ڪتاب جو نالو: ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾
مصنف: علامه آءِ. آءِ. قاضي / ايلسا قاضي / سومار علي سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1986
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 14 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 742 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 326 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برنارڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحرير “Adventures of the black Girl in her Search for God” جي جواب ۾ لکيل [Adventures of the Brown Girl in Her Search for God] هڪ اهڙو وڻندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادارڪ ۽ بيمثال تدبر ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳُجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بنيو رهندو. ”شا“ پنهنجي ڪتاب جو بنيادي خيال ٻئي انگريزي ڏاهي چارلس ڊارون جي ”اوسر واري نظريي“ سان ڳنڍي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته فطرت ۾ مذهبن جي اهميت ڪنهن فيصلا ڪُن ۽ غير معمولي سطح جي هر گز به ناهي. زندگي ۽ اُن جي ارتقا ڪن آسماني احڪامات جي نه پر زميني قاعدن جي محتاج آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب بابت
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڇپائيندڙ پاران
  • تعارف
  • ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10

  • ڪتاب بابت

    ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

    [Adventures of the Brown Girl in Her Search for God]


    *
    از
    علامه آءِ. آءِ. قاضي
    ۽
    ايلسا قاضي
    *

    مترجم

    سومار علي سومرو


    سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، سنڌ

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جا ليکڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ايلسا قاضي آهن جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار سومار علي سومرو آهي.
    ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برنارڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحرير “Adventures of the black Girl in her Search for God” جي جواب ۾ لکيل [Adventures of the Brown Girl in Her Search for God] هڪ اهڙو وڻندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادارڪ ۽ بيمثال تدبر ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳُجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بنيو رهندو. ”شا“ پنهنجي ڪتاب جو بنيادي خيال ٻئي انگريزي ڏاهي چارلس ڊارون جي ”اوسر واري نظريي“ سان ڳنڍي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته فطرت ۾ مذهبن جي اهميت ڪنهن فيصلا ڪُن ۽ غير معمولي سطح جي هر گز به ناهي. زندگي ۽ اُن جي ارتقا ڪن آسماني احڪامات جي نه پر زميني قاعدن جي محتاج آهي.
    هي ڪتاب 1986ع ۾ ڇپيو جڏهن ته ٻيو ايڊيشن سنڌي ادبي بورڊ پاران 2003ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري دوست احمد سومري جا جنهن ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويب سائيٽ تان سهيڙي ان کي اي بوڪ جي صورت ۾ سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڇپائيندڙ پاران

    فڪر ۽ فيلسوفيءَ جي دنيا ۾ خيالن جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ ۽ دليلن جو مقابلو آخرڪار هڪ صحتمند ۽ پائدار طرز واري زندگيءَ کي جنم ڏئي ٿو. يونان جي فيلسوف هيرا ڪليٽس کان وٺي اسلامي فڪر جي عروج توڙي برطانوي تجربيت، جرمن تصوريت ۽ فرانسسي رومانيت پسنديءَ کان سواءِ ويهين صديءَ جي ترقي پسند سماجوادي نظرين جي پٺيان اِهو ساڳيو نڪتو موجود نظر اچي ٿو. هيءُ ڪتاب پڻ انهيءَ ساڳئي نُڪتي جو تسلسل آهي. جارج برنارڊشا جيڪو جديد اولهه جي عظيم مفڪرن ۽ ليکڪن منجهان شمار ٿئي ٿو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي صاحب جنهن کي پاڻ ويجهي ماضيءَ جي عظيم الشان مشرقي مفڪرن منجهان ڳڻي سگهون ٿا، تن ٻنهي اعليٰ ذهنن جي وچ ۾ خيالن جي تفاوت جو هڪ خوبصورت جلوو هن ڪتاب منجهان ملي سگهي ٿو.
    ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ دراصل انگريزي ڏاهي جارج برنارڊشا جي 1932ع ۾ لکيل جڳ مشهور تحرير “Adventures of the black Girl in her Search for God” جي جواب ۾ لکيل هڪ اهڙو وڻندڙ ڪتاب آهي، جنهن ۾ موجود گهرو ادارڪ ۽ بيمثال تدبر ايندڙ ڳچ عرصي تائين سوچيندڙ ۽ ڪائناتي ڳُجهن ۾ دلچسپي رکندڙ ذهنن لاءِ ڪشش جو ڪارڻ بنيو رهندو. ”شا“ پنهنجي ڪتاب جو بنيادي خيال ٻئي انگريزي ڏاهي چارلس ڊارون جي ”اوسر واري نظريي“ سان ڳنڍي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته فطرت ۾ مذهبن جي اهميت ڪنهن فيصلا ڪُن ۽ غير معمولي سطح جي هر گز به ناهي. زندگي ۽ اُن جي ارتقا ڪن آسماني احڪامات جي نه پر زميني قاعدن جي محتاج آهي.
    علامه صاحب اُنهيءَ تصور تي تنقيد ڪندي انساني سماج جي سماجياتي، سياسي ۽ روحاني تاريخ جو تذڪرو ڪندي روحاني پاڪيزگي ۽ ذهني چاڪائيءَ لاءِ هڪ صحتمند مذهب کي لازمي ۽ اڻٽر قرار ڏئي ٿو. ان ڏس ۾ دليلن ۽ حقيقتن جي ذريعي علامه صاحب ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته اسلام ۽ اُن جو بنيادي فڪر ئي جديد دور جي لايعنيت، روحاني اضطراب ۽ سماجي بحرانن کي مُنهن ڏيئي سگهي ٿو. سندن سوجهيءَ مطابق اسلام هڪ ترقي پسند، زنده ۽ جدت پسند ”نظريئه حيات“ آهي، جيڪو انسانن جي داخلي ڪرب ۽ خارجي دنيا جي جبر کي ڪاميابيءَ سان منهن ڏيئي زندگيءَ کي بهتر رُخ ۾ وٺي وڃي سگهي ٿو.
    قاضي صاحب جن جي هن ڪتاب رڳو مشرق نه پر مغرب جي عالمن ۽ نقادن وٽ تمام گهڻي مڃتا ماڻي ۽ اُن کي روايتي ميڪنيڪل ورجاءَ بجاءِ سچي پچي تخليقي جوهر سان تعبير ڪيو. هن اهم ۽ تعميري ڪم ۾ سندن شريڪ حيات ۽ روشن دماغ خاتون امڙ ايلسا قاضيءَ به انهيءَ خلوص ۽ پيار سان ساڻن هٿ ونڊايو، جنهن پاٻوهه سان نامياري دانشور ول ڊيورانٽ سان سندس همسفر اريئل ڊيورانٽ ”فلسفي جي ڪهاڻي“ سميت ٻين بيشمار تحريرن ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪئي. هيءُ ڪتاب علامه صاحب جن پنهنجي زندگيءَ جي اهم ترين دور ۾ 1933ع ۾ انگلينڊ ۾ لکي پورو ڪيو پر گهڻو عرصو پوءِ يعني 1968ع ۾ اها تحرير سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇاپي ويئي. اها تحرير سنڌ جي علمي حلقن ۾ تمام گهڻي مقبول ٿي ۽ تڏهوڪي بورڊ انتظاميا کي 1979 ۾ هيءُ ڪتاب ٻيهر ڇاپڻو پيو. ڪتاب جي مانَ ۽ مرتبي کي نظر ۾ رکندي سنڌي ادبي بورڊ “Adventures of the Brown Girl in her Search for God” کي نامياري سنڌيڪار سومار علي سومري هٿان ترجمو ڪرائي 1986ع ۾ پڌرو ڪيو ۽ سنڌ ۾ ڄاڻ جي ڦهلاءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
    ڳچ عرصي کان مارڪيٽ ۾ هيءُ ڪتاب اڻلڀ رهندو ٿي آيو ۽ بار بار طلب هوندي به سنڌي ادبي بورڊ پڙهندڙن جي اها آس پوري ڪرڻ ۾ سوڀارو نه ٿي سگهيو. سيڪريٽريءَ جي ذميواري سنڀالڻ کانپوءِ جن ختم ٿي ويل ڪتابن کي ترجيحي بنيادن تي شايع ڪرڻ جي مون کي ضرورت محسوس ٿي، تن مان توهان جي هٿن ۾ موجود هيءُ ڪتاب به شامل آهي.
    مون لاءِ اِها ڳالهه اعزاز ۽ فخر جي آهي ته مان پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هيءُ ڪتاب ٻيهر ٻيو ڀيرو ڪمپيوٽر ڪمپوزنگ ذريعي ڇپائي اهم ذميواري نڀائڻ سان گڏ ثواب به ڪمائي رهيو آهيان. ڇاڪاڻ جو هر خير جو ڪم دراصل هڪ قسم جو ثواب ئي هوندو آهي. اُميد ٿي ڪجي ته سنڌ واسي اسان جي پورهئي ۽ جذبي کي مان ڏيندي هن ڪتاب ۾ لڪل وکر منجهان گهربل لاڀ حاصل ڪندا.

    انعام الله شيخ
    سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ
    10- آگسٽ 2003ع
    17 شوال 1424 هجري


    تعارف

    ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ نالي هيءُ ڪتاب، جيئن ان جي ذيلي عنوان مان ظاهر ٿي رهيو آهي، سو ”ڪاري ڇوڪري، خدا جي ڳولا ۾“ ، ڪتاب جو جوڙي دار آهي، جيڪو ”برنارڊ شا“ جو لکيل آهي، ۽ هن ڪتاب کي انهيءَ سان گڏي پڙهڻ گهرجي.
    هيءُ ڪتاب، جيڪو ”مسٽر شا“ جي اُنهيءَ ڪتاب جو، هڪ مسلمان مفڪر جي طرفان جواب آهي، جيڪو سڀ کان اول ”ڪانسٽيبل ائنڊ ڪمپني لميٽيڊ (لنڊن)“ طرفان ”ڪاري ڇوڪريءَ جا خدا جي ڳولا ۾ ڏاکڙا“ جي نالي سان سنه 1932ع جي آخري ڏينهن ۾ شايع ڪيو ويو هو. ان کانپوءِ وري اُهو ئي ڪتاب پينگئن بُڪس لميٽيڊ طرفان ”ڪاري ڇوڪري خدا جي ڳولا ۾“ جي مختصر نالي سان شايع ڪيو ويو آهي ۽ ساڻ ئي ڪجهه ٻيون ننڍيون ڪهاڻيون به شامل ڪيل آهن، مسٽر ۽ مسز آءِ . آءِ قاضيءَ ”ڀوري ڇوڪريءَ جا ڏاکڙا“، سنه 1933ع ۾ ”مسٽر شا“ جي ڪتاب جي جواب ۾ شايع ڪيو.

    (1)
    هن ڪتاب کي صحيح نموني ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته مسٽر شا جي ڪتاب ۾ ڪن مذهبي عقيدن ۽ رستن جي جائز هئڻ متعلق، سندس ڪتاب ۾ بيان ڪيل انهيءَ عام دليل جو حوالو ڏنو وڃي، جن کي انسان ذات جي عالمي عقيدي ۽ عمل طرفان تقدس ۽ احترام ڏنو ويو آهي، مسٽر شا تي نسلي ”ارتقا“ واري نظريي جو اثر ٿيل هو، جهڙيءَ طرح اُهو اِنهيءَ موضوع جي ليکڪن طرفان ويهين صديءَ جي اوائلي سالن ۾ پيش ڪيو ويندو هو ۽ در حقيقت هن جي وڏي ۾ وڏي ڊرامائي ڪتاب ”مئٿوسيلاه ڏانهن موٽ“ (1921ع) جي نظريي جو بنياد ئي سندس ذهن ۾ هڪ اهڙي مڪتبهء فڪر جي پيداوار هو، جنهن کي ”تخليقي ارتقا“ جي نالي سان سڏجي ٿو. هن جو ان کان اڳيون ڊرامون ”مئن ائنڊ سُپر مئن“ (1901-1903ع) زندگيءَ جي اهڙي فلسفي جي عڪاسي ڪري رهيو هو، جيڪو اُنهيءَ فلسفي سان ٽڪرائجي رهيو هو، جنهن جي ڊارون Darwin جي عقيدتمندن حمايت ڪئي هئي. انهن ٻن متضاد نظرين، يعني ڊارون جي نظريي جي حامين ۽ تخليقي ارتقاء جي درميان جيڪو فرق هو، سو مختصر طور هن طرح سان بيان ڪري سگهجي ٿو: ڊارونِ جي نون عقيدتمندن جو عقيدو اهو هو ته ڪائنات جي هيءَ ارتقاء هن ڳالهه ۾ هڪ مشين وانگر هلي رهي آهي، جو هڪ صنف محض ”اتفاقي“ تبديليءَ جي ذريعي جوابي عمل جو آلھ يا اوزار پيدا ڪري ٿي، جيڪو ان کي اتفاقي طور پنهنجي پسگردائيءَ جي ضرورتن لاءِ بهتر طريقي سان پاڻ کي تبديل ڪري سگهڻ جي قوت ڏيئي ٿو ۽ ان طرح ان کي پنهنجي بقا کي برقرار رکي سگهڻ جهڙو بنائي ٿو. انهيءَ نقطئه نگاهه کان انساني بهتري ۽ اصلاح، مثال طور” ڪنهن بي مقصد حادثي جو ڪم آهي، جيڪو حادثن جي سراسري تعداد جي اصول تحت، ڪنهن ٻئي وڌيڪ بي مقصد حادثي جي هٿان ڪنهن نه ڪنهن وقت ميسارجي وڃي ٿو.“ پر انهن ماڻهن جي مطابق، جن جو ”تخليقي ارتقا“ جي نظريي ۾ عقيدو آهي، اها قوت، جيڪا ارتقا کي پيدا ڪري ٿي، سا تخليقي آهي، يعني اُها قوت پنهنجي ضرورت جي پختگيءَ ذريعي، شدت جي هڪ خاص درجي يا مقام وٽ پهچي، نئون سلسلو پيدا ڪري سگهي ٿي ۽ در حقيقت پيدا ڪري ٿي، جنهن سان اهو تخليق ۽ تنظيم ڪري ٿي.“ مسٽر شا جي بقول، ”جيڪڏهن بار کڻندڙ پهلوان هڪ ورزشي ۽ جسماني مقابلي جي وقتي ضرورت ۽ خسيس مقصدخاطر، هڪ پٺو سامهون آڻي سگهي ٿو، ته پوءِ هي خيال ڪرڻ بلڪل معقول ٿيندو ته اهڙو ئي ضرورتمند ۽ سنجيده فيلسفو ۽ مفڪر ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ دماغ کي وجود ۾ آڻي سگهي ٿو. ٻنهي حالتن ۾ قوت، جا هڪ خاص مقصد ۽ ضرورت خاطر، مختلف رخ آهن. تخليق اسان کي ڏيکاري ٿي ته قوت جو اهڙو رخ هر قسم جا ڪم ڪري ٿو: مثلاََ سئو پيرين کي سئو سئو ٽنگون مهيا ڪري ٿو ۽ مڇيءَ کي وري هڪ به ٽنگ کان محروم ڪري صاف ڇڏي ٿو، ڌرتيءَ تي گهمندڙن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ٽنگون ۽ ٻانهون ٺاهي ٿو، سمنڊ وارن لاءِ ڪَليون ۽ ڪَنڊا يا کنڀڙاٽيون ڏي ٿو، کير پيئاريندڙ جانورن کي سندن ٻچڙڻ کي پيٽ اندر ۽ پکين کي وري پيٽ کان ٻاهر (آني ۾) ٻچن کي پالڻ جي قوت ڏي ٿو، مطلب ته اسان کي پنهنجي حرڪت قائم رکڻ ۽ پنهنجن ذريعن ۽ وسيلن کي وڌائڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي جسماني ترڪيب جي چونڊ ڪرڻ جي آڇ ڪري ٿو.“ (هن جي ڪتاب ”مئٿو سيلاه ڏانهن موٽ“ جو مهاڳ ڏسو).

    مسٽر شا جڏهن تخليقي ارتقا جو اِهو نظريو، مذهب سان لاڳو ڪري ٿو، تڏهن سندس اهو عمل هن کي اهڙن نتيجن تي پهچائي ٿو، جيڪي مذهب جي هزارن سالن جي قديم نظام کي، جيئن ان تي روايتي طور عقيدو ۽ ايمان رکيل آهي، نفرت ۽ بدناموسيءَ جي دائري اندر آڻي ٿو. مطلب ته مسٽر برنارڊ شا جي تخليق ڪيل ”ڪاري ڇوڪري“، پنهنجن ڏکن ڏاکڙن جي آخر ۾، هن نا اُميديءَ واري نتيجي تي پهچي ٿي ته مذهبي عقيدي تحت قائم ڪيل ديني ادارا ۽ اهو مذهب جنهن جي اُهي پيداوار آهن، نامعقول آهي ۽ جيتوڻيڪ هن جي ملاقات، سندس مهم جوئي جي دوران دنيا جي ذري گهٽ سڀني وڏن مذهبن جي بانين سان ٿئي ٿي، پر ان هوندي به هن جي نگاهن ۾ انهن مان ڪنهن هڪ جي تعليم به ڪارگر ڪانهي، درحقيقت ، هن کان سڀني تي ٺٺولي ڪرائي وڃي ٿي.
    آخرڪار، هوءَ هڪ اهڙي باغ ۾ وڃي، مالهڻ جي زندگي اختيار ڪري ويهي ٿي، جنهن کي ”هڪ اهڙو جهانديده پيرسن شخص پوکي رهيو هو، جنهن جون اکيون اهڙيون حيرت انگريز هيون، جو هن جو سڄو منهن اکيون ئي اکيون نظر اچي رهيون هيون، هن جو نڪ اهڙو دلچسپ هو، جو هن جو سڄو منهن فقط نڪ ئي نڪ نظر اچي رهيو هو ۽ هن جو وات اهڙي سواد جو شيطاني مظاهرو ڪري رهيو هو، جو هن جو سڄو منهن فقط وات ئي وات نظر اچي رهيو هو، تان جو ڪاري ڇوڪريءَ انهن ٽنهي اڻ ٺهڪندڙ ڳالهين کي، هيءُ فيصلو ڪري هڪ ٻئي سان مطابقت ڏني ته هُن جو منهن مجموعي طور سڄو عقل ئي عقل هو. مسٽر شا جي ڪتاب ۾، ڪاري ڇوڪريءَ ۽ انهيءَ پوڙهي شخص جي درميان هليل گفتگوءَ جو هيٺيون رڪارڊ موجود آهي، جنهن لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اها گفتگو، خدا جي ڳولا جي قدر و قيمت جي متعلق، مسٽر شا جي تعليم جي جوهر جي علامت آهي:
    ”اندر هلي اچ“، پوڙهي شخص چيو، ”مون ڪافي گهڻي سوچ ويچار کانپوءِ ڏٺو آهي ته خدا جي ڳولا ڪرڻ جي بهترين جاءِ، هڪ باغ ۾ آهي. تون هُن جي ڳولا ڪرڻ، لاءِ هِن هنڌ تي کوٽائي ڪري سگهين ٿي.“
    ”خدا جي ڳولا ڪرڻ متعلق، منهنجو ڪو اِهو خيال ڪونهي.“ ڪاري ڇوڪريءَ نااُميد ٿي چيو، ”توهان جي مهرباني، آئون اڳتي وينديس.“
    ”ته پوءِ ڇا، تنهنجي خيال، جيئن تون ان کي سڏين ٿي، توکي ان تائين پهچايو آهي؟“
    ”نه“، ڪاري ڇوڪريءَ بيهندي چيو، ”آءُ اِئين نه ٿي چئي سگهان ته اُن اِئين ڪيو آهي. پر مون کي توهان جو خيال پسند ڪونهي.“
    ”گهڻن ئي اهڙن ماڻهن، جن خدا کي ڳولي لڌو آهي، کيس لهڻ کانپوءِ پسند نه ڪيو آهي ۽ اُنهن پنهنجي باقي زندگي هن کان دور ڀڄڻ ۾ گذاري آهي. ڀلا اِئين ڇو ٿي سمجهين ته تون هن کي پسند ڪندينءَ؟“
    ”مون کي خبر ڪانهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”پر هڪ مبلغ وٽ نظم جي هڪ سِٽ آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته جڏهن اسان کي اعليٰ ترين هستي نظر اچي، تڏهن اسان کي گهرجي ته ساڻس محبت ڪريون.“
    ”اُهو شاعر ڪو احمق هو، ”پوڙهي شخص چيو، ”اسين ان کان نفرت ڪندا آهيون، ان کي صليب تي چاڙهيندا آهيون، کيس زهر ڏيئي ماريندا آهيون ۽ هن کي زنجير سان ٿنڀ ۾ ٻڌي جيئرو جلائيندا آهيون. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ جي دوران پنهنجي ننڍڙي نموني ۾ خدا جو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ۽ سندس دشمنن کي پنهنجي مٿان کِلڻ جو سبق سيکاريو آهي، پر جيڪڏهن تون مون کي چوندينءَ ته ”خدا رستو وٺيو پيو اچي ته آءٌ جيڪر ڪُئي جي ڪنهن قريب ترين ٻِر ۾ گهڙي وڃان، ۽ تيسين ساهه کڻڻ جي جرئت نه ڪريان جيسين هو اتان لنگهي نه وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو مون کي ڏسي وٺي يا منهنجي بوءِ سنگهي وجهي ته پوءِ ڇا، هو منهنجي مٿان پنهنجو پير رکي چيڀاٽي نه ڇڏيندو، جيئن آءٌ جيڪر ڪنهن ننڍڙي زهريلي چيز کي چيڀاٽي ماري وجهان، جيڪا منهنجا حڪم نه مڃيندي هجي ها؟ انهن ويچارن کي، جيڪي هن طرح دانهون ڪندا خدا جي پٺيان ڊوڙن ٿا، ته ”ڪاش مون کي معلوم هجي ته آءٌ کيس ڳولي سگهندس.“ پنهنجي متعلق تمام ڪو وڏو خيال هوندو، جو اهي ائين سمجهن ٿا ته سندس موجودگيءَ ۾ هن جي اڳيان بيهي سگهندا، ڇا، تبليغ ڪندڙ پادريءَ توکي جيوپيٽر ۽ سيميل جي ڪڏهن ڳالهه ٻڌائي آهي؟“
    ”نه“، ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”اها ڳالهه ڪيئن آهي؟“
    ”جيو پيٽر خدا جي نالن منجهان هڪ آهي،“ پوڙهي شخص چيو، ”توکي ته معلوم آهي ته هن جا ڪيئي نالا آهن، ائين آهي نه؟“
    ”جنهن ماڻهوءَ سان منهنجي سڀني کان پوئين ملاقات ٿي هئي، تنهن هن کي الله جي نالي سان پئي سڏيو“، ڪاري ڇوڪريءَ چيو.
    ”برابر“، پوڙهي چيو، ”چڱو ته ڀلا ٻڌ، جيو پيٽر کي سيميل سان محبت ٿي پيئي ۽ هن کي ايترو لحاظ پيو، جو هو سيميل وٽ هڪ ماڻهوءَ جي صورت ۾ اچي ظاهر ٿيو، ۽ ساڻس ماڻهوءَ وانگر هلت ڪئي پر پاڻ کي ايڏو ته وڏو سمجهيو، جو هن ڳالهه تي اڙجي بيٺي ته هو سندس سامهون هڪ ديوتا جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ۽ ساڻس ديوتا بڻجي محبت ڪري. جنهن ڪري هن انهيءَ ڳالهه تي اصرار ڪيو ته هو پنهنجي خدائيءَ جي پوري جلال سان هن وٽ اچي“.
    ”پوءِ جڏهن هو انهيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيو ته ڇا ٿيو؟“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”بس، اُهو ئي ٿيو، جنهن جو هن کي اڳواٽ ئي خيال ڪرڻ گهربو هو ته اِئين ٿيندو“، پوڙهي شخص چيو، ”هوءَ سڄي سُسي ويئي ۽ ائين ٺڪاءُ ڏيئي ڏري پيئي، جيئن ڪا ننڍي تِڏ باهه ۾ سَڙڻ مهل ٺڪاءُ ڏيئي ڦاٽندي آهي، تنهن ڪري خبردار ٿجانءِ. تون سيميل وانگر بيوقوف نه بڻجانءِ. خدا تنهنجي ٺونٺ وٽ موجود آهي ۽ هو هميشھ اتي موجود رهيو آهي. پر هن پنهنجي رحم و ڪرم سان پاڻ کي تنهنجي اڳيان ظاهر نه ڪيو آهي ته متان توکي هن جي حد کان وڌيڪ معرفت، هوش کان ڪڍي پاگل نه بڻائي ڇڏي،. تون پنهنجي لاءِ هڪ ننڍڙو باغيچو ٺاهه، ان ۾ کوٽائي ڪر، ۽ گل پوک، انهن جي ڪاٽ ڪُوٽ ڪر ۽ گُڏ ڪڍ، ان وقت شڪر ڪر، جڏهن هو توکي ڪنهن اناڙيءَ وانگر غلط نموني ۾ ڪم ڪندو ڏسِي تنهنجي ٺونٺ کي جهٽڪو ڏيئي ٿو ۽ جڏهن توکي ڪاريگريءَ سان باغباني ڪندي ڏسي ٿو، تڏهن توکي دعائون ڏئي ٿو.“
    ”ته پوءِ ڇا، اسين هن جي موجودگيءَ کي ڪڏهن به برداشت نه ڪري سگهنداسين؟“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”مون کي يقين آهي ته نه“، پيرسن مفڪر چيو، ”ڇاڪاڻ ته اسين ڪڏهن به هن جي موجودگيءَ کي ان وقت تائين سهي نه سگهنداسين، جيسين اسان هن جا سڀ مقصد پورا نه ڪيا آهن ۽ پاڻ ديوتائون نه ٿيا آهيون پر جيئن ته هن جا مقصد لامحدود آهن ۽ اسين پاڻ انتهائي محدود ۽ مخصر آهيون. ان ڪري خدا جو شڪر آهي ته اسين ڪڏهن به هن جي مقصدن کي پروڙي نه سگهيا آهيون، اسان جي لاءِ ائين ئي بهتر آهي. جيڪڏهن اسان جو ڪم پورو ٿي ويندو ته پوءِ اسين وڌيڪ ڪنهن ڪم جا نه رهنداسين، بس پوءِ اسان جو اَنت اچي ويندو. ان کانپوءِ هو اسان جهڙن بدصورت ۽ خسيس جيوڙن کي فقط ڏسڻ لاءِ جيئرو نه رکندو، تنهن ڪري اندر هلي آءُ، ۽ هن جي تعريف ۽ ساراهه ۾ هن باغ پوکڻ ۾ مدد ڪر، باقي ٻيو سڀ ڪجهه مٿس ئي ڇڏي ڏي.“
    جلد ئي پوءِ، ڪاري ڇوڪري مالهڻ جو ڪم شروع ڪرڻ لاءِ جڏهن اُتي رهي پيئي، تڏهن سندس ملاقات ”سُرخ وارن“ واري هڪ آئرش نسل جي ماڻهوءَ سان ٿي، جيڪو پٺئين پاسي واري باغيچي ۾ بورچيخاني ۾ ڪم ايندڙ ڀاڄين پوکڻ جي ڪم ۾ مصروف هو.“ پڙهندڙن پاڻ ئي سڃاڻي سگهندو ته سرخ وارن وارو ماڻهو خود مسٽر شا کانسواءِ ٻيو ڪوئي ڪونه هو. ڪاري ڇوڪريءَ جي مهم جو ئي اِتي پهچي، ”سرخ وارن واري آئرش ماڻهوءَ“ سان شادي ڪرڻ تي ختم ٿئي ٿي ۽ پوءِ ڪتاب جو اختتام هن ڳالهه سان ٿئي ٿو:
    ”چنانچه، انهن جي پاڻ ۾ شادي ٿي ۽ ڪاري ڇوڪريءَ آئرش ماڻهوءَ ۽ ٻارن کي (جيڪي وڻندڙ ڪارڙي رنگ وارا هئا) ڏاڍي عقلمندي سان هلايو ۽ انهن لاءِ سندس دل ۾ چاهت به پيدا ٿي ويئي. ڪاري ڇوڪري، ٻارن جي نگهبانيءَ، باغيچي پوکڻ ۽ مڙس جي پراڻن ڪپڙن جي مرمت ڪرڻ، (جيڪي هوءَ کيس لاهي اُڇلائڻ تي آماده ڪري نه سگهي) جي مصروفتين جي درميان سڄو وقت ايتري قدر رُڌل رهندي هئي، جو هن جي دماغ مان خدا جي ڳولا وارو خيال اڪثر وقتن تي ميسارجي ويندو هو، پر ڪي گهڙيون اهڙيون به اينديون هيون، خصوصاََ جڏهن هوءَ پنهنجي هڪ دلپسند ڪارڙي ٻار کي وهنجارڻ کانپوءِ، جيڪو ڏاڍو ماٺيڻو ۽ خاموش طبع هوندو هو، سُڪائيندي هئي، تڏهن هن جو خيال سندس ڳولا ڏانهن موٽي ويندو هو. هاڻي، فقط هن کي انهيءَ ڳالهه تي عجب لڳندو هو ته هڪ ڇوڪري پاڻ کي دنيا ۽ جهان جو مرڪز سمجهي خدا سان ملاقات ڪرڻ لاءِ نڪري پوي ٿي، جنهن جو اڃا تائين ڪو ٺڪاڻو به ڪونهي، ۽ جنهن کي هڪ تبليغ ڪندڙ پادريءَ ائين سيکاريو آهي ته هوءَ خدا کي هڪ اهڙي هستي سمجهي، جنهن کي اِنهيءَ ڪم کان وڌيڪ ڪو ٻيو ڪم ئي ڪونهي ته هو ڇوڪريءَ جي هر هڪ فعل کي جاچيندو رهي ۽ ان جي چوڪسي ڪندو رهي ۽ پاڻ کي هن (ڇوڪريءَ) جي نجات لاءِ پريشان ۽ فڪرمند ڪندو رهي. اهو سوچيندي ڇوڪريءَ پنهنجي ڪارڙي ٻار کي ڪِتِڪتائي به ڪئي ۽ کانئس پڇيائين، ”سمجهه کڻي ته مون خدا کي گهر ۾ موجود ڏٺو هجي ها، ۽ پوءِ جيڪڏهن هو مون کي اهڙو اشارو ڏئي ها ته مون کي اُتي ترسئي حد کان وڌيڪ وقت گذري ويو هو ۽ هُن کي ٻيا به ڪم ڪرڻا پيا هئا، ته پوءِ جيڪر آءٌ ترسي ڇا ڪريان ها؟“
    اهو هڪ اهڙو سوال هو، جنهن جو ڪارڙو ٻار جواب ڏيڻ کان قاصر هو، هن فقط وڏا وڏا ٽهڪ ڏنا ۽ سندس ڪَرايون پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. آخر جڏهن ڪارڙو ڇوڪرو وڏو ٿيو ۽ هن کان آزاد ۽ خودمختيار بڻيو، ته آئرش ماڻهو بلڪل بي اختياري طور سندس عادت بڻجي ويو، گويا هو ئي هڪ حصو هو، تڏهن ئي انهن ٻنهي هن کي پنهنجي وجود کان دور ڪڍي وڃڻ کان بس ڪئي پر پوءِ هڪ دفعو ٻيهر اڪيلائي ۽ فرصت نصيب ٿيس، جنهن ۾ هن وري پاڻ کي انهن خيالن ۾ وڪوڙيل ڏٺو ۽ اهي ساڳيا سوال سندس ذهن ۾ اُڀرڻ لڳا، ۽ انهيءَ وقت تائين، سندس پختو ذهن ۽ دماغ هن کي انهيءَ منزل کان گهڻو پري ڪڍي ويو هو، جتي بُتن کي ڏنڊن سان ڀڃڻ ڀورڻ ۾ ڪو مزو هوندو آهي.“
    (2)
    مسٽر ۽ مسز آءِ. آءِ قاضي مذهب جي تنظيم کي انهيءَ منڪرانه نقطهءِ نظر سان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جي اُبتڙ ۽ ان جي مخالفت ۾، ديني عقيدي ۽ عمل جي ارتقا جي اهم ۽ مکيه خاصيتن جو هڪ صاف ۽ واضح بيان پيش ڪن ٿا، جيئن ماڻهو انهن کي تاريخ ۽ نفسيات جي روشنيءَ ۾ ڏسي. هنن جو ڍنگ عالمانه ۽ فاضلانه آهي، جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي ”ڏاکڙن“ جو غور سان مطالعو ڪجي ٿو، تڏهن اُهي انسانذات جي مذهبي نظريي جا اهي اهم سنگ ميل نظر اچن ٿا، جيڪي تاريخ جي پردن هٽائڻ ۽ هڪٻئي پٺيان کولڻ سان ظاهر ٿيندا وڃن ٿا. جيئن هن ڪتاب جي ٻاهرئين پوش تي نڪتل تصوير ڏيکاري ٿي ته ”ڀوري ڇوڪري“ سان خود تاريخ هڪ شخصيت جو روپ ڌاري مخاطب ٿي رهي آهي. پڙهندڙ کي جنهن واحد ٻئي مڪتب جي روشنيءَ ۾ مذهبي ترقيءَ جي صرف و نحو کي سمجهڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي، سو علم نفسيات آهي. اسان جي ليکڪن انسان جي مذهبي فڪر جي مختلف زاوين کي سمجهائڻ لاءِ نفسياتي ڳالهين کان گهڻو ڪم ورتو آهي. تاريخ ۽ علم نفسيات اهي ٻيئي آخري اپيل جي اها عدالت آهن، جنهن جي حضور ۾ اسان جا ليکڪ ڀوري ڇوڪريءَ جي فڪري لاڙن کي فتويٰ لاءِ پيش ڪن ٿا ۽ کيس هن بنيادي حقيقت تي پهچائڻ لاءِ، ته دنيا ۾ مختلف ۽ گهڻا مذهب ڪينهن، بلڪه هڪ ئي مذهب آهي، هن کي مختلف نوعيت جي مذهبي تجربن مان گذارين ٿا. انسان ذات جي تاريخ ۾ مختلف مذهبن کي محض انهن مختلف طريقن طور سمجهيو ويو آهي، جن ۾ دنيا جي مختلف قومن کي جدا جدا دورن ۾ عالمي دين جي پيغمبرن طرفان اها تعليم ڏني ويئي آهي ته اهي پنهنجي اصلي فطرت جي بهترين خدمت ڪهڙي طرح ڪري سگهن ٿا ۽ اهڙي طرح انسان ذات جي ارتقا ۽ ترقيءَ جي رفتار ڪيئن تيز ڪري سگهن ٿا. ”هر دور لاءِ هڪ جدا ڪتاب آيو آهي، جنهن ۾ خدا ئي رضا جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ۽ منجهن انهيءَ مخصوص دور لاءِ گهربل خدائي قانون ڏنو ويو آهي، تان جو وري هڪ نئون ڪتاب وصول ٿيو آهي.“ (انهيءَ طرز جي فڪر لاءِ ڏسو صفحو 69 ۽ ان کانپوءِ ايندڙ صفحا). انسان جي مذهبي واڌاري کي، اهڙيءَ طرح ارتقائي پس منظر ڏيکاريو ويو آهي. الهامي ڪتابن کي الله تعاليٰ طرفان ابن آدم کي تعليم ڏيڻ ۽ کيس فڪري بلوغت جي انهيءَ نقطه تي پهچائڻ جو طريقو ڏيکاريو ويو آهي، جڏهن هن ۾ پنهنجي ارتقا جي مسئلي کي خود پنهنجن هٿن ۾ کڻي سگهڻ جي توقع رکي سگهڻ ممڪن ٿيو. اهو مقصد پڙهندڙ جي اڳيان، انسان جي مذهبي شعور جي مختلف ترقياتي منزلن جي تصوراتي تعمير کي نئون ڪري ۽ سامهون آڻي حاصل ڪيو ويو آهي، تان جو ڀوري ڇوڪري پنهنجي تلاش جي آخري منزل ۾ حضرت محمد (صلي الله عليھ وآلھ وسلم) جي سامهون پهچي ٿي، جيڪو هن کي الله جو آخري پيغام ڏي ٿو. ”اهو پيغام آخري“ هن ڪري آهي، جو جنهن ڪتاب ۾ اُهي احڪامات شامل آهن، سو ڪوئي احڪامات جو ڪتاب نه، بلڪه اُهو جيڪو ڪتاب آهي سو مختلف قسم جي طريقن جو مشورو ڏي ٿو، جنهن جي ذريعي هر هڪ ماڻهوءَ کي جدا جدا نموني ۾ الهام وصول ٿيندو رهندو ۽ اُنهن کي اهڙن ميعادي الهامن جي ضرورت نه رهندي جيڪي وقت بوقت ايندا رهيا آهن. انسان هاڻي چڱيءَ طرح سان بلوغت کي پهچي چڪو آهي. هاڻي هن کي آئنده لاءِ ائين نه چيو ويندو ته” تون هيئن ڪندين“ يا ”تون هيئن نه ڪندين“ پر هيءُ ڪتاب هاڻي هن کي ٻه وڏا ۽ ويڪرا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هُن کي انهن ٻنهي رستن مان پنهنجي مرضيءَ سان چونڊ ڪرڻي آهي پر جيڪڏهن هو غلط رستو چونڊي ٿو ته پوءِ هن لاءِ وڏي مصيبت آهي. مرد ۽ عورت کي هاڻي چونڊ ڪرڻ جي وڌيڪ آزادي حاصل آهي، پر اهي اوترائي وڌيڪ ذميدار آهن.“ (ڏسو صفحو 70)
    درحقيقت، ڀوري ڇوڪريءَ جي سندس خدا جي ڳولا ۾ ڏاکڙن کي قرآن مقدس جي اِنهيءَ دعويٰ تي هڪ طرح جي تنقيد آهي، ته سمورا مذهب هڪ ئي طرح جي بنيادي ۽ ابتدائي مذهب ۽ حقيقت جي نموني جا مختلف طريقا آهن. ان ڪري هڪ معتقد کي هدايت ڪئي ويئي آهي ته هو سڀني ڪتابن ۽ سڀني نبين تي ايمان آڻي، جي هو انسان ذات ڏانهن کڻي آيا آهن. انسان ذات کي اهو اختيار نه ڏنو ويو آهي ته اهي انهن منجهان ڪنهن به هڪ جي وچ ۾ امتياز يا فرق آڻي، جيئن اسان جي مصنفين جي طرفان ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ڀوري ڇوڪريءَ کي ديني ترقيءَ جي مختلف منزلن وچان گذاريو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح هن کي اندروني طرح انهيءَ زحمت کي حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو جا ”اسلام“ دين جي ظاهر ڪيل آخري صورت طرفان منظور ڪيل شڪل ۽ صورت آهي. مذهب ۽ حقيقت جي نموني جا مختلف طريقا آهن. مختلف مذهبي نبين جي ڪانفرنس ۾ جيڪا مصنفين طرفان بنائي پيش ڪئي ويئي آهي، جن مان هر هڪ جي پيغام کي مذهبي ترقيءَ ۽ ترويج پيش ڪرڻي هئي، آخري پيغيمبر جي ننڍڙي تقرير (جيڪا هن ڪتاب جي ص 141 تي ڏسي سگهجي ٿي)، اسلام جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي ظاهر ڪري ٿي. آخري پيغمبر جي پيغام کي اهڙيءَ طرح ”انسانذات جي اڳوڻن سڀني مذهبي اڳواڻن جي ڏنل خاطري ۽ پڪ ڪري ڏيکاريو ويو آهي- انهن نبين مان ڪن جا نالا مقدس ڪتاب ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن ۽ انهن ۾ اهڙا ٻيا (انبياءِ) به آهن جن جا نالا ان ۾ مذڪور نه ڪيا ويا آهن. اسلام کي ائين بيان ڪيو ويو آهي ته هو سڀني مذهبن جو عروج آهي، انسان ذات جي مذهبي ارتقا جو ڪمال آهي: ان جي بدولت جنهن کي مذهب چئجي اهو ائين پنهنجي آخري منزل تي رسي ٿو جيئن ڪو گل يا ڪو ميوو، هڪ ٻوٽي جي زندگيءَ جو ڇيهه هوندو آهي، جنهن پنهنجي زندگي اُن ٻج سان شروع ڪئي هجي جو زمين ۾ پوکيو ويو هجي.
    جڏهن الله جي آخري رسول جي تقرير ختم ٿي ويئي، تڏهن اُن ڀوري ڇوڪري جو اهو عرض ته ”اڃا مون خدا کي ڳولي هٿ نه ڪيو آهي“، ان جو جواب تاريخ هن طرح ڏيئي ٿي، جو فاضل مصنف بيان ڪيو آهي:
    ”تاريخ زور سان ٽهڪ ڏيئي چيو ته ابن الانسان ضدي آهي،“ هن چيو، ”هن کانپوءِ به تو اهو محسوس نه ڪيو آهي ته آخري تڪميل ۽ هن دنيا جو آخري ڪم خدا کي ڏسڻ آهي.
    ”توکان وسري ويو آهي ته توکي اڳي.ئي خدا جي وجود جون جهلڪون نظر آيون آهن، حالانڪه اهي فقط ٿاڦوڙا هڻندڙن واريون جهلڪون آهن، جن کي اهي فقط ڇُهڻ جي حِسَ ذريعي ملن ٿيون. صحيح اهي ئي جهلڪون آهن، جن هڪ يا ٻيءَ صورت ۾ زندگيءَ کي ممڪن بنايو آهي ۽ جيڪي ماڻهوءَ کي سندس منزل مقصود ڏانهن اڳتي وٺي هلن ٿيون.
    ”احساس: منهنجي ٻچڙي، احساس جنهن جي معنيٰ آهي، خدا جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ قريب ٿيڻ ۽ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ مڪمل جهلڪ ڏسڻ، جيئن هن کي سندس مڪمل شان و شوڪت ۽ پوري پوري رعب ۽ دٻدٻي ۾ ڏسي سگهجي.“
    اسلام کي، اهڙيءَ طرح ”خدائي رهنمائي“ جو پورو پورو احساس سمجهجي، احساس، سمجهه جي دور جو اسلام کان اڳين دورن جي ترقي خلاف افتتاح ڪري ٿو، جيڪو پڻ الهامي حقيقت جي ذريعي سان آندو ويو هو. قرآن مقدس، جيئن هن کان اڳ به چيو ويو آهي. بهرحال انهن ڪتابن جي نوعيت جو ناهي، جيڪي الله تعاليٰ جي طرفان احڪامات ڏين ٿا. اهو يقيناَ ”فرقان“ آهي، يعني اهو ڪتاب آهي، جيڪو اسان لاءِ هڪ طبقه وار قدر مقرر ڪري ٿو ۽ اسان کي هن لاءِ مدعو ڪري ٿو ته اسين پنهنجي ”آزادنه طور چونڊيل ۽ انتخاب جي ذريعي اخلاقي، مادي ۽ روحاني بهتري ۽ چڱائي حاصل ڪريون. اسان کي خدائي قانون جي ذريعي مقرر ڪيل حدن اندر اهڙيءَ طرح عمل ڪرڻو آهي، جو اسين چڱائيءَ جي قوتن جو طرف وٺي سگهون ۽ برائيءَ جي قوتن جو مقابلو ڪري سگهون.
    جيڪڏهن ”ارتقا“ جو آخرڪار ڪو مفهوم يا معنيٰ آهي ته انسان کي ائين سمجهڻو پوندو ته هو هڪ اهڙي شيءِ آهي جا پنهنجي لهڻ جون منزلون طئه پئي ڪري، برعڪس، اُن شيءِ جي، جا مڪمل طور تيار ڪئي ويئي آهي. هاڻي سوال آهي ته اُن ڏس ۾ جو مطلوب آهي ته انسان کي ڪهڙيءَ طرح سان ارتقا ڪرڻ جڳائي؟ اهو ئي سڀ کان وڌيڪ اهم سوال آهي.
    اسلام چوي ٿو ته ”هو ارتقا جي ذريعي اعليٰ تر در جي ڏانهن ترقي ڪري وڃي سگهي ٿو، جيڪڏهن هو هن زمين تي پنهنجي زندگي، آزاديءَ سان رهڻ لاءِ، انهيءَ خدائي ۽ دور دراز منزلِ مقصود ڏانهن انهيءَ زندگيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ رکي ٿو، جيڪا بهتر ۽ دائمي آهي.“ احسان جي زندگيءَ يا حياتياتي احساسن کي نفرت سان ڏسڻو ناهي، ڇاڪاڻ ته اسلام ۾ ڪابه اهڙي شيءِ ڪانهي، جنهن کي اسين نفرت سان ڏسون- پر ان کي انهن جي مطالبات ۽ توقعات کان وڌيڪ مٿي چڙهي هلڻ جو ذريعو بنائڻو آهي. ڪو به تعجب ناهي، جو قرآن ڪريم ۾ فرمايو ويو آهي. ”اسان زندگي ۽ موت هن لاءِ خلقيو آهي ته جيئن آزمائي ڏسون ته اوهان منجهان ڪهڙا ٿا سهڻن سُٺن ڪمن ۾ هڪ ٻئي کان وڌيڪ گوءِ کڻي سگهن.“ (ڏسو سورة 67،ع 2)
    ماڻهوءَ کي ان لاءِ هيٺ موڪليو ويو آهي ته جيئن هو پنهنجي انهيءَ خالق ۽ مالڪ جي بهترين طريقي سان خدمت ڪري سگهي، جنهن هن کي باقي ٻي مخلوقات جي مٿان اختيار ڏنو آهي. هو هت ڪم ڪرڻ لاءِ آيو آهي، ڌرتيءَ جي خدمت ڪرڻ لاءِ آيو آهي، جهڙي طرح ڪارلائيل چوندو هو ته هو الله تعاليٰ جي هن سُڪل ڌرتيءَ کي سائي زمين ۾ بدلائڻ لاءِ آيو آهي. هن کي سڀ ڪم الله جي نالي ۾ ڪرڻا آهن، جيڪو رحيم ۽ ڪريم آهي. ڌرتيءَ تي انسان جي زندگي، اهڙيءَ طرح کيس انهيءَ موقعي سان نوازي ٿي، جيڪو هن کي ”ملڪوتي زندگيءَ“ ڏانهن وٺي وڃي ٿو. زمين تي سندس زندگي، هن کي انهيءَ ٻج واري ڪونڊي سان نوازي ٿي، جنهن ۾ اهي ٻج ڦُٽي نڪرن ٿا، جيڪي اڳي يا پوءِ کيس دائمي زندگيءَ جو فصل ڏين ٿا، انهيءَ صورت ۾ اهو هڪ اهڙو ميدان پڻ بڻجي وڃي ٿو، جنگهن ۾ سندس نيڪين کي چڱاين ۽ بدين کي بُراين جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان مقابلي ڪرڻ جو موقعو پڻ ملي ٿو.
    (3)
    ڳالهين جي انهيءَ نقطهءِ نگاهه ۾ ماڻهو پڇي سگهي ٿو، ”ته پوءِ ڀلا انهيءَ نقطهءِ نگاهه ۾، جنهن ۾ ڪاري ڇوڪري ۽ ڀوري ڇوڪري، انتهائي مخالفانه سوال ۾ رد عمل ظاهر ڪن ٿيون. فرق ڪهڙو آهي؟“ يعني ته ”خدا ڪٿي آهي؟“ ڪاري ڇوڪريءَ کي سندس مسئلي جو حل هڪ باغيچي پوکڻ ۾ ملي ويو يعني ته زمين تي ڪنهن نه ڪنهن قسم جي ڪم ڪرڻ ۾ ملي ويو. ڀوري ڇوڪريءَ ٻئي طرف نبي آخر الزمان صلي الله عليه وآله وسلم کي ٻڌڻ ۽ کين غور سان سمجهڻ سان خدا جي معتقد ٿي پوي ٿي، انهن ٻنهي جوابن جو نسبتي قدر ڪهڙو آهي؟
    ابتدائي طور، جيڪڏهن ڪم ۽ پورهئي جي اصول جي مطابق نجات ملڻي آهي ته پوءِ اسان کي برنارڊ شا کان پڇڻ گهرجي ته هو اسان کي ٻڌائي ته ڇا، کيس هڪ مالهيءَ جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ ۾، جيڪو خدا جي سُڪل ڌرتيءَ کي ڦيرائي، سرسبز زمين جي صورت ۾ آڻي ٿو ۽ هڪ اهڙي ڏوهاريءَ جي ڪم ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو، جيڪو عوامي امن امان ۽ اخلاقي تنظيم جي بنيادن کي لوڏائڻ ۽ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ظاهر آهي ته مسٽر شا جي نقطهءِ نگاهه کان اصولي طور ڪنهن به ڳالهه يعني هڪ قسم جي ڪم ۽ ٻئي قسم جي ڪم ۾ ڪوبه فرق روا نه هئڻ گهرجي. اخلاقي ۽ بداخلاقي ڪمن جي درميان جيڪو فرق آهي تنهن کي تخليقي ارتقا وارو اصول چڱيءَ طرح بيان ڪري نٿو سگهي پر پوءِ انسانذات صدين جي دوران گهڻن ئي قسمن جي ڪمن جي درميان تفريق جي ليڪ پيدا ڪئي آهي. ان مان ڪي سٺا ۽ صحيح سمجهيا ويندا آهن ۽ ڪي ٻيا وري خراب ۽ بڇڙا سمجهيا ويندا رهيا آهن. مسٽر شا تخليقي اصول جي لحاظ کان انهن جي درميان اهڙو سنهو ۽ باريڪ فرق ڪيئن پيدا ڪري سگهندو؟ اچو ته ڀلا هي مثال وٺو ته هڪ ماکيءَ جي مک، جيڪا ماکي گڏ ڪري ٿي ۽ هڪ پکي، جيڪو پنهنجو آکيرو ٺاهي ٿو ۽ هڪ ڪوريئڙو، جيڪو پنهنجي لاءِ ڄار اُڻي ٿو، تن جو ڪم هڪ اهڙيءَ ماڻهوءَ کان مختلف ٿي ڪيئن ٿو سگهي، جيڪو مثال طور هڪ رازي جي حيثيت ۾ پٿر ڪُٽي ٿو ۽ انهن مان گرجا گهر تعمير ڪري ٿو؟ انهيءَ جو جواب اهو ٿي سگهي ٿو ته ماڻهوءَ ۾ ڪم ڪرڻ جو جذبو انهيءَ قسم جي اخلاقي هوشياريءَ جي قسم کي، انهيءَ تياريءَ جي نموني کان باخبر ڪري ٿو، جنهن سان هو ڪم ڪري ٿو، اهو سڄو دارو مدار انهيءَ روح ۽ جذبي تي آهي، جنهن سان هو ڪم ڪري ٿو.
    ”تخليقي ارتقا“ جي نقطه ءِ نگاهه کان، جن قياس آرائين جي مٿان مسٽر شا پنهنجن مذهبي قلعن جي تعمير ڪري رهيو آهي، ائين پيو معلوم ٿئي، ته اهڙي ڪابه تعمير ڪانهي، جنهن نقطهءِ نگاهه کان اهڙي ڪنهن قسم جي قابلِ اطمينان ۽ ٻين سوالن جو جواب ملي سگهندو، اهو بلڪل صحيح آهي ته مسٽر برنارڊ شا ڪاري ڇوڪريءَ جي باغبانيءَ لاءِ پڪ باغ جي مالهيءَ کان هيئن چوائي پورائي ڪرائي ٿو ته کيس هن جي خوبيءَ ۽ خلصت لاءِ باغ جي باغباني ڪرڻ گهرجي ۽ باقي ٻيو سڀ ڪجهه هن جي پنهنجي سمجهه لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.“ سوال آهي ته ڇا، ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اها اميد رکي سگهجي ٿي، جيڪو باغ جي باغباني ڪري سو اهو ڪم فقط هن جي مقدس نالي ۾ ڪري ۽ هن جي پنهنجي شان و شوڪت لاءِ ڪندو رهي ۽ هو پاڻ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان اِهو آسرو نه رکي ته هو موجود آهي ۽ اِن کان علاوه، اِهو خود انهيءَ جو ئي قانون آهي ته ماڻهو فقط سندس مقدس نالي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ سندس شان و شوڪت لاءِ محنت ۽ مشقت ڪرڻ سان ئي نجات حاصل ڪري سگهندو!
    پوءِ، ته سڄي معاملي جي پاڙ اِهائي آهي سمورا غير مذهبي فلسفا اسلام سان انهيءَ معاملي ۾ متفق ٿيندا نظر ايندا ته اسلام وانگر اهي پڻ ماڻهوءَ کي هن ڌرتيءَ تي محنت ۽ مشقت ڪرڻ جو فرض عائد ڪن. پر اسلام ان کان ڪجهه اڳڀرو وڃي ٿو. اهو چوي ٿو ته محنت ۽ مشقت ڪافي ناهي، جيڪڏهن اُها خدا تعاليٰ جي مرضيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ نه ٿي ڪئي وڃي. انسان فقط تڏهن ئي خدا تعاليٰ جي قربان گاهه تي پاڻ کي نوائي پورو پئجي سگهي ٿو، جيئن انسان جي مرضي، نه پر خدا تعاليٰ جي رضامندي پوري ٿي سگهي، جتي اسلام اسان کي خدائي موجودگيءَ جي، خدا کي ”لاشريڪ لھُ“ طور تسليم ڪرائي ته جنهن جو ٻيو ڪوبه ثاني ڪونهي، اتي اها ڳالهه خواه انبياءِ عليهم السلام يا غير مذهبي فيلسوفن جي تعليم جي بنيادن تي به تسليم ڪرائي ٿو، خواهه اهي پنهنجو موقف مادي يا ڪهڙي به بنياد تي رکن. وٽن اهڙو ڪو تاريخي لاڳاپو، سندن قياس آرائين جي حلقي ۾ نه آهي جو ابدي ۽ الاهي وجود جي متعلق هجي، جنهن ڏانهن اسلام ئي رهنمائي ڪري ٿو.
    چنانچه، اها ئي اُها عظيم ديوار آهي، جيڪا هڪ معتقد خدا جي موجودگيءَ جي نه هئڻ جي غير مذهبي نقطهءِ نگاهه جي وچ ۾ حائل آهي، مذهبي نقطهءِ نگاهه، الله تعاليٰ جي مرضيءَ ۽ خواهش جي پوري پوري تعميل جي تقاضا ڪري ٿي. جنهن جو مقصد انسان ذات جي مجاهدانه شاندار ۽ انسان جي ضرورتن لاءِ اهڙن مقصدن خاطر محنت ۽ مشقت جي اعليٰ ترين ضروريات جي ذريعي انهيءَ پهچ لاءِ پورائي ڪرڻ گهرجي، جن جي رسد اعليٰ ترين ۽ خاص طرح پهچ کان ٻاهر هوندي، اهي سمورا فلسفا، جيڪي مذهبي خيالن ۽ نظرين کي رد ڪن ٿا، بهرحال انسان ذات جي هن زمين تي محنت ۽ مشقت ڪرڻ واري وعدي تي زور ڏين ٿا. اهي ائين نه ٿا چون ته انسان ذات خود کي تاريخ جي قربان گاهه تي ڇو ٿو قربان ڪري، يا ته هو ڇو اهڙن خيالن جي تحاصل لاءِ ڪشالا ٿو ڪڍي جن جي تڪميل جو ثمر هو پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏسي نه ٿو سگهي. جيڪڏهن انسان هڪ ماده ۽چر پر کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي ته پوءِ کيس ان ڏينهن کان بعد لاءِ ڪابه اميد رکڻ نه جڳائي جڏهن سندس ڏينهن هن زمين تي ختم ٿين! سو، هو ان واحد زندگيءَ کي ڇو قربان ڪري! ان لاءِ ته جڏهن هُو نه هوندو تڏهن جنهن قبيلي ۾ هو ڄائو هوندو اهو ڪجهه حاصل ڪري! انهن سڀني ڳالهين جي باوجود جيسين هڪ معتقد عمل ڪندو ٿو رهي ته اهو ڪي حاصل ڪري جو تاريخ جي مادي تشريح جي احاطي ۾ يقيناَ گذر جو مڪان آهي. اگر انسان جو ضمير آزاد نه هجي ۽ خدائي روشنيءَ جو پهلو سندس اندر محض هڪ مشروط ڳالهه هجي، جيئن هو فقط ماحول جي ماده جو تحرڪ هجي ته هو آخر ڪيئن ڪو عمل ڪري سگهندو، مجال جو هو تاريخ جي پيچري کي متاثر ڪري سگهي!
    ساڳيءَ طرح ڊاڪٽر رابرٽ بريفالٽ، (جيڪو هڪ وڌيڪ ارتقا پسند آهي) جيڪو پڻ انهيءَ نتيجي تي پهچي ٿو ته اسان لاءِ ڪوشش ڪرڻ جو وڏي ۾ وڏو ڪم، ارتقائي مقصدن کي پوري ڪرڻ ۾ آهستي آهستي وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ آهي، انهيءَ ڳالهه کي سمجهائڻ ۾ مشڪل محسوس ڪري ٿو ته آخرڪار انسان کي ارتقائي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ انهن کي ترقي ڏيڻ ئي ”ڇو“ گهرجي؟ ۽ انسان جي ارتقا جو آخرڪار ثبوت ئي ڪهڙو آهي؟ سندس چوڻ مطابق ان جو مقصد انسان ذات کي ٺاهڻ آهي ۽ ڊاڪٽر بريفالٽ جي مطابق، اها هڪ نهري شيءِ آهي، ڪجهه قدر سخت شيءِ آهي، ڪجهه قدر چيز آهي، جنهن لاءِ اخلاقي قانون صاف ۽ شفاف شعوري اظهار ڏئي ٿو. اهو ڪو ڌڪ ڌڪ ڪندڙ اظهار يا فراخدليءَ جي اظهار جو ڪو خيال ڪونهي، جيڪو خود پنهنجي لاءِ ٿي رهيو آهي، پر اها انسان جي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ مٿس پيل اڻ چرندڙ ضرورتن جو ڳرو وزن آهي، جيڪو ان تي حڪمراني هلائي ٿو، ”اخلاقيات“ ۽ ”نيڪ نيتيءَ“ جي لفظن هيٺ ايندڙ سوال ۽ مسئلا انهيءَ ئي ڪم مان پيدا ٿيندڙ مسئلن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن، اخلاقياتي نقطهءِ نظر جي ضرورت، حقيقتن سان ٺهڪي اچڻ جي سخت ضرورت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، پوءِ وري هڪ ماڻهوءَ ۽ ٻئي ماڻهوءَ جي درميان تعلق ۽ ٻين انهن ۾، جيڪي سچين پچين حقيقتن سان ٺهڪيل ناهن تن جو حاصل ٿيل نتيجو ناڪامي ۽ ارتقائي واڌارو ۽ زندگي آهي.“ (ڏسو سندس ڪتاب ”ميڪنگ آف هيومئنٽي“ صفحو -261 جارج ائلين انون لنڊن سن 1919ع)
    ڊاڪٽر بريفالٽ جي دل ۾ انهيءَ قسم جي ارتقائي مقصدن جي اخلاقي امر جو نتيجو ماڻهوءَ جي اخلاقي مڪتب جي مقصد ڏانهن ماڻهوءَ جي يڪسانيت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ”بهاني“ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. اصل سوال، بهرحال اڃا به رهجي وڃي ٿو ۽ ان جو جواب وري به ڏيڻو آهي: يعني ته ”آءُ انهن اخلاقي امرن سان مطابقت رکان ئي ڇو؟“
    ڊاڪٽر بريفالٽ جي مطابق جواب اهو آهي ته جيڪڏهن آءٌ مطابقت نٿو رکان ته پوءِ اها برادري يا قوم، جنهن سان منهنجو تعلق آهي، منهنجي طرفان انهن اخلاقي امرن سان مطابقت نه کائي سگهڻ جي ڪري، مفلس ٿي ويندي، يا ان جي قوت ختم ٿي ويندي ۽ آخرڪار اها اڳتي هلي دنيا مان ئي فنا ٿي ويندي. هو اها ڳالهه قبول ڪري ٿو ته اهو ڪو ضروري ناهي. ته آءٌ انهيءَ سلسلي ۾ هروڀرو ”مون کي“ ڪا سزا ملندي. هو وڌيڪ اهو به تسليم ڪري ٿو ته هڪ فرد بلڪل بي پرواهيءَ سان اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري سگهي ٿو ۽ اها حقيقت آهي ته اهڙن ماڻهن جون حالتون جن اخلاقي قاعدن جي حڪمن ۽ امرن جي بلڪل بي پرواهيءَ سان ڀڃڪڙي ڪئي آهي، تن جا ڏينهن سندن زندگين جي آخري ايام تائين، جيئن جو تيئن گذري پورا ٿيڻ، انساني تاريخ ۾ ڪا اڻڄاتل ۽ اڻسڃاتل حقيقت ڪانهي. هن جي مطابق، اخلاقيات جي اهم ترين منظوري انهيءَ ڪري هن حقيقت ۾ مضمر آهي ته اخلاقي قانون جي ڀڃڪڙي، آخرڪار انهيءَ عظيم تر ڳانڍاپي، يعني انسانيت جي زندگيءَ جي تباهي آڻي ڇڏيندي، جيڪڏهن انهيءَ ۾ اهو ئي سڀڪجهه آهي، ته پوءِ ڀلا اوهان هڪ اهڙي غير اخلاقي انسان کي، جيڪو ان لاءِ علي الاعلان غير اخلاقي قدرن کي هلائي ۽ سڃاڻي ٿو، ڪهڙيءَ طرح محض هن دليل جي بنياد تي آماده ڪندا ته انهيءَ قوم يا برادريءَ جي، جنهن جو هو هڪ فرد آهي،سندس غير اخلاقي هلت جي نتيجي ۾ تباهه ٿيڻ جا امڪان انهيءَ حالت کان وڌيڪ آهن، جنهن ۾ هو اخلاقي قدرن تي وڌيڪ ڌيان ڏيئي هلندو. اهڙو ماڻهو بلڪل پڇي سگهي ٿو ته ”ميان مون کانپوءِ جيڪڏهن کڻي سج نه اڀري (وڏي ٻوڏ اچي) ته ان جي مون کي ڪهڙي پرواهه؟“
    (4)
    اسلام طرفان پيش ڪيل مذهبي نظريو، انهيءَ سوال تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مستقل نظريو اختيار ڪري ٿو، جو اهو حڪم ڪري ٿو ته اخلاقي قانون جي تعميل انسان جي فطرت جي عين مطابق آهي ۽ ٻيو ته اخلاقي عمل جي پٺيان جيڪا منظوري مليل آهي، تنهن جو نشان، اخلاقي تنظيم جي حفاظت ڪندڙ جي دائمي موجودگيءَ ۾ ملي ٿو. تنهن ڪري جيڪڏهن هت نه، ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن ٻئي هنڌ اخلاقي فرض ۾ جيڪي به ڪوتاهيون ڪيون وڃن ٿيون، تن لاءِ سزا ڏني ويندي ۽ سڀني انسانن جو حساب ڪتاب ڏاڍي بي رحم سختيءَ سان ورتو ويندو.
    خود برنارڊشا کي اهو معلوم ڪونه هو ته انهيءَ قسم جي مذهبي اعتقاد جي واقفيت مان جان ڪيئن ڇڏائجي. هن پنهنجن مختلف مذهبي ڊرامن جهڙوڪ: ”ميٿو سيلا ڏانهن واپسي“، ”ائنڊروڪلس ائنڊ دي لائن“، ”سينٽ جون“ ۽ خود سندس ”ڪاري ڇوڪريءَ جي سندس خدا جي ڳولا ۾ تلاش“ جي مقدمي ۾ پڻ، هو وري وري انهيءَ اهم ڪردار ڏانهن موٽي ٿو. (انهيءَ ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ، جيڪا ماڻهو بنا ڪنهن ضرورت جي، مجبوريءَ کان سندس انفرادي زندگيءَ جي ڍانچي ۾ محسوس ڪري ٿو، جهڙيءَ طرح هو پنهنجي سياسي، اقتصادي ۽ سماجي تنظيم کي هلائڻ لاءِ محسوس ڪري ٿو) انهيءَ اهم ڪردار کي محسوس ڪرڻ لاءِ، مذهبي اندازو، جيڪو انهن اختلافن ۽ دماغي بدمزگين ۾ جيڪي سندس انهيءَ سماجي نظام کي اٿلائي پٿلائي رکڻ واريون آهن، جن سان هن جو واسطو هوندو آهي. ان ۾ شڪ ناهي ته مسٽر شا جنهن مذهبي اندازي ڏانهن اشارو ڪري ٿو، ۽ جنهن بابت هو ايڏي وڏي واڪي سان ڳالهائي ٿو، سو انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جنهن کي هو مابعد الطبيعات کان وڌيڪ اهميت وارو مذهب سڏي ٿو.
    زندگيءَ جي قوت جي طريقي طور ارتقاء جي اصول جي دريافت ٿيڻ، مابعد الطبيعات جو مذهب آهي مابعد الطبيعات جي مذهب کي اها يقينيت ۽ ظاهرداري وڌيڪ کان وڌيڪ ملندي ۽ حاصل ٿيندي رهي آهي، جيڪا ان کي هڪ تعليم يافته ۽ تنقيدي ماڻهوءَ طرفان قابل قبول بنائي سگهي، سو اها اسان سان هميشھ کانوٺي گڏ رهي آهي. اُهي مذاهب، جي مڃيل چئجن، جن کي موقع پرست پادري ۽ بشپن بدنام پئي ڪيو آهي، تن کي ظاهر پسند سَنت وري معتبر بنائي رکندا آيا آهن. جن جو ڳجهه مذهبن متعلق سندن پنهنجي سمجهه آهي. ڄڻ ته الهائي طاقت جا ڦيٿا اهي پاڻ آهن. هي اها سمجهه يا ٻُڌي آهي جا وقتي طاقت جو هڪ تجربو چئجي.
    انهن کان مٿي ۽ انهي کان هيڍ ڪروڙين اهڙا انسان آهن جي گمنام آهن. نماڻا آهن، بعضي اهي بلڪل اڻ پڙهيل هوندا آهن. بعضي اهڙا، جن کي اها ٻوجهه به ڪين هوندي ته کين ڪو مذهب آهي يا نه. بعضي پنهنجيءَ اٻوجهه پائيءَ جي بدولت ته سندن خطي جا عبادتگاهه، مندر، مڙهيون ۽ سندن ٺاڪر ان لاءِ ئي آهن جو اهي سچار آهن ۽ ان روايت تي قائم آهن ته جي چڱا انسان آهن سي هڪ اهڙي روشنيءَ جا پيروڪار آهن، جا سندن ارد گرد به آهي ته سندن اندر به ٻهڪي ٿي. ان جي برعڪس خراب انسان پنهنجي لاءِ ئي خراب هوندا آهن. جڏهن ته چڱا ماڻهو بچي ٿا وڃن ۽ مٿن رحمت ٿي وسي ۽ بڇڙا ماڻهو تباهه و برباد ٿين ٿا ته ناخوش زندگي گذارين ٿا. يورپ ۾ ”پراٽيسٽنٽس“ واري تحريڪ فقط ان روشنيءَ جي حاصل ڪرڻ لا هلائي ويئي هئي، جنهن کي ”اندر جي روشني“ چئجي ٿو ته جنهن کي هر انسان ڪنهن به پادريءَ جي چوڻ کان سواءِ ڏسي سگهي ۽ ان جو تذڪرو ڪنهن گرجا ۾ ٿئي. سوال درحقيقت ڪنهن نئين مذهب جو هرگز نه آهي، پر مذهب جي دائمي تت يا جوهر کي دوباره چڪائي، ان کي دنيوي ۽ روايتي رهٻٽ کان پاڪ ڪرڻو آهي، جو اهي شيون يقين کي ناممڪن بنائين ٿيون، خواهه سڀني گرجائن ۽ مڪتب فڪرن جون اهي ئي سرمايو آهن.
    ائين عجيب لڳي ٿو: نه ته ”شا“ اهڙي نتيجي تي اچي ته ”نئين مذهب“ جو سوال ڪونهي. غالباَ سوال آهي مذهب جي دائمي جوهر جو، دوباره عرق ڪڍڻ جو ۽ ان کي دنيوي ۽ روايتي ڪچري کان پاڪ ڪرڻ جو. ساڳيءَ طرح سان الله جي آخري رسول صلعم قرآن پاڪ ڏئي، ان جي تڪميل ڪئي آهي ۽ پاڻ به اها دعويٰ نه ٿا ڪن ته هنن ڪو نئون مذهب آندو آهي. ليڪن مذهب جي اعتقاد واري عظيم روايت: ”الله واحد آهي، جو جوهر ڪڍيو ويو آهي، هي اها ساڳي روايت آهي جنهن کي اسلام کان اڳ وارن پادرين ناپاڪ ڪيو هو ۽ ان ۾ ملاوٽ ڪئي هئائون. وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته ان حد تائين، جيستائين الله جو آخري رسول صلعم، مذهب جي انهن سڀني نقطهءِ نظر کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار هو، جن جو تعلق مختلف مذهبن سان هو. مختلف مذهبن جي ڪريا ڪرم سان هو. اوترو ان کان اڳ ڪنهن به برداشت ڪين ڪيو هو. اهو الله جو آخري پيغيمبر صلعم هو، جنهن پهريون ڀيرو انسان ذات کي اها سکيا ڏني ته مذهب جي معاملي ۾ جبر هرگز ڪرڻو نه آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ”اوهان جو خدا ۽ منهنجو خدا هڪڙو آهي ۽ اوهان جا اعمال اوهان سان ۽ منهنجا مون سان آهن.“ هن ايمان وارن کي فرمايو هو ته ”توهين هنن بت پرست ماڻهن جي ڪوڙن خدائن کي برو نه چئو، مباداََ هو توهان جي سچي خدا کي برو چون.“
    اسلام جي آدرشن جي ڪشادگي لامحدود آهي. اوهان قرآن ڪريم جي هيٺين عبارت ڏسو جا گواهي ٿي ڏئي.
    ”۽ اسان توکي اهو ڪتاب (قرآن شريف) سچائيءَ سان پهچايو، جو جيڪو ان کان اڳ جو آهي، ان جي تصديق ڪري ٿو ۽ ان جو محافظ آهي. سو تون انهيءَ جي وچ ۾ انصاف ڪر، جيڪي خدا توتي نازل ڪيو آهي، انهن جي ادنيٰ خواهشات جو پيرو نه ٿجانءِ، ۽ جيڪي سچ تو وٽ پهچايو ويو آهي، ان کان متان ڦري وڃين.
    ”اسان اوهان مان هر هڪ جي لاءِ مقرر ڪيو آهي هڪ قانون ۽ هڪ رستو. جيڪڏهن الله چاهي ته هو اوهان کي واحد قوم بنائي ها ليڪن هو ان ۾ امتحان وٺڻ چاهي ٿو، جيڪي هن ڏنو آهي. جنهن ڪري نيڪيءَ ۾ سبقت حاصل ڪريو. اوهين سڀ الله تعاليٰ وٽ واپس ايندا ۽ هو اوهان کي اهو ڪي ٻڌائيندو جنهن ۾ توهان اختلاف ڪيو هو.“ (V.V.48)
    (5)
    ”ڪاري ڇوڪريءَ“ کي مسٽر شا جهڙي هوشيار مصنف آخري نبيءَ جي مهم لاءِ ڪم ڪرڻ ۽ ان کي تسليم ڪرڻ جي عنايت کان منع ڇو ڪئي ۽ هن کي ان کان ڇو محروم ڪيو؟ خاص طور جڏهن هوءَ واقعي هن جي شان ۾ باغ جي آبادي ڪرڻ لاءِ ويهي به رهي هئي، ۽ اهو هڪ اهڙو ڪم هو، جيڪو آخري نبيءَ کي راضي ڪري ها؟ شايد انهيءَ جو جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اسلام جي منشور ۽ پروگرام کي سڄيءَ دنيا جي طرفان انتهائي مٿاڇري طريقي ۾ قبول ڪيو ويو آهي. حالانڪه ان جي روح کي اڃا تائين پوري طرح نه ڏٺو ويو آهي ۽ نه سمجهيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي، جو جديد دور جي انسان کي ان جي سلسلي ۾ اڻ کٽندڙ پيچيدگين ۽ تضادات ۾ الجهايو ويو آهي.
    مسٽر ۽ مسز آءِ آءِ قاضيءَ انهيءَ حق تي زور ڏيڻ ۽ ان کي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو سڀني کان اوچو ۽ مٿانهون آهي. اهم ڳالهه اها آهي، جيڪا انسان ڪري ٿو، پر فقط انهيءَ حد تائين، جيسين اها انهيءَ روح ۽ طريقي سان ڪئي وڃي ٿي، جنهن ۾ اسلام جي رسول صلعم اها سمجهائي ۽ پاڻ ڪئي آهي.
    (6)
    انگريزيءَ جي مصنفين ۽ مبصرين ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ کي فلسفيانه ڪتابن جي قطار ۾ رکيو آهي، جيتوڻيڪ وڌيڪ باريڪيءَ سان ان تي نظر ڪري ڏسجي ته اهو ڪتاب ”تقابل الاديان“ جي لسٽ ۾ اچڻ گهرجي. البته انسان ذات جي مذهبي ترقيءَ ۽ سڌاري تي ڌيان، جيڪو هن ڪتاب ۾ سمايل آهي، فلسفانه تصورات ۽ خيالات آهن، پر اهي بلڪل مختصر، ٿورن لفظن ۾ اهڙي ته طريقي سان بيان ڪيا ويا آهن، جو اهي ڄڻ ته محض ڪي اشارا آهن ۽ انهن فلسفيانه بنيادن کي وڌائي سمجهائڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي ويئي آهي، جنهن تي اهي بيٺل آهن، ان جي باوجود، انهن مسئلن جي پيش ڪرڻ جي طريقي سان، جن جو واسطو تقابل الاديان سان آهي، ارتقائي جوڙجڪ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي ۽ ڪوبه اهڙو سنجيده مطالعي ڪندڙ، جيڪو اسان جي مصنفين جي ڪتاب جي باريڪ بينيءَ سان پڙهڻ جي ڪوشش ڪندو، تنهن کي ان ۾ ڪي نه ڪي اصلوڪا خيال ۽ نظريا يقيناَ نظر ايندا، ۽ کيس ”تقابل الاديان“ جي موضوع جي متعلق ضرور ڪي نيون ۽ حيرت انگيز ڳالهيون نظر اينديون.
    (7)
    علامه آءِ آءِ قاضيءَ هن مقدمي جي لکندڙ سان اڪثر ڪري اهڙو اظهار ڪيو آهي، کيس ڀوري ڇوڪريءَ جي ڏاکڙن جي پٺيان هڪ ٻيو ڪتاب لکڻو آهي. هي اهو ڪتاب ٿيڻو هو، جنهن ۾ کيس ڀوري ڇوڪريءَ جي روزانه زندگيءَ جي حالات لکڻي هئي، جيڪا هوءَ مسلم مذهب ۽ حقانيت ۾ متعقد هئڻ ۽ ”تاريخ“ سان ملاقات ڪرڻ جي نتيجي طور مذهب اسلام جي سچائيءَ ۽ اهميت کان واقف ٿيڻ جي نتيجي طور گذاري رهي آهي.
    علامه صاحب هميشھ اهو خيال رکيو هو ته ”ڀوري ڇوڪريءَ جي ڏاکڙن“ کانپوءِ هو اسلام جو دين، شان و شوڪت ۽ بنياد نهايت ئي باريڪ تفصيل سان ڏيکاري سگهندو، جيڪو هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن سندس خيال جي طريقي مطابق اهڙن حقائقن جي احساس جي دور جو افتتاح ڪيو هو، جيڪي انسان ذات کي آخري پيغيمبر صلعم جي پيغام جي بنياد تي ظاهر ڪري ٻڌايا ويا هئا. هو علمي طور اهو ڏيکارڻ چاهي رهيو هو ته خاص طور، ڪهڙيءَ طرح، ”ڀوري ڇوڪري“ قرآن ڪريم جي نصيحتن، هدايتن ۽ طريقن تي سندس روزمره جي زندگيءَ کي ڪهڙيءَ طرح عمل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ان کان علاوه هن جي اها خواهش هئي ته هو اهو ڏيکاري ته هوءَ ”قدرت ۾، ۽ خود پنهنجي اندر خدا جي نشانين کي ڏسڻ ۽ معلوم ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪري ٿي ۽ انهيءَ احساس تي ڪيئن ٿي پهچي ته انسان ذات جو خدا هڪ ئي خدا آهي. جيڪو هن ڪائنات کان مٿانهون آهي پر ان جي باوجود ان جي اندر سمايل آهي. اها زندگيءَ جنهن تي اسلام اسان کي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو، تنهن جو عڪس انهيءَ زندگيءَ ۾ نظر اچڻ کپندو هو، جنهن ۾ ڀوري ڇوڪريءَ کي سندس زندگي گذارڻ لاءِ آماده ڪيو ويو هو. اها زندگي، الله تعاليٰ جي قانون اڳيان مڪمل طور پيش پوڻ واري زندگي هئي ۽ پوريءَ طرح فقط هن مقصد لاءِ منسوب ڪرڻي هئي ته انسان ذات جي تاريخ ۾ فقط سندس مقصد ئي حاوي رهن، پر بدقسمتيءَ سان اهو ڪم، جنهن کي هو ايڏي شوق سان پورو ڪرڻ چاهي رهيو هو، سو پورو ٿي نه سگهيو ۽ اڄ اهو اسان وٽ موجود ڪونهي، پر ان جي بدران، هن جا ڪي هيڏانهن هوڏانهن جا خيالات ۽ ڪجهه ڳالهيون لکيل مليون آهن، جيڪي آءٌ هن جي ڪن ڪاغذن مان هٿ ڪري سگهيو آهيان، جيڪي هو منهنجي لاءِ پٺيان ڇڏي ويو آهي ۽ جيڪڏهن خدا چاهيو ته آءُ اسلام جي تعليمات کي سندس سمجهه موجب موضوعات جي مطابق قابل فهم طريقي سان پيش ڪرڻ لاءِ منظم ڪري پيش ڪندس.
    علامه قاضيءَ جي خيال مطابق، اسلام وٽ انهن مسئلن ۾ ضروري سڀ جواب موجود هئا، جيڪي اڄ به ويهين صدي جي وچ ڌاري بهترين قانون دانن کي درپيش آهن، پر افسوس جو اهي هن وقت مون وٽ موجود ڪونه آهن.
    (8)
    ”ڀوري ڇوڪريءَ جا حق جي ڳولا ۾ ڏاکڙا“ هڪ بهترين تمام سادو، پر ان هوندي به ڏاڍو ڳوڙهو ڪتاب آهي. هن حقيقت جي باوجود، اهو طبعزاد آهي، حالانڪه ان جو واسطو مذهب ۽ ان جي معقوليت ۽ تعميل ۽ تربيت سان آهي. ان جي اها اشاعت، جنهن کي انهيءَ ڏينهن کان وٺي 35 سال وچ ۾ گذري چڪا آهن، جڏهن اهو ڪتاب سڀ کان اول آرٿر. ايڇ. اسٽاڪ ويل لميٽيڊ (28-لڊ گيٽ هل، اي. سي -4) طرفان ڇاپيو ويو هو، هاڻي اسان جي هن عزيز وطن ۾ اسلامي نظريي تي حضور نبي ڪريم صلعم جن جي طريقي ۽ انهن بيشمار مسلم مفڪرن، ليکڪن ۽ فيلسوفن جي عظيم لکڻين جي نموني ۾ عمل ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آهي، جيئن ان جو اسان لاءِ انهيءَ مقدس ڪتاب ۾ چوڏهن سئو سال اڳي اظهار ڪيو ويو هو جن جي دوران انهن مشهورو معروف مفڪرن ۽ ليکڪن ان تي سوچ ويچار ڪيو. اسلام جي انهن عظيم ۽ حيرت انگيز مفڪرن ۽ ليکڪن جي درميان، موجوده ليکڪ جي نگاهه ۾ مسٽر ۽ مسز آءِ آءِ قاضي هڪ انتهائي لاجواب مقام رکن ٿا. درحقيقت ٻنهي کي مشرقي ۽ مغربي فڪر جو پس منظر حاصل ٿيل آهي ۽ ان کان وڌيڪ ٻي ڳالهه وري اها آهي ته انهن ٻنهي جي سڄي زندگي مذهبِ اسلام جي اهم ترين ڳالهين کي سمجهڻ جي پرخلوص ڪوشش ۾ گذري ويئي.

    اي. ڪي. بروهي
    12 آڪٽوبر سن 1968ع
    75-76 مسلم آباد، ڪراچي،
    پاڪستان


    ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾

    1

    ”ڪٿي آهي خدا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ ڪاڻي فقيرياڻيءَ کي چيو، جنهن جي هڪ هٿ ۾ ماچيس هو، ته چپن تي ”خدا توکي نيڪي ڏي“ جا لفظ هئا.
    بس، ائين ئي ٿيندو هو. جڏهن به ڀوري ڇوڪري پنهنجي ٻن ماڻهن جي ويهڻ واري رولس رايس ڪار مان هيٺ لهندي هئي، تڏهن انهيءَ عورت کي پنهنجي مسواڙي جاءِ جي در وٽ ڏسندي هئي، جنهن سان گڏ هڪ اڌ-بُکي ڇوڪري به بيٺي هوندي هئي.
    هُن هميشھ وانگر پنهنجي ٻٽونءَ ۾ هٿ وجهي چانديءَ جو ڪو ننڍو وڏو سڪو ڳوليو ۽ هميشھ وانگر ئي هن کي خردو** موجود نه مليو.
    هوءَ پنهنجي گلابي رنگ جي فراڪ ۽ ڀؤنر جهڙن ڪارن وارن جي مٿان بيباڪيءَ سان ٽِنڊ تي رکيل ننڍي ٽوپيءَ سان ڏاڍي سهڻي پئي لڳي. هن جي عاج جهڙي چمڙي لسي ۽ ريشم جهڙي نرم هئي ۽ سندس ڪارين اکين ۾ زندگيءَ جي جوت جهلڪي رهي هئي. هوءَ ڪنهن مشرقي ملڪ جي هڪ انتهائي دولتمند نواب جي اڪيلي ڌيءَ هئي، جنهن جو انهيءَ وقت ٺڪاڻو ”رٽز“ (هوٽل) ۾ هو ۽ جنهن کي فقط اعليٰ نسل جي ڪتن پالڻ ۽ کانئن ٻچن ڪرائڻ جو شوق هو. خود ڇوڪريءَ کي ”مي فيئر“ محلي ۾ هڪ پُرلطف ۽ شاندار قسم جو مسواڙي ڪمرو هو، جنهن ۾ هوءَ پڙهي به پئي سگهي، ڌماچوڪڙي به لڳائيندي هئي ۽ گناهه به ڪري سگهندي هئي. يونيورسٽيءَ ۾، جتي هوءَ تاريخ ۽ معاشيات جي شاگردياڻي، پنهنجن هم ڪلاس نوجوانن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي خوش مزاج ۽ بي فڪر ٽولي جي وچ ۾ سڀني کان وڌيڪ رلڻي ملڻي ۽ کِلڻي طبعيت جي مالڪ هئي.
    اڄ، هن جو مٿو ڦري رهيو هو. گذريل رات واري شراب ڪباب ۽ رقص و سرود جي محفل هن کي بلڪل نستو ڪري ڇڏيو هو، ان جي باوجود هنن کيس مشهورجرمن ناچوءَ ائني فلگ، جي تيز رفتار ناچ مان واندو ٿيندي ئي شئمپين ۾ وهنجاري ڇڏيو هو (البت، اهو شئمپين خود ڇوڪريءَ جي خرچ تي ورتل هو).
    سندس ٽولي ۾ شامل ڇوڪرن جو ڪم، هن جي خوشامد ۽ اڇاتري ۽ تفريحي محبت جي جذبن ۽ خيالن سان پُرڪرڻ، ۽ کانئس پئسا اڌارا وٺڻ ۽ ڪڏهن به واپس نه ڪرڻ هو، ڇوڪرين جو ڌنڌو فقط اهو هو ته جڏهن به انهن تي قيمتي سوکڙين پاکڙين جي برسات ڪئي وڃي، تڏهن ”اڙي، ڪهڙي خوبصورت آهي! مون کي به انهيءَ جي ئي سخت ضرورت هئي!“ جهڙا جملا ادا ڪرڻ نه وسارين، دوست ته هن جا سچ پچ ڪي هيائي ڪين. مس ويسٽ، جنهن کي اُهي سندس سرخ و سفيد رنگ ۽ ڀورن وارن سبب ”گوري ڇوڪري“ ڪري سڏيندا هئا، ڪنهن وقت ۾، جڏهن کيس هن جي مدد ۽ پٺڀرائي جي ضرورت هئي، تڏهن هن جي دوست هئڻ جو ڍونگ ڪيو هو.
    ڀوري ڇوڪريءَ هن جي خاصي مدد ڪئي هئي. درحقيقت، مس ويسٽ اقتصاديات ۽ ماليات جي مضمونن ۾ فقط هن جي صدقي ۾ ئي گريجوئيٽ بنجي سگهي هئي، پر هاڻي، جيتوڻيڪ هوءَ ڪڏهن ڪڏهن سندس پارٽين م شريڪ ٿيندي هئي، پر اڄڪلهه هن جا حقيقي دوست ڪاروبار ۽ رانديون هئا.
    هڪ ٻي ڇوڪري به هئي، جيڪا آفريقا کان آيل هئي. اها ڪاري ڇوڪري، جيڪا پنهنجي نموني ۾ الاهيات جي علم جي شاگردياڻي هئي ۽ هن جي مخلص دوست هئي. پر هن هڪڙي آئرش نسل جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ پڙهائي ڇڏي ڏني هئائين ۽ ان کانپوءِ هن سان ملاقات جو رستو ختم ٿي چڪو هو.
    ڀوري ڇوڪري ذري گهٽ هر شام جو سندس پئسن تي پلجندڙ ۽ تفريح ڪندڙ انهيءَ گروهه جي خاطر پنهنجي جاءِ تي پارٽي ڏيندي هئي ۽ اهي سڀ هنن ٻن ڳالهين تي پوريءَ طرح متفق هئا: هڪ ته سندن ميزبان ڇوڪري پوري طور پُرڪشش هئي ۽ ٻيو ته ائٽم کانسواءِ ڪو خدا ڪونه هو. هنن کي اهو به يقين هو ته اهي ائٽم به محض هڪ اتفاقي ۽ حادثاتي ڀيڙ ذريعي گڏ اچي ٿيا هئا ۽ انهيءَ ميل ميلاپ لاءِ انهن کي اجتماعيت جي خوبيءَ سان نوازيل به يقيناَ نه ٿو چئي سگهجي. انهن جو هيڏانهن هوڏانهن ڌڪا ڌوما کائڻ، پڻ، ڌونس بازيءَ جي قسم جا هئا، ۽ هنن جو چوڻ هو ته زندگيءَ لاءِ جدوجهد جو آغاز، اِهوئي هو.
    انهيءَ صورتحال تي جو هڪ ئي قانون جو ضابطو هو، سو اهو هو ته توهان ڀلي وڃي چوري ڪريو، پر شرط رڳو اهو آهي ته ان کي لِڪائي سگهو. جيستائين توهان جي پاڙيسريءَ کي خبر ڪانه هئي، تيستائين هن ڳالهه جي پرواهه ئي ناهي ته توهان سندس خلاف ڇا پئي ڪيو. ان کان علاوه جيڪڏهن توهان پنهنجو توتاڙو ڪافي زور سان ۽ وڏي ٻوڪي وڄائي سگهو ٿا، ته اهو آواز ٻين ڪيترن ئي سنهن ۽ ڪمزور آوازن تي غالب پئجي ويندو ۽ عوام جي وڏي گڏهه کي ٻوٿ تي رسو وجهي پنهنجي مرضيءَ سان هيڏانهن هوڏانهن گهلڻ لاءِ ٿوري پروپئگنڊا ڪافي آهي.
    ڇا، سڀ سائنسدان هن ڳالهه تي متفق ناهن ته زمين گول آهي؟ ان ڪري اها هنداڻو هوندي ۽ ان لاءِ ضرورت فقط هن ڳالهه جي آهي ته ماڻهوءَ جا اڳيان ۽ پاسن وارا ڏند ڪافي تيز هجن ۽ خاص طرح ڏاٺون سٺيون ۽ مضبوط هجن، ۽ پوءِ فقط هڪ ئي لياقت، جنهن جي ضرورت، سا چڱيءَ طرح چڪ هڻڻ جي ڏانءَ جي ڄاڻ آهي.
    صحيح يا غلط، حق يا ناحق جو ڪو سوال ئي نه ٿو اٿي.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي انهيءَ دستور جي پوئواري ڪرڻي پوندي هئي، ڇاڪاڻ ته زماني جي دستور يا رسم و رواج کان پوئتي رهجي وڃڻ، وڏي ۾ وڏو گناهه هو.
    هن کي ڪنهن به انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو سيکاريو ئي ڪونه هو. هن پنهنجي ماءُ کي ڪو مشڪل ئي ڏٺو هو. هن جي داين هن کي الله، رحيم جون ڳالهيون ٻڌايون هيون، پر جڏهن کان هوءَ يورپ آئي هئي، تڏهن کان هن جي دل ۾ وري ڪڏهن الله جو خيال ئي نه آيو هو. ڪڏهن ڪڏهن محض اتفاق سان، جڏهن هوءَ رات جو اوچتو جاڳي پوندي هئي ته هن کي هر شيءِ کان، خود پنهنجي وجود کان ڊپ محسوس ٿيندو هو ۽ هوءَ دل جي گهراين ۾ هڪ تنهائي ۽ ڪنهن شيءِ جي، جنهن کي هوءَ سمجهي به نه سگهندي هئي، هڪ طرح جي بک محسوس ڪندي هئي.
    هوءَ ماچيس وڪڻڻ واري پينو عورت کان معافي وٺندي، پنهنجي ڪمري ۾ داخل ٿي. سندس ٻيئي نوڪرياڻيون هن جي آجيان لاءِ ڊوڙنديون وٽس اچي پهتيون.
    ”مون کي ڇهين بجي تائين ڪوبه نه اٿاري.“
    ائين چئي، هن پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪيو، ۽ پنهنجي صندل جي ريشمي وهاڻن ۽ گاديلن ۾ دٻجي ويهي رهي ۽ اکيون ٻوٽي، ننڍاکڙي حالت ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳي، ”خدا ڪٿي آهي؟“
    ”آءٌ ٿو توکي ڏيکاريان،“ هن جي پاسي کان هڪ آواز آيو. هن ڦيرو کائي ڏٺو ته سندس سامهون هڪ ڊگهو ماڻهو بيٺو هو، جنهن جو چهرو ڏاڍو سخت هو ۽ مٿو، اڇو هوس. هنکي هڪ عجيب و غريب نموني جو ڊگهو چوغو پيل هو، جنهن تي جانورن ، وڻن، جبلن ۽ سمنڊن جون تصويرون ڇاپيل ۽ ڀرت وانگر ڀريل هيون، انهن ۾ مردن ۽ عورتن جا انبوه هئا، جن مان ڪي جنگ ۾ مصروف هئا، ڪي امن جي حالت ۾ ته ڪي عشق و محبت جي ڪيفيت ۾ نظر پئي آيا، ڪٿي وري عجيب و غريب صورتن جا مندر ۽ پوڄارين جا هجوم هئا، ته ڪي بادشاهن ۽ راڻين جا پُرشڪوه جلوس هئا.
    ”ڪير آهين؟“ ڀوري ڇوڪريءَ اهو شڪ ڪندي هن کان پڇيو ته شايد هو مئي خوارن جي آخري گاڏيءَ مان ٻاهر نڪري آيو.
    ”آءٌ تاريخ آهيان.“ هن پنهنجي چهري ۾ ٿوري نرمي آڻيندي جواب ڏنو ۽ وڌيڪ چيو، ”منهنجا ڪيئي جعلي ۽ مصنوعي روپ هن ڌرتيءَ تي لڪندا ڇپندا رهن ٿا. احمق منجهن اعتقاد رکن ٿا پر بدمعاشن ۽ عيارن جو ته انهن سان عشق آهي.“
    ”انهيءَ ڳالهه جو خدا سان ڪهڙو واسطو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”هر طرح سان آهي“، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو. ”ڇا، توکي اهو نه ٻڌايو ويو هوته آءٌ خدا جي نشاني آهيان؟ جيڪڏهن رستو وڃائي وسيٺي آهين، ته منهنجي ڪڍ هلندي اچ.“
    ڀوري ڇوڪري ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿي. هن هاڻي پنهنجيون اکيون کُلنديون محسوس ڪيون. هڪ گهڙيءَ لاءِ هوءَ هٻڪي بيٺي، اوندهه انڌوڪار ٿي رهيو هو. هن سامهون رَفَ تي رکيل هيرن جواهرن سان جڙيل خنجر کي ڏٺو. پوءِ هوءَ کِلي ويٺي ۽ ڪنڌ ڌوڻيائين. ”اسين گهڻو پري هلنداسين.“ انهيءَ ماڻهوءَ چيو، ”تون ٿڪجي پوندينءَ.“
    جلد ئي هو ڦلهجندو ويو ۽ وڌندو، ۽ اڃا وڌندو رهيو. تانجو هوءَ سندس مٿو يا عضوا ڏسي نه پئي سگهي. هن جو چوغو ٽڪرين ۽ جبلن جي مٿان ڇانئجي ويو ۽ نيٺ اها گهڙي آئي، جو هو سندس نظرن کان بلڪل غائب ٿي ويو ۽ هن پاڻ کي هڪ وسيع ميدان ۾، هڪ وڻ جي هيٺان ويٺل ۽ پنهنجي اگهاڙي جسم کي ڪنهن رنگ دار مٽيءَ جو تهه چاڙهڻ ۾ مصروف ڏٺو.
    اوچتو هن جي مٿان گجگوڙ جو زبردست آواز آيو، جنهن هن کي ڊيڄاري وڌو ۽ هوءَ ڏاڍي خوف وچان گجگوڙ جي ديوتا جي آڏو هڪدم زمين تي سجدو ڪري اونڌي ٿي ڪري پيئي، ۽ ڏاڍي عذاب ۾ رڙيون ڪري رهي هئي، ٻيءَ گهڙيءَ ۾ هن پاڻ کي هڪ اهڙي ننگي مرد هٿان مٿي کڄندو محسوس ڪيو، جنهن جي هٿ ۾ نانگن جو هڪ منُچو پڪڙيل هو.
    ”هنن مان اسان کي ڏاڍو مزيدار طعام ملندو.“ هن رڙ ڪري چيو، پر هن کي انهيءَ مرد جي آواز جو سُر پسند نه آيو ۽ هن ڦٿڪي سٿڪي، جيئن تيئن ڪري پاڻ کي آزاد ڪرايو ۽ اُتان وٺي جو ڀڳي ته وري پٺتي نه ڏٺائين.

    * * *

    هن کي ڪو احساس ڪونه هو ته هوءَ ڪيترو وقت ڊوڙندي رهي هئي، جڏهن اوچتو ئي اوچتو هن پاڻ کي پنهنجي پيءَ جهڙي مڙس جي ڀاڪر ۾ ڏٺو، جنهن جي چوطرف ويهه ٻيون عورتون بيٺيون هيون، جن کي ڪانن ۽ کنڀن جا ٺهيل گوڏن تائين هيٺ پڙا پاتل هئا.
    هن جو سڀ کان پهريون ڪم، جهوپڙيءَ جي اندر ڊوڙڻ ۽ هڪ اهڙي شيءِ جي آڏو سجدي ۾ ڪري پوڻ هو، جيڪا هڪ سائي گاهه جي ٻوٽي وانگر ٿي لڳي ۽ چيڪيءَ مٽيءَ جي پنوڙي جي وچ ۾ اٽڪيل هئي.
    ”اي برتر ۽ بالا روح!“ هن چيو، ”تون جو اسان کي اسان جي ڌڻن جي سرسبز گاهه سان ڍڪيل چراگاهه ڏين ٿو، تون جيڪو اسان کي ڇانوَ ۽ گهڻا ٻار ٻچا ڏين ٿو، تو مون کي نانگ- کائيندڙ حيوان کان بچايو آهي.“
    ”ٺيڪ انهيءَ مهل هن پنهنجيءَ ٻانهن کي ڪنهن جي ٿڌين آڱرين سان پڪڙيل محسوس ڪيو ۽ منهن ڦيرائي جو ڏٺائين ته کيس اهو نوجوان نظر آيو، جيڪو سندن ڌڻ چاري رهيو هو. هو مٿي کان وٺي پيرن تائين ٿڙڪي رهيو هو.
    ”اڙي اڙي، تون مڪروه چيز کي ڇهي رهيو آهين، اهي توکي وڻ سان ٺوڪي ڇڏيندا!“ ڀوري ڇوڪريءَ رڙ ڪندي چيو، جنهن تي هو ڦهڪو ڪري اچي زمين تي پيو ۽ ڇوڪريءَ جون ٽنگون پڪڙي ورتائين.
    ”آءٌ توکي هرگز وڃڻ جي اجازت نٿو ڏيئي سگهان.“ هن چيو .
    ”تو هڪ مڪروه ڪيل شيءِ کي هٿ لائي قانون ٽوڙيو آهي.“ سندن پٺيان هڪ وحشت ۾ ٻڏل آواز آيو. هڪ پيرسن شخص، ڳنڀير چهرو بڻائي هنن کي ڏسي ۽ بددعائون ڏيئي رهيو هو: ”بزدل! ايتري به همت ڪانه اٿئي جو پنهنجي لاءِ ٻاهران ڪا پڪڙي وٺي اچين. انهيءَ ڪري منهنجين زالن مان هڪ کي پڪڙين ٿو.“
    اتي وڏو گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ماڻهو انهيءَ نوجوان کي پڪڙي وڻ-ديوتا آڏو کيس قربان ڪرڻ لاءِ گهليندا ٻاهر کڻي ويا ته جيئن هن جي نحوست ٽري وڃي.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي اهو نوجوان وڻي ويو هو ۽ هن دل ئي دل ۾ وڻ ديوتا کي التجا ڪئي ته هو کيس بچائي.
    پر هوءَ اڃا زمين تي ئي پيئي هئي، ته ٻاهران ايندڙ آواز کيس خبر ڏيئي ڇڏي ته هنن سندس نوجوان کي اڳيئي روانو ڪري ڇڏيو هو. ڏک ۽ ڪاوڙ وچان، هن سندس آڏو رکيل بت کي هڪ زوردار لت هڻي ڪڍي ۽ پنهنجي انهيءَ حرڪت جي نتيجي کان آگاهه هئڻ ڪري، هوءَ پنهنجي جان بچائڻ خاطر، اتان اٿي وٺي ڀڳي.
    جيئن ئي هوءَ درياهه جي ڪناري جي ويجهو، پهچڻ لڳي ته هن هڪ گهاٽي ٻُوڙي مان هڪ خطرناڪ چيتو نڪرندي ڏٺو، جيڪو ڏانهنس وڌندو اچي رهيو هو. هن مدد لاءِ رڙ ڪئي ۽ جلد ئي ٻن ماڻهن کي ايندو ڏسي سندس دل کي تسلي ملي، جن چيتي کي رستي ۾ روڪي انهيءَ دردنده کي پنهنجن ڀالن سان ماري ڇڏيو.
    ”تون ڪيڏانهن وڃي رهي آهين؟ هو پُوڙا سڄا شينهن ۽ چيتن سان ڀريا پيا آهن، جيڪي رات جو اسان جي ڳوٺن تي حملو ڪندا آهن“، انهن ماڻهن ڀوري ڇوڪريءَ کي چيو، ”تنهنجو ڳوٺ درياهه جي ڪپ تي ڪٿي هجي ته پوءِ اسان سان گڏجي هلي سگهين ٿي“.
    ”منهنجو ڪو ڳوٺ ڪونهي ۽ نه وري منهنجا ڪي ماڻهو آهن“ ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
    انهيءَ وچ ۾ ٻه عورتون، جيڪي بظاهر ڪنوارون پئي لڳيون ۽ جيڪي ٻه ننڍڙا بت کڻي پئي هليون، ساڻن اچي گڏيون ۽ پوءِ اهي سڀ گڏجي،د رياهه جو ڪپ ڏيئي اڳتي وڌيا.
    ڀوري ڇوڪريءَ انهن عورتن سان ڳالهايو پر انهن پنهنجون آڱريون کڻي پنهنجن چپن تي رکيون ۽ ڪو جواب نه ڏنائون. جيئن ئي هڪ هنڌ ڪجهه ڍرا ٿيا ۽ مرد ٿورو پرڀرو هليا ويا، ته اتي انهن عورتن چيو:
    ”ماڻهوءَ کي سندس مڙس جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي.“ ڀوري ڇوڪريءَ پنهنجيون اکيون، انهن جي هٿن ۾ پڪڙيل ننڍن بتن ۾ کڻي کپايون هيون.
    ”ڇا، اهي توهان جا ديوتائون آهن؟“ هن پڇيو.
    ”هائو“، انهن جواب ڏنو، ”اسان جا خانداني ديوتائون آهن، اسين انهن کي پنهنجن نون گهرن ڏانهن کڻي پيون وڃون، جيڏانهن پاڻ وڃي رهيون آهيون.“
    انهن مان هڪ بت، چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل گول ٿالهڙي هئي، جنهن ۾ ٻه ننڍيون ڪاٺيون ٽنبيل هيون.
    ”هيءُ ديوتا، وڻ ديوتا سان ته بلڪل نٿو ملي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو. ”هي چنڊ ديوتا آهي“، هڪ عورت جواب ڏنو، ”انهيءَ کان سواءِ اسين جيئرا ئي نٿا رهي سگهون، اهو ئي اسان کي جهنگلي جانورن ۽ نانگن کان بچائيندو آهي، ۽ اسان جي فصلن جي نگهباني ڪندو آهي ۽ اسان کي بارش ڏيندو آهي.“
    اِتي ڳوٺ جي وچ مان ماڻهن جو هڪ وڏو ميڙ انهن جي آجيان لاءِ اچي پهتو ۽ ان جي اڳواڻي هڪ پوڙهو پوڄاري ڪري رهيو هو. اهي ماڻهو ڪنوارين سان ملڻ، ۽ کين سندن گهرن ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ آيا هئا. پوڄاريءَ ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن ڏٺو:
    ”تون ڪير آهين؟“ هن پڇيو، ”ڇا، تنهنجا ماڻهو زمين کيڙيندا آهن؟“
    ”نه، اهي ڌڻ چاريندا هئا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
    ”اوه، ته پوءِ چئبو ته تون خانه بدوش آهين،“ پوڄاريءَ چيو، ”اسين توکي تيسين پنهنجي ڳوٺ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيئي نه سگهنداسين، جيسين تون باهه جي وچان نه لنگهندينءَ.“
    جيسين هو نين آيل ڪنوارن کي باهه جي مچ جي چوڌاري ڦيرا ڏياريندا رهيا، جو اهو سندن شاديءَ جو هڪ سُنوڻ هو، ته انهيءَ وچ ۾ ڀوري ڇوڪري خوف وچان، اتان ترڪي نڪري ويئي ۽ ڳوٺ جي مندر ۾ وڃي لڪي پيئي. اتي، هن ديوتائن جون قطارون ڏٺيون ۽ انهن مان هڪ ديوتا باقي ٻين کان ٿورو مٿڀرو رکيل هو.
    ”او ديوتائو! مون کي باهه کان بچايو،“ هن سهڪندي سهڪندي التجا ڪئي، پر جيئن ته هن کي ڪو جواب ڪونه مليو، ان ڪري هن رڙ ڪري چيو، ”توهان وٽ هڪ مصيبت زده ڪنواري ڇوڪريءَ کي اطمينان ڏيڻ لاءِ ڪو جواب ڪونهي! توهان کي ته، گهٽ ۾ گهٽ جيسين منهنجو تعلق آهي، زبان ئي ڪانهي، پر توڻي کڻي توهان کي زبانون هجن به ها، تڏهن به اهي باهه جي ڄڀيءَ آڏو ڪهڙو بچاءُ ڪري سگهن ها!“ ائين چئي، هوءَ مندر کان ٻاهر ڊوڙندي نڪري ويئي.
    هڪ عورت، جنهن کي ٻار ساڻ هو، تنهن هن کي جو اهڙي غير معمولي وقت تي ڀڙڪو کائي ٻاهر نڪرندي ڏٺو ته هوءَ ڊڄي ويئي ۽ واڪو ڪري چيائين، ”ڀوت“ ۽ ائين چئي پاڻ ڀرپاسي ۾ بيٺل هڪ ڳئونءَ وٽ وڃي پهتي، ان جو پڇ پڪڙي چميائين ۽ پڇ جي هيٺان وارن جو مچو پنهنجي ٻار جي مٿي تي ڦيرايائين ۽ رڙ ڪري چيائين، ”شل ڳئون ماتا انهيءَ بد روح جي پاڇي کان توکي پناهه ۾ رکي!“

    * * *

    ________
    * خردو لفظ خورد معنيٰ ننڍو جي بگڙيل صورت آهي ۽ پاڪستان کان اڳ اپر سنڌ ۾ عام خاص ماڻهو ننڍن سڪن لاءِ استعمال ڪندا هئا. هن وقت ان جي بدران ريزگاري يا انهيءَ جي بگڙيل صورت ”ريجو“ استعمال ڪيو وڃي ٿو. (مترجم)


    2

    ڀوري ڇوڪري ڳوٺ کي گهڻو پٺتي ڇڏي آئي هئي. هوءَ اَن سان پوکيل ٻنين ۽ جهنگن جهرن مان رلندي، اڳتي وڌندي رهي، تان جو هن پاڻ کي هڪ وڏيءَ بستيءَ ۾ ڍڳين ۽ ڪتن جي وچ ۾ ڏٺو.
    ”ڌيءَ، تون ڪيڏيءَ دير کان وٺي ٻاهر رهي آهين، ٻنين ۾ ايڏو پري رلڻ، خطري کان خالي ناهي“، هڪ اڌيڙ عمر واري ماڻهوءَ هن کي نرميءَ سان چيو. ”هن زماني ۾ ته ديوتائون به غليظ حملن کان آجا ڪينهن.“ هن ڪجهه ساهي کڻي وري چيو، ”ٻڌو اٿم ته بادشاهه زردشت جي نون ديوتائن کي اڳيئي قبول ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڄاڻ ته سڀني ماڻهن هن جي پٺڀرائي ڪئي ۽ جيڪي ائين نه ڪندا، تن کي ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو.“
    ”بابا، اهي نوان ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”انهن ۾ هڪ نيڪيءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”اهر مزد“ چون ٿا ۽ جيڪو روشنيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هڪ ٻيو بديءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”آهرمن“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو اوندهه جو نمائندو آهي ۽ اهي ٻيئي دائمي طور هڪ ٻئي سان جنگ و جدل ۾ مصروف رهن ٿا“، بابا جواب ڏنو.
    ”نيڪيءَ جي ديوتا جي صورت ڪهڙي آهي؟ ڇا، هو اسان جي ديوتائن منجهان ڪنهن هڪ جهڙو لڳي ٿو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”نه“، بابا جواب ڏنو، ”هو هڪ ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو آهي، جنهن کي پَرَن واري گاڏي ۾ ويهاريو ويو آهي ۽ زردشترا ته چوي ٿو ته اسان جا سڀ ديوتائون راڪشس آهن ۽ هن جا اهرمزد ۽ اهرمن اسان جي ديوتائن کان وڌيڪ قديم آهن. البت اسان جي ’هوما‘ ۽ ’اگني‘ کي بچايو ويو آهي، پر انهن کي وري به انهيءَ اهر مزد جي زبردستيءَ ۾ رکيو ويو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته جيڪو به هن کي بديءَ جي ديوتا کي فتح ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، سو موت کان پوءِ بهشت ۾ ويندو، ۽ جيڪو ماڻهو اباڻي زمين کيڙيندو رهندو ۽ گهرن ۾ چلهين جي باهه کي هميشھ ٻريل حالت ۾ رکندو، مقدس ڍڳي ۽ ڪتي ۽ پاليل پکيءَ جو احترام ڪندو ۽ رولو زندگي گذارڻ کان نفرت ڪندو، اهو ئي نيڪ انسان آهي، جنهن سان اهرمزد راضي رهي ٿو.“
    ”پر اسين ته اهي سڀ ڪم ڪريون ٿا“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”اسين زمين جا مالڪ ۽ هاري آهيون، اسين گهرن جي چُلهين ۾ ٽانڊو هميشھ ٻريل حالت ۾ رکون ٿا، ۽ ڳئن ۽ ڪتن جي حفاظت ڪريون ٿا. پوءِ ڀلا، ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو؟“
    ”ڏسين نه ٿي، ڌيءَ ته اسان جي ديوتائن جي ذلت ڪئي وڃي ٿي“، ”اباڻي زمين، گهر ۽ چُلهه جي باهه کي ڇڏي وڃڻ جو گناهه فقط ان صورت ۾ معاف ٿي سگهندو، جڏهن وطن کي ديوتائن جي صدقي ترڪ ڪجي ٿو.“

    * * *

    ان ڪري انهن ٽپڙ ٻڌا ۽ ٻين تارڪين وطن جي وڏي انبوهه سان گڏجي، ڍڳي گاڏين ۾ سامان سڙو رکي، هڪ اهڙي ملڪ ڏانهن سفر اختيار ڪيو، جتان جا ماڻهو سانوري رنگ جا هئا. هنن اتي پهچي، پنهنجي عظيم اڳواڻ منوءَ جي قيادت ۾ نئين سرسوتيءَ* جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ اُتان جي هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو.
    ”ديوتائن مقدس هَرَ وارن کي انعام سان نوازيو آهي“. پوڙهي ڀوري ڇوڪريءَ کي چيو، ”هن کي وري هڪ نئين سرسوتي ملي ويئي آهي، جنهن جي ڪپن تي هو هر هلائي سونهري رنگ وارو اَنُ پيدا ڪندا، اسان جي ابن ڏاڏن جا روح، هتي به اسان جي حفاظت ڪن ٿا، جيئن اُهي ايران ۾ ڪندا هئا.“
    ڀوري ڇوڪريءَ هن ڏانهن نهاريو ۽ چيو، ”بابا، اڄ صبح جو جڏهن آءٌ وهنجڻ ۽ پاڻي ڀري اچڻ لاءِ ويئي هيس، ۽ جيئن ئي آءُ پاڪ سرسوتيءَ جي پوڄا ڪري ۽ سورج ديوتا کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي رهي هيس ته مون انهن اڻ –آرين مان هڪ کي ڏٺو، جيڪو هڪڙي مئل نانگ کي پوڄي رهيو هو.“
    ”هُون“، بابا چيو، ”عظيم منونءَ جو قول آهي ته پنڊت، پوڄاري، جنگباز ۽ واپاري سڀ آريا قوم مان چونڊڻ گهرجن، اڻ آرين لاءِ فقط نيچ ڪم ڇڏيل آهن ۽ انهن لاءِ آريائن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان سخت منع ٿيل آهي. اها ڳالهه اسان کي ذاتين جي مونجهاري کان محفوظ رکندي.“
    انهيءَ وچ ۾ برهمڻن جو هڪ ٽولو اتي اچي نڪتو، ابن ڏاڏن کي قربانين پيش ڪرڻ جي مهل اچي پهتي هئي. ڀوري ڇوڪريءَ کي برهمڻن جا پير ڌوئڻا ۽ کين کاڌو کارائڻو پيو. هن کي ڳئن کي به کارائڻو پيو ۽ ان کانپوءِ ديوتائن کي جاڳائي انهن کي به کارائڻو پيو. صبح کان وٺي ويندي شام تائين، هن کي گهر اندر ڪيئي ساٺ سنوڻ پورا ڪرڻا پوندا هئا، جن کي ذري جيتري به انحرافي جو مطلب ڪرڻا پوندا هئا، جن کان ذري جيتري به انحرافي جو مطلب اهو هو ته هوءَ ڪنهن وڏيءَ مصيبت ۽ لعنت ۾ مبتلا ٿيندي.
    ”هِتي ته اسان کي ايران کان به وڌيڪ رسمون رواج ۽ ساٺ سؤڻ پورا ڪرڻا پون ٿا“، هن هڪڙي ڏينهن پيءُ وٽ شڪايت ڪئي.
    ”هائو، ڌيءَ“، هن جواب ڏنو، ”پر تنهنجي انهيءَ ڳالهه مون کي ياد ڏياري وڌي ته تون هاڻي پوڙهي ٿيندي پيئي وڃين ۽ اسان جو مقدس قانون چوي ٿو ته انهيءَ گهر تي ديوتائن جو غضب پوندو، جنهن ۾ هڪ ڌيءَ کي شاديءَ ڪرائڻ کانسواءِ، ڇوڪراڻي ڄمار مان وڌي بالغ عورت جي منزل تائين رکيو وڃي ٿو. توکي هاڻي پرڻائڻو پوندو ۽ شال تون بيشمار پٽن جي ماءُ ٿئين! اهو ماڻهو وڏو لعنتي آهي، جيڪو پٽ ڄڻڻ کانسواءِ مري وڃي ٿو. هو ڪڏهن به سورڳ ۾ نه ويندو، ڇاڪاڻ ته هن جي روح کي کارائڻ ۽ برهمڻن کي ڀوڄن ڪرائڻ وارو ڪوئي ڪونه هوندو. ساڳيءَ طرح سنڍ عورت تي به ديوتائن جو غضب هوندو آهي ۽ هڪ وڌوا (رن زال) مڙس جي مرڻ کانپوءِ جيئري رهڻ جي مقابلي ۾ ان وقت وڌيڪ خوش ٿيندي آهي، جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس جي لاش سان گڏ چکيا تي چڙهندي آهي“.
    ڀوري ڇوڪريءَ جڏهن خانداني ديوتا جي شبيهه کي کاڌو پيش ڪيو، تڏهن ان جي اڳيان سجدو ڪري، هن مڙس ملڻ لاءِ خصوصي دعا ڪئي.
    جلد ئي هن جي پرارٿنا اگهاڻي ۽ هن جي شادي ڪرائي ويئي، پر ٿوروئي عرصو گذريو هو، جو هن جي مڙس کي نانگ ڪکي وڌو ۽ هو مرڻ لڳو.
    پوڄاريءَ اصرار ڪيو ته هن کي ڌرتيءَ تي ليٽائي، مٿس پاڻي وڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو بستري تي مري ويو ته سورڳ جو ڪڏهن منهن نه ڏسندو.
    ڀوري ڇوڪري هڪ وڌا جي حشر کان پوريءَ طرح واقف هئي. ڀڄڻو ته هن کي ضرور پيو، پر هن کي ڪاري پاڻيءَ واري سمنڊ پار ڪرڻ جي همت ڪانه هئي، ڇو ته ان طرح هوءَ لعنتي ۽ تڙيل ٿي پوي ها. ان ڪري هوءَ ملڪ جي اندروني علائقي طرف ڀڳي.
    * * *
    هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ ڀاڄ کانپوءِ، هوءَ هڪ گهاٽي ٻيلي جي وچ ۾ صاف ٿيل جاءِ ۾ اچي پهتي، جنهن جي چوڌاري تمام اوچا بڙ جا وڻ بيٺل هئا، جيڪي ديول جي ٿنڀن وانگر معلوم ٿي رهيا هئا. جيئن ته هوءَ ٿڪجي چور ٿي پيئي هئي، ان ڪري هن پاڻ کي سائي گاهه سان ڍڪيل زمين تي کڻي اڇلايو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
    هن جي سڏڪن جي آواز کان مٿي وڻن ۾ ويٺل سوين طوطا ۽ مينائون جاڳي پيا، ۽ هڪ پل ۾، خاموش جهنگ پکين جي لاتين جي آواز سان ڀرجي ويو. انهيءَ صورتحال ۽ اوڀر کان اڀرندڙ سج جي روشن ڪرڻن، جيڪي گهاٽن وڻن جي ٽارين وچان ليئا پائڻ لڳا هئا. هن جي ڪريل دل ۾ هڪ نئون جذبو جاڳايو ۽ هوءَ همت ڪري اتان ئي اٿي، پاسي واري ڍنڍ تي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هلي ويئي.
    اڃا هن وهنجي مس بس ڪئي ته هن کي ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي وڄندڙ بانسريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ ساهه روڪي، غور سان ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ انهيءَ رخ ڏي وڌندي رهي، جتان هن کي اهو مٺو موسيقيءَ ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيئن جيئن هوءَ ويجهي ايندي رهي، تيئن تيئن بنسريءَ جو آواز وڌيڪ صاف ۽ مٺو ٿيندو پئي ويو. هاڻي هن چئني طرفان کان نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪرين کي هٿن ۾ گلن جا هار کڻي، بنسري وڄائيندڙ ڏانهن ايندي ڏٺو. اهي سڀ ائين گهمي رهيون هيون، ڄڻ ته مٿن جادوءَ جو اثر ٿيل هو. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هوا به ساڪت ٿي ويئي هئي، هر هڪ شيءِ بنسريءَ جو آواز ٻڌڻ لاءِ هڪ هنڌ بيهي رهي هئي.
    جيئن ئي اهو مٺو ۽ سريلو آواز نڪرڻ بند ٿيو، ته هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: اهو ”ڌنار ڇوڪرو!“ ۽ اهو آواز ٻڌي سڀ ڇوڪريون بنسري وڄائيندڙ جي طرف ڏانهن ڀڳيون ۽ ڀوري ڇوڪريءَ به فطري طور ائين ئي ڪيو.
    پوءِ هن پاڻ کي جادوءَ جهڙو اثر رکندڙ هڪ سهڻي ۽ سانوري نوجوان جي روبرو بيٺي ڏٺو ۽ جيئن ٻين ڇوڪرين ڪيو، تيئن هيءَ به گوڏن ڀر جهڪي ۽ پوءِ سڀني گڏجي انهيءَ سهڻي جوان جي چوڌاري گول دائرو بڻايو. هن هر هڪ ڇوڪريءَ کي موهيندڙ مرڪ سان کينڪاريو، پر هن ڀوري ڇوڪريءَ کي وري ٻيهر ڏٺو، ۽ ان طرح پڪ ڪئي ته هو کيس اڄ پهريون ئي دفعو ڏسي رهيو هو. ڇوڪرين کي سندن پيار ۽ محبت جي صدقي ۾ انعام ڏيڻ خاطر، هن هڪ ڀيرو وري بنسريءَ مان من موهيندڙ سر آلاپيو.
    جيئن ئي هن بنسريءَ تي گيت ڳائي بس ڪيو، تيئن ئي بنسريءَ کي اڇلائي، انهن سهڻين نينگرين سان گڏجي ڏاڍي نزاڪت سان هڪ دلپسند ناچ نچڻ شروع ڪيو. ناچ اڃا مس ختم ٿيو ته هن وڏي آواز ۾ چيو:
    ”هاڻي، سڀ وڃو، وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو، نه ته توهان جا پيئر مون کي پٽيندا. اسين وري منجهند جو ملنداسين.“
    هنن سندس حڪم هٻڪندي هٻڪندي مڃيو ۽ گهر طرف ويندي وري وري منهن پٺتي ڦيرائي ڏسنديون رهيون، تان جو هو انهن جي نظرن کان دور ٿي نيٺ گم ٿي ويو. ڀوري ڇوڪري، قدرتي طور، اتي ئي ڄمي بيٺي رهي.
    ”ڪير آهين؟“ نوجوان هن کان پڇيو.
    ”آءٌ اڄ صبح ئي هت پهتي هيس ۽ تنهنجي بنسريءَ جو آواز ٻڌي عجيب ڪيف محسوس ڪيم“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”هن آزاد جهنگ ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪهڙو نه مختلف محسوس ڪري ٿو، جڏهن هن کي ڪي به رسمون ۽ ريتيون ادا ڪرڻيون ڪينهن! آءٌ پنهنجين پنبڻين سان جيڪر هزار ڀيرا تنهنجا پير ڌوئان، پر مون کي خوشي آهي، جو مون کي ڪنهن برهمڻ جا پير هڪ ڏينهن به ڌوئڻا ڪينهن. مون برهما جي خوبصورت شبيهه کي، چئن ٻانهن ۽ چئن سِرين سان ڏٺو آهي، مون عظيم ديوتا ”شِو“ به ڏٺو آهي، ۽ شاندار وشنوءَ جو ديدار به ڪيو اٿم، انهن سڀني جون خوبصورت ديويون به ڏٺيون اٿم. پر هاڻي ته منهنجي سامهون هڪ جيئرو ديوتا بيٺو آهي.“
    نوجوان هن جا اهي پويان الفاظ ٻڌي ڪجهه ڇرڪيو.
    ”اڙي، آءٌ ته فقط هڪ ڌنار آهيان“، هن چيو، ”اسين سڄو ڏينهن فقط پاڻيءَ ۾ ترڻ، ڳائڻ ۽ نچڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪندا آهيون، مون کي اميد آهي ته هاڻي، تون به انهيءَ ۾ اسان سان شريڪ ٿيندينءَ.“
    پوءِ هن هڪ ڳنڍڙي کولي، جيڪا هن وٽ موجود هئي ۽ ان مان ماني ۽ مٺائيءَ جو ڪجهه حصو ڪڍي، جيڪا هو پنهنجي ناشتي لاءِ گهران کڻي آيو هو، هن ڏانهن وڌايائين.
    ”هيءُ ته ڪو جادوءَ جو ملڪ آهي، جنهن ۾ آءٌ اچي نڪتي آهيان“. ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”مون هن کان اڳي ڪڏهن اهڙو خواب به نه ڏٺو هو.“
    وهنجندي رانديون ڪندي، نچندي ۽ ڳائيندي، وقت گذرندو رهيو ۽ اهو چڪر ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، ۽ ڀوري ڇوڪري ۽ گوپيون انهيءَ نوجوان سهڻي ڇوڪري کي ديوتا وانگر پوڄينديون رهيون، تان جو هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هو انهن جي وچ مان گم ٿي ويو.
    ڀوري ڇوڪري، ٻين نوجوان ڇوڪرين سان گڏ هن عدم موجودگيءَ تي روئنديون ۽ ماتم ڪنديون رهيون. تان جو هڪڙي ڏينهن ڊگهن اڇن وارن سان هڪ جهنگ- واسي، اتي اچي نڪتو، ۽ کين ٻڌايو ته سندن ڌنار ڇوڪرو، اصل ۾ هڪ شهزادو هو، جنهن کي ملڪ ۾ هلندڙ جنگين ۾ پنهنجن ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻي هئي ۽ هن راڪشسن (وحشي قبائل) کي فتح ڪري، نيست و نابود ڪرڻ کانپوءِ خوبصورت راڻين سان شاديون ڪيون هيون ۽ انهن مان هن کي سوين پٽ ڄايا هئا، جيڪي سڀ ئي ديوتائن وانگر نظر اچي رهيا هئا. هن کين اهو به ٻڌايو ته هن جي اڳيان ته خود برهمڻ به گوڏو جهڪائي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪندا هئا.
    ”ڇا، هو وري ڪڏهن به هن طرف ڪونه ايندو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو. ”نه ڪڏهن به نه“، تارڪ الدنيا شخص جواب ڏنو. ”هن جو ٻالڪپڻو هِن هنڌ سان وابسته هو، ۽ هن جي مردانه جواني ٻئي ڪنهن هنڌ سان واسطو رکي ٿي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ ائين محسوس ڪيو هو ته ڄڻ سندس زندگيءَ جو هڪ نئون ورق وري چڪو هو ۽ هن کي انهيءَ اوچتي ۽ دائمي نقصان جو ايڏو ته غم ٿيو، جو کيس آٿت ئي نه پئي مليو.
    ”پر پوءِ“ هن پنهنجو پاڻ کي چيو، ”هو اڃا به مون وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوئي به مون کي انهن خوبصورت ڏينهن جي ياد کان محروم نٿو ڪري سگهي، جيڪا منهنجي دل اندر محفوظ آهي، هن جي صورت به منهنجي دل اندر محفوظ آهي.
    هي صبح جو سورج، وڻ ٽڻ، ڍنڍ، هوا ۽ ڪڪر- اهي سڀ ديوتائون جن جي آءٌ اڳئي پوڄا ڪندي هيس، تن سڀني لاءِ آءٌ هاڻي به پوڄا ڪريان ٿي، پر ڪهڙي نه فرق سان، هاڻي، آءٌ انهن کي پيارو گهران ٿي. حالانڪه هن کان اڳي مان فقط سندن اڳيان گوڏا جهڪائڻ لاءِ مجبور ڪئي ويندي هيس. انهن سان گڏ، هي پکي پکڻ، گل ڦل، ناچ ۽ هن جي ديوتائي موسيقي، جيڪا هن کي ايڏي پياري هئي. انهن سڀني کي آءٌ هن جي وسيلي سان پيار ڪرڻ سکي آهيان. آءٌ پاڻ کي بدليل محسوس ڪري رهي آهيان ۽ دنيا کي به مختلف نظرن سان ڏسي رهي آهيان. هائو، جيسين هن کي وري ڳولي هٿ نه ڪنديس، تيسين آرام نه ڪنديس. آءُ سندس پٺيان هلندي ئي رهنديس، ۽ تيستائين هلندي رهنديس، جيستائين منهنجين ٽنگن ۾ منهنجو بار برداشت ڪرڻ جي طاقت هوندي. هاڻي مون تي واضح ٿي رهيو آهي“، هوءَ ان طرح سوچيندي رهي:
    ”هي آريا ڪهڙا نه احمق هئا، جو پنهنجو اصلوڪو وطن ۽ ”زردشت“ جي ديوتائن، ”خالق“ ۽ ”ناس ڪندڙ“ کي ڇڏي آيا. ڇاڪاڻ ته هت اچڻ کانپوءِ هنن انهن سڀني ديوتائن کي ته وري پنهنجو بنايو، اٽلو هڪ ٽيون، عظيم ”وشنو“ پڻ انهن ۾ ملايو، جيڪو حفاظت ڪندڙ ديوتا آهي“.
    ائين سوچيندي هوءَ پنهنجي ديوتا جي ڳولا ۾ نڪري پيئي.

    * * *

    هوءَ جبلن، ٻيلن ۽ ميدانن کي پار ڪندي رهي، تان جو هڪ عجيب و غريب ۽ اڻسڃاتل هنڌ تي اچي نڪتي، جتي هن کي ڏاڙهيءَ ۽ عجيب حُليي وارن ٻن ڄڻن پڪڙي ورتو، جن جي مٿن جا وار چوٽين جي صورت ۾ ڳنڍيل هئا، هو کيس پنهنجن اٺن تي کڻي آيا ۽ گهڻي وقت کانپوءِ آخرڪار هن کي فرعون وٽ انهيءَ جي حيثيت ۾ وڃي وڪيو. هوءَ فرعون جي انتهائي مقبول ٻانهي بڻجي ويئي ۽ هو کيس هميشھ پنهنجي خدمت ۾ حاضر رکڻ چاهيندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سندس ٻولي سمجهي سگهندي هئي.
    انهيءَ شهر جي وچان لنگهندي، جيڪو سڄو مٽيءَ جي ڪچن گهرن جو ٺهيل هو، هن انهن جاين جي عين وچ ۾ پٿر جي هڪ شاهاڻي عمارت ڏٺي.
    ”هن ۾ ڪير رهندو آهي؟“ هن هڪ لانگهائوءَ کان پڇيو.
    ”هن شهر جو محافظ ديوتا“، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو.
    هوءَ مجسم حيرت بڻجي اوڏانهن ڀڳي، پر دروازي وٽ بيٺل پوڄاريءَ، جنهن کي هٿ ۾ هڪ لٺ هئي، هن کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو. انهيءَ ڳالهه هن جي حيرت ۾ آقي باقي اضافو ڪيو ۽ هن جاءِ جي چوڌاري ڦيرو ڏيئي، ان جي ڀت ۾ هڪ چير ڏسي ورتو، جنهن جي وچان هوءَ ان جي اندرين اونداهين ڪمري ۾ ليئو پائي ڏسي پئي سگهي، ۽ هن ڏٺو ته ان ۾ هڪ وڏو واڳون ويٺو هو. هن کان کل نڪري ويئي.
    هن کي اهڙي (ديوتا) کي رازداريءَ ۾ رکڻ جو ڪو مقصد نظر ڪونه آيو، جڏهن ته ان جا سوين ڀائر نيل درياهه جي ڪنارن تي پيا هئا، جتي انهن کي هر ايندڙ ويندڙ، جنهن کي انهن کي ڏسڻ جي خواهش هئي آسانيءَ سان ڏسي پئي سگهيو. اوچتو هوءَ ڪنهن خيال ۾ ٻڏي ويئي ۽ هن جي تصور ۾ سرسوتي نديءَ جي ڪپن وارو منظر تري آيو، جتي هن هڪ اڻ –آريي کي مثل نانگ جي پوڄا ڪندي ڏٺو هو. پر اتي ته ڪنهن به ماڻهوءَ هڪ جانور کي مندر ۾ ڪونه رکيو هو؟
    هوءَ اڳتي وڌندي رهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ اهڙي هنڌ تي اچي نڪتي، جيڪو هڪ وڏي ٽڪر وانگر پئي لڳو ۽ جنهن ۾ هڪ مئل ماڻهوءَ کي دفن پئي ڪيو ويو. جنهن ڳالهه هن کي ڇرڪايو، سا اها هئي ته مئل ماڻهوءَ سان گڏ، نه فقط سندس گهريلو سازو سامان ۽ فرنيچر وغيره، پر جيئرن جاڳندڙن جانورن ۽ عورتن کي پڻ هڪليندا دفن ڪرڻ لاءِ وٺي پئي آيا.
    اها رات ياد ڪندي، جڏهن هوءَ چکيا تي جيئري جلڻ جي خطري ۾ هئي، کيس اهڙي ته وحشت اچي ورايو، جو هوءَ يڪ ساهيءَ محل ڏانهن واپس ڊوڙي ويئي. اتي پهچڻ سان، هن پاڻ کي پنهنجي آقا جي قدمن ۾ کڻي اڇلايو ۽ هن کان انهيءَ ڳالهه جو مطلب دريافت ڪيو.
    ”ته پوءِ اهو ڪم توکي ناجائز پيو لڳي. مون کي به اهو ٻاراڻي ڄمار کان وٺي ناجائز لڳندو آيو آهي“، هن جي آقا چيو ۽ مرڪيو. اسين ساڳين خيالن جا معلوم ٿيون ٿا. هن وقت تائين ته پوڄاري ۽ پنڊت انهيءَ ظالمانه رسم جي اصلاح ڪرڻ کان منهنجو رستو روڪيندا آيا آهن، پر هاڻي آءُ هنن جي مخالفت کي هرگز برداشت نه ڪندس. آءٌ هڪ سچي خدا جي عبادت قائم ڪندس.“
    ”اي معزز آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ پاڻ سچي خدا جي ڳولا ۾ آهيان“.
    ”اچ ته آءٌ ٿو توکي ڏيکاريان“، فرعون چيو، ۽ پوءِ هن کي هڪ کليل ٿلهي تي وٺي آيو ، جتي هن وجد ۾ اچي سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ڇا، انسان پاگل ناهن؟ ڇا، اها حقيقت واضح ناهي ته اهو ئي هن ڌرتيءَ ۽ ان تي موجود سڄي زندگيءَ ۽ خود اسان جو به پيدا ڪندڙ آهي؟ شاندار آ تون! *ڇا، ڪوئي هن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ديوتا جي پوڄا به ڪري سگهي ٿو؟“
    هن جي بيخوديءَ واري انهيءَ حالت ۽ سندس دلپسند چال، ڀوري ڇوڪريءَ کي بنسريءَ واري شهزادي جي ياد تازي ڪرائي، جيڪو پڻ بادشاهه بڻيو هو، ۽ ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن تي حڪمراني ڪري رهيو هو ۽ جنهن آڏو برهمڻ به گوڏا جهڪائيندا هئا. هن کي اهو ڏسي ڪو اچرج نه لڳو ته هن هنڌ پڻ، هڪ بادشاهه پنهنجن ماڻهن جي خدا ڏانهن قيادت ڪري رهيو هو.
    ”مون کي ياد آهي ته مون انهيءَ خوبصورت ديوتا کي پاڻيءَ جو نذر پيش ڪيو هو. پر ڇا، اتي ”ورونا“ نالي آسمان جو منور ديوتا به ڪونه هو، جيڪو ستارن جو چمڪندڙ لباس پهريندو آهي؟ ڇا، اهو هن ديوتا جو پيءُ ناهي؟“
    ”مون پاڻ ڪجهه وقت کان وٺي اهو محسوس پئي ڪيو آهي ته آتون ديوتا کان به ڪا ٻي بلند و بالا هستي آهي“. فرعون چيو، ”پرمنهنجي لاءِ شاندار ديوتا ڪافي آهي. هن مون کي پنهنجو اعليٰ ترين پوڄاريءَ ۽ پٽ طور چونڊڻ جو اعزاز بخشيو آهي.“
    فرعون جي تسلين جي باوجود، مردي کي دفنائڻ وارو منظر ڀوري ڇوڪريءَ جي دل مان محو ڪونه ٿي سگهيو. هوءَ جيئري جلڻ کان ڀڳي هئي ۽ هاڻي وري هن کي جيئري دفن ٿيڻ جو خطرو درپيش هو. هوءَ لڳاتار فرار ٿيڻ بابت سوچيندي رهي ۽ جڏهن فرعون پنهنجي لاءِ هڪ نئون شهر تعمير ڪرائي رهيو هو، تڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي خواهش پوري ٿي ۽ کيس اتان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو.

    * * *

    ______

    ڀوري ڇوڪري ڳوٺ کي گهڻو پٺتي ڇڏي آئي هئي. هوءَ اَن سان پوکيل ٻنين ۽ جهنگن جهرن مان رلندي، اڳتي وڌندي رهي، تان جو هن پاڻ کي هڪ وڏيءَ بستيءَ ۾ ڍڳين ۽ ڪتن جي وچ ۾ ڏٺو.
    ”ڌيءَ، تون ڪيڏيءَ دير کان وٺي ٻاهر رهي آهين، ٻنين ۾ ايڏو پري رلڻ، خطري کان خالي ناهي“، هڪ اڌيڙ عمر واري ماڻهوءَ هن کي نرميءَ سان چيو. ”هن زماني ۾ ته ديوتائون به غليظ حملن کان آجا ڪينهن.“ هن ڪجهه ساهي کڻي وري چيو، ”ٻڌو اٿم ته بادشاهه زردشت جي نون ديوتائن کي اڳيئي قبول ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي ڄاڻ ته سڀني ماڻهن هن جي پٺڀرائي ڪئي ۽ جيڪي ائين نه ڪندا، تن کي ملڪ ڇڏي وڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويندو.“
    ”بابا، اهي نوان ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”انهن ۾ هڪ نيڪيءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”اهر مزد“ چون ٿا ۽ جيڪو روشنيءَ جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ هڪ ٻيو بديءَ جو ديوتا آهي، جنهن کي ”آهرمن“ سڏيو وڃي ٿو، جيڪو اوندهه جو نمائندو آهي ۽ اهي ٻيئي دائمي طور هڪ ٻئي سان جنگ و جدل ۾ مصروف رهن ٿا“، بابا جواب ڏنو.
    ”نيڪيءَ جي ديوتا جي صورت ڪهڙي آهي؟ ڇا، هو اسان جي ديوتائن منجهان ڪنهن هڪ جهڙو لڳي ٿو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”نه“، بابا جواب ڏنو، ”هو هڪ ڏاڙهيءَ وارو ماڻهو آهي، جنهن کي پَرَن واري گاڏي ۾ ويهاريو ويو آهي ۽ زردشترا ته چوي ٿو ته اسان جا سڀ ديوتائون راڪشس آهن ۽ هن جا اهرمزد ۽ اهرمن اسان جي ديوتائن کان وڌيڪ قديم آهن. البت اسان جي ’هوما‘ ۽ ’اگني‘ کي بچايو ويو آهي، پر انهن کي وري به انهيءَ اهر مزد جي زبردستيءَ ۾ رکيو ويو آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته جيڪو به هن کي بديءَ جي ديوتا کي فتح ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، سو موت کان پوءِ بهشت ۾ ويندو، ۽ جيڪو ماڻهو اباڻي زمين کيڙيندو رهندو ۽ گهرن ۾ چلهين جي باهه کي هميشھ ٻريل حالت ۾ رکندو، مقدس ڍڳي ۽ ڪتي ۽ پاليل پکيءَ جو احترام ڪندو ۽ رولو زندگي گذارڻ کان نفرت ڪندو، اهو ئي نيڪ انسان آهي، جنهن سان اهرمزد راضي رهي ٿو.“
    ”پر اسين ته اهي سڀ ڪم ڪريون ٿا“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”اسين زمين جا مالڪ ۽ هاري آهيون، اسين گهرن جي چُلهين ۾ ٽانڊو هميشھ ٻريل حالت ۾ رکون ٿا، ۽ ڳئن ۽ ڪتن جي حفاظت ڪريون ٿا. پوءِ ڀلا، ٻنهي ۾ فرق ڪهڙو؟“
    ”ڏسين نه ٿي، ڌيءَ ته اسان جي ديوتائن جي ذلت ڪئي وڃي ٿي“، ”اباڻي زمين، گهر ۽ چُلهه جي باهه کي ڇڏي وڃڻ جو گناهه فقط ان صورت ۾ معاف ٿي سگهندو، جڏهن وطن کي ديوتائن جي صدقي ترڪ ڪجي ٿو.“

    * * *

    ان ڪري انهن ٽپڙ ٻڌا ۽ ٻين تارڪين وطن جي وڏي انبوهه سان گڏجي، ڍڳي گاڏين ۾ سامان سڙو رکي، هڪ اهڙي ملڪ ڏانهن سفر اختيار ڪيو، جتان جا ماڻهو سانوري رنگ جا هئا. هنن اتي پهچي، پنهنجي عظيم اڳواڻ منوءَ جي قيادت ۾ نئين سرسوتيءَ* جي ڪنارن تي آباد ٿيڻ کان اڳ ۾ اُتان جي هزارين ماڻهن کي قتل ڪيو.
    ”ديوتائن مقدس هَرَ وارن کي انعام سان نوازيو آهي“. پوڙهي ڀوري ڇوڪريءَ کي چيو، ”هن کي وري هڪ نئين سرسوتي ملي ويئي آهي، جنهن جي ڪپن تي هو هر هلائي سونهري رنگ وارو اَنُ پيدا ڪندا، اسان جي ابن ڏاڏن جا روح، هتي به اسان جي حفاظت ڪن ٿا، جيئن اُهي ايران ۾ ڪندا هئا.“
    ڀوري ڇوڪريءَ هن ڏانهن نهاريو ۽ چيو، ”بابا، اڄ صبح جو جڏهن آءٌ وهنجڻ ۽ پاڻي ڀري اچڻ لاءِ ويئي هيس، ۽ جيئن ئي آءُ پاڪ سرسوتيءَ جي پوڄا ڪري ۽ سورج ديوتا کي پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻي رهي هيس ته مون انهن اڻ –آرين مان هڪ کي ڏٺو، جيڪو هڪڙي مئل نانگ کي پوڄي رهيو هو.“
    ”هُون“، بابا چيو، ”عظيم منونءَ جو قول آهي ته پنڊت، پوڄاري، جنگباز ۽ واپاري سڀ آريا قوم مان چونڊڻ گهرجن، اڻ آرين لاءِ فقط نيچ ڪم ڇڏيل آهن ۽ انهن لاءِ آريائن جي ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان سخت منع ٿيل آهي. اها ڳالهه اسان کي ذاتين جي مونجهاري کان محفوظ رکندي.“
    انهيءَ وچ ۾ برهمڻن جو هڪ ٽولو اتي اچي نڪتو، ابن ڏاڏن کي قربانين پيش ڪرڻ جي مهل اچي پهتي هئي. ڀوري ڇوڪريءَ کي برهمڻن جا پير ڌوئڻا ۽ کين کاڌو کارائڻو پيو. هن کي ڳئن کي به کارائڻو پيو ۽ ان کانپوءِ ديوتائن کي جاڳائي انهن کي به کارائڻو پيو. صبح کان وٺي ويندي شام تائين، هن کي گهر اندر ڪيئي ساٺ سنوڻ پورا ڪرڻا پوندا هئا، جن کي ذري جيتري به انحرافي جو مطلب ڪرڻا پوندا هئا، جن کان ذري جيتري به انحرافي جو مطلب اهو هو ته هوءَ ڪنهن وڏيءَ مصيبت ۽ لعنت ۾ مبتلا ٿيندي.
    ”هِتي ته اسان کي ايران کان به وڌيڪ رسمون رواج ۽ ساٺ سؤڻ پورا ڪرڻا پون ٿا“، هن هڪڙي ڏينهن پيءُ وٽ شڪايت ڪئي.
    ”هائو، ڌيءَ“، هن جواب ڏنو، ”پر تنهنجي انهيءَ ڳالهه مون کي ياد ڏياري وڌي ته تون هاڻي پوڙهي ٿيندي پيئي وڃين ۽ اسان جو مقدس قانون چوي ٿو ته انهيءَ گهر تي ديوتائن جو غضب پوندو، جنهن ۾ هڪ ڌيءَ کي شاديءَ ڪرائڻ کانسواءِ، ڇوڪراڻي ڄمار مان وڌي بالغ عورت جي منزل تائين رکيو وڃي ٿو. توکي هاڻي پرڻائڻو پوندو ۽ شال تون بيشمار پٽن جي ماءُ ٿئين! اهو ماڻهو وڏو لعنتي آهي، جيڪو پٽ ڄڻڻ کانسواءِ مري وڃي ٿو. هو ڪڏهن به سورڳ ۾ نه ويندو، ڇاڪاڻ ته هن جي روح کي کارائڻ ۽ برهمڻن کي ڀوڄن ڪرائڻ وارو ڪوئي ڪونه هوندو. ساڳيءَ طرح سنڍ عورت تي به ديوتائن جو غضب هوندو آهي ۽ هڪ وڌوا (رن زال) مڙس جي مرڻ کانپوءِ جيئري رهڻ جي مقابلي ۾ ان وقت وڌيڪ خوش ٿيندي آهي، جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس جي لاش سان گڏ چکيا تي چڙهندي آهي“.
    ڀوري ڇوڪريءَ جڏهن خانداني ديوتا جي شبيهه کي کاڌو پيش ڪيو، تڏهن ان جي اڳيان سجدو ڪري، هن مڙس ملڻ لاءِ خصوصي دعا ڪئي.
    جلد ئي هن جي پرارٿنا اگهاڻي ۽ هن جي شادي ڪرائي ويئي، پر ٿوروئي عرصو گذريو هو، جو هن جي مڙس کي نانگ ڪکي وڌو ۽ هو مرڻ لڳو.
    پوڄاريءَ اصرار ڪيو ته هن کي ڌرتيءَ تي ليٽائي، مٿس پاڻي وڌو وڃي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن هو بستري تي مري ويو ته سورڳ جو ڪڏهن منهن نه ڏسندو.
    ڀوري ڇوڪري هڪ وڌا جي حشر کان پوريءَ طرح واقف هئي. ڀڄڻو ته هن کي ضرور پيو، پر هن کي ڪاري پاڻيءَ واري سمنڊ پار ڪرڻ جي همت ڪانه هئي، ڇو ته ان طرح هوءَ لعنتي ۽ تڙيل ٿي پوي ها. ان ڪري هوءَ ملڪ جي اندروني علائقي طرف ڀڳي.
    * * *
    هڪ ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ ڀاڄ کانپوءِ، هوءَ هڪ گهاٽي ٻيلي جي وچ ۾ صاف ٿيل جاءِ ۾ اچي پهتي، جنهن جي چوڌاري تمام اوچا بڙ جا وڻ بيٺل هئا، جيڪي ديول جي ٿنڀن وانگر معلوم ٿي رهيا هئا. جيئن ته هوءَ ٿڪجي چور ٿي پيئي هئي، ان ڪري هن پاڻ کي سائي گاهه سان ڍڪيل زمين تي کڻي اڇلايو ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي.
    هن جي سڏڪن جي آواز کان مٿي وڻن ۾ ويٺل سوين طوطا ۽ مينائون جاڳي پيا، ۽ هڪ پل ۾، خاموش جهنگ پکين جي لاتين جي آواز سان ڀرجي ويو. انهيءَ صورتحال ۽ اوڀر کان اڀرندڙ سج جي روشن ڪرڻن، جيڪي گهاٽن وڻن جي ٽارين وچان ليئا پائڻ لڳا هئا. هن جي ڪريل دل ۾ هڪ نئون جذبو جاڳايو ۽ هوءَ همت ڪري اتان ئي اٿي، پاسي واري ڍنڍ تي هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ هلي ويئي.
    اڃا هن وهنجي مس بس ڪئي ته هن کي ڪنهن ڏورانهين هنڌ تي وڄندڙ بانسريءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. هوءَ ساهه روڪي، غور سان ٻڌڻ لڳي ۽ پوءِ انهيءَ رخ ڏي وڌندي رهي، جتان هن کي اهو مٺو موسيقيءَ ڀريو آواز ٻڌڻ ۾ پئي آيو. جيئن جيئن هوءَ ويجهي ايندي رهي، تيئن تيئن بنسريءَ جو آواز وڌيڪ صاف ۽ مٺو ٿيندو پئي ويو. هاڻي هن چئني طرفان کان نوجوان ۽ خوبصورت ڇوڪرين کي هٿن ۾ گلن جا هار کڻي، بنسري وڄائيندڙ ڏانهن ايندي ڏٺو. اهي سڀ ائين گهمي رهيون هيون، ڄڻ ته مٿن جادوءَ جو اثر ٿيل هو. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هوا به ساڪت ٿي ويئي هئي، هر هڪ شيءِ بنسريءَ جو آواز ٻڌڻ لاءِ هڪ هنڌ بيهي رهي هئي.
    جيئن ئي اهو مٺو ۽ سريلو آواز نڪرڻ بند ٿيو، ته هڪ رڙ ٻڌڻ ۾ آئي: اهو ”ڌنار ڇوڪرو!“ ۽ اهو آواز ٻڌي سڀ ڇوڪريون بنسري وڄائيندڙ جي طرف ڏانهن ڀڳيون ۽ ڀوري ڇوڪريءَ به فطري طور ائين ئي ڪيو.
    پوءِ هن پاڻ کي جادوءَ جهڙو اثر رکندڙ هڪ سهڻي ۽ سانوري نوجوان جي روبرو بيٺي ڏٺو ۽ جيئن ٻين ڇوڪرين ڪيو، تيئن هيءَ به گوڏن ڀر جهڪي ۽ پوءِ سڀني گڏجي انهيءَ سهڻي جوان جي چوڌاري گول دائرو بڻايو. هن هر هڪ ڇوڪريءَ کي موهيندڙ مرڪ سان کينڪاريو، پر هن ڀوري ڇوڪريءَ کي وري ٻيهر ڏٺو، ۽ ان طرح پڪ ڪئي ته هو کيس اڄ پهريون ئي دفعو ڏسي رهيو هو. ڇوڪرين کي سندن پيار ۽ محبت جي صدقي ۾ انعام ڏيڻ خاطر، هن هڪ ڀيرو وري بنسريءَ مان من موهيندڙ سر آلاپيو.
    جيئن ئي هن بنسريءَ تي گيت ڳائي بس ڪيو، تيئن ئي بنسريءَ کي اڇلائي، انهن سهڻين نينگرين سان گڏجي ڏاڍي نزاڪت سان هڪ دلپسند ناچ نچڻ شروع ڪيو. ناچ اڃا مس ختم ٿيو ته هن وڏي آواز ۾ چيو:
    ”هاڻي، سڀ وڃو، وڃي پنهنجي ڪم کي لڳو، نه ته توهان جا پيئر مون کي پٽيندا. اسين وري منجهند جو ملنداسين.“
    هنن سندس حڪم هٻڪندي هٻڪندي مڃيو ۽ گهر طرف ويندي وري وري منهن پٺتي ڦيرائي ڏسنديون رهيون، تان جو هو انهن جي نظرن کان دور ٿي نيٺ گم ٿي ويو. ڀوري ڇوڪري، قدرتي طور، اتي ئي ڄمي بيٺي رهي.
    ”ڪير آهين؟“ نوجوان هن کان پڇيو.
    ”آءٌ اڄ صبح ئي هت پهتي هيس ۽ تنهنجي بنسريءَ جو آواز ٻڌي عجيب ڪيف محسوس ڪيم“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”هن آزاد جهنگ ۾ ماڻهو پاڻ کي ڪهڙو نه مختلف محسوس ڪري ٿو، جڏهن هن کي ڪي به رسمون ۽ ريتيون ادا ڪرڻيون ڪينهن! آءٌ پنهنجين پنبڻين سان جيڪر هزار ڀيرا تنهنجا پير ڌوئان، پر مون کي خوشي آهي، جو مون کي ڪنهن برهمڻ جا پير هڪ ڏينهن به ڌوئڻا ڪينهن. مون برهما جي خوبصورت شبيهه کي، چئن ٻانهن ۽ چئن سِرين سان ڏٺو آهي، مون عظيم ديوتا ”شِو“ به ڏٺو آهي، ۽ شاندار وشنوءَ جو ديدار به ڪيو اٿم، انهن سڀني جون خوبصورت ديويون به ڏٺيون اٿم. پر هاڻي ته منهنجي سامهون هڪ جيئرو ديوتا بيٺو آهي.“
    نوجوان هن جا اهي پويان الفاظ ٻڌي ڪجهه ڇرڪيو.
    ”اڙي، آءٌ ته فقط هڪ ڌنار آهيان“، هن چيو، ”اسين سڄو ڏينهن فقط پاڻيءَ ۾ ترڻ، ڳائڻ ۽ نچڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪندا آهيون، مون کي اميد آهي ته هاڻي، تون به انهيءَ ۾ اسان سان شريڪ ٿيندينءَ.“
    پوءِ هن هڪ ڳنڍڙي کولي، جيڪا هن وٽ موجود هئي ۽ ان مان ماني ۽ مٺائيءَ جو ڪجهه حصو ڪڍي، جيڪا هو پنهنجي ناشتي لاءِ گهران کڻي آيو هو، هن ڏانهن وڌايائين.
    ”هيءُ ته ڪو جادوءَ جو ملڪ آهي، جنهن ۾ آءٌ اچي نڪتي آهيان“. ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”مون هن کان اڳي ڪڏهن اهڙو خواب به نه ڏٺو هو.“
    وهنجندي رانديون ڪندي، نچندي ۽ ڳائيندي، وقت گذرندو رهيو ۽ اهو چڪر ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، ۽ ڀوري ڇوڪري ۽ گوپيون انهيءَ نوجوان سهڻي ڇوڪري کي ديوتا وانگر پوڄينديون رهيون، تان جو هڪڙي ڏينهن اوچتو ئي اوچتو هو انهن جي وچ مان گم ٿي ويو.
    ڀوري ڇوڪري، ٻين نوجوان ڇوڪرين سان گڏ هن عدم موجودگيءَ تي روئنديون ۽ ماتم ڪنديون رهيون. تان جو هڪڙي ڏينهن ڊگهن اڇن وارن سان هڪ جهنگ- واسي، اتي اچي نڪتو، ۽ کين ٻڌايو ته سندن ڌنار ڇوڪرو، اصل ۾ هڪ شهزادو هو، جنهن کي ملڪ ۾ هلندڙ جنگين ۾ پنهنجن ماڻهن جي اڳواڻي ڪرڻي هئي ۽ هن راڪشسن (وحشي قبائل) کي فتح ڪري، نيست و نابود ڪرڻ کانپوءِ خوبصورت راڻين سان شاديون ڪيون هيون ۽ انهن مان هن کي سوين پٽ ڄايا هئا، جيڪي سڀ ئي ديوتائن وانگر نظر اچي رهيا هئا. هن کين اهو به ٻڌايو ته هن جي اڳيان ته خود برهمڻ به گوڏو جهڪائي پنهنجو اڳواڻ تسليم ڪندا هئا.
    ”ڇا، هو وري ڪڏهن به هن طرف ڪونه ايندو؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو. ”نه ڪڏهن به نه“، تارڪ الدنيا شخص جواب ڏنو. ”هن جو ٻالڪپڻو هِن هنڌ سان وابسته هو، ۽ هن جي مردانه جواني ٻئي ڪنهن هنڌ سان واسطو رکي ٿي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ ائين محسوس ڪيو هو ته ڄڻ سندس زندگيءَ جو هڪ نئون ورق وري چڪو هو ۽ هن کي انهيءَ اوچتي ۽ دائمي نقصان جو ايڏو ته غم ٿيو، جو کيس آٿت ئي نه پئي مليو.
    ”پر پوءِ“ هن پنهنجو پاڻ کي چيو، ”هو اڃا به مون وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوئي به مون کي انهن خوبصورت ڏينهن جي ياد کان محروم نٿو ڪري سگهي، جيڪا منهنجي دل اندر محفوظ آهي، هن جي صورت به منهنجي دل اندر محفوظ آهي.
    هي صبح جو سورج، وڻ ٽڻ، ڍنڍ، هوا ۽ ڪڪر- اهي سڀ ديوتائون جن جي آءٌ اڳئي پوڄا ڪندي هيس، تن سڀني لاءِ آءٌ هاڻي به پوڄا ڪريان ٿي، پر ڪهڙي نه فرق سان، هاڻي، آءٌ انهن کي پيارو گهران ٿي. حالانڪه هن کان اڳي مان فقط سندن اڳيان گوڏا جهڪائڻ لاءِ مجبور ڪئي ويندي هيس. انهن سان گڏ، هي پکي پکڻ، گل ڦل، ناچ ۽ هن جي ديوتائي موسيقي، جيڪا هن کي ايڏي پياري هئي. انهن سڀني کي آءٌ هن جي وسيلي سان پيار ڪرڻ سکي آهيان. آءٌ پاڻ کي بدليل محسوس ڪري رهي آهيان ۽ دنيا کي به مختلف نظرن سان ڏسي رهي آهيان. هائو، جيسين هن کي وري ڳولي هٿ نه ڪنديس، تيسين آرام نه ڪنديس. آءُ سندس پٺيان هلندي ئي رهنديس، ۽ تيستائين هلندي رهنديس، جيستائين منهنجين ٽنگن ۾ منهنجو بار برداشت ڪرڻ جي طاقت هوندي. هاڻي مون تي واضح ٿي رهيو آهي“، هوءَ ان طرح سوچيندي رهي:
    ”هي آريا ڪهڙا نه احمق هئا، جو پنهنجو اصلوڪو وطن ۽ ”زردشت“ جي ديوتائن، ”خالق“ ۽ ”ناس ڪندڙ“ کي ڇڏي آيا. ڇاڪاڻ ته هت اچڻ کانپوءِ هنن انهن سڀني ديوتائن کي ته وري پنهنجو بنايو، اٽلو هڪ ٽيون، عظيم ”وشنو“ پڻ انهن ۾ ملايو، جيڪو حفاظت ڪندڙ ديوتا آهي“.
    ائين سوچيندي هوءَ پنهنجي ديوتا جي ڳولا ۾ نڪري پيئي.

    * * *

    هوءَ جبلن، ٻيلن ۽ ميدانن کي پار ڪندي رهي، تان جو هڪ عجيب و غريب ۽ اڻسڃاتل هنڌ تي اچي نڪتي، جتي هن کي ڏاڙهيءَ ۽ عجيب حُليي وارن ٻن ڄڻن پڪڙي ورتو، جن جي مٿن جا وار چوٽين جي صورت ۾ ڳنڍيل هئا، هو کيس پنهنجن اٺن تي کڻي آيا ۽ گهڻي وقت کانپوءِ آخرڪار هن کي فرعون وٽ انهيءَ جي حيثيت ۾ وڃي وڪيو. هوءَ فرعون جي انتهائي مقبول ٻانهي بڻجي ويئي ۽ هو کيس هميشھ پنهنجي خدمت ۾ حاضر رکڻ چاهيندو هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ سندس ٻولي سمجهي سگهندي هئي.
    انهيءَ شهر جي وچان لنگهندي، جيڪو سڄو مٽيءَ جي ڪچن گهرن جو ٺهيل هو، هن انهن جاين جي عين وچ ۾ پٿر جي هڪ شاهاڻي عمارت ڏٺي.
    ”هن ۾ ڪير رهندو آهي؟“ هن هڪ لانگهائوءَ کان پڇيو.
    ”هن شهر جو محافظ ديوتا“، انهيءَ ماڻهوءَ جواب ڏنو.
    هوءَ مجسم حيرت بڻجي اوڏانهن ڀڳي، پر دروازي وٽ بيٺل پوڄاريءَ، جنهن کي هٿ ۾ هڪ لٺ هئي، هن کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو. انهيءَ ڳالهه هن جي حيرت ۾ آقي باقي اضافو ڪيو ۽ هن جاءِ جي چوڌاري ڦيرو ڏيئي، ان جي ڀت ۾ هڪ چير ڏسي ورتو، جنهن جي وچان هوءَ ان جي اندرين اونداهين ڪمري ۾ ليئو پائي ڏسي پئي سگهي، ۽ هن ڏٺو ته ان ۾ هڪ وڏو واڳون ويٺو هو. هن کان کل نڪري ويئي.
    هن کي اهڙي (ديوتا) کي رازداريءَ ۾ رکڻ جو ڪو مقصد نظر ڪونه آيو، جڏهن ته ان جا سوين ڀائر نيل درياهه جي ڪنارن تي پيا هئا، جتي انهن کي هر ايندڙ ويندڙ، جنهن کي انهن کي ڏسڻ جي خواهش هئي آسانيءَ سان ڏسي پئي سگهيو. اوچتو هوءَ ڪنهن خيال ۾ ٻڏي ويئي ۽ هن جي تصور ۾ سرسوتي نديءَ جي ڪپن وارو منظر تري آيو، جتي هن هڪ اڻ –آريي کي مثل نانگ جي پوڄا ڪندي ڏٺو هو. پر اتي ته ڪنهن به ماڻهوءَ هڪ جانور کي مندر ۾ ڪونه رکيو هو؟
    هوءَ اڳتي وڌندي رهي ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ هڪ اهڙي هنڌ تي اچي نڪتي، جيڪو هڪ وڏي ٽڪر وانگر پئي لڳو ۽ جنهن ۾ هڪ مئل ماڻهوءَ کي دفن پئي ڪيو ويو. جنهن ڳالهه هن کي ڇرڪايو، سا اها هئي ته مئل ماڻهوءَ سان گڏ، نه فقط سندس گهريلو سازو سامان ۽ فرنيچر وغيره، پر جيئرن جاڳندڙن جانورن ۽ عورتن کي پڻ هڪليندا دفن ڪرڻ لاءِ وٺي پئي آيا.
    اها رات ياد ڪندي، جڏهن هوءَ چکيا تي جيئري جلڻ جي خطري ۾ هئي، کيس اهڙي ته وحشت اچي ورايو، جو هوءَ يڪ ساهيءَ محل ڏانهن واپس ڊوڙي ويئي. اتي پهچڻ سان، هن پاڻ کي پنهنجي آقا جي قدمن ۾ کڻي اڇلايو ۽ هن کان انهيءَ ڳالهه جو مطلب دريافت ڪيو.
    ”ته پوءِ اهو ڪم توکي ناجائز پيو لڳي. مون کي به اهو ٻاراڻي ڄمار کان وٺي ناجائز لڳندو آيو آهي“، هن جي آقا چيو ۽ مرڪيو. اسين ساڳين خيالن جا معلوم ٿيون ٿا. هن وقت تائين ته پوڄاري ۽ پنڊت انهيءَ ظالمانه رسم جي اصلاح ڪرڻ کان منهنجو رستو روڪيندا آيا آهن، پر هاڻي آءُ هنن جي مخالفت کي هرگز برداشت نه ڪندس. آءٌ هڪ سچي خدا جي عبادت قائم ڪندس.“
    ”اي معزز آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ پاڻ سچي خدا جي ڳولا ۾ آهيان“.
    ”اچ ته آءٌ ٿو توکي ڏيکاريان“، فرعون چيو، ۽ پوءِ هن کي هڪ کليل ٿلهي تي وٺي آيو ، جتي هن وجد ۾ اچي سج ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ڇا، انسان پاگل ناهن؟ ڇا، اها حقيقت واضح ناهي ته اهو ئي هن ڌرتيءَ ۽ ان تي موجود سڄي زندگيءَ ۽ خود اسان جو به پيدا ڪندڙ آهي؟ شاندار آ تون! *ڇا، ڪوئي هن جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن ٻئي ديوتا جي پوڄا به ڪري سگهي ٿو؟“
    هن جي بيخوديءَ واري انهيءَ حالت ۽ سندس دلپسند چال، ڀوري ڇوڪريءَ کي بنسريءَ واري شهزادي جي ياد تازي ڪرائي، جيڪو پڻ بادشاهه بڻيو هو، ۽ ڪيترن ئي شهرن ۽ ڳوٺن تي حڪمراني ڪري رهيو هو ۽ جنهن آڏو برهمڻ به گوڏا جهڪائيندا هئا. هن کي اهو ڏسي ڪو اچرج نه لڳو ته هن هنڌ پڻ، هڪ بادشاهه پنهنجن ماڻهن جي خدا ڏانهن قيادت ڪري رهيو هو.
    ”مون کي ياد آهي ته مون انهيءَ خوبصورت ديوتا کي پاڻيءَ جو نذر پيش ڪيو هو. پر ڇا، اتي ”ورونا“ نالي آسمان جو منور ديوتا به ڪونه هو، جيڪو ستارن جو چمڪندڙ لباس پهريندو آهي؟ ڇا، اهو هن ديوتا جو پيءُ ناهي؟“
    ”مون پاڻ ڪجهه وقت کان وٺي اهو محسوس پئي ڪيو آهي ته آتون ديوتا کان به ڪا ٻي بلند و بالا هستي آهي“. فرعون چيو، ”پرمنهنجي لاءِ شاندار ديوتا ڪافي آهي. هن مون کي پنهنجو اعليٰ ترين پوڄاريءَ ۽ پٽ طور چونڊڻ جو اعزاز بخشيو آهي.“
    فرعون جي تسلين جي باوجود، مردي کي دفنائڻ وارو منظر ڀوري ڇوڪريءَ جي دل مان محو ڪونه ٿي سگهيو. هوءَ جيئري جلڻ کان ڀڳي هئي ۽ هاڻي وري هن کي جيئري دفن ٿيڻ جو خطرو درپيش هو. هوءَ لڳاتار فرار ٿيڻ بابت سوچيندي رهي ۽ جڏهن فرعون پنهنجي لاءِ هڪ نئون شهر تعمير ڪرائي رهيو هو، تڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي خواهش پوري ٿي ۽ کيس اتان ڀڄڻ جو موقعو ملي ويو.

    * * *
    ________
    * سرسوتي: ”سنڌو“ جو پراڻو نالو


    3

    شهر جي دروازي مان جيئن تيئن ڪري ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ، هن ڏورانهين، ڌنڌ ۾ ڍڪيل ٽڪرين ڏانهن وڃڻ وارو رستو ورتو، تان جو هوءَ ماڻهن جي هڪ وڏي جماعت سان وڃي ملي، جنهن جي اڳواڻي هڪ قداور ڊگهيءَ ڏاڙهيءَ ۽ سڌن ڪلهن وارو معزز شخصيت وارو انسان ڪري رهيو هو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڊگهي لٺ کنيل هئي.
    ”ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو اسين مصر ۾ ئي هجون ها، جتي اسين گوشت سان ڀريل ديڳڙين اڳيان ويهي پيٽ ڀري کائي سگهون ها!“ مجمعي مان ڪجهه ماڻهن چيو.
    ”بزدل ۽ احسان فراموش انسانو!“ انهن جي اڳواڻ ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو، ”ڇا، اهو طريقو آهي، جنهن سان توهان اسرائيل جي خدا جو شڪر ادا ڪري رهيا آهيو، جنهن توهان کي فرعونن جي غلاميءَ کان نجات ڏياري آهي، جتي توهان جي هر هڪ نر ٻار کي قتل ڪيو وڃي ها؟ ته پوءِ ڇا، توهان پيٽن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهيو؟ ماڻهو عزت ڀري ۽ ڪارگر زندگي گذارڻ لاءِ غذا کائيندو آهي. پر جيڪڏهن کيس گند ۽ ٻوهر ۾ نوسيدڙ هڪ سوئر جهڙي زندگي جي به ڪا ضرورت آهي؟ ۽ جڏهن خود ”زندگي“ ئي ذلت بڻجي پوي، ته پوءِ کائڻ يا نه کائڻ، ڪهڙي معنيٰ رکي ٿو؟ ڇا، توهان ڀريل ديڳڙي خاطر پنهنجو پيدائشي حق وڪڻي ڇڏيندا؟ شرم ڪريو! هوڏانهن ڏسو! توهان جو خدا ڪڪر ۾ نظر اچي رهيو آهي، اهو ئي سڀني ديوتائن کان بهترين ديوتا آهي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ ڏاڍي غور سان ڪڪر ۾ نهاريو. هن کي ڪڪر ديوتا ته ياد هو پر ڪڪر ۾ خدا جو خيال سندس سمجهه ۾ نه اچي سگهيو.
    جيئن ئي اعتراض ڪندڙن کي ماني ۽ دال ملڻ جو وعدو مليو ۽ اهي جبل جي دامن ۾ وڃي ويٺا، تيئن ئي ڀوري ڇوڪريءَ همت ڪري اڳواڻ سان ڳالهايو:
    ”توهان ڪڪر ۾ خدا جي موجودگيءَ جو ذڪر پئي ڪيو“، هن چيو، ”آءٌ هن کي ڏسي نه سگهيس، ڇا، توهان اهو مون کي ڏيکاري سگهندا؟“
    ”هوڏانهن نهار!“ اڳواڻ جبل جي چوٽيءَ طرف اشارو ڪندي چيو. هو باهه ۽ دونهين ۾ سينائي جي جبل تي وڃي لٿو آهي! ڇا، تون جبل کي ڪنبندو ۽ ڏڪندو محسوس نه ٿي ڪرين؟“
    هڪ دفعو وري ٻيهر ڀوري ڇوڪريءَ ڏاڍي غور سان جبل جي چوٽيءَ تي نظر ڪئي. باهه جي ديوتا جو خيال هن جي دل ۾ بلڪل صفائيءَ سان موجود هو، پر هوءَ وري به باهه ۾ موجود خدا جي ڳالهه نه سمجهي سگهي ۽ منجهي پيئي.
    ”اڃان به آءٌ کيس نه ٿي ڏسي سگهان. اَلا، هن کي ڏسي سگهڻ جو مون کي ڪهڙو نه شوق آهي!“ ڇوڪريءَ چيو.
    ”اي عورت!“ اڳواڻ ڪاوڙ ۾ ڀرجي رڙ ڪري چيو، ”تون چري آهين. ڇا، تون اهو صاف آواز نه ٿي ٻڌي سگهين ته ”تون هنکي نه ٿي ڏسي سگهين، ۽ ٻي صورت ۾ نيست و نابود ٿي ويندينءَ؟“ ڇا، تون اهو آواز به نه ٿي ٻڌي سگهين، جيڪو اعلان ڪري رهيو آهي ته مون کان ۽ منهنجي ڀاءُ هارون کان سواءِ، ٻئي ڪنهن، پادري کي به، انهيءَ جبل جي چوٽيءَ جي قريب وڃڻ جي اجازت ڪانهي؟“
    ٿوري ئي دير ۾ هن حڪم ڏنو ته هڪ قربان گاهه تعمير ڪيو وڃي ۽ ان تي هڪ گهيٽو خدا جي راهه ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪيو وڃي. گهيٽي جو رت قربان گاهه تي اڇلائڻو هو ۽ ماڻهن جي مٿان ڇٽڪائڻو هو ۽ سندس ڀاءُ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ کي اهو رت هڻي ڳاڙهو ڪرڻو هو. گوشت جو ڪجهه حصو ساڙيو پئي ويو ته جيئن ان مان نڪرندڙ دونهون خدا وٽ پهچي وڃي.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي ساڳين ئي قربانين، ويندي انسانن جي قربانين ۽ بعد ۾ گهوڙن ۽ ٻين جانورن جي قربانين جو جهڪو خيال تري آيو. تنهن ڪري هن ڳالهه کيس ڪو عجب ڪونه ڏنو.
    ڪجهه دير کانپوءِ هن ٻڌو ته ”تبرنڪل* جي تعمير ڪرڻ لاءِ لڳاتار هدايتون ملي رهيون آهن. سون مان ٺهيل قربان گاهه لاءِ نيرن، گلابي ۽ قرمزي ڪپڙي جي پردن، انهن جي ماپن، پتل ۽ سون جي ڇَلن، چاندي جي شمعن ٻارڻ جي لٺين، رک جي دٻن جي ڏنڊين، خوشبودار تيلن ۽ سُرهن مصالحن، جن سان تبرنڪل کي سڻڀو ڪرڻو هو، اڳواڻ جي ڀاءُ جي ڪپڙن، ڪمر پٽي ۽ سيني جي بچاءَلاءِ فولادي تختيءَ، ڀرت ڀريل چوغن ۽ ڏنڊن بابت ۽ انهن رسمن ۽ ساٺن سؤڻن متعلق جيڪي قربانن گاهه تي ادا ٿيڻا هئا، جهڙوڪ رت جي صورت ۾ ڏيڻ وارين قربانين يا باهه ۾ ساڙڻ ذريعي پيش ٿيندڙ بانين –سڀني جي باري ۾ نهايت تفصيل سان ذري پرزي جون هدايتون ڏنيون پئي ويون.
    انهن رسمن۽ سؤڻن هن جي لاشعور ۾ انهن رسمن ۽ رواجن جا تصورات اُڀاريا، جيڪي هوءَ پاڻ ادا ڪندي هئي. هن کي ان مهل ڏاڍي خوشي محسوس ٿي، جڏهن جماعت جي اڳواڻ پنهنجن ماڻهن کي پٿر يا ڪنهن ڌاتوءَ مان بتن ٺاهڻ کان سختيءَ سان منع ڪئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن کان وٺي هن پنهنجو زنده خدا ڏٺو هو، تڏهن کان اهي سڀ هن لاءِ بلڪل مرده بيجان شيون هيون. هن کي اهو سڏي به فرحت محسوس ٿي ته هن ابن ڏاڏن جي روحن ۽ انهن جي کارائڻ متعلق به ڪو ذڪر ڪونه ڪيو. هن کي اهي حيرت انگيز ڏهه فرمان ۽ سياڻپ وارا قاعدا ڏاڍا پسند آيا، جيڪي هن پنهنجن پوئلڳن کي ڏنا. مجموعي طور هوءَ انهيءَ معزز اڳواڻ جي شخصيت ۽ جوش و خروش کان بيحد متاثر ۽ مسرور ٿي.
    هڪ شادي شده ماڻهوءَ هن کي انهيءَ وقت ساڻس شادي ڪرڻ لاءِ چيو، جڏهن اهو اڳواڻ جبل تي ويل هو، ڇو ته، هن چيو ته ڪنهن به عورت کي سندس سرپرست ۽ محافظ کان سواءِ، اڪيلو نه رهڻ گهرجي.
    ”آءٌ اڳي.ئي شادي شده آهيان، ۽ مون کي ٻيهر شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو ڪونهي“، ڀوري ڇوڪريءَ وراڻيو.
    ”ڇا، تو کي ٻار آهن؟“ انهيءَ ماڻهوءَ هن کان پڇيو.
    ”نه“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
    ”تنهن جي معنيٰ ته تون سنڍ آهين.“ هن چيو، ”جيڪڏهن آءٌ ماڻهن کي اها ڳالهه ٻڌائيندس، ته توکي جلاوطن ڪيو ويندو.“
    انهيءَ دم هڪ پاسي کان گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. تڪڙن ۽ صحتمند ماڻهن کي اردن ندي کي پار ڪرڻ لاءِ سڏيو پئي ويو، جيئن سندن اڳواڻ جي مرضي هئي. انهيءَ ماڻهوءَ کي مجبور ٿي انهيءَ سڏ جو جواب ڏيڻ لاءِ وڃڻو پيو ۽ ڀوري ڇوڪريءَ کي خدا جي طرفان ڀڄي وڃڻ جي موقعي ملڻ تي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي.

    * * *

    هڪ دفعو وري ٻيهر هن جي اکين مان لُڙڪ ڪرڻ لڳا ۽ اها عجب جهڙي ڳالهه هئي ته هن کي سندس ڳوڙهن جي چانديءَ جي رنگ جهڙي ميرانجهڙي ڌنڌ وچان، دور ڪٿي هڪ محلات نظر اچي رهيو هو ۽ هن پنهنجي طرفان ڪنهن ارادي سان ڪوشش ڪرڻ بغير ئي پاڻ کي بلڪل بيخوديءَ جهڙي حالت ۾ پنهنجو پاڻ اوڏانهن وڌندي ڏٺو. تان جو هوءَ محلات جي پاسي واري انگور جي مَنهن واري باغ ۾ داخل ٿي. اوچتو سندس نگاهه هڪ خوبصورت شهزادي تي پيئي، جيڪو باغ ۾ ٽهلي رهيو هو. هن جي چهري سندس ذهن ۾ بنسريءَ واري شهزادي جي ياد تازي ڪئي ۽ ڪجهه دير تائين ته هن کيس بلڪل اهو ئي شهزادو سمجهيو، ڇاڪاڻ ته هن جي هٿ ۾ پڻ موسيقيءَجو هڪ ساز هو، جنهن کي هو وڄائي رهيو هو ۽ ساڻ ئي هيٺان گيت ڳائي رهيو هو:
    ”ڀلي ته هو مون کي پنهنجي وات جي چمين سان پيار ڪري، ڇاڪاڻ ته تنهنجو پيار شراب کان بهتر آهي.“
    ”اي يروشلم جون ڇوڪريون، آءٌ ڪارو پر وڻندڙ مهانڊن وارو آهيان! مون تي نظر نه وجهو ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪارو آهيان، ڇاڪاڻ ته مون تي سج نظر ڪئي آهي.“
    ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو جانورن ۽ پکين کي سمجهائي رهيو هو ۽ هو پنهنجي چوڌاري موجود سڄي قدرت ۾ خوشي محسوس ڪري رهيو هو.
    هوءَ ڄڻ ته بيهوشيءَ جي حالت ۾ هن سان سندس محل اندر داخل ٿي،جيڪو ٽُڪيل پٿر ۽ صنوبر جي ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو ۽ ان ۾ پتل جا ٿنڀ لڳل هئا. هن کي ان جي اندر حقيقي معنيٰ ۾ هڪ شاندار شهر نظر آيو، جنهن ۾ کيس هن جون سوين خوبصورت راڻيون ۽ ٻانهيون ڏسڻ ۾ آيون. هن اتي اهو مندر به ڏٺو جيڪو هن اڳي به ڏٺو هو ۽ ان جي ٻئي طرف کيس عجيب و غريب گهوڙن، رٿن ۽ جنگي جوڌن جا لشڪر ڏسڻ ۾ آيا.
    هن کي اهو معلوم نه هو ته اها سموري شيءِ حقيقي هئي يا اهو فقط سندس خيال ۽ وهم هو، ڇاڪاڻ ته هي شهزادو، ڌنار ڇوڪري جو هو بهو نقل هو. شايد هي اُهو ساڳيو- سندس ئي شهزادو،- سندس ئي صنم، سندس ديوتا- هو، جيڪو هاڻي هن محل ۾، پنهنجين راڻين، گهوڙن ۽ جنگي جوڌن جي وچ ۾ موجود هو، جيئن کيس ٻيلي جي پيرسن باشندي بيان ڪري ٻڌايو هو.
    هوءَ انتهائي خوشي ۽ بيخوديءَ مان هن کان اهو پڇڻ لاءِ ته ڇا، هو پنهنجي گوپيءَ کي سڃاڻي ٿو، ڊوڙي وٽس پهتي پر انهيءَ گهڙيءَ وچ ۾ سندس اک ۾ جيڪو لڙڪ اٽڪي بيٺو هو سو سندس ڳل تان تِرڪي وڃي هيٺ ڪريو ۽ سڄو منظر هڪ رڃ وانگر غائب ٿي ويو.
    ”ڇا، آءٌ پاڳل ٿي پيئي آهيان؟“ هن پنهنجو پاڻ کان پڇيو. ”جڏهن کان وٺي مون پنهنجي بنسريءَ واري شهزادي کي ڇڏيو آهي، تڏهن کان مون کي هر هنڌ هن جون ئي شڪليون نظر اچن ٿيون. پوڄارين ۽ سندن سموري قبيلي کي مون پٺتي ڇڏيو آهي ۽ جتي به آءٌ وڃان ٿي يا خيالن ئي خيالن ۾ رلندي ۽ ڀٽڪندي وتان ٿي، اُتي ئي هڪ خوبصورت ۽ عقلمند شهزادو پنهنجن ماڻهن جي قيادت ڪري ٿو ۽ هو خود پوڄارين ۽ پادرين لاءِ به پرستش ۽ تعظيم جو مرڪز آهي. منهنجا قدم هيمشھ ”بندرابن“ ٻيلي ڏانهن وڃڻ چاهين ٿا، جتي مون پهريون ڀيرو هن جي بنسري ٻڌي هئي.“

    * * *

    ائين چئي هن وري پنهنجو سفر شروع ڪيو. هڪ ڄاتل سڃاتل خوشبوءَِ ، جيڪا هوا جي هڪ جهوٽي سان وٽس پهتي، تنهن هن کي ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي منزل مقصود کان گهڻي دور ناهي. جيئن ئي هوءَ ٻيلي اندر داخل ٿي، تيئن هڪ نهايت ڏکوئيندڙ نظاري سندس نگاهن جي آجيان ڪئي، ڪيئي ماڻهو پاڻ کي ڏاڍو عذاب پهچائي ڪفارو ادا ڪري رهيا هئا ۽ ائين ڪندي کين آسپاس جي ڪا ڪَل ڪانه هئي ته سندن چوڌاري سڄيءَ دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو هو، نه ان جي خبر هئي.
    هوءَ ڊوڙي، هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي مدد ڪرڻ لاءِ وٽس پهتي، جيڪو اونڌو لٽڪيل هو ۽ سندس پير وڻ جي هڪ ٽاريءَ سان مضبوطيءَ سان ٻڌل هئا. هن جي ويجهو پهچڻ تي، انهيءَ ماڻهوءَ ڪاوڙجي کيس تڙي ڪڍي ته وڃي پنهنجو ڪم ڪري ۽ ٻين ماڻهن جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪري.
    انهيءَ ڳالهه هن کي تڪڙا تڪڙا قدم کڻي جلد از جلد ٻيلي کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ آماده ڪيو. گهڻي دير نه گذري هئي ته هوءَ هڪ ننڍي ڳوٺ جي ٻاهرئين حصي ۾ اچي نڪتي، جتي فقيراڻن ڪپڙن ۾ملبوس هڪ نهايت ئي اثر انگيز شخصيت جو مالڪ، هڪ وڏي پپر جي وڻ هيٺان پلٿي ماري ويٺو هو. ٿڪل هئڻ ۽ وڻ جي ڇانَوَ کي وڻندڙ محسوس ڪري، هوءَ انهيءَ شخص کان ٿورو پري ويهڻ لاءِ اڳتي وڌي.
    ”مهرباني ڪري جيت کي بچاءِ“، انهيءَ شخص فڪرمنديءَ، پر نرميءَ سان هن کي چيو.
    هوءَ سندس حڪم جي تعميل ۾ پاسي ٿي ويئي ۽ پنهنجن پيرن وٽ هڪ جيت کي ڏٺائين.
    ”ڇا، تون جيتن جنترن کي پسند ڪرين ٿو؟“ ڇوڪريءَ هن کان پڇيو. هن جواب ڏنو ته ”اهي اسان کان به وڌيڪ خراب آهن ۽ نه وڌيڪ چڱا آهن.“ ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڀوري ڇوڪريءَ جواب ۾ چيو.
    ”مون پکين، وڻن ۽ گلن ڦلن کي پيار ڪرڻ سکيو آهي، پر مون کي جيتن جي ڪا پرواهه ڪانهي.“
    انهيءَ تي هو آهستگيءَ سان مرڪيو ۽ چيائين: ”آءٌ ڏسان ٿو ته تون انهيءَ راهه تي اڳيئي، پهچي چڪي آهين، هاڻي فقط تنهنجي پيار کي ٿوروئي اڳڀرو ڇڪي هلڻو آهي، جنهن کانپوءِ جيت جنتر به تنهنجي پيار جي دائري اندر اچي ويندا؟“
    ”مون کي يقين آهي ته هن کان اڳي مون توهان جهڙو ڪو ٻيو ماڻهو نه ڏٺو آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ هن جهنگ ۾ هڪ ڏاڍي سهڻي ديوتا روپ شهزادي جي ڳولا ۾ هيس، جنهن سان منهنجي ملاقات هتي ئي ٿي هئي. هن مون کي ڪنهن شيءِ سان محبت ڪرڻ جو سبق ڪونه ڏنو. هو ته فقط ”محبت“ ڪندو هو، ۽ مون کي پڻ جواب ۾ محبت ڪرڻي هئي. پر مون کي ياد پوي ٿو ته ڪجهه زمانو اڳي ماڻهو ديوتائن جي قربان گاهن تي پنهنجن ٻارن ۽ ڪيترن ئي جانورن کي به قربان ڪندا هئا. ڇا، تون ديوتائن کي اهڙيون قربانيون ڏيڻ کان منع ڪرين ٿو؟“
    ”ديوتائن کي قربانين جي ڪا ضرورت ڪانه هوندي آهي“، هن جواب ڏنو، ”تنهن کانسواءِ، ديوتائون پاڻ لاچار آهن، ۽ انهن کي به ماڻهوءَ وانگر زندگيءَ جي هن چڪر مان لازمي طور گذرڻو آهي. ڇا، توکي زندگيءَ ۾ خوشي ملي ويئي آهي؟“
    ”آءٌ پنهنجي لاءِ ته ڪجهه چئي نٿي سگهان، باقي مون ڪي شهزادا اهڙا ڏٺا آهن، جيڪي ڏاڍا خوش نظر اچي رهيا هئا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
    هو وري نرميءَ سان مرڪيو.
    ”آءٌ پاڻ ڪنهن زماني ۾ شهزادو ٿي رهيو آهيان“، هن چيو. ”مون وٽ رهڻ لاءِ جنت جهڙو هڪ محل ۽ محبت ڪرڻ لاءِ هڪ خوبصورت شهزادي هئي. ان جي باوجود مون اهو ئي ڏٺو ته جنم کان وٺي مرڻ تائين ڏک سور انسان جو دائمي ساٿي آهي. ماڻهو جيئن وڌيڪ زور سان هن زندگيءَ، ۽ انهن شين کي جيڪي ان جي نتيجي ۾ ملن ٿيون، چنبڙي ٿو، تيئن وڌيڪ هو دکي ٿئي ٿو. مون دنيا جي ڏک ۽ سور ان ۾ هر طرف ڦهليل مصيبتن جي علاج معلوم ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ترڪ ڪيو. مون کي اها ڳالهه ٻڌائڻ ۾ خوشي ٿئي ٿي ته منهنجي انهيءَ تياڳ جو مون کي ڦل مليو آهي ۽ آءُ هاڻي پاڻ کي بلڪل بجا طور راهنما چئي سگهان ٿو.“
    ”ڇا توکي به انهيءَ راهه ڳولي لهڻ لاءِ اهي سڀ ڪفارا ادا ڪرڻا پيا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”اڙي نه، نه“ هن جواب ڏنو، ”مون سمورا ڪفارا ادا ڪيا، پر مون کي اهي سڀ بي فائدي نظر آيا.“
    ”جيڪڏهن توهان خدا ڏانهن وٺي ويندڙ راهه ڳولي لڌي آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ته پوءِ مهرباني ڪري مون کي اها ڏيکاريو.“
    ”مون کي ’نروان‘ جو رستو ملي ويو آهي“، هن چيو، ”جيڪا هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن جو ڪو سايو ئي ڪونهي. ماڻهوءَ کي پنهنجي دل کي اهڙي نموني ۾ تيار ڪرڻ گهرجي، جو اها ڪنهن به چيز جي خواهش ڪرڻ ڇڏي ڏي. انهيءَ راهه تي هلڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو ڪم هڪ سڌي لَسي ۽ اوچي جبل تي چڙهڻ وانگر آهي، منهنجو سچو پوئلڳ اهو آهي، جنهن جو ڪو گهر گهاٽ ڪونهي، جنهن کي زال ڪانهي، جيڪو پنهنجو کاڌو ڪڏهن به پاڻ نه ٿو رڌي، ۽ جيڪو انهيءَ تي زندگي گذاري ٿو، ”جيڪي ڪجهه هن جي ڪشڪول ۾ وڌو وڃي ٿو“ ۽ جيڪو انهيءَ چيز کي ترڪ ڪري ڇڏي ٿو، جنهن کي ماڻهو هن دنيا جي زندگي سڏين ٿا. جيسين هڪ به خواهش ماڻهوءَ جي دل ۾ کٽڪندي، تيسين اها وري ٻي زندگي پيدا ڪندي ۽ اها ئي ڏک ۽ غم جو سرچشمو آهي. هيءَ دنيا خواهش ۽ آرزوءَ، جسماني لذت، زندگيءَ جي هوس ۽ هن دنيا سان محبت ڪرڻ جي اڻ-آريائي رستي تي گهمڻ جي عادي بنجي ويئي آهي، پر مان هنن کي اٺوڻي آريائي راهه جي آڇ ڪريان ٿو.“
    هن جي آخري لفظن ڀوري ڇوڪريءَ جو ڇرڪ ڪڍائي وڌو. ”آقا“، هن چيو، ”مون کي آريائي رستو خوب ياد آهي. اهو هڪ هنڌ آباد ٿي ويهڻ ۽ ڪڏهن به آواراه گردي نه ڪرڻ، زمين جو مالڪ بنجڻ ۽ ان کي کيڙڻ پنهنجي گهر جي چلهه کي ڪڏهن به نه ڇڏڻ ۽ ان ۾ ٻرندڙ باهين کي هميشھ لاءِ ٻريل رکڻ،د يوتائن ۽ ابن ڏاڏن جي روحن کي قربانيون پيش ڪرڻ جو رستو هو، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پٽن جو مالڪ هئڻ گهرجي، جن کانسواءِ ڪوبه ماڻهو جنت ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. اهو رستو ته قبضي ڪرڻ جو هو، ۽ نه ترڪ ڪرڻ جو. پر تنهنجي تعليم ته مون کي ان جي بلڪل ابتڙ معلوم ٿي رهي آهي، ان جي باوجود تون ان کي آريائي رستو سڏي رهيو آهين؟“
    ”انهيءَ ٻئي رستي کي آريائين رستو سڏڻ هڪ فريب هو،“ هن چيو، ”ماڻهوءَ کي انهن ملڪيتن، تعلقات، رسمن رواجن ۽ خارجي ادائگين جي ذريعي ئي جيڪي انسان تخليق ڪيون آهن، کيس سئوڻا ڏک ۽ غم نصيب ٿين ٿا. هن کي اهي سڀ رستا ۽ واسطا منقطع ڪرڻا پوندا، جيڪي کيس ڌرتيءَ ڏانهن گهلين ٿا ۽ ان تي آباد ڪن ٿا. هن کي دينوي زندگيءَ ۽ انهيءَ حياتيءَ لاءِ، جنهن کي هو جنت سڏي ٿو، سڀ خواهشون ۽ آرزون ترڪ ڪرڻيون پونديون. خواهش کان سواءِ انسان جا ٻيا ڪي به ابا ڏاڏا ڪينهن. خواهش کان سواءِ ماڻهوءَ جو ڪو گهر گهاٽ ڪونهي. ماڻهوءَ کي خواهش جي ٻچن ٻارن کانسواءِ، ٻيا ڪي ٻچا ٻار ڪينهن. ماڻهوءَ کي انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي ڏيڻ کان سواءِ، ڪڏهن به خوشي نصيب ڪانه ٿي سگهندي.“
    ”پر خوشي ڇا آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”نئين جنم ۽ زندگيءَ کي نئين ڪرڻ، ۽ انهيءَ مصيبت جو انت آڻڻ، جيڪا هميشھ کان ان سان گڏوگڏ رهي ٿي.“
    ڀوري ڇوڪري اها ڳالهه ٻڌي مونجهاري ۾ اچي ويئي. هن سمجهيو هو ته لاهين ۽ چاڙهين سان ڀريل هن زندگيءَ ۾ جيڪا ٿوري گهڻي خوشي کين لڌي هئي، سا سندس ديوتا-سروپ شهزادي جي جستجو ڪرڻ هئي. انهيءَ جستجو کانسواءِ کيس هيءَ زندگي ناقابل برداشت لڳي ها ۽ هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي آئي ته ڪنهن شيءِ لاءِ آرزو ۽ تمنا ڪرڻ، ڏک ۽ مصيبت جو سرچشمو ڪهڙيءَ طرح ٿي سگهيو ٿي؟ ان جي باوجود هوءَ ائين نه پئي سمجهي سگهي ته فقيراڻي لباس ۾ هي نئون شهزادو شريف، خوبصورت ۽ بيان ڪرڻ کان ٻاهر عقلمند هو ۽ هوءَ پاڻ کي انهيءَ ڳالهه سوچڻ لاءِ آماده نه ڪري سگهي ته هو جيڪي به چئي رهيو هو، سو ڪڏهن به سچ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿي سگهيو ٿي، ۽ انهيءَ خيال هن جي دشوارين کي اڃا به وڌيڪ ناقابلِ حل بنائي ڇڏيو.
    هن سندس هٿ چميا ۽ کانئس دعا گهري، جيڪا کيس گهرڻ سان هڪدم ملي ويئي ۽ کانئس اجازت وٺي ڳوٺ ڏانهن رواني ٿي ويئي.
    جيئن ئي هوءَ ڳوٺ جي مندر ۾ داخل ٿي ته سندس نظر هڪ اهڙي مجسمي تي پئي، جيڪو ڪنهن ديوتا جو نظر پئي آيو ۽ جنهن جو رنگ ڪارو نيرو هو ۽ هٿ ۾ بنسري پڪڙيل هيس. هن جي مهانڊن ۽ بنسريءَ کيس انهيءَ شهزادي جي ياد تازي ڪرائي، جنهن جي هوءَ ڳولا ۾ هئي، هن کي پڪ هئي ته هن اها شبيهه اڳي ڪڏهن به ڪنهن مندر ۾ نه ڏٺي هئي.
    هن پوڄاريءَ اڳيان جهڪي کيس پرنام ڪيو ۽ انهيءَ ديوتا جو نالو دريافت ڪيو.
    ”هي ڪرشن (ڪارو) آهي، ۽ عظيم وشنوءَ جو اٺون اوتار ۽ گوپين جو مالڪ آهي“، پوڄاريءَ جواب ڏنو.
    ڀوري ڇوڪري خوشيءَ ۾ نه پئي ماپي. نيٺ به ته جنهن شهزادي سان هوءَ ملي هئي، سو ديوتا ئي ته هو.
    ”آءٌ هن کي ڪٿي ڳولي سگهندس؟“ هن پوڄاريءَ کان پڇيو، ”مون سمجهيو ته هو مري چڪو آهي.“
    ”پنهنجي بدڪلامي بند ڪر“، پوڄاريءَ چيو، ”تو ڪڏهن به هڪ ديوتا کي نه ڏسي سگهي هوندينءَ، ۽ نه ڪڏهن ديوتا مري سگهي ٿو.“
    ”مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته آءٌ کيس ڪٿي ڳولي سگهندس“ ڀوري ڇوڪريءَ فڪرمنديءَ سان پڇيو، جنهن تي پوڄاريءَ ڪاوڙجي رڙ ڪئي، ”ڇا، توکي اها عظيم شخصيت تنهنجي سامهون نظر نه ٿي اچي؟ اڃا به پئي پڇين ته توکي ڪٿي ملي سگهندو. ضرور تنهنجو هوش ٺڪاڻي ڪونهي!“ هن سخت ڪاوڙ مان چيو، ”ڪو عجب ڪونهي ته زمانو پنهنجو توازن وڃائي ويٺو آهي! جيئن قديم زماني جي عظيم هستين پيشن گوئي ڪئي هئي، دئت سچ پچ ديوتائن کي ناس ڪري ۽ اڳي اڻ ٻُڌل عقيدن جو پرچار ڪرڻ لاءِ اُٿي چڪو آهي، ۽ دئت کي ماڻهو ”ٻُڌ“ يعني راهبر به سڏين ٿا!“
    هن اهڙيءَ ته جوش ۽ جذبي سان ڳالهايو هو جو مٿس جنون طاري ٿي ويو ۽ هن جو رويو اهڙو ته خطرناڪ ٿي ويو، ڀوري ڇوڪري جلدي مندر کان ٻاهر هلي ويئي.
    ”تنهن جي معنيٰ ته هي ماڻهو اهو عقيدو نه ٿا رکن ته ڪو ديوتا ڄمي ۽ مري سگهي ٿو“، ڇوڪريءَ دل ئي دل ۾ چيو، ”هنن پنهنجن سمورن ديوتائن کي انساني شڪل ۽ صورت ۾ پيش ڪيو آهي، پر ان هوندي به هو اِهو نٿا چاهين ته ڪو خوبصورت ماڻهو ديوتا هجي. ته پوءِ ڇا، اهو محض منهنجي دل جو وهم هو ته باهه پاڻي ۽ ڪڪرن کانپوءِ مون سمجهيو ته سچو پچو ديوتا خود انسان پاڻ ئي آهي؟ پر هن پوڄاريءَ چيو ته ديوتائون نه ڪڏهن ڄمندا آهن ۽ نه مرندا ئي آهن. اهو پٿر، جنهن کي هو ديوتا سڏين ٿا، منهنجي جيئري شهزادي جي مقابلي ۾، جيڪو سچ پچ ڄائو به هو ۽ وري مري به ويو، ڪهڙو نه بڇڙو ۽ بيجان نظر اچي ٿو؟“ اتي پهچي هن جي خيالن جو سلسلو اوچتو ٽُٽي ويو، ۽ هن کي راهنما جا جبل تي چڙهڻ متعلق لفظ ياد آيا.

    * * *
    _________
    * درٻار يا مندر Tabernacle-


    4

    هن ڏاڍي بي دلي ۽ بيزاريءَ سان ماٿريون ۽ ميدان پٺتي ڇڏيا ۽ مٿي چڙهڻ شروع ڪيو. هوءَ ڏاڍي دشوار ۽ ڊگهي سفر کانپوءِ هڪ اهڙي هنڌ اچي پهتي، جتي تمام گهڻا ميويدار وڻ ٻور جهليو بيٺا هئا. ڪي ماڻهو، جن کي مٿن تي ڊگهيون چوٽيون هيون، تَڏن تي ويٺا ننڍين چِٽيل پيالين مان ڪنهن گرم مشروب جون سُرڪيون ڀري رهيا هئا ۽ هڪ نازڪ بدن ۽ ننڍڙن پيرن واري عورت انهن جون خالي پياليون وري وري ڀري رهي هئي.
    ڀوري ڇوڪري هڪ ڪُنڊڙي وٺي ويهي رهي ۽ ڪَن لائي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي. هڪ پيرسن شخص، جنهن کي ٻيا سڀ ڏاڍي عزت ڏيئي رهيا هئا، سو چئي رهيو هو:
    ”مون کي جنهن ڳالهه جو اوهان سان ذڪر ڪرڻو آهي، سا ’اُها راهه‘ آهي. ماڻهو پاڻ کي هي طرح جي خارجي سرگرمين سان ڳاري ڇڏين ٿا. ’اها راهه‘ کانئن ڪجهه نه ڪرڻ جي تقاضا ڪري ٿي. ”اها راهه“ اها به تقاضا ڪري ٿي ته توهان بڇڙائي جي بدلي ۾ چڱائي ڪريو.“
    ”منهنجا معزز دوست لائو-تِزي“، ڪجهه قدر ننڍيءَ عمر واري ماڻهو چيو ”ڇا چيوَ، ڀُرائيءَ جو بدلو چڱائي؟ برائي لاءِ سزا ضرور ڏيڻ گهرجي. انصاف، اي منهنجا معزز دوست، انصاف، ان کان علاوه، ڪجهه به نه ڪرڻ جي ڇا معنيٰ؟ توهان کي ته پاڻ کي ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي مدد ڪرڻ گهرجي. فقط ايترو خيال ضرور رکڻ گهرجي ته جيڪي اوهان سان ٿيندي پسند نه ڪريو، سو ٻين لاءِ به ناپسند ڪريو.“
    ”اها صحيح ڳالهه آهي، منهنجا معزز استاد ڪنفيوشس،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو. ”پر ڇا، اسان کي پنهنجن ابن ڏاڏن جي روحن جي خدمت ڪرڻ نه گهرجي، جهڙيءَ طرح اسان کان اڳ رهندڙن سڀني ڪيو هو؟“
    ”منهنجا نيڪ بخت“، ڪنفيوشس جواب ڏنو، ”جڏهن اسين پنهنجي خدمت ڪري نٿا سگهون، تڏهن روحن جي خدمت ڪهڙي طرح ڪري سگهون ٿا؟“
    انهيءَ بحث مباحثي ۾ گهڻن ئي حصو ورتو، تان جو اهي پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪري نه سگهيا ۽ ائين ئي اُتي ڇڙوڇڙ ٿي ويا.
    ڀوري ڇوڪري ”اها راهه“ جا فقط ٻڌي، جيڪي لائو-تزي نالي واري ماڻهوءَ چيا هئا، ڏاڍي متاثر ٿي، ڇاڪاڻ ته ان طرح هن جا خيال انهيءَ بزرگ ”راهنما“ ڏانهن ويا ۽ اوچتو هن جي اکين اڳيان هڪ خواب جهڙو منظر تري آيو. هن سڄي ملڪ ۾، انهيءَ راهنما جي اُڪريل مُجسمن جو سيلاب آيل ڏٺو ۽ هن کي هڪ ديوتا وانگر پوڄيو پئي ويو. اهو منظر جهڙي تيز رفتاري سان هن جي اکين اڳيان آيو هو، تهڙيءَ ئي تيزيءَ سان گم ٿي ويو. هوءَ مشڪي رهي هئي.
    هن دل ئي دل ۾ چيو ته ”منهنجو تصور ڪم ڪري رهيو آهي. مون هڪ شهزادي جي هڪ ديوتا وانگر پوڄا ٿيندي ڏٺي آهي ۽ اهو خيال ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ منهنجي اکين اڳيان هي منظر آندو اٿائين.“
    هوءَ پنهنجن انهن خيالن مان هڪ نوجوان ڇوڪريءَ جي رحم جوڳين رڙين ٻڌڻ سان بيدار ٿي، جنهن کي سندس پيءُ هڪ وحشي جهڙي پوڙهي شخص جي هٿ ۾ وڪڻي رهيو هو ۽ اها ڇوڪري پنهنجي سڄي طاقت سان انهيءَ سودي جي مخالفت ڪري رهي هئي.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي اک چنڀ ۾ اهي سڀ ڏهڪائيندڙ نظارا ۽ واقعا ياد اچي ويا، جيڪي هن پنهنجي ٻانهپ واري زماني ۾ فرعون جي ملڪ اندر ٻانهين کي زنده دفن ڪرڻ جي صورت ۾ ڏٺا هئا. هڪ دفعو وري سندس اندر ۾ خطري جي گهنڊڻيءَ وڄڻ شروع ڪيو. ان هوندي به هن ۾ ٻيو ڀيرو جبلن جي پار وڃڻ جي همت ڪانه هئي، ان ڪري هن وري به رستو ورتو ۽ الهندي رخ ۾ هلڻ لڳي.

    * * *

    ٿورو ئي وقت گذريو ته هن پاڻي کي گوري رنگ جي ماڻهن جي هڪ مضبوطيءَ سان ٺهيل شهر ۾ ڏٺو، جيڪي ان وقت خوشيءَ جي ڪنهن تقريب ملهائڻ ۾ مصروف هئا.
    ”هيءَ خوشي ڪنهن جي اعزاز ۾ ملهائي پيئي وڃي؟“ هن هڪ راهيگر کان پڇيو.
    ”ڊيئونيسس، جي اعزاز ۾، جيڪو انگور ڏيندڙ ۽ شراب جو ديوتا آهي“، هن کي جواب مليو.
    اهو جواب ٻڌي هن کي هڪدم هوما ۽ سوما ۽ ان سان گڏ شراب پيئڻ جي رواج ۽ رسم جي يادگيري پئجي ويئي، جيڪي کيس چڱيءَ طرح معلوم هئا.
    ” هن شهر ۾ ٻين ڪهڙن ڪهڙن ديوتائن جي پوڄا ڪئي وڃي ٿي؟“ هن پڇيو.
    ”ڊيميٽر، جيڪا ڌرتيءَ کي اوسر جي طاقت ڏيندڙ ديوي آهي، تنهن جي ۽ ان سان گڏوگڏ ائپولو ۽ اٿيني جي پوڄا ٿيندي آهي“، راهگير جواب ڏنو.
    ”پر تون ڪير آهين؟“ هن ڀوري ڇوڪريءَ کي شڪ جي نظرن سان تاڙيندي پڇيو. ”ڇا، تون وحشي آهين يا ڪا ٻانهي؟ ڇو ته تنهنجي عمر جي ڪا شريف عورت گهٽين ۾ گهمي نٿي سگهي.“ پوءِ ڄڻ ته اوچتو هن کي خوشيءَ جي تقريب جي يادگيري پئجي ويئي، جنهن تي هن وري چيو، ”خوشيءَ جي ڏينهن تي به نه، گهٽ ۾ گهٽ هيئن اڪيلي حالت ۾ نه، ۽ جيڪڏهن تون وحشين منجهان آهين، ته پوءِ ٻڌاءِ ته تنهنجو سرپرست ڪير آهي؟“
    انهيءَ موقعي تي هڪ انتهائي بدصورت ننڍي قدر وارو شخص اتي اچي پهتو، جنهن کي ڏسندي ئي راهگير ڪنڌ جهڪائي سلام ڪيو.
    ”ڀلي آيا، سقراط“. هن چيو ۽ اهڙيءَ طرح مخاطب ٿيل ماڻهوءَ جواب ۾ سلام ڪيو ۽ پوءِ مشڪندي پڇيو:
    ”ٻڌاءِ دوست، توکي اڃا ڪو اهڙو ماڻهو مليو، جيڪو پوريءَ طرح ديوتا سان پُر ٿيل نه هجي؟ ڇا، اهڙو ڪوئي ماڻهو بچيل آهي، جنهن سان ڪو عقل جي ڳالهه ڳالهائي سگهي؟“
    ”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو آهي“. انهيءَ ماڻهوءَ ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”پر آهي ڏاڍو متشبھ.“
    ”ڇا، تون هن شهر ۾ نئين نئين آئي آهين؟“ سقراط هن کي ڏسي پڇيو.
    ”هائو، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو.
    ”تنهنجا ديوتائون ڪهڙا آهن؟“ سقراط پڇيو.
    ”سچ پڇين ته آءٌ خدا جي جستجو ۾ آهيان“، ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”مون گهڻن ئي ديوتائن جي پوڄا ڪئي آهي پر آءٌ جيئن پوءِ تيئن هن باري ۾ وڌيڪ شڪ ۾ پوندي رهي آهيان ته مون کي سچو خدا مليو آهي.“
    سقراط هن جي ڳالهه ٻڌي کل ۾ ٻڏي ويو، ۽ خوب ٽهڪ ڏنائين.
    ”مون کي ڊپ آهي ته اسان منجهان به هتي گهڻائي ماڻهو انهيءَ مرض ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن“، سقراط چيو، ”انسان لاءِ اهي ديوتائون، جيڪي ماڻهن کان به وڌيڪ خراب ڪم ڪن ٿا، گهڻي فائدي وارا ڪين ٿيندا. اهي جڏهن پنهنجي مدد نٿا ڪري سگهن، تڏهن ٻين جي مدد ڪيئن ڪري سگهندا؟ پر مون کي معلوم آهي“،هن چيو ته، ”ته ديوتائون غلطي نه ٿا ڪن. اهي فقط شاعر آهن، جيڪي اُهي ڪوڙ بدوڙ تخليق ڪن ٿا. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي، حڪمت حاصل ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته نيڪي خود حڪمت آهي. پاڻ سان دليل بازي ڪريو ۽ ٻين سان به دليلبازي ڪريو. فقط دليلبازيءَ جي وسيلي ئي اسين سچ تائين پهچي سگهون ٿا. پر مهرباني ڪري انهن کي سکڻ لاءِ پئسا نه ڏجو، ڇاڪاڻ ته هتي اهڙا ڪيئي موجود آهن، جيڪي توهان کي غلط ۽ ڪوڙا دليل سيکاري توهان جي دولت ڦري وٺندا.“
    ”ڇا، اهو شراب وارو ديوتا هن شهر جو سڀني کان وڏو ديوتا آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، جيڪا دليلبازي جي موضوع تي هن جي ڳالهه چڱيءَ طرح نه سمجهي سگهي هئي.
    ”هائو، خاص طور سياري جي مهينن ۾ هو ڊيلفيءَ جو عظيم ترين ديوتا هوندو آهي،“ هن کيس جواب ڏنو ۽ وري چيو، ”شراب سياري جي سرد موسم ۾ ڪارآمد هوندو آهي. اڄ، ماڻهو اناج جي ديوي، ڊيميٽر جيترو به زيوس جو خيال نه ٿا رکن. اٿينس ۾ به، ٻين سڀني هنڌن وانگر، ماڻهوءَ جو پيٽ سڀ کان اول اچي ٿو.“
    ”ڇا، توهان جو هنن ديوتائن ۾ يقين آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.
    ”ها ها، يقيناً، هن کي جواب مليو، ”آءٌ انهن جي پوڄا ڪندو آهيان ۽ کين قرباني به پيش ڪندو آهيان. پر مون کي اهو اقرار ڪرڻو پوي ٿو ته ڪو ”آواز“ مون کي چوي ٿو ته ڪا شيءِ هنن کان به وڌيڪ اوچي هوندي ۽ اها قديم النسل هوندي.
    ”سلام آقا! آءٌ توهان کي هر هنڌ ڳوليندو رهيو آهيان!“ وڌيڪ ننڍيءَ عمر جي هڪ نوجوان هاڻي هن جي پٺيان بيٺي چيو.
    سقراط ڦيرو کائي هن کي ڏٺو ۽ خوشيءَ وچان رڙ ڪري چيو، ”ڀلي ڪري آئين، اي آرسٽن جا پٽ، تنهنجي ”ري پبلڪ“ جو ڪهڙو حال آهي؟ ڇا، توکي اڳيئي ڪمال حاصل ٿي ويو آهي؟“
    ”هن وقت تائين“، انهيءَ نوجوان جواب ڏنو، ”بهرحال، مون وٽ پنهنجي ”ري پبلڪ“ ۾ شاعرن لاءِ ڪو مقام ڪونهي، ڇاڪاڻ ته اهي انسانن کي خراب ڪندڙ آهن ۽ هڪ دفعوجڏهن ماڻهوءَ جو روح خراب ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ اهو فقط ڪنهن جانور يا ڪنهن عورت ۾ ئي ٻيهر ظاهر ٿي سگهي ٿو. فقط: هڪ ئي اهڙو طبقو آهي، جنهن کانسواءِ ڪو چارو ڪونهي، سو آهي، ٻانهن جو طبقو. قدرتي طور، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ طبقو فقط. قدرتي طور، سڀني کان وڌيڪ اهميت رکندڙ طبقو فقط فوجين جو طبقو آهي، اهو هڪ ئي طبقو تعليم ڏيڻ لائق آهي ۽ دراصل ان کي احتياط سان تعليم ڏيڻ گهرجي، خصوصاََ هن ڪري، جو منهنجو نوجوان شاگرد، ارسطو چوي ٿو ته اترين علائقن جا ماڻهو وحشي آهن ۽ انهن جو واحد ڪم وڙهڻ آهي. هو مون سان هن ڳالهه ۾ به يڪراءِ آهي ته واپاري، ڪاريگر ۽ پورهيت طبقي جا ماڻهو ڪڏهن به چڱين خوبين ۽ خصلتن وارا ٿي نه ٿا سگهن. آءٌ، بهرحال، هن نتيجي تي پهتو آهيان ته حقيقي دنيا، هيءَ مادي دنيا نه، بلڪه ”خيال ۽ نظريي“ جي دنيا آهي. ’خيالن جي دنيا‘ مادي شين جي دنيا کان اڳي موجود هوندي. خيال ۽ نظريا، انهن نمونن وانگر آهن، جن جي پٺيان دنيا جون مختلف شيون ٺاهيون وينديون آهن.“
    ”معاف ڪجو“، ڀوري ڇوڪريءَ هڪدم هوشيار ٿي چيو، ”آءٌ ڀانيان ٿي ته توهان کي پنهنجو اهو بيان دليلن جي ذريعي ثابت ڪرڻو پوندو. مون کي ته شڪ آهي ته توهان ڪنهن چيز کي سچ پچ ڏسڻ کان اڳ ۾، ان جي متعلق ڪو خيال يا تصور ڪري سگهندا. مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪيئي شيون ڏٺيون آهن ۽ منهنجي وات مان جيڪي پهريان پهريان لفظ نڪتا آهن، سي هئا: ”اڙي، مون کي ته هن کان اڳي انهيءَ ڳالهه جو ڪو خيال ئي ڪو نه هو.“ تنهن ڪري مون کي هن لاءِ معاف ڪجو، جيڪڏهن اوهان جا اهي لفظ، جيڪي اوهان اجهو هاڻي ئي چيا آهن، سي مون کي اونڌا نظر اچن ٿا.“
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته هيءَ ڇوڪري بلڪل صحيح چوي ٿي، اي آرسٽن جا پٽ!“ سقراط چيو، ”تو جيڪي ڪجهه هاڻي چيو، تنهنکي ثابت ڪرڻ لاءِ تو ڪي قابل فِهم دليل پيش نه ڪيا آهن، پر مون کي خوف آهي ته تون پاڻ به ڪجهه ڪجهه شاعر آهين.“ پوءِ هن ڀوري ڇوڪريءَ ڏانهن منهن ڦيرائي وڌيڪ چيو. ”ڇا، تو وٽ پنهنجي انهيءَ راءِ جي حمايت ۾ ڪي وڌيڪ دليل به آهن؟“
    ”آءٌ دليل بازي جي فن جي ڪا ماهر ڪانه آهيان،“ ڀوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو. ”پر منهنجو شخصي تجربو انهيءَ سچيءَ ڳالهه کان بلڪل برعڪس آهي. ٻاراڻي عمر ۾، مون سڀ شيون فقط ائين پئي ڏٺيون، جيئن اهي آهن ۽ انهن جي متعلق مون وٽ ڪي خيال يا نظريا ڪين هئا. مون کي هر هڪ شيءِ کي انهيءَ فيصلي ڪرڻ کان اڳي، هڪ کان وڌيڪ دفعا ڏسڻو پوندو هو، ته اها شيءِ فقط مختلف وقتن تي ڏٺل اها ساڳي ئي شيءِ آهي ۽ ان کان پوءِ ئي ڪنهن شيءِ جو خيال يا تصور منهنجي دل ۾ اُڀريو. آءٌ فقط پنهنجي شخصي تجربي جي متعلق ڳالهائي رهي آهيان.“
    ”آءٌ ڀانيان ٿو ته هوءَ سچي آهي،“ سقراط ٻئي ماڻهوءَ کي چيو. ”تنهنجا دليل اڃا ايتري قدر يقين ڏياريندڙ ناهن، جيستائين اسان جي سچي پڇي تجربي جو تعلق آهي، اثرات خيالن کان اڳ ۾ اچن ٿا.“
    ”مون کي اهو تسليم ڪرڻو پوي ٿو ته منهنجا دليل ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ کي مطمئن ڪرڻ جهڙا ڪينهن“، آرسٽن جي پٽ چيو، ”پر باوجود ان جي، آءٌ پاڻ شخصي طور پوري طرح مطمئن آهيان. پر آقا، آءٌ اوهان کي انهيءَ لاءِ ڳولي رهيو هوس ته اوهان کي ڊيلفيءَ ڏانهن وٺي هلان، ۽ منهنجو خيال آهي ته اسان کي هاڻي اوڏانهن هلڻ گهرجي.“
    سقراط، ڀوري ڇوڪريءَ کان هن لاءِ معافي گهري، جو هو کيس پنهنجي ۽ ايڪسئنٿپ (Xanthippe) جي گهر نه پئي موڪلي سگهيو. پر هن کيس ائسپاسيا (Aspasia) جي گهر وڃڻ جي هدايت ڪئي، جتي هن کيس ٻڌايو ته سندس هر طرح جي ٽهل ٽڪوڙ ڪئي ويندي ۽ جتي هو کيس وري اچي ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو.
    ائسپاسيا جي گهر ڏانهن ويندي هوءَ رستي ۾ هڪ مندر جي پاسي کان اچي گذري، جتي ماڻهن جو هڪ وڏو انبوه اچي گڏ ٿيو هو ۽ جيئن ته هوءَ هن ملڪ ۾ هڪ مندر ڏسي حيران ٿي ويئي، ان ڪري هوءَ ان کي ڏسڻ لاءِ ويئي، اندر داخل ٿيندي ئي، هن هڪ ننڍڙي ڇوڪريءَ کي قربان گاهه تي قربان ٿيندي ڏٺو. هوءَ انهيءَ ڇوڪريءَ کي کسي وٺڻ لاءِ ڊوڙي اڳتي ويئي، پر پوڄاريءَ هن کي پڪڙي ورتو ۽ رڙ ڪري چيو، ”اي پاڳل عورت! خدا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي تون پليد ڪرڻ جي همت ڪيئن ٿي ڪرين؟“
    اڙي، پر هوءَ ته اڃا تمام ننڍڙي آهي ۽ مرڻ لائق ڪانهي“. ڀوري ڇوڪريءَ منٿ ڪئي.
    ”ته پوءِ ڇا، هن ڇوڪريءَ کي بک ۽ سيءَ ۾ مرڻ لاءِ شهر کان ٻاهر اڇلائڻ بهتر ٿيندو، جيئن سوين ٻين کي آباديءَ کي حد اندر رکڻ لاءِ اڇلائڻ ضروري سمجهيو وڃي ٿو، يا هن کي ديوتائن جي نالي ۾ قربان ڪرڻ ئي بهتر ٿيندو؟“ پوڄاريءَ سختي سان چيو.
    جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ ٻڌو ته هن ملڪ ۾ والدين طرفان سندن ٻارن کي قربان ڪرڻ ذريعي مارڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي ۽ انهيءَ ڪم جي ملڪ جي عالمن مان سڀني کان وڏي عالم جي طرفان سفارش ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هن پنهنجي دل م زبردست خوف محسوس ڪيو.
    بهرحال، هن کي خود پنهنجن خيالن ۽ احساسن تي حيرت لڳي ۽ هن پاڻ کان پڇيو، ”مون کي انهيءَ ڳالهه تي ايڏو خوف ڇو ٿو محسوس ٿئي؟ ڇا، مون کي هن کان اڳي انساني قربانين جي نظاري ڏسڻ جي يادگيري نه ٿي پوي؟“
    هڪ گهڙيءَ ۾ هن جي دل ۾ راهنما ۽ ڪينئين وارو واقعو تري آيو ۽ هن ٿڌو ساهه ڀري چيو، ”آءُ انهيءَ وقت کانپوءِ ڪيڏي بدلجي ويئي آهيان؟“
    اوچتو هڪ سپاهيءَ اچي هن کي ٻانهن کان پڪڙيو.
    ”تون ڪير آهين؟“ سپاهيءَ رڙ ڪري پڇيو.”تنهنجو سرپرست ڪير آهي؟ هتي اچي ديوتا جي راهه ۾ ٿيندڙ قربانيءَ کي ناپاڪ ڪرڻ جي توکي همت ڪيئن ٿي آهي؟“
    هو کيس گهلي مندر کان ٻاهر ڪڍي ويو ۽ هڪ ٽربيونل ۾ آڻي پيش ڪيو. ”تنهنجي موزون سزا ته اها آهي ته توکي ڦٽڪا هڻي صليب تي چاڙهيو وڃي“، عدالت چيو، ”پر جيئن ته تون هن شهر ۾ بلڪل نئين ۽ هتان جي قاعدن کان بي خبر آهين، ان ڪري جيوريءَ جي سفارش آهي ته توتي رحم ڪيو وڃي، ان ڪري تنهنجي لاءِ فيصلو هي آهي ته توکي ڏنڀ ڏيئي، ٻانهيءَ طور فروخت ڪيو وڃي.“
    انهيءَ فيصلي مطابق، هن جي ڏائي ڪلهي تي ڏنڀ جو نشان هنيو ويو ۽ پوءِ هن کي ٻانهن جي منڊيءَ ۾ نيلام ڪيو ويو. هڪ رومي سردار، جيڪو اتفاق سان اتي موجود هو، کيس خريد ڪيو.
    ”اي ڇوڪري، توکي روم جو شهر اهڙو خوبصورت نه لڳندو، جهڙو هي شهر آهي“، هن کيس چيو، ”اسان وٽ اهڙا خوبصورت ديوتائون ڪينهن، اتي ڪوبه اهڙا سهڻا بت ٺاهي نه ٿو سگهي، پر اسين اڄڪلهه هنن ديوتائن جي نالي ۾ هڪ مندر تعمير ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي اتان جي ماڻهن وٽ متعارف ڪنداسون.“
    اهڙي خيال به هن کي ڪنبائي وڌو، ڇاڪاڻ ته هوءَ هنن خوبصورت نظر ايندڙ ديوتائن کي انساني قربانين کان ڪڏهن جدا ڪري نه سگهي هئي.
    هن جي خريداري جي رويي ۾ هڪدم تبديلي آئي ۽ هن چيو، ”پر توکي اهو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته تون مون کي ڪهڙو به ماٺيڻو ۽ غريب ڏسين ٿي، پر جيڪڏهن منهنجي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ اهڙي بي خياليءَ سان بيٺل نظر ايندينءَ ته هو توکي هڪدم قتل ڪري ڇڏيندو.“
    ڀوري ڇوڪريءَ کي هن جي انهن لفظن جو پورو پورو احساس روم ۾ پهچندي ئي ٿي ويو، جيتوڻيڪ هن جو فرضي ڪم انهيءَ ماڻهوءَ جي زال جي خدمت ڪرڻ هو، جيڪو هن کي خريد ڪري وٺي آيو هو، پر سندس سانئڻ خود ئي پنهنجي سهري جي ڄڻ ته ٻانهي هئي، جيڪو سڄي خاندان جو وڏو، حڪمران ۽ مها- پوڄاري هو. هو انهن مان ڪنهن کي به بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي قتل به ڪري پئي سگهيو.
    گهر جي اڱڻ ۾ بيٺل هڪ انجير جو وڻ ۽ هڪ شاهه بلوط گهرڀاتين جي پوڄا ڪرڻ جون شيون هيون. گهر جي دروازي جي پوڄا گهر جا مرد ماڻهو ڏاڍي سنجيدگيءَ ۾ وڏن ساٺن سؤڻن سان ڪندا هئا ۽ ساڳيءَ طرح عورتون گهر واري چُلهه جي پوڄا ڪنديون هيون.
    اها ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ ڏورانهين ماضيءَ جون يادگيريون تازيون ڪرڻ لاءِ ڪافي هئي. ساڳئي وقت انهن ساٺن سؤڻن جي سختي، جيڪا انهن ماڻهن جي روزمره جي هر هڪ ڪم ڪرڻ سان ادا ٿيندي هئي، ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ انهن ٿڪائيندڙ ڏينهن جي ياد تازي ڪئي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ پنهنجي دل کي هن ڳالهه لاءِ ڪنهن به طرح آماده نه ڪري سگهي ته اهڙا ماڻهو، جيڪي گهڻين ڳالهين ۾ آسودا ۽ عقلمند معلوم ٿي رهيا هئا. اڃا تائين نه فقط وڻن ۽ چُلهه جي بلڪه گهر جي دروازي جي ٻن شڪلين واري ديوتا جي پڻ پوڄا ڪندا رهن. هن جڏهن انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪيو، تڏهن کل ۾ اچي ڇٽڪي ۽ ايڏو کلي، جو سندس پاسا سور ڪرڻ لڳا. هن خيال ڪيو ته ماڻهوءَ کي سيپٽڪ* بڻائڻ لاءِ هڪ يونان ڪافي هو، پر روم ۾ رهندي ماڻهو قنوطي بنجڻ کانسواءِ رهي نه پئي سگهيو.
    هن کي سرڪاري مندر ڏسڻ جو موقعو گهڻي زماني کانپوءِ مليو. کيس سندس سانئڻ وٽان معلوم ٿيو ته اهو مندر ديوتائن جي پيءُ، آسمان جي ديوتا جي نالي ۾، جنهن جو نشان نيزو هو ۽ سرحدي پٿر جي ديوتا، ’ٽرمينس‘ جي نالي ۾، جيڪو پٿر جي صورت ۾ اتي رکيل هو، ارپڻ ڪيو ويو هو.
    ”ڇا، آءٌ به توهان سان گڏجي مندر ڏانهن هلي ۽ ديوتائون ڏسي سگهان ٿي؟“ هن ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي کل دٻائيندي پنهنجي سانئڻ کان پڇيو.
    ”اي احمق ڇوڪري،“ سندس مالڪياڻيءَ ڊڄندي چيو، ”بزرگ پوچارين کان علاوه ٻيو ڪوبه ديوتائن جي قريب وڃڻ جي همت به نٿو ڪري سگهي، تون ته هڪ ٻانهي آهين، پر آزاد شهرين مان به ڪو انهن جي ويجهو وڃڻ جي جسارت نه ڪندو آهي. سڀني معاملن ۾ ديوتائن جي رضامندي ضروري حاصل ڪرڻي هوندي آهي، پر فقط بزرگ پوڄاري ئي انهن سان مشورو ڪري سگهندا آهن.“
    ”ته پوءِ ڇا، هتي عوام طرفان عام قربانيون نه ڪيون وينديون آهن؟“
    ”هائو، هائو“، هن جي سانئڻ جواب ڏنو، ”تازو سبيلائين ڪتاب جي حڪم موجب، فورم ۾ يوناني ديوتائن کي هڪ انساني قرباني ڏني ويئي هئي.“
    ڀوري ڇوڪري کي نااُميدي وڪوڙي ويئي ۽ هن وڌيڪ ڪجهه نه پڇيو. هاڻي ته ”خدا“ جي نالي مان ئي سندس نڪ جي ناسن کي بدبوءِ اچڻ لڳي. هن ائين محسوس ڪيو ته جيتوڻيڪ انهيءَ وقت کي هڪ صدي گذري ويئي هئي، جڏهن هن ڏٺو ته قيصر اعظم جي اعزاز ۾ هڪ وڏي مندر جي تعمير ٿي رهي هئي، جنهن کي ديوتا جو درجو عطا ڪيو ويو هو ۽ ان کانپوءِ خود روسي شهنشاهن جي پوڄا ٿيڻي هئي.
    ”اڃا به وڌيڪ ديوتائون“، ڀوري ڇوڪريءَ دل ئي دل ۾ چيو، ”پر هن ديوتا بنجڻ ۾ گهڻي دير نه ورتي، اڃا ته ڪلهه ئي کيس هڪ ظالم هئڻ لاءِ کليل گاريون ملي رهيون هيون. معلوم ائين پيو ٿئي ته اڄڪلهه ديوتا بنجڻ جو وڌيڪ تڪڙو ۽ تيز رفتار سلسلو عمل ۾ آيو آهي.“
    اهڙي ماحول ۾ هن کي زندگي ناقابلِ برداشت ۽ لعنت ڀري معلوم ٿي ۽ هن جي هڪ ئي دلي آرزو اتان ڪنهن نه ڪنهن طرح ڀڄي وڃڻ هئي، اهڙو موقعو کيس جلد ئي ملي ويو.
    بهار جي موسم وارن ڏڻِن مان هڪ تي، جڏهن گهر جو ذري گهٽ هر هڪ ڀاتي عملي طور شراب جي نشي ۾ مدهوش هو، هن جي سانئڻ فراخدليءَ جي حالت ۾ پنهنجو چوغو لاهي هن ڏانهن اڇلايو ۽ پنهنجن زيورن منجهان پڻ ڪجهه زيور ڀوري ڇوڪريءَ کي عطا ڪيا. ڀوري ڇوڪريءَ انهيءَ موقعي کي وڏي غنيمت سمجهيو. هڪڙي ڪلاڪ اندر هوءَ ڪپڙا لٽا پائي تيار ٿي ويئي ۽ تيز رفتاريءَ سان رومي سردار جو گهر گهڻو پٺتي ڇڏي هلي ويئي.

    * * *

    هن جي اڳوڻين آواره گردين جي يادگيرين کيس هن دشوار ۽ ڏکئي سفر جي دوران کيس سهارو ڏنو، تان جو هوءَ هڪ ننڍي ٽڪريءَ تي اچي پهتي، جتي هن ماڻهن جي هڪ وڏي ميڙاڪي کي گول دائري جي صورت ۾ ويٺل ڏٺو. هڪ ڇوڪرو هڪ طباق کڻي بيٺو هو، جنهن جي مٿان ڪجهه نان ۽ مڇيون رکيل هيون. هڪ ماڻهوءَ، جيڪو پاسي ۾ بيٺو هو ۽ جنهن کي اهي ماڻهو ”نزريني“* چئي رهيا هئا، ڇوڪري جي هٿن تي رکيل طباق جي مٿان پنهنجي ٻانهن جو ڊگهيڙي ته ان ۾ رکيل چنڊ نان ۽ مڇين جو تعداد ايڏو ته وڌي ويو، جو اتي موجود سڄيءَ جماعت جي ماڻهن پيٽ ڀري ماني کاڌي ۽ ان کانپوءِ به ڪيئي ڀريل ٽوڪرا بچي پيا.
    ماڻهن جڏهن ماني ۽ مڇيءَ سان پيٽ ڀري پورو ڪيو، تڏهن هجوم منجهان ڪجهه ماڻهن هڪ انڌي معذور کي ”نزريني“ جي اڳيان پيش ڪيو، جنهن هن جي اکين کي هٿ لاتو ته هو هڪدم سڄو ٿي ڏسڻ لڳو. پوءِ هڪ عورت آئي ۽ هن کي هڪ قبر تي وٺي ويئي، جتي اها قبر کولي ويئي. هن انهيءَ مئل ماڻهوءَ جو نالو وٺي کيس پڪاريو ته هو هڪدم قبر مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪفن واري چادر ۾ ويڙهيل سيڙهيل حالت ۾ گهمڻ لڳو.
    ڀوري ڇوڪري اهڙن غير معمولي واقعن کي ڏسي حيرت جو مسجمو بڻجي ويئي. هن دل ۾ سمجهيو ته اهو ماڻهو کيس يقيناَ، انهن ڳالهين بابت ٻڌائيندو، جن انهيءَ وقت تائين هن کي حيران ڪري ڇڏيو هو. چنانچه، هوءَ ڏاڍي عزت ۽ احترام سان هن جي قريب پهتي ۽ چيائين ته ”آقا، توهان حيرت جهڙا ڪم ڪيا آهن.“
    ”ڇا، واقعي؟“ هو ائين چئي کليو. ”انهن گمراهه ۽ ٻاراڻي فطرت رکندڙ ماڻهن کي غير معمولي واقعات، نيون ۽ اڻ ڏٺل ڳالهيون پاڻ ڏانهن ڪشش ڪنديون آهن ۽ ان کانسواءِ انهن کي مانيءَ ۽ مڇيءَ جي هٻڇ رهي ٿي ۽ اهي طبعي زندگي ۽ ”ماس“* جي زندگيءَ کي پسند ڪن ٿا. هاڻي تون ڏسندينءَ ته جيتوڻيڪ آءٌ هنن کان گوهي ڏيئي ترڪي نڪري آيو آهيان، ته به اهي منهنجي پٺيان ڊوڙندا ايندا. نه ڪنهن ٻيءَ ڳالهه لاءِ، پر محض وڌيڪ مانين ۽ مڇين لاءِ.“ هن افسوس ناڪ لهجي ۾ وري چيو، ”افسوس، مون هنن کي سوين ڀيرا چيو آهي ته توهان جي ابن ڏاڏن اهائي ماني کاڌي ۽ اهي سڀ مري ويا آهن، ته ”ماس“ جي زندگيءَ جي معنيٰ آهي، دائمي موت، ته آءٌ کين زندگيءَ جي
    ماني ۽ ابدي زندگي ڏيڻ چاهيان ٿو، پر انهن مان ڪنهن کي به ان جي لوڙ ڪانهي.“
    ”ڇا، ماڻهوءَ کي زندگي گذارڻ لاءِ خوراڪ، ڪپڙو ۽ ڪم ڳولڻ نه گهرجي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”انهيءَ ڳالهه جو ڪو فڪر نه ڪر ته تون ڇا کائيندينءَ ۽ ڇا پيئندينءَ“. هن جواب ڏنو، ”هوا ۾ پرواز ڪندڙ پکين کي ڏس، اهي نه اَن پوکين ٿا، نه فصل لڻن ٿا، ۽ نه اناج گڏ ڪري، ديرن ۽ گدامن ۾ محفوظ ڪن ٿا، ان جي باوجود کين کارايو وڃي ٿو ۽ توکي پوشاڪ جو فڪر ڇو ٿيڻ گهرجي؟ ٻنين ۽ ميدانن ۾ ڄمندڙ گلن کي ڏسو، ذرا غور ڪريو ته اهي ڪيئي ٿا وڌن ويجهن. نه اهي پورهيو ڪن ٿا ۽ نه سُٽ اُڻن ٿا، پر ان جي باوجود، انهن مان ڪنهن به هڪ کي جهڙو شاندار لباس پهريل آهي، تهڙو خود حضرت سليمان کي به سندس پوري شان و شوڪ واري زماني ۾ نصيب ڪونه هو. تون سڀ کان اول خدا جي بادشاهيءَ جي ڳولا ڪر.“
    ”پر آقا، خدا جي بادشاهي آهي ڪهڙي هنڌ؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”خدا جي بادشاهي تنهنجي اندر ۾ آهي“، هن جواب ڏنو، ”ان جو در بلڪل سڌو آهي ۽ ان جي اندر ويندڙ رستو سوڙهو آهي ۽ ڪي ٿورائي آهن، جيڪي اهو رستو ڳولي سگهندا.“
    هن کي گذاري لاءِ ڪم نه ڪرڻ، ۽ ڏکئي رستي ۽ دل جي زندگيءَ جي اهميت ۽ خارجي شين ۽ دنيا کان بي نيازيءَ جي خيالن، انهيءَ ماڻهوءَ جي نرم سڀاءَ سان گڏجي، راهنما جي ياد تازي ڪرائي.
    انهيءَ موقعي تي هڪ ماڻهو وٽن اچي پهتو ۽ هن نزريني جي پٺيان هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو، پر هن کانئس پڇيو ته هو اڳ ۾ وڃي پنهنجي مئل پيءُ کي دفن ڪري اچي يا ڪيئن؟
    ”ڀلي ته مئل پنجنهن مئلن کي دفن ڪن“، نزريني چيو. ”جيڪڏهن ڪوئي مون وٽ اچي ٿو، جڏهن ته هن کي پنهنجو پيءُ، پنهنجي ماءُ، پنهنجي زال ۽ پنهنجا ٻار ۽ سندس ڀائر ۽ سندس ڀينرون ۽ خود سندس پنهنجي زندگي به پنهنجي ڪانهي، ته پوءِ هو منهنجو پوئلڳ ٿي نٿو سگهي. ڏسين نه ٿو ميان، ته لومڙن کي به سندن رهڻ لاءِ ٻر آهن، پر مون وٽ ڪو گهر گهاٽ ڪونهي؟“
    ڀوري ڇوڪري انهن لفظن تي ڏاڍي سخت حيران ٿي، جيتوڻيڪ هن کي اهي ذرا سخت لڳا. راهنما هن کي اڳيئي ٻڌائي چڪو هو ته گهر گرهستي جي زندگي ”نروان“ حاصل ڪرڻ لاءِ ٺيڪ ناهي ۽ ماڻهوءَ کي فقط انهيءَ خيرات تي گذارو ڪرڻ گهرجي، جيڪا هن جي ڪشڪول ۾ وڌي وڃي ۽ هن کي پنهنجو ڪڙم قبيلو، سندس مائٽ مٽ، سندس گهر گهاٽ ۽ سندس سموري ملڪيت ۽ جائداد ترڪ ڪرڻ گهرجي. ڇا، راهنما شهزادي خود اها ڳالهه نه ڪئي هئي؟ دراصل، نزريني جي لفظن انهيءَ حليم الطبع انسان ۽ ديوتائن جهڙي خصلت واري ماڻهوءَ جي وڌيڪ عزت ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ۽ هن سندس قولن جي سچ ڳولڻ سنجيدگيءَ سان ڪوشش شروع ڪئي، حالانڪه هن لاءِ اهو سمجهڻ ڏاڍو ڏکيو هو ته هن جو اصل مقصد ڇا هو.
    پر انهن ماڻهن جي زندگي ۽ قِسم ۾، جن کي هوءَ تازو ئي پٺتي ڇڏي آئي هئي ۽ هِنن ۾ ڪهڙو نه فرق ۽ اختلاف هو!
    هوءَ سچ پڇ فرحت محسوس ڪري رهي هئي. هڪ دفعو وري ٻيهر هن جو ايمان بحال ٿيڻ لڳو ته شايد ڪو سچو خدا ڪٿي نه ڪٿي هيو ضرور ۽ هن کي ڳولڻ گهرجي. هن جي نزرينيءَ ۾ دلچسپي بيحد وڌي ويئي ۽ هن کانئس وڌيڪ معلوم ڪرڻ جو طئه ڪيو. چنانچه، هوءَ ساڻس گڏجي هڪ مسافرخاني ۾ آئي، جتي هو ٻين گهڻن ئي ماڻهن سان گڏ ماني کائڻ لاءِ ويهي رهيو.
    هڪ اسرائيلي اتي آيو ۽ هنن کي هيئن چئي تڙيون ڏنائين ته (حضرت) موسيٰ عليھ السلام جي قانون مطابق، اڻ ڌوتل هٿن سان ماني کائڻ گناهه آهي.
    ”اڻ ڌوتل هٿ ماڻهوءَ کي پليد نٿا ڪن، اها ته اڻ ڌوتل دل آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي پليد ڪري ٿي.“
    اها ڳالهه ٻڌي اسرائيلي کي ڏاڍي چڙ لڳي ۽ پڇيائينس ته ڇا، هو بادشاهه هو، جو نئون قانون ڏيئي رهيو هو.
    ”منهنجي بادشاهي، هن دنيا جي بادشاهي ناهي“، هن جواب ڏنو. ”ساڳيءَ طرح توکي به جنت جي جستجو ڪرڻ گهرجي ۽ هن دنيا سان ڪو واسطو نه رکڻ گهرجي.“
    پوءِ هن ٻارهن ماڻهن کي سڏ ڪيو ۽ کين چيو ته اهي اسرائيل جي خاندان جي گم ٿيل رڍن* ۾ خدائي بادشاهيءَ جي متعلق وڃي تبليغ ڪن.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي اسرائيل جا ماڻهو ۽ اهي ڏينهن، جڏهن اتي عبادتگاهه تعمير ٿي رهيو هو ۽ جنهن احتياط ۽ خبرداريءَ سان اهو تعمير ڪيو پئي ويو، سي سڀ ڳالهيون هن کي چڱيءَ طرح ياد هيون. انهيءَ سخت رسم جي يادگيريءَ ڀوري ڇوڪريءَ کي ماضي بعيد جي انهن ڏينهن جي ياد تازي ڪرائي، جڏهن کيس برهمڻن جا پير ڌوئڻا پوندا هئا. هوءَ دل ئي دل ۾ هن نزريني ڏانهن مائل ٿي رهي هئي، جيئن هن کان اڳ راهنما ڏانهن مائل ٿي هئي، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ظاهرداري ۽ خارجي رسم و رواج ۽ تڪليف جي ضرورت کي ٺڪرائي رهيا هئا.
    هڪ دفعو ٻيهر هوءَ نزريني جي قريب ويئي ۽ هن کان پڇيائين ته ”نيڪ آقا، دائمي زندگيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
    نزريني هڪدم هن ڏانهن ڦري ڏٺو ۽ چيو، ”مهرباني ڪري مون کي نيڪ يا چڱو نه چئو. خدا کان سواءِ ٻيو ڪو به چڱو ناهي.“ پوءِ هن وري چيو، ”آسماني بادشاهيءَ جو ورثو حاصل ڪرڻ لاءِ توکي سڀ ڪجهه پٺتي ڇڏڻ گهرجي ۽ پاڻ سان ڪوبه سامان سڙو ساڻ نه آڻڻ گهرجي. توکي برائي ۽ بڇڙائي کي روڪڻ ۽ ان جو مقابلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ توکي پاڻ کي هر ڪنهن جي اڳيان هيٺ ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن جي متعلق به فتويٰ ڏيڻ نه گهرجي.“
    ”پر، آقا“، ڀوري ڇوڪريءَ حيران ٿي پڇيو، ”حڪمرانن کي ڇا ڪرڻ کپي؟“
    ”منهنجو هن دنيا جي حڪمرانيءَ ۽ ان جي حڪمرانن سان ڪو واسطو ڪونهي“، هن جواب ڏنو.
    ”ڀلا، اسان کي بادشاهه جو حڪم مڃڻ گهرجي؟“ هن پڇيو.
    ”هائو، بادشاهه کي اهو ڪجهه ڏيو، جيڪو هن جو حصو ۽ ملڪيت آهي“، هن جواب ڏنو.
    ”توهان مون کي ڪيترين ئي ڳالهين نه ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”پر جنت ڳولڻ لاءِ مون کي درحقيقت ڇا ڪرڻ کپي؟“
    ”خدا سان محبت ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ سان ائين محبت ڪر، جيئن پاڻ سان ڪرين ٿي،“ نزريني چيو.
    ”آءٌ اهڙي شيءِ سان محبت ڪيئن ٿي ڪري سگهان، جنهن کي مون ڪڏهن ڏٺوئي ڪونهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، ”آءٌ خدا کي انهيءَ ڪري ئي ڳولي رهي آهيان ته ڏسان ته آءٌ هن سان محبت ڪري سگهان ٿي يا نه.“
    ”جاچيندي ۽ عبادت ڪندي رهه“، هن نرميءَ سان چيو، ”انهن محتاط ڪنوارين وانگر ٿيءُ، جن پنهنجون بتيون ٻاري رکيون هيون ۽ جنهن مهل گهوٽ آيو ته انهن سمورين کي پنهنجون ونيون بنائي اندر وٺي ويو ۽ جيڪي ننڊ ۾ سمهي رهيون هيون، سي ٻاهر ئي رهجي ويون.“
    ”آءٌ ڪهڙيءَ طرح عبادت ڪريان؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”پاڻ کي هڪ ڪوٺيءَ اندر بند ڪر“، هن جواب ڏنو ۽ چئو، ”اي اسان جا پيءُ، تون جيڪو آسمان ۾ آهين، تنهنجي نالي جي سموري تعريف آهي، تنهنجي بادشاهي برقرار رهندي، هن زمين تي به تنهنجي مرضي پوري ٿيندي رهندي، جيئن آسمانن ۾ ٿي رهي آهي، اسان کي اڄوڪي ڏينهن جو رزق ڏي ۽ اسان کي پنهنجا سڀ قرض معاف ڪر، جيئن اسان پنهنجن قرضين کي معاف ڪريون ٿا، اسان کي لالچ ۽ هوسَ ڏانهن نه وٺي وڃ، پر اسان کي برائيءَ کان بچاءِ“.
    ڀوري ڇوڪري غور سان ٻڌندي رهي. هڪ دفعو وري هوءَ منجهي پيئي. ”اسان کي اڄوڪي ڏينهن لاءِ روزي ڏي“ جا لفظ، انهيءَ ساڳي ماڻهوءَ جي وات مان هن کي عجيب لڳا، جيڪو مسلسل چئي رهيو هو ته اسان کي کاڌي ۽ ڪپڙي تي ڪو خيال نه ڏيڻ گهرجي، نه وري هن کي اهي لفظ پوريءَ طرح سمجهه ۾ اچي نه سگهيا ته ”اسان کي پنهنجا قرض معاف ڪر، جهڙيءَ طرح اسين پنهنجن قرضين کي معاف ڪندا آهيون“. هن خيال ڪيو، ته ڀلا اسين خدا جي لاءِ مثال ڪيئن ٿا بڻجي سگهون؟ ان کانسواءِ، اهو ”ڏي ۽ وٺ“ وارو خيال هن جي دل کي نه آئڙيو.
    ان کانپوءِ جيڪي وحشتناڪ واقعا پيش آيا، انهن ۽ هن جي محبوب رهبر جي ختم ٿي وڃڻ هن کي ڏاڍو ڏک رسايو. هوءَ وري وري انهن ڳالهين تي غور ڪندي رهي، جيڪي هن ڀيري سکيون هئائين ۽ جيئن وڌيڪ غور ڪيائين تيئن وڌيڪ شدت سان احساس ٿيس ته ڪن ٿورين ننڍين وڏين ڳالهين کان سواءِ، جهڙوڪ آسمان جي بادشاهي ڳولڻ، ۽ خدا جي بادشاهي، جڏهن راهنما نروان جون ڳالهيون ڪيون هيون، تڏهن انهن ٻنهي عظيم رهبرن جون ڳالهيون ذري گهٽ سڀني تفصيلن ۾ هڪٻئي سان ٺهڪي پئي آيون. هن زندگيءَ کي ترڪ ڪرڻو هو. هن دنيا کي ٺڪرائڻو هو. مال- ملڪيت، مٽيون- مائٽيون، گهر-تڙ سڀ پٺتي رهڻا هئا ۽ روزي ڪمائڻ ۽ شادي ڪرڻ جو خيال ٻنهي جي تعليم جي خلاف هو، جيئن انهن ٻنهي پنهنجي پنهنجي شخصي هلت سان ڪري ڏيکاريو.
    هن خيال ڪيو ته انهيءَ قسم جا ٻه عظيم رهبر، جڏهن سندن تعليم، ذري گهٽ هر هڪ تفصيل ۾ هڪٻئي سان يڪراءِ ٿيڻ آهي، تڏهن اهي ٻيئي غلط ٿي نٿا سگهن. فقط هڪ ئي ڪم، جيڪو باقي ڪرڻو هو، سو انهن جي تعليمات کي عمل ۾ آڻڻ هو.

    * * *

    _______
    * Sceptic منڪر-
    * حضرت عيسيٰ
    * ماس جي زندگي يعني کاڌي جي هٻڇ ۽ عيش جي زندگي.
    * اڻ ڄاڻ ۽ ناواقف لوڪ =اٻوجهه.


    5

    انهيءَ گهڙيءَ، هن جي اکين اڳيان هڪ تصوراتي منظر آيو. هن ڏٺو ته سڄو مشرق گوتم ٻڌ ”راهنما“* جي انهن پوئلڳن سان ڀريو پيو هو، جيڪي پاڻ کي ”ڀڪشو“ (فقير) جي نالي سان سڏائي رهيا هئا، ۽ جيڪو انتهائي معزز نالو هنن لاءِ خود راهنما تجويز ڪيو هو ۽ هن ڏٺو ته سڄو مغرب مڙهين ۽ گشتي فقيرن ۽ ٻاون سان پُر ٿي ويو هو، جنهن کي انهيءَ دور جو انتهائي عزت ڀريو مذهبي نظام سمجهيو پئي ويو. مستقبل جي انهيءَ نظاري هن جي انهيءَ ارادي کي اڃا به وڌيڪ طاقت بخشي ته هوءَ هن دنيا جي ڪمن ڪارين کان دور ٿي گوشه نشيني اختيار ڪري، جتي آسماني بادشاهيءَ جي ڳولا مخصوص نموني ۾ ٿي پئي سگهي ۽ اهڙيءَ طرح هوءَ انهيءَ نظام ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گهربل ٽي قسم، يعني
    غريبي، پاڪائي ۽ فرمانبرداريءَ جي حالت ۾ رهڻ جا حلف کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويئي.
    هيڏي ساري آواراه گرديءَ کانپوءِ، پنهنجي مٿان قيد جهڙي حالت جو پاڻ طاري ڪرڻ، جتي هن جو ٻاهرين دنيا سان ڪو واسطو ناتو نه رهيو، ڏاڍو عجيب لڳي رهيو هو. انهيءَ گوشه نشينيءَ هن کي انهن سڀني ڳالهين تي غور و فڪر ڪرڻ جو موقعو مهيا ڪيو، جيڪي هن کي درپيش اچي چڪيون هيون ۽ ساڻ ئي ساڻ هن کي خود پنهنجي اندروني دل جي تحريڪن ۽ جذبن جو جائزو وٺڻ لاءِ پڻ وقت ملي ويو. ساڻ ئي ساڻ، هن کي ”ميٽرن“ جي فرمائش تي جيڪي نفس کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ عبادتون ۽ رسمون پوريون ڪرڻيون پونديون هيون، سي جيتوڻيڪ هن کي فطري طور ناپسند هيون، ان هوندي به هوءَ پنهنجي وفاداريءَ واري حلف ڪري خوشيءَ سان برداشت ڪندي رهندي هئي. صليب جي پوڄا کي هوءَ هر مصيبت کي ڪنهن شڪوه ۽ شڪايت کان سواءِ برداشت ڪري سگهڻ لاءِ کيس تيار ڪرڻ جي سکيا طور سمجهي رهي هئي. پر هن کي نزريني جي خدا جي حيثيت ۾ پوڄا منجهائي وڌو، ڇاڪاڻ ته هن کي سندس هي الفاظ ياد هئا: ”تون مون کي چڱو ڇو ٿي سڏين؟ هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪوبه چڱو ناهي.“ نزرينيءَ** جي انهيءَ پوڄا کيس پنهنجو اهو خواب ياد ڏياريو، جنهن ۾ هن ”راهنما“ کي ديوتا جي حيثيت سان ماڻهن کي پوڄيندو ڏٺو هو. حالانڪه هن ڪنهن به ديوتا جي پوڄا ڪرڻ کان سخت منع ڪئي هئي. انهيءَ ڳالهه هن کي بنسريءَ واري شهزادي ۽ اهڙن ئي ٻين ديوتائي شخصيتن جي ياد تازي ڪرائي، جن کي هن پنهنجي سفر ۾ ڏٺو هو.

    * * *

    هن کي جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ڏکي لڳي، سا اها هئي ته جڏهن به هوءَ پنهنجي بدن جي ٿوري گهڻي صفائي ڪندي هئي، تڏهن کيس ڏاڍي شڪ شبهي سان ڏٺو ويندو هو ۽ کيس ان کان سختيءَ سان منع ڪئي ويندي هئي-ايتريقدر جو عام رواجي ڌوپ ڪرڻ به دستور ۽ رواج کان بلڪل ٻاهرنڪري ويو. نيٺ هن انهيءَ ڳالهه جي صفائي ڪرڻ چاهي ۽ هڪ ڏينهن ”ميٽرن“ کان پڇيو:
    ”ڇا، وهنجڻ گناهه آهي؟“
    ”هائو، کيس سخت جواب مليو،“ بدن جو ڪو به خيال رکڻ گناهه آهي. ڇا، توکي اسان جي آقا جو هي قول ياد ناهي ته اڻ ڌوتل هٿن سان کائڻ ۾ ڪا پليدي ڪانهي؟“
    ڀوري ڇوڪريءَ کي انهيءَ جواب بلڪل مطمئن نه ڪيو، پر هن جيڪو فرمابنداريءَ جو حلف کنيو هو، تنهن کيس خاموش رکيو.
    وقت گذرڻ سان هن جا سڀ عمل، محض هڪ رسم بڻجي ويا، جيڪي هوءَ ذري گهٽ هڪ بيجان مشين وانگر ڪندي هئي. انهيءَ ڳالهه هن کي غمگين ۽ سودائي ڪري ڇڏيو ۽ آزاديءَ، چرپر، عمل ۽ زندگيءَ ۾ پنهنجي وجود کي محسوس ڪرائڻ جي ضرورت پنهنجو پاڻ کي ظاهر ڪرڻ جي تقاضا ڪئي ۽ هوءَ هن جيل خاني کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ آتي ٿي ويئي.
    جلد ئي هڪ ڏينهن خانقاه جي عمارت کي اوچتو اچي باهه لڳي ۽ هر ڪنهن کي جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻو پيو، حالانڪه ڪن تارڪ الدنيا عورتن خانقاه کي ڇڏي ٻاهر نڪرڻ کان باهه ۾ سڙي مرڻ کي ترجيح ڏني پر ڀوري ڇوڪري، جنهن اڳيئي پنهنجي مٿان پاڻ مسلط ڪيل انهيءَ قيد جو ڪافي کان زياده مدو رهي پورو ڪيو هو، سا ٻاهر ڀڄڻ ۾ ڏاڍي خوش ٿي ۽ جيستائين ڪنهن کي هن جي عدم موجودگيءَ جو احساس ٿيو، تنهن کان اڳيئي هوءَ ڪيڏانهن جو ڪيڏانهن هلي وئي هئي.

    * * *

    هن پنهنجي پٺيان جيڪا دنيا ڇڏي هئي، تنهن کان بلڪل مختلف نموني جي زندگي ڏسي هوءَ ڏاڍو حيران ٿي. نوان عبادتخانا بتن سان سٿيا پيا هئا. هن هر هنڌ نزرينيءَ جي ماءُ جي بتن جي ديويءَ جي حيثيت سان پوڄا ٿيندي ڏٺي، ۽ پيءُ ديوتا ۽ پٽ ديوتا هن کي ماضيءَ ۾ ڏٺل سمورا بت ۽ انهن جي پوڄا جا منظر ياد ڏياريا.
    هن کي سندس آزاد ٿيڻ جي حالانڪه تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي رهي هئي، ان جي باوجود اها آزادي گهڻي مدت لاءِ هلڻي ڪانه هئي. هن اتفاق سان هڪ ماڻهوءَ سان مذهب بابت ڳالهايو ۽ کيس چيو ته خانقاهن ۾ گوشه نشيني ۽ ان جو سمورو نظام انتهائي ٿڪائيندڙ هو. اها ڳالهه جڏهن بشپ تائين پهتي، تڏهن کيس نوجوانن کي هرکائڻ ۽ سندن عقيدن کي خراب ڪرڻ جي الزام هيٺ هڪدم گرفتار ڪيو ويو. جيئن ته هن جو ظاهري ڏيک ويک به ڌارين وارو هو، ان ڪري هن تي جادوگرياڻي هئڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ کيس جيئرو ساڙي مارڻ جي فتويٰ صادر ڪئي ويئي. البت هڪ نوجوان منشي هن جي جادو ڀريل نيڻن جو اسير بڻجي چڪو هو ۽ هن جي لڪ چوريءَ ۾ پهتل مدد جي نتيجي ۾ هن پاڻ کي هڪ دفعو وري آزاد ڏٺو ۽ پوءِ ته هن هڪ ڏورانهين ريگستاني ملڪ جو رستو کڻي ورتو، ته جيئن کيس وري ساڳيءَ جاءِ تي نه ڏٺو وڃي.
    هن جي پهرئين ئي ڳوٺ ۾ آمد، سندس آزاديءَ لاءِ موت جو پروانو ثابت ٿي. هن کي ڳوٺ جي سردار غنيمت جو مال سمجهي پنهنجي لاءِ پڪڙي ورتو ۽ کيس پنهنجي گهر وٺي ويو، جتي اهو سردار پنهنجي مرحوم پيءَ جي زالن کي به پنهنجن زالن ۾ شمار ڪري رهيو هو.
    ڀوري ڇوڪريءَ جي اتي پهچڻ واري ڏينهن تي انهيءَ ڪٽنب ۾ هڪ ڌيءُ جنم ورتو هو، جنهن لاءِ هڪدم اهو حڪم صادر ڪيو ويو ته کيس هتان کڻي وڃي جيئرو دفن ڪريو. جلد ئي پوءِ، انهيءَ ماڻهوءَ ڀوري ڇوڪريءَ کي وڪڻڻ چاهيو، ۽ هو کيس هڪ وڏي شهر ڏانهن وٺي ويو، جتي انهن ڏينهن هڪ وڏو ميلو لڳل هو. اُتي پهچڻ تي، هن هڪ ننڍو مندر ڏٺو، جنهن ۾ رکيل پٿر جدا جدا ديوتائن ۽ ديوين طور پوڄيا ٿي ويا ۽ هزارين ماڻهو انهيءَ مندر جي زيارت لاءِ اچي رهيا هئا.
    ڀوري ڇوڪريءَ، هيڏين سارين مشڪلاتن کانپوءِ جو پاڻ کي اهڙن وحشي ماڻهن جي انبوهه ۾ ڏٺو، ته هوءَ همت هاري ويٺي ۽ ڌرتيءَ تي ويهي روئڻ لڳي. هن جي آقا، جنهن جي خواهش اها هئي ته هوءَ پُر ڪشش نظر اچي ته جيئن کيس هن جي وڪري مان سٺي رقم حاصل ٿئي، جڏهن کيس روئندو ڏٺو ته هڪدم چهبڪ ڪڍي هن کي اولاريو ۽ ڌمڪي ڏني ته شرافت سان اٿي پاڻ کي ٺاهي ٺڪي هل ۽ وڻندڙ نظر اچ. عين انهيءَ موقعي تي ڀوري ڇوڪريءَ ڪنهن کي هيئن چوندي ٻڌو:
    ”ڇا، آءٌ توکي اهڙو رستو ٻڌايان، جنهن مان توکي هن ڇوڪريءَ جي قيمت کان ستر ڀيرا وڌيڪ عيوضو ملي؟ ڇا، اهو بهتر ناهي ته سلامتيءَ ۽ اوچائي واري مقام تي پهچڻ لاءِ ڏکي چاڙهيءَ تي چڙهجي، بجاءِ ان جي، جو ٿوري ويساهينءَ خاطر ”لاهيءَ“ واري رستي تي گامزن ٿجي؟“
    ”۽ اهو ڪهڙو چاڙهيءَ وارو رستو آهي، جيڪو تون چاهين ٿو ته آءٌ چڙهان؟“ ڇوڪريءَ جي آقا پڇيو.
    ”انهيءَ رستي جو پهريون قدم اهو آهي ته هِن ٻانهيءَ کي آزاد ڪر“، کيس جواب مليو.
    ”۽ سا به هڪ عورت؟“ هن جي پڪڙيندڙ حيرت مان کلندي پڇيو، جنهن تي انهيءَ ٻئي ماڻهوءَ وري چيو، ”ڪنهن کي ڪهڙي خبر، ته جنهن کي تون عورت سڏي رهيو آهين، تنهن ۾ گهڻي قدر چڱائي هجي. ان کان علاوه ڇا، تنهنجي ماءُ به عورت ڪانه هئي؟ ڇا، مرد ۽ عورت هڪٻئي منجهان ناهن؟ جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته توهان کي هنن جي مٿان ڪي حق حاصل آهن، ته ڇا، هنن جا توهان تي ڪي حق ڪينهن؟ آءٌ ٿو توکي ٻڌايان ته جنت مائرن جي پيرن هيٺان آهي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ کان ٿوري گهڙي لاءِ ته سندس سڀ ڏک وسري ويا. هن مٿي ڏٺو ۽ ڳالهائيندڙ کي گهوري نهارڻ لڳي، ڄڻ ته هو ڪنهن بلڪل ٻي دنيا کان آيو هو. نه فقط ايترو، جو هن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ”غلام کي آزاد ڪر“، جا الفاظ پهريون دفعو ٻڌا هئا، پر ان کان علاوه هن اها ڳالهه به پهريون ڀيرو ٻڌي هئي ته عورت اهڙي بلند و بالا رتبي واري مخلوق هئي، جو مرد- ٻار لاءِ سندس جنت هن جي قدمن هيٺان هئي.
    پوءِ ته هڪ ناقابلِ فهم واقعو ٿيو. سندس آقا اهي ڳالهيون ٻڌڻ سان ايتري قدر ته متاثر ٿيو، جو هن کي ڌرتيءَ تان اُٿڻ ۾ مدد ڪيائين، ۽ چيائين ته هوءَ آزاد آهي، ۽ جيڏانهن به مرضي هجيس، تيڏانهن وڃي ٿي سگهي.
    هوءَ اجنبي شخص جي قدمن ۾ ڪري پيئي ۽ هن جي شڪرادائي ڪرڻ چاهي، پر هن چيو، ”توکي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي، جيڪو تنهنجو حقيقي نجات دهنده آهي. مون ته فقط هن جا لفظ دهرايا ۽ انهيءَ ماڻهوءَ کي چيا، جنهن توکي آزاد ڪيو، اهي لفظ منهنجا ناهن. آءٌ فقط پيغام پهچائيندڙ آهيان ۽ انهيءَ کان علاوه تو يا تو جهڙن ٻين ماڻهن وانگر هڪ فاني انسان آهيان.“
    ڀوري ڇوڪري هن جي خوبصورت آواز کي، اکيون هيٺ جهڪائي غور سان ٻڌندي رهي، ڄڻ ته هوءَ بيهوشيءَ جي حالت ۾ هئي ۽ جڏهن اکيون مٿي کڻي ڏٺائين ته هو اتان هليو ويو هو ۽ هوءَ وري انهن ناشائسته ماڻهن جي انبوهه جي وچ ۾ اڪيلي هئي.
    هوءَ انهيءَ گوڙ گهمسان مان ٻاهر نڪرڻ، ۽ هڪ دفعو وري ٻيهر آزاديءَ جي هوا کائڻ لاءِ، اتان هڪ پاسي واري گهٽيءَ مان نڪري ويئي، جيئن ته هوءَ ڏاڍي اڃايل هئي، ان ڪري هڪڙي گهر جو دروازو کڙڪايائين، جيڪو ٻين گهرن کان ڪجهه وڌيڪ شاندار پئي لڳو.
    هڪ شريف نوجوان عورت هن لاءِ در کوليو.
    ”آءٌ هن شهر ۾ اجنبي آهيان“، ڀوري ڇوڪريءَ هن کي چيو، ”مون کي وڃڻ لاءِ ٻي ڪا جاءِ نظر نه ٿي اچي ۽ آءٌ ڏاڍي اُڃايل آهيان.“
    ”ادي، اندر اچ“، نوجوان ڇوڪريءَ دوستانه نموني ۾ مشڪي هن کي چيو، ”هڪ مهمان وانگر تنهنجي خدمت ڪرڻ اسان جو فرض به آهي ۽ خوشي به.“
    ائين چئي هوءَ کيس گهر جي مرڪزي ڪمري ۾ وٺي ويئي، جتي ٽي ٻيون نوجوان عورتون پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيون هيون. نوجوان ڇوڪريءَ هن کي شهر ۾ تازو آيل هڪ اجنبي عورت طور متعارف ڪرائي، هن جي ڪپڙن ۽ پيرن کي ڏسي، جيڪي مٽيءَ ۽ دز ۾ سفر ڪرڻ جي دوران ميرا ٿي ويا هئا، هوءَ کيس ٻئي ڪمري ۾ وٺي ويئي ۽ کيس هٿ منهن ۽ پيرن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڏنو ۽ پوءِ هوءَ پنهنجو ڌوتل ۽ صاف ٿيل چوغو کڻي آئي ۽ هن کيس ميرا ڪپڙا لاهڻ ۽ سندس صاف چوغو ڍڪڻ لاءِ چيو.
    ڀوري ڇوڪري هٿ منهن ۽ پير صاف ڪري ۽ ڪپڙا بدلائي جڏهن ٻاهرين ڪمري ۾ آئي، تڏهن هن جي سامهون کارڪن ۽ کير جو سادو سودو کاڌو کائڻ لاءِ رکيو ويو.
    اڄوڪو سڄو ڏينهن هن جي لاءِ حيرت انگيز واقعن جو ڏينهن ٿي گذريو هو. هوءَ ايڏي ته ٿڪل هئي ۽ هنن ماڻهن جي رحمدليءَ هن کي ايڏو ته متاثر ڪيو، جو هوءَ هڪ لفظ به ڳالهائي نه سگهي ۽ فقط هنن جي آڏو هيٺ جهڪي ۽ اکين جي اشاري سان سندن مخلصانه احسانمنديءَ جو اظهار ڪري سگهي ۽ پوءِ ڏاڍي اطمينان سان کاڌو کائڻ ويٺي. کير جون سرڪيون ڀريندي هوءَ مشڪي ۽ چيائين، ”مون کي هي کاڌو خانقاه ۾ ملندڙ شراب جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌيڪ پسند آهي.“
    بهرحال، هوءَ اهو ڄاڻڻ لاءِ آتي هئي ته سدس نجات دهنده ڪير هو ۽ کاڌو کائڻ کانپوءِ هُن انهن کي صبح وارو واقعو ٻڌايو ۽ انهن کان پڇيو ته آخر اهو ”پيغامبر“ ڪير هو.
    لفظ ”پيغامبر“ جي ذڪر سان ئي انهن عورتن جي جوش ۽ جذبي جي ڪا حد ۽ حساب ڪونه هو.
    ”هائو“، هن جي ميزبان عورت چيو، ”ڇا، توکي معلوم ناهي ته هو خدا جو پيغامبر ۽ رحمة العالمين آهي؟ تُنهنجي وات مان شراب جي نالي جي ذڪر سان مون کي پنهنجي اڳوڻي حالت ياد پيئي، جيڪا هن جي اچڻ کان اڳ هئي. اسين به شراب جي نشي ۾ مدهوش، جوا جا شوقين ۽ وحشي هجوم هوندا هئاسين! هن اسان کي ٻڌايو ته شراب، خواه ڪن حالتن ۾ ڪهڙو به چڱو هجي. پر اهو انسان جي ارادي، نفس تي ضبط ۽ دل و دماغ کي مائوف ڪري انهن جي ڪم ۾ مداخلت ڪري ٿو، ان ڪري بهتر ائين ئي آهي ته ان کان پاسو ڪجي. هن جوا به بند ڪرائي، ڇاڪاڻ ته هن فرمايو ته اها خود دوستن جي وچ ۾ به فساد ۽ دل جو ساڙ پيدا ڪري ٿي ۽ اسان عورتن لاءِ ته هو واقعي هڪ وڏي رحمت ثابت ٿيو آهي. هن ڏانهن ڏس“، هن هڪ نوجوان عورت کي ڳراٽڙي پائي چيو، ”جيڪڏهن پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم مداخلت ڪري ائين نه چوي ها ته ڪنهن به عورت کي خواه اها بيوه هجي يا ڪنواري، سندس مرضيءَ کانسواءِ ڪنهن به حالت ۾ شادي ڪرائڻي ناهي، ته اڄ هن کي هڪ اهڙي مرد سان شادي ڪرائي وڃي ها، جنهن سان هن کي شادي ڪرڻ تي مرضي ڪانه هئي، ۽ نه هن جو پيءُ ۽ نه سرپرست، سندس مرضيءَ جي خلاف مجبور ڪري ٿو سگهي ۽ نه مڙس هن لاءِ حق مهر مقرر ڪرڻ کانسواءِ شادي ڪري ٿو سگهي. ڇا، توکي اها خبر ناهي ته هِن ملڪ ۾ مرد ڪيترين به عورتن سان شادي ڪري سگهندا هئا؟ هائو، ۽ هاڻي پهريون دفعو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم اچي زالن جو تعداد چئن تائين محدود ڪيو آهي، ۽ اهو به هن حالت ۾ جڏهن مرد سڀني زالن سان هڪ جهڙي محبت ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن عورتون هن سان شادي ڪرڻ لاءِ پاڻ تيار هجن پر ڏس نه، ڪتاب فرمائي ٿو ته هڪ انسان لاءِ ٻن زالن کي هڪ جهڙي محبت ڏيڻ ذري گهٽ ناممڪن آهي. ان کان سواءِ، ڪتاب ائين به چوي ٿو ته جيڪڏهن ٻه شادي شده انسان هڪ ٻئي سان ٺهي نٿا رهي سگهن، ۽ انهن ٻنهي کي هڪ ٻئي سان گڏجي رهڻ لاءِ آماده نٿو ڪري سگهجي، ته پوءِ بهتر ائين آهي ته انهن کي بيعزتيءَ سان هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ تي مجبور ڪرڻ بدران، شرافت سان هڪ ٻئي کان جدا ٿيڻ گهرجي، ۽ ڪابه عورت خواه هوءَ بيوه آهي، يا طلاق مليل، ٻنهي حالتن ۾ هوءَ بنا ڪنهن بيعزتيءَ جي خيال کان، ٻيهر شادي ڪري سگهي ٿي ۽ هوءَ هر وقت پنهنجي ملڪيت ۽ جائداد جي مالڪه بڻجي رهي سگهي ٿي، ۽ سندس مڙس يا ڪو ٻيو هن جي انهيءَ حق ۾ ڪا مداخلت ڪري نه ٿو سگهي، ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته هاڻي مردن ۽ عورتن ٻنهي کي تعليم حاصل ڪرڻي آهي، ڇو ته ٻنهي تي اهو هڪ جهڙو فرض عائد ڪيو ويو آهي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ اهي سڀ ڳالهيون ڏاڍي غور سان ٻڌيون. ”پر منهنجو خيال آهي ته اهي سڀ ڳالهيون توهان جهڙين آزاد عورتن لاءِ آهن“، هن چيو، ”پر مون وانگر جيڪي ٻانهيون ۽ فقيرياڻيون آهن، جن جي حفاظت ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونهي، تن جو ڇا ٿيندو؟“
    هن جي ميزبان خاتون کلي ڏنو ۽ چيو:
    ”اُهي غلام، جيڪي ايمان وارا آهن، ۽ ٻانهيون، جيڪي ايمان واريون آهن، سي سڀ اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن. ڇا، توکي معلوم ناهي ته اڄ اسان ۾ سڀني کان وڌيڪ معزز انسان هڪ پوڙهو آزاد ڪيل غلام آهي، جنهن جو هڪ شاهاڻي رت واري سردار کان به وڌيڪ احترام ڪيو وڃي ٿو؟“
    ”اهو وري ڪيئن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ حيران ٿي پڇيو.
    ”ڇاڪاڻ ته پيغمبر(صلي الله عليه وآله وسلم) فرمائي ٿو ته سڀني قومن، فرقن ۽ رنگن وارا ماڻهو الله جي نظرن ۾ هڪجهڙا آهن“، هن جي ميزبان خاتون چيو، ”انهن مان فقط اهو ماڻهو وڌيڪ معزز ۽ محترم آهي، جيڪو سڀني کان وڌيڪ نيڪ ۽ پنهنجي مٿان ضابطو رکندڙ آهي. باقي جيستائين پنڻ جو سوال آهي، سو پنڻ حرام قرار ڏنو ويو آهي. فقط اهڙن ماڻهن کي، جيڪي روزي پاڻ ڪمائڻ جي لائق ناهن ۽ امداد جا حقدار آهن، تن کي اجتماعي پئسن مان گذاري لاءِ ڏنو وڃي ٿو. اجها ڪالهوڪي ڳالهه آهي، جو هڪ طاقتور ۽ مضبوط بدن وارو ماڻهو پيغمبر(صلي الله عليه وآله وسلم) وٽ آيو ۽ خيرات گهريائين، پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم) هن جي لاءِ هڪ ڪهاڙو خريد ڪيو ۽ کيس ارشاد ڪيو ته هو وڃي ڪاٺيون ڪري. نتيجي ۾ اهو ماڻهو جلد ئي ايترو ته خوشحال ٿي ويو، جو هو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي قدمن تي ڪِري پيو ۽ سندس شڪر ادائي ڪيائين. هاڻي هو پنهنجي ڪمائي تي گذر ڪري خوش ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن هڪ انسان پنهنجي پورهيي جي ڪمائي ڪري سگهڻ جهڙو آهي، تڏهن هن لاءِ خيرات تي رهڻ بيعزتيءَ جو باعث آهي.“
    ”ڇا، پيغمبر (صلي الله عليه وآله وسلم) ماڻهن کي مال ملڪيت ۽ جائداد حاصل ڪرڻ کان منع نٿو ڪري؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پويون دفعو ٻڌل آخري تعليمات کي ياد ڪندي پڇيو.
    ”يقيناً نه“. هن جواب ڏنو، ”پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمائي ٿو ته توهان پنهنجي پورهيي ۽ ايماندارانه ذريعن سان جيتري به ملڪيت ۽ مال جمع ڪري سگهو ٿا، سا بيشڪ گڏ ڪريو، پر شرط فقط ايترو آهي ته توهان هميشھ خدا کي ياد ڪندا رهو ۽ جيڪي ڪمايو ٿا، سو هن جي نالي ۾ خرچ ڪندا رهو.“
    انهيءَ وقت هڪ عورت اٿي کڙي ٿي:
    ”آءُ هاڻي هلان ٿي،“ هن چيو، ”منهنجي معصوم ڌيءَ کي منهنجي ضرورت محسوس ٿي رهي هوندي.“
    اها ڳالهه ٻڌي ڀوري ڇوڪريءَ ڪَن کڙا ڪيا. هن جي انهيءَ ملڪ ۾ وارد ٿيڻ وقت، هڪ ٻارڙيءَ کي جيئري دفن ڪرڻ وارو واقعو اکين اڳيان تري آيو.
    ”ڇا، ڌيئرن کي ڄمڻ مهل جيئرو دفن نه ڪيو ويندو آهي؟“ هن پڇيو.
    ”تون جهالت واري دور جون ڳالهيون ڪري رهي آهين،“ ميزبان عورت جواب ڏنو، ”اڄ ڪلهه ڪنهن کي به ڌيئرن کي زنده درگور ڪرڻ جي همت ٿي نٿي سگهي.“
    ”پر ڇا، جنت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پٽن جو هئڻ لازمي امر ناهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.
    هڪ ٻي خاتون، جنهن جي گود ۾ هڪ وڏو ڪتاب کليل رکيو هو ۽ جيڪو هوءَ پڙهي رهي هئي، تنهن هاڻي منهن مٿي ڪري هن کي ڏٺو ۽ کلي چيائين، ”ڪتاب فرمائي ٿو ته مال ۽ اولاد جيتوڻيڪ چڱيون ۽ وڻندڙ شيون آهن، پر ان جي باوجود اهي پنهنجي سر ماڻهوءَ کي خدا جي قريب آڻڻ ۾ ڪا مدد نه ٿيون ڪن. اهو ڪم ته فقط توهان جا پنهنجا اعمال ۽ عقيدا سرانجام ڏيئي سگهن ٿا، پر ان هوندي به والدين سان مهرباني ۽ احسان جي سلوڪ رکڻ جو حڪم ڏنل آهي.“
    ”ته پوءِ توهان جو ديوتا ڪهڙو آهي؟ آءٌ جڏهن پهريائين پهريائين هت آئي هيس، تڏهن مون هڪ ننڍڙي مندر ۾ پٿر جا ڪيئي ننڍا وڏا بت رکيل ڏٺا هئا،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.
    ”هائو، خود منهنجو ڀاءُ به انهن جي پوڄا ڪندو هو،“ هن جي ميزبان خاتون چيو، ”پر هاڻي ته هو بت شڪنن جو سردار بڻجي چڪو آهي.“
    ”پر توهان جو ديوتا ڪير آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ وري پڇيو.
    تون چوين ٿي ’توهان جو ديوتا‘، ميزبان خاتون چيو، ”ڇا، تون ائين سمجهين ٿي ته اسان جو ديوتا تنهنجي ديوتا يا ٻئي ڪنهن جي ديوتا کان مختلف ۽ جدا آهي؟ اڙي چري، نه فقط اسان جو ۽ تنهنجو خدا هڪ ئي آهي، پر هنن سڀني جهانن جو، جيڪي ڏسڻ ۾ اچن ٿا يا نظرن کان غائب آهن، تن جو به خدا اهو ئي هڪ آهي.“
    ”ڇا، تنهنجو مطلب انهيءَ خدا ۽ سندس ”پٽ“ سان آهي، جيڪي آسمان ۾ آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ هن کان وري پڇيو.
    هاڻي، انهيءَ ڳالهه تي سموريون عورتون اوچتو سنجيده ٿي ويون. ”خدا نه ڪري“، هنن سڀني گڏجي هڪ آواز ۾ چيو، ۽ پوءِ ميزبان خاتون وري چيو، ”مهرباني ڪري اهڙا ڪفر جا ڪلما نه ڳالهاءِ. خدا جا ڪي به پٽ يا ڌيئرون ڪينهن، ۽ نه وري هو آسمان يا ڪنهن هڪ خاص هنڌ تي رهي ٿو. هو جهڙو آسمان ۾ آهي، تهڙو زمين تي به موجود آهي، هو توکي تنهنجي ساهه جي رڳ (شاهه رڳ)* ۽ هر ٻي شيءِ کي خود ان جي وجود کان به وڌيڪ ويجهو آهي.“
    ”پر، اسين هن کي ڏسي ته نٿا سگهون.“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    جنهن عورت وٽ وڏو ڪتاب هو، سا ان مان وري ڪجهه آيتون پڙهڻ لڳي:
    ”نظر هن کي ڏسي نه ٿي سگهي، پر هو سڄي نظر، جو احاطه ڪري سگهي ٿو. هو ئي ساري مخلوقات جو نور، خالق ۽ پاليندڙ آهي. هو ڪنهن خاص قوم يا ملڪ جو ڪونهي. ڪابه شيءِ هن سان مشابهت نه ٿي رکي ۽ هو پاڻ انهن سڀني شين کان بلند و بالا تر آهي، جنهن جو ماڻهو تصور ڪري سگهي ٿو. هن کي، سواءِ پردن کان، ڏسي نٿو سگهجي. هو پنهنجن بندن سان، الهام جي ذريعي کانسواءِ ڪلام نه ٿو ڪري.“
    ان وقت، جيئن ته سج لهي ويو هو، عبادت لاءِ ماڻهن کي سڏڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سڀ زالون اٿيون ۽ وضو ڪرڻ لاءِ ويئون، پوءِ انهن غاليچي تي نماز ادا ڪئي.
    ڀوري ڇوڪري هنن جون اهي ڪارروايون غور سان ڏسندي رهي ۽ هن جي سڄي تجربي ۾ هي پهريون ڀيرو هو، جو هوءَ ڪنهن پادريءَ، قربان گاهه، ڪنهن شبيهه، بت يا ٻئي ڪنهن به قسم جي علامت جي وساطت کان سواءِ، عبادت ٿيندي ڏسي رهي هئي. جڏهن عورتون نماز پڙهي بيٺيون، تڏهن ڀوري ڇوڪريءَ هنن کان پڇيو، ”ڇا، توهان عبادت ڪرڻ کان اڳ ۾ هميشھ هٿ منهن ڌوئينديون آهيو؟“
    ”هائو“، ميزبان خاتون چيو، ”پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمايو آهي ته اسان کي اندر توڙي ٻاهر صاف رهڻ گهرجي، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان سهڻو نظر اچڻ کپي.“
    ”ڇا، توهان عبادت ڪرڻ لاءِ مندر نه وينديون آهيو.“ ڀوري ڇوڪريءَ دريافت ڪيو.
    ”اسين جيڪڏهن چاهيون ته عبادت گاهه ۾ وڃي سگهون ٿيون،“ ميزبان خاتون چيو، ”پر هيءَ سڄي ڌرتي الله تعاليٰ جي آهي ۽ اسين جتي به آهيون، اتي عبادت ڪري سگهون ٿيون، ۽ خدا هر حالت ۾ اسان جي سامهون آهي.“
    ”مون کي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن مون کي خانقاه جي ميٽرن جي حڪم سان عبادت ڪرڻي پوندي هئي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.
    انهيءَ نوجوان ڇوڪريءَ، جنهن عبادت لاءِ وڃڻ کان اڳي ڪتاب بند ڪري رکيو هو، سا وري موٽي آئي ۽ اهو ڪتاب کڻي ويٺي، ۽ ان کي هڪ هنڌ تي کولي، منجهانئس وري ڪجهه سٽون وڏي آواز ۾ پڙهيون:
    ”خدا مڙهيون ۽ خانقاهه تعمير ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏي ۽ ڪنهن کي عبادت ڪرڻ لاءِ مجبور نه ٿو ڪري. دين جي معاملي ۾ ڪو زور زبردستي ڪانهي. عبادت ان وقت تائين ڪنهن ڪم جي ڪانهي، جيسين ماڻهو دل ۽ دماغ جي پوري يڪسوئي سان اها ادا نٿو ڪري ۽ اهڙي عبادت الله تعاليٰ جي بي حرمتي آهي.“
    ”پر ڇا، توهان وٽ گناهن جو اعتراف ڪرڻ لاءِ ڪي پادري ڪينهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”بلڪل نه،“ هن جي ميزبان خاتون جواب ڏنو. ”اسان وٽ ڪي به پادري ڪينهن. اسان جو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم فرمائي ٿو ته هر هڪ انسان پنهنجي لاءِ سڌيءَ طرح سان خدا ڏانهن جوابده آهي ۽ عورت هجي يا مرد، بهرحال هو پنهنجن گناهن جوا عتراف فقط خدا جي آڏو ڪري سگهي ٿو، ۽ سڌي طرح هن کان معافيءِ جو طلبگار ٿي سگهي ٿو. پيغمبر صلعم جي آندل دين ۾ وچ واري ذريعي لاءِ ڪا گنجائش ڪانهي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ هڪ خيال کٽڪي رهيو هو، هن کي هر گهڙيءَ پنهنجي ڪنواري رهڻ لاءِ کنيل قسم ياد اچي رهيو هو ۽ هن کي اهومعلوم ڪرڻ جو ڏاڍو شوق هو ته پيغمبر پاڻ شادي شده هو يا نه. هن جذبات جي نزاڪت کان، ڪجهه هٻڪي هٻڪي نيٺ پنهنجو سوال پڇي ڇڏيو:
    ”ڇا پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم شادي شده آهي؟“
    ”هائو“، کيس جواب مليو، ”هن جي پهرين زال ۽ سندس زندگيءَ جي سڀني لاهين ۽ چاڙهين جي ساٿڻ، ڪجهه وقت اڳي گذاري ويئي. ان کانپوءِ منهنجي ڀاءُ کيس آڇ ڪئي ته هو سندس ڌيءَ سان شادي ڪري، ٻين به گهڻن ئي هن کي اها پيشڪش ڪئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي انهيءَ ۾ خوشي حاصل ٿي رهي هئي. پوءِ هن ڪجهه بيواهن، هڪ طلاق يافته ۽ هڪ ڪنيز عورت سان شادي ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح هاڻي هن جون اٺ زالون آهن.“
    انهيءَ ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ کي ڏاڍو حيران ڪيو. هن کي شادي ڪرڻ ۽ گهر گرهستي ٿي رهڻ بابت ”راهنما“ ۽ نزريني جا خيال معلوم هئا، جنهن ڪري هوءَ انهن خيالن ۾ هم آهنگي نه ڏسي سگهي ته جيڪڏهن هي ”پيغمبر“ صلعم به عظيم انسان هو، ته پوءِ هن جي هلت انهن ٻن کان مختلف ڇو هئڻ گهرجي. پر هوءَ انهيءَ باري ۾، پنهنجي ميزبان خاتون کان فقط ايترو پڇڻ کانسواءِ، هڪ لفظ به وڌيڪ نه ڪُڇي سگهي ته ڇا، هن جو انهيءَ عظيم انسان سان ملي سگهڻ ممڪن هو، ڇاڪاڻ ته هوءَ، اڳي کان گهڻو وڌيڪ هاڻي، هن کان پاڻ روبرو ڪيترين ئي ڳالهين متعلق پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي خواهشمند هئي.
    ”اڙي، يقيناً،“ هن جي ميزبان خاتون جواب ڏنو. ”هن سان ته غريب ۾ غريب فقير به ڪنهن به وقت چاهي ته ملي ٿو سگهي. پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم هميشھ هر ماڻهوءَ سان ملڻ لاءِ موجود هوندو آهي ۽ توکي هو پنهنجي جهوپڙيءَ جي اڳيان ويٺل ملندو.“
    ڀوري ڇوڪريءَ، هڪ دفعو وري پنهنجي ميزباني خاتون جي شڪر ادائي ڪئي ۽ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم سان ملڻ لاءِ هن سان خدا حافظ ڪري ٻاهر نڪري ويئي. هن جو رستو ڪنهن طرح سان گم ٿي ويو، ۽ هن هڪ راهگير کان پيغمبر صلعم جي گهر وڃڻ جو رستو معلوم ڪيو. انهيءَ ماڻهوءَ حيران ٿي هن کي ڏٺو.
    ”آءٌ هڪ شاعر آهيان،“ هن چيو، ”۽ هو مون جهڙن شاعرن کي پسند نٿو ڪري، ۽ جيڪڏهن اتفاق سان تون به شاعره آهين ته هن وٽ وڃڻ کان پرهيز ڪجانءِ.“
    ائين چئي، هو هڪ به لفظ وڌيڪ چوڻ کانسواءِ اتان هليو ويو.
    ڀوري ڇوڪريءَ کي، بهرحال، هاڻي سندس ميزبان خاتون جون هدايتون ۽ ڏس پار ياد اچي ويا هئا ۽ ٿوري ئي دير ۾ هن اها جهوپڙي ڳولي ڪڍي ۽ پيغمبر صلعم کي ان جي ٻاهران ٻارڙن سان کلندي ۽ ڳالهائيندي ڏٺو. هوءَ ادب ۽ احترام کان ڪجهه پرڀرو اچي بيهي رهي ۽ اڳتي وڌي وڃڻ ۾ گهٻراهٽ محسوس ڪري رهي هئي.
    ”جيڪڏهن تون مون سان ڳالهائڻ ٿي چاهين ته پوءِ مهرباني ڪري هيڏانهن وڌي اچ،“ هن کيس چيو، ”هڪ غريب عربياڻيءَ جي پٽ کان ڊڄڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي.“
    ائين چئي هن کيس تڏي تي ويهڻ لاءِ آڇ ڪئي، ۽ پوءِ هو پاڻ به ويهي، پنهنجي جتيءَ جي مرمت ڪرڻ لڳو.
    ڀوري ڇوڪريءَ چيو ته، ”مون توهان جي دين بابت اڳيئي تمام گهڻيون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر مون کي خود توهان کان ڪيئي ڳالهيون دريافت ڪرڻيون آهن.“
    ”اهو فقط منهنجو دين ته ڪونهي“، هن کيس پنهنجين وڏين چمڪندڙ اکين سان ڏسندي چيو، ”پر اهو دنيا جي شروعات کان وٺي سڀني ماڻهن جو دين رهيو آهي، پر نه، اهو ته سج، چنڊ،س تارن، وڻن ۽ ڪڪرن جو دين رهيو آهي، ۽ سڀني ان کي مڃيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو نالو ئي ’خدائي رضا ۽ قانون آڏو جهڪڻ ۽ اطاعت ڪرڻ‘ آهي. ڪابه شيءِ انهن قاعدن جي ديده دليري سان ڀڃڪڙي ڪري نه ٿي سگهي. انسان کي به ، انهن کي ضرور مڃڻو آهي، پر هن کي باشعور طور، هوش ۽ حواس سان، دل جي رضامنديءَ ۽ خوشيءَ سان انهيءَ قانون جي اطاعت ڪرڻي آهي، ڇو ته خدا جي قانونن ۾ ڪا به تبديلي ڪانهي.“
    ”پر مون کي مختلف وقتن تي ايڏيون ته مختلف ڳالهيون ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي، جو مون کي سچ ته اها خبر ئي ڪانهي ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي، ۽ نه اها ئي ڪا ڪل اٿم ته خدا جي مرضي ڪهڙي آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو.
    ”خدا پنهنجي رضامندي، مختلف وقتن تي دنيا جي سڀني قومن تي، سندن ضرورتن موجب، پنهنجن نيڪ بندن جي وسيلي ظاهر ڪئي آهي.“ پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم چيو، ”هر دور لاءِ هڪ ڪتاب آيو آهي، جيڪو انهيءَ دور لاءِ خدا جي مرضي ۽ قانون جو اظهار ڪندو آهي، تان جو وري ٻيو ڪتاب نازل ٿيندو آهي.“
    ”ته پوءِ ڇا، توهان جو پيغام، سڀني کان آخري پيغام آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”اهو نه فقط سڀني کان پويون آهي، پر اهو انهيءَ خاص قسم جي الهامي پيغام جو آخري پيغام آهي، ۽ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته آءٌ سڀني اڳوڻن الهامي پيغامن کي هڪ يا ٻن قومن لاءِ نه، بلڪه دنيا جي سڀني قومن لاءِ جمع ڪريان.“
    ”ته پوءِ ڀلا، هيءُ پيغام ڪنهن خاص زماني يا دور لاءِ به ناهي ڇا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”نه“ کيس جواب مليو، ”ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب فقط احڪامات ۽ فرمانن جو ڪتاب ناهي، بلڪه اختيارن ۽ امتيازن جو آهي ۽ اهو هڪ مختلف نموني جي طور ۽ طريقي جو مشورو ڏئي ٿو، جنهن سان هر هڪ انسان کي انفرادي حيثيت ۾ الهام ملندو ۽ کيس انهن وقتي الهامن جي ضرورت نه رهندي، جيڪي وقت بوقت ايندا رهيا آهن. انسان هاڻي اُسري بيٺو آهي ۽ هن کي هاڻي ”توکي هيئن ڪرڻو آهي،“ يا ”هونئن ڪرڻو ناهي“ جهڙن حڪمن جي ضرورت باقي نه رهي آهي. پر ’ڪتاب‘ هن جي اڳيان ٻه ويڪرا رستا ڏيکاري ٿو ۽ هن کي انهن ٻن منجهان پنهنجي ارادي سان هڪ رستو چونڊڻو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو انسان انهن مان غلط رستي جي چونڊ ڪري ٿو ته پوءِ هن کي خدائي بچائي. مرد ۽ عورت هاڻي چونڊ ڪرڻ لاءِ آزاد آهن، پر اڳي کان گهڻو وڌيڪ ذمه دار آهن.“
    ”حضور، ڇا توهان مون کي اهو رستو ٻڌائڻ جي ڪرم نوازي ڪندا؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”هائو، وڏي خوشيءَ سان“، هن جواب ۾ فرمايو، ”خدائي هدايت جو، جيڪو سڀني کان پهريون لفظ مون کي مليو آهي ۽ جيڪو مون کي ماڻهن تائين پهچائڻو آهي، سو آهي، ’پڙهه‘. پڙهه الله جي نالي ۾ اُهو، جيڪو الله خلقيو آهي. خدا قلم کي اهو اوزار بنايو آهي، جنهن جي مدد سان ماڻهوءَ کي سيکارڻو آهي ۽ هن ڪائنات کي پڙهڻ کانپوءِ هدايت جا ٻيا جيڪي لفظ مون ڏانهن الهام ڪيا ويا، سي ”انهن لفظن کي لکڻ ۽ انهن جو اظهار ڪرڻ جيڪي تون پڙهين ٿو“، آهن. اِهو طريقو ٻڌايو ويو آهي، جنهن تي هلڻ سان توکي خدا جو ديدار ٿيندو.“
    اتي هڪ ماڻهو انهن وٽ آيو ۽ هن اچڻ سان پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم کان پڇيو، ”ڇا، توهان اسان کي خدا جي طرفان توهان کي ڏنل ڪي نشانيون ڏيکاري سگهو ٿا، جيئن توهان کان اڳي آيل پيغمبرن ڪيو هو؟“
    پيغمبر صلعم کلي ڏنو.
    ”اي منهنجا نيڪ بخت انسان“، هن چيو، ”ڇا، تون منهنجي طاقت جون ڪي نشانيون ڏسڻ چاهين ٿو؟ جي ائين آهي ته توکي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مون کي ڪا طاقت ڪانهي، سڀ طاقت خدا جي آهي. آءٌ پاڻ کي فرشتو سڏائڻ جي دعويٰ به نٿو ڪريان، نه وري اها دعويٰ ٿو ڪريان ته ڪو مون وٽ خدا جي خزاني جون ڪنجيون آهن. مون کي ڪنهن جي مٿان به ڪو اختيار حاصل ڪونهي، ۽ نه وري شيطان کي ئي اهڙو اختيار حاصل آهي. آءٌ توهان کي چتاءُ ڏيان ٿو، ۽ هو (شيطان) توهان کي لالچائي ٿو. پر جيڪڏهن تون خدا جون نشانيون ڏسڻ چاهين ٿو، ته پنهنجي چوڌاري نظر ڦيراءِ. ڇا، توکي اهڙيون نشانيون آسمان ۽ زمين جي تخليق ۾ نظر نه ٿيون اچن؟ ڇا، تون انهن کي ڏينهن ۽ رات جي ڦير گهير ۽ انهيءَ پاڻيءَ ۾ نه ٿو ڏسي سگهين، جڏهن اهو خشڪ مٽيءَ کي نئين زندگي بخشي ٿو ۽ ان کي موت بعد وري، زندگي عطا ڪري ٿو، ۽ وري نئين ۽ تازي ساوڪ پيدا ڪري ٿو؟ هوائن ۽ ڪڪرن جي چرپر ۾، سج جي اُڀرڻ ۽ چنڊ جي لهي ننڍي ٿيڻ ۾ ڪجهه نه ٿو نظر اچي؟ ڇا؟ انهن ۾ ڪي به نشانيون ڪينهن؟ ۽ تون ٻڌاءِ ته تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟ ڪو وقت اهڙو هو، جڏهن تون هڪ اهڙي شيءِ هئين، جڏهن تنهنجي متعلق ڪنهن به ڪا ڳالهه نه ٻڌي هئي. شايد تون ان وقت پاڻي هئين، پوءِ تون ڪاري مٽي هئين، پوءِ هڪ ننڍڙو زندگيءَ جو جيوڙو هئين، جنهن جو نالو ٻڌڻ کان اڳي ماءُ جي رحم ۾ ڪيترين منزلن وچان گذريو هوندين؟ ڇا، انهن ڳالهين ۾ ڪي نشانيون ڪينهن؟ ۽ انسان ذات جي ماضيءَ جي تاريخ متعلق ڪهڙو خيال اٿيئي؟ ڇا، تون هِن سڄي ڌرتيءَ تي فقط سفر ڪري ڏسندين، ۽ انهن گهرن جي وچان گهمي ايندين، جي هاڻي بلڪل ويران آهن ۽ اهو معلوم ڪندين ته انهن جي وجود ۽ زندگيءَ تي ڪهڙن قانونن جو ضابطو هو. توکي انهيءَ ۾ گهڻيون ئي نشانيون نظر اينديون. ۽ پنهنجي دل بابت ڇا ٿو چوين؟ جيڪڏهن توکي اُن جي ڪا ڄاڻ هجي ها، ته تون خدا کي به ڄاڻين ها. غور ڪر! ڇا، تون غور نه ڪندين؟ پوءِ خدا تنهنجي اڳيان اهڙي هر هڪ شيءِ ۾ موجود نظر ايندو، جيڪا تون پنهنجي چوڌاري ڏسين ٿو. اي منهنجا خوشنصيب انسان! سفر ڪر ۽ سوچ ويچار ڪر! هن کان پوءِ ڪوبه پاڻ کي تنهنجي اڳيان ظاهر نه ڪندو، جيسين تون پنهنجيون اکيون ۽ ڪن پنهنجي دل ۽ پنهنجو فهم ۽ ادراڪ ڪم نه آڻيندين.“
    تاريخ جي لفظ ٻڌڻ تي ڀوري ڇوڪري ڇرڪ ڀري هوشيار ٿي ويئي. هن کي اوچتو ياد آيو ته کيس خدا جي ڳولا ۾ خود ”تاريخ“ ئي لڳايو هو، جنهن چيو هو ته هو پاڻ خدا جي هڪ نشاني هو، ۽ هاڻي کيس معلوم ٿيو ته انهيءَ چوڻيءَ جو سرچشمو پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جي قول ۾ ئي هو.
    جڏهن اهو ماڻهو موڪلائي هليو ويو، تڏهن هن وري پنهنجيون ڳالهيون شروع ڪيون:
    ”آءُ اِنهيءَ شخص جي شڪر گذار آهيان“، ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”منهنجي نظر ۾ هاڻي ڪيئي ڳالهيون توهان جي انهن جوابن جي ڪري، جيڪي توهان هن کي پئي ڏنا، اڳي کان گهڻيون صاف ۽ واضح ٿي ويون آهن، ڇا، اسان لاءِ پراڻن مذهبن جو مطالعو بلڪل ضروري يا لازمي آهي، ۽ ڇا، قديم دور جي نبين عليه السلام ۾ عقيدو رکڻ ضروري آهي؟“
    ”هائو“، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو، ”اهو تمام ضروري آهي ته تون سڀني نبين ۽ انهن جي سڀني ڪتابن ۾ اعتقاد رکين، پر انهن جي هڪٻئي سان ننڍن ۽ وڏن جي حيثيت ۾ ڪڏهن به ڀيٽ نه ڪر.“
    ”۽ ڇا، اهو مطالعو زندگيءَ جو مول مقصد ۽ ان جي آخري منزل آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”جنهن مقصد سان مرد ۽ عورت کي تخليق ڪيو ويو، سو آهي، ”خدمت“، پيغمبر صلي الله عليه وآله وسلم جواب ڏنو، ”۽ ماڻهوءَ جي آخري منزل خود خدا آهي. اسين سڀ خدا جي طرف کان آيل آهيون، ۽ وري خدا ڏانهن موٽي وڃون ٿا.“
    ”ڇا، عبادت ڪرڻ ضروري آهي؟ ۽ اسان کي ڪيئن عبادت ڪرڻ گهرجي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ وري پڇيو.
    ”هائو توکي غلط ڪمن کان پري رکڻ لاءِ عبادت ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته جائز ۽ صحيح ڪم ئي زندگيءَ جو سَت آهي ۽ فقط عبادت جي ذريعي ئي انسان کي حق ۽ سچ ڏانهن وٺي وڃي سگهبو ۽ ساڳي وقت کيس کڏن ۽ کوٻن کان بچائي سگهجي ٿو. جيڏي سخت ڪوشش ڪري سگهين، اوڏي ڪر ۽ ڪم ڪندي رهه. صحيح عقيدو، صحيح ڪم، صحيح ڪوشش توکي تنهنجي منزلِ مقصود ڏانهن وڌيڪ قريب پهچائيندي، جنهن جو نالو خدا آهي. پوءِ ڀلا اسين خدا کان خود کيس ۽ سندس معرفت حاصل ڪرڻ جي رستي ۽ سندس متعلق علم و عرفان ۾ اضافي کانسواءِ ٻيو ڇا ٿا گهري سگهون؟“ ان ڪري تون دعا گهر: .اي رحيم و ڪريم، مون کي اهو صحيح ۽ يقيني رستو ڏيکار، جنهن تي اهي گامزن رهيا، جن کي تو پنهنجي نعمت عطا ڪئي آهي ۽ نه گمراهن وارو رستو ۽ اي خدا، منهنجي التجا آهي ته مون کي علم ۽ حڪمت ۾ وڌاءِ، انهيءَ کي پنهنجي دعا ۽ عبادت بناءِ، هن چيو، ”۽ آءٌ توکي جيڪو آخري مشورو ڏيان ٿو، سو اهو آهي ته خدا جي تخليق تي غور ڪر، ۽ ائين ڪرڻ سان، تنهنجي اڳيان سڀ ڪجهه عيان ٿي ويندو.“
    انهيءَ مهل هن مٿي نهاري، ۽ پنهنجي هٿ جي پرڪشش اشاري سان ڀوري ڇوڪريءَ جو ڌيان آسپاس جي فضا طرف ڇڪائيندي چيو، ”هن کي خدا سهڻي نموني ۾ تخليق ڪيو! هن جي انهيءَ تخليق ۾ ڪو نقص ڪونهي، ان کي تنقيدي نظر سان ڏس. ڇا، توکي ان ۾ ڪا وڏ نظر اچي ٿي؟ هاڻي ان لاءِ وري ڳولا ڪر، اڃا به ٻيهر تلاش ڪر. ان کان پوءِ ئي تنهنجي بصارت، ان جي ڪمال کان مجبور ٿي، موٽي پاڻ تي نگاهه ڪندي ۽ پنهنجي ناڪافي هئڻ جو احساس ڪندي ۽ پوءِ اندرين اک ڪم شروع ڪندي اها اهڙيون ڳالهيون ڏسندي، جيڪي هن ٻاهرين نظر اڳي ڪڏهن نه ڏٺيون آهن ۽ اندريون ڪن اهي ڳالهيون ٻڌندو، جيڪي هن ٻاهرين ڪن ڪڏهن به نه ٻڌيون آهن. ان طرح تون ڏسين ٿي ته اندريون، ۽ ٻاهريون، ٻيئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ٻاهريون فقط اندرين ڏانهن پيشوائي ڪري ٿو ۽ ان کي ڇڏي نٿو سگهجي، نه وري اُهو، جنهن کي اسين ’اندريون‘ سڏيون ٿا، آخري ۽ قطعي آهي، هِتي ته پردي جي مٿان پردو ۽ نور جي مٿان نور آهي.“
    ”پر ڇا، خدا ڏک ۽ سور به ته خلقيا آهن؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”يقيناَ“ جواب مليو، ”آخرڪار، هر شيءِ خدا ئي خلقي آهي- اها پڻ جنهن کي تون برائي ۽ نيڪي سڏين ٿي، پر انهن جون سڀ معنائون ۽ مفهوم تنهنجي لاءِ ان وقت واضح ٿيندا، جڏهن تون انهن تي غور ڪندينءَ، وري غور ڪندينءَ ۽ انهن طريقن سان غور ڪندينءَ، جن جي هي ڪتاب هدايت ڪري ٿو.“ ائين چئي هن کيس هڪڙو ڪتاب ڏنو ۽ چيو، ”هن ڪتاب جا ٻه ڀاڱي ٽي حصا بلڪل واضح آهن، پر ان جو باقي ٽيون حصو توکي آهستي آهستي سمجهه ۾ ايندو، جڏهن تون ان تي غور ڪندينءَ ۽ انهن هدايتن تي عمل ڪندينءَ جيڪي باقي ٻن حصن ۾ واضح طور سمايل آهن.“
    ڀوري ڇوڪريءَ هن کي ايڏي تڪليف ڏيڻ لاءِ کانئس معافي ورتي، ۽ هن جي مشوري ۽ ڪسب جي تحفي لاءِ سندس شڪر ادائي ڪري، اتان رواني ٿي ويئي.

    * * *

    ________
    * گوتم ٻڌ
    ** حضرت عيسيٰ (عليه الالسلام).
    * شاهه رڳ: زندگيءَ جي رڳ.


    6

    جيئن هوءَ اڳتي هلندي رهي، تيئن سندس دل ۾ هڪ خيال آيو.
    ”عجيب ڳالهه آهي“، هن دل ئي دل ۾ چيو، ”هي ڪتاب اها تعليم ڏئي ٿو ته اسان کي خدا تعاليٰ ڏانهن ويندڙ رستو ڳولڻ گهرجي ۽ ان جي باوجود ائين به چوي ٿو ته خدا اسان کي ”شاهه رڳ“ کان به قريب آهي، هڪ اهڙي شيءِ ڏانهن، جيڪا اڳيئي مون کي ايتري قدر ويجهي آهي، آءٌ ڪهڙيءَ طرح پنڌ ڪري وڃي سگهان ٿي؟“
    انهيءَ سوال هن کي وري منجهائي وڌو ۽ کيس ان جو ڪوبه حل معلوم ٿي نه سگهيو. عين انهيءَ وقت جڏهن هوءَ ائين سمجهڻ لڳي هئي ته کيس سڀڪجهه معلوم ٿي ويو آهي، تڏهن سندس مونجهارو اڳي کان به وڌيڪ هو. گهڻيءَ دير تائين پنڌ ڪرڻ کانپوءِ، هوءَ پاڻ کي ڏاڍي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳي ۽ کجور جي وڻن جي هڪ جهڳٽي ۾ آرام ڪرڻ لاءِ ويهي رهي. هن اوڀر ڏانهن ڏٺو، ۽ وري اولهه طرف نهاريو، اتر ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ڏکڻ ڏانهن نظر ڪئي. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هوءَ ڪا شيءِ ڳولي رهي هئي يا اها پڪ ڪري رهي هئي ته هوءَ ڪنهن خطري ۾ ناهي، هن پنهنجي اکين جي ڇپرن تي ڪجهه وزن محسوس ڪيو ۽ کيس ائين معلوم ٿيو ته ڄڻ ڪو سونهري ڌنڌ سندس اکين آڏو اڀري رهيو هو، جهڙو سج اڀرڻ مهل پيدا ٿيندو آهي، جنهن ۾ هن کي ڌرتيءَ جي عين وچ مان جانبازن، شاعرن، واپارين، خلاصين ۽ مفڪرن جا بيشمار ڪٽڪ ائين ٻاهرنڪرندا زمين جي چوطرف ويندا معلوم ٿي رهيا هئا، جيئن سج مان روشنيءَ جا ڪرڻا نڪري ڌرتيءَ جي هر طرف ڏانهن ڦهلجندا آهن، اوڀر ۽ اولهه ۾ واقع هڪ جي پٺيان ٻيو ملڪ، کيس ائي چمڪندو نظر آيو، جيئن انهن کي ڪنهن باهه ڏني هجي. هن غلامن جي ڪٽڪن کي آزاد ٿيندي ۽ پنهنجي آزاديءَ تي خوشيون ملهائيندي ڏٺو. هن هڪ جي پٺيان ٻئي ملڪ کي ڀائپيءَ جي رشتي ۾ هڪٻئي سان متحد ٿيڻ کان انڪار ڪندي ڏٺو، تن کي به کليل ٻانهن سان دوستيءَ جي روشني ۾ قبول ڪيو ۽ نهايت فراخ دليءَ سان برداشت ڪيو پئي ويو. هڪ طرف کان چرپر، واپار ۽ سيرو سفر وقت جو دستور معلوم ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف شعر و شاعريءَ، فلسفي، سائنس ۽ تاريخ جي مطالعي کي رواج ڏنو ويو هو. ائين پئي لڳو ته ماڻهو هر شيءِ مان ماکيءَ جي مکين جي ولرن وانگر رس چوسي ۽ ان کي ماکيءَ جي شڪل ۾ ڏهوڻون وڌائي واپس ڪري رهيا هئا.
    ملڪ ۾ اسڪولن، يونيورسٽين ۽ باغن جو وڏو تعداد هو ۽ هر بادشاهي درٻار، ڳائيندڙ شاعرن جو آکيرو نظر اچي رهي هئي، ماڻهو دنيا کي اهو سڀڪجهه ڏيڻ ۾، جيڪي وٽن موجود هو، هڪٻئي کان گوءِ کڻي وڃڻ جي ڪوششن ۾ مصروف معلوم ٿي رهيا هئا، هر هڪ ليکڪ پنهنجين تصنيفن کي سوين جلدن جي صورت ۾ شمار ڪري رهيا هئا. هن ماڻهن کي دنيا جي هڪ ڇيڙي کان وڻن جا ٻوٽا کڻي، ٻئي ڇيڙي تائين پهچائيندي ۽ انهن کي ٻيهر اُتي پوکيندي ڏٺو. انهن مان هر ماڻهو، انسان کي هر طريقي سان بلند ڪرڻ ۽ هن دنيا کي خوبصورت بنائڻ لاءِ ڪمرڪشي بيٺو هو. هن ماڻهن کي هر هڪ قوم جي ڪتابن جو، جيڪڏهن ان وٽ ڪي ڪتاب موجود هئا، ترجمو ڪندي ۽ هر قابل قدر مذهب جو مطالعو ۽ ان تي بحث مباحثو ڪندي ڏٺو.
    هن ڪتاب جي ڍيرن کي پهاڙن وانگر وڌندي ڏٺو ۽ انهن جي رکڻ ۽ سنڀالڻ لاءِ وڏيون وڏيون عمارتون تعمير ٿيندي ڏٺيون. هن درويش عورتون، شاعر عورتون ۽ آزاد ۽ عزت واريون عورتون پڻ ڏٺيون، هن سندن قدمن جي هيٺان بهادري ۽ محبت جا گل ڦل ٽڙندا ڏٺا. هن هارين نارين ۽ پيشوَر ڪاريگرن کي ٻنين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندي ۽ ساڳئي وقت تي شعر و شاعري ڪندي ۽ انهيءَ فن تي خيال آرائي ڪندي ڏٺو، هن انتهائي نيچ هٿ جي پورهئي ۽ محنت مزدوريءَ جي عزت ٿيندي ڏٺي. عزت ۽ فخر جا وڏي کان وڏا جيڪي لقب هن کي ٻڌڻ ۾ آيا، سي هن طرح هئا: ”پورهيت، مشقتي، عارف، خادم ۽ بانيڪار.“
    هن هڪ عرب کي هڪ اهڙي نفيس تارازي هٿ ۾ جهلي هيئن اعلان ڪندي ٻڌو: ”ڏسو! هن سان آءٌ هڪ مثقال جي ٽئين حصي جو وزن به ڪري سگهان ٿو.“ هن هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هڪ محدب آرسي (Convex Mirror) هئي، ۽ هو روشنيءَ جي انعڪاس ۽ انعطاف جون ڳالهيون ڪري رهيو هو. هن زندگيءَ جي هر شعبي ۾ دريافت، ڳولا ڦولا ۽ تحقيقات ٿيندي ڏٺي.
    هن ڏٺو ته ساڳيو ئي ليکڪ، جيڪو فلسفي تي ڪتاب لکي رهيو هو، سو گهوڙن، قيمتي پٿرن، ٻوٽن، گلن ۽ ستارن بابت پڻ ڪتاب تصنيف ڪري رهيو هو. هن ماڻهن کي مشرق ۽ مغرب ۾ قومن جي اصلي ۽ صحيح تاريخ جي تحقيق ڪندي ڏٺو.
    سنگ مرمر جا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز محلات، پرين جي رهائش لائق محلن وانگر ڌرتيءَ جي سيني تي کڙا ڪيا ويا ۽ بادشاهه فقط انهيءَ احساس کان پنهنجن هٿن سان ڪم ڪري رهيا هئا، ته انهن پنهنجي گذر اوقات لاءِ گهربل پئسا ملڪي خزاني مان کڻڻ بدران، پنهنجي حق حلال جي پورهئي مان ڪمايا هئا. هن مشرق ۽ مغرب ۾ بتن کي ڊهندي ۽ ڪرندي، ۽ ساڳئي وقت تي مشرق توڙي مغرب ۾ ديني سڌارڪن ۽ مُصلحن کي ظهور ۾ ايندي ۽ پنهنجن پراڻن مذهبن کي سڌاريندي ۽ انهيءَ ڪتاب سان هم آهنگ بنائيندي ڏٺو، جيڪو انهيءَمهل سندس قبضي ۾ هو.
    هن هڪ وِير اُٿندي ڏٺي، جيڪا پنهنجي زور سان مڙهين کي انهن جي سمورن ڄارن ۽ شراب جي جامن سميت وهائي کڻي ويئي ۽ ٻاوا ۽ تارڪ الدنيا راهب پنهنجي سموري ساک وڃائي ويٺا، در در پنڻ ۽ آواره گردي ڪرڻ واري نظام جي عزت نه رهي، جن جاين تان مڙهيون ۽ گرجائون غائب ٿي ويون هيون، اُتي تعليم گاهه ۽ شفاخانن جو ظهور ٿيو ۽ جتي جتي بيٺل پاڻيءَ جا دُٻا ۽ سم جي پاڻيءَ ۾ ڪانا ۽ ڪنڊا ڪرڙ هئا، اُتي هاڻي تازه بتازه، سرسبز چراگاهه، ڦوهارن ۽ چشمن وارا باغ باغيچا، ڦل ڦول ۽ ميوا اڀريا بيٺا هئا. هن مرده ٻولين جي جاين تي نيون زبانون ۽ ٻوليون استعمال ۾ اينديون ڏٺيون، جن جي ذريعي رومانوي نظام ۽ شعر جو اظهار ٿيڻ لڳو. پوءِ هن انهن جدت پيدا ڪندڙن جي هر هڪ تنظيم ۽ اداري جو، خصوصاََ مغرب طرفان نقل ۽ اختيار ٿيندي ڏٺو.
    انهيءَ وچ ۾ هن مشرق طرف ماڻهن جا وڏا ڪٽڪ اُڀرندي ڏٺا، جن سڀ ڪتاب ساڙي رک ڪري ڇڏيا، ۽ انهيءَ منزل تي هن هڪ عظيم جُسي واري جاندار جي جسم کي، جيڪو زندگيءَ جي توانائي سان پُر هو، اُڀرندي ۽ تقدس حاصل ڪندي ڏٺو، جنهن جي حفاظت لاءِ ان کي هڪ پنڃري اندر رکيو ويو، تان جو هن اهو به ڏٺو ته اهو جاندار آهستي آهستي پنهنجن عضون جي استعمال جي قوت ۽ ڪم جي صلاحيت وڃائي ويٺو ۽ هڪ اهڙو مردو بڻجي ويو، جيڪو پاڻ کي هر ايندڙ ۽ ويندڙ جي حملي کان بچائڻ ۽ ڪنهن به واڌاري ڪرڻ جهڙو باقي نه رهيو.
    هن ڏٺو ته هر هڪ اداري کي، جيڪو قائم ۽ شروع ڪيو ويو هو، اڃا به وڌيڪ سڌاريو ۽ وڌايو پئي ويو. هن ڏٺو ته مغرب جا ماڻهو واپار ۽ سير و سفر ڪرڻ ۾ مصروف آهن، وڏيون وڏيون مشينون هزارين ڪتاب شايع ڪري رهيون آهن ۽ لتاڙيل ۽ ظلم جا ستايل غلام جيئن پوءِ تيئن آزاد ٿي رهيا آهن، ۽ مرڪزي ماڻهن طرفان شروع ڪيل هر هڪ شعبي ۾ جيڪا تفتيش شروع ڪئي ويئي هئي، سا مغربي ملڪن جي ماڻهن طرفان جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ جوش و خروش ۽ جذبي سان اڳتي وڌائي پئي ويئي.
    هن ڏٺو ته مغرب ۾ مرد ۽ عورت ٻنهي لاءِ تعليم لازمي بنائي ويئي هئي ۽ ساڳئي وقت هن ”مساوات“ ۽ ”اخوت“ جو نعرو بلند ٿيندو ٻڌو، جنهن جو پڙاڏو اُتي ٻڌجڻ ۾ پئي آيو.
    هن ڏٺو ته علم ۽ جھاڻ لاءِ جيڪا تلاش ٿي رهي هئي، تنهن جي جواب ۾ انسان کي قدرت جي قوت ۽ طاقت جي ذريعن جي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پوشيده رازن ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ انعامات ملي رهيا هئا، ۽ هن ائنگلوسئڪسن نالي هڪ اهڙي قوم ڏٺي، جيڪا قديم جي خلاف احتجاج ڪندڙن جي پهرين صف جي منڍ ۾ هئي ۽ جديد کي قبول ڪرڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ آماده هئي، هن انهيءَ قوم کي غلاميءَ جي رواج کي ختم ڪندي ۽ عورت جي انفراديت کي تسليم ڪندي ۽ کيس پنهنجي علحده ملڪيت ۽ جائداد رکڻ جا حق ڏيندي ڏٺو. پر پوءِ هن اوچتو انهيءَ نظاري ۾ تبديلي ايندي ڏٺي، هن هڪ اهڙو ماڻهو ڏٺو، جيڪو اهو اعلان ڪري رهيو هو ته اسين سڀ باندر جو اولاد آهيون.جيتوڻيڪ انهيءَ نظريي ۾ ڀوري ڇوڪريءَ لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هئي، پر ان جي باوجود انهيءَ خيال سڄي مغرب جو توازن بگاڙي ڇڏيو، ۽ اتان جي ماڻهن جي دلين ۾ اهو خيال گهر ڪرڻ لڳو ته اهي سڀ ڀولڙا آهن، ۽ جيئن ته ڀولڙن کي خدا جو ڪو خيال ڪونه هو، ۽ ان هوندي به اهي زنده هئا، ۽ گذارو ڪري رهيا هئا، ان ڪري سندن لاءِ به خدا جي وجود ۾ عقيدو رکڻ ڪا ضروري ڳالهه ڪانه هئي.
    اُهي ائين چئي رهيا هئا ته جيڪڏهن اهي ڀولڙن ۽ باندرن وانگر کائي پي، وڙهي جوڙي ۽ نسل پيدا ڪري رهيا هئا، ته هنن لاءِ بس ايترو ڪافي هو، ۽ ائين ڪندي جيڪو ڏاڍو، سو گابو، ۽ پنهنجي مرضيءَ جو مختيار هو.
    هڪ ڄڻي چيو، ”زندگيءَ جي بقا لاءِ جدوجهد“، ته ٻئي وري ائين چيو، ”ڏاڍو سو گابو.“
    ٽئين ڄڻي وري ائين پئي چيو ته ”اخلاقيات پوڙهين عورتن جي تخليق آهي، جيڪي پنهنجو بچاءَ پاڻ نه ٿيون ڪري سگهن.“
    هن هر قسم جون تباهي آڻيندڙ مشينون ۽ ڪلون ڏٺيون، هن اهڙا جهاز به ڏٺا، جيڪي خونخوار شارڪ مڇين وانگر پاڻيءَ جي هيٺان هلي رهيا هئا، ۽ ڪي ٻيا جهاز وري هوا ۾ پرواز ڪندڙ شڪاري پکين وانگر اڏامي رهيا هئا، هن تباهي ۽ بربادي آڻڻ جا هزارين ٻيا عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز اوزار به ڏٺا، جن جي آڌار تي مغرب جو انسان پنهنجي طاقت ۽ اهميت جي نشي ۾ مدهوش نظر اچي رهيو هو. هن انهن مان هر هڪ کي، پاڻ مان ٻين کي ختم ڪرڻ لاءِ، هڪٻئي جا گلا پڪڙيندي ڏٺو ۽ انهن جي قبضي ۾ جيڪي به اوزار هئا، تن مان هر هڪ اوزار کي هڪ ٻئي جي مٿي ڦاڙڻ لاءِ اڇلائي رهيا هئا.
    هنن هڪ ٻئي کي ختم ڪرڻ لاءِ پاڻيءَ جي هيٺان، ۽ زمين جي مٿان وار پئي ڪيا، تان جو سڄو مغرب لاشن سان ڀريل ڪنهن جنگ جو ميدان نظر اچڻ لڳو، ان کانپوءِ هن ماڻهن کي ڳوڻين جي ڪپڙي ۽ رک ۾ ٿڦيل ڏٺو.
    بهرحال، هن جيڪي ڪجهه هاڻي پئي ڏٺو، سو دل کي ڪجهه ڏڍ ڏيڻ لاءِ ڪافي هو. هن ڏٺو ته هڪ ”قُقنَس“ پکيءَ وانگر، جيڪو پنهنجي سڙيل جسم جي رک مان وري زنده ٿي اٿندو آهي، جسماني محنت ۽ پورهئي جو قدر ۽ قيمت تسليم ٿي رهي هئي ۽ هٿ جو پورهيو ڪندڙ ماڻهو ان کي معزز ۽ محترم انسانن طور پنهنجو قدر ۽ قيمت ڪرائي رهيا هئا.
    هن ڏورانهين الهندي ۾، هڪ عظيم قوم ڏٺي، جنهن شرابخوريءَ کي يڪسر ممنوع قرار ڏيئي ڇڏيو ۽ افراد جي انهيءَ حق کي تسليم ڪيو ته جيڪڏهن کين اهڙي خواهش هجي، ته اهي شاديءَ وهانوَ جا تعلقات ختم ڪري ڇڏين.
    پر هن ڏاڍي افسوس سان ڏٺو ته مجموعي طور روح ۾ ڪا خاطر خواه تبديلي وري به ڪانه آئي. علم ۽ ڄاڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ اڃا به جاري هئي، پر اها سڄي فقط شخصي مقصدن ۽ شخصي طاقت حاصل ڪرڻ لاءِ هئي. انهيءَ ڳولا جو اصلوڪو مقصد ۽ صحيح رستو گم ٿي ويو آهي.
    هن کي هاڻي اهو سڄو نظارو ائين نظر اچڻ لڳو، جيئن ڪا هڪ تمام وڏي ۽ اٿاهه مشين هجي، جنهن جا بريڪ ۽ ڦري گَهري سگهڻ وارا اوزار ڀڄي پيا هجن، ۽ جيڪا انهيءَ ڄاڻ کانسواءِ نهايت تيز رفتاريءَ سان هلي ۽ ڊوڙي رهي هئي، ته اها ڪيڏانهن وڃي رهي هئي، حالانڪه اها سڄي اکيون جهانورائيندڙ تيز برقي روشناين سان جرڪي ۽ چَمڪي رهي هئي. انهيءَ ۽ طاقتور خطرناڪ مشين جي ور وڪڙ کائيندڙ حرڪتن کان دهشت زده ٿي، ڀوري ڇوڪري وٺي اتان مٿئين طرف ڀڳي ۽ اوچتو ئي اوچتو هن پاڻ کي پنهنجي پراڻي ساهيڙي، ڪاري ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ڏٺو.

    * * *

    ”اوهو، توکي هن ڇانوري ۾ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي!“ ڀوري ڇوڪريءَ هن کي چمي ڏيندي چيو، ”مون کي ته هاڻي خوف محسوس ٿيڻ لڳو هو.“ ۽ هن کي پيار ڀرين نظرين سان ڏسندي ڀوري ڇوڪريءَ وري چيو. ”ڇا، اسان کي انهيءَ عظيم ڊراما نويس جي شڪرادائي ڪرڻ لاءِ سبب ڪونهي، جنهن کانسواءِ اسان کي، توکي هن هنڌ پنهنجي وچ ۾ ڏسڻ جي خوشي جيڪر نه ملي ها؟ پر ٻڌاءِ ته سهي، ته جڏهن کان وٺي آءٌ پنهنجي هن سفر تي نڪتي آهيان، تڏهن کان تون مون کي ياد به ڪندي رهي آهين يا نه؟“
    ”چئين ڇا ٿي؟“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”اڙي آءٌ ته توکي خاص طرح انهيءَ وقت کان وٺي وڌيڪ ياد ڪري رهي آهيان، جڏهن کان مس ويسٽ منهنجي پياري ڊرامه نويس سان ناراض ٿي هلي ويئي. انهن ٻنهي جي درميان هڪ نُڪتي تي اختلاف راءِ نظر اچي رهيو هو، هن کيس چيو ته جنهن طريقي سان هن خدا کي ڳولڻ پئي چاهيو، تنهن سان هو کيس هرگز نه ملي سگهندو، پر ٻئي طرف هوءَ اها دعويٰ ڪري رهي هئي ته کيس خدا هر هڪ انسان جي اندر موجود ملي ويو هو.“
    ”جيڪڏهن اها ڳالهه آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ته پوءِ هوءَ واقعي ڏاڍي خوش نصيب آهي. اهو تجربو ڪهڙو نه حيرت انگيز هوندو، جو هر هڪ سان، خواه هو ڪهڙو به گهٽ درجي جو هجي يا ڪيترو به خسيس هجي، عزت ۽ احترام سان ملجي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ خدا موجود آهي. مون کي يقين آهي ته هاڻي هن جي نقطه نگاهه ۾ تبديلي آيل هوندي ۽ هوءَ دنيا کي بدليل نگاهن سان ڏسندي هوندي.“
    ”پر تون ته ٻڌاءِ،“ ڪاري ڇوڪريءَ پڇيو، ”ته تون هيڏو سارو وقت ڪٿي هئينءَ؟“
    ”اهو هڪ ڊگهو قصو آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي گهٽ ۾ گهٽ هڪڙيءَ هن ڳالهه جي ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي، جو مون کي اڳي کان وڌيڪ تنهنجو قدر ٿيڻ لڳو آهي، ڇاڪاڻ ته ٿورڙي به عقل ۽ فهم وارو ماڻهو توهان جي اوليت کان انڪار ڪري نٿو سگهي. توهان کان سواءِ، اسان جو وجود نه هجي ها. توهان ڌرتيءَ جي پيدا ڪندڙ جو پهريون اولاد آهيو، ۽ ٻين سڀني کان وڌيڪ سندس لاڏلا آهيو. هن پنهنجي سموري طاقت جو ست توهان تي صرف ڪيو، ابتدا ۾ تنهنجا وڏا ئي انسانذات جا روحاني رهبر هئا، شل سندن عظمت ۾ اضافو ٿئي! توڻي طاقت ۽ اقتدار بظاهر انهن جي هٿن کان ٻاهرنڪرندو پئي نظر آيو، تڏهن به دنيا ٻين سڀني کان انهن جي وڌيڪ ڳولائو هئي. مغرب توڙي مشرق جي ماڻهن، ڪنهن پراسرار سبب کان، کين ئي وڌيڪ پئي تلاش ڪيو. هنن پاڻ کي هن اصول جو مثال بنائي ڇڏيو ته ”اهي ئي ماڻهو سڀني کان بهترين ٿين ٿا، جيڪي ’خدمت‘ ڪن ٿا. انهن جي قوت، سندن حيرت انگيز صبر، سندن اعتقاد ۽ ايمان کي هرطرف کان تسليم ڪيو ويو، ۽ اهڙيءَ طرح خدمت جو تاج سندن ئي مٿي تي وڃي ڪريو. ڪنهن کي ڪهڙي خبر؟ مون کي ته اهڙو احساس آهي ته اڄ جيڪي نيچ ۽ ڪريل آهن، سي ڪنهن وقت بلند ڪيا ويندا، ۽ ڪير ٿو ڄاڻي ته اڄ جن کان نفرت ڪئي پيئي وڃي، سي ئي ڪنهن ڏينهن پيڙهه جا پٿر بڻجي وڃن.“ پر مون کي ته ٻڌاءِ“ هن گفتگوءَ جو موضوع بدلائيندي پڇيو، ”ڪهڙو سبب آهي، جو آءٌ توکي پنهنجي گهر کان هيڏو دور هت پئي ڏسان؟“
    ”ڇا، توکي معلوم ناهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”ته هتي ئي بلڪل ويجهڙائيءَ ۾ هڪ وڏو اجتماع ٿيڻو آهي؟ سڄي دنيا جا پير پيغمبر ۽ عظيم انسان هت اچي گڏ ٿيڻا آهن؟“
    ”ته ڇا، اها به هڪ وڌيڪ امن ڪانفرس آهي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”ها، چاهين ته ائين ئي کڻي سمجهه،“ سندس ساهيڙيءَ جواب ڏنو، پر هيءَ صحيح معنائن ۾ امن ڪانفرنس هوندي، ۽ نه انهن مان هڪ، جيڪي جنيوا ۾ منعقد ڪيون وينديون آهن، جتي فقط هڪ ئي سوال درپيش هوندو آهي ته انسانن کي ڪهڙيءَ طرح مارجي، جيوڙن، زهريلي گئس يا هوائي بمن منجهان ڪهڙي طريقي کي وڌيڪ ترجيح ڏجي؟“
    ”ڪهڙي نه دلچسپيءَ واري خبر ٻڌايئه!“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”هن ئي گهڙيءَ منهنجي هٿ ۾ اهو ئي هڪ ڪتاب موجود آهي، جيڪو فرمائي ٿو ته ڪنهن به ڳالهه جي ”عرفان“ حاصل ڪرڻ جو هڪ ئي ممڪن رستو اهو آهي ته اسين سڀني عظيم انسانن ۽ سندن ڪتابن ۾ اعتقاد رکون. چنانچه آءٌ توسان گڏجي اوڏانهن هلڻ ۾ خوشي محسوس ڪنديس، پر اَلا، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو مس ويسٽ به هن وقت اسان سان گڏ هت موجود هجي ها، هوءَ ڏاڍي خوبصورت ۽ هوشيار عورت آهي.“ ائين چئي هوءَ زمين تان اٿي ۽ پوءِ ٻيئي سهيليون گڏجي پنهنجي منزل طرف روانيون ٿيون.
    ٿوريءَ ئي دير ۾ ٻيئي ڄڻيون انهيءَ عجيب و غريب جاءِ جي سامهون اچي پهتيون. پري کان ئي کين جلسه گاهه ۾ داخلا واري صدر دروازي جي ڪمان هڪ پراسرار ۽ ستارن جهڙي روشنيءَ ۾ جهلڪندي نظر اچي رهي هئي، ۽ جيئن ئي اهي ان جي قريب پهتيون، ته کين هڪ پروفيسر مليو، جنهن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جيڪو هو هر ڪنهن کي ڏيکارڻ لاءِ آتو پئي نظر آيو. هن جي انهيءَ ڪتاب جو موضوع هو: ”ڇا، مسيح جو ڪڏهن وجود به هيو؟“ هو پنهنجي موضوع جي انهن وضاحتن ڪرڻ ۽ سمجهاڻين ڏيڻ لاءِ ڏاڍو ڳالهائي رهيو هو ته ”نزريٿ (Nazareth) واري جو ڪڏهن وجود ئي ڪونه هو، ۽ هن جي اها ڳالهه ٻڌي ڪاري ڇوڪريءَ بي اختيار ٿي پڇيو، ”ته پوءِ ڀلا بائيبل (انجيل) ڪنهن لکيو؟“
    ”اها ڳالهه آهي!“ پروفيسر چيو، ”تون اسڪول ۾ پڙهي آهين، بائيبل ته فقط انهيءَ يسوع جي خيالي ۽ فرضي سوانح حيات آهي، جيڪو ڪڏهن هيو ئي ڪونه، ۽ ان ۾ صدين کان وٺي بعد ۾ آيلن طرفان سندن عقل ۽ فهم مطابق هڪ ٻئي پٺيان ڪيئي تبديليون ۽ درستيون ڪيون ويون آهن.“
    ”ڇا؟“ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”توهان جو اهو مطلب آهي ڇا، ته سڀ جا سڀ قديم مذهبي ڪتاب غيرمعتبر آهن؟“
    ”يقيناَ“، پروفيسر جواب ڏنو، ”توهان کي انهن منجهان ڪنهن به ڪتاب جي تاريخ يا مصنف جو ڪو نالو نشان نظر ڪونه ايندو. اهي سڀ ڪن اهڙن ليکڪن سان منسوب ڪيل آهن، جيڪي انهن جا مصنف ٿي ئي نٿا سگهن.
    ”اصل لکندڙن پنهنجن ڪارنامن جو قدر و قيمت وڌائڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ديو مالائي شخصيت جي پٺيان پاڻ کڻي لڪايو آهي. پوءِ انهن ۾ هڪ کان ٻئي زماني تائين اضافن مٿان اضافا ڪيا ويا آهن. ڇا، توهان مهاڀارت ۽ ڀڳوت گيتا پڙهيا آهن؟ (اهي پڙهندا ته) پوءِ توهان کي سمجهه ۾ ايندو ته منهنجو مطلب ڇا آهي. ان کان علاوه، ڇا، اهي ماڻهو، جن کي نبي ۽ پيغمبر سڏيو وڃي ٿو، ٻين ليکڪن يا شاعرن کان مختلف آهن؟“
    ”ٿي سگهي ٿو ته توهان صحيح چوندا هجو، مسٽر پروفيسر،“ هڪ اهڙي سنجيده ماڻهوءَ جو آواز آيو، جيڪو ڪنهن خاص ديس جو معلوم نه پئي ٿيو ۽ هن جي وطنيت جو سراغ ڪڍڻ ممڪن نظر نه پئي آيو، ”پر توهان پاڻ هڪ عام رواجي ليکڪ ۽ شاعر جي درميان امتياز ڪري رهيا آهيو، ۽ ڇا، توهان کي هن ڳالهه ڪڏهن به حيرت ۾ نه وڌو آهي ته دنيا جي سڀني وڏن وڏن شاعرن، فيلسوفن، سائنس دانن ۽ ليکڪن پاڻ کي انهن مان ڪنهن نه ڪنهن جي پوئلڳن جي قطار ۾ شامل ڪيو آهي، جن کي توهان نبي سڏيو ها؟ جيسين ڪتابن جو تعلق آهي، سو انهن زمانه قبل از تاريخ جي ڪتابن مان گهڻن ۾ اضافا يقيناَ ڪيل آهن، پر اهي ڪن اهڙن احمقن ۽ بدمعاشن طرفان ڪيا ويا آهن، جن پاڻ کي اصل ليکڪن کان يا ته وڌيڪ عقلمند پئي سمجهيو يا جن پنهنجين ڪن ڳالهين کي انهن عظيم انسانن سان منسوب ڪري پنهنجو ڪو ذليل مقصد حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو، پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود انهيءَ جنگ ۾ ڪي اهڙا ظاهر نشان ۽ سنگ ميل ضرور موجودآهن، جن کي غلط نموني ۾ سمجهڻ ممڪن ئي ناهي ۽ جيڪي هڪ باشعور پڙهندڙ لاءِ سچ ۽ حقيقت جي اهڙي صاف نموني ۾ نشاندهي ڪن ٿا، جهڙي طرح ٻنپهرن مهل تيز چمڪندڙ سج جي روشنائي ڪندي آهي.“
    ”ها، عقيدتمندن لاءِ يقيناً،“ پروفيسر چيو، ”پر مون کي توهان ان باري ۾ مطمئن نه ٿا ڪري سگهو ته مذهب ۾ بقاداريءَ جو قدر يا قيمت آهي. خدا تعاليٰ کي ته گهڻو زمانو ٿيو، جو برطرفي جو پروانو ملي ويو. اسان کي ته جنهن چيز جي ضرورت آهي، سا فقط ’طاقت‘ آهي، جيڪا جنهن به طريقي سان حاصل ٿي سگهي، تنهن سان ضرور هٿ ڪجي. هيءَ دنيا طاقتورن جي ملڪيت آهي، باقي ٻيو سڀ، فقط ٻارن کي راضي ڪرڻ لاءِ ڏند ڪٿائن ۽ خيالي ڪهاڻين کان وڌيڪ ڪجهه ناهي.“
    ”مسٽر پروفيسر،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو. ”مون وٽ اجهو هي ڪتاب آهي، جنهن جي تاريخي تصديق، ناقابلِ ترديد آهي. اهو اڄ کان تيرهن سئو سال اڳي لکيو ويو هو، ۽ اهو چوي ٿو ته مسيح عليھ السلام ضرور ٿي گذريو آهي. تنهن ڪري آءُ سمجهان ٿي ته مون لاءِ اها ثابتي ڪافي آهي، ۽ مون کي شڪ ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ لاءِ اوهان جي ڪتاب جي ڪا ضرورت ڪانهي.“
    ائين چوندي، هن قدم اڳتي وڌايو ۽ ڪاري ڇوڪري هن جي پٺيان ويئي. داخلا واري دروازي جي ڀرسان هنن هر قسم جا ماڻهو جمع ٿيل ڏٺا. انهيءَ ميڙ ۾ اڪثر اهڙا ماڻهو شامل هئا، جيڪي يا ته فقط پروپئگنڊا باز يا اشتهار باز هئا، ته ڪي وري هروڀرو نوس نوس ڪندڙ واندا هئا ۽ ڪي سنسي ڳوليندڙ چلتي پُرزي قسم جا ماڻهو هئا. انهن ۾ ڪٿي ڪٿي، ڪي گنڀير قسم جا ماڻهو به موجود نظر اچي رهيا هئا. ڪي اُهي هئا، جيڪي پاڻ کي سائنسدان سڏائي رهيا هئا، ته ڪي عقليت جا عقيدت مند- پر ٻنهي ڇوڪرين جي خوشيءَ جي ان وقت ڪا حد نه رهي، جڏهن انهن اوچتو سفيد فام ڇوڪريءَ مس ويسٽ کي ڏسي ورتو.
    ”توسان هت ملڻ ۾ ڪهڙي نه خوشي ٿي آهي، اسين اجهو تنهنجي ئي باري ۾ ڳالهائي رهيون هيون سين،“ ڀوري ڇوڪريءَ هن سان هٿ ملائيندي چيو. ”ڳالهه اها آهي ته مون کي اچڻو ئي پيو،“ گوري ڇوڪريءَ جواب ڏنو، ”جيتوڻيڪ آءٌ ٻين ڪاروباري ڪمن ۾ حد کان زياده مصروف هيس، پر ان جي باوجود ماڻهو ههڙي موقعي مان فائدي وٺڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهي. واپار کي مشهوري گهرجي، ۽ توهان کي پنهنجي پرچار ڪرڻ لاءِ ههڙي عظيم الشان بين الاقوامي اجتماع کان بهتر ڪو ٻيو موقعو ملي نه ٿو سگهي، جنهن ۾ دنيا جون سموريون قومون هڪ هنڌ اچي گڏ ٿيون هجن.“
    ”خدا جي باري ۾ ڇا ٿيو؟ منهنجو ته اهو خيال هو ته تون به کيس تلاش ڪندڙن مان هڪ هئينءَ؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو.
    ”هائو“، گوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ پنهنجي ڪچيءَ ڄمار ۾ حيران هيس، پر پوءِ مون ڏٺو ته خدا خود منهنجي، تنهنجي ۽ ٻئي هر هڪ جي اندر ۾ موجود آهي.“
    ”ٺيڪ آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”تنهن جي معنيٰ ته تو هن کي سچ پچ ڳولي لڌو آهي، ۽ هاڻي توکي کيس تلاش ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو آءٌ به اهڙي خوش قسمت هجان ها! پر آءٌ هن کي جيئن ئي وڌيڪ تلاش ڪريان، تيئن هو مون کي گهٽ کان گهٽ ٿو هٿ اچي، ۽ آءٌ اڳي کان به وڌيڪ ٿي منجهي پوان. پوئين ماڻهوءَ، جنهن کان مون خدا جي متعلق پڇا ڪئي، مون کي چيو ته هن کي ڳولي لهڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي ۽ ان لاءِ ماڻهوءَ کي اڳ ۾ ٻاهرئين کي ۽ پوءِ اندرئين (خدا) کي ڳولڻو پوندو.“
    ”هن مون کي ٻڌايو ته ٻاهريون به اهڙو ئي اهم آهي، جهڙو اندريون ۽ ان کي ائين ئي ڏسي نه ٿو سگهجي.“
    ”ڏس نه، مون کي هاڻي انهن پيچيدگين ۾ پوڻ جو وقت ڪونهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ”هن وقت ته آءٌ پنهنجي ڪاروباري ڪم ۾ ڏاڍي مصروف آهيان.“
    ”تون سچي آهين،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي به هاڻي باغ جي کوٽائي ڪرڻ ۽ پنهنجن ٻچڙن جي سار سنڀال لهڻ ۾ سک ملي ويو آهي، ۽ هاڻي منهنجي دل ۾ اهو جوش ۽ جذبو ڪونهي، جيڪو انهيءَ وقت هو، جڏهن مون خدا، جي تلاش شروع ڪئي هئي. ماڻهو وڏي ڄمار سان ٿڪجي پوي ٿو، پر پوءِ به فرصت جي گهڙين ۾ منهنجا خيال مسلسل طور منهنجي پراڻي تلاش ڏانهن وري وري موٽن ٿا، ۽ آءٌ انهن کان بلڪل ئي جند ڇڏائي نه ٿي سگهان. حالانڪه اجهو هن گهڙيءَ به منهنجا ننڍڙا ٻچڙا منهنجي لاءِ روئيندا هوندا.“
    انهيءَ موقعي تي هنن سان هڪ اهڙو ماڻهو مليو، جيڪو هڪ مذهبي پيشوا پئي معلوم ٿيو. جڏهن هن جي نظر انهن ٽنهي ڇوڪرين تي پيئي، تڏهن هن انهن کي پاڻ ڏانهن سڏيو. ”معاف ڪجو، جيڪڏهن توهان کي اعتراض نه هجي، ته مهرباني ڪري ڪجهه دير لاءِ ترسو. آءٌ توهان کي خدا جي متعلق ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو، جو آءٌ سمجهان ٿو ته توهان انهيءَ مقصد لاءِ ئي هت موجود آهيو.“
    ”آءٌ ڀانيان ٿي ته توهان سان هن کان اڳ منهنجي ملاقات اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿي آهي ۽ آءٌ توهان کان ڪجهه ”شيئرن“ جي باري ۾ راءِ وٺڻ کي بهتر سمجهان ٿي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو.
    ”اوه، اها بلڪل ٻي ڳالهه آهي“، انهيءَ ماڻهوءَ کلندي چيو. ”آءٌ پنهنجا راز توهان کي ڏئي نه ٿو سگهان- في الحال ڪو به اشارو نه ملندو.“
    ”ته ائين آهي، “ گوري ڇوڪريءَ خنڪيءَ سان چيو، ”توهان پنهنجي خدا جي متعلق ته سمورا راز ڏيڻ لاءِ تيار آهيو، پر ڪاروبار متعلق پنهنجا راز ظاهر ڪرڻ لاءِ آماده نه آهيو.“
    ”ائين ئي آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ ان مهل چيو، جڏهن ٽيئي ڄڻيون انهيءَ ماڻهوءَ کي ڇڏي اڳتي وڌيون، ”مون کي اهڙا ڪيئي ماڻهو مليا آهن، جيڪي خدا کي سڀ کان وڌيڪ سستي شيءِ سمجهن ٿا، ۽ پوءِ اهي اٻوجهه ماڻهن کي ڦاسائڻ لاءِ خدا جي نالي جو هڪ ڄار ٺاهي هلن ٿا. انهيءَ طرح سان مون کي ته قديم زماني جا ماڻهو وڌيڪ پسند آهن، جيڪي ٻين ماڻهن طرفان سندن ديوتائن جي پوڄا کي ناپسند ڪندا هئا ۽ پنهنجن ديوتائن کي پنهنجو بهترين خزانو سمجهي، غيرن کي پنهنجي انهيءَ حق تي دخل اندازي ڪرڻ جي اجازت ئي نه ڏيندا هئا.“
    هنن کي پنهنجي ساڄي پاسي کان هڪ اهڙو مقدس صورت وارو ماڻهو نظر آيو، جيڪو ڪنهن گرجا جو وڏو عهديدار معلوم ٿي رهيو هو. هو مختلف مذهبن جي اهڙن اجتماعن جي خلاف وڏي رد ڪد سان ۽ وڏي واڪي ڳالهائي رهيو هو، جن کي هو پنهنجي خيال ۾ شڪي نوعيت جو سڏي رهيو هو.
    ”هيءَ ته بلڪل اجائي ڳالهه آهي“، هن چيو، ”جديد دور جي هيءَ ديوانگي يا ته هڪ مذهب سچو آهي، يا ٻيو. هي ماڻهو مذهبن جو مذاق بنائي رهيا آهن. ڪو به ماڻهو پنهنجن عملن جي ڪري بچي نه ٿو سگهي. نجات فقط ”نزريني“ جي رت جي ذريعي سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي.“
    اتي وري هن جي ڀر ۾ بيٺل هڪ ٻئي ماڻهوءَ وچ ۾ پئي ڳالهايو. ”تو کان اهو عظيم انسان وسري ويو آهي، جنهن توهان کي اهي ڏهه فرمان ڏنا، جن کانسواءِ توهان جو سمورو جديد عهدنامو بي معنيٰ ٿي پوي ٿو. دنيا جيڪي به نبي ڏٺا آهن، تن سڀني ۾ انهيءَ کان عظيم تر رتبي وارو نبي ڪونه ٿي گذريو آهي.“
    پوءِ وري هڪ ٽئين ماڻهوءَ ڳالهايو، جيڪو هنن جي اڀرندي پاسي کان بيٺو هو: ”توهان سڀ ئي مذاق ڪري رهيا آهيو. هڪ ئي سچو مذهب ويدن وارو آهي. خود توهان جا اڳواڻ به قديم زماني جا هندستاني هئا، جن جون آتمائون توهان جي ملڪن ڏانهن لڏي وڃي پهتيون آهن.“
    ڇوڪرين ڏٺو ته هاڻي هڪ گهڙيءَ ۾ اجهو ٿو فساد برپا ٿئي ۽ ڄاڻ ٿا هي سڀ هڪٻئي جون ڳچيون پڪڙين، انهيءَ ڪري هو ڪنهن ناخشگوار واقعي جي رونما ٿيڻ کان اڳي ئي، اتان جلدي جلدي وک وڌائي جلسه گاهه جي صدر دروازي اندر داخل ٿيون. پر هنن ڏٺو ته سندن داخلا رستي جي تنگيءَ ۽ سوڙهه سبب روڪيل هئي. اتي هنن کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”جهڪي هلو، جيڪڏهن اندر داخل ٿيڻ جي مرضي اٿوَ،“ ۽ جيئن ئي هنن ائين ڪيو ته اهو رستو وڌي تمام ويڪرو ٿي ويو ۽ هو آسانيءَ سان اندر داخل ٿي ويون. اڃا هو اندر داخل مس ٿيون ته هڪ ماڻهو اڳتي وڌي سندن آجيان ڪئي. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪتاب هو، جنهن جي ٻاهرئين جلد تي ان جو نالو هن طرح لکيل هو، ”خالص عقل تي تبصرو.“
    ”مون کي خوشي آهي، جو توهان ٽيئي گڏ آيون آهيو،“ هن فضيلت سان چيو، پر هنن جي اکين آڏو جيڪو انهيءَ مهل منظر هو، تنهن کين بلڪل حيران ڪري ڇڏيو. هنن کي اها توقع هئي ته اتي ڪو احاطو يا ڪو وڏو هال هوندو، پر هن کي نه ڪي ڀتيون نظر آيون ۽ نه ڪنهن قسم جون حدون، اُتي ته هڪ لامحدود وسيع ميدان هو. هنن جي تخيل ۾ جيڪي به سمائجي پئي سگهيو، سو ان وقت سندن نظرن جي سامهون موجود هو. هنن کي سندن قدمن هيٺان گلن ڦلن سان ڀريل ساوڪ نظر آئي، جيڪا هر قسم جي ٽڙيل گلن سان ڀريل هئي، جيڪي هنن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ اڳي ڪڏهن ڏٺا به هئا، ۽ نه به ڏٺا هئا.
    هڪ قديم بڙ جو وڻ، جيڪو پنهنجين انهن ڌيئرن جي وچ ۾ بيٺو هو، جيڪي ان جي پاڙن منجهان ڦُٽي نڪتيون هيون، ان مهل هنن کي سڀني کان وڌيڪ قريب هو. ان کان پوءِ شاهه بلوط جا پراڻا وڻ هئا، جيڪي پپر ۽ انجير جي وڻن جي پاسن اوسن کان بيٺا هئا. انب ۽ هسپانوي شاهه بلوط جا ڦل هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح مليا بيٺا هئا، جو انهن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري سڃاڻڻ مشڪل هو ۽ دور، تمام دور، بلند بالا کجين جا وڻ، جهڳٽن جي صورت ۾ توڙي اڪيلا هوا ۾ جهومندا نظر اچي رهيا هئا. هِتي هُتي، وڻن جي وچ ۾ مختلف رنگن ۽ شڪلين وارا جبل اڀري رهيا هئا، جن منجهان ڪن مان خوشبودار ٻاڦ نڪري رهي هئي ته ڪن مان وري صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جا چشما نڪري رهيا هئا، جن جي پاڻيءَ مان انهن پهاڙن جي چوڌاري تلاءَ ٺهي پيا هئا، جن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون رنگارنگي خوبصورت مڇيون، مرجان ۽ سِپيون تري رهيون هيون.
    تلائن جي ڪنارن تي نرگس گل ۽ ڪنول ٽڙي رهيا هئا ۽ چراگاهن ۾ مغرور گل لاله، مسڪين گل ۽ بنفشه گڏوگڏ هڪ ٻئي جي پاسي ۾ کڙيل هئا. مشرقي ملڪن جو موتي جهڙي رنگ وارو گل ياسمين خودرو گلن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺا هئا ۽ انهن جي درميان مختلف قسمن جا خوبصورت وڻ شان و شوڪت سان بيٺا هئا. سڀ ٻنيون ٻارا ۽ جهنگ جهر هر قسم جي چوپاين ۽ ننڍن وڏن قسمن جي ٻين جانورن سان ڀريا پيا هئا ۽ اُتي ئي عجيب و غريب رنگن وارا پکي پکڻ، سونهري رنگ واريون ٽنڊڻيون ۽ تڏيون ۽ سوين قسمن جا پوپٽ ۽ ماکيءَ جون مکيون پنهنجي پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هيون.
    رکي رکي صاف ۽ نيري آسمان ۾، ڪٿي ڪٿي ڪڪڙن جا ٽڪرا ٺهي پئي آيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهي تحليل ٿي غائب ٿي پئي ويا. ڪنهن مهل ڏکڻ جي هوا پاڻ سان گڏ گرمي ۽ خوشبوءِ کڻي ٿي آئي، ته اُتي ئي وري ڪنهن گهڙيءَ اتر جي هوا خوشگوار ٿڌڪار پهچائي رهي هئي. اجهو هاڻي مغرب جي هوا لڳي رهي هئي ته وري اتي ئي مشرق جي هوا جا جهوٽا پهچي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي پيار وچان هڪ ٻئي سان بغلگير ٿي رهيا هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ عبرتناڪ ڳالهه جيڪا ڇوڪرين ڏٺي، سا اها هئي ته انهيءَ هنڌ تي دائمي طور هڪ عجيب و غريب تبديلي اچي رهي هئي. ڪابه چيز ساڳيءَ حالت ۾ نظر نه پئي آئي ۽ نه وري ڪو زمين جو ٽڪرو ٻه دفعا ساڳي نوعيت جو نظر پئي آيو.
    سوين هزارين ماڻهو، جيڪي سڀني قسمن ۽ نمونن جا هئا، ۽ جيڪي انتهائي سياهه چمڪندڙ آبنوسي رنگ کان وٺي بي رنگ اڇن وارن ۽ اڇن ڀروُن وارا آلبينو نسل وارن تائين سڀ موجود هئا، سي سمورا انهيءَ جاءِ تي ڦهليل وسيع و عريض سائي ڇٻر وارن ٻارن ۾ گهمي ڦري رهيا هئا ۽ انهن ڪمانن جي هيٺان ٽهلي رهيا هئا، جيڪي وڻن جي شاخن پاڻ ۾ ملي ٺاهيون هيون.
    ان جي باوجود اتي سوڙهه يا گپا گيهه جو ڪو خيال به ڪونه هو، هر ڪنهن جي ڦرڻ گهرڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ ڪشادي جاءِ موجود نظر اچي رهي هئي. جهنگ مان پکين جي مٺين لاتين جي آواز سان گڏ، هڪ عجيب قسم جي موسيقي جي لئه مليل ٻڌڻ ۾ اچي رهي هئي. انهيءَ هنڌ سان جتي اهي ٽيئي ڇوڪريون بيٺيون هيون، هنن کي دور کان هڪ ڊگهي رستي جي ذريعي مليل هڪ اُڀريل ٿلهو ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ايترو بلند هو، جو پري کان سڀني کي نمايان طور نظر اچي رهيو هو. انهيءَ هنڌ جي زمين سائي ڇٻر سان ڍڪيل ٻاري جي بجاءِ، آسمان وانگر نيري نظر اچي رهي هئي، جنهن تي ستارن جا ذرا پرزا ٽڙيل پکڙيل هئا، جنهن جي اثر کان اهو هنڌ آسمان سان مشابهت رکي رهيو هو، ۽ انهيءَ هنڌ جي عين مٿان جيڪو آسمان هو، تنهن جو رنگ سچن موتين جهڙو سفيد معلوم ٿي رهيو هو، جيڪو ڪنهن تيز چمڪاٽ کانسواءِ بلڪل هلڪي ۽ ٿڌي روشنيءَ سان منور نظر اچي رهيو هو، ۽ اهو پنهنجي رنگ بدلائڻ کانسواءِ تمام گهري اونهائي تائين ساڳي نوعيت جو نظر ٿي آيو.
    ڇوڪرين ڏٺو ته انهيءَ عجيب و غريب هنڌ تي ڪيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا.

    * * *


    7

    هن وقت تائين اهي داخلا واري دروازي جي هنڌ تان اڳتي نه وڌيون هيون، جتي سندن آجيان ڪئي ويئي هئي.
    هاڻي هنن هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو آواز ٻڌي ڇرڪ ڀريو، جيڪو سندن پاسي ۾ بيٺو هو. هن چيو، ”منهنجو ته اهو عقيدو آهي ته انسان ذات جي اڪيلي اميد فن ۾ ئي آهي“، ۽ جيئن ئي ڇوڪرين منهن ورائي اوڏانهن ڏٺو ته منجهانئن ٻن ڄڻين هن کي هڪدم سڃاتو ته هو مشهور عظيم جرمن فيلسوف ۽ شاعر هو.
    ”هيءَ ته عظيم گوئٽي آهي“، ڀوري ڇوڪريءَ ان وقت چيو، جڏهن هڪ ٻئي ماڻهو، جنهن کي ڊگهي اڇي ڏاڙهي هئي، جواب ڏنو، ”هائو، خاص طرح جڏهن اهو خراب ۽ ناقص فن هجي.“
    ”هن کي ڪير نٿو وساري سگهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”هيءُ عظيم روسي آهي.“
    ”ڀلا اهڙين اگهاڙين تصويرن چٽڻ ۽ جذباتي گيتن ٺاهڻ“ عظيم روسيءَ تلخيءَ سان چيو، ”۽ بيهودي نظم لکڻ جو ڪم ئي ڪهڙو، جيڪي فقط انسان ذات کي ذلت ۽ ذلالت جي طرف گهلين ٿا. خاص طور جڏهن اسان کي خبر آهي ته اهي اسان جي شهواني جذبن کي ڀڙڪائڻ جي واضح مقصد سان تخليق ڪيون وڃن ٿيون.“
    ”آءٌ سمجهان ٿو ته منهنجو دوست سچو آهي،“ هڪ ٽئين ڄڻي چيو، جنهن کي ڀوري ڇوڪريءَ آرسٽن جي پٽ افلاطون جي نالي سان سڃاتو، جنهن سان هن جي واقفيت اڳيئي ٿيل هئي، ”مون پاڻ اهو ڏٺو آهي ته اسان جا اڪثر شاعر اسان کي تحت الثريٰ جي طرف گهلين ٿا.“
    ”هائو،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو، جنهن کي عربي چوغو پيل هو. ”پر ڪي شاعر اسان کي جنت جي طرف پڻ ڇڪي وٺن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ مون کي اها ئي ڳالهه ٻڌائي ۽ پڙهائي ويئي آهي.“
    گوري ڇوڪريءَ، جنهن کي انهيءَ ماڻهوءَ سان هڪ آمريڪي پروفيسر واقف ڪرايو هو، هن کي عرب فيلسوف ”غزاليءَ“ جي نالي سان سڃاڻي ورتو.
    ”هائو، آءٌ انهيءَ ڳالهه سان متفق آهيان“، روسي چيو.
    ”توهان سڀ هن حقيقت کي محسوس نه ٿا ڪريو ته سائنس، فن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نفع بخش ۽ فائديمند آهي.“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ چيو، جنهن کي ڀوري ڇوڪريءَ سڃاتو ته هو ”روگربيڪن“ هو. هن وڌيڪ چيو ته، ”سائنس سان مون کي هيڪاري وڌيڪ محبت هن ڪري آهي، جو مون اُها عربن وٽان سکي، ۽ انهيءَ ئي سبب جي ڪري مون کي ڪيترن ئي سالن تائين جيل ۾ بند رکيو ويو. پر هوڏانهن نهاريو،“ هن پنهنجي ڳالهه جو سلسلو ان مهل روڪي چيو، جڏهن کيس ٻه ماڻهو انهن جي طرف ايندا نظرآيا، ”اڙي، هي ته الحزن* آهي!“ وري گونٽي ٻئي ماڻهوءَ کي سڃاڻندي چيو، ”۽ هو نيوٽن آهي.“
    ”توهان بلڪل صحيح آهيو،“ انهيءَ ماڻهوءَ هاڻي ڳالهايو، جنهن ڇوڪرين جي دروازي جي اندر پهچڻ تي آجيان ڪئي هئي. ”حقيقت ته اها آهي ته حقائق جي مشاهدي ڪرڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا ئي ڳالهه ڪانهي. ماڻهو جذبي اڀرڻ جي انتظار ۾ هميشھ تائين ترسي ته نٿو سگهي، پر مشاهدي جي ذريعي حاصل ڪيل علم ۽ ڄاڻ به فقط خارجي مناظر سان واسطو رکي ٿي، اها حقيقت توهان کي به معلوم آهي ته مون کي به ،ته حواسن جي ذريعي سان حاصل ڪيل ڄاڻ اصل حقيقت تان پردو نٿي کڻي سگهي. توهان پاڻ کي ان وقت وڌيڪ مضبوط بنياد تي بيٺل محسوس ڪندا، جڏهن توهان پنهنجي علم جو بنياد خالص عقل تي رکندا.“
    ”توهان صحيح آهيو،“ عرب فيلسوف چيو، ”پر جيئن اوهان پاڻ ڏٺو ته خود عقل ناقص آهي. عقل وارو بيشڪ حواسن واري کان وڌيڪ اعليٰ ۽ رافع آهي، پر اعليٰ تر علم ۽ ڄاڻ لاءِ عقل کان علاوه ٻئي ڪنهن ذريعي کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏڻ زبردست غلطي آهي. گهڻو ڪري ’هڪ‘ اهڙو ذريعو ضرور آهي، جنهن جي ڀيٽ ۾ خود تعلقي ڄاڻ ۽ علم اهڙو ئي ناقص آهي، جهڙو اهو حواسن واري ڄاڻ کان وڌيڪ بلند ۽ بهتر آهي، تنهن ڪري توهان ڏسو ٿا ته منهنجا دوست، حقيقت هڪ پردي پٺيان نه، بلڪه گهڻن ئي پردن جي پٺيان پوشيده آهي.“
    ”عالمي عقل هڪ ئي اهڙي حقيقت ۽ سچائي آهي، جنهن کي اسين خدا چئون ٿا.“
    ”اِهو هيگل اٿئي،“ گوري ڇوڪريءَ سس پس ڪندي چيو ۽ وڌيڪ ڌيان سان هن کي ٻڌڻ شروع ڪيو، جڏهن هو ڳالهائي رهيو هو.
    ”۽ روح کي جڏهن واپس ڌڪي سندس ئي وجود جي اندر موڪليو وڃي ٿو، تڏهن اهو پاڻ کي انهيءَ لامحدود ۽ مطلق جوهر کان جدا ٿيل ڏسي ٿو ۽ اهو ئي ڌِڪيل انسان آهي.“
    غزاليءَ منهن ڦيرائي هن ڏانهن ڪيو ۽ مشڪيو، ”انهيءَ نموني ۾ ته اسين نه فقط عالمي روح کي، بلڪه عالمي جسم کي به خدا چئي سگهون ٿا،“ هن چيو. ”جيئن مون هن کان اڳي چيو ته حقيقت گهڻن ئي پردن جي پٺيان پوشيده آهي ۽ جنهن شيءِ کي اوهان عقل يا ڄاڻ چئو ٿا، سا انهن مان فقط هڪ ئي آهي. سچ ته اهو آهي ته خود دماغي دنيا جسماني ۽ طبعي دنيا وانگر مظاهر جي فقط هڪ شڪل آهي ۽ ممڪن آهي ته دماغي دنيا کان وڌيڪ ڪي ٻيا نمونا به هجن. پر جنهن ڳالهه کي آءٌ سمجهي نه ٿو سگهان، سا اوهان جي طرفان لفظ ”روح“ جو استعمال آهي.“
    ”اوهان مظاهر جي مختلف روپن جي متعلق جيڪي به چئي رهيا آهيو، تنهن سان آءٌ اتفاق ڪريان ٿو. مون پاڻ به ائين ئي محسوس ڪيو آهي،“ هڪ يهودي فيلسوف چيو، جنهن کي سڀني وڏي آسانيءَ سان سڃاڻي ورتو ته هو اِسپنوزا آهي.
    ”مون کي يقين آهي ته آقا ميمونائيڊس پڻ ساڳي طرح سمجهي ٿو،“ هن ائين چئي سندس پاسي ۾ بيٺل هڪ عالم قسم جي ماڻهوءَ کي ڏسي مرڪيو، جنهن پڻ جواب ۾ مشڪي چيو. ”بيشڪ، بيشڪ،“ ۽ ٻن قديم هندو فيلسوفن پڻ، جن مان هڪ کي ’بدريانه‘ ۽ ٻئي ’ڪپيلاَ‘ جي نالي سان خطاب ڪيو پئي ويو، ڪنڌ ڌوڻي هائوڪار ڪئي ۽ بدريانه چيو ته ”هائو، اهو واهمه، هڪ کان وڌيڪ شڪلين جي هڪ ٻئي جي مٿان پوڻ سبب پيدا ٿئي ٿو،“ ۽ ڪپيلا ٽيڪو ڏيندي چيو، ”تحقيق! چاهيو ته ان کي واهمه سڏيو، چاهيو ته نه- سائنس چئو، ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي.“
    ان کانپوءِ هڪ چيني فيلسوف نالي چوئانگنزو ڳالهايو. ”توهان سڀني جي خيال مان هيءَ ڳالهه نڪري ويل ئي معلوم ٿئي ته خالص ڄاڻ، محض خالص، عمل جي نتيجي طور ظهور ۾ اچي سگهي ٿي ۽ اهي ٻيئي هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح وابسته آهن،جو اهي جدائي جي ناقابل آهن.“
    ”اهو هڪ سٺو يادداشتنامو آهي،“ روسي فيلسوف رڙ ڪندي چيو، ”آءٌ اهائي ڳالهه هيترن ڏينهن کان وٺي چوندو رهيو آهيان، جڏهن لالچ ۽ ان جي نتيجي ۾ خون خرابو ۽ ٻيا سڀ ظالمانه عمل، جنهن کي توهان جنگ جي نالي سان سڏيو ٿا، بنان ڪنهن پڇتاءَ ۽ تردد جي ڪيا وڃن، تڏهن فن ۽ يا سائنس ڇا ٿا ڪري سگهن؟ انسان ذات کي وڌيڪ خالص ڄاڻ ۽ معرفت حاصل ڪرڻ جي لائق بنجڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجو اِهو نفرت ڏياريندڙ عمل ختم ڪرڻ گهرجي. ها، علم ۽ عرفان جي متعلق ڳالهائڻ به واهه جو ڪم آهي، جڏهن سوين هزارين ماڻهن کي کُڙيءَ جي هيٺان چٿيو ۽ قتل ڪيو پيو وڃي ۽ سندن وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ فاقه ڪشيءَ تي مجبورڪيو پيو وڃي.“
    ”پر ڏسو نه ٿا ته هزارين ماڻهو جيستائين اوهان جي کڙيءَ هيٺان ڪم نه ڪندا، تيستائين ڪنهن به رياست جو وجود برقرار رهي نه سگهندو؟“ هڪ عظيم يوناني فيلسو چيو، جنهن کي ارسطوءَ جي نالي سان سڏيو پئي ويو. ”ماڻهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ ڪمي ماڻهو نيڪيءَ يا علم ۽ ڄاڻ سان واسطو رکي نه ٿو سگهي. مون تي کڻي ڪيتري قدر به نڪته چيني ڪئي ويندي، پر آءُ ته پنهنجي انهيءَ راءِ تي ڄميو رهندس ته ٻانهپ هڪ دائمي تنظيم هئڻ گهرجي، پر ٻانهن ۽ غلامن کي سٺو کارائڻ گهرجي ۽ هر هڪ رياست ۾ لازمي طور واپاري ۽ ڪمي ڪاسبي طبقن جا ماڻهو هئڻ گهرجن، پر ها، انهن ماڻهن ۾ نيڪ بنجڻ جي توقع رکي نه ٿي سگهي. ۽ آءٌ ساڳيءَ طرح اڃا به اها راءِ رکان ٿو ته اسان جي هيءَ ڌرتي لافاني ۽ دائمي آهي، چاهي ٻيا کڻي ان باري ۾ ڪهڙي به متضاد ڳالهه چون.“
    ”اسان خانگي ملڪيت جي نظريي کي ئي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ هر ماڻهوءَ کي محنتي ۽ ڪمي ڪاسبي بنائڻ چاهيون ٿا، پر اوهان ائين ٿا سمجهو ته محنتي ماڻهن جو نيڪي ۽ چڱائيءَ ۾ ڪو حصو ٿي نٿو سگهي؟“ روسي چيو، ۽ انهيءَ مهل غزاليءَ جو آواز ٻيهر ٻڌڻ ۾ آيو. ”ها منهنجا دوست، اوهين درست آهيو،“ هن چيو، ”اسين ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان قوت تائين نيڪي ۽ چڱائيءَ جو مالڪ نه سمجهندا آهيون، جيسين هو محنت ۽ مشقت ڪندڙ ناهي، جيتوڻيڪ آءُ ارسطو سان هِن حد تائين متفق آهيان ته هڪ غلام لاءِ پاڻ کي نيڪيءَ وارو انسان بنائڻ مشڪل مسئلو ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ائين ٿيڻ لاءِ پهرين ضرورت پنهنجي مرضيءَ مطابق عمل ڪرڻ لاءِ آزاد هئڻ جي آهي. عمل جي آزادي ۽ صحيح عمل ئي اوهان کي نيڪ بنائي سگهن ٿا.“
    ماڻهن کي کاڌ خوراڪ مهيا ڪرڻ ۽ سندن زندگين کي آسان بنائڻ واري ڳالهه سڀ ٺيڪ آهي،“ هڪ ٻئي ماڻهوءَ وچ ۾ ڳالهايو، ”پر ڇا، توهان ائين نه ٿا سمجهو ته توهان معاشي معاملن ۾ پنهنجي مداخلت جي ذريعي توهان هڪ اهڙو طبقو پيدا ڪري وجهندا، جيڪو پنهنجو وجود برقرار رکي سگهڻ جي گهٽ قابل هوندو ۽ جيڪو ٻيءَ طرح سان زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ٿڏجي ويندو؟“
    ”آءُ ڏسان ٿي ته اهو هربرٽ اسپينر آهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ۽ ان کان پوءِ هنن ڪاروپوتڪن جو نالو ٻڌو، جيڪو هڪ روسي عالم هو ۽ جنهن چيو، ”تهذيب ۽ تمدن جو بنيادي اصول باهمي امداد رهيو آهي، منهنجا دوستو، باهمي امداد، ۽ نه چٽاڀيٽي ۽ مقابلو، جيئن اوهان سمجهي رهيا آهيو.“
    ”هائو، هن کي انهيءَ ڳالهه جي يادگيري ڏياريو!“ هڪ ڪڙڪ ۽ سخت لهجي وارو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ”منهنجي دل ته ذري گهٽ هن کي گاريون ڏيڻ تي آماده ٿي رهي آهي، هو پنهنجي زندگيءَ لاءِ جدوجهد کي ته وساري نه ٿو سگهي، پر ان جي باوجود هو هيءَ سڌي سادي حقيقت ڏسي نه ٿو سگهي ته انساني ذهن جي صحت تي مختلف قوانين جو ۽ نه بدن جي صحت جو ضابطو آهي، ۽ انسان هاڻي حيوان نه رهيو آهي. پر هي سڀ پروفيسر، سندن يوناني استادن وانگر فقط لفظن جا مهاساگر آهن. اسان کي ته روشنائي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ شاعر جي قول جي ضرورت آهي،“ ائين چوندي هن گوئٽي ڏانهن ٽيڏيءَ نظر سان ڏٺو.
    ”اهو پڪ ئي پڪ ڪارلائيل آهي،“ گوري ڇوڪريءَ پنهنجين سهيلين کي چيو، ۽ پوءِ ٽيئي ڄڻيون اتان اڳتي وڌي ڪجهه پر ڀرو موجود هڪ ٻي دلچسپ جماعت طرف ويئون.

    * * *

    جيئن ئي اهي ايترو ويجهو پهتيون، جو سندن ڪنن تي آواز اچي سگهيو ٿي، ته هنن هڪ نوجوان کي قدرت جي حسن ۽ رعنائي ۾ ايتري قدر ته محو ٿي ڏٺو، جو حيرت زده ٿي هيئن چئي رهيو هو: ”هڪ حسين شيءِ دائمي خوشيءَ جو باعث آهي.“
    پوءِ هو هڪ بزرگ شخص جي اڳيان جهڪيو، جيڪو راڻي ايليزبيٿ جي زماني جي ڪاري لباس ۾ هو ۽ جيڪو هن ڏانهن اچي رهيو هو. هن اچڻ سان چيو، ”اهي ته ڏاڍا عجيب لفظ هئا.“
    ”۽ توهان جي عجوبن لاءِ ڇا چئجي،“ نوجوان جذبي وچان چيو.
    ”توهان جا اهي لفظ، ته دنيا ڪڏهن به ڳائڻ بندڪري نٿي سگهي، مون اوهان جون اهي دلڪش سٽون ڪيئي ڀيرا ڳايون آهن، مثال طور: ‎ ”ماڻهن کي هن دنيا مان هليو وڃڻ به اُئين ئي برداشت ڪرڻو پوندو، جيئن اُنهن کي هِتي اچڻ برداشت ڪرڻو پيو آهي، پختگي سڀڪجهه آهي!“ ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو دنيا انهن سٽن جي معنيٰ جو احساس ڪري سگهي ها! ۽ ها، توهان جي انهن حيرت انگيز لفظن جي عظيم حقانيت ڪيترا ڀيرا نه مون تي ظاهر ٿي آهي! ”عدم استقلال شروع ٿيڻ کان اڳي ئي غائب ٿي وڃي ٿو.“ ان کان پوءِ هن ذري گهٽ وجد ۾ اچي هيئن چوڻ شروع ڪيو:
    ”۽ توهان جون هي غير فاني سِٽون“:
    ”دنيا ۾ ڪو اهڙو ننڍي ۾ ننڍو گولو به ڪونهي،
    جيڪو پنهنجي گردش ڪندي، فرشتي وانگر نه ٿو ڳائي.
    اڃا به اهو ننڍڙن فرشتن جي آواز سان ڌڙڪي رهيو آهي،
    اهڙي هم آهنگي آهي غير فاني روحن ۾،
    پر جيسين هيءُ ناس ٿيندڙ مٽيءَ جو پوش ان کي،
    پنهنجي اندر وڪوڙي بيٺو آهي،
    تيسين اسين ان کي ٻڌي نٿا سگهون.“
    ”۽ اهو ڪهڙو انسان آهي، جنهن هيٺيون سٽون پڙهندي، هِن ڌرتيءَ جي فاني هئڻ جو احساس نه ڪيو آهي:
    ”ڪڪرن ۾ وڪوڙيل ٽڪريون، هي چمڪندڙ محلات،
    هي گنڀير عبادت گاهه، هي عظيم گولو خود،
    ۽ ٻيو سڀ ڪجهه، جيڪي به ان کي ورثي ۾ ملندو،
    سڀ گم ٿي ويندا.
    ۽ هن فاني رنگ برنگي جلوس وانگر،
    ڪومائجي ڦڪا ٿي ويندا،
    ۽ پنهنجي پٺيان ڪو نالو نشان نه ڇڏيندا،
    اسين سڀ اهڙي شيءِ آهيون، جنهن مان خواب ٺهيل آهن،
    ۽ اسان جي هِن مختصر زندگيءَ کي،
    بيخبري ۽ ننڊ وڪوڙي بيٺي آهي.“
    ”ڇا، تون اهو ٻڌين ٿي؟“ ڀوري ڇوڪريءَ پڇيو، ”هِتي ته اسان کي ارسطوءَ کان بلڪل مختلف ڳالهه ٻڌائي پيئي وڃي، جنهن جي دعويٰ اِها آهي ته هيءَ ڌرتي لافاني آهي.“ پوءِ هن ڦيرو کائي ڪاري ڇوڪريءَ کي چيو، ”مون کي ياد ٿو اچي ته توسان جيڪو هڪ خدا جو منڪر مليو هو، تنهن چيو هو ته شيڪسپيئر خدا جي وجود جو قائل ئي ڪونه هو، پر تون پاڻ پيئي ڏسين ته هومذهب بابت ڳالهائي رهيو آهي،پر ان جو روپ نئين زماني جو آهي.“
    ”ڏسو!“، نوجوان جوشيلي شاعر هاڻي چيو، ”اجهو منهنجو دوست شِلر پيو اچي. مون کي هن جو نظم ”زندگي حقيقت آهي“، اڃا تائين پوريءَ طرح ياد آهي، ۽ ان کان سواءِ، سندس ”نيو آرلينس واري ڪنواري،“ نالي نظم به پورو ياد آهي.“
    جنهن شاعر جي اهڙيءَ طرح تعريف ٿي رهي هئي، سو مرڪيو ۽ آهستگيءَ سان چيائين، ”توهان جي وڏي مهرباني، توهان جو اهڙيءَ خسيس ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ واقعي توهان جي وڏي نيڪي آهي.“
    ”آءٌ هن کي سڃاڻي ٿي سگهان ته اهو مِلٽن آهي،“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ هن جا پيچده زلف سڃاڻان ٿي. هن جون بي نور اکيون کيس ڏسي سگهڻ کان روڪي نه سگهيون، ۽ هن جي خود پنهنجي معذوريءَ تي لکيل نظم ڀلا ڪير وساري سگهندو.“
    ”بيشڪ،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ”اهي به خدمت ڪن ٿا، جيڪي صبر سان بيهي پنهنجي واري جو انتظار ڪن ٿا.“
    ”آءٌ ڀانئيان ٿي ته هن جي پٺيان جيڪو ماڻهو بيٺو آهي، سو والٽ وائيٽمن آهي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ”مون کي ته سچ پچ هن جو نظم، ”گاهه جا پن،“ ڏاڍو وڻندو آهي،“ ائين چئي هن ان جون سٽون پڙهڻ شروع ڪيون:
    ”آءٌ ساک سان ٿو چوان ته محبت کي انهيءَ کان وڌيڪ شيرين جهلڪن سان ڏسڻ شروع ڪيو اٿم، جيڪو محبت جو جواب ڏي ٿو.“
    مون کي قسم آهي ته مون بهترين حقيقت بيان ڪرڻ کان بهتر ڳالهه معلوم ڪري ورتي آهي ۽ اها ڳالهه هيءَ آهي ته ”بهترين حقيقت جو ڪڏهن به اظهار ئي نه ڪر.“
    ”مون کي خبر ناهي،“ گوري ڇوڪريءَ چيو، ”آءٌ انهيءَ محبت کي ترجيح ڏيندس، جيڪا محبت جو جواب نه ڏي.“
    انهيءَ وچ ۾ گوئٽي، عظيم روسي ۽ غزالي مجمعي ۾ اچي گڏ ٿيا ۽ پاڻ سان گڏ هڪ دوست کي وٺي آيا، جنهن کي روسي ٻين سان وڪٽرهيو گو جي نالي سان متعارف ڪرايو.
    ”هيءُ لي مِز ربيلس (Les Miserable’s) جو مصنف اٿئي، جيڪو واقعي فن جو هڪ عظيم شاهڪار آهي،“هن چيو، ۽ اتي اوچتو گوئٽي خوشيءَ وچان، انهن ڏانهن ايندڙ ٻن ماڻهن کي سڏ ڪيو، ”اوهو ڪاليداس! ۽ وِياس به!“ ۽ پوءِ هن انهن سان هٿ ملائي، وري ڪاليداس کي مخاطب ڪرڻ شروع ڪيو، ”مون کان اهي خوبصورت سٽون اڃان نه وسريون آهن، جيڪي توهان شڪنتلا جي عاشق جي واتان ادا ڪرايو ٿا:
    ”هوءَ خدا جي خالص خوشيءَ جو عڪس آهي،
    جنهن کي هن پنهنجيءَ تخليقي خيال ۾ مرتب ڪيو،
    آءٌ جڏهن کيس ڏسان ٿو،
    تڏهن هوءَ منهنجي تصور ۾ سمائجي وڃي ٿي،
    خدا ڪيڏو نه عظيم آهي، ۽ هوءَ ڪهڙي نه خوبصورت!“
    ”اوهان جي وڏي مهرباني، جو منهنجي ايڏي تعريف ڪري رهيا آهيو،“ ڪاليداس چيو، ”منهنجو ته اهو خيال هو ته آءٌ ايڏو پراڻو ٿي چڪو آهيان، جو ڪنهن جي دلچسپي جو مرڪز بنجي سگهان!“
    عين ان مهل شِلر ٻن قديم يونانين کي پاڻ سان گڏ وٺي پهتو ۽ گوئٽي کي چيائين، ”هي ڏسو اسان جي ايسچيلاس (Aeschylos) ۽ يورو پائيڊس (Europides) آهن، جن سان اوهان کي ايڏي محبت آهي.“
    ”سچ پچ ته مون کي انهن سان ڏاڍي محبت آهي،“ گوئٽي هن سان ڀاڪر پائيندي چيو، ”مون کي اوهان جي لاءِ جيڪو قدر آهي، تنهن جو اظهار ڪرڻ لاءِ ئي توهان جي آئفيجينيا (Iphyginia) کي مون نئين قالب ۾ پلٽيو هو،“ هن يورو فائيڊس ڏانهن نهاري چيو.
    اتي هن ڪجهه وڌيڪ شاعرن کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو ۽ چيو، ”منهنجن پراڻن دوستن، يعني مسلمان شاعرن جو هڪ سڄو ٽولو پيو اچي، جن ۾ رومي، حافظ ۽ عظيم محبتي ابن- فريد شامل آهن.“ هن هڪ ٻيو به شاعر ڏٺو، جيڪو ڪسر-نفسيءَ سبب ٻين جي پٺيان رهجي ويو هو، ۽ جنهن کي هو سڃاڻي نه سگهيو.
    ”اهو ڪير آهي؟“ هن پڇيو، ”آءٌ کيس سڃاڻان ته ڪونه ٿو، پر هن جي شبيهه ڏاڍي حيرت انگيز آهي.“
    پوءِ هن انهن ٽن جي آجيان ڪندي، روميءَ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ هن جي اکين ۾ ڏسي چيو، ”اوهان ئي مون ۾ ٻوٽن جي ڪايا پلٽجڻ بابت سوچڻ جو شوق پيدا ڪيو. مون جڏهن اوهان جون هي سٽون پڙهيون، ته هڪ نئين دنيا مون لاءِ کلي پيئي:
    ”انسان غير جسمي شين جي طبقي ۾ ظهور ۾ آيو،
    اتان کان هو ٻوٽن جي طبقي ۾ داخل ٿيو،
    طويل مدت تائين هو انهن منجهان هڪ ٿي رهيو،
    پوءِ هو ٻوٽن واري حالت کان نڪري حيواني طبقي ۾ آيو،
    پر کيس ياد نه رهي پنهنجي ٻوٽن جي زندگيءَ واري حالت، سواءِ هن ڳالهه جي، ته هو انهن لاءِ پاڻ ۾ رغبت محسوس ڪندو هو،
    خصوصاً بهار جي موسم ۾، ۽ مٺي مٺي خوشبوءِ ڏيندڙ گلن ٽڙڻ واريءَ مند ۾،
    ان کانپوءِ انسان کي حيواني حالت کان ڪڍي انساني حالت ۾ آندو ويو، پوءِ ڇالاءِ ڊڄجي ته موت اسان جو رتبو گهٽائي هيٺ ڪندو؟
    عين ممڪن آهي ته جڏهن آءٌ مران،
    تڏهن موٽي اچان هڪ مڪمل فرشتي جي صورت ۾؟
    رومي مشڪيو ۽ پنهنجي دوست جي سندس انهيءَ تعريف لاءِ شڪرادائي ڪئي، پوءِ گوئٽي وري ٻين کان چوٿين (ماڻهوءَ) نامعلوم شاعر جي متعلق پڇيو.
    اهو ٻڌي، ڀوري ڇوڪري، جيڪا هن کي سڃاڻي رهي هئي، اڳتي وڌي آئي ۽ گوئٽي کي چيائين ته هن جو نالو ”لطيف“ آهي، ۽ حق ته اهو آهي ته هن کي انهيءَ کان وڌيڪ ڄاتو سڃاتو وڃي، جيترو هو سچ پچ ڄاتل آهي، ۽ ائين چئي هن سندس هڪ بيت پڙهيو:
    ”نه ته خواهش جو ضابطو،
    نه خود فراموشيءَ جي جذباتي حالت جو،
    هاڻي مون سان ڪو واسطو آهي.“
    ”اها ته ڏاڍي دلچسپ ڳالهه آهي، “ گوئٽي چيو، ”ڇا توکي هن جي بيتن مان ڪي ٻيا به ياد آهن؟“
    اهو ٻڌي ڀوري ڇوڪريءَ وري پڙهڻ شروع ڪيو:
    ”جتي ڪا ’نه‘، ۽ ڪا ’ها‘، ۽ نه ڪا نيڪي ۽ نه ڪا بدي موجود آهي،
    جيڪا اڃا انسان جي ذهن جي رسائي جي دائري اندر آهي.
    پر جنهن جاءِ تي اهو حسن آهي،
    جنهن سان اسان کي شديد محبت آهي،
    اتي ڪنهن جي به نظر پهچي نه ٿي سگهي.“
    ان کانپوءِ هن وري چيو:
    ”مون کي هن جا اهي بيت بار بار ياد ايندا رهندا آهن، جيڪي هن پنهنجي ڊرامائي سُر ”سامونڊيءَ ۾ چيا آهن، ۽ جن ۾ هو چوي ٿو:
    ”ڏسجو، پنهنجي ننڍڙي ٻيڙيءَ کي روز تيل لڳائجو،
    جنهن کي هر دم انهيءَ پاڻي جو مقابلو ڪرڻو آهي،
    جنهن جي عين وچ ۾ اها بيٺي آهي.“
    ۽ هن جون اهي سٽون مون کي توهان جي انهن سٽن جي ياد تازي ڪرائينديون آهن، جيڪي توهان ”فاسٽ“ ۾ چيون آهن، جيڪو پنهنجي زندگيءَ جو مقصد حاصل ڪرڻ کانپوءِ چوي ٿو:
    ”فقط اهو ئي انسان آزادي ۽ زندگيءَ جو حق رکي ٿو،
    جيڪو انهن کي هر روز نئين سر حاصل ڪرڻ ڄاڻي ٿو.“
    ”واهه واهه،“ گوئٽي چيو، ”منهنجي دل ۾ هن جي وڌيڪ قريب اچڻ جي خواهش آهي.“
    ڀوري ڇوڪريءَ ڏٺو ته هاڻي شِلر اڳتي وڌي ٽن نون آيلن جي آجيان ڪري رهيو هو، جن مان هڪ ڄڻو ڪو مشرقي عالم نظر اچي رهيو هو.
    ”ڀلي ڪري آيا مونٽيسڪ ۽ گبن،“ هن چيو، ۽ انهن ٻن منجهان پهرئين ڄڻي پنهنجي ساٿيءَ جي هنن سان تعريف هيئن چئي ڪرائي، ”مون کي پڪ آهي ته توهان پاڻ هڪ تاريخدان هئڻ جي حيثيت ۾، هن عظيم انسان کي ضرور سڃاڻي رهيا هوندؤ. هي عظيم عرب تاريخدان ۽ تاريخ جي فلسفي جو پيءُ ابن خلدون آهي.“
    انهيءَ ڳالهه ڀوري ڇوڪريءَ جي دل ۾ وڏي دلچسپي پيدا ڪئي، جو هن انهيءَ عظيم انسان بابت گهڻو ڪجهه ٻڌو هو، پر هاڻي هن کي روبرو پنهنجي آڏو ڏسڻ وڏي مسرت جي ڳالهه هئي. اتي ڀوري ڇوڪريءَ ڏٺو ته ڪارلائيل (Carlyle) پڻ تاريخ دانن جي انهيءَ گروهه سان اچي گڏيو هو ۽ هن گوري ڇوڪريءَ کي هيئن چوندي ٻڌو:
    ”ڏس ته سهي، ته گوئٽي ڪيترن نه ماڻهن کي سڃاڻي ٿو. ذري گهٽ سڀني قديم دورن وارن، ۽ انهن سان گڏ جديد دور جي اڪثر ماڻهن کي به ڄاڻي سڃاڻي ٿو. مون کي هن جي ”نهر کي مخاطب ڪيل“ سٽن سان ڏاڍي محبت آهي، جن ۾ هو ان کان پڇي ٿو ته اها ڪٿان آئي آهي ۽ ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ وري نهر جو سڌو سادو جواب ڪهڙو نه وڻندڙ آهي:
    ”جنهن هستيءَ مون کي جبل جي وچان ڪڍيو آهي،
    سوئي، منهنجي خيال ۾، آئينده به منهنجو رهبر ٿيندو.“
    ۽ اتي ڀوري ڇوڪريءَ چيو، ”ڇا، هن جي ديوان واريون سٽون، اڄ عملي صورت ۾ هڪ حقيقت بڻجي سامهون نه اچي چڪيون آهن؟“
    ”جيڪو خود پاڻ کي ۽ ٻين کي ڄاڻي ٿو،
    سو اها ڳالهه به هتي ضرورڏسندو،
    ته مشرق ۽ مغرب ٻه ڀائر آهن،
    جيڪي هڪ ٻئي کان علحده ڪڏهن نه رهندا!“

    * * *


    8

    ”اچ ته اڳتي وڌون،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو. هيلتائين هنن مشرق توڙي مغرب جي شاعرن منجهان سوين وڌيڪ شاعر ڏسي ورتا هئا، جن ۾ عورتون خواه مرد ٻيئي شامل هئا ۽ انهن مان وڏي اڪثريت کي اهي سڃاڻنديون هيون. اهي سڀ اتان جي عجيب نظاري جي خوبصورتيءَ ۾ مگن هئا.
    هاڻي سموريون جماعتون انهيءَ بلند و بالا ٿلهي طرف وڌڻ لڳيون، جنهن تي ’نيلي آسمان‘ جهڙو قالين وڇايل نظر اچي رهيو هو. جيئن جيئن اهي اڳتي وڌنديون رهيون، تيئن هجوم اڳي کان وڌيڪ وڏو ٿيندو رهيو.
    هاڻي هنن جي ڪنن تائين موسيقيءَ جو هڪ حيرت انگيز آواز پهچڻ لڳو. هڪ گهڙيءَ ائين پئي محسوس ٿيو ته ڄڻ انهن وٽ دور دراز وڻن جي جهڳٽي ۾ ٽڙيل گلن وٽان موسيقي وارو اهو آواز پهچي رهيو هو، جنهن کي چيني قوم وارن جي موسمِ بهار واري تقريب جي موسيقي چيو ويندو آهي. ٻي گهڙيءَ هنن کي اڃا به ڏورانهين ڏيهه جي بڙن جي وڻن وچان قديم انڊين جي ’راڳن‘ جو آواز محسوس ٿي رهيو هو. ڪنهن گهڙيءَ انهن کي اطالوي ته ڪنهن مهل اندلوسي موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي. ڪنهن مهل اهي ”باغ“ (Bach) ۽ موزارٽ (Mozart) جي موسيقي کي، ۽ ڪڏهن وري خانه بدوشن جي ”گيتنائن“ جي موسيقي ٻڌي انهن کي هڪ ٻئي کان علحده محسوس ڪري رهيون هيون،“ جن جو نالو ئي انهن کي قديم هندستاني موسيقيءَ جي بنياد سان ملائي رهيو هو. انهن آوازن جي وچ ۾ ڏکڻ جي هير سان ”روحانين“ جي جهونگارڻ جو آواز به، انسانن جي ٿڌي ساهه کڻڻ جهڙي آواز سان ملندڙ جلندڙ هو، جيڪي ڄڻ ته ٻيءَ طرح پنهنجو اظهار نه پئي ڪري سگهيا. ڪٿي ڪٿي، هنن کي ڪجهه وڏا موسيقي ساز ٻين عظيم فنڪارن۽ سائنسدانن جي صحبت ۾ نظر اچي رهيا هئا. هنن کي شهيدن جي جماعت به نظر آئي، جن پنهنجيون جانيون دين، حسن و خوبصورتي ۽ نيڪيءَ لاءِ يا ظلم و ستم، بدي ۽ بيماريءَ جي خلاف جهاد ڪندي قربان ڪيون هيون.
    انهن سڀني ۾ ٻين کان وڌيڪ نمايان انسان ذات جا محسن نظر اچي رهيا هئا، انهن ۾ عظيم ۽ رحمدل بادشاهه، راڻيون، منتظم ۽ سپاهي شامل هئا. جيئن هو اڳتي وڌنديون ويون، تيئن کين ولين، مفڪرن ۽ صوفين جا ٽولن جا ٽولا نظر آيا، جن جي اڪثريت اهڙي خاموشي ۽ صبر و سڪون سان اڳتي وڌي رهي هئي، ڄڻ انهن جا چپَ سِبيل هئا ۽ هنن جا سڀ عضوا هڪٻئي سان ملي اهڙيءَ طرح چرپر ڪري رهيا هئا، جيئن خود ساهه کڻڻ جو ترنم هوندو آهي. انهيءَ جي وچ ۾ ئي ڀوري ڇوڪريءَ کي پنهنجين سهيلين سميت عظيم حواري پال بيٺو نظر آيو. کين هو هڪڙي اهڙي ماڻهوءَ سان ڳالهائڻ ۾ مصروف نظر آيو، جنهن کي هو سڃاڻي نه پئي سگهيون.
    ”مون کي يوناني حڪمت ۾ ڪڏهن به اعتماد ڪونه هو،“ هن چيو: ”مون هميشھ ان کي حڪمت نه، بلڪه حڪمت جي نمائش ۽ ڏيک سڏيو، پر آءٌ ارسطوءَ سان هن ڳالهه ۾ ضرور متفق آهيان، جنهن ۾ هو چوي ٿو ته: ’اتر ۾ وسندڙ قومون وڙهڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڄاڻن‘. ڇا، اها ڳالهه هن مان ظاهر نه ٿي ٿئي، ته غير يهودي قومن وارا به، جيڪي انهيءَ علائقي ۾ آباد ٻين سڀني کان وڌيڪ مهذب ۽ سڌريل هئا، سي به پنهنجي خدا جي نمائندگي هڪ ڀالي جي شڪل ۾ ڪري رهيا هئا؟ مسيحي قومون، جيڪي خدا کي ”محبت“ جو نالو ڏين ٿيون، سي پاڻ محض نفرت ۽ ڌڪار ۾ مصروف رهن ٿيون. ڇا، اها ڳالهه اچرج جهڙي ناهي ته اهي مسيح کي رڍ جي نالي سان پوڄين ٿا، پر ان هوندي به اهي پاڻ کي لومڙن، بگهڙن ۽ شينهن جي نالن سان سڏائڻ کي ترجيح ڏين ٿا؟ اهڙا ئي انهن جا نشان به آهن. يعني بگهڙ، شينهن يا عقاب، ۽ اهي انهن ۾ فخر محسوس ڪن ٿا ۽ خوش ٿين ٿا. مون کي معلوم ٿيو آهي ته انهن جي هڪ انتهائي ترقي يافته ۽ سڌريل قوم جي وڏي ۾ وڏي شاعر جو نالو شيڪ-اسپيئر (شيڪسپيئر ڏانهن اشارو آهي ۽ نالي جو جيئن تجزيو ڪيو ويو آهي، ان صورت ۾ ان جي لفظي معنيٰ ٿئي ٿي، نيزو ڦيراءِ ۽ انهن سان قريبي تعلق رکندڙ هڪ ٻي قوم جي هڪ عظيم ترين شاعر عيسائي جو نالو آهي، ”وولف گئنگ (بگهڙن جو ٽولو). اهي ماڻهو عيسائي مذهب اختيار ڪرڻ کان اڳي، هڪٻئي کي ڊيڄارڻ لاءِ پنهنجن مٿن تي ڍڳن جا سڱ ٻڌندا هئا، ۽ اڄ ڪلهه اهي کوپرين کي، منڌيئڙي وانگر هڪ ٻئي تي آر پار رکيل ٻن هڏين جي تصوير لڳائي رکڻ ۾خوشي محسوس ڪن ٿا. ڪهڙي نه ستم ظريفي آهي، جو اهي قومون اڃا به هيءَ دعويٰ ڪن ٿيون ته انهن جي عبادت جو مقصد ”محبت“ ۽ ماٺيڻي رڍ آهي.“
    ڇوڪريون انهيءَ قسم جي گفتگوءَ ۾ ڏاڍي دلچسپي وٺي رهيون هيون، خصوصاَ گوري ڇوڪري، جيڪا پنهنجي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اهڙي ڳالهه ٻڌي رهي هئي، جنهن تي هن اڳي ڪڏهن ڪو غور ئي نه ڪيو هو.
    جنهن هنڌ تي اهي بٺيون هيون، اتان کان ڪو ٿورو ئي پرڀرو، کين مشرق ۽ مغرب جي ممتاز مفڪرن ۽ درويش جو هڪ گروهه بيٺل نظر آيو. انهن ۾ ’ڪيمپس‘ وارو ٿامس، سُويڊنبورگ، ابنِ اعرابي، سهروردي، ڪبير ۽ عظيم مرتبي وارو نانڪ خاص طور نمايان هئا، ۽ اهي ته انهن منجهان فقط چند درويش هئا، جن کي ڇوڪريون سڃاڻي پئي سگهيون.
    اوچتو هنن ائين محسوس ڪيو ته انهن جي سامهون جيڪو اوچو ٿلهو هو، سو سندن نظرن کان غائب هو، ۽ ان جي مٿان هنن جن ماڻهن کي اتي جمع ٿيل ڏٺو هو، سي هاڻي انهن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي، سندن ئي وچ ۾ بيٺا هئا.
    ”آءٌ هنن مان گهٽ ۾ گهٽ ٽن يا چئن کي سڃاڻان ٿي،“ ڪاري ڇوڪريءَ چيو، ۽ ساڳئي وقت گوري ڇوڪريءَ جون اکيون خوشيءَ وچان چمڪڻ لڳيون.
    ”هو ڏسو!“ هن رڙ ڪري چيو، ”مون کي اتي اهو خدا بيٺل نظر اچي رهيو آهي، جيڪو اسان جي گناهه ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ان جي نتيجي کي اسان جي پاران برداشت ڪرڻ لاءِ ڌرتيءَ تي آيو هو.“
    پر ڀوري ڇوڪري بلڪل چپ چاپ ۽ حيرت زده هئي، ڇاڪاڻ ته هن جي سڄي زندگي سندس نظرن جي سامهون اڀري بيٺي، کيس پتوئي نه پئي پيو ته ڪهڙي کي اڳ ۾ ڏسي، ڇاڪاڻ ته هن جي دل ۾ انهن منجهان گهڻن لاءِ محبت ۽ احترام جا شدت وارا جذبا موجزن هئا.
    هن سحرزده نظرن سان مرليءَ واري شهزادي، ڪرشن کي ڏٺو، اُتي ئي ’راهنما‘*، ’نزريني**‘۽ ’پيغامبر***‘سڀ موجود هئا. هن اسرائيلين جي عظيم قائد کي ڊگهي اڇي ڏاڙهيءَ سان بيٺل ڏٺو، ۽ نيڪيءَ ۽ بديءَ جي پيغمبر زردشت کي به موجود ڏٺو، جنهن جي هڪ ئي جهلڪ هوءَ ”اِنڊ“ ڏانهن رواني ٿيڻ مهل ڏسي سگهي هئي. هن عظيم منوءَ کي به ڏٺو، جيڪو هنن جي ”اِنڊ“ پهچڻ کان پوءِ سندن پهريون رهبر بڻيو هو. ٻئي ڪناري وٽ،هن کي ”لائو-ٽِزي“ ۽ ڪنفيوشس نالن وارا اهي ٻه ماڻهو نظر آيا، جن سان هوءَ خوشبودار اڇن گلن جي وڻن جي جهڳٽن ۾ ملي هئي، کيس اهو عظيم يوناني حڪيم، سقراط به ڏسڻ ۾ آيو، جنهن کيس دليل بازي ڪرڻ جو فن سيکاريو هو ۽ اُتي ئي هن کي اخناطون ڏسڻ ۾ آيو، جنهن سان هن جي واڳونءَ واري ملڪ ۾ ملاقات ٿي هئي. هن کي انگور جي وَلين وارو سهڻو شهزادو سليمان ۽ ٻيا به سوين شهزادا ڏسڻ ۾ آيا، جن مان ڪن جي متعلق هن کي هلڪي ۽ جهڪي يادگيري هئي ۽ ٻيا اهڙا به هئا، جن کي هوءَ بلڪل ئي نه پئي سڃاڻي سگهي. حيرت انگيز ڳالهه اِها هئي ته جيتوڻيڪ اهي ماڻهو هڪ نموني ۾ سڌيءَ طرح سان انهن جي وچ ۾ هئا، ان جي باوجود اهي سندن وچ مان بلڪل مٿي ۽ الڳ بيٺل هئا، ۽ اهي جيڪي ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا، تن جو هر هڪ لفظ خلا جي ٻئي ڪناري تائين ريڊيو يا مائڪروفون جي مدد کانسواءِ پهچي رهيو هو.
    اهي فقط پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ۽ مجمعي کي خطاب نه ڪري رهيا هئا، جيڪو چئني طرفن کان مڙي سڙي انهن جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو هو ۽ جيڪو هاڻي آسمان جهڙي ڇٻر واري ميدان تي بلڪل ساڪت ۽ بي حس و حرڪت ٿيو ويٺو هو.

    * * *

    ”اهو ڪم اوهان جي مقدر جو حصو بنيو، ته توهان هن زمين جي تختي تي هن جهڙو عظيم الشان اجتماع ممڪن بنائي سگهو،“ زردشت پيغامبر ڏانهن ڏسي چيو، “نزريني انهيءَ ڳالهه تي مشڪيو ۽ چيائين ته:
    ”هائو، انسان اڃان به ضدي ۽ هوڏي ٻار آهن،“ ۽ هن اسرائيلين جي قائد ڏانهن ڦرندي چيو، “جڏهن توهان هن ڳالهه تي زور ڏنو ته توهان جي پٺيان انبياءَ ايندا، تڏهن هيءُ هر اهڙي نبي کي مڃڻ ۽ تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندا رهيا، جيڪو سچ پچ وٽن اچي نڪرندو هو، ۽ جڏهن مون هنن کي چيو ته آءٌ اوهان ڏانهن هڪ تسڪين ڏيندڙ موڪلي ڏيندس، تڏهن هنن اها توقع رکي ته پرنَ وارو ڪو فرشتو انهن جي درميان اچي پهچندو.“ پر هو ڪنهن به انسان کي ڪنَ ڏيئي ٻڌڻ لاءِ تيار ڪين هئا، ۽ جڏهن ”پيغامبر“ کين هدايت ڪئي ته انهن سڀني پيغمبرن ۽ سڀني الهامي ڪتابن ۾ عقيدو رکڻ گهرجي، خواه انهن جا نالا کين ٻڌايا نه ويا هئا، خواه انهن جو وٽن ڪو ذڪر نه ڪيو ويو هو ۽ کين آئنده ٻئي ڪنهن نبيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ نه گهرجي، تڏهن هي اصرار ڪندا رهيا ته نه، هو اُهو آخري نبي ٿي نه پئي سگهيو، ۽ هن کانپوءِ اڃا به ڪيئي ٻيا نبي اچڻ وارا هئا، هنن کي ته هوڏ ۽ ضد ۾ خوشي محسوس ٿيندي آهي.
    جيڪڏهن توهان چاهيو ته هي ماڻهو ڪنهن شيءِ ۾ اعتبار رکن، ته توهان هنن جي اڳيان ان کان بلڪل متضاد ۽ ابتي ڳالهه ڪريو، پر ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو اسين ائين ڪري سگهون ها.“
    ”ها، ها،“ ڪرشن زوردار ٽهڪ ڏيندي چيو، ”هو اسان منجهان اڪثر جي پوڄا ڪن ٿا، پر کين اهو پتو ڪونهي ته هو اسان ۾ موجود ڪهڙيءَ شيءِ کي پوڄين ٿا. هميشھ، بدترين شرارت انهن ئي ماڻهن مان ٿيندي آهي، جيڪي ماڻهوءَ جا پوئلڳ هئڻ جي دعويٰ ڪندا آهن. اها ڳالهه ماڻهوءَ کي، اها چوڻي ياد ڏياريندي آهي، ”مون کي پنهنجن دوستن کان بچايو وڃي.“
    ”اها ئي ته وڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته انهن سڀني ڳالهين جي باوجود، قانون اڃا به ڪم ڪري ٿو ۽ جهالت ۽ مصيبت کي پنهنجي اسڪيم جي لازمي مفروضن طور ڪتب آڻي ٿو،“ راهنما چيو، ”هنن جو انهيءَ ڳالهه تي ضد آهي ته هنن جي اڳيان ڪابه شيءِ پُراسرار نه هئڻ گهرجي. توهان هنن کي کڻي ڪيڏو نه چئو ته اسرار انهيءَ وقت تائين لازمي طور رهندو، جيستائين توهان پاڻ ۾ سڀ ڪجهه ڏسي سگهڻ جي اهليت پيدا ڪندؤ. پر فائدو ئي ڪهڙو؟ توهان هڪ ننڍي ٻار کي تعليم ڏيڻ لاءِ کڻي تمام وڏا وڏا عالم مقرر ڪريو، پر هڪ ٻار الف- بي- تي کان وڌيڪ سکي ئي ڇا سگهندو؟ پر هر ڳالهه لاءِ توهان فقط اشارو ئي ڏيئي سگهندا، ۽ انهن مان پَرين جون ڪهاڻيون گهڙي ٻارن کي ٻڌائيندا، جن مان ٻار شايد پنهنجي ڪچڙي ذهن ۾ ڪو عڪس قبول ڪري ڇڏي. توهان هنن کي جنن ڀوتن کان ڊيڄاريو ۽ قسمت واري پريءَ سان ملاقاتن جو آسرو يا وعدو ڏيو، پوءِ هو ڪجهه ڳالهين لاءِ سوال پڇندا ۽ جڏهن انهن کي ڪوئي ايترو ڪجهه چوندو جيترو هو سمجهي سگهن ٿا، ته همراهه رڙ ڪري چون ٿا:
    ”اهو ممڪن ناهي! بلڪل انهيءَ ڏيڏر وانگر، جنهن کي هن ڳالهه تي يقين نه پئي اچي سگهيو ته سمنڊ سندس رهڻ واري کوهه کان وڏو هو.“
    اخناطون چيو ته، ”انهن مان سڀني کان بدترين اُهي ماڻهو آهن، جيڪي پاڻ کي ماڻهن جو اڳواڻ سڏائين ٿا ۽ پوءِ ڄاڻي ٻجهي حق ۽ سچ تي پردو وجهن ٿا. اها ڳالهه ان صورت ۾ ته معافيءَ جي قابل هجي ها، جيڪڏهن اهي اهو ڪم انهن جي لاءِ ڪن ها، جن جي قيادت ڪن ٿا، پر هو اهو سڀ ڪجهه هميشھ پنهنجي شخصي نفعي لاءِ ئي ڪن ٿا. مون کي انهن پادرين جا تلخ تجربا ياد آهن.“
    ”مون کي انهن جي ڳالهه ياد نه ڏياريو،“ اسرائيلين جي عظيم قائد چيو:
    ”ٺيڪ آهي، آءٌ ڀانيان ٿو ته هو ائين سمجهن ٿا ته ڌڻ جي رهنمائي ڪرڻ جو بهترين طريقو، انهن تي رستي ۾ حملو ڪرڻ آهي ۽ انهن کي کارائڻ جو بهترين رستو، خود انهن کي کائي کپائي ڇڏڻ آهي،“ نزريني چيو، ”ڇا، هنن مون کي پوريءَ طرح گهر-گرهستي، ۽ تخليق جي عين علامت نه بنائي رکيو آهي؟ هنن مون ۾، ڪٽنبي زندگيءَ ۽ ٻارن ڄڻن جي نظريي جي حمايت ڪندڙ کان علاوه ٻيو ڪجهه به ڪونه ڏٺو.“
    ”هائو،“ زردشت، چيو، ”۽ جڏهن مون انهن وٽ ڪٽنب جي نظام کي هڪ مقدس شيءِ جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايو ۽ ان تي اصرار ڪيو تڏهن انهن خانه بدوشي اختيار ڪئي.“
    ”اسان منجهان گهڻن جي قسمت اها ئي رهي آهي، “ راهنما چيو ۽ پوءِ ”نزريني“ ڏانهن منهن ڪندي چيو، ”توهان، منهنجا ادا، محبت ۽ نهٺائي جي تعليم ڏني ۽ مون هنن کي سندن ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ کان يقيناَ روڪيو، ۽ هاڻي توهان پنهنجن ۽ منهنجي پوئلڳن ۽ معتقدن کي خود جاچي ۽ ڏسي سگهو ٿا ته ڇا ٿيو آهي.“
    ”بيشڪ،“ نزريني چيو، ”انهن ۾ جيڪو تازه ترين عقيدو پيدا ٿيو آهي، سو اهو آهي ته منهنجي طرفان جائداد ۽ ملڪيت کي ترڪ ڪرڻ جي ڏنل تعليم کي، ٽوڙي- مروڙي هڪ خاص طبقو اهو مطلب ۽ معنيٰ ڪڍڻ لڳو آهي ته پنهنجي جائداد اسان جي حوالي ڪريو، اهو هڪ مسيحيءَ جو شان ناهي ته هو پاڻ وٽ ملڪيت رکي،“ هرڪو آسانيءَ سان هيءَ ڳالهه فراموش ڪري ڇڏي ٿو ته هر فرد کي خود پنهنجي جائداد ترڪ ڪرڻي هئي ۽ ڪنهن کي به اهو حق نه ڏنو ويو هو ته هو ٻين کي چوي ته اهي پنهنجي ملڪيت کيس ڏين، هو منهنجي انهيءَ چوڻيءَ جو، ته دولتمند ۽ شاهوڪار ماڻهو بهشت ۾ نه ويندا، انهن ماڻهن کي حوالو ڏين ٿا، جيڪي سرنديءَ ۽ پڄنديءَ وارا آهن، پر هو پنهنجي ليکي شاهوڪار ٿيڻ لاءِ اندر ئي اندر تمنا رکن ٿا، ڇاڪاڻ ته آءٌ سمجهان ٿو ته هو پاڻ بهشت ۾ وڃڻ کان نفرت ڪن ٿا.“
    ”ٺيڪ آهي،“ پيغامبر چيو، ”اسان پنهنجو پنهنجو ڪم پورو ڪيو آهي ۽ حڪم جي بجا آوري ڪئي آهي. اها خوش قسمتي آهي، جو اسان کي انهن جو محافظ نه بنايو ويو. اهو ئي پنهنجو ڪم بهترين نموني ۾ ڄاڻي ٿو، جنهن اسان کي ۽ هنن کي ٺاهيو آهي. آءٌ سمجهان ٿو ته اختلافات ۽ تنازعات ضرور پيدا ٿيندا رهندا، جيئن اسان سڀ ڄاڻون ٿا. آءٌ ته پنهنجن انهن پوئلڳن جو نغمو به ڳائي سگهان ٿو، جن انهن ڳالهين ۾ عقيدو رکڻ شروع ڪيو آهي، جيڪي منهنجي طرفان کين سيکاريل ڳالهين جو بلڪل ضد آهن.“
    ”توهان ڏسو ٿا، منهنجا عزيز ڀاءُ،“ هن نزريني ڏانهن رخ ڦيرائيندي چيو، ”هنن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو توهان واضح طور ذڪر ڪيو هو، ۽ جيڪا مون بيشمار دفعا وري وري دهرائي هئي. هو ان کي ’زندگي جي بقا لاءِ جدوجهد‘ سڏين ٿا. ڄڻ ته توهان اها ڳالهه نه چئي هئي ته: ’نيڪ ماڻهن کي هيءَ دنيا ورثي ۾ ملندي،‘ ۽ گويا مون هنن کي جيئن ئي دائمي ۽ مستقل قانون جي راهه کي ڇڏيندي ۽ انهيءَ ڳالهه جي صحيح تشريح کان منهن موڙي پنهنجو رستو اختيار ڪندي ڏٺو، ڄڻ مون اها ڳالهه وري وري نه سمجهائي هئي، حڪم اهو ايندو رهيو ته ”هنن بي انصاف ماڻهن کي دور ڪريو، ۽ انهن جي جاءِ تي ڪنهن وڌيڪ انصاف پسند ۽ وڌيڪ موزون قوم کي جاءِ ڏيو جا انهن جي جاءِ اچي والاريندي، اهو ڄڻ ته ’انتهائي طاقتور ماڻهن جي بقا‘ وارو نظريو، نئون نظريو هو. هنن توهان جي تعليم کي ڪيئن نه مڪمل طور وساري ڇڏيو آهي ته توهان جيئن پاڻ کي گهٽ لائق سمجهندا، تيئن توهان وڌيڪ موزون ۽ لائق بڻجي رهندا. هنن کي اها ڳالهه سمجهائي نٿي سگهجي ته ماڻهوءَ جي لياقت انهيءَ ڳالهه ۾ آهي ته ڪنهن نالائق انسان کي زندگيءَ ۾ باقي رهڻ لاءِ لائق بنائي.“
    ”اها ڳالهه هر هنڌ ساڳي آهي،“ ڪنفيوشس چيو، ”مون پنهنجن ماڻهن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجن وڏن جي روحن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ فڪرمند نه رهن، ۽ اها ڳالهه تمام پراڻي آهي، پر اڄ به اها اڃا بلڪل ساڳي آهي ۽ هو اهائي ڳالهه ڪندا رهن ٿا، جيڪا هڪ هزار سال اڳي ڪندا رهندا هئا. منهنجي دوست لائو –ٽزي هنن سان .راهه“ جي متعلق بلڪل ساڳيءَ طرح ڳالهايو، جيئن منهنجي معزز دوست ”راهنما“ هنن سان ڳالهايو هو ۽ منهنجي قابلِ احترام نزريني دوست وانگر، جنهن کين ”برائي جي بدلي نيڪي“ ڪرڻ جو سبق ڏنو، پر اڄ تائين هن کي سمجهڻ لاءِ به ڪنهن ڪوشش ڪانه ڪئي آهي.“
    ”هو فقط اهائي هڪ ڳالهه ڪن ٿا ته پنهنجن مندرن کي هزارن جي تعداد ۾ حقيقي ۽ خيالي رهنمائن جي پٿر جي مورتين سان ڀري ڇڏين ۽ انهن جي پوڄا پاٺ ڪن، ۽ منهنجي دوست ڪرشن جي چوڻ مطابق، هو انهيءَ ڳالهه کي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ٿا ڪن ته اهي مورتين منجهه موجود ڪهڙي شيءِ جي پوڄا ڪن ٿا.“
    ”انهيءَ حقيقت جي فقط اظهار ڪرڻ سان ئي، ته مون هڪ ”آواز“ ٻڌوآهي، جيڪو مون کي حڪم ۽ هدايت ڏئي ٿو، مون تائين زهر جو پيالو پهچائي ڇڏيو.“ سقراط چيو، پر”اها هڪ خسيس ڳالهه آهي. زهر، ڪو سور يا تڪليف نه ٿو پهچائي، ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، سو هو فقط منهنجي ڳالهه تي ڌيان ڏيئي ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ها! پر ائين ٿيڻو ئي ڪونه هو، جنهن ڪري اُهي پاڻ به ٿوري ئي وقت اندر باقي نه بچيا ۽ دنيا جي تختي تان غائب ٿي ويا.“
    ”منهنجي ملڪ ۾ جيڪا وڏي ۾ وڏي خرابي ٿي آهي سا اها آهي، ته منهنجي تعليم کي، جيڪا فقط هڪ مخصوص مدت لاءِ هئي، اڃا تائين چنبڙيا پيا آهن،“ منوءَ چيو.
    ”ماڻهو انهيءَ ڳالهه جو ڪڏهن به احساس نه ڪري سگهندا، جنهن جي تعليم منهنجي ڀاءُ، ”پيغامبر“ بلڪل صاف لفظن ۾ ڏني آهي ته هر دور جو هڪ ڪتاب هو، ۽ هڪ اهڙي شيءِ جيڪا ڪنهن هڪ وقت تي فائديمند ۽ نفعو پهچائيندڙ آهي، سا ئي ڪنهن ٻئي وقت تي راهه ۾ رڪاوٽ ۽ رنڊڪ وجهي سگهي ٿي. اهو استحڪام، وڏي آسانيءَ سان سڪوت ۾ بدلجي وڃي ٿو ۽ سڪوت، موت جو نشان ٿئي ٿو. جهڙيءَ طرح منهنجي دوست، اسرائيلين جي عظيم قائد جا پوئلڳ ائين سمجهندا رهيا ته اسان جو نزريني سندن مذهب ۾ تخريب پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. تهڙيءَ طرح برهمڻ اڃا به ائين سمجهن ٿا ته هي عظيم ”راهنما“ فقط هڪ ديو هو، جيڪو اُنهن جي ديوتائن ۽ مذهب کي ناس ڪرڻ لاءِ آيو هو.
    ”اهي اڃا تائين پنهنجي ذاتين پاتين جي نظام کي ائين چهٽيا پيا آهن، جو گويا اهو هڪ اهڙو قانون هو، جنهن جو مقصد دائمي طور، سڀني زمانن تائين رهڻ هو، ۽ ان ۾ ڪڏهن به ڪو ڦير ڦار ٿيڻوئي ڪونه هو. هزارين سالن کان وٺي هنن پنهنجا بت ائين رکيا آهن، ڄڻ ته اهي سندن شخصي ملڪيت آهن، ۽ اهي اڃا تائين انهن ۾ ٻين جي ڀائيواريءَ کان بيزار آهن. هو اڃا تائين اهو نه ٿا سمجهي سگهن ته انهن سمورين شين جا ڪجهه وقت لاءِ پنهنجا پنهنجا ڪم هئا، ۽ هاڻي اهي سندن ترقيءَ ۽ واڌاري جي راهه ۾ يقيني طور رنڊڪ ۽ رڪاوٽون بڻجي ويا آهن.
    ساڳي حالت پوَتر ڳئون جي آهي. جڏهن کان ’راهنما‘ سموري حيواني دنيا کي انساني تعلق ۾ آندو، ۽ جيئن ته هن جو تعلق سائنسي بنياد تي ثابت شده حقيقت بڻجي چڪو آهي، ته پوءِ هڪ جانور جي تعلق کي اڄ ديوتا تسليم ڪرڻ جو فائدو ئي ڪهڙو آهي؟ مادي لحاظ کان هڪ جانور کڻي ڪهڙو به فائديمند هجي، پر اڄ ان کي اهو روحاني قدر حاصل ڪونهي، جيڪو ان کي ڪنهن زماني ۾ حاصل هو، ان هوندي به اُهي، قديم رسم و رواج ۽ ريتن کي برقرار رکڻ لاءِ اصرار ڪندا رهن ٿا. اڄ انهيءَ ملڪ کي وڏي کان وڏي بت شڪن جي ضرورت آهي، جنهن جو مقصد پراڻن ۽ فرسوده طريقن، رسم و رواج، رسمن ۽ ريتين کي ختم ڪرڻ آهي.“

    * * * * *

    ”برابر ائين ئي آهي،“زردشت چيو، ”انسان اڄ به اهو پوريءَ طرح محسوس نه ٿوڪري سگهي ته هن کي جيڪي به ڪرڻ لاءِ چيو ويو هو، تنهن جو نه فقط فوري مقصد هيو، پر ان جا ڪجهه دور رس مقصد پڻ هئا، مثال طور، مون پنهنجي وقت جنهن انسان کي خطاب ڪيو، سو اڃا پنهنجي جانور ڀاءُ جي گهڻي قدر قريب هو. هو نه فقط بي مقصد گهمندو ڦرندو رهندو هو، پر ڪنهن هڪ هنڌ تي قيام ڪري ويهڻ جي حالت يا ذميداريءَ کان نفرت پڻ ڪندو هو، ۽ ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ جي صلاحيت کان به خالي هو. هن جو ننڍڙو ذهن، جنهن اڃا تازو ئي جنم ورتو هو، ۽ جيڪو اڃا ڪافي حد تائين باشعور ڪونه هو، سو ڪنهن به چيز تي گهڻي وقت تائين ڌيان مرڪوز ڪرڻ جهڙو اڃا ڪونه هو. انسان رلندو ڦرندو رهندو هو، ۽ هن جو دماغ ۽ ذهن هڪ هنڌ تي ڪونه هو. هن لاءِ وڏي ۾ وڏي ضرورت اها هئي ته کيس مقصدن حاصل ڪرڻ جي سکيا ڏني وڃي، ۽ هيڏانهن جو هوڏانهن ٽِپن ۽ ٺينگن ڏيڻ کان جهليو وڃي.
    ”ان وقت باهه انتهائي ضروري ۽ ان ڪري سڀ کان وڌيڪ پسنديدگيءَ واري شيءِ هئي، اها هڪ اهڙي نعمت هئي، جنهن کي انسان اڃا ٿورو ئي وقت اڳي حاصل ڪري سگهيو هو ۽ ان کي ٻيهر ٻارڻ هن لاءِ ڏکيو ڪم هو، ان جي نگراني ڪرڻ ۽ باهه کي وسامڻ نه ڏيڻ، ماڻهوءَ لاءِ مذهبي فرض بنايو ويو. ان جو فوري نتيجو اهو حاصل ڪرڻو هو ته انسان جي ڪچڙي ذهن کي هڪ مقصد حاصل ڪرڻ ڏانهن مرڪوز ڪرڻو هو. ٻيو طريقو، زمين جي ملڪيت حاصل ڪرڻ ۽ ان تي کيڙي ٻاڙي ڪرڻ هو. ان جو مقصد، شين کي ”منهنجيون پنهنجيون“ سڏڻ ذريعي ”منهنجي“ جو شعور پيدا ڪرڻ هو. ”آءٌ“ اڃا نئين سر اُسري رهيو هو، ۽ ”منهنجو“، ان جي شعور کي وڌيڪ پختگي ۽ مضبوطي ڪرڻ لاءِ هو.
    ”ساڳيءَ طرح ڍڳو هو، جيڪو ماڻهو زمين کيڙڻ لاءِ هن جو انتهائي ضروري مددگار ۽ شخصي غرض ذريعي هن سان قريبي طور وابسته هو، کيس انهيءَ زماني ۾ هن سبق سيکارڻ لاءِ بهترين ذريعو اهو هو! حيواني دنيا ساڻس ويجهو واسطو ۽ تعلق رکندڙ هئي ۽ هو پاڻ به انهيءَ دنيا جو هڪ حصو هو، جنهن سان جانور جو تعلق هو. اهڙي طرح مقدس ڍڳو، دائمي ٻرندڙ باهه، زمين جي کيتي ٻاڙي ۽ شخصي ملڪيت هن جي انفراديت جي تخليق ڪرڻ يعني هن جي دل ۽ دماغ کي خود پنهنجي اندر ۽ پنهنجي خاطر هڪ جدا اِڪائي هئڻ جو شعور بيدار ڪرڻ لاءِ بهترين اوزار ٿي ڪم آيا.
    ”انهيءَ زماني تائين انساني زندگيءَ ۾، ڪنهن ڪم کان روڪ ڪرڻ جي هڪ ئي اثرائتي قوت، ”ڪراهت“ يا ڪنهن شيءِ کي مڪروه سمجهڻ هئي.
    ”انهيءَ ڳالهه کي مون وسعت ڏيئي هڪ اخلاقي نظام جي شڪل ڏني، جنهن ۾ ٻه متضاد ڳالهيون- نيڪي ۽ بدي هيون، اهو هن لاءِ ته جيئن خود انسان جي جسم اندر روڪ ڪرڻ جا ٻه مستقل مرڪز پيدا ڪيا وڃن، جيڪي هن جي پراڻين بي اختيارانه سرگرمين ۽ انهن جي ڪري سندس قوتن جي زيان کي محدود ڪن ۽ ان ۾ نين ۽ بامقصد سرگرمين لاءِ نوان گهرڙا وجود ۾ اچن. مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي سگهي ته انسان کي هيءَ حقيقت صاف طور نظر ڇو نه ٿي اچي ته اهي شرط جيڪي مٿس وڌا ويا هئا، پنهنجي وجود ۾ اهميت وارا يا ناقابلِ تبديلي نه هئا، بلڪه انهن مان جيڪو مقصد حاصل ڪرڻو هو، تنهن کي ئي سموري اهميت حاصل هئي.
    ”جيتوڻيڪ اوهان سڀني کي اهي ڳالهيون اڳيئي معلوم آهن، جيڪي آءٌ چئي رهيو آهيان، ان هوندي به ماڻهوءَ کي انهيءَ ڪردار کي ٻيهر دهرائيندي هڪ طرح جي مسرت ٿيندي آهي، جيڪو ڪنهن وقت ۾ کيس ادا ڪرڻ جي سعادت عطا ڪئي ويئي هئي.“

    * * *
    _______
    * ٻڌ
    ** حضرت عيسيٰ
    *** پاڻ سڳورا ﷺ


    9

    ”توهان بلڪل صحيح آهيو، منهنجا ڀاءُ،“ منوءَ چيو، ”توهان جو وڏو ڪم، انسان جي ڌيان کي مادي شين کان ڦيرائي خيالي قوتن طرف منتقل ڪرڻ هو.
    ”جيڪي ماڻهو توهان جي انهيءَ جدت کان چڙي توهان جو ملڪ ڇڏي ويا، ۽ جن جي ذهني ارتقا انهيءَ حد کي اڃا نه رسي سگهي هئي جو اهي مادي شين ۽ قوتن کي سوچي سگهن، سي اُنهيءَ ئي منزل ۽ ساڳئي دور ۾ اسان وٽ اچي پهتا هئا، ۽ اهو فرض مون کي سونپيو ويو ته انهن ۾ تخليق ڪرڻ، پالڻ ۽ حفاظت ڪرڻ ۽ ناس ڪرڻ جي ٽن غير مادي قوتن کي سمجهي سگهڻ جو شعور پيدا ڪريان.
    ”ذهن ۾ نظم و ضبط پيدا ڪرڻ لاءِ رسم و رواج جو هڪ سخت نظام مسلط ڪرڻو پيو، ۽ کيتي ٻاڙي لاءِ هرهلائڻ جي شان ۽ اعليٰ درجي جو خيال، جيڪو توهان پاڻ هنن کي سيکاريو هو، منجهن مستقل مضبوط بنيادن تي ويهارڻو هو، ته جيئن هو پاڻ کي آواره گردي ڪندڙن يا غير ذميدار قومن کان جدا سمجهي سگهن. مٽي مائٽيءَ جي دائري ڦهلائڻ ۽ وسيع ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪٽنب جو نظام سختيءَ سان قائم ڪرڻوپيو.
    ”ساڻ ئي ساڻ، ذاتين پاتين جون حدون مقرر ڪرڻ يعني سماج ۾ مختلف ڪمن جي موروثي خصوصيت جو خيال پختو ڪرڻ به منهنجي ئي فرض ۾ شامل هو. اها ڳالهه انهيءَ دور ۾ ضروري هئي، جو ماڻهوءَ جي انفرادي صلاحيت نهايت محدود هئي، جنهن ڪري اجتماعي زندگيءَ جي مفاد ۾ ڪن خاص ڪمن لاءِ مهارت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي ترقي وٺائڻ لاءِ مخصوص موروثي رجحان پيدا ڪرڻ ضروري ٿي پيا هئا.
    ”مصيبت وري اها هئي ته، جيئن مون هن کان اڳي به چيو آهي، ته جڏهن کين پوڄا پاٺ ڪرڻ لاءِ اهي ٽي غير مادي وسيع قوتون ڏنيون ويون، تڏهن به انهن مان اڪثر انهن کي سمجهي به پئي سگهيا ۽ قدرتي قوتن کي پوڄا جون شيون سمجهندا رهيا.
    ”اهڙيءَ طرح وڌيڪ ترقي يافته صورتن جي اضافي ٿيڻ جي باوجود، هنن وٽ پست صورتون سختيءَ سان موجود رهنديون آيون ۽ انهن جا ذهن ٻنهي جي وچ ۾ ورهايل رهجي ويا ۽ ان طرح کين وڏو نقصان پهتو.“
    ”جيئن اوهان ڄاڻو ٿا،“ اسرائيلين جي قائد حضرت موسيٰ عه چيو، ”منهنجو ڪم به ذري گهٽ توهان جي ڪم جهڙو ئي هو، پر انهن ٻنهي جي درميان هڪ هيءُ فرق ضرور هو ته منهنجي ڪم جي مکيه اهميت، وڌيڪ وسيع پئماني تي سماجي ۽ سياسي اڪائي ۽ ان لاءِ فراهم ڪيل نظم کي تشڪيل ڏيڻ ۽ ساڳي وقت تي جيستائين به ممڪن ٿي پئي سگهيو، تيستائين انسانن کي مادي شين جي پوڄا واري سطح کان کڻي مٿڀرو پهچائڻ هو. انهن جي قوت، انهيءَ هڪ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ ڏانهن متوجهه ٿيڻ لاءِ ڪافي مس هئي، ۽ جيئن ته انهن جي ذهني صلاحيت اڃا انهيءَ معيار تي پهچي نه سگهي هئي، جو اها زمين تي موجود زندگيءَ کان علاوه، ڪنهن ٻي زندگيءَ کي اهميت ڏئي ها، ان ڪري هنن جي اڳيان ٻيءَ ڪنهن زندگيءَ تي زور ڏيڻ، منهنجو ڪم ڪونه هو.“

    * * *

    ”جڏهن آءٌ هن دنيا ۾ آيس،“ ڪرشنِ چيو، ”انهن ريتن ۽ رسمن ۽ اخلاقي قانونن جا نتيجا ۽ ڦَلَ اڳيئي ظاهر ٿي چڪا هئا، ذهن انهيءَ وقت تائين توجھ ۽ مشاهدي ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ويو هو. رڪاوٽن ۽ بندشن جي ذريعي وقت کي قاعدي ۾ هلائڻ جي نتيجي ۾، ان جي جيڪا بچت ٿي هئي، سا خرچ ٿيڻ لاءِ نوان نوان رستا ڳولي رهي هئي.
    ”ماڻهو، هاڻي حواسن جي خالص افعال ۾ ڪنهن عملي ۽ مخصوص مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ ئي خوشي محسوس ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪو هو. ماڻهوءَ هن کان اڳي جن شين جي باقاعدگيءَ سان پوڄا ڪئي هئي، تن ڏانهن هاڻي هو، درحقيقت ڪشش محسوس ڪري رهيو هو، ۽ انهن ۾ هڪ اهڙي خوبيءَ کي شناخت ڪرڻ لڳو هو، جنهن کي هو ”حُسن“ سڏي رهيو هو ۽ هو انهن سان هڪ طرح جو لاشعوري طور تعلق محسوس ڪري رهيو هو. منهنجو فرض اهو هو ته آءُ انساني دل ۽ دماغ جي انهيءَ فعل کي خاص طور وڌيڪ طاقتور بنايان. هو مونکي اهو به حڪم ڏنو ويو هو ته آءُ شريف نسل جو، نيچ نسل جي حملن کان، جن کي ”راڪشس“ ڏسيو پئي ويو، بچاءُ ڪريان ڇاڪاڻ ته اهي جسماني لحاظ کان وڌيڪ طاقتور هئا. ۽ پاڻ کان گهڻو وڌيڪ ترقي يافته ماڻهن کي نيست و نابود ڪري پئي سگهيا. مونکي گڏوگڏ، هن ڌرتيءَ جي وڏي ۾ وڏي ضرورت کي مهيا ڪرڻ ۽ ان جي همت افزائي ڪرڻ يعني وڌيڪ بهتر قسم جي نسلن کي پيدا ڪرڻ ۽ پالي وڏو ڪرڻ جو ڪم پڻ ڪرڻو هو.
    ”شخصي طرح، مونکي جمالياتي زندگيءَ جي به ڪا ضرورت ڪانه هئي، جيڪا مونکي ٻين جي خاطر گذارڻي هئي، پر هڪ گرهستي ماڻهوءَ جي زندگي جنهن ۾ مونکي سوَن جي تعداد ۾ راڻيون رکڻيون ۽ انهن جي ٻارن جي پرورش ۽ پالنا ڪرڻي هئي، سو هڪ ڏکيو ڪم هو جنهن منهنجي صبر جو پئمانو لبريز ڪري پئي ڇڏيو، پر اهو حڪم ۽ امر هو، ۽ اهو ائين ڪرڻو هو، جيئن اوهان سڀ ڄاڻو ٿا، اهائي اسان جي زندگي آهي. اسان جي زندگي اهڙي ناهي، جو اسين اها عام ماڻهوءَ وانگر لذت ۽ ڏڪ سور جي رهنمائي ذريعي گذاري سگهون، پر اسان کي ته اهو ڪجهه ڪرڻو آهي، جنهن جو اسان کي امر ڪيو وڃي ٿو.
    ”اسان جي وڏي خوشي ۽ سعادت مڪمل فرمانبردريءَ ۾ آهي. هڪ يا ٻئي طرف جي سرگرمي، اسان لاءِ ڪابه ڪشش نٿي رکي. اها محض مشينري وانگر، سرانجام ٿيندي رهي ٿي. جذبات کي ان ۾ ڪوبه عملي دخل ڪونهي.
    ”اهو ئي مخصوص زمانو هو، جنهن ۾ سياسي ۽ مذهبي قيادت، هڪ فرد ۾ اچي ڪٺي ٿي هئي، ۽ اها قيادت پوڄاري طبقي جي قبضي مان نڪري شهزادن جي طبقي ۾ منتقل ٿي چڪي هئي.“
    ”هائو،“ پيغامبر چيو، ”انسان ذات جي وڻ جو سڀ کان پهريون ڇڳو نه ٿيڻ تنهنجي قسمت ۾ هو.“ ”آءٌ به اجهو اهائي ڳالهه چوڻ وارو هُئس ته، انگورن جي وَلين واري شهزادي، حضرت سليما چيو، ”ڇاڪاڻ ته اسان جي قوم ۾ منهنجو والد ۽ آءُ انهيءَ رخ جي نمائندگي ڪندا هئاسون. اهو ڪو محض اتفاق ناهي ته ڪرشن خواهه مونسان هڪ ئي راڳ منسوب ڪيل آهي، يا اهو، ته هو مرليءَ جو شوقين هو ۽ آءُ پنهنجي پيءُ وانگر سُرندي جو دلداد هوس، يا اهو ته اسين ٻيئي قدرت جي زبان کي سمجهي ۽ ان جي معنى ۽ مفهوم ڪڍي ٿي سگهياسون (جنهن کي اسان جي پوئلڳن اهڙي بيهودي نموني سان غلط ڏني آهي) ماڻهن جو خيال ته هڪ ڪئلي (ماڪوڙي) کي مونسان انساني ٻوليءَ ۾، ۽ نه ڪئلين جي زبان ۾ ڳالهائڻ کپي ۽ اهي اڃان به انهيءَ نڪته تي بحث مباحثا ڪري رهيا آهن.“
    ”منهنجي زندگيءَ جواهم مقصد به، جماليات مشاهداتي زندگيءَ ۾ اضافو ڪرڻ ۽ لڳاتار انساني نسل جي واڌاري ۽ وحشي نسلن جي حمل کان، جيڪي پنهنجي سڄي طاقت جسماني فعل ۾ خرچ ڪندا هئا. دفع ڪرڻ جا هم معنى فرائض سرانجام ڏيڻ هو، ۽ مونکي به پنهنجي ڀاءُ ڪرشن وانگر ڪسير تعداد ۾ شاديون ڪرڻيون پيون، ۽ ٻين ۾ به انهيءَ رسم جي همت افزائي ڪرڻي پئي.“
    * * *
    ”آءٌ اقرار ڪريان ٿو،“ سقراط چيو، ”ته منهنجو ڪم اهڙو پر ڪشش ڪونه هو پر ان جي باوجود مونکي هن ڳالهه جي زبردست خوشي محسوس ٿيندي هئي ته آءٌ انهيءَ شاندار ”آواز“ جو موصول آهيان، جيڪو مونڏانهن اچڻ لڳو هو. درحقيقت انساني ذهن ۽ قلب اڃان انهيءَ ڪڙي تي پهچي نه رهيو هو، جتي ان جي وڏي ۾ وڏي ضرورت جسماني ورزش ۽ راند روند لاءِ هڪ ”ڪسرت گاهه يا آکاڙي“ جي هوندي آهي، ته جيئن ان کي آئنده جي سنجيده ۽ گنڀير ڪاروبار لاءِ موزون بنايو وڃي. انهيءَ دؤر جو مقصد انساني ذهن لاءِ هڪ ڪسرت گاهه جي بنياد رکڻ جو هو. خود اها حقيقت، ته ماڻهو نظريات کي طبعي شين کان وڌيڪ اهميت وارو قرار ڏيڻ لڳا هئا. فقط ترقي ڪندڙ ۽ بلوغت کي پهتل ذهن ۽ دل کي، جيڪا هاڻي راند روند ڪرڻ جيتريءَ ڄمار تي پهچي وئي هئي، متعارف ڪرڻو هو جيتوڻيڪ زندگي اڃا به پنهنجو اظهار جسماني ۽ عضواتي لفظن ۾ ڪندي هئي. ”روح يا نفس“ اڃا تائين محظ هڪ ڏند ڪٿا هو.
    ”دنيا جي طرفان انهيءَ زماني تي ڪيڏي نه تڪته چيني ڪئي وئي آهي. ڪن ان کي وڏي ۾ وڏي حڪمت ۽ سياڻپ جي زماني طور حد و حساب کان ٻاهر نڪري ساراهيو آهي ۽ ڪن ٻين وري ان جي، بي وزن ۽ بي مقصد ڳالهين ۽ بيڪار دليلبازين ۽ غلط استدلال جي زماني جي حيثيت ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪي تمام ٿورا ماڻهو انهيءَ مخصوص ڪارڪردگيءَ کي سڃاڻي سگهيا آهن، جيڪا انهيءَ دؤر کي انساني قلب ۽ دماغ جي اوسر لاءِ ادا ڪرڻي هئي. اهو سچ آهي ته اهو زمانو، درحقيت، دلدلبازين ۽ غلط استدلال جو هو، پر ان جو مقصد، دراصل اهو ئي هيو.
    ”انهيءَ زماني ۾ معاشري اندر عورت جي مقام متعلق پڻ تمام گهڻو ڳالهايو ويو آهي، ۽ اهي انهيءَ موضوع تي ساڳئي جذبي هيٺ بحٿ مباحثو ڪن ٿا. اهي سمجهن ٿا ته عورت خالق جي مٿي مان ٽپ ڏئي مٿي مان نڪتي ۽ اها تخليق واري پهرين ڏينهن تي ئي پوري طرح وڏي ٿيل ۽ ٻئي سموري سازوسامان سان سينگاريل حالت ۾ هئي ۽ کيس انهيءَ ساڳي حالت ۾ قيمت جي ڏينهن رهڻو هو. ان ڪري اهي بلڪل فطري طور پڇن ٿا ته ”عورتن جو مقام ڇا هو؟“ ائين پيو معلوم ٿئي ته اهي ماڻهو اهو به نٿا سوچي سگهن ته هر ٻيءَ شيءِ وانگر، عورتن جي حالت کي به دائمي تبديليءَ جي چڪر وچان گذرڻو هو، ۽ عورت جي اوسر ۽ ارتقا کي به، هڪ کان وٺي ٻي منزل تائين، بلڪل انهن ساڳين درجن مان گذرڻو هو، جيئن ڪائنات جي ٻين سموري شين ۽ خود مرد-ماڻهو جي اوسر ۽ ترقي کي گذرڻو پوندو آهي.
    ”ڇا، اهي ڪڏهن اهو به پڇن ٿا ته ” مردن جو مقام ۽ درجو ڪهڙو هو؟“ منهنجي زماني ۾ ئي، انهن مان اسي سيڪڙو مرد غلام هوندا هئا، ۽ انهن جي حالت عورتن کان به بدتر هوندي هئي. هو اها ڳالهه ويساري ڇڏن ٿا ته مرد پاڻ ۾ هڪ ٻار ٿي رهيو هو، ۽ سو به هڪ شرير ۽ خراب ڇوڪرو! جيئن منهنجي دوست زردست چيو ته هو پنهنجي دؤر ۾ ، هڪ گهراڻي جي اندر خواهه ڪنهن رياست ۾ فقط هڪ شخص جي ذاتي حڪمراني کان علاوه جنهن جي هٿ ۾ لٺ هجي، پوءِ چاهي ان کي شاهي عصا جي نالي سان سڏيووڃي، ٻيءَ ڪنهن تجويز ڏيڻ جو خواب به نه پئي لهي سگهيو، نظم ۽ ضبط کي سخت رهڻو هو، ڇاڪاڻ ته باهه ۽ مترڪن جي ڌڪن کان سواءِ ڪنهن ڌاتوءَ جي شڪل ڦيرائي ان کي نئي قالب ۾ پلٽي نه ٿو سگهجي.
    ”عورت، بنا ڪنهن حجت بازيءَ جي، خلقت جي آخري پيداوار آهي. عورت مان منهنجو مطلب ماديءَ جي جنس سان آهي، جيڪا هڪ ساڪت شيءِ جي حيثيت ۾ حمل ڪري ٿي. متحرڪ عملي قوت، يقيناً ان کان اڳ ۾ آيل آهي. هن زمين تي انهيءَ قسم جي ساڪت موصول جي آخري صورت عورت آهي. اها ڳالهه هن جي مقام جي يقين لاءِ هر آخر آهي. پر انهيءَ سبب ڪري ئي هن کي بعد ۾ پچي راس ٿيڻو هو. جيئن منهنجي دوست، پيغامبر صلعم بلڪل درست فرمايو آهي، ته هن دنيا جي پڇاڙي واري زماني جي ويجهڙائيءَ ۾، عورت جو تناسب ان جي موجوده تعداد ۽ تناسب کان تمام گهڻي قدر وڌيل هوندو. تخليق جي معاملي ۾ خالص فعاليت يقيناً حرف آخر آهي، چرپر ۽ حرڪت جي شدت کي جيئن پوءِ تيئن گهٽجڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن به زماني ۾ توازن واري صورتحال کي اچڻو آهي.
    ”جيئن منهنجي دوست، پيغامبر صعلم صاف ۽ واضع طور آخري الهامي ڪتاب مان فرمايو آهي، تخليق چرپر ذريعي شروع ٿئي ٿي ۽ توازن مان اچڻ سان ختم ٿي وڃي ٿي. خود انساني نفس جي حالت، جنهن کي هو هن ڌرتيءَ تي انسان جو خاتمو چوي ٿو، انهيءَ وقت جي آهي، جڏهن هو ڪنهن به انتشار ۽ خلل کان سواءِ امن، سڪون ۽ هم آهنگيءَ کي منزل تي پهتو آهي، ۽ ان کان پوءِ سک ۽ سانت سان پنهنجي منزل طرف اڳتي قدم کڻي ٿو.
    ”عورت ۽ سندس مقام جي متعلق انهيءَ اختلاف جو سچو تخيل احمقانه نموني ۾ سوچيو ۽ سمجهيو ويو آهي ۽ اهو ناڪافي بنياد تي اڳتي وڌي رهيو آهي. انهيءَ ڳالهه تي مونکي گهڻين زالن سان شاديءَ ڳالهه ياد پوي ٿي. جيئن هن کان اڳ ۾ به ذڪر ڪيو ويو آهي، ٻارن پيدا ڪرڻ جو ڪم انسان جو سڀ کان وڏو ۽ اعلى ترين فرض هو ۽ خود انهيءَ حقيقت کي ئي ماڻهوءَ کي خدائي تجويز ۽ مشيت ، ۽ ان جي ڪم ڪرڻ جي طريقي اندر هڪ ليئي پائڻ جو موقعو ڏيڻ گهرجي ته عورت جي معصوميت واري زماني کي انهيءَ دؤر لاءِ ڇو موزون ترين عرصي طور منتخب ڪيو وڃي. جيئن جيئن عورت پنهنجو مقام سڃاڻن ۽ پنهنجي انفراديت جو شعور حاصل ڪرڻ لڳي آهي، تيئن تيئن هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ ۽ گهڻا ٻار ڄڻن اڳي کان گهٽ ٿيڻ لڳا آهن. پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته دنيا جي عام ماڻهن جو رنگ نه ڏسي سگهندڙ ڌڻ ائين سمجهي ٿو ته ماڻهن جا اڳواڻ ، جن کي انهيءَ زماني جي طور ۽ طريقي مطابق، جنهن ۾ اهي رهندا هئا.، رهڻو ۽ زندگي گذارڻي هئي. هڪ کان وڌيڪ شاديون مختلف سببن ڪري محض هڪ فرض طور ڪندا هئا، انهيءَ تجربي مان لذت ۽ حظ حاصل ڪندا هئا.
    ”ماڻهو هيءَ ڳالهه ڪڏهن به نه سمجهندا ته خود اهو ماڻهو، جيڪو حقيقي ۽ سچي جمالياتي تجربي ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، سو انهيءَ تجربي مان ايڏي ته خوشي ۽ مسرت حاصل ڪري ٿو، جو هن کي جسماني تعلقات گندا ۽ ناقابل برداشت لڳن ٿا. اه اڳالهه انهيءَ ماڻهوءَ تائين محدود آهي جنهن جي دل ۽ دماغ محسوس ڪرڻ ۽ ڏسڻ شروع مس ڪيو آهي، پر انهن جي متعلق ڇا ٿا چئو، جن جون دليون پوري طرح اسريل آهن، جيڪي قدرت جي قلب اندر شعوري طور ڊگهي عرصي ڏسي سگهڻ جي اهليت رکندر آهن، ۽ ان ڪري گهري انڪشاف جا سرچشما آهن؟ عام ڌڻ ۾ شامل ماڻهو ائين سمجهي ٿو ته انهن ماڻهن لاءِ جسماني ۽ بدني تعلق ۽ لاڳاپي ۾ رهڻ مزي ۽ خوشيءَ جو ذريعو آهي، ۽ اهي انهن لاڳاپن جي حالت ۾ رهڻ مان لطف حاصل ڪن ٿا، اها حالت جنهن کي اهي جوش ۽ جذبي سان پر ٿيل زندگي سڏين ٿا، ۽ جنهن مان اهي دماغي ۽ ذهني زندگيءَ جي نه هئڻ ڪري لطف خود حاصل ڪن ٿا.
    ”پر پوءِ انهن کي سمجهائڻ جي ڪابه ڪوشش محض حماقت آهي. اها ڳالهه بلڪل ائين آهي جيئن رنگ کي نه ڏسي سگهندڙ ماڻهوءَ، رنگ کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو طريقو ويهي سيکارجي، جيڪا ڳالهه يقياً نٿي ٿي سگهي.
    ”ساڳيءَ طرح شاعرن ۽ انساني معاشري ۽ زندگيءَ ۾ سندن مقام جي متعلق بڪ بڪ هلندي رهي ٿي.
    ”هڪ شاعر زندگيءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. ڪي اهڙا شاعر آهن، جيڪي زندگيءَ جي فقط انتهائي پست نمونن کي ڏسن ٿا ۽ ان ڪري هو پنهنجي انهيءَ مشاهدي کي جذباتي انداز ۾ بيان ڪن ٿا. هي اهي بي احتياتي ڪندڙ احمق آهن ، جيڪي بنان سوچ ۽ سمجهه ڪرڻ جي، پهاڙيءَ جي لاهيءَ تان اکيون ٻوتي وٺي ڊوڙ پائن ٿا ۽ هجوم کي پاڻ سان گڏ کنيون وڃن ٿا، ته پوءِ ڇا ، اهو ڪو عجوبه آهي، جو سڀني زمانن ۾ انسانن جي اڳواڻن ماڻهن کي انهيءَ قسم جي خطري کان خبردار پئي ڪيو آهي.
    ”هيئن چوڻ يقيناً درست آهي ته هر دؤر جي حالت ۽ ڪيفيت جو اندازو ٻن واقعن ۽ حالتن ذريعي لڳائي سگهبو آهي. پهريون هيءُ ماڻهو پاڻ کي ڇا ٿو سمجهي، ۽ ٻيو ته هو، پنهنجي خدا جي متعلق ڇا ٿو سوچي؟
    ”مون هن کان اڳيئي، ڪجهه قدر توهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته انسان پاڻ کي مون واري زماني ۾ ڇا سمجهندو هو ۽ جيسين سندس خدا جو تعلق آهي ، توهان ڄاڻو ٿا ته هو اڃا تائين قدرتي طاقتن کي ديوتائن طور پوڄي ٿو، انهيءَ وقت ۾ آءُ فقط هن اشاري ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه نه پئي ڪري سگهيس ته انهن سڀني جي مٿان هڪ ٻي عالمي قوت ڪم ڪندي نظر اچي رهي آهي.
    ”پر اچو ته پنهنجي مکيه موضوع تي موٽي اچون، آءٌ هيءَ ڳالهه وري به دهرايان ٿو ته منهنجو مقصد دماغ جو آکاڙو قائم ڪرڻ هو، جتي کيس سندس مستقبل ۾ درپيش ايندڙ ڪم لاءِ پاڻ کي تياريءَ جي حالت ۾ رکڻ لاءِ، ڪسرت ڪرڻي هئي.
    ”توهان وڏي احترام جي لائق آهيو، منهنجا دوست،“ پيغمبر صلعم چيو، ”اها ڪا بيڪار ۽ بي مقصد ڳالهه ڪانهي، جو آخري الهامي ڪتاب ۾ هڪ سڄي سورت تنهنجي قوم جي نالي جي سري سان موجود آهي، ته جيئن دنيا جو ڌيان توهان جي ڪسرت ڪرڻ واري آکاڙي ڏانهن ڦيرايو وڃي.“

    * * *
    ”انهيءَ زماني ۾ جڏهن آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن ۾ اچي ظاهر ٿيس، تڏهن انهن سڀني، پنهنجي زماني جي ٻين قومن وانگر، پنهنجن خيالن کي سندن ابن ڏاڏن جي روحن جي خدمت ڏانهن حد کان زياده مرڪوز ڪيو هو پر انهن وت صحيح عمل جو افسوسناڪ حد تائين فقدان هو.
    ”منهنجو ڪم اهو ڪونه هو ته آءُ انهن جي فڪري قوتن کي بيدار ڪريان، پر منهنجو اصل ڪم سندن عمل کي باقاعدا طور هلائڻ ۽ خاص طرح سياسي سطح تي ، انهن جي افعالي طاقت جو رک ڪارگر ۽ ڦلدار نتيجا ڏيندڙ نهرن ۽ شاخن ڏانهن موڙيان.
    ”قدرت هن دنيا ۾ رهندڙ مختلف ماڻهن کي ڪن مخصوص مقصدن لاءِ مختلف نمونن سان مسلح ڪيو آهي، ۽ انهن کي ئي، انهن مخصوص موقعن تي قيادت سنڀالڻ لاءِ منتخب ڪيو ويندو آهي. مثال جي طور ، جنهن ملڪ سان منهنجي شاندار دوست ، ”رهنما“ جو تعلق آهي، تنهن جا ماڻهو ڳالهين کي چٻي چٿي سوچڻ جا عادي آهن، پر منهنجن ماڻهن جي خاص خوبي عمل ڪرڻ آهي، (ائين ناهي ته ڪو ماڻهو هڪ کي ڇڏي اڪيلي سر ٻئي سان واسطو رکي ڪم هلائي سگهندو پر هيءَ ڳالهه فقط مختلف تناسب جي آهي). اهو ئي سبب آهي ، جو هنن پنهنجي تاريخ جي ڪنهن به دؤر ۾ شراب جي ديواتا جي ڪا پوڄا ڪئي آهي.
    ”اڪثر ماڻهو هن ڳالهه کي محسوس نه ڪندا آهن ته هر هڪ شيءِ ، جڏهن پنهنجي صحيح مقام ۽ پوري موسم ۾ هوندي آهي، تڏهن ئي اها فائديمند ۽ ڪارگر هوندي آهي، شراب جو معاملو به ساڳوآهي. اوهان کي هڪ عام رواجي چاقو ٺاهڻ لاءِ ، لوهه کي باهه ۾ وجهي تپائڻو ۽ پوءِ مترڪن سان ڪٽڻو پوي ٿو. ساڳي طرح انساني ذهن کي شديد جذبات ۽ غصي جي حالتن مان گذرڻو پيو. نيڪي وارو غصو ۽ جذبو ، فائديمند عمل جو اهم ترين سرچشموهو، ۽ اها خوبي اهائي آهي، جنهن کي پنهنجو دوست ڪرشن ، راجائون سڏي ٿو.
    ”انهيءَ زماني ۾ گڏجي ويهي سنجيدگيءَ سان شراب پيئن ئي انهيءَ حالت کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري هو ۽ شراب کي خدا طور پوڄيو ويندو هو، جهڙي طره قدرت جي انهن مهربان طاقتن کي پوڄيو ويندو هو، جيڪي انسان جون مددگار هونديون هنيون. پر سمجهو ته هڪ چاقو آهي ، جيڪو هڪ دفعو ٺهي ويو ۽ پوءِ ان کي گسائي تيز ڪيو ويو، ۽ هاڻي جيڪڏهن ان کي هڪ ڀيرو وري باهه جي وچان لنگهايو وڃي؟ هاڻي باهه ۽ مترڪن سان ڌڪ ان کي ناس ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪري سگهندا؟
    ”ماڻهو ، بهرحال، اهو اسرار ڪن ٿا ته يا ته شراب انسان ذات لاءِ هميشه جي واسطي فائديمند ۽ نفع بخش هو ، يا ته اهو شروع کان ئي نقصانڪار هو، ۽ اهي ايترو نه ٿا سمجهي سگهن ته هر ڪا شيءِ زمان ۽ مڪان جي بندش اندر محدود آهي. ساڳيءَ طرح ماڻهن کي انسانذات جي مختلف قومن ۾ رنگ جي فرق بابت ڳالهائيندو ٻڌڻ حيرت انگيز آهي. اهي ماڻهو ڏاڍي آسانيءَ سان هن ڳالهه کي وساري ٿا ڇڏن ته ڪنهن زماني ۾ ڪاري رنگ جي پرستش ڪئي ويندي هئي.
    ”انهيءَ سلسلي ۾ آءٌ اوهان کي پنهنجن ٻن نهايت ئي پيارن ڀائرن ، ”مرلي واري شهزادي ۽ انگور جي ولن واري شهزادي جا مثال ڏئي سگهان ٿو، جيڪي سانوري رنگ جا هئا، پر انتهائي خوبصورت هئا ۽ جن کي انسان ذات طرفان ڏاڍي محبت سان ڏٺو ويندو آهي. انهن ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي وقت ۾ ڪارو سڏيو ويندو هو. ڪارو رنگ ئي اها شيءِ هئي ، جنهن جي ذريعي سان انهيءَ جذبي جو اظهار ڪيو ويندوهو ، جيڪا انهيءَ زماني ۾ سڀني کان اعى ترين خوبي هوندي هئي. اهو جذبو ، جنهن جي پيداوار جماليات ۽ فن هئا ، اهو جذبو ، جيڪو قدرت جي حسن ۽ خوبصورتيءَ ۾ سڀ کان پهريون ليئو پائيندو هو، ۽ جيڪو دنيا کي حسن ۽ خوبصورتي ڏيندو هو. هو اها ڳالهه نه وساري ويهن ٿا ته ڪاري حسن جي تعريف جا گيت هر دؤر جي شاعرن طرفان ڳايا ويا آهن. آءٌ ٻڌان ٿو ته فارسي شاعر ، حافظ جون اهڙيون سٽون به آهن ، جيڪو پاڻ سفيد چمڙي وارو آهي، جن ۾ هو ”ڪاري چمريءَ واري هڪ اهڙيءَ هستيءَ جو ذڪر ڪري ٿو جنهن تي دنيا جي ميٺاڄ جو دارومدار آهي.“ هواها خوبي پنهنجي معشوق جي ٻڌائي ٿو. خود اينگلو سيڪسن شاعرن جو سربراهه اڃا تائين ڪاري حسن جي تعريف ۾ گيت ڳائي رهيو آهي.
    ”هن وقت جنهن عنصر ۾ انساني ذهن ڪم ڪري ٿو ، تنهن کي انتهائي حد تائين غيرجذباتي ۽ هر جذبي کان قطعاً آزاد هئن گهرجي، جيڪا به شيءِ انهيءَ ۾ خلل پيدا ڪري ٿي، سا بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي هڪ نقصانڪار جز آهي جهڙي طرح منهنجي دوستن ”راهنما“ ۽ ”پيغمبر“ انهن تي زور ڏنو آهي.
    ”پر هن ڳالهه کي وسارن نه گهرجي ته انهيءَ جي ڪري ڪاري رنگ ۾ وڏي کان وڏي مقابلي جو رجحان رهي ٿو. (خصوصاً جڏهن ان کي شراب سان لالچايو وڃي ٿو) ۽ ان ڪري مادي ان جواثر مادي ۾ پرواز پيدا ڪرڻ جو آهي ۽ هڪ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ٻاهريون دٻاءُ ان کي اعليٰ ترين مقصدن لاءِ هڪ خوبصورت هيري جي صورت ڏيئي ڇڏيندو. ”هر شيءِ جو پنهنجو وقت هوندو آهي.“ عظيم فطرت هر شيءِ جو استعمال ان جي موزون وقت تي ڪندي آهي، جڏهن اها استعمال جي لاءِ پچي راس ٿي ويندي آهي.
    ”اهو ماڻهو وڏو بي خبر ۽ جاهل آهي، جيڪو ائين سمجهي ٿو ته اهو ئي محض هن ڪري ٻين سڀني کان خاص طرح وڌيڪ سٺو آهي، ڇاڪاڻ ته هن کي هڪ خاص وقت تي، اهڙيءَ طرح استعمال جي شيءِ بنايو ويو آهي، جهڙيءَ طرح اڇي رنگ کي هن دور ۾ بنايو ويو آهي.
    ”هاڻي پنهنجي اصلي موضوع ڏانهن واپس اچون ٿا، آءٌ چوان ٿو ته جڏهن ”هوما“ ۽ ”سوما“ ۽ ڊيئونيسس کي، جيڪي شراب جا ديوتائون هئا، پوڄا ڪرڻ لائق هستيون بنايو ويو هو، ته ان وقت به، جيئن مون هن کان اڳ چيو آهي، منهنجي قوم وٽ شراب جو ڪو ديوتا ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته عمل، اڳيئي انهن جي خاص خوبي بنجي چڪو هو، پر ويجهڙائيءَ ۾، اهي تمام آسانيءَ سان آفيم جي عادت ۾ ڦاسي ويا،جڏهن اها شيءِ کين آڇي ويئي، ڇاڪاڻ ته آفيم سڪون بخشيندڙ آرام ڏيندڙ شيءِ هئي، ۽ هنن جي فطرت جي بلڪل خلاف ان جو ابتو طرف پيش ڪري رهي هئي. جيئن ته منهنجي انهيءَ قوم جي خوبي، جن جي وچ ۾ آءٌ رهندو هوس، عمل هئي، ان ڪري منهنجو ڪم اهو هو ته آءٌ انهن جي انهيءَ خوبيءَ کي قاعدي ۽ قريني سان هلايان ۽ انهن جي عمل کي صحيح رخ فراهم ڪريان، ۽ منهنجو دوست لائو-ٽزي پنهنجي اندر جي معائني ۽ مطالعي لاءِ تجويوزون پيش ڪندو رهندو هو. اهڙيءَ طرح اسين ٻيئي، هڪ طرح سان هڪٻئي جا ٻه لازمي جز هئاسون.“
    اهوئي موقعو هو، جڏهن ڀوري ڇوڪريءَ جي نگاهه عظيم ”راهنما“ تي وڃي پيئي، جيڪو پنهنجيون اکيون بند ڪري سڪون ۽ آرام سان ويٺو رهيو هو ۽ هاڻي هن سندس چپن تي وڻندڙ مرڪ جو شائبو آڻي، نرميءَ سان مٿي ڏٺو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    * * *
    ”هيءُ غور و خوض سچ پچ ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ هو،“ هن چيو، ”ان طرح منهنجي اکين آڏو اهي سموريون منزلون گذري ويون، جن مان آءٌ هڪ فرد جي حيثيت ۾ گذريو هوس. انساني دماغ جي پرورش عجيب و غريب انداز ۾ ٿي آهي. هن ڳالهه کي عام طور نٿو سمجهيو وڃي ته انسان ذات جي هڪ فرد ۽ جماعت ۽ آخر ۾ سڄي انسان ذات جي هڪ ئي ڪٽنب وانگر ارتقا نهايت عجيب و غريب ۽ حيرت انگيز نموني ٿي آهي. مثال طور، خود انهيءَ ملڪ ۾، جنهن ۾ مون جنم ورتو، اهڙي وقت ۾ جڏهن خانداني-ديوتا جي پوڄا ۽ سخت ترين مذهبي رسم و رواج ئي الهامي مذهب جي واحد صورت هئي ۽ ٿي پئي سگهي، تڏهن به ڪجهه اهڙا غير معمولي ۽ ڳاڻ ڳڻيا فرد موجود هئا، جيڪي مذهب جي راهه تي گهڻو اڳتي نڪتل هئا، پر انهن کي عام ماڻهن کي انهيءَ پيغام پهچائڻ يا سندن تجربي ظاهر ڪرڻ جي اجازت ڪانه هئي.
    ”۽ جڏهن آخري پيغام سڄي زمين لاءِ هڪ ئي خالق ۽ خدا جي وجود جو اعلان ڪيو، تڏهن به هن دنيا ۾ اهڙا ڪيئي انسان موجود آهن، جيڪي اڃا تائين خانداني-ديوتائن جي پوڄا پاٺ واري انتهائي پست منزل تي آهن، ۽ ڪي قبيلائي- ديوتا جي پوڄا جي منزل تي آهن، جن کي پنهنجي قبيلي جي دائري کان ٻاهر ڪا چڱائي نظر ڪانه ٿي اچي، البت اڪثر انسان قومي اخلاقيات جي مالڪ، قومي –ديوتا جي قربان گاهه آڏو جهڪن ٿا.
    ”سڀ کان قابلِ توجهه ڳالهه اها آهي ته جيئن ئي پيغام ظاهر ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ منزل پوري اختياريءَ سان متعين ڪئي وڃي ٿي، ته پوءِ انهيءَ وقت کان وٺي اڳتي لاءِ ان جي ڪنهن حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ ان جي برعڪس عمل ڪرڻ گناهه ٿي پوي ٿو. اهو عمل، جنهن کي اسين گناهه سڏيون ٿا، سو هڪ فرد يا جماعت جي مستقبل واري زندگيءَ يا ان جي بقا جي معاملي ۾ فيصلا ڪن اهميت جو حامل ٿئي ٿو.
    ”افسوس اهو آهي ته اڪثر وقتن تي ماڻهو پيغام آڻيندڙ ۽ تعليم ڏيندڙ جي تعليم ۾ دلچسپي وٺڻ جي بدران، سندس شخصيت ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳن ٿا. اها ڳالهه مونجهارو پيدا ڪري ٿي. منهنجي معاملي ۾ اهائي ڳالهه ٿي هئي. ماڻهن منهنجي زندگيءَ جي سڀني شخصي ۽ ذاتي واقعن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ۽ اهو فيصلو ڪيو ته خوشيءَ جي ڳولا، منهنجي زندگيءَ جو اصل مقصد هو. هو منهنجي زندگيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ هيءَ حقيقت به نه پئي پڙهي سگهيا ته ناراضپو، جيڪو بذات خود خوشيءَ جو ضد آهي، منهنجي زندگيءَ ۾ انتهائي طاقتور عنصر ثابت ٿيو هو، جيڪڏهن اهو ڏک نه اچي ها، ته ڇا، آءٌ ڪنهن چيز جي جستجو ڪريان ها؟ ان ڪري اوهان ڏسو ٿا ته ڏک ۽ غمگيني آخرڪار اهڙي خراب ناهي. اها حقيقت، جديد دور جي انسان کي به، ڪڏهن واضح نظر نٿي اچي.
    ”لاشعوري ذهن، جنهن جمالياتي طور تحت الشعوري نموني ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو هو، تنهن کي هاڻي ”خودي“ ۽ انهيءَ ”ٻئي“ جي متعلق پوريءَ طرح شعور حاصل ڪرڻو هو ۽ کيس سمجهڻو هو ته شعوري بيداريءَ جي منزل، نراسائيءَ، ناراضپي، ۽ دک درد کانسواءِ ڪڏهن به ماڻي نه ٿي سگهجي. اوائلي منزلن ۾ مذهبي رسم و رواج جي ادائگيءَ، ساٺ سؤڻ ۽ ان جي ظاهري شڪل و صورت نسل جي افزائش، شخصي جائداد وغيره تي جيڪو حد کان وڌيڪ زور ڏنو ويو هو، ، تن سڀني پنهنجو پنهنجو ڪم سرانجام ڏيئي ڇڏيو هو، ۽ هاڻي انهن کي رد ڪرڻو هو.
    ”هاڻي اهڙو وقت اچي ويو هو، جو انساني دل، جنهن احترام وارو ’توجهه‘ ڏيڻ سکيو هو، تنهن کي هاڻي پنهنجو ڌيان هڪ هنڌ ’مرڪوز‘ ڪرڻ سکڻو هو ۽ وڌيڪ ڇڙواڳيءَ وارن گهڻن ناتن پيدا ڪرڻ بدران، فقط مڪمل ’علحدگي’ ۽ ’نفسي جائزي‘ جي ذريعي هر خارجي شيءِ کان پري ٿي وڌيڪ اڳتي قدم کڻي پئي سگهيو، هڪ لفظ ۾ چئجي ته هو پنهنجي ابتدائي منزل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ تيار هو. مون کي مشرق ۾ انهيءَ ابتدائي منزل جي شروعات ڪرڻي هئي، جهڙيءَ طرح منهنجي محترم ڀاءُ، ’نزريني‘ (حضرت عيسيٰ عه) کي مون کان ڪجهه پوءِ مغرب ۾ ڪرڻو هو.
    ”اها راهه، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ ’آريائي-راهه‘ سڏيو ويندو هو، سا هاڻي انهيءَ نئين ڏيکاريل منزل جي ڀيٽ ۾ رسمن رواجن ۽ لڳ لاڳاپن جي ور وڪڙ کائيندڙ گهاٽي ٻيلي ۾ رلڻ ۽ ڌڪن کائڻ ۽ ان ۾ گم ٿي وڃڻ جيان هئي، ۽ اها سچ پچ ته اڻ-آريائي يا خانه بدوشيءَ واري راهه هئي.“
    ”لفظ ’منهنجو‘، جيڪو اصل ۾ خوديءَ جي تعمير ڪرڻ جو ذريعو ۽ سرچشمو هو، سو هاڻي انهيءَ ’خوديءَ‘ جي وڌيڪ اوسر ۽ واڌاري جي راهه روڪي رهيو هو، جنهن کي ٿوري گهڻي حد تائين جسم ۽ خارجي تعلقات سان شناخت ڪيو ٿي ويو. هاڻي زمين جي هر کيڙ يا تعلقات ۽ لڳ لاڳاپن وڌائڻ جي نه، بلڪه خود پاڻ کي کيڙڻ جي ضرورت هئي. اها شروعات هڪ فرد سان فرد جي حيثيت ۾ واسطو رکي رهي هئي، ۽ عالمي صورت سان فقط ان صورت ۾ واسطو رکي رهي هئي، جيئن اها مخصوص حالت ۾ ۽ خاص حالت لاءِ عڪس ڏيئي رهي هئي، پر ان جو تعلق انبوهن، انهن جي باهمي تعلقات ۽ لڳ لاڳاپن سان واسطو ڪونه هو. اها فقط انفرادي انساني ذهن سان ان جي تارڪ ٿيل حالت سان واسطو رکي رهي هئي. ذهن ۾ خوديءَ جو پورو پورو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ، ان جو اظهار متضاد هئڻ گهربو هو.
    ”هر اهڙي عمل ۽ فعل کي ناجائز ۽ ممنوع قرار ڏيڻ ضروري هو، جنهن لاءِ انساني دل، خود ذهن تي صفائي ۽ پاڪائيءَ لاءِ شعوري طور ۽ ارادي سان حڪم نه ڏنو هو. ظاهري طور طريقي ۽ رسم و رواج کي زهريلو سمجهڻو هو. ڇاڪاڻ ته ذهن ۽ دل جي مڪمل بيداري ۽ ان جو شعور مول مقصد هو. اهو ئي هڪ رستو هو، جنهن سان انساني دل ۽ دماغ، مستقبل جي عمل لاءِ پوپٽ وانگر ڪامل ٿي ٻاهر نڪري پئي سگهيو. مون کي ديوتائن جي پوڄا کي به بند ڪرائڻو پيو، ڇاڪاڻ ته انهن جي پوڄا منهنجي ماڻهن لاءِ هڪ دستور ۽ رواج بنجي چڪي هئي. ان کان علاوه، اها پوڄا انساني ذهن کي ڪيترين ئي شين جي درميان ورهائي رهي هئي.
    ”ساڳيءَ طرح مون کي انهن کي هن کان پوءِ ايندڙ زندگيءَ سان واسطو رکڻ ۽ ان لاءِ فڪرمند ٿيڻ جي خيال تان لاهڻو پيو، ڇاڪاڻ ته هنن کي اڳيئي انهيءَ سان هڪ غلط نموني ۾ واسطو ۽ تعلق هو، جو اهي ايندڙ زندگيءَ کي عيش عشرت واري دنيوي زندگيءَ جي توسيع ۽ شاخ سمجهي رهيا هئا. اهو غلط تصور سندن دماغ ۾ پيدا ٿيل نئين تعلق جي صورت ۾، جنهن لاءِ سندن ذهن کي تيار ٿي ڪيو ويو، ۽ جنهن کي انهن جي طاقت جي ذري پرزي جي ضرورت هئي، مونجهارو پيدا ڪري رهيو هو.
    ”جيئن توهان سڀيئي ڄاڻو ٿا، انهيءَ منزل جي باري ۾ اڃا گهڻو چئي ٿو سگهجي، جنهن جو مطلب اهو هو ته جيستائين انساني ذهن عام شين جي معنيٰ کي سمجهڻ، ۽ خود پنهنجي دل کي پاڪ ۽ صاف ڪرڻ ۽ ترقي ڏيڻ لاءِ پاڻ ئي عزم نه ٿو ڪري، تيستائين ظاهري طور ۽ طريقا يا ٻاهرين مدد ان جي لاءِ، ڪنهن ڪم جي ٿي نه ٿي سگهي.“
    * * *
    نزريني چيو ته ”منهنجي مهم ۽ منهنجو ڪم، منهنجي ڀاءُ، ’راهنما‘ جي ڪم سان مشابهت رکندڙ هو، هن کي به مون وانگر جسماني طور آواره گردي ڪرڻ ۽ هڪ خانه بدوش وانگر نظر اچڻ ۽ هر قسم جي مِٽين مائٽين ۽ پنهنجي گهر ٻار کان جدا ٿيڻو پيو هو. هن کي سندس بيک وٺڻ واري ڪشڪول کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ساڻ کڻڻو هو، ۽ نه ملڪيت ۽ مال گڏ ڪرڻو هو. اها ڳالهه هن جي لاءِ ضروري ڪانه هئي، پر سندس مهم جي ڪاميابيءَ لاءِ اِهالازمي هئي. مون سان به ساڳي حالت هئي.
    ”مون پنهنجي قوم جي ماڻهن کي صاف طور چئي ڏنو ته آءٌ سندن گهرن گهاٽن ۽ مِٽين مائٽين کي ناس ڪرڻ ۽ پيءُ کي سندس ٻار کان، ۽ ٻچي کي سندس ماءُ کان جدا ڪرڻ لاءِ آيو هوس.
    ”مون کين چيو ته هڪ طرف، جيسين هو پاڻ کي پنهنجين چلهين جي ديوتائن، اناج-ديوتائن ۽ ڪٽنبي- ديوتائن کان جدا نه ڪندا، ۽ ٻئي طرف هو ظاهري رسم و رواج ۽ طور ۽ طريقن ۽ کين ڌرتيءَ تي مليل زندگيءَ ۾ محو ٿي رهڻ جي خيال کان پاڻ کي ڇني جدا نه ڪندا، تيسين هو اهي ڳالهيون سمجهي نه سگهندا، جيڪي منهنجي پيغام ۾ شامل آهن. مون کي، منهنجي ڀاءُ، راهنما جي ابتڙ، اسرائيلين جو ڌيان آئينده جي زندگيءَ ڏانهن ڇڪائڻو هو، ڇاڪاڻ ته ’راهنما‘ جي قوم جي برعڪس، هنن ڪڏهن به انهيءَ زندگيءَ جي باري ۾ ڪونه سوچيو هو. منهنجي مهم جو اظهار پڻ متضاد صورت ۾ ٿيڻو هو.
    ”مون کي انهيءَ ڳالهه جي خلاف ردِ عمل پيدا ڪرڻو هو، جنهن کي اهي اهڙي سختيءَ سان چنبڙيا پيا هئا. هنن جو خاص خيال ظاهري رسم و رواج ۽ دستور تي، ۽ ساٺ سوڻ، تقريبات ۽ ظاهرداريءَ تي هو، جنهن تي سختيءَ سان عمل ڪندا هئا، اها اهڙي هلت هئي جو مون کي ان جي ابتڙ هلت تي زور ڏيڻو پيو. خسيس ۽ بي وقت ظاهري فعلن ۽ طريقي تي ايترو ته گهڻو توجهه ڏنو ويندو هو، جو مون کي مفيد ظاهر ڪمن کي به بي وقت ۽ بي فائده ظاهر ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ’علحدگي‘ ۽ ’خيال جي يڪسوئي‘ فقط دل ۽ دماغ جي سرگرمي اصل مقصد واري هئي. مون انهن کي صاف لفظن ۾ چيو ته جيڪڏهن هو فقط خيال ۾ ئي ڪنهن سان زنا ڪندا ته جيتوڻيڪ اهي سچ پچ انهيءَ گناهه ۾ شرڪت نه به ڪندا، تڏهن به انهن گناهه جو ڄڻ ارتڪاب ڪري ڇڏيو.
    ”هو ڪنهن به زيادتيءَ جي انتقام وٺڻ تي ايتري سختيءَ سان عمل ڪندا هئا، جو مون کي ان جو اثر زائل ڪرڻ لاءِ کين ٻيو ڳل اڳيان ڪرڻ جي تعليم ڏيڻي پيئي، تنهن کان سواءِ، جيئن ته مغرب کي هڪٻئي سان وڙهڻ کان سواءِ ٻي ڪا خبر ئي ڪانه هئي، ان ڪري مون کي محبت جو خاص پيغام ڏيڻو پيو. پر اهي سڀ ڳالهيون منهنجي مهم ۽ مقصد جون فروعي ۽ ضمني ڳالهيون هيون، ۽ نه اصل ۽ ضروري ڳالهيون. اهي ته فقط انهن ابتدائي رڪاوٽن کي هٽائڻ ۾ مدد ڏيندڙ هيون، جيڪي اصل راهه جي منهن ۾ رنڊڪ بڻيون بيٺيون هيون.
    ”انهن مقامي تفاوتن سان، منهنجي مهم جو اصل مقصد بلڪل اهو ئي هو، جيڪو منهنجي ڀاءُ ’راهنما‘ جو مشرق ۾ هو، يعني ذهن کي ابتدائي منزل ۾ داخل ٿيڻ جو سبق ڏيڻ ۽ ان کي جسم جي زندگيءَ کان الڳ، سندس ذاتي انفرادي باشعور حيات جو احساس ڏيارڻ هو. توهان اڳ ۾ ننڍڙي زندگيءَ کي ناس ڪرڻ کان سواءِ وڌيڪ وڏي زندگي تعمير نٿا ڪري سگهو. خانهء خدا جو ٿي رهڻ لاءِ رت جا رشتا ٽوڙڻ جي ضرورت هئي.
    ”ابن ڏاڏن ۽ شجرن جي اهميت جو خيال ايتري قدر ته پختو ۽ مستحڪم هو، جو خدا جو ذڪر پيءُ جي رشتي ۽ مائٽيءَ جي ذڪر سان گڏوگڏ ڪرڻ ضروري هو، پر ان ۾ فقط اهو امڪان هو ته اهي اهڙي رشتي جو احساس ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن دنيوي ابن ڏاڏن کي گهٽ قدر جي نگاهن سان ڏسن ها، منهنجو واسطو صرف هڪ فرد سان هو. جهڙيءَ طرح منهنجي ڀاءُ ’راهنما‘ جو واسطو هو.
    ”مون کي جماعتن جي زندگيءَ سان ڪو واسطو رکڻو ڪونه هو، ان ڪري منهنجي منزل مقصود، انهن جي نه سياسي زندگي هئي ۽ نه سماجي زندگي، منهنجو مقصد هر دل ۽ دماغ کي انفرادي حيثيت سان سندس نئين زندگيءَ لاءِ ترتيب ڏيڻ هو، منهنجو مکيه ڪم اهو هو. اهو ئي سبب هو جو جڏهن آءٌ سماجي، سياسي ۽ خانداني زندگيءَ سان واسطو رکندڙ ڳالهين جو ذڪر ڪندو هوس، ته هميشھ بيپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندو هوس.“
    هن وڌيڪ چيو ته منهنجي مهم جو موضوع هو، ”انسان جو ڪمال، خود پنهنجي وجود ۾“ آهي. هن اسرائيلين جي اڳواڻ موسيٰ عه ڏانهن مُنهن ڪندي چيو ته ”مون هنن کي صاف لفظن ۾ چيو ته آءٌ اهو ضايع ڪرڻ لاءِ نه آيو آهيان، جيڪو هنن وٽ اڳيئي موجود هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ کان سواءِ هيءَ نئين تعليم ناممڪن ٿئي ها،- پر ظاهري رسم و رواج ۽ ساٺ سوڻ جيڪي کين سيکاريا ويا هئا، تن هيلتائين گهڻو ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي اهي رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن. هنن پنهنجو سبق وري وري ياد ڪيو هو ۽ هاڻي ٻئي سبق کان سواءِ واڌارو ممڪن نه پئي ٿي سگهيو.“
    * * *


    10

    ”منهنجا معزز دوستو“، ’پيغامبر‘ چيو، ”اسان جي هن ڌرتيءَ تي گڏجاڻي وڏي خوشيءَ جو باعث ٿي آهي، جيئن اوهان پاڻ آسانيءَ سان سمجهي سگهو ٿا. اها خوشي جيڪڏهن ٻئي ڪنهن سبب کان نه، ته گهٽ ۾ گهٽ هن سبب ڪري ٿي آهي، جو هيءُ پيغام آڻڻ منهنجيءَ قسمت ۾ آيو ته انسان جي وڌيڪ ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ههڙي گڏجاڻي انتهائي ضروري هئي. انهيءَ ڳالهه مان منهنجي خصوصي مهم بابت پڻ سمجهاڻي ملي وڃي ٿي. جيڪا هيءَ آهي ته منهنجي مهم انسان لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانه آندي آهي، بلڪه جيڪي ڪجهه اڳي ئي چيو ويو آهي، تنهن کي ئي دهرائي ٿي. مون کي اوهان جي پيغامن کي دهرائڻو هو. پر انهن سڀني پيغامن جي موزون تناسب جي ميلاپ انسان لاءِ هڪ بلڪل ئي نئون منظر پيش ڪيو آهي.
    ”منهنجي اچڻ جو مقصد، اهو مجموعي پيغام پهچائڻ هو، جنهن ۾ سڀ مخصوص پيغامات شامل ڪيل آهن ۽ جن کي گڏي هڪ مڪمل پيغام بنايو ويو آهي. ان ڪري آخري الهامي پيغام ۾ هن ڳالهه تي زور ڏنل آهي ته دنيا ۾ مختلف مذهب نه، بلڪه هڪ ئي مذهب آيو آهي. انهيءَ آخري پيغام ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته انسان هاڻي بالغ بنجي چڪو آهي.
    ”هائو“، هن ”راهنما“ ۽ ”نزريني“ ڏانهن منهن ڦيرائيندي وري چيو، ”انسان توهان جي مهربانيءَ سان، ابتدائي ابهم واري منزل مان لنگهي چڪو آهي ۽ هاڻي هو بلوغت واري اوستا کي پهچي ويو آهي ۽ هن کي هڪ فرد جي حيثيت ۾ (مرد ۽ عورت، ٻنهي کي) ذميوار بنايو ويو آهي ۽ هن کي (مرد ۽ عورت، ٻنهي کي) چونڊ ڪرڻ جي آزاديءَ جي نعمت عطا ڪئي ويئي آهي.
    ”جيئن اوهان فرمايو، هنن لاءِ ڪنهن به فعل ۽ عمل کي ابتدائي ۽ معصومانه اوستا ۾ به، ڪو قدر قيمت ڪونه هو، بشرطيڪ اهو عمل ارادي سان ڪيل هو ۽ انساني دل ۽ دماغ ان جو شعوري طور امر ڏنو هو. هڪ خودمختيار ۽ آزاد انفراديت جي ارتقا لاءِ، توهان جنهن ”علحدگي“ تي ايڏو زور ڏنو هو ۽ جنهن کان سواءِ انساني دل ۽ دماغ هڪ آزاد ايجنٽ طور ڪڏهن به وجود ۾ نه اچي سگهي ها، سا اڄ به اوتري ئي اهميت واري آهي، جيتري توهان ان کي اهميت ڏيئي پيش ڪيو هو، پر فرق فقط ايترو هو ته هاڻي انسان کي، انفراديت جي انهيءَ علحدگيءَ سان مسلح ٿي پاڻ کي انهيءَ عالمي ڪُل جو هڪ حصو تصور ڪرڻو هو، ۽ نه انهن جزوي ڪُلن ۽ لاڳاپن جو حصو سمجهڻو هو، جنهن کان ابتدائي عمر وارن مرحلن جي علحدگيءَ ۽ جدائيءَ کان هن کي نجات ڏيارڻي هئي.
    ”خاندان، پاڙيسري، قوم، اهي سڀ اڄ به اتي موجود آهن، پر هن کي انهن جي عالمي حيثيت سان گڏ رهڻو ۽ عمل ڪرڻو آهي، جيڪا هن جي اصل بيخ و بنياد آهي، ۽ جيڪا پوءِ به سندس گهر ٿيندي. آخري پيغام وري به ابن ڏاڏن جي پوڄا، گهر ۽ چُلهه جي پوڄا جي اصول ۽ نظريي جي ٻيهر تصديق فقط هن فرق سان ڪري ٿو، ته هاڻي فقط حقيقي ابي ڏاڏي ۽ سچي پچي گهر کي پوڄا ۽ پرستش جون شيون بنايو ويو آهي.
    ”اهو سڄي صورتحال جي حقيقت جو تت هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو: ’اسين الله جي طرف کان آيل آهيون ۽ الله ڏانهن واپس وڃون ٿا.‘
    ”جيئن توهان پاڻ منهنجا پيارا دوست نزريني، چيو ته توهان ناس ڪرڻ نه، بلڪه اڳئين ڳالهه جي تصديق ڪرڻ لاءِ آيا هئا، تيئن آءٌ هر انهيءَ ذري پرزي جي تصديق ڪرڻ لاءِ آيو هئس، جيڪو ڪڏهن هيو، آهي ۽ هن کان پوءِ هوندو، انسان سچ پچ ته هميشھ پنهنجن ابن ڏاڏن جي پوڄا ڪئي آهي. چاهي اها هن جي پيئرن جي صورت ۾ رهي آهي، يا جانورن ۾ يا وڻن ٽڻن، پاڻيءَ يا مٽيءَ ۾، خواه اها سج ۾ رهي آهي يا چنڊ ۾، ”ورونا“ يا ”ايٿر“ جي صورت ۾ رهي آهي، هر صورت ۾ اها ابن ڏاڏن جي پوڄا رهي آهي. فقط ماڻهوءَ جي نظر سڀني شين جي اصلي ابي ۽ انهن جي حقيقي گهر تائين پهچي نه پئي سگهي. مرد نوجوان هو ۽ عورت وڌيڪ نوجوان هئي.
    ”آخري الهامي پيغام هنن جي فطرت سان رابطو پڻ برقرار رکي ٿو، جنهن کي اهي بيشمار ۽ واضح شين جي صورت ۾ پوڄيندا هئا. اها انسان جي ذهن جي رهنمائي قدرت جي انهيءَ واحد ۽ ساڳئي مظهر جي حيثيت ۾ مشاهدي ۽ پيار ڀرئي مطالعي ڏانهن ڪري ٿي، جنهن ڏانهن اهڙو مطالعو انسان جي رهنمائي ڪندو، ۽ جيئن وڌيڪ اونهائي تائين ليئو پائبو، تيئن وڌيڪ وڏي رحمت جو مشاهدو ڪبو.
    ”اڪثر ماڻهن کي صرف خوشيءَ جو فڪر رهي ٿو، پر توهان، منهنجا معزز ڀاءُ، هنن کي اڳيئي سمجهائي ڇڏيو آهي ته خوشي بذات خود ڪا اهڙي شيءِ ڪانهي، جنهن جي ڳولا ڪجي، ڇاڪاڻ ته اها ڪا شيءِ نه، بلڪه اها هڪ حالت آهي، جيڪا ڪن خاص حالت جو مجموعي نتيجو هوندي آهي، جيئن ئي اهي شرط شروط پورا ٿين ٿا، تيئن ئي اها بنا گهرڻ جي پنهنجو پاڻ هليو اچي، ۽ اها حالت جيڪا وڏي کان وڏي رحمت سان گڏ اچي ٿي، سا ئي انسان جي ”اصلي بنياد“ ۽ ”اصلي گهر“ جو احساس ڏياري ٿي. ’ڇا، هن اهو محسوس نه ڪيو آهي ته کيس وڏي ۾ وڏي خوشي فقط سڃاڻپ يا احساس وارين گهڙين ۾ حاصل ٿئي ٿي، چاهي اها جمالياتي يا دماغي آهي؟“
    ”اهو ئي سبب آهي، جو آخري الهام ۾ چيو ويو آهي ته وڏي ۾ وڏي نعمت ۽ رحمت، انهيءَ جي قربت ۽ ديدار ۾ آهي، جنهن ڏانهن هيءَ سڄي ڪائنات وڃي رهي آهي، ۽ جنهن جي ڳولي هٿ ڪرڻ ۾، هن سڄي دنيا کي پنهنجو مقصد ۽ مستقل آرام ملي ويو آهي. جن لفظن ۾ اها هن ڳالهه جو بيان ڪري ٿي، سي هي آهن ته تخليق اها چر پر آهي، جنهن جو مقدر به آهي ۽ جنهن جي رهنمائي به ڪئي وڃي ٿي، ۽ ان جو توازن، ان جو انهيءَ منزل ڏانهن موٽڻ ۾ آهي، جتان اها اصل ۾ نڪتي هئي ۽ هر اها ڳالهه جيڪا انهيءَ کي ان توازن تائين پهچڻ کان روڪي ٿي، سا اها ئي ته آهي ، جنهن کي گناهه يا برائي چئجي ٿو، ۽ جيڪا شيءِ ان کي سندس صحيح سمت يا مقرر ٿيل رستي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿي، اها ئي نيڪي يا چڱائي آهي. انهيءَ توازن پيدا ڪرڻ واري عمل مان ئي عدل ۽ انصاف جو وجود پيدا ٿئي ٿو.
    ”انسان جي معبود جي متعلق ڄاڻ ۽ معلومات پڻ، قدم بقدم اڳتي وڌي آهي. انهيءَ وقت ۾ به، جڏهن انسان کي هڪ کان وڌيڪ ديوتائون هئا، هر هڪ ماڻهوءَ، گهراڻي يا جماعت کي پنهنجو هڪ دلپسند ديوتا الڳ هوندو هو، جنهن کي اهي پنهنجو ديوتا سڏيندا هئا. ان طرح سان، هڪ ئي معبود جي پوڄا، انسانذات جو هميشھ کان وٺي مذهب رهيو آهي.
    ”آخري الهام ۾، البت هڪ ديوتا يا هڪ هستيءَ جي پرستش جو ذڪر ڪونهي. اهو پيغام هن کي تخليق جي متعلق سمجهاڻي ڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته تخليق، جيئن اسان سڀني کي معلوم آهي، حرڪت يا چرپر آهي، ۽ حرڪت کي سندس پنهنجو عددي زاويو آهي. جيئن ئي مادو، جيڪو حرڪت جو هڪ ٻيو نمونو يا ان جي ٻي صورت آهي. غير مادي شڪلين ۾ تحليل ٿي وڃي ٿو، ته پوءِ ماڻهوءَ لاءِ فقط ان جي عددي ڄاڻ ئي ممڪن رهي ٿي، جيسين هو ”حق“ جي ايترو وڌيڪ قريب پهچي ٿو، جتي هن جي دل ۽ دماغ جي دسترس ڪانهي.
    ”انسان قدرتي شين جي پوڄا ڪرڻ واري منزل کان پوءِ، نظرياتي شڪلين جي پرستش ڪرڻ لڳو، جيئن منهنجي دوست سقراط کي چڱيءَ طرح معلوم آهي. انسان طرفان نظرياتي صورتن کي پوڄا جي لائق شيون بنايو ويو، پر هڪ دفعو وري ٻيهر،“ هن منو ۽ راهنما ڏانهن منهن ڦيرائيندي وڌيڪ چيو، ”هرهڪ صفت کي هڪ جدا ديوتا جي صورت ڏيئي ماڻهن پنهنجو پنهنجو شخصي ديوتا بنايو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ انسان جو نوجوان ۽ ننڍي ڄمار وارو ذهن هڪ وقت تي، فقط هڪ صفت جو تخيل پاڻ ۾ سمائي پئي سگهيو.
    ”منهنجي دوست منوءَ پنهنجن ماڻهن کي ٽن سِرين واري ديوتا جو جيڪو نظريو پيش ڪيو، تنهن بابت کيس معلوم هو ته ان جو مطلب، خدا جي ٽن صفات، يعني خالق، رب ۽ توازن قائم ڪندڙ يا سڀني کي ساڳي هڪ سطح تي آڻيندڙ، يا جنهن کي اڻ گهڙيل ٻوليءَ ۾ ’ناس ڪندڙ‘ چيو وڃي ٿو، تن سان هو. انهن صفات مان هرهڪ صفت کي الڳ الڳ خدا جي صورت ۾ پوڄيو ويندو هو. اها وڏي حيرت جي ڳالهه آهي ته هيڏين سارين صدين گذرڻ کان پوءِ به انسان اهو نه سمجهي سگهيو آهي ته ’برهما‘ يعني طاقت –ڪُل، ”شِيوا“ يعني رحم وارو ۽ ”وشنو“ يعني سڀ تي ڇانيل ۽ پاليندڙ، خدا تعاليٰ جون اهي صفتون آهن، جن جو ذڪر آخري الهامي پيغام جي بلڪل پهرينءَ سٽ ۾ ڪيل آهي.
    ”منهنجي سهڻي دوست، ڪرشن کي انهن مان ٽين صفت يعني پالڻ واري جز جو مجسم روپ سمجهيو وڃڻ لڳو هو. خدا جي انهيءَ مخصوص صفت جو مظهر هن کي سمجهيو ويو، ساڳيءَ طرح خود ’وشنو‘ انهيءَ نظرياتي صفت جو مظهر آهي، جيڪا خود خدا جي آهي. پر ”حقيقت“ انهن سڀني جي دسترس کان ٻاهر آهي. آخري الهامي پيغام ۾ اهڙيون ذري گهٽ هڪ سئو صفتون ڄاڻايل آهن، جن کي خدا جي قرب حاصل ڪرڻ لاءِ سمجهڻ ضروري ۽ هر هڪ انسان جي ذاتي ۽ شخصي جدوجهد جي نتيجي ۾ انهن جو شعور حاصل ڪرڻ لازمي امر آهي.
    ”جڏهن انسان انهن صفتن جو شعور خود پاڻ ۾ محسوس ڪيو آهي، تڏهن ئي اها منزل اچي ٿي،جڏهن ماڻهو خدائي ذات جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان جي مظهر طور سندس نمائندگي ڪري ٿو. مثال طور ”بادشاهت“ آخري پيغام ۾ ان کي خدائي صفت ڄاڻايو ويو آهي. انهيءَ جي معنيٰ محض هيءَ آهي ته هرهڪ مرد ۽ هر هڪ عورت کي پنهنجي اندر ۾ خود پاڻ کي بادشاهي صفت محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ ڏهن لکن انسانن ۾ فقط هڪ بادشاهه هئڻ جي بدران، سڀني مردن ۽ عورتن کي پاڻ کي امڪاني بادشاهه ۽ راڻيون سمجهڻ گهرجي ۽ اهڙين صفتن جو مالڪ يا مالڪڻ هئڻ گهرجي، جيڪي هڪ معياري حڪمران جون هونديون آهن.
    ”اهڙيءَ طرح خدا جون سڀ صفتون هر هڪ فرد ۾ محسوس ٿيڻ گهرجن. برهما، شو ۽ وشنو خود هرهڪ انسان ۾ محسوس ٿيڻ گهرجن.
    ”جن ماڻهن کي وڌيڪ ڄاڻ جي ضرورت آهي، تن لاءِ خود ڪتاب موجود آهي.
    ”انساني تجربي جي سموري عرصي دوران ڪجهه ٻيا نظريا: جهڙوڪ ابا ڏاڏا ۽ گهر گهاٽ، پوري زور سان ماڻهوءَ سان چهٽيل رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ انسان لاءِ ذاتي قدر ۽ قيمت موجود رهي آهي. روشني انهن مان هڪ آهي. دنيا جي ابتدا کان وٺي ئي، روشنيءَ کي هڪ نه ٻي صورت ۾، خدائي ذات سان وابسته ڪيو ويو آهي. درحقيقت، مختلف قومن طرفان خدا لاءِ جيڪو نالو استعمال ڪيو ويو، تنهن جي جڙَ انهيءَ لفظ مان نڪتي، جنهن جي معنيٰ ”روشنائي“ هئي.
    ”منهنجي هِن ڀاءُ، زردشت انهيءَ صورت تي زور ڏنو، ليڪن انهيءَ سڄي ارتقائي سلسلي جي تصديق هڪ دفعو ٻيهر آخري الهامي پيغام ۾ وڌيڪ قابلِ فهم ۽ روحاني طريقي سان ڪئي ويئي آهي، ۽ روشنيءَ ۽ باهه جي درميان لطيف فرق کي انهن ماڻهن لاءِ سمجهايو ويو آهي، جيڪي ان کي سمجهڻ جي قوت رکن ٿا.
    ”اهڙيءَ طرح آخري پيغام هر اهڙي نقطهء نظر کي جمع ڪري پيش ڪري ٿو، جيڪو ان کان اڳ آيل سڀني پيغامن ۾ ڪنهن به وقت تي آيو هو. ”انسان لاءِ وقت بوقت جيڪي پيغام ايندا رهيا، تن کي جدا جدا زمانن ۾ ماڻهن جي جدا جدا طبقن ۽ جماعتن جي ذريعي دنيا ۾ ڦهلايو ويو.
    ”اهو ڪم سڀ کان اڳ ۾ پوڄاري يا مهنت ڪيو، جنهن کان پوءِ اهو شهزادي يا سپاهيءَ ڪيو. سڀ کان آخري پيغام ۾ خاص طرح واپاري ۽ پورهيت کي شامل ڪيو ويو. سفر ڪندڙ واپاريءَ کي پيغام کڻي وڃڻو هو ۽ ساڳئي وقت کيس مختلف قوميتن درميان باهمي تعلقات پيدا ڪرڻا هئا. اهو ئي سبب هو، جنهن لا ءِ آخري الهام ۾ ايترن مختلف مقصدن لاءِ سير و سفر کي انسان جي بهترين استاد ۽ معلم طور پيش ڪيو ويو. پر انهيءَ پيغام ۾ جنهن طبقي جي سڀ کان وڌيڪ تعريف ڪئي ويئي آهي، سو پورهيت جو آهي، اهو سمورو مفيد پورهيو، سڌيءَ طرح خدمت ۽ خدائي عبادت ڪري ٿو، جيڪو انسان جي دائمي مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏي ٿو.
    ”ماڻهوءَ جو ڪهڙو به خسيس ڪم هجي، پر جيڪڏهن عالمي مقصد حاصل ڪرڻ جي ارادي سان ڪيو وڃي ٿو، ته اهو عبادت جو بهترين نمونو آهي. انساني ذهن جي انهيءَ منزل ۾، جڏهن اهو اڃا ابتدائي ٻاراڻي اوستا ۾ داخل ٿي رهيو هو، پاڪ ۽ ناپاڪ يا وڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ جي درميان جيڪو فرق ضروري هو، ۽ جنهن جي ڪري تضاد جو خيال پيدا ٿيو، تنهن کي اڳتي هلي عالمي ميلاپ جي ذريعي وري غائب ڪيو ويو. ڪابه شيءِ، پنهنجي ليکي ناپاڪ ۽ پليد ڪانهي، جيستائين ان کي خدائي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم آندو وڃي ته وري اڻوڻندڙ کي لازمي طور اختيار ڪرڻو آهي ۽ وڻندڙ کان هروڀرو ڪترائڻو ۽ پاسو ڪرڻو آهي.
    ”تضاد جو مقصد، قط صلاحيت پيدا ڪرڻ هو. انهيءَ ڪري جڏهن ظاهري طور وڻندڙ نظر ايندڙ شيءِ عالمي مقصد لاءِ نقصانڪار هئي، تڏهن ان کان آسانيءَ سان پاسو ڪري ۽ ان تي ضابطو رکي اڻوڻندڙ کي اختيار ڪري سگهجي. ساڳي طرح دنيا کي تارڪ ٿيڻ جو ڪم مشرق توڙي مغرب ۾ ذهن جي ٻاراڻي اوستا ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ عام ٿي چڪو هو، تنهن جي هاڻي وڌيڪ ضرورت نه رهي هئي. هڪ خاص قسم جي گوشھ نشينيءَ جي تجويز اڃا به ڏني وڃي ٿي، پر ان جو مقصد، هڪ مشترڪه، عالمي زندگيءَ لاءِ ان کي تياريءَ واسطي ڪم آڻڻ آهي، تَرڪ دنيا نه آهي.
    ”جيڪي ماڻهو اها ڳالهه سمجهي نٿا سگهن، تن لاءِ اسان ٽنهي ڄڻن جي زندگين ۾ هڪ مثال موجود آهي، ڇاڪاڻ ته خود راهنما ۽ عظيم نزريني کي به مون وانگر گوشه نشينيءَ ۽ تنهائيءَ واري مرحلي مان گذرڻو پيو هو، پر اها تنهائي فقط مستقبل جي ڪم جي تياريءَ لاءِ هئي. اسان سڀني پنهنجي دنيوي زندگين جي ذري گهٽ آخري ڏينهن تائين، دنيا ۾ محبت سان ڪم ڪيو. چنانچه، اها ڳالهه دنيا کي پراڻي مفهوم موجب ترڪ ڪرڻ جي اصول کي ختم ڪري ڇڏي ٿي. ماڻهوءَ کي سڀئي شيون خدا جون سمجهي انهن سان محبت ڪرڻي آهي، ۽ هن کي انهيءَ محبت جي خاطر هن دنيا ۾ سندس زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين عمل ڪرڻ گهرجي.
    ”هن آخري پيغام ۾ اڻ ڏٺل تي ايمان آڻڻ جي ڳالهه لازمي طور شامل ڪيل آهي.
    ”انهن ماڻهن کي، جيڪي ’انڌي عقيدي‘ سان ڪو واسطو رکڻ نه ٿا چاهين، انهن کي ڳالهائيندي ٻڌڻ ۾ ڏاڍو مزو هوندو آهي. گويا خود لفظ ”ايمان“ ۾ انهن شين تي اعتقاد رکڻ جو مفهوم سمايل ئي ڪونهي، جن جو اڳي تجربو ٿيل نه آهي.الهامي مذهب جي سڄي نظام جو بنياد، انهن ماڻهن جي اختياريءَ تي عقيدي هئڻ ۾ رکيل آهي، جن کي عرفان ۽ ڄاڻ آهي، ۽ ان کان پوءِ انهن جي اهڙي وقت تائين پيروي ڪرڻي آهي، جيستائين ماڻهو انهن کي پاڻ سمجهي. انهيءَ عقيدي کان سواءِ، جنهن کي توهان ايمان چئو ٿا، دنيا انهيءَ منزل تائين نه پهچي سگهي ها، جنهن تي اها بيٺي آهي، ۽ پوءِ به انهيءَ ايمان کانسواءِ، جيستائين دنيا کي سموري حاصلات نه ٿي آهي، تيستائين ان کي لازمي طور ساڪت ٿي بيهڻو ۽ تباهه ٿيڻو پوندو.“

    * * *

    اهي لفظ اڃا مس ادا ٿيا هئا، ته ڀوري ڇوڪريءَ جي نظرن کان سندس سڀ ساٿي ۽ هر ٻي شيءِ غائب ٿي ويئي. انهن جي بدران هن کي ”تاريخ“ جي ڳري ۽ ٿلهي چوغي جا وڪڙ نظر اچڻ لڳا، جيڪي آهستي آهستي سوس کائڻ لڳا، تان جو ”تاريخ“ پاڻ هن جي اڳيان بيٺل نظر آئي.
    ”اسين وري پنهنجي جاءِ تي واپس اچي ويا آهيون،“ هن مشڪندي چيو، ”اميد آهي ته توکي اسان جو هيءُ گهمڻ وڻيو هوندو. مون اڃان ته توکي پنهنجي چوغي جي هڪ وڪڙ ۾ مختصر ليئو پائڻ ڏنو آهي. مون کي توقع آهي ته تو ڏٺو هوندو ته ڪيئن سڄي انسانذات هڪ واضح طور متعين ٿيل منزلِ مقصود ڏانهن قدم بقدم اڳتي وڌندي رهي آهي. آءُ توکي پنهنجي ٻنپهرن واري چهل قدميءَ جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپيءَ واريون ڳالهيون وري ياد ڏياريان ٿو.
    ”تون زردشت طرفان مرتب ڪيل مذهب جي بنيادي مقالي کي ڏسڻ کان نه رهي سگهي هوندينءَ، جنهن کي ٻين وڌائي ترقيءَ جي منزل تي آندو ۽ ساڳيءَ طرح تو ان جي تضاد ۽ وحدت کي به چڱيءَ طرح سان ڏٺو ۽ سمجهيو هوندو.
    ”تون اهو به ڏسڻ کان نه رهي سگهي هوندينءَ ته الهامي مذهب جو مکيه ڪم، انساني ذهن لاءِ دائيءَ، استادياڻيءَ ۽ ماسترياڻيءَ جو ڪردار ادا ڪرڻ رهيو آهي.
    ”هن ان جي ٻاراڻي اوستا ۽ اوسر واري زماني ۾ سندس ضرورتون پوريون ڪيون، هن ان جي ٻاراڻين راندين ۽ جوانيءَ جي ڪثريت وارن آکاڙن ۾ گهربل ساز و سامان مهيا ڪيو، پوءِ ان هن جي تعليم ۽ ضابطي جو انتظام ڪيو، آخر ۾ ان هن جي ”جوانيءَ ۽ بلوغت“ تي پهچڻ واري منزل جو اعلان ڪيو ۽ هن جي وصل ۽ نئين پيدائش کي وجود ۾ آڻڻ لاءِ وڌيڪ ترقي لاءِ هدايتون ڏنيون.
    ”تو پنهنجي تيز رفتار سفر دوران جيڪي ٻيون خاص ڳالهيون ڏٺيون هونديون تن کي، آءُ ڀانيان ٿو، ته تون ”ثقافت“ ۽ ”تهذيب“ جا نالا ڏيندينءَ.
    ”تمام ٿورن ماڻهن اها ڳالهه سمجهي آهي ته اهي خواه ڪيتري قدر به هڪٻئي سان تعلق، واسطو ۽ باهمي داورومدار رکندڙ آهن، پر ان جي باوجود اهي پنهنجي اندر جدا ۽ نمايان وحدتون آهن. ”ثقافت“ جو واسطو فردن سان آهي ۽ تهذيب فردن جي جماعتن ۽ سندن گڏيل زندگيءَ سان تعلق رکي ٿي. مون کي انهيءَ چوڻ جي ضرورت ڪانهي ته مختلف اڪاين جي ميل ميلاپ سان جيڪا وحدت وجود ۾ اچي ٿي، تنهن جي چڱائي يا برائي جو دارومدار اڪاين جي جنس تي ٿئي ٿو.
    ”ٻئي طرف، اجتماعي زندگي“ انسانذات جي فرد جي ثقافت جي آزمائش ڪري ٿي ۽ هن کي سندس سبق کي پڪي ڪرڻ ۽ ڪاميابين کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ميدان فراهم ڪري ٿي. اها اڻسڌيءَ طرح هن کي جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ وڏي جماعت سان مطابقت رکندڙ تعلقات قائم ڪرڻ ۽ ناتن جوڙڻ جي صلاحيت بخشي ٿي، تان جو هو ”ڪُل“ کي سمجهڻ ۽ ان ۾ هڪ ”جُز“ جي حيثيت ۾ پرامن طور رهڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ٿو.
    ”تو زردشت، منو ۽ موسيٰ کي ڏٺو، اهي ٽيئي تهذيب جا نمائندا استاد آهن. زردشت ڪٽنبي زندگيءَ جي ابتدا ڪئي. منوءَ گڏيل خاندان ۽ ڳوٺاڻي اجتماعي زندگيءَ جو بنياد وڌو ۽ اسرائيلين جو قائد موسيٰ عه اهو پهريون اڳواڻ هو، جنهن قبائلي زندگيءَ مان قومي زندگيءَ جي وجود لاءِ گهرايل ضروري عناصر مهيا ڪيا.
    ”پر اهو به ٻڌندي هل ته اهو مخصوص ادارو، مغرب ۾ اڃا تائين سڀني کان وڌيڪ نمائنده ۽ جديد تقاضائن جي مطابق ادارو آهي. يونانين جي شهري زندگيءَ کي پڻ پوين ٻن جي وچ ۾ بيٺل اداري جي مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو، پر اهو موسيٰ عه واري ”قوم“ کان گهڻو پٺتي آهي.
    ”بنسريءَ وارو شهزادو ڪرشن ۽ انگور جي منهه وارو شهزادو سليمان، هڪ طرف ۽ نزريني ۽ ٻڌ راهنما ٻئي طرف، انهيءَ ٻئي رخ يعني ”ثقافت“ جي نمائندگي ڪن ٿا. انهن جو مکيه ڪم فرد جي ثقافت جي راهه ۾ احتياط سان هڪ نئون قدم کڻڻ ۽ هن کي وڌيڪ مڪمل زندگيءَ لاءِ تيار ڪرڻ هو.
    ”ڪرشن ۽ سليمان، جيئن تو ڏٺو، پنهنجين مختلف جماعتن ۾ انهيءَ ڳالهه کي رواج ڏنو، جنهن کي اڄ اسين جمالياتي زندگي سڏيون ٿا. ٻئي طرف ٻڌ ۽ نزريني، باشعور ذهن جي ثقافت کي کنيو ۽ انهن خود انساني ذهن جي زمين کي هر ڏيڻ، کيڙڻ ۽ ٻچ پوکڻ جي صلاح ڏني. هنن جو مکيه ڪم ذهن کي خود سندس گهر اندر پنهنجو مالڪ پاڻ بنائڻ ۽ نه فقط طبعي ۽ جسماني سرگرمين کي هلائي سگهڻ جهڙو بنائڻ هو، پر ساڳئي وقت ان کي ڪُل جي خاطر، ڪٽنب، قبيلي ۽ قوم جي زندگيءَ جي وڌيڪ تنگ دائري وارن تعلقن ۽ واسطن جي تقاضائن تي حاوي پوڻ جي لائق بنائڻ پڻ هو.
    ”تو کي ٻڌايو ويو هوندو ته اها منزل انساني ذهن جي ٻاراڻي اوستا واري هئي، جنهن کي ان ۾ آئينده جي مشترڪه زندگيءَ واري منزل ۾ شرڪت ڪرڻ جي تربيت ڏيڻي هئي. ان کان پوءِ وري توکي انهيءَ زندگيءَ جو ميلاپ ۽ اشتراڪ نظر آيو هوندو. زندگيءَ جي اختلاف جيڪي فرق لازمي طور پيدا ڪيا هئا، مثلاََ موجوده زندگي ۽ آئينده جي زندگي، ڌرتي ۽ آسمان جي بادشاهي، ٻاهرين زندگي ۽ داخلي زندگي، ذهني ۽ جسماني زندگي، ۽ هڪ شيءِ کي پاڪ ۽ ٻيءَ کي ناپاڪ سڏڻ وغيره، تن کي هڪٻئي سان ملائي هڪ صورت ۾ آڻڻو هو.
    ”اهڙيءَ طرح تو ڏٺو هوندو ته انهيءَ دوئي کي هڪ نئين نقطهءِ نگاهه پيدا ڪرڻ ذريعي، جنهن ۾ هر شيءِ کي سندس نئين جاءِ ۽ نئون تناسب مليو ۽ جيڪا ذهن جي وڌيڪ ترقيءَ واري رٿا جو هڪ حصو هئي، مطابقت ملي. ساڳي وقت تي، ان هڪ اهڙي جماعتي زندگي جو آغاز ڪيو، جنهن کي تون بين الاقواميت يا اعليٰ تر قوميت سڏي سگهين ٿي، جنهن جي آخري منزلِ مقصود انساني زندگيءَ کي يڪي ۽ گڏيل صورت ڏيڻ هئي. تو ڏٺو هوندو ته اهو ڪم پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم جن سرانجام ڏنو.
    ”اهڙيءَ طرح ثقافت ۽ تهذيب کي عروج جي نقطه تي پهچايو ويو ۽ ماڻهن جي وڌيڪ ترقيءَ ۽ سندن انهيءَ آخري منزلِ مقصود ڏانهن واڌاري جي خاطري ڪئي ويئي، جنهن جي متعلق اوهان ٻڌو هوندو ته اها منزل خود خدا آهي.
    ”توهان اهو به ڏٺو هوندو ته اهي ادارا ڪهڙيءَ طرح هڪٻئي جي پاسي ۾، ٻن وڻن وانگر، ٻن جدا جدا هنڌن تي وڌندا ويجهندا رهيا آهن. هڪ هندي ۽ ٻيو سامي.
    ”جيسين تهذيب جو تعلق آهي، ته ان جي هندي نظام ۾، منوءَ جي گڏيل ڪٽنب ۽ ڳوٺاڻي جماعتي زندگيءَ کان وڌيڪ ڪنهن ڳالهه کي مروج نه ڪيو ويو آهي. پر جيسين ثقافت جو واسطو آهي، ته هندستان ڪرشن ۽ ٻڌ جهڙا ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جيڪي سامي شاخ جي سليمان ۽ نزريني جي همرتبه آهن. سامي شاخ جي عظيم شخصيت موسيٰ عه اجتماعي زندگيءَ جي نئين طريقي قوم پرستيءَ کي وجود ۾ آندو ۽ پيغمبر خدا حضرت محمد صلعم مختلف قومن کي جمعيت جو نظريو متعارف ڪرايو.
    ”هاڻي، اچ ته توکي هڪ اهڙي ڳالهه ٻڌايان، جيڪا توکي سچ پچ مزيدار معلوم ٿيندي. تو يقينا انهيءَ شديد اختلافي مسئلي بابت ٻڌو هوندو، جيڪو هن وقت آرين ۽ سامي نسل بابت هلي رهيو آهي؟ شرپسندن مون کي خاص طرح گذريل هڪ صديءَ کان وٺي، ڄاڻي ٻجهي غلط نموني ۾، يعني سچ ۽ حقيقت کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي، ۽ اهو وساري ويٺا آهن ته ائين ڪرڻ سان هو پنهنجو هڪ ئي چراغ وسائي رهيا آهن ۽ ائين ڪرڻ سان هو ٻئي ڪنهن کي به دوکو نه ٿا ڏين ۽ آخرڪار اهي پاڻ نقصان هيٺ ايندا ۽ پاڻ کي اهڙيءَ ڌٻڻ ۽ جهنگ جهر ۾ وڃي پهچائيندا، جتان کين ٻاهر نڪرڻ جو ڪو رستو ملي نه سگهندو.
    ”حقيقت هيءَ آهي ته انهن ٻن قومن کي، جن جو مون هاڻي ذڪر ڪيو، غلط نموني سان ٻن مختلف ۽ علحده قومن جي حيثيت ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. آريا ۽ سامي دراصل هڪ ئي نسل جا آهن. گهٽ ۾ گهٽ اهي ان دور ۾ هڪ ئي نسل سان واسطو رکندا هئا، جڏهن لفظ ”آرين“ وجود ۾ آيو، جنهن جي معنيٰ، جيئن توهان ٻڌي آهي، هر هلائيندڙ کان سواءِ ٻي ڪانه هئي. جيسين لفظ ”آر“ اڃا هر عام طرح استعمال ڪيو ويندو هو، تيسين اهي اڃا هڪ ئي خاندان جا ڀاتي هئا، آءُ ٿو توکي ٻڌايان ته اهو ڪيئن هو.
    ”توکي زردشت جو ”اهورا-مزد“ ياد هوندو. ”اهورا“ فقط ”اسورا“ لفظ جو هڪ رواجي صوتي (آواز سان واسطو رکندڙ) ڦيرو هو. توکي خبر آهي ته ”اسورا“ کي هندستاني آريا هڪ ديو سمجهندا هئا، ڇاڪاڻ ته زور وسٽ ”ديو“ لفظ، جيڪو ان کان اڳي خدا جو نالو هو، ڦيرائي ڀوت يا شيطان جو نالو بنايو ويو هو،. هر ڪنهن کي هيءَ ڄاڻ آهي ته خود ”اسيرين“ لفظ جو اشتقاق ”اشور“ آهي، جيڪو انهيءَ شهزادي جو نالو آهي، جنهن انهيءَ قوم جو بنياد وڌو هو ۽ ”اشور“ لفظ، اهو ئي آهي، جنهن کي ”اسورا“ يا ”اهورا“ چيو وڃي ٿو.
    ”اها ڳالهه بلڪل انهيءَ حقيقت سان ٺهڪي اچي ٿي، جيڪا هندستان ۽ ٻين هنڌن تي انهيءَ دور ۾ وقوع پذير ٿي رهي هئي، يعني ته شهزادا ديوتائن ۽ معبودن جا نالا پنهنجي لاءِ اختيار ڪري رهيا هئا، جهڙيءَ طرح هڪ ديوتا اندرا جو نالو بعد ۾ ڦري راجا اندرا بڻيو ۽ ساڳيءَ طرح شوا ۽ وشنو به ڦري نالا بڻيا. تنهن ڪري ”اسورا-ديوتا“ بدلجي ”اشور-شهزادو“ ٿيو. نه فقط اهو، پر هندستاني لفظ ’آريا‘، ۽ يوناني لفظ ’ارسٽوس‘ وانگر، عربيءَ جو لفظ ’آر‘ ٽيئي هم معنيٰ بڻجي ويا، يعني هڪ امير.
    ساڳيءَ طرح لفظ ”ڊاءِ“ (Dia) جنهن مان لفظ ”ڊيو“ (Dieu) ۽ ”ڊي“ (Day) نڪتل آهن، عربي ٻوليءَ جي لفظ ”ضيا“ (Dia) جا هم معنيٰ آهن، جنهن جي معنيٰ آهي، نورُ. ان طرح توهان ڏسي سگهو ٿيون ته آريا قوم وارن جي انتهائي مخصوص لفظن ”ڊاءِ“، ”اسور“ ۽ ”آر“ جي سامي ٻولين جي لفظن ۾ به بلڪل ساڳي معنيٰ آهي. انهن جي سندن بيخ ۽ ٿڙ کان علحدگيءَ، انهيءَ زماني کان گهڻو پوءِ وجود ۾ آئي، جڏهن زمين کيڙڻ ۽ پوک ڪرڻ جي طريقي ۽ فن کي مڪمل بنايو ويو هو ۽ ان جي اهميت پوري طرح محسوس ڪئي ويئي هئي، ۽ نه ان کان اڳ ۾.
    ”اهي فقط چند هدايتون ۽ اشارا آهن، جيڪي آءٌ توکي مستقبل ۾ انهيءَ موضوع جي مطالعي لاءِ ڏيئي رهيو آهيان، پر جيڪڏهن تون انهيءَ موضوع جو مطالعو ڪندينءَ ته توکي اها ڳالهه بلڪل صاف نظر ايندي ته خود اِهي ٻه لفظ ”هيمائيٽ“ ۽ ”سيمائيٽ“ (Hemaite & Semite) ”هوما“ (Homa) ۽ ”سوما“ (Soma) وانگر، بلڪل ساڳيا آهن.
    ”هاڻي آءُ توکي ڇڏڻ چاهيان ٿو، پر جيڪڏهن مون ڏٺو ته تنهنجي دلچسپي انهيءَ موضوع ۾ پوءِ به برقرار رهي آهي ته تو جيڪي اڄ ٻڌو ۽ ڏٺو آهي، تنهن تي سنجيدگي سان عمل ڪري رهي آهين ته آءٌ وري موٽي ايندس ۽ پنهنجا ڪجهه وڌيڪ راز توکي ظاهر ڪري ٻڌائيندس.“
    ”پر مون کي ته خدا وري به ڪونه نظر آيو.“ ڀوري ڇوڪريءَ چيو، تاريخ زور زور سان ٽهڪ ڏنا. ”انسان جو ٻچو ضدي آهي.“ هن چيو، ”تو هيڏو ڪجهه ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان پوءِ به اهو محسوس نه ڪيو آهي ته هن دنيا جو آخري عمل ۽ سڀ کان پوئين منزل، خدا ڏسڻ آهي.
    ”توکان اهو وسري ويو آهي ته تو اڳيئي رکي رکي خدا جون جهلڪون ڏٺيون آهن، حالانڪه اهي جهلڪون اڃا انهيءَ ٿاڦوڙن هڻندڙ ٻار واريون هيون، جنهن کي اهي ڇهڻ واري حواس ذريعي نظر اچن ٿيون. اهي ئي جهلڪون ته آهن، جن هڪ يا ٻي صورت ۾ سموري حيات کي سهارو ڏنو آهي، ۽ ان کي سندس آخري منزل طرف پيشقدمي ڪرائي آهي.
    ”احساس، منهنجي ٻچڙي، احساس گهرجي، جنهن جي معنيٰ خدا جون جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ قريبي ۽ وڌيڪ صاف ۽ مڪمل جهلڪون ڏسڻ آهن، تان جو هو ماڻهوءَ کي پنهنجي پوري جلوي ۽ جمال ۾ نظر اچي.

    * * *

    ڀوري ڇوڪريءَ هاڻي پاڻ کي ٻيو پاسو ورائيندي محسوس ڪيو، ۽ هن جي لاشعوري ذهن تي هن دنيا جا آواز پهچڻ لڳا.
    هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي، ۽ پنهنجي سامهون رکيل شين کي گهوري ڏسڻ لڳي. انهيءَ موقعي تي هن سندس ٻاهرين دروازي تي ڪنهن جي هٿان ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ جو هلڪو آواز ٻڌو ۽ هن جي نوڪرياڻيءَ کيس ياد ڏياريو ته هن جي چانهه ڪيتريءَ دير کان وٺي تيار رکي هئي.
    هوءَ بيخبريءَ ۾ ديوان تان لهي هيٺ آئي ۽ آهستي آهستي گهمندي اوطاق واري ڪمري ۾ پهتي. ”ڪهڙو نه خواب هو،“ هن دل ئي دل ۾ آهستي چيو.
    اوچتو هن کي سندس ٻاهرئين دروازي وٽ بيٺل ڪاڻي عورت جي يادگيريءَ، هن جي دستوري سرگرمي واپس آندي ۽ هن هڪدم نوڪرياڻيءَ کي حڪم ڏنو ته هوءَ ڪاڻي عورت ۽ سندس ڌيءَ کي اندر سڏ ڪري.
    نوڪرياڻيءَ ائين محسوس ڪيو ته ڄڻ هن جا ڪن کيس دوکو ڏيئي رهيا هئا، پر مالڪياڻيءَ جڏهن پنهنجو حڪم ٻيهر دهرايو تڏهن هن محسوس ڪيو ته ان جي تعميل ڪرڻي آهي.
    ٻيءَ گهڙيءَ، ماچيس وڪڻندڙ عورت ۽ سندس ڇوڪري ڪوچ تي ويٺيون هيون ۽ ڀوري ڇوڪري هنن لاءِ پنهنجي هٿ سان چانهه ٺاهي رهي هئي.
    غريب عورت کي سندس اکين تي مشڪل سان يقين اچي رهيو هو. پر هوءَ جلد ئي آرام سان ٺهي ويٺي، چانهه ۽ ڪيڪ مان ڏاڍي مزي سان لطف اندوز ٿيڻ لڳي.
    انهيءَ وچ ۾ نوڪرياڻي مربو ۽ مکڻ کڻي آئي، ۽ اهي شيون ڏسندي ئي ننڍڙي ڇوڪريءَ خوشيءَ ۾ ڀرجي چيخون ڪرڻ شروع ڪيون ۽ هوڏانهن سندس ماءُ، سموري ضابطي ۽ احتياط کي ترڪ ڪري، اوچتو وٺي پنهنجي ٻي اک به کولي ڇڏي.
    ”اڙي!“ ڀوري ڇوڪريءَ حيرت وچان چيو، ”تون ته پنهنجين ٻنهي اکين سان ڏسي سگهين ٿي!“
    ”اهو هن ڪري آهي جو آءٌ ڏاڍي خوش آهيان،“ عورت جواب ڏنو، پر ننڍڙي ڇوڪريءَ دل جي صفائيءَ ۽ سچائيءَ جو مظاهرو ڪندي چيو، ”امي پنهنجي گهر ۾ هميشھ ٻنهي اکين سان ڏسندي آهي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 689
    ڪتابن جو مشاهدو: 915770
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 310417
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ