ڪتاب جو نالو: ورق ورق گلاب
مصنف: نورسنڌي
ڇپائيندڙ: بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه شهيد بينظيرآباد
ڪيٽيگري: شخصيتون ۽ خاڪا
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 04 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 1895 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي ”ورق ورق گلاب“ جو ليکڪ نور سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • پيش لفظ
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • حق ۽ سچ جو ساٿاري ليکڪ نور سنڌي
  • باب پهريون : سنڌ جا ڪجهه مشهور وليٰ الله ۽ صوفي سنت

  • حضرت غوث الحق مخدوم سرورنوح رح
  • حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو رحه
  • دنيا جو عالمي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح
  • حضرت فقير نوح هوٿياڻي
  • حضرت سيد مدد علي شاهه عرف جهنڊولو بادشاهه
  • حضرت سيد ثابت علي شاهه لڪياري
  • مشهور ولي الله ۽ 5 ٻولين جو صوفي شاعرحضرت حسن بخش شاهه هادي
  • حضرت عالي شاهه جراڙ پوٽو
  • مشهور شاعر ۽ ولي الله حضرت منٺار فقير راڄڙ
  • صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت محمد فقير کٽياڻ
  • حضرت سيد غازي علي گوهر شاهه
  • حضرت سيد ڪرم علي شاهه ۽ سيد لطف علي شاهه
  • سيد لطف علي شاهه لڪياري
  • ڪامل ولي الله حضرت مسو پير
  • مشهور ولي الله حضرت فقير دريا خان ڪپري
  • حضرت جهنڊل فقير چانڊيو
  • شهدادپور جا ڪجهه مشهور ولي الله
  • باب ٻيون : سنڌ جا ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان

  • خداآباد ۽ مائي گلان جو ڪوٽ
  • مير چاڪر خان جو ڪوٽ ۽ مير شهداد خان جا قبا
  • حيدرآباد جو پڪو قلعو
  • عشق جو لازوال داستان: سهڻي ميهار جا ماڳ مڪان
  • انگريزن خلاف وطن يا ڪفن تحريڪ جو مرڪز رهندڙگڙنگ بنگلو
  • سوامي ٽيئو رام جو امراپور آستان
  • ڌامرکي شهر جو عروج ۽ زوال ۽ کنڊرات
  • جهول ويجهو ڳوٺ ساڏوڻي ۾ ميرن جي صاحبي ۾ پيش ايندڙ تاريخي واقعو
  • باب ٽيون : سنڌڙي تنهنجي شهر وسن، سنڌ جي ڪجهه قديمي شهرن ڳوٺن جو تاريخي پس منظر ۽ ماضي حال

  • مير شهداد خان جو اڏايل شهر شهدادپور
  • ملدسي جو تاريخي پس منظر ماضي حال ۽ مشهور ماڻهو
  • ماضي ۾ شعوري ساڃاهه جو ڳڙهه تاريخي ڳوٺ باقر خان نظاماڻي
  • واديءَ ڪشمير جهڙو خوبصورت ننگرپارڪر
  • پاڪ- ڀارت سرحد تي آباد تاريخي شهر کوکڙو پار
  • سنڌ جو قديمي ڳوٺ ابڙان ۽ ان جون مشهور شخصيتون
  • شاعرن ۽ سگهڙن جو ڳوٺ خدابخش دلواڻي
  • قديم ڳوٺ راوتياڻي
  • ضلعي سانگهڙ جو قديم ڳوٺ جلال نوناري
  • جهول جڳن کان سانگهڙ ضلع جو تاريخي شهر
  • باب چوٿون : سنڌ جا ڪجهه مشهور خاندان ۽ انهن جون سياسي سماجي خدمتون

  • ڄام ڪانڀو خان کان ڄام معشوق علي خان تائين
  • لطيف سائين تي سوني نيل چاڙيندڙ شهدادپور جو وساڻ خاندان
  • جهول جو ڪيريا خاندان: سندن سياسي، سماجي، روحاني، علمي خدمتون
  • مسو خان ڪيريو ۽ ان جو خاندان
  • جمال فقير کان فقير محمد بخش خاصخيلي۽ فقير حسين بخش خاصخيلي تائين
  • حاجي امام بخش جوڻيجو کان عبدالعزيز جوڻيجو تائين
  • ملدسي جي سخي مرد وارث ڏنو ڏيرو”اول“ کان پير بخش ڏيرو ۽ بابل ڏيرو تائين
  • مياڻي ۽ دو آبي ۾ انگريز خلاف وڙهيل جنگ جو سالار شهيد شاهن رند ۽ سندس خاندان
  • شهدادپور جي وڏيري سلطان ڀاڻوجو کان خدا بخش ڀاڻوجو تائين
  • جهول جو سخي خان محمد جلالاڻي تاريخ ۽ ادب جو عاشق جعفرجيم جلالاڻي
  • باب پنجون

  • شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي لطيف سائين سان عقيدت
  • باب ڇهون : سنڌ جون ڪجهه مشهور سياسي شخصيتون

  • حُرن جو روحاني پيشوا مشهور سياستدان پير صبغت الله شاهه راجا سائين
  • محترم آصف علي زرداري
  • بلاول ڀٽو زرداري
  • سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ”جميل“
  • مشهور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان عبدالله حسين هارون
  • مخدوم خاندان جو چشمو چراغ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“
  • عوام دوست سياستدان فقير فدا حسين ڏيرو
  • باب ستون : وياسي وينجهار، انتقال ڪري ويل ڪجهه مشهور سياسي سماجي روحاني ۽ ادبي صحافتي شخصيتون

  • حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون
  • تحريڪ آزادي جو اڳواڻ حاجي سر عبدالله هارون
  • حضرت پير سائين پاڳارا(ستون) شاهه مردان شاهه ”ثاني“ جن جي شخصيت
  • مشهور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
  • مشهور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي
  • سيد غلام شبير شاهه لطيفي
  • حضرت مخدوم امين فهيم جون ياديون
  • مولانا غلام محمد گرامي
  • خاتون اول بيگم نصرت ڀٽو
  • معتبر سياستدان محمد خان جوڻيجو
  • سيد نثار حسين شاهه لطيفي
  • سيد عبدالله شاهه جون سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِخدمتون
  • سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو
  • کرو ۽ سچو سياستدان مرحوم مير محمد وساڻ
  • خادم ِالعوام عبدالسلام ٿهيم
  • مشهور شاعر، اديب سماج سڌارڪ سيد شاهنواز شاهه ”عارف الموليٰ“
  • روحاني شخصيت فقير عبدالحڪيم هنڱورو
  • بهترين قانوندان پير علي نواز قريشي
  • علمي، ادبي شخصيت پروفيسر اعجاز علي ميمڻ
  • سنڌي ادب جو روشن ستارو ”ڪيرت ٻاٻاڻي“
  • سنڌيت جي جوت جلائڻ وارو شري موتي پرڪاش
  • بي باڪ صحافي شيخ علي محمد
  • آدرشي شاعر اياز جاني
  • صحافت جو مڻيادار ماڻهو شهيد فقير محمد رحيم مهر
  • سنڌ جو يگانو صحافي سائين لائق سنڌي
  • پنهنجي دور جو ارڏو ڪردار ميهار ملاح
  • صوفي منش سيد جمن شاهه جيلاني
  • رستمِ سنڌ شير ميربحر
  • لطيف سائين جو مشهور راڳي سيد غلام حيدر شاهه
  • صوفي محمد صفر ابڙو
  • ثقافتي روايتن جو امين زنوار غلام حيدر زرداري
  • برڪت بلوچ مشهور قانون دان ۽ منصف
  • شهدادپور جو مور ماڻهو شاهه محمد ميمڻ
  • باب اٺون سنڌ جون ڪجهه مشهور علمي ادبي شخصيتون

  • سنڌ جو عظيم ڏاهوسائين محمد ابراهيم جويو
  • سدا بهار شخصيت ميڊم مهتاب اڪبر راشدي
  • مشهور ليکڪ، ڊراما نويس نور الهديٰ شاهه
  • جهونو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ پروانو ڀٽي
  • سنڌ جو جاکوڙي ڪردار تاج جويو
  • علم ادب جو گهڻگهرو غلام اڪبر لغاري
  • انمول شخصيت وينا شرنگي
  • تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت پروفيسر محمد خان ٻرڙو
  • سنڌي ثقافت جو امين منظور احمد قناسرو
  • گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ قائم سولنگي
  • منفرد ڪالم نويس مير نادر علي ابڙو
  • خوبصورت جذبن واري شاعره نسرين الطاف قريشي
  • مشهور صحافي ۽ ڊراما نويس حيات علي شاهه بخاري
  • نرالي اسلوب وارو ليکڪ نواز ڪنڀر
  • گهڻ پاسائين شخصيت سيد ذوالقرنين شاهه
  • بهترين سماج سڌارڪ شاعر ۽ تعيلمدان ولي محمد دانش جتوئي
  • بهترين استاد ، شاعر، ليکڪ ۽ ڪمپيئر معشوق ڌاريجو
  • هڪ معتبر ۽ محبوب انسان محمد عظيم ڪنڀار
  • شاعر،سماجي ڪارڪن ، صحافي ۽ هڪ کرو انسان محمد ظفر بخاري
  • سماج سڌارڪ ، صحافي ۽ ليکڪ عبدالوهاب منشي
  • شاعر ۽ سماج سڌارڪ عنايت بروهي
  • جاکوڙي انسان گل حسن گل لاکو
  • سچ گو صحافي ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ آچر خاصخيلي
  • جداگانه شخصيت ۽ ڪردار جو مالڪ فتح شاهه فراق
  • سنڌ جوعوامي شاعر مولا بخش ڪيريو
  • اعجاز ممنائي هڪ مخلص ڪردار
  • خوبصورت جذبن وارو شاعر رمضان رمزي
  • ڀلوڙ شاعر، ماڊل ۽ سماجي ورڪر رشيد مگسي
  • باب نائون : انتقال ڪري ويل ڪجهه مشهور ڪلاڪار ۽ موسيقي جي ڄاڻ رکندڙ

  • سنڌي موسيقي جو شهنشاهه خان صاحب استاد منظور علي خان
  • سنڌي موسيقي جو بهادر ۽ بيباڪ ڪردار فقير عبدالغفور
  • سنڌ جو امر آواز مائي ڀاڳي ۽ سندس خاندان ۾ راڳ جو تسلسل
  • سنڌي موسيقي جو موهيندڙ آواز صادق فقير
  • ڪلاسيڪل موسيقي جو ماهرسيد جُڙيل شاهه جيلاني
  • باب ڏهون : سول سوسائٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪجهه مشهور شخصيتون

  • ڀٽ شاهه جو ڀورو پير”نازڻ سائين“
  • خدمتِ خلق جي جذبي سان شرشار سليمان جي ابڙو
  • ميگهواڙ ڪميونٽي جو پهريون ڊاڪٽر ڊاڪٽر راڻا سي راٺوڙ
  • مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ سيد ميران شهاب
  • غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي طارق محمود آرائين ايڊووڪيٽ
  • انساني حقن جو علمبردار فضل قادر ميمڻ ايڊووڪيٽ
  • عوام دوست آفيسر غلام مصطفيٰ ڏاهري
  • مدن فقير جو تسلسل ديوان گاگن داس مدناڻي
  • يارن جو يار ۽ با وقار آفيسر شير محمد مهر
  • بهار جي ٿڌڙي هير جهڙوشمن علي شاهه لطيفي
  • صوفي منش ۽ ادب دوست احمد خان ٽڳڙ
  • انساني حقن ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ غلام مصطفيٰ سومرو ايڊوڪيٽ
  • سماجي ورڪر محمد رفيق ٽالپر
  • مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو
  • سماج سڌارڪ خاتون راڌا ڀيل
  • عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙميڊم شهناز رانجهاڻي
  • سماج سڌارڪ ، علمي ادبي خاتون غلام سڪينه چنا
  • سماج سڌارڪ شاهده سمون
  • جاکوڙي سماجي ورڪر خاتون مهر انساءَ ملاح
  • خدائي خدمتگار- نازيه آرائين
  • سماج سڌارڪ سلميٰ قريشي
  • علم جي روشني پکيڙيندڙ غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ميڊم نورالنساءَ نظاماڻي
  • ٽهڪن جو بادشاهه ڊاڪٽر الهڏنو خاصخيلي
  • عوام جي خدمت کي عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر خالد حسين فراش
  • جهول جو جاکوڙي ڪردار مسڪين محمد وارث خاصخيلي
  • تعليمي شخصيت عبدالغفار راجپوت
  • ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ حبيب الله خاصخيلي
  • سماج سڌارڪ ۽ مثالي شخصيت عزيز احمد ڪاڪا
  • نوجوان سماجي ورڪر شهزاد خاصخيلي
  • ماخذ

  • هن ڪتاب جي تياري ۾ هيٺين ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن تان پڻ مدد ورتي وئي آهي .

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ليکڪ جا سڀ حق ۽ واسطا قائم

    ڪتاب جو نالو: ورق ورق گلاب
    ليکڪ: نور سنڌي
    ڇاپو: پهريون 2016ع
    ڪمپوزنگ ۽ لي آئوٽ:شاهزيب ميمڻ ۽ جميل احمد ڀٽي
    ٽائيٽل: رضوان گل
    فوٽو گرافري: سرواڻ سنڌي، اظهر سنڌي
    پروف ريڊنگ: فياض چنڊ ۽ عطاءُ الرحمان سهتو
    ڇپائيندڙ: بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه
    ڇپيندڙ: ساجد سنڌي، سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ گاڏي کاتو، حيدرآباد
    قيمت: 600

    ڪتاب ملڻ جا هنڌ
    حيدرآباد :ڀٽائي ڪتاب گهر فڪشن هائوس، ڪنگ بوڪ هائوس لڳ پريس ڪلب، سنڌي ادبي بورڊ بڪ اسٽال، سنڌي ليئنگوئچ اٿارٽي، بڪ اسٽال شاهه لطيف ڪتاب گهر. ڪراچي : ثقافت کاتي جو ڪتاب گهر سامهون ايم پي اي هاسٽل. ڀٽ شاهه-: شاهه لطيف بڪ اسٽال، درگاهه لطيف، مير بڪ اسٽال ، ميوزم ڀٽ شاهه. سانگهڙ : المهراڻ ڪتاب گهر ، زاهد بڪ ڊيپو سانگهڙ. شهدادپور: روشن بڪ ڊيپو نزد مئين پرائمري اسڪول شهدادپور. اسلام آباد: صمد بڪ بئنڪ. خيرپور ميرس: - تهذيب نيوز ايجنسي، نيشنل بوڪ اسٽال، حافظ بوڪ اسٽور. سکر: عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ. جهول: مسڪين محمد وارث خاصخيلي. عمر ڪوٽ: مهراڻ ڪتاب گهر، ماروئي بوڪ اسٽال. کپرو: حافظ ڪتاب گهر، دلاور ارباب بڪ اسٽور، عادل بڪ اسٽال. قاضي احمد: معشوق ڌاريجو. ڪنڊيارو: عثمانيه رلائبريري، قاسميه لائبريري . شڪارپور:گل ڪتاب گهر. نوشهروفيروز: ميمڻ بڪ اسٽور شاهي بازار نوشهروفيروز. لاڙڪاڻو: نيشنل بڪ اسٽور، نوراني بوڪ اسٽور بند روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسيٽيشن روڊ. مٺي: ٿر بوڪ اسٽور. مير پور خاص : حرڪتاب گهر، نيوسنڌڪتاب گهر، شهبازڪتاب گهر. هالا: الحسيني موبائيل سينٽر درگاهه روڊ.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ورق ورق گلاب“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ شخصيتن تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جي هن مجموعي جو ليکڪ نور سنڌي آهي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن ، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ هر رنگ شامل آهي،.
    هي ڪتاب بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ، نوابشاهه پاران 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري نور سنڌي ۽ ساجد سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

    آئون هي پنهنجي ننڍڙي ڪاوش
    ارپيان ٿو پنهنجي والد
    الهه بخش،
    امڙ ڪريمت “ڪريمان”
    جن ساڃاهه وند ڌرين سان
    گڏ ويهڻ جي لائق بنايو،
    ارپيان ٿو پنهنجي جيون ساٿي
    زاهده پروين،
    سڀ گهر ڀاتين
    ۽
    انهن دوستن کي
    جيڪي مونکي سدائين
    لکڻ لاءِ همٿائيندا رهيا آهن.

    نور سنڌي
    Email:
    noor.sindhi17@gmial.com
    موبائيل :
    03342021806
    03012672216


    اداري پاران

    اداري پاران

    بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھ. ضلع شهيد بينظيرآباد سنڌ پاڪستان، پنهنجي وَسَ ۽ وت آهر ٻوليءَ، ادب تاريخ ۽ ثقافت جي بقاء ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪم ڪيو آهي. خاص طور تي تاريخ جي حوالي سان ٽڙيل پکڙيل مواد کي گڏ ڪري شايع ڪرائڻ هن اداري جو اولين ۽ ترجيحي ڪم رهيو آهي ان حوالي سان ڇهه ماهي تحقيقي جرنل بلاول ۽ ڇپايل ڪتابن وارو ڪم عالم آشِڪار آهي.
    نور سنڌي سنڌ جو بهترين صحافي، ڪالم نگار، محقق ۽ ڏاهو ڏات ڌڻي آهي جنهن سنڌ جي بزرگن، درويشن، اوليائن، درگاهن، قديم ۽ تاريخي ماڳن شهرن، ڳوٺن اهم ۽ مشهور شخصيتن جي حوالي سان جيڪو ڪم ڪيو آهي سو تاريخ جو اهم حصو آهي ۽ اهڙي شاندار تاريخي، تحقيقي ۽ تخليقي ڪم کي شايع ڪرائيندي اداري کي تمام گھڻي خوشي محسوس ٿي رهي آهي.
    نور سنڌي پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي جنهن ٽڙيل پکڙيل تاريخ ۽ ڪم کي محفوظ ڪيو آهي ان لاءِ هو تمام گھڻي داد ۽ شاباس جو حقدار آهي اُميد ته اهو اڳتي به پنهنجي تحقيقي، علمي ۽ ادبي ڪم کي ان ئي لگن ۽ لڳاءُ سان جاري رکندو.
    بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھ ملڪ جي ٻين تاريخدانن، محققن، ليکڪن کي دعوت ٿو ڏئي ته اُهي پنهنجي اڻ ڇپيل تاريخي ۽ تحقيقي ڪتابن جو مواد اسان تائين کڻي اچن. اگر سندن ڪتاب معياري هوندا ته ادارو ضرور انهن کي شايع ڪرائيندو.
    مونکي پوري اُميد آهي ته نور سنڌيءَ جو ڪتاب ” ورق ورق گلاب“ يقيناً تاريخ ، علم ۽ ادب سان دلچسپي رکڻ وارن دوستن کي ضرور پسند ايندو. اوهان جي اصلاحي راين، صلاحن ۽ مانائتيءَ موٽ جو شدت سان انتظار رهندو.
    دُعاگو
    شير محمد مهر
    ڊي.ڊي. او
    بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نوابشاھ
    ضلع شهيد بينظيرآباد، سنڌ، پاڪستان


    پيش لفظ

    مونکي ادب سان لڳاءُ ان وقت کان آهي جڏهن پنجين ڪلاس جو شاگرد هئس اسان جي گهر ڀرسان وارث ڏنو ڏيرو ۽ پير بخش ڏيرو جي اوطاق آهي جتي پير بخش ڏيرو جي ذاتي ننڍڙي لائبريري هئي، هاڻ هن اها گهر ۾ شفٽ ڪري ڇڏي آهي ”۽ اها اوطاق هاڻ ڪرڻ تي آهي“ اتي ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ملندو هو ان زماني ۾ ڏيرا هائوس تي اخبارون به اينديون هيون جن ۾ ٻارڙن جا صفحا پڙهڻ جو موقعو ملندو هو .مڊل اسڪول ملدسي ۾ اسان جي ڪلاس فيلو گل حسن گل لاکو جنهن کي پڻ ننڍي هوندي کان ادب سان لڳاءُ هو، ان سان دوستي جي ڪري مونکي به لکڻ جو شوق ٿيو ۽ مون ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. جيڪي گل ڦل، هلال پاڪستان ۾ گلڙن جهڙا ٻارڙا، آفتاب، عبرت، جي ٻارڙن جي صفحن ۾ شايع ٿيون جنهن سان منهنجي همٿ افزائي ٿي.جڏهن 7 درجي ۾ آيس ته مختلف اخبارن ۾ علائقي جي اولياءُ اڪرام ۽ ڳوٺن علائقي جي شخصيتن تي آرٽيڪل لکي شايع ڪرايا شهدادپور ۾ پڙهائي دوران سنيئر صحافي نثار بالادي سان واقفيت ٿي ۽ ان کان متاثر ٿي صحافت ڪرڻ جو شوق ٿيو ۽ الفقراء ۾ ان وقت سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندڙ عاجز منگي سان الياس ابڙو شهدادپور جيڪو اڳوڻو صحافي ، ليکڪ، شاعر آهي جي معرفت ملاقات ٿي اهو زمانو 78ع جو هو ۽ مون ملدسي مان الفقراء جي نمائندگي حاصل ڪئي، بعد ۾ ناز سنائي معرفت روزانه آفتاب جي ايڊيٽر شيخ علي محمد سان ملاقات ڪري آفتاب ۾ ملدسي ۾ رپورٽر مقررٿيس، ان زماني ۾ روزانه سنڌ نيوز جي ايڊيٽر شيخ عزيز جي مهربانين سان ان اخبار ۾ ۽ عبدالغني درس جي مهربانين سان آڪاش ميگزين جيڪا بعد ۾ عبرت مئگزين جي نالي سان شايع ٿي. خير محمد کوکر محمود يوسفاڻي محمد حيات بلوچ غفور ڪريمي يعقوب جويو جي مهربانين سان روزانه عبرت ۾ حسام سومرو جي مهربانين سان روزانه هلال پاڪستان اخبارن ۾ آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا. هنن اخبارن ۾ علائقي ۾ ٿيندڙ علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي پروگرامن جا اکين ڏٺا احوال به لکڻ شروع ڪيا آفتاب اخبار سان گڏ مختلف اخبارن ۾ رپورٽر رهيو آهيان. روزانه سنڌو اخبار جو اسٽاف رپورٽر، عبرت گروپ ۾ سڄي سنڌ لاءِ نمائيندو خصوصي ۽ اسٽوري رپورٽر به رهيس، اڃان تائين عبرت ۾ ڪالم نگار فري لانسر رپورٽر طور ڪم ڪريان پيو، جڏهن ته ڪيترن ئي هفتيوار اخبارن جن ۾ ميراپور، جيئي لطيف، شاهين سنڌ جو چيف ايڊيٽر به رهيو آهيان، ڀيڄ ڀٽائي ميگزين، سروري ميگزين، سروري سرهاڻ ميگزين، سانگهڙ لائين ميگزين، مٽياري آن لائن ميگزين جو چيف ايڊيٽر پڻ آهيان. هن وقت تائين ٻين اخبارن کانسواءِ روزانه ڪوشش، روزانه شام، روزانه سوڀ، روزانه هلال پاڪستان، روزانه مهراڻ، روزانه مقدمو، روزانه الوحيد، روزانه سنڌ نيوز، روزانه آس، روزانه پاڪ، روزانه سنڌ سجاڳ، روزانه سنڌ مهراڻ، روزانه نجات، روزانه وفاء سنڌ، روزانه سرواڻ، روزانه بختاور، روزانه سوال، روزانه خلق، روزانه فاسٽ نيوز، روزانه هڱوراڻا سنڌ، روزانه انڊس ٽربيون، روزانه ڪلياڻ، روزانه پاڪ سنڌ، روزانه سڪار، روزانه نروار، روزانه طلوع کان علاوه لاتعداد هفتيوار اخبارن ۽ عبرت مئگزين هفتيوار سنڌو ڊائجيسٽ، هلال ميگزين، سنڌ سجاڳ ميگزين عوامي آواز ميگزين ۽ ٻين رسالن ۾ هر موضوع تي وڏي تعداد ۾ آرٽيڪل ڇپيا آهن. ۽ ڇپجندا رهن ٿا. 1993ع کان لطيف سائين جي ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ ڀيڄ ڀٽائي ميگزين شايع ڪريان پيو، جيڪو عرس مبارڪ ۾ هزارين ڪاپيون مفت ۾ ورهايون وڃن ٿيون. سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن قديم شهرن ڳوٺن تاريخي واقعن زنده ۽ انتقال ڪري ويل روحاني علمي، ادبي، سياسي، سماجي، ثقافتي، شخصيتن ، هنر مندن تي لکندو رهيو آهيان. پر گذريل 15 سالن کان وڌيڪ لکيو آهي. اخبارن جي زندگي هڪ ڏينهن جي هوندي آهي ان ڪري خواهش رهي ته منهنجي اڻ ڇپيل ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد کي ڪٺي ڪري ڪتاب ڇپائي ان تاريخي مواد کي تاريخ جو حصو بنايان. پر اسان سست لڏو 5 سالن کان رڳو سوجيندو رهيس پر منهنجي دوستن خاص طور معشوق ڌاريجو، ۽ شير محمد مهر مونکي جاڳائيندا رهيا. جڏهن به ملاقات ٿئي ته اهي معلوم ڪن ته ڪتاب جو ڇا ٿيو ۽ نيٺ ڪتاب جو مواد سهيڙڻ شروع ڪيو ته ڪتاب جي نالي جو سوال اٿيو ڪيترائي نالا ذهن ۾ آيا پر نوجوان شاعر ليکڪ ۽ ڪمپئرنگ جي دنيا جي بادشاهه بخشڻ مهراڻوي جو تجويز ڪيل نالو ”ورق ورق گلاب “بهتر لڳو ۽ اڄ ورق ورق گلاب اوهان جي هٿن ۾ آهي هن ڪم ۾ آئون پنهنجي دوستن مسڪين محمد وارث خاصخيلي، جيڪو پنهنجي غريباڻي ڪار ۽ تيل سميت هر وقت پيش پيش هو ۽ هر موقعي تي زبردست چئي مونکي همٿائيندو رهيو جڏهن ته مهدي حسن پهنور، محمد صديق شيخ، لياقت ملاح به همٿائيندا رهيا آئون ٿورائتو آهيان بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه جي سرواڻ شير محمد مهر صاحب، آڪائونٽ آفيسر حاڪم علي لنڊ، لائبريرين عطاءُ الرحمان سهتو ۽ ڪمپيوٽر آپريٽر جميل ڀٽي جو، جن خاص دلچسپي وٺي هي ڪتاب سهڻي سٽاء سان مٿئين اداري پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ورنه اسين مولائي ماڻهو! ايترا مالي وسيلا نه هئا جو هيءُ ڪتاب اهڙي سهڻي انداز ۾ ڇپائي سگهان ها! هن ڪتاب ۾ وڌيڪ مواد ضلعي سانگهڙ جو آهي ان جو سبب اهو آهي جو سانگهڙ ضلعو منهنجو اباڻو ضلعو آهي انڪري هن ضلعي جو ڪافي مواد مون وٽ پهرين موجود هو، هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ولين، سنت صوفين، سنڌ جي ڪجهه تاريخي ماڳ مڪانن، سنڌ جي ڪجهه مشهور شهرن ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، سنڌ جي ڪجهه مشهور خاندانن، سنڌ جي ڪجهه مشهور زنده ۽ انتقال ڪري ويل، سياسي ،سماجي ،علمي ،ادبي، شخصيتن، فنڪارن موسيقي جي ڄاڻ رکندڙن ۽ سول سوسائٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ ڪجهه مشهور شخصيتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي. انشاء الله تحقيقي ڪم جاري رهندو آءُ هن موقعي تي پنهنجي ساٿين نثار بالادي، قمر الدين ملڪ، مجيب ناريجو، وفا رضا بلوچ، حميد ابڙو، ارشد شاهه، رمضان پنهور، ارشاد بخاري، اسلم خاصخيلي، قاسم ڪلوئي، رشيد مگسي، عبدالڪريم ميمڻ، عطا حسين خاصخيلي، رستم سمون ۽ محترم استاد سيد حسين شاهه، محمد طيب خاصخيلي، جو پڻ ٿورائتو آهيان جن جو سدائين ساٿ رهيو آهي. ” ورق ورق گلاب“ اوهان جي هٿن ۾ آهي پڙهندڙن جي راءِ جو انتظار رهندو . دعائن ۾ ياد رکندا.
    اوهان جو پنهنجو
    نور سنڌي
    سرواڻ هائوس پلاٽ نمبر 114 چاڪي پاڙو نزد گورنمينٽ
    گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول شهدادپور ضلعو سانگهڙ
    آگسٽ، 2016ع
    موبائيل: 03342021806, 03012672216


    ٻه اکر

    مون ڪتاب ورق ورق گلاب جو مسودو ڪونه پڙهيو آهي، پر ڪتاب جي نالي کان متاثر ٿي آئون سمجهان پيو ته يقينن هن ۾ دلچسپ، تاريخي، معلوماتي مواد هوندو، هي ڪتاب پڙهندڙن ۾ ڪيترو مقام حاصل ڪري ٿو اهو وقت پاڻ ثابت ڪندو.
    مون کي جڏهن منهنجي چاهيندڙ عبدالوهاب منشي ٻڌايو ته ڪتاب جي ليکڪ نور سنڌي جي خواهش آهي ته آئون ان ڪتاب لاءِ ٻه اکر لکان ۽ عبدالوهاب منشي ڪتاب ۾ شامل جيڪو مواد ٻڌايو آهي يقين اهڙي مواد تي مبني ڪتاب شايع ٿيڻ سٺو عمل آهي. هن ڪتاب ذريعي آئون چوندس ته پنهنجي ذات مان ڪنهن کي نقصان نه ڏجي، هن جديد دور ۾ ترقي ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽن سان گڏ نياڻين کي به تعليم ڏياري وڃي، پنهنجي حصي جو ڪم ڪجي ته اسان پنهنجي تاريخ ۾ وطن عزيز پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهون ٿا.

    پير سيد صبغت الله شاهه
    پير پاڳارو ”اٺون“


    مهاڳ

    نورسنڌي جو شمار سنڌ جي سينئر صحافين سان گڏ بهترين ليکڪن، تحقيق لاءِ جستجو ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو، سندس شمار بهترين ڪالم نگارن ۾ پڻ آهي. مختلف اخبارن، رسالن ۽ مختلف عوامي مسلئن، ڪرنٽ اشوز تي بهترين انداز ۾ لکندو رهيو آهي. جڏهن ته ملڪ جي خاص طور تي سنڌ جي ولين، تاريخي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن، تاريخي واقعن تي تحقيقي مقالا لکڻ سان گڏ حال حيات ۽ وصال ڪري ويل روحاني، علمي،ادبي،سياسي سماجي،صحافتي، ثقافتي، هنرمند شخصيتن بابت مواد سهيڙيندو رهيو آهي. غوث الحق حضرت مخدوم سرور نوح رح حضرت شاهه عبدلطيف ڀٽائي رح ۽ ٻين ڪيترن ئي صوفي ولين جي عرس مبارڪن ۽ حضرت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي هر ورسي تي سندس ادارت ۾ شايع ٿيندڙ مختلف نالن وارين مئگزينن پاران خصوصي ايڊيشن شايع ڪرڻ وارو سلسلو خدمت طور مستقل جاري رکندو اچي.
    آئون نور سنڌي کي 1981ع کان مختلف اخبارن، رسالن ۾ پڙهندو اچان پيو، شروع کان سندس لکڻين ۾ پختگي شامل آهي، سندس لکڻيون تحقيقي مقالا ۽ آرٽيڪل ڪالم پڙهڻ سان اندازوٿئي ٿو ته کيس لکڻ جو وڏو ڏانءُ آهي . سندس هي ڪتاب ورق ورق گلاب جيڪو بلاول انسٽيٽيوٽ آف هسٽاريڪل ريسرچ نواب شاهه پاران ڇپايو ويو آهي اهو تاريخي ڪم آهي.
    هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳ مڪانن، قديم شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پس منظر، ماضي حال، صوفي سنتن، سنڌ جي ڪيترن ئي حال حيات، وصال ڪري ويل شخصيتن ، انوکن ڪردارن ۽ سول سوسائٽي ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي نجي زندگي ۽ سماجي خدمتن جو احوال شامل ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ هر رنگ شامل آهي، اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندو.
    هن ڪتاب جو جهڙو نالو آهي واقع ۾ به ڪتاب جي هر ورق مان گلاب جهڙي خوشبو محسوس ٿيندي، اهڙي قسم جو ڪم ايترو آسان نه آهي ان لاءَ وڏي محنت، جاکوڙ ڪرڻي پوي ٿي . نور سنڌي جي اهڙيءِ جاکوڙ محنت، جدو جهد يقينن قابلِ تعريف آهي.
    نور سنڌي سروي جماعت جو مريد آهي. ساڻس ڪافي عرصي کان ڄاڻ سڃاڻ آهي مون کيس ويجهڙ کان به ڏٺو آهي، پاڻ جاکوڙ ي محنتي، سادگي پسند، سڄاجهڙو، سچو، کرو بهترين ليکڪ بيباڪ صحافي آهي. پاڻ زندگي جون 38 بهارون صحافت ۽ ادب کي ڏنيون آهن. ادب صحافت ۾ سندس قدبت انتهائي وڏو آهي. هن سچ لکڻ جي ڪري ڏاڍا ڏکيا ڏينهن به ڏٺا آهن.
    ايم آر ڊي جي تحريڪن ۾ هڪ صحافي ۽ ليکڪ جي حيثيت سان سندس شاندار ڪردار رهيو آهي. سندس ادب ۽ صحافت ۾ خدمتون جاري آهن اميد ٿا ڪريون ته پاڻ قلمي پوڙهيو جاري رکندو.

    مخدوم جميل الزمان”جميل“
    سجاد نيشين درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رح هالا شريف


    حق ۽ سچ جو ساٿاري ليکڪ نور سنڌي

    نوُر سنڌي سنڌ جو اُهو بي باڪ ۽ سچو صحافي آهي، جنهن جو قلم سدائين حق ۽ سچ جو ساٿاري رهيو آهي. هن نه رڳو تازا ترين ۽ ٻرندڙ مسئلن تي بي باڪيءَ، بهادريءَ ۽ جرئت سان لکيو آهي. پر هن پنهنجي قلم کان هڪ محقق ۽ تاريخدان وارو ڪم وٺي، پنهنجي دؤرجي سچي ۽ حقيقي تاريخ به مرتب ڪئي آهي.
    نور سنڌي مثبت ۽ هاڪاري سوچ جو مالڪ آهي. ان ڪري هي ”واندي کان ونگار ڀلي“ وانگر ، واندو ٿي ويهڻ بجاءِ سدائين عمل ۽ جاکوڙ جي ميدان ۾ رهيو آهي ۽ ” جو دَمُ غافل، سو دَمُ ڪافر“ وانگر ڪنهن نه ڪنهن ڪرت سان لڳو رهيو آهي. سنڌ جي صحافين جي تنظيم سنڌ صحافي سنگت هجي يا حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو ميلو هجي، حضرت مخدوم سرور نوح جو عرس مبارڪ هجي يا مخدوم طالب الموليٰ جي ورسي هجي، چيڄ ڀٽائي مئگرين هجي، سروري مئگزين هجي يا وري ڪي سيمينار، ڪانفرنسون، ميلا ملاکڙا هجن يا سياسي، سماجي ۽ ادبي پروگرام، نور سنڌي هر هنڌ موجود ۽ اڳڀرو نظر ايندو ۽ ائين محسوس ٿيندو ڄڻ ته وٽس ” جادوءُ جي ڇڙي / لٺ“ يا ” علاءُ الدين وارو چراغ“ هجي. اهو سڀ ڪجهه هن جي مستقل مزاجيءَ، سچائيءَ، همٿ، جذبي، پيار ۽ سچائيءَ جو ڪرشمو ۽ ڪمال آهي، جو نور سنڌي هر هنڌ موجود ۽ هر تعميري ڪم ۾ اڳڀرو هوندو آهي.
    هِتان کڻي هُتِ، جن رکيون سي رسيون،
    ساجن سونهن سرت، وکانئي ويجھو گھڻو.“
    شاھِ سائين جي مٿئين بيت وانگر نور سنڌي به پنهنجون وکون ۽ پنهنجا قَدمَ وڌائي ٿو. تڏهن ئي ته کيس هر پنڌ، هر منزل، هر گس ۽ گام، ماڳ ۽ مڪان ” اکين کان به اوڏو“ نظر اچي ٿو. نور سنڌي جيڪو شيرمحمد مهر سميت اسان سڀني دوستن جي اکين جو نور آهي، سو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ به ماکي ءَ جھڙو مٺڙو، صابرين، برد بار ۽ سهپ وارو آهي. ڀٽائيءَ جي سِٽ ” تتي ٿڌي ڪاھ، ڪانهي ويل ويهڻ جي“ وانگر نور سنڌي تتيءَ ٿڌيءِ جاکوڙڻ وارو آهي ۽ سندس هيءُ ڪتاب ” ورق ورق گلاب“ به اُن ئي، جاکوڙ، جستجو ۽ جدوجهد جو “عرق” آهي نور سنڌيءَ جو هي ڪتاب موضوعاتي حساب سان هڪ گھڻ موضوعاتي ڪتاب آهي. جنهن ۾ هن سنڌ جي تاريخ، تاريخي ماڳن مڪانن ، بزرگن، درويشن، اوليائن، پيرن، فقيرن،درگاهن، شهرن، ڳوٺن، شخصيتن، محققن، شاعرن اديبن، ڪهاڻيڪارن، اداڪارن، سياستدانن، سماج سڌارڪن، استادن، فنڪارن سازيندڙن، ملهه پهلوانن عوام دوست آفيسرن، فنونِ لظيفه سان وابسته ماڻهن توڙي عام ڪردارن ۽ ادارن بابت ڏاڍي محبت، محنت ۽ خبرداريءَ سان لکيو آهي. ڄاڻايل موضوع ته سندس وڏا ۽ اهم موضوع آهن پر انهن جي اندر نور سنڌيءَ ڄڻ ته زندگيءَ جي هر شعبي ۽ هر موضوع تي لکي ورتو آهي.
    حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سورميءَ سهڻيءَ جي شهر شهدادپور جي پاڙيسري ڳوٺ ”ملدسيءَ“ جو ماڻهو نور سنڌي پنهنجي مزاج ۾ انسان دوست ۽ صوفي مزاج رکندڙ فقيراڻي طبيعت جو مالڪ آهي. سندس شخصيت ۽ ذات واري سادگي ۽ سچائي سندس تحرير، مضمونن ، ڪالمن ۽ ڪتاب ۾ به موجود آهي. وٽس نه ته ڏکين لفظن جي ڀرمار آهي ۽ نه ته مٺڙن لفطن واري ٺلهي ۽ سکڻي لفاظي آهي. نور سنڌيءَ وٽ لکڻ جو سنئون سڌو، سادو سلوڻو انداز آهي اهوئي سبب آهي جو سندس ڪتاب کي پڙهندي وقت ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿو ٿئي.
    نور سنڌي پنهنجي ڪتاب ۾ هر شعبي ۽ مڪتبِ فڪر جي ماڻهوءَ تي ڏاڍي ديانتداريءَ ۽ سچائيءَ سان لکيو آهي. اهوئي سبب آهي جو نه رڳو سندس ڪتاب ”ورق ورق گلاب “ تاريخي حوالي سان اهميت جوڳو ڪتاب آهي پر سندس ڪتاب، ڪالم نگاري، خاڪا نويسيءَ ۽ سوانحي ادب جو به سهڻو نمونو آهي.
    منهنجي خوشنصيبي آهي جو نور سنڌيءَ جھڙي ڀلوڙ ليکڪ ۽ صحافي مون جھڙي اديب ۽ ناچيز انسان کي به پنهنجي ڪتاب ۾ ياد ڪيو آهي ، اُهو سندس پيار آهي.
    نور سنڌي شخصيتن تي مضمون لکندي وقت ڪٿي به ” تيليءِ کي ٿنڀ ۽ ٿنڀ کي تيلي“ ڪو نه بنايو آهي پر هن هر هڪ شخصيت تي پوري پوري انصاف سان لکيو آهي. نور سنڌيءَ پنهنجي ڪتاب ” ورق ورق گلاب“ کي مختلف بابن ۾ ورهايو آهي.
    باب پهريون- سنڌ جا ڪجهه مشهور ولي ۽ صوفي سنت.
    هن باب ۾ نور سنڌي حضرت غوث الحق مخدوم نوح سروررح، حضرت شاھ عبداللڪريم بلڙيءَ وارو، دينا جو عالمي شاعر حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ، حضرت فقير نوح هوٿياڻي، حضرت هوٿياڻي جون بزرگ هستيون ۽ مشهور شخصيتون، حضرت سيد مدد علي شاهه عرف جهنڊولو بادشاهه، حضرت ثابت علي شاھ لڪياري، مشهور ولي الله ۽ ٻولين جو صوفي حضرت حسن بخش شاھ هادي، حضرت عالي شاهه، حضرت منٺار فقير راڄڙ ، صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت محمد فقير کٽياڻ، حضرت سيد غازي گوهر شاھ،، حضرت سيد ڪرم علي شاھ، ۽ سيد لطف علي شاھ،، ڪامل ولي الله حضرت مسو پير، مشهور ولي الله حضرت فقير دريا خان ڪپري ،حضرت جھنڊل فقير چانڊيو، شهدادپور جا ڪجهه مشهور ولي الله، حال حيات روحاني شخصيت سائين علي نواز خاصخيلي، هالا کان ابڙان تائين روحاني سفر، صوفي بزرگ ۽ شاعر محب فقير ٽالپر، حضرت بهادر فقير لغاري جي بزرگي، شخصيت ۽ شاعري ، سُست ڏيرج گرگر سوامي بابت لکيو.
    باب ٻيون- سنڌ جا ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان
    نور سنڌي هن باب ۾ خداآباد ۽ مائي گلان جو ڪوٽ، مير چاڪر خان جو ڪوٽ ۽ مير شهداد خان جا قبا، حيدرآباد جو پڪو قلعو، عشق جو لازوال داستان سهڻي ميهار جا ماڳ مڪان، انگريزن خلاف وطن يا ڪفن تحريڪ جو مرڪز رهندڙ گڙنگ بنگلو، سوامي ٽيئورام جو امراپور آستان، جهول ويجهو ڳوٺ ساڏوڻي ۾ ميرن جي صاحبي ۾ پيش ايندڙ تاريخي واقعو.
    باب ٽيون- سنڌڙي تنهجا شهر وسن، سنڌ جي ڪجهه قديمي شهرن ڳوٺن تاريخي پس منظر ۽ ماضي حال.
    نور سنڌي هن باب ۾ مير شهدادخان جو اڏيل شهر شهدادپور ،ملدسي جو تاريخي پس منظر ماضي حال ۽ مشهور ماڻهو ۽ انتقال ڪري ويل مشهور شخصيتن جو مختصر ذڪر،ماضي ۾ شعوري ساڃاهه جو ڳڙهه تاريخي ڳوٺ خاقر خان نظاماڻي، وادئي ڪشمير جهڙو خوبصورت ننگرپارڪر، پاڪ ڀارت سرحد تي آباد تاريخي شهر کوکڙو پار، سنڌ جو قديمي ڳوٺ ابڙا ۽ ان جون مشهور شخصيتون، شاعرن ۽ سگهڙن جو ڳوٺ خدا بخش دلواڻي، قديم ڳوٺ راوتياڻي،ضلعي سانگڙ جو قديم ڳوٺ جلال نوناري ۽ جهول جڳن بابت لکيو آهي.
    باب چوٿون- سنڌ جا ڪجهه مشهور خاندان ۽ انهن جون سياسي ، سماجي خدمتون.
    نور سنڌي هن باب ۾ ڄام ڪانڀو خان کان ڄام معشوق علي خان تائين، لطيف سائين تي سوني نيل چاڙهيندڙ شهدادپور جو وساڻ خاندان، جهول جو ڪيريا خاندان سندس سياسي. سماجي، روحاني، علمي خدمتون، جمال فقير کان فقير محمد بخش خاصخيلي ۽ فقير حسين بخش خاصخيلي تائين، حاجي امام بخش جوڻيجو کان عبدالعزيز جوڻيجو تائين، ملدسي جي سخي مرد وارث ڏنو ڏيرو ”اول“ کان پير بخش ڏيرو ۽ بابل ڏيرو تائين،مياڻي ۽ دوآبي ۾ انگريز خلاف وڙهيل جنگ جو سالار شهيد شاهن رند ۽ سندس خاندان بابت لکيو آهي.
    باب پنجون- شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي لطيف سائين سان عقيدت.
    نور سنڌي هن باب ۾ شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي لطيف سائين سان عقيدت بابت لکيو آهي.
    باب ڇهون- سنڌ جون ڪجهه مشهور سياسي شخصيتون.
    نور سنڌي هن باب ۾ حُرن جو روحاني پيشوا مشهور سياستدان پير صبغت الله شاھ راجا سائين، آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ،سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ”جميل“، مشهور سماج سڌارڪ عبدالله حسين هارون مخدوم خاندان جو سعيد زمان عاطف ۽ عوام دوست سياستدان فدا حسين ڏيرو بابت لکيو آهي.
    باب ستون- وياسي وينجھار. (انتقال ڪري ويل مشهور سياسي سماجي روحاني ۽ ادبي صحافي شخصيتون)
    نور سنڌي هن باب ۾ حضرت مخدوم طالب الموليٰ جون ساروڻيون، تحريڪ آزادي جو اڳواڻ حاجي سر عبدالله هارون، حضرت پير سائين پاڳارو (ستون) شاهه مردان شاهه ”ثاني“ جن جي شخصيت، مشهور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيد غلام شبير شاھ لطيفي، حضرت مخدوم امين فهيم جون ياديون، مولانا غلام محمد گرامي، خاتون اول بيگم نصرت ڀٽو، معتبرسياستدان محمد خان جوڻيجو، سيد نثار حسين شاهه لطيفي، سيدعبدالله شاھ جون سنڌ ۽ سنڌ واسين لاءِ خدمتون، سنڌ جو ڪلاسيڪل وڏيرو شاهنواز جوڻيجو، کرو۽ سچو سياستدان مرحوم مير محمد وساڻ، خادم العوام عبدالسلام ٿهيم،مشهور شاعر، اديب سماج سڌراڪ سيد شاهنواز ”عارف الموليٰ “، روحاني شخصيت فقير عبدالحڪيم هنڱورو،بهترين قانوندان پير علي نواز قريشي، علمي، ادبي شخصيت پروفيسر اعجاز علي ميمڻ، سنڌي ادب جو روشن ستارو ڪيرت ٻاٻاڻي، سنڌيت جي جوت جلائڻ وارو شري موتي پرڪاش، بي باڪ صحافي شيخ علي محمد، آدرشي شاعر اياز جاني، صحافت جو مڻيادار ماڻهو شهيد فقير محمد رحيم مهر، سنڌ جو يگانو صحافي سائين لائق سنڌي،، پنهنجي دور جو ارڏو ڪردار ميهار ملاح، صوفي منش سيد جمن شاهه جيلاني ۽ رستمِ سنڌشير ميربحر، لطيف سائين جو مشهور راڳي سيد غلام حيدر شاهه، صوفي محمد صفر ابڙو، ثقافتي روايتن جو امين زنوار غلام حيدر زرداري، برڪت بلوچ مشهور قانوندان ۽ مصنف ۽ شهدادپور جو مور ماڻهو شاهه محمد ميمڻ بابت لکيو آهي.
    باب اٺون- سنڏ جون ڪجهه مشهور علمي ادبي شخصيتون
    نور سنڌي هن باب ۾ سنڌ جي عظيم ڏاهو سائين محمد ابراهيم جويو، سدا بهار شخصيت ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، جهونو شاعر، صحافي ۽ ليکڪ پروانو ڀٽي، سنڌ جو جاکوڙي ڪردار تاج جويو، علم ادب جو گهڻگهرو غلام اڪبر لغاري، انمول شخصيت وينا شرنگي، تحقيقي ۽ تخليقي شخصيت پروفيسر محمد خان ٻرڙو ،سنڌ ثقافت جوامين منظور احمد ڪناسرو، گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ قائم سولنگي، منفرد ڪالم نويس مير نادر علي ابڙو، خوبصورت جذبن واري شاعره نسرين الطاف قريشي، مشهور صحافي ۽ ڊرامي نويس حيات علي شاھ بخاري، نرالي اسلوب وارو ليکڪ نواز ڪنڀر، گهڻ پاسائين شخصيت سيد ذوالقرنين شاھ،، بهترين سماج سڌارڪ شاعر ۽ تعليمدان ولي محمد دانش جتوئي، بهترين استاد، شاعر، ليکڪ ۽ ڪمپيئر معشوق ڌاريجو، هڪ معتبر ۽ محبوب انسان محمد عظيم ڪنڀار، شاعر ، سماجي ڪارڪن ، صحافي کرو انسان محمد ظفر بخاري، سماج سڌارڪ، صحافي ۽ ليکڪ عبدالوهاب منشي، شاعر ۽ سماج سڌارڪ عنايت بروهي، جاکوڙي انسان گل حسن گل لاکو ، سچ گوءِ صحافي ۽ ثقافت سان پيار ڪندڙ آچر خاصخيلي، جداگانه شخصيت ۽ ڪردار جو مالڪ فتح شاهه فراق، سنڌ جي عوامي شاعر مولا بخش ڪيريي بابت لکيو آهي.
    باب نائون انتقال ڪري ويل ڪجهه مشهور ڪلاڪار ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻ رکندڙ.
    هن باب ۾ نور سنڌي ، سنڌي موسيقي جو خان صاحب استاد منظور علي خان، سنڌ موسيقي جو بهادر ۽ بيباڪ ڪردار فقير عبدالغفور، سنڌ جي امر آواز مائي ڀاڳي ۽ سندس خاندان جي فنڪارن ڪالو فقير، مائي سوني، برڪت فقير، حليما حيدري، رستم فقير، جيوڻي ٻائي، سنڌي موسيقي جو موهيندڙ آواز صادق فقير ۽ ڪلاسيڪل جو موسيقي جو ماهر سيد جڙيل شاھ جيلاني بابت لکيو آهي.
    باب ڏهون- سول سوسائٽيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ مشهور شخصيتون.
    هن باب ۾ نور سنڌيءَ ڀٽ شاهه جو ڀورو پير ”نازڻ سائين“، خدمت خلق جو جذبي سان شرشار سليمان جي ابڙو، مينگهواڙ ڪميونٽي جو پهريون ڊاڪٽر راڻاسي راٺوڙ، مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ سيد ميران شهاب، غريبن جو همدرد ۽ هڏ ڏوکي طارق محمود آرائين (ايڊووڪيٽ)، عوام دوست آفيسر غلام مصطفيٰ ڏاهري، مدن فقير جو تسلسل ديوان گاگن داس مدناڻي، يارن جو يار ۽ باوقار آفيسر سائين شير محمد مهر، بهار جي ٿڌري هير جهڙو شمن علي شاهه لطيفي، صوفي منش ۽ ادب دوست احمد خان ٺڳڙ، انساني حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ غلام مصطفيٰ سومرو( وڪيل)، سماجي ورڪر محمد رفيق ٽالپر، مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر مريم مجيد ڇٽو، سماج سڌارڪ خاتون راڌاڀيل، عورتن جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙ ميڊم شهناز رانجھاڻي، سماج سڌارڪ، علمي ادبي خاتون غلام سڪينه چنا، سماج سڌارڪ شاهدہ سمون، جاکوڙي سماجي ورڪر خاتون مهرالنساء ملاح، خدائي خدمتگار نازيه آرائين، سماج سڌارڪ سلميٰ قريشي، علم جي روشني پکيڙيندڙ غلام مصطفيٰ نظاماڻي ۽ ميڊم نور النساء نظاماڻي، ٽهڪن جو بادشاهه ڊاڪٽر الهه ڏنو خاصخيلي، عوام جي خدمت کي عبادت سمجهندڙ ڊاڪٽر خالد حسين فراش، جهول جو جاکوڙي ڪردار مسڪين محمد وارث خاصخيلي، تعيلمي شخصيت عبدالغفار راجپوت، ليکڪ ۽ سماج سڌارڪ حبيب الله خاصخيلي، سماج سڌارڪ ۽ مثالي شخصيت عزير احمد ڪاڪا بابت لکيو آهي.
    ان کان سواءِ نور سنڌي پنهنجي ڪتاب ” ورق ورق گلاب“ ۾ سدا بهار ليکڪه شاعره سماج سڌارڪ وينا شرنگي، سيد غلام شبير شاھ لطيفي، کاهوڙي ڪردار فتح شاھ فراڪ، جھونو شاعر ليکڪ پروانو ڀٽي، مولانه غلام محمد گرامي، شمن علي شاھ لطيفي، جھول علائقي جو سخي خان محمد جلالاڻي ۽ تاريخ ادب سان دلچسپي رکندڙ ليکڪ جعفر جيم جلالاڻي، سماج سڌارڪ ۽ مشهور مثالي تعليمي شخصيت عزيز احمد ڪاڪا، نور سنڌي جنهن اٺين درجي کان اخبارن ۾ ڪچا ڦڪا مضمون لکڻ ۽ ايڊيٽر جي ٽپال ۾ خط لکڻ جي شروعات ڪئي هئي ان صحافت جي دنيا ۾ ميٽرڪ پاس ڪرڻ بعد پير پاتو هو. اهوئي نور سنڌي پنهنجي محنت ۽ جدوجھد سان نه رڳو اڄ سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويندڙ بهترين صحافي، ڪالم نگار ۽ ليکڪ آهي، پر هن ڪتاب ۽ هن کان اڳ شايع ڪيل ڪتاب جهول جڳٺ کان خادم عوام وسيلي هڪ صاحبِ ڪتاب مصنف پڻ آهي. نور سنڌي صاف گو، منهن تي سچ چوڻ وارو ۽ نيڪ نيت انسان آهي. نور سنڌي پنهنجي سڄي ڪاب ۾ ڪٿي به ڊاڙ، ٻٽاڪ ۽ مبالغي آرائي کان ڪم نه ورتو آهي هن جي لکڻي ۾ ڪٿي به طنز، ٽوڪ ۽ چٿر وارو لفظ يا انداز نظر نٿو اچي.
    نور سنڌي جي ڪتاب ”ورق ورق گلاب“ کي پڙهندي ڪيترين ئي حقيقتن جي خبر پوي ٿي. نور سنڌي سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي صحافت جو سچو پچو خدمتگار آهي دعا آهي ته سندس ذات ۽ ڏات جا سڀئي سهڻا رنگ سلامت هجن ۽ دُعا آهي ته نوو سنڌي ”ورق ورق گلاب“ کان پوءِ ٻيا به شاندار ڪتاب لکندو رهي.
    معشوق ڌاريجو
    سومر 8آگسٽ، 2016ع
    الماس نگر، قاضي احمد
    موبائيل: 03003093780


    باب پهريون : سنڌ جا ڪجهه مشهور وليٰ الله ۽ صوفي سنت

    حضرت غوث الحق مخدوم سرورنوح رح

    عظيم بزرگ هستي صاحب ڪرامت وفتوح نامور شاعر حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح حضرت ابو بڪر صديق رضه جي اولاد مان آهن پاڻ 27 ماهه رمضان مبارڪ هجري سنه 910 آخري جمعي جي ڀلاري رات تولد ٿيا مخدوم نوح رح جو پڙ ڏاڏو حضرت شيخ فخر الدين ڪبير وڏو عرب ملڪ مان لڏي پنجاب جي مشهور شهر دره غازي خان جي ڀرسان ڪوٽ ڪروڙ پڪا ڳوٺ ۾ اچي رهيو ڪوٽ ڪروڙ هن وقت وڏو شهر بنجي ويو آهي هن شهر ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون درگاهون آهن جتان بعد ۾ نڪري سفر ڪندي سنڌ جي بوبڪ شهر ۾ اچي رهيو سندن آخري آرامگاهه به اتي ئي آهي ڪافي عرصي بعد سندن پوٽو مخدوم فخر الدين صغير ڪوٽ ڪروڙ مان لڏي هالڪنڊي هالا ۾ اچي رهيو هالا ۾ ڪيترن ئي ڪرامتن جهڙا ڪم ڪيائين. حضرت مخدوم نوح رح جن جي ولادت باسعادت جون پيشنگويون به ڪيترن ئي درويشن ڪيون هيون سندن والد مخدوم نعمت الله رح جڏهن 25 سالن جي ڄمار جو هو اڃا سندس شادي به نه ٿي هئي ته ان وقت جي مشهور بزرگ حسو فقير چاڪي جو چاچو مجذوب فقير هوندو هو. اهو جڏهن به هالا شهر ۾ ايندو هو ته گهٽين بازارن ۾ چوندو وتندو هو ته هن شهر ۾ جلد ئي زماني جو غوث الله سائين خلق کي فيض بخشڻ واري بزرگ پيدا ٿيڻ وارو آهي جڏهن ته مشهور بزرگ حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي پوٽي ننڍي فقير نوح هوٿياڻي جون به مخدوم نوح رح بابت بشارتون مشهور آهن مرزا قليچ بيگ جو سنڌ جو وڏو محقق ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي ان وري پرائمري ڪورس جي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته ڪامل بزرگ فقير نوح هوٿياڻي مخدوم نعمت الله رح جن کي چيو ته منهنجي مئي پڄاڻي پنهنجي فرزند جو نالو ”نوح“ رکجو ۽ فقير جي رضا ڪرڻ بعد پنهنجي فرزند جو نالو مخدوم نوح رکيو . شيخ ڀڙڪيو ڪاتيار جيڪو مخدوم نعمت الله رح جن جي وقت ۾ هڪ وڏو ڪامل درويش هوندو هو. اهو درويش هر ماڻهو کي اهو ٻڌائيندو هو مخدوم نعمت الله کي لطف الله نالي هڪڙو فرزند پيدا ٿيندو آهي جنهن کي حق تعاليٰ جو دائمي ديدار حاصل رهندو روايت آهي ته حضرت مخدوم نوح رح پنجن ڏينهن جا هئا ته ٻانگ ٻڌڻ کانپوءِ صاف زبان سان ڪلمون شهادت پڙهيائون جنهن کي سوين ماڻهن ٻڌو. سندن ديني تعليم قرآن پاڪ پڙهڻ وقت عمر بابت مختلف رايا آهن ڪن ڪتابن ان وقت سندن عمر ست سال ڪن ڏهه سال ۽ ڪن ڪتاب چوڏهن سال لکي آهي سندن استاد مخدوم عربي عرف مخدوم شاهه ڏنو هو جو ان وقت جو ڪامل عارف بزرگ هوندو هو ۽ قرآن پاڪ اهڙو ته مٺڙي آواز سان پڙهندا هئا جو چون ٿا ته پکي به قطارون ڪري اچيو ويهندا هئا واٽ ويندڙ ماڻهو بيهي رهندا هئا هي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو نانو هو. حضرت مخدوم نوح رح صرف 25 سيپارا ياد پڙهيا. ڪن ڪتابن لکيو آهي ته روايتون آهن ته پاڻ ٻه ٽي فقه جا ڪتاب به پڙهيائون روايتون آهن، قرآن شريف پڙهڻ واري زماني ۾ هڪ ڏينهن سنڌو ندي تي غسل ڪرڻ بعد پٽي ڦري ميساري رهيا هئا ته اوچتو ڪشف واري حالت ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن انهي ڦرهي تي ڪجهه سٽون لکي ڏنس ۽ سبق ڏنائونس ان بعد سمورا علوم مٿن کلي پيا. انهي ڏينهن لاالله الالله جي ذڪر جي تلقين ڏيڻ جي اجازت به ملين حضرت مخدو نوح جي زندگي عشق محبت الاهي اعتراف راق ۾ گذرندي هئي ظاهري علم جي لحاظ کان فقط قرآن شريف پڙهيل هئا پر هر سوال جو جواب جدا جدا اهڙي علمي نموني ۾ ڏيندا هئا جو وڏا وڏا عالم علماء طلباء سندن علمي لياقت جي امتحان لاءِ اچي موجود ٿيندا هئا پاڻ ان موقعي تي هڪ آيت جون ايتريون ته معنائون فرمائيندا هئا جو سڀ حيران ٿي ويندا هئا ٻي روايت آهي ته هڪ دفعي مصالحين جي هڪ وڏي جماعت حضرت مخدوم صاحب جن کان قرآن پاڪ جي ڏکين آيتن جي معنيٰ سمجهڻ جو ارادو ڪري سندن خدمت ۾ آيا جن جي اچڻ کانپوءِ مخدوم نوح رح صاحب عالمن کي فرمايو ته عالمن کي گهرجي ته هو علم جو بيان ڪن ته ٻين کي فائدو رسي ان کانپوءِ پاڻ زبان فصيح سان بيان ڪرڻ لڳا 34 تفسيرن جا نالا وٺندي فرمايائون ته فلاڻ تفسير ۾ هن ريت آهي ۽ فلاڻ ۾ هن ريت آهي ان کانپوءِ حقيقت ۽ طريقت جون معنائون بيان فرمايون آخر ۾ عالمن عرض ڪيو ته اسان جي حق ۾ دعا ڪرڻ فرمايو ته پان فرمايائون ته آئون الحمد ٿو پڙهان اوهان آمين چوندا وڃو. پاڻ فرمايائون ته اهڙا به فقير آهن جي ساري ڄمار سورت الحمدالله جي معنيٰ ڪندا رهن ته پوري نه ٿيندي، روايتون آهن ته وقت جي حاڪمن مان مرزا محمد باقي جو مشهور زمانه به هو سندن خدمت ۾ ٻه دفعا مخدوم نوح رح جي مريدن وٽ روحاني سفر دوران ٺٽي ويو ته هو اتي سندس خدمت ۾ حاضر ٿيو مرزا باقي به سندن زماني ۾ گادي تي ويٺو مرزا باقي جو وڏو فرزند مرزا بابنده خان جيڪو چريو هو جنهن ڪري هو گادي تي نه ويهاريو ويو پر سندس پٽ مرزا جاني گادي تي ويهاريو ويو هڪ ڪتاب ۾ آهي ته مرزا بابنده خان کي مخدوم نوح رح جي خدمت ۾ دعا لاءِ آندو ويو ته کيس بيماري کان شفا ٿئي مگر پاڻ ڪوبه توجه نه ڏنائون ڇاڪاڻ جو ان شخص مخدوم، لعل شهباز جي مزار ۾ هڪ دفعي هڪ عورت سان هٿ چراند ڪئي هئي جنهن ڪري هن تي ديوانگي هميشه لاءِ قائم رهندي آئي. مخدوم صاحب جن شريعت جا ايترا ته پابند هئا جو ڪڏهن به نماز جماعت کانسواءِ ادا نه ڪيائون. بهاءُ الدين گودڙي کان نقل آهي ته هڪ دفعي مخدوم نوح صاحب ٺٽي جي جامع مسجد ۾ تشريف فرما ٿيا. جمع جي نماز کانپوءِ اٽڪل هڪ هزار ماڻهو معرفت ۽ ولايت کي پهتا جن مان حضرت صابر سومرو شيخ تاجن شيخ حبيب ۽ سيد عبدالڪريم بلڙي وارو مشهور بزرگ هئا جن کي ڪشف ڪرامت سان سڄي سنڌ سڃاڻي ٿي انهن وٽان هزارين ماڻهن معرفت جو رستو سکي پنهنجي ڪماليت کي رسيا آهن حضرت مخدوم نوح رح جن فرمائيندا هئا مونکي حضرت پيغمبر ڪريم صه جن وٽان چار شيون عطا ٿيون آهن هڪ ذڪر جو سبق ٻي قرآن شريف جو تفسير ٽيون حديث جي سمجهاڻي چوٿون خواب جي تعبير.
    حضرت مخدوم نوح جن جو اويسي طريقو هوجڏهن الله تعاليٰ پنهنجي ڪنهن ٻانهي کي ڪنهن ظاهري مرشد جي وچ ۾ پوڻ دارن پنهنجي بي انتها فضل سان خاص خلوت ۽ لُدني تعليم عطا فرمائي ته اهڙي فيض کي ”اويسيت“ چئبو آهي کين الله تعاليٰ ڪنهن ظاهري مرشد جي وسيلي بجاءِ پاڻ تعليم ۽ تلقين ڪرڻ فرمائي هئي تنهن ڪري پاڻ اويسي طريقي وارا ليکيا وڃن ٿا ڪتاب سراج العارفين ۾ لکيل آهي ته حضرت مخدوم نوح رح جن ڪوبه مرشد نه ورتو هو ۽ رات ڏينهن رب سائين جي ذڪر ۾ رهندا هئا. جيڪو به مريدٿيندو هو تنهن کي به ذڪر لاالله الالله ڏيندا هئا ۽ کين انهي ذڪر ۾ مشغول رهڻ جي هدايت ڪندا هئا پاڻ انهي ذڪر ۾ ايتري قدر مشغول رهندا هئا جو سندن چپ مبارڪ ذڪر جي مشغولي سبب هميشه پيا چرندا هئا روايت آهي ته هڪ دفعي جڏهن حجام سندن سنوارت ڪري رهيو هو تڏهن شهپرن جي سنوارت وقت حضرت مخدوم نوح جن کي عرض ڪيو ته سائين تيسين چپ نه چوريو جيسين آئون شهپرن جي سنوارت ڪري وٺان تنهن تي پاڻ فرمايائون ته ابا! سج يا آسمان کي تون چرڻ کان روڪي سگهين ته آئون پنهنجي زبان ۽ چپن کي الله سائين جي ذڪر کان روڪي ڇڏيان حضرت مخدوم نوح رح جي روحاني ۽ علمي طاقت جي خبر ملڪان ملڪ پکڙجي وئي ته روزانو سوين نوان ماڻهون سندن خدمت ۾ حاضر ٿي سندن مريد ٿيندا هئا. ۽ جڏهن به روحاني سفر تي ڪنهن ڳوٺ شهر ۾ ويندا هئا ته سوين ماڻهو کانئن ذڪر جي تلقين وٺندا هئا ۽ صدق دل سان سندن مريد ٿيندا هئا پاڻ ٻين بزرگن وانگر نئين مريد جي وارن جي چڳ ڪٽڻ يا مٿو ڪوڙڻ پسند نه ڪندا هئا. عام طور تي هر وقت ۽ هر روز مسجد شريف ۾ مريدن ۽ معتقدن جا ميڙا سندن حاضري ۾ رهندا هئا پر سندن مقرر ڪيل دستور موجب سال ۾ هڪڙو ڀيرو ذوالحج مهيني جي 9 تاريخ يعني حج واري ڏينهن سڄي ملڪ جا مريد وڏي تعداد ۾ وٽڻ حاضر ٿيندا هئا ۽ عيد نماز ساڻن گڏ ادا ڪري پوءِ پنهنجي ڳوٺ هليا ويندا هئا سندن شادي بابت ”سڪينه الروح“ ۾ لکيل آهي ته جنهن ۾ سندن ارشاد آهي ته حضرت عيسيٰ عليه جو ڇڙو رهڻ ڏسي مون به پهرين ارادو ڪيو ته شادي نه ڪجي ۽ ڇڙو ڇانڊ رهجي پر جڏهن ڏٺم ته قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته دنيا جي تعلقات ٽوڙن يا دنيا جي فرض کان مُنهن موڙڻ اسلام ۾ روا نه آهي ۽ جڏهن ڏٺم ته اسان جي آقا ۽ حضور جن شاديون ڪيون آهن ۽ اولادي ٿيا آهن تڏهن مون به پيغمبري متابعت ڪرڻ عين ضروري ڳالهه سمجهي ۽ شادي ڪيم پاڻ پٽ پاراتو ڏيڻ جي سخت خلاف هئا پاڻ چوندا هئا ته ڪنهن ظالم کي به پٽ پاراتو ڪرڻ ناجائز ۽ نادرست آهي.ظالم جي حق ۾ هي دعا گهرڻ گهرجي اي منهنجا رب فلاڻي کي مخلوق کي رحمدل ڪر ته خلق سان نرم دل ٿي هلي. سنڌ جي حاڪم مرزا محمد باقي تي مغل بادشاهه اڪبر ڏاڍو ڏمريو هو سو مرزا کي گرفتار ڪرائڻ لاءِ سنڌ تي لشڪر چاڙهي موڪليو اڪبري فوج سنڌ ۾ قتل غارت ڪندي اڳتي وڌي رهي هئي. ماڻهو حضرت نوح جن وٽ فريادي ٿي آيا. پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ عافيت بخيئر ڪندو آخر اها فوج هالا ويجهو اچي پهتي جنهن ڪري شهر وارا ماڻهو وٽن اچي حاضر ٿيا ۽ سمورا حال اچي پيش ڪيائون پاڻ ٿورڙي مٽي چپٽي گهرائي تري تي رکي هڪ دعا پڙهي فوج ڏانهن ڪيائون جنهن سان اها فوج انهي وقت اتان پوئتي هٽجڻ لڳي ۽ اهڙي ته ڀڳي جو پنهنجو ساهه وڃي هندستان ۾ کنيائون بادشاهه اڪبر لشڪر جي ڀاڄ جو سبب معلوم ڪرڻ گهريو جنهن تي فوج جي سربراهن چيو ته هالن جي لڳ طوفان دهشت طاري ٿيو جنهن ڪري جانيون بچائي اچي هتي پهتا آهيون ان وقت شاهي درٻار ۾ ڪو درويش ويٺو هو ان عرض ڪيو ته اهو ڪنهن ولي اللله جي ڪرامت جو ڪرشمو آهي ان کانپوءِ اڪبر بادشاهه ٻيهر فوج عبدالرحيم خان خانان جي سرڪردگي هيٺ موڪليو ۽ مخدوم نوح جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو به حڪم ڪيو ليڪن عبدالرحيم خانان جي هالا پهچڻ کان اڳ حضرت مخدوم نوح رح هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو . ان وقت سندن عمر 77 سال هئي. پاڻ پيرسن ٿي وڃڻ جي باوجود پاڻمرادو هلندا هئا، وصال وقت کين ڪا به بيماري نه هئي، 27 ذوالقعد 998هه بمطابق 1584ع تي جمع جي رات سوهماڻي جي نماز مسجد ۾ باجماعت ادا ڪيائون. ان بعد حرم سرا اسهيا، مسجد شريف جي دروازي جو ڪڙو هٿ ۾ جهلي هي بيت چيائون:
    نه سي جوڳي جوءِ ۾ نه سا سکي چات
    ڪاپڙين ڪنواٽ وڏي ويل پراڻا
    حويلي ويجهو دروازي تي پهتا ته هي بيت چيائون:
    ابوبڪر آءُ، سامين سفر سنڀاهيو
    متان ٿي پنان، سارين سنياسين
    اهڙا بيت ڏيندي به ڪنهن کي به اهو گمان نه هو ته پاڻ وصال ويجهو آهن، ڇو جو پاڻ وقت به وقت موقعن جي مناسبت سان پنهنجا بيت، ڏوهيڙا ائين پيا ڏيندا هئا، مگر ابوبڪر شاهه لڪياري رحه هڪڙو الله جو بزرگ هو ۽ حضرت مخدوم نوح رحه جو خاص ساٿاري ۽ پيارو هو. ان کي ڪشف ذريعي حقيقت معلوم ٿي وئي ۽ هي بيت چوندي ڳوٺان نڪتو ۽ اچي حاضر ٿيو، ”اچان ٿو اچان ڪج ذرو ڪا جٽا،“ مخدوم نوح رحه جي هدايت تي سندس وصال بعد روڄ راڙو ٿيڻ بجاءِ صبر ۽ سڪونت ۾ رهڻ ڪري رات گذري وئي، ڪنهن کي ڄاڻ نه پئي پر صبح جو سندن وصال جي خبر باهه وانگر پکڙجي وئي ته هر طرف روڄ راڙو شروع ٿي ويو. وصال کان اڳ پاڻ وصيت ڪئي هئي ته اسان کي غسل عبدو فقير ڏيندو جتي به هوندو صبح جو حاضر ٿيندو. غسل بعد تڪڙ نه ڪجو، ڪي غيبي جماعتون به اسان جي جنازي نمازون پڙهنديون. ان بعد اوهان جنازي نماز پڙهجو. صبح سوير عبدو فقير ڪيريو مسجد ۾ اچي پهتو ۽ فجر جي نماز جي تڪڙ مچائي ڏني، حالانڪه جماعت وارا کيس سڃاڻندا نه هئا، ته به پڪ ٿي وين ته عبدو فقير اهو آهي، عبدو فقير سندن جسم مبارڪ کي غسل ڏياريو ۽ جنازو سينگاري ميدان ۾ رکيو ويو ۽ سڀ حاضرين پري ٿي بيٺا ۽ قدرت جو رنگ ڏسڻ لڳا هڪٻئي پٺيان از غيبي جماعتون پي آيون، هڪڙيون جماعتون جنازي نماز پڙهنديون ويون ته پويان ٻيون جماعتون ٿي آيون، جڏهن اهي از غيبي جماعتون جنازي نماز ادا ڪري ويون ته حاضرين جنازي نماز پڙهي ان بعد سندس جسم خاڪي کي ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، کين 12 فرزند هئا ڪجهه نياڻيون هيون، سندس 4 شاديون هيون.


    حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو رحه

    عظيم روحاني شاعر ولي الله، حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو، جيڪو لاکيڻي لطيف جو پڙ ڏاڏو آهي. سندس شجرو حضرت امام حسين عه سان وڃي ملي ٿو، سندس وڏا اصل هرات جا هئا، شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو 20 شعبان 944هه مطابق 1538ع ۾ سيد ميان لعل محمد جن جي گهر ۾ تولد ٿيا. اڃا ننڍا هئا ته سندس والد بزرگوار هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن ڪري سندن تربيت ۽ پرگهور والده ماجده ۽ سندن وڏي ڀاءُ سيد جلال شاهه ڪئي، سندن ننڍپڻ جو ڪو خاص احوال نه ٿو ملي. سندس ڀاءُ جي خواهش هئي ته شاهه ڪريم پڙهي عالم، فاضل ٿئي، ليڪن شاهه ڪريم پڙهائي تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو، کيس 6 سالن جي ڄمار ۾ هڪ مڪتب ۾ موڪليو ويو، پر پاڻ سبق ياد ڪرڻ بجاءِ الله سائين جي نالي جو ورد ڪندو هو .مائيٽن ۽ مولوي صاحب گهڻو ئي زور ڏنو ته پاڻ پڙهي پر ڪجهه به نه وريو. ننڍي هوندي کان سندس دل مولا ڏانهن مائل هئي، پاڻ ننڍي هوندي کان ئي سماع سان دل لڳائي. جواني ۾ به پاڻ سماءُ ۾ حصووٺندو هو، هڪ ڏينهن سماءُ جي محفل ۾ مشغول هو ته سندس ڀاءُ اتان وٺي اچي قاضي آڏو پيش ڪري سندس نڪاح پڙهايو، جيستائين سندس ڀاءُ جلال شاهه حيات هئا، ايستائين شاهه ڪريم گهر ٻار جي بار کان آجو هو ۽ اڪثر سماءَ ۽ ذڪر فڪر جي محفلن ۾ گذاريندو هو. پاڻ سئر سفر جا به شوقين هئا، جتي سماءَ جو ٻڌندو هو ته اتي وڃي انهن محفلن ۾ شريڪ ٿيندو هو. پاڻ گجرات کان احمد آباد تائين به سفر ڪيو، سندن ڀاءُ جي وصال بعد پاڻ محنت، مشقت ۽ سخت پورهئي واري زندگي گذاري، زمين آباد ڪرڻ کانسواءِ پاڻ ڪڏهن ڪڏهن گهر جو ڪم ڪرڻ خاص طور ڪڏهن ڪڏهن چانور، ڀاڄي به ڪرڻ ۾ آر محسوس نه ڪندا هئا، پاڻ صوفي بزرگن مطابق عبادت کانسواءِ سخت رياضتون پڻ ڪيون. سندن سماع سان فطري ۽ غير معمولي لڳاءُ هئن، ڪنهن ذاڪر، عالم يا قوال کان ڪو اعليٰ معنيٰ وارو ڪلام ٻڌندا هئا ته مٿس وجد واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي، پاڻ اسلام جي اوائلي صوفين جي زهد، تقويٰ جو اعليٰ مثال هو، پاڻ ٿورو کائيندو هو، گهٽ ڳالهائيندو هو ۽ ٿورو سمهندو هو.
    سندن زندگي اعليٰ انساني اخلاق ۽ آدرش جو مثال هئي، روايت آهي ته ان زماني جو دانشمند مخدوم ضياءُ الدين رح واعظ پئي ڪيو، شاهه ڪريم ان وقت اڃا صغير هو ۽ ڌيان سان ويهي واعظ ٻڌو ۽ واعظ ختم ٿيڻ بعد شاهه ڪريم جڏهن گهر وڃڻ لڳو ته ان بزرگ جي شاهه ڪريم تي نظر پئي ۽ ڏسڻ شرط فرمايائون ته سبحان الله هن ننڍڙي جي هن وهي ۾ ئي حضور پاڪ صه سان محبت آهي، جيڪڏهن جواني ۾ کيس ڏسان ها ته چڱو ٿئي ها. شاهه ڪريم جي زندگي اعليٰ انساني اخلاق ۽ آدرش جو مثال هئا، پاڻ اڪثر روزي يا فاقي ۾ رهندا هئا، سخاوت ۾ ايترا جو در تي آيل سواليءَ کي گهر ڀاتين لاءِ تيار ٿيل کاڌو ڏئي ڇڏيند اهئا. ان دور ۾ ارغونن ۽ ترخان جي ڏاڍ، ظلم جو زمانو هو، مقامي ماڻهن تي وڏا ظلم ٿيندا هئا. وٽن ڪو مظلوم دانهن کڻي ايندو هو ته پاڻ انهن جي داد رسي لاءِ ساڻن گڏجي حڪمرانن وٽ ويندا هئا، ڪڏهن به سٺي موٽ نه ٿي ملين، پر پاڻ مايوس ٿيڻ بجاءِ مظلومن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ضرور ڪندا هئا. حضرت شاهه عبدالڪريم رح جن جا پنهنجي وقت جي بزرگن عالمن سان سٺا ۽ ويجها تعلقات رهيا. حضرت غوث الحق، مخدوم نوح سرور جن سان وڏي عقيدت هئن، بيان العارفين موجب پاڻ ظاهري طور سلطان ابراهيم بهاري کان قادري طريقي ۽ ذڪر جي تلقين ورتي هئائين، پر اصل ۾ شاهه ڪريم اويسي طريقي جا بزرگ هئا. شاهه ڪريم جي زندگي بابت احوال پڙهڻ سان خبر پوي ٿي ته سندن همدردي ۽ اعليٰ اخلاق جا ڪيئي مثال موجود آهن، پاڻ صاحب ڪرامت هئڻ جي دعويٰ نه ڪئي. پاڻ چوندا هئا ته ٻيا ماڻهو دنيا جا ٻيا فن ۽ هنر سکيا، آئون ڪجهه به نه سکيس، سواءِ سماع جي. سماع ٻڌڻ وقت ڪيترائي ڀيرا بيت ٻڌڻ سان مٿن وجد طاري ٿي ويندو هو ۽ ڪجهه دير بعد کين هوش ايندو هو. روايتون آهن ته ان وقت سماع کي جنت جي نعمتن مان هڪ نعمت تصور ڪئي ويندي هئي ۽ اهو به چيو ويندو هو ته الله سائين تائين پهچڻ جي اصل واٽ سماع آهي. ان ڪري شاهه ڪريم پنهنجي مريدن کي به سماع ۾ حصو وٺڻ جي هدايت ڪندا هئا. کين اها ڳالهه نه وڻندي هئي ته ڪو مريد سماع اڌ ۾ ڇڏي اٿي وڃي، سنڌ ۾ صوفياڻي سماع جي روايت شاهه ڪريم وٽ ملي ٿي، جنهن کي شاهه لطيف سائين نهايت منظم طريقي سان عروج ڏنو ۽ جاري رکيو.
    بيان العارفين مان معلوم ٿئي ٿو ته شاه عبدالڪريم بنيادي طور فقير ۽ زهد جو صاحب هو، سندس شاعر ي۽ قول اعليٰ درجي جا آهن، سندن قولن ۾ دنيا جي مڙني مسئلن جو جواب موجود آهي، پاڻ فجر جو اٿي اذان ڏئي جماعت گڏ ٿيڻ بعد نماز پڙهي مراقبي ۾ ويهندا هئا. ڪم ڪار ڪرڻ وقت به ذڪر الاهي ڪندا رهندا هئا. پاڻ انتهائي سادو کائيندا هئا، سادو پهريندا هئا، کين ننڍي هوندي کان شاعري جو شوق هوندو هو. شاعري سندن رڳ رڳ ۾ سمايل هئي، کانئن اڳ وارن ڪيترن ئي شاعرن جو ڪلام به کين ياد هوندو هو. سندن شاعري نج پراڻي سنڌي آهي، ان ۾ ڪجهه لفظ عربي جا به شامل آهن. پاڻ سٺن اخلاقن عادتن جو روشن مينار هو، صبر، نهٺائي، تحمل جو گهر هئا، ڪو ڪجهه چوندو هئن ته ان کي ورائي ڪجهه به نه چوند اهئا. سندن اندر ۾ ڪاوڙ، ڪينو، بلڪل نه هو، پاڻ وڏا رحمدل پڻ هئا، پاڻ ڪنهن ضعيف کي ڪم ڪندي ڏسندو هو ته ان تي رحم کائي ان جي مدد ڪندو هو. انهن جو ڪم پاڻ ڪندو هو، رياضتن، فاقن، اوجاڳن ۽ عبادتن جي ڪري پاڻ زندگي جي آخري حصي ۾ انتهائي ضعيف ٿي ويا، ليڪن سندن روحاني طاقت پاڻ وڌيڪ هئي. زندگي جا آخري ڏينهن حجري ۾ اندر گذاريا، جتي اڌ رات جو اٿي پنهنجا ۽ ٻين شاعرن جا بيت چوندا هئا. پاڻ 88 ورهين جي ڄمار ۾ 7 ذوالقعد 1023هه آچر رات مغرب جي نماز وقت هن فاني دنيا مان وصال ڪري ويا. سندن مبارڪ روح وڃي حقيقي مالڪ کي پهتو، سندن وصال جي خبر باهه وانگر جڏهن علائقي ۾ پکڙي ته هزارين مريد، عقيدتمند گڏ ٿي ويا، کين سيد پور ۾ سپردخاڪ ڪيو يوو. اهو سيدپور هاڻ شاهه ڪريم بلڙي سڏجي ٿو. شاهه ڪريم تي سندس پڙپوٽي دنيا جي عظيم روحاني شاعر ولي الله حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عظيم الشان قبي جو ڪم ڪرايو، ان لاءِ ڪاشي جون سرون ٻيڙين ذريعي ملتان مان گهرايون. شاهه ڪريم جي درگاهه تي شاهه لطيف جو حجرو به آهي.
    شاهه ڪريم کي 8 پٽ ۽ 2 نياڻيون هيون، سندن پهريون گادي نشين سندن فرزند ميان دين محمد ٿيو، ماضي ۾ درگاه شاه ڪريم تي هر اسلامي مهيني جي پهرين سومر ڏينهن تي ميلو لڳندو هو، جتي سماع به ٿيندو هو پر هاڻ هر مهيني سهائو سومار ملهايو وڃي ٿو، باقي عرس مبارڪ هر سال 7 کان 9 ذوالقعد تي ملهايو وڃي ٿو، جتي نه صرف سنڌ پر ڀارت مان به مريدن، عقيدتمندن جو وڏو تعداد شريڪ ٿئي ٿو. شاهه ڪريم جو شجره نسب مبارڪ هن ريت حضرت علي عليھ السلام، حضرت امام حسين عليھ السلام، حضرت زين العابدين عيلھ السلام، حضرت محمد باقر عليھ السلام، حضرت جعفر صادق عيلھ السلام، حضرت امام موسيٰ ڪاظم عيلھ السلام، حضرت سيد جعفر الجواري، حضرت سيد الجواري، حضرت سيد جعفر الجواري، حضرت سيد علي الجواري، حضرت سيد حسين الله اڪبر، حضرت سيد ابراهيم، حضرت سيد علي الجواري، حضرت سيد عرف حسين، حضرت ابراهيم، حضرت سيد يوسف، حضرت محمد عرف حسين، حضرت سيد علي، حضرت سيد محمد، حضرت سيد حسين، حضرت سيد امير حيدر هراوي، حضرت سيد امير علي، حضرت سيد امير علي، حضرت سيد جلال بجران، حصرت سيد شرف الدين، امير علي، حضرت سيد جلال بجران، حضرت سيد شرف الدين، حضرت سيد حاجي، حضرت سيد جلال، حضرت سيد هاشم، حضرت سيد حاجي، حضرت سيد جلال، حضرت سيد عبدالڪريم، جڏهن ته حضرت شاهه عبدالڪريم جي سجاده نشينن ۾ سيد دين محمد شاه، سيد لال محمد شاه، سيد شاهه حسين شاهه، سيد محمد دليل شاهه، سيد عبدالغني شاهه، سيد عبدالواصع شاهه، سيد محمد زمان شاهه، سيد محمد علي شاهه، سيد محمد مقيم شاه، سيد واصع شاه، سيد محمد ميان صلاح شاهه، سيد صاحب ڏنو شاهه، سيد غلام حيدر شاه، سيد اعجاز حسين شاهه، موجوده سجاده نشين سيد شاهد حسين شاهه جن آهن، جيڪي ملڪ کان ٻاهر رهن ٿا، ان ڪري قائم مقام سجاده نشين سيد اسد علي شاهه صاحب جن آهن.


    دنيا جو عالمي شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح

    دنيا جو لافاني شاعر عظيم صوفي بزرگ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جن جو شجرو ٻنهي جهانن جي سردار حصرت محمد صه جن سان ملي ٿو. سندن وڏا هرات جا هئا، جي نه صرف زهد ۽ تقويٰ جي ڪري مشهور هئا، پر وڏي مال متاع جا به مالڪ هئا، هنن مان هڪ بزرگ مير حيدر شاهه سير سياحت لاءِ هالن ۾ اچي نڪتو. جتي سندس هڪ بزرگ شاهه محمد هالائي جي نياڻي سان شادي ٿي. ڪجهه سالن بعد پنهنجي والد جي وفات جي خبر پوندي واپس وطن موٽيا. ان بعد سگهو ئي کين پٽ ڄائو، جنهن جي اولاد مان ناميارو شاعر ۽ اوليا شاهه ڪريم بلڙي وارو به ٿي گذريو آهي. جيڪو لطيف سائين جو تڙ ڏاڏو هو.
    شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو سيد جمال شاهه، شاه ڪريم بلڙي مان لڏي مٽياري ۾ اچي ويٺو، ڪن ڪتابن ۾ اچي ٿو ته مٽياري ۾ عزيزن جي اڻ وڻت ڪري شاهه حبيب جو والد سيد عبدالقدوس پنهنجي عزيز سخي هاشم شاهه جن جي مشوري تي مٽياري مان لڏي ڳوٺ سئي ڪندر موجوده تعلقي ٽنڊو آدم ۾ آباد ٿيا، جتي ڏيرا برادري آباد هئي ۽ ڏيرن فقيرن ۾ ڪيترائي عالم درويش فقير هئا. ڊاڪٽر گربخشاني لکي ٿو ته “اتي شاهه حبيب جي شادي ڏيرا برادري جي عربي ڌياڻيءَ جي ڌيءَ سان ٿي.” دين محمد وفائي اهو خيال ڏيکاريو آهي ته “شاهه حبيب سندس ئي خاندان جي مخدوم ڌياڻيءَ جي ڌ يءَ سان شادي ڪئي، جيڪو وڏو بزرگ به هو.” ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مضمون شاهه حبيب جو ڪٽنب ۾ لکيو آهي ته “شاهه حبيب جي شادي سئي ڪندر ۾ ڏيرا فقيرن جي هڪ شاخ ثابت ٻوٽا مان عرس فقير ڏيرو جي نياڻي سان ٿي. شاهه حبيب کي سئي ڪندر ڳوٺ ۾ ٻه پٽ عبداللطيف ۽ عبدالرشيد پيدا ٿيا. جيڪي ننڍي هوندي وفات ڪري ويا. جن جا آخري آرام گاهه اڄ به سئي ڪندر ڀرسان سنڌ جي مشهور وڏي قبرستان ساياتن جو قبرستان ۾ آهن. شاهه حبيب کي اولاد نه بچڻ ڪري کين اتان جي بزرگ ماڻهن ٻڌايو ته هتي اوهان جو اولاد نه بچندو، جنهن ڪري هتان ٻئي ڪنهن هنڌ لڏي وڃو، جتان شاهه حبيب لڏي هالا حويلي ۾ اچي ويٺا، جتي شاهه لطيف پيدا ٿيو. هالا حويلي بابت مختلف روايتون آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته اها هالا ويجهو هئي، ڪن مورخن مٽياري وٽ ڄاڻائي آهي، پر تازو ڪجهه نوجوان اديبن پاران ڪيل تحقيق مان ثابت ٿيو اهي ته هالا حويلي ٽنڊوالهيار، ٽنڊوآدم روڊ تي عثمان شاهه هڙي بس اسٽاپ کان اولهه طرف آهي، جيڪا اڄ به هالا حويلي سڏجي ٿي. سيد غلام حيدر شاهه مرحوم پير آف ڀٽ شاهه جي ويجهو عزيز سيد مير شاهه مرحوم جيڪو وڏو ڄاڻو هو ان به تصديق ڪئي ته هالا حويلي عثمان شاه هڙي ويجهو آهي، جتي هر سال جشن ولادت شاهه لطيف ملهايو وڃي ٿو، ليڪن ڪجهه ليکڪن لطيف سائين جو جنم ڳوٺ سئي ڪندر لکيو آهي. شاهه لطيف جي جنم تاريخ جو هتي پتو نه ٿو پوي. شاهه لطيف تي تحقيق ڪندڙن لطيف جي جنم تاريخ جدا جدا لکي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ تحقيق ڪندڙن مان ڊاڪٽر ٽرمپ 1680ع، سگا 1660ع، مرزا قليچ بيگ 1687ع، مير علي شير ڪانهي 1667ع، ڪلياڻ آڏواڻي، 1689ع ۾ ڄاڻايو آهي. شاهه لطيف کي شروعاتي تعليم لاءِ آخوند نور محمد ڀٽي وٽ ويهاريو ويو. لطيف سرڪار جي تعليم بابت ڪيترائي مونجهارا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، ڪي ته لدني علم جي پالوٽ ٿا ٻڌائين، ڪن محققن جي خيال مطابق بزرگن سان ملاقاتون ۽ گهرو تربيت سندس دل جا پردا کولي ڇڏيا هئا، روايت آهي ته آخوند نور محمد لطيف سرڪار کي الف پڙهائڻ بعد ب چيس ته لطيف سرڪار جواب ڏنو ته مون لاءِ الف کوڙ آهي، آخوند نور محمد وائي جو ڳوٺ موجوده اڏيرو ۽ هالا حويلي جي وچ تي هو. ان وقت اڏيري ۾ دائري شريف جو وڏو ديني درسگاهه هو، جتي باطني ۽ ظاهري علم پڙهايا ويندا هئا. دائري وارن جي قرت مديني تائين مشهور هئي، امڪان آهي ته شاهه لطيف اتان علمي فيض پرايو هجي. ڇاڪاڻ ته لطيف سرڪار جي فڪري انداز تاريخي ڳوڙهي اڀياس، عربي فارسي جي وڏي ڄاڻ، سنڌ جي وڏن عالمن سان رهاڻيون ظاهر ڪن ٿيون ته پاڻ وڏو عالم ۽ مفڪر هو. پاڻ سدائين پاڻ سان گڏ قرآن شريف ۽ مثنوي مولانا رومي ۽ رسالو ڪريمي کڻي هلندا هئا، ڊاڪٽر ٽرمپ به سندس علمي ڄاڻ جي خيال بابت پٺڀرائي ڪن ٿا. ڊاڪٽر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته “لطيف اڻ پڙهيل واري دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ شاهه جو ديوان ئي ڪافي آهي، جنهن ۾ هن فارسي، عربي زبانن جو اونهو محاورو ڏيکاريو آهي،” ڊاڪٽر گربخشاڻي جو چوڻ آهي ته “شاهه لطيف عربي، فارسي ۽ سنڌي جو وڏو عالم هو، ان کانسواءِِ ٻين ٻولين بلوچي، پنجابي، هندي ۽ٻين جي به ڪافي ڄاڻ هئن” ڪن روايتن موجب سندن والد هالا حويلي مان لڏي ڪوٽڙي بيگ ۾ جيڪا کنڊو بس اسٽاپ کان اولهه طرف هئي ۽ اتي مغلن جو ڪوٽ موجود هالا حيدرآباد روڊ تي اولهه طرف هو، ڪوٽ جا نشان هاڻ ختم ٿي چڪا آهن، مغل، شاهه حبيب جا مريد ٿيا، انهن ۾ مرزا بيگ نالي وڏي پهچ ۽ بااثر ماڻهو به رهندو هو، جنهن جي خاندان جو شجرو وڃي چنگيز خان سان لڳي ٿو، هن خاندان جو شاهه حبيب ۾ وڏو عقيدو اعتماد هوندو هو، هو سندن وڏي عزت ڪندا هئا، هڪ ڀيري مرزا مغل بيگ جي نياڻي بيمار ٿي پئي ۽ دستور موجب تعويذ ڦل ۽ دعا ڦيڻي لاءِ شاهه حبيب کي سڏايو ويو، ان ڏينهن شاهه حبيب حي طبيعت ناساز هئڻ ڪري وڃي نه سگهيا ۽ پنهنجي پٽ شاهه لطيف کي اوڏانهن روانو ڪيائون، مغل نهايت سخت پردو ڪندا هئا ۽ حويلي ۾ ڪنهن به مرد ماڻهو کي اچڻ ڪونه ڏيندا هئا ۽ بيمار ڇوڪري کي چادر ۾ ويڙهي ويهاريائون ۽ جيئن شاهه کي ڇوڪريءَ جي آڱر ڦيڻي وجهڻ لاءِ هٿ ۾ ملي، تيئن عشق ڄڀيون ڏيڻ لڳو ۽ مجازي عشق اري مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيس، پاڻ ڇوڪري کي دل ڏئي ويٺا ۽ چوڻ لڳو، “جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ تنهن کي لهر نڪو لوڏو.”
    مشهور ليکڪ غلام نبي سڌايو آرٽيڪل علامت نگاري ۽ شاهه لطيف ۾ مختلف اديبن جا حوالا ڏئي لکي ٿو ته “اها روايت صحيح نه آهي،” بهرحال اها ڳالهه مغلن کي ناگوار لڳي ۽ ساداتن کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مجبورن هو ڪوٽڙي مان لڏي ويا. شاهه لطيف عشق جي الفي ڳچيءَ ۾ وجهي اندر جي اڌمن ڪڍڻ لاءِ سندن لڪل شاعراڻو شعور پلٽجي پيو ۽ سندن عشق واري ڳالهه ۽ اندر جي اڌمن وارن بيتن جو پوري علائقي ۾ چرچو وڌي ويو. شاهه لطف کي عشق اهڙو ته اري مان ڪڍي ڇڏيو جو تن من دنيا جو خيال نه رهيس، جهرجنگ برپٽن ۾ ڏينهن جا ڏينهن پيو ڀٽڪندو هو، چون ٿا ته هڪ دفعي لطيف سائين هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏئي ويٺو هو ۽ محبوب جي خيال ۾ ايترو ته ٻڏي ويو جو 3 ڏينهن لڳي ويس ۽ اڏامندڙ واريءَ ڪلهن تائين ڍڪي ڇڏيس.ڀٽ ڌڻي پنهنجي فقيرن لاءِ چوندا هئا ته هو منهنجو اولاد آهن، شاهه صاحب جن وٽ سدائين سماع لڳو پيو هوندو، آئي ويئي سان پاٻوهه سان ملڻ ۽ محبت ونڊڻ ڪري سندن هاڪ هر هنڌ هلي پئي ۽ پري پري کان ماڻهو وٽن اچي حاضر ٿيڻ لڳا. ويجهو رهندڙ پيرن مشائخن کي اها ڳالهه ڪانه وڻي. شمس العلماءِ مرزا قليچ بيگ، شاهه لطيف جي دشمنن جو احوال ڏيندي لکي ٿو:
    “انهن مان هڪڙا هالن وارا پير مخدوم نوح جو اولاد ۽ ٻيا مٽيارين وارا سيد جي خود شاهه جا ويجها عزيز هئا ۽ سنڌ جا حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙو انهن ڌرين لطيف کي گهڻو ستايو،” ليڪن مخدوم طالب الموليٰ جن جو لکيل ڪتاب جيڪو مخدوم جميل الزمان ڇپايو آهي، انهيءَ تاريخي، روايتن حوالن سان ان جي ترديد ڪئي آهي ته مخدوم نوح جو اولاد شاهه لطيف جا دشمن نه هئا. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته شاهه لطيف کي پنهنجي ڏاڏي شاهه ڪريم بلڙي جو مقبرو ٺهرائڻ جو خيال ٿيو ۽ ڪاشيءَ جون سرون آڻڻ لاءِ پاڻ ملتان ويو، جتان واپس ٻيڙيءَ ۾ خداآباد ڪلهوڙن جي گادي جي هنڌ وٽان لنگهيو ته اتي ساهي پٽڻ لاءِ لنگر هنيائين، سندن اچڻ جو ٻڌي ماڻهن وڏي تعداد ۾ سندن حاضري لاءِ پهچڻ لڳا، ميان نور محمد ڪلهوڙو به پنهنجي قاصد هٿان موتين جي معجون جي دٻلي نذراني طور ڏياري موڪلي. شاهه صاحب دٻلي وٺي درياءَ ۾ اڇلائي ۽ چيائين ته ميان صاحب کي سلام ڏجو ۽ چئج ته اوهان جي سوغات فقط اسين کائون ها ته اسان کي فائدو پهچي ها پر هاڻ ڀل ته عميق ۾ جيڪا مخلوق آهي اها به فيض حاصل ڪري چون ٿا ته اوڏي مهل اتان مئل مڇيون ترنديون ڏسڻ ۾ آيون!
    روايتون آهن ته شاهه لطيف جي هاڪ ملڪان ملڪ ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي ۽ ڪيترائي استاد ڳائيندڙ گويا هندستان مان اچي نڪتا اٽل ۽ چنچل نالي دهليءَ جا ٻه مشهور ڳائيڻا به اچي اتي پهتا، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو مشهور گويئي تان سين جا پٽ هئا، ويرانيءَ ۾ آباد ڪيل نئين ڳوٺ ڀٽ شاهه ۾ ميلي جيان سماءُ لڳو پيو هوندو هو. شاهه سائين پنهنجا بيت پاڻ به ڳائنيدو هو، پڇاڙيءَ واري وقت ۾ کين ڪربلا جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳيو، سنڀري نڪتو ته هڪ مريد گڏين ۽ چيائين ته قبلا هي ڇا اوهان ته چوندا آهيو ته ڪفن دفن ڀٽ ۾ ٿيندو چون ٿا ته مريد الله جو پهتل هو ۽ ان حال پروڙي ورتو. شاهه سائين کي هي لفظ دل سان لڳا، موٽي ڀٽ تي آيو، ڪارو ويس ڪري سر ڪيڏارو جا بيت چوڻ لڳو ۽ فقيرن کي به دنبوري تي ڪيڏارو ڳائڻ جو چيو، پاڻ هڪ ايڪيهيون ڪڍيو، جنهن بعد وهنجي چادر ويڙهي مراقبي ۾ ٿي ويٺو ۽ فقيرن کي سماع ڪرڻ جو اشارو ڪيائون، ٽي ڏينهن سماع هلندو رهيو. آخر سماع بند ڪري فقير شاهه جي ويجهو وڃي ڏٺو ته پاڻ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪا هئا. سندن وفات 1752ع بمطابق 1125هه صفر مهيني جي چوڏهين تاريخ تي ٿي ۽ انهيءَ تاريخ تي هر سال ڀٽ شاهه ۾ ٽي روزا ميلو لڳندو آهي.
    ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جيڪو لطيف سائين جي دعائن سان پئدا ٿيو ان سن 1127هه مطابق 1754ع ۾ ڀٽ ڌڻي جي آخري آرامگاه کي اڏايو ۽ دروازي تي ڪيترايون فارسي جي بيت واريون سرون لڳرايون. ڪتابن ۾ اچي ٿو ته شاهه لطيف جي چهري مان سدائين نور پيو ٻهڪندو هو ۽ اکيون وڏيون ۽ سدائين مشعل وانگر پيون ٻرنديون هيون. وڳنڌ نالي فقير کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان چرچو ڀوڳ نه ڪندا هئا، پاڻ سادو کائيندو سادو پائيندا هئا، بدن تي گيڙو ڪفني، مٿي تي ڊگهي جمني ٽوپي جنهن تي ٻه ٽي واراڪا ڪپڙي جا ويڙهيل هوندا هئا، پاڻ اڪثر پير اگهاڙا ڪري هلندو هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ کڻندو هو، کاڌي پيتي لاءِ هڪ وڏو ڪشتو هوندو هو چون ٿا سندن ڪافي نشانيون اڳ درگاه تي رکيون هيون، ليڪن اهي هاڻ ڏسڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. پاڻ گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو، هڪ دفعي فقيرن شڪايت ڪئي ته سائين ڀٽ تي مڇر ڏاڍا آهن، پاڻ جواب ڏنائون ته ابا مڇر اوهان جا سڄڻ آهن، جو اوهان کي غافل ٿي سمهڻ نٿا ڏين ۽ اوهان کي هدايت ٿا ڪن ته سستي ڇڏي الله جي عبادت ڪريو. روايتون آهن ته محرم مهيني ۾ پاڻ ڪربلا جي شهيدن لاءِ ماتم ڪندو هو، سر ڪيڏارو ۾ شهيد امامن لاءِ دانهون ۽ آهون ڪيون اٿس. شاهه لطيف جي شاعري انساني جذبن ۽ امنگن جي ترجماني ڪري ٿي ۽ انسان ذات جي ڀلائي بهتري لاءِ پيغام ڏئي ٿي. لطيف جي مشاهدي جي قوت تمام تيز آهي، هو هر شيءِ جي گهرائي ۾ وڃي بهتر نتيجا اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو، سندس ڪلام ۾ انساني فطرت جو هر رخ ۽ انساني تجربي جو عڪس نمايان نظر ايندو. شاهه جي نظر ۾ ڪائنات جي سمورن رنگن ۾ وحدت آهي، هن اسان کي سمجهايو آهي ته ڇو انڌا ٿيا آهيو، ڇو پيا پاڻ ۾ وڙهو، اوهان ته پاڻ ۾ هڪ آهيو، اوهان پاڻ کي هڪٻئي کان جدا سمجهڻ اوهان جي جهالت ۽ بي فڪري آهي.
    پائي ڪان ڪمان ۾، ميان مار نه مون،
    مون ۾ آهين تون, متان تنهنجو ئي توکي لڳي.
    يعني پنهنجي پاڻ کي الڳ سمجهڻ وڏي ناداني آهي، خودپرستي جي تصور ۽ اونچ نيچ رنگ نسل ۽ ذات پات جا ويڇا پيدا ڪري انسان کي الڳ الڳ ڪري ڇڏيو آهي. بغض، ڪينو، حسد، ساڙ، خودغرضي، تڪبر، تعصب ۽ انسان دشمني انهيءَ تصور جي پيداوار آهي، انهيءَ ڪري ملڪ ۾ انتشار فساد آهي، لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ سمجهائي ٿو ته زندگي جو مقصد رڳو مادي ترقي تائين محدود نه رکو، هتان ماديت ۾ مبتلا ٿبو ته خود غرضي ۾ نه ڦاسي پئبو، پنهنجي مفاد ۽ مقصد لاءِ ٻئي کي نقصان پهچائڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿا ڪريو. اهڙي حالت ۾ حقيقي مقصد هٿ نه ايندو. شاه سائين پنهنجي شاعري ۾ اهو پيغام ڏي ٿو ته پنهنجي ترقي ۽ خوشحالي جي تمنا ضرور رکو، پر ٻين جا حق غضب نه ڪريو، ٻين جي راهن ۾ رڪاوٽون پيدا نه ڪريو، پاڻ جيئو ۽ ٻين کي جيئڻ ڏيو. حقوق العباد تي مڪمل عمل ڪريو.
    شاهه لطيف جو رسالو ۽ سندس وجود سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ قوم لاءِ هڪ اعليٰ آدرشي نمونو آهي، ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي لکي ٿو ته جڏهن ٻين شاعرن جي شاعري ٿڌي ٿانئري ٿي ويندي آهي، تڏهن به شاهه صاحب جي شاعري ساڳئي جلوي، زندگي ۽ دنيا جي منجهيل، ڪٺن ۽ ٻاٽ اونداهين وارن رستن کي روشن ڪندي رهندي. لطيف سنڌي ٻولي کي سلاست، بلاغت، فصاحت ڏيندڙ ڌڻي هو. نوان نياپا نوان طريقا نيون امنگون ۽ اظهار جا نوان طريقا ڏئي ويو، لطيف عظيم هو، ڀلا ڀاڳ آهن سنڌ جا لطيف جهڙو عظيم صوفي بزرگ ۽ لافاني شاعر هتي پيدا ٿيو.


    حضرت فقير نوح هوٿياڻي

    سنڌ ڌرتي درويشن جو ديس سڏجي ٿي، هن ڌرتي ڪئين بزرگ هستيون، روحاني شاعر، عالم، اديب، دانشور پيدا ڪيا آهن، انهن ۾ حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي شخصيت ۽ بزرگي اعليٰ مقام رکي ٿي، سندن شمار سنڌ جي مشهور بزرگ هستين ۽ اوائيلي روحاني شاعرن ۾ ٿئي ٿو. سندس درگاهه هالا، مٽياري جي وچ تي ڳوٺ نوح هوٿياڻي ۾ آهي، جتي روزانو سڄي سنڌ مان عقيدتمندن جو وڏو تعداد حاضري ڀرڻ ۽ پنهنجون حاجتون پوريون ٿيڻ لاءِ باسون باسڻ لاءِ اچي ٿو. حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي مزار تي هر وقت زائرين جو ميلو متل هوندو آهي. حضرت فقير نوح هوٿياڻي بابت تفصيلي معلومات بابت هن وقت تائين لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. ليڪن ڪافي ڪتابن ۾ سندن مختصر احوال آيو آهي، جنهن موجب پاڻ عربستان کان آيل آهن. روايتون آهن ته جڏهن مولا مشڪل ڪشا حضرت علي عه جن خيبر قلعو فتح ڪيو ته ان بعد لاتعداد ڪافر جيڪي باغي هئا، اهي اتان ڀڄي ڏکڻ ايشيا ۾ اچي پناهه ورتي، ان وقت سنڌ ۾ راجائن جي حڪومت هئي، ان ڪري هنن پاڻ کي سنڌ ۾ محفوظ سمجهيو ٿي. روايتون آهن ته ان وقت خيبر قلعي کان آيل باغين کنڊو ويجهو پنهنجو شهر آباد ڪيو، جيڪو انتهائي وڏو شهر هو. ڪن مورخين جو چوڻ آهي ته اهو شهر موجوده کيبر وارو شهر آهي. روايتون آهن ته حضرت فقير نوح هوٿياڻي کي خواب ۾ حضرت محمد صه جن کان بشارت ملي ته خيبر شهر وڃي اسلام جي تبليغ ڪر ۽ فقير نوح هوٿياڻي تبليغ جو قافلو وٺي عربستان کان ايران اتان افغانستان بعد ۾ لڪ خيبر کان اوچ شريف جتان ملتان شريف اتان کيبر پهتو، مٿين ملڪن ۾ پڻ ڪافي عرصو رهيو ۽ پاڻ دين اسلام ۽ انسانيت جي پرچار ڪئي، سندن تبليغ جو انداز اهڙو هو جو ان سان ڪيترائي غير مسلم مسلمان ٿيا. روايتون آهن ته خيبر لڪ ۾ فقير صاحب جو اولاد آهي، جيڪو وري مخدوم سڏجي ٿو، هتي حضرت فقير نوح هوٿياڻي پنهنجي طريقي سان اسلام جي تبليغ ڪئي ۽ لاتعداد معجزا ڏيکاريا، جنهن سان ڪيترائي غير مسلم پاڻ مرادو مسلمان ٿيا. فقير صاحب جتي سندن مزار آهي، اتي پنهنجو آستانو قائم ڪيو، جتي ماڻهن جا ميڙا مچڻ لڳا، سندن دعائن جو اهڙو اثر هو جو جنهن لاءِ دعا گهرن انهن جا ٻيڙا پار ٿيڻ لڳا. سندن دعائن سان بي اولادن کي اولاد عطا ٿيڻ لڳو، بيمارن کي صحت ملڻ لڳي. پريشان حال ماڻهن جون پريشانيون ختم ٿيڻ لڳيون، هر حاجت مند جون حاجتون پوريون ٿيڻ لڳيون، اهڙي ريت فقير صاحب جي هاڪ پوري علائقي ۾ پکڙجڻ لڳي.
    پاڻ انتهائي فقيراڻي طبيعت وارا سادو پائڻ سادو کائڻ ۽ سادگيءَ سان رهڻ وارا خاموش طبيعت رکندڙ گهڻو وقت ذڪر الاهي ۾ گذاريندا هئا، پاڻ ٻڪرين جا شوقين هئا، هنن وٽ ٻڪرين جو ڌڻ هو. حضرت مخدوم طالب الموليٰ جن سروري جماعت جو ڏهر اويسي طريقو مضمون ۾ مختلف ڪتابن جي حوالي سان لکي ٿو ته “هي درويش فقير نوح هوٿياڻي 8 صدي هجري ۾ ٿي گذريو آهي. مخدوم صاحب هڪ ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جڏهن ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح دين دهلي قيد مان آزادي ماڻڻ بعد ٺٽي ويندي کيبر شهر وٽ پهتا ته هڪ درويش ڏٺائون، جيڪو ٻڪرين جو ڌڻ چاري رهيو هو، ان موقعي تي ڪو شخص سندس ٻڪرين جي ڌڻ ڏانهن وڌيو ته هن درويش چيو ته ڄام تماچي جي حڪم سان منهنجي مال سان دست اندازي نه ڪر، اهو ٻڌي هو تعجب ۾ پئجي ويا ۽ اڳتي وڌي اچي درويش کان پڇائون ته ملڪ جو والي اڃا ڄام جوڻو آهي ۽ ڄام تماچي دارلخلافت دهلي ۾ نظر بند آهي، پوءِ تون ڪيئن ٿو چئين ته ڄام تماچي جو حڪم آهي، ان تي درويش فرمايو ته ڄام تماچي جي مون کي خبر ناهي باقي ٻن ٽن ڏينهن کان وڻ ٽڻ پکي پکڻ کان اها صدا ٻڌي رهيو آهيان ته ڄام تماچي جو حڪم آهي، اها بشارت ٻڌي ڄام تماچي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ درويش سان پنهنجو حال ڪيائين ۽ مقصد حاصل ڪرڻ خاطر پاڻ تي نذرانو مقرر ڪيائين، غالبا انهي موقعي تي درويش فقير نوح هوٿياڻي هن کي دعا ڪئي ته فتح اوهان جي آهي ۽ فقير صاحب ان موقعي تي شعر جي اندا ز۾ دعا ڪئي ته:
    جوڻو وڃي جهوري ماريو، ڄام تماچي وڃي شهرين چاڙهيو،
    يعني: ته ڄام جوڻو وڃي پورو ڪريو ۽ ڄام تماچي کي وڃي ملڪ جو بادشاهه بڻايو. هڪ ٻي روايت موجب ڄام تماچي معذول ٿيڻ بعد ڄام جوڻو کي وڃي حڪمران بڻايو، جيڪو انتهائي ظالم هو، هن ڄام تماچي جهڙي انسان دوست ۽ سخي کي وڃي قيد ڪيو ۽ عوام تي ظلم ڪيا، ماڻهو ظلم کان تنگ اچي فقير نوح هوٿياڻي وٽ پهتا ۽ عرض ڪيائون ته ڄام جوڻو جي ظالمانه حڪومت جي ختم ٿيڻ ۽ ڄام تماچي جي آزادي ۽ سندس ٻيهر حڪمران ٿيڻ لاءِ دعا گهرو ۽ ان موقعي تي فقير صاحب مٿيون شعر پڙهي ڄام جوڻو کي پاراتو ڏنو ۽ ڄام تماچي لاءِ دعا ڪئي. روايتون آهن ته فقير صاحب جي ايئن چوڻ بعد رعيت ظالم حڪمران ڄام جوڻو خلاف بغاوت شروع ڪري سندس حڪومت ختم ڪئي ۽ ڄام تماچي حڪومت جون ٻيهر واڳون سنڀالڻ بعد پنهنجن وزيرن ۽ اميرن ۽ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري فقير نوح هوٿياڻي وٽ پهتو، قدم بوسي ڪري وزيرن اميرن سميت هن بزرگ جي هٿ بيعت ڪري مريد ٿيو ۽ فقير صاحب جي آستاني تي هڪ کوهه کوٽايائون، فقير صاحب جي وفات بعد سندن آخري آرام گاهه مٿان خوبصورت مقبرو تعمير ڪرايائون، جيڪو اڄ به موجود آهي. ڪتاب تذڪره مشاعر ۾ لکيل اهي ته حضرت فقير نوح هوٿياڻي حضرت مخدوم نوح سرور جن جي والد محترم مخدوم نعمت الله جن جي خدمت ۾ اچي ڪجهه نه ڪجهه نذرانو ڏيندو هو، جڏهن حضرت نوح والده صاحبه جن کي سر جو ته درويش فقير نوح هوٿياڻي اهو نذرانو مخدوم نعمت الله جن کي ڏيڻ بجاءِ حويلي تي اماڻي ڇڏيندو هو، حضرت مخدوم نوح سرور جن جي ولادت کانپوءِ فوري طور فقير صاحب اتي پهچي مخدوم نعمت الله کي مبارڪباد ڏني ۽ مخدوم نوح جن جي ڪن ۾ اذان ڏئي پنهنجي نالي جو اڌ لقب پڻ ان کي ڏنو ۽ فقير صاحب ان بعد سگهو ئي وفات ڪري ويو، جڏهن ته نوح پوٽا فقيرن جي وڏن کان اها روايت ٻڌائي وڃي ٿي ته، “حضرت مخدوم نعمت الله جن کي اولاد نه ٿيندو هو، جڏهن کيس خبر پئي ته کيبر ڳوٺ ۾ ڪو وڏو بزرگ رهي ٿو ۽ پاڻ فقير صاحب جن وٽ پهچي ٻڌايو ته هو اولاد جهڙي نعمت کان محروم آهي ۽ درويش نوح هوٿياڻي کيس دعا ڪئي ۽ کين چيو ته الله سائين اوهان کي پٽ ڏيندو ۽ جيڪو حافظ قرآن ۽ بزرگ ٿيندو، سندس نالو منهنجي نالي سان نوح رکجو، ان دعا بعد مخدوم نعمت الله کي رب سائين پٽ عطا ڪيو، جنهن جي خبر درويش نوح هوٿياڻي کي بروقت پئجي وئي ۽ پاڻ اتي پهچي مخدوم نعمت الله کي چيو ته ننڍڙي کي کڻي اچو ۽ پاڻ ننڍڙي جي ساڄي هٿ جي چيچ جهلي ۽ اذان چئي ۽ عارضي طور سندن نالو مخدوم لطف الله رکيو ۽ سندس والد کي چيو ته منهنجي وصال بعد سندس نالو نوح رکجو ۽ پاڻ کين تحفي طور هڪ فقيراڻي گودڙي ڏنائون ۽ چيائون ته هي گودڙي هن ننڍڙي لاءِ ڀاڳن واري ٿيندي.”
    جڏهن ته سروري جماعت جو ڏهر ۽ اويسي طريقي واري مضمون ۾ مخدوم طالب الموليٰ لکيو آهي ته “حضرت مخدوم نوح سرور رح جي والد مخدوم نعمت الله جي خدمت ۾ هڪ فقير نوح هوٿياڻي رهندو هو، جيڪو هڪ ڏينهن مخدوم نعمت الله جن کي اهو چئي هليو ويو ته اوهان جي پيشاني ۾ جيڪو نور هو سو منتقل ٿي چڪو آهي، جنهن ڏينهن حضرت مخدوم نوح سرور رح جن جنم ورتو ان ڏينهن درويش فقير نوح هوٿياڻي اتي پهچي ويو ۽ مخدوم نوح سرور رح جي بيعت ڪري مريد ٿيو ۽ ان جو ذڪر مشهور شاعر فقير منٺار راڄڙ ڏهر ۾ ڪيو آيو.”
    جڏهن ته درگاهه فقير نوح هوٿياڻي جي متولي فقير ڌڻي بخش نوح پوٽو مرحوم اڪثر ٻڌائيندو هو ته “اسان وڏڙن کان اهي ڳالهيون سيني به سيني ٻڌندا اچون ته حضرت مخدوم نوح سرور رحه فقير نوح هوٿياڻي جي دعائن سان پيدا ٿيو ۽ 9 لک مريد به فقير صاحب جي دعائن سان ٿيس، فقير ڌڻي بخش نوح پوٽو مرحوم پاران درگاهه ۽ اوطاري وٽ وڏا بورڊ لکرائي هنيا جن مان هڪ تي لکيل هو ته حضرت مخدوم نوح جو هر سجاده نشين هتي پڳ ٻڌندو آهي ۽ پڳ جو پهريون ور فقير نوح هوٿياڻي جو سجاده نشين ڏيندو آهي، پڳ ٻڌڻ وارو سمورو خرچ مخدوم صاحب جن ڪندا آهن ۽ فقير نوح هوٿياڻي جي سجاده نشين کي مقرر ٿيل 7 کاريون ڳرهاڙيون (بسريون) جون ۽ هڪ ڪاري گهوڙي هڪ ڪاري ڦنڊر ڏيندا رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته مخدوم امين فهيم سجاده نشين جي پڳ درگاهه حضرت مخدوم نوح سرور جن جي درگاهه تي ٻڌي هئي ۽ پڳ کان ٻئي ڏينهن درگاهه فقير نوح هوٿياڻي تي پهچي چادر چاڙِهي قل پڙهيا، فقير نوح هوٿياڻي جون ڪئين ڪرامتون مختلف ڪتابن ۾ لکيون ويون آهن، پاڻ وقت جا صاحب ڪرامت ۽ سخي هئا، جڏهن ته سنڌي زبان جا اوائلي شاعرن مان هڪ هئا، ليڪن بدقسمتي سان سندن شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. روايتون آهن ته فقير صاحب جا هزارين جن به مريد هئا، جيڪي انساني روپ ۾ فقير صاحب جن جي ڪچهري ۾ ويٺا هوندا هئا. فقير صاحب جن جي حال حيات کان وٺي هن وقت تائين سڄي سنڌ جون مختلف برادرين وارا عقيدت وچان باقاعده ڏن ڏيندا رهن ٿا، جن ۾ راڻيپور جا نوح پوٽا فاضلاڻي سيدن جا ڪيترائي پاڙا حيدرآباد جا سومرا، پاٽولي ۽ سما، ٽنڊو آدم جي ڏيرن فقيرن ۽ کوسن جا ڪيترائي پاڙا، اجناڻي سيد مٽياري جا جراڙ پوٽا سيد، ميمڻ، ٿيٻا، خيبر جوڳي ۽ ملاح، ملاڪاتيار جا ٻگهيا ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن، جڏهن ته فقير صاحب جا هندو به هزارن جي تعداد ۾ مريد آهن، جن مان 80 سيڪڙو ورهاڱي کان پوءِ ڀارت لڏي ويا. فقير صاحب جو عرس مبارڪ سندن وصال بعد سندس فرزند شاهه عقيق لڳائڻ شروع ڪيو، ماضي ۾ سهائو سومار به لڳندو هو، ان موقعي تي مٺو کير ۽ ڳڙ ۾ رڌل ڪڻڪ جو ڏارو ورهايو ويندو هو. فقير تاج محمد نو ح پوٽو ٻڌائي ٿو ته حضرت فقير نوح هوٿياڻي جي اولاد مان به ڪيترائي بزرگ پيدا ٿيا آهن، جيڪي پڻ صاحب ڪرامت هئا، انهن ۾ شاهه عقيق آري سوڀو آري گهوٽ حضرت سليمان فقير مخدوم عبدالمالڪ نوح پوٽو پڻ شامل آهن. حضرت فقير نوح هوٿياڻي جو ڪنڊي جي وڻ سان چاهه هوندو هو ۽ پاڻ اڪثر ڪنڊي جي وڻ هيٺان ويهندا هئا ۽ پاڻ ماڻهن کي ڪنڊي جي وڻ کي وڍڻ کان منع ڪندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو فقير صاحب جو خاندان توڙي مريد ڪنڊي جو وڻ نه وڍيندا آهن، ميلي جي وچين ڏينهن حضرت غوث بهاءُ الدين ذڪريا جو سچي گيهه ۾ تيار ڪيل روٽ جون وڏي تعداد ۾ ديڳيون زائرين ۾ تبرڪ طور ورهايون وينديون آهن، سنڌ اندر لڳندڙ ميلن ۾ فقير نوح هوٿياڻي جو ميلو واحد ۽ انوکو ميلو آهي، جتي ماني جون هوٽلون نه لڳنديون هيون. هتان جي فقيرن جون 30 کان وڌيڪ اوطاقن تي لنگر پيو هلندو آهي، جتي واقف اڻ واقف ديسي پرديسي لنگر اچي کائيندا آهن، هتي ميلي جا ٽئي ڏينهن شاندار ملاکڙو لڳندو آهي، جيڪو ڀٽ شاهه ۽ سيوهڻ جي ملاکڙن کان پوءِ 3 نمبر تي ليکيو وڃي ٿو، هتي ملهن کي وڏا انعام ڏنا وڃن ٿا، ملاکڙي کي وڌائڻ ۾ فقير ولي محمد نوح پوٽي جو وڏو ڪردار آهي. فقير نوح هوٿياڻي جي درگاهه توڙي شهر جي ترقي جو ذڪر ٿيندو ته فقير ولي محمد نوح پوٽو جو نالو اڳيان هوندو. پاڻ ماضي ۾ يونين ڪائونسل ڀٽ شاهه جي چيئرمين جي حيثيت سان هتي بيسڪ هيلٿ سينٽر مڊل اسڪول پرائمري اسڪول جون عمارتون ورتيون ۽ يونين ڪائونسل جي ناظم جي حيثيت سان ضلعي حڪومت مٽياري جي ناظم سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ کان درگاهه تي مسافر خانو قبرستان جو ڪمپائونڊ وال ٽائيلس جي ڪم لاءِ 25 لک روپيا منظور ڪرائي ڪم ڪرايو، ملاکڙا اسٽيڊيم ٺهرايو، زائرين ۽ علائقي جي عوام کي صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ بيسڪ هيلٿ سينٽر کي رورل هيلٿ سينٽر جو درجو ڏياري ڏيڍ ڪروڙ جا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. زائرين جي پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ تقريبن 50 لک روپين جي لاڳت سان واٽر پلانٽ لڳرايو آهي. جڏهن ته درگاهه کان ملاکڙا اسٽيڊيم تائين روڊ اسٽريٽ لائيٽ رهيل پاڙن کي بجلي گهٽين جو سي سي بي بلاڪ سرڪل روڊ گرلس اسڪول جي بلڊنگ روشني لاءِ ٻه ماس پول ٽاور يونين ڪائونسل جي آفيس ۽ ٻيا ترقياتي ڪم ڪرايا آهن. فقير ولي محمد جون درگاه ۽ ڳوٺ ۽ علائقي لاءِ اهي خدمتون قابل تعريف آهن. هن درگاهه جي سار سنڀال لاءِ نوح پوٽا فقيرن پاران گڏيل راءِ سان متولي مقرر ڪيو ونيدو آهي. هن وقت متولي عباس فقير نوح پوٽو آهي. حضرت فقير نوح هوٿياڻي جو ساليانو عرس مبارڪ هر سال صفر مهيني جي تي ملهايو ويندو آهي. ڳوٺ نوح هوٿياڻي ۾ سندس ابدي مڪان تي روايتي انداز ۾ ملهايو وڃي ٿو، سڄي سنڌ مان هزارين مريد ۽ عقيدتمند درگاهه تي سلامي ڏيڻ لاءِ پهتل هوندا آهن.
    حضرت هوٿياڻي جون بزرگ هستيون
    شاهه عقيق:پاڻ حضرت نوح هوٿياڻي فقير جو پٽ هو. وڏو صاحبِ ڪرامت هو، آري سوڀو ڪتاب تذڪره مشاهير ۾ کيس مخدوم سوڀو کيبراڻي لکيو ويو آهي. ڪتاب ۾ آيل آهي ته پاڻ حضرت مخدوم نوح سرور رح جن جا مريد هئا. ڪامل ڪرامت جو مالڪ هو. بلند آواز ذڪر ڪندو هو، هڪ ڏينهن کيبر ڀرسان ذڪر ڪري رهيو هو ته سندن وات مبارڪ مان گف وهي پئي. جا گاهه تي وڃي ڪري، اهو گاهه هڪ ڍڳي کاڌو ته ڍڳي بيچين ٿي دانهون ڪرڻ لڳي. ڍڳي جي مالڪ ڍڳي کي ڪهي ڇڏيو. گوشت ڪجهه وڪرو ڪيو، ڪجهه ورهايو، جن به ماڻهن اهو کاڌو انهن جي قلب مان ذڪر الاهي شروع ٿي ويو. اها حقيقت ماڻهن مخدوم نوح سرور رح جن کي ٻڌائي، ته پاڻ فرمايو ته جيڪي ماڻهو مخلص هوندا آهن، انهن جي ذڪر جو اثر باقي رهندو آهي.
    ڪتاب دليل ذاڪرين جو ڪاتب فقير حاجي پنهور لکي ٿو ته گوشت کائيندڙ مان جن ذڪر الاهي شروع ڪري ڏسن، انهن مان راهو فقير به شامل هو، جنهن اهو احوال مون سان اچي ڪيو، سندس مزار کنڊو روڊ ڀرسان آهي.
    آري گهوٽ: هي مشهور بزرگ به شاهه عقيق جو فرزند هو، پاڻ صاحب ڪرامت هو، ماضي کان هن علائقي جي روايت رهي آهي ته جنهن جي فصل کي اڏوهي وٺندي آهي، ”فصل جي اڏوهي کي مورائي چيو ويندو آهي“، ان اڏوهي کي ختم ڪرڻ لاءِ آري گهوٽ جي مزار وٽان مٽي کڻي ٻي مٽي سان ملائي فصل ۾ ڇٽي ويندي آهي ته اها اڏوهي ”مورائي“ ختم ٿي ويندي آهي. مخدوم طالب الموليٰ جن اڪثر سندن مزار تي ايندا هئا. سندن مزار کنڊو روڊ ڀرسان سنگراسي ڳوٺ لڳ آهي، جتي روزانو وڏي تعداد ۾ مريد اچن ٿا.
    حضرت فقير آرالدين: حضرت شاهه عقيق جو ٽيون نمبر فرزند هو، مشهور بزرگ هستي صاحب ڪرامت هو، سندس آخري آرام گاهه حضرت نوح هوٿياڻي جي مزار جي ڏکڻ طرف آهي، سندس آخري آرام گاهه تي مزار ٺهيل آهي.
    مرحوم عبدالمالڪ نوح پوٽو: 1955ع ۾ رسالي نئين روشني ۾ فقير ولي محمد لغاري لکي ٿو ته ڪڙيو گهنور ڀرسان هڪ مشهور بزرگ جي مزار تي ويس، جنهن جي قبر جي قطبي تي عبدالمالڪ نوح پوٽو صديق و قريشي لکيل هو، ليڪن نوح پوٽا برادري جي معزز فقير تاج محمد فقير جو چوڻ آهي ته اسين جڏهن اتي پهتاسين ته قبر تي لڳل سر غائب هئي ۽ سر جي جاءِ تي سيمينٽ لڳايو ويو هو.
    مرحوم حضرت سلمان فقير نوح پوٽو: وقت جو وڏو بزرگ هو، جن سندس مريد هئا، هڪ وظيفي ذريعي جنن کي مريد ڪيو، علائقي جي ماڻهن به جنن کي ڏٺو، بيمار ماڻهن کي دعا ڪرڻ سان هو صحتياب ٿي ويندا هئا، جڏهن ته ان بعد محمود فقير، دائود فقير به وقت جا بزرگ هئا ۽ هنن بابت يا ان کانپُوءِ سندس اولاد ڇا هو، بزرگ هئا، صاحب ڪرامت هئا، ڪرامتون ڪهڙيون ڏيکاريون، ڪابه معلومات نه ملي سگهي آهي. هن خاندان بابت لائق فقير ۽ سندس ڀاءُ جمن فقير بابت مختصر احوال ملي سگهيو آهي. اهي ٻئي ڀائر برک زميندار، سخي مرد، مهمان نواز هئا. هر جمع تي وڏيون خيراتون ڪندا هئا. مخدوم آف هالا وارن جا ويجها ماڻهو هئا، جمن فقير 1970ع ۾ لائق فقير 1974ع ۾ گذاري ويا، هن خاندان جي انتقال ڪري ويلن ۾ ٻين کانپوءِ.
    مرحوم الهه بخش فقير: سندس شمار علائقي جي وي آءِ پي ماڻهن ۾ ٿيندو هو، وڏا سخي، پرهيزگار هئا.
    مرحوم خان محمد فقير: ڀٽ شاهه يو سي جو پهريون چيئرمين هو، انتهائي ذهين مشهور، سياسي سماجي شخصيت هو، ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جو ميمبر به رهيو. قانون جووڏو ڄاڻو، گفتگو جو وٽن ڏانءُ هو.
    مرحوم مير محمد فقير: مخدوم آف هالا وارن جي ويجهو رهيو، اتي ٿيندڙ فيصلن لاءِ امين مقرر ٿيل هو. فيصلن ڪرڻ جو وٽن فن هو.
    مرحوم يار محمد فقير نوح پوٽو: پنهنجي وقت جو ايماندار، فرض شناس باهمت ايس پي هو. جتي رهيو ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيا، پنهنجي آفيس جا دروازا عوام لاءِ کليل رکيا. پوليس کاتي ۾ سندس فرض شناسي ۽ ايمانداري جا مثال ڏنا ويندا هئا. پاڻ يار ويس عوام دوست شخصيت هئا. 1998ع ۾ انتقال ڪري ويا. سندس فرض شناسي ۽ ايمانداري ڪري صدر ايوب مٿس مهربان هو. پاڻ لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، ڪراچي، سانگهڙ ۽ ٻين ضلعن جا ايس پي رهيا.
    مرحوم فقير غلام محمد نوح پوٽو: مثالي زميندار هو، سخي مرد، سماجي شخصيت مخدوم طالب الموليٰ جن جو خاص ماڻهو هو.
    مرحوم ڏنل فقير نوح پوٽو: مشهور زميندار، غريبن جو همدرد، يار ويس، سخي، مهمان نواز شريف النفس شخصيت هو.
    مرحوم محمد دائود فقير: نيڪ نمازي، سچار، پرهيزگار، ايماندار، فيصلن جو ماهر، عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندڙ، وڏو مهمان نواز هو، ڪڏهن به ڪنهن سان منهن سڄائي نه ڳالهايو. 1993ع ۾ وفات ڪري ويو.
    مرحوم روشن فقير: مخدوم صاحب جو وڏو عقيدتمند پ پ اڳواڻ، پ پ پ ۾ سندس قربانيون اڻ وسرندڙ آهن، پارٽي لاءِ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ وارو، وڏو مهمان نواز ۽ سدا بهار شخصيت هو، 2002ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
    مرحوم حاجي محمد عالم فقير نوح پوٽو: مشهور زميندار فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو، سندس گفتار جو انداز ڏاڍو پيارو، تصوف ۾ وڏي ڄاڻ رکندڙ، سخي مرد، هر ڪنهن کي منهن تي سچ چوڻ وارو هو. فقير نوح هوٿياڻي جي ميلي کي وڌائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو.
    مراد علي فقير: لکيل پڙهيل زميندار زنده دل ذهين شخصيت جو مالڪ هو.
    مرحوم جان محمد نوح پوٽو: ماهر تعليم ۽ عالم دين هو، پاڻ تعليم کاتي ۾ هئا، نوڪري ڇڏي زمينداري ڏانهن ڌيان ڏيڻ لڳو، انتهائي ذهين شخصيت هئا، 1999ع ۾ گذاري ويا. فقير نوح هوٿياڻي ۾ علم جي روشني پکيڙڻ ۾ سندس هٿ هو.
    مرحوم فقير ڌڻي بخش نوح پوٽو: حضرت فقير نوح هوٿياڻي درگاهه جو متولي هو. تاريخ سان گهري دلچسپي رکندڙ، فقيراڻي طبيعت جو مالڪ، ننڍي وڏي سان پيار واري انداز ۾ ڳالهائيندڙ، مثالي زميندار، انتهائي ذهين شخصيت هئا. کين اسلامي ۽ تاريخي ڪتابن سان گهري دلچسپي هئي، پڻ وڏا سخي مرد، زنده دل، سچار، مهمان نواز، غريبن جا همدرد هئا. پاڻ 2001ع ۾ انتقال ڪري ويا.
    مرحوم عدر نوح پوٽو: وقت جو مشهور سماجي ڪارڪن، عوام جو خدمتگار، برک زميندار هئڻ جي باوجود منجهس وڏائي اصل نه، فقيراڻي طبيعت جو مالڪ، قانون جو ڄاڻُ، فلاحي ڪمن ۾ دلچسپي رکندو هو.
    مرحوم فقير محمد صالح نوح پوٽو: پنهنجي وقت جو مثالي پوليس آفيسر، مختلف ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهيو، پاڻ بهترين زميندار به هئا. سندس اولاد ٽنڊو آدم ۾ رهي پيو.
    محروم سبب علي فقير: پاڻ مشهور صحافي، ليکڪ ۽ سماجي ورڪر هو، ماضي ۾ اڄ وانگر بيباڪي سان سچ لکڻ ڏاڍو ڏکيو هو، پر هي ان وقت به سچ لکندو هو، پاڻ مختلف اخبارن ۾ رپورٽر ۽ فري لانسر طور ڪم ڪيو. ڪنهن ماڻهو سان ڏاڍ ۽ زيادتي ٿيندي هئي ته اٿي کڙو ٿيندو هو ۽ ان مظلوم کي وٺي واسطيدار حڪام جي آفيسن جا چڪر پيو لڳائيندو هو، پاڻ زنده دل، ذهين، يار ويس، مهمان نواز شخصيت هئا.
    مرحوم شفيع محمد فقير: اها زنده دل ۽ سجاڳ ذهن واري شخصيت هئي، جنهن پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليم ڏياري ايس پي يار محمد فقير، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ فقير، الهبچايو فقير، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ فقير، الهبچايو فقير، ڊاڪٽر غلام مرتضيٰ فقير اڄ سٺي مقام تي پهتل آهن، پاڻ نيڪ نمازي، پرهيزگار، يار ويس مهمان نواز شخصيت هو.
    مرحوم محمد رفيق فقير: انتهائي ذهين، علم ادب سان گهري دلچسپي رکندڙ، يار ويس نوجوان هو، نوجوانيءَ ۾ ئي گذاري ويو.
    مرحوم حاجي محمد فقير: فقيراڻي طبيعت جو مالڪ، سٺو زميندار، غريبن جو همدرد کل مک انسان هو.
    فقير عبدالمجيد نوح پوٽو: مر دلعزيز شخصيت ادب دوست غريبن جي ڪم اچڻ وارو بهترين استاد هو، غريب شاگردن جي مدد به ڪندو هو.
    مرحوم محمد شريف فقير نوح پوٽو: پاڻ مشهور زميندار ٽرانسپورٽ ۽ النوح پيٽرول پمپ جا مالڪ آهن، پاڻ لکيل پڙهيل ذهين، وڏامهمان نواز يار ويس آهن، سندس آفيسر طبقي سان دوستي آهي. سنڌ جا ڪافي وڏا آفسر سندس ڪلاس فيلو رهيا آهن، فيصلن ڪرڻ جا ماهر، زنده دل انسان دل ۾ رکڻ بجاءِ منهن تي چئي ڏيڻ، سچ ڳالهائڻ وارا سندن ويجها رهيا.
    رسول بخش فقير: مشهور زميندار آهي. ڀلا گهوڙا، ڪڪڙ ڌارڻ سندس شوق آهي. انتهائي ذهين آهي، شاهنواز جوڻيجو جو ويجهو دوست رهيو.
    فقير غلام حيدر نوح پوٽو: علائقي جو وڏو ۽ بهترين زميندار، سخي مرد، مهمان نواز، غربين جو يار آهي. بي گهر غريبن کي بنا معاوضي پنهنجي زمين مان پلاٽ ڏنا آهن. ميلي ۾ روزانو وڏي ليول تي لنگر نياز ڪندو آهي، فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو.
    فقير نوٿياڻي جي مشهور شخصيتن ۾ ٻين کان سواءِ فقير ولي محمد نوح پوٽو، فقير محمد اشرف نوح پوٽو، فقير فتح محمد نوح پوٽو، فقير رشيد نوح پوٽو، فقير تاج محمد نوح پوٽو، فقير عباس علي نوح پوٽو، فقير قمر الدين نوح پوٽو ايڊووڪيٽ، فقير امير نوح پوٽو، فقير عبدالقيوم نوح پوٽو، فقير محمد نوح پوٽو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ نوح پوٽو، فقير نظير احمد نوح پوٽو، فقير محمد رحيم نوح پوٽو، فقير عبدالحميد نوح پوٽو، فقير عبداعزيز نوح پوٽو، فقير ذاڪر حسين نوح پوٽو، فقير ظهير احمد نوح پوٽو، فقير مير محمد نوح پوٽو، فقير محمد عثمان نوح پوٽو، فقير خالد نوح پوٽو، فقير نياز علي نوح پوٽو، فقير نبي بخش نوح پوٽو، فقير ارباب علي نوح پوٽو، فقير امين علي نوح پوٽو، فقير مبين موح پوٽو، فقير منٺار نوح پوٽو، فقير شبير نوح پوٽو، فقير امداد نوح پوٽو، فقير محمد وارث نوح پوٽو، فقير محمد سليم نوح پوٽو، فقير عبدالجبار نوح پوٽو، فقير احمد نوح پوٽو، فقير هوندل نوح پوٽو، فقير دلدار نوح پوٽو، فقير عبدالغفور نوح پوتو، فقير بشير احمد نوح پوٽو، فقير نجم الدين عرف نجو نوح پوٽو، فقير شعيب نوح پوٽو، فقير شيراز نوح پوٽو، فقير مظفر نوح پوٽو، فقير ڊاڪٽر مرتضيٰ نوح پوٽو، فقير منير نوح پوٽو، فقير منظور نوح پوٽو، فقير غلام حسين عرف نٿو فقير نوح پوٽو، فقير عبدالغفور نوح پوٽو، حاجي غلام محمد نوح پوٽو، فقير محسن نوح پوٽو، فقير نظام الدين نوح پوٽو به شامل آهن.


    حضرت سيد مدد علي شاهه عرف جهنڊولو بادشاهه

    حضرت مدد مير علي شاهه المعروف حضرت سيد جهنڊولو بادشاهه 1100هه ۾ سيوهڻ ۾ ڄائو. سندس وڏا. دين اسلام جي تبليغ لاءِ ايران کان هتي پهتا. پاڻ حضرت امام موسيٰ ڪاظم جو اولاد آهن. حضرت سيد جهنڊولو بادشاهه جي والد جو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه هو. سندس سيوهڻ شريف ڀرسان آخري آرام گاهه آهي، جتي سندس مزار آهي، سيد جهنڊولو بادشاهه تعليم ۽ قرآن شريف سيوهڻ جي هڪ مدرسي ۾ حاصل ڪيو. روايتون آهن ته کيس حضرت امام موسيٰ ڪاظم خواب ۾ آيو ۽ کيس اتان هجرت جو حڪم ڏنو ان بعد پاڻ پهرين ڀاڻوٺ بعد ۾ سلطان فراش ان بعد مختلف ڳوٺن ۾ رهائش اختيار ڪئي، ڪجهه وقت ڪنري. ويجهو رهائش اختيار ڪئي بعد ۾ پاڻ جتي سندس آخري آرام گاهه آهي موجوده ڳوٺ جهنڊولو شاهه ۾ رهائش اختيار ڪئي. پاڻ هالا جي سيدن مان شادي ڪئي. پاڻ شهدادپور ويجهو جتي رهائش اختيار ڪئي اتي وڏو جهنگ هو. ان زماني ۾ اتان ڪوبه رستو روڊ نه هو. نه وري ڪا ويجهي آبادي هئي. ان زماني ۾ هن جهنگ ۾ خطرناڪ جهنگلي جانور سائين جي آسپاس سرِعام پيا گهمندا هئا پر ڪنهن کي به نقصان نه پهچائيندا هئا. پاڻ هتي چلا ڪڍيا. پاڻ هر وقت عبادت، ذڪر الاهي ۾ مصروف هوندا هئا. ان دور ۾ شاهه لطيف جي خوشبو سڄي سنڌ ۾ پکڙيل هئي، روايتون آهن ته پاڻ لطيف سائين سان ملاقات ڪئي اها ملاقات دوستي ۾ بدلجي وئي. اڪثر ڪري پاڻ لطيف سائين سان رهاڻيون ڪرڻ ويندا هئا ۽ لطيف سائين به سندس دعوتن تي فقراءَ سان گڏ وٽن ايندا هئا. روايت آهي ته ڳاها ڳوٺ ۽ سئي گئس وچ ۾ جيڪا راول فقير جي مزار آهي اهو فقير لطيف سائين جو فقير هو. جنهن جو جهنڊو شاهه وٽ اچڻ وڃڻ هوندو هو. جتي سندس مزار آهي اتي رهندو هو. لطيف سائين جڏهن پڇا ڪئي ته کين خبر پئي ته راول فقير جهنڊولو سائين جي ويجهو هڪ جهنگ ۾ رهي پيو آهي. لطيف سائين جڏهن اتي پهتو ته اتي ماڻهن جو وڏو ميڙ متل هو. لطيف سائين پنهنجي فقير کي پاڻ سان هلڻ جو چيو ته پاڻ چيو ته هاڻ اسان جو مرڻ جيئڻ هتي آهي. روايتون آهن ته لطيف سائين اتي رات رهيو آهي. ۽ جهنڊولو بادشاهه به لطيف سائين جو ٻُڌي اتي لطيف سائين جي مهماني ڪئي ۽ اتي ساڻن گڏ رات رهي سار ڪانه ۽ صوفيانه رهاڻ ڪئي. اتي هڪ کٻڙ آهي چون ٿا ته لطيف سائين اتي رهيو ان هنڌ کي لطيف جو تڪيو چيو وڃي ٿو. چون ٿا راول فقير صاحبِ ڪرامت هو. پاڻ اتي ئي وفات ڪيائون. ليڪن راول پير جو متولي مرحوم قبول فقير ڳاهو ان روايت کي نه مڃندو هو. هو چوندو هو ته راول پير لطيف کان اڳ جو آهي. حضرت جهنڊولو بادشاهه جن پيرين پنڌ سنڌ، سرائڪي، پٽي ۽ بلوچستان ۾ پيرين پنڌ گهميا. پاڻ اتي وڃي دين اسلام انسانيت جي پرچار ڪئي. پاڻ صوفي ازم جا قائل هئا. سندن صوفي شاهه عنايت سان به ملاقاتون ۽ رقابت هئي. صوفي شاهه عنايت جي شهادت بعد پاڻ فقراءَ سان گڏ اتي به ويا هئا ۽ انسانيت جي اهڙي قتل عام تي ڪيترو وقت سوڳوار هئا. روايتون آهن ته حضرت جهنڊولو بادشاهه کي فيض وڏيون رياضتون ڪرڻ بعد حاصل ٿيو. ڪن روايتن ۾ کين حضرت قلندر لال شهباز وٽان فيض ملڻ جو ٻڌايو وڃي ٿو. حضرت جهنڊولو بادشاهه جو حضرت مخدوم نوح رحه پاڻ باطل خلاف جنگ ۽ حق تي سر ڏيڻ، سچ ڳالهائڻ سنت روسول صه تي هلڻ اسلام جا فرض پورا ڪرڻ جي تلقين ڪندا هئا. هميشه پاڻ سان گڏ قرآن شريف ۽ حضرت مولانه رومي جو قلمي نسخو گڏ هوندو هو. پاڻ رومي جي شعرن جو ترجمو ڪري ٻڌائيندو هو. چون ٿا ته ماڻهن سان گڏ جنات به سندن مريد هئا هڪ ڪمرو اهڙو هو جتي ڪنهن کي به وڃڻ جي اجازت نه هئي اهو ڪمرو جنن لاءِ هوندو هو. اتي کوٽيل کوهه به جنن کان کوٽايو هو اهو کوهه اڄ به جهنڊولو پوليس چيڪ پوسٽ پويان موجود آهي. ان مان پاڻي پيئندڙ صحتياب ٿي ويندا هئا ان بعد ماڻهن جا اتي هجوم وڌڻ لڳا ۽ ماڻهو کوهه تي پڙ ۽ گل وجهڻ لڳا. ان بعد موجوده سجاده نشين الحاج سيد علي گوهر شاهه کي سائين جهنڊولو خواب ۾ آيو ته کوهه کي بند ڪريو. ان بعد سائين علي گوهر شاهه کوهه کي لوڙهو ڏئي بند ڪري ڇڏيو. روايت آهي ته ٺٽو ڀرسان هڪ ڳوٺ وارن کي جنن تنگ ڪيو. اهي ماڻهو سيد جهنڊولو شاهه جا مريد هئا پاڻ اتي وڃي قرآن شريف جي تلاوت ڪئي ۽ پنهنجي جنن جي طاقت تي انهن جنن کي ڀڄائي ڪڍيو. اڄ به جن ماڻهن کي جن پون ٿا انهن کي درگاهه تي آندو ويندو آهي جتي سائين علي گوهر شاهه پاران پڙهائي ڪرڻ سان جن انهن کي ڇڏيو وڃن. انسان کانسواءِ جانور به سائين جهنڊولو شاهه سان عقيدت ۽ پيار ڪندا هئا. هر وقت جهنگلي جانور نانگ بلائون سندس آسپاس ۾ رهنديون هيون.
    حضرت سيد جهنڊولو شاهه جا وار وڏا هوندا هئا. ان ڪري پاڻ جهنڊولو ”يعني وڏن وارن وارو“ جي نالي سان مشهور ٿيا. پاڻ پنهنجي هٿن سان مريدن جي مدد سان مسجد تعمير ڪرائي جيڪا 1996ع تائين زبون حالي ۾ هئي بعد ۾ مڪمل طور شهيد ٿي وئي ۽ پاڻ اتي موجود مريدن سان گڏ 5 ئي وقت نماز پڙهندا هئا. سمهاڻي واري نماز بعد پاڻ مريدن کي اوطاري تي وڃڻ جو چوندا هئا ۽ پاڻ رات دير تائين اتي ويهي ذڪر الاهي ڪندا هئا. روايتون آهن ته ڪجهه مريد سمهاڻي جي نماز پڙهڻ بعد مرشد جي حڪم تي مسجد کان ٻاهر ته هليا ويا هئا پر مسجد جي ٻاهر ڪئين ڪلاڪ بيهي مرشد جي اچڻ جو انتظار ڪندا هئا انهن ڪيترائي ڀيرا سونن سڱن وارو نانگ به مسجد ۾ ايندي ويندي ڏٺو ۽ هنن جڏهن سائين سان ذڪر ڪيو ته پاڻ انهن مريدن تي ناراض ٿي پيا ۽ چيو ته جڏهن آئون اوهان کي اوطاري تي وڃڻ جو فرمان ڏيان ٿو ته اوهان اتي ڇو ٿا بيهي منهنجو انتظار ڪريو. جڏهن اها ڳالهه عام ٿي ته مريدن کين عرض ڪيو ته سونن سڱن وارو نانگ جي ماجرا ڇا آهي ته پاڻ ايترو چئي خاموش ٿي ويندا هئا ته اها ڳالهه راز ۾ رهڻ ڏيو پاڻ صاحب ڪرامت هئا.کين 4 فرزند سيد حيدر شاهه، سيد يار محمد شاهه، سيد لطف علي شاهه، سيد مراد علي شاهه هئا. سندن وصال بعد سيد حيدر شاهه سندن پهريون گادي نشين ٿيو.ٻي پڳ سيد جان محمد شاهه تي آئي پاڻ 2 شاديون ڪيون. پهرين مان کين هڪ پٽ سيد صالح شاهه ٻي مان سيد علي اڪبر شاهه ۽ الهه بچايو شاهه هئا. پڳ سيد علي اڪبر شاهه تي آئي. سيد علي اڪبر شاهه کي 4 پٽ ٿيا. امير علي شاهه، سيد صالح شاهه، سيد امام علي شاهه، سيد علي گوهر شاهه، جن مان سيد امير علي شاهه کي ڳوٺ ڳٻڙ ڳاهو ۾ 1963ع ۾ شهيد ڪيو ويو. امير علي شاهه، صالح شاهه، امام علي شاهه شاديون نه ڪيون پاڻ لنگ بند هئا. سندن وصال بعد پڳ سيد علي گوهر شاهه تي آئي سيد علي گوهر شاهه جو جنم 1939ع تي ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس آهن فارسي، عربي جا ابتدائي ڪتاب پڙهيا، مٿس پڳ 1964ع ۾ آئي. سيد علي گوهر شاهه جي ڪوشش سان پ پ جي حڪومت ۾ 2013ع ۾ درگاهه جي تعمير جو ڪم ٿيو آهي. جيڪو علائقي جي ايم پي اي مرحوم عبدالسلام ٿهيم جي ڪوششن سان سندس ترقياتي ڪمن جي فنڊ مان ٿيو آهي. سيد علي گوهر شاهه پنهنجي ڏاڏي مرشد سيد جهنڊولو شاهه جي ميلي کي وڌايو آهي. ماضي ۾ هتي ادبي ثقافتي ڪانفرنسون به منعقد ڪيون ويون. درگاهه جو پهريون ڪم ٽنڊو الهيار جي ثناءُ الله آرائين شروع ڪرائڻ لاءِ نقشو ٺهرايو پيڙهه جو ڪم به ڪرايو پر هو وڌيڪ ڪم نه ڪرائي سگهيو. بزرگن سان محبت رکندڙ ڪجهه ماڻهن به درگاهه جو ڪم پنهنجي طور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر چوندا آهن ته جنهن جي خدمت قبول پوي ۽ اها خدمت عبدالسلام ٿهيم جي قبول پئي. سيد علي گوهر شاهه هر دلعزيز يار ويس پنجتن پاڪ جي حب رکندڙ مولائي بندو آهي. پاڻ 5 وقت نماز ۽ ذڪر الاهي ڪندڙ آهي. کين 6 فرزند ۽ 3 نياڻيون آهن فرزندن ۾ سيد علي اڪبر شاهه، سيد صالح شاهه، علي اصغر شاهه، جان محمد شاهه، حيدر شاهه، غلام عباس شاهه آهن. جهنڊو سائين جي خاندان مان سيد امير حيدر شاهه، سيد عنايت علي شاهه به آهن جيڪي سيد جان محمد شاهه جي فرزند سيد الهبچايو شاهه جا فرزند آهن. الهه بچايو شاهه جو هڪ فرزند سيد جمن شاهه انتقال ڪري ويو. حضرت جهنڊو شاهه جي عرس مبارڪ جي پهرين رات مچ ٿيندو آهي جتي سڄي سنڌ مان هزارين مريد ۽ عورتون گڏ ٿينديون آهن چون ٿا ته مچ ۾ ڪاٺي وجهي جيڪا به دعا گهربي اها پوري ٿئي ٿي. اها دعا قبول ٿيڻ بعد ٻئي سال ميلي ۾ درگاهه تي پنهنجي حال سارو لنگر ڪيو ويندو آهي. ماضي ۾ عرس مبارڪ ۾ ڳڙ ۾ ڪڻڪ جي رٻ ڪئي ويندي هئي. مچ تي دعا گهرندڙ ڪيترن ئي بي اولاد ماڻهن کي اولاد ٿيو آهي. ڪيترن ئي ماڻهن جا جائز اڻ ٿيڻا ڪم ٿي وڃن ٿا.
    ڪرامتون: حضرت سيد جهنڊولو بادشاهه جون ڪئين ڪرامتيون مشهور آهن، سائين جن جي دور ۾ ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ ڇڇ جهانيه ۾ ناري قوم رهندي هئي، ڳوٺ ڀرسان جنن ديون جو به آستان هو ۽ ڳوٺ وارن کي ڏاڍو تنگ ڪيو، ڳوٺ وارا سائين جو نالو ٻڌي وٽس آيا سائين اتي وڃي دعا ڪئي ان بعد جنن ۽ ديون ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ڇڏي ڏنو، ان بعد اهي ماڻهو سائين جا مريد ٿيا. سيد جهنڊولو بادشاهه مهمان نواز به هو، گهڻو ڪري هٿ سان ماني کارائيندا هئا. ڪڏهن ته سندن يا گهروارن لاءِ رکيل ماني به فقيرن، مسافرن مهمانن کي ڏيئي ڇڏيندا هئا. کين علائقي جا ماڻهو ۽ مريد جام ڏيندا هئا، پر پاڻ رکڻ بجاءِ ورهائي ڇڏيندا هئا.
    سائين جو سامان: سائين جي حال وسيلن مان تسبيح، ٽوپي موجوده سجاده نشين وٽ موجود آهي. ان تسبيح جي اها ڪرامت ۽ خاصيت آهي ته جنهن حامله عورت کي ٻار سولائي سان نه ڄمي ته تسبيح پاڻي ۾ وجهي اهو پاڻي کيس پيارجي ته ٻار آساني سان ڄمندو. اهو به مشهور آهي ته سائين جي دعا سان ڪيترن ئي بي اولادن کي اولاد ٿيو. اڄ به مچ واري رات بي اولادي باس باسي اولاد لاءِ دعا گهرن ٿا ته کين اولاد ٿئي ٿو.
    سيد جهنڊولو بادشاهه جو پٽ سيد مراد علي شاهه به وڏو ڪاني ڪرامت وارو هو، سندس ڪرامتون نه فقط علائقي پر سڄي سنڌ ۾ ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. پاڻ ڪنهن کي پٽ پاراتو نه ڏيندا هئا، سندن دعا منڊي تي ٽڪ هوندي هئي. حضرت سيد جهنڊولو بادشاهه جو وصال 11 ذوالحج عيسوي مطابق 1762ع ۾ 64 سالن جي ڄمار ۾ ٿيو، سندن عرس مبارڪ هر سال 11 کان 14 ذوالحجھ تي ملهايو ويندو آهي. شاندار ملاکڙو به ٿيندو آهي، ماضي ۾ ادبي ڪانفرنسون، صوفيانه راڳ، سگهڙ ڪچهريون به ٿينديون هيون، جڏهن ته هر مهيني جي چوڏهين به لڳندي آهي، ان ۾ فقير حصو وٺندا آهن.


    حضرت سيد ثابت علي شاهه لڪياري

    سانگهڙ ضلعي جي شهر جهول کان نئون آباد روڊ تي ڳوٺ ويجهو مشهور بزرگ حضرت سيد ثابت علي شاهه جي مزار روشنين جو مينار بڻيل آهي، جتي نه صرف علائقي پر سنڌ جي مختلف علائقن مان زائرين حاضري ڏيڻ لاءِ اچن ٿا، روزانو ڪيترائي حاجتمند پنهنجون حاجتون پوريون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا ۽ حاجتون پوريون ٿيڻ بعد باسيل سکائون کڻي اچن ٿا، حضرت سيد ثابت علي شاهه لڪياري مشهور بزرگ هستي حضرت لڪي شاهه صدر جي اولاد مان آهي. حضرت ثابت علي شاهه موجوده سجاده نشين سيد ناٿن شاهه موجب حضرت لڪي شاهه صدر جو فرزند سيد محمد شاهه لڪياري جنهن جي آخري آرامگاهه حضرت سيد لڪي شاهه صدر جي آخري آرام گاهه سان گڏ آهي،مريد شاهه جو فرزند سيد محمد شاهه ان جو فرزند محمد شجاع شاهه ان جو فرزند محمد اشرف شاهه ان جو فرزند سيد حسين شاهه آهي. انهن جون مزارون دادوضلعي ۾ ڦڪا شهر ۾ سيد حسين جي شاهه قبرستان ۾ آهن، مٿان بزرگ صاحب ڪراهت، روحاني فيض ڏيڻ وارا هئا، سندن مزارن تي اڄ به ميڙا متل آهن، سيد حسين شاهه کي ٻه فرزند سيد بلند حسين شاهه ۽ سيد ثابت علي شاهه هئا، سيد ثابت علي شاهه ڄمندي ڄام هو، ننڍي هوندي کان پرهيزگار پابندي سان نماز پڙهندڙ تهجد گذار صاحب ڪرامت هو، سندن ولادت جو سال ۽ تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي، ليڪن پاڻ ڪلهوڙن جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو، ان زماني ۾ جهول ڀرسان ڌامرکي نالي وڏو شهر آباد هو جيڪو واپار جي لحاظ کان وڏي اهميت رکندو هو، اتي واڻين جي اڪثريت هئي، ان زماني ۾ ٻانڀڻ واهه وهندو هو، ان کي ٻانڀڻ درياءَ به سڏين جيڪو سنڌو درياءُ جو ڦاٽ هو، ان ۾ ٻيڙيون به هلنديون هيون جيڪي ماڻهن جي سفر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ وڻج واپار جو ذريعو به هيون، روايتون آهن ته جڏهن سسئي جي والدين کي نجومي ٻڌايو ته هن جي شادي ڪنهن مسلمان سان ٿيندي ته سسئي کي ڄمندي سندس والدين هڪ صندوق ۾ وجهي ٻانڀڻ واهه جي حوالي ڪيو جتان ترندي ڀنڀور پهتي ۽ کيس محمد نالي ڌوٻي ٻاهر ڪڍي نپايو.اهي روايتون لکت ۾ نه آيون آهن ليڪن ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سسئي شهدادپور سانگهڙ روڊ ويجهو ڳوٺ جعفر خان لغاري وٽ ٻانڀڻ شهر هو ۽ ٻانڀڻ واهه شهر جي ويجهو وهندو هو، ان ڪري انهن ڳالهين تي وڏي تحقيق جي ضرورت آهي، ڌامرکي شهر ڪيترن ئي ميلن ۾آباد هو، اهي به روايتون آهن ته ڌامرکي به برهمڻ آباد جي دور جو آهي ۽ برهمڻ آباد سان گڏ تباهه ٿيو هو ۽ وري ٻيهر آباد ٿيو ۽ وري ميرن جي دور ۾ تباهه ٿيو، هاڻ ڌامرڪي نالي سان پراڻي شهر ويجهو ڳوٺ آباد آهي، هن علائقي ۾ سيد حسين شاهه جا وڏي تعداد ۾ مريد هئا، جلالاڻي، چانڊيا، مجيداڻا، جانوري، جويا، خاصخيلي، ماڇي، ٽالپر ۽ ڪيترائي واڻيا به مريد هئا ۽ سيد ثابت علي شاهه وقت به وقت مريدن وٽ ايندو هو، ان وقت سفري سهولتون نه هيون، ان ڪري سيد ثابت علي شاهه سال ۾ هڪ ٻه دفعا روحاني سفر تي هتي ايندو هو ۽ هتان جا مريد به سال ۾ ڪيترائي دفعا مرشد جي سڪ ۾ ڦڪا شهر ۾ ويندا هئا ۽ بعد ۾ مريدن جي اسرار تي سيد ثابت علي شاهه جتي سندن مزار آهي اتي اچي رهائش اختيار ڪئي بعد ۾ سندس ڪجهه مٽ مائٽ به ساڻس گڏ اچي رهيا ۽ پاڻ هتي 35 ايڪڙ زمين به خريد ڪئي، پاڪستان ٺهڻ بعد اها ڪوڙن ڪليمن ۾ هلي وئي هن وقت ڪجهه ايڪڙ زمين آهي جيڪا قبرستان لاءِ مخصوص آهي، پاڻ هتي ويهي علائقي ۾ روحاني فيض پهچايو، اڪثر وٽن مريدن ۽ عقيدتمندن جو هجوم رهندو هو، روحاني فيض سان بيمار ماڻهن جو علاج ماڻهن کي جنات کان ڇوٽڪارو ڏياريندو هو، پاڻ ذڪر الاهي ۾ مصروف رهندا هئا،صاحب ڪرامت هئڻ جي باوجود ڪنهن کي به پٽ پاراتو نه ڏنو، پاڻ دعائون جو گهر هئا پاڻ 17 رجب تي وصال ڪيو، سندس وصال جو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي. پاڻ وصال کان اڳ ۾ پنهنجي وصال جو ٻڌايو ته هاڻ اسان ڪجهه ڏينهن جا مهمان آهيون.درگاهه جي فقير الهه بخش جلالاڻي پنهنجي والد فقير يوسف جلالاڻي جي واتان ٻڌايل ڪرامت ٻڌائي ته هڪ ڌنار سائين ثابت علي شاهه تان پڙ چورايو ته اکين کان انڌو ٿي ويو ۽ دانهون ڪيون، دانهن تي ماڻهو اچي گڏ ٿيا، بعد ۾ اهو پڙ واپس مزار تي رکيو ته هو اکين کان سڄو ٿي ويو. جڏهن چوپايو مال جون اسپتالون نه هيون ۽ ماڻهن جو عقيدو پختو هو تڏهن هن علائقي ۾ چوپايو مال ۾ بيماري ٿيندي هئي ته هو پنهنجو مال هتي مزار تي ڇڏي ويندا هئا ته ٺيڪ ٿي ويندو هو بعد ۾ مال ڪاهي ويندا هئا. فقير الهه بخش جلالاڻي ٻڌائي ٿو ته آئون ننڍو هئس ته سائين جي چوکنڊي ٺهرائڻ لاءِ سندس سجاده نشين سيد صفر شاهه مونکي حڪم ڪيو ته سائين جو آخري آرام گاهه پڪو ڪرڻ لاءِ قبر جي ليول ڪري، جڏهن هو ليول ڪري رهيو هو ته اتي سوراخ ٿي ويو ۽ اندر جيئن روشني جي لاٽ اچي ائين محسوس ٿيو ۽ گلاب جي گلڙن جهڙي خوشبو اچڻ لڳي، انهن ڏينهن ۾ گرمي هئي، ان سوراخ مان ايئر ڪنڊيشن جهڙي ٿڌ اڻ محسوس ٿيڻ لڳي، مون اندر ڏٺو ته سائين جا پير مبارڪ نظر آيا ۽ پاڻ ان وقت جي سجاده نشين سيد صفر شاهه ۽ موجود فقراءَ به اها ڪرامت ڏٺي، بعد ۾ اهو سوراخ بند ٿي ويو. سيد ثابت علي شاهه جي وصال بعد سندن ڀاءُ سيد حسين شاهه جو فرزند سيد بلند حسين شاهه پهريون سجاده نشين ٿيو، ان جي وصال بعد سندس وڏو فرزند سيد غلام حيدر شاهه، ان بعد سيد ميرل شاهه، ان بعد سيد پيرل شاهه، ان بعد سيد غلام حيدر شاهه دوئم، ان بعد سيد ناٿن شاهه، ان بعد سيد صفر شاهه، ان بعد سيد پيرل شاهه، ان بعد سيد اصغر علي شاهه ان جو وصال 7 ڊسمبر 2008ع ۾ ٿيو، ان بعد موجوده سجاده نشين سيد ناٿن شاهه دوئم کي پڳ ٻڌائي وئي، سيد ناٿن شاهه جو ڄم 3 سيپٽمبر 1981ع ۾ ٿيو، سيد ثابت علي شاهه جي استعمال جو ڪجهه سامان ۽ حال وسيلا اڄ به موجود آهن، هر سال 17 رجب تي سندس ڏهاڙو روايتي انداز ۾ عقيدت احترام سان ملهايو ويندو آهي، جڏهن ته 3 روزه ميلو جون تاريخون تبديل ٿينديون رهن ٿيون. ان موقعي تي صوفيانه راڳ، ملاکڙو، ڪٻڊي، گهوڙن، اٺن جي ڊوڙ جا مقابلا ٿين ٿا، وڏي دڪانداري لڳي ٿي موجوده سجاده نشين سيد ناٿن شاهه جي پلاننگ ۾ ساليانه ميلي کي وڌائڻ، زائرين لاءِ رهائشگاهه ٺهرائڻ ۽ شاندار درگاهه ٺهرائڻ شامل آهي.موجوده سجاده نشين فقير منش پنهنجي وڏن وانگر صاحب ڪرامت آهي، پاڻ سادگي پسند آهي، چاهي ته مريدن جي مدد سان رهائش لاءِ عاليشان محل، يا بنگلو تعمير ڪرائي سگهي ٿو، پر پاڻ هڪ جهوپڙي نما لانڊي ۾ فقراءَ سان گڏ رهي ٿو، پاڻ ذهين، تاريخي، اسلامي ڄاڻ رکن ٿا.
    سندس اوطاري تي ويندڙ هر ماڻهو وڏيون عزتون وٺي اچي ٿو، ويندڙن کي حال سارو فقيراڻو لنگر کانسواءِ نه ڇڏيندا آهن، جڏهن ته چانهه تڏي جي سبيل سڄو ڏينهن هلي سڄو سيارو، اونهاري ۾ مچ ٻرندو آهي، جتي آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو جن ۾ سائين وارن جا مريد، عقيدتمند به شامل آهن اچي گڏ ٿيندا آهن، جتي رات دير تائين علمي، ادبي، سياست، زماني جي حالات تي ڪچهريون هلن ٿيون، سيد ناٿن شاهه کي ٻه ڀائر مير سجاد حسين شاهه، سيد عابد حسين شاهه به هتي درگاهه تي ڊيوٽي ڏين ٿا، سيد ناٿن شاهه کي 2 فرزند سيد ثابت علي شاهه ۽ سيد غلام حيدرشاهه آهن.


    مشهور ولي الله ۽ 5 ٻولين جو صوفي شاعرحضرت حسن بخش شاهه هادي

    سنڌ جو مشهور صوفي شاعر ۽ ولي الله سيد حسن بخش شاهه هادي جيلاني نه صرف سنڌ پر برصغير جو عظيم شاعر ۽ بزرگ هستي آهي. پاڻ 5 ٻولين: سنڌي، سرائيڪي، اردو، فارسي، هندي جو شاعرهو. سندس شاعري جو انداز عوامي هئڻ ڪري نه صرف لکيل پڙهيل پر عام ماڻهو به دلچسپي سان پڙهي ٿو ۽ مختلف فنڪارن پاران ڳايل شاعري ٻڌي ٿو، سندس شاعري نه صرف سنڌ پر آل انڊيا ريڊيو سروس تي به هلائي وڃي ٿي. سندن شاعري مڪمل طور صوفيانه ۽ توحيد واري رنگ ۾ رنڱيل آهي، پاڻ 1262هه ڌاري سانگهڙ شهدادپور روڊ تي لانڍي ويجهو ڊٺڙو شريف وٽ ڳوٺ سبحان علي شاهه ۾ جنم ورتو. سندن وڏا برهان پور مان لڏي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا، پهرين مختلف علائقن ۾ رهڻ بعد قاضي احمد ڀرسان اچي رهيا، جتي سندن وڏن جون مزارون آهن، سندن والد جو نالو سيد گلزار شاهه هو، جيڪو حيدرآباد ڀرسان پير ڀاون شاهه جي ڳوٺ ۾ رهندو هو، پاڻ وقت جا وڏا عالم ۽ ولي الله هئا، سندن مزار به اتي آهي. حضرت سيد حسن بخش شاهه هادي جي تعليم تربيت پنهنجي ناني سيد سبحان علي شاه جي سرپرستي ۾ ٿي، پاڻ سنڌي، اردو، فارسي، هندي جي تعليم کانسواءِ قرآن شريف ننڍي عمر ۾ پڙهي پورو ڪيو. ننڍي هوندي کان کين ديني تاريخي، تصوف جي ڪتابن سان دلچسپي هئي، وٽن شاه لطيف جو رسالو، رومي جو رسالو، قرآن شريف، حديثن جا ڪتاب گڏ هوندا هئا. ننڍي هوندي کان فقيراڻي طيبعت وارا سادا، گهٽ ڳالهائڻ، رحم دل، سخي، مهمان نواز، سنجيده هئا، جڏهن ڦوهه جواني ۾ آيا ته هڪ ڇوڪري سان پيار جو پيچ لڳي ويس، ليڪن ظالم سماج وچ ۾ ديوار بنجي ويو ۽ ڇوڪري کي سندس مائٽن جذبات ۾ اچي ماري ڇڏيو، پنهنجي محبوب جي موت هن جي دل تي وڏو اثر ڪيو ۽ محبوب جي دردناڪ قتل هن کي نهوڙي ڇڏيو ۽ مزاجي عشق حقيقي عشق ۾ تبديل ٿي ويو. جاني جي جدائي ۾ بي حال ٿي ويو ۽ اهڙي حالت، درد کيس رچي لال ڪري ڇڏيو ۽ اندر جا اڌما شاعري جي روپ ۾ الاپڻ لڳو، ان لاءِ پاڻ هڪ هنڌ فرمايو آهي ته ”عشق عقاب ستاب مون کي باز وانگر اچي جهٽيو آ“. پاڻ ٻئي هنڌ فرمايو آهي ته:
    گهڙي منجهه عشق جي درياءَ هلڻ هن پار مشڪل آ،
    لنگهي تنهن حد لاحد کان ٿيڻ مختار مشڪل آ،
    ڪري دنيا ترڪ يارو ڪڍي سي لنگ لانگوٽيا،
    ڇڏي سر ساهه جو سانگو اچڻ اظهار مشڪل آ،
    لاڳاپا لوڪ جا لاهي ڇني سڀ يار يارانه،،
    ننگئون نڪري ٿيڻ نانگو نسنگ نروار مشڪل آ.
    بدقسمتي سان سندس شاعري جو وڏو حصو ضايع ٿي ويو آهي، باقي بچيل شاعري 1956ع ۾ سندس سابق سجاده نشين سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ مرحوم ۽ محمد ابراهيم جويو گڏ ڪري سنڌي ادبي بورڊ حوالي ڪئي، جن سندس شاعري کي ديوان ڪلام سيد حسن بخش شاهه جي نالي سان ڇپرايو، ڪافي وقت کان سندن ديوان اڻ لڀ ٿي ويو آهي، ڪافي وقت کان سنڌي ادبي بورڊ ان کي ٻيهر ڇپائڻ جا اعلان ڪرڻ جي باوجود اڃا تائين ٻيو ڇاپو نه ڇپجي سگهيو، ان ڪري هن خاندان جي سيد يار محمد شاهه ۽ ٻين عقيدتمندن گڏجي چونڊ شاعري جو مجموعو ٻيهر ڇپايو آهي. حضرت سيد حسن بخش شاهه پنهنجي اوطاق تي هر وقت صوفيانه، سگهڙن جون ڪچهريون، صوفيانه راڳ ۽ ملاکڙو ڪرائيندو هو، صوفيانه راڳ ٻڌڻ سان مٿن وحد طاري ٿي ويندو هو، پاڻ آڌي رات جو اٿي صبح تائين ذڪر الاهي ڪندا هئا، پاڻ صاحب ڪرامت هئا، ايندڙ سوالي فيض حاصل ڪري ويندا هئا. سخاوت ۾ ايترو ته اڳتي جو الله جي نالي تي چوپايو مال ۽ زمين به ڏئي ڇڏيون، سندن ننگر خانو سڄي سنڌ ۾ مشهور هو. وٽن هر وقت مريد، سوالين، فنڪارن، سگهڙن، شاعرن، اديبن، ملهن جو وڏو حلقو موجود هوندو هو، سڀني کي ماني پنهنجي هٿن سان کارائيندا هئا، پاڻ وجد ۾ اچي شاعري چوندا هئا ۽ اتي موجود مريد اها لکي وٺندا هئا، سندن پهرين شادي پير علي بخش شاهه جي نياڻي سان ٿي، ان مان هڪ فرزند عطا ٿيو جو بعد ۾ گذاري ويو. ٻي شادي اڏيرو لال جي سيدن مان ٿي، ان مان ڪوبه اولاد نه ٿين، پاڻ پنهنجي ڀاڻيجي سيد ڏنل شاهه کي پٽ بنايو، جيڪو سندن پهريون سجاده نشين هو، هڪ ڏينهن ذڪر الاهي ۾ مصروف هئا ته سنجهورو ڀرسان رندن جي هڪ ڳوٺ جي مائي روئندي کين عرض ڪيو ته سندن اڪيلو ٻچڙو بيمار آهي، خدا جي واسطي هلي کيس دعا ڪريو، جڏهن پاڻ اتي پهتا ته اهو ڇوڪرو ڪوما ۾ هو، پاڻ کين دعا ڪئي ته ڇوڪرو اٿي ويهي رهيو، پر سائين بيمار ٿي پيو، پاڻ فرمايائون ته الله جو نالو کڻي ايندڙ عورت جي پٽ تان پاڻ پنهنجي جان جو صدقو ڏنو آهي، پاڻ اتان پينگهي ۾ پاڻ کڻائي آيا ۽ چند ڏينهن اندر وصال ڪري ويا، کين وصيت موجب سندن اوطاق ۾ دفن ڪيو ويو، جتي سندس خاندان وارن ۽ مريدن خوبصورت مزار اڏائي، پاڻ 7 جمادي اول 1318هه ۾ وصال ڪيو. هر سال سندن 3 روزه عرس مبارڪ وڏي عقيدت احترام سان ملهايو وڃي ٿو. سندن وقت ۾ شاعري ۾ ڪافي جو عروج هو ۽ غزل جو دور هاڻ شروع ٿي رهيو هو، ان ڪري پاڻ غزل گهٽ ڪافيون وڌيڪ چيون آهن. ڪافي گوءِ شاعرن ۾ سندن اعليٰ مقام آهي، جيڪو رنگ ۽ ميٺاس سندس ڪلام ۾ آهي اهو ان وقت جي ٻين شاعرن جي شاعري ۾ نه آهي، پان دعائن جا در هئا، پاڻ ڪيترن ئي غريبن کي نوازي ڇڏيو، اڄ انهن جا خاندان وڏا زميندار آهن، پاڻ دردمند دل رکندڙ درويش هئا، سندن هر شعر جي هر لفظ ۾ سوز سمايل آهي، سندن سجاده نشين سيد شاهنواز شاهه عارف الموليٰ جي دور ۾ سندن عرس مبارڪ سنڌ ۾ لطيف، سچل، قلندر سائين جي عرس مبارڪ کان پوءِ چوٿين نمبر تي شمار ڪيو ويندو هو. شاندار ملاکڙا، ادبي ڪانفرنسون، صوفيانه راڳ ۽ دڪانداري 30 ايڪڙن ۾ هوندي هئي.
    ميلي ۾ سنڌ جا مشهور شاعر، اديب، سگهڙ، فنڪار شوق سان ايندا هئا، پاڻ ميلي جي دعوت کي هڪ وڏو اعزاز سمجهندا هئا، جڏهن ته سنڌ ۾ ان دور ۾ ميلن ۾ جيڪو به ملاکڙو ٿيندو هو، انهن ۾ حضرت حسن بخش شاهه جي ميلي وارو ملاکڙو تاريخي سڏيو ويندو هو. مشهور ملهه هتي ملهه وڙهيا، هن ميلي ۾ سائين جي ايم سيد، مخدوم طالب الموليٰ، مولانا غلام محمد گرامي جهڙيون شخصيتون به شريڪ ٿيون. عارف الموليٰ جي وفات بعد سندس فرزند سيد نبي بخش شاهه ڪجهه سالن تائين اهڙا ميلا مچايا پر اهو سلسلو برقرار رکي نه سگهيو ۽ پوءِ آهستي اهڙو واءُ وريو جو حضرت حسن بخش شاهه جو ميلو بس نالي جو ميلو وڃي بچيو. هي ميلو پنهنجو عروج وڃائي ويٺو وري به شابس آهي سيد شاهنواز شاه عارف الموليٰ جي فرزند سيد يار محمد شاهه عابد مولا عرف مٺل شاه کي جو ميلي جون رونقون وري موٽايون آهن، ميلي ۾ ادبي ثقافتي پروگرام ڪرائڻ شروع ڪيا آهن، اسان جي خيال ۾ هن خاندان جا سڀ پير ميلي جي حوالي سان هڪ ٿي وڃن ته ميلي ۾ ماضي واريون رونقون موٽي سگهن ٿيون.۽ ان ۾ سڀن جي عزت آهي.


    حضرت عالي شاهه جراڙ پوٽو

    ٽنڊو آدم وايه ٽنڊوالهيار روڊ تي ٽنڊو آدم کان 9 ڪلوميٽر ٽنڊوالهيار کان تقريبن 24 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي قيصر گهوٽ بس اسٽاپ کان فر لاننگ فاصلي تي ڳوٺ سيد عاليٰ شاهه ۾ مشهور ولي الله حضرت عالي شاهه جي مزار روشنين جي مينار بڻيل آهي، جتي روزانو وڏي تعداد ۾ عقيدتمند حاضري ڀرڻ اچن ٿا، جتي سوين سوالي من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، جتي سوين عاشق محبوب کي ماڻڻ جون دعائون گهرڻ اچن ٿا، جن جون حاجتون پوريون ٿين ٿيون، اهي باسيل باس کڻي اچن ٿا، علائقي ۾ ٿيندڙ شادين بعد گهوٽ ڪنواريون به ڄڃ سان گڏ دهل شرنائيون وڄرائي جوڙي سلامت ۽ خوش رهڻ اولادي ٿيڻ جون دعائون گهرڻ اچن ٿا، درگاهه تي سدائين ميلو متل هوندو آهي، سيد عالي شاهه جا وڏا هرات جا هئا، تيمور بادشاهه جي وقت ۾ سيد حيدر شاهه هالا ڪنڊي ”هالا“ پرڳڻي ۾ اچي رهيو جتي هالا قوم سان اهڙا ڀال ڪيا جو هنن کين راضي ڪري شاهه محمد ولد درياءُ خان جي نياڻي فاطمه سان شادي ڪرائي، اڳتي هلي هن خاندانن جا سادات جيڪي مختلف پاڙن جا سڏجڻ لڳا، سيد عالي شاهه جراڙ پوٽه سيد هو، پاڻ حضرت سيد جلال شاهه عرف جراڙ شاهه جي اولاد مان آهي، هن خاندان مان به اڳتي هلي مختلف پاڙا سڏيا جن ۾ هاشمي، ڪريمه پوٽه، ”حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي وارو“ جو اولاد ۽ دنيا جو مشهور شاعر ۽ ولي الله شاهه عبداللطيف ڀٽائي سخي هاشم شاهه به هن ئي خاندان جا آهن، سيد عالي شاهه جي تاريخ پيدائش معلوم نه ٿي سگهي آهي، پاڻ حضرت مخدوم نوح رح جن جا هم عصر هئا، سندس والد کان سيد جلال جراڙ شاهه تائين سندن شجرو معلوم ٿي نه سگهيو آهي، سندس والد جو نالو سيد ڏنو شاهه ڏاڏي جو نالو ابراهيم شاهه ٻڌايو وڃي ٿو، ڪن ڪتابن هن بزرگ کي متعلوي سيد ڪري لکيو آهي، اندازو آهي ته اهو ٻيو ڪو عالي شاهه ٿي سگهي ٿو، روايتون آهن ته کين حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور رح وٽان روحاني فيض مليو جتان پاڻ روحاني منزلون طئه ڪري رچي لال ٿيو، ڪتاب تاريخ مٽياري ۾ ليکڪ مقصود قاضي هن بزرگ بابت لکي ٿو ته حضرت عالي شاهه مهيني مهيني جو روزو رکندو هو، لاڳيتو چاليهه سال جهنگن، بيابانن ۾ رهي رياضتون ڪري ان منزل تي پهتو، سندس بچائيل کاڌو ڪو انسان ته ڇا پر ڪو جانور به نه کائي سگهندو هو، کائيندو هو ته هو تڙپي تڙپي مري ويندو هو ان ڪري سندس اوبر زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا، هڪ جوڳي سندس رياضتن جو امتحان وٺڻ لاءِ وٽس آيو پاڻ هن جو ارادو معلوم ڪري چيائون ته اچ ته ڪي ڏينهن بندگي ۾ بيهي گذاريون ۽ توکي کاڌو تڏهن کائڻو پوندو جڏهن آئون کائيندس. هڪ جاءِ مقرر ڪري اتي اٿي بيهي بندگي شروع ڪئي، ڪجهه ڏينهن بعد جوڳي کي اچي سخت اڃ لڳي ۽ هو اتان ڀڄي نڪتو، جڏهن ته سيد عالي شاهه بندگي ۾ محو هو ۽ اتي ڪافي عرصو بيهي رياضت ڪئي، روايتون آهن ته مخدوم نوح سرور رح مٿن ايترو ته راضي هئا جو پنهنجي نياڻي جي فرض جي ادائگي سيد عالي شاهه سان ڪئي، روايتون آهن ته جتي سندن مزار آهي اتي ڀرسان سامي جو ڳوٺ هو جتي سامي مذهبي ڪٽر پڻي ڪري مسلمانن کي تنگ ڪندو هو، سامي وڏو طاقتور هو، ساڻس وڏو لشڪر به هوندو هو، ان علائقي ۾ سيد عالي شاهه جا مريد به رهندا هئا، انهن پاران سامي لاءِ اهڙين شڪايتن تي پاڻ پنهنجي چاچو سيد شاهه حسين شاهه سان گڏ مٽياري مان لڏي اتي ڀرسان اچي ويٺا ساڻن گڏ وڏي تعداد ۾ فقير فقيراءَ به گڏ هو، پاڻ اتي حويلي، فقير فقراءِ لاءِ الڳ جايون ۽ هڪ وڏو اوطارو ٺهرايو جتي مسافرن ديسي پرديسي ۽ ايندڙ مريدن لاءِ لنگر عام هلندو هو، پاڻ ان علائقي ۾ انسانيت ۽ اسلام جي پرچار ڪئي ته ان سامي کيس تنگ ڪرڻ شروع ڪيو، پاڻ سامي کي ڏاڍو سمجهايو پر هو نه مڙيو ته پاڻ کين چيو ته نه رهندي تون نه رهندو تنهنجو شهر...! چون ٿا ڪجهه ڏينهن بعد اتي اهڙو زلزلو آيو جو اهو شهر غرق ٿي ويو ۽ سامي مري ويو، سندس اهڙي ڪرامت بعد علائقي جون ڪيئن برادرين وارا توڙي هندو به مريد اچي ٿيا، ان غرق ٿيل شهر جا ويهه سال اڳ تائين نشان باقي هئا، پر سنڌ جي ٻين اهڙن قديم آثارن وانگر هن غرق ٿيل شهر جا آثار به مٽجي ويا ۽ اتي غير قانوني کڻت ڪري زرعي آبادي ڪئي وئي، سيد عالي شاهه جو ڏاچين سان پيار هوندو هو، وٽس اٺن ڏاچين جا وڳ هئا، سندس چڙهڻ لاءَ وندر نالي ڏاچي هئي، روايتون آهن ته عالي شاهه جا اٺ ۽ ڏاچيون سندس چاچا سيد شاهه حسين شاهه جي انبن جي باغ ۾ وڃي وڻن کي کائينديون هيون، ڪافي دفعا سندس چاچي کيس شڪايت ڏني پر اهو سلسلو بند نه ٿيو هڪ ڏينهن اٺ ۽ ڏاچيون باغ ۾ وڻ کائي رهيون هيون ته سندس چاچو وٽس شڪايت کڻي آيو ته پاڻ جلالت ۾ اچي چيو ته چاچا اٺ ۽ ڏاچيون ته ڪنڊي جا وڻ کائي رهيون آهن ان تي سندس چاچي کي وڌيڪ ڪاوڙ لڳي ۽ کيس اتي هلي ڏسڻ لاءِ چيو ان تي سيد عالي شاهه ۽ اتي ويٺل حاضرين اتي پهتا ڏسن ته انبن جي وڻن بجاءِ ڪنڊين جا وڻ بيٺا آهن، اتي سندس چاچو جلال ۾ اچي هڪ تير ڏکڻ طرف اڇليو ۽ سيد عالي شاهه کي چيائون ته هاڻ پاڻ گڏ نه ٿا رهي سگهون ان تي عالي شاهه چيو ته چاچا اوهان اتي رهو آئون هتان وڃان ٿو ۽ پاڻ ڪجهه فقراءُ ۽ مريدساڻ ڪري اتان ڪڇ ڀڄ شهر ڏانهن روانا ٿيا، جتي سندن وڏي تعداد ۾ مريد هئا ۽ اتي آستانو ٺاهي ويهي رهيا، اتي پاڻ مسجد به ٺهرائي، روايتون آهن ته ڪجهه عرصي بعد سندس چاچو اتي ويو ۽ کين راضي ڪري واپس وٺي آيا، پر عالي شاهه جو ڀڄ ڪڇ ۾ اهڙو ته روح ريجهي ويو جو پاڻ ڪافي عرصو اتي رهندا هئا ۽ سندن وصال به اتي ٿيو، سندس وصيت موجب سندس جسم مبارڪ کي تڙ ڏياري ڪفن پارائي هڪ ڪاٺ جي پيتي ۾ وڌو ويو، جنازي نماز بعد صندوق ڏاچي تي رکي وئي، سندس وصيت هئي ته ڏاچي جتي ويهي اتي کيس سپرد خاڪ ڪيو وڃي، اڳيان ڏاچي پويان سندن فقيراءَ ۽ مريد ڏاچي منزلون طئه ڪندي اتي اچي ويٺي جتي سندس مزار آهي، اهي به روايتون آهن ته سندس وصيت هئي ته کيس اتي جتي سندن مزار آهي اتي دفن ڪيو وڃي، جتي سندن مزار آهي اتي مٽي جو دڙو هو، روايتون آهن ته پاڻ چاچي جي چوڻ تي اتان وڃڻ کان اڳ اهو فرمايو ته چاچا ڪيڏانهن به ڪڍو پر هونداسين اوهان جي سيراندي ۽ سندن وصال بعد جتي ڏاچي ويٺي اهو دڙو سندس چاچو جيڪو کائن اڳ وصال ڪري ويو ان جي مزار کان 4 ايڪڙن جي فاصلي تي سيراندي کان سپرد خاڪ ڪيو ويو، اهڙي ريت سندس چاچي کي چيل فرمان صحيح ثابت ٿيو، سندس وصال 1008هه ربيع الاول مهيني جي پهرين جمع رات ٿيو، ان تاريخ تي هر سال سندن عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ جوش خروش سان ملهايو ويندو آهي، تفريح لاءِ دوڪانداري شو لائين به لڳندي آهي، 3 ڏينهن شاندار ملاکڙو به ٿيندو آهي،صوفيانه راڳ جون محفلون به ٿينديون آهن، پهرين رات روايتي مچ ٿيندو آهي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿين ٿا ان مچ لاءِ مشهور آهي ته ان موقعي تي جيڪو ماڻهو 5 دفعا الحمد 5 دفعا قل هو الله سورت پڙهي جائيز دعا گهرندو ته اها پوري ٿيندي، سندس وصال کانپوءِ ترت سندس مريدن سندن مزار ٺهرائي پر مٿان قبو ٺهي بس ٿيو ته رات جو صرف مٿان قبي ڊهي وئي باقي مزار صحيح سلامت آهي، اها قبي ڊهڻ بعد وري ٺاهي وئي تيار ٿي ته رات جو ڊهي وئي ۽ گادي نيشن کي قبي مٿان ڇت نه ٺاهڻ جو اشارو مليو، ان بعد قبي ڇت نه ٺاهي وئي سندن سجاده نيشن مان شاهه محمد شاهه ۽ فقير محمد شاهه ڪامل ولي صاحب ڪرامت ٿي گذريا آهن، هنن وڏيون رياضيون ۽ عبادتون ڪيون چلا ڪڍيا، روايتون آهن ته ڀر ۾ نوبت مري ڳوٺ ۾ هڪ هندو سيٺ رهندو هو، سيد فقير محمد شاهه ان واڻئي سيٺ کان سيڌو سامان وٺندو هو ۽ اهو واڻيو کين درگاهه ۾ لنگر نياز لاءِ في سبيل الله سامان به ڏيندو هو، هڪ ڏينهن پاڻ صبح جو ان ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لڳو ڪنهن مريد کائن معلوم ڪيو ته سائين ڪيڏانهن ٿا وڃون پاڻ فرمايو ته سيٺ نيڻو مل کان سامان وٺڻ ٿو وڃان، مريد عرض ڪيو ته اهو سيٺ ته رات ديهانت ڪري ويو، سائين چيو اهو ڪوڙ آهي پاڻ ان ڳوٺ ويجهو پهتو ته ان واڻئي سيٺ جي ارٿي مساڻ ڏانهن کڻيون پئي ويا، پاڻ ماڻهن کان معلوم ڪيو ته خبر پئي ته سيٺ نيڻو مل جي ارٿي آهي، پاڻ جلال ۾ اچي چيو ته واهه ڙي سيٺ واهه اسين اچون پيا تو کان سامان وٺڻ تون وري وڃي پيو مسڻ ۾ سڙجڻ لاءَ پاڻ واڻين کي چيو ته ارٿي هيٺ رکو جڏهن ان جي ارٿي هيٺ رکي ته پاڻ جلال ۾ اچي چيو اٿ ڙي واڻيا هل مو نکي هلي سامان ڏي ان تي نيڻو مل ۾ ساهه پئجي ويو ۽ هو اٿي ويٺو. اهو سيٺ پوءِ سيٺ پوءِ ڪيترائي سال زنده هو. هن درگاهه جا سڄي سنڌ ۾ مريد آهن انهن ۾ جوڻيجا، سهتا، بالادي، ڪوري، ملاح، سولنگي، خاصخيلي، شورا، سومرا، ڪنڀار، پٺاڻ، ڏاهري، راجپوت، جهانجهڻا، ڀيل، ميگهواڙ، ڪولهي، واڻيا به شامل آهن، سيد عالي شاهه جو موجود سجاده نيشن سيد مصري شاهه ٻڌائي ٿو ته ننڍو هئس مخدوم طالب الموليٰ اسان وٽ آيا، صبح جو درگاهه تي حاضري ڏيڻ جو حڪم ٿيو، پاڻ ڪافي پنڌ پري گاڏي مان لهي پيادل مزار تي آيا، اتي والد سيد بهاول شاهه کان ڪجهه ڳالهيون معلوم ڪيون ڪجهه ٻڌايون ۽ چيو ته اوهان حضرت مخدوم نوح جي نياڻي جو اولاد آهيو ان ڪري اوهان کي به دنيا ۾ ان نظر سان رهڻو پوندو، سيد مصري شاهه چوي ٿو ته هڪ دفعي مخدوم طالب الموليٰ وٽ حاضري ٿي هالا ويس ته پاڻ فرمايو ته حضرت مخدوم نوح رح حضرت محمد صه جن جي سنت پوري ڪندي چاريار، ابوبڪر شاهه لڪياري، عمر عطار، عثمان بودلو، سيد علي شاهه ۽ اوهان ان عالي شاهه جو اولاد اوهان آهيو پر ان جو نالو غلطي سان عالي شاهه سڏجي ٿو ۽ ڪتابن ۾ غلطي سان علي شاهه شيرازي لکجي ويو آهي، سيد مصري شاهه جي دعويٰ پنهنجي جاءِ تي پر جيڪڏهن واقع ۾ اها غلطي ٿي آهي ته پوءِ سوال ٿا اٿن ته پوءِ اڄ تائين ان جي تصديق ڇو نه ٿي آهي. سيد عاليٰ شاهه جو ذڪر ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن کانسواءِ ڪتاب تحفت الڪرام ۾ به مختصر طور ملي ٿو، پر پروفيسر محبوب علي چنا سيوهاڻي جي مرتب ڪيل ڪتاب مخدوم نوح سرور رح جا سهوگي ۾ ڪٿي به ذڪر نه ٿو ملي، پروفيسر چنه پاران هن بزرگ جو ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪرڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي، سيد عالي شاهه جي حال وسيلن ۾ دستار مبارڪ، ڪاٺ جي مڻين جي تسبيع، لباس ۽ ٻيو سامان موجوده سجاده نيشن وٽ محفوظ آهي، عرس مبارڪ جي موقعي تي انهن جي زيارت ڪرائي ويندي آهي، ڪڇ ڀڄ ۾ سندن آستانو اڄ به موجود آهي، اتي سندن عرس مبارڪ تي اتي به سندن مريد ۽ عقيدتمند ڏهاڙو ملهائيندا آهن، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪڇ ڀڄ مان سندن مريد عرس مبارڪ ۾ هتي ايندا هئا ۽ درگاهه جو سجاده نيشن به اتي روحاني سفر تي وينداهئا، پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ڪجهه عرصو جاري رهيو پر بعد ۾ اهو سلسلو بند ٿي ويو، سيد عالي شاهه جو جت به سندن دعائن سان صاحب ڪرامت فقير هو، جنهن جي آخري آرام گاهه مٿان چوڪنڊي ٺهيل آهي، درگاهه کان 2 ڪلوميٽر روڊ تي طرف آهي ان کي ڏانو ڻيون پير سڏين ٿا، اتي قديم زماني کان ڪنڊي جو وڻ بيٺل آهي ان ڪري ڪنڊي وارو پير به سڏجي ٿو، هر سال سندس ميلو به لڳي ٿو، جيڪو خدا ڏنو هنگورو سيد نظر حسين شاهه ۽ ٻيا لڳرائين ٿا، هتي ماڻهو سکان پوري ٿيڻ تي مٺايون، خير خيراتون ڪرڻ کانسواءِ اٺن جا ڏاوڻ باسين ٿا ۽ سوال پورا ٿيڻ تي اهي کڻي اچن ٿا. حضرت عالي شاهه جا هن وقت تائين ٿيندڙ سجاده نيشن ۾ حضرت سيد يار محمد شاهه رح بن حضرت سيد عالي شاهه رحمة الله عليه، بن حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح بن حضرت سيد يار محمد شاهه رح، بن حضرت سيد ڏاتر ڏنو شاهه رح بن حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح، حضرت سيد پارپئو شاهه رح بن حضرت سيد ڏاتر ڏنو شاهه رح، حضرت سيد يار محمد شاهه رح بن حضرت سيد پارپئو شاهه رح، حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح بن حضرت سيد يار محمد شاهه رح،حضرت سيد بهاول شاهه رح بن حضرت سيد بگ محمد شاهه رح حضرت سيد ڏاتر ڏنو شاهه رح بن حضرت سيد بهاول شاهه رح، حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح بن حضرت سيد ڏاتر ڏنو شاهه رح، حضرت سيد يار محمد شاهه رح بن حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح، حضرت سيد پارپئو شاهه رح بن حضرت سيد يار محمد شاهه رح،حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح بن حضرت سيد پارپئو شاهه رح،حضرت سيد شاهه محمد شاهه رح بن حضرت سيد بيگ محمد شاهه رح، حضرت سيد فقير محمد شاهه رح بن حضرت سيد شاهه محمد شاهه رح، حضرت سيد بهاول شاهه رح بن حضرت سيد فقير محمد شاهه، حضرت سيد يار محمد شاهه رح بن حضرت سيد بهاول شاهه رح، (ڀائيٽيو) حضرت سيد بهاول شاهه رح بن حضرت سيد غلام، حيدر شاهه عرف سيد مصري شاهه رح، سيد غلام حيدر شاهه عرف سيد مصري شاهه بن حضرت سيد بهاول شاهه رح ۽ موجوده سجاده نشين سيد بلاول عرف سيد مصري شاهه کي ڇهه فرزندسيد بهاول شاهه، سيد ذوالفقار علي شاهه، سيد ذاڪر علي شاهه، سيد شاڪر علي شاهه، سيد سجاد علي شاهه، سيد نبن علي شاهه آهن.
    موجوده سجاده نشين سيد مصري شاهه 15 مارچ 1956ع ۾ جنم ورتو، سندس تعليم بي اي آهي، سندس ادب، صوفيانه راڳ سان دلچسپي رهي هئي، پاڻ علائقي جي مشهور سماجي شخصيت آهي، پاڻ مخدوم خاندان جي ڪري پ پ سان وابسته آهي، شاهه لطيف استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم ، شيخ اياز ۽ ٻين شاعرن جي شاعري سان دلچسپي رهي آهي، پاڻ جواني ۾ بهترين گهوڙي سوار به هو، پاڻ سخي، مهمان نواز غريبن جو همدرد آهي.


    مشهور شاعر ۽ ولي الله حضرت منٺار فقير راڄڙ

    منٺار فقير راڄڙ سنڌ جو مشهور ولي الله ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعري روح کي ڇهيندڙ آهي. راڄڙ برادري لاءِ روايت آهي ته پاڻ سنڌ جي قديم سمان جي هڪ شاخ مان آهن. فقير جا وڏا جيسلمير رياست جا رهواسي هئا. جتي لاڳيتو ڪجهه سال بارش نه هئڻ ڪري اتي ڏڪار واريون حالتون هئڻ ڪي پنهجي چوپائي مال سان ميرن جي حڪومت ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. فقير منٺار راڄڙ جو خاندان حضرت مخدوم نوح جا مريد هئا. روايتون آهن ته هن خاندان ۾ ڪجهه مشهور بزرگ به ٿي گذريا آهن. انهن ۾ مهراڻ فقير راڄڙ، منٺار فقير ڪنگور وارو به شامل آهن، منٺار فقير راڄڙ تقريبن 1885ع ۾ قبول محمد راڄڙ جي گهر ۾ جنم ورتو.، کين ظاهر تعليم نه هئي روايت آهي ته منٺار فقير جي ولادت کان ڪجهه وقت پوءِ چار درويش دروازي تي آيا ۽ اهي صدائون بلند ڪيون ته جيجان اسان کي ڏاڏا جي زيارت ڪرايو. ان تي فقير صاحب جي امڙ کيس دروازي تي کڻي وئي. انهن درويشن مان هڪ ٻارڙي کي هنج ۾ ورتو ۽ پيار ڪيو ۽ پنهنجي پڪ سندن وات ۾ وڌي ۽ اهو چئي هليا ويا ته منٺار فقير ڪنگوري هتي آيو آهي هي دنيا ۾ مشهور ٿيندو. هن جو ادب ڪجو، فقير صاحب والدين کي ننڍا فرزند هئڻ ڪري ڏاڍي لاڏ ڪوڏ ۾ پليا. پاڻ ڄمندي ڄام هئا. جڏهن جوان ٿيا ته ان زماني ۾ سندن مرشد حضرت پکن ڌڻي راهونڊ ۾ چلو مڪمل ڪري هالا پهتا هئا ۽ جماعت وارا سندن زيارت لاءِ هالا ۾ اچي رهيا هئا. منٺار فقير به مرشد جي زيارت ڪرڻ ۽ بعيت وٺڻ لاءِ هالا پهتا. ان ڏينهن ذڪر ڏيڻ جو سلسلو بند هو پر جي حاضري واري کي فقير صاحب منٿ ڪئي ته مٿس خاص مهرباني ٿئي، حاضري وارو جيڪو سيد هو ان فقير کان سندس باري ۾ حال احوال وٺي پکن ڌڻي کي عرض ڪيو ته پکن ڌڻي کيس گهرائي نظرون ملايون ۽ ذڪر ڏنائون. ڪجهه عرصي کانپوءِ پکن ڌڻي وصال ڪري ويا.
    فقير منٺار جي ڳوٺ کاڻي تعلقو کپرو ۾ محنت مزدوري لاءِ ڀيل اچي ويٺا هئا. انهن ۾ هڪ سهڻي ڇوڪري هئي ان تي پاڻ عاشق ٿي پيا. ان ڇوڪري تي ٻيا به ڪيترائي عاشق هئا، فقير صاحب کي عشق آتش ڏاڍو تپايو ۽ پاڻ هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ محبوب کي راضي ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. رات جو هنن جي ملاقات ٿي ۽ پيار ڀرين ڪچهرين ۾ رات جا 3 ٿي ويا ۽ جڏهن کين نفساني خواهش ٿي ته کين ائين محسوس ٿيو جهڙو اٺ گهوڙا هلي رهيا آهن ۽ مرشد جي آمد تي جيڪو ذڪر ٿيندو آهي اهڙو آواز اچڻ لڳو. پاڻ ان عورت کي چيائون ته اڄ منهنجو مرشد اچي رهيو آهي، پاڻ وري سڀاڻي ملنداسين ۽ پاڻ جتان آواز اچي رهيا هئا اوڏانهن ويا پر اتي ڪجهه به نه هو. اهي آواز اچڻ بند ٿي ويا. واپسي تي پاڻ سوچيندا رهيا ته پکين ڌڻي جو ته وصال ٿي ويو آهي، پوءِ هي ڇا هو؟ ٻي رات به جيڏي مهل نفساني خواهش ٿي ته ساڳي طرح ڪلمي جي تنوار ٻڌڻ ۾ آين ۽ پاڻ وري اڳين رات ملڻ جو انجام ڪري هليا ويا ۽ پريشان حال ۾ سوچيندا رهيا ته آخر هي ڇا آهي؟ ائين ڇو پيو محسوس ٿئي؟ رات جڏهن عورت سان مليو ۽ نفسائي خواهش اڀرڻ وقت هن سان وري به ائين ٿيو ۽ پاڻ عورت کان موڪلائي ايندڙ رات جو انجام ڪري گهر هليا ويا. ليڪن ٽئي ڏينهن ڀيل لڏو کڻي پنهنجي ملڪ رونا ٿيا فقير صاحب هنن جي پويان ويو. لڏي وارا رات گذارڻ جي لاءِ هڪ هنڌ ترسي پيا فقير صاحب هڪ کٻڙ هيٺان سمهي رهيو پر ڪوششن جي باوجود سندس محبوب سان ملاقات نه ٿي ۽ لڏي ناري واري علائقي مان ٽپي ٿر جي وارياسي علائقي ۾ روانا ٿيا. پاڻ نا اميد ٿي واپس ڳوٺ آيا. پاڻ سڄي رات نفساني خيالن ۽ محبوب سان ملڻ وقت ايندڙ آوازن تي سوچيندا رهيا. سوچيندي سوچيندي کين ننڊ اچي وئي ته پاڻ خواب ڏٺائون حضرت مخدوم امين محمد پکن ڌڻي گهوڙي تي چڙهي اچي رهيو آهي، پاڻ گهوڙي جي واڳ ورتي آهي، پکن ڌڻي لهي کين سڏ ڪيو آهي ۽ کين هڪ ڪتاب ڏنو ۽ حڪم ڪن پيا ته هي پڙهه پاڻ عرض ڪيو ته قبله سائين آئون پڙهيل نه آهيان، پکن ڌڻي فرمايو ته اسين اوهان کي پڙهايون ٿا ۽ پاڻ کي هڪ سٽ تي هٿ رکي پڙهائي، ۽ فرمايو ته اسين اوهان سان گڏ آهيون ۽ پکن ڌڻي گهوڙي تي سوار ٿي فقير صاحب کي اتي ان هنڌ وٺي آيا جتي سندس مزار آهي ۽ فرمايو ته اوهان جو هاڻ هي مڪان، مئخانو آهي ۽ فقير صاحب جي اک کلي وئي. ته پاڻ پگهر ۾ شم هئا. صبح جو پاڻ لطيف سائين جو رسالو کڻي پڙهيو ته پاڻ اکر شناس هئا رسالو رواني سان پڙهي رهيا هئا ۽ لطيف سائين جو شعر هڪ دفعو پڙهڻ بعد اهو شعر کين ياد ٿيڻ لڳو. مرشد جي خواب ۾ اچڻ بعد پاڻ فقيري ڏانهن مائل ٿيا ۽ شاعري ڪرڻ لڳا. پاڻ ذڪر الاهي ۾ مصروف هوندا هئا. جڏهن عبادت ۽ ذڪر الاهي کان فارغ ٿيندا هئا ته شاعري ڪندا هئا. شاعري چوندي پاڻ مستي ۾ اچي ويندا هئا. پاڻ الهامي شاعر بنجي ويا.
    فقير صاحب ڪجهه وقت بعد سودري ڀارت جو علائقو جتي سندس محبوبه ڀيلڻ ۽ سندس خاندان وارا رهندا هئا. اهي ڀيل سندس طالب ٿيا. اتان کان اجمير شريف روانا ٿيا خواجه غريب نواز جي مزار جي زيارت ڪيائون. اتان کان پاڻ هالا شريف پهتا جتي حضرت مخدوم نوح پکڻ ڌڻي ۽ ٻين جي مزارن تي حاضري ڀري ۽ پکن ڌڻي بعد گادي تي ويٺل مرشد حضرت مخدوم محمد الزمان جي زيارت ڪيائون. اتان سيوهڻ شريف ويا جتي کين قلندري سانگه پهرايو ويو. فقير صاحب جي خاص طالبن ۾ احمد آباد انڊيا جو دائود فقير مڱڻهار سيد روشن شاهه هئا. جيڪي سندن خدمت ۾ هئا. دائود فقير لاءِ چون ٿا ته پاڻ منٺار فقير جي دعائن سان رچي لال ٿيو. پاڻ فقير صاحب جي شاعري به ڳائيندا هئا ۽ پاڻ به شاعري ڪئي. سندس گهڻي شاعري منٺار فقير جي شان مان ۾ چيل آهي. دائود فقير جي شاعري جو ڪتاب ته نه ڇپيو پر لکت ۾ درگاهه منٺار فقير تي محفوظ آهي. دائود فقيرجا مائٽ وٽس آيا ته واپس هلو ته اوهان جي شادي ڪرايون ته پاڻ چيو ته نڪاح تي نڪاح نه ٿيندو آهي. آئون ڪن جو پکي بڻجي ويو آهيان ان تي دائود فقير جي مائٽن منٺار فقير کي عرض ڪيو جنهن کيس سمجهايو ته ابا نبي سڳوري صه جي سنت کان انڪار نه ڪر شادي ڪر. پاڻ اهڙو حڪم ملندي مائٽن سان گڏ روانو ٿيو. نڪاح کان اڳ پاڻ يڪتارو گهريو ۽ يڪتاري تي آهيان منجهه غير جي دريا اڪارج يا رسول الله گناهن ڪيس غرقاني ڪر مشڪل آساني ڪلام ڳائيندي پاڻ وجد ۾ اچي ويو ڪلام ختم ڪرڻ سان سندس روح پرواز ڪري ويو. اها خبر جڏهن منٺار فقير کي پئي ته کين وڏو صدمو پهتو ۽ پاڻ سندس ياد ۾ ڪيترائي شعر به چيا، دائود فقير کي سندس ڳوٺ احمدبڙودا۾ سپردخاڪ ڪيو ويو. اتي هر سال وڏي ليول تي ميلو لڳي ٿو. ان دور جو هڪڙو مشهور فنڪار ڇڀر فقير ڀيل، فقير صاحب وٽ حاضر ٿيو ۽ اهڙو ته متاثر ٿيو جو سڄي حياتي اتي رهي فقير صاحب جي شاعري ڳائي. منٺار فقير جي صحبت ۽ دعا سان ڪيترائي شاعر ٿيا. فقير صاحب جا سوين مدح، مولود، مناجات، مرثيو، ڏهر، حرفي لولي شامل آهي. موسيقي ۽ شاعري جو ڄاڻو غلام ڪريم شر،ڪلام منٺار فقير رسالو خدائي ترتيب ڏنو جيڪو ڇپايو ويو ۽ فقير صاحب جي شاعري تي نظر وجهبي ته سچل سرمست کانپوءِ ٻيو نمبر منٺار فقير کي ڏبو ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس شاعري جا 4 رسالا، رسالو خدائي، رسالو مرتضاڻي ۽ رسالو رهنمائي رسالو صدا ئي ڇپيا آهن. رسالو مرتضائي ۽ رهمنائي ٻه دفعا ڇپيا آهن. سندس ڪافي شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي آهي.
    پاڻ حسن ۽ عشق کي تمام گهڻو ڳايو آهي، سندس شاعري پڙهڻ بعد اندازو ٿئي ٿو ته ٻولي منٺار فقير جي محتاج آهي. پاڻ چئن زبانن سنڌي، هندي، اردو، سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آهي. شاعري دل ۾ چُڀي وڃڻ واري آهي.، سندس ڪافي شعرن ۾ قراني آيتون به ڪم آنديون آهن. سندس داستانن جون ڪافيون ته سماج، ريتن، رسمن جي عڪاسي ڪن ٿيون، پاڻ موسيقي جو به ماهر هو. سندس راڳ ويراڳ سان تمام وڏي دلچسپي هئي. هر وقت سندس خدمت ۾ فنڪار هوندا هئا. تقريبن روزانو سندن آستاني تي فقير صاحب ۽ ٻين صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائيندا هئا. روايتون آهن ته پاڻ 12 سالن تائين سفر به ڪيا. پاڻ روزي نماز جا پابند هئا. تسبيح تي ذڪر ڪندا هئا. پاڻ گهڻو ڪري گيڙو يا فيروزي پهراڻ ۽ آسماني نيري رنگ جي شلوار پائيندا هئا. ڪاري کٿي ساڻن گڏ هوندي هئي. پاڻ پٽڪو، گيڙو يا سائو ٻڌنداهئا. جڏهن ته ڪندري، بيرا ڳڻ، ناد، سنک، جهولي ۽ ڪشتي گڏ کڻندا هئا. سندن ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. سندس دعائون مان ڪيترائي ماڻهو رڱجي ويا، سروري جماعت وارا مرشد جي آمدتي منٺار فقير جو ڏهر ڏيندا آهن .پاڻ مرشد جي مان شان ۽ ڪافي شاعري ڪئي اٿن. حضرت مخدوم طالب الموليٰ رسالو خدائي ۾ فقير صاحب بابت لکي ٿو ته منٺار فقير جي شاعري جي زبان سنڌي لوڪ ادب جي زبان آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس زبان کي هر شخص آساني سان پڙهي سگهي ٿو. اها ئي سندس ڪلام جي خاص خوبي آهي.مخدوم امين فهيم رسالي خدائي منٺار فقير لاءِ لکي ٿو ته منٺار فقير سروري جماعت جي مکيه فقيرن مان ۽ پنهنجي دور جو سريلو شاعر هو. سندس ڪلام ۾ عام فهم ۽ ڳوٺاڻي زبان استعمال ٿيل آهي. تصوف جي طالب جون مڙئي تقاضائون سندس ڪلام ۾ موجود آهن. سندس ڪلام ۾ موسيقي جو سڀ ٽڪاءُ تال پڻ موجود آهين.
    منٺار فقير پهرين شوال 1353هه عيد الفطر جي نماز پڙهي مائيٽن ۽ فقراءَ کي وٺي پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ جتي پاڻ پنهنجي لاءِ لحد ۽ قبو پهرين ٺهرايو هو اتي. کين چيو ته منهنجي آخري آرام گاهه ڀرسان 2 جايون ٿينديون اهي آئون پنهنجي ٻنهي پوٽن کي ڏيان ٿو. ڇاڪاڻ ته سندن فرزند سندن حياتي ۾ وصال ڪري ويو هو. اتي سندس ڀائيٽي حاجي مير حسن کين چيو ته الله سائين اوهان کي وڏي ڄمار ڏيندو ان تي پاڻ فرمايائون ته آئون اوهان وٽ صرف ڏهه ڏينهن مهمان آهيان. مون گهري ته محرم جي ڏهين تاريخ هئي پر ملي شوال جي ڏهين. پاڻ ڏهين محرم تي وصال واري خواهش ۾ شعر به چيو اٿن.
    ”ماهه محرم جي ڏهين تاريخ ۾ شل دم ڏيان حب رکي حسين ڏي روئندي هتان راهي ٿيا.“پاڻ 10 شوال تي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا. سندس سجاده نشين، سندس فرزند سندس حياتي ۾وصال ڪري ويا. ان ڪري سندس پهريون سندس وڏو پوٽو فقير ولي بخش هو پاڻ 29 محرم 1404 تي وصال ڪري ويا ان بعد فقير ولي بخش جو فرزند فقير ولي محمد سجاده نشين ٿيا سندن وصال 26 رجب 1405هه بمطابق 17 اپريل 1985ع تي ٿيو موجود سجاده نشين فقير محمد بخش ضامن آهي. پاڻ درگاهه تي ڪافي ڪم ڪرايو آهي. تقريبن هر رات جو راڳ ويراڳ ٿئي ٿو پاڻ درگاهه تي ڪافي ڪم ڪرايو آهي. هر وقت درگاهه منٺار فقير تي عقيدمندن جو ميڙو متل هوندو آهي. ڪيترائي سوالي اچن ٿا. سوال پورا ٿيڻ بعد باسون کڻي اچن ٿا. هر سال 10 شوال تي منٺار فقير جو هڪ روزه ساليانو عرس مبارڪ وڏي عقيدت سان ملهايو وڃي ٿو. شاندار ادبي ڪانفرنس مشاعرو ۽ صوفيانه راڳ جي محفل ٿئي ٿي. جنهن ۾ سنڌ جا ناميارا فنڪار فن جو مظاهرو ڪن ٿا. درگاهه تي فقير محمد بخش ضامن پاران لنگر به هلي ٿو. پاڻ فقير منش انسان آهي.


    صوفي شاعر ۽ ولي الله حضرت محمد فقير کٽياڻ

    کٽياڻ قبيلي ۾ ڪيترائي ولي الله ٿي گذريا آهن، انهن ۾ حضرت محمد فقير کٽياڻ جو رنگ ئي نرالو آهي.پاڻ صوفي شاعر پڻ هئا. پاڻ پنهنجو ڪلام پنهنجي سنگ سان گڏ ڳائيندا هئا ۽ مستي ۾ اچي نچندا هئا، سندس وڏا سبي واري علائقي مان مير صاحبن سان گڏ آيا ۽ سنڌ ۾ آباد ٿيا. سندس وڏا ميرن جي حڪومت ۾ وڏي حيثيت وارا هئا، ڪيترا فوج جا سپهه دالار به هئا. محمد فقير کٽياڻ تقريبن 1887ع بمطابق 1296هه ۾ حيدر خان ولد عبدالله خان کٽياڻ جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس نالو محمد رکيو ويو. ابتدائي تعليم فارسي، سنڌي ۽ قرآن شريف جي تعليم ڏيارڻ لاءِ کيس مڪتب ۾ ڇڏيو ويو. ترت ئي سندس والد وصال ڪري ويو ۽ پاڻ پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي گهر اچي ويا وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ جواني ۾ ڪم ڪار سان گڏ ڳوٺ جي ويجهو ڳوٺ ڪرناڻي سما ۾ مولوي حاجي عبدالرحمان سمون وٽ فارسي ۽ طب جي تعليم حاصل ڪئي، پاڻ پنهنجي مُرشد پير صاحب پاڳارو حضرت شاهه مردان شاهه عرف ڪوٽ ڌڻي کان توحيد جي تلقين ورتي، ان بعد سندس طبيعيت فقيراڻي ٿي وئي، پاڻ اٺ سال کن خدمت خلق جي جذبي تحت ڳوٺ ۾ طب ڪندو رهيو. محمد مڱڻهار نالي هڪ ڇوڪر تي سندس نظارو هو ۽ ان مجازي عشق ۾ اچي رچي لال ٿيو ۽ پاڻ شاعري شروع ڪئي ۽ يڪتارو کڻي ڳائڻ به شروع ڪيو، حُر جماعت ۾ ساز تي ڳائڻ منع ٿيل آهي، پر پير صاحب پاڳارو سندس حال ڏسي کيس يڪتارو تي ڳائڻ جي اجازت ڏني، روزگار جي لحاظ کان پاڻ مشهور زميندار رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جو مئنيجر ٿيو ۽ بعد ۾ سندس زمين تي عام مختيار ٿي رهيو، اُتي هن هڪ مجذوب فقير محمد هاشم وٽ اڪثر حاضري لاءِ ويندو هو ۽ کيس دعا لاءِ عرض ڪندو هو. هڪ ڏينهن فقير محمد هاشم کي جيئن دعا لاءِ عرض ڪيائون ته پاڻ محمد فقير ۾ نهاري چيو ته “پاڻ کان وڌيڪ گهري ڏائڻ” انهن لفظن هن تي گهرو اثر ڪيو اتفاق سان چند ڏينهن بعد رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي اوطاق کي باهه لڳي پاڻ ان وقت موجود هو ۽ نوڪرن ۽ هارين کي چيائين ته ٻيو ڪجهه به نه ڪڍو رڳو ڳائڻ جا ساز ڪڍو، ان بابت جڏهن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي کائنس ان واقعي بابت معلومات ورتي ته پاڻ چيائون حق جي اها راءِ هئي ۽ ڏوهه ڪنهن جو نه آهي وس ڪنهن جو ڪو نه هو ۽ اوطاق سامان سوڌو سڙي وئي، انهي تي ڀرڳڙي صاحب کيس نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، ان تي فقير صاحب فرمايو ته اسين ته ان ڳالهه ۾ خوش هياسين.
    نوڪري ڇڏڻ بعد ڳوٺ ۾ اچي رهيو سڄو توجهه راڳ ويراڳ ڏانهن ڏنائين، هر وقت ڳائڻ لڳو هڪ سندس شاعري سوز ڀري ٻيو سندس آواز ۾ مٺاس ۽ سوز اها خبر جڏهن نواب ولي محمد خان لغاري تاج پور وارو تائين پهتي ته پاڻ هڪ مجلس ۾ فرمايو ته هڪ درويش سهڻي شڪل شبيهه سنهي آواز وارو اسان جي دفتر جو سنڀاليندڙ ايندو. هوڏانهن محمد فقير کٽياڻ به نواب صاحب جي فقيري جو ٻڌي پاڻ سندس حاضري ۾ حاضر ٿيو. نواب محمد فقير جو آواز ٻڌي پنهنجي وليعهد نواب غلام حيدر فقير کي چيو ته اسان جي دفتر جو سنڀاليندڙ اچي ويو آهي ۽ نواب صاحب پنهنجي ڪلام جو دفتر گهرائي فقير جي حوالي ڪيو ۽ اهو ڪلام پڙهي فقير صاحب جي دماغ ۽ دل جا تاڪ وڌيڪ کلي ويا. ان بعد فقير صاحب پنهنجي نفس کي نمائيڻ لاءِ جهد ڪٽيا پهرين ڳوٺ ڀرسان پرڏيهي پير جي قبرستان ۾ ان بعد پير صاحب پاڳارو جي جماعت سان وابسته صوفي بزرگ ميانداد لغاري جيڪو تاريڪ ٿي ڳوٺ جعفر وڳڻ ۾ اچي ويٺو هو ۽ فقير صاحب ان سان اُتي وڃي مليو ۽ سندن اشاري تي اُتي ڀرسان کيڙن جي ويڙهه ۾ جهد ڪاٽيا، انهي کيڙن جي جهنگ ۾ نانگ بلائون تمام گهڻا هوندا هئا ۽ ماڻهو اچي فقير صاحب کي سمجهايو ته پاڻ فرمايو ته ابا نانگ بلائون به مولا جون اسين به مولا جا آهيون، اسين ڪو نه اٿنداسين ۽ اها فقير ميانداد لغاري پاران محمد فقير لاءِ آزمائش هئي، جنهن ۾ پاڻ ڪامياب ويا، ان بعد فقير صاحب مڪمل طور فقيري اختيار ڪئي ۽ واپس ڳوٺ اچي ڪم ڪاريون ڇڏي دنيا کان ڪناراڪش ٿي گيڙو ڪفني پائي مٿو اگهاڙو ڪري فقراءُ جو سنگ بنا ڇيريون پائي ساز کڻي پنهنجي صوفيانه ڪلامن ذريعي توحيد الاهي جي پرچار ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ پيرين پنڌ گهميو ڪٿي به آرام نه ڪيو ان وقت حضرت غوث الحق مخدوم نوح سرور جو سجاده نشين ظهير الدين عرف پرو ڄام هو، سندن وليعهد مخدوم غلام محمد صاحب جن هئا، جن سان فقير صاحب جو محبت جو انس قائم ٿيو. ۽ پاڻ اڪثر هالا اچڻ لڳا ۽ حضرت مخدوم نوح رضه جن جي گنبذ جي ڏکڻ ۾ هڪ مهينو مراقبو ڪيو. پير صاحب پاڳارو سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جن کي ڪن فقيرن ٻڌايو ته محمد فقير جماعت جو هوندي به شريعت خلاف ساز کڻي ڇيريون پائي ڳائيندو وتي، پير صاحب کيس حاضر ٿيڻ لاءِ حڪم موڪليو، مرشد جو حڪم ملندي پاڻ طالبن ۽ سازن سان گڏ درگاهه شريف تي پهچي مرشد وٽ حاضر ٿيو، پير صاحب دهل يڪتارا، باجا ۽ ٻيا ساز ڀڃائي فقير جي طالبن کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ فقير صاحب کي سزا طور هڪ ڪمري ۾ قيد ڪري ڇڏيائين، ليڪن سندس طالبن نوان ساز تيار ڪري شهر ۾ سنگ سان گڏ ڳائيڻ شروع ڪيو ته پير صاحب وري اهي ساز ڀڃايا ۽ فقيرن کي سخت سزائون ڏنيون ۽ ڳوٺ مان تڙي ڪڍڻ جو حڪم ڏنو ته طالبن عرض ڪيو ته قبلا محمد فقير اسان جو اڳواڻ آهي، ان کانسواءِ مري وينداسين، پر هتان نه وينداسين، پير صاحب وڏو داناءُ هو پاڻ ڳالهه سمجهي ويو ته هي طالب سچا آهن، هنن کي ڪفنيون پارائي ائين ڪو نه پيو وٺيو هلي ۽ هي ساڻس محبت جو انس رکن ٿا، راڳ هنن جي خوراڪ ۽ ورنهه بنجي چُڪو آهي، پير صاحب پاڳارو کين معافي ڏني ۽ کين انعام اڪرام به ڏنا. محمد فقير کٽياڻ جي شاعري جو پنهنجو رنگ آهي، پاڻ سنڌي ۽ سرائڪي ۾ شاعري ڪئي آهي، انهن ۾ عربي ۽ فارسي جا لفظ به ڪم آندا آهن. سندس شاعري توحيد ۽ صوفيانه رنگ ۾ رڱيل آهي، پاڻ صاحب ڪرامت به هئا، کين راڳ جي وڏي ڄاڻ هئي پاڻ ڳائيندي مستي ۾ اچي نچندو هو، پنهنجي شاعريءَ ۾ ئي پاڻ فرمايو اٿن ته:
    ناچو ٿي نروار نچان ٿو،
    پهرين برقعو بيک بشر جو، بره بازار نچان ٿو،
    صورت وارو سانگ سراسر ڪري سرينگار نچان ٿو،
    هٿن پيرين گهڻ گهڻ گنگهرو ڇيرن جي ڇمڪار نچان ٿو،
    موتو قبلل موجان ماڻي مط ئي مهندار نچان ٿو.
    فقير صاحب کي هڪ نياڻي ۽ هڪ فرزند گُل محمد فقير هو. نياڻي جي پنهنجي ڀائيٽي دوست علي خان ولد جان محمد خان سان شادي ڪرايائين. پٽ جي شادي برادري مان ڪرايائين، پر ان کي اولاد نه ٿيو فقير صاحب پنهنجي فرزند گُل محمد فقير کي درگاهه تاجپور جي پهرين سجاده نشين نواب غلام حيدر خان وٽ وٺي ويا ۽ ان جي هٿ تي دست بعيت ڪرائي جڏهن ته ڀائيٽي ۽ نياڻي دوست علي خان جنهن جو اصل نالو عبدالله خان هو ان کي مخدوم غلام محمد صاحب جي خدمت ۾ وٺي ويو ۽ سندس هٿ تي دست بعيت ڪرائي. فقير گُل محمد جي حياتي ۾درگاهه جو انتظام، ڪاروبار دوست علي خان کٽياڻ هلائيندو هو. دوست علي خان کٽياڻ محمد فقير کٽياڻ جي محبت ۾ گهڻو وقت رهڻ ڪري فقيراڻي رنگ ۾ عشق جي سرمستي ۾ رنڱيل هو. پاڻ وقت جا سماج سڌارڪ ۽ حڪيم به هئا ۽ پاڻ مخدوم طالب الموليٰ جي وقت ۾ سندن پاران مخدوم اسٽيٽ جا خودمختيار رهيا.پهرين شادي جيڪا محمد فقير کٽياڻ جي گهران ڪئي، کين ان مان اولاد نه ٿيو، ٻي شادي رئيس جان محمد خان کٽياڻ جي نياڻي سان ڪيائين. ان مان به کين اولاد نه ٿيو پاڻ مخدوم اسٽيٽ سنڀالڻ ڪري ڳوٺ ۾ گهٽ ايندا هئا ۽ پاڻ ڳوٺ درگاهه جي سار سنڀال ۽ لنگر هلائڻ راڄ برادري ۾ اُٿڻ ويهڻ لاءِ ڳوٺ جي زمين جي سنڀال لاءِ پنهنجي سالي رئيس احمد خان کٽياڻ کي مقرر ڪيو، احمد خان کٽياڻ کي دوست علي خان کٽياڻ، مخدوم صاحب الموليٰ جو دست بيعت مريد ڪيو. حضرت محمد فقير کٽياڻ 1360هه 7 محرم 1941ع فيبروري اڱاري ڏينهن هن فاني دنيا مان پيالو نوش ڪيو.
    ٻاهر کيرو کل ۾ اندر ۾ آڙاهه،
    محمد بي پرواهه کائي متوموت کي.
    دوست علي خان کٽياڻ 18 شعبان 1419هه مطابق 27 مارچ 1989ع تي سيوهڻ شريف ۾ حضرت قلندر شهباز جي ميلي ۾ انتقال ڪيو.رئيس دوست علي خان جي وصال کان ڏيڍ مهينو بعد 3 شوال 1419هه تي فقير گُل محمد خان کٽياڻ به فالج جي حملي بعد راجپوتانه اسپتال ۾ وصال ڪيو ۽ رئيس احمد خان کٽياڻ کي درگاهه کي حضرت محمد فقير کٽياڻ جي سجاده نشين لاءِ منتخب ڪيو ويو ۽ کيس پڳ ٻڌرائي وئي. جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي طبيعت ناساز هئڻ ڪري سندن حڪم تي مخدوم ۾ سعيد الزمان عاطف درگاهه تاج پور جو سجاده نشين نواب غلام بشير خان ۽ ان خاندان جا ڪيترائي چشم چراغ کٽياڻ برادري جي معززين مان پير محمد خان کٽياڻ، محمد بخش کٽياڻ به شريڪ ٿيا. رئيس احمد خان کٽياڻ درگاهه جون تمام رسمون، ڏهاڙا، عرس مبارڪ بهترين انداز ۾ ملهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، محمد فقير کٽياڻ جو عرس مبارڪ هرسال صفر مهيني ۾ ملهايو ويندو آهي،سڄي سنڌ جي درگاهن جا سجاده نشين يا سندن نمائنده شريڪ ٿيندا آهن، ٽي ڏينهن راتيون صوفيانه راڳ هلندو آهي، جنهن ۾ سنڌ جا مشهور صوفي فنڪار فن جو مظاهرو ڪندا آهن، محمد فقير جي آخري آرام گاهه تي مخدوم غلام محمد پنهنجي خرچ تي چوڪنڊي تعمير ڪرائي ۽ پهريان ٻه سال عرس مبارڪ به پاڻ پنهنجي خرچ تي ڪرايا. جڏهن ته رئيس دوست علي کٽياڻ درگاهه تعمير ڪرائي ان سان گڏ درگاهه واري ايرئي ۾ ٻيون جڳهيون ٺهرايون. وڻ گُل ٻوٽا لڳرايا ۽ عرس مبارڪ ۽ ٻيا ڏهاڙا به شايان شان سان ملهايا.


    حضرت سيد غازي علي گوهر شاهه

    نوشهروفيروز ضلعي ۾ مٺياڻي ويجهو حضرت سيد غازي علي گوهر شاهه جي مزار روشين جو مينار بڻيل آهي. جتي زائرين جو هر وقت ميلو متل هوندو آهي. پاڻ حضرت عبدالقادر شاهه جيلاني جو اولاد آهن، سندن شجرو مبارڪ هن ريت آهي. سيد علي گوهر شاهه بن امير شاهه بن جعفر شاهه بن حاجي پريل شاهه بن حاجي جعفر شاهه بن حاجي امير شاهه بن گلاب شاهه بن امير اعلى شاهه بن نانگو شاهه ، حضرت نانگو شاهه مشهور ولي الله ٿي گذريو آهي. سندس مزار نوشهروفيروز ويجهو آهي. پاڻ صاحب ڪرامت هو. غازي علي گوهر شاهه 1916ع ۾ تولد ٿيا، پاڻ ڄمندي ڄام هئا. پاڻ صرف ٻه ٽي درجا سنڌي پاس ڪيا ۽ قرآن شريف جي تعليم حاصل ڪئي. اڃان ننڍڙا هئا ته سندن والد وصال ڪري ويو. ۽ سندن پرورش سندن سئوٽ سيد جعفر شاهه ڪئي. پاڻ اڃان ستن سالن جا هئا ته امڙ ۽ ڀيڻ سان گڏ درگاهه نانگو شاهه ڀرسان ڳوٺ مان لڏي پراڻا ڪاريجا ۾ پنهنجي ماما سيد خوش محمد شاهه جي گهر ڀرسان رهائش پذير ٿيا، غازي علي گوهر شاهه ننڍي هوندي کان ذهين، اڪيلائي پسند، رحم دل، ٻاجهاري طبعيت جا مالڪ هئا.ان وقت ڪاريجا ڳوٺ ڀرسان سيد جمال شاهه جي قبرستان ۾ هر جمع رات راڳ ٿيندو هو. هڪ دفعي سائين اتي راڳ ٻڌڻ ويا اتي هڪ الله واري فقير مٽي مان پاڻي ڀري پيتو ۽ اتي ويٺل سڀني ماڻهن جي طرف ڏٺو ۽ سندس نظر سيد علي گوهر شاهه تي پئي ته بچائيل پاڻي ان کي پياري پاڻ اتي ئي گم ٿي ويو. ان بعد پاڻ فقيري ڏانهن مائيل ٿيا، پاڻ فرمائين، هئا ته اسان کي پياريل آهي. قلندر پاڪ جي عميري” پيالو حضرت عشق جو“ ان بعد پاڻ شاعري به شروع ڪئي ۽ پاڻ فقيري اختيار ڪئي، پاڻ پهرين شيعه فرقي سان لاڳاپيل هئا. پاڻ ڪارو ويس ڪندا هئا. پاڻ 18 سالن جي ڄمار ۾ هڪ چلو ڪڍيو ۽ 40 ڏينهن مسلسل روزا رکيا، سحري ۽ افطاري وقت صرف هڪ کارڪ کائيندا هئا ۽ بعد ۾ 11 سالن تائين هڪ نه ٻئي ڏينهن اهڙي نموني روزا رکيا، سندس چوڻ هو ته اسان پنهنجي نفس کي ماري ان تي چڙهي ويٺاسين ته نفس اسان کي ستين آسمان تي پهچايو. پاڻ ننڍي هوندي کان حضرت قلندر لال شهباز جا عقيدتمند رهيا ۽ وقت به وقت اتي حاضري لاءِ ويندا هئا ۽ پاڻ تقريبن 25 سالن جي ڄمار ۾ قلندر لال شهباز جي عرس تي ”امير اولاد جي ڪافي مان طالبي جي مهر لڳائي سندن فقيرن ۾ شامل ٿيا. سندس طالبي جو نالو سجاد علي فقير هو. پاڻ جواني ۾ پنهنجي مرشد قلندر لال جي شان ۾ ڪيل شاعري خود ڳائيندا هئا ۽ پنهنجي فقراءَ سان گڏ سنگ جي صورت ۾ ڳائي وڄائي چادر چاڙهيندا هئا. جيڪو به سندن طالبي ۾ ايندو هو ته انهن تي مهر هڻندا هئا. انهن جا پنهنجا نالا به رکندا هئا. سندن ڪيترن ئي صوفي بزرگن سان صحبت هئي. جن ۾ ٻين کانسواءِ محمد فقير کٽياڻ، سيد مهدي شاهه، جهانيان دلمدار فقير لوڙهي وارو، گنبل شاهه ٽلٽي وارو، محمد فقير هيسباڻي، به شامل آهن روايتون آهن ته انهن مان سڀ کان وڌيڪ صحبت محمد فقير کٽياڻ سان هوندي هئن. محمد فقير کٽياڻ جي صحبت ۾ اچڻ بعد پاڻ ڪارو ويس ڇڏي 30 سالن تائين گيڙو ويس پهريندا هئا. پاڻ وقت جا بهتر روحاني شاعر هئا. سندس شاعري ۾ پيار محبت، مٺاس،حقيقت معرفت ۽ فقيري جو عڪس ملي ٿو. پاڻ شاعري 36 راڳڻين ۾ چئي آهي. سندس شاعري ۾ حمد، نعت، قصيده، منقبت، غزل، وائي، ڪافيون، گيت شامل آهن. سندن شاعري سندن خليفا لکندا هئا پاڻ پنهنجي شاعري ان وقت جي مشهور فنڪار کان ڳارائيندا هئا. پاڻ به وجد ۾ اچي پنهنجو صوفيانه ڪلام ڳائيندا هئا. چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ پنهنجي خليفن سان گڏ حضرت قلندر لال شهباز جي درگاهه تي خليفن ۽ فقراءَ سان گڏ سنگ ۾ ڳائي رهيا هئا ته ان ميدان ۾ ٻرندڙ ڪاٺين جي شعلن جو مينهن وانگر وسڪارو ٿي ويو. باهه جي شعلن واريون ڪاٺيون اتي ويٺل ماڻهن تي ڪريون ته اتي ويٺل فقير ۽ عام ماڻهو ڀڄي ويا پر محمد فقير کٽياڻ ۽ سائين علي گوهر شاهه ويٺا رهيا. بعد ۾ ڪنهن فقير کين عرض ڪيو ته سائين سڀ فقير ۽ عام ماڻهو ڀڄي ويا، اوهان اتي ويٺا رهيا ان تي پاڻ فرمايو ته ميدان مري ملهائبو آهي. ڀڄڻ اسان کي روا نه آهي. روايتون آهن ته پاڻ گهمڻ ڦرڻ جا وڏا شوقين هئا. گهمندي ڦرندي پاڻ مشاهدا ڪيا، سنڌ جي سرائيڪي پٽي جي ڪيترن ئي ولي الله جي مزارن کان سواءِ پاڻ هندستان جي ڪيترن ئي شهرن ۾ به ويا ۽ اتي ڪيترن ئي ولي الله جي مزارن تي به ويا علمي، ادبي ، روحاني، اسلامي، تاريخي، فلسفن وارا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا. پاڻ اڪيلائي پسند هئا خاص طور رات جو اڪيلا گذاريندا هئا. پاڻ رات جو ذڪر فڪر به ڪندا هئا. سندن چوپايو مال سان ڏاڍو پيار هو، وٽن ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون وڏي تعداد ۾ هونديون هيون. پاڻ چوپايو مال کي ”امان ڪري چوندا هئا، ڍڳن، پاڏن کي بابا سائين ڪري سڏيندا هئا. پاڻ انتهائي نرم ۽ حساس دل هوندا هئا. انسانيت سان پيار ڪندڙ هئا، ايتري قدر جو ڪڏهن نانگ، بلا، وڇون به نه ماريندا هئا. ۽ فقير فقراءَ کي هنن کي مارڻ نه ڏيندا هئا. پاڻ چوندا هئا ته هي به مالڪ جي مخلوق آهي، وٽن ڪتا، ٻلا به جام هوندا هئا. پاڻ روزانو مغرب نماز کانپوءِ کين کير ڏيندا هئا. ان لاءِ باقائده ٿانوءَ هوندا هئا. جن کي سائين روزانه ڌورائيندا هئا پاڻ پنهنجي زندگي ۾ 40 سالن تائين ساهه واري شيءِ نه کاڌي ۽ پاڻ پنهنجي فقيرن کي به ساهه واريون شيون کائڻ کان منع ڪندا هئا. سيد علي گوهر شاهه پنهنجي مريدن کان ڏن وغيره نه وٺندا هئا پر جيڪڏهن ڪو ڏن وٺڻ تي اصرار ڪندو هو ته ان جو اڌ رکندا هئا. اڌ واپس ڪندا هئا پاڻ وقت جا سخي هئا، خير خيراتون ڪندا هئا. غريبن جي مدد ڪندا هئا سائين وٽ هڪ اهڙو ڪتو هو جنهن جو نالو پاڻ ڪجل رکيو جيڪو کين ڏاڍو پيارو هو، ان ڪتي جي اها ڊيوٽي هوندي هئي ته ڏينهن جو سائين جي هجري ۾ ڊيوٽي ڏيندو هو، رات جو مال متاع تي پهرو ڏيندو هو، سندن جڏهن غفاري صاحب مٺا سائين رحمت پور لاڙڪاڻو سان ملاقاتون رهيون ۽ پاڻ ساڻس ملاقات لاءِ اڪثر ويندا هئا گهڻو ڪري هر جمع جي نماز اتي وڃي پڙهندا هئا. ان بعد سائين جي زندگي ۾ ڦيرو آيو پاڻ اڇي رنگ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا، راڳ ويراڳ جو سلسلو به بند ڪرايو ۽پنهنجي شاعري سنڌو درياهه جي حوالي ڪري ڇڏي. 1977ع ۾ سائين لڏي بچاءُ بند لڳ علي گوهر شاهه نالي ڳوٺ آباد ڪري اتي اچي رهيا، جتي سندن مزار آهي، پاڻ اتي مريدن سندن حويلي فقيرن لاءِ اوطارا ۽ مسجد شريف ٺهرائي. پاڻ مريدن ، عقيدتمندن کي مٿو اگهاڙو ڪرڻ جي منع ڪندا هئا ڪو مريد مٿو اگهاڙو ڪندو هو ته مٿن ناراض ٿيندا هئا. سندن ٺهرايل مسجد ۾ هر جمعي تي وڏي جماعت ٿيندي هئي پري پري کان ماڻهو سائين سان گڏ نماز پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. پاڻ جمع نماز ختم ٿيڻ بعد قرآني آيت ترجمي سان ٻڌائيندا هئا. ان بعد درس ڏيندا هئا. ان بعد حديثون بيان ڪندا هئا. 1982ع ۾ پاڻ پنهنجو لباس گهرو گلابي پهرڻ شروع ڪيو. روايتون آهن ته پاڻ حضرت امام حسين رحه جن جي شهادت کان متاثر ٿي ان رنگ جو لباس پائڻ شروع ڪيو ۽ فقيرن کي به هدايت ڪيائون ته اوهان به اهو لباس پايو، پاڻ صاحب ڪرامت هئا، نه صرف مٺياڻي واري علائقي پر سڄي سنڌ م سندن ڪرامتون مشهور آهن. پاڻ ڪڏهن به ڪنهن کي پٽ پاراتو نه ڏنو پاڻ سدائين خلق خدا کي فيض پهچايو. سندن پهرين شادي ڪاريجا اول جي جان محمد چانڊيو جي نياڻي بعد ۾ گهر واري کي طلاق ڏئي ڇڏي، پاڻ ٻي شادي دادو جي محمد ابراهيم سيال جي نياڻي سان ڪئي، ڪجهه وقت بعد ان کي طلاق ڏئي ڇڏي پاڻ 3 شادي جيڪا آخري هئي اها پنهنجي هڪ فقير بيسر ڏهر جي نياڻي سان ڪئي، ان کي به ڪجهه وقت بعد طلاق ڏني کين اولاد نه هو، روايتون آهن ته سائين والده جي گهڻي اسرار بعد 3 شاديون ڪيون پاڻ چوندا هئا ته اسان فقير ماڻهو اسان جو ڇا دنياوي ريتن رسمن سان، سندن والده سان وڏو پيار هو ان جي وصال سان سندن زندگي تي گهرو اثر وڌو سائين جي همشيره جيڪا سائين کان ننڍي هئي پاڻ ڀاءُ جي خدمت ڪرڻ ڪري شادي نه ڪئي، سائين علي گوهر شاهه ڪافي سال حڪمت به ڪئي، جڙين ٻوٽين مان دوا تيار ڪرائيندا هئا. پاڻ في سبيل الله خلق خدا جو مفت ۾ علاج ڪيو. سندن آخري ڏينهن ۾ کين فالج ٿي پيو پاڻ 6 رجب 1410 هه جمعي ڏينهن هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندن جسم خاڪي کي صوفياڻي انداز ۾ صوفي راڳ ويراڳ ڳائيڻ سان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، مريدن عقيدتمندن سندن شاندار روضو تعمير ڪرايو هر سال 6 کان 9 رجب تائين سندن عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي. سندن دعائن سان ڪيترائي پوڄارا پر ٿيا. اڄ به سندن آخري آرام گاهه تي سڄي سنڌ مان خاص طور مٺياڻي واري علائقي مان ماڻهو اچي سلام ڪن ٿا ۽ پنهنجون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ باسون باسين ٿا. پاڻ سندن شاعري سنڌو درياهه جي حوالي ڪرائي ڇڏي سندن وصال بعد سندن فقيرن کي جيڪا شاعري ياد هئي اها لکي وئي پر تمام گهٽ شاعري لکت ۾ اچي سگهي آهي، پاڻ عشق لاءِ چيو اٿن ته:
    ڏسو مثل ديو جي آهي عشق آدم خور،
    کائي ماس ماڻهن جو شوق منجهان شهزور،
    ستل کڻي سيج تان ماڻهو ڳواهي مور،
    گوهر شاهه ٿيو گهور حسنات عشق جي نام تي.
    عشق بابت ٻئي هنڌ فرمايو اٿن،
    آهي عشق ميدان ۾ دهشت وارا ڌڄ،
    پسي تهمت عشق جي ڀڃڻو آهين ته ڀڄ،
    نه ته گهڙ گوهر شاهه انهي گهيڙ ۾ لوڪڻون لاهي لڄ،
    جيڪي اٿئي اڄ ڇڏ سار سڀاڻ جي.
    سندس شاعري روحاني رومزون شامل آهن، مٿان شعر الله جي عشق ۾ چيا آهن، هن فاني دنيا لاءِ پاڻ فرمايو اٿن ته:
    سوا گهڙي جي گذارن لاءِ سارو زمانو ٺڳ،
    ڪاڪا صورت قرب واري نه ته جوفي ۾ آهي سارو جڳ،
    درويش ورتو دم ڌيان سان درد وارو دڳ،
    سورهيه ماري سڳ، گوهر شاهه گلزار ٿيا.
    پاڻ فاني دنيا لاءِ هڪ ٻئي شعر ۾ فرمايو جيڪو ڪيڏو نه معنى خيز شعر آهي.
    سوا گهڙي جو ميلو آ، پوءِ هر ڪو دوست اڪيلو آ،
    هن دنيا ۾ دم گذارڻ ساعت پلڪ جو ويلو آ،
    انسان ڪوئي سلطان هجي ري عشق الله جي ليلو آ،
    تن تي روز محبت ڄاميل ٻاريو ٻيائي جن ٻيلو آ،
    چهرو سچن جو علي گوهر شاهه ڪوڙن جو رخ ڀيلو آ.


    حضرت سيد ڪرم علي شاهه ۽ سيد لطف علي شاهه

    سنڌ سونهاري جي ڌرتي سدائين بزرگن، درويشن جو ديس رهي آهي. هتي ڪئين بزرگ هستيون پيدا ٿيون جن نه صرف دين اسلام جي تبليغ ڪئي پر وقت جي ڏاڍ ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي عام ماڻهن تائين تصوف ۽ صوفي ازم بابت ڄاڻ ڏني اهڙن بزرگن مان ضلع نوشهروفيروز جي تاريخي قديم ڳوٺ ابڙان ۾ به بزرگن درويشن حضرت سيد ڪرم علي شاهه ۽ سيد لطف علي شاهه سيد لعل محمد شاهه به آهن. سنڌ اندر باغن وارو علائقو سڏجندڙ ابڙان شهرن جي سيد احمد شاهه لڪياري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد ڪرم علي شاهه سنڌ جي مشهور بزرگ هستي ٿي گذريو آهي. سندس نوشهروفيروز جي مشهور بزرگ هستي نول گهوٽ ۽ شاهه نصير درگاهه سان وابسته هئا. سيد ڪرم علي شاهه ڄمندي ڄام هو. پاڻ صاحب ڪرامت هئا. پاڻ گهڻو وقت مسجد شريف ۽ هجري ۾ عبادت ۾ مشغول هوندا هئا. وٽن هر وقت مريدن ۽ عام ماڻهن جو وڏو هجوم هوندو هو. پاڻ زندگي ۾ گهڻو ڪري پٽ پاراتو نه ڏيندا هئا. سندن دعا ۾ اهڙو اثر هوندو هو جو جيڪا دعا گهرندا هئا اها پوري ٿيندي هئي. مريد ۽ عام ماڻهن کان نذرانو نه وٺندا هئا پاڻ نذرانو ڏيندڙن کي منع ڪندا هئا ۽ چوندا هئا ته غريب، يتيمن جي مدد وڃي ڪريو پر ڪي ڌريون کين زوري نذرانو ڏئي ويندا هئا ۽ اهو نذرانو پاڻ غريبن، فقراءُ ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. سندن هڪ عقيدتمند جو ذات جو دونگو هو اهو پنهنجي ڳوٺ ۾ وفات ڪري ويو کين اهڙو اطلاع ڪيو ويو ان موقعي تي پاڻ فرمايائون ته اسان جي موڪلائڻ کانسواءِ ڪيئن وفات ڪري ويو ۽ پاڻ ان طالب جي ڳوٺ پهچي سندس گهر ۾ ويو چيائين فقير اٿ ان تي اهو فوت ٿي ويل فقير اٿي ويهي رهيو ۽ هڪ سال تائين جيئرو رهيو. ليڪن سندس آواز گهٽجي ويو. حضرت سيد ڪرم علي شاهه جن جي چڙهڻ لاءِ وٽن مومل نالي هڪ گهوڙي هئي جا وقت جي حڪمران ٽالپرن کي وڻي وئي ۽ پنهنجو نوڪر اماڻي گهوڙي گهري پر سائين ڏيڻ کان انڪار ڪيو بعد ۾ مير صاحبن اها گهوڙي زبردستي ڪاهي ويا ليڪن گهوڙي اتي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو اهڙي صورتحال ۾ مير صاحب اها گهوڙي واپس ڪري ويا. روايت آهي ته سائين جن جي حياتي هر ماهه چوڏهين ببر شينهن وٽن ايندو هو سندن وفات بعد ۾ ڪافي وقت اهو ببر شينهن اتي وقت بوقت ايندو رهندو هو. هڪ دفعي سنڌو درياءَ جو ابڙان ويجهو آهي ڀڄي پيو پاڻي ابڙان کان هڪ ميل جي مفاصلي تي هو علائقي جا ماڻهو سائين ڪرم علي شاهه وٽ آيا ته دعا گهرو ته پاڻي هيٺ نه اچي. پاڻ فرمايو ته درياءَ بادشاهه اسان سان ملڻ اچي پيو پر هاڻ اسين اتي درياءَ بادشاهه سان ملڻ وڃون ٿا ۽ پاڻ اتي پهتا ته درياءَ جو پاڻي اتي بيهي رهيو اڄ به اهو مشهور آهي ته ڪنهن به شخص کي ڪابه تڪليف هوندي آهي ته هو سومر جي رات سندس درگاهه تي جاڳي ۽ قرآن شريف پڙهندو ته سندس تڪليف دور ٿي ويندي آهي ۽ کيس اشارو ملندو آهي ته اهو مسئلو هيئن حل ٿيندو. روايتون آهن ته حضرت سيد ڪرم علي شاهه هڪ دفعي درياءَ جي وچ ۾ ويو جتان ويو پئي اتان پاڻي سڪندو ويو پاڻ وچ درياءَ ۾ بيهي ۽ واري جي مٺ ڀري آيو ۽ ان مان پيالو ٺاهيائون. جيڪو اڄ به سجاده نشين وٽ موجود آهي.
    انگريز دور ۾ حڪومت جو فرمان هو ته هٿيار جمع ڪرايو سائين پنهنجن ماڻهن کي وٺي هٿيار جمع ڪرائڻ لاءِ پهتو ليڪن انگريز سائين کي درويش ڏسي اهي هٿيار واپس ڪيا.
    سيد ڪرم علي شاهه جو هر سال عرس مبارڪ ڌام ڌوم سان لڳندو آهي. سندس وفات بعد سندس پٽ سيد لعل محمد شاهه پڳ تي ويٺو کيس ٻه پٽ سيد احمد شاهه ۽ سيد حاجن شاهه هئا پڳ تي وڏو پٽ سيد احسان شاهه ويٺو کيس ٽي پٽ هئا جن مان هڪ نياز حسين شاهه وفات ڪري ويو باقي ٻن ۾ سيد ڪرم علي شاهه ۽ سيد لالا مريد حيدر شاهه آهن وڏو سيد ڪرم علي شاهه صاحب آهي جو سجاده نشين آهي، جڏهن ته سيد ڪرم علي شاهه سياست ۾ مصروف هئڻ ڪري درگاهه جو انتظام ننڍي ڀاءُ سيد لالا مريد حيدر شاهه وٽ رهيو آهي. حضرت سيد ڪرم علي شاهه جون ڪئين ڪرامتون مشهور آهن.


    سيد لطف علي شاهه لڪياري

    سيد لطف علي شاهه لڪياري ولد بچل شاهه لڪياري نوشهروفيروز جي قديمي شهر ابڙان ۾ جنم ورتو پاڻ سنڌ جا مشهور درويش بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ سائين بودلو سڪندر سيوهڻ شريف واري جا طالب هئا. سائين سيد لطف علي شاهه زميندار پڻ هئا، ليڪن زمينداري سان سندس دلچسپي نه هئي. سندس ظاهري نقشو وار وڏا، ڏاڙهي وڏي، اکيون وڏيون، چهرو نوراني، پاڻ چلم جا شوقين هئا. پاڻ هر سال سوين مڻ ڪڻڪ غريبن ۾ ورهائيندا هئا. علائقي ۾ ڪا چوري ٿيندي هئي ته اها هر طرح سان ڪوشش ڪري ورائي ڏيندا هئا. پاڻ سخي مرد هئا. ڪوبه سوالي وٽان خالي نه ويو سندن ٻه وڏا باغ هئا. جن سان سندن محبت هئي. هيڏا زميندار هئڻ جي باوجود جهڙو پاڻ مالهي هئا. پاڻ اڌ کان وڌيڪ فروٽ غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. پاڻ سيد محمد شاهه ٽنڊو محمد خان واري جي صحبت ۾ فقيري ذڪر فڪر ورتائون، سيد محمد شاهه وٽان ابڙان جي ٽن ماڻهن لطف علي شاهه، فقير محمد يوسف ۽ سائين رکيو ٽڳڙ کي ذڪر مليو. سائين رکيو ٽڳڙ سيد احمد شاهه ۽ ٻين سيدن جي صحبت ۾ رهيو ۽ سڀ کيس پنهنجو سمجهندا هئا. محمد بخش عرف ممن ٽڳڙ محمد صالح، غلام مشوري، سيد لطف علي شاهه جي محبت ۾ رهيا ۽ ڪافي پرايو، سيد لطف علي شاهه کي 3 پٽ آهن جن ۾ سيد گدا حسين شاهه سياست ۾، سيد فدا حسين شاهه استاد ۽ زميندار، سيد منور علي شاهه استاد ۽ استادن جي تنظيم جو اڳواڻ رهيو آهي. سياسي طور سندن تعلق جتوئي خاندان سان آهي. سيد لطف علي شاهه جو آخري آرام گاهه ابڙان شهر ۾ سيد ڪرم علي شاهه جي درگاهه جي ڀرسان آهي. سندن مٿان مقبرو اڏيل آهي.
    (هي احوال ڳوٺ جي وڏي عمر وارن ۽ اتان جي ادب دوست صوفي احمد خان ٽڳڙ کان معلوم ٿيو).


    ڪامل ولي الله حضرت مسو پير

    هالا ويجهو ڳوٺ الهه بخش ٻلال ۾ هڪ مشهور ولي الله حضرت مسو پير جي مزار آهي. پاڻ ميرن جي صاحبي جي دور جو بزرگ آهي، روايتون آهن ته پاڻ ايران کان اسلام ۽ انسانيت جي پرچار لاءِ سنڌ ۾ آيا هئا ۽ هن ڳوٺ وٽان گذري ڪجهه ڏينهن هتي رهيو ۽ اتي ئي بيمار ٿي دم ڌڻي جي حوالي ڪيو ۽ کيس ڳوٺ جي ڀرسان سپرڪ خاڪ ڪيو ويو، روايتون آهن ته سندس چهرو نوراني هو، پاڻ هر وقت الله جو ورد ڪندا هئا، ان وقت علائقي جي ڪجهه بيمار ماڻهن کي دعا لاءِ هن درويش وٽ آندو ويو ته پاڻ الله سائين جي آڏو سجدي ۾ وڃي دعا گهري ان بعد اهي بيمار ماڻهو صحتاب ٿي ويا.
    روايتون آهن ته هي ولي الله جڏهن هتي پهتو ته ڪنهن ڳوٺ مان مينهون چوري ٿي ويون. ڀاڳيا پير کڻي اتان اچي گذريا ته هن درويش کين سڏي چيو ته اوهان گهر وڃو، مينهون اوهان وٽ گهر پهچي وينديون، چون ٿا ته اهي ڀاڳيا هن درويش جي چوڻ تي اڃا واپس وڃڻ يا نه وڃڻ بابت سوچي رهيا هئا ته ان ڳوٺ مان ڀاڳين جو مائٽ اٺ کي ڊوڙائي اتي اچي هنن کي ٻڌايو ته مينهون پاڻهي گهر پهچي ويون آهن، اهڙي ريت مختصر ڏينهن ۾ هن درويش ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏيکاري علائقي وارن کي عقيدتمند بنائي ڇڏيو. 1975ع ۾ درويش مسو پير جي مزار تي ٺاهيل امام بارگاهه ۾ 10 محرم تي حاجي مراد علي ٻلال شام غريبان جي مجلس پڙهي رهيو هو ته علم پاڪ جي ڀرسان زمين مان رت ڦونهارا ڪري نڪتو، ڳوٺاڻن موجب زمين مان رت ڦوهارا ڪري نڪرڻ وارو سلسلو منٽ کن هليو، رت نڪرڻ واري هنڌ کي چوديواري ڏياري وئي ۽ اهو هنڌ اڄ به زيارت گاهه بنيل آهي. مسو پير جي مزار تي ايندڙ پهرين رت وهڻ واري هنڌ جي زيارت ڪندا هئا، جتي اڄ به سڪل رت موجود آهي. اهڙو معجزو ٿيڻ بعد ڪيترو ئي وقت روزانو سوين ماڻهو اتي اچي ان هنڌ جي زيارت ڪرڻ لڳا ۽ اتي ميلا متل هئا.
    هن بزرگ مسو پير لاءِ مشهور آهي ته ڪو ٽريڪٽو وارو اتان ڪراس ڪندي ٽيپ وڃائيندو ته ڊرائيور ٽريڪٽر کي نقصان پهچندو آهي، چون ٿا ته ڀرواري هڪ ڳوٺ مصري ٻلال جو هڪ همراهه علائقي ۾ ماڻهن کي تنگ ڪندو هو، ڪنهن جي چوري ڪنهن سان سينا زوري، ڪجهه گهر ۾ گهڙڻ، ڪنهن واٽ ويندي کي مارڪٽ ڪرڻ، چون ٿا ته علائقي وارن مسو پير جي مزار تي اچي ان همراهه جي ڏاڍ مڙسي جي دانهن ڏني، ان بعد نه صرف ان ماڻهو تي ڏکيا ڏينهن آيا پر ان همراهه سميت سندس خاندان جو نالو نشان نه رهيو، مسو پير جي مزار تي ماڻهو ڪئين مرادون کڻي اچن ٿا، انهن ۾ عشق جا ڦٽيل عاشق، بيمار، مالي پريشانين وارا ڪورٽن ۾ ڪيسن ۾ لوڙيندڙ، شاگردن پاران امتحان ۾ سٺا نمبر کڻڻ لاءِ، بي اولادي اولاد لاءِ جن والدين جو اولاد نافرمان آهي ته انهن کي سڌارڻ جون مرادون کڻي اچن ٿا، مراد پوري ٿيڻ بعد باسيل باسون اتي ورهايون وينديون آهن. ڳوٺ الهه بخش ٻلال ۽ آسپاس ۾ ويٺل ٻلالن ۽ ٻين برادرين جو قبرستان به اهو آهي، مسو پير تي هر وقت ميلا متل هوندا آهن، مزار وٽ قائم ڪيل امام بارگاهه ۾ باقاعده عزاداري ٿيندي آهي.
    (نوٽ: حضرت مسو پير جو هي مختصر احوال مشهور سماجي سياسي شخصيت ڊاڪٽر ارباب ٻلال کان معلوم ٿيو)


    مشهور ولي الله حضرت فقير دريا خان ڪپري

    سنڌ جو مشهور ولي الله صوفي بزرگ هستي حضرت فقير دريا خان ڪپري تقريبن 950هه ۾ پيدا ٿيو، پاڻ ان دور جو مشهور بزرگ هستي ۽ درويش ٿي گذريو آهي. کين ولي الله جي ورڇ ڪٿان ملي سندس وڏا اصل ڪٿان جا هئا، ان بابت فقير صاحب جي سوانح حيات لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. سندس مزار جي خدمت ڪندڙ گذريل 25 سالن کان سندس ميلو لڳرائيندڙ مشهور سماجي ۽ علمي شخصيت منير احمد ڪپري پنهنجي وڏڙن کان ٻڌايل روايتون ٻڌائيندي چوي ٿو ته حضرت فقير دريا خان ڪپري اويسي طريقي جو صوفي فقير هو، جتي سندس مزار مبارڪ آهي، اتي وڏو جهنگ هوندو هو، جتي وڏي تعداد ۾ بگهڙ به رهندا هئا. فقير صاحب وٽ ٻڪرين جو وڏو ڌڻ هو.ليڪن بگهڙ ڪڏهن به فقير جي ٻڪرين کي نقصان نه پهچايو. فقير دريا خان ڪپري وٽ سندس عقيدتمندن، مريدن، فقراءَ جو وڏو حلقو به رهندو هو. سندس آستاني تي ايندڙن توڙي مسافرن کي رات جو کير ماني ڏينهن جو مکڻ، دهي، لسي سان ماني کارائيندو هو. پاڻ سائي رنگ جو جبو ۽ ڪڏهن ڪاري رنگ ۽ ڪڏهن سفيد رنگ جي دستار پائيندو هو. هٿ ۾ ڪندري کڻندو هو. پاڻ صاحب ڪرامت هو، پر ڪڏهن به ڪنهن کي پٽ پاراتو نه ڏنو. فقيري موج مستي ۾ اچي ماڻهن کي دعا ڪندو هو، جنهن ماڻهو کي دعا ڪندو هو ان جا ٻيڙا پار ٿي پوندا هئا. روايت آهي ته هڪ دفعي ڄام ڏاتار جا سوڍڙا فقير جيڪي حضرت مخدوم نوح جا مريد هئا ۽ پنهنجي مرشد جي مزار تي حاضري تي وڃڻ لاءِ گهوڙن تي چڙهي اتان گذريا ته فقير صاحب کين چيو ڀلي ڪري آيا، حضرت مخدوم نوح سرور جا فقيرو، ان تي سوڍڙا فقير حيران ٿي ويا ته هن بزرگ سان نه ڄاڻ نه سڃاڻ، هن کي ڪيئن خبر پئي. فقير صاحب کين چيو ته حضرت مخدوم نوح رح جن جي مزار تي پهچي کيس منهنجي پاران نيازمندي ۽ نڙوت سان سلام ڪجو. آئون به سهائي سومار تي ايندس، ان وقت فقير صاحب ٻڪرين مان کير ڏهي رهيو هو، جڏهن سوڍڙا فقير هالا پهچي ان وقت جي سجاده نشين مرشد جي خدمت ۾ حاضر ٿي فقير صاحب جا سلام ڏنا ته حضرت مخدوم نوح رحه جي سجاده نشين مخدوم ابو الخير عرف ابو الصمد صاحب جيڪو ٽيون سجاده نشين هو. مرڪندي فرمايو ته فقير صاحب کير ڏئي حاضري ڀري واپس به هليو ويو آهي. جنهن تي سوڍڙا فقير حيران ٿي ويا ۽ ان بعد سوڍڙا فقير جڏهن به هالا ويندا هئا ته فقير دريا خان ڪپري جي آستاني تي به ضرور ايندا هئا. فقير صاحب جي حضرت غوث الحق بهاءُ الدين ذڪريا سان به عقيدت هئي. پاڻ حضرت شاهه عبدالڪريم بلڙي واري سان به عقيدت رکندا هئا، فقير صاحب هر اسلامي مهيني جي 14 تاريخ مچ ٻاري پنهنجي عقيدتمندن سان گڏ الله هو، الله هو جو ذڪر ڪند اهئا. سندن وفات تقريبن 1602ع ۾ ٿي. سندن وصيت موجب سندن آستاني تي کين ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. سندن آخري آرام گاهه مٿان ڪمري نما مزار ٺهيل آهي. اتي هاڻ وڏو قبرستان آهي، سندس وصال بعد سندس ڏهاڙو ملهايو ويندو هو. 1988ع کان پهرين محمد هاشم ڪپري بعد ۾ سندس ڀاءُ منير احمد ڪپري پنهنجي ڪپري برادري جي سهڪار سان اتي 4 روزه ساليانه ميلو لڳائڻ شروع ڪيو، جتي ادبي ثقافتي پروگرام ملاکڙو، گهوڙن جي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا وڃن ٿا. گهوڙن جي ڊوڙ جو مقابلي جو انتظام حاجي خان محمد ڪپري ڪندو آهي.
    حضرت فقير دريا خان جي ميلي لاءِ ڳوٺ خداداد ڪپري جي مشهور زميندار ۽ سماجي شخصيت رئيس علي نواز ڪپري 5 ايڪڙ زرعي زمين وقف ڪري ڇڏي، جيڪا سندس وڏي فراغ دلي، پنهنجي ڏاڏي سان عقيدت ۽ سنڌ جي ثقافت سان پيار جو مثال آهي، ڇاڪاڻ ته ميلا ملاکڙا سنڌ جي ثقافت ۽ سونهن آهن. هي ميلو بشير احمد ميمڻ آءِ جي پوليس جو سڏيو ويندو آهي. پاڻ شروع ۾ ملاکڙي ۾ باقاعده اچي ملهن کي انعام ڏئي همٿ افزائي ڪندا هئا. هن ميلي کي شروع ڪرڻ ۾ منير احمد ڪپري جي ڀاءُ سائين محمد هاشم ڪپري جو وڏو ڪردار رهيو، جڏهن ته مرحوم حاجي محمد عثمان ڪپري، مرحوم محمد قابل ڪپري جو به شاندار ڪردار رهيو. شروع ۾ فيروز ڪپري، علي دوست ڪپري به ميلي جي حوالي سان پاڻ ملهايو، جڏهن ته ڏاڏو ڪپري، جاويد ڪپري، مرحوم ڪارو لاشاري، مرحوم عنايت لاشاري، مظهر ڪپري ۽ ٻين جو به شاندار ڪردار رهيو آهي. ۽ هر سال ملاکڙي ۽ ثقافتي پروگرام ۾ پاڻ ملهائيندا رهيا آهن. هن ميلي جي ثقافتي پروگرام ۾ سنڌي فنڪارن ۾ عابده پروين کانسواءِ باقي تقريبن مشهور فنڪار فن جو مظاهرو ڪري چڪا آهن، ثقافتي پروگرام جي حوالي سان فقير محمد بخش خاصخيلي، ڊاڪٽر عبدالمجيد ڇٽو، فقير حسين بخش خاصخيلي جون به خدمتون قابل تعريف آهن، ڪٿي به هجن پر ثقافتي پروگرام ۾ وقت ڪڍي شامل ٿي فنڪارن کي دل کولي انعام ڏين ٿا.


    حضرت جهنڊل فقير چانڊيو

    هالا ويجهو تاريخي ماڳ خدا آباد جي آسپاس ۾ ته ڪيترن ئي ولي الله جو مزارون آهن پر خداآباد جي قبرستان ۾ 2 ولي الله آهن. هڪ شاهه سوائي سرڪار جنهن بابت ڪو احوال نه ٿو ملي، سواءِ ان جي ته پاڻ عامل بزرگ هئا. پاڻ ڪلهوڙا دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. هن تاريخي ماڳ تي قبرستان ۾ داخل ٿيندي هڪ ولي الله جهنڊل فقير چانڊيو جي مزار آهي. هن فقير بابت ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل احوال نه ٿو ملي. هن مزار جي متولي محمد پريل چانڊيو جيڪو هن تاريخي قبرستان جو سرڪاري طور رکوالو به آهي. سندس عمر 60 سال کن آهي. ٻڌائي ٿو ته حضرت جهنڊل فقير صاحب ڪرامت هو. هو ٻڌائي ٿو ته هن بزرگ تقريبن 70 سالن جي ڄمار ۾ 1913ع ۾ وصال ڪيو، سندس مزار تي لڳل ان وقت جي قطبي واري سر جيڪا ٽٽي پئي آهي. مزار تي پيل پڙن هيٺان رکيل آهي، ان تي سندس وصال جو رڳو مٿي ذڪر ڪيل سن لکيو ويو آهي. پاڻ ڪڏهن تولد ٿيا وصال ڪهڙي تاريخ ڪيو خبر ناهي. پر شروع کان وٺي سندس ساليانو عرس مبارڪ هر سال 14 کان 16 رجب تي ملهايو وڃي ٿو. ان مان لڳي ٿو ته سندس وصال 14 رجب تي ٿيو آهي. محمد پريل چانڊيو ٻڌائي ٿو ته هتي روزانو وڏي تعداد ۾ زائرين حاضري تي اچن ٿا، انهن ۾ مختلف باسون باسڻ وارا به شامل آهن، سندس باسيل باسون پوريون ٿيڻ بعد هو باسون کڻي اچن ٿا. هن ٻڌايو ته فقير جهنڊل حضرت مخدوم نوح رحه جن جي 15 گادي نشين مخدوم ظهير الحق عرف ڄام پرو جي دور جو سندس صحبتي هو، هي ٻڌائي ٿو ته هي فقير سروري جماعت جو مريد هو. ڳوٺ وارا جهنڊل فقير کي ورڇ ملڻ بابت ٻه روايتون بيان ڪن ٿا، هڪڙا چون ٿا ته کين پنهنجي مرشد حضرت مخدوم نوح جي مزار تي خدمتون ۽ رياضتون ڪرڻ ڪري اها ورڇ مخدوم ڄام پرو وٽان ملي، هڪڙن جو خيال آهي ته هن کي ڀاڻوٺ روڊ تي مشهور بزرگ جهانپو پير جي مزار تي حاضريون ڏيڻ، رياضت ڪرڻ چلا ڪڍڻ ڪري اتان کان ملي، جڏهن ته فقير جي هالا جي ولي الله سيد ابراهيم شاهه سان به عقيدت هئي، ان بزرگ جي مزار تي به خدمت ڪئي ۽ پاڻ گهڻو وقت اتي گذاريندا هئا ۽ سندس وصال به ابراهيم شاهه جي مزار تي فقراءَ سان ڪچهريون ڪندي ٿيو. فقير محمد پريل چانڊيو ٻڌائي ٿو ته جهنڊل فقير جي وصال جو ٻڌندي مخدوم ڄام پرو سندس جسم خاڪي مخدوم هائوس تي کڻائي ويو جتي کين غسل ۽ ڪفن ڏنو ويو ۽ کيس درگاهه حضرت مخدوم نوح جي درگاهه جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪرائڻ چاهيو ٿي پر فقير جي مائيٽن عرض ۽ اسرار ڪيو ته فقير صاحب جي وصيت هئي ته کيس خدا آباد قبرستان ۾ داخلي رستي وٽ سپرد خاڪ ڪيو وڃي. بعد ۾ سندس جنازي نماز درگاهه حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن تي ادا ڪئي وئي، محمد پريل چانڊيو ۽ ٻيا وڏي ڄمار وارا ٻڌائين ٿا ته فقير جهنڊل صاحب ڪرامت هو، سندس دعائون سان راڄ رڱجي ويا ڳوٺ وارا ٻڌائين ٿا ته هالا جو هڪ واڻيو هو، ان کي اولاد نه هو، اهو فقير جي مزار تي اچي اولاد لاءِ دعا گهري ته الله سائين کيس 2 جاڙا پٽ ڏنا، هي ٻڌائين ٿا ته فقير صاحب حال حيات هئا ته هڪ هندو سيٺ کي ڦاسي جي سزا اچي وئي ۽ واڻيو روپوش ٿي ويو ۽ هو فقير وٽ حاضر ٿي سندس پيرن تي ڪري پيو. فقير دعا ڪئي ته ڪورٽ مان ڪيس وارا فائيل گم ٿي ويا، ، فقير جي مزار چون ٿا ان هندو سيٺ ٺهرائي جيستائين زندهه هو ته فقير جي مزار تي اچي ننگر نياز ڪندو هو. فقير صاحب جي عرس مبارڪ تي لنگر عام ٽئي ڏينهن جاري رهي ٿو. پهرين رات سنڌ مان ڪيترائي نڙ بيتائي اچن ٿا، جيڪي نڙ بيتن ۽ پنج تن پاڪ جي صفت ۽ لطيف جي سورمن ۽ سورمين جا قصا ڏاڍي دلچسپي سان ٻڌائين ٿا، ٻي رات سگهڙ ڪچهري ۽ آخري رات صوفيانه راڳ ٿئي ٿو، عرس مبارڪ ۾ سڄي سنڌ مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو اچن ٿا. فقير جو ميلو سنڌ جي ثقافت جي مڪمل عڪسائي هوندو آهي.


    شهدادپور جا ڪجهه مشهور ولي الله

    جڏهن کان ڪائنات وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان ئي حق ۽ باطل جو سلسلو آمهون سامهون نروار رهيو آهي. سنڌ ڌرتي پيرن، فقيرن، ولي الله جو آستانو رهيو آهي. سنڌ جي قديمي تاريخي شهر شهدادپور ۾ به ڪيترن ئي ولي الله جون مزارون روشني جو مينار بنيل آهن. جن تي روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻهو حاضريون ڏين ٿا ۽ من جون مرادون پوريون ڪرڻ لاءِ دعا گهرن ٿا ۽ باسون باسين ٿا.
    شهدادپور جا 7 بخاري ولي الله: هتي بخاري سيدن ۽ هڪ سندن ڀيڻ جون مزارون آهن،سندن حياتي جو مڪمل احوال لکت ۾ نه اچي سگهيو آهي. هي بخاري سيد ڪٿان جا هئا شهدادپور ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پهتا، سندن شجرو ڪهڙو آهي، تاريخ خاموش آهي. ليڪن هنن بابت ٻڌل ڳالهيون ۽ سيني به سينا آيل روايتون ٻڌايون وڃن ٿيون. روايتون آهن ته 6 ڀائر هڪ ڀيڻ بخارا مان محمد بن قاسم جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ شام ، عراق، ايران، افغانستان کان ٿيندي ملتان اوچ شريف کان ٿيندي سنڌ۾ آيا ۽ شهدادپور ۾ اچي آباد ٿيا، چون ٿا ته ماضي ۾ شهدادپور ۾ ڪجهه ڪٽر پڻي جو ذهن رکندڙ هندو هتان جي مسلمانن کي بنا سبب ڏاڍو ستائيند هئا ۽ ٻائي جي مڙهي سندن مرڪز هئي، هتي ڪٽرپڻ رکندڙ بااثر هندو مسلمانن کي عبادت ڪرڻ نه ڏيندا هئا نه ڍڳي ڪهڻ ڏيندا هئا ۽ مسلمانن کي هندو مذهب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سرگرم هوندا هئا. جڏهن هي بخاري سيد اوچ شريف کان ٿيندي هتان گذريا ته کين هتان جي آبهوا وڻي وئي ۽ جڏهن هو هتي ئي آباد ٿيا ۽ پيار محبت صوفيانه انداز ۾ انهن ڪٽرپڻ جو شڪار هندن سان ڪچهريون ڪيون ۽ هنن جي پنڊت پوڄارين سان به رهاڻيون ڪيون ۽ کين پيار محبت سان اهو سمجهايو ته هر مذهب ۾ هر مذهب وارن کي سندن عقيدي موجب عبادتون ڪرڻ جو حق آهي. آزادي آهي، سڀ مذهب ڪنهن کي به ايزاءُ نه ڏيڻ هڪ ٻئي سان پيار محبت سان رهڻ جي تلقين ڪئي وئي آهي ۽ هنن بزرگن صوفيت جي پرچار عام ڪئي ۽ پنهنجون ڪرامتون به ظاهر ڪيون. 6 بخاري ڀائرن ۾ سيد فتح محمد شاهه سڀني کان وڏو ٻڌايو وڃي ٿو، سندن ڀيڻ جو نالو معلوم نه ٿي سگهيو آهي پر روايتون آهن ته پاڻ سڳوري عورتن ۾ دين اسلام، انسانيت ۽ صوفيت جي پرچار ڪندي هئي.
    فتح محمد شاهه: جي مزار شاهه لطيف روڊ شهدادپور ۾ آهي، هي بخاري سيد ان وقت آيا جڏهن شهدادپور ڳوٺ هو ۽ ڪنهن ٻئي نالي سان مشهور هو، هن مزار ويجهو هڪ ڪنڊي جو وڻ آهي، روايتون آهن ته لطيف سرڪار به هن مزار تي آيو هو ته ان ڪنڊي جي وڻ هيٺان ويٺو ان کي لطيف سائين جو تڪيو سڏيو وڃي ٿو، سيد فتح محمد شاهه جي مزار جي ڀرسان ڀارت مان آيل هڪ فقير مسڪين شاهه جي چوکنڊي آهي ان لاءِ مشهور آهي ته هو ڀارت مان سيوهڻ ويو جتي حضرت قلندر لال شهباز جي مزار تي خدمت ڪئي ۽ بعد ۾ کيس خواب ۾ اشارو ٿيو ته هو شهدادپور ۾ سيد فتح محمد شاهه جي مزار تي وڃي خدمت ڪري، سيد فتح محمد شاهه جو عرس مبارڪ 14 کان 16 شوال تي هر سال ملهايو ويندو هو. ان موقعي تي قوالي ۽ محفل موسيقي ٿيندي آهي.
    سيد جوتلي شاهه: سندس مزار ميمڻ پاڙو ۾ آهي، جتي پهرين به شاندار مزار ٺهيل هئي پر اها شهيد ڪري اتي نئين خوبصورت مزار جوڙائي وئي آهي هر سال 14 رجب تي ميلو لڳندو آهي. هن درگاهه جي خدمتگارن ۾ هن بزرگ جي عرس مبارڪ ۾. راڳ رهاڻ پڻ ٿيندي آهي.
    سيد گل محمد شاهه: سندس مزار بخاري پاڙي ۾ آهي، درگاهه جو متولي پهرين به سيد خاندان جا متولي ٿيندا آيا آهن، گل محمد شاهه ويلفيئر ايسوسيئيشن به ٺهيل آهي، هتي هر سال تي عرس ملهايو ويندو آهي. راڳ رهاڻ جي محفل به ٿيندي آهي. خير خيراتون به ٿينديون آهن ۽ ڪافي عرصي کان منظور علي خاصخيلي جي تعاون شاهه لطيف سائين جا راڳي هتي لطيف جو راڳ ڳائيندا آهن. سندس مزار ڪافي مٿي ٺهيل آهي. هن وقت متولي سيد.
    نانگو شاهه بادشاهه: هي مزار مرحوم سيٺ اقبال قريشي جي ڪوششن سان ٺهي، پاڻ سڄي حياتي سار سنڀال ڪندا رهيا، هر سال تي 3 ڏينهن جو ميلو لڳايو ويندو آهي. راڳ رهاڻ ۽ قوالي جون محفلون ٿينديون آهن، هن وقت سندس متولي.
    سيف الله شاهه بخاري: هن جي مزار ماضي جي قاضي ڪاٽن فيڪٽري موجوده انصاف سٽي جي سامهون آهي، ماضي ۾ هن مزار جو خدمتگار مرحوم محمد ايوب چانڊيو ۽ مرحوم سچل لاهوتي هئا. هاڻ ڪافي وقت کان برڪت شاهه ۽ پير امداد قريشي آهن، درگاهه تي ميخانو پير امداد قريشي جي ڪوششن سان ٺهيو ، مزار شهر جي عقدتمند ٺهرائي آهي. هن بزرگ جو ساليانو عرس مبارڪ 14 کان 16 ربع الاول تي لڳندو آهي. راڳ رهاڻ لنگر نياز ٿيندو آهي. نعت خواني به ٿيندي آهي.
    سيد عاشق علي شاهه بخاري: جناح پارڪ ويجهو سندس مزار آهي مزار ۾ سندس ڀرسان سندس خاص خليفو وساڙو فقير به دفن آهي. درگاهه اندر ننڍڙيون قبرون به آهن، جيڪي معصوم بيبين جي نالي سان سڏجن ٿيون. انهن جي نالن جي ڪابه خبر ناهي، درگاهه جو متولي ڏيٿو آهي. هتي هر سال عرس مبارڪ لڳندو آهي. هنن 6 بخارين جي ڀيڻ جو آخري آرامگاهه ڊي ايس پي آفيس پويان جيڪا قبر آهي اها ٻڌائي وڃي ٿي، ان مٿان مزار ٺهيل آهن. 6 بخاري جون مزارون شهدادپور جي عقيدت رکندڙن ماڻهن جي مدد سان تعمير ٿيون آهن، هنن درگاهن جي ٺاهڻ ۾ مرحوم سيٺ اقبال قريشي ۽ ٻين قريشي برادري جي ماڻهن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. هنن 6 ئي بخاري سيدن جي مزارن تي هر وقت خاص طور جمعي رات ۽ جمعي ڏينهن ميلو . هوندو آهي. ڪيترائي سوالي سوال اچي ڪن ٿا، جيڪي پوري ٿيڻ تي باسيل باسيون اچي ڪن ٿا. سڀ کان وڌيڪ زائرين جي رش جو لکي شاهه جي مزار نظر اچي ٿي. هنن مزارن واري هنڌ تي وڏا قبرستان پڻ آهن. سڀني مزارن تي غازي عباس جا علم پاڪ به لڳل آهن، جتي محرم شريف جا 10 ئي ڏينهن عزاداري ٿئي ٿي.
    سيد بچل شاهه: شهدادپور ۾ بخاري پاڙو ۾ مشهور بزرگ سيد بچل شاهه جي مزار به روحاني مرڪز بنيل آهي. جتي هر وقت زائرين جو هجوم هوندو آهي. هن بزرگ جا معجزا به ڏاڍا مشهور آهن. پاڻ 1750ع ڌاري بخارا مان پهرين ملتان پوءِ هتي اچي آباد ٿيو، اسلام جي تبليغ ۽ امن جو پيغام ماڻهن تائين پهچايو. پاڻ ظالم ماڻهو جي هٿ جي ڪابه شئي نه کائيندو هو. اهڙا ماڻهو ڏسندي کين روحانيت ذريعي پتو پئجي ويندو هو. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوح رحه جن جي سروري جماعت سان وابسته هئا. پاڻ حياتي ۾ هالا ۽ مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي باقائده ويندا هئا. خاص طور هر سهائي سومار تي جتي سندن مزار آهي اتي سندن اوطارو هوندو هو، جتي سندس مريدن ۽ عقدتمندن جو وڏو هجوم هر وقت موجود هوندو هو. بيمار ماڻهن کي قرآني آيتن ۽ پڙهيل پاڻي سان شفا ڏيندا هئا. پريشان حال ماڻهو جون الله سائين کان دعا گهري سندن مسئلا حل ڪرائيندا هئا. قرآن شريف مٺڙي آواز ۾ قرت ڪندا هئا. هفتي ۾ ٻه ٽي ڀيرا خير خيراتون ڪندا هئا. روايت آهي ته سندس هڪ سئوٽ کي اولاد نه هو، جنهن دعا لاءِ عرض ڪيو ته کين 7 پٽن جي دعا ڪئي جا الله جي حضور ۾ قبول پئي، پاڻ صاحب ڪرامت ۽ سخي هئا. پاڻ ڪڏهن ڄاوا ڪڏهن وصال ڪيو. خبر ناهي پئجي سگهي آهي، صرف ايتري خبر آهي ته پاڻ 14 ذوالقعد تي وصال ڪيو، سندس پهريون سجاده نشين سندن فرزند سيد اوڀال شاهه ان جي وفات بعد سندس ڀاءُ سيد اميد علي شاهه بعد ۾ سندس فرزند سيد حاڪم علي شاهه سندس وصال بعد سندس فرزند سيد عطا محمد شاهه ان جي وصال بعد سندس ڀاءُ سيد اياز شاهه درگاهه جا سجاده نشين آهن، سيد اوڀال شاهه سيد حاڪم علي شاهه سيد عطا محمد شاهه مشهور سماجي شخصيتون وڏا مهمان نواز سخي ٿي گذريا آهن، سيد بچل شاهه بخاري جي خاندان جو هڪ بزرگ سيد شاهه اڀريو جي مزار مانجهند ضلعي ڄامشورو ۾ روحاني مرڪز بڻيل آهي، جتي علائقي جا ماڻهو حاضري ڏين ٿا. باسيل باسون ڏين ٿا، ان جو عرس مبارڪ هر سال 13 رجب تي ملهايو وڃي ٿو. هن خاندان ۾ اگر پٽ ڄمندو آهي ته هو مڇي ماني ۽ ڪڪڙ رڌي اتي ورهائيندا آهن، جنهن کي ڏاڏي جي ماني چوندا آهن، روايت آهي ته هڪ واپاري اٺ تي سامان رکي اتان اچي لنگهيو ان وقت اتي آبادي نه هئي، اتي اٺ کي ٿاٻو آيو ۽ ڪري پيو.ٽنگن ۾ کيس زخم ٿي ويو ۽ هلڻ کان لاچار ٿي ويو. ان وقت اتي آبادي نه هئي. جهنگ هو رات جي وقت ڪري واپاري پريشان ٿي ويو ته ڪو چور، سامان، ۽ ڏوڪڙ نه ڦري ۽ هن اتي هن بزرگ جو آخري آرام گاهه ڏٺو ۽ اتي خيريت سان ڏينهن ٿيڻ جي دعا گهري اتي ويٺي کيس ننڊ اچي وئي ۽ خواب ۾ کيس بزرگ نظر آيو ۽ چيو ته صبح ٿيندي تنهنجو اٺ ٺيڪ ٿي ويندو، اهو همراهه صبح جو ڏسي ته سندس اٺ جي ٽنگ ٺيڪ هئي۽ ان واپاري عقيدت وچان مٿس مزار اڏائي متولي انڙ فقير آهن، هر سال سيد بچل شاهه جي خاندان جو سجاده ۽ ٻيو خاندان اتي لڳندڙ عرس مبارڪ ۾ وڃي حاضري ڏيندو آهي ۽ لنگر نياز ڪندو آهي.
    رجب علي فقير: شهدادپور کان ڏيڍ ڪلوميٽر پري ٽنڊو آدم روڊ تي رجب فقير جي مزار روشني جو مينار بنيل آهي، جتي روزانو وڏي تعداد ۾ زائرين حاضريون ڏين ٿا، دل جون مرادو پوريون ڪرڻ لاءِ باسون باسين ٿا روايتون آهن ته فقير رجب اصل ۾ نئون آباد ويجهو مڱراڙي ديهه جي هڪ ڳوٺ جو هو، پاڻ لطيف سائين تي سوني نيل چاڙهيندڙ حاجي جان محمد وساڻ جو ذاتي ملازم هو، پاڻ وساڻ صاحب جي منڱراڙي واري زمين واري بنگلي تي رهندو هو. روايتون آهن ته جواني ۾ سندس ٽنڊو ڄام ڀرسان هڪ ڳوٺ جي هڪڙا ذات جي هڪ حسين خاتون سان ننهن جو ناتو لڳي ويو پر پاڻ ان کي ماڻي نه سگهيو، جڏهن ان خاتون صاحبه جي شادي ٿي وئي ته پاڻ دنياوي ڪم ڪارين فڪرن کي ڇڏي فقيري ڏانهن مائل ٿي ويو. هفتي ۾ ڪيترائي ڀيرا لطيف سائين جي مزار تي ويندو هو، جتي راڳ ٻڌي مٿس وجد طاري ٿي ويندو هو. کيس لطيف سائين جي شاعري ياد هئي ۽ پاڻ اها ڳائي ٻڌندڙن کي روئاڙي ڇڏيندو هو. ان وقت لطيف سائين جو سجاده نشين علڻ سائين هو. ان جڏهن پنهنجي هن مريد جي اهڙي حالت ڏني ته کيس ڏک ٿيو ۽ پاڻ هن لاءِ دعا گهري ۽ فقيري ورڇ ڏني ان بعد پاڻ مڪمل فقيري اختيار ڪري ڳوٺ جان محمد وساڻ جتي سندس مزار آهي اتي هڪ کٻڙ هيٺان رهڻ لڳو، کيس فقيري حال ۾ ڏسي دعائون لاءِ علائقي جا ماڻهو اچڻ لڳا ۽ ايندڙ سوالين جون حاجتون پوريون ٿيڻ لڳيون،سندس دعائن سان ڪيترائي ماڻهو رڱجي ويا، سندس ڪرامتن ۽ دعائن جي اثر هن علائقي مان نڪري پري پري تائين پهتيون ۽ وٽس ايندڙ ماڻهن جو تعداد وڌڻ لڳو. فقير رجب ڪڏهن پٺا اگهاڙا ۽ گوڏ ٻڌندو هو، ڪڏهن الف ننگو ويٺل هوندو هو. سندس هٿ ۾ هڪ آرسي هوندي هئي ان آرسي کي ڏسي ماڻهن کي ماضي حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. ۽ سندن افعال بيان ڪندو هو، ڪرامت ذريعي ڪوڙن، ظالم بد ڪردار، مطلبي ، ماڻهن جو پتو لڳائي انهن کي اٿي وڃڻ جو چوندو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته اچو ته اوهان کي آرسي ۾ راڻي ڏيکاريان، سندس وصال جو سال ۽ تاريخ معلوم ناهي، سندس عرس مبارڪ هر سال ملهايو وڃي ٿو، مٿس عظيم الشان مزار اڏيل آهي.
    اويس فقير : حضرت اويس فقير جي مزار ساٽي پاڙي ۾ امام بارگاهه ڀرسان آهي، اهو بزرگ ڪٿان آيو، ڪڏهن آيو، سندس جنم ڪڏهن ٿيو، جنم ڀومي ڪهڙي آهي، ڪنهن کي به معلوم ناهي، سندس مزار ڀرسان رهندڙ مشهور استاد ۽ ادب سان گهري دلچسپي رکندڙ نظير سومرو سندس وڏن کان ٻڌائيل روايتون هن ريت ٻڌايون ته هي بزرگ ان دور جو آهي. جڏهن مير شهداد خان ٽالپر هي شهر اڏرايو جتي هن بزرگ جي مزار آهي، اتي هڪ آوي هوندي هئي ان کي چوڌاري لوڙهو آيل هوندو هو، هي بزرگ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو هو، ٺڪر جا ٿانوءَ وٺڻ لاءِ ايندڙن کي لوڙهي جي اندر اچڻ نه ڏيندو هو، چوندو هو پئسا اڇلائي ڏيو ۽ کين گهربل ٺڪر جا ٿانو به اڇلائي ڏيندو هو، اتفاق سان اگر ٿانوءَ زمين تي ڪري پوندا هئا ته ڀڄندا نه هئا. پاڻ سڄو ڏينهن سبحان الله، بسم الله جو ورد ڪندو هو، جنهنڪري شهدادپور جا هندو مسلمان کيس ڪنڀر سان گڏ ولي الله سمجهندا هئا. ساڻس وڏي عقيدت رکندا هئا. ٺڪرن جي ٿانون جا پئسا به پاڻ غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو يا لنگر نياز ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ پنهنجو کاڌو پاڻ تيار ڪندو هو، ڪافي ماڻهن عقيدت وچان کيس کاڌو ڏيندا هئا ته کين چوندو هو ته غريبن کي ڏيو. پاڻ پابندي سان نماز پڙهندو هو، رات جو الله جو ذڪر فڪر ڪندو هو، الله هو الله هو جي لات الاپندو هو، جڏهن وصال ڪري ويو ته سندس جسم خاڪي کي آوي جي گهٽي وٽ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. جتي سندس عقيدتمندن چوڌاري اوڏڪي ديوار ڏياري ڇڏي. پهرين سندس مزار ڪچن سرن سان ٻڌل هئي. جيڪا بعد ۾ ساٽي پاڙي جي هر دلعزيز شخصيت غلام محمد صبحپوٽو ٺهرائي، سندس مزار تي لڳل علم پاڪ به قديمي ٻڌايو وڃي ٿو، مزار وٽ هن درويش جي دور جو هڪ ٻير جو وڻ به هو، جنهن ۾ کنئور تمام گهڻو ٿيندو هو، جيڪو سندس مزار تي حاضري ڏيندڙ عقيدتمند عقيدت وچان تبرڪ طور کائيندا به هئا. کڻي به ويندا هئا. چون ٿا ته اهو کنئور ان دوريش جي دعائن سان کائڻ سان بيمار صحتياب ٿي ويندا هئا. چون ٿا ته حاجي غلام محمد صبحپوٽو کي بار بار هي درويش خواب ۾ ايندو رهيو ته مٿس مزار ٺهرائي، اويس فقير جي مزار جي ساٽي پاڙي جا تقريب سڀ رهواسي خدمت ڪن ٿا. هر اسلامي مهيني جي 11 تاريخ تي سندس 11شريف ملهائي وڃي ٿي، جنهن ۾ خيرات ٿيندي آهي ۽نعت خواني به ڪرائي وڃي ٿي. هر سال 12 ربيع اول تي هن درويش جو ساليانو عرس ملهايو وڃي ٿو. سومرو فقير شهدادپور ۾ هر داس پوره ويجهو هن بزرگ ولي الله جي مزار آهي جنهن لاءِ مختلف روايتون آهن ڪي چون ٿا سيد هو ڪي چون ٿا ڪلهوڙو هو. شهدادپور جي ٻين ولين ۾ ميمڻ پاڙو ۾ حضرت علي فقير ڳوٺ جلال نوناري ۾ حضرت چڀڙ شاهه، حضرت الهه بچايو شاهه ۾ سيد محبوب شاهه جي مزارون پڻ آهن.
    حال حيات روحاني شخصيت سائين علي نواز خاصخيلي
    قاضي احمد کان مورو روڊ جي ڪنڌي تي ڪريم آباد ڳوٺڙو اچي ٿو، سائين علي نواز صوفي فقير صفت انسان آهي، پاڻ 1968ع ۾ نواب ولي محمد اسٽيشن لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ننڍي ڄمار کان ئي فقيري ڏانهن مائل رهيا، پاڻ مولا جي محبت ۾ مصروف هوندا هئا، راند روند، فضول ڳالهين، ڪچهرين کان کين نفرت رهي، عبادت ۾ کين سڪون ملندو هو، قرآن شريف جي تلاوت، شاهه لطيف ۽ ٻين صوفي بزرگن جو ڪلام پڙهڻ سان کين سڪون مليو، ڪجهه سمجهه ڀريا ٿيا ته طريقت ۾ پير پائڻ لاءِ هلڻ لڳا. پنجاب جي جهنگ ضلعي جي هڪ بزرگ سرڪار رياض حسين شاهه عرف رياضڻ ماهيءَ جي نظرن جي تير جو شڪار ٿي ويو، ان لاءِ اگهاڙين پيرين پنڌ ڪري اتي پهتا، اکين ۾ مولا جي محبت جا ڳوڙها ڳاڙيندي وڃي هادي جي قدمن لڳا، ان کان اڳ سرڪار سخي رياضڻ ماهيءَ محفل ۾ ويٺل حاضرين کي ٻڌايو ته .اسان جو عاشق پيرين پنڌ سنڌ کان اچي پيو ۽ سندس پيرن ۾ ڇالا پيا آهن“ اتي حاضر ٿيڻ تي مرشد فرمايو ته، توکي ڇا کپي، فقيريءَ جي سڀني خزانن جون ڪنجيون اڄ کان تنهنجي حوالي آهن، سائين علي نواز فقير صرف رئندا ئي رهيا، سندن اها ادا اهڙي ته مقبول ٿي وئي جو مرشد جي هڪڙي نظر سان فقيريءَ ۽ طريقت جون سڀ منزلون طئه ڪري ورتائون، مجذوبي جي اهڙي ڪفيت طاري ٿي وين جو کائڻ پيئڻ به وسري وين ۽ پنهنجي پاڻ کان به بي خبر ٿي ويا.
    اڃا 18 سالن جا به نه ٿيا هئا ته مرشد جي مهرباني ۽ اجازت سان سرڪار غوث پاڪ جي روضي جي حاضري بغداد ۾ ڏنائون، ان بعد مڪي ۽ مديني جي زيارتن جو شرف حاصل ڪيو، ٻه سال کن مديني پاڪ ۾ رهي روضي اظهر جي حاضري ڏيندا رهيا، هي سفر بنا دنوي اسباب جي ڪيائون، مديني شريف ۾ پڪڙ ۾ به آيا، پر ٿيو ائين جو پوليس جي جنهن گاڏي ۾ کين ويهاريائون، اتي پاڻ روضي ڏي ڏسندي رئندا رهيا ۽ دل ۾ چوندا رهيا ته يا رسول الله دنيا جا ماڻهو هتي اچي آزاد ٿيندا، پر جي هتي ٻڌا ته ڪٿي ڇٽندا، نيٺ پڪڙيل ماڻهن سان گاڏيون ڀرجي ويون، ٻيون ته سڀ گاڏيون روانيون ٿي ويون پر جنهن گاڏيءَ ۾ سائين جن ويٺل هئا اها بلڪل چري به ڪانه، اتي پوليس آفيسر کانئن معلوم ڪيو ته ”ڇو ٿو روئين؟“ پاڻ فرمايائون ته مٺي مرسل جي محبت ۾ جڏهن ته گهڻي ڪوشش باوجود به گاڏي نه هلي ته پوءِ کين لاٿائون ته گاڏي هلڻ لڳي، ان کانپوءِ ڪڏهن به پڪڙ ٿي به ته پاڻ پڪڙ ۾ نه آيا. اتي خواب ۾ مير مرسل پاران واپس وڃي اتي جي خلق جي رهبريءَ جو حڪم ڏنو، پاڻ اتان اچي قاضي احمد لڳ نواب ولي محمد ۾ خلق جي خدمت ڪرڻ لڳا، سندن دعائن سان ماڻهن جا مسئلا هڪدم حل ٿي ويندا هئا ۽ مولا جي طلب وارن کي هڪدم حضور پاڪ ۽ مولا سان ملائي ڇڏيندا هئا، سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌڻ لڳو، حق جي ڳولا ڪرڻ وارا حق سان واصل ٿي وڃن ٿا.
    سندن آستاني جو نالو سندن مرشد رياضڻ ماهيءَ ”خانقاه فيض هاشمي“ رکيو، جيڪو ان وقت کان وٺي قائم ۽ آباد آهي، سندن مرشد جي اجازت سان سال 1988ع کان وٺي عيدميلادالنبي صه هر سال شايانِ شان منعقد ٿيندي رهي ٿي، جيڪا نواب ولي محمد ۾ ننڍي پيماني تي شروع ٿي ۽ هاڻي ڪريم آباد ۾ وڏي ليول تي ملهايو وڃي ٿو، جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق هڪ لک جي لڳ ڀڳ چئني صوبن جا ماڻهو شريڪ ٿين ٿيا. اسان سڄي ملڪ ۾ ملهائجندڙ جشن عيدميلاد النبي صه ڏٺا آهن، پر هتي ملهائجندڙ ميلاد جو مثال نه ٿو ملي.
    سندس خانقاه اڳ نواب ولي محمد ۾ ۽ هاڻ ڪريم آباد شريف ۾ آهي، اتي 24 ئي ڪلاڪ لنگر عام جام هلندڙ آهي. دعا خواه شفا، جسماني خواه روحاني علاج لاءِ ايندڙن جو هر وقت ميلو متل رهندو آهي، هتي جو سائل ڪڏهن به خالي نٿو موٽي، عيدميلادالنبي هر سال 11 ربيع الاول جي شام 12 ربيع الاول جي رات شاندار نموني ملهايو ويندو آهي. ميلاد ۾ غريب توڙي امير لاءِ هڪ جهڙو لنگر هلندو، محفل جي شروعات ذڪر سماع سان ٿيندي آهي، اها مهل اهڙي هوندي آهي جو حضور جي عاشقن جي اکين مان آنسو روان هوندا آهن.
    پاڻ موقعي جي نسبت سان اهڙو ته آقا جو شان بيان ڪندا آهن ۽ محبت جو درس ڏيندا آهن جو هر اک اشڪبار هوندي آهي. عالم سڳورا مدني محبوب جو شان بيان ڪندا آهن ۽ نعت خوان به عيقدت جا گل نڇاور ڪندا آهن. اهڙي طرح هي محفل فجر جي اذان تائين هلندي رهندي آهي. صبح جو لنگر شريف بعد شاندار جلوس آقا مدني جي آمد جي سلسلي ۾ ڪڍيو ويندو آهي، ان جي واپس اچڻ بعد وري به لنگر هلايو ويندو آهي ۽ ان بعد خلق کي اجازت ڏني ويندي آهي.خانداهه جي عمارت جو ڪم هلندڙ آهي، مسجد شريف به ٺهي رهي آهي، جيڪا ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تيار ٿي رهي آهي. مسجد شريف جو نقشو مسجد نبويءَ جو رٿيل آهي، جنهن تي گنبذ خضريٰ به ان سان گڏ 120 فوٽن جو مينار شامل آهي، سائين علي نواز فقير جن جو فرمان آهي ته جڏهن هيءَ مسجد ٺهي راس ٿيندي ته پري پري کان ماڻهو هلي اچي مسجد شريف جو ديدار ڪندا، ان کانسواءِ مسجد جي گرائونڊ ليول تي مدرسي جو به انتظام رٿيل آهي، جتي علم جا پياسا شرعي ۽ روحاني علمن سان فيضياب ٿيندا، جشن عيد ميلاد النبي صه جي موقعي تي سائين صوفي علي نواز فقير قادري جن فرمائيندا آهن ته جنهن عقيدت ۽ محبت سان هن ميلاد ۾ شريڪ ٿيا آهيو، اهو سرڪار مديني جو حاضرين مجلس تي خاص ڪرم آهي، هن جشن جي صدقي مالڪ اوهان جون تقديرون بدلائي ڇڏيون ۽ سڀ قضائون، ادائون ٿي وينديون، هتان جي ٻڌل قيمتي ڳالهين کي ٻين تائين پهچائيندڙ اجر جا حقدار ٿيو، اسان جون سڀ رسمي خوشيون سڀ ڪوڙيون خوشيون آهن، پر سرڪار مدينه جي آمد جي خوشي ئي حقيقي خوشي آهي، هن ۾ ڀرپور حصو وٺو ۽ پنهنجي دامن حقيقي خوشين سان ڀريو، اڄ محفل ۾ جيڪي به شريڪ آهن، تن سان واعدو آهي ته جيڪا به هڪ هڪ نيڪ خواهش دل ۾ هوندي، اها آقا مدينه جي صدقي ۾ ضرور پوري ٿيندي. ان ڪري عقيدت ۽ محبت سان جاڳي پنهنجي دامن رحت سان ڀريو ڇو ته اڄوڪي رات الله جي ذات جي رحمت جوش ۾ آهي.

    هالا کان ابڙان تائين روحاني سفر
    ابڙان جي ولين سيد ڪرم علي شاهه، سيد لطف علي شاهه ۽ سيد لياقت علي شاهه بابت ڀيڄ ڀٽائي ميگزين پاران خصوصي نمبر شايع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ابڙان ۾ سندن آخري آرام گاهه جون تصويرون وٺڻ لاءِ 2006-4-9 آچر ڏينهن صبح جو 7 وڳي هالا ۾ حضرت مخدوم نوح سرور جي ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي مزار تي حاضري ڀري هالا کان ابڙان ضلع نوشهروفيروز ڪار ۾ روانا ٿياسين، پروگرام ۾ صوفي بزرگن سان محبت رکندڙ ادب دوست شخصيت صوفي احمد ٽڳڙ جيڪو اصل ابڙان شهر جو آهي ۽ ايريگيشن اسڪارپ جو هيڊ ڪلارڪ آهي، ان کي ۽ ڪامريڊ اياز ميمڻ کي گڏ هلڻو هو، پر صوفي احمد ٽڳڙ جو پروگرام عين وقت تبديل ٿي ويو، کيس آفيس جي ضروري ڪم سان وڃڻو هو، ان ڪري صوفي احمد ٽڳڙ بجاءِ صوفي راڳي سڄڻ فقير سنبري پيو ۽ اسان کان اڳ ڪار جي اڳين سيٽ تي ويهي رهيو. مورو ڪراس ڪرڻ بعد خيال ٿيو ته نوان جتوئي جي مشهور بزرگ هستي سيد دلڻ شاهه ۽ شاگرد تحريڪ ۾ شهيد ٿيل سيد علي مردان شاهه جي مزارن تي حاضري ڏجي ۽ مشهور شاعر، اديب شاهه لطيف جي پارکو حافظ محمد بخش خاصخيلي جي اوطاق تي کن پل وڃجي ۽ سندس مزار تي قل پڙهجن ۽ اسان جي محسن دوست مشهور اديب صحافي محمد مٺل حيدري جي خدمت ۾ به حاضر ٿجي. 10 وڳي ڌاري اسين نوان جتوئي پهتاسين، اسٽاپ تي اسان کي حافظ محمد بخش خاصخيلي جو ڀائٽيو ۽ ادبي وارث گدا حسين خاصخيلي مليو، جيڪو ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ سورهيه بادشاه سيد صبغت الله راشدي جي ملهائجندڙ ورسي ۾ وڃي رهيو هو، ساڻس ملياسين. حافظ محمد بخش خاصخيلي وانگر وڏي محبت، پيار پاٻوهه سان مليو، اسان کيس ڊسٽرپ ڪرڻ نه ٿي چاهيو، کيس سورهيه بادشاهه جي ورسي ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. پروگرام تبديل ڪري حافظ محمد بخش خاصخيلي جي اوطاق تي وڃڻ بجاءِ صرف سندس آخري آرام گاهه تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. حضرت سيد دلڻ سائين جي مزار تي ويندي واٽ تي جتوئين جي قبرستان جي نالي سان قبرستان ۾ حافظ محمد بخش جي آخري آرام گاهه تي قل پڙهيا، جتان حضرت سيد دلڻ سائين جي مزار تي پهتاسين. سيد دلڻ سائين جي مزار تي ۽ شاگرد تحريڪ جي شهيد سيد علي مردان شاهه، مشهور صوفي بزرگ سيد محمد جڙيل شاهه، سيد فضل الله شاه ۽ سيد علي مردان شاهه جي مزار تي حاضري ڏنيسين.
    سيد دلڻ سائين پنهنجي دور جو مشهور صوفي بزرگ هستي ٿي گذريو آهي، سندس راڳ ۽ ويراڳ سان وڏي دلچسپي هوندي هئي. پاڻ صاحب ڪرامت هئا، سندن زندگي رب سائين جي عبادت ۾ گذري، سيد جڙيل شاهه سندس ئي خاندان مان هو، سيد جڙيل شاه هڪ فقير صفت انسان هو، سڄي حياتي گيڙو لباس پهريندو هو. راڳ ويراڳ سان وڏي دلچسپي هئي، جڏهن ته سيد علي مردان شاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پڙهندو هو. پاڻ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل هئا ۽ سنڌ ۽ سنڌ واسين جي پاسباني لاءِ شهيد ٿيا. سيد فضل الله شاه صوفي طريقي جو مالڪ هو، سڄي سنڌ ۾ درگاهن تي ويندو هو. راڳ ويراڳ سان ايڏي دلچسپي جو راڳ ٻڌڻ کانسواءِ هڪ منٽ به رهي نه سگهندو هو. راڳ ٻڌڻ کانسواءِ ائين بي چين هوندو هو، ايئن تڙپندو هو جيئن مڇي پاڻي کانسواءِ تڙپندي آهي.
    سيد دلڻ شاهه، علي مردان شاهه، سيد فضل الله شاهه ۽ اتي ٻين بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ بعد هنن مزارن جي ڀرسان مشهور بزرگ هستي سيد رکيل شاهه جي مزار تي حاضري ڀري دلڻ شاهه جي سجاده نشين سيد عرفان علي شاهه بابت درگاهه تي ويٺل فقراءَ کان معلوم ڪيوسين ته هنن ٻڌايو ته سائين حويلي تي آهي، مون کيس پنهنجو وزيتنگ ڪارڊ موڪليو، تقريباً 40 منٽن بعد وزيٽنگ ڪارڊ کڻي ويندڙ فقراءَ ٻڌايو ته سائين سيد عرفان علي شاهه نوان جتوئي نڪري ويو آهي. جڏهن ته سيد رکيل شاهه جو سجاده نشين سيد ميرل شاهه بابت شروع ۾ ٻڌايو ويو ته هو دادو ويل آهي، اتان نوان جتوئي پهچي سيد عرفان علي شاهه جي ويهڻ وارن تمام هنڌن تي کيس ڳوليوسين پر اتي ٻڌايو ويو ته سائين ڳوٺان آيو ئي نه آهي، حالانڪه اسان جو سائين عرفان شاهه ۾ ڪوبه ڪم ڪار نه هو، اسان چاهيو پئي ته ساڻس ملاقات ڪري سيد دلڻ شاهه ۽ اتي مدفون ٻين بزرگن بابت ڄاڻ وٺجي ۽ کائونس دعا وٺجي پر افسوس جو...!
    سيد دلڻ شاهه جي درگاهه تي ويندي محمد مٺل حيدري چانڊيو جيڪو نوان جتوئي جو صحافي، ليکڪ، مثالي استاد، سماج سڌارڪ، وڏو مهمان نواز آهي، بابت پڇا ڪئي. اسان کي ٻڌايو ويو ته هو سامهون واري ڪلينڪ تي ويهندو آهي. اتي پهتاسين ته خبر پئي ته پاڻ اڃان ڳوٺان آيا نه آهن، ان ڪري حيدري چانڊيو لاءِ نياپو ڇڏي وياسين، واپس آياسين ته هو اسان جو بي چيني سان انتظار ڪري رهيو هو. حيدري چانڊيو سان خط ڪتابت ته سالن کان آهي، فون تي به ڳالهائيندا رهندا آهيون پر روبرو ملاقات صرف هڪ دفعو نوشهروفيروز ۾ سنڌ صحافي سنگت جي هڪ ڪنوينشن ۾ ٿي هئي، ان وقت سندن سونهاري شريف کي ڪارو رنگ آيل هو ۽ سونهاري مبارڪ ٿوري وڏي هئي، پر هاڻ سونهاري به ننڍي ڪرائي ڇڏي اٿس ۽ رنگ روپ نه ڪرڻ ڪري سونهاري سفيد ٿي ويئي اٿس. مون کيس سڃاڻي ورتو پر هن نه سڃاتو، بعد ۾ تعارف ٿيو، پاڻ ٻيهر اٿي انتهائي پيار پاٻوهه سان مليو، محمد مٺل حيدري چانڊيو وڏو محبتي ماڻهو آهي، سندس مهمان نوازي جي هاڪ به وڏي آهي. حيدري چانڊيو خوش خرابت بعد چيو ته هلو ته ڳوٺ هلون، اسان چيو ته حيدري صاحب ڏاڍا تڪڙا آهيون، بس ديدار ڪيوسين هاڻ پيرن تي هٿ رکي موڪلايون ٿا، پر حيدري چانڊيو بگڙي پيو، چئي ائين ڪيئن ٿيندو، نوان جتوئي آيا آهيو ۽ منهنجي اوطاق تي هلڻ ۽ ماني کانسواءِ هليا ويندو ته پوءِ مون تي لعنت هجي. ڪامريڊ اياز ۽ مون کيس منٿ ڪئي ۽ چيو ته ٻئي دفعي رات اچي رهبي پر حيدري چانڊيو صفا ٻروچ ٿي بيهي رهيو، چئي ته هلو نه ته آئون هتي روڊ تي ويهي بک هڙتال ڪندس. اسان چيو ته اسان کي اجازت نه ڏيندا ته اسين به روڊ تي ويهي احتجاج ڪنداسين، بعد ۾ حيدري چانڊيو چيو ته ڀلا اوطاق تي قرب جا پير ڀري پوءَ وڃو. مون چيو ته صرف پاڻي پي واپس اينداسين. حيدري چانڊيو چيو ٺيڪ آهي، نوان جتوئي کان 2 اڍائي ڪلوميٽر پري سندس ڳوٺ آهي، سندس اوطاق ۽ اسڪول گڏ آهن، حيدري چانڊيو مشهور استاد به رهيو آهي.
    حيدري چانڊيو اسان کي اوطاق تي ويهاري پاڻ گهر هليو ويو ۽ سندس پٽ پاڻي کڻي آيو، 20 منٽ ويهڻ بعد سندس پٽ کي چيوسين ته سائين حيدري چانڊيو کي وٺي اچو ليٽ پئي ٿئي. اڌ ڪلاڪ بعد حيدري چانڊيو ۽ سندس پٽ ماني کڻي آيا ۽ اسان کي حيرت ٿي ته اڌ ڪلاڪ ۾ ماني ۽ اهي به 5 کن ڊش ڏاڍي حيرت ٿي. حيدري چانڊيو ڪچهرين جو وڏو ڪوڏيو، سندس وات مان نڪتل لفظ لفظ موتي برابر هئا. ڀٽ ڌڻي جي رسالي تي وڏو عبور حاصل آهي، ڳالهه جي نسبت سان شاهه لطيف جو شعر پڙهي. دل پئي چوي ته هتي هفتو کن رهي حيدري چانڊيو سان ڪچهريون ڪري ڪجهه پرائجي پر اسان وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول ٽائيٽ هو، ان ڪري حيدري چانڊيو جي ڳوٺ مان واپس نوان جتوئي اچي حيدري چانڊيو کان موڪلائي ابڙان روانا ٿياسين. مٺياڻي شهر جي ٻاهران 20 صدي جي مشهور بزرگ هستي صاحب ڪرامت سيد علي گوهر شاهه جي درگاهه آهي، اسان اتي حاضريءَ لاءِ پهتاسين. حضرت سيد علي گوهر شاه نوشهروفيروز کان ٻه ڪلوميٽر پري نانگو شاهه درگاه تي سندس حويلي هئي، پاڻ 20 صدي جا مشهور بزرگ هستي ۽ صاحب ڪرامت ٿي گذريا آهن. پاڻ بنيادي طور اهلسنت سان وابسطه رهيا، بعد ۾ فقيري واري رنگ ۾ رڱجي ويا. سندن هالا، مٽياري، ٽنڊو ڄام تعلقن جي بزرگن سان صحبت ۾ 12 سال رهيا، سيد علي گوهر شاهه اعليٰ پائي جا شاعر پڻ هئا، پاڻ بهترين حڪيم به هئا. پاڻ في سبيل الله ماڻهن جو علاج ڪندا هئا، بعد ۾ پاڻ مٺياڻي لڳ ڪار بڇا ۾ آستانو قائم ڪيو ۽ اتي ئي وفات ڪئي ۽ سندن وصيت موجب اتي ئي کين سپردخاڪ ڪيو ويو. سندن آخري آرام گاه تي انتهائي وڏو ۽ خوبصورت قبو اڏيل آهي. ڀيڄ ڀٽائي ميگزين سٿ جو قافلو درگاهه تي چادر چاڙهڻ ۽ دعا گهرڻ بعد سجاده نشين سيد زمان شاهه سان ملاقات ڪئي، جيڪو روينيو بورڊ حيدرآباد ۾ ريڊر آهن، هردلعزيز مهمان نواز، فقير طبيعت انسان آهي. ياد رهي ته حضرت سيد علي گوهر شاهه جي سجاده نشين تي تڪرار هلندڙ هو. ڇاڪاڻ ته سيد علي گوهر شاهه کي اولاد نه هو، سيد زمان شاهه علي گوهر شاهه جو ڀائٽيو آهي، سندس چوڻ آهي ته سجاده نشين جي دعوا ڪندڙ ٻيو شخص ڌاريو آهي. هن ٻڌايو ته ڪورٽ سڳوري به 16 سال ڪيس هلائڻ بعد کيس سجاده نشين جي ڊگري ڏني، هن چيو ته سجاده نشين جو ٻيو دعويدار سندس ۽ مٽ مائٽن خلاف لاتعداد ڪوڙا ڪيس ڪيا آهن، جيڪي اڃا به هلن پيا، سيد زمان شاهه جا 4 فرزند آهن، جن ۾ سيد سجاد حسين شاهه، سيد اعجاز شاهه، سيد نويد شاهه، سيد نور شاهه عرف جاني شاهه آهن. سيد زمان شاهه سان گڏ سيد علي گوهر شاهه جي آستاني تي وياسين جتي سندن استعمال جو سامان، کٽ، بسترو ۽ ٻيو سامان پيل هو. اتي سندس ڪتي جي کٽ به رکيل آهي. سيد علي گوهر شاهه جي مزار تي وڏي تعداد ۾ عقيدتمند آيل هئا، سيد زمان شاهه کان دعا وٺي سيد علي گوهر شاهه جي مزار تي ٻيهر سلام ڪري ابڙان پهتاسين جتي سيد لياقت علي شاهه جي والد سيد علي حيدر شاهه، ڀائٽي سيد لال محمد شاهه سان ملاقات ڪئي. اتي ابڙان جي هردلعزيز شخصيت غلام مصطفيٰ خاصخيلي به اسان جي انتظار ۾ ويٺو هو، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، حضرت سيد ڪرم علي شاه جي مزار جي فقير يوسف خاصخيلي جو پٽ آهي. جنهن اسان کي ريفريشمينٽ ڪرائي، سيد علي حيدر شاهه ۽ سيد لال محمد شاهه حال احوال ڪرڻ بعد سيد لياقت علي شاهه جي مزار تي وياسين، جتي گلن جي چادر ۽ ڪلمي واري چادر سندس ۽ ساڻس گڏ رکيل ٻين سيدن تي چاڙهي قل پڙهياسين، بعد ۾ سندس ڀاءُ سيد مشتاق شاهه جي مزار تي گل رکياسين. لياقت علي شاهه جي مزار صوفي احمد ٽڳڙ جوڙائي آهي، جنهن کي لياقت علي شاهه بار بار خواب ۾ اچي سندس مٿان مزار ٺهرائڻ جو اشارو ڏنو. اتان کان ابڙان جي هردلعزيز شخصيت مشهور ليکڪ، شاعر، استاد ثاقب سومرو سان ملاقات ڪئي. ثاقب سومرو پيارو ماڻهو آهي، سندس چانهه پي بعد ۾ حضرت سيد ڪرم علي شاهه، سيد لال محمد شاه ۽ سيد لطف علي شاهه جي درگاهه ۽ يوسف فقير خاصخيلي جي آخري آرام گاه تي حاضري ڀري، بعد ۾ ڀيڄ ڀٽائي مگزين سٿ جو قافلو کاهي راهو ۾ درگاهه سيد بچل شاهه تي حاضري ڀري ۽ درگاهه جي خدمتگار علي نواز لاڙڪ سان ملاقات ڪئي. اتان نوشهروفيروز پهتاسين جتي مشهور صوفي بزرگ حضرت صوفي شاهه نصير ۽ نول گهوٽ جي مزار تي وياسين، قل پڙهڻ بعد ڪلهوڙا دور جي ٺهيل مسجد جيڪا زبون حالت۾ آهي، اها ڏٺي، اها مسجد مخدوم شهاب الدين سير ڌڻي ٺهرائي هئي، بعد ۾ درگاهه جي سجاده نشين صوفي شاهه نصير نقشبندي سان ملاقات ڪري سائين حضرت شاهه نصير صوفي بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن چيو ته سائين صوفي شاهه نصير جون ڪرامتون، شاعري ۽ سندس شجرو لکت ۾ موجود هو، پر سندن وڏن ۾ ڪنهن ڳالهه تان تڪرار ٿيو ۽ اهو شجرو، ڪلام ۽ ٻيو احوال کوهه ۾ اڇلايو ويو، ان ڪري هو ڪو احوال نه ٿو ڏئي سگهي. البت سندس چاچو پير رفيع الدين عرف اڪرام الدين وٽ ڪجهه نه ڪجهه معلومات آهي. اوهان ان سان ملاقات ڪريو، رات ٿي وئي هئي، ان ڪري سيد پير رفيع الدين صاحب سان چاهيندي به ملاقات نه ڪري سگهياسين، اسان جي شيڊول ۾ مشهور صوفي بزرگ فقير علي نواز خاصخيلي سان ملاقات ۽ سيد مهدي شاهه جي مزار تي وڃڻ، نوشهروفيروز جي صحافين سان ملاقات، هالاڻي ۾ سنڌ صحافي سنگت جي مرڪزي اڳواڻ محمد بچل هنڱورو سان ملاقات جو ارادو به هو، پر رات ٿي وئي، واپس گهر پهچڻو هو ان ڪري اهو پروگرام ڪينسل ڪري واپس موٽياسين.
    اسان جي ڪوشش هوندي ته حضرت سيد علي گوهر شاهه، سيد دلڻ شاهه، سيد رکيل شاهه، سيد فضل الله شاهه، حضرت صوفي نصير، سيد بچل شاهه بابت الڳ ايڊيشن شايع ڪريون، ليڪن ان لاءِ شرط اهو آهي ته سندس سجاده نشين اسان سان هر طرح جو سهڪار ڪن.
    صوفي بزرگ ۽ شاعر محب فقير ٽالپر
    محب علي خان المعروف محب فقير ٽالپر جو شمار مشهور صوفي شاعرن ۽ روحاني رمزن ۾ رڱيل فقيرن ۾ ٿئي ٿو. سندس شاعري ۾ عشق مزاجي عشق الاهي شامل نظر اچي ٿو. پاڻ ڪامل صوفي درويش هئا. ننڍي ڄمار کان سندس طبيعت فقيري ڏانهن مائل هئي. پاڻ پنهنجي ڳوٺ مهر علي خان ٽالپر” تزد شهدادپور“ ۾ ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ مئخانو نالي او طارو قائم ڪيو. جنهن ۾ فقير فقراءَ، مسافرن لاءِ ڇپر ٺهرايو ، مئخاني ۾ انبن جا وڻ مختلف قسمن جا گل ٻوٽا رکيا. سندس مئخاني ۾ هر طرف گلن جي خوشبو مهڪي ٿي. سندس حياتي توڙي اڄ تائين مئخاني تي هر وقت فقير فقراءِ جون ڪچهروين راڳ ويراڳ جون محفلون متل آهن. محب فقير ننڍي عمر کان دل جا سخي حساس رحم دل خلق خدا جي خدمت ڪندڙ رهيو. سندس ڳوٺ جي صوفي فقير ۽ شاعر دلاور خاصخيلي سان محبت هئڻ ڪري کيس روحاني رمزن جي ڄاڻ ملي، پاڻ 19 سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي. سندس پهريون شعر:
    منهنجو هوتن ڏي آهي حرف حفي،
    ڇڏي ننڊ ۾ نماڻي ويا لال لڪي.
    شاعري ۾ به سندس رهنمائي ۽ همٿ افزائي دلاور فقير ڪئي. بعد ۾ سندس صوفي بزرگن، فقيرن، شاعرن سان ملاقاتون ٿيون جنهن سان سندس روحاني ول ولو روحاني قوت ۽ شاعري وارو رجحان تيزي سان وڌيو. جڏهن سندس ملاقات حمزو ٽالپر ۾ حاجي عبدالڪريم ڪنڀر جهڙِ بزرگ شخصيت سان ٿي ته ان سندس نفسياتي اوڻائين تي گهرو اثر ڇڏيو ۽ محبت الاهي سان سرشار ٿيڻ لڳا. هڪ دفعي پاڻ عجيب خواب ڏٺو ته ڪو بزرگ سندس سر گهري رهيو آهي. هن پنهنجو سر ان آڏو پيش ڪيو ته ان سر ڪٽي ورتو ۽ پوءِ ڌڙ جي پٺي ٺپوري چيائين وڃ هاڻ تون بي سر آهين ان خواب هن کي بي چين ڪري وڌو، ڪجهه سالن کان پوءِ خواب ۾ ڏٺل بزرگ وٽ سندن حاضري ٿي، جيڪو مشهور ولي الله حضرت محمد فقير گهوٽو ”ڳوٺ حسين ٻيلي گهوٽڪي“ هو ۽ پاڻ ان بزرگ جو طالب بنيو ۽ مرشد کان هم اوست ۽ هم از دوست سکيو ۽ مڪمل طور روحاني فقيري رنگ ۾ رڱجي ويو ۽ پاڻ به ڪيترن ئي ماڻهن کي فيض ڏنو سندس وڏي تعداد ۾ طالب ٿيا. پاڻ دعائن جو گهر هئا. سندس دعائون ڪيترن ئي ماڻهن کي رڱي ڇڏيو، پاڻ مئخاني تي فقير فقراءَ ديسي پرديسي جي دل جان سان خدمت ڪندا هئا. پاڻ سنڌي، اردو، هندي جا بهترين شاعر هئا. پاڻ سر سهڻي، سر سسئي، سر ليليٰ مجنون، سر مومل راڻو، سر عمر مارئي، سر ڪاموڏ، نوري ڄام تماچي، سر ڪاپائتي، سر سورٺ، سر هير رانجها، سر ڪيڏارو، سر رامڪلي، سر سريراڳ کان سواءِ ذڪر خداوندي، شان حضرت محمد صه مصطفيٰ، شان علي، شان مرشد، الاهي عشق، سوز عشق، ڄام ساغر و مينا، نيڻ، اکيون، اسرار سارو اندر ۾ وحده ۾ الوجود، منصوري مام، شان مئخانه، ملان۽ منصور حيات ابدي، اظهار محبت ۽ عشق ۽ آذر تي خوبصورت شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري ۾ روحاني رمزون شامل آهن. پاڻ فقيراڻي رنگ ۾ رڱيل هئا. انتهائي سادا سادگي پسند، مسڪين ۽ بيواهن، يتيمن جا همدرد رهيا، پيشي جي لحاظ کان پاڻ استاد هئا. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ ماستر بعد ۾ هيڊ ماستر رهيا ان عهدي تي رٽائرڊ ٿيا، سندس شاگرد ۽ جن اسڪولن ۾ رهيا اتان جا ساڃاهه وند ماڻهو کيس ذهين ۽ همدرد استاد چون ٿا. سندس پڙهائڻ جو طريقو دلچسپ ۽ پراثر هو. کيس سنڌي سان گڏ اردو، هندي، فارسي، عربي، زبانن تي به عبور حاصل هو. پاڻ بهترين حڪيم به هئا. ننڍي هوندي مشهور حڪيم عبدالحق جتوئي کان حڪمت سکي پاڻ ٻاهرين جراحي به ڪندا هئا. حڪمت ذريعي خلق خدا جي خدمت ڪندا هئا. پر انهن غريب مريضن جي رهائش کاڌي جو به انتظام ڪندا هئا. پاڻ ظاهري طور دنياوي ڪم ڪارين ۾ مشعول هوندا هئا. پر سندن دل ذڪر الاهي ۾ مشغُل هوندي هئي. پاڻ تصوف ۾ قادري طريقو رکندا هئا. پاڻ مذهبي متڀيد ۽ فرقن جي فرق کان هميشه پري رهيا. پاڻ چوندا هئا ته اسان جو مذهب صرف انسانيت آهي. پاڻ مذهبي مت ڀيد تي هڪ ڊگهو نظم به لکيو جنهن جو هڪ بند ۾ پاڻ چيو آهي ته:
    هر گز هندو ناهيان نڪي مسلمان،
    سکيو پاٺُ پريم جو ٿيڻ سچو انسان،
    اسانجو ايمان، محبت آهي محب چوي.
    ان ڊگهي نظم ۾ جيڪو مذهبن ملڪ منجهايو آهي. ان بابت کليل بغاوت ڪئي آهي پاڻ الله سائين جي وحدانيت تي به ڪيترائي شعر چيا آهن. انهن مان هڪ شعر جون چند سٽون هيٺ ڏيون ٿا.
    تون ذوالجلال و لاڪرام سائين سچو آ تنهنجو نام،
    ٻيا سڀ نام ٻيائي و ارا واحد تون وريام،
    تون ئي ظاهر تون ئي باطن اول تون ئي انجام،
    ڪي الکُ چون ڪي الله چون ڪي هري چون هرنام،
    پنڊت پروهت ٻڌ ۽ ٻاوا جين پڙهن جئي رام ،
    گردُ واري ۾ گُرو پڙهايو سکن کي ست نام،
    ڪُل ئي ڪتاب ڪمال تنهنجي جو پوتر ڏين پيغام،
    مطلب ”محب مڙئي ٿين پورا ربُ ڪيو جن رام.
    پاڻ حضرت محمد صه جن جي شان ۾ به ڪيتري ئي شاعري ڪئي آهي. ظاهري طور سندس عشقيه شاعري جون روحاني زمرون ٻيون آهن. پاڻ پنهنجي ڪيتري ئي شاعري ۾ قرآني آيتون به ڪم آنديون آهن. پاڻ حضرت امام حسين سندس اهل بيتن ۽ ڪربلا جي شهيدن تي به سر ڪيڏارو ۾ شاعري ڪئي اٿن. پاڻ شاعري ۾ ڏکيا لفظ گهٽ استعمال ڪيا آهن. عام ماڻهو به سندن شاعري آساني سان سمجهي وڃي ٿو. پاڻ پنهنجي طالبن، فقراءِ ۽ اولاد مٽ مائيٽن کي چوندا هئا ته پاڻ کي سڃاڻو ته اوهان جي هستي ڇا آهي. هتي ڪهڙي مقصد لاءِ آيا آهيو جيڪڏهن اوهان پنهنجي نفس کي سڃاڻو ۽ نفسياني خواهش تي ضابطو آندو ته پوءِ اوهان خود اها شيءَ ٿي پوندو جنهن جي توهان کي تلاش آهي. ذڪر سان گڏ فڪر به ڪريو ڇو ته فڪر، ذڪر کان به وڌيڪ آهي. پاڻ انسان جون 5 اندريون ”حواس“ ٻڌايون آهن جن ۾ ”ڪام، ڪروڌ، لوڀ، موهه، اهنڪار انهن کي قابو ۾ آڻي نفس کي فنا ڪري سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ بعد غرور ڪيائين ته به طالب منزل تائين ڪري پوندو. اهي منزلون مرشد، جي مدد سان آسان ٿي وڃن ٿيون.محب فقير ٽالپر وحدت الوجود تي يقين رکندا هئا. پاڻ چوندا هئا ته جيڏانهن به نظر ڪريون ٿا جيڪو ڪجهه ڏسون ٿا اهو سڀ ڪجهه هو پاڻ آهي. صرف رنگ روپ مختلف آهن. اها سائين اول آخر باطل هر رنگ ۾ موجود آهي جنهن جي به عين جي اک کليل آهي. اهو سندس جلوو ڏسي ٿو ان نور جو جلوو بي رنگ بي چون ۽ بيمثل آهي. ان کي ڪنهن به شيءَ سان تشبيه نه ٿي ڏئي سگهجي صرف اهل دل ان کي محسوس ڪري سگهي ٿو. فقير صاحب تصوف جي علم باطني ۽ ظاهري علم رکندا هئا. اڪثر وٽن ايندڙ طالبن، فقراءِ سان پراثر ڪچهريون ڪندا هئا ۽ کين نصيحتون ڪندا هئا پاڻ ڪچهرين ۾ لطيف سائين، سچل، سامي، بيدل، ڪبير ڀڳت، مولانا رومي، علامه اقبال، حافظ شيرازي جي شاعري جي شرح ۽ روحاني معنيٰ سمجهائيندا هئا. کين قرآن شريف، حديثن، گيتا، انجيل، جپ صاحب جي ڄاڻ به ڏيند اهئا. وٽن هر وقت سندن چاهيندڙن جو ميلو متل هوندو هو. پاڻ صاحب ڪرامت هئڻ جي باوجود ظاهري ڪرامتون نه ڏيکاريون. سندس ڪلام ۾ ڪافي، بيت، ڏوهيڙا، غزل شامل آهن. سندس شاعري ۾ قوالي، حمد، ثنا جو به رنگ نظر اچي ٿو. سندس ڪلام سندس فرزند ڊاڪٽر حاتم علي ٽالپر محبت سندا موتي جي نالي سان ڇپرايو آهي. محب فقير ٽالپر جو وصال 6 جنوري 1999ع بمطابق 17 رمضان 1419هه اربع ڏينهن فجر جو 4 وڳي ڌاري ٿيو آهي. کين سندن مئي خاني جي مٽي ۾ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. جتي هر سال 17 رمضان تي 2 روزه عرس مبارڪ ملهايو وڃي ٿو. جنهن ۾ سڄي رات راڳ ويراڳ ٿئي ٿو ۽ لنگر عام به هلايو وڃي ٿو. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ساڻس محبت رکندڙ وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿين ٿا. سندن جنم 12 سيپٽمبر 1923ع تي محمد علي خان ٽالپر جي گهر ۾ ٿيو. پاڻ سنڌي فائينل پاس هئا. پاڻ شروع ۾ سڪرنڊ زرعي فارم تي به ملازمت ڪئي، بعد ۾ ماستر ٿيا. پاڻ ان پيغمبري پيشي سان وابسته ٿي مخلص استاد وارو ڪردار ادا ڪيو. هن وقت سندس مئخاني کي سندن فرزند فقير اعجاز علي ٽالپر جيڪو سندن سجاده نشين آهن اهي مچايو ويٺا آهن. فقير اعجاز ٽالپر ڊاڪٽر حاتم ٽالپر به بهترين شاعر آهن. ڪتاب محبت سندا موتي ۾ سندن شاعري به ڇپيل آهي.

    حضرت بهادر فقير لغاري جي بزرگي ، شخصيت ۽ شاعري
    سنڌ درويشن جو ديس آهي، جن وڏا ڪشالا ڪڍي ان منزل تي پهتا پاڻ کي فنا ڪري امر ٿي ويا، انهن درويشن مان حضرت بهادر فقير لغاري به هڪ آهي، جنهن انتها پسندي جي حوصله شڪني ڪئي جنهن علائقي ۾ پيار امن جي خوشبو پکيڙي جنهن پنهنجي طالبن پنهنجي عقيدتمندن کي ڪنهن جي دل نه ڏکائڻ، پاڻ ۾ سهپ پيدا ڪرڻ، پاڻ ۾ خدمت جو جذبو پيدا ڪرڻ، مالڪ کي راضي ڪرڻ، مالڪ تي توڪل رکڻ، ضرورت ۾ ڪنهن آڏوهٿ نه ٽنگڻ جو درس ڏنو، پاڻ صوفي شاعر به هئا، پر طالبن کي شاعري لکڻ منع ڪري ڇڏي هئي ڪڏهن ڪڏهن وجد ۾ اچي پنهنجا صوفياڻه ڪلام خود ڳائيندا هئا، سندس وڏا ديرا غازي خان جا هئا ، فقير جو پڙڏاڏو ڪامل خان لغاري ڪلهوڙن جي دور ۾ اتان لڏي شهدادپور ويجهو پنهنجي نالي تي ڳوٺ آباد ڪيو پاڪستان جي وجود کان اڳ هي ڳوٺ ننڍڙو شهر ۽ واپار جو مرڪز هو ڪيتريون ئي ذاتيون آباد هيون . آزادي واري هلچل ۾ هي ڳوٺ “ وطن يا ڪفن” واري تحريڪ جو مرڪز رهيو ۽ حرن جو پناهه گاهه به رهيو ۽ انگريز سرڪار هن ڳوٺ ۾ قهري ڪاروايون جاري رکيون ، ان ڪري ٻيا عام ماڻهو لڏي ويا ، انگريز سرڪار ڳوٺ جي مردن کي گرفتار ڪري ملڪ جي مختلف جيلن ۾ سخت پورهئي ۾ رکيو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي لوڙهن ۾ رکي ڳوٺ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو ، پاڪستان ٺهڻ بعد ٻيهر آباد ڪيو ويو ، هن ئي ڳوٺ مان حضرت بهادر فقير جي خاندانن مان حضرت شاهه مردان شاهه اول شادي ڪئي هئي حضرت بهادر فقير لغاري 1897ع بمطابق 1316 هه ۾ سانوڻ فقير بن شير محمد فقير لغاري جي گهر ۾جنم ورتو ننڍي هوندي کان سندس طبعيت فقيراڻي هئي ، دنيائي ڪمن ڪارين ۾ ڪا خاص دلچسپي نه رهي ، سنڌي فائنل ، قرآن شريف ۽ فارسي عربي جي ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ بعد والدين جي اسرار تي روڊ کاتي ۾ داروغو ٿيو بعد ۾ اها نوڪري ڇڏي ڏني بعد ۾ پوسٽ آفيس ۾ ان بعد ريلوي کاتي ۾ ملازمت ڪئي پر کيس دل نه لڳي ، ڇاڪاڻ ته سندس دل الله سائين سان لڳل هئي، ۽ هر وقت عبادت الاهي ۾ گذاريندو هو ، 1920ع جڏهن سندس ڳوٺ ۾ اطلاع آيو ته سندس مرشد شاهه مردان شاهه “ اول” هن دنيا مان وڃڻ وارو آهي ته پاڻ هڪ وڻ تي چڙهي پاڻ ڇڏيو ته هو مرشد کان اڳ ان جهان ۾ هليو وڃي ، جتي مرشد اچڻ وارو هو پر زمين تي ڪرڻ کان اڳ کيس محسوس ٿيو ته ڪنهن غيبي هٿن کيس جهپي ورتو آهي ۽ کيس رڳو هڪ ٽنگ ۾ ڌڪ لڳو ان بعد پاڻ مائٽن دوستن کي گڏ ڪري چيو هو ته هاڻ “ تاريڪ” ٿيڻ چاهي ٿو هن نوڪري ۽ ماڻهن کي خير آباد چئي ڪنهن ڪامل درويش جو طالب ٿيڻ لاءَ ريل جي پٽڙي وٺي اتر طرف روانو ٿيو پيرين پنڌ سفر ڪري واٽ تي درويشن جي مزارن تي حاضري ڀريندو شڪار پور ۾ حضرت ٻڍل شاهه جي حاضري ۾ پهتو جنهن پري کان کيس ايندو ڏسندي چيو ته فقير صاحب جيڪا شيءَ گهرڻ لاءِ اوهان ڪشالا ڪڍي هتي پهتا آهيو اها منهنجي پهچ کان مٿي آهي اوهان خيرپور ميرس ۾ ڪوٽ مير محمد ڳوٺ ۾ وڃو درويش ميانداد فقير لغاري وٽ وڃي حاضري ٿيو اهو ئي اوهان کي پنهنجي منزل تي پهچائيندو .بهادر فقير اتان پيادو سفر ڪري فقير ميانداد لغاري وٽ پهتو، کيس ايندو ڏسي ميانداد فقير چيو بهادر فقير ڀلي ڪري آئين تو سر ڏنو پر ڏئي نه ڄاتو خودڪشي حرام آهي ۽ تون مرشد جي محبت ۾ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي مرشد وٽ تنهنجي قرباني قبول پئي ، پر اها فقيري منزل نه آهي جيئري هوندي پاڻ کي فنا ڪرڻ ۾ مزو آهي ايترو به نه آهي ، هاڻ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ بجاءَ هڪ هنڌ ويهي چلا ڪڍ ۽ عبادت الاهي ۾ مصروف رهه اگر چاهين ته مشهوري ملي ته ڪراچي حيدرآباد جي وچ تي وڃي ويهه چاهين ته علائقي جي ماڻهن ۾ فيض ڏيان ته ڳوٺ ٻاهر جهنگ ۾ وڃي ويهه ۽ فقير صاحب درگاهه پير ڳوٺ تي حاضري مرشد پير صبغت الله شاهه راشدي جي زيارت ڪري پنهجي ڳوٺ آيو ڳوٺ ٻاهران جهنگ ۾ جتي نانگ بلائون جام هونديون هيون اتي ڪنڊي جي وڻ هيٺ ويهي چلا ڪڍيا بعد ۾ اتي کوهه وانگر وڏي کڏ کوٽائي 6 مهينا بنا کائڻ پيئڻ جي ان ۾ چلو ڪڍيو کيس ان کوهه مان مرشد پير صبغت الله شاهه اچي ڪڍيو پاڻ هڏن جو پڃرو ٿي ويو هو . عبادت الاهي ۾ چلن بعد هو فقيري رنگ ۾ رچي لال ٿي ويو هو ، حاجت مندن جو وڏو هجوم هر وقت وٽن موجود هوندو هو پاڻ لا تعداد ماڻهن کي دعائون ڏئي رچائي ڇڏيو مسلمانن سان گڏ ڪيترائي هندو به سندس عقيدتمند ۾ شامل ٿي ويا ، سندس دعائن سان ڪيترن ئي بي اولاد ماڻهن کي اولاد عطا ٿيو غريب ماڻهو سرندي وارا ٿيڻ لڳا بيمارن کي شفا ملڻ لڳي ، سندس اهڙين ڪرامتين جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي وئي سندس هٻڪاءَ هر هنڌ واسڻ لڳو اگر ڪي ماڻهو کين ڪجهه ڏيندا هئا ته پاڻ وٽ رکڻ بجاءِ انهيءَ ٽائيم غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا يا اتي ايندڙن لاءِ تيار ٿيندڙ لنگر ۾ هلائيندا هئا ، پاڻ قميص ۾ کيسو نه هڻايو ، پير اگهاڙا ڪري هلندا هئا ، گهڻو وقت مراقبي ۾ ويهندا هئا هر وقت عبادت الاهي ۾ گذاريندا هئا ننڊ نه هئڻ برابر ڪندا هئا ،ذڪر الاهي وقت سندس نيڻ اٿلي پوندا هئا سندس طالبن ۾ هندو به هئا انهن ۾ کٻو ڀڳت سنت چولارام به سندس رنگ ۾ رچي لال ٿي ويا وصال کان هڪ ڏينهن اڳ فقير صاحب پنهنجي طالبن ، عقيدتمندن مائٽن کي گهرايو ۽ کين ٻڌايو ته هاڻ هن دنيا ۾ سندس داڻو پاڻي بند ٿيڻ وارو آهي اسان اصل دنيا ڏانهن اُسهڻ وارا آهيون ، پاڻ پنهنجي وصال جي تاريخ ڏينهن ۾ پنهنجي طالبن جي وصال جو تاريخون ٻڌايون سندس وصال جو ٻڌائڻ بعد طالبن، عقيدتمندن، مٽن مائٽن ۾ قهرام مچي ويو پاڻ کين روئن کان منع ڪئي ان وقت سندس طالبن ۽ ڪيترن ئي عقيدتمندن وڻن تي چڙهي خودڪشي جو ارادو ڪيو پر فقير صاحب ڪشف ذريعي ڄاڻي ورتو ۽ سڀين کي سڏي گلي لڳايو ۽ کين سختي سان ائين ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ چيو ته اوهان پنهنجي نفس کي ماريو ، مالڪ جي ذڪر ۾ پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو ، پاڻ اتي سڀني ماڻهن کي هدايت ڪئي ته غير شرعي عملن کان پاسو ڪيو، ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت ڪريو ، ڪنهن جي دل آزاري نه ڪريو ، ڇاڪاڻ ته انسان جي اندر ۾ الله رهي ٿو ، الله جي رضا تي راضي رهو، پاڻ ۾ سهپ ۽ خدمت جو جذبو پيدا ڪيو ، نرم لهجي ۾ ڳالهايو، بهادر فقير لغاري پهرين ٻڌايل تاريخ 10 رمضان 1349هه بمطابق جنوري 1931ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو ، سندس وصال بعد فقير ميانداد لغاري ، سنت چولا رام کي فقير صاحب جو سجاده نشين ۽ رحيم فقير لغاري کي لوڙهي اندر ويهڻ جو حڪم ڏنو ۽ هي پهريون مثال هو جو ڪنهن مسلمان جي درگاهه جو سجاده نشين هندو هو، سنت چولارام فقير صاحب جي آخري آرام گاهه مٿان عاليشان قبو ٺهرايو بعد ۾ مختلف عقيدتمندن درگاهه جي توسيع جو ڪم ڪندا رهيا آهن، درگاهه تي مرد عورت زائرين لاءِ الڳ الڳ وڏا ايوان ۽ لنگر خانو ٺهيل آهي فقير صاحب جنهن کوهه نما کڏ وٽ بهي چلو ڪڍيو اتي بعد ۾ کوهه کوٽايو ويو کوهه جي پاڻي کي شفا ڏيندڙ پاڻي سمجهيو وڃي ٿو ، ان پاڻي مان تڙڪندڙ خارش جي مريضن کي شفا ملي ٿي ، موجوده سجاده نشين شير محمد فقير لغاري آهي ، هن درگاهه جي سجاده نشين ٿيندڙن لاءِ لازمي آهي ته هو دنيا جا سڀ لڳ لاڳاپا لاهي “ تاريڪ “ فقير ٿي ويهي رهي کيس درگاهه جي حدن مان ٻاهر نڪرڻو نه آهي درگاهه تي هر اسلامي مهيني جي تاريخ 10 جي شام 11 جي رات راڳ ويراڳ جي وڏي محفل ۾ لنگر عام ٿئي ٿو هر جمع ڏينهن وڏو لنگر ٿئي ٿو. درگاهه جي خدمت توڙي سندس عرس مبارڪ کي وڌائيڻ ۾ شير محمد فقير جي ڀائرن محمد بچل لغاري ۽ عرضي محمد لغاري جو به وڏو ڪردار رهيو آهي درگاهه تي روزانه مسلمان هندو عقيدتمند وڏي تعداد ۾ اچن ٿا.

    سنت سوامي ڌيرج گر گرسوامي
    سانگهڙ ضلعي جي جهول شهر کان ويجهو جهول نئون آباد روڊ تي پراڻي ڌامرکي جي کنڊرن ويجهو قديم زماني کان سوامي ڌيرج گرسواحي درٻار آهي جتي سڄي سنڌ مان هندو سلام ڪرڻ اچن ٿا، روزانو سوين هندو سلامي ڀرڻ سان گڏ پنهنجون مرادون کڻي اچن ٿا، جيڪي پوريون ٿيڻ بعد باسون کڻي اچن ٿا، هر وقت جهنگل ۾ منگل لڳو پيو آهي، سوامي ڌيرج گر ڪهڙي دور جو آهي ڪٿان آيو ، چولو ڪڏهن مٽايو ڪابه خبر نه آهي نه وري ڪنهن تاريخي ڪتاب ۾ ذڪر ملي ٿو پهريون ڀيرو هن جو ذڪر”جهول جڳن کان“ ڪتاب ۾ ملي ٿو. هن علائقي جي وڏي ڄمار وارا ماڻهو چون ٿا ته هي ميرن جي صاحبي جو آهي، اهي به روايتون آهن ته هي هندستان کان آيو هو هن جا ڌامرکي ۾ ڀائي بند مريد هئا ۽ انهن جي عقيدت ۽ پيار ڏسي اتي ئي رهي پيو ۽ ڌامرکي ”پراڻي“ ڀرسان پنهنجو آشرم قائم ڪيو جتي هر وقت ڀانڊارو “لنگر نياز“ پيو هلندو هو، آشرم ٻاهران جاءِ اندر مسافرن ۽ ايندڙن ويندڙ لاءِ پاڻي جا مٽ ڀرائي رکندو هو، ڪيترائي شيوادار اتي موجود هئڻ جي باوجود هو ماني پاڻ کارائيندو هو. مٺي شهر جو ادب دوست سندر گر هن کي ميرن جي دور جو ٻڌائي ٿو ڀرسان آباد ڳوٺ مدد علي جلالاڻي جو هڪ 92 سالن جو جهونو مدد علي عرف مدن ٻڌائي ٿو ته هنن جيڪو وڏن کان ٻڌو آهي ته ڌيرج سوامي ڪلهوڙن جي آخر دور جو آهي ۽ پراڻي ڌامرکي ۾ واڻيا سندن مريد هئا، هر وقت سندس آشرم تي ماڻهن جو خاص طور هندن جو ميڙاڪو رهندو هو، هن وٽ هندو مسلم جو فرق نه هو، هو صوفي سنت هو، سڀن مذهبن جو احترام ڪندڙ هو، اهي به روايتون آهن ته پاڻ زندگي ۾ قبر جهڙي کڏ کوٽائي، چيلهه تائين لوڻ وجهرائي تپشا ”يوگا“ ڪيو، 40 ڏينهن صرف چند کارڪون ۽ ننڍڙي سانڌاري ۾ پيل پاڻي تي گذاريو ڪيو، چولو مٽائڻ بعد به سندس سمادي ۾ لوڻ وڌو ويو، سوامي ڌيرج جا چمتڪار هندن سان گڏ مسلمان ۾ به مشهور آهن، پاڪستان ٺهڻ بعد هتان هندن جي لڏي وڃڻ ڪري هن درٻار جو ڪو به شيواڪار نه رهيو ۽ کنڊر بڻجي وئي هي آشرم جيڪو سوامي جو چولو مٽائڻ بعد به آباد رهيو اهو ويران ٿي ويو، چون ٿا هڪ ٽالپر زميندار سمادي مان پنهنجي اوطاق لاءِ سرون ڪڍرايون ته رات جو ان کي ڌاڙيل ماري ويا، جڏهن هي رستو پڪو ٿي رهيو هو ته رستو سڌو ڪڍڻ لاءِ کنڊر بڻيل سمادي جي هڪ حصي تي ٽريڪٽر هلايو ويو ته اهو خراب ٿي ويو ان بعد ٻيا ٽريڪٽر آندا ويا اهي به خراب ٿي ويا ۽ ٺيڪيدار کي ماڻهن سوامي ڌيرج سماندي جو ٻڌايو ته پاڻ سماندي تي اچي معافي ورتي ۽ رستي کي موڙيو ويو، سوامي ڌيرج جا ڪيترائي چمتڪار اڄ به ماڻهن کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا رستو هتان ڪڍڻ لاءِ هلايل ٽرڪيٽر خراب ٿيڻ وارن چمتارن کان پوءِ جهول جي ڪجهه هندن سندس سمادي جو ڪم ڪرايو سوامي ڌيرج جي سمادي ويجهو سندس ٻن شيوڪارن جون سمانديون آهن جيڪي ڪاڪو نٿر ميگهواڙ جيڪو نيئن ڌامرکي جو هو ان ٺهرايون، ۽ هن سوامي ڌيرج جي سماندي مٿان ڪم ڪرايو ان بعد سيٺ ڪشچند هڪ عهدي ڪمري نما سماڌي ٺهرائي بعد ۾ اتي هندستان جي خوبصورت سمادين جي طرز تي سمادي ٺهرائڻ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ان جو ڪم 2015ع ۾ مڪمل ڪيو ويو آهي، ان لاءِ شيواڪار نٿر مل ميگهواڙ جون ابتدائي ڪوششون ڪاوشون قابل تعريف آهن، هن درٻار ٺهرائڻ ۾ جهول جي نريش ڪمار جو تاريخي ڪردار هيو، عورتن لاءِ مسافر خانو سنجهورو جو ديوان ڀون داس، رسوئي هال هري رام، جڏهن ته هن درٻار ۾ ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جي ڀيرو ميگهواڙ جهول جي مهراج جي رام پورڻ پرتاب ڊاڪٽر ڏلارام ڳوٺ رشيدخان مري جو نارائڻ داس ڳوٺ جمع خان ٽالپر جو ڪانجي ميگهواڙ جو وڏو ڪردار رهيو آهي، نارائڻ جون هن درٻار جي حوالي سان شروع کان شيوا داري رهي آهي، هتي هنومان جو مندر شروع کان وٺي آهي، هاڻ نئين سر ٺاهيو ويو آهي، دربار ۾ اندر ٻن شيوڪارن ساڄي هٿ تي ٻڌگر جيڪو سوامي جي ديهانت بعد پهريون شيوڪار هو، کاٻي هٿ تي وشن گرجي آهي، هن سمادي جي زمين جو 7 فارم ۾ وشن گر جو نالو آهي، نئين شيواڪار نٿر ميگهواڙ جي سماڌي ٻاهر مچ واري هنڌ تي آهي، ڪاڪا نٿرمل 28 جولاءِ 2013ع تي چولو مٽايو، سڀن شيواڪارن جون هتي وڏيون شيوائون رهيون هونديون پر ڪاڪا نٿرميگهواڙ جون شيوائون وڌيڪ آهن، درٻار کنڊر بڻجڻ بعد هن نئين سر سمادي ٺاهرائي درٻار پڪي ڪرائي چوديواري ڏياري هن وقت شيودار ڳوٺ جمع خان ٽالپر جو راوت رام ميگهواڙ آهي، جيڪو ڪاڪا نٿر جي وقت ۾ 2007ع ۾ مددگار شيويڪار طور رکيو ويو، درٻار تي ڀنڊارو صاحب هلي ٿو، هر سال چيٽ چنڊ هڪ ڏينهن وارو ميلو لڳي ٿو، مشهور ڀڳتي اچي ڀڳت ڪن ٿا، ڀنڊارو شريف سڄي رات هلي ٿو، سڄي سنڌ مان چاهيندڙ شريڪ ٿين ٿا، ڪتاب جهول چڳن کان ۾ هتي مسڪين محمد وارث خاصخيلي لکي ٿو ته سوامي ڌيرج جي حياتي ۾ ڀڳتي به ٿيندي هئي، پاڻ وڏو سخي هو جيڪو ملندو هو غريبن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو پنهنجي دور جو مشهور صوفي سنت هو، سمادي تان ملندڙ پراڻيون سرون جيڪو ميرن جي دور جون معلوم ٿين ٿيون ان تي ڳئون ماتا جو پير ٺهيل آهي، جڏهن ته نئين سمادي ٺاهي پئي وئي ته کوٽائي مان ڳئون ماتا جي پيرن واريون سرون، چمٽو جهاري ۽ ٻيو سامان به هٿ آيو آهي جيڪو سوامي جو ٻڌايو وڃي ٿو.


    باب ٻيون : سنڌ جا ڪجهه تاريخي ماڳ مڪان

    خداآباد ۽ مائي گلان جو ڪوٽ

    ڪلهوڙا دور ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙو کان وٺي سرفراز ڪلهوڙو تائين هالا ويجهو خدا آباد سنڌ جو تخت گاهه رهيو آهي، سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دورن ۾ سنڌ جا تخت گاهه جا هنڌ تبديل ٿيندا رهيا آهن، هنن حڪمرانن کي جيڪو علائقو وڻي ويندو هو اتي خوبصورت شهر آباد ڪرائي اتي پنهنجو تخت گاهه به ٺهرائيندا هئا، سنڌ ۾ ڪلهوڙا دور معاشي اقتصادي توڙي روحاني علمي ادبي طور سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. ڪلهوڙا دور ۾ اديبن، عالمن، شاعرن توڙي روحاني شخصيتن جي سرپرستي ڪئي ويندي هئي، ساڳئي وقت ڪلهوڙا دور ۾ حق سچ جي ڳالهه ڪندڙ عوام ۾ شعوري جاگرتا پيدا ڪندڙ ولي الله، عالمن اديبن تي ڏاڍ به ڪيو ويو، صوفي شاهه عنايت جي شهادت به ان دور ۾ ٿي، شاهه لطيف کي به تنگ ڪيو ويو زهر ڏئي مارڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ويون، ڪلهوڙا دور ۾ ڪيترائي نوان واهه کوٽائي سنڌ جي زمينن کي آباد ڪيو ويو، هن ئي دور ۾ ڪيترائي شهر آباد ٿيا، ميان نصير محمد ڪلهوڙو ڳاڙهي شهر ۽ گهاري کي آبادڪيو ۽ گادي جو هنڌ به اتي بڻايو، سندس وصال 1622ع ۾ ٿيو کيس ڳاڙهي دڙي تي ڌرتي ماءُ جو هنج حوالي ڪيو ويو ان بعد ميان دين محمد به هنن شهرن کي گادي جو هنڌ بنايو، ميان يار محمد ڪلهوڙو پنهنجي دور ۾ شڪارپور شهر کي بنايو ۽ ان جو نالو خدا آباد رکيو، بعد ۾ وري شڪارپور سڏجڻ لڳو ۽ اتي گادي جو هنڌ ٺهرايو ان بعد دادو ويجهو خدا آباد شهر جو بنياد رکيو ۽ اتي گادي جو هنڌ به ٺهرايو، ڪلهوڙا دور ۾ حيدرآباد، عمرڪوٽ شاهپور چاڪر به حڪومت جا تخت گاهه رهيا، ڪلهوڙا دور ۾ هن خاندان جي رهندڙ حڪمرانن علائقي جي ڪيترن ئي ننڍن ڳوٺن کي وڌائي شهر بڻايو، هنن جي دور ۾ حيدرآباد، شهدادپور، شهدادڪوٽ، قمبر، وارهه، ميهڙ، خير پور ناٿن شاهه، نوشهروفيروز، جوهي، رتوديرو، وڳڻ، فتح ڳڙهه، خانگڙهه ۽ ٻين شهرن جو بنياد پيو، خدا آباد نالي سان هنن ٻه شهر جوڙايا هڪ خداآباد ويجهو هالا ٻيو دادو ضلعي ۾ خدا آباد تاريخ ۾ اچي ٿو ته وچ ۾ ڪن سببن ڪري هنن شهرن مان تخت گاهه ختم ڪيا ويا ۽ حڪمرانن جي هتان لڏي وڻن ڪري اهي ويران ٿي ويا ۽ هنن هنڌ کي ٻيو دفعو آباد ڪيو، اسان هتي هالا ويجهو خدا آباد شهر جو ذڪر ڪنداسين، جيڪو هالا کان ڏيڍ ميل کن مفاصل تي آهي، ڳوٺ ڀرسان ڪلهوڙا ڪوٽ جنهن کي علائقي وارا گلان ڪوٽ به سڏين گلان ميان نور محمد ڪلهوڙو جي زال هئي، اهو ڪوٽ ڪيترن ئي ملين ۾ پکڙيل هو اتي خدا آباد نالي ڪيترن ئي ملين ۾ پکڙيل ان دور جو خوبصورت ۽ جديد عمارتن جو شهر هو، وقت جو ستم ظريفي اسان جي بي حسي ڪري ان تاريخي شهر ۽ ڪوٽ واري ماڳ جي اسان سار سنڀال ته رهي پر علائقي جي ماڻهن انهن خوبصورت کنڊر ٿيل عمارتن کي ڊاهي پٽ ڪيو ۽ اتي زرعي آباد ڪرڻ شروع ڪئي، اسان وٽ تاريخي ماڳن جي وڌيڪ تباهي انگريز دور ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد ٿي حالانڪ ان ڳالهه کي محسوس ڪندي اهڙن تاريخي ماڳن مڪانن کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ وفاقي حڪومت آثاري قديم کي قومي ورثو قرار ڏيندي ان جي حفاظت ۽ مرمت لاءِ آثار قديمه ۽ کاتو قائم ڪيو پر ان جي بجيٽ نه هئڻ برابر هئڻ ڪري انهن تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائي نه سگهيا اتي صرف هڪ لوهي بورڊ لڳايو ويو ته هي آثار قديم جي ملڪيت آهي هي کي نقصان پهچائيندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ان جي باوجود سنڌ جي ڪيترن ئي اهڙن تاريخي ماڳن کي علائقي جي ماڻهن ڪابه ڪسر نه ڇڏي اڄ سنڌ جي لاتعداد تاريخي ماڳ مڪانن جو ڪو به نشان نه آهي، صرف تاريخ ۾ انهن جي شاندار ماضي جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو خدا آباد شهر جي کنڊرن ۽ ڪلهوڙن، گلان ڪوٽ جو به سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي اهڙن ماڳ مڪانن جهڙو ٿي ويو، شهر جو ته نالو نشان نه آهي، البت ڪوٽ جو ڪجهه حصو جيڪو 60 فوٽ مس ٿيندو اهو وڃي بچيو آهي ۽ ان ۾ هڪ ڪنگري به جري حالت ۾ آهي، ان شاندار ڪوٽ جو اهڃاڻ بنيل اهو ٽڪرو به زبون حال ۾ آهي، هي ڪوٽ اتي آباد ڪيل زرعي زمين ۽ پوندڙ برساتن جي ڪري تباهه ٿيو اسان جڏهن 1998ع ۾ اتي ويا هياسين ته ڪوٽ جو ڪافي حصو موجود هو، اهو ڪوٽ مضبوط ويڪر ۾ 5 فوٽن کان وڌيڪ هو، ڪوٽ جو رهيل ٽڪرو به زرعي زمين کي ملندڙ پاڻي جي سيلاب ڪري ڀري رهيو آهي، شايد چند سالن بعد اهو ٽڪر به نه رهندو ۽ ايندڙ نسل ان ڪوٽ جا ڪجهه ڪتابن ۽ رسالن ۾ آيل فوٽو ۽ ڪيل بيان پڙهي سگهندا، خدا آباد ۾ ميدان جو قبو ۽ ڇت واريون چوڪنڊيون به انتهائي زبون قبي حالت ۾ ٿي ويون هيون، آثار قديم ۾ شامل هئڻ جي باوجود سار سنڀال نه هئڻ ڪري ڀڄي ڀري رهيا هئا. جس آهي مخدوم جميل الزمان جن کي جنهن جڏهن 2009ع واري پ پ حڪومت ۾ کيس آثار قديم کاتو ڏنو ويو ته سندس ڪوشش سان سنڌ حڪومت خدا آباد ۾ ميرن جي زبون حالي قبي ۽ چوڪنڊين جي مرمت ڪري اصلوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ تقريبن 7 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم جو ٽينڊر ڪري ڪم شروع ڪرايو ۽ انهن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو ويو ۽ اصلوڪي حالت ۾ آندو ويو، ۽ ان دور جي خسته مسجد جي به مرمت ڪرائي کيس تباهه ٿيڻ کان بچايو ويو ۽ اصلوڪي حالت ۾ آندو ويو، مسجد ۾ خدا آباد ويجهو هڪ ڳوٺ جو مولوي رضاڪارانه طور خدمتون سرانجام ڏئي ٿو مسجد کي آباد ڪرايو ويٺو آهي، خدا آباد ڪڏهن آباد ٿيو ڪنهن ڪرايو تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪلهوڙا خاندان جي مختلف حڪمرانن جا نالا ۽ مختلف سن ٻڌايا وڃن ٿا، هر محقق پنهنجا انداز لڳايا آهن، تاريخ تي نظر وجهبي ته خبر پوي ٿي ته سمن کان پوءِ سنڌ تي ميان نصير محمد ڪلهوڙو حڪمراني ڪئي، ڪلهوڙن لاءِ اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هو عباسي آهن ۽ عباسي خاندان جا ٻه ڀائر قائم عباسي ۽ احمد عباسي عربستان مان 259هه- 873ع ڌاري سنڌ ۾ آيا، انهن کي اولاد ٿيو جيڪو وڌيو اها به روايت آهي ته هن خاندان جو هڪ ولي الله محمد ابراهيم حيدرآباد ويجهو ڪلور جبل ۾ مراقبي ۾ ويٺو اتي عبادت ڪئي ان بعد اهو بزرگ ابراهيم ڪلورو جي نالي سان مشهور ٿيو، سندس روحانيت ۽ ڪرامتون سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿيون، اهو ڪلور وارو لفظ آهستي بگڙجندي ڪلهوڙو بڻجي ويو، ان ڪري اهو خاندان ڪلهوڙا سڏجڻ لڳو، ان بعد ڪلهوڙا روحاني ڪامل ۽ فقير سڏيا وڃن ٿا، محمد ابراهيم کان پوءِ هن خاندان ۾ ٻيون به روحاني شخصيتون مشهور ٿيون اهو ڪلور وارو لفظ آهستي بگڙجندي ڪلهوڙو بڻجي ويو، ان ڪري اهو خاندان ڪلهوڙا سڏجڻ لڳو، هن خاندان جو ميان آدم خان پهريون شخص هو جنهن سياست ڪئي، ۽ اقتدار جو مزو ورتو، ان کان پوءِ ميان نصير محمد ڪلهوڙو ان کان پوءِ ميان دين محمد ان بعد ميان يار محمد ان بعد ميان نور محمد ان بعد ميان مرادياب ميان عطر ، ميان غلام شاهه، ميان سرفراز ڪافي سالن تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي، جڏهن ته ميان محمود خان ميان غلام نبي، ميان صادق علي ميان عبدالنبي، ٿورو ٿورو وقت حڪمراني ڪئي، سندن اعتماد ڀرين مير صاحبن ئي هنن خلاف بغاوت ڪئي ۽ سنڌ مان 1783ع ۾ ڪلهوڙا حڪومت هميشه لاءِ ختم ٿي وئي ۽ ميرن جي حڪومت شروع ٿي تاريخي ڪتابن ۾ اچي ٿو ته خدا آباد ميان نور محمد ڪلهوڙو آباد ڪرايو ڀرسان گلان ڪوٽ ٺهرايو، گلان هڪ ڳائڻي لطيف سرڪار وٽ هڪ دفعي دعا لاءِ حاضر ٿي ۽ عقيدت وچان اتي دل سان ڳايو ۽ بعد ۾ ڀٽ ڌڻي کي عرض ڪيائين ته سائين دعا ڪريو ته هن غلط ڌنڌي مان جان ڇڏايان عزت سان سٺي زندگي گذاريان ۽ لطيف سائين جي دعائون کيس رنڃين ڇڏيو ۽ گلان جي سنڌ جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو سان شادي ٿي کيس فرزند ميان غلام شاهه به پيدا ٿيو ۽ ميان نور محمد مائي گلان جي رهائش لاءِ عظيم عالشان ڪوٽ ٺهرائي ان اندر خوبصورت رهائشي جايون ۽ باغ باغيچا به ٺهرايا، ٻانهين لاءَ ڪواٽر ٺهرايا، ڪجهه روايتون ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ آيل آهن ته خدا آباد ميان مرادياب ڪن وري سرفراز لاءِ لکيو آهي ته انهن ٺهرايو، پر گلان جي ڪوٽ مان ثابت آهي ته هو ميان نور محمد پيار مان ڪيل شادي بعد پنهنجي زال مائي گلان لاءِ شادي کانپوءِ جوڙايو هو، ڪجهه محققن خدا آباد جي آباد ٿيڻ جو سال 1188ع 1774ع ڊسمبر ڄاڻايو آهي ته ميان سرفراز انهيءَ تاريخ تي خدا آباد کي تخت گاهه بنايو، ائين به ٿي سگهي ٿو ته شهر پهرين آباد هو ۽ تخت گاهه به ميان نور محمد ۽ ميان غلام شاهه جي دور ۾ رهيو هجي ۽ بعد ۾ ڪنهن ٻئي شهر ۾ تخت گاهه بڻايو ويو هجي ۽ ميان سرفراز تخت تي ويهڻ بعد وڏن جي آباد ڪيل شهر کي اچي وسايو هجي ۽ اتي تخت گاهه به ٺهرايو هجي ۽ شهر کي به وڌايو هجي، آثار قديم پاران رکيل چوڪيدار محمد پريل چانڊيو ڳوٺ جي ڇيڙي تي هڪ اوطاق ڏيکاري جيڪي دڙي تي هئي هن ٻڌايو ته ڪلهوڙن جو اتي تخت گاهه هو، اها ڳالهه هن پنهنجي وڏن کان ٻڌي هئي، هن خدا آباد ۾ ثاني به سڏين ٿا ان مان مظاهرو ٿيو ته هي ٻيهر آباد ٿيو، جيڪو يقين ميان غلام شاهه ۽ ميان سرفراز آباد ڪيو. آثار قديم جي چوڪيدار ٻڌايو ته گلان ڪوٽ کان ٿورو پري موجوده ڳوٺ جي اوڀر طرف خوبصورت ماڙيون ٺهيل هيون جيڪي ميرن جون ماڙيون سڏبيون هيون، مير صاحب ڪلهوڙن جا وفادار، فوج ۾ اهم عهدن کان وٺي انتهائي اهم عهدن تي فائيز هئا ۽ جتي به نئون تخت گاهه ٺهرايو ويندو هو اتي مير صاحب به ڀرسان ئي پنهنجون حويليون ٺهرائي ويهندا هئا.
    خدا آباد ثاني ان زماني ۾ واپار، آبادي ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان حيدرآباد جهڙو ۽ سنڌ ۾ ٺٽي کان پوءِ ٻيو نمبر شهر هو، ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي ڪتاب ۾ هن شهر لاءِ لکي ٿو ته 1814ع تائين هي شهر وسندڙ آبادي هئي ان بعد خدا آباد ويران ٿي ويو ۽ هن وقت اهو هڪ قبرستان آهي، سنڌ جي مشهور تاريخدان مولائي شيدائي خدا آباد لاءِ لکي ٿو ته ميان سرفراز خان اباڻي تخت گاهه جي يادگار ۽ ٻيهر تعمير ڪرايو ، مير بجار خان جڏهن مڪي شريف مان موٽيو ته ان زماني ۾ مير صاحبان هن شهر ۾ رهندا هئا تاريخ ۾ خدا آباد جي ويران ٿيڻ جو سال 1814ع ۾ لکيل آهي مشهور ليکڪ مرزا عباس بيگ هن خدا آباد شهر بابت لکي ٿو ته ميان سرفراز خدا آباد جو نئون شهر ٻڌائي ان کي پنهنجو تخت گاهه بنايو، روايتون آهن ته هن خدا آٻاد جي ايراضي 7 ميلن ۾ هئي ان حساب سان ته ان وقت سنڌ ۾ هي سڀ کان وڏو شهر هو، خدا آباد ويران ۽ تباهه ڇو ٿيو تاريخ خاموش آهي مشهور ليکڪ اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ قلعا ۾ هن شهر بابت اقتصادي حوالي سان لکي ٿو ته سنڌ جا گهڻا شهر درياءُ جي وهڪرن جي تبديلي ڪري برباد ٿيا آهن، ان ڦير ڦار ڪري درياهه جي پاڻي ۾ لٽ جمع ٿيڻ شروع ٿي، درياءُ وسندين کان پاسيرو وهڻ لڳو، جنهن جي ڪري اهڙيون وسنديون آهستي آهستي دنيا جي نقشي تان مٽجڻ لڳيون، اشتياق انصاري وڌيڪ لکي ٿو ته اتفاق سان ڪي اهڙا شهر گهڻو عرصو درياءُ جي لٽ ۾ دٻجڻ کان بچيل رهيا آهن ته به آبپاشي ڪري پوکي نه ٿي سگهي. ساڳئي وقت جانورن جي لاءِ گاهه ٻوٽو نه هئڻ ڪري ماڻهن جون معاشي حالتون خراب ٿي وڃڻ جي ڪري اهڙين ڀريل آبادين ۾ بربادي آئي 17-18 صدي جي وچ ڌاري سنڌو پنهنجو هالن ويجهو پراڻو رخ تبديل ڪرڻ هالن جي آسپاس ۾ لکين ايڪڙ زمين غير آباد ٿي وئي.
    هي لکي ٿو ته خدا آباد جي حوالي سان به اهي روايتون آهن ته 1758ع ۾ سنڌو درياءُ پنهنجو وهڪرو بدلايو انهي دور ۾ڪلهوڙا ۽ ٽالپرن جي لڙائي شروع ٿي وئي ان ۾ قتل عام ٿيو ان ڪري خدا آباد مان ماڻهن جي لڏپلاڻ ڪرڻ ڪري هي شهر ويران ٿي ويو، اشتياق انصاري 2 سبب ڄاڻان آهن لڙائي وارو سبب ته حقيقت لڳي ٿو. ليڪن پهريون ڪارڻ سمجهه ۾ نه آيو ڇاڪاڻ ته سنڌو درياءُ ته ان وقت به خدا آباد ويجهو وهندو هو ۽ هاڻ به ويجهو وهي ٿو، هتي ڪا ٻوڏ به نه آئي جنهن ڪري ماڻهن جي لڏي وڃڻ ڪري هي شهر برباد ۽ ويران ٿي ويو هجي، درياءَ ان دور ۾ به هتان وهندو هو بعد ۾ به وهي ٿو ان ڪري اهو به امڪان نه آهي ته ڪو هتان جون زمينون غير آباد ٿي ويون ۽ معاشي بدحالي جي ڪري ماڻهن لڏيو.سنڌ جي ٻين قديم تاريخن ماڳن وانگر وقت جي حڪمرانن جي لاپرواهي علائقي جي ماڻهن جي بي حسي جي ڪري خدا آباد شهر ۽ گلان جوڪوٽ هاڻ تاريخي ڪتابن ۾ ذڪر ڪرڻ تائين وڃي بچيو آهي، باقين سڀ ڪجهه تباهه ٿي ويو آهي، گلان جو ڪوٽ جو ٿورو حصو باقي وڃي بچيو آهي، گلان ڪير هئي ڪٿان جي هئي ان بابت به تاريخ ۾ ڪا خاص معلومات نه ٿي ملي بس لطيف سائين جي حوالي سان ڪجهه ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو ان مان ايتري خبر پئي ٿي ته هو ڳائڻي هئي لطيف سائين جي دعائون سان سندس شادي ميان نور محمد ڪلهوڙو سان ٿي، ميان نور محمد بابت روايتون آهن ته هو شاهه لطيف جو دشمن هوندو هو شاهه سائين کي زهرڏئي مارڻ جون به سازشون ڪيون ٻين بهانن سان به تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، ليڪن سندس فرزند ميان غلام شاهه جيڪو ڀٽ ڌڻي جي دعائون سان ٿيو ۽ ميان غلام شاهه جي لطيف سائين سان وڏي عقيدت هئي، شاهه سائين جي وصال بعد مٿس خوبصورت مزار ۽ اتي مسجد تعمير ڪرائي ۽ اتي اچي لنگر نياز ڪندو هو، گلان جو ذڪر صرف مرزا قليچ بيگ ۽ مولانا دين محمد وفائي جي لطيف سائين بابت لکيل ڪتابن ۾ ملي ٿو اهي اگر ذڪر نه ڪن ها ته شايد مائي گلان بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي ها. ميرن جي قبي وٽ هڪ کوهه به آهي، جو ان زماني جو آهي، مقامي ماڻهو گلان ڪوٽ ۾ هڪ کان وڌيڪ کوهن جو ٻڌائين ٿا پر هاڻ اتي زرعي آبادي ٿيڻ ڪري ڪو به نشان نه رهيو آهي، تاريخ ٻڌائي ٿي ته مير صاحبان ڪلهوڙن جا با اعتماد ۽ وفادار ماڻهو هئا، ان ڪري ڪلهوڙن کين فوج ۽ انتظامي اهم عهدن تي توڙي خاص صلاحڪار مقرر ڪيو هو پر ميان سرفراز ڪلهوڙو جي دور ۾ راجا ليکي جيڪو ميان صاحب جي ويجهو هو ان سازشن تحت مير بهرام خان ۽ ميان سرفراز جي وچ ۾ غلط بيانين ڪري اختلاف پيدا ڪيا، اهي اختلاف وڌي وڻ ٿيا ۽ نفرتن ۾ تبديل ٿي ويا ۽ اعتماد وارا تعلق دشمني ۾ تبديل ٿي ويا ۽ هنن ۾ جنگ شروع ٿي وئي، ماضي ۾ ويجها رهندڙ هڪ ٻئي جي رت جا پياسي ٿي پيا، تاريخي ڪتابن ۾ لکت موجب، خدا آباد ۾ جڏهن مير بهرام خان جڏهن ڪچهري ۾ آيو ته ميان سرفراز خان کيس ريشمي رومال ۾ ويڙهيل خط ڪڍي ڏنو ته هي مير بجار خان جو خط آهي، مير بهرام خان جڏهن اهو خط کولي پڙهڻ لڳو ته پويان بيٺل ميان سرفراز جو خاص ماڻهو حسين درڙائي تلَوار ڪڍي مير کي قتل ڪيو، اِهو واقعو تاريخ 1189هه-1775ع ۽ مير بهرام کي خدا آباد ۾ دفن ڪيو ويو، اهو واقعو ٿيندي مير بهرام خان جو پٽ مير صوبدار تلوار کڻي درٻار ۾ پهتو ۽ وڙهيو ان ۾ مارجي ويو، ان بعد مير بهرام خان جي خاندان وارا ۽ سندن خير خواهه گڏجي درٻار ۾ ويٺل ميان سرفراز تي حملو ڪرڻ لاءَ اتي پهتا، جن جي اڳواڻي مير بهرام خان جو چاچو مير فتح علي خان ڪري رهيو هو، خدا آباد جي قلعي جي چوڪيدار کي قتل ڪري اندر گهڙيا ته ان کان اڳ ميان سرفراز هڪ دري مان نڪري ويو ۽ ڀڄندي سنڌو درياءُ تي پهتو، جتان هڪ ٻيڙي ۾ سوار ٿي حيدرآباد پهتو ۽ مير لشڪر وٺي حيدرآباد قلعي تي ڪاهي آيا ميان سرفراز وٽ لشڪر هو پر هو وڙهڻ جي همٿ نه ڪري سگهيو ۽ ميرن حيدرآباد قلعو فتح ڪري ميان سرفراز ڪلهوڙو کي قيد ڪيو ۽ ميرن خدا آباد تخت تي به قبضو ڪري ورتو ان بعد سنڌ ۾ ٻنهي ڌرين جي گهرو لڙائي شروع ٿي وئي هر طرف مارا ماري هر طرف رت جي ڌپ، بدامني عروج تي پهتي ۽ مرڪزي حڪومت افغان کي مقرر رقم نه ملڻ ڪري ناراض ٿي پيو، موقعي جو فائدو وٺندي غوث يار خان حڪومت جو پروانو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳو، جيڪي ڪامياب ويون، کيس سنڌ حڪومت جو پروانو ملي ويو ته مير بجار خان ۽ مير عبدالنبي وڏي تعداد ۾ فوج خدا آباد ۾ گڏ ڪري افغانستان مان ايندڙ لشڪر کي سنڌ ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ روانا ٿيا. تاريخ ۾ اچي ٿو ته ميرن روهڙي پهچي اتي ٻيڙين جي پل تيار ڪرائي ۽ افغانين ۽ ميرن جي لڙائي شڪارپور ۽ لکي جي وچ تي ٿي، سنڌ جي فوج افغان جي فوج کي تاريخي شڪست ڏني ان ۾ افغاني فوج جو وڏو نقصان ٿيو. ليڪن اوچتو مير بجار خان شهيد ٿيو ويو ۽ اها ڳالهه مشهور ٿي وئي ته ان قتل ۾ مير عبدالنبي جو هٿ آهي، اها خبر ٻڌندي مير بجار خان جو پٽ مير عبدالله ڪاهي آيو ته مير عبدالنبي قلات فرار ٿي ويو ۽ افغان حڪومت کي مدد لاءَ درخواست ڪيائين، جتان مدد خان کي سندس مدد لاءِ فوج جو وڏو لشڪر ڏئي موڪليو ويو انهن کي منهن ڏيڻ لاءِ مير عبدالله خان ۽ مير فتح علي ٽالپر خدا آباد ۾ فوج کي گڏ ڪيو، جڏهن ته مير غلام علي ۽ مير سهراب علي به فوج جا لشڪر وٺي افغاني فوج سان مقابلو ڪرڻ لاءِ روانا ٿيا اها خبر جڏهن مدد خان کي پئي ته چالاڪي ڪري صلح جون ڪوششون ڪيون ۽ مير عبدالله کي خط لکيو ته اوهان بهادر آهيو جيڪي مير عبدالنبي ظلم ڪيا آهن اهي معلوم آهن، اوهان جنگ ڪرڻ بجاءِ پنهنجي گهرن ڏانهن موٽي وڃو آئون هنن سان گڏ خدا آباد وڃڻ چاهيان ٿو ڇو ته ميان عبدالنبي وارا چون ٿا ته اسان جو خدا آباد ۾ وڏو خزانو پوريل آهي، جيڪڏهن اها دولت ملي وئي ته بهتر نه ته به هي ماڻهو شاهه جي نظر ۾ ڪوڙا ثابت ٿيندا، آئون اوهان جي دوستي جو خواهشمند آهيان، ان خط جي جواب ۾ مير عبدالله خط لکي ايلچي هٿان موڪليو ته اسان مير ۽ اسان جا ساٿي شاهه جا جانثار آهن پر مان قسم کنيو آهي ته ڀلي ڪيترو به نقصان ٿئي ڀلي ڪيتري به وڏي فوج جو مقابلو ڪرڻو پوي ته ڪندس اوهان مون کان قسم نه ٽوڙايو خدا آباد وڃڻ گهرو ٿا ته درياءُ رستي هليا وڃو، جڏهن اوهان جي فوج نڪري ويندي ته منهنجو قسم پورو ٿي ويندو اسان سڀئي اوهان جي خوشنودي لاءِ عمرڪوٽ هليا وينداسين، اسان جو سڀ ڪجهه اتي آهي ۽ اتي ئي رهنداسين، اهڙو خط ملڻ بعد مدد خان لشڪر وٺي سنڌو درياءُ رستي خدا آباد پهتو. مدد خان جو لشڪر خدا آباد پهچي ڦرلٽ شروع ڪئي ۽ ماڻهن سان ظلم ڪيا اهڙيون خبرون ٻڌندي مير عبدالله پريشان ۽ پيشمان ٿيو ۽ وفادارن سان گڏ لشڪر وٺي خدا آباد لاءِ روانو ٿيو، ان جي پهچڻ کان اڳ مدد خان واپس موٽي ويو ڇاڪاڻ ته اتي ڪو لڪل خزانو نه هو عبدالغني ڪوڙو ۽ شرارتي ثابت ٿيو، مير عبدالله جڏهن خدا آباد پهتو ته مير عبدالنبي سندس پيرن تي ڪري معافي ورتي ۽ آئينده اهڙيون حرڪتون نه ڪرڻ جو قسم کاڌو مير عبدالله رحم دلي ڪري کيس معاف ڪري ڇڏيو ۽ کيس خدا آباد جي گادي تي ٻيهر ويهاريو، خدا آباد قبرستان ۾ مير صاحبن جا آخري آرام گاهه آهن، اتي مير فتح علي خان جي قبي کانسواءِ ڪجهه چوکنڊيون آهن، ڪجهه ٿلهن تي بنا ڇت قبرون آهن، مير فتح علي خان جي مقبري مٿان فارسي ۾ هي ڪتبولڳل آهي، ”شب شهادت شاهه شهيد رحلت کرد امير فتح علي خان خديو صاحب عصر بگفت ثابت زوار سال تاريخشن مکين قصر بهشت و مڪان بهشتي قصرا قبي اندر هڪ ٿلهي تي 5 قبرن آهن جيڪي پٿر سان ٺهيل آهن، پهرين قبر مير غلام علي خان جي آهي، ان تي هي ڪتبو لڳل آهي ”تاريخ وصال جنت نشان مرحوم مير غلام علي خان عليه رحمت الفران 8 جمادي الاول سنه 1227ع“ . ان جي ڀرسان مير فتح علي خان جي قبر آهي، ان جي قبي تي لکيل آهي ”مير فتح علي خان تاريخ وصال حضرت بند گان جنت نشان عليه الرحمت والففران 10 محرم الحرام شهادت امام عليه السلام 1217هه، ٽئي قبر مير صوبدار خان جي آهي ان تي هڪ ڪتبو لکيل آهي ”وفات يافت حضرت جنت مڪان مير صوبدار خان عليه الرحمت تاريخ جهار دهم 14 ماهه رجب 1262هه، ڇوٿين قبر تي ڪو به نالو نه آهي صرف 1264هه لکيل آهي، 5 قبر مير محمد علي خان جي آهي، جنهن جي قبر تي هي اَڪريل آهي ته هن اه القبر مرحوم مير محمد علي خان صاحب ٽالپر وفات او بتاريخ عزه ماهه رجب 1278هه مير فتح علي خان جي قبي جي سامهون اوڀر پاسي 3 چوکنڊيون ٺهيل آهن، پهرين چوکنڊي ۾ هڪ قبر مير بهرام خان جي آهي ان جي ڪتبي تي تاريخ رحلت مير بهرام عليه الرحمت ونم 29 مرحم 1242هه، هڪ قبر تي ڪتبو نه آهي، ان جي اوڀر طرف چوکنڊي ۾ ٻه 2 قبرون آهن، هڪ تي ڪجهه به لکيل نه آهي هڪ تي آيت الڪرسي ۽ هي ڪتبو آهي ”رحلت مرحوم مير بجار عليه الرحمت 1220هه سامهون اوڀر اتر جي ڪنڊ وٽ هڪ تجر ٺهيل آهي، ان ۾ مائي خيري جيڪا مير فتح علي خان جي امڙ جي قبي جي ڏکڻ طرف پارڪ ۾ پڪي قبر آهي. جيڪا خبر نه آهي ڪنهن جي آهي.قبي جي پويان هڪ ٿلهي تي قبرون آهن، ان جي سامهون هڪ ننڍي ٿلهي ٿي قبرون آهن، جڏهن ته مسجد ويجهو ٻن ڇتين واريون چوکنڊيون آهن، هن قبرستان ۾ ولي الله جون مزارون به آهن، اهي ڪٿان آيا ڪهڙي دور جو آهي، ڪٿان آيو، انهن جو حسب نسب ڪهڙو آهي، انهن جي سوانح حياتي بابت ڪجهه به معلوم نه آهي، ان قبرستان ۾ ڇٽي نما چوکينديو ۽ هڪ ۾ مير صوبدار خان ۽ مير بهرام ثاني ان کان ٿورو پري ڇتري واري ٻي چوکنڊي ۾ مير تاج محمد ڀرسان جون مزارون آهن. ميرن جون ماڙيون ٺهيل هيون، جيڪي هاڻ نه رهيون آهن، اتي نئون ڳوٺ آباد آهي.
    ”هي مضمون علائقي جي وڏڙن جي زباني ۽ هنن ڪتابن جي مدد سان تيار ڪيو ويو آهي، تاريخ سنڌ، غلام رسول مهر، ڪلهوڙن جا تحت گاهه، غلام محمد لاکو، لطف الطيف حورانه دين محمد وفائي، ٽالپرن جي مختصر تاريخ رحيم داد مولائي شيدائي، خدا يار جاني ميان سرفراز خان عباسي مرزا عباس بيگ، ”احوال شاهه لطيف“ مرزا قليچ بيگ“ سنڌ جا ڪوٽ قلعا، اشتياق انصاري، سنڌ جو شاهه نامون مير محمد حسين علي خان، هالا جا رنگ هزار، حبيب سنائي، خدا داد خان تاريخ سنڌ ”ايڊٽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، تاريخ سنڌ ”اعجاز الحق قد ونسي“رجرڊ برٽن جي ڪتابن جو ترجمو ”سنڌ ۾ سنڌو ماٿري ۽ وسندڙ قومون، سنڌيڪار حنيف صديقي.“


    مير چاڪر خان جو ڪوٽ ۽ مير شهداد خان جا قبا

    سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترائي تاريخي ماڳ مڪان آهن جيڪي محڪمه آثار قديم جي لاپرواهي ۽ علائقي جي ماڻهن جي بي حسي ڪري ميسارجي ويا آهن، ڪيترائي ميسارجي رهيا آهن، سانگهڙ ضلعي ۾ ڪيترائي ڪوٽ قلعا تباهه ٿيل شهرن جا آثار ختم ٿي ويا آهن.انهن مان شهدادپور تعلقي ۾ شاهپور چاڪر ويجهو مير چاڪر خان جو ڪوٽ ۽ مير شهداد خان جا قبا به شامل آهن، چاڪر خان جي ڪوٽ جا ته آثار ئي ختم ٿي ويا آهن،اهو ڪوٽ جيڪو تقريبن 5 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي هو اهو پاڪستان ٺهڻ بعد روينيو کاتي وارن غير قانوني طور هندستان مان آيل هڪ مهاجر کي ڏيئي ڇڏيو، جنهن آهستي آهستي ڪوٽ ڊاهي اتي فصل پوکڻ شروع ڪيو، ان ڪوٽ جا آثار تقريبن 1960ع تائين موجود ٻڌايا وڃن ٿا، مشهور محقق نبي بخش خان بلوچ خود وڃي ڏٺو ۽ ڊاڪٽر صاحب وري هن ڪوٽ کي گنڀاٽ جو قلعو سڏيو آهي. 1960ع کانپوءِ غير قانوني طور کڻت کڻندڙ ڪوٽ کي ڊاهي مڪمل طور زرعي آبادي هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ هاڻ ته هن تاريخي ڪوٽ جو نالو وڃي رهيو آهي. مير چاڪر خان مير شهداد خان ٽالپر جو فرزند هو. مير شهداد خان شهدادپور شهر جو اڏيندڙ هو، پاڻ سنڌ جي حڪمران ميان يار محمد ڪلهوڙو جو با اعتماد ۽ ويجهو ساٿي هو، ميان نور محمد ڪلهوڙو جي دور ۾ فوج جو سپهه سالار رهيو.ڪيترن ئي جنگين ۾ حصو ورتو ۽ فتح حاصل ڪئي، روايتون آهن ته شهدادپور ۾ پهرين هڪ ڳوٺ هو جنهن جو علي آباد نالو ٻڌايو وڃي ٿو، مير شهداد خان ان کي وڌايو ۽ شهدادپور نالو رکيو، چاڪر خان جو ڪوٽ ۽ شهداد خان جا قبا تقريبن 3 ڪلوميٽر کان وڌيڪ فاصلي تي آهن، چاڪر خان جو ڪوٽ شاهپور چاڪر جي ڏکڻ طرف تقريبن اڌ ڪلوميٽر مفاصلي تي هو، تاريخ ڪلهوڙا ۾ لکيل آهي ته شاهپور چاڪر ميان غلام شاهه آباد ڪرايو هو جيڪو چاڪر خان ڪوٽ جي ويجهو هو، اتي واري جا دڙا هئا جتان هوا لڳڻ تي واري اڏامي گهرن، اوطاقن، دڪانن ۾ ايندي هئي، ان ڪري بعد ۾ غلام شاهه نئون شاهپور چاڪر اڏايو.هن وقت پراڻو شاهپور چاڪر ۽ نئون شاهپور چاڪر هڪ ٿي ويو آهي، ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ آيو آهي ته شاهپور چاڪر 1739ع صدي ۾ قائم ٿيو آهي، اهي به روايتون آهن ته شاهپور چاڪر پراڻو ميان غلام شاهه جي وقت ۾ وجود ۾ آيو، ليڪن ان جو بنياد غلام شاهه نه پر مير چاڪر خان وڌو ۽ ان جي پويان ان جو نالو شاهپور چاڪر پئجي ويو. اهي به روايتون آهن ته مير شهداد خان 1739ع ۾ شهدادپور شهر جو بنياد وڌو ساڳي سال 1739ع ۾ سندس فرزند مير چاڪر خان ٽالپر شاهپور چاڪر جو بنياد وڌو، چيو وڃي ٿو ته پراڻي شاهپور چاڪر کان اڳ اتي ننڍڙو ڳوٺ آباد هو، چاڪر خان جو ڪوٽ بابت روايتون آهن ته پراڻي شاهپور چاڪر ويجهو چاڪر خان ٽالپر ميان غلام شاهه ڪلهوڙو جي رهائش لاءِ اتي شاندار ڪوٽ ٺهرائي اندر ان وقت جي حساب سان رهائش لاءِ خوبصورت جڳهيون ٺهرايون. اتي واري جون ڊٻون هيون، ان ڪري ميان غلام شاهه ڪجهه وقت ته ان ڪوٽ ۾ جيئن تيئن گذاريو، پر واري مان تنگ ٿي موجوده نئين شاهپور چاڪر شهر جو بنياد وڌو ۽ اتي چاڪر خان پنهنجون رهائش گاهون ٺهرايون، اهو شاهپور چاڪر شهر ۾ ڪٿي هو.ڪيترو وڌو هو، ان ۾ ميان صاحب ڪيترو وقت رهيو خبر نه پئجي سگهي آهي.ميان صاحب جي چاڪر ڪوٽ مان وڃڻ بعد ان ۾ مير چاڪر خان جو خاندان رهائش پذير ٿيو، ڪوٽ ۾ فوج جو وڏو تعداد به رهندو هو، جڏهن به جنگ لڳندي هئي ته مير صاحب هتان فوج کي روانو ڪندو هو، هي ڪوٽ اوڏڪي مٽي جو ٺهيل هو، ڪوٽ ۾ ان دور جي حساب سان مضبوط رهائشي جايون جديد انداز ۾ ٺاهيون ويون هيون، دفاعي لحاظ کان به فل پروف هو.ڪوٽ جي چوڌاري دفاعي ديوار جو بنياد 20 فوٽ ويڪرو هو، علائقي جي وڏي عمر جي ماڻهن جن هي ڪوٽ اکين سان ڏٺو انهن پنهنجي پونئرن کي ٻڌايو ته ڪوٽ ايترو ته ويڪرو هو جو ان دور ۾ پهريدار گهوڙن تي چڙهي چونڪي ڏيندا هئا، ديوار ڊگهي 16 فوٽ کن هئي، سنڌ جا ڪوٽ قلعا جي لکيڪ مشهور محقق اشتياق انصاري پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته چاڪر ڪوٽ جي چئن ڪنڊن تي اتر ڏکڻ واريون ديوارون جيڪي ڊگهيون هيون اتي مورچا ٺهيل هئا، ڪل 7 برج”مورچا“ هئا، انهن تي چڙهڻ لاءِ ڪوٽ اندران ڏاڪڻيون ٺهيل هيون. مارا چوديواري کان ٻاهر نڪتل هئا، اتي توبون رکڻ جا نشان به هئا. ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ 2 دروازا هئا. سانگهڙ ضلعي جي قديم ماڳ مڪانن تي تحقيق ڪندڙ پروفيسر محمد خان ٻرڙو ٻڌائي ٿو ته، ڪوٽ اندر ڪنڊي جو وڏو وڻ به هو، جتي مير صاحب ڏوهارين ۽باغين کي ٽنگي ڦاهي ڏيندا هئا. سندس چوڻ آهي ته اتي ڪچيون پڪيون جڳهيون هيون، شاهپور چاڪر جو سينيئر صحافي اڪبر شر، جنهن اهو ڪوٽ اکين سان ڏٺو هو اهو ٻڌائي ٿو ته، ٽالپرن جي هتان لڏڻ بعد هي ڪوٽ هندن وٽ رهيو، جن مساڻ ۽ ڪجهه جڳهيون به ٺهرايون.اتي هندن مندر به ٺهرايو هو، جيڪو بعد ۾ ڊهي ويو، يا ڊاٺو ويو، ان مندر جي گواهي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به ڏني آهي، ڊاڪٽر صاحب 1960ع ۾ اهو ڪوٽ ۽ مندر اکين سان ڏٺو ۽ اتي تحقيق ڪئي، مشهور محقق مرحوم عبدالله ورياهه هڪ دفعي ان ڪوٽ بابت ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته، چاڪر قلعي ڀرسان 3 وڏا واهه روڻو واهه، عالي واهه، يارو واهه وهندا هئا، جيڪي سنڌو درياهه مان نڪرندڙ داد واهه مان نڪرندا هئا.صرف 6 مهينا وهندا هئا ان تي علائقي ۾ زرعي آبادي ٿيندي هئي، پروفيسر محمد خان ٻرڙو ٻڌائي ٿو ته روايتون آهن ته ڪوٽ جي آسپاس ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت ڍنڍون به هونديون هيون، انگريز دور ۾ انگريز سياح اتي تفريح لاءِ ايندا هئا. ليڪن هاڻ ته چاڪر خان ڪوٽ وانگر انهن خوبصورت ڍنڍن جو به ڪو وجود نه آهي. هاڻ صرف تاريخ ڪتابن ۾ انهن بابت پڙهجي ٿو، روايتون آهن ته ڪلهوڙا دور ۾ شاهپور چاڪر سنڌ جي راڄ ڌاني جو هند رهيو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپر حڪمرانن جا جيڪي تخت گاهه رهيا آهن اتي هنن سندن ۽ مٽ مائٽن وفادار ماڻهن لاءِ قبرستان به ٺهرايا آهن، شاهپور چاڪر ويجهو تقريبن 4 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي مير شهداد خان جا قبا آهن، جيڪو ماضي ۾ 10 ايڪڙن تي ٻڌايو وڃي پيو، اهو هاڻ باقي وڃي بچيو آهي جتي فصل پوکيو وڃي ٿو، هنن تاريخي قبن ويجهو زرعي فصل پوکڻ ڪري سم ڪلر تيزي سان وڌي تاريخي قبرستان ۾ وقت جي حڪمرانن ۽ اعليٰ شخصيتن جي مزارن کي نقصان پهچائِي رهي آهي.1997ع ۾ مشهور محقق اشتياق انصاري تحقيق لاءِ جڏهن اتي پهتو ته ڪوٽ جا آثار موجود هئا پر ڪوٽ اندر زمين تي آبادي ٿيل هئي،هن ڪوٽ جي بچيل حصي جا فوٽو به ڪڍيا هئا. وري هو 2009ع ۾ اتي ويو ته کيس اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ان وقت ڪوٽ جي رهيل حصي کي ڊاهي پٽ ڪري اتي گهر ٺاهيا پئي ويا ۽ زرعي آبادي ڪئي وئي ۽ ڪوٽ مان ماڻهو مٽي کڻي وڃي رهيا هئا ۽ هاڻ ان تاريخي ڪوٽ جو ڪو نالو نشان نه بچو آهي، شاهپور چاڪر جا ساڃاهه وند ٻڌائين ٿا ته ڪوٽ اندر انساني ڍانچا به نڪتا، ڪوٽ واري زمين غير قانوني طور هندستان کان آيل هڪ مهاجر کي ليز ڪري ڏني وئي.جنهن ان ڪوٽ جو نالو نشان به نه ڇڏيو، ان جو ذميوار ان وقت جا روينيو آفيسر ۽ شاهپور چاڪر جون خاموش رهندڙ ساڃاهه وند ڌريون ۽ غير قانوني طور زمين ليز ڪرائي ڪوٽ کي ڊاهي پٽ ڪندڙ مهاجر آهي. شهداد جي قبن واري قبرستان ۾ هڪ پراڻي زماني جي اڏايل مسجد به اهي جيڪا زبون حالي ۾ آهي.قبرستان اندر ڪجهه دڙا به ملن ٿا ان مان لڳي ٿو ته ماضي ۾ جڏهن هي قبرستان نه هو تڏهن شايد هتي ڪا انساني آبادي هئي، مير شهداد خان جو آخري آرام گاهه سندس پاران ٺهرايل مسجد جي پويان اولهه ۾آهي، جيڪا چوڪنڊي وانگر ٺهيل آهي. قبر تي لڳل ڪتبو ۾ اهو الغفور اين تربت مرحوم مير شهداد خان ٽالپر بن ڄام ننده فقير ٽالپر تاريخ توز دهم سن 2010ع رمضان ”وفات ياخث“ سندس سيراندي کان الحي القيوم، افضل الذڪر ڪري لاالله الا الله محمد رسول الله يا محمد يا محمد يا محمد سلام قول من رب رحم لکيل آهي.ويجهو ئي سندس والد بزرگوار مير نصير محمد ڄام ننڍي جي مزار آهي، سندس آخري آرام گاهه تي آيت الڪرسي ميان نصير محمد ڄام ننده بن فيروز فقير ٽالپر لکيل آهي. ان جي ويجهو هڪ عورت جي قبر آهي، جنهن تي ميان نصير محمد مائي حوا بنت مير چاڪر خان لکيل آهي. ٽالپر جو آخري دور ۾ شهيد عبدالله شاهه تڳيو فقير ميان نصير محمد، مراد فقير جا آخري آرام گاهه پڻ آهن، شهيد عبدالله شاهه شهيد ميرن جي دور جو وڏو بزرگ ۽ عالم هو. ميرن جي ساڻس وڏي عقيدت هئي. هو ڪيئن شهيد ٿيو معلوم نه ٿي سگهيو آهي. هن تاريخي قبرستان جي آثار قديم پاران سار سنڀال نه لهڻ ڪري تيزي سان تباهه ٿي رهيو آهي. هن تاريخي قبرستان کي بچائڻ لاءِ آثار قديمه پاران فوري طور نوٽيس نه ورتو ويو ته چاڪر ڪوٽ وانگر به ميسارجي ويندو.


    حيدرآباد جو پڪو قلعو

    سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد جي سڃاڻپ بنيل پڪو قلعو تباهه ٿي رهيو آهي. ان کي هنگامي بنيادن تي بچائڻ لاءِ اپاءُ نه ورتا ويا ته هي تاريخي قلعو مڪمل طور تباهه ۽ برباد ٿي ويندو نيرون ڪوٽ جو قلعو جو بعد ۾ حيدرآباد جو قلعو نالي سان مشهور ٿيو آهي. روايتون آهن ته هي نيرو نالي هڪ هندو ٻڌايو هو. اهي به روايتون آهن ته هي قلعو جبل جي جنهن ٽڪر تي آهي. اهو نيرون ٽڪر آهي ان ڪري هي قلعو نيرون ڪوٽ قلعو جي نالي سان مشهور ٿيو. هي قلعو ڪڏهن ٺهيو ان بابت به ڪئين روايتون آهن پر پڪي ثابتي نه ملي سگهي آهي. خيال آهي ته هي قلعو 600ع ڌاري ٺهيو هو. هي قلعو ماضي کان ميرن جي حڪومت تائين فوجي اهميت جو حامل رهندو آيو آهي. تاريخ ۾ اچي ٿو ته راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ راجا ڏاهر جو پٽ جئسينه پڻ مختلف وقتن تي هتي اچي رهيو آهي. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن موجوده حيدرآباد واري علائقي ۾ پهتو ته ان وقت حيدرآباد ننڍي وستي هئي. تاريخي حوالن موجب نيرون قلعو ٻڌڌرم جي پوئلڳن جي بستي هئي. هتان جي حاڪم جو نالو بهندرڪو هو. هن حاڪم عراق جي گورنر حجاج بن يوسف سان ٺاهه جو معاهدو ٿيل هو. ان ڪري محمد بن قاسم هن قلعي تي حملو نه ڪيو. ۽ محمد بن قاسم لاءِ قلعي جا دروازا کوليا ويا سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. محمد بن قاسم پنهنجي سردارن سان گڏ قلعي جو دورو ڪيو ۽ اندر هڪ مسجد جي تعمير جو حڪم ڏنائين. 800ع کان 1600ع ۽ 1700ع ۾ ارغونن ترخانن، مغلن جي دور جو مختصر احوال تاريخ ۾ درج ٿيل آهي. مرزا محمد باقي نيرون ڪوٽ وارو علائقو مرزا محمد ترخان ۽ قاسم علي سلطان جي حوالي ڪيو. تحفة الڪرام ۾ آهي ته مرزا غازي بيگ جي دور ۾ ٺٽي جي نواب خسرو خان جو ڏوهٽو نيرون ڪوٽ جو حاڪم رهيو. اها به روايت آهي ته خواجه عبيدالله احرار جي اولاد مان خواجه ڪمال الدين جو ارغونن سان گڏ آيو ۽ اچي ٺٽو ۾ رهيو ان جو پوٽو خواجه امير ابوتراب اتي ئي وصال ڪيائين اتي ئي دفن ٿيو. 1800ع ۾ ڪلهوڙا دور ۾ غلام شاهه ڪلهوڙو نيرون ڪوٽ واري هنڌ نئون قلعو جوڙايو ڇاڪاڻ ته پراڻو قلعو زبون حالي ٿي ويو هو، روايتون آهن ته مير ايوب تراب کان پوءِ ڪو حڪمران يا ڪو نواب ڪو سردار هن قلعي ۾ نه رهيو هو. غلام شاهه جي حڪم تي 1789ع جنوري، بمطابق 1182هه ذوالفقده مهيني ۾ نيرون ڪوٽ قلعي جي هنڌ نئون قلعو ٻڌائڻ جو فيصلو ٿيو مشهور مورخ مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ لکي ٿو ته ”مهيني ذوالقعده سنه 1182هه ۾ نيرون ڪوٽ سرزمين تي هڪ مضبوط جبل آهي. تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي آهي. ٻن مهينن ۾ اهو قلعو هنگامي حالتن ۾ ٺهي راس ٿيو ۽ ان قلعي ۽ شهر جو نالو حيدرآباد رکيو ويو ۽ اتي جيڪو نئون شهر ٻڌايو ويو ان بابت روايتون آهن ته اهو شهر موجوده شاهي بازار، طاهر بازار وارو علائقو هو.
    غلام شاهه جي وصال بعد سندس پٽ ميان سرفراز پنهنجي گادي جو هنڌ هالا وٽ خدا آباد کي بنايو. ميرن سان ڪيل جنگ ۾ ميان عبدالنبي ميان سرفراز، ميان عطر خان ۽ ٻين کي گرفتار ڪري هن قلعي ۾ قيد ڪيو ويو. ۽ قيد خاني ۾ ئي قتل ڪرايو ويو. ميرن جي حڪومت ۾ به ڪجهه وقت سندن تخت گاهه خدا آباد رهيو. بعد ۾ فاتح سنڌ مير فتح علي خان 1789ع ۾ خدا آباد کي ڇڏي هن قلعي ۾ اچي رهيو. ۽ حيدرآباد کي وسيع ڪيو ترقي ڏني. انگريز جي قبضي بعد هن تاريخي قلعي جو زوال شروع ٿيو. پاڪستان ٺهڻ بعد. ڀارت مان آيل مهاجر ڀائرن غير قانوني طور هن تاريخي قلعي ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ تاريخي يادگارن کي ڊاهي ان مان سرون ڪڍي وڏي تعداد ۾ گهر ۽ دوڪان ٺاهيا اهڙو عمل آثارِ قديمه جي قانون جي ابتڙ آهي. ملڪ جي ڪنهن به صوبي ۾ اهڙو عمل نه ٿيو ته اتان جي تاريخي ڪوٽن قلعن اندر گهر ٺاهيا وڃن ۽ تاريخي يادگارن کي ڊاهي پٽ ڪري سرون ڪڍي اتي وڏي تعداد ۾ جڳهيون ٺاهيون وڃن جڏهن ته ان قلعي مان ڪيتريون ئي نادر شيون کڄي ويون آهن. پاڪستان ٺهڻ کان هن وقت تائين حيدرآباد پڪي قلعي جي آثار قديم پاران سار سنڀال نه لهڻ ڪري ڪابه مرمت نه ٿيڻ ڪري قلعي اندر رهائشي گهرن مان نڪرندڙ گٽر جي پاڻي ڪيترن ئي هنڌن تان قلعي جي ديوارن ۾ وهڻ ڪري ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا آهن قلعي جي مضبوط ديوار هنڌان هنڌان ڀري رهي آهي. قلعي جا حصا آهستي آهستي ڪري رهيا آهن. قلعي کي ائين تباهه ڪرڻ ۾ قلعي اندر رهندڙ ماڻهن جو وڏو هٿ آهي. پاڪستان ٺهڻ بعد 1947ع ۾ هندستان مان آيل مهاجر ڀائرن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڙيل اداري سيٽلمنٽ وارن سنڌ جي هن تاريخي ثقافتي ورثي کي تباهه ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي هن تاريخي قلعي ۾ ماضي جي حڪمرانن جي رهائش گاهه. سندن حويلين، سندن فوجي سالارن، فوجين، نوڪرن لاءِ ٺاهيل گهرن ۽ گهوڙن لاءِ ٺاهيل جاين کي به الاٽ ڪري ڏنو. جيڪو قانوني اخلاقي طور غلط هو ۽ آهي غير قانوني عمل هو ۽ آهي ۽ هن تاريخي قلعي جو زوال اتان شروع ٿيو. ماضي ۾ ملڪ جا آثار قديم وفاقي حڪومت وٽ رهيا آهن ۽ وفاقي حڪومت آثار قديمه کي بچائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا آهن. وفاقي حڪومت پاران سڀ کان وڌيڪ رقم پنجاب جي آثار قديمه لاءِ رکي ويندي آهي، باقي صوبن خاص طور سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن جنهن ڪري سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن جي عڪاسي ڪندڙ آثار مٽجي رهيا آهن ڪيترائي مٽجي ويا آهن. ڪيترائي تاريخي دڙا آثارن کي لينڊ مافيه کي غير قانوني طور الاٽ ڪرائي ڇڏيا آهن.سابقه پ پ پ حڪومت جو اهو هڪ ڪارناموآهي ته ملڪ جي اهڙن ڪوٽن، قلعن، تاريخي ماڳن کي بچائڻ انهن کي اصولوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ آثارِ قديمه هر صوبي جي ثقافت کاتي جي حوالي ڪيا آهن. ليڪن فنڊ نه هئڻ ڪري اهڙن ماڳن مڪانن جي سروي ڪئي وئي آهي پر سروي وارن کان 51 کان وڌيڪ اهڙا ماڳ مڪان سروي کان رهجي ويا آهن. ليڪن مسئلو ته جتي هو اتي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي بچائڻ لاءِ خصوصي فنڊ نه ڏنا ويا آهن.فنڊ نه ملڻ جي ڪري حيدرآباد جو پڪو قلعو کي بچائڻ ۽ ان کي ساڳي حالت ۾ آڻڻ ناممڪن آهي. ڇاڪاڻ ته جيسين پڪو قلعو ۾ رهندڙن کي اتان ڪڍي کين متبادل رهائش ڏني وڃي. حيدرآباد جي پڪي قلعي جي تباهي ۽ هن کي فوري طور وڌيڪ نقصان پهچڻ کان بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي جي سابقه وزير ميڊم سسئي پليجو مئي 2010ع ۾ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ دانهون ڪيون ته پڪي قلعي کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قلعي اندر رهندڙن کي اتان ڪڍي انهن لاءِ رهائش جو جوڳو انتظام ڪيو وڃي. قلعي جي بنا دير مرمت ڪرائي وڃي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي پهريون ڀيرو هو جو ثقافت کاتي جي ڪنهن وزير اهڙي جرئت ڪئي. ليڪن ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو جو هي آواز اسيمبلي جي فائيلن ۾ دٻجي ويو. اسيمبلي ۾ اٿاريل سندس هن آواز کي ڪئين سال گذري ويا آهن، يعني پ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ تائين نه ته قلعي ۾ رهندڙن کي انساني همدردي تحت متبادل رهائش جو انتظام ڪيو ويو نه وري قلعي کي بچائڻ لاءِ ڪو هنگامي فنڊ رکي ماسٽر پلان جوڙيو ويو. ۽ هن وقت تائين ائين نه ڪيو ويو آهي، ثقافت کاتي جي موجوده وزير سيد سردار علي شاهه به پڪي قلعي مان رهائشي جايون ختم ڪري قلعي کي بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي، سوال اهو ٿو اڀري ته ڇا هن قلعي کي انهي حال ۾ ڇڏيو ويندو؟؟ جيڪڏهن هن تاريخي قلعي کي بچائڻ لاءِ فوري طور ڪجهه نه ڪيو ويو ته هاڻ هي مڪمل تباهه برباد ٿي ويندو.
    اسان کي يقين هو ته سسئي پليجو جي هن قلعي بابت اٿاريل آواز کي سنڌ جا علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي، سماجي حلقا سگهارو بنائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. اسان کي اها به اميد هئي ته متحده قومي مومينٽ وارا جن جو هر اقتدار ۾ شيئر رهيو، اهي به سنڌ جي هن قديم قلعي کي بچائڻ لاءِ سسئي پليجو جي ان موقوف جي حمايت ڪندا ۽ متحده جي اڳواڻن کان وٺي عام ڪارڪن تائين حيدرآباد جي سڃاڻپ واري هن قلعي کي بچائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا، ليڪن ايئن نه ٿيو.اسين حڪمرانن کي گذارش ڪنداسين ته حيدرآباد جي قلعي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي اتي غير قانوني طور رهندڙن کي انساني همدردي تحت متبادل رهائش ڏني وڃي ۽ هن قلعي کي اصلوڪي حالت ۾ آڻڻ لاءِ ماسٽر پلان جوڙي وڃي ۽ لاهور جي شاهي قلعي وانگر اهڙي انداز ۾ مرمت ڪرائي وڃي جو هن قلعي جي اصلوڪي سونهن برقرار رهي سگهي.
    حواله: (روزانه عبرت تان ورتل)
    سنڌ جي فتح ڪرنل آئوٽرام
    ميرن جي درٻار
    سنڌ جا ڪوٽ قلعه.


    عشق جو لازوال داستان: سهڻي ميهار جا ماڳ مڪان

    ڀلاري ڀٽ ڌڻي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا لازوال عشقيه داستان سهڻي ميهار جون مزارون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻي جي مزار شهدادپور شاهپورچاڪر روڊ تي ايڊيشنل سيشن جج شهدادپور جي ڪورٽ سامهون ويندڙ گهٽي ۾ آهي. هي علائقو سهڻي پاڙو سڏجي ٿو، محبتي ميهار جي مزار ڊپٽي گلي ويجهو، سيد الهه اوڀايو شاهه جي پاڙي ۾ هڪ بند گهٽي ۾ آهي. سهڻي جي مزار جي ته ساڃاهه وند ڌرين کي ڄاڻ آهي پر محبتي ميهار جي مزار بابت ٻاهر جي ته تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي پر شهدادپور جي شهر جي 60 سيڪڙو ماڻهن خاص طور نوجوان نسل کي خبر نه آهي ته مزار ڪٿي آهي. 1980ع کان اڳ سنڌ جي ڪجهه اديبن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کانسواءِ باقي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو هو ته سهڻي ميهار گجرات جا آهن. ليڪن 1980ع کانپوءِ سنڌ جي تاريخدانن، ليکڪن خاص طور لطيف جي رسالي جي پارکن تحقيقات ڪري اهو ثابت ڪيو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل سهڻي ميهار گجرات “پنجاب” جا نه پر سنڌ جا آهي ۽ عشق محبت جا ٻئي لازوال ڪردار شهدادپور ۾ مدفون آهن. ان حوالي سان پروفيسر محمد خان ٻرڙو، مرحوم عبدالله ورياهه ۽ ٻين ليکڪن جي ڪيل تحقيق قابل تعريف آهي. جڏهن ته پهريون دفعو 1981ع ڌاري ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ايوب ٻانڀڻ ساڃاهه وند ڌرين سان گڏ سهڻي ميهار تي ميلو لڳرايو. ٽي روزه ميلي ۾ ملاکڙو، سگهڙن جي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ جي محفل کانسواءِ ماڻهن جي تفريح لاءِ مٺائي، مينارڪي، رانديڪن جا دڪان، هوٽل ۽ شو لائين لڳايو ويو. ادبي ڪانفرنس مشاعري ۾ مشهور اديب، شاعرن سهڻي ميهار تي تحقيقي مقالا پڙهيا. ميلي جي ميڊيا ڪوريج بعد سنڌ جي عام ماڻهن جي ذهن ۾ سوال اڀريو ته سهڻي ميهار گجرات ”پنجاب“ جا آهن؟ يا شهدادپور سنڌ جا؟ ۽ سهڻي ميهار تي سڄي سنڌ مان ساڃاهه وند ڌريون، ادب ثقافت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو هتي سندن مزارن تي اچڻ لڳا. محمد ايوب ٻانڀڻ هڪ ٻه ميلا ڪرايا بعد ۾ ميلا نه لڳايا، وري اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور حاجي محمد ابراهيم ميمڻ ميلو لڳرايو، ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان منگي به ميلو لڳرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميلو نه لڳرائي سگهيو ۽ هن سهڻي ميهار ادبي ثقافتي پروگرام نالي تي هڪ شاندار پروگرام ڪرايو، ان بعد سهڻي ميهار تي نه ميلو لڳو نه ڪو پروگرام ٿيو. پنجاب جي شهر گجرات واري سوهني، ميهوال جو قصو ڪهاڻي الڳ آهي، جنهن کي پنجاب جي ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي، ليڪن لطيف جي رسالي ۾ آيل ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي آڳاٽي زماني جي شاعرن ڳايو آهي، اهي ڪردار سنڌ جي شهدادپور واري علائقي جا آهن. پنجاب جي سوهني مهينوال جو قصو سنڌ جي سهڻي ميهار جي قصي جي تقريبن هڪجهڙائي آهي، ليڪن ٻنهي جي ماڳ مڪانن ۾ فرق آهي ۽ قصي ۾ به ٿورو فرق آهي. پنجاب جي گجرات شهرواري سوهني مهيوال چناب درياءَ ۾ ٻڏي هئي، سنڌ واري سهڻي ميهار سنڌو درياءَ جنهن کي مهراڻ به سڏيو وڃي ٿو، ان مان نڪرندڙ لهاڻو جنهن کي سنڌو دريا جي ڦاٽ به چيو ويندو هو ان ۾ ٻڏي هئي، ان جي شاهدي ڀلاري ڀٽ ڌڻي پنهنجي رسالي ۾ هن ريت به ڏني آهي:
    گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿئي،
    مئي مٿي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏئي،
    ته ميهار ملئي، سنڀورو سڻاءُ سين.
    هي لوهاڻو درياءَ سڪرنڊ وٽان سنڌو درياءَ مان نڪري شهدادپور کان ٿيندو بدين ضلع ۾ سمنڊ تي وڃي شڪور ڍنڍ ڇوڙ ڪندو هو. هن مان ٻه واهه نڪرندا هئا. وقت جي حالتن ڪري ۽ روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد لهاڻو درياءَ سڪي ويو ۽ هاڻ لٽجي ويو آهي. سندس نشان باقي وڃي بچيا آهن، هاڻ هن کي مارک واهه يا ڀڏو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن علائقي ۾ جتان سهڻي ٻڏي هئي ۽ جتان سندس لاش هٿ ڪيو ويو. ان کي سهڻي ڍورو سڏيو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتن ۾ آيل تباهي بعد سابق وفاقي ڪابينه سهڻي ڍوري جي بحالي جو اعلان ڪيو هو، يعني لهاڻو درياهه کي اصل حالت ۾ آڻڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، ڪافي دفعا ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين وفاقي وزيرن به جڏهن به اسڪيم کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ليڪن اڃا تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي.
    سنڌ جي سهڻي جا مائٽ غريب مزدور طبقي جا هئا، گجرات واري سهڻي جا مائٽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪرڻ سان گڏ مالوند ماڻهو هئا. شهدادپور واري سهڻي ذات جي ساميٽي هئي، جيڪا سنڌ جي سماٽ جي ذات آهي، ميهار جو نالو ساهڙ هو، لطيف جي شاعري ۾ ڄام ساهڙ به آيو آهي. ڄام ڪنهن عزت دار ۽ وڏي ماڻهو جو لقب به آهي ۽ ميهار خود مالوند خوشحال ماڻهو هو، سندس لهاڻو درياءَ جي ڪنڌي تي مختلف هنڌن تي مال جا وٿاڻ هئا، سندس چوپايو مال سندس ملازم چاريندا ۽ سار سنڀال ڪندا هئا. ساهڙ ڄام ”ميهار“ فقط نگراني ڪندو هو، سهڻي جي جڏهن شادي ٿي ته ميهار جي وٿاڻ وٽ ڄڃ ٻيڙي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي. ريتن رستمن موجب گهوٽ ڪنوار جي کير پيارڻ واري رسم لاءِ ميهار کان کير گهريو، پر ميهار وٽ چئن يارن بزرگن جو اوباريل کير هو جيڪو هنن کي ڏنو ۽ اهو کير جڏهن سهڻي پيتو ته انهن لمحن ۾ سهڻي جو ميهار سان پيار ٿي ويو، ليڪن سهڻي ميهار تي تحقيق ڪندڙ مشهور ليکڪ پروفيسر محمد خان ٻرڙو سهڻي ميهار بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته سهڻي جڏهن چئن يارن ”چئن بزرگن“ جو اوباريل کير پيتو ته مٿس نينهن جي کيپ چڙهي ميهار کي الاهي عشق جو وسيلو سمجهي ميهار سان ملڻ ويندي هئي ۽ هنن جي پاڪ محبت هئي، پروفيسر محمد خان ٻرڙو هن قصي کي 7 هجري صديءَ جي اوائلي دور جو ڄاڻايو آهي ۽ سهڻي لهاڻو درياءَ ۾ ئي تري ميهار سان ملڻ لاءِ ويندي هئي ۽ اُن ۾ ئي ٻڏي مئي هئي، ان جي لطيف سائين هن بيت ۾ تصديق ڪري ٿو:
    محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
    آڻيو وجهي اُرَ ۾، لوهاڻو لُوهيون،
    جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙي تن کي.
    گجرات پنجاب واري سوهني مهينوال ۾ مهينوال جونالو عزت بيگ هو، روايتون آهن ته پاڻ بخارا جو سوداگر هو، گجرات ۾ واپار لاءِ آيل هو، جتي هن سوهني جي حسن جو چرچو ٻڌي جڏهن سوهني کي ڏٺو ته سوهني مهينوال هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ٻنهي کي عشق اري مان ڪڍي ڇڏيو. عزت بيگ واپار ڇڏي هر وقت سوهني جي ديدار لاءِ آتو هو، سندس ذهن تي صرف سهڻي سوار هئي، اهڙي صورت ۾ سندس هڙ ۾ جيڪي پئسا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن صفا سڃو ٿي ويو ته سوهني جي مائٽن وٽ نوڪر طور ڪم ڪيو ۽ انهن جا چناب درياءَ جي ٻي ڌر چوپايو مال چاريندو هو ۽ رات جو روزانو سوهني سان ملڻ لاءِ درياءَ تري گجرات ويندو هو. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري هن ۾ درياءَ ترڻ جي سگهه نه رهي ته اهڙي صورتحال ۾ سوهني پنهنجي محبتي مهينوال سان ملڻ لاءِ دلوَ ٻڌي درياءَ پار ڪري هن سان اچي ملندي هئي، هڪ رات درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانهون ڪيون، اهي دانهون ٻڌي مهينوال به درياءَ ۾ گهڙي پيو ۽ سوهني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به سهڻي سان گڏ ٻڏي ويو، سندن مزارون گجرات ۾ آهن. سنڌ جي سهڻي جي مڙس جو نالو ڏ مُ هو جيڪو سندس ئي ذات وارو هو ۽ سهڻي جو ميهار سان ملڻ جو راز جڏهن سندس سس وٽ کليو ته هن سهڻي کي روڪيو، سختي ڪئي پر جڏهن سهڻي نه مڙي ته جنهن گهڙي تي سهڻي درياءَ پار ويندي هئي، اهو گهڙو لڪائي اتي اهڙو ئي اڌ پڪو ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن اهو گهڙو کڻي سهڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ ٿوري اڳتي وئي ته اهو گهڙو ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي ته ميهار کي سڏ ڪرڻ لڳي، پر ميهار جي پهچڻ کان اڳ سهڻي ٻڏي وئي، روايتون آهن ته سندس لاش ٽن ڏينهن بعد شهدادپور وٽان لهاڻو جي ڪناري مليو، جتي ميهار کيس دفنايو ۽ جيستائين حياتي هو، مجاور ٿي ويٺو، پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۽ عبدالله ورياهه موجب ميهار ملدسي ويجهو سون چڙي دڙي مان پاڏي تي سرون کڻي سهڻي جي قبر پڪي ڪرائي.
    سهڻي ميهار جا ماڳ نيو سعيد آباد جي ديهه ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي پير ڇٽو، جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا ان جي مزار به اتي آهي، روايتون آهن ته شاهه ڇٽو آڌي کانپوءِ تحجد نماز پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان گذرندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو هو، جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو. جتان چاڏيون مٽ ۽ سڪا به هٿ ايندا هئا. زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو هاڻ اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي،ان حصي کي اڄ به ميهارڪو نمبر سڏيو وڃي ٿو. مائي سهڻي جي خوبصورت مزار شهدادپور جي مشهور سماجي شخصيت حاجي محمد ابراهيم ڏيٿو 1981ع ۾ ٺهرائي، جڏهن ته ميهار جي مزار مدد علي شاهه ٺهرائي، جيڪو شهدادپور تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو هو، سهڻي جي مزار وٽ وڏو قبرستان مائي سهڻي جي قبرستان نالي سان مشهرو آهي. 1980ع تائين سهڻي ڏانهن ايندڙ رستو ايترو ويڪرو هو جو ٻه گاڏيون هڪ ئي وقت گڏ هلي سگهيون پئي ۽ مزار سامهون وسيع ميدان هو، ليڪن آهستي آهستي لينڊ مافيه قبضو ڪندي 2 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري بلڊنگون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ سهڻي جي مزار سامهون جيڪو ٿورو حصو بچيل آهي، اتي مال جا وٿاڻ ٺاهي ڇڏيا آهن، ساڳي صورتحال محبتي ميهار جي مزار سان آهي، جتي به آسپاس ۾ لينڊ مافيه قبضه ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته سهڻي ۽ ميهار جون مزارون ڏينهون ڏينهن ضعيف حالت ۾ ٿينديون وڃن، هنن مزارن تي لينڊ مافيه جي قبضن ۽ مزارن جي خراب حالت بابت ڪافي وقت کان ميڊيا تي مسلسل رپورٽون اچڻ جي باوجود ضلعي انتظاميه ۽ ثقافت کاتو ڪوبه توجهه نه ٿو ڏي. ثقافتي ماڳ مڪانن کي بچائڻ انهن کي بهتر حالت ۾ رکڻ ثقافت کاتي جي آثار قديم وارن جي ذميواري آهي، جيڪا اڃا تائين پوري نه ڪري سگهيا آهن، هئڻ ته ايئن گهرجي ته ثقافت کاتو حڪومت سنڌ کي هر سال سهڻي ميهار جو ميلو لڳائڻ گهرجي ۽ ان موقعي تي ادبي ثقافتي ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وڃي. سنڌ جي سابقه صوبائي وزير ثقافت ميڊم سسئي پليجو ڪيترائي ڀيرا اهڙا اعلان به ڪيا ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ڪردارن جي ماڳ مڪانن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ انهن کي بهتر بنايو ويندو، ليڪن 5 سالن ۾ پاڻ سهڻي ميهار جي مزارن تي لڙي به نه آئي.


    انگريزن خلاف وطن يا ڪفن تحريڪ جو مرڪز رهندڙگڙنگ بنگلو

    سانگهڙ شهر کان ٿوري پنڌ تي سانگهڙ-ميرپورخاص روڊ تي ديهه گڙنگ ۾ گڙنگ بنگلو آهي، جيڪو تاريخي اهميت جو حامل آهي. گڙنگ بنگلو تاريخي ماڳ آهي، هن ديهه ۾ پير صاحب پاڳاري جن جي زرعي زمين آهي، جتي پير صبغت الله راشدي سورهيه بادشاهه، پنهنجو عظيم الشان بنگلو ٺهرايو، جنهن کي گڙنگ بنگلو سڏيو وڃي ٿو، انگريز سامراج خلاف ”وطن يا ڪفن“ جي نالي سان جيڪا حر تحريڪ هلي، جنهن ۾ حر گوريلا جنگ لڙي وئي، ان جو مرڪز پڻ گڙنگ بنگلو رهيو، گڙنگ بنگلي ۾ ئي پير صبغت الله راشدي حرن کي گهرائي انگريز خلاف اعلان جنگ ڪيو.
    جڏهن 27 رجب تي پير ڳوٺ ۾ زيارت لاءِ ايندر لکين مريدن کي زيارت ڪرائڻ بعد چيو ته اسين اوهان مان اهي شخص طلب ڪري رهيا آهيون، جيڪي پنهنجو سر اسان لاءِ وقف ڪن. جڏهن به آواز ڏيون ته بنا هٻڪ لبيڪ چئي پنهنجو سر پنهنجي هٿن سان لاهي اسان جي آڏو رکن. اسين اهو سر زوري نه ٿا گهرون مرشدي رعب سان نه ٿا گهرون هڪ يار، دوست بلڪ ٻيجل وانگر طلب ڪريون ٿا، جيڪو به اوهان مان راءِ ڏياچ بنجي، اسين انهن کي غازي سڏينداسون، انهن غازين کي پنهنجو مال، اولاد، ڪاروبار، خواهشون ختم ڪري اشاري تي سر ڪپڻ ۾ دير نه ڪندا، غازي بنجڻ لاءِ نه مريد جو شرط آهي، نه قوم نه مذهب نه عورت نه مرد جو، صرف بالغ هجي، اوهان 40 ڏينهن سوچيو، اسين 7 شوال تي سانگهڙ واري گڙنگ بنگلي تي منزل انداز ٿينداسين، جنهن کي غازي بنجڻو هجي اهو اتي اچي نالو لکرائي، زور جبر نه آهي، چاليهن ڏينهن بعد هن تاريخي گڙنگ بنگلي تي پاڻ پهرين زيارت ڪرايائون، ان بعد غازين کي پيش ٿيڻ جو حڪم مليو، غازين پاران نالا لکرائڻ بعد سورهيه بادشاهه غازين کي خطاب ڪندي چيو ته ”اوهان تي رحمتون هجن جو اوهان بنا ڪنهن پڇڻ جي پنهنجا سر پيش ڪيا، هاڻ اوهان کي کليل طرح ٻڌائجي ٿو ته اهو سر ڏيڻ جو سڏ ڇو ۽ ڇالاءِ آهي. انسان آزاد پيدا ٿيو آهي ۽ آزادي سان رهڻ هن جو حق آهي، اهو حق فطرت سان ائين گڏيل آهي، جيئن رڳن ۾ رت ڦڦڙن ۾ ساهه ۽ دماغ ۾ هوش، اهو حق هن کان جيڪو به کسي ٿو سو کيس مارڻ کان به وڏو ظلم ڪري ٿو ۽ انهي ظالم کي ختم ڪرڻ هر هڪ آزاد فطرت انسان جو پهريون فرض آهي، جيڪو به شخص انهي فرض کي نه ٿو سڃاڻي، انهيءَ فرض جي ادائيگيءَ واسطي جدوجهد نه ٿو ڪري سو زنده نه آهي، بلڪ هڪ لاش آهي، پر لاش کان به بدتر آهي، ڇو ته لاش جي بدبوءِ کي پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ته هن کي دفن ڪبو آهي، يا ساڙبو آهي، پر هي بدو ته پنهنجي بدبو هر هنڌ پکيڙيندو رهي ٿو. ٻين کي غلامي جي سلهه ۾ گرفتار ڪندو رهي ٿو. عزيزو! اسان جو پيارو وطن آزاد هو، هو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندو هو، هر طرح سان آزاد هو، ليڪن اوچتو ستن سمنڊن کان آيل جن کي پنهنجي ملڪن ۾ غنڊا سڏيو ويندو هو، سي سامونڊي سورمن جو روپ وٺي سڄي دنيا سان گڏ اسان جي ملڪ ۾ به آيا، هنن جون قومون ڌار ڌار هيون، پر ڌنڌو سڀن جو ساڳيو، يعني غلام بنائڻ، اهي پاڻ ۾ وڙهندي آخرڪار هنن مان هڪ قوم وڃي بچي، جنهن کي انگريز سڏيو وڃي ٿو. هي طرح طرح جي فريبن سان اسان جي هن ننڍي کنڊ هندستان جي ڌار ڌار ملڪن جي بادشاهن کي اول دوست بنائي پوءِ انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرائي کين زيردست بنائيندا ويا، اسان جو ملڪ سنڌ به هميشه کان هڪ آزاد ملڪ هو، هنن پهرين ان تي سکن کان قبضو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اسان جي شير جهڙي دل رکندڙ ساٿي مجاهد اعظم سيد احمد شاهه شهيد، مولانا اسماعيل رح جي اڳواڻي ۾ انهن کي اڳواٽ ئي روڪيو ۽ سندن برو حشر ڪيو، جنهن ڪري اسان جو ملڪ انهن وحشي ظالمن جي وڪڙ کان بچي ويو، پر چالاڪ انگريز هتي جي حاڪمن مير صاحبن ۾ ڦوٽ وڌي ۽ خيرپور ميرس جي ميرن کي پنهنجن سان غداري ڪري وطن فروشي لاءِ تيار ڪري ڇڏيو، جن انگريز وٽ وطن وڪڻي ڇڏيو، ليڪن اسان جي وڏن اهو وڪرو ڪڏهن به تسليم نه ڪيو ۽ انهي رياست اندر اسان جي ديهه ڪنگري جو ٽڪرو انهن وطن وڪڻندڙن جي تسلط کان هميشه آزاد رهيو آهي، اسان جي بهادر بادشاهن ٽالپرن سان هنن ڌوڪيبازي سان اوچتو جنگ ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي وطن پرست سنڌي غيرتمند، شيرن جن ۾ اسان جا مريد به ڪافي هئا، سر جي بازي لڳائي وڙهيا ۽ سنڌ تان سر ڏنو، ان ريت انگريزن جي زيردست طاقت هن ملڪ تي قبضو ڄمايو، پر وقت بوقت اسان جا سنڌي شير انهي فرنگي غلامي مان نڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا آهن ۽ شاهه لطيف جي هن شعر جي مصداق پئي رهيا آهن ته:
    پاڻهي ايندم هوت، پر آءُ، به اڳڀري ٿيان،
    متان چويم خان بلوچ، ته هن ڪهيڻي مان ڪين ٿيو.
    الحمد لله اڄ اهو وقت قريب اچي ويو آهي، جو اسين، اسان کي غلام بنائيندڙ انگريزن جي حڪمراني تي هڪ ڀيرو وار ڪريون، سندن پير هن زمين تان اکيڙي ڇڏيون ۽ ٻيو ته دل دماغ کي غلامي جي زنجيرن مان آزاد ڪريون ڇو ته انگريز به هن عظيم عالمگير جنگ ۾ غلطان آهي، ان ڪري هندستان جي سڀني ملڪن ۽ دنيا جي سندن ٻين ملڪن ۾ به آزادي جي جنگ جي لهر ڊوڙي وئي آهي. انهيءَ موقعي تي مان به چاهيان ٿو ته سنڌ به پاڻ ملهائي ۽ سندن غلامي جون زنجيرون ڪٽڻ لاءِ ڪي سرفروش سورهيه وڌي اڳتي اچن. انهن ئي سرفروشن جو نالو اسان غازي رکيو آهي ۽ انهن جو اهو ئي فرض ٿيندو ته جڏهن به کين وطن جي آزادي جي جنگ لاءِ سڏ ٿئي تڏهن هڪدم اهو نعرو لڳائي اچي حاضر ٿين ته ”وطن يا ڪفن“. مگر ان جي معنيٰ اها ڪانهي ته اسين ڪو کين هڪدم انگريزن سان ڳلي پوڻ جو حڪم ٿا ڏيون، بلڪ اهو وطن جي آزادي جو جهاد اسين مناسب موقعي تي مناسب طرز سان شروع ڪنداسين. تيستائين هر هڪ غازي لاءِ مناسب آهي ته هو هر طرح جو جنگي فن وڃي سکي، روزانه پريڊ ڪرڻ لازمي سمجهي ۽ پڻ تلوار بندوق پستول مشين گن دستي بم ۽ ٻيا سڀ موجود هٿيار هلائڻ سکي ۽ جيڪي غازي نه آهن تن کي به سيکارين، ڇو ته اهو به امڪان آهي ته انگريزن کي جرمني جي لڙائن جهڙي اهڙي ته شڪست اچي جو هو هن ملڪ جو انتظام سنڀالي نه سگهن. غنڊا گردي ۽ افراتفري جو دور اچي وڃي ته اهڙي وقت ۾ هر ڪنهن شخص کي پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوندو. تڏهن اها تعليم تربيت کين نهايت ڪارآمد ٿيندي. اسين عورتن کي به اهو حڪم ٿا ڪريون ته هو ڪاچ جون چوڙيون ڀڃي ڇڏين، ڪنهن به صورت موجوده زماني لاءِ موزون نه آهن، بلڪ هو به مردن وانگر ساڳيءَ طرح جنگي فن جي تربيت حاصل ڪن ته وقت سر پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪري سگهن. سورهيه بادشاهه پاران ”وطن يا ڪفن“ آزادي جي جنگ جي اعلان بعد جلد سائين جي ايم سيد جيڪو ان وقت سنڌ ۾ مسلم ليگ جو ان وقت روح روان هو پاڻ مسلم ليگ جو هڪ وفد وٺي گڙنگ بنگلي تي اچي پير صبغت الله راشدي سان ملاقات ڪيائين، سائين جي ايم سيد پير صاحب کي چيو ته اوهان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، پير صاحب مرڪي چيو ڇا لاءِ؟
    سائين جي ايم سيد چيو ته وطن آزاد ڪرائجي، ان تي پير صاحب ٽهڪ ڏئي چيو ته مسلم ليگ ۽ وطن آزاد ڪرائيندي؟ شاهه صاحب مون ته اوهان کي وڏو سياستدان سمڌو هو، پر شايد اوهان سياست جي ابجد مان به واقف نه آهيو. سائين جي ايم سيد پير صاحب سان بي تڪلف هو، هن مرڪي چيو ته اوهين شايد مختلف جيلن ۾ رهي مختلف سياسي قيدين سان ملي سڄي سياست ازبر ڪري ويا آهيو، پير صاحب چيو ته اسين سياست جي ازبري جي دعويٰ ته ڪانه ٿا ڪريون پر جيڪا جماعت سڀ ڪجهه انگريزن جي مشورن سان ڪري جنهن ۾ سمورا سر، خانبهادر، وڏيرا، سيٺيون هجن سا به ڪري آزادي جي دعويٰ ته پوءِ ڍاڪئون ئي پڪو! سورهيه بادشاهه جي ايم سيد کي ڪا به موٽ نه ڏني. وطن يا ڪفن جي اعلان بعد ڪانگريس اڳواڻ ڀارت مان هتي گڙنگ بنگلي تي پهتا ۽ ڪوشش ڪئي ته پير سائين کي گوريلا جنگ تان هٿ کڻايون، ليڪن پاڻ دليلن سان انهن کي لاجواب ڪري ڇڏيو.
    آزادي جي جنگ جو مرڪز بنيل گڙنگ بنگلي تي انگريز حڪومت بمبارمنٽ ڪرائي ان کي کنڊر بنائي ڇڏيو، اهو حملو ايئر مارشل اصغر خان ڪيو هو، پاڪستان ٺهڻ بعد آزادي واري تحريڪ جي حوالي سان جن ماڳ مڪانن جي اهميت رهي ان کي سرڪاري طور محفوظ ڪيو ويو، ليڪن گڙنگ بنگلي کي نظر انداز ڪيو ويو، انصاف ۽ اخلاق جي تقاضه ته اها آهي ته پاڪستان ٺهڻ بعد گڙنگ بنگلي کي تاريخي ورثو قرار ڏئي ساڳئي انداز ۾ ٺهرايو وڃي ها. عمارت ۽ ٻاهرين گيٽ وارا اهي هنڌ جيڪي گهٽ تباهه ٿيا، انهن جي مرمت ڪرائي وڃي ها ۽ گڙنگ بنگلي ۾ آرٽ گيلري ٺاهي اتي سورهيه بادشاهه ۽ حر تحريڪ جي شهيدن ۽ غازين جن مان جن جا به فوٽو هٿ اچن ها اهي وڏا ڪرائي ۽ حر تحريڪ جون خيالي تصويرون ٺاهي لڳايون وڃن ها ۽ حر گوريلا جنگ ۾ انگريزن خلاف حرن جا جيڪي هٿيار استعمال ٿيا هئا، اهي هٿ ڪري اتي ميوزم ٺاهي رکيا وڃن ها، ليڪن هن ملڪ جي حڪمرانن مان ڪهڙي اميد رکجي، هتي ته پاڪستان ٺهڻ بعد به آزادي جي جنگ وڙهندڙ حرن مٿان انگريز سامراج جا داخل ڪيس بغاوت جا ڪيس هلندا رهيا ۽ حرن لاءِ ٺاهيل لوڙهن ۾ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به ڪافي وقت تائين حرن ۽ سندن گهر وارن کي رکيو ويو.
    گڙنگ بنگلي ۾ اهي جايون جن کي گهٽ نقصان پهتو، انهن جي مرمت جيڪي جايون مڪمل طور تباهه ٿي ويون، اهي ساڳي طرز تي نئين سر فقير محمد اسماعيل مهر، سومر فقير مهر سنگت ۽ حر جماعت جي ڪجهه ٻين ڌرين سانگهڙ جي اڳوڻي ڊي سي او غلام حيدر مڱريو جي سهڪار سان ٺهرايو ويو آهي، گڙنگ بنگلي تي هر سال 4 فيبروري تي جشن تاج پوشي ٿيندي آهي، جڏهن ته تاريخي ماڳ مڪانن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جو وڏو تعداد هتي گڙنگ بنگلو ڏسڻ اچن ٿا.


    سوامي ٽيئو رام جو امراپور آستان

    سوامي ٽيئو رام هنڌ سنڌ جو مشهور صوفي سنت، صوفي شاعر سنڌيت ۽ امن پيار محبت جو امين ٿي گذريو آهي. اڄ به سندس شاعري خاص طور هڪ دعائي شعر امر آهن جيڪي هر مذهب ۾ مقبول آهن. پاڻ امراپور درٻار ۽ پريم پرڪاش منڊل جو باني هو. سندس والد چيلارام ماتا ڪرشنا ديوي وقت جا صوفي، سخي، مهمان نواز ۽ ڀڳتي هئا. کنڊو ۾ سندس شيوا منڊلي هئي جتي مسافرن جي سيوا ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. هڪ دفعي هندستان مان صوفين جو هڪ قافلو هنن وٽ مهمان اچي ٿيو ڀڳت چيلارام سندس دل سان خدمت ڪئي ۽ ڀڳتي جون محفلون ڪرايون. ان دوران چيلارام دعا گهرائي ۽ پاڻ به دعا گهري ته مالڪ کيس اهڙو فرزند ڏي جيڪو وڏو صوفي سنت ٿي انسانيت ۽ ڌرم جي خدمت ڪري ان موقعي تي ڪرشنا ديوي پتي کان اجازت وٺي لاڳاتار 48 ڏينهن ورت رکيا انهن دعائن ۽ ورت رنگ لاتو مالڪ راضي ٿيو ۽ هڪ سال بعد اڳڻ تي خوشيون شادمانه ٿي ويا کيس خوبصورت پٽڙو ڄائو جنهن جو نالو ٽيئو رام رکيو ويو ڀڳتي گيتن ۽ ڌرمي ماحول ۾ وڏو ٿيو. ننڍي هوندي کان رحم دل، انسان دوست، سماج سڌارڪ ۽ ڀڳتي ڳائيندو هو ۽ پاڻ ننڍي هوندي کان مسافرن، صوفين، سنتن، ساڌن جي خدمت ڪيائين ڀڳتي اهڙي ڳائيندو هو جو واٽ ويندڙ پٻ پهڻ وانگر بيهي سندس ڀڳتي ٻڌي پوءِ اڳتي وڌندا هئا. ننڍي هوندي سنت ۽ ساڌن سان گڏ تقريبن سنڌ گهمي ڏٺي اتي مسلمان بزرگن ۽ هندو سنتن جي مزارن، درٻارن، سمانڌين تي وڃي سر نمانو سندس چوڻ هو ته گرو کانسواءِ گيان نه ٿو ملي سگهي ۽ پاڻ 12 سالن جي ڄمار ۾ وقت جي وڏي سنت صوفي انسان آسر رام کي پنهنجو گرو مڃيائين ۽ هڪ ٻالڪي جي حيثيت ۾ ان کان ڪافي ڪجهه سکيو. پاڻ 14 ورهين جو ٿيو ته سندس والد ديهانت ڪري ويو. ان بعد پاڻ ڪجهه عرصو والد جو ڇڏيل دوڪان به سنڀاليو. ۽ ست سنگ به جاري رکيائين. ان بعد ترت ئي پاڻ ”پريم پرڪاش منڊل“ جو بنياد وڌو جنهن جو مقصد انسانيت سان پيار بنا فرق جي خدمت، انسانيت جي پرچار ڪرڻ هو. سندس اهڙي عمل ڪري ڪيترائي نوجوان سندس پوئلڳ ٿيا مختصر عرصي ۾ سندس خوشبو هند سنڌ ۾ ڦهلجي وئي. هر وقت کيس چاهڻ وارن جا هن وٽ ميڙا مچڻ لڳا. پاڻ پنهنجي پوئلڳن کي هدايتون ڪندو هو ته پنهنجي خوابن خيالن ڳالهين ۽ عملن ۾ ڪنهن جي دل آزاري نه ڪريو. ڪنهن لاءِ برو نه سوچيو. هر ماڻهن جي دل ۾ مالڪ رهي ٿو. نفرت کان پري ڀڄو. هر انسان سان پيار ڪريو. ڀلائي ڪريو. بي عملي زندگي گهارڻ کان پاسو ڪريو. سچ ڳالهايو. ڪوڙ سان نفرت ڪريو. پاڻ کي گناهن کان بچايو. مالڪ کي ريجهايو. پيار جا گل پوکيو. سچ سونهن مالڪ جا سلامي رهو. پاڻ باقائده ڪنهن اداري ۾ تعليم حاصل نه ڪئي پر کيس اعليٰ تعليم وارن کان وڌيڪ ڏات، عقل، فهم عطا ٿيل هو. پاڻ صرف روايتي ساڌو نه پر انسانيت جو خدمتگار ۽ اعليٰ پائي جو صوفي شاعر پڻ هو. پاڻ سنڌي، هندي ۾ وڏي تعداد ۾ شاعري ڪئي. ۽ پاڻ عقيدتمندن کي ڳائي ٻڌائيندو هو.
    1920ع ۾ پنهنجي چاهيندڙن سان سفر ڪندي ٽنڊو آدم جي ڏاکيڻي پاسي واري جي وڏين ڀٽن تي پهتا ۽ اهو علائقو کين وڻي ويو ۽ پاڻ کنڊو کي الوداع ڪري اتي رهڻ جو فيصلو ڪبو ۽ پاڻ ان هنڌ تي صوفي سنتن حق جي ڳولائن مسافرن، ڌرمي پوڄارن، پوڄا پاٽ لاءِ هڪ عظيم الشان مرڪز قائم ڪيو. پاڻ اتي پاڻي جو کوهه کوٽايو. واري جا دڙا ڪڍي پنهنجي چاهيندڙن سان گڏ چيڪي مٽي وجهي اتي مسافرن، پنهنجي فقراءَ ۾ پنهنجي لاءِ گهر ٺهرايو. پاڻ اتي هاسٽل به ٺهرائي. اتي وٽن هند سنڌ مان روزانو وڏي تعداد ۾ ماڻهو سندس سهڻيون ڳالهيون ٻڌڻ ايندا هئا. پاڻ اتي باقائده ڀڄن به ڪرائيندا هئا خود به ڀڄن ڪندا هئا. سندس آستاني تي لنگر عام هلندو هو. کين جيڪو به ملندو هو اهو لنگر ۾ ۽ غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. کيس چاهيندڙن ۾ ڪيترائي مسلمان به شامل هئا. پاڻ 1943ع ۾ دهانت ڪري ويو. سندس دهانت پريم پرڪاش آشرم حيدرآباد ۾ مختصر بيمار رهڻ بعد ٿيو. سندس جسم خاڪي کي ٽنڊو آدم ۾ آڻي سندس سنسڪار ڪري سندس رک ان جاءِ تي دفن ڪئي وئي جتي پاڻ ويهي پوئلڳن کي هدايتون ڏيندو هو ۽ ڀڄن ڳائيندو هو. سندس ڀائٽي سادو هيرا نند اتي خوبصورت قبو ٺهرايو. سندس پهريون گادي نشين سروانند جي مهاراج بنيو جيڪو ڀٽ شاهه جو هو.
    ٻيو گادي نشين سوامي پرڪاش مهاراج بنيو جيڪو شڪارپور جو هو. جنهن 1947ع ۾ جئپور ۾ پريم پرڪاش منڊل جو بنياد وڌو. ٽيون سجاده نشين پٽيل سوامي مريداس ضلع سانگهڙ جي ڳوٺ هنداڻ جو هو. موجوده سجاده نشين ڀڳت پرڪاش جي مهاراج آهي.
    سنت ٽيئو رام جي دهانت بعد ۾ به امراپور درٻار جو عروج رهيو. پر پاڪستان ٺهڻ بعد هندو مسلم فسادن ايترو ته زور ورتو هو درٻار کي سنڀاليندڙ نه چاهيندي به پنهنجي گهرن، جائداد سان گڏ امراپور درٻار کي ڀنل اکين سان هميشه لاءِ ڇڏي ڀارت هليا ويا. ان بعد آهستي آهستي هن درٻار جو عروج ختم ٿيڻ لڳو. امراپور درٻار جي 300 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين هئي. جتي پوءِ آهستي قبضا ٿيندا ويا. چون ٿا ته اتي محمدي ڪالوني، ڳوٺ محمد علي راڄڙ ۽ ٻيون ڪالونيون ٺهيون. امراپور ڀرسان جامع طلبه ڪاليج ٺهڻ بعد سنت ٽيئورام جي ٺاهيل سنگل روم واري هاسٽل ڪاليج جي شاگردن لاءِ هاسٽل ۾ تبديل ڪئي وئي. بعد ۾ درٻار وٽ گورنمنٽ ضياء الدين پرائمري اسڪول ٺاهيو ويو ۽ درٻار ۾ ٺاهيل تاريخي حيثيت رکندڙ گهرن تي اسڪول جي هڪ سابق هيڊ ماستر ۽ سندس مٽ مائٽن مالي غنيمت سمجهي اتي انهن گهرن تي قبضو ڪري ڇڏيو. سار سنڀال نه هئڻ ڪري درٻار جي ورانڊي جو هڪ پاسو ڊهي پيو آهي. سوامي ٽيئورام جي سماڌي مٿان جوڙيل خوبصورت مقبرو جا دروازا بند هئڻ ڪري مقبري اندر چمڙن، نانگ، بلائن جو گهر بنجي ويو آهي. درٻار جي وڏي حصي تي قبضا ٿي ويا آهن جنهن ڪري ماضي جي شاندار امراپور درٻار جي هاڻ اها سونهن نه رهي آهي. ليڪن سندس چاهيندڙن وٽ درٻار جي حيثيت اهميت عقيدت اهائي آهي. بدقسمتي سان هن درٻار کي آثار قديمه جو درجو نه ملڻ ڪري رهيل جايون ۽ تاريخي هنڌ ڏينهون ڏينهن مٽبا وڃن.
    سوامي ٽيئورام جي پوئلڳن سندس تحريڪ، سندس ڪم، سندس ڪلام پيغام، سندس پيار امن، انسانيت جي خدمت واري پيغام کي ”پريم پرڪاش ڀون جي نالي سان مختلف ملڪن اسپين، آمريڪا، هانگ ڪانگ، جڪارتا، اٽلي ۽ ٻين ملڪن ۾ 60 کان وڌيڪ آشرم آهن. جن جو هيڊڪواٽر جئپور ۾ آهي. جتي سندس پيار امن محبت انسانيت جي خدمت واري پيغام مختلف طريقن سان عام ڪيو وڃي ٿو. ان اداري پاران سڄي دنيا ۾ سوين سنڌي اسڪول کليل آهن. ڪيترائي آشرم، مسافر خانه خيراتي ادارا هلايا وڃن پيا. انهن ادارن ذريعي انسانيت جي خدمت ڪئي پئي وڃي، سنت ٽيئورام جو ڪلام پيغام عام ڪرڻ لاءِ هندي، سنڌي، انگريزي ۽ ٻين ٻولين ۾ ڪتاب ڇپايا وڃن ٿا. سوامي ٽيئو رام جي سنڌي ۽ هندي شاعري جا 2 ڪتاب ڀارت ۾ ڇپايا ويا آهن جڏهن ته سندس ڪلام جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو پڻ ٿي رهيو آهي. سندس عورتون بابت لکيل ڪتاب اشتري اپ ديش کانسواءِ ڪيترائي ڪتاب ڇپايا ويا آهن. سندس لاتعداد دعائي شعر آهن جيڪي مسلم هندو ۾ هڪجهڙا مقبول آهن. انهن ۾ هڪ دعائي شعر صبح سويئر هندو توڙي مسلمانن جي چپن تي هوندو آهي.
    صبح جا سائين! ٻيڙا ٻني تون لائين،
    پلئه ٿا پايون اميدون پڄائين،
    سمت ڏي سڀن کي چپن نام تنهنجو،
    ڪمت کي ڪڍين تون سمت ۾ رهائين،
    ڀرين پيٽ سڀ جو سڄڻ ڏي تون روٽي،
    لٽا ڏئي تون ڏاتر! ننگن کي ڍڪائين،
    رهڻ لاءِ گهرڙو سڄڻ! ڏي سڀ ڪنهن سدائين،
    ديا پال تن جا مرض ڪل مٽائين،
    اٿي مهل انبرت چپن نام جيڪي،
    ڪهي ”ٽيئو“ تن جا عرض ڪل اگهائين.
    سندس شاعري ۾ مالڪ جي ساراهه، مالڪ کان ٻاجهه، ديا جون دعائون ۽ امن جي پيغام پيار جا سرها گل پکڙيل آهن. بنا رنگ نسل ۽ مذهب جي انسانيت جي خدمت جو درس ڏنل آهي، سندس شاعري جو پهريون مجموعو پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شايع ٿيو هو.
    سوامي سنت ٽيئورام جو جنم ڏينهن سڄي دنيا ۾ جتي به سندس پوئلڳ آهن اتي ۽ سندس جنم ڀومي کنڊو ۽ سندس امراپور درٻار تي ملهايو ويندو آهي. سندس جنم ڏينهن تي سڄي دنيا ۾ سندس پوئلڳ هتي پهچي سندس جنم هنڌ ۽ سماڌي تي گل رکن ٿا. سر نمائين ٿا ۽ اتي ڀڄن ڳائي وڃي ٿي. سندس ورسي ڀارت جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ملهائي ويندي آهي.
    افسوس جو آثار قديمه، ثقافت کاتي پاران هن تاريخي ماڳ جي ڪابه سار سنڀال نه پئي لڌي وڃي. جنهن ڪري هي تاريخي هنڌ ڀرندو ڀڄندو وڃي. ڪجهه سالن کان سوامي جي جنم ڏينهن تي سڄي دنيا مان ايندڙ سندس عقيدتمندن کي سندس درٻار تي ضياء الدين اسڪول جو هيڊ ماستر رستا روڪ ڪندو رهيو. هر سال ان خلاف ميڊيا تي رپورٽ اچڻ بعد حڪام هيڊ ماستر خلاف ڪاروائي ۽ درٻار جو گيٽ الڳ ڪرڻ جو اعلان ڪندا رهيا پر عمل نه ٿيو. بعد۾ سوامي ٽيئو رام جي چاهيندڙن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو. ڪورٽ سڳوري پاران ڏنل فيصلي ۾ امراپور جو گيٽ الڳ ڪرڻ، امراپور تي غير قانوني طور ٿيل قبضو ختم ڪرڻ ۽ ثقافت کاتي پاران هن تاريخي ماڳ جي بحالي لاءِ اقتدام ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. پر ان تي ڪم نه ڪرايو ويو، بعد۾ اهو ڪم سنت ٽئورام جا چاهيندڙ ڪرائي رهيا آهن.
    حواله
    سنڌي هندن جي تاريخ
    ديوان گاگن داس کان روايتون
    ٽنڊو آدم ميگزين


    ڌامرکي شهر جو عروج ۽ زوال ۽ کنڊرات

    سانگهڙ ضلعي ۾ جهول ويجهو جهول کان نئون آباد ويندي درٻار شري ڌيرج واري علائقي ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ هڪ ننڍڙو شهر ڌامرکي آباد هو، جيڪو ان زماني ۾ خوبصورت رهائشي عمارتون، اوطاقون، مندرن جو شهر سڏيو ويندو هو. ان کانسواءِ هي ڪاروبار جو مرڪز پڻ رهيو، سونارڪي بازار به مشهور هئي، جڏهن ته مٺائي، سنڌي جُتين جا دڪان ۽ جتيون ٺاهيندڙ موچي به رهندا هئا، چون ٿا ته هن جو اصل نالو ڌرم رکي آهي، روايتون آهن ته هي شهر هندن جو آباد ڪيل هو، ڪنهن آباد ڪيو، هندن جون ڪهڙيون شخصيتون رهنديون هيون انهن جي نالن جي خبر نه پئجي سگهي آهي. هن ننڍڙي شهر ۾ جلالاڻي ۽ ڪجهه ٻين قومن وارا به رهندا هئا. تاريخ سان دلچسپي رکندڙ هن علائقي جي مشهور شخصيت ۽ زميندار جعفر خان جيم جلالاڻي جيڪو ليکڪ ۽ شاعر به آهي ان جو چوڻ آهي ته ڌامرکي ڪنهن مائي جو نالو هو، هتي ڳوٺ ان آباد ڪيو، ان ڪري ان جي نالي پويان ڳوٺ سڏجڻ لڳو، اها مائي ڪير هئي ۽ ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو تاريخ خاموش آهي. ليڪن ڪجهه تاريخي ڪتابن ۾ ڌامرکي جو مختصر احوال ضرور ملي ٿو ته هتي هندن جي اڪثريت هئي ۽ واپار جو مرڪز هو، هتان کان ويجهو ٻانڀڻ واهه وهندو هو جتي ٻيڙا ٻيڙيون به ٺٽي تائين هلندا هئا، جيڪي ماڻهن جي سواري طور ۽ سيڌو سامان آڻيندا هئا. چون ٿا ته آسپاس ۾ واري جا دڙا هئا هوائون لڳندي اها واري هن شهر ڀرسان گڏ ٿي ويندي هئي جيڪا تيز هوائون لڳندي شهر وارن کي تنگ ڪري رکيو، ان ڪري واڻين اتان جي زميندار فضل خان جلالاڻي جيڪو علائقي جو بااثر هو ان وٽ آيا ۽ کيس نئون شهر آباد ڪرڻ لاءِ زمين ڏيڻ لاءِ منٿ ڪئي ۽ ان کين موجوده ڌامرکي ۾ 16ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڏني، ان بعد اتي ويٺل هندو، مسلمانن اتان لڏي نئين ڌامرکي جو خوبصورت شهر اڏيو ۽ اتي واپار شروع ڪيو نئين ڌامر کي هندن پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪافي کوهه کوٽايا، اتي ٺڪاڻا ۽ مندر به ٺهرايا، هتي روينيو وارن جو منزل گاهه به هو، انگريز جي دور ۾ جڏهن هن علائقي ۾ حر تحريڪ شروع ۾ زور ورتو، چون ٿا ته حرن ڪيترن ئي واڻين کي انگريز جي جاسوسي ڪرڻ جي شڪ ۾ ماريو ، ان دور ۾ ڦرلٽ جون ڪارروايون به وڌي ويون، ان ڪري اتان ڪافي هندو عمرڪوٽ، ميرپورخاص، حيدرآباد، ٽنڊوآدم ۽ ٻين شهرن ۾ هليا ويا، رهيل هندو پاڪستان ٺهڻ بعد هندو مسلم فسادن جي ڪري ڊپ ۾ پنهنجا اباڻا گهر، ڪاروبار ڇڏي ڀارت لڏي ويا.هاڻ نئين ڌامرکي ۾ جلالاڻي برادري وڏي تعداد ۾ رهي ٿي، ڪجهه ٻيون ذاتيون به رهن ٿيون، واڻين جي لڏڻ بعد سندن خوبصورت رهائشي جايون ۽ دڪان آهستي جهري پيا ۽ ڪري پيا، انهن جا کنڊر ۽ دڙا باقين رهيل آهن، انگريز دور ۾ هتي پرائمري اسڪول به هو، بعد ۾ بند ٿي ويو، ڪمرن وارو پرائمري اسڪول هاڻ به آهي پر زبون حالي آهي. ماضي جو هي خوبصورت ۽ مشهور شهر هن وقت بنيادي سهولتن کان محروم آهي.حر تحريڪ دوران هتي به انگريز جي جاسوسي ڪرڻ جي الزام ۾ هندن تي حملا ٿيا هئا يا ڪنهن سبب جي ڪري بدامني ٿي هئي ان جو ذڪر ان وقت جي هڪ شاعر نبي بخش جلالاڻي جيڪو 1965ع ۾ وفات ڪري ويو ان جي شاعري مان ملي ٿو. سندس شاعري ڳوٺ وارن کي ياد آهي ڌامرکي ۾ بدامني جو اندازو ان شاعر جي هن شعر مان به لڳائي سگهجي ٿو .
    ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار
    هيل ڪٽيو اٿن گرو کي اڳتي کڻندا اٻچاءِ ٻار
    تنهن تي صلاح ڪري گهرايو چوڪيدار
    وٺندي هت اسان جي يا ٿيندي مسلمانن جو پار
    چوڪيدار؛ آئون هر حيلي اوهان جو آهيان گولو گنهگار
    محبت اٿم مڙهي واري سان ۽ پئنچن سان اٿم پيار
    کو ٻو مل خوش آجو اٿم ابي جي آچار
    پوءِ پا پڙ پوريون کايو خوش گذارين ننڍا ٻار
    وٺي پڪ پنجاري کان خلف ڀڳايون ڄار
    ڪيون تار ڪماني کي آيو انسپيڪٽر هندو وهيڪار
    چوڏهن سئو جي چوري ٿي ٻيو رات کاٽ لڳو آهي ڌار
    ٻڌايون پير بهاري جا ڏنئون علي بخش کي مار
    حالت ڪيائون حاڪو سان روئي جمعو وساڻ زاروزار
    ويهي هاشم وڌي ڦار الائي ڇٽنداسين،
    آيو جوش جلالاڻي کي جنهنجو ڳاڙهيون اکيون اڀڙا ڇڙ هاوار،
    هڪل ڪئي حيدر کي ان جا سڻا سڏ سردار،
    پوءِ پرور پاڪ دگار بهرن کان بچايو.


    جهول ويجهو ڳوٺ ساڏوڻي ۾ ميرن جي صاحبي ۾ پيش ايندڙ تاريخي واقعو

    ميرن جي صاحبيءَ جي آخري دور ۾ جهول ويجهو ڳوٺ ساڏوڻي ۾ هڪ اهڙو واقعو ٿيو، جنهنجي نتيجي ۾ ان ڳوٺ ۽ ڀرپاسي رهندڙ جلالاڻي برادري جي سوين عورتن کي سندن وارث ڪهڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا ۽ اهي غيرتمند عورتون پاڻ به ڪسجڻ لاءِ تيار ٿي ويون. اهو تاريخي واقعو ڪجهه هن ريت آهي: جيئن ته روايتون آهن ته سنڌ ۾ سرائيڪي ڳالهائيندڙ جيڪي به ذاتيون آهن، اهي ڪلهوڙن جي دور ۾ ميرن سان گڏ سنڌ ۾ آيون ۽ اهي ميرن جا خاص ماڻهو هئا. انهن ۾ جلالاڻي برادري به شامل آهي. روايتون آهن ته جڏهن مير بجار خان جهول ويجهو پنهنجو ڪوٽ وجهايو ۽ اتي جهول واري علائقي ۾ پنهنجا ماڻهو آباد ڪيا ته انهن سان گڏ جلالاڻي به هئا، جيڪي هن علائقي ۾ پنهنجا الڳ ڳوٺ قائم ڪري ويٺا. ميرن جي دور ۾ کين زمينون به مليون ميرن سان گڏ آيل جلالاڻي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهڻ لڳا. پر ان دور ۾ جلالاڻين جو وڏو انگ سانگهڙ ۽ خيرپور ميرس ۾ آباد هو. سانگهر ضلعي ۾ جهول ويجهو هنن جو انگ وڌيڪ هو. ۽ جهول وارا جلالاڻي ميرن جي وڌيڪ ويجها هئا. ان ڪري بااثر هئا. جھول واري پاسي ويٺل جلالاڻين جو ميرن جي آخري دور ۾ سردار نصير خان جلالاڻي هو. روايتون آهن ته ان جا وڏا به بااثر هئا. ۽ ڪلهوڙن جي دور کان وٺي ميرن جي دور ۾ فوج جا سالار به رهيا ان وقت حڪمرانن جي ايڏي وڏي تعداد ۾ فوج نه هئي ان ڪري جنگي حالتن ۾ مختلف برادرين جي بااثر ماڻهن کان لشڪر گهرائيندا هئا، ۽ ان دور ۾ هر بااثر ماڻهو علائقي ۾ اثر وڌائڻ ۽ ڊٻدٻو ڪرڻ لاءِ پنهنجو لشڪر رکندو هئا. ان وقت ساڏوڻي علائقي ۾ ويٺل جلالاڻين جي ڳوٺن جو هيڊ ڪواٽر هوندو هو. چون ٿا ته ماضيءَ ۾ ڳوٺ هاڻوڪي ڳوٺ کان وڏو ۽ خوبصورت هوندو هو. ڳوٺ جي چوڌاري انبن جا باغ هئا. انهن ۾ ٻيا به وڻ ۽ هر طرح جا گل به هوندا هئا. ڳوٺ ۾ ايندڙ رستا انبن جي باغن مان هئا. ان ڪري هي ڳوٺ ان زماني ۾ يورپ جي ڳوٺن جهڙو خوبصورت لڳندو هو. نصير خان جلالاڻي ميرن جي صاحبيءَ ۾ بااثر شخصيت سان گڏ سماجي شخصيت، غريبن جو همدرد وڏو اوطاقي مهمان نواز هو. سندس ڀاءُ محمد موسيٰ سندس ٻانهن ٻيلي ۽ وقت جي مشهور شخصيت ٿي گذريو هو. ميرن جي دور جي آخري وقت ۾ مير صوبدار خان جو پرتاب نالي هڪ هندو منشي هو. جيڪو مختلف علائقن ۾ وڏي شان شوڪت سان سوين ماڻهن سان گڏ گهوڙن خچرن تي چڙهي ڍل اوڳارڻ ايندو هو. مسلمان زميندارن سان سندس رويو ٺيڪ نه هو، هنن کان ڏنڊي جي زور تي وڌيڪ ڍل وٺندو هو، اتي ٻڪريون زوري ڪاهرائي ڪهي کائيندو هو. جهول واري علائقي ۾ هو ڌامرکي ويجهو تنبو هڻي ڪئمپ قائم ڪري ڪيترائي ڏينهن هتي رهندو هو ۽ هتي سندس ماڻهو غريبن جون ٻڪريون زوري ڪاهي اچي ڪهندا هئا. اهڙيون شڪايتون نصير خان جلالاڻي وٽ به وڏو هجڻ جي حيثيت ۾ پهتيون ته هن پنهنجا ماڻهو موڪلي کيس ائين ڪرڻ کان روڪيو، پر هو نه مڙندو هو، جنهن بعد نصير خان اهڙو خط مير صوبدار کي به موڪليو، پر ڪو اثر نه ٿيو ان کي خط بعد انصاف ٿيڻ بجاءِ الٽو پرتاب جي حڪم تي سندس ماڻهو نصير خان جون ٻڪريون ڪاهي ويا. ۽ سندس ۽ ٻين زميندارن جي زرعي فصل ۾ گهوڙا ۽ خچر ڇوڙي ڇڏيا ۽ هارين کي بنا سبب مارڪٽ به ڪئي. اهڙي خبر پوندي نصير خان پنهنجو خاص ماڻهو اسحاق واڍو پرتاب ڏانهن موڪليو ته سندس ٻڪريون واپس ڏئي، سندس ۽ ٻين زميندارن جو فصل ڀيلائڻ، علائقي ۾ غنڊا گردي ڦرمار بند ڪري، نه ته سٺو نه ٿيندو. اهڙو پيغام ملندي پرتاب تپي باهه ٿي ويو ۽ سندس حڪم تي اسحاق واڍي کي ڏاڍي مار ڏني وئي ۽ ان مارڪٽ۾ اسحاق واڍو کي ميراڻي پيل ٽوپي به لهي پئي پرتاب ان کي چيو ته ”آئون جو ائين ڪندس توکي جيڪو وڻي اهو ڪر.“ اسحاق واڍي پاڻ سان ٿيل جٺ جڏهن بيان ڪئي ته نصير خان تپي باهه ٿي ويو. ۽ جلالاڻيڻ توڙي علائقي جي ٻين ذاتين جا ماڻهو گڏ ڪري تلوارن ۽ ڪهاڙين سان لشڪر تيار ڪري پرتاب جي ڪئمپ تي حملو ڪري پرتاب ۽ سندس لشڪر سان ويڙهه ڪري ڪيترن ئي ماڻهن کي ماري ڇڏيو. پرتاب جي مارجڻ بعد سندس ماڻهو پيش پيا، جن کي نصير خان معاف ڪري ڇڏيو. ٻئي ڏينهن ڌامرکي جو مکي تنومل ۽ ٻيا واڻيا نصير خان وٽ آيا ته سائين پرتاب واقعي گنهگار هو ۽ هو پنهنجي ڪئي جي ڪري بري انجام تي پهتو، پرتاب ۽ ٻيا مارجي ويل انسان آهن، سندن لاش بدبوءِ ڪري ويندا، اجازت ڏيو ته هندن جو اگني سنسڪار ڪريون ۽ مسلمانن کي اوهان دفن ڪرايو. ان تي نصير خان کين اجازت ڏني ۽ مارجي ويل مسلمانن کي پاڻ اسلامي طريقن سان دفن ڪرايو. اها خبر جڏهن مير صوبدار خان کي پئي ته هو تپي باهه ٿي ويو ۽ ساڏوڻي تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ هن وڏو لشڪر موڪليو. لشڪر جڏهن اڀپور وٽ ماري جا ڪنڊا وٽ پهتو ته اها خبر نصير خان کي پئجي وئي ۽ انهن سان ويڙهه لاءِ هن به ماڻهو گڏ ڪيا. علائقي جي معززن جي ٿيل گڏجاڻي ۾ نصير خان چيو ته ”ميرن جو لشڪر وڏو آهي، پر اسان هار مڃي هنن وٽ پيش پئي قيدي بنجڻ بجاءِ وڙهي مري سرها ٿينداسين. اسين حق تي آهيون، اسان وڙهي شهيد ٿينداسين، پر اسان جي مرڻ بعد ميرن جي لشڪر وارا اسان جي ننگن ۾ هٿ وجهندا ۽ کين پاڻ سان وٺي ويندا، ان ڪري اسان پنهنجي ننگن جون عزتون برباد ٿيڻ نه ڏينداسين.“ هن رٿ ڏني ته ڳوٺ ڀرسان هڪ وڏي کڏ کوٽي عورتن کي ماري ان ۾ دفن ڪيو وڃي. سڀني کان راءِ وٺي اتفاق ٿيڻ بعد کڏ کوٽڻ جو عمل شروع ڪيو ويو ۽ عورتن به ان فيصلي تي متفق ٿي لبيڪ ڪيو ۽ خوشي سان ڪُسجڻ لاءِ تيار ٿي ويون. ان کان اڳ هنن عبادت ڪرڻ شروع ڪئي. اها خبر جڏهن ميرن جي لشڪر جي سالار کي پئي جيڪو مسلمان هو روايتون آهن ته پريشان ٿي ويو ۽ هن تڪڙو ايلچي نصير خان ڏانهن موڪليو ته ”خدا جي واسطي ائين نه ڪريو، اهو وڏو گناهه ٿيندو، ان جو ڏوهه مون تي به ايندو. مون خبر ورتي آهي ته پرتاب غلط اوهان صحيح آهيو، پر مجبوري آهي، مير صاحبن جو حڪم آهي. ان تي هر حال ۽ عمل منهنجو فرض آهي، آئون سندن وفادار آهيان، اوهان کي اها رعايت ڏيان ٿو ته اوهان ٻار ٻچا وٺي ضروري سامان جيڪو کڻي سگهو کڻي رات وچ ۾ ڪنهن ٻئي پاسي هليا وڃو، اسان اوهان جي ڳوٺن تي ڪاهي اينداسين اوهان مان ڪير نه هوندو ته گهرن کي باهيون ڏئي واپس وينداسين ۽ مير صاحب کي عرض ڪنداسين ته جلالاڻي خبر نه آهي ڪيڏانهن هليا ويا آهن، اسان سندن ڳوٺن کي باهيون ڏئي واپس آيا آهيون.“ نصير خان اهڙو پيغام آڻيندڙ ايلچي سان گڏ پنهنجو ماڻهو موڪليو ته ڪيئن اعتبار ڪريون ته اوهان جيڪو چئو ٿا ان تي عمل ڪندؤ؟ دوکو ته نه ڪندؤ؟“ ان تي ميرن جي سالار نصير خان جي ماڻهوءَ سامهون قرآن شريف تي هٿ رکيو ته ”جيڪو واعدو ڪيو آهي، ان تي قائم رهندس.“ ان بعد نصير خان ۽ جلالاڻين جي ٻين ڳوٺن وارا رات وچ ۾ ٻار ٻچا اٺن، گهوڙن ۽ ڍڳي گاڏين تي توڙي پنڌ ضروري سامان کڻي خيرپور ميرس هليا ويا. جتي سندن عزيز خيرپور ميرس رياست وارن ميرن جا خاص ماڻهو هئا. کين اميد جو ڪرڻو نظر آيو ته انهن معرفت اتي ميرن وٽ فرياد ڪنداسين ۽ اهي مير صاحب مير صوبدار کي چوندا ۽ پوءِ قصو ختم ٿي ويندو. پويان ميرن جي لشڪر ٻئي ڏينهن ساڏوڻي ۽ جلالاڻين جي ڳوٺن تي هلان ڪري گهرن کي باهيون ڏنيون، اتي کڻڻ کان رهجي ويل سامان ۽ چوپايو مال ڪاهي ويا ۽ مير صاحب کي ٻڌايو ته ”جلالاڻين کي اسان جي خبر پئجي وئي ۽ اسان جي پهچڻ کان اڳ هو خيرپور ميرس طرف هليا ويا آهن. اسان جيستائين سندن پويان وڃون، تيستائين هو خيرپور وڃي پهچن ها، اوهان جي حڪم کانسواءِ خيرپور ميرس جي حدن ۾ وڃي حملو ڪرڻ صحيح نه هو، ان ڪري واپس موٽي آيا آهيون.“ ان بعد خيرپور جي مير علي مراد، مير صوبدار کي خط لکيو ته ”نصير خان جلالاڻي ۽ سندس خاندان وارا منهنجي امان ۾ آيا آهن، هنن جو ڪوبه ڏوهه نه آهي هنن کي معافي ملي.“ ان تي مير صوبدار خان خط جي جواب ۾ لکيو ته ”پرتاب منهنجو وفادار هو، ڏوهي اهو نه پر جلالاڻي آهن، اسان اوهان جي سفارش تي کين جان جي امان ڏيون ٿا، پر هو جيستائين اتي اوهان وٽ هوندا ته اسان کين ڪجهه به نه چونداسين، جيڪڏهن واپس آيا ته مٿن حملي لاءِ ٻيهر لشڪر موڪليو ويندو.“ ان بعد جلالاڻي اتي رهي پيا. جڏهن انگريز سنڌ تي قبضو ڪيو ته ميرن جي صاحبي ختم ٿي ته چئن سالن بعد نصير خان جلالاڻي ۽ جلالاڻين جا ٻيا ڪجهه ماڻهو واپس آيا، باقي واپس اچڻ جو سوچي رهيا هئا ته مير صوبدار خان جو منشي آوترا جيڪو سندس وفادار صلاحڪار رهڻ جي باوجود انگريزن سان مليل هو. تنهن ۽ پرتاب جي مائٽن جيڪي شهدادپور ويجهو لانڍين جا ٻڌايا وڃن ٿا، انگريز سرڪار جي عملدارن وٽ دانهيو ته ”جلالاڻي واپس اچي اسان کي به مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسان سان انصاف ڪريو. پرتاب جي قاتلن خلاف قانوني ڪارروائي ڪريو.“ ان بعد انگريز سرڪار نصير خان ۽ سندس ٻين مائٽن کي گرفتار ڪري حيدرآباد کڻي وڃي قيد ڪيو. بعد ۾ مير علي مراد خان جيڪو انگريزن جو وفادار هو، انگريزن جو هر حڪم اکين تي رکي ان تي عمل ڪري رهيو هو، جي خاص سفارش ۽ ان دليل جي ته هي قصو اوهان کان اڳ جو آهي ۽ پرتاب هنن سان ظلم ڪيو هو. اهي به روايتون آهن ته مير علي مراد کي هنن جلالاڻين جو ايترو لاچار هو جو پاڻ خيرپور ميرس مان منزلون ڪندي حيدرآباد پهتو، گوري نپيئر سان ملاقات ڪري خاص سفارش سان نصير خان جلالاڻي ۽ سندس عزيزن جي جان ڇڏائي ۽ جلالاڻي واپس ڳوٺ پهتا ۽ حيدرآباد مان 50 گهوڙي سوار جلالاڻين جي جلوس سان پهرين شاهه لطيف جي مزار تي پهچي خير خيرات ڪرڻ بعد اتان واپس ساڏوڻي پهتا. مشهور ليکڪ محقق شمس العماءَ مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب سنڌ جا مشهور شهر ۽ ماڻهو ۾ لکي ٿو ته پرتاب راءِ مير صوبدار خان جو منشي ۽ خاص وفادار ماڻهو هو، جڏهن 1886ع ۾ مير صوبدار خان پنهنجي چاچن سان ملڪيت جي سلسلي ۾ رنج ٿي فساد ڪرڻ ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ ۽ لڳو ته تڏهن خرچ لاءِ منشي پرتاب راءِ جي معرفت سون وۡڪڻي خرچ جي پورائي ڪئي، مير صوبدار خان جو هوش محمد هوشو شيدي ۽ پرتاب راءِ صلاحڪار به هئا.هن جي چاچن سان لڙائي به ٿي جنهنڪري گهڻا ماڻهو مير کي ڇڏي ويا ۽ لاچار ٿي پيش پيو، منشي پرتاب راءِ گهرجي مل جو پٽ ڪلياڻ داس جو پوٽو هو.شهدادپور ويجهو لاندين ۾ رهندو هو، پڇاڙي ۾ ڪن جلالاڻي بلوچن هن کي ماري وڌو، هن کي 2 پٽ تخت راءِ ۽ گردر داس هو، ان جو پٽ گاگن داس هو، شمس العماءِ مرزاقليج بيگ مٿي ذڪر ڪيل واقعي جو تفصيل نه لکيو آهي. ان وقت تاريخي واقعا لکڻ لاءِ اتي وڃي تحقيق ڪرڻ، معلوم ڪرڻ جو رواج شايد گهٽ هو ۽ ان وقت جي اديبن ٻڌل ٻڌايل ڳالهين تي وڌيڪ زور ڏنو آهي. مرزا صاحب ڳوٺ ساڏوڻي وارو پورو واقعو لکڻ بجاءِ صرف پرتاب راءِ جو مختصر تعارف لکيو آهي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هن اهم واقعي تي تاريخ خاموش آهي.ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جيڪو خود ضلعي سانگهڙ جو هو ۽ هن سنڌ جي تاريخ تي وڏو ڪم ڪيو آهي ليڪن مٿي ذڪر ڪيل واقعو هن جي ڪنهن ڪتاب ۾ نظر نه آيو، ليڪن جهول ۽ ان علائقي جي هر ساڃاهه وند ماڻهو کي اهو واقعو بر زباني ياد آهي ۽ هو ان واقعي تي اهڙي انداز ۾ بيان ڪن ٿا جهڙو هو ان واقعي جا اکين ڏٺا شاهد هجن، بدقسمتي اها به آهي ته صرف مٿيون واقعو نه پر سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا تاريخي واقعا آهن، سنڌ جا ڪيترائي تاريخي شهر، ڳوٺ ۽ ان دور جون اهم شخصيتون جن جا ان دور ۾ وڏا ڪارناما رهيا، ليڪن ماضي جي تاريخدانن انهن جو ذڪر نه ڪيو آهي، جي ڪن جو ذڪر ڪيو آهي ته اهو به مختصر سمجهه ۾ نه ايندڙ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ تاريخ بابت کوجنا ڪندڙ نوجوانن محققن ليکڪن کي تاريخ کان رهجي ويندڙ اهڙن واقعن، شخصيتن ۽ تاريخي قديمي شهرن، ڳوٺن جو تاريخي پسمنظر ۽ ماضي حال بابت ڇنڊڇاڻ ڪري تفصيل سان لکڻ گهرجي ته جيئن اهو مواد سنڌ جي تاريخ جو حصو بڻجي وڃي،مٿيون واقعو اسانکي جلالاڻي برادري جي معزز شخصيت، ليکڪ، ادب دوست جعفر جيم جلالاڻي ٻڌايو آهي ته اهو قصو سندن وڏن کان سيني به سيني منتقل ٿيندو رهي ٿو، سندن هڪ ڪتاب شايع ٿيو آهي، ڪافي اڻ ڇپيل ڪتاب وٽس موجود آهن، کيس تاريخ بابت وڏي ڄاڻ آهي، نصير خان سندن پڙڏاڏو هو، پاڻ نصير خان خان جلالاڻي نالي سان جهول ويجهو آباد ڳوٺ ۾ رهي ٿو.


    باب ٽيون : سنڌڙي تنهنجي شهر وسن، سنڌ جي ڪجهه قديمي شهرن ڳوٺن جو تاريخي پس منظر ۽ ماضي حال

    مير شهداد خان جو اڏايل شهر شهدادپور

    سنڌ جو قديمي، تاريخي شهر شهدادپور جيڪو مير شهداد خان ٽالپر آباد ڪيو. روايتن موجب ان کان اڳ هتي ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ هتي هڪ آبادي هئي، جتي ملاح رهندا هئا ۽ هتان وهندڙ لوهاڻو درياءَ تي پتڻ به هوندو هو، پر هتي ميان يار محمد ڪلهوڙو جي دور ۾ سندس سپهه سالار مير شهداد خان ٽالپر جيڪو سندس فوجي صلاحڪار به هو، ان هتي پنهنجي رهائش به اختيار ڪئي ۽ اهو ننڍڙو ڳوٺ وڌي شهر ٿيو ۽ مير شهداد خان ٽالپر جي نالي پويان شهدادپور سڏجڻ لڳو. مير شهدادخان ٽالپر جو وصال 1728ع ۾ ٿيو، ان ڪري يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هي شهر ان کان اڳ جو آباد ٿيل آهي. ائين چئي سگهجي ٿو ته مير شهداد خان ٽالپر هتي آباد ننڍڙي شهر کي وڌايو ۽ ترقي وٺرائي، شهدادپور جي جهوني شاعر ۽ صوفي فقير عبدالله عبدابڙو جو چوڻ آهي ته شهدادپور جو اصل نالو علي آباد آهي، جي وي سمٿ جي ڪتاب گزيٽيئر آف سنڌ نواب شاهه ۾ هن شهر جي آباد ٿيڻ وارو سال 1700ع ٻڌايو ويو آهي. ميان يار محمد ڪلهوڙو وٽ سڀني ٽالپرن ۾ مير شهداد خان ٽالپر جي وڌيڪ حيثيت هئي، ڪلهوڙن جو بااعتماد ۽ وفادار هو، ڪلهوڙن جي دور ۾ اڳوڻي محمدي ڪاٽن فيڪٽري هاڻوڪو محمدي ٽائون ۾ فوجي ڇانوڻي هئي، جنهن کي مضبوط ڪچو ڪوٽ به آيل هو. ميرن جي صاحبي ۾ به اهو قلعو فوجي ڇانوڻي طور استعمال ٿيو، هن ڪوٽ کي ٻه دروازا هڪ اوڀر هڪ ڏکڻ طرف هو. دروازن مٿان مضبوط مورچا به ٺهيل هئا. ميرن جي دور ۾ ڪوٽ اندر ميرن جون ڪيتريون ئي عمارتون به جڙيون ٽالپرن جي حڪمرانن جي فوج ۾ مري. لغاري، رند نظاماڻي وڏي تعداد ۾ هوندا هئا. جن مان ڪافي ميرن جي فوج جا سالار به هئا. هتي لغارين، نظاماڻي، مرين جا ڳوٺ آباد آهن، جن کي انعامن ۾ ميرن جاگيرون ورهائي ڏنيون، ڪلهوڙن جي دور ۾ سنڌو درياهه مان لهاڻو وهندو هو، جنهن کي مارک واهه به سڏيو وڃي ٿو، جنهن کي سنڌو درياءَ جو ڦاٽ به سڏيو ويندو هو. سهڻي ميهار جو قصو به لهاڻو درياءَ سان وابسته آهي. سهڻي لهاڻو مان تري پنهنجي محبوب ميهار سان ملڻ ويندي هئي ۽ ان ئي درياءَ ۾ ٻڏي مري وئي. ميرن جي دور ۾ لهاڻو مان 2 واهه هڪ مير شهداد خان ٽالپر جي ڀائٽي جي نالي سان شاهو واهه ٻيو سندس پٽ جي نالي سان ڄام واهه کوٽايا ويا. شاهو واهه موجوده ريلوي اسٽيشن کان اتر طرف نڪرندو هو ۽ جهول تائين وهندو هو، جتي مير بجار خان جي زمين آباد ڪندو هو. ڄام واهه موجوده محمدي ٽائون جي اوڀر طرف کان ٿيندي مڙهي کان نڪري ديهه ڄام نندو تعلقه سانگهڙ کي آباد ڪندو هو. ڄام واهه مان ننڍي شاخ راڄ واهه شهدادپور جي اتر طرف کان نڪرندو هو، جيڪو ديهه قبو يگان کي آباد ڪندو هو، ڄام واهه ۽ راڄ واهه تي شهدادپور ۾ اچ وڃ لاءِ پليون هونديون هيون. ان وقت شهدادپور شهر موجوده ساٽي پاڙو، لوهارڪي گهٽي، سونارڪي بازار، ڪپڙا مارڪيٽ، واري علائقي جي تي مشتمل هوندو هو، انهن واهن جا هاڻ نشان ختم ٿي ويا آهن، پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سيٺ پرسومل اها قلعي واري جاءِ هٿ ڪئي ۽ اتي ڪپهه جو ڪارخانو لڳايو، ان ڪوٽ ۽ قلعي جا نشان 1980ع تائين موجود هئا پر محمدي ٽائون ٺهڻ بعد ان تاريخي ڪوٽ جا نشان به نه رهيا آهن، ٽالپرن جي حڪومت اچڻ بعد شهدادپور شهر فوج جو مرڪز رهيو، جڏهن ڪلهوڙا حڪمرانن ۽ ميرن جي درميان دوستي دشمني ۾ بدلجي وئي ته هتي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي درميان ڪيتريون ئي جنگيون به لڳيون، جڏهن نادر شاهه سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو ڀڄي وڃي، عمرڪوٽ پهتو نادر شاهه ڪاهيندو شهدادپور اچي پهتو ۽ هتي هڪ رات رهڻ بعد پنهنجي لشڪر سان عمرڪوٽ روانو ٿيو ته ميان نور محمد ڪلهوڙو جا ماڻهو نادر شاهه کي راضي ڪرڻ لاءِ وٽس قيمتي تحفه کڻي آيا، پر هو راضي نه ٿيو، اهڙي صورتحال ۾ شهدادپور جي سرزمين تي ميان نور محمد ڪلهوڙو جا عقيدتمند ماڇي برادري وارا نادر شاهه جي سامهون ٿيا ۽ نادري لشڪر سان دليري سان مقابلو ڪيائون، ان ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿي، نادر شاهه جو لشڪر وڌيڪ هئڻ ڪري وڌي تعداد ۾ ماڇي مارجي ويا، ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وصال بعد سندس وڏو پٽ ميان مراد ياب خان نصرپور لڳ مراد آباد شهر آباد ڪيو ۽ اتي پنهنجي پرڳڻي جي گادي جو هنڌ بنايو، مرادياب خان جو عوام سان سٺو ورتاءُ نه ڪرڻ وارين شڪايتن عام ٿيڻ بعد ميان غلام شاهه ڪلهوڙو ڊرامائي انداز ۾ تخت تي ڇاپو هڻائي کيس گهر ڀاتين سميت شهدادپور جي ڪوٽ اندر قيد ڪيو.
    ڪلهوڙن جي پوين دور ۾ ميان عبدالنبي ڪلهوڙو ۽ بجار خان جي وچ ۾ دلور پاسي وڏي جنگ لڳي جنهن ۾ ميان عبدالنبي شهيد ٿي ويو، ٽالپر اتان موٽي شهدادپور واري ڪوٽ ۾ اچي رهيا ۽ ان ڪوٽ ۾ ئي وڏو جشن ملهايو. انگريز جڏهن سنڌ تي قابض ٿيا ته شير سنڌ مير شير محمد خان ٽالپر انگريزن جي خلاف جيڪي ٻه وڏيون جنگيون وڙهيو، انهن مان هڪ جنگ شهدادپور ويجهو وڙهي هئي، جنهن ۾ مير شيرمحمد خان هارايو هو، انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته سنڌ کي ٽن ڪمشنرين ۾ ورهايو ويو، انگريزن خلاف حضرت پير صبغت الله شاهه راشدي ”سورهيه بادشاهه“ جي اعلانيل گوريلا جنگ ”وطن يا ڪفن“ ۾ به شهدادپور ۽ آسپاس ۾ حرن پاڻ ملهايو. هينئر جتي پي ٽي سي سامهون ڀنگي ڪالوني آهي، اتي ۽ جتي حر آباد ڳوٺ آهي، انگريزن حرن کي ٻارين ٻچين گرفتار ڪري لوڙهن ۾ بند ڪيو. شهدادپور ٿاڻي ۾ لاتعداد حرن کي تشدد ڪري ماري ٿاڻي پويان مٽي ماءُ حوالي ڪيو. ٿاڻي ۽ موجوده ڊي ايس پي آفيس جي پويان ڪجهه عرصو اڳ کوٽائي دوران اجتماعي قبرون هٿ آيون، خيال آهي ته اهي وطن يا ڪفن جنگ جي شهيدن جون قبرون آهن. پاڪستان ٺهڻ بعد به حر ئي ڪافي وقت لوڙهڻ ۾ قيد هئا، شهدادپور ويجهو پاڪستان ٺهڻ بعد حرن جا جتي لوڙها هئا، ڪافي حد اتي ئي ويهي رهيا، ڇاڪاڻ ته انگريز سرڪار سندن گهر ڊاهي ڇڏيا هئا.
    انگريز دور ۾ شهدادپور ترقي ڪئي ۽ شهر ۾ صفائي سٿرائي ۽ روشني جو بهترين انتظام هو. روزانه ميونسپل ڪميٽي جا بشتي چمڙي جي ساندارن تي پاڻي ڀري رستن تي ڇنڪار ڪندا هئا. شام ٿيندي شهر ۾ روشني لاءِ تيل تي ٻرندڙ شمع دان ٻاريا ويندا هئا، شهر ۾ وڏي تعداد ۾ روڊن تي مختلف قسمن جا وڻ هوندا هئا، پاڻي لاءِ کوهه کوٽيل هئا. پراڻن کوهن ۾ ميمڻ پاڙو ۾، هرداس پور چونڪ تي، ريلوي ٽڪيٽ گهر سامهون، اولڊ پريس ڪلب ڀرسان سوائي روڊ تي شهباز لائبريري وٽ ڪافي تعداد ۾ کوهه هئا، جي هاڻ نه رهيا آهن.
    1954ع ۾ شهدادپور کي تعلقي جو درجو ڏئي حيدرآباد ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو. نواب شاهه کي ضلعي جو درجو ملڻ بعد شهدادپور تعلقي کي ان م شامل ڪيو ويو. بعد ۾ سانگهڙ کي ضلعو بنائڻ بعد شهدادپور کي ضلعي سانگهڙ ۾ شامل ڪيو ويو. ليڪن سانگهڙ ۾ ضلع آفيسرن لاءِي آفيسون ٺهڻ تائين ڪيترن ئي کاتن جون آفيسون شهدادپور ۾ قائم هيون. انگريز دور ۾ 1914ع ۾ شهدادپور ۾ ميونسپلٽي جو بنياد وڌو ويو. 1898ع ۾ پرائمري اسڪول جو بنياد وڌو ويو، جتي هي گورمينٽ مين پرائمري سنڌي اسڪول آهي، انگريز دور ۾ ٺاهيل اسڪول جي عمارت موجود هئي، جيڪا بعد ۾ ڊاهي موجوده ڊبل اسٽوري عمارت ٺهرائي وئي.
    شهدادپور کي پهرين تعلقي بعد ۾ سب ڊويزن جو درجو ملڻ بعد هتي وڏي تعداد ۾ سرڪاري کاتن جون آفيسون ٺاهيون ويون. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن هندو مسلم فساد شروع ٿيا ته ان جو ايڏو وڏو اثر شهدادپور تي نه پيو، پر تنهن هوندي به آسپاس ۾ ڪجهه اڻ وڻندڙ واقعا ٿيا، جنهن ڪري هتان وڏي تعداد ۾ هندو لڏپلاڻ ڪري ڀارت هليا ويا. جتان وڏي تعداد ۾ مهاجر هتي پهتا، شهدادپور ۾ هندو مسلم فساد وڏي پيماني تي ته نه هو، ليڪن پوءِ به هندو خوف وچان لڏي ويا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ شهر جا رستا، گهٽيون ڪشاديون هيون ۽ آسپاس ميدان هئا. شهدادپور جو پراڻو بس اڏو پراڻي مير هاشم لائبريري کان اسٽيشن تائين هو ۽ هتي ٽرانسپورٽ تي سرهندي پيرن جو هولڊ هوندو هو. موجوده اسلام آباد پاڙي ۾ بسن جو گئراج هوندو هو. ماضي ۾ هتي ڪيتريون ئي وڏيون کڏون هيون، هڪ ملدسي روڊ واري کڏ، جيڪا 6 ايڪڙن ۾ هئي ان کڏ کي 420 سڏيو ويندو هو. هڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول روڊ واري کڏ، چاڪي پاڙي ۾ ڌوٻي گهاٽ واري کڏ به ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي، سوائي روڊ واري کڏ به 17 ايڪڙن ۾ هئي. نانگو شاهه واري کڏ، ابدال نگر پاڙي واري کڏ ۽ ٻيون کڏون شامل هيون، اتي به لينڊ مافيه جا قبضا ٿي ويا، رهيل کڏن تي قبضا ٿي رهيا آهن. ساٽي پاڙي ۾ هندن جي معصوم ٻارن جو قبرستان هوندو هو، جتي لينڊ مافيه بلڊنگون ٺاهي ڇڏيون آهن، اسلام آباد پاڙي جو پراڻو نالو ڀڳوان آباد جاني پوره جو پراڻو نالو جاني مل پاڙو، هو سوائي روڊ ٻن حصن ۾ ورهايل هو، ٻائو پاڙو ۽ ڪيشن پورا. شهر جي ڪپڙا مارڪيٽ موجوده ڪپڙا مارڪيٽ ۽ واڻ بازار، سونارڪي بازار، ٻي مارڪيٽ چترا مارڪيٽ جيڪا صوفي بيڪري واري مارڪيٽ ۾ هئي، اهي ڪاروبار جا مرڪز هيا. هتي ڪيٽل گهاٽ به هو ۽ موجوده شاهه لطيف پارڪ وٽ ٽانگي جي گهوڙن جي پيڻ جي پاڻي لاءِ سيمنٽ سان وڏو هود ٺاهيل هو، اتي به غير قانوني طور دوڪان ٺاهيا ويا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ ڪيترائي سال پوءِ اسلام آباد پاڙو پراڻو ڀڳوان آباد ايئن هو، جيئن هن وقت شهدادپور ۾ انصاف سٽي، محمدي ٽائون وارو علائقو آهي، موجوده انصاف سٽي ۾ قاضي ڪاٽن فيڪٽري هوندي هئي. شهدادپور جي قديمي امام بارگاهه، لوهارڪي گهٽي واري هئي، شهدادپور جو ابڙا پاڙو به قديمي آهي. هي پاڙو ڪيترن ئي ايڪڙن تي هو، ابڙا پاڙي جي ڪجهه حصي کي ابڙا پاڙو ۽ ٻين پاڙن ۽ گهٽين کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو.
    شهدادپور جي ريلوي اسٽيشن 1873ع ۾ ٺهي. اها زمين بوداڻي خاندان جي هئي، موجوده سرڪاري اسپتال واري زمين به بوداڻي خاندان جي هئي. هن وقت شهدادپور ۾ تقريباً سرڪاري کاتن جون آفيسون آهن. شهدادپور ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادپور گورنمينٽ ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور نالي سان 2 بوائز هاءِ اسڪول گورنمينٽ ڊگري ڪاليج گورنمينٽ گرلس ڪاليج گورنمينٽ گرلز هائر سيڪنڊري اسڪول ۽ شهر ۾ ڪيترائي سرڪاري اردو سنڌي پرائمري بوائيز ۽ گرلس اسڪول ۽ وڏي تعداد ۾ پرائيويٽ اسڪول خانگي ڪاليج پڻ آهن. انگريز سرڪاري شهدادپور ۾ 1936ع ۾ پوليس ٽريننگ ڪاليج قائم ڪيو هو. ماضي ۾ سڄي پاڪستان ۾ پوليس جي ٽريننگ جو واحد اسڪول هو، هاڻ ترقي ڪندي پوليس ٽريننگ ڪاليج ٿي ويو آهي، جتي سپاهي کان وٺي ڊي ايس پي تائين ٽريننگ ڪن ٿا، شهدادپور ۾ عوام جي تفريح لاءِ 3 پارڪ آهن، شاهه لطيف پارڪ، جناح پارڪ ۽ چاڪي پاڙو ۾ شهيد بي نظير ڀٽو وومئين ۽ چلڊرن پارڪ آهي، جيڪو 2012ع ۾ ٺهيو، اتي پراڻو ڌوٻي گهاٽ جي کڏ هئي، برساتن ۾ ڀرجي وڃڻ ڪري گهرن ۾ پاڻي ايندو هو. مون به 2006ع ۾ اتي گهر دادو مل کان خريد ڪيو، اتي گهرن ۾ کڏ مان گندي ڌپ ايندي هئي. مون رئيس عبدالسلام ٿهيم ۽ ان وقت جو ٽي ايم او سيد شفيق شاهه کي مشورو ڏنو ته هتي شهيد راڻي جي نالي سان ٻارن ۽ عورتن لاءِ پارڪ ٺهرايو، اهو مشورو هنن کي پسند آيو ۽ ان تي عمل ٿيو ۽ بلديه جي بجيٽ مان 50 لکن کان وڌيڪ رقم منظور ٿي، بعد ۾ وڌيڪ رقم رکي وئي ۽ ان مان پارڪ ٺهرايو ويو، هتي پراڻي ميونسپل آفيس ايم سي بي بئنڪ سامهون واري گلي ۾ هئي، اها بلڊنگ بعد ۾ پريس ڪلب کي ڏني وئي، پريس ڪلب جي موجوده بلڊنگ ٺهڻ بعد اها جڳهه ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪئي وئي، ان بلڊنگ مٿان انگريز دور ۾ گهنڊ لڳل هو. جتي موجوده ميونسپالٽي جي آفيس آهي، اتي ميونسپلٽي جي ڊسپينسري هلندي هئي. موجوده سرڪاري اسپتال 1970ع ۾ جڙي. سابق وزير اعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هن اسپتال کي تعلقي اسپتال مان وڌائي انسٽيٽيوت آف ميڊيڪل سائنس جو درجو ڏنو ۽ هن وقت هن اسپتال جو شمار وڏن شهرن جي اسپتالن ۾ ٿئي ٿو. شهدادپور جي پراڻي هوٽل شهباز هوٽل جيڪا ايم سي بي بئنڪ سامهون هئي، هي هوٽل ناچو ڇوڪرن جو مرڪز رهي. هن وقت شهر ۾ 100 کان وڌيڪ هوٽلون آهن.
    آچر هوٽل جيڪا ايم سي بي ويجهو هئي اتي هاڻ ڪريانه دوڪان آهي. ياسين هوٽل ننڍي بازار ويجهو، محمدي هوٽل جتي سياسي پروگرام به ٿيندا هئا، هن هوٽل تي سياسي سماجي شخصيتون راتين تائين ويهي ڪچهريون ڪندا هئا. غفار هوٽل جيڪا نٿوخان جي هئي، پراڻي پريس ڪلب ويجهو هئي، دلبهار هوٽل جيڪا شهر جي پراڻي کان پراڻي هوٽل هئي، هاڻ اها ڪافي سالن کان بند آهي. هي بوداڻن جي هئي، جيڪا ڪرائي تي ڏنل هئي، غفار هوٽل اسٽيشن ويجهو نور محمد مسجد سامهون هئي. شير خان هوٽل، محمدي هوٽل، شير خان هوٽل برابر هئي، زاهد هوٽل سئنيما ويجهو هئي، تاج هوٽل فيض سئنيما ويجهو هئي، سبحان الله هوٽل اسلام مٺائي واري دوڪان سامهون هئي.
    شهدادپور جي ماضي جي مشهور اوطاقن ۾ ڀائي خان وساڻ جي اوطاق، محمد علي رند جي اوطاق، جلال خان وساڻ جي اوطاق، علي محمد واسو جي اوطاق، گل محمد خان ٿهيم جي اوطاق، راڻي صاحب ديا رام جي اوطاق، تيرٿ مل جي والد جي اوطاق، غلام علي شاهه جي اوطاق، حاڪم علي شاهه جي اوطاق، چنيسر ڀنڀرو جي اوطاق، الهه بچايو ڀنڀرو جي اوطاق، پير رسول بخش جي اوطاق ۽ بيون اوطاقون شامل هيون.
    شهدادپور جي مٿي ذڪر ڪيل پاڙن کانسواءِ ميمڻ پاڙو، هرداس پور، سابقي پاڙو، راڻا مل گهٽي، بخاري پاڙو، بوداڻي پاڙو به پراڻا پاڙا آهن. هن وٽ شهدادپور ۾ 100 کان وڌيڪ ڊاڪٽر آهن، ليڪن ماضي ۾ هتي جي مشهور ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر عباسي، ڊاڪٽر گل محمد شاهه، ڊاڪٽر غياث الدين بنگالي، ڊاڪٽر محمد حسن چانڊيو، ڊاڪٽر عبدالمجيد منڊو، ڊاڪٽر خانصاحب عبدالحق جتوئي، ڊاڪٽر بچل ۽ ٻيا هئا، جن ۾ چئن ڊاڪٽرن کانسواءِ باقي ايم بي بي ايس ڊاڪٽر نه هئا. ڊسپينسر هئا، ليڪن کين موجوده وقت جي بهترين ڊاڪٽرن جيتري ڄاڻ هئي، خانصاحب عبدالحق جتوئي جراح حڪيم هو. ماڻهن جا ڪاڪڙا وڍيندو هو، جڏهن ته بعد ۾ ڊاڪٽر مير بيگ، ڊاڪٽر حاجي خان ٽالپر، ڊاڪٽر قادر بخش ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. محمد علي خان بهترين حڪيم هو، شهدادپور جي جهونن وڪيلن ۾ ڌڻي بخش، الهه وڌايو ڏاهري، ولي محمد ڌاريجو، محمد اسحاق آرائين، ڏنو ميمڻ“ عبدالسلام انصاري، عبدالعزيز ميمڻ، سيد شبير حسين شاهه، عبدالواحد بروهي، غلام رسول انڙ، شهاب الدين ميمڻ، اشرف عمراڻي، پير علي نواز قريشي، احسان شاهه ۽ ٻيا شامل آهن. شهدادپور جي پهرين سئنيما گهر جيڪا ديوان هرچند راءِ ٺهرائي هئي، جيڪا لڪشمي ٽاڪيز سان سيٺ بولچند، بعد ۾ اها انڊيا مان آيلن کي ملي، انهن ان سئنيما جو نالو فيض ٽاڪيز رکيو، ٻي سئنيما شاهين جي نالي سان قاضي فيملي جي قاضي صدرالدين ٺهرائي، اتي هاڻ صائمه ميڊيڪل سينٽر ۽ گهر ٺهرايا ويا آهن. فيض ٽاڪيز سئنيما جي جاءِ تي شاپنگ سينٽر ٺهرايو پيو وڃي.
    شهدادپور ۾ ڪيترائي مدرسا آهن، انهن ۾ وڏي کان وڏو مدرسو حسيني مدرسو آهي، جتي سوين شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. هن مدرسي ۾ ڪيترن ئي ملڪن جا شاگرد به پڙهن ٿا. شهدادپور ۾ پهريون بس اسٽاپ اسٽيشن روڊ تي هو، ان بعد جتي سيد الهه بچايو شاهه جو گهر آهي، اتي هو، شهدادپور ۾ ڪيترن ئي بزرگن جون مزارون آهن، جن جو ذڪر الڳ باب پهرين ۾ آهي، هتي هندو صوفي سنت بائو سوائي، سنت چولارام، سنت گيهي ڀڳت، سنت اندرگر صاحب، جڏهن ته شهدادپور جي ويجهو ڀائي تولارام ۽ ڳسو ڀڳت جون مزارون آهن. جڏهن ته هندن جو ٽڪاڻو صاحب، گرومندر، ڌرمشالا، جهولي لال مندر، شيوالو پڻ آهي، ماضي ۾ شهدادپور واسي عيدگاهه ۾ نماز پڙهندا هئا، هاڻ عيدگاهه کانسواءِ حسيني مدرسي، امام بارگاهه، ريلوي اسٽيشن لوهارڪي مسجد ۽ ٻين هندن تي پڻ عيد جي نماز پڙهي وڃي ٿي. شهدادپور ۾ ڪافي امام بارگاهون آهن جن ۾ مرڪزي امام بارگاهه، حسينه حيدر ڪرار امام بارگاهه، لوهارڪي گلي واري امام بارگاهه، عالي محمد امام بارگاهه، ذوالفقار حيدري امام بارگاهه، علي مرتضيٰ امام بارگاهه آهن. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ پڙ پڻ آهن، جتي شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ عزاداري ۽ خيرخيراتون ٿين ٿيون.
    شهداپور جي انتقال ڪري ويل تعليمي شخصيتن ۾ ٻين کانسواءِ پروفيسر اعجاز ميمڻ، پروفيسر گل محمد گلاڻي، محمد بچل ميمڻ، دين محمد راجپوت فقير محب علي ٽالپر، بنده علي ٽالپر، محمد خان ڀاڻوجو، محمد هاشم سومرو، محمد هاشم جمالي ”ڳوٺ ماڻو جمالي“، هيمن داس واڻيو، محمد خان مستوئي، قمر الدين راجپوت، سيد مهتاب علي، سيد لائق علي، سيد اظهر علي، مقصود علي، شريف محمد، رحمت الله، اميرالدين، محمد ادريس ڪونڌر اترادي، عبدالرزاق پيرزادو ”ڪنڊيارو“، محمد رمضان ميمڻ، فيض محمد شاهه ”نوشهروفيروز“ وارو، مظفر خان، قمر جنيدي، سليمان قريشي، علي محمد پلهه ”ميرپورخاص“، مولا بخش لغاري ”ڳوٺ غلام محمد لغاري، غلام محمد لغاري ڳوٺ غلام محمد لغاري، جان محمد خان ڏاهري“، شاهپور چاڪر، محمد ٻڍل کوسو، علي محمد کوسو، عبدالغفار ميمڻ، پير مولا داد قريشي، محمد سومر خاصخيلي ٻرهون روڊ، جمال پريو فقير، محمد علي سومرو، انور سومرو، مولا بخش ميمڻ، محمد صالح گوپانگ، لال محمد اڄڻ، سوائي خان جکرو، محمد اسماعيل ٻگهيو، سيد لائق علي، الطاف حسين قريشي، رمضان ميمڻ، عبدالغفار ميمڻ، سيد آل نبي شاهه، دادن ڀٽو، گهنور خان رند، روشن الدين پٺاڻ، امداد ملڪ، نجم الدين ميمڻ، قمرالدين سيال اترادي، آپا امير بانو، شبير سرهيو، عبدالخالق ڀنڀرو، مهتاب صاحب، عبدالرحمان ميمڻ، ماسي ساران خاصخيلي، لکمير ڏاهري، محمد انور گجر، عبدالغني مڱڻهار، گل محمد خاصخيلي به شامل آهن.
    شهدادپور جي انتقال ڪري ويل مشهور سياسي سماجي شخصيتن ۾ ٻين کانسواءِ جان محمد خان وساڻ“ ڀائي خان وساڻ ”اول“، ڀائي خان وساڻ دوئم ۾ گل محمد خان ٿهيم، عبدالسلام ٿهيم، عبدالواحد بروهي، عيسيٰ خان وساڻ ”اول“، موسيٰ خان وساڻ ”اول“، ڀائي خان وساڻ، مير محمد خان وساڻ، جمال فقير خاصخيلي، قاضي محمد تقي، ڄام قائم الدين ڪوريجو، شاهه محمد ميمڻ، حاجي محمد ابراهيم ڏيٿو، سردار الهه ڏنو خان ڏيٿو، ڏاڏو متارو ڏاهري، مرتضيٰ رند، ڊاڪٽر مير بيگ، پير رسول بخش قريشي، سيد عزيز الدين شاهه، غلام محمد جکرو، راڻا ولايت، سيٺ ڪشچند، خالق ڏنو دل ”جج“، سيٺ جاني مل، سيٺ هرداس مل، سيٺ حبيب، سيٺ ڌڻي بخش شيخ، پير علي نواز قريشي ايڊووڪيٽ، سيد در محمد شاهه، سيد نور محمد شاهه، الهه بچايو ڀنڀرو، چنيسر خان ڀنڀرو، زوار غلام حيدر زرداري، علي دوست زرداري، محمد صالح وساڻ، محمد آچر وساڻ، فيصل خان وساڻ، پير بخش بوداڻي، حاجي فيض محمد ڪيريو، پير محمد اعظم قريشي، مير هاشم ٽالپر، مولانا مرزا اختر، عبدالقدير، رحيم بخش غوري، غلام مصطفيٰ راجپوت، غلام محمد شيخ، حاجي ياسين نربان، محمد صديق نربان، حاجي ضلع دار، حڪيم عبدالستار خلجي، ديوان توتومل، ليمون فقير سنجراڻي، فقير عبدالحڪيم هنڱورو، سردار نبي بخش سولنگي، سيد حسين شاهه ”پوليس انسپيڪٽر“، مير محمد شاهه، علي شير جوڻيجو، سيد محمد شاهه ”ڪينڪائي“، سيٺ فتح نصيب، ڊاڪٽر گل محمد شاهه، حاجي نظام الدين شيخ، سڪندر ڪيريو، سيد اوڀال شاهه، سيد الهه بچايو شاهه، شهاب الدين ميمڻ ايڊووڪيٽ، سيد محمد شاهه، پير عبدالحسين صوفي، نظام الدين جنيدي، اظهر جعفري، مولوي عزيز يزداني، امير الحسن قريشي، پير غلام رضا قريشي، نور محمد خاصخيلي، مفتي عبدالحامد، صاحب ڏنو ٻگهيو، لکاڏنو صبح پوٽو، شوڪت رام پوري، سيد غلام علي شاهه، جاويد سمون، غلام نبي ملاح سيٺ عبدالستار ميمڻ، مير عبدالڪريم ٽالپر، صلاح الدين قريشي، محمد يوسف ابڙو، عزيز الدين شاه، محمد صديق سچو سونارو، سيد حاڪم علي شاه، سيد عطا محمد شاهه، تاج حيدري ملاح، قابل ميراڻي، صوفي محمد صفر ابڙو، سيد عبدالوهاب شاهه، علي بخش سرهيو، رزاق مجاهد، محمد صديق دائودپوٽو، علي محمد واسو، فضڪر الله شاهه، حاجي واحد بخش ڀٽي، يار محمد خاصخيلي، مجاهد محمد ابراهيم، حاجي محمد اقبال قريشي، حاجي اسلام الدين راجپوت، پيرل مهيسر، مولوي سيد شهاب الدين دائري وارو، محمد عثمان بخاري، ديوان بولچند، باقر خان لغاري، علي محمد واسو، حمزو خان وڳڻ به شامل آهن.
    انتقال ڪري ويل مشهور اديب شاعرن ۾ دادن ڀٽو، قادر بخش جمالي، محمد حسن سحر، ڪاڪا نٿر مل آزاد، ڀائي خان ڪلوئي، مولانا محمد صادق، فاضل حميدي، فلڪ الهه آبادي، اسلام الدين آزاد، روشن پٺاڻ، مولوي شهاب الدين شاهه شامل آهن.
    انتقال ڪري ويل صحافين ۾ مجاهد محمد اشرف دائودپوٽو، شڪيل پٺاڻ، محمد ايوب چانڊيو، يعقوب شورو، ناصر شيخ، سچل لاهوتي شاهه محمد ميمڻ شامل آهن.
    انتقال ڪري ويل مشهور فنڪارن ۾ استاد طفيل قريشي، عطا محمد ڪنڀر، غلام رسول لوهار، قادر بخش ٿهيم ”هر فن مولا“ شامل آهن.
    انتقال ڪري ويل مشهور اسٽيج ادارڪارن ۾ غلام علي نظاماڻي، ماما رسول بخش راڄپر عرف شاهد خان، مقصود ڪوريجو، ماما يوسف خلجي، سيف گجر منشي فتح محمد تئمور، غلام جيلاني سومرو، اسماعيل شيخ، نور ميمڻ، مقصود ڪوريجو، فيصل قريشي، ماما نبي بخش لاشاري، عبدالغني مڱڻهار، شڪيل ڪوريجو، فاصل حميدي، ناصر گجر، غني بلوچ.
    شهدادپور جي سينئر ترين وڪيلن ۾ شير خان پٺاڻ، عبدالغني ميمڻ، عبدالعزيز ميمڻ، پير علي نواز قريشي، عبدالقدير بيگ، احسان علي شاهه، گلزار وڪيل، عبدالسلام انصاري، عبدالغني چانڊيو، ولي محمد ڌاريجو، هاشم خاصخيلي، صادق محمود آرائين، شهدادپور شهر جي حال حيات مشهور سياسي شخصن ۾ ماهي خان وساڻ، عبدالرحمان ٿهيم، فقير محمد بخش خاصخيلي، شاهد خان ٿهيم، غلام قادر ڪيريو، محمد علي خان وساڻ، فهد خان وساڻ، غلام قادر ڪيريو، اميد علي رند، تحسين نربان، فقير حسين بخش خاصخيلي، خادم حسين زرداري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، لال بخش باگراڻي، ذوالفقار زرداري، مير ملوڪ ٽالپر، يار محمد لغاري، پير ڪوڙل قريشي، غلام سرور آرائين، طالب جکرو، ظفر بخاري، ارشاد بخاري، رمضان پنهور، سونو خان ڀنڀرو، ڊاڪٽر حاجي خان ٽالپر، پير خالد جان سرهندي، ايڊووڪيٽ پير محمد ايوب جان سرهندي، پير حبيب الله جان سرهندي، محمد انور زرداري، لقمان راجپوت، انور چانڊيو، ملڪ عبدالحميد ڪمال، ڊاڪٽر ڄام سليم، فتح محمد شيخ، عارف شيخ، راڻا عبدالستار راجپوت، راڻا غلام رسول، رفيق جکرو، اسلم خاصخيلي، دائم منگي، پهلوان رند، منور خاصخيلي، ڊاڪٽر عبدالستار ڏيٿو، نبي بخش سيال، نياز داڻي، اسحاق جکرو، منور ابڙو، فقير عبدالله ابڙو، راجا نور محمد ڏاهري، مشتاق قريشي، آفتاب بابو زرداري، محمد قاسم زرداري، جي رام داس، سيٺ رام چند، سردار نور محمد ڏيٿو، مبورغوري، پنهل ڀاڻوجو، خدابخش ڀاڻوجو، آغا خداداد، ڄام پهوڙ، مراد علي ڀنڀرو، راڻا سردار راجپوت، علي مراد دزڪاڻي، خدابخش ڌرڪاڻو، يونس راجپوت، راڻا افضل، راڻا خالد راجپوت، محمد افضل، عبدالخالق شيخ، اصغري قريشي، حاجي سبحان قريشي، شفيق شاهد، شريف ڪلهوڙو، عزيز باگراڻي، شير تلهاڻي، فياض خاصخيلي، وزير ڪلهوڙو (جونيئر)، مير خادم حسين باگراڻي، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، علي احمد رند، احمد علي عمراڻي، جبار ميمڻ ۽ ٻيا شامل آهن. شهدادپور شهر جي مشهور حال حيات شاعرن ۾ ڊاڪٽر عبدالرحمان دانش، ظفر بخاري، پير ڪوڙل قريشي، عاشق چانڊيو، محمد رمضان رمزي، انجم ٻگهيو، عبدالله چانڊيو، نديم گلاڻي، سيد غلام شاهه جيلاني، سجاد راشدي، محمد الياس ابڙو، فقير عبدالله ابڙو، ارباب عزم قمبراڻي، شاهنواز نوناري، قاسم انڙ، پيرل سولنگي، اصغر ڪنول، نسرين الطاف قريشي، سيد ميران شهاب ابو محمد سرمند، انعام نديم ڪاشميري، شهدادپور جي ليکڪ صحافين راقم المعروف نور سنڌي، نثار بالادي انجم ٻگهيو، قمرالدين ملڪ، مهدي حسن پنهور، ڊاڪٽر رفيق شيخ شامل آهن.
    هتي شادي هال، بلال گارڊن، مجبتيٰ گارڊن، حسن علي گارڊن، سني گارڊن، قريشي شادي هال، ڌرم سالا شادي هال جي نالن سان آهن. شهدادپور شهر جي آبادي ۾ تيزي سان واڌ اچي رهي آهي، شهر شاهپورچاڪر، هالا، ملدسي، ٽنڊو آدم، ٻرهون، سانگهڙ، ٻيراني هنڱورا روڊ تي تيزي سان وڌي رهيو آهي.
    حواله: سنڌ جا ڳوٺ ۽ شهر، سنڌي هندن جي تاريخ، سهڻي ميهار جي عرس مبارڪ تي شايع ڪيل سوينئر ۾ پروفيسر محمد خان ٻرڙو جو آرٽيڪل. ساڃاهه وند ۽ جهونن ماڻهن عبدالله ابڙو، رمضان پنهور، احمد ظفر بخاري، قمرالدين ملڪ ۽ ٻين کان ورتل معلومات.


    ملدسي جو تاريخي پس منظر ماضي حال ۽ مشهور ماڻهو

    سانگهڙ ضلع جي شهدادپور تعلقي ۾ شهدادپور کان اولهه طرف 9 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ماضي ۾ وهندڙ سنڌو درياءَ جي سير لوهاڻو ”مارک واهه“ ۽ روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي هڪ ننڍڙو شهر ملدسي آباد آهي، هي ننڍڙي شهر نما ڳوٺ سنڌ جي تاريخي، قديم ڳوٺن مان هڪ آهي. ملدسي ڪڏهن آباد ٿيو، ڪنهن آباد ڪيو هن جو ماضي ڇا رهيو، اهڙو احوال سنڌ جي تاريخي ورقن ۾ نه اچي سگهيو آهي. ليڪن مشهور ليکڪ ڪاڪا ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي جي ڪتاب ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جي صفحي نمبر 113 تي هن لکيو آهي ته، سنڌ جا ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن تي مهاڻن جا نالا آهن، شهدادپور تعلقي ۾ جما ۽ ملهه دسي اهي ٻئي ڳوٺ هڪٻئي جي ويجهو آهن، اها جما مائي مهاڻي هئي ۽ ملهه وڙهڻ جي استاد هئي، هوءَ اتر کان آئي هئي ۽ گهڻن کي ملهه دسي وڌائين، نيٺ شهدادپور تعقلي ۾ ڪو اهڙو مڙس گڏيس جنهن ملهه دسيس، جنهن ڪري جنهن هنڌ تي ملهه دسيائين، ان هنڌ تي ملهه دسي نالو پئجي ويو ۽ هاڻي ملدسي سڏجي ٿو.“ ڪاڪا ڀيرومل مهرچند آڏواڻي کان اها ڳالهه رهجي وئي ته هن علائقي ۾ سون چڙي ۽ ٻراڇڙي ڳوٺ به مهاڻين جي نالن تي آهن. سون چڙي جمان ۽ ملدسي جي وچ تي روهڙي ڪئنال جي ٻئي طرف آهي، جتي هڪ ڦٽل ڳوٺ يا ننڍڙي شهر جو دڙو آهي، جيڪو ماضي ۾ ڪئين ايڪڙن ۾ ڦهليل هو، پر آسپاس ۽ بعد ۾ اتان جي ماڻهن پاران کوٽائي ڪري سرون ڪڍڻ ۽ مٽي کڻڻ ۽ بعد ۾ زرعي آبادي ڪرڻ ڪري هاڻ اهو ڦٽل شهر جو ڀڙو ننڍو ٿي ويو آهي. اهو ڳوٺ هاڻ ڀڙو سڏجي ٿو: ٻراچڙي اتان ماڻهن کي سون به مليو. پر اچڙي شهدادپور ويجهو هالا روڊ تي واقع آهي. انهن ڳوٺن جي پنهنجي تاريخ آهي. روايتن موجب ملدسي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور جو آباد ٿيل آهي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ملدسي ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ ملدسي جتي هي ملدسي آهي، ٻيو حصو جتي ملدسي جو نئون ڳوٺ آباد ٿيو آهي، جتي هاءِ اسڪول آهي. جڏهن ته ملدسي جي چوطرف ڇڙوڇڙ گهر به هئا، پر انگريز دور ۾ حر تحريڪ جي خوف ۾ ڇڙوڇڙ گهرن کي سختي سان هدايت ڪئي وئي ته هو اتان لڏي هڪ هنڌ ويهن ڇاڪاڻ ته ان وقت حر جماعت پاران وطن يا ڪفن تحريڪ عروج تي هئي ۽ انگريز ان وقت هر علائقي ۾ ڇڙوڇڙ گهرن کي هڪ هنڌ آباد ڪيو، ته جيئن اتي آساني سان نظر رکي سگهجي. ماضي ۾ اتر کان سنڌو درياءَ مان هڪ واهه جنهن کي سنڌو جو ڦاٽ يا درياءُ جي سير ۽ لهاڻو درياءَ به چوندا هئا، ان کي هاڻ مارک واهه به چون ٿا، جيڪو قدرتي طور سڄو سال وهندو هو، جيڪو زمين جي سطح کان هيٺ وهندو هو، پر سانوڻ جي مهيني ۾ ڦوڪجي وهندو هو ۽ آسپاس ڪئين ميلن جي علائقي کي ٻوڙي ڇڏيندو هو. ان لوهاڻو درياءَ جي ڦاٽ ”سير“ ۾ ٻيڙيون به هلنديون هيون. مڇي به جام هوندي هئي، ان سنڌو جي سير جا آثار اڄ به موجود آهن پر هاڻ 60 سيڪڙو لٽجي ويو آهي. شايد هاڻ ان مارک واهه جا آثار صفا مٽجي ويندا. 2011ع وارين قيامت خيز برساتن بعد حڪومت اهڙن پراڻن واهن جي کاٽي ڪرائي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ جو اعلان ۽ پي سي ون ٺهڻ جي باوجود انهن قدرتي وهڪرن کي بحال نه ڪيو ويو.
    روايتون آهن ته لطيف سائين جي رسالي جي لافاني ڪردار سهڻي ميهار جو تعلق به هن علائقي سان هو. ملدسي کان اوڀر طرف ملدسي شهدادپور روڊ کان فرلانگ پنڌ تي پير بخش ڏيرو ۽ بابل ڏيرو ايڊوڪيٽ وارن جي زمين وٽ ڪئين ايڪڙن ۾ هڪ دڙو هوندو هو، جيڪو اسان به ڏٺو هو، جنهن ۾ ٺڪراٺو هو، اهو ميهارڪو ڀڙو سڏبو هو. ميهارڪي ڀڙي کي ڏسڻ تي تحقيقات ڪرڻ لاءِ مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پروفيسر محمد خان ٻرڙو، عبدالله ورياهه ۽ نواز ڪنڀر به هتي آيا هئا، جن مان پروفيسر محمد خان ٻرڙو کي ميهارڪي ڀڙي مان برساتن جي وقت ملدسي جي استاد محمد طيب خاصخيلي، سيد حسين شاهه ۽ ٻين ماڻهن کان هٿ آيل سڪا به ڏنا، ليڪن اهي سڪا خراب حالت ۾ هئا. پروفيسر محمد خان ٻرڙو اهي سڪا- سڪن جي ماهر ڊاڪٽر عبدالله ورياهه کي ڏنا هئا. روايتون آهن ته مائي سهڻي به ان لوهاڻو جي سير مان تري ميهار سان ملڻ ويندي هئي، بهرحال اتي وڌيڪ تحقيقات جي ضرورت آهي. ميهارڪو ڀڙو بعد ۾ آبادي هيٺ اچي ويو. ماڻهن پاران دڙي جي کوٽائي مان ماڻهو جيڏا مٽ، وڏيون چاڏيون هٿ آيون، لوهاڻو جي سير تي ملاحن جا چند گهر هوندا هئا، ان ڳوٺ ۾ ملاح برادري جون 4 ڀينرون رهنديون هيون، جن جا نالا جمان، ٻراڇڙي، سون چڙي، خانزادي هو، جيڪي انتهائي طاقتور هيون، مائي جمان، ٻراچڙي جي نالن تي ڳوٺ آباد آهن. سون ڇڙي ديهه آهي. جڏهن ته خانزادي مائي جنهن ڳوٺ ۾ هئي، ان جو نالو بعد ۾ ملدسي پئجي ويو. روايتون آهن ته هيءَ ڪڻڪ جي هڪ ٻوري هڪ ڪلهي تي ٻي ٻئي ڪلهي تي کڻي ويندي هئي ۽ کنيل ٻورين سان ڪئين ميل پنڌ ڪري ويندي هئي، ان عورت کي ملهه وڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ پڙهو گهمرايائين ته مون کان وڌيڪ ڪوبه طاقتور نه آهي، جي آهي ته اهو جوان مون سان ملهه وڙهي. هڪ ٻي روايت اها به آهي ته اها مائي جڏهن جوان ٿي ۽ مائٽن ان جي شادي ڪرائڻ ٿي چاهي ته هن شرط وڌو ته آئون ان سان شادي ڪنديس، جيڪو مون کان وڌيڪ طاقتور هوندو ۽ طاقت جي خبر ملهه وڙهڻ سان پوندي، جيڪو مون کي ملهه دسيندو ان سان شادي ڪنديس ۽ شادي لاءِ ملهه مارڻ جو شرط دلچسپي کان خالي نه هو. اها خبر پري پري تائين هڪ ماڻهو کان ٻئي تائين ٻئي کان ٽئين، اهڙي ريت پري تائين اها خبر باهه وانگر پکڙجي ويئي. چون ٿا ته ڪئين عام طاقتور ماڻهن سان گڏ ملهه پهلوان به قسمت آزمائي ڪرڻ لاءِ پهتا، پر مائي کي ڪير به ملهه نه پيو دسي سگهي، اهو سلسلو سالن تائين هلندو رهيو ۽ اهو چرچو نه صرف هن علائقي پر پري پري وارن علائقن تائين وڃي پهتو ۽ هڪ ڏينهن هڪ فقير جنهن کي سائي رنگ جو جبو۽ ڳچي ۾ چڙا ٻڌل هئا، ان به اچي مائي کي ملهه وڙهڻ لاءِ چيو ۽ ملهه ۾ عورت ملهه دسجي پئي ۽ اها خبر پري پري تائين وڃي پهتي ته مائي ملهه دسجي وئي. ان بعد ملاحن جي هن چند گهرن تي ٻڌل ڳوٺ جو نالو ملهه دسي بعد۾ هه ختم ٿي وئي۽ ملدسي پئجي ويو. روايتون آهن ته اهو فقير لاڙ جو ملاح هو. اها به روايت آهي ته ملهه وڙهندڙ مائي جو نالو جمان هو، جيڪا موجوده جمان ڳوٺ جي هئي، پر ملهه مقابلو موجوده ملدسي جي ميدان تي ٿيو هو. ماضي ۾ ملاحن جي اها وستي ملدسي ترقي ڪندي هاڻ هڪ ننڍڙي شهر واري حيثيت رکي ٿي. پاڪ- هند جي ورهاڱي کان اڳ ملدسي واپار جو مرڪز به رهي آهي. ملدسي جي هڪ حصي ۾ غريب رهندا هئا، جڏهن ته جتي ملدسي آهي اتي ديوان ۽ علائقي جا زميندار ڏيرا فقير ۽ سيد رهندا هئا. هتان جي مشهور ديوان سٺين ۽ سيٺ ديوان گيان، ديوان ريلو مل، ديوان وشنومل، ڪلياڻ ٻائو ۽ ٻيا هئا. مٺائي، ڪپڙي، سيڌي جا وڏا دڪان هئا. انهن عمارتن مان موجوده سيد بخت شاهه وارو دڪان موجود آهي، جو اڄ به مرمت ۽ ضروري سار سنڀال کانسواءِ ملدسي جي جڳهن کان نمايان آهي. واڻين جي وقت ۾ ملدسي ۾ پاڻي جي نيڪال جو انڊر گرائونڊ ڊرينيج سسٽم، پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه کوٽايل هئا. وچ شهر واري کوهه کي وڏو کوهه سڏيو ويندو هو، جيڪو 1982ع کان پوءِ ختم ڪري اتي گهر ٺهرايا ويا، اهو کوهه موجوده مرحوم فريد هوت ۽ ولي محمد هوت جي گهر جي وچ تي هو، هاڻ اتي ولي محمد هوت جا گهر آهن. 82-1981ع ڌاري اتان گهٽي به هئي، جتي ولي محمد هوت جا گهر آهن، اتي لونگ اوڏ وارن جا گهر هئا، جيڪي بعد ۾ ٽنڊو آدم لڏي ويا. ماضي ۾ هتي هالا برادري جا ماڻهو به هئا، جيڪي بعد ۾ هالا لڏي ويا. واڻين جو وڏو تعداد رحم دل غريبن کي ڏکئي وقت ۾ ڪم اچڻ وارا هئا. ڪجهه واڻيا مذهبي جنوني هئا، انهن مان هڪ ديوان به هڪ هو جنهن جي چلم مان ڦوڪ ڀريندڙ مولا بخش ملاح کي ان ڏوهه ۾ 6 مهينا ٽيپ ڏياري ڇڏي. ملدسي جي زميندار وڏيرو وارث ڏنو ڏيرو (اول) جو وڏو دٻ دٻو هو، پاڻ ٺيٺ وڏيرو هو، سندس علائقي ۾ وڏيرڪو راڄ قائم هو، سولي سنڌي ۾ ائين کڻي چئجي ته سندس اجازت کانساوءِ جهرڪي به نه اڏامندي هئي. پاڻ مذهبي جنونيت رکندڙ ۽ غريب مسلمانن کي بنا سبب تنگ ڪندڙ هڪ ديوان کي وڏي کوهه وٽ مارائي ڇڏيو. جڏهن بندوقن جو رواج نه هو، تڏهن به وارث ڏيرو (اول) وٽ بندوقون هيون. کيس اولاد نه هو، ان ڪري سندس مال ملڪيت جنهن ۾ هڪ هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين به آهي، اها سندس سئوٽ فقير محمد موسيٰ ڏيرو کي ملي ۽ بعد ۾ فقير محمد موسو ڏيرو کي علائقي جي چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌائي وئي. ڏيرا خاندان جو ذڪر الڳ باب ۾ ڪيو ويو آهي. ملدسي ۾ 1915ع ڌاري آئوٽ پوسٽ پوليس قائم ٿي. هڪ جمعدار، 3 سپاهي مقرر ڪيا ويا. پهرين صرف هڪ مورچو هو، جتي پوليس جو اهو عملو موجود هوندو هو، هيٺ سندن گهوڙا بيٺل هوندا هئا. 1928ع ۾ 3 ڪمرن جي بلڊنگ ٺاهي وئي. بعد ۾ هن کي پوليس پوسٽ جو درجو ڏئي پوليس عملو وڌايو ويو. 1992ع ڌاري ٿاڻي جي زبون حالي بلڊنگ ڊاهي نئين بلڊنگ ٺاهي وئي. 1915ع ڌاري هتي پرائمري اسڪول کوليو ويو، جنهن لاءِ هڪ ديوان پنهنجي 2 ڪمرن واري اوطاق ڏني، اهو ملهار خاصخيلي جي موجوده گهر وٽ هو، بعد ۾ جتي خميسو شيخ وارن جي واڙ آهي، اتي قائم ٿيو، بعد ۾ سيد قاسم علي شاه جتي سيٺ مصري وارن جو پلاٽ آهي، اتي ٻن ڪمرن واري اوطاق اسڪول جي حوالي ڪئي وئي ۽ ان وقت سندن ڪوششن سان 500 رپيا ضلع ڪائونسل ۾ جمع ڪرائي مڊل اسڪول جا اي پي سي ڪلاس کولرايا ۽ ان لاءِ هڪ ڪلاس وڌيڪ پنهنجي هڙان وڙان ٺهرائي ڏنا، بعد ۾ سيد قاسم شاهه جي ڪوشش سان ملدسي ۾ گرلز پرائمري اسڪول کوليو ويو، جيڪو پهرين هڪ گهر ۾ هلندو هو، ان بعد جتي شيخ پاڙي ۾ پرائمري اسڪول هلندو هو، اتي کوليو ويو. اها بلڊنگ ڪري پوڻ بعد گرلس اسڪول ڪجهه وقت ماسترياڻي جي گهر بعد ۾ مڊل اسڪول جي پراڻي بلڊنگ ۾ شروع ٿيو ۽ اڄ به اتي هلي پيو. جڏهن ته پرائمري اسڪول جي سيد قاسم علي شاهه پاران ڏنل عمارت برساتن ۾ ڪري پوڻ بعد جتي هاڻ پرائمري بوائيز اسڪول هلي پيو، اتي حڪومت پاران عظيم الشان عمارت ٺهرائي اسڪول کي شفٽ ڪيو ويو. ان اسڪول لاءِ پلاٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي سروي نمبر مان ڏنو. 1990ع ۾ هاءِ اسڪول منظور ٿيو، جنهن جي بلڊنگ پراڻي ملدسي ۾ ٺهرائي وئي، جڏهن ته 1993ع ۾ نياڻين لاءِ گورنمينٽ مڊل اسڪول قائم ڪيو ويو، جنهن لاءِ درگاهه پير شاهه ڪنڀر پاڙي وٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي سروي زمين مان پلاٽ ڏنو، جتي خوبصورت بلڊنگ ٺاهي وئي، ڪيترائي سال مقرر ڪيل عملو غائب رهيو، بعد ۾ مون پاران ان خلاف خبرون هلائڻ، درخواستون ڪرڻ ۽ پير بخش ڏيرو پاران به ڪوششون ڪرڻ بعد اڌ عملو اچڻ لڳو، پر گرلس مڊل اسڪول ان خوبصورت بلڊنگ ۾ هلڻ بجاءِ پرائمري اسڪول جي ٻن ڪمرن ۾ هلي رهيو آهي. مڊل اسڪول لاءِ آيل فرنيچر، الماريون، پکا، موٽر ۽ ٻيو سامان غائب آهي. 1962ع ۾ ملدسي ۾ يونين ڪائونسل جو بنياد رکيو ويو، پر اها سڏبي يونين ڪائونسل مهرعلي ٽالپر، ايٽ ملدسي هئي، ان وقت هن يو سي ۾ موجوده يو سي سومر فقير هنڱورو به شامل هئي. بعد ۾ فقير عبدالحڪيم هنڱورو جي ڪوششن سان هن يو سي جو اڌ ڪٽي يو سي سومر فقير هنڱورو قائم ڪئي وئي ۽ ڳوٺ مهر علي ٽالپر ان ۾ شامل ٿيڻ بعد ملدسي واري يو سي کي يو سي ملدسي نالو ڏنو ويو. ملدسي سامهون روهڙي ڪئنال تي لانڍي ٺهيل آهي، اها بيٽ ملدسي جي داروغي جو هيڊڪوارٽر آهي. ٿاڻي ۽ يونين ڪائونسل وچ تي زراعت کاتي جي فيلڊ اسسٽنٽ جي آفيس 1985ع ۾ ٺهي، پر فيلڊ اسسٽنٽ هڪ ڏينهن لاءِ به نه ويٺو ۽ شروع کان ملدسي پوليس پوسٽ جو انچارج اتي رهائش ڪندو اچي. 1977ع ڌاري ضلع ڪائونسل پاران ميڊيڪل ڊسپينسري قائم ڪئي ويئي، جيڪا پهرين حاجي محمود ملاح جي دڪان ۾ هئي، بعد ۾ مسجد واري دڪان ۾ بعد ۾ حاجي عبدالحق حاجي شيخ جي دڪان ۾ 1985ع ۾ ضلع ڪائونسل پاران ڊسپنسري لاءِ بلڊنگ ٺهرائي وئي، جنهن لاءِ پلاٽ وارث ڏنو ڏيرو، پير بخش ڏيرو وارن پنهنجي زرعي زمين مان ڏنو. ملدسي ڊسپينسري ۾ شروع کان هن وقت تائين ٻاهر جا جيڪي ڊسپينسر ايندا رهيا آهن، اهي وارث ڏنو ڏيرو مرحوم جي اوطاق تي رهندا آيا آهن، جتي کين گهرڀاتين جيان رهائش ۽ ماني جون سهولتون ملنديون رهيون آهن. ملدسي ڊسپينسري جو پهريون ڊسپينسر محمد ياسين چوڌري هو. هن ڊسپنسري ۾ وڌيڪ وقت ڊاڪٽر امداد لغاري ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ رهيا آهن. امداد لغاري ملدسي ڀرسان ڳوٺ غلام محمد لغاري جو ۽ عزيز ميمڻ ڄامشورو ضلعي جي ڳوٺ لاکا جو آهي. عزيز ميمڻ جي رهڻ ڪري آڌي اسر جو به بيمار ٿيندڙ مريضن کي فرسٽ ايڊ ملي ويندي هئي، ان ڪري ڊاڪٽر عزيز سڄي شهر جي ماڻهن جو جهڙوڪ گهر ڀاتي ٿي ويو هاڻ پاڻ رٽائرڊ ٿي ويو آهي. ملدسي ڊسپينسري جيڪا زبون ٿي وئي هئي، ان جي مرمت، جڏهن پير بخش ڏيرو وقتي طور سانگهڙ ضلع حڪومت جو ناظم ٿيو ان جي ڪوشش سان ڪرائي وئي، هن وقت ميڊيڪل ڊسپينسري جو انچارج ڊاڪٽر عرفان ميمڻ آهي.
    ملدسي ۾ ماضي ۾ حاڪم خاصخيلي وارن جي گهرن سامهون واهه جي ڀرسان وڏي قديم عيدگاه به هئي، جتي عيدنمازون ۽ جنازه نمازون پڙهيون وينديون هيون، بعد ۾ اتان روڊ ٺهڻ ڪري عيد جو ڪجهه حصو ان ۾ اچي ويو، باقي عيدگاه واري مٽي روڊ ۾ وڌي وئي ۽ اهڙي ريت قديم عيدگاهه هميشه لاءِ ختم ٿي وئي، وچ ۾ مرحوم وارث ڏنو ڏيرو ۽ پير بخش ڏيرو وارن اتي نئين عيدگاهه ٺهرائڻ جو فيصلو به ڪيو هو، پر خبر نه آهي ته ان تي عمل ڇو نه ٿي سگهيو 2013ع ۾ يو سي آفيس سامهون ڳوٺ وارن پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت نئين عيدگاهه ٺاهي آهي، ان ۾ سيٺ الهه بچايو خاصخيلي جو اهم ڪردار آهي. جڏهن ته اهلحديث جي سابق ملدسي جي امير علامه محمد طيب شيخ پنهجي فارم ڀرسان عيدگاه اهلحديث ٺهرائي، جتي اهلحديث سان وابسته ۽ ڪجهه فقهه کان آزاد ماڻهو عيدنماز پڙهن ٿا، جڏهن ته باقي ماڻهو نئين عيدگاهه ٺهڻ کان اڳ جامع مسجد اهلسنت ۾ عيد نماز پڙهندا هئا، جنازه نمازون گهڻو ڪري روڊ تي يا قبرستان جي ڀرسان ٿين ٿيون، ملدسي ۾ ٻه وڏيون ۽ 3 ننڍيون مسجدون آهن، وڏين مسجدن ۾ جامع مسجد اهلسنت جامع مسجد الحديث، ننڍين مسجدن ۾ پوليس پوسٽ واري مسجد ۽ احمد فقير ڏيرو جي اوطاق واري مسجد آهن. 3 مسجد ماستر محمد صالح هوت پنهنجي گهرن ويجهو ٺهرائي آهي. اهلحديث واري مسجد ماضي ۾ سيد مسجد سڏبي هئي، جيڪا سيد نور محمد شاهه، سيد قاسم شاهه وارن ٺهرائي هئي، ننڍڙي ۽ ڪچي مسجد هئي، جتي ماضي ۾ حافظ نور محمد جلالاڻي روزانو ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ ايندو هو، مون به قرآن شريف حافظ نور محمد وٽ انهي مسجد ۾ پڙهيو. بعد ۾ ان مسجد ۾ فقير سلمان ملاح شهيد جي ڪوششن سان شيعه نماز پڙهي ويندي هئي، خاص طور جمعي ڏينهن نه صرف ملدسي پر آسپاس مان فقهه جعفريه سان تعلق رکندڙ ماڻهو نماز پڙهڻ ايندا هئا، نماز پڙهائڻ ۽ خطبو ڏيڻ لاءِ ڳوٺ غلام محمد لعاري مان ماستر عاشق لغاري ايندو هو. ڪڏهن اهو نه ايندو هو ته فقير سلمان ملاح، ڪڏهن ڪامريڊ محمد خان ملاح به پيش امام جا فرض نڀائيندو هو. بعد ۾ اهو سلسلو بند ٿي ويو ۽ اهلحديث وارن سيدن کان اجازت وٺي اها مسجد شهيد ڪري نئين ٺهرائي، ان ۾ علامه محمد طيب شيخ، حيدر هوت مرحوم ۽ ٻين جو وڏو هٿ رهيو. جڏهن ته جامع مسجد اهلسنت جيڪا ننڍي مسجد هئي، جيڪا اتي هڪ وڏي ۽ عظيم الشان مسجد محمد صديق شيخ مئنيجر ڪوآپريٽو بئنڪ حيدرآبادجو اصل ملدسي جو رهائشي آهي، سندس ڀاءُ مولوي احمد شيخ ۽ ان جي تعاون ۽ ڳوٺ وارن جي مڪمل سهڪار سان ٺهي. شهدادپور کان ملدسي روڊ جنهن سان نه صرف ملدسي پر 50 کان وڌيڪ ڳوٺن جي عوام کي سهولت آهي. اهو مختلف دور حڪومتن ۾ منظور ٿيو پر وري رد ٿي ويو. نيٺ 88ع ۾ ان وقت جي ۽ موجوده وزيراعليٰ سيد قائم علي شاهه هر داس پور چونڪ تي ڪيل جلسي عام ۾ عوام جي مطالبي تي منظور ڪيو ۽ 89ع کان آهستي ٺهڻ شروع ٿيو، 93ع ۾ ٺهي پورو ٿيو. هن رستي جي دلچسپ ڳالهه اها ته روڊ ٺهڻ کان اڳ ئي ان وقت جي وفاقي وزير شاهنواز جوڻيجو، صوبائي وزير عبدالسلام ٿهيم الڳ الڳ پٿر لڳرائي افتتاح ڪيا. ملدسي کان گولو پير موري تائين روڊ 93ع ۾ عبدالسلام ٿهيم جي اسڪيم مان ٺهيو، روڊ ۾ حاجي خالد ملاح وارن جي زمين آئي ٿي، پر انهن پاران نه ڏيڻ ڪري روڊ روهڙي ڪئنال تان ٺهرايو ويو. ملدسي عزاداري امام حسين عه جو پڻ مرڪز رهي آهي. هن وقت ملدسي ۾ 4 پڙ آهن. وڏو پڙ عارب فقير خاصخيلي جو سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ملدسي جو قديم پڙ آهي، ان کي قائم ڪرڻ ۾ مرحوم بچل شاهه جو به هٿ هو، ٻين پڙن ۾ ملاحن جو پڙ تقريباً 1978ع ۾ اسان جي چاچي محمد فقير ملاح قائم ڪيو. ماضي ۾ شاندار اوطارو، علم جي چوڌاري موتيا گلاب جا گل خوشبو پکيڙيندا هئا. هن پڙ تي نغارا وڄندا هئا، ۽ 9 کان 10 محرم تائين ماتمي قافلو هتان ئي شروع ٿي وري هتي ئي ختم ٿيندو هو. اڄ تائين ائين آهي، چاچومحمد ملاح جي وفات بعد علم پاڪ جون جايون تبديل ٿينديون رهيون آهن. هاڻ نه اوطارو آهي نه الم جو اهو سينگار نه گل نه خوشبو آهي. چاچو محمد ملاح جي پڙ کي سندس فرزند الهجڙيو ملاح ان جي وفات بعد سندس ڀاءُ عبدالستار مخمور ملاح جيڪو شاعر به آهي، اهو سنڀاليو اچي، اڳ هن پڙ تي ديسي پرديسي فقير فقراءَ هر وقت ويٺل هوندو هو، هاڻ صرف عاشوره جا 10 ڏينهن مولائي اتي عزاداري ڪندا آ هن. هاڻ ان پڙ کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ فدا حسين ملاح، سرواڻ سنڌي، ارشاد ملاح ۽ ٻين ڪوششون ڪيون آهن. اسٽيل جو خوبصورت علم لڳايو ويو آهي. عارب فقير وارو پڙ به وسيع هوندو هو، جو بعد ۾ ڪجهه حصو وڪرو ڪيو ويو، ڪجهه حصي تي گهر ٺهي ويا. عارب فقير جي وصال بعد اهو پڙ سندس پٽ فقير علي بخش خاصخيلي سنڀاليو. هي پڙ وچ شهر ۾ آهي، ٽيون پڙ درگاهه حاجي پير تي درگاهه جي متولي اولادي فقير خاصخيلي لڳايو، ان پڙ جون جايون به تبديل ٿينديون رهيون آهن. اولادي فقير جي وفات بعد سندس پٽ استاد محمد طيب خاصخيلي، الهه ورايو، الهه بچايو خاصخيلي، پوٽو عبدالستار خاصخيلي، اختر خاصخيلي، اڪرم خاصخيلي ۽ ٻيا سنڀاليندا اچن. چوٿون پڙ ڏيرا هائوس ويجهو واٽر جي ڪپ تي ماما ولي محمد هوت جي پٽ غلام سرور هوت جو آهي. ماضي ۾ ملدسي جو وڏي کان وڏو پڙ سيد پيرل شاهه جو هو، جيڪو ڏيڍ ايڪڙن تي هو. جتي وڏو بهترين اوطارو، هر قسم جا وڻ، گل هوندا هئا. جتي وقت به وقت خيرخيراتون به ٿينديون هيون، سيد پيرل شاه کي پنهجي هڪ مائٽ سيد خان محمد شاهه معمولي ڳالهه تان شهيد ڪري وڌو، سندس وصيت موجب کيس الم جي ڀرسان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو، اتي سيد قاسم علي شاه نغارا به وڄائيندو هو، بعد ۾ سيد قاسم شاه وڏي مذهبي شخصيت بنجي ويو. سيد پيرل شاه بعد سيد نور محمد شاه ڪافي عرصو سنڀاليو. ليڪن آهستي آهستري پيرل شاه پڙ جون رونقون ختم ٿينديون ويون ۽ سيد نور محمد شاه جي وفات بعد اتي عَلم ڪري پيو ۽ ٻيهر عَلم نه چڙهيو ۽ اهو پڙ ئي ختم ٿي ويو. بعد ۾ پڙ جي ڀرسان ويٺلن لاوارث ۽ مال غنيمت سمجهي لوڙها وڌائيندي ڪافي حصو اندر ڪري اتي اڏاوتون ڪري ڇڏيون. هاڻ ته لوڙهو ذري گهٽ سيد پيرل شاهه جي مزار تائين پهتو آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي ته مستقبل ۾ مزار مٿان ڪو گهر نه اڏجي وڃي. ان ۾ سيد حسين شاهه جي سستي، به شامل آهي نه ته ائين نه ٿئي ها. ڪجهه عرصي کان اتي ڳوٺ جي وفات ڪندڙ معصوم ٻارن کي هتي دفن ڪيو ويندو آهي. ماضي جي عظيم امام بارگاهه نما پڙ ننڍڙو قبرستان بنجي ويو آهي. ماضي ۾ هتي هڪ گيدوڙي هوندي هئي، جنهن جا گيدوڙا لذيذ هوندا هئا، اها گيدوڙي ۽ ٻيا وڻ مافيا وڍي ڇڏبا. پيرل شاهه پڙ ۽ ڪنڀرن جي گهرن جي وچ ۾ ڪنڀرن جي آئي ”بٺي“ هوندي هئي. جتي قاضي ڪنڀر جي آئي هئي، جڏهن ته ماضي ۾ ملدسي ۾ ٻيا به پڙ مشهور هئا، جن ۾ جتي مرحوم ملوڪ خاصخيلي جو گهر آهي، اتي عيسو خاصخيلي جو پڙ هوندو هو، پڪي لانڍي به هئي، ان پڙ کي مچائڻ ۾ مرحوم سيدبچل شاهه جو به هٿ هو. ڪجههه عرصو سيد خان محمد شاهه به هن کي سنڀاليو، بعد ۾ عَلم ڪڍي پڙ ختم ڪري گهر ٺاهيا ويا. ٻيو پڙ حاجي احمد فقير جي اوطاق جيڪا هاڻ بابل ڏيرو جي اوطاق آهي، ان جي ڀرسان خاصخيلين جي پاڙي ۾ الهه بخش خاصخيلي وارن جو پڙ هو، ٽيو پڙ وارث ڏنو ڏيرو وارن جي اوطاق ويجهو جيئندي ”واڍو“ خاصخيلي جي انبن ليمن جي باغ ۾ هو، سندس وفات بعد ڪجهه وقت سندس پٽ ربڏنو خاصخيلي به سنڀاليو بعد ۾ اهو باغ ولي محمد هوت کي وڪرو ڪري ڏنو ويو، ان به ان پڙ جي سنڀاليو ۽ رياضت ڪئي بعد ۾ اهو باغ سڪي ويو. اتي سم وڌي وئي ۽ پڙبه ختم ٿي ويو. 2010ع ۾ ولي محمد هوت جي پٽ غلام سرور هوت ان هنڌ جي ويجهو الم لڳايو آهي. 1977ع ۾ صابن فقير خاصخيلي به پنهنجي ٻني تي مارک واهه جي ڪپ تي عَلم لڳايو، جتي ڪافي سالن تائين عزاداري به ٿيندي هئي، خير خيراتون به ٿينديون هيون، ليڪن بعد ۾ اهو پڙ ختم ٿي ويو، ملدسي جي چاچا فقير مولا بخش ملاح ملدسي ۽ ڳوٺ لالا خان جلالاڻي جي وچ تي هارپي واري زمين وٽ جهنگ وڍي، اتي نه صرف عَلم لڳايو، پر اتي وڏو اوتارو به ٺهرايو. پڙ جي ڀرسان مختلف قسم جا گل ۽ ٻير جا ۽ ٻيا ڪيترائي وڻ هوندا هئا. هن پڙ تي فقير فقراءَ ديسي پرديسي ايندا ويندا هئا، هر وقت اتي ڪچهريون قائم هونديون هيون. پاڻ وقت به وقت لنگر نياز ڪرائيندا هئا. سندس وفات بعد فقير سليمان ملاح ۽ فقير علي بخش ملاح ان پڙ کي سنڀاليو، پر ان انداز ۾ نه سڀنالي سگهيا. فقير سلمان ملاح جي شهادت بعد اتي هاڻ عزاداري خيرخيراتن جو ماضي وارو سلسلو هاڻ نه رهيو آهي. ان هوندي به فقير علي بخش ملاح، مصري ملاح عرف شينهن ملاح ۽ ٻيا وري به سنڀاليندا اچن. جڏهن ته 1982ع ۾ درگاهه دودو مشائخ ۾ ملدسي جي نثار خاصخيلي مرحوم عَلم لڳايو آهي. اتي عزاداري ته نه ٿيندي آهي، پر نثار خاصخيلي، مرحوم غازي عباس جو نشان قائم رکندو آيو، ڪڏهن نياز به ڪندو هو. ملدسي جي عثمان خاصخيلي ولد دين محمد ملنگ خاصخيلي ملدسي ويجهو، اهو چئي هڪ قبر ٺاهي ته مون کي خواب ۾ بار بار اشارو ٿئي ٿو، جنهن ۾ هڪ سفيد سونهاري وارو بزرگ چوي ٿو ته آئون سيد ولي محمد شاهه آهيان، فلاڻي هنڌ منهجي قبر ٺاهه، ان بعد ان هنڌ عثمان خاصخيلي قبر ٺهرائي ۽ اتي عَلم لڳايو آهي. هاڻ اتي ذوالفقار علي زرداري جي تعاون سان فقير مولا بخش ملاح جو ننڍو پٽ مصري ملاح اتي ان قبر تي چوکنڊي ٺهرائي آهي ۽ لنگر نياز به ڪري رهيو آهي. ماضي ۾ اتي هر ماهه چوڏهيون به لڳايون ويون. 1994ع ۾ عبدالڪريم ۽ عرف عدلو پٽ سيٺ اميد علي خاصخيلي پنهنجي گهر ڀرسان عَلم لڳايو، پر چند سالن بعد اهو ڪڍي ڇڏيو. ملدسي ۾ عاشوره ۾ 7 کان 10 محرم تائين ماتمي جلوس ڪڍيا ويندا آهن. ماضي ۾ ٻين علائقن مان به پڙ ايندا هئا، پر هاڻ اهو سلسلو گهٽبو وڃي. ماتمي قافلو ملدسي چونڪ تي زنجير زني ڪندو آهي. ماتمي جلوس ملاحن جي پڙ کان نڪري سيد پاڙي کان خاصخيلي پاڙو، شيخ پاڙو کان ٿيندي حاجي پير جي پڙ تي اتان يونين ڪائونسل آفيس کان شهر ۾ ويندڙ رستي کان مين بازار واپس فقير علي بخش خاصخيلي جي پڙ تي ايندو آهي، جتان کان ڳوٺ هاشم خاصخيلي، ملنگ ڳوٺ، ڳوٺ لال خان جلالاڻي ۽ ٻين ڳوٺن مان ايندڙ قافلا پنهنجي ڳوٺن جي پڙن ڏانهن هليا ويندا آهن ۽ ملدسي وارا عزادار اتان کان ملاح پاڙي ڪنڀر پاڙي مان ٿيندي واپس ملاحن جي پڙ تي ختم ڪندا آهن. فقير علي بخش خاصخيلي مرحوم جي وفات بعد سندس پٽ شوڪت خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي ۽ سندس گهرواري فقيراڻي هن پڙ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پڙ تي هر وقت مولائي نوحه ۽ مرثيه خواني ڪندا رهندا آهن. ملدسي ۾ نوحه خواني ڪندڙن ۾ ٻين کانسوءِ عبدالستار ملاح، نياز ملاح، جبار ملاح، عظيم ملاح، شوڪت خاصخيلي، ابراهيم خاصخيلي، غلام سرور هوت، نياز ملاح، پپو ڪنڀر، غلام شبير خاصخيلي، جبار، اڪرم عرف ملون خاصخيلي، سومر ڪنڀر، سڪندر ملاح، سيٺ عبدالرزاق خاصخيلي، در محمد مهر، زوهيب ملاح، فدا حسين ملاح ۽ ٻيا شامل آهن. 10 محرم تي مختلف گهرن مان قافلي لاءِ مٺيون سبيلون ۽ چڻا ايندا آهن. سيد حسين شاهه جو نياز به مشهور آهي.
    ملدسي جون مشهور شخصتن جو مختصر ذڪر:
    سيد حسين شاهه بخاري: مشهور علمي شخصيت، ذهين، مذهبي شخصيت مهمان نواز، ڪنهن جي به دل نه ڏکائيندڙ، ادب دوست، شهدادپور ۾ سنڌي ادبي سنگت قائم ڪري ادبي سرگرميون عروج تي پهچائيندڙ ماڻهن ۾ شامل آهي. پاڻ استاد هئا، مختلف هاءِ اسڪولن جا هيڊ ماستر رهيا، رٽائر ٿيڻ بعد هڪ پرائيويٽ اسڪول جو پرنسپل آهي. پاڻ قوم پرستي واري سياست به ڪئي.
    استاد محمد طيب خاصخيلي: بهترين استاد، سماجي شخصيت يار ويس، وڏي عمر جو هئڻ جي باوجود پنهنجي هلندي هلندڙ رومانٽڪ شخصيت جو مالڪ، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، دوستن جي ڪاڄن ۾ ڪم ڪري ڪاڄ سرها ڪندڙ مهمان نواز، ذهين شخصيت جو مالڪ آهي، پاڻ جواني ۾ شاعري به ڪئي سندس تخلص ”قطب“ هو.
    سيد عالي شاهه: رٽائر استاد آهي، ڪجهه وقت اباڻي شهرملدسي کان ٻاهر رهيو، ذهين، سماجي ڪارڪن واري سوچ رکندڙ، ڪنهن جي به دل آزاري ڪرڻ کان پاسو ڪندڙ، يارن جو يار، ادبي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رکندڙ، ڏک سک ۾ سڀني جي ڪم ايندڙ، بهترين صلاحڪار، سندس صلاحون ڏاڍيون ڀليون ۽ وقت جي ضرورت هونديون آهن.
    پير بخش ڏيرو: بابل ڏيرو سڪندر ڏيرو جو ذڪر هن ڪتاب ۾ الڳ باب آهي.
    سيد عبدالله شاهه عرف بخت شاهه: پاڻ انتهائي وڏي علمي، مذهبي شخصيت سيد قاسم علي شاه جو فرزند آهي. يار ويس، ڳوٺ جي بجلي جا ٿنڀا ڪرندا هجن يا ڪو ٻيو مسئلو هجي، سندس ننڊ ڦٽي پوندي آهي.
    علامه محمد طيب شيخ: پاڻ زمينداربه آهي ته هاءِ اسڪول ۾ استاد به، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، مهمان نواز، يار ويس، اوطاق تي هر وقت دوستن جو وڏو حلقو ويٺل هوندو آهي. ذهين، والد لکاڏنو شيخ وانگر جنهن سان هڪ دفعو ملي ته ان کي پنهنجو ڪريو ڇڏي. پاڻ 3 شاديون ڪيون آهن.
    استاد صالح هوت: پاڻ بهترين استاد ادب سان شوق رکندڙ مذهبي روحاني شخصيت، اصول پرست، اصولن تي سودي بازي نه ڪندڙ، اصولن کان هٽي ويندڙ سندس اوولاد هجي، مائٽ هجي يا يار سنگتي ان سان ڳنڍجي ويندو، رٽائرڊ ٿيڻ بعد ٽراسٽورٽر آهي.
    عبدالله ملاح: ملدسي ۽ آسپاس جي ملاحن جي معزز شخصيت ۽ وڏو. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز دل جو سخي.
    علي ڏنو ڪنڀر: نوجوان سماجي ورڪر مختلف اين جي اوز ۾ ڪم ڪيو آهي، ذهين هردلعزيز يار ويس نوجوان آهي.
    سپاهي محمد اسماعيل خاصخيلي: بهترين شاعر پوليس ۾ جمعدار آهي. سندس شاعري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. تقريباً سنڌي اخبارن رسالن ۾ سندس شاعري شايع ٿئي ٿي، سڄي سنڌ جي مشاعرن ۾ شرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. يار ويس ۽ سدابهار ماڻهو رهڻ کان پوءِ انتقال ڪري ويو.
    منشي علي نواز ملاح: اصل ڳوٺ لال خان جلالاڻي جو، ڪافي عرصي کان ملدسي واسي ٿي ويو آهي، سدابهار شخصيت، راڄائتو ماڻهو، ملاحن جو وڏيرو به سڏبو آهي. محنتي يار ويس، مهمان نواز، قربائتو انسان آهي.
    پروفيسر غلام شبير شيخ: ذهين نوجوان، پنهنجي مڙسي تي اعليٰ تعليم حاصل ڪئي، پهرين تاريخي تعليمي اداري ۾ ليڪچرار ٿيو، پاڻ ٻيهر ڪميشن پاس ڪري ليڪچرار ٿيو آهي. ادب سان دلچسپي رکندڙ، اسلامي تاريخ تي عبور اٿس. ذهني طور ملو پر هاڻ لبرل ملو ٿي ويو آهي، ان ۾ سيد علي شاهه ليڪچرار جو هٿ آهي. جنهن جي ڪچهرين هن تي اثر ڪيو آهي. هاڻ هالا ۾ رهي ٿو.
    ماما ولي محمد هوت: مشهور سگهڙ، عزادار، يار ويس، مهمان نواز، ڪچهرين جو ڪوڏيو. وڏيرو محمد موسيٰ ڏيرو کانپوءِ ملدسي ۾ ڪافي سگهڙ ڪچهريون ڪرايون آهن، کيس ڳوٺ وارا به ماما ولو سڏين.
    علي بخش شيخ: ملو محمد حسن شيخ جو فرزند تعليم کاتي ۾ ڪلرڪ آهي، هر دلعزيز يار ويس راڄائتو انسان آهي.
    حبيب الله خاصخيلي: هن جو ذڪر ڪتاب ۾ الڳ سان ڏنل آهي.
    سيٺ عبدالرزاق خاصخيلي: مرحوم سيٺ گلڻ جو موڀي پٽ عزادار، يار ويس، مهمان نواز، تعميري سوچ رکندڙ، ٻين جي ڪم ايندڙ هر دلعزيز نوجوان.
    غلام مصطفيٰ خاصخيلي عرف سهڻو: ننڍي هوندي کان سهڻو، اخلاق ادب جو به سهڻو آهي، ڪنهن کي به ڏي نه ٿو ته ڏکوئي به نه ٿو. ملدسي پرائمري اسڪول جو هيڊماستر به رهيو آهي، سندس ڪوششن سان ملدسي اسڪول جو تعليمي معيار بهتر بڻيو آهي.
    رمضان شيخ: ڀلو ماڻهو يارن جو يار غريب ٿي ڪري سڄي سنڌ ۾ رهائي وارو، ذهين، دوستي ۾ سر ڏيندڙ، پڪو ملون پر ايران عراق شام ۾ هڪ دوست جي معرفت زيارتون ڪرڻ بعد منجهس وڏي تبديلي آيل آهي. ڪنهن جي به دل نه ڏکوئيندڙ انسان آهي.
    استاد محمد صديق خاصخيلي: مشهور علمي شخصيت، پ پ پ جو نظرياتي ڪارڪن، شهيد ڀٽو جو وڏو شيدائي، بهترين ليکڪ، پاڻ رٽائرڊ استاد آهي، سندس ڪوششن سان ملدسي ۾ ڪيتريون ئي تعليمي ڪانفرنسون به ٿيون. پاڻ سياسي صورتحال تي بهترين تجزيا به لکيا، پر شايع ڪرائڻ بجاءِ دوستن کي چانهه جي ڪپ يا ماني تي گهرائي ٻڌائيدو هو. هاڻ دوستن کي نه چانهه جي ڪپ تي نه ماني تي گهرائي ٿو.
    سيٺ الله بچايو خاصخيلي: چاچو اولاد جي آخري فرزند پنهنجي محنت سان اڄ ملدسي جو وڏو سيٺ آهي. پر فقيراڻي طبيعت رکندڙ يار ويس، ڪنهن جي به دل نه ڏکوئيندڙ. ديني ۽ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿو.
    حاجي خالد ملاح:ڪيترائي حج ڪري آيو آهي، ڪافي عرصو سعودي عرب ۾ روزگار لاءِ به رهيو، ملدسي ۾ سابق هوٽلائي به رهيو آهي، ملدسي پهريون بيٽري تي گرام فوني ۽ TV آڻيندڙ آهي. وڏو ڏاهو، پر مون کي ڊپ لڳندو آهي ته ايترو ڏاهو به نه ٿئي، جو لطيف سائين چواڻي ته ”الله ڏاهي ۾ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن“.
    مصري ملاح عرف شينهن ملاح: چاچو مولا بخش ملاح جو آخري پٽ وڏو يار ويس وڏي رهائي وارو، دوستي ۾ سر به ڏيڻ کان نه گهٻرائي،دلير مهمان نواز آهي. وڏي سهپ وارو سماجي ورڪر آهي.
    مامون ملوڪ ملاح: منهنجي والده جو سوٽ، ذهين، پاڻ نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، ڳالهين جو ڳهير، سگهڙ به آهي، نصيحتن ڀريا نڪتا به کيس هزارين ياد آهن. طبيعت جو سخت هڪ دفعو ڪنهن سان ڪاوڙجي ته پوءِ اهو ڪيڏو به مائٽ يا ويجهو دوست هجي ان کان منهن ڦيري ڇڏيندو.
    فقير علي بخش ملاح: عزادار، لطيف جي مٽي ڀريندڙ اشراف يار ويس مهمان نواز آهي.
    مسڪين ڪنڀر: محمد بخش عرف مسڪين ڪنڀر وڏي عمر جو پر اڃا به جوانن کان به طاقتور اڄ به محنت مزدوري ڪندڙ، پٽن آڏو هٿ ٽنگڻ بجاءِ پنهنجو ڪمائي پنهنجو کائي، پاڻ پٽن جي مدد ڪري ٿو، طاقتور جواني ۾ هڪ سوئر هن تي حملو ڪيو، ته ان کي ڏنڊي سان ماري وڌائين، چورن سان به مقابلا ڪيائين، کل ڀوڳ وارو ماڻهو آهي.
    محمد صديق شيخ: پاڻ نوڪري سانگي ڪافي عرصي کان حيدرآباد رهي پيو، ليڪن ڳوٺ سان اهائي محبت پاڻ هر دلعزيز انسان آهي.
    مير محمد خاصخيلي، بادل خاصخيلي ۽ محمد خاصخيلي: هي کمن خاصخيلي جا فرزند آهن، پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ مصروف يار ويس مهمان نواز آهن، ننڍي وڏي کي عزت ڏيندڙ.
    عبدالحڪيم ملاح: ڀائو صديق ملاح جو پٽ عزادار، مهمان نواز، ڏک سک ۾ سڀني کي ڪم ايندڙ.
    عطا الله ملاح: پاڻ مرحوم اسحاق ملاح جو پٽ اين جي اوز ۾ ڪم ڪري ٿو، ذهين يار ويس، سندس ڀاءُ فوجي فدا حسين ملاح به کل ڀوڳ وارو يار ويس نوجوان آهي، سڄي سنڌ گهمي ٿو.
    فقير محمد عمراڻي عرف ڪارو عمراڻي: پراڻوڪامريڊ سائين جي ايم سيد جو عاشق، ماضي ۾ سندس تعاون سان قومي ڪچهريون ٿينديون هيون، هاڻ مون وانگر ملدسي ڇڏي شهدادپور اچي وسائي آهي ۽ هاڻ عمر جي تقاضه جي ڪري، هن ۾ اهو قومي جوش جذبو به نه رهيو آهي.
    لال خان عمراڻي: پراڻو ڪامريڊ سنڌ پرست، پاڻ استاد آهي، سماجي ڪارڪن، يارن جو يار، مهمان نواز، هاڻ شهدادپور ۾ رهي ٿو. علي ڏنو عمراڻي، وڏو ڀوڳائي رڌ پچاءَ ۽ طهر سنت جو وڏو ڪاريگر، راڄن کي سونيون جهرڪيون ڏيکاريون، تازو وصال ڪري ويو.
    غلام قادر شيرمحمد هوت ۽ عطا الله هوت: غلام قادر عرف شيرمحمد هوت نيوي جو رٽائرڊ آفيسر يار ويس، ڪراچي ۾ به ڳوٺ وارن کي ڏسندو هو ته ماڻهن کي وڏي عزت ڏيندو آهي، سندس ڀاءُ عطا الله هوت هردلعزيز نوجوان، يار ويس، کل مک. پاڻ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار آهي، علم ادب سان دلچسپي رکي ٿو.
    ٻيڙو فقير هوت:وڏو عزادار يار ويس، ڪڪڙ ٻڪرين ۽ سير تفريح جو شوقين آهي.
    الطاف خاصخيلي: سيٺ الهه بچايو جو فرزند سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، دڪاندار ويلفيئر ايسوسيئيشن ملدسي جو عهديدار، يار ويس انسان آهي.
    علي ڏنو ملاح: عبدالله ملاح جو فرزند آهي، پاڻ پي ٽي سي جي اسٽاف ۾ شامل آهي. يار ويس کل مک مهمان نواز آهي.
    ممتاز ملاح : حاجي خالد ملاح جو پٽ پر والد کان مختلف ۽ تيز واٽر مئنجيمنٽ ۾ سب انجنيئر رهيو، هاڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ ليڪچرار آهي. ذهين يار ويس، ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ، ماضي ۾ عجيب غريب ملون رهيو، سندس ادب سان وڏو چاهه آهي.
    ربڏنو واڍو خاصخيلي: والد وانگر بهترين واڍو، ذهين جيڪڏهن مالي حالتون صحيح هجنس ته ڪاٺ مان ڪئين ايجادون ڪري سگهي ٿو.
    خميسو شيخ: مثالي هاري يار ويس انسان آهي.
    هارون شيخ: ايريگيشن ۾ ملازم هو، يارن جو يار، ذهين مهمان نواز آهي.
    محمد عثمان پپو ڪنڀر: وڏو عزادار، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ، يار ويس ڪنهن جي تڪليف کي سهي نه سگهندڙ انسان آهي.
    محمد ايوب خاصخيلي چاچي حامد خاصخيلي جو فرزند: مزدورن جو اڳواڻ سٺو ماڻهو آهي، ننڍي وڏي جي عزت ڪندڙ آهي.
    جان محمد بروهي: يار ويس علائقي ۾ هر ماڻهو جي ڏک سک ۾ شامل رهندڙ دوستن جي ڪاڄن ۾ نڀائيندڙ، موسيقي جو شوقين آهي، پاڻ پ پ ڪارڪن ۽ مشهور سماجي ڪارڪن ۽ ذهين آهي.
    ڪامريڊ اڪبر بروهي: مشهور سياسي شخصيت، هارين مزدورن لاءِ جدوجهد ڪندڙ هر ڪنهن کي سچ چوندڙ، خوش طبع شخصيت اوڙي پاڙي وارن دوستن کي ڏک سک ۾ ڪم اچڻ وارو، سندس ڪوششن سان هارين، مزدورن جي قومي ڏيهاڙن تي ننڍڙا پروگرام به ٿيندا آهن.
    مامون محمد خاصخيلي مرحوم: پاڻ پٽيوالو جي نالي سان مشهور هو. يونين ڪائونسل جو پٽيوالو هو، سڄي علائقي وارا کيس مامون سڏين کل ڀوڳ ۽ وڏي سهپ وارو، پاڻ گذراي ويو.
    محمد جمن خاصخيلي ولد انور خاصخيلي: بااخلاق سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندڙ نوجوان آهي، هر ننڍي وڏي جي عزت ڪري ٿو.
    محمد جمن خاصخيلي ولد مامون محمد خاصخيلي: والد وانگر سدا بهار، کل مک يار ويس شخصيت آهي.
    ملهار خاصخيلي: ملدسي جو پراڻو هوٽلائي، نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪئي آهي.
    ماستر اڪبر خاصخيلي: يار ويس، اوکي سوکي ۾ ڪم اچڻ وارو بهترين انسان آهي. مثالي استاد پڻ آهي.
    لال محمد لالو خاصخيلي: هن همراهه هاڻ وڃي بلوچستان جا وڻ وسايا آهي، پهرين اٿل ۾ هاڻ لس ٻيلي ۾ رهي ٿو، هن لسٻيلو ضلعي ۾ ڪيلي جي پوکائي متعارف ڪرائي، سخي مهمان نواز، علائقي جا ماڻهو هن وٽان نه صرف لکين عزتون وٺيو اچن پر ڀاڙا ڪرايا به وٺيو اچن. جڏهن ته سندس ڀاءُ محمد موسيٰ خاصخيلي اهو به هاڻ ڪافي عرصي کان هن سان گڏ آهي، ملدسي وارن لاءِ هاڻ پرديسي آهن، الهه بخش ڏيرو ولد سومار فقير ڄائو ۽ وڏو ملدسي ۾ ٿيو، هاڻ ٽنڊو آدم رهي ٿو، پي آءِ اي ۾ آفيسر آهي. ڳوٺ وارن کي اڄ به لکين عزتون ڏي، سندس ننڍو ڀاءُ بابو ڏيرو به وڃي ٽنڊو آدم وسايو، پاڻ ٿورو روڊ طبيعت وارو آهي.
    فيروز شيخ: چاچا لکاڏنو شيخ جو ٻيو نمبر پٽ يار ويس، سندس دوستن جو وسيع حلقو آهي، ڀلن ڪڪڙن، ٻڪرين، تترن جو شوقين، علائقي ۾ دوستن جي ٿيندڙ ڪاڄن کي سرهو ڪندڙ، سندس ننڍا ڀائر اياز شيخ ۽ رياض شيخ، جيڪو واپڊا ۾ آهي، بااخلاق يار ويس آهي.
    خدا بخش ملاح ولد خميسو ملاح: دوستن جو وسيع حلقو رکندڙ، وڏن جي دوستن سان نڀائڻ جواني ۾ ڀلا ڪڪڙ به ڌاريندو هو.مهمان نواز، نوجواني ۾ ڪٻڊي جو بهترين رانديگر رهيو.
    محمد هاشم ملاح: ڪاوڙ جو تيز پر ڪاوڙ جلد ختم ڪريو ڇڏي، نه ڪنهن کي ڏي نه ڏکوئي، سندس پٽ ارشاد ملاح وري والد کان مختلف ٿڌي دماغ سهپ وارو، جذبات کان پري، محنتي يار ويس، شمس الدين ملاح، عبدالجبار ملاح، رزاق ملاح ڊرائيور، عزيز ملاح، عظيم ملاح، عبدالله ملاح جا پٽ سٺي سوچ رکندڙ نوجوان آهي، سڀن جي ڪم اچڻ وارا يار ويس آهن.
    حاجي عمراڻي: بهترين يار ويس کل مک شخصيت جو مالڪ آهي. ملدسي ڇڏي شهدادپور رهي ٿو، ماستر آهي.
    ملدسي جي انتقال ڪري ويل انهن عورتن جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي جيڪي هيون ته عورتون پر مرد هيون. انهن ۾ حاجياڻي فاطمه ڏيرو جنهن جي ڳالهائڻ جو انداز مردانو، گهوڙي تي چڙهي پنهنجون زمينون گهمندي هئي، سخي به هئي، وڏي رُعب تاب دٻدٻي واري خاتون هئي، دلير به هئي، عوامي خدمت خاطر دائپو به ڪندي هئي، سندس مڙس جو نالو لقمان ڏيرو هو، کيس ڪوبه اولاد نه هو. زندگي جي آخري ڏينهن ۾ سندس ذهني توازن بگڙي ويو، جنهن ڪري چيڙاڪ ٿي وئي، ڪڏهن ڪڏهن الٽيون سڌيون ڳالهيون ڪندي هئي.
    مائي ڦاپل ملاح: چاچي عيدن ملاح جي زال هئي، سندس ڳوٺ لاکا هو، جنهن زماني ۾ علائقي ۾ ڊاڪٽر ئي نه هئا، تڏهن پيٽ جي سور،ڪاڪڙو لهڻ، گلي جون ڪليون سڄي پون، بخار ٿي پوي، چور بخار ٿئي الٽيون نه بيهن ته ان جو سنوڻ ساٺ ڪندي هئي، ته اهي تڪليفون ختم ٿي وينديون هيون، اهڙا مريض نه صرف ڳوٺ پر پوري علائقي جا هن وٽ ايندا هئا ۽ صحتياب ٿي ويندا هئا.
    مائي زينب عرف ماني زينا خاصخيلي: ان وقت جي جهڙوڪ حڪيم به هئي، بيمارين جا سنوڻ ساٺ به ڪندي هئي، خاص طور ٻارڙن جي هر بيماري جون ستيون ڦڪيون ڪندي هئي، سندس هٿ ۾ وڏي شفا هوندي هئي، بيمارين جون ڦڪيون ڏيڻ وقت توڙي سنوڻ ساٺ ڪرڻ وقت چوندي هئي ته هٿ منهنجو ازن سس ڪريمان سان مائي ڪريما سندس سس هوندي هئي.مائي جيئري خاصخيلي: وڏيرو راڄ جي والده هئي نه صرف ملدسي پر آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي دائي هئي، ملدسي ۾ 50 سالن کان وڏي ڄمار جا ماڻهو تقريباً سندس ڄڻايل آهن. روايتي داين وانگر لالچڻ به نه هئي. مائي مريم ڪنڀار پاڻ محمد عمر شڪرانو فقير جي زال هئي، ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي غمي جي ڪم ڪار ۾ ائين وچ ۾ بيٺل هوندي هئي، جهڙو اهي ماڻهو سندس مائٽ هجن. ڏڌ پيئڻ جي شوقين، لطيف سائين سان سندس وڏي عقيدت هئي، ان دور ۾ سواريون نه هيون، پاڻ تقريباً هر جمعي هر سهائي سومار تي پيرين پنڌ مرشد جي مزار تي حاضر ڏيندي هئي، راڳ ٻڌندي هئي، پاڻ عزادار پڻ هئي. پاڻ ذهين ۽ هر دلعزيز عورت هئي.

    ملدسي جون انتقال ڪري ويل مشهور شخصيتون
    ملدسي جي انتقال ڪري ويل مشهور شخصيتن ۾ وارث ڏنو ڏيرو (اول)، دوئم محمد موسيٰ ڏيرو الڳ باب ۾ شامل آهي.
    سليمان فقير ملاح: پنهنجي دور جو مشهور شاعر، پاڻ شاعري جي هر صنف تي لکيو. پاڻ صرف قرآن شريف پڙهيل هئا. جواني ۾ مزاجي عشق ڪيائين، جو روحاني عشق بنجي ويس، عشق کيس اري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ اندر جا اڌما شاعري ذريعي ظاهر ڪرڻ لڳو. پاڻ لطيف جا عقيدمند هئا ۽ لطيف وانگر سڄي سنڌ پيرين پنڌ گهمي ڏٺي ۽ اتي جيڪي لوڪ داستان ٻڌا انهن تي به شاعري ڪئي ۽ لطيف جن سورمن ۽ سورمين کي به شاعري ۾ آندو آهي، سندس شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي. سندس پٽ فقير مولا بخش ملاح کي تقريباً شاعري برزبان ياد هئي، بعد ۾ پاڻ اها شاعري ڪاپين تي به اتاري پر فقير صاحب جي وفات بعد اهي ڪاپيون به گم ٿي ويون.
    حاجي محمود ملاح: سروري جماعت جو خليفو هو، سندن دعوت تي مخدوم طالب الموليٰ، مخدوم امين فهيم، مخدوم شفيق الزمان، مخدوم سعيد الزمان جن اڪثر ايندا رهيا. وڏي اثر رسوخ وارو، اوطاقي، مهمان نواز، يار ويس، ڀلن گهوڙن جو شوقين هو.
    احمد ملاح: هي حاجي محمود ملاح جو اڪيلو پٽ هو آهي، جيڪو والد جي نقش قدم تي هلندي اوطاق کي هلائيندو آيو ۽ والد جي دوستن سان نڀائڻ سان گڏ ڪيترائي سٺي حيثيت رکندڙ نوان دوست به ٺاهيا. دوستي ۾ سر ڏيڻ وارو 1994ع ۾ گذاري ويو. منهنجو سوٽ هو، هاڻ سندن اوطاق جون رونقون قائم دائم نه رهي سگهيون آهن.
    سيد قاسم علي شاهه: جنهن جو ذڪر اسڪولن واري باب ۾ ڪري آيا آهيون، سندس ڪوششن سان ڪيتريون ملدسي جون نياڻيون ۽ ڇوڪرا پڙهيا، پاڻ غريب شاگردن جي مدد به ڪندو هو، پاڻ مذهبي شخصيت هئا، طبيعت جا انتهائي سخت پراصول پرست هئا، بعد ۾ ماستري تان استعفيٰ ڏئي پنهنجون خدمتون منصوره مدرسي حوالي ڪيون، جتي به ملدسي ۽ آسپاس جا ڪيترائي ڇوڪرا پڙهي نوڪرين تي پهتا. 1980ع ۾ وفات ڪري ويا، سندن آخري آرام گاهه به منصوره ۾ آهي.
    سيد غوث محمد شاهه: بهترين استاد نازڪ نفيس، ادبي ڪتاب پاڻ به پڙهندا هئا، ٻين کي به پڙهي ٻڌائيندا هئا، خاص طور لوڪ ادب جا ڪتاب، ٻارن کي مفت ٽيوشن ڏيندا هئا، رٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪريانه ۽ ڪپڙي جو دڪان هلايو، پاڻ مثالي استاد هو، 1998ع ۾ وفات ڪيائون.
    سيد نور محمد شاهه: پاڻ مذهبي روحاني شخصيت ۽ عزادار هئا. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز، غريبن جي مدد ڪندا هئا. 1969ع ۾ وفات ڪيائين.
    رحمت الله قاضي ڏيرو: عالم قرآن جو حافظ تعويذن جو بادشاهه، علم نجوم، علم رمل نوري علم جو ماهر، سندس تعويذ منڊيءَ تي ٽڪ هوندا هئا.
    ميهار ملاح: سندس ذڪر هن ڪتاب ۾ الڳ ڪيل آهي.
    الهه بخش ملاح: منهنجو والد هو. سگهڙ، مهمان نواز، ڀلين مينهن جو شوقين، غريب هئڻ جي باوجود دل جو سخي، يار جو يار، 1989ع ڌاري گذاري ويو.
    قادر بخش خاصخيلي: پاڻ استاد طبيب وارن جو ڏاڏو هو، وڏو سرندي نواز هو، يار ويس، مهمان نواز هو،
    اولادي خاصخيلي: پاڻ قادر بخش خاصخيلي جو فرزند هو. پاڻ به والد وانگر سرندو وڄائڻ جو قابل، هو هاري پر دل جا سخي مهمان نواز هو.
    محمد سومار فقير ڏيرو: نرالي شخصيت جو مالڪ نفيس، ننڍي وڏي سان ادب اخلاق سان ملندڙ صوفيانه راڳ جو شوقين حسن پرست ملدسي ۾ پهرين ٽيپ رڪارڊر پاڻ آندو. ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، مهمان نواز، دوستي ۾ سر ڏيڻ وارو، علائقي ۾ ٿيندڙ ڪاڄن ۾ کيس سربراهه مقرر ڪيو ويندو هو، پنهنجا ماڻهو وٺي ڪاڄ سرها ڪندو هو. ڪاوڙ ۾ به مرڪندو هو، ٻين کي ڪم ايندي خوشي محسوس ڪندو هو.
    کمن فقير: وڏو ڀوڳائي، راڄائتو، مزاحيه ڪچهرين جو بادشاهه. غريب هئڻ جي باوجود مهمان نواز، ڏکئي وقت ۾ دوستن جي ڪم اچڻ وارو هو.
    لکاڏنو شيخ: پنهنجي مڙسي سان ماني مڇي وارو ٿيو پاڻ سيٺ سڏبو هو. وڏو داناءُ، فيصلن جو ماهر، ڏکيا فيصلا به جيڪي ٻين کان نه ٿيندا هئا، اهي مکڻ مان وار ڪڍڻ جي چوڻي مطابق ڪڍي ڇڏيندو هو. مهمان نواز، يار ويس، پوليس ۽ بااثر ماڻهن سان تعلقات هئس.
    عيسو شيخ: مشهور پڪوڙائي سندس پڪوڙِا سڄي علائقي ۾ مشهور، چيڙاڪ به حد کان وڌيڪ، چڙي ته پڪوڙن جي تئي هيٺان ٻرندڙ بنڊي به وهائي ڪڍي. پاڻ گهورڙيو به هو.
    محمد عمر شڪرانو فقير ڪنڀر: وڏو دلير، ٻاجهه ڀريو، مهمان نواز، نغارا وڄائڻ جو ماهر، وڏو عزادار، ڏک سک ۾ ٻين کي ڪم ايندڙ پاڻ 130 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
    قاضي ڪنڀر: مشهور ڪنڀر، سندس ٺاهيل ٿانوَ سڄي علائقي ۾ مشهور هئا. ٻين علائقن وارا به هن وٽان ٺڪر جا ٿانو وٺڻ يندا هئا.
    ڪمال عمراڻي: مشهور حجام، انهيءَ ڌنڌي ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو.
    مامون غازي غلام محمد خاصخيلي: پاڻ يار ويس، سخي، دل جو کليل، مهمان نواز، سخاوت جي ڪري غازي سڏبو هو، فقير فقراءَ، موالي سوالين جو ڌڻ سندس پٺيان هلندو هو.
    ملو محمد حسين شيخ: پاڻ ڳوٺ جو ملو هو، سدابهار شخصيت، هر عيد ۽ جمعي جي نماز ۾ جتوئي وارو خطبو پڙهندو هو.
    سيٺ اميد علي خاصخيلي: محنت جدوجهد سان مڇي ماني وارو ٿيو، دڪان به هلايائين، اوطاق به هو.
    حيدر هوت: زندهه دل هر دلعزيز مزاحيه طبيعت رکندڙ مذهبي ماڻهو هو، گهڻو وقت ڪراچي جي هڪ مسجد ۾ گذاريائين، بعد ۾ عربي ٽيچر ٿيو. يار ويس، ذهين انسان هو.
    محمد عمر فقير ڏيرو: درويش فقير منش انسان، ڏکئي مهل سڀني کي ڪم اچڻ وارو، گهوڙن جو شوقين هو. چوپايو مال جو شوقين هو.
    الهه بچايو شيخ: بهترين سگهڙ، يارن جو يار، پتي راند ۽ شترنج جو وڏو شوقين ۽ ماهر هو. ڪيترن ئي علائقن ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندو هو.
    سيد بچل شاهه: اصل گمبٽ جو هو، سائين حسين شاه وارن جو مائٽ هو. وڏي دٻ دٻي وارو پوليس جمعدار هو. وردي پائڻ بجاءِ ملهه وانگر وڏا ڪپڙا پائي وڏو بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي هلندو هو. زمينداري به هيس، ملدسي ۾ عزاداري حسين جي روايت قائم ڪئي، اوائلي پڙن جي ڀرپور مالي مدد به ڪيائين، پهرين کان 10 محرم تي وڏيون خيرخيراتون ڪندو هو.
    خميسو ملاح: منهنجو چاچو هو، روحاني شخصيت هو، سندس تعويذن ۽ ڦيڻن ۾ وڏو اثر هوندو هو. پرهيزگار بااخلاق هو.
    سيد عالم شاهه: وڏو داناءُ، بهترين حڪيم، روحاني شخصيت هو، تعويذن جو ماهر، سندس مريد سڄي سنڌ ۾ هوندا هئا. پاڻ ذهين، مهمان نواز هئا، سيد لطف علي شاهه سندس فرزند آهي.
    هارون خاصخيلي هوٽل وارو: ملدسي جو مشهور هوٽلائي فقير طبيعت وارو لطيف سائين جو عقيدتمند، يار ويس هو، مهمان نواز هو.
    عبدالله شيخ: پاڻ ملدسي جو بهترين هوٽلائي ڪڪڙن جو شوقين، سندس چانهه مشهور هئي.
    اوستو بهادر لوهار: ملدسي جو مشهور لوهار ڀلا ڏاٽا، ڪهاڙيون ٺاهيندڙ هو، شهدادپور جو هو، پر هن سڄي حياتي ملدسي ۾ گذاري ۽ هتي ئي وصال ڪيو ۽ ڳوٺ وارن سان نڀايو.
    سليمان واڍو خاصخيلي: پاڻ سگهڙ يار ويس واڍڪي ڪم ۾ مشهور يار ويس مهمان، نواز ذهين هو.
    دين محمد خاصخيلي عرف ملنگ: بهترين سگهڙ، وڏيرو محمد موسيٰ جو ساٿاري، ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، لطيف سائين، سچل سائين، وڏيرو موسيٰ ڏيرو جي شاعري برزبان ياد هئس. سڄي سنڌ ۾ ٿيندڙ سگهڙ ڪچهرين ۾ ويندو هو. محمد ملاح فقير علي بخش خاصخيلي جو ذڪر عزاداري واري باب ۾ اچي چڪو آهي.
    محمد اسحاق ملاح: يار ويس، مهمان نواز، محنتي ۽ صحبتي ماڻهو هو، جڏهن ته انتقال ڪري ويل ٻين شخصيتن ۾ عيدن ملاح، محمد صديق ملاح، محمد عمر هوت، ننگر هوت، محمد بخش هوت، مبارڪ هوت، الهه رکيو مهر، مولا بخش خاصخيلي، ابراهيم هوت، الهه بچايو ”بچو“ خاصخيلي، شهمير خاصخيلي، سرائي محمد سانوڻ خاصخيلي، ليمون هوت، الهه ورايو خاصخيلي ٻڍاڻي، يوسف فقير ڏيرو، پانڌي فقير ڏيرو، محمد پريل خاصخيلي، پانڌي خاصخيلي، اميد علي هوت، انور خاصخيلي، ڏتل هوت، محمد هوت، منٺار منو خاصخيلي، ڌڻي بخش خاصخيلي، صابن خاصخيلي، لکاڏنو خارباز خاصخيلي، پانڌي فقير ڏيرو، ارباب مهر، رسول بخش بروهي، محمد حجام، احسان فقير ڏيرو، ٽنڊو ڪنڀر، حيدر شاهه، قاسم ڪنڀر.
    وڏيرو راڄ خاصخيلي: پنهنجي برادري جو وڏيرو، يار ويس، مهمان نواز هو.
    سيٺ مصري خاصخيلي ولد امير علي خاصخيلي: نفيس، يار ويس، بعد ۾ مذهبي ماڻهو ٿي ويو، سماجي ڪارڪن هو.
    جان محمد خاصخيلي: ملدسي جو هردلعزيزسماجي ڪارڪن بجلي جي ڪم جو ڄاڻو، تعليم يافته پاڻ گئس کاتي ۾ سب انجنيئر هئا، هڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا. قادر بخش خاصخيلي ولد استاد طيب خاصخيلي جنهن ننڍي عمر ۾ دوستن جو وڏو حلقو ٺاهيو، پاڻ هڪ ٽي وي چئنل جو سنڌ لاءِ بيورو چيف هو. ڳوٺ وارن تي ساهه ڇڏيندو هو. 2016ع ۾ وصال ڪري ويو.
    ڇٽو هوت: پوليس پيري جو بهترين پيري يار ويس هو.
    خيرو سومرو ۽ سندس پٽ مصري سومرو: جيڪي چاڪي به سڏبا هئا، پي پٽ ڀلا انسان وڏا ڀوڳائي هئا. ملدسي ۾ برف ۽ ٿڌي جو پهريون دڪان هنن جو هو.
    محمد عرس سومرو: پاڻ ملدسي جو بهترين درزي هو، ماين مردن جا ڪپڙا سبندو هو، سڄي ڳوٺ جي گهرن ۾ بنا سڏجي به هليو يندو هو.
    شير محمد مهر: ملدسي جو وڏو سيٺ وڏو دڪاندار، آخري وقت ۾ عشق ڪيائين، جنهن اري مان ڪڍي ڇڏيس بعد ۾ عشق ۾ ناڪام ويو ۽ دنياداري ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين، سڄي سنڌ جي درگاهن تي ويندو هو. ۽ پڙ چوري ڪري انهن مان خيرخيراتون ڪندو. آخر ۾ شير شاهه سڏائيندو هو. ٽنڊو محمد خان ۾ سندس مزار آهي، جيڪا شير محمد شاهه جي مزار سڏجي ٿي.
    سيد عثمان شاهه: پنهنجي وقت جو ريڊيو ٺاهڻ جو ماهر، ادبي ذوق رکندڙ، بادشاهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندڙ، دڪانداري به ڪيائين. فقير صيفل خاصخيلي، الهه بخش پرين خاصخيلي، ڏاڏو گلڻ خاصخيلي ولد مرحوم سيٺ اميد علي خاصخيلي، ملدسي ۾ پهريون ٽريڪٽر ان آندو، مرحوم محنتي يار ويس ذهين زندهه رل شخصيت هو.
    محمد ابراهيم شيخ: پاڻ ملو محمد حسن شيخ جو موڀي پٽ هو. پ پ جو جيالو هو، دڪاندار به هو، يار ويس انسان، مهل تي ڪم اچڻ وارو، پ پ پ ۾ سندس جدوجهد قابل تعريف هئي.
    الهه رکيو ڪنڀر عرف منشي: پاڻ ڏيرا اسٽيٽ جو منشي هو. ذهين سهپ رکندڙ، ڪنهن جي دل آزاري نه ڪندڙ کل مک انسان هو.
    شيرمحمد شيرل عمراڻي: پنهنجي وقت جو بهترين حجام، ديني ۽ کل ڀوڳ وارو انسان هو، تعليم کاتي ۾ ملازم هو سندس فرزند به سندس نقش قدم تي هلن ٿا، ڪنڊو فقير خاصخيلي، فقير منش مشهور عامل، مٿي جي سور، وڇون، نانگ بلا کائڻ جي جهاڙ جو عامل، پيٽ ۽ مٿي جي سور جا ڦيڻا رکڻ، بيمارين جا تعويذ لکڻ ۾ وڏي مشهوري رکندو هو. تعويذن لاءِ پري پري کان ماڻهو هن وٽ ايندا هئا.
    الهجڙيو ملاح : يارن جو يار سڄي سنڌ ۾ دوستن جو وڏو حلقو رکندڙ هو. نانگ بلائون پاليندو هو. ٻين کي ان لاءِ تعويذ به ڏيندو هو.
    حاجي عثمان شيخ: مذهبي شخصيت، محنتي هاري، حديثن ۽ اسلامي ڪتاب کڻي بازار ۾ هوٽلن، دڪانن تي وڃي ويٺلن کي پڙهي ٻڌائيندو هو ۽ کين الله ۽ الله جي رسول جي انهن ڏسيل ڳالهين تي عمل ڪرڻ لاءِ چوندو هو.
    ملدستي جي انتقال ڪري ويل شخصيتن ۾ عارب خاصخيلي، عبدالغفور ملاح، صادق ملاح قاسم ملاح، ڏاڏو عارب ملاح ۽ ٻيون شخصيتون شامل آهن. دل ته اهو چيو ته انتقال ڪري ويل سڀني شخصيتن تي ٻه ٻه سٽون لکان پر اهو ممڪن نه آهي. ڪوشش هوندي ته ملدسي تي هڪ الڳ ڪتاب لکجي ۽ اهو به ممڪن آهي ته انتقال ڪري ويل شخصيتن مان ڪي رهجي ويا هجن ان لاءِ سندن وارثن کان اڳواٽ معذرت ڪريون ٿا. جڏهن ته حال حيات جن مشهور ماڻهن جو ذڪر نه ڪري سگهيو آهيان، انهن کان به معذرت.


    ماضي ۾ شعوري ساڃاهه جو ڳڙهه تاريخي ڳوٺ باقر خان نظاماڻي

    شهدادپور- هالا روڊ تي روهڙي ڪئنال ڀرسان قديم زماني ۾ آوات واهه وهندو هو. جنهن جا نشان ڀڄي جي صورت ۾ اڄ به موجود آهن، اتي رئيس باقر خان نظاماڻي ولد قيصر خان نظاماڻي پنهنجي نالي سان ڳوٺ باقر خان نظاماڻي آباد ڪيو. هي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور حڪومت جي آخر ڌاري يا ميرن جي حڪومت جي شروعات دور ۾ آباد ٿيل سمجهجي ٿو. رئيس باقر خان نظاماڻي جي خاندان تي مبني هي ننڍڙو ڳوٺ هاڻ ننڍڙو شهر بنجي ويو آهي ۽ هن ڳوٺ ۾ لکيل پڙهيل ماڻهن جو تعداد وڌيڪ آهي. هن ڳوٺ ۾ ڪافي وقت کان ٻيون قومون به رهن ٿيون. هن وقت ڳوٺ ۾ نظاماڻين کانسواءِ سيد، خاصخيلي، لوهار، ڪنڀار، ابو پوٽا، ڪوري، بڪيرا، ڏاهري، ماڇي،شيدي، مينگهواڙ، راجپوت ۽ ٻين ذاتين وارا رهن ٿا. نظاماڻي قبيلو جنهن لاءِ ڪيئي روايتون آهن، ڪن جو چوڻ آهي ته عرب قبيلن مان آهن ڪن تاريخدانن جو خيال آهي ته نظاماڻي ڪرد قبيلي مان آهن. اهي به روايتون آهن ته نظاماڻي اصل ۾ رند آهن. روايتون آهن ته نظاماڻي، نظام فقير جو اولاد آهن. نظام فقير صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. سنڌ جون ڪيتريون برادريون پنهنجي وڏن جي نالن سان پڻ آهن. ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ نظاماڻي قبيلي جي وڏي حيثيت رهي، ميرن جي دور حڪومت ۾ نظاماڻي قبيلي جون ڪيترون شخصيتون اعلى عهدن تي پڻ رهيون، انگريز سرڪار خلاف گوريلا جنگ وطن يا ڪفن ۾ ٻين حرن سان گڏ نظاماڻين به پاڻ ملهايو. انگريز خلاف ان گوريلا جنگ ۾ نظاماڻي قبيلي جا ڪيترائي ماڻهو شهيد ٿيا، ڪيترائي غازي ٿيا. رئيس باقر خان نظاماڻي جا وڏا ضلعي ڊيرا غازي خان جا هئا. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هن ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ واڻيا به رهندا هئا. جيڪي وڻج واپار ڪندا هئا ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي واپار جي لحاظ کان وڏي حيثيت رکندو هو. ڳوٺ ۾ ڪيئن بازارون به هيون، جهڙوڪ سونارڪي بازار، لوهارڪي بازار موچڪي بازار به هيون. هتي ٺهندڙ سونا زيور مشهور هئا. پري پري جا ماڻهو سونا زيور ٺهرائڻ لاءِ هتي ايندا هئا. هتان جا لوهار به مشهور هئا. ڪهاڙيون، ڪوڏرون، ڏانٽا، هرن جا ڦار ۽ لوهه مان ٺهندڙ ٻيا اوزار ۽ مشنري به هتان جي مشهور هئي. روايتون آهن ته هتي ميرن جي صاحبي ۾ تلوارون، نيزا، ڀالا، زرهون به ٺهندا هئا. هتان جا موچي به مشهور هئا. سنڌي جتيون ، گهوڙن جا تل سنج به ٺهندا هئا. جتين ۽ گهوڙن جي سنجن تي چاندي جو جڙاءُ به ٿيندو هو. هتان جا ڪنڀر به مشهور هئا. سندن ٺاهيل مٽيءَ مان ٺاهيل ٿانوءَ خوبصورت هوندا هئا. پاڪستان ٺهڻ بعد هتان جا ڪافي هندو مجبور ٿي ڀارت هليا ويا. باقين ڳوٺ کي ڇڏي مختلف شهرن ۾ هليا ويا. باقر خان نظاماڻي ڳوٺ ڪلهوڙن جي دور کان موجوده دور تائين سياست جو ڳڙهه رهيو آهي. هن ڳوٺ ۾ تقريبن هر سياسي پارٽي ۽ تنظيم سان وابسته ماڻهو آهن. جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پ پ ٺاهي ته هتان جو معزز ۽ سماج سڌارڪ شخصيت رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي پ پ ۾ شامل ٿيو، جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ جتي ملڪ اندر سياسي سرگرميون ٺپ هيون ان ڏکئي دور ۾ ڳوٺ باقر خان نظاماڻي سياسي سرگرمين جو ڳڙهه رهيو. خاص طور قوم پرست سياست جو ڳڙهه رهيو. رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي جو فرزند عطا محمد نظاماڻي”مرحوم“ قومپرست هو. هن شاگردي دور کان قومپرست سياست شروع ڪئي، بعد ۾ مير غوث بخش بزنجو جي پي اين پي ۾ سرگرم رهيو، ان دور ۾ رسم طهر سنت، شادين، عقيقن، سالگرهه، مري ويلن جي ٽيجهن، جماڻن، چاليهن ۽ ورسين جي بهاني هتي سياسي سرگرميون عروج تي رهيون. هتي سياسي ميڙاڪا ٿيندا هئا. ان دور ۾ قومپرستن جنرل ضياءُ جي ظلم خلاف پاڻ ملهايو. ۽ سنڌ ۾ جن به قومپرستن خلاف اهڙي ڏوهه ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ٿيندا هئا ته انهن مان اڌ کان وڌيڪ هن ڳوٺ ۾ سياسي پناهه طور رهندا هئا. جنرل ضياءُ جي دور ۾ حڪومت خلاف هن ڳوٺ ۾ سري عام جلسا به ٿيا، ان دور ۾ عام ماڻهن خاص طور نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ اسٽيڊي سرڪل هلندي هئي، ان اسٽيڊي سرڪل جي حوالي سان مرحوم عطا محمد نظاماڻي، قاضي علي نواز نظاماڻي، عبدالرزاق نظاماڻي، ڪامريڊ صاحب ڏنو پٺاڻ، ڪامريڊ محمد خان ملاح، راقم العروف”نور سنڌي“، وڏيرو مير سنگراسي، مشتاق لغاري، عظيم نظاماڻي، اسماعيل ڪنڀر، يعقوب کوسو،جان محمد ساند، عبدالهادي نظاماڻي، اختر حسين نظاماڻي، غلام مصطفى نظاماڻي، نور الدين آهپن، ٻڍل خاصخيلي ۽ ليمون خاصخيلي ۽ ٻين جو ڪردار رهيو. جن اسٽيڊي سرڪلون هلايون. جنهن جون هفتيوار گڏجاڻيون ٿينديون هيون. انهن سان عام ماڻهن خاص طور نوجوانن ۾ وڏو شعور آيو، انهن اسٽيڊي سرڪلن ۾ نه صرف هن علائقي پر ٻين علائقن جا ساڃاهه وند نوجوان به شرڪت ڪندا هئا. رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي هر طرح سان ان حوالي سان ڀرپور سهڪار ڪندو هو. رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي هو ته رئيس پر سندس سو چ رئيساڻي نه هئي. هو غريبن جو يار باشعور سٺي سوچ رکندڙ انسان هو. علائقي ۾ خادم بڻجي عوامي خدمت ڪئي. ڳوٺ باقر خان نظاماڻي جي تعليم جي حوالي سان سندس ڪوششون خدمتون اڻ وسريندڙ آهن. هتي پرائمري اسڪول، مڊل اسڪول بعد ۾ ان کي هاءِ اسڪول بنائڻ ۾ ۽ نياڻين جو اسڪول قائم ڪرڻ ۾ سندس ڪردار رهيو. غريب ماڻهن کي همٿايو ته هو اولاد کي تعليم ڏيارين. پاڻ غريب شاگردن جي هر طرح سان مدد ڪندو هو. ماضي ۾ پيار محبت، اتحاد ٻڌي جي حوالي سان هن ڳوٺ جي ماڻهن جو شاندار مثال رهيو. پر رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي، عطا محمد نظاماڻي جي وفات بعد جهڙو هن ڳوٺ کي نظر لڳي وئي. ماضي وارو ماحول، پيار محبت ٻڌي واري فضا هاڻ نه رهي آهي. سياسي ليول تي به هاڻ هن ڳوٺ جون اهي رونقون نه رهيون آهن. هاڻ پراڻا ڪامريڊ هتي شادين، غمگين ۾ اچي ماضي جي خوبصورت يادن ڳوٺ سان وابسته ساروڻين کي سارين ٿا. هي ڳوٺ ته ڪڏهن اهڙو ڳوٺ هو جو هن ڳوٺ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، ماضي ۾ اهڙو ڏينهن يا رات نه هئي جو پري پري جا ساڃاهه وند ماڻهو هتي آيل نه هجن ۽ ملڪي بين الاقوامي سياسي صورتحال تي بحث نه ٿيندا هجن پر هاڻ ڳوٺ جي انهن چند اوطاقن جن ۾ رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي ۽ الهه ڏنو نظاماڻي جي اوطاق سرفهرست آهي، انهن ۾ اهي ماضي جون رونقون نه رهيون آهن، ماضي ۾ رڳو رئيس لال ڏنو عطا محمد نظاماڻي جي ڪوششن سان هتي سياسي ميلا مچندا هئا. مچ ڪچهريون ٿينديون هيون هتان جي مهمان نوازي سڄي سنڌ ۾ مشهور هئي پر اڄ هتان جا ڪيترائي نوجوان اعليٰ تعليم يافته سٺين نوڪرين ۾ آهن باشعور آهن، ليڪن ان جي باوجود ماضي وارو باقر نظاماڻي هاڻ ماضي جي ڳالهين ۾ وڃي رهيو آهي. نظاماني فيملي جا ڪيترائي ماڻهو اعلى تعليم يافته آهن. سرڪاري نوڪرين ۽ اين جي اوز ۾ آهن پر هي رئيس لال ڏنو خان نظاماڻي، عطا محمد خان نظاماڻي جهڙو ڪردار ادا نه ڪري سگهيا آهن. ڳوٺ جي سياسي، سماجي، علمي ادبي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙن ۾ قاضي علي نواز نظاماڻي پاڻ هڪ انٽرنيشنل اين جي اوز ۾ زندگي ڏني آهي اڳ ۾ به اين جي اوز ۾ رهيا آهن. حيات نظاماڻي پاڻ زرعي بينڪ جا مينيجر آهن، رسول بخش نظاماڻي پاڻ بلدياتي کاتي جا رٽائرڊ آفيسر آهن، سنڌ جي ڪيترن ئي ميونسپل ڪميٽن، ضلعي ڪائونسلن ۾ چيف آفيسر طور رهيا آهن، ممتاز نظاماڻي پاڻ لال ڏنو خان نظاماڻي جا فرزند آهن ڪسٽم ڪراچي ۾ آفيسر آهن. غلام مصطفى نظاماڻي پاڻ پيراگن اسڪول جي نالي سان شهدادپور سميت مختلف شهرن ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارا هلائي رهيا آهن، تاج محمد نظاماڻي ڪراچي ۾ آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۽ آفيسر آهن، سيد علي محمد شاهه پاڻ زرعي بينڪ ۾ ايم سي او آهن. اختر حسين نظاماڻي پاڻ گورنمينٽ پرائمري اسڪول باقر خان نظاماڻي جا هيڊ ماستر آهن، پاڻ سماج سڌارڪ به آهن. غلام بشير منصوري پاڻ هتان لاهور لڏي ويا، اتي پنجاب يونيورسٽي ۾ اسلامڪ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين جي عهدي تان رٽائر ٿيا آهن،طاهر عطا نظاماڻي ايڊووڪيٽ پاڻ ڪراچي ۾ وڪالت ڪن ٿا، والد وانگر غريبن جا دوست ، يار ويس آهن. مختيار نظاماڻي مقبول نظاماڻي، عبدالرزاق نظاماڻي، محمد بچل خان نظاماڻي، ڳوٺ جون مشهور شخصيتون آهن، عبدالمجيد نظاماڻي پاڻ پوليس کاتي ۾ سب انسپيڪٽر جي ڪيترن ئي ٿاڻن تي ايس ايڇ او رهيا آهن، علي بخش بابو نظاماڻي سماج سڌارڪ وڏن جي دوستن سان نڀائي پيو، فخر الدين نظاماڻي، عبدالهادي نظاماڻي، احمد علي نظاماڻي، غلام مرتضى، آغا نظاماڻي. جڏهن ته ٻين برادرين مان ارباب شيدي، محرم شيدي، اڪبر ڏاهري، محمد سليم خان ايڊووڪيٽ ڪراچي، سيد نور محمد شاهه، خميسو شيدي، امداد شيدي، جمن عرف ڪارو شيدي، محمد عرس خاصخيلي، شفيع محمد قمبراڻي، غلام مرتضيٰ راجپوت، محمد حنيف راجپوت، محمد يوسف فضل، راڻو ميگهواڙ، باشعور آهن. هتان جي باشعور ماڻهن کي پنهنجي ڳوٺ تماچي مينگهواڙ باقر خان نظاماڻي جو ماضي موٽائيڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هي هر دلعزيز باشعور ۽ بهار جي خوشبو جهڙا ماڻهو آهن. هن وقت باقر نظاماڻي ۾ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول، زرعي آفيس گورنمينٽ ميڊيڪل ڊسپينسري برانچ پوسٽ آفيس ۽ ٻيا سرڪاري ادارا آهن. ماضي ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءِ کوهه هئا ڳوٺ ۾ پهرين مسجد رئيس باقر خان نظاماڻي ٺهرائي، ان جي نئين سر تعمير رئيس عبدالله جان ولد علي بخش نظاماڻي ڪرائي، امام بارگاهه واري مسجد رئيس علي احمد خان نظاماڻي ٺهرائي هتان جي انتقال ڪري ويل شخصيتن ۾ رئيس تاج محمد خان نظاماڻي پاڻ لطيف جو رسالو هٿ سان لکيو جيڪو فقير علي ڏنو نظاماڻي تازو ڇپايو آهي. جعفر علي خان نظاماڻي، اسڪولن لاءِ پاڻ زرعي زمين ڏني، لال ڏنو خان نظاماڻي ۽ سندس فرزند عطا محمد نظاماڻي جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون. الهه ڏنو خان نظاماڻي، سيد دريا خان شاهه، سيد آگيڏنو شاهه پاڻ تعليمي شخصيت هئا. عامل به هئا. نانگ به پاليندو هو. نانگ بلائون کي پڪڙڻ لاءِ تعويذ به ڏيندو هو.حاجي عبدالله خان نظاماڻي جماعت اسلامي جو اڳواڻ هو ۽ عشر زڪوات ٽنڊو آدم ۾ چيئرمين رهيو، يار محمد نظاماڻي، احمد علي نظاماڻي، پاڻ امام بارگاهه جو بنياد رکيو، شير محمد نظاماڻي استاد ۽ سماج ڪارڪن، منظور خان نظاماڻي سومار خاصخيلي، لونگ شيدي، وڏيرو رتو شيدي، بچايو فقير شيدي، محمد خان نظاماڻي ”مشهور تعليمي شخصيت“ الهه ڏنو نظاماڻي بهترين استاد محمد حسين خاصخيلي ”بهترين استاد“ لال محمد شيدي ۽ ٻيا شامل آهن، ڪو زمانو هو، جوهي ڳوٺ مذهبي فرقي کان پري هو ماضي ۾ هڪ ئي مسجد ۾ نماز پڙهي ويندي هئي، يوم عاشوره ۾ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو اعزاداري ڪندا هئا. جن ۾ هندو به شامل هئا پر هاڻ ڳوٺ ۾ فرقه بندي تيزي سان وڌي رهي آهي . هتي 4 محرم کان ڏهين محرم تائين وڏي عزاداري ٿئي ٿي، ماضي ۾ ماسي گلابي شيدي ۽ سندس ڀيڻ جڏهن نوح خواني ڪنديون هيون ۽ پڙ چونديون هيون ته ماڻهو ڪربلا جي شهيدن جي ڏک ۾ نيڻن جا بند روڪي نه سگهندا هئا. ماضي ۾ خاص موقعن تي شيدي برادري مغرمان وڄائيندا هئا هتي شيدي برادري جون ڪيتريون ئي عورتون شادين ۽ خوشي جي موقعن تي لوڪ گيت ۽ سهرا ڳائين ٿيون، جن کي سنڌ جي مختلف شهر ۾ شادين ۽ ٻين خوشين جي موقعن تي خصوصي گهرايو ويندو آهي جتي هو لوڪ گيت ۽ سهرا منفرد انداز ۾ ڳائين ٿيون، هن ڳوٺ جي ماڻهن جو ايم آر ڊي تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو، هتي جلسا جلوس ڪڍيا ويندا هئا. روڊ بلاڪ ڪيو ويندو هو، ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو جيل به ويا، جن ۾ ٻين کانسواءِ عبدالرزاق نظاماڻي، محمد اسماعيل ڪنڀر، عبدالهادي نظاماڻي، امير بخش نظاماڻي، يعقوب کوسو به شامل آهن. ماضي ۾ هتان جا سوٽهڙ جيڪي مشهور واڍا هئا، سندن سامان فرنيچر مشهور هو، بعد ۾ هو شهدادپور ۾ لڏي ويا، جتي سندن گهر هئا. اتي هاڻ لوهارن جا گهر آهن.
    هتي پرائمري اسڪول 1948ع ۾ قائم ٿيو، جيڪو ڀاڳو واڻيو جي ڇڏي ويل گهر ۾ هلندو هو. گرلس اسڪول صدر ايوب جي دور ۾ قائم ٿيو. 1970ع ڌاري مڊل برانچ اسڪول قائم ٿيو. 1972ع ۾ لال خان نظاماڻي جي ڪوششن سان اپ گريڊ ٿيو. 73ع ۾ بلڊنگ ٺهي، 74ع ۾ مڊل اسڪول ڀرسان پرائمري اسڪول جا 2 ڪمرا ٺهيا. 1976ع ۾ پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت وڌيڪ 2 ڪمرا ٺهرايا ويا. سنگ بنياد وارو پٿر مخدوم خليق الزمان رکيو. ان ۾ باقر خان نظاماڻي جي واپارين سيٺ محمد سومر ساند ۽ سيٺ محمد صالح سيال جو ڪردار رهيو. 1980ع ۾ وڌيڪ 2 ڪمرا پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت ٺهرايا ويا. سنگ بنياد ان وقت جو اي سي شهدادپور محمد ايوب ٻانڀڻ رکيو. 2000ع ۾ ان وقت جي ايس ڊي او ايجوڪيشن ورڪس پير علي احمد قريشي جي تعاون سان وڌيڪ ڪمرا تعمير ٿيا، ان ۾ اختر نظاماڻي جو نمايا ڪردار رهيو. 1980ع ۾ مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو، نئين بلڊنگ ٺاهي وئي، بعد ۾ ممتاز نظاماڻي جي ڪوششن سان هائر سيڪنڊي اسڪول جو درجو ڏنو ويو ۽ شاندار بلڊنگ تعمير ڪئي وئي. 2015ع ۾ هن اسڪول کي ڪيئمپس جو درجو ڏنو ويو آهي. گورنمينٽ گرلس مڊل اسڪول 1990ع ۾ ٺهيو پر ڪامياب نه ويو. بلڊنگ بند پئي آهي. هتي سماجي تنظيمن به ڪم ڪيو. پهرين سڪ پريت جي نالي سان سماجي تنظيم ٺهي جنهن جو روح روان لال ڏنو خان نظاماڻي ۽ منير چانڊيو هئا. ان بعد سوشل ويلفئير ايسوسييشن ٺهي. جيڪا رسول بخش نظاماڻي ۽ منير چانڊيو هلائي بعد ۾ عطا محمد نظاماڻي قاضي علي نواز نظاماڻي، اختر حسين نظاماڻي، باقر خان نظاماڻي ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جو بنياد رکيو، ان تحت غريب بيواهه عورتن کي روزگار لاءِ ٻڪريون وٺي ڏنيون، انوارمينٽ جي حوالي سان هڪ لک وڻ علائقي ۾ لڳايا ويا. 1995ع ۾ گندي پاڻي جي نيڪال واري اسڪيم 50 لکن جي لاڳت سان ٺاهي وئي. فرشبندي ڪرائي وئي، گندي پاڻي جي نيڪال واري اسڪيم اختر حسين نظاماڻي جي ڪوششن سان اڃا تائين ڪاميابي سان هلي رهي آهي. ان حوالي سان اختر حسين نظاماڻي ذاتي طور به خرچ ڪندو رهيو آهي. هن ڳوٺ جي اڪثريتي ماڻهن جو قبرستان حاجي راول فقير جي قبرستان ۾ آهي. ڳوٺ ڀرسان حضرت حاجي فقير جي مزار به آهي. ڳوٺ جي هن وقت اڍائي هزار کن آدمشماري آهي. گورنمينٽ هاءِ اسڪول باقر خان نظاماڻي جي حوالي سان اتي مقرر ٿيندڙ هيڊ ماسترن الهه بخش خاصخيلي، سيد حسين شاهه، ڄام بادل جکرو ۽ پرنسپال زاهد حسين ميمڻ جون خدمتون قابل تعريف آهن. ڳوٺ جي تعليمي ادارن جي ترقي جي حوالي سان ممتاز نظاماڻي جون ڪوششون قابل تعريف آهن.


    واديءَ ڪشمير جهڙو خوبصورت ننگرپارڪر

    ٿر جنهن لاءِ عام چوڻي آهي ته وٺو ته ٿر، نه ته بر ۽ اها حقيقت به آهي، ڇو ته ٿر جي حسن کي برساتن بعد چار چنڊ لڳن ٿا ۽ ٿر جو حسن وڌيڪ نکري ٿو. ٻيو ته ٿر واسين جو گذر سفر برساتن بعد ٿيندڙ فصلن تي آهي. ٿر ۾ برسات جي خوشي اهڙي ٿئي ٿي جهڙي مسلمانن لاءِ عيد ۽ هندن لاءِ ڏياري جي خوشي. ڪتابن ۾ آيل آهي ته ٿر جو اصل نالو سٿل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي بيٺل نه وهندڙ معنيٰ خشڪ ملڪ ۽ سٿل لفظ مان ڦرندي هاڻ ٿر سڏجي ٿو. ضلع ٿرپارڪر ۾ تعلقي ننگرپارڪر جي ثقافتي، تهذيبي، تاريخي طور هڪ پنهنجي حيثيت آهي. هي تعلقو تقريبن 1617 چورس ميلن تي مشتمل آهي. ننگرپارڪر شهر جي ٽنهي پاسن کان ڪارونجهر جبل آهي، جيڪو هن شهر کي پنهنجي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهي. ڪارونجهر ڪڪڙ جي بيضي وانگر آهي. ڪارونجهر زميني سطح کان 1000 فوٽن جي اوچائي تي ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻاهرين گولائي 22 ميل ٻڌائي وڃي ٿي. سنڌ گزيٽيئر موجب 12 ميل آهي. روايتون آهن ته قديم وقت ۾ پارڪر وارو حصو ۽ ڪڇ جي ملڪ جي وچ ۾ بيٺل ڪڇ جي رڻ ۾ پاڻي هوندو هو، جنهن کي کاري چوندا هئا، ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ اها پار ڪرڻي پوندي هئي، جنهن ڪري چوندا هئا پار کاري. بعد ۾ پارکار سڏيو ويو، ان بعد پارکار مان ڦري پارکر ۽ هاڻ پارڪر سڏجي ٿو. اهي به روايتون آهن ته پارڪر لفظ جي معنيٰ آهي، پهڻ ۽ پٿر. ننگرپارڪر شهر ۾ واري جون ڀٽون نه آهن، باقي تعلقي ۾ واري جون ڀٽون به آهن. سڌي زمين به آهي. ڪارونجهر جي وچ ۾ ماٿريون آهن. ڪارونجهر جو پٿر ٻين جبلن کان مختلف آهي. ٻين جبلن جي پٿرن وانگر هتان جو پٿر سخت به نه آهي ۽ ڳاڙهو، اڇو، سليٽي رنگ ۽ ٻين رنگن وارو آهي. ڪارونجهر ۾ ۽ ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڪيترائي هندن جا تيرٿ جا آستان آهن ۽ ڪيترائي روح کي وڻندڙ قدرتي نظارا به موجود آهن. ڪارونجهر جي پٿر مان بهترين ماربل ٺهي ٿو، دنيا اندر ٺهندڙ ماربل کان بهترين آهي. ان ۾ شيشي جهڙي چمڪ به آهي. هتان روزانو وڏي مقدار ۾ پٿر ڪڍي مختلف شهرن ۾ ماربل ٺاهيندڙ ڪارخانن ڏانهن موڪليو وڃي ٿو. هر دور ۾ حڪمران پنهنجن کي نوازڻ لاءِ ڪارونجهر ليز تي ڏنو وڃي ٿو ۽ ٺيڪيدار پٿر ڪڍن ٿا. اڳ هتان اهڙو به پٿر نڪتو، جيڪو منڊين جي قيمتي پٿرن وارو هو. اڳ هتي ڌماڪا ڪري پٿر ڪڍيو ويندو هو، ان سان ڪارونجهر ۾ رهندڙ مور ڌماڪن جي خوف کان مرڻ لڳا ۽ ڀارت جي سرحد ويجهي هئڻ ڪري ڌماڪن ذريعي پٿر ڪڍڻ وارو سلسلو بند ڪري هاڻ پٿرن کي ڪٽڻ وارين مشينن ذريعي پٿر ڪٽي ڪڍيو وڃي ٿو. روزانو نڪرندڙ پٿر مان ٺهندڙ ماربل جي لحاظ کان روزانو ڪروڙين رپين جي آمدني ڏي ٿو. جڏهن ته هتان اهڙو اڇو پٿر نڪري ٿو، جنهن مان چيني جا ٿانوَ ٺهن ٿا. انهن پٿرن کي پائوڊر ڪرڻ لاءِ ننگرپارڪر مٺي روڊ تي ٺيڪيدارن ڪيترائي ڪارخانا به ٺاهيا آهن. ماربل ٺاهڻ ۽ چيني جا ٿانوَ ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ پٿر جيڪو روزانو ڪروڙين رپين جي آمدني ڏي ٿو، پر بدقسمتي سان ننگرپار جا ماڻهو بنيادي سهولتن کان محروم آهن. ايتريقدر جو هو صاف پاڻي لاءِ به پريشان آهن. شابس هجي جماعت اسلامي جي خلق خدمت ۽ ڪجهه اين جي اوز وارن کي جن ننگر ۾ کوهه کوٽايا آهن، اونهاري ۾ جڏهن برساتون نه پونديون آهن ۽ پاڻي جي کوٽ ٿيندي آهي ۽ ڪجهه کوهه سڪي ويندا آهن ته هنن کوهن تي ڪجهه قانون نافذ ڪندڙ ادارن جا ماڻهو قبضو ڪري ويهي رهندا آهن، هن علائقي جي عوام جي اها به بدقسمتي آهي، ته هتان نڪرندڙ ڪوئلي لاءِ قائم ڪيل ڪول مائينر لاءِ به مقامي ماڻهن کي روزگار نه پيو ڏنو وڃي. ان لاءِ پنجاب مان وڏي تعداد ۾ ماڻهو آندا پيا وڃن.
    تفريح جي لحاظ کان هي علائقو مالا مال آهي، هتي سياحت توڙي ثقافت کاتي پاران ڪي به سهولتون نه هئڻ جي باوجود سياحت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو وڏي تعداد ۾ پهچن ٿا. خاص طور برساتن بعد هتي سڄي سنڌ مان ماڻهو اچن ٿا، پر هتي سياحن توڙي تيرٿ جي آستانن ۽ قديم مندرن کي ڏسڻ لاءِ ايندڙ هندو زائرين جي رهڻ لاءِ ڪو به انتظام نه آهي. بدقسمتي اها آهي ته وفاقي ٽوئرازم ۽ سنڌ جي ٽوئر ازم کاتي جي نقشن ۾ ننگرپارڪر جا آثار قديم توڙي سياحت وارا هنڌ ڄاڻايل نه آهن، جنهن ڪري ٻين صوبن توڙي غير ملڪي سياحن کي ننگرپارڪر جي سياحتي هنڌن جي ڄاڻ نه آهي. جيڪڏهن هتان جي سياحتي ماڳن کي انٽرنيٽ تي رکيو وڃي ۽ ٻين سياحتي ماڳن وارن نقشن ۾ به رکيو وڃي ۽ سياحت بابت مختلف ڪتابن ۾ هتان جي سياحتي مرڪزن جو ذڪر ڪيو وڃي ته سمجهون ٿا ته سڄي دنيا مان ماڻهو هتي ايندا ۽ ڪارونجهر جي حسن جو ذڪر ڏيهان ڏيهه پهچندو. خاص طور برساتن بعد ته هتي ملڪي غير ملڪي سياحن جي رش ڪنهن ميلي کان گهٽ نه هوندي. پر افسوس جو سياحت کاتو، ثقافت کاتو توڙي ٿرپارڪر ضلعي حڪومت ڪڏهن به هن طرف توجهه نه ڏنو آهي. هن علائقي کي نظرانداز ڪرڻ تي ننگرپارڪر جي ساڃاهه وند ماڻهن کي حيرت ۽ افسوس آهي. ننگرپارڪر ڪڏهن آباد ٿيو، ان بابت ڪتابن ۾ مختلف حوالا آهن. مختلف انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ڪيپٽن ريڪس جي لکڻ موجب موجوده ننگرپارڪر ويجهو پاري ننگر نالي هڪ وڏو شهر آباد هو، جنهن جي آبادي 40 هزار هئي، ڪڇ جو رڻ ان وقت سمنڊ هو. وڏا جهاز هتي ايندا هئا. اهو شهر واپار جو مرڪز هو. اهي به روايتون آهن ته راجپوتانا، ٿر ۽ ڪڇ جا ملڪ سمنڊ جي تري ۾ هئا. جتي ڪڇ جو رڻ آهي، اتي ڪڏهن سمنڊ ڇوليون هڻندو هو، اها زمين مٿي ڪيئن چڙهي آئي ان بابت ڪي ٺوس ثبوت نٿا ملن پر خيال ڪيو وڃي ٿو ته زلزلي يا قدرتي طور زمين مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ جو پاڻي هٽي ويو. پر ماضي ۾ رڻ واري زمين اڃا هيٺ هئي. ان وقت سنڌو ندي جي هڪ شاخ هاڪڙو پنجاب مان پنج ندي وٽان نڪري عمرڪوٽ کان ٿيندي ڪڇ جي رڻ وٽ ڇوڙ ڪندي هئي.
    ”ٽاڊ راجستان“ انگريزي جلد پهرين صفحي 13 ۾ لکيل آهي ته عيسوي صدي کان 3 سؤ سال اڳ جڏهن سڪندر اعظم سنڌ مان لنگهيو، تڏهن اتي سمنڊ جي پاڻي ڇوليون پئي هنيون. ڪي صديون پوءِ به اتي سمنڊ جو پاڻي هو. 60 عيسوي صدي ۾ مشهور يوناني سياح پير پلس اتان لنگهيو هو، جنهن به ڪڇ جي رڻ جو ذڪر ڪيو آهي، ته اتي پاڻي هو. الائسي ريڪلس لکي ٿو ته رڻ چوٿين صدي تائين کليل سمنڊ هو ۽ پوءِ وڏن زلزلن ڪري زمين هيٺ مٿي ٿي وئي ۽ اتي رڻ ٺهي ويو. ”دي ارٿ ائنڊ اٽس انها پيٽئنس آر يونيروسل جاگرافي جلد 5 ۾ لکيل آهي ته ننگرپارڪر کان اتر طرف جيڪو ويرانو آهي، سو سامونڊي واپار جو مرڪز هو، تاريخ فيروز شاهي ”هسٽري آف انڊيا“ جلد 3 ۾ لکيل آهي ته سن 1024ع ۾ سلطان محمود غزنوي سومناٿ مندر تي حملو ڪرڻ بعد ڪڇ جي رڻ مان موٽيو ته کيس اهو ڊپ ڏنو پئي ويو، هتي جون لهرون تنهنجي لشڪر کي لوڙهي ڇڏينديون. 1360ع ۾ سلطان فيروز شاهه جو لشڪر ڪيترائي ڏينهن رڻ ۾ گذاريا آهن، ان وقت هتي پاڻي جو ذڪر نه آهي، صرف چند حصن ۾ پاڻي هو. لڳي ٿو ته سلطان محمود غزنوي جي هتي اچڻ کان پوءِ سگهو ئي پاڻي سڪو آهي. ٽاڊ راجستان موجب رڻ جي ڊيگهه 150 ميل ويڪر ڀڄ کان ٻلهاري تائين 70 ميل آهي. جملي پکيڙ 7 هزار چورس ميل آهي. ڪيپن ريڪس جي لکڻ موجب هتي 100ع ۾ موجود ننگر جي ويجهو پاري ننگر نالي شهر هو. مشهور ليکڪ او رين جي لکڻ موجب 200ع ۾ نربدا نديءَ جي وچئين ڀاڱي ۾ پاردو جو راڄ هوندو هو، جنهن جي گادي جو هنڌ مين گڊ هو، ڪرنل ٽاڊ مليڇ پار دو ذات کي جاتي ڄاڻائي ٿو، پر سر ايلفنسٽس سابق گورنر بمبئي انهن کي پارسي لکيو آهي. ليکڪ موجب پاردو نه پر پارسي هئا ۽ ولڀي پور جو راڄ هنن جي هٿ ۾ هو. بعد ۾ مين گڍ جو نالو پارسي ننگر رکيو ويو ۽ بعد ۾ پاري ننگر سان مشهور ٿيو. پاري ننگر موجوده ننگرپارڪر کان 14 ميل کن ويرا واهه کان اوڀر طرف 2 ميلن تي آهي، جتي جين ڌرم وارن جو وڏو راڄ هو، موجوده ڀالوا کان 2 ڪلوميٽر پري گوڙي جو مندر آهي. ننگرپارڪر ۾ جين جو مندر آهي، اهي مندر وڏي نفاست سان ٺهيل آهن. مندرن جي ديوارن تي ڪيتريون ئي مورتيون ٺهيل آهن، انهن مان ڪيتريون ئي چورائجي ويون آهن، ڪيتريون ڀري ڀڄي پيون آهن. اتي ٺهيل ٻيون تاريخي عمارتون به ڊهي ويون آهن، ماڻهو عمارتن جون سرون پٿر ڪڍي کڻي ويا آهن. جيڪڏهن هنن تاريخي مندرن جي فوري طور سار سنڀال نه لڌي وئي ته هاڻ ڪري پوندا. هي مندر ڪڏهن ٺهيا، ڪنهن ٺهرايا، اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر گوڙي جي مندر جي مرمت 1376ع ۾ سوڍن جي حڪومت ۾ ٿي. انگريز دور ۾ انگريز کي اطلاع مليا ته سوڍا گوڙي جي مندر ۾ لڪيل آهن ۽ انگريز بارود سان حملو ڪيو، جنهن سان مندر کي نقصان پهتو. پاڪستان ٺهڻ بعد هنن قديم مندرن جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي. 18 ترميم تحت جيڪي وفاقي کاتا صوبن جي حوالي ڪيا ويا آهن، انهن ۾ آثار قديمه کاتو به شامل آهي، ته جيئن انهن تاريخي آثارن جي سار سنڀال لهي سگهجي، انهن کي اصلوڪي حالت ۾ آڻي سگهجي، سنڌ ۾ آرڪيالاجي کاتو ان ڏ س۾ ڪم شروع ته ڪيو آهي، پر فنڊن جي کوٽ ڪري ان ليول تي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. آثار قديم تي ڪو خاص ڪم نه ٿيو آهي. ننگر جي هنن ٻنهي تاريخي مندرن کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي. ننگر پارڪر جي قدرتي نظارن ۽ هندن جي تيرٿ جي آثارن ۾ سارڌرو، گئو مکي، ڀيم ڪن، انچلشور، جهرڻو، ٻائن جو ٻيسڻو، چندڻ گي، ڀوڏسير جي مسجد به آهن. سارڌرو ننگر شهر کان 2 ميلن جي مفاصلي تي ڪارونجهر جي ڀاڪر ۾ واقع آهي. جتي مها ديو جو مندر به آهي. اتي پاڻي جو هڪ ڪن به آهي، جيڪو اونهو آهي، هندن جو چوڻ اهي ته ان ڪن جو ويديا شاستر ۾ ذڪر آهي. هندن جو اهو عقيدو آهي ته جيڪڏهن مرڻ واري کي ساڙڻ بعد سندس رک هن ڪن ۾ وڌا ويندا ته ڄڻ گنگا ندي ۾ وڌا ويا. يعني مرڻ واري جا سارا پاپ ڌوپجي ويندا. اتي هڪ ديوي جو مندر به آهي. اتي شوَ جو لنگ به ٺهيل آهي، جتي هندو ڪرياڪرم ڪندا آهن. هر سال مارچ ۾ اتي هڪ ڏينهن جو ميلو به لڳي ٿو. سار ڌري کان مٿان پاراشر جو آستان آهي، جنهن لاءِ اها چوڻي مشهور آهي ته پاراشر رشي ڏهه هزار سال بيهي تپشيا ڪئي هئي، پير جي هڪ آڱر تي هڪ هڪ هزار سال بيٺو هو. آڱرين جا اهڙا نشان جبل تي موجود آهن.
    گئو مکي: سارڌريءَ کان ڏکڻ طرف ڏيڍ ڪلوميٽر تي ڪارونجهر جي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون اچي پاڻ ۾ ملن ٿيون. جتان برسات جو پاڻي آبشار جي صورت ۾25-30 فوٽ کن کان هيٺ ڪري ٿو. ٻن ٽڪرين جون چوٽيون گڏجڻ ڪري قدرتي طور پٿرن مان ڍڳي ٺهي وئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان پاڻي کير جي گوهن وانگر وهي ٿو. هندو ان کي تيرٿ سمجهي زيارت لاءِ ايندا رهن ٿا.
    ڀيم ڪن: ڳئو مکي ويجهو ئي پاڻي جو هڪ ڪن آهي، جو تمام اونهو آهي، جيڪو سدائين پاڻي سان ڀريل هوندو آهي.
    انچلشور: هي ننگر مان 2 ڪلوميٽر ڪارونجهر جي هڪ ٽڪري تي آهي، جتي مسافرخانو به ٺهيل آهي، هتي مهاديوَ جو لنگُ ٺهيل آهي، اتي پاڻي جا گڏوگڏ 3 چشما آهن. پاڻي پٿرن هيٺان نڪري ٿو.
    جهرڻو: پراڻي ڪاسبي جي ڀرسان هڪ تلاءُ آهي، ان جي اڀرندي پاسي کان جبل جي پاڙ مان پاڻي بڙ بڙ ڪري نڪري ٿو.
    بائين جو ٻيمڻو: پراڻي ڪاسبي ڀرسان اوڀر طرف هڪ ڇپ آهي، جنهن جي هيٺان خال آهي، مٿان ڇٽي وانگر آهي، ان هيٺان 20 کان 25 ماڻهو ويهي سگهن ٿا. ٽن پاسن کان بند آهي.
    چندڻ گڍ: هي رائو چندر سنگهه جي فرزند گوبند راءِ جو ٺهرايل آهي. 1859ع ۾ جڏهن راڻن انگريز خلاف بعاوت ڪئي ته انگريز فوج هن قلعي کي توپن سان اڏائي ڇڏيو. ڪافي سال اڳ ڊٺل قلعو هو، هاڻ ان جو ڪوبه وجود نه رهيو آهي، ليڪن اتي ٺڪراڻو آهي.
    ڀوڏسير مسجد: جيڪا سلطان محمود بلگڙي ٺهرائي هئي، روايتون آهن ته ان دور ۾ مسلمانن جو هڪ قافلو حج تي روانو ٿيو، ان ۾ سلطان محمود جي والده به هئي، ان وقت ننگر تي سوڍن جو راڄ هو ۽ اهو حج وارو قافلو جڏهن ڀوڏسير وٽ پهتو ته راڻن کين روڪي ڪجهه رقم وٺي پوءِ ڇڏيو. حج تان واپس ايندي سلطان محمود جي والده کيس اهڙي شڪايت ڪئي ته سلطان محمود تپي باهه ٿي ويو ۽ لشڪر وٺي سوڍن تي ڪاهه ڪئي. سوڍن کي شڪست ڏئي موٽيو، پاڻ اتي هڪ ننڍڙي خوبصورت مسجد ٺهرائي، اتي لڳل هڪ پٿر تي 1505ع لکيل اهي. ننگرپارڪر ۾ ماهر آبپاشي عبدالعزيز جوڻيجو جڏهن هتي گهمڻ آيو ته کيس خيال ٿيو ته هتي برساتي پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڊيم ٺهي سگهن ٿا ۽ پاڻ مرادو سروي ڪري فزيڪل رپورٽ ٺاهي سابق وزيراعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم کي ڏني، جنهن تجويز کي پسند ڪيو ۽ هتي سمال ڊيم ٺاهڻ جي منظوري ڏني، ان بعد هتي سمال ڊيم ٺاهيا ويا آهن، ليڪن ڪم رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ڪارونجهر تان ڪرندڙ برسات جو پاڻي نين ذريعي ٺاهيل ڪجهه ڊيم ۾ گڏ ٿئي ٿو، ان تي آبادي ڪئي وڃي ٿي، سمال ڊيم اسڪيم تحت ڪجهه علائقن ۾ ٽيوب ويل به لڳايا ويا آهن. انگريز حڪومت ۾ انهن جي غلامي قبول نه ڪندي هتان جو سوڍن انگريز خلاف وڏي ويڙهه ڪئي. رائو رتن سنگهه انگريز کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. ان ڪري مٺي جي حاڪم ڪرنل تروٽ هن کي سندس خواهش موجب ڪيتريون ئي رعايتون ڏنيون. بعد ۾ رتن سنگهه کي مليل مقاطعو وڌيڪ ڏوڪڙن تي عمرڪوٽ تعلقي جي هڪ سيد محمد علي شاهه کي ڏنو ويو، جيڪو پنهنجي علائقي جو ڏاڍو مڙس هو. ان تي راڻو رتن کي خار لڳي ۽ ان سيد کي ماري پاڻ جوڌپور ڏانهن فرار ٿيڻ لڳو، اهڙو اطلاع ملندي تروٽ پوليس جا اٽالا سندس پويان موڪليا، جنهن وقت راڻو گهوڙي تان لهي ٿورو آرام ڪرڻ لڳو ته پوليس اتي پهچي کيس ننڊ ۾ کڻي قابو ڪيو. کيس عمرڪوٽ قلعي ۾ ڦاسي ڏني وئي. انگريز خلاف مهاڏوا ٽڪائيندڙن ۾ راڻو ڪرڻجي به هو، جڏهن ڪرنل تروٽ جي اڳواڻي ۾ ننگر تي ڪاهه ڪئي وئي ته راڻو ڪرڻجي وڙهيو ۽ شڪست کاڌي ته سندس وزير ۽ ٻيا ماڻهو شهر ڇڏي ويا ۽ راڻو به ڪارونجهر جي ٽڪري ۾ پناهه وڃي ورتي، جتي سندس وفادار خدمتگار روپلو ڪولهي کاڌي پيتي جو سامان ۽ ٻي خبر چار پهچائيندو هو ۽ روپلو ڪولهي لڪي لڪي انگريز جي فوج ۽ پوليس تي ڪاتر سان حملا ڪيا. ڪاتر سان حملن تي انگريز فوج ۽ پوليس نه صرف پريشان ٿي پر حيرت ۾ هئي. جاسوسن جي ڄار وڇائي روپلو ڪولهي کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کيس وڏيون لالچون ڏنيون ويون ته راڻو ڪرڻجي کي گرفتار ڪراءِ پر روپلو ڪولهي انڪار ڪيو، جنهن تي مٿس تشدد ڪيو ويو، هٿ جي ترين تي تيل وجهي آڱرين کي ڪپهه ويڙهي باهه ڏني ويئي، پر بهادر روپلو ڪولهي پنهنجي مالڪ جي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو ۽ کيس وڻ ۾ ٽنگي ڦاهي ڏني وئي، ان هنڌ تي عوامي تحريڪ وارن يادگار ٺهرايو آهي. بعد ۾ راڻو ڪرڻجي کي سندس خاص ماڻهو مهاوجي لالچ ۾ اچي گرفتار ڪرايو. 1860ع ۾ راڻو کي 14 سال ڪاري پاڻي جي سزا ڏني وئي، ٿر جو مشهور سماج سڌارڪ مسڪين جهان خان کوسو جو تعلق به تعلقي ننگر پارڪر سان آهي. مسڪين جهان خان کوسو جون سماجي خدمتون اڻ وسرندڙ آهن. هن علائقي جي کوسن ۾ رئيس ڪاپڙي خان کوسو به انتهائي وڏي شخصيت هو. پاڻ مهمان نواز سخي آزادي جي هلچل ۾ هڪ ڪردار ادا ڪندڙ هو. مشهور شخصيت حاجي آگيڏنو دل ۽ ڪريم ڏنو دل جو تعلق به هن تعلقه سان آهي، ننگرپارڪر تعلقي جي ٿر ۾ هرڻ ڦاڙا، روجهه به جام آهن. ٿر ۾ مور به وڏي تعداد ۾ آهن. خاص طور ڪارونجهر جي وادين ۾ ڪاسبو جي مندر ۾ ۽ ڏانو ڌانڌل ۾ وڏي تعداد ۾ آهن. چوڏهين جي چوڏس ۾ هتي مورن جي ناچ جا منظر روح کي راحت ڏين ٿا. تعلقي ننگر ۾ 7 يو سي هاڙهو، ننگرپارڪر، ستو ڏيرا، تڳو سر، ويرا واهه، ڀيلو، ڦيٽاپور، تعلقي ۾ تقريباً 584 ڳوٺ آهن. هن جديد دور ۾ به ننگر تعلقو بنيادي سهولتن کان محروم آهي.
    ننگر ۽ چند ويجهن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن کانسواءِ باقي ڳوٺ روڊن، بجلي، صحت مرڪزن کان محروم آهن. اڄ جي جديد دور ۾ ننگر تعلقي جي عوام جهڙوڪ پٿر واري دور ۾ هلي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کان موجوده دور تائين هن علائقي جي عوام کي بنيادي سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. تعلقي ۾ 500 کان وڌيڪ پرائمري اسڪول، 3 هاءِ اسڪول، 20 مڊل اسڪول ته آهن پر ننگر شهر کانسواءِ باقي شهرن جي اسڪولن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي. اسڪول ڳوٺ جي بااثر ماڻهن جون اوطاقون بنيل آهن. گرلس پرائمري اسڪول تمام گهٽ آهن، جيڪي آهن انهن مان چند اسڪولن کي ڇڏي باقي ماسترياڻين کانسواءِ هلي رهيا آ هن. تعلقي اسپتال ننگر اهو لاڀ نه ڏئي سگهي آهي، جيڪو ملڻ گهرجي. ٻهراڙين جون اسپتالون جهڙو آهن تهڙو نه. اهي گهڻو ڪري لوئر اسٽاف هلائي رهيا آهن، ننگر جي تعلقي اسپتال سميت ٻهراڙين جي اسپتالن ۾ ميڊيسن نه هئڻ برابر آهن، ريگستان ۾ صرف کيڪڙا، پوٽهار جيپون هلن ٿيون، ڪجهه علائقن ۾ ننڍيون بسون به هلن ٿيون. هتي گاڏين وارا ڳاٽي ڀڳا ڀاڙا وٺن ٿا. ريگستان واري 60 سيڪڙو عوام موبائل فون سروس کان محروم آهي. پاڻي ڪڙو ۽ کارو، وڏن ڳوٺن ۾ کوهه آهن، ننڍن ڳوٺن جا ماڻهو پري کان پاڻي آڻين ٿا، سينيٽر گل محمد لاٽ جي ڪوشش سان ڪجهه روڊ ٺهيا آهن، ڪجهه ٺهي رهيا آهن. ڪجهه ڳوٺن ۾ جنريٽر تي هلندڙ صاف پاڻي جا آر او پلانٽ لڳايا ويا. پ پ جي گذريل ۽ موجوده حڪومت ۾ سولر توانائي ذريعي ڪجهه ڳوٺن ۾ مٺي پاڻي جا آر او پلانٽ لڳايا ويا آهن، ڪجهه ڳوٺن ۾ هاءِ اسڪول، مڊل اسڪول، مڊل برانچ اسڪول، ميڊيڪل ڊسپينسريون به ڏنيون آهن، ڪجهه اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن، پر ننگر ۽ چند وڏن ڳوٺن تائين محدود آهن. تعلقي اندر جانورن جي لاءِ ننگر پارڪر ۽ چند وڏن ڳوٺن ۾ قائم ڪيل اسپتالن جي ڪارڪردگي نه هئڻ برابر آهي. ٻهراڙين ۾ چوپايو مال کي ويڪسن نه ٿي ڪئي وڃي، جنهن ڪري چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين سان وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مرندو رهي ٿو. 98 سيڪڙو ڳوٺ بجلي کان محروم آهن. هتي ريڊيو پاڪستان جي ڪنهن به ريڊيو استيشن جي نشريات ٻڌڻ ۾ نٿي اچي. ڊش اينٽينا کانسواءِ پي ٽي وي جي نشريات ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هتي سرندي وارن ماڻهن وٽ سولر توانائي سسٽم ۽ بيٽري تي ڊش لڳايا ويا آهن. جڏهن ته ريڊيو تي انڊيا جي ڪجهه ايف ايم جي نشريات ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. خبرن سان دلچسپي رکندڙن وٽ ريڊيو آهن، جنهن تي هو اڄ به بي بي سي شوق سان ٻڌن ٿا، ننگر شهر ۾ اخبارون ٻئي ڏينهن پهچن ٿيون. عمرڪوٽ جي ويجهو وارن ڳوٺن ۾ انهي ڏينهن شام جو اخبارون پهچن ٿيون. ٻهراڙي ۾ 1 سيڪڙو کان به گهٽ ماڻهو اخبارون پڙهن ٿا. هتي ڪاروڪاري جا واقعا ٿين ئي ڪونه، 75 سيڪڙو ماڻهن کي خبربه نه آهي ته ڪاروڪاري آهي ڇا؟ هتي شاديون والدين جي مرضي سان ٿين، پر هاڻ هتي پيار جي شادين جو رجحان به وڌيو آهي. هتي شادين ۾ پراڻيون رسمون هاڻ ختم ٿي رهيون آهن. هتي پردي جو رواج تمام گهٽ آهي. ٻهراڙين ۾ چؤرا جام آهن پر هاڻ اتي پڪين جاين وارو رواج عام ٿي رهيو آهي. هتي مينهون نه آهن، گهوڙا تمام گهٽ آهن، باقي اٺ، گڏهه، خچر جام آهن. چوپائي مال ۾ ٻڪريون، رڍون، ڍڳيون آهن. جهنگلي جانورن ۾ هرڻ، ڦاڙو، سهو، گدڙ، لوڪڙ، لومڙ، جهنگلي ٻلو، زهري جانورن ۾ واسينگ نانگ، ڪارو نانگ ڪونڀاريو نانگ، گورهيرو نانگ، گڊو نانگ، ٽنگ، لنڊي کپر، هڻ کڻ، پئڻ بلان، ٻوگهي، ڪوراڙ، گهوڙيل، ارڙ بلا، وڇون شامل آهن. جڏهن ته هتي چندڻ ڳوهه، عام ڳوهه، نوريئڙو، نور، سانڊو، ڪاڪينڊو، ڪئو، سانڊي، ڏيڏر، ماڪوڙيون، اڏوهي، تڏيون، تڍڻ، مڪڙ ۽ ٻيا به جام آهن. وڻن ۾ ڪنڊي، ڪونڀٽ، ٻٻر، کٻڙ، ڄاريون، جهنگلي ٻير، نم، سرنگهو، روهيڙو، ليار، ڪرڙ، لئي. ننڍن وڻن ۾ ٿوهر، گهانگهيٽي، ارڻي، گگراڻ، ٻائوري، ٻوهه، موراڙي، ڪانڪهه، ڦوڳ، چهوتي، هيرڻ، ڌاتورو، ٻوهه، موراڙي ڪانڪهه.
    گاهه ۽ ٻوٽن ۾ ڀرٽ، مرٽ، سيڻ، گهامو، ڳندير، ڪوري، ڊامڻ، ڊڀ، لمپ، منديري، ملير مندي، ڪريوکڙ، سانٽوڙو، ابت ڪنڊي، پٽ ڪنڊي، ڏوڌيلي، ويڪر، ڀنگري، ملير ڙو، بگرو، لئر، ڪاني، سونيلي، جهل يا نببلي، ڪرنگهو، سانئو، انکرو، اير پال، کير کپ، سڻ، پاڻي جا باتيڻا، لائيوهه لنڊ، وينجهل، جوڳيڙو، وسيرني، کرول، مانڌاڻي، مکڻي، ڌاچوڙ، موگر، هرڻ چپڙي، جهرڪلي، گيت، چيهو، کومان، ٻرو، ڳمول، ڳرسڻ ۽ ٻيا. ولين ۾ گدريون، چڀڙ، گدرا، ڇاهيون، ميها، ڪريلا، گولاڙا، اهي ميويدار آهن. جهنگلي ولين ۾ انکرو، ڪان ڪوڏي، ڪيتال، منڍيري، ڪورڙو، بکڙو، پيسوڙيال، اڦڙ، گهوڙاول، هزار داني، ڀڳڙا ول، نور ول، نانگ ول، کڻ ويل، پت تريا، سنهان، ٽوهه.
    پکين ۾ تتر، مور، جهرڪيون، پاريهر، باز، ڳجهه، سرڻ، شڪرو، هورهيو، ٻاٻيهو، تاڙو، ليلي، هڙبو، بلبل، پيئر، ٽيٽيهر، ڊولر، مالهاري، ڪانءُ، ڪاري جهرڪي، ڳاڙهو ڳيرو، اڇو ڳيرو، چٻرو، ڪانئرو، ڪٻر، ڊوڏو، چمڙو، هُد هُد، سوتاريو، ڪار ڪڻڇي، تلوار، گوٿڙ، سگري. هتي ماکي جام ٿئي ٿي. برساتن بعد کنڀيون جام ٿين. ننگرپارڪر شهر ننڍڙو ليڪن خوبصورت آهي. ننگر جي بيهڪ خوبصورتي ڄمون ڪشمير جي سري ننگر جهڙي آهي. وڻڪار تمام گهڻي آهي، هتي ٽائون ڪميٽي مختيارڪار آفيس، سمال ڊيم، پوليس ٿاڻو، پوسٽ آفيس، حيسڪو آفيس، پرائمري اسڪول، هاءِ اسڪول، تعلقي اسپتال جانورن جي اسپتال ۽ ٻيون سرڪاري آفيسون آهن.
    ثقافتي کاتي ۽ سياحت کاتي کي هن علائقي ۾ توجهه ڏيڻ گهرجي، هتي ڪارونجهر جي وادي ۾ هڪ واري جي ڀٽ آهي، اتي سياحن لاءِ ريست هائو س۽ ريسٽورنٽ ٺهي سگهي ٿو. ان ڀٽ کان سار ڌرو تائين پل ٺهڻ گهرجي، ڇو ته هتي سار ڌرو ڀٽ کان مها ديوَ جي مندر ۽ ڪن تائين ڪافي دفعا سي سي بلاڪ سان رستو ٺهيو آهي، پر برساتن ۾ اهي ٽٽي وڃي ٿو ۽ لکين رپيا ضايع ٿي وڃن ٿا. سياحت کاتي پاران اتي بجلي تي هلندڙ چئرلفٽ به ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ان سان سياحت وڌندي، جڏهن ته سياحت کي ترقي وٺرائڻ ڪاسبو، انچلشور ۾ جتي هڪ مسافر خانو ٺهيل آهي، اتي سياحت کاتي، ثقافت کاتي پاران خوبصورت ريسٽ هائوس ٺاهڻ جي ضرورت آهي. ننگرپارڪر جا بنيادي مسئلا پهريون ڀيرو جڏهن مخدوم سعيدالزمان عاطف ايم پي اي ٿيو هو ته ان اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر ۽ ميڊيا تي آندا. ۽ اتي ماضي ۾ ٿيندڙ سياسي انتقامي ڪاررواين کي وائکو ڪيو، ان ڪري اتان جي عوام وٽ سندس هڪ مسيحا جهڙي حيثيت آهي.
    حواله:
    ٽاڊ راجستان جلد پهريون، مترجم: رتن سنگهه، ديپ سنگهه.
    تاريخ فيروز شاهي.
    تاريخ ريگستان، مصنف: رائيچند هريجن.
    قديم سنڌ، مصنف: مرزا قليچ بيگ.
    سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ، مصنف: ڀيرومل مهرچند.
    علائقي جي وڏي عمر جي ماڻهن کان ورتل معلومات.


    پاڪ- ڀارت سرحد تي آباد تاريخي شهر کوکڙو پار

    ڀارت جي بارڊر تي واري جي ڀٽن جي وچ ۾ آباد سنڌ جو تاريخي، قديم شهر کوکرا پار برساتن بعد ڪشمير جو ڏيک ڏي ٿو. شهر نماهي ڳوٺ ڪنهن وقت ٿر ۽ واپار جو وڏو مرڪز رهيو آهي. هي شهر ڪڏهن آباد ٿيو، ڪنهن آباد ڪيو، ان بابت تاريخ خاموش آهي. علائقي جي وڏڙن کان معلوم ڪيل ڳالهين موجب لڳي ٿو ته هي شهر ڪلهوڙن جي اوائلي دور جو آباد ٿيل آهي. روايتن موجب ٺڪرن جي هڪ پاڙي کوکر ذات وارن موجوده شهر کان 20 ڪلوميٽر پري ڇور ڏانهن ويندڙ روڊ تي آباد ڪيو، جيڪو بعد ۾ خبر نه آهي، ڇو ورهاڱي کان اڳ ويران ٿي ويو اتي ڪريل جاين جي مٽي جا ڍير ۽ ٺڪراٺو اڄ به نظر اچي ٿو. ٿري ٻولي ۾ پار 90 فوٽن واري کوهي کي سڏيو وڃي ٿو. شايد ان پويان اهو نالو پئجي ويو، ان وقت هن علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي وڏو مسئلو رهندو هو ۽ شايد هن علائقي ۾ کوکرن واري کوهي ئي پاڻي جو واحد ذريعو هجي ۽ ان پويان اهو نالو پيو ۽ مشهور ٿيو هجي، انگريز حڪومت ۾ تقريباً 1893ع ۾ حيدرآباد کان جوڌپور تائين ريل جي پٽڙي وڇائي ٻاڦ واري راجا ريل گاڏي شروع ڪئي ويئي ۽ اُن سان هن علائقي جي عوام کي سفري سهوليتون ملي ويون. کوکرا پار 1971ع تائين ٿر ۾ واپار جو مرڪز رهيو آهي، پر 71ع واري جنگ ۾ انڊيا جي فوج هن شهر کي کنڊرات بنائي ڇڏيو. واپارين جا سامان جا گدام لٽيا ويا، ان بعد اهي واپاري هتان لڏي عمرڪوٽ، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ پنهنجا دڪان کوليا. 71ع واري جنگ بعد هتان واپار جو مرڪز ختم ٿيڻ بعد عمرڪوٽ واپار جو مرڪز بنيو. هتان جي ماڻهن اڪثريت جي روزگار جو ذريعو مال ۽ برسات ۾ ڪاهجندڙ فصل تي آهي. هتي برسات بعد ٻاجهري، تر، مڱ، گوار، ماش جي دال، گدرا، ڇاهيوون جا فصل ٿين ٿا. جڏهن ته هن شهر توڙي علائقي جي 80 سيڪڙو ماڻهو روزگار لاءِ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ٻين شهرن ۾ رهن ٿا.ا هي مهيني ڏيڍ گهر اچن ٿا رات به رهي وري وڃن ٿا انهن مان 10 سيڪڙو ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ آهن. باقي ٻين شهرن ۾ دڪانداري ۽ مزدوري ڪن ٿا. کوکراپار ۾ رهندڙ برادرين ۾ سومرا، راهمون، نهڙيا، سميجا، سٻا، مينگهواڙ ۽ ٻين ذاتين وارا شامل آهن. هر برادري جو پنهنجو پٽيل آهي. هتي اڪثريت سومرن جي آهي. ماضي ۾ واپار ۽ سفر اٺن ذريعي ڪيو ويندو هو. راجا ريل گاڏي جڏهن بند ٿي ته علائقي جي عوام تي جهڙو پهاڙ ڪري پيو. مرڪندڙ چهرن تي مايوسي ڇانئجي ويئي. ان بعد هتي ڇڪڙا هلڻ لڳا، جن ۾ اهڙي ته ٻڪر ٻوسٽ ڪئي ويندي هئي جو بيمار ماڻهو مرڻ جهڙو ۽ صحتمند بيمار ٿي پوندو هو. ڇڪڙن ۾ اندر ماڻهن مٿان ته ماڻهو سٿيا ويندا هئا، پر پاسن کان به رسن سان ٻڌي انهن کي بيهاريو ويندو هو ته متان ڪو ڪري نه پئي. 2005ع واري سال هن علائقي لاءِ خوشيون آنديون، جو ٿر ايڪسپريس شروع ڪئي ويئي ۽ روزانه هڪ پيسنجر گاڏي هلائي ويئي. ٿر ايڪسپريس شروع ٿيڻ تي کوکرا پار وارن کي خوشي ٿي ته هاڻي مقامي ماڻهن کي به ننڍيون نوڪريون ملنديون. هوٽل کلندا، ريڙهين ڪيبن وارن جو به ڌنڌو ٿيندو، پر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن کي کڻي اچڻ وڃڻ واري ٿر ايڪسپريس کي کوکرا پار بيهارڻ بجاءِ زيرو پوائنٽ تي بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان جو ڪارڻ کوکرا پار ۾ اها گاڏي بيهارڻ هاءِ رسڪ قرار ڏنو ويو. زيرو پوائنت تي هوٽلون، ڪيبن ڪولڊڪارنر، فروٽ ۽ ٻين دڪانن جو ٺيڪو به مقامي ماڻهن جي بجاءِ ميرپورخاص جي ماڻهن کي ڏنو ويو، جيڪي هر هفتي ٿر ايڪسپريس اچڻ واري ڏينهن تي زيرو پوائنٽ تي پهچندا آهن. ٿر ايڪسپريس هلڻ ڪري هتي ڇور کان روڊ ٺاهيو ويو آهي. واٽر سپلاءِ ڏنو ويو آهي، جنهن سان هتي صاف پاڻي جو ڳنڀير مسئو حل ٿي ويو آهي. جڏهن ته حيدرآباد کان کوکرو پار تائين روزانو مارئي ايڪسپريس ريل گاڏي هلائي وئي پر هاڻ ڀارت پاڪستان ۾ ڪشيدگي ڪري بند آهي، کوکراپار ۾ سروري جماعت جي اڪثريت آهي. اهي هر اليڪشن ۾ پ پ کي ووٽ ڪن ٿا، پر کوکرا پار ۾ وڌ کان وڌ ترقياتي ڪم پرويز مشرف جي دور ۾ ٿيڻ ڪري پرويز مشرف کي هتان جي عوام سٺو حڪمران طور مڃي ٿي ۽ ماڻهو پرويز مشرف جي پاران ڏنل سهولتن تي سندس تعريف به ڪئي وڃي ٿي. کوکرا پار ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي. هتي پيار محبت جي فضا آهي. هتي برادريون ڀلي الڳ هجن پر اهي ويجهن عزيزن وانگر رهن ٿا، هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ ڪم اچن ٿا. هتان جا ماڻهو وڏي سهپ وارا آهن، هتي جهيڙا نه هئڻ برابر ٿين ٿا. اهي جهيڙا به برساتن بعد زمين جي دنگن تان ٿين ٿا. کوکرا پار جي تاريخ ۾ پهريون قتل 2008ع ۾ زمين جي دنگ تان ٿيو. ان ۾ نهڙين پنهنجي ئي برادري جو ماڻهو ماري وڌو ۽ ان پهرين قتل سان پوري علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل هو ۽ ڪئين مهينن تائين اهو قتل هڪ بحث بڻيل رهيو، هتي ڪاروڪاري جو رواج نه آهي، ڪاروڪاري بابت لکيل پڙهيل ماڻهن کانسواءِ ٻين کي خبر به نه آهي ته اهو آهي ڇا؟؟؟ جڏهن ته هتي پيار جي پرڻي جو به رواج نه آهي، ڇوڪرا ڇوڪريون والدين جي ڪيل رشتن کي خوشي سان قبول ڪندا آهن. هتي شاديون برادرين ۾ ئي ڪيون وڃن ٿيون، پر هاڻي ڪراچي حيدرآباد نوڪرين سان لڳل هن علائقي جي ڪجهه نوجوانن اتان ميڊمن سان شاديون رچايون ۽ اهي خبرون جڏهن کوکرا پار پهتيون ته پنچائت گهرائي انهن جو سوشل بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. ان بعد اهو سلسلو وڌي نه سگهيو، کوکرا پار جا نوجوان چاهيندي به پسند جون شاديون نه ٿا ڪري سگهن، هتي گهڻو ڪري ڏي وٺ واريون شاديون ٿين ۽ هتي زال مڙس ۾ جهيڙا نه هئڻ جي برابر آهن. 2 سيڪڙو اهڙا جهيڙا به غربت جي ڪري ٿين ٿا. هتي اجتماعي شادين جو رواج آهي، سال ۾ هڪ ٻه دفعا اجتماعي شاديون ٿين ٿيون، هڪ ئي وقت 20 کان وڌيڪ گهوٽن جون شاديون ٿين ٿيون. ماضي ۾ گهوٽ ڪنوار جا لانئون کانسواءِ هر قسم جا سنوڻ ساٺ ڪيا ويندا هئا، پر هاڻ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي، سرگس اٺن تي ڪيو ويندو آهي، ماضي ۾ ٿر جي عورتن جو قومي لباس گج، پڙو، چنري، گندي وارو رواج به هاڻي ختم ٿيندو وڃي. هاڻي اهڙا ڪپڙا وڏي عمر جون عورتوهن پائين ٿيون، ماضي کان حال تائين هي شهر خوبصورت چنئورن جو شهر رهيو آهي. 1999ع کان هتي پڪيون جايون ٺهڻ شروع ٿيون آهن، پر پڪين جاين وارن گهرن ۾ به ٻه تي چنئورا ضرور ٺهيل هوندا آهن، يونين ڪائونسل کوکراپار ۾ آهي پر ان جو هيڊڪوارٽر ڪنهن ٻئي هنڌ تي آهي، هن يوسي جي مکيه ڳوٺن ۾ کوکراپار، جالو جو چئورو، واحد تڙ پنلو، ڀٽارو، ڏوڏاريون، راهل، ٻانڌيون جمع سمون، ميت ري جو پار ۽ ٻيا ڳوٺ آهن. ماضي ۾ سدائين پ پ جو چيئرمين ۽ ناظم چونڊيو ويندو آهي. صرف ارباب رحيم جي دور ۾ سندس حمايت يافته يو سي ناظم چونڊرايو ويو، ماضي ۾ هتي وڏي وڻڪار هئي، ٻيلو کاتو سرگرم هو. هتان ٻيلو کاتو ختم ڪرڻ بعد وڻ وڍجي ويا، ڪٿي ڪٿي ڪا ڪنڊي کٻڙ کمڀٽ ۽ ٻيا وڻ نظر اچن ٿا، هاڻي هتي نم، سرهه، ٽالهي جا وڻ به پوکيا وڃن پيا. کوکرا پار مالوند ماڻهن جو علائقو آهي. هتي هر ماڻهو وٽ ٻڪريون رڍون، اٺڙيون، اٺ، ڍڳيون آهن. هتي چوپايو مال يا عام چوري نه آهي. مال صبح جو بنا ڌنار نڪري وڃي ٿو، شام جو پاڻ مرادو گهر پهچي ٿو. کوکرا پار ۾ ٽي وي جو رواج به هاڻ پيو آهي ليڪن گهرن ۾ گهٽ، رات ۽ صبح جو بي بي سي جي اردو سروس شوق سان ٻڌن ٿا، ماضي ۾ خوشي جي موقعن خاص طور برسات بعد ڪٻڊي، ونجهه وٽي، اٽي ڏڪر، ٻار ڦرڦر سونٽو، بلورن جي راند کيڏندا هئا، هاڻي اهي رانديون هتي ختم ٿي ويون آهن، هاڻي هتي ڪرڪيٽ شوق سان کيڏي وڃي ٿي. جڏهن ته هتي تاش پتي ۽ لوڊئي واري راند جو رجحان وڌي رهيو آهي. ساڃاهه وند ماڻهو انهن راندين کي نڀاڳي راند سمجهن ٿا. هتي کير وڪرو ڪرڻ گناهه سمجهيو ويندو آهي. مهمان اچڻ تي کين پاڙي وارا پاڻ مرادو کير ڏئي ويندا آهن. هتي هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو رواج نه آهي، پر هاڻي اهو رواج هڪ همراهه محمد صديق سومرو ٽوڙيو آهي ۽ ٻي شادي ڪئي آهي. برسات بعد بلائون خاص طور لنڊيون وڏي تعداد ۾ نڪري نروار ٿين ٿيون. هتي نانگ اڻلڀ آهن. ماضي ۾ کوکراپار جي ڀٽن ۾ تتر، مور، هرڻ جام هئا، جن تي مارا ماري ٿيڻ بعد اهي ختم ٿي ويا. هتي 2002ع کان پوءِ مڇرن به منهن ڪڍيو آهي. هتي ماضي ۾ سروري تنظيم جو عروج هو، ان پليٽ فارم تان ماڻهن جا ننڍا وڏا ڪم ڪيا ويندا هئا. هتي کوکرا پار ڪميونتي سينٽر به ٺهيل آهي، اتي هر عيد تي پٽيل پاران سڄي شهر وارن کي ماني کارائي ويندي آهي. کوکرا پار واري علائقي کي ڪاهوڙ ٿر سڏيو وڃي ٿو. هن جي هڪ طرف ڳنڍڙو ٿر ٻئي پاسي اڇڙو ٿر آهن. هتي ڇوڪرين جي تعليم نه هئڻ برابر آهي. هن جديد دور ۾ به 10 سيڪڙو کان گهٽ پڙهن ٿيون، اهو سلسلو به 2005ع کان شروع ٿيو آهي. انهن 10 سيڪڙو نياڻين مان 5 سيڪڙو 5 ڪلاس تائين، 3 سيڪڙو 8 ڪلاس تائين، باقي هڪ سيڪڙو مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪن ٿيون، هتان جي نوجوانن سماجي ورڪرن خاص طور غلام نبي سومرو، اصغر سومرو، فاروق احمد سومرو، ميانداد احمد خان ۽ ٻين نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لاءِ ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪري رهيا آهن، ان جو بهتر نتيجو نڪرڻ جي اميد نظر اچي رهي آهي. هتي ڇوڪرين جي اسڪول جي عاليشان عمارت ته آهي، پر ماسترياڻيون مقرر نه آهن ۽ هتي نياڻين لاءِ هاءِ اسڪول قائم ڪيو وڃي ۽ ماسترياڻيون ڏنيون وڃن ته شايد 3 سيڪڙو کان وڌيڪ کوکرا پار جي مئٽرڪ پاس نيانين جو انگ وڌي سگهي ٿو.
    جڏهن ته اين جي اوز کي به نياڻين جي تعليم لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي. هتان جي عوام کي علاج معالج جون سهوليتون ڏيڻ لاءِ 1965ع ۾ ڊسپنسري قائم ڪئي ويئي هئي. 1972ع ۾ ان کي بي ايڇ يو جو درجو ڏنو ويو. 2007ع ۾ ان کي هيلٿ سينتر جو درجو ڏنو ويو آهي. پر 3 ڊاڪٽرن جي پوسٽ جو درجو ملڻ جي باوجود هڪ ڊاڪٽر مقرر آهي، جنهن ڪري عوام کي هن اسپتال مان جيڪو لاڀ ملڻ گهرجي اهو نه ملي رهيو آهي. موجود ڊاڪٽر اڪيلو اهو به ٻاهر جو هئڻ جي باوجود 92ع ۾ مقرر ٿيڻ کان اڄ تائين 24 ڪلاڪ رهڻ ڪري عوام کي ڪجهه نه ڪجهه فائدو پهچي ٿو، هڪ دائي مڊوائيف جي جاءِ تي ڪم ڪري ٿي، ڏکين ويم ۾ ماڻهن کي وڏين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئي ٿو. هر سال ڪيتريون ئي ويم واريون عورتون مريو وڃن، ڇاڪاڻ ته عمرڪوٽ جي سول اسپتال کانسواءِ ٻي ڪابه وڏي اسپتال ويجهي نه آهي. هتي ليڊي هيلٿ ورڪر به مقرر نه آهن، جي هوندي ته اها به رڪارڊ ۾ ماضي ۾ هيون پر بلڪل اڻ پڙهيل هئڻ ڪري کين هٽايو ويو، هيلٿ سينٽر ۾ ايمبولنس نه هئڻ ڪري هزارين رپيا ڪرايو ڀرڻ جي سگهه نه رکندڙ سخت بيمار ماڻهو فوري طور عمرڪوٽ سول اسپتال نه پهچڻ ڪري الله کي پيارا ٿيو وڃن. مريضن جي حساب سان ميڊيسن به نه ٿي ڏني وڃي. کوکرا پار ۾ 4 پرائمري اسڪول آهن، جيڪي ٻارن جي بهتر تعليم واري سوچ بجاءِ سياسي سرسي ڏيکارڻ واري سوچ تحت ٺاهيا ويا آهن، انهن اسڪولن ۾ به پوسٽن جي حساب سان اڌ کان به گهٽ ماستر مقرر آهن. هتي هنن پرائمري اسڪول هيڻن حالن ۾ آهي. هتي 1962ع ۾ پهريون پرائمري اسڪول کوليو ويو، ان لاءِ هڪ ڪمري واري عمارت 1980ع ۾ ٺهرائي ويئي، ڪافي عرصي کان مڊل اسڪول قائم آهي، ان کي اپ گريڊ ڪري 2007ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏئي ان لاءِ نئين بلڊنگ ٺاهي ويئي، پر ڪم اهڙو ته ناقص ڪيو ويو جو عمارت هيڻن حالن ۾ آهي، خاص طور برساتن ۾ ڇتيون وهن ٿيون. هن اسڪول ۾ ٻه سؤ کان وڌيڪ شاگرد آهن. استادن جي 19 پوسٽن تي 14 استاد مقرر ٿيل آهن. سائنس هال، ڊرائنگ هال ۽ سائنسي تجربا ڪرڻ لاءِ سامان به نه ڏنو ويو آهي. ڊي سي او پروگرام تحت 4 ڪمپيوٽر ڏنا ويا آهن، پر اهي جيئن آيا آهن ائين پيا آهن، ڪمپيوٽر آپريٽر نه هئڻ ڪري هتان جا شاگرد پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن وانگر ڪمپيوٽر اسڪول ۾ اچڻ جي باوجود هو اهي سکي نه ٿا سگهن، جڏهن ته ايس ايم سي فنڊ به 50 هزار رپيا ملي رهيو آهي. کوکرا پار ۾ مختلف پاڙا آهن، جتي ريلوي اسٽيشن ۽ روڊ کان انهن پاڙن تائين فرشبندي وارين گهٽين جي ضرورت آهي، کوکرا پار واسين جو چوڻ آهي ته هتي اڪثريت پ پ جي هئڻ جي باوجود هر پ پ دور ۾ به کوکرا پار کي ترقياتي ڪمن ۽ نوڪرين ڏيڻ ۾ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هتان جي ماڻهن کي مخدوم خاندان سان وڏي محبت آهي، ان جو مثال مخدوم طالب الموليٰ جن جي هر ورسي ۽ مخدوم امين فهيم جن جي هر سالگرهه ملهائي وڃي ٿي. هتي انگريز دور جو سرڪٽ هائوس آهي، جنهن جي هاڻي سار سنڀال نه هئڻ ڪري زبون حالي ۾ آهي.


    سنڌ جو قديمي ڳوٺ ابڙان ۽ ان جون مشهور شخصيتون

    ضلع نوشهروفيروز ۾ نوشهرو کان 7 ڪلوميٽر اولهه طرف مٺياڻي لنڪ روڊ تي آباد ڪيل شهر ابڙان هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو. هن ڳوٺ ۾ ڪيتريون بزرگ هستيون ڪيتريون ئي سياسي، سماجي، علمي، ادبي شخصيتون به پيدا ٿيون آهن، جن پنهنجي شعبن ۾ وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. روايتون آهن ته، سما دور ۾ هڪ ڪٽنب جا ٻه ڀائر جيڪي ڄام خاندان سان تعلق رکندا هئا، اهي مال ڪاهي پنهنجي اصلي ماڳ تان اُسهيا، وسندي ۽ آبادي وارن علائقن جي تلاش ڪندا مختلف هنڌن تي اچي آباد ٿيا. ”انهن ٻنهي ڀائرن مان هڪ جو نالو ڄام ڏيڙان هو. جو موجوده شهر قاضي احمد جي اولهه ۾ اچي آباد ٿيو، جوءِ ۾ اڄ به ڏيڙان لکيو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اهو ڳوٺ ان وقت آباد ٿيو ۽ وڏو واپاري مرڪز پڻ ٿي ويو. ڏ يڙان جي ڀرسان سنڌو درياهه وهندو هو، ان سبب واپارين کي ٻيڙين جي بيهارڻ ۽ هڪلڻ جي سهوليت هئي، ان شهر جي اوج جي ڳالهه اتان جي وڏڙن جي واتان به ٻڌبي هئي، ان وقت قاضي احمد شهر بجاءَ اتي هڪ ڳوٺ آباد هو. ان جي ٻئي ڀاءُ جو نالو ڄام ابڙان هو، جو اتر طرف کان اچي هن واهه جي ڪپ تي آباد ٿيو ۽ ان جي نالي پٺيان ڳوٺ ابڙان وجود ۾ آيو، جو اڄ به ابڙان ئي سڏجي ٿو. هي شهر تاريخي لکتن موجب باغات، پيڙن ۽ انگورن جي ڪري تمام مشهور رهيو. هتان جي مٺائي خاص طور مائو اڄ به مشهور آهي، باقي پاڻي جي کوٽ سبب هاڻ باغ به گهٽ آهن. هي شهر هن وقت دڙي تي ٻڌل سمجهي ٿو ۽ حافظ محمد بخش خاصخيلي جي گهڻي تحقيق بعد اها پروڙ پئي، جنهن ٻڌايو ته انهن ٻنهي ڳوٺن ڏيڙان ۽ ابڙان جو وجود درياهه ۽ واهه جي ڪنڌيءَ تي ملي ٿو. ٻي ڳالهه يا ثبوت اهو ته سما خاندان سان لاڳاپيل انڙ خاندان، انهن ٻنهي شهرن ڀرسان جنهن جي اندر ۾ موجود ملندو جا ثابتي پختي ۽ ذهن قبولڻ جوڳي آهي. پراڻي تاريخي شهر ابڙان جي اڀياس مان معلوم ٿئي ٿو ته جيترو هي شهر مٿانهين تي آباد آهي ته شايد هي ڳوٺ ڪن سببن ڪري تباهه ٿيو هجي جو موجوده شهر دڙي تي ٻڌل ڏسجي ٿو.
    (نوٽ: حواله سنڌي هنڌن جي تاريخ، مرحوم حافظ محمد بخش خاصخيلي کان ورتل، معلومات ابڙان جي شاعر، ثاقب سومرو جو ڀيڄ ڀٽائي ميگزين ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل. ڳوٺ جي ساڃاه وند ڌرين کان ورتل معلومات)

    ابڙان جون مشهور شخصيتون
    ابڙان ۾ ٽيهن کان وڌيڪ مختلف برادرين جا ماڻهو رهن ٿا. انهن برادين ۾ سيد، ڪلهوڙا، ٽڳڙ، خاصخيلي، ڪنڀر، مشوري، ڀٽي،سومرا، ميمڻ“ لاکا، دُونگهه، انڙ، حجام، ڇڄڙا، نائچ، قريشي، ملڪ، ماڇي، مڱڻهار، تارڙ، راجپوت، چانڊيه، کوسا، اقليتن ۾ مينگهواڙ، باگڙي به شامل آهن. جڏهن ته پاڪستان کان اڳ هتي وڏي تعداد ۾ هندو ديوان رهندا هئا، جيڪي پاڪستان ٺهڻ بعد ٿيل فسادن ڪري نه چاهيندي به هتان لڏي ڀارت هليا ويا، انهن جون جوڙايل جڳهيون اڄ به موجود آهن، جن ۾ انڊيا مان آيسل مسلمان ڀائر رهن پيا.
    ابڙان ۾ رهندڙ سيد برادري جي معززين ۾ سيد ڪرم علي شاهه پاڻ 1993ع۾ پ پ حڪومت ۾ وزيراعليٰ جا صلاحڪار به رهيا آهن. پ پ هاري ڪميٽي جا صدر رهيا آهن. سيد مريد حيدر شاهه پاڻ ڪرم علي شاهه جا ڀاءُ آهن. سيد سڪندر علي شاهه ۽ سيد محبوب علي شاهه، ايڊوڪيٽ بار ايسوسيئيشن سيشن ڪورٽ جا جنرل سيڪريٽري رهيا آهن. آغا حب علي شاهه پاڻ زميندار آهن، سڪندر علي شاهه پاڻ زميندار آهن. سيد منور علي شاهه پاڻ پ ٽ الف ضلعي نوشهروفيروز جا اڳواڻ آهن. گدا حسين شاهه پاڻ يو سي ابڙان جا نائب ناظم رهيا آهن. سيد علي حيدر شاهه پاڻ فقراءُ آهن. سيد موج درياهه شاهه پاڻ تعليم کاتي جا رٽائرڊ ايس ڊي اي او آهن، پاڻ پنهنجي پٽن سيد فيض درياءَ شاهه ۽ حسن درياءَ شاهه سان گڏ هن وقت ٺٽ ڳوراهو شهر ۾ رهائش پذير آهن. سيد سجاد علي شاهه، لال محمد شاه، سيد صدرالدين شاهه به شامل آهن. لطف علي شاهه پاڻ ڪراچي ۾ سي اي ڪن پيا. ظفر علي شاهه جڏهن ته ابڙان شهر جي ڀرسان ڳوٺ خدا بخش شاهه جو سيد اميد علي شاهه، سيد علي رضا شاهه، سيد درياءَ شاهه پاڻ زميندار هئڻ جي باوجود فقير منش انسان آهن. سيد غلام رسول شاهه، منظور علي شاهه، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، سيد رکيل شاهه، پاڻ ايريگيشن اسڪارپ نوشهروفيروز ۾ پي ڊي آفس ۾ آفيس سپريڊنٽ آهن.
    ڪلهوڙا برادري جي معزز ۽ هردلعزيز شخصيت ۾ الهبچايو ڪلهوڙو استاد آهي. قائم الدين ڪلهوڙو، عبداللطيف ڪلهوڙو، ارباب ڪلهوڙو، گل محمد ڪلهوڙو، حاڪم علي ڪلهوڙو پاڻ ننڍا زميندار آهن. ٽڳڙ برادري جي معزز شخصيت ۾ جلال ٽڳڙ پاڻ ڳوٺ جلال جا نيڪ مرد آهن. ڪمال ٽڳڙ، محمود ٽڳڙ، غلام محمد ٽڳڙ انگريزي جو استاد، محمد رمضان ٽڳڙ، محرم ٽڳڙ، مشتاق ٽڳڙ سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد آهن. غلام علي ٽڳڙ، ارباب ٽڳڙ، جمع خان ٽڳڙ، حاجي محمد هاشم ٽڳڙ، بلاول ٽڳڙ، خاصخيلي براديري ۾ دودا خان خاصخيلي ڊاڪٽر، نيڪ محمد خاصخيلي، سڄڻ خاصخيلي هاءِ اسڪول گل محمد جتوئي ۾ هيڊ ماستر، غلام مصطفيٰ خاصخيلي، گاگو خاصخيلي، ڏاڏو خاصخيلي، الهه ڏنو خاصخيلي، جڏهن ته ابڙان شهرجي ڀرسان ڳوٺ مٺو خان خاصخيلي آباد آهي،ا تان جي رهواسين جو تعلق پڻ ابڙان سان رهندو اچي. مٺو خاصخيلي، ڳوٺ جي معززين ۾ وڏيرو نجم الدين خاصخيلي، دوست محمد خاصخيلي، سردار غلام محمد خاصخيلي، ضمير حسين خاصخيلي گورنمينٽ ڪاليج نوشهروفيروز ۾ هيڊ ڪلارڪ آهي. غلام عباس خاصخيلي، نور محمد خاصخيلي، خادم حسين خاصخيلي، هيڊ ڪلارڪ گورنمينٽ ڪاليج ٽنڊو آدم، اياز خاصخيلي هيڊ ڪلارڪ گورنمينٽ گرلس ڪاليج نوشهروفيروز جو ڪلارڪ رياض حسين خاصخيلي، مورو گورنمينٽ ڪاليج مورو ۾ هيڊ ڪوارڪ آهي. جهنڊو خان خاصخيلي، ڊاڪٽر نيڪ محمد خاصخيلي، چنه برادري جي معززين ۾ انور چنه واپاري، بخشل چنا زميندار، رسول بخش چنا واپاري، حاجي چنا، محرم چنا صحافي، ميوو چنا شعيه اڳواڻ آهي. ڪنڀر برادري جي معززين ۾ محمد هاشم ڪنڀر، خالد ڪنڀر، احمد ڪنڀر. مشوري برادري جي معززين ۾ حاجي زميندار، مظهر مشوري، عبداللطيف مشوري، غلام شبير مشوري، سرائي امام الدين مشوري، عباس مشوري، ڀٽي برادري جي معززين ۾ محبوب علي ڀٽي، ڊي ڊي او روينيو ڪراچي، گلشير ڀٽي واپاري، حاجي خان ڀٽي، رحمت الله ڀٽي، الله ڏنو ڀٽي، سومرا برادري جي معزز شخصيت ۾ محمد صالح سومرو عرف ثاقب سومرو پاڻ بهترين ليڪ، شاعر پاڻ ڪيتري ئي شاعري ڪئي آهي. لاتعداد مقالا، تحقيقي مضمون، تجزيه،ڪهاڻيون، افسانه لکيا آهن. تارڙبخش خان زميندار، مجتبيٰ تارڙ، راڻو خان، مولا بخش جهنڊير ذات، پيارو خان اڪائونٽس آفيسر تعليم، محمد پريل، حاجي علي، مخدوم بهادر ۾ محمد علي، حامد علي، محمد حسن، غلام علي سومرو ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳوٺ ٻوهيا، مشتاق احمد سومرو، واپڊا جو رٽائرڊ ڊائريڪٽر، گل محمد سومرو، غلام قادر سومرو، حاجي سومرو، روشن علي سومرو جيڪو نوشهروفيروز ۾ هيڊ ڪلارڪ آهي. غلام نبي سومرو، نصرالله سومرو، عبدالجبار سومرو. ميمڻ برادري جي معززين ۾ بابو ميمڻ، شمن علي ميمڻ، امان الله ميمڻ (ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڪسائيز حيدرآباد، پير بخش ميمڻ پوليس جمعدار سانگهڙ، نظام الدين ميمڻ، علي شير ميمڻ پوليس، جمعدار سانگهڙ“ نظام الدين ميمڻ، علي شير ميمڻ، منظور ميمڻ، لاکا برادري جي معززين ۾ رئيس غلام رسول لاکو، محمد ايوب لاکو، ڊاڪٽر غلام محمدلاکو، نبي بخش لاکو. ڊونگهه برادري جي معززين ۾ وڏيرو سلمان، انجنيئرمحمد رمضان پاڻ هاءِ وي ۾ انجنيئر آهن. غلام علي، راڻو خان تڳڙ، برادري جي معززين ۾ حاجي محمد تڳڙ پاڻ سنڌ جا مشهور مولودائي آهن. غلام مصطفيٰ تڳڙ، استاد محمد رمضان تڳڙ، جڏهن ته انڙ برادري جي معززين ۾ زميندار، نصير انڙ، محمد مٺل انڙ، لقمان انڙ. ڇڄڙا برادري جي معززين ۾ مٺل ڇڄڙو، وڏيرو نصير الله ڇڄڙو، غلام حيدر ڇڄڙو، بخشل ڇڄڙو، نائچ برادري جي معززين ۾ استاد محمد هاشم نائچ، فقير سونو خان، پٺاڻ خان نائچ، علي نواز نائچ، قريشي برادري جي معززين ۾ غلام حسين قريشي، قمرالدين قريشي ۽ ٻيا ملڪ برادري جي معززين ۾ سلام الدين ملڪ، ليلو ملڪ، غلام قاسم ملڪ، غلام تقير ملڪ، گلزار ملڪ، اڇو ملڪ، اردو ڳالهائيندڙ قريشين ۾ عاشق حسين قريشي، فياض قريشي، چانڊيه برادري جي معززين ۾ محمد عثمان چانڊيو، محمد قاسم چانڊيو ۽ ٻيا. کوسا برادري جي معززين ۾ گنهور خان کوسو، حجام برادري جي معززين ۾ شفيع محمد، گل محمد عرف گل، نور محمد، دودو، پاڻ حجام ڪو ڌنڌو ڪندا آهن. استاد گل رڌ پچاءُ جو وڏو ماهر آهي. مڱڻهار برادري ۾ حسين بخش مڱڻهار، رجب علي، غلام علي، پير بخش مڱڻهار، مرچ مڱڻهار، شمن مڱڻحار سامل آهن. رجب مڱڻهار ۽ شمن مڱڻهار دهل وڄائڻ ۽ مرچ مڱڻهار وري توتاري وڄائڻ جو ماهر آهي. سولنگي برادري جي معززين ۾ در محمد سولنگي هيڊ ماستر گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺياڻي، محمد عثمان سولنگي، محمد ملوڪ، سوماربه شامل آهن. ٻوهين ۾ نصير الله، غلام قادر ٻوهيو، شفقت ٻوهيو، شاهه نواز ٻوهيو شامل آهن. نوجوان شاعر وفا ڪوڙل چنه جي ڄمڻ جو هنڌ ۽ اباڻو ڳوٺ به ابڙان آهي. (هي احوال ابڙان ڳوٺ جي ادب دوست احمد خان ٽڳڙ، مشهور اديب شاعر ثاقب سومرو کان ورتو ويو).


    شاعرن ۽ سگهڙن جو ڳوٺ خدابخش دلواڻي

    عمرڪوٽ ضلعي ۾ يونين ڪائونسل مير ولي محمد ٽالپر ۾ ڳوٺ خدابخش دلواڻي آبادي آهي جيڪو سنڌ جي قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، هي ڳوٺ شاعرن، سگهڙن، مهمان نوازن جو ڳوٺ طور به مشهور آهي. هن ڳوٺ وارن جي دعويٰ آهي ته سندن خاندان جي ڪيترن ماڻهن انگريز خلاف ۽ شير سنڌ مير شير محمد ٽالپر پاران مياڻي ۽ دو آ به واري جنگ ۾ انگريز سان وڙهي شهادت ماڻي، ڳوٺ وارن جو چوڻ آهي ته دلواڻي اصل ۾ لغارين جو هڪ پاڙو آهي ۽ جيڪو علياڻي لغاري سڏجن ٿا. ڳوٺ جي مشهور سماجي شخصيت جانب دلواڻي جو چوڻ آهي ته سندس خاندان جا وڏا ولي محمد علياڻي ۽ قربان علي علياڻي لغاري، پنهنجي ٻين مائٽن ۽ دوستن سان گڏ دو آبدي واري جنگ ۾ دليري سان وڙهي شهادت ماڻي، جانب جو چوڻ آهي ته اسان ذات جا لغاري آهيون هن خاندان جي وڏي جو نالو دليل خان هو ان پويان خاندان وارا دلواڻي سڏجڻ لڳا. هنن جا وڏا اصل۾ ٽنڊو باگو ويجهو ساجن جي وسي ۾ آباد هئا وڏا مالوند ماڻهو هئا. هنن وٽ مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، رڍون، اٺ وڏي تعداد ۾هئا هنن وٽ ڀلا گهوڙا به هئا. بعد ۾ هن خاندان جا ڪجهه فرد فتح محمد خان، دودو خان، دليل خان، ڪمال خان، يعقوب خان. اتان لڏي ڪنري ويجهو دڙ يلو موري وٽ اچي ويٺا جتي مال جو وڏو چارو هو. هي پنهنجي دور جا وڏا مهمان نواز، دل جا سخي ۽ سگهڙ هئا. هنن وٽ دڙيلو موري تي سگهڙن جون ڪچهريون به ٿينديون هيون. دودو خان اتي گذاري ويو. هي خاندان ڪن سببن ڪري اتان جتي ڳوٺ خدابخش دلواڻي آهي اتي اچي ويٺا جتان ڀرسان هاڪڙو 6 مهينا وهندو هو ۽ هتي 6 ماهي فصل به ٿيندو هو جتي هي خاندان اچي ويٺو سانوڻ جي مهيني ۾ جڏهن برساتون به پونديون هيون ۽ سنڌو درياءَ جو ڦاٽ هاڪڙو به ڦوڪجي وهندو هو ته هي علائقو ٻڏي ويندو هو. ان ڪري هنن 8 فوٽ کن زمين کان مٽي واري جي دڙي تي ڳوٺ آباد ڪيو. جيڪو ڳوٺ خدابخش دلواڻي سڏجي ٿو. ڳوٺ وارا ٻڌائين ٿا ته ميرن جي صاحبي ۾ ميرن هن ڳوٺ جي هڪ شخص نالي صاحب خان دلواڻي کي علائقي ۾ کوٽجندڙ هڪ نهر جي لاءِ مزدورن لاءِ ڏوڪڙ ڏنا پئسا هن کان ختم ٿي ويا ۽ اهو ڪم نه ڪري سگهيو ۽ مٿس دٻاءُ پيو ته پان علائقو ڇڏي لوڊاڻو واري علائقي ۾ هليو ويو. ان همراهه جو ڀاءُ ميان بخش دلواڻي وقت جو وڏو سگهڙ ۽ شاعر هو. هن ڀاءُ جي فراق ۾ ڏاڍا درد سوز وارا شعر چيا ۽ هڪ ڏينهن اها شاعري عمرڪوٽ ۾ وڃي مير صاحبن وٽ وڏي سوز سان چئي ته ميرن کي رحم اچي ويو ۽ انهن سندس ڀاءُ صاحب خان کي معاف ڪري ڇڏيو ان بعد هو واپس ڳوٺ آيو صاحب خان جو ڀاءُ جي فراق ۾ هڪ شعر اڄ به ڳوٺ وارن کي ياد آهي.
    ٿر وٺو بر وٺو، وٺو لڊاڻو،
    پرين وڃي پرديس ۾ ،ٿرڪيو ٿاڻو،
    انهي تان ناڻو ،مير کڻي معاف ڪيو.
    هن شاعر ميان بخش دلواڻي جي شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. ليڪن ڪجهه شعر ڳوٺ وارن کي برزباني ياد آهن. انگريز سرڪار جڏهن نارا ڪئنال کوٽايو ته ان دور ۾ خدابخش دلواڻي جو ڳوٺ جي ڀرسان خوبصورت باغ هو. ڳوٺ وارا ٻڌائين ٿا ته انگريز تروٽ کي ڪنهن هن باغ جي خوبصورتي بابت ٻڌايو ته هو باغ گهمڻ آيو ۽ ان وقت ڳوٺ ۾ خدابخش دلواڻي لکيو پڙهيو لبرل سوچ رکندڙ نوجوان هو ۽ تر وٽ ان سان ڳالهائيندي متاثر ٿيو ۽ کيس اتي جاگير ڏني ۽ خدابخش کي گهوڙي سواري جي نوڪري ڏني. هڪ دفعي خدابخش وچين جي نماز پڙهي رهيو هو ته سندس آفيسر کيس سڏايو ته هن چيو ته هو نماز پڙهي پوءِ ايندو اهو آفيسر انگريز هو ان کي هن جو اهو جواب نه وڻيو ۽ جڏهن هي ان آفيسر وٽ حاضر ٿيو ته ان انگريز آفيسر کيس چيو ته اوهان نماز ڇڏي منهنجي سڏ تي اچڻو هو ان تي خدا بخش چيو ته اوهان جي سڏ کان مون کي ان الله سائين جو سڏ وڌيڪ آهي. ان تي اهو انگريز آفيسر هن تي ناراض ٿيو ته هن گهوڙي سواري تان استعيفيٰ ڏني. بعد ۾ کيس نارا ڪئنال تي داروغي جي نوڪري ڏني وئي. نارا ڪئنال بعد جڏهن علائقي جي زمين ان تي آباد ٿي ته خدابخش ان باغ کي 60 ايڪڙن ۾ وڌايو اتي انب ۽ ٻين فروٽن جا وڻ هر قسم جا گل، ٻوٽا لڳايا. باغ واري پٽڙي تي نم جا وڻ لڳايا ۽ ڪيترائي انگريز ۽ ٻيا آفيسر پنهنجي گهر وارن سان گڏ اهو باغ گهمڻ ايندا هئا. چون ٿا ته هڪ انگريز آفيسر ان باغ جي ڍل آبيانو معاف ڪري ڇڏيو هو بعد ۾ ايوب خان جي دور کان آبيانو ورتو ويو. اهو باغ 1985ع ڌاري پاڻي گهٽ ٿيڻ ڪري سڪي ويو. هاڻ رڳو ان خوبصورت باغ جون ڳالهيون وڃي رهيون آهن. سڪل وڻ وڍايا ويا. هاڻ وري اتي هن خاندان وارن باغ رکرايو. آهي 85ع کان وٺي هي علائقو سوڪڙ جو شڪار رهيو. زرعي آبادي وارو هي علائقو بڙڀانگ ٿي ويو. ليڪن چوٽياروين ڊيم ٺهڻ بعد هي علائقو وري سرسبز ٿي ويو آهي. زرعي زمينون آباد ٿين پيون. خدابخش دلواڻي تقريبن 1826ع ۾ دودو خان جي گهر ۾ جنم ورتو. دودو خان جي والد جو نالو فتح محمد هو. هو پاڻ زراعت جو ماهر ۽ مهمان نواز ان وقت جو مشهور سگهڙ هئا ۽ سندس اوطاق تي هر وقت سگهڙن جون ڪچهروين متل هونديون هيون. سندس فرزند حاجي علي خان دلواڻي به پنهنجي دور جو وڏو شاعر ۽ سگهڙ ٿي گذريو آهي. ان وقت علائقي ۾ ٿيندڙ واقعن تي سندس خوبصورت ۽ دلچسپ انداز ۾ شاعري ڪيل آهي جيڪا بدقسمتي سان لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. ليڪن علائقي جي ماڻهن کي ڪجهه شاعري ياد آهي، خدابخش دلواڻي تقريبن 1931ع ڌاري وصال ڪيو. هن وقت هن ڳوٺ جي 1000 کان وڌيڪ آبادي آهي. مٿي واري جي دڙي تي ڳوٺ آباد هئڻ ڪري خوبصورت منظر پيش ڪري ٿو. 1962ع ۾ پرائمري اسڪول قائم ٿيو جنهن لاءِ ڳوٺ وارن پاران هڪ ڇپراڻو ڪمرو ٺاهي ڏنو، 1995ع ۾ پ پ حڪومت ۾ 2 ڪمرن جي بلڊنگ ملي، ڳوٺ کي بجلي 2012ع ۾ ملي آهي. روڊ نه هئڻ ڪري بارشن ۾ ڳوٺ وارن کي تڪليف ٿئي ٿي،ڳوٺ ۾ صرف دلواڻي رهن ٿا. هن ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ الهه بخش دلواڻي به آهي جنهن جي وچ ۾ صرف واٽر ڪورس آهي. اهو ڳوٺ ڪڏهن وڏي آبادي وارو هو پر هتان جا رهواسي 85ع کان پوءِ لڏ پلاڻ ڪري ويا، انهن مان ڪافي ايران، ڪجهه سعودي عرب ۾ آهن. هاڻ چند گهر آباد آهن ڳوٺ ۾ پهرين خدابخش دلواڻي جي اوطاق هئي ڳوٺ ۾ ڪنهن جا مهمان ايندا هئا ته اتي رهندا هئا هاڻ خدابخش واري اوطاق ڪري پئي اتي اوطاق جا کنڊرات آهن، هن وقت ڳوٺ ۾ 7 اوطاقون آهن جن ۾ فيض محمد، احمد خان، صفدر، قادر بخش، شمشير علي، جانب علي ۽ مولابخش شهيد جي اوطاقون شامل آهن. جتي اوطاق ڌڻي ديسي پرديسي کي ماني کارائين ٿا. جڏهن غربت هئي تڏهن به هن ڳوٺ وارا وڏا مهمان نواز رهيا آهن. ڪيترا به مهمان اچي وڃن ماني کارائيندا هئا. هنن اوطاقن ۾ سگهڙن جون ڪچهريون به ٿين ٿيون. ڳوٺ وارن وٽ ڀلا گهوڙا، اٺ، ڍڳا به آهن. جانب علي دلواڻي، احمد خان جي اوطاق تي سگهڙن جون ڪچهروين ٿين ٿيون. خاص طور سياريءَ ۾ هتي مشاعره، سگهڙ، ڪچهريون ۽ صوفياڻه راڳ به ٿئي ٿو. هي ڳوٺ سگهڙن ۽ شاعرن جو ڳوٺ سڏجي ٿو. ڳوٺ جي ڪجهه شاعرن جو هيٺ ذڪر ڪيل آهي.
    حاجي علي خان: حاجي علي خان ولد خدابخش دلواڻي ڳوٺ خدابخش دلواڻي ۾ 1858ع ڌاري پيدا ٿيو خدابخش جو ننڍو فرزند هئڻ ڪري گهڻين ذميوارين کان آجو رهيو ان ڪري پاڻ گهمڻ ڦرڻ سنڌ جي مختلف علائقن جا سيئر ڪرڻ جو شوق رهيو. پاڻ شڪار جا به شوقين هئا گهمڻ ڦرڻ ۽ سير و سفر ڪرڻ سان گڏ شاعري به ڪندا هئا سندس شاعري ۾ ايترو ته اثر هوندو هو جو چون ٿا جڏهن علي خان شعر چوڻ شروع ڪندو هو ته بارش شروع ٿي ويندي هئي. ان ڪري ماڻهو چوندا هئا ته علي خان ڪو شعر چيو ته بارش اچي وئي سندس شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي آهي. پر نسل درنسل ان جي شاعري ماڻهن تائين پهچندي رهي پاڻ حج جي سعادت به حاصل ڪئي سندس وفات 1958ع ڌاري سئو سال جي ڄمار ۾ ٿي.
    نبي بخش نبن دلواڻي: نبي بخش نبن ولد احمد خان دلواڻي 1945ع ڌاري جنم ورتو پاڻ حافظ احمد دلواڻي وٽ ديني تعليم حاصل ڪيائون، ان کان پوءِ زمينداري سان گڏ گهوڙي سواري به ڪندو رهيو پاڻ گهوڙن تي ايتري ته خفت ڪندا هئا جو سندس گهوڙو ٿر جي ڳوٺ ڀالوا ماروي جي ميلي ۾ پهريون نمبر ايندو هو، پاڻ بهترين شاعر به هئا اڪثر صوفيانه شاعري ڪندا هئا. پاڻ غزل ڪافي ۽ وائي جي صنف تي وڌيڪ شاعري ڪئي. تقريبن هڪ ڪتاب جيترو مواد موجود آهي. پاڻ 8 آگسٽ 1999ع تي انتقال ڪري ويا.
    مولابخش دلواڻي: مولابخش دلواڻي ولد غلام حسين 1949ع ڌاري پيدا ٿيو، پاڻ ننڍي وهي کان ئي حاضر جوابي ۽ شاعرانه مزاج جا هئا. پاڻ پرائمري تعليم ڳوٺ خدابخش دلواڻي ۾ حاصل ڪيائون ان کان پوءِ ميرپورخاص ۾ تعليم حاصل ڪيائون. سنڌ يونيورسٽي ۾ گريجوئيٽ ڪيائون. پاڻ بهترين شاعر هئا. شاعري ۾ مجازي شاعري سان گڏ انقلابي ۽ اسلامي نظم ۽ گيت به لکيا. شاعري ۾ اڪثر غزل نظم ۽ ڪافي وڌيڪ لکي، علائقي ۾ پاڻي جي قلت هئڻ ڪري پاڻ ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ هڪ مقامي زميندار وٽ ڊيوٽي ڪندا هئا اتي ئي نامعلوم چورن هٿان شهيد ٿي ويا. سندس هڪ شعري مجموعو ”گهول ڙي دل گهول“ ڇپيو آهي جيڪو غزل، نظم ۽ مناجاتن تي مشتمل آهي.
    استاد امام دين بيدار: استاد امام دين ولد علي خان دلواڻي 1940ع ڌاري پيدا ٿيو پرائمري تعليم ڳوٺ خدابخش دلواڻي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ باقائده تعليم ته حاصل نه ڪري سگهيا پر پوءِ به وسيع مطالعو ڪرڻ ڪري ڪافي ڄاڻ حاصل ڪيائون. پاڻ حڪمت جي ڪتابن جو ڪافي مطالعو ڪيو. حڪمت سکيائون حڪمت ۾ سندس ڪافي شاگرد ٿيا جنهن ڪري کيس استاد جو لقب مليو. پاڻ درويش صفت جا انسان هئا. پاڻ بهترين شاعر هئا. پاڻ شاعري لکندا نه هئا زباني ماڻهن کي ٻڌائيندا رهندا هئا. ڪجهه پراڻن رسالن ۾ سندس شاعري شايع ٿي آهي پاڻ حڪمت ۾ ايترا ته ماهر هئا جو جيستائين حياتي هئا تيستائين ڳوٺ يا علائقي ۾ ڪنهن ڊاڪٽر جي ضرورت نه هوندي هئي. پاڻ 6 اپريل 1999ع تي هن فاني دنيا مان رحلت فرمائي ويا.
    فيض محمد ”فيض“: فيض محمد خدابخش دلواڻي جي سڀ کان ننڍي فرزند غلام حسين دلواڻي جو وڏو پٽ هيو، سندس جنم 1938ع ڌاري ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ ۾ حافظ احمد دلواڻي نالي مولوي کان ورتائين، والد گرامي جي وفات بعد ننڍي عمر ۾ ئي ڪافي ذميواريون اچڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. زمينداري سان گڏوگڏ اوطاق سنڀالڻ مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪرڻ، راڄن جا فيصلا ڪرڻ کيس ورثي ۾ مليا، گڏوگڏ شاعري به کيس ورثي ۾ ملي پاڻ بهترين شاعر هئا پاڻ مجازي شاعري به ڪيائون ۽ ان سان گڏ مذهبي سوچ به ساڻس گڏ گڏ هلي شاعري ۾ دعائون مناجاتون، نعتون، قصيدا لکيا ۽ ڪافي ۽ غزل به لکيا. پاڻ 25 مئي 2007ع تي لاڏاڻو ڪري ويا.
    ڳوٺ جي تقريبن سڀني شاعرن جي شاعري ۾ عشقيه شاعري سان گڏوگڏ معاشري ۽ حالاتن غريبن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي ترجماني به ٿيل آهي. هن ڳوٺ جي ٻين نوجوان شاعرن ۾ عباس علي دلواڻي ذوالفقار علي ظاهر، مولوي غلام حسين دلواڻي، جانب علي دلواڻي شامل آهن. جڏهن ته ڳوٺ جي سگهڙن ۾ قادر بخش خيالي علي بخش دلواڻي، پير بخش دلواڻي عباس علي دلواڻي رضا علي دلواڻي، اخلاق حسين ۽ ٻيا به ڪيترائي شامل آهن.
    سنڌ جو مشهور سماج سڌارڪ جانب علي دلواڻي جو تعلق به هن ڳوٺ سان آهي. پاڻ شاعري به ڪئي آهي. علائقن ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ سندس ڪوششون قابل تعريف آهن. جانب علي دلواڻي 21 فيبروري 1976ع تي ڳوٺ جي مشهور سماجي ورڪر قلندر بخش جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس تعليم صرف پرائمري آهي. سنڌ جي ملالا يوسف زئي جو لقب ماڻيندڙ آسو ٻائي ڪولهڻ کي دنيا ليول تي نروار ڪرڻ ۽ سندس هر طرح سان همٿ افزائي ڪري ان مقام تي پهچائيڻ ۾ جانب جو ڪردار آهي. جانب آسو ٻائي جي همٿ افزائي نه ڪري ها، کيس اسڪول کولرائي ڏيڻ اسڪول ۾ ٻارن جو تعداد وڌائڻ کان وٺي هر سطح جي مدد نه ڪري ها ۽ ميڊيا آڏو هن جي ڪم کي نه آڻي ها ته اڄ دنيا ۾ آسو ٻائي مشهور نه ٿئي هئا. کيس ملالا يوسفزئي جو لقب نه ملي ها. جانب علي ننڍي هوندي کان سماجي ڪم ڪري ٿو. علائقي ۾ بند پيل اسڪولن کي کولرائي ٻارن جي والدين سان ملاقات ڪري کين اسڪول ۾ موڪلڻ تي آماده ڪرڻ، علائقي ۾ اگر ڪنهن غريب سان ظلم زيادتي ٿئي ته ان کي انصاف ڏيارڻ لاءِ هر طرح ڪوششون ڪري ٿو. آسو ٻائي جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ ٻين نياڻين جي به همٿ افزائي ڪري ٿو. غريبن جو ساٿ ڏيڻ، مظلومن جي مدد ڪرڻ علائقي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي علائقي جي ڪافي بااثر ماڻهن جي اک ۾ ڪنڊو آهي. مٿس ڪافي دفعا قاتلاڻا حملا به ٿيا آهن پر انهن ڌمڪين حملن جي پرواهه نه ڪندي خلق خدا جي خدمت ۾ لڳو پيو آهي. تعليم جي واڌاري ۽ سماجي ڪمن تي کيس مختلف ادارن پاران ڪافي ايوارڊ به مليا آهن. عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڪنهن سان به ڪو ظلم ٿئي ٿو. نياڻين تي جنسي ڏاڍ ڪيو وڃي ٿو ته هي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ان خلاف آواز بلند ڪري ٿو. اهڙن مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ قانوني مدد ڪري ٿو.
    پاڻ بهترين مڪينڪ به آهي پاڻ ڪيتريون ئي ايجادون ڪيون آهن. پاڻ مرچ سڪائيڻ جي مشين ايجاد ڪئي پر حڪومت ان جي مارڪيٽنگ ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، پاڻ ٻيون ڪيتريون ئي ايجادون ڪيون پاڻ مرادو هنر سکيو پاڻ آمريڪا، ٽيڪنيڪل پروسيسر ۾ به ڪم ڪيو. بجلي پيدا ڪرڻ جي بوائيلر جي ايجاد به ڪئي جيڪڏهن حڪومتي سطح تي هن جي سرپرستي ڪئي وڃي ته ڪيتريون ئي ايجادون ڪري سگهي ٿو.


    قديم ڳوٺ راوتياڻي

    سانگهڙ – نوابشاهه روڊ تي سانگهڙ کان تقريبن 12 کن ڪلوميٽر پري سنڌ جو قديم ڳوٺ راوتياڻي آباد آهي، ميرن جي صاحبي هتي چند واڻين، ملاح، ڪيرين ۽ وساڻن جا گهر هئا. ان دور ۾ سانگهڙ نوابشاهه روڊ ڪچو رستو هو، هن ڳوٺ جا واڻيا نارو واهه مان زمين جا ڪجهه ٽڪر آباد ڪندا هئا. انگريز خلاف وطن يا ڪفن واري ويڙهه جو مرڪز رهندڙ مکي ٻيلو هن ڳوٺ کان تقريبن 2 ڪلوميٽر تي هو جتي هاڻ آبادي ٿي وئي آهي. واڻين ۾ هڪ عورت راوتي نالي رهندي هئي جيڪا سخي ۽ مهمان نواز هئي، ڪچي رستي تان ويندڙ مسافرن کي مکڻ، دهي، لسي سان ماني کارائيندي هئي ۽ ان ڪچي رستي تي هڪ وڻ هيٺان پاڻي جا مٺ به ڀري رکندي هئي ته اڃايل مسافر پاڻي پيئن ان رلوتياڻي عورت پويان هي ڳوٺ پهرين راوتي بعد ۾ راوتياڻي سڏجڻ لڳو، اها عورت ميرن جي دور جي ٻڌائي وڃي ٿي. هن ڳوٺ جي ملاح برادري جي به هڪ عورت ماسي حوا ملاح به انگريز دور ۾ وڏي سخي ۽ هلندي پڄندي واري عورت ٿي گذري آهي، جيڪا ڳوٺ ۽ علائقي جا فيصلا به ڪندي هئي. ميرن جي دور جي پڄاڻي وقت هن ڳوٺ جي آبادي وڌي ٻيون برادريون به آباد ٿيون، ليڪن انگريز دور ۾ خاص طور حر تحريڪ دوران هن ڳوٺ ۾ رهندڙ حرن خلاف ڪارروايون ٿيڻ ڪري ڪجهه ماڻهو حر تحريڪ ۾ شامل هئا. ڪجهه روپوش ڪجهه لوڙهن ۾ هئا. پاڪستان ٺهڻ بعد خاص طور ايوب خان جي دور ۾ ڳوٺ وڌيو ۽ وڌندو رهيو، هاڻ ننڍڙو شهر بڻيل آهي. هن وقت راوتياڻي جي آبادي تقريبن 25000 کن آهي، هن وقت ڳوٺ ۾ سيد، وساڻ، هنڱورا، مير جت، ملاح، جوڻيجا، چاڪراڻي، خاصخيلي، ڪيريا، جت ، آرائين، ڀيل ميگهواڙ ۽ ٻيون برادريون رهن ٿيون. ماضي ۾ هتي حاجي خير محمد چاڪراڻي، خان محمد هنڱورو، وڏيرو مصري ملاح، اول مرحوم، ڇٽو ملاح مرحوم، هتان جا وڏا اوطاقي ٿي گذريا آهن. مسافرن کي ماني کارائيندي خوشي محسوس ڪندا هئا. مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو هن ڳوٺ جون هر دلعزيز شخصيتون هيون. ڳوٺ ۾ هاڻ به حاجي خير محمد چاڪراڻي مرحوم جو فرزند رئيس گلشير چاڪراڻي، علي خان هنڱورو، ملاحن جي اوطاق سائين بخش ملاح هلائي رهيو آهي. ڳوٺ جي سماجي ورڪرن ۾ عطا محمد وساڻ، خان محمد هنڱورو، فقير مير حسن هنڱورو، مطلع الحق بخاري، رئيس گلشير خان چاڪراڻي، ناز ڪريم بخش چاڪراڻي، حاجي مصري ملاح، گل حسن ملاح ۽ ٻيا آهن. مشهور شاعر سونو سحر هنڱورو، ناز چاڪراڻي جو تعلق به هن ڳوٺ سان آهي. هتان جي مشهور صحافين ۾ ناز چاڪراڻي، عبدالقادر شاهه شامل آهن. هتان جي استاد بشير احمد آرائين پاڻ هاڻ رٽائرڊ آهن ۽ استاد نظر هنڱورو، علي خان هنڱورو ۽ ٻين جو بهترين استاد طور نالو ورتو وڃي ٿو. راوتياڻي ۾ ڇوڪرن، ڇوڪرين لاءِ گورنمينٽ پرائمري ۽ گورنمينٽ گرلس هاءِ اسڪول آهن. سرڪاري طور ميڊيڪل ڊسپينسري به آهي. ڳوٺ ۾ عورتون هٿ جو هنر جي حوالي سان مشهور آهن. هتان جون رليون، سڳيون، اڳٺ، سنڌي ڀرت مشهور آهن. هتان جي رهواسين جو تقريبن هر گهر ۾ چوپايو مال آهي. جيڪو ڳوٺ وارن جو شوق سان گڏ روزگار جو ذريعو به آهي. هتي پرائيويٽ اسڪول به آهن. هن ڳوٺ ۾ حر جماعت جو اثر آهي. هتان جا ملاح سروري جماعت جا آهن، ليڪن ڳوٺ وارن ۾ اهو جماعتي فرق ناهي، ڳوٺ وارن جا پاڻ ۾ بهترين ڀائرن جهڙا تعلقات آهن، سڀ ڳوٺ وارا ڏک سک ۾ گڏ هوندا آهن. ڳوٺ ۽ آسپاس جي مشهور اولياءُ حضرت سيد سلطان شاهه، سيد چن بادشاهه، سيد موليڏنو شاهه عرف سرهو پير جون مزارون آهن. جتي هر وقت زائرين اچن ٿا. سيد مولڏينو شاهه عرف سرهو پير جي قبرستان الله لوڪ فقير ۽ درويش فقير محمد رمضان ملاح جيڪو لطيف سائين جو فقير هو ۽ منهنجو نانو هو، ان جو به آخري آرام گاهه آهي. ماضي ۾ هن ڳوٺ ۾ سگهڙن جون ڪچهريون به ٿينديون هيون نڙ بيت وارن جون محفلون به ٿينديون هيون.


    ضلعي سانگهڙ جو قديم ڳوٺ جلال نوناري

    سهڻي ميهار جي ديس شهدادپور جي لڳو لڳ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج کان چند فرلانگن تي آباد قديم ڳوٺ جلال نوناري جيڪو ميرن جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو، شروع کان هتان جي رهواسين جو معاشي ذريعو گڏهن جي مزدوري رهي آهي. ماضي ۾ شهدادپور ۾ ڇتن جي لپائي لاءِ مٽي-بٺن تان سرون فرشن لاءِ واري کڻندا هئا پر ٽريڪٽر ٽرالين اچڻ بعد اهڙو ڪم گهٽجي ويو آهي ،هاڻ هتي سرن جي بٺن تان سرون کڻي ٻاهر رکڻ وارو ڪم ڪن ٿا، چند ماڻهو سرڪاري ۽ اين جي اوز ۾ نوڪرين سان لڳل آهن، ڳوٺ جون عوتون به گهرن تائين محدود رهڻ بجاءِ ڳوٺ جون ڪافي عورتون شهر ۾ گهرن ۾ ڪم ڪار ڪن ٿيون. ڪجهه سرن جي بٺن تي ڪم ڪن ٿيون ڇاڪاڻ ته معاشي طور هي ڳوٺ ڏاڍو پوئتي پيل آهي، ڳوٺ جا ماڻهو بهادر قربائتا همت وارا محنتي ننڍا وڏا سڀ مزدوري سان لڳل آهن، پاڻ ۾ اتحاد ٻڌي، پيار، محبت ڏک ۽ سک ۾ ڪم اچڻ جي حوالي سان هي مثالي ڳوٺ آهي. هن ڳوٺ وارا نشي سميت سڀني براين کان پري آهن، ڳوٺ جا 100 کان وڌيڪ ڇوڪرا 50 کان وڌيڪ نياڻيون اعلى تعليم يافته آهن ٻين ڳوٺن وانگر هتان جا نوجوان به ڊگريون هٿ ۾ کڻي نوڪري لاءِ ڊوڙندا رهن ٿا. 1500 کان وڌيڪ آبادي واري هن ڳوٺ ۾ پهرين جلال نوناري نالي گڏهن تي مزدوري ڪندڙ جتي ڳوٺ آهي اتي روزگار لاءِ خاندان سان گڏ اچي ويٺو ۽ ڌنڌو سٺو هئڻ ڪري بعد ۾ مختلف ڳوٺن مان پنهنجا مٽ مائٽ به گهرايا ۽ اتي جلال نوناري نالي ڳوٺ سرڪاري نقشي ۾ اڀريو. اڄ مفاد پرستي ۽ نفسا نفسي واري دور ۾ جتي ڀاءُ جو ڀاءُ نه آهي، هڪ گهر ۾ 2 ڀاءُ رهن ٿا ته وچان ديوار ڏيو ڇڏين پر هن ڳوٺ وارن جا گهر اڄ به ماضي وانگر هڪ ويڙهي ۾ آهن، گهر الڳ صحيح پر اڳيان ايوان هڪ ئي آهي، هنن جي اهڙي محبت ٻڌي ڏسي لطيف سائين جون هي سٽون ذهن تي تري اچن ٿيون
    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻها ميٺ گهڻو.
    لطيف جي انهن سٽن تي اسان پاڻ کي سڄاڻ چوائڻ جي باوجود گهٽ عمل ڪري رهيا آهيون اتي هن ڳوٺ جا سٻاجهڙا ۽ سادا ماڻهو مڪمل طور عمل ڪري رهيا آهن، ڳوٺ وارا غريب لطيف چواڻي. آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا، وارو حال هوندي به دل جا سخي آهن، وٽن لڙي ايندڙ مهمانن کي لکين عزتون ۽ جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا ۽ وڏي سهپ برداشت رکن ٿا، آسپاس جي ڳوٺن جي ماڻهن سان به سٺو ورتاءُ ڪن ٿا. ڪنهن جي دل ڪونه ڏکوين پر جيڪڏهن ڪو ٻئي ڳوٺ جو هنن تي اوچاٽ ڪري ته سڀ ڳوٺ وارا گڏجي پهرين اخلاقي طور سمجهائڻ جي ڪوشش ڪن نه سمجهن ته انهن کي ياد رکڻ جهڙي سيکت ڏيو ڇڏين. ڪو نوجوان نشي يا ٻي سماجي برائي ۾ ڦاسن ته انهيءَ کي به سڀ سمجهائين نه سڌريو ته ان جو سوشل بائيڪاٽ ڪن، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ننڍا ننڍا تڪرار ته ٿين ٿا پر ڪڏهن به ڪو وڏو جهيڙو نه ٿيو آهي. ننڍن تڪرارن کي به بروقت فيصلو ڪري ختم ڪيو ويندو آهي. هن ڳوٺ مان اڄ تائين ڪابه نياڻي والدين جي مرضي کانسواءِ گهران نڪري ڪورٽ تي وڃي پيار جو پرڻو نه ڪيو آهي. ڪڏهن به ڳوٺ ۾ ڪارو ڪاري جو واقعو پيش نه آيو آهي. ان جو سبب ڳوٺ وارا نياڻين جي پسند کي سامهون رکي سندن شاديون ڪرائين ٿا. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ڪاڄن کي سڀ ڳوٺ وارا پنهنجو ڪاڄ سمجهي سر هو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪو غريب بيمار ٿئي ته پنهنجي مدد پاڻ ڪريو اصول تحت انهن جي مالي مدد به ڪن ٿا، ڳوٺ جي نرالي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ هي پهريون ڳوٺ آهي، جتي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ڪالونين ۽ ڳوٺن جا فيصلا ڳوٺ جي خاتون ماسي پٽل نوناري مرحومه ڪندي هئي، 2014ع ۾ سندن انتقال ٿي ويو آهي. ماسي پٽل بهترين شاعر به هئي سندس مولود نعتون ۽ مرشد حضرت مخدوم نوح رحه مخدوم طالب المولى، مخدوم امين فهيم جي شان ۾ ۽ ٻي شاعري مشهور آهي. جيڪا ڳوٺ جون عورتون خاص موقعن تي ڳائين ٿيون، سندس شاعري لکت ۾ نه اچي سگهي آهي.پر هتان جون عورتون خاص موقعن تي ڳائين ٿيون، سندس ڌيءُ سڪينا نوناري ۽ ٻين ڳيج ڳائيندڙ عورتن کي ياد آهي. شاعري ۾ پاڻ بهترين ڳيچ به ٺاهيا آهن جيڪي ڳوٺ جي ڪاڄن ۾ عورتون ڳائين ٿيون. ماسي پٽل درياءُ دل هئي غريب هئڻ جي باوجود سخي دل وڏي مهمان نواز هئي، پاڻ نه صرف ڳوٺ پر علائقي جي مشهور سماج سڌارڪ خاتون هئي. پاڻ ننڍي هوندي کان ذوالفقار علي ڀٽو کان متاثر ٿي ۽ سندس مرشد مخدوم طالب المولى جي ڪري پاڻ پ پ ۾ شامل ٿي ۽ پارٽي لاءِ جدوجهد ڪئي قربانيون ڏنيون، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو شاهنواز ڀٽو مير مرتضى ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت تي نه صرف ماسي پٽل پنهنجي گهر ۾ تڏو وڇايو پر هن ڳوٺ جي هر گهر ۾ تڏو وڇايل هو. ڳوٺ وارن گڏجي ٽيجها، چاليها ، ٻارا ها به ڪيا ۽ ڳوٺ جي عورتن جي اڪثر شهيد راڻي جي شهادت تي چاليهه ڏينهن تائين ڪارا ڪپڙا پاتا، ماسي پٽل ڳوٺ وارن لاءِ ڇپر ڇانوءَ هئي. سندس ڪوشش سان ڳوٺ کي بجلي، سئي گئس، اسڪول جي بلڊنگ، فرش بندي، ڪني پاڻي جي نيڪال جي اسڪيم ملي، سياسي طور به پاڻ ڳوٺ جي اڳواڻ هئي هن ڳوٺ جي عورتن ۾ هڪ ٻيو ڪردار قزبانو نوناري به آهي. جيڪا به ڳوٺ وارن لاءِ ڇپر ڇانوءَ آهي. ماسي پٽل جي وصال بعد ڳوٺ جي جهيڙي نبيري پٽل نوناري جي ننهن ميڊم بيبل عرف بولي ۽ قزبانو نوناري ڪن ٿيون هن ڳوٺ جي قزبانو جو والد قادر بخش مثالي ٽيچر هو، جنهن سڀ کان پهرين پنهنجي نياڻين قزبانو کي 8 ڪلاس بعد ۽ امير بانو نوناري کي نائين ڪلاس تائين تعليم ڏياري ان بعد ڳوٺ ۾ نياڻين جي تعليم جو رواج پيو. سنڌ جي هي واحد ڳوٺ آهي جتي عورتن کي آزادي مليل آهي. جتي مرد عورتن تي ظلم، تشدد نه ٿا ڪن، گهر جو سڄو ڪاروهنوار کان وٺي اولاد جي شادي عورتن جي مرضي سان ٿئي ٿي. هن ڳوٺ جي عورتن سان غير امتيازي سلوڪ نه ٿو ڪيو وڃي. هي واحد ڳوٺ آهي جتي مرد سان گڏ عورتون دڪان هلائين ٿيون. ريڙهين تي ڀاڄيون ، آئيس ڪريم، ڪنفيشنري جو سامان وڪرو ڪن ٿيون. هن ڳوٺ وارا ڏاڍا باذوق ماڻهو آهن، سندن موسيقي سان ڏاڍي دلچسپي آهن، هتي غريب کان به غريب ماڻهو به ڪاڄ ۾ فنڪار کي ضرور گهرائي ٿو، ڌاريا دعوتي جڏهن هليا وڃن ٿا ته رات جو گهوٽ يا ڪنوار جي گهر ۾ عورتون مرد گڏجي راڳ ٻڌن ٿا ۽ گهورون گهورين ٿا. ڳوٺ وارن جي شادين جا سر گس به منفرد آهن، هتي سرگسن ۾ به عورتون مرد گڏ هوندا آهن، سرگس ۾ نچندي گهورون گهوريندي خوش ٿيندا آهن. وقت جي حالت موجب شادين ۾ جيڪي ماضي ۾ سوٺ سنوڻ ٿيندا هئا. اهي هاڻ ختم ٿي ويا آهن، ليڪن هن ڳوٺ ۾ ڪاڄن ۾ ماضي ۾ ٿيندڙ سنوڻ ساٺ جيڪي سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪن ٿا، اهي ڪيا وڃن ٿا. شهيد بينظير ڀٽو سان ڳوٺ وارن جي ايڏي ته عقيدت آهي جو تقريبن هر گهر ۾ سندس تصوير لڳل آهي، جنهن کي هفتي ۾ هڪ ٻه دفعا گلاب جي گلن جون مالهائون وجهن ۽ ماسي پٽل جي نياڻي سڪينا نوناري سافڪو جي سهڪار سان اسلام آباد، لاهور، ڪوئيٽا، ملتان، ڪراچي، حيدرآباد ۾ عورتن جي حقن، مسئلن، هٿ جي هنر، هارياڻين، عورت مزدورن جي حقن جي حوالي سان ٿيندڙ ملڪي سيمينار ڪنوينشن کان وٺي هارياڻين جي حقن لاءِ حيدرآباد کان ڪراچي تائين عورتن جي پيادل لانگ مارچ ۾ شريڪ ٿي. هنن ڪنوينشن، سيمينارن ۾سنڌ جي عورتن جي بنيادي مسئلن، حقن جي لاءِ زوردار تقريرون ڪيون، قزبانو نوناري سافڪو ۽ ٻين تنظيمن جي پروگرامن ۾ ويندي رهي آهي. ڳوٺ جون اڻ پڙهيل عورتون به باشعور آهن، سياست کان وٺي هر موضوع تي بهتر انداز ۾ هڪ ٻئي سان ڪچهريون ڪن ٿيون کين عورتن جي حقن بابت ڄاڻ آهي. هتان جون عورتون باشعور ته آهن پر سندن شعور کي وڌائڻ ۾ سافڪو جي سرواڻ سليمان جي ابڙو جو وڏو ڪردار آهي. سافڪو هن ڳوٺ جي عورتن کي ننڍن ڪاروبارن لاءِ قرض ڏئي کين پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن ڳوٺ جون عورتون جا ننڍا تڪرار به ٿين ٿا پر بعد ۾ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿيون وڃن. ڳوٺ جي عورتن کي فنڪارن ۾ عابده پروين، فوزيه سومرو، رونا ليلى، مصري فقير، ڦوٽو زرداري، ماسٽر منظور پسند جا فنڪار ڳوٺ جا مرد ڏينهن جو مزدوري ڪن ، شام کان رات تائين هوٽلن تي فلمون ڏسن جمع ڏينهن تاش پتي راند کيڏن، ڳوٺ وارا ڌارين ماڻهن کي ضروري ڪم ڪار کانسواءِ ڳوٺ ۾ اچڻ ڪونه ڏين، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ ۾ عورتون آزادي سان گهمن ٿيون ۽ دڪانداري هلائين ٿيون. آيل مهمانن کي کٽ تي رلي وڇائي ڏين ماني کان سواءِ نه ڇڏين، ڳوٺ ۾ وڏي غربت آهي. ڳوٺ وارا معاشي طور مستحڪم ناهن پر دل جا سخي آهن ۽ هر حال ۾ الله سائين جو شڪر ادا ڪن ٿا، قزبانو نوناري ڳوٺ جي ٻارن جي اسڪول ۾ موڪلڻ لاءِ ڳوٺ جي غريب مريضن کي اسپتال ۾ کڻي داخل ڪرائيڻ رت جي ضرورت وارن مريضن کي رت هٿ ڪري ڏي ٿي، سماج سڌارڪ جي حيثيت سان ڳوٺ يا آسپاس وارن بستين جي ڳوٺاڻن جو پوليس ۾ مسئلو هجي، مختيارڪار، اي سي، سئي گئس، حيسڪو کان وٺي ڪنهن به سرڪاري کاتي جي آفيسرن ۾ ڪم هوندو آهي ته قزبانو شاندار ڪردار ادا ڪري ٿي. آڌي اسر جو به ڪو وٽن ڪم لاءِ اچي ٿو ته بنا دير انهن جي ڪمن لاءِ مسئلن جي حل لاءِ هر طرح سان ڪوششون ڪري ٿي. قزبانو نوناري جيڪا انساني حقن جي هڪ تنظيم جي سانگهڙ ضلع ۾ خواتين ونگ جي صدر پڻ آهي سڪينه نوناري وومين ورڪرز آرگنائيزيشن فار رورل ڊولپمينٽ جلال نوناري جي صدر آهي. هن ڳوٺ جي عورتن جون ٺاهيل رليون، ڀرت، گنجيون، پرسون سنڌ ۾ مشهور آهن. هٿ جي هنر جي ٽريننگ سافڪو پاران ڏياري وئي. هن ڳوٺ جي بياد وجهندڙ جلال نوناري جي وصال بعد سندس فرزند چڱل خان نوناري وڏيرو بنيو هن وقت احمد بخش نوناري چڱو مڙس آهي پر غريب هئڻ ڪري ۽ بيمار رهڻ ڪري سياست کان پري آهي.


    جهول جڳن کان سانگهڙ ضلع جو تاريخي شهر

    ضلع سانگهڙ جو مشهور قديمي ۽ تاريخي شهر جهول جنهن لاءِ اهو پهاڪو مشهور آهي ته جهول متان وڃي اتي ڪتا اٿئي، يعنيٰ جهول ڪتن جي حوالي سان به مشهور آهي. جهول جو نالو اهو ڪئين پيو، هي شهر ڪڏهن ۽ ڪيئن آباد ٿيو، سنڌ جي تاريخ خاموش آهي. 2001ع ۾ جهول جي ادبي علمي دوست مسڪين محمد وارث خاصخيلي حضور بخش ۽ مون ڀيڄ ڀٽائي پبلڪيشن پاران هن تاريخي قديم شهر تي ”جهول جڳن کان“ نالي سان ڪتاب ڇپرايو، جنهن ۾ اسان شهر جي علمي ادبي ، سماجي ، سياسي شخصيتن کان جهول جي ماضي حال بابت انٽرويو ڪيا ۽ انهن روايتن کي ٿورو ڇنڊي ڇاڻي شايع ڪيو. معلوم ڪيل انهن روايتن موجب ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ موجوده جهول جي ٻنهي پاسن کان جتي ايريگيشن بنگلو آهي ان وٽان خيرو واهه ۽ ريلوي ڦاٽڪ ويجهو جيڪو رستو سانگهڙ ميرپور روڊ سان ملي ٿو اتان محمد علي واهه وهندا هئا. جيڪي سنڌو درياءُ جا ڦاٽ ٻڌايا وڃن ٿا. جيڪي صرف 6 ماهي وهندا هئا. واهن جي اونهائي ايڏي وڏي نه هئي جڏهن تار ٿي وهندا هئا ته ماڻهو انهن مان گذري سگهندو هو. ان دور ۾ به سانگهڙ کان شهدادپور ٽنڊو آدم جهول ڪچا رستا هوندا هئا. جتان اٺ، گهوڙن، ڏاند گاڏيون ۽ پيادل ماڻهو ايندا ويندا ها. ۽ انهن ٻنهي واهن تي موجوده جهول سامهون وڏا گهيڙ هوندا هئا. جتان پيادل ماڻهو گهوڙي اٺ سوار ۽ ڏاند گاڏيون گذرنديون هيون. جتي جهول شهر آهي اهو ٻنهي واهن جي وچ تي ۽ هيٺ هوندو هو. ان کي ماڻهو جهول چوندا هئا. جيڪو ٺيٺ سنڌي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ اهي ٿورو هيٺ. جهڪيل ۽ ٻنهي واهن جي وچ وارو اهو علائقو جنهن ۾ قدرتي گاهه وڻڪار به ڏاڍي هوندي هئي.ان وقت هن جي آسپاس ڳوٺ آباد هئا انهن ۾ ڇٻرلو، ڌام رکي، جمعو خان ٽالپر، ساڏوڻي، کيتو جان ، گهنڊڻ، لياري، اڀپور ۽ ٻيا شامل آهن، ان دور ۾ لياري ۽ ڌام رکي هن علائقي جا ننڍڙا شهر هئا. جيڪي واپار جا به مرڪز هئا. بعد ۾ جهول جي ٻنهي پاسن کان وهندڙ واهه خبر ناهي ڪهڙن سببن ڪري ڦٽي ويا. انهن جا نشان اڄ به موجود آهن. امڪان آهي ته هي واهه ڪلهوڙن جي دور ۾ ڦٽي ويا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪلهوڙن جي دور جي آخري وقت ۾ سنڌو درياهه جي ڦاٽ لهاڻو مان شهدادپور کان شاهو واهه ۽ شهداد واهه بجر واهه ڪڍي ٽالپرن کي ڏنل جاگيرون آباد ڪيون ويون. ممڪن آهي ته خيرو واهه ۽ محمد علي واهه ڦٽڻ بعد ئي جهول آباد ٿيو، ميرن جي اوائلي دور ۾ جهول ۾ چند سيدن، واڻين، خاصخيلي ۽ پڃارن جا گهر هئا. وڏي عمر جا ماڻهو پنهنجي وڏن کان جهول بابت معلوم ڪيل معلومات موجب جهول جڏهن آباد ٿيو ته ننڍڙو ڳوٺ هو جتي 6 کن واڻين جا دڪان هئا. انگريز دور ۾ جڏهن چانهه جا فري ۾ اسٽال لڳائي ماڻهن کي چانهه جو چسڪو وٺائي چانهه جو موالي بنايو ويو ته جهول ۾ به 3 هوٽلون کليون جن ۾ سيٺ باون مل، ڪشنو مل، سيٺ بچو مل انهن کان ڪافي سال بعد سيد غلام شاهه به هوٽل کولي. جهول جا وڏڙا ٻڌائين ٿا ته هتي ماضي ۾ مکڻ خاصخيلي جي وڏي اوطاق هوندي هئي جتي سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون هيون . ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ ڪلهوڙا حڪمرانن ديره غازي خان مان جيڪي ٻروچ سنڌ ۾ آندا جيڪي فوج ۾ به اهم عهدي تي به رهيا، انهن مان ٽالپرن ۽ لغارين کي موجود اڀپور جلالاڻين کي آڻي ساڏوڻي ۽ ڌامر کي ۾ آباد ڪيو. 1716ع ۾ جڏهن مير بجار خان ۽ ڪلهوڙن وچ ۾ لياري ۾ جنگ لڳي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مرڻ بعد بجار خان ٽالپر سوڀ ماڻي ۽ جهول ۽ لياري ويجهو هڪ ڪچو قلعو تعمير ڪرايو جيڪو بجار خان جو ڪوٽ سڏيو ويو جتي پهرين مير بجار خان جي خاندان وارن مان ڪجهه ماڻهن رهائش اختيار ڪئي بعد ۾ اتي سندن خاص ماڻهو رهندا هئا ۽ هاڻ رڳو ڪوٺ جي پيڙهه وڃي بچي آهي اهو تاريخي ماڳ هاڻ مڪمل طور مٽجي ويو آهي ميرن جي دور ختم ٿيڻ کان چند سال اڳ مير صوبدار خان جي دور ۾ مير صاحبن جو ڍلون اوڳاڙڻ لاءِ ايندڙ عملو ڌام رکي ۾ ڪئمپ قائم ڪندو هو 1942ع ۾ جڏهن حُر تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ مارشلا لڳائي وئي ۽ مسلمانن کي حرن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان شڪي نگاهن سان ڏٺو ويو کين گرفتار ۽ تشدد ڪيو ويو ته جهول ۾ آباد ٿيندڙ ڪافي خاندان هتان لڏي ويا 1940ع ۾ جهول انسپيڪشن بنگلو ٺهرايو ويو جيڪو ايريگيشن بنگلي وٽ آهي جنهن جي عمارت به ڀري رهي آهي باقي رهيل عمارت جيڪا به ڪرڻ تي آهي ان بنگلي ۾ مارشلا ڪورٽ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ تڪڙا ڪيس هلائي حرن ۽ سندن مدد ڪندڙ سڀني ماڻهن کي سزائون ڏنيون ويون ان زماني ۾ جهول ويجهو ڳوٺ محمد خان چنڙ ۾ حرن لاءِ لوڙهو قائم ڪيو ويو آسپاس جي ڳوٺن جي حرن کي ٻارين ٻچين اتي نظر بند ڪيو ويو ان مارشل لا دور ۾ آسپاس جي ڳوٺن وارا به انگريز ملٽري جي عتاب هيٺ هئا جڏهن ته حر وري انگريز جي جاسوسي ڪرڻ جي شڪ ۾ ڪافي ماڻهو ماريا. انگريز جي دور جي پڄاڻي کان ڪجهه سال اڳ مير الله بخش ٽالپر ميرجان محمد خان ٽالپر مير غازي خان ٽالپر ۽ ٻيا مير صاحبان جهول ۾ رهائيش اختيار ڪئي. ان دور ۾ مير الهه بخش خان ٽالپر جيڪو ان دور جي مشهور تعليمي درسگاهه جهونا ڳڙهه ڪاليج جو پڙهيل هو. اهو جهول وارن لاءِ ڇپر ڇانو بنيو، بيگناهه سنڌي مسلمانن کي انگريز ملٽري پاران ظلم ڪرڻ خلاف قانوني مزاحمت ڪئي ۽ پاڻ جهول شهر کي ترقي وٺرائن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهي زماني ۾ گڙنگ ڳوٺ مان بااثر زميندار حبيب الله خان ڀنڀرو سونو خان ڀنڀرو، محمد صديق ڀنڀرو به جهول ۾ لڏي آيا ۽ حبيب الله جي اوطاق تي ديسي پرديسي مسافر اچي رهندا هئا. جن جي مهمانن وانگر خاطر طوازي ڪئي ويندي هئي. مير الهه بخش خان ٽالپر به وڏو اوطاقي ۽ مهمان نواز هو، ماضي ۾ جهول ۾ جيڪي خاصخيلي ويٺل هئا ان جو وڏو دلاور خان خاصخيلي هوندو هو. 1932ع ۾ جوڌپور جي هڪ سيٺ جنهن جو نالو پنڊت گور رام ٻڌايو وڃي ٿو ان جهول ۾ جتي رحمت فيڪريٽري آهي. اتي ڪپهه ٽاڻڻ جو ڪارخانو لڳايو، ان لاءِ ميرپورخاص مان مڪراني مزدور وٺي آيو. غلام رسول ولد محمد صالح مڪراني جو چوڻ آهي ته جهول ۾ آباد مڪرانين جا وڏا اصل ۾ بمبئي ويجهو انڌيرو ڳوٺ جا هئا اتان 6 گهر لڏي ميرپورخاص ۽ اتان جهول ۾ ڪپهه ٽاڻڻ واري ڪارخاني ۾ مزدوري ڪرڻ سانگي آيا ۽ هتان جا ٿي ويا. 1912ع ۾ شروع ڪيل راجا ريل ميرپورخاص کان نوابشاهه تائين پٺڙي وڇائي هلائي وئي ان سان عوام کي سفري سهولتون ميسر ٿيون، مشهور ليکڪ سائين الهه ورايو بهڻ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکيو آهي ته هي علائقو انگريز خلاف حر تحريڪ جو مرڪز رهيو.1942ع ۾ مارشل لا لڳڻ بعد جهول کي ملٽري جو مرڪز بڻايو ويو. هتي مارشل لا ڪورٽن ۾ 4 فوجي آفيسر جج مقرر ڪيا ويا. 3 ڄڻا ليفٽيننٽ جي عهدي کان وٺي مئنيجر جي عهدي تائين هڪ ڪرنل کي چيف جج جي حيثيت سان مقرر ڪيو ويو هو. ان مارشل لا ۾ لئمبرڪ جي چوڻ موجب ته هندستان جي جنگ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو حرن خلاف جديد ترين هٿيارن سان گڏآمريڪا کان ٻي جنگ عظيم وارا بمبار جهاز اوڌرا وٺي حرن وارن علائقن م بم وسايا ويا، حر تحريڪ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جهول واري علائقي ۾ حرن جي ڳوٺن ۾ انگريز ملٽري گهڙي عورتن، مردن تي تشدد ڪندا هئا ڦرلٽ به ڪندا هئا . ۽ کين گرفتار ڪري سندن گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيندا هئا. جهول کي ترقي ڏيارڻ جهول واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل مرحوم الهه بخش ٽالپر تحريڪ خلافت جي هلچل ۾ حصو ورتو ان دور ۾ پاڻ والد مير فيض محمد جي انتقال بعد ناناڻن وٽ ٽنڊو جان محمد ۾ وڃي رهيو هو ۽ پاڻ خلافت واري تحريڪ جو ضلعي ٿرپارڪر لاءِ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو ان تحريڪ دوران 1920ع ۾ پاڻ ان وقت سنڌ جي قومي اخبار الوحيد جو 4 سال ايڊيٽر رهيو. علامه عنايت الله مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان متاثر ٿي ان ۾ شامل رهيو ۽ پاڻ ماهوار خاڪسار رسالو شايع ڪيو. خاڪسار تحريڪ جي اڳواڻن سان گڏ بمبئي ۾ آل انڊيا خاڪسار اجتماع ۾ شريڪ ٿيو. جنهن ۾ گانڌي به شريڪ هو.. جهول علائقي ۾ ڪنهن به غريب سان ڪير به زيادتي ڪندو ته پاڻ اٿي کڙو ٿيندو هو، غريبن جي همدرد ۽ مددگار رهيو پاڻ 21 جولاءِ 1953ع تي هڪ ڪار حادثي ۾ انتقال ڪري ويو، سندن وڏو فرزند مير ضعيم الدين ٽالپر ايڊووڪيٽ وڏي سياسي سماجي انسان دوست شخصيت ۽ وڏو ليکڪ ۽ شاعر به ٿي گذريو آهي. سندس فرزندن ۾ الهه بخش خان ٽالپر مير ناظم الدين مير افسرالدين جو ويجهو عزيز مير جان محمد خان ٽالپر به سندس ويجهو رهڻ ڪري ڪافي خوبين جو مالڪ، هر دلعزيز شخصيت هو. پاڻ 22 جولاءِ 1912ع ۾ جنم ورتو پاڻ سخي مرد ، يار ويس، مهمان نواز، غريبن جو همدر هو، 1939ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو. جڏهن ته آل انڊيا مسلم ليگ سنڌ جو سنجهورو شاخ جو صدر پڻ رهيو. ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ سرگرم رهيو. 60ع ۾ ۽ جهول شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. 65ع ۾ ٻيهر شهر وارن کيس چيئرمين چونڊيو سندس وفات تي جهول واسين کي ائين لڳو جهڙو سندن عزيز انتقال ڪري ويو هجي. سندس وصال کانپوءِ جهول وارن سان ڪا زيادتي ٿيندي هئي يا ترقياتي ڪمن ۾ نظر انداز ڪيو ويندو هو ته جهول وارا اکين ۾ لڙڪ آڻي چوندا هئا ته مير جان محمد نه مري ها ته ائين نه ٿئي ها، پاڻ 28 اپريل 1981ع تي وصال ڪري ويا سندن اولاد ۾ 6 فرزند مير مقصود عالم، مير مسعود عالم، مير منصور عالم، مير عرفان عالم، مير ريحان عرف مير رضوان ٽالپر، مير عمران عالم هنن مان مير عرفان عالم ۽ مير مقصود عالم وصال ڪري ويا آهن. جهول جا شر، لسڪاڻي به قديمي رهواسي آهن جهول جي موجوده جامع مسجد قديم مسجد آهي. روايتون آهن. مسجد ميرن جي دور جي آهي، جيڪا الهه بچايو چاڪي نالي هڪ نيڪ مرد تعمير ڪرائي هئي. جڏهن هو لڏي ويو ته مسجد ڀري شهيد ٿي وئي. جڏهن حاجي محمد صالح شر وارا آباد ٿيا ته کين ڪنهن ٻڌايو ته جتي واڻيا مال جا ڇيڻا ۽ گند اڇلائين ٿا اتي مسجد شريف هئي اهو ٻڌندي محمد صالح وزير خان شر پنهنجي پٽن، ڀائيٽن کي وٺي اهو ڪچرو کڻائڻ شروع ڪيو ته واڻين گوڙ ڪيو، واڻين سيٺ ڪلياڻ داس جي اڳواڻي ۾ تحريڪ هلائي ۽ انگريز سرڪار کي تارون ڪرڻ تي پوليس انڪوائري لاءِ پهتي، مير الهه بخش ٽالپر اهو ٻڌو ته پاڻ مرادو اتي پهتو ۽ آفيسرن کي چيو ته ان هنڌ گڏ ٿيل ڪچرو صاف ڪرايون ٿا اگر مسجد جا نشان ظاهر ٿيا ته پوءِ مسجد هئي. جڏهن ائين ڪيو ويو ته مسجد جو محراب ظاهر ٿيو ان تي مير الهه بخش پوليس آفيسر تي دٻاءُ وڌو ته واڻيا مذهبي فساد ڪرائڻ چاهين ٿا، ان تي پوليس 5 مسلمانن ۽ 20 واڻين تي ڪيس داخل ڪيو ان بعد واڻيا مير الهه بخس وٽ ميڙ وٺي آيا ته معافي ڏيو، اسان کي مسجد جي خبر نه هئي. بعد ۾ اتي شهر جي معززين گڏجي مسجد تعمير ڪرائي ماضي ۾ جهول ۾ 3 کوهه هوندا هئا. جتان رهواسي پاڻي ڀريندا هئا مارڪيٽ وٽ کوهه تي نار لڳل هوندو هو، زمين تي پاڻي جي ٽانڪي ٺهيل هوندي هئي. بعد ۾ مسجد لاءِ الڳ کوهه کوٽايو ويو، محمد صالح شر مذهبي شخصيت سان گڏ وڏو سخي ۽ مهمان نواز هو. پاڻ غريبن کي رهائش لاءِ چار ايڪڙ زمين ڏني پرائمري اسڪول لاءِ پلاٽ ڏنو جتي سندن گهر آهن اهو اڄ به جهول شهر ۾ ڳوٺ محمد صالح شر جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. محمد صالح شر خاڪسار تحريڪ ۾ پڻ ڀرپور حصو ورتو سندس وڏا اوٻاڙو ضلعو گهوٽڪي جا هئا جتان لڏي باکوڙو وٽ ڳوٺ خير محمد لغاري وٽ اچي ويٺا جتان 42ع کان اڳ اتان کان لڏي جهول ۾ اچي آباد ٿيا.ماضي واري زماني ۾ محمد صالح شر مير علي شر جون اوطاقون به مشهور هيون محمد صالح شر جو فرزند حاجي عبدالرحيم شر هر دلعزيز شخصيت سان گڏ وڏو تاريخي مذهبي ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ آهي. سندس ٻيو فرزند حاجي عبدالرحمان شر روحاني شخصيت آهي، نوري علم جو ماهر آهي، پاڻ ديني ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي ٿو سندس کجين جو باغ آهي پاڻ کجور وڪرو ڪرڻ جي بجاءِ غريبن ۽ معصوم ٻارن ۾ مفت ۾ ورهائيندو آهي جهول ۾ مير الهه بخش ٽالپر جي ڪوششن سان ترقياتي ڪم ٿيا. پاڪستان ٺهڻ بعد وڏي تعداد م مهاجر هتي آباد ٿيا. ڪليمن ذريعي هندن جون زمينون، دڪان، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون هنن کي ڏنيون ويون. هن وقت جهول ۾ ٽائون ڪميٽي، هيلٿ سينٽر، پوليس ٿاڻون، ايريگيشن بنگلو، جانورن جي اسپتال، فيميلي پلاننگ سينٽر، هائير سيڪنڊري اسڪول کان ڪافي پرائمري اسڪول، هنري اسڪول، گرلس هاءِ اسڪول ڪجهه ڦٽين جا ڪارخانا، فلور مل آهي. ٽائون ڪميٽي جهول 08 وارڊن تي مشتمل آهي.هتان جي اديبن، شاعرن ۾ الهه ورايو اداسي، عبدالقادر، معصوم سانگهڙائي مرحوم، نور چاڪراڻي، غلام حيدر خاصخيلي، حضور بخش بهڻ، علي محمد اداسي، مير حضور ٽالپر مرحوم، سيد علي ڏنو شاهه مرحوم ۽ ٻيا آهن جهول ۾ خدا بخش ڪيريو جديد مارڪيٽون جوڙائي شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪيو . جهول جي مشهور ولي الله ۽ سيد مهر علي عرف نانگو شاهه سندس مزار گڻنگ لنڪ روڊ تي آهي ميرن جي دور جو بزرگ ٻڌايو وڃي ٿو، هن بابت تفصيلي ڄاڻ نه ٿي ملي، صرف ايترو معلوم ٿيو آهي ته پاڻ مشهور بزرگ هو. پاڻ جيلاني سيد هو. ڪنڊو فقير، حضرت حاجي قادر بخش عرف ڪنڊو فقير ذات جو ڀنڀرو سندس تعلق حضرت مخدوم نوح سرور رحه سان هو. پاڻ هڪ دفعي مشهور ولي الله موهڙه شريف جي بزرگ حضرت محمد قاسم رحه جن وٽ حاضر ٿيو. اتي رهي ان جي خدمت ڪئي. اتان کين فيض مليو، روايت آهي ته حضرت قاسم فقير هن بزرگ لاءِ چيو ته مون سڄي زندگي جيڪو کير ولوڙيو ان مان مکڻ هي سنڌي فقير کنيو پيو وڃي. باقين ٻين طالبن لاءِ لسي لپ اڻ کٽ، جڏهن فقير کي فيض مليو ته کيس واپس ڳوٺ وڃڻ جي مليل حڪم تي واپس آيو ۽ پاڻ عام ماڻهن کي فيض ڏنو پاڻ صاحب ڪرامت هو پاڻ گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندو هو. چلا به ڪڍيا پاڻ 17 ربيع الاول 1277هه ۾ وصال ڪري ويو. جهول جي ٻين ولي الله ، سيد هاشم شاهه، مسڪين شاهه عرف ڀڏي وارو پير، سيد مهر شاهه حاجي فرحان خان شاهه عرف، بابا چراغ دين ۽ ٻين بزرگن جون مزارون آهن، جهول جي مشهور سياسي شخصيتن ۾ راڻا عبدالستار، محمد ايوب خاصخيلي، ڊاڪٽر هاشم خاصخيلي، اويس خاصخيلي، مير ريحان ٽالپر، نويد وساڻ، علي ڏنو خاصخيلي، رشيد خان مري به آهن، جهول ۾ ڪيريه خاندان جو سياست ۾ وڏو ڪردار آهي، ان جو احوال الڳ باب ۾ شامل آهي.


    باب چوٿون : سنڌ جا ڪجهه مشهور خاندان ۽ انهن جون سياسي سماجي خدمتون

    ڄام ڪانڀو خان کان ڄام معشوق علي خان تائين

    سنڌ ۾ هڪ چوڻي ڏاڍي مشهور آهي ته تون ”ڄام ڪانڀو خان آهين ڇا يا تو ڄام ڪانڀو خان جو پٽ آهين ڇا“؟ واقعي ۾ به ڄام ڪانڀو خان ڄام ڪانڀو خان هو. ڄام ڪانڀو خان ڪير سڏائي؟ ڄام ڪانڀو خان سنڌ جو سخي سنڌ جو حاتم طائي هو. ڄام ڪانڀو خان وارا پاڻ ۾ 3 ڀائر هئا ڄام ڪانڀو خان، ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان، پاڻ وقت جي مشهور زميندار ڄام محمد شريف جي گهر ۾ 1305هه ۾ جنم ورتو پاڻ ننڍي هوندي کان سنجيده، سچار، غريبن جو هڏڏوکي، غريبن، فقيرن، فقراءُ جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ وقت جو حاتم طائي هو. سندس سخاوت ان وقت سنڌ يعني ملتان ۽ بمبئي، بلوچستان تائين مشهور هئي، پاڻ روزانه فجر جي نماز پڙهڻ، قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرڻ بعد گهوڙي تي چڙهي جاگير تي وڃي فصل ڏسند هو صبح جو 10 وڳي ڌاري پنهنجي اوطاق تي ايندو هو جتي سوالي، فقير فقراءَ وڏي تعداد ۾ موجود هوندا هئا. سندس اچڻ کان اڳ سندس نوڪر ڪاٺ جي وڏي پيتي جيڪا چاندي جي رپين سان ڀريل هوندي هئي. سامهون رکي ايندڙ سوالين کي مٺ ڀري ڏيندو هو. ڪيترائي سوالي ٻڪ ڀريل پئسه وٺڻ کانپوءِ به گهوڙن، مينهن، اٺن ۽ ٻئي چوپايو مال ڏيڻ جو سوال ڪندا هئا ته انهن کي اهي ڏئي ڇڏيندو هو. سندس مهمان نوازي به مشهور هئي خاص و عام لاءِ تقريبن ساڳي ماني ڍاڪن ۾ ڍڪجي ايندي هئي پاڻ صوفيانه راڳ، ڀلن گهوڙن جو وڏو شوقين هو. 100 کان وڌيڪ گهوڙا وٽن هوندا هئا. جڏهن ته ڀلا اٺ، مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون، هرڻ ڦاڙا به ڌاريا، ڪيترن ئي سوالين کي چاندي جي سنجن سميت گهوڙا ڏئي ڇڏيندو هو. پاڻ سياست کان پري رهيو سياست وارو ڪم پنهنجي ڀائرن ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان حوالي ڪيو.
    ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان بمبئي اسيمبلي جا ميمبر به رهيا ان دور ۾ بمبئي اسيمبلي جو ميمبر هجڻ وڏو اعزاز هوندو هو. سندن حيثيت اڄ جي وزير اعليٰ جيتري هوندي هئي. ڄام ڪانڀو خان حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو مريد هو. سندن لاءِ اهو مشهور هو ته هونءَ ته وقت به وقت پنهنجي مرشد جي مزار جي زيارت لاءِ ويندو هو پر هو لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ ٻه ڏينهن اڳ پهچي ويندو هو. ۽ زائرين لاءِ لنگر عام هلائيندو هو. لطيف جي ميلي لاءِ سوين اٺ سيڌي سامان جا ۽ سوين ٻڪر، ڍڳا گوشت لاءِ پاڻ سان آڻيندو هو. جڏهن ته چاندي جي رپئن سان اٺن جا ٻورا ڀرائي ايندو هو ۽ اتي به فقير فقراءُ کي ٻڪ ڀري ڏيندو هو. ميلي ۽ ملاکڙي ۽ راڳ رهاڻ جي محفلن ۾ به وڏي سخاوت ڪندو هو. ملهن ۽ فنڪارن کي ته چاندي جي رپئن جا ٻڪ ۽ جهوليون ڀري ڏيندو هو. سندس ٻين بزرگن سان به عقيدت هوندي هئي ۽ انهن جي مزارن تي به ويندو هو. ڳوٺاڻيون ڪچهريون شوق سان ويهي ٻڌندو هو. سندس ويجهن دوستن ۾ سر شاهنواز ڀٽو، سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ آف مٽياري، نواب نبي بخش خان ڀٽو، نواب غيبي خان چانڊيو، مير بنده علي ٽالپر به شامل هئا. کيس بمبئي اسيمبلي پاران ڀلائي جا ڪم ڪرڻ جي خدمت جي اعتراف طور ايوارڊ ڏنو. سوين نوڪر چاڪر هئڻ جي باوجود مهمانن توڙي فقير فقراءُ کي ماني پنهنجي هٿن سان کارائيندا هئا. پنهنجي مرشد لطيف سائين سان عقيدتمند جي اها حد ته پاڻ ڀٽ شاهه کان ميل ڏيڍ پوئتي پنهنجي نوڪرن چاڪرن سان گڏ گهوڙن تان لهي اتان کان پير اگهاڙا ڪري پيرين پنڌ ايندا هئا ۽ وري ڀٽ شاهه کان ميل ڏيڍ ٻاهر نڪري جتي پائي سوارين تي چڙهندا هئا. کين 2 فرزند ڄام صادق علي خان ۽ ڄام شير علي خان هئا. ڄام صادق علي خان ڊسمبر 1935ع ۾ جنم ورتو. ڄام صادق علي خان والد جي چند روايتن مهمان نوازي، غريبن جي مدد سخاوت کي قائم رکيو پر والد واري چوپائي مال سان دلچسپي، مرشد لطيف سان عقيدت برقرار نه رکي سگهيو. ايتري قدر جو پاڻ سنڌ جي وڏ وزارت دوران مرشد جي درگاهه توڙي ڀٽ شاهه شهر ۾ ڪو خاص ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيو سواءِ ان جي ته ميلي ۾ سرڪاري خرچ تي هڪ ڏينهن جي زائرين لاءِ مهماني ڪرڻ جي پاڻ ميلي ۾ وچن ڏينهن تي ايندڙ سڀني زائرين کي پلاسٽڪ جي ٿيلهين ۾ کاڌو ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر سندس اها سرڪاري مهمان نوازي بيروڪريٽ جي ڪرپشن جي ور چڙهيل هوندي هئي 20 هزار کن چانورن جون ٿيلهيون جن ۾ نالي ماتر گيهه ۽ گوشت هو اتي ورهايون ۽ اهڙي بدنظمي سان چانورن جي گِرهه لاءِ ماڻهن تي پوليس ڏنڊا وسندا هئا. ڄام صادق کي ننڍي هوندي کان سياست جو شوق هو. ۽ پاڻ ذهين سياستدان ٿي گذريو آهي. پاڻ سنڌ جي وڏ وزارت دوران پاڻ پ پ جي ڪيترا ئي نامور جيالا لٺ ۽ چٺ ڏيکاري ڄام گروپ ۾ شامل ڪيا. ۽ پاڻ سرڪاري خزاني مان دوست نوازيا، ڄام ڪانڀو خان کانپوءِ به سندس اوطاق تي مهمان نوازي وارو سلسلو جاري رهيو. ڄام صادق علي خان ڪئين خوبين جو مالڪ ۽ ڏکيو ماڻهو به هو. پاڻ باقائده سياسي زندگي جو آغاز 1954ع کان ڪيو. پاڻ حضرت پير سائين پاڳارو سان گڏ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان سياست ڪئي. ايوب خان جي دور ۾ پارليامينٽ جو سيڪريٽري رهيو بعد ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت سان سنڌ اسيمبلي تي وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ مخدوم طالب الموليٰ سان نيازمندي هئڻ ڪري انهن جي چوڻ تي پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ پاڻ بلديات جو وزير ٿيو ۽ پاڻ صوبائي وزيرن ۾ هڪ پاور فل وزير رهيو. ان وقت پاڻ پنهنجي علائقي ۽ سنڌ ڌرتي جي ترقي لاءِ ڪم ڪيا. ماڻهن کي بنيادي سهوليتون ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو به اعلان ڪندو هو ته ان تي باقائده عمل ڪرائيندو هو. پاڻ سنڌ ۾ خاص طور ضلع سانگهڙ ۾ سياسي شاگرد پيدا ڪيا. سندس دعويٰ هئي ته ٻين کانسواءِ شاهنواز جوڻيجو، فدا حسين ڏيرو، عبدالسلام ٿهيم به سندس سياسي شاگرد آهن. جنرل ضياءَ الحق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي ظلم جا جبل ڪيرايا ان ۾ ڄام صادق علي خان تي به لاتعداد ڪيس داخل ڪيا ويا جن ۾ 6 حرن جي قتل وارو ڪيس به شامل هو. پاڻ لنڊن ۽ دبئي ۾ رهڻ لڳو ۽ دبئي ۾ واندو ويهڻ بجاءِ ڪاروبار ڪيو. پاڻ لنڊن ۽ دبئي ۾ به پنهنجي رهائش گاهه کي ڄام هائوس جو نالو ڏنو ۽ اتي به سنڌ مان ويندڙ واسطيدار ماڻهن جي مهمان نوازي ڪندو هو. 1988ع ۾ پ پ پ حڪومت اچڻ بعد پاڻ مرادي جلاوطني ختم ڪري وطن موٽيو ته ڪراچي ۾ سندس استقبال ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو. ڄام صادق علي خان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو سچو ساٿي ۽ ثابت قدم رهڻ وارو ۽ پ پ پ ۾ قربانيون ڏيندڙ هئڻ جي باوجود پ پ دور نامعلوم ڇو کيس اها اهميت نه ڏني جيڪا هن کي ملڻ گهربي هئي پ پ ۾ قدر نه ٿيڻ ڪري پاڻ پ پ پ کي الوداع ڪيو. صدر غلام اسحاق خان 5 سالن لاءِ چونڊيل پ پ پ حڪومت کي ختم ڪري نگران حڪومت قائم ڪئي ته سنڌ ۾ نگران حڪومت جو نگران وڏو وزير ڄام صادق علي خان کي بنايو ويو. 1990ع جي چونڊن ٽنڊو آدم جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان پ پ پ اميدوار فدا حسين ڏيرو کي هارائي پاڻ ڪامياب ٿيو ۽ پنهنجي ڏاهپ، سياسي دنيا جو وڏو کلاڙي هئڻ ڪري پاڻ سنڌ جو وڏو وزير بنايو ويو. ڄام صادق علي خان جي وڏ وزارت وارو دور سياسي انتقامي ڪارواين جي دور سان گڏ سخاوت ۽ سنڌ جي ترقي وارو دور به سڏيو وڃي ٿو. ڄام صادق علي خان سان ڪنهن جا سوين اختلاف پنهنجي جڳهه تي ليڪن هن جو اهو ڪارنامو آهي ته ان وقت شهرن ۾ دهشتگردي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل راڄ ماڻهن جو جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو. شهرن ۾ ماڻهو سنڌي اجرڪ ٽوپي پٽڪو پائي نه ٿي سگهيا. خاص طور ڪراچي ۾ سنڌين تي بنا ڏوهه جي مارو ماري هئي ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو اغوا جون وارداتون ڪرڻ لڳا. هن پنهنجي دور ۾ پنهنجي حڪمت عملي ذهانت سان شهرن ۾ دهشتگردن جو راڄ ختم ڪيو ٻهراڙين ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪري هڪ سئو کان وڌيڪ بدنام انعام يافته ڌاڙيل مارائي سنڌ ۾ مڪمل امن امان بحال ڪرايو. ڄام دور ۾ سنڌي ماڻهو سنڌي ٽوپي، پٽڪو، اجرڪ پائي مڇون وٽي ڪراچي ۾ بنا ڊپ جي گهمندا هئا. ڄام دور ۾ هزارين بي روزگارن کي روزگار مليو. سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ٿيا. ڄام هائوس ڄام نواز علي ڪراچي تي ڪم ڪارين وارن ماڻهن جا ميلا متل هوندا هئا جن جا نه صرف ڪم ڪاريون ٿيندا هئا پر کين ماني به کارائي ويندي هئي ڪيترائي غريب ڪرايو به وٺي ويندا هئا. هن بلا امتياز عوام جي خدمت ڪئي. پاڻ نواب زاده ۽ سنڌ جو وڏو وزير هئڻ جي باوجود فقيراڻي طبيعت جو مالڪ هو. ڪابه وڏائي نه هئن پاڻ يارن جو يار هو. جن سان دوستي هئن انهن کي انهن جي توقع کان وڌيڪ نوازيو. زندگي جا آخري ڏينهن پاڻ بيماري ۾ گذاريا کين ڪاري ڪامڻ ”سائي“ به لاعلاج بنجي وئي ۽ ان وقت ڪاري ڪامڻ جو ڪو بهتر علاج نه هو. پاڻ 5 مارچ 1992ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو. سندس آخري سفر ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي عوام ۾ سندس مقبوليت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس آخري سفر ۾ هر طرف روڄ راڙو هو.
    کيس پنهنجي والد جي ڀر ۾ اباڻي قبرستان ۾ ڌرتي ماءُ جي هنجَ حوالي ڪيو ويو. سندس وفات کان ڪجهه سال بعد سندس قبر تي ڪنهن دهشتگردي ۽ انساني سوز حرڪت جو مظاهرو ڪندي بم ڌماڪو ڪرايو. سندس پهرين ورسي سٺي نموني تي ان بعد سندس ورسيون وڏي ليول تي ملهائڻ جو سلسلو بند ٿي ويو.
    ڄام صادق علي خان پويان نياڻين کانسواءِ 3 پٽ ڄام معشوق علي خان، ڄام عاشق علي خان، ڄام ذوالفقار علي خان سوڳوار ڇڏيا ۽ ڄام خاندان جي پڳ ڄام معشوق علي خان تي آئي، منهنجي ساڻس وڏي نياز مندي هئي، ساڻن ڪيتريون ئي ساروڻيون وابسته آهن، انهن جو ذڪر ڪبو ته هي آرٽيڪل طويل ٿي ويندو، ڄام ڪانڀو خان جو ٻيو نمبر فرزند ڄام شير علي خان هو، سندن جنم 1937-6-7 تي ٿيو. پاڻ سياست کان پري رهيا پر سخاوت مهمان نوازي ۾ پنهنجي دور ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. والد وانگر پنهنجي مرشد لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندڙ سنڌ جي ميلن، ملاکڙن ۾ شرڪت ڪرڻ اتي ملهن، فنڪارن کي انعام ڏيڻ ڀلا گهوڙا ڌارڻ گهوڙي سواري ڪرڻ جا شوقين هئا. ڳالهائڻ جو انداز ڏاڍو پيارو هوندو هئن ڳالهائڻ ۾ وڏو ميٺاس هئن. ڪچهرين جا ڪوڏيا. يارن جا يار غريبن جا همدرد ڪيترن ئي غريبن جي هڪ هٿ سان ڏي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پوي وانگر مدد ڪندا هئا غريبن جي نياڻين کي ڏيج وٺي ڏيڻ غريب شاگردن جي مدد ڪندا هئا. ڪابه وڏائي نه، غريبن سان غريب، اميرن سان امير هوندا هئا. غريبن کي به اميرن جيتري عزت ڏيندا هئا. سندس وصال 2004-7-7 تي ٿيو. سندس اولاد ۾ ڄام نياز علي خان، ڄام نور علي خان، ڄام نفيس علي خان آهن. ڄام نور علي خان جو انداز ۽ ڪردار ڏاڏي ڄام ڪانڀو جهڙو آهي. ڄام دور ۾ ڄام هائوس تي صبح کان رات دير تائين ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ويٺا هوندا هئا. سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن به سوالي کي خالي نه موٽايو. کيس هن دور جو حاتم طائي يا ڄام ڪانڀو خان چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. گهوڙن ۽ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ٻڌڻ جا شوقين، سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت سان عشق ڪندڙ، وڏو مهمان نواز، ذهين شخصيت جو مالڪ آهي سندس وڏو ڀاءُ ڄام نياز علي خان زمينداري سنڀالي ٿو مهمان نواز يار ويس غريبن جو همدرد آهي. ڄام نفيس علي خان پاڻ سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهين شخصيت جو مالڪ آهي. پاڻ تعلقه ميونسپل ڄام نواز علي جا تعلقه ناظم رهڻ دوران تعلقه ۾ وڏا ترقياتي ڪم ڪرايا. ڄام ڪانڀو خان جا ٻه ڀائر ڄام مٺا خان ۽ ڄام جان محمد خان جن جو مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون، ته پاڻ پنهنجي دور جون مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيتيون هيون. ڄام مٺا خان کي اولاد نه هو. جڏهن ته ڄام جان محمد خان کي 4 پٽ هئا ڄام امير علي خان، ڄام انور علي خان، ڄام سبب علي خان، ڄام ڪرم علي خان، ڄام امير علي خان مرحوم کي 4 پٽ. ڄام محبوب علي خان، ڄام مراد علي خان، ڄام سعادت علي خان، ڄام صداقت علي خان، ڄام امير علي خان غريبن جا همدرد مهمان نواز هئا. پاڻ بهترين ۽ ناميارا سياسي، سماجي شخصيت جا مالڪ به هئا. پاڻ ان وقت لوڪل باڊيز جا ميمبر به هئا. ان حيثيت سان علائقي ۾ ترقياتي ڪم به ڪرايا.
    ڄام انور علي خان جنهن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، پنهنجي چاچا ڄام ڪانڀو خان وانگر مهمان نواز، غريبن جو هڏڏوکي انتهائي نازڪ نفيس، يارن جو يار دوستن ۽ ڪم ڪارين لاءِ اوطاق تي ايندڙن کي ڀليون مانيون کارائي خوش ٿيندو هو. پاڻ مشهور سياسي شخصيت به هو. سندس اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ جو انداز باقائده نوابن وارو هو. سچار، مخلص، واعدي جو پڪو، ذهين، سنجيده شخصيت جو مالڪ هو. سندس فرزند ڄام حيدر علي خان، ڄام مدد علي خان، ڄام نظام الدين خان، ڄام سيف علي خان، ڄام شبير علي خان، ڄام طارق خان آهن. ڄام مدد علي خان سنڌ جي مشهور سياسي سماجي شخصيت آهي. سندس جنم ڊسمبر 1962ع تي ٿيو. باقائده سياست ۾ 1990ع کان آيا. 3 دفعا سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا آهن. 2008ع کان 2013ع تائين مختلف کاتن ۾ وزير به رهيو. پ پ جي حڪومت ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو ليڊر به رهيو. ارباب رحيم دور ۾ پاڻ پبلڪ اڪائونٽ ڪميٽي جا چيئرمين رهيا پاڻ يار ويس، کل مک ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندڙ مهمان نواز، سادگي پسند روايتي سياستدانن وانگر ڪوڙا واعدا ڪرڻ جي خلاف تڪ ۾ ووٽرن کي وقت ڏيندڙ تڪ جي ماڻهن ۽ يارن دوستن، واقفڪارن وٽ غمين خوشين ۾ وقت تي پهچندڙ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪندڙ آهي. ڄام سبب علي کي پٽ جو اولاد نه هو کيس ٻه نياڻيون هيون. پاڻ خير خيراتون غريبن جي مدد ڪرڻ ۾ مشهور هو. ڄام ڪر علي خان، پاڻ مشهور سياسي شخصيت آهن. مختلف پارٽين ۾ رهيا آهن. پاڻ نگران صوبائي وزير به رهيا آهن. پاڻ منفرد ۽ نرالي طبيعت جا مالڪ نازڪ نفيس آهن. سندس اولاد ۾ ڄام قائم علي خان، ڄام فاروق علي خان آهن. ڄام قائم علي خان پڻ سياست ڪري ٿو.
    ڄام صادق علي خان جو پڳدار ڄام معشوق علي خان 2 دفعا وفاقي وزير به رهيو آهي. پاڻ گهڻو وقت ٻاهرين ملڪن ۾ خاص طور دبئي ۾ رهيا آهن. اليڪشن ۾ سندس ووٽر اهائي شڪايت ڪندا آهن ته اوهان چونڊن بعد کٽيو يا هارايو ٿا پر ووٽرن کان پري رهو ٿا، هن وقت پاڻ وزير اعظم جا صلاحڪار آهن. ڄام ذوالفقار علي خان ذهانت اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ جو انداز بلڪل والد وانگر ۽ والد وانگر يارن جو يار اقتدار ۾ هجي يا حذب اختلاف ۾ عوام جي خدمت جاري رکندا اچن عوامي خدمت افضل عبادت سمجهي ڪندا رهن ٿا. ڏک سک ۾ پنهنجي حمايتين سان گڏ رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.
    اها چوڻي عام آهي ته فلاڻي ڏنو نه آهي ته ڏکويو به نه آهي پر ڄام خاندان لاءِ اها چوڻي صحيح رهندي ته ڄام خاندان ڏنو آهي پر ڏکويو نه آهي. ڄام ڪانڀو خان کان ڄام صادق علي خان ۽ ڄام معشوق علي خان، ڄام ذوالفقار علي خان، ڄام مدد علي خان، ڄام نور علي خان ۽ ٻيا ڄام برادران جن کي نوازيو اهي وڏيون شخصيتون بنجي ويا آهن. ڄام خاندان خاص طور مٿي ذڪر ڪيل ڄام صاحبان لاءِ مشهور آهي ته هو پنهنجن دوستن ۽ همدردن کي نوازيندا آهن. جڏهن ته عوام جي خدمت جي حوالي سان بنا فرق جي خدمت ڪندا رهيا آهن. 93ع وارين چونڊن ۾ جتي عوام جي سيلاب پ پ اميدوارن کي اڪثريت سان ڪامياب ڪرايو اتي اين اي 181 کان ڄام معشوق علي خان تعلقه سنجهورو مان ڄام مدد علي خان شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي ان مان ظاهر ٿيو ته ڄام خاندان جي عوام ۾ مقبوليت آهي. 2009ع واري چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي مڪمل حمايت جي باوجود ڄام معشوق علي خان ۽ ڄام ذوالفقار علي خان جي ناڪامي جو سبب هڪ ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿيڻ ڪري عوام جون همدرديون شهيد راڻي جي پارٽي ۽ اميدوارن سان وڌي ويون ٻيو ڪارڻ ڄام صاحب مسلسل ملڪ کان ٻاهر رهڻ ۽ ملڪ ۾ هوندي خبر نه آهي ڪهڙن سببن جي ڪري عوام کان ڪٽيل رهيا. چونڊن ۾ کٽڻ يا هارائڻ هڪ جدا ڳالهه آهي ليڪن ڄام خاندان جون سياسي، سماجي خدمتون قابل تعريف آهن هنن ڪڏهن به منافقي واري سياست نه ڪئي آهي. ڄام صادق علي خان پنهنجي دور اقتدار ۾ پنهنجي ڳوٺ کي تعلقه جو درجو ڏنو ۽ ڳوٺ ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪرايو، غريبن لاءِ گهر، ٺهرايا، گهر ۽ آفيسون ٺهڻ ڪري ڳوٺ خوبصورت ۽ شهر بڻجي ويو، ليڪن ڄام صادق علي خان جي وصال بعد هاڻ ڄام نواز علي شهر توڙي ڄام هائوس جون اهي رونقون نه رهيون آهن.
    نوٽ: ڄام خاندان جي هر فرد جو تفصيل سان ذڪر ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي باوجود مڪمل تفصيل نه لکي سگهيا آهيون ۽ ڄام خاندان جي ٻين شخصيتن جا فوٽو نه ملڻ ڪري شايع نه ڪري سگهيا آهيون، اگر ڄام خاندان جي ٻين فردن جو ذڪر ڪرڻ رهجي ويو آهي جن جا فوٽو نه هلائي سگهيا آهيون انهن کان معذرت خواهه آهيون. هي مواد هٿ ڪرڻ لاءِ علائقي جي وڏي عمر جي ماڻهن ڄام نور علي خان ۽ ٻين جي مدد رهي، ڪوشس رهندي ته هن خاندان تي هڪ ڪتاب لکجي.


    لطيف سائين تي سوني نيل چاڙيندڙ شهدادپور جو وساڻ خاندان

    حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي مزار تي سوني نيل چاڙهيندڙ شهدادپور جو وساڻ خاندان، شهدادپور ۾ اوائلي زماني ۾ آباد ٿيندڙ خاندانن مان هڪ آهي. هن خاندان عوام جي خدمت، سخاوت، مهمان نوازي ۾ وڏو نالو ڪڍائيندو رهيو آهي.
    شروع ۾ هي خاندان سياست کان پري رهيو پر مرحوم رئيس ڀائي خان وساڻ بعد هي خاندان باقائده سياست ڪري رهيو آهي، سندن اصل ڳوٺ شهدادپور ٽنڊو آدم روڊ تي ڳوٺ خير محمد وساڻ آهي. هي وساڻ خاندان خير محمد وساڻ جو اولاد آهي. هي خاندان اصل ڪٿان جو آهي، خير محمد وساڻ کان اڳ هن خاندان جون ڪهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن ان بابت ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي آهي، پر رئيس حاجي ڀائي خان وساڻ ”اول“ جان محمد وساڻ کان وٺي هن خاندان جو احوال ملي ٿو. ڀائي خان وساڻ اول، علائقي جو برک زميندار، سخي مرد، وڏو اوطاقي فقير منش انسان هو. هن خاندان جا وڏا لطيف سائين جا فقير به رهيا ۽ هنن کي درگاهه جي ڀرسان جيڪا لاڙڪ فقيرن جي اوطاق آهي، اها هن خاندان کي مليل هئي ۽ هن خاندان جو هر پڳدار باقائده لطيف جي عرس مبارڪ ۾ لنگر هلائيندو هو ۽ 3 ڏينهن ڊيوٽي ڏيندا هئا. لنگر نياز واري سلسلي کي ڀائي خان وساڻ اول وڌيڪ وڌايو ۽ لطيف سائين جي عرس مبارڪ کي وڌائڻ ۾ به هن جو ڪردار رهيو. جڏهن ته ڀائي خان وساڻ اول لطيف سائين تي سوني نيل چڙهائي. سوني نيل بابت 2 روايتون آهن، هڪ روايت اها ته هڪ دفعي ڀائي خان وساڻ گهر آيو ته ڪمري جي دروازي جي چائونٽ ٽپيو ته کيس ٿاٻو آيو، جڏهن هن اهو ڏٺو ته ٿاٻو ڇو آيوته هن کي هڪ ديڳ جو ڪنو ڏسڻ ۾ آيو، جنهن ۾ هي وچڙي پيو هو. جڏهن کوٽائي ڪرائي ته 2 ديڳيون سونين گينين سان ڀريل هيون ۽ انهي مهل پاڻ لطيف سائين جي درٻار تي ويو ۽ ان وقت جي سجاده نشين سيد علڻ سائين وٽ حاضر ٿي سڄي حقيقت ٻڌائي ۽ عرض ڪيو ته ان سون مان آئون مرشد لطيف سائين جي مزار تي سوني نيل چاڙهڻ چاهيان ٿو، اجازت ملي ۽ سجاده نشين پاران اجازت ملڻ بعد تقريباً 2 مڻ سون جي نيل مٽياري جي هڪ سوناري کان ٺهرائي چاڙهي. ٻي روايت اها آهي ته کيس اولاد نه پئي ٿيو ۽ پنهنجي مرشد لطيف جي مزار تي اچي دعا گهري ته کيس پٽ جو اولاد ٿئي ته هو سندس مزار تي سوني نيل چاڙهيندو ۽ سندس دعا قبول پئي کين فرزند عطا ٿيو ۽ پاڻ سندس نالو ڏاڏي پويان جان محمد خان وساڻ رکيو ۽ وڏي ڄڃ وٺي مزار تي سوني نيل چاڙهي. اها به روايت آهي ته پاڻ ان وقت جي سجاده نشين سيد علڻ سائين سان گڏ سون وٺڻ لاءِ بمبئي ويو، جتان 2 مڻ سون آڻي، مٽياري جي هڪ سوناري کان نيل ٺهرائي چڙهائي ۽ انهي روايت کي وڌيڪ مضبوط سمجهيو وڃي ٿو. سندس وصال 1911ع ۾ ٿيو، کيس مرشد لطيف جي پيراندي کان جيڪا هن وقت لاڙڪن جي اوطاق آهي ان ۾ سپرد خان ڪيو ويو. سندس فرزند رئيس جان محمد خان وساڻ به والد وانگر سخي، مهمان نواز، فقير منش انسان هو. عوام جي خدمت ۽ غريبن جي مدد ڪندو هو. پاڻ ملاکڙا ۽ مذهبي ڏينهن خاص طور تي حضرت محمد صه جن جو جشن ولادت وڏي جوش خروش سان ملهائيندو هو، پاڻ ڀلين مينهن، ڍڳين، ڍڳن، اٺن گهوڙن پالڻ جو شوقين هو. سندس دور ۾ لطيف سائين جي مزار تي لڳل سوني نيل مان هڪ سونو مٽ ڪو چور لاهي ويو. بعد ۾ اهو چور هٿ آيو پر پاڻ کيس گرفتار نه ڪرايو ۽ ان وٽان هٿ آيل 6 ڪلو کان وڌيڪ سون غريبن ۾ ورهايو ۽ چوري ٿيل سونو مٽ ٻيهر ٺهرائي نيل ۾ وڌو. انگريز دور ۾ سورهيه بادشاهه جي هلايل وطن يا ڪفن تحريڪ، جنهن جو هيڊ ڪوارٽر موجوده سانگهڙ ضلعي ۾ هو، انگريز سرڪار علائقي جي بااثر ماڻهن تي هٿ رکي کين جاگيرون ۽ مراعتون ۽ خانبهادر، خانصاحب، سر جهڙا لقب ڏيڻ جي آسري ۾ سورهيه بادشاهه پير صبغت الله راشدي خلاف شاهديون ڏياريون ۽ انگريز سرڪار جي ڊپٽي ڪليڪٽر رئيس جان محمد وساڻ سان به ملاقات ڪري سورهيه بادشاهه تي شاهدي ڏيڻ تي زور ڀريو پر پاڻ صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو چيو ته اسين کڻي پير سائين جي جماعت جا نه آهيون پر هو وطن لاءِ وڙهي رهيو اهي. کيس سلام آهي. آئون مٿس ڪوڙي شاهدي ڏئي پنهنجي قيامت ڪاري نه ڪندس، ان بعد انگريز سرڪار جي آفيسرن مختلف بهانا بنائي حرن جي مدد ڪرڻ جا الزام لڳائي رئيس جان محمد خان وساڻ کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ کيس ڪٿان اهڙو ڳجهو اطلاع مليو ته پاڻ ڳوٺ ڇڏي ڪافي وقت ڪراچي ۾ انڊر گرائونڊ رهيو، کيس 2 فرزند ڀائي خان وساڻ ”دوئم“ ۽ رئيس علي محمد خان وساڻ هئا. کيس والد جي ڀرسان لطيف جي درگاهه تي سپرد خاڪ ڪيو ويو. حاجي ڀائي خان وساڻ 1939ع تي جنم ورتو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد زمينداري شروع ڪئي ۽ وساڻ خاندان جو پهريون فرد هو، جنهن سياست شروع ڪئي. پاڻ پنهنجي برادري جي وڏي خانبهادر غلام محمد وساڻ سان گڏ صدر ايوب جي مسلم ليگ ”ڪنوينشن“ پارٽي جي هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿي پارٽي جي صدر ممتاز دولتانه ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ان پارٽي ۾ شامل ٿيو. شهدادپور ۾ جيم خانه جتي هاڻ ٽي ايم او جو رهائش گاهه ٺاهيو ويو آهي، ان جو بنياد وجهڻ ۾ اهم ڪردار آهي. پاڻ ڪيترائي سال مسلسل جيم خانه جو صدر به رهيو. بعد ۾ پاڻ مصروف رهڻ ڪري ڊاڪٽر ميربيگ کي صدر بنايو. 1966ع ۾ صدر هائوس اسلام آباد ۾ صدر پاڪستان محمد ايوب خان سانگهڙ ضلعي مان ڀائي خان وساڻ کي سماجي خدمتن جي اعتراف طور بيسٽ سٽيزن جو ايوارڊ ڏنو. 1973ع ۾ غلام حيدر خان وساڻ سان گڏ پ پ م شامل ٿيو ۽ پ پ ۾ انتهائي سرگرم رهيو.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت کان ڪجهه سال بعد ۾ پ پ جو اهم اڳواڻ غلام مصطفيٰ جتوئي پ پ ڇڏي پنهنجي پارٽي اين پي پي جو بنياد وڌو ته رئيس ڀائي خان وساڻ به جتوئي صاحب سان ذاتي دوستي جي بنيادن تي ان جي زور ڀرڻ تي پ پ ڇڏي اين پي پي ۾ شامل ٿيو، پر 3 مهينن بعد پنهنجي ڀائرن جهڙي دوست عبدالسلام ٿهيم جي ڪري واپس پ پ ۾ شامل ٿيو، پر پاڻ پهرين ۽ پوءِ پ پ ۾ ڪو عهدو نه وٺڻ جي باوجود ڪنهن عهديدار کان به وڌيڪ پ پ ۾ سرگرم رهيو ۽ پ پ ۾ قربانيون ڏنيون. شهدادپور ۾ ٿيندڙ پ پ جي پروگرامن، جلسن ۾ پاڻ دل کولي خرچ ڪندو هو. 1991ع وارين چوندن ۾ ميونسپل ڪميٽي واري پولنگ تي مٿس خوني حملو ڪري سخت زخمي ڪيو ويو. پاڻ پنهنجي وڏن وانگر وڏو اوطاقي، مهمان نواز، غربين جو همدرد، غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ شڪار ڪرڻ، دنيا جا ملڪ گهمڻ، نئين ماڊل جون بهترين گاڏيون رکڻ جو شوقين هو. دوستن جون دعوتون ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ اڌ دنيا گهمي ڏٺي، سٺو لباس پائڻ، هر قسم جي خاص طور صوفيانه موسيقي ٻڌڻ جو شوقين رهيو. جواني ۾ فلمون شوق سان ڏسندو هو، کيس ترانه فلم پسند هئي، مڪيش سندس وڻندڙ فنڪار هو. پاڻ خوش مزاج سهپ رکندڙ درگذر ڪرڻ وارو هو. سندس ٽهڪ دوستن ۾ مشهور هئا. ڀائي خان وساڻ لاءِ اهو به مشهور هو ته ڪاوڙ ۾ به مرڪندو هو. ڪوشش ڪندو هو ته ڪنهن جي دل نه ڏکائجي. ڪو به سوالي هن وٽان خالي نه ويو. ڪپڙا جوتا استعمال جو ٻيو سامان چند مهينن کان پوءِ تبديل ڪندو هو. سندس پير صاحب پاڳارو شاهه مرادن شاهه ”دوئم“ سان به قريبي واسطا ۽ عقيدت رهي. پنهنجي مڱراڙي واري زمين تي پير صاحب پاڳارو جي وڏي ليول جي دعوت ڪندو هو. پير سائين کين پيٽ ۾ ڌڪ هڻي باجو سڏيندا هئا. محترمه بي نظيرڀٽو 88ع ۾ شهدادپور ۾ ڀائي خان وساڻ جي استقباليه ۾ شريڪ ٿي. پاڻ وڏن وانگر لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندو هو. سندس ويجهن دوستن ۾ مير فتح ٽالپر، شيخ ڌڻي بخش، علي محمد واسو، عبدالسلام ٿهيم، سيد غلام شير شاهه آف حضرت قلندر شاهه درگاهه، لطف علي وڳڻ، سائين ڏنو شاهه، ڄام امام بخش، مير محمد وساڻ، رئيس علي احمد خان نظاماڻي ۽ ٻيا هئا. لطيف سائين جي خاندان سان وڏي عقيدت هئن، ليڪن سائين غلام شبير شاهه، سيد نثار حسين شاهه، شهزاده علي بخش شاهه، ناز لطيفي، مور سائين سان وڏي نياز مندي ۽ عقيدت هئن. پاڻ لطيف جي مزار تي ٻهاري ڏئي خوشي محسوس ڪندو هو. سندس خواهش رهي ته سندس اولاد سرڪاري نوڪريون ڪرڻ بجاءِ هن وانگر سياست ڪن. راڄ ڀاڳ سنڀالين. عوام جي خدمت ڪن، سندس 2 شاديون هيون، پهرين مائٽن جي مرضي سان ۽ ٻي شهدادپور جي دائري وارن مهدوي سيدن مان ڪيائون. پهرين گهرواري مان کين هڪ فرزند علي ڏنو وساڻ ٻي گهرواري مان 2 پٽ فيصل خان وساڻ، فهد خان وساڻ ۽ 6 نياڻيون آهن. سندس اولاد سان بي انتها محبت هئي، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته فيصل وساڻ جي ضد تي کيس لنڊن جي هڪ يونيورسٽي ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ 2 لک رپيا داخلا في جمع ڪرائي آيو ۽ کيس لنڊن موڪلڻ لاءِ وٺي ويندي ڪراچي ۾ عين وقت تي فيصلو تبديل ڪري کيس واپس وٺي آيو. شهدادپور جي انٽرميڊيٽ ڪاليج ٺهڻ ۾ جتي ٻين شخصيتن جو ڪردار هو، اتي مرحوم رئيس ڀائي خان وساڻ جو به ڪردار هو. وڏن آفيسرن سان بهترين تعلقات هئڻ جي باوجود انهن کان ڪڏهن به ذاتي ڪم نه ورتا. سياسي دنيا ۾ خرچ ڪرڻ، آفيسرن، دوستن جون دعوتون ڪرڻ، غريبن جي مدد ڪرڻ ڪنهن به سوالي کي خالي نه موٽائڻ ڪري پاڻ مالي طور پوئتي ٿي ويو، پر ڪڏهن به پريشان نه ٿيو ۽ نه ئي اهڙو سلسلو گهٽايو، ڄام صادق علي خان سندس ويجهن دوستن مان هڪ هو. ڄام صادق علي وزيراعليٰ سنڌ جي حيثيت ۾ کيس ڄام گروپ ۾ آڻڻ جون ڪوششون ڪيون، ان بدلي ۾ مٿس ڪروڙين رپيا قرض معاف ڪرڻ، وڏي تعداد ۾ نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ ۽ ٻيا ذاتي فائدا ڏيڻ جي آفر ڪئي، پر پاڻ پ پ کي ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. پاڻ بااصول ۽ باضمير انسان هئا. موتين ۽ گلاب جهڙي خوشبو رکندڙ ڀائي خان وساڻ 24 آگسٽ 1995ع تي دل جو دورو پوڻ ڪري حقيقي خالق ڏانهن هليو ويو. کيس پنهنجي ڏاڏي ۽ والد جي ڀرسان ڌرتي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ڀائي خان وساڻ جي ننڍي ڀاءُ رئيس علي محمد خان وساڻ پاڻ 1947ع ۾ جنم ورتو. پاڻ سياسي دنيا کان پري رهيا. پاڻ فقير منش، سخي، مهمان نواز، هٿ جا کليا، سٺيون گاڏيون رکڻ، سٺا ڪپڙا پائڻ جا شوقين رهيا. ڪچهرين جا ڪوڏيا، لطيف جي ڪيتري ئي شاعري کين ياد هئي. سٺا هٿيار رکڻ جا به شوقين هئا. وڏن وانگر لطيف سائين سان وڏي عقيدت هئن. پاڻ 13 آڪٽوبر 2004ع ۾ انتقال ڪري ويا، کين هڪ فرزند جان محمد وساڻ ۽ 2 نياڻيون آهن.
    علي ڏنو خان وساڻ: پاڻ رئيس ڀائي خان وساڻ جي پهرين گهر مان 1968ع تي جنم ورتو. سندن تعليم مئٽرڪ آهي. پاڻ سياست کان هٽي ڪري پنهنجي زمينداري سنڀاليندا اچن. يار ويس، فقير منش، سادو، پر ذهين انسان آهي، پنهنجي مرشد لطيف سائين سان وڏي عقيدت اٿس. تقريبن هر جمعي رات مرشد جي مزار تي ضرور ويندو آهي. فيصل خان وساڻ، مرحوم ڀائي خان وساڻ جي ٻي گهر مان آهي. پاڻ 1973ع تي جنم ورتو. ابتدائي تعليم ڪي جي اسڪول ڇهين کان ڏهين ڪلاس تائين ميونسپل هاءِ اسڪول، وڌيڪ تعليم ڊگري ڪاليج شهدادپور مان حاصل ڪئي. پاڻ گريجوئيٽ هئا. پاڻ والد جي ويجهو رهڻ ڪري سياسي گر سکيا. پاڻ 1996ع ۾ سياست ۾ پير پاتو. پهريون دفعو يونين ڪائونسل 2 شهدادپور تان ناظم چونڊيا. ناظم جي حيثيت سان پنهنجي يونين ڪائونسل ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايا. فيصل وساڻ ننڍي عمر ۾ سياسي دنيا ۾ بهترين انداز سان اڀريو. فيصل وساڻ ۾ تمام اهي خوبيون موجود هيون جيڪي هڪ بهترين سياستدان ۽ سٺي انسان ۾ هونديون آهن. هن پنهنجي ڏاهپ ۽ بنا فرق جي عوامي ڪم ڪارين ڪرڻ ڪري شهدادپور ۾ مختصر عرصي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي. هر وقت سندس اوطاق تي ڪم ڪارين وارن ماڻهن جي رش هوندي هئي. پاڻ ڪڏهن اهو نه ڏٺو ته ڪم لاءِ ايندڙ پ پ جو آهي يا ڪنهن ٻي جماعت جو، ان ڪري ٻين پارٽين جا ماڻهو به سندس مداح هوندا هئا. ڪوبه ماڻهو سندس گلا يا شڪايت نه ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته فيصل وساڻ هر ماڻهو جي عزت ڪندو هو. ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ ماڻهو کي اوبلائج ڪندو هو. هن آفيسرن سان به ايترا ته تعلقات ٺاهيا جو پ پ مخالف دور ۾ به مختلف کاتن ۾ سندس سفارش تي عام ماڻهن جا ڪم ڪاريون آساني سان ٿي ويندا هئا. پنهنجن وڏن وانگر سندس اوطاق جو دسترخوان به وسيع هوندو هو. ماني جي وقت اوطاق تي ڪيترا به ماڻهو هوندا هئا، انهن کي ماني کارائي خوشي محسوس ڪندو هو. پاڻ ننڍي عمر ۾ بهترين امين طور به سڃاتو ويو. فيصلا ڪرڻ جو ماهر، ڏکئي ۾ ڏکيا فيصلا به آساني سان ڪري ڌرين کي پاڻ ۾ هڪ ڪري ڇڏيندو هو. سياسي دنيا ۾ پاڻ مرادو ايترو ته اڳتي وڌي ويو جو پاڻ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، پ پ قيادت ۾ خورشيد شاهه، سيد قائم علي شاهه، منظور وساڻ، نثار کهڙو، رضا رباني، اعتزاز احسن ۽ ٻي قيادت تائين ڄاڻ سڃاڻ ڪئي ان جو اندازو سندس شادي مان لڳائي سگهجي ٿو، ته ان ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ پ پ قيادت کانسواءِ مختلف پارٽين جا اڳواڻ به شريڪ ٿيا. فيصل وساڻ وٽ ڌارين کي به پنهنجو ڪرڻ جو فن هو، سندس ڳالهائڻ، ڪچهري ڪرڻ جو انداز متاثر ڪندڙ هو. فيصل وساڻ جي عمر گهمڻ ڦرڻ، واري هئي پر پاڻ اجاين ڪمن ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪم ڪارين ۾ مصروف رهيو. هٿ جو کليل، غريب ماڻهن ۽ ضرورت مند دوستن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. فيصل وساڻ عوام جي خدمت عين عبادت سمجهي ڪيا. جڏهن پير بخش ڏيرو ضلع حڪومت جو نگران ضلع ناظم ٿيو ته فيصل خان وساڻ سندس ٻانهن ٻيلي رهيو. فيصل وساڻ جي مسلسل جدوجهد ۽ عوام جي خدمت ۽ عوام سان نيازمندي ڪري شهدادپور سٽي ۾ پ پ جو گراف وڌيو. ڪيترائي پ پ مخالف ووٽر به فيصل وساڻ جي شخصيت جي ڪري پ پ اميدوارن کي ووٽ ڪندا هئا. شاهنواز جوڻيجو سان سندس ذاتي تعلقات رهيا ۽ شاهنواز جوڻيجو به فيصل کي اولاد وانگر ڀائيندو هو. جڏهن ته عبدالسلام ٿهيم جي پاڻ جهڙوڪ ساڄي ٻانهن هوندو هو. هر پروگرام هر احتجاج ۾ ساڻس گڏ رهيو. مون کي ذاتي طور خبر آهي ته فيصل وساڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن جي به مدد ڪندو هو. پاڻ شاهه لطيف فائونڊيشن سانگهڙ ضلع جو صدر پڻ رهيو. پاڻ انتهائي ذهين نيڪ نيت انسان هئا. گلاب جهڙي خوشبو وارو هي نوجوان مختصر وقت ۾ سمجهه ۾ نه ايندڙ مرض ۾ مبتلا رهڻ بعد هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. سندس 2 جنازي نماز هڪ شهدادپور ۾ ٻي لطيف جي درگاهه تي ۽ سندس ڀلا ڀاڳ جو لطيف سائين جي گودڙي سندس جسد خاڪي تي وڌي هئي، کيس پنهنجي وڏن جي ڀرسان لطيف جي درگاهه تي لطيف جي پيراندي کان ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو. شهدادپور ۾ سندس ادا ڪيل جنازي نماز ۾ عوام جون ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هو. شهدادپور جي تاريخ ۾ ڪنهن جي به جنازي ۾ عوام جي ايڏي انگ شرڪت نه ڪئي هوندي. جڏهن ته سندس آخري سفر ۾ ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئي رهيا هئا ۽ فيصل خان وساڻ جي وصال بعد شهدادپور واسين کي اڄ به سندس ڪمي محسوس ٿئي ٿي. پاڻ سوڳوار خاندان سان گڏ ٻه فرزند محمد ڪاظم وساڻ ۽ ريحان حيدر وساڻ سوڳوار ڇڏي ويو.
    فهد خان وساڻ: مرحوم ڀائي خان وساڻ جو ننڍو فرزند رئيس فهد خان وساڻ 6 جولاءِ 1978ع ۾ جنم ورتو. پرائمري ڪي جي اسڪول شهدادپور مان، ڇهين کان ڏهين ميونسپل هاءِ اسڪول شهدادپور، انٽر ۽ ايم اي پوليٽيڪل سائنس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور مان حاصل ڪئي. شاگردي واري دور ۾ ڪرڪيٽ، والي بال، فوٽ بال، ونجهه وتي، وانجهي ۽ ٻيون رانديون کيڏيون، فٽ بال جو اسڪول ۾ ڪيپٽن به رهيو. جيترو پڙهڻ ۾ ذهين ايترو وري راندين ۾ ذهين. شاگردي دور ۾ سندس ناپسنديده سبجيڪٽن ۾ فزڪس ۽ عربي رهيا. پاڻ ننڍي هوندي حسن پرست رهيو آهي.
    وٽن بهترين گاڏيون هئڻ جي باوجود ننڍي هوندي بائيڪ تي هلندو هو. شهر ۾ چاڪليٽي هيرو به سڏبو هو. 2004ع ۾ ايم اي پوليٽيڪل سائنس جو امتحان پاس ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالي، کيس شوق هو ته پاڻ ايڪسائيز ۾ اي ٽي او يا ايس پي پوليس ٿئي. پر وڏي ڀاءُ فيصل وساڻ جي وصال بعد اها خواهش اڌوري رهجي ويس. ڇاڪاڻ ته فيصل وساڻ جي وفات بعد زمينداري، راڄ ڀاڳ، فيصلا اهو سڄو بار سندس ڪلهن تي اچڻ ڪري پنهنجي خواهش کي ماري ڇڏيو. 2003ع ۾ جڏهن ميان محمد سومرو گورنر سنڌ هو ته ان وقت فهد خان وساڻ کي سرڪاري خرچ تي پڙهائڻ لاءِ آمريڪا موڪليو پئي ويو پر سندس والده کيس نه ڇڏيو. فهد وساڻ به والد ۽ ڀاءُ وانگر يار ويس، فقير منش، گهمڻ ڦرڻ جو شوقين، 30 کان وڌيڪ ملڪ گهميا آهن. پاڪستان جو هر تفريحي ماڳ گهميو آهي. سندس زندگي جا 2 وڏا ڏک سندس والد ڀائي خان وساڻ ۽ ڀاءُ فيصل خان وساڻ جو وصال آهي. سندس وڏي کان وڏي خوشي سندس ڀاءُ فيصل وساڻ جي شادي آهي ۽ ان دعوت جو سڄو انتظام هن ڪيو هو ۽ اها دعوت هڪ مثالي دعوت هئي. ننڍي عمر ۾ ذهين، عوام جو هڏ ڏوکي ماڻهن جا ڪم ڪاريون ڪندي خوشي محسوس ڪندڙ، ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪندڙ، تاريخ، سياست، اسلامي فقهن تي بهترين انداز ۾ ڳالهائڻ وارو، فهد خان وساڻ جو ادب سان به شوق رهيو آهي. ماضي ۾ سندس عشق جا چرچا به عام رهيا، پاڻ نازڪ نفيس طبيعت وارو آهي، پر وڏو بردبار، سهپ وارو آهي، ڀاءُ فيصل وساڻ بعد پاڻ کي اڪيلو ۽ اداس وياڪل سمجهي ٿو. سندس والد سندس ڀاءُ جي دوستن کي سنڀالڻ، راڄ ڀاڳ، زمينداري، سياست، فيصلا، عوام جي خدمت، شادين، غمين ۾ پهچڻ، ڀاءُ جي فرزندن جي سنڀال تربيت سڀ بار سندس ڪلهن تي آهي ۽ پاڻ بهتر انداز ۾ نه صرف نڀائي رهيو آهي پر پنهنجي ڪردار، عوام دوستي هر ڪنهن سان پيار محبت، شفقت سان پيش اچڻ ڪري عوام ۾ مقبوليت به حاصل ڪري رهيو آهي. موسيقي سان لڳاءُ رکي ٿو. سندس خواهش آهي ته والد ۽ ڀاءُ جي روايتن کي برقرار رکي ۽ وڏن جون ڪي روايتون جيڪي والد صاحب ڪن مجبورين ڪري ختم ڪيون، انهن کي بحال ڪريان. خاص طور لطيف سائين جي عرس مبارڪ ۾ لنگر هلائيڻ، مذهبي ڏينهن وڏي ليول تي ملهائين. فهد وساڻ جي پسند جو اداڪار عامر خان، فنڪارن ۾ محمد رفيق، نصرت فتح علي خان، سندس وڻندڙ گيتن ۾ سانو اڪ پل چين نه آئي سجنا تيري بنا آهي. سندس پسنديده شخصيت ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بي نظير ڀٽو، مخدوم شاهه محمود قريشي، شاعرن ۾ لطيف سائين پروين شاڪر، علامه اقبال، پاڻ هن وقت شاهه لطيف فائونڊيشن ضلعي سانگهڙ جو صدر پڻ آهي. پاڻ پيار جي شادي ڪئي آهي. پاڻ پ پ قيادت سان اختلاف ڪري مسلم ليگ (ف) ۾ شامل ٿيو، سندس مسلم ليگ (ف) ۾ سٺي حيثيت آهي.
    جان محمد وساڻ: جان محمد وساڻ 15 مئي 1970ع ۾ رئيس علي محمد وساڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. اڪيلو پٽ هئڻ ڪري لاڏڪوڏسان نپنو، سندس تعليم بي اي آهي. ننڍي هوندي کان ذهين، همدرد، سچار، بااصول، يار ويس شخصيت جو مالڪ آهي. شاگردي دور کان وٺي انتهائي ذهين ڪرڪيٽ جو شوقين رهندو اچي، ڪرڪيٽ جو اڄ به شوقين آهي. ٽي وي تي ٻين تفريحي پروگرامن بجاءِ ڪرڪيٽ شوق سان ڏسي ٿو. ادب سان پڙهڻ جي حد تائين شوق رکي ٿو. ڪيترائي اسلامي، تاريخي، سياسي، ادبي ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن. هر قسم جي موسيقي سان لڳاءُ رکي ٿو. سندس پسند جو فنڪار محمد رفيق، مهدي حسن، عابده پروين آهن، سندس پسند جو گيت دنيا ڪي رکوالي وڻندڙ آهي. پاڻ خوش مزاج آهي، پر ڪڏهن ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي ته پوءِ تمام گهڻي ڪاوڙ ايندي آهي، کيس گهڻو ڪري ڪاوڙ ڪوڙ ڳالهائڻ غلط ڳالهيون ڪرڻ تي ايندي اٿس. کيس 3 فرزند رضا علي، زين العابدين، حسنين عباس آهن. سندس خواهش آهي ته کين روايتي وڏيرو بنائڻ بجاءِ سرڪاري نوڪري ۾ آڻيان.
    محمد صالح وساڻ مرحوم : پاڻ وڏيرو سنگهار خان جي گهر ۾ 21 مئي 49ع تي جنم ورتو. تعليم انٽر تائين حاصل ڪيائين، بعد ۾ اباڻي زمينداري سنڀالي. شاگردي دور ۾ سياست شروع ڪيائين، ايوب خان دور ۾ جڏهن شاگرد يونين جو رواج نه هو ته پاڻ ڪاليج ۾ وساڻ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو بنياد وڌو ۽ غريب شاگردن جي مدد ڪئي. پاڻ ڪاليج جي زماني ۾ ڊرامن ۾ اداڪاري به ڪئي. 1965ع ۾ نيشنل گارڊ شهدادپور جو ڪمانڊر رهيو. فوجي ٽريننگ ورتي 65 واري لڙائي ۾ هن جي ڪمان ۾ شهدادپور جا 400 نيشنل گارڊ جا رضاڪار عمرڪوٽ واري محاذ تي روانا ٿيا، اڃان حيدرآباد تائين پهتا ته جنگ بندي جو اعلان ٿيڻ بعد هنن کي واپس ڪيو ويو. محمد صالح وساڻ صوفيانه راڳ سان دلچسپي رکندو هو، لطيف سائين جي 70 سيڪڙو شاعري کيس ياد هئي، فنڪارن ۾ خان صاحب منظور علي خان، لتا، رفيق، محمد يوسف، شاعرن ۾ مرشد لطيف، سچل سرمست، حمل فقير، محمد فقير کٽياڻ پسند جا شاعر رهيا. فلمن ڏسڻ جو شوق هيس سندس پسند جي فلم آواره هلاڪو آهي. مزاجي عشق ڪيا آهن پر ڪاميابي گهٽ ماڻي. سندس پسند جو شعر پروين شاڪر جو:
    حادثي سي بڙهڪر سانحه يه هوا،
    لوگ ٺهري نهين حادثا ديکهه ڪر.
    مرحوم 2012ع ۾ وفات ڪئي، سندس اولاد ۾ 4 پٽ محمد حسين وساڻ، امير علي وساڻ، سهيل احمد وساڻ ۽ نور علي وساڻ ۽ 6 نياڻيون آهن.
    نوٽ: هن خاندان جون ٻيون به هردلعزيز شخصيتون ٿي گذريون آهن ۽ ڪافي حال حيات آهن، ليڪن انهن جي معلومات نه ملي سگهي آهي، ورق ورق گلاب حصو 2 ۾ ڪوشش ڪري هن وساڻ خاندنا جي رهجي ويل شخصيتن جو ذڪر شامل ڪيو ويندو.
    (هي معلومات اسان کي مرحوم محمد صالح وساڻ، فقير عبدالله ابڙو، مرحوم فيصل وساڻ، فهد وساڻ ۽ شهدادپور جي وڏي عمر جي ساڃاهه وند ماڻهن کان ملي آهي.)


    جهول جو ڪيريا خاندان: سندن سياسي، سماجي، روحاني، علمي خدمتون

    جهول کان ٻوٻي آئل فيلڊ ويندڙ رستي تان وڃبو ته ڳوٺ ولي محمد ڪيريو تائين روڊ جي ٻنهي پاسن کان وڻ خوبصورت منظر جو ڏيکاءُ ڏين ٿا، جهول کان 2ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جيڪو ماڊرن ڳوٺ آهي، اهو ڳوٺ اسلام آباد جي ڪنهن خوبصورت علائقي جهڙو ڏيک ڏئي ٿو، جن هي ڳوٺ ڏٺو نه آهي اهي يقينن هن ڳوٺ ۾ ٺهرايل خوبصورت عمارتون ڏسي حيرت ۾ اچي ويندا ته آئون سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾آيوآهيان، يا يورپ جي ڪنهن ڳوٺ ۾؟ هتي ڪيترن ئي ايڪڙن تي ٺهيل جديد طرز جون اوطاقون جن جي اندر جديد ڪار پارڪنگ، ويهڻ، ماني کائڻ، سمهڻ لاءِ خوبصورت هال ٺهيل آهن، انهن ۾ قيمتي قالينن تي ٺهيل خوبصورت تصويرون ۽ انهن ڪمرن ۽ هالن کي وڌيڪ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. جديد عمارتن واري هن ڳوٺ ۾ رهڻي ڪهڻي، اٿڻ ويهڻ، کائڻ، ڪچهرين، ملڻ جلڻ جو انداز سنڌ جي قديم روايتن ۽ ثقافتي انداز ۾ آهي، هن ڳوٺ جي اوطاقن ۾ سياري، ۾ مچ ڪچهريون ٿينديون آهن جتي ملڪي، غير ملڪي صورتحال جي حال احوال وقت به وقت انهن مچن تي سگهڙن جون ڪچهريون، صوفيانه راڳ ٿيندا آهن، سياري ۾ ان مچ ڪچهري تي ٻاجهري جي جاڻ پيل رٻ ڳڙ واري چانهه جيڪا ڪٽلي ۾ ڪڙهي ۽ ايندڙ مهمانن کي ملي ٿي مهمانن کي چائينز ڊشن سان گڏ ديسي کاڌن خاص طور ساڳ جي ڀاڄي به ملي ته مکڻ ماکي سان ماني رات جو کير جو گلاس به ملي، هن ڳوٺ جي ڪيريا خاندان جا ڪافي فرد ڪراچي ۾ رهن پر هنن علائقي جي عوام سان ناتو نه ٽوڙيو آهي، وقت بوقت هتي اچي ۽ ڪراچي ۾ ويهي عوام سان رابطي ۾ رهيا آهن. هن ڳوٺ جا سڀ ڪيريا وڏا زميندار آهن، ليڪن هنن جو ذهن وڏيرڪو نه آهي. هو فقير منش ۽ پاڻ کي عوامي خدمتگار سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا، سنڌ جي مختلف ضلعن کان وڌيڪ سانگهڙ ضلعي ۾ هارين جي نجي جيلن جو پڙاڏو گونجندو رهي ٿو پر هنن تي ڪڏهن به اهڙو الزام نه آيو آهي، ماضي کان حال تائين هن خاندان لاءِ مشهور آهي ته هو هارين کي اولاد سمجهن ٿا، هارين جي ڏک سک ۾ شريڪ رهن ٿا.هنن جا هاري محنتي ۽ خوشحال آهن، ڪيريا خاندان زمينن تي اسڪول ٺهرايا آهن، ڪيريا برادري جي هر فرد جي زمين تي اسڪول روڊ بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي چوپايو مال لاءِ پاڻي جا تلاءَ آهن، هنن روايتي وڏيرن، رئيسن وانگر زمين تي اسڪول مال جو وٿاڻ، ٻج، ڀاڻ جي گدام يا زمين تي اوطاق طور استعمال نه ڪيو آهي. انهن اسڪولن ۾ سندن زمين تي ويٺل هارين جو اولاد پڙهي ٿو ۽ اسڪولن جي نگراني ۽ مالڪي ڪن ٿا، وقت به وقت اتي وڃي تعليمي معيار ڏسن ٿا، استادن جا مسئلا معلوم ڪري حل ڪن ٿا، غريب هارين جو اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ اولاد جي مالي مدد کان وٺي انهن کي تعليم آهر نوڪريون وٺرائي ڏيڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا، سنڌ جي وڏيرن جي اڪثريت هارين ۽ ڳوٺ وارن کي تعليم کان محروم رکڻ جي سوچ رکي پر هن ڳوٺ جو ڪيريا خاندان هارين جي اولاد کي لکيل، پڙهيل بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. عام طور تي وڏيرن جي اڪثريت هارين جي ڳوٺ علائقي جي غريبن ۽ هارين جي خوبصورت نياڻين تي بري نظر رکڻ ۽ سندن عزتون لٽڻ جي الزامن هيٺ ايندا رهيا آهن. ليڪن ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جي ڪيريا خاندان تي اهڙا الزام ڪڏهن به نه لڳا آهن، علائقي جا ماڻهو سندن هاري، سندن شرافت، انسان دوستي، همدردي جا ڳڻ ڳائين ٿا، هنن جي مهمان نواز، سخاوت، غريبن جي مدد وارا عمل نه صرف علائقي يا ضلعي پر سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن.چوپائي مال سان سندن حد درجي جو عشق آهي، هر فرد وٽ چوپايو مال آهي، ليڪن ماضي کان حال تائين هن خاندان ۾ هڪ اهڙو فرد به هوندو آهي جنهن جو سڄو ڌيان، عشق چوپايو مال ۽ جهنگلي جيوت سان هوندو آهي، سوين هر نسل جون ٻڪريون، رڍون، مينهون، ڍڳيون، هرڻ، ڦاڙا، سها ۽ خوبصورت پکي پالين ٿا ۽ هنن وٽ ان لاءِ باقاعده فارم رهيا آهن، هن وقت اهو شوق مير حسن ڪيريو ۽ رب نواز ڪيريو کي جنون جي حد تائين آهي، ان جو تفصيل سان ذڪر اڳتي ڪنداسين. هي خاندان سنڌ ۾ جهول وارا ڪيريا سان مشهور آهن، هنن ڪيرين بابت ڪافي عرصي کان ٻڌو پئي پر جڏهن هنن سان ملاقات ٿي ۽ اتي عام کان، خاص ماڻهو تائين ملڻ، مهمان نوازي، اٿڻ، ويهڻ، ڳالهائڻ جا طور طريقڪا ۽ انداز ڏٺو ته حيران ٿي ويس، هن دور ۾ چند ايڪڙ زمين رکندڙن ڪافي ماڻهو آپي مان نڪتل نظر ايندا آهن، پاڻ کي خبر نه آهي ڇا سمجهندا آهن، ڪجهه نه هوندي به فني خان بڻجي ويندا آهن ليڪن ڳوٺ ولي محمد ڪيريو جي ڪيريا خاندان جي هر فرد جنهن سان به ملاقات ٿي ان جي فقير منشي حيران ڪري ڇڏيو، هيڏا وڏا زميندارهئڻ جي باوجود سادگي پسند فقير منش انسان لڳا.
    هونءَ به هي خاندان ميان سڏجن ٿا، سنڌ ۾ اهي ماڻهو ميان سڏبا آهن جيڪي فقير منشن، روحاني شخصيتون هوندا آهن، ذات تي ڏات نه آهي، جيڪو وهي سو لهي وانگر هتي سنڌ ۾ ميان سڏجندڙ ڪلهوڙن ۽ڪيريا خاندان جا مريد به رهيا آهن، سندن روحاني، علمي خدمتون تاريخ جو حصو بڻيل آهن.تاريخ تي نظر وجهبي ته سانگهڙ ۾ سرن واري، چوٽياريون ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ملان ساند ڪيريو، نوابشاهه لڳ ڳوٺ کٻڙ لکمير جا ڪيريا ميان سڏجن ٿا. انهن علائقن جي ڪيرين جون سماجي، علمي، روحاني خدمتون رهيون آهن.سمن جي اوائلي دور ۾ ڪيريا برادري جون مشهور بزرگ، روحاني شخصيتون ٿي گذريون آهن پر انهن بابت تفصيل سان معلومات ملي نه سگهي آهي اگر باريڪي سان تحقيق ڪئي وڃي ته تاريخي ڪتابن ۾ ڪٿي نه ڪٿي هنن جي وڏن جو ذڪر ضرور ملندو.اهي به حقيقتون آهن ته سنڌ جي تاريخ تي ماضي کان حال تائين ان انداز ۾ ڪم نه ٿيوآهي، سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخي، ماڳن مڪانن ولي الله، قديم ڳوٺ، ماضي جي اديبن، عالمن خاندانن جن جا قصا علائقي ۾ ته مشهور آهن پر تاريخ خاموش آهي ۽ اسان جا محقق جيڪا تحقيق ڪن پيا اها به ان انداز ۾ ان ليول جي نه ٿي رهي آهي، جنهن سان تاريخ کان رهجي ويل ماڳ، مڪانن ۽ شخصيتن بابت پروڙ پئجي سگهي، هن ڳوٺ ۾ ماضي ۾ ڪهڙين شخصيتن روحاني فيض ڏنو يا علم کي عام ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون اهو معلوم نه ٿي سگهيو آهي، هتي صرف ولي محمد ڪيريو کان وٺي هن خاندان جو ذڪر ملي ٿو هن خاندان ۾ ولي محمد ڪيريو جو فرزند مريد خان ڪيريو ، روحاني شخصيت هو جنهن 1883ع ۾ جنم ورتو ۽ 24 جنوري 1976ع ۾ بمطابق 12 محرم 1394ع تي انتقال ٿيو، سندس تعويذ،دعا،ڦيڻا دعائون ڪرامتون سڄي سنڌ ۾ مشهور آهن، ڪيترائي بيمار، حاجتمند وٽن ايندا هئا ۽ فيض وٺي ويندا هئا. سندس قرآن شريف جي قرات به مشهور آهي. پاڻ علمي، ادبي، تاريخن، اسلامي ڪتاب پڙهندو هو، پاڻ توحيد جو ذڪر ڪندو هو، سندس چهرو مبارڪ روحاني هو، سڄي سنڌ ۾ سندس عقيدتمند هئا، سندس وصال کانپوءِ روحاني فيض وارو اهو سلسلو هن ڳوٺ جي ڪيريا خاندان ۾ بند ٿي ويو، هن ڳوٺ جا ڪيريا اصل ڪٿان جا آهن؟ هتي ڇو آيا؟ ڪجهه معلوم نه ٿي سگهيوآهي، ليڪن هڪ روايت ملي ٿي ته سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ملان ساند ڪيريو جو مسو خان ڪيريو ڪلهوڙو جي دور ۾ اتان لڏي هجرت ڪري موجود ڳوٺ ولي محمد ڪيريو ۾ آيو سندس اخري آرامگاهه ٽنڊو آدم روڊ تي دڙي وٽ آهي ليڪن سندس زندگي جو احوال معلوم نه ٿي سگهيو آهي روايت آهي ته جتي هي ڳوٺ آهي اتي زمين ورتي اتي گهر ٺاهيو ۽ زمينن کي آباد ڪيو ان جي فرزند ولي محمد ڪيريو کان وٺي تفصيل سان احوال ملي ٿو جنهن ڳوٺ جو بنياد رکيو. ۽ ان ڳوٺ جو نالو سندن نالي ولي محمد ڪيريو پويان پئجي ويو، ولي محمد ڪيريو ان وقت جي سانگهڙ جي مشهور خاندانن جهول جي ٽالپرن، ٿهيم، جلالاڻي، ڪنڊياري جي وساڻ خاندان سان گڏ سنڌ جي ٻين خاندانن سان ويجها تعلقات رهيا، پاڻ ان دور جي هر دلعزيز سماجي، عوامي خدمتگار شخصيت طور مشهور هو، ڳوٺ ۾ ايندڙ ديسي، پرديسي فقير فقراءَ کي هٿ سان ماني کارائيندو هو، وڏا خير خيراتون ڪندو هو، کيس 5 فرزند مسو خان، محمد مريد ڪيريو، پيراڻو خان ڪيريو، خدا بخش خان ڪيريو، محمد خان ڪيريو هئا.


    مسو خان ڪيريو ۽ ان جو خاندان

    مسو خان ڪيريو 1886ع ۾ جنم ورتو، تقريبن 1944ع ۾ وصال ڪيو، پاڻ علائقي جا هر دلعزيز مشهور زميندار ۽ سماجي شخصيت هئا. کيس 2 فرزند حاجي ولي محمد ڪيريو ۽ رسول بخش ڪيريو ۽ 2 نياڻيون هيون.
    حاجي ولي محمد ڪيريو “دوئم”: جنم تقريبن 1927ع ۾ پاڻ مثالي زميندار سماجي شخصيت يار ويس، غريبن جو همدرد، علائقي ۾ ماڻهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندڙ غريبن جي مدد ڪندڙ ذهين ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، پاڻ وڏو اوطاقي وڏو مهمان نواز هو. سندس جشن ميلاد جا ڏهاڙا ۽ ديني جلسا ڪرائڻ سان تمام گهڻو شوق رهيو. علماءُ سان تمام گهڻو تعلقات رکندڙ هو سنڌ ۾ ڪٿي به ديني جلسا ٿيندا هئا ته اتي سڀ ڪم ڪار ڇڏي اتي شرڪت ڪندا هئا پنج وقت نماز جا پابند هئا جڏهن به ٻني تي صبح جي ٽائيم ويندا هئا ٻني تي هارين ۽ مزدورن جا معصوم ٻارڙا خرچي جي انتظار ۾ هوندا هئا ڇو جو حاجي ولي محمد ڪيريو ٻارڙن کي خرچي ڏيندو هو. فجر واري نماز پڙهي ٻاهر هڪ وڏي پاڳن واري کٽ هوندي هئي اتي ويهي رهندا هئا ايندڙن ويندڙن کي کلي کيڪاريندا هئا. سندس وصال 27 آگسٽ 2001ع ۾ بمطابق 7 ذوالقعد تي ٿيو، پاڻ 4 فرزند سوڳوار ڇڏيا، سندس وڏو فرزند حاجي علي نواز ڪيريوآهي، جنهن 1 جنوري 1969ع تي جنم ورتو، پاڻ ايم اي پاس آهي، خوبصورت هئڻ ڪري شاگردي واري زماني ۾ هيرو به سڏبو هو، شاگردي زماني کان سياست ۾ پير پاتو، سپاف ضلعي سانگهڙ جو نائب صدر به رهيو،ضلعي اندر سپاف کي فعال بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان دور ۾ سانگهڙ شهر ۾ ڀٽو جو نالو وٺڻ وڏي ڳالهه هئي پر هن سانگهڙ ڪاليج ۾ نه صرف جيئي ڀٽو جو نعرو هنيو پر اتي سپاف جون سرگرميون جاري رکيون.83ع واري ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، گرفتاري ڏني، ڏيڍ مهينو جيل رهيو ۽ بعد ۾ پارٽي پاليسي موجب ضمانت تي آزاد ٿيو وري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، جنرل ضياءَ جي دور ۾ مٿس ڪيترائي ڪوڙا ڪيس به ٿيا، شاگردي دور کان راندين سان گهري دلچسپي رهي اٿس، پاڻ بيڊمنٽن، اسڪواش ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر به رهيو آهي، رانديون شاگردي دور کانپوءِ به جاري رکيون، پاڻ جيم خانه سانگهڙ جو نائب صدر رهڻ دوران اتي راندين جون سرگرميون وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندس چوڻ آهي ته رانديون صحتمند معاشري لاءِ ضروري آهن، ان لاءِ حڪومتي سطح تي ڪوششون ٿيڻ گهرجن، تعليمي ادارن مان هاڻ رانديون ختم ٿينديون وڃن، ان لاءِ اسپورٽس کاتي ۽ تعليم کاتي کي راندين کي جاري رکڻ ۽ وڌائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ننڍي هوندي کان گهمڻ ڦرڻ جو شوق اٿس، پاڻ معلوماتي ٽوئر ڪرڻ جو ننڍي هوندي کان شوقين رهيو آهي پاڪستان جا تقريبن تاريخي ماڳ مڪان ۽ شهر گهميا آهن، دنيا جا 40 کان وڌيڪ ملڪ گهميا آهن، سڄي دنيا جا مڙئي ملڪ گهمڻ جو شوق رکي ٿو، پاڻ پ پ ضلعي سانگهڙ ڪميٽي جو ميمبر به رهيو آهي. بعد ۾ ڪو به عهدو وٺڻ بنا پ پ ۾ سرگرم عمل آهي، پارٽي جي هر سڏ تي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، 2011ع وارين برساتي ٻوڏ ۾ جڏهن سانگهڙ ضلعو ٻڏي ويو ته سندس زمينون ۽ ڳوٺ به ٻڏل هو، پاڻ روايتي وڏيرن وانگر پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ سرڪاري تيل ۽ پاڻي ڪڍڻ جون مشينون وٺڻ بجاءِ مختلف ڳوٺن مان پنهنجي خرچ تي پاڻي ڪڍائڻ ۽ متاثرين لاءِ ڪئمپون قائم ڪرڻ، جهول واري علائقي جي ٻڏي ويل علائقن جي غريبن جي سنڀال لڌي،هن پنهنجي خرچ تي خيمان، راشن ۽ روڪ مدد ڪئي، جڏهن سانگهڙ ۾ امدادي سامان متاثرين لٽي رهيا هئا، ڊي سي امدادي ڪميٽي ۽ متاثرين جي مدد ڪندڙ اين جي اوز سامان ڪٿي رکجي، سامان کي محفوظ ڪيئن ڪجي ؟ ان لاءِ پريشان هئا تڏهن علي نواز ڪيريو پنهنجي ڳوٺ ۾ سندس ڪيترن ئي ايڪڙ ۾ پکڙيل بنگلو اتي ٺهيل وڏا هال ۽ گدام جيڪي مٿي هئڻ ڪري ٻوڏ کان بچيل هئا، اهي انهن حوالي ڪيا ۽ اين جي اوز وارن کي ڳوٺ وارو بنگلو، سانگهڙ وارو بنگلو رهڻ لاءِ ڏنو ٻڏي ويل ڳوٺن مان ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ٽرانسپورٽ مهيا ڪئي، کيس غريبن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ٿئي ٿي. پنهنجي زمين تي هارين جي اولاد لاءِ اسڪول قائم ڪري انهن اسڪولن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. اهي اسڪول مثالي اسڪول بڻيل آهن.هارين کي اولاد سمجهندڙ علي نواز ڪيريو نرالي ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. کيس وڻن، گلن سان پيار آهي، زمين ۾ هر سال هزارين وڻ پوکائي ٿو، زمين ۾ گل ٻوٽا به لڳائي ٿو، 10 ايڪڙن کان وڏو مڇي فارم آهي مڇي وڪرو ڪرڻ بجاءِ دوستن، هارين کي مفت ۾ ڏيندو رهيو آهي. غريبن جي هر طرح مدد ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو، غريب هارين جي اولاد کي اعليٰ تعليم لاءِ ڀرپور مدد ڪندو رهيو آهي.پاڻ اولاد جي تعليم لاءِ گهڻو وقت ڪراچي رهي ٿو، جڏهن به ڳوٺ اچي ٿو يار دوستن، غريبن جو ميلو مچي وڃي ٿو. پاڻ وڏو مهمان نواز آهي، ڪراچي هجي يا ڳوٺ سندس ته هجڻ جي صورت ۾ ايندڙن يار دوستن، مسافرن،فقير فقيراءَ کي سندس ڀائر لکين عزتون ڏين ٿا وڏي تعداد ۾ نوڪر هئڻ جي باوجود هٿ سان ماني کارائيندي خوشي محسوس ڪن ٿا، علي نواز ڪيريو وٽ ايندڙ هر ماڻهو کي لکين عزتون ڏئي ٿو ۽ کيس وڃڻ وقت ٻاهر تائين ڇڏي اچڻ جهڙو سندس فرض ۾ شامل هجي ٿو، ڪراچي ۾ به جهول ۽ ٻين علائقن مان ڪم ڪارين ۽ ملڻ لاءِ ايندڙ دوستن لاءِ الڳ فليٽ رکيو آهي، ڪراچي جهڙي مصروف شهر ۾ سندس مهمان نوازي مشهور آهي، سندس مشهور سياسي، سماجي شخصيتن اعليٰ بيو ڪريٽ سان ذاتي تعلقات آهن، پر اهي تعلقات ذاتي فائدا حاصل ڪرڻ بجاءِ علائقي جي عوام جي ڪم ڪارين لاءِ استعمال ڪري ٿو، سندس خواهش آهي ته جهول ۾ ڪيريا ڪميونٽي پاران هڪ خيراتي اسپتال ٺهي جتي هر بيماري جو علاج ٿئي، کيس سنڌ جي ثقافت سان پيار رهيو آهي، جڏهن به ڳوٺ ايندو آهي ته هارين سان ويهي ڪچهريون ڪري ٿو خاص طور سياري ۾ اوطاق سامهون مچ ڪچهري لاءِ ٺاهيل لانڍي ۾ باهه جو وڏو مچ ٻاري اتي رات دير تائين مچ ڪچهري ۾ موجود هوندو آهي، جتي مچ ۾ گجرون پچايون وڃن ٿيون، ڳڙ واري چانهه ۽ ٻاجهري جي رٻ جو ديڳڙو مچ تي هوندو آهي، کيس 2 نياڻيون هڪ فرزند ولي محمد ڪيريو آهي.
    حاجي شاهنواز ڪيريو حاجي ولي محمد جو ٻيو نمبر فرزند آهي، جنم 28 آڪٽوبر 1975ع تعليم ايم اي، پاڻ مثالي آبادگار آهي، زراعت سان حد درجي تائين شوق ۽ زراعت جو ماهر پاڻ زراعت جي حوالي سان دنيا ۾ ٿيندڙ جديد تحقيق بابت باقاعده لٽريچر ۽ نيٽ تي پڙهي ٿو، ملڪ ۽ دنيا ۾ زراعت تي ٿيندڙ سيمينارن ۾ مدعو ڪيو وڃي ٿو، اتي جديد زراعت جي حوالي سان ليڪچر ٻڌي ٿو ۽ سنڌ ۾ زراعت جي مسئلن بابت ڳالهائيندو رهيو آهي، پاڻ سال ۾ ٽي فصل کڻن جي ڪوشش ڪري ٿو.زراعت ۾ ڪنهن زرعي ماهر وانگر ڪامياب تجربا ڪري ٿو،زرعي فصلن کي نقصان پهچائيندڙ جيتن کان بچائڻ لاءِ ديسي ڪامياب تجربا ڪيا آهن، پاڻ گهٽ زرعي دوائون ۽ ڀاڻ کانسواءِ بهتر فصل حاصل ڪري ٿو، اهڙا ڪامياب تجربا پاڻ تائين محدود رکڻ بجاءِ نه صرف ضلعي اندر پر سنڌ ۾ز ميندارن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، گهڻو وقت زمين تي هوندو آهي، کانئس سنڌ جا زميندار زرعي مشورا وٺندا رهن ٿا، پوکائي جا جديد طريقا به ايجاد ڪيا آهن، مڇي جي پالنا تي گهٽ خرچ ۾ وڌيڪ منافعي حاصل ڪرڻ جا به ڪامياب تجربا ڪيا آهن، زمين تي وڻ ۽ گل لڳائڻ، ڪچو رستو ٺاهڻ جو شوقين هر سال زمين تي وڌيڪ وڻ ۽ گل لڳائي ٿو، يار ويس، همدرد، مهمان نواز سماجي ورڪر پڻ آهي. شاهنواز ڪيريو جي سماجي ڪمن ۾ اهو به شامل آهي ته هن 2011ع واري برساتي ٻوڏ متاثرين جي وڏي ڀاءُ علي نواز خان سان گڏجي وڏي خدمت ڪئي سوين متاثرين ۾ راشن ۽ ٻيو امدادي سامان ورهايو پاڻ مشرف دور ۾ ٿيل لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ يونين ڪائونسل جا بنا مقابلي نائب ناظم پڻ چونڊيا ويا.
    مريد خان ڪيريو: حاجي ولي محمد ڪيريو جو ٽيون نمبر فرزند آهي، سندس جنم 27 نومبر 1976ع تي ٿيو، بي اي پاس آهي، بهترين زميندار، نوجوان سماجي ورڪر آهي، پنهنجي ڀاءُ شاهنواز جو ٻني ٻاري ۾ هٿ ونڊائيندو آهي، سندس شوق ٻنين تي وڻ لڳائڻ ۽ وڻن جي پاڙن کي رنگ ڪرائڻ، انبن. ليمن ۽ چڪُن جا باغ رکڻ شامل آهي سندس والد وانگر صبح جو سوير ٻنين تي وڃڻ ۽ معصوم ٻارن سان پيار ڪرڻ، غريب هارين مزدورن کي ڏک سک ۾ ڪم اچڻ وارو آهي.
    رب نواز ڪيريو حاجي ولي محمد جو ڇوٿو نمبر فرزند آهي، جنهن جو جنم15 جون 1981ع تي ٿيو، انٽر ڪلاس پاس آهي، بهترين زميندار، چوپائي مال جو شوقين، يار ويس، هر دلعزيز شخصيت آهي سندن شوق سٺي نسلن جو مال جنهن ۾ مينهون، ڍڳيون، اٺ، گهوڙا رکڻ ان کانسواءِ ٻڪرين ۾ اڇيون، بريون، ڪاريون، تتريون، ٺوڙهيون، جهريون، پٽيريون ۽ رڍن جا اعليٰ نسل رکڻ جو شوق رکي ٿو. پاڻ هارين، مزدورن، نوڪرن چاڪرن سان انتهائي سٺو ورتاءُ ڪري ٿو، پاڻ ڀرپاسي جي بيواهه عورتن ۽ وڏي عمر وارن ماڻهن جون لسٽون تيار ڪري انهن تائين ڪڻڪ، انب ۽ بيمار غريبن جي سارسنڀال پڻ ڪري ٿو، اوطاق ۾ ايندڙ مهمانن جي خدمت ڪرڻ سندس ذمي آهي.
    محمد مريد خان ڪيريو اول ۽ سندس خاندان: ولي محمد ڪيريو “اول” جو ٻيو نمبر فرزند محمد مريد خان ڪيريو کي 6 فرزند محمد شريف ڪيريو، محمد رمضان ڪيريو ، اڪ خان ڪيريو، حاجي محمد حسين ڪيريو، سونو خان ڪيريو ، دين محمد ڪيريو ۽ 2 نياڻيون به شامل آهي.
    محمد شريف ڪيريو: محمد مريد ڪيريو جو وڏو فرزند محمد شريف ڪيريو 1925ع ۾ جنم ورتو، پاڻ ٻه ٽي سنڌي درجا پڙهيل آهي، ليڪن ڳالهائڻ جو انداز ڪنهن اعليٰ تعليم يافته کان گهٽ نه اٿس، يار ويس، ذهين، اوطاقي، مهمان نواز، مسلمان هارين جي اولاد کي قرآن شريف پڙهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هارين کي اولاد وانگر سمجهي ٿو ، هر ننڍي وڏي غريب سان عزت احترام سان ڳالهائيندو آهي، کيس 7فرزند ۽ 6 نياڻيون آهن، کيس 2 شاديون اٿس.
    احمد خان ڪيريو؛ جنم 1964ع پاڻ بهترين زميندار يار ويس هر دلعزيز شخصيت هئا، پاڻ گرنمينٽ هاءِ اسڪول جهول جا مثالي استاد پڻ هئا سندن ادب سان به گهرو تعلق رهيو، سندن وصال 26 مارچ 2014 تي ٿيو آهي،
    محمد خان ڪيريو:محمد شريف ڪيريو جو پهريون نمبر وڏو پٽ فرزند محمد خان ڪيريو ڪيريا برادري سان گڏ مشهور سماجي شخصيت، غريبن جو همدرد، راڄ ۾ اٿي ويٺي وارو، ذهين، سياسي جوڙ توڙ جو ماهر هو. سندس تعليم انٽر تائين هئي، شاگردي دور کان سياست ۾ سرگرم رهيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جو بنياد وڌو ته سانگهڙ ضلعي ۽ سانگهڙ ضلعي ۾ تعلقه سنجهورو، سانگهڙ ۾ پ پ جي پليٽ فارم تان ڪم ڪرڻ ايترو آسان نه هو ان دور ۾ جهول ۾ پير صاحب پاڳارو جي مريدن جو زور هو، ان وقت محمد خان ڪيريو پنهنجي برادري جي ڪجهه معززين سان گڏ پ پ ۾شامل ٿيو.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پهريون دفعو سانگهڙ وڃي رهيو هو ته محمد خان ڪيريو پنهنجي برادري جي ماڻهن سان گڏجي جهول ۾ سندس تاريخي استقبال ڪيو ۽ ان قافلي ۾ سانگهڙ ويو جتي ڀٽو تي قاتلاڻو حملو ٿيو، پاڻ جهول ۾ پ پ جو صدر بعد ۾ سندس بهتر ڪارڪردگي ڏسندي کيس تعلقه سنجهورو جو جنرل سيڪريٽري ڪيو ويو، پاڻ علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پ پ دور ۾ ميرٽ تي نوجوانن کي نوڪريون ڏياريون، ترقياتي ڪم ڪرايا، پ پ مخالف دور ۾ به عوام جو آواز بنيل رهيو، ڪم ڪارين لاءِ ايندڙ غريب ماڻهن کي پنهنجي گاڏي ۾ کڻي واسطيدار آفيسرن وٽ ويندو هو، غريبن جا ڪم ڪاريون ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو.سندس وصال 28 اپريل 2008ع تي ٿيو، پ پ جي ضلعي قيادت سندس وصال کي پارٽي لاءِ وڏو خال قرار ڏنو، پاڻ غير شادي شده هو. سندن وفات تي سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ڪيترائي صوبائي وزير پڻ تعزيت تي آيا.
    علي گل ڪيريو: پهرين جنوري 1969ع ۾ جنم ورتو، تعليم بي اي بي ٽيڪ پاڻ ايريگيشن کاتي ۾ سب انجنيئر آهي، مثالي زميندار، سماجي ڪارڪن، همدرد، غريبن جو يار، مهمان نواز شخصيت آهي.
    محمد بخش ڪيريو: پاڻ محمد شريف جو پهرين گهرواري مان چوٿو نمبر فرزند آهي، جنم 1973-10-15، تعليم انٽر پاس آهي، پاڻ بلڊنگ کاتي سانگهڙ ۾ ڪلارڪ آهي، زميندار به آهي، پاڻ يار ويس مهمان نواز کل مک آهي، کيس 2 فرزند جنيد ۽ جمشيد ۽ 2 نياڻيون آهن.
    علي رضا ڪيريو: جنم 1982ع ۾ پاڻ گريجوئيٽ آهي لوڪل باڊيز ۾ آفيس سپريڊنٽ طور خدمتون سرانجام ڏين پيا، پاڻ زميندار، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ به آهن، کين هڪ نياڻي جو اولاد آهي.
    علي بخش ڪيريو: محمد خان ڪيريو جي وفات بعد سندس خال ته نه ڀرجي سگهندو پر علي بخش ڪيريو ڀاءُ جو خال ڀرڻ جي لاءِ ڪوشش ضرور ڪري رهيو آهي، نوجوان سياسي سماجي شخصيت ، يار ويس، غريب عوام جو هڏ ڏوکي مثالي زميندار، لبرل هر دلعزيز غريبن جا ڪم ڪندي خوشي محسوس ڪري ٿو، علي بخش ڪيريو جو جنم 1 جنوري 1983ع تي ٿيو، پاڻ بي اي پاس ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالي شاگردي واري دور کان سياست ۾ حصو ورتو، عوام جي خدمت ڪري پيو. سندس ڪارڪردگي کي ڏسندي پ پ قيادت سندس ڀاءُ جي جاءِ تي پ پ تعلقه سنجهورو ۾ 2006ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو، ان حيثيت سان پارٽي کي فعال ڪرڻ لاءِ پارٽي جي هر سڏ تي لبيڪ چئي ٿو، ضلعي سانگهڙ ۾ خاص طور سنجهورو ۽ جهول ۾ پ پ پاران ٿيندڙ جلسن، احتجاجن جي ڪاميابي لاءِ پنهنجي دوستن سان گڏ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، مٿس ۽ سندس ڀائرن تي پ پ مخالف دورن ۾ انتقامي ڪاررواين تحت ڪوڙا ڪيس به ٿيا، 2007ع ۾ جهول ۾ احتجاج ڪرايو ته کيس گرفتار ڪرايو پوليس مٿس تشدد ڪيو، ليڪن ڪوڙا ڪيس تشدد کيس جهڪائي نه سگهيو، انتهائي همت حوصلي وارو نوجوان آهي. علائقي ۾ ڪيترن ئي نوجوانن کي ميرٽ جي بنيادن تي نوڪريون ڏياريون آهن.سندس ڪوششن سان علائقي ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا آهن، پاڻ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول جهول جي ايس ايم سي ڪميٽي جو ڪافي وقت کان چيئرمين آهي، جتي پاڻ ايندڙ فنڊ نه کائي نه کائڻ ڏي ٿو نه وري آفيسرن کي ڪميشن وٺڻ ڏي ٿو، ان اسڪول کي مثالي اسڪول بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.
    علي خان ڪيريو: جنم 1986، تعليم 5 درجا پاس، مثالي زميندار، يار ويس، گهڻو وقت اوطاق ۽ زمين کي ڏي ٿو، وڏو اوطاقي آهي.مريد خان ڪيريو جو ٽيون نمبر فرزند اڪ خان ڪيريو جو 1946ع ۾ جنم ٿيو پاڻ زمينداري سان گڏوگڏ مال ڌارڻ جو شوقين هو مال جي واڙي ۾ کٽ تي ويهي کير ڏهائي هارين ۽ ڌنارن کي کير ڏئي باقي کير گهر ڏياري موڪليندو هو. سادو فقير ماڻهو هو هارين سان زمين تي ويهي رهندو هو پاڻ 3 پٽ 7 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون. حاجي يوسف ولد اڪ خان، علي شير ولد اڪ خان، علي اڪبر ولد اڪ خان پاڻ سماجي ورڪر آهن مثالي زميندار به.
    محمد رمضان ڪيريو: مريد خان ڪيريو جو چوٿون نمبر فرزند آهي، سندس جنم1939ع تي ٿيو، تعليم انٽر پاس، بهترين زميندار، يار ويس، همدرد انسان، سماجي ڪارڪن آهي، يونين ڪائونسل جهول جا ايوب خان جي دور ۾ ميمبر هئا کيس هڪ فرزند الهه بخش خان ڪيريو آهي. الله بخش بهترين سماجي ورڪر مثالي زميندار چوپايو مال سان شوق رکندڙ هارين کي اولاد وانگر سمجهي ٿو.
    حاجي محمد حسين ڪيريو سندن تعليم ايم اي پاس پاڻ مريد خان جا چوٿون نمبر فرزند هئا، يار ويس، نيڪ نمازي، هو، پاڻ اوطاقي مهمان نواز، هارين کي اولاد وانگر سمجهڻ وارا، غريبن جو همدرد هو، پاڻ 2013ع تي سعودي عرب حج جي سعادت حاصل ڪرڻ ويو، جتي انتقال ڪري ويو، کيس تاريخي قبرستان جنت البقيه ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، کين 4 فرزند آهن، هُن 2 شاديون ڪيون. پهرين شادي مان 3 پٽ، 2 نياڻيون، ٻئي شادي مان هڪ فرزند ذوهيب حسين ڪيريو ۽ 3 نياڻيون.
    منور حسين ڪيريو ولد حاجي محمد حسين: پاڻ گريجوئيشن ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالين ٿا، سندن دوستن جو وسيع حلقو آهي، پاڻ يار ويس، مهمان نواز، سماجي ورڪر، دوستن جو وسيع حلقو رکي ٿو.غريب ماڻهن جي لڪل هٿ سان مدد ڪندو رهيو آهي.
    صفدر حسين ڪيريو: پاڻ حاجي محمد حسين ڪيريو جا ٻيو نمبر فرزند آهن، انٽر پاس آهن، زمينداري سنڀالين ٿا، ذهين نوجوان آهن. سندس 3 نمبر فرزند مظفر حسين ڪيريو آهي، پاڻ زميندار آهن، ذوهيب حسين ڪيريو هر دلعزيز، ذهين، يار ويس، مهمان نواز نوجوان آهي، مسو خان جو ٻيو نمبر فرزند رسول بخش ڪيريو هر دلعزيز يار ويس سماجي ورڪر هو، کيس 2 فرزند محمد ابراهيم ۽ حاجي دين محمد هڪ نياڻي آهي، محمد ابراهيم 2008ع ۾ انتقال ڪري ويو دين محمد سماجي ورڪر آهي ڪراچي ۾ رهي ٿو. انٽر پاس ڪرڻ بعد زمينداري ڪري ٿو، با اخلاق، همدرد، ذهين نوجوان آهي، کين هڪ فرزند شهباز ۽ 2 نياڻيون آهن ذوهيب حسين ڪيريو، ولد حاجي محمد حسين ڪيريو 18 سال تعليم انٽر پاڻ هر دلعزيز نوجوان سماجي ورڪر آهي.
    پيراڻو خان ڪيريو ۽ سندس اولاد: ولي محمد ڪيريو “اول” جو ٽيون نمبر فرزند پيراڻو خان ڪيريو تقريبن 1905ع ۾ جنم ورتو، پاڻ مشهور سماجي شخصيت هو، پاڻ مثالي زميندار، يارن جو يار، مهمان نواز اوطاقي، غريبن جو هڏ ڏوکي، سخي مرد، علائقي جي ماڻهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندڙ هر ماڻهو جي ۾ ڪم ايندڙ هو، سندس خاص طور علائقي جي مشهور خاندانن سان ويجها، گهرا تعلقات رهيا، پاڻ 10 آڪٽوبر 1971ع بمطابق 19 شعبان تي فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، پاڻ پويان 9 فرزند، هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏيا.
    حاجي محمد جمن ڪيريو: پيراڻو خان ڪيريو جو وڏو فرزند، حاجي محمد جمن جو جنم 1946ع ۾ ٿيو پاڻ سنڌي فائنل پاس هو، مشهور مثالي زميندار، سماجي شخصيت، مهمان نواز، چوپائي مال جو شوقين آهي. سندن اولاد ۾ هڪ فرزند غلام مصطفيٰ ڪيريو ۽ ٻه نياڻيون آهن، غلام مصطفيٰ ڪيريو جو جنم 31 جولاءِ 1994 ع تي ٿيو، پاڻ هر دلعزيز نوجوان آهن.
    مسو خان ڪيريو (ٽيون نمبر) پيراڻو خان ڪيريو جو ٻيو فرزند هو، 1948ع ۾ جنم ورتو، مشهور زميندار، سماجي، سياسي شخصيت، غريبن جو همدرد هو، سندس سنڌ جي مشهور خاندانن سان ويجها تعلقات هئا، خاص طور حيدرآباد جي مير برادارن مير رسول بخش خان ٽالپر، مير علي احمد خان ٽالپر سان انتهائي ويجها تعلقات هئا.پ پ جو بنيادي ميمبر ۽ نظرياتي جيالو هو، علائقي ۾ پ پ کي فعال ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، سندن ڳوٺ جي علائقي ۾ بجلي لڳائڻ ۾ به سندن هٿ هو. سندس پ پ لاءِ جدوجهد ۽ قربانيون قابل تعريف ۽ اڻ وسرندڙ آهن، گهوڙي سواري جو شوقين، مثالي زميندار پڻ هو، والي بال جو شوقين نامور رانديگرن کي گهرائي ٽورنامينٽ ڪرائڻ اداڪار سيد شفيع محمد شاهه، محمد صديق کهڙو، سائين حبيب الله شاهه پنجاب جي سکرا برادري سان تمام وڏا واسطا هئا. سانگهڙ ضلعي ۾ وڏي هلندي پهڄندي وارو هو، پاڻ 1985ع ۾ وصال ڪيو، 83 واري ايم آر ڊي تحريڪ ۾ به سندس ڪردار رهيو. پاڻ پويان 3 فرزند علي حسن ڪيريو، علي انور ڪيريو ۽ علي اصغر ڪيريو، 2 نياڻيون سوڳوار ڇڏيون آهن.
    علي حسن ڪيريو:1974ع ۾ جنم ورتو، پاڻ بي اي پاس آهي، مثالي زميندار، سماجي شخصيت، مهمان نواز، يار ويس، همدرد آهي، کيس هڪ فرزند آهي. مسو خان ڪيريو جو ٽيون نمبر فرزند علي انور ڪيريو1976ع ۾ جنم ورتو سندن تعليم انٽر آهي، پاڻ بهترين سماجي ڪارڪن، مثالي زميندار، چوپائي مال سان وڏو چاهه رکندڙ آهي.
    علي اصغر ڪيريو: مسو خان، ٽيون جو آخري فرزند ننڍي هوندي والدين جو دادلو سندس جنم 2 ڊسمبر 1984ع تي ٿيو آهي. علي اضغر: سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سوشيالاجي ڪئي آهي، بينظير ڀٽو يوٿ پروگرام مان سي آءِ ٽي جو ڊپلوما ڪورس ڪيو اٿس، پاڻ زمينداري سنڀالڻ سان گڏ علمي، ادبي، ثقافتي تنظيمن ۾ به سرگرم رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت جهول جو ميمبر، ٻالڪ ادبي سنگت جهول جو صدر پڻ رهيو آهي، پاڻ شاگردي دور کان سياست به ڪري ٿو، سپاف جهول جو صدر به رهيو آهي، ان پليٽ فارم تان شاگردن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ادب سان گهري دلچسپي رکي ٿو، بهترين ليکڪ پڻ آهي، ڪجهه اخبارن، رسالن ۾ ڪالم به شايع ٿيا اٿس، ٻالڪ ادبي فورم جي پليٽ فارم تان ڪافي ادبي، ثقافتي، علمي پروگرام ڪيا آهن، نوجوان سماجي ورڪر آهي، سماجي ڪمن ۾ سرگرم رهيو آهي. پاڻ انڊس ڪيريا سوشل فورم سانگهڙ جو صدر پڻ آهي.
    حاجي محمد حسن ڪيريو: پيراڻو خان جو 3 نمبر فرزند آهي، سندس جنم25 جولاءِ 1952ع تي ٿيو، پرائمري تعليم ڳوٺ مان ڇهين کان ڏهين ڪلاس تائين جهول ۽ سانگهڙ ميٽرڪ، انٽر سانگهڙ ڪاليج مان، ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان، ايل ايل بي لا ڪاليج حيدرآباد مان آخري سال رهجي وڃڻ ڪري وڪيل سڏجڻ کان رهجي ويو. شاگردي زماني ۾ ڪٻڊي جو بهترين رانديگر هو، ڪرڪيٽ به کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر سٺو رانديگر نه ٿي سگهيو، پاڻ ڪٻڊي جي ڪيترن ئي ميچن ۾ ٽيم جي ڪپتاني به ڪئي ۽ کيڏيو، سياست ۾ شاگردي دور کان سرگرم رهيو، پاڻ ضلع ڪميٽي جو ميمبر به رهيو آهي، پ پ ۾ کيس بهترين عهدن جون آفرون به ٿينديون رهيون، پر عهدا قبول نه ڪيا، ان جي باوجود ايم آر ڊي تحريڪن کان وٺي هر پ پ مخالف دور ۾ ٿيندڙ جلسن، جلوسن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ قربانيون ڏنيون، جوڻيجو دور ۾ سندس ۽ خاندان جو نهري پاڻي بند ڪيو ويو ۽ پاڻي چوري جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري جيل وڌو ويو، ايم آر ڊي تحريڪن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، کيس گرفتار ڪرائي ڏيڍ مهينو جيل واڙيو ويو.جڏهن آصف علي زرداري ستار ڪيريو کي ڪيرين جو سردار بڻايو ۽ ڪيرين جي تنظيم جو بنياد رکرايو جنهن جو صدر ستار ڪيريو کي نامزد ڪيو ويو، نائب صدر حاجي محمد حسن ڪيريو کي نامزد ڪيو ويو.حاجي محمد حسن ڪيريو عوام دوست، غريبن جو هڏ ڏوکي، يارن جو يار، سچو، مخلص، هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ رهيو آهي.سندس ڪوششن سان جهول واري علائقي ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا، ڪافي ماڻهن کي نوڪريون وٺرائي ڏيندو رهيو آهي، پاڻ غريب ماڻهن ۽ غريب شاگردن جي لڪل هٿ سان مدد ڪندو رهيو آهي. ننڍي هوندي فلمن ڏسڻ جو شوقين رهيو، موسيقي سان سندس دلچسپي رهي آهي.سندس پسند جي فنڪارن ۾ محمد جمن، محمد ابراهيم، عابده پروين، سرمد سنڌي رهيا آهن، سرمد سنڌي سندس ويجهو ۽ پيارو دوست رهيو، سرمد جي حادثي ۾ شهادت بعد ان جي خاندان جي پرگهور به لڌي، دنيا جا 40 کان وڌيڪ ملڪ گهميا آهن، پاڻ 3 حج، لاتعداد عمره ڪيا آهن، ڪافي غريبن کي عمره ڪرايا آهن، پاڻ آصف علي زرداري جو ويجهو دوست رهيو آهي، ليڪن دوستي ۾ ڪي به ذاتي فائدا نه ورتا، ها جيڪڏهن فائدا ورتا ته علائقي جي ترقي جا، غريب بيروزگارن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ، پاڻ سچو ۽ کرو انسان آهي، رکان رکان ڪرڻ سندس طبعيت ۾شامل نه آهي، پاڻ عوامي خدمت عين عبادت سمجهي ڪن ٿا. پاڻ سنڌ جي ثقافت جا امين آهن، پاڻ پهرين شادي ڊاڪٽر ياسمين سان ڪئي ۽ کيس سرڪاري نوڪري ڪرڻ پرائيوٽ اسپتال هلائڻ جي اجازت ڏني. ڊاڪٽر ياسمين مسيحا وارو ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي هئي، غريب ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪرڻ کانسواءِ کين دوائون به وٺي ڏيندي هئي، وڌيڪ بيمار مريضن کي وڏين اسپتالن ۾ داخل ڪرائي انهن جو علاج پنهنجي خرچ تي ڪرائيندي هئي. هٿ جي به سخي هئي، ڪيترن ئي غريبن جي مدد ڪندي هئي، غريب جي نياڻين جي شادين ۾ به مدد ڪندي هئي، سندس جنم 4 جنوري 1957ع ۽ وصال 9 مئي 99ع تي آمريڪا ۾ ٿيو، حاجي محمد حسن کي ڊاڪٽر ياسمين مان کيس هڪ فرزند سهل حسن آهي ڊاڪٽر ياسمين جي وفات بعد پاڻ ٻي شادي ڪئي، ٻي گهرواري مان هڪ فرزند آهي. پاڻ فالج، چيلهه جي تڪليف ۽ دل جي بيماري جو مريض هئڻ باوجود سياسي سماجي دنيا ۾ سرگرم عمل رهيو.
    حاجي مير حسن ڪيريو: حاجي مير حسن ڪيريو حاجي پيراڻو خان ڪيريو جو چوٿو نمبر فرزند آهي، سندس جنم 11جنوري1955ع ۾ ٿيو، تعليم سنڌي فائنل ڪئي، پاڻ ننڍي هوندي کان ذهين، همدرد، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندڙ، ننڍي هوندي والدين جو دادلو هئڻ ڪري ٻين ڀائرن وانگر اعليٰ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو.، سندس والد کي چوپائي مال خاص طور ٻڪرين ڌارڻ جو شوق هوندو هو ۽ حاجي مير حسن کي به اهو شوق ٿيو ۽ جڏهن وڏو ٿيو ته ان شوق کي وڌايو، هر نسل جون ڍڳيون، مينهون، ٻڪريون، رڍون پاليون، جڏهن ته هرڻ، ڦاڙا، مور، رونجهون به پاليون، چوپايو مال ۽ جانورن لاءِ زمين تي وڏو فارم ٺاهيو. گهوڙا به ڌرايا، خود بهترين گهوڙي سوار به آهي. سنڌ ۾ ٽوري ٻڪري جو نسل تقريبن ختم ٿي ويو آهي، پر حاجي مير حسن ڪيريو وٽ اڃا تائين سڀني نسلن جون ٻڪريون موجود آهن ڪنهن ڪنهن امير وٽ ٽوري ٻڪرين جو نسل هوندو، حاجي مير حسن ڪيريو وٽ ٽوري ٻڪرين جو به نسل آهي، چوپايو مال جي حوالي سان نه صرف سنڌ پر پاڪستان ۾ مشهور آهي، سندس اها هاڪ جڏهن دنيا جي مختلف ملڪن جي چوپايو مال جي شوقين وٽ پهتي ته انهن به وٽس اچڻ شروع ڪيو آهي ۽ وٽس بهترين نسل جي چوپايو مال جي تعريف ڪن ٿا ۽ اهي غير ملڪي کيس اهو به چوندا رهن ٿا ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾چوپايو مال جي لڳندڙ بين الاقوامي نمائش ۾ هو، هر چوپايو مال مان هڪ هڪ جانور ڪاهي اچي، اهي خرچ نمائش لڳائڻ وارا ڏيندا، پر هي ٻاهرين ملڪن ۾ لڳندڙ چوپايو مال جي نمائش ۾ نه ويو پر سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ لڳندڙ نمائش ۾ پنهنجو چوپايو مال ڪاهي ويندو رهيو آهي، کيس انهن نمائش ۾ بهترين نسل جي ٻڪرين تي لاتعداد ايوارڊ شيلڊون، ميڊل سرٽيفڪيٽ ۽ روڪ انعام مليا آهن، پاڻ مثالي زميندار آهي، سال ۾ 3 فصل کڻي ٿو، سياست به ڪري ٿو، علائقي ۾ سماجي ڪم به ڪري ٿو، سندس دوستن جو حلقو وسيع آهي، انهن کي به وقت ڏي ٿو، پاڻ وڏو مهمان نواز، اوطاقي، يار ويس، غريبن جو هڏ ڏوکي، ڪچهرين جو ڪوڏيو، کرو، سچو انسان آهي. پاڻ ملڪ جا تقريبن شهر، تفريح هنڌ تاريخي ماڳ گهميا آهن، دنيا جا 15 کان وڌيڪ ملڪ گهميا آهن، پاڻ ٻاهرين دنيا جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سياحت کي اهميت ڏي ٿو، سندس چوڻ آهي ته سنڌ سياحت سان مالا مال آهي، سنڌ جي ثقافت دنيا جي ثقافت کان شاهوڪار آهي، پاڻ سنڌ جي ثقافت جو امين آهي، سنڌي لباس اصلي سنڌي جتي پائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو هر سال ثقافتي ڏينهن تي جهول ۾ وڏي ليول جو ثقافتي پروگرام ملهائي ٿو، پاڻ جديد بنگلا ٺهرائڻ ۽ سٺي فرنيچر سان ڊيڪوريٽ ڪرڻ جو شوقين آهي، سندس ٺهرايل بنگلا خاص طور نواب شاهه ۾ ٺهرائيل بنگلو يورپ جي بهترين خوبصورت عمارتن جو ڏيک ڏي ٿو. پاڻ فيصلن جو وڏو ماهر آهي سڄي سنڌ ۾ فيصلن ۾ امين طور ويندو آهي فيصلن ۾ انتهائي بردبار شخصيت طور سڃاتا وڃن ٿا، سڄي سنڌ ۾ ڪيريا برادري جي مرڻن، پرڻن، ڏکن، سکن ۾ هر وقت گڏ هوندو آهي ضلعي سانگهڙ ۾ جن سان به سندس واسطا آهن انهن سان ڏکن سکن ۾ پاڻ نڀائيندو اچي پيو، غريبن، بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو، کيس چار فرزند ۽ نياڻيون آهن، حاجي مير حسن سان گڏ سندس ڀاءُ علي حسن به ڄائو، جو 24 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
    امير علي ڪيريو: امير علي ڪيريو حاجي مير حسن جو وڏو فرزند آهي، امير علي جو جنم 20 اپريل 1982ع تي ٿيو، پاڻ بي اي تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد زمينداري، چوپائي مال جي فارمن ۾ والد جو مدگار آهي، پاڻ پ پ جو سرگرم ڪارڪن ۽ مشهور سماج سڌارڪ آهي، ننڍي هوندي کان سماجي ڪمن سان دلچسپي رکي ٿو، نه صرف ضلعي پر سندس دوستن جو وسيع حلقو آهي، يار ويس، مهمان نواز، غريبن جو همدرد پاڻ غريبن جي مدد سماجي ڪم ڪندي خوش محسوس ڪري ٿو، عوام جي خدمت بنا فرق جي ڪندو رهيو آهي.2011ع جي ٻوڏن ۾ پنهنجي طور متاثرين جي خدمت ڪئي، ننڍي عمر ۾ سياسي سماجي دنيا ۾ سٺو نالو ڪمايو آهي.پاڻ 2015ع وارين لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ يونين ڪائونسل ولي محمد ڪيريو مان چيئرمين طور وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي آهي،ادب سان دلچسپي رکي ٿو، ادبي، تاريخي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن، سنڌ جي ثقافت سان پيار ڪري ٿو، دنيا جا ڪافي ملڪ گهميا آهن، سندس والد پاران هر سال ملهائجندڙ ثقافتي ڏينهن ۾ والد جو ٻانهه ٻيلي بڻيل هوندو آهي.
    نور علي ڪيريو: حاجي مير حسن جو ٻيو نمبر فرزند آهي، سندس جنم 1 جنوري 1983ع تي ٿيو، تعليم 8 ڪلاس تائين حاصل ڪري سگهيو آهي، زمينداري سنڀالي ٿو، پاڻ نوجوان سماجي ورڪر، يار ويس، ذهين همدرد آهي.
    ڪرم علي ڪيريو: پاڻ حاجي مير حسن جو ٽيو نمبر فرزند آهي، سندس جنم 85-9 –5 تي ٿيو، انٽر تائين تعليم حاصل ڪري سڄو توجهه زمينداري تي ڏي ٿو، ڪافي ٽائيم زمينن تي رهي ٿو ۽ والد جي چوپايو مال جي فارمن جي سار سنڀال ڪري ٿو، هر دلعزيز نوجوان آهي.
    ذوالفقار علي ڪيريو: حاجي مير حسن ڪيريو جو چوٿو نمبر فرزند آهي، سندس جنم 22 آڪٽوبر 1992 تي ٿيو، تعليم انٽر تائين، زمينداري سنڀالي ٿو، ذهين دلعزيز نوجوان آهي. سندس سماجي ڪمن سان به دلچسپي آهي.
    حاجي احمد حسن ڪيريو: پيراڻو خان جو 6 نمبر فرزند آهي، جنم 14 مارچ 1956ع تي، تعليم ايم اي پوليٽڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، پاڻ انتهائي ذهين، کل مک، يارن جو يار، غريبن جو همدرد، فقير منش شخصيت جو مالڪ آهي، اڃان ننڍو ٻار هو ته هن جهول ۾ جڏهن زوالفقار علي ڀٽو آيو ته سندن وڏي ڀاءُ مسو خان مٿي کڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان هٿ ملرايو پر جوش انداز ۾ جيئي ڀٽو جو نعرو هنيو، ان تي ڀٽو صاحب سندس ڳل تي ٿڦڪي ڏني، ان بعد پاڻ پنهنجي ڀاءُ مسو خان ڪيريو سان گڏ قافلي سان گڏ سانگهڙ ويو، جتي ڀٽو تي حملو ٿيو. پاڻ پ پ ۾ سرگرم آهي، ليڪن آفرون ملڻ جي باوجود ڪو به عهدو وٺڻ کانسواءِ انتهائي سرگرم رهيو آهي.پاڻ بلدياتي چونڊن ۾ جوڙ توڙ جو ماهر آهي، سندس گفتگو جو انداز انتهائي وڻندڙ ۽ متاثر ڪندڙ ڪاوڙ ۾ به پاڻ مرڪندي نظر ايندو آهي، ڪوشش ڪندو آهي ته فيصلا ڪرڻ ۾ سندس ڪنهن عمل يا گفتگو سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي.تاريخي ادبي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن.جڏهن ٽي وي جو زمانو نه هو ته پاڻ ريڊيو شوق سان ٻڌندو هو.پاڻ بي بي سي، وائيس آف آمريڪا، وائيس آف جرمني ۽ ٻين ملڪن جي ريڊيو سروس تان اردو ۾ ايندڙ خبرون شوق سان ٻڌندو هو، هاڻ روزانو مختلف ٽي وي چئنلن تي خبرون ۽ سياسي ٽاڪ شو دلچسپي سان ڏسي ٿو، شاگرد دور ۾ راندين سان دلچسپي رهيس، پاڻ فوٽ بال، ڪرڪيٽ، ڪٻڊي جو بهترين رانديگر رهيو.اسڪول ۾ ڊوڙ جي مقابلن ۾ سدائين پهريون نمبر حاصل ڪيو، صوفيانه راڳ ٻڌڻ جو شوق رکي ٿو، زراعت ۾ ڄاڻ رکي ٿو.مثالي آبادگار طور مشهور آهي، پاڻ سياست کان وٺي تاريخي ماڳ مڪانن، مذهب، تعليم تي بهترين انداز ۾ ڳالهائي ٿو، سياسي تجزيه به بهترين انداز ۾ ائين ڪري ٿو جهڙو هڪ بهترين تجزيه نگار صحافي ڪن ٿا.غريب شاگردن، مريضن جي مدد ڪندڙ مسجدن جي تعمير ۽ مدرسن جي غريب بيواهه عورتن جي لڪل هٿ سان مدد ڪري ٿو، کرو ۽ سچو انسان آهي. ڪنهن کي ڳالهه وڻي نه وڻي پر هو هر ماڻهو کي سچ چئي ڏي ٿو، پاڻ سدا بهار شخصيت آهي، کين 2 فرزند شڪيل حسن ڪيريو، جنم 29 فيبروري 2002ع ٻيو فرزند عقيل حسن ڪيريو: جنم 2007ع ٻئي ننڍڙا والد وانگر ذهين آهن، کين هڪ نياڻي پڻ آهي.
    گل حسن ڪيريو ايڊووڪيٽ: پيراڻو خان جو 7 نمبر فرزند گل حسن ڪيريو ايڊووڪيٽ، جنم 7 مارچ 1964ع پاڻ ايم اي اڪنامنس ايم اي اسلامي ڪلچر، ايم اي پولٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪئي اٿس، ننڍي هوندي کان ذهين، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکندڙ هر دلعزيز، سٺي سوچ رکندڙ شخصيت آهي.پاڻ سانگهڙ جي سينيئر وڪيل امير علي لسڪاڻي سان گڏ پريڪٽس ڪئي، پاڻ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل آهي.غريبن کان وڪالت جي في نٿو وٺي، ماڻهن کي مفت قانوني مشورا ڏي ٿو، پاڻ پ پ جي پليٽ فارم تان سياست به ڪري ٿو، شاگردي زماني ۾ ڪٻڊي جو بهترين رانديگر ۽ اسڪول ۾ ڪٻڊي ٽيم جو ڪپتان به رهيو، تعلقه ضلعي ليول تي ڪٻڊي ٽورنامينٽون کيڏيون، ڪيترن ۾ ئي ڪاميابي ماڻي، ڪيترائي ڪپ حاصل ڪيا، ادب سان گهري دلچسپي رکي ٿو، ڪچهرين جو ڪوڏيو، يار ويس، مهمان نواز شخصيت آهي، سماجي ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿو، سيئر تفريح ۾ 15 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ويا آهن ٽي حج ۽ ڪيترائي عمرا ڪيل آهن، صوفيانه راڳ چاهه سان ٻڌي ٿو، کيس مانجهي فقير، سوڍل فقير، وزير علي شاهه، اظهر دايو ۽ ٻيا صوفي راڳي جا ڳايل گيت پسند آهن، اڇي رنگ جا ڪپڙا شوق سان پائي ٿو، کيس 2 فرزند جميل حسن جنم 2014ع ۾ انصاف حسن جنم 2010ع ٻئي پڙهن ٿا.
    غلام حسين ڪيريو: پيراڻو خان جو 8 نمبر فرزند پاڻ بهترين زميندار، هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو، 40 سالن جي ڄمار ۾ 2006ع ۾ انتقال ڪري ويو.
    الهوڌايو ڪيريو: پيراڻو خان جو 9 نمبر فرزند هو، زمينداري، سماجي ورڪر، بهترين انسان هو، 1998ع ۾ 30 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو.
    حاجي خدا بخش خان ڪيريو: ولي محمد ڪيريو جو 4 فرزند حاجي خدا بخش خان ڪيريو علائقي جي مشهور سياسي، سماجي ۽ هر دلعزيز شخصيت ٿي گذريو هو، ضلعي سانگهڙ جا ڪافي جهونا سياسي اڳواڻ ۽ نظرياتي ورڪر سياست ۾ سندس شاگرد آهن، پاڻ تقريبن 1922ع ۾ جنم ورتو. پاڻ پ پ جو بنياد ميمبر آهي.سندس پارٽي کي ضلعي ۾ فعال بڻائڻ ۾ اهم ڪردار رهيو، خوبصورت عمارتون ٺاهڻ جو شوقين هو، جهول ۾ خوبصورت مارڪيٽون ٺهرايون، ڳوٺ ۾ خوبصورت وسيع بنگلو ٺهرايو، گهر جي به خوبصورت عمارت ٺهرائي عمارتن جا نقشا اڄ جي ڪنهن بهتر انجنيئر جهڙا ٺاهيندو هو. سخي منش، مهمان نواز، غريبن جو هڏ ڏوکي، سنجيده، کرو، سچو انسان هو، جهول ۾ مارڪيٽ ٺاهي بي روزگارن کي روزگار لاءِ مفت ۾ يا معمولي مسواڙ تي دوڪان ڏنا، دوڪانداري لاءِ غريب ماڻهن جي مالي مرد ڪئي، تعميراتي ڪمن سان سندس حد درجي تائين شوق رهيو، جهول ۾ مارڪيٽ، جڳهن توڙي ڳوٺ ۾ پاڻ ۽ خاندان لاءِ جديد اوطاقون گهر ٺهرائڻ لاءِ خود نقشا تيار ڪيا ۽ پنهنجي نگراني ۾ اهو تعميراتي ڪم مڪمل ڪرايو، ڳوٺ لاءِ ٻن ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي ابراهيمي قبرستان نالي قبرستان ٺهرايو، قبرستان ۾ ايران جي قبرستانن وانگر پڪيو رستو ٺهرايو وڻ گل ٻوٽا رکرايا، پاڻ مشهور سياسي سماجي شخصيت هو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پ پ ٺاهي ته پاڻ پ پ ۾ شامل ٿيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن سانگهڙ ويندي جهول مان گذيو ته سندس والهانا استقبال ڪرايو ۽ بعد ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ٻين مائيٽن سان گڏ ڀٽو سان گڏ سانگهڙ ويو، جتي ذوالفقار علي ڀٽو تي حملو ٿيو، ان وقت خدا بخش ڪيريو، ڀٽو سان گڏ هو، پاڻ ڳوٺ ۾ اسڪول به قائم ڪرايو ۽ پنهنجي خاندان سان گڏ هارين ۽ علائقي جي غريبن جي اولاد کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نه صرف همٿايو پر سندن ڪتابن ۽ مالي مدد به ڪئي، علائقي ۾ ماڻهن جي ڏک سک ۾ شريڪ رهيو پاڻ جهول جي بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ڪيو، 86ع ڌاري ٽائون ڪميٽي جهول جو چيئرمين رهيو ۽ جهول ۾ ڪافي بنيادي مسئلا حل ڪرايا ترقياتي ڪم ڪرايا، پاڻ وڏي ليول تي خير خيراتون ڪندو هو، مخفي انداز ۾ غريبن جي مالي مدد، هر عيد تي غريبن جي مددڪندو هو، پاڻ مثالي زميندار به هو، پاڻ ڪيترائي حج ۽ عمره به ڪيا، علائقي جي عوام جي ڏک سک ۾ بروقت شريڪ ٿيندو هو، غريب بيمار ماڻهن کي علاج لاءِ مالي مدد ڪندو هو، پاڻ علائقي ۾ سياسي جوڙ توڙ جو وڏو ماهر طور مڃيو ويندو هو، پاڻ ڪوشش ڪندو هو ته سندس ڪنهن عمل يا ڳالهين سان ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي، سندس گفتگو اديبانه هوندي هئي، سندس ڳالهائڻ ۾ مٺاس ۽ اثر هوندو هو، سندس ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت رهي، ڪچهرين جو ڪوڏيو هو، ڪيترن ئي صحافين جي به سرپرستي ڪندو هو، پاڻ لبرل مذهبي شخصيت هو، پاڻ 74 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي کين پٽ جو اولاد نه هو.


    جمال فقير کان فقير محمد بخش خاصخيلي۽ فقير حسين بخش خاصخيلي تائين

    سانگهڙ ضلعو خاص طور شهدادپور تعلقي واري علائقي ۾ عوام جي دلين تي راڄ ڪندڙ مشهور سياسي سماجي عوام دوست شخصيت جمال فقير خاصخيلي جون عوام جون خدمتون، علائقي جي عوام وٽ خوشين ۽ غمين جي لمحن ۾ بروقت شريڪ ٿيڻ ڪنهن کان ڳجهو نه آهي. پاڻ 1922ع ۾ حاجي وريام خاصخيلي جي گهر ۾ جنم ورتو. مرحوم جمال فقير جو شمار انتهائي ذهين ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. سندس ذهانت تي پاڻ کي ذهين سڏائيندڙ ماڻهو دنگ رهجي ويندا هئا. وٽن ڪم ڪارين لاءِ ڪير به ايندو هو ڀلي اهو واقف هجي يا اڻ واقف حر جماعت جو هجي يا ڪنهن به پير جو مريد مسلم ليگ جو هجي، پ پ جو يا ڪنهن ٻي پارٽي جو پر سندس ڪم ڪاريون سندن مسئلا حل ڪرائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو هو. شهدادپور شهر ۾ اوطاق تي ويندڙن جي خدمت ڪرڻ مهمان نوازي ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو. ڪهڙو به دور هجي پر جمال فقير جي اوطاق جون رونقون بحال رهيون ۽ بحال آهن. فيصلا ڪرڻ جو ماهر انصاف ڀريو فيصلو ڪندو هو، فيصلي ۾ اهو ڪونه ڏسندو هو ته هو ڪير آهن، هو الله کي حاضر ناظر ڄاڻي فيصلا ڪندو هو. پاڻ هڪ مثالي زميندار هو، صبح شام زمين تي وڃي فصل کي ڏسندو هو ۽ هارين کي زمين جا ڪم ڪار سمجهائيندو هو. پاڻ حر مجاهد فورس جو ڪمانڊر پڻ هو. 65ع ۽ 71ع وارين جنگين ۾ پنهنجي مرشد پير صاحب پاڳارو جي هدايتن تي پاڪ وطن جي حفاظت لاءِ سرحد جي حفاظت لاءِ اتي ڀارت جي فوج سان دليري سان وڙهيو. پاڻ پير سائين جي هدايتن تي ڌاڙيلن سان مقابلا ڪري کين ماريو، پاڻ اليڪشن ۾ جوڙتوڙ ۽ اليڪشن جي ٽيڪنڪ جو وڏو ماهر هو. پاڻ روايتي بااثر ماڻهن وانگر ڏوهارين لوفرن سان تعلقات وڌائڻ بجاءِ سدائين انهن جي خلاف رهيو. پاڻ ڏوهارين جو دشمن، شريف ماڻهن جو يار هو. پاڻ پنهنجي اولاد جي به بهترين تربيت ڪئي، اهوئي سبب آهي ته جمال فقير جي وصال بعد به سندس اوطاق وسي رهي آهي. سندس فرزند فقير محمد بخش خاصخيلي ۽ فقير حسين بخش خاصخيلي پنهنجي والد وانگر سخي، مهمان نواز، عوام جا هڏ ڏوکي، ذهين، فيصلن جا ماهر، فيصلو اهڙو انصاف ڀريو جو ٻين بااثر ماڻهن کان فيصلا نه ٿيندڙ فيصلن کي به اهڙي انداز ۾ ڪري رهيا آهن، جو ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿيو وڃن، سندن وصال 30 اپريل 2002ع تي ٿيو.
    فقير محمد بخش خاصخيلي: 22 آڪٽوبر 1957ع ۾ ڳوٺ ماڻو جمالي ۾ جنم ورتو. شهدادپور جي پرائمري تعليم مين پرائمري سنڌي سيڪنڊري گورنمينٽ هاءِ اسڪول بي اي ۽ ايم اي پرائيويٽ امتحان ڏئي پاس ڪئي. سياست جي شروعات 1980ع ۾ ضلع ڪائونسل جي يونين ڪائونسل ملدسي ۾ مير مراد علي ٽالپر جي وفات ڪري خالي ٿيل سيٽ تي پير بخش ڏيرو سان اليڪشن وڙهي سيٽ کٽڻ سان ڪئي. 83ع ۽ 87ع ۾ ميونسپل ڪميٽي شهدادپور ۾ ڪائونسلر جي سيٽ تي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. 87ع ۾ ميونسپل ڪميٽي جو چيئرمين ٿيو. 1997ع ۾ شهدادپور جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿي ايم پي اي ٿيو ۽ پاڻ پارليامينٽ سيڪريٽري به بنيو. پاڻ هردلعزيز زندهه دل يار ويس بنا فرق جي عوام جي خدمت جو جذبو رکندڙ انتهائي سنجيده شخصيت آهي. اقتدار ۾ هجي يا نه پر بي پهچ ماڻهن جي خدمت کي افضل عبادت سمجهي ڪري ٿو، ڪنهن به پارٽي جو ماڻهو ڪم ڪارين لاءِ ايندو ته لک عزتون وٺي ويندو. ڪم ڪاريون پارٽي بنيادن تي نه پر انسانيت جي خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت ڪندو رهي ٿو. بقول سندس ته اسان سياست مال ڪمائڻ نه پر عزت ڪمائڻ لاءِ ڪري رهيا آهيون. اسان جو ماضي حال عوام سامهون آهي. سياست ۾ هڙان وڙان خرچ ڪندا رهون ٿا. سندس بلديه جي چيئرميني وارو دور ۽ سندس ڀاءُ فقير حسين بخش خاصخيلي جو تعلقي ناظم شپ وارو دور بلديه شهدادپور جي تاريخ ۾ سونهري دور ليکيو وڃي ٿو. شهدادپور ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم، پارڪن جي خوبصورتي کان وٺي لائبريرين جي بهتري ٻنهي ڀائرن جي دور ۾ ٿي آهي. ٻنهي ڀائرن جي دور ۾ شاپنگ سينٽر ٺهيا. شهر جا روڊ رستا، گهٽيون ٺهيون، روشني جو بهترين انتظام ٿيو. پاڻ اداس لمحن ۾ سمهي ننڊ ڪندا آهن، خوشي جي لمحن ۾ الله سائين جو شڪر ادا ڪندا آهن. پاڻ وڏو مهمان نواز، سخي، غريبن جو هار، يارن جو يار آهي، کين ڪوڙو ۽ منافق انسان نه وڻندو آهي، نيڪي جاڪم ڪندي خوشي محسوس ڪندو آهي. پاڻ ٻه دفعا مسلم ليگ ”ف“ ضلع سانگهڙ جو صدر رهيو آهي، سندس ڪوششن سان ڪيترائي ٻين پارٽين وارا مسلم ليگ ”ف“ ۾ شامل ٿيا آهن.
    فقير حسين بخش خاصخيلي: سندس شخصيت نرالي آهي، سچو کرو انسان آهي. پنهنجي والد وانگر ذهين عوام جي خدمت جو جذبو رکي ٿو. يارن جو يار آهي، ميونسپل ڪاميٽي شهدادپور جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم سندس تعلقي ناظمي واري دور ۾ ٿيا. سهڻي ميهار جي شهدادپور شهر کي خوبصورت بنائڻ لاءِ شهدادپور- هالا، شهدادپور-شاهپورچاڪر، شهدادپور- سانگهڙ، شهدادپور- سومر فقير هنڱورو رستن تي مختلف شخصيتن جي نالن تي خوبصورت گيٽ ٺهرايا. جڏهن ته شاهپورچاڪر روڊ کان حضرت بهادر فقير، حضرت هاشم شاهه، شهدادپور سانگهڙ روڊ کان شير لغاري ۽ ٻين ڳوٺن ڏانهن ويندڙ روڊن تي گيٽ ٺهرايا ۽ شهدادپور شهر جي چونڪن تي پڻ مشهور شخصيتن جي نالن تي خوبصورت چونڪ ٺهرايا. شاهه لطيف پارڪ کي ٻيهر جديد انداز ۾ ٺهرايو. لائبريرين جي مرمت ۽ وڌيڪ ڪتاب خريد ڪري ڏنا. شهر جي تقريبن روڊن جي بهترين مرمت، شهر ۾ ڪجهه نوان روڊ به ٺهرايا. شهر جي تقريبن گهٽين ۾ سي سي بلاڪ ۽ فرشبندي ڪرائي. فقير حسين بخش خاصخيلي جي دور ۾ نه صرف شهدادپور شهر پر مختلف يونين ڪائونسلن ۾ به ترقياتي ڪم ڪرايا. جڏهن ته مختلف علائقن جي ڊرينيج جي شروعات ڪئي. هلندڙ ڊرينيج سسٽم کي بهتر بنايو، مختلف ڪچن رستن تي پليون ٺهرايون، اسٽريٽ لايئٽ جو نظام بهتر بنائي شهدادپور کي روشنين وارو شهر بنايو، صفائي جو نظام بهتر بنايو. راندين کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪيون، سياسي جوڙ ٽوڙ ۾ فقير حسين بخش خاصخيلي پنهنجو مٽ پاڻ آهي. فيصلا انصاف ڀريا سياسي جوڙ توڙ ۽ فيصلا پنهنجي والد جمال فقير کان سکيو.
    پاڻ عوام جي خدمت کي افضل عبادت سمجهن ٿا، فقير حسين بخش خاصخيلي جو جنم 63-1-12 تي ٿيو. پرائمري تعليم، پرائمري اسڪول مان نائون ڏهون، ڪينٽ پبلڪ اسڪول ڪراچي مان، انٽر کان پوءِ ايم اي پوليٽيڪل سائنس تائين گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور مان حاصل ڪئي. شاگرد واري دور ۾ 1978ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور ۾ ايم ايس ايف جي پليٽ فارم تي سرگرم رهيو. باقائده سياست ضلع ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ سان ڪئي. مسلم ليگ (ف) جو بنيادي طور ميمبر هئڻ جي باوجود ڪنهن به عهدي تي نه رهيو آهي. ڪارڪن جي حيثيت سان ڪنهن عهديدار کان به وڌيڪ ڪم ڪري ٿو. سندن آئيڊيل شخصيت اعليٰ پير سائين پاڳارو آهن، فقير حسين بخش خاصخيلي طبيعت جي لحاظ کان خوش مزاج آهي. ادب سان گهري دلچسپي رکي ٿو. اسلامي، تاريخي، جنگين جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. اهو چوڻ ۾ هٻڪ محسوس ڪانه ٿي ٿئي ته فقير حسين بخش خاصخيلي عوامي خدمت، ٻاجهاري طبيعت جي ڪري علائقي ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آهي. ڪم ڪارين جي حوالي سان عوام جي خدمت ۽ فيصلن جي حوالي سان مهمان نوازي جي حوالي سان سندن مخالف به تعريف ڪن ٿا. هنن ٻنهي ڀائرن جي عوام دوستي جي ڪري هر دور ۾ فقير هائوس ۾ ڪم ڪارين وارن ماڻهن جي رش هوندي آهي ۽ ٻئي ڀائر ڪڏهن به اهو نه ڏسندا آهن ته ڪم لاءِ آيل حر جماعت جو آهي، سندس پارٽي جو آهي يا ڪنهن ٻي پارٽي جو. علائقي جي اردو، پنجابي ڳالهائيندڙن توڙي هندو مذهب سان تعلق رکندڙ به هنن جي تعريف ڪندي نظر ايندا آهن. دعا آهي ته ٻئي ڀائر سدا خوش رهن.


    حاجي امام بخش جوڻيجو کان عبدالعزيز جوڻيجو تائين

    سنڌ جي قديم قبيلي جوڻيجن جو حسب نسب سنڌ جي اوائلي تاريخ ۾ ان ريت ملي ٿو ته جوڻيجو، جوڻا مان نڪتل آهي. جوڻا ملاح، مهاڻا آهن. سندن شاخ سميجن، ابڙن ۽ سمن مان آهي. جوڻا ڏهر جي پٽ ڀينسين ۽ ساند جي پٽ هالوجي اولاد آهن. جيهو، جاکرو، هوٿي، هنڱورو، ڏيرو ۽ پلي هنن جا ڀائر آهن. تاريخي حوالن ۽ سيني به سيني ايندڙ روايتن موجب ڄام جي اولاد مان ڏهر ۽ ان جي اولاد مان ڀينسين هو. جنهن جي پٺيان ذات جو نالو جوڻا پيو ۽ بعد ۾ جوڻيجا سڏجڻ لڳو. جوڻيجا ذات مختلف راڄن جي پاڙن مان هڪ آهي. ڪتاب سميجا راڄ ۾ لکيل آهي ته ”جوڻيجا“ سميجا راڄ جي هڪ ذات جو نالو آهي تاريخ مظهر شاهه جهانيءَ ۾ لکيل آهي ته مغلن جي دور ۾ سميجا هڪ وڏي قوم هئي. جنهن ۾ جوڻيجا ذات وارا به شامل هئا. جڏهن ته ايس صادق علي جي لکڻ موجب جوڻيجا، دلن جي هڪ پاڙي جو نالو آهي. جيڪي انڙن مان آهن. ڌاريجا ۽ چاچڙ جي احوال ۾ لکيل آهي ته جوڻيجا انهن جو پاڙو آهن. هڪ ٻي روايت موجب جوڻيجا هوٿي ۽ ٿيٻو بن انڙ ۽ بن سمون جي اولاد مان آهن. دادو ضلع ۾ ڪي اين شاهه تعلقه ۾ خانپور لڳ ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ جنم وٺندڙ الحاج امير بخش جوڻيجو، سنڌ جي مشهور سياسي، سماجي شخصيت سخي عوام جو خدمتگار سنڌ جي ثقافت جو امين ٿي گذريو آهي.
    هي خاندان اصل ۾ ڳوٺ چوکنڊي جا آهن. هنن جي وڏي امير بخش جوڻيجو جي ڏاڏي علي بخش جوڻيجو اتان لڏي هتي اچي ڳوٺ ٻڌو اهو ڳوٺ سندس نالي علي بخش جوڻيجو جي نالي تي سڏجي ٿو. هن خاندان جا وڏا پنهنجي علائقي جي راڄن جا پريا مڙس رهندا آيا آهن. حاجي امير بخش جوڻيجو جو والد حاجي امام بخش جوڻيجو برک زميندار هو. شوقيه طور پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو ۽ صوبيدار طور رٽائرڊ ٿيو. ان وقت صوبيدار کي ايترا اختيار هئا جيترا هن دور ۾ ايس ايس پي کي. پوليس جو وڏو دٻ دٻو هوندو هو. پر حاجي امام بخش جوڻيجو پوليس ۾ رهي عوام جي خدمت ڪئي محافظ هئڻ وارو ڪردار ادا ڪيو. سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سندس گهر ۾ 1916ع ۾ امير بخش جوڻيجو جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي. سنڌ ۾ بهترين سياستدان، سماج سڌارڪ، عوام دوست، سخي، سنڌ جي ثقافت جو امين طور نالو ڪڍرايو. پاڻ پرهيز گار نيڪ انسان ثابت ٿيو. جنهن تي نه فقط سندس خاندان وارا پر سندس علائقو، دادو ضلع ۽ سنڌ جا ساڃاهه وند ماڻهو هر طرح سان ساراهه ڪن ٿا. پاڻ سڄي ڄمار عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ ڪري نه صرف علائقي ۾ پر سڄي سنڌ ۾ سندس خوشبو پکڙي ۽ پاڻ عوامي خدمتگار ۽ سنڌ جي ثقافت جو امين سان مشهور ٿيو. امير بخش جوڻيجو اهو عظيم شخصيت هو جنهن بيماري واري حالت ۾ به عوام جي خدمت ڪئي. ڊاڪٽرن ۽ پنهنجي فيملي وارن جي گذارشن تي عمل ڪري عوام کان پري نه رهيو. آخري دم تائين عوام جي خدمت جاري رکي. سندس عوام ۾ مقبوليت جو اندازو سندس وصال بعد سندس آخري سفر ۽ چاليهي تائين خانپور جوڻيجو ويجهو سندس ڳوٺ علي بخش جوڻيجو ۾ تعزيت لاءِ ايندرن جو تعداد ۽ انهن ماڻهن پاران سندس جدائي ۾ هنجون هارڻ ۽ مرحوم جون انهن تي شفقت انهن تي مهربانين جون ڳالهيون پئي ڳايون ۽ اهي ڳالهيون ڳائيندڙ پنهنجي نيڻن جا بند روڪي نه سگهيا. سندن نيڻن مان نير وهڻ لڳا. پاڻ 5 ڀيرا پنهنجي تڪ مان ايم پي اي چونڊيو پر روايتي سياست سدائين وانگر پاڻ پنهنجن کي نوازڻ بجاءِ علائقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف رهيو.
    امير بخش جوڻيجو لاءِ اهو مشهور هو ته پاڻ هن دور جو حاتم طائي جو تسلسل هو. هڪ هٿ سان ڏي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پئي سندس مدد سان علائقي جا ڪيترائي غريب تعليم حاصل ڪري روزگار سان لڳا. پاڻ لطيف سائين جي هن ڌرتي جي ثقافت جا امين هئا. پاڻ روايتي وڏيرڪي سياست نه ڪئي. پاڻ روايتي وڏيرا سياستدانن وانگر اسيمبلي ۾ ننڊون نه ڪيون پاڻ اسيمبلي ۾ پنهنجي علائقي ۽ سنڌ جي حقن سنڌ جي مسئلن تي اسيمبلي ۾ بيباڪ ٿي ڳالهايو. ڪراچي هجي يا حيدرآباد يا ڳوٺ ۾ هر وقت ڪم ڪارين لاءِ ايندڙن جا ميڙا هر ماڻهو جي ڪم ڪارين لاءِ دلي طرح ڪوشش ڪندا هئا. پاڻ عوام جي رش مان بيزار نه ٿيندا هئا، عوام جي خدمت کي عين عبادت سمجهي ڪيو ۽ عوام جي خدمت ڪندي عوام جا مسئلا حل ڪرائيندي خوشي محسوس ڪندو هو. هن عظيم انسان جو وصال علائقي تي وڄ وانگر ڪريو. عام چوڻي ته ”پٿر پرايو سور سڀڪا پنهنجي روئي“ وانگر علائقي جي عوام سندس وصال کي ائين محسوس ڪيو جهڙوڪ سندس سر تان ڇانورو ختم ٿي ويو آهي.
    علائقي جي عوام جي حاجي امير بخش جوڻيجو سان اهڙي محبت چاهت، عقيدت، پيار ڏسي سندس فرزند عبدالعزيز جوڻيجو جيڪو ايريگيشن کاتي ۾ سپرنٽنڊٽ انجنيئر جهڙي اهم پوسٽ تي هو ان کي احساس ٿيو ۽ هن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي والد جي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ عوام جي بي لوث خدمت ڪرڻ واري جذبي تحت سپرنٽنڊٽ انجنيئر جي پوسٽ ڇڏي سياست ڪندو. ڪجهه دوستن سندس اهڙي فيصلي کي ساراهيو ڪن کيس اها پوسٽ ڇڏي سياست ڪرڻ کان روڪيو پر هن خاندان جي رت ۾ عوام جي خدمت وارو جذبو شامل آهي. جڏهن ميڊم فريال ٽالپر سندس ڳوٺ ۾ امير بخش جوڻيجو جي وصال تي تعزيت ڪرڻ آئي ته ميڊم فريال ٽالپر به کيس نوڪري ڇڏي علائقي جي عوام جي خدمت خاطر سياست ڪرڻ جو چيو، ان بعد نوڪري ڇڏي سياست شروع ڪئي. عبدالعزيز جوڻيجو جو والد امير بخش جوڻيجو پ پ سان ئي وابسته هو پر بعد ۾ پ پ قيادت سان ڪجهه اصولي اختلافن ڪري پ پ ۾ رهي ڪري ڄام صادق علي جي دور ۾ چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور فارم ڀرائي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پرويز مشرف دور ۾ گريجوئيٽ جي شرط جي ڪري پاڻ لياقت جتوئي وارن جي حمايت ڪئي ۽ سندس حمايت سان جتوئي گروپ جو قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪامياب ٿيو. 2008ع وارين چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جي ٽڪيٽ تي ڪي اين شاهه مان صوبائي اسيمبلي تي فارم ڀرايو پر محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد پاڻ ورڪ نه ڪئي، جيڪڏهن ان ليول تي ورڪ ڪري ها ته يقينن علائقي جي عوام ۾ مقبوليت جي ڪري اهڙي صورت ۾ به ذاتي حيثيت سان سيٽ ڪڍي وڃي ها.
    عبدالعزيز جوڻيجو ايريگيشن جي سپرنٽنڊٽ انجنيئر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي سياست شروع ڪرڻ تي علائقي جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي. کين محسوس ٿيو ته سندن محسن امير بخش جوڻيجو جي وصال بعد سندس فرزند عبدالعزيز جوڻيجو علائقي جي عوام جي مالڪي ڪندو. علائقي جي عوام لاءِ ڇپر ڇانوَ بنبو.
    عبدالعزيز جوڻيجو جو ماضي جڏهن ايريگيشن جو آفيسر هو. ايس ڊي او کان سپرنٽنڊٽ انجنيئر تائين هڪ مثالي آفيسر هو. ايس ڊي او جي حيثيت ۾ جن به سب ڊويزنن ۾ انجنيئر جي حيثيت سان جن به ڊويزنن ۾ سپرنٽنڊنٽ انجنيئر جي حيثيت سان روهڙي سرڪل ۾ رهيو جنهن به حيثيت ۾ جتي به رهيو. آبادگارن جي دلين تي راڄ ڪيو. پاڻ باهمٿ فرض شناس، ايماندار، عوام دوست ۽ جدوجهد ڪندڙ آفيسر طور مشهوري ماڻي. پاڻ نصير ڊويزن، داد ڊويزن جهڙين ڊويزنن کي ڪاميابي سان هلايو. جتي پڇڙين ۾ پاڻي جي مسلسل کوٽ جون شڪايتون عروج تي هيون پر پاڻ نه صرف انهن ڊويزنن پر جتي به رهيو ٽيل ۾ پاڻي پهچايو. پاڻ هڪ آفيسر جي حيثيت سان مال نه پر عزت ٺاهي. عبدالعزيز جوڻيجو لاءِ مشهور آهي ۽ مون کي به ذاتي طور خبر آهي ته پاڻ ڪڏهن ڪڏهن خرچ لاءِ گهران ڏوڪڙ گهرائيندو هو ۽ اهو انوکو مثال آهي ته سڻڀين پوسٽن تي رهندي گهران به خرچ ڪري ڇڏيندو هو. جهڙي ريت پاڻ ڪامياب عوام دوست آفيسر طور پاڻ ملهايو ۽ نالو ڪڍرايو اهڙي ريت سياست ۾ اچڻ بعد عوامي خدمت ڪرڻ ڪري پاڻ کي بهترين سياستدان طور مڃرايو آهي. سياست ۾ اچڻ شرط پنهنجي ڪردار، پنهنجي عوام دوستي عوام جا ڪم ڪاريون ڪرڻ، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ ڪري مختصر عرصي ۾ عوام جي دلين ۽ دماغ ۾ ڇائنجي ويو. حاجي امير بخش جوڻيجو جي شخصيت ته نرالي هئي ان جي جاءِ ته ڪير به والاري نه سگهندو پر عبدالعزيز جوڻيجو عوام جي اعتماد تي لٿو آهي. حاجي امير بخش جوڻيجو جي وصال بعد عوام ۾ جيڪا مايوسي اڀري اها ختم ٿي وئي آهي عبدالعزيز جوڻيجو علائقي جي عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل پاڻ پتوڙي رهيو آهي. پاڻ ننڍي چونڊ ۾ پي ايس ڪي اين شاهه تان ڪامياب ٿيو آهي. جڏهن اسيمبلي ميمبر نه هو تڏهن به هن تڪ ۾ وقت ڏنو ۽ هاڻ به پاڻ پنهنجي علائقي کي مسلسل ۽ مڪمل طور وقت ڏئي رهيو آهي. سندس ڪوششن سان ڪيترن ئي ڳوٺن کي روڊ رستا، بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي، اسڪولن جون بلڊنگون مليون آهن. مقامي ليول جا روينيو، پوليس، صحت، تعليم ۽ ٻين کاتن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جا ننڍا مسئلا جيڪي مسئلا ته ننڍا آهن پر عام ماڻهوءَ لاءِ اهي ننڍا مسئلا انتهائي وڏا آهن جنهن ملڪ ۾ ڪرپشن، رشوت، اقربا پروري هجي. جنهن ملڪ ۾ عوام جي محافظ پوليس پنهنجي اسٽيٽ قائم ڪريو ويٺي هجي. جتي عوام جي خدمت لاءِ مقرر ڪيل ڪامورا پاڻ کي بي تاج بادشاهه محسوس ڪندي عوام کان پري رهڻ جي ڪوشش ڪن. پنهنجا دروازا عوام لاءِ بند رکن ساڻن ڪم ڪارين لاءِ ملڻ لاءِ عوام کي ڪئين ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پئي ۽ عام ڪم ڪارين جا به اگهه مقرر ڪري ان لاءِ پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا هجن اتي مسڪينن غريبن جا ننڍا مسئلا به وڏا مسئلا آهن ۽ هو پنهنجي جائز مسئلن جي حل لاءِ يا ته ايجنٽن کي ڏوڪڙ ڏين يا ته رلندا رهن مختلف بهانن سان کين شنوائن ڏنيون وڃن ٿيون، عبدالعزيز جوڻيجو جي ڪوششن سان عوام جا اهڙا جائز مسئلا بنا دير حل ٿي رهيا آهن. سندس اهڙي ڪوششن جي ڪري هن عوام ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي، 2013ع چونڊن ۾ پ پ پ کيس ٽڪيٽ ڏني، پر ڪن ٽيڪنيڪل مسئلن ڪري سندس نامينيشن فارم رد ٿيو ته اها ٽڪيٽ سندس گهر واري پروين جوڻيجو کي ملي، جنهن کان بعد ۾ استعيفيٰ ورتي وئي ۽ ننڍي چونڊ ٿيڻ واري هئي پر لياقت جتوئي جي پٽيشن ڪري اها سيٽ ان کي ملي، بعد۾ هن ڪيس ڪيو ۽ کٽيو، اتي ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي ماڻي. عبدالعزيز جوڻيجو جي اڪيلي فرزند فهد جوڻيجو جو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ هي آرٽيڪل اڻ مڪمل ٿيندو. پيارو فهد جوڻيجو گلاب جي خوشبو جهڙو هڪ مسيحا ڪردار وارو هو. ننڍي هوندي کان ذهين، ماٺيڻو، ڪرڪيٽ کيڏڻ ڏسڻ جو شوقين رهيو. ننڍي عمر ۾ سنجيده غريب شاگردن جي مدد ڪندڙ هو. کيس پنهنجي خاندان جو سياسي وارث بنائڻ لاءِ والدين کيس آمريڪا ۾ پڙهائڻ جو سوچيو ته هو اتي پڙهي قانون جي ڊگري حاصل ڪري پر پاڻ وقت کان اڳ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو پاڻ فرسٽ ايئر جو امتحان پاس ڪرڻ بعد اي سي ڪي اي جو امتحان پاس ڪرڻ لاءِ داخل ڪيو ويو ان دوران پاڻ فيملي سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ سعودي عرب ويو. جتي کيس بخار، کنگهه، رت جون الٽيون اچڻ لڳيون واپس وطن ايندي آغا خان مان ڪرايل ٽيسٽن مائيٽن ۽ سندس دوستن کي ڇرڪائي وڌو جو کيس هڏي جي ڪينسر ظاهر ٿي. سندس علاج آمريڪا جي بهترين اسپتال مان ڪرايو ويو ڪوبه فائدو نه ٿيو. کيس آمريڪا جي شهر هوسٽس جي اسپتال مان به اعلاج ڪرايو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته هاڻ فهد کي دعائن جي ضرورت آهي. ۽ فهد جي ان اسرار تي آئون پنهنجي ڌرتي تي پنهنجي گهر ۾ پنهنجي ئي وچ ۾ مرڻ چاهيان ٿو مون کي واپس وطن وٺي هلو سندس اسرار تي کيس واپس آندو ويو جتي 19 سالن جي ڄمار ۾ 9 نومبر 2010ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. فهد سلڇڻو، ننڍي وڏي سان پيار ڪندڙ، غريب امير، نوڪرن کي هڪجهڙي عزت ڏيندڙ هر وقت سندس چپن تي مرڪ هوندي هئي ۽ بيماري دوران ۽ مرڻ تائين ايڏين تڪليفن اچڻ موت کي اکين سان ڏسڻ جي باوجود اها مرڪ جاري رهي. سندس وصال سندس والدين، ڀينرن ۽ مٽ مائٽن لاءِ قيامت کان گهٽ نه هو. فهد جاني جي وصال تي سندس دل تي ڇا گذريو هوندو؟ اهو اندازو هر حساس دل وارو لڳائي سگهي ٿو. دم ڌڻي حوالي ڪرڻ کان اڳ والدين کي گڊ نائيٽ چئي هميشه لاءِ ابدي ننڊ سمجهي رهيو.
    حواله
    تاريخ مظهر شاهه جهاني.
    ڪتاب سميجا راج.
    ڪتاب سخي امير بخش جوڻيجو.
    ڪي اين شاهه علائقي مان ماڻهن کان ورتل معلومات.


    ملدسي جي سخي مرد وارث ڏنو ڏيرو”اول“ کان پير بخش ڏيرو ۽ بابل ڏيرو تائين

    شهدادپور کان 9 ڪلوميٽر اولهه طرف روهڙي ڪينال جي ڪناري تي آباد ننڍڙو شهر ملدسي جتان ماضي ۾ سنڌو درياءُ جو ڦاٽ لهاڻو وهندو هو. جنهن ۾ لطيف سائين جي سورمي سهڻي ميهار سان ملڻ ويندي ٻڏي وئي هي ڳوٺ هڪ عورت پاران ملهه وڙهڻ جي حوالي سان به مشهور آهي، ملدسي ۽ سهڻي ميهار جو تفصيل سان ذڪر هن ڪتاب ۾ الڳ سان شامل آهي. اسان هتي صرف هن ڳوٺ ۾ قديم زماني کان رهندڙ مشهور ڏيرا خاندان جو ذڪر ڪنداسين. هي خاندان ماضي ۾ سخاوت لوڪ ادب جي حوالي سان مشهور رهيو آهي. ملدسي ۾ رهندڙ ڏيرا جيڪي فقير سڏجن ٿا اصل ڪٿان ۽ ڪڏهن آيا؟ ڪابه معلومات نه آهي. اسان کي جيڪا معلومات ملي ٿي اها صرف وارث ڏنو خان ڏيرو اول کان ملي ٿي، هنن جو پاڙو ثابت پوٽا سڏيو وڃي ٿو. يعني هي خاندان شاهه لطيف جي ناناڻي خاندان جي شاخ آهي. ماضي ۾ ملدسي ۾ هندو زميندارن ۽ واپارين جي بلي بلي هئي پر وارث ڏنو ڏيرو اول جو علائقي ۾ وڏو دٻ دٻو هو، ان دور ۾ سنڌ ۾ اهڙو دٻ دٻو هڪڙو هندن جو ٻيو انگريز پاران سر خان صاحب خان بهادر ۽ ٻيا اهڙا لقب ماڻيندڙن جو هو. پر وارث ڏنو ڏيرو ”اول“جو دٻ دٻو اثر پنهنجي ڪردار ۽ شخصيت جي ڪري هو. پاڻ ظاهري طور وڏو روعب تاب وارو پر اندر ۾ فقير منش انسان هو ، غريبن جو مددگار علائقي ۾ لچ لوفر غريبن کي تنگ ڪندڙن جو دشمن هو، چون ٿا پاڻ عاشقانه مزاج به هو. سندس اصول پرستي ڏاڍي مشهور آهي. اگر سندس ڪو ويجهو مائٽ به ڪا غلط حرڪتون ڪندو هو ته کيس به بخش نه ڪندو هو. سندس زرعي زمين هزارين ايڪڙ هئي. ڪيترائي واٽر ڪورس سندس زمين جا هئا، سندس زمين زهر پير مائينر ۽ ملدسي مائينر تي آباد هئي. چوپايو مال، ڀلن گهوڙن جو شوقين پاڻ وڏو اوطاقي هو. انگريز دور ۾ مسلمانن تي بنا سبب جي ظلم ڪندڙ بااثر هندن سان مهاڏا اٽڪايا ۽ هڪ هندو سيٺ کي بندوق هڻي ماري وڌو گرفتار به ٿيو پر شاهديون نه هئڻ ڪري آزاد ٿي ويو، اهو هندو سيٺ مسلمانن کي تنگ ڪندو هو، وارث ڏنو ڏيرو ”اول“ سهڻو جوان هوندو هو. خوبصورت لباس خاص طور فل سوٽ پائيندو هو. ڀلا گهوڙا رکندو هو. عيدن ملاح ۽ حاجي ملاح سندس ويجهن خاص ماڻهن ۾ شامل هئا. پاڻ سئر تفريحي جو وڏو شوقين هو. سندس تقريبن وصال 1938ع ۾ 42 سالن جي ڄمار ۾ ٿيو، پاڻ پنهنجي دوست حاجي ملاح سان گڏ لاڙ ۾ دوستن وٽ گهمڻ ويو جتي پراسرار نموني وصال ڪري ويو. سندس لاش ڪاٺ جي پيتي ۾ وجهي اٺ تي ڳوٺ ۾ آندو ويو. کيس اباڻي ساياتن جي قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. هڪ دفعي وارث ڏنو ڏيرو ”دوئم: ساياتن جي قبرسان ۾ سندس قبر به ڏيکاري هئي پر هاڻ خبر ناهي ته سندس قبر ڪهڙي آهي. سندن ويجهن عزيزن ۾ فقير محمد موسيٰ ڏيرو هو جيڪو ڳوٺ جي وڏيري طور ان کي پڳ ٻڌائي وئي، فقير محمد موسى جو جنم تقريبن 1900ع ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو ولي محمد ڏيرو هو پاڻ صرف سنڌي جا چار درجا ۽ قرآن شريف پڙهيل هو، ننڍي هوندي کان سادگي پسند فقيراڻي طبعيت جو مالڪ هو، پنهنجي دور جو بهترين شاعر ۽ سگهڙ هو، سندس اوطاق جتي ماما غلام محمد غازي مرحوم وارن جو گهر آهي. اتي هئي موجوده اوطاق سندن گهر هو. فقير محمد موسى ڏيرو جي اوطاق تي روزانو رات جو سگهڙن جون ڪچهريون ۽ صوفيانه راڳ ويراڳ جون محفلون ٿينديون هيون. اونهارو هجي يا سيارو اوطاق ۾ موسم موجب باهه جو مچ ٻرندو هو. ڳوٺ جا ماڻهو به رات جو اوطاق تي اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ پنهنجي سوچ مطابق علائقي جو حال احوال ، ڏک سک جون ڳالهيون ڪندا هئا، لکيل پڙهيل ماڻهو ملڪي حال احوال بيان ڪندا هئا. اوطاق تي لنگر خانو 24 ڪلاڪ هلندو هو، مسافر ، مهمان ڀلي آڌي رات اچي کين ماني ۽ موسم آهر بسترو ملندو هو، فقير محمد موسى گهڻو ڪري مهمانن ۽ مسافرن کي ماني پنهنجي هٿ سان کارائيندو هو، سندس اوطاق تي سگهڙن جون وڏيون ڪچهريون به وقت به وقت خاص طور سياري ۾ مچ تي ٿينديون هيون. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان پري پري جا سگهڙ شريڪ ٿيندا هئا. غريب سگهڙن کي ڀاڙو به ڏيندا هئا. غريب سگهڙن، فنڪارن جي مالي مدد به ڪندا هئا. سگهڙن جي ڪچهرين ۾ سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏو فتح خان، ٻيڙو فقير ڪنڀار، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ به شريڪ ٿيا هئا، ملدسي ۾ ٿيل انهن سگهڙن ڪچهرين ۽ محمد موسى ڏيرو جي سخاوت، مهمان نوازي جو ذڪر سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏو فتح جان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري به پي ٽي وي جي پروگرام اوطاق ۾ به ڪيترائي ڀيرا ڪيو، سندس سخاوت ايتري ته مشهور ٿي جو سنڌ جي ڏورانهن علائقن مان غريب، فقير فقراءُ سندس سخاوت جو ٻڌي ايندا هئا. ڪڏهن به سوالي کي خالي نه موٽايو، کيس خوش ڪري موڪليندو هو. ڪيترائي سوالي مينهون، ڍڳيون ۽ ڀلا گهوڙا ڏيڻ لاءِ چوندا هئا ته الله جي نالي اهي به ڏئي ڇڏيندو هو، ڳوٺ جي غريبن جي به مدد ڪندو هو. وٽن مينهن، ڍڳين، ٻڪرين ۽ ٻئي چوپائي مال جا ڌڻ هوندا هئا. ڳوٺ وارا جن وٽ مينهون، ڍڳيون نه هونديون هيون، اهي رات جو کير ۽ صبح مهل لسي ۽ مکڻ وٺڻ لاءِ ايندا هئا. پاڻ سئر تفريح جا به شوقين هئا. سنڌ ۾ ٿيندڙ سگهڙن جي ڪچهرين ۾ باقاعده ويندا هئا پاڻ سان گڏ ڳوٺ جي سگهڙن کي به پنهنجي خرچ تي وٺي ويندا هئا، اوليائن سان سندس عقيدت هوندي هئي، پاڻ ان دور ۾ وڏو سخي هو، سندس سخاوت جي هاڪ سڄي سنڌ ۾ هئي، سنڌ جي ڪيترن ئي سگهڙن بيتن ۾ سندس سخاوت جو ذڪر ڪيو آهي. وٽن سنڌ جا مشهور نڙ بيتائي به ايندا هئا ۽ نڙن تي سگهڙن جا بيتن جي صورت ۾ مختلف واقعن جو قصو بيان ڪندا هئا.سوالين جي سوال مهل اگر وٽن ڏوڪڙ نه هوندا هئا ته چوپايو مال به کپائي سوالين جو سوال پورو ڪندا هئا، بعد ۾ ان حوالي سان ڪجهه زمين به کپائي سندس مائٽ ڪمدار ۽ دوست زمين کپائيڻ کان روڪيندا هئا ته پاڻ انهن تي ناراض ٿي پوندا هئا ۽ چوندا هئا الله سائين ڏنو آهي الله جو آهي، ماڻهو الله سائين جي نالي تي گهرن ٿا کين مايوس نه ٿو ڪري سگهان، پاڻ قد جا ڊگها، سانوري رنگ جا ننڍي ڏاڙهي هئن، ڳالهائڻ جا مٺڙا سندن زبان تي هر وقت بسم الله، سبحان الله جو ورد هوندو هو. لطيف سائين سان سندن وڏي عقيدت هئي، وقت به وقت سندس مزار تي حاضري ڏيندا هئا، پاڻ قرآن شريف ڏاڍي مٺڙي آواز ۾ پڙهندا هئا، کين حديثون ۽ لطيف جا لاتعداد بيت ياد هوندا هئا. پاڻ عيدن خاصخيلي جي نياڻي ماما غلام محمد غازي خاصخيلي جي ڀيڻ نور خاتون سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 4 فرزند محمود ڏيرو وارث ڏنو ثاني محمود ”دوئم“ ۽ پير بخش ڏيرو جو اولاد ٿيو محمود اول ۽ دوئم گذاري ويا، پاڻ تقريبن 64 سالن جي ڄمار ۾ تقريبن 1964ع ۾ وصال ڪيو، سندس وصال 15 رمضان شريف تي ٿيو، سندس آخري آرام گاهه اباڻي ساياتن جي قبرستان ۾ آهي، هن قبرستان ۾ لطيف سائين جا ٻه ڀائرا بزرگ اولياءَ قندر فقير ۽ ڏاڏي سئي ۽ مخدوم بلاول جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيندڙن جون مزارون پڻ آهن، فقير محمد موسى ڏيرو جي وصال وقت سندس فرزند وارث ڏنو ڏيرو ثاني ۽ پير بخش ڏيرو، ننڍا هئا سندن وڏو فرزند محمود ڏيرو، سندن حياتي ۾ وصال ڪري ويو هو. وارث ڏنو ڏيرو دوئم پاڻ50 19ع تي جنم ورتو پاڻ سنڌي 5 ڪلاس پڙهي سگهيو، کيس ننڍي هوندي کان سير تفريح، تاريخي ماڳ گهمڻ، راڳ ويراڳ، صوفيانا ۽ ڳوٺاڻن ڪچهرين سان دلچسپي رهي، وارث ڏنو ڏيرو ۽ پير بخش ڏيرو اڃا ننڍا هئا ته والدين جي وصال ڪري سندن سائي کان محروم رهيا، سڀ ڪجهه هوندي به زماني جي گردش ۾ رهيا، وارث ڏنو ڏيرو کي ننڍي هوندي کان لطيف سائين سان وڏي عقيدت رهي، ننڍي هوندي کان سندن مزار تي حاضريون ڀريندا هئا ۽ راڳ ٻڌندا هئا. پاڻ ته تعليم حاصل نه ڪري سگهيا پر پنهنجي ڀاءُ پير بخش ڏيرو کي اعلى تعليم ڏياري بعد ۾ علائقي جي چڱ مڙسي جي پڳ به جهڙوڪ ان جي حوالي ڪئي پاڻ سڄو وقت غريبن، فقير فقراءُ سان ڪچهرين ۾ گذاريندا هئا. تاريخي، اسلامي، فلسفي، ادب جا ڪتاب ۽ شاهه لطيف، سچل سرمست ، سيد وارث شاهه، ٻلي شاهه، سلطان باهو، جي شاعري جا رسالا سندن مطالعي ۾ رهيا، پاڻ سنڌ ، پنجاب ۾ روحاني سفر ڪري اتان جي مشهور ولي الله جي مزارن تي حاضري ڏني، پاڻ لطيف جي رسالي ۾ آيل ڪردارن جي ماڳ مڪانن تي وڃي مشاهدو به ڪيو، ملدسي ۾ سندن 2 بنگلا هئڻ جي باوجود پاڻ گهرڀرسان واري بنگلي جي سامهون هڪ سادو ڪمرو ٺهرائي اتي ويٺا هوندا هئا. کين لکڻ جو به شوق هو، پاڻ شاهه لطيف جي فلسفي ۽ ڪلام کان وٺي تاريخي ماڳ مڪانن تي به ڏاڍو سٺو لکيو پر ڇپايو نه مون مٿس زور ڀريو پر پاڻ انڪار ڪندا هئا سندن ته اهي لکڻيون شايع ٿين ها ته سنڌي ادب ۾ هڪ اضافو ٿئي ها پر پاڻ شايد شهرت حاصل ڪرڻ نه ٿي چاهي ياڪو ٻيو سبب هو؟ پاڻ والد وانگر وڏا سخي هر عيد تي غريبن کي ڪپڙا ۽ عيد جو سامان وٺي ڏيندا هئا. غريب ماڻهن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندا هئا.ان حوالي سان سندن مدد به ڪندا هئا ڪڏهن به ڪو سوالي هن وٽان خالي نه ويو. جيڪڏهن کين لک رپيا هوندو هو ته شام جو سگريٽن جي پئسن لاءِ ڀاءُ کي چٺي موڪليندو هو،پاڻ علائقي جي غريب بيمار ماڻهن جو علاج ڪرائيندو هو. ڪيترن ئي غريبن کي ڪڻڪ لهندي ڪڻڪ ڏيندو هو. والد وانگر وٽن مينهون، ڍڳيون، ٻڪريون جا ڌڻ هئا پر صبح ۽ شام جو کير لاءِ ايترا ته ماڻهو ايندا هئا جو ڪڏهن ڪڏهن ته کين گهر لاءِ کير ڪٿان ڏوڪڙن تي وٺڻو پوندو هو. پاڻ وڏو ذهين ، همدرد، مخلص، غريبن جو يار هڪ کرو ۽ سچو انسان هو، اڻ واقف سان به ائين ملندا هئا جهڙو پراڻو واقف ڪار هجي، فقيراڻي طبعيت جو مالڪ سادگي پسند هو، ڏينهن جو گهڻو ڪري ڳوٺ سامهون روهڙي ڪينال تي ٻيڙي واري پتڻ وٽ وڻن جي ڇانوءَ ۾ فقراءَ سان ڪچهرين ۾ مشغول هوندو هو. ننڍي هوندي کان ريڊيو جو شوقين هو. جڏهن ڪيترائي ٽي وي چينل آيا پر پاڻ تڏهن به ريڊيو جو شوق رکيو. بي بي سي لنڊن، آل انڊيا ريڊيو سروس، وائيس آف جرمني، وائيس آف آمريڪا تي اردو سروس جي پروگرامن ۾ خبرون شوق سان ٻڌندو هو. راڳ ويراڳ سان وڏي دلچسپي رکندو هو. پاڻ خود به گنگنائيندو هو. سندس آواز ۾ وڏو مٺاس هو. پاڻ ريڊيو تي پراڻن گانن وارا جيڪي پروگرام هلندا هئا اهي شوق سان ٻڌندو هو، کيس محمد رفيع، لتا منگيشڪر، آشا، شمشا بيگم، جيوڻي ٻائي ، خانصاحب منظور علي خان پسند جا فنڪار هئا، جڏهن انهن جا ريڊيو تي گيت ٻڌندو هو ته انهن گيتن ۾ پاڻ به گم ٿي ويندو هو، پاڻ عارفانه شاعري به ڪئي پر ڪڏهن نه ڪنهن فنڪارن کان ڳارائي نه ڪنهن اخبار يا ميگزين ۾ ڇپرائي هڪ دفعي ڳوٺ ۾ ڪنهن جي شادي ۾ سندس هڪ نوڪر سندس هڪ ڪلام فنڪار شريف لاشاري کي ڳائڻ لاءِ ڏنو ته پاڻ حيرت ۾ پئجي ويو، بعد ۾ جاچ ڪرائي ۽ ان نوڪري تي ناراض ٿيو، آخري ڏينهن ۾ پاڻ نوٽ بڪن تي لکيل شاعري ۽ ٻيون لکڻيون به روهڙي ڪينال حوالي ڪري ڇڏي، پاڻ ڪچهرين جا ڪوڏيا هوندا هئا. تاريخي ۽ زماني جا پراڻا قصا ڪهاڻيون اهڙي ته منفرد انداز ۾ ٻڌائيندو هو جو ڀلي ڪنهن کي ڪيتري به ايمرجنسي هجي پر ٻڌندڙن جي دل اٿڻ لاءِ نه چوندي هئي پاڻ هونءَ ته هر ماڻهو سان پيار ڪندو هو پر پوڙهن ۽ ٻارن سان کيس وڌيڪ محبت هئي. چوندو هو ٻار ۽ پوڙهن جا ذهن برابر آهن. هنن کي وقت ڏيڻ گهرجي. هنن کي محبت ڏيڻ جي ضرورت آهي ڳوٺ جي ڪيترن ئي ٻارن کي روزانو خرچيون ڏيندو هو، ڳوٺ جي درويش ماڻهن سان به محبت ۽ ساڻن ڪچهريون ڪندو هو، ملدسي ۾ نور آرٽ ڪلچرل ويلفيئر اڪيڊمي پاران جيجي زرينا بلوچ، ڦوٽو زرداري، استاد صديق خاصخيلي، غلام رسول لوهار فنڪار سان رهاڻيون ۽ استاد بخاري ادبي ڪانفرنس ۽ ٻيا ادبي ثقافتي مذهبي پروگرامن جي حوالي سان سندس سهڪار رهيو، سندس تعاون سان ملدسي ۾ ڪيتريون ڪٻڊي ٽورنامينٽون ، والي بال ميچون به ٿيون پاڻ نه صرف علائقي پر سڄي سنڌ ۾ واسطيدار غريب ماڻهن جي خوشي ۽ غمن جي موقعي تي مالي مدد ڪندو هو، انتقال ڪري ويل سندس والد جي ساٿارين مان ڪيترن ئي جون قبرون پڪيون ڪرايون، گولو پير جي قبرستان ۾ گولو پير ۽ لطيف سائين جي ڏاڏي سيد جمال شاهه جون خسته حال آخري آرام گاهه به پڪا ڪرايا ۽ انهن جي آخري آرام گاهن تي سندس نالن وارا پٿر لڳرايا، سندس خواهش هئي ته هنن ٻنهي ولي الله مٿان چوکنڊيون ٺهرايان، وارث ڏنو ڏيرو کي موسيقي جي وڏي ڄاڻ هئي، پاڻ جانورن سان به پيار ڪندا هئا. ڪو گڏهه، ڪتو، ٻلو زخمي ڏسندو هو ته ان جو علاج ڪرائيندو هو. پاڻ روزانو سندس ڪمري آڏو ڄار ، کٻڙ جي قديمي وڻن تي ويهندڙ پکين کي روزانو داڻو ڏيندو هو ۽ انهن جي پاڻي پيئڻ لاءِ وڏيون ڪونڊيون رکرائي ڇڏيون، کين مختلف نسلن جا ڪڪڙ، ٻڪريون پالڻ جو به شوق رهيو. جڏهن ڀيڄ ڀٽائي ميگزين سٿ کي لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ماڳ مڪانن تي تحقيق لاءِ وڃڻ جو خيال ٿيو ته پاڻ نه صرف اسان جي مالي مدد ڪئي پر پاڻ پنهنجي ڪار به اسان کي ڏيندو هو ۽پاڻ به هلندو هو. سندس خواهش رهي ته تاريخي قديمي ڳوٺ ملدسي تي ڪو ڪتاب ڇپائجي پر موت کيس اجازت نه ڏني، مسيحا جهڙو ڪردار ادا ڪندڙ وارث ڏنو ڏيرو پهرين آگسٽ 2004ع تي دستور موجب روهڙي ڪينال تي وڻن جي ڇانوءَ ۾ ويٺو هو، جتان اوچتو غائب ٿي ويو. سندس مسلسل ڳولا ڪئي وئي پر هٿ نه آيو. 10 آگسٽ 2004ع تي صبح جو 10 وڳي سندن جسم خاڪي روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ سنگهر مائينر مان ڳوٺ راڻو مل وٽان مليو، سندس سڃاڻپ سندس ٻانهه ۾ پيل گهڙي، ڪڙو، کيسي مان هٿ آيل عينڪ ۽ کيس پاتل ڪپڙن مان ٿي، سندس لاش 10 ڏينهن جو ٻڏل هو. کيس اباڻي سايات قبرستان ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو ۽ علائقي جا ماڻهو هڪ محسن کان محروم ٿي ويا، سندن موت ڳجهارت بنجي ويو. کين هڪ فرزند الله نواز عرف بابل ڏيرو هڪ نياڻي آهن.
    پيربخش ڏيرو ايڊووڪيٽ: پاڻ 20 آڪٽوبر 1955تي جنم ورتو. پرائمري کان مڊل تائين ملدسي ۾ سيڪنڊري شاهه لطيف هاءِ اسڪول ٽنڊو آدم ۾ فرسٽ ايئر ۽ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهدادپور بي اي ايم اي سنڌ يونيورسٽي مان ايل ايل بي سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ڪري شهدادپور جي سينئر ترين وڪيل غلام رسول انڙ سان گڏ وڪالت جي پريڪٽس ڪئي ۽ وڪالت جي سند ورتي پر ٿورو وقت عملي وڪالت ڪئي بعد ۾ زمينداري ۽ سياست ڏانهن توجهه ڏنو، شاگردي واري دور ۾ جيئي سنڌ تحريڪ سان رهيو، 4 مارچ واري واقعي خلاف ٿيل احتجاج ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم رهيو. خادم عوام عبدالسلام ٿهيم جي سياست ۽ ڪردار کان متاثر ٿي سندس محبت ۽ دوستي ۾ پ پ ۾ شامل ٿيو. 1979ع ۾ يو سي ملدسي ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر مير علي مراد جي انتقال سان خالي ٿيل سيٽ تي ٿيل چونڊ ۾ فقير محمد بخش خاصخيلي سان اليڪشن لڙيو پ پ سندس حمايت ڪئي. پر ان چونڊ ۾ هارائي ويو ۽ هنن مخالف ڌر تي ڌانڌلين جو الزام لڳايو. 1987ع ۾ يو سي ملدسي ۾ ڪائونسلر چونڊيو. 2001ع ۾ ملدسي يو سي مان ناظم چونڊيو، اپريل 2005ع ۾ سانگهڙ ضلعي جي ناظم روشن الدين جوڻيجو خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ بعد وقتي ناظم چونڊيو ويو. تقريبن 3 مهينا ضلعي ناظم رهيو. ضلعي حڪومت ۾ ڪي به فنڊ نه هئڻ ڪري چاهيندي به ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيو. جنهنڪري پارٽي وارن ۽ دوستن جي اعتماد تي نه لهي سگهيو، جنهنڪري ڪيترائي سندس ذاتي دوست هن کان ناراض رهيا. پاڻ پ پ ۾ جدوجهد ۽ قربانين ڪري اهم مقام حاصل ڪيو آهي. 1990ع وارين چونڊن ۾ چونڊن کان 2 ڏينهن اڳ کيس پ پ مخالف اميدوار لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيو. شهدادپور ۾ ريلي ڪڍن جي الزام ۾ عبدالسلام ٿهيم ۽ ٻين پ پ اڳواڻن سان گڏ کيس گرفتار ڪري مختلف ٿاڻن بعد سب جيل شهدادپور ۾ ٻه ٽي هفتا رکيو ويو. جڏهن شهدادپور ۾ ايس ڊي ايم حد دخليون جي هٽائڻ لاءِ شهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ته عبدالسلام ٿهيم جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍڻ تي به عبدالسلام ٿهيم ٻين پ پ اڳواڻن سان گڏ پير بخش ڏيرو خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. ضمانت ڪرائڻ ڪري گرفتاري کان بچي ويو اهو ڪيس ڪيترائي سال هليو بعد ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو ۽ پير بخش ڏيرو جي ڪوششن سان ملدسي ۾ ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا، پاڻ هر دلعزيز يار ويس غريبن جو همدرد فقير منش شخصيت آهي. چوندا آهن ته فلاڻي ڏنو نه ته ڏکويو به نه پر پير بخش ڏيرو ڳوٺ ۽ علائقي ڏنو ته آهي پر ڏکيو نه آهي. ادب سان سندس گهري دلچسپي رهي آهي. وٽن ننڍڙي لائبريري آهي، اسلامي، تاريخي، فلفسي، ادب جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. مون سميت ملدسي سان تعلق رکندڙ ڪافي ماڻهن کي جيڪو ادبي شوق آهي، اهو پير بخش ڏيرو جي ذاتي لائبريري جا ڪتاب پڙهڻ بعد ٿيو. پاڻ ڳوٺ جي غريب ماڻهن جي اولاد کي تعليم ڏيارڻ لاءِ همٿائيندو رهيو آهي. جواني ۾ ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن ۽ والي بال جو بهترين رانديگر به رهيو آهي. ماضي ۾ کيس سرڪاري نوڪري جي به آفر ٿي پر هن سياست ذريعي عوام جي خدمت ڪرڻ کي اهميت ڏني، يونين ڪائونسل ملدسي هاڻ 3 حصن ۾ ورهايل آهي پر جڏهن هڪ يونين ڪائونسل هئي تڏهن به توڙي هاڻ يوسي اندر سندس عوام ۾ وڏي مقبوليت آهي، سندس ڪردار جي ڪري هتان پ پ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي آهي، 2013ع وارين عام چونڊن ۾ پ پ جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن هتان 10000 ووٽ کنيا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي پر ملندڙ ووٽن جي حساب سان هن يو سي ۾ نه ترقياتي ڪم ٿيا آهن نه نوڪرين جا آرڊر مليا آهن، پير بخش ڏيرو ان ناانصافي خلاف به پ پ جي گڏجاڻين ۾ آواز اٿاريندو رهيو آهي پاڻ عبدالسلام ٿهيم جي چند بااعتماد ۽ ويجهن ماڻهن مان هڪ هو. جن سان عبدالسلام ٿهيم پارٽي جي حوالي سان مشورا ڪندو هو. ڪجهه وقت اڳ پير بخش ڏيرو دل جو آپريشن ڪرائڻ کانپوءِ ڊاڪٽرن پاران آرام جو مشورو ڏيڻ جي باوجود سياست ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهي ٿو. کيس 3 فرزند سڪندر ڏيرو، منور ڏيرو، اظهر ڏيرو آهن.
    بابل ڏيرو: پاڻ 3 مئي 1982ع ۾ جنم ورتو، بي اي پاس ڪرڻ بعد ايل ايل بي هالا لا ڪاليج مان ڪئي آهي. هاڻ وڪالت ڪري ٿو، پاڻ نوجوان سماجي شخصيت آهي. دوستن جو دوست آهي. پاڻ لڪل هٿ سان غريبن جي مدد ڪندو رهي ٿو. ادب سان به دلچسپي رکي ٿو، سيئر تفريحي جو شوق رکي ٿو. مثالي زميندار آهي. زمين تي باقاعده وڃي ٿو. 2016ع جي لوڪل باڊيز چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان يونين ڪائونسل ملدسي جو چيئرمين چونڊيو. پاڻ ڪافي وقت کان راڄ ۾ فيصلا به ڪري ٿو، جيڪي انصاف ڀريا هوندا آهن، بهتر سوچ رکندڙ غريبن جو همدرد آهي، پکين ۽ جانورن سان پيار ڪري ٿو. شاگردي واي دور ۾ ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر به رهيو آهي. علائقي ۾ راندين جي ٽورنامينٽ، ادبي ثقافتي پروگرامن جو سهڪاري رهيو آهي. خلق خدا جي خدمت جو جذبو رکي ٿو، پاڻ مهمان نواز به آهن، پاڻ پير بخش ڏيرو جو موڀي فرزند آهي پاڻ هر دلعزيز تعليم يافته نوجوان آهي. زراعت سان دلچسپي رکڻ ڪري اڪثر زمين تي رهي ٿو پاڻ گريجوئيٽ آهي. ملدسي جي ڏيرا خاندان ۾ حاجي احمد فقير ڏيرو برک زميندار چوپايو مال جو شوقين مهمان نواز هو پاڻ ملدسي جو اوطاقي هو. جيڪا بابل ڏيرو جي روڊ ويجهو اوطاق آهي اها حاجي احمد فقير ڏيرو جي اوطاق هئي، پاڻ بابل ڏيرو جو نانو هو. گهوڙن جو وڏو شوقين هو جڏهن گاڏين جو رواج عام جام ٿيو تڏهن به پاڻ گهوڙي تي سفر ڪندا هئا ڳالهين جو وڏوو ڳهير يارويس شخصيت هو پاڻ وٽ ڪجهه وقت بيمار رهڻ بعد وصال ڪري ويو سندس آخري آرامگاهه اباڻي سادات قبرستان ۾ آهي چاچو حسين فقير ڏيرو پاڻ حاجي احمد فقير ڏيرو جو ڀاءُ هئا بادشاهي ڳالهين ٻڌائڻ جو شوقين فقير منش انسان هو سومار فقير ڏيرو حاجي احمد فقير ڏيرو جو ڀاءُ هو زراعت سان وڏي دلچسپي رکندو هو علائقي ۾ ٿيندڙ شادين جي اڳواڻي ڪري ڪاڄ سرها ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو وڏو راڄائتو ماڻهو هو علائقي وارن سان ڏک سک ۾ گڏ رهندو هو ملدسي ۾ پهريون ٽيپ رڪارڊ هن آندو انتهائي ذهين يارويس هو .حاجي احمد فقير ڏيرو کي پٽ جو اولاد نه هو هڪ نياڻي آهي جيڪا وارث ڏنو ڏيرو جي گهر واري آهي حسين فقير ڏيرو کي به هڪ ئي نياڻي آهي جيڪا پير بخش ڏيرو جي گهرواري آهي سومار فقير ڏيرو کي 3 فرزند يار محمد ڏيرو الله بخش ڏيرو اسماعيل بابو ڏيرو آهن يار محمد ڏيرو 2015ع ۾ جگر جي بيماري ۾ انتقال ڪري ويو يار محمد ڏيرو قوم پرست هو کيس علمي ادبي شوق رهيو پاڻ پ ٽ الف تعلقه ٽنڊو آدم جو صدر به رهيو پاڻ اڌ زندگي ڳوٺ عبدالمجيد ڏيرو ۽ اڌ ملدسي ۾ گذاري ذهين يار ويس ڏک سک ۾ ڳوٺ وارن جي ڪم ايندڙ هو سائين جي ايم سيد بشير خان قريشي جو عاشق هو سندس ڀاءُ الله بخش ڏيرو پي آءِ اي ۾ آفيسر آهي هر دلعزيز يارويس ادب سان دلچسپي رکندڙ محمد اسماعيل بابو ڏيرو به والد وانگر بهترين انسان آهي پاڻ استاد آهي، ڏيرا برادري ۾. رحمت الله قاضي ڏيرو: پاڻ علم نجوم علم نوري جو ماهر هو سندس تعويز ۽ ڦيڻا هڪ ٽڪ هئا نه صرف ملدسي پر آسپاس جي علائقي مان بيمار جنات جي اثر وارا جائز مسئلا حل ڪرڻ وارا هن وٽ تعويضن دعا وٺڻ لاءِ حاضر ٿيندا هئا خاص طور تي هن وٽ عورتون وڏي تعداد ۾ اينديون هيون جواني ۾ هڪ واڻياڻي سان محبت ٿي ويس ان کي مسلمان ڪري شادي به ڪئي پر وارث ڏنو ڏيرو ”اول“ اها عورت هن کان وٺي مائٽن کي ڏني ۽ هن کي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏيو عشق جو ماريل رحمت الله عرف قاضي ڏيرو اڪثر درگاهن تي رهڻ لڳو چون ٿا ان عشق جي چوٽ ۾ شاعري به ڪيائين ان بعد سندس ڀٽ شاهه ۾ ڪنهن بزرگ سان ملاقات ٿيس ان جي صحبت محبت ۾ اچي فقيري ڏانهن مائل ٿي ويو اتي هڪ علم نوري واري کان اهي علم سکيو ۽ پاڻ چلابه ڪڍيا پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن واڻيا لڏي ويا ته پاڻ واپس ڳوٺ آيو ۽ پاڻ وارث ڏنو ڏيرو جي اوطاق ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي ويهي ماڻهن کي فيض ڏنو. ڏيرا خاندان ۾ محمد عمر فقير، يوسف فقير پڻ هر دلعزيز شخصيت جا مالڪ هئا يوسف فقير جو فرزند گلڻ ۽ محمد عمر ڏيرو همٿ وارا ۽ هر دلعزيز شخصيت آهن .


    مياڻي ۽ دو آبي ۾ انگريز خلاف وڙهيل جنگ جو سالار شهيد شاهن رند ۽ سندس خاندان

    ڪلهوڙن جي دور ۾ ننڍين رياستن تي قابض مختلف قومن وارن، ٻاهرين جنگين کي منهن ڏيڻ ۽ پنهنجون سرحدون وڌائڻ لاءِ مضبوط لشڪر جي ضرورت محسوس ٿي ۽ هنن سندن ويجها واسطيدار ميرن کي ملتان مان گهرايو، ڇاڪاڻ ته هو دلير جنگجو هئا، ميرن پاڻ سان گڏ ٻين برادرين جا بلوچ جنگجو ۽ دلير ماڻهو گڏ آندا روايتون آهن ته سرائيڪي ڳالهائيندڙ قومون ميرن سان گڏ سنڌ ۾ اچي مختلف شهرن ۾ آباد ٿيون ۽ کين لشڪر ۽ حڪومت ۾ ننڍا وڏا عهدا ڏنا ۽ ڪن کي ميرن پاران مليل جاگيرون سنڀال لاءِ ڏنيون ويون، لشڪر ۽ ٻين عهدن تي فائيز بلوچن کي وفاداري ۽ خدمتن جي عيوض جاگيرون به ڏنيون، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ ۾ سرائيڪي ڳالهائيندڙ برادرين جي ماڻهن وٽ ٿوري گهڻي زمين ضرور آهي، اها جدا ڳالهه آهي ته ڪيترن ئي زمينون وڪرو ڪري ڇڏيون، ميرن سان گڏ رند قبيلي جا ماڻهو به آيا، انهن ۾ امام بخش خان رند به شامل هو، جيڪو ميرن جو ويجهو بااعتماد هو ۽ لشڪر ۾ سالار هو ۽ ڪيترن ئي جنگين ۾ حصو ورتو، سندس وفات بعد سندس فرزند شاهن رند والد جي جاءِ تي سالار ٿيو، سندس خاندان جي رئيس محمد علي خان رند جيڪو سماج سڌارڪ ۽ شاعر ليکڪ به آهي ٻڌائي ٿو ته شاهن خان رند ٿر جي راڻن ۽ ٻين سان ۽ هالاڻي واري جنگ ۾ حصو ورتو هو، مير صوبيدار خان جو بااعتماد ماڻهو هو، مياڻي واري جنگ ۾ جنرل هوش محمد شيدي جي ڪمان ۾ انگريز خلاف جنگ ڪئي بعد ۾ 24 مارچ 1847ع تي دوآبي واري جنگ ۾ سورهياڻي سان وڙهي شهيد ٿيو، تاريخ لکي ٿي ته ان جنگ ۾ مير صوبيدار خان پاسيرو رهيو پر شير سنڌ مير شير محمد خان مياڻي واري جنگ ۾ڪاميابي نه ملڻ جي باوجود پنهنجو لشڪر ۽ مددي لشڪرن جا ماڻهو گڏ ڪري وڏي همٿ ۽ حوصلي سان انگريز فوج سان وڙهيو، هوشو شيدي مير صوبيدار جو خاص ماڻهو هئڻ جي باوجود ضمير موجب انگريز خلاف جنگ وڙهي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻي شهادت ماڻي هن جنگ ۾ ڪيترن ئي جوڌن جوانن انگريز سان وڙهندي شهادت ماڻي ليڪن تاريخ ۾ انهن سڀن جوڌن جا نالا شامل نه ڪيا ويا آهن انهن شهيدن مان ڪيترن کي حيدرآباد کان 6 ميل پري ڏکڻ اوڀر ۾ ناريجن جي ڳوٺ وٽ ڌرتي ماءُ جي هنج حوالي ڪيو ويو اهو قبرستان شهيدن جو قبرستان سڏجي ٿو. هوش محمد شيدي جي مزار به اتي آهي،ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب جنگ نام ۾ ان جنگ ۾ شهيد ٿيندڙن مان صرف مير غلام علي خان مهڪاڻي، مير علي خان مهڪاڻي،مير عبدالله خان مهڪاڻي ، گوهر خان مري ٻيراني وارو، دائود خان، ڪمال خان مري ٽندوآدم، نواب خان قربان علي خان علياڻي لغاري، جعفر خان ڏاهاڻي مري، مير بلوچ، علي خان سنڌيراڻي مري، مرزو خان بڊاڻي مري شادمان خان ڪپري، مير بلوچ خان خاناڻي ٽالپر، بالاچ خان ترڪ عنايت خان ترڪ، علي بڊاڻي، غلام محمد جان، قيصر خان قمبراڻي جا نالا لکياآهن، شاهن خان رند جي خاندان جي رئيس محمد علي خان رند جي دعويٰ آهي ته ان جنگ ۾ سندن تڙ ڏاڏو شاهن خان رند به دليري سان جنگ جي ميدان ۾ لڙي شهادت ماڻي سندس آخري آرام گاهه مٿي ذڪر ڪيل شهيدن جي قبرستان ۾ آهي، ليڪن اتي ڪتبو نه لڳل هئن ڪري ۽ پوين پاران اتي ڪافي عرصو نه وڃڻ ڪري ان قبر جي خبرنه آهي، محمد علي خان ٻڌائي ٿو ته شهيد شاهن خان رند جو آخري آرام گاهه هوش محمد شيدي جي آخري آرام گاهه ويجهو هو، شاهن خان رند جو خاندان متهلي واري علائقي ۾ سندس ئي نالي سان آباد ڪيل ڳوٺ ۾ رهيل هو بعد ۾ ان خاندان جا رند کڏڙو، ٺٽو ۽ ٻين علائقن ۾ وڃي رهيا، مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب جنگنامان ۾ لکي ٿو ته ڳوٺ شاهن رند ۾ رندن جو راڄ هو، جن جو وڏو نهال خان رند هو، هنن حيدرآباد جي مير حڪمران گهراڻي کي سنگ ڏنو هو انهن سان ويجهي مٽي ڪري سندن مقامي اثر رسوخ ۽ طاقت ۾ اضافو ٿيو نهال خان رند پاڻ وڏو لائق انسان هو، پر کيس هڪ اوڏڻ زال مان گل محمد نالي پٽ هو، جيڪو نهايت سرڪش ٿي ساماڻو ۽ نه رڳو پاڙيسري راڄن سان اهنج ڪيائين پر مير محمود خان واري ٻني ۾ پنهنجيون گهوڙيون ۽ ٻيو مال ڇوڙي ڇڏيندو هو، جيڪو پيو ڀيل ڪندو هو، انهي تي اتي جي هارين ۽ ڀاڳين حيدرآباد ۾ وڃي مير محمود خان وٽ دانهيون جنهن پنهنجا ماڻهو موڪليا ۽ نهال خان کي چوائي موڪليائين پر هن اڻ ٻڌو ڪري ڇڏي تڏهن مير محمود خان پڇا ڪرائي ته انهي طرف ٻيو ڪو همٿ وارو مڙس آهي جيڪو رندن کي جهليندو تڏهن کيس ٻڌايائون ته جعفر خان لغاري اهڙو آهي جو اوهان جي طرفان کيس خاص پيغام ويندو ته ان کي مان ڏيندو ۽ رندن کي منهن ڏيندو، جڏهن مير محمود جو وٽس خط آيو ته سڀني کي سڏي صلاح ڪيائين جن اها راءِ ڏني ته اسان جو تعلق گادي وارن ميرن سان آهي جن سان رند سڱڻيا آهن انهي ڪري رندن سان مقابلو ڪرڻ ڄڻ خود ميرن سان مقابلو ڪرڻ جي برابر ٿيندو جعفر خان لغاري چيو ته مير محمود خان کي اهو سڀ ڪجهه معلوم هوندو پر انهي هوندي به هن مدد لاءِ لکيو آهي. مناسب نه اهي جو مدد نه ڪجي، ٻيو ته نهال خان رند وڏو لائق آهي ۽ منهنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ آهي ان سان ڳالهائينداسون ته معاملو صلح سانت سان نبيري ويندو، تڏهن سڀن جي اها صلاح بيٺي ۽ جعفر خان لغاري پوءِ مير محمود خان ڏانهن لکي موڪليو ته اوهان هجت ڪندي اسان ڏي لکيو آهي سو اسان ان جي تدارڪ ڪنداسين ۽ ڌڻي ڪندو ته سڀ چڱي ٿيندي ۽ جعفر خان پوءِ نهال خان ڏي سلام موڪليا ۽ چيو ته اسان تي مير محمود خان جو بار پيو آهي ته سندس ٻني کي ڀيل کان بچايون، تون پاڻ لائق آهين ۽ پنهنجي ماڻهن کي منع ڪر ته ٻني ۾ گهوڙيون مال نه ڇڏين نهال خان سلامن جو مان رکيو ۽ پنهنجي ماڻهن کي زباني هدايت ڪئي پر گل محمد ڪونه مڙيو، نبي بخش خان بلوچ اهو واقعو تفصيل سان بيان ڪيو آهي مختصر اهو ته ان بعد رندن ۽ لغارين ۾ لڙائي ٿي ٻنهي ڌرين جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ان ۾ نهال خان ۽ گل محمد خان خود ۽ جعفر خان لغاري جا ماڻهو مارجي ويا، ليڪن ڳوٺ شاهن رند جي خاندان جي ادب دوست شخصيت محمد علي خان رند چوي ٿو ته رندن مير صاحبن جي خاندان ۾ سڱ نه ڏنو هو ڊاڪٽر صاحب ٻڌل ٻڌائيل ڳالهيون بغير ڪنهن تصديق جي بيان ڪيون آهن هن ٻڌايو ته مير صاحبن شاهن رند کان سڱ جي گهر ضرور ڪئي هئي پر شاهن خان سڱ نه ڏنو سڀ ڪنواريون نياڻيون پنهنجي خاندان ۾ پرڻائي ڇڏيون هيون محمد علي خان رند اهو به ٻڌائي ٿو ته رند ۽ لغارين ۾ جهيڙو زمين جي ڀيل تان نه ٿيو هو. لغارين جي اسان جي زمين ڀرسان زمين آهي جتي گل محمد خان رند انهن کي تنگ ڪندو هو اهڙي دانهن ملندي کيس ڳوٺ مان لڏايو ويو .لغارين ۽ رندن ۾ ڪا به جنگ نه ٿي آهي اگر ايڏي وڏي جنگ ٿئي ها ته اسان جا وڏا ته اسان کي ضرور ٻڌائين ها محمد علي خان رند وڌيڪ ٻڌائي ٿو ته ميرن شاهن خان رند کي موجوده ضلعي سانگهڙ ۾ ديهه ڄراڙي، لاکا، دوفاني، 43، 44 جمڙائو ڊيرو ۽ ٻين ديهن ۾ 8 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زرعي زمين جون جاگيرون عطاڪيون ۽ سندس خاندان مان هڪڙا پڪي قلعي حيدراباد ۾ ميرن سان گڏ ٻيو خاندان تعلقه سنجهورو ۾ ڳوٺ شاهن خان رند ۾ رهڻ لڳو، اهو ڳوٺ شاهن خان رند آباد ڪيو هو، شاهن خان رند کي مهرو خان رند نالي فرزند هو، جيڪو پهرين حيدرآباد ۾ ميرن وٽ هو والد جي شهادت بعد ان ڳوٺ ۾ اچي رهيو، پاڻ فقيراڻي طبيعت وارو سخي دل هو، کيس پنهنجي زمين ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، اتي هاڻ وڏو قبرستان آهي جيڪو سندس ئي نالي مهرو خان رند قبرستان سڏجي ٿو، کيس 2 فرزند امام بخش خان ۽ نبي بخش خان هئا، ٻئي ڀائر راڄاڻيتا، مهمان نواز، سخي، وڏا اوطاقي هئا، امام بخش رند کي 3 فرزند هئا محمد علي خان، غازي خان، سعيد خان، جڏهن ته نبي بخش خان رند کي ڪيترا پٽ هئا ان جو خاندان ڪهڙو آهي خبر نه پئجي سگهي آهي، پر نبي بخش رند جو اولاد کڏڙو وارا رند ٻڌايا وڃن ٿا، محمد علي خان فقير منش بهترين انسان هو، غازي خان سخي مرد مهمان نواز سعيد خان رند مثالي زميندار ۽ سماجي ورڪر هو، محمد علي خان کي 3 فرزند غازي خان رند، اميد علي خان رند، سعيد خان رند هئا ٽئي ڀائر مثالي زميندار راڄائتا ۽ وڏا مهمان نواز هئا، غازي خان کي هڪ فرزند مبارڪ علي خان عرف ڏاڏو ڀورو هو، چون ٿا سهڻو جوان هو، رنگ جو ڳورو ان ڪري ڀورو سڏيو، سندس شادي ته ٿي پر اولاد نه ٿيو، اميد علي خان رند 3 شاديون ڪيون کيس ٻن گهر وارين مان هڪ هڪ فرزند محمد مراد خان رند مولا بخش رند ٿيا، ، سعيد خان کي به ٻه پٽن ڌيئرن جو اولاد ٿيو جن جا نالا معلوم نه ٿي سگهيا اهي بعد ۾ اباڻي ڳوٺ مان لڏي ميران جي کوهي کڏڙو وڃي ويٺا اتي سندن زمينداري آهي. محمد مراد خان رند کي اولاد نه ٿيو پاڻ شادي کانپوءِ 3 سالن ۾ گذاري ويو پاڻ بهترين زميندارهو، دل ۽ هٿ جو سخي هو، رئيس شاهن خان رند جي مٿي ذڪر ڪيل خاندان جي فردن جو نه ته جنم نه وفات جون تاريخون نه سال معلوم ٿي سگهيا آهن نه وري سندن زندگي جو تفصيل سان احوال ملي سگهيو آهي، پر هن خاندان جو رئيس مولا بخش خان رند کان وٺي تفصيل ملي ٿو، اميد علي رند جو فرزند مولا بخش خان رندلڳ ڀڳ 1917ع ۾ ڳوٺ شاهن رند ۾ جنم ورتو، سنڌي فائيل پاس ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالڻ سان گڏ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ لڳو، ان دور ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڏکي ڳالهه هئي پاڻ ڳوٺ کان 5 ميل پري هڪ ڳوٺ ۾ قائم اسڪول ۾ پنڌ پڙهڻ ويندوهو، سندس شمار اسڪول جي ذهين شاگردن ۾ ٿيندو هو، پاڻ علائقي کانسواءِ شهدادپور شهر جي سماجي شخصيت هو، جڏهن حر تحريڪ عروج تي هئي ۽ هر سنڌي کي حر سمجهي انگريز ظلم ڪندو هو، خاص طور ٻهراڙين ۾ انگريز فوج ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو ۽ رندن جي هن خاندان تي به ڏکيا ڏينهن آيا ان بعد رئيس مولا بخش خان 1942ع ۾ شهدادپور ۾ ابڙا پاڙي ۾ وڏو پلاٽ وٺي بلوچ منزل نالي گهر ۽ اوطاق ٺهرائي، پاڻ شهدادپور جي وڏي امام بارگاهه حسيني جي بنياد وجهڻ وارن مان هڪ هو امام بارگاهه کي وڌائڻ تائين ٻين ماڻهن سان گڏ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پاڻ امام بارگاهه ۾ وڏا عالم گهرائي مجلسون به ڪرايون، شهدادپور ۾ عزاداري کي فروغ ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، پاڻ غريب شاگردن جي ڀرپور مدد ڪندو هو، پاڻ مهمان نواز، سخي مرد، يارن جو يار ڪچهرين جو ڪوڏيو، ادب دوست شخصيت هو، اوڙي پاڙي غريب دوستن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪندوهو، ان وقت شهدادپور ۾ اوطاقون ته ڪافي هيون پر صرف ٻه اوطاقون هڪ جان محمد خان وساڻ ۽ ٻي مولا بخش رند جي هئي هي ٻئي اوطاقون عوامي اوطاقون هيون، ٻهراڙين جي ماڻهن کي اگر دير ٿي ويندي هئي يا ڪنهن ڪم سانگي شهر ۾ ايندا هئا ۽ رات ٿي ويندي هئي ته ماڻهو يا جان محمد خان وساڻ يا مولا بخش رند جي اوطاق ۾ ترسندا هئا، واقف اڻ واقف جو فرق نه هوندو هو، مولا بخش رند اوطاق تي ترسندڙن جي مهمان نوازي ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو، غريبن ۽ غريب شاگردن جي مدد ڪندي خوشي محسوس ڪندو هو، سياست کان پري رهيو ۽ سندس شمار شهدادپور جي معزز شخصيتن ۾ ٿيندو هو، هارين کي اولاد سمجهندو هو، هر عيد تي غريبن ۽ هارين کي ڪپڙا ۽ سامان وٺي ڏيندو هو، انتهائي ذهين لبرل سوچ رکندو هو، سنڌ جي مشهور شخصيتن خاص طور مخدوم خاندان، ڄام خاندان، وساڻ خاندان سان سندس ويجها واسطا رهيا، پاڻ 11 اپريل 1968ع 12 محرم الحرام تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو، سندس 2 شاديون هيون هڪ مان اولاد نه هو، هڪ مان 2 پٽ محمد علي رند ۽ مراد خان رند هڪ نياڻي سوڳوار ڇڏيا. رئيس محمد علي خان 7 جون 1937ع ۾ جنم ورتو، تعليم شهدادپور جي تعليمي ادارن مان حاصل ڪئي، شاگردي واري دور ۾ ڪاليج جي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان به رهيو، والي بال ۽ هاڪي جو به مثالي رانديگر رهيو، پاڻ محمد علي بلوچ جي نالي سان مشهور هو، هر شاگرد جي خواهش هوندي هئي ته هو سندس هجتي دوست هجي، شاگرد يونين ۾ عهدو نه وٺڻ جي باوجود سرگرم ڪارڪن جي حيثيت سان هڪ ذميوار عهديدار کان وڌيڪ سرگرم رهيو، سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ راندين جون ٽورنامينٽون ۽ ٻيا فنڪشن به ٿيا، شاگردي دور ۾ ذاتي طور غريب شاگردن جي ڪتابن ۽ فيون جي حوالي سان مدد ڪندو هو، سندس دوستن جو ڪاليج اندر شاگردن ۽ ٻاهر هڪ وسيع حلقو هو، انٽر پاس ڪرڻ بعد زمينداري سنڀالي ۽ هڪ مثالي زميندار طور سڃاتو ويو، رئيساڻي خاندان جو هئڻ جي باوجود فقيراڻي طبيعت جو مالڪ رهيو آهي، پاڻ سماج سڌارڪ طور نه صرف شهدادپور پر پوري علائقي ۾ سماجي ڪم ڪرڻ جي حوالي سان مشهور ٿيو، غريبن جو همدرد پر غريبن جي لڪل هٿ سان مدد ڪندو رهيو آهي، جواني ۾ گهوڙن جي سواري ڀلا گهوڙا ڌارڻ جو شوق رهيس، چوپايو مال پالڻ جو به شوقين رهيو آهي، ننڍي هوندي کان ادب سان گهري دلچسپي رهي اٿس، فلمي دنيا جو وڏو شوقين رهيو آهي ننڍي هوندي کان فلمون شوق سان ڏسندو هو، مشهور فلمي اداڪار محمد علي، مصطفيٰ قريشي سندس حيدرآباد ۾ پڙهڻ دوران سٺا دوست رهيا پاڻ لاهور گهمڻ ويندو هو ته اداڪار محمد علي وٽ رهندو هو، کيس فلمون ٺاهڻ جو شوق ٿيو، فلمي ڪهاڻي به پاڻ ٺاهي ۽ محمد علي سان صلاح ڪئي ته ان کيس منع ڪئي، ادبي، تاريخي، اسلامي ڪتاب سندس مطالعي هيٺ رهيا آهن ناياب ڪتابن جي لائبريري موجود اٿن، سندس ڪلاسيڪل ۽ صوفيانه راڳ سان دلچسپي رهي آهي، کيس لطيف سائين جي شاعري کانسواءِ استاد بخاري جي شاعري گهرو اثر ڇڏيو، پاڻ لطيف جي رسالي جو پارکو به آهي، کيس اڄ به لطيف جو ڪافي ڪلام ياد آهي، شاگردي دور ۾ ڪهاڻيون به لکيون، 1996ع ۾ سندس جيون ساٿڻ جي وصال مٿس گهرو اثر ڇڏيو ۽ پاڻ شاعري ڪرڻ شروع ڪئي، گيت، غزل، ڪافيون، بيت ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي اٿس، غزل وڌيڪ لکيا اٿس، شاعري ۾ قومي شاعري کي اهميت ڏني اٿس، ملڪي حالات واقعات معاشري جي براين ناانصافين تي به بهترين متاثر ڪندڙ شاعري ڪئي اٿس، دوستن جي مشورن ۽ اسرار تي شاعري جي مجموعو شايع ڪرڻ جو خيال رکي ٿو، پاڻ اردو شاعري به ڪئي آهي، شاگردي دور ۾ اڌ سنڌي اڌ اردو زبان ۾ ڳالهائيندو هو بعد ۾ سندس اهو انداز ٻين به اختيار ڪيو بعد ۾ پي ٽي وي تي به ان لهجي ۾ ڊراما ٺهيا سندس دعويٰ آهي ته انهن کيس فالو ڪيو آهي، پاڻ شاگردي دور ۾ هڪ ڪلاس فيلو هندو ڇوڪري سان مزاجي عشق ڪيو، چند سالن ۾ ان ڇوڪري جي شادي ٿيڻ بعد جدائي ٿي وئي، پر خط ڪتابت جاري رهيو پر ان جو خاندان ڀارت لڏي وڃڻ بعد نه رابطو نه خط پٽ ۽ جڏهن کيس ان جي ياد اچي ٿي ته تڙپي اٿي ٿو سندس خواهش آهي ته هو مرڻ کان اڳ هڪ دفعو کيس ڏسي پر کيس خبر نه آهي ته هو جيئري آهي به يا نه جي جيئري اهي ته ڪٿي آهي، شاگردي دور ۾ سندس همدرديون مسلم ليگ سان رهيون جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان سان اختلاف ڪري پ پ جو بنياد وڌو ته محمد علي خان رند جا دوست عبدالواحد بروهي، شوڪت رامپوري، مير ضيغم ٽالپر جيڪي ضلعي سانگهڙ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ پهريون شخصيتون هيون انهن جي ڪري پ پ ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ همدرد هو، ليڪن هڪ جيالي ڪارڪن وانگر مٿي ذڪر ڪيل دوستن سان گڏ پارٽي کي ضلعي ۾ فعال ڪرڻ لاءِ سرگرم هو، 1970ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن هڪ جيپ ۾ شهدادپور آيو ۽ کيس ڪارڪنن سان گڏ اهم گڏجاڻي ڪرڻي هئي جيڪا محمد علي خان رند جي اوطاق بلوچ منزل شهدادپور ۾ رٿيل هئي، ڪارڪنن به گڏ ٿي ويا ذوالفقار علي ڀٽو به آيو پر جيپ مان لهڻ کانسواءِ اتي ڪارڪنن سان مليو ۽ چيو ته سي آٰءِ اي پوليس منهنجي پويان آهي مونکي ته ڪجهه به نه ڪري سگهندي پر اوهان کي ۽ اوطاق ڌڻي بلوچ صاحب کي تنگ ڪندا آئون دوستن کي آزمائش ۾ نه ٿو وجهڻ چاهيان گڏجاڻي حالتون ٺيڪ ٿيڻ بعد ٻئي دفعي ڪنداسين ان اوطاق واري هنڌ هاڻ سليمان جي ابڙو جو گهر آهي، هي اوطاق مولا بخش خان کان وٺي سندس فرزند اميد علي خان رند تائين سياست جو مرڪز رهي آهي. هي اوطاق ماضي ۾ خاص طور جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ قومپرست سياست جو ڳڙهه رهي آهي، هي اوطاق رئيس مولا بخش خان رند کان وٺي اميد علي رند تائين مهمان خانو رهي آهي، هن اوطاق ۾ قوم پرستن جون گڏجاڻين ۽ شهدادپور مان ايندي ويندي، انهن جو مضبوط ٺڪاڻو رهي آهي، هتي ڪيترائي روپوش قومپرست به رهيا آهن. اها تاريخي اوطاق بعد ۾ وڪرو ٿي وئي ۽ اها وڪرو ٿيڻ بعد اميد علي خان رند اسپتال روڊ وٽ رهائشي جڳهه وٺي اتي رهي پيو، پر هن اوطاق جي وڪري بعد مهمان خانو ختم ٿي ويو هن حوالي سان رات جي رهزن ڌاڙيلن هٿان شهدادپور، هالا روڊ تي حيدرآباد کان شهدادپور ايندي گاڏي تي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل اميد علي رند جي گهرواري ادي بيبل رند جون خدمتون قابل تعريف ۽ اڻ وسرندڙ آهن آڌي رات جو به ڪو مهمان ايندو هو، اميد علي هجي نه هجي مهمانن کي ماني ملندي هئي، اڄ به شهدادپور ۾ اميد علي رند هڪ سماجي ۽ سياسي شخصيت طور سڃاتو وڃي ٿو پر هاڻ هن جي اوطاق ماضي وانگر مهمان خانو نه رهيو آهي، ليڪن رئيس محمد علي خان رند جيڪو ڪافي عرصي کان سندس ئي نالي سان سانگهڙ، ٽنڊوآدم روڊ تي جهول ويجهو آباد ڳوٺ ۾ قائم سندس وسيع اوطاق مهمان خانو بڻيل آهي،پاڻ وڏي عمر جو هئڻ جي باوجود صبح کان رات دير تائين اوطاق تي ويهي مهمانن ڪم ڪارين وارن سان ملي ٿو، هر وقت اوطاق تي ڪچهري متل هوندي آهي هر وقت چانهه جي سبيل هلندي آهي، ماني وقت ماني ملي ٿي.
    جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو پهريون دفعو سانگهڙ ويندي سانگهڙ ڀرسان مٿس قاتلانه حملو ٿيو هو ته ان وقت ڀٽو صاحب جي گاڏي جي هڪ سائيڊ کان محمد علي خان رند هڪ طرف دلورا جو محمد پناهه بوزدار مرحوم جيڪو سروري جماعت جو مريد هو، انهن جون جيپون هيون محمد علي خان رند موجب هو پ پ سان غير مشروط طور دوستن جي ڪري سرگرم هو محمد علي خان هاڻ سياست نه ٿو ڪري عام ۽ لوڪل باڊيز جي چونڊن ۾ جنهن کي بهتر سمجهي ٿو ان جي حمايت ۽ ورڪ ڪري ٿو، سياري ۾ سندس اوطاق ۾ مچ ڪچهريون متل هونديون آهن.


    شهدادپور جي وڏيري سلطان ڀاڻوجو کان خدا بخش ڀاڻوجو تائين

    شهدادپور کان ٻرهون ڏانهن ويندڙ روڊ تي ڳوٺ سلطان ڀاڻوجو ۾ هڪ زميندار وڏيرو ابراهيم ڀاڻوجو جي گهر ۾ 1928ع ۾ جنم وٺندڙ، وڏيرو سلطان ڀاڻوجو 5 ڪلاس ۽ قرآن شريف پڙهڻ بعد پنهنجي زمينداري سنڀالڻ لڳو. ننڍي هوندي کان سلڇڻو، ذهين، ڪنهن جي تڪليف نه ڏسي سگهندڙ علائقي جي ماڻهن جي مهل تي هر طرح سان مدد ڪندو هو. وڏيرو سلطان ڀاڻوجو مهمان نواز غريبن جو هڏڏوکي وڏي هلندي پڄندي وارو هو. پنهنجي برادري ۽ علائقي جي ماڻهن جا فيصلا به ڪندو هو. ڪو ڪم ڪار وارو سندس در تي آڌي رات جو آيو هوندو ۽ سڏ ڪيو هوندو ته پاڻ ٻاهر نڪري جنهن به قسم جي مدد لاءِ يا ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ ايندڙن جي هر طرح سان مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ڪو بااثر ماڻهو علائقي جي ڪنهن غريب کي ستائيندو هو ته هي ان غريب مظلوم جي هر طرح سان مدد ڪندو هو. پاڻ سروري جماعت جي مکيه ڌر هو. تقريبن هر سومر تي خاص طور هر مهيني جي سهائي سومار تي حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي مزار تي ۽ قبله مخدوم طالب الموليٰ جن جي حاضري تي ويندو هو. جڏهن ته مخدوم طالب الموليٰ يا مخدوم خاندان جو ڪوبه فرد سانگهڙ ضلع جي روحاني سفر تي ايندو هو ته پاڻ ان سفر ۾ گڏ هوندا هئا. سندس دور ۾ ميڊيا جو دور نه هو ۽ پاڻ ڪچهرين ۾ حضرت مخدوم نوح رحه جي سوانح حياتي مبارڪ انهن جا فرمان ٻڌائيندو هو. مذهبي طور تي به وڏي ڄاڻ رکندو هو. ذهين ۽ ڳالهين جو ايترو ڀلو جو ڳالهائيندو هو ته محفل ۾ خاموشي ڇانئجي ويندي هئي. انگريز دور ۾ وطن يا ڪفن تحريڪ ۾ انگريز خلاف جنگ لڙندڙ حرن مان ڪي غازي سندس ڳوٺ يا اوطاق تي اچي ويندا هئا ته کين لکين عزتون ۽ مهمان نوازي سان گڏ هر طرح جي مدد به ڪندو هو.
    وڏيرو سلطان ڀاڻوجو کي انگريز سرڪار جي هڪ آفيسر گهرائي چيو ته هو غازين کي گرفتار ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري ته کيس سرڪاري زمينون ۽ ٻيون مراعتون ڏنيون وينديون. پر پاڻ ٺپ انڪار ڪندي چيو ته اهو ذلت وارو ڪم نه ڪندس جو وطن لاءِ وڙهندڙ حر غازين کي گرفتار ڪرايان. هن ان تحريڪ کي جائز قرار ڏنو ۽ چيو ته، آئون انگريز سامراج جو نه وفادار آهيان نه ٿيندس اهڙا لفظ انگريز دور جي آفيسر کي ذهن تي هٿوڙو ٿي لڳا ۽ ان کيس حر غازين جي مدد ڪرڻ ۽ ٻين الزامن ۾ سينٽرل جيل موڪلي ڇڏيو. ۽ جيل ۾ به ڪافي دفعا کيس آفر ڏني وئي ته کيس ان شرط تي آزاد ڪيو ويندو ته هو غازين کي گرفتار ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو. ليڪن پاڻ انڪار ڪيو جنهن تي جيل ۾ مٿس سختي به ڪئي وئي پر سندس حوصله بلند هئا. 83ع وارن ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد ٿيلن جي شهدادپور ۾ غائبانه جنازي نماز پڙهڻ جي الزام ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو ڪافي عرصو جيل ۾ رهيو. پاڻ 1986ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو سندس فرزندن ۾ وڏيرو محمد ابراهيم ڀاڻوجو سعيد خان ڀاڻوجو ۽ حمزو خان ڀاڻوجو شامل آهن. وڏيرو ابراهيم ڀاڻو جو جنم 1947ع تي ٿيو. والد جي وفات بعد اها پڳ وڏيري ابراهيم ڀاڻوجو تي آئي پاڻ والد جي نقش قدم تي هلڻ شروع ڪيو. اهائي مهمان نوازي، اهائي رحم دلي، اها ئي سچائي، اها ئي بي ڊپي، والد وانگر ماڻهن جي خدمت کي عين عبادت سمجهي ڪرڻ لڳو. ۽ والد وانگر درگاهه شريف حضرت مخدوم نوح رحه تي حاضري مرشدن وٽ حاضري، ڪم ڪارين لاءِ ويندڙن جا ڪم ڪاريون ڪرائڻ ۾ حال سارو مدد ڪندو هو. پاڻ مرشد مخدوم طالب الموليٰ جن جا جهڙا ته عاشق هئا ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن به کين ڀائيندا هئا.ايم آر ڊي تحريڪن ۾ مخدوم سعيد الزمان جي حڪم تي سروري جماعت وارن جو پوري تحريڪ ۾ سروري جماعت جون گرفتاريون ڏياريندو رهيو جڏهن ته ڄام دور ۾ پارٽي نه بدلائڻ جي ڪري کيس گرفتار ڪري ملدسي، لنڊو شهدادپور ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪيو ويو.
    جڏهن به پ پ پاران ڪو احتجاج جو سڏ ٿيندو هو ۽ جنرل ضياء جي حڪومت ان احتجاجي سڏ کي ناڪام بنائڻ يا زور گهٽائڻ لاءِ پ پ ۽ ايم آر ڊي ۾ شامل سياسي پارٽين جي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويندو هو ته شهدادپور مان وڏيرو محمد ابراهيم ڀاڻوجو کي به گرفتار ڪيو ويندو هو. پاڻ سروري جماعت جي اهم ڌر هئا. فيصلن ڪرڻ جا به ماهر هئا، دوستن جا دوست هئا. دوستن وٽ شادين غمن ۾ وقت تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا هئا علائقي ۾ سڀن سان ڀائرن جهڙو هلندو هو. ٻين پارٽين وارا به سندس اهڙي ڪردار، بهتر عمل جي ڪري وڏي عزت ڪندا هئا. پاڻ ڪينسر جي موضي مرض ۾ ڪجهه عرصو مبتلا رهڻ بعد 2005-03-28 تي حقيقي خالق ڏانهن هميشه لاءِ هليا ويا. سندس آخري آرام گاهه اباڻي قبرستان سيد اسماعيل شاهه ۾ آهي. وڏيرو سلطان ڀاڻوجو جو ٻيو نمبر فرزند سعيد خان زمينداري ۽ اوطاق سنڀاليو ويٺو آهي. ٽيون نمبر فرزند حمزو خان ڀاڻوجو جو به والد ۽ ڀاءُ وانگر يار ويس. هر دلعزيز آهي پاڻ پ پ پ يوسي اصغر آباد جا صدر به رهيا آهن.
    وڏيرو محمد ابراهيم ڀاڻوجو پويان 5 پٽ سوڳوار ڇڏيا جن ۾ وڏيرو خدا بخش ڀاڻوجو، محمد علي ڀاڻوجو، بخش علي ڀاڻوجو، ڪرم علي ڀاڻوجو، نياز علي ڀاڻوجو، وڏيرو خدا بخش ڀاڻوجو 1970-05-02 ۾ جنم ورتو. بي اي تائين تعليم حاصل ڪيائين ته والد انتقال ڪري ويو ۽ برادري جي پڳ مٿس اچڻ ۽ زمينداري سنڀالڻ سروري جماعت کي وقت ڏيڻ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. کيس برادري جي پڳ مخدوم امين فهيم جن جي حڪم تي مخدوم حبيب الله ٻڌرائي. پڳ ٻڌرائڻ واري انتهائي وڏي تقريب ٿي هئي.
    وڏيرو خدا بخش ڀاڻوجو مختصر عرصي ۾ علائقي توڙي سروري جماعت ۾ پنهنجي ڪردار جي ڪري سٺي حيثيت ماڻي آهي. هن وقت پاڻ سروري جماعت جي اهم ڌرين ۾ شامل آهن، پاڻ نه صرف علائقي ۾ پر تعلقه شهدادپور جي غريب ماڻهن جي ڪم ڪارين ۾ مصروف نظر ايندو آهي.عام ماڻهن توڙي سروري جماعت جا غريب ماڻهو به روينيو، هيلٿ، پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ سندن ڦاٿل ڪم ڪارين لاءِ وڏيرو خدا بخش ڀاڻوجو جي مدد وٺندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين خبر آهي ته هي ذاتي ڪم ڇڏي به سندن ڪم ڪاريون ڪرائيندو تعلقه شهدادپور کانسواءِ ضلع سانگهڙ جي ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ جماعت جا توڙي عام ماڻهو به ڪم ڪارين لاءِ هن وٽ اچن ٿا جن جا ڪم ڪاريون هڙان وڙان ڪرايا ڀاڙا خرچ ڪري پنهنجو وقت سيڙائي ڪم ڪاريون ڪرائيندي نظر ايندو آهي. پاڻ ڏاڏو ۽ والد وانگر ذهين، دلير، سچ ڳالهائيندڙ يارن جو يار سڀن جو خير خواهه نيت جو صاف انسان آهي. کيس 3 پٽ معظم علي، اسد علي ۽ محمد ابراهيم آهن. پاڻ سروري تنظيم ضلع سانگهڙ جو صدر پڻ آهي.


    جهول جو سخي خان محمد جلالاڻي تاريخ ۽ ادب جو عاشق جعفرجيم جلالاڻي

    جهول ويجهو تاريخي قديم ڳوٺ ساڏوي ڀرسان نصير خان جلالاڻي جو ڳوٺ ميرن جي صاحبي جي وقت آباد ڪيل آهي، نصير خان جلالاڻي جو ذڪر ۽ ڪارنامي بابت احوال هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل آهي، کيس ڪو به اولاد نه ٿيو سندس ڀاءُ موسيٰ خان جلالاڻي کي کي 2 فرزند جعفر خان جلالاڻي ۽ غلام حسين جلالاڻي هئا هي خاندان بنيادي طور هن علائقي جو زميندار سخي، مهمانن نواز، وڏو اوطاقي رهيو آهي، هي خاندان جلالاڻي برادري جا سردار به سڏبا آهن جعفر خان ”اول“ ۽ غلام حسين خان به وڏا انسان دوست، سخي غريبن جا همدرد هئا، غلام حسين کي اولاد نه هو، جعفر خان کي هڪ فرزند نصير خان جلالاڻي هو، جيڪو به وڏن وانگر نيڪ انسان، سخي مهمان نواز، علائقي جي بااثر شخصيت سنڌ جي ڪيترن ئي خاندانن سان ويجها وسيع تعلقات رکندڙ هو، کيس هڪ فرزند خان محمد جلالاڻي هو، اهو به علائقي جي بااثر ۽ هر دلعزيز شخصيت هو، وڏو مهمان نواز بزرگن سان عقيدت رکندڙ سير تفريح جو شوقين هو سخاوت مهمان نوازي، فيصلن ۾ وڏو نالو ڪڍرايو سندس جنم 1907ع تي ٿيو، پاڻ علائقي جي مشهور شخصيت هو. هر وقت سندس اوطاق تي راڳ رهاڻ، سگهڙن جون ڪچهريون ٿينديون هيون، مهمان ۽ مسافر جيڏي مهل به اچن کين ماني ملندي هئي ان وقت جيپون وڏن خاندانن وٽ هيون ۽ هن وٽ به ان دور ۾ وليز جيپ هئي، ڀلا گهوڙا، چوپايو مال پالڻ جو وڏو شوقين هو، ان دور ۾ هڪ روپيه جي وڏي اهميت هئي پاڻ ان دور ۾ فقيرن کي 10 کان 50 روپين تائين خيرات ڏيندو هو، لطيف سائين سان وڏي عقيدت رکندڙ هو، وقت به وقت درگاهه تي حاضريون ڏينديو هو، ۽ اتي به خيراتون ڪندو هو، وٽس 11 کان وڌيڪ ڀلا گهوڙا هوندا هئا، ڀٽائي پير سيد پير محمد جڙيل شاهه سان عقيدت سان گڏ ذاتي ۽ گهرا واسطا هوندا هئا وقت به وقت پير محمد جڙيل هن وٽ ۽ هي ڀٽ شاهه ۾ سندس اوطاق تي ويندو هو پير محمد جڙيل گهوڙي سواري به هن کان سکيو ۽ سندس گهوڙي سواري جي ڪچهرين ۾ تعريف ڪندو هو، وٽس وقت جا فنڪار فن جو مظاهرو ڪرڻ ايندا هئا انهن ۾ ٻين کانسواءِ جيوڻي ٻائي استاد منظور علي خان به شامل آهن. رات جو اونهاري سياري باهه جو مچ ٻرندو هو جتي ڏور بيت وارا سگهڙ اچي گڏ ٿيندا هئا، پاڻ 22 سيپٽمبر 1996ع تي وصال ڪيو کيس هڪ فرزند جعفر خان آهي جنهن 1940ع ۾ جنم ورتو پاڻ ننڍي هوندي کان ذهين سلڇڻو همدرد رهيو آهي، سنڌي فائيل پاس ڪرڻ بعد زمينداري ۽ راڄ سنڀالي ٿو، ان زماني ۾ هن علائقي ۾ويجهڙ ۾ اسڪول نه هئا ۽ علائقي ۾ زميندارن گڏجي پنهنجي اولاد کي پڙهائڻ لاءِ پرائيويٽ طور اسڪول کولرايو جيڪو پهرين ساڏوڻي ۾ هلندو هو اتي محمد ابراهيم لاڙڪ نالي پرائيويٽ استاد 2 روپين جي پگهار تي رکيو ويو، ان بعد استاد تبديل ٿيندا رهيا، بعد ۾ خان محمد جلالاڻي پنهنجي خرچ تي ڳوٺ جي ٻارن لاءِ پنهنجي اوطاق ۾ هڪ ڪمري ۾ اسڪول کوليو هڪ استاد مقرر ڪيو ۽ ان ڳوٺ ۾ عبدالله خان عرف مزار جيڪو زميندار هو 51ع ۾ ساڏوڻي ۾ سرڪاري اسڪول کولرايو پنهنجي خرچ تي 2 ڪمرا ورانڊو ٺهرايو ان اسڪول ۾ محمد ملوڪ نالي استاد ادب دوست هوندو هو جيڪو محمد عثمان ڏيپلائي ۽ ٻين اديبن جا ڪتاب ۽ مشهور شاعرن جي شاعري جا ڪتاب پڙهندو هو، شاگردن کي به پڙهائيندو هو، اهي ڪتاب پڙهندي جعفر خان جلالاڻي کي ادب سان لڳاءُ ٿيو ۽ شاگردي دور کان ادبي، تاريخي، اسلامي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيا جعفر خان جلالاڻي انسان دوست غريبن جو همدرد ڪچهرين جو ڪوڏيو لطيف سائين جي شاعري جو پارکو، تاريخ سان گهري دلچسپي رکندڙ وڏو اوطاقي مهمان نواز آهي، روايتي وڏيرن ۽ رئيسن کان مختلف ذهن رکي ٿو ڀلائي وارن ڪمن ۾ دلچسپي رکي ٿو، اسان کي علائقي جي ماڻهن کان معلوم ٿيندو رهيو آهي ته جعفر جيم جلالاڻي شاگردي دور کان هن وقت تائين غريب شاگردن، غريب ماڻهن جي مدد ڪندو رهيو آهي، وڏن وانگر وڏو اوطاقي رهيو آهي واندڪائي ۾ ادبي ڪتاب پڙهڻ جو شوق رهيو آهي کيس سنڌ جي خاص طور علائقي جي تاريخ تي عبور حاصل آهي، کيس شهرن ۾سنڌي ٻولي جي ختم ٿيڻ ۽ سنڌي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ٿيڻ تي پريشاني ۽ افسوس آهي، سندس چوڻ آهي ته ائين نه ٿئي اڳتي هلي ڪتابن ۾ پڙهجي ته سنڌي ٻولي به ڪا هئي، پاڻ نج سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿو، سنڌي ٻولي ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪندڙن کي ٽوڪيندو آهي ۽ کين سمجهائيندو آهي ته انهن غير سنڌي لفظن بجاءَ سنڌي جا هي لفظ استعمال ڪريو، وٽس لطيف سائين جا مختلف ڇپيل 40 کن رسالن کانسواءِ 1200 کن تاريخي، اسلامي، ادبي، شاعري جا ڪتاب آهن، انهن ۾ ڪافي ناياب ڪتاب به آهن، ڪلاسيڪل ۽ صوفيانه موسيقي سان لڳاءُ رهيو اٿس، ماضي ۾ جڏهن گرام فونا هئا، تڏهن هن به ورتو، جيڪو چاٻي تي هلندو هو اڄ به هن وٽ موجود آهي ۽ گرام فوني تي وڄندڙ رڪارڊن جو به وڏو تعداد موجود اٿس جڏهن ڪيسٽ جي دنيا عروج تي هئي ته هن وٽ مختلف فنڪارن جون 500 کان وڌيڪ ڪيسٽون هيون کيس طلعت محمود، لتا منگيشڪر، محمد رفيع، ڪنور ڀڳت کيس ماستر چندر، جيوڻي ٻائي عابده پروين پسند جا فنڪار آهن سندس چوڻ آهي ته ڪنور ڀڳت جو انداز موهيندڙ آهي. پاڻ هڪ شعر ۾ قوم لاءِ ڪيڏي نه وڏي ڳالهه ڪئي آهي.سندس چوڻ آهي ته قوم قائم رهندي ٻولي زبان سان زبان زنده رهندي تعليم سان سنڌي قوم کي ڪهڙي آزادي ملي غلامن جي غلامي ملي، انگريز جي غلامي هزار ڀيرا هئي ڀلي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن جي هڪڙي هئي ٻولي مال ملڪيت جي لٽ هئي گهٽ اٺ آنا ڏيندو هو، اٺ آنا سنڌ تي خرچ ڪندو هو، سندس شاعري ۾ سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ظلم زيادتيون معاشري جي خرابين سسٽم جي خرابي بابت به بهترين شاعري ڪئي اٿس، کيس 2 فرزند عاشق حسين جلالاڻي ۽ عنايت حسين جلالاڻي آهن، عاشق حسين جلالاڻي فقير منشن والد وانگر ادب سان دلچسپي رکندڙ آهي، عنايت حسين يارويس ڪچهرين جو ڪوڏيو، زمينداري وارو ڪم ڪار سندس حوالي آهي.
    سندس خيال آهي ته خوابن تي قبرون ٺاهي قوم کي گمراهه ڪيو پيو وڃي، پير پرستي وڌي وئي آهي، جن جي حسب نصب جي خير نه آهي انهن تي مزارون اڏائي ميلا لڳايا پيا وڃن، اولياءِ اهو جنهن جو حسب نسب ۽ پيغام هجي قوم کي ٻڌل ٻڌائيل ڪرامتن جو قائل نه ٿيڻ گهرجي پيغام ۽ هدايت ڪردار جو قائل ٿيڻ گهرجي،
    جعفر خان پنهنجو تخلص جيم رکيو ۽ جعفر جيم جلالاڻي ڪافي وقت کان بهترين شاعري به ڪري پيو، ڪافي لکڻيون به لکيون آهن سندس سنڌي نج نالن تي هڪ ڪتاب نالو تري 2008ع ۾ شايع ٿيو آهي ان ۾ نالو تري سان گڏ آخري صفحن ۾ پهرين حصي جي پڄاڻي کانپوءِ ڳوٺاڻي پريت جي ريت، روح جو سفر، سخن سنڌي عرف ڳالهين جا آهن ، سنڌ لاءِ پ جو اکر نحس نڀاڳو، وير وٺڻ سکو، اسين قطع تعلق ڪنهن سان ڪريون بي قدري پنهنجن جي پريجن پراين جي مڃتا جناب شيخ اياز صاحب بابت ٻه اکر، سنڌ جو آبپاشي کاتو پاڻي وڪڻي ٿو، ڪاروڪاري، نقلي دوائن جي ناڦت غير حقيقي نشان، سرڪاري سول اسپتال جي عملو آپريشن ٿيٽر ۾ قائيما سان زوري زنا پٺاڻ سرحد جا مالڪ سنڌ جي تعليم يافته نياڻين کي اپيل، نقلي دوائون سان، موت انگريزيدان سنڌي سڄڻن کي اپيل ايم ڪيو ايم جي الطاف حسين صاحب کي اپيل زباني بيان بازي وارو ڀائي چارو انهي نالوتري ڪتاب ۾ سندس ڪجهه شاعري به ڏنل آهي جنهن ۾ سنڌ، عشق جي شاعري به شامل آهي. ڪتاب ۾ ڪافي ٻه سٽا، چار سٽا ٽي سٽا به شايع ٿيل آهن، ان ڪتاب ۾ سندس ڪيترائي قول به شايع ٿيل آهن انهن ۾ هڪ ۾ چيو اٿس حياتي عمر ساري چل ڀلا جو چٽڪو يا راند رئونشو يا هوا جو جهوٽو يا پاڻي تي ڦوٽو، پاڻ هڪ شعر ۾ چيو اٿس،
    انسان ناتي انسان ٿيو، نه مذهبي ڌر جي ناتي نادان ٿيو،
    هيءَ جا حياتي آ هيرو جهيڙن ۾ وڃائي نه زيان ڪيو.
    هڪ ٻئي شعر ۾ چيو اٿس
    قوم هوندي آهي ٻولي زبان سان
    جهان ۾ جيئن آهي قومي تشخص سان
    پيٽ ته ڪتا به پيا پارين
    پر ڪهڙو جئين غلامي جي زند ان سان
    سنڌ ڌرتيءَ تان سنڌي وڃي سر ڪندي
    واري وانگر وڃي گهر ڪندي
    ماءُ جي جهولي ۾ جنهن ٻولي جي ملي لولي
    تنهن ٻولي سان بي وفائي ڪندڙ سو ڦر نه حلالي.


    باب پنجون

    شهيد ڀٽو ۽ شهيد راڻي جي لطيف سائين سان عقيدت

    چوندا آهن ته جنهن جي خدمت قبول پوندي آهي ان جو ئي نالو لسٽ ۾ شامل لکجي ويندو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ابدي مقام ڀٽ شاهه جي شهر جي ترقي ۽ تعمير لاءِ هر دور جا حاڪم هام هڻندا رهندا آهن پر بقول ڀٽ ڌڻي جي ته ”آگهي ته پاءُ نه ته مڻن کي به موٽ“ واري حساب سان ڀٽ شاهه جي تاريخ م جڏهن به شهر جي ترقي لاءِ ذڪر نڪرندو ته تمام گهٽ حاڪمن جا نالا ايندا جن ڀٽ شاهه لاءِ ڪم ڪيو هوندو، اهڙن حڪمرانن ۾ ميران محمد شاهه جو وڏو ڪردار رهيو، ليڪن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سڀ کان وڌيڪ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ڀٽ ڌڻي جي ڪلام پيغام کي سڄي دنيا ۾ روشناس ڪرائڻ لاءِ روايت وڌي بعد ۾ سندس ڪوشش سان هتي ڪلچرل سينٽر جو بنياد وڌو ويو. پاڪستان ٺهڻ بعد سيد ميران محمد شاهه مرحوم جي ڪوششن سان نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين ٻه ميل کن ڪچو رستو پڪو ڪرايو، 1954ع ۾ مرحوم عبدالستار پيرزادو سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت سان ڀٽ شاهه ۾ ڪلچرل سينٽر جو سنگ بنياد وڌو ۽ هڪ خوبصورت ريسٽ هائوس جوڙايو، ڪراڙ جي ڏکڻ ۾ آباد ماڻهن کي اٿاري اتي ڪلچرل سينٽر جون عظيم الشان عمارتون جوڙايون ويون جن ۾ آڊيٽوريم پراڻي لائبرري ميوزم به شامل آهن، ڪراڙ ڍنڍ کي ترقي وٺرائي وئي. 1958ع ۾ صدر ايوب جي مارشل لا لاڳو ٿي ۽ ڪم في الحال بند ٿي ويا. ليڪن ايوب خان جي ڪابينا ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو لطيف سرڪار جي عقيدتمند شامل هو. جنهن 1959ع ۾ صدر ايوب کي ڀٽائي جي ميلي ۾ آندو ۽ ڀٽو صاحب جي ڪوششن جي ڪري صدر ايوب نه رڳو هلندڙ ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي پر وڏي رقم ڏيڻ جو به اعلان ڪيو. 1962ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ٻيهر صدر ايوب کي وٺي آيو، ذوالفقار علي ڀٽو ذاتي طور ڪوششون جي ڪري ڀٽ شاهه ۾ بجلي منظور ٿي، ڀٽ شاهه کي يونين ڪائونسل جو درجو ڏنو ويو ۽ اهڙو اعلان به خود ڀٽي صاحب ميلي دوران ڪيو ۽ سندس ڪوششن سان مغربي پاڪستان ڪابينا جو اجلاس ڀٽ شاهه ۾ ٿيو، 1964ع ۾ ڀٽو صاحب جي ڪوششن سان ڀٽ شاهه ۾ فنڪارن لاءِ هاسٽل، ريلوي اسٽيشن ٺهي. 1974ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزير اعظم ٿيو ۽ ترت ڀٽ شاهه پهچي ترقياتي منصوبن جو سنگ بنياد رکيو، سندس خيال هو ته ڀٽ شاهه کي ٽيگور جي ڪيئن ۽ شيڪسپيئر جي اسٽيفن آن وانگر ترقي وٺرائي وڃي، ذوالفقار علي ڀٽو جو چوڻ هو ته ٻئي شاعر لطيف سرڪار کان وڏا شاعر نه آهن.
    منصوبن تحت ڪم جو آغاز ڪيو ويو، ڀٽ شاهه جي رهواسين کي معاوضو ڏنو ويو ته هو درگاهه جي آسپاس مان لڏين ، ڀٽو صاحب جي خواهش هئي ته درگاهه جي ڀرسان 50 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي شاليمار لاهور جهڙي باغ کان به وڌيڪ سهڻو پارڪ ٺاهيو وڃي.
    ڪراڙ ڍنڍ مٿان روهڙي سکر جهڙي خوبصورت پل ٺهرائي وڃي ۽ پل ڀرسان ننڍڙيون يورپين طرزجون جديد قسم جون سهڻيون ڪينٽين ٺهرايون وڃن. درگاهه ڏانهن چئن ئي پاسن کان خوبصورت رستا ٺهرايا وڃن. تمام ترقياتي ڪمن جو نقشو ٺاهيو ويو. جنهن تحت واٽر سپلاءِ، هيلٿ سينٽر، ڳوٺاڻي ترقياتي پروگرام جو مرڪز، اجرڪ جنڊي، ڪاشي ٺاهڻ جا مرڪز ٻين هنرن جا اسڪول هنرمندن لاءِ پهرين مرحلي تحت هڪ سئو گهرن تي مشتمل ڪالوني، نيشنل هاءِ وي کان ڀٽ شاهه تائين ٻٽو روڊ ۽ ايئررپورٽ ٺهي راس ٿي ويا. باقين 50 ايڪڙن وارو خوبصورت باغ، ڪراڙ ڍنڍ پل، ريسٽ هائوس ڪلچرل سينٽر، آڊيٽوريم جي توسيع ، هنرن مندن لاءِ وڌيڪ ڪوارٽر صحافي ڪالوني، عام ماڻهن لاءِ سستي اگهه تي ڏيڻ لاءِ هڪ هزار گهر ۽ ٻيون ترقياتي اسڪيمون شامل هيون ۽ انهن ڪمن لاءِ ٽينڊر ٿيڻ وارو هو ليڪن ان کان اڳ جنرل ضياءُ الحق ڀٽوصاحب جو تختو اونڌو ڪيو ۽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي انهي سان گڏ مٿين ترقياتي ڪمن واريون اسڪيمون به ختم ڪيون ويون.1988ع ۾ پ پ چونڊن ۾ اڪثريت سان کٽي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزير اعظم ٿيندي انهي سال عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو. ته درگاهه تي ڀٽو شيهد جي وقت ۾ منظور ڪيل ترقياتي ڪم جيڪي جنرل ضياءُ جي دور ۾ ختم ڪيا ويا هئا اهي ٻيهر شروع ڪرائيڻ ۽ درگاهه جي توسيع ۽ ترقي لاءِ به فوري طور پي سي ون ٺاهڻ جو حڪم ڏنو پر آفيسر شاهي سرد مهري ڪندا رهيا ۽ اسڪيمون اڃا شروع ٿيڻ واريون هيون ته محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي وئي ۽ اهي اسڪيمون وري سرد خاني ۾ هليون ويون ان بعد نواز شريف دور ۾ شاهه لطيف جو مريد سڏائيندڙ ڄام صادق علي خان سنڌ جو ڪرتا ڌرتا وڏو وزير ٿيو، جنهن ڄام ڳوٺ ۾ ته اربين رپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا لاتعداد دوستن کي به خوب نوازيو پر پنهنجي مرشد حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي نگري توڙي لطيف مرشد جي درگاهه تي ڪوبه ڪم نه ڪرايو. 1994ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي محترمه بينظير ڀٽو ٻيهر ملڪ جي وزير اعظم ٿيندي هدايت ڪئي ته بنا دير جي درگاهه لطيف جي ترقي لاءِ جامع منصوبه بندي ڪري کيس رپورٽ موڪلي وڃي ۽ سندس ذاتي دلچسپي ڪري ان تي عمل شروع ٿي ويو. جنهن کي ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان جو نالو ڏنو ويو. جنهن تحت درگاهه جي اتر ۾ رهندڙن کي لکين رپيا ڏئي اتان لڏائي اتي ايوان لطيف جوڙڻ ڪراڙ ڍنڍ کي خوبصورت بنائڻ راڳي فقيرن لاءِ رهائشي ڪوارٽرن جو ڪم شروع ڪيو ويو ۽ ريسٽ هائوس کان اتر ۾ هڪ متبادل روڊ درگاهه تائين آندو ويو.ڀٽ شاهه بيوٽيفڪيشن پلان لاءِ 55 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا هئا اها جدا ڳالهه آهي ته 55 ڪروڙ رپين ۾ رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ڪئي وئي، ڀٽو صاحب جي خواهش ۽ جوڙيل نقشي موجب ڪراڙ جي وچان سنڌو درياهه تي روهڙي سکر کي ملائڻ لاءِ ٺاهيل پل جهڙي پل به شامل هئي پر اهڙي پل ٺاهڻ بجاءِ اڌ ڪراڙ ڍنڍ۾ مٽي وجهي اتي ڪراڙ پارڪ ٺاهيو ويو ۽ ڪراڙ کي سوئيمنگ پول جهڙو بنايو ويو. ڪني پاڻي جو نالو به اهڙو ٺاهيو ويو جو شهر جو پاڻي نيڪال ٿيڻ بجاءِ شهر کي ٻوڙڻ لڳو، انڪري نالي کي ختم ڪيو ويو. چوڻ جو مقصد اهو ته 55 ڪروڙن مان اڌ کان به گهٽ رقم خرچ ٿي باقي ڪوڙن بلن ذريعي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي، محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ختم ڪرڻ بعد اها اسڪيم به رولڙي جو شڪار بنجي وئي، حالانڪه تمام رقم ڪمشرن صاحب جي اڪائونٽ ۾ هئي، ڪافي وقت بعد ايوان لطيف جو ڪم شروع ڪيو ويو پر اهو ڪم به شيڊول مطابق نه ٿيو اهو ئي سبب آهي ته ايوان لطيف جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا. تاريخ گواهه آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان محترمه بينظير ڀٽو تائين ڀٽ شاهه ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ٿيا، شيهد ڀٽو توڙي سندس نياڻي ڀٽ شاهه جا عقيدتمند هئا.


    باب ڇهون : سنڌ جون ڪجهه مشهور سياسي شخصيتون

    حُرن جو روحاني پيشوا مشهور سياستدان پير صبغت الله شاهه راجا سائين

    حرن جو روحاني پيشوا حضرت پير صبغت الله شاهه راشدي راجا سائين 14 فيبروري 1957ع تي پير جو ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو، پاڻ روشنين جو شهر سڏجندڙ ڪراچي شهر مان تعليم حاصل ڪئي. ننڍي هوندي کان پيار مان راجا سائين سڏيو وڃي ٿو.مٿس سورهيه بادشاهه جي نالي جو وڏو اثر آهي. سورهيه بادشاهه سنڌ ڌرتي تان انگريز سامراج کي تڙي ڪڍڻ لاءِ وطن يا ڪفن واري حر تحريڪ هلائي نتيجي ۾ کين گرفتار ڪري حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ سولي تي چاڙهي شهيد ڪري سندن جسم خاڪي کي نامعلوم هنڌ تي سپرد خاڪ ڪيو ويو. راجا سائين به سنڌ پرست آهي، سندس طبعيت ۾ عاجزي ۽ درويش جون صفتون آهي پري کان حاضري زيارت لاءِ ايندڙن جا ٿڪ لهي وڃن ٿا. پاڻ ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير به رهيا آهن، سيد غوث علي شاهه جي دور ۾ پاڻ آبپاشي جا صوبائي وزير هئا ته سنڌ جي پاڻي جو ڪيس وڏي جرئتمندي سان وڙهيو ۽ پاڻ سنڌو درياءُ ۾ ڊائون اسٽريم، سمنڊ تائين پاڻي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن جي سزا کيس ارسا جي اجلاس ۾ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائڻ تي ملي پاڻ جڏهن ارسا جي اجلاس ۾ پاڻي واري مسئلي تي بيباڪي سان ڳالهايو ته” پنجاب وارن سدائين سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو آهي“ ارسا جي پنجاب سان واسطو رکندڙ ميمبرن راجا سائين جا ڪپڙا ڦاڙهي ڇڏيا، راجا سائين نين گاڏين جو شوقين آهي، کين نين گاڏين ۽ گهوڙن جو ڪافي حد تائين شوق رهيو آهي پاڻ ضلعي ڪائونسل خيرپور ميرس جا 3 دفعا چيئرمين به رهيا آهن ۽ ضلعي اندر رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا پاڻ 3 دفعا سيد غوث علي شاهه، ڄام صادق علي خان ۽ سيد مظفر علي شاهه جي دور ۾ صوبائي وزير رهيا آهن پاڻ حر جماعت وارن ۽ واسطيدار ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانو رهيا آهن پاڻ يارن جا يار آهن. ڪيتريون ئي غير جماعتي شخصيتون به سندن عقتدمند آهن، پاڻ زراعت جا ماهر آهن، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ميرس جيڪا پهرين سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس هئي ان کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ ۾ به سندن ڪردار آهي. پاڻ محمد خان جوڻيجو جيڪو ان وقت وزير اعظم هو ان کي چئي اهو ڪم ڪرايو، ڄام صادق علي خان جي وڏ وزارت ۾ جڏهن پاڻ سنڌ جا وزير آبپاشي هئا ان بعد پاڻي جي حوالي سان هڪ ٺاهه ٿي رهيو آهي. ان ۾ وڏو تڪرار ٿيو. سنڌ صوبي کي سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي پر پاڻ انتهائي جرائتمندي پر خلوص جذبي سان اجلاسن ۾ احتجاج ڪري سنڌ کي پاڻي جو حق ڏياريو پاڻ اقتدار ۾ هجن يا حزب اختلاف ۾ پر سنڌ سان نيهن نڀائڻ وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن. جڏهن به سنڌ دشمني وارو ڪو مسئلو ڪر کڻي ٿو ته پاڻ ان حوالي سان شاندار ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن پاڻ پاڪستان جو محافظ ۽ سنڌ جو ڀرجهلو آهن پير سائين شاهه مردان شاهه ثاني جي وصال بعد راجا سائين کي پير پاڳارو طور دستار بندي ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي جماعت ۽ واسطيدار ماڻهن جي بهتري، ڀلائي لاءِ بهترين قدم کڻندو رهيو آهي. پاڻ مريدن کي پنهنجي اولاد کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ خاص طور نياڻين کي تعليم ڏيارڻ 5 وقت نماز قائم ڪرڻ فضول خرچ کان پاسو ڪرڻ ڏکئي وقت ۾ هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ لاءِ بچت ڪرڻ پاڙي وارن جوخيال رکڻ انهن سان بهترين لاڳاپا قائم ڪرڻ درود سلام جو ورد جاري رکڻ، لاقانونيت ۽ خراب ڪردار وارن ماڻهن جي صحبت کان بچن، قانون نافذ ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪندا رهيا آهن. راجا سائين هر دلعزيز شخصيت جا مالڪ آهن، سنڌ جي حقن جا علمبردار آهن، جڏهن سنڌ ۾ اقليتن سان زيادتيون عروج تي پهتيون هندن جي دڪانن گهرن ۾ ڌاڙا لڳي رهيا هئا. هندن کي اغوا ڪرڻ جون وارداتون وڌي ويون. جڏهن مندر سڙڻ لڳا پير پاڳارو راجا سائين اهو اعلان ڪيو. اقليتي برادرين جو تحفظ سندس حر ڪندا. پاڻ اصول پرست، رحم دل، غريبن جا همدرد، قوم ۽ وطن جي حقن بابت سورهيه بادشاهه جي ڪردار وانگر ارڏي شخصيت جا مالڪ آهن، کين حر فورس جي جنرل هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي، مون جڏهن ڄام صادق علي خان جي دور ۾ پهريون دفعو ساڻن ملاقات ڪئي ته پاڻ اهڙي ته عزت ۽ پيار پاٻوهه سان مليا جهڙو سالن کان سڃاڻن هجن، کين چار فرزند آهن، سيد محمد راشد شاهه راشدي، سيد عثمان شاهه راشدي سيد عمر مصطفيٰ شاهه راشدي سيدابو بڪر شاهه راشدي آهن، پير صبغت الله شاهه پير پاڳارو کي پنهنجي ذات ۾ هڪ وطن پرست ۽ سنڌ دوست انسان مون تڏهن ڏٺو جڏهن 2012ع واري دور ۾ سنڌ جو ورهاڱو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي ته پاڻ سنڌ حڪومت کان عليحدگي اختيار ڪري سپر هاءِ وي حيدرآباد تي تاريخي جلسو ڪيو.


    محترم آصف علي زرداري

    محترم آصف علي زرداري پاڪستان جي سياسي دنيا ۾ هڪ چمڪندڙ ستارو آهي. ماضي ۾ جمهوريت جي بحالي ۽ 5 سالن لاءِ ملڪ جي صدر مملڪت جي حيثيت سان ڪيترائي اهم فيصلا قوم ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ ڪيل ڪوششون ملڪ جي تاريخ جو سونهري باب جي حيثيت رکن ٿيون. محترم آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي مشهور سياسي سماجي شخصيت حاڪم علي زرداري جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي شهر ۾ بعد ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾، جڏهن ته اعليٰ تعليم مختلف ادارن مان حاصل ڪئي. پاڻ پنهنجي وقت جي مشهور صوفي بزرگ هستي فقير بلاول عرف بالو فقير جي خاندان جو چشم چراغ آهي. آصف علي زرداري ننڍي هوندي کان سنجيده، غريبن جو همدرد مذهبي تاريخي، فلاسفي ۽ ٻين ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ، بهترين گهوڙي سوار، پولو راند جو ماهر، ننڍي هوندي کان اڄ تائين صبح جو سوير اٿي نماز ۽ قرآن شريف پڙهڻ، ان بعد ورزش ڪرڻ، اخبارن جو مطالعو ڪندو رهيو آهي. 1987ع ڌاري آصف علي زرداري ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي شادي ٿي. 1988ع ۽ 1993ع ۾ چونڊيل حڪومت هٽائي ڌانڌلين ذريعي آيل غير جمهوري حڪومتن جي حڪمرانن محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ سندس ور آصف علي زرداري کي به انتقامي ڪاررواين جو شڪار بنايو، 1996ع ۾ پاڪستان جي صدر فاروق لغاري پنهنجي ئي پارٽي جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ آصف علي زرداري کي پنجاب جي گورنر هائوس لاهور مان گرفتار ڪيو ويو. ان بعد آصف علي زرداري خلاف لاتعداد الزام لڳائي ٻين ڪيسن کانسواءِ خونن، ڪرپشن، منشيات جا ڪيس به داخل ڪيا ويا. سي آءِ اي سينٽر ڪراچي ۾ مٿس بي انتها تشدد ڪيو ويو. سندس زبان ڪٽي وئي، ان بعد ايندڙ مختلف پ پ مخالف حڪومتون مٿس وڌيڪ ڪيس داخل ڪنديون رهيون. جيل اندر به مٿس ذهني جسماني تشدد ڪيو ويو، پر جيل ۽ تشدد کيس جهڪائڻ بجاءِ رچائي لعل ڪري ڇڏيو. تقريبن 8 مهينن جي قيد بعد سپريم ڪورٽ کيس ضمانت تي آزاد ڪيو ۽ کيس علاج لاءِ ضياءَ الدين اسپتال داخل ڪيو ويو. بعد ۾ پاڻ پنهنجي گهرواري ۽ ٻارن سان ملڻ لاءِ دبئي ويو. جتان علاج لاءِ لنڊن ويو، جتان جڏهن وطن موٽڻ جون تياريون ڪيون ته سندس رستا روڪ ڪئي وئي ۽ نه چاهيندي به مجبورن کيس جلاوطن رهڻو پيو. 2005ع ۾ رستا روڪ، حڪمرانن جي منع ڪرڻ جي باوجود لاهور اچڻ جو اعلان ڪيو ته سڄي ملڪ مان لکين ماڻهو سندس استقبال لاءِ لاهور پهچڻ شروع ٿي ويا. حڪمرانن جي توقع جي ابتڙ عوام جي اهڙي عمل حڪمرانن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون. پنجاب جي سرحد سيل ڪئي وئي. لاهور پهتل هزارين ماڻهن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. لاهور پهچڻ بعد آصف علي زرداري سنڌ جو مختصر دورو پڻ ڪيو. جتي هر هنڌ سندس شاندار استقبال ڪيو ويو. آصف علي زرداري يارن جو يار، سڃاڻپ واري اک رکندڙ خوش مزاج، خوش اخلاق، ذهين، حوصلي وارو، بردبار، سخي، سادگي پسند، سنجيده، غربين، فقير فقراءَ سان محبت ڪندڙ، ولي الله صوفي بزرگن سان عقيدت رکندڙ پنهنجي سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ، هر دلعزيز ۽ سدا بهار شخصيت جو مالڪ آهي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد سندس مشن کي سندس نياڻي محترمه بينظير ڀٽو وڌايو، محترمه جي شهادت بعد سڄي ملڪ مان نه کپي پاڪستان نه کپي جو نعرو گونجڻ لڳو، ملڪ جا ٽڪرا ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو، تڏهن آصف علي زرداري شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو وانگر وفاق جي علامت بنجي پاڪستان کپي پاڪستان کپي جو نعرو بلند ڪيو ۽ پاڪستان کي ٽٽڻ کان بچائي ورتو. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد اهو تاثر هو ته هاڻ پ پ پ جو الله حافظ آهي، پر آصف علي زرداري پنهنجي ذهانت سان نه صرف پ پ کي بچايو، پر اليڪشن ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ پ پ اقتدار ۾ اچڻ بعد سڀ کان پهرين غير قانوني طور صدارتي ڪرسي تي ويٺل پرويز مشرف کي هٽايو ويو. ان بعد گڏيل راءِ سان آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدربنايو ويو ۽ آصف علي زرداري نه صرف شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پ پ حڪومت اچڻ بعد اهو تاثر هو ته هاڻ پ پ مخالف ڌرين سان سياسي انتقامي ڪارروايون ٿينديون، پر آصف علي زرداري، محترمه بينظير ڀٽو پاران ڏنل فارمولي تحت مفاهمت واري سياست کي عملي جامو پارايو ۽ سڀني سياسي پارٽين ويندي پرويز مشرف جي قائم ڪيل پارٽي مسلم ليگ (ق) کي به سندن کنيل سيٽن جي حساب سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنايو. ان جا ملڪ ۽ قوم تي بهترين اثرات پيا. پرويز مشرف اقتدار دوران مڪا ڏيکاري طاقت جو مظاهرو ڪندو هو، پر سندس دور ۾ دهشتگردي وڌي خاص طور اتريان علائقا دهشتگردن جا مرڪز رهيا، جتي انهن جي جهڙوڪ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي، پر سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جو نيٽ ورڪ مضبوط ٿيو، پر آصف علي زرداري پاران دهشتگردن ۽ دهشتگردي خلاف اعلان جنگ جا بهتر نتيجا نڪتا. اين ايف سي ايوارڊ جيڪو ڪيترن ئي سالن ۾ حل نه ٿي سگهيو، اهو مسئلو آصف علي زرداري يڪراءِ سان حل ڪري ڇڏيو. هر دور ۾ تڪراري بنيل ڪالاباغ ڊيم منصوبو آصف علي زرداري هميشه لاءِ ختم ڪري ٽنهي صوبن جي عوام جون دليون کٽي ورتيون. صوبائي خودمختياري جيڪو پاڪستان جي آئين ۾ هئڻ جي باوجود ڪنهن به حڪمرانن نه پئي ڏني، آصف علي زرداري پاران صوبائي خودمختياري ڏيڻ وڏو ڪارنامو آهي، ان سان هر صوبي سان برابري وارو انصاف ٿيندو. ماضي ۾ بلوچستان جي عوام سان ٿيل ظلم زيادتين جي زخمن تي مرهم رکڻ لاءِ صدر پاڪستان ٿيندي پاڻ ماضي ۾ ساڻن ٿيل اهڙي ظالمانه ڪاررواين جي صدر پاڪستان جي حيثيت سان معافي ورتي، پر بلوچستان جي قسمت بدلائڻ لاءِ اربين رپين جي پروجيڪٽ جو سنگ بنياد رکيو ۽ صوبي جي قسمت بدلائڻ لاءِ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا.
    نواز شريف دور ۾ سياسي انتقامي ڪاررواين تحت برطرف ڪيل سرڪاري ملازمن جي بحالي، ملڪ مان بک بي روزگاري جي خاتمي لاءِ لکيل پڙهيل نوجوان مردن عورتن کي هنرمند بنائي روزگار سان لڳائڻ لاءِ شهيد راڻي بينظير ڀٽو يوٿ سپورٽ پروگرام ۽ بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام تحت ملڪ جي لکين غريب عورتن جي مالي مدد ڪرڻ، هزارين غريب عورتن جي انشورنس ڪرائڻ، عورتن کي ٽيڪنيڪل نوڪريون ڏيڻ، عورتن کي سرڪاري زمينون ڏيڻ، زمينون آباد ڪرڻ لاءِ کين آسان شرطن تي قرضن ذريعي ٽريڪٽر ۽ ٻي زرعي مشينري، سستي اگهن تي ڏيڻ سرڪاري ملازمن جون پگهارون 150 کان 250 سيڪڙو وڌائڻ، زرعي فصلن جا اگهه وڌائڻ ۽ عوام جي فلاح بهبود لاءِ شروع ڪيل ٻين ڪيترن ئي پروگرامن جا بهتر نتيجا نڪتا.
    آصف علي زرداري گهڻ رخي شخصيت آهي، پاڻ انسان آهي کانئس غلطيون به ٿيون آهن ان جو اعتراف ڪري يا نه، پر سندس خوبيون ايتريون ته گهڻيون آهن جو ان ۾ سندس خاميون به لڪيو ٿيون وڃن، ڪمشنري نظام، پوليس جو پراڻو سسٽم بحال ڪرڻ، ٻوڏ دوران سرڪاري خزاني مان ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ ۽ ايندڙ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ بندن جي مرمت به سندس ڪارنامن م شامل آهي، جنهن سان عوام کي بهتر فائدو پهتو، ملڪ ۾ ڊگهو عرصو غير جمهوري حڪومتن اقتدار ۾ رهڻ جي ڪري سرڪاري ادارن جو سڄو نظام ڊانوال ڊول بنيل هو، اهي مسئلا فوري طور حل ٿيڻ ناممڪن هئا، آصف علي زرداري عوام کي رليف ڏيڻ واري سوچ رکڻ جي باوجود هن وقت تائين عام ماڻهن سان گڏ پ پ جي عام ڪارڪن کان وٺي نظرياتي ڪارڪن تائين ملڪ ۾ وڌندڙ بک بيروزگاري ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهنگائي، بدامني، ڪرپشن، پوليس اسٽيٽ، سماجي براين جو آزار ختم نه ڪرائي سگهيو، ملڪ جي صدر رهڻ دوران سڄي ملڪ جي نظام کي درهم برهم ڪندڙ بجلي جي شديد لوڊ شيڊنگ سي اين جي اسٽيشن کي هفتي ۾ ٻه ڏينهن بند رکڻ، ريلوي، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جو خساري ۾ وڃڻ، سرڪاري ادارن جي ناقص ڪارڪردگي خاص طور صحت، تعليم جو نظام خراب ٿي وڃڻ، نهري پاڻي جي کوٽ ۽ ٻيا ڪئين مسئلا حل نه ڪري سگهيو، جنهن ڪري ساڃاهه وند ڌريون آصف علي زرداري تي تنقيد ڪن ٿيون، آصف علي زرداري جي دور کي موجوده دور کان بهتر دور تسليم ڪري رهيون آهن، موجوده وفاقي حڪومت خلاف پنجاب نوازڻ جون شڪايتون آهن، آصف زرداري عوام کي ظاهري طور ايترو رليف نه ڏئي سگهيو جو عوام کي جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومت ۾ فرق نظر نه آيو، حقيقتون اهي به آهن جن مسئلن جو ذڪر مٿي ڪري آيا آهيون، اهي مسئلا ڊگهو عرصو غير جمهوري حڪومت ۽ انهن پاران مستقبل جي ڪابه پلاننگ ڪرڻ بجاءِ پنهنجو الو سڌو ڪرڻ، سرڪاري خزاني مان شاهي خرچ ڪرڻ، حڪومتي ماڻهن کي ڏنل ڪروڙين روپين جا قرض معاف ڪرڻ، وڌيڪ ڪرنسي جاري ڪرڻ ۽ ٻيا پئدا ڪيل ٽيڪنيڪل مسئلا هئا. جڏهن پ پ کي اقتدار ڏنو ويو ته ان وقت ملڪ جا خزانا خالي هئا، ته ٻئي طرف ايم آءِ ايف پاران ڏنل قرضن جي واپسي به ڪرڻي هئي، ته ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ پاران شروع کان عوامي حڪومت کي ناڪام بنائڻ پ پ مخالف سياستدان مان ڪيترائي جيڪي مفاهمت تحت اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار هئڻ جي باوجود ظاهري توڙي ڳجهي طور عوامي حڪومت خلاف سازشون سٽيندا رهيا ته ڪجهه وري پ پ جا پنهنجا به لڪل نموني مير جعفر وارو ڪردار ادا ڪري رهيا هئا. اهڙين سازشن ۽ عجيب غريب صورتحال جي باوجود آصف علي زرداري حڪمت عملي ۽ همت ۽ حوصلي سان هڪ طرف اهڙين سازشن، اهڙي صورتحال کي منهن ڏنو ته ٻئي طرف ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو. آصف علي زرداري پنهنجي خداداد صلاحيتن، ذهانت سان اين ايف سي ايوارڊ، ڪالاباغ ڊيم، صوبن جي خودمختياري، وڌندڙ دهشتگردي وارن ڳنڀير مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر طرح سان ڪوشش ڪئي ۽ عوام جي بنيادي مسئلن کي به حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڻ جمهوري غيرجمهوري حڪومتن ۾ فرق صاف ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي به ان ليول تي ڪامياب نه ٿي سگهيو.
    (هي آرٽيڪل روزانه عبرت ۾ 2014ع تي آصف زرداري جي جنم ڏينهن تي شايع ٿيو.)


    بلاول ڀٽو زرداري

    آئون انهن خوشنصيب صحافين مان هڪ آهيان جنهن کي محترمه بينظير ڀٽو جي آصف علي زرداري سان ڪڪري گرائونڊ ڪراچي ۾ ٿيل شادي جي شاندار تقريب جي اخباري ڪوريج ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ 21 سيپٽمبر 1988 تي محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ بلاول کي جنم ڏنو ته سڀ کان پهرين اها خبر سنڌي اخبارن مان روزانه آفتاب ۾ مون رپورٽ ڪئي هئي، بلاول جو پهرين نالو اسد، شاهنواز، ذوالفقار علي رکڻ تي به ويچار ڪيو ويو، بعد ۾ آصف علي زرداري جي وڏي ۽ بزرگ بلاول پويان نالو رکيو ويو، بلاول جي جنم تي 70 ڪلنٽن ۽ زرداري هائوس تي وڏا جشن ملهايا ويا هئا. بلاول شروعاتي تعليم ڪراچي گرامر اسڪول مان حاصل ڪئي. بعد ۾ فرو بيلنس انٽرنيشنل اسڪول اسلام آباد ۾ داخل ڪيو ويو، پ پ حڪومت برطرف ٿيڻ بعد محترمه ٻارڙن سميت پاڻ مرادو جلاوطن ٿي دبئي هلي وئي جتي بلاول کي راشد اسڪول فار بوائيز ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پاڻ شاگرد يونين جو نائب صدر به چونڊيو ويو، بعد ۾ هُن آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ڪرائسٽ چرچ ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪئي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد سندس ٽيجهي تي کيس پ پ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو ۽ سندس والد آصف علي زرداري پنهنجي فرزند بلاول جي نالي پويان ڀٽو زرداري سڏڻ ۽ لکڻ جو اعلان ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري ڪجهه وقت کان باقائده سياست ڪري رهيو آهي، سندس والد جو پاڻ مرادو جلاوطن ٿيڻ بعد 2015ع کان پاڻ باقائده پ پ جي قيادت سنڀالي سياسي سرگرميون شروع ڪيون آهن، نظر انداز ڪيل نظرياتي ڪارڪنن کي اهميت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جلسا، پارٽي اجلاس ڪري رهيو آهي، پاڻ انگريزي ۾ مهارت رکي ٿو ان سان گڏ اردو ۽ عربي، سنڌي به ڳالهائي وڃي ٿو، اردو ۽ سنڌي سکڻ لاءِ باقائده ٽيوٽر رکيو آهي .
    پاڻ ننڍي هوندي کان ذهين، ڪرڪيٽ جو شوق رکندڙ ۽ گهوڙي سوار به آهي. پاڻ دنيا جو ادب پڙهي ٿو، والد سان گڏ توڙي اڪيلي سر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا به ڪيا آهن. سندس تقرير ڪرڻ جو انداز والده محترمه بينظير ڀٽو جهڙو جوش نانو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جهڙو آهي. ملڪي سياسي حلقن کي يقين آهي ته بلاول مستقل جو بهترين سياستدان ثابت ٿيندو. پاڻ پنهنجي نانو ۽ امڙ جون سڪون لاهيندو. پ پ جي نئين سر تنظيم سازي نظر انداز ڪيل نظرياتي پارٽي اڳواڻن ڪارڪنن کي اهميت ڏيڻ، پارٽي جي رُٺلن کي پرچائي گڏ کڻي هلڻ سندس منشور ۾ شامل آهي.


    سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم جميل الزمان ”جميل“

    مخدوم ظهير الدين المعروف مخدوم جميل الزمان 19 هين سجاده نشين سروري جماعت 27 جولاءِ 1961ع تي هالا ۾ مخدوم امين فهيم جن جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ ننڍي هوندي کان ذهين ادب سان شوق رکندڙ آهن، پاڻ بنيادي تعليم هالا ۽ اعليٰ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي.سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور خانداني طور ورثي ۾ مليل آهي. پاڻ ايم آر ڊي تحريڪن کان سياسي زندگي جو آغاز ڪيو. 1997ع ۾ پاڻ پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ان بعد 2002ع، 2009ع ۽ 2013ع جي عام چونڊن ۾ هالا، نيو سعيد آباد واري صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي ايم پي اي چونڊيو ويو. 2009ع ۾ کين بين الصوبائي رابطن ۽ آثار قديما جي وزارت جو قلمدان ڏنو ويو.
    پاڻ هالا ويجهو خدا آباد جي آثار قديم جي تاريخي ماڳن کي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان مرمتي ڪم ڪرائي انهي قومي ورثي کي تباهه ٿيڻ کان بچايو. ٻين ڪيترن ئي قومي ورثن جي فوري بحاليءَ لاءِ پي سي ون تيار ڪرائي جڏهن 18 هين ترميم تحت وفاق جا ڪيترائي کاتا صوبن حوالي ڪيا ويا، انهن کاتن ۾ آثار قديما به شامل هو ۽ ان کاتي جو مخدوم جميل الزمان کي وزير بڻايو ويو ته هن قومي ورثي ۾ ورتل تقريبن 131 کان وڌيڪ سنڌ جا تاريخي ثقافتي ماڳ مڪان ڪوٽ قلعن آثارن کي بچائڻ لاءِ انهن جي بحالي لاءِ پاڻ پي سي ون ٺهرائي وئي ۽ سنڌ جي 2500 کان وڌيڪ قومي ورثي ۾ شامل نه هئا، انهن جي آثار قديما جي ماهرن کان سروي ڪرائي، انهن جون فلمون ۽ فوٽو ٺهرايا ته جيئن بچي ويل اهڙن آثارن کي قومي ورثي ۾ ورتو وڃي، انهن جي بچاءَ ۽ بحالي لاءِ حڪمت عملي جوڙي وڃي.
    پاڻ بين الصوبائي رابطن وارو وزير رهڻ دوران به بهتر ڪارڪردگيءَ ڏيکاري، پاڻ سنڌ جي صحافين کي ٻين صوبن جا معلوماتي دورا ڪرايا، 2013ع وارين عام چونڊن بعد موجوده پ پ حڪومت ۾کين روينيو ۽ رليف کاتي جو وزير بڻايو ويو. هن وقت روينيو جو وزير آهي. پاڻ روينيو رڪارڊ کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. علم ادب کيس ورثي ۾ مليل آهي. پاڻ ناميارا شاعر پڻ آهن. شاعري جو شوق ننڍي هوندي کان رهيو، پاڻ ننڍپڻ ۾ پنهنجي ڏاڏا قبلا مخدوم طالب الموليٰ کان شاعري جي اصلاح ڪرائي. سندس شاعري جو پهريون مجموعو ملاقات 1982ع ۾ شايع ٿيو. هن وقت تائين سندن شاعري جا ڪيترائي مجموعا شايع ٿيا آهن، جن ۾ اتر لڳ آءُ پرين، روح رچنديون، دلربا دلربا، محبت پائي من ۾ ۽ سچ وڙاءَ ۽ ٻيا شامل آهن. بهترين شاعر سان گڏ ناميارا ليکڪ به آهن، پاڻ لاتعداد مضمون ۽ مڪالا به لکيا آهن، پاڻ سنڌ جي واقعاتي تذڪره مخدومان هالا، گلشن صديق رحه هڪ انگريزي ڪتاب The Days and Dates پڻ شايع ڪرايو آهي.
    پاڻ بزم طالب الموليٰ پاران ڪيترائي ڪتاب ڇپايا آهن، جن ۾ قبلا مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جا مجموعا به شامل آهن.2010ع ۾ کين سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو، جتي پاڻ ڪيترائي ناياب بڻيل پراڻن ڪتابن کي ٻيهر ڇپايو، ڪيترائي نوان ڪتاب به ڇپرايا. 2014ع ۾ کيس سنڌي ادبي بورڊ جو ٻيهر چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ٻه سال اڳ پاڻ ان منصب تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جيڪا اڃا تائين منظور نه ٿي آهي. مخدوم جميل الزمان سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين رهڻ دوران 255 ڪتاب ڇپايا آهن، سندس ڪوششن سان سنڌي ادبي بورڊ جي بلڊنگ ۾ ڪروڙين روپين جي لاڳت سان واڌارو آيو آهي، جنهن ۾ ايڊمنسٽريشن آفيس، آڊيٽوريم، سينٽرل لائبريري جون بلڊنگون شامل آهن، پاڻ مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ وانگر ملازمن کي ڪيتريون ئي مراعتون ڏنيون آهن جن ۾ ويلفيئر فنڊ، بونس، اديبن لاءِ ويلفيئر فنڊ هر سال بورڊ جي 3 ملازمن کي حج تي موڪلڻ، هر سال 10 ملازمن کي موٽر سائيڪل جو لون ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو.
    پاڻ 1997ع کان اڄ تائين ايم پي اي جي حيثيت سان پنهنجي تڪ ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، جن ۾ مختلف ڳوٺن لاءِ نوان روڊ رستا، زبون حال روڊن جي مرمت، ڳوٺن ۾ فرش بنديون، سي سي گهٽيون، واٽر سپلاءِ، گندي پاڻي جي نيڪاليءَ جون اسڪيمون، بجلي، گئس، تعليمي ادارن جون نيون عمارتون، زبون حال عمارتن جي مرمت، اسپتالون ۽ ٻيا ترقياتي ڪم شامل اهن. پاڻ هر وقت علائقي جي عوام سان رابطي ۾ رهي ٿو. وقت به وقت تڪ جا دورا به ڪندو رهي ٿو. پاڻ هر دلعزيز شخصيت، سماج سڌارڪ ۽ غريبن جو همدرد آهي. پاڻ ڪيترن ئي غريب شاگردن جي لڪل هٿ سان مدد ڪري ٿو. ڪيترن ئي غريبن جي مدد ڪري ٿو، پاڻ جنهن سان به هڪ دفعو ملي ٿو ته اهو ماڻهو کانئن نه ٿو وسري، سڃاڻپ جي وڏي اک رکن ٿا. سنڌي، اردو، انگريزي ادب ۽ تاريخ جا ڪتاب سندن مطالعي ۾ رهيا آهن.کين تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب سان وڏو لڳاءُ آهي. سندن علمي، ادبي، ثقافتي، سياسي ۽ سماجي خدمتون قابل تعريف آهن، مخدوم جميل الزمان پنهنجي ذات ۾ انتهائي خوش اخلاق، برد بار، سهپ وارو، تڪبر وڏائي کان پري رهندڙ ۽ فقير منش شخصيت جو مالڪ آهي. اڻ واقف سان به اهڙي انداز ۾ ملندو جهڙو ان سان گهڻي عرصي کان واقفيت رکندو هجي. هر ماڻهو سان پيار محبت سان ملي ٿو، پاڻ مخدوم طالب الموليٰ سائين مخدوم امين فهيم سائين وانگر نه رڳو مريدن پر علائقي جي غير مريدن جي دلين تي به راڄ ڪري ٿو. ماڻهو سندس شخصيت کان متاثر ٿي ساڻس پيار ڪن ٿا.
    پاڻ پ پ ڊويزن حيدرآباد جو صدر پڻ رهيو آهي، درگاهه حصرت مخدوم نوح رحه جي مرمت ڪرائڻ وارو ڪم به سندن اسڪيمن مان ٿيو آهي. حضرت مخدوم امين فهيم جن جي وصال بعد 19 هين گادي نشين جو بار سندن ڪلهن تي پيو آهي، سندن پڳ واري رسم ۾ سندن حاضرين کي ڪيل خطاب ايترو پُر اثر هو جو حاضرين نيڻن جا بند روڪي نه سگهيا، پاڻ سروري تنظيم کي جديد دور جي حساب سان وڌيڪ فعال ڪرڻ، جماعت جا مسئلا حل ڪرڻ جو عزم رکي ٿو.
    بزم طالب الموليٰ جيڪا حضرت مخدوم طالب الموليٰ کان پوءِ غير سرگرم بڻجي وئي هئي، مخدوم جميل الزمان جن بزم طالب الموليٰ کي ٻيهر بهتر انداز ۾ سرگرم ڪري رهيو آهي، اميد ته بزم طالب الموليٰ جو ماضي موٽي ايندو ۽ ان پليٽ فارم کان نه رڳو هالا پر سڄي سنڌ ۾ مشاعره ۽ ادبي ڪچهريون منعقد ٿينديون. ادبي ڪتابي سلسلا جاري ٿيندا. حضرت مخدوم امين فهيم هالا ۾ جيڪو جديد ميڊيڪل اسپتال يونيورسٽي جو اعلان ڪيو هو، اهو به سندس ايجنڊا ۾ شامل آهي. اميد آهي ته انهيءَ عظيم الشان اسپتال جو ٽينڊر جلد ڪرائي ڪم شروع ڪيو ويندو. جنهن سان هتان ۽ ڀرپاسي واري علائقي جي عوام کي فائدو پهچندو.


    مشهور سماج سڌارڪ ۽ سياستدان عبدالله حسين هارون

    عبدالله حسين هارون سنڌ جي مشهور سياسي، سماجي شخصيت آهي، سندس تعلق بنيادي طور ڪڇي ميمڻ خاندان سان آهي، سندس خاندان هارون فيملي اسلامي جمهوريه پاڪستان ٺاهڻ وارن مان هڪ آهي. سندس والد سعيد هارون سر حاجي هارون جو فرزند هو، سعيد هارون کي ٻه فرزند عبدالله حسين هارون ۽ حميد حسين هارون هڪ نياڻي جنهن جي لنڊن ۾ شادي ٿيل آهي. عبدالله حسين هارون نالي واري سياسي سماجي شخصيت آهي1982ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو اسيپڪر رهيو. 2008ع پاڪستان پاران اقوام متحده ۾ ميمبر چونڊيو. جڏهن سنڌ ۾ 2010ع ۾ درياهي 2011ع ۾ برساتي ٻوڏ آئي ته ڪيترائي ماڻهو مئا لکين ماڻهو متاثر ٿيا ته پاڻ يو اين اي جي ٽيم وٺي ٻڏل علائقن جو دورو ڪرايو ۽ متاثرين جي مدد ڪرائي، سندس ڏاڏو سر حاجي عبدالله هارون جون هن ڌرتي تان انگريز کي ٿڏي ڪڍڻ جي حوالي سان آزادي واري ان تحريڪ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. ۽ آزادي واري تحريڪ ۽ پاڪستان ٺهڻ بعد پئسن جي ضرورت پئي ته پنهنجي ٽجوڙي جو در کولي وڏي مالي مدد ڪئي ۽ سندس گهر ميرٺ هوٽل سامهون نصرت هائوس کي اهو اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان جو جهنڊو ان گهر جي ڊائينگ ٽيبل تي ٺهيو هو. نصرت هائوس کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن گهر ۾ باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح کان وٺي سائين جي ايم سيد تائين ۽ پاڪستان جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سياستدان ايندا ويندا هئا ۽ هن گهر ۾ ملڪ جي آزادي بابت وڏا وڏا اجلاس به ٿيا، سر عبدالله هارون کي اهو به اعزاز حاصل رهيو ته لياري ۾ جڏهن بلوچن کي آباد ڪيو ويو، سر حاجي عبدالله هارون پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سکر بئراج جي انگريز سرڪار کي گرنٽي ڏني ته سنڌ جون بنجر زمينون آباد ڪرڻ لاءِ سکر بئراج ٺاهيو وڃي. جنهن جي جڏهن به مرمت جي ضرورت ٿي ته هو ڏوڪڙ ڏيندو. عبدالله حسين هارون انگريزي جو بهترين سحر انگريز مقرر آهي. پاڻ سنڌي ۾ ڇپيل ٻن ڪتابن ”سنڌ جو حال” ۽ سنڌ جو احوال جو مصنف پڻ آهي. پاڻ ڪراچي جي سفيد پوش ماڻهن لاءِ سنڌ ڪلب جو بنياد وڌو. پاڻ ان جو صدر به رهيو آهي. عبدالله حسين هارون اقوام متحده ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير جي شهادت جي جاچ جي ڪميٽي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر افسوس جو اها رپورٽ منظر عام تي نه اچي سگهي، عبدالله حسين هارون سنڌ جي حقن جي حوالي سان وڏو قومپرست آهي. سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ واسين جي حقن لاءِ هر طرح سان جاکوڙيندو رهيو آهي. ان لاءِ احتجاجي مظاهره ۽ ڌرڻا به هڻندو رهيو آهي. انگريز طرز جو انسان عبدالله حسين هارون کي مون روحاني رنگ جو انسان ان وقت ان رنگ ۾ رتل ڏٺو. جڏهن اجمير شريف جو سجاده نشين پير سلمان چشتي جڏهن سندس گهر آيو ته کيس امير خسرو جي قوالي تي ڳاڙهن ڳانن ۾ مست رقص ڪندي ڏٺو. سندس شخصيت گهڻ رخي آهي. پاڻ اعلى ڪردار جو مالڪ آهي. پاڻ بي لوث انسان آهي. ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو هجي سنڌ ۾ غيرن جي آبادڪاري جو مسئلو هجي يا ٻيو مسئلو کيس صف اول ۾ ڏٺو ويو آهي. پاڻ حضرت مولا علي ، پيران پير دستگير، قلندر لال شهباز، خواجا غريب نوا، شاهه لطيف ڀٽائي جو وڏو عقيدتمند آهي. پاڻ هنن ولين کانسواءِ ٻين درگاهن تي به حاضريون ڏيندو آهي. پاڻ لطيف جو پانڌيئڙو سڏائيڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي. لطيف سائين جي عرس مبارڪ جي پهرين ڏينهن تي دوستن سان گڏ چادر چاڙهيندو آهي. ڀٽ شاهه ۾ ٺهندڙ مدن فقير ريسٽ هائوس لاءِ پاڻ يو اين او کان مالي مدد ڪرائي، پاڻ ڊان اخبارن جي مالڪن مان آهي، اسلامي تاريخ، فلسفي جا ڪتاب سندس مطالعي ۾ رهيا آهن. پاڻ ڪيترن ئي غريبن جي هڪ هٿ سان ڏي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پوي تحت مدد ڪندو رهيو آهي. پاڻ تقريبن سڄي دنيا گهمي ڏٺي آهي.


    مخدوم خاندان جو چشمو چراغ مخدوم سعيد الزمان ”عاطف“

    سنڌ ڌرتي اهڙن سرويچن کي جنم ڏنو آهي جن بنا فرق جي خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ڪري نه صرف اڳيون جهان سنوارين ٿا پر هن دنيا ۾ سندس ناموس ٿئي ٿي. مخدوم طالب المولى پنهنجي هڪ شعر ۾ فرمايو آهي
    اگر خدمت ڪرڻ جي ناهي طاقت طالب المولى،
    ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب ته ڪونهي ڪو.
    خلق خدا جي خدمت افضل عبادت وانگر آهي. مخدوم خاندان جون خلق خدا جون خدمتون سج جي روشني وانگر چٽيون آهن. مخدوم سعيد الزمان عاطف جون خلق خدا لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن کان لڪل ناهن، پاڻ بهترين شاعر، سماج سڌارڪ ۽ دلعزيز سياستدان آهي، پاڻ 16 آڪٽوبر 1962ع آچر ڏينهن حضرت مخدوم نوح سرور رحه جي 17 هين سجاده نشين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جن جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس اذان جو نالو مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي آهي. مخدوم غلام حيدر صديقي و قريشي پنهنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ هو، ان زماني ۾ سنڌ ۾ تعليمي ادارن جو وڏو فقدان هو. هن ان زماني ۾ هالا ۾ اسلاميه سروري ڪاليج ۽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ ٻين تعليمي ادارن جو قيام آندو، ٻاهرين شاگردن لاءِ هاسٽل ٺهرائي هئي رهندڙ شاگردن کي ماني، ڪپڙا ۽ خرچيون ڏيندو هو، چوندا آهن ته نالي جو به اثر پوي ٿو ۽ مخدوم سعيد الزمان عاطف تي به شايد مخدوم غلام حيدر نالي جو اثر آهي. پاڻ گريجوئيٽ آهي. مخدوم طالب المولى جي شاعري کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي،سندس ٻه شاعري جا مجموعا شايع ٿيل آهن. سندس شاعري ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچي پي ٽي وي تي به ماضي ۾ ڪيترن ئي فنڪارن جي آواز ۾ سندس شاعري رڪارڊ ٿي،جيڪا اڄ به نشر ٿئي ٿي ننڍي هوندي کان سماجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيا. پاڻ همدرد انسان دوست ، ذهين غريبن جو هڏ ڏوکي آهي. 1981ع کان سروري تنظيم جي پليٽ فارم تان نه صرف سروري جماعت پر انسان ذات جي خدمت ڪندو رهي ٿو. هن سروري جماعت جي مريدن ۾ اولاد کي تعليم جي زيور سان آراستا ڪرڻ جو اتساهه پيدا ڪيو، هن جماعت وارن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو تحت سروري جماعت ۽ عام ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو، پاڻ سياسي زندگي جو آغاز ميونسپل ڪميٽي هالا جو چيئرمين ٿيڻ سان ڪيو. پاڻ هالا جو مثالي چيئرمين هو. هالا ۾ رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا ۽ ان وقت جي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت سان ذاتي طور مسلسل رابطو ڪري ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون ورتيون، ايم آر ڊي تحريڪن ۾ سندس شاندار ڪردار ڪنهن کان وسريو نه آهي، 1983ع واري ايم آرڊ ڊي تحريڪ ۾ والد مخدوم طالب المولى جي حڪم تي هر هفتي هالا ۾ 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جو احتجاجي جلوس نڪرندو هو ۽ ڪيترائي ماڻهو گرفتاريون ڏيندا هئا. پاڻ سنڌ اندر به ايم آر ڊي تحريڪ کي زور وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪندي سروري جماعت جي ماڻهن جا تقريبن هر شهر ۾ پ پ ڪارڪنن سان گڏ احتجاجي جلوس ڪڍرايا ۽ سڄي سنڌ مان سروري جماعت جي هزارين ماڻهن جيل ڀريو تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. پاڻ گرفتاريون ڏيندڙ ماڻهن لاءِ حيدرآباد جي سينٽرل ۽ نارا جيل ۾ هر هفتي وڏي تعداد ۾ ضروري ميڊيسن، فروٽ، بسڪيٽ ۽ ٻيو سامان موڪليندو رهيو. 1989ع ۾ حيدرآباد، ڪراچي ۾ لساني فسادن ۾ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ انهن جي ڀرپور مدد ڪئي، ماضي ۾ ٿر ۾ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ انهن جي ڀرپور مدد ڪئي، اناج، ڪپڙا، کاڌي جو سامان ۽ چوپايو مال لاءِ سڪل گاهه موڪليو ۽ پاڻ ٿر جا دورا به ڪيا ته جيئن ڏڪارين جي وڌيڪ بهتر انداز ۾ مدد ڪري سگهجي. ۽ ان وقت اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ صرف پي ٽي وي هئي انڪري پاڻ غير ملڪي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ملڪي پرنٽ ميڊيا وارن کي ٿر جا دورا ڪرايا. 1997ع جي عام چونڊن ۾ کيس پ پ قيادت پاران ننگرپارڪر ۾ ٽڪيٽ ڏني وئي. ان دور ۾ ٿر ۾ پ پ وارن کي مضبوط اميدوار نه پئي مليا، بلڪه اتي اربابن خلاف ڪوبه چونڊ لڙڻ لاءِ تيار نه هو. يا بس روايتي انداز ۾ چونڊ لڙندا هئا. مخدوم سعيد الزمان عاطف اتان سيٽ کٽي ڏيکاري، ليڪن مرڪز ۽ سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت نه ٺهڻ ڪري لاتعداد ڪوششن جي باوجود ننگرپاڪر ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائي سگهيو، کيس ترقياتي اسڪيمون نه ڏنيون ويون، ليڪن پاڻ چونڊ تڪ ننگر پارڪر سميت سڄي ٿر جي مسئلن، پ پ جي ورڪرن ووٽرن سان پ پ مخالفن جي انتقامي ڪاررواين خلاف اسيمبلي ۾ زوردار آواز اٿاريو ۽ ملڪي غير ملڪي ميڊيا کي ٿر وٺي دورو ڪرائي ٿر جي حالات کان سڄي دنيا کي آگاهه ڪيو ته ٿر ۾ نه روڊ، رستا، نه پاڻي نه اسپتالون، نه بجلي نه فون نه اسڪول آهن تعليم وارو عمل ٺپ ٿيل آهي ۽ اتي پ پ وارن سان لڱ ڪانڊاريندڙ انتقامي ڪاررواين کان پڻ آگاهه ڪيو ته ٿر ۾ بااثر ماڻهن جو پنهنجو قانون هلي ٿو، ارباب اتي بي تاج بادشاهه بڻيل آهن، اڇي ڪاري جا ڌڻي بڻيل آهن، پاڻ ٿر جي عوام جا لوڪل مسئلا حل ڪرائڻ، ماڻهن سان ظلم بااثر پ پ مخالفن جي چوڻ تي ماڻهن سان انتقامي ڪاررواين کي منهن ڏيڻ لاءِ هالا، حيدرآباد ۽ مٺي جي بهترين وڪيلن تي مبني ليگل فورم جوڙيو، وڪيلن کي في پاڻ ڏيندو هو ان جو بهتر نتيجو نڪتو، ان دور ۾ ننگر پارڪر ۾ روڊ ٺهڻ تي انڪري بندش وڌل هئي ته بارڊر ويجهو آهي، پاڻ مسلسل جدوجهد ڪري اها بندش ختم ڪرائي. 1997ع بعد پاڻ تڪ تان وري چونڊ نه لڙي پر پاڻ پنهنجي عملي ڪردار سان اتان جي عوام جي دلين تي اڄ به ائين راڄ ڪندو رهي ٿوننگرپارڪر مان جيڪي به پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. ان ۾ مخدوم سعيد الزمان جو ڪردار آهي. ٿر مان 2013ع وارين چونڊن ۾ پ پ اميدوار ڪامياب ٿيا آهن ان ۾ مخدوم سعيد الزمان جو ڪردار آهي. آهي.پاڻ 1997ع ۾ ٿر جي عوام سان جوڙيل ناتو جوڙيندو اچي وقت به وقت پاڻ ٿر جا دورا ڪندو رهيو آهي. ٿر جي واسطيدار ماڻهن جي ڏک سک ۾ شامل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ٿر جي مسئلن تي ميڊيا تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. اڄ تائين ٿر ۾ جيڪي به اشو ٿيا آهن ان تي ميڊيا تي سندس زوردار بيان ايندا رهيا آهن. ٿر واسي مخدوم سعيد الزمان سان پيار ڪن ٿا ٿر ۾ سندس شخصيت هڪ مسيحا جهڙي آهي. مخدوم سعيد الزمان عاطف سنڌ دشمن عمل خلاف ميڊيا ذريعي جاکوڙيندو رهيو آهي. پاڻ جڏهن بلديا هالا جو چيئرمين هو ته سنڌ ۾ ڪٿي به ڪنهن سان ظلم زيادتي ٿي يا سنڌ دشمن منصوبا مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پاڻ بلديا جي گڏجاڻين ۾ ٺهراءُ بحال ڪري حڪمرانن کي موڪليا ۽ ميڊيا تي خبرون هلرايون. پاڻ ميونسپل ڪميٽي هالا جو ڳاڙهي رنگ جو جهنڊو پاس ڪرايو ان جي وچ ۾ ۽ سنڌ جو نقشو ان ۾ شمعدان جو مونو لڳايو ويو، ان زماني ۾ سندس هڪ پريس بيان ته جنهن صورت ۾ بهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪيو وڃي ٿو ته سنڌ مان مجبورن لڏي ويل سنڌي هندن کي واپس گهرائي سندن ڇڏيل ملڪيتون کين واپس ڪيون وڃن. وڏي باهه ٻاري سندس اهڙي بيان کي جڏهن ملڪي ميڊيا سان گڏ بي بي سي لنڊن ۽ آل انڊيا ريڊيو سروس نشر ڪيو ته ان خلاف قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گوڙ ڪيو ويو ۽ سندس ان بيان تي هڪ مذهبي جماعت جي ترجمان اخبار ان خلاف مسلسل خبرون هلائڻ سان گڏ اداريو ۽ آرٽيڪل به لکيا ۽ اهڙي بيان تي احتجاج ڪيو ويو ۽ سندس خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو پر سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين پاران سندس اهڙي بيان جي آجيان ڪئي وئي. سندس ان بيان تي مخدوم سعيد الزمان خلاف هڪ مذهبي تنظيم جي شاگرد تنظيم پنجاب ۽ لاهور سميت ڪيترن شهرن جي ديوارن تي چاڪنگ به ڪرائي ميونسپل ڪميٽي جو پاس ڪيل جهنڊي جي ڦڙڪائڻ واري تقريب جون خبرون اخبارن ۾ اچڻ بعد ان تي اردو اخبارن، اردو ڳالهائيندڙن ۽ انهن جي تنظيم وڏو گوڙ ڪيو، زور ڀريو ويو ته اهو جهنڊو بلديه بلڊنگ تان لاٿو وڃي پر پاڻ انڪار ڪندي چيو ته اهو بلديه جي گڏجاڻي ۾ يڪراءُ سان پاس ڪيل آهي ٿر ۽ بااثر ماڻهن پاران رياست اندر الڳ رياست ٺاهي هئي، مخدوم سعيد الزمان عاطف اتي اهڙو وايو منڊل تبديل ڪري ڇڏيو جو آهستي اتي ٿر جي ڀوتارن جو عوام ۾ جيڪو خوف هو اهو ختم ٿي ويو. ٿر جا ساڃاهه وند چون ٿا ته مخدوم سعيد الزمان اڄ به ٿر واسين لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل آهي. سندن درد جو درمان هن کان وڌيڪ ٻيو ڪوبه نه آهي. مخدوم امين فهيم جي وصال بعد مٽياري واري قومي اسيمبلي جي سيٽ جي ٽڪيٽ کين ڏني وئي، جنهن تان پاڻ ڪاميابي ماڻي عوام جي خدمت ڪري رهيو آهي. چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ بعد مخدوم هائوس تي نه صرف سندس آفيس جا دروازا عوام لاءِ کليل آهن پر پاڻ تڪ جي مختلف شهرن جي رابطه آفيسن ۾ ويهي عوام جا مسئلا حل ڪري ٿو ۽ وقت به وقت ضلعي جي آفيسرن سان گڏجاڻيون ڪري عوام جي خدمت ڪرڻ جي هدايت ڪندي ان کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پاڻ نه صرف سروري جماعت، ٿر واسين پر هاڻ مٽياري جي عوام جي دلين تي به راڄ ڪري ٿو.


    عوام دوست سياستدان فقير فدا حسين ڏيرو

    فدا حسين ڏيرو جو سياسي دنيا ۾ هڪ نالو آهي، پاڻ قوم پرست سياست کان وٺي وفاق پرست سياست تائين جدوجهد ڪئي آهي، پاڻ پنهنجي ساجهڙي طبيعت ۽ عوام دوستي ڪري شاگردي دور کان عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿو. مشهور سياسي، سماجي عوام دوست شخصيت فقير فدا حسين ڏيرو ٽنڊو آدم تعلقه جي تاريخي ڳوٺ ملان مکڻ ۾ عوامي شخصيت محمد فقير ڏيرو جي گهر ۾ جنم ورتو. فقير محمد ڏيرو جو جهڙو نالو هو، تهڙو ئي فقير منش انسان هو. اوطاقي، مهمان نواز، سخي، غريبن جو همدرد هو، اڃان فدا حسين ننڍو هو ته سندس والد رات جي رهزنن هٿان ٽارگيٽ ڪلنگ تحت شهيد ڪيو ويو ۽ ان بعد فدا حسين ڏيرو ۽ سندس ڀاءُ انور ڏيرو جي پرورش سندس والده، والد بنجي ڪئي. مٿس سندس چاچو فقير شير محمد ڏيرو جو به والد وانگر شفقت ڀريو هٿ رهيو.
    فدا حسين ڏيرو ننڍي هوند کان ذهين، سماجي ڪمن سان دلچسپي رکندڙ، سخي، مهمان نواز، سلڇڻو هو، پرائمري ڳوٺ مان 6 کان 8 تائين گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا مان، 9 ۽ 10 گورنمينٽ شاهه عبداللطيف هاءِ اسڪول مان، انٽر ۽ بي اي نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊو آدم مان پاس ڪيو. 1976ع ۾ نيو علي ڳڙهه ڪاليج ۾ شاگرد يونين جو صدر به چونڊيو ويو. هن شاگردي دور ۾ سياست ۾ پير پاتو ۽ جيئي سنڌ جو همدرد رهيو، انهي پليٽ فارم تي سرگرم رهيو. ڪاليج ۾ هيرو طور سڃاتو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته سڀني شاگردن سان هٿ جوڙ رهيس، جڏهن جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي اقتدار کان هٽائي قيد ڪيو، اهو وقت پ پ لاءِ انتهائي ڏکيو وقت هو، پ پ جا ڪيترائي بااثر وڏيرا گهرن ۾ لڪي ويهي رهيا، ان ڏکئي دور ۾ فدا حسين ڏيرو پ پ ۾ شامل ٿيو. ايم آر ڊي جي 83 ۽ 86ع وارين تحريڪن ۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو. هن جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان ڏوهه ۾ کيس ايم آر ڊي جي ٻنهي تحريڪن دوران گرفتار ڪيو ويو. 83ع ۾ هڪ سال 1986ع ۾ 7 مهينا سينٽرل جيل ۽ نارا جيل حيدرآباد ۾ رهيو. 1987ع ۾ کيس پ پ ضلع سانگهڙ جو صدر چونڊيو ويو، ان کان اڳ پ پ ضلع جو انفارميشن سيڪريٽري به رهيو. پ پ جو صدر ٿيڻ بعد پاڻ ضلع ۾ بهتر انداز ۾ تنظيم سازي ڪئي، پارٽي کي فعال بنايو، ڪارڪنن ۾ وڌندڙ اختلاف ۽ گروپ بندي ختم ڪرايون. 1988ع ۾ پ پ حڪومت ۾ کيس پيپلز ورڪس پروگرام جو سانگهڙ لاءِ چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ بنا فرق جي عوام جي خدمت ڪئي. پ پ ورڪرن جي مشوري سان رڪارڊ ٽوڙ ترقياتي ڪم ڪرايا. 1990ع وارين عام چونڊن ۾ پي ايس ٽنڊو آدم تي نگران وزيراعليٰ ڄام صادق علي فارم ڀرايو ته ان سامهون ڪير به چونڊ وڙهڻ لاءِ دل ٻڌي نه سگهيو ته فدا حسين ڏيرو کي پ پ پاران ڄام صادق علي خان جي سامهون چونڊ وڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ ڏني وئي ته هن لبيڪ ڪيو. چونڊ سرگرميون شروع ٿيندي ڄام صادق علي خان انتقامي ڪارروايون شروع ڪيون. فدا حسين ڏيرو جي جلسن، جلوسن، ڪارنر گڏجاڻين ۾ هر طرح سان رڪاوٽون وجهڻ لاءِ سرڪاري مشينري کي استعمال ڪيو ويو ۽ فدا حسين ڏيرو سندس دوستن، پ پ ورڪرن کي حراسان ڪيو ويو، پر هنن چونڊ سرگرميون جاري رکيون ته ڄام قهري ڪارروايون شروع ڪندي مرڪزي چونڊ آفيس مختيار شورو جي اوطاق تي پوليس فائرنگ ڪئي، ڪارڪنن ۽ ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، بعد ۾ فدا حسين ڏيرو جي حمايتن، دوستن جي گهرن تي ڇاپا هڻي کين ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو. چونڊ ڏينهن پ پ جي ايجنٽن تي پوليس ۽ ڄام گروپ وارن لٺيون وسايون ۽ فدا ڏيرو کي پيغام ڏنو ويو ته چونڊ سرگرميون بند نه ڪندو ته ماريو ويندو، سندس ساٿي گرفتار ٿيڻ بعد فدا حسين ڏيرو اڪيلي سر ميدان ۾ لٿل هو. بعد ۾ چونڊ ڏينهن پارٽي جي فيصلي تي چوند بائيڪاٽ ڪيو ويو. 1995ع ۾ پارٽي ۾ سندس قربانين جي پيش نظر سينٽر بنايو ويو. 93ع وارين چونڊن ۾ اين اي 181 جي سيٽ تان ڪامياب ٿيندڙ ڄام معشوق علي خان خلاف ڌانڌلين جي شاهنواز خان جوڻيجو پاران پٽيشن تي فيصلو آيو، جنهن ۾ ڄام معشوق علي خان جي سيٽ رد ڪندي نئين سر چونڊ ڪرائي وئي، ان ننڍي چونڊ ۾ پ پ شهيد ڀٽو پارٽي پاران مخدوم خليق الزمان اميدوار هو ۽ پ پ پاران فدا حسين ڏيرو کي بيهاريو ويو ۽ فدا حسين ڏيرو 70 هزار کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو. ڄام صادق علي جو دور جيڪو سنڌ ۾ پ پ لاءِ جنرل ضياءَ جي دور کان وڌيڪ خطرناڪ دور سمجهيو وڃي ٿو، ان دور ۾ ڄام صادق علي جا جوهه جلال نه سهندي ڪيترائي پ پ اڳواڻ پاڻ مرادو يا صرف سندس نياپن تي پ پ ڇڏي ڄام گروپ ۾ شامل ٿيا، پر فدا حسين ڏيرو انڪار ڪيو ته سندس خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪري ٽنڊو آدم، کپرو، ڦلهڏيون، کاهي ۽ ٻين ٿاڻن جي لاڪ اپ ۾ قيد ڪري کيس طرح طرح جا ذهني ٽارچر ڏنا ويا، پر فدا حسين ڏيرو نه جهڪيو ته ڄام کيس وزير اعليٰ هائوس تي آڻائي چيو ته تنهنجي جواني تي رحم ٿو اچي، تون پنهنجو ويري نه بنج، توکي هڪ رات جي مهلت ڏيان ٿو يا پ پ کي پيارو ڪر يا پاڻ کي، ان بعد فدا حسين ڏيرو پ پ قيادت ۽ دوستن سان مشورو ڪيو، جن وقت جي حالات کي ڏسندي مشورو ڏنو ته جان بچائڻ سنت آهي، ان ڪري في الحال ڄام گروپ ۾ شامل ٿي. ليڪن ان جي باوجود خفيه طور پ پ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو، فدا حسين ڏيرو سچار مخلص يار ويس، مهمان نواز آهي، سندس اها خاصيت رهي آهي ته هن سياست ۾ نه پاڻ ٺاهيو آهي نه دوستن جا ناجائز ڪم ڪيا آهن،. سندس سياسي مخالف به اها ڳالهه مڃين ٿا ته هن ڪڏهن به قبضا گروپ، منشيات ۽ جوا هلائيندڙ، غلط ڪم ڪندڙن نه ته ڌاڙيلن چور پاٿاريدارن جي سرپرستي يا مدد ڪڏهن به نه ڪئي آهي، نه وري ڪوڙا دلاسا ڏيڻ واري سياست ڪري ٿو، ڪم نه ٿيڻ جهڙو هوندو آهي ته ٺڙڪ جواب ڏيندو آهي، پوءِ ڪير خوش رهي يا ناراض، سندس ڪوڙ سان نفرت سچ سان محبت آهي، ٽنڊو آدم جي غريب عوام کي اهي ڏينهن وسريا نه آهن جڏهن فدا حسين ڏيرو جي ڳوٺ ويجهو روهڙي ڪئنال کي گهارو پيو، جنهن ۾ فدا ڏيرو جو ڳوٺ ۽ زمينون ٻڌي ويون پر پاڻ ان جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ ٻڏل ڳوٺن مان ماڻهن کي ڪڍيو، انهن کي گاڏيون فراهم ڪيون ته جيئن هو پنهنجا سامان ڪڍي محفوظ هنڌ تي پهچن، متاثرين کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ بعد هن متاثرين جي لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن ۾ کاڌ خوراڪ، علاج معالج جو انتظام ڪيو. متاثرين کي ڪپڙا ۽ روڪڙا پئسه به ڏنا، پاڻ علائقي جي عوام سان مائٽن وانگر محبت ڪري ٿو، ان ڪري علائقي جا ماڻهو هن سان پيار ڪن ٿا ۽ فدا حسين ڏيرو علائقي جي عوام جي دلين جي ڌڙڪن بنيل آهي، اقتدار ۾ هجي يا نه، عوام جا هن وٽ ميڙا هوندا آهن. 2013ع وارين چونڊن ۾ کيس ضلع جي ڏکي سانگهڙ سنجهورو واري اين اي واري سيٽ جي ٽڪيٽ ڏني وئي، اتي چونڊن ۾ ڇا ٿيو، پولنگن تي ڇا ٿيو؟ اهو احوال ضلع جي عوام کان ڳجهو نه آهي ۽ اهو ميڊيا جي زينت به بنيو، پر ان هوندي به هن سٺي نموني مقابلو ڪيو، هن وقت پاڻ پ پ اڳواڻ جي حيثيت سان ۽ سندس ڀائٽيو فراز خان ڏيرو ٽنڊو آدم مان ايم پي اي جي سيٽ تان ڪامياب ٿي عوام جي بي لوث خدمت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته فدا حسين ڏيرو جي فرزند پارس ڏيرو ۽ ڀائٽيو نويد ڏيرو جي عوامي خدمتن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، سندس عوام ۾ مقبوليت ڏسندي سانگهڙ ۾ بلدياتي چونڊن جي ورڪ دوران مٿس قاتلانه حملو ڪرايو ويو، گاڏي بلڊ پروف هئڻ ڪري بچي ويو، پر سندس ڀائيٽيو شير محمد ڏيرو ۽ ٻيا ساٿي زخمي ۽ 3 ساٿي شهيد ٿي ويا، ان جي باوجود ڊڄي ويهڻ بجاءِ سياست ڪري رهيو آهي.
    فدا حسين ڏيرو سان ڪيترن ئي ڳالهين تي اختلاف به رهيا آهن. ناراضگيون به رهيون آهن، پر هن سان گڏ رهڻ، هلڻ جو به موقعو مليو آهي. سندس شخصيت کان متاثر آهيان .پاڻ مهمان نواز، يار ويس ۽ همدرد انسان آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته ماضي ۾ فقير فقراءَ غريب دوستن جي لفافا ڪلچر ذريعي جيڪا سار لهندو هو، انب تحفي ۾ موڪليندو هو، اهو سلسلو ڪافي وقت کان بند يا گهٽائي ڇڏيو آهي. پاڻ ٽنڊوآدم ۾ پارس هائوس قائم ڪري اتي ويهي عوام جا مسئلا ٻڌي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.


    باب ستون : وياسي وينجهار، انتقال ڪري ويل ڪجهه مشهور سياسي سماجي روحاني ۽ ادبي صحافتي شخصيتون

    حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جون ساروڻيون

    آئون جڏهن 7 ڪلاس جو شاگرد هئس، ان دور ۾ ريڊيو جو رواج عام هيو، ان وقت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي مخدوم طالب الموليٰ جا مختلف فنڪارن جي آواز ۾ ڳائيل ڪلامن جي ڌوم هئي ۽ آئون اهي ڪلام شوق سان ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام ٻڌڻ جي شوق ۾ مون کي پنهنجو ريڊيو خريد ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن جون خرچيون گڏ ڪرڻيون پيون. ريڊيو جي دور بعد چينجر فونن جو دور شروع ٿيو، ان کان اڳ چاٻي تي هلندڙ گرام فونا هوندا هئا. چينجر سيلن تي به هلندو هو ته بيٽري تي به ان زماني ۾ منهنجي سؤٽ حاجي خالد ملاح جنهن جو ملدسي ڳوٺ ۾ هوٽل هو، جتي بيٽري تي وڄندڙ چينجر گرام فونو ۽ ايمپلي فائر آندو، مون ٻڪر کپائي شهدادپور مان رونا ليليٰ جي آواز ۾ مخدوم طالب الموليٰ جي ڳائيل ڪلامن وارو فوني وارا وڏا رڪارڊ وٺي آيس، جنهن جي ٻنهي پاسي شايد 10 ڪلام ڀريل هوندا هئا ۽ روزانو شام جو هوٽل جي دخل تي ويهي اهو رڪارڊ هلائيندو هئس، ان وقت ايترو شعور نه هو، منهنجو به ٻاراڻو ذهن هو، ان جي باوجود مخدوم طالب الموليٰ جي لافاني شاعري رونا ليليٰ جي جادو واري آواز ۾ ڳائيل ڪلام ٻڌندي وجد طاري ٿي ويندو هو. مخدوم طالب الموليٰ جي ڪلامن جو لفظ لفظ معنيٰ خيز هو. مون تي مخدوم طالب الموليٰ جي شاعري جو ايترو ته جنون هو، جو رات جو سمهڻ وقت به سندس ڪلام ذهن ۾ پيا ڦرندا هئا ۽ ڪڏهن خواب ۾ به اهي ڪلام ٻڌندو هئس. مخدوم طالب الموليٰ جي ان امر ۽ دلڪش شاعري کي رونا ليليٰ جي چپن وڌيڪ امر بنائي ڇڏيو. اهي ڪلام نه صرف ملدسي جي واسين ۾ مشهور ٿيا، پر آسپاس جي ڳوٺن جن ۾ ان وقت هوٽلون نه هونديون هيون، اهي به واندڪائي وارن ڏينهن يا ڪو مهمان هنن وٽ ايندو هو ته انهن کي وٺي ملدسي جي هوٽلن تي ايندا هئا، انهن ۾ به مخدوم طالب الموليٰ جا ڪلام مشهور هئا ۽ اهي ماڻهو به مخدوم طالب الموليٰ جا اهي بت ۾ سؤڪاريون وجهندڙ دل دماغ تي ڇائنجي ويندڙ سدا بهار ڪلام وڄائڻ جي فرمائش ڪندا هئا، گرام فونن بعد جڏهن ٽيپ رڪارڊر آيا ته بابا منهنجي ضد تي ٽيپ رڪارڊر وٺي ڏنو ۽ منهنجي ٽيپ رڪارڊر وٺڻ جو مقصد ئي مخدوم طالب الموليٰ جو ڪلام ٻڌڻ هو. ٽيپ رڪارڊر وٺڻ بعد وري خرچيون گڏ ڪري مخدوم طالب الموليٰ جا رونا ليليٰ، حسين بخش خادم، عابده پروين، فوٽو زرداري، مصري فقير جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل ڪيسٽون خريد ڪرڻ شروع ڪيون. اسڪول کان پوءِ ٻني ٻاري تي ويندي به ٽيپ رڪارڊر هٿ ۾ هوندو هو. انهي دؤر ۾ مخدوم طالب الموليٰ جا ڪتاب ياد رفتگان ۽ ڇپر ۾ ڇڙيون پڙهڻ لاءِ ملي ويو، اهي پڙهڻ بعد ان وقت منهنجي ڪچي ذهن تي مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري ۽ لکڻين ايترو ته اثر ڪيو جو وٽن حاضري ڪرڻ لاءِ دل ۾ چاهت پيدا ٿي ۽ ان جو اظهار والد صاحب سان ڪيم، جنهن منهنجي چاچا حاجي محمود ملاح جيڪو مخدوم طالب الموليٰ جن جو خاص ماڻهو هو، خليفو نه هئڻ جي باوجود سندس مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ خليفي يا خاص ماڻهو جيتري عزت هئي، ان سان گڏ زيارت لاءِ مخدوم هائوس تي پهتس پر بدقسمتي سان ان ڏينهن مخدوم طالب الموليٰ ڪجهه مصروف هئا، ان ڪري حاضري نه ٿي سگهي. ان بعد حصرت مخدوم سرور نوح رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ يعني سهائو سومار هو ۽ بابا، چاچا ۽ آئون گڏجي گهوڙن تي هالا پهتاسين. حضرت مخدوم نوح سرور جي مزار تي حاضري ڏئي قل پڙهي دعا گهري، مخدوم هائوس تي پهتاسين، جتي به ميلو متل هو. مخدوم طالب الموليٰ جن جي زيارت ۽ حاضري لاءِ سڄي ملڪ مان ماڻهن جو وڏو انگ آيل هو، جن ۾ هزارين عورتون، ٻار ۽ پيرسن به شامل هئا ۽ مون اتي پهريون دفعو ڏهر ڳائيندي ٻڌو. ڊگهي انتظار بعد وڏي ڌڪ ڌڪان بعد ماڻهن جي وڏي پيڙ ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي پري کان زيارت ٿي، ٻه منٽ به نه گذريا ته اسان سميت اتي موجود ماڻهن کي هاڻ ٻاهر اچڻ جو چيو ويو ته جيئن ٻيا ماڻهو حاضري لاءِ اچي سگهن. پهريون دفعو زيارت وقت جڏهن مون مخدوم طالب الموليٰ کي ڏٺو منجهن وڏي ڏياءَ ۽ چهري ۾ نور نظر آيو، اتان کان اٺاس بنگلي تي قبله مخدوم امين فهيم، خانگاه ۾ مخدوم خليق الزمان جن وٽ به حاضري ڪري واپس ڳوٺ آياسين، ٻاراڻي ذهن مطابق ان حاضري تي خوشي به هئي ته ڏک به خوشي اها ته جنهن شخصيت جي شاعري ٻڌي ان کي آئيڊل بنايو هو، ان جي زيارت ٿي، پر ڏک ان ڳالهه جو ته آئون پنهنجي پر ۾ اهو ذهن ٺاهي ويو هئس ته سائين جن کي سندن شاعري بيحد وڻڻ ۽ سندس ڪلام چاهه سان ٻڌڻ بابت ٻڌائيندس ۽ اهو عرض ڪندس ته آئون به شاعري ڪرڻ چاهيان ٿو، اوهان رهنمائي ڪريو، پر اهڙو موقعو ئي نه مليو، جو دل ۾ سانڍيل ڳالهين جو اظهار ڪريان. ٻئي سال 1976ع ۾ سنڌو درياهه ۾ خطرناڪ چاڙهه آيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن سڄي سنڌ مان سروري جماعت جي ماڻهن کي بند جي حفاظت لاءِ حڪم ڏنو، جنهن تي هزارين مريد سعيد آباد کان مٽياري تائين بندن جي حفاظت لاءِ پهتا. منهنجو چاچو حاجي محمود ملاح به علائقي مان 60 کن ماڻهو وٺي مخدوم هائوس تي پهتو، جتان کيس پنهنجا ماڻهو سالارو ٻيلي وٽ بند تي وٺي وڃڻ جو حڪم مليو، انهن ۾ آئون به شامل هئس، ننڍي عمر جو هئڻ ڪري چاچا نه ٿي وٺيو ويو پر، منهنجي ضد تي پاڻ وٺي هليو. آئون ان اميد سان آيس ته بند تي مخدوم طالب الموليٰ جن به ضرور ايندا ويندا ۽ اتي سندن زيارت به ٿي ويندي ۽ اتي ڳالهائڻ جو موقعو به ملي ويندو. اتي 12 ڏينهن هياسين ۽ اتي مخدوم طالب الموليٰ جن ڪيترائي ڀيرا تشريف فرما ٿيا، پرسندن آمد تي اتي ماڻهن جا انبوهه ٿي ويا ۽ ماڻهو سندن گاڏي کي ڦري ٿي ويا ۽ اتي صرف پري کان زيارت ٿي سگهي. اتان واپس اچڻ بعد 2 دفعا پاڻ مرادو مخدوم هائوس تي پهتس ۽ حاضري لاءِ ڪوشش ڪيم، پر اتي حاضري ڪرائيندڙن ٻار ڏسي بهانا بنائي حاضري نه ڪرائي. انهن ڏينهن ۾ هڪ دوست کان ٽه ماهي مهران رسالو ۽ ماهوار نئين زندگي مليو، جنهن ۾ مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري به هئي، ان بعد مخدوم طالب الموليٰ جن جي شاعري پڙهڻ لاءِ اهي ٻئي رسالا گهرائڻ شروع ڪيم. 8 ڪلاس ۾ هئڻ دوران 78ع ۾ صحافت ۾ پير پاتم، هڪ نئين خواهش ٿي ته مخدوم طالب الموليٰ جن جو انٽرويو ڪريان، پر مخدوم هائوس تي سائين جن جي حاضري وارن نوڪرن ۽ ٻين ملازمن سان ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري اها خواهش اڌوري رهي. تقريبن 1980ع ۾ آفتاب اخبار ۾ خبرون ڏيڻ لاءِ پهتس ته خبر پئي ته اڄ رات هالا پراڻا ۾ سوز هالائي جي شاعري مجموعي ”رنگ رتا پيچرا“ جي مهورت آهي، مهورت مخدوم طالب الموليٰ جن ڪرڻ فرمائيندا. اسان جو پيارو محسن سائين لائق سنڌي به تياريون ڪري رهيو هو ۽ مخدوم طالب الموليٰ جن جو ٻڌي مون سائين لائق سنڌي کي منٿ ميڙ ڪئي ته هو مون کي به وٺي هلي. شام جو نصير مرزا، حسن مجتبيٰ، نثار حسيني ۽ ٻيا دوست هالا پراڻا پهتاسين، رات جو مخدوم طالب الموليٰ جن به تقريب ۾ پهتا ۽ پروگرام ختم ٿيڻ تائين ويٺا رهيا. پروگرام ختم ٿيڻ بعد موقعو ملندي، اسٽيج تي پهتس جتي عرفان مهدي مخدوم طالب الموليٰ جن سان منهنجو تعارف ڪرايو، انهن ڏينهن ۾ مختلف شخصيتن کان آٽو گرافف وٺڻ جو جنون هو، هر وقت آٽوگراف کيسي ۾ هوندو هو ۽ مون آٽوگراف ڪڍي کين ڏنو، پاڻ مختصر طور دعا وارا لفظ لکيائون. ان بعد 1982ع ڌاري سندن فرزند مخدوم سعيدالزمان سان جڏهن نيازمندي ٿي ته سندن معرفت مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ سهڻي نموني حاضري ٿي. مخدوم طالب الموليٰ جن سان ملاقات ڪرڻ تي پاڻ فرمايائون ته سعيد سائين اوهان جي تعريف ڪندو آهي، اوهان جون سروري تنظيم بابت آرٽيڪل ۽ خبرون پڙهيون آهن. ان موقعي تي پاڻ مون کي هالا ۾ اچي صحافت ڪرڻ جو چيو ۽ سندس حڪم تي لبيڪ چئي هالا مان صحافت شروع ڪئي.
    مخدوم سعيد الزمان جن سان به ملاقات ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته مون سائين جن جي حڪم تي هالا ۾ صحافت شروع ڪئي آهي، کين اهو ٻڌي خوشي ٿي، ان دوران مخدوم طالب الموليٰ جن وٽ 2 دفعا حاضري لاءِ ويس، پر سندن طبيعت ناساز هئڻ ڪري حاضري نه ٿي سگهي. مون حاجن ابڙيجو کي فون ڪري سائين جن جي خواهش موجب هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ جو ٻڌايو ۽ حاجن ابڙيجو سائين جن کي ٻڌايو ۽ انهي هفتي ۾ حاضري لاءِ پيغام مليو ۽ حاضري ڪيم، پاڻ فرمايائون ته حاجن ٻڌايو آهي ته اوهان منهنجي چوڻ تي باقاعده هالا ۾ اچي ويا آهيو. رهو ڪٿي پيا، مون کين عرض ڪيو ته اسان جي صحافي دوست عبدالڪريم ميمڻ وٽ، پاڻ فرمايائون ته اهو به پنهنجو آهي، پر جي اتي رهڻ ۾ تڪليف محسوس ٿئي يا ڪا ٻي تڪليف محسوس ڪريو ته بغير هجاب ٻڌائجو، پاڻ ان موقعي تي دعا به ڏنائون، هالا ۾ صحافت شروع ڪرڻ بعد مخدوم طالب الموليٰ جن ڪوبه بيان وغيره جاري ڪندا هئا ته حاجن ابڙيجو يا انور هلائي جي معرفت عبدالڪريم ميمڻ، اڪرم قائم خاني مون ۽ يوسف وارثي ۽ ٻين صحافين کي گهرايو ويندو هو، يا پريس رليز ڏياري موڪليندا هئا.
    ڪجهه سالن بعد گورنمينٽ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ سروري تنظيم جو مرڪزي ڪنوينشن ٿيو، ان ۾ ٻين شهرن ڀٽ شاهه، سعيد آباد جي صحافين کي به رپورٽنگ لاءِ دع