي. اڪيلائي مون کي ڏاڍو مزو ڏيندي آهي. خبر ناهي ڇاهي اڪيلائيءَ ۾؟! مان جڏهن اڪيلائيءَ ۾ هوندو آهيان ته يقين ڪيو مان ڪڏهن به اڪيلو نه هوندو آهيان..... منهنجا ڪردار مون سان گڏ هوندا آهن.... ۽ مان جڏهن لکڻ ويهندو آهيان ته پنهنجو پاڻ کي تمام simple رکندو آهيان. سادو کاڌو کائيندو آهيان، سادا ڪپڙا پائيندو آهيان ته جيئن مون کي محسوس ٿئي ته مان ڪجهه آهيان ئي ڪونهَ..... نه منهنجو نانءُ آ، نه منهنجو نشان آ. جنهن ڏينهن مان اُڀري ڪري public جي سامهون آيم، مان مري ويندس..... مان سٺو نه لکي سگهندس. لکائي ڇا ٿو مون کان؟.... منهنجو بي نانءُ وجود..... جڏهن مان محسوس ڪندو آهيان ته “I am nothing” انهيءَ Level تي لهي ايندو آهيان ته پوءِ منهنجو اندر ڦاٽ کائيندو آهي.

    امر اقبال: تازو ئي اوهان جي والد صاحب جو انتقال ٿيو آهي. انهيءَ واقعي کي ”ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ“ ڪيئن محسوس ڪيو/ڪري رهيو آهي؟
    رسول ميمڻ: جڏهن بابو جيئرو هيو ته مان پاڻ کي نوجوان سمجھندو هيس، پَرَ جيئن ئي مون کي بابي جي مرڻ جي خبر پئي ته مون کي محسوس ٿيو ڄڻ مان هڪدم پوڙهو ٿي ويو هجان.... بابي کان پوءِ سندس پُٽن ۾ سڀ کان وڏو مان آهيان..... (خاموشي) هاڻي ٻيا ڪهڙا روايتي جُملا چئجن........

    حبيب ساجد: توهان ٻڌايو ته لکڻ وقت ڪو ٻيو هوندو آهي جيڪو اوهان کان لکرائيندو آهي.... ته ڇا اوهان پنهنجيون لکڻيون re-write به ڪندا آهيو؟
    رسول ميمڻ: ها، مان re-write ڪندو آهيان. پَرَ ان لکڻيءَ جي grammar جي غلطين کي سڌارڻ لاءِ..... باقي ڪجهه به نه. ها ڪجهه غير ضروري لفظ به ڪڍي ڦٽي ڪندو آهيان.

    حبيب ساجد: گارشيا مارڪيز ”One hundred years of solitude“ کي سورنهن دفعا re-write ڪيو هو.
    رسول ميمڻ: (مُرڪندي) جي ها........

    حبيب ساجد: توهان خليل جبران کان به متاثر رهيا آهيو؟
    رسول ميمڻ: نه نه...... خليل جبران پنهنجي انداز وارو هڪ مختلف ليکڪ آهي، پر مون تي جيڪڏهن ڪنهن جو اثر رهيو آهي ته پهريان ٽالسٽاءِ ۽ پوءِ وري مون کي گارشيا مارڪيز جي انداز ۽ ماحول ڏاڍو مُتاثر ڪيو..... ۽ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو ليکڪ گارشيا جهڙو لکي ٿو وڃي ته سنڌي ادب لاءِ چڱي ڳالهه هوندي. اسان وٽ ماضيءَ ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي، اهو ان وقت جي حِساب سان ٺيڪ هو، پر ان کي ترقي ڪرڻ کپندي هُئي ـــ اُنَ کي عالمي معيار تي وٺي اچڻ جي ضرورت هئي. سنڌي ڪهاڻين مان ڪجهه ڪهاڻين کي ڇڏي، باقي ڪهاڻين کي جيڪڏهن انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته اهي عالمي معيار تي پوريون ڪونه ٿيون لهن. اسان انهيءَ ئي صورت ۾ عالمي معيار تي پورا لهي ٿا سگهئون جڏهن اسان جديد ادب پڙهئون ۽ اسان جو جيڪو ماضيءَ وارو ادب آهي جنهن ۾ گهڻي قدر صحافتي انداز آهي، ان کي ڇڏي، جديد انداز ۾ Abstract انداز ۾، Magical realism واري اندازَ ۾ لکِئون ته ٿي سگهي ٿو ته اسان عالمي ادب ۾ ٿورڙي جاءِ، ڪو corner حاصل ڪري سگهئون.

    حبيب ساجد: توهان Auto Biographical Novel به لکيو آهي؟
    رسول ميمڻ: ها مون لکيو آهي، ”اسٽيل جا پنجَ گلاس“..... اسٽيل جا پنج گلاس منهنجي ماءُ کي ڏاجَ ۾ مليا هيا. اهي ايترا ته مظبوط آهن جو اڃان تائين موجود آهن. اسان جي generations انهن گلاسن کي استعمال ڪيو ــ انهيءَ وِچَ ۾ شيشي جا الائي ڪيترا گلاس آيا، ڀڄي پيا.... سو انهيءَ پَس منظر ۾ مان اِهو ناول لِکان پيو.

    حبيب ساجد: اوهان جي اولاد مان ڪوئي لکي ٿو؟
    رسول ميمڻ: منهنجو پٽ آهي، ان وٽ ڪئناڊا جي شهريت آهي. اُهو انگريزيءَ ۾ تمام گهڻو ادب پڙهندو آهي ــ ان انگريزيءَ ۾ ڪجهه Short-Stories لکيون آهن.... پَرَ هو ويچارو هتي سنڌ جي ماحول ۾ fit نه ٿو ٿئي.


    ايازگُل جو انٽرويو

    اياز گل جي انٽرويو بابت

    “سوچون سرها گُلَ” کان وَٺي “دُکَ جي نه پُڄاڻي آ” تائين، ۽ ان کان پوءِ واري عرصي ۾ به ايازگُلَ، شاعريءَ جو هڪ نفيس، منفرد ۽ شانائتو سفر ڪيو آهي. اڃان ڪجهه ڏهاڙا اڳ ئي اياز کان سندس بنهه نوان غزل ٻُڌندي، مان حيران ٿي ويو هئس ته لکڻ جي هن ٿڪائيندڙ سفر ۽ “لکندڙن” جي چيڙائي ڇڏيندڙ روين واري ماحول ۾، هي شاعر ڪمال حسن سان پنهنجي اندر واري شاعر ۽ اندر واري معصوم ٻارَ کي بچايون پيو اچي. شيخ اياز هڪ جاءِ تي لکيو هو: “ايازگُلَ جي شاعريءَ کي هڪ انوکي خوشبوءِ آهي، جا نِم جي ٻُور ۾ ٿيندي آهي”.... ۽ مان سمجھان ٿو ته، ايازگُلَ جي شاعري اُها ٿڌي چانڊوڪي آهي، جنهن کان جيڪڏهن ڪوئي بدنصيب بچڻ به چاهي ته، صرف ان وقت بچي سگهي ٿو جڏهن هُو پنهنجيون ٻئي اکيون مضبوطيءَ سان بند ڪري ڇڏي.
    (2005ع)
    ..............................................................
     مان شايد ايندڙ ڏکن جي انتظار ۾ رهيو آهيان.
     ”جيئڻ“ هر حال ۾ بهتر آهي.
     ”سنڌ“ سَڏُ آهي ۽ ”عالَمُ“ اُنَ جو پڙاڏو.
     ڪيترائي ڏينهنَ ٿَرَ جي ڀِٽُن مان اکيون مهي جاڳندڙ ۽ ٿڪجي، ڍرڪي ويل سِجَ، منهنجي شاعريءَ کي نين معنائن، نون لفظن ۽ نت نين تشبيهن سان ڏيٺ ويٺ ڪرائي.
     ڄاڻَ، اوهان ۾ سچ چوڻ جي سگهه، نوڙت ۽ نهٺائي پيدا ڪري ٿي.
     لطيف سائين فڪر جي سفر ۾ سدائين منهنجو رهبر رهيو آهي.
     پيارُ، سدائين رهي ٿو ۽ ڇانورو ڪري ٿو. پيارَ سان ناتو ڳنڍي، اوهان ڪڏهن اڪيلا نه ٿا ٿيو.


    پيارَ جو سفر، جيئڻ مرڻ جو سفر آهي!

    اَمر اقبال: ڳوٺ کي جو ڇڏي، شهر ڏي پَنڌ پَئين /ڪيڏي مانڌاڻَ ۾، يارَ! ڦاسي وَئين!.... اوهان پنهنجي Nostelgia واري ڳوٺَ جي باري ۾ ڪُجهه ٻُڌايو.
    ايازگُل: بڻ بنياد رکندڙ سڀني سنڌي ماڻهن جيان، منهنجو به هڪ ڏاڏاڻو ڳوٺ آهي، سنڌ جو تاريخي ڳوٺ ”امروٽ شريف“..... پر مان ڳوٺ ۾ نه ڄايو آهيان، نه اتي پڙهيو آهيان، نه رهيو آهيان، ڪنهن مَرڻي پَرڻي تي ئي ڳوٺ اچڻ وڃڻ ٿيندو آهي. باقي مون سنڌ جا ڪيترائي ڳوٺ ڏِٺا آهن، انهن جي سونهن، سادگي ۽ سُڪون کي دل ۾ لهندي محسوس ڪيو اٿم ۽ شهر منهنجي زندگيءَ جو اهم حصو آهي، ٻنهي جي فرق کي مون هڪ صاف دل ڳوٺاڻي وانگي محسوس ڪيو آهي.

    اَمر اقبال: جيون! هڪڙو پيار نئون آڇي مون کي /شايد مون سان ڀوڳ ڪرڻ ٿو چاهين تون!....ڇا توهان وٽ اهڙي ڪنهن ”نئين ڀوڳ“ کي afford ڪرڻ جي گنجائش آهي، اڃان به؟!

    ايازگُل: تون درياءُ ته آن پيارا! پر
    پياس کي آ سمنڊن جي ڳولا
    وارو معاملو آهي.

    اَمر اقبال: هن کي ڇڏي هلي وئي، ڇنڇرَ جو ڏينهن هو /هر ڏينهن کيس هاڻي ڇنڇر لڳي پيو..... زندگي ۾ ايندڙ ”ڇنڇرن“ کي ڪيئن celebrate ڪندا آهيو؟!
    ايازگُل: (مسڪرائيندي) عجيب ڳالهه آهي، ڪيترين ئي اهڙين وارتائُن کي مون وڌيڪَ گهرائي ۽ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي، جيڪي منهنجي زندگيءَ ۾ شامل ناهن. مان شايد ايندڙ ڏکن جي انتظار ۾ رهيو آهيان. بهرحال، اها حقيقت آهي ته دردَ مان مون سدائين مزو ورتو آهي.

    اَمر اقبال: ٻاهران توکي دوست! برابر ٺيڪ ٺاڪ لڳندو هوس /اندران آءٌ اڏوهيءَ کاڌل ڪاٺيءَ جيان آهيان .... واقعي ائين آهي ڇا؟
    ايازگُل: سڄي مڃڻ جي ڳالهه آهي.... مان سمجھان ٿو، سمورا حساس ماڻهو ائين ئي آهن، ڪو ان ڳالهه کي مڃي ٿو، ان جو اظهار ٿو ڪري. ڪو ”ائين ناهي“ چئي، هانءَ کي ٽيڪ ٿو ڏئي ته ”مڙيئي خير آهي“.

    اَمر اقبال: مون لاءِ مري وئين تون /هن تارَ اُماڻي آ.... انهيءَ ”مرڻ“ کان پوءِ وارو ”جيئڻ“ ڪيئن آ اوهان جو؟
    ايازگُل: پيار جو سفر جيئن مرڻ جو سفر ئي آهي. آواگون جي ٿيوري ڄڻ ته اتي ئي ٺهڪي اچي ٿي. جيئي جيئي مرڻ ۽ مري مري جيئڻ.... فرق رڳو اهو آهي ته هڪڙو عمل جسماني آهي، ٻيو احساساتي ــ بهرحال ”جيئڻ“ هر حال ۾ بهتر آهي.

    اَمر اقبال: سنڌُ، سِنڌيُن جي ڳالهه ڪريون، ڇڏ /عجمن ۽ عربن جون ڳالهيون! .... درد جي سرحدن کي ايڏو سوڙهو ڇو ٿا ڪريو؟
    ايازگُل: شاعري، وقت، حالتن ۽ ڪيفيتن جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري ٿي. هيءَ سِٽَ پٿر تي ليڪو ناهي. نظريا يا سوچَ تبديليءَ جي عمل مان گذرندا رهن ٿا. نيڪي، سخا ۽ بهتري سدائين پنهنجي پنهنجي گهرَ کان شروع ٿئي ٿي. هن شعر ۾ درد جي سرحدن کي سوڙهو قطعي ناهي ڪيو ويو. رڳو انهن ماڻهن جي منفي سوچن جو انڪار ڪيو ويو آهي، جيڪي سڄي جهان جو ٺيڪو کڻڻ لاءِ ته هر وقت تيار هوندا آهن، پر سنڌ ۾ رهندي به کين سنڌُ ۽ سنڌُ جا ڏک سور نظر نه ٿا اچن. پنهنجي ديسَ کي بدحاليءَ ۾ ڇڏي، جڳ ۾ خوشحالي ڪيئن ٿي آڻي سگهجي؟!
    سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌُ سُڪار
    دوستَ! مِٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين

    ۾ به ته ”سِنڌُ“، سَڏُ آهي ۽ ”عالَم“ ان جو پڙاڏو.

    امر اقبال: هيکلايون ماءُ جيان ٿيون پيار ڪن /رونقون آهن ڏنگينديون دوستو! .... زندگيءَ ڏانهن اها approach انتهائي Passive ناهي؟!
    ايازگُل: وري به اهو ئي چوندس، ته شاعر جن ڪيفيتن مان گذري ٿو، ان جو اظهار ڪري ٿو. جيئن ڪا به ڪيفيت ۽ احساس مستقل نه آهي، تيئن ان جو اظهار به.... لطيف سائين به ته ڪڏهن ”وجھي مُنهن مونن ۾، غربت سان گذار“ ته ڪڏهن ”هُنُ ڀالا وِڙهه“ ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار“ جي مختلف ڪيفيتن کي اظهاري ٿو..... اُنَ لاءِ ڇا چونداسين؟

    اَمر اقبال: ”ياد آهيان يا توکان وسري ويس؟“ /بيوفا کان پُڇڻ اجايو آ.... ڇا خيال آ ڪڏهن پُڇي نه وٺجي؟!
    ايازگُل: (کلندي) ڀلي پُڇي وٺوس ۽ جي ڪو سڌو جواب مليوَ ته مون کي به ضرور ڏسجو، هونئن ٻٻرن کان ٻيرَ نه ئي گُهرجن ته چڱو ٿيندو.

    اَمر اقبال: صديون گذريون رُوپلا! /پر تُنهنجي ٿَرَ ۾ /رات رهي پئي آهي..... ٿر ۾ گذاريل وقت، اوهان جي شاعريءَ لاءِ ڪيتري ۽ ڪهڙي Inspiration کڻي آيو؟
    ايازگُل: ٿر ۾ مون ڪو گهڻو وقت ڪونه گذاريو، ان ڪري ٿر جي اسرار کي گهرائي سان سمجھي سگهڻ جي دعويٰ به نه ٿو ڪري سگهان.... پوءِ به ٻُڌل ڳالهين کان، ذاتي مشاهدي ۽ تجربي جي اهميت بهرحال وڌيڪَ ٿئي ٿي. ڪيترائي ڏينهن ٿَرَ جي ڀِٽن مان اکيون مهٽي جاڳندڙ ۽ ٿڪجي، ڍِرڪي ويل سج، مُنهنجي شاعريءَ کي نين معنائن، نون لفظن ۽ نت نين تشبيهن سان ڏيٺ ويٺ ڪرائي ۽ منهنجو فڪري ۽ تخليقي Vision وسيع ڪيو.

    اَمر اقبال: ڪيترو پئي لڳين، منفرد، مختلف /تون به واکاڻ ۾ يارَ ! ڦاسي وئين..... هيترين سارين واکاڻين جي باوجود ”ايازگل“ پنهنجي انفراديت ڪيئن بچائي سگهيو آهي، اڃان تائين؟
    ايازگُل: جيڪو ماڻهو هن شعر جو تخليقڪار آهي، ظاهر آهي ته اُهو ”واکاڻ“ جي منفي نتيجن کي سمجھندو هوندو..... نه ته سندس ٻيڙي ضرور ٻڏي ها..... واکاڻ ٻُڌي، ٿوري دل خوش ڪري، سامهون واري کي ”ٿينڪ يو“ چئي، دل ئي دل ۾ ”توبهن توبهن“ ڪري، ان ۾ ڦاسڻ کان بچي ويو آهيان.

    اَمر اقبال: ماڻ لمحا ملڻ جا، پر دل ۾ /ڪي جدايون به پال، ڪم ايندءِ .... يا..... هوريان هوريان هن کان دور هليو وڃبو/سُورن جو سامان ضروري آ پيارا !..... اوهين ڇا ٿا سمجھو، پيار ۾ ”ملڻ“ کان وڌيڪَ ”جدا ٿيڻ“ اهم هُجي ٿو؟!
    ايازگُل: پيارَ ۾ ”ملڻ“ ۽ ”جدا ٿيڻ“ جي پنهنجي پنهنجي اهميت ۽ مزو آهي.... پر ڏٺو وڃي ته زندگيءَ ۾ سکن کان ڏک وڌيڪَ آهن ۽ ملڻ کان وڇڙڻ جو عمل دخل وڌيڪَ آهي. هر شيءِ، هر ڳالهه جي پُڄاڻي ضرور آهي، جنهن جو Over all impact ”جدائي“ ۽ ”درد“ آهي. ذهني طور تي اڳواٽ ئي ان جي آڌر ڀاءَ لاءِ تيار هججي ته ڀڄي ڀورا ٿيڻ ۾ ايذاءُ گهٽ ٿيندو.... نه ته ماڻهو unbreakable شيشي وانگر، ٽُٽي، ڀورا ڀورا ٿي ويندو.

    اَمر اقبال: ”توکي توکان ڌار ڪندس مان “/هڪڙو سپنو ڳالهائي ٿو ..... ”سپني“ پاران ڏنل دڙڪي جو ڇا ٿيو؟
    ايازگُل: (مسڪرائيندي) اڃان نَڪَ جي پڪائيءَ سان بچندو پيو اچان.... اڳتي به ڏِٺو ويندو.

    اَمر اقبال: اُتم، عظيم، نه بهتر صفا سڌي سادي /ايازگُلَ جي مِٺا ! شاعري رهي آهي.... ايڏي ”حسين سادگي“ ڪٿان آئي اهي اوهان جي شاعريءَ ۾؟
    ايازگُل: اها رڳو شاعراڻي سادگي ناهي، حقيقت به آهي. ڄاڻ، اوهان ۾ سچَ چوڻ جي سگههَ، نِوڙت ۽ نهٺائي پيدا ڪري ٿي. پنهنجي تخليقن جا سڀ کان سُٺا نقاد اوهين پاڻَ هوندا آهيو.

    اَمر اقبال: زندگي شُهرتون نه ٿي چاهي /ها مگر پيارَ جي بُکي ٿيندي .... ”شهرت“ ۽ ”پيارَ“ مان ڪائي هڪ چُونڊَ.
    ايازگُل: هر صورت ۾ ”پيارَ“ جي چونڊ ڪندس. هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي، پيارُ سدائين رهي ٿو ۽ ڇانورو ڪري ٿو. پيار سان ناتو ڳنڍي، اوهان ڪڏهن اڪيلا نه ٿا ٿيو.

    اَمر اقبال: سوچ جو قتلام آ جيون/هڪڙو اُبتو نظام آ جيون..... انهيءَ ”اُبتي نظام“ ۾ سوچ، آخر Fitt ٿئي به ته ڪيئن؟
    ايازگُل: سچ جي ڳولا، سُٺائيءَ جي اميد ۽ بهتر تبديليءَ لاءَ ڪوششون جاري رکڻ گهرجن..... اُبتي نظام کي سُبتو ڪرڻ، انسان جي وَسَ کان ٻاهر جو عمل ڪونهي. سوال رڳو اهو آهي ته، ”لوڪ لهوارو وهي، تون اوڀارو وَههُ“.

    اَمر اقبال: پويان اوندهه جي وَرِ چڙهي نه وڃن /ديپ ٻاري ڪو راهه ۾ رکجانءِ ..... ”ايازگُل“ پويان ايندڙن جي راههَ ۾ ڪهڙو بندوبست ٿو ڪري؟
    ايازگُل: پنهنجي سوچ، خلوص، پيارَ ۽ تجربي جون سَوَ ڏِياٽيون ٻاري، سندن راههَ ۾ رَکي، پنهنجي دل ۽ گهر جا دروازا سندن لاءِ کُليل رکي ۽ حوصلي ۽ همت جو جھنڊو سندن هٿن ۾ ڏئي، سندن ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جون دُعائون ڪري.

    اَمر اقبال: جيئڻ به ڪين اسان کي آيو/محفل جي آدابن وانگي.... منهنجي خيال ۾ هينئر ته اوهين جيئو پيا ۽ انتهائي ٺيڪ ٺاڪ نموني جيئو پيا؟
    ايازگُل: (کلندي) آخر يار! ڪڏهن ته سِکبو نه....

    اَمر اقبال: ٿوريءَ دير ۾ ڏسجو مون سان ڪيڏا ويلَ ڪندي / منهنجي ذاتِ جو هڪڙو حصو ڌارَ هي ريلَ ڪندي ...... منهنجي نظرَ هلي وئي آهي، تُنهنجي گاڏي سان /پليـٽ فارم تي بيٺو آهيان اَنڌن وانگي مان ..... توکي وڃڻو ئي هو، تُنهنجي ڪا مجبوري هوندي/ ڪهڙي پوءِ شڪايت توسان، ٽرين سان، سگنل سان..... يا.... ڪڏهن هنئين جي حالت، هوندي آهي ايئن، جيئن/سُڃَ شهرَ ۾ آڌيءَ رات جو، ٽرين ڇڏيندي آهي....... اهو ”ريلَ“ جو ذڪر ڪٿان هليو ٿو اچي، اوهان جي شاعريءَ ۾؟
    ايازگُل: شروع کان مون کي ريلوي اسٽيشن، پليٽ فارم ۽ چوڌاري ماحول facinet ڪندو رهيو آهي ۽ اداس به...... خاص ڪري جڏهن ڪنهن پرين پياري کي ڇڏڻ لاءِ وڃڻو پيو آهي، ٽرين هلي وئي آهي ۽ هَٿَ لڏندا رهجي ويا آهن.... اڪثر اهڙي منظر تي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا آهن.

    اَمر اقبال: ڪنهن به چهري کي ڏسئون ايئن لڳي/تنهنجو چهرو ٿا نهاريون جاني! ......”جيڏانهن ڪيان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ وارو ڪانسيپٽ.....؟؟
    ايازگُل: بلڪل ٺيڪ!... لطيف سائين فڪر جي سفر ۾ سدائين منهنجو رهبر رهيو آهي. منهنجي ڏات، سندس ڏات ــ ڏيئي مان ئي روشني ورتي آهي. سندس فن ۽ فڪر ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾، سدائين ڇپر ڇانءَ ڪندو رهيو آهي.

    اَمر اقبال: مُرڪبو ڀي ڪڏهن / واندڪائي ءَ مهل.... ڀلا ڪڏهن ٿا واندا ٿيو، مُرڪڻ لاءِ؟
    ايازگُل: (مرڪندي) مُرڪڻ جي تيارين ۾ آهيان، اجازت هجي ته، اجھو هينئر ئي!....

    اَمر اقبال: جذبا ڪيئن بچندءِ؟/لاشا ئي ملندءِ/بارودي هين ڊوڙ ۾!.... اڄوڪي عالمي صورتحال ۾ پنهنجي ان شعر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    ايازگُل: گوليءَ جي ڪا ٻولي ڪانهي. بارودي ڊوڙ ۾، مذهب ڪهڙو به سوڀارو ٿئي، انسانيت هر حال ۾ ڀوڳي ٿي ۽ وڃائي ٿي. هينئر عراق ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو آهي/ٿي رهيو آهي، اوهان جي سامهون آهي. ڇا پڪ سان ڪوئي چئي سگهندو ته هڪ آمريڪيءَ جي دِل ۾ ويٺل انسان پنهنجي ان فتح تي خوش آهي؟؟

    اَمر اقبال: هر طرف جھنڊا ٿا ڦڙڪن موتَ جا/جڳ کان وِسري وئي آ زندگي .... جڳ کان وسري ويل زندگيءَ کي ياد ڪيئن ڪجي؟
    ايازگُل: زندگيءَ کي اهميت، مانُ ۽ مڃتا ڏئي. انسانيت جي سَر بُلنديءَ لاءِ ڪوششون وٺي، وسريل زندگيءَ کي، نه رڳو ياد پر شاد ۽ آباد به ڪري سگهجي ٿو.

    اَمر اقبال: هيڏيون جوڙي رونقون /آخر ۾ انسان /ڪيڏو تنها ٿي ويو!.... اڄوڪو انسان ايترو اڪيلو ڇو ٿي ويو آهي؟
    ايازگُل: حدِ ڪمال، آغاز زوال ٿئي ٿو. بنيادي ڳالهه انسان جو انسان تي اعتماد آهي، جيڪو اسان وڃائي ويٺا آهيون. پاڻ کي گهڻي کان گهڻو secure ڪرڻ جي چڪر ۾، انسانُ محروميت جي حصار ۾ قيد ٿيندو پيو وڃي، تنها ٿيندو پيو وڃي.

    اَمر اقبال: ڪجهه عملَ ڏي به سوچ او ڏاها! / تو ته خالي خطاب پوکيا هِن.... يا.... مسيحا! سنڌ جي سُورن جو ڪو علاج به ڳول/ رُڳو بيان نه ڏي ۽ رُڳو خطاب نه ڪر..... سنڌ جي سياست توڙي ادب ۾ ”بيان ۽ خطاب ڪلچر“ آخر ڪيڏانهن وٺيو پيو وڃي اسان کي؟
    ايازگُل: ”بيان ۽ خطاب ڪلچر“، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت، مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهي ۽ برباديءَ جي ڌُٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي. سوچ سمجهه جا سڀ دروازا ۽ اکيون بند ڪري ”زندهه باد ۽ مرده باد“ جا نعرا هڻن سان ڪجهه ڪونه ورندو. هي زندگيءَ جي هر مقام تي پاڻ مڃائڻ جو دؤر آهي. پڇتائبو تڏهن جڏهن نه ڊوڙ جو ميدان رهندو، نه سگھارا قدمَ....


    اسحاق انصاري جو انٽرويو

    اسحاق انصاري جي انٽرويو بابت

    خيرپور کي پنهنجي “جيون ـــ ڀومي” سمجھندڙ سنڌي ٻوليءَ جي گهڻو پڙهيو ويندڙ ناول نِگار ۽ سفرنامه نِگارَ، اسحاق انصاريءَ جي خيرپور سان اُنسيت جو هِڪُ حوالو “ريڊيو خيرپور” پڻ آهي، هيل جڏهن اسحاق صاحب جو ڪنهن سانگي خيرپور اچڻ ٿيو ته ريڊيو خيرپور جي اسٽيشن ڊائريڪٽر محمد علي ٻانڀڻ جي ڪوٺَ تي، هُو اسان سان انهيءَ ئي اسٽوڊيو ۾ اچي گڏ ٿيو، جِتان ڪنهن زماني ۾ سندس ٽهڪ جڏهن آن ايئر اڏامندا هُئا ته سندس “لسنرس” جون دليون گُلابَ جيان ٽڙي پونديون هيون.
    ريڊيو خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ اسحاق انصاريءَ سان گهاريل هِڪُ ڪلاڪُ، سندس ڳالهين، مُرڪن ۽ ٽهڪن سميت جڏهن ادبي پروگرام “ادبي سنگت” ۾ نشر ٿي چُڪو، تڏهن مُنهنجي منَ ۾ اِها خواهش جاڳي پئي ته ڇو نه اها “ريڊيائي ڪچهري” پنن تي اُتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن تائين به پهچائجي.
    هلڪي ڦلڪي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ڪيل اها ڪچهري، ڪنهن رٿابنديءَ تحت ته نه هُئي، پر پوءِ به هِڪَ طرف ادب ۽ آرٽ جي مُختلف موضوعن تي، مختلف چڱيون ڳالهيون به سامهون اچي ويون ته ٻي طرف اسحاق انصاريءَ جي ناسٽيلجيا جا مڌم رنگَ به اُڀري آيا.
    مان ريڊيو جي سينيئر ڪمپيئر دوست محمود سومري جو ٿورائتو آهيان جنهن جو ساٿُ انٽرويو دوران مون سان گڏ رهيو.
    (2014ع)
    ...........................................................
     ريڊيو اسٽوڊيوز جي پنهنجي هِڪَ خوشبوءِ ٿيندي آهي.
     اسان پنهنجي گهر ۾ جڏهن بانبڙا ڏئي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته اسان جا هٿ ڪتابن واري ڪنهن ڪٻٽ ۾ ئي پيا هوندا.
     آرٽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي.
     هر ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪ ”خالي بئنچ“ هوندي آهي. جيڪا ڪڏهن به ناهي ڀرجندي.
     علم عروض، وزن بحر، صفا سمجهه ۾ ڪونه آيو. ان ڪري بهترسمجھيو ته نثر ۾ ئي لکجي.
     ..... ان دؤرَ ۾ جيڪي شاعر مشهور ٿيا، انهن جو تخليقي ڪم ڇا آهي؟ ڪا ٻه چار شعر يا هڪ مجموعو......
     مان دعويٰ سان ٿو چوان ته: آغا صاحب پاڻ کانپوءِ وارن ليکڪن کي پڙهيو ئي ناهي. جيڪو مون کي ڏک آهي.
     عشق ختم ٿيڻ نه گهرجي. دل ۾ هر وقت هڪ ڇيت ضرور چڀڻ گهرجي.
     ڪڏهن ڪنهن سٺي ڪوپ ۾ چانهه پيئڻ جو مزو وٺجي ته ڪڏهن وري ڪنهن پُراڻي ۽ ڇٿريون لڳل ڪوپَ ۾.
     مان اهو ٿو چاهيان ته هاڻي مون کان ڪو به سوالُ نه ڪيو.


    نوجوان ڏاڍو سُٺو ٿا لکن، پر سينيئر کين پڙهن ئي نه ٿا....

    محمود سومرو: سڀ کان پهريان رسمي سوال، ته اوهان جي تعليم ۽ اوهان جي ڪيريئر جو آغاز ڪيئن ۽ ڪٿان ٿيو؟
    اسحاق انصاري: تعليم جي شروعات، پرائمري کان وٺي ڪاليج تائين، لاڙڪاڻي ۾ ٿي، تنهن بعد سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو..... خواهش ته اها هُئي ته فائن آرٽس ۾ پڙهجي، پَرَ اُنَ زماني ۾ اُهو به concept هيو ته پڙهجي اُهو، جنهن وسيلي ڪا نوڪري به ملي...... بي ايس سي فزڪس ۾ ڪئي هئي، ان ڪري ئي Statistics ۾ وَيمُ...... ان سبجيڪٽ جو نالو به پهريون دفعو اُتي ئي وڃي ٻُڌو..... پَرَ پوءِ اُنَ کي چئلينج طور قبوليو ۽ فرسٽ پوزيشن حاصل ڪئي.

    محمود سومرو: (کلندي) “Statistics” اُچارڻ ۾ ئي ڏُکيو آهي....
    اسحاق انصاري: (ٽهڪ ڏيندي) اسان اُنَ کي ماسٽرس جي ڊگري ڏيندا آهيون، جيڪو صرف صحيح اُچاري وڃي.....

    امر اقبال: ”شماريات“ معنيٰ ڳڻپ..... ۽ اَدَبَ ۾ وري ليکا چوکا ٿين ئي ڪونه.......ته پوءِ ڪيئن اوهان ٻنهي شعبن کي گڏ گڏ هلايو ٿا؟
    اسحاق انصاري: مان سمجھان ٿو ته ٻنهي شين ۾ نسبت آهي. Statistics ۾ به ڪهاڻيون آهن.... علامتي ڪهاڻيون. مثال طور هڪ فارمولو آهي “y=a+bx” ..... اهو فارمولو ٻڌائيندو آهي ته اوهان جي Growth ڪيئن ٿي ٿئي. انهيءَ واڌ يا Growth ۾ وري ڪيئي ڪهاڻيون اچي ٿيون وڃن. انهيءَ ڪري مون اڳتي هلي Ph.D به انهيءَ سبجيڪٽَ ۾ ڪئي....

    امر اقبال: اسيءَ واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ اوهان هِنَ ئي اسٽوڊيو مان Listners سان ميزبان جي حيثيت سان مخاطب ٿيندا هئا.... اَڄُ هِتي مهمان آهيو..... ڪيئن ٿا محسوس ڪيو؟
    اسحاق انصاري: لڳي ٿو ته اُنهيءَ پُراڻي وقت ۾ اچي ويا آهيون.... هنن ئي اسٽوڊيوز ۾ اسين ويهندا هئاسين. ريڊيو اسٽوڊيوز جي پنهنجي هڪ خوشبوءِ ٿيندي آهي. جيئن ئي اوهان اسٽوڊيو ۾ داخل ٿيندا، ان خوشبوءَ کي محسوس ڪري وٺندا..... منهنجي لاءِ سَڀَ کان وڏي ڳالهه ته اسٽوڊيو ۾ ڪا به تبديلي ناهي، ائين آهي جيئن اڳ ۾ هو..... ڪا شيءِ تبديل ناهي ٿي.

    محمود سومرو: (کلندي) اوهان جو اشارو مون ڏانهن ته ناهي؟
    اسحاق انصاري: (ٽهڪ ڏيندي) توهان ۾ ته تمام وڏي تبديلي اچي وئي آهي......

    محمود سومرو: توهان جو هڪ مخصوص انداز هوندو هو..... اوهان جا جُملا اڄ به ياد آهن.
    اسحاق انصاري: مان شروع ۾ recorded پروگرام ”نئين سوچ“ ڪندو هيس، پوءِ وري Live پروگرام ڪيم.... اهو به هڪ اتفاق هو.... شوڪت خاصخيليءَ جي ڊاڪٽر مجيد چانڊئي سان دوستي هوندي هئي، اُهو لطيف يونيورسٽي آيو.... مان به اُتي هُيس.... هُو ”نئين سوچ“ ۾ نوجوانن جا انٽرويو ڪندو هو.... مون کي به انٽرويو ڏيڻ لاءِ چيائين.... (کلندي) ان زماني ۾ مان به نوجوان هُيس (سڀني جا ٽهڪَ)..... بهرحال نثار ميمڻ صاحب ان وقت خيرپور ريڊيو تي هُيو، ان ئي منهنجو انٽرويو ڪيو. پَرَ اتفاق سان سندس خيرپور ريڊيو تان بَدلي ٿي رَهي هئي، سو شوڪت خاصخيليءَ مون کي چيو ته ايندڙ هفتي کان تُون ميزبان جي حيثيت سان مختلف مهمانن جا انٽرويو ڪندين.... (کلندي) مان وري نخرو پئي ڪيو ته، نه يار! مان نه ڪري سگهندس..... نخرو ان ڪري پئي ڪيم جو مون کي اها خبر هئي ته ريڊيو وارا ڪمپيئرن کي هرو ڀرو تنگ ڪندا آهن.... سو مون شوڪت کي صاف انڪار ڪيو ته، نه بابا! مان ريڊيو تي ڪم نه ڪندس..... پر پوءِ شابس آهي شوڪت جي ثابت قدميءَ کي جو مون کي مڃائي ورتائين.

    محمود سومرو: شوڪت خاصخيلي صاحب اهو تمام سُٺو ڪَمُ ڪيو..... ۽ پوءِ توهان به ”ريڊيو وارا“ ٿي ويئو...... (ٽهڪَ)
    اسحاق انصاري: ڏاڍا سُٺا دوستَ هوندا هيا ان زماني ۾ ۽ سڀ محنت سان ڪَمُ ڪَندا هُئا.

    امر اقبال: ان زماني ۾ اوهان جا آن ايئر ٽهڪَ ڏاڍا مشهور هوندا هئا......
    اسحاق انصاري: هڪڙي خاتون شاعره پنهنجي Autobiography جي Chapter ۾ لکيو ته؛ مان ان زماني ۾ ريڊيو ٻڌندي هئس ۽ جڏهن اسحاق ٽهڪَ ڏيندو هو ته مان چوندي هيس ته انهيءَ حَراميءَ جا ٽهڪَ ته ماري وجھندا.......... (سڀني جا گڏيل ٽهڪَ)

    امر اقبال: ڪالههَ فيس بوڪَ تي اوهان جو Status پڙهيم ته: ”پنهنجي جيون ـــ ڀومي خيرپور مان سَلام“..... خيرپور سان ايتري اُنسيت جو سبب ڇا آهي؟
    اسحاق انصاري: پهرين ڳالهه ته اِهو لفظ ”جيون ـــ ڀومي“ مون چورايو آهي. اِهو لفظ اردوءَ جي شاعر مسلم شميم استعمال ڪيو آهي. سندس جنم ته شايد انڊيا ۾ ٿيو، پر هُو لاڙڪاڻي ۾ گهڻو رهيو آهي ۽ لاڙڪاڻي کي پنهنجي ”جيون ـــ ڀومي“ سڏيندو آهي. مون کي اهو لفظ ڏاڍو وڻيو، ۽ خيرپور منهنجي ”جيون ـــ ڀومي“ آهي..... مون کي مختلف Fields جي حوالي سان جيڪا سڃاڻپ ملي..... ريڊيو، اَدب..... ته انهن جو تعلق خيرپور سان آهي. مون 1985ع کان 1999ع تائين پنهنجي زندگيءَ جا ڀرپور چوڏنهن پندرنهن سال خيرپور ۾ گذاريا آهن. ان کان اڳ به مون جڏهن اڃان مئٽرڪ پاس ڪئي هئي.... ته ان زماني ۾ قربان منگي، خيرپور مان ٻارن جو رسالو ”پوپٽ“ شايع ڪندو هو.... ”پوپٽ“ جي انهن پَرچن جو مان مستقل ليکڪ هوندو هيس. قربان منگي خيرپور ۾ جيڪي ٻالڪ ميلا ڪرائيندو هو، انهن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ انهن جي ڪمپيئرنگ ڪرڻ لاءِ مان لاڙڪاڻي کان ايندو هيس..... ته خيرپور سان تعلق پراڻو آهي..... خيرپور جي ڪوٽڏيجيءَ واري علائقي ۾ 1970ع واري ڏهاڪي ۾، بابا سائين مختيارڪار هوندو هيو.... ته ڪوٽڏيجي ۽ خيرپور سان تمام گهڻي اُنسيت رهي آهي ۽ ان ڪري ئي مان خيرپور کي پنهنجي ”جيون ـــ ڀومي“ سڏيندو آهيان.

    محمود سومرو: اَنيس انصاري صاحب جي پنهنجي هِڪَ وڏي سُڃاڻپَ هئي لکڻ جي حوالي سان، اوهان جا سڀئي ڀائِرَ به مختلف ادبي سڃاڻپون رکن ٿا، توهان کي اِهو ڪڏهن محسوس ٿيو ته، اسحاق انصاري به لکي سگهي ٿو؟
    اسحاق انصاري: مان پنهنجيون يادگيريون پئي لکيون..... ته مان سمجھان ٿو، ان وقت مان پنجون درجو پڙهندو هيس.... پُراڻن گهرن ۾، ڏاڪڻين جي هيٺان هِڪَ ”هُري“ هوندي هئي. اسان جي گهرَ ۾ انهيءَ هُريءَ ۾ هڪ صندوق رکيل هوندي هئي، جنهن ۾ ڪِتابَ هوندا هُيا. مان اُنَ هُريءَ ۾ ويهي ڪجهه لکي رهيو هيس ته منهنجو وڏو ڀاءُ اشفاق اتان گذريو ۽ مون کان پڇيائين ته: ”ڇا ٿو لکين؟“، مون کيس چيو ته: ”ڪهاڻي ٿو لکان“.... ته ان زماني کان وٺي جيئن اوهان ٻڌايو ته، اسان وٽ ماحول ئي اهڙو هو. مون ڪنهن جاءِ تي چيو هو ته، اسان assume ٿا ڪريون ته اسان پنهنجي گهر ۾ جڏهن بانبڙا ڏئي اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي ته اسان جا هٿَ ڪِتابن واري ڪنهن ڪٻٽ ۾ ئي پيا هوندا. ڪِتابن جي خوشبوءِ، ڪِتابن جا رنگَ، اسان جي ذهنن ۾ ته سمايل هيا ئي، پَرَ انهن جا اکر اڳتي هلي اسان جي زندگين ۾ داخل ٿيا. ننڍي هوندي کان ئي سَڀُ ڪِتابَ پڙهندا هُئاسي، مختلف رسالا گهر ۾ ايندا رهندا هئا. ٻيو وري بابا سائينءَ کي ڏسندا هئاسي..... لکندو هو، گهرَ ۾ مشاعرا ڪرائيندو هو، پاڻ انهن ۾ ويهندو هو. ته ائين مان به لکڻ شروع ڪيو....

    امر اقبال: انيس انصاري صاحب ۽ ان کان پوءِ اوهان جي وڏن ڀائرن جي موجودگيءَ ۾ اوهان کي پنهنجي انفرادي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي ته محسوس نه ٿي؟
    اسحاق انصاري: نه ائين نه ٿيو.... اسان مان هر ڪنهن جي پنهنجي الڳ سڃاڻپ آهي. اخلاق سُٺو ڪهاڻيڪار آهي. ناول نِگار آهي. ان جو جيڪو School of thought آهي، اهو Stream of Consciousness وارو آهي. اشفاقَ وري Physiological ڪهاڻيون لکيون.... منهنجي لکڻين ۾ وري گهڻو Romance شامل رهيو آهي. اشتياق وري تحقيقَ جو ماڻهو آهي. ان ڪري اسان سڀني کي پنهنجا پنهنجا الڳ رستا مليا.

    محمود سومرو: (مسڪرائيندي) مقصد اِهو ته اوهان ڀائرن مان هر ڪنهن ”پنهنجي طبيعت“ مطابق لکيو؟
    اسحاق انصاري: (ٽهڪ ڏيندي) جي بلڪل.... ۽ مان اِهو به ٻڌايان ته اسان جي گهرَ جو هر ڀاتي.... ڀائر هُجن يا ڀينرون، انهن سڀني جي اندر ۾ هڪ آرٽسٽ موجود رهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪير ڪيترو آرٽ ظاهر ڪري سگهيو. اسان جو ڀاءُ آفاق، آزاد نظمَ لکندو آهي، Painting تمام سُٺي ڪندو آهي. مشتاق Painting ڪندو آ.... هاڻي ته ان به لکڻ شروع ڪيو آهي، پنهنجي Autobiography ۽ ڪافي ڪهاڻيون لکيون اٿائين.... مطلب ته آرٽ اسان کي ورثي ۾ ملي آهي.

    محمود سومرو: لطيف يونيورسٽيءَ ۾ Teaching کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو؟
    اسحاق انصاري: نوڪري آهي.... ۽ جيئن مون اڳ ۾ ٻڌايو ته مون پڙهڻ لاءِ جيڪو Subject چونڊيو هو، اهو منهنجي پسند جو نه هو. مون Fine Arts جي ڪنهن شعبي ۾ پڙهڻ پئي چاهيو.... پَرَ اتفاق سان جڏهن Statistics ۾ اچي ويم ته انهيءَ شعبي ۾ ئي مون ڪجهه ڪرڻ چاهيو. يونيورسٽي جيTeaching واري زندگيءَ جو پنهنجو هڪ الڳ مزو ۽ رومانس آهي، اُتي ماڻهو وڌيڪَ آزاد ٿو رهي. اسٽيٽ بئنڪ ۾ وري ٻيو ماحول آهي... پَرَ مون کي خوشي آهي ته مان جنهن شعبي ۾ آهيان ان شعبي ۾ اهم ڪم ڪيو آهي. اوهان کي اهو ٻڌي حيرت ٿيندي ته پاڪستان جي تاريخ ۾، جهن پوسٽ تي مان آهيان، ان پوسٽ تي مون کان اڳ ڪو به سنڌي نه پهتو آهي....

    محمود سومرو: اسٽيٽ بئنڪ جي نوڪريءَ جي ڪري اوهان جي لکڻ وارو ڪم ته متاثر نه ٿيو؟
    اسحاق انصاري: شروعات ۾ ٻه ٽي سال نوڪريءَ جي Timings جي ڪري ۽ ڪراچيءَ جي الڳ ماحولَ جي ڪري، منهنجو لکڻ جو ڪم متاثر ضرور ٿيو.... مون کي ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ مان پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿيندو پيو وڃان، يا روحاني طور مرندو پيو وڃان. پوءِ مون پاڻ لکڻ پڙهڻ لاءِ وقت جي ورهاست ڪَئي ۽ وري ساڳي سفر ۾ شامل ٿي ويس.

    امر اقبال: ”خالي بئنچ“ اڃان به خالي آ، يا.........؟!
    اسحاق انصاري: هر ماڻهوءَ جي دل ۾ هڪ ”خالي بينچ“ هوندي آهي، جيڪا ڪڏهن به ناهي ڀرجندي.... ۽ اها ڳالهه نه صرف مون سان، پر اوهان سان به لاڳو هوندي.... ڇاڪاڻ ته اوهان جي مُرڪَ به اِهو ٻڌائي ٿي..... (سڀني جا ٽهڪ)

    امر اقبال: ”خالي بينچ“ جا ٻَه ايڊيشن وڪامي چڪا آهن..... هاڻي اوهان ان جو ٽيون ايڊيشن آڻڻ چاهيندئو يا ڪو نئون ناول؟!
    اسحاق انصاري: هڪ ٻيو ناول لکيو اٿم، چاهيندس ته 2014ع ۾ اهو شايع ٿئي. ”خالي بئنچ“ جو پهريون ايڊيشن ٽن مهينن ۾ مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو هو، اُنَ جي پبلشر جو خيالُ هو ته ٻيو ايڊيشن آڻجي، پَرَ مون پاڻ کيس منع ڪيو هو، ان کانپوءِ، سالن کانپوءِ، اسان جي پياري دوست قربان منگيءَ سان منهنجي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ان چيو ته ”خالي بينچ“ جو ٻيون ايڊيشن اچڻ گهرجي. پهريون ايڊيشن 2000ع ۾ آيو، ٻيو ايڊيشن 2012ع ۾..... ته ان وچ ۾ هڪ نئين generation اڀري آئي..... ته ڪنهن به ڪِتاب جي هِڪَ کان وڌيڪَ editions جو اچڻ، ليکڪ لاءِ هِڪَ reward ئي هوندو آهي. ڀلي منهنجا ٻيا ڪِتابَ اچن.... پَرَ جيڪڏهن ”خالي بئنچ“ جا اڃان به وڌيڪَ editions ايندا ته اها خوشيءَ جي ڳالهه هوندي.

    محمود سومرو: ڪجهه پڙهندڙن جو خيال آهي ته طارق عالم جي ناول ”رهجي ويل منظر“ جي جھَلڪَ ”خالي بئنچَ“ ۾ نظر ٿي اچي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    اسحاق انصاري: رُڳو هِڪَ جھلڪَ آهي، اُها اِها ته هُو به يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ هي به........ باقي مختلف آهي. ڪهاڻي رومانس تي ٻڌل ته آهي ۽ رومانس تي ڪيترائي ناول لکجن ٿا. پَرَ يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ سَڀَ کان پهريان طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ آيو، پوءِ منهنجو ”خالي بئنچ“ ۽ ان کانپوءِ وري پرويز ابڙي جو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ ”تون هڪ خواب آهين“ آيو.... ته شايد انهيءَ ڪري به پڙهندڙن کي هڪجهڙائي محسوس ٿيندي هجي. باقي انهن مان هر ناول جي اُڻت الڳ الڳ ۽ پنهنجي پنهنجي آهي.

    امر اقبال: اوهان جي نئين ناول ”ويلنٽائين 98“ جو موضوع به ”محبت“ ئي آهي؟
    اسحاق انصاري: ها ”محبت“......

    محمود سومرو: شاعري به ڪَيَو؟
    اسحاق انصاري: (کلندي) علم عروض، وزن بحر صفا سمجهه ۾ ڪونه آيو. ان ڪري بهتر سمجھيو ته نثر ۾ ئي لکجي.

    امر اقبال: Table Tennis کيڏو پَيا اَڃان؟
    اسحاق انصاري: نه هاڻي ته وقت ڪونه ٿو ملي. گهڻي کيڏيم..... لاڙڪاڻي ڊويزن جو چئمپين رهيم. ان کان علاوه باسڪٽ بال به کيڏيو آهيان. اوهان کي حيرت ٿيندي ته اسان ڀائرن جو جيڪو ننڍپڻ يا نوجواني آهي، ان ۾ اسان Sportsman وڌيڪَ رهياسي. اسان Full time اديبَ اَڄُ به ناهيون. اخلاق پنهنجي اسڪول ۾ ڪرڪيٽ جي نمائندگي ڪندو هيو. اشتياق ڊويزن جو Fastest بالر رهيو ۽ Athletics ۾ هزار ميٽر ۽ ٻارنهن سؤ ميٽر جي ڊوڙ ۾ پاڪستان جي ٽيم تائين پهتو. مطلب ته اسان جي زندگي Monotonous ناهي رهي..... رڳو ڪِتابي ڪيڙا هُجئون.... ڪڏهن ڪڏهن ڏسندو آهيان ته ڪي دوست هر وقت ”اديب“ ٿيڻ جي چڪرَ ۾ هوندا آهن. انهن جو ڳالهائڻ، جُملا، مخصوص انداز جا هوندا آهن.... ته انهن تي حيرت به ٿيندي آهي ته کِلَ به ايندي آهي. اسان ڪُل وقتي اديب ناهيون، ”ڪُل وقتي آرٽسٽ“ ضرور آهيون. منظرن کي انهيءَ نظر سان ڏسندا آهيون، ماڻهن کي انهيءَ نظر سان ڏسندا آهيون. خوشبوئن کي جھَٽيندا آهيون......

    محمود سومرو: نوجوان جيڪو لکن ٿا، انهيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    اسحاق انصاري: يار! ڏاڍو سُٺو ٿا لکن، مون کي حيرت ٿيندي آهي.... ۽ چِڙَ وٺندي آهي ته اسان جا رائيٽر هڪ ٻه ڪِتاب اچڻ کانپوءِ پنهنجو پاڻ کي الائي ڇا سمجھڻ شروع ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته: ”اڄڪلهه ادب سُٺو ڪونه ٿو لکجي“.... اڙي بابا! توهان پڙهيو آهي انهن کي، جو اهڙي راءِ ٿا ڏيو؟!..... هن وقت اسان جو سينيئر اَديب، جونيئرس کي پڙهي ئي ڪونه ٿو ۽ پوءِ وري سُٺو ادب تخليق نه ٿيڻ جون دعوائون ٿو ڪري..... ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي.... منهنجو نوجوانن سان واسطو رهي ٿو..... ۽ مان رکندو آهيان، ان جو هِڪُ سبب پنهنجو پاڻ ۾ اُتساهه پيدا ڪرڻ به آهي... ۽ انهن کي ڇو نه recogonize ڪجي؟! ڏاڍي سُٺي شاعري ٿي اچي، ڪهاڻيون ٿيون اچن، ناول ٿا اچن.... اسان جڏهن ”ڪهاڻي ڪانفرنس“ ڪوٺائڻ جي شروعات ڪئي ته دوستن چيو ته ڪهاڻيڪار آهن ڪٿي؟ ڪٿان اينديون ڪهاڻيون؟..... توهان پاڻ رسالو edit ٿا ڪريو.... اوهان وٽ به شاعريءَ جي ڀيٽَ ۾ ڪهاڻيون گهٽ اينديون هونديون..... انهيءَ شيءِ کي ڏسندي ۽ بابا سائين انيس انصاريءَ جي بنيادي سڃاڻپ ”ڪهاڻي“ کي ڏسندي ۽ سندس ورسيءَ کي هڪ مختلف انداز سان ملهائيندي، اسان ڪهاڻي ڪانفرنسون منعقد ڪيون، شروعات ۾ اسان کي محدود ڪهاڻيون مليون پَرَ هاڻي جڏهن اسان ڪانفرنس ڪرايون ٿا ته سَوَ کان مٿي ڪهاڻيون مِلن ٿيون.... ٺيڪ آهي، انهن مان سڀ انهيءَ Level جون ناهن.... پَرَ ڪهاڻيڪار encourage ضرور ٿيا آهن.

    محمود سومرو: انيس انصاري صاحب جي لکڻ جي Style جو اوهان ڀائرن مان گهڻو اثر ڪنهن تي ٿيو؟
    اسحاق انصاري: بابا جو هڪ پنهنجو انداز هو. جيئن جمال ابڙي صاحب جو انداز هيو. بابا “Economy of Words” جو گهڻو خيال رکندو هو.... ٿورا لفظ، ڳالهه وڏي.... بابا هروڀرو به پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪا وڏي فلاسافي نه مڙهيندو هو. باقي اثر جو سوال آهي ته مان سمجھان ٿو ته اسان ڀائرن مان هر ڪنهن جو پنهنجو انداز آهي.

    امر اقبال: هِڪَ آرٽسٽ جو ڪَمُ آرٽ جي تخليق تي ئي ختم ٿي وڃي ٿو يا کيس قومي/سياسي Issues تي ڌُرائتو ۽ عملي ڪردار به ادا ڪرڻ گهرجي؟
    اسحاق انصاري: اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته مَحاذَ مختلف آهن. اديبَ جو محاذ آهي لکڻ. هُنَ لاءِ ضروري ناهي ته هُو Strike تي ويهي..... پَرَ جڏهن ضرورت پوندي آهي ته اديب ائين به ڪندو آهي. هِڪ ليکڪ Ideas ۽ Vision ڏيندڙ هوندو آهي. پَرَ دُنيا ۾، ۽ اسان جي سنڌ ۾ اديبن عملي ڪردار به ادا ڪيو آهي. ڪجهه دوست وَري ائين به چوندا ته اسان جو اديب اڄ اهو ڪردار ادا نه ٿو ڪري جيڪو هُنَ ماضيءَ ۾ ادا ڪيو. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته ماضيءَ ۾ ان وقت اسان وٽ مضبوط سياسي ڪيڊر به ڪونه هو. ٻوليءَ جو مسئلو هجي يا ون يونٽ وارو مسئلو هُجي، اسان جي اديبن جلسن جلوسن ۾ حصو وٺي عملي ڪردار ادا ڪيو. اُنَ وقت انهيءَ شيءِ جي ضرورت هُئي. هِنَ وقت سياسي پارٽيون پنهنجو ڪَمُ ڪن ٿيون پر پوءِ به انهن جي فڪري قيادت ڪرڻ لاءِ ليکڪ جو ڪردار ضروري آهي.

    امر اقبال: اوهان ترجمي جو ڪَمُ به ڪيو آهي.... اُهو ڪَمُ ڪنهن خاص field ۾ ڪيو اَٿوَ؟
    اسحاق انصاري: مون گهڻي قدر انگريزي ادب مان ڪهاڻيون ترجمو ڪيون آهن. پَرَ هن وقت مان چيڪ ۽ سلاويڪ ادب، سنڌي ۾ ترجمو ڪيان پيو. خوشقسمتي اها آهي ته اهي ٻوليون مون کي اچن ٿيون. اسان سان الميو اِهو رهيو آهي ته اسان ڪجهه مخصوص ٻُڌل ليکڪ ئي پڙهيا، جيئن چيڪ ادب ۾ اسان صرف ميلان ڪنڊيرا ئي پڙهيو، پر انهن کان علاوه به ڪيترائي ليکڪ آهن جن جو اسان وٽ تعارف ناهي..... ته مان انهن کي به ترجمو ڪرڻ ٿو چاهيان. مان هڪ ڪِتاب ترجمو ڪيان پيو. ان جو نالو مون ”هڪ محبت هزار افسانا“ رکيو آهي. هِڪَ ئي ڪهاڻي آهي، جنهن کي ليکڪن سؤ کان مٿي مختلف اندازن سان لکيو آهي. هِڪَ ئي ڪهاڻي، لوڪ ڪهاڻيءَ جي صورت ۾ ڪيئن لکجي، ساڳي ڪهاڻي علامتي انداز ۾ ڪيئن لکجي.... ته اِهي تجربا آهن... مان انهن کي ترجمو ڪري رهيو آهيان ۽ ان کانپوءِ منهنجو ارادو آهي ته مان اتان جي لوڪ ڪهاڻين کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريان ۽ عجيب اتفاق ته اتان جون لوڪ ڪهاڻيون ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اسان جي لوڪ ڪهاڻين سان ملندڙ جلندڙ آهن.

    محمود سومرو: ڀلا ائين نه ٿو ٿي سگهي ته اسان جو جيڪو لوڪ ادب ۽ شاعري آهي اُنَ کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري باقي دنيا تائين پهچائجي؟
    اسحاق انصاري: شاعري گهٽ ۾ گهٽ مان نه ٿو ڪري سگهان، ڇاڪاڻ ته مان شاعر ناهيان. ٻيو ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ترجمو ڪڏهن به تُز ناهي ٿي سگهندو. اصل تخليق جو ويهه پنجويهه سيڪڙو ئي ترجمو ٿي سگهندو آهي. مثال طور اسان ”سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين“ کي ڀلا ڪيئن ترجمو ڪنداسي؟.... پر پوءِ به اسان جو نثري ادب ۽ شاعري ترجمو ٿيڻ گهرجي.

    امر اقبال: ناول جي Field ۾ پاڻ وَٽ اڳڀرائي ڇو ڪونه ٿي سگهي آهي؟ اڳئين دفعي هِنَ ئي اسٽوڊيو ۾ مون کي انٽرويو ڏيندي آغا سليم صاحب پڻ اِها ئي شڪايت پئي ڪئي.....؟!
    اسحاق انصاري: تعدادَ جي لحاظ کان گذريل چئن پنجن سالن ۾ ناول گهڻو لکيو ويو آهي. وِچَ ۾ گهڻي وِٿي هُئي پر ويجھڙائيءَ ۾ هر سال چار پنج ناول اچي رهيا آهن. اڳي سالن جا سالَ ڪو ناول نه ايندو هو.... هِڪَ اها ڳالهه..... ٻي ڳالهه ته نوجوان لکن ٿا. ٻيو ناول لکڻ هِڪ Full Time Job آهي. ناول جو تمام وسيع ڪئنواس ٿو ٿئي ۽ انهيءَ ڪئنواس کي پاڻَ سان گڏ کڻي هلڻ ڏکيو آهي. ناول هِڪَ Siting ۾، نه ٿو لکي سگهجي. ڪهاڻي لکي سگهجي ٿي، شاعري ڪري سگهجي ٿي، اهڙي صورت حال ۾ Full Time رائيٽر نه هئڻ جي باوجود جيڪي به ليکڪ ناول لکن ٿا، انهن کي شابس آهي. ڀلا پاڻ وٽ ناول، ڪهاڻي يا شاعري لکڻ جي عيوض ملي ڇا ٿو؟.... روزگار جي لاءِ ٻيا ڪَمَ ڪرڻا ٿا پون. ٻارَن جي پيٽَ جي بُکَ ختم ڪرڻ جي جستجوءِ ۾ ڦاٿل ماڻهوءَ وٽ ڀلا شاعري يا لکڻ جو ٻيو ڪَمُ ڪٿان ايندو؟ ان جي باوجود جيڪي لکن ٿا انهن کي شابس آ.

    امر اقبال: ماضيءَ ۾ جيڪي سياسي اُٿل پُٿل ۽ ڀونچال وارا دؤر هيا، انهن جي اثر ۾ جيڪا شاعري ٿي ۽ ناول لکيا ويا، انهن بيپناهه مقبوليت حاصل ڪئي. هن وقت جڏهن نسبتاً اهڙي صورتحال ناهي، ته ڇا هن وقت هِڪَ ليکڪ ۽ شاعرَ لاءِ پاڻ مڃائڻ وڌيڪَ ڏکيو نه آهي؟
    اسحاق انصاري: وڏي معذرت سان.... اسان جي اديبَ جيڪو ون يونٽ واري دؤر ۾ وڏو ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان وقت هِڪَ اديبَ جو تخليقي ۽ عملي ڪَمُ، ٻئي پئي ٺهيا. معاف ڪيو وڃي مون کي.... ته ان ڪَمَ مان عملي ڪَمُ جيڪڏهن 75 سيڪڙو هيو ته تخليقي ڪَمُ صرف 25 سيڪڙو. مان نالا نه کڻندس، ان دؤر ۾ جيڪي شاعِرَ مشهور ٿيا، انهن جو تخليقي ڪَمُ ڇا هي؟ ڪي ٻه چار شعر يا هڪ مجموعو.... پَرَ انهن جو نالو انهيءَ ڪري وڏو آهي جو اُهي عملي ميدان ۾ آيا. هِنَ وقت ڏاڍي مشڪل صورتحال آهي (مان ان کي خوشيءَ جي صورتحال چوندو آهيان) ته سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ، اسان وٽ جيڪو سياسي رنگ هوندو هيو... اهو ڀلي نيشنلزم جو هجي، سوشلزم يا ڪميونزم جو هجي.... انهن ”ازمن“ مان اسان جو ادب هاڻي نڪري آيو آهي. اڳي ائين هوندو هو ته جيڪو ليکڪ جنهن سياسي نظريي سان لاڳاپيل هوندو هيو، هو انهيءَ جي پرچارَ پنهنجي شاعري، ڪهاڻين يا ٻين لکڻين ۾ ڪندو هو. ڪو ليکڪ جيڪڏهن هاري تحريڪ ۾ آهي ته هو پنهنجن لکڻين ۾ رُڳو وڏيري جو پٽڪو ڌوڙ ڪندو هو، ڪو قومپرست آهي ته ان جي شعرن ۾ رڳو بم گولا ئي ملندا هئا.... منهنجي چوڻ جو مقصد اِهو آهي ته، مان ڏاڍو خوش آهيان جو گذريل ڏهه پندرنهن سالن کان وٺي اسان وٽ Pure تخليقي ادب اچي رهيو آهي.... ۽ انهيءَ تخليقي ادب کي بچائڻ ۾ وقت کپندو. اسان وٽ جيڪو نسلُ هن وقت موجود آهي، اِهو اُهو نسل آهي، جيڪو ذڪر ڪيل سڀني شين کي ڏسي چُڪو آهي، پر اڳتي جيڪو نسل اچڻو آهي اهو Fiction کي صرف Fiction ئي ڪري پڙهندو. تنهن جي ڪري مان وري به چوان ٿو ته ليکڪ لاءِ صرف ۽ صرف پنهنجي تخليق جي بنياد تي پاڻ مڃائڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آهي. ڀلا رسول ميمڻ جيڪو لکي ٿو، اُنَ ۾ ڇا نه آهي؟..... ڪمال لکڻيون آهن، منور سراجَ جون لکڻيون ڪمالَ جون لکڻيون آهن..... معاف ڪجو آغا سليم صاحب منهنجو وڏو آهي.... پاڻ ٻڌائي ته انهن مان ڪنهن کي پڙهيو اٿائين؟..... نه پڙهيو اٿائين!.... مان چئلينج سان چوان ٿو. منهنجو وڏو آهي، مان سندس احترام ڪندو آهيان، پر مان دعويٰ سان ٿو چوان ته آغا صاحب پاڻ کانپوءِ وارن ليکڪن کي پڙهيو ئي ناهي، جيڪو مون کي ڏک آهي. اسان جو نوجوان سٺو ٿو لکي ۽ تخليقي ٿو لکي. تخليقي ادب هر دؤر جو ادب هوندو آهي. ائين ڇو هجي ته جيڪو ادب 70 واري ڏهاڪي ۾ سُٺو هُيو، هاڻي ان کي ڪو پڙهڻ وارو ئي نه هجي. تخليقي ادب ۾ آفاقيت هوندي آهي. اهو Time ۽ Space جي چَڪر مان نڪري ايندو آهي.

    امر اقبال: سياسي نعري ۽ تخليقي ادب ۾ اهو ئي ته فرق هوندو آهي نه....؟؟!
    اسحاق انصاري: ها بلڪل.... اسان وٽ تمام سٺو تخليقي ادب لکجي پيو، پر هڪ عجيب Trend پئدا ٿيو آهي ته: ”سُٺو ادب ڪو نه ٿو لکجي“...... ڇو نه ٿو لکجي؟!!.... توهان پڙهو ته سهي.

    امر اقبال: توهان ٽي وي لاءِ ڊرامه به لکيا، پَرَ پوءِ ان کي continue نه ڪيوَ، ان جو سَبَبُ.... ۽ ڇا ڊرامو لکڻ جي ڪري هِڪَ ڪهاڻيڪارَ جو ڪهاڻي لکڻ وارو ڪَمُ مُتاثر ٿئي ٿو؟
    اسحاق انصاري: ايئن ٿيو آهي. اسان جا جيڪي ڪهاڻيڪار دوست ڊرامي طرف ويا ته اهي ڪهاڻيءَ کان پري ٿي ويا. حالانڪه ٻنهي شين کي گڏ به هلائي سگهجي ٿو.... پر ڳالهه وري به اها ٿئي ٿي ته ڪهاڻيءَ جي ڪِتاب تي هزار روپيه به رائلٽي نه ملندي. ڊرامي جا پئسا ٿا ملن، نالو ملي ٿو. ان ڪري ئي ڊرامي طرف ويندڙ ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ طرف موٽن نه ٿا. باقي، ڊرامو خود هڪ تخليق آهي ۽ اوهان جي سوال مطابق مان هاڻي ڊرامو ڇو نه ٿو لکان ته.... هاڻي ڊرامي جون ترجيعون تبديل ٿي ويون آهن. انهيءَ ۾ اسان فِٽ ٿي نه ٿا سگهون.... تخليقي ڊرامو هاڻي ڪونه ٿو لکجي.

    محمود سومرو: پڙهندڙن کي ڪِتابن طرف ڪيئن موٽائجي؟
    اسحاق انصاري: اِهو هڪ عام الميو آهي. اسان وٽ ڪِتاب پڙهندڙ گهٽ رهيا آهن. لٽريسي اسان وٽ تمام گهٽ آهي. پر پوءِ به جيڪڏهن سٺو ڪِتاب اچي ٿو ته ماڻهو وٺن ٿا، پڙهن ٿا.

    امر اقبال: اوهان کي هِڪُ ئي پُٽ آهيا ”آدريان“ ان جو آرٽ جي ڪنهن شعبي ڏانهن لاڙو آهي؟
    اسحاق انصاري: ها، آدريان ستين درجي ۾ آهي. مون کي ٻڌايائين ته: ”بابا! مان انگريزيءَ ۾ ناول ٿو لکان“.... هڪ دفعي مزيدار ڳالهه ڪيائين.... انيس انصاري اڪيڊمي پاران سموري سنڌ ۽ خاص طور ڪراچيءَ ۾ هر مهيني ڪو نه ڪو پروگرام ڪرائيندا آهيون.... ته هڪ دفعي چيائين: ”بابا! هي سَڀُ پروگرام توهان بابا لاءِ ٿا ڪرايو؟“، مون چيو: ”ها“ تنهن تي چيائين ته: ”پوءِ مون کي به اوهان لاءِ ڪرائڻا پوندا......“ (ٽهڪَ).... بهرحال آدريان لکي ٿو ۽ مان ان کي Encourage ڪندو آهيان.

    محمود سومرو: ذاتي ۽ ادبي زندگيءَ ۾ توهان ڪافي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پر پوءِ به ڪا اهڙي کوٽ، جيڪا اوهان محسوس ڪندا هُجو؟
    اسحاق انصاري: کوٽ جو هُجڻ ضروري آهي، ڳولا ۽ جُستجو جاري رهڻ گهرجي. اهي خَتم ٿيا ته ماڻهو ختم ٿي ويندو. ٻيو ته عشق ختم ٿيڻ نه گهرجي. دل ۾ هر وقت هڪ ڇيت ضرور چڀڻ گُهرجي. اُها ڇيت ئي هڪ تخليقڪار کان ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪرائيندي.
    محمود سومرو: لطيف يونيورسٽيءَ واري دؤر ۾ اوهان ۽ امان ڀَٽي صاحب جو جوڙ مشهور هوندو هُيو...
    اسحاق انصاري: بلڪل..... امان ڀَٽي صاحب ۽ مان يونيورسٽيءَ ۾ مختلف activities ڪندا هُئاسين. شاگردن کي encourage ۽ activate ڪندا هئاسين. نوان نوان Ideas سامهون ايندا هُئا. مَچ مُشاعرن ۽ پيروڊي مُشاعرن جي شروعات ڪئي سون.

    امر اقبال: اهڙن پيروڊي مشاعرن ۾ تنوير عباسي صاحب به شريڪ ٿيندو هو.....
    اسحاق انصاري: تنوير عباسي، اميد خيرپوري، ايازگل، ادل سومرو، نظام زائر، مختيار ملڪ سَڀُ هوندا هُيا.... حالانڪه ان وقت ادل ۽ اياز يونيورسٽيءَ ۾ نوڪري نه ڪندا هُئا... پر پوءِ به ايندا هُئا.

    محمود سومرو: اڳ لطيف يونيورسٽي ننڍڙي هوندي هئي، هاڻي اُها الاهي وڌي وئي آهي، اوهان اُنَ ۽ هاڻوڪي يونيورسٽيءَ کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
    اسحاق انصاري: جيئن جيئن Society ترقي ڪندي آهي ته تبديليون اينديون آهن. ان وقت صرف ڪئمپس هوندو هو. صبح جو ڪلاس هلندا هئا ۽ ٻي بجي کان پوءِ ڪئمپس سنسان ٿي ويندو هيو. پَرَ اسان جڏهن شاگردن سان گڏ مختلف پروگرامن جي ريهرسل ڪندا هئاسي ته ڪئمپس جون شامون سُرن ۽ ٽهڪن سان گڏجي وينديون هيون. مان سمجھان ٿو ته ان وقت شايد تخليقي ۽ ڪلچرل ڪَمُ وڌيڪَ ٿيندو هو.

    امر اقبال: ائين محسوس ٿيندو آهي ته توهان زندگيءَ جي هرپل کي ماڻڻ چاهيو آهي؟!
    اسحاق انصاري: ڏسو نه.... اسان کي زندگي ملي ئي ڪيتري آهي؟! ماڻهو الائي ڇو ائين سمجھندا آهن ته ڪنهن به شيءَ کي ماڻڻ، ان جو مزو وٺڻ لاءِ پئسن جو هجڻ ضروري آهي. ائين ناهي...توهان کي ڪنهن روڪيو آ ته ڪنهن سرسبز ٻنيءَ ۾ وڃي فطرت جا رَنگَ نه ڏسو. ڪنهن روڪيو آ ته سرنهن جي ڇانوَ نه ماڻيو، املتاس جي وڻ جو ساٿُ نه حاصل ڪيو، موتيي جي مُرڪَ نه ماڻيو.

    امر اقبال: (کلندي) محبت پئسي سان ڪونه ملندي آهي، اُها ته مفت ۾ به ملي سگهي ٿي، جيڪڏهن ماڻهوءَ ۾ اهڙي اهليت ۽ فضيلت هُجي ته...... (سڀني جا ٽهڪَ)
    اسحاق انصاري: بلڪل..... بلڪل..... موسيقي آهي، اُنَ مان حظ وٺڻ گهرجي... پَرَ توهان واري ڳالهه اَمرَ!.... ته.... مان ته ڪوشش ڪندو آهيان ته چانهه پيئڻ مان به مزو وٺان... ڪڏهن ڪنهن سُٺي ڪوپَ ۾ چانهه پيئڻ جو مزو وٺجي ته ڪڏهن وري ڪنهن پُراڻي ۽ چٿريون لٿل ڪوپَ ۾.... ڪڏهن رستي ويندي ڪنهن ڪکائين هوٽل ۾ ويهي چانهه پيئجي، ٽيپ تي هلندڙ گانا ۽ ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌجن. مختلف موسمن..... لِباس ۾ مختلف رنگن مان مزو وٺڻ گهرجي. هر علائقي جي آرٽ جا پنهنجا رَنگَ آهن. جاپان جي آرٽ ۾ اوهان کي ڌنڌلا ڌنڌلا رنگ نظر ايندا، هالينڊ جو مُصور جڏهن Sun Flowers جو کيتُ ٿو چِٽي ته اُنَ ۾ تيز ۽ شوخ رنگ ٿو استعمال ڪري، يورپ جو مصور پنهنجي آرٽ ۾ ڪوهيڙي کي گهڻي جاءِ ٿو ڏي.

    امر اقبال: هڪڙيون اهي لکڻيون آهن جيڪي اوهان لکي چُڪا آهيو. ڪا اهڙي لکڻي جيڪا اوهان سالن کان چاهيندي به نه لکي سگهيا آهيو؟
    اسحاق انصاري: ناول جيڪو مان هاڻي ڇپرائڻ چاهيان ٿو، ان کي لکئي ڪافي عرصو ٿي ويو آهي پر مان اڃان ان مان مطمئن نه آهيان، هاڻي به سوچيان ٿو ته ڪنهن دوست کي ڏيندس ۽ چوندس: ”ڏِسُ! جي ڇپجڻ جهڙو آهي ته ٺيڪ نه ته اِتي ئي رکي ڇڏيونس“. مون ”خالي بينچ“ ويلَ به ائين ڪيو هو. ”خالي بيئنچ“ 1987-88ع ۾ لکيو هو، پوءِ لکي ڇڏي ڏنو هيم، پوءِ اسان جي دوست نديم گل عباسيءَ پڙهيو ۽ مون کي encourage ڪيائين ته اِهو ڇپجڻ گهرجي، وري اخلاقَ پڙهيو ته ان به همت وڌائي، ائين مان وري Ph.D لاءِ ٻاهر هليو ويس، موٽيس ته اِهو ناول وڃي 2000ع ۾ ڇپيو.

    امر اقبال: اڄ هِتي هن Studio ۾ ويٺي اوهان ڪنهن جي، پاڻَ سان گڏ هِتي هُجڻ جي خواهش رکو ٿا.....
    اسحاق انصاري: هڪ قُربان منگي ۽ ٻيو شوڪت خاصخيلي ـــ قربان ته گڏ ويٺو آهي. شوڪت هجي ها ته اسان ماضيءَ طرف موٽي هلئون ها.....

    محمود سومرو: ريڊيو ٻڌندا آهيو؟ اڳ ۽ هاڻي واري ريڊيو ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    اسحاق انصاري: (کلندي) ڪراچيءَ ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ جي صورتحال ٻڌڻ لاءِ F.M ريڊيو ٻڌندو آهيان. اڳ جڏهن ريڊيو Medium Waves تي هوندو هو ته ڊرامه رڪارڊ ٿيندا هئا، موسيقيءَ تي محنت ٿيندي هئي.... نصير مرزا، محمد علي ٻانڀڻ، شوڪت خاصخيلي، مختيار ملڪ، نصير سومرو..... اِهي سڀ دوستَ وڏي محنت ڪندا هئا. سهراب فقير ريڊيو خيرپور تان Introduce ٿيو. اُستاد گلزار علي خان هِتي وڏو ڪَمُ ڪيو.....

    محمود سومرو: آخر ۾ ڪو اهڙو سوال جيڪو اوهان چاهيو ٿا ته اسان اوهان کان ڪيون؟
    اسحاق انصاري: (کلندي) مان اِهو ٿو چاهيان ته هاڻي مون کان ڪو به سوال نه ڪيو. (سڀني جا گڏيل ٽهڪَ).


    حبيب ساجد جو انٽرويو

    حبيب ساجد جي انٽرويو بابت

    ريڊيو پاڪستان خيرپور جي هفتيوار ادبي پروگرام “ادبي سنگت” جي ميزباني، مان ڪافي سالن کان ڪندو پيو اچان. مون کان اڳ سنڌي ٻوليءَ جا ناميارا شاعر
    ادل سومرو، آغا پير محمد “ڪئلاش” ۽ ڪجهه ٻِيا پڻ هن پروگرام جي ميزباني مختلف سالن ۾ ڪري چُڪا آهن. هن پروگرام جي مقبول سلسلي “ملاقات” ۾ هونئن ته مان هن کان اڳ ڪيترن ئي قلمڪارن سان سندن تخليقي سفر جي حوالي سان ڪچهريون ڪري چڪو آهيان، پر هيل جڏهن پروگرام جي سينيئر پروڊيوسر مسرت علي منگيءَ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر ۽ نثر نويس حبيب ساجد کي ڪچهريءَ لاءِ ڪوٺ ڏيڻ جو رٿيو ته مان ڏاڍو خوش ٿيس، جو حبيب اسان جو ويجھو ذاتي دوست به آهي. مونکي احساس هيو ته حبيب سان اهڙي ڪچهري ڪندي مزو ايندو..... ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو. وقت جي ڪمي ۽ ڪجهه اداري جي پاليسين سبب انٽرويوءَ جا ڪافي حصا ايڊٽ ٿيڻ کانپوءِ، آن ايئر ٿيڻ کان رهجي ويا. مون سوچيو ته ڇو نه هيءَ ڳالهه ٻولهه اتاري “پوپٽ” جي پڙهندڙن تائين پهچائجي. سو حبيب سان ڪيل هيءَ ڪچهري اوهان پڙهندڙن جي آڏو آهي.
    (2012ع)
    .........................................................
     تو جهڙي طرح سان منهنجو تعارف ڪرايو آ، مان پاڻ کي ايترن سٺن لفظن جي لائق ڪونه ٿو سمجھان.
     سائين نديم انصاري منهنجي جديد قسمَ جي شاعريءَ لاءِ چوندو هيو ته، اها ”شيخ اياز واري گروپ“ واري شاعري آهي.
     مون نثري نظمَ لکڻَ جي شروعات پارس حميد جي نظمن کي پڙهڻَ کانپوءِ ڪئي.
     نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي صنف آهي، جيڪا رت ولوڙڻ کان پوءِ ئي لکي سگهبي آهي.
     اڳ ۾ اوليت شاعري هوندي هئي، هاڻي اوليت بهرحال شاعري ڪانهَ رهي آهي.
     ............ سائين محمود مغل منهنجي انهن ڪالمن کي ڏاڍو پسند ڪندو هيو.
     بُرا، خراب اسان هوندا آهيون، محبت نه..... اسان پنهنجيون ناڪاميون محبت جي کاتي ۾ وجھندا آهيون.


    لکڻ منهنجو عشق َآهي.....

    معزز سامعين!
    ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو مان اوهان کي امر اقبالَ جو سلام! اسان پنهنجي پروگرام ”ادبي سنگت“ جي سلسلي ”ملاقات“ ۾ اڄ هڪ اهڙي مهمانَ کي ڪوٺ ڏني آهي، جيڪو جديد سنڌي شاعريءَ جو انتهائي خوبصورت ۽ مانائتو نانءُ آهي، ۽ اهي شاعر جن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نوان تجربا ڪيا آهن ۽ نئون رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن نالن ۾ هن شاعر جو شُمار به ٿئي ٿو. اسان جو اڄ جو مهمان آهي ”حبيب ساجد“..... سنڌي شاعريءَ جي حوالي سان حبيب ساجد جي سڃاڻپ جا مختلف حوالا آهن، هي نثري نظمَ جو نمائندو شاعرآهي پر ان کان علاوه هن پابند شاعري به ڪئي آهي، جنهن ۾ غزل، آزاد نظم، هائيڪوز ۽ خاص طور تي بيت ۽ وايون..... حبيب، منفرد انداز ۾ لکيا آهن. ٻي خاص ڳالهه، اها، ته حبيب ساجد نثر نويس پڻ آهي. نثر جي حوالي سان هن ڪيترو ئي ڪم ڪيو آهي، هن سنڌي ٻوليءَ کي تمام قيمتي مواد ترجمو ڪري به ڏنو آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيون، شاعري، مضمونَ ۽ هاڻ هڪ ناول پڻ سندس قلم هيٺ آهي. حبيب جا ٻه ڪتاب هن وقت تائين شايع ٿي چڪا آهن، جن مان هڪڙو هن جي وايُن جو مجموعو ”تنهنجي وئي کانپوءِ“ جيڪو سندس يونيورسٽي دؤرَ ۾ ساٿي شاعرن ابراهيم کرل ۽ علي عابد سان گڏ ڇپيو هو ۽ ٻيو ڪتاب ”چونڊ نوبيل ڪهاڻيون“ جيڪو ممتازبخاريءَ سان گڏ ڇپيو، انهن ليکڪن جي ڪهاڻين تي ٻڌل آهي جيڪي ادب ۾ نوبيل لاريٽ رهيا. حبيب ساجد اسان سان اسٽوڊيو ۾ گڏ آهي..... ساڻس، سندس تخليقي سفر جي حوالي سان ڳالهيون ڪنداسين.

    امر اقبال: حبيب! اسان توکي ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ ڀليڪار چئون ٿا.
    حبيب ساجد: امر! مون کي توسان هن طرح ڪچهري ڪندي تمام سٺو لڳي رهيو آهي. تون جهڙي طرح سان منهنجو تعارف ڪرايو آ، مان پاڻ کي ايترن سٺن لفظن جي لائق ڪونه ٿو سمجهان، پوءِ به امر! تنهنجي وڏي مهرباني.

    امر اقبال: ريڊيو پاڪستان خيرپور جي اسٽوڊيو ۾ اچڻ ڪيئن لڳي رهيو آهي؟
    حبيب ساجد: امر! مان انٽرويوز تمام گهٽ ڏيندو آهيان..... پر جڏهن پروگرام پروڊيوسر مون کي دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته؛ امر اقبال اوهان جو انٽرويو وٺندو، ته مون کي بي انتها خوشي محسوس ٿي، ڇو ته هڪ دوست ئي پنهنجي ٻي دوست کي چڱيءَ ريت ڄاڻيندو آهي ۽ اهو ٻين رواجي انٽرويو وٺندڙن کان گهڻو بهتر انٽرويو وٺي سگهندو آهي.

    امر اقبال: حبيب! هاڻ پاڻ تنهنجي تخليقي سفر تي ڳالهه ٻولهه ڪنداسين ته عمر جو اهو ڪهڙو دؤر هيو جڏهن توکي يعني ”حبيب الله بلوچ“ کي اهو محسوس ٿيو ته هو لکي به سگهي ٿو، ۽ پوءِ هو ”حبيب ساجد“ بڻجي ويو؟
    حبيب ساجد: امر! اهي مان ڀانئيان 1990ع جا شروعاتي ڏهاڙا هيا جڏهن مان پنهنجي ”پير جو ڳوٺ“ شهر جي هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ استاد هيس..... ته اتي مون کي ماحول اهڙو مليو جو منهنجو لکڻ پڙهڻ ڏانهن لاڙو ٿي ويو، ۽ مان لکڻ گهٽ پر پڙهڻ گهڻو لڳو هيس. جيڪو به ڪتاب هٿ ايندو هو..... ايتري تائين جو ڪو ڊائجسٽ به ملندو هو ته پڙهي ڇڏيندو هيس. اتي مون کي ڪنهن ڳالهه جي ڪري urg محسوس ٿي هئي ته مان لکي سگهان ٿو. اتي ٻه استاد اهڙا هيا جيڪي اهڙن لکندڙن کي همتائيندا هيا..... جن مان هڪ مرحوم سائين عاقل سنڌي هيو، جنهن جي مزاحيه شاعري پوري سنڌ ۾ مشهور هئي ۽ جيڪو ”جھرلو جھمٽ پوري“ جي مزاحيه نالي سان مزاحيه شاعري لکندو هيو..... ۽ ٻيو سائين مرحوم استاد نديم انصاري هيو، جيڪو اڄ جي اسان جي سيبتن شاعرن وحيد انصاري ۽ قديرانصاريءَ جو نانو هيو..... انهن مان سائين عاقل سنڌي اهڙو شاعر هيو جنهن منهنجي ڪچين لکڻين کي به وڏي اهميت ڏني ۽ مون کي تمام گهڻو همتايو، ان مقابلي ۾ سائين نديم انصاري منهنجي جديد قسم جي شاعريءَ لاءِ چوندو هيو ته، اها ”شيخ اياز واري گروپ“ واري شاعري آهي، ان ڪري انهن ڪڏهن به ايتري اهميت نه ڏني... پر هڪ دفعي نديم صاحب، ايازگل جو هڪ غزل پڙهي حيران ٿي رهيو هو ته ڪيڏو نه سهڻو غزل آهي، اهو غزل هيئن هيو:

    کاتا ٿي رکين هيڏا جي منهنجي خطائن جا
    دَرَ بند رکيا ٿي ڇو، پوءِ جان ! سزائن جا؟!

    نديم انصاريءَ کان پوءِ مون پنهنجي شاعري سائين منير سولنگيءَ کي ڏيکاري هئي ته هُنَ مونکي تمام گهڻو همتايو هو…. پر سائينءَ جي هڪ عادت تمام گهڻو متاثر ڪيو هو….. سائين منير کي پنهنجي شاعري ڪنهن به رفرنس طور پڙهڻ جي ڏاڍي عادت هئي، ۽ هو پنهنجي ايتري ته جامَ شاعري ٻڌائي ويندو هيو جو موڪلائڻ مهل عقل ڪم ئي نه ڪندو هو، پير جاءِ تي ڪونه پوندا هيا، ٿڙندي ٿاٻڙجندي گهر پهچبو هو…..

    امر اقبال: تون جڏهن لکڻ جي شروعات ڪئي ته اهي ڪهڙا هم عصر شاعر هيا جيڪي توسان ان سفر ۾ گڏ رهيا؟
    حبيب ساجد: امر! مون کي اهو چوندي ڏاڍو فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته مون کي ادبي طور تي تمام سهڻا سنگتي مليا. مان جڏهن پنهنجي لطيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا واري دؤر يعني 1990ع جي شروع ۾ سکر شفٽ ٿي ويم ته اتي مان سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻين ۾ وڃڻ شروع ڪيو هو، جيڪي گڏجاڻيون نثري نظم جي مشهور شاعر پارس حميد جي جاءِ تي ٿينديون هيون..... ۽ انهن ڏينهن ۾ سائين ايازگل شاخ جو سيڪريٽري هوندو هيو، جنهن جو بي انتها ضابطي سان سنگت جي ڪاروائي هلائڻ ۽ سڀني شريڪن کي هڪ هڪ ڪري ڳالهائڻ جي ڪوٺ ڏيڻ، مون ٻروچ ماڻهو لاءِ ڏاڍو ڏکيو ۽ عجيب تجربو هيو. پوءِ جڏهن ڪجهه گڏجاڻين بعد مون کي ادبي سنگت سکر جو باقاعده ميمبر چونڊيو ويو ته مون کي منهنجن دوستن مهر خادم، اسد عباسي، قدير انصاري ۽ وحيد انصاريءَ مُبارڪون ڏنيون هيون ته تون ان تاريخي ادبي سنگت جو حصو ٿي ويو آهين جنهن ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي ۽ فتاح ملڪ جهڙا شاعر ۽ اديب سرگرم رهي چڪا آهن. ان کان پوءِ سکڻ جو هڪ عظيم سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ منهنجا اهي دوست هر قدم تي منهنجو ڀرجھلو رهيا ۽ مان اتان تمام گهڻو پرايو. اتي سائين ادل سومري جهڙي مهربان هستي ۽ سائين ايازگل جهڙي هڪ caring شاعر ۽ سڀ کان عجيب ۽ بنهه مختلف انسان آغا پير محمد ”ڪئلاش“ سان دوستي ٿي. ڪئلاش سڀ کان پهرين مون کي منهنجي پسنديده شاعر گلزار سان آشنائي ڪرائي ۽ هن جي فلم ”اجازت“ واري نظم جي ڪيسيٽ مون کي گفٽ ڪئي هئي. ڪئلاش سان گذاريل هر لمحو مون کي عزيز آهي. آغا ان وقت پي ٽي وي ۾ نيوز پروڊيوسر هيو ۽ سکر ۾ posted هيو، سندس ڊگها ڊگها بحث ۽ سکر شهر جو رات جي وڳڙي ۾، سنڌو درياءَ جي پرئين پاسي کان ديدار….. اهڙيون يادگيريون آهن، جيڪي مون کي ڏاڍو عزيز آهن، ۽ ان بعد مون جيڪ وقت سائين ايازگل سان گذاريو، اهو منهنجي حياتيءَ جو ايئن سمجھو ته حاصل آهي. عام طور تي شامَ جو سائين اياز ۽ مان گڏجي walk تي نڪرندا هئاسي، بئراج ڪالونيءَ کان ٿيندا، لبِ مهراڻ ۽ اتان بندر روڊ تي ”پرين ـــ گھاٽ“ تائين، سائين پنهنجا نوان شعر هوريان هوريان جھونگاريندو هيو ۽ انهن تي راءِ وٺندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن گهڻي موڊَ ۾ اچي مهدي حسن جو هي غزل ايتري ته سهڻي انداز سان ڳائيندو هيو جو اصل مزو اچي ويندو هُيو:
    يارو! ڪسي قاتل سي ڪبهي پيار نه مانگو
    اپني هي گلي ڪي ليي، تلوار نه مانگو

    گر جائوگي تم اپني مسيحا ڪي نظر سي
    مر ڪر بهي علاج دل بيمار نه مانگو

    سائين اياز جي اها وڏي خوبي چئبي ته منهنجن ڪچن ڦڪن راين کي تمام غور سان ٻڌندو هيو ۽ اگر اهي کيس صحيح لڳندا هيا ته شعرن ۾ ايئن ڦيرڦار به ڪندو هيو. مان ڏاڍي فخر وچان اهو چوندو آهيان ته منهنجا سائين ايازگل سان ٻه رشتا آهن…. هڪ پيار ۽ شاعريءَ وارو رشتو ۽ ٻيو ته هو منهنجي بي انتها قابل احترام آرڪيالاجيءَ ۾ استاد مئڊم ڊاڪٽر مستور بُخاريءَ جو وَرُ آهي.
    ان کان پوءِ specially مان ذڪر ڪرڻ چاهيندم محترم پارس حميد جو جيڪو ان وقت ( ۽ هن وقت به) نثري نظمَ جو هڪ سگھارو نالو هو، ان جا نظم ڏاڍو وڻندڙ هوندا هيا. پارس جي لفظن جي سليڪشن ڪمالَ جي هوندي هئي. ايئن سمجھو ڄڻ لفظن جو ريشمي درياءُ هوندو هيو، جيڪو ڪنن ۾ وهندو ويندو هو. مان اهو اعتراف هر جاءِ تي ڪندو آهيان ته مون نثري نظمَ لکڻَ جي شروعات پارس حميد جي نظمن کي پڙهڻ کانپوءِ ڪئي..... پوءِ ان سفر ۾، منهنجي گهڻي همت ڪئلاش ۽ آدرش وڌائي.

    امر اقبال: اڇا حبيب! ان کان پوءِ جيڪو دؤر تنهنجي شاعريءَ جو سڀ کان ڀرپور دؤر رهيو آهي، اهو لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ وارو دؤر هيو، اتي اهي ڪهڙا محرڪ هيا يا تنهنجي اتي ڪهڙي سنگت هئي. جنهن جي ساٿَ ۾ تو ايترو سٺو ۽ ڀرپور لکيو؟
    حبيب ساجد: امر! ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته لطيف يونيورسٽي اسان جهڙن سيکڙاٽ ماڻهن لاءِ هڪ وڏي درسگاهه رهي آهي، اتي اڄ به اهو ئي ڪجهه لکجي رهيو هوندو جيڪو اسان لکي آيا آهيون، صرف نالا مٽبا آهن. واقعا ۽ سچيون
    بي لوث محبتون اڄ به ٿي رهيون هونديون. اصل ۾ ڇا هي امر!.... ته اتي به اها ئي ڳالهه ٿي ته مون کي اتي به اهڙا ته سهڻا سنگتي مليا، جن مون کي اڃان به اڳتي ڪيو. اتي منهنجن لکڻين تي مون کي تمام هاڪاري موٽ ملندي هئي. اتي يعني يونيورسٽيءَ ۾ هڪ شيءِ تمام زبردست هوندي هئي ته اتي هر ڊپارٽمينـٽ جا شاعر پنهنجون ڪويتائون سٺن اکرن ۾ لکي ڊپارٽمينٽ اڳيان ڀت تي چنبڙائي ڇڏيندا هيا، ان ڪري شاعري تمام جلدي جلدي سڀني تائين ڪميونيڪيٽ ٿيندي هئي. ايئن ئي ادبي سنگت يونيورسٽي برانچ جي ”شاعري شيٽ“ ڪئمپس جي مئن ڏاڪڻين وٽ هوندي هئي، ان ڪري جيڪي به شاگرد يا شاگردياڻيون اتان گذرندا هئا ته اهي ان شيٽ تي هڪ نظر ضرور وجھندا هئا، ان ڪري اسان جا الاهي ساترا نظمَ ايئن ڏاڍو مشهور ٿيا هيا. ڪجهه دوست خاص طور تي اهي شيٽس لکڻ تي مقرر هيا جن جا هٿ اکر تمام سهڻا هيا، جيئن علي عابد ۽ اشفاق چانڊيو. ان وقت جا سيڪريٽري به ڀلوڙ ليکڪ هيا، مان جڏهن enter ٿيو هيس ته محترمه فرزانه شاهين مڱڻيجو سيڪريٽري هئي، ان کان پوءِ ضمير لاشاري جيڪو ڏاڍو Cute ۽ پيارڙو انسان هيو (۽ اڃان تائين اُئين ئي آهي)..... اهو سيڪريٽري ادبي سنگت رهيو. پوءِ ممتاز بُخاري ۽ ان کانپوءِ شوڪت نوناري.... ۽ ايئن اسان جي دوستن جو هڪ مشهور گروپ هيو، جن مان ڪنهن جي به هڪ ٻي کان سواءِ سرندي نه هئي. اتي ئي خوشنصيبيءَ سان سائين ادل سومرو، سائين ايازگل، سائين امان ڀٽي، ميڊم نجمه نور ڦلپوٽو، ڊاڪٽر عبدالمجيد چانڊيو، ڊاڪٽر اسحاق انصاري، ساٿي تسليم منگي، زبيده سومرو، فهميده شرف بلوچ، نثار ٻانڀڻ، خالد ٻانڀڻ، نجمه مغل ۽ٻين سٺن ساٿين جي سنگت به نصيب هئي. اسان گهڻو ڪري ان جاءِ تي ڪٺا ٿيندا هياسي جتي اڳ ۾ اسان جا سينيئر شاعر ڪٺا ٿيندا هيا..... يعني ”Lovers’ Point“..... جيڪا موجوده ڪينٽين جي اڳيان وڻن جي وچ ۾ هوندي هئي. اتي سائين ايازگل، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو ۽ مختيار ملڪ واري ٽهي پنهنجي شاگرديءَ وارو دؤر گذاري وئي هئي.... ان ڪري ان دؤرَ جي شاعريءَ ۽ زندگيءَ جو سفر ايترو ته سهڻو ۽ يادگار گذريو جو اهي ڏينهن هاڻي به جڏهن ياد ايندا آهن ته ٿڌو شوڪارو ڀرجي ويندو آهي.
    (حبيبَ جو ٿڌو ساههُ)

    امر اقبال: سنڌي شاعريءَ جي سڀني صنفن مان تون نثري نظم تي گهڻو ڌيان ڏنو، حالانڪه اها هڪ اهڙي صنف آهي جنهن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ مڃتا تمام دير سان ملي؟
    حبيب ساجد: امر! نثري نظم اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن نالي سان موجود ته رهيو آهي، جيئن ”ادب لطيف“ وغيره. پر ان کي هتي پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ وڏيون دشوايون پيش آيون آهن، سڀ. کان وڏو حملو ته هن صنف تي اسان جي آڳاٽن سنڌي شاعرن ڪيو جنهن ۾ مزي جي ڳالهه آهي ته شيخ اياز به شامل آهي، پر پوءِ شيخ اياز پاڻ به نثري نظمَ لکي ڄڻ ته هن صنف کي مڃتا ڏني. اصل ۾ عام خيال اهو آهي ته نثري نطم لکڻ کي تمام سؤلو سمجھيو ويو….. يعني توهان کي اگر شعر لکڻ نه اچي ته توهان نثري نظمَ لکي سگهو ٿا، ان ڪري تنويرعباسي صاحب نثري نظمَ کي تمام خطرناڪ ادبي صنف سمجھندو هيو.... اها حقيقت به آهي ته نثري نظم هونءَ ته پهرين نظر ۾ هڪ سؤلي صنف نظر ايندي آهي پر نثري نظم لکڻ صفا به سؤلو ڪونهي امر!.... اصل ۾ ڇا آهي ته اوهان جڏهن نثري نظم لکو ٿا ته بظاهر ان کي ڪا به مروج support ڪانه آهي، نه قافيو، نه رديف، نه بحر وزن ۽ نه ئي ڪا ٻي ٿوڻي يا ٿنڀ، جيڪو نثري نظم کي ٽيڪ ڏئي. نثري نظم کي صرف ۽ صرف ان جو خيال اوچائين تي کڻي ٿو. ان ڪري جيستائين خيال ڌونڌاڙيندڙ نه هوندو اهو نظم نثري نظم نه هوندو. نثري نظم پنهنجي جوهر ۾ هڪ تمام ڏکي صنفَ آهي، جيڪا رتُ ولوڙڻ کان پوءِ ئي لکي سگهبي آهي. هڪ نظم عدمَ کان پني تي وجود وٺڻ ۾ وڏيون قربانيون گهرندو آهي، ڀلا ائين ڪو عام شاعر لکي سگهي ٿو جيئن شفقت سومري لکيو آهي:

    ”ماڪ ـــ پسينو آهي ٿڪل رات جو“.

    يا جيئن مصطفيٰ ارباب چيو ته:

    ”روڊن تي ئي نه ـــ حادثا ذهنن ۾ به ٿيندا آهن“.

    يا جيئن بادل جو هي نظم:

    ”منهنجي چهري تي
    جيڪي به گهنج آهن
    اهي سڀ
    وقت جي پيرن جا نشان آهن“.

    امر اقبال: نثري نظم لکڻ کانپوءِ وري تون پابند شاعري لکي، اهو ڪيئن ٿيو؟ ڇو ته بظاهر تون پابند شاعريءَ واري مزاج جو شاعر ته آهين ڪونه؟
    حبيب ساجد: اصل ۾ امر!، مان هِتي اهو اعتراف ڪندم ته مان پنهنجي دوستن کان سواءِ ڄڻ ته ڪجهه به ڪونه آهيان.... ۽ منهنجا گهڻا دوستَ اهڙا هيا جيڪي پابند شاعريءَ واري ڏانوَ جا هيا. مثال طور تي هڪ دوست جو نالو کڻندس ”اسد عباسي“ ته مان وايون لکڻ جي شروعات اسد عباسيءَ جي همت ڏيارڻ تي ڪئي هئي، جيڪو سکر ۾ وائي لکندڙن ۾ سڀ کان سگھارو نالو هو.... ۽ آهي، ان جو مثال ڏيان ٿو ته هن جي هڪ وائي هئي:

    سالگرهه جي ڪيڪَ تي
    ميڻ بتيون ٻاري
    لڙڪن سان کيڏان پيو

    مون جڏهن وائي لکي ته ان کي ايترو ته سؤلو بڻايو جو اها وائي ڪو ٻڪرار به اگر ٻڌي ته سولائيءَ سان سمجھي سگهي ٿو.
    ۽ هائيڪو لکڻ جي شروعات به مون دوست قدير انصاريءَ جي support ڪرڻ تي ڪئي هئي. قدير جو هڪ مشهور هائيڪو ذهن ۾ اچي پيو ته:

    ڪيڏو ڏينهن تتل
    اسٽيشن جي بئنچَ تي
    ماڻهو هِڪُ سُتل

    ته ڏسو ڄڻ منظر جي هڪ جھپڪي آهي جيڪا اکين اڳيان ڦري وئي. اهڙي طرح سان غزل لکڻ جي ڪوشش مون پياري دوست وحيد انصاريءَ جي سنگت ۾ ڪئي هئي جنهن جو مشهور غزل الائي ڇو اڃان ڪنهن راڳيءَ کي نه مليو آهي:

    شعرَ جيڪي به پيارَ تي آهن
    ڄڻ ڪبوترَ مزارَ تي آهن

    امر اقبال: اڇا حبيب! تنهنجي نثري نظمن جو هڪ سٺو مجموعو ٺهي ۽ ڇپجي سگهي ٿو پر تون ان تي focus ڪونه ٿو پيو ڪرين.... ڇو؟
    حبيب ساجد: امر! اصل ۾ مون سان اها ڪار رهي آهي جو مان mobile تمام گهڻو رهيو آهيان. ايترن شهرن ۾ رهڻ ۽ وري رهڻ لاءِ shiftings ڪيون آهن جو مان واقعي ان معاملي تي focus نه ڪري سگهيو آهيان، نه ته منهنجو ڪتاب بلڪل تيار آهي، بس اوليتون بدلجي ويون آهن. اڳ ۾ اوليت شاعري هوندي هئي هاڻي اوليت بهرحال شاعري ڪانه رهي سگهي آهي، ٽرئجڊي اها آهي ته مونکي نوڪري به ان ئي محڪمي ۾ ملي جنهن ۾ رڳو رولاڪڙا آهن.... يعني ”ريلوي ۾ گارڊ“.... ته انهيءَ جي ڪري ڪڏهن ملتان ۾ آهيون ته ڪڏهن خانيوالَ ۾، ڪڏهن ڪوٽڙيءَ جي رننگ روم جو کاڌو نصيب ۾ آهي ته ڪڏهن ڪراچي ڪينٽ جي گارڊس ريٽائرنگ روم جو….
    ان ماحول ۾ مون کي پاڻ کي composed نموني سان رکڻ ۾ ڏاڍيون ڏکايون پيش اچي رهيون آهن، پوءِ به مان ڪوشش ڪري رهيو آهيان ته پنهنجي نظمن جو هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ revision ڪڍي وٺان ۽ انهن کي پاڻ compose به ڪيان ته re-settle به ڪيان.

    امر اقبال: تون زندگيءَ ۾ ڏاڍو سفر ڪيو آهي ان لاءِ مان جيڪڏهن ڪو term استعمال ڪيان ته اهو ”خانه بدوش“ جو ذهنَ ۾ اچي ٿو، ان حوالي سان تو ڪنهن دؤرَ ۾ ڪالم به لکيا هيا ”هڪ جپسي ڪالم“ جي سري سان، ته اها خانه بدوشي آخر ڪيستائين هلندي؟
    حبيب ساجد: امر! ان سوال جو جواب ته مان اڳلي سوال ۾ ڏئي چڪوآهيان. ها مون واقعي اهي ڪالم لکيا هيا ۽ اهي ڪالم تمام گهڻو پسند به ڪيا ويا هئا.... خاص طور تي سائين محمود مغل منهنجي انهن ڪالمن کي ڏاڍو پسند ڪيو هو، ۽ جڏهن هڪ ڀيرو سکر آيو هيو ته مون سان ملڻ لاءِ منهنجي آفيس به آيو هيو.... پر افسوس جو مان موڪل تي هيس ۽ هو پياري دوست مالڪ کوسي سان ملي واپس هليو ويو هيو.

    امر اقبال: جس شهر ۾ رهنا اُڪتائي هوي رهنا؟
    حبيب ساجد: ها امر! مان واقعي ڪنهن به شهر ۾ گهڻو وقت نه رهي سگهيس. هونءَ ڊيوٽيءَ دوران مان سنڌ جا ڪافي ساترا شهر گهمي ۽ رهي ڏٺا ۽ هرشهرَ جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجي ٽيسٽ آهي، جيڪب آباد جو پنهنجو ماحول ۽ شڪارپور جو بنهه پنهنجو مزاج.... ايئن لاڙڪاڻو واقعي به ساهه سيباڻو شهر آهي ته خيرپور وري خاموش، سانتيڪو ۽ مراقبي واري ماحولَ جهڙو شهر آهي. مان گهڻو easy پنهنجي هن اباڻي ضلعي خيرپور ۾ محسوس ڪندو آهيان ڇو ته لقمان جي مئن پرائمري اسڪول ۾ مان پڙهيس، ۽ ناز هاءِ اسڪول ۾ به ڪجهه ڏينهن رهيس، ته شهر ۾ اچي مان پنهنجي وساريل پناهه گاهه يعني ”شاعري ۽ لکڻ پڙهڻ“ جي موڊ ۾ واپس اچي ويندو آهيان.... ۽ شايد اهو سبب هجي ته لطيف يونيورسٽي جي ويجھڙائي به مون کي سٺي لڳندي آهي.

    امر اقبال: حبيب! تنهنجا دوستن ڏانهن لکيل خط هجن يا تنهنجا ڪالم ۽ مضمون، انهن ۾ هڪ اڻ لکائيندڙ طنز ۽ مزاح جو عُنصر به شامل هوندو آهي.... اها حس تو وٽ ڪٿان آئي؟
    حبيب ساجد: ها امر! واقعي اهي ڳالهيون نيچرل آهن ۽ منهنجي مزاج ۾ شامل آهن ۽ انهن جي ڪري ئي مون پاڻ سان ڪافي دوست ڪاوڙائيا به آهن....

    امر اقبال: هاڻي ترجمن جي به ڳالهه ڪيون ته جيئن مون اڳ ۾ ذڪر ڪيو ته چونڊ نوبيل ڪهاڻين جو ڪتاب تون ممتاز بُخاريءَ سان گڏ ترجمو ڪيو ۽ شاعريءَ جي حوالي سان به هڪ ڪليڪشن ترجمو ڪئي هئي جنهن ۾ پئبلو نيرودا ۽ قديم سنسڪرت جي شاعر امارو جا نظمَ شامل آهن.... ته اهو سلسلو ڪٿي پهتو آهي؟
    حبيب ساجد: امر!، اها ڪليڪشن جنهن جو تو ذڪر ڪيو آهي، اها هن وقت مون وٽ موجود ڪونه آهي، اها مون کان محترم لطيف انصاري جيڪو هينئر اسلاميه ڪاليج، سکر ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرار آهي، مون کان ڪمپوز ڪرڻ لاءِ وٺي ويو هو، ۽ پوءِ انڪار ڪري ڇڏيائين ته: ”اهو ڪتاب اوهان مون کي ڏنو ئي ڪونه هو“..... ڇا ٿو ڪري سگهجي امر!؟..... ان کان پوءِ مان هن وقت ترڪيءَ جي نوبيل لاريٽ Orhan Pamuk تي ڪم ڪري رهيو آهيان، جنهن جا ناول دنيا ۾ وڏي مڃتا ماڻي چڪا آهن ۽ جنهن کي 2006ع جو ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو هو.

    امر اقبال: ڀلا ترجمي کي ڪيئن ڊفائن ڪندين؟
    حبيب ساجد: امر! ترجمو منهنجي نظر ۾ هڪ اهڙي ڪوشش آهي جيڪا اصل جي نقل ڪرڻ برابر هوندي آهي. پر ان جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي ته ترجمي جي پنهنجي هڪ حيثيت آهي. اوهان دل ۾ پڪو پهه ڪيو ٿا ته as it as ڪنهن ناول يا ڪهاڻي يا شاعريءَ کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لاهي سگهو ٿا ته اهو بي انتها مشڪل ڪم آهي. اسان ترجمي جو اگر 60 سيڪڙو به صحيح ڪم ڪيو ته اها به وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته هر ٻوليءَ جو ادب ان ٻوليءَ جو نج هوندو آهي، ان نج کي پنهنجي نج ٻوليءَ ۾ شفٽ ڪرڻ پهاڙ مان کير جي ندي ڪڍڻ بابر آهي..... ها ڪي ڪي ترجما ايترا ته سهڻا ٿيا آهن جن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي، جيئن عمر خيام کي فٽز جيرالڊ ايترو ته سهڻو ترجمو ڪيو جو اهو اصل کان الڳ ٿي بيهي رهيو، ايئن ٽيگور جي ”گيتانجلي“ جو ترجمو آهي، جيڪو انگريز شاعرYeats ڪيو هو، ۽ ان تي هڪ سهڻيPresentation به لکيائين، جنهن کانپوءِ سئيڊن جي نوبيل ادب ڪاميٽيءَ کي ٽيگور جي جوهرَ جي خبر پئي.

    امر اقبال: لکڻ جو عمل تنهنجي لاءِ ڇا آهي؟ عادت، مجبوري يا ٻيو ڪجهه؟
    حبيب ساجد: (سوچيندي) لکڻ..... لکڻ منهنجو عشق آهي امر!.... جي مان لکي نه سگهان ها ته شايد ڪڏهن جو سڀني کان وسري به چُڪو هُجان ها ته، ”ڪو حبيب نالي شخص به هن دنيا ۾ هيو“.

    امر اقبال: تنهنجي محبتن جو ذڪر ڪجي ته تون ڇا چوندين حبيب!؟
    حبيب ساجد: امر!.... ”تون مون کان اهو ڪيئن ٿو پُڇي سگهين ته مون کي محبت ڪيئن لڳي هئي؟ توکي اهو محبت کان پڇڻ کپي ته ان کي مان ڪيئن لڳو هوس؟“. (اهو شعر مون ڪٿي پڙهيو هو). بُرا، خراب اسان هوندا آهيون، محبت نه.... اسان پنهنجيون ناڪاميون محبت جي کاتي ۾ وجھندا آهيون. اهو سڀ کان وڏو ناسور آهي اسان جي سوچَ جو.

    امر اقبال: حبيب! ڳالهيون ته کوڙ آهن پر هاڻي وقت پورو ٿيڻ وارو آهي، پر مان چاهيندس ته پنهنجو ڪوئي نظم اسان جي ٻڌندڙن کي ضرور ٻڌاءِ !
    حبيب ساجد: ها امر! هڪ نظم اوهان آڏو پيش ڪيان ٿو. جنهن جو عنوان آهي ”تون ڪهڙي موسمَ جي ڇوڪري آهين؟“ ......

    تون ڪهڙي موسمَ جي ڇوڪري آهين؟
    جڏهن به ڪئمپس جي گلن واري لان ۾ ملندي آهين
    خزائن جون ڳالهيون ڪندي آهين!
    سياري ۾ مِٺي اُسَ تنهنجي چهري تي ڦهلجي ويندي آهي
    مان توساڻ جون ۾ مليو هيس
    ۽ هڪ ٽاڪ منجھند مهل
    تنهنجي سرد رويي جو شڪار ٿي ويو هيس.

    مان اڄ به سرد بدن رهان پيو
    ۽ اڄ به تنهنجا هٿ گرم آهن
    مگر ڇا ڪجي؟
    وچ ۾ دل اچي وڃي ٿي
    دل، جي اها منهنجي آهي
    ته منهنجي وَسَ ۾ ناهي
    ۽ جي تُنهنجي آهي
    ته اُها به منهنجي ناهي
    اها ته ڄار کنيل هڪ شڪاريءَ جيان آهي
    جنهن جي ڄار ۾
    هڪ ڏينهن اوچتو
    منهنجي جواني اچي وئي هئي
    جيڪا مون ”ڪنهن جي لاءِ“ بچائي رکي هُئي

    تون اي رنگين ڇوڪري!
    شايد ڪنهن جي انتظارَ جو قرض آهين
    جيڪو بي گناهه مون کان چُڪائجي رهيو آهي
    جڏهن تو مٿان اهو قرض لهي چڪو هوندو
    تيستائين مان فنا ٿي چڪو هوندس
    تنهنجي يادن مان
    تنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيل نظمن مان
    ۽ پرسَ ۾ پيل تنهنجي فون جي ان باڪس مان
    اِهو ڄاڻڻ کانسواءِ ئي
    ته تون ڪهڙي موسم جي ڇوڪري آهين؟

    امر اقبال: ......... واهه ڏاڍو سهڻو.... حبيب! شاعريءَ لاءِ ”عشق“ Fuel جو ڪم ڪندو آهي.... اِهو Fuel اڃان به ملي ٿو توکي؟
    حبيب ساجد: (وڏو ٽهڪ ڏيندي) ڇڏ يار امر! ڇڏ انهيءَ سوال کي..... اهو ڏاڍو خطرناڪ سوال ڪيو اٿئي.

    امر اقبال: حبيب! چڱو انهيءَ سوال کي ڇڏيون ٿا..... سوالَ ته کوڙ آهن پر اسان وٽ وقت تمام محدود آهي، تنهنجي وڏي مهرباني، جو تون وقت ڪڍيو ۽ اسان سان پنهنجي ادبي سفر جون ڳالهيون ونڊيون. اُميد ته اسان جي سامعين کي پڻ اڄوڪي ڪچهريءَ مان تمام گهڻو مزو آيو هوندو. زندگي رهي ته اهي ڪچهريون قائم رهنديون.....
    حبيب ساجد: امر! تنهنجي به وڏي مهرباني، توسان Formal ۽ Informal قسم جون ڳالهيون ڪري مان ڏاڍو سٺو محسوس ڪيو ۽ هن ڪچهريءَ ۾ مان ڪنهن به موڙ تي بوريت جوشڪار نه ٿيس.


    پرويز ابڙو جو انٽرويو

    پرويز ابڙو جي انٽرويو بابت

    مان ڪراچيءَ پهچان ۽ پرويزَ سان نه ملان.... ۽ ساڻس ملڻ کان پوءِ وري، اسان ٻئي سمنڊَ سان نه ملئون، اِهو ته ممڪن ئي ناهي. اسان جي اُها شامَ به سمنڊَ ڪناري گذري رهي هُئي.... (يا اسان کي گُذاري رهي هُئي)..... ساڳي ئي وقت ڪنن سان ٽڪرائجندڙ، سمنڊ ۽ ماڻهن جي شورَ جي باوجود، ڪاٺيءَ جي ٺهيل ريسٽورينٽ جي ڪُنڊائتي ٽيبل اسان لاءِ خاموشيءَ جو استعارو بڻيل هُئي. شامَ، رات ۾ تبديل ٿيڻ جا سانباها ڪري رهي هئي، ريسٽورينٽ واري پاسي کان سمنڊ ڏانهن اڇلائجندڙ روشنيءَ ۾، لهرن مٿان بي سبب اڏامندڙ “سِيگل” چَمڪي رهيا هئا ۽ ماحولَ کي هڪ پراسرار حُسناڪي بخشي رهيا هئا. ٺيڪ انهيءَ وقت منهنجي مَنَ ۾ هڪ خيال چمڪي اٿيو ته ڇو نه “پوپٽ” لاءِ پرويز جو انٽرويو ڪجي. Dinner اچڻ کان اڳي اڳي مون تڪڙ تڪڙ ۾، نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار قبول ابڙي جي “ڏِنگي پُٽَ”، ٻن ناولن “تون هڪ خواب آهين” ۽ “نيريون اکيون سرمئي خواب” جي ليکڪَ ۽ پنهنجي پياري دوستَ پرويز کان مختلف بي ترتيب سوال ڪرڻ شروع ڪيا ۽ سندس جواب پنهنجي موبائيل فون ۾ رڪارڊ ڪندو ويس. انٽرويو ته ٿي ويو ۽ ٽرانسڪرائيب ٿي اوهان جي هٿن تائين به پهچي چڪو.... پر مان اڃان تائين حيرت ۾ آهيان ته پرويز ابڙو “اِنهيءَ ڪَمَ” لاءِ راضي ڪيئن ٿيو....؟!!
    (2015ع)
    .......................................................
    ”لکڻ“ منهنجي مزاج ۾ آهي ۽ ”نه لکڻ“ منهنجي ڪيفيت جو حصو آهي، سو اڄڪلهه مزاج ۽ ڪيفيت ٽڪراءَ ۾ آهن.
     هر انسان زندگيءَ ۾ هڪ وهي خُمارن ۾ گذاري ٿو ۽ ٻي وهي انهن خُمارن جي خُمارَ ۾ گذاري ٿو ۽ ٽئين وهي انهن خُمارن جا غبارَ ڇاڻيندي ۽ ڌوئيندي گذاري ڇڏي ٿو.
     مزاجاً مان Adventuristرهيو آهيان. سنڌيءَ ۾ ناول وارو ميدان خالي مليو ۽ اسان به ٽَپُ ڏيئ ڪُڏي پياسي.... انڌن ۾ ڪاڻو راجا... سو هر طرف ”واهه واهه“ ٿي وئي.
     سائين طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ اسان جي مزاج تي اهڙو چڙهيل آهي جو سندس باقي لکڻين ۾ اسان کي اهو چَسُ ئي نظر نه ٿو اچي.
     هاڻي ڪيفيت قرآن، رومي ۽ ڀٽائيءَ تي اچي پهتي آهي، انهن ٽنهي کي اڄڪلهه پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ۾ آهيان.
     اديب باقي مخلوق کان ڪجهه سرس خوشفهمين جو شڪار آهي. دنيا جي معاملن ۾ اديب کي بيوقوف بڻائڻ ٻين جي نسبت آسان آهي.
     ..... ”نانيءَ ـــ ويڙها“ ٺاهڻ Human Pshyce آهي ۽ هر هنڌ آهي.... بدنام رڳو اسان جا اديب آهن.
     ..... نٽهڻ اس ۾ بنان ڇپر ۽ بنا ڇانوَ جي وارَ اڇا، ۽ پاڻَ ڪارا ٿي وياسي.
     .... هاڻي ته سڀ سياسي نظريا ٻاراڻي ڪا راند ٿا لڳن.
     کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن جيڪي ساڄي هٿ جي آڱرين ۾ ساههُ کڻن پيون.
     دنيا جو هر ليکڪ ۽ شاعر نفسياتي مريض آهي.
     مان ”تون هڪ خواب آهين“ نه لکان ها ته چريو ٿي پوان ها.
     ڪراچي يونيورسٽي منهنجي نوجوانيءَ جو ڪو خوبصورت خواب هيو.
     عشق انڌو ٿيندو آهي.... ۽ انڌو ڪري ڇڏيندو آهي.
     ڀٽائي منهنجو مجاز آهي ۽ قران منهنجي حقيقت.
     لياري منهنجي رُوحَ ۾ رچيل آهي.
     ”ڪراچي“ منهنجي ڪهاڻي آهي ۽ مان ڪراچيءَ جي ڪهاڻي آهيان.
     سنڌي ادب ۾ منهنجي ادبي سڃاڻپ منهنجا ناول آهن يا وري تون اَمَر!


    لکڻ مون کي وِرثي ۾ مليو آهي

    امر اقبال: ”تون هڪ خواب آهين“ وارو پرويز ابڙو اڄڪلهه ڪٿي گم آهي؟
    پرويز ابڙو: ”تون هڪ خواب آهين“ وارو پرويز ابڙو هڪ دنيا کان ٻئي دنيا جي سفرَ تي آهي، هڪ نئين ۽ وڻندڙ دنيا جي سفرَ تي..... جڏهن به هن کان ڪولمبس جيان اُها نئين دنيا دريافت ٿي، هُو نئون نئون بڻجي وري موٽي ايندو، ساڳئي پراڻي ڌرتيءَ تي، جتان هُو گم ٿيو هيو.

    امر اقبال: ”گم ٿيڻ“ ۽ ”گم ٿي لڀجڻ“ مان تون آخر ڇا ٿو ماڻڻ چاهين؟
    پرويز ابڙو: گم ٿيڻ، گم ٿي وري ظاهر ٿيڻَ ۾ جيڪو نشو آهي، سو نشو، سو خُمار توهان کي Under World جو ڪوئي به Drug dealer مهيا نٿو ڪري سگهي. ماڻهو جيستائين وڃائبو نه، تيستائين لَڀجندو ڪيئن!..... لکڻ ۽ پڙهڻ، هڪ مزاج آهي، هڪ ڪيفيت آهي، جيڪا زندگيءَ جي هڪ دؤرَ تائين طبيعت تي حاوي رهي، رومانس جيان. اُنهيءَ ڪيفيتَ مان Teen-age جيان نڪتاسي ته لکڻ پڙهڻ به ڇڏائجي ويو، ۽ ادبَ مان آئوٽ ٿي وياسي، جنهن کي تون ”گم ٿيڻ“ جو چوبن ٿو...... ”لکڻُ“ منهنجي مزاجَ ۾ آهي ۽ ”نه لکڻ“، منهنجي ڪيفيت جو حصو آهي..... سو اڄڪلهه مزاجُ ۽ ڪيفيت ٽڪراءَ ۾ آهن.

    امر اقبال: ”هڪ دنيا کان ٻئي دنيا جو سفر“.... اِنهيءَ جي ٿورڙي وضاحتَ.....
    پرويز ابڙو: هڪ دنيا جيڪا ”جوش“ هئي، ٻئي دنيا جيڪا ”هوش“ آهي.... هر انسانُ، زندگيءَ ۾ هڪ وَهي خُمارن ۾ گذاري ٿو ۽ ٻئي وَهي اُنهن خُمارن جي خُمارَ ۾ گذاري ٿو، ۽ ٽئين وَهي اُنهن خُمارن جا غُبارَ ڇاڻيندي ۽ ڌوئيندي گذاري ڇڏي ٿو.... سو منهنجي اُها وهي جيڪا لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذري سا مون لاءِ هڪ الڳ دنيا هئي ۽ هي وقت جيڪو هاڻي گذري پيو.... سو هڪ الڳ دنيا آهي ـــ پهرئين دنيا ۾ منهنجو School of Thought ڪو ٻيو هو، هن دنيا ۾ بلڪل الڳ ۽ جُدا آهي.... ”لااِلٰهَ“ کان ”اِلا اللهَ“ جو سفر سَهايو آهي مون..... هِڪَ دنيا مان گم ٿي ٻئي دنيا ۾ دريافت ڪيو آهي مون پنهنجو پاڻَ کي.... سو هاڻي سُڪون ۾ آهيان، ڇو ته پنهنجو پاڻَ کي لڀي پيو آهيان. ايجادَ کان دريافت ٿيڻ تائين جا سَڀُ رنگَ روحَ سان رڱجي ويا آهن، دردَ جا سڀئي داستانَ ۽ سمورا خوابَ خلاءَ ڏانهن اُڏائي، خالي خالي ٿي ويو آهيان، ۽ خاموشي گهر ڪري وئي آهي اندرَ ۾ به ته ٻاهرَ ۾ به.... ۽ خاموشيءَ ۾ ئي سُڪون آهي.

    امر اقبال: خاموشي ڏنگيندڙ به ته ٿيندي آهي!؟
    پرويز ابڙو: مان اُنَ خاموشيءَ بابت نٿو ڳالهايان (مرڪندي) جنهن ۾ بدنَ برفَ ٿي ويندا آهن ۽ سناٽا انسانَ کي سرد ڪري ڇڏينداآهن. باطن جڏهن بي رنگ ٿي وڃي ته ظاهرَ جا سڀئي زَخمَ بي معنيٰ بڻجي ويندا آهن. دردَ جڏهن انتها تي پهچن ٿا ته لذتَ بڻجي ٿا پون، ۽ پوءِ ايوبَ۽ عيسيٰ کي الهامَ ٿا ملن، ڪو داؤد دريافت ٿئي ٿو ۽ موسيٰ کي مهانتا ملي ٿي..... ڀٽائي به ته سڄي ڀوڳنا آهي، گوتم جي گمنامي ۽ موسيٰ جي مامَ کي به ته ڪا معنيٰ آهي نه. چولو مٽائي، نئون چولو پائڻ به هڪ الڳ ڪهاڻي آهي، سا ڪنهن ٻئي ڀيري ٻڌائبي.

    امر اقبال: موضوع مَٽائي ٻئي پاسي ٿا هلئون، اِهو ٻڌاءِ ته، اڪثر ڪهاڻيڪارَ ڪهاڻيءَ کان ٿيندي ناولَ وٽ پهچندا آهن، تو اُٿندي ئي ناولَ جهڙي ڏکئي ۽ ٿڪائيندڙ صنفَ ۾ هَٿُ ڪيئن وڌو؟
    پرويز ابڙو: geans ...... لکڻ مونکي وِرثي ۾ مليو آهي. بابا سائين ناول نگار هو، سو ناول رَتُ ۾ شامل ٿي ويو. هڪ ٻيو سبب اِهو به هيو ته مزاجاً مان Adventurist رهيو آهيان. سنڌيءَ ۾ ناول وارو ميدان خالي مليو ۽ اسان به ٽپ ڏيئي ڪُڏي پياسي…. انڌن ۾ ڪاڻو راجا…. سو هر طرف ”واهه واهه“ ٿي وئي.

    امر اقبال: قبول ابڙي صاحبَ توکي ليکڪ طور ڪيترو قبول ڪيو؟
    پرويز ابڙو: بابا منهنجي لکڻ مان مزو ورتو ۽ هميشه جڏهن به منهنجي ناولَ جو ذڪر نڪرندو هو ته ڪڏهن به ”پرويزَ جو ناول“ نه چيائين…. بلڪه ”اسان جو ناول“ چئي ذڪر ڪندو هيو. باقي خاميون ۽ اوڻايون ڪافي ڳڻايون هئائين ۽ ڪچائين کي mark ڪيو هئائين. جيڪي ٻئي ڇاپي ۾ درست ڪندس. بابا سائينءَ مون وارن ٻنهي ڇپيل ناولن کي پنهنجي سينيئر ادبي حلقن ۾ سٺو project ڪيو ۽ فخرَ سان ڳڻائي مزا ماڻيندو هيو. باقي جيئن ته هُو پاڻ پارٽ ـــ ٽائيم ليکڪ هيو سو هميشه اها ئي تنبيههَ ڪندو رهيو ته لکڻ کي پارٽ ــ ٽائيم Job ڪري وٺجي..... توکي اِهو به ٻڌائيندو هلان ته منهنجو پهريون ناول ”تون هڪ خواب آهين“ جيڪو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي ڪورسَ ۾ شامل آهي، سو بابا سائينءَ جي ناول ”جيون جيون سُڏڪا سُڏڪا“ جو ”پارٽ ــ ٽُو“ آهي...... سڄي انسپائريشن اتان ئي ورتل آهي.

    امر اقبال: قبول صاحب جو اهو ناول مون ڪونه پڙهيو آهي.... ڇا واقعي تنهنجو ناول ان جي Extension آهي.... يا تو هروڀرو پنهنجي بابا کي اِهو Protocol ڏيڻ پيو چاهين؟
    پرويز ابڙو: .... نه هروڀرو جي Protocol جي ڳالهه ناهي..... مون بابا جي انهيءَ اڻلڀ ناول جي ڪاپي هٿ ڪئي آ.... توکي پڙهائيندس.... اِهو ناول ”جيون جيون سڏڪا سڏڪا“ هِڪَ پيارَ ڪهاڻي آ، مونو لاگ ۾ لکيل آ.... ۽ ”وڇوڙو“ انهيءَ ناول جي پڄاڻي آ..... ته اِهو ناول ننڍپڻ کان وٺي (جيئن مون هوش سنڀاليو ۽ پڙهيو) منهنجي حواسن تي ڇانيل رهندو پئي آيو.

    امر اقبال: ڀلا ان کان علاوه به تون ڪي Inspirations ورتيون....
    پرويز ابڙو: ها.... مان انهيءَ طرف ئي پيو اَچان.... ”تون هڪ خواب آهين“ لکڻ جي پويان پنجَ ڪِتابَ بُنيادي Inspiration جو سبب رهيا.... مون لاءِ. هِڪُ بابا (قبول ابڙي) جو ”جيون جيون سڏڪا سڏڪا“ جنهن جو ذڪر ٿيو. ٻيون طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“، ٽيون غازي صلاح الدين جو ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پس منظر ۾ لکيل ناول (جنهن جو نالو مون کي هن وقت ياد ناهي)، چوٿون مستنصر حسين تارڙ جو فرانس جي پسمنظر ۾ لکيل ناول (ان ناول جو نالو به ياد ناهي يار!).... تارڙ جي ان ناول ۾ ”پاسڪل“ نالي هڪ معذور ڇوڪري هيروئن آهي.... ۽ پنجون راجا انور جي خَطن جو مجموعو، ”جھوٽي روپ ڪي درشن“.... جيڪي خَطَ هُنَ پنهنجي محبوبا کي لکيا.... اِهي سَڀُ ڪِتابَ پيار ڪهاڻيون آهن، مونو لاگ ۾ لکيل آهن. مون به بنيادي موضوع ۽ format جي حوالي سان، انهن مان Inspiration وَرتي.... ٿورو فرق اِهو آهي ته هُنن ۾ يونيورسٽي جو ، وڌ ۾ وڌ ڳوٺ جو ماحول Involve آهي..... مون پنهنجي ناول ۾ روسَ جا Chapterبه شامل ڪيا....

    امر اقبال: تنهنجي ناول جو جيڪو Climax آهي، اهو ٻين کان ٿورو مختلف آهي.....
    پرويز ابڙو: مون ڄاڻي واڻي پنهنجي ناوِلَ ۾.... آخر ۾ اچي ناول جي هيروئن کي ماري ڇڏيو آهي.... اصل ۾ مون چاهيو پئي ته پڙهندڙ انهيءَ جاءِ تي پهچي روئي پئي.... ۽ مان پنهنجي انهيءَ شعوري ڪوشش ۾ ڪامياب ويس.... پڙهندڙ رُنو....

    امر اقبال: ”تون هڪ خواب آهين“ کانپوءِ ٻئي ناول ”نيريون اکيون سرمئي خوابَ“ ۾ پرويز ابڙي جي اُها پهريون واري تخليقي گهاٽائي ۽ گھرائي ڇو نظر نه آئي؟
    پرويز ابڙو: اهو نظرَ نظرَ جو فرق آهي (ٽهڪُ ڏيندي) عينڪ پائي ڏسجي ته ٽيڪنيڪلي ٻيو ناول پهرئين کان وڌيڪَ مئچوئر آهي..... باقي پهرئين کان سبجيڪٽ ۾ ڪجهه ڪمزور آهي. ڏسُ نه امر!..... اسان ماڻهن جي اِها سائڪي آهي ته جيڪي ڪجهه مزاجَ تي هڪ ڀيرو چڙهي ويو، سو لهڻ ڏکيو آهي.... سائين طارق عالم جو ”رهجي ويل منظر“ اسان جي مزاجَ تي اهڙو چڙهيل آهي جو سندس باقي لکڻين ۾ اُهو چَسُ ئي نظر نٿو اچي. جڏهن ته هن جون ٻيون لکڻيون به تخليقي حوالي سان ۽ Technically تمام گهڻيون سگھاريون آهن. هونئن به اسان جي سنڌي قومَ مزاجاً گوتم ٻُڌ جي ”سروم دُکم دُکم“ واري فلسفي واري مزاجَ جي آهي. سو اسان جو پڙهندڙ تخليقَ ۽ ٽيڪنڪ کان وڌيڪَ مزاجَ ۽ ڪيفيت کي اهميت ڏيندو آهي ـــ سنڌي ماڻهن جي اڪثريتَ اڄ به ڀٽائيءَ جي سسئي، مومل ۽ مارئي کي وڌيڪَ پڙهي ۽ سمجھي ٿي، ڇو ته مارئي، مومل ۽ سسئي سڄو سُورَ آهن.... (مُرڪندي) برياني ۽ نهاري ڀلي ٻئي هنڌ ڪيڏي به سُٺي ملي پر ڪراچيءَ جي ماڻهن وٽ ”اسٽوڊنٽ برياني“ ۽ ”صابري نهاري“ ئي ڳڻپَ ۾ ايندي..... ائين ٿئي ٿو.

    امر اقبال: پنهنجي ناول ۾ تون پڙهندڙن کي Feelings جي وهڪري ۾ گهليندو ٿو وڃين.... ائين ڇو؟
    پرويز ابڙو: (کلندي) يار! چيم جو ته پاڻَ سَڀُ جذباتي قومَ جا فردَ آهيون. جذّباتي ليکڪ، جذباتي سياستدان اسان کي وڻندا آهن ۽ اسان انهن جي پويان لڳي پوندا آهيون ـــ امرتا پريتم، ساره شگفته، خشونت سنگهه، شيخ اياز، امرجليل، نور الهديٰ شاهه، قبول ابڙي، طارق عالم جهڙا جذباتي ۽ روڳي ليکڪ/شاعِرَ مون سان، منهنجي ننڍڙي وهيءَ کان ڪِتابَن جي صورت ۾ گڏ رهيا آهن.... ته پوءِ ائين ته ٿيندو نه.... مان پاڻَ اسڪولي زماني کان جذباتي قومي ڪارڪُن رهيو آهيان.... رُليو آهيان.... نعرا هنيان اٿم..... (کلندي) ته پوءِ منهنجي لکڻيءَ ۾ جذباتيت اچي ٿي وڃي ته ڇا حرج آ....؟!
    ..... ها..... هتي.... اهو به ضروري آهي ته اهو ”جذبو“ ٺَلهو ”نعرو“ نه هُجي پَرَ ”آرٽ“ ۾ ويڙهيل هُجي.... تڏهن ئي اُهو ”عُمرِ“ حاصل ڪري سگهندو..... نه ته لُڙهي ويندو.... وقت جي وهڪري ۾.

    امر اقبال: ڪهڙا ليکڪ آهن، جن کي پڙهندي توکي مزو آيو؟
    پرويز ابڙو: الاهي سارا آهن. مختلف وقتَن تي، مختلف ڪيفيتن ۾ ۽ عمر جي الڳ الڳ وهيءَ ۾ الڳ الڳ ليکڪن ۽ لکڻين مان مزو ورتو.... ڪهڙن ڪهڙن جا ويهي نالا ڳڻيان..... هاڻي ڪيفيت قرآن، رومي ۽ ڀٽائيءَ تي اچي پهتي آهي، انهن ٽنهي کي اڄڪلهه پڙهڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ۾ آهيان، باقي سڀ ڪجهه Teen-ageجي عشقَ جيان اُڏامي ويا آهن.

    امر اقبال: اديبَ ۽ اُنهن جا رويا تون ڪيئن ٿو محسوس ڪرين؟
    پرويز ابڙو: اديب به انسان آهي، ڪا ٻئي مخلوقَ ته ناهي نه..... سو جيئن هيءَ باقي مخلوقَ آهي تيئن ئي اديبَ به آهن. باقي معاملا ۽ مونجھارا هر ماڻهوءَ سان آهن، سو اسان جو اديبُ ماڻهو ئي آهي. اهو سو آهي ته اديب باقي مخلوقَ کان ڪجهه سَرسُ خوشفهمين جو شڪار آهي. دنيا جي معاملن ۾ اديبَ کي بيوقوف بڻائڻ ٻين جي نسبت آسان آهي (کِلندي)..... جيڪا مخلوقَ ڌرتيءَ تي رهندي، ڌرتيءَ جي مخلوقَ هوندي، خلائي مخلوقَ جيان سوچي ۽ Behave ڪري، هميشه ”يوٽوپيائي دُنيا“ ۾ جيئي، تنهن تي ڪهڙي ميار، ميان!؟... باقي ”نانيءَ ـــ ويڙها“ ٺاهڻ Human Psyche آهي ۽ هر هنڌ آهي.... بدنام رڳو اسان جا اديب آهن. سو ”واويلا“ کان وڌيڪَ اهم ”وِکرُ“ آهي..... تخليقَ پاڻَ ئي ٻڌائيندي آهي ته ڪيترو دم ۽ خم اٿس..... اجائي Projection وقتي چَسڪو آهي.

    امر اقبال: ڇا ڪنهن سياسي نظرئي جي ڇَٽيءَ هيٺان به رهئين؟
    پرويز ابڙو: ڇَٽي ته نه هئي، نِٽهڻ اُسَ ۾ بنان ڇپرَ ۽ بنان ڇانوَ جي وارَ اڇا ۽ پاڻَ ڪارا ٿي وياسي. نه هيڏانهن جا رهياسي، نه هوڏانهن جا ٿي سگهياسي. ”اڌورا اڌورا“ ئي رهياسي (مرڪندي)..... هاڻي ته سڀُ سياسي نظريا ٻاراڻي ڪا راند ٿا لڳن. جيڪا مُندَ ۾ اسان ملهائي سي..... ڳاڙهو جھنڊو ۽ سرخ سلام واري Ideology هاڻي فئنٽسي ٿي لڳي..... موتَ ۾ ئي مُڪتي آهي ـــ زندگي ته عارضي آسڻ آهي، سڀ ڪجهه هتي ئي رهجي ٿو وڃي. مالُ ملڪيت، جھيڙا جھٽا، نظريا.
    آدرش ۽ Idiologies سڀ چونچلا ٿا لڳن ـــ بابا سائينءَ جڏهن منهنجي سيني تي ساههُ ڏنو هو، حضرت عذرائيل کي مون تمام ويجھو محسوس ڪيو هو ۽ مان بدلجي ويو هوس ــ موتَ جو خوف، خوفُ نه رهيو.... (مرڪندي) هاڻي موتُ به ڪو خوبصورت خوابُ ٿو لڳي. مان جيئڻ چاهيان ٿو، بنان ڪنهن خوابَ جي ۽ مان مرڻ چاهيان ٿو هڪ خوبصورت موتُ..... سياستَ کي سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي ڏسي، هاڻي سياست کان وحشتَ ٿيڻ لڳي آ.

    امر اقبال: چڱو ڀلا اِها ٻڌاءِ ته شارٽ اسٽوريءَ تي توجهه ڇو نه ڏنئي؟
    پرويز ابڙو: (کلندي) سيريس ته مون ڪڏهن ناول کي به ناهي ورتو ـــ ورثي ۾ جيڪو مليو سو مون سنڌي ادبَ کي موٽايو. ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪافي ڪهاڻيون لکيل آهن، جن مان ڪجهه مختلف رسالن ۾ ڇپيل به آهن. ناول لکڻ جي پرئڪٽس مونکي ڪهاڻين مان ئي ملي. هينئر به کوڙ ساريون ڪهاڻيون آهن جيڪي ساڄي هٿَ جي آڱرين ۾ ساههُ کڻن پيون، عمر جي آخري وهيءَ ۾ اُهي سڀُ ڪهاڻيون ڪاغذَ تي ضرور اُتاربيون.... ارادو ته اِهو ئي آهي، باقي ڏسجي ته ڇاٿو ٿئي.

    امر اقبال: لکڻ تنهنجي نظر ۾ ڇا آهي، تون لکين ڇو ٿو؟
    پرويز ابڙو: فرسٽريشن.... جيڪا هڪ بيماري آهي. اسان لکڻ سان پنهنجوعلاج ٿا ڪيون. دنيا جو هر ليکڪ ۽ شاعر، نفسياتي مريض آهي، جيڪو خوشفهمين ۾ زندهه آهي..... مان ”تون هڪ خواب آهين“، نه لکان ها ته چريو ٿي پوان ها. مان پنهنجي چريائپ پڙهندڙ تائين پُڄائي...... ۽ ٻين کي چريو ٿيندي ڏسي خوش ٿيندو رهيس، ائين ئي جيئن مون کان اڳ ۾ ٻيا اديبَ مونکي چريو ٿيندي ڏسي خوش ٿيندا رهيا.

    امر اقبال: ..... نهَ پر ائين به ته آهي نه، جو ذهني توڙي سماجي حوالي سان سُکيا سَتابا ليکڪَ به لکن ٿا....؟!
    پرويز ابڙو: ....... ها آهي.... مان سمجھان ٿو ته لکڻ، انهن جي عادت بڻجي وڃي ٿو..... اڃان به ”علت“.... جيئن هڪ Smoker سگريٽ نه ٿو ڇڏي سگهي، هڪ Drinker پيئڻ نه ٿو ڇڏي سگهي.... ڪُتا پاليندڙ ڀلي ڪيڏي به وڏي عهدي تي پهچي وڃي، پاليندو رهندو..... ڀَلا جُواري جُوا کان مڙندا آهن؟! ڀَلي زَالَ به وڪامي وڃي..... جُوا کيڏبي.... هِتي به ائين ئي آهي.

    امر اقبال: هِتي ئي اهو سوال به اڀري ٿو ته اڪثر اديبَ ڪجهه عرصو لکي، شهرتون حاصل ڪري، پوءِ وري ماٺ جي ڊگهي سفرَ ڏانهن به هليا ٿا وڃن....يعني پنهنجي تخليقي ڪَمَ کي جاري نٿا رکي سگهن. ائين ڇو ٿو ٿئي؟
    پرويز ابڙو: گهڻو لکڻ ورجاءُ ٿو پيدا ڪري. هر ليکڪ وٽ پنهنجو هڪ مخصوص Diction ۽ پنهنجي هِڪَ مخصوص Dictionary ٿئي ٿي. هو ساڳيا ساڳيا لفطَ ۽ ساڳيا ساڳيا خيالَ هيرَ ڦيرَ ڪَري استعمال ڪندو رهي ٿو. خيالَ ۽ آئيڊيا نوان ڪونهَ ٿا ملن..... سو گهڻو لکڻَ کان بهتر آهي ته ٿورو لکجي، پر نئون نئون لکجي. گهڻو لکڻَ سان ماڻهو جلدي خالي ٿي وڃي ٿو. شايد اِهو ئي سبب آهي جو اديبن جي گهڻائي اندران خالي ٿي وڃي ٿي ۽ هُو خاموش ٿي ويهي رهن ٿا، يا ڪنهن نواڻ جي ڳولها ۾ نڪري هليا ٿا وڃن.ڪو ڪو ليکڪُ ئي ان کوههَ وانگر ٿيندو آهي، جيڪو ڪڏهن به ناهي سُڪندو، جيئن شيخ اياز.... ۽ ڪوئي ڪوئي سمنڊَ وانگر.... جيئن ڀٽائي سرڪار. باقي اسان جهڙا آهن، پاڻيءَ جا گلاسَ....

    امر اقبال: تو ڪجهه شاعري به ڪئي آهي؟
    پرويز ابڙو: ها..... کوڙ سارا نثري نظمَ لکيا آهن..... نثري نظم آهن يا نثري خيالَ آهن، الائي ڇا آهن؟ (ٽهڪ ڏيندي)..... ڪوشش ته هرڪو ڪندو آهي پر...... All-Rounder ڪو ڪو ٿي سگهندو آهي، سو مان سنڌي ادب ۾ پنهنجي سُڃاڻپ وڪٽ ڪيپر (ناولسٽ) ۽ بئٽسمين (ڪهاڻيڪار) طور ئي سمجھان ٿو، باقي باؤلنگ (شاعري) اسان جي وَسَ کان ٻاهر آهي.

    امر اقبال: شراب، عورت ۽ ڪتاب.... تنهنجي پهرئين چونڊَ ڇا هوندي؟
    پرويز ابڙو: ٽنهي مان ڪوئي به نه..... ڇو ته ٽئي ڪمندَ جيان چُوسي ڊسٽ ــ بن ۾ اڇلائي ڇڏياسي.... ٽئي عياشيءَ جي علامت آهن.... ٻه نڀاڳَ جون نشانيون آهن..... ۽ ٽئين ننڊَ جي گوري..... سو نفس نهوڙي، نينهنُ نمازَ سان لاتوسي.

    امر اقبال: ڇا مذهب هر ماڻهوءَ جي آخري پناهه گاهه آهي؟
    پرويز ابڙو: هئڻ ته پهرئين کپي...... پر اسان اُنَ کي آخري ڪري ڇڏيو آهي (مرڪندي)..... سچل چيو هو، ”مذهبن ملڪَ ۾ ماڻهو منجھايا“. سچل سرڪار بادشاهه هيو، الاءِ ڪهڙي ڪيفيت ۾ چيو هئائين؟.... پر منهنجو مشاهدو چوي ٿو ته، ”ماڻهن ملڪ ۾ مذهبَ منجھايا“..... ماڻهوءَ، ماڻهوءَ کي مُنجھايو آهي. ماڻهو مذهبَ مان ناهي نڪتو، مذهب ماڻهن مان نڪتا آهن.... ۽ ماڻهوءَ جي ڀلي لاءِ ئي وجودَ ۾ آيا آهن. خرابي سڄي ماڻهوءَ ۾ آهي، مذهبن ۾ نه..... مذهبن ويچارن جو ڪهڙو ڏوههُ!؟ ـــ اُنهن ته اسان کي سِڌو رستو ٻڌايو آهي..... انسانُ ئي انڌو آهي، جنهن پاڻ کي پاڻ ڀٽڪايو آهي..... جواني ديواني آهي.... جوش هوشَ مٿان حاوي ٿو رهي. پيريءَ ۾ ئي پنهنجن پرڪارن جي پروڙَ پوي ٿي ۽ اکِ کُلي ٿي.... ڀٽائي سرڪار، جنهن جو اثرُ اسان جي مزاجَ منجهه آهي، اسان سنڌي بنيادي طرح مزاجاً ڀٽائيءَ جي رنگَ ۾ رنڱيل آهيون.....”جي تو بيتَ ڀانئيان سي آيتون آهين“.
    سو ڀٽائي سڄو سارو مذهب آهي.

    جيڏو تنهنجو نانءُ ٻاجھه به اوڏيائي منڱان
    ريءَ ٿنڀين، ريءَ ٿوڻئين، تون ڇَپرَ تون ڇان
    ڪُڄاڙو ڪهان توکي معلوم سڀ ڪي

    امر اقبال: ڪراچي يونيورسٽي ياد ايندي اٿئي؟
    پرويز ابڙو: نه........ زندگيءَ جي گاڏي ايترو ته اسپيڊَ سان سفر ۾ رهي آهي جو تيزيءَ سان گذري ويندڙ هر اسٽيشن کي Memory ۾ ياد رکڻ ممڪن به ناهي. باقي ڪجهه دوستَ ۽ ڪجهه يادون آهن جيڪي دل جي ڊائريءَ ۾ قيد ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي منهنجين لکڻين ۾ ايندا رهن ٿا ـــ ڪراچي يونيورسٽي، منهنجي نوجوانيءَ جو ڪو خوبصورت خواب هيو..... ۽ ٻين خوابن جيان پنبڻين ۾ پوئيلُ آهي. جنهن جا عڪسَ منهنجين لکڻين ۾ ايندا رهندا.

    امر اقبال: رُوسَ ۾ گذاريل وَقتُ ڪيئن ساريندين؟
    پرويز ابڙو: ماسڪو هڪ خواب هيو، ننڍڙو ۽ مختصر خواب. انهن ڏِهاڙن ۾ جواني ديواني هئي. سو راجا پورس جي مست هاٿين جيان پاڻ کي ئي لتاڙيندا الائي ڪيڏا هليا ويا هُئاسين. هوش تڏهن آيو، جڏهن هر طرف دونهان ئي دونهان هيا.... سوويت يونين تازو تازو ٽِڙڪي پيو هو جو اسان اُتي پهتا هئاسي، منهنجي ٽيڪسٽائيل انجنيئرنگ ۾ داخلا ٿي هُئي.... ڪجهه ٻيا دوستَ به گڏ هيا ۽ پوءِ اسان به ڏيڍُ سالُ کن اُتي رَهي..... ٽِڙڪي، ٽُڪَرا، ٽُڪَرا ٿي واپس سنڌُ موٽي آيا هُئاسي..... ماڳَ، ڀاڳَ سان ئي ملندا آهن..... ويهن سالن پُڄاڻان گهڻو ڪجهه ويسر حوالي ٿي ويو آهي. ان کانپوءِ ٻارنهن سالَ ڍاڪا ۽ چار سالَ دبئيءَ اچ وڃ رهي.... عشق انڌو ٿيندو آهي.... ۽ انڌو ڪري ڇڏيندو آهي... ماڻهو قيسَ وانگر ڪنهن ڪَمَ جو نه ٿو رهي.... يارَ! مون توڏانهن هڪ ڊگهو خط جو لکيو هو اُتان.....

    امر اقبال: ها بلڪل لکيو هُيئي.... ۽ اُهو جهڙوڪر ”خط ـــ سفرنامو“ هيو....
    پرويز ابڙو: .....ته اُنهيءَ خَطَ (يا سفرنامي) ۾ ان وقت جي رُوسَ جون ۽ اسان جي ڪَرتوتَن جون سَڀُ خبرون موجود اَٿئي.... هِتي اُهو بابُ وري نه ٿا کوليئون.

    امر اقبال: سنڌ جي روايتي ادبي ماحولَ ۽ ڪلچرَ کان تون پري پري رهئين..... اِها تنهنجي شعوري ڪوشش آهي يا تنهنجو سڀاءُ ئي اهڙو آهي؟
    پرويز ابڙو: لکڻ ورثي ۾ مليو آهي مون کي.... سو مون لکيو.... جيئن اڳ ۾ چيم..... مزاجاً مان ليکڪ بلڪل به ناهيان. ادبي ماحولَ کان پري رهڻ ۾ نه شعوري ۽ نه ئي لاشعوري ڪائي به ڪوشش نه رهي. مون جيڪو به لکيو پنهنجي لاءِ لکيو. پنهنجي فرسٽريشن کان فرارَ لاءِ لکيو.... نه لکان ها ته ڦاٽي مران ها. مون ”واهه واهه“ لاءِ نه لکيو ۽ نه ئي نرگيست ۾ لکيو.... بس لکيو.... ان ڪري لکيو جو قبول ابڙو منهنجو پيءُ هيو. منهنجي انسپائريشن ۽ منهنجو پهريون هيرو هيو، ۽ هو به ائين ئي هيو.... جيئن هاڻي مان آهيان..... هُنَ به ان ڪري لکيو جو هو چوندو هيو ته مونکي بس لکڻ اچي پيو سو مون لکيو، باقي نه سُڃاڻپ لاءِ ۽ نه ئي ڪنهن مڃتا لاءِ هُنَ لکيو. هو به سنڌي ادب جو گمنام ۽ خاموش سپاهي هيو ۽ مان به...... (مُرڪندي) سپهه سالاريءَ سان اسان جو ڪجهه نه وڃي.

    امر اقبال: ”ادبَ ۾ نواڻ“ تنهنجي نظرَ ۾ ڇا آهي؟
    پرويز ابڙو: .......... ڪجهه الڳ الڳ، ڪجهه انوکو ۽ منفرد هئڻ گهرجي. ساڳيو سبجيڪٽُ، ساڳيو اسلوب ۽ ساڳيا ساڳيا ڪردارَ..... ۽ انهن جون ساڳيون ساڳيون ڪهاڻيون هاڻي بور ٿيون ڪن. سنڌي ادبُ يڪسانيت جو شڪار ٿي رهيو آهي. جن ليکڪن به جڏهن جڏهن الڳ اسلوبَ، الڳ آئيڊيا ۽ مختلف موضوعَ ڏنا، سي ڪلاسڪ جو حصو ٿي ويا. باقي گهڻو ڪجهه رديءَ حوالي ٿي وڃي ٿو. شوپنهارَ کان شيخ ايازَ تائين، امرتا پريتم کان امر جليلَ تائين، مارڪئيز کان منٽو تائين، گورڪيءَ کان ٽئگورَ تائين، پئبلو نرودا کان پروين شاڪر تائين ۽ ازرا پائونڊ کان ارونڌتي راءِ تائين، سڀ پنهنجي پنهنجي دؤرَ جا..... ادبَ اندر “Tycoons” آهن، ڇو ته هنن جمود ٽوڙيو ۽ نواڻ ڏني.

    امر اقبال: اڄڪلهه ڇا پيو لکين؟
    پرويز ابڙو: ناولَ تي ڪم هلي پيو...... ”ملهار“...... ملهار هڪ ڪردار آهي، ۽ ڪتاب جو نالو به.... جيڪو مجازَ کان حقيقت طرف سفر ٿو ڪري، بس اُنهيءَ سفرَ جون رولاڪيون ۽ ڪهاڻيون آهن.”لااِلٰه“ کان ”اِلااَللهَ“ تائين جو سفر شامل آهي اِنهيءَ ناولَ ۾..... اِهو منهنجو آخري ناول آهي.... جنهن کانپوءِ پرويز ابڙو ناولن جي دنيا مان رٽائر ٿي ويندو.... (ٽَهڪُ) ۽ پوءِ هُو صرف ۽ صرف ڀٽائي سرڪار تي ڪم ڪندو.... ڀٽائي منهنجو مجاز آهي ۽ قرآن منهنجي حقيقتَ.....

    امر اقبال: تنهنجو ننڍپڻ ۽ نوجواني لياريءَ ۾ گذري آهي..... لياريءَ جو ڪلچر ۽ ڪردارَ تنهنجين لکڻين ۾ ڪٿي آهن؟
    پرويز ابڙو: لياري..... عجيب دنيا آهي، اُها به هن Globe تي. وحشتَ ۽ دهشتَ سان ڀريلَ، جڳمڳ جڳمڳ جگنوئن سان جرڪندڙَ هِڪَ الڳ مزاجَ ۽ منفرد مخلوقَ واري دنيا. مڪرانين کان وٺي ميمڻن تائين، لياريءَ کي پنهنجو جدا ۽ مختلف ڪلچر ۽ نيچر رهي آهي. هِتي ڪوئي ڪنهن جو ناهي ۽ هِتي هر ڪوئي هر ڪنهن جو آهي. لياريءَ جي پس منظرَ ۾ سائين اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”بلو دادا“ ڪمالَ جي ڪهاڻي آهي ۽ سنڌي ادبَ ۾ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿي. لياري منهنجو ڳوٺ رهي آهي، جيڪو پنهنجي مزاجَ ۾ هڪ انوکو آسڻ آهي، جنهن کي ارپڻ لاءِ مون وٽ سواءِ لکڻَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. منهنجو پهريون عشقُ شڪارپور ۽ ٻيون عشق لياري آهي. لياري منهنجي روحَ ۾ رچيل آهي ۽ اڄ به مون لاءِ ڪنهن ٻاجھه ڀري هنجَ وانگر ئي آهي. منهنجي ايندڙَ ناولَ ”ملهارَ“ ۾ توکي لياري (۽ ڪراچيءَ) جا ڪيترائي نوان ۽ پُراڻا رنگَ ملندا. ”مهار“ منهنجي رولاڪيءَ تي مشتمل ناول آهي. جنهن جو پسمنظر ۽ پيش منظر مان پاڻَ آهيان... هونئن به ”ڪراچي“ منهنجي ڪهاڻي آهي ۽ مان ڪراچيءَ جي ڪهاڻي آهيان. ڪراچيءَ جي هر پهر، هر مند ۽ هر رنگ ۾ روحَ سان رَچي رُليو آهيان.

    امر اقبال: آخر ۾ پنهنجي طرفان ڪجهه به چَئهُ.......
    پرويز ابڙو: ها مان چوندس..... پهريون هن انٽرويوءَ تي..... پوءِ توتي.... ۽آخر ۾ پاڻَ تي..... (گڏيل ٽهڪ).... زندگيءَ ۾..... ادبي زندگيءَ ۾، جڏهن کان هن ادبَ جي دنيا ۾ پيرُ پاتو اٿم، هي منهنجو پهريون انٽرويو آهي.... هن کان الڳ ڪنهن ورتو ئي نه.... ڪنهن کي ڏنو ئي نه.... (گڏيل ٽهڪ).... تون پهريون ماڻهو آهين، ڇو ته تون ۽ مان ئي هڪٻئي جي لائق آهيون.... (ٽهڪُ)... باقي ٻيا سَڀُ مٿي آهن يا هيٺ.... تون مان ٻئي ”وِچُ“ آهيون.... (ٽهڪ)..... سنڌي ادب ۾ منهنجي ادبي سڃاڻپ منهنجا ناول آهن يا وري تون، امرَ!..... تون نه هجين ها ته مان ادب مان مڪمل آئوٽ هجان ها. تون مون لاءِ هن ادبي ماحولَ ۾ “Window 2007” آهين. باقي مان...... اُهو ئي آهيان..... ”مان جوئي آهيان، سوئي آهيان“.


    امر اقبالَ جا ڇپيل ڪِتابَ

    سمنڊُ اَڪيلو آهي (غزلَ) 2004ع
    اکين مان ٽميلَ نظم (نظمَ) 2004ع
    ڇا رکيو آهي امر اقبالَ ۾؟! (شاعري) 2009ع
    کنڀَ مورڻين جا (نثري لکڻيون) 2013ع
    سرگوشيون (ڪالمَ) 2014ع
    آءُ اسان وٽ ويههُ.... (انٽرويو) 2015ع


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 742
    ڪتابن جو مشاهدو: 1153946
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 368740
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ