ڪتاب جو نالو: مختصر تاريخ ”تپو کوکر“ [ڀاڱو پهريون]
مصنف: تحقيق ۽ تحرير محمد ياسين جروار
ڇپائيندڙ: خواب پبليڪيشن ٽنڊوالهيار
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 29 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 608 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 189 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”مختصر تاريخ ”تپو کوکر““ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد ياسين جروار آهي. هن ڪتاب ۾ تپو کوکر جي تاريخ، ڪجه سفرناما، ديھن بابت معلومات ۽ لوڪ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب مان جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.

ڪتاب ۾ کوڙ شجرا بہ ڏنل آھن، جيڪي پي ڊي ايف ڪاپيءَ ۾ ڏسي سگھجن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • خوابُ جي ساڀِيان!
  • ليکڪ پاران
  • مهاڳ
  • اڇو ماڻهو : حاجي محمد پريل خان جروار
  • مضمون

  • مختصر تاريخ تپو کوکر
  • ديهه وساڻڪي
  • ديهه ڍنڍ شاهه
  • ديهه ريڇل
  • ديهه کوکر
  • ديهه واڳوڏر
  • ديهه ٻائل
  • ديهه ٻوچڙ
  • ديهه ٺل
  • ديهه سهڻا بڪيرا
  • ديهه بڪيراڻي
  • ديهه ستياري
  • ديهه شاه ڪي
  • ميرپورخاص ڪاٺڙي وارا جروار
  • ڳوٺ خير محمد جا جروار
  • سفرناما

  • پهريون حرمين شريف عمرو : سِڪ جو سفر
  • فرضِ حج
  • لوڪ بيت

  • سگهڙ / شاعر: علي محمد “علڻ” جروار سهيڙيندڙ: محمد ياسين جروار
  • ٻانهيپوٽا ۽ سمان
  • سمان ۽ ٻانهيپوٽا
  • ڪوئي ۽ هارين جي جنگ
  • چاچو اڪو، بيکلو ڀيل ۽ حاجي محمد خان
  • سئوٽ احمد جروار ۽ ڳوهه جو جهيڙو
  • رستماڻي جا هُرلا، ڪاڻو ڍڳو ۽ مڱڻهار هاري
  • ٽنڊو محمد خان، ديهه ڀانڀري، نُقرجي ۽ ڪولاب
  • اليڪشن 1970ع پولنگ اسٽيشن بڪيرا شريف
  • ذوالفقار علي ڀٽو جو 1973ع وارو آئين
  • 90 هزار جنگي قيدين جي آزادي
  • درياءِ سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ 1973ع
  • اليڪشن 2002ع

  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    خواب پبليڪيشن جو ڪتاب نمبر 1
    سڀ حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ


    ڪتاب جو نالو : مختصر تاريخ “تپو کوکر”
    موضوع : تاريخ
    ليکڪ : محمد ياسين جروار
    ڇاپو : پهريون
    سال : 2017ع
    ٽائيٽل : خادم حسين جروار
    ڪمپوزنگ : خادم حسين جروار
    ڇپرائيندڙ : خواب پبليڪيشن ٽنڊوالهيار
    قيمت : 400 روپيا

    ڪتاب ملڻ جو هنڌ
    پريس ڪلب بڪيرا شريف ٽنڊوالهيار
    شبير احمد جروار
    03003085942


    ارپنا

    ارپيم
    منهنجي والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار
    ۽
    سردار حاجي غلام حسين خان کوکر
    رئيس حاجي دوست علي خان کوکر
    رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار
    ڊاڪٽر سرجن سيد شاهنواز شاهه
    حاجي شير محمد خان کوکر
    رئيس مهر علي خان کوکر
    کي

    [محمد ياسين جروار]


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مختصر تاريخ ”تپو کوکر““ اوهان اڳيان پيش آهي. هن تحقيقي ڪتاب جو ليکڪ محمد ياسين جروار آهي.

    هن ڪتاب ۾ تپو کوکر جي تاريخ، ڪجه سفرناما، ديھن بابت معلومات ۽ لوڪ بيت شامل ڪيا ويا آھن. ڪتاب مان جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.

    هي ڪتاب خواب پبليڪيشن، ٽنڊوالھيار پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون محترم خادم حسين جروار جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com books.sindhsalamat.com


    خوابُ جي ساڀِيان!

    زندگي ڄڻ هڪ خوابُ آهي، جي خوابُ ناهي ته به ڪنهن خوابُ جو نالو ضرور آهي ۽ خوابُ دل کي وڻندڙ به هوندا آهن توڙي ڀيانڪ پڻ، پر زندگي مون کي هڪ حَسين خوابُ لڳندي آهي، ٻالڪپڻ، جواني ۽ ٻُڍائپ زندگي جا ٽي اهڙا حصا هوندا آهن، جيڪي ٽيئي ڪنهن ڪنهن جي حصي ۾ ايندا آهن، هر ڪنهن جي حصي ۾ ٻالڪپڻ به ناهي ايندو، جواني به ناهي ايندي ۽ ٻُڍائپ به ناهي ايندي، پر ڪي خوشنصيب انسان هوندا آهن، جن جي زندگي ۾ اهي ٽئي حصا ايندا آهن.
    سائين محترم ياسين جروار صاحب حڪم ڪيو
    “خادم حسين جلدي هي ڪتاب تيار ڪري ڏي، منهنجي زندگي الاءِ ڪيتري آهي، هي ڪتاب منهنجو خوابُ آهي.”
    حڪم جي پيروي ڪندي پنهنجي نيڻن جي نِنڊ کي هڪ پاسي ڪري سَڄي سَڄي رات ويهي هن ڪتاب کي سيٽ ڪيو، اڄ سائين جن جي خوابُ جي ساڀِيان ڏسي، سچ پڇو ته خوشي پئي ٿئي.
    هن ڪتاب ۾ مون کي جن شين حيران ڪيو تن ۾ شجرا ۽ نقشا آهن، شجرا ٻن صدين کان به مٿي جا ڏنا ويا آهن، هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن جا شجرا شامل آهن، جن جي نالن سان ڳوٺ ٻڌا ويا، انهن جي 11/10 پيڙهن جا نالا ڏنا ويا آهن، ان مان خبر پئي ٿي ته هن وقت خاندان ۾ ڪير آهن ۽ ڳوٺ جا اصل پڳدار ڪير آهن.
    تپو کوکر ۾ 10 ديهون آهن، جن ۾ ديهه وساڻڪي، ديهه ڍنڍ شاهه، ديهه ريڇل، ديهه کوکر، ديهه واڳوڏر، ديهه ٻائل، ديهه ٻوچڙ، ديهه ٺل، ديهه سهڻا بڪيرا ۽ ديهه بڪيراڻي شامل آهن. ديهن جا الڳ الڳ نقشا ٺاهيا ويا آهن، جيڪي نقشا توهان کي به حيران ڪري ڇڏيندا، ٺاهڻ واري کي هرڪو داد ڏيڻ کان رهي نه سگهندو.
    ڪتاب ۾ ٻه سفرناما ڏنا ويا آهن، جن جي ترتيب تاريخ وائيز ڪئي وئي آهي، جيئن خبر پوي ته ڪهڙي تاريخ تي ڇا ٿيو يا ڪهڙي تاريخ تي ڪٿي هئاسين.
    هن ڪتاب کان پهرين خواب پبليڪيشن جو ڪتاب ”ماڻهو مڻيادار“ يقينن اوهان جي نظر مان گذريو هوندو، هن ڪتاب جي حوالي سان به اداري کي پڙهندڙن جي راءِ جو اوسيئڙو رهندو.


    خادم حسين جروار
    03073157667
    خواب پبليڪيشن
    ٽنڊوالهيار


    ليکڪ پاران

    مختصر تاريخ تپو کوکر (ڀاڳو پهريون)، هن کان پهرين ڇپايل ڪتاب بيت علي محمد عرف علڻ جروار ۾ به عرض ڪيم ته 1985ع کان لکڻ جو جنون ٿيو، منهنجي مائيٽاڻو ڌنڌو ذريعا معاشي زمينداري ۽ کيتي توڙي ٻيو ڪو مددگار ڪتاب لکڻ لاءِ هدايتون ڏيڻ يا همت افزائي ڪرڻ وارو ساٿي نه ملي سگهيو، مٿان دنياوي ذميواريون هاوي ٿينديون ويون ۽ ڪتاب لکڻ ۾ دير ٿيندي وئي، جنهن ۾ بابا سائين جن جي وفات سبب سالن جا سال ڪم نه ڪري سگهيس، ڪجهه عزيزن کي سندن ذاتي فيملي فردن تي لکڻ لاءِ چيم جيڪي مونکان به سست ٿيا، ها ڪري ٻه کان ٽي سال انتظار ڪيم همراهن تعاون نه ڪيو، جو پاڻ ڪمن ۾ مصروفيت جو بهانو ٻڌايو وڃن، نيٺ پاڻ کان جيڪي پهتو اهو لکندو ويس، ڪڏهن نوٽبڪ ته ڪڏهن رجسٽر يا ڪڏهن وري مختلف پنن ۾ حال احوال لکندو ويس، شروع ۾ بابا سائين، ڏاڏو حاجي محمد حسن، مامو علي محمد علڻ ۽ مامون مصري فقير جروار لکائيندا آيا، دنيا فاني هر هڪ پنهنجي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري راهه عدم راهي ٿيا، مٿن رحمتون هجن، مٿان جيون ساٿي اهليه جو انتقال هڪ ئي پٽ شوڪت علي جي وفات ۽ ٻيا به ڪيترائي عزيز واحباب هن فاني دنيا مان رحلت ڪئي ۽ منهنجو ڪتاب لکڻ وارو ڪم رهندو آيو، نه ليکڪ، نه مضمون نگار ۽ نه ڪو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪرڻ وارو پوءِ جن جن کي خبر آهي اهي جڏهن ملن معلومات ڪن ته ڪتاب لکيو يا نه، وري ياد تازي ٿيو وڃي ته لکي وٺان، وري غفلت ۾ معاشي ۽ گهرو مسئلا دير ۾ دير سالن ۾ سال گذرندا ويا، هينئر اچانڪ بيمار ٿي اسپتال ويس ۽ علاج ۾ ڊاڪٽر ڪينسر جي بيماري ٻڌائي ۽ مٿان وري دل مضبوط ڪرڻ لاءِ همٿايائون ته اهيا سمجهه ته بيماري نه آهي، همت ڪندين ته ڪجهه به نه آهي بي همت ٿيندين ته وڌيڪ حملو بيماري ڪندي، هاڻي ڪم ڪيان ته ڪهڙو ٻني ۽ پاڻي تي هلڻ ويو، اوطاق، گهر ۽ اسپتال جي حاضري پڪ ٿيم ته راهه آخرت جو سفر ڀرجي ويو، غفلت ۾ عمر گذري وئي، هاڻي هي اڻ ڇپايل مواد ڇڏي ويندس.
    سمجهو ته 250 سالن جي يادگيري مون سان دفن ٿي ويندي، انهن احوالن مان ڪجهه نه ڪجهه ڇپائي وڃان ۽ منهنجي دل وندر به پئي ٿيندي، هڪ ارادو ڪري شروع ڪيم ته ڪتاب جي ڪم کي ٻن ڀاڱن ۾ تقسيم ڪري ۽ پهريو ڀاڱو ۽ بعد ۾ ٻيو ڀاڳو ڇپائي توڪل ڪري شروع ڪيم، ڪم الاهي، پهرين ڀاڱي کي ترتيب ڏنم ۽ ان مان به بيت جلدي ۾ ڪمپوز تي موڪليم ۽ ڪمپوز ٿي ڇپائي تي به ڏنم ۽ اميد ته مامي علي محمد علڻ جا بيت توهان جي نظر مان گذريا هوندا، جيڪي اميد ته هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ وري به ڇپائي ۾ ايندا، هن پهرين ڀاڱي ۾ جن ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن کي مختصر طور ياد ڪيو ويو آهي، انهن ماڳن، مڪانن ۽ شخصيتن توڙي هستين جا پورا پورا احوال تندرستي ساٿ ڏنو ته ڀاڱي ٻي ۾ داخل ڪندس، جنهن ۾ ديهه وارا پراڻي پاڻي ۽ نئون پاڻي سکر بئراج جو ۽ قديم آباد قومن ۽ ڳوٺن جي مختصر ۽ شجرا به آهن، تفصيل سان ايندا، هيءَ احوال ڪتاب ۾ ڇپائي تمام دير سان ٿي، انداز 35/36 سالن اڳ جون ڳالهيون آهن، انهن 35/36 سالن ۾ ڪيتريون معزز شخصيتون گذاري ويون، هاڻي ماضي جون يادون آهن، ڪيترن ديهن ۾ نوان ماڻهو اچي آباد ٿيا آهن ۽ انهن پنهنجي سک لاءِ سياسي چالون هلي نوان روڊ ۽ رستا ڪڍايا آهن، انهن مان جيڪڏهن سُک آهي ته انهن کي آهي، آبادين ۽ ماڊولن جا پيچ بلديا آهن، جنهن مان اصل ۽ قديم ڳوٺن ۽ قومن کي تڪليف به پهتي آهي، ليڪن هي ڪائنات الله سائين خلقي ائين آهي، جو ڪابه قوم فخر نه ڪري سگهي، رهي نالو الله جو باقي ڪمال کي زوال ۽ زوال کي ڪمال هلندو رهندو ڀاڱي پهرين ۾ ڪجهه دوست عزيز بجاءِ همٿائڻ جي دل آزاري ڪئي، ڪچهري ۾ چون ته ياسين پنج سئو سال پوئتي جي ڳالهين ۾ اچي پيو آهين، هنن کي ڇڏ پنهنجي موضوع بصرن جو اگهه، مينهن جو اگهه تي، مون واپار مان هيترو ڪمايو، ڪني جنس ۾ سٺي مڪس ڪري وڏو اگهه ڪمايم، انهن ڳالهين ڪچهري ۾ منهنجي دل آزاري ڪئي، بس انسان آهيان، خطا جو پتلو سو ٻيو ته ڪجهه نه ڪيم سندن ڳالهيون ۽ سندن شجرا فوٽ نوٽ خارج ڪري ڇڏيم، اڄ جي هن نفسا نفسي جي دور ۾ پنهنجي ڪيل محنت کي ضايع ڪندي ڏک به ٿيو پر رهي نالو الله جو، ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته کائنس معافي ٿو گهران، منهنجي محنت ڏسيو ڪو خوش ٿو ٿئي ته ان جي مهرباني.
    دوستن ڀائرن کي روشن هجي ته هيءَ ايڏو وڏو ڪم مون ناچيز جي وس کان ٻاهر هو، مختلف صلاحون مصلحتون غور هيٺ هيون، جن لاءِ منهنجي پياري ڀاءُ، دوست ۽ آئيڊيل جناب خليل کوسو، منهنجو ڏوهٽو شبير احمد ولد محمد شريف جروار گڏوگڏ اولاد، ساٿي ۽ سهارو منهنجو پوٽو شوڪت علي خان جروار جو پٽ محمد پريل خان راجا جروار ۽ خادم حسين ولد حاجي محمد حسين جروار وقت سر محنت ڪري ڪتاب ڪمپوز ڪيو. صلاحون ڏيئي شبير ۽ راجا ٽنڊوالهيار کان ڳوٺ ۽ ڳوٺ کان ٽنڊوالهيار جا پنڌ ڪري هدايتون ڏيندا ۽ وٺندا هن ڏکئي ڪم کي سرانجام ڏنو، سندن مهربانيون نه ته هن وقت بيماري ۾ هيءَ ڪم منهنجي وس کان ٻاهر هو، الله پاڪ جون مهربانيون به لکڻ ۽ ڳڻڻ کان مٿي آهن، جنهن هن عمر هن حال ۾ توفيق بخشي، سندس شڪر ادا ڪريان ٿو. عزيزن، دوستن کي دعاءِ خير لاءِ عرض آهي ته دعا ڪندا.
    جيسين جيارين تيسين هادي رکجان حفظ ۾. (شاهه)

    محمد ياسين جروار
    0300-3089940


    مهاڳ

    تاريخ جا به عجيب کيل آهن، ڪٿي ڏس ته، پار ڪري ڪولهي ٻار جو ڏيک ڏي ٿي، ڪٿي ڏس ته ڪوهه ڪاف جي پري ڏسڻ ۾ ايندي، دنيا جو گولو اهڙن مثالن سان ڀريو پيو آهي، ٻين ملڪن کي ڇڏي، جڏهن اسان مادر ِ وطن سنڌ جي تاريخ جي پنن جي اُٿل پُٿل ڪنداسون ته رڳو دانهون، ڪوڪون، رڙيون، واڪا، بربادي ۽ باهيون نظر اينديون، هن ڀلاري ڀون جي دلڪش نظارن کي ڪنهن بدنظر برباد ڪري ڇڏيو، بدمست هاٿين ۽ گهوڙن جي پيرن هيٺيان ڪئين معصوم جوانيون چيڀاجي ويون، ڪن وري هن پُرسڪون ڌرتي سان، اهڙو ورتاءُ ڪيو، جيئن راڳيل بُهه جي ڍِڳ کي ڪو پاڏو ڊيهون هڻي اُلٽ بُلٽ ڪري ڇڏي، ڪٿي وري هي سنڌ راءِ سهاسي جي دؤر ۾ سُک جو ساهه کڻندي نظر اچي ٿي، ته وري سنڌ جي ولي الله حاڪم ڄام نظام الدين سمي جي دؤر ۾ علم ۽ هنر ۾ عروج تي نظر اچي ٿي ۽ تونهين تون جي تنوار ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، ڄام نظام الدين جڏهن اکيون پوريون ته، اچانڪ ارغون ۽ ترخان جي شڪل ۾، سنڌ کي ڪاري وبا وڪوڙي وئي، نتيجي ۾ دولهه دريا خان ۽ مخدوم بلاول جهڙا جانباز جنريل سِر گهوري سُرخ ٿيا، ان وقت ٻولي ۽ لولي جو وڏو نقصان ٿيو، ان کان پوءِ جهوڪ ۾ دردناڪ حادثو به پيش اچي ٿو، جنهن جو چشم ديد گواهه لطيف سرڪار پڻ رهيو، ان دوران ڏنڊائي فقيرن جي حڪومت شروع ٿئي ٿي، ان کان پوءِ مدد خان پٺاڻ سنڌ جي ستيا ناس ڪري ڇڏي، بُکيو پٺاڻ سنڌي ماڻهن جا قيمتي جوتا به کڻي ويو، پوءِ “ميران دي بادشاهي دا خير هوي” اميران سنڌ جي، ماڻڪاڻي ۽ سهرا باڻي ميرن سنڌ سڳوري جا نوان شهر اڏايا، وري کڻي ڏسون ٿا ته ست سمنڊ پار ڪري ايندڙ شاطر دماغ گورو، لڳ ڀڳ هڪ صدي هن ڌرتي جي ڌن کي لُٽي وطنِ عزيز جي وانگين کي “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو” جي بنياد تي باندي بنائي ٿو، ان کان پوءِ “پاڪ سرزمين شادباد” جو ترانو ٻُڌون ٿا ۽ ٻڌندا پيا اچون، ڏسون ته گهوڙو ڪٿي ڊوڙي دنگ ٿو ڪري.

    هن دليرن جي ديس ۽ ڏاتارن جي ڏيهه تي لکيل شروعاتي ڪتاب ڏسبا ته اهي ٻاهرين ٻولي ۾ لکيا ويا، ان ڪري سنڌ جي اصلي ماڳن مڪانن جا نالا جيئن ساڱرو کي ساڪرو، ٺري کي تري، پِروڙ (لڳ شادي پلي) کي بهرور لکيو ويو، مطلب ته ايترو مونجهارو پيدا ٿيو جو اڃان تائين اُهي ڪتاب توجهه طلب آهن، رڳو ساڱري کي ساڪرو لکڻ ڪري، ساڱري درياءَ جي پٽي جي تاريخ ميرپور ساڪري ڏانهن وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي سگهيو ٿي.
    بحرحال تاريخ ۽ تحقيق جو سلسلو جاري رهيو ته، اسان ڪنهن تاريخي منزل تي پهچي وينداسون، ٻين ملڪن تي لکيل قديم تاريخي ڪتاب ملن ٿا، پر سنڌ جي تاريخ رڳو موهن جي دڙي جي نشانن تي وڃي بيهي ٿي، سنڌ جي قديم تاريخي لکت نه ملڻ جا سبب ڌارين جون مسلسل سنڌ تي ڪاهون آهن، تنهن ڪري 250 سئو ايڪڙ تي مشتمل موهن جو دڙو، 1800 ميل ڊيگهه رکندڙ موجن ڀريو مهراڻ قديم سنڌ جا ساکي آهن، ٻيو ته سنڌ جي تاريخ سيني بسيني روايتن جي ڪري رڳو قصن، ڪهاڻين ۽ ڪچهري ۾ وڃي بتي آهي، ان تي پڻ تحقيق جا طاق کُلندا رهيا آهن.

    آئون سمجهان ٿو ته، سنڌ جي تاريخ لکڻ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن ۾ پڊن، پوٺن، ڍنڍن، ڍورن، گسن، پنڌن، رندن، ڳوٺن، ديهن، تپن، تعلقن ۽ ضلعن تي تحقيقي مواد ميدان ۾ اچي ويو آهي، سنڌ ۾ ڳوٺڙن جي تاريخ لکڻ جو پهريون اعزاز پڻ ٽنڊي الهيار کي حاصل آهي، جو سندم سائين مولانا عبدالڪريم لغاري (مسڻ وڏي) “ٿڌا وڻ ولهار جا” لکي مسڻائن جو مان مٿي ڪري ڇڏيو.
    مدد خان پٺاڻ جي باهه کان بچي ويل سنڌ جو قديم ۽ تاريخي شهر بڪيرا شريف (ملتان ثاني) جي ڏاکڻي ڪنڊ تي آباد تاريخي ڳوٺ “ڳوٺ الهه بخش جروار” جو قلم ڌڻي پنهنجي ڪرت کي لڳو پيو هو، سالن جي عرق ريزي کان پوءِ پنهنجن پراين جا قصا قلمبند ڪري، ڪتاب نالي “مختصر تاريخ تپو کوکر” اسان جي هٿن تائين پهچايو اٿس.

    جروارن جي ميهاڻي پاڙي جي پڳدار محترم جناب حاجي محمد ياسين خان جروار پ پ جو جينين جيالو هوندي به، ڪتاب ۾، پنهنجي پارٽي جي ڪرتن ڌرتن جي ڪوتاهين کي رومال ۾ ويڙهي نه، بلڪه سڌو آڱر جو نشانو ٺاهي ٿو، وڏي ڳالهه ته کوکر ذات تي بمع شجرا تي تاريخ رقم ڪئي اٿس، مطلب ته پنهنجن پراين جا شجرا وڏي خبرداري سان لکيا اٿس، اڳي اسڪولي ڪورسن ۾ جاگرافي پڙهائي ويندي هئي، ان جي هاڻي ته خبر ناهي، پر هن ڪتاب جي محترم محقق تپي کوکر جي ديهن کي پنهنجي والد حاجي محمد پريل خان جروار جي مدد سبب، نقشن سان نروار ڪيو اٿس.
    هن ڪتاب ۾ حج ۽ عمري جي سفر کي قدمبقدم لکيو اٿس، ڪم علمي هوندي به حجاز مقدس جي ماڳن مڪانن جا نالا جيڪي مقامي ٻولي ۾ لکيل آهن، ان کي به سهڻي نموني نڀائي ويو آهي، سندس لکيل ڀلارو سفر، نئين حاجي لاءِ ڏاڍو لاڀائتو ثابت ٿيندو، هن اڏول ۽ ڏاتار صفت انسان سان، منهنجي نيازمندي به ڪا ايتري پراڻي ناهي، پنج ست سال ٿيا هوندا ته، دعا سلام جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ اول اول پاڻ قرب جا قدم ڀري مون فقير حقير کي پنهنجي محبت جي مالها ۾ پوئي ڇڏيائين، مون اهڙا ماڻهو گهٽ ڏٺا آهن، جن وٽ اباڻي ملڪيت، زمين، پئسو، پلاٽ هوندي به ڏاڍي نيازمندي، اخلاق ۽ حيا سان سراپا ڍڪيل هجن، هن همراهه جي دليري جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سندس والد جي وڇوڙي کان پوءِ سندس اهليه جي رحلت، مٿان وري اڪيلو نوجوان موڀي پٽ، شوڪت جي اچانڪ وڇوڙي، سندس اندر اڌ ڪري ڇڏيو، هن کان اڳ ۾ آيل ڪتاب سندس مرتب ڪيل ڪتاب “ماڻهو مڻيادار” ۾ لکيائين، ته مون کي “ڪينسر” آهي، اهڙي ٻي ڪا دليري ٿيندي، ان هوندي به قلم جو ساٿ نه ڇڏڻ، پنهنجن پوٽن حاجي پريل خان عرف راجا جروار، محمد سليمان ۽ ٻيا توڙي جو اڃان ننڍا آهن، پر سندس ڏاڏي انهن جي بهترين نشونما ڪئي آهي، جيڪي اوطاق تي آيل مهمانن جي ٽهل ٽڪور ۽ ٽانڊو ٽوپي سهڻي نموني سان ڪن ٿا.

    عجب ڪيا هي، ڪه بيڙا غرق هو ڪي پهر اُبهر آئي،
    ڪه هم نه انقلابِ چرخِ گردان يون بهي ديکهي هين.



    خليل کوسو
    0307-3096425
    ٽنڊوالهيار


    اڇو ماڻهو : حاجي محمد پريل خان جروار

    سونهاري سنڌ جي ڌرتي جي زمين مان انيڪ انسانن جنم ورتو، ڪيئن وارو وڄائي وڃي مادر وطن جي گود ۾ آرامي ٿيا، پر ڪي ڪي ماڻهو عجيب به ٿين ٿا ۽ غريب به ٿين ٿا، پر سچائي، خلوص، نيڪ نيتي، مخلصي، اٽل ايرادو، خدا جو خوف، حقوق الله سان گڏ حقوق العباد کي وڌيڪ ترجيح ڏيڻ، وس کان وڌيڪ ڪس کائڻ، توڪل جو سندرو ٻڌڻ، پنهنجو ڪم ڇڏي ٻي جي ڪم کي اوليت ڏيڻ، واٽ ويندي اڻ سڃاڻو جو ضامن پوڻ، سڃائي ۾ به الله مالڪ چئي اڳتي وڌڻ، جهڙو اندر تهڙو ٻاهر، پنهنجي ٻڏي تي ٻڏڻ ڏينس پر ٻي جي تري، انهن لفظن کي پوتا ميل ڪبو ته جواب ايندو، حاجي محمد پريل خان جروار پهرين عالمي جنگ کان ٻه سال اڳ ۾ يعني 1912ع ۾ حاجي محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندس ڳوٺ الهه بخش جروار لڳ بڪيرا شريف ضلعو ٽنڊوالهيار آهي، سندس ڳوٺ جي ويجهو حمزو ٽالپر جي پرائمري اسڪول ۾ ٽي درجا سنڌي جا پڙهيو، مائٽاڻو ٻني جو ٻارو هوندي به حاجي پريل خان جو ڌيان ڪاروبار ڏانهن مائل هو، 1943ع ۾ ٽنڊي الهيار شهر ۾ ميرواهه گورچاڻي روڊ جي مُنڍ ٿورو اتر، ڪنهن ديوان کان اٽي جي چڪي خريد ڪيائين، ايمانداري ۽ ديانتداري سان ڌنڌو ڪرڻ لڳو، ٽنڊوالهيار شهر ته ٺهيو پر پسگردائي جا ڳوٺاڻا به سندس چڪي تان ان پيهائڻ ايندا هئا، چڪي چالو ٿيئي چار سال مس ٿيا جو خيرن جو پاڪستان وجود ۾ اچي ويو، سڄي سنڌ سان گڏ ٽنڊي الهيار جو لوهار محلو، کتري پاڙو، پريم نگر، گانڌي چوڪ وارو علائقو واڻيا ڇڏي هندستان هليا ويا، هُتان کان آيل مهاجرين واڻين جي ڇڏيل جاين ۾ اچي آباد ٿيا، نوان همراهه تن جا اڌ مائٽ هوڏانهن رهجي ويا، نئين پاڪستاني حڪومت جو جيستائين سيٽپ ٿئي تيستائين ٽنڊي الهيار ۾ آيل مهاجرن جي جيڪا خط وڪتابت پنهنجي برادري سان ٿيندي هئي، ان ۾ ٻئي ايڊريس سان گڏ هي به لکندا هئا. “معرفت حاجي محمد پريل ڪي چڪي” سندس مائٽ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص يا ٻئي هنڌان ايندا هئا، ريلوي اسٽيشن لهي، ٽانگي واري کي چوندا هئا ته “ڀائي همين پريل ڪي چڪي پر اُتار دو.” حاجي پريل جي چڪي واري جاءِ ۾ هينئر سندس مائٽ محمد خان، محمود خان، اعجاز ۽ شهزاد جروار وارا رهن ٿا، اُن وچ ۾ حاجي صاحب حيدرآباد ۾ ٽنڊو محمود جي ويجهو ٽئين نمبر تلاءَ وٽ پنهنجي جاءِ خريد ڪئي، اهو ايوبي مارشلا جو دور هو، ذوالفقار علي ڀٽو عوامي ماڻهو ٿي اڀريو هو، حاجي پريل کي مارشلا مهميز ٿي لڳي، ان دوران مير رسول بخش ٽالپر جي بنگلي تي 1968ع ۾ ڀٽي مرحوم پ پ پ جي بنياد رکيو، ان ميٽنگ ۾ حاجي پريل پيش پيش هو، اتان ميمبر شپ وارا بڪ کڻي ٽنڊوالهيار آيو ۽ ميمبر شپ ڪيائين، ڪن ماڻهن جي دل ۾ هڪ ڳالهه هوندي آهي ته زبان تي ٻي، پر الله سائين حاجي پريل خان جي زبان ۽ دل هڪ ئي خاني ۾ رکيون، چوندا آهن ته جي چُلهه تي سي دل تي، هتي اها ساڳئي ڳالهه، جيڪي زبان تي سو دل تي، 1974ع ۾ حيدرآباد پ پ پ ڪنويشن هجي، ڀٽي مرحوم سان گڏ ان وقت جو وزير اعليٰ مرحوم غلام مصطفيٰ به اسٽيج تي ويٺل هو، ان دوران پارٽي جون خاميون ۽ خاصيتون پڻ بيان ڪيون ويون، ڀريل پنڊال ۾ حاجي پريل خان ڪُرا ڪُري ٽوپي پاتل اٿي بيهي ڀُٽي صاحب سان مخاطب ٿيندي چيو ته “ڀُٽا صاحب، جتوئي صاحب ڪارڪنن جي ٻُڌي ئي ڪونه ٿو، ڪارڪن ويچارا دربدر آهن” حاجي صاحب جي طاقتور، معنيٰ خيز مگر مختصر لفظ ٻڌي، ڀُٽي صاحب چيو ته جتوئي صاحب آئون هي ڇا پيو ٻڌان، اتي جتوئي صاحب جواب ڏيڻ بجاءِ روئڻ شروع ٿي ويو، ڀٽي صاحب چيو ته روئي جند نه ڇڏاءِ هتي مان کي جواب کپي، زندگي جي سهولتن ۾ سڀ کان وڏي سهولتي روڊ آئي، ان ڳالهه کي مدنظر رکندي 1975ع ۾ ٽنڊوالهيار ٽو بڪيرا شريف پڪي سڙڪ جو بنياد پيو، ڪيترا ڏينهن روڊ ليبر جي ننگر پاڻي جو انتظام حاجي پريل پنهنجي هڙان وڙان ڪيو، سچ چوڻ يا کري ڳالهه چوڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو، 1977ع اليڪشن ۾ ورڪ دوران مرحوم اميد علي شاهه رضوي عرف ڏنل شاهه بڪيرا شريف ۾ ماڻهن جي وڏي انبوه کي خطاب ڪري رهيو هو، گڏوگڏ ترقياتي ڪمن جا تفصيل ٻڌائي رهيو هو، گذريل حڪومت ۾ اسان هي هي ڪم ڪرايا، اتي حاجي پريل خان پنهنجي خصوصي گودڙي يعني ڪپڙي جي ٿيلهي مان بڪيرا جي روڊ جي واڌاري لاءِ نڪتل ٽينڊر اخباري ڪٽنگون ڪڍي وڏي واڪي چيو ته قبلا سائين هي پروف ڏسو، هڪڙو ٻيو ٽيون روڊ ڇو ڪونه ٺهيو، اتي شاهه صاحب مس مس جان ڇڏائي، جڏهن جنرل ضياءَ ڀٽي حڪومت کي راتاهو هنيو، مرحوم ڀٽو جيل ۾ ويو، عام ماڻهن خصوصن پ پ پ تي زبردست سختي شروع ٿي وئي، حاجي پريل ان آمريت واري دور ۾ جنگ اخبار ۾ بيان ڏنو ته ڀٽي صاحب جي سالگرهه ڪنهن به حالت ۾ ملهائي ويندي، بيان ڇا هو، آمريت کي ڏنڀ لڳي ويا، ٽنڊي الهيار جي ان وقت جي ايس ڊي ايم قاسم شاهه حاجي صاحب کي گهرائي چيو ته توهان ڀُٽي صاحب جي سالگرهه جي باري ۾ ڏنل بيان تان هٿ کڻو، حاجي پريل پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو، نتيجي ۾ 4 مهينا شيخن پويان گذاريا، 1980ع ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ حيدرآباد واري ٽنڊي محمود واري علائقي ۾ مير حيدر جي سامهون ووٽن ۾ بيهه رهيو، ايم آر ڊي تحريڪ دوران سڄي سنڌ جيان، ٽنڊي الهيار مان به پيپلا گرفتار ٿيا، جنهن ۾ عبدالستار بچاڻي، عبداللطيف مڱريو، حاجي پريل خان جروار ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن جيل حوالي ٿي ويا، ٻين جيالن سان گڏ حاجي پريل کي به ڪنهن بهاني سان جيل مان اسپتال منتقل ڪيو ويو، عبداللطيف مڱريو ۽ حاجي پريل جو اسپتال بيڊ گڏ هو، اسپتال ۾ به حاجي صاحب جي آمريت خلاف الفاظي فائرنگ شروع ٿي وئي، ايجنسيون پڻ حرڪت ۾ هونديون هيون، سول ڪپڙن ۾ پيون چڪر لڳائينديون هيون، اتي حاجي صاحب کي ماٺ ڪرائڻ به وڏو مسئلو هو، لطيف صاحب حاجي پريل کي چيو ته حاجي ايجنسيون ڦرن پيون، آئون توهان کي جڏهن چوان اڇو ماڻهو ته توهان ماٺ ڪري وڃجو، ٿوري دير کان پوءِ حاجي وري به آمريت تي اڇلون ڏيڻ لڳو ته مڱريي صاحب چيس حاجي “اڇو ماڻهو” حاجي صاحب خاموشي اختيار ڪري ويندو هو، اڇو ماڻهو ايجنسي جو فرضي نالو هو پر حقيقت ۾ “اڇو ماڻهو” حاجي پريل خان جروار ئي هو، جنهن جو مختصر احوال توهان پڙهي آيا آهيو، جيئن ڪمال کي زوال آهي، فلڪ ڦيرو کاڌو آمر ضياءَ جو سي ون ٿرٽي ۾ ساهه نڪري ويو، 1988ع اليڪشن ٿي، پ پ پ کٽي وئي، محترمه بينظير ڀٽو وزير اعظم ٿي، ٽنڊي الهيار مان چونڊيل صوبائي جو پ پ پ ميمبر حاجي عبدالستار بچاڻي روينيو منسٽر ٿيو، ان سان به حاجي پريل جون تکيون مٺيون ٿينديون رهنديون هيون، ڇو ته حاجي صاحب هو ئي اندر ٻاهر اڇو، 1988ع ۾ سنڌ جو وزير اعليٰ جناب قائم علي شاهه هو، سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ تُغلق هائوس ۾ خاص ميٽنگ هئي، ان ۾ وزير اعليٰ صاحب هو، رش تمام گهڻي هئي، حاجي پريل به پنهنجي فرزند حاجي ياسين جروار (اڳوڻو صدر پ پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار) سان گڏ اتي پهچي ويو، پاس کانسواءِ اندر نٿي ڇڏيائون، پر حاجي زور ٿي پاس نه ڪو ڪجهه هليو ويو، فرسٽ فلور تي ميٽنگ هجي، لفٽ سڳوري تي به پيهو پيهه هجي، ڪافي دير گذري وئي، هنن همراهن کي لفٽ جا جيستائين ٻئي طاق پاڻ ۾ ٽچ نه ٿيندا اوستائين لفٽ هيٺ يا مٿي نه ويندي مٿان کان لفٽ هيٺ لٿي، ٻيا همراهه چڙهيا اڃا لفٽ جا طاق پاڻ ۾ ٽچ ٿين ئي ٿين، حاجي صاحب پنهنجي بانس واري لٺ دروازن جي وچان ڏيئي ڇڏي، لفٽ کي بريڪ اچي وئي، لفٽ ڊرائيور چيو ته بُڙها ڪيا ڪر رهي هو.” اتي اڇي ماڻهو لٺ کي مضبوطي سان جهليندي چيو ته “حڪومت اسان جي آهي، اسين ان جا ورڪر آهيون” قائم علي شاهه کي وزير اعليٰ اسان ٺاهيو آهي، اسان مٿي وينداسين.” آخر ڪار لفٽ واري ٻه همرا لاٿا، پيءَ پٽ پوءِ لفٽ تي سوار ٿي مٿي پهتا، وزير اعليٰ نڪري چڪو هو، آفتاب شعبان ميراڻي کان پنهنجي اسڪول جي منظوري وٺي آيو، هن ڀلوڙ ماڻهو جو تعلق به سنڌ ۾ وڏو هو، سندس حجت ۽ سنگت جو حلقو پڻ وسيع هو، سندس دوستي جي دائري ۾ سندس پارٽي کان علاوه ٻيا به ماڻهو هئا، جن مان چند نالا هيٺ ڏجن ٿا، مير علي محمد ۽ مير رسول بخش خان ٽالپر، سيد ڀورل شاهه رضوي، حاجي عبدالستار بچاڻي، الهه بخش قائمخاني، مخدوم طالب الموليٰ، ملڪ لال خان، حسين شاهه بخاري، مولا بخش چانڊيو، عبداللطيف لغاري، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر، عبداللطيف مڱريو، مرزا عاشق حسين بيگ، ممتاز پنهور ۽ جمعو شورو هي ٻئي غريب ڪارڪن هئا، انهن جو خرچ به حاجي صاحب ڀريندو هو، علڻ خان لغاري (ٽنڊوالهيار)، عبدالستار سريوال، نجم الدين سريوال، صديق ساند، مير محمد جمالي، پيارو لنڊ، محمد هاشم سومرو ڳوٺ جاني سومرو، چوهڙ جمالي، پير غلام حيدر شاهه (ميين عثمان جا قٻا ڇڇ جهان خان)، محمد صالح خاصخيلي (طاهراڻي پٽيل)، ڊاڪٽر شاهنواز شاهه، علي محمد سمون (ٺٽو)، محمد پناهه جروار (لاڙڪاڻو)، سردار غلام مصطفيٰ جروار (ڪنڌ ڪوٽ)، حاجي يوسف جروار (امن آباد)، حاجي جمال الدين ارباب (ٽنڊو غلام حيدر)، حاجي محمد خان نظاماڻي (ٽنڊو قيصر)، عارب خان جروار (نائون ميل ٽنڊو محمد خان)، مقبول ميمڻ (صادق فائونڊيشن)، پير صديق محمد شاهه (بڪيرا شريف)، دوست علي خان کوکر، حاجي غلام حسين کوکر، پير حاجن شاهه (مڪان شريف)، حاجي نوح جکريجو (مٽياري)، محمد هاشم ٿيٻو (مولان)، خادم حسين شاهه کوکرن وارو پير غلام رسول شاهه جيلاني، اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه، عاشق لغاري (وڪيل)، حاجي چٽل بچاڻي، حاجي يعقوب بچاڻي، خليل الرحمان لغاري (مسڻ)، لطيف سنڌي (وڪيل)، عبدالقادر هاليپوٽو (اڳوڻو گورنر سنڌ)، الهڏنو شاهه (وڍ وارو)، ماستر غلام حسين بڪيرو، لکاڏنو دائيداڻو (بهادر دائيداڻو ٽنڊوالهيار) ۽ ٻيا ڪيترائي دوست احباب سندس قرب جي ڪڙي ڪڙيل هئا، حاجي صاحب تي پڇاڙي ۾ فالج جو حملو ٿي پيو، سندس پٽ (حاجي ياسين) کي چيائين ته حبيب بئنڪ برانچ حيدرآباد ۾ باقي پنج هزار روپيا پيل آهن، اهي کڻي آ ته ڪنهن غريب جي مدد لاءِ ڪم اچي سگهن ٿا، آخرڪار 6 جنوري 1992ع تي حاجي محمد پريل خان جروار زندگي جي جنگ هارائي وڃي پنهنجي مالڪ حقيقي سان مليو، کيس اباڻي قبرستان عنايت شاهه گهوٽ، لڳ سندس ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو، سندس پٽن مان حاجي محمد ياسين جروار، غلام قادر خان، فقير شير محمد شاهه جروار ۽ الهه بخش جروار آهن.

    ڏيرن ڏينهن چٽا ڪيا، کنيائون کنو،
    ڪيون ڪوهيارل جو، ڇپر منجهه ڇنو،
    ٻاروچل ٻنو، واري ويو وندر تان.


    خليل کوسو
    (اخبارهفتيوار ٽنڊوالهيار نيوز جي ٿورن سان)


    مضمون

    مختصر تاريخ تپو کوکر

    مختصر تاريخ تپو کوکر ۽ يونين ڪائونسل کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ضلع حيدرآباد سنڌ پاڪستان جي صورتحال سامهين پني تي ڏسي سگهجي ٿي، هيءَ يونين ڪائونسل ۽ تپو کوکر 10 ديهن تي مشتمل آهي، جنهن جو صدر مقام پڻ ديهه کوکر ۾ آهي.
    سرڪاري رڪارڊ موجب ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر موجوده ڳوٺ سردار حاجي غلام حسين کوکر آباد آهي ديهه کوکر جي صورتحال نقشو پڻ ڪتاب ۾ موجود آهي.
    هن وقت مشهور معروف مين روڊ ٽنڊوالهيار کان شيخ ڀرڪيو تيار ٿي چڪو آهي، اندازن تپو کوکر جي ديهن مان گذري ٿو، ڏسي سگهجي ٿو.
    نمبروار تپو کوکر جون ديهون هن ريت آهن ۽ نالن سان موجود آهن.
    1. ديهه وساڻڪي
    2. ديهه ڍنڍ شاهه
    3. ديهه ريڇل
    4. ديهه کوکر
    5. ديهه واڳوڏر
    6. ديهه ٻائل
    7. ديهه ٻوچڙ
    8. ديهه ٺل
    9. ديهه سهڻا بڪيرا
    10. ديهه بڪيراڻي
    مذڪوره 10 ئي ديهن جو مختصر احوال هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ان کان سواءِ 2 اضافي ديهون به ڪتاب ۾ ڏنيون ويون آهن، ديهه ستياري ۾ راقم جي ٻني به آهي، ڳوٺ محمد بچل بڪيرو، ڳوٺ مٺو خاصخيلي، ڳوٺ اُڀريو درس ۽ محمد درس آهن، ڳوٺ ڪئوڙو دائيداڻو، سولنگي ۽ ماڇي برادرين جا ڳوٺ به آهن جن سان اسان راڄ آهيون، خوشي توڙي غمي ۾ شريڪ ٿيندا آهن، انهي ذڪر لاءِ ۽ ديهه ستياري تپو ايڊيشنل پاڪسنگهار جو جائزو پڻ ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي.
    ديهه شاهڪي عرف ساهيڪي ۾ به ڳوٺ مير حمزو خان ٽالپر، ڳوٺ احمد خان رستماڻي، ڳوٺ محمد علي پرهياڙ گڏوگڏ آهن، خوشي توڙي غمي ۾ هر وقت گڏ آهيون، ته انهن جو ذڪر به ڪتاب ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
    ديهه آمري ڳوٺ خير محمد جروار جي جروارن جو شجرو پڻ ڪتاب ۾ درج آهي، ڪاٺڙي ميرپورخاص جي جروارن جو شجرو پڻ ڪتاب ۾ داخل آهي، گڏوگڏ ٻه پيپر شجرو نسب راقم محمد ياسين جروار جا وڏا جروار ڪلهوڙن جي دور ۾ لاڙڪاڻه ميرو خان ديهه گل ڪلهوڙو کان آيل آهن، ڳوٺ پانڌي جروار کان انهن جو به شجرو ۽ مختصر جائزو ڪتاب ۾ درج آهي، جيڪي ڳوٺ پانڌي خان جروار ديهه گل ڪلهوڙو تعلقو ميرو خان لاڙڪاڻي وارن سان اڄ تائين رشتو هلندو اچي، مذڪوره تپو کوکر جون 10 ديهون موجود آهن، سندن وڏي تاريخ آهي، ليڪن مختصر جائزو هن ڪتاب ۾ پنن ۾ ڪيو ويو آهي، اميد تي دنيا قائم آهي، رهي نالو الله جو.
    مون قلم کنيو هو پنهنجي جروار قوم تي ۽ کوکر تپو ۾ رهندڙ سڀني قومن لاءِ چوڻ سولو ۽ عمل ڪرڻ تمام ڏکيو ڪم آهي، اميد تي دنيا قائم آهي، اميد ته هن منهنجي ننڍڙي ڪوشش حاجي پير بخش لاشاري وانگي ڪنهن کي وڌيڪ قلم کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪتاب سندس وڏي رهنمائي ڪندو، کوکر قوم جي شجري نوٽ فوٽ جيڪو حاجي شير محمد خان ولد حاجي غلام حسين خان کان مليو، ان ۾ هي سلسلو لکيل آهي.
    ميان ٻڍڻ خان کوکر ڳوٺ چٽوڙي ميرپورخاص، ميان ٻڍڻ خان کوکر کي 2 پٽ ٿيا، انهن جو ڪجهه تفصيل هتي ڏجي ٿو، پهريون پيارو خان کوکر سندس احوال ديهه کوکر ۾ آهي، ٻيو مهرو خان کوکر.
    مهرو خان کوکر کي ٽي پٽ ٿيا، خدا بخش ڳوٺ ٻيڙو کوکر، پيارو خان کوکر ڳوٺ ٻيڙو کوکر، حمل خان جنهن جو اولاد لاڙڪاڻه ۽ شهدادڪوٽ ۾ آهي.
    ميان پيارو خان جي اولاد ۾ فوٽ نوٽ مطابق حاجي کي خدا بخش آهي، لااولاد انهن انهن نالن سان کوکرن ۾ موجود آهن، سمجهان ٿو ته ورثي جا نالا اٿن.
    ميان پيارو خان کوکر (سپهه سالار مير بجار خان ٽالپر) کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ نواب عرضي خان کوکر، جنهن جو اولاد فوٽ نوٽ شجرو تپو کوکر ۽ ديهه کوکر ۾ موجود آهي، ميان پيارو خان جو ٻيو پٽ ماڻڪ خان جنهن جو اولاد شهدادڪوٽ آهي.
    نواب عرضي خان کوکر چٽوڙي ميرپورخاص مقام هن تي قبو اڏيل آهي، هن جا مريد هوندا هئا، کوکر اڄ به پنهنجي اولاد پٽن جي جهنڊ اتي لهرائيندا آهن.
    کوکر راجپوت آهن، شيخ صادق علي مطابق راٺوڙ قبيلي مان سمه آهن، شاهان گجر جو مصنف کين جت لکي گجرن ۾ شامل ڪري ٿو، ڪي کوکر پاڻ کي غزني کان آيل قطب شاهه (جيڪو حضرت علي جي ٻي ڪنهن زال جي اولاد مان هو) جي پٽ محمد جي اولاد چورائيندا آهن، جيڪو اعواڻ ذات جو مورث اعليٰ آهي، هن جي اڪثريت پنجاب ۾ رهي ٿي، انهن مان ڪي هتي لڏي آيا ۽ آباد ٿي ويا، کوکرن جي روايت مطابق ته هنن جي وڏن جي هڪ رياست ڄمون ۾ منگلا ديوي جي قلعي ۾ هئي، پوءِ خيرپور تي قبضو ڪيو، خيرپور جي نسبت سان انهن کوکر چورايو معنيٰ خيرپور وارا، اڪثر محققن قطب شاهه واري روايت کي رد ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته کوکر پهريان مسلمان ڪو نه هئا، اها هڪ من گهڙت ڪهاڻي آهي.
    کوکرن کي شهاب الدين غوري ڏاڍو تنگ ڪيو هو جنهن ڪري هو کائنس کان ڏاڍا خفا هئا ۽ انتقام وٺڻ لاءِ وقت جي انتظار ۾ هئا، جيتوڻيڪ سندن قبيلي جي اڪثريت سردار سوڌو هڪ مسلمان بزرگ جي طفيلي مسلمان ٿي چڪا هئا، کوکرن جو مسلمان ٿيڻ جو سلسلو محمود غزنوي جي دور تائين جاري هو، چون ٿا ته پنڊ دادن خان کوکر جي هڪ سردار جي نالي تي آهي، جيڪو جهانگير جي عهد ۾ اتان جو حاڪم هو، اها به روايت آهي ته ڳڙهه چتوڙ جي هڪ هاردا راجپوت کوکر فتح چند جڏهن مسلمان ٿيو ته هن پنهنجو نالو دادن خان رکيو ۽ هن پنڊ دادن خان کي ٻيهر تعمير ڪيو.
    2 شعبان 602 هجري تي سلطان شهاب الدين غوري درياءِ سنڌ جي ڪناري “برمهيڪ” جي هنڌ سندن هٿان قتل ٿي ويو، کوکرن پنهنجي قتل عام جو بدلو ورتو.
    1393ع ۾ محمود شاهه ولد ناصر الدين شيخا کوکرن سان وڙهڻ لاءِ سارنگ خان کي موڪليو، جنهن لاهور ۾ هنن کي شڪت ڏني، کوکر جڏهن مسلمان ٿيا ته کين گهگهڙ به سڏيو ويو، ٽاڊ هنن کي راٺوڙ ۽ راجپوت جي شاخ سمجهي ٿو، سنڌ جا کوکر پنجاب کان آيل آهن ۽ انهن جي اولاد آهن.
    هندستان جي تاريخ ۾ کوکرن جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آهي، هي تيمور لنگ سان به سامهون ٿيا، جيڪو آڪٽوبر 1398ع ۾ هنن جي علائقي ۾ آيو هو، کوکرن جا راولپنڊيءَ کان وٺي موجوده سرگوڌا تائين قلعا ۽ علائقا هئا، اڪبر مغل جي وقت کوکرن وٽ 5 محلا ۽ 10 پرڳڻا آهن.
    شجرو فوٽ نوٽ مونکي رئيس مهر علي خان ولد خان محمد خان کوکر عنايت ڪيو، پاڻ اِن جي ڪاپي رئيس حاجي شير محمد خان ولد سردار حاجي غلام حسين کوکر کان وٺي مونکي عنايت ڪئي. قوم کوکرن جي تاريخ جيڪي موجوده تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار جو شجرو فوٽ نوٽ ڏسڻ کان پوءِ ڏسجي ٿو ته سڀئي کوکر جيڪي به درج ٿيل آهن سڀ سرائي منهنجي نظر ۾ اترادي نه مگر سرائي معنيٰ سر ڏيڻ وارا، ڪتابن جي مطالعي ۽ شجره ڏسڻ کان پوءِ پڪ ٿي ته هڪڙن جا سر تلوارن لاٿا، جنگين ۾ مختلف حڪومتن جي دور ۾ گهٽ ۾ گهٽ تڏهين به ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ جيڪڏهن کين عهدا مليا آهن ته سر ڏيئي عهدا ماڻيا آهن، جيڪڏهن جاگيردار ٿيا آهن تڏهين سر ڏيئي جاگيرن جا مالڪ ٿيا آهن، مولائي شيدائي جا ڪتاب، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب جا ڪتاب، حسين بادشاهه جا ڪتاب پڙهندا ته سندن ڪارنامن سان ڀريا پيا آهن ۽ جي وري انگريز دور تي اچي ڏسو ته جنگ ۾ ٽالپرن پاران ڪيترن کوکرن قرباني ڏني، ڪيترن کوکرن تي ڪوڙا ڪيس هلائي کين ڦاسي ڏني ويئي، حيدرآباد قلعي کان هيٺ اهي کوکر ڪي عام کوکر ڪونه هئا، جيئن اڄ هِن شهر هُن شهر ۾ کوکر پيا ٻڌجن، اهي کوکر اهي نواب کوکر ۽ وزير اعظم کوکر، سپه سالار کوکر، تپو کوکر وارا ٻيڙو خان کوکر ۽ غلام حسين خان کوکر ۽ رستم خان شير محمد خان کوکر، ٺارو خان کوکر ۽ فقير خير محمد کوکر، ڌڱاڻو خان کوکر، ڪريمداد خان کوکر جو اولاد رئيس حاجي ولي محمد خان جو اولاد ۽ رئيس خان محمد جو اولاد، رستم خان جو اولاد، سردار حاجي غلام حسين کوکر، رئيس دوست علي خان کوکر آهن، غلام مصطفيٰ خان کوکر وارا آهن.
    انهن کوکرن پنهنجا پيٽ ڪونه ڀريا، برابر پيٽ بکيو ڪو هلي نه ٿو سگهي، ليڪن وقت وقت جي ڳالهه آ، مٿين ناليوارن کوکرن پنهنجي سڄي تپو کوکر کي پنهنجو اولاد ڪري رکيو، اسان جي يادگيرين تائين ائين هو سڀني ذڪر ڪيل ديهن مان جيڪي تپو کوکر ۾ اچي ٿي ويون، ان عوام کي پنهنجو اولاد وانگي سمجهندا هئا، شل نه ڪنهن کي ڪا تڪليف پهچي، کوکر سردار حاجي غلام حسين کوکر يا سندس اولاد وٽ ڪو پهچي جيسين ان جي رسائي نه ٿيندي، کوکر چين ۽ سک سان نه ويهندا پوءِ ڀلي کڻي ڪو رئيس دوست علي خان کوکر ڀائرن وٽ دانهين پهچي، کيس حق رسائي کان پهرين سک چين سان نه ويهندا هئا، اسان سڄي زندگي ساڻن نڀايو آهي ۽ پاڻ به ٻئي گهر اسان سان مٽن مائٽن کان وڌيڪ هلن ٿا.
    رئيس فتح خان کوکر آخري جاگيردار جنهن جو بيان حاجي پير بخش خان لاشاري سندس ڪتاب “سدا وسن منهنجا سيڻ سنگهار” ۾ ڪيو آهي، مطالعو ڪريو، ڏوڪري لاڙڪاڻه ۾ جاگير هئس، ڇتو واهڻ وٽ انهيءَ جاگير کي فيلڊ مارشل محمد ايوب خان 1958ع ۾ ٽوڙيو ۽ کين زمينداري ڏني، رئيس فتح خان کوکر زمينداري مفت ۾ ڇڏي آيو، جو نوابي ختم هاڻي نوابي حڪم نه هلي سگهندا هئا، واپس حيدرآباد کوکرن ۾ پنهنجا پٽ غلام مصطفيٰ، بنده علي ۽ رستم خان کي پڙهائي روزگار نوڪرين ۾ لڳرايو، غلام مصطفيٰ کي کيس هڪ پٽ عامر نالي آهي، پاڻ سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچرار آهي ۽ بنده علي کي به اولاد آهي، پاڻ واپڊا ۾ نوڪري ٿو ڪري، باقي رستم خان شمس سئنيما گاڏي کاتو حيدرآباد ۾ قتل ٿي ويو.
    اسان جي يادگيرين ۾ سردار حاجي غلام حسين کوکر جي لاءِ ڇا لکان، گهڻو ڪجهه مواد آهي، حياتي ساٿ نڀايو ته ٻئي ڀاڱي ۾ درج ڪبو، رئيس دوست علي خان، جان محمد خان ۽ رئيس مهر علي خان ولد خان محمد خان کوکر پنهنجي زمين تي ديهه بڪيراڻي ۾ ڳوٺ آباد ڪيو اٿن، سندن زمينداري به ديهه بڪيراڻي ۽ ديهه سهڻا بڪيرا ۾ آهي، ٽنهي ڀائرن کي الله پاڪ اولاد سان نوازيو آهي، سردار حاجي غلام حسين کوکر پنهنجي اولاد سميت پنهنجي اصل ڳوٺ ۾ آباد آهي.
    کوکر
    هي اصل پنجاب جي قوم آهي، جيڪا پوءِ سنڌ ۾ آئي، جڏهن قطب الدين ايبڪ افغان سنڌ جو حاڪم هو، تڏهن کوکر لاهور مان ڪاهي آيا، قطب الدين جي پٽ شهادب الدين کي ماري وڌائون، 1393ع ۾ محمود شاهه ولد ناصر الدين شيخا کوکر سان وڙهڻ لاءِ سارنگ خان کي موڪليو، جنهن لاهور ۾ اچي هن کي شڪست ڏني، سنڌ جا کوکر به انهن کوکرن جو اولاد آهن، منصوره، غزني ۽ لاهور کان پوءِ سنڌ جو تختگاهه ملتان (قبله اسلام) اسلامي تبليغ ۽ فيضان جو مرڪز بڻجي ويو، شهزادي محمد آقان الملڪ بن سلطان غياث الدين بلبن هنن ڏينهن ۾ مخدوم سيد جلال، شيخ السلام، بهائو الدين ذڪريا ملتاني رحه، شيخ فريد الدين شڪر گنج رحه، سيد عثمان مروندي رحه پاڻ ۾ چار هئا، هنن بزرگن جي تبليغ سان هندو قوم مان ڪيترن ئي قومن اسلام قبول ڪيو، انهن مان کوکر، ماڇي، ٿيٻا قابل ذڪر آهن، جن اسلام قبول ڪيو، هي جنگ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي وچ ۾ لڳي هئي، مير صاحب ڪامياب ٿيا، کوکرن ميرن جا طرف هئا، ميرن جا اڳواڻ مير فتح علي خان هو.

    سائين بهادر خان کوکر
    بهادر خان کوکر مرحوم رئيس ٻيڙو خان کوکر جو عزيز هو، کوکر صاحب ميرن صاحبن جي طرفان ڪلهوڙن جي جنگ ۾ شامل هئا ۽ ڪامياب ٿيا، پوءِ کين ميرن صاحبن جاگيرون ڏنيون، ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر، تعلقه ٽنڊوالهيار مشهور آهي، هتي هن وقت سردار حاجي غلام حسين کوکر سنڌ ليول تي مشهور ۽ وڏو زميندار آهي.
    ٽالپر حاڪم چوٿون پڳدار مير مراد علي خان سخت بيمار ٿي پيو ته سندس علاج لاءِ ڪلڪتي مان انگريز ڊاڪٽر گهرايو ويو هو، مذڪوره انگريز ڊاڪٽر ڪڇ پُڄ جي رستي کان آيو هو، ميرن صاحبن طرفان سنڌ جي سرحد تي سندس استقبال لاءِ ٻه امير رئيس موسيٰ خان کٽياڻ ۽ رئيس بهادر خان کوکر موڪليا ويا هئا، جيڪي ٻئي ڄڻا ميرن جي درٻار ۾ وڏن اميرن ۾ ليکبا هئا، انگريز ڊاڪٽر صاحب کي خشڪيءَ جي رستي کانپوءِ دريائي سفر ڪرائي ٻيڙين وسيلي حيدرآباد آندو ويو هو.
    بهادر خان کوکر کان هڪ وڏي غلطي پڻ ٿي هئي، بهادر خان جي نوڪرياڻين مان نالي مائي مومل ٽالپر دور جي وزير اعظم نواب ولي محمد خان جي پٽ نواب احمد خان جي شادي ۾ عزيزن سان گڏ ويئي هئي، انهي تان بهادر خان کوکر ڪاوڙ ۾ اچي مائي مومل کي شهيد ڪري ڇڏيو، مائي مومل کي جنهن جاءِ تي دفن ڪيو ويو، انهي جاءِ تي ٻه وڏا ڪنڊي جا وڻ آهن، هاڻي هي مقام مائي مومل جي نالي سان مشهور آهي، جيڪو رئيس حاجي مير محمد کوکر جي موجوده ڪچي ڪوٽ جي اولهه طرف آهي، هي احوال تاريخ جنت السنڌ ۾ ڏسو.

    ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر
    يادگيري کان اڳي جي خبر ڪلهوڙن جي دور ۾ ٻيڙو خان کوکر، غلام حيدر ۽ فتح خان ڪلهوڙن جي دور ۾ جنگ ۾ ڪامياب ٿي آيا، انعام ۾ هنن کي جاگيرون مليون، فتح خان کوکر کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ رستم خان ٻيو دوست علي خان، هي منهنجي وقت کان اڳي ٿي گذريا آهن، رستم خان هن کي ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي، نياڻي جو نڪاح پنهنجي ڀائيٽي دوست علي خان جي پٽ خان محمد سان ٿيو، باقي پٽن جو احوال رئيس فتح خان منهنجو گهڻو ڏٺل هو، جيڪو موجوده کوکر مان لڏي لاڙڪاڻي، ويو جتي جاگير مليل هئس، ايوب خان جي حڪومت آئي ته سندس جاگير ختم ٿي ويس، کوکر ڪوٽ ۾ آيو اچي کيرول واري وڻ واري نمبر ۾ اٽي جي چڪي لڳايائين، ڪجهه عرصي بعد حيدرآباد لڏي ويو ۽ هن ٽي شاديون ڪيون، اولاد ۾ هن کي ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي هئي، نياڻي جو نڪاح دوست علي خان ولد خان محمد کوکر سان ٿيو، رئيس هاڻي فتح خان حياتي آهي.
    رستم خان جو پٽ علي ڏنو جنهن کي 4 سئو ايڪڙ زمين هئي، جيڪا کيساني واهه جي لڳ هئي، کوکرن مان لڏي کيساني واهه لڳ پنهنجي زمين ۾ پنهنجو ڳوٺ ٻڌو، پاڻ موالي ماڻهو هو، ٻه شاديون ڪيائين ۽ وڏو پٽ علي مراد هئس، آخرڪار زمين وڪڻي وڃي حيدرآباد ويٺو ۽ اتي وفات ڪيائين، نالو مبارڪ خان عرف عليڏنو کوکر.
    هاڻي رئيس وڏي فتح خان جو ٻيو پٽ رئيس دوست علي خان هن کي هڪ پٽ نالي رئيس خان محمد هو، هو لڏي پنهنجي زمين ۾ ڳوٺ ٻڌي ويٺو ۽ رئيس رستم خان جي نياڻي سان شادي ڪيائين، انهي مان ٽي پٽ ٿيا، دوست علي خان، مهر علي خان ۽ جان محمد خان هاڻي ذڪر دوست علي خان جو هي تمام بهادر هو ۽ هن جا رئيس حاجي غلام حسين کوکر سان سخت مقابلا ٿيا، اسان جي وقت ۾ هنن جا پاڻ ۾ وڏا تڪرار هئا، هڪ ٻي کي مارڻ ۽ مارائڻ جا امڪان هئا، آخرڪار هنن جو ٺاهه ٿيو، جو حاجي غلام حسين هن وٽ هلي ويو ۽ معافي ورتائين.

    حاجي غلام حسين کوکر
    هي رئيس ولي محمد خان جو اڪيلو پٽ هو، هن جا ناناڻا ڳلهه قوم جا هئا، هنن جو ڳوٺ اگهاماڻي لڳ هو، رئيس ولي محمد، سائين قربان علي شاهه آف مڪان شريف ۽ ٻين ساداتن کي ميڙ وٺي ڳلهن وٽ ويو ۽ سڱ گهريائين پر ڳلهن هنن کي موٽائي ڇڏيو، پوءِ سائين قربان علي شاهه فرمايو ته هي ڳلهه قوم ولي محمد خان تنهنجي در تي نوڪر ٿي ڪمائيندا ۽ ٿيو به ائين ۽ سڱ به ولي محمد خان کي ڏنائون، ولي محمد خان جي شادي ٿي جو اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو، ڳلهه جو سڄو ڳوٺ لڏي اچي کوکر ڳوٺ ۾ آباد ٿيو، ٿوري عرصي بعد ولي محمد کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو غلام حسين کوکر آهي، پٽ جي ڄمڻ بعد ولي محمد کوکر وفات ڪري ويو ۽ غلام حسين کوکر کي پنهنجن ناناڻن نپايو، غلام حسين کوکر جي شادي ڳلهه قوم مان نورو ڳلهه جي نياڻي سان ٿي، هن شادي ۾ آئون پاڻ ويو هئس، جنهن ۾ وڏي ۾ وڏو خاندان سائين محمد شاهه، ٽنڊي قيصر وارو هو، رسائي ۾ احمد خان نظاماڻي آف ٽنڊو قيصر وارو هو، پهريون ڀيرو ٻهراڙي ۾ وڄت ۾ بئنڊن وارا مهاجر ڏٺاسون جن پنهنجو تماشو ڏيکاريو.
    رئيس غلام حسين کوکر کي ڇهه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، پٽن ۾ ولي محمد، شير محمد خان، خير محمد خان، مير محمد خان، آفتاب احمد ۽ اعجاز احمد، رئيس غلام حسين کوکر جي اصل زمين اٽڪل نوَ سئو ايڪڙ هئي، جيڪا هينئر 20 هزار ٿي ويئي آهي.
    صدر ايوب خان جي دور ۾ پاڻ يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو ويو، جنهن ۾ اسان پاڻ شريڪ هئاسين، خان صاحب سيٺ محمد سومار ٽنڊوالهيار وارو آيو هو، اليڪشن جو دور هو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ابو نصر آيو هو، تنهن ۾ اسان به شريڪ هئاسون، اليڪشن جو دور هو، رئيس نصير محمد خان مدواڻي ۽ دوست علي خان کوکر رستو وٺي ٿي ويا، غلام حسين کوکر چوڪيدارن کي چيو هنن ٻنهي کي رستي تان روڪيو وڃي، چوڪي وارن هنن کي روڪيو جنهن ۾ وڏو فساد شروع ٿيو، جنهن ۾ لاکون رپيا خرچ ٿيا اهو جهيڙو 15 سال هليو نيٺ غلام حسين کوکر ڪامياب ويو، اليڪشن ۾ ٽنڊوالهيار تڪ تي مير غلام علي خان ٽالپر ٽنڊي محمد خان وارو ڪرنل حيدر سان اليڪشن لڙيو هو تڪ جو خرچ رئيس غلام حسين کوکر جي ڀريو هو ٻن پٽن ولي محمد ۽ مير محمد کوکر جون شاديون گڏ هيون، شادي ۾ وڏا امير آيل هئا، جنهن ۾ وڏا فنڪار حصو وٺي رهيا هئا، انهن کان علاوه مولود شريف جسڪاڻي ۽ مڱڻهار هئا، جنهن ۾ انعام ٻين کان علاوه وريند مل به ڏنو شاندار محفل ٿي ٽي پٽ نالي مير محمد جي شادي چار سال پوءِ رسول بخش پٽ عثمان جي نياڻين سان ٽنهي ڀيڻن جون شاديون ٿيون، چوٿين پٽ خير محمد کوکر جي شادي حيدرآباد مان سومرا قوم مان ٿي.
    حاجي غلام حسين کوکر ۽ ميون خدا ڏنو شيخ ڀرڪيو واري جو پاڻي تان تڪرار ٿيو، جنهن ۾ غلام حسين کوکر کي بندوق جو ڌڪ لڳو، پنهون مهاڻي ڌڪ هنيو هو، غلام حسين کوکر جي طرف پتافي سامٽيا هئا، شيخ صاحب جي طرف محمد اسماعيل مهراڻي ٿهيم، عالم شاهه، پير مڪان شريف وارو ۽ نجم الدين سريوال هئا، آخر ۾ فيصلو پير غلام رسول شاهه جيلاني ڪيو ۽ فيصلي ۾ ٻئي ڌريون ٺهي ويون، غلام حسين کوکر ٻه دفعا يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين مير اعجاز علي ٽالپر ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو جو صلاحڪار مير عنايت علي ٽالپر حاجي غلام حسين سان کوکر ڳوٺ ۾ کلي ڪچهري ڪئي، مير اعجاز کي حاجي غلام حسين کوکر اجرڪ پارائي ۽ مير عنايت کي حاجي خير محمد کوکر اجرڪ پارائي، کوکر ڳوٺ کان مڪان شريف روڊ جي پيڙهه جو پٿر مير عنايت صاحب رکيو، کلي ڪچهري ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس ڳوٺ آيس.
    هن سال کوکر صاحب تي ڇاپو لڳو، مسافر خاني واري کوهه مان ڪجهه اصلحو مليو، اصلحو ڪڍڻ لاءِ هڪ مزدور کي کوهه ۾ لاٿو ويو، جنهن کي نانگ ڏنگ هنيو، هن کي جيئن ئي ٻاهر ڪڍيو ويو ته نانگ جو چڪ اڃان لڳل پيو هو ۽ مزدور آخر وفات ڪري ويو، هن کان اڳ هڪ ڇاپو کوکر صاحب تي لڳو جنهن ۾ هن ايس پي پوليس آفيسر اڏيري جو مشتاق شاهه مدد ڪئي ۽ کوکر صاحب شاهه صاحب کي ٻه لک ڏيڻا ڪيا هئا ۽ آخر رئيس 50 هزار هن ڏانهن موڪليا، جيڪي شاهه صاحب واپس ڪري ڇڏيا ۽ هي فلم تيار ڪري کوکر صاحب کي ڏاڍو تنگ ڪيو ويو، آخر مشتاق راهو ڳوٺ شهمير راهو واري هن کي آجو ڪيو.
    ڏينهن سومر تاريخ 20 سال 1421هه مهينو ذوالعقد ڳوٺ کوکر ۾ وزير اعليٰ سنڌ ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم هن سان ٻيا مهمان معزز هئا، وزير آبپاشي نادر اڪمل لغاري، غفار قريشي، حاجي الله بخش خان مگسي، روينيو وزير عرفان مگسي، خاتون ڊاڪٽر راحيلا گل مگسي، غني خان درس صاحب ۽ ٻيا به آيل امير غريب هئا، هي دعوت حاجي خير محمد کوکر تعلقه ناظم ٽنڊوالهيار ڪئي هئي.
    بلدياتي چونڊن ۾ حاجي خير محمد کوکر سان آئون ۽ ڏنو خان صديق پٽ خير محمد کوکر ٽنڊوالهيار وياسون، ان کان پوءِ مڪان شريف تي وڃڻ ٿيو يارهين شريف ۾ شريڪ ٿياسون.
    غلام مصطفيٰ راهو جي دعوت ۾ مولوي عبدالرحيم سڪندري جو جلسو رکيو ويو، هن جا پرچا ورهائڻ مون کي ڏنا ويا ۽ گاڏي ۾ ڊرائيور نواب مڱڻهار هو ۽ مولوي غلام محمد ڏاهري ويٺل مورو ڳوٺ نور محمد ڪلهوڙو قبا هنن ڳوٺن ۾ پرچا ڏنا ويا، ڳوٺ اسماعيل مهراڻي، شفيع محمد برفت، گل محمد مهراڻي، ميان محمد صديق، ڪؤڙو ٿهيم، گل محمد ڪوري، پير علي بخش شاهه، شاهه جي ماڙي، مڪان شريف، شيخ ڀرڪيو، ننگراڻي، پتافي، ماڇي، لقمان، داد جروار، صاحب خان لغاري، نبي بخش لنڊ، محمد صديق ساند، ڀنڀرو کوهه، شيش محل، اوٺا اسٽاپ، ڄارڪي، بوزدار، هاشم آباد، ڄارڪي موري، فاضل مانڊڻي، محمد هاشم جوڻيجو، جوارڙيو پير غلام حسين لغاري، مريد موري، صاحب خان جروار، پريل جروار، درس حاجي غلام محمد، حاجي عالم کوکر، بڪيرا شريف ڪراچي هوٽل، ڪولاچي پير ڇٽن شاهه، بهراڻي، قبو اسٽاپ، ڌڱاڻو بوزدار، ريڇل، ڄاموٽ فارم، گاجي لاشاري، دريا خان ناهيون، آبڙي، کيسانو موري، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو قيصر، بهاول زنئور، منگواڻا، پٻڻ شريف، شير محمد ڀرڳڙي، حسين خان ٺوڙهو، گهوٽاڻا، مکڻ موري، جهڻ موري، ٻٽور، چکيءَ، گل لاشاري، وساڻ ننگر، مولان چوڪ شهر حاجي عرس ٿيٻو، محمد ٿيٻو، بچو لاشاري، نومڙيا محمد قاسم، سخي آباد، واڳوڏر، خير محمد کوکر، بشڪو گهمڻاڻي، غلام حسين کوکر، دريا خان مسرڪ ۽ جيڪي معزز مهمان آيا، سائين مير شاهه بخاري، ٽنڊو محمد خان پير غلام دستگير مڪان شريف، جناب خير محمد کوکر، بشير احمد منگي صاحب، علي غلام شاهه ڳوٺ محبت ڀرڳڙي، شفن خاصخيلي، ڳوٺ شاهه اسماعيل قادري، عالم لغاري 90 ميل، بادل دستي، امين ۽ الياس بوزدار ڳوٺ ڄارڪي، محمد خان لاشاري، ڳوٺ ريڇل، محمد ياسين جروار، وڏيرو الهجڙيو ابڙو، عطا محمد ابڙو، پانڌي مهراڻي.
    سيد بچل شاهه هي دڪانداري ڪندو هو، سيد آگي ڏنو شاهه هن کي روڊ تي دڪان ۽ هوٽل هيس، هن کي گهڻا پٽ هئا، هن شهر ۾ ميمڻ قوم جا حاجي بچو ميمڻ ۽ حاجي ابراهيم ميمڻ يونين ڪائونسل کوکر جا ميمبر هئا، جنهن ٽائيم ۾ حاجي غلام حسين کوکر چيئرمين هو، هنن کان بعد ۾ بڪيرا شريف جو محمد يونس ميمڻ ڪائونسل ميمبر ٿيو، جنهن ٽائيم ۾ يونين ڪائونسل جو چيئرمين حاجي خير محمد کوکر هو، محمد يونس ميمڻ هي نوجوان ۽ علم وارو هو ۽ حاجي خير محمد کوکر جو صلاحڪار هو، هن شهر جو ٻيو مشهور ماڻهو آچو درس، هي وڏو پئسي وارو ڪروڙ پتي هو ۽ بلڪل سادو هو ۽ شريف هو، ٽنڊوالهيار جا واپاري هن جي ملڪيت تي ڪاروبار هلائيندا هئا، بڪيرا شريف ۾ کير هن کان ملندو هو، هن کي ٻه پٽ هئا، هڪ محمد صالح ۽ ٻيو محمد خان آچو درس جي وفات کانپوءِ جلدي هن گهر ۾ غربت اچي ويئي، درس صاحب هڪ عاليشان مسجد ٺهرائي، هڪ دفعي حيدرآباد جو ڊويزنل ميمبر چونڊيو اليڪشن ۾ ٽي اميدوار هئا، آسن داس واڻيو، ميرحسن مري جهنڊي مري وارو ۽ غلام حسين کوکر آسن داس کٽي ويو، باقي مري صاحب ۽ کوکر صاحب برابر ٿيا، پوءِ پکن تي فيصلو ٿيو، جنهن ۾ مري صاحب ڪامياب ٿيو، آسن داس کي مگسي قوم جي ماڻهن راهوڪي شاخ تي ماريو هو، وري اليڪشن ٿي، جنهن ۾ غلام حسين کوکر ڪامياب ٿيو، رئيس ولي محمد خان جي نياڻي جيڪا ڏاڏي پوٽي زال مان هئي، ان جي شادي رئيس رستم خان کوکر سان ٿيل هئي جا آخر ۾ غلام حسين کوکر وٽ رهندي هئي ۽ اتي ئي گذاريائين، جنهن جي ختمي جي ماني ۾ اسان شريڪ هئاسين، رئيس غلام حسين کوکر پهرين گهرواري جي ختمي جي ماني ٿي، جن ۾ وڏن اميرن شرڪت ڪئي، جن ۾ نجم الدين سريوال، الهه وسايو ڀٽي انجنيئر، محمد قاسم لاشاري، اي سي ٽنڊوالهيار پير سجاد حسن عرف پير محمد صديق شاهه آف بڪيرا شريف ۽ ٻيا تر جا چڱا ماڻهو رئيس غلام حسين کوکر جا فيصلا ٻڌاسون ۽ ڏٺاسون، طبيعت جو تکو ۽ اڻ موٽ هو، ماڻهو هن کان تمام پري گذاريندا هئا، ظاهر طور خير خيرات ڪونه ڪندو هو، کوکر قوم جو سردار هو، هن جڏهن سرداري جي پڳ ٻڌي ان ۾ پوري صوبي جي کوکر قوم شريڪ ٿي هئي ۽ اسان پاڻ شريڪ ٿيا هئاسين، کوکر صاحب جو تر جي ماڻهن ۽ راڄن سان ٺاهه ڪونه هو، هاڻي کوکر صاحب جي خيرات هر جمعي تي 3 سئو ماڻهن کي ملي ٿي، 100 روپيا هر هڪ کي ملي ٿو، هي بهادر هو ۽ جفاڪش هو، رات جو به ٻني ۾ هلندو هو.
    بدنام ڌاڙيل علي نواز کوکر جيڪو ٽن سالن کان روپوش هو ۽ حاجي غلام حسين کوکر جي ٻئي نمبر پٽ شير محمد جو هارپور ڪندو هو، تنهن کي پوليس ۽ فوج ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو.

    چوٽياريون شريف
    چوٽياريون شريف وڃڻ ٿيو، وچ ۾ چٽوڙي ۾ ميرن جون دربارون ڪيهر خان جروار سان موٽرسائيڪل تي ڏسڻ وياسون، هنن دربارن تي پٿرن جو ڪم ٿيل آهي، پٿرن تي چٽسالي جو ڪم ڏسڻ وٽان آهي، هي مقام تقريبن 8 ايڪڙن ۾ آهي، مير الهداد خان، مير شير محمد ۽ مشهور ٻيڙي خان کوکر جون به هتي مزارون آهن.
    تاريخ مان خبر پوي ٿي ته هڪ مير صاحب جي گدرن جي پوک ۾ ٻي مير جون ڏاچيون اچي پيون، جنهن تان ميرن وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ تقريبن 450 ماڻهو قتل ٿيا هئا، ٻيڙو خان کوکر به هن لڙائي ۾ شهيد ٿيو، هن قبرستان ۾ اول مزار به ٻيڙي خان جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ميرپورخاص، ميران آباد ۽ مير الهداد جي لانڍي وارن ميرن جو اڃا تائين هي قبرستان آهي، هن قبرستان جي سيد سڳورا سار سنڀال ڪن ٿا، قبرستان ڀر ۾ ڳوٺ به آهي.
    موڪلائي پنهنجي پنهنجي ڳوٺ آياسين، مير ٺاري خان، مير محمود خان، ٻيڙو خان، بهادر خان، رتو خان ۽ فتح خان هن جنگ ۾ شهيد ٿيا، ٻي جنگ پراڻ ۽ ٿر جي دنگ تي ٿي هئي ۽ هتي وارو مقام وڏي يادگار آهي، هن جنگ ۾ 450 ماڻهو شهيد ٿيا هئا.
    سيري چوڪ حاجي ٺارو گهرام، وساڻ، ٽنڊو محمد خان کان محبت ڀرڳڙي ۾ سائين ميرل شاهه وٽ آيس، سائين چيو ته مون کي کوکر ڳوٺ مهاجرن جي دعوت آهي هلون ٿا ۽ پوءِ لاري ۾ سوار ٿي شيخ ڀرڪيو کان کوکرن آياسون، رات رهي صبح جو ڳوٺ آيس.
    سائين واسو شاهه جي زيارت ڪيم، هن مقام ۾ وڏن کوکرن اميرن جون مزارون ڏسڻ جهڙيون آهن، موجوده رئيس غلام حسين پنهنجي زوجه جي مٿان چوڪنڊي ٺهرائي آهي ۽ ٻين مزارن جي مرمت ٿي رهي آهي، هن مقام ٻيڙو خان، بهادر خان، فتح خان، رستم خان، ڌڱاڻو خان، شير محمد خان، ولي محمد خان، علي خان، فقير محمد خان ۽ ٻيون به مزارون آهن، هي مقام ڏسڻ جهڙو آهي.
    فيض محمد خان کوکر جا 4 پٽ رسول بخش خان کوکر ملٽري ملازم هو، 5 نمبر پٽ علي آخر وقت بڪيرا شريف شهر ۾ رهندو هو اولاد آهيس، رسول بخش خان کي سڀ کوکر ڪاڪا ڪري ڳالهائيندا ۽ ڪچهري ڪندا هئا، مون راقم محمد ياسين جروار به ساڻس ڪيئن دفعا ڪچهري ڪئي هئي. نواب بهادر خان کوکر رني ڪوٽ قلع جي تعمير جي نگراني ڪئي، اسسٽنٽ انجنيئر هو رني ڪوٽ قلعي تي، آخري رئيس فتح خان کوکر جو نالو سائين ڏنه عرف فتح خان هو ، آخري رئيس مبارڪ خان کوکر عرف عليڏنو هو ۽ اولاد به آهي.
    اسان جي تپو کوکر ۾ بجلي جو بنياد رکندڙ به سردار حاجي غلام حسين کوکر آهي، پاڻ 67-1968ع ۾ اڪرم ڪالوني ٽنڊوالهيار کان اندازن 20 ڪلوميٽر تان سندس ڳوٺ کوکرن تائين پهچائي، جنهن جون سوين برانچون اڄ سڄي تپو کوکر ۾ هر ديهه هر ڳوٺ ۾ بجلي روشن آهي، وساڻڪي، ريڇل، کوکر، نبي بخش لاشاري، راهو، ابڙا، مهراڻي، پتافي، لغاري، مسرڪ، جروار سڀ ڳوٺ بڪيرا شريف شهر سميت مير خان ٺوڙهو، صالح هاليپوٽو، مطلب ته سڄو تپو کوکر جي مين لائين جو ڪريڊٽ سردار حاجي غلام حسين کوکر جو آهي.
    (ڪتاب “سدا وسن منهنجا سيڻ سنگهار” ليکڪ حاجي پير بخش لاشاري، مان ورتل.)


    ميان ٻڍڻ خان کوکر (ميرپورخاص)

    ميان پيارو خان کوکر (ماڻڪ خان ڳوٺ شهدادڪوٽ)

    نواب عرضي خان کوکر

    نواب ٻيڙو خان نواب سلطان خان کوکر ڪريمداد کوکر رتو خان کوکر ٺارو خان کوکر
    (تفصيل اڳيان ڏسو.) (تفصيل اڳيان ڏسو.) (تفصيل اڳيان ڏسو.)

    غلام حيدر خان کوکر عرضي خان کوکر نبي بخش کوکر محمد حسن کوکر

    ٻيڙو خان کوکر (لااولاد) ٻاجهي خان کوکر غازي خان کوکر (لااولاد)
    غلام خان کوکر
    علي خان کوکر
    ولي محمد خان جان محمد خان
    فيض محمد خان کوکر

    غلام حيدر غلام رسول غلام نبي رسول بخش علي خان نواب بهادر خان کوکر
    (ملٽري ملازم)
    نواب سلطان خان کوکر
    (لااولاد)










    ميان ٻڍڻ خان کوکر (ميرپورخاص)

    ميان پيارو خان کوکر (ماڻڪ خان ڳوٺ شهدادڪوٽ)

    نواب عرضي خان کوکر

    نواب ٻيڙو خان نواب سلطان خان کوکر ڪريمداد کوکر رتو خان کوکر ٺارو خان کوکر
    (تفصيل اچي چڪو آهي) (تفصيل اچي چڪو آهي) (تفصيل اڳيان ڏسو.)

    فتح خان ڌڱاڻو خان محمد خان

    رستم خان غلام علي خان
    فتح خان مبارڪ خان
    حاجي شير محمد فتح علي خان فضل محمد
    رستم خان دوست علي خان
    جڙيل خان حاجي خان ولي محمد اسماعيل خان
    فتح خان مبارڪ خان
    خان محمد خان سردار حاجي غلام حسين خان کوکر فضل محمد خان

    دوست علي خان جان محمد خان مهر علي خان


    دوست علي خان کوکر اولاد آهي، جان محمد خان کوکر اولاد آهي، مهر علي خان کوکر اولاد آهي، سردار حاجي غلام حسين خان کوکر ٻه شاديون ڪيون ۽ اولاد آهي، پاڻ زمينداري سان گڏ هڪ تاريخ پڻ هو، خدا کيس هر نعمت سان نوازيو هو، دلير ماڻهو هو.
    رئيس دوست علي خان به وڏو دلير، بهادر پنهنجي موقوف جو پڪو هو، بارگاهه الاهي مان سوڀ عطا ٿيل هئس، جنهن ڪم لاءِ اٿي ٻيڙا پار سدائين ٻين جا ڪم ڪيائين.





    ميان ٻڍڻ خان کوکر (ميرپورخاص)

    ميان پيارو خان کوکر (ماڻڪ خان ڳوٺ شهدادڪوٽ)

    نواب عرضي خان کوکر

    نواب ٻيڙو خان نواب سلطان خان کوکر ڪريمداد کوکر رتو خان کوکر ٺارو خان کوکر
    (تفصيل اچي چڪو آهي) (تفصيل اچي چڪو آهي) (تفصيل اچي چڪو آهي)


    فوج علي خان خير محمد خان

    غلام محمد خان رتو خان

    الهدڏنو خان (لااولاد) خير محمد خان (لااولاد)


    ديهه وساڻڪي

    ديهه وساڻڪي نالي مان ظاهر آهي ته “وساڻ” قوم هن ديهه ۾ قديم آباد قوم آهي ۽ وساڻ قوم جي ڪري ئي هن ديهه تي نالو وساڻڪي پيو آهي.
    اسان جي وقت ۾ چاچو حاجي ڪريم داد وساڻ ۽ سندس پٽ حاجي محمد يوسف ۽ حاجي محمد ابراهيم وساڻ موجود آهن، حاجي محمد يوسف کي هنن مٿين سٽن لکڻ کان بعد دل جو هارٽ اٽيڪ ٿيو، صبح 8 وڳي وفات ڪيائين، کيس به اولاد آهي پاڻ حاجي محمد يوسف اليڪشن ۾ ديهه وساڻڪي مان بي ڊي ميمبر چونڊجي ايندو هو.
    تمام پيارو سدائين کلندو ايندو هو، ميلو مخدوم پير ولائت علي شاهه جو ميلي جو سڄو انتظام مولوين صاحب جا واعظ، سماع، رات جو مولود شريف مڱڻهار ۽ جسڪاڻي سنڌ ملوڪ ٽولين، مريد خادمن جي لنگر جو انتظام توڙي صبح چادر شريف مخدوم پير ولائت علي شاهه ۽ مخدوم پير فاضل شاهه جي سرگس پاڻ گڏگڏ هر انتظام سنڀاليندو هو.
    مون محمد ياسين ولد حاجي محمد پريل خان جروار سندس خصوصي نياز مندي هئي، الله پاڪ کيس جنت ۾ جاءِ ڏي آمين، چاچو حاجي ڪريمداد به مونکي اولاد جيترو پيار ڪري ٿو ۽ حاجي محمد ابراهيم به راڄن ڀاڳن سڄي علائقي ۽ برادرين هر وقت خوشي توڙي غمي ۾ حاضري ڏيندو آهي، ساڻس به وڏن وارو پيار ۽ قرب محبت آهي، وڏي عزت ڪندو آهي ۽ اسان به کيس پنهنجو عزيز ڪري سمجهون، پيرن صاحبن جا ڪم ڪار چاچي حاجي ڪريمداد حوالي آهن.
    مائي سمي جي قبر زيارت گاهه به هن ديهه ۾ مشهور آهي، جيڪا ٽنڊوالهيار بڪيرا شريف مين روڊ جي ڪراچي بس اسٽاپ جي اڳيان روڊ جي کاٻي هٿ تي روڊ کان ڏکڻ طرف بلڪل لڳ ڪو 300 کن فوٽن جي فاصلي تي سرن جي چوڪنڊي آيل آهي.
    زائرين باسون باسين ۽ زيارت تي اچن ٿا.
    پراڻو جمال واهه جيڪو پڻ کيسانو واهه پراڻي جي شاخ آهي، هن ديهه مان بڪيرا شريف شهر لڳ گذري ٿو.
    درويش نانگو شاهه پڻ هن ديهه ۾ ٻڌجي ٿو، شايد هڪ دفعو زيارت تي ويم، ليڪن لوڪل ماڻهو ڪو به نه مليو جو تصديق ٿئي ته واقعي نانگو شاهه اهيو آهي؟ مائي سمي جهيجا قوم مان هئي، درگاهه شريف بڪيرا ۾ هر مهيني 14 تاريخ تي حاضري ڏيندي هئي ۽ سندس مڙس شڪ جي بنياد تي کيس شهيد ڪيو ۽ قائم الدين شاهه قلندرخود مائي سمي جي جنازه نماز پڙهائي، کيس دفن ڪرائي ويا، بيت ذڪار قلندري ڪتاب ۾.

    اتران اٺي آئيون وساڻڪي تي وري
    ڀڄائي بڪيرن کي ڊاگ مٿي ڌري.

    شيخ ٻانهين جي درگاهه شريف ۽ مقام به هن ديهه وساڻڪي ۾ مشهور آهي، جنهن جا متولي اسان جي پاسي جا درس فقير آهن، اهي چون ٿا اسان جو ڏاڏو شيخ ٻانهون 100 کن سالن جي ڄمار کان وڏو حاجي مجاور فقير درس کي وڏو اولاد آهي، الله سلامت رکين، محمد قاسم سندس وڏو پٽ پوري حاضري درگاهه شريف جي ڏي ٿو، ان کان علاوه حاجي محمد ولد محمد عرس درس، حاجي غلام محمد درس، حاجي سليمان درس، محمد اسحاق ولد حاجي سومار درس ۽ محمد قاسم جنهن کي اسان سڀ ڏاڏا قاسم سڏيندا آهيون، انهي کان معلوم ڪيم ۽ پاڻ ٻڌائين ته برابر مقام کي کُڏيون مقام به سڏيندا هئا.
    ان ۾ چوڪنڊي درويش حسين سنگهار جي به آهي، اسان جا سيد به ان مقام ۾ ميت پوريندا آهن.
    ڳوٺ پنيو هاليپوٽو ۽ ميربحرن جو به پراڻو ڳوٺ، سُکو مل جو بنگلو جتي هن وقت پنجاپي ويٺا آهن، علاوه ازين وڏيرو حاجي عثمان بڪيرو پڻ ٿوري وقت 50 سال کان ڳوٺ ڪريو ويٺو آهي، شاخ کيسانو 2 جي آخر ٿيل آر سائڊ يعني ساڄي هٿ تي ڳوٺ آهي.
    موڪ شريف مخدوم پير ولائت علي شاهه تي سائين پروفيسر سرجن شاهنواز شاهه سٺو فارم رکايو آهي، جنهن ۾ انبن جو جنسون چڪو ۽ ٻيو فروٽ پوکيل آهي، سائين شاهنواز شاهه رڳو مونکي نه بلڪه هر ماڻهو جي عزت ڪندو ۽ ڏکي ۾ ڪم ايندو آهي، منهنجي والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار کي اول نمبر جي معتبرن ۾ شمار ڪري ٿو، گڏجي پ پ جا بنيادي ڪارڪن هئا، ڀٽو صاحب جنهن پهريون دفعو ٽڪيٽ ڏيئي عبدالستار بچاڻي کي اميدوار ڪيو ته مقابلو رئيس نصير محمد خان مدواڻي سان هو، بچاڻي کي هارائي پيو پوءِ ڊاڪٽر سيد شاهنوازشاهه اسان ۽ سڄي تر جا ووٽ ماين جا جيڪي ڪڏهين به پولنگ اسٽيشن نه ويا هئا، ڊاڪٽر سرجن پروفيسر سيد شاهنواز شاهه ڪاسٽ ڪرائي بچاڻي کي کٽايو.
    هڪ لوڪل اليڪشن ۾ بچاڻي ڊاڪٽر شاهنواز شاهه جو پٽ سيد محمود نواز شاهه کي عوام دوست پينل ۾ ناظم سيٽ ۽ نائب ناظم سيٽ يونين بڪيرا تي بيهاري اندروني مخالفت ڪري هارايو، پاڻ بيهاري ۽ هارايائين، سائين ڊاڪٽر شاهنواز شاهه هڪ زماني ينگ ايسوسي ايشن بڪيرا شريف جي نالي ٺهرائي، تنظيم جو صدر مون راقم محمد ياسين جروار کي ۽ سيڪريٽري نثار سهتو ۽ ٻي باڊي ميمڻ بڪيرا انوردل شريڪ هئا، تنظيم جو منشور هو ته اسڪولن جي نظرداري سڄي يونين ڪائونسل جي اسڪولن، استادن ۽ ٻارن توڙي جي تعليم جي بهتري لاءِ هر اپاءُ وٺڻ، مسلسل اسڪولن جا دورا وزٽ آن رڪارڊ ڪيم ۽ 2 صحت جي سهولت يونين ڪائونسل جي هر ديهه ۾ مفت طبعي ڪيمپون لڳرائي مفت دوائون ۽ مشورا مستحق مريضن کي سرڪاري استپالن ۾ داخلا ۽ دوائون، سهولتون وٺرائي ڏنيون، سائين شاهنواز شاهه هر ڪئمپ تي حاضر رهي ديک ڀال رجسٽر ڪرڻ ۽ ٽي بي جا مريض رجسٽر ڪري انهن کي هفتي سر هفتي بڪيرا شريف گهرائي دوائن جو ڪورس مفت ڏيندو آهي ۽ انهي ڪم کي هلندي 15 کان 18 سال ٿيا آهن، الله پاڪ سائين پروفيسر سرجن شاهنواز شاهه سندي پٽ محمود نواز شاهه ۽ ٽيم کي اجر عطا ڪري (آمين).
    ديهه وساڻڪي ۾ لنڊن جو ذڪر نه هجي اهيا به تاريخ سان زيادتي چئبي، گڏوگڏ ڇڇر صاحب به ياد نه ڪجن سٺو ڪونه ٿو لڳي، اسٽيڊ بڪيرا شريف ۾ وڏي مسجد آباد ڪئي اٿن، لُنڊ ۽ وڏيرا ڇڇر بڪيرا شريف شهر ۾ اسٽاپ ۽ اسپتال درميان ۾ هڪ تمام وڏو محلو آهي، ڇڇرن کي زمينداري آهي، ڇڇرن ۾ وڏيرو محرم، وڏيرو اڪبر ۽ محمد جمن ملڻا جلڻا تڏي جا خان هئا، هينئر سندن پونيرن ۾ وڏيرو مراد ڇڇر نالي وارو آهي، هر سال 12 ربيع الاول جشن ميلاد جلسو ملهائيندو آهي.
    لُنڊ برادران مزدور طبقي سان واسطو رکن ٿا، غلام قاسم، محمد آچر منشي سڏبو آهي، مهل جهڙا آڌي اڌ رات سڏ سلوڪ ڏيڻ وارا آهن، ميرحسن بڪيرا شريف اسپتال جو ڊرائيور آهي.
    ذوالفقار عرف ڀٽو لُنڊ مزدوري سان گڏ ملهه به آهي، تازو سندس پٽ پ پ پ جي جلسي ڪراچي ريلي ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ شهيد ٿي ويو، شاڪر چاچو جمع بورچي ۽ سندس پٽ رضا محمد به وسارڻ نه جهڙا نه آهن.


    ديهه ڍنڍ شاهه

    سنڌو درياءَ جيڪو هالا، اڏيرو لعل، نصرپور، کوکر، شيخ ڀرڪيو کان ماتلي طرف ويندو هو، ان تي ڪا ننڍي ڍنڍ هوندي هئي، جنهن کي ڍنڍ شاهه چوندا هئا ۽ اهو ئي قديم نالو هن ديهه تي آهي تپو کوکر جي به هي هڪ ديهه آهي.
    حيدرآباد کان ٽنڊوالهيار طرف ڪنهن به سواري ۾ ماڻهو هلندو ته کيسانو موري کان پوءِ ٻن ميلن تان نصرپور، تاج پور، ريلوي اسٽين، سرفراز برانچ جيڪو کيسانو ريگيوليٽر کان شروع ٿي ۽ مختلف ديهن مان گذرندو پنهنجو نالو مٽائيندو وڃي ٽنڊو غلام علي اڪري ٿو، انهي ديهه ڍنڍ شاهه مان موجود سرفراز برانچ ٽن ميلن پنڌ تي ايل سائڊ کان کيسانو ٽو مائنر جو سنگل ريگيوليٽر آهي، جتان کيسانو ٽو مائنر اندازن 7 ميلن کن هلي ختم ٿئي ٿي، آر ۽ ايل ۾ ديهن کي پاڻي ڏيندي ۽ ديهه وساڻڪي کي آر ۽ ايل ۾ مڪمل پاڻي ڏيندي ۽ آخر واٽر ڪورس ستياري ديهه ۾ پاڻي پهچائين ٿا، آخري پيچ ۽ زمينون چاچو آري بڪيرو وارن جون آهن، جن ۾ هن وقت چاچو ماسٽر غلام حسين بڪيرو سندس لائق فرزند سائين عبدالغفور ۽ عبدالشڪور عرف فهيم آهن، چاچا خير محمد بڪيرو، وڏيرو محمد جمن، وڏيرو علي ڏنو ۽ ٻيا پنهنجيون زمينداريون ڪن ٿا، جيڪي ديهه ستاري ۾ آهن.
    ديهه ڍنڍ شاهه ۾ قديم قومن ۾ ڪلوئي، لاشاري آهن ۽ هن وقت ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو جويا، ڀيل به اچي آباد ٿيا آهن.
    مشهور بس اسٽاپ پير ڪاٺي ۽ نسيم آباد آهن.
    رئيس حاجي الله بخش خان مگسي به هن ديهه ۾ زمين ڪلوين کان خريد ڪري ۽ زرعي فارم نسيم فروٽ فارم نالي سان لڳايو آهي، وڏو با همٿ ماڻهو آهي، پهرين پ پ جي بنيادي ڪارڪنن مان هڪ هو، پوءِ سياسي اختلافن ۾ پ پ کي ڇڏي آزاد مگسي گروپ نالي سان سياست ڪيائين، سندس زمينداري ٽنڊوالهيار کان چمبڙ طرف ۽ هتي ديهه ڍنڍ شاهه ۾ آهي، پاڻ رئيس حاجي الله بخش خان مگسي ٽنڊوالهيار جي پ پ جي ٺيڪيدارن کي مڙيئي ڏکيو لڳو آهي.
    2002ع جي اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ يافتا اميدوار امداد علي خان پتافي کي شڪست ڏيئي سندس پٽ ڊاڪٽر عرفان مگسي کي کٽايو ۽ ٽنڊوالهيار جي سياست کي هڪ نئين راهه تي وٺي آيو.
    راقم محمد ياسين ولد حاجي محمد پريل خان جروار حيدرآباد ٽيو نمبر تلاءُ ٽنڊو طيب حيدرآباد ۽ ڳوٺ زمينداري ٽنڊوالهيار بنيادي پ پ ڪارڪن هئڻ ناتي پ پ ٽڪيٽ هولڊر امداد پتافي جي ورڪ ڪئي، هڙئون وڙئون هر حيثيت ۾، ليڪن پ پ ٽنڊوالهيار جا وڏا ليڊر مڱريو ۽ بچاڻي صاحب ورڪ ڪري پ پ سيٽ هارائي، ڪير چوين ته اهو پارٽي کان خارج اڇي ڪاري جا مالڪ ٻئي مٿيان همراهه آهن، ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته بچاڻي ۽ مڱريو پي ايس جي ٽڪيٽ تان ڪاوڙيا، ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته مٿين همراهن مال کاڌو، خير ڇا به هو، رئيس حاجي الله بخش خان مگسي سيٽ کٽي ويو، ٽنڊوالهيار جي سياست ۾ هڪ نئين هلچل ٿي ويئي، گهڻن پراڻن ۽ گهڻن نون جي پت وائکي ٿي ته اصل پ پ جو ڪارڪن ۽ هڏ ڏوکي ۽ درد رکندڙ ڪير ۽ ڪمدار ڪير آهي، لوڪل ماڻهو آهن، نالا ڪهڙا ڪهڙا لکان، اڄ سڀ ڪو سمجهو آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه حيات هئي، ڪهڙن کي بخش ڪيو ويو، ڪهڙا پخشش ۾ نه آيا، الله سائين جي مهرباني سان مونکي پنهنجو پورهيو هو ۽ مونکي ان بناد تي تعلقي ٽنڊوالهيار پ پ جو بهترين عهدو مليو، جيڪو منهنجو حق ٿيو ٿي، لوڪل ليڊر ڪڏهن به مونکي اهيو عهدو ڪونه ڏين ها، ڇو جو سندن خيال ته همراهه ڪمداري نه ڪندو، رهي نالو الله جو تاريخ بي رحم آهي، ڪنهن کي ڪهڙن اکرن سان ٿي ياد ڪري، اهو وقت ٻڌائيندو، اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
    وقت گذرندي دير ڪانه ٿئي، جيڪي حيات آهن، انهن لاءِ ڪلهه جي ڳالهه اليڪشن 2008ع ۾ ساڳيو تڪ ساڳيو ٽڪيٽ ساڳيو اميدوار امداد علي خان پتافي وڏي ليڊ سان کٽيو، وڏي تاريخي ڳالهه آهي، اميد ته موقع سان پوري بيان ۾ ايندي ديهه ڍنڍ شاهه مان کيسانو ٽو مائنر مختلف ديهن کي پاڻي ڏيندي، ديهه وساڻڪي جي اوڀر طرف ۾ دنگ ڪري ٿي، جتي ڳوٺ وڏيرو پنيو هاليپوٽو ڳوٺ مير بحر ۽ آرسائڊ ۾ ڳوٺ وڏيرو حاجي عثمان بڪيرو به آهي، اتي ختم ٿيو وڃي ۽ آخري ٻه واٽر ڪورس هڪ آر طرف ۽ هڪ ايل طرف وڃن ٿا. ديهه وساڻڪي ۽ ديهه ستياري کي پيچ ڏين ٿا.


    ديهه ريڇل

    نصرپور کوکر شيخ ڀرڪيو کان ماتلي طرف دريائي وهڪري جو ڪپ نظر اچي ٿو، آبڪلاني ۾ جڏهن درياءِ سنڌ چاڙهه ڪندو هو ته هن سڄي ديهه ۾ ڇر پاڻي ٿي ويندو هو ۽ درياءِ جو پاڻي لهندو هو ته سڄي ديهه مان پاڻي به لهي ويندو هو ۽ آباديون ٿينديون هيون ۽ اهيو ڇر جو پاڻي اچڻ ۽ وڃڻ هن ديهه جي نالي جي وجهه ۾ به شمار آهي، ريڇل ۽ ائين نالو پيو ديهه ريڇل ۽ ديهه ريڇل به تپوکوکر جي هڪ ديهه جو نالو آهي.
    هن ديهه ۾ مشهور ڳوٺ درياءَ خان مسرڪ آهي، منجهس وڏيرو محمد يعقوب مسرڪ ۽ سندس پٽ عبدالڪريم مسرڪ هئا ۽ هاڻي حاجي محمد يوسف مسرڪ بي ڊي ميمبر ٿيندو آهي، منهنجي والد حاجي محمد پريل خان جروار سان واسطو رکي ٿو، چڱو وڏو ڳوٺ آهي، آدم شماري به سڄي ديهه ۾ ڳوٺ درياءَ خان مسرڪ جي وڌيڪ آهي.
    ڳوٺ لونگ ناهيون ۽ ڳوٺ آچر ناهيون به هن ديهه ۾ واقع آهن، سيد به آهن، انهن سيدن جي زمين حاجي شفيع محمد پتافي وارا خريدا ڪندا اچن.
    چاچو آچر ناهيون، چاچو لکاڏنو ناهيون، چاچو اسماعيل ناهيون، محمد بچل ۽ مشتاق راڄن ۾ سڌ سلوڪ ڏين، خوشي غمي شريڪ ٿين، راقم جي به عزت ڪندا آهن ۽ آئون به کين سچي دل سان عزت ڪندو آهيان، سرفراز واهه کان اتر طرف موجوده ديهه ريڇل ۾ ڳوٺ وصي فضل الله بڪيرو ۽ ڪوٽ حاجي لعل محمد پاٽولي ميمڻ فارم به موجود آهي.
    هو وڏيرو سليمان بڪيرو به هن ڳوٺ جو ملوڪ مڙس ملڻ جلڻ وارو آهي، وفا غلام حسين بڪيرو، وڏيرو ڪامل بڪيرو، محمد سومار بڪيرو به يارويس اٿي ويٺي وارا آهن، درياءَ جا ڇڏيل واري جا دڙا به هن ديهه ۾ ديهه ڍنڍ شاهه وانگي الاهي آهن ۽ انهي دڙن واري زمين کي ڊي ڪلاس زمين سڏيندا آهن زمين ڀلي اي ون وي آئي پي آهي.
    پاڻي جون به ٻه ڍنڍون هن ديهه ريڇل ۾ آهن، ڳوٺ درياءَ خان مسرڪ کان پريان جن کي هتي گنگا ڪري چون، مگر هاڻي ياجوج ماجوج جو دور آهي، ختم پيون ٿين، مٺن خان لاشاري به هن ديهه ۾ ڳوٺ سونو خان لاشاري جو آهي، علاوه جناب لله ڏتو خان لاشاري ۽ سندس ڀاءُ يار محمد يار لاشاري راڄئتا مهل کي منهن ڏيئي نڀائڻ وارا آهن، اميد ته سندن پورو بيان موقع سر ڪبو، اي ڊي صاحب مون تي تمام مهربان آهي، منهنجي والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار سان سندن تمام محبت جو رشتو ڀائرن وارو آهي ۽ مونکي به ڀائين، زنوار وڪيو خان لاشاري ان جو ته ڇا ذڪر ڪجي، الله کيس سلامت رکي، يار ويس هڪل ۾ هڪل ڏيڻ ۽ نڀائڻ کائنس ڪو سکي، جيڪڏهن ٿوري دير ۾ ڪا ڪاوڙ آئي يا ڏک لڳي ته وير رکي منافقت نه ڪندو، ٿوري دير ۾ وساري ڇڏيندو، انهيءَ سان راقم جا الاهي ناتا، رشتا ۽ هجتون آهن، موقع سان بيان ڪندس، رئيس ڪمال خان لاشاري ۽ حاجي محمد اسماعيل لاشاري ۽ بادل بڪيرو به راڄ ۾ اٿي ويٺي وارا آهن.
    هن ديهه ۾ حاجي حنيف صديقي، چاچو اسحاق شيخ جي پڻ سٺي زمينداري آهي، حيدرآباد کان سندم والد حاجي محمد پريل خان جروار سان السلام علڪيم آهي ۽ هتي ڳوٺ به هڪ ٻئي سان نياز مندي آهي، حاجي محمد حنيف صديقي صاحب تمام باهمت مڙس آهي، سندن تفصيل موقع سر ڏبا.
    مشهور معروف ڄاموٽ فارم به هن ديهه ۾ واقع آهي، تفصيل موقع سان لکبا، هن ديهه ريڇل مان مين سرفراز واهه گذري ٿو ۽ ديهه کي آر توڙي ايل ۾ زراعت جو پاڻي ڏي ٿو.
    ٽيوب ويل لاءِ جر جو پاڻي سٺو، ڀلو ۽ اي ون آهي.
    هن ديهه ريڇل ۾ دل ذات به ويٺل آهي ۽ مري ورو به هن ديهه ۾ ويٺل آهي، ڄاموٽ صاحبن جي پاسي.


    ديهه کوکر

    ديهه کوکر جو نالو کوکر قديم قوم جي آباد جي ڪري سڏيو وڃي ٿو، تپو کوکر پڻ کوکر قوم جي ڪري انگريزن جي دور ۾ وجود ۾ آيو، کوکر مائنر جو نالو پڻ کوکر قوم جي ڪري رکيو ويو ۽ يونين ڪائونسل کوکر به، منهنجي ڪتاب جو نالو به کوکر قوم جي ڪري تپو کوکر جي مختصر تاريخ ڀاڱون پهريون ۽ جيڪو مواد گڏ ڪيو اٿم تپو کوکر لاءِ مڪمل ٻئي ڀاڱي ۾ پيش ڪندس، حياتي ۽ تندرستي الله پاڪ جي هٿ آهي هو توفيق صلاحيت بخشيندو.
    جيئن ته ديهه کوکر جو تاريخي احوال آهي، آئون ڪو تاريخدان نه آهيان، نه ڪو ليکڪ آهيان، نه تعليم ايتري ۽ نه ئي ماهر ڄاڻون، صرف مطالعو آهي، آئون راقم محمد ياسين ولد حاجي محمد پريل خان جروار به انهي تپو کوکر جي ديهه بڪيراڻي جو ڄائو ڄم آهيان، ناقص ۽ علم سارو مطالعو آهي، هر قوم ۽ شهر جي تاريخ ڪنهن نه ڪنهن لکي آهي، ليڪن اسان جي تپو کوکر تي تمام گهٽ لکيل آهي، سواءِ کوکر قوم جي جو سندن تاريخي احوال سڌ جي هر تاريخي ڪتاب ۾ موجود آهي، تاريخ تحفت الڪرام، تاريخ تمدن سنڌ، جنت السنڌ، قديم سنڌ، ان جا مشهور شهر ۽ ماڻهو، ٻيا تاريخي ڪتاب مذڪوره قوم کوکر رائل فيملي جي احوال سان ڀريا پيا آهن، جيڪي ڪنهن کان ڳجها نه آهن، گورنمنٽ آف پاڪستان به هڪ ڪتاب شروع سالن ۾ ٻه جلد ڇپايا ۽ راقم مطالعو ڪيا، ڪمشنر لائبريري مان انگريزي ۾ هئا، جيڪا آئون پڙهيل نه آهيان، مڙئي پنهنجي دل خوش ڪيم ته آئون به تاريخي ڪتاب پڙهي آيس، ان ۾ به سردار حاجي غلام حسين خان کوکر جو احوال نالي سان هو ۽ فوٽو به سندس لڳل هو، جيڪو اندازن 1985ع جي ڳالهه آهي مون پڙهيو ۽ مونکي پوري ياد به نه آهي، مگر سمجهان ٿو شايد سردار حاجي غلام حسين کوکر جي پٽ حاجي ولي محمد خان جو پڻ فوٽو لڳل هو، انهن سان گڏ الفابيٽ مطابق سردار حاجي غلام مصطفيٰ خان جروار، سردار حاجي محمد يوسف خان جروار ڪارياڻو واري جو فوٽو ۽ احوال سميت رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار سندس پٽ حاجي خدا بخش خان، حاجي رسول بخش خان ۽ رئيس غلام محمد خان جروار جا فوٽو ۽ سندن احوال ڳوٺ داد جروار زميندار ديهه ٻوچڙ واري جو فوٽو سميت هئا ۽ آئون به پيو پنساري جي هريڙ ۽ ڪوئي وارو ڪم نوٽنگ ۽ معلومات پيو وٺندو هوس، پنهنجن وڏن کان مختلف نوٽبڪ ۽ پنن ۾ لکندو ٿي رهيس.
    آئون به پنهنجي تپو کوکر تي ۽ کوکر قوم سميت پنهنجي جروار قوم (ذات) تي ڪجهه لکي وڃان، جيڪي ڪجهه معلومات حاصل ٿي آهي ته ڪٿي لکي وڃان اڄ عمر جي آخري حصي ۾ پهچي چڪو آهيان، پنان لکندو نوٽ بڪن حوالي ڪندو بس الاجي ڇا ڇا لکجي ويو آهي، مٿان وري رئيس مهر علي خان کوکر ۽ سندس وڏو ڀاءُ چاچا رئيس دوست علي کوکر سان تمام ويجهڙائپ ٿي، الاهي احوال معلوم ڪندو لکندو ويس، ڪيترو مواد جمع ٿيو، ليڪن ڪتاب نه لکي سگهيس، سبب هيءَ ڳالهيون 85-1984ع کان مسلسل لکيم، مواد گڏ ٿيندو ويو ۽ هرس وڌيڪ مواد گڏ ڪرڻ جو وڌندو رهيو، اڃان هي گڏ ڪريان اڃان هو گڏ ڪريان، ڪافي ڪجهه ٿي ويو ته سندم والد صاحب جناب حاجي محمد پريل خان جروار جو انتقال ٿيو، 6 جنوري 1992ع تي ۽ گهرو مصروفيتن جي ڪري ڪتاب جو ڪم ڪيترا سال رهجي ويو، مٿان لکڻ جو جنون سوار ماما علڻ گذاري ويو وري به ڪتاب جو ڪم رهجي ويو، ائين دنيا هلندي رهي، جنون سوار ماما مصري گذاري ويو، رهي ڪسر اهليه جو انتقال ۽ ڪم ڪتاب لکڻ وارو رهجي ويو، ايتري ۾ الاجي ڪيتري دنيا تبديل ٿي، ڪيترا احوال تبديل ٿيا، ڪيترا عظيم انسان درميان ۾ رضا الاهي سان دنيا کان موڪلائي راهي عدم ٿيا، هر هڪ کي واري سان رئيس مهر علي خان ولد خان محمد خان کوکر بعد سردار حاجي غلام حسين خان کوکر هي فاني دنيا آهي، ڄام اجل ڪل ڪائنات لاءِ آهي، تازو تاريخ 11 آڪٽومبر 2016ع ۾ مونکي وڏي بيماري جو اٽيڪ ٿيو، جنهن ۾ منهنجو ساهه گهٽجي بند ٿي ويو ۽ آسرو پلي اسپتال کڻي ويا، حياتي هئي ۽ ڊاڪٽرن حيدرآباد سول اسپتال ايمرجنسي ۾ ساهه جي لين گلو ڪٽي باءِ پاس ڪري ڇڏيائون، حياتي جا ڏينهن ميهنا ويٺو پورا ڪريان، کوکر براداران واري واري سان سردار حاجي خير محمد کوکر ولد حاجي غلام حسين کوکر، امجد علي، علي رضا ولد مهر علي خان کوکر، ذوالفقار علي کوکر، محمد رحيم اوٺو ۽ فقير جان محمد جمن اوٺو ۽ حاجي مير محمد، قربان جروار سميت کوکر برادري واري واري سان پڇڻ لاءِ ناچيز جي ڳوٺ آيا، پوءِ جن کي خبر هئي، ڪتاب جي انهن ڪتاب لاءِ معلوم ڪيو، کين چيم ته الله پاڪ چاهيو ته انشاءَ الله مواد پيو آهي، ڇوڪرا ٻه ٽي ڏينهن همت ڪري ته مواد کي ٻه ڀاڱا ڪري پهريون ۽ ٻيون مهيني ٻن اندر فيئر ڪري ڪتاب ڇاپائي وٺندا، جيئن هي ٻه اکر ضايع ٿيڻ کان بچي پون، پوين کي گهٽ ۾ گهٽ ٻن سون سالن جون يادگيريون ملي وڃن ۽ ٻيو ڀاڱو به اميد ته فيئر ڪري ڇپرائي وٺندس، اميد تي دنيا قائم آهي، رهي نالو الله جو باقي سڀ فنا.
    کوکر قوم قديم زماني کان موجوده ديهه کوکر ۾ آباد آهي، گهٽ ۾ گهٽ ته به ڪلهوڙا حڪومت کان به اڳ آباد آهن، پاڻ وڏا جنگجو ۽ بهادر خاندان آهن، سندن احوال سان سنڌ جي هر معتبر تاريخ شاهد آهي اميد ته سندن پورو شجرو هن ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ لکندس ۽ مشهور شخصيتن جي تاريخ به جيڪا معلوم آهي، اها ۽ سندن الاهي مواد آهي، نالي برنالي منهنجي ڪتاب جي ٻي ڀاڱي ۾ عرض ڪندس، اهيو مواد مونکي مهر علي خان هٿان حاجي شير محمد کوکر جو لکيل مليو آهي.
    ميان پيارو خان کوکر: سپهه سالار مير بجار خان ٽالپر علائقه سنڌ ميان پيارو خان کوکر ٻه پٽ هڪ نواب عرضي خان کوکر چٽوڙي مقام ميرپورخاص ۾ هن جو قبو آحي، هن جا مريد هئا ۽ ٻيو پٽ ماڻڪ خان ڳوٺ شهدادڪوٽ، نواب عرضي خان کوکر کي پنج پٽ هئا، نواب ٻيڙو خان کوکر جنهن کوکر ڳوٺ آباد ڪيو، نواب سلطان خان کوکر، ڪريم داد خان کوکر، رتو کوکر ۽ ٺارو خان کوکر، ٻيڙو خان کوکر کي چار پٽ هئا، نواب غلام حيدر کوکر، عرضي خان کوکر، نبي بخش خان کوکر، محمد حسن خان کوکر، عرضي کوکر جو ٻيو پٽ نواب سلطان خان کوکر ۽ کيس هڪ پٽ نواب بهادر خان کوکر، بهادر خان کوکر کي هڪ پٽ نواب سلطان خان نالي هو، لا اولاد فوت ٿيو، نوٽ بهادر خان کوکر حڪومت ۾ نالي وارو هو ۽ وڏن عهدن تي رهيو، مائي مومل کي شهيد ڪيو، رني ڪوٽ قلعي جي ڪم تعميرات ۾ نواب بهادر خان کوکر هو تاريخن ۾ بيان اٿس.
    عرضي خان جو ٽيو نمبر پٽ ڪريم داد خان کوکر کيس ٽي پٽ ٿيا، فتح خان کوکر، ڌڱاڻو خان کوکر ۽ محمد خان کوکر، فتح خان کوکر کي ٻه پٽ رستم خان کوکر ۽ مبارڪ خان کوکر.
    اهيئي فتح خان جا پڙ پوٽا ۽ تڙپوٽا موجوده ديهه بڪيراڻي تپو کوکر ۾ رئيس دوست علي خان ولد خان محمد خان کوکر جي ڳوٺ ۾ آباد ۽ سندن اولاد آهن، احوال موقع سان بيان ڪبو، فتح خان جو ڀاءُ ڌڱاڻو خان کوکر جا پوٽا پڙپوٽا سردار حاجي غلام حسين خان کوکر ۽ سندس اولاد موجوده ديهه کوکر ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر ۾ آباد آهن.
    کوکر رائل خاندان کان علاوه ڳوٺ ۾ ٻيون به قومون آباد آهن، جن ۾ خاصخيلي، سهتا، پهوڙ، لوهار ۽ سيد آهن، جن جو بيان حاجي پير بخش خان لاشاري پنهنجي ڇپايل ڪتاب “سدا وسن منهنجا سيڻ سنگهار” سفرنامي ۾ ڪيو آهي، سهتن مان استاد محمد صفر پرائمري استاد آهي، وڏو تاريخي مواد اٿس، حاجي محمد سومار جمعدار پوليس وارو رٽائرڊ ڪچهري جهڙو مڙس آهي، استاد حاجي محمد رحيم به پنهنجو مٽ پاڻ آهي، وٽس به کوکرن جي وڏي تاريخ آهي، اسان سڀني جي عزت ڪندا آهيون، پاڻ به ساڳي نيازمندي رکندا اچن.
    جاڙو لوهار ترڪ يونين ڪائونسل کوکر ۾ سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو ۽ سردار حاجي غلام حسين کوکر جي بسن جو جنرل مئنيجر به هو، گذاري ويو.
    يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين سدائين سردار حاجي غلام حسين کوکر ٿيندو آهي ۽ سندن اولاد سردار حاجي خير محمد کوکر به يونين ڪائونسل جو چيئرمين ٿئي ٿو ۽ بنان مغالطي لائق به آهن، پ پ جي ڪري راقم جو سياسي رستو الڳ هو، تڏهين به راڄوڻي سٿ تي پاڻ ڀائن ٿا ۽ ساڻن واسطو آهي، اميد ته اهيو رستو خانداني هلندو اچي ۽ الله ڪندو هلندو رهندو.
    سردارحاجي غلام حسين کوکر جي تاريخ ڪو وڏو قلم ڪار لکي، پاڻ جڏهن چيئرمين هو يونين ڪائونسل جو، سڄي يونين جو دورو هر ڇهن مهينن ۾ ڪندو هو، هر هفتي اتوار مقرر ڳوٺ رهي ۽ درخواست گذارن جون درخواستون روبرو موقع تي حق رسائي ڌرين کي روبرو گهرائي فيصلو ڪندو هو، سندس چيئرميني واري دور ۾ پاڻ سڄي يونين ۾ ضرورت وارا ڪم ڪرايائين، ڳوٺ ۾ اسپتال چالو رکيائين، جانورن جي اسپتال پڻ چالو رکيائين، ديهه ڍنڍ شاهه ۾ موجوده سرفراز واهه تي پل تعمير ڪرايائين، پير ڪاٺي بس اسٽاپ حيدرآباد روڊ تي اهيا ان زماني ۾ يونين لاءِ وڏو ڪم هو.
    هيءَ ڳالهه 1992ع جي آهي، راقم محمد ياسين ولد حاجي محمد پريل خان جروار منهنجو والد به 6 جنوري 1992ع تي انتقال ڪري ويو هو ته ان کان بعد جو واقعو آهي، هر ماڻهو جا چار سڄڻ چار دشمن آهن.
    خانداني پ پ پ سان سياسي وابستگي هلي اچي، بڪيرا شريف ٿاڻي تي آئي ايس اي هو اسان ڪامريڊن جو هڪ پير ٻاهر ته هڪ پير اند هوندو هو، ان مونکي ملڻ لاءِ گهرايو ٿاڻي تي، پهچڻ کان پوءِ ڪچهري ڪندي واضح ٿي ويو ته آئون گرفتار آهيان! تڏهين ضلعو حيدرآباد هو ۽ پ پ جي ڪارڪنن جي گرفتاري عام هئي، سو مون به ڪئي ماٺ، هاڻي پوليس پنهنجي چال هلي 7 ڏينهن جڏهين ايس ڊي ايم صاحب ٽنڊوالهيار جي ڪورٽ ۾ پيش ڪيائون، منگي عثمان صاحب نالي ايس ڊي ايم هو، آئون زميندار ماڻهو مونکي ذاتي طرح سڃاڻي پيو، ريڊر غوث بخش هجي، قربان عالماڻي نصرپور وارو سينيئر ڪلارڪ هجي ۽ شيخ محمد به تمام سينيئر هجي، جيڪي مونکي ذاتي طرح سان سڃاڻندا هئا، پوليس مونکي ڪو نصير واهه کي گهارو هڻڻ جي ڪيس جا ڪاغذ چئلان ۾ پيش ڪيا، گورمينٽ جي پاليسي هئي ۽ جيل هليو ويس، جتي ٻيا به ڪارڪن به ڪي مون کان اڳي ڪي پوءِ اچي گڏ ٿياسون، جن ۾ محترم عبدالطيف مڱريو، يار محمد اوٺو، امين حيدري، حاجي ڀائي خان ساهوال، وڪيو لاشاري ۽ ٻيا به ڪارڪن اچي گڏ ٿياسون، چئلان جي ڪاغذن ملڻ تي خبر پئي ته ڪهڙو ڏوهه لڳايو ويو آهي. بس پير نڪري ويا، پوليس کي سور هو پئسا نه ملڻ تي سو مٿيون ڏوهه مڙهيو ويو. ڪامريڊ ماڻهو پئسا ڏيڻ ڏکيا سو انهيءَ کان ٽئي ڏينهن ڊي سي صاحب حيدرآباد مسٽر سڀاڳو خان جتوئي سردار حاجي خير محمد کوکر جي دعوت تي بڪيرا شريف کُلي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ مهمان خاص هئا، سردار حاجي غلام حسين کوکر جڏهن ڪچهري شروع ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ حاجي سردار حاجي خير محمد کوکر آجياڻو پيش ڪيو، سڄي يونين ڪائونسل جي عوام، پير صاحب سيد عطر شاهه ۽ ٻيا سڀني قومن جا معزز، معتبر، بڪيرا، دل، ميمڻ، درس، ميربحر، هاليپوٽا، لاشاري، ابڙا، راهو، مهراڻي، رند، ڪاتيار، پتافي، لغاري، جروار، خاصخيلي سڀئي برادريون يڪ آواز احتجاج بلند ڪيو ته محمد ياسين جروار پ پ پ جو ڪارڪن اسان جي يونين ڪائونسل جي معتبرن مان آهي. پوليس ونگار وهي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، سياسي ڪيس ڀلي لڳايو، ليڪن ڪوڙو ڪيس پوليس جو جڙتو سرڪار واپس وٺي، ختم ڪري ۽ ڊي سي صاحب سڀاڳو خان جتوئي هن کُلي ڪچهري ۾ اهڙا حڪم جاري ڪري، پوءِ کلي ڪچهري ڀلي هلي، جيستائين ڊي سي صاحب اهڙو حڪم نه ڏيندو ته کلي ڪچهري هلڻ نه ڏينداسين، پرامن احتجاج جاري رهندو.
    خود سردار حاجي غلام حسين کوکر اسٽيج تي ميڪ تي اٿي خطاب ڪيو، جنهن ۾ راقم واري احتجاج کي جائز چئي ۽ ڊي سي صاحب سڀاڳو خان جتوئي کان ڪوڙو ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ احتجاج ۾ شامل ٿي ويو، ڊي سي سڀاڳو خان جتوئي صاحب بروقت اٿي ايس ڊي ايم ٽنڊوالهيار، مختيارڪار ٽنڊوالهيار ۽ ڊي ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ايس پي صاحب حيدرآباد کان کلي انڪوائري بروقت ڪري پوليس آفيسر کي ڪوڙو ڪيس درج ڪرڻ تي سسپينڊ ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ڪوڙي ڪيس کي گورمينٽ واپس وٺي، محمد ياسين جروار تي پ پ جو سياسي ڪيس لڳائي سگهي ٿي، بس اعلان سان گڏ حڪم جي پيروي ٿي ۽ سردار حاجي غلام حسين کوکر، حاجي خير محمد کوکر خوش مرحبائي تاڙيون عوام سان گڏ وڄايون، اهيو هو کوکر حاجي غلام حسين خان سياسي مخالفت جي باوجود به حق سچ جو ساٿ نڀائي پاڻ يونين ڪائونسل ۾ سرخرو ٿيو، پوءِ کلي ڪچهري هلي، جيڪا ڪامياب وئي، ڪيئي ترقياتي ڪم حاجي خير محمد کوکر پيش ڪيا ۽ ڊي سي سڀاڳو جتوئي صاحب منظور ڪيا، عمل ٿيو. ساڳي ڏينهن مونکي سب جيل ٽنڊوالهيار ۾ ڪيس ختم ٿيڻ جو ليٽر جاري ٿيو، باقي سياسي ڪيس شنوايون هلي پورو ٿيو.
    جڏهين مارڪيٽ لاءِ سواءِ سرفراز برانچ جي ٽاپ کان علاوه ٻيو ڪو به رستو شهر مارڪيٽ يا اسپتال لاءِ ڪونه هو، پل وڏو ڪم ڏنو پوري يونين کي اسان جي ڳوٺ کي پنهنجي ٻنين تي وڃڻ لاءِ هڪ پراڻو ڪاٺن تختن سان ڦڙدو هو، جيڪو راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان جروار انگريز حڪومت کان 1933ع ۾ منظور ڪرايو شرط هو ته پنهنجي خرچ تي ڦڙدو تعمير ڪرائيندو، تڏهين منظوري انگريزن ڏني ۽ ڏاڏي اهو ڦڙدو ٺهرايو، موجوده چاڪر واهه جي آر ڊي 30 تي راقم تي ٻانگ جو نالو ڏاڏي وارو حاجي محمد آهي، ساڳئي ڦڙدي جي جڳهه تي سردار حاجي غلام حسين کوکر هيڪر منظوري وٺي پنهنجي هڙان پڪي پل تعمير ڪرائي ۽ بعد ۾ جڏهين بجيٽ منظور ٿي تڏهن کيس پئسا مليا، ڪم اڳي ٿي ويو، پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار سردار حاجي غلام حسين کوکر منظور ڪرائي کولائي ڏنو، جيڪو اڄ چئن ڪمرن تي مشتمل آهي ۽ وڌندو مڊل اسڪول بنجي ٺهي ۽ الله جي مهرباني سان هلي پيو، هن وقت استاد ارباب علي سولنگي دادو، غلام رسول خاصخيلي ستياري مٺو خاصخيلي، استاد عبدالمجيد ڇٽو نصرپور، راشد محمود ٽنڊوڄام، اشفاق جروار داد جروار استاد آهن.
    حاجي غلام حسين کوکر سوين دشمنين کي منهن ڏنو خاص ڪري سرڪار بهادر کيس جهڪائڻ چاهيو ليڪن پاڻ جهڪيو نه ڪيسن کي ڪورٺن ۾ منهن ڏيئي آجو ٿيو.
    سندس اولاد به تمام راڄوڻي پيءَ جهڙا باهمت مڙس آهن، حاجي خير محمد خان، حاجي مير محمد خان، حاجي آفتاب احمد کوکر، حاجي شير محمد، اعجاز خان مطلب ته سڀئي ڀاءَ جتي پنهنجي زمينداري سنڀالين اتي پيءَ وانگي راڄن کي به پنهنجو سمجهن هر خوشي توڙي غمي پاڻ شريڪ ٿيندا آهن، پيار ڪندا آهن ۽ الله سائين جي مهرباني اسين راڄ رعيت به کين پنهنجو محسن ۽ وڏو ٿا سمجهون.
    هن ديهه کوکر ۾ وڏو ڳوٺ آدم شماري جي لحاظ کان ڳوٺ نبي بخش لاشاري عرف واڳوڏر رئيس ڪريم ڏنو، محمد انور ۽ چاچو عبدالله خان لاشاري مشهور شخص آهن، ڳوٺ بهادر راهو به هن ديهه کوکر ۾ آهي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ راهو مهل جهڙو ماڻهو آهي، ڳوٺ نندو ابڙو به هن ديهه ۾ آهي، وڏيرو عطا محمد ابڙو مهل جهڙو ماڻهو آهي.


    ديهه واڳوڏر

    سنڌو درياءَ شايد کيس ساڱرو به سڏيو وڃي ويو آهي، جنهن جي مونکي تصديق نه آهي، ديهه تي اهيو نالو ڪيئن پيو، جيڪي روايتون ٻڌبيون آهن، ان مطابق جڏهن درياءَ هالا، اڏيرو لعل، نصرپور، کوکر، شيخ ڀرڪيو کان ماتلي طرف وهندو هو ان زماني مذڪوره ديهه اندازن وچ سِير کي ويجهي هئي ۽ اتي ڪو دريائي واڳون جي ڏر هئي، جيڪو وقتن به وقتن زيان ڪندو هو، عام مشهور ٿي ويو ته اتي واڳو جي ڏر آهي ۽ پاسو ڪريو متان زيان نه ڪري، ائين واڳوڏر مشهور ٿي ويو، جڏهن درياءَ پنهنجو وهڪرو مٽائي ويو، واڳو واري کڏ يا ڏر به ختم ٿي ويئي ۽ ديهه تي نالو واڳوڏر پئجي ويو.
    ديهه واڳوڏر به تپو کوکر جي هڪ ديهه آهي، قديم قوم کوسا ويٺل آهن، هڪ گهر پاڪستان کان پوءِ چوڌري عبدالرحمان نالي پنجابي جو آهي، سندن سٺي زمينداري ديهه واڳوڏر ۾ آهي، سندس ڳوٺ ۽ گهر اوطاق سميت تڪيو جيوڻ شاهه لڳ آهي، پاڻ هر سال جيوڻ شاهه جو ميلو ڏهاڙو لڳرائيندو آهي، راڄن ۾ اٿي ويٺي سڏ سلو وارو آهي، چوڌري عبدالرحمان همٿ ۽ برجستائي سان ڀريندو آهي، تر راڄن ۾ سندس نالو نشابر آهي، ڪمين ڪارين ڪري ڪير به وڃي جائز ڪم هر ماڻهو جو ڪندو، ديهه جا بي ڊي ميمبر به پاڻ يا سندس آشيرواد ۽ حڪم سان ٿيندو آهي، پاڻ بارعب داٻي وارو مڙس آهي.
    ديهه واڳوڏر مان کوکر مائنر گذري ٿي، آر توڙي ايل ۾ زراعت جو پاڻي پهچائي ٿي، کوسا ۽ حاجي راول خان پهوڙ جي زمين به هن ديهه ۾ آهي، آئون ٺٽي جي دوستن سان چوڌري عبدالرحمان صاحب وٽ ٻانهن جي فيصلي لاءِ ويس وساڻن ۾ فيصلو هو، چوڌري عبدالرحمان حقي حق فيصلو ڪري، وساڻن کان ٻانهن وٺي ٺٽي واري ڌر کي بروقت حق رسائي ڪئي، مانيون خرچ چوڌري صاحب پنهنجا ڪيا، کوکر برادران جي وڏي عزت ڪندا آهن.


    ديهه ٻائل

    هن ديهه تي نالو ڪو درويش فقير ٻائل نالي مرد يا مائي هو، ان ئي فقير جي نالي پٺيان پيو ديهه جو نالو ٻائل رائج ٿي ويو، جنهن جو ڀاءُ ٻوچڙ نالي قوم مان هجي ائين ٻڌجڻ ۾ آيو آهي.
    قديم ڳوٺن ۾ ٻائلن وارا پير صاحب آهن، انهن ۾ پير عبدالصمد جي درگاهه وڏي زيارت گاهه آهي، ٻيو سائين جن جو اولاد پڻ آهي، جيڪي وڏن جي نقش قدم تي آهن، جن ۾ مشهور معروف خادم حسين شاهه جيڪو پ پ جو بنيادي ڪارڪن ۽ اسان جو باهمت ساٿي هو، خادم حسين شاهه ڪير سڏائي، آڌي رات رڳو هڪل ٿئي حاضر هوندو هو، پوءِ ريل ۾ يا جيل ۾ نڀائيندو هو، نه رات ڏسڻي آهي نه برسات ڪڏهين پنڌ ته ڪڏهين ڦٽڦٽي سو به نه رات ڏسڻي آهي نه برسات، ڪڏهن پنڌ ته ڪڏهين ڦٽڦٽي سو به ٻيو ڪو هلائي ڪڏهين رات جو رئيس دوست علي خان کوکر کان گهوڙي ڪاهي هل منهنجا سائين ڪڏهين وري ٽربو ٽيڪسي ۾ پيو اچي، ڪئميرا ۽ ڪاپي سان ته ڪڏهين بوسڪي جي پٽڪي سان ته ڪڏهين وري جناح ڪيپ سان هر فن مولا سوڀ وارو هو.
    جلدي بنا موڪلائي راهه عدم تي روانو ٿيو، وڏو صدمو رسيو الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏي آمين ثم آمين.
    سندس والد صاحب سائين علي بخش شاهه جنهن جي نالي ڳوٺ به سڏجي، شهيد نور احمد شاهه ۽ سائين وڏو سائين خان محمد شاهه سدائين کلندا ايندا هئا، انهن جي آخري آرامگاهه پڻ اتي آهي، سندس وڏي تاريخ آهي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب آيو هو ڪجهه تاريخي احوال وٺي ويو هو، ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيائين مونکي ياد نه آهي.
    هن ديهه ۾ جمع ڪاتيار نالي پڻ ڳوٺ آهي، محمد صالح ڪاتيار پي اي محترم نصرت ڀٽو جو هو، حاجي خالق محرم خان ۽ سليمان، نثار ڪياتيار پ پ جا بنيادي ڪارڪن آهن، خوش هجن.
    مڪان شريف ڳوٺ ۽ درگاهه شريف به هن ديهه ٻائل ۾ آهن، ڳوٺ ٺارو پتافي، مهراڻين جا راڄ به هن ديهه ۾ آهن، چاچو وڏيرو اسماعيل خان مهراڻي سندس پٽ وڏيرو پانڌي خان ۽ وڏيرو نظر محمد، کوکر شاخ مين روڊ ٽنڊوالهيار کان شيخ ڀرڪيو روڊ به هن ديهه مان گذرن ٿا، احسان علي رند وارا به هن ديهه ۾ آهن، چاچو حاجي هارون ٿهيم سندس پٽ سڪندر ۽ لالا ٿهيم به پنهنجي زمينداري ۾ ڳوٺ ڪريو ويٺو آهي، وڏو همت وارو موٽيل مڙس آهي، سندس پٽ به راڄن ۾ اٿي ويٺي سڏ سلوڪ ۾ شريڪ هوندا آهن، خوش هجن، سيٺ وريند مل واڻيو جي زمين به هن ديهه ۾ آهي، پاڻ وڏو واپاري هو، مڪان شريف جا پير، پير حاجي غلام رسول شاهه عرف حاجن شاهه سندس ڀاءُ پير غلام دستگير شاهه پ پ جا بنيادي ڪارڪن آهن، ضياءَ دور لوڪل اليڪشن ٿي، پ پ جي ٽنڊوالهيار واري قيادت کيس عوام دوست پينل تي ڊسٽرڪٽ ان وقت ضلع حيدرآباد يونين ڪائونسل کوکر هئي، جنهن قيادت جن کي پ پ ڌرم شالا جي ڳئون ملي آهي، غلام رسول شاهه کي بيهاري ۽ لوڪل خفيا پيڪٽ ڪري کيس هارائي ڇڏيو، غلام رسول شاه معزز فيملي جو فرد حضور شرم سور پي ويو، جيئن محمود نواز شاهه به سور پي ويو، حاجي مينهون خان جروار به پ پ جا ٽنڊوالهيار وارا صاحب حساب ڏيندا، ڪڏهين ڪير ڏسندو اهيا خبر نه آهي، خشڪ به انهيءَ ديهه ۾ پراڻو سرفراز واهه عرف بگهاڙ واهه کان ڏکڻ طرف.
    قديم ڳوٺ صالح هاليپوٽو آهي، هن ڳوٺ جا معزز هاليپوٽا وڏيرو الهڏنو، سندس ڀاءُ وڏيرو آدم، وڏيرو محمد يوسف ۽ حاجي محمد صادق هاليپوٽو آهن، حاجي محمد صادق سڀني ڀائرن ۾ هوشيار آهي، سنگت جا سڀ ئي ڀاءَ وفادار آهن ڏکي سکي سڏ سلوڪ راڄن ۾ هر وقت حاضر رهندا آهن، محمد عيسيٰ نالي به هڪ هو سندن وڏن جا نالا هن وقت مونکي ياد نه آهن، پاڻ اسان وٽ اچي هن ڳوٺ ۾ منهنجي سئوٽ حاجي لکاڏنو سان ڪچهري ڪندو ۽ ٽڪندو هو، منهنجو به دوست هو، هن ديهه ۾ ٿيٻا، شيدي ۽ واڍا به ويٺل آهن، چاچا محمد هاشم ٿيٻو جو ڳوٺ مونکي عيسيٰ ڏيکاريو، محمد علي ولد محمد هاشم ٿيٻو سان منهنجي سنگت انهي سان ٿي، جيڪا برادري حدن کي پهچي ويئي آهي، گهرو اچ وڃ ۽ ننگن پهتن تائين الله سلامت رکي، مگر عيسيٰ هاليپوٽو وفات بعد سندس تعلقات ۽ اسان جا واسطا بيهي ويا، باقي مٿي ذڪر ڪيل نالي وارن سان هرخوشي توڙي غمي ۾ گڏ آهيون.
    وڏيرو محمد ايوب هاليپوٽو وساريون ڪونه ٿو ٺهي بصرن جا ٻج وڏيرو محمد ايوب معرفت گيرنٽي سان ملي ٿو، سندن ڳوٺ صالح هاليپوٽو جي لڳ اولهه ڏکڻ کان هڪ پراڻو ڪچو رستو انگريز حڪومت دور ۾ کوکرن نوابن مان شايد نواب مبارڪ خان ڪڍايو جيڪو کوکرن کان وچو وچ سڌو گلاب لغاري ۽ ٽنڊو غلام علي لاءِ ڪڍيو پوءِ عدم توجهه جي ڪري بند ٿي ويو، سرڪاري نقشي ۾ سڀني ديهن مان ۽ سرزمين تي به نشان موجود آهن، ڪجهه زميندار رستو کائي ويا آهن، وڏيرو منير هاليپوٽو، وڏيرو حاجي محمد صادق هاليپوٽو ڪافي دفعا ترسڻ ۽ ڪچهري لاءِ چيو آهي، مصروفيتن سبب ترسي نه سگهيو آهيان، وڏيرو حاجي محمد صادق هاليپوٽو مونکي ۽ منهنجي مامي محمد هاشم جروار کي پنڌ رستي ۾ مليو، پاڻ ڪار ۾ هو ۽ ڪار موڙي اسان کي کڻي منزل تي پهچائي ويو، اهڙن دل وارن جون ڪهڙيون خوبيون بيان ڪيان، اميد ته ڪتاب جي ٻئي ڀاڳي ۾ درج ڪندس، انشاءَ الله.


    ديهه ٻوچڙ

    ديهه ٻوچڙ تي نالو قديم قوم ٻوچڙ هن ديهه آباد هئڻ ڪري پيو آهي، ٻوچڙن جي ڳوٺ جو حوالو تاريخ تحفت الڪرام ۾ ملي ٿو، ان ڪري چئبو ته قديم قوم ٻوچڙ آباد هئا ۽ اتائين ديهه جو نالو ٻوچڙ پيو ۽ ديهه ٻوچڙ به تپو کوکر جي هڪ ديهه آهي، هن وقت هڪ به ماڻهو ٻوچڙ قوم نالي نه آهي، هن ديهه جي اتر دنگ کان ۽ ديهه جي اوڀر دنگ کان پراڻو سرفراز واهه عرف بگهاڙ واهه جو واضح نشان موجود آهي، ان کان علاوه ڳوٺ کوکرن کان پراڻو رستو ٽنڊو غلام علي ڏانهن ويندو هو ان جا به ڪٿي ڪٿي واضح نشان آهن، ته ڪٿي وري زميندار رستي کي کائي آباد ڪري ويا آهن، ناجائز طرح سان جيڪو به زمين کي کائي ٿو ان کي الله تائين پهچي.
    هن ديهه ۾ زنئور مائنر ۽ ديهه کي ٻه پڪا لنڪ روڊ به آهن، علاوه قديم ڳوٺن ۾ ڳوٺ داد خان جروار، ڳوٺ مير خان ٺوڙهو عرف ماڇين جو وڏو ڳوٺ جنهن ۾ معزز مستري سومار ڊرائيور، مامون حيات ماڇي، نظر علي ۽ امير علي جو پيءَ جيڪي ڪجهه وقت ٻني اسان جي هارپ تي ڪندا هئا، سندن ووٽ به ديهه بڪيراڻي ۾ اسان وٽ داخل هئا، مسٽر حاجي عبدالستار بچاڻي پ پ پهرين ٽڪيٽ وقت ورڪ ۾ ڊائون پئي لڳو، سندم والد حاجي محمد پريل خان جروار ٽريڪٽري ٽراليون ڪهرائي مامي حيات جي پوري فيملي کڻي رات پاڻ وٽ ٽڪائي صبح اسان جي ٻارن سان گڏ جيپ تي کڻي پولنگ اسٽيشن بڪيرا شريف سڀني ڀاتين جا ووٽ پ پ بچاڻي کي ڏياري ٻيو ڏينهن به ٻارن کي پاڻ وٽ رهائي اليڪشن رزلٽ ۾ ڪاميابي جو ٻڌي سندن شڪرا ادائي ڪري پوءِ بابا کين وري سندن ڳوٺ پهچايو، اها هئي عوام جي پ پ سان محبت جيڪڏهن بابا سان نه اچن ها ته سندن ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ کان رهجي وڃن ها ۽ اسان جي پ پ جي اميدوار جا به ووٽ کُٽن ها، چاچو وڏيرو غلام محمد عرف وڏيرو غلام ڪير سڏائي مڙس وڏي همت ۽ پهچ وارو هو، پوين کي الله سائين توفيق ڏيندو ۽ نڀائيندا، ڳوٺ مير خان ٺوڙهو لڳ الهندي پاسي کان 300 کن فٽ جي فاصلي تي قبرون آهن، چون ٿا ته مرين جون قبرون آهن سڄي ديهه کي هڪ لنڪ روڊ ڳوٺ داد جروار کان مريد موري چمبڙ ٽنڊوالهيار کي ملائي ساڳيو روڊ داد جروار مير خان ٺوڙهو ڳوٺ ۽ ڳوٺ بچل پتافي ننگراڻين کان شيخ ڀرڪيو کي ملائي ٿو ۽ هڪ روڊ بڪيراڻي موري کان ڳوٺ بختاور خان پتافي ۽ داد جروار تائين آهي.
    ڳوٺ داد جروار قديم ڳوٺن مان هڪ آهي، ڳوٺ ۾ جروار، ماڇي، لوهار، ڪنڀار، مينگهواڙ ۽ سونارا رهن ٿا، جن مان ڪي نقل مقاني ڪري ٽنڊوالهيار ۾ رهن ٿا، اسان جروارن ۾ رئيسن جا وڏا گهر به هن ڳوٺ ۾ موجود آهن، مشهور معروف رئيس حاجي عبدالرحيم خان ۽ سندس اولاد، رئيس امام بخش خان ۽ علي محمد خان جروار جن جي هڪ وڏي تاريخ آهي.
    سندن شجرو فوٽ نوٽ به ڪتاب جي هن پهرين ڀاڱي ۾ درج ڪندس، سندن پاڙو مراداڻي جروار بلوچ آهي، هن وقت رئيس نبي بخش خان عرف محمد اڪبر خان جروار اسان ٽنڊوالهيار جي جروارن جو وڏو آهي، علاوه ڳوٺ ۾ ٻيا به جروارن جا پاڙا آهن، ماهياڻي جروار خليفو محمد ابراهيم جروار ۽ سندن اولاد ياراڻي محمد عمر ۽ محمد بچل ۽ سندن اولاد پنجاڻي، بهرماڻي، موساڻي سانوڻ وارا موجود آهن.
    پرائمري ٽيچر ايسوسي ايشن جو صدر محمد رفيق جروار به هن ڳوٺ جو آهي، سندن پٽ حاجي خادم حسين جروار منهنجو حج رفيق آهي، اسان حج جو سفر سال اسلامي 1425هجري ۾ پڙهيو، عيسوي سال 2005ع 18 جنوري عرفات مڪه شريف ۾ سفر ۾ منهنجو سامان وغيره کڻندو هو ۽ مونکي تڪليف ڪرڻ نه ڏيندو هو، منهنجي عزت پيءَ جيتري ٿي ڪيائين، محمد رفيق جو ڀاءُ استاد احمد علي به باهمت آهي، پاڻ سڄو وقت سرهندي پيرن ۽ سمهباڻي سيد تاج محمد شاهه سان گذاريو آهي، جن کي خان سڏجي انهن مان.
    عمر ياراڻي به پنهنجو وقت سٺو گذاري ويو، اسان مينهاڻين مان پوئين شادي ڪيائين، جنهن مان عظيم خان سندس پٽ آهي.
    حاجي شير محمد اسٽامپ وينڊر به هن ڳوٺ داد جروار جو آهي، پاڻ ديهه ٻوچڙ مان بي ڊي اليڪشن کٽي يونين ڪائونسل کوکر جو ميمبر به رهي چڪو آهي، تمام مانائتو ماڻهو آهي.
    رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار جا ناناڻان ڳوٺ صاحب غان جروار وارا عطراڻي آهن ۽ پاڻ جڏهن حيدرآباد ضلعو هو ته ضلع جي زميندارن ۾ سندن وڏو نالو هو، برادر قوم کي هر خوشي غمي، آڌي اڌ رات سک توڙي ڏک ۾ شريڪ هوندو هو، وڏي ڏياءَ وارو قدآور سهڻو مڙس مٿان وري ڪلاهه جو پٽڪو ٻڌي گهوڙي تي يا جيپ ۾ سوار ٿيندو هو ته سندن رعب تاب ڏسڻ جهڙو وڻندڙ هوندو هو، ضلع ۽ تعلقي جي آفيسرن ۾ سندس وڏو مقام هو، برادري ۾ تمام وڏو مقام هو، پاڻ سندس ٻئي نمبر پٽ حاجي رسول بخش جي شادي سندن ناناڻن مان ڪرايائين، حاجي رسول بخش به قوم برادري توڙي راڄ داري منجهه هر جاءِ تي خوشي توڙي غمي ۾ حاضر رهندو هو، زمينداري ۽ گهرو ڪم آفيسن وغيره سنگت يارن جي مدد ۾ پاڻ اڳيان هوندو هو، اسان جي پاسي درسن وڏيري محمد عرس جو واٽر جي پيچ مٽائڻ جو ڪم هو، وڏو ڪم هو، نه ٿيڻ جوڳو، ڌڻي نااميد ٿي وٽس آيا، پاڻ حاجي رسول بخش خان جروار ساڻن گڏجي مدد ڪري کين پيچ پاڻي جي بدلي ڪرائي ڏني.
    سندن مهربانيون مونتي تمام وڏيون آهن، اميد ته ٻئي ڀاڱي ۾ تفصيل سان روشني وجهندس، هينئر جڏهن آئون تاريخ 11 آڪٽومبر 2016ع تي اسپتال داخل ٿيس ته حاجي رسول بخش خان جو پٽ نبي بخش محمد اڪبر خان ۽ سندس پٽ مزمل بروقت ٻڌي مون وٽ پهتا، وڏي دلداري ڏنائون، بعد ۾ رئيس غلام محمد خان به شهزاد سان گڏجي اسپتال آيو ۽ تيماداري ڪري وڏي آٿت ڏيئي ويو.
    يارن دوستن ۽ ڀائرن جي دعائن سان ٺيڪ ٿي گهر پهتس حياتي الاجي ڪيتري آهي، تپو کوکر جي مختصر تاريخ ڀاڱو پهريون جلدي ۾ ڇپائڻ جو پروگرام ٿيو، صحت کي ڏسندي تاريخ کي ٻن ڀاڱن ۾ ڇاپڻ جو خيال ڪري ۽ ڪجهه مواد هن پهرين ڀاڱي ۾ ۽ الاهي مواد گڏ ٿيل ٻئي ڀاڱي لاءِ ڇڏيو اٿم، اميد آهي ته اهو رهيل به مواد ڇپائيندس.
    اڃان رئيس امام بخش خان جروار، رئيس علي محمد خان جروار ۽ ننڍن جا احوال آهن، علاوه حاجي شير محمد خان ۽ سندن به احوال رهيا پيا آهن، اميد تي دنيا قائم آهي، رهي نالو الله جو باقي سڀ فاني.
    جروار قبيلي ۾ مراداڻي پاڙي جي به پنهنجي هڪ تاريخ آهي، شهداد ڪوٽ ۾ مشهور معروف صوبدار خان جروار ۽ بعد ۾ پوءِ ڳوٺ داد خان جروار ۾ به سندن هڪ مشهور ۽ معزز پاڙو آهي، خصوصن، رئيس امام بخش خان، رئيس علي محمد خان ۽ رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار تمام هڪ وڏي تاريخ رکن ٿا ۽ زمينداري اٿن، هر هڪ جي پنهنجي تاريخ آهي، جنهن کي اميد ته مرحلي وار درج ڪبو، مختصرن بايوگرافڪ آف ويسٽ پاڪستان ۾ سندن فوٽو ۽ تعارف ڏنل آهي، جنهن کي ڪمشنر صاحب بهادر جي لائبريري ۾ مطالعو ڪري سگهجي ٿو، اميد ته اسان به پنهنجي ڪتاب ۾ درج ڪنداسين.
    علاه ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ به مراداڻي قبيلي جو پنهنجو هڪ وڏو پاڙو آهي، سندن به هڪ تاريخ آهي، ڪجهه نوڪرين وارا به منجهن آهن ۽ چاچا حاجي بچل سندن پير مرد آهي، رئيس علي بخش خان به سندن چشم وچراغ موجود آهي، اميد ته سندن احوال موقع سر سندن احوال لکبو ۽ حاجي عبدالرحيم خان جروار به پنهنجي واري جو امير آهي، جنهن تي جروار قوم جيترو به ناز ڪري بجاءِ مسافر خانو سندن سڃاڻپ آهي، ملڪان ملڪ ڏيهون ڏيهه مشهور معروف هر دل عزيز شخصيت جو مالڪ پنهنجو مٽ پاڻ هو، سندن معزز دوستن جو به هڪ وسيع حلقو هو، سرفهرست مير محمد علي خان صاحب سابق سيڪريٽري ايريگيشن، عبدالغفار چنا صاحب ۽ سندن لائق فرزندن وٽ اهوئي مسافر خانو ۽ اخلاق هلندڙ آهي، الله سائين کين تندرستي ۽ سلامتي بخشي، اميد ته موقعي تي سندن احوال درج ڪبو.
    حاجي عبدالرحيم خان پهرين بنيادي جمهوريت ۾ يونين ڪائونسل چمبڙ ۾ چيئرمين پڻ رهيو.
    احمد علي ولد نصير خان جروار پرائمري استاد آهي ۽ ان سان گڏ راڄ برادري ۾ تمام عزت جو مڪان رکي ٿو، برادر سنگت جو کيس آڌرڀاءُ ڪرڻ جو ڪو کائنس سکي، پاڻ سرهندي پيرن جو خاص مريدن مان آهي، پيرن صاحبن جا وڏا توڙي ننڍا ڪاڄ اڳواڻ هوندو آهي، پير صاحب پڻ سندس وڏي عزت ڪندا آهن، پاڻ استاد ٿيا، نوڪري مليس ته سروس جو وڏو حصو پير صاحبن جي اسڪول ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪيائين، بعد ۾ بدلي ٿي ڳوٺ داد خان جروار آيو، نوڪري سان گڏوگڏ سيد تاج محمد شاهه سماباڻي جو پڻ زمينداري سنڀالڻ ۾ مددگار آهي، تاج محمد شاهه وٽ وڏو مقام رکي ٿو.
    محمد رفيق ولد نصير خان جروار به پرائمري استاد آهي، “ڏک سکن جي سونهن، گهوريا سک ڏکن ريءَ” پاڻ دنيا جا ڪافي ڏک ڏٺا اٿس، پاڻ استادن جي حقن لاءِ زندگي وقف ڪري ڇڏي اٿس، ڪيترائي ڀيرا کيس استادن جي حقن گهرڻ جي ڏوهه ۾ کيس جيل ۾ بند به ڪيو ويو، ليڪن استادن جي حقن کان ڪڏهن به دست بردار نه ٿيو آهي، مجبور ٿي وقت جي سرڪار سندن مطالبا مڃي ۽ کيس جيل کان آزاد ڪيو آهي، پاڻ هن وقت پرائمري ٽيچر ايسوسي ايشن صوبي سنڌ جا صوبائي صدر چونڊيل آهن.
    قربان علي ولد چاچو محمد صديق خان جروار پنهنجي تعليم پوري ڪري ۽ آبائي زمين سنڀالي ٿو، راڄ برادري توڙي سنگت هر ڏک سک ۾ سڏ ڏيڻ وارو آهي.
    خادم حسين ولد محمد رفيق جروار، راقم جي اولاد برابر آهي، سال 2005ع ۾ جڏهن راقم محمد ياسين جروار ولد حاجي پريل خان جروار حج جي سعادت لاءِ ويو ته محمد رفيق جروار سندس پٽ خادم حسين مونکي حج جو رفيق ڪري گڏي ڏنو، اهيو حج 1425هه جو هو ۽ ٻئي حج جا رفيق پڻ آهيون، مان عمر جو موٽيل هوس سفر ۾ منهنجي تمام گهڻي خدمت ڪيائين.


    ديهه ٺل

    ديهه ٺل پنهنجي قديم نالي ٺل سان قائم آهي، شايد ڪنهن قديم بادشاهن راءِ گهراڻو يا سومرا خاندان يا سمان حڪومت دور ۾ ڪو ٺلهه مٽي جو ڀرايو هو، ڪهڙي جاءِ تي واقع هو، خبر ڪانه ٿي پوي، اميد ته ٻيو ڪو ان تي قلم کڻندو ته الاهي تاريخ جڙي پوندي.
    پراڻي واهن مان هن ديهه کي پاڻي هرلن ۽ نارن ذريعي پراڻي ڦٽل سرفراز واهه عرف بگهاڙ واهه مان ملندو هو.
    هن وقت موجوده سرفراز واهه عرف چاڪر واهه ۽ ميراکوري مائنر پاڻي پهچائين ٿيون، جن تي زراعت جو دارومدار آهي.
    قديم ڳوٺن ۾ ڳوٺ غلام حسين لنڊ عرف ڍوري وارا لنڊ، ڳوٺ سعيد خان لغاري، استاد ماستر شهلي خان لنڊ ۽ هڪ ٻيو به ڳوٺ آهي، جنهن جو نالو هن وقت ياد نه آهي.
    نون ڳوٺن ۾ مريد موري، رئيس مريد خان لنڊ جو ڳوٺ، چوڌري برڪت علي، چوڌري عزيز، حاجي جعفر خان لنڊ، حاجي درياءَ خان لنڊ پنهنجي سروي زمينن ۾ ڳوٺ ڪري ويٺا آهن، راڄن ڀاڳن وارا ۽ اٿي ويٺي وارا آهن، جن ۾ رئيس خالد خان لنڊ، حاجي محمد خان لنڊ، رئيس احمد خان لنڊ بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي نڪرندو هو، ڇا سندس واکاڻ ڪجي اڻ ڏٺن جو يار هو، حاجي نبي بخش خان لنڊ جيڪو چاڪر واهه کان اوڀر طرف ڳوٺ بالچ خان لغاري ۾ بنگلا پيو ٺهرائي جو سندس زمينداري اتي آهي.


    ديهه سهڻا بڪيرا

    بڪيرا قوم جو هڪ پاڙو سهڻا بڪيرا جي نالي سڏجي ٿو، سندن ڳوٺ موجوده ديهه بڪيرا ۾ سيد حاجي جلال شاهه جي مقام لڳ الهندي پاسي هو، 1780ع ۾ جڏهن ڪلهوڙن جي چرچ تي مدد پٺاڻ سنڌ ۾ ڏاڍ ڪيو ته هن آباد ۽ خوشحال ڳوٺ کي به ڦري ڀينگ ڪيائين، هن وقت سڄي ديهه ۾ ڪٿي به بڪيرا قوم آباد نه آهي، مدد پٺاڻ وڏي ڦر ڪئي، قديم ڳوٺن ۾ ڇٽن، ميربحرن ڳوٺ يار محمد ميربحر جي نالي سڏجي، شيخ ڀرڪيو ڏانهن ويندي مين روڊ کان ساڄي هٿ تي الهندي پاسي ۽ روڊ جي کاٻي هٿ تي اڀرندي پاسي کوکرن واري مشهور کيرول جو وڻ موجود آهي.
    ڳوٺ سيد ڇٽن شاهه جو پڻ سائين دين محمد شاهه جي نالي آباد آهي، اڳي دين محمد شاهه مدرسو کوليو جنهن ۾ ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندو هو.
    قديم ڳوٺن ۾ ڳوٺ اميد علي بوزدار عرف گنجڙا لغاري ۽ مير بحر پڻ ويٺل آهن، ڳوٺ صاحب خان جروار کان علاوه واڍا، سومرا به آباد آهن، اڳي ان ڳوٺ ۾ واڻيا، مينگهواڙ ۽ گرڙا به ويٺل هئا، جيڪي واڻيا 1947ع ۾ ويا، 60-1959ع ۾ گرڙا مشهور کڀو گرڙو جنهن جا پٽ اڄ به چمبڙن جي شهر ۾ رهندا آهن، ملندا آهن ته سندن دل ڀرجي ايندي آهي، جنهن ۾ سانوڻ، طوطو ۽ اجيت آهن، آئون کين سڃاڻان ۽ هو به مونکي سڃاڻن ٿا، ڳوٺ علي بخش جروار پڻ هن ديهه ۾ قديم آباد ۽ سرڪاري نقشي ۾ آهي، جروار هن سندن شجرا به ڪتاب ۾ آهن، هڪ پراڻو پڊ کوسن جي نالي آهي، ليڪن جروار ملان کڻت ڪري ويا، سندن کاتي آهي، جديد ڳوٺن ۾ ڳوٺ حاجي بختاور خان پتافي ۽ خميسو ماڇي توڙي مير رمضان خان جي اوطاق به اچي وڃن ٿا.
    ڳوٺ صاحبخان جروار، جروارن کان پهرين واڻيا، مينگهواڙ، گرڙا، ڪنڀار، شايد هڪ گهر ڪو سونارن جو به ٻڌجي ٿو، سڀ لڏي ويا، جروار عطراڻي ۽ ملن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ جيسين تائين فقير جروار هئا ته مٿين سڀني قومن کي سڪون ۽ امان هو، مٿيان ٻه پاڙا جروارن جا جڏهين اچي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ پير کوڙيا ته هڪ هڪ ٿي سڀئي قومون لڏي ويون، باقي واڍن جي نه سري، اهي ويٺا آهن، کين به تنگ ڪيو ويو، گهرن جو رستو به بند ڪيو ويو، پوءِ رئيس دوست علي خان ولد خان محمد خان کوکر جيڪي اصل صورتحال پڊ جي کيس مائٽن ۽ ٻين وڏن کان شاهديون وٺي ۽ واڍن کي اچ وڃ جو رستو بحال ڪرائي ڏنائين، نه ته اهي به مجبور ٿي لڏي وڃن ها، پڊ جن کي پيٽ ۾ سور آهي، انهن کي مفت ۾ ڦٻن ها، واڍا رئيس دوست علي خان کوکر کي دعا ڪن، هاڻي واڍن جو ننڍو پونير اولاد مختلف ڊيوٽين ۾ ۽ پرائيوٽ ڪم ڪارن سان آهن، هاڻي کين پرواهه نه آهي.
    ڳوٺ صاحب خان جروار واڍڪو ڪم ڪندڙ واڍا سڏجن ٿا، جديد دور ۾ معلومات ڪبي ته هو پاڻ کي سومرا واڍا سڏائين ٿا، مگر منهنجي پوري تحقيق مطابق پاڻ ابو پوٽا سمان آهن ۽ واڍا سڏجن ٿا، مائٽي لاڙ ۾ راڄو خاناڻي ۾ به آهي، سندن شجرو فوٽ نوٽ به راقم وٽ آهي، اميد ته هنن پنن ۾ ڪٿي درج ڪندس.
    اسان جي وقت ۾ چاچي هاشم واڍي جو اولاد چاچو محرم ۽ چاچو علي، کين الله سائين اولاد سان نوازيو آهي، چاچو علي هڪ نياڻي محمد عطراڻي جروار کي پرڻائي ڏني، کيس اولاد به آهي، محمد عطراڻي جروار کي چاچو صادق جو هڪ پٽ مولابخش ۽ کيس هڪ پٽ جمع نالي اولادي آهي، چاچو عثمان واڍو پڙهيل هو، نماز، روزي جو پابند هوندو هو، جڏهن ته راقم جو نڪاح به چاچي عثمان پڙهايو هو، ان کان سواءِ ملن صاحب خان وارن جي مسجد جو امام به هو، راڄن ۾ نڪاح لاءِ کيس وٺي ويندا هئا، کيس حاميد ۽ محمد يوسف نالي ٻه پٽ آهن، انهن کي به اولاد آهي، ليڪن واڍڪو ڪم ڇڏي ڏنو اٿن، عثمان حڪيم ٿيو آهي، هنن جي وڏن ۾ به حاجي عبدالحڪيم نالي حڪيم هو، حڪمت دوائون ستيون ڏيندو هو، پاڻ جروارن کان پهرين آباد آهن ۽ سندن گهرن سان لڳ اتران اتر اولهه تي مسجد پڻ هئي، پوءِ جروار فقيرن جي آباد ٿيڻ کان پوءِ اها آباد ٿيندي ۽ وڌندي ويئي، واڍن واري مسجد غير آباد ٿي ويئي.
    هيءَ ڳالهه 63-1962ع جي آهي، جڏهن سردار حاجي حسين کوکر يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين هو ۽ حاجي محمد پريل خان جروار ديهه بڪيراڻي بي ڊي ميمبر ۽ حاجي خان محمد خان پتافي ديهه سهڻا بڪيرا ۾ بي ڊي ميمبر هو، کوکرن يونين ڪائونسل هيڊ ڪواٽر ۾ زندگي جي بنيادي ضرورتن جي سهولت موجود هئي، جنهن ۾ يونين ڪائونسل جو سڀ رڪارڊ هو، اسپتال عوام لاءِ 24 ڪلاڪ ڊاڪٽر جي سهولت ۽ گڏوگڏ جانورن جي اسپتال به ڊاڪٽر ۽ عملو هر وقت موجود رهندو هو.
    سڄي يونين ڪائونسل ۾ ڪچن رستن جو هڪ ڄار وڇايو ويو، جنهن به هر ديهه ۾ ڪنهن پُل وغيره جي ضرورت هئي، ڳوٺن کي يونين ڪائونسل ۾ ملائڻ لاءِ ميمبر صاحبن چيئرمين صاحب کي آگاهه ڪيو ۽ چيئرمين صاحب ان تي مناسب ڪارروائي ڪري ۽ منظور ڪرائي ڊسٽرڪٽ مان ۽ ان کان پوءِ اها پُل جلد ٺهي ويندي هئي.
    جنهن ۾ پير ڪاٺي ديهه ڍنڍ شاهه سرفراز واهه تي پل جنهن جو ذڪر اچي چڪو آهي، چاڪر واهه تي ڳوٺ الهه بخش جروار وٽ مضبوط پڪي پُل ٺهرائي وئي، ڳوٺ بختاور خان پتافي وٽ زنئور شاخ تي پُل به ٺهي، رستو به ٺهيو، اڄ تائين عوام ان مان فائدو وٺي رهيو آهي.
    انهي سان گڏ ڳوٺ اميد علي بوزدار لڳ زنئور شاخ تي ديهه سهڻا بڪيرا تي به هڪ پل پبلڪ جي سهولت لاءِ ٺهرائي وئي، جيڪا ناڪام وئي، سبب جروار ڳوٺ صاحب خان جروار ۽ ڳوٺ الهه بخش جروار سميت پسگردائي عوام جو رستو کوکر تائين اسپتال ماڻهن توڙي جانورن جي اسپتال ۽ آمدني روانگي هئي، جن به جروارن جون زمينون آيون ٿي، ڪڏهن به رستو نه رکيائون، پُل ناڪاره رهي، جيڪا 2015ع ۾ جڏهن زنئور شاخ کي پڪو سيمينٽ سان پئي ڪيو ويو ته ان پُل کي ٺاهيو ويو، 53 سال پراڻي پُل هئي، پر رستو نه مليو سو نه مليو.
    ڳوٺ اميد علي بوزدار لاءِ هڪ نئين پُل تعمير ٿي، جيڪا هلي پئي، رستو جروار زميندار نه ڏنو، ڪهڙا آهن؟ اهيو فيصلو لوڪل تر جي عوام کي خبر آهي، ڪچهرين ۾ ويهندا ته پاڻ کي ساراهيندا ته اسان رستو ٺهرايو، اسان اسڪول ٺهرايو، ليڪن ڪو کائن پڇي ته ڪٿان رستو ٺهرايو؟ ڪٿي اسڪول جو پلاٽ ڏنو ته اڇا ڪارا صاف ٿي ويندا.
    فوٽ نوٽ شجرو مطابق عبدالحڪيم جو ڪم حڪمت ڪندو هو، هو حڪيم هو عثمان واڍڪو ۽ ملون هو، کوکرن چوري ۾ پڪڙيو هو، محمد يوسف جا اسحاق، صديق، رزاق، عبدالحڪيم ۽ زاهد آهن، محرم پهرين حرم مان حسن عرف هادي بخش ملون آهي، امامت ۽ غسل ڪفن جو ڪم ڪري ٿو، ٻيو عبدالرحيم حيدرآباد ڌوٻي جو ڪاروبار ڪري ٿو، محرم ٻي حرم مان، هاشم، هارون، خدابخش ۽ شوڪت سڀ ئي پنهنجي معززين ۽ دوڪانن وارا ڊرائيور خدا بخش هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر، حاميد جو پٽ عثمان به هو جيڪو هوميوپيٿڪ ڊاڪٽر ٽنڊوالهيار ۾ آهي.
    چاچو حاجي خان محمد خان ولد حاجي بختاور خان پتافي پهرين پريان سندن وڏو ڳوٺ هو، اتي رهندا هئا، بعد ۾ چاچي حاجي خان محمد پنهنجي زمين ديهه سهڻا بڪيرا ۾ ڳوٺ ڪري اولاد سميت اچي ويٺو، ساڻن گڏ مامون ڦوٽو ڊرائيوري ڪندو هو، اهو رئيس چاچو قبول خان ۽ چاچو احمد خان به ڳوٺ ۾ اچي ويٺا، سڀئي پنهنجي سمر وارا خوش حال آهن.
    ڊاڪٽر بخش علي خان پڙهي ايم بي بي ايس ڪري گورمينٽ سروس ڪيائين، ميرحسن خان سوئي گيس ۾ آفيسر آهي، هن وقت خوش آهن، شروعاتي پ پ پ ۾ هئا، جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي پ پ ڇڏي ته ان گروپ ۾ پتافي به پ پ ڇڏي ويا ۽ بعد ۾ جڏهن جتوئي صاحب موڪلي ڏني ته پ پ ۾ آيا، ان ۾ عبدالستار بچاڻي ۽ عبدالطيف مڱريو جي اليڪشن ۽ ٻيو خرچ حاجي خير محمد خان کوکر ۽ رئيس منظور علي خان عرف ٻڍو پتافي ڀريندا هئا، رئيس جو لڪ لڳو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه رئيس جي ڀائيٽي امداد علي پتافي کي اليڪشن 2002ع ۾ پي ايس تڪ جي ٽڪيٽ ڏني، هزار هيلن جي به بچاڻي ۽ مڱريو صاحب پتافي کي سيٽ ٽڪيٽ پ پ هارائي ڏني، ڪير ڪير پتافين صاحب سان ورڪ ۾ خير خواه گڏ هو، مختصر چاچو حسين بخش جلباڻي، مون محمد ياسين جروار، دربار علي شاهه، جان محمد شاهه بخاري بڪيرا شريف ۽ ٻيا ڪيترائي پ پ جا جيالا هئا.
    پهرين ٽڪيٽ جي بنياد شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحب اليڪشن 2007ع ۾ ٽڪيٽ امداد خان پتافي کي ٻيو دفعو ڏيئي پاڻ ورڪ ڪيائين، حاجي عبدالستار بچاڻي صاحب محترمه بينظير ڀٽو سخت دٻ پٽي، پاڻ ويچاري شهيد ٿي ويئي، اليڪشن امداد پتافي کٽيو، هاڻي پ پ جا ڪارڪن جيڪي پهرين ساڻس گڏ هئا ۽ آهن جيڪي پ پ جو سرمايو آهن، انهن سان ڪيترو ٿا انصاف ڪن، اهيو وقت ٻڌائيندو.
    سال 2005ع ۾ مان حج تي هئس، سڄو احوال منهنجي حج سفر ۾ آهي، اسلامي سال جو چنڊ پهرين تاريخ مغرب چنڊ ڏٺو ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه سڀني ٻارن ۽ آصف زرداري سميت عمرو شريف تي پهتا، خانه ڪعبه جو طواف مون انهن سان گڏ ڪيو، مغرب ۽ عشاءَ نماز جي وچ ۾ صبح ٽنڊوالهيار ۾ پ پ جا نوان عهديدار چونڊيا ۽ منهنجي لاءِ صدر پ پ رئيسن مٿين تجويز ڪيو، جن مخالفت ڪئي، نالا لکندي مونکي شرم ٿو ٿئي ۽ سينيئر نائب صدر پ پ تعلقو ٽنڊوالهيار جو عهدو مليو ۽ بعد ضلع صدر پ پ سيد ضياءَ عباس شاهه رضوي سائين ۽ علي نواز شاهه رضوي، قائم علي شاهه کان مونکي صدر پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار ڪرايو.
    ڳوٺ صاحب خان جروار وارا ملان ميان جي حاجي پيروز جو پاڙو اصل ڪاڙا جروار سڏبا هئا، هاڻ ملان سڏجن ٿا، ميان جي حاجي پيروز مسجد ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ سندس قبر آهي، حاجي بهادر الدين سڄي عمر مدينو شريف رهيو، وفات به اتي ڪئي، جنت البقيا ۾ قبر مليس، ڊاڪٽر غلام رسول صاف دل هو، جيڪي چوڻو هوندو هئس، روبرو چوندو هو، حاجي عثمان جي تاريخ سٺي نه آهي، جهڳڙالو قسم جو هو، هر ماڻهو سان بي سبب ڦڏو ڪندو هو، حاجي عمر اوطاق سنڀالي ۽ پنهنجي رزق سارو حاجي مدني پيءَ کان بعد مديني شريف رهي ٿو، سيف الله ايڊيوڪيشن مان رٽائرڊ ٿيو آهي، سندس پٽ سعد الله به لائق ماڻهو آهي، حاجي محمد عمر جو پٽ عبدالله ۽ ٻيا سڀ ايڊيوڪيشن ۾ نوڪري ڪن ڪو به رهيل نه آهي.
    چاچا خدا داد جو پٽ ماستر خان محمد پوري سروس ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ڪئي، سندس پٽ خير محمد ۽ خدا داد استاد آهن، نوڪري پيا ڪن، محمد صالح جا ڇوڪرا ٻني ڪن ٿا، اسان سڀني جروارن جون هڪ ٻئي سان سڱ سڱاوتيون ۽ مائٽيون آهن.
    عطراڻين جروارن جو به پاڙو به هن ڳوٺ ۾ آهي، بخشاڻي ۽ مينهاڻي به ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ويٺل پاڙا آهن، شروع ۾ هن ڳوٺ ۾ واڻيا، مينگهواڙ، گرڙا، ڪنڀار ۽ واڍا ويٺل هئا، پوءِ ڪلهوڙا دور حڪومت ۾ جروار فقير آباد ٿيا، لڌو فقير، ٿڌو فقير ۽ وڌو فقير ان زماني ۾ سندن سرهو پوءِ جڏهن عطراڻي پاڙو ۽ ملان پاڙو هن ڳوٺ ۾ اچي آباد ٿيا ته غريب اشراف جو رهڻ عذاب بنجي ويو، عطراڻين تي ال به خراب پيل آهي، انشاءَ الله ٻئي ڀاڱي ۾ تفصيل وار شجرن سميت داخل ڪندس.
    راڄ آزار طبيعت رکن ۽ پوءِ سندن روش ڪري هڪ هڪ ٿي لڏ پلاڻ ٿيندي ويئي، واڻيا ويا ملڪ سڄو سندن ٿي ويو، پنهنجي زمينن هوندي پرايا پڊ آباد ڪريو ويهن.
    فقيرن جروارن مان ڪئي ۽ نرينو اولاد به نه رهيو، بس ڳوٺ جا وارث پاڻ آهن، اڇي ڪاري جا ڌڻي اڳين جي اڳيان پٺين جي پٺيان پرائي ۾ رک وڌيڪ اٿن، منجهن هڪ اڌ سٺو به آهي، اڪثريت ڏنگا پرايو کپن سٺي تاريخ نه آهي، راڄ آزار سندن سڃاڻپ آهي.
    منهنجي تحقيق مطابق وڌو فقير جو اولاد آهي، وڌو فقير جو پوٽو فقير ڪريم بخش، ان جو پٽ حاجي محمد حسين ۽ ان جا ٻه پٽ، هڪ خادم حسين (جيڪو هن ڪتاب جو ڪمپوز ڪندڙ آهي.) ٻيو عاشق حسين، وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.

    عبدالرحيم کي هارٽ اٽيڪ ٿيو، چاچا مبارڪ پيري ۾ ٻيو نڪاح ڪري وري طلاق ڏني، ٻيڙو خان کي نڪاح ۾ ميان جي حاجي پروز جي ڀيڻ ڌڃاڻي نالي هئي، ٻِيڙو خان جو سڀ اولاد انهي مائي جي پيٽان آهي، ميان جي سالن جي حج سفر بعد ڳوٺ آيو، ڪنهن به نه سڃاتو انهي سندس ڀيڻ مائي ڌڃاڻي سڃاتو، ٻيڙو خان جي هڪ نياڻي نالي سياڻي حاجي احمد ميهاڻي جي نڪاح ۾ هئي، حاجي احمد کي اولاد آهي، سندس ميهاڻي فوٽ نوٽ شجرو ڏسو، ٻيڙو جي پوٽي جيوڻ جي ڌي نالي سومري گلڻ ميهاڻي کي نڪاح ۾ هئي.


    ديهه بڪيراڻي

    هن ديهه تي بڪيراڻي نالو بڪيرا قوم جي ڪري پيو، اهائي قديم قوم ديهه تي نالي جو سبب بني آهي، جيڪا شايد سومرن ۽ سمن، ڄامن جي حڪومت جو وقت چئي سگهجي ٿو، سن 900 هجري کان به اڳ جو آباد هوندو، ڪافي تاريخي ڪتابن ۾ سندس احوال ملي ٿو، مٿي دڙي تي شهر آباد آهي ۽ هيٺ به آباد آهي، قديم نشانن ۾ پيرن صاحبن جون درگاهون وڏيون ۽ ان کان علاوه جيئو شاهه، واهي فقير جي درگاهه، رڪن پورتلاءَ کاڻ شرف الدين، مقام شاهه ميران، مقام شاهه عنايت، گهوٽ جمال واهه، مقام مخدوم ڪاهوجو، جيڪو موجوده وقت شهر بڪيرا شريف کان ٻه فرلانگ ڏکڻ طرف آهي، موجوده نقشو ان ۾ به مقام آهي، جيڪو هن وقت نوان کوکر حاجي عالم وارا استعمال ۾ آڻين ٿا، سروي بلاڪ 120 ۾ آهي، قديم نالو مڪان ڄام پور آهي، روايت آهي ته مخدوم ڪاهو نالي درويش، شيخ ڀرڪئي جو ابتدائي استاد آهي. حوالو اذڪار قلندي ص-104
    واهي فقير جي مزار وارو ٽڪرو رڪن پور جو تلاءُ نالي سڏبو هو ۽ اتي جيڪا موجوده کڏ آهي، ان کي کاڻ شرف الدين سڏيندا هئا، واهي فقير جو اصل نالو فقير رحيم ڏنو آريسر آهي، ڦٽل کيسانو واهه پڻ ديهه جا دنگ نشان واضح ڪري ٿو، جيڪو اتر اولهه کان شروع ٿي سڄي ديهه جي ڏکڻ کان گذري ۽ اوڀر طرف ديهه ستياري ڏانهن وڃي ٿو، نقشي ۾ عيد گاهه، منزل گاهه، مقام مخدوم ڪاهو بلاڪ 120 ۾ ان کان علاوه مساڻ ايريگيشن بنگلو بڪيراڻي ريسٽ هائوس رهن، وقت برباد حالت ۾، کوهه 13/113 ۾ مسافرن جي سهولت لاءِ ۽ پراڻا ڳوٺ آباد ڳوٺ قديم بڪيرا شريف، جوين وڪرو ڪيو پڊ، ڳوٺ الهه بخش جروار جديد جيڪي نوان ڳوٺ آباد ٿيا آهن، انهن ۾ جن پنهنجن زميندارين ۾ ڳوٺ آباد ڪيا آهن، جن ڳوٺن جا نالا نقشي ۾ نه آيا آهن، رئيس خان محمد خان کوکر جي ماڙي موجوده ڳوٺ دوست علي خان کوکر، ڳوٺ محمد عرس درس، شمس الدين ميمڻ، حاجي عالم کوکر، هن ديهه مان سکر بيراج جا موجوده سرفراز واهه، زنئور ڊسٽري ۽ چاڪر واهه موجود آهن ۽ ان تي آبادي ٿئي ٿي، پراڻن واهن ۾ جن تي هرلا هلندا هئا، انهن ۾ پراڻو کيسانو واهه ٻئي طرف هرلا ڇڙهندا هئا، پراڻه جمال واهه جيڪو صرف هڪ يا ٻه مهينا وهي ۽ بند ٿي ويندو هو، سڄي ديهه کي هڪ ڪنڊ ۾ هو. ڳوٺ ۾ اوطاق حاجي شفيع محمد پتافي ۽ اوطاق اعجاز شاهه آهن.
    بڪيرا شريف شهر م لاتعداد قومون آباد آهن، اميد تندرستي ساٿ ڏنو ته پورا تفصيل ڏبا، مختصر طور، سيد بخاري، سيد ڏاڏاهي، پير صاحبان غوثيه ۽ سندن اولاد، بڪيرا، ميمڻ، دل، درس، مير بحر، کوکر نوان آيل، خاصخيلي، سهتا، شيدي، قمبراڻي، ديهه بڪيراڻي کي موجوده وقت ۾ زراعت لاءِ پاڻي چاڪر واهه، زنئور شاخ ۽ کيسانو 2 پاڻي پهچائڻ جو طريقو آهن، ان کان علاوه ڪجهه خانگي ۽ سرڪاري ٽيوب ويل پن آهن، شهر مٿي هڪ مٽي جي دڙي تي آهي، منهنجي ناقص عقل ۽ راءِ ته ڪنهن پراڻي حڪومت اندازن 800 سو سال اڳ جي ڪنهن حڪومت پنهنجو سرڪاري انتظام هلائڻ لاءِ رعيت کان مٿي ڀرائي ۽ مٿانهون شهر آباد ڪيو آهي، قديم ۽ جديد ڳوٺ پهرين چئي چڪو آهيان، اسان جي يادگيري جي وقت ۾ ديهه جا مشهور شخصيتن ۾ سندن حاجي محمد پريل خان جروار، سيد اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري، امداد شاهه، صالح محمد شاهه ڏاڏاهي، برادرن سيد ڊاڪٽر شاهنواز شاهه، سندن فرزند سيد محمود شاهه، اسماعيل بڪيرو، محمد يونس ميمڻ، مقبول احمد صاحب ميمڻ، جان محمد شاهه بخاري ۽ کوکر برادران حاجي غلام حسين کوکر اولاد هر هڪ پنهنجي توفيق ۽ شايان شان خدمتون سرانجام ڏيندا آهن، غوثيه اولاد به پنهنجو مٽ پاڻ آهن، پاڳارو صديق محمد شاهه، مقبول احمد شاهه، نبي بخش شاهه هر آڌي رات راڄ کي سڏ ڏيڻ ۽ سنڀالڻ وارا آهن.
    استاد محمد اسماعيل شيدي جا هن شهر ۽ پس گردائي جي عوام تي احسان آهن، جيڪي وٽانئس تعليم پرائي پنهنجي روزگار سان لڳي ويا، کيس دعائون ڪن ٿا، سيد جان محمد شاهه پ پ پ جي ڪري وڏي خدمت ڪندو آهي، مينهن واءُ هجن، لسٽ ڪارڊ هجن سڄو سڄو ڏينهن سڄي سڄي رات ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهي، اسان هڪ ٻئي سان زندگي جو ساٿ نڀايو آهي، اصولي ڳالهين تي ڪڏهين اختلاف به ڪيا اٿئون، ليڪن انا ڪڏهين نه بنائي اٿئون، هر ماڻهو کي ساٿ ڏيون، بغير ڪنهن لالچ جي لالچي دوست به آهن جو غريبن بي واهين انڌين کان به ڪم جي بهاني ۾ هئي، هڪ بڪيراڻي ديهه جو مختصر احوال آهي، ڪتاب جي پهرين ڀاڱي لاءِ تندرستي ۽ حياتي ساٿ ڏنو ته هر عنوان کي حقيقي جائزو پيش ڪبو، سائين علي اڪبر شاهه ۽ سندس پٽ مدد علي شاهه جون جيڪي محنتون پ پ پ لاءِ بڪيرا شريف کان وٺي لاڙڪاڻه شهيدن جي مزار گڙهي خدابخش ڀٽو تائين وسارڻ جوڳيون نه آهن، اميد ته ٻئي ڀاڱي ۾ ٻڌائبو ته مدد شاهه جڏهين قافلي ۾ لاڙڪاڻه هلندوهو ته ان وقت سندس عمر ڇا هئي، بي سمجهه ٻار جيترو هو، بڪيرا شريف جو ذڪر هجي ۽ ڀٽين کهباتي ياد نه ڪجن ڪونه ٿو ٺهي، مسٽر شمس الدين، عبدالخالق، سندس پٽ علي نواز ۽ شفيع محمد هر هڪ جي پنهنجي اهليت ۽ تاريخ آهي، موقع سان سندس پورا پورا احوال لکبو، افتخار سميت.
    جيترو بڪيرا شريف شهر ۽ بڪيرا قوم هن شهر کي آباد ڪندڙن ۾ اول آهن ته ميمڻ قوم به هن شهر ۾ اوتري پراڻي آهي، کين نه ياد ڪرڻ وڏي زيادتي ٿيندي، حاجي لکانو، سيٺ ڀورو محمد وريل، چاچو جمع دڪان وارو سندس پٽ سيٺ حاجي وڪيو ميمڻ، خليفو محمد انور ميمڻ، حيدر ميمڻ هر وقت سائين ڊاڪٽر شاهنواز شاهه جي ڪچهري ۾ موجود هوندو هو، غلام قادر ميمڻ پ پ پ جو ڪارڪن آهي، سيٺ ڪاشف ۽ امداد وڏا واپاري آهن، اسان جي عزت ڪندا آهن، پ پ ۾ سائين اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري، محمد يونس ميمڻ کي سياست ۾ کڻي آيو ۽ محمد يونس ميمڻ پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻي تمام اڳتي نڪري ويو، حاجي خير محمد خان کوکر کيس تمام مٿي کڻي ويو ۽ پاڻ وري بڪيرا شريف جي ميمڻ قوم کي مٿي کڻي ويو.
    اسان جي عزت ڪري ٿو ۽ اسين به سندس عزت ڪندا آهيون، سياسي رستا اسان جا يعني مون راقم جا سدائين پ پ پ ۽ پاڻ سدائين چڙهندڙ پاسي، مامون خالق ڏنو دل ۽ سندس پٽ محمد انور سائين ڊاڪٽر شاهنواز شاهه ۽ محمود شاهه جي کاتي ۾ آهن ۽ آئون راقم به سندن عزت ڪندو آهيان.

    بڪيرا شهر:
    بڪيرا شهر پراڻو کيسانو واهه جي کٻي پاسي بلند دڙي تي ٽنڊوالهيار کان ڏکڻ طرف ڇهن ميلن پنڌ تي آهي، اتي جا اصل رهاڪو بڪيرا ذات جا ماڻهو آهن، جنهن ڪري مٿس اهيو نالو پيو آهي.
    پير غوث العالمين صاحب ملتاني هاشمي قُدس سرهه جي اولاد مان حضرت قطب الزمان سيدنا حضرت مخدوم پير فاضل شاهه ڪلان 951 هجري ۾ ملتان شريف کان بڪيرن جي شهر ۾ بامجموع فقرا حلقه جي آيا، پير صاحب جي اچڻ وقت اِتي جو زميندار ارباب شير بيگ بڪيرو هو، جنهن جي قبر هڪ مسجد شريف جي صحن ۾ آهي ۽ اها مسجد شريف مخدوم پير ولايت علي شاهه جي بنگلي وٽ سندن حفاظت ۾ آهي، ميان حسين سنگهار مشهور آهي، سندس چوڪنڊي گول زمين کان ٻارنهن کي فوٽ مٿي آهي، بڪيرن جي شهر ۾ کُڏي مڪان جي قريب آهي، جنهن کُڏي مقام کي هن وقت سخي شيخ ٻانهون جو مقام سڏين ٿا، ميان حسين سنگهار، هي بزرگ مخدوم نوح رحه جي وڏن خليفن مان آهي، سندس 12 خليفا هئا، جن کي 12 ٻالڪا ڪري چوندا آهن، جهڙوڪ
    1. پاڪسنگهار
    2. حاجي جلال
    3. سيد اِڀوڙو
    4. شاهه ٻانگو
    5. ساجن سوائي
    6. پنيو ڪاپڙي
    7. نانگو شاهه
    ۽ ٻيا، انهن مٿين سڀني بزرگن تي سندن مڪانن تي سڀ ڪنهن سال فقيرن جي ميلا لڳندا آهن، (اذ ڪار قلندري)
    موجوده ديهه هن وقت عالم کوکر وارن جو مقام آهي، روايت آهي ته مخدوم ڪاهو نالي درويش (جنهن جو مقبرو بڪيرن جي ڀرسان ڏاکڻي طرف مڪان ڄام پور ۾ آهي) جيڪو شيخ ڀرڪيو آچاري سمونڊ پير جو ابتدائي استاد آهي.
    شيخ ٻانهون جنهن جو قبو شهر جي اتر پاسي چوبندي مڪان جي قريب آهي، تنهن بابت بيان ڪندا آهن ته هن ننڍي هوندي ئي پاڻ کي ملتان شريف جي ست دفعا وڪڻايو، جنهن ڪري سندس نالو مشهور شيخ ٻانهون ٿيو، ملتان شريف کان سنڌ ملڪ ڏي وڃڻ جو حڪم مليس، جنهن تي شيخ صاحب ان جاءِ جي معلوميت لاءِ عرض ڪيو، جنهن تي نشاني مليس ۽ جتي توکي مڇي جو ٻوڙ ۽ جوَن جي ماني ملي، اهيائي تنهنجي ۽ اسان جي اولاد جي جاءِ آهي، سفر ڪندو آيو، اتي بڪيرن جي شهر ۾ کيس جوَن جي ماني ۽ مڇي جو ٻوڙ مليو، جنهن ڪري اتي ويهي رهيو، چوندو هو ته منهنجا پير ملتان مبارڪ کان ايندا.
    فقير رحيم ڏنو آريسر المعروف واهي فقير درويش
    لاکو درويش مريد مجذوب ۽ درويش ڪريم ڏنو ۽ فقير امين مينهون يا ميان راڄو خاناڻي وارا جو پهريائين ظاهر جو عالم هو ۽ پوءِ باطن جو عالم ٿيو، فقير موتيو، جنهن جي قبر درگاهه شريف ۾ لکي دروازي وٽ آهي، هڪ ميمڻ مائي منادن مان پرڻجي آيل هئي، جا پنهنجي مڙس جي وفات کان بعد بڪيرن مان موٽي پنهنجي مائٽاڻي وطن ڏي وڃڻ لڳي ته ڪنهن درويش منع ڪيس ۽ بيت چيو.

    ٿيندي باغ بڪيراڻي ميمڻ وڃ م رُسي،
    هت روضا ٿيندا شاهه رڪن جا خلق ڪندي خوشي،
    ايندءِ مائٽ مسي، پوندي مار منادن ڏي.

    ڳالهه ۽ بيت لکڻ مان مقصد ته پيرن صاحبن جي اچڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي، سمجهون ته جيترا بڪيرا شريف شهر ۾ بڪيرا پراڻا ۽ قديم قوم آهي ته بڪيرا شريف شهر ۾ ميمڻ قوم به قديم آهي.
    شفيع محمد کان روايت آهي هڪ فقير شفيع محمد ذات مينهون رهندڙ راڄو خاناڻي، ايڪتاليهه دفعا پنڌ ڪيائين، ملتان شريف جا ۽ حڪم مليس ته قلندر قائم الدين وٽ تنهنجي امانت آهي ۽ بڪيرا شريف آيو هڪ ڏينهن قلندر قائم الدين کيس چيو ته شفيع اڄ توکي پڪو ڪبو ۽ فقيرن کي چئي کيس کوري ۾ وجهي باهه ڏياريائين، ٽن باهن کان پوءِ جيڪي سرون فقير سان گڏ هيون، اهي به پچي ويون هيون، مگر فقيرن کي ڪو به دخل نه هو ۽ کيس چيائون هاڻي شفيع مان شفيع محمد ٿيو ۽ کيس مريد ڪيائون، فقير جو مقبرو راڄو خاناڻي ۾ آهي، حڪم مطابق پاڻ به مريد ڪندو هو.
    سندس اولاد به راڄو خاناڻي ۾ آهي ۽ مينهان سڏبا آهن، مون راقم خليفو ميان نور محمد عرف نور علي راڄو خاناڻي ۾ دواخانه هلائيندو هو، دوا وٺڻ ويو هو 1959ع جي ڳالهه آهي، تڏهين ڪچا رستا هوندا هئا، الهجڙيو واڍو وٽ ٽڪياسين، جو اسان جي ڳوٺ وارن واڍن چاچو علي جو مائٽ هو، مونسان گڏ مبارڪ سومرو ڳوٺ عجائب سومرو چوهڙ جمالي جو ۽ مولابخش منهنجي سوٽ حاجي قاضي محمد الرحيم جو پٽ هو.
    جديد ڳوٺ ۾ قديمي نالو اوطاق حاجي عثمان جروار 1977ع جي اليڪشن بعد نالو ڦري ڳوٺ حاجي هاشم برفت ٿي ويو.
    حاجي هاشم نيڪ انسان هو، مسجد شريف آباد ڪرڻ لاءِ به زمين جي مالڪن چاچو حاجي عثمان ۽ سندس وڏي پٽ قاضي محمد رحيم کان اجازت وٺي گهرن ۽ دوڪان سان لڳ مسجد تعمير ڪئي، وڏن ۾ اشرافت هئي، ننڍن ۾ نه آهي.
    قديمي نالو اوطاق حاجي مير محمد جروار وٽ هاري ٿي وڏيرو محمد قاسم ۽ سندس ڀاءُ ڌڻين وٽ مزدوري ڪندي 1977ع جي اليڪشن بعد ڳوٺ فقير محمد برفت نالو پئجي ويو، زمين جا مالڪ ڇٽا هئا.
    ڌڻين جي اوطاق جا نالا ويا هاڻي مٿين نالن سان ڳوٺ پيا سڏجن، آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي پئي بورچاڻي، عجب پيو لڳي! هنن جا وڏا زبان جا پڪا سڏ سلوڪ آڌي رات ڏيندا هئا.
    اڳيان هن ديهه متعلق شجرا ڏسندا.
    شجرو فوٽ نوٽ: مينهون دوئم پاڙو ميهاڻي جروار دوئم راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان جروار جو وڏو ڀاءُ هو، سڀ ئي 5 ڀاءُ هئا، حيدر خان کاتي مطابق جا پٽ هئا ۽ آخري پٽ عثمان ڪنوارو فوت ٿيو، 1897ع ۾ باقي هر هڪ جو اولاد آهي، الڳ الڳ پني تي فوٽ نوٽ شجرن جا ڏنل آهن، ياد رهي ته اهي فوٽ نوٽ شجرن جا تمام اڳي جا لکيل آهن، هن لکڻ کان بعد به ڪيترن همراهن کي اولاد ٿيو آهي، ٻه ٻه شاديون ڪيون ۽ هڪ همراهه پنهنجي گهرواري کان عليحدگي به ڪئي آهي، غير شرعي ڪم ته نه ڪيائين، البته معاشري مطابق سٺو قدم به نه هو.
    شجرو فوٽ نوٽ: نوٽ مينهون دوئم زير نظر همراهن ۾ برداشت تمام گهٽ بهانو ڪري گار ڏيئي ڳالهه مان ڳالهڙو ڪرڻ وارا آهن، جيئن، ڪيئي ڪتاب ۾ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جاڙن نظاماڻين جي ڳالهه لکي آهي، ائين هنن همراهن کي به زمين ملڪيت سان وڏي محبت ۽ سڪ آهي، ڪيئن به ڪري وڌائجي، پنهنجي رشتي ناتي کي بالائي طاق رکي ايڪڙ به وڌائڻو آهي، اڳلي کي هيسڻو به آهي، برابر ملڪيت زمين توڙي جائداد مون راقم محمد ياسين کي به پياري آهي، ليڪن جائز ناجائز کان الله پاڪ بچايو آهي ۽ بچائيندو، اسان جي خاندان ۾ به هڪ ٻه گهر جاڙن جو آهي، جنهن مان هڪ هيءَ به آهي ۽ ٻين جي به نشاندهي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪئي اٿم، مطالع دوران خبر پوندي.
    حاجي محمد پريل خان جروار ڏاڍو همت وارو ماڻهو هو، جنهن ٻه شاديون ڪيون، سندن ٻنهي شادين مان اولاد هو، جن جا شجرا پيش ڪيا ويا آهن، راڄن ۾ سندس وڏي عزت هوندي هئي، وڏي ڄاڻ جو مالڪ هو، 1950ع ۾ ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ديهه بڪيراڻي مان بي ڊي جو ميمبر هو، سندس ڪوششن سان پرائمري اسڪول کليو، ڳوٺ اميد علي بوزدار وٽ زنئور شاخ تي پل به سندس ڪوششن سان ٺهي، جڏهن ته چاڪر واهه مان پاڻي جي سهولت خاطر واٽر ڪورس ون اي آر به حاجي محمد پريل خان منظور ڪرايو، بڪيرا شريف کان ٽنڊوالهيار تائين روڊ تعمير ڪرايو، ان کان ڳوٺ الهه بخش تائين بجلي ۽ پڪو روڊ به سندس ڪوششن سان ٿيو.
    سکر بئراج چاڪر واهه تي ڪاٺن جي ڦڙ موري انگريز سرڪار کان راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان وڏي جفاڪشي ڪري منظور ڪرائي ۽ پنهنجي خرچ تي ٺهرائي، جنهن کي 1933ع ۾ ٺاهيو ويو.
    جروار بلوچ مري گزيني واري شاخ مان آهن، شجرن ۽ تاريخي ڪتابن جي ورقن ۾ سندن احوال ڏسي ۽ مطالعو ڪري سگهجن ٿا، مرين بلوچن جو مورث اعليٰ حاجي خان زئي مير رند جي 14 پيڙهي مان آهي ۽ سندن پشت مان جروار قبيلو هليو، محبوب ڪريم صه جي امت مان ۽ خلفاءِ الراشدين جا حبدار ۽ پيروڪار آهن، سندن مريدي جو طعلق ديره غازي خان سخي سرور ۽ ملتان شريف جي گادي غوثيه فقهه حنفيه اهل سنت جماعت سان آهي، غوثي مريد آهن، جروار جيئن ته آڳاٽي زمانه ۾ علم تمام گهٽ ماڻهن ۾ هو انهي سبب ڪري منهنجي فيملي ۽ خاندان، قبيلي ميهاڻي ۾ به تعليم ۽ وڏو علم ڪو نه هو ۽ راقم کان پهرين جي ڪا به تاريخ لکت ۾ موجود نه آهي، پشت به پشت ياداشت وڏن کان ورسي ۾ هلندي اچي ۽ روينيو رڪارڊ زمين جا کاتا جن مان جيڪي نالا يا احوال مليا ته قلمند ڪيا اٿم ۽ 1700ع تائين فيملي ۾ ڪو به احوال لکيل نه مليو آهي، باقي زباني ياداشت جا پڪا ماڻهو جن کان احوال وٺي لکيو اٿم، جن ۾ سندم والد محترم جناب حاجي محمد پريل خان جروار همٿايو، ڏاڏو حاجي محمد حسن خان جروار راڄن جو چڳو مڙس مامي جو سوٽ علي محمد عرف علڻ لاڙيچو جيڪو لوڪل شاعر ۽ وڏو سگهڙ ۽ گهمڻ ڦرڻ وارو مڙس سدا ملوڪ ڄاڻ وارو سندس لوڪل ماڻهن جي اٿ ويهه ڪم ڪار سورهيائي ۽ ڪارنامن تي مزاح جي شاعري جيڪا به هڪ تاريخ ۽ اهڃاڻ آهي، موقع سر لکبا، لکي پڙهي به سگهندو هو، هنن احوالن کي تمام تصديق سان لکايو سئو سالن کان مٿي ڄمار ۾ وفات ڪيائين ۽ آخر تائين مزوري ڪري وقت گذاريائين، حال احوال، ڳالهه تصديق سان لکائيندو هو، نانون مصري فقير بخشاڻي جروار جيڪو پڻ حافظي جو انتهائي ٺيڪ ٺاڪ ايمان جو پختو پرائي کان پڄڻ وارو ۽ تندرست سالم دماغ سان هن ڪم ۾ مون راقم محمد ياسين جروار جي مدد ڪئي ۽ احوال لکايو، صوم وصلوات جو پابند هروڀرو وڌاءُ ڪونه ڪندو هو، ڳالهه چٽي ۽ صاف بيان ڪندو هو، سندس اميد ته پوين کي وڏي مدد ملي.
    سو احوال پئي هليو ته ڪا خاص تعليم نه هيس ۽ اسلام جا پابند هئا، روزا نمازون، حج زڪوات ۽ ٻين اسلامي عقيدن احڪامن جي ضروري ڄاڻ رکندڙ رهيا آهن ۽ شريعت جا پابند اصول جا پڪا، زبان ۽ واعدي جا نڀائيندڙ مڙس ماڻهو هئا.
    هينئر اسان 21 هين صدي ۾ پيا رهون، پنجئي آڱريون برابر نه آهن، الله پاڪ جهان خلقو آهي ۽ هلائي پيو، انساني سمجهه کان هينئر ڳالهه مٿي آهي، رب پاڪ ايمان بخشي ۽ برداشت جو مادو ڏي، دنيا تيز کان تيز ٿيندي وڃي، الاجي ڪٿي اهي ڊوڙ دنگ ڪندي، مورث اعليٰ پاڙو مينهاڻي جروار مري گزيني واري شاخ جو مينهون خان اول اصل رهندڙ ديهه گل ڪلهوڙو تعلقه ميروخان ضلع لاڙڪاڻه سنڌ جو رهندڙ هو، اهيو ڪلهوڙا اوائل دور هو، ڳوٺ پانڌي خان جروار ۾ اولاد به شادي شده هئس، سندس اولاد پشت به پشت اتي رهندو اچي ۽ سندن وڏو ڳوٺ آهي، اتي سندس گهر واري گذاري ويئي، اميد ته سندن احوال موقع سر لکبو. سندن ڳوٺ پانڌي خان جروار ديهه گل ڪلهوڙو تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻي ۾ هن وقت مشهور ماڻهو محمد پناهه خان جروار آهي.
    جيئن ته جروار مري بلوچ پهرين مغلن ڪلهوڙن، ٽالپرن جي دور ۾ اندرون سنڌ نقل مڪاني ڪندا پئي رهيا، ذريعي معاش ۽ وقت جي حڪومتن جي دور ۾، ڪافي پاڙا جروارن جا به اندرون سنڌ ڳوٺ ٻڌي ۽ ڪي خانه بدوش زندگي گذاري رهيا هئا، انهن پاڙن مان هڪ پاڙو باگاڻي جروار به پراڻي ناگنا واهه تي به ڳوٺ ڪري ويٺو، جيڪو اڄ ڳوٺ بيگن جروار تپو ۽ ديهه ڍالو ۾ موجود آهي، ٽنڊوالهيار کان 13 ڪلوميٽر تي ميرواهه ويندڙ روڊ ۽ موجوده ناگنا شاخ جي کٻي هٿ تي آهي، سندن بيان موقع سر ڪبو.
    باگو خان جروار مينهون خان جروار جو سڱ ۾ مامون ٿيندو هو ۽ کيس به اولاد هو، باگي خان جروار کي نياڻي هئي، جيڪا لائق ٿيڻ تي اتي ويٺل رند سڱ گهريو، جيئن ته اڳي مٽي مائٽي سوچي ويچاري ڪبي هئي، باگو خان جروار لاڙڪاڻه وڃي پنهنجي ڀاڻيجي مينهون خان اول کي وٺي آيو ۽ پنهنجي نياڻي جو نڪاح ڪري مينهون اول کي پراڻي کيسانه واهه جي ڪپ تي اتر پاسي کاٻي پاسي ڳوٺ اميد علي بوزدار جي سامهون هاڻوڪي ديهه بڪيراڻي تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ لڳو، اتي اڳي ٻيا پاڙا جروارن جا به آباد هئا، جن ۾ خاناڻي جروار، موساڻي جروار به هئا ۽ مينهون خان اول پڻ اتي اچي رهيو، ڪلهوڙا دور حڪومت ٻڌائين ٿا ته اتي مينهون خان کي اولاد به ٿيو، پنهنجي همٿ سان پنهنجي اولاد جي رزق روزي سلسلي ۾ زراعت ۽ مال مويشي سان دل لائي محنت مزدوري ڪندو هو ۽ پاڻي جي سٺي سيهي سان ڪڏهين هڪ جاءِ ته ڪڏهين ٻي جاءِ تي نقل مڪاني پڻ ڪندو رهيو.
    ليڪن اتي ديهه بڪيراڻي جي مختلف ڪڙين تي ٻني جي پوک ڪندو آيو، جن ۾ پير بقادار شاهه جو ڪڙيو ۽ ڪڙيو لنڊو بولرام تي ۽ پڊ به بدلبا رهيا، ديهه بڪيراڻي بلاڪ 30، بلاڪ 31 ۽ بلاڪ 203 ۾ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي، کيس ٻه پٽ وسائو خان (وسايو) ۽ ڇٽو خان نالي ٿيا، جوان ٿيا ته سندن شاديون به پنهنجي جروارن مان ڪرايائين ۽ انهن کي به اولاد ٿيو، سندن فوٽ نوٽ شجرا به موجوده ڪتاب ۾ مناسب جڳهه تي درج آهن.
    آدم شماري وڌي روز روز جي لڏپلاڻ به ڏکي ٿي ٻني پوکي هڪ طرف ته ٻار ٻچا ٻي طرف، پوءِ سندن پيري مريدي جو سلسلو ملتان شريف جي غوثيا گادي سان وابسته هو، جن جو اولاد ديهه بڪيراڻي جي ڳوٺ بڪيرا شريف ۾ هو، ان وقت جي 1200 هه بزرگ سجاد مرشد پير امام بخش شاهه پالڪي وارو آف بڪيرا شريف ڏولي وارو سائين کي پڊ لاءِ يعني ڳوٺ ٻڌڻ لاءِ عرض ڪيائون، سائين جن الله پاڪ کان دعا گهري ۽ موجوده پڊ ڳوٺ الله بخش جروار جي نالي آباد آهي، ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ 265 ۾ جيڪو الله پاڪ جي مهرباني ۽ بزرگن جي دعائن سان ڳوٺ الله بخش جروار ديهه بڪيراڻي تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ضلع حيدرآباد سروي بلاڪ نمبر 265 ۾ وڏو ڳوٺ ٿي ويو آهي، الله پاڪ کيس آباد رکي، آمين، سندن اولاد پشت درپشت آباد آهن ۽ سٺي زمينداري اٿن، آخر سڀ ڪنهن کي هيءَ جهان ڇڏڻو آهي، پاڻ مينهون خان اول به هن جهان مان لاڏاڻو ڪيو، سندس عمر ڪو سئو کن سالن جي لڳ ڀڳ ٻڌائين ٿا، کيس قبرستان شاهه عنايت گهوٽ واقع موجوده ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ 262 ۾ مدفون ڪيائون، جو اڳي به اتي جروارن جون قبرون هيون، پڪين سرن جون ٺهيل هيون، هاڻي اهي به ڊهي چڪيون آهن، قبرستان جو احوال به جيڪو ملي سگهيو آهي، هن ڪتاب ۾ مناسب جاءِ تي لکندس.
    وسائو (وسايو خان) مينهون خان اول جو وڏو پٽ هو ۽ کيس به اولاد ٿيو، جن جو احوال پڻ موقع سان ڪبو، انشاءَ الله
    وسائو (وسايو خان) ان لاءِ به ڪو خاص تاريخي احوال نه ملي سگهيو، جيڪو درج ڪري سگهجي، البت اهيا روايت ملي ٿي ته وسائو سخي مڙس هو، مسافرن کي ماني پاڻي ۽ خدمت ڪندو هو ۽ پنهنجي اولاد جي گذر مال رزق ۾ مصروف رهيو ۽ ٽالپر دور ۾ وفات ڪيائين، سندن پيءَ واري قبرستان شاهه عنايت گهوٽ ۾ مدفون ٿيو، کيس نياڻيون به ٿيون ۽ ٽي پٽ به ٿيا، جن جا اولاد آهن، پٽن جا نالا حيدر خان، غلام محمد، الهه بخش جنهن جي نالي سان ڳوٺ الهه بخش جروار آهي، مينهون خان اول جو ٻيو نمبر پٽ ڇٽو هو، سندن به ڪو تاريخي احوال نه ملي سگهيو آهي، البت صوم صلوات جو پابند هو، دين ڏانهن سندس لاڙو وڌيڪ رهيو، کيس به اولاد ٿيو، نياڻيون ۽ ٻه پٽ به اٿس، هڪ حاجي خان ۽ ٻيو ڪرڙ خان، ٻنهي ڀائرن حاجي ۽ ڪرڙ جو به اولاد آهي.
    قبرستان مقام سيد شاهه عنايت: جيئن اسان جروار ميهاڻي بلوچ جروار رانجهاڻي ۽ صاحب خان جروار وارا توڙي ٻيا اوسي پاسي ۾ رهندڙ خانه بدوش قومون، قوميت ٿئي ته قبرستان بنام مقام شاهه عنايت ۾ جيڪو تپو کوکر جي ديهه بڪيراڻي سروي بلاڪ نمبر 262 ۾ دفن ڪندا آهيون.
    قبرستان جي قديم هئڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي، برابر قديم آهي، ديهه بڪيراڻي نقشي ۾ به ڪٽيل آهي، ڏسي سگهجي ٿو، باقي پراڻه آثار جيڪي مون نوٽ ڪيا، انهن ۾ ڪجهه پڪين سرن جون قبرون هيون، وڏا ٻڌائيندا هئا ته اهي خاناڻي جروار جيڪي پڻ مري گزيني شاخ مان هئا، انهن جون آهن، مون چڱي طرح ڏٺيون هيون، اڄ کان 40 سال کن پهرين هاڻي باقي نه رهيون آهن، انهن جون سرون پڪيون سنهين ڪارب جون جيڪي هاڻي نه آهن ۽ ٺهن به ڪونه جايون، لِئي جا وڏا وڻ، ڪنڊي جا وڏا وڻ آهن، جن کي ڏسڻ سان قبرستان جي عمر جو اندازو ٿئي ٿو ته قديم آهي، قبرستان سان لڳ اوڀر طرف راقم جي مائيٽاڻي زرعي زمين آهي، ديهه بڪيراڻي جي بلاڪ نمبر 263 ۾ مقام جو اڀرندو پاسو هڪ وڏو بند مٽي جو آهي، وڏا ڳالهه ٿا ڪن ته پير بقادار شاهه بڪيرن واري جو ڪڙيو آهي، جيڪو پراڻه کيسانه واهه مان نڪرندو هو، اهيو بند پراڻه زمانه ۾ کاٽين جي ڪري ٿيو هو، سندم والد حاجي محمد پريل خان جروار 1961ع ۾ هڪ بلڊوزر ٽريڪٽر ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر مان ڪرائي تي آندو هو، جنهن ٽريڪٽر جو نالو ڪاٽرپلٽر ڊي ايٽ هو، ورڪ دوران ڀڳل مٽ، ماٽين، دانگين ۽ دلن جا ڪنا الاهي تعداد ۾ پراڻن ٿانون جا ٽڪرا مٽي سان گڏ هيڏانهن هوڏانهن ڌڪجي مٽي ۾ گڏجي ويا، جيئن ته ان وقت اسان جي جوءِ ۾ پهريون بلڊوزر ٽريڪٽر ڪم تي آيو هو، ان کي ڏسڻ لاءِ پڻ تر جا گهڻا ماڻهو ايندا هئا ۽ ڳالهيون ڪندا هئا ته خبر پئي ته هتي اڳي به جروار ۽ ٻيون قومون ويٺل هيون.
    هڪ ٻي روايت به وڏن ۾ مشهور آهي ته هيءَ ستين جو مقام آهي، سيد عنايت شاهه گهوٽ سندن والد صاحب پڻ اتي اڳي ڳوٺ ۽ پراڻين پڊن ۾ سندن حويليون پڻ هيون، سيد عنايت شاهه گهوٽ کي ڀيڻيون هيون ۽ جڏهن سيد عنايت گهوٽ رحلت ڪئي ته سندن ڀيڻيون اڪيليون خاندان مان وڃي رهيون، جن جو ڪو به خاندان باقي نه هو، پوءِ سڀني ڀينرن پاڪ دامن الله پاڪ جي بارگاه ۾ دعا جا هٿ کنيا، دعا اگهامي ۽ موجوده مقام ۾ حويلين جي جاءِ تي زمين ڦاٽي پئي، پاڪ دامن بيبيون اندر زمين ۾ ويون هليون، زمين هڪ ٿي وئي، موجوده قبرستان ستين جو مقام به سڏجڻ لڳو، ته هي ستين جو مقام آهي، خبر جيئن ته پاڪدامن جو نالو وٺڻ تبرڪن سٺو نٿو لڳي، ان ڪري سندن ڀاءُ سيد عنايت گهوٽ جو مقام سڏجي ٿو.
    ڇٽو خان: ڇٽو خان به پنهنجي زندگي گذاري 90 کن سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين ۽ آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت ديهه بڪيراڻي ۾ مدفون ٿيو، پٺيان سندن اولاد آهي.
    حاجي خان: حاجي خان کي به اولاد ٿيو، نياڻيون ۽ پٽ چار ٿيا، سندن نالا حاجي ڇٽو، خان محمد، جمع ۽ دوست محمد، حاجي خان هڪ نياڻي ميان جي کي ڏني، مشهور حاجي پروز ملون جنهن تان ڀائرن ۽ سوٽن ۾ اختلاف ٿيو، ڀائرن سوٽن جي ناراضگي ٿي پئي، حاجي خان لڏي وڃي ڳوٺ صاحب خان جروار ديهه سهڻا بڪيرا ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ سندس اولاد پشت درپشت اتي موجوده پڊ ڳوٺ صاحب خان جروار بلاڪ 52 ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ۾ رهندا اچن، سندن جيڪو احوال مليو آهي، اهو موقعي سر ڪبو، سندن سلسلي مان جمع به مشهور آهي ۽ علي محمد “علڻ” لاڙيچو مزاحيه شاعر جنهن جي شاعري وقت جي ماڻهن جي گڻن اوگڻن جي تاريخ آهي، ڏاڍو مڙس ۽ ڪچهري جو خان مشهور آهي، جنهن هن سڄي سلسلي کي سهيڙڻ ۾ راقم جي وڏي رهنمائي ڪئي، سندن همٿ افزائي سان هي ڪجهه پراڻيون ياديون هنن پنن ۾ درج ڪيون اٿم، ڪافي مزاحيه بيت به لکيائين، جيڪي اميد ته هن ڪتاب ۾ درج ڪندس.
    ڪرڙ خان ڇٽو جو ٻيو نمبر پٽ هو، سندس شادي به پنهن جن مان ٿي، کيس به ٻه پٽ ٿيا، سندن نالا گلڻ ۽ جمع، جمعون لااولاد گذاري ويو ۽ پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿو. ڏاڍو مڙس دليري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو، پري کان اڪيلو چوري ڪري ايندو هو، جو ڪنهن کي خبر به نه پوي ۽ راڄ تر ۾ ڪڏهين به نه ڦٽايائين، سڀ سندس خيرخواه هئا، حيدر خان جي پوٽي حاجاڻي رضيه بيگم حاجي محمد جي نياڻي سندس نڪاح ۾ هئي، پاڻ لااولاد گذاري ويو، سندس وفات کان پوءِ راقم جي پڦي حاجاڻي رضيه بيگم کي ٻيو حق نالي عبدالرحمان جروار ڳوٺ علي بخش جروار ۾ پرڻائي ڏنائون، ڇٽو خان جو پٽ گلڻ ۽ ان جي اولاد آهي، ڳوٺ الهه بخش جروار ديهه بڪيراڻي تپو کوکر ۾ آباڻي ڳوٺ ۾ آهن.
    ڪرڙ خان جي گهرواري وفات ڪري ويئي ۽ کيس ٻئي شادي جو خيال ٿيس، سندس عمر شادي جهڙي هئي ۽ پهرين شادي مان اولاد به جوان هو، ٻي شادي نه ڪرايائونس، اهيو انگريز حڪومت جو وقت هو، جنهن تان سندس مائٽن کيس مار به ڏني، جنهن تان ڪاوڙجي ڪرڙ خان پنهنجي گهر جي جڳهه 28 روپين ۾ وڪڻي ۽ ڪاوڙجي اولاد گڏ نه ويس، پاڻ ڪوچ ڪري اصل پنهنجي ڏاڏاڻي ڳوٺ پانڌي خان جرورا ميرو خان لاڙڪاڻي وڃي مائٽن ۾ رهيو، جيڪي سندس چوٿين پيڙهي رت عزيز هئا، 15 کن سال اتي رهي، عمر پوري ڪيائين، وفات ڪيائين ۽ اتي ئي مائيٽاڻي مقام ۾ مدفون ڪيائون، جيڪو ڳوٺ پانڌي خان جروار وارن جو مقام آهي، چاچو حاجي اسماعيل، مامون علڻ ۽ سندس اولاد چاچو حاجي سليمان، سندس پٽ حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو وارن وٽ اسان اڄ تائين ٻارين ٻچين ڏاڏاڻن ويندا آهيون، ڳوٺ پانڌي خان جروار ۽ هو به ٻارين ٻچين خوشي غمي ۾ ايندا آهن.
    حيدر خان جروار جيڪو ٽي پيڙهي مينهون خان اول جو پوٽو هو ۽ کيس به ڪافي اولاد ٿيو، ٿورو زمين جو ٽڪرو هئس، انهي زمين ۽ مال مويشي تي گذاران هئس، سندس اولاد 6 پٽ ٿيس، مينهون خان دوئم، حاجي محمد خان (منهنجو ڏاڏو)، حاجي احمد، محمد عمر، عثمان (جيڪو ڪنوارو فوت ٿي ويو) ۽ صالح جيڪو ننڍپڻ ۾ فوت ٿيو، ننڍن ٻن کي ڇڏي باقي حيدر خان جي سڀني پٽن کي اولاد آهي، احوال سڀني جا ڏنا ويا آهن. مڪمل فوٽ نوٽ ڏسڻ سان پوري ڄاڻ ملندي، غلام محمد عرف گامن ۽ الهه بخش پڻ حيدر خان جا ڀاءُ ۽ مينهون خان اول جا پوٽا هئا، غلام محمد (گامن) کي نياڻيون ٿيون ۽ الهه بخش کي اولاد آهي، سندن بيان موقع سر ڏبا، حاجي حيدر خان ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ وفات ڪئي، آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، سندس نياڻيون به هيون.
    مينهون خان دوئم جون ٻه شاديون ڪيل هيون هڪ سڳي سوٽ غلام محمد (گامن) جي نياڻي سان، ان مان کيس هڪ پهريون پٽ نالي اڪ، اڪو هاڻي اڪبر ٿيو ۽ ٻيون نياڻيون ٿيون، ٻي شادي ڳوٺ داد خان جروار ديهه ٻوچڙ تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار عزيزن جن جو پاڙو ياراڻي جروار سڏجي ٿو، پيارو خان ياراڻي جي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جنهن مان هڪ نياڻي ٿي، (جيڪا منهنجي وڏي چاچي ۽ سس به ٿئي)، 5 پٽ ٿيا، حاجي حيدر، حاجي علي بخش، حاجي مير محمد، غلام محمد (گامن)، حاجي امام بخش آهن.
    غلام محمد ٻاجهر جي هلر ڳاهي رهيو هو ته ڍڳا وچڙي پيا، ڍڳن جو وچڙ ڪڍي رهيو هو ته کيس ڍڳي ٽڪر هنئي، جيڪا کيس انتهائي زور دار لڳي، ان ڍڳي جي ٽڪر سبب سندس موت ٿي ويو، کيس اباڻي قبرستان شاهه عنايت گهوٽ ۾ دفن ڪيو ويو، اهو دور انگريزن جو ٻڌايو وڃي ٿو.
    الهه بخش پڳدار جيئن ته مينهاڻين جي مورث اعليٰ مينهون جو پوٽو ۽ وسائي (وسايو خان) جو پٽ هو، ننڍپڻ ۾ کلڻون ملڻون ۽ هوشيار مڙس هو، همٿ ڀريو، جيئن ته هاڻي اولاد جو سلسلو به وڌي ويو ۽ راڄن ڀاڳن سان به اٿي ويٺي سڏ سلوڪ کي به منهن ڏيڻ لاءِ پڻ ساڻس صلاح مصلحت کائنس راءِ ورتي ويندي هئي، نهايت ئي ملڻسار هو، ٻه اکر به پڙهيل هو، قرآن شريف، نور نامون، شاهه جو رسالو جيڪي سندن پوين وٽ هئا، جي مون به زبون حالت ۾ ڏٺا، تفسير قرآن پاڪ جو شايد 29 سيپاري جو ابو الحسن جي سنڌي لکيل هو، اڳيان پويان ورق شهيد ٿي ويا هئا، نالا تاريخون نه ملي سگهيا، جو هتي لکي ڇڏجن ها.
    شايد پاڻ به لکي ڪونه ڄاڻندو هو، جو ڪجهه لکي ڇڏي ها ته شايد فارسي ڄاڻ نه هئس، سنڌي ۾ به ڪٿي ڪجهه به لکيل نه مليو، سندس هڪ ڀيڻ باگاڻين جروارن ۾ ڳوٺ بيگن جروار ۾ پرڻيل هئي، سندس بيان پڻ موقعي جي منانسبت سان آهي، وسائي جي نياڻي باگاڻين ۾ پرڻيل هئي، باگاڻي مينهاڻين جا ناناڻا هئا ۽ ويجها عزيز پڻ هئا، کيس اتي هڪ پٽ به ڄائو هو، ننڍڙو هو ته ان کي ماءُ گڏ کڻي ڦٽين جي چونڊ تي ٻين ماين سان گڏجي ويئي، ماءُ ٻار کي ٿڃ ڏيئي ڪپڙي جي لوڏ وڻ ۾ ٻڌي ۽ ٻار ننڍڙي کي ان ۾ سمهاري پاڻ ماين سان گڏ ڦٽيون چونڊڻ لڳي، ڦٽين جا ڪامبا لاهڻ لاءِ مايون آيون ته ننڍڙو ٻار لوڏ ۾ ڪونه هو، گهڻي ڳولڻ کان صرف جي ڪپڙا ۽ ڪجهه هڏا مليا، جن کي ڪنهن جانور کائي ڇڏيو هو، باگاڻين جروارن کان ڪوبه ماڻهو اطلاع لاءِ ڪونه آيو، اتي ترسيل هڪ فقير مڱڻهار اچي ميهاڻي جروارن کي ٻڌايو ۽ هتان ٻه همراهه گهوڙن تي وڃي مقام تان ٿي واپس آيا ۽ جلدي پوءِ اها مائي به وفات ڪري وئي، اهيو ٽالپرن جو آخري دور پراڻي پاڻي جي واري جي ڳالهه آهي، وري به مڱڻهار فقير مائي فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ۽ هتان همراهه گهوڙن تي ويا، قبرستان تان شريڪ ٿي واپس آيا، پوءِ اهيو مائٽي جو سلسلو ڪاوڙ سبب منقطع ٿي ويو، جيڪو پوءِ ڪافي زماني سالن تائين ٽٽل رهيو، اچ وڃ مائٽي سڱ ڪرڻ جي گهڻو وقت رڪجي ويئي، آدم شماري ٻنهين طرفن الله سائين وڌائي آهي.
    الهه بخش پڳدار وسائو (وسايو خان) جو ٽيون نمبر پٽ هو، وڏو حيدر خان ۽ غلام محمد هئا، ليڪن پيءَ جي وفات جي پڳ الهه بخش پاتي، جو هِن ۾ پڳ سنڀالڻ جي اهليت هئي ۽ اتان اسان مينهاڻين تي پهاڪو ٺهيو ته مينهاڻين جي پڳ پوڇڙ کان ٿي هلي، جيڪو ڪافي مشهور ڳالهه برادري ۾ آهي.
    گهڻو ڪري مون راقم ۽ مشاهدو ڪيو آهي ته برابر ائين پڳ ننڍي پٽ کي ٻڌايو ڇڏن.
    الله پاڪ جل شانه جي مهرباني آهي مون راقم سان ائين نه ٿيو، جڏهين سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار 6 جنوري 1992ع تي وفات ڪئي ته بابا سائين جي پڳ مون کي ٻڌرائي وئي، جنهن ۾ شهداد ڪوٽ، رتو ديرو، ميرو خان، خانواهه، سانول، ميون عثمان جا قبا ڇڇ جهان خان کان مرشد سائين اميد علي شاهه، لوڪل ٽنڊوالهيار جي ست راڄي جروارن ۽ ٻيا دوست احباب گڏ ٿيا هئا، جتي مون کي پڳ ٻڌائي وئي.
    جيئن ته الهه بخش جروار انتهائي خوبين جو مالڪ هو، سندس عزت به راڄن ۾ گهڻي هئي، ٿورو پڙهيل پڻ هو ۽ اهيو زمانو ميرن جي حڪومت کان پوءِ جو ٿو ڀائنجي يا آخر جو.
    سندس ٻني پڻ پير بقادر شاهه جي ڪڙيئي جي پوڇڙ وٽ موجوده ديهه بڪيراڻي بلاڪ 203 ۾ هئي، اتي هڪ ننڍي اوطاق پڻ هئي ۽ هن مڙس جو راڄن ۾ پڻ وقار هو.
    جيئن ان زماني ۾ ٻارَهو ئي پاڻي پراڻن واهن ۾ ڪو نه هو، ماڻهن جي پيئڻ ۽ مال مويشي لاءِ پڻ پاڻي جي ضرورت هئي، ننڍا ڳوٺ توڙي آدم شماري وصائل گهٽ ۽ غربت به ايتري جو ڪڏهين نه ڪرڙ جي پسي ۽ ڪرڙ جي ڏونرن تي پڻ گذر ڪرڻو ٿي پيو، غربت تمام الاهي هوندي هئي، راڄن جا راڄ پاڻي لاءِ به تنگ هوندا هئا، ان زماني ۾ کوهه کوٽائي ٺهرائڻ به سڀ ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، پوءِ پاڻي جي سنگين مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هن يعني الهه بخش جروار پاڻي خاطر هڪ پڪو کوهه موجود ڳوٺ جي الهندي پاسي گهرن کان جريب پري وائکي زمين نار ۽ پڪي اوڙي سان کوهه تيار ڪرايو، بس پوءِ ته رنگ لڳي ويا، غريب غربو مسافر، واٽهڙو پنهنجو سڄو راڄ بلڪه تر جا ڪيترائي ڳوٺن جا ماڻهو مال مويشي کي پاڻي اتي اچي پياريندا هئا، وڏن وڻن جي ڇانوَ لڳي پئي هوندي هئي، ائين هنڌين ماڳين سندن نيڪي به ٿي ۽ ڳالهه ٿي، تئين الله سائين به مٿن رزق جا در ڪشادا ڪيا، کوهه جي ڪم مان فارغ ٿيندئي کوهه کان ڏکڻ طرف پراڻي مسجد کروٿ سيدن واري جاءِ تي جيڪا تمام ننڍي مسجد ويران هئي، ان کي مرمت ڪري آباد ڪيائين، ڪچي مسجد ننڍي هئي ۽ پابندي سان ٻانگ ۽ نماز شروع ٿي، مسجد ٻيو دفعو تعمير جي ضرورت ٿي، ساڳي جاءِ تي راقم جي ڏاڏي حاجي محمد خان ننڍي مسجد کي شهيد ڪرائي ۽ ڪجهه وڏي مسجد ڪچي اوڏن جون ڀتيون ڏياري انداران ۽ ٻاهران اڇي چن جو نيرو جا پلستر ڀتين چٽ سالي اندران جن ۾ ميوي دار وڻ ۽ وليون نقش ڪرايون ۽ ڇت لاءِ به پنهنجي اوچي قسم جي چٽ سالي سان ڪام ۽ داساتن جي مٿان پٽيون به نم جي ڪاٺ جو هو، جنهن لاءِ منهنجي ڏاڏي حاجي محمد خان لاءِ مشهور آهي ته پاڻ مسجد جو ڪم ڪرائي رهيو هو ته ان وقت ڳوٺ صاحب خان جروار جي هڪ بيوه مينگهواڙي مائي پوڙهي چيو ته حاجي بابا الله سائين جو گهر ٺهرائين ٿو، مون رن زال جو گهر ڪريل آهي، اهو به مون کي ٺهرائي ڏي، ڏاڏي سائين مسجد جو ڪم بند ڪري ساڳين واڍن ۽ رازن کان پنهنجي ٻني مان ڪاٺ وڍائي ۽ بيوه جو گهر به ٺهرايائين، مسجد جو ڪم به تمام اچو ڪرايائين، پوءِ مسجد شريف کي منهنجي پيءَ حاجي محمد پريل خان جروار 1950ع ۾ شهيد ڪرائي ۽ پڪين سرن سان گپ جي اوساري ۽ پلستر انداران ٻاهران نيرو اڇو چن جو استعمال ڪرائي ڇت گاڊرن ٽيئرن سان فرش ٽائلس سان تعمير ڪرايو، جيڪا منهنجي ڄمڻ کان اڳ جي ڳالهه آهي.
    مسجد وڏي ۽ عاليشان ڪشادا در دروازا هڪ وڏي مسجد جنهن کي ٽي در چار دريون ٻه ڪٻٽ قرآن شريف رکڻ لاءِ، اڳيان ٽن ونگن جي دروازن ۽ ٻن درين سان پڪو ويرانڊو سميت سان ٽائلس جو فرش سان، جنهن ڪم لاءِ ملتاني رازا ايندا هئا.
    رازي جو نالو لال دين هو، جنهن مسجد شريف جو سڄو ڪم ڪيو، جيڪو اڄ به ملتاني ڪاريگري جو شاهڪار آهي، اميد ته مسجد شريف جو فوٽ نوٽ به ڪٿي ڏيندس، ڏسڻ وٽان آهي حاجي محمد پريل خان جروار دل کولي خرچ ڪيو ۽ رازي لال دين ملتاني پنهنجون فني صلاحيتون خدا جي گهر لاءِ ڪتب آنديون ۽ ڳوٺ وارن مزوري ڪرڻ ۾ ڪونه گهٽايو، جنهن کي ڏسڻ سان داد ڏيڻ کان رهي ڪونه سگهبو، لال دين ملتاني ڪچو سيڌو وٺي پنهنجي ماني پاڻ تيار ڪري کائيندو هو، باقي ڪم وارن سڀني جي ماني گهران ٺهندي هئي، موجوده لوهي چونڪ در درين جا اهي حاجي مير محمد، نبي بخش جي پيءَ 1965ع ۾ لڳايا، ڇو جو پهريون ڪاٺ اڏوهي کائي ضايع ڪري ڇڏيو هو ۽ دروازا هڪ اتر طرف وارو ٻيو ڏکڻ طرف وارو جو اڌ بند ڪرائي لوهي چونڪن سان دريون لڳائي ڇڏيون، مرحوم چاچا عثمان واڍو ۽ سندس پٽ حاميد واڍو ڪم ڪيو هو، اميد ته سندن احوال ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ايندو، باقي هڪ در وچ وارو لوهي چونڪ سان ٻٻر جا مضبوط تختن سان لڳائي ڇڏيو جو اڃا تائين لڳل آهي.
    باقي مين دروازو ٻن مينارن وارو ۽ مسجد شريف ساڳئي شان سان موجود آهي، پنج وقتي ٻانگ نماز باجماعت ٿئي، جمع ڏينهن وڏي جماعت ٿيندي آهي ۽ علاوه ٻنهي عيدين جي نماز جماعت تمام وڏي ٿيندي آهي، اندازن سڄي مسجد ڦل ڀرجيو وڃي، جماعت سان عيد الفطر، عيد الضحيٰ ملون يا ٻيو ڪو حافظ مقرر نه آهي.
    پنهنجي ئي نسب جروارن مان وقت سر مسجد سنڀاليندا اچون، مسجد شريف جي ديک ڀال صفائي پنج وقت ٻانگ امامت منهنجو چاچو حاجي عثمان حوالي آهي، ڪڏهين غير حاضري ۾ ادا يوسف يا قاضي محمد رحيم اهيو ڪم ڪن، جروارن جڏهن کان مسجد شريف سنڀالي تفصيل وار نالا درج ڪجن ٿا، پهريون الهه بخش پڳدار، حاجي محمد خان، حاجي اسماعيل، حاجي سليمان، حاجي عثمان، ڀائو محمد يوسف جيڪو بعد ۾ اکين کان نابين ٿي ويو، سياري جو پاڻي گرم ڪرڻ لاءِ مٽ هيٺيان باهه جو انتظام حاجي گامن ڪندو آهي، جنهن جي پڻ اکين جي بينائي خراب ٿي پئي آهي.
    حاجي عثمان راقم جو وچٽ چاچو مسجد جو ڪم سندس حوالي آهي، قرئت سٺي ڪندو آهي، حافظ نه آهي، پر قرآن شريف الاهي ياد آهي، سندس ڊيوٽي پنجئي وقت آذان نماز جي امامت آهي، سندس غير حاضري ۾ پوءِ اسان مان جيڪو به آهي نماز پڙهائي ٿو.
    چاچا حاجي عثمان تراويح نماز به پاڻ پڙهائيندو آهي، 30 کن سالن کان ذميواري نڀائيندو پيو اچي، اسلام سان وڏي محبت هئس، جواني ۾ سائين لکي محمد شاهه بخاري بڪيرا شريف، سائين ميرل شاهه بخاري بڪيرا شريف، اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري جي حويلين جي سائين کي جيجا حاجاڻي نور کي بيل گاڏي ۾ پوش ٻڌي ۽ ڳوٺ وٺي ايندو هو ۽ سندس واپسي به پردي داري ۾ ڪري ايندو هو، اٺ به لڏيندو هو جو ڏاڏا سائين کان اسان وٽ مال ڍڳيون، ڍڳا، اٺ هئا، هاري به جا مڙد مڙس هو، ليڪن آخري حصو عمر جو مسجد شريف جي خدمت ڪيائين، چندا گڏ ڪري مصري شاهه جامع مسجد ٽيون نمبر بلاڪ مکي باغ حيدرآباد ڏيئي ايندو هو، چوهڙ جمالي ۾ ڳوٺ عجائب سومرو ضلع ٺٽي ۾ مسجد شريف جي تعمير لاءِ پڻ چندو گڏ ڪري پهچائي آيو.
    ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ چاچي حاجي عثمان ديني مدرسي جي شروعات ڪئي، بنياد رکيو، سندس وفات بعد قاضي محمد رحيم مدرسو ٺهرائي خطابين جو سک ٿيو، قرآن شريف پڙهڻ لاءِ قاضي محمد رحيم چاچي حاجي عثمان جو وڏو پٽ ۽ منهنجو سئوٽ ٿئي، سندس وفات کان پوءِ مسجد شريف ادا وڏو يعني قاضي محمد رحيم حوالي آهي، پاڻ خوش اصلوبي سان پيو نڀائي، جاءِ وضو خانو پڪو نلڪين تي پاڻي جي مشن بجلي تي ٽانڪي سميت جوڙائي اٿس، جماعت وڌڻ ڪري ٻه مينار در کي قلف لڳائي ۽ بند ڪيو آهيس، لڳ ڏکڻ ٻانهين ۾ ننڍو لوهي گيٽ لڳرايو اٿس، جتان جماعت ايندي ۽ ويندي آهي.
    قاضي رحيم به چاچا وڏي وانگي ڪل مصروفيتون ڇڏي مسجد شريف جي خدمت ۾ لڳو پيو آهي، تازو بيماري جي جهڙپ آيس، پر الله سائين مهربان ٿيو، پاڻ هاڻ چاڪ تندرست ٿي اٿيو آهي، سندس غير حاضري ۾ حاجي اسحاق يا جمع يا اسان مان ڪو ٻيو امامت ڪرائيندو آهي.
    عيدين جي صبح سڀ گڏجي جماعت لاءِ مسجد شريف جي صفائي توڙي صفون وڇائي تياري ڪندا آهيون، عيد نماز لاءِ پسگردائي جي به جماعت ايندي آهي، مسجد شريف ۾ خطبو جمع يا عيد جو حاجي نبي بخش پڙهندو هو، پوءِ جماعت هلندي خطبي ۾ ڪري پيو ۽ ان کان پوءِ خطبو پڙهڻ ڇڏي ڏنائين، پوءِ ماستر پير بخش ادا جمع به ڪڏهين ڪڏهين خطبو پڙهندا هئا، خطبو پڙهڻ جي ذميواري منهنجي حصي ۾ آهي، ڪنهن سٺو پڙهيو اهيو فيصلو جماعت ڪيو آهي ته نبي بخش کان بعد محمد ياسين خطبو سٺو ٿو پڙهي، الله معاف ڪري، منهنجي غير حاضري ۾ منهنجو ننڍو ڀاءُ ماستر شير محمد پڙهندو آهي، سندس غير حاضري ۾ ماستر عرس پڙهندو آهي، ادا احمد به ڪڏهن ڪڏهن خطبو پڙهندو هو.
    جڏهن بجلي فٽنگ ڪرائي ۽ عارضي ميٽر لڳو، جڏهن ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي منظور ٿي لڳي، ٿنڀا لڳا پڪيون تارو لڳيون ۽ آدمشماري به وڌيل هئي، مانجهي جروار عطراڻي جي ڳوٺ ۾ اڃان آبادي نه هئي، ليڪن مسجد ۽ هڪ گهر پير بخش عطراڻي ۽ محمد عطراڻي جروار جا هئا، پوءِ مانجهي پير بخش محمد خان راقم جي معرفت خرچ ڪيو، اعتراض وارو ڪونه هو، بجلي اتي به الهه بخش جروار وارو ڳوٺ نالي ويئي، هاڻي گورمينٽ بجلي ڳوٺ الهه بخش جروار جي حد ۾ ٻه مسجدون ٿي پيون، ٻن مسجدن جي بجلي ڪنڪشن لاءِ به ٻن نالن جي تجويز ٿي نالا منتخب ڪيا، راقم جيئن ان وقت اوطاق تي وڏي ڪچهري ٿيندي هئي، سڄي ڳوٺ جا همراهه اچي گڏ ٿيندا هئا، مسجد شريف جي ڪنيڪشن ميٽر لاءِ راقم بجلي ڳوٺ واري جي ڪم جو اڳواڻ هو ۽ ٻنهين مسجد شريفن جا نالا تجويز ڪري رکيم، جيڪي الله سائين جي مهرباني سان سڀني ڪچهري وارن پسند ڪيا ۽ ٻئي نالا مسجد شريفن تي قائم ٿيا.
    وڏي جامع مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار واري جو نالو مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۽ مانجهي فقير عطراڻي واري مسجد شريف جو نالو مڪه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار مقرر ٿيا، جيڪي الله جي مهرباني سان پسند ٿيا ۽ قائم آهن، انشاءَ الله قائم رهندا، هاڻي ٻئي مسجدون انهن نالن سان سڏجن ۽ بجلي جا بل به انهن نالن سان اچن ٿا.
    1. مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار
    2. مڪه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار
    خير ذڪر پئي هليو الهه بخش پڳدار جو ۽ اتان وري مسجد جو ذڪر نڪري آيو.
    جيئن ته ان وقت تعليم صفا نه هئڻ جي برابر هئي، سندن احوال به گهڻا ڪونه ٿا ملن، جڏهن مون 1980ع ۾ لکڻ چالو ڪيو ته جيڪي ان وقت وڏا موجود هئا، جن وٽ اهي احوال سينه به سينه سانڍيل هئا، انهن کان معلومات حاصل ڪندو ۽ بروقت رف ڪندو ويس، جيئن جيئن وقت ساٿ ٿو ڏي ته انهي مختلف نوٽبڪن ۾ لکندو آهيان ۽ هي فيئر بڪ لکڻ شروع ڪيو.
    جيئن ته ڏاڏو الهه بخش جروار پڳدار جو وقت ميرن ٽالپرن جي حڪومت هئي ۽ بعد ۾ انگريز آيا ۽ انهن کي وڏا فلنگي (فرنگي) دي حڪومت سڏيندا هئا ۽ پوءِ انهن جڏهن زمينن جي ماپ ۽ نقشا ٺاهيا ته ديهه بڪيراڻي جي نقشي ۽ انهن سروي بلاڪ 265 ۾ موجوده پڊ تي ڳوٺ الهه بخش جروار جي نالي سان ڳوٺ جي پڊ جو نشان واضح ڪيو، جيڪو اتي ڏسي سگهجي ٿو، اهيو ڏاڏو الهه بخش ان وقت سڏ سلوڪ اتي ويٺي وارو هو ۽ سندس نالو پڊ تي رکيائون، موجوده انگريزن سروي مطابق هاڻي هي تعلقو ٽنڊوالهيار جو تپو کوکر جي ديهه بڪيراڻي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ اوڀر طرف زمينون به اسان جروارن جون آهن، پراڄ کان پهرين به اسان جي جروارن جي پاڙي جون هيون، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دور کان هنيون، جن کي ان وقت جي پراڻي واهه کيساني تي هرلا چاڙهي آباد ڪندا هئا، ڏکيو وقت هر هرلو چاڙهڻ، هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هئي، هرلو به الڳ مضمون آهي، موقع سان هرلي جو به ذڪر ڪبو، پوءِ بئراج مان زمين کڻت به ڪئي وئي، جيڪا موجوده چاڪر واهه ۽ زنئور شاخ تي آهي، ديهه بڪيراڻي ۽ ديهه سهڻا بڪيرا ۾ اسان جروارن زمينون خريد ڪيون، برانچ مان ۽ پارٽيشن وقت واڻين کان به اسان جي وڏن زمينون خريد ڪيون، جيڪي ان وقت واڻين 45/1946ع ۾ خوشي سان سودا ڪيا.
    جيئن مٿي ذڪر ڪري آيس ته ڪلهوڙا ۽ ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ اسان هن حصي ۾ اچي آباد ٿياسون، ٻيا به پاڙا جروار جا آيل هئا. ڪجهه پاڙا پوءِ ٻين ڳوٺن ڏانهن مائٽي جي سٺي سان لڏي ويا، ڪجهه پاڙا اتي ئي رهي پيا، سندن ڳوٺ به آهن، رانجهاڻي جروار هن وقت موجوده ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر ۾ ڳوٺ علي بخش جروار ۾ آهن، ديهه سهڻا بڪيرا جي نقشي سروي بلاڪ 54 ۾ پڊ آهي، ڳوٺ علي بخش جروار جي نالي سان سندن اتي اچي آباد ٿيڻ جو جيڪو احوال مليو آهي، ان مطابق ڳوٺ احمد خان رستماڻي ديهه شاهه ڪي وارن سان سندن مائٽي يا ڪو رشتو هو، انهن رستماڻين معرفت اتي اچي ويٺا، هن وقت مائٽي رشتو نه آهي، باقي راڄ هڪ ٻئي جا آهيون، ڳوٺ صاحب خان جروار به ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر ۾ سروي بلاڪ 52 ۾ موجود آهي، اتي جروارن کان پهرين واڻيا، گرڙا، مينگهواڙ ۽ سمان واڍا ويٺل هئا، باقي سڀ لڏي ويا، سمان واڍا اڃان آباد آهن، جروارن مان پهرين فقير آيا ۽ ٻيا بعد ۾ ساڳئي تپو کوکر جي ديهه ٻوچڙ ۾ پڻ جروارن جو وڏو ڳوٺ داد خان جروار جي نالي سان موجود آهي، اهيو ڳوٺ به قديم آهي ۽ اسان جروارن جا وڏا پڳدار منجهنس آباد آهن، جن جو قديم اٿ ويهه کوکرن جي وڏن سان هئي، خصوصي ٻيڙو خان کوکر سان انهن جروارن ۾ پڻ وڏي نالي وارا جروار گذريا آهن، رئيس حاجي عبدالرحيم خان جروار، رئيس امام بخش جروار، رئيس علي محمد خان جروار، خليفو ابراهيم جروار، سرهندي پيرن جو خليفو هو، مراداڻي پاڙو، ياراڻي پاڙو، پاڙو موساڻي، پاڙو پنجاڻي جروار به آباد آهن، ٻيون قومون به ڳوٺ ۾ آباد آهن، سونارا، واڍا، مينگهواڙ، ماڇي به هن ڳوٺ ۾ قديم آهن.
    اميد ته موقع سر سڀني جو بيان ڏبو، جيڪو ڳوٺ داد جروار ۾ آباد آهن، احوال الهه بخش پڳدار جو پئي هليو، ان به ڪافي زمين ڪئي، ڳوٺ الهه بخش جروار سان لڳ اتر پاسي ۽ الهندي پاسي به ديهه بڪيراڻي جي مختلف بلاڪن ۾ موجود آهي، پشت درپشت سندن اولاد ۾ تقسيم ٿيندي اچي، الهه بخش پڳدار جي وقت ۾ قرب وڏو هو، پنهنجي ميهاڻين کي ورسائڻ لاءِ هن ۽ سندس اولاد ڪڏهن به دل سوڙهي نه ڪئي، ڪنهن کي به گهر لاءِ يا مال جي وٿاڻ ٺاهڻ لاءِ سمجهو ته آسائش لاءِ ڪونه جهليندو هو، ڳوٺ به سندس وقت ۾ وڌيو هو، پاڻ هر هفتي جمع ڏينهن يا عيد نماز پڙهڻ لاءِ پابندي سان بڪيرا شريف ۾ جماعت سان پڙهڻ لاءِ ايندو هو.
    هڪ جمعي جي ڏينهن ڪمن ڪارين سبب بڪيرا شريف تي جماعت نماز لاءِ نه پهچي سگهيو، ڏينهن گذري ويو رات ئي سڀئي پاڻ ۾ ڪچهري تي ويٺا هئا ۽ الهه بخش پڳدار روئي پيو، مينهون دوئم جيڪو ان وقت خاشو جوان سمجهه لائق هو، سو ڪچهري ۾ ويٺل هو، تنهن پڇيو ته چاچا روئي ٿو ڇو؟ پاڻ ٻڌائين ته بابا عيدين تي ۽ جمع نماز جماعت ۾ بڪيرا شريف ۾ پڙهندو آهيان ۽ اتي غريب حاجت مندن کي خدا ڪارڻ خيرات ڏيندو آهيان، اڄ نه پهتس اهي غريب آسرو ڪري خالي هٿين واپس ويا هوندا، سندن ٻچن کي الاجي ڇا کارايو هوندائون، آئون ڪونه وڃي سگهي، خيرات ڪا نه ڏنم، شايد الله اڄ مون تي ناراض ٿيو آهي، ان ڪري روئان پيو، جو اڄ الله جي نالي ڪجهه به ڏيئي نه سگهيو آهيان، ان تي مينهون دوئم جيڪو سڱ ۾ سندس ڀائيٽيو ٿيندو هو، انهي چيو ته چاچا مان غريب آهيان ۽ گذر لاءِ تنگ آهيان، دعا ڪندس مون کي خيرات ۾ نمبري زمين جي جيڪا 6 جريب آهي، مون کي خيرات ۾ بخشي ڏيو، خدا ڪارڻ الهه بخش پڳدار رضا خوشي سان کيس اها 6 جريب نمبري زمين جي ڀائٽي مينهون خان دوئم کي لکي ڏني ۽ سندن حوالي ڪئي.
    جڏهين حيدرآباد ۾ انگريزن سول اسپتال شروع ڪئي الهه بخش خان بيمار ٿي پيو ۽ دوا لاءِ حيدرآباد سول اسپتال ويو ۽ داخل ڪيائون، اتي سندس سٺو علاج ٿيو، اهيو سندس ڀائٽيو مينهون دوئم گڏ هئس، تندرست ٿيڻ تي موڪل مليس، پاڻ ڪپڙا بدلائي تيل سرمون ڪري ڳوٺ جي تياري ڪيائين ڪو اچانڪ اٽيڪ دل جو ٿيس ۽ موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين، وڏا جن هي احوال ڏنو، چون ٿا ته نرس سوئي لڳائي ۽ مڙس مري پيو.
    مينهون دوئم جيڪو ساڻس گڏ هو، ان همت ڪري مڙس کي بستري سميت کڻي ڪلهي تي ۽ کنيون، ٻاهر ٽانگي ۾ رکي مرزا پاڙي وٽ ڪو جروارن جو گهر هو، ٻيا ڄاڻ سڃاڻ وارا به ائين کٽ وٺي همراهه کي کڻائي ٽنڊو حيدر، ٽنڊو قيصر منگين جوتڙ کوکرن کان پنڌ ئي پنڌ لاش ڳوٺ پهچا يائين ۽ پنهنجي آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت گهوٽ ۾ مدفون ٿيو، کائنس بعد سندس پٽ حاجي محمد حسن جروار کي پيءَ واري پڳ ملي، حاجي محمد حسن کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ حاجي حسين ٻيو حاجي اسماعيل.
    حاجي اسماعيل هڪ حج شام کان پيادل زيارتون ڪندو پڙهي آيو، ٻيو حج بحري سفر ڪيائين، پاڻ رانجهاڻي پاڙي مان حاجي نبي بخش رانجهاڻي جروار جي نياڻي حاجاڻي معربي سان شادي ڪيائين، صوم صلوات جو پابند مسجد شريف جي خدمت ڪند هو.
    پاڻ لااولاد گذاري ويو هو، حاجاڻي پهرين گذاري ويئي هئي، پاڻ حاجي اسماعيل پيءَ کان زمين جو حصو وٺي پنهنجي ڀائٽي هارون جي کاتي ڪرائي ويو هو، جيڪا زمين هن وقت هارون جي ملڪيت آهي ۽ احمد خان حاجي وسايو وٽ مقاطعي ۾ آهي.
    حاجي محمد حسن پيءَ جي عزت برقرار رکي جا مڙد قدآور پيءَ وانگي سهڻو هو، مون راقم به ڏٺو هو، کائنس به ڳالهيون پڇندو هئس، جيڪي هنن پنن ۾ لکيون ويون آهن، راڄن ۾ ڏاڍي عزت هوندي هئس.
    پرهياڙ، خاصخيلي، ٻانهيپوٽا، درس، هاليپوٽا ۽ ٻين راڄن جروارن ست راڄي سان اٿي ويٺي فيصلن ۾گڏ رهندو هو، راڄ برادرين ۾ ناتو نڀايو ايندو هو، ڪٿي به ڪا غمي يا خوشي ٿيندي هئي ته پاڻ بروقت پهچي ويندو هو، سک ڏک ۾ هڙان وڙان ڪونه مڙندو هو، ايتري قدر جو ڪجهه راڄن جون ته سڱابنديون به حاجي محمد حسن جروار ڪندو هو، ڀت پوت برادر توڙي سنگت مهل سر پهچي شريڪ ٿيندو هو، حاجي محمد حسن جروار ڇني ۾ نه پهچي، ماني ڪونه هلائيندا هئا، سندس پهچڻ تي ڄڻ ڇنو سينگارجي ويندو هو، جروارن جي ڪاڄ ۾ ته ست راڄي سندس انتظار ڪندي هئي، جيسين پهچي، آمري جروار، مصري جروار، حيدر جروار، مٺو جروار، بيگن جروار، مبارڪ جروار، داد جروار مطلب ته خاناڻي، مراداڻي، باگاڻي، بشڪاڻي، موساڻي، سعيداڻي، جياڻي، بگهاڙ وارا يا ناگنا وارا يا ڳاهوري وارا ٽندو قيصر جا نظاماڻي، حاجي محمد خان، بچل خان، حاجي شهلي خان نظاماڻي ۽ ٻيون برداري ۽ دوستي جو ناتو پري پري تائين نڀائين.
    پير بقادار شاهه جي ڪڙيئي واري اوطاق به برقرار رکيائين، چوندا هئا ته حاجي محمد حسن وٽ سو سنات ٻارهن ذات پئي اچي.
    هڪ باغ موجوده مقام کان الهندي طرف ديهه بڪيراڻي ۾ آهي، انب، ليمان، زيتون، ڊاک، ڦاروا، کجي پڻ پاڻ هٿن سان رکيائين، وڏو فارم ته ڪونه هو، مگر ٻن ٽن ايڪڙن ۾ هو، جيڪو مون چڱي طرح ڏٺو هو چٽو ياد آهي.
    حاجي محمد حسن گهوڙن جو تمام شوڪين ڄاڻو هو، ڀلا ڀلا گهوڙا ڌاريائين ۽ چڙهي ڪيائين ميلن ملاکڙن ۾ ڪونه ڊوڙائيندو هو، پنهنجي چڙهي لاءِ استعمال ڪندو هو، کير لاءِ مينهون هئس، کير مکڻ ڏڌ پنهنجو جڏهن سندس پٽ حاجي اسماعيل ۽ حاجي حسين جوان ٿيا ته ڳوٺ وارو کوهه جنهن تي اڳي نار ۽ اوڙو ٺهيل هو، هاڻي برانچ جو پاڻي موڪ پيو هلي، کوهه سان لڳ ڏکڻ طرف پنهنجي زمين ۽ هڪ اوطاق، مدينه مسجد بلڪل سامهون ٻن وکن تي، اوطاق به اوڏڪيون ڀتيون ڏياري سٺو ڪاٺ وجهي ٺهرايائين، پهرين کان بيٺل پپر به اوطاق جي اڱڻ ۾ ڇانوَ سٺي ٿو ڪري، هڪ ننڍڙي ڪوٺي ۾ سندس ريزڪي دڪان پڻ آهي، ليڪن هنن سٽن لکڻ وقت اهو دڪان احمد خان جي گهرن جي اندر ڏيڍي ۾ اچي ويو ۽ اوطاق احمد خان ولد حاجي وسايو جا گهر آهن.
    گهوڙن جو کاڌو ۽ علاج به ڄاڻندو هو، ابتدائي راڄن جا واقعات پڻ ٻڌائيندو هو، پڙهيل به هو ليڪن ڪا به لکت نه آهي، فجر نماز کان بعد قرآن شريف جو دور ڪندو هو، وڏي آواز ۾ لسي ڪرئت دل کي ٻڌڻ سان فرحت پئي ايندي هئي، سندس آواز پري پري تائين پيو ٻڌبو هو، معلوم ڪرڻ تي ٻڌايائين ته آئون ننڍپڻ کان وڏي آواز سان قرآن شريف جو دور ۽ ذڪر به ننڍي ڪچي مسجد کان وٺي ڏاڍي ڪندو آهيان، سندس گهرن کي ۽ سڄي ڳوٺ کي ڪرڙ خان جا گهر ڇڏي انهن کي اڀرندي طرف لوڙهو اتر به لوڙهو هو، باقي سڄي ڳوٺ کي ڪچو ڪوٽ اوڏڪو ملايل هو ۽ سڄي ڳوٺ لاءِ داخل ٿيڻ جو هڪ وڏو ڪاٺ جو ڏاڪائون در هو، سندس گهر جو اٽو پسائي ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي جانڊه هئي، جيڪا ان پسائي ڪندي هئي، گڏهه تي هلندي هئي، باقي هر هڪ جي گهر جو دروازو مين گهٽي مان الڳ هوندو هو، ڳوٺ جو ڪوبه ٻار ٻچو سندس گهرن ڏانهن ويندو هو ته چوندا هئا رئيس جي پاڙي ٿا وڃون.
    احترامن سندن گهرن کي رئيسن جو پاڙو سڏبو هو، اسان جي پاڙي جا رئيس پنهنجن سڀني تي ساهه ڇڏيندا هئا، هڪ دفعي جي ڳالهه ٻڌايائين ته ڪي دوستي وارا سنگتي آيا ته منجهن شادي آهي، حاجي محمد حسن ڳهه گهر جا ڏي ته ٻارن کي پارايون ۽ شادي بعد ڏيئي وينداسين، سونيون دُهريون، نٿون، ايرنگ سڀ سونا گهر جا زيور کڻي ڏنائين، ته شادي کان بعد ڏيئي ويندا، سنگت ڳهه واپس ڪونه ڪيا، کائي ويا ۽ سندن سنگت بيهي وئي، سندس والده جو نالو جنت هو ۽ ڌي گامن جي هئي، سندس اهليه جو نالو خيري هو ۽ ڌيءَ حيدر خان جي هئي.
    آخر وقت پاڻ اکين کان ويهي ويو هو ۽ اوطاق ۾ رهيو پيو هوندو هو، سندس وڏو پٽ حاجي اسماعيل پيءَ سان گڏ اوطاق ۾ رهيل هوندو هو، خدمت ڪرڻ لاءِ حاجي اسماعيل جي گهر واري پڻ گذاري ويئي هئي، سندس ٻيو پٽ حاجي حسين هو، ان ٻي شادي بڪيرا جي شيدين مان ڪئي، پاڻ حاجي محمد حسين جيڪا پيءَ جي کاتي ۾ زمين هئي، ان جو 50 پئسا حصو ننڍي ڀاءُ وسايو خان جيڪو پهرين گذاري ويو هو ٻه شاديون ڪيون هيائين، ان جي پٽن رمضان، الهه بخش ۽ احمد کي حصن مطابق کاتا زمين جا ڏيئي ڇڏيائين، باقي پنهنجا اٺ آنا کاتي تي رکيائين، مٿين همراهن کي پنهنجو حق حوالي ڪري ڇڏيائين، حاجي اسماعيل کي اولاد ڪونه هو، ان پنهنجو حصو ڀائٽي هارون کاتي ڪري ڇڏيو، جو حاجي حسين کي ڏاڏي پوٽي زال مان هڪ ئي پٽ هارون هو.
    خير حاجي محمد حسن جروار پنهنجي جيئري ئي کاتا پٽ بدل ڪري حقدارن کي ڏيئي ويو ۽ پاڻ تقريبن 110 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، اباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، پهرين حاجي اسماعيل 70 کن سالن ۾ وفات ڪئي۽ شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو.
    هاڻي راڄن پڳ حاجي حسين جروار کي پارائي ڳوٺ الهه بخش جروار جو چڱو مڙس حاجي حسين ٿيو.
    حاجي محمد حسين جروار پڻ ننڍپڻ کان ئي نهايت ملڻسار راڄن عزيزن ۾ عزت جو مالڪ هو، کيس وڏو صبر عطاءُ ٿيل هو، سندس اوطاق چئن ڪچن ڪمرن جي اڳيان ورانڊو سٺو اڱڻ الهندي ڏاکڻي ڪنڊ ۾ وڏو پپر جو وڻ بيٺل هوندو هو، جنهن جي ڇانو ۾ سڄي اڱڻ تي 40 کٽون پيون هجن،ساڳي جاءِ تي هن وقت احمد خان جا گهر آهن، پاڻ حاجي حسين پهرين ڏاڏي پوٽي زال مان اولاد هوس، پر شوق جي شادي بڪيرا شريف جي شدين ڪيائين، جنهن مان هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، واهه جي اتر پاسي واري زمين ته ماڇين جا ٻه ٻه گهر به ويهاريائين، هڪ گهر انهن مان هينئر بڪيرا شريف جي ٻاهران ديهه وساڻڪي ۾ زمين جو ٽڪرو خريد ڪيو، پنهنجو ڪريو ويٺا آهن ۽ ٻيو گهر دربدر آهي، ناگجي ڪولهي، سهراب خاصخيلي، لوهار به وٽس ويٺل هئا، سندس اوطاق حاجي مير محمد کي ان ۽ ٻج رکڻ لاءِ ڏيئي عارضي ۽ پاڻ ٻاهران زمين ۾ جدا هڪ پارڪ نما ڊاک جو بنگو تيار ڪرائي، ان ۾ رهندو هو، سندس زمينداري جو ڪاروبار سندس سئوٽ احمد خان جي حوالي هو، وقت سٺو پئي گذريو، چاچا حاجي حسين جو ننڍي پٽ غلام حسين عرف پنهون تي وڏو راز هو ۽ پنهنجي ويٺي 16 آنا زمين جو کاتو وڪرو رجسٽر پنهون جي نالي ڪيائين، وڏو ڊرامون هو، چاچا حاجي حسين خان کي اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي هئي، مٿيون زمين جي کاتي وارو ڪم بيماري دوران ٿيو، ان ۾ به وڏي هڪ سازش هئس، پنهنجن جي جيڪا هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي، اصل بڪ ۾ ڏسي ۽ پڙهي سگهجي ٿي، اشاعت جي قابل نه آهي، پنهون خان پهرين ڌڪ ۾ سال اندر هڪ حصو زرعي زمين جو وڪرو ڪري هڪ بس بڪيرا شيخ ڀرڪيو روٽ تي هلائي ۽ ٻئي ڌڪ ۾ رهيل اڌ حصو زمين جو وڪرو ڪري ٻي بس خريد ڪئي، سال جي اندر ٻئي بسون فيل همراهه کي ڳوٺ مان ڪڍيائون، زمين سڀ انهن خريد ڪئي، جن کي ويهڻ لاءِ اوطاق چڙهي لاءِ گهوڙي ڀلوڙ مفت ۾ حاجي حسين ڏني هئي، ادا چڱائي ڪيئي ڳچي ۾ پئي يا نه جي چڱائي ڳچي ۾ پئي ته ڪيل آهي نه ته.....
    مِٺي به ماٺ مُٺي ماٺ، چاچا حاجي حسين جهڙو امير هو مگر زندگي جا آخري ٽي سال کن دربدري واري زندگي گذاري سندس بڪيرن واري اڳائي ليمي وٽ انتقال ڪيائين، تاريخ 11 رمضان 1410هه 1980ع کن جي ڳالهه آهي نبي بخش خان جي ٽالي ٽريڪٽر وٺي سڀئي ڳوٺ وارا جماعتي ٿي بڪيرا شريف مان سندس ميت کڻي اچي پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ڪيوسون.
    سندس عمر تقريبن 70 سال هئي، ٻئي بسون وڪامجي ويون، پنهون خان مزوري تي گذر ڪري ڳوٺ مان ڪنهن ڪڍيو ڇا ٿيو، ڌڻي کان پاڻ کان ڪو پڇي ڏسي ڇا وهيو واپرو الله پاڪ سڀ ڪنهن کي پنهنجي حفظ وامان ۾ رکي، گهر جا ٽي ڀاتي زمين وڪري کان روڪي پي سگهيا، ليڪن پئسو کائي ايمان وڪيائون.
    چاچي حاجي حسين جو وڏو پٽ محمد هارون ان کي سندس چاچو حاجي اسمائيل زمين جو حصو کاتو ڪري ڏيئي ويو آهي زمين احمد خان کي مقاطعي ۾ ڏيئي پاڻ وڃيو حيدرآباد مال پڙي ۾ رهي ڳوٺ نٿو رهي مڙئي ووٽن لاءِ منت ڪريو وٺيو اچو نس اليڪشن جي ڏينهن ووٽ ڏيئي وري گھمڻ هليو وڃي.
    ادا رمضان 1960ع ڌاري گذاري ويو الله بخش دوئم به تازو هنن سٽن لکڻ وقت گذاري ويو آهي باقي ادا احمد لائق ماڻهو انهي سلسلي مان آهي کيس گڙدي جو سور پوندو آهي انتهائي ڪمزور ٿي ويو آهي سڏ سلوڪ جو ڀلو وڏن جهڙو آهي کيس چار پٽ آهن محمد عيسى واڪ سينيٽر آهي ۽ هن وقت ٻي شادي ٽنڊو ڄام ڏومرن مان ڪئي آهي محمد عرس ۽ عبدالشڪور ۽ شڪيل اڃان ننڍا آهن ادا رمضان جو لکيو ڪلام هو ڳالهه جو وٺ ڳاٽوڌڙ پيو ڌوڙ پائي. ادا الله بخش دوئم به راڄ جي سڏ تي سڀني کان پهرين پهچي ويندو هو.
    نالي سوني ڌيءَ ڇٽي جي حيدر جي گھرواري هئي
    جيئن ته تفصيل وار ذڪر هڪ پاڙو مينهاڻي جروار جو پيو اچي موقعي جي مناسبت سان حيدر خان جروار جي سلسلي کي اڳتي وڌائجي ٿو جنهن جو مختصر احوال پهرين به اچي چڪو آهي
    حيدر خان جروار .. جيڪو مينهون خان اول جو ٽي پيڙهي پوٽو هو سندس شادي سڳي سوٽ “سوني” بنت ڇٽو سان ٿيل هئي ۽ کيس به ڪافي اولاد ٿيو جن جا تفصيل هيٺ ايندا. 1مينهون دئم 2حاجي محمد خان 3حاجي احمد 4عمر خان کيس رڳو نياڻيون ٿيون 5عثمان ڪنوارو فوت ٿيو 6 صالح ڪنوارو فوت ٿيو، ٻه پٽ هئس جنهن جي نالي جي خبر نه پئجي سگھي آهي ننڍ پڻ ۾ فوت ٿي ويو هو نمبر وار 5،6۽ ست فوت ٿيا ۽ اباڻي قبرستان واقع شاه عنايت ۾ مدفون ٿيا.البت عثمان وڏو ٿيو هو شادي جي تياري هئي ۽ بيمار ٿي جلدي گذاري ويو باقي چئين پٽن شاديون پڻ ڪيون ۽ کين به الله اولاد سان نوازيو آهي حيدر خان جروار جي پهرين پٽ مينهون دوئم جو احوال هن طرح آهي جو پاڻ ٻه شاديون ڪيون هئائين کيس پهريون حرم ڏاڏي پوٽي زال مان هڪ پٽ نالي اڪ_اڪو هاڻي اڪبر ۽ نياڻيون ٿيون مينهون دوئم طبيعت جو شوخ ۽ ڏاڍو مڙس هو ليڪن ڪم ڪار جي گھٽ ڪارپت جي اون به گھٽ پر ڏاڍ مڙسي همراه ۾ گھڻي هئي رات جو ڊڄندو ڪونه هو پنهنجن وڏن ۽ اشراف ڀائرن جو موچڙو هئس مڙئي زبردستي قائدي ۾ رکندا هئس ڪڏهن ڪڏهن قائدي کان نڪري به ويندو هو. ٻني جي ڪم تي دل گھٽ هئس ۽ ياري دوستي اهل واري سان ڊيگھ سوائي رکندو هو. ڪِتي جي ٻني پوکڻ جو وقت اچي ويو همراه وٽ ڊڳي جي کوٽ هئي. ڳوٺ دريا خان مسرڪ ۾ خيرات خدا ڪارڻ جي دعوت هئي کيس موڪليائين ته واندو ويٺو آهين وڃ دعوت خيرات کائي اچ همراه ويو ته کائڻ پر سڀ ڪو پنهنجي فن جو ماهر هوندو آهي هي همراه به ماهر هو خيرات کائي رات جو واپسي ڪئي هئائين گس ۾ صبح جو وڃڻ وقت هڪ مئل ڍڳو ڏٺو هئائين جنهن کي ڪتن ۽ ڳِجهن کائي ختم ڪيو هو باقي ڍڳي جا سنڱ همراه جي ڪم جهڙا هئا. مسرڪن مان سج لاهي اونداهي ۾ واپس ايندي انهي مئل ڍڳي جا سڱ ڪهاڙي سان وڍي کڻي آيو ۽ صاحب خان جروار جي ڳوٺ مان واڻين جو ڍڳو چوري ڪري جيڪو ڌڱاڻي بوزدار جي واڻين جو هو چاراڻي اڌ تي بيٺل هو اهو چوري ڪري رات جو ڪاهي اچي مئل ڍڳي وارا سڱ سڱن تي چاڙهي ڍڳو پنهنجو ڪري واهڻ لڳو، واڻين پيرا کڻي ڍڳو سڃاتو هلڻي پير رنگ ساڳيو، باقي سڱ ٻيا، واڻيا ڇڏي ويا ته اهيو ڍڳو سڱن ۾ اسان جو نه آهي، اهڙي طرح همراهه ڍڳو واهيندو رهيو ۽ ڪتي جو ٻنون جهلي پوءِ ٿوري ڀنگ تي پنهنجن ڀائرن ۽ چاچي جي جٺين تي ڍڳو واڻين کي واپس ڪيائين.
    پهرين گهرواري سوني بنت ڇٽو درويش صفت هئي، اُن جي وفات کان پوءِ مينهون خان دوئم جي شادي ڳوٺ داد خان جروار جي ياراڻي پاڙي مان پياري ياراڻي جروار جي نياڻي سان ڪئي، ان جو به نالو سوني هو، ان مان به کيس اولاد ٿيو ۽ سندس تفصيل موقع سر ايندا.
    اڳي الهه بخش پڳدار جو احوال لکي چڪو آهيان ته پاڻ عيدين ۽ جمع نماز لاءِ بڪيرا شريف ويندو هو ۽ هڪ نماز تي نه پهتو ۽ رات جو ڏک ۾ رنو هو ۽ مينهون کي زمين جي نمبري 6 جريب خدا ڪارڻ ڏني هيائين، اها 6 جريب نمبري زمين جي الهه بخش پڳدار کان خيرات ۾ مليل هئس، ان تي گذر ڪندو هو.
    هاڻي کيس ٻه شادي مان اولاد ٿيو، ڪجهه زمين پيءَ کان به ورتائين، 4 ايڪڙن تي گذر تنگ هئس ۽ سندس ڀاءَ حاجي محمد خوشحال هو، پوءِ مڙئي ڀاءُ تي بار پوندو هو، انهيءَ بار کي هلڪو ڪرڻ لاءِ پهرين شادي واري پٽ اڪو هاڻي اڪبر کي زمين جو ٽڪرو الڳ ڪري ڏنائين، جيڪا پيءَ وارو حصو هئس ان مان اڪو هاڻي اڪبر اهو وري چاچي حاجي محمد خان جي نياڻي سڳي سوٽ آمنت پرڻيل هو، کاتي ڪرائڻ مهل تپيدار کوکرن جي ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر ۾ تپيدارن جو ديرو هوندو هو، نواب ولي محمد کوکر چيس ته پاڻ ويٺي کاتو نه ڏي پوءِ ڪوڏو واڻيو کي چئي کاتو بدلائين، ڪوڏو جي اوطاق ڳوٺ ٻيڙو کوکر ۾ هئي، رئيس ولي محمد خان کوکر کي چئي ٻني جو کاتو ٺهرايائين، شهلي پتافي ولي محمد خان کوکر جو ڪمدار هو، ڪوٽار حمزو ڪولاچي هو، انهيءَ زماني ۾ ڪوڏو واڻيو ۽ سندس ڀاءُ ٺاڪر داس واڻيو به هو، ڪوڏو مل واڻيو ۽ مکي موتي رام نالي واڻيا به زمين جي تڪرار ۾ هئا ۽ تپيدارن وٽ کاتن تي وڙهيا پيا هوندا هئا، حاجي مجاور درس جي مينهون جروار سان دوستي گهاٽي هئي، لاڙ سجاول ۾ ڪنڊڙي واري خاصخيلين جيڪي هينئر طاهراڻي سڏجن ٿا، پٽيل محمد صالح جي پيءَ جمع سان به سندس پڪي ياري هئي.
    مينهون خان دوئم جو مٿيون سڄو احوال سندس پٽ حاجي غلام محمد عرف گامن لکايو، پاڻ پير بقادار واري زمين ۾ انبن جو باغ پوکيو اٿس، آمدني وڏي آهي، حاجي غلام محمد گامن ٻڌايو ته الهه بخش پڳدار جي ڏنل نمبري واري زمين تي بابا مينهون دوئم نار جو ڪم پراڻي کيسانو واهه ڪري رهيو هو ۽ ڀيڙ ڪري ۽ مينهون دوئم جي ساڄي ٽنگ ڀڄي پئي، پوءِ بابا هلي ڪونه سگهندو هو، کٽ تي گهر ويٺو هوندو هو، حاجي مجاور ٻانهيپوٽو، ڳالهه ٻڌائي ٽنڊو محمد خان ڍڪ ۾ مينهون جروار جو ساٿي درس وڇ سميت جيڪا وڇ چوري جي هئي ۽ مينهون جروار جي شاهدي واري وڍي آيو، شاهدي پنهنجي زبان وڍيل وڇ جي سچي ڪيائين، درس کي ٽيهاڻ وڇ چوري واري ڦٻي ويئي، هو ته راقم جي ڏاڏي جو ڀاءُ پر احوال پڙهي ۽ سمجهو ته پنجئي آڱريون برابر نه آهن، ماڻهو ڀلا به آهن ۽ ڍلا به آهن، الله سائين سڀني کي گڏائي هن دنيا ۾ موڪليو آهي، دنيا کي هلائي پيو، مينهون دوئم 90 کن سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ٿيو، سندس پهرين گهر مان پٽ اڪبر نالي آهي، سندس شادي سڳي سئوٽ نالي آمنت بنت حاجي محمد سان ٿيل آهي، جنهن کي پڻ هڪ پٽ حاجي موسيٰ نالي ۽ نياڻيون به آهن، حاجي موسيٰ خان حيات آهي، هنن سٽن لکڻ تائين سندس عمر 80 سال آهي ۽ کيس اولاد به آهي.
    اڪبر به پيءَ وانگي دلبر مڙس هو، اڻ پڙهيل ڏاڍو جوشيلو هو، ڏنگو هو، پيءَ به ڌار ڪري ڇڏيو هئس، زمين جا 4 ايڪڙ ڏيئي ۽ گهر ورهائي ڌار ڪري ڏنائين، علي محمد عرف علڻ جو همعصر هو، چار ايڪڙ مائٽياڻي زمين تي گذر ڪندو هو ۽ حاجي محمد جي نياڻي سندس گهر ۾ هئي، تنهن ڪري مڙئي سندس ٽيڪ ڪندو هو، مال به وٺرايائين ۽ اٺ به جن تي حاجي محمد خان مزوري تي موڪلي ڇڏيندو هوس.
    جيئن ته اڪبر انتهائي سخت مزاج هو، ٿوري گهڻي تان پنهنجن سان رٺو ڪاوڙيو ويٺو هوندو هو ۽ بلوچاڻي ڪاوڙ ڀت ۾ ڪو نه ايندو هو، وڏو ڪاڄ ڳوٺ ۾ شادي غمي جو ٿيندو هو ته ٻارن کي گهر ۾ بند ڪريو ويٺو هوندو هو ته آئون ڪاوڙيو آهيان ڀت ڪونه کائيندس، جهيڙو لايو ويٺو هوندو هو، پوءِ سندس ڀائر ۽ سئوٽ مڙئي پٽڪا لاهي پرچائي ايندا هئس، تڏهين زال ۽ نياڻين کي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿيڻ جي موڪل ڏيندو هو، اڌ ڄمار کان پوءِ حاجي موسيٰ سندس پٽ جي شادي خان محمد جي گهران ڪيائين، جيڪا منهنجي سڳي ماسي ٿئي.
    منهنجي پڦي ۽ ماسي جي ناتي منهنجو پيءَ جناب حاجي محمد پريل خان جروار ڀائيندو هئن، مائٽاڻي گهرجي جاءِ حصو تمام ٿورو هئن، بابا کان گهرن جي لاءِ زمين گهريائون، بابا کين پنهنجي زرعي زمين ڳوٺ جي پڊ لڳ بلاڪ سروي 12/265 ۾ ڏني جتي هن وقت سندن موجوده گهر آهن، عيوض ۾ سندن اڻپوري گهر واري جڳهه ورتي جيڪا چاچا حاجي عثمان جي نياڻي غلام محمد گامن جي گهر ۾ ڏنل آهي، ان کي ڏني جن ۾ هينئر غلام محمد گامن جا گهر اڀرندي مهاڙي سان آهن.
    حاجي موسيٰ کي حاجي محمد پريل خان برانچ مان به زمين موجوده ديهه بڪيراڻي جي سروي بلاڪ 38/39 ۾ آهي، کڻت ڪرائي ڏني ۽ اتي هڪ باغ انبن جو به ڌڻين پوکيو ۽ مال جو وٿاڻ به اتي زمين تي ڪيو، اڪبر جهنگ ۾ پنهنجي همت سان ويٺو هوندو هو، پيري ۾ اکين کان نابين ٿي پيو، پر ويٺو ٻني تي هوندو هو، روزانو صبح لڪڻ جي ٽيڪ تي ٻني جو ٻارو ٻارو ڪري گهمي پٽ حاجي موسيٰ کي ڪم سمجهائيندو هو، دل سجاڳ هئس، مال جي ڇوڙي ٻڌي ڪري کير ڏهائي، ڪاٺين جو گڏ مٿي تي رکي چئونري کير جي ڳوٺ پهچائي ۽ ماني کائي ٻني تي ماني کڻي ويندو هو، لٺ جي ٽيڪ تي هڪ دفعي پاڻ اڪبر ۽ علڻ اٺن جي قطار ۾ بار کڻي شهر پي ويا، جتاڻون عقل سو رستي ۾ تلخ ڪلامي ٿين علڻ هڪڙو جلد مڙس ۽ پاڻ جامڙد ڊگهو مڙس سو جوڙي کڻي علڻ جي ٽنگن وچان ڪنڌ ڏيئي علڻ کڻي کنيائين، علڻ وري سندس ڳچي ۾ انگڙا ڦاسائي ويهي رهيو، علڻ کي چوي ته توکي کڏ ۾ اڇليندس، ڪو فرلانگ مڙس کي کنيو رستو ويٺو هليو، رستو ۾ هڪ سڪل وڏي کڏ نظر آيس ۽ علڻ کي کڻي ان ۾ اڇلايائين، علڻ به ڳچي مان ٽنگون نه ڪڍيون ۽ ٻئي گڏ وڃي انهي کڏ ۾ ڪريا ۽ بعد ۾ وري به سفر گڏ ڪيائون، اهي هئن عقل ڇا لکجن هڪ ڀيري واندڪائي جا زمانا ويا چاچي جانو لوهار وٽ ٻيڙو کوکر جي ڳوٺ واپسي ۾ ڳوٺ اميد علي بوزدار ۾ سج مڙئي پهتا کين بک لڳي، اڪبر ۽ علي محمد عرف علڻ ٻئي سئوٽ گڏ هجن، بک لڳي هئن، ماني بهاني چاچي يعقوب ميربحر جي گهر ويا، جتي چاچي ويٺل هئي، ان کان ماني گهريائون، جيسين چاچي ماني ڏي تيسين ٻئي ڄڻا چلم حقي پيئڻ کي لڳي ويا، اڪبر چلم حقي جي نڙ کي پاڻي سان پسائي چلم جي سوراخ تي نڙ رکي هٿ جي زور تي نڙ ڦاسائڻ لڳو وڌيڪ زور اچڻ تي چلم حقو وڃي ڪريو ۽ حقي جي ٽوپي ڀڄي پئي، حقو به ڪرڻ جي ڪري ڀڄي پيو، چاچي ڪاوڙ مان وٺي ٻنهين ڄڻن کي الاهي ڳالهايو، مئا جروار اهڙا تهڙا باهه لڳي چلم حقو به زيان ڪيو اٿوَ، اچي اوهان جو چاچو يعقوب پادر هنڻايان ٻنهي جي کل ٿي لهرايان، دڙڪا داٻا زبردست ڏيئي ٻنهي کي کڻي دٻايائين، ٻئي ڄڻا بنا ماني جي ڳوٺ اچي نڪتا، علي محمد علڻ هو سگهڙ تنهن ورائي کڻي چاچي يعقبوب ميربحر جي گهرواري تي بيت ٻڌو، اهو بيت به علڻ مونکي لکايو آهي، پر پوءِ ڪتاب ۾ اچڻ کان روڪرائي ڇڏيم، ڇو ته سٺو ڪونه ٿو لڳي.
    خير سدائين بادشاهي آهي الله جي، پاڻ اندازن 100 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين، کيس آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    هاڻي احوال حاجي موسيٰ جو، سندس پٽ ۽ منهنجي ماسات محمد رحيم کي سوانح حيات لکي ڏيڻ لاءِ عرض ڪيم، 2 سالن تائين انتظار ڪرايائين، پر پوءِ احوال لکي منهنجي حوالي نه ڪيائين، هاڻي وڏن کان مونکي جيڪو احوال مليو آهي، قلم کڻي لکيو آهي.
    پاڻ ابتدائي تعليم لاءِ ملا مڪتب ۽ ميان جي حاجي پروز جروار ملين وٽ ڇڏيائون، ان وقت ڪو ملن جي چوري ٿي پئي، جنهن جو ڪوڙو الزام حاجي موسيٰ جي پيءَ اڪبر تي لڳو، پوليس ان زماني ۾ کوکر ٻيڙو جي ڳوٺ ۾ ٿاڻو هو ۽ پوليس هئي، پوليس اچي اڪبر کي ٻڌو پر پوءِ جانچ ٿيڻ کان پوءِ چوري ثابت نه ٿي ته ڇُٽي آيو، مگر ڪاوڙ مان حاجي موسيٰ کي ۽ منهنجي والد حاجي محمد پريل خان جروار کي جيڪي ٻئي مامون ۽ ڀاڻيجو ملا مڪتب ۾ ميان جي پروز وٽ پڙهندا هئا، اتان کين ڪڍي ۽ ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيائون، ڪو ٻه ٽي درجا پڙهي ۽ نٽائي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائون، حاجي موسيٰ پيءَ سان گڏ ٻني جي ڪم ۾ لڳي ويو ۽ بابا سائين پنهنجي ڀائرن سان گڏ پنهنجي مال ۽ ٻني توڙي اٺن کي چارڻ ۾ لڳي ويو.
    حاجي موسيٰ ٻني جي ڪم سان گڏ واڍڪا اوزار ۽ لوهارڪا اوزار به ورتا، گهر جو ڪاٺ ڀڳل ٽٽل ٺاهڻ سکيو، ڏانٽا وغير ٺپڻ به سکي ورتائين، جيڪڏهن ضرورت پوندي هئس ته ٻني واري ڪم تان فارغ ٿي اوطاق تي ويهي ڪم کي لڳي ويندو هو، پر کيس پاڻي ڏيڻ جي ڪاريگري نه آئي، اوزارن جا منهن مڙي ڀڄي پوندا هئا. پاڻ حج تي اهليه ۽ وڏي ڌيءَ سميت ويو، حج ڪري آيو، سندس حج جا رفيق جيڪي جروار هئا، انهن جا نالا حاجي يار محمد پوري عيال سان زال مڙس، ٻه پٽ، ٻه نياڻيون، حاجي بچل مراداڻي ڳوٺ مبارڪ جروار وارو به ٻارن ٻچن هو. حج تان واپس اچڻ کان پوءِ کيس پرواني جو شوق ٿيو، مامي حاجي محمد پريل خان کي چئي پئسن سان ليس واري بندوق دونالي خريد ڪيائين.
    کيس ٻه پٽ عبدالحڪيم ۽ محمد رحيم ٿيا ۽ ٽي نياڻيون به، ٻئي پٽ پڙهيا ڳوٺ واري سرڪاري اسڪول جنهن جو بنياد بابا سائين رکرايو هو، ان ۾ مڊل تائين پڙهيا، مڊل جو اجازت نامون بابا زوري وٺي آيو هو، انگريزي پڙهائڻ لاءِ نه ته شاگرد پنج پاس ڪري مال حوالي ٿي ويندا هئا، خير مڊل تائين ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پڙهي پوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ ٽنڊوالهيار ويا، وڌيڪ تعليم لاءِ عبدالحڪيم پڙهي پاس ٿي انگريزي جو استاد ٿي ويو آهي، مختلف اسڪولن ۾ ڊيوٽي ڪري چڪو آهي، ليڪن پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ مڊل اسڪول جي بلڊنگ 1993ع پهرين پرائمري استاد بعد ۾ انگريزي ۾ ٺهي چڪو آهي، ايس اين سي به اچي چڪي آهي، پر پاڻ اتي ڊيوٽي نٿو ڪري، اهيو ڪير کائنس پڇي ته جتي تون بنيادي تعليم پڙهيو آهين ۽ استاد ٿيو آهين اتي ڇو نه ٿو پڙهائين.
    سندس والد کان اسان جي مامي محمد هاشم ۽ ٻين کان چورايو اٿم پر همراهه پنهنجي اسڪول ۾ ڊوٽي نٿو ڪري، ڪافي ڪجهه ان تي لکان پر دادلو ماسات آهي، ڇا لکان، هو به منهنجو حياءُ ڪري روبرو جواب ڪونه ٿو ڏيئي، حاجي محمد موسيٰ جو ٻيو نمبر پٽ ماسات محمد رحيم پڙهي بنيادي تعليم ڳوٺ واري اسڪول مان ۽ هن وقت پرائمري استاد ٿيو آهي، نوڪري ملي جوائين ڪرڻ لاءِ ڳوٺ جي اسڪول جو آرڊر وٺي آيو، استاد هئڻ سان گڏ ادب تي لکي پيو، پڙهي ڳوٺ واري اسڪول مان بدلي ڪرائي ويو آهي، ننڍي وڏي ڪا لائبريري شاهه لطيف جي نالي سان ٺاهي آهيس، مون کان به ڪجهه ڪتاب کڻي ويو آهي، شاعري پڻ ڪندو آهي، پاڻ ٻه شاديون ڪيون اٿس، هڪ ڏاڏي پوٽي ۽ هڪ امير بخش باگائي جروار جي ڌيءَ، ٻنهين مان کيس اولاد آهي.
    مون عرض ڪيو هو ته پنهنجي فيملي اڪبر تي احوال لکي ڏي، ته ڪتاب ۾ شامل ڪيون، پر پاڻ نه لکي ڏنائين، مون جيڪو احوال لکيو آهي، سو احوال مونکي به علي محمد علڻ جروار لکرايو هو، جيڪو هتي شامل ڪيو اٿم، پاڻ ٻه ڀاءَ عبدالحڪيم ۽ محمد رحيم مونکان عمر ۾ الاهي ننڍا منهنجي هٿن جا ٻار آهن، پاڻ عبدالحڪيم جيڪو وڏو ڀاءُ آهي، جڏهن 7 سالن جو ٿيو هو ته اسان جهنڊ لهرائڻ لاءِ شيخ آچاري تي وٺي وياسين، عبدالحڪيم کي گهوڙي تي گڏ وٺي ويس ۽ شيخ ڀرڪيو آچاري تي زيارت ڪرائي ۽ سندس جهنڊ لهرائي آيس، انهيءَ زماني ۾ موجوده پڪو روڊ اڃان تعمير ڪونه ٿيو هو، ڪچو رستو گهوڙن جو سفر هو، سويرو ڳوٺان نڪتاسين ۽ واپسي مهل اسان کي منجهند گرمي جا ڏينهن هئا، بک به لڳي، مڪان شريف جي ننگر جي ماني وٺي کاڌيسون، سندن احوال پورو ڪيم، هاڻي اڳتي بيان وڌايون.
    حاجي حيدر خان ميهاڻي جروار جو احوال جيئن ته پاڻ مينهون خان جروار دوئم جو ياراڻي ديري مان پرڻيو، پاڻ 5 ڀاءُ هئا، هڪ ڀيڻ ياراڻي ديري مان هئي، نمبر وار هن طرح آهن، حاجي حيدر، حاجي علي بخش، حاجي مير محمد، حاجي غلام محمد عرف گامن، حاجي امام بخش ۽ هڪ ڀيڻ نالي مسمات فاطمه جيڪا منهنجي وڏي چاچي حاجي سليمان جي گهرواري ۽ منهنجي سس پڻ هئي، مينهون دوئم ياراڻي ديرو جي حاجي حيدر به غربت جو وقت ڏٺو ۽ مزدوري نه ملي ته ڀائو محمد يوسف سان گڏجي ڀري به مزدوري تي نڪري پوندا هئا، پاڻ چوري جي پير کڻڻ جو به ماهر هو ۽ علائقي ۾ ڪا چوري ٿي جروارن جي يا ٻئي ڪنهن قوم جي آڌي رات سڏ سان گڏ هليو ويندو هو ۽ پيرن کڻڻ جي وڏي ڄاڻ هوندي هئس، پيرا کڻي مال موٽائي ايندو هو، بدن جو هلڪو قدآور مٿي تي هميشه اڇو پٽڪو ٻڌندو هو، مزوري کان فارغ ٿي اڇو ڪپڙو ڪندو هو، پاڻ ٻه شاديون ڪيائين، پهرين شادي ڏاڏي پوٽي سڳي سئوٽ عمر خان جي نياڻي سان ڪيائين، جنهن جو نالو مسمات فاطمه هو، ان مان کيس هڪ پٽ نالي عبدالڪريم عرف عدل ٿيو ۽ گهرواري گذاري ويس، پاڻ حاجي حيدر ٻي شادي باگاڻي جروارن مان خير محمد جي نياڻي سان ڳوٺ بيگن جروار مان ڪيائين، جنهن مان کيس هڪ نياڻي ٿي، جيڪا پاڻ ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ عطراڻين جروار جي پاڙي ۾ صاحب خان کي پرڻائي ڏني ۽ بدي جو سڱ صاحب خان جي ڀيڻ وٺي سندس ننڍي ڀاءُ حاجي امام بخش جي شادي ڪرايائين، مٿيان ڀاءَ پاڻ ۾ گڏ رهندا هئا، روزي ۾ به برڪت ٿي، پاڻ زمينون به خريد ڪرڻ لڳا ۽ زمينداري وڌائڻ جو عشق وڌيڪ اٿن، پوءِ پنهنجن کي چپ سپ ڪندا مڙئي ايڪڙ وڌائيندا اچن.
    نماز روزي جو پابند هو، کيس تعليم ڪانه هئي، ڪپڙا بلو رنگ جا يا خاڪي رنگ جا پائيندو هو، چيڙاڪ به هو، شل نه ڪاوڙ اچيس، سڀ ڀڄي پري ٿي ويندا هئس، پوءِ حاجي مير محمد سندس ڪاوڙ لاهيندو هو، اگهائيون بيماريون ته آهن، مگر پاڻ تندرست رهندو هو، ڇن جي تڪليف هئس، ان کان چيلهه ۾ ڊاڪٽري پٽو ٻڌندو هو، کيس جيڪا زمين حصي ۾ آئي، پنهنجي جيئري پٽ ۽ ڌيءَ جا کاتا ٺهرائي ڇڏيائين، البت سندس وفات بعد ان تي عمل نه ٿيو، اهيا هڪ ڊگهي ڳالهه آهي، شايع ڪرڻ جي لائق نه آهي، همراهن کي زمين وڌيڪ مٿي آهي، سڀ ننگ ناتا پوءِ، هي جهان فاني هر هڪ کي هلڻو آهي، پاڻ حاجي حيدر بلڪل تندرست روز مرده وانگي ڏينهن ٻني تي گذاري وچين نماز به سندس ٽيوب ويل تي پڙهي جيڪو حاجي نبي بخش بجلي تي لڳايو هو، ان نماز کان بعد ڳوٺ لاءِ روانو ٿيو مغرب وقت ڀريل هو، طوفان لڳو جهڙ آسمان ۾ ٿي ويو ۽ برسات سنهين شروع ٿي وئي، طوفان تمام تيز هو، رستي ۾ هارين جا گهر هئا، انهن به چيس مجيري ترس برسات بيهي پوءِ وڃ، برسات گهٽ طوفان وڏو هو، پاڻ هارين وٽ نه ترسي ۽ هليو آيو ڳوٺ ڏي، مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار وٽ پهچي به ويو، آذان به ٿي چڪي هئي، جماعت جي به مهل هئي، پاڻ هو به نماز جو پابند پر قضا جو قلم ڪونه ٽريو پاڻ مسجد بجاءِ گهرن ڏانهن هلي پيو، طوفان تيز هو، حاجي حسين خان جي گهرن جون ڏاکڻيون وڏو ڪوٽ جتي مسجد جي اوڀر اتر ڪنڊ اڳيان بجلي جو پول آهي، اتي تيز طوفان جي زور سان ڪوٽ ڪري پيو ۽ پاڻ ان جي هيٺيان اچي ويو، ڪنهن کي به خبر نه پئي، مڙس هيٺيان اچي دٻجي دم ڌڻي حوالي ڪيو، جڏهين طوفان ختم ٿيو برسات به بيٺي مغرب جي نماز به پڙهي ويئي، همراهه گهر نه پهتو ته معلومات ڪيائون، خبر پئي ته ٻني کان نڪتو هارين ترسڻ لاءِ چيو مگر نه ترسيو ڳوٺ ڏانهن ويو ته وڌيڪ ڳولا ٿي، ڇو جو طوفان ۾ ڪوٽ به ڪريو هو، پوءِ ڪوٽ جي کوٽائي ڪري همراهه کي ٻاهر ڪڍيائون، ائين 80 کن سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي مالڪ حقيقي سان وڃي مليو، کيس به پنهنجي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ مدفون ڪيائون. رهي نالو الله جو باقي سڀ فنا.
    حاجي علي بخش جو احوال، پاڻ ياراڻي ديري مان مينهون خان دوئم جو ٻيو نمبر پٽ هو، پاڻ به ٻه شاديون ڪيائين، پهرين ڏاڏي پوٽي گلڻ فقير جي نياڻي جنهن مان کيس ڪوبه اولاد ڪونه ٿيو ته سندس ويٺي پنهنجي ناناڻن ياراڻين مان ڳوٺ داد خان جروار ديهه پوچڙ تپو کوکر مان عمر خان ياراڻي جروار جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٿيو، ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون، بدي جو سڱ ڪيائون عمر خان کي وري سندس ڀائٽي اڪبر جي نياڻي ڏنائون، جنهن کي پڻ هڪ پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، حاجي علي بخش جا مڙد مڙس دلير هو، جواني ۾ مزوري به الاهي ڪيائين سڀ ڀاءُ پاڻ ۾ گڏ هئا، ڪنڌار مڙس اڻ پڙهيل هو، نماز جو پابند هو، سندس حصي جي جيڪا زمين هئي، ان ۾ انبن جو باغ ۽ ڪيلو به پوکيائين، اهيا ٻي ڳالهه آهي ته پوين اها زمين حاجي امام بخش کي ڏني ۽ حاجي علي بخش کي حاجي امام بخش وارو زمين جو حصو ڏنائون، خير اهيو سندن گهرو مسئلو هو، حاجي علي بخش به پيءَ مينهون خان وانگي ڏاڍو مڙس هو، حاجي علي بخش ڪئنال وٽ پٽيوالو هو ۽ پگهار 14 رپيا هئس. پيءَ واري ڇڪ همراهن ۾ کڻي هئي، پر رات وارو شڪار قائدي ۽ صفائي سان ڪندو هو، جو لکا ئي نه پوندي هئي، رات واري شڪار تي به ويندو هو، پري پري حاجي مير محمد جو قائدو هئس، ظاهر ڪونه ٿيو چوراڻي وهنوار تان ڪي کوسا چور دوست هئس، انهن جو ونهوار هو ۽ رات جو پاڻ ۾ وڙهي پيا، موجوده ديهه ڳوٺ صاحب خان جروار وٽ محمد ۽ پير بخش عطراڻي جي موجوده گهرن وٽ اتي اڳي، ان زماني ۾ مينگهواڙ، گرڙا، کنمڀو، جنهن جا پٽ سانوڻ ۽ طوطو هن وقت چمبڙ شهر ويٺا آهن، انهن جا گهر هئا، اصل اتي جا هئا، پوءِ مجبور تي لڏي ويا، اتي کوسن چورن سان وڙهي پيو حاجي علي بخش کي ڪهاڙي جو وڏو ڌڪ لڳو، جنهن ۾ سندس پسراٽيون وڍجي ويون، آنڊا ٻاهر نڪري آيس ۽ چور ڀڄي ويا، پاڻ حاجي علي بخش پٽڪو مٿي تان لاهي پاسراٽين ۽ آنڊن کي ٻڌي اچي ڳوٺ گهر پهتو، همراهن سان ڳالهه جهيڙي جي ڪري ٻڌائي پوءِ قرب ۽ ٻڌي هئي، هڪڙن حاجي علي بخش کي کٽ تي کنيو ٽنڊوالهيار سول اسپتال پراڻي ۾ پهچايو، جتي شاهه صاحب ڪو وڏو ڊاڪٽر هو، جنهن همراهه جو علاج ڪيو، ٻين همراهن ابتا پير کنيا ۽ هڪڙن وري سبتا پير کنيا، ٿاڻو پوليس جو کوکرن ۾ هو، رپورٽ ڪيائون ٻئي مهيني چور ٻڌا، همراهه ٺيڪ ٿيو ۽ ڪيس هليو، چورن کي ڪيس ۾ سزا جا امڪان هئا، پوءِ نياڻيون وٺي آيا، حاجي مير محمد کان ڏوهه بخشايائون جنهن کين بخش ڪيو، ڪيس ڏکيو هو، وڪيل جي چوڻ تي شاهدي ڦيرايائون، چور ڇٽي ويا، اهيا ڳالهه انگريز دور جي آهي.
    پوءِ اولاد ڪانه هئس پاڻ ٻي شادي ڪيائين ۽ مٿيون ذڪر ڪيل اولاد به ٿيس، سندس ڀاءُ حاجي مير محمد کي اڌ رنگ جي بيماري هئي، جنهن مان به 30 کن سال ٿيا جو چڙهي ويو، البت هڪ ٽنگ ساڄي پاسي واري کان مفلوج هو، گهوڙي تي چڙهي زمين جيڪي هاڻي وڌائي ويا هئا، 1950ع بعد انهن تان گهمي ايندو هو، حاجي مير محمد وري ٻيو دفعو بيمار ٿي پيو ۽ کيس ميمڻ اسپتال حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر پروفيسر محمد عظيم عالماڻي داخل ڪيو، طبيعت ڪجهه سڌري رهي هئي ۽ حاجي علي بخش ڳوٺ خدا ڪارڻ خيرات ڪئي ۽ گهرن کي پٺيان ڪوٽ کي ڇيڙو ٿي لوڙهو ڏياري منجهند جو فارغ ٿي حاجي مير محمد کي ڏسڻ حيدرآباد ميمڻ اسپتال ويو ۽ اتي اچانڪ بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو.
    حيدرآباد مان گاڏي تي کڻائي آيا ۽ حاجي مير محمد صحتياب هو، اهو به ٻي گاڏي ۾ ڳوٺ آيو، حاجي علي بخش کي به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو، حاجي نبي بخش وڏي خيرات ڪئي، حاجي مير محمد چئي ته خيرات نه آهي، حاجي علي بخش جي جهڙي ڪر شادي آهي ۽ پٺيان جلدي حاجي مير محمد پڻ گذاري ويو، حاجي علي بخش پٺيان ٻه بيوه، نياڻيون ۽ ٻه پٽ افضل ۽ سليم ڇڏيا آهن، جن کي پڻ پري جي ڇڪ سندن ڏاڏي مينهون جي آهي، ليڪن زمانو الاهي بدلجي چڪو آهي، سليم ماٺيڻون آهي، افضل جا خيال ڪافي ملن ٿا.
    هاڻي احوال مينهون خان دوئم جي ٽي نمبر پٽ جو ياراڻي ديرو مان حاجي مير محمد، حاجي مير محمد قدبت جو پورو پنو، منهن مهانڊو سهڻو ۽ وڻندڙ هوس، عقل منجهنس خدائي ڏات هو، فيصلن راڄن ۾ اٿي ويٺي تمام وڏي هئس، پاڻ يا سندس لاڳاپيل واري همراهه کي فيصلي ۾ پوئتي نه ڪندو هو، ڳالهه مڙئي پنهنجي عقل سان مٿڀري ڪندو هو، جتي کيس ڪس ايندي هئي چوندو هو ادا مٺا اهيو ڪم ڪونه ٿيندو، ڀائرن ۾ قرب وڏو هو، هڪ ٻئي تان ساهه پيا ڇڏيندا هئا، سندس چاچي عمر خان جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس اولاد ٿيو، حاجي نبي بخش ۽ هڪ نياڻي جيڪا پنهنجي سئوٽ محمد يوسف کي ڏنائين، پاڻ ڀيڻ کي ڪافي اولاد آهي، حاجي مير محمد ۽ سڀئي ڀائر گڏ هئا، سکر بئراج جي واهن جي کوٽائي واري وقت ۾ واهه تي مقدم هو، ٽپال کيسانو موري بڪيرا ريگيوليٽر چمبڙ، سنجرچانگ پهچائيندو هو، پگهار 16 روپيا هئس.
    حاجي علي بخش ڪئنال وٽ پٽيوالو هو، سندس پگهار 14 روپيا مهينو هو، حاجي مير محمد ۽ حاجي غلام محمد عرف گامن ميان جي پروز وٽ پڙهيا هئا.
    هيءَ ڀائر 5 ئي گڏ هئا، پنهنجي ملڪيت ٺاهڻ جي اٽڪل هئس، منهنجو والد به سڳو سئوٽ هو، هڪ ٻئي جي عزت ڪندا هئا، زمينن سرڪارين ۾ ۽ واڻين کان هڪ ٻه سودي ۾ گڏ هئا، همراهه هر ملڪيت ۾ سودو ڪري پاڻ ڌوڃ ٿيندا هئا، يعني سٺو ڀلو حصو پاڻ جهليندا هئا ۽ گهٽ پاسو بابا سائين کي ڏنائون، بابا جا سئوٽ هئا، بابا سائين وڏي چاچي جي پٽن جي حيثيت ۾ وڏي ڀاءُ کان به سندن وڌيڪ راءِ رکندو هو.
    حاجي مير محمد پڻ نماز جو پڪو پابند هو، ٻاهر نڪرندو هو ته مڙس سهڻو هو، ڪپڙا اڇا پائي ۽ بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي نڪرندو هو، حاجي بچو ميمڻ بڪيرا شريف واري سان وڏي دوستي هئس پاڻ گڏجي ديهه وساڻڪي ۾ بڪيرا شريف ڏانهن زمين مقاطع تي کنيائون، پوءِ صبح ڳوٺان گهوڙن تي چڙهي ٻني تي ويندو هو ۽ منجهند جو واپس ڳوٺ ايندو هو.
    شايد اهيا 58-1955ع جي ڳالهه آهي، هي ٻني تان واپسي منجهند ڳوٺ پهتو، اڌ رنگ جي بيماري ٿي پئي، دوا ڪرايائون، همدرد دواخانو ڪراچي مان حڪيم محمد سعيد کان، باقي سڄو ڳالهائڻ وغيره ۾ ٺيڪ ٿي ويو، ليڪن ساڄي ٽنگ کان آخر تائين مفلوج رهيو، هلي ڪونه سگهندو هو، مال رزق زمين تي سندس چانس هئي، علاج لاءِ سندس پٽ حاجي نبي بخش گڏ رهندو هو، ڪجهه وقت شروع وارا سول اسپتال حيدرآباد ۾ به داخل هو، چون ٿا ته ڪرنل نجيب سول اسپتال حيدرآباد کي سٺو هلائي ويو، اهيا ان زماني جي ڳالهه آهي.
    مال ۾ مينهون الاهي هئس ۽ ڍڳيون به ڪجهه هئن، ڍڳن جا 4 جوڙا پنهنجا ڪيائين، مال مان به آمدني سٺي هئس، سڀئي گڏ هئا، عدل حاجي حيدر جو پٽ مال چاريندو هو، ٻيا همراهه ٻني جو ڪم ڪندا هئا، هارين جا به ڪجهه جوڙا ٻني تي رکيائون، فصل سٺا ٿيا، اناج جي اپت وڌي، ان رکڻ لاءِ گهرن کان علاوه ٻي جاءِ نه هيس، پوءِ حاجي حسين کين سڄي اوطاق حوالي ڪئي، جيڪا مدينه مسجد جي بلڪل لڳ هئي، اناج، ٻج اتي سنڀالي رکندو هو، ٻجن ۽ ضرورت وقت کڻندا هئا، اوطاق سندن حوالي هئي، حاجي حسين هڪ ڀلي گهوڙي به کيس چڙهڻ لاءِ ڏني، مفت ۾ صبح جو گهوڙي تي سنج رکي حاجي مير محمد کي هٿن سان کڻي گهوڙي تي ويهاريندا هئا ۽ گهوڙي به سياڻي ٻني جو ٻارو ٻارو ڪري گهمي نبي بخش جو لڳايل ٽيوب ويل بجلي وارو مال جو وٿاڻ به اتي ڪيائون، پهرين وٿاڻ حاجي مير محمد جو سڀئي ڀاءُ گڏ هئا، بڪيراڻي بلاڪ 41 ۾ چاڪر واهه کان ڏکڻ ۾ لڳ هو، خير مال جوڙ سڀ شئي جي نظرداري ڪري منجهند جو ڳوٺ ايندو هو، ڪجهه سالن جي مسلسل چڙهي جي ڪري گهوڙي کي پٺن ۾ وڏو چٽو پئجي ويو ۽ چڙهڻ کان وڏي ٿي ويئي، آخر تائين وٽن رهي ۽ پوءِ مري وئي، 10 کن سال به اوطاق حاجي حسين واري وٽن رهي،
    سندس ڀاءُ حاجي امام بخش جي شادي عطراڻي جروارن مان ٿيل هئي، نورل ۽ علي نواز حاجي امام بخش جا پٽ آهن، عطراڻين تي ڀولڙي نچائڻ جي آل پيل آهي، سو علي نواز کي حاجي مير محمد چيو توکي ڀولڙي وٺي ڏيان، تون نچائيندين، علي نواز چيو ها چاچا، حاجي مير محمد چيس يارو ٿي ڏيئين، پر توکان ڀولڙي ڪُتا ماري ڏيندا، چيائين نه ڪتن کي مارڻ ڪونه ڏيندس. ٻه گهوڙيون ڀليون هيون، هڪ مڪڙي هڪ ڪميت رنگ جي، جهڙيون هيون ڀليون اهڙيون هيون سياڻيون، غريب، خير مڙس هو هوشيار سڀ ڳالهه کي سوچي سمجهي، مون کان ڪميت گهوڙي چڙهي لاءِ موڪلايائين ۽ مون وڏي خوشي سان سندس حوالي ڪئي، چيائيون تو وٽ بک پئي مري، اسان کارائي متاري ڪنداسون، بس شل ڪنهن ڦِٽي شل نه، ڪاهي گهوڙي چڙهي ڪرڻ لاءِ ڏيئي آيس، هڪ سال کن وٽن هئي، جهڙي ڏنم، اهڙي واپس ڪيائين، متاري ته ڪانه ٿي پر ان کي به پٺي ۾ وڏو چٽو ناسور ٿي ويو ۽ هوشياري سان مونکي واپس ڪري ڇڏيائون، جيڪا چڙهڻ کان عمر ڀر ويئي ۽ بابا ممون ڪوٽار ڪولاچي کي خدا ڪارڻ ڏني ته گهوڙي ڀلي آهي تون وڃي گهوڙي کان ڦر وٺ، انهي ويچاري محمد رحيم ممون ڪولاچي ڪوٽار گهڻي سنڀالي ليڪن گهوڙي چڙهڻ کان وئي ۽ ڦرن کان به وئي، پوءِ ممون ڪوٽاري گهوڙي کي براق ڪرائي ڇڏيو، حاجي بچو ميمڻ ڳوٺ ايندو هو جڏهن حاجي مير محمد حياتي هو ۽ اسان جي اوطاق تي اچي رهندو هو، چاچا حاجي مير محمد پڻ پاڻ کڻائي اچي ويهندو هو، ڪچهريون ڪندا هئا، ڪو راڄ جو ماڻهو ملڻ لاءِ يا ڪچهري لاءِ ايندو هو ته پاڻ کڻائي اسان جي اوطاق تي اچي ڪچهري ڪندو هو، انهي زماني ۾ سندن اوطاق ڳوٺ ۾ نه هئي، جيڪا هئي، ان کي ڀانڊ وان ۽ ٻج رکڻ جو ڪري ڇڏيو هيائون، ڪو غريب کائڻ لاءِ ان اوڌر تي گهرڻ ايندو هو ته ان کي چوندو هو مٺا ادا ان غريبن جي کائڻ کان مٿي چڙهي ويو آهي، پوءِ دل پسند اگهه مقرر ڪري کين اوڌر ۾ ان ڏيندو هو، پاڻ جروارن جون ڪجهه زمينون خريد ڪيائين، آخري وقت ۾ ٻئي حج لاءِ اهليه ۽ پٽ سميت تياري ڪيائون، ٽئي ڀاتي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ تي سفر ڪيائون، حاجي نبي بخش حج ۽ مدينه شريف جو سفر زيارتون ڪرائي آيو، اچڻ واپسي مهل ڳوٺان بس ڪري ويا هئاسين، تڏهين ڪراچي شهر ۾ ٽام ريل هلندي هئي، مون سڀني دوستن ڀائرن کي ٽام جو سفر ڪرايو، عبدالرزاق عرف دلبر خان نظاماڻي ۽ سندس وڏو ڀاءُ عبدالباقي نظاماڻي ٽنڊو قيصر وارا به گڏ هليا هئا ۽ حاجن سڳورن کي وٺي آياسون، خير جا پنهنجي ڳوٺ وڏا آهن، ياداشت لاءِ پٺين جي ڄاڻ لاءِ لکيو اٿم، ڊيگهه ڪري ويس، ايتري سٺي تاريخ نه آهي، جو ويهي پنهنجو پئسو ۽ وقت زيان ڪريان، آخري ڏينهن ۾ پاڻ بيمار ٿي ميمڻ اسپتال حيدرآباد ۾ علاج لاءِ ويو هو ته حاجي علي بخش بيمار ٿي اتي اسپتال ۾ گذاريو، وڏي ماني خيرات جي حاجي نبي بخش ڪئي ۽ جلدي پٺيان حاجي مير محمد پڻ ڀاءُ جي ڳڻتي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو، آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    حاجي نبي بخش جروار جو احوال، پاڻ حاجي مير محمد جو اڪيلو ۽ پيءَ چاچن جو دادلو آهي، پاڻ ڪوسو واءُ ڪونه ڏٺو اٿس، منهنجي پيءَ حاجي محمد پريل خان جروار پاڪستان ٿيڻ وارن سالن ۾ ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ جي جاءِ ورتي هئي، پوءِ غلام رسول عرف الهه بچايو، نبي بخش، مير محمد، لائق خان ولد مير هادي بخش خان ٽالپر، حمزو ٽالپر جي ڳوٺ وارو، ٽنهين کي گڏ پڙهائڻ لاءِ رهايو، ليڪن گريجوئيٽ منجهائن ڪوبه ڪونه ٿيو، پڙهڻ ڇڏي سڀ اچي مائيٽاڻي ڪمن يعني زمينداري کي لڳا، پيار، محبت هئي، نبي بخش خان وارن وٽ ڳوٺ ۾ اوطاق نه هئي ۽ اسان جي اوطاق تي مهمانن سميت رهندا هئا، ڪچهري جو ڪوڏيو هو ۽ چڙندو به جلدي هو ته وري پرچندو به جلدي هو، ڇو جو مائٽن جو دادلو هو، پاڻ حاجي موسيٰ جي نياڻي وڏي سان شادي ڪيائين، جنهن مان کيس 5 پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، وڏو پٽ محمد حنيف اٿس، عزت ڀرم وارو آهي، وڏي نياڻي عدل جي پٽ ڪرو جي گهر ۾ آهي، ٻئي نمبر پٽ تي عمر ورسي جو نالو آهي، حنيف کان سواءِ سڀني چاچن ۽ ڀائرن لاڙ واري زمين جيڪا سجاول لڳ ڪنڊڙي ۾ خاصخيلين طاهراڻين وٽ آهي، وڪڻي ڇڏي اٿن، حنيف جو حصو باقي آهي. الله بچائي ڏيندس.
    سندس ٻئي نمبر پٽ عمر کي عرض ڪيم ته اوهان جي سڄي فيملي تي تاريخي احوال نوٽ ڪري ڏي ته ڪتاب ۾ لکيا، ها ڪري آسرا ڏيندي هن به ڪونه لکي ڏنو، منهنجي لکڻ جو ڪم هڪ سال پوءِ ٿيو، جيڪا حقيقت آهي، اها لکي ڇڏي آهي.
    حاجي نبي بخش پيءَ ۽ چاچن جو دادلو آڳ واڳ جو ڌڻي هو ۽ وڃائڻ وارو به نه هو، زمين کي پيءَ ۽ چاچين جي صلاح سان خريداري ڪندو ۽ وڌائيندو آيو، هروڀرو جي الاهي سنگت ڪونه رکيائين، مگر جتي به سندس ڪم ڪار پوندا هئا، اتي 5 جي جاءِ تي 50 به خرچ ڪري ڇڏيندو هو، اسان سڀ پاڻت ۾ سئوٽ ٿيون، ماستر محمد صالح، ماستر مبارڪ، لکاڏنو، جوڳي خاصخيلي، صالح پٽيل ولد جمع خاصخيلي جي معرفت ڪنڊڙي وٽ به زمين خريد ڪيائين، ٻنهي ٺهرائڻ ۽ هتان سندس ٽريڪٽر سان گڏ سئوٽ قاضي محمد رحيم جا به ٻه ٽريڪٽر وٺي ويو، جيڪي اتي مسلسل 5 مهينا تيل تي ڪم ڪري آيا، نبي بخش کان بعد چاچن ۽ محمد حنيف کان سواءِ سڀن حصا وڪرو ڪري ڇڏيا.
    حاجي نبي بخش دادلو هئڻ ڪري مڙئي سهپ گهٽ هئس ۽ چڙ جلدي ڪندو هو، سندس ويٺي ۽ حاجي حيدر حاجي علي بخش ۽ پيءَ حاجي مير محمد گذاري ويا هئا، سڀني جي گڏيل زمين هئي، حصن مطابق هيراڦيري کاتا ٺهريائين، حاجي علي بخش جي باغ پوکيل حصا حاجي امام بخش کي ۽ حاجي امام بخش جا باغ پوکيل زمين سميت حاجي علي بخش جي پٽن حوالي ڪيائين، افضل ۽ سليم ننڍا هئا، سندن طرفان سندن نانو عمر ياراڻي داد جروار وارو تمام ناراض ٿيو، حدون اڪري ويا، ٻئي ڄڻان دنيا خاطر دين مٽائي ڇڏيائون، عمر ياراڻي سور پي ويو، جو نياڻي بيوه جي ۽ ننڍن ٻارن جو اڃا بي سمجهه هئا، سندن اختلاف حد کان ٻاهر هو، راڄن کي خبر آهي لکڻ جهڙو مواد نه آهي، جو عمر ياراڻي مون وٽ به دانهن کڻي آيو هو، پاڻ ۾ هئا سو مون ڪنهن جو به طرف نه ورتو، حاجي نبي بخش کي شگر بيماري جي تڪليف هئي، مسجد ۾ خطبو پڙهندي پڙهندي ڪِري پيو، هڪ دفعو خطبو پڙهي ڪِري پيو ۽ ان کان پوءِ خطبو نه پڙهيائين، ان کان پوءِ مون خطبو پڙهيو ۽ هاڻ شير محمد ۽ منهنجو ڀاءُ ماستر عرس خطبو پڙهندا آهن.
    آخري ڏينهن پاڻ کاتن ۽ شريعت محمدي جي ترڪي جي سلسلي ۾ ميمڻ حاجي سيف الحق وٽ هو ۽ ڪاغذ ٺهريائين، ڪهڙا ٺهرايائين اها مونکي خبر نه آهي، سندس پٽ نانو عمر گڏ هئس، شگر جو مريض هو، گهر لاءِ ٻوڙ ۽ سامان خريد ڪري خان محمد جي مسافر خاني ٺڪاڻي تي رکي آيو، اهيو ٺڪاڻو اسان سڀني جروارن جي ملڻ جي جاءِ آهي، اڄ انهي ڳالهه کي 35 سال ٿيا، هاڻي جروار سينٽر مارڪيٽ تعمير ٿي ويئي آهي.
    اتي پهتو ۽ اٽيڪ ٿيس دم ڌڻي حوالي ڪيائين، ميت کي گاڏي کڻائي نانا عمر ڳوٺ آيو ۽ هڪ ڏينهن آئون به ڪونه هوندس، رهي نالو الله جو، باقي سڀ فنا آهي، مان مزوري سانگي شوڪيه نصير بيراج فاضلاڻي موري تي هئس، علي خاصخيلي ايريگيشن فون وسيلي ٻئي ڏينهن اطلاع ڪيو ۽ ڪم ڇڏي ڳوٺ آيس.
    حاجي نبي بخش پٺيان 5 پٽ، 2 نياڻيون ۽ هڪ بيوه ڇڏي آهي، هڪ محمد حنيف وڏو پٽ ۽ وڏي نياڻي منهنجي تمام گهڻي عزت ڪن ٿا، ٻيا نڪي منهنجي عزت ڪن نه مان ويجهو ٿيان، محمد حنيف کي ڪجهه پيءَ وارا خيال آهن ته ڳوٺ راڄ ۾ ۽ هيڻي جو مڙئي خيال ڪري ٿو، الله ڪري خوش هجي، باقي ڪو اهڙو احوال نه آهي، جو لکان، ايترو تجربو ۽ عمر ٻڌائي ٿي ته سڀني کي پُري جي ڇڪ آهي، صفائي سان ٻئي جي گلو ڪهي ڄاڻن ٿا، ڪنهن جي به سک سان ٻڌل نه آهن، پنهنجو پيٽ پالي ڄاڻن ٿا پر خوش هجن، ڪرڪيٽ راند جو به محمد حنيف کي شوڪ آهي ۽ پاڻ به راند ڪري ٽيمون ٻاهران گهرائيندو آهي ۽ عبدالحڪيم جي اوطاق لڳ پنهنجي زمين ۾ ڪرڪيٽ راند جو سٺو گرائونڊ ٺهرايو اٿس ۽ راند جي پچ به سيمينٽ سان پڪي ٺهرائي اٿس.
    حاجي غلام محمد عرف حاجي گامن ميان جي حاجي پروز وٽ ڪجهه پڙهيو، جڏهن هيءَ احوال پهرين بڪ تي پئي لکيم ته سندس ٻڌائڻ ته منهنجي عمر هن وقت 70 سال کن آهي، مينهون دوئم جو ياراڻي ديرو مان جروار ڳوٺ داد خان جروار وارو ديهه ٻوچڙ تپو کوکر مان چوٿون نمبر پٽ آهي، منهنجي سڳي سئوٽ گهر ۾ اٿس، ان مان کيس 4 پٽ ۽ 3 نياڻيون آهن، پاڻ هن وقت اکين کان ويهي رهيو آهي، ويهي ڪچهري ڪبي ته پراڻيون ڳالهيون ياد اٿس ۽ هن سندس احوال ۾ به سندس ٻڌايل ڳالهيون درج آهن، پنهنجي جيڪا حصي جي زمين آهيس جواني ۾ ان ۾ مزوري ڪري انبن جو باغ پوکي تيار ڪري ڇڏيو اٿس، اهيا زمين جڏهن سڀ ڀائر گڏ هئا ته پير بقادار شاهه بڪيرا شريف واري کان خريد ڪئي حاجي مير محمد ۽ حصي ۾ رکي حاجي گامن هيئنر پاڻ اکين کان ويهي ويو آهي، ڪارو بار پٽن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهيس ۽ کاتا به 4 پٽن جا زمين ۾ پنهنجي جيئري ڪري ڇڏيا اٿس، نياڻين کي زمين ملڪيت مان حصو ڪونه ڏنو اٿس. مڙس کي پيءَ واري ڇڪ آهي، پر حاجي مير محمد قائدي ۾ رکين ۽ کين خوار ٿيڻ کان بچائيندو رهيو، حاجي گامن به پنهنجي اولاد کي پڪائي جي سٺي ٽرينگ ڏني آهي، پنهنجي پيٽ ڀرڻ پورو پورو سکيا آهن، ٻيو پاڙي جو غريب ڀاءُ مري ڪي بچي، انهي ۾ سندن هڪ نياڻي منهنجي سئوٽ محمد ايوب جي گهر ۾ آهي، کيس اولاد آهي، ٻي نياڻي محمد حنيف جي گهر ۾ آهي، کيس به اولاد آهي، ٽي نياڻي علي نواز جي گهر ۾ آهي، کيس به اولاد آهي، علي نواز مڙئي ڏکيو مڙس آهي، ڏاڏاڻي توڙي ناناڻي ڇڪ همراهه ۾ پوري پوري آهي، جنهن کي به پهتو، انهي کي ٽڪي جو ڪريو ڇڏي.
    حاجي گامن جي وڏي پٽ قمر الدين ۽ امين جي پٽن جا نالا “الدين” تي ترز تي رکيا اٿن، وڏا ڳالهه ڪندا آهن ته سڀ ڪو پنهنجي فن جو ماهر آهي، پوءِ جنهن وٽ جيڪو فن هجي اهو ان ۾ ماهر سو انهن “الدين” نالن ۾ به وڏي ڳالهه سمايل آهي. اشاعت جي قابل نه آهي پر ايترو ضرور لکندس ته اسان سڀ گڏجي هڪ فيصلي ۾ وياسون، جنهن ۾ اسان چڱن مڙسن سان گڏ هڪ امانتدار جروار مسٽر حاجي شير محمد ولد غلام رسول جروار اسٽامپ ويڊر به فيصلي جي امانتدار ٿي هليو هو، مسٽر غلام قادر مري ۽ سندس ڀاءُ اسماعيل خان مري وٽ زمين جي فيصلي لاءِ اتي مينهون خان جيڪو ڳالهايو، ان مان اسان کي معلوم ٿيو ته اهيو نالن جي ترز “الدين” ڇو رکي اٿن، فيصلو حقي حق ٿيو، پر همراهن جي نيت ۽ ڏاڏي جي ڇڪ اٿن، بس دين ايمان سڀ ڪجهه ملڪيت شايد اهيا ملڪيت سندن ايمان ۽ اخلاق ۾ آهي، جيڪا وڏن جي ڇڪ اٿن، حياءَ به ايترو جو سندس گاڏي ڪار ۾ ڪنهن دعوت يا دوستي ياري ۾ گڏجي هليا ته وڏو مامون قاضي محمد رحيم يا ننڍو مامون حاجي اسحاق هجي ان کي پٺين سيٽ تي ۽ پاڻ مينهون خان اڳين سيٽ تي ويهن، اهيا اٿن وڏن واري ڇڪ ۽ ذهني سوچ رئيس غلام قادر مري ۽ حاجي اسماعيل مري وٽ جيڪو فيصلو ٿيو اميد ته صحت ساٿ ڏنو ته ان جو پورو پورو احوال درج ڪندس، جيئن پوين کي سندن ساک پت ۽ ايمانداري توڙي اخلاق جي پوري خبر پوي، ليڪن ڪندا سڀ ڪجه صفائي سان، جيئن الزام ٻئي ڏانهن وڃي ۽ ناجائز نفعو پاڻ کائين، استعمال ٻئي کي ڪري ڇڏيندا سندن وڏن کان اهڙا ٻه ٽي واقعا آهن.
    ڏاڍي کان پري رهندا ۽ هيڻين کي گار ڏيئي جهيڙو ڪري جهيڙي جي آڙ ۾ هيڻين کي هيسائڻ سندن چالاڪي آهي، اهڙا واقعا منهنجي فيملي سان ڪندا اچن، اسين اشرافت سبب سهيو وڃون.
    حاجي امام بخش مينهون خان دوئم جو پنجون نمبر پٽ آهي، سندس شادي عطراڻي جروار جي پاڙي مان ٿيل آهي، کيس به اولاد ۽ انهن کي به اولاد آهي، حاجي امام بخش کي ٻه پٽ ۽ ٻه نياڻيون آهن، نور محمد عرف نورل ۽ علي نواز، حاجي امام بخش کي حصي جي زمين آهي، نبي بخش ڪجهه بدلي سدلي ڪري کاتا ٺهرايا ڪجهه ناراضگيون به ٿيون، پر وري به ملڪيت سندن آهي، ٺهي ويا، الله ڪري خوش هجن، حاجي امام بخش ڪچهري ۾ ننڍي ڳالهه کي وڏو ڪري ڄاڻندو هو، وٽس اهيو فن به ورسي جو هو، سندس ساڄي ٻانهن ۾ ٺونٺ کان مٿان ڪلهي کان هيٺيان گوشت جو وائي ڳنڍو ٻه ڪلو کان به ڪجهه وڌيڪ هو، سڏ سلوڪ برادر يا دوستي ۾ موڪليندا هئس، قدرآور وڏي منهن سان مڙس هو، سڏ سلوڪ ۾ وڃڻ وقت بوسڪي جو پٽڪو هيٺ مٿي تري سان ٻڌندو هو ۽ جيڪو کيس ٺهندو هو، اسان جي نسل ۾ مڇيون ۽ ڏاڙهي وڏيون ڪونه ٿين، البت کُسرا نموني جا آهيون، ڏاڙهيون مڇون ڪنهن ڪنهن مڙس جون ڀريل مڇون ڇا پر ڏاڙهي ٿئي، پر گهڻن همراهن کي شهپر وڏا رکڻ جو شوق ته آهي، ليڪن ٿين ڪونه، ڪوئي واري بيت ۾ علڻ سندس نالو وصفون ۽ گڻ بيان ڪيا آهن، جيڪو مون وٽ لکيل پيو آهي ۽ هتي ڪٿي بيان درج ڪندس، حاجي امام بخش جو وڏو پٽ نور محمد عرف نورل هو، پاڻ سهڻو جوان هو ننڍي وهي ۾ شادي ڪيائين، منظور علي، مختيار علي، مراد علي ۽ هڪ نياڻي جو اولاد اٿس، نورل نانگن جي بادشاهه نواب حاجي محمد خان تاجپور واري جو شاگرد هو ۽ بلائون جهليندو ڇڏيندو هو، تعويذ مليل هئس، ڪکيل کي به پاڻي پڙهي ڏيندو هو سوڀائتو جوان سڀني کي وڻندڙ سچ گو پڻ هو، ٽريڪٽر پنهنجو پاڻ ڊرائيو ڪندو هو، واقعي واري ڏينهن منجهند جو ڳوٺان ٻني تي ويو، هارين نانگ ڏٺو، ان کي پئي ماريائون، نورل جي نظر پئي ۽ چيائين نه ماريوس، پاڻ اڌ ڌڪيل نانگ کي پاڻي جا ڇنڊا هڻي ڪجهه سامت ۾ آندو ۽ کيس هٿ وڌائين ته نانگ ڪو زهريلو هو، ان چڪ هنيس، تعويذ گڏ نه هئس، ڳوٺ وساري آيو هو، قضا جو وقت ڀريل هو، نانگ جي چڪ سان همراهه ڪِري پيو جيئن شاهه سائين فرمايو آهي.

    سنهان مَ ڀائج سپ وياءَ واسيگن جا،
    لتاڙيا لطيف چئي چڙيا هڻن چڪ،
    جن جي جهڙپ هاٿي هنڌان نه چري.
    (شاهه)

    بس همراهن کي زهر وڪوڙي ويو، بروقت جيپ ۾ نواب حاجي محمد خان وٽ تاجپور پهتا، ان چيو بابا زهر پنهنجو ڪم ڪري چڪو آهي، جلدي سول اسپتال حيدرآباد پهچو ۽ انهيءَ ئي گاڏي ۾ سول اسپتال حيدرآباد پهتا.
    جيئن لطيف فرمايو آهي ته

    اڳي ان تڙان مون وهنجدي ورهه ٿيا،
    قضا آندس ڪن ۾ گهرائي گهران.
    جڏهين پورا ٿيا پريان تڏهين تانگو به تار ٿيو.
    (شاهه)
    سول اسپتال حيدرآباد ۾ پهتا، ڊاڪٽرن علاج به ڪيو، ليڪن قضا کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، نورل جو حياتي ساٿ ڇڏيو، پاڻ سول اسپتال حيدرآباد ۾ ساهه الله جي حوالي ڪيائين، ڪو 4 ڪلاڪن ۾ سڀ ڪجهه ٿي گذريو.
    سڀ فنا جو مڪان آهي، الله سائين کيس جنت ۾ جاءِ ڏي، ڳوٺ اچي آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.

    ڪڏهين ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهين مڙهه مقام ۾،
    واري سندو ڪوٽ اڏي اڏبو ڪيترو.
    (شاهه)
    الله سائين کان به دعا آهي ته الله سائين سندس اولاد کي خوش رکي ۽ وڌائي.
    حاجي امام بخش حصي ۾ ورتل گهر جي پلاٽ کي تعمير ڪرايو، جيڪو منهنجي گهر لڳ الهندي پاسي آهي، نورل کان بعد ڪيترا سال پنهنجو ڪاروبار سنڀاليندو رهيو، آخر اڌ رنگ جي بيماري ٿيس، لکي محمد شاهه پير بڪيرا شريف واري کان دوا ورتائين، هيڪر اڌ رنگ مان اٿي ويو، وري ٻئي دفعي بيمار ٿيو، پوءِ دوا ڪٿان ٻئي پاسان ڪرايائين، ٺيڪ نه ٿيو، ڪيترا سال کٽ تي پئي بيماري ۾ وفات ڪيائين، کيس آباڻي قبرستان واقع شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    علي نواز کي ٻه شاديون آهن، اولاد اٿس، سندس چاچي حاجي مير محمد جي چيل ڀولڙي واري ڳالهه سچي آهي، پاڻي ٻي شادي سڳي مامي محمد عطراڻي جي واڍن واري حرم يعني گهر مان جو شادي چاچا علي واڍو وڃي نياڻي سان ٿيل هئي.
    اهي واڍا صاحب خان جروار جي ڳوٺ وارا ابوپوٽا، سمان آهن، ڳوٺ صاحب خان جروار جي احوال ۾ سندس ذڪر ايندو، علي نواز ڪُپت ڪري کائي ويو، باغ جي سودي ۾ باگڙين جا پئسا کاڌا، چاچا حاجي ڪريمداد وساڻ ديهه وساڻڪي وارو ۽ پروفيسر ڊاڪٽر سيد شاهنواز شاهه فيصلي لاءِ مون کي چيو مڙئي منتون ڪري وٺي ويس، مينهون، ڪرو ۽ افضل سڀني ٻڌايو ته مون کي باگڙي جا پئسا آهن، نٿو ڏي، اسين ڇا ڪريون، پوءِ مونکي وٺي ويو، روبرو ڳالهيون ٿيون، باگڙي جا پئسا ثابت ٿيا، مونکي فيصلي ۾ ضامن ڪري اڌ پئسا ڏنائين ۽ اڌ پئسا نه ڏنائين سو نه، منهنجي ڪري پوليس ۾ ڳالهه ڪانه ويئي، نه ته چٽي سميت ڀري اچي ها، مٿين پنهنجي خاندانن چاچا حاجي ڪريمداد وساڻ ۽ سائين شاهنواز شاهه صاحب مونکي ۽ بابا سائين حاجي محمد پريل خان کي عزت ڏئي، علي نواز وٽ عزت نه آهي، ته ڪٿان ڏين، مينهون خان، افضل ۽ حنيف وارن مان ڪو به علي نواز سان گڏ چاچي حاجي ڪريمداد وساڻ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز وٽ فيصلي لاءِ گڏجي نه هليا، آئون گڏجي ويس، مٿان همراهه رڳو پئسن ڀرڻ جي سور کان نه هليا، باگڙي جا پئسا باغ جا علي نواز تي ثابت ٿيا، مونکي ضامن وجهي اڌ پئسا ڏئي اڌ کائي ويو.
    جيئن ته هن لکڻ جي ڪم لاءِ جروارن جي ڳوٺن ۾ وڃڻ ۽ خبر چار وٺڻ لاءِ توڙي شجرن فوٽ نوٽن لاءِ ته اهيا خبر مواد گڏ ڪرڻ جي سنڌي لينگويج اٿارٽي کي پئي، انهن مواد موڪلڻ لاءِ ليٽر منهنجي نالي موڪليو، دير جا الاهي سبب آهن، اهيو لکڻ وارو سمجهي سگهي ٿو، سنڌي لينگويج اٿارٽي کان مليل ليٽر، سنڌي ٻولي جو بااختيار اداري طرفان موڪليل ليٽر پيڊ تي ليٽر جناب شيخ محمد اسماعيل اعزازي مشير موڪليو، موضوع انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا بابت پهتو، نمبر ايس ايل اي/ايڊمن 1498/ 31 آگسٽ 2001ع تي پهتو، ٻه سال بند ڪم وري کنيو اٿم، 27 سالن ۾ ڪيتريون تبديليون اچي ويون آهن، ڪي ڪاغذ به هيٺ مٿي ٿي ويا آهن، اصل پيپرن مان شاٽ ڪٽ ڪري احوال لکيو آهي.
    حاجي محمد خان ولد حيدر خان، پاڻ حيدر جو ٻيو نمبر پٽ هو، منهنجو ڏاڏو آهي، سندس شادي حيدر خان جي ماماڻن مان سونو جروار بخشاڻي جي نياڻي مسمات مريم سان ٿي، بَدي جو سڱ هو، عيوض ۾ حاجي محمد خان جي ڀيڻ ۽ حيدر خان جي نياڻي مسمات حاجاڻي آسيئته ڏنل هئي، حاجي غلام علي بخشاڻي کي مٿيان حاجي غلام علي ۽ سونو بخشاڻي انهي زماني ۾ ڇڇ جهان خان ميون عثمان شاهه جا قٻا لاڏيون ضلع ٺٽه ۾ ويٺل هئا، منهنجي ڏاڏي حاجي محمد خان اتان شادي ڪئي، ڏاڏي کي وٺي آيو، اڇو پٽڪو ٻڌندو هو.
    رنگ جو ڪجهه پڪو هو، باڊي ۾ سنهون مڙس اڻ پڙهيل مگر حساب ڪتاب جو پڪو پختو، هٿ جو سخي مڙس بنان ڪنهن لالچ جي غريبن جي مدد ڪندو هو، اڙيال کي هرگز خالي نه ڇڏيندو هو، ڪار پت زبان جو سچو هوندو هو.
    واڻين سيٺين سان ڏيتي ليتي کي بلڪل چٽو رکندو هو، واڻيا به چوندا هئا ته ڪارو ڪوجهو آهي پر ڪارپت جو سچو آهي، هر وقت پنهنجي ٻني ۽ مال رزق جي ڪم ۾ ۽ آئي ويئي مهمان مسافر جي خدمت ۾ رڌل رهندو هو، پرائي کان صفا ڀڳل صوم صلوات جو بلڪل پابند هو، ڳوٺ واري موجوده مدينه مسجد کي شهيد ڪرائي پنهنجي ٻني مان نمون وڍائي، ساڳئي سيدن واري بنيادن تي ننڍي مگر سهڻي مسجد ٺهريائين، مسجد شريف جي ڪاٺ جي چٽسالي به ڪريائين، ڪچين ڀتين تي اڇي چن جو سٺو نيرو ڪرائي ان تي رنگ جي چٽسالي به تمام اوچي ڪرايائين، جنهن ۾ تمام گلن سان گڏ انب جا وڻ به ڦر سميت چٽسالي ڪرايائين، اڳي به بيان ڪري آيو آهيان، ته مسجد شريف جي ڪم دوران صاحب خان جروار جي ڳوٺ ۾ مائي بيوه مينگهواڙي اسان جي ڳوٺ آئي ۽ سندس گهر ڊٺل هو، منهنجي ڏاڏي حاجي محمد کي چيائين ته حاجي بابا الله سائين جو گهر پيو ٺهرائين، مون بيوه رن زال جو گهر ڊٺو پيو آهي، مونکي به خدا ڪارڻ گهر ٺهرائي ڏي، انهي بيوه کي پنهنجي ٻني مان ڪاٺ وڍرائي ۽ ساڳين رازن مزدورن کان بيوه جو گهر ٺهرائي ڏنائين، ميان جي حاجي پروز جروار ملون اچي ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ويٺو، قرآن شريف جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڏاڏا حاجي محمد خان کيس ڳوٺ الهه بخش جروار ۽ ڳوٺ علي بخش جروار جي ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ فقر ٻه وقتو ۽ جنسن لهڻ تي ان جو وظيفو راڄن تي مقرر ڪيو ته ميان جي حاجي پروز جروار ملون ٻارن کي پڙهائي ۽ اهيو تعليم جو سلسلو ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ حاجي محمد خان جروار شروع ڪرايو هيو، 1970ع تائين به ڳوٺن مان فقر جي ماني شاگرد پهچائيندا هئا، ٽي پيڙهين تائين اهيو سلسلو هليو ۽ ملان مڪتبه رهيو پوءِ پرائمري اسڪول ٿيو، پوءِ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پڻ منهنجي بابا سائين حاجي محمد پريل خان جروار، حاجي غلام حسين کوکر کان ايوب جي حڪومت ۾ کولرايو، جيڪو هن وقت مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ بلڊنگ سميت هلي پيو، موجود آهي.
    جڏهن انگريز سرڪار بيراج واهه کوٽايا ۽ پاڻي 1931ع ۾ نوان واهه جاري ٿيا ته اسان جي فيملي جون ڪافي زمينون موجوده چاڪر واهه جي اتر طرف ٿي ويون، ڳوٺ چاڪر واهه جي ڏکڻ هو، اَن گاهه آڻڻ ۽ ٻني ٻاري جي اچ وڃ چاڪر واهه وچان گذرڻ ڪري ڏاڍي مشڪل ٿي پئي، چاڪر واهه تي ان وقت موري ڪانه هئي، وڏي تڪليف ٿي، پوءِ حاجي محمد خان سرڪار کي موري چاڪر واهه تي تعمير ڪرڻ جي درخواست ڏني، جيڪا وڏي جدوجهد سان انگريز سرڪار منظور ڪئي ته خرچ پنهنجي سان ڪاٺ جي موري تعمير ڪرايو ۽ ضرورت پوڻ تي سرڪار ڪاٺ لهرائي ۽ کاٽي ڪرائيندي، حاجي محمد خان قبول ڪئي ۽ پنهنجي خرچ تي سرون ۽ ڪاٺ پين ۽ لوهيڙو پڪو خريد ڪري آيو ۽ پنهنجي زمين ۾ بيٺل سرينهن جو وڏو وڻ هو، ان کي ڪٽائي زبردست ٿلها تختا ٺهرائي، مال موجود ڪري ڏنو ۽ سرڪار جي طرفان آفيسرن اچي نشان ڏنا ۽ موري جا پيلرن جا بنياد پيا ۽ ان تي ڪاٺ جي موري تعمير ٿي، هاڻي مال مويشي مزور هاري وهٽ ٻني تي سولائي سان اچڻ وڃڻ لڳا، لوڊ ٿيل ڍڳي گاڏي خالي ڪري ۽ هٿن سان همراه بيل گاڏي هڪ کان ٻئي طرف پاس ڪري پوءِ گاڏي مان لاٿل بار لوڊ ڪري هڪ کان ٻئي پاسي ويندا هئا ۽ اڄ ان موري کان اولهه طرف 165 فوٽن تي پڪي موري منهنجي بابا سائين حاجي محمد پريل خان جروار، حاجي غلام حسين خان کوکر يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين هو، ان کان اهيا موجوده پڪي موري شايد 1962ع ۾ تعمير ڪرائي.
    ڳوٺ جي همراهن مڙسان مڙسي ڇيڙون ڏنيون ۽ موجوده پڪي موري ٺهي تيار ٿي، جيڪا هن وقت هلي پئي.
    منهنجي ڏاڏي کي 3 پٽ ۽ 4 نياڻيون هيون، حاجي سليمان، حاجي عثمان، حاجي محمد پريل ۽ نياڻيون خديجه جيڪا سڳي سئوٽ خان محمد سان نڪاح ٿيو، اولاد به ٿيو ۽ بعد ۾ خان محمد مينهون جي گهرن کي باهه لڳي ۽ امام بخش کي باهه مان ڪڍي آيو کيس باهه ساڙي ڇڏيو ۽ فوت ٿي ويو پٺيان گهرواري ۽ ٻار به گذاري ويا، حاجاڻي رضيه بيگم پهرين جمع ولد ڪرڙ جي گهر ۾ هئي، سندس بنا اولاد گذّارڻ جي ڪري ٻيو حق علي بخش جروار ۾ عبدالرحمان سان ٿيو، جنهن مان حاجي صديق ۽ نياڻيون ٿيون آهن.
    آمنت سڳي سئوٽ اڪو هاڻي اڪبر جي گهر ۾ هئي، هڪ پٽ حاجي موسيٰ ٿيو ۽ نياڻيون انهن کي به اولاد آهي، 4 جندو مصري جي نڪاح ۾ آهي کيس هڪ نياڻي ۽ 5 پٽ آهن.
    چاچا حاجي سليمان ۽ چاچا حاجي محمد عثمان کي اٺن جي قطار ۾ لاڙ طرف کورواهه شاهه ڪريم ميرپور بٺورو ٻنون طرف مزوري لاءِ موڪليندو هو، سيزن ڪمائي ان، چانور به خريد ڪري ايندا هئا ۽ پنهنجا اٺ چاري ايندا هئا ۽ چار پئسا مزوري مان ڪمائي کڻي ايندا هئا.
    هڪ سال سندم والد اٺن تي مزوري لاءِ ويو قدرت جا شان هڪ اٺ چور ڪاهي ويا ۽ هڪ اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، پوءِ بابا کي يعني حاجي محمد پريل خان کي اٺن جي مزوري تي ڪونه موڪليندا هئا.
    پنهنجي ڳوٺ واري زمين جڏهن کيسانو واهه پراڻو وهندو هو ته ڏاڏا حاجي محمد خان 4 هرلا پنهنجا هلائيندو هو، ان زماني ۾ هرلو چاڙهي زمين آباد ڪرڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. مرد قلندر ڪنهن کي مزوري ڪنهن کي هارپ جي پتي تي ته ڪنهن کي اٺ جي ڪمائي ۾ ڀائيوار ڪري ٻنيون پوکائيندو هو، جيڪي پاڻ همٿ ڪري پوکرائيندو هو، ڪڏهن به پوکيل زمين کي غيرآباد نه ڇڏيندو هو.
    هڪ سال گنجي واري نمبر ۾ اڪبر سندس ڀائيٽيو هو ۽ ناٺي به هو، تنهن سان بيکلي نالي سنڌي ڀيل کي ڀائيور رکيائين، ڀيل اڌ ۾ ٻني ڇڏي ڀڄي ويو، ويٺل هو درسن وڏيرن جي ڳوٺ ابريو درس ۾، خير پيار، محبت ۽ عزت جو وقت هو، حساب ڪري سندس مزوري ڪٽي اڃان به چار پئسا ڏاڏي حاجي محمد خان جا رهيا، ڏاڏي درسن کي شڪايت ڪئي ته بيکلو کان پئسا وهنوار وٺي ڏيو ۽ وهنوار مليو.
    پر علي محمد عرف علڻ جروار مٿس مزاحيه بيت ٺاهيو، بيت ۾ سمجهڻ واري ماڻهو لاءِ هڪ تاريخ سمايل هوندي آهي، علي محمد علڻ کان بيت لکائي ڇڏيو اٿم، اميد ته ڪٿي داخل ڪبو.
    منهنجي ڏاڏي پنهنجي مال مويشي لاءِ کڙ ٺاهڻ جا گهاڻا به پنهنجا لڳايا هئا، توريو ۽ ڄانڀو پيڙهي کڙ به پنهنجي ۽ تيل به پنهن ڪم آڻيندو هو، مزوري تي ٻين کي به تيل کڙ تيار ڪرائي ڏيندو هو، تيل ۽ کڙ جا گهاڻا موجوده اوطاق جي ڳوٺ واري اڳيان هئا.
    جيئن ته ڏاڏي جي ويٺي ئي بابا سائين حاجي محمد پريل ڪاروبار سنڀالي ورتو، انگريز سرڪار جو وقت برانچ جون زمينون خريد ڪيائين ۽ ٽنڊوالهيار ۾ لوهار محله ۾ اٽي جي چڪي بجلي هلندڙ ۽ جڳهه به واڻين کان خريد ڪئي ۽ ڪاروبار وڌائيندو ويو، جڳهه جي سهولت ڪري بابا ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن ڳوٺ ڪونه ايندو هو، ته ڏاڏو حاجي محمد خان چاچي حاجي سليمان کي ٽنڊوالهيار موڪليندو هو، ابا ڏس ڪونه آيو آهي، ڪٿي اوهڏ ۾ نه ڪري، ڏاڏي جي هوندي نه بلڪه ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ ٻي شادي ڪيائين ۽ ڏاڏي درويش جي ڳالهه سچي ٿي، ٽنڊوالهيار رهڻ دوران بابا کي حج جو ارادو ٿيو، خبر چار پڪي وٺي آيو ته ڪمپني جو جهاز ڪراچي بندر تي لڳو آهي ۽ حاجين کي کڻي ويندو، تڏهن پاسپورٽ ۽ ٻيا ڌڪا ڪون هئا، سڌو ٽڪيٽن جا پئسا پياري ۽ بهري سفر ڪبو هو.
    سو بابا اچي ڳوٺ رات جو ڏاڏا سائين کان حج وڃڻ جي موڪل ورتي ۽ کيس موڪل ملي پر چاچي حاجي سليمان ڪاوڙجي پيو ته وڏو آئون آهيان ۽ ننڍو پهرين ٿو وڃي حج تي، بابا مونکي به موڪل ڏيو ته گڏجي ڀاءَ سان حج پڙهي اچان، ته کيس به موڪلي ملي ته وڏي پڦي جنهن جو گهروارو وفات ڪري ويو هو، انهي پڦي حاجاڻي رضيه بيگم به حج جي موڪل ورتي، ڏاڏا سائين ٽنهين ڀاتين کي حج جي موڪل ڏني ۽ ثمر جو به انتظام ٿيو، ٻئي ڏينهن موڪلائي ٻه ڀاءَ ۽ هڪ ڀيڻ خير جا حج لاءِ ويا، تنهن زماني ۾ چئن مهينن جو سفر هوندو هو.
    چاچا حاجي عثمان ٻنهي ڀائرن جي گهر سنڀالڻ جو زمون کنيو ۽ چاچا وڏو پڦي حاجاڻي رضيه بيگم حج ادا ڪري آيا، آخر زمانو ڏاڏا سائين جي نظر تمام گهٽجي وئي هئي، پر ماني مٿي تي ڏڌ جو وٽو هٿ ۾ ٻيو هٿ ڪنهن ٻار جي هٿ ۾ ڏيئي مسافرن کي اوطاق تي ماني کارائيندو هو، اندازن 90 کن سالن جي ڄمار ۾ سال 48-1949ع ۾ وفات ڪيائون، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    چاچا حاجي عثمان ۽ مامون مصري ڏاڏي سائين جي قبر معلوم ڪرڻ تي ٻڌائي، جيڪا مونکي ڏيکاريائون، ان جو نقشو هن ئي ڪتاب ۾ ڏيندس.
    حاجي سليمان خان جروار پاڻ حاجي محمد خان جو وڏو پٽ هو ۽ منهنجو وڏو چاچو توڙي سهرو به هو.
    پاڻ قدآور گول وڏو منهن مهانڊا سهڻا ۽ وڻندڙ ڀريل ڏاڙهي، سنت برابر، مٿي تي سدائين اڇو پٽڪو، مٿان تُرو ڇڏيل ٻڌندو هو، نهايت باهمت رُعبدار، دٻدٻي سان باڊي وارو مڙس هو، پنهنجي موقوف جو پڪو هو.
    قرآن شريف پڙهيل هو، پنهنجي ڪم جيتري سنڌي به لکي ۽ پڙهي ويندو هو، ميان جي حاجي پروز ملون جروار وٽ پڙهيو هو مڪتب ۾، سڱن جي کوٽ هئي، پڪو جوان ٿيو ته سڳي سئوٽ مسمات حاجاڻي فاطمه بنت مينهون دوئم جي نياڻي سان شادي ڪيائين، جيڪا مينهون خان دوئم کي ياراڻي جروار ديري مان هئي ۽ کيس اولاد به آهي.
    ننڍپڻ ۾ پڙهائي کان بعد پنهنجي پيءَ حاجي محمد خان سان ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائيندو هو، ٻني ۽ مال مويشي حلال رزق ۾ پيءَ جو ساڄو هٿ هوندو هو، سيزن تي اٺ به هوندا هئا، انهن تي مزوري ڪرڻ لاءِ لاڙ پٽ ۾ شاهه ڪريم ميرپور بٺورو کورواهه ابڙال طرف اٺن جي قطار سان ويندو هو، سيزن ڪم جي ختم ڪري گهر لاءِ اَن خريد ڪري ساريون پنهنجي اٺن تي ڳوٺ کڻي ايندو هو ۽ پئسا به بچت ڪري سنڀالي کڻي ايندو هو، حساب جو پڪو پختو هو، مزودرن کي مزوري چٽي ۽ بروقت ڏيئي لکيو، صاف رکندو هو، اهيو وقت انگريزن جو هو، ڳوٺ وري پيءَ سان گڏ مال مويشي جي خدمت ۾ ۽ باقي وقت ٻني جي ڪم تي مزدورن ۽ هارين تي نذرداري ۾ خيال ڏيندو هو، هرلا چاڙهڻ لاءِ به پيءَ جو ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو هوندو هو، پنهنجن فصلن کي گڏ ڪرائڻ ۽ بٽين دوران کرن جي نذرداري آڌي اڌ رات گهوڙي تي چڙهي هليو ويندو هو، اَن تي پهتو ته ڪوچڙا چور اَن چورائي رهيا هئا، پاڻ انهن سان وڙهي اَن چوري کان بچايائين، کيس ڌڪ به ڏاڍا لڳا، پر همت ڪري پنهنجو رزق بچايائين، رات ۾ پيرا کڻائي شد ڪري چور ٻڌائي کائن ڏنڊ ڏوهه پر راڄن ۾ چڱ مڙسي جو معيار هو، حق ئي حق فيصلو ڪري آيو، هڪ دفعي منهنجي پيءُ سان ناراض ٿي چيائين ته ڪراچي ٻني کڻت ڪرڻ مان ٿو وڃان، تون ڳوٺ مال گاهه جي ڪر، قرب هئا بابا ها ڪئي ۽ چاچا حاجي سليمان پئسا کڻي برانچ جي زمين کڻت ڪرڻ لاءِ ٽنڊوالهيار مان ريل تي ڪراچي روانو ٿيو، تڏهن زمين ڪراچي مان ڪاغذ برانچ جي کڻت ملندي هئي، داخلا اچي ميرپورخاص ۾ رکبي هئي، ساڻس گڏ مصري فقير جروار جيڪو سندس ڀيڻايو هو ۽ هاشم لغاري، اميد علي لغاري جي ڳوٺ وارو اهي ٽئي پئسا کڻي گڏ روانا ٿي ته سڀئي برانچ مان زمين کڻت ڪري ٿا اچون، اتفاق ڪراچي پهچي شام ٿي چڪي هئي ۽ ٽئي همراهه ڪراچي ۾ ڪنهن مسافر خاني ۾ رهيا، اتي هڪڙو ٺڳ کائن پئسا وٺي رکڻ حفاظت بهاني سان پئسا پاڻ وٽ رکيائين، هنن کي چيائين ته توهان کان پئسا لليجا ڪڍي ويندا، هنن پئسا کيس ڏيئي ڇڏيا صبح آفيس ٽائيم جي پابندي سان ٺڳ سميت ٽانگي ۾ سوار ٿيا ته آفيس هلي اوهان کي پئسا ڏيان ٿو ۽ رستي ۾ ٽانگو بيهاري پاڻ ٺڳ لهي ۽ ٺڳي ڪري ڀڄي ويو.
    ٽانگي وارو ايماندار پٺاڻ هو، ان کي پئسن کڻي وڃڻ جو واقعو ٻڌايائون ته اسان ٽنهين ڄڻن جا پئسا وٽس آهن، پوءِ ٽانگي واري پٺاڻ ساڻس وڏي مدد ڪرائي، هڪ پي ٽي هوٽل تي ان کي ٺڳن جا ٺڪاڻا ساريل هئا، وڃي ٺڳ کي پڪڙيائون ۽ زبردستي جهلي سڳ سوڌو پوليس حوالي ڪيائون، انگريز جو دور قانون هو، ٺڳ سڳ سوڌو، نانان ڪورٽ ۾ رجوع ڪيائون ڪورٽ ٻئي ڏينهن انصاف ڪري کين پنهنجي رقم واپس ڪرائي ڏني، ٺڳ کي سزا آئي ۽ ٽيئي همراهه بنا زمين کڻت ڪرڻ جي واپس ڳوٺ آيا، بابا چيس ته ادا زمين کڻت ڪرڻ ڪو سولو ڪم به آهي، جڏهن ڀائرن پنهنجون زمينون ورهايون ته پاڻ مڙئي سٺا حصا زمين جا حصي ۾ کيائين ۽ صبح سان مال رزق مان فارغ ٿي گهوڙي تي چڙهي ٻني گهمي پوءِ ڳوٺ ايندو هو.
    انهي زماني تازو ڄام شورو اسپتال ٺهي هئي، گهوڙي واٽر مان ٽپو ڏنو ۽ چاچا حاجي سليمان پويان ڪنڌ ڀر وڃي ڪريو، وڏو ڌڪ آيس، همراهه کي بابا کڻائي حيدرآباد سول اسپتال داخل ڪرايو ۽ پوءِ اتان ڄام شورو استپال شفٽ ڪيو، ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ٺيڪ ٿي ڳوٺ آيو ۽ بابا تي ڪاوڙيو ته مونکي هروڀرو اسپتال ۾ بند ڪيو آهيس، پاڻ پهرين حج ڪري آيو هو ۽ آخري وقت اڃان تندرست هو ته ٻئي حج تي چاچي حاجاڻي فاطمه کي به گڏ وٺي ويو، بحري جهاز تي واپس حج پڙهي آيا ته مان ڪراچي ويو هئس ڏٺو هيم ته سفينه حجاج جهاز ۾ آيا هئا.
    صوم صلوات جو پابند هو، رات جو تهجد پڻ پڙهندو هو، سورت ياسين شريف تي عمل هوس، هر وقت پيو پڙهندو هو، ٻه ٽي دفعا سندس وٿاڻ تان مال جي چوري به ٿي، پاڻ سر ڪڏهن به چوري ٿيڻ جي حالت ۾ پيرن تي نه هلندو هو، ٻيا ماڻهو ورهاڙو ڪري ويندا هئا، هيءَ ڳوٺ گهر ۾ يا مسجد شريف ۾ سوره ياسين شريف ويهي پڙهندو هو، سندس چوري واپس ٿيندي هئي، 1958ع ۾ ڀائرن پاڻ ۾ زمينون ورهاست ڪري الڳ ٿيا، حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو سندس پٽ جوان هو ۽ پنهنجو ڪاروبار سٺو هلايائون، بعد ۾ به چاچا حاجي سليمان 20 کن ايڪڙ زمين خريد ڪئي ۽ ٽنڊوالهيار شهر ۾ به ٽي جڳهيون، چمبڙ ناڪي ۾ هڪ اٽي جي چڪي خريد ڪئي، پنهنجي عمر سادگي مگر خوشحالي سان گذاري، حساب ڪتاب جو پڪو پختو هوندو هو، ڍل وغيره محل سر ادا ڪري ڇڏيندو هو، رشوت ڏيڻ وارو ڪونه هو، پوءِ تپيدارن سان ڪونه ٺهندو هو، تپيدار مٿس ڏمربا هئا ته لاپو سولو ڪونه ٿو ڏي ۽ بابا انهن کي ٿڌو ڪري ڇڏيندو هو.
    بڪيرا شريف مين روڊ تي مسجد لڳ لقمان لاشاري وارن کان هڪ پلاٽ خريد ڪيائين، چاچا جي قبضي ۾ هو، راڄوڻي اسٽامپ به لاشارين لکي ڏنو هو، چاچي جي گذارڻ کان پوءِ لاشاري ڪوڙي ساک کڻي پلاٽ واپس ڪري ٻي ڌر کي وڪرو ڪري ڇڏيو، وڏو قصو آهي، جيڪڏهن پورو لکبو ته لقمان لاشاري سان گڏ فيصلي ڪرڻ وارن جو ضمير داغدار ٿيندو.
    1972ع پاڻ زرعي ترقياتي بئنڪ ٽنڊوالهيار برانچ مان ٽريڪٽر وياج تي خريد ڪيو، مئنيجر صاحب ۽ ٻيو عملو خوش نه هو ۽ تپيدار توڙي مختيارڪار به مٿس گرم هئا سو مٿس ضابتگي لاءِ پوليس وٺي ڳوٺ آيا، اوطاق تي پاڻ انهن کي روبرو ٿيو ۽ چيائين ته منهنجي زمين اوهان وٽ لکي پئي آهي، مان پئسا ٽائم تي ادا ڪندس، تپيدار مڙئي گرم ٿيو پاڻ بنان ڪنهن گهٻرائڻ جي مختيارڪار صاحب کي چيائين ته آئون ڪو رات پيٽ ۾ لڏيو ٿو وڃان جو هيڏي سختي پيا ڪريو، پوءِ آفيسر صاحب واپس ويا ۽ پاڻ قرض جون قسطون ڀري وقت سر ادا ڪيائين، سندس سالن سان دل ڪانه لڳندي هئس، انهن جي خيرات به ڪونه کائيندو هو، زمين جا کاتا پٽ بيان نٿي ڏنائون، انهيءَ سبب پاڻ حق تي هو، همراهه مڙئي ڏنگا هئا، انهي سبب ڪري پاڻ انهن کي ويجهو گهٽ ٿيندو هو.
    آخر ته هيءَ جهان فاني آهي، پاڻ ڪو 80 سالن کان مٿي جي عمر ۾ مهينو کن عليل گذاريائين ۽ ٽنڊوالهيار مان ڊاڪٽر پيتمامبر کي جيپ تي ڳوٺ آڻيندا هئاسين ۽ صحتياب به نه ٿيو، ايمان جي سلامتي سان هيءَ جهان ڇڏيائين، چاچي حاجاڻي فاطمه پهرين گذاري ويئي هئي ۽ پاڻ بعد ۾ انتقال ڪيائين، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو، اهيو وقت جنرل آمر جو هو، اليڪشن پي ٿي، اسان واري قومي تڪ تي وزير دفاع مير حاجي علي احمد ٽالپر حيدرآباد وارو هو، هارايو هيائين، اليڪشن غير پارٽي بنياد تي هئي، چاچا حاجي سليمان پٺيان ٽي پٽ ۽ ٽي نياڻيون سوڳوار ڇڏيا، حاجي غلام رسول عرف الهبچايو، غلام حيدر، حاجي محمد ايوب، ٽي نياڻين ۾ حاجاڻي ڌاڻو، حاجاڻي صابل ۽ جنت عرف جنان منهنجي گهرواري، سندس حج 2004ع جو ٽڪيٽ ڀرايم قراندازي ۾ نالو نه آيو ۽ پاسپورٽ ٺهرائي کيس عمره شريف جي سعاد حاصل ٿي، ويل چيئرمين تي عمرو ڪرايم، جيڪو سفرنامو هن ڪتاب ۾ موجود آهي، واپس آياسين ته تمام عليل رهندي هئي، گهر ۾ ايمان جي سلامتي سان 2007ع ۾ جمع ڏينهن وفات ڪيائين، پورو وقت علاج اسان جو گهرو معالج خانداني ڊاڪٽر پروفيسر محمد انور ميمڻ صاحب حيدرآباد اسان جو فيملي ڊاڪٽر آهي، تمام مهربان آهي.
    چاچي حاجي سليمان ڳوٺ جي ٻارن کي قرآن شريف پڙهائڻ لاءِ حاجي احمد درس کي مدينه مسجد ۾ مقرري ڪري رکيو هو، ڇوڪرا توڙي نياڻيون وٽس قرآن شريف ۽ نماز توڙي وضو سيکاريندو هو، جنهن کي ابتدائي ديني علم چئجي، مون به وٽس قرآن شريف پڙهيو هو، 61-1960ع جو سال هو، ته سائين حاجي احمد درس کي مدينه مسجد شريف ۾ مقرر ڪيو ويو هو، وضيفو پاڻ ادا ڪندو هو، مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ هر اسلامي مهيني جي پهرين جمع تي خدا ڪارڻ خيرات جماعت لاءِ چاچا حاجي سليمان جو زندگي جو معمول رهيو، پوءِ ڪڏهن تهري ڀت ته ڪڏهن مرچين ڀت، هر اسلامي مهيني جو پهريون جمع خيرات ڪندو هو، جنهن ۾ ڳوٺ کان علاوه ٻاهر جا به غريب جماعتي پابندي سان شريڪ ٿيندا هئا، تاحيات اهيا خيرات ڪيائين، مدينه مسجد ۾ 57-1956ع ۾ جمعي نماز جماعت ڪرڻ جو به اهتمام پاڻ ڪيائين، نه ته پهرين صاحب خان جروار جي ڳوٺ جمع نماز جي جماعت ٿيندي هئي، جماعتي وڌيا ته جماعت جمع جي به پنهنجي ڳوٺ مسجد شريف ۾ شروع ڪرايائين، هر اسلامي ڪم وضو نماز اسلامي عقيدا امام ٿي بيهي اڳيان نماز پڙهائڻ لاءِ اسان ننڍن کي هر وقت تاڪيد ڪري اڳيان ڪندو هو چوندو هو ته اسلامي ڪم پاڻ ڪريو سکو ۽ سيکاريو.
    هاڻي احوال منهنجي ٻي نمبر چاچي حاجي عثمان ولد حاجي محمد خان جروار
    حاجي عثمان نهايت ۽ ماٺيڻو جامڙد هاري مڙس هو، هر وقت کيس ٽوال جو پٽڪو مٿي تي ٻڌل هوندو هوس، ڪڏهن ڪڏهن اندر ٻاهر سڏ سلوڪ لاءِ بوسڪي جو پٽڪو پڻ ٻڌندو هو، ڪچهري ۾ گهڻو ڪونه ڳالهائيندو هو، ماٺ ڪريو ويٺو ڪچهري ٻڌندو هو.
    ميان حاجي پروز قرآن شريف ناظران ۽ نور نامو پڪو پختو پڙهيو هو، جواني جو زمانو مال رزق اٺن جي قطار سان ويندو هو ۽ ڪوڏر جي ڪم جو به جامڙد مڙس هو، سندس شادي سڳي چاچي حاجي احمد جي نياڻي سڳي سئوٽ مسمات ڀنڀو سان ٿي کيس 6 پٽ ۽ 3 نياڻيون ٿيون، سڀئي شادي شده اولادي آهن، پاڻ روزو نماز جا بلڪل پابند سڄي عمر پنهنجي حلال رزق کان علاوه مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ امامت جا فرائض انجام ڏنائين.
    اسان جا بخاري سيد سائين عطر شاهه بڪيرا شريف وارا چاچا حاجي عثمان ڍڳي گاڏي کيس پوش ٻڌي چاچي کي گڏ کڻي بڪيرا شريف مان جيجا حاجاڻي نور رحه کي پردي داري ۾ وٺي ڳوٺ ايندو هو ۽ ڪجهه ڏينهن رهڻ کان پوءِ وري ساڳي پردي داري ۾ چاچي سان گڏ بڪيرا شريف پهچائي واپس ايندو هو.
    سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار جڏهن ٽنڊوالهيار ۾ چڪي اٽي جي ۽ گهر جي جاءِ ورتي ته ٻارن کي بيل گاڏي ۾ پردي داري سان ٽنڊوالهيار گهر پهچائي ۽ واپس اچڻ تي مهيني کن کان پوءِ وري ڳوٺ وٺي ايندو هو، تڏهن آئون اڃان ڄاول نه هئس. ڀاءُ پاڻ ۾ گڏ هئا، رزق حلال سان الله مالا مال ڪري ڇڏيو هو وڏي برقت هئي، جڏهن اٺن وارو ڪم بند ڪيائون ته پاڻ ٽيئي ڀاءُ گڏ هوندا هئا، چاچا حاجي عثمان ٻني جي ڪم کان سواءِ گهر اوطاق جي رسائي سندن زمي هوندي هئي، پوءِ ٻار ٽنڊوالهيار سيدن جو اچڻ وڃڻ گهر جون ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون پاڻي به سندس حوالي جا ڪم هئا، هڪ دفعا جو واقعو آهي پاڻ ان (ڪڻڪ) جي ڍڳي گاڏي ٽنڊوالهيار کڻي ويو، ڍڳن جو گاهه به گاڏي ۾ گڏ کڻي ويندا هئا، جيئن شهر ۾ پئسا نه ڀرڻان پون، گاهه به ٻني مان مفت جو سو اتي ٽنڊوالهيار پهچي ان مشن پنهنجي تي لاهي گاڏي خالي ۾ ڍڳا ٻڌي ۽ پنهنجو گاهه ڍڳن کي ڏنائين، ميونسپالٽي ٽنڊوالهيار جو هڪ ڍڳو ڳاڙهي رنگ جو ٿلهو متارو ڇوٽ پيو هلندو هو، اهو اچي گاهه تي پيو هڪ دفعي ٻي ٽي دفعي هڪليو ڇڏي، پاڻ بازار مان سود سامان وٺيو اچي ميونسپل وارو ڍڳو به اسان جي ڍڳن سان گڏ بيٺو گاهه کائي، پاڻ هڪلي ڊوڙائي ڊوڙائي بيزار ٿيو، سڄو ڏينهن سو ڪاوڙ مان ڍڳي ميونسپل واري کي رسو وجهي ٻڌي ۽ شام جو کڻي ٽنڊوالهيار مان روانو ٿيڻ مهل اهو ميونسپل وارو ڍڳو پنهنجي ڍڳي سان گڏ گاڏي ۾ کڻي جوٽيائين، پنهنجو ڍڳو پٺيان گاڏي ۾ ٻڌائين بس اڃان چمبڙ ناڪي تي پهتو ته پوليس سرڪاري ميونسپل جي ڍڳي کي ڪاهي وڃڻ جي ڏوهه ۾ کيس ٻڌي ويئي، هاري گاڏي واپس ڪري مشن اٽي واري تي آيو ۽ ٻڌائي پوءِ بابا ويو ۽ چاچا حاجي عثمان کي ڇڏائي آيو، مغرب وقت پنهنجا ڍڳا گاڏي ۾ جوٽي ڳوٺ آيا، 2 ڪلاڪن جو رستو هوندو هو، چاچا حاجي عثمان کي اسلام سان تمام محبت هئي، سيدن پيرن ۾ وڏي عقيدت رکندو هو، ميون عثمان شاهه جا قبا ضلع ٺٽه ڇڇ جهان خان سان ته جهڙو ڪو رت جو رشتو هو، ڇو جو سندن والده جا مائٽ اتي ويٺل هئا ۽ بعد ۾ هن طرف لڏي آيا هئا، ليڪن سندن عقيدت پيرن ۾ هئي، هر سال چاچا حاجي عثمان ۽ بابا حاجي محمد پريل خان جروار ويندا هئا ۽ سائين غلام حيدر شاهه، سائين احمد شاهه ۽ سائين اميد علي شاهه، غلام حيدر شاهه عرف حيدرشاهه وڏي نالي وارو ٿي گذريو آهي، احمد شاهه پنهنجي ٻني ۽ درگاهه ميون عثمان جو متولي هو، سائين اميد علي شاهه درويش مريد خادمي ۾ سفر ڪري عمر پوري ڪئي، سندن سلسلو پيران پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي اولاد ۾ آهي، سندن هڪ وڏي تاريخ آهي، چاچا حاجي عثمان جتي بڪيرا شريف جي اسان جي بخاري سيدن سائين اسماعيل شاهه عرف عطر شاهه بخاري وارن سان يارهين ۽ چوڏهين هر اسلامي مهيني جي شريڪ ٿيندو هو، اهڙي طرح سونڍن جي شهر کان پريان ٺيگن جي ڳوٺ ۾ به پير يار محمد شاهه، نصير محمد شاهه، وارن وٽ به ٻارهين يارهين شريف ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ سندس عقيدت هئي، نصير محمد شاهه کان هڪ ڀلو گهوڙو خريد ڪيائين، مڪڙي رنگ جو ڀلو گهوڙو هو، وڙهڻ جو به ڏنگو هو، پر چاچا حاجي عثمان ۽ گهوڙي جو هڪ ٻئي سان پيار هو، چاچا سان وڙهندو هو، جيئن ته چاچا حاجي عثمان جي شادي پهرين ٿي هئي ۽ چاچا حاجي سليمان ۽ منهنجي بابا سائين جون شاديون پوءِ ٿيون، وڏي تعليم نه هئي، ملان حاجي پروز وٽ قرآن شريف ۽ ڪجهه ننڍي ريزڪي وڏو دوڪان کولي ڏنو، پنهنجي جڳهه ۾ جيڪا واڻين کان بابا خريد ڪئي هئي، موجوده ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ مسجد کي سامهون رستو ڇڏي اولهه طرف دوڪان ڏاڍو هلند هو، هر ٻئي ڏينهن ٻه بيل گاڏيون جنس اناج جي شهر کڻي وينديون هيون، قاضي محمد رحيم پيءَ ۽ چاچن جو دادلو هو، اوطاق به پنهنجي سنڀاليندو هو، 1960ع ڌاري دوڪان حاجي اسحاق حوالي ٿيو ۽ دوڪان جي آمدني گهٽجي ويئي، ان وري حاجي لکاڏنو حوالي ڪيو، جنهن پهرين دوڪان پوءِ هوٽل کولي ليڪن فيل ويو، پوءِ اها جڳهه پڦي جي پٽ عبدالله ولد مصري فقير جروارن کي حوالي ڪئي ۽ ان وٽ آهي، بند آهي.
    چاچا حاجي عثمان جڏهن ڀاءَ جدا ٿيا ته کيس به سندس حصو زمين جو ورهائي ڏنائون، سندس اولاد جوان هو، پنهنجي زمين کي سنڀالڻ لڳا، چاچا حاجي عثمان کي مڪمل واندڪائي ٿي، بس بابا سائين جو آئون محمد ياسين هئس، اهو به ننڍو ۽ ٻاراڻي وهي، بابا وري ٻي شادي حيدرآباد مان عالماڻي نصرپور جا هئا، انهن مان ڪئي ۽ اهيو ئي ٻي شادي سبب بني جدا ٿيڻ جو، پر چاچا حاجي عثمان بابا جي حاضري پوري پوري نڀائي عمر ڀر ٻارن کي ٽنڊوالهيار حيدرآباد پهچائڻ ڳوٺ بابا جي ڪم جي سارسڀنال ڪري حال احوال حيدرآباد مان ڏيئي وٺي ايندو هو.
    جدا ٿيڻ جي به چاچا حاجي عثمان ڪڏهن به محسوس ڪونه ڪرايو ته ڪو اسان جدا ٿيا آهيون، سڀ ڪم ڪار بابا جي هدايتن تي ڪندو هو، ٽيوب ويل به لڳرايائين، ٻه ٽريڪٽر خريد ڪيائين، هڪ جيپ ڪو 55 ماڊل جي فورڊ خريد ڪيائين، جنهن جو نمبر ڪي 444 هو، محمد صالح سندس پٽ جي 1947ع ۾ شادي ڪرائي، پهرين گهر ۾ رهائي پڙهايو، پڙهيو نه، پر اٽي جي چڪي سٺي سنڀاليندو هو، جدا ٿيڻ تي کيس دوڪان به بابا کولي ڏنو، ٽنڊوالهيار ۾ سندس شادي به بابا ڪرائي آيو، سندس مامي جي نياڻي سان جنهن ۾ به بابا کي ڪجهه زمين جي ٽڪري تان هٿ کڻڻان پيا، لکڻ جهري ڳالهه نه آهي.
    بس ڏاڍ مڙسي ٿي، معنيٰ جنهن جي لٺ ان جي مينهن وارو محمد صالح کي گڏجي زماني کان ئي بابا ٽنڊوالهيار وٺي ويو هو، سندس گهر جي جڳهه به بابا وٺي سندس حوالي ڪئي، ڏاڍو دوڪان هلندو هئس، گهر کي به ڊهرائي نئين ڊزائن سان ماڙي به تعمير ڪرايائين ۽ اولاد به آهيس، پر وري محمد صالح گهر ۾ بيماري جي ڪري ڏلي ويو، جايون جڳهيون وڪڻي ڇڏيائين، هڪ نمبر زمين جو سندس حصي جو ديهه ستياري ۾ 162 نمبر ۾ 10 ايڪڙ زمين به وڪرو ڪري ڇڏيائين، وري به بابا کيس ٽيڪ ڪئي، پنهنجي چڪي اٽي جي اها جاءِ چاچا حاجي سليمان کي حصي جا پئسا نقد ڏيئي ۽ اها جڳهه بابا سندس حصي ۾ رعايت ڪري چاچا حاجي عثمان جو سڄو حصو حاصل ته محمد صالح کي وري به گهر ۽ دوڪان وارو ڪيو، ان ۾ منهنجي پيءَ جو وڏو عمل دخل هو، ڳالهه ڊگهي آهي، موقع سان بيان ڪبي.
    منهنجي فيملي جروارن جو ڪافي مواد آهي، ته ڪهڙا قوم سان سولا هليا ۽ ڪهڙا ڏنگا هليا، اهيو الڳ بڪ تي نوٽ ڪري ڇڏيا آهن، اشاعت جي قابل نه آهي، ان ڪري پرهيز ڪئي اٿم، گهر جي ڪهڙي ملڪيت ڪيئن ٺهي ۽ ڪيئن ويئي، ڪهڙا ڪارڻ هئا، انهيءَ ملڪي جي وڃڻ جا اُها خريد ڪنهن ڪئي، ڪهڙي طريقي ۽ سندن پڇاڙي ڪهڙي ٿي، هڪ الڳ موضوع آهي، اشاعت جي قابل نه آهي.
    جدا ٿيڻ جي باوجود چاچا حاجي عثمان هر وقت هر گهڙي بابا سان ساٿ نڀايو ۽ بابا به کيس عزت ڪندو هو ۽ ڏکي سکي ۾ ڪونه ڇڏيندو هو، چاچا حاجي عثمان پويو وقت مدينه مسجد شريف جي خدمت ۾ امام ٿي گذاريو، مصري شاهه جامع مسجد ٽيو نمبر تلاءُ جي حيدرآباد مکي باغ گيٽ جي تعمير وقت هتي ڳوٺن مان چندو گڏ ڪري في سبيل الله صوفي رضا محمد صاحب عباسي کي پهچائي آيو، الله کيس آجر ڏيندو، ٺٽه چوهڙ جمالي ڳوٺ عجائب سومرو ۾ مسجد شريف جي تعمير وقت به ڳوٺن مان چندو ڪري پهچائي آيو، سائين مقيم شاهه ڪريم پوٽو وارشاڻي سيد سان به دوستي هئس، حج جي رفيقن ۾ ٿيٻا مولان وارا چاچا حاجي محمد رحيم ٿيٻو ۽ ٻارڻ ٽنڊو محمد خان جا لغاري به رفيق هئس، چاچا حاجي عثمان ۾ وڏ ماڻپي اصل ڪانه هئي، سادو سودو خوش اخلاق هو.
    آخر ۾ بيمار ٿيو ٻه مهينا کن منهنجي ڀاءُ الهه بخش جي ڳوٺ واري جڳهه ۾ قادر بخش سندس پٽ سان گڏ فيملي سميت رهندو هو، ايمان سلامت هئس، پنهنجي آخري وقت ۾ وڏي پٽ قاضي محمد رحيم کي مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار جي امامت ۽ ٻانگ صلوات تي مقرر ڪيائين ۽ اتان ان به نڀايو، مدينه مسجد شريف ۾ چاچا حاجي عثمان ڏکڻ لڳ ديوار مدرسو تعمير سان تڪميل ڪرايو، پاڻي جي مشن مسجد شريف ۾ به وضو ۽ جاءِ استنجا به پاڻي جي ٽانڪي پڪو انتظام ڪيو، چاچا حاجي عثمان جي سندس پوٽي حاجن ولد لکاڏنو گرم پاڻي لاءِ بجلي جو گيزر لڳايو ۽ چاچا حاجي عثمان جي ٻئي پوٽي محمد علي ولد لکاڏنو پيئڻ جي ٿڌي پاڻي لاءِ مدينه مسجد ۾ بجلي جو ڪولر ٿڌي پاڻي جو لڳايو آهي.
    چاچا حاجي عثمان به اندازن 95 سالن کان مٿي جي عمر ۾ گذاريو، کيس به آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ جڳهه ملي.
    جناب حاجي محمد پريل خان جروار ولد حاجي محمد خان جروار جو احوال، جيڪو منهنجو پيءَ حاجي محمد خان جو ٽيون نمبر پٽ هو، سندس هڪ وڏي تاريخ آهي، شايد نه لکي سگهان، ڪوشش ڪندس ته جيترو ٿي سگهي، لکي وڃان.
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي.
    (شاهه)
    پاڻ حاجي محمد پريل خان جروار 15-1912ع جي درميان ڳوٺ الهه بخش خان جروار ۾ حاجي محمد خان جي گهر ۾ جنم ورتو، سندن والدين ڳوٺ ۾ ئي سندس پرورش ڪئي، جڏهن پڙهڻ جيڏو ٿيو ته ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ٻين ٻارن سان گڏ ملان مڪتب ۾ داخل ڪيائون، پاڻ قرآن شريف پڙهيو ۽ سنڌي جي به شروعات اتي ئي ڪيائين، ان زماني ۾ ملن جي گهر جو فقر ٻين ڳوٺن علي بخش جروار ۽ الهه بخش جروار مان شاگرد وٺي ايندا هئا ۽ ملن جي گهر جون ڪاٺيون ۽ پاڻي به شاگرد ڪندا هئا، هيءَ به ٻين شاگردن سان گڏ ملن جون ڪاٺيون پاڻي ۽ فقر لاءِ ويندو هو، جيڪا ڳالهه کيس پسند نه آئي، توڻي جو ملن جروارن صاحب خان جروار جي ڳوٺ وارن جو فقر به سندس پيءَ حاجي محمد خان جروار طرفان وظيفي سان گڏ ڳوٺن تي مقرر ڪرايل هو، کيس شاگردن کان ڪم وٺڻ جي ڳالهه نه وڻي ۽ ان ئي زماني ۾ ملن جروار صاحب خان جي ڳوٺ وارن جي چوري ٿي، جنهن جو ڪوڙو الزام اڪبر مينهون جروار جي پٽ تي لڳو ۽ کيس پوليس جيڪا ان زماني ۾ ڳوٺ ٻيڙو خان کوکر موجوده حاجي غلام حسين کوکر ٿاڻي تي رهندي هئي ۽ شڪايت داخل ڪرائي، اڪبر کي ملن ٻڌايو، ڏاڍي جاچ بعد اڪبر بي ڏوهي ثابت نڪتو، مڙس هو جوشيلو سو ان وقت موجود ڳوٺ وارن کي ملا مڪتب مان حاجي موسيٰ ۽ سندس مامين حاجي پريل کي اسڪول مان ڪڍي آيو، اڪبر کي ٻين ساٿ نه ڏنو، باقي حاجي محمد هوس سهرو، ان کي نياڻي جي مجبوري، انهي زماني ۾ انگريز سرڪار ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ پرائمري اسڪول کوليو، جيڪو اسان جي ڳوٺ کي ٿوري مفاصلي تي هو، هاڻي ٻنهين کي گڏي گورمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ داخل ڪرايائون، سندن استاد جو نالو نه مون کي ملي سگهيو، الاجي ڪهڙو هو، مامون حاجي محمد پريل خان ۽ سندس ڀاڻيجو حاجي موسيٰ اتي پڙهيا، ڪو ٻه درجا پرائمري پاس ڪري ٻنهين ڄڻن صلاح ڪري اسڪول ڇڏي ڏنو، حاجي موسيٰ سندس پيءَ جو ٻني ۽ مال ۾ هٿ ونڊائڻ لڳو ۽ بابا سائين پنهنجي ڀائرن حاجي سليمان، حاجي عثمان ۽ پيءَ حاجي محمد خان سان پنهنجي ڪم ڪار، مال رزق ۽ ٻني جي ڪم ۾ شروع ٿيو، اهو ڪو اندازن 1920ع جو دور هو.
    مائٽاڻي ڪو 40 کن ايڪڙ زمين هئي، ان کي وڌائڻ ڦٽل زمينن کي ٺاهي آباد ڪرائڻ، اٺن ۽ مال رزق جي ڌنڌي کي لڳي ويو، واپار به مال جو ڪندو اڳتي وڌيو ۽ برانچ سکر جون زمينون وڪامڻ لڳيون، ته انهن جي خريدي به کيس سمجهه ۾ اچي ويئي، پيءَ جي هوندي زمين به وڌائيندو آيو ۽ مال جو وٽ واپار به ڪندو آيو، ڀاڳ به اچي وريو ۽ زمينون کڻندو آيو، ڪنهن به پنهنجي کي ڏکي ۾ ڪونه ڇڏيندو هو ۽ الله سائين به ڀاڱي آيو، راڄن ڀاڳن ۾ مرتبي وارو ٿيو.
    پهرين سندس مڱڻو سڳي سئوٽ عمر جي نياڻي سان ٿيو، پر شادي کان پهرين سڳي سئوٽ گذاري ويس ۽ پاڻ وري پنهنجن عزيزن مان خان محمد جي نياڻي مسمات سوني سان نڪاح ڪيائين، جنهن مان اولاد ٿيو، پهرين نياڻيون ٿيون ته پاڻ پٽ جي اولاد لاءِ سڪندو هو، پوءِ الله سائين کيس پٽن جي اولاد سان پڻ نوازيو، پاڻ اندازن 41-1940ع ۾ حج جي سعادت ماڻيائين، هڪ ڀاءَ حاجي سليمان ۽ ڀيڻ حاجاڻي رضيه بيگم جيڪا بيوه ٿي چڪي هئي، انهن کي به گڏ حج ڪرايائين، حج کان واپس اچي وري به پنهنجي زمين جي ڪاروبار کي سنڀاليائين، وڏي ڀاءُ جي نالي ۽ گڏيل حصن ۾ برانچ مان زمينون 45-1940ع تائين کڻندو رهيو، زمين جو قسطون ڍل ۽ آبادين تي خيال هوندو هئس.
    هڪ دفعا سليمان سندس ڀاءُ ڪاوڙ ڪري اٺن جي قطار ۾ مزورن سان لاڙ روانو ڪيو، هن همراه کي جتن وارو ڪم ڏانءُ نه آيو، هڪ اٺ چور ڪاهي ويس ته هڪ اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، ماڪ ۾ اٺ لڏيائون لاڙ جي ڪلراٺي زمين اٺ جو پير ترڪي پيو ۽ اٺ وڃي ڪريو، اٺ جي ٽنگ ڀڄي پئي، زيان تان مايوس ڪونه ٿيو، نڪي گهٻرايائين، خدا وري کيس الاهي برڪتن سان نوازيو، چاچو خيرڻ جويو کي پوري ڪٽمب سميت هن تر ۾ بابا حاجي محمد پريل خان هارپ لاءِ آڻي آباد ڪيو.
    45-1944ع تي پاڻ ٽنڊوالهيار شهر ۾ واڻين کان جڳهه ۽ اٽي جي چڪي خريد ڪئي، هاڻي ٽنڊوالهيار ۾ رهڻ به ٿيس، ڪڏهن فيملي ٽنڊوالهيار ته ڪڏهن ڳوٺ، چاچا حاجي عثمان بيل گاڏي ۾ سفر ڪرائيندو هو، 1945ع ڌاري صاحب خان جروار ۾ ويٺل واڻين رضا خوشي سان زمينن ۽ جڳهن جا سودا لکايائين، حاجي مير محمد کي ڀائيوار ڪيائين، سودن ۾ حاجي مير محمد ڌوڃ ٿي زمين رکي جاين جو حصو نه رکيائين، زمين زنئور شاخ واٽر ڪورس ون ايل جي پيچ ڳوٺ صاحب خان جروار جو اولهه طرف ٻي ڏکڻ طرف تي اوڀر طرف هئي، ڌوج همراهه منڌ جو حصو رکيو، ڳوٺ مان اولهه طرف رکيو ۽ واٽر جو پوچڙ ڳوٺ کان ڏکڻ ۽ اوڀر طرف بابا سائين کي ڏنائون، اهيا قدرت جي مهرباني آهي جو بابا جي سڄي زمين اڄ ٽرانسفر ٿي چاڪر واهه جي پهرين اي آر تي آهي، جيڪو هڪ الڳ داستان آهي، ذاتي بڪ ۾ درج ڪندس، گڏوگڏ قائد اعظم جي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو، ٽنڊوالهيار ۾ 1945ع ۾ ٽنڊوالهيار ۾ مڪمل رهائش اختيار ڪيائين جتي سندس اٿي ويٺي پڙهيل طبقي سان هئي ۽ ترڪي جو منزلون ڪامياب ويون، پاٽولين حاجي محمد يعقوب بچاڻي سان سندس دوستي به ۽ ڦٽين توڙي ٻي ڪاروبار جي ڏيتي ليتي پڻ ٿي، 1946ع ۾ سندس والد حاجي محمد خان انتقال ڪري ويو، پر پاڻ پنهنجو ۽ ڀائرن جو سڄو ڪاروبار باهمت ٿي هلايائين، 1947ع ۾ به ٽنڊوالهيار رهندو هو فيملي سميت.
    1950ع ۾ ڳوٺ واري موجوده مدينه مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار ڪچي مسجد شهيد ڪرائي وڌيڪ زمين سندس چوڻ تي منهنجي آهي، هڪ وڏي ڪشادي مسجد پڪين سرن گاري جي اوساري لينٽر ۽ ونگن ۾ سيمينٽ ملتاني رازو ڪاريگر لال الدين کان بهترين مهاڙي ٽائلس جو فرش لڳريائين، جيڪا اڄ به ڏسڻ سان پنهنجي شاهدي پاڻ پيش ڪري رهي آهي، 1955ع ڌاري سندس سس حاجاڻي جنت جيجان حاجاڻي نور بخاري بڪيرا شريف کي رفيق ڪري پاڻي واري جهاز ۾ حج سفر ڪرايائين، ان ۾ پاڻ ڪونه ويو هو، باقي سڄي سفر لاءِ انتظام ڪيا هيائين، بحري جهاز تيار هو، جيجان حاجاڻي نور کي پٽ جي اولاد لاءِ الله پاڪ کيس عرض ڪرڻ جو چيائين، هڪ ڦوٽو دعا ڪري گهري کائڻ لاءِ ڏنائون ۽ مان بعد ۾ والدين کي پيت ۾ ٿيس ۽ ڄايس، جيجا حاجاڻي نور جي ڪرامت الله سائين منهنجي کاٻي ڪک تي ڦوٽي جو داڻن وارو نشان آهي، جيئن ان تي اڱر سان کنيدو آهيان ته ڦوٽن جي داڻن جهڙا داڻا ڪرندا آهن.
    1958ع ڌاري حيدرآباد مان ٻي شادي ڪيائين، عالماڻين مان جيڪي اصل قديم نصرپور شهر جا هئا ۽ ائين ارباب صاحب حاجي جمال الدين ورياهه جو سنڍو ٿيو، يعني ته ارباب حاجي جمال الدين جي اهليه منهنجي ماسي ٿي کيس پٽ نه هو، 1958ع ڌاري مان پيدا ٿيس ۽ بابا سائين حيدرآباد پنهنجي جڳهه پٽ خريد ڪري جڳهه ٺهرائي ٽيون نمبر تلاءَ ٽنڊو طيب حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي ۽ ٽنڊوالهيار ۾ ٽيليفون نمبر 77 ورتو ۽ حيدرآباد ۾ به گهر ٽيليفون لڳرايو، جنهن جو نمبر 26154 هو، حيدرآباد رهڻ ڪري ۽ ڀائرن جي جدا ٿيڻ ڪري زمينداري ڪاروبار توڙي ٽنڊوالهيار اٽي جي چڪي جي ڪاروبار ۾ ڌڪ لڳو.
    پاڻ 1946ع کان جيئن ٽنڊوالهيار ۾ رهيو ته پهرين محمد صالح کي پڙهائڻ لاءِ وٺي ويو پڙهيو نه باقي ريزڪي دوڪان ۾ ڪامياب ويو، پوءِ حاجي غلام رسول عرف حاجي الهبچايو ۽ حاجي نبي بخش کي پڙهائڻ لاءِ ٽنڊوالهيار گهر رهايائين، مير محمد لائق خان ٽالپر ولد مير هادي بخش خان ٽالپر ڳوٺ حمزو ٽالپر ليڪن اهي به نه پڙهيا، پوءِ حاجي اسحاق کي ٽنڊوالهيار پڙهڻ لاءِ وٺي ويو، خدا جا شان اهو به نه پڙهيو، جڏهن آئون پڙهڻ جهڙو ٿيس ته کيس به پڙهائڻ لاءِ پهرين مسلم پرائمري اسڪول ميمڻ محلا ٽنڊوالهيار ۾ داخل ڪيائين، جو سندم والده پڻ ٽنڊوالهيار جڳهه تي رهندي هئي، پوءِ ايس ڪي رحيم هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ڪيائين ۽ بعد ۾ وري نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ڪرايائين، ليڪن مان به نه پڙهي سگهيس ۽ اسڪول ڇڏي ڏنم، ڳوٺ زمين جي ڪاروبار ۾ لڳي ويس، پرائمري کان آخر تائين جن استادن وٽ پڙهيس، انهن جا نالا ترتيب وار پرائمري استاد محمد رمضان شايد لُنڊ ذات جو هو، استاد محمد عرس درس، استاد محمد عثمان ڀٽي، اهڙا استاد ڪٿي سندس ڪل شاگرد سرڪاري نوڪريون ماڻيائون، وڏي فهرست آهي، اميد ته ڪٿي لکي ڇڏيندس، استاد محمد عثمان ڀٽي ۽ حاجي محمد پريل خان جروار جو هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي، اسان جي ٽنڊوالهيار ۾ ڳوٺن ۾ استاد مولانا ناهشمت علي، سر محمد الياس پيرزادو، استاد سائين علي محمد شاهه، استاد مسٽر غلام حسين بالادي، استاد شيخ علي محمد، منهنجي بدقسمتي چئبي جو پڙهي نه سگهيس.
    مٿيان سڀ استاد نالي وارا هئا، ليڪن منهنجي قسمت ۾ شايد اهيو ئي لکيو هو، اهيا به سندم والد ۽ استادن جي تعليم جي برقت آهي جو ايترو ڪجهه ٻه اکر لکيو ۽ پڙهيو وڃان، حاجي محمد پريل خان ملان مڪتب اسڪول ۾ شاگردن کان جيڪو ڪاٺين ۽ پاڻي جو ڪم استاد ملان وٺندا هئا اتان کيس تعليم جو خيال ۽ اجاگر ٿيو ته شاگردن اچن پڙهڻ لاءِ ۽ ڪن ملن جي گهر جون ڪاٺيون ۽ ڀرين گهر جو پاڻي، بس پوءِ خاص تعليم جو خيال کيس دل ۾ وجهي ويو ۽ پوءِ استاد محمد عثمان ڀٽي جنهن جي ڊوٽي صاحب خان جروار پرائمري اسڪول ۾ لڳي ۽ بابا جو مٿس وڏو اعتقاد ٿيو، پڙهائڻ جي سلسلي ۾، اهيو سنڌي ست درجا فائنل جو زمانو هو، استاد محمد عثمان ڀٽي جيڪي به شاگرد پڙهايا ۽ فائنل ڏياري اهي سڀ سرڪاري نوڪرين ۾ ويا، جن ۾ حاجي عثمان ملون، حاجي عمر ملون جروار پرائمري استاد ٿيا، ماستر خان محمد ولد خداد ملون جروار پرائمري استاد، پير بخش ولد حاجي جان محمد پرائمري استاد، حاجي علي نواز رستماڻي، ماستر محمد ونهيل درس، ماستر حمزو خاصخيلي ڳوٺ مٺو خان خاصخيلي، ماستر ڌڻي بخش خاصخيلي ڳوٺ مٺو خان خاصخيلي، تپيدار مسٽر شير محمد جروار، تپيدار لکاڏنو ولد جلال خان جروار ڳوٺ خير محمد جروار عرف آمري ۽ جيڪي نوڪرين ۾ نه وڃي سگهيا، انهن ۾ محمد رفيق ولد سليمان جروار ڳوٺ صاحب خان جروار پهرين حاجي محمد پريل خان کيس ناڪي منشي ٽنڊوالهيار ۾ نوڪري وٺي ڏني، ڪجهه وقت نوڪري پوءِ ڇڏي ڏنائين ۽ ادا قاضي رحيم جي دوڪان ريزڪي ڳوٺ صاحب خان جروار وٽ دوڪان تي ڪم ڪندو هو، غربت هئڻ سبب کيس شادي لاءِ پريشان هو، حاجي پريل خان سندس شادي بلوچي موساڻي جروارن مان ڪرائي، آخري وقت پنهنجي قيبين هلائيندو هو ۽ هڪ پٽ ٿيس ۽ پاڻ جلد گذاري ويو.
    مولابخش ولد صادق واڍو، عبدالله ولد مصري فقير جروار، عثمان ولد عبدالرحيم جروار، حاجي عبدالرحمان عرف حاجي الهجڙيو جروار به استاد سائين سعد الله لاڙڪاڻه واري وٽ پڙهيا، ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ ليڪن اڳتي نه نڪري سگهيا، فائنل پاس انهن ڪئي، جيڪي استاد محمد عثمان ڀٽي پڙهايا، بعد ۾ ملان جروار پنهنجي ئي اسڪول ۾ استاد ٿي آيا، ڪنهن کي به اڳتي پڙهائڻ لاءِ خوش نه هئا، ٻيو ته ٺهيو رڳو استاد ماستر خان محمد ولد خدا داد کي به اسڪول ۾ ڊيوٽي جي دخل ڪار نه ڏنائون، بس جيڪو سو اسان جو هجي، ٻيو ڪير به نه پوءِ حاجي محمد پريل خان جروار 1960ع ۾ گورمينٽ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ کولرايو، جنهن ۾ حاجي غلام حسين خان کوکر چيئرمين يونين ڪائونسل کوکر جو وڏو هٿ هو ۽ اسڪول کلي ويو، پهريون سرڪاري استاد ماستر محمد ابراهيم ولد ماستر نور محمد ترڪ مقرر ٿيا، پاڻ ٽنڊوالهيار ميمڻ پاڙي جا هئا ۽ انهن ٻنهي استادن پيءَ ۽ پٽ ماستر محمد ابراهيم ۽ ماستر نور محمد ترڪ اسڪول جنرل رجسٽر رکي اسڪول هلايو، جيڪو الله جي مهرباني سان سال برسال ترقي ڪندو وڃي، پوءِ استاد بدلي ٿيندا ۽ ايندا ويا، جن ۾ استاد محمد عرس درس، استاد محمد هاشم ڏيٿو، ڳوٺ پنهنجو مٽياري شگر مل نزديڪ پير بخش ولد حاجي جان محمد جروار جنهن اسڪول کي الاهي پوئتي ڪيو، سندس ٻه پٽ به نه پڙهائي سگهيو، پوءِ وري ماستر خان محمد ٽالپر آيو، جنهن ڪجهه ساهه وڌو، اسڪول ۾ ۽ داخلا به وڌائي ۽ بعد ۾ ماستر خان محدم ولد خدا داد جروار استاد مقرر ٿيو، انهي زماني وري اسڪول سٺو هلڻ لڳو ۽ حاجي محمد پريل جي ڪوشش سان ٻه درجا ٻيا به گورمينٽ اٽيج ڪري ڏنا يعني 6 ڪلاس پڙهائڻ ۽ ستون ڪلاس پڙهائڻ جو اجازت نامون مليو ۽ هڪ استاد به وڌيڪ مليو، ماستر محمد رمضان ولد حاجي سائين بخش پرهياڙ ۽ پوءِ بابا سائين مڊل اسڪول جي منظوري جو آرڊ ڪرائي آيو، جيڪا ڳالهه ملن جروار کي نه وڻي، وڏو زور ڪيائون ته آرڊر بند ڪرايون، ليڪن ڪرائي نه سگهيا، پوءِ ڊي او صاحب حيدرآباد واري کي چار پئسا ڏيئي صلاح ڪري بابا سائين تي ميڙ ڪري وٺي آيا ته اسڪول جو آرڊل مڊل جو جيڪو آهي اهيو صاحب خان جروار جي ڳوٺ ڏيو پهرين ته آفيسرن کي بلڪل جواب ڏنائين ته منهنجي ڳوٺ مڊل اسڪول جو آرڊر آئون واپس نه ڪندس، پوءِ آخرڪار آفيسرن بابا کي الاهي ستايو ته اسان جي عزت ڪر اهيو سڄو قصو ڳوٺ اوطاق تي اڱڻ ۾ ڪرسين تي ويٺا هئا، شايد ٿورو سيءُ به هو، ان ڪري اوطاق جي اڱڻ ۾ اس تي ويٺا هئا، آفيسرن جي گهڻي زور ڀرڻ تي ته حاجي اسين ميڙ ٿي توکان عزت وٺڻ آيا آهيون، اسان کي عزت ڏي حاجي عثمان ملو به گڏ هو، مون گهران چانهه ماني پئي آندي، کارائي سڀني کي نيٺ بابا چيو گهران منهنجا سئوٽ قاضي محمد الرحيم ۽ غلام رسول عرف الهبچايو پڻ هئا، عزت به عزت وارو ئي ڏيندو آهي پوءِ بابا کين چيو ته مان اوهان کي هن وقت عزت ڏيان ٿو، ڀلي منهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار جو گورمينٽ مڊل اسڪول جو آرڊر اوهان ڳوٺ صاحب خان جروار کي ڏيو، هيءَ شاگردن کي پڙهائيندا ڪونه آهن ۽ مان هينئر اوهان جي عزت ڪريان ٿو، پر ڇڏيندس ڪونه، لکپڙهه ڪرائي وري به اوهان وٽ ايندس ۽ ڳوٺ الهه بخش جروار لاءِ نئون آڊر وٺندس ۽ بابا کين عزت ڏني ۽ پنهنجو نڪتل مڊل اسڪول جو آرڊر ڳوٺ صاحب خان جروار لاءِ حاجي عثمان کي ڏنائين، پاڻ وري به همت ڪونه هاريائين، وري نئين سر درخواست ڏيئي ۽ سڄو ڪم ڪاغذي ڪاروائي مڪمل ڪرائي ۽ مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار جو آرڊر وٺي آيو، ڪو اندازن ٻن سالن جي اندر ڪم ڪيائين ۽ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار لاءِ ورتائين انهي کي مڊل تائين ڪامياب ڪيائين ۽ هلي پيو، ان جي بلڊنگ به منظور ڪرائي ٺهرايائين، ليڪن بلڊنگ پاڻ پنهنجي حياتي ۾ نه ڏسي سگهيو، جيڪا سندن وفات واري سال 1992ع ۾ تعمير ٿيڻ شروع ٿي هئي، پاڻ پيري ۾ لڪڻ نيٽ هٿ ۾ ٽيڪ ڪري هلندو هو، انهي نيٽ سان جيڪي نشان مڊل اسڪول جي بلڊنگ لاءِ ڏنائين، بلڪل اتي ئي کائنس پوءِ بلڊنگ ٺهي ۽ هلي پئي، حاجي محمد پريل جروار جي مڊل اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ جيڪي شاگر پڙهي اڄ نوڪرين وارا ٿيا آهن، انهن ۾ ماستر محب خاصخيلي ڳوٺ مٺو خاصخيلي، حاجي عبدالحڪيم جروار، محمد رحيم جروار، رحيم بخش جروار، مسٽر شير محمد جروار، منهنجو ڀاءُ ماستر سائين داد، ولي داد، ابراهيم، محمد عسيٰ، محمد سومار، عالم بشير خان، محمد اسلم، ارشاد جروار، ديدار، صديق ۽ ٻيا ڪيترا جيڪي 94-1993ع تائين اسڪول مان پڙهي ۽ پنهنجي روزگار سان وڃي لڳا آهن، جيڪي نه پڙهي سگهيا اهي پنهنجي ڀاڳ کان ڀائين، ديهه بڪيراڻي يونين ڪائونسل کوکر ۾ پاڻ حاجي محمد پريل خان جروار ٻه دفعا بي ڊي جو ميمبر چونڊيو، 70 واري ڏهاڪي ۾، واهه جي موري چيئرمين حاجي غلام حسين خان کوکر کان موجوده چاڪر واهه جي موري منظور ڪرائي ۽ ٺهرائي، جنهن جي ڪم تي حاجي غلام حسين کوکر خود اچي ويهي نظرداري ڪندو هو منظور به پاڻ وٺي آيو هو، جيڪا پل به بابا جي ڪوشش سان ٿي.
    جو اڄ اسان جي سڄي علائقي کي شهري اچ وڃ جو ڪم پئي ڏي، اصل اتي ڏاڏي حاجي محمد خان جروار ڪاٺن جي تختن واري موري انگريزن کان منظور ڪرائي ۽ ٺهرائي هئي، اڄ اتي پڪي زبردست پل چاڪر واهه تي آهي.
    جيڪڏهن منهنجو ڏاڏو ان جو بنياد نه رکائي ها ۽ سندم والد ان کي پڪي پل تعمير نه ڪرائي سگهي، پوءِ اسان جروارن کي احساس ٿئي ها ته اسان ڪيترا ڏکيا آهيون، پل کان سواءِ ٺهي جڙي شيون مليون ان جو قدر نه آهي.
    1958ع ۾ پاڻ هڪ رٽائرڊ جيپ جيڪي ان وقت نيلام ٿينديون هنيون هڪ فادر جيپ حاجي هاشم جروار جي ڀائيواري پئسن مان خريد ڪري آيو، ان زماني ۾ ڳوٺن ۽ آس پاس جي ماڻهن اهيا پهرين جيپ اچي ڏٺي هئي ۽ ان تي ئي مامون هاشم ڊرائيوري سکيو، 1962ع ۾ بلڊوزر ٽريڪٽر زمين ٺهرائڻ لاءِ ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر کان منظور ڪرائي ۽ ڪرائيي تي آندائين، پاڻ ڀائرن ۽ سئوٽن به ڪلاڪن جي حساب سان هلايو، حاجي هاشم به ڪرائي تي هلايو، ليڪن هن تر ۾ وٺي حاجي محمد پريل آيو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڳوٺن مان ماڻهو هاسيڪار ايندا هئا.
    ڀائرن سئوٽن ڪو 7 ڪلاڪن کان 14 ڪلاڪن تائين هلايو، ليڪن حاجي محمد پريل خان جروار 700 کان به وڌيڪ ڪلاڪ 36 روپيا ڪلاڪ جو حساب هو، روپيه وڏا هئا، اڄ وارا نه ٽريڪٽر جو نالو ڪاٽر پيلر ڊي ايٽ هو، اوطاق سامهون واري زمين ۽ مقام واري زمين ۾ الاهي وقت هليو، 1947ع ۾ پاڪستان ٺهيو ته ملڪ جي وڏي حفاظت جي ضرورت هئي، انگريزن کان اسلحه وائس وارن همراهن جو ڊوٽيون لڳنديون هيون، رات جي وقت ملڪ جي حفاظت لاءِ بابا سائين ٽنڊوالهيار رهندو هو، کيس به سنجراڻي شاخ موري تي بڪيرا رستي تي رات جو چوڪي به سندس حوالي هئي، پنهنجي ليسن واري دو نالي بندوق کڻي هڪ ٻه راتيون پاڻ ويو، پوءِ بندوق محمد هاشم سنجراڻي کي ڏيئي ۽ ان کي مقرر ڪيائين چوڪي تي، 1965ع واري جنگ دوران حيدرآباد شهر ۾ رضاڪار فورس ۾ به ڪردار ادا ڪيائين، ان سان گڏ پنهنجو ڪاروبار به سنڀاليندو آيو.
    1968ع کان پاڪستان پيپلزپارٽي سان وابسته ٿي ويو، ذوالفقار علي ڀٽو جا سنڌ جي سڀني پروگرامن ۾ مير رسول بخش خان ٽالپر جي گڏجي هلندو هو، مير صاحب بابا کي ذاتي طرح سڃاڻندو هو ۽ ڀٽي صاحب سان به روبرو ڳالهائيندو هو، پارٽي امور ۽ ملڪي معاملن تي پ پ پ سان سندس تاحيات وابستگي رهي، 1970ع جي اليڪشن ۾ قومي جي ٽڪيٽ ٽنڊوالهيار تڪ جي مخدوم محمد زمان طالب موليٰ کي ملي، بابا پورو پورو وقت اليڪشن مهم ۽ ورڪ کي ڏنو، مخدوم صاحب قومي جي سيٽ کٽيو، وڏي اڪثريت سان ۽ صوبائي سيٽ جي ٽڪيٽ سائين محمد حسن شاهه عرف ڀورل شاهه کي ملي، پ پ پ سان بابا ملهايو ۽ سائين ڀورل شاهه به وڏي اڪثريت سان کٽيو.
    1981ع ۾ پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار جي بلڊنگ منظور ڪرائي، جيڪا ڊسٽرڪٽ حيدرآباد جي چيئرمين پير خالد جان سرهندي منظور ڪئي ٻه ڪمرا وڏا، ان وقت ڊسٽرڪٽ انجنيئر عبدالغفور مهر هو، ٺيڪيدار بلوچ آئسو سيئيٽس محمد نظير لُنڊ هو.
    1973ع ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ ٽنڊوالهيار کان قرض تي هڪ پنهنجي لاءِ ٽريڪٽر روسي ۽ هڪ ڀاءُ حاجي سليمان لاءِ ٽريڪٽر روسي خريد ڪيا ۽ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي جا ٽيوب ويل لڳرائي بجلي ڪاسٽ تي خريد ڪري لڳايا، بابا ڳوٺ ۾ بجلي پهچائڻ لاءِ ٽيوب ويل ڪاسٽ تي لڳايو، پاڻي اَن فِٽ هو، پر ڳوٺن کي بجلي جي نعمت ڏيڻ لاءِ 1973ع ۾ 1 لک 59 هزار روپيا قسطن ۾ واپڊا کي جمع ڪرائي ۽ ڳوٺن جي بجلي جي سهوليت پيدا ڪئي ۽ اڄ ٽيئي ڳوٺ بجلي پيا ٻارين، ٽيوب ويل جو پاڻي اَن فِٽ هو پر ڳوٺن جي بجلي ضروري هئي ۽ پاڻ پئسا ڀري بجلي وٺي آيو، 1973ع ۾ پڪو روڊ چمبڙ ناڪي ٽنڊوالهيار کان شيخ ڀرڪيو لاءِ منظور ڪرائي ۽ وڏي جفا ڪشي ڪري روڊ جا پئسا فنانس ڪراچي سيڪريٽريٽ مان رليز ڪرايا ۽ ٽينڊر ٿيو ۽ پڪي روڊ جو ڪم چالو ٿيو، پهريون ٽينڊر.
    منهنجي والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار 1973ع ۾ ڪاسٽ ڀري ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ پنهنجي اوطاق اڳيان ٽيوب ويل لڳايو ۽ بجلي ٻن ميلن تان ڳوٺ ۾ پهچي وئي، ٽيوب ويل ۽ اٽي جي چڪي بجلي تي چالو ٿيا، ڳوٺ کي به عارضي بجلي ملي وئي، انهي لائين مان ڳوٺ صاحب خان جروار جي بجلي منظور ٿي ۽ پول تارون ٽرانسفارمر مامو قاسم ولد حاجي ڀائي خان رانجهاڻي جروار، حاجي نبي بخش، قاضي حاجي محمد الرحيم طاهراڻي جي معرفت ڳوٺ صاحب خان جروار مان لائين بجلي واڌائي ڳوٺ علي بخش جروار پول تارون لڳي ويا.
    جيڪا ڳالهه ڳوٺ صاحب خان جروار وارن اڻ سهو گهرن کي نه وڻي، جيڪي ٻي کي ڪونه سهن، بس بجلي آفيسرن جن ڪاغذ صاحب خان جروار جي ڳوٺ سان ملايا هئا، انهن جي پٺيان محمود ولد سونو فقير کي گهر جو ڪرايو ڏيئي، ڳوٺ علي بخش جروار جي بجلي مسلسل 2 مهينا جدوجهد ڪري ڪٽائي، جنهن ۾ لڳل ٿنڀا انهن جون تارون کولي واپڊا مجبورن واپس کڻي وئي، سبب ڳوٺ صاحب خان جروار جي همراهن بجلي لڳائڻ نه ڏني.
    واپس ٿيل پول تارون گل حسن طاهراڻي پنهنجي فارم تي امانت ڪري رکيا، هڪ مهيني اندر ڳوٺ علي بخش جروار جي نالي سان منظوري وٺي، ساڳيو سامان واپس لڳائي بجلي منظور ڪرائي، جيڪا ڳوٺ علي بخش جروار ۾ هلي پئي، پورا تفصيل فيئر بڪ ۾ لکيل آهن، ٻئي ڀاڳي ۾ ايندا.
    وري هڪ وقت آيو، ڳوٺ الهه بخش جروار ٽيوب ويل جي بجلي بل ۾ ڪٽجي ويئي، ته ڳوٺ ۾ به بجلي ٻرڻ بند ٿي ويئي، ڇو جو ٽيوب ويل تان لائين هئي ، ڳوٺ جي بجلي منظور نه هئي، پوءِ راقم ڳوٺ علي بخش جروار جي معززين حاجي مولابخش، حاجي محمد خان ۽ محمد عثمان وٽ حاجي مولابخش اوطاق ۾ روبرو ڳالهائي اعتماد ۾ وٺي عارضي طرح بجلي ڳوٺ علي بخش جروار جي پول مان ڳوٺ الهه بخش جروار جي مدينه مسجد ۾ رمضان شريف جي مبارڪ مهيني لاءِ عارضي ڪنيڪشن سو به اجازت ڳوٺاڻن کان وٺي پوءِ چالو ڪرايو.
    بس ڳوٺ علي بخش جروار جا اڻ سهو ماڻهو انهن وري گهر جو ڪرايو خرچ ڀري محمد الرحيم عرف ممون رانجهاڻي جي ڊوٽي لڳائي ڇڏي ته پنهنجي ڳوٺ جي بجلي مان ڳوٺ الهه بخش جروار جي مسجد ۾ بجلي ڇو پئي ٻري، بند ڪرايو، جن جي مدد وري عبدالحميد خاناڻي جروارن وقت لائين مين واپڊا هو، ان ڪئي.
    ممون ۽ ٻين عبدالحميد جي معرفت 27 رمضان مبارڪ مسجد ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي ڪٽائي دم کنيو.
    بعد ۾ بابا ۽ اسان ڳوٺ الهه بخش جروار جي بجلي ڳوٺ سيڪشن ڪرائي بجلي لڳرائي، جيڪا هن وقت هلي پئي، سڀني ڳوٺ وارن مدد ڪئي.
    اڻ سهو ماڻهن لاءِ ياداشت نامون آهي، نالا ڪهڙن جا لکان، ضمير جاڳائڻ لاءِ ڪافي آهي.
    مسٽر گل حسن طاهراڻي خاصخيلي سجاول ٺٽي واري کنيو، روڊ جي ڪم لاءِ ٺيڪيدار ٽينڊر کڻڻ لاءِ تيار نه هئا، وڏو نئون اڙانگو ڪم هو، پوءِ مسٽر گل حسن طاهراڻي سان بابا جروار جا تمام وڏن کان لاڳاپا هئا ۽ پاڻ حاجي صاحب تي خصوصي مهرباني ڪري بڪيرا ٽنڊوالهيار جي پهرين ٻن ميلن جو ٺيڪو کنيو ۽ روڊ جو ڪم چالو ٿيو، جيڪو مسلسلو ٻن چئن سالن ۾ ورڪ هلندو پهرين بڪيرا شريف پوءِ کوکرن جو ڳوٺ ۽ بعد ۾ مڪان شريف تائين پهتو، شيخ ڀرڪيو سان ڳنڍجي ويو.
    وزير اعليٰ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب هو ۽ فنانس مان پئسا نٿي نڪتا، حيدرآباد مشهور ڪنيونشن ۾ ذوالفقار ڀٽي جي سامهون پ پ جي ڪارڪنن جي حيثيت ۾ جتوئي صاحب جي پئسا نه ڪڍي ڏيڻ جي شڪايت ڪيائين، جو جتوئي صاحب انهي ڪنويشن ۾ روئي پيو ۽ عهدي جي استيفا ڏني، جيڪا ذوالفقار علي ڀٽو صاحب قبول نه ڪئي ۽ تاڪيد ڪيو ته منهنجي ڪارڪنن جا ڪم ڪريو، اهيو پ پ جو مشهور ڪنويشن حيدرآباد سرڪٽ هائوس ۾ مسلسل ٽي ڏينهن هليو، ڀٽو صاحب روبرو وزيرن، آفيسرن ۽ پ پ ڪارڪنن جون شڪايتون ٻڌي انهن جو آزالو ڪيو، جيڪو سنڌ جو مشهور معروف پ پ ڪنوينشن ٿيو هو، گورمينٽ رڪارڊ تي اڄ به موجود آهي.
    1976ع ۾ پاڻ عمره شريف جي سعادت لاءِ پ پ حڪومت ۾ انٽرنيشنل پاسپورٽ ٺهرايائين، ليڪن ڀٽو صاحب انهي سال ۾ عام چونڊن جو اعلان ڪيو ته پاڻ اليڪشن لاءِ جدوجهد ڪرڻ کي لڳي ويو ۽ 1977ع جي اليڪشن ٿي ته وري به پ پ کڻيو اڪثريت سان ۽ 9 ستارن ڀٽو صاحب لاءِ سول نافرماني تحريڪ هلائي، پ پ ساٿ جي ڪري عمري شريف جو پروگرام ڇڏي حڪومت جو ساٿ نڀايائين، پوءِ مسلسل پاڪستاني سياسي حالات ۾ پ پ سان همدردي خاطر سفر نه ڪري سگهيو، 13 سال مسلسل پ پ جي تحريڪن اجلاسن جلوسن ۾ جدوجهد ۾ گذاريائين.
    1977ع جي جنرل جو اقتدار ۾ اچڻ ڪري پاڻ سياسي طرح پ پ سان ساٿ نڀائيندو رهيو، جنوري 4 تاريخ جي اخبارن ۾ بيان ڏنائين ته پاڻ 5 جنوري 1978ع تي جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي سالگره جو ڪيڪ حيدرآباد توڙي ٽنڊوالهيار ۾ تقريبون منعقد ڪرائي ملهائيندو ۽ ملهايائين.
    انهي ڏينهن 5 جنوري 1978ع تي حيدرآباد توڙي ٽنڊوالهيار ۾ سالگره جا پروگرام ڪرايائين، جنهن ڏوهه ۾ کيس گرفتار ڪيو ويو، ايس ڊي ايم جي عدالت ۾ پيش ڪيائون، جتي ايس ڊي ايم صاحب کيس چيو ته اخباري بيان جي ترديد ڪر ته توکي ڇڏي ڏيان، پاڻ پنهنجي بيان تان نه هٽيو ۽ کيس 90 ڏينهن لاءِ نارا جيل حيدرآباد جي هوا کائڻي پئي، پر پنهنجي عزم ۾ پختو رهيو، ساڻس گڏ سندس ڀائيٽيو سوٽاڻي سئوٽ جو محمد صديق جروار، حاجي محمد بخش انڙ ٽنڊوالهيار ۽ ڊاڪٽر خورشيد ٻانهن ڪٽيل ٽنڊوالهيار اهي به جيل ويا، سالگره جي ڀٽي صاحب جي ڏوهه ۾ محمد صديق جروار جا امتحان جا پيپر هئا، بابا سائين جيل ۾ لکپڙهه ڪرائي جيل ۾ ئي کيس پيپر ڏياريا ۽ محمد صديق جروار پاس ٿيو، مون تي اڄ ڏينهن تائين مهربان آهي ۽ شفقت ڪري ٿو، اڳين سال يوم پاڪستان 23 مارچ 1978ع جي ڏينهن جناب ذوالفقار علي ڀٽو صاحب کي ڪوڙي ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بدنيتي تي سزا ئي موت ٻڌائي.
    مون ڳوٺ الهه بخش جروار کان ڪوڙي ڪيس بدديانتي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍائي قيادت ڪئي، ان وقت جي ڪائونسل ۽ تپو کوکر جي ڳوٺن ۾ جلوس ۽ آخر جلوس کي بڪيرا شريف ۾ ختم ڪيو، پرامن جلوس ۾ ڊڪٽيٽر جنرل جي اتحادين هڪ پرائيوٽ بس جا شيشا ٽوڙيا ۽ ڏوهه ۾ مون تي، ليمون شيدي ۽ هوت برفت کي چمبڙ پوليس گرفتار ڪري سمري ملٽري ڪورٽ 5 ۾، جيڪا ان وقت ڊسٽرڪٽ ڪائونسل حيدرآباد جي ميٽنگ حال ۾ هلندي هئي، سزا ڏيئي 9 مهينا ۽ ٽي هزار جرمانو ڪيو، اسان کي جيل موڪليو، پهرين نارا جيل بعد ۾ سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ 6 مهينا ڪٽي پوءِ ٻين عيدين معافي به ملي ۽ مليل سزا ڪٽي آزاد ٿياسين، پهرين ڏيڍ مهينو مختلف ٿاڻن ۽ حيدرآباد ڇانوڻي ۾ ڌڪ ڌوڻ به ڪيائين، ليڪن اسان جي سڄي ڪيس جي سربراهي بابا سائين ڪئي.
    جناب ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسي جي سزا آئي، بابا سائين سزا جي اعلان واري ئي ڏينهن لاڙڪاڻو ڳڙهي خدا بخش ويو، ڳوٺ سانول جروار ۾ ڏهي تائين رهي ۽ پوءِ واپس آيو، ان وقت ڀٽي صاحب جي قبر تي فوج جي چوڪي بيٺل هئي، انهي زماني ۾ ريلوي اسٽيشن ۽ اسٽاپن تي پ پ جي ڪارڪنن لاءِ تمام سختي هئي، کين گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪيو ويندو هو، بابا ڳوٺ سانول جروار ۾ محمد بچل ولد محمد صفر خان جروار وٽ رهيو.
    1979ع ۾ بابا سائين سنڌ آبادگار بورڊ جو ميمبر ٿيو، علي مير شاهه ۽ ڊاڪٽر پروفيسر شاهنواز شاهه جو پورو ساٿ نڀايائين، ان زماني حيدرآباد ۾ بورڊ آفيس جو صدر حاجي فريد الدين نالي هو، ماهوار گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندو هو، اتفاق سندس غير حاضري ۾ مون کي به موڪليو، ساليانو چندو به سنڌ آبادگار بورڊ حيدرآباد جو ڏيندو هو، ڪمند جون ملون ريٽ، مارڪيٽ سهولتون، پاڻي جا مسئلا ۽ ٻيا انيڪ زرعي مسئلا اتي حل ٿيندا هئا.
    1981ع ذوالفقار علي ڀٽو صاحب جي ورسي تي مون کي محمد يوسف کي 4 اپريل تي ڀٽي جي ورسي ۾ موڪليائين، 4 اپريل 1981ع تي مون کي ۽ محمد يوسف کي نئون ديرو پوليس ٻين ڪارڪنن سان گڏ بند ڪيو، شاهنواز ڀٽو لائبريري لاڙڪاڻو ۾ فوجي ڪورٽ پهرين ڏينهن اسان کي 90 ڏينهن ٽن مهينن لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ پورا ڪري پوءِ آزاد ٿياسين، بابا سائين، محمد پناهه خان ۽ وڪيل ايڊووڪيٽ غلام حيدر خان جروار مسلسل رابطي ۾ هئا.
    1981ع ۾ به پ پ پارلياماني بورڊ کي پي ايس ٽڪيٽ لاءِ اپلائي ڪيائين، پوءِ چونڊون ملتوي ٿيون هيون، پرائمري جا ٻه ڪمرا بلڊنگ منظور ڪري ۽ ٺهرائي ان زماني ۾ ميٽرل سرون به ڳوٺ اسڪول جي سائڊ تي پهچائڻ وڏو مسئلو هو، رستا ڪونه هئا، زميندارن جون بائونڊريون هيون، واٽرن تي مورين جي سهولت پڻ ڪانه هئي، وڏي مشڪل سان سامان سائڊ تي پهتو، جنهن ۾ ٺيڪيدار سان سڀ سهولتون مزوري سميت ڪيو ويون، لوڪل خرچو بابا پاڻ ڀريو.
    1982ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جو ننڍو پٽ شهيد شاهنواز خان ڀٽو جي ميت هوائي جهاز ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ پهتي ته بابا موهن جو دڙو ايئرپورٽ پهتو ۽ ميت ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڳڙهي خدا بخش شڙڪت ڪئي، غلام علي ڀٽو ٽنڊوالهيار وارو، ڌڻي بخش شيدي درزي به گڏ هئس.
    وري ٻيو دفعو جڏهن پارٽي بنياد تي اليڪشن ٿي ته پاڻ پي ايس تڪ لاءِ پ پ پارلياماني بورڊ کي ٽڪيٽ لاءِ في ڏيئي درخواست اپلائي ڪئي، اتفاق محترم صاحب کي ڪيل واعدو وسري ويو ۽ ٽڪيٽ عبدالطيف مڱريو کي ملي، بابا عبدالطيف مڱريو جي اليڪشن خرچ ڀري ڏيڻ لاءِ چيو، زمين وڪڻي به پ پ ڪارڪن جي ورڪ تي خرچ ڪندس.
    1983ع پورو وقت پ پ سان ساٿ نڀائيندي 28 آگسٽ 1983ع تي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ گرفتار ٿيو، بڪيرا شريف درگاهه کان کيس گرفتار ڪيو ويو، جلوس مان جلوس ۾ يونين ڪائونسل تپو کوکر جي سڀني ذاتين جا هر ديهه مان ماڻهو گڏ هئا، بابا گرفتاري پيش ڪئي، بڪيرا شريف شهر ۾ درگاهه اسٽاپ تان 18 جولائي تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پٽ شاهنواز خان ڀٽو فرانس ۾ شهيد ڪيو ويو، پاڻ لاڙڪاڻي وڃي شاهنواز ڀٽو جي ميت ۾ شريڪ ٿيو.
    1984ع ۾ بابا سائين ۽ سندس ڏوهٽو لالا واحد بخش جراور عبدالستار بچاڻي جي پيٽرول پمپ وٽان جلسي مان گرفتار ٿي سينٽرل جيل حيدرآباد موڪليا ويا، اهيا به ايم آر ڊي تحريڪ جڏهن فل اوج تي هئي تڏهن جي گرفتاري هئي.
    جنهن غير سياسي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ڪيو ته جنرل ڪوڙو ڍونگ رچائي اليڪشن جو محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪيو ته بابا سائين مڪمل ساٿ نڀايو، ڳوٺ بيگن جروار، مبارڪ جروار، مٺو جروار، حاجي علڻ خان لغاري، حاجي بهادر دائيداڻو، ڪئوڙو دائيداڻو، ڳوٺ بچل سومرو ماڇي، مٺو خاصخيلي، محمد عرس درس، محمد علي پرهياڙ، مسوبوزدار، ديهه ٺل ۾ سعيد خان لغاري، غلام حسين لُنڊ، داد جروار، مير خان ٺوڙهو، الهه بخش جروار، علي بخش جروار، ديهه وساڻڪي حاجي ڪريمداد وساڻ، اميد علي بوزدار، بختاور پتافي، يار محمد ميربحر، دين محمد شاهه، خادم حسين شاهه، ديهه ٻائل جمعون ڪاتيار، اسماعيل مهراڻي، واڳوڏر مطلب ته ٽنڊوالهيار جي سڄي ڏکڻ تڪ ۾ بائيڪاٽ مهم ڪٿي پنڌ ڪٿي گهوري تي ته ڪٿي ڪا ٽيڪسي جيپ کڻي عام پبلڪ کي بائيڪاٽ اليڪشن لاءِ سجاڳ ڪيائين.
    1985ع مين روڊ ٽنڊوالهيار شيخ ڀرڪيو مان لنڪ روڊ بڪيرا ريگيوليٽر کان عالم کوکر، مقبول ميمڻ، لونگ دل، محمد عرس ٻانهيپوٽو درس کان پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار تائين، مير عنايت علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو مقبول احمد ميمڻ جي معرفت تعمير ڪرائي ۽ ان جو افتتاح پڻ ڪرايائين، اهيا جنرل جي حڪومت هئي، افتتاح جي ڏينهن پاڻ بڪيرا ريگيوليٽر تي موجود رهيو، ڳوٺ لاڙڪاڻي جا عزيز ڏاڏا منان خان جروار، رسول بخش گمبو جروار ترسيل هئا، مير اعجاز علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو به مير عنايت سان گڏ هئا، مير عنايت انو وقت وزير هو، جناب مير محمد خان کوکر حاجي علي محمد عرف علڻ خان لغاري، وڏيرو غلام محمد ٿيٻو، مولاد وارو به گڏ هئا، مون شڪريو ادا ڪيو، تقرير ڪئي بڪيراڻي ريگيوليٽر موري تي.
    1988ع تي جنرل ڊڪٽيٽر جهاز 130 سي ڪريش ٿيو ۽ پارٽي بنيادن تي اليڪشن جو اعلان ٿيو، پاڻ پ پ پارلياماني بورڊ کي ٽڪيٽ جي اپلائي ڪيائين. بس لوڪل قوتن کيس ٽڪيٽ کان محروم رکيو.
    وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو ڪراچي ۾ مزار قائد تي عظيم جلسو ڪيو جنهن جي ٽنڊوالهيار مان ڪارڪنن جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ منسٽر مسٽر حاجي عبدالستار بچاڻي ٽنڊوالهيار ۾ ايريگيشن بنگلو تي پ پ ڪارڪنن جو هڪ وڏو جلسو ڪيو، جنهن ۾ حاجي محمد پريل خان جروار پنهنجي طرفان ڪارڪنن جي سهوليت لاءِ ڪراچي لاءِ پهچائڻ جو انتظام ڪيو، ٻن بسن جو جيڪي جلسي واري ڏينهن بڪيرا شريف ۽ سڄي يونين ڪائونسل جا پ پ ڪارڪن هليا، ساڳئي ڏينهن جلسي ۾ خادم حسين شاهه صدر پ پ سرڪل کوکر ڪجهه اختلاف به ڪيو، تپيدار جي نوڪرين تان جيڪي بچاڻي صاحب محترمه بينظير ڀٽو طرفان ڪارڪنن ۾ تقسيم ڪيون، بچاڻي صاحب، حاجي صاحب اعتراض ڪيو ته ڪجهه آڊر من پسند ماڻهن کي ڏنا اٿئي، جيڪي اصل ڪارڪن نه آهن، خير ڪراچي جو جلسو ڪامياب ويو، حاجي صاحب کي به ڪارڪن ڪوٽائي هڪ آڊر مليو، جيڪو سندس پوٽي محمد خان ولد محمد صالح کي ڏنائين، پوءِ انٽرويو ۽ ٻي ڪاغذي ڪاروائي تي جي لکبو ته الڳ ڪتاب ٺهي پوندو.
    1990ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه وزير اعظم ٿي ته بابا سائين پورو ساٿ ڏنو.
    پيپلز ورڪ پروگرام چالو ٿيو ته عبداللطيف انصاري صاحب کي پيپلز ورڪ پروگرام جو ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو، بينظير ڀٽو صاحبه، بابا سائين انصاري صاحب کي يونين ڪائونسل جي ترقياتي ڪمن لاءِ دعوت ڏيئي گهرايو، بڪيرا شريف ۾ سندس وڏو جلسو منعقد ڪرايو، جيڪو جلسو ڪامياب ويو، جنهن ۾ آجياڻي کي خطاب دوران بابا سائين کائنس بڪيرا شريف روڊ جي ٽٽل حالت جو ۽ ريڪنسٽريشن جو نه صرف مطالبو ڪيو پر جلسي ۾ کائنس بيڪرا شريف روڊ جي ٻيهر رپيئر ڪرائڻ جو به اعلان ڪرايو، ان تي عمل به ڪرايائين، ساڳيو ڏينهن يونين ڪائونسل جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪرائي ڪجهه پرائمري اسڪولن جو ٻن ٻن ڪمرن جون بلڊنگون به ورتائين پيپلز ورڪ پروگرام جي ايڊمنسٽريٽر جناب عبدالطيف انصاري کان ۽ انهن تي عمل به ٿيو، جن مان ٻه ڪمرا پرائمري اسڪول ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ٺهيا، اڀرندي طرف وارا منجهند جي ماني جو بندوبست بابا سائين پنهنجي ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ڪيو هو، هڪ ڊش برياني ٺهرائي هئي، حاجي خير محمد کوکر، مسٽر عبداللطيف انصاري سميت يونين ڪائونسل جي سڀني معززين ۽ عوام دعوت ۾ شرڪت ڪئي هئي، بڪيرا شريف جلسي جو سڄو انتظام بابا سائين جي هٿ ۾ هو ۽ ڪامياب ويو.
    1991ع تي عبداللطيف غلام محمد جروار ٽنڊوالهيار کي سروس جي سلسلي ۾ اسلام آباد گڏ وٺي ويو، مون به گڏ سفر ڪيو هو.
    1991ع ۾ ئي غلام اسحاق خان اسميبلي ٽوڙي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي.
    6 جنوري 1992ع صبح فجر آذان تي 10 ڏينهن علالت ۾ سول اسپتال حيدرآباد ۾ اندازن 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين.
    ڪل 10 ڏينهن عليل رهيو، 3 ڏينهن گهر ۽ 7 ڏينهن اسپتال، پروفيسر سرجن ڊاڪٽر شاهنواز شاهه هر وقت اسپتال اچي بابا کي ڏسي ڊاڪٽرن کي پارت ڪندو هو، چئي هن ماڻهو پئسو گڏ نه ڪيو، نه ته اڄ حيدرآباد سول اسپتال نه بلڪه لنڊن جي ڪنهن ۾ اسپتال ۾ زير علاج هجي ها.
    حاجي محمد پريل خان جروار جي سنگت برادر جو هڪ وڏو حلقو آهي، جيڪو اميد ته ڪتاب جي ٻئي ڀاڱي ۾ تفصيل سان لکبو، ياداشت خاطر ڪجهه هتي به نالا ڏجن ٿا، ملڪ محمد هاشم سومرو ڳوٺ عجائب سومرو لڳ روڊ موري چوهڙ جمالي، ڳوٺ آمري جتوئي جو مولوي خان محمد جتوئي، حاجي محمد ۽ حاجي ستار سومرو، مبارڪ سومرو، ملڪ محمد حنيف سومرو، چاچو جوڳي خاصخيلي طاهراڻي ڳوٺ وارو، نور محمد شاهه، مقيم شاهه، خير محمد شاهه، عبدالستار شاهه وارساڻي، سيد ميون عثمان شاهه جا قبا پير حيدر شاهه، احمد شاهه، اميد علي شاهه، شوڪت علي شاهه، مراد علي شاهه راشدي ٽنڊوالهيار وارا.
    حيدر خان ميهاڻي جروار جو پٽ عمر خان مڙئي خدا جو ماڻهو روپئي جو پڪو کيس رڳو 4 نياڻيون ٿيون، 1 فاطمه حاجي حيدر ولد مينهون جيڪو ڀائٽيو هوس، ان جي گهر ۾ هئي، هڪ پٽ ٿيو ۽ ماءُ مري وري، ٻي نياڻي حاجاڻي سهتي حاجي مير محمد جي نڪاح ۾ هئي، نبي بخش ۽ هڪ نياڻي ٿيس، ٽي نياڻي بختاور حاجي جان محمد جي نڪاح ۾ هئي، چار نمبر نياڻي منهنجي پيءُ حاجي محمد پريل خان جي ڏٺل هئي ۽ فوت ٿي ويئي .
    1993ع سال آگسٽ مهيني جي ڳالهه آهي، آئون پاڪستان پيپلزاپارٽي سرڪل بڪيرا شريف جو صدر هئس، محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاڪستان جي وزير اعظم هئي، 14 آگسٽ تي آزادي پاڪستان ملهائڻ لاءِ سڄي ملڪ جي پ پ عهديدارن کي اسلام آباد گهرايو ويو، پروگرام کي تشڪيل ڏيڻ لاءِ پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار جي هنگامي گڏجاڻي گهرائي وئي، اسلام آباد ۾ 14 آگسٽ ملهائڻ لاءِ بچاڻي هائوس تي ڪارڪنن جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي، اتفاق سان ان هنگامي گڏجاڻي ۾ آئون هئس، ڪن ڪمن جي مصروفيتن ۾ نه پهچي سگهيو هئس، منهنجي نالو لسٽ ۾ نه آيو، بڪيرا شريف سرڪل جو جنرل سيڪريٽري جان محمد شاهه بخاري پاڻ ۽ ٻيا هڪ يا ٻه پنهنجي مرضي جا ڪارڪن لسٽ ۾ لکرائي ڇڏيا، آئون پهتس پهرين ته جنرل سيڪريٽري جان محمد شاهه مونکي اعتماد ۾ آندو ته اوهان رهجي ويو، پوءِ مون تعلقه ۾ عبدالطيف مڱريو، اميد علي ناگور سان رابطو ڪيو ته منهنجو نالو لکو ۽ مونکي سيٽ ڏيو، انهن به مونکي جواب ڏنو، اصل ۾ گروپ ۾ مونکي گڏ وٺي هلڻ جو ارادو ڪونه هئن، ان وقت ٽنڊوالهيار تعقلو ۽ اسان جو ضلع حيدرآباد هو، جيئن ته منهنجي ضلعي تائين پهچ هئي، همراهن مونکي جواب ڏئي ڇڏيو، پوءِ مون ضلع سيڪريٽري حاجي محمد عرس سوهو هو، ان سان ڊائريڪٽ مليس جيڪو حاجي امين لاکو صدر سميت مون کي ذاتي طور سڃاڻندا هئا، مون ساڻن رابطو ڪري ۽ منهنجي سيٽ لاءِ ڪنفرم ڪري ڇڏي، جنهن جي ڄاڻ مون تعلقي جي همراهن کي نه ڏني، 11 تاريخ شام رات جو مونکي ڪراچي ڪبير جوکيو پٽ جي شادي جي دعوت هئي، مانجهي جوکيو جي ان ۾ شريڪ ٿيس، 12 تاريخ مون ڪراچي کان واپسي ڪئي ۽ اچي پنهنجي گهر حيدرآباد ٽيون نمبر تلاءَ ٽنڊو طيب گهر نمبر 72/1647 ۾ رهيس، شوڪت علي به گهر هو، پروگرام مطابق شوڪت علي کي گهر حيدرآباد ڇڏي ۽ مون رات ۾ ڪل تياري اسلام آباد جي ڪئي، سيٽ نمبر بوگي ريل گاڏي جو مونکي ملي چڪو هو، خصوصي ٽرين ڪراچي کان پ پ جي عهديدارن لاءِ چارٽر ٿيل هئي، صبح سوير جيسين ٽنڊوالهيار جا ڪارڪن عهديدار پهچن، آئون 6 بجي گهران ٿيلي شاپر ۾ ڪپڙن جو جوڙو کڻي ريلوي اسٽيشن حيدرآباد پهتس، ريل به پهچي چڪي هئي، ڪراچي جهمپير ضلع، بدين ضلع، ميرپورخاص ضلع جا عهديدار ڪارڪن سوار ٿيڻ لاءِ پهتا، مان به پنهنجي نمبر واري بوگي ۽ سيٽ پهرين پهچي ۽ ويهي رهيس، ٽنڊوالهيار جا ڪارڪن ڪو 7 بجي بعد پهچڻ شروع ٿيا، بس پليٽ فارم ۾ ملياسين، مونکي مايوس انداز ۾ چيائون ته بروقت تون ڪونه هئين، نه ته توکي سيٽ ڏيون ها، آئون سامان ٿيلي شاپر سيٽ تي رکي ۽ حيدرآباد جي ڪارڪنن کي پارت ڪري ڇڏي هئي ۽ بي اونو پليٽ فارم ۾ پئي ڦريس.
    سڀ سڃاڻون هڪ حيدرآباد ٻيو ٽنڊو محمد خان ۽ هالا تعلقو سڀئي هڪ ٻئي کي سڃاڻون، پهرين سڀني نمبروار سيٽون سنڀاليون، پوءِ هڪڙا سيٽ ۽ سامان وٽ ٻيا پليٽ فارم ۾ پيا ڦرون، 8 وڳي ريل هلڻ لاءِ سيٽي هنئي سڀ ڊوڙي پنهنجي پنهنجي بوگين ۽ نمبر وارين سيٽن تي پهتا ۽ ريل چالو ٿي، جيئن ته منهنجو نمبر ٽنڊوالهيار تعلقي جي بوگي ۾ هو ۽ ريل چالو ٿي اتفاق سان منهنجي نمبر سان گڏ يونين بڪيرا شريف جان محمد شاهه ۽ ٻه سندس دل گهريا به اچي ويٺا، منهنجي سيٽ دري سان لڳ هڪ ماڻهو واري هئي ۽ ٻيا دوست به پنهنجي پنهنجي نمبر ۾ هئا.
    سو همراهه ششدر پئي ٿيا ته هن جي بڪنگ اسان ته ڪانه لکائي هئي، ڪيئن اچي ويو، مون تي خاص مهرباني حاجي محمد عرس سوهو ۽ حاجي امين لاکو ڪئي، بس پوءِ اکيون پيون چار ٿين، لڄ پئي ٿئي، خير جو سفر شروع هو، دل ئي دل ۾ ڪجهه همراهه لڄي پئي ٿيا، ٽنڊو آدم اسٽيشن تان ۽ نواب شاهه اسٽيشن تان به عهديدار ويٺا، روهڙي کان به ۽ بعد ۾ ڏينهن به وچين تي پهتو، سفر وڏو هو، کل ڀوڳ لڳو پيو هو، گانا ڪلام پئي ٿيا، حاجي مريد علي مستوئي غزل ٻڌايا ۽ مون گانو ٻڌايو، “ديک تيري سنسار ڪي حالت، ڪيا هو گي ڀڳوان ڪتنا بدل گيا انسان” ٻڌايو، ماٺ لڳي وئي، جنهن همراهه کي آئون سفر ۾ سٺو ڪونه لڳي رهيو هوس، ڏٺم ته ڏاڍو متاثر ٿيو آهي، نالو ڪونه ٿو لکان، جو هلڪائي آهي، منهنجي ويجهن ۽ پيارن مان آهي، مونکي دري جي پاسي واري سيٽ جيڪا نمبر ۾ منهنجي هئي، کيس تمنا ٿي ته آئون اتي ويهان، پاڻ سندس سيٽ نمبر مطابق ٻن ڄڻن جي وچ ۾ ڏکيو ٿيو هو، سو مونکان دري واري سيٽ جيڪا اڪيلي ماڻهو جي هئي طلب ڪيائين، مون به دل ڪوسي سبب نه ڏني، مٿان جو ڪوي پرديپ جو گانو ڳايم ته ڇهئي پيسا ڇڻي پيا، صادق آباد سج لٿو، سڄي رات ڪجهه آرام، ڪجهه کائڻ پيئڻ ۽ ڪچهري ۾ سفر جاري هو، 14 آگسٽ جو صبح 7 وڳي اسان جي ريل گاڏي گوجرانوالا اسٽيشن ۽ بعد ۾ ٻيون اسٽيشنون هلندي 3 وڳي راولپنڊي پهتي، بس يار ڇا ٻڌايان، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه زنده هئي، ڌڻڪا هاسين، راولپنڊي اسٽيشن جي ٻاهران اسان جا ايم اين اي صاحب بسون بيهاريو بيٺا هئا، هر هڪ پنهنجي ڪارڪنن کي عزت آبرو سان ملي ۽ بسن ۾ ويهاريو، اسان ٽنڊوالهيار وارا 5 وڳي اسلام آباد شهر ۾ شايد پيرن سرهندين ڪمرن ۾ ورڇجي وياسين، بي اتفاق منهنجي نمبر جنهن ڪمري ۾ هو آئون ته پنهنجي نمبر تي شاپر ڪپڙن جي رکي قبضو ڪري ويٺس ۽ جن همراهن کي منهنجي حاضري ناپسند هئي، اهي به ان ڪمري ۾ آيا، بس گڏ رهڻو پئجي ويو ۽ ماني ملي، هدايتون مليون، رات فنڪشن ۾ وڃڻ جون، ماني کائي اڃان ڪلاڪ سج هو، ٻهران جائزو ورتوسون، جلسي گاهه ڏي وڃڻ ۽ واپس پنهنجي بنگلي پهچڻ جا رستا ڏسي آياسون، رات جي ماني بنگلي تان کائي ۽ جلسي لاءِ وياسين، جلسو وڏو هو، وزير اعظم صاحبه جي خطاب جو پروگرام هو، کلئي آسمان هيٺ قومي اسميبلي بلڊنگ جي اڳيان ڪيئن مزا هئا، شازيه خشڪ اچي ڳايو ۽ ٻين فنڪارن به پئي واري واري سان ڳايو، شازيه جي ڳائڻ مهل تيز برسات شروع ٿي وئي، جلسو ختم ٿي ويو، برسات سبب سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي رهائش ڏانهن ويو، آرامي ٿياسين، پوئين رات سڀ ڪو ننڊ ۾ ٻاهر برسات، تيز هوا ۽ کنوڻ گوڙ جا ٺڪاءَ هجن، اوچتو تيز هوا ۽ گوڙ جو وڏو ٺڪاءَ ۽ ان سان گڏ اسان واري ڪمري جي دري جو تاڪ هوا جي زور تي ڌڙام ڪئي، ٺڪاءَ وڏو ٿيو، سڀ ننڊ هواسين، ڇرڪ ۾ ٽي چار همراهه وٺي ڀڳا، ڪمري جو در هڪ طرف ته همراهه ڀڳا دري ڏي، ڪجهه همراهه هڪ ٻئي کي لتاڙي بيهي رهيا، الله پاڪ جي مهرباني سان آئون پنهنجي بستري تي سڪون سان ويٺو رهيس پوءِ ته ڏاڍي کل پئجي وئي.
    صبح 15 آگسٽ اسلام آباد ۾ گذارڻو هو، آئون اڳئي بابا سائين حاجي محمد پريل خان سان گڏ گهميل هئس، مون وٽ پئسا به ٿورا گڏ هئا، ان ڪري مون گهمڻ جي پروگرام ۾ دلچسپي ڪانه ورتي، ليڪن مون وارا همراهه پهريون دفعو آيا هئا، انهن کي شوق گهمڻ جو وڌيڪ هو ۽ مون کي صلاح هنيائون ته پئسن گهٽ ڪري مون انڪار ڪيو، پوءِ سڀني گڏجي منهنجو خرچ ڀريو ۽ مونکي وٺي ويا، آئون واقف هئس ۽ سڀني کي پهرين فيصل مسجد، شڪر پڙيان، پنڊي پئنٽ گهمائي وين ۾ بعد ڪوهه مري لاءِ وياسين، رستي ۾ فرمائش ٿي ته ساڳيو گانو ريل گاڏي وارو ٻڌائي، ٻڌايم ۽ ڪوهه مري گهمي مغرب تي پنهنجي جاءِ جي تياري پڻ ڪرڻي هئي، سو فجر نماز مسجد ۾ پڙهي جو ٻاهر نڪران ته ڪجهه همراهه اسلام آباد رستن ۾ ڦرندي ڏٺم، اڃا پورو ڏينهن ڪونه ٿيو هو، اوندهه اڇي ڏينهن واري هئي، غور ڪيم ته همراهه ڀنگ جا ٻوڙا پٽي وڏيون وڏيون شاپرون پيا ڀرين، ڀنگ جا شوقين هئا، مفت جي ڏٺئون، ريل گاڏي چارٽر هئي، چيڪنگ جو ڊپ ڪونه هو، سو مفت جي ڀنگ پٽي کنيائون.
    بنگلي تان بسون 11 وڳي کڻي راول پنڊي ريلوي اسٽيشن پهتيون، نواب يوسف خان ٽالپر جي خاص ڊوٽي هئي، ڪارڪنن کي روانو ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تي هو، 1 لڳي 30 منٽن ڌاري گاڏي هلي واپسي لاءِ، ڪارڪنن نواب يوسف خان ٽالپر کي چئي ۽ لاهور گهمڻ لاءِ ريل بيهارڻ جو حڪم ڏنو ته ڪارڪن گهمن، اندازن 3 وڳي لاهور آياسين ريلي بيٺي مگر اعلان ٿيو ته پنهنجي ريل جي حفاظت پاڻ ڪريو، متان ڪو ريل گاڏي ۾ بم نه رکي وڃي، بس ساهه سڪي ويا، ڊپ ۾ مون جهڙا ته گاڏي مان به نه لٿا، پر ڪجهه دوست هڪ ٻئي کي پارت ۽ زمينوار سنڀالڻ جو چئي گهمڻ ويا، هاڻي اسان جون پنهنجون ڪاوڙون ڳوٺ واريون ختم ٿي چڪيون هيون، سو پاڻ ۾ سڀ کير کنڊ جهڙا مٺا هئاسون، هڪ ٻئي تي ساهه پئي ڇڏيوسين، ڪي پري تاءِ ڪي ويجهي تائين گهمي آيا، اميد علي ناگور ۽ مان جڏهن سڀ واپس آيا ته ان کان پوءِ اسين شهر طرف وڃي پنهنجي پنهنجي حال آهر خريداري ڪري آياسين، مون ڪپڙن جا ٻه وڳا خريد ڪيا، مغرب تي ريل گاڏي سفر شروع ڪيو، بس ساهه سڪو پيو هو ته ڪٿي بم نه هجي، سڄي رات سفر ڪري 17 آگسٽ صبح روهڙي پهچي ۽ اڳتي روانا ٿياسين، ائين نواب شاهه ۽ ٽنڊو آدم پهتاسين، ڀنگ وارا ٽنڊوالهيار جا ٽنڊو آدم ۾ لٿا ۽ ٻيا حيدرآباد ريل کي سنگل ڪونه مليو ۽ چئنل واهه وٽ گاڏي بيٺي، ڀنگ وارا رهيل همراهه به گاڏي مان لهي ويا، سنگل مليو، گاڏي هلي، حيدرآباد اسٽيشن پهتي ۽ لهي پنهنجي گهر حيدرآباد آيس ۽ اسان وارا عهديدار به کير کنڊ سڀڪو پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيو، باقي ريل گاڏي دادو، ڪوٽڙي، ٺٽو، جهمپير ۽ ڪراچي جي ڪارڪن کڻي رواني ٿي.
    احوال حيدر خان ميهاڻي جو ٽيون نمبر پٽ حاجي احمد جو، حاجي احمد کي ڳوٺ علي بخش جرورا مان ٻيڙو خان جروار جي نياڻي نالي سياڻي سان شادي ٿي، کيس هيٺيون اولاد آهي، ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي، حاجي جان محمد، حاجي يار محمد، خان محمد ۽ هڪ نياڻي ڀنڀو جيڪا منهنجي چاچي عثمان جي نڪاح ۾ هئي، راقم جي ڏاڏي حاجي محمد پنهنجي نياڻي نالي خديجه خان محمد عرف خانو کي نڪاح ۾ ڏني، مينهون دوئم جي گهرن کي باهه لڳي ۽ وڪوڙي ويئي، حاجي امام بخش مينهون جو پٽ ننڍڙو ٿڃ تي هو ۽ اندر گهر ۾ ديندر جنهن کي منهن رکي به چوندا آهن، ان ۾ ستل هو، ماين دانهون ڪيون ۽ خان محمد عرف خانو رلي پاڻي سان پسائي مٿان وجهي، ٻرندڙ باهه جنهن ۾ ڇت جا ڪاٺ باهه ۾ ٻري ۽ هيٺ پئي ڪريا، هر شي کي باهه وڪوڙي وئي هئي، خانو يڪي همت ڪئي، ديندر منهن رکي کي اڇل ڏيئي، امام بخش کي پاڻي پسيل رلي ۾ جلدي مٿان وجهي ويڙهي ٻاهر سلامت کڻي آيو، ليڪن کيس باهه جي وڏي چوٽ اچي ويئي، مڙس جا مٿي وار وڏا هئا، اهي به سڙي ويا، پاڻ انهي باهه وگهي مهينو کن گذاري راهه رباني هليو ۽ کيس هڪ پٽ ماءُ جي تڃ تي هو اهو به پٺيان جلدي گذاري ويو ۽ صدمي ۾ گهرواري خديجه به گذاري وئي، سڀني کي آباڻي قربستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    حاجي جان محمد حاجي احمد جو پٽ پنهنجي رزق ۽ مال مويشي سنڀاليدو هو، سندس نڪاح ۾ سڳي چاچي عمر خان جي نياڻي نالي بختاور هئي ۽ کيس چار پٽ ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، هڪ نياڻي ملن ۾ ۽ هڪ خميسو ولد گلڻ کي نڪاح ۾ ڏنائين، نمبر وار پٽ سانوڻ پاڻ حاجي هاشم جي نياڻي پرڻيو ۽ کيس صديق، الهجڙيو، خانو ۽ حاجنين پٽ آهن، صديق ٽيوب ويل بجلي ۾ ايڪسيڊنٽ ٿي گذاري ويو ۽ وري ٻيو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو صديق رکيو اٿس، پاڻ حاجي بچو صاحبخان جي ڳوٺ وارو سان رفيق پيدل حج جي سفر تي ويو، رستي ۾ ٿڪي پيو ۽ واپس آيو، حاجي بچو حج پڙهي پوءِ آيو.
    ٻيو نمبر پٽ حاجي جانو جو پير بخش ملن مان حاجي عزيز ملون جي نياڻي سان شادي ڪئي، جنهن مان اولاد رسولو ۽ سائين بخش آهن، پاڻ استاد محمد عثمان ڀٽي کان پڙهي فائنل امتحان ڏيئي ماستري جي نوڪري بدين جي ويجهو ڪيائين، لنئواري وارن جو اثر هوس، محنتي استاد به اهڙو جو آخري وقت ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ بدلي ٿي آيو ٻيا ته رهيا پر پنهنجي پٽ رسولو به نه پڙهائي سگهيو ۽ بدلي ڪرائي نئون اسڪول بڪيراڻي ديهه جي 32 بلاڪ جهنگ ۾ اسڪول منظور ڪرائي، چاچي حاجي جان محمد جي گهر جا ٻار وٺي يعني سندس فيملي جا ٻار وٺي ويو، حال اهيو جو سڳو پٽ ٻيو سائين بخش به نه پڙهائي سگهيو ۽ سڄو طور 10 سالن جي ٻارن جو کاري ڇڏيائين، يعني اڻ پڙهيل رهيا، کيس رڳو پگهار سان پيار هو، جيڪو کڻندو رهيو ۽ وڃي رٽائر ڪيائين، پينشن جو حقدار ٿيو جيڪا اڄ ڏينهن تائين ملي پئي، هڪ جيپ وٺي ڊرائيوري سکي ۽ بعد ۾ ڊاٽسن پڪ اپ وٺي ڪرايو ڪمائڻ لاءِ سازگار ماحول مليو اٿس، ڏيٿا اسٽيشن حيدرآباد روڊ اسٽاپ تي ايڪسيڊنٽ ڪري ناريجاڻي جي پاسي جو الهجڙيو جت ايڪسيڊنٽ ڪيائين، جيڪو سول اسپتال حيدرآباد ۾ گذاري ويو، پير بخش ٽنڊو ڄام لاڪپ ۾ پوليس وٽ بند بروقت رسولو ۽ گل محمد چاچو ڀائيٽيو منهنجي بابا سائين وٽ حيدرآباد جڳهه تي پهتا ۽ احوال ڪيائون ته مڙس جي ملاقات به بند آهي، بابا انهي وقت رئيس عبدالرزاق خان نظاماڻي ۽ چاچا حاجي محمد خان نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر نياپو ڪيو ۽ انهن پير بخش کي شخصي ضمانت تي لاڪپ مان آزاد ڪرايو ۽ الهجڙيو جت اسپتال ۾ گذاري ويو، پروفيسر سرجن سيد اظهر حسين جو ڪمدار هو، سرٽيفڪيٽ نڪتو ته وري پيربخش لاڪپ، بابا کي حيدرآباد اچي ٻڌايو، گلو ۽ رسولو سان بابا ارجنٽ ٽنڊو قيصر نظاماڻين موڪليو ۽ ناريجاڻي مان چاچا ڪيوڙو خان، عبدالمجيد جو پيءُ گهرائي چاچي حاجي محمد نظاماڻي کي گڏ کڻي ڳوٺ ناريجاڻي پهچي الهجڙيو جت جي فاتح ڪري ۽ خون بخشائي پوليس جو ڪيس هلڪو ڪرائي ۽ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي، آخر بخشش آڌار ٿي، ڪيس ڪورٽ ۾ ختم ٿيو، گل محمد عرف گلو گڏ هو، رسولو کي سڄي خبر آهي، ننڍڙو ڪونهي، الاهي ڪم آيا آهيون، همراهن قدر سڃاتو آهي، وڏا لائق ۽ سچار آهن، دنيا فاني آهي، پيربخش راهه رباني هليو، کيس آباڻي قبرستان شاهه عنايت ۾ دفن ڪيو ويو.
    احوال چاچي حاجي جان محمد احمد جو، پاڻ ۽ سندس ڀائٽيو رسولو ڪاوڙيا، عبدالباقي صاحب انجنيئر مٿس وڏو مهربان هو، ان ٻني تي وڃڻ لاءِ چاڪر واهه تي هڪ موري تعمير ڪرائي، جنهن جو سبب ٻني تي وڃڻ جو رستو رسولي سندس ڀائٽي بند ڪري ڇڏيو هو ۽ عبدالباقي صاحب سئوٽ احمد تي مهربان هو، ٻيا به ڪيترائي ڪم احمد جا ڪيائين، جائز گهٽ ناجائز الاهي، سئوٽ احمد کي به اولاد آهي، خوش هجن.
    رسول بخش عرف رسولو ولد ماستر پير بخش ميهاڻي جروار سڱ ۾ منهنجو ڀائيٽيو ٿئي، مختصرن ته 1992ع ۾ منهنجي ڀاءُ حاجي شير محمد جي زمين ديهه ستياري 151 ۾ جي سي او ڊي ڪمپني تيل گئس لاءِ ڪم ڪيو، پوءِ واسطيدار هر هڪ کاتيدار کي پنهنجي پنهنجي حصي جو اڻ ميو پئسو ڏنو ۽ جنهن جو جهڙو ضمير هو ان پنهنجو حق ڪمپني کان جائز ناجائز طريقي ورتو، منهنجي سئوٽ احمد ولد حاجي جان محمد ۽ احمد جا ڀائيٽيا انهن جي به مهاڳي مان رستو ڪمپني ڪڍيو ۽ ماپ مطابق کين به ورڇ ملي، پئسا واسطيدار کاتيدار لالچي بس حدون اُڪري ويا، بس پئسو بس پئسو ڪمپني مان ڪڍڻو آهي ۽ خدا پاڪ سڀني کي پنهنجي قدرتي طاقت ڏيکاري جو اڌ ڇڏي سڄي لاءِ پي ڊوڙيا، ڪمپني جو ويل فيل ٿيو، هوندي سوندي هن کان پهرين به ساڳئي ديهه ۾ چار پنج نمبر پنڌ جا 6 فرلانگ تي ڪمپني جو 9 مهينا پهرين هڪ ويل رنگ فيل ٿي هئي، لوڪل عوام کي سڄي خبر آهي.
    سروي ۽ 2016 يا 217 ديهه ستياري ڳوٺ محمد درس سان لڳ هڪ ويل رنگ ڪمپني جي فيل ٿي چڪي هئي، ساڳي ڪمپني جي ٻي رنگ ويل ساڳي ديهه ۾ فيل ٿي، انچارج آفيسر مسٽر نور محمد مون کي گهرايو، آئون ويس، مليو، سندس ڪاروان ۾ وٺي ويو، ريفريشمينٽ ٿي، لوڪل همراهه به مونکي ڏسي بنا دعوت شامل ٿي ويو، جنهن تي مسٽر نور محمد صاحب مائينڊ ڪيو، روبرو ڪجهه چئي نه سگهيو، مگر چيائين جروار صاحب اوهان جا پاڙيسري سٺا نه آهن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته منهنجي رنگ ويل فيل ٿي ويو آهي ۽ هتي منهنجي هر شئي چوري ٿي آهي، بجلي، پائپ، سيمينٽ، مزدورن جا چمپل، راند ڪرڻ جي پلاٽ گرائونڊ ۾ والي بال جي نيٽ لڳل به چوري ٿي پيو، ڇا ڇا ٻڌايا ايف آئي آر ڪٽائي سگهيم پي، ليڪن ان ۾ اوهان کي شاهدي ڏيڻي پوي ها ۽ اوهان عزت وارا ماڻهو بي سبب شنوائي جو چڪر ڀريو ها، ان ڪري ڪيس نه ڪيم، سور پي ويس، منهنجي ڪمپني فيل ٿي واپس وڃي رهي آهي، هي سامان اوهان جو آهي، پنهنجو سنڀاليو، اوهان پري آهيو، مال چوري ٿي ويندو، منهنجي پاڙيسري ۽ اسان ٻه ڀاءُ ياسين (مان) ۽ شير محمد گڏجي حيدرآباد گهر وياسين، اسان مصلحت کان ڪم وٺي 75 سيڪڙو مال ۽ خرچ پنهنجي زمي ڪيو ۽ 25 سيڪڙو مال ۽ خرچ پاڙيسرين جي زمي ڪيو، اهيا ٻي ڳالهه آهي ته ان تي عمل نه ٿيو، ڪنهن غلط ڪيو، ڪنهن صحيح ڪيو، انهي جا ڪيئي سبب هئا، اهيو الڳ مضمون آهي.
    اصل مقصد لالا مال خلاص، رستو اچ وڃ جو جنرل ڪم پيو ڏيندو هو، زمين سئوٽ احمد جي بعد رسولو جي، جيڪا الهندي سڌو اچي موجوده موري پُل واري جيڪا واهه جي موري تي آهي، اتي دنگ روڊ سان ملندو هو، ڪمپني جو رسول اڻبڻت سبب رستو بند ڪيو، ٻي واهه ڪانه هئي ۽ مسجد شريف مهاڳو سندن ليڪن زمين بڪيراڻي مائنر جي سرڪاري، بس استادن جي چوڻ تي راتو رات مسجد شريف جو بنياد ۽ تعميرات ٿي وئي.
    1995ع ٻه سال اڳتي هلي سئوٽ احمد جو رستو سندس ڀائٽي رسولو بند ڪيو، ان الڳ کان هڪ پُل اندازن ٻه هزار خن فٽن تي ايريگيشن مان منظور ڪرائي، سئوٽ احمد کي تعمير ڪرائي ڏني، ڇو جو احمد کي بند ٿيل رستي کان سواءِ ٻي ڪا به واهه نه هئي، ائين سئوٽ احمد جي 4 ايڪڙ 7 گهنٽا زمين رستو ٿي ويو، سئوٽ احمد مهاڳي واري سرڪاري زمين جيڪا بڪيراڻي شاخ سندس مهاڳو ۽ حق هو، سو حاجي محمد يوسف عرف حاجي محرم درس کي وڪرو ڪري ڏيئي ۽ پئسا وٺي ڇڏيا، سئوٽ احمد رضا الاهي سان وفات ڪئي، 18 سالن بعد ٻڌو اٿم ته سندس پٽن زمين رسول کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي، پاڻت ۾ سئوٽ آهن، جنهن هينئر 2017ع جنوري ۾ عوام عام کي ڪم ايندڙ رستو مشن کان ڀڃائي ختم ڪري ڇڏيو، مونکي ذهني صدمو ٿيو ۽ هي تاريخ ڳالهه ڪتاب ۾ لکي ڇڏيم، هر هڪ کي پنهنجي زمين ملڪيت مٺي آهي، پر ڪجهه پاڙي جو ننگ به ڏسبو آهي، موري وارن جروارن مٿين واقعن کان بعد 2003ع ۾ ڳوٺ ٻڌو آهي، آباد ڪيو آهي، پهرين ڳوٺ الهه بخش جروار ۾ ويٺل هئا.
    هاڻي احوال چاچي حاجي جان محمد جي پٽ گل محمد عرف گلو جو، پاڻ به ٽي درجا سنڌي پڙهيل آهي ۽ پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، ڪجهه برداشت وارو آهي، کيس به اولاد آهي، صالح آهي ۽ نيت ٺيڪ اٿن، حاجي نبي بخش جا سئوٽ سان گڏ ماسات پڻ هئا ۽ سدائين گهر ۾ وڏو گوڙ ڪندا هئا، پوءِ حاجي نبي بخش کين ڇلگري سڏيندو هو ۽ مشهور ٿي ويا، ته ڇلگرين جو پاڙو آهن.
    چاچي حاجي جان محمد جو ڀاءُ ۽ حاجي احمد جو پٽ چاچو حاجي يار محمد، سندس شادي ميان جي حاجي پروز جي گهران ٿي، کيس ٻه پٽ حاجي علي محمد، حاجي ابراهيم ۽ ٻه نياڻيون هڪ منهنجي سئوٽ محمد صالح جي نڪاح ۾ هئي ۽ هڪ احمد خان، حاجي وسايو جي نڪاح ۾ شاديون ڪري ڏنائين، ٻانهيپوٽن ۽ سمن واري بيت ۾ سندس نالو آيو آهي، “يڪي سان يار محمد کي آهي قندار کي ڪرڙائي” اتان پرکيو وڃي ته ڪنهن سان ڪونه ٺهندو هو، سئوٽن ۽ ڀائٽن سان هرگز ڪانه پوندي هئي، سدائين ڪو نه ڪو بهانو ۽ جهيڙو هوندو هوس، نيٺ سڀني بيزاري کي کائنس سڏ سلوڪ کان پري ٿي ويا، پوءِ ڀاءُ حاجي جان محمد سان بهانا ڪريو جيهڙو مچائيندو هو، انهي به بائيڪاٽ ڪيو، پوءِ ڳوٺ مان لڏي وڃي پنهنجي ٻني جيڪا ڳوٺ کان الهندي ميل فاصلي تي پراڻه کيسانه واهه جي ڪپ سالن اتر طرف جايون ٺهرائي رهيو پيو هوندو هو، چار ٻار پنجين اهليه ڇهون پاڻ، يڪي سفر ۾ حج ڪيائون، پاڻي جي جهاز ۾ چئن مهينن جو سفر هوندو هو، وري آيو ۽ جيپ خريد ڪيائين، آخري سالن ۾ وري وڪڻي ڇڏيائين، وڏي پٽ حاجي علي محمد کي 3 شاديون ڪرايائين ۽ جدا ڪري ڇڏيو هيائين، الڳ کائڻ پيئڻ رهڻ، ٻن پوين شادي مان اولاد به آهيس، سندس ٻيو نمبر پٽ حاجي ابراهيم گڏ رهندو هئس ٻني تي گهر اوطاق سڀ ڪجهه اتي هوندو هو.
    خميسو گلڻ جو پٽ انگريز حڪومت آخر ۾ جمعدار پوليس بي سبب جهليو، هڪ لغاري وچ ۾ ضامن وجهي جعمدار کي رشوت ڏئي خميسو کي ڇڏائي ۽ بعد ۾ جمعدار تي ڪيس رشوت وٺڻ جو ڪري ڪيس کٽيائين، ڪنهن تيڪو احسان ڪندو هو ته پوءِ اهو ڦاٿو، جهيڙو هروڀرو اشرافن سان ڏاڍن کان پري رهندو هو، پاڻ پيري ۾ آخري وقت شادي ڳوٺ مصري جروار مان ڪيائين ۽ ٻه نياڻيون ٿيون، هڪ رسولو کي ڏنائين هڪ واپس ساهوريجن پنهون جي پٽ شفيع کي ڏنائين، اولاد اٿن، گڙدي جي سور ۾ رات جو وفات ڪيائين، صبح اطلاع تي وياسين ۽ اباڻي قبرستان سيد شاهه عنايت ۾ دفن ٿيو ۽ سندس ٻيو نمبر پٽ حاجي ابراهيم ٻني واري اوطاق ۽ گهر ڇڏي اچي ڳوٺ ۾ رهيو آهي، کيس نياڻيون ۽ ٻه پٽ جاويد ۽ مجاهد آهن، پاڻ حاجي ابراهيم پيءَ وانگي موقوف جو سخت آهي.
    بڪيرا شريف ۾ قلندر قائم الدين قريشي اسدي هاشمي جو موجوده سجاده نشين، حضرت پير صديق محمد شاهه آهن، موجوده درگاهه شريف جو اڳ ۾ درگاهه اتر پاسي واري مسجد شريف به پاڻ پوري رنگ جا ڳاڙها قدبت مرادڻون مناسب ڪچهري جو خان، ڳالهائڻ جو لهجو سندن شايانه شان کل واري ڪا ڳالهه ٿي ته وڏا ٽهڪ ڏيئي کلندو آهي، هڪ دفعو ايوب خان دور ۾ پاڻ يونين ڪائونسل ان وقت کوکر جو چيئرمين جي اليڪشن ۽ ضياءَ جي دور ۾ غير سياسي بنيادن تي پي ايس جي سيٽ الڪيشن ڪئي، ٻئي اليڪشنون کٽي نه سگهيو، منهنجي والد ۽ منهنجي عزت ڪندو آهي، هڪ دفعو بابا وٽ ڪچهري تي ڳوٺ اچي اوطاق تي ڪچهري ڪئي، رات جي دير ٿي خليفن کي بڪيرا موڪلي ڇڏيائين، جيڪي وري صبح 9 وڳي پهتا، پاڻ ڪچهري ڪري بابا وٽ اوطاق تي ٿڪي سمهي آرام ڪيو، 10 بجي اٿي ڪپڙا بدلائي ناشتو ڪري دير تائين ڪچهري ڪري 12 وڳي منجهند بڪيرا شريف ويو، منهنجي پٽ شوڪت علي جي وفات تي 2010ع ۾ مون وٽ دعا فاتح لاءِ شام 5 وڳي عيسيٰ خاصخيلي واڍي سان گڏجي آيو، ڏک ۾ شريڪ ٿي واپس ويو.
    سائين بقادار شاهه جا پوٽا، بقادار شاهه عرف پير بقن شاهه پير نبي بخش شاهه ۽ محمد اياز شاهه سڀني پيرن کان سندن پرورش تمام خانداني ٿيل آهي ۽ هر ماڻهو کي هر سکي توڙي ڏکي وقت ۾ ڪم اچن ڪيترن مختلف ماڻهن کي نوازي نوڪريون وٺي ڏنائون، ليڪن پاڻ پنهنجي خانداني قائم رکندا اچن، مون سان سندن انتهائي عقيدت ۽ پيار آهي، آئون به کين پنهنجو سمجهان، پير اياز ۽ نبي بخش شاهه اسان ٺٽه محمد صالح سومري جي دعوت کان واپسي تي ڪار نبي بخش ۽ ڀائرن جي هئي، نئين ٻارڻ ۽ ڪلري بگهاڙ فيڊر عرف ڪراچي واهه جو سائيفن ڏسڻ وياسين، خوف ناڪ جاءِ هئي، واپسي ۾ سائين اياز شاهه کي چيم سائين ڊپ ٿيو يا نه، سائين اياز شاهه چيو چاچا حاجي اوهان گڏ هئا ۽ مونکي ڊپ نه ٿيو، اتي فوٽو به ڪڍياسين، موبائيل تي ۽ منهنجي آئي ڊي تي اپ لوڊ ٿيل آهن، منهنجي وڏي عزت ڪندا آهن ۽ آئون به کين وڏو سمجهندو آهيان، عمر مطابق الاهي ننڊا آهن، الله کين خوش رکي آمين.
    پير تاج محمد شاهه کي ٻه پٽ هئا، هڪ پٽ پير مقبول شاهه هڪ دفعو يونين ڪائونسل کوکر جو چيئرمين چونڊايو، رئيس دوست علي خان کوکر بڪيرا شريف شهر کي ورسايائين، ٻيو پٽ پير محمد اشرف شاهه قدبت جو هلڪو سهڻو مڙس آهي، شاهد علي ۽ شاهزيب شاهه اسان کين عزت ڪندا آهيون ۽ پاڻ به ڀائين ٿا.
    ڳوٺ پانڌي خان جروار ۾ ميهاڻين واري پاڙي مان جن سان منهنجي ويجهڙائپ رهي، انهن ۾ محمد پناهه خان جروار تمام معتبر نالي وارو باهمت هو، سندس هڪ وڏي تاريخ آهي، پاڻ پٺيان پٽ محمدصالح، محمد اڪبر، محمد اصغر، احمد نواز ۽ ربنواز ڇڏيا آهن. سڀ پنهنجي ليکي خانداني ٻار آهن، محمد اڪبر خان پيءَ وانگي راڄن ۾ اٿي ويٺي ۽ عزت جو مقام رکي ٿو، سندس وڏي تاريخ آهي، کيس ٻه پٽ سجاد ۽ محمد پناهه نالي آهن، الله سائين خوش رکين، الهورايو خان عرف ڏاڏا منان خان ڪير سڏائي، وڏو راڄوڻي سڏ سلوڪ وارو هو، گهوڙن جو شوقين، سدائين پنهنجو ٽانگو جنهن کي اتي ٻگهي سڏين، پنهنجي چڙهي لاءِ رکندو هو، ڪچهري جو سدا ملوڪ، محمد پناهه خان جي اوطاق تي رهندا هئاسين، سڄو ڳوٺ ڪچهري تي ايندو هو، ملان رئوف، ماما لائق، ممتاز، رسول بخش گمبو، نور محمد، نيڪ محمد، نصير خان، حاڪم علي، چاچي جان محمد جا پٽ محمد بخش، عرض محمد، حاجي محمد علي، مينهون خان، حاجن، ديدار علي، مختيار . محمد علي، حاجن ۽ انور جيڪي قرب مديني شريف ڪيا، وسارڻ جا نه آهن، وڏيون سوکڙيون ڏنائون، جڏهن 1980ع ۾ انور محمد ياسين ۽ محمد يوسف ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٻڌجي پياسون ته محمد اڪبر خان ۽ عبدالمجيد جي خصوصي ڊوٽي محمد پناهه خان لڳائي، اسان جي ماني ۽ ڪپڙا ڊيلي پهچائڻ 90 ڏينهن مسلسل ماما لائق خان ڪچهري جو سدا ملوڪ گهميل هو، امداد علي به ايندو هو، چاچو غلام رسول جروار کيس سرائي سڏيندا آهن، وڏو همت وارو هو، سندس پٽ ممتاز، معشوق ۽ سڪندر هر وقت ڪچهري ۾ حاضر هوندا هئا، ڪڏهين ته محمد بچل خان جروار نئون ديرو کان ڪچهري لاءِ ايندو هو ۽ سندس ڳوٺ جهان خان جروار عرف سانول ته سمجهو سڄو ٽنڊوالهيار جو تر وٽس بڪ هوندو هو، محمد آچر خان جروار رتو ديرو جو وڏو پيار ڪرڻ وارون مان آهي، سردار علي خان جروار، محمد علي خان ڀوتار ۽ شوڪت علي وساريو بيان بي وزن ٿيندو، سڀني جي الڳ الڳ تاريخ آهي، حياتي تندرستي ساٿ ڏنو الله مهربان ٿيو ته انشاءَ الله ٻئي ڀاڱي ۾ پورا پورا تفصيل ڏبا، اسان وٽ ٻچن سميت اچن ۽ اسان به ٻارن ٻچن سميت خوشي غمي ۾ شريڪ ٿيون ٿا.

    اتران اُٺي آئيو وساڻڪي تي وري
    ڀڄائي بڪيرن کي ڊاڳ مٿي ڌري
    پڌري ۽ پلر مان سڀ ڀري
    اڇلي آب سري سدا ستياري تي

    ***

    بڪيراڻي ڀون کي ڏنو آب اولياءَ
    جمال واهه زور وهي کيساني کنڊڪيا
    سَري ۽ سون واهه پلٽي ٻئي پيا
    ڌڌڪي جيئن درياءَ سدا ۽ سرفراز ٿو

    (هي بيت شفيع محمد يا نور محمد مينهون جا چيل آهن، ڪتاب اذ ڪار قلندري جي 335 تان کنيل)


    ديهه ستياري

    ديهه ستياري نالي جي وجهه تمسيه، ستياري نالي قوم جو ذڪر ڪتاب “تحفت الڪرام” ۾ ملي ٿو، انهي ستيار قوم جي رهڻ ڪري مٿس ستيار ۽ بعد ۾ ستياري سڏي ٿي.
    گورنمينٽ جي نقشي ديهه ستياري ۾ قديم ڳوٺ جن جا نالا اچن ٿا، انهن ۾ ڳوٺ حاجي ڪئوڙو خان دائيداڻو، ميوو، سجاول، محمد، عالم خان، حاجي احمد خان، حاجي عبدالحميد، حاجي صاحب، مير محمد، محمد رحيم، غلام محمد، حاجي نم، حاجي غلام نبي ۽ ٻين سڀني سان برادري اٿي ويٺي آهي، وقت ساٿ ڏنو ته ذڪر ڪيل هر هڪ نالي جو تاريخي احوال لکبو.
    ڳوٺ بچل بڪيرو به اندازن ٻه سئو سال کان آباد آهي، چاچو آري بڪيرو تمام نالي وارو تڏي جو خان آئي ويئي جي آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارو ۽ سندس اولاد ۾ محمد بچل، چاچو ماستر غلام حسين ۽ سندس اولاد سائين عبدالغفور ۽ عبدالشڪور عرف فهيم وڏن جا يادگار آهن، سندن فيملي خاندان جي هڪ وڏي تاريخي آهي، اميد ته موقع سان بيان ڪبي.
    چاچو خير محمد بڪيرو ياد نه ڪريون اهيا به زيادتي ٿيندي، پنهنجي موقف تي سختي سان قائم رهڻ وار پوءِ ڀلي سر وڃي ته وڃڻ ڏي، هڪل ڪري ته مڙسن جا هنيان ڦاڙي وجهي، ماستر محمد جمن، ربڏنو، علي ڏنو، علي محمد ڊرائيور ڪهڙن جا نالا لکون، ڪهڙا نه، منهنجي والد صاحب جناب حاجي محمد پريل خان جروار جي ساڻن وڏي قربت هئي ۽ الله جي مهرباني سان اسان به نڀائيندا اچون.
    پراڻي پاڻي تي جمال واهه ۽ شايد سون واهه مان آبادي ٿيندي هئي، هن وقت موجوده کيسانو مائنر 2 جو پوڇڙ ۽ نه برابر پاڻي آهي، ٽيوب ويل به آهن ته بجلي اڻپوري.
    سڄي ديهه ستياري کي هڪ لنڪ روڊ حاجي ابراهيم ڪالوني ٽنڊوالهيار کان چالو ٿي ڪئوڙو دائيداڻو، بچل بڪيرو، سولنگي، ريڍار ماڇي، واحد بخش زرداري، مٺو خاصخيلي، اُڀريو درس کي شهر مارڪيٽ سان گنڍي ٿو ۽ آخر اسان جي روڊ سان ملي ٿو، ديهه ستياري ختم ٿي اتي ديهه بڪيراڻي 145 بلاڪ وٽ ملي بڪيرا شهر ۽ جروارن سان ملي ٿو.
    ڳوٺ مٺو خاصخيلي سان لڳا الهندي طرف مقام آهي، ڪچي چوڪنڊي جڳهه ۾ جدين پير نالي سان.
    مذڪوره ديهه ستياري ۾ هڪ ٻيو به مقام غازي شهيد عبدالله شاهه جي نالي آهي، جنهن ۾ ڳوٺ بچل بڪيرو ۽ پس گردائي کي استعمال هيٺ آهي.
    سيد غازي عبدالله شاهه جي قبر جو احاطو پڪين سرن جي چوڪنڊي ۾ آهي، جيڪا تازي ٺهرايل آهي، سيد غازي شهيد عبدالله شاهه جي وڏي چوڪنڊي مٽي سان مٿي ڀرائي ڪيل آهي.


    ديهه شاه ڪي

    ديهه شاه ڪي بدلجي لفظ ساهڪي رائج ٿي ويو آهي، نالي جي وجهه تمسيه، هن ديهه ۾ ننڍڙا ننڍڙا مقام شاهن جي نالن سان آهن، لڳي ٿو ته ڪي سيديا پير هن ديهه ۾ قديم آباد هئا، ننڍيون نڍيون وسنديون شايد هجن، هن وقت انهن جو ڪو به اتو پتو ڪونه ٿو پوي، هڪ ٻه گهر سيدن جو زمين سميت آهي، ليڪن اهي ڳوٺ مسو خان بوزدار ۾ گهر ڪريو ويٺا آهن، باقي پنهنجي زمين ديهه ساهيڪي ۾ آباد ڪندا آهن.
    منهنجي ڪتاب تپو کوکر ۾ نه آهي، ليڪن راقم جي مائيٽياڻي زمين ديهه سهڻا بڪيرا سان لڳ اوڀر کان آهي.
    چڱن سٺن راڄن سان اٿي ويٺي آهي، ان ڪري درج ڪئي اٿم، قديم ڳوٺن ۾ ڳوٺ حمزو خان ٽالپر تمام گهڻو مشهور معروف ٽالپر صاحبن جو ڳوٺ آهي، ٽالپر مير هادي بخش خان زميندار جي وفات بعد ڪجهه ٻه ٽي گهر ميرن ٽالپرن جا جن ۾ مير حاجي جمن خان سميت ٽنڊوالهيار ۾ وڃي ويٺا آهن، اڳي تمام وڏو ڳوٺ هو، جنهن ۾ خاصخيلي، مينگهواڙ حاتم ۽ سندس ڀاءُ بختو جيڪو لوهارڪو ڪم به ڪندو هو، ان کان علاوه همير مينگهواڙ سندس پٽ طوطو مل، نين پراڻين جُتين جو ڪم ڪندا آهن.
    ڪنڀار ۽ مڱڻهار به اڳي ويٺل هئا، هاڻي لڏي ويا آهن، جن ۾ مشهور مولود خوان فقير محمد الرحيم مڱڻهار ۽ سندس ٻاري جن ۾ محمد ايوب ۽ پپو اڃان ٻار آهي، پهرين جوڙ جو مولودي آهن، سندن جو جسڪاڻي ٽنڊو محمد خان جا مولودي حاجي ولي محمد، ڪمال خان، حاجي امام بخش ۽ محمد صالح قابل ذڪر آهن، هميشه بڪيرا شريف ۾ مخدوم پير ولائت علي شاهه، فاضل شاهه جي 14 شوال تي رات ۽ 12 ربيع الاول تي پير ولائت علي شاهه جي بنگلي تي پڙهڻ اچن ٿا، ويهي ٻڌجن وڏو سڪون آهي، ڊاڪٽر شاهنواز شاهه ۽ محمود شاهه بڪيرا شريف ۾ گهرائيندا آهن.
    ڳوٺ احمد خان رستماڻي به هن ديهه ۾ پراڻو کيسانو واهه جي اوڀر طرف واقع آهي، جنهن ۾ رستماڻين سان گڏ پنجابي ۽ ڪنڀار به آباد آهن، رستماڻين ۾ استاد حاجي علي نواز سندس ڀاءُ حاجي الله بخش، رئيس ڪريم خان رستماڻي آباد آهن، سندن زميندار آهي راڄ ۾ اٿڻ ويهڻ سڏ سلوڪ ڏيڻ وارا آهن.
    پراڻه واري ۾ کيسانو واهه تي نار ۽ هُرلا هن ديهه کي پاڻي آبادي جو ملندو هو، هن وقت سرفراز واهه عرف چاڪر واهه سڄي ديهه کي زراعت جو پاڻي پهچائي ٿو، ڳوٺ محمد علي پرهياڙ به هن ديهه ۾ واقع آهي، پراڻه کيسانه واهه جي اوڀر طرف ۽ موجوده سرفراز چاڪر واهه کان ميل کن اتر طرف موجود آهي.
    ڳوٺ جو چڳو مڙس هن وقت چاچو حاجي سائين بخش پرهياڙ باهمٿ موٽيل مڙس آهي، کيس اولاد پڻ آهي، خدا ڪري پنهنجي وڏن جي نقشه قدم هلن، استاد حاجي محمد جمن پرهياڙ سندم والد جناب محمد پريل خان جروار جو ڀائرن جهڙو ڀاءُ آهي، چاچو حاجي عبدالله خان پرهياڙ، سندس ڀائٽيو خميسو خان پنهنجي زمينداري ۽ سڏ سلوڪ ڏيڻ وارا آهن، باگو پرهياڙ اسان وٽ ٻني ڪندو هو، شادي کان بعد چاڪر واهه تي بيلدار ٿيو آهي، اصل ڳوٺ جو رئيس جاڙو خان هو، پوءِ زماني جي گردش ۾ دٻجي ويو، هاڻي سندس پونير خميسو خان لائق مڙس پنهنجي ڪاروبار کي سنڀاليو آهي، رئيس دوست علي خان پرهياڙ جون سڪون لاهي خوش هجن.


    ميرپورخاص ڪاٺڙي وارا جروار

    دور ڪلهوڙا جي وچ ڌاري ديره غازي خان مان ڪالو نالي جروار مري گزيني واري شاخ مان هو، جيڪو لڏي اچي حيدرآباد ڀر ۾ گهوٽاڻن جي ڳوٺ جي پاسي ۾ رهيو، ڪالو وارا پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، ٻن ڀائرن جو اولاد ديره غازي خان ۾ رهندڙ آهي ۽ سندس پاڙو منگواڻي جروار سڏجي ٿو ۽ هڪ ڀاءُ ڪالو منگواڻي جروار جيڪو حيدرآباد جي طرف لڏي آيو، ان جو سڄو پاڙو منگواڻي جروار جيڪي هن موجوده وقت ۾ ڳوٺ ڪاٺڙي ميرپورخاص کان 10 کن ڪلوميٽر جي فاصلي تي چٽهوڙي جي قبرستان کان 3 ڪلوميٽر اورتي سندس 3 وڏا ڳوٺ آباد آهن، الله کين آباد رکي، آمين، سندن پاڙي منگواڻي جروار جو پيرائتو فوٽ نوٽ شجرو چاچا پٽيل درياءَ خان جروار منگواڻي نوٽ ڪرايو ۽ ڪجهه احوال جيڪو ٿوري وقت ۾ ساڻس ڪچهري ۾ حاصل ڪيم، سو به اميد ته نالن سان قلم بند ڪندس، انهيءَ اميد تي ته پنهنجي قوم تي ڪجهه روشني وجهي ڪو تاريخي ڪتاب رقم ڪري وڃان، جيڪو پوين لاءِ مشعل راهه بنجي وڃي توڙي جو ناچيز بنده محمد ياسين جروار ولد حاجي پريل خان جروار هنن سٽن جو لکندڙ جروار ميهاڻي هن ڏکئي ڪم ۾ هٿ وڌو آهي، ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، تعليم به گهٽ آهي، مطالعو پڻ مناسب ليڪن الله ۾ اميد ڪري شروعات ڪئي اٿم، ڪامياب به اُهائي ذات ڪندي، آمين.
    چاچو پٽيل درياءَ خان منگواڻي جروار جو چوڻ هو ته جڏهن حيدر جروار ڪاٺڙي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، ان وقت دور حڪومت ٽالپرن ميرن جي هئي ۽ ڪاٺڙي ۾ ان وقت جوڻيجا رهندا هئا، جيڪي بعد ۾ لڏي ويا، هن وقت جڏهن مون هي ڪم هٿ ۾ کنيو آهي ته اتي جوڻيجا نه آهن ۽ چاچو پٽيل درياءَ خان به پيرسن تقريبن 80 سالن جي عمر جو هوندو، سنڌي سٺو پڙهيل آهي ۽ دين اسلام سان به سٺي دلچسپي رکندڙ توڙي مسئلي جو تمام خبردار ڄاڻ رکندڙ، اهل سنت جماعت جو پابند آهي، سندس اولاد به جوان ۽ باهمت مڙس هڪ رٽائر استاد الهرکيو به اولادي آهي، مسٽر غلام مصطفيٰ خان به انتهائي لائق باهمت برجستو تپيدار جي نوڪري ۾ حاضر سروس آهي، ٻيو به سندس لائق اولاد آهي، جن جو ذڪر موقع سان ڪبو.
    درياءِ خان پٽ ڪيهر خان پٽ درياءَ خان پٽ اميد علي، ٽالپر دور حڪومت ۾ مختيارڪار جي پوسٽ تي فائز هو، اميد علي پٽ غلام علي ڪمشنر، پٽ حيدر جو جيڪو مشائخ هوٿي ٽنڊوالهيار جي ڀرم ۾ رهندو هو، حيدر پٽ سائينداد پٽ بنگو پٽ سهتڪ پٽ روحل پٽ ڪالو، جنهن پهرين بيٺڪ گهوٽاڻا ڪئي ۽ بعد ۾ آراڙو جيڪو ٽنڊوالهيار جي پاسي ڳوٺ مٺو خان جروار جي ڀر ۾ واقع آهي، اتي اچي رهيو ۽آراڙي کان بعد مشائخ هوٿي ۾ ڪجهه وقت رهي ۽ بعد ۾ ميرپورخاص جي پريان ڪاٺڙي ۾ اچي رهيو، اولاد سميت آراڙي ۾ اڃا تائين سندس نالي کوهه آهي ۽ سڏجي ٿو.
    حيدراڻين جو کوهه ڳوٺ مٺو خان جروار جي پاسي وارن جروران کي ان جي خبر آهي ۽ ان حيدر کي هيٺيون اولاد پشت به پشت هلندو اچي، جيڪي پنهنجي ڏاڏي منگو جي نالي سان منگواڻي سڏجن ٿا.


    ڳوٺ خير محمد جا جروار

    ڳوٺ خير محمد جروار ۾ تپيدار لکاڏنو ۽ سندس ڀاءُ تاج محمد جروار تمام مهربان آهن، خوش هجن، حاجي خان خادم حسين هوٽل وارو همت وارو ۽ پيارو ماڻهو هو، ڪهڙا لکجن، ڪهڙا نه لکجن، پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سڀ قابل احترام آهن، نبي بخش، احمد علي چاچي نصير خان پٽ بابا سان ۽ مون سان پيار جو رشتو رکيو اچن، چاچا حاجي سليمان چڪي وارو اسلم ۽ اصغر پٽ آهن، اصغر ۽ محمد صديق جروار ناڪي نصرپور تي ڊيوٽي ڪندو هئا، بابا سائين جيئن حيدرآباد کان بس مان لهندو هو ته پهرين محمد صديق سان ملي پوءِ اڳتي شهر ۾ حاجي شير محمد ولد غلام رسول جروار اسٽامپ وينڊر وٽ ۽ پوءِ محمد عثمان حاجي دائم جروار جي پٽ کان ٿي، محمد صالح وٽ مانجهاندو ڪري شام يا ڳوٺ يا واپس حيدرآباد ويندو هو، شير محمد تپيدار خير محمد جروار ڳوٺ وارو به باهمت تپيدار سان گڏ برادري ۾ سڏ سلوڪ جو به نڀائي ٿو، مٺي جروار جي ڳوٺ مان وليداد جروار جنهن حاجي محمد يا حاجي اسماعيل پاٽولي جي چوڻي تي ٽنڊوالهيار مارڪيٽ ۾ واڻين جو ڍڳو ماريو هو، بابا وٽ ايندو هو محمد صديق ته 5 جنوري 1978ع تي بابا سان گڏ سالگره ذوالفقار علي ڀٽو جي ملهائڻ جي ڏوهه ۾ بابا سان گڏ گرفتار ٿيو، جيل ويو، امتحان جا پرچا هئس، بابا جيل حيدرآباد ۾ محمد صديق جروار جي امتحان جا پرچا ڏياريا ۽ محمد صديق پاس ٿيو ۽ برادر ۾ مونسان پيار جو رشتو نڀايو اچي، سئوٽ رمضان به وسارڻ جهڙو نه آهي، گڏوگڏ مظهر زنگي غلام محمد غلامون سان به محمد پناهه وارو رشتو بابا نڀايو، شهباز بلڊنگ زنگي سان ملڻ هلندو هو، جمال الدين عرف جمع ولد محمد پناهه خان جروار ۽ پيربخش سان راقم ڳوٺ خير محمد ۾ ملندو هو، پير بخش کاٽي جي وڏي مشن ڊرگ لائين هلائيندو هو.
    فقير ڪريم بخش اصل ڳوٺ صاحب خان جروار جو رهندڙ هو، اڄ به سندس گهر ٻين مائٽن وٽ آهي، وڪرو ڪونه ڪيو هئس، ان کان پوءِ اچي ڳوٺ خير محمد جروار ۾ رهيو، سندس پوٽو ۽ حاجي محمد حسين جروار جو پٽ خادم حسين جروار هن ڪتاب جو ڪمپوز ڪندڙ به آهي.
    جمع جا پٽ مون تي تمام مهربان آهن، فقير کٻڙ جو اولاد ۽ فقير ڪريم بخش جو احوال به مهربان آهن پير ڀائي آهيون، ميون عثمان شاهه جا قٻا ڇڇ جهان خان ضلع ٺٽه هاڻي سجاول جا کٻڙ فقير سان رشتو به آهي، سندس اولاد ۽ راقم هڪ ٻئي جا ماسات ٿيون، ڳوٺ مٺو جروار ۾ نهال خان ۽ محمد هاشم، سيٺ عبدالرحمان ۽ ٻيا حاجي عبدالمجيد، حاجي غلام نبي مهربان آهن، خوش هجن، ڳوٺ شادمان جروار ۾ رئيس حاجي محمد صالح، محمد قاسم خان، مجاهد، حاجي هاشم ۽ ٻيا، مبارڪ جروار ۾ محمد خان عرف سرور استاد حاجي محمد اسحاق، حاجي جمع، ڊاڪٽر سرجن محمد خان ۽ مراداڻي سڀ مهربان آهن، خوش هجن.
    چاچو محمد سليمان خان ولد هوت خان بوزدار ڳوٺ مسو بوزدار جي گهر سان اسان جا ناتا آهن، چاچي حاجي سليمان کان وٺي هلندا اچن، ماستر سائين بخش عرف ڪالو ۽ حاجي دائود اسان سان تعلقات نڀايو اچن، توڙي ڳوٺ مسوبوزدار ۾ ماستر غلام محمد جنهن جي شناختي ڪارڊ وارن غلطي مان سريوال لکيو آهي، اسان وٽ حيدرآباد جاءِ تي ۽ هتي ڳوٺ به اچي ٿو، آئون ٺيڪ نه آهيان، گهڻو ٻاهر ڪونه نڪران سڀئي تمام مهربان آهن، سندن لک لائق حاجي رمضان ڪڀنار به منهنجي سئوٽ حاجي اسحاق ۽ سندس ٻارن سميت حج جا رفيق هڪ گروپ ۾ سفر ڪري آيا آهن، اهو به تمام مهربان آهي، چاچا حاجي محمد قاسم سمون سونارو ٽنڊوالهيار نصرپور جا اصل هئا، بابا حاجي محمد پريل خان تي وڏو مهربان هو، ٽنڊوالهيار ۾ پاڙيسري هئا، 1947ع گهرو اچ وڃ هئي، پوءِ چاچا حاجي قاسم حيدرآباد وڃي رهيو ۽ بابا به حيدرآباد پلاٽ وٺي جڳهه ٺهرائي حيدرآباد ٽيون نمبر تلاءَ ٽنڊو طيب 1959ع ۾ اتي به ساڳيا پيار محبت جا رشتا سلامت رهيا، خدا جي قدرت بابا جي وفات 6 جنوري 1992ع تي ٿي ۽ اسان جو حيدرآباد رهڻ گهٽجي ويو، جڳهيون آهن، ڀاءَ رهن ٿا، آئون گهٽ رهان چاچو حاجي قاسم سونارو به حيدرآباد کي خدا حافظ ڪري اچي ٽنڊوالهيار رهيو ۽ مونتي وڏو شفقت جو هٿ هئس، ٻنين جا ڀاڻ ٻج موقع سان پئسا ڏيئي مدد ڪندو هو، جڏهن ڳوٺ واري اوطاق بابا کان بعد وراست ٿي ته نئين تعمير لاءِ مونکي پئسا ڏنائين ۽ الله جي مهرباني سان مون به واعدي مطابق ڪارپت ۾ نڀايو، هاڻي حاجي منظور سونارو سندس ڏهٽو ٿئي، وڏن وارا رشتا رکيو اچي ۽ آئون به ڪڏهن به بيڪارو نه ٿيو آهيان.
    چاچو هاشم ٿيٻو ۽ سندس اولاد شيخ ڀرڪيو چاچو حاجي محمد رحيم ٿيٻو، سندس اولاد وڏيرو جان محمد ٿيٻو سندس اولاد رشتا نڀائيندا اچن، خوش هجن.
    چاچو حاجي غلام حسين ۽ سندس پٽ تپيدار محمد هاشم تازو تازو راجپوتانا اسپتال حيدرآباد ۾ آپريشن ٿيو ۽ انتقال ڪري ويو، الله سائين بخشش فرمائي، غلام مصطفيٰ، نظير احمد، آفتاب خان سڀئي بابا جي عزت ۽ مونکي به ڀائن ٿا عزت ڏين ٿا خوش هجن.
    چاچو حاجي سليمان ۽ چاچا جمع خان سندن اولاد به اٿي ويٺي وارا آهن، منهنجي پوٽن کي پڙهڻ لاءِ آڪسفورڊ ڊڪشنري جي ضرورت ٿي، بازار مان ملڻ ناممڪن هئي پوءِ استاد حاجي محمد اسحاق جروار کي عرض ڪيم شاباس هجيس عزت ڪيائين، آڪسفورڊ ڊڪشنري تحفو ڪري ڏنائين، محمد خان سرور ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ڊيوٽي لاءِ ويندو آهي ۽ آئون ڳوٺ کان حيدرآباد گهر ننڍن ڀائرن ۽ ٻارن جي خبر چار وٺڻ لاءِ صبح واريون بسون ٽنڊوالهيار کان حيدرآباد وارين ۾ ملاقات ٿيو وڃي، آئون به ساڻس اسلام عليڪم ڪرڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويندو آهيان ۽ پاڻ به مون وٽ دعا سلام ڪرڻ ايندو آهي، الله خوش رکيس، محمد خان سرور به تعليم يافته نوجوان آهي ۽ ڪتاب به لکيا اٿس.
    رئيس شادمان خان خاناڻي جروار پاڻ پهرين ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ ويٺل هو، سندس عيال به وڏو هو، ڳوٺ ۾ پلاٽ جي کوٽ گڏوگڏ سندس زمين به پرڀري هئي پوءِ پاڻ سندس نئون ڳوٺ تعمير ڪرايو، جيڪو اڄ به سندس نالي شادمان جي سڏجي ٿو، مجاهد حاجي هاشم جروار ۽ ٻيا به ڪجهه جروارن جا گڏ ويٺا آهن.
    حاجي محمد صالح برادري جي پڳ ۾ وڏو آهي، حاجي قاسم هن وقت سڄو ڪاروبار خوش اصلوبي سان هلائي ٿو، برادري ۾ ڳوٺ مبارڪ جروار جو غلام صديق جروار ڳوٺ لاءِ ڇا ڪجهه نه ڪيو، سونهري اکرن ۾ سندس ڪارناما آهن، پرائمري اسڪول کان هاءِ اسڪول تائين ڳوٺ بيگن جروار ۾ ڪامريڊ حاجي الهبچايو باگاڻي جروار پهرين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هاري پارٽي ۽ بعد ۾ پ پ ۾ ڳوٺ لاءِ يونين ڪائونسل بيگن جروار کان ميرواهه روڊ تعمير ۽ ٻيا به ڪم سندس خدمتن جو يادگار آهن.
    هن جائزي ۾ جيڪڏهن رئيس نور خان لاشاري ياد نه ڪريون ته ٺهي ڪونه ٿو، رئيس صاحب نور خان وڏو بردبار، باهمت زميندار آهي، سندس ڳوٺ سندن وڏي جي نالي ڳوٺ اميد علي لاشاري آهي، ڊاڪٽر سرجن سيد شاهنواز شاهه وٽ سندس ۽ راقم جي نياز مندي آهي، سندس پٽ رئيس اعظم خان باهمت نوجوان آهي.
    ڳوٺ راڄو خان لاشاري جو مسٽر محمد خان لاشاري ۽ راقم جا ڀائرن جهڙا ناتا آهن، پاڻ سڄي عمر پ پ پ سان وفاداري ڪندي نڀائي آهي، سياسي طرح مون محمد ياسين کي والد صاحب کان بعد سندس وڏو ساٿ رهندو اچي، بغير ڪنهن لالچ جي هر جلسو جلوس ميٽنگ يا برادري سڏ سلوڪ ۾ گڏ هوندا آهيون، تازو عزيز خان لاشاري کي پ پ جي چيئرمين اليڪشن به محمد خان لاشاري ۽ سردار اعظم خان لاشاري کٽائي آهي.

    ديهه ڀانڀري ۾ ويٺل جروار موساڻي مري گزيني واري شاخ مان آهن، سندن شجرو اچي ويو آهي، سندن مختصر تاري ته ٽنڊو محمد خان جي ٽالپر ميرن انهن کي اتي آباد ڪيو، سندن پڊ به عارب جروار جي نالي ڪٽيل آهي، جنهن ۾ هن وقت ميهار جروار وارا ويٺا آهن، بلڙي شاخ کان الهندي پاسي ۾ حاجي سومار ڪمال توڙي بهارو ۽ ابراهيم پنهنجن پنهنجن زميننن ۾ ڳوٺ ڪريو ويٺا آهن، موجوده ميرن صاحبن مير اعجاز علي خان ۽ مير عنايت خان ٽالپر وٽ سندن وڏي عزت آهي، منهنجي ڀائٽي محمد خان تپيدار جو ڪم ٺٺو جي مختيارڪار ۾ هو، حاجي سومار جروار مير اعجاز علي خان کان خط وٺي اسان سان گڏجي ٺٽو هليو ۽ اسان جو ڪم ٿي ويو.
    آئون محمد ياسين سئوٽ محمد صالح ۽ سندس پٽ تپيدار محمد خان گڏجي ويا هئاسين.
    حاجي سومار، ڪمال ۽ ٻين جروارن سان سڱن مائيٽي ۾ گڏ آهيون.
    ڳوٺ محمد عمر جروار آراڙو ۾ ماسٽر علي محمد جروار اٿي ويٺي، سڏ سلوڪ ڏيڻ وارو آهي.
    ڳوٺ ساجناهه جو رئيس شادي خان جروار وڏو سڏ سلوڪ وارو هو.
    ڳوٺ مصري خان جروار ۾ حاجي الهه بخش مريداڻي جا پٽ محمد خان عرف ڦوٽو ڊرائيوري ڪندو هو، وڏو باهمت آڌي جو سڏ ڏيڻ وارو هو، سندس اولاد آهي، محمد رمضان اٿي ويٺي وارو آهي، کيس اولاد آهي، عدلو کي به اولاد آهي، ڳوٺ مصري جروار ۾ ئي محمد امين جروار، محمد حنيف جروار، حسين بخش جروار، محمد بخش، حضور بخش، ادا علي، خادم حسين جروار به دلبر ماڻهو آهن.
    محمد شريف عرف پنهون ڊرائيور آهي، سندس پٽ پيٽرول پمپ لڳايو آهي، پٽيل رئيس غلام خان ۽ سندس اولاد ماستر نواز ۽ ٻيا.
    بولڻ شاهه نالي ڳوٺ به جروارن جو آهي، فقير خان محمد جروار جو سڀ اولاد اتي آهي، لکاڏنو جروار ۽ فقير خان محمد وارا به هن ڳوٺ جا آهن.
    ڳوٺ حيدر خان جروار ۾ چاچي حاجي مبارڪ جاداڻي جروار جو اولاد، حاجي محمد حسن ۽ حاجي محمد عثمان جروار جو اولاد آهي، حاجي نور محمد جا پٽ، حاجي محمد خان، حاجي اسماعيل خان، شفيع محمد خان ۽ اولاد آهي، ڊاڪٽر حيدر به هن ئي ڳوٺ ۾ آهي.
    غلام نبي جروار، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ جروار آمريڪا نوڪري ڪري ٿو ۽ سندس ڀاءُ غلام رسول به اٿي ويٺي سڏ سلوڪ وارو آهي.
    ڳوٺ امن آباد سم سور هڏي ڪارياڻي وارو سردار رئيس حاجي محمد يوسف خان جروار پنهنجي قوم راڄ تر ملڪ لاءِ تمام باوقار شخصيت جو مالڪ آهي.


    سفرناما

    پهريون حرمين شريف عمرو : سِڪ جو سفر

    هڪ ننڍي بندي جيڪا هر وقت گڏ هئي، ان تي لکيم، جيڪو بعد ۾ نوٽبڪ تي تفصيل سان لکيو اٿم، انهي سفر دوران ڪرنسي هڪ هزار روپيه پاڪستان جا چوهٺ ريال ۽ نصف ريال ملندو هو، پاڪستاني ڏهه هزار روپين جا ڇهه سئو پنجاهه ريال ملندا هيا، سفر خرچ لاءِ پاڪستاني ٻه لک روپيا ڪئش گڏ کنيم، ٻه ڀاتي گڏ هئاسين (ٻي منهنجي اهليه) ٻه ٽڪيٽن جا پئسا هتئي پياري ڇڏيا هئاسين.
    هي سفر عمري شريف جي نيت سان ٿيو، عمره شريف لاءِ سبب الله سائين پيدا ڪيو، جيئن ته منهنجا والد بابا سائين، ڏاڏا سائين به حج ڪري آيا هئا ۽ مونکي به سِڪ هئي ته مان به حج ڪري اچان، سِڪ ته تڏهين ٿي هئي جنهن سال چاچا حاجي لکاڏنو دائيداڻو حج تي ٿي ويو ۽ راقم ساڻس حاجي ڪئمپ ڪراچي ۾ ويو ۽ حاجي ڪئمپ ۾ چاچا حاجي لکاڏنو سان گڏ هڪ رات رهيس ته شام حاجين سڳورن جي سنبت تياري ۽ اڪير ڏسي مونکي به سِڪ جاڳي ته آئون به حج تي وڃان، جيئن ته ان وقت گهر جي آمدني روانگي خرچ سڄو بابا سائين وٽ هو ۽ گهرو خرچ توڙي مالي دٻاءُ تحت صبر ڪيم ۽ ائين عمر جا الاجي ڪيترا ٻيا به سال گذري ويا، 6 جنوري 1992ع تي بابا سائين جو انتقال ٿيو ته ويتر هڪ وڏي جي حيثيت ۾ گهرو ۽ لوڪل مصروفيتون وڌي ويون، سڀ جوابداريون محسوس ڪندي پهرين ته مقاطه جي رقم مان مختلف بينڪن ۽ قرضن ڪارين کي منهن ڏيئي ۽ چاچن جا زمين جا کاتا بيان ڏيئي سندن حق کين مليا ۽ جيئن ئي مقاطعي ۽ قرض مان آجو ٿيس ته اهيو سال 2003ع جو هو، زمين مقاطع مان آزاد ٿي ته شرعي طريقي مطابق پنهنجي ڀيڻين ۽ ڀائرن کي زمين جا حصا ڪري ڏنم، متصرفي سندن حوالي ڪيم ۽ منهنجو حصو منهنجي حوالي ٿيو، الله برڪتون ڏنيون، اهليه سميت حج جو ٽڪيٽ حبيب بئنڪ ٽنڊوالهيار برانچ ۾ جمع ڪرائيم، قدرتن قراندازي ۾ نالو نه آيو، ڪامريڊ ماڻهو ٿي ڪري سِڪ وڌيڪ ستايو، همت ڪري ادا محمد امين جروار جي معرفت ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڊڪ ڊوڙ ڪيم، محمد امين جروار جي معرفت اسلام آباد کان ڪاغذ پاس ٿي پوري سامان پاسپورٽ، ٻانهن جا ڪڙا، اسٽيل جا ڳچي ۾ پائڻ جو ڪارڊ ٿيلهي سميت ڪراچي آيا، هاڻ صرف ويزا اچڻ جو مسئلو هو، بس اڄ سڀاڻ جي آسري هِن فلائيٽ، هُن تاريخ ويزا ملندي ۽ تاريخ ok ٿيندي، نصيب نه هو ۽ آخري فلائيٽ تائين قسمت نه ٿي ۽ حج کان رهجي وياسين، انهي درميان دوستن جي چوڻ تي ارجنٽ انٽرنيشنل پاسپورٽ به ٺهرائي ورتاسين، حاجي گل محمد سونارو جي چوڻ تي گاڏي ڪار بڪيرن مان ذوالفقار خاصخيلي جي ڪرائي تي ڳوٺ گهرائي ۽ انهي ۾ چڙهي ٽنڊوالهيار مان حاجي گل محمد سونارو جي پٽ کي گڏ کڻي پاسپورٽ آفيس حيدرآباد ۾ ارجنٽ پاسپورٽ انٽرنيشنل پراڻه آفيس لطيف آباد واري مان ٺهراياسون، ليڪن انهيءَ سال حج جو مهينو ڀرجي ويو ۽ حج جو سفر نه ٿي سگهيو، اڃان به سِڪ سبيل ٿي پئي ۽ ڪجهه مهينا انتظار ڪرڻو پئجي ويو، جيئن ته منهنجي اهليه انتهائي عليل هئي، حياتي جو ڪو ڀروسو نه آهي، ان ڪري حج شريف جو مهينو گذريو ۽ جلدي عمري شريف جي تياري کي لڳي وياسين، بئنڪ به حڪم ڪيو ته پنهنجا پئسا حج جا پياريل واپس کڻو، اهيو ڪو بئنڪ جو قانون هو ۽ پئسا به کڻي آياسين، انهيءَ ۾ به ڪو الله جو راز، خير عمرو کلي ته پئسا پيارياسون، جيئن ئي عمرو شريف کليو ته ٻه ٽڪيٽ منهنجو ۽ منهنجي اهليه جو توڙي حاجي موسيٰ درس ۽ سندس اهليه جو چارئي ٽڪيڪٽ عمري شريف جا ڪاروان اسلامي انٽرنيشنل حيدرآباد برانچ کي حاجي محمد امين قادري کي سندس گهرو واقع ڇوٽڪي گهٽي حيدرآباد ۾ رقم چارئي ٽڪيٽن جي جمع ڪئي سون، 23 اپريل 2004ع تي جمع ڏينهن هئڻ سبب سندس آفيس بند هئي، ان ڪري حاجي گل محمد سونارو سان گڏ سندس گهر وياسين ۽ پئسا جمع ڪياسون ۽ پئسن جي رسيد اڳين ڏينهن آفيس تي ويس ۽ رسيد ڏنائين، حاجي محمد امين قادري انهي سال ٽڪيٽ عمري شريف جي في ماڻهو 15 هزار، 4 ٽڪيٽون 64 هزار روپين ۾ ڏنيون، جمع ڪيل 4 رفيقن جا پاسپورٽ نمبر ۽ شناختي ڪارڊ نمبر درج ڪريان ٿو.
    1. محمد ياسين ولد حاجي پريل خان جروار
    پاسپورٽ نمبر Kc 785924
    شناختي ڪارڊ نمبر 41303-352952-41
    2. جنت محمد ياسين
    پاسپورٽ نمبر Kc 785916
    شناختي ڪارڊ نمبر 41303-6241241-6
    3. موسيٰ ولد حاجي موليڏنو درس
    پاسپورٽ نمبر Kd 345771
    شناختي ڪارڊ نمبر 41307-4777033-7
    4. شاهخاتون زوجه موسيٰ
    پاسپورٽ نمبر Kd 345803
    شناختي ڪارڊ نمبر 41307-7368304-4
    بس هاڻي شام صبح حيدرآباد ڪاروان اسلامي انٽرنيشنل جي دفتر واقع مبارڪ شاهه سينٽر تي اڄ سڀاڻ ڪندي انتظاري جو وقت ڏکيو سکيو مڙئي مهينو کن لڳو، نيٺ تاريخ ملي 23 مئي 2004ع ايئرلائنز جو هوائي جهاز ڪراچي ايئرپورٽ مان تاريخ 22 مئي 2004ع تي شام جو رئيس محمد اڪبر خان ولد حاجي رسول بخش خان جروار جي ڪار گاڏي منهنجو سئوٽ خدا بخش ڊرائيور ڪاهي آيو، شام 4 لڳي 30 منٽن تي ڳوٺ گهر جي پوئين دروازي تي گاڏي لڳائي، اهليه کي ويهاري سامان سميت ٽنڊوالهيار مان حاجي گل محمد سومرو گڏ کڻي ڪاروان اسلامي انٽرنيشنل دفتر حيدرآباد پهچي ۽ ٽڪيٽون ۽ پاسپورٽ چارئي مليا کنيم، ليڪن انهن ٻن پاسپورٽ ڪاپين ۽ ٽڪيٽن تي فوٽو بدليل هئا، حاجي امين کي ڏيکاريم چيائين ته خدا جي توڪل ڪريو ۽ ڪنهن کي نه ٻڌايو ۽ پنهنجو سفر ڪريو، بس ساهه مٺ ۾ ڪري سفر شروع ڪيوسين.
    حاجي موسيٰ وارا ٻي گاڏي ۾ ڪراچي حاجي رسول بخش درس جي جاءِ تي رهيا ۽ مان ڪاغذن سميت منير احمد ولد ڪبير جوکيو وٽ 9 وڳي رات جو پهچي اتي رهيس، صبح جو 6 وڳي 23 مئي 2005ع آچر صبح تي منير احمد جوکيو سندس گاڏي ۾ کڻي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهچايو، حاجي موسيٰ وارن کي رسول بخش درس پهچايو ۽ ڪراچي کان لوڪل جهاز ايس اي جو ڪراچي پورٽ تان صبح 7 لڳي 10 منٽن تي روانو ٿيو، گوادر کان دمامه پورٽ لٿو بعد وري رياض هليو ۽ جهاز بدلي ڪري جدي لاءِ ٻيو ايس اي جو جهاز مليو ۽ شام پاڪستاني ٽائيم 7 وڳي يعني سعودي ٽائيم 5 وڳي پهتاسين.
    معلم جي گاڏي مڪي شريف هوٽل جواهرالوفا هئي، اتي حاجي موسيٰ کي ڪمرو نمبر 508 پنجين منزل تي ۽ اسان کي ڪمرو نمبر 303 ٽيئن منزل تي ٻن بيڊن جو مليو، سامان رکي جيئن ته ڪراچي کان احرام ۾ هئاسين، عمرو پڙهڻ لاءِ خانه ڪعبه وٺي هليا، جيئن ته منهنجي اهليه انتهائي عليل هئي، جمله جماعت باب ملڪ عبدالزيز کان شروع ٿي ويا، مان اهليه سميت ويهي ساهيون کڻندو ۽ کيس خانه ڪعبه مطاف ۾ ويهاري مون طواف جا ست ڦيرا ڏنا ۽ نفل ادا ڪيا، سفر سمجهه ۾ نه اچي ته ڪيئن ڪريان، منهنجي اهليه ۾ هلڻ ڪونه هو، خدا واهه کولي هڪ همراهه پاڻهي اچي ويل چيئر جي آفر ڪئي ۽ بنا معاوضي ويل چيئرمين مونکي ڏنيائين، پاڻ ويهي رهيو مون اهليه کي چڪر خانه ڪعبه جا ڪرايا، نفل پڙهيا، وري همراهه گڏ صفاتي هليو ۽ پاڻ ويهي رهيو ۽ مون ست چڪر صفا مروهه جا ويل چيئر اهليه سان گڏ ڪيا ۽ وار ڪٽائي (نوٽ: همراهه پهرين سرڪاري ويل چيئر ۽ مڪتبه صفاحي پٺيان هليو جو اصل دارارقم جي نالي مشهور آهي، زيارت ٿي داراقم جي) ويل چيئر سميت باب ملڪ عبدالعزيز آيا سون کيس خدا ڪارڻ ويل چيئر جو اجورو ڏيئي فارغ ٿيس ۽ عقل سلامت ٿيو ته پنهنجي ويل چيئر کان سواءِ سفر ڪونه ڪري سگهندس ۽ اهليه کي ويهاري وڃي پنهنجي ويل چيئر خريد ڪري آيس نئين ۽ دوڪان واري سان جنهن کان ويل چيئرمين ورتي هئم زبان ڪيم ته مونکي هوٽل جواهرالوفاتي پهچائي اچو، همراهه گڏجي آيو هو هوٽل جو ڪارڊ ڏنم ۽ مون اهليه کي ويل چيئر تي ويهاري ۽ هليس، بس منهنجو سڄو سفر آسان ٿي پيو، جيڏانهن به وڃان ته اهليه کي ويل چيئر تي ويهاريو ۽ گڏ وٺيو وڃان.
    جمع نماز حرم ڪعبه مڪي شريف ۾ پڙهي ۽ مديني شريف لاءِ معلم جي گاڏي ۾ مدينه شريف وياسين، 5 ڏينهن ۾ مڪي شريف جو زيارتون اندازن 30 کن جي درميان ڪيون سين ۽ هڪ عمرو ڪراچي کان ٿيو ۽ 2 عمرا مسجد جعرانه تان وڏو عمرو ۽ 3 عمرو مسجد عائشه تان ڪيو، مون ڪراچي کان مڪي شريف ساڳئي تاريخ ۾ عمرو شريف رات 12 وڳي کان به اڳتي ٽائيم نڪري چڪو هو، سومر 24 مئي 2004ع فجر نماز ناشتي کان پوءِ صبح جو معلم جي بس ۾ زيارتون ڪرائڻ لاءِ وٺي ويا ۽ جبل نور ۽ غار حِرا روڊ تي بس جهلي ۽ زيارت ڪرايائون، غارِ ثور به بس کي روڪي زيارت ڪرائون سڌو جبل رحمت عرفات شريف جو ميدان اتي بس وقفو ڪيو ۽ مان ويل چيئر بس مان لاهي ۽ اهليه کي کڻي زيارت ڪرايم ۽ موٽر رڪشه ڪرائي تي ڪرائي ميدان عرفات مان چڪر ڏياريا هئا، هڪ هلائڻ وارو ۽ هڪ سواري، مون پاڻ هلائڻ جي زبان تي موٽر رڪشا ڪرائي تي ورتو ۽ اهليه کي ان تي ويهاري پاڻ هلائي عرفات جي ميدان ۾ چڪر هڻائي آيس ۽ هڪ فوٽو به جبل رحمت جي دامن ۾ اهليه سميت ويل چيئر تي ڪڍايم ۽ پوءِ بس جي واپسي لاءِ ويل چيئر بس ۾ سوار ٿياسين، مسجد نمره هلندي زيارت ۽ مزدلفو ۾ مسجد مشعرالحرام ۽ محصر ميدان جتي هاٿين جو لشڪر تباهه ٿيو ۽ منيٰ شريف ۾ جمعرات ڏيکاريائون ۽ بس روڪي زائرين سڀ لٿاسون، مسجد خيف زيارت ٿي ۽ نهر زبيده نشان مسجد مهلا ڪبش سيدنا اسماعيل عليه السلام جي ذبح واري جاءِ زيارت ڪرائي، مسجد رايهه مسجد جن جنته المعليٰ قبرستان جي زيارت هلندي بس مان ۽ نماز ظهر کان اڳ جڳهه تي مسفله ڇڏي ويا ۽ جڳهه تان ويل چيئر خانه ڪعبه ۾ نماز ۽ طواف ڪري جڳهه تي آياسين ۽ باقي نمازون حرم ڪعبه ۾ ادا ڪيوسون، ويل چيئر سهولت ڪري هر نماز کان بعد طواف ڪندو هئس ۽ خانه ڪعبه سڄو غور سان زيارت ڪندو هئس، اڱارو 25 مئي 2004ع صبح جو معلم جي بس آئي ۽ سڀني رفيقن کي کڻي وڏ عمري لاءِ هليا ۽ رستن جون زيارتون هلندي بس مان ڏيکاريندا هليا ۽ اچي مسجد جعرانه اسٽاپ ڪيائون، لهي ويل چيئر زيارت ڪئي سين، بير جعرانه به اتي آهي، دروازو بند هو زيارت ڪئي سون، قبرستان شُهدا حنين به چند وکن تي آهي، ديوار آيل اٿس ۽ دروازو بند هو، اهيو ٽئي زيارتون تقريبن ويجهو ويجهو آهن ۽ طائف وار رستي تي آهن ۽ اتان اسان وڏي عمري جو احرام ٻڌي ۽ نيت ڪئي ۽ مسجد جعرانه ۾ عمري جي نيت جا نفل ادا ڪياسون ۽ ڪجهه نگ منڊين جا ٻڙا ۽ ڪجهه خوشبو به خريد ڪئي سون ۽ واپس بس ۾ ويهاري محلا مسفل ۾ ڇڏيا ويا ۽ سڌا خانه ڪعبه پهچي عمري شريف جو طواف چڪر پورا ويل چيئر تي نفل عمري شريف جا ٻه رڪعتون ادا ڪري زم زم جو پاڻي پي ۽ صفا مروهه جي سعي ست چڪر پورا ڪري مٿي کي صاف ڏياري ۽ جڳهه تي غسل ڪري ڪپڙا بدلائي ۽ ظهر نماز لاءِ خانه ڪعبه ويل چيئر تي نماز پڙهي نقلي طواف ست چڪر ڏيئي ۽ نقل پڙهي ويل چيئر تي جڳهه تي آياسون، معلم طرفان ماني آئي ماني کائڻ کان پوءِ ڪجهه آرام ڪري باب مدينه طرف بازار ۾ وياسين ۽ هر شيءَ کي غور سان ڏٺوسين ۽ مغرب ۽ عشاء نماز ادا ڪئي سون جماعت سان خانه ڪعبه حرم ۾، هر نماز کان بعد طواف ڪرڻ معمول ڪري ڇڏيم ۽ جڳهه تي آياسين رات جي ماني ملي وئي کائي ۽ آرام ڪيوسون، ماني هر وقت صبح جي چانهه ڇڏي باقي معلم طرفان پيڪيج ۾ ملندي هئي، اسان جو پيڪيج 15 ڏينهن جو هو ۽ فورا اسٽار پيڪيج هو، منجهد ماني کان بعد ڪو نه ڪو مشروب ڏيندا هئا، اتي جي ماني ۽ مشروب جي لذت پنهنجي هئي، ڪمرو الڳ ٻه بيڊ جو رنگين ٽي وي ڪمري ۾ ٽيليفون فرج سميت اي سي ۽ پنکو لڳو هو، ننڍڙو بورچيخانو جنهن جي اسان کي ضرورت محسوس ئي ڪانه ٿي، باٿ روم اٽيج مطلب ته هر سهولت موجود هئي ۽ ائين شام صبح ويل چيئر هلندي گهمندي ڦرندي مڪي شريف جي مکي رستن ۽ هڪ ٻه بازارن جو به واقف ٿي پيس حيدرآباد جو رهاڪو ڪراچي جو شهر گهمندل هئس، ان ڪري شهر جلدي سمجهه ۾ اچي ويو.
    26 مئي 2004ع اربع فجر کان پهرين تهجد جي آذان تي وضو ڪري حرم ۾ نفل ادا ڪري طواف ڪيم، نفلي ۽ فجر جي آذان تي ۽ نماز جماعت سان ادا ڪري نفلي طواف ڪري جڳهه تي آيس، چانهه ناشتو ڪري حاجي موسيٰ جي ٻارن کي پنهنجي جڳهه تي ڇڏي مان ۽ محمد موسيٰ شهر ۾ تفريح ۽ زيارتن جيڪي ويجهون هنيون نڪري وياسين، (20) گهر حضرت عبدالله رضه ۽ امان آمنه جو جتي محبوب ڪريم ﷺ ڄاوا هئا، باب ملڪ عبدالعزيز کان گذري باب فتح جي سيڙهي تان اچي نڪرندا، اتي پهتاسين صبح جو وقت هو جڳهه تي مڪتبه جو بورڊ لڳل آهي ۽ ڪجهه لکپڙهه وارا اندر هئا، منع نه ڪيائون اندران وڃي زيارت ڪري آيس ۽ ٻاهران اچي (21) زم زم جون نلڪيون ڏٺيوسين، جتان زائرين ۽ ٻيا لوڪل ماڻهو پاڻي جان ڪين ڀري کڻي وڃي رهيا هئا ۽ ان کان ڪجهه اڳتي جبل ۾ ٻه سرنگن ونگن تي هيون، جتان روڊ هلي رهيو هو ان طرف وياسون، سرنگن تي نالو نفق عبدالعزيز لکيل هو، اتي هڪ ريال هوا ۾زمين تي اڏامندو آيو جيڪو ادا حاجي موسيٰ کي چيم ته کڻ ان کنيو ۽ نفق يعني سرنگ کان اندران هلندا اڳين پاسي نڪري وياسون، اهيو رستو اڳتي هلي پيدل ۽ گاڏين ذريعي مِنا طرف وڃي ٿو ۽ اسان واپس ٿياسون ۽ پراڻو پاڪستان هائوس سڄي هٿ تي مٿي جبل تي هو، جيئن ته اسان جو اوڏانهن ڪم ڪو نه هو ۽ ڪونه وياسون واپسي ۾ وري گهمندا ڦرندا ڇپرا بازار جي رونق وغيره ڏسي خريداري لاءِ ذهن ٺاهيوسين ۽ شامي کان ٿيندا ۽ باب عمره کان ٿيندا بابت ملڪ فهد کان باب عزيز کان طريق هجره تان پنهنجي جڳهه تي اچي منجهند ماني ۽ آرام جي ڪئي سون، ظهر آذان تي اهليه کي ويل چيئر تي کڻي نماز ادا ڪري طواف ڪري ڪمري ۾ اچي آرام ڪيم ۽ پوءِ وچين ۽ مغرب ۽ عشاءَ خانه ڪعبه ۾ ادا ڪري ۽ جڳهه تي رات جو آرام ڪيوسين، جيئن صبح واري ٽائيم لاءِ تياري ڪري سگهون، ماني معلم طرفان ٽائيم تي سڏ ڪري ڏيئي ويندا هئا.
    27 مئي 2004ع خميس صبح آذان تهجد تي حرم پاڪ خانه ڪعبه جي زيارت فجر نماز ادا ڪري طواف ڪري ۽ جڳهه تي اچي ادا حاجي موسيٰ عمرو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ناشتي سان ئي پوري تياري ڪري (22) مسجد عائشه لاءِ هوٽل دار توحيد انٽرڪانٽينٽل کان بس ۾ فيملين سميت سوار ٿي چند منٽن ۾ پهچي وياسين ۽ مسجد عائشه تي عمره شريف جا احرام ٻڌي نفل پڙهي نيت عمري جي ڪري ۽ مان روڊ جي هن طرف جبل جي پاسي ويس اتي به هوٽل هو وڏو، شايد ننڍو ڪو خريداري جو مرڪز به هو، رڳو ڏٺم ۽ جلدي واپس اهليه ۽ ادا حاجي موسيٰ وارن وٽ پهتس ۽ ٽيڪسي ڪرائي جي ڪري ان ۾ خانه ڪعبه پهچي عمري شريف جو طواف ست چڪر ۽ عمري جا نفل پڙهي صفامروه جي سعي ڪري وار ڪوڙائي ۽ ٻارن کي جڳهه تي ڇڏي ڪپڙا بدلائي آب زم زم جي کوهه زيارت جي اداري سان اڪيلو نڪري ويس ڇو جو اهو هن وقت تعميرات ۾ اندر ڏيئي بند ڪري ڇڏيو اٿن، ڪنهن کي اندر ڪونه ٿا ڇڏين، مونکي جيئن ته اسان جي اچڻ لاءِ هر وقت باب ملڪ عبدالعزيز کان اچبو هو جيئن خانه ڪعبه تي نظر پئي، دعا گهري اي الله سائين مونکي زم زم جو نفل طواف جون پڙهي مطاف کان جيڪو باب الفتح جي سيڙهي آهي، سيڙهي جي هيٺيان ساڄي هٿ ۾ هڪ دروازو آهي، اندر جڳهه ڏسجي ٿي ڄڻ ته ڪو وضو خانو ٺهيل هجي، ليڪن ان ۾ وضو خانو نه هو ۽ در کان هڪ ٻيو دروازو هو ان تي هڪ چوڪيدار بيٺل هو بي ڌڙڪ ان وٽ ويس سلام ڪري هٿ ملائي کائنس وضو جو پڇيم ڪپڙن مان ۽ ڳالهائڻ مان سمجهي ويو ته همراهه پاڪستاني آهي، چيائين “پاڪستاني هو” مون چيو ته “هائو مان پاڪستاني آهيان” اردو ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي چيائين ته وضو لاءِ هتي سجهيم ته همراهه پاڪستاني آهي جو اردو پيو ڳالهائي کيس ڀرم ڏيئي چيم ته مونکي وضو آهي به خدا مان هن طرف آب زم زم جي کوهه جي زيارت جي خيال سان آيو آهيان، مونکي مٿان کان هيٺ ڏسي کيس ڪياس آيو خدا من ۾ وڌس مونکي اردو ۾ چيائين ته منهنجي ٻچن جي روزي جو سوال آهي، هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ نه هڻجان منهنجي پٺيان هليو اچ هو همراهه اڳيان ۽ مان سندس پٺيان هلڻ لڳس، ساڄي هٿ جي طرف ڏانهن هليو ۽ مان پٺيان هلندو آيس، اڳيان هڪ شيشي جي ڪيبن جهڙي آفيس هئي، جنهن ۾ ڪجهه عرب سڳورا نظر آيم، پر بي ڌڙڪ همراهه جي پٺيان لڳو ويس، وري به ٿوري وکن تي ساڄي هٿ ۾ اندر ڪجهه گهٽي جو نمونو هو، جنهن مان حرم ۾ ڪم ڪندڙ گاڏي گذري سگهي، اندازن 100 کن فوٽن تي گهٽي ختم ۽ هڪ ڏيڍ وک برابر کوهه هو، کيس پڳ ٻڌل نمونو هو، مونکي چيائين ته کوهه (23) زم زم جي زيارت ڪر مون هِن هُن پاسي نهاريو ۽ چيم ته بس مون زيارت ڪئي ته ايتري ۾ پاڻ کوهه جي پگ ۾ لڳل هڪڙي ٽوپي کي دٻايائين ته پاڻي اچي ويو، مونکي چيائين ته پاڻي پي مون پاڻي به پيتو ۽ منهن به ڌوتم، يعني پاڻي منهن تي سو ٻه ٻڪ ڀري هنيم ۽ همراهه کي چيم بس هن وري به مونکي قائدو ڪرايو ته واپسي ۾ به هيڏانهن هوڏانهن نه نهارج کوهه جي پڳ سان اسان جي ٽيوپ ويل جهڙا وڏا پائيپ اندر کوهه ۾ پي ويا سمجهيم ته پائپن ذريعي پاڻي ڪڍن ٿا ۽ همراهه اڳيان ۽ مان پٺيان ساڳي جاءِ تائين گڏجي آيو، چيائين ته دعا ڪجان، اميد ته الله کيس خوش رکندو، جو منهنجي مدد ڪيائين ۽ ائين آب زم زم جي کوهه جي به زيارت نصيب ٿي وئي، ٻاهر نڪري باب فتح باب مروه کان نڪري ڇپرا بازار کان وڏي شاهراهه وٺي فائربرگيڊ ۽ مرڪزي بريد کان مقام جنت المعليٰ زيارت ڪري ٻئي، حصا ڇو جو وچ ۾ شايد جبل جو ڪو سنڌو آهي، آخر تائين ويس، محبوب ڪريم صه جي خاندان جي قبرستان تائين وڃي زيارتون ڪري ۽ واپس مسفله جڳهه تي اچي ڪجهه ساهه کڻي وري ظهر نماز عصر ۽ مغرب اهليه سميت ادا ڪيم ۽ نفلي طواف هر نماز سان ڪيم، کوهه جي زيارت لاءِ آئون اڪيلو هئس ۽ اهيا تاريخ به پوري ٿي رات جو آرام ڪري صبح جو نئين سج ني سنبت 28 مئي 2004ع جمع جو ڏينهن هو تهجد فجر ادا ڪري اهليه کي ويل چيئر تي کڻي باب مديني طرف ڪجهه ٻارن لاءِ سون بازارن مان خريد ڪيم ۽ ڪجهه واچون ٻارن لاءِ ۽ ڇپرا بازار مان سرمون ۽ ڪپڙو خريد ڪري 10 وڳي جي اندر ئي جڳهه تي اچي وياسون، ڇو جو جمع نماز لاءِ به تياري ڪرڻي هئي ۽ اڄ اسان کي شيڊول مطابق مدينه به وڃڻو هو ۽ جمع جي آذان کان پهرين جڳهه تي وضو ڪري حرم پاڪ وياسون، ويل چيئر تي هيٺ نه حرم شريف ڀرجي ويو لفٽ تي ويل چيئر سميت مٿي حرم ۾ وياسين جاءِ ملي خطبو سنتون ۽ نماز جمع باجماعت ادا ڪري جڳهه تي آياسين ۽ ماني کائي سامان سنڀاليو سون خريداري وڏي ڪانه هئي جيڪي ڪجهه هو اهيو ٿيلهن ۾ محفوظ ڪيوسين ۽ اطلاع مليو ته بسون اچن ٿيون، سڳورا جلد تيار ٿيو بس جلدي جلدي اهليه سميت ويل چيئر خانه ڪعبه وڃي طواف وداع ڪيوسين ۽ واپس جڳهه تي آياسون ۽ بسون به آيون ادا حاجي موسيٰ کي موڪليم ٻه ڪين زم زم پاڻي جا خريد ڪري آيو، پئسا ڏنا هئم ۽ آئون ٻارن سميت بس ۾ جڳهه وٺي ويهي رهيس ۽ ادا موسيٰ به پاڻي کڻي آيو ۽ کيس به سيٽ ڏنيسون، اندازن اهيو ٽائيم وچين نماز جو ٿي چڪو هو، ليڪن وچين سڀني مسافرن قضا ڪئي ۽ بس آهستي آهستي طريق ابراهيم خليل تان هلڻ لڳي، بس خانه ڪعبه تي جو آخري نظر پئي بس وجداني صورتحال ٿي ويئي، پاڻ کي زبردستي قابو ۾ رکيوسين ۽ سفر مدينه طيب جو شروع ٿي ويو، مڪي شريف مين بس کي آهستي آهستي ڦيرائيندا ۽ تمام سلو اسپيڊ ۾ شهر مان ڦرندا گهرندا تقريبن مغرب جي وقت مڪي شريف کان نڪري ۽ روانا ٿياسون جا بلو ملڪ شام جو ٽائيم جبل ۾ هڪ ٻن جڳهين تي اٺ ڏٺاسين، شام واري سج جي ڪرڻن تي اٺن جا وار ائين پئي چمڪيا ڄڻ ته اهي اٺ سون مان ٺاهيا ويا هجن ۽ رات جو 12:30 تي مدينه طيبه پهتاسين، طريق ستين هوٽل دار شريف عبدالمالڪ ۾ بڪنگ ۽ رهائڻ جو انتظام معلم طرفان ڪيل هو، سڄي رستي ۾ مديني جي اڪير هئي، ويجهو اچڻ تي مون ميڪ غزل پڙهيا، معلم جي بس ۾ ميڪ ايمپلفائرٽ لائوڊ لڳل هئا، پوءِ حرم جي نيلن شريفن تي نظر پئي ۽ بهاريون ٿي ويون، خير 28 مئي 2004ع جو ڏينهن به ختم ٿيو، رات 12 وڳي يعني 29 مئي 2004ع ڇنڇر صبح فجر آذان ٿي، ان کان پهرين وضو ڪري حرم نبوي طرف هلي پياسين، ويل چيئر تي اهليه پڻ گڏ، رستو رات ئي ڏسي سمجهي ڇڏيو هئم پر ان وقت حرم نبوي بند هو ۽ فجر آذان سان گڏ حرم شريف پهچي وياسين، اڃان دروازا بند هئا، باب فهد وٽ ٿورو انتظار ڪيوسون ۽ دروازا جن کي باب چوندا آهن، کليا ليڊيز کي باب عثمان بن عفان مان سمجهائي موڪليو سون ۽ اسان مرد باب فهد کان اندر داخل ٿياسون باب فهد حرم جي اتر ٻانهين ۾ وچ تي آهي، ساڳي ٻانهين اتر واري ۾ ساڄي هٿ تي باب عمر بن الخطاب ۽ کاٻي هٿ تي باب عثمان بن عفان آهي.

    مديني ۾ رهڻ واريون تاريخون ۽ ڏينهن
    6 مئي 2004ع کان 31 مئي 2004ع تائين، ڏينهن ڇنڇر، جمع، خميس، اربع، اڱارو، سومرو، آچر، ڇنڇر.
    ڇنڇر جي ڏينهن اڳين نماز کان پوءِ بسون لڳائي ۽ اسان کي جلد ماني کارائي جده شريف پهچايون، انداز 1 وڳي رات جو پوءِ ته ٽي چار ڪلاڪ رلائي مال سامان بڪ ڪري ۽ رات جي 12 بجي کان بعد بورڊنگ ڪري ٽڪيٽ ok ڪري لائونج ۾ ويهاريائون، وڃي فجر آذان کان به بعد جهاز S.A جوان ۾ سوار ڪيائون، ڪراچي لاءِ سمجهو ته 6 جون 2004ع تاريخ اتوار ۾ ڪراچي پهچايو، مدينه طيب جي حرم ۾ داخل ٿيڻ جي سعادت زندگي ۾ پهريون دفعو حاصل ٿي هئي ۽ ادب جو به مقام هو، باب فهد کان جتيون سنڀالي رکي ۽ ادب سان حرم کي ڏسندو هر جاءِ کي ادب جي نگاهه ڏسندو وسڌو باب مجيدي کان اڳتي پر ڇٽين کان به اڳتي وڌي جي ترڪن ۾ حرم ۾ داخل ٿيس ۽ کاٻي طرف رياض الجنته ۾ وڃي سنتون پڙهي ۽ ادب سان هر زيارت جو جائزو ۽ طريقو ڏنم ۽ امام صاحب اڳيان کان هڪ خاص دروازي مان داخل ٿيو ۽ تڪبير فرض نماز جماعت جي ۽ مونکي اتي ئي صف ۾ جڳهه ملي ۽ نماز ادا ڪري ٻين جي پٺيان ادب سان سلام عرض ڪرڻ لاءِ ويس ۽ سلام عرض ڪيم ۽ واپس ساڳئي ادب سان پوئتي ساڳئي باب فهد کان ٻاهر آيس ويل چيئر باب عثمان بن عفان جي اڳيان فولڊنگ بند ڪري رکي ويو هوس اهليه به اتي انتظار ڪري رهي هئي، ادا حاجي موسيٰ جن به آيا ۽ ٻاهران جائزو وٺڻ لاءِ سڀئي رفيق حرم جي اولهه طرف هلڻ لڳاسون، دنگ ڪري ۽ حرم شريف جي الهندي ٻانهين وٺي ڏکڻ طرف گمبذ خضرا جي زيارت ڪيوسون، ٿورو اڳتي ٿي ٻاهران ٻاهران مقام جنت البقه زيارت ڪئي سون ۽ حرم کي ٻهران ڦرندا ساڳئي باب فهد کان هوٽل دارشريف عمارت جي وچان اچي پهتاسين، ناشتو ڪري ۽ معلم جي بس آئي ان ۾ سوار ٿي زيارت لاءِ هليا سين، طريف اَيُون تان سڌا جبل اُحد جي زيارت جبل روما جي زيارت ڪري ۽ سيد شُهداءِ حضرت امير حمزه رضه تعاليٰ عنه ۽ ٻين اصحابين لاءِ قُل پڙهي دعا گهري سون اتي ڪجهه جڙي ٻوٽيون به وڪامن ٿيون، جن کي اسين سنڌي ۾ سُتيون سڏيندا آهيون ۽ پوءِ بس ۾ سوار ڪري مسجد قبا اول مدينه، مسجد قبلتين، مسجد جمع، وادي شفاءَ، خندق جي لڙائي واري جاءِ، ڪتل ۽ کجين جو ڪارخانو، باغ حضرت سلمان فارسي، پراڻي ريلوي اسٽيشن ۽ ٻيون زيارتون ڪرائي ظهر نماز کان پهرين جڳهه هوٽل دارشريف تي ڇڏي ۽ فارغ ٿيا ۽ اسان عبادت رياضت ۽ خريداري لاءِ آزاد ٿياسين، ڇو جو هاڻي اسان جي پيڪيج جا صرف 5 ڏينهن وڃي بچا هئا، ظهر نماز آذان سان حرم شريف پهچي نماز ادا ڪري ۽ واپس جڳهه تي اچي ماني ملي معلم طرفان کائي آرام ڪيو سون ۽ حاجي محمد علي جروار ڳوٺ پانڌي خان جروار ميروخان لاڙڪاڻي وارو منهنجو رت عزيز آهي، کيس فون ڪيم ۽ ائڊريس پتو ٻڌايم ته وچين نماز تي اهو به پهچي ويو ۽ ويل چيئر سميت حرم کي ويجهو ڪجهه ٿورو خريداري ڪئي سون، نماز وچين حرم ۾ پڙهي اهليه کي سلام شريف جو سمجهائي موڪليم ۽ سلام پڙهي آئي ۽ مغرب نماز حرم ۾ پڙهي طريقي ستين تي ئي هڪ هوٽل تي ماني کارائي ادا حاجي محمد علي جروار اڳين ڏينهن لاءِ پڻ سندس جڳهه تي ماني جهليائين ۽ پروگرام طئي ڪري حاجي محمد علي جروار سندس جاءِ تي ويو ۽ اسان پنهنجي طريقي ستين هوٽل دارشريف آياسون ۽ اتي هوٽل ۾ اسان کي ٻه ڪمرا گڏ رفيقن کي مليل هئا، هڪ ۾ اسين چار مرد ۽ لڳ واري ٻئي ڪمري ۾ اسان جون چار مايون هيون ۽ پوءِ پاسي ۾ ٻيا حيدرآباد جا دوست مستري عارف جيڪي منهنجي موٽرسائيڪل جو ڪم حيدرآباد ۾ ڪندا هئا، اهي به مليا پاڻ به عمري شريف تي ٻارن سميت آيل هئا.
    30 مئي 2004 ڏينهن آچر صبح کان شام مغرف ۽ عشاءِ تائين 5 ئي نمازون جماعت سان پڙهيوسين، جنت البقيه جي زيارت ڪيم، سامهون 4 مسجدون جيڪي حرم شريف کي بلڪل ويجهيو آهن، هڪ هڪ ڪري زيارت ڪري آيس، ويل چيئر تي اهليه به گڏ هئي.
    1. مسجد غمام
    2. مسجد سيدنا علي ابن ابو طالب رضه
    3. مسجد سيدنا ابو بڪر صديق رضه عنه
    4. مسجد سيدنا عمر بن الخطاب رضه عنه (ان جي لڳ مرڪزي بريد مدينه المنوره پڻ آهي)
    5. مسجد سيدنا ذوالنورين
    6. مسجد بلال
    7. مسجد عجابه
    8. مسجد امام بخاري رضه عنه
    9. مسجد سيدنا ابوذر غفاري رضه عنه
    اهي مٿيون سڀ زيارتون حرم جي چوطرف بلڪل ٿوري ٿوري پنڌ تي آهن.
    جن مان ٻه مسجدون سيدنا صديق اڪبر رضه الله عنه ۽ مسجد سيدنا عمر بن خطاب پراڻيو ۽ هڪ قبي ۽ هڪ مينار سان ليڪن بند باقي کلڻ جهڙيون هيون، ليڪن هنيون بند، مسجد سيدنا ذوالفورين به بند هئي، مسجد بلال کليل هئي ۽ نفل پڙهيم، مسجد عجابه به کليل هئي نفل پڙهيم ۽ مسجد امام بخاري رضه بند هئي، نماز وقت تي کلي ٿي، مسجد سيدنا ابوذر پڻ ٽائيم تي کلي ٿي.
    مٿين سڀني مسجدن شريفن جا سن رپيئر لکيل هئا ۽ مون بروقت واري ڊائري ۾ نوٽ ڪيا آهن. وڌاءُ سبب اتي سن نوٽ نه ڪيا اٿم، پنجئين وقت نماز باجماعت حرم شريف ۾ ادا ڪئي سون ۽ سلام شريف پڙهيا سون، حاجي محمد علي به مغرب تي پهچي ويو ۽ اسان کي عشاءِ نماز بعد سندس جڳهه تي وٺي ويو، اتي سندس ڀاءُ حاجن ۽ مختيار هئا، جيڪي پڻ منهنجا عزيز ٿين، ٽيئي ڄڻا گڏ رهيل آهن، پاڻ ماتا مزيني ۾ رهندا آهن، حاجي محمد علي دوست رند صاحب جي ڪار وٺي آيو هو، اسان کي جڳهه تي پهچائي واپس ويو ۽ صبح فجر آذان وقت واپس ڪار ڪاهي آيو ۽ هو مونکي اهليه سميت کڻي حرم مدينه ۾ فجر نماز تي پهچائي ويو، رات ادا حاجي محمد علي، حاجن ۽ مختيار سان ڪچهري ٿي، زيارتن ۽ ڳوٺن جون خبرون ٿيون، ماني پاڻ هٿ سان ٺاهي هيائون، گڏجي کاڌي سون ۽ رات اتي رهياسين، فجر آذان مهل اسان کي واپس حرم شريف ۾ رند صاحب جي گاڏي ڇڏي ويئي.
    31 مئي 2004ع سومر فجر نماز جماعت سان پڙهي ليڪن سفر ۾ روڊ تي هڪ سنگل جي بتي ڳاڙهي ٻري پئي ۽ انتظار ڪرڻو پيو، جيسين سائي بتي ٻري، ان وقت فجر جو روڊ چارئي پاسا خالي هئا ڪو هڪ ٻه گاڏي چونڪ ڪراس ڪيو هو، پر بتي ڳاڙهي قانون تي عمل سو بيٺا رهياسين، جيسين سائي بتي ٻري پوءِ هلياسين، جماعت فجر جي شروع ٿي ويئي ۽ جتي مدينه شريف حرم جي ٻاهران زم زم جو پاڻي لين ڪري قطار ۾ ملندو آهي، اتي صفن ۾ جڳهه ملي ۽ اهليه کي ڪجهه وکن تي ماين سان جڳهه ملي ويئي، رند صاحب ۽ حاجي محمد علي به اسان سان جماعت ۾ نماز پڙهي، فارغ ٿياسين ته گاڏي مان ويل چيئر رند صاحب ڪڍي ڏني، جيڪا فولڊ ٿيل ڊڪي ۾ رکيل هئي، وضو حاجي محمد علي جي جاءِ تان ڪري آيا هئاسين، رند صاحب اسان کان فارغ ٿي هليو ويو ۽ حاجي محمد علي اسان سان گڏجي هليو ۽ هوٽل تان ناشتو ڪرائي پوءِ پاڻ سيٽ جي ڪم سان ويو ۽ شام جو پروگرام ملڻ جو رکيائين، پاڻ ۽ مختيار توڙي انور پٽ غلام رسول خان جروار جو گڏجي آيا ۽ مليا، ڪجهه سامان خريد ڪيائون، ڇو جو هيءَ عربي ٻولي ڄاڻن ٿا، جيڪا اسان کي ڪانه اچي، ناشتي کان بعد رهڻ واري هوٽل تي وياسين ۽ ادا حاجي موسيٰ وارن سان ملي ۽ حاجي درياءَ خان لنڊ حاجي سعيد خان لنڊ جو ڀاءُ اسان جي پاسي جو آهي، ان سان فون تي رابطو ڪيوسين، پاڻ مليو ۽ شام اچڻ جو چيائين، آيو مليو ساڻس گڏ حاجي موسيٰ جو ڪم حاجي رمضان درس سان آهي، جيڪو پڻ حاجي درياءَ خان لنڊ جي معرف ڪٿي ڪم پيو ڪري، ان سان ملڻ لاءِ حاجي موسيٰ درس چيو، خير نماز وقت ويل چيئر تي اسان سڀ گڏجون ۽ حرم شريف وڏن عمارت جي وچان جلد پهچو وڃون، مايون ماين جي پاسي حرم ۾ باب عثمان بن عفان رضه کان ۽ اسين مرد باب فهد کان داخل ٿيون ۽ نڪرون، مردن لاءِ هر وقت حرم ۾ رياض الجنته ۽ سلام شريف لاءِ ڪا ٽائيم جي پابندي نه هئي، البت عورتن لاءِ صبح 10 وڳي کان بعد ۽ وچين نماز وقت ٽائيم هو، جيڪو ڀي ادا ڪيوسين ۽ ويل چيئر ئي بازار مان به چڪر هڻيو ٿورو ڪي گهڻو ريزڪي خريداري به ڪريو اچون، پنجئي نمازون حرم شريف ۾ پوريون ڪيوسين.
    1 جون 2004 صبح اڱارو فجر نماز کان عشاءَ تائين پنجئي وقت جماعت سان حرم شريف ۾ نماز باجماعت ادا ڪريو اچون، البت مرد هڪ ٻئي کان جدا ٿيو وڃون، جيڪي پوءِ اچيو ٻاهر باب فهد تي گڏجيو سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي حال سارو خريداري کي لڳو پيو هو، 10 وڳي صبح حاجي درياءَ خان لنڊ آيو ۽ اسان کي وٺي حرم شريف ۾ اندر ڪجهه زيارتون ڪرايائين، پاڻ ٻڌايائين ته باب مجيدي کان پوءِ حرم نه هو ته آئو آيل آهيان هن وقت باب مجيدي کان الاهي ڪيترو وڌائي ڇڏيو اٿن، پوءِ حرم ۾ اندر ئي باب مجيدي لڳ مٿي سيڙين تي وٺي ويو ۽ اتي ٽن منزلن ۾ ميوزيم لائبريري هئي، هڪ هڪ ڪري گهمايائين ۽ ڏيکاريائين، جن ۾ قديم قرآن شريف جا نسخا، حديثن جا ڪتاب ۽ ٻيا ديني ڪتاب لاتعداد رکيل هئا، مطالع ڪرڻ وارا خاموش مطالعي کي لڳا پيا هئا ۽ هڪ منزل ۾ حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جا تبرڪات رکيل هئي، شجرو مبارڪ به لکيو پيو هو، ان جي به زيارت ڪئي سون ۽ واپس جڳهه تي آيا سون ۽ وري نماز جي وقت تي ويل چيئر اهليه سميت حرم شريف ۽ جڳهه دارشريف وچين نماز کان بعد ٻارن کي سمجهائي ۽ مان مقام جنت البقيه جي زيارت لاءِ ويس ۽ زيارت ڪري واپس آيس ۽ شام جي چانهه لاءِ پابندي سان حرم شريف کان اوڀر طرف پاڪستاني هوٽل تي چانهه پيئڻ ويندا هئاسين، اتي هوا به کليل لڳندي آهي، ڪجهه وقت ويٽ ڪري ۽ بعد وري مغرب نماز لاءِ حرم پاڪ جماعت سان پهچبو هو، وضو گهران يعني هوٽل دارشريف مان ڪري ايندا هئاسون، جيڪڏهن وڌيڪ ضرورت ٿيندي هئي ته حرم تان ٻاهران جيڪي حمام هئا، مردن جا الڳ ۽ عورتن جا الڳ انهن کي استعمال ڪندا هئاسين، 5 ئي نمازون حرم ۾ پابندي سان ادا ڪيوسين، ماني به پابندي سان معلم جي منجهد مشروبات سميت ملندي هئي، ٻيا دوست ۽ عزيز جيڪي مدينه طيب ۾ رهيل آهن، انهن جي به ماني کائون ٿا، رات پنهنجي جڳهه طريق ۾ ستاسين.
    2 جون 2004ع اربع ڏينهن ويل چيئر تي فجر نماز حرم ۾ پڙهي جڳهه تي اچي ناشتو ڪري ۽ ڪجهه ويجهون زيارتون جيڪي پهرين به ڪري چڪا آهيون، انهن تي وري زيارت ڪريو اچون ۽ ڪجهه تفريح ۽ ڪجهه خريداري به ۽ وري اچي جڳهه تي آرام ڪريون، جتي اي سي سميت سڀ سهولت هئي، حاجي محمد علي، محمد انور، مختيار جروار، حاجي درياءَ خان لنڊ، مولوي حاجي مڪي ورياهه به ايندا هئا، ڪڏهين ماني جو ويلو کڻيو ايندا هئا، سڀني رفيقن لاءِ ته ڪڏهن ڪجهه تحفا پيش ڪندا هئا، سندن وڏي مهرباني هئي، مالڪ جا ڪرم هئا، حاجي مدني انهن تاريخن تي ڳوٺ پنهنجي صاحب خان جروار موڪل تي ويل هو ۽ اسين سندس پراڻو دوڪان جيڪو حرم کان اوڀر طرف پراڻي بازار ۾ هو، عطا الله سعاتي جي نالي اتي وڃي همراهه سيٺ ۽ سندس نوڪر جيڪو بنگالي ڇوڪرو هو، ان سان ملي دوڪان بازار گهمي ۽ حاجي صاحب جو گهر جيڪو هن وقت حڪومت ڊاهي علائقو صاف ڪري ڇڏيو آهي، بنگالي ڇوڪري گهر جي جڳهه ڏيکاري حرم کان جيڪو رستو ڪجهه پاسيرو اوڀر طرف مسجد عجاب ڏانهن وڃي ٿو، ان جي کٻي هٿ تي هو ڏٺوسين، ۽ ويل چيئر تي اهليه سميت سوق انصار ۽ ڪورٽ جي پريان سوق طمور گهمي وري جڳهه تي آياسين، نماز وري به جماعت سان حرم پاڪ ۾ سلامن تي حاضري باقائدگي سان ادا ڪندا اچون، منجهد ڪجهه آرام ڪري وري وچين نماز جي آذان سان اهليه ويل چيئر تي حرم شريف ۽ پوءِ پاڪستاني هوٽل جي چانهه روز جو معمول هو ۽ شام جو ادا حاجي محمد علي آيو ۽ ڪجهه خريداري ڪئي سون، وري مغرب نماز ادا ڪري ۽ ڪجهه خريداري ڪئي سون، ادا حاجي محمد علي جروار ٻولي عربي جو ڄاڻو آهي، سون جا اگهه وزن ۽ رقم سمجهيو وڃي، چوڙيون، سونيون منڊيون ۽ ڪجهه ٻيو سامان خريد ڪري ۽ جڳهه تي وياسون ۽ وري عشاءَ جي نماز لاءِ حرم شريف وياسون، نماز کان پوءِ ادا حاجي محمد علي جروار صبح جو پروگرام رکي واپس ويو ۽ اسان ماني رفيقن سان کاڌي، ڪچهري ڪري ۽ رات جو آرام ڪيو، راتيون تمام ننڍيون ۽ ڏينهن تمام وڏا موسم به مئي ۽ جون جي هئي، پر اي سي جي سهوليت رهائش تي به ۽ حرم ۾ به ڳالهه ئي ٻي هئي.
    3 جون 2004ع ڏينهن خميس معمول مطابق پنجئي نمازون جماعت سان حرم ۾ ۽ درود سلام پيش ڪرڻ ۽ حرم ترڪن وارو ۽ موجوده جو جائزو وٺڻ ۽ گهمڻ خريداري اڄ صبح سان، ادا حاجي محمد علي جروار، محمد انور جروار ۽ مختيار جروات گڏجي آيا، تحفا کڻي آيا، ٻه ڊبل بيڊ ڪمبل منهنجي اهليه جاءِ ۽ ٻارن جا ڪپڙا محمد علي ڏنا، محمد انور منهنجا ڪپڙا هڪ وڳو منهنجي اهليه لاءِ وڳو ڪپڙن جو محمد انور جروار ڏنو، مختيار جروار به منهنجي لاءِ وڳو ڪپڙن جو ۽ منهنجي اهليه کي وڳو ڪپڙن جو ڏنو، علاوه ويلو ماني جو به ٺهيل، بوتلون پيپسي جون انبن جو جوس، وڏيون بوتلون کڻي آيا، سندن وڏا ٿورا آهن، لاهجن نه ته به ڳائجن ڀلي، ڇو جو مان هتان پاڪستان مان سندن لاءِ ڪو خاص تحفو نه کڻي ويو هوس، مڙئي سنڀال خاطران ۾ به مونکان مختيار وسري ويو هو، کيس ڪجهه به نه ڏنو هيم، پوءِ به سندس ٿورا آهن، ادا موسيٰ درس اڄ حاجي درياءَ خان سان گڏجي حاجي رمضان درس سان ملڻ ويو هو سندس ٻار منهنجي ٻارن سان گڏ رهيل آهن.
    مٿين ڀائرن سڄو ڏينهن ڪچهري ڪئي ۽ ماني کارائي موبائيل فون تي ڳوٺ ڳالهه ٻولهه ڪرايائون، ظهر نماز ادا ڪرڻ کان بعد محمد انور ۽ مختيار موڪلائي ويا ۽ ادا حاجي محمد علي جروار عشاءَ به پڙهي پوءِ ويو.
    ظهر نماز کان واپس ايندي حاجي درياءَ خان لنڊ ۽ مولوي حاجي مڪي ورياهه گڏجي حرم کان عمارت جي وچان آياسون، ڇانهيون رکي گاڏي اچي لٿي هئي، بس مولوي حاجي مڪي ورياهه ٻه چار ننگ خريد ڪيا ۽ اسان جي دارشريف تي کڻي آيا، نئين ڇري به خريد ڪري آيا، حاجي درياءَ خان وڍڻ تي ۽ اسين کائڻ تي، ڇا کائبو مڙئي چسڪو ورتوسين، آرام ڪري وري وچين نماز ۽ سلام تي وياسون، ادا حاجي موسيٰ جاءِ منهنجا ٻار گڏ وٺي هليس، ٽي ئي ٽائيم شام ادا حاجي موسيٰ به اچي ويو، رمضان درس جي خير خيريت معلوم ڪيم ۽ رات جو آرامي ٿياسين.
    4 جون 2004ع جمع ڏينهن فجر نماز سلامن کان فارغ ٿي جڳهه تي پهچي غسل ڪري جمع نماز جي تياري ڪري جڳهه تان ئي وضو ڪري ۽ آذان کان پهرين حرم شريف پهچڻ جي ڪئي سون، باجماعت جمع حرم شريف ۾ ادا ڪيوسون، اڄ جمع جو ڏينهن هئڻ ڪري ۽ اسان جي به سفر جو آخري ڏينهن ڇنڇر هو، سڀئي دوست ڀائر اچي گڏ ٿيا ۽ نماز کان بعد دارشريف ۾ ڪچهري ٿي، جن ۾ حاجي محمد علي، محمد انور، مختيار جروار، حاجي درياءَ خان، مولوي حاجي مڪي ورياهه هئا، هوٽل دارشريف ڪمري ۾ اي سي پئي هليو ۽ خبر چار ڪچهري به وري ڪجهه آرام ڪري وچين نماز حرم شريف ۾ پڙهي، پاڪستاني هوٽل جي چانهه ڪجهه گهمي ڦري مغرب نماز حرم ۾ ادا ڪري ۽ ڪجهه خريداري ڪري عشاءَ پڙهي پوءِ جڳهه تي آياسين، اڄ وري اتفاق سان رئيس دوست علي خان کوکر جو دوست حاجي محمود جلباڻي سکر وارو جيڪو پڻ ٻارن سميت عمري تي آيل هو، حرم ۾ ملي وياسين، هڪ ٻئي کي سڃاتو سون ۽ خوش ٿياسين، رئيس دوست علي کوکر جي ڳوٺ اسلام عليڪم ٿيل هو ۽ هڪ ٻئي جا ڏٺل هئاسون، ڏاڍا خوش ٿياسون، عجيب اتفاق منهنجي اهليه به حرم ۾ سندس ٻارن سان ملي ڪپڙن سنڌي لباس ۾ هڪ ٻئي سڃاڻي ويون ۽ ڪچهري ڪيائون، رئيس دوست علي کوکر جي ۽ منهنجي حوالي سان هڪ ٻئي سان واقفيت ڪيائون، بعد ۾ اسان کي به سڀ معلومات ملي مايون به هڪ ٻئي سان ملي خوش ٿيون، ائين اڄوڪو ڏينهن به گذري ويو، رات جو ڪجهه آرام ڪيوسون.
    اڄ ئي ڏينهن جو وڃي سوق التمور مان کجي ڪتل خريد ڪري آيو هئس.
    5 جون 2004ع ڇنڇر فجر نماز حرم ۾ ادا ڪري سلام پڙهي ۽ واپس جڳهه تي اچي ناشتو ڪري پروگرام مطابق آخري تياري کي لڳي وياسون، ڪو ٻارن جا رانديڪا ۽ ڪجهه تسبيحون ۽ مصلا اڳئي خريد ڪيل هيون، رهي ڪثر به پوري ڪئي سون، ادا حاجي موسيٰ جا ٻار ۽ منهنجا ٻار ويل چيئر تي کڻي سوق افصار پراڻه بازار خريداري ڪندا ۽ عمارت جي وچان خريداري ڪندا، 11 وڳي تائين واپس جڳهه تي آياسون، حاجي درياءَ خان لنڊ هڪ موبائيل فون راءِ مونکي گڏ مولوي حاجي مڪي ورياهه جي ڪار ۾ وٺي ويو ۽ هڪ رنگين موبائيل خريد ڪري حاجي سعيد خان لاءِ ڏنائين، واپس جڳهه تي آياسين، ادا حاجي محمد علي جروار به آيو هو، سامان جي پيڪنگ حاجي محمد علي ۽ حاجي درياءَ خان ڪئي، ڪپڙا، کجيون ۽ ٻيو وزن دار سامان ٻه بيگ ٺاهي ان ۾ لڳايائون ۽ رانديڪن ۽ نازڪ سامان جو الڳ هينڊ بيگ تيار ڪري ڏنائون، پاڻي جا ڪين الڳ هئا ۽ اهڙي طرح ادا حاجي موسيٰ جا به سامان پيڪ ڪري اسان کي سفر جي آساني ڪري ڏنائون ۽ اڳئين نماز ۽ وچين نماز پڻ حرم ۾ ادا ڪئي سون، سلام پڙهياسون ۽ تياري به مڪمل ڪئي سون، وچين نماز کان بعد معلم جون بسون دارشريف اڳيان لڳيون ۽ اسان کي سامان سودا ڪري رکي ڏيئي ۽ ادا حاجي محمد علي جروار به موڪلائي روانو ٿيو ۽ اسان جي بس به آهستي آهستي مديني شريف جي شهر مان هلڻ لڳي حسرت ڀريئي نگاهن سان گمبد خضراءِ حرم شريف جون نيلون ڏسندا ۽ مديني شريف جي سکن کي ياد ڪندا، جده پورٽ لاءِ اڌ منزل تي ماني کارايائون ۽ مغرب وقت جده پورٽ تي لاهي ۽ بسون ويون هليون، اسين سامان گهريندا سهريندا هڪ ڪائونٽر تاڄي تي ايئن سامان بُڪ ٿيو، ٽوڪن لڳا اسان کي وري ٻي طرف چيڪنگ ڪندا هڪ ڪائونٽر تان ٻي ٽي ۽ رات 12 وڳي ٿيا ته بورڊنگ ڪري لائونچ ۾ ويهاريائون، جتي هڪڙي ننڊ به ڪري وياسون، ائين شايد 5 ٿيا ته هڪ جهاز ايس اي جوان مين سوار ڪري سفر ڪراچي جو شروع ٿيو، جهاز ۾ ناشتو مليو ۽ اهيا رات 12 وڳي کان تاريخ 6 جون 2004ع ٿي چڪي هئي، صبح ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪو 8 وڳي صبح هو ته جهاز پهتو، ٻه ٽي ڪلاڪ ڪائونٽر بعد ۾ سامان جنهن ۾ منهنجي اهليه واري ويل چيئر شاٽ ٿي، جنهن اسان کي ٻه ڪلاڪ سيڙپ ڪرائي، حاجي رسول بخش درس ۽ منير احمد جوکيو مدد ڪرائي سامان ٻاهر ڪڍايو ۽ پوءِ همراهن سان ملياسين، جيڪي به مبارڪباد ڪرڻ آيا هئا، اهيا تاريخ 6 جون 2004ع آچر ڏينهن هو، سمجهو وڃڻ واري تاريخ 23 مئي 2004ع ۽ اچڻ جي تاريخ 6 جون 2004ع اسان جي 15 ڏينهن ٿيا پورا، خير شڪر الحمد الله خير جو سفر ڪري ڪراچي ۾ همراهه ڪار ڪاهي آيا هئا، منهنجو ڀاءُ الهه بخش، حاجي اسحاق، راجا پريل حاجي عثمان ۽ اسان ڪار ۾ ڪراچي کان سڌا ڳوٺ آياسين ۽ حاجي اسحاق پوءِ لوڪل ڪري آيو، ڳوٺ خير جو ٻارن سامان سميت شڪر الحمد الله پڙهي، ٻار ۽ سامان گهر ڇڏي ۽ مسجد شريف مدينه مسجد ڳوٺ الله بخش جروار ۾ وضو ڪري ۽ شڪرانه جا نفل ادا ڪري دعا گهري ۽ گهر آيس، سڀني ٻارن سان ملي ۽ اوطاق تي مبارڪباد ملڻ وارا آيا، شوڪت علي ٻڌايو ته ٻاهر هلو ۽ اهيو ٽائيم پاڪستاني ڪو 2 لڳي 30 منٽ منجهند جو هو، اوطاق تي ڀائرن، دوستن کان مبارڪباد موصول ٿينديون رهيون، الله سائين جا ڪرم آهن بندي کي ڪهڙي طاقت آهي.

    ڏاتار ته تون، ٻيا مِڙئي منگتا،
    مينهن مدائتا وسن، پر سدا وسين تون،
    جي راضي ٿئين تون، ته ميرو ئي مانَ لهان.


    فرضِ حج

    اڳين سال 1424هه حج جا پئسا پيارا هيم، اهليه سميت ڪرعه اندازي ۾ نالو ڪونه آيو ۽ حج گذري ويو، سڪ ۾ بنا دير عمري شريف لاءِ هليا وياسين، عمرو شريف ڪري واپس آياسين، 6 جون 2004ع تي بس مهينو کن جي وقفي سان ايندڙ سال هجري 1425هه تي حج لاءِ پئسا پيارڻ جو اعلان ٿيو، اهيا حج فرض جي گذريل سال کان اميد هئي، ويتر سفر زيارتون ڪري آيو هوس، اڃان به سڪ وڌي ويئي، گهر جو ڪاروبار منهنجي پٽ شوڪت علي خان حوالي ڪري ڇڏيو هيم، جوابداريون به ڪونه هيون، ڇو جو بابا سائين جي وقت کان جيڪي به لون وغيره هئا، لاهي آجو ٿيو هئس ۽ شريعت محمدي مطابق ملڪيت ترڪي مطابق ۽ حج جي نسبت ڪيم اعلان جي آخري تاريخ تي شام جو پئسا پيارم منهنجي اهليه انتهائي عليل هئڻ ڪري پاڻ سفر لاءِ ڪانه سنڀري ۽ مونکي اجازت ڏنائين ته اوهان ڀلي حج پڙهي اچو ۽ مون تياري ڪئي، حبيب بئنڪ ٽنڊوالهيار برانچ ۾ هڪ لک ٻه سئو پندرنهن روپيا پياريم تاريخ 26 جولاءِ 2004ع شام تقريبن 4 لڳي 30 منٽ ٿيا هئا ته رسيد ورتم، اهيا گورمينٽ حج اسڪيم تحت آخري تاريخ هئي، شام دير جو سبب اهيو هو جو حاجي خادم حسين ولد ماستر محمد رفيق جروار مون سان گڏ ٽڪيٽ پياري حج جي سفر ۾ منهنجو رفيق ٿيو کيس حاجي خدا بخش ولد عبدالرحيم خان جروار جي همٿ افزائي ڪئي هئي، ان کي ڳوٺ داد خان جروار کان پهچڻ ۾ دير ٿي هئي ۽ مان جناب مئنيجر صاحب حبيب بئنڪ ٽنڊوالهيار برانچ کي عرض ڪيو ته اڪائونٽ بند نه ڪريو، منهنجو رفيق به پئسا کڻي اچي ٿو، اسان جا پئسا ٻنهي ڄڻن جا گڏ جمع ڪريو ۽ پاڻ مهربان ٿيا ۽ اڪائونٽ دير تائين کليل رکيائون جو حج جي پئس جي اڄ آخري تاريخ هئي، حاجي خادم حسين به پهتو ۽ ساڳئي تاريخ 26 جولائي 2004ع تي سندس به پئسا پياري رسيدون وٺي آياسين، هاڻي بئنڪ ۽ سرڪار جو ڪم هو، اسين واندا ٿي وياسون، وقفن وقفن سان بئنڪ سان رابطو ٿيندو هو ۽ ٻڌايائون ته توهان جو گروپ 10 ماڻهن تي مشتمل آهي ۽ گروپ ليڊر حاجي محمود درس ڳوٺ محمد عرس درس ديهه بڪيراڻي وارو آهي ۽ گروپ ۾ شامل حاجي صاحبن ڊاڪٽر حاجي محمد الياس سريوال چمبڙ، حاجي محمد ياسين جروار ڳوٺ الهه بخش جروار، حاجي خادم حسين جروار ڳوٺ داد خان جروار، حاجي محمود درس، ماءُ ۽ مامين سميت ڳوٺ ويل آهي، محمد عرس درس، فقير حاجي اقبال ٽنڊوالهيار، حاجي جعفر بوزدار اهليه ۽ همشيره سميت ڳوٺ ڌڱاڻو بوزدار ۽ بس انتظار جو وقت قرعه اندازي ٿي اسان جو گروپ حج لاءِ ڪامياب ٿيو، ائين 6 مهينا گذريا ۽ 9 جنوري 2005ع تي حاجي ڪئمپ ٽڪن سامان ۽ پئسا توڙي پاسپورٽ ۽ هدايتن گهرايائون، وياسين ۽ پئسا، سامان حاجي ڪئمپ ڪراچي کان کڻي واپس پنهنجي پنهنجي ڳوٺ شام جو موٽي آياسين، 10 جنوري 2005ع ڳوٺ رهي سڀني عزيزن ۽ دوستن سان ڪچهر ڪري گذاريوسين، ايندڙ ڏينهن 11 جنوري 2005ع تي فلائيٽ هئي، 11 جنوري 2005ع تي سڀڪو رفيق پنهنجي ڳوٺان نڪتو ۽ مان به وين گهرائي ظهر نماز ڳوٺ پڙهي سفر آسان لاءِ شڪرانه جا نفل پڙهي 3 وڳي وين ۾ ڪراچي روانا ٿياسين، حاجي اسحاق، حاجي محرم، شير محمد، ابراهيم برفت ۽ ٻيا گڏ هئا.
    تاريخ 11 جنوري 2005ع شام مغرب وقت سڄو گروپ ڪراچي پراڻو ايئرپورٽ اسٽار گيٽ وارو جنهن کي حج ٽرمينل طور هلائيندا آهن، اتي پهچي سفر لاءِ سڀ تياريون مڪمل هيون باقي رڳو ٽائم جي دير هئي، جيئن ته اسان سڀني جو حج ۽ حج تمته هو ان ڪري ڪراچي مان عمري شريف جا احرام ٻڌي نفل پڙهي ۽ اندر ڪاغذي ڪارروائي لاءِ سڏ ٿيو ته سڀني عزيزن دوستن ۽ ساٿين کان خدا حافظ ڪري تلبيه پڙهندا روانا ٿياسين، اهيو ٽائيم اندازن 10 وڳي رات جو هو ۽ اندر پهرين اسان جا سامان چيڪ ڪري روانا ٿيا ۽ بعد ۾ اسان جا ڪاغذات پاسپورٽ ٻانهن جا ڪڙا به پاتل هئا، اهي اسٽيل جا هئا، مٿن اسان جو نالو ۽ پاسپورٽ وغير درج ٿيل هئا، ضروري سرڪاري ڪارروائي کان پوءِ اندر ويهاري ڇڏيائون، رات جو 1 لڳي 45 منٽن تي تاريخ 12 جنوري 2005ع ٿي چڪي هئي ۽ هوائي جهاز ۾ موڪليائون، پي آءِ اي جو هوائي جهاز هو، حج پرواز نمبر پي آئي اي، پي ڪي 1353 ۾ سوار ٿياسين، آخري وقت ٻهر ادا محمد امين جروار، حاجي اسحاق، ابراهيم برفت، ۽ منير احمد جوکيو گڏ رهيا، رات جو پاڪستان وقت 2 وڳي هوائي جهاز سفر شروع ڪيو ۽ پاڪستان ٽائيم 5 لڳي 45 منٽن تي جده ايئرپورٽ تي لٿو ۽ اتي اڃا وڌي رات هئي، بتين جي روشني ۾ رات جو احساس ئي نه ٿيو، ضروري چيڪنگ ۽ ڪاغذات جي انٽري ڪري فارغ ڪيائون ۽ سامان جا ٿيلها تلاش ڪري سڀني پنهنجا کنيا، هاڻي جده شريف ۾ فجر جي آذان ٿي، ڪنهن نماز پڙهي، ڪنهن ڪو نه پڙهي، هڪ ٻئي جي آسري پورٽ کان ٻاهر ٿياسين، موسم جنوري ٿڌي هئي، رات وڏي ڏينهن ننڍو هو، ٻاهر معلم جا ماڻهو لسٽ هٿن ۾ ۽ نالا پڪاري پاسپورٽ چيڪ ڪري گڏ ڪري ويهاريائون ۽ بسون اينديون ويون، حاجين کي سوار ڪندا ويا، حاجي سڳورن کي به ڪجهه مڙئي بي صبري ٿئي ٿي سڀ وٺ وٺان کڻيو ڪن، ائين اسان جي معلم جون 3 بسون ڀرجي مڪي شريف روانيون ٿي ويون، مان ۽ حاجي خادم سڀني کي روانو ڪري آخري بس ۾ سوار ٿياسين، اسان گروپ جي ڏهن رفيقن مان فقير حاجي اقبال ۽ مان اڳيئي سفر ڪري آيا هئاسين، باقي 8 ماڻهو اسان جا پهرين سفر جا هئا، معلم جي ماڻهن کين مڪي شريف ۾ رهڻ واري هوٽل ۽ ڪمري تي پهچائي آزاد ٿيا، هاڻي احرام ٻڌل منهنجي انتظار ۾ هئا، جو مان پٺين بس ۾ هئس ۽ وقفو ڪو 2 ڪلاڪن جو هو، ٿڪل ته هئاسون، مگر ڏينهن هو سڀ ڪجهه ڏسندا آياسون، سڌو رستو مڪي شريف ڏانهن ۽ صلح حديبيه جي زيارت ٿي اتي روڊ تي گول ونگ سان وڏو در آهي، جنهن مان ٽريفڪ گذري ٿي، ونگ جي مٿان سيمينٽ سان ٺهيل وڏو ريهل ۽ مٿس قرآن شريف ٺاهيل رکيو آهي، اتان کان ڪافي اڳتي هلي ۽ ساڄي هٿ تي هڪ اسٽينڊ ۾ بس کي بيهاري ۽ بادشاهه طرفان بسڪوٽ، کٽمٺا، چاڪليٽ ۽ زم زم جو پاڻي ننڍي بوتل ڏنائون ۽ هڪ مولوي اچي بس ۾ دعائون سمجهايون، پوءِ بس وري مڪي شريف ڏانهن هلي هتي ٽريفڪ ساڄي هٿ تي هلي ٿي هي رستو شايد 50 ڪلوميٽر جي اندازن آهي، پوءِ بس مڪي شريف جي مختلف سرنگن ۽ روڊن تان ٿيندي اچي طريق ابراهيم خليل تي نفق ربيع کان هيٿ بيٺي، اتي منشي هڪ ماڻهو کي ٻانهن ۾ ٻڌڻ جو پٽو ۽ ڳچي ۾ پائڻ جا لاڪٽ پلاسٽڪ جا بند ٿيل پاريا ۽ تبليغ جماعت جي سڌي قطار ۾ سامان ڪلهي طريق ابراهيم خليل هوٽل جنت السفير ڪمرن ۾ پهچايو سڀ ئي حاجي اڻ واقف ٻيو سڀ ٿڪل مٿان احرام جي پابندي ڪجهه ساهه کڻي معلم طرفان منجهد جي ماني ملي، کائي ڪجهه ٿڪ ڀڃي ۽ عمري جي طواف ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وضو ڪري سڀ گڏجي نڪتاسين، هڪ 202 ڪمري ۾ چار رفيق حاجي خادم حسين، حاجي الياس، حاجي محمود، حاجي جعفر، ڀرواري هڪ ڪمري ۾ چارئي مايون ۽ ٽئي ڪمري ۾ مان راقم محمد ياسين جروار، فقير حاجي اقبال ٻه ڄڻا نواب شاهه جا حاجي ڪريم بخش خاصخيلي ۽ حاجي مبارڪ پٺاڻ، ڪمرن ۾ فرج، اي سي، بيڊ سمهڻ لاءِ موجود هئا.
    هوٽل جنت السفير بلڊنگ نمبر 8117 روم 90 مسفله خليل وچين نماز جي جماعت کان بعد حرم ڪعبه باب ملڪ عبدالعزيز کان داخل ٿي ڪعبته الله شريف تي نظر ڄمائي دعا گهري ۽ عمره طواف جي نيت ڪري شروع ٿياسين، حج به ڏينهن تي هو ۽ حجاج به هو، مطاف ۾ طواف ڦيرا ڪري مغرب نماز جماعت ۾ ئي اتي پڙهي ۽ طواف جا چڪر پورا ڪري ٻه رڪعتون نفل پڙهي زم زم پي ۽ صفا مروا جي سعي تي وياسون ۽ عشاءَ نماز اتي پڙهي سون، هڪ پڦي وڃائجي ويئي، حاجي محمود کي ڇڏي باقي وار ڪٽائي جڳهه تي آياسين، رات جا 11 ٿيا هئا ۽ پوءِ حاجي محمود به پڦي کي ڳولي وٺي آيو، ائين سڀني جڳهه تي اچي غسل ڪري احرام لاٿو ۽ ماني معلم کان ملي، کائي ٿوري ڪچهري ڊاڪٽر حاجي الياس جي ڪمري ۾ ڪري سڀ ٿڪل سو سڀڪو سمهڻ جي ڪئي، ڪچهري لاءِ ڊاڪٽر صاحب جو ڪمرو 202 هو ۽ ماني لاءِ پڻ ڪم آڻيندا هئاسون، باقي آرام ڏينهن يا رات سڀڪو پنهنجي ڪمري ۾ ڪندو هو.
    تاريخ 13 جنوري 2005ع ڏينهن خميس ڪمري مان تهجد آذان تي اٿي غسل ڪري ۽ وضو ڪري اڪيلو ئي رفيقن کان الڳ ڪعبته الله شريف پهچي مٿي ڇت تي تهجد پڙهي طواف ڪري ۽ فجر جي آذان آئي ۽ سنتون به اتي پڙهيم، فجر نماز جماعت به مٿي ڇت تي پڙهي، مسفله به جوار مان ناشتو به ڪري جڳهه تي آيس سڀ رفيق مليا حاجي خادم حسين ۽ ڊاڪٽر حاجي الياس به نماز پڙهي جڳهه تي آيا ۽ پروگرام ڪري ڊاڪٽر حاجي الياس ۽ حاجي خادم حسين کي گڏ وٺي ويس، ضرورت جون جڳهيون گهمائي بازار بقاله ۽ صراف دڪان ۽ ٻيون جڳهيون گهمائي سمجهائي ۽ جلدي وري به جڳهه تي اچي ۽ حاجي محمود درس، حاجي خادم حسين کي وٺي حاجي گلزار جتوئي کي ڳولڻ لاءِ شامي طرف نڪري ويس، حاجي صاحب سان اضحيٰ جي سلسلي ۾ ملڻو هو، حاجي گلزار جتوئي نه مليو، ڪيڏانهن ويل هو ۽ اتان هوٽل مان ٻه نقشا حج ۽ زيارت جي گائيڊ جا مليا، کڻي جڳهه تي آياسين، ته وري حاجي ڪريم بخش خاصخيلي، مبارڪ پٺاڻ چيو ته اسان کي زيارتون ڪرائي اچ، جيڪي نزديڪ هجن ۽ ٿي اچون انهن کي وٺي حاجي خادم حسين سميت مکتبه مڪه محبوب ڪريم صه جي جاءِ پيدائش زم زم ڀرڻ جون ٽوٽيون، ڇپرا بازار، مسجد الجن ۽ جنت المعليٰ بند هو، واپس حرم شريف ۾ نماز ظهر پڙهي جڳهه تي آياسين ۽ وچين نماز جڳهه تي پڙهي سون، مغرب ۽ عشاءَ حرم ۾ ڇت تي پڙهي، اسانکي اڄ منجهد جي ماني بادشاهه طرفان هوٽل تي ملي هئي، سڀني کي طريقو ورهاست جو عجيب نمونو اٿن هوٽل جي ڪمرن ۾ جيترا به حاجي هئا، اوترا ماني جا پاڪٽ ڪائونٽر تي پهچائي ويا ۽ منشين ڪائونٽر تي ويٺي هر ڪمري جي هڪ ماڻهو کي پاڪٽ ڪمري جا حوالي ڪندا ويا ۽ سڀني کي پنهنجو حصو ملي ويو ۽ مونکي به مليو رات ۽ صبح به کاڌم رات جو فون ڪيم، مديني شريف، حاجي محمد علي جروار، حاجي مظفر ٽڳڙ سان گفتگوءَ ٿي ۽ وري شوڪت علي کي ڳوٺ فون ڪيم، پر لائين صحيح نه هئي، احوال پورو نه ٿي سگهيو، رات دير تائين جاڳيس، بيگ مان ڪپڙ ڪڍي ميرا لاهي غسل ڪري صبح جمع جو ڏينهن هو، ان ڪري رات ئي ڪپڙا بدلائي ڇڏيم ۽ دير کان پوءِ سمهي رهيس، پهرين ڏينهن خادم حسين ۽ حاجي محمود خرچ گڏ ڪيو، پهرين ۽ ٻئي ڏينهن سڀ ڪنهن پنهنجي طرفان به ڪجهه خريد ڪري پي کاڌي، پوءِ حاجي خادم حسين ۽ محمد ياسين کاڌي ۾ پتيار ٿياسون.
    ٻيا سڀ رات جو جلدي سمهڻ جي ڪندا هئا، آئون دير تائين ڊائري لکي ڪپڙا بيگ سنڀالي پوءِ سمهندو هئس، اڄ حاجي خادم حسين کي گڏ وٺي نفق عبدالعزيز کان ڇپرن وارو رستو وٺي معنيٰ ۾ جمراة تان گهمائي واقف ڪري آيس، جمراة جي مرمت پئي هلي اتي مون آفيسرن کان نقشن جو معلوم ڪيو نه مليا ۽ حاجي خادم حسين کي سگريٽ پياريائون ۽ آفيسر پاڻ سگريٽ پيتا.
    14 جنوري 2005ع سڀني کان اڳ اٿي پهرين وري به غسل ڪري ڪپڙا بدلائي ۽ حاجي خادم حسين کي اٿاري گڏ وٺي تهجد نماز بعد ۾ فجر نماز حرم شريف جي پهرين طبقي ۾ پڙهي سون ۽ مطاف ۾ طواف ڪري حاجي خادم حسين سميت مسفله ۾ ناشتو ڪري جڳهه تي آياسين ۽ حاجي خادم حسين جروار ڊاڪٽر حاجي الياس جي موبائيل فون تي ڳوٺ ڳالهايو، جنهن ڪري دير ٿي ۽ حرم ۾ جڳهه جمع نماز جي نه ملي سگهي ۽ بن دائود سامهون تار سيال ايلاف ڪنده تي کلئي آسمان هيٺ مسلو وڇائي نماز ادا ڪئي، سون اهيو ٽائيم 10 لڳي 45 منٽ صبح وارو هو، حجاج سبب ۽ جمع هئڻ ڪري ايترو پري نماز لاءِ ويٺاسين ۽ جمع نماز 12 لڳي 30 تي ٿي بلڪل ترڪن وارو قلعو باب ملڪ عبدالعزيز کي سامهون جمع نماز پڙهي، حرم ۾ طواف ڪيوسين ۽ ٻاهرا جي مسفله ۾ ياڪا هوٽل تي ماني کائي وري حرم ۾ وياسين ۽ وچين نماز مغرب نماز ۽ عشاءَ نمازون اتي ئي حرم ۾ پڙهيون سين ۽ رات جي ماني کائي جڳهه تي وياسون، منهنجن رفيقن ٻين پاسي وارن شهدادپور جي حاجين جي صلاح سان هڪ همراهه نالي عبدالحڪيم بروهي، نواب شاهه جي پاسي وارن کي گهرائي ڊاڪٽر حاجي الياس واري ڪمري 902 ۾ جتي حاجي خادم حسين، حاجي محمود ۽ حاجي جعفر پڻ گڏ رهندا هئا، عبدالحڪيم بروهي اضحيٰ جي سلسلي ۾ گهرايو، جانورن جي خريد جو طئي ٿيو، باقي قرباني اسين پاڻ اچي روبرو ڪنداسون، حاجن کي مدينه شريف فون ڪيم ۽ حاجي محمد علي جو پري ٻڌايائين، جبل ڏي آهي، اتي فون گهٽ ٿي لڳي ۽ رات جو سمهي آرام ڪيوسين.
    15 جنوري 2005ع ڇنڇر تي رش جي ڪري حج ڀريل هو، نماز مسجد بخاري جيڪا اسان جي هوٽل جي لڳ هئي، ان ۾ پڙهي سون ۽ ڪپڙا جيڪي ٻن ڏينهن کان لاٿل ميرا پيا هئا، اهي جڳهه تي ڌوئي ۽ سڪايم، گروپ ليڊر حاجي محمود درس ۽ عبدالحڪيم بروهي پڙي ۾ مال ڏسڻ ويا، ڏسي پنهنجو ڪري آيا، في پهرو ڇيلا 350 ريال جو سودو ڪري آيا ۽ پوءِ بئنڪ الجزيره وياسين، سڄو ڏينهن رلي ۽ نيٺ بئنڪ پهتاسين ۽ ڊالر مليا هئا، اهي بئنڪ مان ڪيش ڪرائي مغرب کان به پوءِ حرم ۾ وڃي عشاءَ نماز پڙهي ۽ جڳهه تي آياسين، ماني وٺيو آيس ۽ حاجي خادم حسين ۽ مون کاڌي، ماني جڳهه تي آڻڻ جي ڊوٽي منهنجي هئي، خادم حسين کان رات جو حساب ڪري پئسا وٺندو هئس ۽ ڪچهري ڪري همراهه منجهي پيا ته سودو وڏو آهي، اضحيٰ جو ۽ ٽائيم تي ماڻهو الاجي ملندو الاجي نه، وڏي مغز ماري ڪري بار مڙئي مون تي رکيئون، ته عبدالحڪيم بروهي کي تون ڊيل ڪر ۽ مون ڪيو کيس چيم ته اسين مقرر جاءِ جنت السفير ۾ آهيو، ڪجهه رقم پهرين ڏيون ٿا ۽ اضحيٰ ڪري باقي بعد ۾ ڏينداسين ۽ عبدالحڪيم کي مڃائي ورتم، الله جي مهرباني سان.
    16 جنوري 2005ع آچر جي ڏينهن صبح ٻه وڳي جاڳي اٿيس، غسل ڪري ڪپڙا بدلائي تهجد تي حرم شريف پهچي نماز پڙهي، طواف ڪري فجر نماز پڙهي، طواف ڪري سج نڪرڻ سان نفل ادا ڪري جنازه نماز به هئي، اها به پڙهيم ٻاهران ناشتو ڪري مسفله مان ۽ حاجي گل محمد سونارو کي فون ڪيم، پي سي او منهنجي سوٽ محمد صالح جيڪو ٽنڊوالهيار ۾ رهي ٿو، ان جا ۽ اڪبر خان ولد حاجي رسول بخش جروار جا سلام چيم ۽ خيريت دريافت ڪيم.
    پکين لاءِ امانت جا مليل ان جا پئسا کڻي ان خريد ڪري، پکين کي ڏنم ۽ جڳهه تي آرام به ڪيم پنجئي نمازون حرم شريف ۾ پڙهيم مغرب بعد مولوي مڪي جو واعظ ٻڌم، مطواف ۾ جڳهه تي رات واري ماني وٺي آيس، حاجي خادم حسين ۽ ڊاڪٽر محمد الياس گڏجي ماني کاڌي، ڊاڪٽر صاحب جي ڪمري 902 تي ڪچهري ڪري روزانو جو حساب ڪتاب ڪيوسين، ۽ ڪريم بخش خاصخيلي کي پيٽ ۾ ڏاڍو سور ٿيو، ڊاڪٽر حاجي الياس، حاجي خادم حسين ۽ مان گڏجي پاسي واري هوٽل جوهر جمال ۾ کيس ڊاڪٽر صاحب دوا وٺي ڏني، هوٽل جوهر جمال ۾ سائين نثار جان سرهندي پڻ ٻارن سميت رهيل آهي، حج تي آيل آهن، عبدالحڪيم بروهي وري پئسن لاءِ آيو سندس اچڻ مان همراهن کي ويتر هروڀرو جو شڪ وڌيو، ڳالهيون ساڻس صاف ڪري في حاجي جي اضحيٰ جانور جي سو ٿئي، 100 ريال 15 حاجي ملائي 1500 ريال ڏناسون، جنهن ۾ فقير حاجي اقبال ڇڏي 9 حاجي اسان جو گروپ 6 حاجي شهدادپور جا جيڪي هوٽل ۾ رهندي ڊاڪٽر حاجي الياس جا سڃاڻو ٿيا ڇو جو شايد انهن ۾ به هڪ ڊاڪٽر هو.
    17 جنوري 2005ع سومر صبح تهجد آذان 2 وڳي اٿي غسل ڪري حرم پهتس، تهجد پڙهي طواف ڪري فجر آذان کان بعد فجر جي نماز حرم ۾ پڙهي، ٻاهر اچي مسفله ۾ ڊاڪا هوٽل تان پراٺو ۽ چانهه جو ناشتو ڪري، محمد صالح کي ٽنڊوالهيار فون ڪري پي سي او تان حال احوال ڪري ۽ شوڪت علي کي گهر ڳوٺ فون ڪيم، پي سي او تان حال احوال ڪري جڳهه جنت السفير ۾ آيس، همراهن سان ڊاڪٽر حاجي الياس جي ڪمري 902 ۾ ڪچهري ڪري آرام ۽ ظهر نماز لاءِ حرم ۾ ويس، اڄ مغرب کان بعد اسان جي حج لاءِ مناشريف جي تياري به ڪرڻي آهي ۽ چاچا حاجي علي محمد سومرو ڳوٺ عجائب سومرو چوهڙ جمالي وارو ۽ سائين حاجي محمد دائود نهڙي، حاجي غلام نبي، ڳوٺ مٺو جروار حاجي نور احمد سونارو ٽنڊوالهيار جا به ڳولڻ لاءِ مسفله ڪدوا ڏانهن ويس ليڪن چارئي همراهه نه مليا ڇو جو مون وانگي سڀني کي حج لاءِ منان ۽ احرام ۽ ضروري تياري ڪرڻي هئي، همراهه نه ملي سگهيا ۽ مغرب ۽ عشاءَ نماز حرم شريف ۾ ادا ڪري ۽ جڳهه تي آيس، هوٽل جنت السفير منهنجو سڄو گروپ به حج جو احرام ۽ حج جي تياري ۾ هو ۽ مان جلد مليو هوس، مون پوري تياري حج بيگ تيار کيو هو ۽ جلدي ۾ صرف غسل ڪري ۽ حج جو احرام ٻڌي حج بيگ ڪلهي ۾ وجهي سڀني کان پهرين احرام حج جي نيت ۽ نفل ڀرواري مسجد شريف ۾ پڙهيم ۽ ٻيا رفيق به تيار ٿيا ۽ معلم جي منشي بسن تي هلڻ جو ٻڌايو جيڪي هيٺ ٿوري ئي پنڌ تي نفق ربيع جي هيٺيان بيٺل هيون، سڄو حجاج يڪ آواز طلبيه ۽ صلواة شريف سان گونجيل هو، هر هڪ کي پنهنجي لڳل هئي ۽ اسان به سڄو گروپ مان ڊاڪٽر حاجي الياس، حاجي خادم حسين، حاجي محمود، حاجي جعفر، حاجي اقبال، امان، مامي، چاچي ۽ پڦي سميت هڪ بس ۾ سوار ٿياسون، ٻيا حاجي به ويٺا ۽ بس منا لاءِ رواني ٿي، ٿوري ئي دير کان پوءِ گهڻو پنڌ نه آهي، ڪو 3 يا 4 ڪلوميٽر ٿيندا، ليڪن حجاج جي رش ڪري ٿوري دير ٿي ۽ پنهنجي خيمي جي در تي بس لاهي هلي ويئي ۽ ٻين منشين اسان جو سيٽ اپ ٺاهي، سڀني کي هڪ ئي تنبو ۽ پاسي واري ۾ ماين کي رهايو ويو، اتي به هر سهوليت موجود هئي، نيرن، منجهند ۽ عشاءَ لاءِ ماني وٺڻ جو طريقو عجيب ٽن رنگن جا ٽڪيٽ في حاجي کي سڀني ڏينهن بنا عرفات ۽ مذدلفه جا پورا پورا ويلا ٽڪيٽن حاجن کي ڏنائون، هر ويلي ٽڪٽ جو رنگ الڳ هو، اهي ننڍي چوپڙي وانگي هئا رات منا ۾ گذري.
    اڱارو 18 جنوري 2005ع مطابق تاريخ 8 ذوالحج 1425هه آهي ۽ اسان سڄو گروپ ۽ حج تي آيل سڄي دنيا کان حجاج ڪرام منان شريف ۾ مون سميت سڀني کي هڪ ئي لباس احرام ۾ ملبوس پيرن ۾ ٻه ڪنن واري حوائي چمپل ۽ ڳچي ۾ ننڍو ٿيلهو جنهن ۾ پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ ضروري ڪاغذات لاڪٽ ڳچي ۾ پاتل، هڪ ٻانهن ۾ اسٽيل جو ڪڙو جنهن تي نمبر لڳل آهن، ٻي ٻانهن ۾ معلم صاحب جو ڏنل پٽو جنهن تي پڻ ضروري نمبر لڳل آهن، سڀ هڪ ئي آواز لبيڪ لڳي پئي آهي ۽ اڄ جو ڏينهن مونکي منا شريف جي زيارت لاءِ واندو ملي ويو ۽ فجر نماز مسجد خيف ۾ ادا ڪري ۽ سج نڪرڻ سان مسجد خيف ۾ تحية مسجد جا نفل ڪري خيمي تي آيس ۽ ٻين وانگي ناشتي جو ٽڪيٽ چوپڙي مان ڪڍي ۽ ڪائونٽر تي جمع ڪرايم ته هڪ ناشتو پيڪ ٿيل مليو ۽ منجهد واري ٽڪيٽ تي ظهرانه مليو ۽ عشاءَ جي ٽڪيٽ رات جي ماني ملي، ڪائونٽر تي عجيب طريقو لڳو، حاجي علي محمد سومرو اسان جي ملڪ محمد حنيف سومرو جو سهرو ٿئي، ان کي ڳولڻ لاءِ ٻين کي ملڻ لاءِ نڪتس، حيدرآباد جو رهندڙ ڪراچي گهمندڙ ۽ اڄ کان 8 مهينا پهرين عمرو شريف ڪري ۽ زيارتون ڪري ويو هوس سو مونکي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي، چاچو حاجي علي محمد سومرو چوهڙ جمالي ڳوٺ عجائب سومرو ٺٽه وارو ڳولي مڪتب نمبر 27 ۾ کيس ميلس سڀ احوال ۾ آهيون حالي احوالي ٿي ۽ پوءِ وڃي سائين استاد حاجي دائود نهڙي ۽ حاجي غلام نبي جروار، حاجي نورل سونارو کي سندن مڪتبه خيمي ۾ مليس، معنيٰ همراهن کي ڳوليندي سبيل جون کجيون مليون، جيڪي چاچا حاجي علي محمد سومرو ۽ ٻين کي ڏنم ۽ مون به کاڌيون ۽ پنهنجي مڪتب عزا تي آيس، ظهر عصر جي مغرب نماز ون پنهنجي خيمي ۾ ادا ڪيم ۽ ٻين حاجين به اتي خيمي ۾ نمازون پڙهيون ۽ مغرب کان بعد ڊاڪٽر حاجي الياس خان جي دوست ڊاڪٽر عبدالرزاق عمراڻي کي ڳولڻ لاءِ گڏجي وياسين، خيمه مڪتب 38 تي، اچي عشاءَ نماز پڙهي سون ۽ ٻين رفيقن سان صبح حج لاءِ سفر جو طريقي ڪار طئي ڪيوسين، ته حاجي محمود درس امان، مامي، چاچي، پڦي ۽ فقير حاجي اقبال گڏ سفر ڪندا ۽ طريقي سان عرفات شريف ۾ رات جو مذدلفه ۾ ۽ وري ٻي ڏينهن منيٰ شريف ۾ پنهنجي خيمي مڪتبه 31 تي ملبو، سڀ حاجي گڏجي هلن حجاج جي رش جي ڪري ناممڪن هو، اڄ جيڪي زيارتون ڪيم انهن ۾ مسجد حفيف منيٰ شريف ۾ مسجد حجاج البر منيٰ شريف ۾ مسجد مهلل گهڻو ڳوليم، مگر نه ملي ۽ رات جو ٿوري ننڊ ڪئي.
    اربع تاريخ 19 جنوري سال 2005ع مطابق 9 ذوالحج سال 1425هه صبح فجر نماز خميو مڪتبه ۾ فجر نماز پڙهي ۽ پروگرام مطابق حاجي محمود درس کي ٻارن سميت فقير حاجي اقبال سميت بس ۾ سوار ڪري روانو ڪيوسين، حجاج جي رش تمام وڏي گاڏين ۾ ان ڪري پنڌ روانا ٿياسين، ڪبري فيصل اڪري مذدلفه جي حد ۾ هڪ وين جي ڇت تي جاءِ ملي في حاجي 10 ريال جو نوٽ ڏنو، محمد ياسين (مان) ڊاڪٽر حاجي الياس، حاجي خادم حسين، چاچا حاجي جعفر بوزدار وين جي ڇت تي ويهي عرفات طرف هلياسين، مسجد نمره لڳ وادي عرنه وٽ لهي پيدل وياسون برياني پنهنجي وٺي کائي ۽ مسجد نمرا آياسين اندر جڳهه نه هئي انڪري ۽ مسجد شريف جي حد ۾ سامهون جتي مٿان پاڻي جا سنهان ڦوهارا هلن ٿا، اتي هڪ ئي تڪبير سان نماز ظهر ٻه رڪعتون ۽ سلام ڦيرائي ائين امام صاحب جي اقتدا ۾ نماز ظهر ۽ عصر ادا ڪئي سون ۽ مسجد نمرا مان جماعت نڪرڻ شروع ٿي ۽ اسان زيارت لاءِ اندر مسجد شريف ۾ وياسون، اتي مونکي ۽ حاجي خادم حسين کي ٻه قرآن شريف تحفي ۾ ملياسين، حاجي خادم حسين کي ڏنو ۽ مان سنڀالي سفر ۾ رکيو دور ڪندا هئاسون، ان تي روزانه مسجد شريف ۾ اندر حدود عرفات جو سايون راڊون لڳل آهن، جيڪي ٻريون پي، مسجد نمرا جي زيارت ڪري واپس ٻاهر اچي جبل رحمت تي رڪن اعظم وقوف عرفات ڪيو سون ۽ دعائون گهريونسين، مغرب قريب اچڻ تي دعائن کان واندا ٿي ۽ عرفات جي ميدان جي دنگ ڏانهن اچي 50 وکن تي بيهي مغرب جو انتظار پورو ڪري الله اڪبر ٿيڻ سان توف جو ڌماڪو نه ٻڌوسين ۽ الله اڪبر جي تڪبير سان سڀني حجاج اڪرام وانگر چڙهائي پنڌ مزدلفه لاءِ هلياسين، مونکي ڏاٺ ۾ ڏاڍو سور اچي ٿيو، جنهن سبب جي ڪري بخار به اچي ويو، مزد لفه پهچي ڪولرن ۾ پاڻي هو وضو ڪري پهرين مغرب ۽ جلد ۾ عشاءَ نماز ادا ڪري ۽ مزدلفه جي حد جتي منيٰ سان ڪبري فيصل نزديڪ ملي ٿي اچي، مصلو وڇائي ۽ ستاسين ڊاڪٽر حاجي محمد الياس خان مونکي گوريون بخار جون ڏنيون، کاڌم ڏاٺ جو سور به ختم ٿيو ۽ بخار به لٿو ۽ ننڊ به اچي ويئي، موسم جنوري جي ٿڌي هئي، پر گهڻو سئي ڪونه لڳو.
    رات جو هڪ بجي جاڳيس فرحت هئي ۽ حاجي جعفر به جاڳيو، ڊاڪٽر حاجي الياس ۽ حاجي خادم ننڊ ۾ هئا، پٿريون چونڊيم ۽ ٿيلي جيڪا حج بيگ ۾ هئي، ان ۾ محفوظ ڪري رکيم ۽ وري به ننڊ آئي ۽ فجر آذان سان اٿي نزديڪ نلڪي مان وضو ڪري فجز جي نماز ادا ڪئي سون ۽ اتي تي بسڪوٽ ۽ چانهه جي سهوليت هئي ملي ويئي، چانهه بسڪوٽ کائي ۽ صبح روشن ٿيڻ سان ئي ڪبري فيصل هيٺان اڪري طريق جوهر سان سڌا پنهنجي خيمي مڪبت پهتاسون ۽ اهو ٽائيم 7 لڳي 15 ٿي چڪو هو، جڏهن ته تاريخ به 20 جنوري 2005 مطابق اسلامي ذوالحج 10 ٿي چڪي هئي ۽ چارئي رفيق سامان رکي وڏي شيطان کي پٿريون هڻي آياسون.
    خميس تاريخ 20 جنوري 2005ع مطابق ذوالحج 1425هه صبح 7 لڳي 30 منٽ پنهنجي خيمي مان سڀ رفيق مان، حاجي الياس، حاجي خادم حسين ۽ حاجي جعفر سامان خيمي تي رکي وڏي شيطان کي پٿريون هڻي آياسون، ڪابه رش نه هئي ۽ خيمي تي اچي ڳوٺ فون ڪري شوڪت علي کي پوري تفصيل سان ٻڌايم ۽ هاڻي خيمي ۾ حاجي محمود جو انتظار ڪرڻ لاءِ ويٺاسين، آرام به ڪيوسون، حاجي محمود به آيو پر چارئي مايون امان حاجاڻي، مامين حاجاڻي، چاچي حاجاڻي ۽ پڦي حاجاڻي کي وڃائي آيو، ڳوليوسين، پر اسان کي نه مليون، منشي چون اردو ۾ ڪوئي فڪر نهين، خير شهدادپور وارن ماين سان جيڪي اسان جي هوٽل جي ڪمرن ۾ رهيل هئا، انهن جي ماين سان گڏجي مڙئي حاجي محمود 4 لڳي 30 تي پهتو ۽ باقي ٻار بارن سان گڏ، 5 وڳي پهچي ويا ۽ مان حاجي محمد ياسين، حاجي محمود ۽ شهدادپور وارو، عبدالحڪيم بروهي جا دوست گڏجي پڙي ۾ اضحيٰ لاءِ وياسون، حاجي محمود ۽ شهدادپور وارن کي پڙي جو ائڊريس وسري ويئي ۽ مان ان پاسي جو واقف ڪونه هئس، ٽيڪسي وارن ڏاڍو رلايو، نيٺ بيزار ٿي سج لٿي مهل هڪ ٽيڪسي وارو جيڪو پاڪستاني هو، ان وڏي همدردي ڪئي، مناسب ڪرايو ٻولي اسان کي کنيائين، رستي ۾ مغرب آذان آئي ۽ نماز لاءِ مسجد شريف ۾ اسان کي جماعت سان نماز پڙهايائين، جيئن ته نمازمان فارغ ٿياسين ۽ حاجي محمود کي عبدالحڪيم بروهي جي ڪال آئي فون ۾ جيڪا اسان پنهنجي ٽيڪسي ڊرائيور پاڪستاني کي ڏني پاڻ ڳالهائي ائڊريس ٻڌايائين ۽ اسان کي ٽيڪسي وارن بنان دير پڙي تي پهچي ويو، ڪرايو کيس ڏنوسون ۽ سامهون عبدالحڪيم بروهي به آيو، گڏجي وڃي پڙي تي ڪالين وڇايل هو، ان تي ويٺاسين، حاجي محمود درس سڀني حاجين جي لسٽ کڻي نالو وٺڻ سير تڪبير پهرو کي وجهرائي ٻاهر اچي اسان وٽ ويٺو ۽ عبدالحڪيم کي ڪل 15 پهرن جا پئسا زبان مطابق 350 ريال في جي سان ۽ واپسي خيمي لاءِ بس ۾ سوار ڪيو، عبدالحڪيم بروهي اتان خيمي وارن کي فون تي ٻڌايوسون ته اضحيون ٿي ويون آهن ۽ مٿا ڪوڙائي احرام لاهيو ڇو جو اسان کي ايندي رستي ۾ الائي منزل هئي، دير ٿئي ها خير بس ۾ سوار رات جو وڳڙو نوان ماڻهو مونکي ته ننڊ اچي ويئي ۽ اچانڪ جاڳيس ته ڪبري عزيز کان اسان جي بس گذري پئي، بس روڪائي اهي ڪبري عزيز تان پنهنجي خيمي مڪتبه آياسون ۽ مون مٿو حاجي محمود درس کان ڪوڙايو ان پهرين ٻين کان وار لهرايا ۽ پوءِ پاڻ منهنجو مٿو ڪوڙيائين ۽ حاجي مدني خيمي تي اسان وٽ آيو، ڪچهري ڪري سڀني سان ملي ويو.
    جمع تاريخ 21 جنوري 2005ع مطابق 11 ذوالحج 1425هه فجر نماز کان پهرين غسل ڪري ڪپڙا پائي فجر نماز مسجد خيف م پڙهي، حاجي محمود، حاجي جعفر ۽ ماين جون پتريون کنيون، حاجي ياسين، حاجي الياس، حاجي خادم حسين پروگرام ڪيو، طواف زيارت جو ۽ پنڌ نڪري خيمي مان ۽ پهرين ٽنهين شيطانن کي پٿريون هڻي ۽ پنڌ ئي پيرن واري روڊن تان سڌا تفق عبدالعزيز کان باب السلام مان خانه ڪعبه پهچي طواف زيارت ڪيوسون ۽ جمع نماز جي آذان ٿي، جمع نماز به خانه ڪعبه ۾ پڙهي سون ۽ حاجي ڊاڪٽر الياس ٽٽي ويو، مان ۽ حاجي خادم حسين فارغ ٿي ماني ڊاڪا هوٽل مسفله ۾ کائي وڃين نماز هيٺين طبقي پڙهي ۽ واپس پنڌ منيٰ شريف آياسون، مغرب ۽ عشاءَ نماز خيمي ۾ پڙهي سون ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب اچي پهتو ۽ حاجي مدني جروار حج تي مدينه شريف کان آيل هو، اهو حاجي محمود ۽ اسان سان ملڻ آيو ۽ فروٽ به کڻي آيو هو، ڪچهري ڪئي سون ۽ رات آرام به ڪيوسين، هاڻي حج احڪام ۾ صرف سڀاڻي يعني 12 تاريخ شيطانن جون پٿريون رهيل هيون، جيڪي صبح زوال ٿيڻ کان بعد هڻبيون، فجر نماز خيمين ۾ پڙهي سون.
    ڇنڇر 22 جنوري 2005ع مطابق 12 ذوالحج 1425هه صبح حاجي مدني آيو ۽ حاجي محمود، حاجي جعفر ۽ ٻارن کي گڏ وٺي پٿريون هڻائي ۽ طواف زيارت ڪرائي جڳهه تي ڇڏي ۽ پاڻ مدينه شريف روانو ٿي ويو ۽ هتي منان ۾ اعلان ٿيو ته حاجي صاحبان خيمي ۾ رهو، رمي شيطان تي وڏي رش آهي نقصان ٿيندو، ليڪن 12 ٿيا زوال ٽٽو ۽ حاجي الياس تڪڙ ڪري سفر شروع ڪرايو ۽ اچي ڦاٿاسين، بس الحفيظ الامان هئي مون سمجهيو ته ختم ٿي ويندس، ڪو ڏيڍ ڪلاڪ کن جيڪو جتي اهو اتي پوءِ مڙئي فرحت ٿي هلياسين، حج بيگ ڇٽيون جمراه تي اهي به هڪ ڍڳ تي اڇلائڻيون پيون، مٿي پل تي جمراه وٽ ۽ ڊاڪٽر حاجي الياس به ٽٽي جدا ٿي ويو، مان ۽ خادم حسين ننڍي ۽ وچٽ جمراه کي پٿريون هنيون، وڏي وٽ پٿريون هڻندي اسان ٻئي به ٽٽي وياسين، طوفان شروع ٿي ويو، سنهين برسات به شروع ٿي ويئي، مان ته سامان کڻڻ ڪونه ويس جو موت نظر پي آيو، منهنجو ڪل پئسو وغيره حج بيگ ۾ هو، بس الله جو توڪل ڪري سامان لاءِ نفلي طواف جي باس باسي ۽ پنڌ مڪه شريف خانه ڪعبه ڏانهن ڇپرن واري روڊ تان آيس، نفق عزيز وٽ ڏاڍي برسات ٿي ۽ انڊونيشن پنهنجي اوٽ ۾ بيهاريو، برسات پوري ٿي هلڻ لڳس ۽ باب سلام کان طواف حرم اندران سڌو باب عزيز کان جڳهه تي آيس حاجي محمود وارا ستل هئا، کين سڄو احوال ٻڌايم، برسات ۽ زيارت جو ڳالهه ڪري دنگ ڪيم ۽ حاجي خادم حسين منهنجي ۽ سندس سامان سميت خير جو پسي اچي پهتو، منهنجي ڇٽي بيگ پوري سلامت کڻي آيو، شڪر ڪري غسل ڪري ڪپڙا بيگ مان ڪڍي بدلائي ۽ خانه ڪعبه جيڪو نفلي طواف باسيو هئم اهو ادا ڪيم، رات آرام اچي ويو، ٿڪل به ڏاڍا هئاسين.
    آچر تاريخ 23 جنوري 2005ع مطابق 13 ذوالحج 1425هه جو صبح دير سان اٿيس، جماعت حرم جي تي ويئي، حرم ۾ نماز پڙهي ۽ طواف ڪري ناشتو ڪري آيس، جڳهه تي واچ جو پٽو ورتم، حاجي گل محمد سونارو کي فون ڪيم ۽ گهر ڳوٺ شوڪت علي کي فون ڪري حال احوال مختصر ڪيم ۽ جڳهه تان همراهن کان ٿي يڪو ڏينهن وڃي خانه ڪعبه حرم ۾ گذاريم، سڄو ڏينهن سڀ نمازون پڙهيم، حرم ۽ عشاءَ پڙهي ماني وٺي ٿي آيس، ماني کائي خادم حسين کان حال ورتم، سڀئي رفيق 902 ۾ ڪچهري ڪري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي آرامي ٿيا ۽ مان پنهنجي 904 ۾ آرامي ٿيس.
    سومر تاريخ 24 جنوري 2005ع مطابق 14 ذوالحج 1425هه ٿڪاوٽ سبب حرم ۾ ڪونه ويس، فجر نماز نزديڪي مسجد ۾ پڙهي احرام ۽ جيڪي ڪپڙا ميرا هئا، ڌوئي سڪائي رکي ۽ ماني وٺي آيس، خادم حسين ۽ مون گڏجي کاڌي، ماني کان پوءِ ظهر نماز حرم شريف وياسين، نماز کان بعد طواف ڪري نفل پڙهي، پڦي حاجاڻي جو قرآن شريف وٺي حرم شريف ۾ ڏنوسون، نماز عصر، مغرب ۽ عشاءَ ادا ڪري ماني وٺي جڳهه تي آيس ۽ خادم حسين اسان ماني گڏجي کاڌي، حساب ڪتاب ڪيوسين، جيڪو روز جو معمول هو، ڪپڙا ويڙهي صحيح ڪري رکيم، حاجي محمود کي سخت بخار ٿيو، ڊاڪٽر حاجي الياس دوا ڏني ۽ فرحت ٿيس ۽ رات آرام ڪيوسون.
    اڱارو تاريخ 25 جنوري 2005ع مطابق 15 ذوالحج 1425هه فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري صبح ۾ سبيل جي ڪتل ملندي هئي، روزانه پابندي سان وٺي کائيندو هيس، ٻاهر اچي چانهه ناشتو ڪري 9 وڳي سائين حاجي نثار جان سرهندي جيڪو پڻ ٻارن سميت حج تي آيل آهي، ساڻس ملڻ هوٽل جوهر جمال تي وياسين، خادم حسين ۽ مان، سائين سان ملي ۽ حرم شريف ويس ۽ عصر، مغرب ۽ عشاءَ پڙهي ماني وٺي آيس ۽ ماني کائي حساب ڪتاب روز مره جو هڪ ٻئي سان ڪري ڪچهري ڪري ۽ روم 904 ۾ آرام ڪيم.
    اربع 26 جنوري 2005ع مطابق 16 ذوالحج 1425هه فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري مٿين چڪر ۾ هئس ته گورنر صاحب، وزير صاحب طواف تي آيا ۽ ڏٺم طواف ۾ ڪتل معمول مطابق ملي ۽ منجهد جي ماني هوٽل تي بادشاهه طرفان آئي، طريقي مطابق منشين پهچائي هوٽل ڪائونٽر تان في ماڻهو هڪ باڪس مليو، سڀني حاجين کي ملي، ظهر نماز جڳهه تي پڙهي سين، عصر، مغرب ۽ عشاءَ نماز حرم ۾ پڙهيم ۽ طواف ڪيم، جڏهن ته رات جو ماني وٺي آيس، ماني کائي حساب ڪتاب ڪري تاريخ جو پتو ڪچهري ڪري ۽ آرامي ٿيس.
    خميس تاريخ 27 جنوري 2005ع مطابق 17 ذوالحج 1425هه صبح حاجي خادم حسين کي اٿاري وضو ڪري فجر نماز حرم ۾ پڙهي، طواف ڪري ڪتل کائي سبيل واري، خادم سميت ناشتو ڪيم ۽ خادم حسين جڳهه تي ويو، مان جبل ابو قيس جي زيارت ڪري اتي ننڍي مسجد غير آباد بادشاهي مهل کان اڳيان آهي، مسجد جو نالو بلال آهي، جڳهه تي اچي ظهر پڙهي، عصر، مغرب، عشاءَ حرم پڙهي ماني وٺي جڳهه تي آيس، ماني کائي حساب چڪتو ڪري ڪچهري ڪري آرامي ٿياسين، ان وقت رات جا 9 لڳي 45 منٽ ٿيا هئا.
    جمع تاريخ 28 جنوري 2005ع مطابق 1425هه صبح خادم حسين سميت فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري ناشتو ڪري ۽ جڳهه تي اچي غسل ڪري ڪپڙا بدلائي ۽ جمع نماز جماعت حرم شريف وياسين، نماز پڙهي شوڪت علي سان ڳوٺ فون تي ڳالهايم، شوڪت علي ٻني ستياري واري تي هو ۽ باقي عصر، مغرب، عشاءَ حرم ۾ پڙهي ماني وٺي جڳهه تي اچي کائي، حساب ڪتاب چتو ڪري ڪچهري ڪري رات جو آرام جي ڪئي سون، ڊاڪٽر حاجي خادم حسين سان مذاق ڪي چئي ته حاجي خدا بخش کي فون ڪريان ته ڇوڪري جو بلو ڪرائي لڙهيو ٿو وڃي.
    ڇنڇر تاريخ 29 جنوري 2005ع مطابق 1425هه سوير حاجي خادم حسين، ڊاڪٽر حاجي الياس سميت فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري ناشتو ڪري جڳهه تي آياسين، حاجي محمد علي جروار مدينه شريف کان فون ڪئي، حالي احوالي ٿي ۽ سڀني رفيقن سميت عمرو شريف جو پروگرام ٿيو 10 وڳي رفيق گڏجي وين ۾ مسجد عائشه رضه تان احرام ٻڌي وضو ڪري نيت نقل عمري جا ادا ڪري حرم شريف اچي طواف ڪري وار لهرائي صفامرو ڪري ۽ جڳهه تي آياسين ۽ شام مڪتب مڪاتان پاڻي 5 ليٽر واري سڀني جي پيئن لاءِ ڀري آياسين ۽ عشاءَ نماز کان بعد ماني کائي ڪچهري ڪري حسان ڪتاب چڪتو ڪري آرامي ٿياسين.
    آچر 30 جنوري 2005ع مطابق 20 ذوالحج 1425هه فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري ناشتو ڪري آر سي او تان گهر ڳوٺ شوڪت علي کي فون ڪري احوال ورتم ۽ جڳهه تي اچي سڀني رفيقن کي گڏ وٺي زيارتن تي وياسين، جنة المعليٰ، مسجد الجن، مسجد شجر، مسجد رائيه، مڪتيه هڪ نبي ڪريم صه جو گهر، نماز ظهر حرم ۾ ادا ڪري ماني وٺي گهر آياسين، عصر جڳهه تي پڙهي مغرب، عشاءِ حرم ۾ پڙهي ماني وٺي آيس، 902 ۾ ماني کائي ڪچهري ڪري حساب چڪتو ڪري آرام جي ڪئي سون.
    سومر تاريخ 31 جنوري 2005ع مطابق 21 ذوالحج 1425هه حرم ۾ فجر ادا ڪري طواف ڪري ناشتو ڪري جڳهه تي 904 ۾ آرام ڪيم، ظهر اتي پڙهيم ۽ عصر، مغرب ۽ عشاءَ حرم ۾ پڙهيم ۽ طواف ڪيم ۽ ماني وٺي جڳهه تي آيس، ماني کائي حساب چڪتو ڪري ۽ آرامي ٿيس.
    اڱارو تاريخ 1 فيبروري 2005ع مطابق 22 ذوالحج 1425هه فجر نماز جڳهه تي پڙهي خادم حسين گڏ هو، واچون خريد ڪيم، ناشتو ڪري خادم حسين سان ٽيڪسي ۾ سوار ٿي جبل نور جي زيارت تي وياسون، مٿي چڙهڻ ۾ تمام ڏکيو آهي، مڙئي وڃي پار پياسين، ساهيون کڻندا وياسين ڏيڍ ڪلاڪ کان مٿي وڃڻ ۾ ۽ هڪ ڪلاڪ هيٺ اچڻ ۾ لڳو، غار حرا جي زيارت ڪئي سون، مٿي ڪئمرا وارا بيهاريو بيٺا آهن ته زائرين فوٽو ڪڍائين تمام ڏکيو آهي، شايد 4 ميل کن فاصلو ڏکيو آهي، واپس ظهر نماز حرم ۾ پڙهي ماني وٺي جڳهه 902 تي کاڌي سون ۽ مونکي پيٽ ۾ سور ٿي پيو ۽ جڳهه تي هيس، عشاءَ نماز حرم ۾ پڙهي ۽ ماني وٺي آيس، ماني کائي حساب ڪري ڪچهري ڪري ڪمري نمبر 904 ۾ آرام ڪيم.
    اربع تاريخ 2 فيبروري 2005ع مطابق 23 ذوالحج 1425هه فجر نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري ناشتو ڪري جڳهه تي آيس، سڀني رفيقن وڏي عمري لاءِ تياري هئي ۽ پورو گروپ هلندو جنة السفير در تان طريقي ابراهيم خليل تان يڪي گاڏي ڪرايو ڳالهائي سوار ٿياسون، رستي ۾ ڊرائيور جو گهر هو، ماءُ کي ڪجهه سامان گڏ هئس ڏيئي آيو ۽ مسجد جعرانه وڏي عمري تي پهچي احرام وضو ڪري نفل پڙهي نيت ڪري زيارت ڪري، شهداءِ حنين مقام جي زيارت ڪري واپس حرم اچي طواف ڪري نفل پڙهي صفا مروه ڪري وار ڪٽرائي ظهر نماز حرم شريف ۾ پڙهي گهر اچي غسل ڪري ڪپڙا بدلائي سنوارت ٺاهي ۽ شام وري به حرم شريف ۾ مغرب ۽ عشاءَ پڙهي، ماني وٺي جڳهه تي آيس، کائي ڪچهري ڪئي، اڄ ڏينهن جو حاجي خدابخش خان جي فون آئي، ڊاڪٽر حاجي الياس جي فون موبائيل تي ڳالهايوسين ۽ سائين رفيق پڻ فون تي ڳالهايو، مان رات جو 1 وڳي اٿي غسل وضو ڪري حرم ۾ ويس ۽ سڄي رات دعائون گهريم، طواف ڪيم، فجر پڙهي ناشتو ڪري جڳهه تي آيس.
    خميس تاريخ 3 فيبروري 2005ع مطابق 24 ذوالحج 1425هه رات سڄي حرم ۾ هئي ۽ فجر نماز پڙهي طواف ڪري ناشتو مسئله مان ڪري آيس، جڳهه تي، ڪپڙا ڌوئي، سڪائي ۽ منجهند تائين جڳهه تي هئس ۽ آرام ڪيم، حاجي محمود درس ۽ چاچا حاجي جعفر بوزدار جبل نور غار حرا جي زيارت تي ويا آهن، مان اتي جڳهه تي ٻارن وٽ آهيان ۽ انهن جي اچڻ کان پوءِ مان شام جو جنة المعليٰ مقام زيارت تي ويس ۽ ان وٺي پکين کي ڏيئي آيس ۽ عشاءَ حرم ۾ پڙهي ۽ ماني وٺي جڳهه تي آيس ۽ ماني کائي حساب ڪري آرامي ٿياسين.
    جمع تاريخ 4 فيبروري 2005ع مطابق 25 ذوالحج 1425هه فجر نماز ۽ طواف حرم ڪري ٿوري خريداري ڪري، ناشتو ڪري سامان جڳهه تي رکي سائين حاجي دائود نهڙي، حاجي غلام نبي جروار، حاجي عبدالرزاق ميمڻ به مليو ڪچهري ڪري آيس ۽ حاجي علي محمد سومرو جي جڳهه ڳولي ساڻس ملي آيس، حاجي دائود، حاجي خادم حسين لاءِ ٽافيون ڏنيون، جڳهه تي اچي غسل ڪري ڪپڙا بدلائي ماني کائي ۽ حرم ۾ جمع نماز لاءِ ويس، هاڻي حجاج ڪجهه گهٽيو آهي، جمع نماز حرم پڙهي طواف ڪري جڳهه تي آيس، وچين نماز پڙهيم، ڪجهه بخار ٿيو، ڊاڪٽر حاجي علي محمد سومرو مليو، مغرب جو حرم ۾ پڙهيم حاجي محمود گڏ هو، عشاءَ به گڏ باب فهد تي پڙهي سون، چاچو حاجي علي سومرو جڳهه تي ويس، بوتلون گهرائي پياريائين ۽ ڪچهري ڪري دير سان آيس، حاجن جروار مدينه شريف مان ڊاڪٽر حاجي الياس جي فون تي ڳالهايو ۽ حاجي محمد علي جروار پڻ ڳالهايو، معمول مطابق آرام ڪيم.
    ڇنڇر تاريخ 5 فيبروري 2005ع مطابق 26 ذوالحج 1425هه فجز نماز حرم ۾ پڙهي طواف ڪري ناشتو مسفله مان ڪري آيس، راقم محمد ياسين جروار، ڊاڪٽر حاجي الياس سريوال، حاجي خادم حسين گڏجي غار ثور جي زيارت لاءِ وياسين، گاڏي مان لهي فٽ 9 وڳي پنڌ غار ثور جو شروع ڪيوسون، ڏکڻ اوڀر منهن ڪري هلياسين، جنهن سان مٿي چاڙهي تي 11 وڳي فٽ غار ثور تي پهتاسين، اندر به وياسين ۽ ڊاڪٽر صاحب فوٽو به ڪڍايو، صحيح ڪونه آيو، ڊاڪٽر صاحب چيو فوٽو صحيح ڪونهي، پئسا ڪونه ڏينداسين، اتان کان منيٰ شريف جو نظارو ۽ عرفات جا رستا نظر اچن ٿا، وچ سفر کان پوءِ خيرات وارا چاڙهي جي ڏاڪن ٺاهڻ جي نيت سان سيمينٽ ريتي تغاري رکيو ويٺا خيرات سبيل گهرن، مون ظهر نماز وچ تي جماعت سان پڙهي، 12 لڳي 30 منٽن تي واپس سفر ڪري بلسان جا وڻ اتي به ڪجهه آهن، ڏٺاسون ۽ واپس حرم ۽ پوءِ جڳهه تي آياسين، عصر جڳهه تي ۽ مغرب حرم ۾ پڙهي طواف ڪري عشاءَ پڙهي ماني وٺي گهر آيس ۽ ننگر فڪر ڪري حساب چڪتو ڪري، ڪچهري کان پوءِ آرامي ٿيس.
    آچر تاريخ 6 فيبروري مطابق 27 ذوالحج 1425هه حاجي خادم حسين ڪونه هليو، فجر نماز حرم ۾ پڙهي، طواف ڪري ۽ ناشتو ڪري حاجي خادم حسين لاءِ پراٺو وٺي پي سي او تان شوڪت علي سان گهر فون تي ڳالهايم، پاڻي جو پڇيم، جڳهه تي خادم حسين کي اچي پراٺو ڏنم، ڊاڪٽر حاجي الياس اڪيلو عمري شريف تي ويو آهي، باقي راقم حاجي محمد ياسين جروار، حاجي خادم حسين، حاجي محمود، حاجي جعفر بوزدار جبل رحمت عرفات جي زيارت لاءِ وياسين ۽ 11 وڳي واپس اچي جڳهه تي ماني کائي ۽ ظهر نماز لاءِ حرم ويس، نماز طواف ڪري ۽ صفا جبل تي سمهي رهيس، ننڊ اچي ويئي ۽ ننڊ مان اٿي وضو ڪري عصر نماز ادا ڪيم ۽ قتل خريد ڪري حاجي علي محمد سومرو کي محمد حنيف سومرو اسان جو ملڪ ان لاءِ ڏنم، سندن فلائيٽ ويجهي آهي، پهرين مدينه ڪري آيا هئا، ڪتل کيس ڳوٺ لاءِ سوکڙي ڪري ڏنم، مغرب عشاءَ حرم ۾ پڙهيم ۽ ماني سان انبن جو جوس وٺي جڳهه تي اچي خادم حسين سان گڏ کاڌم، ڏاڍو بخار آيو، حاجي خادم حسين مونکي زور ڏنا ۽ ننڊ اچي ويئي، ڪچهري لاءِ رات جو عبدالحڪيم بروهي شهدادپور وارو آيو ۽ ڪچهري ٿي، انهي همراه کان اضحيٰ جا جانور خريد ڪيا ويا هئا.
    سومرو تاريخ 7 فيبروري 2005ع مطابق 28 ذوالحج 1425هه فجر نماز لاءِ حرم شريف ويس، نماز طواف ڪري ناشتو کائي حرم شريف ۾ رهيس، بخار هو منجهند ماني لاءِ جڳهه تي آيس، خادم حسين سان ماني کائي ٿورو آرام ڪري وري به وڃي حرم شريف ۾ رهيس ۽ ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاءَ نمازون حرم ۾ ادا ڪيم، عشاءَ کان بعد ماني وٺي جڳهه تي کائي حساب چڪتو ڪري رفيقن سان مناسب ڪچهري ڪري، ڊاڪٽر الياس کان گوري وٺي کائي بخار جي ۽ آرام ڪيم.
    اڱارو 8 فيبروري 2005ع مطابق 29 ذوالحج 1425هه فجر نماز حرم شريف ۾ ۽ طواف ڪري ناشتو کائي حاجي خادم حسين لاءِ اڦراٽو وٺي ۽ ان پکين جا بڪالا کان خريد ڪري ان ڪڻڪ، ٻاجهر ۽ مسور جي دال هئي، حاجي رسول بخش جروار جي اهليه طرفان هو طريق هجره ڪبوتر چوڪ تي پکين کي ان ڏنم، اڳتي جتي جتي پکين کي ان ڏيندا آهن، طريق ابراهيم خليل جون مکيه جڳهيون نفق ربيع ۽ قبري خليل جي هيٺيان به جڳهن تي ان پکين کي ڏنم، هڪ خاص ڳالهه نوٽ ڪيم ته پکين کي ان لاءِ اڇلي ڏبو آهي ته پکي اتان اڏامي ٻي جاءِ تي وڃي ويهندا آهن، ليڪن مٿيون سبيل جوان جيئن پکين ڏانهن اڇليان ته پکي ولر ڪريو ڊوڙيو اچو ان چڳن ۽ حاجي خادم حسين کي ماني ڏنم، سڀني رفيقن جو پروگرام وڏي عمري جو مسجد جعرانه جيڪا طائف روڊ تي آهي ۽ ان عمري کي وڏو عمر چوندا آهن، ٻيو عمري لاءِ سڀئي رفيق گڏجي وياسون ۽ وڏي عمري لاءِ سڀني رفيق جو ٻيو عمرو هو، مسجد جعرانه کان احرام ٻڌي ۽ نيت ڪري نفل پڙهي بير جعرانه زيارت ۽ شهداءِ حنين قبرستان جي زيارت ڪري ۽ واپس حرم شريف اچي طواف ڪري نفل پڙهي زم زم پي صفا مروو سعي ڪري ۽ وار لهرائي ظهر نماز حرم ۾ پڙهي سون ۽ حاجي جمن چنا مليو، اتي نوڪري آهيس باب فتح وٽ ۽ جڳهه تي اچي احرام لاهي غسل ڪري ڪپڙا بدلاياسين، عصر نماز جڳهه تي آياسين ۽ ماني ڪچهري حساب ڪري آرام ڪيوسين.
    اربع 9 فيروري 2005ع مطابق 30 ذوالحج 1425هه طبيعت ناساز هئي، ڏاٺ ۾ سور ۽ بخار هو، سڀ مصروفيتون ڇڏيم، رئيس محمد اڪبر جروار سان فون تي ڳالهايم ۽ احرام جا سڀ ڪپڙا مڪتبه مڪه کان زم زم سان ڌوئي آيس، اهي سڪائي ويڙهي رکيم، ڪپڙن جو به هڪ جوڙو ڌوئي سڪايم، ڊاڪٽر حاجي الياس سان گڏجي ويس ۽ دوا ڳوريون وٺي آيس، کاڌم ڪجهه سڪون ٿيو ۽ مغرب عشاءَ حرم ۾ پڙهيم ۽ جڳهه تي ڪمري نمبر 902 ۾ ماني کائي، ڪچهري ڪري حساب چٽو ڪري ۽ آرام ڪيم، ڊاڪٽرصاحب جي شال سڪائڻ مهل ڪو کڻي ويو هو.
    خميس 10 فيبروري 2005ع مطابق 1 محرم 1425هه شريف جو چنڊ شام جو ڏٺو، خير پنجئي وقت حرم ۾ نماز طواف ڪيم، ليڪن جيڪو واقعو بيان ڪريان ٿو، منهنجي زندگي جو انتهائي يادگار رهندو، معمول مطابق فجر نماز ۽ طواف ڪري ناشتو ڪري جڳهه تي ڪمري نمبر 902 تي ڪچهري ۽ وري ظهر نماز لاءِ حرم ويس ۽ ظهر نماز پڙهي ماني وٺي جڳهه ۾ خادم حسين سان کائي ٿورو آرام ڪري گڏجي عصر نماز لاءِ حرم وياسين، نماز پڙهي ۽ حرم ۾ ويٺاسين ۽ مغرب نماز جي آذان ٿي مان، خادم حسين جروار، ڊاڪٽر حاجي الياس سريوال گڏ هئاسون ۽ حاجي محمود درس، حاجي جعفر ٻارن سميت هئا، مغرب نماز جماعت سان ٿي ۽ معمول مطابق آئون يعني راقم محمد ياسين جروار حرم ڪعبه جي حصي ۾ جنهن کي مستجار چئبو آحي، اتي مطاف ۾ ئي خانئه ڪعبه کي ويٺي ڏٺم، هاڻي حجاج ڪجهه گهٽ ٿي ويو هو، بس طواف به هليو پي ۽ ويهڻ جون جايون به هيون ۽ فوج جي وردي وارن جي پروٽوڪول ۾ اڳيان هڪ ٽولو طواف ۾ گذريو، معمول کان مختلف انداز ۾ ۽ ڏٺم توڙي خيال ڪيم ته الاجي ڪهڙي ملڪ جو بادشاهه آيو آهي، جنهن کي ايترو پروٽوڪول آهي، ان کان اڳ به گورنر ۽ وزير مڪي شريف جا ڏسي چڪو هوس، سو منهنجو سڄو خيال طواف وارن ڏانهن ٿي ويو ۽ تمام غور فڪر ويٺي ڪيم ته ڪهڙي ملڪ جو بادشاهه يا وزير آهي ۽ ٻيو ڦيرو اچي ڏٺم ته بادشاهه نه بلڪه ڪنهن ملڪ جي ڪاراڻي آهي، پوري اسلامي پردي ۽ احڪام ۾ ويتر خيال وڌي ويو، جو راڻي کان علاوه پروٽوڪول جي ڪڙي اندر راڻي کان علاوه هڪ مرد ۽ ٽي ٻار به آهن ۽ فوج جي ڪڙي جي اندر طواف ڪري رهيا آهن، ويتر منهنجا حواس ان طرف ٿيا ته ڪير آهن ۽ اٿي بيهي رهيس ۽ سامهون کان ڏسڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪيم، جيئن رڪن شامي کان ڦريا، مان گهوري ڏسي رهيو هئس، ته سڃاتم ته محترمه بينظير ڀٽو صاحبه، جناب آصف علي زرداري صاحب، بلاول ڀٽو ۽ ٻه ڇوڪريون هيون، منهنجي خوشي جي انتها هئي، عقل سلامت هو ۽ ساڻن گڏ طواف جو ارادو ڪري ۽ گڏ هلندو آيس، رڪن حجرا سود پهچي نفلي طواف جي نيت ڪري بس طواف ساڻن گڏ شروع ٿي ويس، فوج جي ڪڙي جي ٻاهران گڏ ڦريم ۽ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي هر ادا تي نظر رکيم، بس الله پاڪ جي پورين نعمتن سان مالامال هڪ اسلامي عورت احرام جي پورين پابندين تحت سندس وقار هو، جيئن ته سندن چوٿون چڪر طواف جو هو ۽ منهنجو پهريون چڪر طواف جو هو، ائين محترمه بينظير ڀٽو صاحب ۽ ڀاتين جو طواف مونکان پهرين چڪر ۾ پورا ٿيا ۽ مقام ابراهيم تي طواف عمري جا نفل پڙهيائون، فوج جو پروٽوڪول ڪڙو چڙهيل هو ۽ نفل ادا ڪرڻ بعد ساڳئي پروٽوڪول ۾ فوج کين صفا طرف وٺي ويا ۽ مان رهيل چڪر طواف جا پورا ڪري نفل پڙهيم، بس ڇا لکان، مون وٽ اهي اکر نه آهن، جيڪي لکان ۽ جيئن پروٽوڪول وارا وٺي ٿي آيا هئا ۽ ائين ئي وٺي ويا، پوري اسلامي وقار سان هئي، جنهن کي اسلام آهي، اهيو مون هن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ۾ ڏٺو، منهنجي خوشي جي حد نه هئي، محترمه بيظير ڀٽو صاحبه سادي سنڌي ڪپڙن جو اسلامي وقار مٿان احرام ڇا چئجي وري سندس هلڻ به اسلامي وقار جي شايانه شان ۽ نفل پڙهڻ لاءِ به پوري اسلامي احڪام جي پابندي، سجدو ڪرڻ ۽ اتحياط ۾ ويهڻ جو پورو پورو حق ادا ٿي ڪيائين، ڇا لکان، بس واحد جي ڪا ڏات مليل هوس، اسلام جي پابندي جو پاڻ پهرين تاريخ ماهه محرم شريف جي ۽ رات جمع اسلامي چنڊ جو ڪلينڊر هجري سال 1426هجري جو پهريون ڏينهن انهي مان به سندس اسلام لاءِ محبت ۽ چاهه جو اندازو ڪريو ته پاڻ کي ڪيتري محبت اسلام سان آهي.
    مون راقم محمد ياسين ولد حاجي محمد پريل خان جروار نفلي طواف جا ست چڪر پورا ڪري ٻه رڪعتون نفل طواف جون مقام ابراهيم تي ادا ڪيم ۽ زم زم جو پاڻي پي ۽ الاجي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويس، خانه ڪعبه ۾ رڪن عراق تي ويهي رهيس ته عشاءَ جي آذان ٿي ۽ سنتون پڙهيم، جماعت سان نماز ادا ڪري روزمره وانگي ماني وٺي جڳهه طريق ابراهيم خليل هوٽل جنته السفير آيس، مونکي پنڌ ئي ٻيو پيو لڳي، خوشي جي حد ڪانه هئي، جو مان پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنيادي ڪارڪن آهيان، پنهنجي پارٽي چيئرپرسن سان گڏ طواف ڪيو اٿم، خوشي خوشي ڪمري 902 ۾ رفيقن وٽ ماني کائي، مٿيون سڄو واقعو محترمه بينظير ڀٽو صاحب ۽ محترم آصف علي زرداري صاحب توڙي ٻارن جو عمرو شريف خانه ڪعبه جو طواف ٻڌايم، مون کان پڇڻ لڳا ته ڪهڙي وقت مون کين مغرب نماز بعد ۽ عشاءَ آذان کان پهرين ٻڌايو، چيائون اسان به حرم هئاسون، اسان ڪونه ڏٺو تون پ پ جو ڪارڪن آهين، سو توکي هر شي ڳالهه ائين نظر ٿي اچي، مان مڙئي ڪجهه مايوس ٿيس ۽ لکا ڪانه وڌم ۽ سوچن ۾ پئجي ويس ته همراهن منهنجي رفيقن ته ڪونه ڏٺو، ليڪن مون ته عملي طرح ڏٺو، بس ماني کاڌي سين روزانه جو حساب منهنجو ۽ حاجي خادم حسين جو نقد تي ٿيو، مناسب ڪچهري ڪري ٻين موضوعن تي ۽ رات جو پنهنجي ڪمري نمبر 904 تي سمهي رهيس.
    جمع ڏينهن فجر آذان سان حرم شريف ۾ وڃي جماعت سان نماز پڙهيم، ناشتو ڪري خادم حسين جو پراٺو وٺي اڳيان ٿيس ته مسفله به جوار ۾ سامهون بڪاله رضا تي اخبار تي نظر پئي ۽ اخبار عربي هئي، سوچيم ته ڳالهه راتوڪي بينظير صاحب جي عمري واري هوندي سو اخبار عربي واري خريد ڪري، گڏ آيس جڳهه جنته السفير روم 902 ۾، منهنجي رفيقن کي اخبار ڏنم ته ڏسو رات وار ڳالهه لکي پيئي آهي ۽ ڏسي منهنجا رفيق به خوش ٿيا، ڇو جو رات اعتبار نٿي ڪيائون، هاڻي کين اعتبار ٿيو.
    عجب اتفاق هو، رات جو واقعو مٿي بيان ڪري آيو آهيان ۽ مان پنهنجي سفر لاءِ مڪي شريف رهيل آهيان، اڃان چاليهن ئي نماز لاءِ مدينه وينداسين، ليڪن هتي ٽنڊوالهيار ۾ ڏينهن جو پ پ جو هڪ اهم اجلاس عهدا چونڊجڻ جي سلسلي هو، اها تاريخ 11 فيبروري 2005ع ڏينهن جمع هو ۽ هتي منهنجو ڪو به پرو پوزل نه هو، بچاڻي هائوس ٽنڊوالهيار تي اجلاس ۾ ڪنهن جوان منهنجو نالو کنيو ۽ منهنجي لاءِ سينيئر نائب صدر پ پ تعلقه ٽنڊوالهيار جو عهدو ڏنو ويو، اهيا منهنجي پ پ سان سچائي جو ثمر هو، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز پ پ ۾ آهي.
    جمع 11 فيبروري 2005ع مطابق 2 محرم شريف 1425هه جمع جو صبح فجر آذان سان حاجي خادم حسين ۽ ڊاڪٽر حاجي الياس سميت حرم ۾ پهچي فجر نماز ادا ڪري طواف ڪري ناشتو ڪري ۽ پاڻي زم زم ڪين ڀري جڳهه تي اچي غسل ڪري سٺا ڪپڙا پائي ۽ جمع نماز لاءِ فل تيار ٿياسين ۽ اڄ بعد نماز جمع اسان جو سفر مدينه طيبه جو به اعلان معلم طرفان ٿي چڪو آهي، ان لاءِ سامان به سميٽي ڇڏيو سون، جمع جي آذان کان پهرين ئي وڃي طواف ڪيوسون ۽ آذان تي سنتون پڙهي خطبو ٻڌي سو امام صاحب جو ممبر تمام سٺو ٺهيل ويلن تي هو، ان کي مقام ابراهيم جي ڀر ۾ رکيائون ۽ امام صاحب ان تي مٿي ويهي خطبو ڏنو، ممبر ڪاٺي جو ٺهيل قبي نما محراب جهڙو تمام نفيس ۽ عجيب آهي، ڏسڻ ۽ زيارت جهڙو آهي، خير جمع نماز جماعت سان پڙهي ۽ مدينه طيبه جي سفر جي پوري تياري مڪمل هئي، ان ڪري جمع نماز بعد طواف وداع ڪري هنجون هاريندا، پنهنجي جڳهه جنت السفير طريقي ابراهيم خليل آياسين ۽ ماني کاڌي ن جهڙي، بسون آيون هاڻي مڪي شريف ۾ حجاج تمام گهٽ ٿي ويو آهي، بسون هوٽل جي در تي روڊ ابراهيم خليل تي بيٺون سامان مٿان کان لفٽن تي لاهي هوٽل وارن کان موڪلائي ۽ بسن ۾ سوار ٿياسين، ٽائيم 2 لڳي 15 منٽ ڏينهن جا ٿيا هئا، معلم جي طرفان هڪ مولوي آيو بس ۾ سامهون بيٺو ٻڪ کڻي ۽ درد مان ڪنهن به ڪوتاهي سفر ۾ ٿي هجي، ان جي معافي ڏاڍي درد مان گهريائين ۽ چيائين ته حجاج ڪرام جي گهڻائي سبب متان ڪا ڪوتاهي ٿي هجي، ته حاجي معاف ڪجو، مڪي شريف جي وڇوڙي جي درد ڀريل دعا گهريائين ۽ اسان ٻڪ کڻي آمين ڪندا رهياسين، هڪ پيرين نه پيو باقي هر دعا ۽ ڳالهه ۾ روئاڙي ڇڏيائين، الله سائين شل اهي لڙڪ قبول ڪري آمين، 3 وڳي بسون هلڻ لڳيون مڪي شريف کي ڏکايل اکين ڏسندا ۽ خانه ڪعبه تي آخري نظر حسرت ڀريل وجهي توحيد شاهي ۽ اتان کان طريق هجره تي بس هلڻ لڳي، مڪي شريف جي جبلن جا نظارا ڏسندا ۽ المدينه المنور ڏانهن سفر ڪندا آياسين، وچين ۽ مغرب رستي ۾ پڙهيو سين ۽ عشاءَ به مديني شريف کان ٻاهر ناڪي تي پڙهي سون، رات جو 10 وڳي هوٽل تي سامان سميت لاهي ويا ۽ اسان کي ڪمرن ۾ سيٽ ڪيائون ۽ اهو رات جا 3 وڳي تائين ڌڪ ڌڪان هئي، ڪمرا وڏا 6 بيڊن جا هئا، هڪ ۾ اسين مرد ۽ ٻئي ۾ عورتون، منهنجي رفيقن ۾ سڀ نوان هئا، منهنجو ۽ فقير حاجي اقبال جو ٻيو سفر هو، واقف هئاسين.
    ڇنڇر تاريخ 12 فيبروري 2005ع مطابق 3 محرم 1425هه هجري صبح فجر آذان کان پهرين غسل ڪري ڪپڙا بدلائي وضو ڪري خوشبوءَ لڳائي، سڀني رفيقن کي گڏ وٺي، مان، ڊاڪٽر حاجي الياس، حاجي خادم حسين، حاجي جعفر، حاجي محمود، امان حاجاڻي، مامي حاجاڻي، چاچي حاجاڻي، پڦي حاجاڻي، باب فهد تي سمجهائي عورتون باب عثمان بن عفان کان ۽ اسين مرد باب فهد کان داخل ٿياسين، جماعت سان فجر نماز ادا ڪري سلام شريف پڙهي ۽ باب بقيع مان نڪري جنته البقه جي زيارت ڪري ختمون شريف پڙهي، جڳهه تي اچي ناشتو ڪري سمهي رهياسين ۽ ظهر نماز حرم شريف ۾ ادا ڪري، حاجي مدني پراڻو بازار حرم شريف کان اوڀر طرف سوق انصار کان پٺيان دوڪان نالو عطاءُ الله سعاتي حاجي مدني سان ملي، کيس هوٽل جو وزيٽر ڪارڊ ڏيئي، مسجد ابو ذرغفار کان پارڪ چوڪ ۾ قلعه جو ماڊل ڏٺو سون، جڳهه تي پهچي ماني کائي ۽ حاجي محمد علي جروار آيو، شام تائين ڪچهري ڪيائين ۽ عصر نما لاءِ حرم ۾ جماعت سان نماز پڙهي ۽ مغرب نماز به حرم ۾ پڙهي سون، عشاءَ لاءِ حرم جماعت سان نماز پڙهي، ماني لاءِ حاجي محمد علي جروار جو دوست نسيم لاشاري چيو هو، ان سان هوٽل ۾ ماني کائي، جڳهه تي آياسون، ادا حاجن جروار سان ڪچهري کان پوءِ ستاسين.
    جيئن ته هاڻي ڏينهن باقي رهيا هئا، ان ڪري سودا گيري به ڪندا اچون ۽ مانيون به واري سان دوست ڀائرن جون کائيندا اچون.
    آچر تاريخ 13 فيبروري 2005ع مطابق 4 محرم 1425هه آذان کان پهرين غسل ڪري وضو ڪري جڳهه کان آذان تي حرم شريف پهچي ۽ نماز جماعت سان ادا ڪري سلام پڙهي جڳهه تي اچي سڀني رفيقن جي صلاح سان گاڏي ڪري ۽ مديني شريف جي زيارت لاءِ روانا ٿياسين، فيبروري جي موسم ٿڌي هئي، 7 لڳي 30 منٽن تي بس زيارتن لاءِ سفر شروع ڪيو، طريق ستين تان سڌو جبل اُحد سيد الشهداءِ سينا حضرت امير حمزه رضه ۽ ٻيا اصحاب رضه جنگ احد جاءِ اتي ئي مان ۽ حاجي خادم حسين جبل روماني چڙهي وياسون ۽ زيارت ڪئي سون، جيڪو زيارت احد سان لڳ آهي، ان کي جبل روما چون ٿا ۽ وادي رومان به گڏ آهي ۽ ڪجهه ٻوٽين جي خريداري پڻ رفيقن ڪئي ۽ ان کان پوءِ بس ۾ سوار ٿي مسجد قبليتن جنگ خندق واري ميدان اتي وڏي مسجد تعمير ڪئي اٿن، مسجد جمع اول مدينه يا مسجد قبا، بير غرث ۽ ٻيون زيارتون ڪرائي ظهر نماز کان پهرين جڳهه تي ڇڏي ويا مون راقم ٻه سيڊيون خريد ڪيون، زيارتن دوران جن ۾ تاريخ سمايل آهي، مڪي شريف ۽ مدينه طيبه جي ۽ بعد ۾ ظهر، عصر، مغرب، عشاءَ نمازون حرم ۾ ادا ڪيوسون، رات جي ماني هوٽل تي حاجي محمد علي جروار کارائي ۽ هڪ ڏينهن لاءِ موڪلائي ويو هليو ۽ اسان ڪچهري ڪري ڪمري ۾ سڀ رفيق پنهنجي پنهنجي پلنگ بيڊ تي آرامي ٿيا آهيون.
    سومر تاريخ 14 فيبروري 2005ع مطابق 5 محرم 1425 هجري فجر آذان سان حرم پهچي نماز ادا ڪري سلام پڙهي جڳهه تي آياسين، ادا حاجن جروار ناشتو تيار کڻي هوٽل تي اسان جي ڪمري ۾ سڀني کي کارائي واپس برتن کڻي ويو، مان، حاجي خادم حسين، ڊاڪٽر الياس اسان حاجي مدني جي دڪان عطاءَ الله سعاتي خريداري لاءِ وياسون، حاجي الياس ريٽ پڇي ڪابه خريداري نه ڪئي، مون راجا محمد پريل خان لاءِ هڪ وڊيو گيم ۽ ڪجهه گهر لاءِ گهڙيون خريد ڪيون، جڳهه تي رکي سامان ۽ ظهر نماز لاءِ حرم شريف ۾ عصر ۽ مغرب نماز پڙهي پروگرام مطابق حاجي مدني جي دڪان تي حاجي محمد خان پتافي جي ماني کائڻ وياسون، سامهون هوٽل ۾ ماني کارايائين ۽ رات جو جڳهه تي اچي رفيقن سان ملي، ڪچهري ڪري آرامي ٿياسين.
    اڱارو تاريخ 15 فيبروري 2005ع مطابق 6 محرم 1425هه رفيق سميت فجر حرم شريف ۾ جماعت سان پڙهي حاجي درياءَ خان لنڊ جو انتظار ڪيم، حرم ۾ عبادت نفلي توڙي حرم جي زيارتن ۾ هئس، يڪو ظهر نماز به اتي پڙهيم، حاجي دريا خان لنڊ ۽ مولوي حاجي مڪي ورياهه جڳهه تي اچي ماني جو پروگرام رکي ويا، راقم محمد ياسين جروار، ڊاڪٽر حاجي الياس، ادا حاجن جروار آيو، ان سان جعفر رند جي ڪار ۾ حاجن جروار جي جاءِ تي فارم وياسين، ماني کائي ۽ واپس جعفر رند جي ڪار جڳهه تي پهچائي ڇڏيو، عصر، مغرب ۽ عشاءَ حرم ۾ جماعت سان نماز ادا ڪئي سون، رات جي ماني حاجي محمد علي جروار، حاجي درياءَ خان لنڊ، مختيار جروار، حاجي مڪي ورياهه ۽ اسان گڏجي کاڌي، جڳهه تي اچي ڪچهري ڪئي سين، ڪجهه ڪتل به خريد ڪئي ۽ پوءِ سمهي رهياسين.
    اربع تاريخ 16 فيبروري 2005ع مطابق 7 محرم 1425هه فجر نماز ۽ سلام حرم شريف ۾ ادا ڪري جڳهه تي آياسين، حاجي مدني، حاجي مدني، حاجي محمود وٽ آيو، ان کان پوءِ حاجي مڪي ورياهه به آيو، ڪچهري ڪري ويو.
    ادا حاجي محمد علي آيو ڪار ۾ سلطان رند سان گڏ، محمد ياسين، ڊاڪٽر حاجي الياس، خادم حسين جروار کي وٺي سندس حاجي محمد علي فارم جڳهه تي ماني کارائي، سلطان رند ڪار ۾ واپس جڳهه تي ڇڏي ويو، نمازون سڀ حرم ۾ پڙهيوسين ۽ سلام به پڙهياسين، سج لٿي کان بعد حاجي محمد علي جروار ۽ ادا مختيار جروار آيا، مونکي بازار وٺي ويا، هڪ ڪئميرا جپاني يا شيڪا وٺي ڏنائون ۽ حجام جي دڪان تان ڏاڙهي وار سڌا ڪرائي آياسون، حجام مالش ڏاڍي سُٺي ڪيائون ۽ ادا حاجي محمد علي، مختيار موڪلائي مون کان روانا ٿيا ۽ اڄ حاجي درياءَ خان لنڊ به موڪلائي پاڪستان روانو ٿي ويو آهي.
    خميس تاريخ 17 فيبروري 2005ع مطابق 8 محرم 1425هه فجر نماز حرم ۾ پڙهي سلام پڙهي ۽ ناشتو ڪري جڳهه تي آياسين، اڄ منجهد جي ماني حاجي شاهنواز لنڊ ڪئي، حاجي محمود لنڊ سان گڏجي ماني کڻي آيو، مولوي حاجي مڪي ورياهه ۽ اسان سڀني گڏجي ماني کاڌي، حاجي شاهنواز لنڊ، حاجي خادم حسين جو دوست آهي ۽ سندس ڳوٺ جو آهي ۽ مولوي حاجي مڪي کي ڪيسٽون ٽيپ رڪارڊ جون چيڪ ڪرڻ لاءِ ڏنم ته انهن ۾ چيڪ ڪري ڏي ته آذان الحرم عصام بخاري جي آواز ۾ آذان آهي يا نه، شام واپس ڏنائين، انهن ۾ عصام بخاري نه آهي، ظهر، عصر، مغرب ۽ عشاءَ نمازون حرم شريف ۾ ادا ڪيون سون ۽ رستي مان ايندي ويندي ڪجهه خريداري به ڪئي سون، حاجي محمود لنڊ مائي سان عربي ۾ ڳالهايو، منڊيون خريد ڪري تحفو ڏنو، عصر نماز بعد جنته البقيه قبرستان وياسون، راقم کي نقشو مليل هو، جيڪو گڏ هو، ضروري زيارتن لاءِ حاجي الياس، حاجي خادم حسين گڏ هئا ۽ رات جي ماني محمد ياسين ۽ حاجي خادم حسين جي حاجي مدني ڪئي هئي، وٽس دوڪان تي وياسون، سامهين هوٽل تي ماني کارايائين، ماني کان پوءِ گهمندا امام بخاري مسجد واري روڊ سان جڳهه تي آياسون، ڪجهه سامانن کي درست ڪيو سون، خريداري جي لسٽ چيڪ ڪري ڪچهري ڪري ۽ آرامي ٿياسين، ڊاڪٽر صاحب جو مائٽ پي آئي اي وارو آيو ۽ مليو پاڻ حج ڊيوٽي ۾ آيل آهي.
    جمع تاريخ 18 فيبروري 2005ع مطابق 9 محرم 1425هه صبح فجر نماز ۽ سلام حرم پڙهي جڳهه تي ناشتو ڪيوسون ۽ ادا حاجن جروار آيو، هڪ ڪمبل، هڪ ريڊيو، ٽيپ رڪارڊ، ڪتل ۽ ٻيو ڪجهه سامان سوکڙي ڪري ڏنو ۽ ماني به سڀني جي منجهند جي چئي ويو، غسل ڪري ڪپڙا مٽائي ۽ جمع نماز لاءِ حرم شريف پهچي وياسين، جماعت سان نماز ادا ڪري باب فهد کان باب عثمان بن عفان جي وچ ۾ درميان ۾ ادا حاجن وڏو ڊگهو سفرو لڳائي، ماني لڳائي، ماني ۾ ٻوڙ ڪڪڙ، سائي ڀاڄي، انب ۽ ٻيو به سڀ ڪجهه هو، محمد ياسين، حاجي الياس، حاجي خادم حسين، حاجي عبدالغني ميمڻ (ٽنڊوالهيار)، حاجي غفار ميمڻ، حاجي جعفر رند ۽ ٻيا دوست حاجن جا جيڪي حج تي آيل هئا ۽ ٻيا لوڪل به پاڻ ۾ هئا، اندازن 40 کان وڌيڪ يڪا گڏجي ماني کاڌي سون، گلاب رڏ به هو ۽ بعد ڪجهه سودو وٺي، جڳهه تي ڇڏي ۽ واپس عصر نماز ۽ بعد ۾ مغرب نماز ۽ عشاءَ نماز حرم ۾ ادا ڪري، حاجي مدني کان ماني جيڪا پهريان ايندي هئي وٺي جاءِ تي آياسين، حاجن مصلو، تسبيحون پڻ ڏنيون ۽ رات جو سامان جي سفر لاءِ سيٽنگ ڪيم.
    ڇنڇر تاريخ 19 فيبروري 2005ع مطابق 10 محرم 1425هه فجر نماز لاءِ غسل ڪري وضو ڪري گڏجي حرم شريف وياسين، جڳهه تي ناشتو ڪري سڀني سامان درست ڪيا ۽ مولوي مڪي ورياهه آيو، ڪار ڪاهي، ماني لاءِ وٺڻ ويو، پاڻ اسان کي زيارتون ڪرايائين، جن ۾ نبي سائين جي ڏاچي جا پير، باغ ۾ اندر ٽيوب ويل نالي سان لڳ هئا، باغ حضرت سلمان فارسي رضه جو هن وقت مدرسو ۽ ميدان آهي، نبي صه کوهه ۾ ڪري اهو کوهه حضرت زين العابدين جو کوهه مٿس وڏو گارڊ رکيل هو، بير علي اتي 5 کوهه آهن، ديوار ۾ اندر بند آهن، دروازو شيخن سان هو، ان مان زيارت ڪئي سون، موجود مسجد بير علي جنهن جاءِ کي ذوحليفه پڻ چوندا آهن، اسان جي اسرار تي اسان کي جبل عير ڏيکاريائين، جنهن کي نبي صه بد دعا ڪئي هئي، مسجد قبا ۾ اسان کي عمري جي نيت جا نفل پڙهائي، سندس گهرايو ۽ ننڍڙي امان ساران سندس ڌيءَ کي به گڏ وٺي هليو هو، ماني به ٻهر هڪ وڏي روڊ تي سٽي هوٽل ۾ پايا ۽ گرم ماني جيڪا وسري نٿي کارايائين ۽ اسان کي 12 وڳي ڇڏي ويو، ظهر عصر، مغرب، عشاءَ سڀ نمازون حرم ۾ پڙهيون سون، عصر کان بعد جنته البقيه جي زيارت ڪئي سون، عشاءَ کان بعد رياض الجنت ۾ به نفل پڙهي ڍو ڪيوسون، حاجي الياس، حاجي خادم حسين ۽ مان گڏ هئاسين، حاجي الياس سڄي عبادت سلام اصحاب صفئه وارو دڪو ۽ ٻيو جيڪي حرم ۾ آهي، سڀ زيارتون ڊاڪٽر صاحب سان گڏ ڪري دير سان حاجي مدني جي دوڪان تان ٻاهر بٺي واري ماني کڻي جڳهه تي آياسين، ماني کائي سامان سميٽي پيڪ ڪري حڪم مطابق هيٺ کڻي آياسون، جو واپسي سفر لاءِ بسون تيار هيون، بس انتظار ۽ تڪڙو وٺ وٺان هئي، سامان بس ۾ لوڊ ٿيو، اسان جي ڪوچ وانگي ۽ رات 3 وڳي بسن سفر شروع ڪيو، جده لاءِ رات جو سفر هو، حاجي خادم حسين مونکي شوڪت علي لاءِ هڪ ڪمبل ڊبل بيڊ جو تحفو ڏنو.
    آچر تاريخ 20 فيبروري 2005ع مطابق 11 محرم 1425هه بس ۾ سفر ڪري رات 3 وڳي کان فجر نماز مدينه طيبه کان 150 ڪلوميٽر جده ويندڙ روڊ جيڪو مون سمجهيو ته طريق هجره آهي، ان تي پڙهائي ۽ سفر جاري ڪيائون ۽ صبح جو 11 وڳي جده حج ٽرمينل تي پهچائي واپس ويا، اسان جي فلائيٽ ٽرمينل 11 تي هئي، سامان سڀ آن لائن ۾ پاڻي سميت سيٽ ڪري سڀني رفيقن جا سامان پاڻي هرهڪ سنڀالي، چين بيلٽ پاس ڪرائي ۽ غسل ڪري ڪپڙا بدلائي تيار ٿي انتظار ۾ رهياسين ۽ هوائي جهاز واپسي جون ٽڪيٽون اوڪي ٿيون، بورڊنگ وغيره ٿي، 11 نمبر جي لين ۾ مايون پهرين ڪيوسين ۽ مرد پٺيان سوار ٿياسين، سامان جي طور وقت مڙئي حاجين کي شيطان ڪجهه ٿيو، پر سڀني جو سامان پاس ٿي ويو، منهنجي هيڊ بيگ ۾ الاهي وزن هو سو مون تي ڪرايو 50 ريال لڳو، ساڳئي طريقي ڊاڪٽر حاجي الياس تي به هيڊ بيگ جي ون جو ڪرايو لڳو 50 ريال ۽ حاجي خادم علي کان پئسا وٺي ۽ رسيد يڪي 100 ريال جي منهنجي نالي ڪٽيائون، مون وٽ 50 ريال هئا، باقي ڊاڪٽر صاحب وٽ ڪونه هئا سو خادم حسين کان ورتم ڊاڪٽر حاجي الياس صاحب جو مائٽ جيڪو حج ڊيوٽي ۾ پي آئي اي ۾ آفيسر آيل هو، ان جي خصوصي مهرباني سان اسان ٽن ڄڻن حاجي محمد الياس سريوال، حاجي خادم حسين جروار ۽ محمد ياسين جروار جون سيٽون هوائي جهاز ۾ مٿي ڪيبن ۾ مليون، 4 ٻيا مسافر مٿي ڪيبن ۾ هئا ۽ ڪجهه سيٽون ڪيبن ۾ خالي هيون، پائلٽ ڏسندا آياسين ته ڪيئن پيا جهاز هلائين، دروازو کليل هو، جده کان روانگي جو ٽائيم ڪونه ڏٺم ۽ سفر ڪري ڪراچي حج ٽرمينل تي رات 12 وڳي لٿو، ضروري ڪاغذي ڪارروائي کان پوءِ سامان سڀنالي رات جو 3 وڳي ٻاهر اچي مائٽن، دوستن، ادا محمد امين جروار، منير احمد جوکيو، حاجي اسحاق ۽ ٻيا مليا، سامان بس ۾ رکي ڳوٺ ڏانهن راهي ٿياسين، ڪجهه سيءَ بس ۾ لڳو ۽ ڪمبل اوڙهي ويٺس، انگريزي تاريخ 21 فيبروري 2005ع ٿي ويئي آهي، ڳوٺ جو سفر جاري آهي، خير جا صبح فجر ٽائيم کان پوءِ 21 فيبروري 2005ع بروز سومر صبح 7 وڳي حاجي غلام حيدر اوطاق وٽ بس بيٺي ۽ مان لهي سڌو مسجد مدينه مسجد ڳوٺ حاجي الهه بخش جروار ۾ نماز پڙهي ۽ گهر آيس، مدينه منور واري جاءِ بس اڏي جي نزديڪ هئي، ڀر ۾ راولپنڊي هوٽل هئي، اسان جي هوٽل جو وزٽ ڪارڊ حاجي مدني کي ڏيئي ڇڏيم ۽ مون هوٽل جي نالي تي غور ڪونه ڪيو، ڊائري ۾ تاريخ احوال بروقت لکندو ويس، جڏهن فيئر ڪيم ته هوٽل جو نالو نه مليو، ادا محمد امين جروار ڪراچي، منير احمد جوکيو ڪراچي ۽ حاجي اسحاق جروار ڪراچي، ڪراچي پورٽ ۾ وڃڻ ۽ اچڻ وقت گڏ هئا، سندن نوازشون.
    ڊاڪٽر حاجي الياس سفر ڊائري جي فرمائش ڪئي ۽ ڳوٺ اچي هن ڪتاب جي فيئر مهل کيس چمبڙن ڪلينڪ تي موڪلي ڏنم.


    لوڪ بيت

    سگهڙ / شاعر: علي محمد “علڻ” جروار سهيڙيندڙ: محمد ياسين جروار

    قِصو ڪُوڙي ڍڳي ۽ جمعي جروار جو

    بيت بابت وضاحت: جمع جروار ميهاڻي پنهنجي وقت جو تمام وڏو دلير، ڏاڍو مڙس ۽ ڳوٺ الهبخش جروار جو هو، اهيا پراڻي واهن جي ڳالهه آهي، جڏهن 6 مهينا واهن ۾ پاڻي ايندو هو ۽ 6 مهينا بند هوندو هو، جڏهن درياءَ چاڙهه ۾ نه ايندو هو ته کوهن تي گذاريو ڪبو هو، سو مال جانور ويچارا به پاڻي لاءِ ڪنهن وسندل کوهه جي اوڙي تان پاڻي پيئندا هئا، جيڪي خيرات طور استعمال ٿيندا هئا، پوءِ رول وهٽ به پاڻي جي آسري اچي کوهه تي گڏ ٿيندا هئا، اتفاق سان خدا داد جروار ملون ڳوٺ صاحب خان جروار واري جو هڪ ڪوڙو ڍڳو به وِهڪ جي آسري ۾ بيهي رهيو ته جمع جروار به سندس اٺ ڪاهي آيو ته پاڻي پياري اچان، اتفاق سان پاڻي ته اوڙي ۾ به نه هو ۽ جمع جروار ڀانيو ته هي خدا داد ميلن جو جيڪو ڍڳو بيٺو آهي، اهيو کوهه ۾ ٻڌي ۽ اٺن کي پاڻي پياريان، جيڪي همراهه کوهه تي ويٺا هئا، انهن سڀني جمع کي چيو ته اهيو ڍڳو ڪوڙو آهي، ڪونه وهندو، ليڪن جمع پنهنجي مغروري سبب ضد ڪري بيٺو ته اهيو ڪوڙو ڍڳو ضرور وهائيندس، پوءِ ته جهل جهلان جي باوجود به جمع ضد نه ڇڏيو ۽ لنڊي ڍڳي کي ڪاهي کڻي کوهه جي پڙ تي چاڙهيو، ٻڌائين ڪاهي هلين وسيلن جي به ڍڳو نه هليو آخر جمع ڏاڍا ڏنڊا هنيس نيٺ ڪوڙو ڍڳو کوهه جي پڙي ۾ ڪري پيو، سڀئي همراهه جمع جي بي پرواهي تي کليا ۽ جمع ضد ڇڏيو ۽ خدا داد جروار جو ڪوڙو ڍڳو کولي ڇڏيائين، اتفاق خدا داد وارا غريب هوندا هئا ۽ سندن باغ وغيره نه هئا، ليڪن علي محمد “علڻ” جروار جي بيت کان بعد اهي باغ ۽ ٻنيون سڀ ٿيون؟ خدا داد وارن وٽ هاڻي باقي کجين جا ڪجهه وڻ بچيا، رهي نالو الله جو.

    سارهايان سچو ڌڻي سائين رب ستار
    اڳي اسان تي احسان ڪيا ڏيهه ڌڻي ڏاتار
    ته ٺاهي ڪوڙ جو سو قصو تاريخي ڪيوسين تيار
    ته لنڊو ڍڳو هن لوڪ ۾ جنهن جي حاق سڄي ٿي هيڪار
    پر مڙد وڏي مغر سان هو جمع سو جروار
    هي اچي اٽڪيا پاڻ ۾ ۽ نر ٿيا نروار
    خانن اچي ڪيو هو کوهه تي ڪو کيٽو کلل دار
    هو ڀي سونٽو کڻي سمبري آيو جمع سو جروار
    پوءِ ٿيو هو لنڊي سان لاچار جو حد ڏٺائين هن جي
    حد ڏسي هن جي مڳ کاڌو موڙو
    سائو سمڀري بيٺو ۽ پڇ ڪري ڏوڙو
    جانچي تنهن جروار کي اچي پيو سورهيه کي سوڙهو
    چيئين ير جمع توسان جوڙوائون موٽي ڪندس ميدان تي
    جمع چيس جي ادا موٽي ڪندين ميندا تي ته
    ڇڏيندوسئين سورهيه سمجهائي ساوا
    تو جهڙا گانڊو گس ۾ مون ڇڏيا رندن ۾ رلائي
    آئون سونٽو هڻندوسين سڱن ۾ ٻيو بانٺو بنائي
    چم ته تنهنجي چيلهه جو آئون ڇڏيا ها لٺين سان لاهي
    پر مونکي آهي خيال خليفي خدا داد جو جو مڙد موچارو آهي
    لنڊا توکي لڄ نه آهي مون توکي هٿ وڌو هو هجت ڪري
    چيئين ادا هٿ وڌو هوئي هجت ڪري اهي ٻٿ اٿئي ٻيا
    پر دڙڪن ۽ دهمانن تي اٿئي ڀاڙي ڀڄايا
    گابا وٺي گس مان اٿئي وير به وهايا
    اڄ منهن پيو آهين مڙد جي هاڻي سورهيه ٿي سڌا
    پوءِ جمع توسان جدا آئون ڪندس مقابلو ميدان تي
    چيئين ادا ڪندين مقابلو ميدان تي آئون به جمن آهيان جوان
    مرد اڳيئي وڏي مگر سان آهيان سورهيه جوان سڄاڻ
    پر تو جهڙا گسن ۾ مون ڪٽي ڪيا قتلام
    پر مونتي آهي مهرباني مالڪ جي ٻيو مونکي الله ڏنو آهي ايمان
    هاڻي بگا ٿئين بي ايمان جو مان نه ڏنئي مڙد کي
    چيئين ادا مان ڏجن مڙدن کي جي آهي سورهيه سوڀارا
    سي تي مڙد ميدان ۾ اچيو اڏين اوتارا
    مانيون ٿا کارائين مڙدن کي هو نرهنيو نارا
    تون ٻٿ لڪو وتين ٻوڙن ۾ ۽ وٺيو ڪپون ڪنارا
    وڙهين پيو واٽوهڙن سان تون جمع جانگيارا
    مونکي به وٺي آئين وقوف سان ڪري منتون موچارا
    ته تون نر هلي وهه هن نار ۾ آهن منهنجا اٺ به اُڃارا
    اکيون ٻڌي اٽڪل سان پوءِ ڪياهوئي ويساهن جا وارا
    هاڻي پري ٿي پيارا ته اسان کُپي ويهون ٿا کوهه تي
    جي کُپي ويهيدين کوهه تي ته آئون ساوا لهندوسين سار
    آئون هڪل ڪندس همراهن کي تنهن مهل هليا ايندا هزار
    هو ڏيندئي باهه بانٺن جي پوءِ لنڊا ٿيندئي لاچار
    ماڻهو کلندئي ملڪ جا پوءِ ٿيندين خلق ۾ خوار
    هاڻي پاڻي اٿي پيار تون اشراف منهنجي اٺن کي
    چيئين ادا آئون اشراف اڳيئي آهيان مونکي ڪميڻو چوي ڪير
    تون اچيو بيهين ٿو اسان تي گرا ٻڌيو گير
    توکي ناهي خيال خدا داد جو جو ملان آهي مٿير
    موڳا تون مڙدن سان پيو واريو وجهين وير
    آئون سڱ هڻندوسين سيني ۾ پوءِ پويان پوندئي پير
    آئون لنڊ ڪڍندوسين لتن سان ۽ دم نه ڪندوسين دير
    پر مونکي آهي ويچار تنهن جي وڏن جو نه ته ڪاوڙ لاهيم ڪير
    هاڻي عاشق ڇڏ اوير کڻي ڏورڻو ڪڍ هن ڏاند جو
    جمع چيس جي ادا ڏورڻو ڪڍان ڏاند جو تون پيو ڪرين ويڻ وري
    آئون به سونٽا آڻيندس سيگهه مان هڪ ڀاڪر ٻيو ڀري
    آئون هڪل ڪندس همراهن کي تنهن مهل ويندئي وير وري
    ٻاري باهه بانٺن جي هتي ڏيندئي ڄٽ ڄري
    چٽا ڪندئي چيلهه تي ته ويندئي مند مري
    ته هرامي ڪانگ هتي جا سي ولر ڪندئي وري
    ٺونگا هڻي ٺاهه منجهان ڪندئي دنمب منجهان دري
    جوان تنهنجي جتين کان اهيا ويندئي کل کري
    اهيا توکي “علڻ” چئي ٿيندئي ڳالهه ڳري
    پر پوءِ منهنجي ساوا ڪونه سري
    جو منهنجا اٺ مرن پيا اُڃ سان
    عاشق پنهنجي اٺن کي تون پاڻي ٻي هنڌ پيار
    تن کي مهارون وجهي محبت جون تون هينئر سان هوڪار
    کڏ ڀري پئي آهي کوکرن ۾ جتي ٿا حيوان پين هزار
    جتي ڌوٻي ڌوئن ڪپڙا ٻيا هاري چاڙهين نار
    انهي هوندي اسان سان تون توڏ ڪرين تڪرار
    لڙين ٿو لنڊي سان تون ڌيان پنهنجو ڌار
    هاڻي جوڙي بيهه جروار تون هٿ ٻئي حيوان اڳيان
    چئين هٿ ٻئي حيوان اڳيان جروار بيٺو جوڙي
    لنڊا توکي لوڪ جي ير ميار نٿي موڙي
    هاڻي ساوا بيهه سمنڀري ته توکي ڇڏيان آئون ڇوڙي
    منهنجي قسمت مونسان ۽ لکيو سڀڪو لوڙي
    اهيا تو اسان تي ڇڏي آهي خواري پي کوڙي
    پر ماڻهو کلندا ملڪ جا ۽ جٺ ڪندا جوڙي
    عاشق منهنجي اُٺن کي وڌو آهي اُڃ به اُکوڙي
    آئون وٺي اچان ها وقوف سان ڪو وهڙو وڪوڙي
    ته نر ٻڌي هن نار ۾ آئون اٺ پياريان ها اوڙي
    هاڻي جمع سان جوڙي اهيا جٺ ڪئي آهي جڳ ۾
    لنڊي چيس ير جڳ جي جٺين کان تنهنجو مولا رکندو مان
    پر تون وڙهين ٿو واٽوهڙن سان ٻيو مارين ٿو مزمان
    آئون به وڙڪي آيو هوس ووهڙين پٺيان هو اتي جو انجام
    نه ته مونکي پرواهه نه آهي اوهان جي پاڻي جي اسان جا پنهنجا نار آهن نشان
    اتي اٺ وهن ٿا ادب سان هو موڳا سي مستان
    پر خان اسان جي کوهه تي آهن باغ وڏا بستان
    انب، انجير ڪيترا ٻيا توت آهن تمام
    هلي ڏس ڦر ڦاروئن ۾ ٻيا ليمان لڏن ٿا لام
    ڏاريون ڏس ڏاڙهون ئن جو جنهن ۾ گلن جا گمسان
    ڏسي زور زيتونن جو تون هيڪر ٿيندين حيران
    هُتي ڪاٺ گدرا ڪيوڙا ۽ نمون آهن نيشان
    پر سچي ڪجي سنگت ۾ ۽ بغد رکن بيمان
    انهي نار ۾ “علڻ” چئي آئون ڦيرو ڪين ڦران
    هاڻي جيڪڏهن جمع هوندي جوان ته لڙندين ڪين لنڊي ڏي.

    ***


    ٻانهيپوٽا ۽ سمان

    شاهه عبدالڪريم بُلڙي ۽ جهوڪ شريف کان پريان ابڙال وٽ ٻانهيپوٽا ۽ هتي اسان جا ديهه بڪيراڻي ۽ ستياري ديهه جا درس ۽ ٻانهيپوٽا انهن جون مائٽيون آهن، اسان جا همراهه چاچو حاجي سليمان ايندي ويندي اٺن جون مزوريون کورواهه، بٺورو، ابڙال طرف اوير سوير ٻانهيپوٽن وٽ اٺن جي قطار سميت ٽڪندا ۽ مزوريون ڪندا هئا، ڄاڻ سڃاڻ ۽ هجت هئي، ٻانهيپوٽا وري سندن عزيزن وٽ هتي خوشي غمي ايندا رهندا هئا، سو هڪ ٻئي سان سنگت هجت ٿي ويئي هئي، جيڪا اڃان تائين نڀائڻ واريون ڌريون هڪ ٻئي سان نڀايو اچن، هن پاسي ابڙال ڏي ٻانهيپوٽن جي زمين سمن هارپ تي ورتي، سال ٻه آبادي ڪري ۽ ٻانهيپوٽن سان وڙهيا ۽ ٻني قبضي ڪري ڏاڍ ڪري ويهي رهيا، ته زمين اسان جي آهي، ٻانهيپوٽا هيڻان هئا نه پهتا، راڄن ۾ دانهون ڪوڪون ڪيائون، پر سمان مڃن نه، نيٺ فيصلي لاءِ وٺي ويا، سمن مان ڪونه ڏنو، جروارن پنهنجو زور استعمال ڪري ڪيس ڪرائي، سمان جهلائي جيل حوالي ڪري ڪورٽ مان ڪيس کٽي ٻانهيپوٽن کي قبضي سميت زمين حوالي ٿي، علي محمد علڻ جروار سڄي قصي تي بيت ٺاهيو، جنهن ۾ ٻانهيپوٽن جي ڳالهه مٿي ۽ سمن جي ڳالهه هيٺ بيت ڪچهرين ۾ مشهور ٿي ويو، علڻ جي هجت سمن سان به هئي، انهن چيو ته اسان کي خوار ڪيو اٿئي ته کين راضي ڪرڻ لاءِ ٻيو بيت سمن جي اڳڀرائي ۽ ٻانهيپوٽن جي هيڻائي ٻڌائيندو، هو هاڻي انهن نالن وار سڀ گذاري ويا، بيت پيو ڳائجي، رهي نالو الله جو، باقي سڀ فنا، چاچو حاجي سليمان اٺن قطارون سان واقف ٿيو ۽ حاجي مير محمد حاجي يار محمد پوءِ ۽ راڄوڻي ڏيٺ ويٺ سنگت ٿي، هي بيت 40-1936ع جا آهن، جنهن وقت انگريز حڪومت هئي.

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان سبحاني،
    ڪامل جي قدرت جي ڪل ڪنهن ڪا ڪانهي،
    ٻڌندو عرض “علڻ” جا صاحب سلطاني،
    اِهي جوڙيل جملا جروار جا سي آهن سُٺا سُبحاني
    واري وجهه ورق وندر جا جن ۾ آهي ورڇ به روحاني
    ٿيو آهي سور سمن کي جن کان ٻانهيپوٽن ڦري آهي ٻني
    صفا تنهن صادق جي ڪيرائي ڇڏيئون ڪُني
    اسان جا آهن ڪم ڪريم تي مٿان آهي ڀيڄ ڀني
    هاڻي پيرن کان به پني ڪڍنداسين پاڙ پليتن جي
    ڪڍنداسين پاڙ پليتن جي جي وڃڻ کي ويندا
    ماري تن کي موچڙن سان جن کي ڪامورا اچي ڪڍندا
    انهن جاين ۾ جروار چئي ٻيا راهڪ اچي رهندا
    اچي پوکون پوکيندا پريت جون جن تي پيهابه پوندا
    لائي زور زمين تي اتي موتيا منهن ڏيندا
    ايندو مهينو اسو جو جنهن ۾ لاهيار اچي لڻندا
    ڪندا کوڙ کرن ۾ جتي سٿا پيا سُهندا
    ايندا سڄڻ احمد جا جي ڏسي کلي خوش ٿيندا
    دشمن هن درويش جا سدائين پيا سڙندا
    اسان جا آهن ڪم ڪريم تي سيد سهنج ڪندا
    پوءِ وير پيا وسندا اهي سدائين پٽ صاحب ڏني جا
    انهن پڊن تي احمد جا قابو هنيا سين ڪير
    جيڪي ٿيندا دشمن هن درويش جا تن کي لڳندا زورا رزنزير
    سمان ڍرندا ڍٿ ۾ جن کي بُکن ڪيو آهي بهير
    ٻانهيپوٽا اهي مرد هئا، مهمير ۽ اوهان کي پهرين سٽ هنيون پٽ ۾
    پهرين سٽ هنيو پٽ ۾ وارو ڪري وير
    هو ماٺ ۾ اوهان کي ماري ويا هنن جي پٺ ڀري آهي پير
    ٻيو ته ڪيهر شينهن ويٺو آهي ڪاپ ۾ سو مستانو مهمير
    حسن علي آهي نالو جنهن جو سو به اصلئون آهي امير
    اوهان جي پاسي آهي احمد ڪوري جيڪو آهي بڇڙو بلهزير
    اسان جا آهن ڪم ڪريم تي جيڪو سيد اڪاريندو وسير
    احمد ٿي امير اٿي جوڙائي پنهنجي جاين کي
    جوڙائي پنهنجي جاين کي ٿي سمن کي ڀي سر
    سيد توسان سچو آهي قاسم شاهه ڪپر
    سو پهرين ايندو پڙ ۾ هو ڪڏي سو ڪيهر
    پر خدا ڏنو شاهه خاشو آهي سيد سو سٻر
    ايندو پاسي احمد جي سونارو هڻي نر
    سو هٽندو ڪين هاشمي جنهن کي آهي امام جي آڌار
    ٻيو ته ملوڪ شاهه آهي مڙد سچو سراسر
    اهي سيد آهن سامايا سي گل آهن گوهر
    ٻنيون وٺي ڏيندا ٻانهيپوٽن کي جنهن جو حق آهي هيڪر
    هو ناحق گهورو ناهي هن جي پت رکندو پرور
    عالم جي انصاف جي آهي خالق کي به خبر
    هن رکيو آهي ڀروسو ڀٽائي تي پريان آهي قرارو قلندر
    پر علڻ پيو عرض ڪري آچاري کي جو آهي رستي تي رهبر
    پوءِ احمد کي آڌر آهي انهن اوليائن جي
    ۽ ٿيو آهي سور سمن کي و رونهن واڌارو
    دابود دانهون ڪري هليو هچارو
    اوهين هلو مونسان ميڙ ٿي تنهن سنگت ميڙيو سارو
    ته وٺون هن ورهاست مان پاڻ ٻانهيپوٽن کان ٻارو
    هي ڪاهي آيا احمد ڪوري وٽ ڪيائون ماني تي مارو
    ڏينهن لهي ويو لاهوتين کي صلاح ڪندي سارو
    پوءِ اٿاريئون احمد ڪوري کي تون سنگتي ڪر سڌارو
    سو سومري کي ساڻ ڪري هليو هچارو
    ڪاهي آيو ڪاپڙي وچين جو ويچار
    ڪيائون سڏ صاحب ڏني کي بيهي بوهيارو
    احمد مليو اچي انهن کي جنهن ويهي کلي کيڪاريو
    ويهاري هن وقوف سان پوءِ پڇيائين حوال هيڪارو
    ٻيلي آيا آهيون اميد ڪري تون آهين دوست دلوارو
    هاڻي کڻ احمد اسان جو آرو تون نر سڃاڻ پنهنجي نسل کي
    چياءِ ادا ڇو نه سڃاڻان نسل کي پر اوهين سما ڪريو سڌارو
    دغا رکي دل ۾ ڪيو ٿا اسان سان آرو
    آئون ذرو ڪونه ڏيندس هن زمين مان ڪو ٻني مان ٻارو
    هاڻي هلندو ڪونه حساب ۽ چلندو ڪو چارو
    هاڻي سمان سڌارو اوهان جو ڪڏهن ٿيندو ڪونه ڪو
    چيائون جي ڪڏهين ٿيندو ڪونه ڪو ته اسان جي آهي قبضي تي ڪاهه
    ڪڏهين ڇڏينداسين ڪين ڪي جوان اهيا جاءِ
    تو سو 100 رپين جو ڏنو آهي سپر وائزر کي
    ٻي ڪئي اٿئي تپيدار ساڻ صلاح
    مختيارڪار کي آهي ميرن چيو تنهن رڳي ڪئي آهي راءِ
    اسين پوک نه ڇڏينداسون پنهنجي توڙي ڪڍو ساهه جيسين نه نڪرندو ساهه
    پوک نه ڇڏيندو پنهنجي ته سمان لهندو سانو سار
    اڳي پڻ ٻٻر وڍيو هو ٻانهيپوٽن جو تنهن تان کاڌو مار
    وڃي ڪيس ڪيو هو ڪورٽ ۾ اتي توهان کي موچڙا هنيا هئا مختيارڪار
    منشين اوهان کي منهن وڌو هو ٻيو ڪٽيو هو ڪوٽار
    اتي اسان جي پاسي ڪيترا ڪي جوان آيا هئا جروار
    پر واڻيو مجهن هو هڪڙو مکي مزيدار
    ڀڳڙو ڀائي هو نالو تنهن جو جنهن جي آهي ڪامورن سان ڪار
    نڪري ويو تنهنجي نظر کان نه ڪرائي وَها قيدين واري ڪار
    ائين بچي آيو بازار ۾ اچي ڌڪا جلهيوَ ڌار
    اوهان کي ماني ملي ڪانه ڪا ۽ بک ڪيوَ بيزار
    پوءِ خان اوهان آيو خشڪي رستي ڪري پنڌ جي پچار
    اچي ڍريو ڍٽ ۾ ۽ اوهان جي سنگتين لڌي سار
    پوءِ اهيو هو هڪڙو ٻانهيپوٽي جو ٻار
    هاڻي سمان لهانوَ ها سار جي اڃان هلو ها اڳڀرا

    ***


    سمان ۽ ٻانهيپوٽا

    بيت بابت وضاحت: ٻانهيپوٽن جي سرسي ٻڌي سمان “علڻ” کي چون ته اسان تان ماڻهو نه کلاءِ اسان کي ٻڌاءِ علڻ وري نئون بيت، شعر ڪري سمن کي ٻڌايائين جنهن ۾ سمن جي سرسي ۽ ٻانهيپوٽن جي هلڪائي هئي ۽ سمان ٻڌي خوش ٿيا، ٻنهين ڌرين جي الڳ الڳ سرسي ۽ هيءَ بيت 40-1936ع انگريز حڪومت جي واري جا آهن.

    ٻني ڏني سين ٻانهيپوٽا توکي ڪري پوکن جي به پر
    پر ذري تنهن زمين جي تي اچي مچايو اٿئي مهڄر
    اسين سَوَ گهر آهيون سمن جا جنهن جي هاڪ پوي ٿي هيڪر
    ٻانهيپوٽا تون ٻُٽو آهين، تنهن جي پٺ نڪي پونير
    ايمان نه آهي احمد توکي نه ته پيٽا سُڪايان ۽ ها پگهر
    هاڻي منڊا مڙين ٿو ڪين ڪي کڻي بُکيا ٻڌو اٿئي ڀڀر
    تون ڪاهيو پوين ڪورٽن ۾ يا سڏيو اچين سکر
    سامهون ٿو ٿين سمن سان تون ڌيان پنهنجو ڌر
    جي نه ته احمد تنهنجي آر اسين سڀ ڀڃندا سون سونٽن سان
    سڀ ڀڃندا سونٽن سان وڃي سمان ڪريو سايو
    آئون به مورهان مڙندس ڪونه ڪو نڪي رکانوَ رايو
    اڳي اوهان اسان کي هو هنر سان هٽايو
    ٻڌي ڌوپو ڌاڙي جو هو وَ قاسم شاهه کي ڪُٽايو
    محمد ابراهيم شاهه مڙد آهي پر اُن کي آهي کُريڙن کٽايو
    تڙ اڃان تيار ئي نه ٿيو آهي اوهان آهي تهتا تپايو
    سپروائيزر منهنجو سنگتي آهي آئون اچان ٿو مختيارڪار به موٽايو
    پوءِ سمان سڀ سٽايو آئون ڪل هڻان يان ٿو ڪورٽ ۾
    ڪل هڻائيندين ڪورٽ ۾ پر تون بندرا ڪر بس
    سامهون ٿو ٿين سمن سان ۽ منهن ڏنو اٿئي مس
    اسين لِنڊ ڪڍنداسين لتن سان ٻيو وڏو ڪنداسين وس
    ٻانهيپوٽا انهي ٻني تان توکي لڏو کڻائينداسين لس
    ٺڪر ٺوپر پنهنجا ٺاهي کڻجئين توڙي هونئي تس
    ماٽيون ماٽورڙا پنهنجا ميڙي کڻجئين متان لائين ڪنڀارن کي ڪس
    هاڻي چروڙيون چمٽا چونڊي کڻجئين متان ٿئي حُقي جو حوس
    اڏاري وڃجئين ان کي وٺي گاڏين جو ڀي گس
    مُٺا ايڏاهين ماڃر ڏي وڃي راهي ويهجئين رس
    پوءِ هجي جمع کي جس جو آسري لڳو آهي تو احمد جي
    آسري لڳو آهي احمد جي اوهين ڪريو سمان صفائي
    دغا رکي دل ۾ اٿو اهيا ويڙهه به وڌائي
    اوهين وٺي اچو وڏيرن کي جن آهي اهيا جوت به جاڳائي
    آئون به وڃان ٿو اتر ڏي اتان آڻيندس جروار به جهجائي
    اتئين حاجي مير محمد هليو ايندو جنهن کي آهي عقل اِلاهي
    پر حاجي سليمان هٽندو ڪونه ڪو هن نر کي آهي نهٺائي
    پر يڪي سر تنهن يار محمد کي آهي ڪنڌار کي ڪرڙائي
    ٻيو حاجي عثمان آهي ٻانهيپوٽو اتي جنهن جي آهي راڄن سان رهائي
    مرد ويندو ميرن ۾ جتي آهي نر جي به نِوائي
    هڪل ٻڌي حسن علي جي اتي ولڙي ٿيندوَ وائي
    آئون موٽائي آڻيندس مکي کي جيڪو ڀڳڙو آهي ڀائي
    ڪامورا هن کان ڪن هڻن ٿا ٻيا سوين ڪنبن ٿا سپاهي
    سو مڙندو ڪونه مختيارڪار تان ۽ ڪندو صوبيدار ساڻ صفائي
    سٽ ڪڍندو سپروائيزر کي تنهن مهل تپيدار ٿيندو توائي
    کاتا پاڻي کڻي ايندا پوءِ ڏسنداسين سکرن جي به سچائي
    اهيا اٿوَ ٻانهيپوٽي ٻڌائي پهرين ڳالهه پڙ ۾
    پهرين ڳالهه پڙ ۾ ٻڌ ٻانهيپوٽن جا ٻار اسين ڪڇون پڇو ٿا ڪين ڪي
    کڻي ڪيو اٿئي خلق ۾ خوار
    اسان کي انهن اترادين جا تون ڏکا ڪين ڏيکار
    اهي مڙد آيا هئا سي موٽي ويا پنهنجن جا ڏسي پار
    گڏجي توگري سان هو ويا لاهي مڙد ميار
    هاڻي ڀڳڙو هتان ڀڄي ويو اچي پئي آهي ڀائي تي ڀُلڪار
    هاڻي نڪي اچئي ڪو ٻانهيپوٽو ٻوڪ تي نڪي جلدي ڪو جروار
    هاڻي منڊا کائي مار پوءِ لڏيندين لاڙ ڏي
    ڪين لڏيندس لاڙ ڏي آئون جنگ ڪندس جوڙي
    همراهه منهنجا هٽندا ڪونه ڪو مونکي پڪ ڏني آهي پوڙهي
    هو محمد مڙندو ڪونه ڪو وجهندو نوي کن نهوڙي
    هن لٺ وڍي آهي لئي مان تنهن کي جمع ڏني آهي جوڙي
    هاڻي تيل هڻيو تنهن کي هو مڇون بيٺو موڙي
    ٻيو ته امين آهي سو اٿي نٿو هو کيمان ويٺو آهي کوڙي
    پر هن ڪٽ مست وٽ آهي ڪهاڙي جيڪا ويٺو روهي تي روڙي
    خانو اڃان پيو کاسوڙا ڪري اڃان پيو ڊڪي ۽ ڊوڙي
    هيءَ لٺ آڻيندو لائق پور مان وڏي ڪا وانجهڻ ووڙي
    جي هڻندو پري کان پٽ تي ته وجهندو ڪنهن جي ٻيڙي ٻوڙي
    ٻيو ته بچو ويٺل آهي برينچ تي جنهن کي به خطه لکيو اٿئون کوڙي
    جنڊ مڪڙيون انهيءَ جوءِ جون جا هو جوان ويٺو جوڙي
    هن کي ناهي پرواهه پئسي جي هو ويٺو روڪڙ کي روڙي
    سو پهرين ايندو اسان وٽ پر هن کي ڇڏيو آهي اوزارن اليڙي
    ٻيو صاحب ڏنو ويو آهي سُونٽا وڍڻ سنگت لاءِ جيڪو خوب آڻيندو کوڙي
    ڀريون کڻي ڀائر ٻئي ڇڏيندا ٽولي ۾ ٽوڙي
    سمان سمجهين ٿو ڪين ڪي اهيا ٻڌائي اٿئي ٻوڙي
    جي نه ته اوهين وڏيرا ووڙي، اهيا ٻني ڏيو ٻانهيپوٽي کي
    ٻني ڪين ڏينداسون ٻانهيپوٽا تون موڳاهڻين ٿو مٿو
    جوان آندا اٿئي جنگ لاءِ تنهنجو خراب ٿيو آهي کٿو
    جنهن مهل هڪل ٿيندي هِڪڙي تنهن مهل اِهي مڙها وڃائيندا مٿو
    هيءَ ڪندا منهن مولچند ڏي اوڏاهين ٻيلو اٿن ٻُڌو
    سڌا ڀڄندا سرن تي جتي آهي مِرُن جو به مٿو
    انهي کسڙ ۾ “علڻ” چئي آهي مرن جو به مٿو
    امين ڪريو ڪنهن اڀ ڪپي تان اتي فقير پيو هوندو ڦٿو
    خانو هوندو ڪن کڏن ۾ جنهن جو مرگهي جهليو بيٺي آهي مٿو
    الياس هوندو ڪنهن اوسهه ۾ ڪولهه ڏسي لٿو
    نڪري سگهندو ڪونه ڪو پيو ڳوليندو ڳٿو
    پوندو ڏس بچو جو برينچ ۾ جتي هوندو لاري مان به لٿو
    صاحب ڏني ۽ عثمان جو پوندو پليجن کان پتو
    هاڻي منڊا نه هڻ مٿو تون لڏي وڃ لاڙ ڏي.

    ***


    ڪوئي ۽ هارين جي جنگ

    بيت بابت وضاحت: ماما علي محمد “علڻ” جروار ميهاڻي رهندڙ ڳوٺ صاحب خان جروار ديهه سهڻا بڪيرا تپو کوکر تعلقو ٽنڊوالهيار ضلع حيدرآباد، جيڪو پنهنجي وقت جو ڏاڍو مڙس هوندو هو پوءِ مڙئي دنيا جي شڪايتن ڪري مذڪوره زميندار حاجي محمد پريل خان جروار جو سئوٽ پڻ هو ۽ سنڍو به، تنهن مڙئي ڪوشش ڪري کيس مصروف رکڻ لاءِ پنهنجي زمينداري ۾ ڪمدار ڪري رکيس، انهي لاءِ ته روزي کي به لڳو پيو هوندو ۽ مصروفيت سبب ٻاهر گهمڻ به سندس گهٽجي ويندو ۽ شڪايتون به ڪين ملنديون، سمجهو ته ٻائي جو ٻائو تيوڻ جو لڳ ڀڳ 57-1950ع ۾ ملڪ کي پارٽيشن ٿئي ڪجهه سال گذري چڪا هئا ۽ آدم شماري سبب ملڪ ۾ اناج جي قلت محسوس ڪري حڪومت گهڻو اناج اپايو مهم شروع ڪئي، جنهن تحت برانچ مان ماڊولن کي چراند ڪونه ڪندا هئا، ليڪن آب ڪلياني جي موسم دوران برانچ مان الڳ خلاسا پائپ ۽ گنديون وڏن زميندارن کي منظور ڪري ڏيندا هئا، جيئن موسم جي مناسبت سان اناج پوک ٻاجهر جي آبادي ڪري ۽ ملڪ کي اناج جي سلسلي ۾ خود ڪفيل بنائي سگهجي.
    انهي سلسلي سان حاجي محمد پريل خان جروار جي به ان وقت وڏي زمينداري ديهه بڪيراڻي ۾ هوندي هئي، سندس درخواست تي ايريگيشن کاتي جي انجنيئر صاحب کيس چاڪر واهه مان پائپ نل لڳائڻ جي اجازت اختياري ڏني، جنهن تي نل لڳائي چاڪر واهه مان پاڻي حاصل ڪري ۽ وڏي ايراضي تي ٻاجهر جو فصل اناج پوک ڪئيو ويئي، الله جي مهرباني سان پوک تمام سٺي ٿي، ڪافي اناج پڻ حاصل ٿيو ۽ ان سان گڏ ٻاجهر جو گاهه ڪانا به الاهي ٿيا، هارين جا مال سڄو سال گاهه لاءِ پريشاني کان ڇٽا، آب ڪلياني موسم پوري ٿيڻ تي نل کي ڪڍي بند ڪيو ويو، حياتي جا رنگ سال ڦري وري ساڳي موسم آب ڪليائي جي آئي ته زميندار حاجي محمد پريل خان جروار ڪمدار ۽ هارين سان صلاح ڪئي ته هن سال به چاڪر واهه مان نل جي منظوري وٺي ۽ وري به ٻاجهر جي پوک ڪجي، همراهن کي اڳئي سال به سٺو فائدو ٿيو هو، تن خوشي سان هائوڪار ڪئي، تنهن تي ڪمدار علڻ کي چيائين ته آئون نل جي منظوري وٺي ٿو اچان ۽ توهان گڏجي پاڻ ۾ صلاح ڪري پاڻي ۽ ٻاجهرر جي پوک لاءِ تياريون ڪريو، حاجي محمد پريل جروار زميندار درخواست ڏني ۽ انجنيئر صاحب اختياري ڏني ته نل لڳائي سيزن وهايو، پوءِ ته ميڙا مچي ويا، همراهه اچي ويا ۽ گذريل سال واري ساڳي جڳهه تان پروگرام مطابق نل لڳايو ويو ۽ ساڳي واٽر مان پاڻي وهائي ۽ زمين جي ورهاست هارين ۾ ڪئي ويئي، سال جو ڇڏيل واٽر جيئن ئي پاڻي ۾ آيو ته ڦوڙون ۽ سيما ٿي پيا، هنڌان هنڌا پاڻي لڙهڻ لڳو، جنهن ۾ ڪوئن جا به الاهي ڏر هئا ۽ پاڻي واهڻ تي همراهن کي ڏاڍي تڪليف ٿي پوءِ ته جيترا همراهه اوتريون ڳالهيون، ڪو چوي ته انهي ٻني کان بس، ڪو چوي ته واٽر ٻيو ڪڍون، ڪو چوي ته آئون ٻني ڇڏي ٿو ڏيان، مطلب ته جيترا همراه، اوتريون ڳالهيون، خير سڄي واٽر تي پاڻي جو گارو ۽ ترڪڻ لڳي پئي هئي ۽ همراهه به پنهنجي پنهنجي حصي تي مختلف اوزارن سان هوشياري ڪيو بيٺا ۽ ڪمدار علڻ به سڀني همراهن جي مٿان پي ڦريو، هڪ همراهه ٿڪل ٻيو وري ڪم، امرجنسي جهڙو، اوچتو هڪ ڪوئو ٻر مان نڪتو ته بچو جروار ماڻڪاڻي جي مهاڳي مان ته بچو ڌڪ هنيس ليڪن ڪوئو ڌڪ مان بچي اڳتي امام بخش جروار ميهاڻي جي مهاڳي ڏانهن وڌيو ته هن به مڙس تڪڙ ۾ ڪوئي جي پٺيان ڊوڙ وڌي ته گپ سبب امام بخش جروار به وڃي ڪِريو، ته ڪوئو وري اڳيان رانجهاڻي جروار عبدالله جي مهاڳي ڏانهن ڀڳو عبدالله جروار رانجهاڻي به ڌُڪي سميت ڪوئي جي پٺيان ڀڳو پر ڪوئو ان جي به مهاڳي مان ڀڄي بچي نڪتو ته همراهن ۾ گوڙ مچي ويو ته ڪوئو ڀڄيو ٿو وڃي، وٺو ته ماريونس پوءِ سڀني جي ڌڪن کان ڪوئو بچندو ويو.
    پوءِ جن جن همراهن کان ڪوئو بچي نڪتو، سڀني جا نالا واري واري سان علڻ جروار ميهاڻي مزاحيه بيت ۾ نمبر وار ڪندو ويو تان جو آخر ۾ علي محمد نالي لغاري ويٺل ڳوٺ اميد علي بوزدار ديهه سهڻا بڪيرا جي ور چڙهيو ان وٽ هٿ ۾ وٽوهڙ ڀترن کي ڀڃڻ وار هو، ان کي وارو آيو ۽ ڪوئي کي هڻي ماري وڌائيس ۽ ان طرح علي محمد ولغاري جي سوڀ ٿي ۽ علي محمد علڻ جروار ميهاڻي ان تي مزاحيه بيت لکيو، جيڪو پنهنجي وقت جو هڪ سٺو مزاحيه بيت هو ۽ رات جو اوطاق تي ڪچهري وقت علي محمد علڻ جروار ميهاڻي کان همراهه فرمائش ڪري ٻڌندا هئا، هن بيت ۾ جيڪي ماڻهو ناليوارا آهن، اهي جن ڏٺا هوندا، نه ته انهن ۾ اهي سڀ وصفون هيون، جيڪي علڻ بيت ۾ چيون آهن، خير تاريخ جو حصو آهن ۽ تفريح خاطر لکيو، جيڪو هن ريت آهي.

    سارهيان سچو ڌڻي عالم جو آري
    ٻني ڪئي سون ٻاجهر جي پوک پريت واري
    نل ورتوسون نويڪلو چاڪر مان چاري
    زميندارن زور لاتو پوءِ ڏني انجنيئر اختياري
    ڪوٺايئون ڪمدار کي جنهن جي سائت سوڀاري
    آڻ ونگار واٽر تي ڪر پاڻي جي پوئي واري
    هڪل ڪيائين همراهن کي آيا هرس مجهان سڀ هاري
    سورهن ويهي صلاح ڪئي مڙني موچاري
    وڍي هن واٽر کي اوهين ڪٽيو ڪاپاري
    هن ۾ قيام آهي ڪوئن جي ٻيا آهن چُرٽا چوڌاري
    ماري هنن منڪرن کي اوهين سرس ڪريو ساري
    پوءِ ڪري مصلحت موچاري
    پاڻ واهي هلون هن واٽر کي
    واٽر جي واهڻ جي صلاح ڪيائون ساري
    ڪاهي آيا ڪو پا ڪم تي گوڌاگرناري
    ته ٻه جوڙيون هنيون جروارن جون جي هئا ڪوپا ڪنڌاري
    ميربحر اڳيئي مٿير هئا جن جي هاڪ پوي ٿي هيڪاري
    ٻيو ته برفت اچي بگڙي بيٺا ڪئي نرن نرواري
    پر لغاري اڳئي لوهه هئا اٿي ٻروچن ٻڌي ٻاري
    ته ڪڙڪا ڪرائيون ڪوڏرن جا جن وڃي اهيا آفت اٿاري
    اتي ڪوئي اچي ڪنڌ ڪڍيو ڪيئين هڪل هشمت واري
    ڌڌ ڪا ٻڌي هن ديهه جا هٽي ويا سڀ هاري
    پر ماڻڪاڻي مڙيو ڪونه ڪو ڪئي بچو بهاري
    هي ڪٽ مست وڃي ڪوئي سان پيو هٿين هيڪاري
    هن سونٽا هنيس سيگهه مان پر هُن به چمبا هنيس چارئي
    پوءِ ڏنئيس پڇنڊ پڇ جي جنهن تي هيڻو ٿي پيو هاري
    هو جروار جهونجهاري
    پر ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي هِن کان کدو پڇي خبرچار
    ته جوان انهي جنگ جا اسانکي پورا ڏي ڀي پار
    اهيو ڪهڙي ذات زناور آهي جنهن جي هڪل هشمتدار
    بچيو چيو ادا هي بلا آهي بڇڙي جنهن جا چمبا آهن چار
    هي وس ڪري ٿي وڙهڻ سان ٻيو ڌڪ هڻي ٿي ڌار
    اهيا ڳالهه امام بخش ٻڌي اٿيو کائي ڏاڍا کار
    مُڇ ڦڙڪي ميهاڻي جي ترت ٿيو تيار
    جروار پنهنجي جان سان کڻي ٻڌا هيڪر سڀ هٿيار
    هي ڪاهي آيو ڪوئي تي اچي نر ٿيو نروار
    هڪل ڪيائين هشمت مان آءُ ته ڪريون جنگ جو جوهار
    ڪوئو به مڙيو ڪونه ڪو هليو آيو هيڪار
    هي اچي اٽڪيا پاڻ ۾ ڪيهر ٻئي ڪنڌار
    ڌڪ مڪ جو ڌوڙيو ٿي ويو چڪ مڪ لڳي وئي چوڌار
    ليٽ پيٽ لڳي پئي ٿي پيو واٽر تي ويچار
    هيءَ خان وڃي ڪريا کامي ۾ جتي ڌٻڻ هئي ڌار
    هي گڏجي تنهن گاري ۾ لٿڙي ٿيا لاچار
    ٻروچ ڀانيو ته ٻاهر ڪري وڃي لهانس سڪي تي ڀي سار
    پر ڪوئو گهريو وڃيس گاري ڏي جتي هئس مقان جو مقدار
    کنيو وڃيس کڏن ڏي جتي هئي اوندهه انڌوڪار
    اتي سورهه کي اچي سهڪي لڳي ۽ وڏو ٿيس ويچار
    هيءَ به جيئن تيئن جند ڇڏائي جروار ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
    ڀڄي آيو ڀائرن ڏي پر هيڻو ڪري حال
    چيئين ادا هي بلا آهي بڇڙي ٻي هن جي چڱي ناهي چال
    هي وس ڪري ٿي وڙهڻ سان ٻيو ڏي ٿي ڌڪن جي به ڌمال
    ڪير وڙهندو هن واڳون سان سڄو بيهي سال
    پاڻ ورائي هلون هن واٽر کي ۽ ڦيرائي في الحال
    پوئي اهيو امام بخش احوال
    اچي سڄو ڪيو سنگت سان
    ٻڌي احوال امام بخش جو اتي سنگت ڪيو سايو
    ته پاڻ موٽي هلون ماني تي اٿئون روح اندر رايو
    هلي ڪڍون بک بدن مان جنهن آهي تڏو تپايو
    مولا آهي مهرباني ڪري انهي بلا کان بچايو
    اتي رانجهاڻي رمز سهي ڪري هو عقل اُٿلايو
    ادا وير ويهو هن واٽر تي متان ڀاڙي تي ڀڳا آهيو
    آئون ماريان ٿو انهي آفت کي ڪنهن ڦيري منجهه ڦاسايو
    سونٽو تنهن سيگهه مان کڻي وير به وڍايو
    هي ڪٽ مست رکي ڪلهي تي عبدالله اٿي آيو
    جتي هئي وار دات ويڙهه جي هن هو ڪئي ڪمذايو
    آئي ڌپ آفت کي انسان جي تنهن به ڪشت منجهان ڪاهيو
    هڪل ڪيئين حڪم مان ته تو آهي هي مهنڄر مچايو
    پر هي به مڙد مڙيو ڪونه ڪو تنهن به پير اڳتي پايو
    سونٽو تنهن کي صفائي سان اچي وير به وهايو
    آئي ڪاوڙ ڪوئي کي تنهن به ڏندن کي ڏڪايو
    وجهي ٻک ٻروچ کي تنهن اڻي ڀاڪر پڇايو
    جند ڇڏائڻ لاءِ جوان ڪئي پر هن ترين ساڻ تپايو
    هن جو گوڏو کتو گپ ۾ پر هن ڇڙڪي سان ڇڏايو
    هيءَ جوان اڳئي جلد هو اتي ٻروچ ٻک ڪڍايو
    پوءِ ستت ڪري سايو هي به ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
    چي ادا ڀڄي آيو ڀائرن ڏي هي ڀي جنگ هارائي جوان
    چيئين ادا موٽي هلو ماني تي هلي ترت کائو طعام
    هي بلا آهي بڇڙي ٻيو هشمت وارو حيوان
    اهيا ڳالهه ٻڌي الهه بخش اٿيو ڪاوڙجي سو ڪپتان
    تنهن وري سونٽا ڏنڊا سڀ کنيا ۽ سروٽن جو سامان
    جهولي وڃي ڀريائين ڀترن جي ۽ ججها ڏسي جام
    هي ڪاهي آيو ڪوئي تي سڀ کڻي سامان
    اچي برفت چڙهيو بند تي جتي هو مرون جو ميدان
    هڪل ڪيئين حڪم مان تون هلي آ حيوان
    ڪوئو به مڙيو ڪونه ڪو اچي بيٺو مرڪي منجهه ميدان
    چيئين ڀلي ائين ڀاءُ تون آهين جبل جو جوان
    آئون ماريندوسين مڪن سان پوءِ ٿيندءِ اندر ۾ ارمان
    جي ڏيندوسين لت لڪي تي ته ڪنو ڪندين سڀ ڪُستان
    جي نه ته جند ڇڏائي جوان تون به ڀڄي وڃ پنهنجي ڀائرن ڏي
    ڪين ڀڄندس ڀائرن ڏي تنهنجا ٺلها ٻڌي ٺڪا
    مون به اوزار آندا آهن الاهي آهن ترتئو سڀ تکا
    آئون مڙئي هڻندوسين مٿي ۾ هي ساري سروٽا
    اسين ڪين لڄائينداسون ڪستان کي آهيون جبلي سڀ ججها
    اسين ويٺا آهيون وقوف سان ڪل جهليءَ ڪنڌا
    آئون هڪل ڪندس همراهن کي تنهن مهل پنجو جهڙا اچي پوندا
    مڙد مڙندا ڪين ڪي تنهن مهل وِنگو وارا سڀ وڙهندا
    پر بچو بيهندو ڪو نه ڪو تنهن مهل لونگاڻي سڀ لڙندا
    فيضو ڦرندو ڪونه ڪو تنهن مهل گونگاڻي ڪونه گسندا
    اسين ماري توکي مَڃ ڪنداسون تون آرس ڇڏ انڌا
    اهي سڀ لاهوتي اچي لهندا ڪوئا تنهنجي ڪنڌ تي
    ڪوئي جي ڪنڌ تي اچي جوانن ڪيو جوڙ
    لاهوتين لٺيون کنيون ٻيا کينئون کڙن جا ڀي کوڙ
    پر آئي ڪاوڙ ڪوئي کي تنهن به چڱي ڏنين چهوڙ
    پوءِ ڦيرائين پڇ کي مڙد ڏيئي موڙ
    سو اچي لڳو الهه بخش کي نراڙ ۾ ڀي نوڙ
    هي برفت ڪريو بند تي جتي هو گاري جو بي گوڙ
    تريون کوڙي تڪڙو اٿيو اتي رهزن ڏيئي روڙ
    پوءِ سورهيه ڏسي سوڙهه هي به ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
    ڀڄي آيو ڀائرن ڏي ۽ برفت ڪري بس
    چيئين وري ڪين ايندس انهي واٽر تي توڙي وڏو ڪريو وس
    اسان ٻني ڪئي هئي ٻاجهر جي ڪيڏي کائي ڪس
    هاڻي ٻج ڀري ڏينداسين ٻروچن کي اتي رهجي ايندو رس
    شودي ڇڏيو شيطان کي کڻي لڏو ٻڌائين لس
    هاڻي ڪاوڙ جي هليو ڪپ سان گوهر وٺي گس
    اهيو رنگ ڏسي ايوب اٿيو هجي جوان کي ڀي جس
    آڻي ويهارينئس واٽر تي تون پوک ته پنهنجي پس
    اسين وڙهون ٿا انهي ويري سان لٺيون کڻي لس
    پر جوان انهيءَ جوءُ جو تون اسان کي ڏوران ڏي ڀي ڏس
    چيئين ادا ويٺو آهي انهيءَ واٽر ۾ اڳيان گانڊو جهليو گس
    وڙهي هو ٿو واٽوهڙن سان هو کوٽو ڪري ٿو کس
    پر رهڙيو رت ڪڍي ٿو رانمڀوٽن سان ٻيو ڪري ٿو ويرن سان وس
    پوئي هي به ڏاهو پڇي ڏس ۽ ڪاهي آيو ڪوئي تي
    ڪاهي آيو ڪوئي تي ۽ شودو وجهي شور
    هڪل ڪيئين حڪم مان تون نڪري آڀي نور
    تون ويٺو آهين واٽر ۾ ۽ انڌا ڪريو اجهور
    کڏون کڻين ٿو کامن ۾ ٻيا پٽيو ويٺو آهين پور
    پاڻي ٿو لوڙهين پڌري تي تون آهين ذاتي زيان خور
    آئون ماريندوسين مڪن سان ۽ ڀڃي ڪندوسئين ڀور
    اتي آئي ڪاوڙ ڪوئي کي سوڀي جهڙو سور
    هي اچي اٽڪيا پاڻ ۾ شينهن ٻئي شهزور
    وڙهندي هنن کي وقت لڳي ويو پر اچي ڪوئي به ورتس ڪور
    نيٺ ته هڻي بند برفت کي کڻي لوهه ڪيو لغور
    جند ڇڏائڻ لاءِ جوان ڪيو پر ظاهر نه هليس زور
    پوءِ جوان لاهي جوتي سان ۽ مٿو ڪٽيائينس موڙ
    ڪڍايائين چڪ چرٽي جو پوءِ کڻي شودي ڇڏيو شور
    هي ڀي رهزن ڏيئي روڙ ۽ ڀڄي آيو پنهنجي ڀائرن ڏي
    چيئن ڀڄي آيو ڀائرن ڏي ۽ شودو پلي شڪ
    هڪل ڪيائين همراهن کي ۽ ٻي پوري ڏنائين پڪ
    اهيا ڳالهه ٻڌي عوثو اٿيو تنهن جوڙو ڏي ڪئي جڪ
    هاڻي سونٽا ڏنڊا سڀ کنيائين ٻي هن وٽ ڪهاڙي هئي ڪالوت
    هي مير بحر هو ماڃر جو جنهن سٺي ڪئي سنمبت
    هي ڪاهي آيو ڪوئي تي هيڪر رکي هشمت
    هڪل ڪيائينس حڪم مان ته تو ۾ ڪهڙي آهي قدرت
    تون مڙد آءُ ميدان تي ته پاڻ ڪريون ڪا ڪسرت
    تون هيسين پيو همراهن کي ڪريو ڄٽ ڄمت
    هاڻي موڳا تنهنجي مت آئون ڪٽي وڃائيندس ڪهاڙين سان
    ڪٽي وڃائيندس ڪهاڙين سان تو ۾ ڪهڙي آهي طاقت
    تون ميو هئين اوڏاهين ماڃر ۾ کائي ڀائرن جا ڀت
    تون سانڍيل آهين سارين جو ٻي رتڙين جي رغبت
    کاڌا اٿئي ڊينڊ ڊهن جا تو ۾ ڪرڙين سارو قدرت
    مٿو نه هڻ ميربحر وڃي ڪر ڄرڪن تي به ڄمت
    متان مڇي مارڻ وڃئي وسري اهيا اڳوڻي عادت
    آئون لنڊ ڪڍندوسين لتن سان ۽ تغاري جي تڪ
    پوءِ ڪانچ کڄند ئي ڪين ڪي پيو پڇائيندين پورهيت
    جي کڻي ويندين کٽي ڏي ته کلائيندين خلقت
    مٿو نه هڻ تون ميربحر اهيا اٿئي مائيٽائي مت
    هاڻي سگهي ڪر سمبت تون به لڏي وڃ لاڙ ڏي
    چئي ادا ڪين لڏيا ها لاڙ ڏي پر ڇورا ويم ڇڏي
    هاڻي ٻني ٿو ڏيان ٻروچن کي ويندس لهه ڏسي لڏي
    اتي ٿئي ها مقابلو مڙدن جو پروڌي آهي گانڊن ڳالهه گڏي
    اسان جي آهي جوءُ ابڙال ڏي اتي اڄ ساريان پئي سڏي
    پر مڇي اسان جي ملڪ ۾ ٿي ڪرڙي به اڄ ڪڏي
    اهيا ڳالهه ٻڌي علي محمد اٿيو ٿو لغاري ڪين لڏي
    چئين ادا مونکي ڏيکار ميندا مرون جو ترتون ان تڏي
    اڄ سورهيه ٿو به سڏي انهي مرون کي ميدان تي
    مرون نڪتو ميدان تي هڏي ڏيئي هيڪار
    چيئين ڪير آهين ڪاڏي وڃين مونسان ڪرين تڪرار
    آيا اڳيئي گهڻا هئا جوانڪي جروار
    پر اهي خان پي ويا کيڙي مان ڪل ڪري قطار
    ٻيو ته برفت ڊوڙايم بند تي سي ڀي ڪل هئا قندار
    هو ڀڳا ويا پي ڀترن مان جيئن ڌڻ ڊوڙاڻي ڌراڙ
    تون به مڪ نه جهلدين منهنجي ٻي لپاٽ به لاچار
    هاڻي لاهي مڙد ميار تون به ڀڄي وڃ پنهنجي ڀائرن ڏي
    ڪين ڀڄندس ڀائرن ڏي آئون جوڙي ڪندس جنگ
    هاڻي مڙد آيا آهن ميدان ۾ منهنجا لغاري سڀ للنگ
    هتي گازي گڙندو ڪين مڙندو ايندو پهرين سو پتنگ
    ٻيو ته ماڻڪ مڙندو ڪين ڪي سو ته اڳيئي آهي اڙٻنگ
    پر ايندئي حاجي ڪوٽو ڏسندئي فوٽو سو بي تنهن مهل ڪندئي تنگ
    هو مڙد مڙندئي ڪونه ڪو سو واري هڻندئي ونگ
    سٽيندئي ڀي سونٽن سان جيئن ڪٽجن سيڪڙ وارا سنگ
    مارين داسون مرون توکي ڇڏائينداسون دڙيون اهي دنگ
    اچي راڄ به ڏسندا رنگ مرون انهي ميدان تي
    چيئين مرون نڪتو ميدان تي هي گوڙ ڪري گج
    پر مڙد ڏٺا هيئن ميدان تي هئا بيٺا کڻيو بج
    اتي گازي گڙيو ڪونه مڙيو جو هو ٻارو چاڻو ٻج
    پر ماڻڪ مڙيو ڪونه ڪو تنهن کي واهه جو ميلو وجهه
    حاجي ڪوٽو آيو تنهن ڀي ڪيو سايو هيڪر ورتس هنجهه
    پر ڪوئو په مڙيو ڪونه ڪو تنهن ميڙي هين منجهه
    اتي ڌڪ لڳو ڌوڙويو ٿيو تنهن مهل ڪوٽو ڪئي هئي ڪنجهه
    پر علي محمد هو اوڏوڙو جنهن وٽ وٽوهڙ هو ونجهه
    تنهن ٻئي هٿ وجهي ٺاهي مٿي کڻي ساهي اڻي
    هنيو ڪوئي جي ڀي مغز منجهه
    ماري وڌئين مرون کي گازي کٽيو گنج
    ڪوئو مئو سڀني سو لٿو راڄن تان ڀي رنج
    هاڻي ٿي نرسنگ اهي مڙد بيٺا اٿئي ميدان تي
    چيئين ادا مڙد بيٺا ميدان ۾ اڄ پيا خوشيون ڪن خان
    بيٺا وٽون ورهائين پاڻ ۾ جن سان آگي ڪيا احسان
    مرون جنين ماري ڇڏيو تن کي ڏاتر ڏنا ڏان
    ٿيندو ڏينهن قيامت جو ايندو احمد، ڄام امام
    تو راڙو جتي توريندا بيهندو وچ سو وريام
    انهي مهل “علڻ” چئي کڻندا عاشق ڀي انعام
    هاڻي چئو ڪلمي جو ڪلام ته ٿئي واٽ وڃڻ جي.

    ***


    چاچو اڪو، بيکلو ڀيل ۽ حاجي محمد خان

    بيت بابت وضاحت: اڪ... اڪو... هاڻي اڪبر حاجي محمد خان راقم جي ڏاڏي وٽ ٻني پوکي بيکلو نالي ڀيل جيڪو ڳوٺ ابريو درس ديهه ستياري جو ويٺل هو، ان کي به ٻني ۾ ڀائيوار ڪري زميندار کان ڪجهه قرض طور رقم کنئي ٻني، جيڪا هن وقت 33 ۽ 34 بلاڪ ديهه بڪيراڻي ۾ واقع آهي، تڏهين اڃان پراڻو کيسانو واهه جو پاڻي هو ۽ ان زماني نمبر وار ايراضيون هيون ۽ نمبرن کي لوڪل نالا وري هاري زميندار پنهنجي مرضي جا رکندا هئا، مثال طور جنهن نمبر ۾ ٻير جو وڻ بيٺل هوندو هو ته ان کي ٻير وارو نمبر ڪري چوندا هئا يا نم وغيره ته ان کي نم وارو نمبر چوندا هئا، ائين مذڪوره مٿين بلاڪن واري نمبر کي گنجي وارو نمبر سڏيندا هئا، ان ۾ همراهه ٻني جي ڪم کي شروع ٿيا ۽ بيکلو ڀيل ٻني اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويو ۽ اڪو اڪبر ٻني توڙ ڪئي، بيکلو ڏانهن ڏاڏي حاجي محمد خان جا پئسا رهجي ويا، سو ڀيل ڏانهن هڪ ٻه پنڌ ڪري دانهون ڏيئي همت ڪري پنهنجا پئسا وصول ڪري آيو، درسن کي دانهون ڏيئي دڙڪو ڦڙڪو ڪري مڙئي رقم وصول ڪئي، ڀيل گهڻو نٽايو، بهانا بنايا، پر اڳيان به مڙسن سان پئي هئي، انهن نه ڇڏيو، پوءِ علي محمد علڻ جروار مٿين مذڪوره ڳالهه تي کڻي بيت ٺاهيو.

    ساراهيان سچو ڌڻي ۽ شاهن جو بي شان
    شروع ڪريان ٿو شيخ کي اچي ٻيکلو ٿيو بئيمان
    هيءَ هاري اچي بيٺو حرس ڪري مڙد به محمد ساڻ
    پوءِ هاري کي حرفت ڪاڻ پهرين ڇڏيائونس پاڻي تي
    پهرين تنهن پاڻي تي وڃي جمڀي بيٺا جوان
    سورهيه پنهنجي صلاح ڪري سڀ کنيائون سامان
    هي ڪاهي ويا ڪوپا ڪم تي وڃي ڪيائون گنجي ۾ گمسان
    جتي پوٺو هو پڌر جو ٻيا مڙدن جا ايمان
    پوءِ اڪو (اڪبر) اٽڪل ساڻ وڃي پهرين بيٺو پاڻي تي
    پهرين بيٺو پاڻي تي ٻيو ڪيائين بيکلو ڀائيوار
    سو ٻنون ٻڌي هڪڙو ۽ ساهيون کڻي چار
    پر مرد تنهن ماني تي ڪيو اچي وڏو ڪو ويچار
    ته ڪير آڻيندو ڪاڙهي ۾ جتي پگهر جي زارو زار
    هڪڙو ته سور هٿن ۾ ٻيجهو مگز ڦاٽي ڌار
    اهي پئسا چار اسين ڪٽي ڪڍون ها ڪپاهه مان
    چيئين ڪٽي تنهن ڪپاهه جي اسين پڃي ڪڍون پاڙ
    پر چاڙهي تند تاڙي تي ۽ ڏيون مغلين جي ڀي مار
    هاڻي تون پنهنجي ڳالهه پاڙ نه.. ته... تون رپيا ڀري ڏئي رئيس نان
    چيئين رپيا ورائي ڏي رئيس نان نه ته مسلو ڏي سي مار
    هي دانهون ڏيسي درسان نان، سي اچي ڪرسي آچار
    اتي وري ڪاڪو مانجو ڪٽ مست هي ٻيجهو ساڌان۾ سومار
    پڇي هيڪي ته ڪڃر وڃائي ڪار
    پر ٻيجهو رولو ڏنائين رئيس نان
    چيئين ته ڏنو اٿم رولو رئيس نان
    پر مانجي پٽجي جائي ها پاڙ
    اڪو (اڪبر) آهي ايمان وارو هو ڪري ٿوڪار
    هو ڪوڏر هڻي ٿو ڪشت مان بيحد بيشمار
    هاڻي ٻڌبا پيا ٻروچ چئي انهي نر جا نار
    اهي ڏينهن ٻه چار پاڻ هل تن گذاريون هاليپوٽن ۾

    ***


    سئوٽ احمد جروار ۽ ڳوهه جو جهيڙو

    بيت بابت وضاحت: هي قصو ائين ٿيو جو سندم والد جناب حاجي محمد پريل خان جروار جي زمين چاڪر واهه جي اتر طرف واري واٽر ڪورس ٽو ايل چاڪر تي هئي ۽ واٽر ڪورس پڻ سندس نالي منظور ٿيل آهي، واٽر نوان ڏکيا پاڻي قانون جو سو زميندار هر وقت واٽر ڪورس کي کاٽي ڪرائي صفائي جهنگ جهاڙي ڪٽائي واٽر کي درست رکندا هئا، جيئن پاڻي زيان به نه ٿئي ۽ زمين ۾ پيچ به وڌيڪ ڪري، مذڪوره واٽر جي کاٽي زميندارن کي چيل هئي گهڻي ۽ وڏي زمينداري حاجي محمد پريل خان جروار جي هئي، سڀ هاري پهتا واٽر جي کاٽي شروع ٿي، علي محمد علڻ، بابا وٽ ڪمدار يعني زمين جو ڪم سنڀاليندڙ هو، همراهه سڀني کاتيدارن جا پهتا ليڪن منهنجو سوٽاڻو سوٽ احمد ولد حاجي جان محمد جروار جو پٽ نه آيو، پيءَ به کيس چيو ليڪن ڪم ڪوس نٽائي ويو، ڪمدار وڃي کيس پهتو ته ابا احمد کاٽي تي ڇو نه آيو آهين، هلي کاٽي کڻ احمد چيو ته منهنجي حصي جي کاٽي ماپ ڪري ڇڏي ڏيو، آئون سڀاڻي ڪڍندس، ائين ماپ ڪري سندس حصي جي کاٽي ڇڏي ڏني ۽ ٻئي ڏينهن به نه آيو ۽ کاٽي رهجي ويئي ۽ ڪمدار علڻ کيس چوندو رهيو هي نٽائيندو رهيو، ٻه ٽي ڏينهن گذري ويا، روز جواب ڏيو ڇڏي ته سڀاڻي، نيٺ ڪمدار بيزار ٿي چيس ته کاٽي ڪڍ نه ته آئون توتي بيت ٺاهيندس، سوٽ احمد کي لڳي مذاق سو چوي ته چاچا بيت ٻڌ ته کاٽي ڪڍان پوءِ، علڻ هيٺيون بيت ٻڌو، جنهن ۾ کيس وڏي جُٺ ٿيل آهي، پوءِ چوي ٿو ته چاچا ماڻهن کي بيت نه ٻڌاءِ آئون کاٽي ڪڍان ٿو ۽ ڪڍيائين، ليڪن بيت هلي ويو، اڄ نه ڪمدار علڻ، نه احمد نه اهي ماڻهو رهيا، دنيا فاني آهي، رهي نالو الله جو، سڀاڻي آئون به ڪونه هندس، اهيو بيت سوٽ احمد جي هلڪائي آهي، مگر پاڻ ڪچهرين ۾ ماڻهو چوندا هئس ته بيت ٻڌاءِ ته وڏي وات خوشي خوشي ڪچهرين ۾ بيت به ٻڌائيندو ۽ کلندو به هو.

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان سبحان
    ڪامل جي قدرت جي ڪمي آهي ڪانه
    ونگار ڪئي سون واٽر تي ته جلدي آيا جوان
    ٻه جوڙيون هيون ٻانهيپوٽن جون سي ڪڏيا بيٺي ڪپتان
    خاصخيلي کپي بيٺا نر ٿيا نشان
    بچائي تنهن بهادري سان ڪئي ڪاني ڪڇ ڪپتان
    ڪامل علي ڪاهي پيا ڏس عرضي جا ايمان
    هستي ڏسي حسن جي حاجي ٿيو حيران
    ماهي مڙد مٿير هو، جويو سو به جوان
    جروار آيو هو هڪڙو هو احمد به اٽڪل ساڻ
    خان اچي بيٺا کامن ۾ وِير سي وريام
    کڻندا اچن کاٽي کي هي پاسي وٺيو پهلوان
    اچي پهتا اڏن تي جتي هئي کسڙجي کيٿان
    ڳوهه نڪتي ڊوهه ڪري بري سابئيمان
    اچي اٽڪي احمد سان هي بي گناهه بدنام
    هي به مڙد مڙيو ڪو نه تنهن به وارا ڪيس وريام
    پر زناور هو زور ڀريو سو هٽيو ڪونه حيوان
    ڏنائينس ڀيڙ ڀاڪر جي ته الٽو ٿي پيو انسان
    کڻي وڃي هنيائينس کامي ۾ اتي احمد ڇڏيو ايمان
    لِنڊ هن جو لڙڪڻ لڳو تنهن تڪڙ ڪئي تمام
    کسڪي نڪتو کِين مان وڃي پيو کامي ۾ کيٿان
    ڏنئين ڳنڍو واٽر کي اتي گونهه ڪيو گمسان
    ٿلهو هو ڪو ٿمڀ کان چورس نموني چرياڻ
    ڪانو کڻي ڪڇيو سو ماپيو سو مروان
    ڊگهو هو سو ڊيگهه ۾ 18 فوٽ ڪِن انچڻ ساڻ
    پوءِ موڪليائون ماڻهو مائٽن ڏي آيو سانوڻ سرت سڄاڻ
    اچي ڏٺائين احمد کي اڏ ۾ ٻيو پاسي منجهه پهلوان
    سو به هيڪر لِنڊ ڏسي لڏي ويو هيڪر ٿيو حيران
    چئي ادا مڙس بچايو آهي اسان جو مولا پر ظاهر ٿيو آهي اسان جو زيان
    هن ۾ اڍائي مڻ آهن ان جا ۽ ٻيو ساڳ سرنهن جو ساڻ
    اسين ڪانٽو آڻينداسين ڪشت مان ڪڍون نظر مان نقصان
    پوءِ ڏاند جا ڏاڍا هئا موڳا سي مَستان
    گهري هنيائوس گاڏي ۾ احمد به انهيءَ ساڻ
    ٺاهي هنيائون ٺانٺي ۾ ڪو داسو هو دُوران
    آڻي لاٿائون اوطاق تي جهڙو مسافر منجهه ميدان
    پوءِ گلو منجهن هو گوهر تنهن چيو وارو ڪري آڻيو وڏاڻ
    ٽوڙيون ڪنهن ٽل سان ڇِنون ڇيڻين ساڻ
    ترازو کڻي توريائون ته ٿيو ٽي مڻ ڪن سيرن ساڻ
    پوءِ ڪلمين جي ڪلام احمد ڇٽو آزار کان

    ***


    رستماڻي جا هُرلا، ڪاڻو ڍڳو ۽ مڱڻهار هاري

    بيت بابت وضاحت: هي بيت ديهه ساهيڪي ڳوٺ احمد خان رستماڻي، ڳوٺ محمد علي پرهياڙ، ڳوٺ حمزو خان ٽالپر ۾ ويٺل مڱڻهار، پرهياڙ ڪي رستماڻين جا هاري هئا، رئيس رستماڻي وٽ هڪ ڍڳو اک کان ڪاڻو هو، پر ماريندو هو، انهي مارڻي ڍڳي ۽ همراهن جي گفتگو علي محمد “علڻ” جروار ڳوٺ صاحب خان جروار ۾ هي بيت ٺاهيو، جڏهن پراڻو کيسانه واهه وهندو هو ۽ ان تي هرلا چڙهندا هئا، هي بيت 25-1920ع جي دور جو لکيل آهي، هن وقت مذڪوره نالن وارن مان ڪو به حياتي نه آهي، سڀ گذاري ويا، هڪ ڏينهن اسان سڀني کي به هلڻو آهي، رهي نالو الله جو، دنيا سڄي فاني آهي.

    ساراهيان سچو ڌڻي سائين رب ستار
    هلي ڏس هرلن جي ڪسي تي به قطار
    هئا هُرلا مهڙ ۾ جو آهي خان به خبردار
    پر مَنههَ تنهن مڙد جو هو جوڙو وڏي جنسار
    هاري بيهاريائين حرس ڪري هوا ڪُوپا سڀ ڪنڌار هئا
    پر جَوڳون تنهن جوان جون هيون پڙ ۾ پلٿي دار
    پر ڪاڻون منجهن هو هڪڙو ڏاند به ڏانڊيدار
    پر بچو نالي بانڪو هو هو مڙد به مڱڻهار
    تنهن جي هئي ڪاوڙ ڪاڻين تي جنهن هو ڀڳو اڳوڻو اتبار
    هاڻي سورهه ڪر سنڀار تون مار نه مون محتاج کي
    چيئين ادا ڇو ماريان تو محتاج کي پر تنهنجي وهڻ ۾ ويچار
    تون هلين پيو هرلي ۾ ڄڻ گهمين پيو بازار
    نڪو آهي پاڻي پاڙڇي ۾ نڪي لوٽي جي للڪار
    تون کائڻ مهل خوش پيو ٿين ڪرائين اٿڻ مهل آڌار
    هل اٿي هرلي ۾ تون ڌيان پنهنجو ڌار
    جي نه ته مُٺا ڏيئي مارائو سٽيندو سين سونٽن سان
    چيئين ادا سٽيندين سونٽن سان ته آئون به وهڻ سان ڪندس وس
    آئون اڳيئي آهيان اڀرو ٻيو بٺن ڪيو آهي بس
    کارائي آڻي خوشيءَ مان ڪو ڀري ڏاري جو تس
    جي نه ته لوٽا کولي ڇڏ لس ته آئون هلي ڏيکاريان هرلي ۾
    چيئين هلي تنهن هرلي ۾ ڪر وهڻ تي وارو
    نه ته آئون ٿو ڪريان سڏ سهراب کي جو آهي سورهيه سوڀارو
    سو ماري ڇڏيندئي مُڪن سان جيئن سٽجي ساندارو
    پوءِ وڃي اٿاريندو علي مراد کي هو آهي ڪو فتي ڪرارو
    رهزن آهي رستماڻي جوان به جلبي وارو
    سو گڏي ڇڏيندئي گلامي سان هو ڪندئي ويساهن جو وارو
    نه ته ڇڏي کٽل کاپارو تون هل اٿي هرلي ۾
    چيئين ادا هلان ٿو هرلي ۾ تون سورهه ڪر سماءَ
    بچو ڇڏ بهش کي تون وَڙان ڪين وڃاءِ
    هلي مڙد ويهه مَنجي تي تون داناءَ ڪر دلجاءِ
    آئون هلان ٿو هرلي ۾ پوءِ ڏس پاڻي جا پلٽا
    پر بک مونسان آهن بيديون ڪيون ٻيو اندر نه آهن آنڊا
    جيڪڏهين وٺا منيهن هن ملڪ تي ۽ سانوڻ ڪي سجهندا
    جوڙا مڙئي جروار چئي وڃي چانگا اتي چرندا
    پوڃاڙي جو هنن پڙن تي ڪي اَرڏا ٿي ايندا
    پوءِ منهن پوندين منڱتا ته آئون به دَسيندوسين در تي
    چيئين جي دسيندين در تي آئون به آهيان بچو بي پرواهه
    ڪاڻان منهنجي ڪاوڙ جي توکي ڪل نه آهي ڪا
    آئون سٽيندو سين سونٽن سان ڏيندوسئين باهه بانٺن جي
    ڏيئي باهه بانٺن جي چُٽائيندوسين چٽا
    پوءِ موڳا تون مُٺا ديوال تي ڪنداسون ڪاتين جا ڪٺا
    پوءِ ڪاڻا تون ڪُٺا ڪرين پيو بهش بانڪن سان
    چيئين ادا ڇو نه ڪريان بهش بانڪن سان ايندس ڪوڏ منجهان ڪاهي
    مِهڻو توکي منڱتا اهيو اک جو آهي ايندي پاڻهي آهُري تي کڻي ڪُتر ڪڏائي
    تنهن مهل ڏيئي سڱ سيني کان آئون ڇڏيندو سين ابتو اٿلائي
    داناءَ انهي ديوال ۾ بيٺو پاڏو پڏائي
    آئون مڙندس ڪين ڪي مجيري کان ۽ چوندس ٻروچ کي ٻولائي
    پر مونکي مرض هي وڏو ڪو اڀرائي جو آهي
    جي نه ته ڇڏيئين ها ڄٽ به ڄمائي آئون پهرين انهن پڙن تي
    چيئين پهرين انهن پڙن تي تو ڄٽ به ڄمائي
    اسين مڙد اڳي ماٺيڻا تون وڃين ٿو مڙني کي مڃايو
    ماري تن مکين وٽ توکي اتي ڇڏيو پرهياڙن پنائي
    هاڻي سيٽ نه ڪر سهراب سان ڏيندئي سونٽو به سجايو
    پيو هوندين پڙ تي تون اکيون اُپٽائي
    اسين مڙئي چونداسون مجيري کي ته کڻي ڪاڻو ڪهايو
    چڙهي هن جي چم مان کڻي ٺاهوڪي ٺهرايو
    انهي جنگ ۾ جروار چئي عرس مٿان آيو
    مڙد مٿان آيو وٺي وقوف سان تو سوداگر ڪر سايو
    ناڻون تنهن نر تي هو ٻروچن ٻڌايو
    وجهي واڳ وقوف سان تنهن قرب منجهان ڪاهيو
    داناءَ اندو در تي تنهن مهل هو تازي تاڻايو
    وڃئي ٿو رهزن رکايو ڪو جنگ انهيءَ جاءِ تي.

    ***


    ٽنڊو محمد خان، ديهه ڀانڀري، نُقرجي ۽ ڪولاب

    بيت بابت وضاحت: غربت جا زمان ۽ لاها چاڙها زندگي جو حصو آهن، شل ڪو غريب نه ٿئي ۽ ڏک نه ڏسي، مگر عقل ۽ دانائي وارو ماڻهو هر ڏکي سکي وقت جو مقابلو خوشي خوشي نڀايو ڇڏي، سندم مامو علي محمد علڻ به انهن مان هڪ هو، غريب تن سدائين مجلسن جو سينگار هوندو هو، خوش طبيعت ملڻ سار وڏو ڏيا وارو مڙس هو، بک ڏک ڪڏهين به بي همت نه ٿيو، پيٽ ۾ ماني نه هوندي به خوش طبيعت انسان بهادر هو قسمت سانگي ۽ بي روزگاري جي ڪري پاڻ پنهنجي مائٽن مٽن جروارن ڪپور وارن جروارن عارب خان جي ڳوٺ بهاري خان جروار وارن ڏي لڏيو ويو ۽ اتي وڃي مزوري ۽ هارپا ڪرڻ لڳو.
    قدرت واري جا شان اتي به ڪا شي مزوري ۽ هارپو نه لڳو، مگر مايوس نه ٿيو، ويتر انهي تنگدستي ۽ غربت تي اُتي جي ماڻهن جا حال ڏسي پنهنجا حال ڏسي پوءِ بک تي مزاحيه بيت چيائين، جنهن ۾ ماڻهو ڳوٺن ۽ ديهن جا نالا وٺي بيت چيائين، جيڪو هن ريت آهي.
    هي مزاحيه بيت علي محمد علڻ جروار لاڙڪپور تي چيو.

    ساراهيان سچو ڌڻي جو آهي صاحب رب ستار
    آئي بک ڀانمڀري ۾ ٻچا وٺي ٻار
    اچي لٿي اسٽان تي ڪري سڀ قطار
    هلي آئي هوٽل ۾ اچي درس ڪيائين ديدار
    اچي دٻايائين دوست علي کي ڪيائين لغاري کي لاچار
    ته ڪڙڪ چانهه ڪوسي هجي تنهنجا تون اسان کي پيالا ڀري پيار
    تيسين تون لکانو جوڻيجو لنگهي آيو تنهن اچي سڃاتي سرڪار
    چيئين ڀلي آئين ڀيڻ اسان جي تنهن کلي ڪيس کينڪار
    ۽ چيائينس ته ڪيئن آئي آهين ڪپور تي ٻچا وٺي ٻار
    چيئين ادا نڪتي آهيان نقرجي مان مونتي پيو آهي ڀانمڀري جو بار
    جوڻيجا انهي جوءِ جا مونکي پورا ڏي تون پار
    ته رڙهي انهن راڄن مان وڃي لهمان سنگتين جي به سار
    چئي مائي هتي ٻهون ڳوٺ اٿئي ٻروچن جا تن جا نالا آهن نروار
    لنگهي ڏس تون لغارين کي هلي ڏس حاجي سومار
    پوءِ سڌي وڃ سم تي اتي آهن ڪمال ۽ سومار
    پوءِ اٿئي کاشو ڳوٺ کوسن جو سي آهن خان به خبردار
    پوءِ وڃ اڳيان ويٺا اٿئي سي آهن ڪولهي قربدار
    پوءِ سڌي وڃجئين سولنگي وٽ جو ويٺو آهي ڪلر تي به قنڌار
    پوءِ اٿئي جوءِ جمارين جي سي آهن ويٺا ڪيو ولهار
    پوءِ انهي پاسي ۾ آهن ڪرڙا سي ڪنڀار
    پوءِ ٽِلي وڃ ٽالپرن ڏانهن وڃي ڪر عيسيٰ سان آچار
    پوءِ ڀمڀرا ويٺا اٿئي بلڙي تي سي به ڪل آهن قنڌار
    هاڻي رڙهي ڏس تون رکياڻين کي جي جوان آهن جروار
    پوءِ ڪاٺ اڪري ڪپ ڏيئي اڳيان اٿئي ملخاڻي ميهار
    پوءِ ڪاهي اچ ڪپور تي اچي ٻچا ڏس تون ٻار
    اِهي ڳالهيون “علڻ” چئي توکي ٻڌايون جوڻيجي ۽ جروار
    هاڻي ڪر ڪا ڪلمي جي پچار ته ٿيئي واٽ وڃڻ جي

    ***


    اليڪشن 1970ع پولنگ اسٽيشن بڪيرا شريف

    بيت بابت وضاحت: شهيد قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽو جڏهين ٻن جنرلن سان وڙهي ۽ پ پ هڪ سياسي جماعت ٺاهي ۽ اليڪشن مهم هلائي غريب عوام وٽ هڪ ئي نارو هو، جيئي ڀٽو، سدا جيئي، پ پ زنده آباد، پاڪستان زنده آباد ۽ ٻين پارٽين به ورڪون ڪيون، جن ۾ هر جاءِ تي وڏا وڏا ماڻهو هئا ۽ اليڪشن ۾ پ پ پ غريب عوام جيئي ڀٽو ڪري پ پ کي کٽايو ۽ هيءَ ڳالهيون تاريخ جو حصو ٿي ويون، ذوالفقار علي ڀٽو کي اليڪشن مهم هلائڻ لاءِ پورو وقت به نه ڏنائون، ڪوڙا ڪيس، شنوايون، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ڀٽو صاحب کي اليڪشن ورڪ جو ٽائيم تمام ٿورو مليو، پاڻ ضلع ضلع وڏا وڏا عوامي جلسا ڪري خطاب ڪيو، پنهنجو منشور ٻڌايو ۽ عوام ۾ جيئي جيئي ٿي ويئي، نيٺ اليڪشن ٿي، پ پ پ کٽيو، مغربي پاڪستان ۾ وڏي ليڊ سان ڪئين وڏيرا مير پير رئيس پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ ڪريا، هر تڪ جي اهيا حالت ۽ اسان جي تڪ جي به اهيا حالت، اسان جي پولنگ اسٽيشن بڪيرا شريف شهر ۾ هئي ۽ اتان به پ پ وڏي اڪثريت سان کٽيو ۽ اسان جي تر جا چڱا چڱا جيڪي پ پ پ ۾ نه هئا، جماعت اسلام ليگ وغيره ۾ هئا، هاڻي وڏن جي هلڪائي ته ٿي ۽ علڻ بيت ٻڌو اسان جروارن ۾، عطراڻين جو پاڙو به پ پ پ سان نه هو، ليڪن سڄي پاڙي مان هڪ نالي محمد سومار عطراڻي پ پ پ سان همدردي ۽ ووٽ ڪيو ۽ صاحب خان جروار جي ڳوٺ ۾ پاڻ قابل ذڪر هو ۽ علي محمد عرف علڻ بيت ٺاهيو، شرم کان وڏن ماڻهن جا نالا به نه ورتائين ۽ بيت ۾ نالو به محمد سومار عطراڻي جو ڳايائين ۽ بعد ۾ اهو محمد سومار بيت کان پوءِ حج پڙهي حاجي سومار ٿي آيو، کيس حج پڙهڻ جو شوق هو، سو هر وقت حج جي ڳالهه پيو ڪندو هو ۽ علڻ بيت ۾ نالو به محمد سومار عطراڻي جو عرض ڪيو ۽ سندس دعا اگهامي ويئي ۽ حاجي محمد سومار ٿي ويو.
    هي مزاحيه بيت علي محمد علڻ جروار اليڪشن 1970 واري دور ۾ چيو.

    ساراهيان سچو ڌڻي سائين رب ستار
    آيو ڏينهن اليڪشن جو جنهن جا پڇ ته ڏيان پار
    هيءَ پولنگ اسٽيشن هئي پيرن ۾ جتي آهي دلبر جي دربار
    جت ڪٽاري ئي ڦري قلندر قائم الدين رحه جي تکي سا تلوار
    ليگلا به هتي هتي لکين آيا اچي بنا يئون بازار
    وٺي نوٽ ڪيئون چوٽ اچي گڏيا سڀ گدار
    تيسين پيپلا هنن کي پڄي ويا تن ماري ڪيا مردار
    ڳڻتي لڳن ڳوٺ جي وڏو ٿين ويچار
    گس نه هت اچي غريبن کي هي لُٽڪي ٿيا لاچار
    ڪن ڀڄي ڪپڙا ڦاڙيا ڪنڊين مان ڪن ڪئي ڪرڙن مان به قطار
    ڪي اٿي ڀڳا اتر ڏي ڪي پئي کيڙين ۾ ٿيا خوار
    ڏس چڱن جو چالو ڪونه وٺبو ڪنهن جو نالو
    اهي اٿن پيٽ ڀرئي جا پار
    هاڻي عطراڻي ٿو عرض ڪري الله کي
    ته مولا مونکي نئي مديني مار
    ڏسان ملڪ مدني جو هڪ بتي ٻي بازار
    گهمي انهن گهٽين مان وٺان ڪعبي جي ته ڪنار
    هاڻ ڪريو ڪا ڪلمين جي پچار ته ٿئي واٽ وڃڻ جي


    ذوالفقار علي ڀٽو جو 1973ع وارو آئين

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان سبحان
    مڃيو محمد ڪارڻي جيڪو ضعيفن جو ضامن
    اوهين ڪلمون پڙهو تنهن ڪريم تي محبت رکي من
    پر پنهنجي هِن پاڪستان سان اوهين ترت ڪيو تعاون
    عوام آهي ٻڌل ڀٽي سان ڪنهن ٻي جي ڪونه ٻڌن
    جنهن تي مهرباني آهي مالڪ جي سي وڃي پهتا پاتارن
    هاڻي ڪنهن جي لوڏي لڏندا ڪين ڪي ڀل پيا مخالف مزاڪن
    پاڪستان جو در نه هٿ ڪنهن دشمن کي جو ڀل پيا غنڊا گوڙيون ڪن
    هڪل ٻڌي حڪومت جي من سياڻان ڪي سمجهن
    هي پکيڙي ڇڏيو آهي پٽ ۾ ڀٽي اهيو ڀن
    چور چونڊي هڻندو تنهن ۾ جيڪي
    رنجائي تن راڄن کي هو ٿا موڳا ڪين مڙن
    هاڻي وينديون پٽجي پاٿاريون جتي رول ٿا رهن
    سي سڌا ويندا سنتر تي حڪومت جي هٿن
    جيڪي ڪهري ڪهر به ٿا ڪن
    جن ڌاڙا هڻي گڏ ڪيو هو ڌن
    هڪڙا ويٺا آفيسن ۾ پئسن جو به پڇن
    ڪم ڪنداسون انهن جو جنهن وٽ نوان نوٽ هجن
    سي ڳري ويندا ڳڻتين ۾ ۽ ڪٽبا تن جا ڪن
    وڃي قابو ٿيندا ڪوٺين ۾ ڀل تن جون رنون پيون رلن
    پوءِ ٿيندو سڏ سيٺين کي جن جون هنڊيوون ٿيون هلن
    جنين هئا کاڌا ماهه مزورن جا ماري مسڪينن
    پوءِ آهي شڪ شاهوڪارن ۾ پر سرمائيڪاري سوڌن
    هيءَ ڪڍندو وچڙ وڏيرن جا پوءِ ٿيندو ڀَو به ڀوتارن
    اچي پيو آهي زور زميندارن تي سي سُتي پيا سهڪن
    جن هئا کاڌا حق هارين جا سي هاڻي پهرين پيا پڇجن
    اهي عدالتون ٿينديون انصاف جون ڪندو سيشن
    اتي ڪنهن جي چَو چَوان هلندي ڪانه ڪاءِ ٿيندا ڪم به قانونن
    هاڻي ڪلمون جي ڪهن تن کي ٿيندي واٽ وڃڻ جي.

    ***


    90 هزار جنگي قيدين جي آزادي

    ساراهيان سچو ڌڻي سائين رب ستار
    آگي اسان تي احسان ڪيا ۽ ڏيهه ڌڻي ڏاتار
    موليٰ اسان ڏي آهي موڪليو
    هي سٺو صدر تنهن سرڪار
    آيو سهڻو صوبو سنڌ جو اچي نر ٿيو نِروار
    ذوالفقار علي ڀٽو آيو ڀيرون وڳيون
    ٿيو سارو ملڪ سڪار
    هن جو آهي عشق عوام سان
    ٻيو آهي هارين جو حبدار
    جيڪي مرد ليٽن پيا مٽين تي
    ۽ هر ڪو ڏر ڪيو اٿن هار
    ٻيا جوان جوڙن تي
    ٻڌو گوڌن جي ڳٽڪار
    اهي خان کوٽين پيا خزانن کي
    آبادين جي آڌار
    پر هن جو آهي شوق شاگردن تي
    جيڪي ٻوليون پڙهن پيا ٻار
    لکين تن مان ليڊر ٿيندا
    هيءَ جنگي قيدي جوان ڇڏائيندو
    جن جي ٿيندي پورپ منجهه پچار
    هتي نيازي ايندو نارا لڳندا
    سي ٻڌندا ڪابل ۽ قنڌار
    ٿيندو ڄاڻ ڄمون کي تنهن مهل پوندي
    پشاور ۽ پنڊي منجهه پچار
    نوي هزار فوج سان اتي نيازي ايندو
    سو پوندو بنگالين تي بار
    اچي پڌرا ٿيندا پاڪستان ۾
    هڪڙا صوبا ٻيا سردار
    پهرين ملندو صوبو پنجاب جو
    هن سان کرڪندو کيڪار
    غلام مصطفيٰ کر تنهن گورنر جي
    ۽ ٻڌو گوهر جي گفتار
    ٻيو ايندو صوبو سرحد کان
    ارباب وڏي سان آر
    اچي سڪندر ملندو سوڍن سان
    سو به سٺي ڪندن سنڀار
    ٽيو ايندو صوبو بلوچستان کان
    جو آهي ٻاروچ ڪو ٻار
    اچي غوث بخش ملندو غازين سان
    ٿيندو بزنجو بهار
    چوٿون ايندو صوبو سنڌ جو مير آهي منهندار
    رسول بخش ٽالپر ملندو راڻن سان
    سو به سوين ڪرائيندين سينگار
    پر ٽِڪا خان به آهي پهرين مرڪز پاڪستان جو
    سوڀي هر دم آ هوشيار
    هي چيف ڪمانڊر چونڊيل آهي مڙني ۾ مختيار
    پنجئي اچي پاڻ ۾ پوءِ ڪندا نيازي کي نروار
    ٻيا ڀي ليڊر هن کي اچي لکين ملندا
    هزارين وجهندا هار
    پر ايندا امير وزير ملڪن جا
    هلي ڪي هزار
    اچي ڏيندا مبارڪون مڙدن کي
    پوندو ڏينهن کي ڏهڪار
    اهيو اجلاس ٿيندو اسلام آباد ۾
    تنهن جي صدر ڪندو سنڀار
    ڏسي زور ذوالفقار علي جو
    پوءِ ڪڏندا سڀ ڪنڌار
    غازي گڙندا ڪين مڙندا
    تنهن مهل پوندو دشمن کي دهڪار
    اهي گفتا غازين جا آهن جوڙيا سڀ جروار
    هاڻي “علڻ” عرض ڪري الله کي
    مولا مونکي نيئي مديني مار
    آئون ڏسان ملڪ مدني جو هڪ بتي ٻيو بازار
    گهمي تن گهٽين مان وٺان ڪعبي جي ڪنار
    آئون وڃي داخل ٿيان انهيءَ دفتر ۾
    جنهن جي سيد ڪندو سنڀار
    ايندو ڪامل ڏينهن قيامت جو نبي آ نروار
    اچي ٻاجهه ڪندو هن ٻروچ تي جو آ غافل گنهگار
    مصطفيٰ اچي ڪندو مهر هن ميهاڻي تي
    جتي آ دلبر جي دربار
    هاڻي ڪلمون پڙهو يار ته ٿيئيوَ واٽ وڃڻ جي .
    ***


    درياءِ سنڌ ۾ ٻوڏ اچڻ 1973ع

    بيت بابت وضاحت: جنهن وقت وزير اعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هو، درياءِ سنڌ ۾ چارهه سبب ٻوڏ آئي، ته ان وقت يعني 1973ع ۾ مير اعجاز علي خان ٽالپر ٽنڊو محمد خان وارو وزير پاڻي ۽ بجلي هو.

    ساراهيان سچو ڌڻي جو مولو مُلڪن
    دور ڏس درياءَ جا اچي ڇوليون ڇمڪا ڪن
    حڪومت به هٽي هئي ڪين ڪي ڪيو هو جوڙ به جوانن
    اي.سي، انجنيئر ڪيترا ٻيا، ايس ڊي او پيا اچن
    ٿيو هو سڏ سرويرن کي تنهن مهل هو دنگ نه داروغن
    بيلدار بندن تي ڳڻي ڪين ڳڻجن
    ڏسي موج مهراڻ جي ڪيو وس به وزيرن
    ممتاز علي تنهن مڙد جون ملڪن ۾ پيون يَرڪي ڳالهيون ڳڻجن
    سک سٽياءِ ڏک ڪٽيائين هو بيٺو سو بندن
    هو راتيون ڏينهان رهيو رڻن ۾ جتي ڪن به ڪڙڪا ڪن
    پرواهه واهه مڙسيون جيڪي مير اعجاز ڪيون سي به لکن ۾ لکجن
    جيڪي ٽَلون ٽالپرن ڪيون سي ته مڃيو پيو مڃجن
    هن بانڪي جون ير بندن تي ٿيون ڪارون ڪڙڪا ڪن
    سي سڌيون وڃو سکر کان ۽ مهل انهي موٽن
    تر به ترسن ڪين ڪي وڃيو ننگر کان نڪرن
    کاجا کدر سائين کيل ڪيو هاڻ لوڏا ڪيا لهرن
    ٻيلا سڀ ٻوڙي ڇڏيائين هاڻي پيا ڍورا سڀ ڍُڪن
    پاڻي هڻي پٽ ڀريا ۽ ٻڏيون آباديون اشرافن
    اچي رڙيون پيون راڄن ۾ ۽ متو گوڙ به غريبن
    هڪلون ڪيون حڪومت ۽ تهتاوري تن
    ته وير اوهين وارو ڪريو اسان جا ٻچا ٿا ٻڏن
    هڪلون ٻڌي هيڻن جون هو ڪيو وس به وزيرن
    لکين ته يَر لانچون هنيون ٻيون ڊونڊيون ٿيون ڊوڙن
    ڪشتيون آندائون ڪيتريون ۽ ڪاهي ڪٽارن
    هزارين ته هوڙها آيا ٿا بتيلا بار کڻن
    ماڻهو ڪڍي ڪيائون ميدان ۾ آڻي لاٿائون لانڍين
    سڀ صحي سلامت نڪتا مليو امن به انسانن
    طالب مولا تڪڙو آيو ڪيئين غور به غريبن
    پتوڙيل جيڪي پاڻي جا تن کي ڏڍ وڏو پيا ڏجن
    کاڌا تِن کي خوب ڏنا هئا حڪومت ساڻ هٿن
    پوءِ ته آيا سڌا قيدي سينٽر مان ۽ ڪي پيا ناري کان نمن
    فوجون آيون فڪر لٿو هو چاهه وڏو چوڪين
    اچي وري عوام پاڪستان جي ڪئين ته ڪامورن
    ڪي آيا گهارن تي ڪي واري پيا وجهن
    ڪنين جوانن يَر جبل آندو نه هو ڳاڻيٽو ڳوڻين
    لوهه لاڪڙا ڪيترا اچيو کپايا خانن
    اچي گهٽا وڌائون گهارن کي ڪيو جوڙ به جوانن
    ڪن پي بنجهو بندن تي ڪن پي ڪٽيو ڪنارن
    سٽي ڪٽي سوگها ڪيائون هاڻي پيا سَيما سڀ سڪن
    سي سڀ ٻڌي سڀ ٻاهر نڪتا هنيا نارا ٿي نرن
    پاڻي موٽيو پوئتي ۽ سمون پيون سُرڪن
    کڻي هليون کاري ڏي هو سڌيون سمونڊن
    اهي پاڪستاني آهن پڌرا ٿيا سي سورهيه ڀل سڏجن
    سرور اسان جون آهن سوڀون ڪيون ۽ ڀٽي جي ڀالن
    آگي آهي هن جي عزت ڪئي ٻي مولي جي ملڪن
    اهي جوڙيل گفتا جروار من داناءَ دفتر ۾ داخل ڪن
    اهيو دفتر آهي سڄي دنيا جو، جو آهي عالم جي آفيسن
    هاڻي “علڻ” ڪري پيو عرض الله کي من هِن سائل جا به سڻن
    هاڻي ڪلمون جي ڪهن تن کي ٿيندي واٽ وڃڻ جي

    ***


    اليڪشن 2002ع

    بيت بابت وضاحت: حڪومت پاڪستان چيف آف آرمي اسٽاف جنرل پرويز مشرف عام چونڊون 10 آڪٽومبر 2002ع ۾ ڪرايون، جنهن ۾ اسان جي ٽنڊوالهيار تڪ جي اين اي 223 تي ضلع حيدرآباد جي سيٽ تي هيٺيان اميدوار اليڪشن ۾ قسمت آزمائي ۽ مقابلو ڪيو، جنهن ۾ رئيس حاجي الله بخش خان مگسي جي آزاد نياڻي، اسان جو جروار ڀاءُ آزاد حاجي محمد امين جروار ۽ پ پ جي اسان جي ڀيڻ شمشاد ستار بچاڻي حصو ورتو، اليڪشن ورڪ دوران محمد هاشم ولد دوست محمد جروار ڳوٺ صاحب خان جروار ديهه سهڻا بڪيرا هڪ ننڍڙو بيت تشڪيل ڏنو، ياداشت لاءِ هتي لکجي ٿو، سندس چوڻ هو ته وڌيڪ لکندس ليڪن نه لکي سگهيو، جيڪو ٻڌايائين بروقت اهو حاضر آهي، رهي نالو الله جو.

    ساراهيان سچو ڌڻي ساراهيان رب ستار،
    آئي اليڪشن اسان جي ملڪ ۾ تنهن جا پڇ ته ڏيئين پار،
    مگسي آيو آهي ميدان ۾ جنهن جي نياڻي آهي نروار،
    ڪم ڪندي قوم جا ساري سڀ ڄمار،
    الله سائين آهي ايمان ڏنو الله بخش کي جيڪو آهي منگين جو منهندار
    ٻي نمبر تي ٻروچ آهي، جيڪو جوان آهي جروار
    امين نالو آهي اُن جو جيڪو خان به خبردار
    مرد بيٺو آهي ميدان تي ڪراچي کان اچي قندار
    ورڪ جنهن جي تي آهي موساڻي مختيار،
    اسلام آباد ويندو اسميبلي ۾ جتي ويهي ڪندو ويچار،
    ڪم وٺندو ڪامورن کان جيڪو آهي غريبن جو غمسار،
    جوڙيل گفتا “جروار” جا جيڪي ياد پون ٿا يار،
    “هاشم” چوي حُب منجهان ڪريو ڪلمي جي پچار،
    ته امين چڙهي اليڪشن ۾

    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1170148
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 371243
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ