ڪتاب جو نالو: سانول جا سور
مصنف: اقبال بلوچ
ڇپائيندڙ: سلام پرنٽرز اينڊ پبلشرز
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 437 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 275 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • ارپنا
  • • پنهنجي پاران
  • • اقبال بلوچ : خاموش ڪارڪن
  • ڪهاڻيڪار

  • 1. لڙڪ ۽ سڏڪا ..
  • 2. بلقيس ڪاليج پڙهندي !
  • 3. رشتن جو موت
  • 4. هي ڪهڙو فرق
  • 5. شانوءَ جا خواب
  • 6. خوشين ڀري رات
  • 7. گنگهه گهارين ڏينهڙا
  • 8. سون ورنيون دليون
  • 9. روپا جو محل
  • 10. شادي ۽ موت
  • 11. ڪنوار جي ڳولا
  • 12. نرالي شادي
  • 13. پنهل ڪاڻ مياس
  • 14. اهي شاديون
  • 15. ثبوت
  • 16. اکيان رو رو ٿڪيان
  • 17. مقدس رشتو
  • 18. سنڌ بچي وئي؟؟!!
  • 19. شرم جا ڳوڙها
  • 20. سکڻا نعرا اجائي ڳالهه
  • 21. واهه ڙي زندگي
  • 22. پنهنجا به پراوا
  • 23. سنگت
  • 24. سٺي ٽيبل
  • 25. لوڊ شيڊنگ
  • 26. لک سوا لک
  • 27. جذبا جنگ جوان
  • 28. سفر سڄڻن جو
  • 29. يا خدا تون هيٺ لهي آ
  • 30. جيئڻ جنين مهڻو
  • 31. سانول جا سور
  • 32. سزا
  • 33. ڌرتي ڌڻي ويچارا

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر ڇاهتر (76) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “سانول جا سور” ليکڪ ۽ شاعر اقبال بلوچ جي ڪهاڻين تي مشتمل آهي.

    هي ڪتاب آڪٽوبر 2013ع ۾ سلام پرنٽرز اينڊ پبلشرز گاڏي کاتو حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي. اسين ٿورائتا آهيون محترم اقبال بلوچ صاحب جنهن ڪتاب جي ڪاپي موڪلڻ سان گڏ سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • ارپنا

    پنهنجن پيارن جي نانءُ
    جن کان سواءِ جيئڻ
    جو تصور ئي ممڪن ڪونهي


    • پنهنجي پاران

    56 سال اڳ بدين ضلع جي هڪ شهر تلهار ۾ اک کوليم. ننڍپڻ منهنجو شرارتن کان بغير هو. ڄڻ ته ننڍي هوندي کان ئي ماٺائي طبيعت جو مالڪ هيس. پنهنجي منهن زندگي گذارڻ، گهٽ دوست ڪرڻ، گهڻو نه ڳالهائڻ… لکڻ پڙهڻ جو شوق هيم. ويتر جو ننڍڙي ڄمار ۾ بابا سائين ٻي شادي بعد امان ۽ هن جي ننڍڙن ٻارڙن کي بي واهي ڪري ڇڏي ويو ته ڄڻ طبيعت ڪجهه وڌيڪ ئي موڳي موڳي ۽ ويڳاڻي ويڳاڻي ٿي پئي. ويتر جو امان چڻن جو ٿالهه ڀري ڏيندي هئي ته وڪڻي اچان ۽ ائين گهر جي گذر بسر ۾ منهنجو به حصو لڳي ٿي ويو. ائين گذر بسر واري زندگي گهاريندي تلهار جي ويران ويران لئبريري جو رخ ڪندو هوس. ننڍي عمر ۾ اخبارون پڙهندو هوس. پنهنجي ٻن ٽن ڏينهن جي خرچي گڏ ڪندو هوس ته ٻارڙن جو نڪرندڙ رسالو “گل ڦل” وٺندو هوس. “گل ڦل” ۽ “گلن جهڙا ٻارڙا” رسالا پڙهندو هوس ته ٻارن واريون ڳالهيون، ڪڏهن حديث مبارڪ، ڪڏهن لطيفا ۽ ڪڏهن ننڍڙيون ڪهاڻيون لکي موڪليندو هوس ته شايع به ٿي وينديون هيون. ائين مون محسوس ڪيو ته 15 سالن جي عمر ۾ مون لکڻ شروع ڪيو. انهيءَ دور ۾ هلال پاڪستان اخبار نڪتي، جنهن جو ايڊيٽر سراج الحق ميمڻ هو. اها اخبار ڄڻ سنڌ تي ڇانئجي وئي. انهيءَ اخبار ۾ ايڊيٽوريل صفحي تي هر روز هڪ ڪالم “جهاتيون”شايع ٿيندو هو، جيڪو عبدالڪريم سعدي ڪڍندو هو. انهيءَ ڪالم ۾ هر روز هڪ نئون موضوع هوندو هو. لکندڙن کي دعوت ڏيندو هو. انهيءَ ڪالم لاءِ آءٌ به ڪجهه نه ڪجهه لکي موڪليندو هوس. هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن ۾ منهنجو ڪجهه نه ڪجهه مواد شايع ڪندو هو. ائين آءٌ پنهنجو نالو پڙهي ٽڙي پوندو هوس. اتان ئي آءٌ اڳتي وڌيس… ۽ دل ئي دل ۾ اها امنگ جاڳي ته آءٌ به هڪ اديب ٿي سگهان ٿو.
    جڏهن منهنجي وڏي ڀاءُ ناصر بلوچ اهو محسوس ڪيو ته منهنجي ننڍي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق آهي ته مون کي شاباس ڏيندي همت وڌائيندو هو ۽ مون کان پڇڻ لڳو ته ٻارڙن جي رسالن ۾ ڪهڙو مواد شوق سان پڙهندو آهين؟ مون جواب ڏنو ته ادا! ڪهاڻيون شوق سان پڙهندو آهيان ۽ جڏهن منهنجي پهرين ٻاراڻي ڪهاڻي “گل ڦل” ۾ ڇپي ته دل ئي دل ۾ منهنجا حوصلا آسمان تي پهچڻ لڳا.
    منهنجو وڏو ڀاءُ منهنجي شوق کي مدنظر رکندي ڪهاڻين جا ڪتاب ڏيندو هو ۽ چوندو هو ته هي ڪتاب تو لاءِ ورتا اٿم، خوب پڙهندو ڪر. هڪ ڪتاب پڙهي وٺندو هوس ته ٻيو ڏيندو هو. چيائين اقبال! جيترو پڙهندين، اوترو جلدي لکندين. جيترو جلدي لکندين، اوترو جلد اديب به ٿي ويندين.
    ۽ مون کي وڏي اديب ٿيڻ جو جنون جي حد تائين شوق هو. ائين مختلف اديبن جا ڪتاب پڙهندي هڪ ڪهاڻي وڏن اديبن واري لکيم. وڏن اديبن جي هيڏي ساري وڏي ڏاڪڻ تي چڙهندي پهرين ڏاڪي تي قدم رکندي ڪهاڻي “لڙڪ ۽ سڏڪا” نالي لکيم ۽ عبرت اخبار جي سنڊي رنگين صفحي ۾ مارچ 1976ع ۾ شايع ٿي. مون کي ياد آهي ته منهنجي اها پهرين ڪهاڻي شائع ٿي ته بيحد گهڻو خوش ٿيو هوس. اها اخبار کڻي کڻي سڄو ڏينهن امان ۽ ادا کي ڏيکاريندو رهيس ۽ خوشي مان نه پئي ماپيس. ائين چاليهه سال اڳ ۾ ائين چئجي ته مون لکڻ شروع ڪيو. پهرين ڪهاڻي شايع ٿي ته پوءِ مسلسل ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيم. عبرت اخبار ۾ عبدالغني درس انچارج هو ادبي صفحي جو ۽ هلال پاڪستان ۾ غلام نبي مغل ادبي صفحي جو انچارج هو. ائين مهيني ۾ هڪ ٻه ڪهاڻيون ڇپجڻ لڳيون ۽ پوءِ مختلف رسالن ۽ مختلف اخبارن ۾ ڪهاڻيون شايع ٿينديون رهيون ۽ منهنجا حوصلا وڌندا ويا.
    ائين آءٌ لکندو رهيس، ڇپجندو رهيس، تان جو 1984ع ۾ بدين جي ٽريزري آفيس مان حيدرآباد جي ٽريزري آفيس ۾ بدلي ڪرائي حيدرآباد شفٽ ٿي ويس. حيدرآباد ۾ منظور چيمبرس ۾ هر هفتي سنڌي ادب جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. انهن ۾ باقاعده هر هفتي شريڪ ٿيندو هوس ۽ تلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت مون اٺ سال هلائي، جيڪا ڪهاڻي ۽ پوءِ شاعري به لکڻ لڳس. اهو مواد جيڪو ادبي سنگت ۾ پڙهندو هوس، اهو موڪليندو هوس رسالن ۽ اخبارن ۾.
    حيدرآباد شفٽ ٿيندي وڏي خرچ ۾ پئجي ويس. زندگي جي هر شيءِ جو بار منهنجن ڪلهن تي اچي پيو. نتيجي طور ٽي ٽي نوڪريون ڪرڻ لڳس. پنهنجي ٽريزري جي نوڪري کان سواءِ ٻه نوڪريون ٻيون به ڪندو هوس. ائين صبح 9 بجي کان رات جو 2 بجي تائين ڄڻ ته ڪتي جي وات ۾ پئجي ويس ۽ ائين پنهنجي لکڻ پڙهڻ جي رفتار ۾ تمام گهڻي گهٽتائي اچي وئي. پر تڏهن به جنون جي حساب سان ڪنهن موڪل واري ڏينهن ڪهاڻي لکي وٺندو هوس.
    ڪجهه سالن بعد لکڻ جو هڪ ٻيو دور به مون وٽ آيو. هڪ نوڪري ڇڏيم ته رات جو ڪجهه حصو لکڻ لاءِ بچي پيو. انهيءَ دور ۾ دوستي حيدرآباد ٽريزري جي من موهيندڙ شخص مرحوم عبدالستار مگسي سان ٿي، جيڪو ننڍي ڄمار (40 سالن جي عمر ۾) اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو. نهايت ئي دلبر ماڻهو، من موهيندڙ شخص، دل لڀائيندڙ ۽ هر دلعزيز شخصيت جو مالڪ هو. هو اديب هو، شاعر هو، اداڪار هو، صداڪار هو، فنڪار هو، مطلب ته فنونِ لطيفه جي هر صنف هن ۾ هئي. آءٌ به ڪهاڻيڪار ۽ شاعر. هن سان طبيعت ۽ مزاج سان ملندڙ ته مون سان ياري مڙئي گهڻي ٿي ويس. شام جا چار ٿيندا هئا، آفيس ٽائيم ختم ٿيندو هو ته هن جي ٽيبل تي ميڙاڪو مچي ويندو هو. ڪهاڻيڪار نور گهلو، سائين حيات علي شاهه بخاري، سائين نثار حسيني، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو Producer انور هَڪڙو… ۽ اسان ٻه، پوءِ ته ڪچهري مچي ويندي هئي. شام مغرب جي اذان ايندي هئي… ته هو ريڊيو پاڪستان ويندا هئا. نور گهلو، حسين آباد ويندو هو ۽ آءٌ لطيف آباد ويندو هوس. مرحوم انور هَڪڙي منهنجي هِڪڙي ڪهاڻي ريڊيو پاڪستان جي ادبي پروگرام ۾ هلرائي. ريڊيو جي مائيڪ تي پهتم ته ڪهاڻي مون کان پڙهجي ئي نه پئي… ڏڪڻ لڳس، نڙي مان ڪهاڻي جا لفظ نه پيا نڪرن. پر انور هڪڙو ۽ نصير مرزا دلبر ماڻهو هئا… منهنجو حوصلو وڌائيندا رهيا ۽ نيٺ اها ڪهاڻي ريڊيو تي هلي… ڄڻ منهنجي خوشي جي دنيا ۾ هڪ ٻيو اضافو ٿيو.
    انهيءَ دور ۾ حيات علي شاهه بخاري جي ايڊيٽري هيٺ شام جي پهرين نڪرندڙ اخبار “خادم وطن” نڪتي. ڪهاڻيون لکي ايندو هوس، حيات علي شاهه بخاري کڻي ويندو هو ۽ ٻي ڏينهن شايع ٿي ويندي هئي ۽ ائين منهنجيون پختگي واريون ڪهاڻيون خادم وطن ۾، عبرت مئگزين ۾… ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيون.
    اڄ “سانول جا سور” توهان جي هٿن ۾ آهي. 40 سالن جي محنت… هونئن ته سوين ڪهاڻيون لکيون اٿم، پر هن ڪتاب ۾ ڇپيل ڪهاڻيون ڏنيون اٿم، جيڪي رسالا ۽ اخبارون هٿ ڪري سگهيس. ائين منهنجي ماٺيڻي طبيعت، نوڪري جي بي رحم دور ۾ وقت جو نه ملڻ، وقت جي حالتن ۽ چوگرد ڦرندڙ گهرندڙ منهنجي ماحول… مون کي وڏو اديب ته نه بنايو، پر هڪڙو ڪتاب توهان تائين پهچائي ننڍڙن اديبن جي لسٽ ۾ ضرور شامل ٿيو آهيان.
    منهنجيون چند خواهشون هميشه رهيون. انهن مان هڪ دلي خواهش اها به هئي ته آءٌ ڪتاب ڇپرايان. هڪ ڪهاڻي جو، هڪ شاعري جو. سو خدا تعاليٰ جي مهرباني سان منهنجي اها دلي تمنا پوري ٿي آهي.
    هن حد تائين پهچڻ، ڪتاب ڇپرائڻ ۾ منهنجي پياري دوست مقبول ميمڻ جو دل سان شڪرگذار آهيان، جنهن مون کي حوصلو ڏنو، همت ڏني ۽ پنهنجي ذاتي محنت سان منهنجو هي ڪتاب آندو.
    آءٌ شڪرگذار آهيان گل حسن گل جو ۽ شاهد قمر چنا جو… جن جي همت افزائي کان سواءِ هن منزل تائين نه پهچان ها.
    آءٌ شڪرگذار آهيان پنهنجي ڀاءُ ناصر بلوچ جو… جن جي هر قدم جي ساٿ سان وڏو ٿيس… حوصلو مليم، هٿي مليم ۽ جنهن مون کي ڪهاڻيڪار بنايو، اڳتي وڌايو… نه ته اڃا به شايد هيءَ منزل… منزلِ مقصود تائين نه پهچي سگهي ها.

    لک لک ٿورا ڌڻي پاڪ جا… جنهن مون کي هن منزل تائين پهچايو…

    اقبال بلوچ


    • اقبال بلوچ : خاموش ڪارڪن

    پندرهن، ويهه سال اڳ خزاني آفيس حيدرآباد جو ملازم ۽ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي آرٽسٽ مرحوم عبدالستار مگسي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو محنتي پروڊيوسر مرحوم محمد انور هڪڙو سان، حسين آباد، حيدرآباد ۾ عبدالستار مگسي جي گهر آڏو، شام، جو ڪرسيون رکي، پنهنجي ڪچهري تقريبًا روز جو معمول هوندو هو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٻيا اديب ۽ فنڪار دوست به شريڪ ٿيندا هئا. انهن دوستن مان اقبال بلوچ، اڪثر ڪري گڏ هوندو هو، جيڪو پڻ خزاني آفيس حيدرآباد ۾ ملازم هو ۽ عبدالستار مگسي جو دوست هو. ڇاڪاڻ ته هو ٻئي يار ويس هئا ۽ سنگت ساٿ جي ڪم ڪرڻ سان گڏ ٻين الله جي بندن جو ڪم في سبيل الله ڪندا هئا، جنهن ڪري خزاني آفيس خساري جو شڪار ٿي ويندي هئي، تنهنڪري اهو متفقه فيصلو ڪيو ويو ته هنن ٻنهي کي ڪا سڻڀي ٽيبل نه ڏني وڃي. ان کان پوءِ جڏهن به هنن سان آفيس ۾ ملڻ وڃبو هو ته ٻنهي ڄڻن جي ٽيبلن تان ڪاغذ ائين غائب هوندا هئا، جيئن گنجي جي مٿي تان وار. شايد اهو ئي “درد مشترڪه” هو جو هنن ٻنهي ۾ دوستي هئي.
    مان، انور هڪڙو، ستار ۽ ڪجهه ٻيا دوست، ادب ۽ فن کان سواءِ ملڪي سياست تي پنهنجي پنهنجي انداز سان ڳالهائيندا رهندا هئاسين. پر اقبال گهڻو ڪري خاموش هوندو هو، يا ڪڏهن ڪڏهن هڪ اڌ جملو ڳالهائي، خاموش ٿي غور سان اسان جون ڳالهيون هڪ سٺي سامع (Listner) وانگر ٻڌندو رهندو هو. سندس ان انداز مان ڪڏهن به ائين ڪونه لڳو ته هن جي اندر ۾ به ڪو اديب لڪل آهي. هاڻي جڏهن سندس ڪهاڻين جي مجموعي “سانول جا سور” جو مسودو ڏٺم ته اڃان به وڌيڪ حيرت ٿي، ڇاڪاڻ ته هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون ته ان دور جون ئي هيون ۽ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون هيون، پر اقبال ڪڏهن به انهن جو ذڪر نه ڪيو. ان جو سبب سندس حضور شرمي ئي ٿي سگهي ٿو، جيڪا خزاني آفيس ۾ هوندي به اڃان تائين برقرار رکي سگهيو آهي. سندس همت کي سلام آهي. بهرحال سندس ادبي صلاحيتن جو خوشگوار احساس تڏهن ٿيو، جڏهن پهرين آڪتوبر 2013ع تي سريلي آواز واري دوست آغا ثناء الله جي ميوزڪ البم “سانگ” جي انڊس جي ڪرسٽل هال ۾ مهورتي تقريب ۾، آغا ثناء الله جي فن ۽ شخصيت تي مزاحيه انداز ۾ تقرير ڪندي ڏٺم ۽ ٻڌم. سندس ان تقرير تي ماڻهن ٽهڪن سان گڏ تاڙيون وڄائي خوب داد ڏنو ۽ اسان جهڙا ڪجهه ٻيا نقلي ڏندن وارا صرف تاڙيون وڄائيندا رهيا. ٽهڪ ان ڪري نه ڏئي سگهياسين جو ڊپ هو ته ڪٿي متان ٽهڪ ڏيڻ سان ٻٽيهي نه وڃي اسٽيج تي ڪِري، ان ڪري صرف مسڪرائڻ تي اڪتفا ڪيوسين.
    چوندا آهن ته حساس انسان جي اندر ۾، پنهنجي آس پاس، سماج ۾ ٿيندڙ وارتائن کي عام ماڻهوءَ جي مقابلي ۾ وڌيڪ محسوس ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي. زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا انسان جي نفسياتي الجهنن ۽ ڪرب جي ڪيفيت کي ڏسي من ئي من ۾ تڙڦندا رهندا آهن. اُها ان حساس انسان جي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪري سگهڻ ۽ بيوس هجڻ جي احساس جي پيڙا ئي ته هوندي آهي، جيڪا هن کي اندر ئي اندر ۾ پريشان ڪندي رهندي آهي. جڏهن پريشاني حد کان وڌي ويندي آهي ته اهڙا حساس انسان هن ننگي سماج ۾ ريتن رسمن، رواجن، ثقافت ۽ مذهب جي نالي تي ٿيندڙ جبر، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ کي، لفظن جي روپ ۾ بيان ڪري، پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائي تاريخ جو حصو بنجي ويندا آهن. اقبال بلوچ به اهڙن حساس انسانن مان هڪ آهي، جيڪو خاموشيءَ سان هن سماج خلاف پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو رهيو آهي، جيڪو گڏيل طور سندس ڪهاڻين جي مجموعي “سانول جا سور” جي عنوان سان اسان ۽ سماج جي سامهون آهي.
    جيتوڻيڪ هن مجموعي ۾ شامل ڪهاڻيون گهڻيون پراڻيون آهن، پر انهن ڪهاڻين جا ڪردار اڄ به جيئرا جاڳندا آهن ۽ موضوع ساڳيا آهن. ها اُها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ جي دور ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندڙ معاشي بدحالي، ڪرپشن، بدعنواني ۽ غير يقينيءَ جي صورتحال ۾، اڄ جو ڪردار ڪجهه وڌيڪ Agressive ٿي سوچي به ٿو ۽ جلد نتيجا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ الجهندو پيو وڃي. اقبال کي اهڙن ڪردارن جي ڪيفيتن کي محسوس ڪري لکڻ گهرجي.
    اقبال پنهنجي ڪهاڻين ۾ رشتن ناتن ۾ لڪل مجبورين، مذهبي ۽ لساني فرقيواريت، عورتن جي تعليم، بدو بدي، بي جوڙ شادين، سماج ۾ ننڍ وڏائي، غريب ۽ امير جي فرق کان سواءِ قومي تحريڪن جي ڪمزور پاليسين، قوم پرستيءَ جي جذبن ۽ ديس سان ٿيندڙ زيادتين جو هلڪي انداز ۾ ئي صحيح، ذڪر ضرور ڪيو آهي، جيڪو سندس سوچ جي حساسيت ۽ عڪاسي ڪري ٿو. اميد ته اقبال پنهنجي ايندڙ مجموعي ۾، پنهنجي قلم کي مصلحتن کان پري رکي، بولڊ انداز ۾ لکي پنهنجي صلاحيتن کي اڃان به وڌيڪ اڀاري مڃتا ماڻيندو.

    نور گهلو
    2013-10-18


    ڪهاڻيڪار

    1. لڙڪ ۽ سڏڪا ..

    ڪو زمانو هو جو انور هڪ خوش طبع نوجوان هو. مرڪ هر وقت سندس چپن تي رقص ڪندي هئي. پر اڄ هو ساڳيو انور اداس ۽ پريشان آهي، سندس چهرو ڪومائجي چڪو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس آرزوئن جو محل باهه ۾ سڙي رک ٿي چڪو آهي.
    انور منهنجي ننڍي هوندي جو دوست آهي. سندس زندگي ڏکن جو هڪ ڊگهو داستان آهي. جو جڏهن جوان ٿيو ته سندس مڱڻو هن جي سوٽ فهميده سان ڪيو ويو، جنهن سان کيس ننڍي هوندي ئي محبت هوندي هئي. قدرت جي ڪرڻي اها ٿي جو خانداني جهيڙن سبب سندن مڱڻو ٽوڙيو ويو. هن پنهنجي چاچي کي گهڻو ئي ٻاڏايو، پر سندس چاچي کي ڪوبه رحم نه پيو. هن فهميده جي شادي ٻئي هنڌ ڪرائي ڇڏي. انور جي دنيا ۾ اونداهي ٿي وئي ۽ هو ڪيترن ڏينهن تائين ڳوٺ مان غائب هو. سندس پيءُ جيڪو سکيو ستابو ماڻهو آهي، تنهن انور کي سمجهائي ڳوٺ آندو ۽ سندس دل وندرائڻ لاءِ کيس هرڪا خوشي مهيا ڪري ڏني. وقت گذرندو رهيو، زخم ميساربا ويا. آهستي آهستي انور به خوش گذارڻ لڳو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو انور جي چاچي سان هڪ دفعو وري ٺاهه ٿي ويو. ٺاهه موجب انور کي ٻيو سڱ ڏيڻو ڪيو ويو، جيڪو فهميده جي ڀيڻ رشيده جو هو. خانداني ڳالهيون وچ ۾ اچي ويون ۽ انور کي مجبور ڪيو ويو ته هو ظالم سماج جي چانئٺ تي بي زبان ٻڪري وانگر قربان ٿي وڃي. هو خاموش رهيو، سندس مڱڻو ٿي ويو. ڪجهه ڏينهن گذريا ته انور جي پيءُ ۽ چاچي درميان زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ڪري هڪ دفعو وري ماضي کي دهرايو ويو ۽ رشيده جي شادي انور جي بجاءِ سندس ماسي جي پٽ ڌڻي بخش سان ڪرائي وئي، جيڪو جاهل ۽ آواره قسم جو ماڻهو هو، جنهن شاديءَ کان پوءِ معصوم رشيده تي ظلم جو اڻ کٽ سلسلو شروع ڪري ڏنو. معصوم نياڻي سڀ سور خاموشي سان سهندي رهي. هڪ دفعو راڄ جي چڱن مڙسن جو ميڙ ٿيو ۽ ٻن ڀائرن کي ٺاهڻ جي آخري ڪوشش ڪئي وئي. انور جو پيءُ ۽ چاچو ڪجهه شرطن تي پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا. رشيده جي ننڍي ڀيڻ رضيه جي شادي انور سان طئي ڪئي ويئي. انور انڪار ڪيو. کيس راضي ڪرڻ لاءِ دوست ۽ راڄن جا ماڻهو ڪوششن ۾ لڳي ويا، پر ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. آخر فهميده ۽ رشيده جڏهن انور کي سمجهايو ته جيڪڏهن هن سندن ڀيڻ سان شادي نه ڪئي ته هن جي زندگي تباهه ٿي ويندي ۽ کيس ڪنهن ظالم سان پرڻايو ويندو. انور سوچ ۾ ٻڏي ويو. آخر هن هائوڪار ڪئي ۽ سندس شادي ٿي ويئي. هن پنهنجي ويران زندگي کي ٻيهر آباد ڪرڻ لاءِ رضيه سان محبت ڪرڻ شروع ڪئي. هن رضيه کي پنهنجي زندگي جو آخري سهارو سمجهي پنهنجي هر خوشي سندس خوشيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڪجهه ڏينهن گذريا ته انور جي ڀيڻوئي ڪراچي گهمڻ جو پروگرام ٺاهيو ۽ ڪار ۾ سڀئي چڙهي روانا ٿيا. رضيه ۽ سندس ڀيڻون به گڏ هيون. ڪار سپر هاءِ وي تي ڊوڙي رهي هئي، اوچتو انور جي قسمت جو تارو کڙيو. تيز رفتار ڪار ۽ ٽرڪ جو ٽڪر ٿي پيو. ڪار پرزا پرزا ٿي وئي. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو. انور کي جڏهن هوش آيو تڏهن هن پاڻ وٽ ڊاڪٽر کي بيٺل ڏٺو. هن يڪدم کانئس رضيه جو پڇيو، پر ڊاڪٽر کيس آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ڪجهه دير بعد انور ٻڌو ته رضيه هيءُ جهان ڇڏي ويئي. انور جي دنيا اجڙي ويئي، هو دانهون ڪرڻ لڳو پر قدرت جو فيصلو اٽل ٿيندو آهي، ويا نه ورندا آهن. ڪافي وقت هو پنهنجي بدنصيبي تي ڳوڙها ڳاڙيندو، سڏڪا ڀريندو رهيو. چرين وانگر پنهنجي منهن ڳالهائيندو هو. هاڻي وڃي ڪجهه سامت ۾ آيو آهي، پر کيس شادي جي لفظ کان ايتري ته نفرت آهي جو هو ڪنهن به شاديءَ ۾ نه ويندو آهي ۽ هر وقت تنها گذاري ٿو. کيس ڪڏهن به خوشي ۾ نه ڏٺو.

    عبرت 28 مارچ 1976ع


    2. بلقيس ڪاليج پڙهندي !

    ادا مان پڙهندس.
    ڀاءُ مون کي موڪل وٺي ڏي…… مان پڙهان.
    مان… ادا، او ادا……
    ادا مان ڊاڪٽرياڻي ٿيندس. سڏڪن سان، بلقيس پنهنجي ڀاءُ کي ليلائي رهي هئي، جيڪو خود ڊاڪٽري پڙهي رهيو هو. سڄي ڳوٺ ۾ اهو واحد گهر هو، جنهن جي نياڻي پڙهي رهي هئي. بلقيس مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ بعد سڏڪن ۽ روئڻ ۾ هئي ته مان مٿي پڙهان، پر ڳوٺ وارن جي واويلا ته ابا هاڻي نياڻي کي ٿو ڪاليج ڇڏي. مئٽرڪ تائين الائجي ڪهڙن سورن سان پڙهايو.
    ڳوٺ جي پوڙهن جي گهوڙا گهوڙا کان سواءِ هن جي مائٽن به ارادو ڪيو ته ڇوڪريءَ کي مٿي ڪونه پڙهائينداسين. جڏهن بلقيس جو ڀاءُ ڳوٺ آيو، هوءَ هن کي ٻاڏائڻ لڳي.
    بابا… بلقيس کي مٿي ڇو نٿا پڙهايو، جڏهن ته هن مئٽرڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي آهي. سندس ڀاءُ اختر چيو.
    پٽ پاڻ ڳوٺاڻا، نياڻين کي تعليم اڳتي ڪونه ڏياريون، ٻيو ته ڇوڪريون شهر جي ڪاليجن ۾ پڙهي کري وينديون آهن.
    بابا… بلقيس سلڇڻي ڇوڪري آهي، طبيعت به سادي اٿس، ان کان سواءِ اسين ڪيستائين پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي پنهنجي هٿ ٺوڪي بد اعتمادي ۽ شڪ جي اڏيءَ تي قربان ڪندا رهنداسين.
    پٽ اختر… نه به کري پر هاڻ ڳوٺ وارا پاڻ تي ڪهاڙيون کڻندي دير نه ڪندا! پٽ مان ڪونه پڙهائيندس. منهنجي غيرت اهو گوارا نه ٿي ڪري ته نياڻي کي ڪاليج ۾ ڇڏيان سو به اڪيلو.
    بابا اڪيلو ڪهڙو، ڳوٺ جا ڇوڪرا پڙهن ٿا. صبح شام بس کڻي ۽ ڇڏي ويندي آهي. ڪاليج طرفان حفاظت جو سٺو انتظام آهي، الله ڪندو ته پڙهي ويندي.
    پر ڳوٺ وارا… پڻس ڪجهه ڪجهه راضي ٿيو. مان منهن ڏيندس، اختر دليريءَ سان چيو. اختر مهينو کن ته يونيورسٽي نه ويو، بلقيس جي مخالفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ويٺو رهيو. اختر ڀيڻ کي داخلا لاءِ وٺي ويو ۽ هيڏانهن مخالفت شروع ٿي وئي. ڪي وڙهڻ آيا ته ڪي لڙڻ، ڪي سمجهائڻ آيا ته ڪي سڙڻ.
    هڪ هڪ سان منهن ڏنائين. جڏهن ڳوٺ وارن ڏٺو ته پڙهڻ وارا زور آهن ته سڀ خاموش ٿي ويا ۽ اختر به ويو هليو.
    بلقيس جا ڪاليج شروع ٿي ويا. هر روز بس کڻي ويندي هئي ۽ ڇڏي ويندي هئي. سڄي بس ۾ بلقيس هڪ ڇوڪري هئي، جيڪا 10-15 ڇوڪرن ۾ هئي. ڇوڪرا آهستي آهستي هن کي ڇيڙڻ لڳا، مسخريون ڪرڻ لڳا:
    او هو چنڊ جو ٽڪرو چڙهيو.
    آ ها اونده هئي، بس روشني ٿي وئي.
    خدا حسن ڏئي ٿو ته نزاڪت اچيو ئي وڃي.
    جاني… او ڊيئر… ڀاڳ وارو ٿيندو… سندس… ڇا نالو اٿئي… بدتميز، خبر هوندي اجائي بڪواز مان فائدو.
    تنهنجي زبان مبارڪ جا نڪتل ٻول… گيهه جا ڍڪ آهن.
    تون ته ڳالهاءِ جاني…
    هر روز اهي گٺل ڦٽل ڳالهيون، مٿي تي چهنڊيون، هاڻ اچي بيزار ٿي هئي.
    بلقيس جيڪا حيا جو مجسمو هئي، پنهنجن بگڙيل مائٽن کي حيا ۽ شرم جو يقين ڏياري چڪي هئي. هن کي بس جي شاگردن جون ڳالهيون زهر مثل لڳنديون هيون، پر پڙهائي خاطر هر ڪنهن جا گند مان ڀريل لفظ به صبر سان ٻڌندي ڏينهن به ڏينهن گذاريندي هئي. ائين ئي هر روز الله الله ڪري ڪاليج پهچندي هئي. ڪاليج پهچندي ئي گهڻين ڇوڪرين کي ڏسي ماضي کي وساري ڇڏيندي هئي. وري واپسي… ساڳي بس، ساڳيا ڇوڪرا (شاگرد)
    اڙي ڇڏ يار، ڪنهن نياڻي کي خوامخواه جو تپائڻ مان فائدو… سنڌ جي لڄ اٿوَ، هن جو نه ته سنڌ ڌرتي جو حياء ڪريو . ٻن ڇوڪرن گهڻن کي سمجهايو.
    اهي نقطا ٻڌي سڄي بس جا شاگرد ڪنهن اونهي سوچ ۾ گم ٿي ويا. هنن جي نرڙن تي ڪي مقدس لڪيرون اڀريون، پر بس ۾ ويٺل سڀني شاگردن جون اکيون بلقيس تي کپي ويون. هنن جي نظرن ۾ عجيب تقدس ۽ تعظيم هئي. سڀني يڪ زبان چيو… ها بلقيس سنڌو جي غيرت آهي، هوءَ سماجي ٻنڌڻن کي ٽوڙي تعليم پرائڻ هلي آهي. جيڪڏهن هوءَ شڪست کائي وئي ته آئنده ڳوٺ جي ڪا نياڻي خود کي تعليم جي زيور سان منور نه ڪندي ۽ سندس ڳوٺ ۾ اهڙي طرح سڄي سنڌو ماٿر جهالت جي انڌيري ۾ ويڙهيل رهندي. “نه… نه…” سڀني رڙ ڪئي. اسين بلقيس کي سلام ڪريون ٿا، بلقيس بهادر آهي. اڄ کان پوءِ نه فقط بلقيس، پر اسان سڀني جون ڀينرون هن بس ۾ ڪاليج پڙهڻ وينديون، اسين سڀ هن جي عزت جي حفاظت ڪنداسين. اها سوچ وڌي ڳوٺ جي گهر گهر پهچي سڄي ڳوٺ ۾ هڪ انقلاب اچي چڪو هو. هاڻي ڪاليج ويندڙ بس ۾ بلقيس اڪيلي نه ڏئي، پر ڪئين بلقيسون هيون. ڳوٺ وارن حقيقت کي سڃاڻي ورتو هو ۽ هر گهر جو وڏو پنهنجي نياڻي کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ جي لاءِ آتو ٿيڻ لڳو.
    بلقيس خوش هئي ۽ اختر به خوش هو.

    (26 فيبروري 1979ع هلال پاڪستان ڪراچي)


    3. رشتن جو موت

    هن تعليم ئي ان لاءِ پرائي هئي ته هو غلط ريتن ۽ رسمن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي. اجاين وهمن کي ٻنجو ڏيئي سگهجي. ڳوٺ ۾ رسمن سبب نياڻيون قيد ٿيون ويٺيون آهن، انهن کي اٿاري سگهجي، انهن جي فائدي لاءِ سوچجي. پر جڏهن “ريتن رسمن” جو پهاڙ هن تي ئي ڪري پيو ته مائٽن سان مقابلو ڪرڻ لڳي.
    اڄ کان ڪجهه سال اڳ جڏهن نسرين اسان جي اسڪول ۾ (ڇهين درجي ۾) داخل ٿي ته سڀئي شاگرد حيران ٿي ويا. هوءَ ايتري ته هوشيار هئي جو ستين ڪلاس جي شاگردن سان پڙهائي ۾ ٽڪر کائڻ لڳي هئي. سڄي ڪلاس ۾ هڪ شاگردياڻي هئي، پر ڪلاس ۾ پنجويهه شاگردن کان گوءِ کڻي وئي. ڪلاس ۾ ٻيو نمبر انور هو ۽ هاڻ انهن ٻنهي ٽڪر کائڻ شروع ڪيو. نتيجي طور امتحان جي رزلٽ ۾ هي ٻئي ڄڻا هڪ جيترين مارڪن مان سڄي اسڪول ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري پاس ٿيا ۽ ائين هر سال، پهريون ۽ ٻيو نمبر اچڻ لڳا. هي ٻئي هڪ ٻئي سان گڏجي پڙهندا هئا. انور هر روز نسرين جي گهر ويندو هو ۽ هو رات جو دير تائين گڏ پڙهندا هئا، تانجو مئٽرڪ هنن گڏجي فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪئي.
    نسرين جي مائٽن، خصوصًا انور جي چوڻ تي (ته هو هن جي اچڻ وڃڻ تائين گڏ رهندو) ڪاليج پڙهايو. هاڻي هي ٻئي جواني ۾ قدم رکي چڪا هئا. زماني جي اٿل پٿل، لاهين چاڙهين ۽ ريتن رسمن کان چڱي طرح واقف ٿي چڪا هئا ۽ هاڻ محبت جي منزل کي به ڇهڻ لڳا هئا. جيتوڻيڪ ظاهري طرح انهن ڪنهن کي به اها خبر نه ڏني ته اسان ۾ ڪو پيار آهي، پر انهن ڪاليج جي ڇٻر ۽ باغ ۾ ويهي هڪ ٻئي کي دليون ڏنيون هيون، وعدا ۽ وچن ڪيا هئا ۽ ساٿ نڀائڻ ۽ گڏجي مرڻ جيئڻ جا وعدا ڪيا هئا. ان هوندي به انهن محبت کان وڌيڪ پڙهائي ڏانهن توجه ڏنو. اهڙي طرح انٽر به ڇهين ڪلاس جي رزلٽ وانگر پاس ڪيائون. دل ۾ خوش ٿيا ته پاڻ ۾ محبت هئڻ سبب هر ڳالهه هڪ جهڙي پئي ٿئي ۽ اهڙين ئي ڳالهين محبت کي عزم وانگر پختو پئي بنايو.
    ڳالهين ۾ انور، نسرين کي چيو ته منهنجي دل، هڪ پل به توکان دور رهڻ پسند نه پئي ڪري، هاڻ پاڻ کي شادي ڪرڻ گهرجي. محبت هوندي به جدا ٿيو وڃون ته ڄڻ صدين جو ٿو انتظار ڪرڻو پوي، ته ڪڏهن صبح ٿيندي ۽ ڪڏهن گڏباسين. ان تي نسرين چيو ته “انور، پاڻ جنهن مقصد پٺيان زندگي پيا بسر ڪريون، اهو مقصد اڃا پري آهي. انور پاڻ ساٿ نڀائڻ جا عهد ته ڪري چڪا آهيون، انور هاڻ اچ ته عهد ڪريون ته جيستائين ڊاڪٽر نه ٿينداسين، تيستائين شادي بابت نه سوچينداسين. ڏس انور… تون جذبا رکندڙ مرد آهين ته آءٌ به جذبا رکندڙ عورت آهيان، مون کي به ڌڙڪندڙ دل آهي ۽ آءٌ به چاهيان ٿي ته هر عورت وانگر مون وٽ به جنت نما گهر هجي ۽ دل گهريو ور هجي، پر هاڻ مقصد ماڻڻ بنا…”
    “بس نسرين… مان توسان وعدو ٿو ڪريان ته…” ۽ ساڳي پڙهائي…
    هيڏانهن نسرين لاءِ رشتا اچڻ لڳا. جڏهن رشتا اچڻ لڳا ته نسرين جي مائٽن انور سان وڃڻ لاءِ منع ڪئي ۽ پنهنجي پڙهائي کي اتي ئي ختم ڪرڻ لاءِ چيائون.
    پيءُ سوچيو ته انور کي انهيءَ لاءِ سهارو بنايو هوسين ته اسان جي پاڙي جي اشراف گهراڻي جو اشراف فرد آهي ۽ اسان جي ڳوٺ جو ڪوبه ڇوڪرو پڙهيل نه هئڻ سبب انور کي گڏ ڪيو هوسين. نسرين جو پيءُ نوڪري سانگي انور جي شهر ۾ ۽ هن جي پاڙي ۾ رهندڙ هو. نسرين کي سندس پيءُ چيو ته پٽ جڏهن اسان تنهنجو سڱ ڏئي ڇڏيو آهي ته تون وڌيڪ نه پڙهه، ڇو جو تنهنجي چاچي سختي سان منع ڪئي آهي ته هاڻ وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ به ڌارئي ڇوڪري سان گڏ نه وڃي ۽ نه ملي. پٽ تنهنجو چاچو، منهنجي ابي جيڏو وڏو ڀاءُ ۽ منهنجي ڳوٺ جو وڏو آهي، مون کي مجبورًا چيو مڃڻو پوندو.
    نسرين سڄي گفتگو خاموشي سان ٻڌي چيو: “بابا شادي لاءِ پڙهائي…”
    پيءُ اڌ ۾ ڳالهه ڪٽيندي چيو: “ها اها اسان جي وڏن جي مرضي آهي.”
    “پر مان شادي نه ڪنديس.” مقابلي واري لهجي ۾… “توکي ڪرڻي پوندي.”
    “مان پڙهائي نه ڇڏينديس، بابا.
    مان ڊاڪٽرياڻي ٿينديس بابا… مان ڊا… ڪ…” نسرين سڏڪن ۾ يڪ ساهي چئي وئي.
    چڱو چڱو ٺهيو. پيءُ جو رعب ڏسي نسرين چيو ته بابا، شادي ولڻ سان ٿا ڪريو، جيڪو اڻ پڙهيل ۽ ڳوٺ ۾ ڪُتا ۽ ڪڪڙيون ويڙهائيندو آهي. مان انهيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه ٿيندس.
    پيءُ هڪ دفعو وري رعب ڏيکاريو ته ڇا توکي انهيءَ لاءِ پڙهايوسين ته تون ڌارين ۾ شادي ڪرين؟
    نسرين به جواب ڏنو ته ڇا مون کي انهيءَ لاءِ تعليم ڏياري وئي ته هر ظالم اڳيان ڪنڌ جهڪائي، ها ۾ ها ملايان! مان انهيءَ بوڪ سان زندگي ڪڏهن به نه گذاري سگهنديس.
    ولڻ جي پيءُ جيڪو اتي موجود هو، تنهن پريان کان رڙ ڪئي ته زبان کي ڪنٽرول ۾ آڻ، تنهنجي اها جرئت جو منهنجي پٽ کي بوڪ چوين ۽ پنهنجي ’يار‘ انور کي…
    بس بس… چاچا… وڌيڪ نه چئجان.
    بابا، چاچا مون تي پهاڙ جيڏو الزام هنيو آهي ته انور منهنجو يار آهي. بابا، مان نه چاهيندي به شادي لاءِ ها ٿي ڪريان.
    نسرين انور کي سمورو احوال خط ۾ لکي موڪليو. نسرين جو رشتو ولڻ سان پئي ڪيو ويو ته هو گهر ناٺي ٿيندو. نسرين جي پيءُ کي لالچ هئي ته ولڻ وارن جي ملڪيت اسان جي ٿيندي. پر ڪجهه مهينا گذرڻ کان بعد شادي جا ڏينهن وٺڻ وقت ولڻ جي پيءُ ڦرندي چيو ته منهنجو پٽ گهر ناٺي ٿي زال جو مڄو هرگز ٿيڻ پسند نه ڪندو، تنهن ڪري اسان کي شادي ڳوٺ ۾ ڪري ڏيو. نسرين جا مائٽ پير تي نه آيا، نتيجي طور سخت جهڳڙا ٿيا ۽ هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويا. ٻنهي طرفن کان نسرين جي معصوم زندگي تباهه ٿي رهي هئي ۽ نسرين هر ڳالهه ۾ خاموشي اختيار ڪئي ۽ زنده لاش وانگر پنهنجي مڱڻي جي ٽٽڻ جو نظارو به پئي ڏٺو ۽ ٻڌو.
    انور، نسرين جي خط کان پوءِ مايوس گذارڻ لڳو. وري انور ۽ نسرين ساڳئي ڪاليج ۾ پڙهڻ لڳا ۽ هن وقت ڊاڪٽري جي آخري سال ۾ آهن.
    نسرين چيو ته انور! آئنده سال پنهنجي زندگي جو مقصد پورو ٿيندو ۽ پوءِ نئين زندگي گذارڻ جي ابتدا ڪنداسين.

    (16 اپريل 1979ع هلال پاڪستان)


    4. هي ڪهڙو فرق

    هڪ دفعي شهر جي وسندڙ چوڪ مان گذر ڪيم. ماڻهن جا انبوه هجن. ڪو ڪٿان پيو آواز اچي، ته ڪو ڪٿان. جيتريون هيون زبانون، اوتريون ئي هيون ڳالهيون… مون به وڌي ڏٺو هڪ لاش… ڪپڙا ڦاٽل، وار وکريل… ڀريل بت، ٿلها ٻانهن جا ڏونرا، منهنجي دل ائين چيو ته هي ماڻهو محنت ڪش آهي، پڪ ته ڪو هاري آهي.
    انهيءَ لاش جو هيستائين ڪوبه وارث نه پئي ٿيو ۽ ڪيترا ئي ڪلاڪ گذري ويا، مون رڙ ڪئي ته هن کي دفنائڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ غسل وڪفن جي تياري جو بندوبست ڪيو وڃي، ڇو جو هڪ ماڻهو جي لاش جي ڪهڙي طرح نه بي حرمتي پئي ٿئي. پر هن هيڏي ساري ميڙ ۾ ڪير به ڪنهن طرح مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيو، حالانڪه منهنجي اکين اتي ئي ڪيترا سيٺ ۽ زميندار ڏٺا… مدد ڪرڻ ته ٺهيو، مورڳو مون تي ٽوڪون ڪرڻ لڳا ته وڏو آيو آهي وارث… ڇڏ ميان… الائجي مسلمان به آهي يا هندو… مون ٺهه پهه چيو: ته ڪير به هجي پر انسان ته آهي… نيٺ انهيءَ لاش کي شهر جي سيٺن ۽ زميندارن جي چوڻ تي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. ٻئي ٽئي ڏينهن شهر ڀرسان هڪ ميلو لڳو… آئون به ويس. هڪ مانڊي (ڪڃرين جو ناچ خانو) ۾ ويس، پهرين چوڌاري نظر ڦيرايم… اهي ئي نظر آيم، جيڪي هڪ غريب ۽ لاوارث لاش جي ڪفن دفن جي خرچ کي پنهنجي پئسي جو اجايو زيان سمجهي رهيا هئا ۽ اهي ساڳيا ماڻهو هينئر پئسن جو هڪ ڪڃري جي مٿان مينهن وسائي رهيا هئا. هڪ چمي ۽ هڪ چهنڊي ۽ هڪ ڀاڪر تي ڳاڙها ۽ ساوا نوٽ نمايان نظر پئي آيا……
    منهنجي دل گوارا نه ڪيو ۽ مانڊي مان نڪري سڌو گهر آيس، سوچڻ لڳس هن معاشري تي، ته هڪ هاري جي پٽ جو لاش سرڪار حوالي ڪيئن ٿيو ۽ هتي هڪ رنڊيءَ جي ڌيءَ ڪيئن نه پئسا پئي ڪمائي.

    (روزانه عبرت 1980-7-27)


    5. شانوءَ جا خواب

    شانو جيئن وڏي ٿيندي ٿي وئي، تيئن جواني رنگ پئي ڪڍيا… جواني ڏانهن قدم وڌائيندي، پنهنجو سانورو رنگ، گلابي رنگ ۾ بدلايائين پئي. هاڻ ته سندس ڳٽا گلاب جي گل وانگر ڳاڙها ٿي چمڪڻ لڳا هئا. وڏيون وڏيون اکيون، گلابي ڳل، وڏا وار، ويڪرو منهن، ڊگهي ڳچي، اڀريل ڇاتي ۽ سنهڙا چپ سندس حسن ۽ جواني جون خاص خوبيون هيون.
    بدن جو ڇلڪڻ، هڪ جيڏن سان گڏجندي ويندي مذاق ڪرڻ ۽ چنچل بازي ۾ سڀني کان گوءِ پئي کنيائين. گهر ۾ سندس ماءُ ۽ پيءُ رهندا هئا. سندس پيءُ هاڻ ته اچي کٽ سنڀالي هئي. جڏهن به هو بستر، بيماري ۽ پنهنجي ڌيءُ جي وڌندڙ قد ڏانهن ڏسندو هو ته سوچن ۾ ٻڏي ويندو هو. ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندو هو ته شانو، هاءِ شانو جو ڇا ٿيندو. مون کي ته خبر ئي نه ٿي پوي ته هن جو ڀاڳ ڪيئن ڦٽو. سڄي ڳوٺ ۾ ڏس آهي ڪا اوهي واهي، ڏس ته شانو جي قسمت جو هن لاءِ ڪوبه هڪ جيڏو ته ٺهيو پر ڪوبه ڪنوارو وڏو به نه رهيو آهي. هن جون سهيليون جيڪي آهستي آهستي سڀ پرڻجي چڪيون آهن، جيڪي هن کي ستائينديون هيون. شانو… ڳولهه گهوٽ…… هوءَ به ائين ئي چئي ڏيندي هئي: منهنجو گهوٽ لکن جو مٽ هوندو، مان شهري بابوءَ سان شادي ڪنديس. بلي بلي… هلي آ شهري بابوءَ سان لائون لهڻ. هڪ سهيلي چيس. ها ادي… ڇو نه، پاڻ گهٽ آهي. ڪو شهري بابو ڏسيس ته سچ به اڪن ڇڪن ٿي پوندس. ٻئي سر ڀرايو پر پنهنجا وڏا ڌارين ۾ ڏين ڪٿي. هتي سڀئي خاموش ٿي ويون (دل ئي دل ۾ شانو جي ارمانن جا محل پرزا پرزا ٿيڻ لڳا ۽ پنهنجي خوابن جي پوري نه ٿيندڙ تعبير تي سوچڻ لڳي)
    ها ادي… هن ٿڌو ساهه ڀريندي چيو. پاڻ جيئن سوچون، تيئن ٿئي ته ڇا کپي.
    ڀلا شانوءَ جو ڇا ڪجي… شانوءَ جي پيءُ هڪ دفعو وري پنهنجي زال جا ڪن ڀريا. شانوءَ لاءِ… ڪنهن سؤٽ ماسات کي ٻي زال ڪري ڏيون يا ڪنهن جي ڄمڻ جو انتظار ڪريون. شانوءَ جي ڇلڪندڙ جوانيءَ ٻنهي کي پريشان ڪري ڇڏيو. شانو کي ڌارين ۾ ڏيڻ ته پري رهيو، پر سوچڻ تي به هنن جا وڏا هنن تي ڪهاڙيون کڻندي شايد دير نه ڪن ها. انهيءَ ڪري هنن کي شانو جي ڳڻتي گهڻي پئي ٿي. شانو جو ڏاڏو، جيڪو سؤ سالن کان مٿي هوندي به اڃا جيئرو هو، هو ته ڌارين کي سڱ ڏيڻ جو سخت خلاف هو ۽ راڄ وارا هن جي مرضي خلاف ڪوبه قدم نه کڻندا هئا. هن جي ئي مرضي سان ڪئي نوجوان ڇوڪريون، پوڙهن جي مٿي لڳيون، جن کي اڳي ئي هڪ هڪ زال هوندي هئي. پر ڇوڪريون بي وسي جون مهرون زبان تي لڳائي، خاموشي سان انهن جي پلئه سان اٽڪي پنهنجي گهر ڏانهن روانيون ٿينديون ويون. هيستائين ڪابه ڇوڪري نه ڪڇي ۽ هاڻ شانو راڄ جي آخري ڪنواري ڇوڪري هئي، تنهن جي زبان تي به خاموشي جي مهر نظر پئي آهي.
    فيصلو اهو ٿيو ته شانو… لاءِ گهوٽ اهو ٿيندو جيڪو هاڻ ڄمندو. انهيءَ مهيني سندس چاچي جي گهر هڪ ڪڪو ڄائو. شانو هن جي نالي ڪئي وئي. ڀلا ڪٿي شانو جي مست ۽ رنگيلي جواني ۽ ڪٿي ڪجهه ڏينهن جو ڪِڪو. ڏينهن گذرندي ويرم نه لڳي، لياقت اچي مئٽرڪ ۾ پهتو. لياقت هن ڳوٺ جو پهريون ڇوڪرو هو، جيڪو مئٽرڪ پاس ڪري چڪو هو. هاڻي سڀني کي انتظار هو ته لياقت ڪڏهن ٿو جواني جي هوا کائي ۽ هوڏانهن لياقت کي مائٽن، هن جي اسرار تي اڳتي پڙهائڻ لاءِ شهر موڪليو. لياقت شهر ۾ رهي شوخ، چنچل ۽ شرارتي ٿي پيو. هڪ شرارتي ٻيو پڙهيل، هر ڪنهن کي پئي وڻيو. هيڏانهن دل ئي دل ۾ شانو، هن لاءِ سهڻا سپنا ڏسڻ لڳي هئي. جمع ڏينهن تي هن جي ديدار لاءِ هن جي راهن ۾ سيج وڇائيندي هئي. انٽر ڪرڻ کان اڳ… لياقت پنهنجو قدم جواني ڏانهن وڌائي چڪو هو. هاڻ شانو جا مائٽ هڪ ڏينهن به صبر نه ڪري رهيا هئا.
    تانجو لياقت ڊاڪٽري واري ڪورس ۾ اچي پهتو ۽ لياقت يونيورسٽي ۾ مائٽن کان بنا پڇڻ جي روزي سان شادي ڪري ڇڏي، مائٽن کي صرف اطلاع پهچايائين. جڏهن اها خبر شانوءَ تائين پهتي ته هن ڪجهه ڏينهن تمام گهڻو ڳڻتين وارو وقت گذاريو، پر هڪ ڏينهن ڳالهه باهه وانگر پکڙجي وئي ته شانو واهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجو انت آڻي ڇڏيو. جڏهن به شانو جي موت جو منظر اکين اڳيان ايندو اٿم ته هن جو معصوم چهرو رڙيون ڪندي نظر ايندو اٿم ته هن جا سهڻا سهڻا سپنا ۽ هن جا خواب پورا ڇو نه ٿيا.


    6. خوشين ڀري رات

    عارف جڏهن گهر ايندو هو ته رخسانه هن جي خدمت ۾ لڳي ويندي هئي. صابڻ ۽ ٽوال کڻي، ماني لڳائي ۽ پوءِ گڏجي کائيندا هئا. کل، خوشي، ٽهڪڙا، پيار، محبت ۽ شادمانيون سندس گهر جو مقدر بنجي چڪيون هيون. ٻنهي جي محبت تي عارف جي گهروارا، ماءُ پيءُ سدائين خوش نظر ايندا هئا ۽ گڏوگڏ لک دعائون پڻ ڏيندا هئا. انهيءَ ڪري هن گهر ۾ ڪڏهن به جهڳڙي جو سوال ڪيئن ٿو پيدا ٿئي. عارف شهر جي هڪ آفيس ۾ اسسٽنٽ هو ۽ مڇي ماني وارا هئا. رخسانه هڪ اڻ پڙهيل پر سندس ڳوٺ جي هڪ باادب، سلڇڻي ڇوڪري هئي. هوڏانهن عارف جي پڙهيل ڀيڻ فرزانه بدي جي سڱ هيٺ سؤٽ علي نواز کي ڏني وئي. فرزانه کي هر شيءِ اوپري لڳي. هنن جو ماحول، اٿڻ ويهڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ بلڪل هن جي طبيعت جي مخالف هو. تنهن هوندي به فرزانه پنهنجي پوري ڪوشش ڪئي ته وقت جي نزاڪت کي منهن ڏي ۽ هن پنهنجي تعليم جي زور تي هنن کي راضي ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي، پر ايندڙ وقت هن کي طعنا سامهون لڳا ته وڏي آئي آهي پڙهيل اسان کي سمجهائڻ واري.
    عارف ۽ رخسانه جي زندگي جيتري خوشگوار پئي گذري، بلڪل هن جي برعڪس فرزانه جو مڙس جيڪو هلڪو زميندار ۽ ڪڪڙ ويڙهائڻ جو شوقين هو، سخت طبيعت ۽ ڏنگو ماڻهو هو. هن شروع کان وٺي زال کي محبت ڏيڻ بجاءِ اجايو ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪيو. نتيجي ۾ زال سدائين مار ڪُٽ کي منهن ڏيندي هئي. هر روز جي ڪُر ڪُر، جهڳڙو، ڏنڊو هٿ ۾، ٿوري گهڻي تان سندس معمول بنجي ويو. فرزانه جيڪا شهري گڏي، ڪاليجي ماحول جي ڪڪي، سپنن جي راڻي، شهري پر فضا ۽ کليل ماحول ۾ پليل ڇوڪري کي جڏهن هر روز ڏنڊا وسڻ لڳا ته ڏينهون ڏينهن هڏا ٿيندي وئي ۽ گلاب جهڙو چهرو ڪومائجي ڪنڊا ٿي ويو هوس. گلابي رنگ پنهنجي لالاڻ ڇڏي هيڊي رنگ ۾ بدلجي ويو. نتيجو اهو نڪتو ته هن کي جدا ٿيڻو پيو ۽ هن کي گهر مان ڪڍيو ويو. مجبورًا فرزانه کي شهر اچي ڀاءُ وٽ رهڻو پيو.
    فرزانه کي ڪڍڻ کان پوءِ هنن سوچيو ته فرزانه وئي هلي ته اسان جي ڀيڻ ڇو ڇڏيون. اهو سوچي علي نواز لنگهي شهر آيو ۽ خوب جهڳڙو ڪيائين ۽ رخسانه تي زور ڀريائين ته فرزانه جي بدلي هوءَ ساڻس گڏ هلي. پر رخسانه ڪنهن به حالت ۾ عارف کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي. جتي سدائين گلاب جون پنکڙيون هجن، پيار محبت جا گيت هجن، سِڪ ۽ انتظار جون گهڙيون هجن، اهي دليون جدا ڪيئن ٿي ٿي سگهيون. وچ ۾ وڏا پيا، فيصلو اهو ٿيو ته عيد رات سڀئي ڳوٺ اينداسين اتي فيصلو ڪنداسين.
    عيد رات سڄي ڳوٺ وارا گڏ ٿيا. اتي عارف کي پنهنجو جنت نما گهر تباهه ٿيل نظر آيو. ڳالهيون شروع ٿيون، فيصلو اهو ٿيو ته ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ رهڻ کپي. امن ۽ محبت سان زندگي گذارڻ جي تلقين ڪئي وئي، پر علي نواز ڪنهن به حالت ۾ انهيءَ فيصلي کي نه پئي مڃيو. هن چيو آءٌ فرزانه کي ڪنهن به حالت ۾ نه رکندس ۽ رخسانه کي هنن کان جدا ڪندس. راڄ وارا هڪ پاسي ته علي نواز ۽ سندس ڪجهه ساٿي ٻئي پاسي. جهڳڙو رونما ٿيو. ڏسندي ڏسندي جهڳڙو وڌي ويو ۽ لٺين جو استعمال آزادنه ٿيڻ لڳو.
    رخسانه جي انهيءَ ضد تي ته آءٌ مڙس کان جدا نه ٿينديس، سندس ڀاءُ لٺ جو ڌڪ هڻي سندس ڀيڻ کي هڻي زخمي ڪيو. رخسانه ڪِري ته عارف به وچ ۾ آيو. هن کي ڪهاڙي جي پٺ لڳي، ڌڙام وڃي پٽ تي ڪريو ۽ عارف پنهنجا هوش وحواس بلڪل وڃائي ويٺو ۽ کن پل ۾ رخسانه به پنهنجي مڙس جي ٻانهن ۾ دم ڏنو ۽ ڪيترا زخمي حالت ۾ ڀر واري شهر ۾ نيا ويا، انهن ۾ عارف به سخت خراب حالت ۾ هو.
    اهڙي ريت هيءَ سڳوري رات ڪهرام بنجي وئي. اڃا عيد جي اڌ رات مس گذري هئي ته صف ماتم برپا ٿي وئي ۽ بدي جي زهريلي رسم هيٺ ڪيتريون دليون جدا ٿيون، ڪيترا موت ٿيا ۽ عيد جون خوشيون برباد ٿيون.
    ٺيڪ هڪ سال اڳ هن عيد تي ٻنهي جوڙن جو مڱڻو ٿيو ۽ ايندڙ پهرين عيد تي بدي جي سڱ پنهنجو جلوو پوري آب وتاب سان ڏيکاريو ته آءٌ ڪهڙي نه گندي رسم آهيان.
    شل عيدون به نصيب وارن کي نصيب ٿين.

    (عبرت ڪاوڙ پبليڪيشن سيپٽمبر 1980ع)


    7. گنگهه گهارين ڏينهڙا

    سمهڻو ته هو مرحيات سان، هاڻي ته آ ڊهڻو… جوان ڇوڪري جو جذبو… اڌمو… دل جي اٿل… پر اڪيلائي… چار پنج ٻار…
    سندس جوان هوندي، مڙس جو گذاري وڃڻ… پر پوءِ… ڪنهن کي به قبول نه پوڻ… سبب گهڻا ٻار… هن جي دل ۾ اهي جذبا ته ساٿ هجي، ته ڏينهڙا ۽ راتيون سکيون گذرن.
    ٻالپڻ ۾ اسان جو گڏ پڙهڻ… سڃاڻپ اسڪول ۾ ٿي…… مئٽرڪ تائين هڪ ٻئي جي گهر اچڻ وڃڻ… اسان جا ناتا ويجها ٿيندڙ… پوءِ وڇڙڻ… انهيءَ ڳالهه تي ته هن جي جواني سبب مائٽن کي منهنجو اچڻ… ناگوار لڳڻ…
    ڪن سالن بعد ٻڌم ته سندس شادي هڪ پنجاهه ساله مرد سان… پاڻ 19/18 سالن جي… صرف انهيءَ ڪري ته پنهنجن ۾ ڪوبه جوان نه هو… هن جي ڀاڳ ۾… پير مرد… پر پنهنجو… آءٌ هن جو هم عمر… هم خيال… پر ڌاريو… مائٽن سڱ ڏيڻ ته ٺهيو… پر مون کي اچڻ وڃڻ کان به روڪي ڇڏيو.
    هن جي پوڙهي سان زندگي گذارڻ، خوشي يا ڏک سان… سا ته خبر هن کي…
    اڃا پنج ڇهه سال مس گذريس ته پوڙهي جو انتقال… هم عمر… جوان ته هئي…
    جوان جذبا اڃا زنده آهن……
    هڪ دفعي ملڻ… هن جو چوڻ… ڪنهن جوان ساٿي لاءِ منهنجو چوڻ… ته… مائٽن جي پراڻين رسمن کي اتارڻ… ڌارين کي… اهو ممڪن ئي ڪونهي… پر مون… دل نه جهلي رسمن کي ٽوڙڻ جي.
    لڙڪ وهي پيم، جڏهن هن جا لفظ ٻڌم… ته مائٽن زندگي کي رانديڪو سمجهي ڦٽو ڪيو…
    ڀلا هاڻ… پڇيومانس… هاڻ ٻارن جا گنگهه… مائٽن جي ڪوشش جي باوجود… ڪنهن کي قبول نه پوڻ. بس جذبن کي ساڙڻو ئي پوندو…
    پر مان… شادي شده آهيان… ڪنهن ٻي جي زندگي برباد نه ٿو ڪري سگهان… دل ۾ سوچيم.
    سوچ ۾ ڏسي، هن چيو… مون بابت نه سوچ اقبال… پنهنجو نصيب انهيءَ ميلاپ تائين هو.
    بس وڌيڪ مان ڇا ٿي ڪري سگهيس… پئسي ڏوڪڙ، ڪپڙي لٽي… ٻارن جي پڙهائي تائين، مون ساجده جو بار کنيو… پر آءٌ هن جي جذبن تائين پهچڻ جي سگهه ساري نه سگهيس…

    (ماهوار سنڌي ڊائجسٽ 19 جون 1981ع)


    8. سون ورنيون دليون

    پريم هو ته صرف روتي سان- هن کان ڪيئن ٿي جدا ٿي سگهيس- جنهن منهنجي زندگي ۾ اوتي ڇڏيو- لازوال پيار.
    روتي ۽ منهنجو پيار ٿيو ڄڻ وڄ ڪري هجي، ماڻهن مٿان – ڳائڻ لڳا اسان کي- ڳايو ٿي جيئن- ٻڌبا پئي وياسين پيار جي مضبوط ٻڌڻن ۾. آءٌ ڪاليج ڇڏي آفيس ۾ ٿيس ڪلرڪ ۽ روتي انٽر ڪري وسايو پنهنجو گهر، تنهن هوندي به جدائي ڪڏهن به محسوس نه ڪئي سين. آءٌ ويندو هوس ۽ ملندو هوس، هن سان گهر ۾… ۽ شهر جي باغ ۾ ٻئي ٽئي ڏينهن.
    روتي دادلي هئي، پنهنجن مائٽن کي، انهيءَ ڪري جو هوءَ اڪيلي اولاد هئي. روتي جا مائٽ هن جي هر خوشي کي، پنهنجي خوشي سمجهندا هئا.
    روتي کي جڏهن مون پنهنجي آفيس ۾ رکايو ٽائيپسٽ جي حيثيت ۾، پوءِ ته هن جا مائٽ ڀائڻ لڳا هئا مون کي ۽ اسان به ويجها ٿي ويا هئاسين هڪ ٻئي کي، ائين ڄڻ ازل کان هو اسان جو ناتو.
    کن پل لاءِ به نه چوندي هيم دل ته جدا ٿيان هن کان ۽ گذارڻ لڳو هوس راتين جون راتيون هن وٽ. روتي ڏنو هو هر پل جو پيار. بهارن مثل سمجهندو هوس پنهنجي زندگي کي، هن جي پيار ڪرڻ مهل.
    ڏس جاني- پنهنجو پريم ڪيئن- ڪٿي جدا نه ٿجانءِ مون کان- پيار ڪيو اٿم توسان ته زندگي ڀر ساٿ ڏيندم تنهنجو. منهنجي اک به نه ويندي ٻي ڪنهن ڏانهن. هن کي معصوم ڏسي ڪڏهن ڪڏهن- آءٌ دلاسو ڏيندو هوس هن کي.
    ڏس جاني، نه ڪر اهڙيون ڳالهيون، آءٌ ائين سمجهه ازل کان تنهنجو آهيان ۽ رهندس ابد تائين.
    هر روز آفيس مان موٽندي هن جي گهر ماني گڏ کائيندا هئاسين ۽ شام موٽي ايندو هوس ڳوٺ.
    موڪلائيندو هوس شام جو ته روتي چوندي هئي روئي- جاني تون وڃين ٿو، منع نٿي ڪريان پر دل چويم ٿي ته کن پل لاءِ به اکين کان اوجهل نه ٿئين.
    آءٌ هن کي روئندو ڇڏي ٻئي ڏينهن ملڻ لاءِ دعا وٺي ايندو هوس پنهنجي ڳوٺ- دل ته منهنجي به نه چوندي هيم ته جدا ٿيان پر منهنجن مذهب پسند مائٽن کان لڪايم پئي ته منهنجو پريم آ- هڪ غير مسلم ڇوڪريءَ سان.
    ڪڏهن ڪڏهن رات رهندو هوس روتي وٽ، ته مائٽن کي بهانو ڏيڻو پوندو هوم ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه جو.
    ڀلا ٻڌاءِ جاني- ڇو ٿو ايڏو ڊپ ٿيئي- توکي پنهنجن مائٽن کان. تون آهين ته مرد، مون کي ڏس ته آءٌ عورت ٿي ڪري پريم ڪيو اٿم توسان. جڏهن آءٌ نه ٿي ڊڄان زماني کان به ۽ تون ڊڄين ٿو مائٽن کان.
    محسوس ٿيندي هيم ڦڪائي- پر تڏهن به آءٌ ويجهو پنهنجن مائٽن کي انهيءَ ڪري هوس ته آءٌ ڪلرڪ هوس- معمولي پگهار وارو.
    منهنجا مائٽ ته ٺهيو پر ڳوٺ وارا به هئا مذهب پسند. انهن کي اها خبر پوي ها ته مون کي گهر مان ته ٺهيو، پر ڪڍن ها ڳوٺ مان به.
    آءٌ ڊنس صرف انهيءَ ڳالهه کان پئي ته ڪٿي ڳوٺ مان تڙجي نه وڃان.
    هيڏانهن آءٌ سکيو نه هوس ته روتي سان شادي ڪري جدا گهر هلائي سگهان شهر ۾ ۽ هوڏانهن روتي وارا به ايڏا شاهوڪار نه هئا جو آءٌ به هنن تي بار ٿيان. آءٌ هونئن به ناپسند ڪندو هوس گهر ناٺي واري ٻنڌڻن کي.
    جاني تون ڊڄ نه، آءٌ اتي هلنديس جتي تون چوندين هلڻ لاءِ، ٿر وٺي هلين يا بر، وڻن ۾ وٺي هلين يا جهنگلن ۾، مون کي ساٿي ڀانئجانءِ پنهنجو هر هنڌ. تنهنجا مائٽ راضي نه ٿين ته ڪورٽ مئريج ڪنداسين ۽ آءٌ هن کي رهائيندو آيس ته ٺاهي وٺان پنهنجن مائٽن کي. روتي هڪ دفعي چيو:
    جاني! پيار ڪرڻ وارن جو ڪوبه نه هوندو آهي مذهب، متان مذهب جي آڙ ۾ جدا ڪرين.
    ڪڏهن ڪڏهن روتي کيسي مان ڪارڊ ڪڍي چمڻ لڳندي هئي، منهنجي لڳل فوٽو کي. يڪدم چهٽي پوندي هئي، ڄڻ ته پيار مون لاءِ ئي هجيس. اهڙو پيار، جيڪو ٻئي ڪنهن لاءِ به نه هجيس. مون هڪ پل به جدا نه ٿيڻ جو تصور ۽ آءٌ هن کي سمهاريندو هوس پنهنجي سيني تي. هٿ ڦيريندي Kiss ڪندو ہئومانس ہن جي نصيب تي، دعا ڪندو هئومانس، شال سوايو ٿئي تنهنجو بخت روتي.
    چون ٿا ته ڀتين کي به ڪن هوندا آهن. عشق ڪيترو به لڪائجي، پر هيءَ شيءِ ئي اهڙي آهي جا لڪي نٿي سگهي. اسان جو عشق ۽ پيار به لڪي نه سگهيو. باوجود لڪائڻ جي خبر نيٺ پئجي وئي هنن کي، ته مون به ٻڌائي ڇڏيو صاف صاف ته روتي بنان هڪ پل به جدا رهي نه سگهندس. ته مون کي پنهنجي گهر کان نيڪالي ڏني وئي ۽ جدا ڪيو ويو ملڪيت کان. اچي رهيس روتي وٽ… روتي لاءِ ته موسم اچي وئي بهار جي. ڄڻ ته هن کي پسند ئي اهو هو ته آءٌ هن کان اڳ هن وٽ ڇو نه آيس. خبر پئي ڳوٺ وارن کي ته مون پيار ڪيو آهي هڪ غير مسلم سان ته چوائي موڪليائون ته ڳوٺ به نيڪالي ڏني وئي آهي.
    ۽ پوءِ نئين دنيا وسايم روتي سان وهانءُ ڪري. روتي وٽان سک مليم هر قسم جو، پيار ته اڳي ئي هو ڄڻ ازل کان، گڏجي هلايوسين گهر.
    گلشن اسان جو گل گلزار بنجي ويو. مڌم گيت گونجڻ لڳا اسان جي ننڍڙي گهر ۾. خوشين جا قدم، اسان جا قدم چمڻ لڳا. اسان جون دليون سون ورنيون ٿي پيون. جنهن گهر ۾ خوشيون، کلون، سڪون هجن، اتي جرئت ڪيئن ٿيندي غم کي ته چانئٺ ٽپي. اسان ٻنهي کي مليو هو پنهنجو پسنديده دن- ته پوءِ اسان خوش ڇو نه گذاريون. وقت گذرندي نه ڪئي ڪا دير. منهنجو ننڍو ڀاءُ ٿي ويو ڊاڪٽر. جڏهن ڊاڪٽر بنجي ڳوٺ آيو ته ڳوٺ جا سڀ ماڻهو هن جا قدم چمڻ لڳا. منهنجي ننڍي ڀاءُ جي سخت رويي ۽ ترقي پسندانه خيالن سبب ٺهي ويا هئاسين پر دنيا الڳ الڳ هئي هر ڪنهن جي.
    اهو ڏينهن آيو جو منهنجي ڀاءُ جي شادي هڪ غير مسلم ڇوڪريءَ سان (لو مئريج) ٿي رهي هئي. سينگاريو ويو هو سڄي ڳوٺ کي… دهل، شرنايون، بينڊ، باجا، ڪارون، موٽرون، جيپون، اسڪوٽر… منهنجي انهن مائٽن، جنهن مون (ڪلارڪ) کي انهيءَ ڪري ڪڍي ڇڏيو گهر ۽ ڳوٺ مان ته آءٌ ڇو ٿو ڪريان هڪ غير مسلم سان شادي… ۽ اڄ جڏهن اهو ساڳيو پيو ڪري منهنجو ننڍو ڀاءُ ته خوشين ۾ شريڪ آهن منهنجا مائٽ، ننڍا، وڏا، ٻار، پوڙها، مذهب پسند راڄ وارا… فرق صرف حيثيت جو… جو آءٌ معمولي پگهار وارو هوس ۽ ڀاءُ ڊاڪٽر، جيڪو اسيمبلي ميمبرن ۽ وزيرن جو ماڻهو هو.
    پر مون کي ڪابه خوشي نه هئي… ماتم هو منهنجي دل ۾… افسوس هوم دنيا جي رنگيني تي… زماني جي حالتن تي ڳوڙها ڳاڙيندو ڀاءُ جي ڇني مان نڪري آيس.

    (عبرت ميگزين 1 جولاءِ 1981ع)


    9. روپا جو محل

    هن منهنجو هٿ پڪڙيو، پنهنجي چيچ مان ڇلو لاهي، منهنجي چيچ ۾ وڌائين ۽ منهنجي چيچ جو ڇلو لاهي، پنهنجي چيچ ۾ پاتائين. صرف ايترو چيائين ته “سنيل، اسان غريبن جي دل ٺڪرائجو نه…” ۽ هلي وئي منهنجي ڪمري مان هڪ ٿڌو ساهه ڀري… ۽ ائين ويجهو ٿيڻ لڳي هئي، منهنجي ڪمري جي روز صفائي ڪندي ۽ آءٌ به هن جي دل کي ڏسي پيار ڪرڻ لڳس هن سان ۽ هوءَ پيار جي پالوٽ ڪندي مون سان گڏ، منهنجي ڪمري جي هرهڪ شيءِ کي چاهيندي هئي ايترو ڀانءُ… هجيس پنهنجو گهر… ۽ مون کي کن پل واري صفائي وقت پيار ڪندي هيم ايترو… ڀانءِ آءٌ به هن جو… پنهنجو هجان.
    روپا کي آءٌ صرف ايترو سڃاڻندو هوس ته هوءَ آهي منهنجي پاڙيسري. سال کن اڳ جڏهن پيءُ هن جو لڏي اچي ويٺو پاڙي اسان جي، ته حال هيڻا هيس بيماريءَ ۾. ايترو ته خرچ نه هوس جو علاج ڪرائي سگهي پنهنجو… ڀانءَ ڌيءَ جا هٿ ميندي رتا ڪرائڻ ته رهيو تمام پري… ۽ هو گذاري ويو ۽ روپا جي ماءُ… پورهيو ڪرڻ لڳي. هونئن به سٺي هئي اچ وڃ هنن جي گهر جي… ۽ پهرين پهرين چيائين اسان کي ته ڏيوم پورهيو… ڇو جو اشراف جو گهراڻو اسان جو پاڙي سڄي ۾… ڪوبه مرد اسان جو ڪنهن ڏانهن به نه کڻندو هو ڪا اک… انهيءَ ڪري روپا جي ماءُ، پنهنجي جوان ڌيءَ سان پسند پئي ڪيو اسان جو گهر… ۽ منهنجي ماءُ هنن جي غربت ڏسي ڏنو هنن کي ڪم… ۽ گهر سڄي جو ڪم، ڪپڙا ڌوئڻ… ٿانو… ٻهارو… صفائي… ڇنڊ ڦوڪ… سؤ سوا جي پگهار تي هنن جي پئي گذري زندگي معمول جيان. ماني کائي وڃي آرام ڪندا هئا پنهنجي گهر.
    آءٌ ڪاليج وڃڻ لاءِ اٿندو هوس دير سان… ۽ ٻيا سڀ هليا ويندا هئا سوير ڊيوٽين تي… گهڙي منهنجي ڪمري ۾ اٿاريندي هئي پهرين پهرين مون کي… ۽ ائين حرڪتون ڪندي… آهستي آهستي ٿي وئي مون سان فري ۽ پوءِ تمام گهڻي فري.
    روپا هئي پندرهن سالن جي ۽ عمر جي لحاظ کان هوءَ مست لڳندي هئي پنهنجي جواني ۾… رنگ سانورو، سٺي شڪل شبيهه تي لڳايو بيٺو هو چار چنڊ.
    اڀريل ڇاتي ۽ ٽالمٽول جسم مان هوءَ لڳندي هئي پُرڪشش… حرڪتن ۾ گهڻي فري هوندي به هوءَ محدود رهي پنهنجي ڳالهائڻ ۾.
    هڪ ڏينهن ڇڪي منهنجو هٿ لاٿائين ڇلو ۽ وڌائين پنهنجي چيچ ۾… پوءِ وڌائين منهنجي چيچ ۾ پنهنجي هٿ جو ڇلو… ۽ ڀري ٿڌو ساهه، نڪتي ڪمري مان ائين چئي… “سنيل… توتي خبر نه آهي ڪيئن دل لڳي اٿم…”
    عجب لڳندو هوم ڪڏهن ڪڏهن مون کي… ته روپا جهڙي اشراف ڇوڪري، ڪيئن حرڪتون ٿي ڪري مون ڌارئي نوجوان مرد سان. پر هتي سچي لڳم سياڻن جي چوڻي ته دل ڪنهن تي نه آهي ايندي… جي آئي دنيا جي ڪنهن به شخص جي نه آهي ڪندي ڪابه پرواهه ۽ پيار ٿي ويندو آهي پاڻهي…
    سو پيار ٿيو مون سان روپا جو، مون به ڏني موٽ پيار سان… جنهن ڏينهن نه ڪري وڃان kiss ہن کي ڪاليج، ڀانءِ منهنجي زهر ڀريل هجي اهو ڏينهن… ۽ موٽي ايندو هوس ڪاليج مان ته سجايل هوندي هئي، هر شيءِ سليقي سان… منهنجي ڪمري جي.
    سنيل… ڀلا روپا… صرف تنهنجي ڪمري جي ايتري صفائي ڪري ڇو ٿي…
    ڀانءِ… گهروارن کي ٿي پيو شڪ…
    خبر ناهي ڇو…؟ نٽائي هليو ويندو هوس ائين چئي… نيٺ پئجي وئي خبر مائٽن کي… ته پيار ڪرڻ لڳي آهي روپا سنيل سان…
    خبر پوندي ئي منهنجي مائٽن ڪڍي ڇڏيو روپا وارن کي سؤ روپين واري نوڪري مان… ۽ چيائون… ڪٿي اسان جو پٽ شهزادو ۽ ڪٿي نوڪرياڻي ٽڪي جي… کاري ٿي اسان جي پٽ کي… ۽ هوڏانهن لٽجي وئي دنيا منهنجي… ۽ ويڳاڻو ويڳاڻو گذارڻ لڳس پنهنجو وقت ۽ ڇڏي ڏنم ڪاليج وڃڻ.
    روپا وارن، وسايو وڃي ٻيو ڪو گهر… ۽ مون کي موڪلي ڇڏيو مائٽن پڙهڻ بهاني يونيورسٽي ۾… پر نه وسريم پئي ڪڏهن به روپا جو پيار… ۽ گذريو به پئي يونيورسٽي جي باوقار ۽ پياري ماحول ۾ سٺو وقت.
    هڪ ڏينهن خبر پيم ته شادي ٿي وئي… روپا جي… هڪ غريب پر خوشين واري گهر… منهنجي به شادي ڪئي وئي…
    منهنجي زال… دولتمند… هينڊسم… بيوٽيفل… وڏو گهراڻو، چاهت مائٽن جي… هجن مٿيون شيون ڇوڪري ۾… ملي انهن کي اميرن وٽان نُنهن… فريال… هڪ ڌيءَ لکا پتي جي… هن جا شوق… گهمڻ… ڦرڻ… سهيلين سان، دوستن سان… ڪلب… سئنيما… ڪاليج… ڪارون… موٽرون… ڀانءِ زمين تي پير ئي نه رکيو هجيس. مان ڪو کنيو آ ڇا تنهنجي گهر جو ٺيڪو… ’شادي‘ ته عيبن کي لڪائڻ جو طريقو آهي آسان، اسان وڏن ماڻهن لاءِ… سو تون منهنجي عيبن کي ڍڪڻ لاءِ آهين هڪ سهارو حيثيت مڙس جي…
    صفائي جو چيم… ته مٿيان لفظ ٻڌي هوش ئي ٿي ويم خطا، ۽ آءٌ خاموش ياد پئي ڪرڻ لڳس… “صفائي ۽ پيار روپا جو…”
    اسان اچي ڦاٿا آهيون آواره ۽ ڪني رن مان… جيڪا پئي سدائين گهمي… نه گهر جو خيال… نه مڙس جي خدمت…
    مائٽ به تنگ نظر اچڻ لڳا فريال مان.
    ڪيئن امان روپا…
    بس ابا! ڪهڙي کنيو کٽيءَ جو ٺڪرايوسين روپا جهڙي سلڇڻي ڇوڪري.
    ۽ روپا جهڙي خوش… ڪابه نه هئي سڄي پاڙي ۾ ۽ گهر هن جو پيو ٻهڪندو هو هڪ ننڍي جنت جيان… ڀانءُ دنيا جي هر خوشي هنن جي قدمن هيٺان هجي…
    سوچيم… ڀانءِ…
    اهو ئي ته تفاوت… هڪ لکا پتي جي ڌيءِ… ۽ غريب جي ڌيءُ جو… سوچيندو ئي ويس رهجي…

    (عبرت مئگرين 16 آگسٽ 1982ع)


    10. شادي ۽ موت

    هُل… شور… گوڙ… هنگامو… لائوڊن جي ڪڙڪاٽ… ڇيرن جي ڇمڪار… ديڳن جا ڪڙڪا… ماڻهن جي اچ وڃ… وڏيري علڻ جي شادي…
    وڏيري جي پاڙي ۾… روڄ… راڙو… اٺ ڏهه ماڻهن جي روئڻ جو آواز… وڏيري علڻ جي هاري جي نوجوان پٽ جو نانگ جي ڏنگجڻ سبب اوچتو موت… جنازي ۾ ستن اٺن عزيزن کان سواءِ ڪن ٿورن هارين جي شرڪت……
    سوين ماڻهو شادي ۾…
    ۽
    ڪجهه سالن کان پوءِ…
    وري هُل… هنگامو… اچ وڃ… ديڳن جا ڪڙڪا… چمچن جي ڏي وٺ… سواءِ لائوڊن جي ڪڙڪاٽ ۽ ڇيرن جي ڇمڪار جي شادي ٿي لڳي.
    اڄ سوين ماڻهن جي اچ وڃ… وڏيري علڻ جي ڀيڻ جي فوت ٿي وڃڻ جي ٽيجهي جي ماني هئي… جنهن کي سوين ماڻهن دفنايو… ۽ انهيءَ وقت هڪ هاري جي پُٽ جي شادي جا ڏينهن ٻڌل ملتوي ڪيا ويا… ڪجهه ڏينهن لاءِ… ڪنوار ونهانءَ ۾ ويٺل هئي… وڏيري جي گهر موت سبب شادي هفتو مهمل……
    شادي جي ڏينهن ڪو هُل نه… ڪوبه هنگامو نه… نه ديڳن جا ڪڙڪا… نه ئي ماڻهن جي خاص اچ وڃ…
    وڏيري ته بي عزتي سمجهي شادي ۾ اچڻ لاءِ… ۽ هارين عزت سمجهي شادي ملتوي ڪرڻ ۾…


    11. ڪنوار جي ڳولا

    “ابا هاڻ ته جوان آهين، ڪو ڀت ته کاراءِ، ڪا راڻي ڏيکار…” عورتن جا اهي آواز منهنجي ڪنن تي گونجندا هئا هر روز.
    ابا… فلاڻي کپئي… ادا فلاڻي توکي به پسند ڪري ٿي. ادا ڏاڍي سٺي آهي ڇوڪري، رڳو راضي ٿي… پر آءٌ ڪنهن جي ڳالهه تي نه اچي، سڀني کي ائين چئي خاموش ڪرائي ڇڏيندو هوس ته مان شادي نه ڪندس.
    نعوذ بالله ڪو نامرد آهين ڇا جو شادي نه ڪندين.
    ڇا جواب ڏيان.
    دل ۾ سوچيندو هوس ته شادي اهڙي ڇوڪري سان ڪندس، جنهن جي زندگي سورن ۽ ڏکن ۾ هجي، هوءَ پنهنجي موجوده زندگي مان بيزار هجي، اها پنهنجي زندگي جي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ راهون تڪيندي هجي.
    بالغ ٿيڻ بعد شادي جي خواهش ته مون کي به ٿي هئي، پر مان پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجو وقت اندروني طرح انهيءَ مظلوم عورت کي ڳولڻ ۾ صرف پئي ڪيو، جيڪا منهنجي اميدن وٽان هجي. منهنجي ڳولهڻ سان منهنجي سامهون عورتن جي مظلوميت جا گهڻا طبقا اکين اڳيان ڦرڻ لڳا. اهي ڇوڪريون به تصور ۾ آيون، جن جون شاديون مائٽن پئسن جي لالچ ۾ پئي ڪرايون. اهي ڇوڪريون به عڪس جيان گهمڻ لڳيون، جيڪي سماج جي بيجا رسمن ڪري گهر جي چار ديواري ۾ قيد هيون ۽ گهر ناٺي، بدي جو سڱ ۽ ڏاج جهڙين بيجا رسمن سبب شادي جهڙي زيور کان چاهندي به محروم رهيون. پر مون کي اڃان به مظلوم طبقي جي ڳولا هئي.
    گهڻن گهرن مان هڪ گهر ويس… انهن گهرن کي باقاعده بازار سڏي ويندي آهي ۽ انهيءَ بازار کي “بازارِ حسن” جي نالي سان ڪوٺيو ويندو آهي ۽ انهن گهرن کي اڪثر وڏو گهر چيو ويندو آهي… جتي مون کي مظلوميت (اها مظلوميت جنهن جي مون کي تلاش هئي) جي بوءِ اچڻ لڳي. انهيءَ گهر ۾ داخل ٿيس، ٻه نوجوان ڇوڪريون هيون. حسن وپيڪر جو ڪمال، شباب ۽ جواني جو جمال هيون. ٻنهي روئي ڏنو، چيائون… تون به اسان مان مزو وٺڻ آيو آهين… پر… اسان جي مائرن ۽ وڏين ڀيڻن مان ته مزو وٺي سگهين ٿو، پر اسان جي ويجهي اچڻ جي به جرئت نه ڪجانءِ.
    ڀلا توهان جون مائرون ۽ ڀينرون ڇو؟ مون سوال ڪيو.
    اهي هن ڌنڌي ۾ هري ويون آهن… انهن ڳالهه کي وڌائيندي چيو. اسان هنن جي هٿان ڪئين مارون کاڌيون آهن، جيئن اسان هن ڌنڌي ۾ مجبور ٿي، هنن کي پئسن ڪمائڻ ۾ مدد ڪري سگهون. پر اسان جو فيصلو اٽل آهي، ته پاڪ رهون. مون پڇيو: ڀلا توهان هن گندي دنيا مان نجات ڇو نٿيون حاصل ڪريو؟
    هڪ روئي چيو: نجات! هر پروانو شمع جو واس وٺڻ لاءِ هتي ايندو آهي. هتي سڀ پنهنجون خواهشون پوريون ڪري هليا ويندا آهن. اسان جتي ايندڙ هر مرد کي نجات حاصل ڪرڻ لاءِ پڪاريو هوندو، پر انهن نفرتن کان سواءِ موٽ ڪنهن شيءِ جي به نه ڏني آهي.
    هيستائين ڪنهن به مرد اسان جي زندگي بابت سوچيو ته ڇا، پر اهڙا سوال به نه ڪيا آهن، جهڙا تون پيو ڪرين. شايد تون مرد نه پر فرشتو ٿو ڏسجين، اسان جي نجات جو وسيلو تون ئي هجين.
    مان ته هڪ مرد آهيان، پر جنسي خواهش پوري ڪرڻ وارو نه، پر ڪنهن جي زندگي بابت سوچڻ وارو… سوچ… تون اسان بابت اهو ئي ته سوچيندين ته اسان حرام عورتون آهيون، اسان جي ماءُ وٽ هر قسم جو مرد آيو هوندو، الائجي ڪهڙي مرد سان اسان جي پيدائش هجي. سو اسان کي ڪير ٿو پسند ڪري. حسن واخلاق تنهنجي سامهون آهي، پر اسان صرف حرام ڪري گند ڪچرو سمجهيون وينديون آهيون.
    ڏوهه هاڻ اسان جو ٿيندو جي نڪاح کان سواءِ ڪنهن کي ويجهو اچڻ ڏيون.
    هنن جون ڳالهيون منهنجي نس نس ۾ سمائجي چڪيون هيون… تلاش هيم ته انهيءَ طبقي جي.
    مون انهن مان هڪ سان عهد ڪيو ته مان تنهنجو آهيان ۽ ٻيءَ کي به دلاسو ڏنم ته توکي نجات ڏياريندس. هاڻ اتان هنن کي ڪڍڻ جو مسئلو نروار ٿيو. هن جي ماءُ سان ڳالهايم، پر انڪار کان سواءِ جهڳڙو به نصيب ٿيم. ڪافي رعب ڪيم ته تون هڪ رنڊي… پر هن به منهنجي رعب جو جواب رعب سان ڏنو. هن جي ماءُ کان مايوس ٿيڻ بعد پروين کي چيم هاڻ ڇا ڪجي؟ سوچ…
    ڪجهه ڏينهن بعد ويس ته پروين چيو ته اسان تي چوڪسي وڌي وئي آهي… پر پاڻ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هڪ عورت جي اها ڳالهه منهنجي دل وڏي ڪرڻ جي برابر هئي. نيٺ وڏي ڊڪ ڊوڙ بعد، پوليس جي مدد سان هنن کي گندي دنيا جي قيد مان آزاد ڪرايم.
    پروين ۽ نسرين کي نجات ته ڏياريم، پر پاڻ ڦاسي پيم، ته هاڻ گهر ڪيئن وڃان. سوچيندي گهر آيس. گهر اهو نه ٻڌايم ته هي رنڊي جون ڌيون آهن. ٻه ٽي ڏينهن مس گذريا هئا ته منهنجي سؤٽ انهن کي سڃاتو ته هي… (شايد هو بازارِ حسن ۾ ويو هو) پوءِ ته مون تي ممڻ مچي ويو. منهنجي سؤٽ به سمجهايو ته هي ڇوڪريون اشراف آهن، مون به هنن جي اشرافت جا قسم کنيا، پر منهنجا مائٽ مذهب پسند ته اسان جي گهر ۾ حرام عورتون… هنن يڪدم ٻنهي ڇوڪرين کي گهران نڪرڻ جو حڪم ڏنو. پر مان پنهنجي مقصد کي اڌ ۾ ناڪام ڏسڻ لاءِ هرگز تيار نه هوس. مائٽن کي چيم ته آءٌ به گهران نڪري وڃان.
    آءٌ پروين ۽ نسرين کي ساڻ ڪري ڀر واري شهر ۾ آيس. پروين سان ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري، هڪ دوست جي گهر جي جڳهه ۾ رهيس. ڪجهه ڏينهن بعد مسواڙ تي جاءِ ورتم. شوق خاطر پر سال هن ئي شهر ۾ نوڪري ورتي هيم، اها هن وقت ڏاڍي ڪم آئي. مائٽن سان هوس ته پگهار جا چار سؤ ته ليکي ۾ ئي نه هئا… پر هاڻ انهيءَ پگهار جي پائي پائي کپائيندي به شدت سان تڪليف محسوس ٿيندي هيم، ڇو جو هاڻ منهنجي ڪلهن تي بار هو. بهرحال تڪليف سان ٻه مهينا گذري ويا. نسرين جي شادي جي ڪوشش ڪيم ۽ هڪ دوست کي راضي ڪيم. هن جي شادي ڪرايم… ڪورٽ ۾… بنا خرچ جي… سک جو ساهه تڏهن کنيم جڏهن نسرين کي پنهنجي نئين زندگي ۾ خوش ڏٺم. منهنجي ۽ پروين جي زندگي هاڻ معمول تي اچڻ لڳي. خوشگوار ماحول، حسين زندگي، پيار ۽ پريم جا مڌر گيت… جنت نما گهر، زندگي آرام سان پئي گذري.
    هاڻ ماءُ پيءُ نيٺ اولاد جي جدائي گهڻو وقت سهي نه سگهيا. آهستي آهستي خط لکڻ لڳا، جنهن ۾ ماءُ جي ممتا منهنجي چهري ڏسڻ لاءِ بيچين نظر ايندي هئي. پر مان هن عظيم مقصد خاطر… انهن مائٽن هٿان شڪست نه کائڻ جو عهد ڪري چڪو هوس، جيڪي ريتن ۽ رسمن جا پوڄاري هجن.
    نيٺ انهن مائٽن شڪست تسليم ڪندي منهنجي شهر واري جاءِ تي پهتا ۽ تسليم ڪيائون ته اسان ڀليل آهيون. پروين انهن جي دل ۽ جان سان خدمت ڪئي ۽ انهن کي تسليم ڪرايو ته واقعي هوءَ عظيم عورت، سٺي زال، سٺي ماءُ، سگهڙ گهر ڌياڻي آهي. هاڻ اسان کي چنڊ جهڙو پٽ به هو دانش… تمام پيارو ۽ ٻاتين ٻولين وارو ڇوڪرو. هر ڪنهن کي پيو وڻندو هو. کيس سڀ پيار ڪندا هئا ۽ اسان جو گهر موتين محل ۽ خوشين جو خزانو بنجي ويو.
    مان اندر ۾ خوش هوس ته اها عورت، جنهن جي ذات پات جي خبر نه هيم ۽ هن جي زندگي ڪهڙي مظلوميت سان پئي گذري، تنهن کي نئين زندگي ڏنم. اڄ اسان خوش آهيون.
    سوچيان ٿو ته اهڙيون ڪي ڇوڪريون اڃا به آهن، جيڪي اهڙن مردن ۽ پنهنجي حسين زندگي لاءِ واجهائينديون هونديون. ڪاش اسان ئي هڪ قدم اڳتي وڌائي سگهون…


    12. نرالي شادي

    گهڻا ڏينهن ٿي ويا هئا. سوچيم اڄ خالد جي گهران ٿي اچان. خالد ته ملي ڪونه ٿو، ملي اچانس. اهو سوچي لنگهي ويس. هن جي گهر پهچان ته دهلن جا آواز هجن، عورتون پيون ڳائين… سوچيم خالد ڪجهه ڪيو آهي جو مون جهڙي يار کي ياد نه ڪيو آهيس… آهي ته ناممڪن… پر الائجي… تيستائين خالد نڪري آيو.
    هيلو… ڪري آجيان ڪيائين…
    يار هي ڇا ڪيو اٿئي جو اسان کي به ياد نه ڪيئي. بس مڙئي… ڪري اندر وٺي ويو. پنج ڇهه مرد ٻيا به هجن. اندر ٻي ڪمري ۾ عورتن جي (جن ۾ اڪثريت نوجوان ڇوڪرين جي هئي)
    يڪدم ٻن ٽن قسمن جا طعام، شربتون، ميوات پهچي ويا. يار ٻڌاءِ ته سهي ڇا ڪيو اٿئي؟ مون واري ڇوڪري گڏي (گهوٽ) کي پرڻايو آهي. سو گهوٽ آهي فريده جو گڏو… سو هيترو کڻي خرچ ڪيو آهيس.
    تڏهن منهنجي سوچ دنگ رهجي وئي. دل ۾ سوچيم يار خالد… پري نه… تنهنجي پاڙي ۾ ڪيترا غريب آهن جن کي ويلا به نصيب ڪونه ٿا ٿين… ۽ تو وٽ… سوچيندو گهر مان نڪري آيس.


    13. پنهل ڪاڻ مياس

    سڌريل… هر هُنر ڄاڻندڙ… هٿ جو… ڀرت جو… رلين ٺاهڻ جو… مڻين جو… ايترو ته مشهور ٿي چڪي هئي، جو پري پري کان اچي ڪپڙا هن کان سبرائيندا هئا. جتي ڪٿي هاڪ ته ڇوڪري سڌريل آهي، هر ڪم ۾ مهارت اٿس. اخلاق ته ايترو بلند هوس جو پاڙي جون جوان ته ٺهيو، پر ٻڍڙيون مايون به هن سان ڪچهري لاءِ اينديون هيون.
    ارڙهن سالن جي نوجوان حسين ۽ پتڪڙا جذبا رکندڙ پيار جي ڌڙڪندڙ دل… اڌمن ۽ جذبن واري…
    ياسمين جي هر روز چاليهه پنجاهه روپين جي ڪمائي گهر کي پئي سنڀاليو. سندس پيءُ جو پينشن تي لهي چڪو هو ۽ سندس هڪ ئي وڏو ڀاءُ اول نمبر جو جواري هو. سڄي گهر کي سنڀالڻ واري ياسمين تي مائٽن جو ظلم ۽ اجائي ڪنٽرول کي به هوءَ برداشت ڪري رهي هئي.
    هن لاءِ ڪيترا ئي سڱ اچڻ لڳا، هرڪو چوي ته اسان جي گهر جو ڀاڳ کلي. هيڏانهن مائٽ جو هئا، جو ڪنهن کي به سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيا.
    ياسمين جو پنهنجي سڳي سؤٽ امجد سان ننڍي هوندي کان پيار هو. ڪڏهن لڪي ملي وٺندا هئا ۽ ائين هو ٻئي سهانا سپنا ڏسڻ لڳا هئا.
    امجد ڊاڪٽري جو شاگرد هوندي معصوم ياسمين سان وعدا ڪيا هئا.
    عيد رات هجي. ڪنهن بهاني سان ياسمين امجد وٽ پهتي.. ڪاش پنهنجون عيدون ائين گذرن بنا ڊپ جي. تڏهن مائٽن کيس ڏسي ورتو. تڏهن ياسمين کي گهر مان نڪرڻ تي به پابندي لڳائي وئي.
    ياسمين ۽ امجد جا نياپا ساڳيا واعدا، ساڳيا سپنا…
    هاڻ ته ياسمين پنهنجي جوڀن ۾ هئي. هن کي اهي پيار ڀريون گهڙيون ياد اچڻ لڳيون، امجد سان ڪيل واعدا ۽ وچن تڙپائڻ لڳا.
    هن جي سوچ ته مان مائٽن جي ظالم چنبي مان آزاد ٿيان، پر مجبوري، بيوسي ۽ ظلم هن کي خاموش رهڻ تي مجبور ڪيو.
    پر ڪيستائين…
    هڪ ڏينهن امجد ڏانهن نياپو موڪليائين ته منهنجا مائٽ گهر ناٺي تي راضي ٿي ويندا. توکي قسم آ منهنجو، منهنجي زندگي ڪاڻ اها قرباني ڏي ۽ پنهنجن مائٽن کي سڱ لاءِ موڪل.
    حالانڪه امجد گهر ناٺي خراب رسم کان سخت نفرت ڪندو هو. پر ياسمين جي جيتڻ ڪاڻ هن شڪست قبولي.
    ياسمين جي نياپي ۾ هي اکر به شامل هئا ته منهنجا مائٽ اڃا به راضي نه ٿين ته پوءِ جو ڪم مون تي ڇڏ.
    ياسمين هاڻي ڪنهن به حالت ۾ پنهنجي جواني کي ويهي لٽائڻ جي خلاف ٿي چڪي هئي، هاڻ هن منصوبا پئي سوچيا، پنهنجي گهر ۽ ور لاءِ.
    ياسمين جي جرئت ڀرئي نياپي امجد جي دل وڌائي.
    هيڏانهن امجد صفا انڪار ڪيو ته ياسمين کان سواءِ مان شادي نه ڪندس.
    ياسمين جي نياپي تي امجد پنهنجن مائٽن کي موڪليو، پر وري به مايوس. انڪار کان پوءِ ياسمين جي دل تڙپي اٿي، جذبات ۾ اچي بغاوت جو سوچيائين. وري سوچ صبر ۾ بدلجي وئي.
    بابا، توهان ٻه ٻه شاديون ڪيو ويٺا آهيو. جذبات هر ڪنهن کي هوندا آهن، توهان منهنجن پئسن ۽ ڪمائي ڪري منهنجن جذبن سان راند پيا ڪريو. آءٌ وعدو ٿي ڪريان ته هي گهر پوءِ به منهنجي حوالي هوندو.
    پيءُ چيس: اسان کي امجد وارن کي سڱ ڏيڻو ئي ڪونهي. ياسمين تپندي چيو ته ٻيو گهوٽ آءٌ به نه ڪنديس. ته پوءِ ڪنواري ئي ٺيڪ آهين. ماءُ به خلاف ٿيس.
    هن سوچيو ته جيتري قدر شرافت واري زندگي گذارجي اوترو ٺيڪ، پر اڳيان ڇلڪندڙ جواني، جذبا، احساس ۽ اڪيلائي ڏنگيو پئي.
    هڪ ڏينهن امجد ڏانهن نياپو موڪليائين ته فلاڻي رات منهنجو انتظار ڪج.
    هڪ ڏينهن گم رهڻ بعد ٻئي ڏينهن اخبار ۾ اشتهار آيو ته امجد ۽ ياسمين ڪورٽ ۾ نڪاح ڪيو.
    ڪجهه هفتن بعد ٻئي واپس آيا ۽ امجد پنهنجي ڪنوار سان خوشگوار زندگي گذارڻ لڳو.
    هيڏانهن ياسمين جا ماءُ پيءُ بکن ۽ فاقن ۾ گذارڻ لڳا. ياسمين پنهنجو گهر ٺاهيو ساڳيو هن جو ڪم. امجد ڊاڪٽر ٿي ويو، انهن هڪ دفعو وري پنهنجن مائٽن کي سنڀاليو. ياسمين وٽ پنهنجو دل گهريو ور هوس ۽ جنت نما گهر هوس.

    (عبرت مئگزين 17 اپريل 1985ع)


    14. اهي شاديون

    وري خبر پيم ته ڳوٺ ۾ شاديون پيون رچجن… منهنجي دل جا گهنڊ وڄڻ لڳن ٿا… دل جي ڌڪ ڌڪ جا آواز بلند ٿيندا ٻڌان ٿو… شادي جا ڏينهن ويجها ٿا اچن ته پگهار جي پئسن جو بار بار ٿو حساب ڪريان… ڀلا ڇا ٿيندو… ڪيئن ٿيندو…؟
    آفيس ۾ سوچيان ٿو…
    گهر ۾ پهچندي ئي هي آواز ٿو ٻڌان… “ڀلا پپو جا پيءُ… تنهنجي ڀائٽي ۽ ڀاڻيجي جي شادي جا ڏينهن اچي ويجها ٿيا آهن… ڇا ٿو ڪرين…؟”
    “ڇا ڪريان…؟”
    “ڪجهه ته تياري ڪر.”
    “گندي گندي ڏينداسين… موڙن جي گهور… سرگس… لاڳ… گهور… ۽ ڀت جي پاٽ ۾ به ٻه ٽي سؤ لڳي ويندا. سي کڻي اوڌر سوڌر ڪندس.”
    مون ڪنجوسپائي مان ڪم ورتو…
    “اڙي انهن کي ڇڏ… پهرين اسان جي ته ڪر…”
    “ڇا مطلب…”
    “ميان ٻه شاديون آهن.. چار نه ته ٻه وڳا منهنجا نوان کپن… ٻه وڳا بيبي جا، ٻه وڳا پپو جا…”
    “اڙي ته توهان کي ته هميشه پيو وٺي ڏيان… توکي ته گذريل مهيني ئي وٺي ڏنا اٿم…”
    “اڙي… اهي ته سڀ مون پاتا آهن… پاتل وڳا پائي ڳوٺ ته نه کلائينديس… اسان کي ڪپڙا ضرور کپن…”
    “ڀلا جهڙوڪر توهان جون شاديون هجن…” مون ٽوڪ واري انداز ۾ مذاق ڪيو…
    “۽ پوءِ ڪنوار… ڪنوار لاءِ هڪ وڳو… ڏاج پوت… گهورون… ريتون، رسمون… مون کي پنج ڇهه سؤ ٻيا به کپن…” مون واري بيگم هڪ وڌيڪ مغز وارو ڪاپاري ڌڪ هنيو…
    “ڀلا هزار پگهار مان ڇا ٿيندو…؟ پننداسين ته ڪونه…” مون سمجهائيندي چيو.
    “سائين مرضي وارو آهين… اوڌر وٺي به ڪم هلائڻو پوندئي… اسان کي خوار ڪونهي ٿيڻو…”
    “ها سائين…”
    آءٌ دل جو سور دل ۾ سانڍي پنهنجي بيگم اڳيان شڪست کائيندي پنهنجو سر جهڪايان ٿو… ۽ سوچيان ٿو ته اهي شاديون ته اسان جو ڏيوالو ٿيون ڪڍن…

    (نئين زندگي 15 مئي 1986ع)


    15. ثبوت

    مان ضد ڪيو ويٺو هوس ته شادي ڪندس ته ’نازو‘ سان… مري ويندس ٻي ڪنهن هنڌ شادي نه ڪندس. نازو منهنجي ڪلاس فيلو هئي… نازو ۾ ڇا هو جو مون کي پسند هئي. صرف سونهن، حسن ۽ جواني…
    حسين ڇوڪرين سان ته دنيا ڀري پئي آهي، پر مون کي هن جي حسن ايترو ته موهيو جو دل ئي دل ۾ فيصلوڪيم ته نازو سان ئي شادي ڪندس. پوءِ نازو سان شادي ڪرڻ لاءِ راهون تلاش ڪيم… نيٺ نازو سان ڳالهائي راضي ڪيومانس. منهنجا مائٽ سمجهائڻ ۾ ته ابا اهي وڏا ماڻهو اٿئي، هنن سان نينهن جا ناتا نه اٽڪاءِ… دوست سمجهائڻ ۾ ته يار، نازو خود به خراب چال چلت جي آهي، هن سان شادي نه ڪر. پر آءٌ سڀني کي ٺڪرائيندو رهيس. نازو جي راضي ٿيڻ، ويتر تڪڙ ڪرڻ تي منهنجي دل بيچين ٿيڻ لڳي. هيڏانهن مٽ مائٽ، دوست سنگت، ساٿي ۽ ڀائر سمجهائڻ ۾ ته نازو جهڙي خراب ڇوڪري سان توهان ته نه هلي سگهندا.
    آءٌ انهيءَ ضد ۾ ته توهان وٽ نازو جي بد ڪرداري جو ڪهڙو ثبوت آهي؟
    آءٌ جيستائين اکين سان نه ڏسندس، تيستائين نه مڃيندس. هونئن ته نازو جي مون سان چال چلت، هلڻي گهمڻي، رهڻي ڪهڻي سٺين ۽ اخلاق وارين ڇوڪرين جيان هئي.
    هڪ دوست به اچي هن جي بدڪرداري بابت سمجهايو.
    مون دڙڪو ڏئي چيو ته تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي؟ هن منهنجي ڳالهه تي بيزار ٿيندي چيو ته “ثبوت ٿو گهرين ته وٺ… هن جي ساڄي پاسي جي سٿر تي تِر جو نشان اٿئي.”
    مون به “هون” ڪري هن جي ڳالهه هڪ ڪن مان ڪڍي ڇڏي.
    وري اها شادي جي لهر ۽ ائين نازو سان شادي ڪيم. شادي جي رات… ها… سيج جي رات…
    بنا ڪنهن سوچ جي… ڪابه ڳالهه ذهن ۾ نه هوندي هن جي سٿر تي تِر جي نشان تي نظر پئجي ويم… ۽ پوءِ… مون تي ڇا ٿي گذريو…
    يڪدم سوچن ۾ غرق ٿي ويس.

    (روزانه عبرت حيدرآباد 18 جنوري 1987ع)


    16. اکيان رو رو ٿڪيان

    بس ۾ تمام گهڻي رش هئڻ سبب بيهڻ جي جڳهه ملي. ڪنڊيڪٽر اسان کي ڌڪيندو اڳتي وٺي ويو ۽ اسان ليڊيز سيٽ جي بلڪل اڳيان بيهي رهياسين. پهرين سيٽ تي هڪ عورت ننڍي نيٽي، ڳاڙهي وڳي ۾ سجايل، ڳاڙهي ۽ سنهي پوتي جو برقعو، نٿ نڪ ۾، ميندي رتا هٿ… ڪنوار جي روپ ۾، جڏهن مون کي ٿي ڏٺائين ته مون کي ذري گهٽ مدهوش ٿي ڪيائين. هونئن به عورت ڪيتري به خراب هجي، پر ڪنوار جي روپ ۾ هر نوجوان مرد کي وڻندي آهي. 18-20 سالن جي جواني جي جوش سان ڀريل نوجوان ڇوڪري، هلڪو چهرو، گول منهن، ڪٽاري اکيون، اڇو رنگ… ٻهراڙي جي معصوم ڇوڪري سو وري ڪنوار جي روپ ۾، چار چنڊ لڳايو ويٺي هئي.
    هن جيئن مون کي ڏٺو، مون مان اک به نه پئي ڪڍيائين. آءٌ هن کان چار پنج سال وڏو، تقريبًا هڪ جيڏو نوجوان هوس. هن جي مون ڏانهن نهارڻ تي آءٌ به هن ڏانهن نهارڻ لڳس. آءٌ ڊپ کان هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڦيرائڻ لڳس ته متان هن جو ڪو مرد تاڙي وٺي. پر هن ڪنوار، پنهنجي ڀرسان ويٺل مائٽياڻين کان بي نياز ۽ بي پرواهه ٿي مون مان هڪ پل به اک نه ڪڍي.
    آءٌ ڏسان ته ذري ذري پئي اکيون اگهي. ڪنهن ڪنهن مهل ته مون هن جا ڳوڙها صاف پئي ڏٺا. ڏٺائين پئي ته رني پئي، رکي رکي ٿڌا ساهه پئي کنيائين ۽ مون سوچيو پئي ته ڪنوار ۽ ان جي هيءَ حالت! آخر ڇو؟
    مون کي ٿورو پريشان ٿيندو ڏسي منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ همراهه رازداري سان ڪن ۾ سُس پُس ڪئي: “يا ته سٺ سالن جو پوڙهو مليو اٿس، يا اٺن سالن جو ٻار!”
    شايد ٻڌي ورتائين جو ڦسي پئي. اسان جي لهڻ جو هنڌ اچي ويو. دل ته لهڻ جي نه پئي ڪري، پر لهندي اوچتو گهوٽ تي نظر پئجي ويئي. سهرا سجايو پيءُ جي هنج ۾ ويٺو هو، 7-8 سالن جو ٻار! ڪنوار سڏڪو ڀري هٿن ۾ منهن لڪائي منهن ڦيري ڇڏيو.

    (نئين زندگي خاص نمبر اگست 1987ع)


    17. مقدس رشتو

    “توکي خدا جو واسطو آهي، مون تي رحم ڪر… توکي رسول پاڪ جو سنهن آهي، تون پنهنجن ٻچڙن تي رحم ڪر… پنهنجو گهر نه ڦٽاءِ…”
    منهنجي زال زينت…! منهنجي پيرن ۾ چنبڙي ريهون ڪري روئي، ٻاڪاري رهي هئي. کن پل ۾ اک پٽيم ته منهنجي جهولي ۾ ڪجهه مهينن جي منهنجي ننڍڙي ڌيءُ الماس پيل هئي.
    “توکي هن ٻچڙي جو قسم… تون سڌري وڃ… تون بڇڙاين کي ڇڏ… تنهنجو گهر برباد پيو ٿئي…”
    نشي جي حالت ۾ پاڻ کي سنڀاليم ۽ پنهنجي ننڍڙي ڌيءُ کي هٿن تي کڻي نرڙ تي چمي ڏني مانس ۽ غور سان انهن ٻن پٽن ڏي ڏسڻ لڳس، جيڪي ماءُ جي ڀر ۾ حسرت ڀريل نگاهن سان پنهنجي اکين کي هٿ ڏيئي روئي رهيا هئا.
    حالانڪه، ائين ڪيترا دفعا زينت رنو هو، ٻاڪاريو هو، ٻنهي پٽن کي جهولي ۾ وجهي واسطا ڏنا هئائين… پر اڄ پهريون دفعو منهنجي معصوم نياڻي کي منهنجي جهولي ۾ وڌائين ته خبر نه آهي ڇو؟ منهنجي دل ۾ هلچل مچي وئي. منهنجي دل ۾ پهريون دفعو اولاد لاءِ تقدس پيدا ٿيو. نهايت تجسس ۽ پاٻوهه مان پنهنجي ڌيءَ کي نرڙ تي چمي ڏيئي واپس سندس ماءُ کي ڏيئي ٻئي ڪمري ۾ هليو ويس. در بند ڪري روئڻ لڳس… منهنجي سوچن ۾ اوچتو تبديلي اچي رهي هئي. ڇا منهنجي نياڻي ۾ ايڏو تقدس هو!
    آءٌ ننڍي هوندي اهڙي صحت سان سرشار ٿيس، جو سڄو شهر اسان جي سنگت کي لنڀ لوڦر جي نالي سان ڪوٺيندو هو.
    هر لُچائي جو ڪم… چوريون چڪاريون هجن، جوا خوري هجي، عورتن کي ڇيڙڻ… نشو پتو… سئنيمائون… حرڪتون… هرڪو ماڻهو بيزار…
    مائٽن جو زور ته آءٌ پڙهان. مئٽرڪ تائين مائٽن مارن سان پڙهايو. مائٽن هر قسم جي سختي ڪئي، پر آءٌ سڌري نه سگهيس… سڄي پاڙي ۾ بدنام هوس. شراب پي اچي رات جو ٻين اڍائي بجي گهر پهچان.
    نيٺ مائٽن ڇڏي ڏنو… ڪڏهن جيلن ۾ ته ڪڏهن ريلن ۾… اهي ڳالهيون آيون ويون ٿي ويون هيون.
    وري مائٽ جو ٿيا… سو هنن منهنجي سڌاري خاطر هڪ ٻيو قدم کنيو جو شادي ڪرايائون. شادي کان پوءِ ويتر بڇڙو ٿيس. زال تي ظلم وڌي ويا. زينت پرڻجڻ سان ئي ڏکن جي منهن ۾ پئي… سدائين رات جو منهنجن پيرن کي چهٽي پئي رئندي هئي ۽ واسطا وجهندي هئي ته ڪجهه سڌران ۽ نشو ڇڏي انسان ٿيان. اولاد ٿيو، هڪ ٻئي پٺيان ٻه پٽ ٿيم. هاڻ پٽن کي جهولي ۾ وجهي واسطا ٿيڻ لڳي، ته هن اولاد جو قسم… منهنجي ۽ هنن جي مستقبل لاءِ سوچ… پر منهنجا اهي چگهه… اهي لاٽون… چري ڪيئن، چئي ويران وير وڌ…
    پر اڄ جڏهن پنهنجي جهولي ۾ مون پنهنجي ڌيءَ کي ڏٺو ته هن جو چهرو معصوم معصوم لڳم. حيا، ادب ۽ احترام جا گهنج منهنجي نرڙ تي گهنجڻ لڳا. ٻين کي روئارڻ وارو اڄ پاڻ روئي ويٺو هوس… سڄي رات ويهي رنم… پنهنجي ڌيءُ جي مقدس ذات جو قسم کڻي عهد ڪيم… ته هاڻ اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو، جيڪو اڄ تائين هو.
    فجر مهل پنهنجي زال کي اٿاريم. پنهنجي ستل ڌيءُ جي ڀاڳ کي چمي ڏيئي عهد ڪيم ته “زينت! هاڻ مون کي ڌيءُ ڄائي آهي، هاڻي منهنجي گهر ۾ معصوم نياڻي، اڄ ننڍي سڀان وڏي… مان ڌيءُ جو قسم ٿو کڻان مون کي معاف ڪر.” منهنجي ٻڌل هٿن تي زينت پنهنجا ٻئي هٿ رکي انهن جي مٿان مٿو رکي هڪ دفعو سڏڪن ۾ پئجي وئي.
    ۽ پوءِ صبح سوير ئي مون پنهنجي پيءُ کي نوڪري لاءِ چيو. هفتي کن ۾ ڪلرڪي ملي ويم… ۽ اڄ آءٌ سٺو آفيسر آهيان.
    اڄ منهنجي اولاد جوان آهي. منهنجي ڌيءَ پنهنجي گهر ۾ نهايت پُرسڪون زندگي گذاري رهي آهي، اسان جو گهر جنت نما گهر آهي، سڀ خوشيون موٽي آيون آهن، جيڪي وڃايون هيم.
    اڄ جڏهن پنهنجي گهر ۾ زال، نوجوان پٽن، ننهرن، ڌيئرن ۽ الماس جي خوشين کي ٿو ڏسان ته نرڙ تي خوشين جا گهنج پئجيو ٿا وڃن.
    ڀانءِ ته … ڪوبه غم نه هجيم.

    (نئين زندگي مئگزين 12 جولاءِ 1988ع)


    18. سنڌ بچي وئي؟؟!!

    سنڌ ورلڊ ڪانفرنس طرفان هڪ لفافو مليو. کولي ڏٺم ته “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ڪارڊ هيو. ٻن ٽن ڏينهن اندر هم خيال دوستن سان مليس… جنهن کي اهي ڪارڊ مليا هئا ته سڀني حامي ڀري ته اهڙيون ڪانفرنسون ورهين ۾ ٿينديون آهن، سو شرڪت ضرور ڪبي. وري “سنڌ بچايو ڪانفرنس” جي نالي سان ته هر ڪنهن جي دل پئي چيو. اها ڪانفرنس ڪراچي جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ سڏائي وئي هئي، جنهن جي شاندار تقريب جي تياري جا حال احوال روزانه اخبارن ۾ پيا ايندا هئا. اهو ڏينهن آيو… گهران موڪلائي نڪتس ته ٻن ڏينهن لاءِ “سنڌ بچايو ڪانفرنس” لاءِ ڪراچي ٿو وڃان. پاڙي جي هڪ گهر مان روئڻ پٽڻ جو آواز ٻڌي انهيءَ گهر ڏانهن وڌيس. گهر مان ننڍڙن ٻارڙن جي روئڻ ۽ عورتن جي آهن ۽ دانهن مان معلوم پئي ٿيو ته اهي متاثرين هئا. پوليس پارٽي سان گڏ گهر جا مالڪ انهن کي نڪرڻ جا دڙڪا ڏئي رهيا هئا. غريب عورتن جون آهون ۽ دانهون… ته ابا… اسان ڪيڏانهن وڃون… اسان بي گهر ڏتڙيل… اسان جا پٽ ماريا ويا… وارث ڪٺا ويا اسان لاوارث… بي گهر…
    گهر جو مالڪ… جنهن جي شيراڊ ڪار در تي بيٺي هئيا، هيانءُ ڦاڙي آواز سان ڦاٽي ٿو… مائي! اسان ڪو توهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟ ڇهه مهينا توهان کي ڇڏيوسين، سدائين ڪو اسان پنهنجون جايون ڇڏينداسين ڇا؟ انهن بي گهر عورتن جون آهون ۽ دانهون ٻڌي اکين مان ڳوڙها نڪرڻ. ڪڏهن گهر ڌڻين جي ڏاڍاين، ڪڏهن حڪومت ڌڻي پوليس وارن جي ظلمن ۽ ڪڏهن پنهنجي ڌرتي تي بي گهر ٿيل مجبورن جي لاچاري کي ڏسان ٿو… ته اتي وڌيڪ بيهڻ مون لاءِ ناممڪن هو… سو اڳتي وڌي ٿو اچان انهيءَ دوست جي گهر، جنهن سان گڏ ڪراچي وڃڻو هو. جيستائين دوست جي گهر پهچان، پاڙي جي ڪيترن ئي دليون ٽنگيل گهرن، ڀڳل ٽٽل بنگلن جي سرد هوائن ۾ رهندڙ لاوارث ويٺلن ڏانهن نظر ٿي پيم…… انهن جا چهرا ڪومايل ڏسان ٿو… پاڻ ائين چوندا هجن ته ڄاڻ ته اسان وٽ پوليس پهتي، ڄاڻ ته اسان به مئاسين… جيستائين دوست جي گهر پهچان، رستي ويندي سوچيان ٿو انهن يتيمن، بيواهن، لاوارثن ۽ پنهنجي اباڻن گهرن ۽ بي گهر ٿي آيل ڏتڙيل جي جياپي لاءِ ڪئي فيصلا ٿيندا “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ۾. قاسم آباد جا واهڻ، واٽون، ڦٽل بنگلن ۾ رليون ٽنگيل پردا ڪندڙ انهن گهرن مان لاوارثي جون پڪارون، يتيمن جون سسڪيون جڏهن به ڪنهن اولاد واري ماڻهوءَ جي ڪنن تي پون ٿيون ته سچ به هيانءَ ڏري ٿا پون. تيستائين دوست جو گهر اچي ويو. هُو به تيار ويٺو هو… سو گڏ نڪرون ٿا گاڏي کاتي پهچون ٿا… سيشن ڪورٽ آڏو… عورتن ۽ نوجوان مردن جو گڏيل جلوس، ڪجهه دير بيهي ٿا رهون. هٿن ۾ پلي ڪارڊ… اسان کي گهر ڏيو، اسان جا وارث ڪٺا ويا… اسان کي اجهو کپي… وارث کپن… اسان جا ڌڻي آزاد ڪيو… قيدين جي ملاقات کوليو… دوست کي چوان ٿو يار انهن زار وقطار روئندڙ عورتن (جيڪي ڊي ايم اڳيان روئي رهيون هيون) کي انهيءَ ڪانفرنس ۾ وٺي هلون، انهن سنڌ ڌڻين کي انهن جا حال ڏيکاريون جن جا ڪونڌر ڪٺا ويا آهن. اتي وٺي هلون، جتي اسان جا وارث سنڌ پيا بچائين… انهن کي هلي ڏيکاريون ته اتي حيدرآباد جي اصل مالڪن جا ڪهڙا حال آهن؟ ڪهڙين ۽ ڪيترين اکين مان رت جا نير پيا وهن. جلوس جي اڀ ڏاريندڙ نعرم ۽ پورهيتن عورتن جي روئندڙ آوازن کي ڇڏي اڳتي وڌي حيدر چوڪ تان ڪراچي جي بس ۾ ٿا چڙهون.
    ڪراچي پهچون ٿا…
    شريٽن هوٽل…
    جنهن جنهن به فائيو اسٽار هوٽلون ڏٺيون هونديون، انهن کي بخوبي خبر هوندي ته فائيو اسٽار هوٽلن جو ڇا شان هوندو آهي. جنهن به شيرٽن هوٽل ۾ “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ۾ شرڪت ڪئي هوندي، انهن کي بخوبي اندازو هوندو ته سنڌ بچي پئي يا لٽجي پئي. هيڏين سارين هوٽلن ۾ سنڌ بچايو ڪانفرنس هلي رهي هئي، مون دوست کان پڇيو: “ڇا بڪنگ هوندي هن عاليشان محل جي.” چيائين “لکن جا ليکا هوندا.” هن لکن واري هوٽل ۾ اعليٰ قسم جا کاڌا، عمدي قسم جي ريفريشمنٽ، مهمانن جي رهائش ۽ طعام بهترين محفل ڇا عمدي پر ڪيتري مهانگي……! اسان جي سوچ جون حدوون ته رنگ رهجي ويون.
    ڪانفرنس هال ۾ سوچيان ڇا سنڌ بچي پئي! دل ئي دل ۾ اهڙي شاندار پروگرام جي تعريف به نه ڪرڻ ڪنجوسپائي ٿيندي. مون واري دوست به اهڙي لک لٽائيندڙ پروگرام تي ناراض ٿيندي چيو ته هي پروگرام قاسم آباد جي شاميانن ۾ انهن ڏتڙيل متاثرين جي ڪئمپن ۾ ملهائي پئي سگهياسين. انهن بيواهن ۽ بي گهر ٿيلن جي سامهون تقريرون ڪري پئي سگهياسين، انهن يتيم ٻارن جي دل تي ڇنڊا هڻي پئي سگهياسين، جن جا وارث بي وقت جدا ڪيا ويا. مون سوچيو هتي لک لٽجي ويا، قاسم آباد جي ڪئمپن ۾ هينئر به يتيم ماروئڙا پنهنجي زندگي جي جياپي خاطر… جاکوڙ ۾ رڌل!! اٽي ۽ لٽي لاءِ واجهائيندڙ بيواهن، يتيمن تي مٿي تي هٿ رکڻ وارو به نه آهي… اڄ به زندگي گذارين، پر هي سڀ… انهن جا وارث انهن جا رکوالا… شيرٽن هوٽل ۾ ويٺا موج ملهائين، فائيو اسٽارز جا کاڌا کائين، موٽ ڇا ٿو ملي. تقريرون، محفل مشاعره، محفل موسيقي… پڇاڙي ۾ نعرا، مطالبا، قراردادون… خير اها به ورلڊ کي خبر پئجي ته سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي يا سنڌ کي ڪيئن بچائجي. “سنڌ بچايو ڪانفرنس” ختم ٿي، واپس حيدرآباد اچون ٿا. حيدرآباد جي پريس ڪلب وٽ شاميانو ڏسي وڌي ٿا اچون…
    پنج معصوم ٻار ۽ ڏهه عورتون بک هڙتال تي ويٺل… پوڙهيون عورتون رت جا ڳوڙها ڳاڙيندي ۽ ڪجهه نوجوان پر باهمت ڇوڪريون انهن کي دلاسا ڏيندي بک هڙتال تي ويٺيون آهن…
    مطالبا لڳل هئا:
    اسان کي اجهو ڏيو…
    اسان کي اٽو ڏيو…
    بک ختم ڪريو…
    اسان کي ٻيهر آباد ڪرايو…
    لٽيل ملڪيتون واپس ڪرايو…
    اسان پنهنجي وطن ۾ بي گهر…
    پنهنجي مٽي ۾ جلاوطن…
    منهنجي اکڙين مان ڳوڙها ٿا نڪرن.
    يا خدا سنڌ بچي پئي
    سنڌي مرن پيا.

    (خادم وطن حيدرآباد 25 ڊسمبر 1990ع)


    19. شرم جا ڳوڙها

    ادا اهو آهي نه تنهنجو دوست جيڪو ڪلهه اوهان سان ملڻ آيو هو…!!
    ها ها، ڇا آهي هن کي… ڪجهه ڪيو ته نه آهيس. مون پڇيو.
    نه ادا، ڪجهه به نه… منهنجي ڀيڻ نجمه مون کي جواب ڏنو.
    ته پوءِ؟
    ادا، انهيءَ سان منهنجي هتي هن گهر ۾، اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرائي سگهندين؟ مون پنهنجي ڀيڻ جا اهي لفظ ٻڌا ته تپي باهه ٿي ويس ۽ يڪدم دروازو بند ڪري ٻاهر نڪري ويس.
    اسان جو پيءُ هڪ اعليٰ عهدي تي فائز هو… اسان جي عاليشان بنگلي اڳيان ٻه ٻه… ٽي ٽي ڪارون بيٺل هونديون آهن. چار پنج نوڪر چاڪر… منهنجي ڪار جدا… اسان جي گهر جو تعليم يافته ماحول ۽ خوشگوار زندگي (Co-Education) جو ماحول… يونيورسٽي جي فيشن جي دنيا ۾ سڀ کان اڳتي… ڇڙواڳي، آزادي، لاڏ ڪوڏ ۽ پيار ته اسان کي ورثي ۾ مليو هو. ننڍي هوندي کان اسان پيار جي زندگي پئي گذاري. اسان جي زندگي ۾ ياد نه آهي ته ڪو ڏکيو ڏينهن آيو هجي. بابا ۽ امان طرفان هر سُک مليو.
    انهيءَ هوندي به بابا جي آفيسري ۽ رعبدار شخصيت سبب اسان ڪڏهن به خراب چال چلت ۽ بري صحبت جي ويجهو به نه هئاسين ۽ پنهنجي تعليم کي سٺي نموني سان پئي پڙهيو.
    اسان وٽ جيتري آزادي هئي، پئسي وڃائڻ جي… کائڻ پيئڻ جي… گهمڻ ڦرڻ جي، ته اوتري اسان جي عزت هئي. انهيءَ ڪري جو بابا جو عاليشان مقام ۽ مان مرتبو هو، کيس هرڪو عزت جي نگاهه سان ڏسندو هو.
    آءٌ نجمه کان سال وڏو هوس ۽ نجمه بي.اي جي پهرين سال ۽ آءٌ ٻئي سال جا هوشيار شاگرد هئاسين.
    اسان جي گهر نجمه جون سهيليون ۽ منهنجا دوست ته ائين ايندا ويندا هئا. اسان جي ماحول ۽ اسان جي گهر ۾ شرافت ته ضرور هئي، پر مشرقي پرديداري ايتري نه هئي، جو آءٌ نجمه جون سهيليون ڏسي گهر ڇڏي وڃان يا نجمه منهنجا دوست ڏسي ڪمرو ڇڏي وڃي. هونئن به يونيورسٽي گڏ هئڻ سبب سڀني سان گڏ رهڻو پوندو آهي ۽ عليڪ سليڪ سڀني سان هئي. اسان جو بابا ۽ امان Welcom ڪري اسان جي دوستن کي Receive ڪندا هئا.
    يونيورسٽي ۾ هونئن به اجنبيت نه رهندي آهي ۽ اسان جي گڏ هئڻ سبب هن جون سهيليون ۽ منهنجا دوست هڪ ٻئي سان حجاب نه ڪندا هئا ۽ ائين مون کي نجمه جي سهيلي فريده تي دل ٿيڻ لڳي ۽ هڪ ڏينهن نجمه سان ڳالهه ڪيم.
    نجمه ٽهڪ ڏيندي چيو…
    سچ ادا… فريده توکي پسند آهي؟ نجمه ائين چيو ته منهنجي دل وسوسن کان آزاد ٿي. مون سوچيو ته هاڻي ڪم ٿي ويندو.
    مون چيو نجمه، منهنجي فريده سان، هن گهر ۾ اڪيلائي ۾ ملاقات ڪرائي سگهندينءَ؟
    ها ها ڇو نه…
    ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ نجمه فريده کي وٺي آئي. پاڻ چانهه ٺاهڻ جو بهانو ڪري هلي وئي ۽ پوءِ ڪچهريون ٿيون، وعدا وچن ٿيا، قربتون ۽ پيار جا وچن ڪيا ويا.
    اچ اچ نجمه… نجمه چانهه ٺاهي آئي.
    هيلو فري… ڪم ٺهيو يا نه…
    ۽ ائين اسان ٻنهي جو ڪم نجمه ٺاهيو ۽ پوءِ ڪجهه مهينن بعد فريده ۽ منهنجي شادي ٿي وئي.
    هاڻ ته اسان جي کل ۽ خوشين جي ٽهڪڙن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو.
    ڪيترا مهينا گذريا، هڪ ڏينهن نجمه مون کي چيو ته…… ادا، اهو آهي نه…… تنهنجو دوست… جيڪو ڪلهه پنهنجي گهر آيو هو. ها ها… منهنجو ڪلاس فيلو ايوب آهي، ڇا ٿيو انهيءَ کي…؟
    ادا، هن سان، منهنجي ملاقات، هن گهر ۾، اڪيلائي ۾ ڪرائي سگهندين؟ ۽ پوءِ… تپي باهه ٿي ويس ۽ هليو ويس…
    ٻئي ڏينهن منهنجي اچڻ کان اڳ اسان جي بنگلي جي ڊرائنگ روم ۾ نجمه ۽ ايوب ڳالهيون ڪندي چانهه پي رهيا هئا.
    ايوب جي وڃڻ بعد، مون نجمه کي پهريون دفعو دڙڪو ڏنو هو.
    نجمه مون کي سڀ ڪجهه سمجهائيندي چيو ته ادا… فريده سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ تو مون کي چيو هو، انهيءَ مهل توکي غيرت نه آئي هئي ۽ مون اوهان جي ملاقات ڪرائي، شادي به ڪرائي هئي ۽ هاڻ منهنجي شادي جو وقت آيو آهي ته تون…
    بس بس نجمه… مون کي ائين نه ڪرڻ کپندو هو، جو نياڻي يا ڀيڻ کي… ملاقات ڪرائڻ لاءِ چوان ها.
    ايتري حد جي آزادي يا ڇڙواڳي جي شروعات مون ڪئي هئي، نجمه تنهنجو ڪوبه ڏوهه نه آهي.
    منهنجو ڪنڌ جُهڪي ويو ۽ پهريون ڀيرو، “حيا ۽ شرم جا ڳوڙها” منهنجي اکين مان وهي نڪتا.
    (عبرت ميگزين)


    20. سکڻا نعرا اجائي ڳالهه

    اڄ هڪ اديب دوست مليو. چيائين رسالو پيا ڪڍون، هڪڙي ڪهاڻي ڏي. چيومانس، يار ايڏو وڏو اديب ته نه آهيان جو تون چوين ۽ ڪهاڻي تيار… مون کي ڪهاڻي لکڻي پوندي. سو سائين اسان نوان اديب ڪهاڻي لکندي لکندي، سڄي دنيا جا موضوع سوچيون ٿا، سڄي جڳ کي ذهن ۾ سمايون ٿا، ڏينهن جا ڏينهن ٽيبلون ۽ ڪرسيون ٽوڙيون ٿا، راتين جا اوجاڳا ٿا ڪريون، تڏهن مس وڃي انڌي منڊي هڪ ٻن صفحن تي ڪهاڻي جڙي…
    گهر اچان ٿو… سوچيان ٿو ڪهاڻي لکان، سوچيندي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي اٿم. ڊائري بند ٿو ڪريان، گهر به ويهي ڪهاڻي جو پلاٽ ٿو سوچيان ته آواز ٿو اچيم:
    ٻڌ…! زال جو آواز ٻڌي ڪهاڻي جو سوچيل انڌو منڊو موضوع ذهن تان هٽي ويو.
    ننڍڙي لاءِ دوا آندئي؟ منهنجو ننڍڙو جيڪو مهيني ڏيڍ جي عمر جو مس آهي، جيڪو شادي جي پنجين سال سڪي پني ٿيو آهي. اهو ٻن ٽن ڏينهن کان سخت بيمار آهي. مهيني جي ويهين تاريخ پگهار ته خير جو ڪڏهوڪو ختم ٿي ويو. دل ۾ سوچيان ٿو اسان جي آفيس ۾ به انڌير نگري- اسان جي 15، 15 سال آهي سروس، سفارش نه آهي ته سٺي ٽيبل لاءِ سِڪي ويا آهيون. گهڻي ئي ٿا ايفيشينسي ڏيکاريون، پر اسان رڳو ويٺا ڏسون ته ٻيا ڪلرڪ ڪيئن ٿا کيسا ڀريو گهر وڃن، جن جي سروس به ٻه سال مس آهي. اسان هيڏانهن اڪائونٽ ٺاهيو ٺاهيو نظر جا چشما پايو هلون ۽ مٿي جو اڳيون حصو گنجو ٿيندو وڃي ۽ وار کُسندا وڃن. سڄو ڏينهن ڪم ڪري گهر ٿا پهچون ته کيسي ۾ ايترا پئسا نه آهن جو ڪا دوا درمل وٺجي. گهر جو سيڌو کٽي ٿو ته ڳڻتين ۾ پئجيو وڃون.
    ڀلا پگهارون پوريون سوريون هجن ته اسان کي ايترو سوچڻو ڇو پوي.
    هڪ دفعي زال چيو هوم… ڀلا ڪا زندگي آهي، جو نه گهر سولو، نه زندگي جو آرام. ماڻهن جا بنگلا ته ڏس، پاڻ وٽ اها به آهي جو سمهڻ لاءِ سوليون کٽون نه آهن، آسائش ۽ آرام جو سامان ته وڃي ڌوڙ پائي. تڏهن چيو هوم اي ڀاڳ ڀري، انهن بنگلن وارن رئيسن جا ڪتا به کيرن جا جڳ، بادامن ۽ پستن سان نيرن ڪندا آهن، تو وٽ پنهنجي ننڍڙي لاءِ به کير جو پاءُ نه آهي. تڏهن سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. پرچائيندي چيو هومانس: الله سائين وڏو آهي. ويتر سڏڪن ۾ الله سان شڪوه شڪايت ڪئي هيائين ته الله سائين به انهن بنگلن وارن جو آهي.
    چيو هوم ته اهي سڀ پنهنجي زماني جون معاشرتي برايون آهن.
    صبح جو اٿي آفيس وڃان ٿو، بس ۾ چڙهان ٿو. سوچيم اها ڪهاڻي مون کان زور آهي، ڪو پلاٽ ئي ذهن تي نه ٿو اچي. خير سانجهي ڪوشش ڪندس.
    تيستائين پٺيان کان ڪلهن تي هڪ نازڪ نفيس هٿ لڳم. هن جو جسم منهنجي جسم جي ڪجهه حصي سان ٽڪرايل- ٿورو ڪنڌ موڙي ڏسان ٿو… هڪ نوجوان… نازن نخرن سان، ٿورو مسڪرائي چوي ٿي الله ڪي نام… مون روپيو کيسي مان ڪڍي هن جي هٿ کي زور ڏيندي ڏيانس ٿو. ٿورڙو ٽيڏين اکين سان ڏسي، مسڪرائي اڳتي وڌي ٿي. مان دل ئي دل ۾ خوش ٿو ٿيان، ته هن نوجوان ڇوڪري لفٽ ڏني. هڪدم ذهن گهر ڏانهن وڃي ٿو.
    اي…! ٻڌين ٿو… اڄ ڪيئن به ڪري پني سني، اوڌر سوڌر ڪري دوا ضرور آڻجان، نه ته آءٌ ئي ٿي ڪشتو کڻان، منهنجو پٽ وڌيڪ ۾ نه پئجي وڃي ۽ هيڏانهن منهنجو اهو حال آهي جو عشق ڪندو وتان… هڪ سڃائي ٻيو حال بڇڙو.
    بس مان لهي ٿورو اڳتي ٿورو پري آفيس پنڌ ٿو وڃان. فوٽ پاٿ تي ويٺل هڪڙي فقير تي نظر پوي ٿي حال بڇڙا… مسڪيني چال… نفرت ڪندي اڳتي وڌي ٿو وڃان. آفيس پهچندي ڪم کي لڳي ٿو وڃان. شام جو گهر ايندي سوچيان ٿو ته سوير گهر وڃي ڪهاڻي ٿو لکان. وري خيال ٿو اچيم ته ريشم گلي جو ديدار ڪجي. ڪوبه ڪم نه هوندي ڪاهي ٿو پوان ريشم گلي ۾. نوجوان نوجوان ڇوڪرين کي، جن جا وار سينگاريل سنواريل، ڊگها ڊگها، بنا رئي جي کليل… ڀلا اهي ڊگها وار کولي پيون هلنديون ته اسان جهڙا سڌريل رلندا يا نه…
    وار کليل… ڪپڙا بدن کي چهٽيل… سينا ٻاهر نڪتل، پردي واري ڪابه شيءِ نه… مردن جي پيهه پيهان، نوجوان ڇوڪرين کي ڇيڙيندا، چهنڊڙيون پائيندا، ٺاٺا ٻاٺا ڪندا اڳتي ٿا وڌن… سوچيان ٿو ڀلا ڇوڪرين کي بازار ۾ ايڏي هار سينگار ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.
    رش مان فائدو وٺي آءٌ به هڪ ڇوڪري کي چهنڊڙي ٿو پايان… او… ڪنهن ڏٺو ته ڪونه… اڳيان پٺيان ڏسان ٿو، پنهنجن اڇن ڪپڙن کي… ٺيڪ آهي سڀ ٺيڪ… دل ۾ مطئن ٿو ٿيان، وري سوچيان ٿو ڇا فائدو- بڪواس، واهيات پن… نانسينس… آئينده شهر نه ويندس- يڪدم بازار مان نڪري ٿو اچان، ڪوبه فائدو نه آهي- اجايو وقت وڃائڻو ۽ ڪميڻائپ آهي، پنهنجو پاڻ کي گهٽ وڌ ٿو چوان.
    گهر اچڻ لاءِ سوزوڪي تي ٿو ويهان- سوزوڪي ۾ پاڙي جون هڪ ٻه عورتون ويٺل ۽ هڪ ٻه مرد به ويٺل… پاڻ ۾ ٺهيا پيا آهن…
    عشق ٿا ڪن… ڪنواريون ڇوڪريون… ڪنوارا ڇوڪرا… پروگرام ٿا ٺاهين… گهمڻ جو… فلم جو… ۽ ٻي ڏينهن گارمينٽ فيڪٽري ۾ ملڻ جو… ڪوبه ڊپ نه ڪو ڊاءُ، ها سائين ماڊرن دور جي الڙ جواني……
    شام جو سڄي سنگت گڏ ٿئي ٿي، ڪچهري ٿا ڪريون، زماني جون ڳالهيون ڪندي چوان ٿو… يار پاڻ ايڏو وقت ويهي ٿا وڃايون، ڪي اصلاحي ڪم ڪجن يا ڪي فلاحي ڪم ڪجن… سڀني مون کي حيرت زده نظر سان ڏٺو ڄڻ چوندا هجن “بيوقوف” شروع ٿئي ٿي تاش جي راند… رات جو هڪ ٿيو وڃي، مون واري ڳالهه ٿي وئي ڳڙ… مورڳو تاش تي وڃي ويٺاسين، مون اصل توبهه ڪئي. سٺي ڳالهه ڪر ته سنگت ۾ خوار…
    ٻئي ڏينهن ڪهاڻي لکڻ لاءِ پلاٽ ڳولهيان ٿو. سوچيم ڪهاڻي انقلابي ڳالهين تي لکجي… گذريل دور جي ظلمن تي لکجي… سنڌين جي بيگناهه قتل عام تي لکجي… يا بي گناهه بند ٿيل قيدين تي لکجي. انهن مرد مجاهدن تي لکجي، جن جي پٺن تي اڄ به ڦٽڪن جا نشان موجود آهن، يا انهن سرويچن تي جن مسڪرائي ڦاهين جا ڦندا ڳچي ۾ وڌا… ياد ٿو اچيم ته حيدر چوڪ تي اڄ سنڌين جو جلوس آهي… شرڪت ڪرڻي آهي. اُٿي حيدر چوڪ تي پهچان ٿو… ڪجهه شاگرد تقريرون ٿا ڪن… ٽوڙهي جا اسير آزاد ڪريو… ڪالاباغ ڊيم نامنظور… ڌارين جي آبادي نامنظور… سنڌين کي ڪالوني ۾ تبديل نه ڪريو… نوجوانن جي هٿن ۾ به پلي ڪارڊ، هنيانءُ ڦاڙ نعرا… هي شهر ڪنهن جا، اسان جا… هي رستا ڪنهن جا، اسان جا… حيدرآباد، ڪراچي ڪنهن جا، سنڌين جا…
    گهر واپس ويندي… ڪجهه ماڻهو انهيءَ جلسي مان ٽٽي گهر ٿا وڃن. هڪ دوست ٿو چويم… اجائي لٻاڙ… سکڻا نعرا… چاليهه سال ٿيا آهن انهن نعرن ۾… سيٽ ته هڪ حاصل ڪونه ٿا ڪن…
    هي ڪلهه آيا، اڄ اسيمبلين ۾ اڌو اڌ سيٽون حاصل ڪيو ويٺا آهن… يار عمل ته انهيءَ کي چئبو نه…
    چيومانس واقعي… سچ ٿو چوين… هي شهر ڪنهن جا سنڌين جا… اڙي بابا هٿن سان ويهاريو… پنهنجون زمينون ڏيو… گهر ڏيو… پنهنجا سڀ هٿ پير وڍايو، هاڻ ٿا نعرا هڻو…
    اهڙي ڪجي جو اهي ڳالهيون اجايون نه لڳن- ٺلهن نعرن سان ڪي نه ورندو……
    گهر پهچان ٿو… ته خبر ٿي پويم ته نوجوان ڇوڪرن پاڙي ۾ فائرنگ ڪري سڄي پاڙي کي خوف ۽ حراس ۾ وجهي ڇڏيو آهي… سوچيم… انهن نوجوان ۽ بي عمل ڇوڪرن تي ڪهاڻي لکندس… جيڪي سنڌي ٿي ڪري سنڌين تي فائرنگ ڪن… چوريون ڪن… اڄ رات ڪهاڻي لکي صبحاڻي يار کي ڏيندس.

    (خادم وطن 12-13 جنوري 1991ع)


    21. واهه ڙي زندگي

    هر روز صبح جو آفيس وڃبو آهي ۽ شام جو سج لٿي ويل موٽبو آهي ته مغرب جو آذانون پيون اينديون آهن. سڄو ڏينهن آفيس جي ڪم ڪار، بس ۽ فورسيٽرن جي پويان ۽ پوءِ وري پنڌ ڪندي ڏينهن ئي لڙيو وڃي. گهر پهچندي ٻار ٽنگن کي چهٽيو پوندا آهن “بابا، بابا” ڪريو. پنهنجن “صاف سٿرن” ٻارن کي پري ٿا هٽايون ته ڪٿي اڇا ڪپڙا خراب نه ٿي پون.
    زال پهچي ٿي “ڪٿي هئين سڄو ڏينهن…؟” ساهه پٽڻ لاءِ کٽ تي ويهان… سوچ ويندي اٿم پنهنجي ڳوٺ ڏانهن، جتي جا ٻارڙا سڄو ڏينهن مٽي سان ٿا کيڏن، ٺلهو هڪڙو چولو پاتل، گرمي يا سردي، نڪ مان وهندڙ لم… وات ۾ آڱريون… گگ پئي ڳڙي… انهن جا پيءُ ٻنين مان مزدوري مان يا دڪانن تان موٽندي گهر ايندا آهن ته انهن پنهنجن گدلن ٻارن کي چنبڙيو چمي مٿان چميون ٿا ڏيون. انهن جون زالون، کٽون سڌيون ٿيون ڪن، ڪنئرا ڀريو رکن ته مڙسالو هٿ منهن ڌوئي، تيستائين ماني رکيو پوتي جي پلاند سان مکيون ٿيون هڪلين ۽ مرد ماڻهو اچيو ماني ۽ مکڻ کائيندي ڀڻ ڀڻ جي انداز ۾ پيار ڀريون ڳالهيون ڪندي پنهنجي جيون جي لمحن کي خوشگوار ٿا ڪن. “اُٿ ماني لڳائي اٿم ٽيبل تي، کاءُ…” ڄڻ زال وڏو ٿورو ڪيو هجي. “ڀلا مون توکي چيو به هو ته سوير اچجانءِ، شام جو ريشم گلي مان شاپنگ ڪرڻي آهي، تڏهن به اها ساڳي دير…” مان ڀلا ڇا ڪريان… آفيس جو ڪم ڪار آهي ۽ پوءِ پنهنجي به ته سواري ڪانهي ۽ سوزڪين پٺيان ايندي ايندي به دير ٿيو وڃي. “ڀلا هر روز ايڏي دير… ڪهڙن ديرن ۾ ديرا ڄمايا اٿئي جو آفيس جو بهانو بنائي هر روز دير سان ايندو آهين…” مون واري ڳالهه ڳڙڪندي، منهنجي زال حسب معمول جيان اڄ به ٽوڪ ڪئي.
    “ماني کائڻ ڏيندينءَ، ڪي زهر ڪري ڇڏيندينءَ. سولو سک جو ساهه ته وڃي ڌوڙ پائي، ماني جا ٻه گرهه به نٿي هڻڻ ڏين…” پاڻي گهرندي چيومانس. “جيترو اٿوَ سک، اوتريون اٿوَ رڙيون.” اُٿي پنهنجي ڪمري جي بيڊ تي ليٽان ٿو…
    سوچ ويندي اٿم ڳوٺ ڏانهن… جتي هر روز رات جو، سياري جي رات گهر جي ورانڊي ۾ امان باهه جو مچ ٻاريندي هئي- مچ کي ڏسي آهستي آهستي ننڍا وڏا، پوڙها پڪا، جوان ٻڍا، عورتون مرد سڀ اچي مڙندا هئا، سڀئي هڪٻئي سان گڏ مچ جي چوطرف ڦري ويهندا هئا، ڪلهو ڪلهي سان مليل ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ اها ڳالهه نه ايندي هئي ته منهنجي ڀر ۾ ويٺل ڀيڻ آهي يا سوٽ، ماسات يا پاڙي جي ڪا جوان عورت. هرڪو اچي گڏبو هو. سيءُ سيءُ ڪندا پنهنجا هٿ پير سيڪيندا، کل ڀوڳ ڪندا اٿندا پنهنجي پنهنجي گهر هليا ويندا هئا.
    گهر پهچون ٿا، ڀلا ٻي ڪابه واهه نه ڏسي ٽي.وي کوليون ٿا يا وي.سي.آر تي فلمون ڏسون ٿا ۽ رات جو هڪ بجي سمهون ٿا. ڀلا آڌي رات جو سُتل ماڻهو ڇا ننڊ ڪندا. کن پل جا جهٽڪا اچن ٿا، رات جي پوئين پهرن ۾ ٽن چئن ڪلاڪن جي ننڊ ۾ ٽي چار دفعا سجاڳي ٿئي ٿي. صبح جو اها ئي وٺ وٺان…
    بابا چوندو آ “پٽ اڄڪلهه جون ڪهڙيون ننڊون…! ننڊون ته هيون اسان جون، جو صبح جو اٿندا هئاسون ته اسان جا وهاڻا گگن سان ڀرجي ويندا هئا پر خبر به نه پوندي هئي.” “ها بابا… ايڏي گهري ننڊ…!” مون هڪ ڏيندي چيومانس. “پٽ ننڊ سان ڀليان ڀلي هوندي هئي. اسان جي ننڊ جا کونگهرا راڄ ٻڌندا هئا. ڀلا چوري چڪاري جو ڪوبه ڊپ نه ڪو ڊاءُ، کٽڪي ۽ وهم گمان جو نشان ئي نه… ته ننڊون هونديون هيون ڀليون…”
    “ڀلا هاڻ اٿ ته ڊاڪٽر کان ٿي اچون.” زال هڪ ڏينهن مون کي چيو… “مٿي ۽ سيني ۾ سور ۽ سهڪي ته جيءُ ئي مُنجهائي ڇڏيو آهي.”
    “سڄو ڏينهن کٽ تي چڙهيو ويٺي آهين، هر ڪم لاءِ نوڪر رکيا اٿئي، ويٺي ويٺي به سهڪا لڳا پيا اٿئي.” مون کي طنز جو وارو مليو. “اٿ ڊاڪٽر ويندو هليو.”
    هلندي هلندي تصور ۾ امان جو چهرو نظر ٿو اچيم. صبح سوير اٿي مينهن مان کير ٿي ڏُهي، پوءِ نيرن لاءِ ڪاٺيون ٻاريندي هئي. مرد ماڻهو هرڪو هليو ويندو هو ٻنين ٻارين تي ته پويان گهر جي صفائي، ڇيڻان ٿڦڻ، آئي وئي کي منهن ڏيڻ، ٻارن جي سار سنڀال لهڻ، ٻنپهرن جي ماني، شام جي چانهه، رات جي ماني، ڪپڙا لٽا، ٿانوَ، ٻهارو اڪيلي سر ڪندي هئي، پر ڪڏهن به اسان نه ٻڌو ته گهر ۾ ڪڏهن ڊاڪٽر يا بيماري آئي هجي.
    پنهنجي زندگي جي انهن معمولي ڳالهين جي ڦرندڙ ڦيٿي تي سوچيندو آهيان ته ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي اٿم، ته مٿو ڳرو ڀائيندي محسوس ڪندي زال کي چوندو آهيان ته “اٿ اڄ ڪافي ته ٺاهي اچ ته ڪو ذهن تازو ٿئي” ۽ هوءَ مُنهن اهڙو ڪري ڪافي ٺاهي ايندي آهي جو ذهن فريش ٿيڻ بدران…

    (خادم وطن 6-7 فيبروري 1991ع)


    22. پنهنجا به پراوا

    ڪيترا ئي سال ٿيا هئا، ڳوٺ ڇڏيو هوم. نوڪري سانگي پنهنجي ٻارن کي به وٺي آيس. مسواڙ جي جاءِ ورتم لطيف آباد ۾. ڳوٺ ڇڏڻ مهل ٻه فولڊنگ پلنگ، هڪ بسترو، هڪ پيتي ڪپڙن جي، ٻه ٻار، هڪ زال مون کي مليا مائٽن مان ۽ چيائون: “ابا، جدا ٿو ٿئين ته سڀ ڪجهه پنهنجي ڪجانءِ.” مون بنا جواب ڏيڻ جي، دل ۽ همت ساري جيڪو مليو صبر ۽ شڪر ڪري حيدرآباد جو رُخ ڪيو. لطيف آباد جي شهري ماحول ۾ رهندي ڪيترا مهينا ڊپ ٿيندو هو ۽ راتين جون راتيون گاڏين ۽ موٽرن جي آوازن ڪري ننڊ به نه ايندي هئي، پر انسان جو ٿيو جيڪا هوا لڳي ان کي منهن ڏجي، سو اسان به هري وياسون. اسان جي جاءِ جو مالڪ اسان کان مٿئين ماڙ تي رهندو هو ۽ ارد گرد ۾ رهندڙ سڀ سٺا گهراڻا مليا. ٿورن مهينن ۾ اسين سڀني سان هري مري وياسين، ڄڻ ته هتي خوشين ڀريو، سڪون وارو، امن وارو ۽ بنا ڊپ ڊاءِ جي ماحول مليو هجي ۽ ائين زندگي پنهنجن ٻارن سان سٺي نموني پئي گذري. لطيف آباد ۾ رهندي، ڏهه سال گذري چڪا هئا. انهن ڏهن سالن ۾ پاڙي ۾، آفيس ۾ وي سي رکي پئسا گڏ ڪياسون. آهستي آهستي ڪجهه ۽ ٿورو ٿورو سامان وٺڻ لڳاسين. ڪلارڪ ماڻهو سؤ روپين جو سامان وٺي ته ڏهه ڏينهن سوچي. جيڪا هزار روپين جي شيءِ وٺي ته مهينن جا مهينا پيٽ تي پٿر ٻڌڻا پون. سو اسين به سٺي ٻوڙ ماني لاءِ سڪي وياسين. ڀلا گهر ٺاهڻ ۽ سامان وٺڻ جو جنون اچي ٿيو ته سڀ ڪجهه، کائڻ پيئڻ وساري ڇڏيوسين. انهيءَ دوران مون هڪ ننڍڙي ٽيليويزن، هڪ ننڍڙو ريفريجريٽر، ٽيپ ريڪارڊر ۽ ٻيو هلڪو گهر جو سامان ورتو.
    ائين اوچتو ڦيرو آيو، اسان کي لطيف آباد ڇڏڻو پيو. اهي سڀ جيڪي پنهنجن کان به ويجها هئا، کن پل ۾ دشمن ٿي پيا هئا. خونريزي جا ڏينهن شروع ٿي ويا، اسان تي اسان جي جاءِ جي مالڪن ايتري مهرباني ڪئي جو اسان جي جان بچايائون ۽ ڳوٺ موڪلڻ ۾ مدد ڪيائون. هونئن انهن ڏينهن ۾ انهن مان انهيءَ ڪنهن به قسم جي ڪابه توقع نه هئي… پر به اسان تي انهن جي اها مدد ڪڏهن به نه وسرندي ۽ اسان ٽي وي، فريج ۽ ٻيو هلڪو سامان کڻي اچي ڳوٺ لٿاسين.
    ڪجهه ڏينهن بعد وري پنهنجي گهر جي خبر چار لهڻ اچون ته ڇا ڏسون ته هو اسان جي گهر جو باقي بچيل سامان، صوفه سيٽ، پلنگ، الماڙي، بسترا ۽ ٻيو گهڻو سامان کڻي چڪا هئا ۽ گهر ۾ ڪاري وارا ڪک هئا… وري ايڊوانس جا جمع ڪرايل پنج هزار روپيا موٽائڻ بجاءِ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون مليون ته هنيانءُ ئي ٻُڏي ويو. دل ۾ سوچيم… توهان به اهڙا بڇڙا ٿيندا… توهان جي پڇاڙي به بڇڙي ٿيندي. نئين آباد ٿيل بستين جو… جتي هر سنڌي ويهندي شايد سُک جو ساهه پئي کنيو… حياتي پئي بچائي… اسان به انهيءَ بستي جو چورين ۽ ٻن ڪيترين ڳالهين هوندي به رُخ ڪيو… هڪ گهر مسواڙ تي ورتم… سوين اڌما، سوين وسوسا… پر حياتي ۽ جان جو خطرو ٽريل ڄڻ نئون ساهه ملي ويو. هڪ دفعو سوچيم… پراون کان دور ٿي پنهنجن جي ويجها ٿيا هجون… وري ڪجهه اوڌر سوڌر ڪري هنڌ کٽولا ورتم ۽ ڳوٺان پنهنجي بچيل ٽيليويزن، ريفريجريٽر ۽ ڪجهه ڪپڙا کڻي پنهنجي بستي ۾ نئون گهر وسايوم.
    ڪجهه ڏينهن مس گذريا… ته آءٌ پنهنجن ٻارن کي ڊاڪٽر وٽ ڏيکارڻ ويس… ٻن ٽن ڪلاڪن بعد گهر اچان ته ٽي.وي ۽ فرج چوري ٿي چڪا هئا. مون کي لطيف آباد جي هر شيءِ وڃڻ جو ايترو ڏک نه ٿيو… جيترو هتي ٿيو.

    (خادم وطن 13-14 فيبروري 1991ع)


    23. سنگت

    سوين تمنائون کڻي، نيون عاجزيون، نيازيون، وسوسا ۽ اڌما کڻي هن ڪالوني ۾ داخل ٿو ٿيان. نئون نئون ماحول، اجنبيت جو شڪار، هر چهرو غير چهرو، وکريل وکريل سامان کي ميڙڻ ۽ سيڙڻ ۾ هفتو کن وڃايوسين. مس مس وڃي ڊپ ختم ٿيو ته هتي ڪا اهڙي ڳالهه ڪونهي جو گهر جي، گهر وارن جي چوويهه ڪلاڪ چوڪيداري ڪجي. هونئن به پندرنهن ويهه ڏينهن مسلسل گهر ۾ ويهي ڪڪڙ بنجي ويو هوس… ڪڪڙ ته ڇا پر آري واري ڪڪڙي…!
    ها سو ڳالهه پئي ڪيم نئين ڪالوني جي. فليٽ ٺهيل هجن، ٻن ڪمرن تي، سستا هجن، سو مون به اچي هڪ فليٽ ۾ ٻچا رهايا.
    شهر ۾ رهندي اٺ سؤ روپيه مسواڙ ڏيندو هوس. پگهار جي بلڪل ففٽي ففٽي حساب سان ڪتاب عليه الحساب مٿان ئي مٿان هليو ويندو هو. سو ڳاٽ جو هڏو ڀڄي نه ته مڏو ضرور ٿي ويندو هو ۽ اهو هڏو سڄو مهينو دال ۽ ڀينڊيون کائي گذاري ڪرڻ سان وڃي ٺيڪ ٿيندو هو. سو ٻڌوسين ته ايڏاهين شهر کان ٻاهر ڪيترا ميل پري ئي سهي، فليٽ سستا آهن، مسواڙ ٻه چار سؤ روپيه تي وٺي ٽپڙ ٻڌاسين. شهر کان بلڪل ڪٽيل ماحول… ڄڻ ته اڪيلا اڪيلا هجون. فليٽ ڀريل هجي، اڪثر خالي خالي… ماڻهو گهٽ ۽ گڏهه ڪُتا جام… آهستي آهستي وڌڻ لڳا ته جانور ڀڄڻ لڳا. گهر کان پورو هڪ ميل پنڌ ڪندا هئاسين ته پوءِ ايندو هو روڊ ۽ پوءِ سواري ملندي هئي آفيس وڃڻ لاءِ.
    ها ڳالهه پئي ڪيم ڪڪڙ جيان آري ۾ ويهڻ جي… سو ڏسندو هوس ڪجهه پنهنجا سنڌي ٻاهر کٽون رکيو ويٺا هوندا هئا، سو مون سوچيو انهيءَ کٽ جو پاسو وٺجي.
    سائين السلام عليڪم ڪري هڪ ڏينهن کٽ جو پاسو ورتم. سڀني سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. خبرون چارون سڀني سان هڪ ئي وقت ڪيم ۽ پوءِ ته رستا کلي پيا. منهنجو شام جو ٽائيم جيڪو گهڻو ڪري برو گذرندو هو، سو سٺو گذرڻ لڳو. ڪڏهن ڪٿان چانهه پئي اچي ته هڻبي هئي اهو مڙس ڪٽلي ڪڙهايو لوڏيندو اچي. هڪ ڏينهن مون تي به اها ڪٽلي مڙهي وئي. آءٌ به ڏهه ڪوپ ڪڙهائي ڪٽلي لوڏي آيس. مون به سمجهيو ڄڻ سڃاڻپ ٿي ٿئي، اهي خرچ ته ٿيندا آهن. سو مهينو ٻه ته اها ڪٽلي خوب هلي ۽ پوءِ سنگت جي صلاح وڃي ڪٽلي سان گڏ خاطر تواضع لاءِ بسڪوٽن تائين پهتي… ادا پوءِ جيڪا سنگت جي صلاح، هرڪو پئي ويو ڪسبو… دل جو سور دل ۾… پر سنگت جي صلاح کان ڪير منهن موڙي، سو واري واري تي اها چٽي هرڪو ڀرڻ لڳو. آهستي آهستي وڌي اها سنگت جي صلاح وڃي، جمع جمع ڏينهن ماني کائڻ، پوءِ هفتي ۾ ٻه دفعا ۽ پوءِ هر روز رات جو گڏجي ماني کائڻ تائين وڃي نوبت پهچي ٿي. هاڻ وڃي مون سوچيو يار اها سنگت جي صلاح وڃي ٿي ڏکي پوندي… اسان مسواڙ بچائڻ جي چڪر ۾ هيڏانهن جهر جهنگ ۾ اچي رليا آهيون. ميل پنڌ ڪري وڃي بس ۾ چڙهون، هتي بچت وڃي گلي ۾ پوندي سو سوچيم ته هاڻ پير کسڪائجن. اچ وڃ ۾ ٿورو قناعت ڪيم.
    پوءِ مروان پاڻي جا، زال جي مڄو جا… بکي جا… ۽ گهر جي ڪڪڙ ٿيڻ جا طعنا ۽ مهڻا ٻڌڻا پيا. سو اهي ڳالهيون ٻڌم ته ڏاڍي باهه ٿيندي هئي. سوچيم انهن کي ڪهڙي خبر، اسان ماستر ماڻهو، پنهنجن ٻچن ۾ پورا، هڪ روپئي بچائڻ خاطر کاڏي کاتي کان ٽاور مارڪيٽ تائين پنڌ ڪريون، سو اهي اجايا خرچ ڪيئن ۽ ڪٿان آڻيون. سو ٽوڪون ۽ مسخريون سهي پار پوڻ جو پختو ارادو ڪيم. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هوس ته اها کاڌي واري سنگت به جٽاءُ نه ڪندي پر سنگت جي صلاح کي ٿيو منهن ڏيڻو.
    هڪ ڏينهن چيم يار پاڻ هتي ويهي چندو ڪريون. ماني ۽ چانهه تي ڏهه پندرهن روپيه ٿا هر روز وڃايون، ڇو نه اهڙو فلاحي ادارو کوليون، پنهنجي پاڙي جي يتيم ٻارن کي ڪپڙا وٺي ڏيون يا غريب شاگردن کي ڪتاب وٺي ڏيون. سڀئي چوندا هئا ته يار تون ته آهين مٿي ڦريو، انهن غريبن جو ٺيڪو پاڻ ته نه کنيو آهي، کائي پي پنهنجو سوچيون، اهو ڪافي آهي. مون به بازي هارائي، سو ٿيو اهو مون سنگت کان پير ٽيڙيا.
    ڏسندي ڏسندي اها سنگت جهڳڙن تائين پهتي. هرڪو پيو حساب ڪتاب ڪري. انهيءَ حساب ڪتاب ۾ ڪيترا جهڳڙا ٿيا ۽ هڪ ٻئي سان دوستي به ختم ڪري ويا. تڏهن مون سوچيو ته هلندڙ سنگتون اهڙيون ئي ۽ ائين ئي هلنديون آهن.

    (خادم وطن 18-19 فيبروري 1991ع)


    24. سٺي ٽيبل

    “بابا غريب ڪير ٿيندا آهن.”
    “اها غربت آهي ڇا…؟”
    رکي رکي منهنجو پٽ، اهڙا سوال پڇندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن آءٌ به مُنجهي پوندو آهيان. هن کي ذهين بنائڻ لاءِ مون کي هن جي هر سوال جو جواب ڏيڻو پوندو آهي.
    آهي ننڍو نيٽو… ڪڏهن ڪڏهن سوال وڏن جهڙا پڇندو آهي.
    “پٽ! غريب انهيءَ کي چوندا آهن جنهن وٽ ڪو گهر نه هجي، پائڻ لاءِ لٽو نه هجي ۽ نه ئي کائڻ لاءِ اٽو هجي.”
    “ته بابا پاڻ به غريب آهيون.”
    “نه پٽ نه.”
    ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي، چيائين:
    “مسواڙ جي جاءِ ۾ جو ويٺا آهيون. پنهنجو به ته گهر ڪونهي.”
    “ماڻهو اڃا به غريب آهن. جن وٽ رهڻ لاءِ ڪو زمين جو ٽڪرو به نه آهي.”
    “بابا اهي ڪٿي ٿا رهن…؟”
    “پٽ… اهي هميشه ڀٽڪندا ٿا رهن.”
    “بابا… پاڻ وٽ به ڪهڙو کاڌو آهي، نه کير پيئون، نه ميوا کائون، نه ٻوڙ پلاءُ کائون…؟”
    منهنجي پٽ جو هڪ ٻيو معنيٰ خيز سوال ٺڪاءُ مٿي تي ٿي ويو. “بابا ماڻهو الائي ڇا ڇا ٿا کائن…؟”
    “پٽ اهي آفيسر آهن.”
    “بابا… توهان آفيسر ڇو نه ٿا ٿيو…؟”
    “پٽ ڪلرڪ ئي رهان… اهو به ڪافي آهي. ماڻهن کي اها خصيص ڪلارڪي نٿي ملي.”
    منهنجو پٽ ڪجهه خاموشي کان پوءِ وري پڇي ٿو ۽ سوال ڪري ٿو ڪپڙن بابت… جواب ڏيندي چيومانس “پٽ هر ڳالهه تي صبر ۽ شڪر ڪبو آهي.”
    هو به صبر ڪري ويو ۽ ڪجهه مهينن بعد… اسان جي به گهر سٺا سٺا کاڌا اچڻ لڳا، بهترين ڪپڙا اچڻ لڳا، سٺو فرنيچر اچڻ لڳو ۽ سال ڏيڍ بعد پنهنجي جاءِ ٿي وئي.
    هيڏي ساري تبديلي کي ڏسي منهنجي پٽ ڳري سوالن جي بوڇاڙ ڪئي.
    “بابا… پاڻ ايترا شاهوڪار يڪدم ڪيئن ٿياسين.”
    “پٽ آفيس ۾ مون کي ٽيبل ملي آهي.”
    “بابا… ٽيبل ڪيئن ملندي آهي؟”
    “پٽ سٺي ٽيبل پئسه ڪمائي ڏيندي آهي.”
    “ها…” ڄڻ منهنجي پٽ ڪجهه به نه سمجهندي، سڀ ڪجهه سمجهي ورتو هجي! چپ ٿي ويو…

    (خادم وطن 21-22 فيبروري 1991ع)


    25. لوڊ شيڊنگ

    اڄ پنهنجي پٽ کي بازار گهمائڻ لاءِ وٺي ويس. بازار گهمندي ئي پنهنجي عادت نه بدلايائين، سوال ڪيائين: بابا… ڏينهن آهي نه…؟” “ها بابا… اهو سوال به پڇڻ جو آهي؟” “نه بابا… بجلي جي ٿنڀن تي بلب پيا ٻرن… ۽ هي ڏسو سامهون دڪان جي ٻاهران به بلب پيا ٻرن!” “ها پٽ… ڪير چوي سرڪار کي…!” “بابا اسان کي ته اپيلون ٿا ڪن ٽيليويزن تي بجلي بچايو!”
    “پٽ!… هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا… کائڻ جا ٻيا!”
    “بابا… پنهنجي گهر جون بجليون رات جو بند ڪريو ڇڏين ۽ پاڻ وري ڏينهن ڏٺي جو بلب ٻاريو ڇڏين!”
    منهنجو پٽ لوڊ شيڊنگ وارن تي ڪاوڙيل نظر پئي آيو شايد… پر مون کي خاموش ڏسي هو به چپ ٿي ويو.

    (خادم وطن 27-28 فيبروري 1991ع)


    26. لک سوا لک

    سرڪاري کاتن مان مايوس پرائيوٽ فيڪٽرين ۽ شگر ملن جو رُخ ٿو ڪريان، ڌڪا ٿاٻا کائيندي انهن فيڪٽرين ۽ شگر ملن جي مينيجرن تائين ٿو پهچان… جنرل مينيجر ريٽائرڊ… ج… ريٽائرڊ… سڀني ريٽائرڊ خانن اڳيان نوڪرين لاءِ درخواست پيش ٿو ڪريان…
    ساري نو ويڪنسي… پر سائين ڪلهه تائين توهان فلاڻا فلاڻا ڀرتي ڪيا آهن… بابا ڳالهه صاف آهي، اهي وڏن ادارن ۽ وزيرن جا سفارشي آهن.
    آءٌ ٻاهر نڪري آيس، گهر اچان ٿو… روز جيان اداس اداس. ننڍڙا ٻار راهون نهاريندڙ ته بابا ٿو اچي کائڻ پيئڻ جي شيءِ وٺيو…!
    زال…… پنهنجي معصوم ٻارن ڏانهن نهاريندڙ، جيڪي ٿڃ نه هئڻ ڪري ٻاڪاريندڙ ۽ روئندڙ…! ايترو به گهر ۾ نه آهي جو ٻارن جي ماءُ پنهنجي ٿڃ ٺاهي سگهي. پرائي نياڻي ۽ پنهنجن ٻارن جي قسمت تي سوچان ٿو…
    مرحوم بابا سائين جي اڻپوري پينشن جي پيسن تي سوچيان ٿو، جيڪا ٻارن جي بيمارين ۾ پوري ٿيو وڃي…
    ٻڍڙي ماءُ… ڇنل کٽ تي منهنجون راهون ڏسندڙ ته منهنجو پٽ اڄ ٿو دوائون وٺي اچي.
    گهر ۾ گهڙي غربت جا سڀ رنگ ٿو ڏسان، محسوس ٿو ڪريان، يا خدا گهر ۾ گهڙڻ کان اڳ نانگ نه ڏنگي ويم، جو ڪجهه به نه ڏسي سگهان ها، يا اهڙو دور اچي جو انهن ريٽائرڊ جنرلن ۽ ڪرنلن مان نجات ملي.
    تيلي کڻي باهه ٿو ڏيان، انهن سرٽيفڪيٽن ۽ ڪاغذن کي… اداس اداس ۽ پريشان حال ۽ سوچيان ٿو اهي جيم ۽ ڪاف… سرڪاري نوڪري ۾ لکن جا مالڪ… رٽائر ٿين ڪروڙن جا مالڪ، تڏهن ته چيو اٿن “هاٿي جيئرو ته لک، مري ته سوا لک…”
    رلي رلي ٿڪجي پيو آهيان، سرٽيفڪيٽن جا ڍير هٿن ۾… اخبارن جون ڪٽنگس.
    کيسا ڀريل… انٽرويو جا ليٽر کوڙ سارا… بيروزگاري سبب گهر ۾ فاقا…


    27. جذبا جنگ جوان

    بابا…… بابا، اٿو…… اٿو……
    منهنجو ننڍڙو سرواڻ اچي ٿو ته، ٻاهر گهٽي ۾ ريهن ۽ رڙين جو هل هنگامو هو…
    عورتن جون ريهون ۽ ٻارڙن جون ٻاڪارون وڌي ويون، رڙين ۽ روئڻ جي آوازن اُڀ پئي ڏاريو ۽ زمين ٿي ڦاڙي. منهنجي ڪنن تائين جيڪي آواز پهتا سي هئا، “هاءِ اسان جا ڪونڌر ڪسجي ويا.” هر گهر مان ائين پئي معلوم ٿيو، ڄڻ هر گهر ۾ ماڻهو مري ويو هجي.
    آءٌ اٿان ٿو… سرواڻ چويم ٿو، بابا وڃ تون به مقابلو ڪر…
    نوجوانن جي جلوس کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ جڏهن سامراج جي ڇاڙتن گوليون هلايون ۽ آنسو گيس جا گولا ڇڏيا ۽ انهن کي مارڻ لاءِ گهرن ۽ گهٽين تائين پهتا ته نوجوانن جا حوصلا بلند ٿيڻ لڳا. انهن ڀڄڻ ۽ لڪڻ بجاءِ گڏ ٿي مقابلو ۽ گولين جا جواب پٿرن جي وسڪارن سان ڏيڻ لڳا. ڄڻ ته…! اڄوڪي ويڙهه ۾ آزادي ماڻيندا هجن. سامراج جي ڇاڙتن پٿرن جي مينهن جي جواب ۾ گولين جو مينهن وسايو. آنسو گيس جا دونهان عام رستي مان ٿيندا، سوڙهين گهٽين کان ٿيندا، گهرن ۾ ويٺل عورتن ۽ ٻارن جي معصوم اکڙين تائين پهتا.
    معصوم امان اکيون… امان اکيون جون اُڀ ڏاريندڙ رڙين مٿان رڙيون ڪرڻ لڳا.
    نوجوان ڊهندا ويا پر ڇڙوڇڙ نه پئي ٿيا، ڄڻ ته قسم کنيو هجين…! زخمين کي گهرن ۾ اڇليندا وري مقابلو ڪندا رهيا.
    جڏهن زخمين کي گهرن ۾… ها… ڪنهن نه ڪنهن جي گهر ۾ ٿي وڌائون ته انهن گهرن جي عورتن اهو ڪونه ٿي ڏٺو ته هي ڪير آهي، پنهنجو آهي يا پرائو، ايرو آهي يا غير، ٻيو آهي نوجوان. انهن گهرن جون عورتون انهن جي خدمت ۾ لڳي ٿي ويون. ڪنهن پاڻي ٿي پياريو، ڪنهن زخمين جي مرهم پٽي ٿي ڪئي… ڪنهن سيڪ پئي ڏنا… ڪنهن پها پئي رکيا… ڪنهن وري پسيل ٽوال ۽ ڪپڙا نوجوانن کي پئي ڏنا ته اکين کي آنسو گيس جي دونهين کان بچايو ۽ وڙهو… اسان به توهان سان گڏ آهيون.
    عورتن جي انهيءَ عظمت ڀرئي ولولي تي نوجوانن جا حوصلا بلند تر ٿيندا ويا.
    گولين جا ٺڪاءَ فضا ۾ بلند ٿيندا ويا، هيٺان پٿرن جو مينهن پئي وٺو، چؤطرف کان گهرن مان……!
    منهنجو پٽ سرواڻ مون کي موڪلي ٿو ۽ آءٌ کن پل ۾ گولي جو نشان ٿو بنجان ۽ نوجوان زخمي حالت ۾ مون کي گهر پهچائين ٿا…… ۽ منهنجو معصوم… ها اٺن سالن جو ننڍڙو سرواڻ… منهنجي زخمن تي پها رکندي مرڪي ٿو چويم…
    بابا… اڄ تون ويو آهين… سڀاڻي آءٌ ويندس… ۽ آءٌ سرواڻ کي چمي ٿو ڏيان.

    (خادم وطن 6 مارچ 1991ع)


    28. سفر سڄڻن جو

    (خاص انهن لاءِ جن قاسم آباد جي بسن ۾ سفر ڪيو هجي)

    هر روز جيان اڄ به گهر موٽڻ لاءِ قاسم آباد جي بس ۾ ٿو چڙهان. بسون ته سڄي شهر جي مختلف روڊن تي پيون هلن، پر قاسم آباد جي بس جو سفر ئي نرالو آهي. ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ هڪ بس ٿي نڪري. ماڻهو هيٺ مٿي ٻڪرين وانگر سٿجي ويندا آهن نه چڙهڻ جي فضيلت ۽ نه ئي لهڻ وقت… نوڪري وارو ماڻهو هن بس ۾ ٿو چڙهي ته پنهنجي صبح پاتل اڇن ڪپڙن کي پيو بچائيندو… قاسم آباد جي رهڻ تي بخيل ٿيندي چڙ مان چوي ٿو… مار پوين… ڪپڙا ئي خراب ٿي پيا. ڀلا هي به ڪو سفر آهي… صبح جو ڪپڙا پائي اچ ته شام جو چٽ… پانچا بچائيندو… يار پاسو ته ڏجين… جاءِ به ڪونهي ته به بسن وارن جو پيٽ ئي نٿو ڀرجي… ٻڪرين وانگر ماڻهو ٿا سٿين… اوڏي مهل هن کان اها ڳالهه وسري ٿي وڃي ته مون کي به هن بس ۾ جاءِ ملي… پر لهڻ وقت… سڀني کي پيو گاريون ڏيندو آهي.
    سو آءٌ به بس ۾ چڙهيس… آفيس مان موٽندي بس جي رش ۾ مڙئي اضافو هوندو آهي. هرڪو آفيس مان موٽندو آهي، عورتون بازار مان ته ٻار ۽ ماستر ۽ ماسترياڻيون وري اسڪولن جي شام واري شفٽ مان موٽندا آهن ته شام وارين بسن ۾ معمول کان وڌ ماڻهو هوندا آهن. بس ٽريننگ ڪاليج وٽان نڪرندي حبيب بينڪ وٽ ريشم گلي جي منهن تي پهچي ٿي ته بس سڄي ڀرجي ويندي آهي… هن کان پوءِ بس گاڏي کاتي وٽان ٿيندي حيدر چوڪ تي پهچي ٿي ته ماڻهو بس ۾ بيهڻ شروع ٿيندا آهن. آءٌ به پنهنجي دوست سان گڏ ماڊل اسڪول وٽان چڙهان ٿو. بس ڀريل هوندي آهي، اڳين گيٽ وٽ بيٺل ماڻهن جي پيهه پيهان، وچ ۾ بيٺل ماڻهو ۽ گيٽ جو پويون حصو ڪجهه خالي خالي…
    ابا پويان اچو… هڪ پيرسن مرد پٺيان ويٺل هو، انهيءَ رڙ ڪئي… بابا ڏسو ڇورن جا ڪم، پوئين پاسي بس ۾ ڪجهه جڳهه بيهڻ جي آهي، اڳيان آهن جو ماين مٿان ٻڪرين وانگر سٿيا پيا آهن.
    وري انهن نوجوان ڇوڪرن ڏانهن مخاطب ٿيندي…
    نڪو حياءُ نه ڪو شرم…
    پويان نه ٿا اچو…
    ڪنڊيڪٽر رڙ ڪندي چيو… اسان چئون ٿا ته موچڙا ٿا کائون. پويان جهڙو پاڻي هاريو پيو هجين. ڪجهه نوجوان پويان آيا، گهڻا اتي ئي بيٺارهيا.
    بس رڙهي وحدت ڪالوني جي اسڪول واري گيٽ تي ٿي پهچي ته باقي ڪسر پوري ٿيو وڃي. هتان ماسترياڻيون ۽ شاگردياڻيون چڙهن ٿيون ته پوءِ بس جي حالت ڏسڻ وٽان هوندي آهي.
    دوست چويم ٿو… يار… هتي هڪ ٻئي جا ڪپڙا بدلجي وڃن، تڏهن به خبر نه پوي. مون دل ئي دل ۾ هن جي ڳالهه جي تائيد ڪندي هلڪڙو ٽهڪ ڏنو.
    هيڏي ساري رش ۾ ڦاٿل هڪ سفيد پوش ماڻهو چوي ٿو…
    ڪٿي جهنگ ۾ اچي رليا آهيون. نه سواري جو ڪو بندوبست ۽ نه ئي علائقي جي ڪا فضيلت. ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ بس اچي ٿي ته بس جي ۽ ماڻهن جي اها حالت نه ٿيندي ته ٻيو ڇا؟ ڀر ۾ بيٺل ٻئي چيس… هاڻ ته سوزڪيون هلڻ کپن…
    سائين اهي به بس وارا هلائڻ نه ٿا ڏين… منهنجي ڀر ۾ ويٺل سيٽ واري شايد انهن جي گفتگو ٻڌي ورتي ۽ پنهنجي دل جي باهه هيئن ڪڍيائين:
    شهرن ۾ رهندا هئاسين ته سولا هئاسين، انهن مئن… کي خدا جي مار پوي، اسان کي روليو اٿن.
    ٻئي به (انهن جي ڀر ۾) انهن مار پون کي گار گند ڪندي، پٽيندي چيو…
    ڇا قاسم آباد… ڇا اسان… اچي رهيا آهيون، وري قهر خدائي ڏسو اسان کي موچڙا هڻي ڪڍيو اٿن ۽ پويان چار بسون قاسم آباد موڪلي ڇڏيون اٿن ته چڙهو به اسان جي بس ۾. پوئين سيٽ تي ويٺل هڪ پيرسن انهن جي ڳالهه ٻڌندي چيو… ها ابا… اها اٿوَ “اعمالن جي شامل” موچڙا هنيو ڪڍي بس موڪلي اٿن ته توهان اسان جي بسن ۾ چڙهو ۽ ڪمايون وري اسان…
    پنهنجي جُتي پنهنجو منهن…
    پنهنجو تئو… منهن به ڪارو پنهنجو…
    ڀر ۾ ويٺل هڪڙي پيرسن چيو:
    اعمالن جي ڌوڙ شامت آهي،
    مڙسي پاڻ ۾ ڪونهي… ڏوهه وري انهن جو…
    ڪهڙي مڙسي… ٻئي پڇيو… هن چيو:
    ابا اڃان پڇين ٿو ڪهڙي مڙسي… اڃان توکي خبر ئي نه پئي آهي ته مڙسي ڪيئن ڪبي آهي؟
    نوجوان ڦڪو ڦڪو ٿيو… ٻي ته هيءَ ڳالهه وڃي کڏ ۾ پوي، ٺلهو ٻڌي اٿو… پيرسن جيڪو هن جذباتي انداز ۾ ڳالهائي رهيو هو… ٿوري تلخ انداز ۾ چيو.
    ٻڌي به اها اٿو، جو ٽپڙ کڻي ٻڌئو هاڻ رلو… قاسم آباد ۾…
    چاچا… هٿيارن، ڪلاشنڪوفن ۽ مائوزرن اڳيان ڪهڙي ٻڌي ڪجي. هاڻ بس قاسم آباد جي حدن ۾ هلي پئي. ماڻهو ڪجهه لهندا پئي ويا ۽ بيٺل ماڻهو ڪجهه فرحت واري ماحول ۾ بيٺا رهيا… ايتري فرحت ٿي هئي جو ماڻهو سولو بيهي ٿي سگهيو. هاڻ هرڪو ماڻهو انهن ٻن ٽن سيٽن ڏانهن توجه ڏيڻ لڳو، جتي اهو بحث پئي هليو…
    ها با… هڪ ٻئي وارا جهلايو… توهان وٽ ڪٿان آيا هٿيار… توهان رنگين ٽي وي وٺو، وي سي آر تي فلمون ڏسو… بنگلن مٿان بنگلا ٺهرايو…
    (مون کي اتي هڪ ڏينهن جي ڳالهه ياد آئي، انهيءَ بس ۾ ويٺا هئاسون… دوست مون کي قاسم آباد ۾ هڪ بنگلو ڏيکاريندي چيو… يار هي بنگلو ڏس. مون ڏسي تعريف ڪئي. چيائين هن بنگلي تي ويهه لک روپيا خرچ اچي چڪو آهي، اڃان به مڪمل ڪونهي… رڳو هن جي باٿ روم ۾ هڪ لک جو خرچ ٿيل اٿس. مون عجب ڪندي خاموشي اختيار ڪئي)
    ڇورن کي هوٽلن تي وٺيو سير سير مٺائي جا آرڊر ڏئي بوتلن جون بوتلون ٿا پيو، ڪو مهمان ٿو اچي ته چائنز ۾ ماني کائو، ٺلهي چانهه پيئڻ لاءِ به ايئر ڪنڊيشن هوٽلن ۾ وڃيو ٿا پئسه وڃايو.
    هوٽلون، ڪورٽون سنڌين سان ڀريون پيون آهن.
    سؤ روپيه ڪمايو سؤ ئي وڃايو. پنهنجو اهڙو افعال ئي ڪونهي جو هٿيار وٺون، پوءِ ڀڄڻ تي زور. ڳالهيون وري اهڙيون ڄڻ…
    بس چاچا… وڌيڪ جٺ نه ڪرين.
    بس گهڻي قدر خالي ٿي وئي هئي، پر تڏهن به ماين وارين سيٽن ۽ اڳئين گيٽ وٽ اٺ ڏهه نوجوان بيٺا هئا.
    ٿورو هٽو به نه ٿا… لهڻ ڏيو… ماين مٿان چنبڙيا بيٺا آهيو… پنهنجي ڪا ماءُ ڀيڻ ڪونه اٿوَ. هڪ اڇي برقعي ۾ ڪراڙي پر ٿلهي ٿمڀري عورت انهن بيٺلن نوجوانن کي ٺهه پهه چوندي بس مان لٿي.
    مائي جي انهن گوڙ وارن لفظن سڀني کي متوجهه ڪرايو. بس هلڻ لڳي، ڇوڪرا ڦڪا ڦڪا ٿي پٺيان هليا آيا. بس جي وچ وارين سيٽن تي ويٺل ٻه ڪراڙيون پاڻ ۾ اهڙي نموني ڳالهيون ڪري رهيون هيون ڄڻ ٻئي ٻوڙيون هجن… آواز مڙئي مٿڀرو هين.
    بس امان، نصيب کٽا هئا، هتي اچي رليا آهيون.
    لکن جون هوادار وڏين ميدانن واريون جڳهيون ڇڏيو، هنن ڪوٺين ۾ اچي رهايو اٿن. وري چون ٿا ته بنگلا آهن. اي اهي بنگلا…انهن کان پنهنجون هوادار ۽ وڏيون لانڍيون ڀليون…
    ٻڏي نه ٿي، مئا… اهي بنگلن ٺهرائڻ وارا… ٻي عورت سرڀرائيندي چيو… هتي ته ڪاڪوس ۽ ڪمرا گڏيا پيا آهن، ڪو ماڻهو ڪاڪوس ڪرڻ ٿو وڃي ته سڀ ڪجهه پيو ٻڌجي. امان نياڻي سياڻي ٻڏڻ جو مقام آهي. قهر خدا جو پوين اسان جا ٻچا به ماريائون، جاين تي به قبضا ڪيائون ۽ اسان کي به روليو اٿن. تيستائين قاسم آباد جو آخري بس اسٽاپ يعني نسيم نگر اڳيان پل وٽ لٿاسين… سوچيم ايتري دير ۾ آءٌ ايڪسپريس بس ۾ پنهنجي ڳوٺ تلهار (جيڪو هتان کان پنجاهه ميل پري آهي) پهچي وڃان ها. هيءَ نڌڻڪي علائقي جي بس، مارڪيٽ مان نسيم نگر پهتي آهي.
    سڀني جون ڳالهيون ٻڌي دل ئي دل ۾ مشڪندي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿو ٿيان.

    (خادم وطن 28 اپريل 1991ع)


    29. يا خدا تون هيٺ لهي آ

    اڄ به ڪلهه وانگر ننڍن ننڍن گلڙن جهڙن ٻارن جو جلوس سيشن ڪورٽ جي سامهون لنگهيو ته فضا ۾ معصوم منهن مان نڪتل نعرا اُڀ پئي ڏاريا.
    حيدرآباد جي نٽهڻ اس واري گرمي زده فضا جتي ڪانگ پنهنجن پنهنجن آکيرن ۾ لڪا، اتي هي معصوم ٻارڙا پنهنجين معصوم ڀينرن سان گڏ روڊن تي پنهنجي مٿان ويٺل وس واري ۽ سيشن ڪورٽ مٿان ويٺل وس واري بالا حڪام ڏانهن نعرن ذريعي گهري رهيا هئا ته حيدرآباد جي خاموش فضا معصومن ڏانهن ڪربلا جي ميدان جو ڏيک ڏئي رهي هئي. مون کي ڪجربلا جو ميدان ياد اچي ويو، ڀانءِ… ڏهين محرم جي ڏينهن علي اصغر، امام حسين جي هٿن ۾ شهيد ٿيندو هجي.
    “اسان کي پنهنجو اجهو ڏيو”
    “معصوم زندگين تي رحم ڪريو.”
    “اسان جا ساٿي آزاد ڪريو.”
    اهو جلوس اهي نعرا هڻي شهباز بلڊنگ پهچي ٿو. شايد وس واري ننڍي عملدار کان ڪجهه به نه ٿيو. معصوم ٻارڙا پنهنجون آهون ۽ دانهون شايد وس واري وڏي عملدار، جيڪو شهباز بلڊنگ جي هڪ ايئر ڪنڊيشنڊ واري بند ڪمري ۾ ويٺو آهي، اوستائين پهچائيندا هجن. معصوم ٻارڙا ڏيڍ بجي جي تڙڦائيندڙ گرمي ۾ هيٺ روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي ٿا رکن. کلي آسمان هيٺ… ڄڻ دانهن ۾ ائين چوندا هجن، يا خدا… هن جهان جي عملدارن جي ڪنن تائين دانهون نه ٿيون پهچن، تون ته اسان جا آواز ستن آسمانن کان پوءِ به ٻڌي ورتا. هاڻ ته ڪو داد ٿئي، ڪو فرياد…
    ڪيڏو ته عجب ٿو لڳي. حيدرآباد جا ٻه سال اڳ جا ڏتڙيل اڃا تائين ڪئمپن ۾ زندگي گذاريندا هجن. هن شهر جي باوقار زندگي تي نظر ٿي وجهجي ۽ وري جي ڪئمپن ۾ گذريل زندگي جي لمحن تي نظر ٿي پوي ته دل خوف جا ڳوڙها ٿي ڳاڙي.
    قاسم آباد جون مائون ۽ ڀينرون پنهنجن معصوم پٽن ۽ ڀائرن کي اڳيان ڪري، حيدرآباد جي بالا حڪام ڏانهن هٿ کڻي جهوليون جهليو، ڀانءِ خيرات گهرنديون هجن ته “اجها ڏيو، يا موت اچي…”
    پويان پوليس جو وڏو اٽالو، سندن حفاظت لاءِ، يا هي معصوم ڪو ممڻ نه مچائين، جيڪي ڪلهه رات تشدد کان پوءِ گرفتار ٿيلن جي آزادي جي گُهر ڪري رهيا هئا.
    ها… ڪلهه رات…
    انهن گلڙن تي تشدد ڪيو ويو.
    ٿڌي سڙڪ تي فٽاز لڳ، شاميانا لڳل…
    اڄ ننڍڙن ٻارن (سڀ ڏهه سالن کان گهٽ ٻار)
    جي بک هڙتال جو ستون ڏينهن… رات جو بالا حڪام شاميانا لاهي ٿا وڃن. ٻئي ڏينهن بک هڙتال لاءِ نوان ٻار پنهنجن مائرن ۽ ڀينرن سان گڏ پهچن ٿا ته شاميانا لٿل ٿا ڏسن. سنڌي قومي ساٿ جون بلند پايا ڀيڻون حوصلا نه ٿيون هارين، بلڪه اڏول ارادا پختا ٿا ٿين. خدا ڏي منهن ڪري، يا خدا تنهنجي ڇت جي ڇانو ته آهي، کلي آسمان هيٺ ٻارڙا ۽ ڀينرون بک هڙتال تي ويهي ٿا ته شام جي سهائي ويل، پوري شهر جي انتظاميه پنهنجن وائرليس گاڏين، فائر بريگيڊ جي گاڏين سوڌو پهچن ٿا. ڏسڻ وارو سوچي ٿو ته يا خدا… حيدرآباد جي خاموش ۽ ڊنل فضا ۾ وري ڇا ٿي ويو. ڇا شهر جي هر پاسي جي هر ڪنڊ ۾ باهه لڳي وئي. هرڪو ڀڄندو انهيءَ پاسي ڊوڙي ٿو. هر اک ڏسي ٿي، شهر جي انتظاميه پنهنجن ظلمن جو منهن کولي ٿي. فائر برگيڊ جي پاڻي وارين گاڏين جا منهن کلن ٿا. ڄڻ ته ڪويت ۾ لڳل تيل جي کوهن جي باهه وسائيندا هجن. عورتن مٿان اڇليو ٿو وڃي. فضا روئڻ ۽ رڙين واري ٿي وڃي ٿي. ڪلاشنڪوفن جا برسٽ ڇوڙيا ٿا وڃن. آنسو گيس ماڻهن مٿان ۽ معصوم ٻارڙن مٿان اڇلايو ٿو وڃي. خوف ۽ حراس وارو ماحول ٿي ٿو وڃي. ٻارڙا ڪرن ٿا، ڪي بيهوش ٿا ٿين… ڄڻ ڌرتي تان قربان ٿيندا هجن. ٿڌي سڙڪ جي ٿڌي فضا، گولين جي ٺڪائن، آنسو گيس ۽ پاڻي جي ڦوهارن سبب دونهاٽيل فضا گرم ٿي وڃي ٿي. پوري شهر جا سنڌي نوجوان گڏ ٿي ٿا وڃن. احتجاج بلند ٿو ٿئي. معصومن کي بي دردي سان لٺن سان ماريو ٿو وڃي. انهن جي معصوم پٺن تي نيٽ ڀڃا ٿا وڃن، انهن کي گاڏين ۾ جانورن وانگر اڇليو ٿو وڃي ۽ ڪيڏانهن نيو ٿو وڃي. ڪنهن کي ڪا خبر نه آهي. عورتن تي پاڻي هاري انهن کي بيهوش ٿو ڪيو وڃي.
    ڄڻ پورو شهر انهن معصومن ساڙيو هجي، لٽيو هجي، ڦريو هجي. مون کي اهي ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهن حيدرآباد جي روڊن، گلين ۾ نوجوانن کي ماري، انهن جي لاشن کي اڇلايو ويندو هو. جايون جلايون ٿي ويون، تڏهن ڇا ٿيو… ڪجهه به نه ۽ اڄ به ڇا ويل وريل آهي، سنڌين سان، هڪ پاسي بالا حڪام، ٻي پاسي ڌاڙيل ته ٽئين پاسي دهشتگرد… ڇا پيو ٿئي، ڪو سوال ڪرڻ وارو ئي ڪونهي.
    ڏوهه ڪيو ته انهن معصومن، جن تي ايڏو تشدد، ايڏي وحشيت، ايڏي بربريت… ٿاڻي جو گهيراءُ… معصومن کي ڇڏايو ٿو وڃي ۽ ڪجهه نوجوانن کي گم ڪيو ٿو وڃي.
    اڄ ٻيو ڏينهن آهي، معصوم گلڙن جهڙا بهادر ٻار، پنهنجي انقلاب جي رستي تي هلندي، ڄڻ آزادي جي راهه وٺندا هجن. حيدرآباد جي اگهاڙن روڊن تي جان جلائيندڙ گرمي ۾، انتظاميه جي آفيسن آڏو پنهنجا گلا ٿا ڦاڙين ته اسان جي به ڪا ٻڌو… اسين پنهنجي ڌرتي وارا… پنهنجي گهرن وارا… جلاوطن پيا رلون.


    30. جيئڻ جنين مهڻو

    چاچو ممتاز اسان جو پاڙيسري هو. تمام سادو سودو، غربت ڀريا حال، ڪنهن جي ڏي نه وٺ ۾، ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جي مانڊڻي مان پنهنجي ٻارن کي ٽافيون وٺندي ۽ ڪڏهن وري پاڙي جي دڪان تان سيڌو سامان وٺندي نظر ايندو هو. هن جي ٻاهر نڪرڻ يا ڪنهن سان گهڻي عليڪ سليڪ نه ڪرڻ ڪري گهڻي ڄاڻ سڃاڻ نه هيس ۽ ائين ئي مون سان به ڪا دعا سلام نه هئي. بس اها ئي هڪ ٻئي کي رستي هلندي سلام ڪيو واهه نه ته ٺهيو… ائين چاچو ممتاز گمنام زندگي جو مالڪ هو. حالانڪه چاچو ممتاز ڪنهن آفيس ۾ ڪلارڪ هو، تڏهن به پاڙي اوڙي ۾ گهڻو نه سڃاتو ويندو هو، شايد انهيءَ ڪري جو هُو غريب هو… هونئن به هن جي غريب هئڻ جي خبر ڪنهن کي هئي، ٻه زال مڙس پاڻ ۾ ته چار ٻار به هئس. وري ماءُ پيءُ ۽ ٻه ڪنواريون ڀيڻون به سندن گڏ هيون. ٻن ڪمرن جي جاءِ مسواڙ تي هئي، سو همراهه مڙئي ڪمائي وارو هڪڙو، سو به هڪ آفيس ۾ هڪ ڪلارڪ…
    مون کي جو انهيءَ آفيس ۾ ڪلرڪي جو آرڊر مليو ته پوءِ هڪٻئي کي ڏٺوسين ته پاڙي جي لحاظ کان هڪ ٻئي جي ويجهو به ٿياسين. آءٌ به نئون نئون، هر چهرو غير چهرو، اجنبيت جو ماحول. اتي چاچو ممتاز ڏٺم ته هنيانءَ ۾ ڇنڊو لڳم. وڌي ڳالهايومانس، سڃاڻڻ ۾ دير ئي نه ڪيائين پر شڪوه ڪندي چيائين ابا… توهان نوجوان، اسان جهونا جهاز… ٻيو مڙئي ماڻهو غريب… سو ڪنڊ پاسو وٺيو پيا جيون گهاريون. چيومانس نه چاچا، اهڙي ڳالهه نه آهي، بس ٿوري گهڻي حجت نه هئي.
    بس ابا… مبارڪون هجنين نوڪري جون… ڪنهن ڪم جي ڏکيائي ٿئي ته پڇڻ ۾ حجاب نه ڪجانءِ…
    پاڻ صبح جو آفيس ايندو هو. جيئن پنهنجي ٽيبل تي اچي ويهندو هو، وچ ۾ اٿندو نه هو. ڪم هوس اڪائونٽ جو… صبح اچي اڪائونٽ ٺاهڻ لڳندو هو ۽ شام جو اُٿي گهر هليو ويندو هو. نه ڪنهن سان اٿڻ، نه ويهڻ…
    ڪو مون پارو اچي ٽيبل جو پاسو ورتس ته ڪجهه گهڙيون ڳالهائيندو هو، نه ته اها ئي چال… نه چانهن ڪنهن جي پيئندو، نه ئي ڪنهن کي پياريندو هو. عادت نه هيس يا غربت جي ڪري…
    سو همراهه مڙئي پنهنجي منهن زندگي گذارڻ وارو هو.
    هاڻ اسان جا تعلقات ٿورا ويجها ٿي پيا هئا. هڪ ٻئي جي گهر ٻارن کي به ڇڏيوسين. هن جا ننڍڙا ٻار منهنجي گهر گهڻو ڪري شام ٽائيم ٽيليويزن ڏسڻ ايندا هئا. ٻار ويٺي ويٺي ڳالهيون ڪندا هئا ته بابا چوي ٿو ته مون کي کوڙ سارا پئسا ملندا ته پوءِ ننڍڙي ٽي وي وٺنداسون. هنن جي معصوم ۽ مرجهايل چهرن کي ڏسندو هوس ته منهنجي من ۾ جذبن ۽ قياس جون لهرون پيدا ٿينديون هيون.
    ائين گهر جو هر ڀاتي پنهنجن پنهنجن خواهشن جو اظهار ڪندا هئا ۽ چاچو ممتاز هر ڪنهن کي رٽائرمينٽ واري پئسي جي آسري رکندي پنهنجي زندگي کي بکن ۽ ڏچن ۾ گذاريائين پئي.
    سندس نوجوان ڀيڻون انهيءَ غربت سبب ڪٿي پرڻجي نه پئي سگهيون. پاڻ کي خدا ايڏو صبر ڏنو هوس جو ٻاف به ٻاهر نه ڪڍندو هو.
    پاڻ اڪثر ڪري بيمار رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن گهر وڃي بيماري جو پڇندي صلاح ڏني مانس ته چاچا، ٽيهه سال سروس اٿئي، هاڻ عمر به اچي گهڻي ٿي اٿئي، ريٽائر ٿي ڪجهه پئسا چڱا ملي پوندؤ، علاج به سٺو ڪراءِ ۽ پنهنجي گهر جي زندگي سنوار…
    پهرين ته نٽائيندو هو پر پوءِ پنهنجي ٻارن جي زور تي ايترو چئي بس ڪرائي ڇڏيندو هو ته هن سال جي انڪريمنٽ وٺان…
    ابا ٿورو پگهار به وڌي پوندو ۽ پينشن به سٺي ٺهندي. زال ڪڏهن ڪڏهن چئي ڏيندي هيس ته مئي انهيءَ انڪريمنٽ اسان جي زندگي زهر بنائي ڇڏي آهي. آءٌ سمجهائيندو هوس ته چوندو هو اڃان سٺ سال کي پهچڻ ۾ پنج سال پيا آهن. ڀلا آئون ڪيڏانهن ويندس. جيستائين سٺ سالن کي پهچان، تيستائين پگهارن ۾ سٺو واڌارو ٿي پوندو ۽ پينشن جا پئسا به سٺا ٿي پوندا. چاچا هاڻ گهڻي لالچ ڇڏ…
    توهان هاڻ بيمار رهڻ لڳا آهيو، هينئر رٽائرمينٽ وٺندا ته ڏيڍ لک کن ملي پوندو، ڪجهه پڇاڙڪي زندگي سنواريو. پنهنجو پاڻ نه ته پنهنجن معصوم ٻارڙن جو خيال ڪريو، نوجوان ڀيڻن جي زندگي توهان جي پئسن نه هئڻ ڪري زهر پئي ٿئي…
    …… ها ڪري چوندو هو…… بس ابا، سچ ٿو چوين. بس هن سال جي انڪريمنٽ وٺي ٻي مهيني رٽائرمنٽ جي درخواست ڏيندس.
    ٻارن کي ٽي وي وٺي ڏيندس ۽ ڀينرن جي شادي ڪرائيندس، علاج به ڪرائيندس ۽ ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن.
    اڄ اوچتو ڄاڻ آيو ته چاچو ممتاز گذاري ويو. گهر جي هر ڀاتي جي اميدن ڀريو… مرجهايل چهرو… اکين اڳيان ڦرندي محسوس ٿيو… ڀانءِ ڪنهن جي اميد پوري نه ٿي… وري هن پڇاڙيءَ ۾ هيءَ وصيت لکرائي… ته منهنجي پينشن جي پيسن مان منهنجي معصوم ٻارڙن کي ٽي وي وٺي ڏجو ۽ منهنجي ڀيڻن جي شادي ڪرائجو……

    (خادم وطن حيدرآباد، 31 ڊسمبر ۽ پهرين جنوري 1999ع)


    31. سانول جا سور

    اڄ سانول جي پيءُ کي وفات ڪئي چاليهه ڏينهن گذريا هئا ۽ اڄ رات هن جي ڇڏيل ملڪيت بابت فيصلو ٿيڻو هو. سانول جيڪو منهنجو دوست ۽ منهنجو پاڙيسري هو، پاڙي ۾ ڪيترن سالن کان رهڻ ڪري، اسان جي گهروارن ۽ اسان جا ناتا رشتا ايترا ويجها ٿي ويا هئا جو پاڙيسري گهٽ، مائٽ وڌيڪ لڳندا هئاسين ۽ اسان هڪ ٻئي جي گهر ۾ ايندا ويندا هئاسون. نياڻين جي معاملي ۾ پرديداري به نه هوندي هئي.
    سانول انهيءَ گهر جو ننڍو فرد هو. هن کان ٻه وڏا ڀائر ۽ ڀيڻون هيون. اڄ رات هن جا ڀائر ۽ ڀيڻون ۽ ويجها مٽ مائٽ اچي گڏيا هئا، اسان کي به سڏايو ويو ته فيملي ۾ شريڪ ٿيون. ملڪيت جي ڳالهه کُلي ته سانول روئي ڏنو. ايترو رُنو جو پرچائڻ ۾ ڪي گهڙيون لڳي ويون ۽ پوءِ ايترو چئي مون کي وٺي اٿيو ته “ادا بابي جي ملڪيت ۾ اسان جو ڪو حصو ڪونهي. اسان هن جي خدمت به ڪهڙي ڪئي هئي، جو هاڻ ملڪيت تي ٿا وڙهون.” هڪ سڏڪو ڀريندي چيائين، “گهٽ ۾ گهٽ مون کي انهيءَ ملڪيت واري حصي کان پاسيرو رکجو.”
    مون کي سڀ ڪجهه اکين اڳيان ڦري آيو، هڪ هڪ ڳالهه ياد اچي وئي.
    سانول جو پيءُ جڏهن ٻي شادي ڪري رهيو هو، ته سندس گهروارا سڀ مخالف ٿي پيا هئا ۽ هن جو اهو ضد ته آئون ٻي شادي ضرور ڪندس. اولاد اچي جوان ٿيو هوس، تڏهن به هن جو ضد. نتيجي طور سانول جي پيءُ ظالمانه طريقو اختيار ڪيو ۽ ٻي شادي ڪري هنن سان هر قسم جو تعلقات ٽوڙي. گهر جي هر قسم جي خرچ، کاڌي پيتي جي خرچ تي به بندش وجهي ڇڏيائين ۽ پوءِ سانول ۽ هن جي گهروارن تي جيڪا قيامت گذري، ان جي خبر اسان پاڙي وارن کي آهي. انهيءَ سڀني ڀائرن چڻن جا ٿالهه کنيا ۽ پيٽ گذر ڪرڻ لڳا هئا. جڏهن سندس وڏي ڀاءُ کي نوڪري ملي، تڏهن وڃي گهر جي ڀاتين جي پيٽ ۾ ڪجهه پيو.
    هيءَ سڄي پاڙي ۾ خوشحال ۽ پڙهيل لکيل فيملي هئي. سانول جو پيءُ آفيسر هو. پر اوچتي تبديلي ڪري سندس اولاد ڪسمپرسي واريءَ حالت کي اچي پهتو. ڳوٺ جي هر شخص جي وات ۾ سانول جي پيءُ جي گلا هئي. ائين ٽئي ڀائر پنهنجين پنهنجين پڙهاين کي ڇڏي، چڻا وڪڻي آهستي آهستي نوڪرين ۾ گهڙڻ لڳا. هڪ بينڪ ۾ ڪلرڪ، ٻيو شگرمل ۾. سندس ڀيڻن سلائي ڪڙهائي شروع ڪئي ۽ سندس ماءُ مڙس جي ڏک ۾ بيمار رهڻ لڳي. ائين آهستي آهستي پر جلد هيءُ گهراڻو وري پنهنجي اوج تي موٽي آيو، شايد اڳ کان به بهتر.
    هوڏانهن سانول جي پيءُ ٻي شادي ڪري وڃي حيدرآباد وسايو. ضد جي شادي سبب يا تڪڙ سبب هن کي ٻي زال ۽ ان جو گهراڻو بهتر نه مليو. سهريجا ڦرلٽ جا ماهر ته ٻي پاسي زال وري بدڪردار ۽ خراب چال چلت جي نڪتي. ٻه ٽي سال ائين رونشي واري نشي ۾ گذري ويا، پر پوءِ سندس زال جي بدڪرداريءَ جون ڳالهيون هر هنڌ هلي ويون. نتيجي طور گهر ۾ جهڳڙن جو بنياد پيو. هلندي وڙهندي پنج سال نڀاهه ٿيو ۽ آخر هن پنهنجي زال کي طلاق ڏني.
    زماني جي ستم ظريفي ڏسو، جنهن جا پهرين گهر ۾ جوان نوڪرين وارا ٽي پت، ٽي نهرون ۽ ٻه ڌيئون ۽ هڪ زال ۽ ٻي گهر مان هڪ زال طلاق شده ۽ ٻه ٻار هجن، اهو مڙس ماني لاءِ محتاج بنجي ويو. هوٽلن جون مانيون ۽ اڪيلي زندگي گذاري گذاري تنگ ٿي پيو ۽ ٺيڪ ستن سالن کان پوءِ هن پنهنجي اصلي شهر جو رُخ ڪيو ۽ سڀني کان معافي اچي ورتائين. ڀلا جتي پيءُ ۽ پٽ جو رشتو هجي، اتي رسڻ به ڪيترو… هڪ وقت پيءُ جهڙو شفقت ڀريو رشتو پٿر ٿي پيو هو، اڄ اولاد جهڙا رشتا ميڻ ٿي پيا.
    سانول جو پيءُ نوڪري جي ڪري حيدرآباد گهڻو وقت گذاريندو هو، پر اچ وڃ جو رستو کلي پيو هو. هاڻي هُو پٽ کي منٿون ڪندو رهيو ته منهنجو گهر شهر ۾ اڪيلو آهي، توهان مان ڪوبه هلي. گهر به توهان جي ملڪيت ۽ منهنجي به اڪيلائي ختم ٿي ويندي. آءٌ هوٽلن جا ڌڪا جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان، مون تي رحم ڪريو. پر سندس هر پٽ کي پنهنجي پنهنجي نوڪري هئي ۽ هر ڪنهن جو پنهنجو سيٽ ٿيل گهر هو. هرڪو چوي ته اسان پنهنجا ٻار ٻچا ڪيئن روليون، گهر جا ٽپڙ ڪيئن کڻون ۽ پنهنجا سيٽ ٿيل گهر ڪيئن ڦٽايون ۽ پنهنجي سڄي لڏي کي ڪيئن کڻون. انهيءَ کان بهتر آهي ته تون هڪ ڄڻو هتي اچي رهه. هونئن به نوڪري تان ريٽائر ڪري پئي سگهيو. پر هن جو هڪ دفعو وري ضد اهو هو ته توهان مان ڪو هلي ۽ ائين هڪ دفعو وري هنن جي زندگي ۾ تلخي پيدا ٿي پئي ۽ هڪ ٻئي کان ڏور گذارڻ لڳا. نتيجي طور سانول جو پيءُ پيريءَ واري عمر ۾ اڪيلو شهر ۾ زندگي گذارڻ لڳو ۽ آخر تائين نوڪري ۾ لڳو رهيو. اوچتو خبر پئي ته سندس والد دل جي دوري سبب گذاري ويو. اڄ چاليهو گذاري سڀ مٽ مائٽ اچي گڏيا، ته سندس گڏيل ملڪيت ڪيئن ڪجي ۽ ڪيئن ورهائجي. انهيءَ فيملي مان سانول روئي اٿيو ته… مون بابا جي ڪابه خدمت نه ڪئي آهي، مون کي بابا جي ملڪيت نه کپي… ۽ آءٌ سانول کي پرچائي پنهنجي گهر وٺي ٿو اچان.

    (سنڌو 23 مارچ 1994)


    32. سزا

    ٻالڪپڻ جا ٻاتا ٻول سندم چپن تي ٻرڻ لڳن ٿا، آنڀوءَ جهڙو ٻالڪ پڻ وقت جي ظالم جهار ائين چڳي وئي ڄڻ ڄانڀي کي تلور چڳي وئي هجي. پر سندم ذهن جي سرتي يادن جا اجرا پاند سندم ساهن ساڻ جهولڻ ۽ جهومڻ لڳن ٿا. آئون، اڃان لڪ لڪوٽي ۽ ڦر ڦر سونٽي جي راند ڪڏڻ لڳندو هئس ته امڙ سندم مٿي تي موڙ پسڻ جا سپنا ڏسڻ لڳندي هئي. سندم ڀائر ۽ ڀينرون سڀ مون کان وڏا، مان امڙ جي کرڙ يعني آخري اولاد، ابو ته ٻين ٻارن جيترو ئي مون کي ڀائيندو هو پر امڙ جي لاڏ ڪوڏ خاص مون سان هوندي هئي ۽ ننڍو هئڻ جي ڪري ڀوڳ چرچا ڪنديون هيون. اسان ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينر هياسين. وڏي ڀيڻ جي وهانءَ کان پوءِ ادا وڏي جي وهانءُ جو الڪو سڀني کي رهڻ لڳو. پر ادا وڏو ڪراچيءَ مان پاڻ مرادو پرڻو ڪري وني وٺي آيو. ڀينرون، امڙ، ابو ۽ مان ادي جي وهانءَ جا سمورا سپنا لڙڪن جي اڻ کٽ تسلسل ۾ لوڙهي ڇڏياسين. ڀاڄائي نه رڳو ڌاري، پر سندس ٻولي به ڌاري هئي. هوءَ هڪ ڏينهن به اسان کي قبول نه ڪري سگهي ۽ نه ئي اسان کيس دل سان ڪڏهن به قبوليو هو. ڀاڄائيءَ جي مائٽن جي اچ وڃ امڙ، ابي ۽ ٻين مٽن مائٽن کي ڏاڍي اوڇي ڀاسجندي هئي. نيٺ هڪ ڏينهن چاچا نور محمد ابي کي چيو ادا، اهو ته ٺيڪ آهي ته دوست علي پسند جو پرڻو ڪيو آهي، پر ادا اسان گهر جي لڄ کي قبوليون ٿا، پر سندس سؤٽ، ماسات، مامن ۽ چاچن جي اچ وڃ ٺهي ڪانه ٿي. اسين به ڄائين وارا آهيون ۽ انهن شهري ماڻهن جو اٿڻ ويهڻ ۽ هلي چلي اسان جي سمجهه کان ٻاهر آهي.
    بابو، ادا کي ڪجهه به چئي نه سگهيو، پر ادا گهر وارن ۽ مٽن مائٽن جي رويي مان سڀ ڪجهه سمجهي ويو ۽ هميشه لاءِ وڃي ڪراچيءَ ۾ رهيو. ڪراچي جيڪو هاڻ ڪراچي نه پر ڪانئرن جو ڏيهه بڻجي ٽه هٽيءَ تي اسان جي وکريل تهذيب کي وهندڙ ٽريفڪ ۾ لوڙهي سمنڊ ۾ ٻوڙي چڪو آهي. ڪڏهن ڪڏهن عيد براد، مرڻي پرڻي ڀاڄائي ۽ ٻارڙن کي ڀاءُ ڳوٺ وٺي ايندو هيو ته ڪڏهن وري امڙ، ابو ۽ اسان ڪراچي وڃي ادا وارن سان ملي ايندا هئاسون.
    وقت ڦر ڦر سونٽي جيان ڦرندو اسان جي اگهاڙن پٺن تي وسڻ لڳو. آئون ڳوٺ جي پرائمري اسڪول مان پنج درجا ڪري ڇهين درجي ۾ ڳوٺ جي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لڳس. هاءِ اسڪول يونين ڪائونسل کان ڪجهه اڳڀرو ۽ ڳوٺ جي سرڪاري اسپتال کان ويجهو هيو. ڳوٺ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ پرائمري اسڪول ته جدا جدا هيا، پر هاءِ اسڪول ڇوڪرين لاءِ نه هيو. ڳوٺ جي چڱن جي صلاح سان ڇوڪريون به ڇوڪرن سان گڏ هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ اچڻ لڳيون هيون. سندن لاءِ ڪا جدا ماسترياڻي به نه هئي. اسان جا استاد اسان سان گڏ ئي کين پڙهائڻ لڳا هئا. سندم ڀيڻ ٽن سالن جي وٿيءَ کان پوءِ فهميده سان گڏ منهنجي اسڪول ۾ مون سان گڏ داخلا ورتي. فهميده چاچي نور محمد جي ڌيءَ منهنجي سڳي سؤٽ ننڍپڻ کان هڪ ئي اڱڻ تي چيچ مڱڻ ڪنهن کي ڏيان ڪندي، چيڪلي پائيندي وقت جي رم جهم پلن کي اراڻا ٻول ٻڌائي ريجهائيندا هئاسون. امڙ ۽ ڀينرون ادا وڏي جي وهانءُ جي خوشيءَ جا ڀُرندڙ خواب سندم سهري جي لڙين ۾ پوئڻ لڳنديون هيون. فهميده ۽ مون کي گڏ کيڏندي ڏسي سڪ ڳيچن جو ويس اوڍي پڙاڏجڻ لڳندي هئي.
    ڀلي ٻانهن لوڏيندو
    مومل ماڻيندو
    ڙي سدا ٻانهن لوڏيندو
    هڪ جيڏي آڻيندو
    پنهنجن ۾ نيندي ئي سک ور
    چاچي ڏني تني مڱ
    عرفان ٻڌم سونا سهرا او سهرا سدا رنگ لايو
    نون نون سهرن جا ٻول اسان جي اڱڻ تي گهلڻ لڳندا هئا. ها، سهرن ۽ ڳيچن جو سرجڻهار ته اهي مائرون ۽ ڀينرون ئي ته آهن!! سندم ماءُ ۽ ڀينرن به سهرن جا ڪيترا ئي گلاب اميد جي اڱڻ تي پوکڻ لڳيون ۽ سندم ٻاراڻي ذهن تي ڳيچن جي گونجار ته گونجندي هئي، پر سندن معنيٰ جي گهرائي سندم ٻاراڻي ذهن ۾ سمجهه ۾ نه اچي سگهندي هئي.
    فهميده روز پنهنجي گهر جي ٻنجري وٽ بيهي مون کي ۽ منهنجي ڀيڻ رضيه کي سڏيندي هئي. آءٌ پاڻ تڪڙو پهرين پهچي ويندو هئس ۽ هوءَ مون ڏانهن هٿ وڌائيندي پاڻ ڏانهن مون کي ڇڪيندي هئي ۽ مان ٻنجري تان ٽپ ڏئي سندن اڱڻ ۾ اچي ويندو هئس ۽ پوءِ ٽهڪڙن جا ٽول اڱڻ تي گلن جيان. سندس کلندڙ اکين مان شرارت نڪري وکري ويندي هئي ۽ پر جڏهن سندم ڀيڻ رضيه مون کان اڳ ڊڪي اچي پهچندي هئي ته ڀيڻ کيس ڇڪي اسان جي اڱڻ تي آڻي وٺندي هئي ۽ پوءِ مان ٽهڪ ڏيندو هئس ۽ کيس شيڪائڻ لڳندو هئس. ها وڏي آئي آهي زور آور، ڏس اديءَ ڪيئن ڇڪي ورتئي ۽ ادي نه ڪندي هئي هم نه تم، چوڻ لڳندي هئي ته عرفان اڄ ته رڳو فهميده کي ٻنجري تان ڇڪيو اٿم ۽ جڏهن سندس پانڌڻيءَ جي پلئو سان تنهنجي اجرڪ جو پلئو ٻڌي نکيڙي هن اڱڻ تي آڻيندي مانس ته پوءِ وڃڻ جي به نه ڪندي. هان ڪيئن فهمي ۽ فهمي هن ڳالهه کي چرچي کان وڌيڪ ڪجهه به نه ڄاتو ۽ مون هن آس جي رنگن کي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي رنگ ويتر چٽا تڏهن ٿيڻ لڳا، جڏهن سندم ۽ سندم ڀيڻ سان گڏ روز اسڪول وڃڻ لڳي. اسان جو گڏ اسڪول وڃڻ، گڏجي ويهي اسڪول جو ڪم ڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو. امڙ هاڻ سهرا چانور ڇنڊيندي ۽ ساجهڻ ڪندي جهونگاريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ماٽي ولوڙيندي به سندس لبن تي ڳيچن جا مور ٽلڻ لڳندا هئا. اسان جي راند روند ۾ به سنجيدگي اچڻ لڳي. فهميده جي گلابي چهري تي چانڊوڪي ويتر تڏهن ٻهڪڻ لڳندي هئي، جڏهن ادي وڏي لاوڻ تي گج ڀرڻ لڳندي هئي. لاوڻ اسان جي خانداني وهانءُ جو وڳو جيڪو هر ونيءَ لاءِ جدا جڙندو آهي. مهينن تائين مٿس موتي، ريشم ۽ مڪئي جي مڙهت ٿيندي رهندي آهي. ادا وڏي جي ونيءَ لاءِ به ڏاڍي چاهه مان امڙ ۽ اديءَ لاوڻ تيار ڪيو هيو، پر ڀاڄائيءَ هڪ لڱا به ان کي نه پاتو هيو ۽ ائين اهو لاوڻ ڪٻٽ جي خاني ۾ وساريل ڪتاب جيان پيو رهيو.
    هاڻ جواني جي بهار جو پهريون ڇهاءُ اسان ٻنهي جي نيڻن ۾ محبت جي مرڪ بڻجي چمڪڻ لڳو. فهميده جي چاهت جي ڇڪ ۽ سڪ سندم ساهن ساڻ ملي رت سان رڳن ۾ رلڻ لڳي هئي. پر تنهن هوندي به ڪڏهن به پنهنجي پريت کي اسان لفظن جو پهراڻ پهرائي نه سگهياسين. لفظ هيا جي ٽٽل تند جيان، اسان جي آڱرين جي پورن سان لڪ لڪوٽي ڪرڻ لڳا.
    ميٽرڪ جو آخري پيپر ڏئي آئون ادا وڏي وٽ ڪراچي هليو ويو هئس. بابي جي خواهش هئي ته مان وٽس وڃي ٽائپ ۽ شارٽ هينڊ جو ڪورس ڪري اچان ۽ امڙ به ضدي هئي ته هاڻ عرفان عليءَ جو وهانءُ ڪرايو. نٿ، ويڙهه ۽ کير منڊي ته امڙ منهنجي ونيءَ لاءِ ٻه سال اڳ ئي ٺهرائي رکيون هيون. مور ڇٽ واري ڏانوڻ واري نٿ امڙ جڏهن ڪڍي پنهنجي ڀينرن ۽ ڀاڄائين کي ڏيکاريندي هئي ته سندس چهري تي ڪيترا ئي ڪنول ٽڙي پوندا هئا، چوڏسا ڳيچن جو هڳاءُ ماحول کي مهڪائڻ لڳندو هو.
    ڇهن مهينن کان پوءِ رمضان جا روزا رکڻ ۽ عيد ڪرڻ لاءِ آئون ڳوٺ آيس، ٽائپ شارٽ هينڊ جو ڪورس اڃان جاري هيو. آئون هڪ مهينو موڪل وٺي آيو هئس. ادا مون کي سيڪنڊ هينڊ ٽائپ رائٽر به وٺي ڏنو ته جيئن ڳوٺ وڃي پريڪٽس جاري رکان.
    اڄ رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ اسان سڀ ڇت تي چڙهي وياسون. مون هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، فهميده مون کي نه ته پنهنجي کڏ تي نظر آئي ۽ نه ئي پنهنجي اڱڻ تي. مون کي هيڏانهن هوڏانهن لئوڻا هڻندي ڏسندي ڀيڻ رضيه جيڪا ننڍپڻ کان سندم ساٿي هئي، مون کان ٿورو وڏي پر منهنجي دوست هئي، مون ڏانهن وڌي اچي ٿي ۽ زار وقطار سڏڪڻ لڳي ٿي. کيس سڏڪندو ڏسي امڙ کيس دڙڪو ڏيندي چوي ٿي:
    امان، سڳوري رات نڀاڳو روڄ نه ڪر. منهنجي عرفان لاءِ ونيون ائين، جيئن کيڙيءَ ۾ کڙا. ڀلا ڇوڪرن لاءِ ڇوڪرين جي ڪهڙي کوٽ!!!
    کن پل لاءِ سندم سمجهه ۾ ڪابه ڳالهه ڪانه آئي ۽ مان وڃي صفي ۾ سمهي پيس. اسر جو روزي رکڻ لاءِ اديءَ اچي اٿاريو.
    هيل پهريون اسر هيو جيڪو فهميءَ کان سواءِ کائي رهيو هئس، نه ته فهمي اچي منهن تي گلاس پاڻيءَ جو هاري اٿاريندي هئي ۽ هيل، هيل رڳو سڏڪن جا سڙٻاٽ مون کي ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ آتا هيا، پر مان شرميلو هجڻ ڪري سندس اڱڻ جو ٻنجرو ٽپي وٽس وڃڻ جي جرئت به ڪري نه سگهيس. رمضان به اچي خير جو پورو ٿيو، عيد جي رات فهميده جي گهر مهمانن کي ڏسي ڀيڻ کان پڇيم ته خير ته آهي. تڏهن ادي پنهنجن لڙڪن جا بند ٽوڙي مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو.
    ادا، فهميده جا سهرا کيس عيد ڏيڻ آيا آهن ۽ ها ادا، ٻڌو اٿم ته عيد جي پهرين خميس تي ونواهه ۾ ويهاريندا فهميءَ کي. ادي رضيه ته پيڙائن جي پل صراط پار ڪري وڃي رڌڻي ۾ کارڪون وڍڻ لڳي ۽ امڙ چلهه تي کارڪن لاءِ کير رکي ڳوڙهي ويچار ۾ ويهي رهي ٿي. کير ٻڙڪڻ لڳي ٿو، ڄڻ سندم اندر مان درد ٻڙڪي پيو هجي!!
    هيل پهرين عيد هئي جا فهميءَ جي ٽهڪڙن ۽ چرچن کان سواءِ ٻسي ٻسي گذري. اسان جي گهر جي اڱڻ جي نم ۽ اڄ ادي پينگهه به نه ٻڌرائي هئي. ها، هن کي منهنجو درد هيو ۽ منهنجو ۽ فهميده جي وڇوڙي جو درد!!
    عيد جي شام جو فهميءَ ٿڌڙي گلابي موتين جي جڙاءُ وارو وڳو پهري اسان جي گهر آئي، پر هيسيل هرڻيءَ جيان هيڏانهن هوڏانهن ڪنهن جي ڀوءَ کان لڪندي ڊڄندي ادي رضيه وٽ اچي ٿي ۽ ادي کي ڪجهه چوي ٿي. ادي مون کي سڏي ٿي ۽ مان سندس ڳالهه ٻڌي ڏڪڻ لڳان ٿو!! نه، نه ائين نه ٿيندو!
    ائين نه ٿيندو ته پوءِ آئون ڀل پرائي ٿي وڃان، تون به اهو ٿو چاهين نه……!!!
    ۽ هوءَ سڏڪندي هلي وڃي ٿي. عيد جي ستين ڏينهن هوءَ نکيڙجي اسان جي ٻنجري کان اسان جي گهر بجاءِ پنهنجي گهر جي ٻاهرين در کان سوين ميل پري لاڙڪاڻي پرڻجي هلي وڃي ٿي. امڙ سڏڪن کي ڪاوڙ ۾ لوڙهڻ جي اڻپوري ڪوشش ڪري ٿي.
    ادا نوري سڱ نه ڏنو ته ڇا؟ اسان جو عرفان به ڪو گهٽ آهي ڪي، بدوٿي ڏنم تڏهن به آئي هن ته ڀاءُ جي اڇي ڏاڙهي ۽ پڳ جي لڄ به نه رکي. جنڊو پاڙو ٿي لکي ڏنوسين ته به نه ليکيائين. ها ها هو، هو ڇو ڏسي سندس جوءِ جا پنهنجي اڳ ڄائي ڀائٽي لاءِ هرکي پئي هئي، جهڙو سلڇڻو آهي؟ ائي، شهپر ته ڏس وات ۾ ٿي پيس ۽ وارن تي ته ڪيس ڪيل هئس، مئو ڪارو پکڙوٺ، موتين جهڙي لڏڻ ڌيءَ لوڙهي ڇڏي ادي نورل، ڪو ڪيس نه به پيس، اسان کان ته هاڻ مرڻي به ڇٽو ته پرڻي به!!!
    ادي وڏي ڪڏهن به منهنجي معاملي ۾ نه ڳالهايو هيو، پر اڄ امڙ جي درد جي اڇلون ڏيندڙ ڇولين کي سانت ڪرڻ ڪاڻ امڙ کي آٿت ڏئي رهي هئي.
    حيدرآباد ۾ بابي جي سؤٽ پرڻيل هئي، وڏي گهراڻي مان مون لاءِ سندن ننڍي ڌيءَ جو سڱ گهريائون. بابي جي سؤٽ ۽ سندس مڙس اهو چئي سڱ ڏيڻ کان نابري واري ڇڏي ته وڏي ڌيءَ ويهاري ننڍيءَ جو سڱ ڪونه ڏينداسين. جي ڪرڻي اٿوَ ته وڏيءَ جو سڱ وٺو ۽ ائين سندن وڏي ڌيءَ راحيلا سان سندم وهانءُ ٿي ويو. امڙ، ادين، ابي، ادي، ڀاڄائي سڀني خوشين جا کوڙ سارا کيچا کاڌا، پر مون لاءِ لڙڪن کي وندرائن لاءِ ڪابه واٽ نه هئي. بس اندر جي اڌمن کي دل جي انڌي قبر ۾ هميشه لاءِ پوري ڇڏيم. ڪڏهن ڪڏهن پريت جا چاڪ چڪي به پوندا هئا ته لڙڪ نيسارا ڪري نيڻن مان اندر جي اونداهين ۾ وهڻ لڳندا هئا ۽ ڪنهن نه ڪنهن تڪليف جو روپ ڌاري سندم سامهون اچي ويندا هئا، جن کي رڳو آئون ئي سمجهي سگهندو هيس ۽ ائين جيون جا ويهه سال ٻن هزار سالن وانگر گذري ويا. شاديءَ جي ڏهن سالن کان پوءِ مون کي هڪ پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو ساگر رکيم. ساگر لاءِ جيون جون مڙوئي خوشيون ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن جاکوڙڻ لڳس.
    سندم زال جيڪا سهاڳ جي پهرين رات کان هوءَ مون لاءِ ۽ مان هن لاءِ اجنبي هياسين ۽ اڄ به هوءَ مون لاءِ ۽ مان هن لاءِ اجنبي ئي آهيون، ها واقف آهن ته رڳو اسان جا جسم جيڪي رات جي انڌاري ۾ ملن ٿا ۽ صبح جي اوجر ۾ هڪ ٻئي لاءِ اجنبي بڻجي وڃن ٿا. هوءَ سندم وجود کي پنهنجو خريد ڪيل غلام تصور ڪري ٿي جيڪو نڪاح جي دستاويز تي لکي پڙهي کيس حق مهر طور مليو آهي. سندس شڪ جا ڪوٽ ڏينهو ڏينهن مون لاءِ اوچا ٿيندا ٿا وڃن. هن منهنجي سوچن تي به پهرا لڳائي ڇڏيا آهن. ساگر جو هاڻ ڏهن سالن جو اچي ٿيو آهي، اسان کي ڳوٺ ڇڏي به اچي نو سال ٿيا آهن. امڙ ۽ ابو گذاري ويا آهن. مان ڇورو ڇنو، يتيم پنهنجي نڌڻڪن جذبن جيان ۽ رضيه جي شادي ٿي وئي، هاڻ ڪير به سندم ساڻ نه آهي.
    فهميءَ جي يادن کي مون پنهنجي ذهن جي گمنام ڪنڊ ۾ سمهاري ڇڏيو آهي. مون کي تعليم کاتي ۾ سينيئر سپريٽنڊنٽ جي پوسٽ ملي وئي آهي. مون وٽ کوڙ سارن ماسترن ۽ ماسترياڻين جي اچ وڃ رهي ٿي. سٺي سڀاءُ ڪري نه رڳو مرد، پر عورتون به منهنجي وڏي عزت ڪنديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته هو منهنجي گهر به اچيو نڪرن، جنهن تان ڪيترا ئي ڀيرا منهنجي زال مون تي ڪرفيو آرڊر مڙهي گهر ۾ ايمرجنسي لڳائي منهنجي ساهن تي سيلز ٽيڪس ۽ جنرل ٽيڪس مڙهي منهنجو سروي ڪرڻ لڳي آهي. نون، نون حڪمن کي لاڳو ڪندي هوءَ ڪنهن مارشل لا ايڊمنسٽريٽر کان گهٽ ڪانه ٿي لڳي. مون کي اها به پڪ آهي ته خير صلاح مان ڪنهن ڪم ڪار جي سلسلي ۾ به ڪڏهن ڪنهن عورت سان ڏٺئين ته هوءَ مون کي ڪارو ڪري ماريندي به دير نه ڪندي. ها شايد هن جي اها شدت هن جي پيار جي نشاني آهي يا فرسٽريشن!!
    امڙ توهان ويري فاءِ ڪرائي اچو ۽ ها هن هڪ ٻي شاهد جي صحيح ٺپي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جي نمبر لکرائڻ جي ضرورت آهي. ڪاغذ پورا ڪري اچو ته مان صاحب ڏانهن پٽ اپ ڪريان ته، نه آئون ڪجهه نٿو ڪري سگهان.
    سندم اسسٽنٽ وهاب جي ٽيبل وٽ بيٺل عورت ڪاري چادريءَ ۾ مسلسل وهاب کي منٿون ميڙون ڪري رهي آهي. سندس ڀر ۾ ٻه گلاب جهڙيون مکڙيون ۽ هڪ موتي جهڙو ڇوڪر بيٺل آهي. ڇوڪريون کيس چادريءَ مان مسلسل ڇڪيندي ڪنهن پل روئڻ به لڳن ٿيون. امان هل ڳوٺ هلون، گهر هلون بُک لڳي آهي.
    ادا، اڄ ٽيون چڪر ڏنو اٿم، ڇو مون بي واهيءَ کي اچي رلايو اٿوَ. هاڻ هن جو آواز آفيس ۾ گونجڻ لڳو. مان وهاب کي اشارو ڪريان ٿو ته هيڏانهن موڪلينس ۽ ٻي لمحي هوءَ عورت مون ڏانهن ايندي منهنجي ٽيبل تي ڏڪندڙ هٿن سان ڪاغذ رکي ٿي. ڪاغذ هن جي هٿن ۾ پگهر اچڻ ڪري پسي وڃن ٿا.
    عـ عـ عرفان ته… ته توهان!!… هن کي چادري پيل آهي، هوءَ هڪ نقاب مٿي ڪري ٿي. سندس چهرو ڏسي مون کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو.
    فـ… فـ فهميد، فهميده توهان ۽ هت!!! ها عرفان، منهنجي مڙس جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ساهرن مون کي هڪ ڏينهن به نه سٺو، ايتريقدر جو مون کي عدت به ڪرڻ نه ڏنائون. انهن کي هنن معصومن تي به ڪهل نه آيو، مال ملڪيت ته وڃي کڏ ۾ پوي. شاديءَ جا ڏهه سال بي اولاد هجڻ جا طعنا سٺم ۽ اولاد ٿيو ته وارث نه رهيو. ۽ هوءَ مسلسل سڏڪن جي سمنڊ ۾ لڙهڻ لڳي ٿي. چوڙين کان خالي بيواهه ٻانهون ۽ ڪوڪي کان آجو نڪ چادري جي ڍڪ کي پار ڪري مون کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏين ٿا. مون ڪُرسي کسڪائي کيس ويهڻ لاءِ چيو ۽ ٻارن لاءِ به ڪرسيون گهرايم ۽ بچائي کي ٻاهران سينڊوچ ۽ بوتلون آڻڻ لاءِ موڪليم.
    عرفان شڪر آهي جو بابي وارن چاچي جي چوڻ تي مون کي ڏهه درجا پڙهايا ۽ تنهنجي ۽ رضيه جي ساٿ سان مون ڏهه درجا پاس ڪيا، جو اڄ ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ماستري ته ملي وئي اٿم. عمر وڏي ٿي وڃڻ ڪري نوڪري ختم ٿيڻ جو ڀوءُ هيم، پر ڳوٺ جي ايم پي اي منهنجي عمر سي ايم کان رليڪس ڪرائي سرٽيفڪيٽ وٺي ڏنو. هاڻ بس هي جي پي فنڊ جا پنا آهن، انهن ٽنهي ٻچن کي نامينيٽ وارث ڪريان ٿي. ٻن شاهدن جي شاهدي کپندي هئي. هڪ تي ته ڳوٺ واري هاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر لکي ڏنو ۽ ٻي تي… مان خانو کوليان ٿو، ٺپو ڪڍان ٿو، صحيح ڪريان ٿو ۽ وهاب کي پنان ڏيان ٿو. وهاب وڃ هٿو هٿ ڊي اي او صاحب کان صحيح ڪرائي کڻي آءُ.
    ڳوٺ جو گرلس اسڪول هاڻ مڊل ٿي چڪو آهي، پر فهميده ميٽرڪ پاس هجڻ ڪري اتي پرائمري ماسترياڻي آهي، پر مڊل درجن وارن کي پڙهائي ٿي.
    فهميده ويهن سالن جي وڇوڙي جي وارڌا کي ويهن منٽن ۾ ويڙهي اٿي هلي وئي آهي، پر مون لاءِ دفن ٿيل لڙڪ ۽ درد دل جي قبر چيري نيڻن مان رت ڦڙا بڻجي برسڻ لڳا آهن.
    فهمي تون ملينءَ به ته ڪڏهن ۽ ڪيئن، تون منهنجي شهر ۾ آئين، مان توکي هڪ ڏينهن به پاڻ وٽ ترسائي نه سگهيس. منهنجي سؤٽ جي حيثيت ۾ ته رهين ها مون وٽ، پر مان ته پاڻ راحيلا جي رحم ۽ ڪرم تي گهر ۾ رهندو آهيان. منهنجي گهر ۾ جيڪو منهنجو نه پر راحيلا جو آهي، اتي منهنجا ساهه به منهنجا نه هوندا آهن.
    فهميده جا گلن جهڙا ٻارڙا جيون جي جهڪ ۾ مامتا جي ڏاري سان چهٽيل آهن.
    عرفان گهر نه هلندين ڇا؟ شام جا ڇهه ٿي ويا آهن، ايڏو ڪم اٿئي ڇا؟
    مون کي ته اڄ ميڊم اصل کنڀي ويهاري ڇڏيو هو. سڀاڻي ڪراچي ميٽنگ اٽينڊ ڪرڻي اٿس، سموريون رپورٽون اڄ ئي ٺهرائي ورتائين.
    حسن ۽ مان هڪ آفيس ۾ ڪم ڪندا آهيون ۽ هڪ پاڙي ۾ رهون ٿا. روز گڏجي اچون ٿا ۽ روز گڏجي وڃڻ اسان جو معمول آهي.
    حسن بنا فل اسٽاپ ۽ ڪاما جي پنهنجي اڄ ڏينهن جي وارتا ٻڌائي رهيو آهي. اسان جا قدم رستي کي لتاڙي رهيا آهن. سوزوڪي بيهي رهي ٿي ۽ اسان ٻئي معمول جيان سوزوڪي ۾ چڙهون ٿا. مان آفيس ڏانهن ڏسان ٿو، فهميده جا سڏڪا مسلسل منهنجو تعاقب ڪري رهيا آهن. وقت جا بي رحم فاصلا مون کي هن جيان هن جي سڏڪن کان به جدا ڪرڻ لاءِ آتا آهن. پنڌ کٽي ٿو، اسان گهٽيءَ ۾ مڙون ٿا. سندم در جو گيٽ اچي ٿو، سندم زال ساگر جي ٻانهن مان جهليو در اندران گهر جي آڳر ۾ بيٺل آهي.
    هان هي وٺ چاٻيون. ماني ڪري رکي اٿم، ٻيو ڪجهه کپئي ته ’کمون‘ (جيڪو گهر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ ڇوڪرو آهي) کان ٺهراءِ وٺجانءِ، مان دير سان اينديس. ادا وڏي وارا ۽ ڀاڄائي وارا پنڊي مان آيل آهن.
    هوءَ ساگر کي وٺي مائٽن ڏانهن هلي وئي. ائين هن جو وڃڻ مون لاءِ ڪو نئون نه آهي. جيون جا ويهه سال هن اک ٻوٽ ۾ ته گهاريا اٿم. مان ۽ خالي گهر جون ديوارون سدائين هڪ ٻئي کي وندرائيندا آهيون، پر اڄ فهميده جون يادون مون کي زوردار چماٽون هڻي رهيون آهن ۽ چئي رهيون آهن ته:
    تون بزدل آهين. مون وٽ نه گهر آهي ۽ نه وري تو وٽ، گهر آهي ۽ گهر واري ٻئي آهن پوءِ به تون تنها آهين. تون ديوارن سان دل وندرائين ٿو. ها، توکي اها ئي سزا ملڻ گهرجي، سزا! محبت جي سزا!!!!

    (عبرت مئگزين پهرين آگسٽ 2004ع)


    33. ڌرتي ڌڻي ويچارا

    نسيم نگر چوڪ تي شاميانا، بک هڙتال ۾ ويٺل ڪجهه همراهه ستل، ڪجهه هار پايو ويٺل، لائوڊ اسپيڪر تي سرمد سنڌي جا قومي گيت… بينر لڳل… سنڌي ٻيٽن تي قبضا ختم ڪريو، سنڌين کي پنهنجا حق ڏيو، سنڌين جو پاڻي نه ڦريو… وغيره وغيره…
    منهنجو دوست ڪراچي ۾ رهي ٿو. مهيني ٻي مهيني… مون وٽ اچي ٿو ۽ شام جو مون سان گڏ واڪ به ڪندو آهي. هڪ رات يا ٻه راتيون رهندو آهي.
    اتي پهتاسين ته چيائين يار… هي ڇا آهي. هنن سنڌين کي ڇا ٿيو آهي. آئون جڏهن به اچان ٿو ته هتي اهي ئي ۽ ائين ڏسان ٿو. دنيا وڃي ڪٿي پهتي آهي، پنهنجا سنڌي انهن بک هڙتالن ۾ پورا آهن…
    مون ها ڪئي… ۽ هونئن هونئن پئي ڪيم. پنهنجي ڳالهه وڌائيندي چيائين… يار چون ٿا ته اسين ست هزار سال پراڻا سنڌي آهيون. اسان جي تهذيب دنيا جي پراڻي ۾ پراڻي تهذيب ۽ مالا مال ۽ شاهوڪار تهذيب آهي. پر يارن جا حال اهي اٿو جو اڃا تائين بک هڙتالن ۾ پورا آهن…
    اسان جا يار… (مهاجرن ڏانهن اشارو ڪندي) ڏسو 50-60 ساله تاريخ ۾ انهن پراڻي ڌرتيءَ تي اچي ڪيئن ڪنٽرول ڪيو اٿن، ڪيئن ترقي ڪئي اٿن… جو قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلين، Senate ۽ ملڪ جي هر اداري ۾ انهن جي نمائنده شامل آهن.
    منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين ته ادا… ترقي ته ائين ڪبي آهي نه… جو ملڪ جي هر اداري ۾ اسان سنڌين جي نمائندگي هجي… باقي رڳو جيئي سنڌ، جيئي سنڌ ڪري… نسلن جون نسلون ختم ٿي ويون.
    يار… 2013 جي ڪهڙي اسيمبلي ۾ جيئي سنڌ جيئي سنڌ ڪرڻ وارا پهتا آهن.
    هن جو هينئر اشارو جيئي سنڌ وارين پارٽين ڏانهن هو.
    اسيمبلي ۾ ته ڪو هڪ همراهه به نه پهچائي سگهيا آهن جو خدا جي پناهه ۾ رکي سنڌ ڌرتي کي… جو سنڌ ۾ سنڌين تي ڪو ڏکيو وقت اچي وڃي ته ڪو تقرير ڪرڻ وارو هجي…
    مون هن جي بدن کي جهليندي چيومانس… ادا سنڀال… واڪ ڪندي ذري گهٽ گاڏي ٿي لڳس. ڏس ادا… ايڏي ساري قاسم آباد ۾ ڪا اهڙي جوهه آهي فضيلت واري جو واڪ ڪري سگهون… مورڳو ٿي مئاسين… اهي ڇڙواڳ ڇوڪرا موٽر سائيڪلون هلائيندي ڏسن به ڪونه ٿا. يا پاڻ مرندا يا ٻين کي ماريندا…
    مون کي چيائين… ادا تون به ته ڳالهاءِ… مون وارو وٺائيندي چيو… ادا سچ ٿو چوين… اسان دعويٰ ته وڏي ٿا ڪريون ته اسان 6 ڪروڙ سنڌي آهيون. ڇا ڇهه ڪروڙ سنڌين مان هڪ به ڪو عبدالستار ايڌي جهڙو پيدا نه ٿيو آهي جو هڪڙي ڪا ايمبولينس وٺي… نسيم نگر ۾ ڪنهن ماڻهوءَ کي اٽيڪ ٿئي ته جيجل ماءِ اسپتال يا سول اسپتال پهچائيس…
    ڪو هڪڙو مرد مجاهد اڃا تائين نه نڪتو آهي جو سنڌ اسمبلي جي پليٽ فارم تان اٿي بيهي ڳالهائي سگهي. باقي جوشيلي تقريرن، قومي گيتن… بک هڙتالي ڪئمپن… مان ڇا وريو اٿن… ۽ ڇا ورندن… هن به مون سان سهمت ٿيندي چيو… ادا… پهرين ننڍن ننڍن ڪمن ڪارن ذريعي عام عوام جي دلين تائين پهچبو آهي… اهي پنهنجا ليڊر اڃا عوام جي دلين تائين پهتا ئي ڪونهن جو عوام جي دلين تي حڪمراني ڪن.
    هي سڀ… ڀتا خوري ۾ پورا… ڀتا خور ڪير آهن؟ قاسم آباد ۾ چور ڪير آهن… ڌاڙيل ڪير آهن… لٽيرا ڪير آهن… رهزن ڪير آهن… اکيون بند ڪري سوچ ته جواب ملي ويندو.
    واڪ تان واپس گهر ويندي وري انهيءَ بک هڙتالي ڪئمپ وٽان گذر ٿيو… سرمد سنڌي جو گيت بلند آواز ۾ هليو پئي… (مُنهَن، ڇپرن، لوڙهن ۾، گهر گهر ۾ گوليون، فوج، پوليس چوي، ڌاڙيل پيا ڳولهيون……)
    منهنجي دوست جي دل ۾ ڄڻ سالن جي ڪا باهه هئي رکيل… جيڪا ڀڙڪي پئي هئي. چيائين… اڃا ڌاڙيل پيا ڳولهين… سڀ ڪجهه پاڻ… ويچاري سرمد سنڌي جي انقلابي گيتن کي گهڻي بدنام ڪيو اٿن.
    مون چيو… ها ادا… انهن کي عوام جي دلين تائين پهچڻ کپي… ننڍن ننڍن ڪمن ذريعي… ننڍين ننڍين خدمتن ذريعي… پهرين ٻڌي ڪن… هڪ قوم ته ٿين… جيئي سنڌ جي نالي تي جيئي سنڌ فلاڻو گروپ، جيئي سنڌ فلاڻو گروپ… ڏهن گروپن ۾ ڏهه پارٽيون…
    هئڻ ته ائين کپي جو جيئي سنڌ… جي نالي تي صرف هڪ پارٽي هجي.
    سنڌي سٻاجهڙن جي دلين تائين پهچڻ جا رستا ڳولهجن ته انهن جي دلين تائين ڪيئن پهچجي…
    واڪ ڪندي گهر اچي ويو…


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259663
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386668
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ