ڪتاب جو نالو: لفظَ آوارا بادل
مصنف: ڪوثر ٻرڙو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 502 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 145 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آھي.
اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ ڪوثرَ جي تيز مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. پڪ آهي ته سندس ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل پهرئين ڪِتابَ ”اڏاڻا احساس“ جيان هي ڪِتابُ به گهڻو مقبول ٿيندو ۽ اڀرندڙَ ڪمپيئرن لاءِ راهه جي روشنيءَ جو ڪَمُ ڏيندو. ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ ۾ اهڙا مسودا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ تفريح به آهي ته معلومات به ـــ تعليم به آهي ته ترغيب به.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • ليکڪَ پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • پريالوءِ جو شهزادو راڳي سرمد سنڌي

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 81
    لفظ آوارا بادل
    ريڊيو اسڪرپٽ
    ليکڪ: ڪوثر ٻرڙو
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 180/- روپيه










    LAFZ’A AAWARA BAADAL
    (Radio Script)
    By: Kousar Buriro
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 180/-


    ارپنا

    هي ڪتاب پنهنجي پياري نياڻي ”ڪائنات“ کي ارپيان ٿو، جيڪا نهايت سلڇڻي به هئي ته سمجھدار ۽ ڏاهي به. جيڪا گهر جي ڪم ڪار کان واندي ٿي سدائين ڪتابن، رسالن يا اخبارن ۾ گم ٿيل نظر ايندي هئي.
    منهنجي ”ڪائنات“ جيڪا 22 جنوري 2014ع تي 21 سالن جي ڄمار ۾ گُردن جي تڪليف سبب فوت ٿي وئي. ”ڪائنات“ ڇا وئي، منهنجي دل جي دنيا کي ئي اجاڙي ۽ برباد ڪري وئي. سندس ڳالهيون ياد ڪري مان اڪيلائيءَ ۾ ڪيتري ئي دير تائين روئندو رهندو آهيان. ”ڪائنات“ خود ته مري وئي آهي، پر مونکي به جيئري ئي ماري وئي آهي.

    ڪوثر ٻرڙو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت شاعر، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي جي ريڊيو اسڪرپٽ جو مجموعو آھي.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ پڻ ڪوثرَ جي تيز مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. مونکي پڪ آهي ته سندس ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل پهرئين ڪِتابَ ”اڏاڻا احساس“ جيان هي ڪِتابُ به گهڻو مقبول ٿيندو ۽ اڀرندڙَ ڪمپيئرن لاءِ راهه جي روشنيءَ جو ڪَمُ ڏيندو. ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ ۾ اهڙا مسودا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ تفريح به آهي ته معلومات به ـــ تعليم به آهي ته ترغيب به.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    ڪوثر ٻرڙو هڪ هر دلعزيز براڊڪاسٽر ۽ مقبول شاعر جي حيثيت سان جيڪا ناماچاري ماڻي آهي اها مون سميت سندس سمورن دوستن لاءِ به خوشي ۽ فخر جو سبب بڻجندي رهي آهي. مونکي خوشي آهي ته هڪ پبلشر جي حيثيت سان مون پنهنجي دوستَ ڪوثر ٻرڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ڪيا آهن. ڪوثر هميشه ماکيءَ جي مک وانگر گل گل مان مِٺاڻ ميڙي پنهنجي ڪتابن جي صورت ۾ قيمتي تحفا، سنڌي ادبَ کي پئي ارپيا آهن. هن کان اڳ ۾ پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران سندس ڪتابَ، ”اڏاڻا احساسَ“، ”استاد منظور علي خان: فن ۽ شخصيت“، ”سرجڻهار“، ”پيشڪار“ ۽ ”ڳليان پريم نگر ديان“ شايع ٿي چُڪا آهن جڏهن ته ٻين ادارن پاران سندس ججھا ڪِتابَ شايع ٿي مقبوليت ماڻي چُڪا آهن.
    ڪوثر ٻرڙو سنڌي ٻوليءَ ۾ ريڊيائي ادب کي هٿي وٺرائِڻَ وارو جاکوڙي ليکڪ آهي. نامياري براڊ ڪاسٽر نصير مرزا، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي سهيڙيل ضخيم ۽ قيمتي ڪئٽلاگ بوڪَ کي ڪوثر ٻرڙي جي نانءِ ارپيندي لکيو آهي ته، ڪوثر ٻرڙو اُهو براڊ ڪاسٽر آهي، عنقريب سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ جديد براڊڪاسٽنگ جو هڪ دؤر هميشه لاءِ پُڄاڻيءَ تي رَسي ويندو. مان سمجھان ٿو ته اِهو هِڪُ غير معمولي ڪَمينٽ آهي، جنهن کي محسوس ڪندي مان بجا طور تي ڪوثرَ جي ڪَمَ تي خوشي ۽ فَخُر محسوس ڪريان ٿو.
    اوهان جي هٿن ۾ موجود هي ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ پڻ ڪوثرَ جي تيز مشاهدي ۽ مطالعي جو نچوڙ آهي. مونکي پڪ آهي ته سندس ريڊيو اسڪرپٽس تي مشتمل پهرئين ڪِتابَ ”اڏاڻا احساس“ جيان هي ڪِتابُ به گهڻو مقبول ٿيندو ۽ اڀرندڙَ ڪمپيئرن لاءِ راهه جي روشنيءَ جو ڪَمُ ڏيندو.
    منهنجي دُعا آهي ته: ڪوثر ٻرڙو صاحب ائين ئي پنهنجي تخليقي ۽ تحقيقي نوعيت جي ڪمن ۾ مصروف هُجي ۽ سنڌي ادب کي دلچسپ ۽ اهم ڪتابَ ارپيندو رَهي.
    هن ڪِتابَ متعلق ادارو، اوهان جي راءِ ۽ رهنمائيءَ جي اوسيئڙي ۾ رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    ليکڪَ پاران

    اڄ کان ڇهه ست سال اڳ جڏهن مون ريڊيو ڪمپيئرنگ جو ڪتاب ”اڏاڻا احساس“ جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو هو ته ان وقت اهو منهنجو ستون ڪتاب هُيو ۽ هاڻي ريڊيو ڪمپيئرنگ تي ٻڌل هي ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ مجموعي طرح سان منهنجو چوڏهون نمبر ڪتاب آهي. لاشڪ جڏهن ”اڏاڻا احساس“ ڇپجي پڌرو ٿيو هو ان وقت ريڊيو ڪمپيئرنگ جو ڪو هڪ اڌ ڪتاب مارڪيٽ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو هجي پر پوءِ ڪيترن دوستن کي اتساهه مليو ۽ هن وقت ريڊيو ڪمپيئرنگ تي ٻڌل ڪيترائي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود آهن جن ۾ رياضت ٻرڙي، امر ساهڙ، امين ارباب ۽ ٻين دوستن جا ڪتاب شامل آهن.
    هي هڪ ريڊيائي ادب آهي. ريڊيائي ادب جو دائرو ڏاڍو وسيع ۽ ڦهليل آهي. اسان وٽ ريڊيائي ادب کي ڇپرائي پڌرو ڪرڻ جو رجحان ايترو گهڻو ڪونهي جيترو هئڻ گهرجي ۽ جنهن تعداد ۽ انداز ۾ اسان وٽ ريڊيائي ادب جو ذخيرو موجود آهي پر مسئلو ڇپرائڻ جو به آهي. ڪتاب چپرائڻ تي چڱو ڀلو خرچ اچي ٿو وڃي. خوش نصيب آهن اهي دوست جن وٽ ايترا وسيلا موجود آهن يا ادارن سان تعلقات اٿن جيڪي ڪتاب ڇپرائڻ واري مشڪل ڪم کي آسانيءَ سان مڪمل ڪري بازار ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. لکندي لکندي بلڪل به نه ٿڪجندڙ اسان جي مهربان دوست نصير مرزا ۽ پياري ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو گذريل ڪيترن سالن ۾ ڪيل اهڙو ڪم به نهايت ساراهڻ جوڳو آهي.
    مون پنهنجي گذريل ڪتاب جي مهاڳ ۾ به ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو هو ته ڪو به براڊڪاسٽر جڏهن پروگرام جي تياري ڪري ٿو ته اسڪرپٽ لکڻ وقت پنهنجي پروگرام کي وڌ ۾ وڌ “Rich” بنائڻ لاءِ پنهنجي لکيل ۽ ٻئي هنڌان پڙهيل مواد کي به شامل ڪري ٿو ۽ ائين ڪرڻو پوي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل مواد. عبارتون معلومات، ٽڪرا ۽ Episodes منهنجا پنهنجا لکيل ۽ ترتيب ڏنل آهن پر ڪجهه ٽڪرا ڪٿان کنيل ۽ نوٽ ڪيل به آهن. ڪتاب جو مقصد پڙهندڙن کي هڪ ئي ڪتاب ۾ مختلف موضوعن بابت مواد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ ريڊيو ۾ ڪم ڪندڙ ۽ نون آيل پروڊيوسرن ۽ ڪمپيئرن لاءِ هڪ رهنمائي ڪرڻ به آهي. اڳ اسان جڏهن ريڊيو ۾ داخل ٿياسي ۽ اپريل 1984ع ۾ ڪراچي ريڊيو تي پوسٽنگ ٿي ته اتي ان وقت لڳ ڀڳ 30 پروڊيوسر هوندا هئا جن ۾ واضع اڪثريت پڙهيل لکيل ۽ دانشور قسم جي ماڻهن جي هوندي هئي، پر اڄ ڪلهه ريڊيو پاڪستان جي هر اسٽيشن تي پڙهيل منهنجو مقصد آهي ته اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ تخليق جي فن سان سرشار نوجوانن جي ڪمي نظر اچي ٿي جنهن بهرحال ريڊيو جي پروگرامن جي معيار کي متاثر ضرور ڪيو آهي. منهنجي ان ذاتي راءِ سان ڪنهن جي متفق هئڻ کي مان ضروري ڪونه ٿو سمجھان.
    مان ته ان ڳالهه جو به قائل ۽ خواهشمند آهيان ته جيڪي اديب، شاعر، پڙهيل لکيل تجربيڪار دوست ريڊيو ۾ ڪم ڪن ٿا چاهي اهي پراڊڪشن جي ڪم کان مٿي چڙهي ويا آهن ۽ انتظامي عهدن تي فائز آهن ۽ هو سٺا براڊڪاسٽر رهيا آهن ته هو پنهنجا تجربا ۽ براڊڪاسٽنگ جي سفر بابت ڪتاب ضرور لکن ته ان مان پڙهندڙ به معلومات حاصل ڪري سگهن ته ريڊيو ۾ ڪم ڪندڙ دوست به فائدو حاصل ڪري سگهن.
    ڪتاب ”لفظ آوارا بادل“ ۾ اهڙا مسودا شامل ڪيا ويا آهن جن ۾ تفريح به آهي ته معلومات به ـــ تعليم به آهي ته ترغيب به ـــ اميد ته هي ڪتاب به گذريل ڪتاب وانگر پڙهندڙن ۾ مقبوليت ماڻيندو ـــ دوست قربان منگيءَ جو ٿورائتو آهيان جنهن ڪتاب ڇپرائڻ جي معاملي ۾ مونکي ڪڏهن به مايوس ناهي ڪيو. پيارن دوستن مشتاق بخاري ۽ امر اقبال جي سدائين اخلاقي سپورٽ ملندي رهي آهي. دوست سعيد منگيءَ جو ڪتاب جي ٽائيٽل جي معاملي ۾ مون سان سدائين ساراهڻ جوڳو سهڪار رهيو آهي. آصف نظاماڻي به ڪَمَ جي ڀيڙ جي باوجود به دلچسپيءَ سان هن ڪتاب کي جلد آئوٽ ڪرڻ ۽ پروفن واري مرحلي ۾ ڪم ڪيو. سڀني جو ٿورائتو.


    ڪوثر ٻرڙو
    17 آڪٽوبر 2015ع
    0343-3783110


    1

    اهي ماڻهو ڏاڍا خوش نصيب هوندا آهن، جن کي زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو چاهڻ وارو ملي ويندو آهي. پنهنجي جيون ۾ اگر ڪنهن کي ڪو همدرد ۽ احساس ڪرڻ وارو ماڻهو ملي ٿو وڃي ته پوءِ زندگيءَ ۽ دل کي ڄڻ وڏو سهارو ملي ويندو آهي ۽ اهڙا سهارا زندگيءَ کي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن ۽ زندگي بامقصد پيچرن تي هلندي محسوس ٿيندي آهي. اهڙا سهارا وڏيءَ خوشيءَ جو باعث بڻبا آهن.اگر اهي سهارا ۽ چاهڻ وارا ماڻهو اچانڪ وڇڙي ويندا آهن ته زندگي بي مقصد پيچرن تي ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳندي آهي. ناڪاميون ۽ مايوسيون زندگيءَ تي باضابطه طور قبضو ڪري وٺنديون آهن.

    منهنجي دل جو سهارو وڇڙي ويو............



    لڙڪ نيڻن جي تاج محل جا رهواسي هوندا آهن، اهي جڏهن درد جي شدت سان ٻاهر نڪرندا آهن ته اهي اندر جو درد وغبار کڻي ٻاهر نڪرندا آهن اهي لڙڪ به پنهنجي اندر ۾ سوچ شعور ۽ نظر رکندا آهن.جڏهن ڪو به ماڻهو لڙڪ اگهڻ وارو نه هوندو آهي ته اهي لڙڪ به نيڻن جا بند توڙي ٻاهر نڪرندا آهن. اهي لڙڪ به پاڻ کي با معنيٰ بنائڻ چاهيندا آهن. جڏهن به کين ڪو اگهڻ وارو نظر ايندو آهي ته نيڻن مان نروار ٿيندا آهن پر اگر ڪو لڙڪ اگهڻ وارو ئي نه هوندو ته ظاهر آهي شاعر کي هيئن ئي لکڻو پوندو نه.

    لڙڪ منهنجا ڪير اگهندو..............



    جڏهن پرينءَ جي اچڻ جو پورو پورو آسرو هوندو آهي ته انتظار جي انتها سڄي وجود کي هلچل ۾ آڻي ڇڏيندي آهي، نه ڪو ڪم ڪار صحيح نموني ٿي سگهندو آهي ۽ نه ئي ڪائنات جي ڪنهن شيءَ ڏانهن پورو ڌيان ڏئي سگهبو آهي. اکين ۾ اوسيئڙن جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن. وجود، دل، نظر ۽ سماعت جا سڀ رُخ پرينءَ جي پيچرن ۾ گم ٿي ويندا آهن. اهڙي اوسيئڙي جي رات ۾ اگر پرين نه پسجي ته ظاهر آهي سڄي رات سڏڪن سان ئي دل کي ريجهائبو نه.

    سرتيون سڄي رات رني آهيان .......


    زندگيءَ جي هر سؤدي ۾ فائدا به ملندا آهن ته نقصان به دلجايون به ملنديون آهن ته ڌوڪا به، انهيءَ لحاظ کان ڪي ڪي ماڻهو پنهنجي دل جي سؤدي ڪرڻ مهل تمام گهڻي احتياط، هوشياري ۽ خبرداريءَ کان ڪم وٺندي، دل جا به دستاويز ٺهرائي دل لکائي ۽ پڙهائي ڏيندا آهن اگر ائين ڪرڻ کان پوءِ به جانيئڙو نه نڀائي ته پوءِ هر ڪنهن جو نصيب.

    ڏنم دلڙي لکائي پڙهائي ..........



    پيار زندگيءَ لاءِ وڏي آٿت ۽ اتساهه جو ڪارڻ هوندو آهي. پيار دل لاءِ رڪ ۽ شيهي جي تار جيان هوندو آهي، جيڪو دل کي مضبوط ڪري زندگيءَ جي ڀتين ۽ عمارتن کي دوام بخشيندو آهي. اگر پيار جو سهارو زندگيءَ مان نڪري وڃي ۽ پرين پيارو ڇڏي وڃي ته هنيانءَ جو هندورو ڇڄي پوندو آهي. هنيانءَ جي هندوري کي بچائڻ لاءِ پرينءَ کي الله جا نالا ۽ واسطا وجھي به پرچائڻ گهرجي ۽ پري وڃڻ نه ڏجي.

    اٿو الله جو نانءُ جاني جدا نه ڪيو ..........

    ڪنهن به پيار کي وسارڻ، پيار جي اصولن ۽ ضابطن جي سنئين سڌي ڀڃڪڙي هوندي آهي. ملڻ نه ملڻ، اچڻ يا نه اچڻ جا ته ڪيئي سبب، مجبوريون ۽ مصروفيتون ٿي سگهن ٿيون پر ڪنهن جي سار نه لهڻ، پيار ۾ بي واجبي ليکبي آهي. ڪو ماڻهو پيار جي ڳالهه ڪري پيار جي دعويٰ به ڪري ۽ وڏي هام به هڻي پر سار کي، دل ۽ ذهن جي اسڪرين تان مٽائي ڇڏي ته هن قسم جا دکدائڪ احساس جنم وٺندا آهن.

    ڪاسار ته لهبي آ ..........


    پيار ۾ خوشيءَ جي انتها جو منظر به ڏسڻ وٽان هوندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جو ڀن جي مستيءَ ۾، اندر ۾ ڪنهن جي پيار ۽ سار جا سچا جذبا کڻي، سندس اوسيئڙي ۽ انتظار ۾ واٽون نهاريندو آهي ۽ اڱڻ ٻهاريندو آهي اهڙي ڪيفيت کي ڏسڻ وارو ته ڏسي، سندس پيار جي انتها جو اندازو لڳائي ويندو آهي پر اهڙي ڪيفيت کي هو پاڻ ڪيئن محسوس ڪندو آهي. اهو رونيٰ کان ٻڌي ٿا ڏسون .

    اڱڻ ٻهاريان .........


    پيار ۽ پيار جي شدتن جو اثر به عجيب ٿيندو آهي. پيار جي واءُ ڪا اهڙي ٿيندي آهي جو جڏهن لڳندي آهي ته ماڻهو صرف هڪ ساجن جي ڪري نه رڳو پنهنجا عزيز، مٽ مائٽ پر سڄي دنيا وارن کي به ڇڏي ڏيندو آهي. زندگيءَ جا سڀ رُخ، رستا، سوچون ۽ احساس ان کي هن جي منزل سمجهي ان طرف ئي ويندا آهن. پر اها ڪيڏي نه تڪليف ۽ اذيت واري ڳالهه آهي جو جنهن ساجن ڪري سڄي دنيا کي ڇڏي ڏجي ۽ اهو وري ڪنهن پيار جي ريگستان ۾ تنها ڪري ڇڏي هليو وڃي، اهو هڪ سوال درد جو روپ وٺي، زندگي ڀر سواليه نشان بڻجي جواب جو منتظر رهي ٿو.

    مون سڄي دنيا ڇڏي ............


    امڙ جنهن کي پنهنجي اولاد، پنهنجا ٻچا، جيجل به ڪوٺين ته امان به ڪوٺين آئي به ڪوٺين ته آيل به. انهن سڀني نالن ۾ پيار ، پنهنجائپ معصوميت، ماٺيڻائپ ۽ شفقت جا احساس جهلڪندي محسوس ٿين ٿا. جنهن هستيءَ جي نالن ۾ اهڙا احساس محسوس ٿين، اها هستي پاڻ ڪيتري نه شفيق، مهربان ۽ معصوم هوندي. اها عظيم هستي پنهنجي اولاد کي جنم ڏيڻ کان وٺي پالڻ تائين، لکائي، پڙهائي ۽ ويندي شاديءَ تائين ڪيترن ئي مرحلن ۽ مشڪلن مان گذري ٿي. امڙ اها واحد هستي آهي، جيڪا اولاد جي هر خواهش، هر انگل ۽ هر فرمائش جو احترام، دل جي حضور ۽ پيار سان ڪندي آهي. اهڙي هستيءَ جو قدر ڪرڻ اولاد تي اولين فرض آهي.

    رشتا ٻيا به گهڻا .......


    غم ۽ خوشي، ٻئي اهڙيون ڪيفيتون آهن جن ۾ ماڻهو پنمنجي هوش ۽ حواس تي مشڪل سان قابو پائي سگهندو آ. خصوصاً جڏهن ڪو غم ۽ خوشي، ٻئي شديد هجن. شادي هڪ اهڙو عمل آهي. جنهن ۾ گهوٽ بي انتها خوش هوندو ئي آهي پر ان جا مٽ مائٽ عزيز ۽ خصوصاً گهر ڀاتي تمام گهڻو خوش هوندا آهن. اهڙي خوشيءَ جي موقعي تي گهوٽ مٿان گلن ۽ نوٽن جي ورکا عام جام ٿيندي آهي. اوهان کي به اهڙي شاديءَ ۾ وٺي ٿا هلون جتي گهوٽ جي آمد ٿئي ٿي ۽ نوٽن جي ورکا ٿئي ٿي. اوهان صرف گهوٽ کي ڏسجو، نوٽن ۾ هٿ نه وجهجو.

    راڻل گهوٽ گهوريان نوٽ .......

    اها اميدن جي ڪشتي ئي آهي، جيڪا لڙڪن جي سمنڊ ۽، دردن جي طوفان دؤران جيئڻ جو حوصلو بخشي ٿي ۽ دل کي اتساهه ڀريا احساس ڏئي همٿائي به ٿي. هونئن به سائين جڏهن دل جي ويڙهي ۾ ويٺل پيارا ماڻهو وڇڙي ويندا آهن يا ڏور هليا ويندا آهن ته دل روئڻ لڳندي آهي ۽ نيڻن مان به پاڪ، شفاف پاڻيءَ جا قطرا لڙڪن جي صورت ۾ نڪري ايندا آهن، اهڙين ڪيفيتن ۾ دل کي هن قسم جي آٿت ڏئي زندگيءَ کي حوصلو ڏبو آهي.

    الله منهنجا ويڙها شال وسائيندو ........




    ڪوئو ٻليءَ کان ڊڄندو آهي، ٻلي ڪتي کان، ڪتو بگهڙ کان ڊڄندو آهي، بگهڙ گينڊي کان، گينڊو چيتي کان ڊڄندو آهي ۽ چيتو هاٿيءَ کان، هاٿي شينهن کان ڊڄندو آهي ۽ شينهن ماڻهوءَ کان، ماڻهو زال کان ڊڄندو آهي ۽ زال!! زال وري ڪرڙيءَ ۽ ڪوئي کان!! آهي نه عجيب سرڪل؟! ڪوئي تي مثال به ٺهيل آهن. مثلا ڪوئي هريڙ لَڌي ۽ پسارڪو دوڪان کولي ويٺو، ڪوئو کوٽي سندس ئي منهن ۾ پوي. جڏهن بک لڳندي آهي ته چئبو آهي پيٽ ۾ ڪوئا ٿا ڊوڙن. هونئن اها چوڻي به آهي ته ٻلي ست ڪوئا کائي حج تي هلي آ. ڪانياري ٻلي ڪوئي جي ماءُ. اردوءَ ۾ چوندا آهن چوهي بلي والا کهيل. ڪوئي جو ايترو ذڪر ٿيو آهي ته موسيقي جو اهڙو اسم ٻڌون ٿا جنهن ۾ ڪوئي جو ذڪر آهي.

    واهه ڙي ڪوئا واهه ...........


    هڪ شخص گهران نڪتو. شيطان به ان سان گڏ گڏ هلڻ لڳو. رستي ۾ ان شخص نه ته صبح جي نماز پڙهي نه ظهر جي ، نه عصر جي ۽ نه مغرب توڙي عشاء جي نماز پڙهي. اهو ڏسي شيطان کيس چيو ته هاڻي تنهنجيون ۽ منهنجون راهون الڳ ٿيون. ان شخص شيطان کان پڇيو ڇو ڀلا؟ ته شيطان جيڪو جواب ڏنو اهو ٻڌڻ جهڙو آهي. هن چيو مون آدم کي فقط هڪ سجدو نه ڪيو هو ته الله مونکي قيامت تائين لعنتي بڻائي ڇڏيو تو ته سڄاسارا 34 سجده ناهن ڪيا اهي به آدم جي رب کي . مونکي تنهنجي انجام کان خوف ٿو ٿئي.




    مشتاق حسين ولد خان محمد ڦل - ادبي نالو مشتاق ڦل 20 اپريل تي 1966ع ۾ ٽالپر وڏا ۾ جنم ورتو. ايم بي بي ايس 1990ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين. ايم اي سوشالاجي به ڪيل اٿس. هو جڏهن اٺون درجو پڙهندو هو ته ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ويندو هو ۽ ائين شاعريءَ جو شوق ٿيس. اهو 1978ع جو دؤر آهي. مشتاق ڦل جو 2000ع ۾ شعري مجموعو ڇپيو هو. هوءَ مان ۽ ڄامشورو. ٻيو شعري مجموعو ”دل ته چوي ٿي“ ڇپيل اٿس. هو سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ هاڻي لڳاتار ٽيون ڀيرو سيڪريٽري جنرل آهي. مشتاق ڦل کي چار ٻارڙا آهن. فيض محمد، وينس، سنڌ ۽ منظر حسين. مشتاق ڦل جا ڪيترائي گيت مشهور ٿيا. سرمد سنڌيءَ کيس تمام گهڻو ڳايو.

     سڏڪا سارون سارون توريءَ،
     منهنجي دل ٿي چوي پيار هر ڪو ڪري
     چنڊ مون کان نه پڇ......
    ....آڪاش ڏنو روئي

    ۽ ٻيا ڪيترائي گيت ـــ اچو ته سندس هي گيت ٻُڌون.



    جيڪي ماڻهو تمام گهڻين قربانين ۽ مشڪلاتن کان پوءِ ڪنهن جو پيار ماڻيندا آهن، اهي پيار جي پيچرن تي هلندي هلندي وکون تمام گهڻي محتاط پڻي سان کڻندا آهن. هو انتهائي خوفزده هوندا آهن ته ڪٿي اهو دل جو ڌڻي پيار جا رشتا ختم ڪري هن پيار جي تند کي ڇني نه ڇڏي. اگر ڪٿي اهڙي نوبت اتفاقاً اچي به ويندي آهي ته هڪ مجبور دل ماڻهو پاڻ کي موت جي ڪناري تي بيٺل محسوس ڪندو آهي.

    ڇنڻ جو نه چئو. ايڏو ڏي نه ڀؤ
    مٺا مان مري ويندو سانءِ ..........



    جڏهن موسمن ۾ تبديلي ايندي آهي تڏهن انسان جي اندر ۾ به ڪي خواهشون تمنائون ۽ تبديليون ڪر کڻڻ لڳنديون آهن. دل چوندي آهي ته اهڙي سٺي موسم ۾ اندر به خوشگوار هجي. اندر جي موسم تڏهن خوشگوار ٿيندي آهي جڏهن ساوڪ رت ۾ ڪي پيارا پرين دل جي اڱڻ تي اچي آباد ٿيندا آهن ۽ اگر ائين نه ٿيندو آهي ته ساوڪ رت ۾ به اندر جي موسم ۾ ڪا به تبديلي، ڪا به خوشي ۽ خوشگواري محسوس نه ٿيندي آهي. ويتر اها ساوڪ رت ستائڻ لڳندي آهي.

    ساوڪ رت ۾ سانورا ..........


    شادي جيترو خوشين ڀريو مرحلو آهي اوترو ئي تمام گهڻو پريشان ڪندڙ مرحلو به آهي. هن ۾ ڪيتريون ئي پريشانيون ۽ تڪليفون ڏسڻيون پون ٿيون. گهوٽ ڪنوار جي لاءِ ڏاج ڏنوڻ جي سامان کان علاوه ٻي به تمام گهڻي خريداري ڪرڻي پوي ٿي. ڄاڃين جي لاءِ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. هر غريب ۽ امير منهنجي حيثيت کان به مٿي خرچ ڪرڻ چاهيندو آهي. شاديءَ جي هنن ريتن رسمن کي شاعرن ۽ فنڪارائن مختلف سهرن ۾ ڳايو آهي. ڪنهن ڪنوار لاءِ بولو بلوچستان کان گهرايو، ڪنهن نٿ نگر کان گهرائي ۽ ٻيا به ڪيترا ئي سهرا اهڙا آهن، جن ۾ گهوٽ يا ڪنوار جي زيورن جو ذڪر آهي. هن سهري ۾ ڏسو ته ڇا جو ذڪر آهي.


    پيار، گلاب جي پنکڙين جيان حَسين، حساس، نازڪ، خوبصورت ۽ پر ڪشش هوندو آهي. پيار جي جهڙي ڪيفيت ۽ مزاج هوندو آهي، اگر اهو پيار اهڙي ماحول ۽ منظر ۾ ڪيو ويندو ته پيار جي مزاج ۽ ڪيفيت جي حق ادائي ٿي ويندي. هونئن ته پيار هر موسم واري ماحول ، ماڳ ۽ منظر ۾ پرلطف ۽ سرور بخشيندڙ هوندو آهي پر جڏهن ڌرتيءَ تي ڳاڙهن گلن ٽڙڻ جي موسم ايندي آهي تڏهن دل ۾ به پيار جا گلاب ٽڙڻ لڳندا آهن پر سائين هر ماڻهو گلابن ٽڙڻ واري موسم ۾ ملڻ جو انتظار نه ڪندو آهي پر ڪي ڪي ماڻهو اهڙا ضرور اٿو جيڪي چوندا آهن.

    ٽڙي پوندا ٽارئين ..........


    پرينءَ جا وصف، پرينءَ جون خوبيون پرينءَ جو حسن، پرينءَ جي خوبصورتي، پرينءَ جو ادائون. انگل ۽ آرا ۽ پرينءَ جي وجود جي انچ انچ، سندس زندگيءَ جي هڪ هڪ ڪنڊ تي لکڻ، ڳالهائڻ ۽ ساراهڻ لاءِ لفظ، ڪائنات جي ڪهڙيءَ ڪنڊ مان کڻي اچجن، قدرت جي ڪهڙي ڪارخاني مان لفظن جا موتي چونڊجن؟ حقيقت اها آهي ته پرينءَ جي ساراهه ۾ ڪائنات جا سڀ لفظ، هلڪا ۽ ٿورا محسوس ٿيندا آهن، پر هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي لفظن ۾ پنهنجي پرينءَ جي ساراهه ڪندو آهي. مشتاق بخاريءَ به پرينءَ جي ساراهه ۾ ڪجھه شاعراڻا احساس لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن کي غلام شبير سمون پنهنجي انداز ۾ ڳائي رهيو آهي اچو ته ٻڌون.



    پيار ۾ واعدا، وچن، عهد ۽ اقرار، پيار جي قاعدن ۽ اصولن ۾ شامل هوندا آهن. ڪائنات جو هر عمل اگر قاعدي ۽ قانونن موجب ڪيو وڃي ته هوندو ڪڏهن ڪي بي قاعدگيون نه ٿين ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻو نه پوي. پيار به ائين ئي آهي، اگر پيار ۾ هر قول ۽ اقرار پاڙيو وڃي، هڪ ٻئي جي مجبورين ۽ احساس جو احترام ڪيو وڃي ته هوند پيار جهڙو انمول جذبو، سڪون سان ۽ سرور سان نڀائجي وڃي. وعدا وچن ته پيار جي معاملي ۾ روز ٿيندا آهن پر سائين عيد خوشين ڀريو موقعو آهي، ان لاءِ ان خوشين ڀرئي موقعي تي ماڻهون پرينءَ سان گڏ گذارڻ چاهيندو آهي. خوشين واري موقعي ۾ پيار جا رنگ ۽ احساس شامل ٿيندا آهن ته عيد جو حقيقي احساس ٿيڻ لڳندو آهي. ان موقعي تي هر ڪو پنهنجي پرينءَ کي عيد جا وڳا ۽ تحفا ڏيندو آهي. اگر ڪنهن جوڙي جي پڌري يا مڱڻي ٿيل هوندي آهي ته اهي ڪنواريتن ڏي عيد کڻي ويندا آهن.مطلب ته عيد خوشين ۽ تحفن ڏيڻ وٺڻ جو نالو آهي. مشتاق بخاريءَ سان به هن عيد تي ڪنهن وعدا ڪيا آهن. مشتاق بخاري اهي وعدا، ڪمال سمي جي آواز ۾ پنهنجي پرينءَ کي ياد ڏياريندي چوي ٿو.

    هن عيد تي سارجانءِ ..............


    جڏهن جيون ۾ ڪي ڪيفيتون ۽ تبديليون اچڻ واريون هونديون آهن ته انهن جو احساس دل کي اڳواٽ ٿيڻ لڳندو آهي. دل اڳواٽ ڳالهائڻ لڳندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ دل انهن ماڻهن کي ساريندي ۽ سنڀاريندي آهي، جيڪي دل کي تمام گهڻو ويجهو ۽ پيارا رهيا هوندا آهن. انهن جي سار بيچين ڪري ڇڏيندي آهي. دل انهن سان فوري طور ڪچهريون ڪرڻ چاهيندي آهي. استاد بخاريءَ به اهڙو ئي ڪجھه چيو ڀلا اوهان به ٻڌي وٺو.
    اسان سان ڪچهريون ڪيو دوستو ........



    هر ماڻهوءَ جي خواهش، تمنا، آرزو ۽ سڌ پنهنجي هوندي آهي. ڀٽائيءَ فرمايو.
    سکن واري سڌ متان ڪامون سين ڪري
    اندر جنين اڌ – ڏونگر سي ڏورينديون.

    استاد بخاريءَ چيو :
    تون کلي ڏئي مان کلان
    تون روئي ڏئي مان روئان
    دل چوي ٿي دلربا
    آئينو تنهنجو هجان.

    نثاري بزميءَ چيو:
    مرڪ هر محلات جي تنهنجي مٿان گهوري ڇڏيان
    وس پڄي منهنجو ته تو کي سون ۾ توري ڇڏيان.

    ادل سومري چيو:
    سالن کان ٿو سوچان ويٺو گيت لکان ڪو اهڙو
    تنهنجي چهري جهڙو ..........

    عامر سيال وري سڌ ڪري ٿو ته:
    پرين موکي ياد رکي پر ڪڏهن ۽ ڪٿي؟ اهو حنيف لاشاري ٻڌائي ٿو!

    پيار خوشبوءِ ٿڌين هوائن ۾ ................



    سائين! جيڪي ماڻهو ڪنهن سان محبتون ڪندا آهن انهن جي هر نظر ۽ هر عمل مان محبتون جهلڪندي محسوس ٿينديون آهن. انهن جون وکون، انهن جا قدم، انهن جو هر عمل ٻڌائيندو آهي ته هي ماڻهو محبتن جي خوشبوءِ سان واسيل ۽ واڳيل آهي. محبتون ڪرڻ وارا لمحي لمحي، پنهنجي پرينءَ سان ملڻ جا منتظر ۽ آتا هوندا آهن ۽ پرينءَ سان ملڻ ۾ ڪامياب به ويندا آهن پر سائين جنهن ماڻهوءَ کي محبت ڪرڻ ئي نه اچي ان ماڻهوءَ سان عذرا جوڻيجو وانگي هن انداز ۾ شڪايت ڪري سگهجي ٿي.

    اي پرين تو کي آئي نه محبت ڪرڻ .......


    2

    پيار جو سفر، پيار جو پنڌ، پيار جي منزل ڏاڍي اوکي ۽ اڙانگهي هوندي آهي. ان ۾ هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي. رشتن جي قرباني جذبن جي قرباني، ويندي جيون جي قربانيءَ تائين. پيار جي منزل ماڻڻ لاءِ ڪي ماڻهو اکيون آليون ڪري ڪوشش ۾ مصروف رهندا آهن ۽ ڪي وري ساهه جي وڃڻ تائين به ڪنهن جي انتظار ۽ اميدن جو دامن نه ڇڏيندا آهن.

    اکيون آليون رهنديون ........


    سائين! سڪ جو سرور ۽ تاثير ئي اهڙو آهي جيڪو جيون جي رنگن ۽ روحن کي نروار ته ڪري ئي ٿو پر انهن ۾ نکار به آڻي ٿو. ڪنهن جي سڪ ۾ جيون جو لمحو لمحو ايترو ته وڻندڙ ۽ با معنيٰ محسوس ٿيندو آهي جو دنيا جي ٻي هر شيءَ بي معنيٰ محسوس ٿيندي آهي ماڻهو جڏهن سمهندو آهي ته به ڪنهن جي سڪ جا ستارا جهرمر ڪري هڪ ته هن جي وجود کي اونداهين کان تمام گهڻو پري رکندا آهن، ٻيو ته هن جا محافظ بڻبا آهن ۽ اگر اٿندو آهي ته به ڪنهن جي سڪ سياري جو سورج بڻجي، صبح جو سويري ٿڌڙين ۾ وهندڙ ڪرڻن جو احساس کڻي سندس وجود جي آڳر تي سلامي ٿيندي آهي. ها سائين اهڙي سڪ آهي ته پوءِ پرين به ته اهڙا ئي هوندا نه . پوءِ اهڙن پرين جي سڪ ڀلا لهڻ جو نالو وٺندي!؟

    سمهان سڪان تنهنجي - اٿان سڪ تنهنجي .........


    سائين! ان وقت دل کي ڪيڏو نه درد رسندو آهي جڏهن ڪو ڏک يا صدمو اچانڪ ڪنهن کان رسندو آهي، تڏهن جذبا دل سان اٽڪي پوندا آهي ۽ لڙڪ اکين ۾ اٽڪي پوندا آهن. اهڙو ڏک تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ڪو اسان جي پر خلوص پيار کي، پيار نه سمجهندو آهي. اسان تمام تر سچاين سان انهن جا ٿي ويندا آهيون پر اسان کي هو پنهنجو نه سمجهندو آهي. ان ناسمجهيءَ وارو عمل هونئن ئي ڏک ۽ چڙ ڏياريندڙ هوندو آهي. پر پيار جي معاملي ۾ به ڪو ڄاڻي واڻي به ناسمجهي ڪري، اها ناسمجهي انتهائي ڏک ڏيندي آهي. مشتاق بخاري به ڏک مان ڪنهن جي ناسمجهيءَ تي. ڪنهن کي ميارون ڏئي ٿو.



    اوهان معصوم ماڻهن جي معصوم دلين جو معصوم پيار ڏٺو آهي؟ اهڙن ماڻهن جو پيار ڪيڏو نه مضبوط ۽ لازوال هوندو آهي. ڀلي وقت انهن تي سوين وار ڪري ، ڌرتي لرزي پرزا پرزا ٿي وڃي پر هنن جو پيار ۽ دل نه لرزندي آهي ۽ نه پرزا پرزا ٿيندي آهي. هنن جي سچائي ۽ معصوميت هنن جي ويجهو ڪو به طوفان اچڻ نه ڏيندي آهي، اهڙن معصوم ماڻهن کان اگر پرين پيارا پري به هوندا آهن، تڏهن به ماضيءَ ۾ مليل پيار جي خوشبوءَ هنن جي زندگين کي سرهاڻ بخشيندي آهي پر ڪي تماشائي ماڻهو هنن جي معصوميت جو اجايو فائدو وٺندي کين ماضيءَ جون ڳالهيون ياد ڏياري هنن کي روئاري وجهندا آهن ۽ هي معصوم ماڻهو معصوميت ڀرين لفظن ۽ لمحن ۾ هينئن چوندا آهن.

    تو کي ياد تنهنجون ڳالهيون .................



    خوبصورتي جيون ۾ مڪمل طور رنگينيون آڻي ٿي. ڪنهن جي خوبصورتي ۽ حسن آڏو دنيا جا سڀ هٿيار ۽ طاقتون بيڪار آهن جنهن ماڻهوءَ کي دنيا جي ڪا به طاقت ڪو به هٿيار جهڪائي نه سگهي. ان لاءِ حسن جو هٿيار وڏي ڳالهه آهي، حسن خلقڻ واري ڪائنات جي مالڪ ، حسن ۾ ايتري ته ڪشش ۽ ڪمال رکيو آهي جو ڪائنات جي سڀني ماڻهن جون سڀ اکيون روزانو حسن ۽ خوبصورتيءَ جون سلامي رهن ٿيون. حسن پسڻ کان پوءِ هر اک سڪون ۽ آرام پسي ٿي. هن دنيا ۾ اگر حسن نه هجي ها ته هيءَ دنيا ڏاڍي ڀيانڪ محسوس ٿئي ها. ها سائين انهيءَ خوبصورتي ۽ حسن جي عطا جنهن کي ٿيل هوندي ان جي وجود ۾ ئي ڪائنات جون سڀ رنگينيون سمايل هونديون، هر اک هر نظر ان جي هڪ جهلڪ جي منتظر ۽ معتقد هوندي، ان جي دنيا ڪيڏي نه حَسين هوندي استاد بخاري اهڙن ماڻهن لاءِ چيو:
    عظيم آهين ڪمال وانگي
    حَسين سهڻي خيال وانگي
    تڏهن ته تنهنجو جمال جلوو
    جڏهن تڏهن آ جوان جاني

    تنهنجي دنيا سڀ رنگ ...........


    پيار جو جذبو، پيار جو سلسلو ته هڪ هوندو آهي پر انهيءَ جذبي ۽ سلسلي سان ڪيترائي ٻيا جذبا ۽ سلسلا جڙيل هوندا آهن. جتي پيار جو سلسلو هوندو آهي اتي سارن جا ڪيترائي سلسلا هوندا آهن، انهن سان گڏ سڏڪن ۽ ٽهڪن جا سلسلا به هوندا آهن، اوسيئڙن ۽ انتظارن جا سلسلا به هوندا آهن. ڪير ڪنهن کي ڪهڙيءَ ڪيفيت ۽ شدت سان ساري ٿو، اهو سارڻ واري تي ڇڏيل آهي. بحرحال سار ڪنهن کي سرور بخشيندي آهي ته ڪنهن کي سڏڪا. هن ڪلام ۾ به سڏڪن ۽ سارن جو ذڪر آهي، اهي ڪنهن جي لاءِ آهن اچو ته ٻڌون.

    سڏڪا سارون سارون تون لاءِ ............



    دل ۾ جيتري ڪنهن جي محبت جي شدت هوندي آهي اوترو ئي ان جي يادگيرين ۽ سارن ۾ شدت هوندي آهي. ڪي ماڻهو ڪنهن کي تنهاين ۾ ياد ڪن ته ڪي وري ڪنهن کي ماڻهن جي ڀيڙ ۾ ياد ڪن. ڪي ماڻهو وري ڪنهن کي اٿندي ويهندي ڪم ڪار توڙي سفر دؤران ياد ڪن. هر وقت هنن جي ذهن، دل ۽ سوچ جو محور اهو ئي ماڻهو هوندو آهي. ڪي ماڻهو ڪنهن کي هنن ٿڌڙين راتين جي تاريڪين ۾ ڪمري جي تنهاين ۾ يادن ۽ سارن جا ڪتاب کولي ياد ڪندا ته وري ڪي شڪيله سنڌوءَ وانگي ڪنهن کي صبح ۽ شام جو ياد ڪندا ۽ هنجون هاريندا آهن.

    تنهنجي يادن جي سهاري .......


    پيار جو جذبو، رب تعاليٰ انسان جي وجود کي ارپي انسان تي وڏي مهرباني ڪئي ۽ اها به حقيقت آهي ته اگر اهو جذبو انسان ۾ نه هجي ها ته انسان کي ڪنهن به ٻئي جذبي يا شيءِ جو احساس ۽ قدر نه هجي ها ۽ اهو جذبو اهڙو آهي جنهن جي حاصلات لاءِ ماڻهو پنهنجي سموري زندگي يا زندگي جي جوانيءَ جا خوبصورت ۽ حَسين لمحا انهيءَ جاکوڙ ۽ جستجوءَ ۾ لڳائي، پنهنجي زندگيءَ خوبصورتيءَ ۽ جوانيءَ کي بيحد متاثر ڪندو آهي. پيار جا ٻه پل حاصل ڪرڻ لاءِ سالن جا سال ڪشالا ڪاٽيندو آهي پر ڏٺو وڃي ته سموري زندگي به پيار ملي ته به ڄڻ ٿورو آهي. استاد بخاري چيو.

    هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس
    ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس
    مون کي عمريون هجن ها سؤ سهڻا ...

    سرمد چانڊئي وري چيو ته پيار لاءِ ساجن صديون گهرجن جنهن کي سرمد سنڌي پنهنجي سريلي آواز ۾ هن طرح ڳايو آهي.

    پيار لاءِ ساجن صديون گهرجن ........



    ڪنهن جون يادون، ڪنهن جي جيون لاءِ سهارو هونديون آهن ته ڪنهن جي لاءِ ڪنهن جون يادون عذاب بڻجي ان جي سوچن کي منتشر ڪري زندگيءَ ۾ زهر ڀري ڇڏينديون آهن ۽ لڙڪ اکين کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي اکين کي آلو ڪري وجهندا آهن. اکين ۾ اشڪن جو سلسلو سوچن ۽ يادن جي تسلسل کي بي حد متاثر ڪندو آهي ۽ ائين صدمن تي صدما ملڻ لڳندا آهن، پوءِ به ڪنهن جي لاءِ جيئڻ بيحد ضروري هوندو آهي.

    بس جئيان پيو مان صدمن ۾ .........


    ها سائين! ڪنهن جون يادون، ڪڏهن بيچينيءَ جا تحفا ڏينديون آهن ته ڪڏهن لڙڪ لارن جا انعام ارپينديون آهن ۽ ڪڏهن ڪنهن جون يادون اکين کان ننڊ به ڦري وٺنديون آهن. ننڊ جي ديوي جيڪڏهن مهربان ٿي اکين کي ننڊ ارپڻ ايندي آهي ۽ اک. اک سان مس لڳڻ لڳندي آهي ته ڪنهن جي ياد روئاري وجھندي آهي ۽ ان جي سڪ سمهڻ نه ڏيندي آهي.

    اک اک سان ........


    سائين! وقت پنهنجو پاسو اهڙيءَ طرح بدلائيندو آهي جو ماڻهوءَ کي ڪا خبر ئي نه پوندي آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي دامن ۾ محبتن جا ڀنڊار کڻي محبتون آڇيندا ۽ ارپيندا آهن انهن کي وقت جي وير هڪ پل ۾ اسان جي اکين کان اوجهل ڪري ڇڏيندي آهي اسان انهن جون محبتون ۽ قرب پنهنجي جيون ۽ دل کان ڪڏهن به ڌار ڪري ناهيون سگهندا. انهن جا قرب اسان جي زندگيءَ جو انمول سرمايو هوندا آهن. اهڙن ماڻهن جي دوري اسان جي زندگيءَ کي ڪنهن وڏي طوفان جيان ڌوڏي ڇڏيندي آهي ۽ اسان پنهنجي وجود کي سنڀالي به ناهيون سگهندا. اسان جي وجود کي سنڀاليندڙ ۽ سهڙيندڙ هٿ اسان کان جڏهن ڪوهين ڏور هليا ويندا آهن تڏهن اسان جي زندگي غيرمتوازن ٿي پوندي آهي. قرب ڏيندڙ ماڻهو زندگيءَ جي هر موڙ تي، هر لمحي وسري ناهن سگهندا. انهن جون يادون، ساهن جي تسلسل سان گڏ گڏ هلنديون آهن ۽ انهن لاءِ دل هيئن چوندي رهندي آهي.

    اهي ماڻهو الائي ڪاڏي ........


    سيني ۾ دل، دل ۾ درد، درد ۾ نشو، نشي ۾ مستي، مستيءَ ۾ خمار، خمار ۾ خيال، خيال ۾ تصور، تصور ۾ تصوير، تصوير ۾ تون، تو ۾ ادا، ادا ۾ وفا، وفا ۾ شوخي، شوخيءَ ۾ خلوص. خلوص ۾ پيار، پيار ۾ عبادت، عبادت ۾ خدا، ۽ خدا کان اها دعا ته اوهان سدائين خوش هجو.



    سائين. راندين ۾. خاص ڪري ڪرڪيٽ ۾ ڪيترائي ريڪارڊ ٺهندا ۽ ڊهندا آهن. ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ٻن خاندانن جو - 3 – 3 پيڙهيون جو هر ڏيکاري چڪيون جهانگير خان ورهاڱي کان اڳ آل انڊيا ٽيم ۾ چار ٽيسٽون کيڏيو. سندس پٽ ماجد خان ۽ پوٽي بازيد خان پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ويسٽ انڊيز جي جارج هيڊلي ۽ سندس پٽ رونالڊ هيڊلي ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪئي. سندس پوٽو ڊين هيڊلي انگلينڊ طرفان 15 ميچون کيڏيون.



    جڏهن پرين ۽ پرينءَ جي پار جي ڪا خير جي خبر يا احوال اچڻ بند ٿي ويندو آهي ته اڻ تڻ ۽ بيقراريءَ جا احساس اندر ۾ طوفان برپا ڪري ڇڏيندا آهن. ماڻهو پنهنجي پاران هر ممڪن ڪوشش ڪندو آهي پر سمورين ڪوششن جي باوجود به جڏهن ڪو به قاصد، ڪو به ماڻهو ڪا به خبر نه آڻيندو آهي ۽ اسان جي گهر آڳرن تي ويٺل پکي اسان جي اهڙي ڪيفيت ڏسندا آهن ته اسان جي حال تي انهن کي به احساس اچڻ لڳندو آهي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن پرينءَ جو احوال نه ڪنهن کي ڏئي سگهبو آهي نه ڪنهن کان وٺي سگهبو آهي تڏهن دل بيتاب ٿي پکيئڙي کي هيئن چوڻ لڳندي آهي.

    پکيئڙا مارن جا ڏي ڏس ........


    زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ڪنهن کي ايترا ته چاهيندڙ، پيار ڏيندڙ، پسند ڪندڙ ۽ قدر ڪندڙ ملندا آهن اها کين ملي ويندي جنهن جو تصور ان جي وهم گمان ۾ به نه هوندو آهي. هو جنهن به خواهش جي طلب ڪندا آهن يا جنهن به ضرورت جي شيءَ جو نالو زبان سان وٺندا آهن اها کين ملي ويندي آهي، پر وقت جيترو مهربان آهي اوترو ئي بي رحم به آهي. خبر ئي نه پوندي آهي ته وقت حالتن جو رخ تبديل ڪري ڇڏيندو آهي هزارين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن بڻجندڙ، هزارين اکين کي راحت ڏيندڙ ان ماڻهوءَ جي حالت تاجل بيوس چواڻي هيئن به ٿيندي آهي.
    ڪڏهن بيوس تنهنجا زخم اَگهيا
    ڪڏهن ڌرتيءَ تنهنجا پار پڇيا
    اڄ پٿر به تنهنجا ڪين ٿيا
    ڪڏهن ترندو هئين تون گلابن ۾




    ڪو اهڙو ئي ماڻهو جنهن جي مرڪن سان ڪنهن جي زندگيءَ جون خوشيون وابسته هجن، جنهن جي ٽهڪن سان دل جو ٽڙڻ وابسته هجي. اهڙي ماڻهوءَ جي ناگواره روين جي ڪري کيس ڪو چاهيندڙ هڪ رومال ڏئي ٿو ته اڄ اسان ڪيئي چاهيندڙ تنهنجي پيار جا محتاج ۽ متوالا آهيون پر متان ڪو وقت اچي جو تنهنجا لڙڪ به ڪوئي اگهڻ وارو نه هجي ۽ تو وٽ به ڪجھه نه هجي ان لاءِ هي رومال ڏئي ٿو ڇڏيانءِ ته ان سان پنهنجا لڙڪ اگهجانءِ .

    اهي لڙڪ اگهي ڇڏجانءِ.
    هي رومال تڏهن ٿو ڏيانءِ.



    سئيءَ جو ڪردار ۽ ڪمال به واکاڻ جوڳو آهي. سئي بظاهر ته هلڪي شيءِ آهي پر هن جي ڪاريگري ڪمال جي آهي. اسان هي جيڪي رنگبرنگي ڪپڙا پايون ٿا اهي به سئي جي بدولت آهن. سئي ڪيترن ئي خاندانن جي روزگار جو ذريعو ۽ وسيلو به آهي. سئيءَ تي پورهيو ڪندڙ درزي ۽ گهرن ۾ ڀرت ڀريندڙ عورتون ۽ نياڻيون، ڪيترن ئي انسانن جي پيٽ ڀرڻ لاءِ پنهنجي آڱرين جو استعمال ڪن ٿيون. سئي ڪيڏي نه خوش قسمت آهي جيڪا ڪنهن محبوبه جي هٿن ۾ اچي، جنهن پرينءَ لاءِ چولي تي ڀرت ڀري ٿي يا ڪنهن پرينءَ کي تحفي ۾ رومال ڏيڻ لاءِ ان تي گل ۽ دليون ٺاهي ٿي، اهڙي سئي گم ٿيندي ته پريشاني ته ٿيندي نه.

    ڀينرڙي مون ته سئي وڃائي.....


    پيار جتي خوشي ۽ مسرت جو باعث بڻجي ٿو اتي پيار ڏک ۽ درد جو ڪارڻ به بڻجي ٿو. اصل ۾ پيار جو مفهوم ۽ مقصد ڪهڙو به هجي پر هر ماڻهوءَ وٽ ان جو مفهوم ۽ مقصد پنهنجي سوچ، تجربي ۽ علم آ هر ضرور هوندو آهي. پيار جا طور طريقا ۽ اصول، هر ڪو پنهنجي حالتن، مزاج ۽ ماحول مطابق جوڙي ٿو. جيڪو پيار گهڻي جاکوڙ ، درد، سوز ۽ مشڪلاتن کانپوءِ ملي ٿو. اهڙي پيار جو سرور ئي نرالو ٿئي ٿو. جيڪو پيار بنان ڪنهن تڪليف جي ملي ٿو. اهو پيار پنهنجي اهميت پنهنجي حقيقي مفهوم دلي ۽ روحاني رمز کان پاسيرو ٿي وڃي ٿو. جيڪي ماڻهو پيار جي ماڳ جا مسافر بڻجڻ لاءِ سپنا ڏسندا آهن ۽ جڏهن اهي سپنا هنن کي پيار جي ماڳ ڏانهن اسهڻ کان اڳ ۾ ئي درد ۽ ڏک جا سنيها رسائيندا آهن ته هنن جي ڳلن تي لڙڪن جا آبشار وهڻ لڳندا آهن، پوءِ اهڙا ماڻهو پيار جا سپنا ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن.
    ڏسن ٿا جيڪي پيارا سپنا
    انهن لاءِ سندر نظارا سپنا
    اسان کي مليا اوهان جي پاران

    اڌورا سپنا – اڌارا سپنا



    اسان ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ذميوارين ۾ غير ذميوار ٿي ويندا آهيون. پيار جي حاصلات واريءَ خوشيءَ ۾ پيارن جي قدر کان بي خبر ٿي بي قدرا ٿي ويندا آهيون. ڪنهن جي پنهنجائپ ۽ ويجهڙائپ جي احساس کي نه سمجهندي بي حس ٿي ويندا آهيون. اسان پنهنجي ذميوارين ۾ ذميواريءَ لاءِ تڏهن سوچيندا آهيون جڏهن اسان جي لاغرضيءَ جي ڪري اسان کي ڪو وڏو نقصان رسندو آهي. پيار جو قدر تڏهن ٿيندو آهي جڏهن پيار، وڇڙي ويندا آهن ۽ ڪنهن جي پنهنجائپ ۽ ويجھڙائپ جو احساس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اهي اسان کان تمام گهڻو پري هليا ويندا آهن.

    هاءِ ڪيڏو پري ويو آهين .......


    ڪو ڏک، ڪو درد ، ڪو وڇوڙو، ڪا موڪلاڻي هميشه اکين ۾ لڙڪ آڻي ڇڏيندي آهي. ڪير ڪيترو به دل تي پٿر رکي کلي موڪلائڻ جي ڪوشش ڪري، جيڪڏهن موڪلائڻ مهل ڪنهن جي چاهتن جو ڀرم رکندي ماڻهو مرڪي به موڪلائي ته به ڪنهن رستي، ڪنهن ماڳ تي لڙڪ اکين مان ڪري لکين ميارون ضرور ڏيندا، بهرحال هر چاهيندڙ جو انداز ته پنهنجو پنهنجو هوندو آهي، ڪي روئي موڪلائيندا آهن ته ڪي کلي موڪلائيندا آهن، ٿلهن لفظن ۾ ائين چوان ته موڪلائڻ سٺو عمل آهي پوءِ روئي موڪلائجي يا کلي.

    اڄ کلي موڪلايون سڀان هليا وينداسين..........



    جيڪي ماڻهو دل جي اسڪرين تي موجود هوندا آهن، اهي ماڻهو ئي ذهن، سوچ ۽ ياد جي اسڪرين تي به هر وقت ڇانيل هوندا آهن. هر نگر ۾، هر سفر ۾ ۽ هر پهر ۾ اهي ئي ياد رهندا آهن. باقي جيڪي ماڻهو دل جي اسڪرين تان غائب ٿي ويندا آهن، اهي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ياد نه ايندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪو ياد ئي نه هوندو ته ظاهر آهي ته ان جي سار به ڪو نه لهي سگهبي.

    تو کي ياد هجون ........


    سائين! دل ڪائنات آهي، دل ڌرتي آهي، دل سمنڊ آهي. دل درياءُ آهي، دل محبوبه جي گهر جو آڳر آهي. دل ڪتاب آهي ۽ دل پني جو هڪ ورق آهي. دل ڪائنات جيڏي وسيع به هوندي آهي ته ڌرتيءَ جيڏي وشال به هوندي آهي. دل سمنڊ جيان گهري به هوندي آهي ته درياءَ جي وهڪري جيان به هوندي آهي.دل محبوبه جي گهر آڳر جيان هوندي آهي، جنهن ۾ محبوبه جون محبتون اسرنديون ۽ اڀرنديون رهنديون آهن. دل هڪ ورق ۽ ڪتاب به آهي، جنهن تي زندگيءَ جون سموريون وارداتون ۽ ڪهاڻيون مرڻ گهڙيءَ تائين نقش ٿيل هونديون آهن ۽ دل، دل اڄ ڪلهه دستاويز جو ڪم به ڏيوَ ٿي. دل واقعي به اهڙو دستاويز آهي جنهن تي اگر ڪا شيءِ نقش ٿي وئي ته ڊهڻ جو نالو ئي ناهي وٺندي. هڪ شاعر پنهنجي پيار جي نڀاءَ لاءِ گواهي ۽ زندگيءَ ڀر ڌار نه ٿيڻ جي تصديق لاءِ محبوب کي منٿون ٿو ڪري ته دل جي دستاويز تي صحيح ڪر ته تون زندگيءَ ڀر ڌار نه ٿيندين.

    دل جي دستاويز تي ...........


    جڏهن اکين جا انتظار ۽ اوسئڙا انتها کي پهچندا آهن ۽ پنهنجون سڀ ڪوششون ناڪام وينديون آهن. جانيءَ جي جلون کي اکين جو چقمق به پاڻ ڏانهن ڇڪي ناهي سگهندو جانيءَ جي سڪ ۽ اڪير دل جون حدون ٽوڙڻ لڳندي آهي. اهڙي ماحول ۾ هڪ مولا ئي آهي جيڪو منٿون مڃي، آسن کي نراس ٿيڻ نه ڏيندو آهي. هڪ اهڙي چاهيندڙ جي التجا مولا جي در ٻڌون ٿا احمد مغل کان :



    لڙڪ جن اکين جي خوراڪ بڻجي ويندا آهن، اهي اکيون روئڻ مان ڪڏهن به نه ڍاپنديون آهن ۽ نه ئي روئڻ کان ٿڪبيون آهن، اهي اکيون پرينءَ جي اوسيئڙن ۽ دردن جون گهايل هونديون آهن. اهي اکيون پنهنجي پرينءَ جي اوسيئڙن ۾ دردن سان مصلحت ڪري لڙڪن جي دردناڪ سوغات حاصل ڪري زندگي ائين ئي گذارينديون آهن، پر پرينءَ جي وڇوڙن واري عمل تي نه بيزارگي ظاهر ڪنديون آهن ۽ نه ئي ڪا شڪايت ڪنديون آهن. پر ڪي ماڻهو ۽ سندن اکيون ڪنهن جي دردن ۽ ڏکن جي شدت کي گهڻو وقت به برداشت ڪري نه سگهنديون آهن. سندن اکيون روز روز روئڻ واري عمل مان بيزار ٿي پونديون آهن ۽ اهڙي قسم جا ماڻهو پرينءَ کان هڪڙو ئي درد گهرندا آهن، جيئن اهڙي درد سان دل ٽٽي پوي ۽ روز روئڻ کان جند ڇٽي پوي.

    ڏي درد اهڙو .........


    ڪنهن جي سونهن جي سترنگي منظرن کي جڏهن ڪي اکيون پنهنجي پاڻ ۾ سمائي ڇڏينديون آهن. ڪنهن جي پيار جا انوکا انداز جڏهن ڪنهن جي دل کي موهي وجهندا آهن، تڏهن دنيا جا سڀ حسين منظر ۽ دنيا وارن جا اڻ کٽ پيار ان جي اکين ۽ دل ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائي نه سگهندا آهن. اهڙو ماڻهو پنهنجي پسند جي پرينءَ خاطر ساريءَ دنيا کي ڇڏي ڏيندو آهي ۽ ان کي ساري دنيا هڪ بي معنيٰ سپني جيان لڳندي آهي. بس هڪ پرين ئي حقيقت جو هر روپ لڳندو آهي پر سائين ان پرينءَ جي دل ۾ ڇا آهي ۽ ڪير آهي، اها خدا کي خبر . اهڙي پرينءَ لاءِ اگر دنيا کي ڇڏي ڏجي ضروري ناهي ته هو به دنيا کي اسان لاءِ ڇڏي ڏي. ائين به ٿيندو آهي ته اسان جنهن جي ڪري دنيا کي ڇڏي ڏيندا آهيون اهو وري دنيا جي ڪري اسان کي ڇڏي ڏيندو آهي.

    مون سڄي دنيا ڇڏي تنهنجي ڪري ......


    محبت جي سفر ۾ ڪنهن پياري ساٿيءَ جو گڏ هجڻ هڪ حَسينِ ۽ با معنيٰ زندگيءَ جي علامت آهي. محبتن جو سفر، محبت ڀرين احساسن سان ئي طئي ٿيندو آهي. اهڙي سفر ۾ پرينءَ جو ڇڄڻ يا پرينءَ پاران ڇڄڻ جي ڌمڪيٰ موت کي سڏ برابر هوندي آهي. اهڙي سفر ۾ ڇڄڻ جو خوف زندگيءَ جي پيرن هيٺيان پيار جي ڌرتي ڪڍي وٺندو آهي. ڇنڻ جو ڀؤ به موت جيان ڏاڍو ڀوائتو ٿيندو آهي، ان ڪري پنهنجي پيارن کي ڇنڻ جو ڀؤ ڏيڻ ئي نه گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ ڇا ٿيندو، اهو شمن علي ميراليءَ کان ٻڌي وٺو.

    ڇنڻ جو به چئو ايڏو ڏي نه ڀؤ ..........


    ڪنهن گهر ۾ شاديءَ جو منظر آهي شاديءَ جا لمحا آهن. گهوٽ آهي، ڪنوار آهي، گهوٽ جا والدين، عزيز ۽ مٽ مائٽ آهن، ڀائر ۽ ڀينرون آهن. اوهان ان منظر کان پهرين ٿورڙو ڪنوار جي ماضيءَ ۾ وڃو جيڪا هن لمحي پنهنجي پيءُ ماءُ ڀاءُ ڀيڻ کان جدا ٿي ان گهر کي ڇڏي ٿي جنهن ۾ هن جو سمورو ٻالڪپڻو ۽ جوانيءَ جا پهريان سال گذريا آهن جيڪا والدين، ڀاءُ ڀيڻ جي پيار ۾ پلي آهي، جنهن زندگيءَ جا سبق رستا ۽ گس پنهنجي والدين کان ورتا ان کي ان جو احساس روئاري ٿو. ان کي اهو احساس ويڳاڻو ڪري ٿو، هن کي اهي پيار، موسمن جيان تبديل ٿيندي محسوس ٿين ٿا. گهر جي ڀتين، درن ، ديوارن ۽ ڪمرن مان به هن کي روئڻ جو آواز اچي ٿو. هوءَ گهر جي هر شيءِ کان نه چاهيندي به روئي موڪلائي ٿي.

    وني اڄ وڃي ٿي. (لوڪ گيت)


    پرينءَ جو انتخاب، اکين ۽ دل جو انتخاب هوندو آهي، اکيون پرينءَ جو انتخاب ڪنديون آهن ۽ دل ان جي منظوريءَ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندي آهي ۽ پوءِ پيار جي انهيءَ انتخاب سان نڀاءُ به اکيون ۽ دل ڪندي آهي. اگر پرين ۽ پيار ملندو آهي ته اکين کي آرام ملندو آهي ۽ دل کي سڪون. اگر پرين ڇڏي ويندو آهي ۽ پيار نه ملندو آهي ته پوءِ اکين جو آرام ڦٽي ويندو آهي ۽ دل جو سڪون کسجي ويندو آهي. ان هوندي به دل اميدن جا هٿيار ڦٽا نه ڪندي آهي ۽ اکيون آسن جا هٿيار ڦٽا نه ڪنديون آهن ۽ چپن تي دعائن جا هي ٻول ٻُرڻ لڳندا آهن.

    ڇڏي وئين .......


    هر ڪنهن جون يادون ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن منظر، ڪنهن نه ڪنهن ماڳ ۽ موسم سان وابسته هونديون آهن ۽ اهي منظر، موسمون ۽ ڏينهن جڏهن اکين جي اڳيان وري ايندا آهن تڏهن انهن پيار ڪندڙن کي پيار جا لمحا، ماضيءَ جي جهروڪن مان نظر ايندا آهن. عادل سخيراڻيءَ به پنهنجي پرينءَ کي تڏهن ئي ته هيئن چيو.

    ڪڪر ڪڻ ڪڻ ڪري ياد مونکي ڪجان ........



    ماڻهو اڪثر زندگي پنهنجي پرينءَ جي سهاري گذاريندو آهي يا پيار سهاري، پر جڏهن اهي ٻئي سهارا کسجي ويندا آهن ته جيون صرف ڪنهن جي يادن سهاري گذرندو آهي، هي وجود اڪيلاين جي حوالي ٿي ويندو آهي. انهن مايوسين ۽ اڪيلاين ۾ زندگيءَ کي اهي يادون ئي آٿت ڏينديون آهن، انهن اڪيلاين ۾ ماضيءَ جا منظر دل جي اسڪرين تي ياد جي روپ ۾ هر هر نظر اچڻ لڳندا آهن. يادن ۽ اڪيلاين جي اهڙين ڪيفيتن کي خوبصورت نموني عاشق نظاماڻي هن طرح پيش ڪري ٿو.

    تنهنجون يادون ۽ هيءَ اڪيلائي .......


    3

    زندگيءَ جو ڪو به ڪم، ڪا به خواهش جڏهن من اندر ۾ جاڳندي آهي ته ان جي پورائي لاءِ ماڻهو اڳواٽ رٿابندي ڪندو آهي. زندگيءَ جو ڪهڙو به ننڍڙو ڪم هجي، ان جي پورائي لاءِ ڪي تڪليفون ۽ ڪي ڪوششون ضرور ڪرڻيون پونديون آهن ۽ ڪن ڪمن ۾ ڏاڍي ڏکيائي به درپيش، ايندي آهي پيار زندگيءَ جو اهم ڪم ـــ اهم خواهش. ۽ تمام ڏکئي ۾ ڏکيو عمل آهي. ظاهر آهي انهيءَ ۾ ڏکيائي ته ٿيندي آهي نه، ۽ ان عمل ۾ خاص ڪري ڏکيائي تڏهن ئي ٿيندي آهي جڏهن پرين پري هوندو آهي ۽ جڏهن جدائي ٿي ويندي آهي.

    شل دل نه لڳي ڪنهن سان ڏاڍي ڏکيائي ٿي ٿئي .....



    هن وقت سڄي دنيا ۾ 692 ٻوليون يا زبانون ڳالهايون وڃن ٿيون. جڏهن ته گذريل 500 سالن اندر ايتريون ئي ٻوليون ختم به ٿي چڪيون آهن. 6912 زبانن مان رڳو 75 زبانون اهڙيون آهن جن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي، انهن مان 8 زبانون اهڙيون آهن جن جي ڳالهائيندڙن جو تعداد 10 ڪروڙن کان ٿي آهي، جيڪي زبانون دنيا جي 4 سيڪڙو آباديءَ کي Cover ڪن ٿيون. اهي زبانون آهن عربي، اسپيني، انگريزي، هندي، پرتگالي، بنگالي، روسي، چيني، باقي 80 سيڪڙو زبانون دنيا جي 20 ملڪن ۾ ڳالهايون وڃن ٿيون. عالمي سطح تي رڳو 100 زبانن جو تحريري استعمال ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ 48 سيڪڙو پنجابي 12 سيڪڙو، سنڌي 10 سيڪڙو، سرائڪي 8 سيڪڙو ، پشتو 8 سيڪڙو، اردو 3 سيڪڙو، بلوچي 2 سيڪڙو هندڪو ۽ براهوي ڳالهائي وڃي ٿي. ٻوليون ڪيتريون ئي ڇو نه هجن پر ماڻهوءَ کي سڀ کان مٺڙي ۽ پياري زبان مادري زبان ئي لڳندي آهي.

    سائين!
    نيڻ جتي پيار ۽ سونهن جو محور ۽ مرڪز رهيا آهن اتي شاعرن جي تخليقن توڙي تصورن تي حائل رهيا آهن ـــ ڳالهه جڏهن مومل جي اکين جي نڪري ٿي ته لطيف سرڪار انهن ئي نيڻن کي قيمتي ۽ خوبصورت پٿر الماس سان ڀيٽا ڏئي ٿو ۽ ڪو شاعر ۽ محب پنهنجي محبوب جي اوسيئڙي ۾ رات جي تاريڪن ۽ اڪيلاين ۾ نيڻن کي ڏياٽيون ڪري ٻاري رکي ٿو ۽ ڪٿي ڪو محب، محبوب جي دُورين ۽ وڇوڙن جا نوحا لکندي انهيءَ تصور ۾ گم ٿي سوچي ٿو ته سندس محبوب دوريءَ جي احساس۾ ٻُڏي پنهنجي نيڻن کي ڪڪر بڻائي، ڳوڙهن جو وڏڦڙو وسائيندو هوندو ۽ سڏڪن جي سور ۾ ساريندو هوندو.

    نيڻن جا ڪڪر برسيا هوندئي.......


    اها ڳالهه ڪڏهن ڪڏهن سوچ جي دروازن کي تالا هڻي ڇڏيندي آهي ۽ ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته ڪي ميڻ جي دل رکندڙ ماڻهو پٿر ڪيئن بڻجي ويندا آهن، هنن جي دل پٿر ڪيئن بڻجي ويندي آهي. هر ڪنهن جي پيار ۽ اعتبار کي وساري پيار ۽ اعتبار جي ڪائنات کان تمام گهڻو پري بي فڪر ٿي بي حسيءَ جي بستر تي ننڊون ڪيئن ڪندا آهن. هنن کي ڪنهن جي دل جو ماتم ۽ اڌ رات جو اڌمن ۽ سڏڪن جو آواز به ٻڌڻ ۾ ناهي ايندو! ڪنهن جا پيار وساري ننڊون ڪندڙن جي نالي هي شمن ميراليءَ جو ڪلام.

    وسارڻ وارا ڪيئن ننڊ ٿا ڪن رات جو


    پيار هڪ اهڙي احساس جو نالو آهي جنهن جو تصور ئي زندگيءَ ۾ رنگ ـــ رنگينيون ـــ رونقون ۽ روشنيون آڻي ڇڏي ٿو ـــ پيار جي حاصلات ته وڏي ڳالهه آهي ـــ جڏهن پيار ۾ حاصلات ٿيندي آهي ته زندگيءَ جا پل پهر، ڏينهن مهينا ۽ سالَ بلڪل ٿورڙا ۽ مختصر محسوس ٿيندا آهن. اهي سوچون ۽ اهي تصور امتحان ۾ وجھي ڇڏيندا آهن ته هيڏو سارو پيار ـــ ۽ هڪڙي حياتي جنهن تي به ڪو اعتبار ڪونهي ته ڪهڙيءَ مهل به ساهن جو سلسلو ٽٽي پوي ـــ اهڙيءَ هڪ زندگي ۾ هيڏو پيار ڪيئن ماپي سگهندو، تڏهن ته استاد بُخاريءَ چيو:

    هڪ عمر ۾ جاني ڇا جيئندس
    ڪم ڪار ڪندس يا پيار ڪندس
    ڇا کلندس ۽ توسان ملندس
    مونکي عمريون هجن ها سؤ سهڻا

    اهڙيءَ طرح سرمد سنڌي به هينئن چوي ٿو.

    پيار لاءِ ساجن صديون گهرجن......


    جڏهن ڪنهن کي دل چاهي ويهندي آهي، ته دل ۾ نه ڄاڻ ڪٿان چاهتن جي موج ۽ مستي اچي ويندي آهي. چاهتن جو درياءُ دل جي ڌرتيءَ تي ڇوليون هڻڻ لڳندو آهي. دل چاهتن جي انڌ ۾ ان احساسن کان بلڪل بي خبر هوندي آهي ته کيس. انهن چاهتن جي موجن ۽ مستين جي موٽ ۾ سواءِ مايوسين جي ڪجهه به پلئه نه پيو آهي پوءِ به هوءَ پنهنجي انڌ ۾ هوندي آهي. کيس خبر تڏهن پوندي آهي جڏهن ان کي ڪو اهرو ڌڪ رسندو آهي جيڪو بيوفائي ۽ بي رخيءَ جو هوندو آهي. اهڙو ڌڪ دل جي چاهتن کي درد جي وچ درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيندو آهي.



    هڪ ڏينهن هڪ ماڻهوءَ ڪوئل کي چيو جيڪڏهن تون ڪاري نه هجين ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. وري سمنڊ کي چيائين جيڪڏهن تون هڪ هنڌ ترسيل نه هجين ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها، وري گلاب کي چيائين تو ۾ ڪنڊا نه هجن جا ڪيڏو سٺو ٿئي ها. ته هيڪر انهن ٽنهي گڏجي ان انسان کي چيو: ”اي انسان اگر تو ۾ ٻين جا عيب ڳولهڻ جي عادت نه هجي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها؟



    • سج ته اڀريو آهي پوءِ هُو ڪيئن ٿا چون محبت نه رهي آهي.
    • لفظ ماڻهوءَ جا غلام هوندا آهن پر ڳالهائڻ کان پهريان ـــ ڳالهائڻ کانپوءِ ماڻهو لفظن جو غلام ٿي ويندو آهي.
    • جيڪو اوهان کي ڏک ڏئي ان کي ڇڏي ڏيو پر جنهن کي توهان ڇڏي ڏيو ان کي ڏک هرگز نه ڏيو.
    • ڏينهن جي روشنيءَ ۾ رزق تلاش ڪيو ۽ رات جو وري ان کي تلاش ڪيو جيڪو توهان کي رزق ڏيندو آهي.
    • جيڪڏهن تون الله پاڪ جي عبادت نه ٿو ڪري سگهين ته پوءِ گناهه ڪرڻ به ڇڏي ڏي.
    • پنهنجي مسڪراهٽ سان ڪنهن جي دل کٽڻ سڀ کان عظيم ڪارنامو آهي.





    سائين!
    گلاب جو گل سڀني گلن جو بادشاهه سڏيو ويندو آهي ۽ دنيا جي هر حصي ۾ جنهن گل کي ماڻهو سڀن کان وڌيڪَ پسند ڪن ٿا سو گلاب جو گل آهي ـــ چون ٿا گلاب جي گل کي پسند ڪندڙ ماڻهو جذباتي هوندا آهن، انهن جي محبت حد کان وڌيڪَ گهري ۽ سنجيده هوندي آهي ـــ اهي پيار ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا آهن پر هو محبت ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته اهڙيءَ ئي شدت سان نفرت به ڪندا آهن ـــ ٻين مٿان پنهنجي برتري جتائڻ سندن عادت هوندي آهي.
    نرگس گل کي انتظار جي علامت سمجھيو ويندو آهي. نرگس گل کي پسند ڪرڻ وارا حد کان وڌيڪَ خاموش ۽ اداس هوندا آهن. اهي صرف زندگيءَ جي انڌيرن کي ڏسندا آهن هو احساس محروميءَ جو شڪار هوندا آهن. اگر ساڻن ڪو بيوفائي ڪندو آهي ته هُو احتجاج ناهن ڪندا.
    ڏاڙهونءَ جي گل کي پسند ڪرڻ وارا نهايت نازڪ مزاج هوندا آهن ـــ اهي ماڻهو ٻين جي دکن ۽ دردن ۾ شريڪ ٿيڻ وارا هوندا آهن هو ٻين جي غمن کي پنهنجو غم سمجھندا آهن، ۽ ٻين کي خوش رکي کين مزو ايندو آهي.
    رات جي راڻي کي پسند ڪرڻ وارا ماڻهو سماجي ڪم ڪرڻ جو جذبو وڌيڪَ رکندا آهن، اهي ماڻهو رلڻا ملڻا هوندا آهن. ٻيا ماڻهو انهن سان دوستي رکڻ پسند ڪندا آهن ـــ هو پنهنجي ڌن ۾ مگن هوندا آهن اهي شهرت جا بکيا هوندا آهن ۽ ڏکن ۾ گهٽ پريشان ٿيندا آهن.
    گلن جي شهزادي ڪنول کي پسند ڪرڻ وارا ٻين کي پننهنجي محبت جي ڄار ۾ ڦاسائيندا آهن، اهي پاڻ سان پيار ڪندڙن کي تڙپائڻ ۾ ڏاڍو لطف حاصل ڪندا آهن. ڪنول کي پسند ڪندڙ ٻين جون دليون ته جلد کڻي ويندا آهن پر سندن دل گھٽ ماڻهو کٽي سگهندا آهن. هو گهڻو ڏيکاءُ پسند هوندا آهن. هو ڏک ڏيندا ته آهن پر ڏکن ۾ شريڪ ناهن ٿيندا.
    موتئي يا رابيل گل کي پسند ڪرڻ وارا ماڻهو نهايت حساس طبيعت جا مالڪ هوندا آهن. ٿورڙي ڳالهه کين غمگين ڪري ڇڏيندي آهي. اهي ماڻهو عاشق مزاج به هوندا آهن ـــ اُهي حُسن کي روح جي غذا سمجھي ان جي عبادت ڪندا آهن ـــ اهي امن پسند ۽ جھڳڙي کان پري هوندا آهن ـــ موتئي کي پسند ڪرڻ وارن جي محبت قابلِ احترام هوندي آهي ـــ اهي تصوراتي ۽ خيالي دنيا ۾ گهڻو رهندا آهن.


    وقت جي ڦيري ۽ وقت جي گردش جو ڪو اعتبار ئي ناهي هوندو ـــ وقت ڦرندي ڪا وير ئي نه لڳندي آهي. حُسن جا صاحب پنهنجي حُسن جي زور تي نازن سان پنهنجي حسن جي نمائش ڪندي، پنهنجي چاهيندڙن جي دلين سان ڌوڪا ڪندا آهن ۽ بي حسيءَ جون بارشون وسائيندا آهن، انهن کي اهو قطعي احساس ناهي هوندو ته اهي گڏ کائڻ وارا ئي سندن دشمن ٿي سگهن ٿا.



    پيار ڪندڙن ماڻهن جي ساهن جو سلسلو، پيار جي ساهن سان جيون جي تسلسل کي قائم ۽ دائم رکندو آهي. پيار کانسواءِ کنيل پنهنجا ساههَ به ڄڻ پنهنجا ناهن لڳندا. پيار ڏيندڙ پرين جنهن کي ساهه کان به وڌيڪَ چاهبو آهي ـــ اگر اهو پاڻ پڪو ٿي وڃي ته دل جو عالم ڪهڙو ٿيندو؟

    پڪو پاڻ ٿي وئين....


    سڄڻ جي دوري هر حال ۾، هر صورت ۾ دل ڏکائيندڙ ۽ دل کي پريشان ڪندڙ هوندي اهي، جنهن پرينءَ جي پيار جي ڇانوَ ۾ ماڻهو زندگيءَ جا لمحا سڪون ڀرين ساعتن سان گذاري ٿو پر اهڙو پرين يا سڄڻ دور ٿي وڃي ته يقيناً زندگي جدائيءَ جي نٽهڻ اس ۾ سڙڻ لڳندي. سڄڻ بنا موڪلائڻ جي دؤر ٿي وڃي يا موڪلائي وڃي، ٻنهي صورتن ۾ دل کي ڀوڳنائن جي ريگستان مان گذرڻو پوندو آهي ۽ مجبوراً هانءُ ڦاڙي رڙيون ڪرڻيون پونديون آهن.

    هانءُ ڦاڙي ڪيم رڙيون ـــ سڄڻ جڏهن موڪلاڻي ويو ڪري......


    سامعين!
    سدائين ان ماڻهن جي ويجھو رهو جيڪو اوهان کي خوش رکي پر ان ماڻهوءَ کي اڃان به وڌيڪَ ويجھو رکو جيڪو توهان کان پري خوش رهي نه سگهي.
    لکين دوست ٺاهڻ ڪا وڏي ڳالهه ڪونهي ـــ وڏي ڳالهه اها آهي ته ڪو اهڙو دوست بنايو جيڪو توهان جو ساٿ ان وقت به نڀائي جڏهن توهان جا سڀ دوست توهان جو ساٿُ ڇڏي ڏين.

    پيار توسان ڪيو آ وفا لاءِ صنم


    ڪنهن ڏاهي ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته:
    مان ڪيڏو به پرڪشش ۽ طاقتور ڇو نه هجان پر روزانو شامَ جو منهنجي زندگيءَ جو هڪ ڏينهن گهٽجي وڃي ٿو پر مان ان کي روڪي نه ٿو سگهان. پر منهنجو رب ٻئي ڏينهن ـــ نئون ڏينهن ڏئي مونکي اهو موقعو ٿو فراهم ڪري ته شايد مان پنهنجي ڪيل گناهن جي معافي وٺي سگهان!



    الله تعاليٰ اسان کي ٻه اکيون ۽ هڪ زبان ان لاءِ ڏني آهي ته ڏسون وڌيڪَ، ڳالهايون گهٽ ـــ ٻه ڪن ۽ هڪ وات ان لاءِ مليو آهي ته اسان ٻڌون وڌيڪَ ڳالهايون گهٽ ـــ
    ٻه هٿ ۽ هڪ پيٽ ان لاءِ آهي ته ڪم وڌيڪَ ڪيون ۽ کائون گهٽ ـــ دماغ جا ٻه مکيه حصا مليا آهن معنيٰ کاٻو ۽ ساڄو پر دل هڪ ملي آهي ته اسان سوچيون وڌيڪَ پر دل ۾ صرف هڪ ماڻهوءَ کي ويهاريون.

    منهنجي دل ۾ به تون.....


    محبت هڪ اهڙي رشتي جو نالو آهي جنهن رشتي ۾ ماڻهو پنهنجون سارون، سوچون، سڀ احساس، جيون ۽ جيون جا لمحا، پنهنجو سڀ ڪجهه بلڪه پنهنجو پاڻ به ان کي ارپي ڇڏيندو آهي جنهن سان هو محبت ڪندو آهي. اهڙي رشتي ۾ ليکا ڪرڻ، محبت جي منشور، اصول ۽ مذهب، تقدس ۽ مزاج جي بلڪل خلاف آهي. محبتن جون منزلون ۽ ماڳ ماڻڻ لاءِ نه ئي ليکا ڪجن ۽ نه ئي مهڻا ڏجن. ائين ڪرڻ سان محبت جون منزلون پنهنجو مقصد وڃائي ويهنديون آهن.

    محبت ۾ ليکا....


    موسمون به ماڻهن جيان پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو تاثر رکنديون آهن ــ موسمون ماڻهن سان گڏ خالق حقيقيءَ جي پيدا ڪيل هر تخليق تي اثر انداز ٿينديون آهن ــ موسمون پاڻ ته تبديليءَ واري عمل مان گذرنديون آهن ۽ انسانن جي زندگين ۾ به تبديلين جا رنگ ڀرينديون آهن. بهار جي موسم ۾ بهار وارن جي دلين ۾ به حسرتن ۽ محبتن جا گل ڦٽڻ لڳندا آهن. ان موسم ۾ دل پرينءَ سان ملڻ لاءِ ڏاڍو بيتاب رهندي آهي. دل چاهيندي آهي ته هر بيوسيءَ ۽ هر پابنديءَ جون واڳون ڇني وڃي پرينءَ سان ملجي پر جڏهن ائين ممڪن نه هوندو آهي يا مقدر کي منظور نه هوندو آهي ته پوءِ دل کي آٿتن جي رانديڪن ساڻ ريجھائيندي، بهارن بدران خزائن ۾ ملڻ جا اوسيئڙا اکين ۾ سجائي جيئڻو پوندو آهي.

    بهارن ۾ نه ملياسي خزان ۾ هاڻ ملنداسي

    پرديس جي پار ڏي ويل پرين وڃڻ وقت پنهنجي چاهيندڙ جا ٽهڪ، مرڪون ۽ خوشون به ساڻ کڻي ويندو آهي. پرديس جي هوائن ۾ به شايد ايتري جرئت، طاقت ۽ سچائي نه هوندي آهي جو هو پنهنجي پرديسي پرينءَ جي محبتن جي خوشبوءِ آڻڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اهي ئي هوائون اگر پرديس مان هڪ چاهيندڙ جي روئڻ جو آواز، لڙڪن جي گرمائش ۽ دل جي دردن جي شدت اگر پرينءَ تائين رسائي پرينءَ کي احساس ڏيارين ته هوند پرين موٽڻ ۾ دير ئي نه ڪري.

    منهنجي روئڻ جو احساس


    ڇوڪرن جي بيڊروم شاديءَ کان پهرين:
    پرفيوم
    لو ليٽرس
    C.D پليئرس
    گريٽنگ ڪارڊس
    ايئر فريشنر
    مختلف پيڪيجز واريون موبائيل Sims ۽ وهاڻي ڀرسان ڊائري ۽ شاعريءَ جا ڪتاب ۽ شاديءَ کانپوءِ:
    مٿي جي سُور جون مختلف ٽڪيون
    قرض جون درخواستون
    اڻ ادا ڪيل مختلف بل
    خالي ٻٽون
    ٻار جا فيڊر
    مختلف جوشانده
    اسپنگر جو ڊبو
    ويجھي ۽ پري جي نظر جون عينڪون، وارن جو رنگ ۽ وهاڻي ڀرسان ڪتاب ”موت جو منظر“


    انتظارن جي انتها کانپوءِ جڏهن زندگي پنهنجي انتهائن کي رسڻ چاهيندي آهي تڏهن به پرينءَ جي اڱڻ تي اچڻ واري آس ڀرپور جوڀن سان پرينءَ جي پيچرن ۾ گھاريندي،ا کين جي ڳوڙهن سان آجيان ڪرڻ لاءِ پرينءَ جي منتظر هوندي آهي. زندگيءَ جي اختتامي سرحدن تي بيهي آس پنهنجو الوداعي ڪلام هن طرح جھونگاريندي آهي.

    تڏهن يار اڱڻ ايندين جڏهن منهن تي ڪفن هوندو




    پنهنجي ڏک، درد ۽ تڪليف جي شدت جو احساس ۽ اندازو ته ماڻهو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو پر ٻين جي ڏک، درد ۽ تڪليف جو اندازو لڳائڻ انتهائي ڏکيو آهي. اهڙو ڏک جنهن جي ڪا انتها نه هجي، جنهن جي ڪا سرحد نه هجي. جنهن جي ڪا پڄاڻي نه هجي اهڙي شخص جي ڏک جو تصور صرف ان کان ئي پڇي سگهجي ٿو جنهن کي اهڙي لڳي هجي تڏهن ته شمن ميرالي دانهون ڪندي چوي ٿو:


    سنڌ جي نالي واري شاعر مقصود گل جو شعر آهي ته:

    ڏيئو تيل ريءَ جيئن ٻري ڪونه ٿو
    تيئن ساهه توريءَ سري ڪونه ٿو
    وڇوڙي جو وڍ آ تکو تير کان
    بظاهر ڪو ڪنهن لاءِ مري ڪونه ٿو.

    ڀلي سائين ظاهر ڪو ڪنهن لاءِ نه مري پر پرينءَ جي جدائي به موت جي اذيت ۽ احساسن کان بلڪل گھٽ ڪونهي ـــ پرينءَ جو ساٿ زندگيءَ جي ساهن ۾ ساهه ڀري ڇڏيندو آهي ۽ پرينءَ جي جدائي زندگيءَ مان ساهه ڪڍي ڇڏيندي آهي ـــ ماڻهو بظاهر زندهه ته هوندو آهي پر هن جو جيون ـــ هن کي ئي اوپرو ـــ اڌورو ۽ اجايو محسوس ٿيندو آهي جنهن ۾ اهڙي ڪيفيت موت کان به وڌيڪَ تڪليف ڏيندڙ هوندي آهي. جانب جي جدائي هن کي خدا جي خدائيءَ ۾ جيئري ئي ماري ڇڏيندي آهي.

    جي تون جانب


    دوريءَ جو احساس، ملڻ جي مجبوري، پيار جي شدت دل ۾ سڪ جي درياءَ جون ڇوليون، پري پري تائين ڪنهن به آس، اميد، ملاقات، حاصلات ۽ خوشيءَ جو ڪو ڪرڻو، ڪا روشني نظر نه اچي ته بيوسين ۽ تنهاين سان دوستي رکڻي پئجي ويندي آهي ـــ تنهائيءَ ۾ روئڻ، زندگيءَ جو معمول بڻجي ويندو آهي ـــ ٻين کي اکين جا لڙڪ ڏيکارڻ مان ڪهڙو فائدو؟ بس اهڙي عالم ۾ ڪمري جي تنهائي ـــ پرينءَ جي سڪ ۽ روز لڪ ۾ روئي پرينءَ ڏي لڙڪن جون صدائون ئي اماڻي سگهجن ٿيون.

    تنهنجي سڪ ۾ ـــ ويهي لڪ ۾


    گردش حالات جي عيوض
    مون پنهنجا خواب ـــ تقدير جي بازار ۾
    وڪڻي ڇڏيا آهن
    مونکي علم هو ته درد جو درياءُ
    منهنجي حسرتن جو ڪانڌي ضرور ٿيندو
    پر احساس جڏهن فٽ پاٿن تي رلندي ڏٺم
    ته منهنجا حوصلا بي ڪفن لاش جيان
    ڌرتيءَ جو کاڄ ٿي ويا.
    جڏهن محبتون ئي نه رهيون ته پوءِ
    انتظار ڪهڙي ڪم جا

    ڪنهن شاعر چيو ته:
    واهوندي جي واءُ ۾ جيئن پپر پن لڏن
    مون سان شال ملن ـــ تيئن سيني لڳي سپرين
    اچ لڙي هڪ گهڙي


    پنهنجي پيٽ ۾ پيار، ذميداري ۽ احتياط سان، امڙ جنهن طريقي سان سانڍي ۽ پالنا ڪري ٿي اها هڪ سچي پيار ــ سچائيءَ ۽ وفاداريءَ جي انتها آهي ــ امڙ جي پيار جي ابتدا ۾ انتها آهي ۽ پيار جي انتها ۾ ابتدا آهي ـــ امڙ پيار جون لوليون ڏئي پيار جا بنيادي سبق ڏئي ٿي ــ ننڍپڻ کان جوڀن تائين ۽ جوڀن کان پوڙهائپ تائين ماءُ جي پيار جو تسلسل هڪ ڪرو رهي ٿو ــ امڙ جي پيار سان ڪنهن به ناتي، ٻئي ڪنهن به پيار جي ڀيٽا ڏيڻ اجائي آهي ڇو ته امڙ جو پيار ۽امڙ جي عظمت سڀن کان اوچي ۽ نرالي آهي، پوءِ امڙ وانگي ڪو پيار ڪٿي ٿو ڏئي سگهي.

    امڙ وانگي دنيا ۾ ڪٿي پيار ملندو؟



    جڏهن دل کي اهو يقين ٿي ويندو آهي ته هن ايڏي ساريءَ ڪائنات ۾ سواءِ هڪڙي پرينءَ جي ٻيو ڪو به سڄڻ ـــ ساٿي ۽ همدرد نه بچيو آهي، پوءِ ڌيان، ديد ۽ دل جو اعتبار ان پرينءَ تي اٽڪي بيهندو آهي ـــ اهڙي پرينءَ جو ساٿ ۽ پيارُ ـــ جيون جو اڪيلو ۽ آخري سهارو هوندو آهي باقي سڀ ماڻهو بي اعتباريءَ جي ڌنڌ ۾ وڪوڙيل محسوس ٿيندا اهن. انهن جي ساٿ ۽ پيار جو ڪهڙو اعتبار، ان ڪري دل ڀلا ڪيئن چاهيندي ته اعتبار جا سمورا روپ رکندڙ پرين پري وڃي.

    پري نه وڃ مونکان توکان سواءِ هت ڪير آ


    پيار جي پيچرن تي هلندي ـــ پيار جي پکڙن ۾ رهندي، پياري پرينءَ جي پيار ڀرين پاڇن ۾ ساهه کڻندي، دل پيار جي هيراڪ ٿي ويندي آهي ـــ دل کي پيار بنان چين بنهه نه ايندو آهي ـــ اگر اهڙي دل رکندڙ ماڻهوءَ کي پيار جي پيچرن ــ پيار جي پکڙن ۽ پيار جي پاڇن کان ڌار ڪري ڇڏجي ته اهڙي ماڻهوءَ کي ان دوريءَ جو سور ناسور بڻجي زندگيءَ ڀر روئاريندو رهندو آهي.

    ڏئي پيار پرين وئين ڌار....


    وک وک تي الڪو ـــ وک وک تي کٽڪو ۽ وک وک تي پريشاني ـــ ها سائين پنهنجو الڪو، پنهنجو کٽڪو ۽ پنهنجي پريشاني نه پر پرينءَ جو الڪو ـــ کٽڪو ۽ پريشاني قدم قدم ۽ لمحي لمحي پنهنجي وجود جي پاڇي جيان گڏ گڏ رهندي آهي ته پرين پري آهي ـــ الائي ڪهڙي حال ۾ هوندو الائي ڪا تڪليف، ڪا پريشاني نه هوندس گهڙي گهڙي ويچار ان جو ـــ جنهن سان پيار دل جو. ان ڪري هن پيار واريءَ دل مان سدائين هيءَ دعا پئي نڪرندي آهي.

    دل وارن جو ـــ جا ڏي پير هجي تاڏي خير هجي.



    پيار جي رَسَ ۽ چس سان مهڪندڙ جيون ۽ ڪنهن جي ساٿ ۽ سهڪار جي جوت سان جرڪندر جيون ۾ وک وک تي اجالن جا عڪس ۽ لمحي لمحي ۾ جمالن جا رقص نظر ايندا آهن. اهڙو جيون بهارن جي جوڀن ۾ سرنهن جي گلن جيان ٽڙندي محسوس ٿيندو آهي. اهڙي سرهي جيون کي جڏهن دورين ۽ وڇوڙن جو واءُ پنهنجي گھيري ۾ آڻي سڀ رونقون ۽ خوشيون ڦري وٺندو آهي تڏهن اهڙو جيون زهر بڻجي ويندو آهي ۽ مشتاق بخاريءَ کان هي غزل لکجي ويندو آهي.

    هاءِ ڪيڏو پري ويو آهين.....


    اهو قطعي طور تي پنهنجي وس ۾ ناهي ته پنهنجي مرضي يا پنهنجي سوچ سان ڪنهن کي چاهجي يا ڪنهن سان پيار جا پيچ اڙائجن ـــ نه ڄاڻ اهي ڪهڙا لمحا هوندا آهن نه ڄاڻ اهي ڪهڙا احساس هوندا آهن جن جي ڪري ڪنهن سان دل ڦاسي ويندي آهي ـــ زندگيءَ جي اهڙن اهم موڙن ۽ فيصلن ۾ نصيب ۽ قسمت جو به وڏو عمل دخل هوندو آهي، نصيب ۽ قسمت اهڙي هنڌ ڦاسائي ڇڏيندا آهن جتي دل جي بدلي درد ملندا آهن ۽ پيار جي بدلي پٿر ملندا آهن.
    احمد مغل


    4

    جن چپن تي پيار جا سچا نغما، ٻرندا آهن يا جن دلين ۾ سچي پيار جا رنگ، هر مهل ۽ هر موسم ۾ موجود هوندا آهن، اهي دليون دوکن ۽ دردن ملڻ باوجود به آهُن بدران دعائن جا موتي وکيرينديون رهنديون آهن، اهڙيون دليون رکڻ وارا ماڻهو انهن کي به دعائون ڏيندا رهندا آهن جيڪي هنن کي زندگيءَ ۾ اڪيلايُن جا آزار ڏيندڙ تحفا ڏئي، اکين کي روڄ ۽ راڙي جو راڳ ڏئي هميشه هميشه لاءِ اڪيلو ڪري هليا ويندا آهن ـــ اهڙا احساس ۽ سرمد جو آواز .



    سائين! بي اعتباريءَ جي بنياد تي قائم ڪيل اعتبار، ڌوڪي ۽ دلبي جي وهڪري تي اڏيل پيار جو محل آخر ڪيستائين پنهنجون پاڙون پختيون ڪري، ڪنهن جي پيار ۽ اعتبار سان چرچا ڪندو رهندو، اهو ماڻهو ڪيڏو نه معصوم هوندو آهي جيڪو سچي پيار ۽اعتبار جي تمنا ۽ جستجو ۾ هلندي ڀٽڪندي، جڏهن ڪوڙا پيار ۽ اعتبار پنهنجي پاند ۾ پائي وٺندو آهي تڏهن هن کي ڪوڙي پيار ۽ اعتبار جي پهچان ئي نه رهندي آهي، هو حاصلات جي خوشيءَ ۾ ڪوڙ ۽ سچ ـــ دوکي ۽ دلبي جي وجود کي وساري صرف پيار ۽ اعتبار جي نظر ايندڙ هر مشڪل تي ويساهه ڪري ڏاڍو سَرهو ٿيندو آهي پر جڏهن ڌوڪي ۽ دلبي وارو پيار ۽ اعتبار پنهنجي اصل رنگ سان پڌرو ٿي پوندو آهي، تڏهن ڏک ۽ صدمي جي انتها جو ڪو اندازو ئي نه رهندو آهي.

    هي ڌوڪو هو....

    سائين!
    جاهل اهو ناهي جيڪو پڙهيل لکيل ناهي، جاهل اهو به ناهي جنهن وٽ گهٽ ڄاڻ هوندي آهي ـــ جاهل اهو آهي جنهن وٽ عقل ۽ فضيلت جي کوٽ آهي ڪو گهـٽ پڙهيل يا اڻ پڙهيل آهي ته به خير آ ـــ ڪنهن وٽ ڄاڻ جي کوٽ آهي ته به ڪو وڏو مسئلو ڪونهي پر ڪو عقل ۽ فضيلت کان وانجھيل هئڻ سٺو ناهي هوندو. جاهل جي اها به هڪ نشاني هوندي آهي ته هو پنهنجي غلطي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هوندو ـــ فضيلت ۽ سمجھداري اهڙا گڻ آهن جيڪي ماڻهوءَ کي هڪ معتبر انسان بڻائي سگهن ٿا.


    سائين! جيڪڏهن اسان سڪون، امن ۽ راحت واري زندگي چاهيون ٿا ته پنهنجي زندگيءَ ۾ ذاتي خواهشن ۽ شخصي مفادن کي ڇڏي سادگي پسند بڻجي وڃون. اجائي ڏيکاءَ ۽ وڌاءَ کان پاسو ڪيون.
    مسڪينن لاچارن جي وس آهر مدد ڪيون. پنهنجي دلين ۾ ٻين لاءِ چڱاين ۽ ڀلاين ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيون. ڪنهن جي ضرورت جي وقت ڪم اچڻ زندگيءَ جو مقصد هئڻ گهرجي ـــ توهان ڪنهن بکايل کي پيٽ ڀري ماني ته کارائي ڏسو ـــ توهان ڪنهن يتيم ٻار کي ڪپڙا ته پهرائي ڏسو ـــ توهان ڪنهن يتيم نياڻي جي مٿي تي شفقت جو هٿ ته رکي ڏسو ـــ توهان جو اندر ازخود سڪون ۽ راحت محسوس ڪندو ـــ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انسان جي دل ۾ انسانيت وارو درد هئڻ گهرجي. انهيءَ جذبي تحت ئي ماڻهو انسانذات جي خدمت ڪري سگهندو ـــ انسانذات جي خدمت ڪرڻ به عبادت آهي.


    سائين!
    انسان جڏهن پنهنجي خوبصورتيءَ کي وڌائڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي هئي ته هن وڻن جي پنن يا گلن سان هار ٺاهڻ شروع ڪيا هئا. هُنَ مٽيءَ جون چوڙيون ٺاهي سڪائي پنهنجي هٿن ۾ پائڻ شروع ڪيون هيون. ان وقت اهي بي ڊوليون هوندو هيون، جيڪي پوءِ آهسته آهسته خوبصورت ٿينديون ويون. مشهور ليکڪ دُوارڪا پرساد لکي ٿو ته: ”موئن جي دڙي ۾ هڪ اهڙي مور تي ملي آهي جنهن جي ڳچيءَ ۾ هارَ ۽ ٻانهن ۾ چوڙيون پاتل آهن. سنڌ جي قديم کنڊرن ملن مليل چوڙين جي نموني ۾ پٽيدار گول ـــ سَنهڙيون، موٽيون ۽ موتين واريون چوڙيون شامل آهن. اهي چوڙيون سنڌ جي قديم تهذيب جو حصو رهيون آهن.
    مٽيءَ مان ٺهندڙ اهو زيور پوءِ چندن جي ڪاٺ ۽ هاٿيءَ جي هڏن مان به ٺاهيو ويندو هو ـــ عمر ڪوٽ ـــ ڇاڇرو ـــ مٺي ۽ ننگر پارڪر ۽ حيدرآباد چوڙين جي حوالي سان ڏاڍا مشهور آهن.



    عام طور چيو ويندو آهي ته: ”سهڻي صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي“ جنهن جو مطلب آهي ته سيرت کانسواءِ صورت ڪنهن به ڪم جي ڪونهي ـــ صورت ته صرف ظاهري ڏيک آهي تنهن ڪري ظاهري ڏيک ڪا به اهميت نه ٿو رکي ـــ چوندا آهن ته: ”سهڻا ٽوهه پٽن ٿي پڌرا ”ٽوهه ٻاهران ڏسڻ ۾ ته نهايت ئي خوبصورت نظر اچي ٿو پر اندران ڪڙو وِههُ جهڙو هوندو آهي ـــ ان ڪري ڪو به کيس نه غور سان ڏسي ٿو ۽ نه وري چکي ٿو ـــ انسان جو به ساڳيو حال آهي جيڪڏهن ان جي صورت چڱي هوندي ۽ سيرت سٺي نه هوندي ته اهو ماڻهو به ان ٽوهه مثل آهي ـــ تنهن ڪري اسان کي پنهنجي صورت سان گڏ سيرت به سنوارڻ کپي، جيئن هر ڪو ماڻهو اسان جي ڪردار جي واکاڻ ڪري.



    مشتاق بخاري پنهنجي هڪ غزل ۾ چوي ٿو ته:

    وڏا ماڻهو وڏيون ڳالهيون
    غريبن جو اَلههُ واهي

    اکيون جن جون سدا آليون
    غريبن جو الَههُ واهي

    ها سائين! چوندا آهن ته غريبن جو الله سائينءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به ناهي اگر اهڙي ئي ڪنهن غريب جي وري ڪٿي دل اٽڪي وڃي ٿي ته ويچارو هر طرف کان مجبور ۽ لاچار ٿي پوي ٿو ـــ غريب ماڻهن جي دل ۽ احساس به غريب ٿيندا آهن ـــ اهڙا ماڻهو پنهنجا پيار به ايلاضن ــ منٿن ۽ پارتن سان حاصل ڪري وٺندا آهن ـــ اهڙن ماڻهن جي محبتن، چاهتن ۽ پارتن ۾ به تمام گهڻي عاجزي، انڪساري، نماڻائپ ۽ سچائي هوندي آهي.

    سڄڻ سائين مٺا ماڻهو


    هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي جيڪي ڪجهه به ٿئي پيو اهو ڪنهن نه ڪنهن سبب ۽ ڪارڻ ڪري ئي ٿيندو آهي ـــ ڪو به عمل بنا مقصد جي ڪونه پيو ٿئي ـــ اهڙيءَ طرح هر ماڻهوءَ جو کلڻ روئڻ يا ماٺ ڪري ويهڻ به ڪنهن سبب يا مقصد کان خالي ناهي هوندو ـــ کلڻ يا ماٺ ڪري ويهڻ جو به هڪ يا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا پر روئڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا ـــ خاص ڪري هر ان ماڻهوءَ جو وڇوڙو، جنهن سان دل، روح يا رت جو رشتو هجي يا انهن پاران ڪاوڙ، رنج يا دوري وغيره سبب ٿي سگهن ٿا. پر سائين ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ان لاءِ به روئي ويهندو آهي جو ڪنهن سان پيار ته ڪري ويهندو آهي پر اظهار ڪري نه سگهندو آهي، جڏهن اظهار جا سڀ رَستا بند نظر ايندا اٿس تڏهن اکين مان لڙڪن جا رستا کلي پوندا آهن.


    روح جي تڙپ، تانگهه ۽ بي قراري دلبر کانسواءِ ڪو به دُور ڪري نه ٿو سگهي، روح کي تسڪين صرف دلبر جا پيار ۽ ديدار ئي ڏئي سگهن ٿا ــ محبوب جي شديد اوسيئڙي ۽ انتظار کانپوـءِ به اگر محبوب پهچڻ ۾ دير ڪري ۽ هيڏانهن چاهيندڙ زندگيءَ ۽ موت جي سرحد تي موت سان جنگ لڙندي لڙندي پرينءَ جي نه هجڻ ڪري موت کان هارَ کائي دلشڪستو ٿي پنهنجي زندگيءَ کي هٿن مان ويندي محسوس ڪري ٿو تڏهن پنهنجي آخري وصيت هن طرح ڪيون وڃي ٿو.

    ترسائجو جنازو

    سائين!
    هي جيڪا محبت آهي اها به عجيب جذبو آهي. هي جيڪو پيار آهي سو بظاهر ته چئن اکرن جو هڪ لفظ آهي پر اهو فقط هڪ لفظ ناهي پر هڪ احساس جو نالو آهي، هڪ جذبي جو نالو آهي ـــ پيار ارپنا جو نالو آهي پيار ڇا آهي، اهو لفطن ۾ بيان ڪري ناهي سگهبو پر پيار محسوس ڪرڻ جي شيءِ آهي ـــ محبوب جي سڪ، محبوب جي ڇڪ، محبوب جي تانگهه، طلب اڪثر انتظار ـــ آسرو ۽ اميد رڳو جيئري ئي نه هوندي آهي پر سچي سڪ ته مرڻ مهل به منتطر هوندي آهي. ڇاجي منتظر؟؛ اهو راشد مورائيءَ جي هن ڪلام ۾ غلام حسين زرداريءَ کان ٿا ٻڌون.

    ترسائجو جنازو


    رشتا رت جا به هوندا آهن پر رشتا احساسن جا به هوندا آهن ـــ جيڪڏهن احساس آهي ته ڌاريا به پنهنجا پر احساس ناهي ته پنهجا به پراوا ٿي ويندا آهن.
    ڪو به انسان هيڪلو نه هوندو آهي ـــ انسان جي ذهن۾ پرورش وٺندڙ وهم ۽ وسوسا، خوف ۽ فڪر سندس وجود سان ڄؤر وانگر چُهٽل هوندا آهن ۽ سندس رت ست چوسيندا رهندا آهن.


    وڇوڙو لمحن جو به ٿيندو آهي. وڇوڙو ڪلاڪن جو به ٿيندو آهي ۽ وڇوڙو ڏينهن هفتن مهينن، سالن به ٿيندو آهي ـــ سالن جو وڇوڙو شل ڪڏهن به ڪن ٻن دلين جو مقدر نه بڻجي. باقي لمحن ۽ مهينن جي وڇوڙي کي مضبوط ۽ بيچين دليون ڪنهن طرح برداشت ڪري وينديون، سو به پيار جي حاصلات ۽ وصال جي آس ۽ اميد تي.
    هونئن به جيڪي وڇوڙا لمحن، مهينن ۽ سالن جا ٿيندا آهن اهڙن وڇوڙن جي موسم ۾ ٻن دلين جي ڪائنات ۾ پيار پلبا رهبا آهن، پيار وارا رشتا مضبوط ٿيندا آهن ـــ پيار ۾ مستقل مزاجي ايندي آهي پوءِ پيار ڪڏهن به جذباتي ۽ اٻهرائپ جي ور نه چڙهندو آهي ـــ اهڙن وڇوڙن ۾ پيار جون پاڙون ۽ ديوارون مضبوط ٿينديون آهن ۽ ها ان وڇوڙي جو مطلب ۽ مقصد جدائي هرگز نه هوندو آهي.


    جڏهن پرينءَ جي دل ۾ پيار جا اولڙا، عڪس ۽ احساس محسوس نه ٿيندا آهن تڏهن دل ۾ اهڙيون سوچون ۽ خيال جنم وٺندا آهن ته جنهن پرينءَ جي جوـءِ ۾ پيار جي خاطر پکڙا اڏي، سالن کان سيني ۾ سڪ ۽ سُور سانڍي جئون پيا ـــ ان پرينءَ جي دل پيار کان خالي ٿي وڇي ته پوءِ ان جوءِ ۾ جيئڻ ۽ رهڻ جو مقصد ڪهڙو؟
    پوءِ به دل تي پٿر رکي کلي موڪلائي پوءِ لڏڻ وارو عمل به سٺو آهي ـــ اهڙو عمل به هڪ صاف سٿري ذهن ۽ ڪشاده دليءَ جي علامت آهي.

    اڄ کلي موڪلايون.....


    ـــ فريڊريڪس ٿو چوي ته: ”جنهن گهر ۾ پڙهيل لکيل ۽ نيڪ ماءُ هوندي آهي اهو گهر ادب جي يونيورسٽي هوندو آهي“.
    ـــ هونگ ٿو چوي مونکي ناز آهي ته منهنجي اڻ پڙهيل ماءُ مونکي پڙهيل لکيل ۽ مهذب بڻايو.
    ـــ پينگ پنهنجي ماءُ کي خراج هنن لفظن ۾ پيش ڪري ٿو: ”امڙ منهنجي پياري امڙ ـــ آءُ تنهنجي مٿي جي اڇن وارن جي نور جو احترام ڪيان ٿو ـــ تنهنجي پيشانيءَ جي گهنجن کي چمان ٿو ـــ پورهيو ڪندڙ تنهنجي آڱرين کي اکين سان لايان ٿو ـــ تو تي هر گهڙي خدا پاڪ جي رحمت هجي ۽ تنهنجي حياتي وڏي، ٿئي منهنجي امڙ.
    ـــ ملر ٿو چوي ته: ”دنيا جون جيڪي به عظيم جنگيون لڙيون ويون آهن اهي جنگيون دنيا جي بهادر مائرن لڙيون آهن.
    ـــ ايڊمر ٿو چوي: ”آءُ جيڪي ڪجهه آهيان ان جو ڪارڻ منهنجي ماءُ آهي.

    الا هُو الا هُو ڪري ڏني لولي امڙ.....



    ـــ وٽ مين ٿو چوي ته: منهنجي عمر 42 سال آهي پر اڄ تائين ائين ڪڏهن نه ٿيو جو گهر واپس اچڻ کان اڳ منهنجي امڙ سمهي رهي هجي.“
    ـــ جان ٽراويلر جو وري قول ٻڌو: ”دنيا جي بهترين موسيقي ماءُ جي لولي جو آواز آهي.
    ـــ منشي پريمچند لکي ٿو ته: ”ڇوڪرو پنهنجي مرحوم ماءُ کي ياد ڪري روئي ٿو ۽ چوي ٿو ”آءٌ اهو وڻ آهيان جنهن کي ڪير به پاڻي نه ٿو ڏئي“
    ـــ ملٽن ٿو چوي: آسمان جي بهترين ۽ قيمتي سوکڙي ماءُ آهي.
    ـــ ڪلپنگ ٿو چوي: ”جيڪڏهن مونکي سڀ کان مٿانهين جبل تي ڦاسي ڏني وڃي ته مونکي خبر آهي ته اوسيتائين ڪنهن جي محبت چرين وانگر منهنجي پويان ايندي ۽ اها محبت هوندي منهنجي مٺڙي امڙ جي.
    ـــ شيلي ٿو چوي دنيا جي لاڳاپن ۾ ڪو به لاڳاپو ۽ رشتو ماءُ کان وڌيڪَ گھاٽو ـــ سچو، پيارو ۽ سهڻو ڪونهي.
    ـــ چارلس بڪنز جو قول آهي ته: ”دنيا جي ڪنهن محبت ۽ ميوي ۾ ايترو مٺاڻ ڪونهي جيترو ماءُ جي محبت ۾ آهي.
    ـــ فلر جو وري عجيب قول آهي: حقيقي معنيٰ ۾ جيڪا ماءُ آهي ان کي ڪڏهن به واندڪائي ڪونه ٿي ملي.
    ـــ نادر شاهه جو قول آهي ته:
    مونکي گل ۽ ماءُ ۾ ڪو فرق ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.
    ـــ ويلس جو چوڻ آهي ته:
    اهو هٿ جيڪو پينگھو لوڏي ٿو سڄي دنيا تي حڪمراني ڪري ٿو.
    ـــ هيمسن جو چوڻ آهي ته: هن مطلب ۽ ٻاجهه کان خالي دنيا ۾ ڪو به چشمو ايڏو مٺو ۽ مستقل ڪونهي جيترو ماءُ جو پيار.
    ـــ مارٽر ٿو چوي: امڙ جون دعائون اولاد لاءِ ڍال مثل آهن.
    ـــ بي ڪنگ چوي. منهنجي امڙ جو فاني جسم بلاشڪ مٽيءَ جي مڻن هيٺان هليو ويندو . پر سندس ممتا زندهه آهي، اها ڪڏهن به مري ڪونه ٿي.

    رشتا ٻيا به گهڻا پر.....


    مانائِتا ٻڌندڙو!
    سائنس جي هر ايجاد، چاهي اها ننڍي هجي يا وڏي ـــ پنهنجي جاءِ تي انسان جي سوچ ۽ عقل جو مظهر هوندي آهي ۽ ايجاد ڪيل اها ڪيتري به بظاهر ننڍي شيءِ هُجي پر اها اسان لاءِ نهايت ڪارگر ۽ پنهنجيءَ جاءِ تي اهميت ڀري هوندي آهي. بلب ڪيترو ننڍڙو آهي پر پوري ڪمري يا گهر کي روشن ڪري ٿو ڇڏي. موبائيل ڏسو، ڪيتري ننڍڙي شيءِ آهي پر ڪم ڪيڏا ٿو ڏئي ـــ ان موبائيل جي اچڻ سان اصل فون سيٽ جي اهميت ۽ ضرورت گھٽجي وئي ــــ عيد ڪارڊ ۽ شادي ڪارڊ موڪلڻ جو رواج گهٽجي ويو. ان موبائيل سيـٽ ريڊيو سيٽ ۽ ٽيپ ريڪارڊر کي گهٽائي ڇڏيو ـــ ٽارچ جي ضرورت به پوري ڪري ٿو ته ڪلڪيوليٽر جي به ـــ ٻانهن ۾ پائڻ واري گهڙي به هن موبائيل جي ڪري ناپيد ٿيڻ لڳي آهي ـــ اها ٻي ڳالهه آهي ته موبائيل جا معاشري ۾ اثر سٺا پيا آهن ته بُرا به. اُهو هڪ الڳ بحث آهي. اڄ ريڊيو جو ڏينهن آهي ـــ ڏينهن جو مقصد اهو آهي ته اڄ ريڊيو جي ايجاد ٿيڻَ جو ڏينهن آهي. مارڪونيءَ جڏهن پنهنجي عقل جي زور تي هيءَ ايجاد ميدانِ عمل ۾ آندي ته مارڪوني خوشيءَ وچان موجود دوستن کي ٻکين پئجي ويو ـــ اڄ ڏينهن تائين مارڪونيءَ جو اهو ڏنل تحفو پنهنجي ٻڌندڙن لاءِ اطلاعات ـــ معلومات، تفريح ۽ تعليم جو هڪ مؤثر ذريعو بڻيل آهي. ريڊيو اوهان جي اڪيلائيءَ جي وندر، بلڪه ائين چوڻ ۾ وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ريڊيو اوهان جو دوست ۽ اوهان جي گهر جو ڀاتي آهي.


    سائين!
    هي جيڪي لوڪ گيت ۽ سهرا آهن، انهن جي تاريخ به ايتري ئي پراڻي آهي جيتري انسانن جي تاريخ پُراڻي آهي ـــ هي لوڪ ادب ۽ لوڪ گيت، لوڪ چوڻيون دنيا جي لڳ ڀڳ هر ملڪ، هر خطي ۽ هر قوم ۾ ملن ٿا ـــ انهن جي تاريخ ايتري ئي پُراڻي آهي جيتري انسان جي تهذيب جي تاريخ پُراڻي آهي ـــ جڏهن کان انسان ميل ميلاپ ـــ محبت ۽ محنت جي زندگيءَ جو آغاز ڪيو ته انسان جي حرڪتن ۽ لفظن سُرن جو روپ اختيار ڪيو ـــ لوڪ گيت عموماً جدائي ـــ غم ـــ وڇوڙي ـــ سڪ ـــ دُوريءَ، واري احساسن مان جنم وٺندا آهن، جڏهن ته سهرا خوشيءَ جي علامت آهن، ان جي عڪاسي ڪندا آهن ـــ مان اوهان کي ثمينه ڪنول جي آواز ۾ هڪ اهڙو لوڪ گيت ٿوٻُڌايان جنهن ۾ پنهنجن کان تمام پري پرڻايل هڪ نياڻيءَ جا احساس اوتيل آهن، جيڪا چاهي ٿي ته هوءَ ايندڙ عيد پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ ڪري.

    ادا الله جو ٿي نالو.....


    سامعين!
    صفائي تمام ضروري هوندي آهي ـــ اُها ذهن ۽ دل جي صفائي هجي يا پنهنجي ڪمري، پنهنجي گهر، پنهنجي محلي ڳوٺ يا شهر جي هُجي ـــ صفائي تمام سٺي ڳالهه آهي جنهن جو نقصان ڪو به نه پر فائدا هزارين هوندا آهن. صفائي سٿرائي سان رهڻ جي ڪري، اسان ڪيترين ئي تڪليفن، مسئلن ۽ بيمارين کان پاڻ کي محفوظ ۽ سلامت رکي سگهون ٿا. صاف سٿرو معاشرو ۽ ماحول صاف سٿرن نسلن کي جنم ڏيندو آهي ـــ صاف سٿرو رکو پنهنجي پاڻ کي ـــ پنهنجي گهر ـــ محلي ۽ گليءَ کي ـــ اسان مان هر فرد جيڪڏهن صرف پنهنجو گهر ۽ ان جي سامهون وهندڙ نالي ۽ سامهون واري گهٽيءَ جي ٽڪري کي ئي صاف سٿرو رکي ته هوند اسان جو پورو پاڙو، محلو ـــ ڳوٺ ۽ شهر ڪيڏو نه جيڪر پيارو لڳي.


    سائين!
    اهڙا ڪيترائي ماڻهو هوندا آهن جيڪي هڪٻئي کي وڇوڙا، اکين کي وري ملڻ جا آسرا ۽ اندر ۾ ملڻ جي اميدن جا وڏا وڏا مينار اڏي، دل جي دنيا کي ويران ڪري هليا ويندا آهن ـــ انهن جي اچڻ ۽ وري ٻيهر ڏسڻ ۽ ملڻ جي آسري تي هن پهاڙ جيڏي زندگي ۽ جيون ڏاڍو ڏکيو ڪٽبو آهي ـــ جدائيءَ جو هڪ پل پهرَ جيان ـــ هڪ پهر ڏينهن جيان ـــ هڪ ڏينهن مهينن وانگر ۽ هڪ مهينو سالن وانگر طويل محسوس ٿيندو آهي ـــ پر اها آس ـــ اها اميد ـــ اهو آسرو ئي جيئڻ جو سهارو ۽ آٿت بڻبو آهي ۽ جڏهن اها لمبي جدائي ختم ٿي ويندي آهي ۽ وصال جو واءُ ورندو آهي ته دل ڪيڏي نه باغ بهار ٿي پوندي آهي. انسان جو انگ انگ نچندو ۽ ڪڏندو آهي.
    تو سان جڏهن ملندو آهيان ـــ دل ۾ نچندو ڪڏندو آهيان.


    سامعين!
    هي اکيون، هي نظرون، سدائين مسافرن جيان سفر ۾ رهنديون آهن ـــ ڪڏهن ڪنهن سهڻيءَ شيءِ لاءِ، سهڻي منظر لاءِ ته ڪڏهن وري دل کي وڻندڙ چهرن جي تلاش ۾ سفر ۾ هونديون آهن. اکيون سونهن جون ڳولائو ۽ سدائين پيار جون پياسيون هونديون آهن. سونهن ۽ حسن اکين کي فرحت بخشين ٿا ـــ پوءِ اها سونهن گلن جي هجي ـــ ننڍڙن پتڪڙن ٻارڙن جي منهن تي سجايل مرڪ جي هجي يا وري ڪنهن حَسين ۽ معصوم چهري جي ـــ مطلب ته ڪائنات جي هر سونهن اکين کي سُرور ـــ سُڪون ۽ راحتَ بخشي ٿي.

    سونهن ڏسندي سُرور ملندو آ.....


    ٻه دوست وڃي رهيا هئا ته سامهون رڇ اچي ويو انهن مان هڪ وڻ تي چڙهي ويو ٻيو اُتي ئي سمهي پيو ۽ ڪجهه دير لاءِ ساهه کڻڻ بند ڪري ڇڏيائين، رڇ آيو ۽ ستل دوست کي سونگھي هليو ويو جڏهن رڇ هليو ويو ته وڻ تي چڙهيل دوست هيٺ لهي آيو ۽ پنهنجي دوست کان پڇڻ لڳو ته رڇ توکي ڪن ۾ ڇا چيو؟ تنهن تي ٻئي دوست چيو، رڇ چوي پيو ”اِهو تنهنجو دوست ٿي نه ٿو سگهي جيڪو ڏکئي وقت ۾ تنهنجو ساٿ ڇڏي وڃي“ ـــ هر شيءِ وقت گذرڻ سان پُراڻي ٿيندي آهي پر دوست جي دوستي ۾ وقت گذرڻ سان وڌيڪَ نِکار ايندو آهي، دشمن جو پٿر ايترو زخم ڏيندڙ نه هوندو آهي جيترو ڪاوڙ مان ڪنهن دوست جو هنيل گل زخم ڏيندو آهي، سچو دوست اوهان جي اظهارَ کان اڳ ۾ اوهان جي ڳالهه سمجھي ويندو آهي ـــ انسان جيڪڏهن محبت جو اصل روپ ڌاري ته خونخوار جانور به دوست ٿي سگهن ٿا ـــ معاف ۽ درگذر ڪرڻ سان اوهانجا دوست وڌندا ـــ جنهن جو ڪو به دوست نه هوندو آهي اُنَ جو الله دوست هوندو آهي ۽ الله جنهن کي دوست ڪندو آهي ان سان دوستي ڪڏهن نه ٽوڙيندو آهي.



    هر ماڻهوءَ جي خوشيءَ جا معيار پنهنجا هوندا آهن ـــ ننڍڙو ٻار خرچي وٺي رانديڪا وٺي راند ڪندي خوش ٿيندو آهي سرڪاري ملازم پگهار جي ملڻ ۽ وڌڻ تي خوش ٿيندو آهي، ڪاروباري ماڻهوءَ کي ڪاروبار ۾ فائدو پوندو ته هُنَ کي ڏاڍي خوشي ٿيندي آهي، عاشق کي محبوب سان ملاقات جي وقت بي انتها خوشي ٿيندي آهي ڪِن کي وري ڪن جي دعا سان خوشي ٿيندي آهي، روحاني خوشي الله جي عبادت سان ٿيندي آهي، خوشيءَ جا لمحا ڏاڍا تيزيءَ سان گذري ويندا آهن ـــ هڪ ماڻهو جنهن ڪيئي سالَ غمن ۾ گذاري ڇڏيا اُنَ جي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو هڪ خوشيءَ جو لمحو اهڙو ايندو آهي جيڪو اُنهن سالن جي غمن کي هڪ لحظي ۾ ختم ڪري ڇڏيندو آهي. خوشيءَ جو اصل لطف غمن جي طوفانن گذرڻ کانپوءِ ئي شدت سان محسوس ٿيندو آهي.
    لوڊشيڊنگ کانپوءِ لائيٽ اچڻ تي به خوشي ٿيندي اهي. پيٽرول يا CNG جو اگهه ڪرڻ تي ڪن کي خوشي ڪن کي ڏک ٿيندو آهي ـــ بيمار کي آٿت جو هڪ جملو ڏاڍي خوشي ڏيندو آهي. ڪو ڪنهن جي ڀلي ڪوڙي ساراهه ڇو نه ڪري خوشي ضرور ٿيندي آهي ۽ جڏهن پسند جو سُريلو آواز فضائن ۾ گونجي ته خوشي ٿيندي آ.



    سامعين! پيار آهي ته سنسار آهي ـــ پيار هڪ اهڙو جذبو آهي جنهن کي سمجھڻ لاءِ لفظن جي ضرورت ناهي هوندي، ڇو ته امر جليل پنهنجي ڪنهن گفتگو ۾ چيو هو ته پيار هڪ خوشبوءِ آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو بيان نه. پيار هڪ پوتر رشتو آهي ـــ اهو روحن، دلين، ذهنن جي ميلاپ ۽ هم آهنگيءَ جو نالو آهي ـــ پيار جو پيچ ۽ پيچرو اڻانگو ضرور آهي پر سامعين پوءِ به ان جي ساعت ساعت ۾ سرور سمايل هوندو آهي ـــ پيار ڪبو ناهي ٿي ويندو آهي ۽ پيار جي بدلي پيار گهرڻ نه گهرجي. استاد بخاريءَ ڪهڙو نه سهڻو چيو ته:

    پيار ڏئي پوءِ پيار گهرين ٿو حيف هجئي استاد
    عاشق ناهين، شايد آهين يار وڏو واپاري

    سامعين زندگيءَ ۾ پهريون پيار تمام وڏي اهميت رکندو آهي. ڪنهن ليکڪ ڪهڙو نه سٺو لکيو ته: ”ڪنهن سان پيار ڪرڻ اسان جي مجبوري هوندي آهي جنهن لاءِ اسان ڪنهن ٻئي کي مجبور نه ٿا ڪري سگهون ـــ ڪائنات جي سڄي خوبصورتي پيار ۽ محبت جي ڪري ئي ته آهي ـــ ڪنهن ڏاهي ڪيڏو نه سٺو چيو ته هيءَ زندگي پيار ڪرڻ لاءِ ئي ٿوري آهي، نه ڄاڻ ماڻهو نفرت لاءِ وقت ڪٿان ٿا ڪڍن. تنوير عباسيءَ چيو:

    اوهان به پارس ناهيو سپرين ـــ اسان به پارس ناهيون
    پيار ڇهي ويو اسان ٻنهي کي ـــ سونا ٿي پيا آهيون

    پيار وٺو ـــ پيار ونڊيو ـــ پيار ورهايو ـــ پيار پوکيو ـــ پيار کڻو.

    اسين پيار ڪرڻ وارا ماڻهو!


    ڪاڇي ڪنڌيءَ جي مهڪندڙ مٽيءَ جو سدا ملوڪ شاعِرُ ـــ فقيري صفت رکندڙ انسان ـــ سائين احمد خان مدهوش ڏکن جا ڏول کڻي نيٺ سنگت جو ساٿُ ڇڏي ويو ـــ مدهوش کي اڪثر هن زماني ۽ پنهنجي يارن دوستن، سنگت ساٿ کان شڪايت رهندي هئي:

    تنهن وقت منهنجو ساٿ ستارن ڇڏيو
    جنهن وقت مونکي وقت جي يارن ڇڏيو

    مدهوش محبت جو شاعر هو ـــ هو ڏاڍو حساس ۽ اندر جو ڪپهه جيان نرم انسان هو. هو دوست ٺاهيندو هو، وڃائيندو نه هو ـــ هو هڪ بهترين شاعر سان گڏ فرض شناس استاد ۽ سماجي ڪارڪن به هو. جوهيءَ جي مسئلن جي حل لاءِ ٿيندڙ هر احتجاج ۾ سائين اڳي وڌي حصو وٺندو ۽ آواز اٿاريندو هو ـــ سندس اولاد ٻڌائيندي آهي ته مدهوش هڪ بهترين ۽ شفيق پيءُ هوندو هو ـــ هُنَ جي ڇڏيل ميراث ۾ مال، دولت، پئسو، ملڪيت ته ڪونهي پر هو پنهنجي اولاد کي اها وصيت ڪري ويو ته:

    ٻيو ته مدهوش وٽ بچيو ڪونهي
    پنو پنو شعر سنڀالي رکجو

    اچو ته سائين احمد خان مدهوش جي شاعري ٻڌئون، جنهن لاءِ آواز آهي ممتاز لاشاريءَ جو


    5

    سامعين!
    اڄ مان توهان کي هڪ نثراڻو نظم ٿو ٻڌايان:
    سمنڊ ڪناري زرد شامَ ويل ،
    هڪ معصوم چهري واري،
    ڪنهن جي اوسيئڙي ۾،
    وشال سمنڊ ڏانهن نهاري ٿي.
    اُنَ جي اکين ۾ آس جا ڪڪر،
    مونکي ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    سندس ئي قدمن جا واريءَ تي ٺهيل نشان،
    ڪجهه ٻڌائين ٿا
    جيئن سمنڊ جون لهرون ڪناري کي
    ڀاڪر ۾ ڀرڻ لاءِ
    وڏي چاهه وچان
    منزل جي طرف وڌن ٿيون
    پهچڻ کانپوءِ
    هميشه جي لاءِ ڪناري کي
    ڀاڪُر ۾ ڀري نه سگهيون
    هوءَ ان منظر کي ڏسي ڇرڪي پئي
    هُنَ جي اکين مان ڳوڙها لارون ڪري
    وهڻ لڳا
    هوءَ تنها ۽ اڪيلي ـــ اداس واپس وڇي ٿي
    پنهنجي يادن ۽ آسن جا سفينا
    سمنڊ ۾ ٻوڙي هلي وڃي ٿي .
    سمنڊ ڪناري واريءَ جو گهرُ.....


    دوستو!
    اسان جي سماج ۽ آس پاس ۾ اهڙا ڪردار به هوندا آهن جيڪي صبح کان وٺي شامَ تائين ماڻهن کي ويڙهائڻ، غلط فهميون پيدا ڪرڻ ۽ لڳائي بُجھائيءَ جي ڪم ۾موصوف نظر ايندا آهن. هڪ ماڻهوءَ جي ڳالهه ۾ پنهنجي مطلب جا مرچ مصالحا وجھي ٻين تائين پهچائي پوءِ نتيجي ٻڌڻ، ڏسڻ جا منتظر رهندا آهن. اها نهايت گندي ۽ ڪرڀائتي عادت آهي. چون ٿا ته هڪ ضرورت مند ڪنهن بزرگ وٽ ويو اتفاق سان ان بزرگ جا هٿ خالي هئا، سائل بنا ڪنهن حاصلات جي هٿين خالي واپس هليو ويو ۽ ٻاهر ان بزرگ جي شانَ ۾ گستاخانه جملا ڳالهائيندو پئي ويو. ڀرسان گذرندڙ هڪ همراهه سندس ڳالهيون ٻڌيون ته سڌو بزرگ جي هُجري ۾ داخل ٿيو ۽ بزرگ کي چيائين: سائين، جيڪو ماڻهو هاڻي هاڻي اوهان جي هُجري مان نڪتو اهو اوهان کي بدشد پيو ڳالهائي ـــ بزرگ کيس نهايت اطمينان سان جواب ڏنو ته بابا. ان ماڻهوءَ کان وڌيڪَ تون مون لاءِ خراب ۽ خطرناڪ آهين ڇو ته هُنَ مون لاءِ هوا ۾ تير اڇلايا آهن ۽ تون اُهي هوا مان کڻي اچي منهنجي سيني ۾ هنيا آهن ڪيڏي نه هدايت، نصيحت ۽ سمجھاڻي آهي ان عبارت ۾ ـــ اسان کي کپي ته معاشري ۾ منفي سوچ بجاءِ مثبت سوچ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيون نفرت بجاءِ محبتن جو ٻچ ڇٽيون.



    لفظ بهار ڪيڏو نه وڻندڙ ۽ دل ڇهندڙ لفظ اهي، بهار جي اچڻ سان گلستان جو رنگ ۽ روپ ئي بدلجي ويندو آهي. وڻن جا پن پنهنجو پيلو ويس لاهي مخملي سائي چهچ رنگ جا لباس اوڍيندا آهن، وڻن تي خوشحالي اچي ويندي آهي، جتي سَرءُ رت اُداسيءَ ۾ ٻڏل هئي ان تي رنگ برنگي پکين جي مٺڙين لاتين جو واسو ٿي ويندو آهي، ڪوماڻيل گل ٽڙي پوندا آهن، سر سبز ٽاريون خوشيءَ وچان جھومي پونديون آهن، ساوا پن هوا جي کينچل سان ڪڏهن هڪ طرف ته ڪڏهن ٻئي طرف جھومي رهيا هوندا آهن، گهر جي بند ماحول مان نڪري ٻاهر ڏسبو ته جھرڪين جي چرچر مان به خوشيءَ جو تاثر ظاهر پيو ٿيندو، ڪوئل پنهنجي سريلي انداز ۾ بهار رُت جا گيت پئي ڳائيندي، چشمن مان بهار رت ۾ صاف ۽ شفاف پاڻيءَ جو وهڪرو جاري ٿي ويندو آهي، ٿڌڙي هير دل کي وڻندڙ محسوس ٿيندي آهي، گلن جي جهومڻ سان بهار ۾ ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ هو پاڻ ۾ ڪچهري ڪري ٽهڪ ڏئي رهيا هجن، مکڙيون ماڪ ڀنل رقص ۾ مصروف ٿي وينديون آهن، هر پکي خوشيءَ وچان ڳائيندو آهي ۽ اهي بهار اچڻ جي خوشي ۾ مالڪ سائين جا شڪر ادا ڪري رهيا آهن ۽ ان جي حمد و ثنا ۾ مصروف آهن.

    الا هُو اَلا هُو.......


    سامعين!
    بهار ۾ اڪيلي ويهڻ بجاءِ پنهنجن دوستن عزيزن ۽ پيارن سان گڏ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچهري ڪرڻ تي دل چوندي آهي، هر ڏسا خوشيءَ جو ئي احساس ٿيندو آهي، ماڻهن جي دلين ۾ بهار ۾ نئون جوش نئون وِلوِلو ۽ نئون خون جوش ۾ ايندو آهي، چهرا هشاش بشاش نظر ايندا آهن، ڪنهن باغيچي ۾ وڃو ته چؤ طرف گلن جي خوشبو روح کي هڪ نئين تازگي بخشيندي آهي، زماني جا ڏک بهار اچڻ سان پنهنجو پاڻ ئي دور ٿي ويندا آهن، هر طرف ساوڪ اکين کي نئين جوت ۽ خوبصورت منظر دل کي باغ و بهار ڪري ڇڏيندا آهن.

    تو تان سِرُ جي نثار ٿي ويندو
    هلڪو ڪيڏو نه بار ٿي ويندو
    تنهنجي ڪاوڙ سان آ خزان ئي خزان
    تون جي مرڪين بهار ٿي ويندو

    بهار ۾ چؤ ڏسا عجيب منظر هوندا آهن، نوان نوان گل ڦٽي رهيا هوندا آهن، مکڙيون مرڪي رهيون آهن هونديون، اهي گل ان وقت اڃا به ڪجهه وڌيڪَ سهڻا لڳندا آهن جڏهن ماڪ جا ڦُڙا انهن جي مٿان موتين وانگر جڙيل هوندا آهن. بهار جي مند ۾ هلڪي هلڪي خوشبو دل ۽ نظر جي سڪون جو سبب ٿيندي آهي، بهار رُت دل کي راحت ۽ سڪون جي نعمت عطا ڪري رهي هوندي آهي بهار جي اچڻ سان طبيعت مان مايوسي دور ٿي ويندي آهي.

    او سڄڻ! اچ ته بهارن ۾ ملون.....


    سامعين!
    چوندا آهن ته پيار جڏهن حاصل ٿي وڃي ته سکن جي سيج آهي پر اهو ئي پيار جڏهن سخت طبيعت، بي رخي ـــ بي وفائي ۽ بد اعتماديءَ جو شڪار ٿي ٿو وڃي ته پوءِ سُورن جو سمونڊ بڻجي وڃي ٿو ـــ هن دنيا ۾ پيار جا پياسا ماڻهو سڄي زندگي پيار جي ڳولا ۾ رلندا ۽ بَن بَن ڀٽڪندا آهن ته به ڪنهن کي پيار ناهي ملي سگهندو ـــ سچو پيار خوش نصيب ماڻهن کي ملندو آهي ـــ پيار انڌو ٿيندو آهي ـــ هو نه ته رنگ کي ڏسندو آهي ۽ نه نسل کي ـــ پيار نه عمر جي فرق کي ڏسندو آهي نه ذات پات کي ـــ پيار بس پيار ئي هوندو آهي. جنهن لاءِ حمل فقير چيو ته:

    حمل چئي هڪ ڏينهن مون ويهي ڪيو ويچار
    ته دل لڳي دوستيءَ جو ڇا ملهه آهي مقدار
    ته اندر مان عقل چيو. نقطو هي نروار
    لڳي ته لک هزار ـــ جي ٽُٽي ته ٽڪو ئي نه لهي

    پيار ناهي ڪبو پيار ٿي ويندو آ.


    سائين، عورت، بظاهر ته چئن اکرن جو هڪ لفظ اهي پر عورت پنهنجي وجود ۾ پوري ڪائنات سمائي ٿي. عورت جي وجود سان ڪائنات جا رنگ آهن. عورت پنهنجي پنهنجي روپ ۾ حيثيت ۾ هڪ الڳ مقام ۽ اهميت جي مالڪياڻي آهي. عورت جي باري ۾ اسان ۽ اوهان ڪيترن ئي ڏاهن جا قول ٻڌا به آهن ۽ پڙهيا به آهن. مثلاً امرتا پريتم چيو ته: ”عورت جو ڪو به گهر نه هوندو آهي“ ـــ مونکي امرتا پريتم جو اهو جملو سمجھڻ ۾ ذرا دقت ٿيندي آهي ته هن اهو جملو ڪهڙي حوالي سان چيو آهي.
    هڪ ڏاهي چيو ته: ”ڏاهي ماڻهوءَ جي تعريف ان جي غير موجودگيءَ ۾ عورت جي تعريف ان جي سامهون ڪندا ڪيو: ”هڪ ڏاهي جو وري عورت بابت عجيب قول آهي ته: حسين عورت اکين لاءِ جنت، دل لاءِ دوزخ ۽ کيسي لاءِ تباهي هوندي آهي. هڪ ڏاهي ڪهڙي نه ڀلي ڳالهه ڪئي آهي ته: ”عورت جا لڙڪ ان جي مسڪراهٽ کان وڌيڪَ اثرائتا ۽ وڻندڙ هوندا آهن.



    محترم دوستو!
    انسان جي اندر ۾ هڪ ڪائنات سمايل آهي، هڪ دنيا آباد ٿيل آهي. ضرورت آهي ته اسان پنهنجي گريبان ۽ اندر ۾ جھاتي پائي ڏسون، جن ماڻهن پنهنجو پاڻ سڃاتو آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ موجود صلاحيتن ۽ قابليتن کي پرکي، انهن کي بروئي ڪار آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ـــ پنهنجي زندگي ٻين لاءِ وقف ڪئي آهي، اهي فرد نه پر ادارا بڻجي ويا آهن ـــ اصل ڳالهه فرد جي نه پر ان جي ڪردار جي آهي ـــ بيبي فاطمة الزهرا جن جو قول آهي ته: ”موت انسان کي ايندو آهي ـــ انسان جي ڪردار کي نه“. انسان جو ڪردار به ان گلاب جي گل مثل هوندو آهي جيڪو هڪ ڀيرو ڇڻي ويندو آهي ته ٻيهر جُڙي نه سگهندو آهي ـــ جيستائين گُل پنهنجي ڏانڊيءَ سان جُڙيل ۽ چنبڙيل هوندو آهي ته ان جي رنگ ۽ خوشبوءِ ۾ اضافو ٿيندو رهندو آهي پر جڏهن اهو گل جُدا ڪيو ويندو آهي ته اهو پنهنجو، رنگ ۽ خوشبوءِ وڃائي ويهندو آهي ـــ پنهنجي ڪردار کي پاڪيزه ۽ بلند رکو.

    انسان جي عظمت کي......


    انسان جي ڪردار جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ـــ انسان جي ڪردار کي سڀ کان وڌيڪَ اهميت حاصل آهي، ٻين جي خدمت ڪرڻ ـــ ٻين کي ڪم اچڻ ـــ اهو جذبو انسانيت جي معراج ـــ انسانيت جي سونهن ۽ انسانيت جو فخر آهي ــ پنهنجي لاءِ ته سامعين هر ڪو جيئي ٿو، مزو تڏهن آهي، جڏهن ماڻهو ٻين لاءِ جيئي ـــ اهي ماڻهو جن جي زندگي ٻين ماڻهن جي خدمت ۾ گذري ٿي ـــ اهي مرڻ کانپوءِ به زندهه رهندا آهن ـــ ماڻهو انهن کي مرڻ کانپوءِ به عزت احترام ۽ پيار محبت سان ياد رکندا آهن. پنهنجي لاءِ ته جانور به جيئندا آهن جيڪو ٻين لاءِ جيئي ٿو، پاڻ کي اهنج ۽ تڪليف ۾ رکي ٻين لاءِ راحت ۽ سهوليت جو سبب بڻجندڙ ماڻهو ئي ماڻهپي وارا آهن.

    مٽيءَ جا هي ماڻهو......



    سائين!
    خوشي ۽ ڏک يا درد انسان جي سڪي جا ٻه پاسا آهن. درد انسان جو ساٿي هوندو آهي. درد کي انسان کان جدا ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. ڪنهن چيو ته: درد ڪڏهن به اڪيلو ناهي ايندو ـــ درد کي دل هوندي ئي ڪونهي ـــ اهو به چيو ويندو آهي ته اها دل ناهي، جنهن ۾ درد ناهي ـــ ڪن ماڻهن جي دردن سان دوستي ٿي ويندي آهي ـــ هنن کي خوشيون راس ناهن اينديون. ڀوڳنائُن بنا جيون گذارڻ جا عادي ناهن هوندا. درد ماڻهوءَ جي وجود کي اندران کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي، ڪي ماڻهو اندر جو درد دل ۾ لڪائي چپن تي مصنوعي مرڪ آڻي، اهو محسوس ڪرائيندا آهن ڄڻ هو دردن کان آجا آهن ڪنهن شاعر چيو ته:

    درد ڀاڪُرَ ڀري به مرڪيو مون
    ٽهڪ ڏئي سک مگر نه پاتو تون
    هر دفعي هڪ نئون تجربو هو
    ڪاوڙياسون جڏهن ۽ پرتاسون

    درد دل اندر نه ڌارجي......



    سائين!
    ڳالهه درد جي پئي هلي ـــ درد ڀلي انسان ٻين اڳيان نه اظهاري ـــ ڀلي زبان سان ان جو اقرار نه ڪري پر درد ٽهڪندر پاڻيءَ وانگر جڏهن اکين مان وهڻ لڳي ته ان جي قطري قطري ـــ ڦڙي ڦڙي مان درد جي جھلڪ ۽ صورت نظر اچي ويندي آهي ـــ مگر محبوب جو درد سڀ کان منفرد درد هوندو آهي ـــ تڪليف ان کي ٿيندي آهي درد اسان محسوس ڪندا آهيون ـــ هڪ سچو ماڻهو معاشري جي هر فرد جي درد کي پنهنجو درد سمجھندو آهي اهو ماڻهو ئي دراصل عظيم هوندو آهي ـــ هڪڙا درد وند ماڻهو ٻين جو درد شيئر ڪندا آهن پر سامعين اسان جي چوڌاري اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي ٻين کي درد ڏئي پاڻ ڏاڍي خوشي محسوس ڪندا آهن. پر جڏهن انهن کي پاڻ درد وڪوڙي ويندا آهن ته سندن چپن تي سينگار علي سليم جا ڳايل هي ٻول ٻُرندا آهن.

    دردن دل آزاري سائين.....


    سامعين!
    اسان جي سماج ۾ ڪي ڪردار اهڙا ته امر بڻجي ويندا اهن جن جي شخصيت، ڪردار ۽ صلاحيتن جو چرچو سالن ۽ صدين تائين هر ڪنهن جي چپن تي هوندو آهي ـــ سيد صالح محمد شاهه عرف فتح خان ــ اڄ ان سنڌ جي عظيم ڪردار فتح خان جي پهرين ورسي آهي ـــ اڄوڪي ڏينهن تي گذريل سال، ان عظيم فنڪار جي وفات سان خوشين جا سمورا پل ڏکن جي ور چڙهي ويا. سمورا فضا سوڳوار ٿي وئي. گهر، اوطاقون، وستيون، واهڻ ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽوڊيوز ۾ ڄڻ راڪاس گهمي ويو. سنڌ ڌرتيءَ جي فن جو سرواڻ ـــ هڪ انمول انسان سنڌين جي دلين مٿان اڌ صديءَ تائين راڄ ڪندڙ، محبوب شخصيت صالح محمد شاهه جنهن جو خال صدين تائين ڀرجڻ مشڪل بلڪه نا ممڪن آهي. فتح خان وٽ لفطن جي کاڻ هوندي هئي، هو لوڪ ڏاهپ جو اڻ کٽ خزانو هوندو هو ـــ فتح خان جي لفظ لفظ مان سنڌ جي مٽيءَ ـــ تهذيب ۽ ثقافت جي خوشبوءِ ايندي هئي. هو تمام گهڻو پڙهيل ڪونه هو پر پوءِ به وٽس علم جو اڻ مَيو خزانو هوندو هو ـــ سيد صالح محمد شاهه جهڙا پُرجھيل، ڏاها، دانشور ۽ لفـطن ۽ فن جا جادوگر صدين کانپوءِ پيدا ٿيندا آهن. اڄوڪي پروگرام ۾ لطيف سرڪار جو هي ڪلام ڏاڏي فتح خان جي نالي.

    هُو جي ويڙا مون سي......



    سامعين!
    اسان جو پيارو دين ۽ عالمگير مذهب اسلام، جنهن ۾ زندگي گذارڻ جا سڀ طور طريقا ـــ واٽون ۽ گس نهايت واضح نموني ٻڌايا ۽ سمجھايا ويا آهن ـــ هاڻي اسان تي آهي ته اسان سڌيءَ واٽ تي هلي ڪاميابي ماڻيون يا غلط راهه تي هلي ڀٽڪي وڃون. اسلام اخلاق ۽ ادب وارو مذهب آهي. اخلاق جي اها تقاضا آهي ته جيڪڏهن ڪا چڱي ـــ فضيلت واري، اخلاق ۽ ڪردار جي تعمير واري ڳالهه ـــ ٻڌون ته اها فوراً ٻين تائين پهچايون اگر خراب، غلط يا گندي ڳالهه ٻڌون ته اها صرف پاڻ تائين ئي محدود رکون ـــ دوستو ـــ سٺي ڳالهه خوشبوءِ مثل هوندي آهي ـــ خوشبوـءِ کي ٻين تائين ڦهلائڻ گهرجي.

    لفـظن جي آ پنهنجي خوشبوءِ.



    سائين! گل جو انسان سان تعلق ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين آهي. گل جو نانءُ کڻندي ئي خوبصورتيءَ ۽ خوشبوءِ جو احساس ڦٽڻ لڳندو آهي. تازي تحقيق مطابق زمين جي گولي تي لڳ لڳ ساڍا ٽي لک اهڙا وڻ ـــ وليون ـــ ٻوٽا يا ٻوٽيون آهن جن ۾ گل ٿيندا آهن ـــ پيار جي اظهار لاءِ اڪثر گل جو استعمال ڪيو ويندو آهي ـــ گھوٽ جي موڙن کان وٺي ڪنوار جي گجرن تائين گلن جو استعمال ٿيندو آهي ـــ گلاب جي گل کي گلن جو سردار چيو ويندو آهي. هڪ گل کي حاصل ڪرڻ لاءِ نه ڄاڻ ڪيترن ڪنڊن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي. اوهان کي خبر آهي ته اسان جي ملڪ پاڪستان جو قومي گل چنبيلي آهي جنهن کي ياسمين به چيو ويندو آهي ـــ مونکي ان وقت اهو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي جڏهن ڪنهن سياسي اڳواڻ جي آمد يا ڪنهن شخصيت مٿان مڻن جي حساب سان گل نڇاور ڪيا ويندا آهن پر اهي گلن جون پتيون بي درديءَ سان ماڻهن جي پيرن ۽ بوٽن هيٺان لتاڙبيون رهبيون آهن ـــ گلن جو ذڪر جاري آهي اچو ته هڪ اهڙو ئي گيت ٻڌون جنهن ۾ گلن جو ذڪر آهي.

    گل کپاءِ نه مالهي.....

    سائين!
    گلن جا بيشمار نمونا ۽ قسم ۽ نالا آهن. مثلاً گلاب، چنبيلي، مگرو، موتيو، سورج مکي، للي، ڊيفوڊيلس، رتن جوت، نرگس، آئرس، گينڊو، رات جي راڻي، ڏينهن جو راجا، چمپا وغيره وغيره. ٿلهي ماڻهوءَ سان مذاق به ڪئي ويندي آهي. ”ادا يا ادي تون گل آهين، پر گوبيءَ جو گل“ گلن مان دوائن جو ڪم به ورتو ويندو آهي ـــ دوستو! گل پنهنجي ٻوٽي ۾ ئي سهڻا لڳندا آهن ـــ انهن کي بي درديءَ سان ٽوڙي مروڙي ـــ رستن تي ڦٽو نه ڪندا ڪيو ـــ گل سونهن جي علامت آهن. انهن جي حفاظت ڪيو. خاص ڪري پارڪن ۽ باغيچن ۾ جڏهن به وڃو ته گلن جي خوبصورتيءَ مان لطف اندوز ٿيو پر انهن جا ويري ۽ دشمن نه بڻجو.
    گل اهڙيءَ طرح.....


    سامعين!
    هڪ سچو دوست ڳولهڻ ۾ اوهان کي ڀلي ڪيئي سال لڳي وڃن پر انهن سالن جي جاکوڙ کانپوءِ جيڪڏهن اوهان کي ڪو پُر خلوص دوست ملي وڃي ته ان کي وڃائڻ هرگز نه گهرجي. ماڻهو اڪثر ڪري غلط فهمين ۽ ننڍين ننڍين ڳالهين جي ڪري پنهنجا سٺا دوست وڃائي ويهندا آهن ۽ پوءِ پڇتائڻ لڳندا آهن ـــ ان لاءِ ئي ته سياڻن چيو آهي ته: ”دوست ۽ غلط فهمي هڪ دل ۾ نه ٿا رهي سگهن“ سچي دوست جي پرک ڏکئي وقت ۾ ٿيندي آهي ـــ پر سامعين هر ڪو ماڻهو اهو ته چاهيندو آهي ته کيس ڪو پر خلوص ۽ سچو، جانثار دوست ملي پر پاڻ سچو دوست ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو آهي. هر ماڻهو جيئن اسان جو دشمن ناهي هوندو، تيئن هر هٿ ملائڻ وارو ماڻهو اسان جو دوست به ناهي هوندو ـــ سياڻا اهو به چوندا آهن ته دوست سان بحث نه ڪجي ڇو ته بحث جي نتيجي ۾ دوست هٿان نه وڃائجي وڃي ـــ پنهنجي دوست جي خوبين تي نظر ضرور رکو پر انهن جي خامين کي نظر انداز ڪندا ڪيو ـــ دوست ناراض ٿي وڃي ته پرچائڻ ۾ اوهان ئي اڳرائي ڪندا ڪيو ـــ ائين ڪرڻ سان ان دوست جي دل ۽ نظرن ۾ اوهان جي عزت وڌي ويندي گهٽبي ڪونه.


    دوستو!
    جهڙيءَ ريت آسمان جي چادر تي ڪروڙين ستارا ۽ سيارا پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندا آهن ۽ اهي حَسين ۽ جميل ستارا ۽ سيارا آسمان کي حُسن بخشيندا آهن، بلڪل اهڙيءَ طرح هن زندگيءَ به ڪروڙين چهرا پنهنجي خيال ۽ پنهنجي پنهنجي ضرورتن جي مدار ۾ سرگرمِ عمل ـــ مصروفِ عمل ۽ مصروف سفر آهن چهرا ـــ سي به وري انسانن جا چهرا پنهنجي جاءِ تي هڪ عجيب داستان هوندا آهن ـــ انسان جو چهرو قدرت جو هڪ عظيم شاهڪار هوندو آهي ـــ چوندا آهن ته انسان جي چهري جو مشاهدو ۽ مطالعو، ڪتاب جي مطالعي کان تمام گهڻي دانائي ۽ حڪمت عطا ڪندو آهي ـــ زندگيءَ جي مکيه ڪتاب ۾ هر چهرو هڪ الڳ باب الڳ انداز ـــ الڳ تاثر ۽ هڪ الڳ عنوان رکندو آهي. ڪاـش ـــ اسان انسان جو چهرو پڙهڻ سان گڏ گڏ ان جي دل کي پـڙهڻ جي به صلاحيت رکندا هجون.




    سامعين!
    جنهن ملڪ، جنهن صوبي يا جنهن شهر ۾ اسان رهندا آهيون ـــ ان لاءِ ضروري آهي ته اسان ان بابت ڪجهه نه ڪجهه معلومات ضرور رکون ــ مان اڄوڪي پروگرام ۾ اوهان کي سنڌ صوبي جي مختلف ضلعن جي حوالي سان انهن جي آدمشُماريءَ جا انگ اکر ٻڌايان ٿو ـــ اڄ ڪلهه ته شايد ان ۾ اڃان به وڌيڪَ اضافو ٿي ويو هوندو پر هي گذريل ٻن سرڪاري آدمشمارين جا انگ اکر آهن.

    آدم شُماريءَ جا انگ اکر

    نمبر ضلعو 1988ع 2011ع
    1. ڪراچي 9,856,318 2,11,42,625
    2. حيدرآباد 14,94,866 34,29,471
    3. ٽنڊو محمد خان 4,08,852 6,19,886
    4. مٽياري 5,04,001 7,38,332
    5. ٽنڊوالهيار 4,83,769 7,71,628
    6. بدين 11,36,044 18,40,620
    7. ٺٽو 11,13,194 18,19,132
    8. ڄامشورو 5,82,094 11,76,969
    9. دادو 11,06,717 20,74,443
    10. لاڙڪاڻو 10,02,772 15,63,040
    11. شڪارپور 880,438 13,47,414
    12. قمبر شهدادڪوٽ 9,24,294 14,87,770
    13. جيڪب آباد 741,910 1,568,651
    14. ڪشمور ڪنڌڪوٽ 683,662 1,206,772
    15. ميرپورخاص 9,05,935 14,83,498
    16. سانگھڙ 14,53,028 19,05,188
    17. ٿرپارڪر 9,14,291 16,93,528
    18. عمر ڪوٽ 6,63,095 9,53,984
    19. سکر 9,08,373 13,83,124
    20. خيرپور 15,46,587 23,20,526
    21. بينظير آباد 10,71,533 15,85,447
    22. نوشهرو فيروز 10,87,571 16,21,780
    23. گھوٽڪي 9,70,549 15,11,635



    سائين!
    نيڻن جي ديس ۾ ڳوڙهن جي آمد تڏهن ئي ٿيندي آهي جڏهن دل جي ڍنڍ تي ڪنهن جي يادگيرين جا پکي گهمڻ لڳندا آهن ۽ ماڻهوءَ جي من جو هر منظر اداس بڻجي ويندو آهي. سندس اکيون به اشڪبار ٿي وينديون آهن، سندس نگاهن جي آڏو ڪنهن جي تصور جي دنيا آباد ٿيڻ لڳندي آهي جنهن ۾ خبر ناهي ڪيتريون سندس محبوب جون محبوب ادائون سمايل هونديون آهن. الائي ڇو جڏهن دل جي ڍنڍ تي ڪو وڇوـڙي جو واءُ گھلندو آهي ته ان دل جي ڍنڍ تي ڪو پيار جو پکي ناهي لهندو ۽ ان ڍنڍ جو هر منظر به اجڙيل ۽ وکريل وجود جهڙو لڳندو آهي ۽ پيار جا پوپٽ به دل کان دور وڃي الائي ڪهڙي گلستان کي آباد ڪندا آهن ۽ پوءِ دل ۾ وڃي رهندو آهي فقط پرينءَ جي پيار جو يادگيرو ۽ تصور، اهو پرينءَ جو پيار ئي هوندو آهي جيڪو اندر جي آڪاش جو ستارو بڻجي ويندو آهي ـــ اهو پيار ئي هوندو آهي جيڪو انسان ۾ وڌيڪَ جيئڻ جو اُتساههُ پيدا ڪندو آهي، سبب بڻبو آهي ـــ پيار زندگيءَ جي نٽهڻ اس ۾ بڙ جي گھاٽي وڻ جيان محسوس ٿيندو آهي.
    پيار پنهنجو پرين روشنيءَ جو سفر


    سامعين!
    ائين ڇو ٿيندو آهي جو جڏهن اسان جي دل اداس هوندي آهي ته هر طرف اداسي ۽ مايوسي نظر ايندي آهي، چاهي سڄو سنسار اوهان سان گڏ هجي پر پوءِ به اوهان پنهنجي پاڻ کي اڪيلو ـــ ويڳاڻو ۽ اداس سمجھندا آهيو. اهڙي عالم ۾ دل چاهيندي آهي. ڪو اهڙو ماڻهو هجي جنهن جي ڪلهي تي ڪنڌ رکي اهي سوڳواريون ونڊجن. سائينداد سانڌ چيو نه ته ”حال ـــ منهنجا پڇي، ڪوئي ڳوڙها اگھي، ڪو ته اهڙو هجي، ڪو ته اهڙو هجي“، اهڙي عالم ۾ دل اهو به چوندي اهي ته اکين جا بَندَ ٽُٽي پون ـــ نير وهندا رهن ــ ڳوڙها ڳڙندا رهن ڇو ته سامعين چوندا آهن ته روئڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي.

    دل چوي ٿي روئجي....


    سامعين!
    اڄ ڪلهه جو دؤر نفسانفسي ــ وٺ وٺان ـــ هڻ هڻان ۽ ڊُڪ ڊوڙ وارو دؤر آهي ــ ڪنهن کي به ڪنهن سان بنا غرض جي ملڻ لاءِ ڪو وقت ئي ڪونهي ـــ رشتن، پيار، پنهنجائپ لاءِ اڳي جهڙو نه ته ڪو احترام رهيو آهي ۽ نه اهميت، انسان لاءِ ضروري آهي ته محبتن کي سلامت رکون. جيڪڏهن محبتون سلامت هونديون ته اسان به سلامت هونداسين.

    پيار سلامت آهي جي....


    نوجوان دوستو!
    هي زندگي نالو ئي آهي چانسن ۽ موقعن جو. چانس هڪ ڀيرو هٿن مان نڪري ضرور ويندا آهن، پر ختم ناهن ٿيندا. ڪو موقعو اوهان کان هٿن مان نڪري وڃي ته اوهان مايوس بلڪل نه ٿيو. هٿن تي هٿ رکي ويهي نه رهو، جستجو ۽ ڳولا، محبت ۽ تڙپ ختم ڪري نه ڇڏيو. انسان موقعن جي تلاش ۾ هوندو آهي ته موقعا به انسان جي تلاش ۾ هوندا آهن. جڏهن هڪ سواري نڪري ويندي آهي ته ڪجهه انتظار کانپوءِ ٻي سواري به ته ملي ويندي آهي نه. اهو ضروري آهي دوستو ته مقصد ننڍو هجي يا وڏو ـــ منزل ويجھي هجي يا پري، ان کي حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون به پيش اينديون آهن ته وقت به لڳندو آهي پر جڏهن اها منزل ملي ويندي آهي ۽ مقصد حاصل ٿي ويندو آهي ته اهي سڀ تڪليفون انسان کان وسري وينديون آهن ـــ غلطين تي پڇتائڻ ضروري هوندو آهي پر ان پڇتائڻ کان بهتر اهو هوندو آهي ته انهن غلطين مان سبق سکي پنهنجي آئيندي کي سنوارڻ جا جَتن جاري رکجن. مايوسي گُناهه آهي. ڪنهن اردو شاعر چيو آهي ته:
    پيوسته رهه شجر سي اميد بهار رکهه

    ڏکڙيا ڏينهڙا ڏوري وڃبا....


    6

    سائين!
    سائين هي ٻن اکرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو لفظ ”دل“ به عجيب شيءِ آهي. انسان جي دل اگر اداس آهي ته چؤطرف گونجندڙ شرنايون به ان کي پاڻ طرف متوجهه نه ٿيون ڪري سگهن. دل ميڻ وانگر به هوندي آهي ته پٿر وانگر به ـــ دل پوري جسم مٿان حڪمران ٿي ڪري، جيڪڏهن دل هڪ لمحي لاءِ ڌڙڪڻ ڇڏي ڏئي ته ماڻهو جيئري مان مئل بڻجي ٿو وڃي. دل جذبن ـــ خواهشن، آسن، اميدن، امنگن ۽ تمنائن جو مرڪز ۽ محور هوندي آهي. اها ننڍڙي دل ڪائنات جيتري وسيع هوندي آهي. نفرتون، محبتون، خواهشون به ان دل مان جنم وٺنديون آهن. دل انسان کي گدڙ به بنائي ڇڏيندي آهي ته شينهن به ـــ پر سامعين! اهو ڪڏهن سوچيو اٿوَ ته ان دل کي وڌ ۾ وڌ سڪون ڪڏهن ملندو آهي؟ ـــ صرف الله پاڪ جو ذڪر ڪرڻ وقت.

    الاهُو الاهُو.....


    او مٺي!
    منهنجي وئي کانپوءِ
    مون کي تلاش ڪجانءِ
    ڪڪرن جي اوٽ ۾
    برسات جي بوندن ۾
    چانڊوڪي راتين ۾
    ويران اڱڻ تي.
    ديوار جي اوٽن ۾
    مون کي تلاش ڪجانءِ
    ڊائريءَ ۾، رکيل سُڪل پنکڙين ۾
    آئيني جي عڪس ۽ اولڙن ۾
    هٿ جي ريکائُن ۾
    مينديءَ جي مهڪ ۾
    جھڙالي موسم ۾
    اتر جي ٿڌڙيءَ هير ۾
    مونکي محسوس ڪجانءِ
    شامَ جي لهندڙ سج ۾
    شفق جي پيلي رنگ ۾
    آڪاش جي جھرمر تارن ۾
    ساگر جي ڪنارن ۾
    ڪوئل جي لاتين ۾
    سهلين جي باتين ۾
    ڊسمبر جي سرد ۽ ڊگهين راتين ۾
    اي پرين!
    اگر مان ڪٿي نه ملان
    مونکي پنهنجي دل ۾ تلاش ڪجانءِ
    مونکي محسوس ڪجانءِ.
    مونکي يادِ ڪجانءِ.
    ڪڪر ڪڻ ڪڻ ڪري.....


    سامعين!
    زال بابت جئه پرڪاش ساگر جي مون هڪ مزاحيه شاعري پڙهي، دل چوي ٿي اوهان کي به ٻُڌايان.

    زال ڪيو آ ويل او يارو
    گهر ٿيو آ جيل او يارو
    پاڻ هڻي ٿي فيئر لولي
    مونکي ڏئي ٿي تيل او يارو
    سارو ڏينهن ٿا رَتُ پيئن
    سالن ڪئي آ ڀيل او يارو
    صبح سانجھي پادر کاوان
    ڪهڙو هلي پيو کيل او يارو
    ساگر کان ٿي ٿانوَ ڌوئاري
    ساڙي ڇڏيا ٿئين سيل او يارو

    خير اها ته زال بابت هڪ مزاحيه شاعري هئي پر حقيقت ۾ هڪ فرمانبردار ۽ سگھڙ زال الله سائينءَ طرفان هڪ وڏي نعمت هوندي آهي ـــ مڙس ۽ زال گاڏيءَ جي ٻن ڦيٿن مثل هوندا آهن ـــ زال گهر جي رونق، مڙس جي پريشانين جو سهارو ۽ ازالو هوندي آهي. هڪ پڙهيل لکيل ۽ سلجھيل ماءُ هڪ نرسريءَ مثل هوندي آهي ـــ اوهان پنهنجي خيالن ۾ پنهنجي گهر واريءَ جي خامين ۽ خوبين جو جائزو به وٺو ۽ هي ڪلام به ٻڌو.

    هڪ ڳالهه ته ٻڌ......


    سامعين!
    الله تعاليٰ جون اسان تي تمام گهڻيون، اتم ۽ اعليٰ نعتمون ۽ احسان آهن پر ماءُ ۽ ان جي پيار جهڙي نعمت جو ڪو متبادل آهي ئي ڪونه. ماءُ اهڙي ته بخشڻهار، مهربان ۽ پاڻ صدقو ڪندڙ آهي، جو اولاد واسطي هوءَ جيڪي تڪليفون سهي ٿي تن جي بيان ڪرڻ کان قلم به عاجز آهي ته زبان به بيوس آهي. قلم ۽ زبان کي ڪهڙي طاقت جو هو ماءُ جي ٿورن جي بيان کي مڪمل ڪري سگهن. جڏهن اسان اڃان ٻار هئاسين، اڃان پنهنجو پاڻ سنڀالڻ ۾ هئاسين تڏهن جيجل ڪيئن نه پيار ۽ لاڏ ڪوڏ سان اسان کي پاليو ۽ هنج ۾ کڻي گهمايو. بي آراميءَ ۽ بيماريءَ واري حالت ۾ سڄيون سڄيون راتيون جاڳي اسان جي آرام لاءِ دعائون ۽ جتن ڪندي رهي.
    دوستو ـــ سمنڊ جي تري جا ماڻڪ ۽ موتي به اهڙا قيمتي ناهن جيترا ماءُ جي پگهر جا ڦڙا ـــ پيار جو ماءُ نه کٽڻ جو ۽ نه مٽجڻ جو ــ ماءُ پنهنجي اولاد جي خوشيءَ ۾ خوش رهي ٿي. ماءُ ٿڪلن لاءِ ڇانوَ ۽ ڳڻتيءَ ڳاريل اولاد لاءِ سهارو ۽ دم دلاسو آهي. ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي، ماءُ محبت جو مجسمو، ماءُ انسان جو پهريون گهر ۽ پهريون استاد آهي.
    توهان وٽ ماءُ آهي ته سڀ ڪجهه آهي ۽ اگر ماءُ ناهي ته سمجھجو ڪجهه به ڪونهي ــ ياد رکو پنهنجي جيجل ماءُ کي ڀلجي به ڪڏهن ڏک نه پهچايو ڇو ته.
    رشتا ٻيا به گهڻا....

    سامعين!
    ڪا به خوشي يا مسرت حاصل ڪرڻ لاءِ امير يا غريب هئڻ ضروري ناهي هوندو ـــ اهو ته اسان جي سوچ، جذبن ۽ احساسن تي مدار ٿو رکي ـــ هڪڙا ماڻهو اعليٰ قسم جا طعام کائي به خوش ڪونهن جڏهن ته ڪي ماڻهو رُکي سُکي کائي به شُڪر ڪندا آهن ـــ ڪن وڏن ۽ امير ماڻهن کي ننڊ جي گوريءَ کانسواءِ ننڊ ناهي ايندي پر پورهيت ۽ غريب ماڻهو پنهنجي ڪنڌ هيٺان ٻانهن سيراندي ڪندي ئي ننڊ جي واديءَ ۾ گم ٿي ويندو آهي. هڪ ماڻهوءَ کي ان ڳالهه جو فڪر هوندو آهي ته وٽس گذريل سال جي ماڊل واري گاڏي ڇو آهي پر ڪي معذور ماڻهو ان ڳالهه لاءِ سڪي رهيا هوندا آهن ته قدرت وارو کين پيرين پيادو هلڻ جي توفيق ۽ سگهه عطا فرمائي. ڪي سخت سرديءَ ۾ بند ڪمرن ۾ هيٽرن آڏو ويهي زندگيءَ جو لطف حاصل ڪندا آهن ته سڪون کان وانجھيل انسان فوٽ پاٿ تي پراڻين رلهين ۾ ويڙهجي بس رات گذارڻ جو انتظار ڪندا آهن ـــ مطلب ته اسان جنهن حال ۾ به آهيون اسان کي پنهنجي پالڻهار جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي.


    سائين!
    جتي خوشيون هونديون آهن، اتي غم به اچي پناهه وٺندا آهن. خوشيون ۽ ڏک ٻئي انسان جي مقدر جي ڪتاب جا ورق هوندا آهن. ڪو به انسان اهڙو ناهي جيڪو خوشين سان ته پنهنجا جھول ڀري پر غمن جي ڪنڊن کان مڪمل طور پاند بچائيندو رهي ائين ڪونهي ۽ ائين به آهي ته خوشين جي لمحن ۾ هر ڪو پنهنجو بنجڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر غم، تڪليف، غربت، مجبوري ۽ بيوسيءَ ۾ پراوا ته پراوا پر پنهنجا به پري ڀڄڻ ۾ پورا هوندا آهن ـــ اهڙين حالتن ۾ دلداري ڏيندڙ دوست به دل آزاري ڪرڻ لڳندا آهن.

    دوست ڪياسي دلداريءَ لئه .....


    سامعين!
    ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته ڪتابن جي وچ ۾ ويهي مونکي ائين لڳندو آهي ڄڻ آءٌ دوستن جي وچ ۾ موجود هجان ـــ واقعي ليکڪ پنهنجي پڙهندڙن سان ڪتاب ذريعي ڳالهائيندو آهي ـــ هونئن به ڪتاب اڪيلائيءَ جو سهارو ـــ ڪتاب معلومات جو ڀنڊار ـــ ڪتاب تاريخ جون اکيون ۽ وات هوندا آهن ـــ ڪتابن سان دوستي رکو ـــ ڪتاب اوهان کان وٺندو ڪجهه به ڪونهي پر ڏيندو تمام گهڻو ڪجهه آهي.



    سائين!
    انسان صدين کان سونهن جو متلاشي رهيو آهي، سونهن قابليت بناوت ۽ صلاحيت تي به منحصر هوندي آهي پر ماڻهن جو خيال آهي ته سونهن انسان جي اکين ۾ موجود هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هڪ ماڻهوءَ کي جيڪا شيءِ سونهن ڀري محسوس ٿيندي آهي ٻئي جي نظر ۾ اُنَ ۾ سونهن جو ڪو به عنصر موجود نه هوندو آهي ـــ ڪانوَ کان پڇيو ويو ته ڪائنات جي سونهن ڪٿي آهي هُو اُڏامندو پنهنجي سڪل آکيري ۾ موجود ٻچن ڏي اشارو ڪري چوڻ لڳو سڄي سونهن اِتي ئي ته آهي. جسماني طور انسان ڀلي ڪيترو به سونهن وارو ٿيڻ چاهي پر هو ماڻهن جي دلين ۾ ان وقت ئي گهر ڪري سگهي ٿو جڏهن هن جي ڪردار ۾ سونهن موجود هوندي ـــ ڪي ماڻهو رفتار ۾ته ڪي وري گفتار ۾ سونهن سان ڀريل هوندا آهن جيڪا شيءِ ماڻهن کي متاثر ڪري اُها ئي ته سونهن آهي، وقتي سونهن وقتي اهميت رکندي آهي ۽ دائمي سونهن دائمي اثر رکندي آهي، ميڪ اپ سان سونهن وڌائي ته سگهجي ٿي پر اُها دائمي بڻجي دليون نه ٿي کٽي سگهي.

    سونهن وڃايم سومرا ميرو منهن ٿيوم
    وڃڻ تت پيوم جتي هلڻ ناهي حُسن ري



    سائين!
    گل، پوپٽ، چنڊ ۽ ستارا وغيره سونهن جون علامتون آهن پر وقت گذرڻ سان گل ڪومائجي ٿا وڃن، پوپٽ جا رنگ ڇهاءَ سان بي رونق، چنڊ اُماس واريءَ رات پنهنجي جوت وڃائي ٿو ويهي، صبح ويل ساون پنن تي پيل ماڪ جا ڦُڙا ڪيڏا نه دل ڇهندڙ هوندا آهن اُنهن جي سونهن اکين کي سڪون ڏيندي آهي، پر سج جي نڪرندي ئي جڏهن ماڪ گم ٿي ويندي آهي ته ان جي سونهن جو اثر به جھڪو ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن ڪافي گهرائيءَ سان ڪائنات جي هر شيءِ کي ڏسجي ته اُها سونهن کان خالي ناهي ـــ سج جي اڀرڻ واري مهل جي سونهن، ڪنهن هاريءَ جي چهري تي پگهر جي ڦڙن جي سونهن، چوڏهينءَ رات چانڊوڪيءَ جي چادر ڍڪيل چؤڏسا جي سونهن، ننڍڙي ٻار جي اوچتو مرڪڻ جي سونهن، موسيقيءَ جي سُرن جي سونهن، ٻار جي خرچيءَ ملڻ کانپوءِ چهري تي آيل مرڪ جي سونهن، ماءُ جي ممتا جي سونهن، رنگبرنگي مڇين سان ڀريل سمنڊ جي يا سمنڊ جي ڇولين جي انوکي سونهن، مطلب ته ڏسڻ واري اک ۽ سوچڻ واري دماغ ۽ محسوس ڪرڻ واري دل جيڪڏهن سونهن کان خالي آهي ته پوءِ اِهي سڀ شيون اڻوڻندڙ نظر اينديون آهن.


    سائين!
    هي جيڪي صبح شام اسان پنهنجي روز مرهه جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ پهاڪا ۽ چوڻيون ـــ اصطلاح ۽ تشبيهون ڏيندا آهيون انهن جو به ڪو خاص پس منظر هوندو آهي ـــ مثلاً اسان چوندا آهيون.
    ”دودهه ڪا دودهه پاني ڪا پاني“ آهي ته اردوءَ ۾ اها چوڻي پر پاڻ سنڌيءَ ۾ به استعمال ڪندا رهندا آهيون.
    چوندا آهن ته هڪ حلوائي هميشه کير ۾ پاڻي ملائي مٺائي ٺاهيندو هو ظاهر آهي اها مٺائي خالص ڪونه هوندي هئي، ائين ملاوت ڪندي ڪندي هن ڪافي پيسو ڪمائي ورتو ـــ هڪ دفعي هن جي پيسن واري ڳوٿري باندر کڻي وڃي وڻ تي ويٺو سو به واهه جي ڪپ تي. باندر ان ڳوٿريءَ مان پيسه ڪڍندو، هُڪ پيسو پاڻيءَ ۾ ۽ هڪ پيسو رستي تي اڇلائيندو پئي ويو.حلوائي هيٺان بيهي بيوسيءَ جي عالمَ ۾ رڙيون ڪندو رهيو ته ظالم! اهو ڇا ٿو ڪرين؟ ڀر ۾ بيٺل همراهه وراڻيس ڀائو حلوائي! باندر کير ۽ پاڻيءَ واري ڪمائي کي الڳ الڳ ڪري رهيو آهي. جڏهن به اسان نا انصافي ڪندا آهيون ـــ سچ ۽ ڪوڙ کي پاڻ ۾ ملائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ۽ پوءِ نتيجو سامهون ايندو آهي ته ائين ئي چيو ويندو آهي ته ـــ دودهه ڪا دودهه ـــ پاني ڪا پاني.



    سامعين!
    سٺا، بهترين ۽ پر خلوص دوست رب پاڪ طرفان هڪ نعمت کان گهٽ ناهن هوندا. دوستي بابت ڪيترن ڏاهن پنهنجي خيال آرائي ڪئي آهي ـــ جان آيولن چوي ٿو ته دوستي اهو سونو سڳو آهي جيڪو نه رڳو ٻن دوستن پر سڄيءَ دنيا جي دلين کي پاڻ ۾ جوڙي ٿو. گولڊ سمٿ چوي ٿو ته: ”دوستي ٻن جي وچ ۾ بنا غرض واري ڏيتي ليتيءَ جو نالو آهي.“ خليل جبران چيو ته: ”توهان جو دوست توهان جي ضرورتن جي پورائي جو نالو آهي.“ ڪنهن اهو به چيو آهي ته: ”دوست اوهان کي ايذائي پوءِ به صحيح آهي پر جڏهن دشمن توهان کي ٻانهن ورائي ڀاڪر پائي ته به ان کان هوشيار رهندا ڪيو. پر وري ائين به هوندو آهي جيئن والـٽيئر چيو هو ته: ”مونکي منهنجن دوستن کان بچايو ـــ دشمنن سان مان پاڻ پُڄي پوندس.“ ـــ دوستو! دوستن جي معاملي ۾ هر ڪنهن جو پنهنجو پنهنجو نظريو ـــ پنهنجو خيال ۽ پنهنجو پنهنجو تجربو هوندو آهي ـــ اصل ڳالهه اها آهي ته انسان پهريان پاڻ سٺو ٿئي، پوءِ ئي ٻين ماڻهن ۽ رشتن مان سٺائيءَ ۽ چڱائيءَ جي اميد رکي ائين آهي نه دوستو!.


    سامعين !
    هڪ سگريٽ ٺاهيندڙ اداري سگريٽ جو نئون برانڊ مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائڻ وقت اشتهار ڏنو ته هن سگريٽ ڇڪڻ سان چوريءَ جي وارداتن جو امڪان ناهي رهندو ۽ ٻيو هي ته هن کي ڇڪيندڙ ڪڏهن به پوڙهو ڪينَ ٿيندو ـــ ان اشتهار کي ڪوڙ تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪُن قرار ڏيندي هڪ شخص ان اداري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ـــ عدالت اشتهار ڏيندڙ اداري کي صفائي پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ عدالت ۾ گهرايو. اداري جي نمائندي پنهنجي صفائي پيش ڪندي چيو ته سگريٽ جي ان اشتهار ۾ ڪا به غلط بياني ڪونهي ٿيل ۽ سڀ وعدا درست آهن. اصل ۾ سگريٽ پئندڙ سڄي رات کنگهندو رهندو آهي، کنگهڻ ڪري جاڳندو به رهندو آهي چور جيڪو چوريءَ جي ارادي سان ايندو اهو کنگهڻ ٻڌي ڀڄي ويندو ـــ ڀلا سگريٽ پيئڻ وارو پوڙهو ڪيئن نه ٿيندو؟ جناب سگريٽ پيئڻ وارو جوانيءَ ۾ ئي مري ويندو ته پوءِ پوڙهو ڪيئن ٿيندو ـــ ڪمپنيءَ جي وڪيلَ سادگيءَ سان جواب ڏنو.
    سامعين اها هئي ته لطيفي واري انداز ۾ ڳالهه پر سگريٽ مان هڪ نه ـــ ٻه نه ـــ پنج نه پر سوين نقصان آهن ـــ ان ڪري تماڪ ڇڪڻ کان پاڻ کي به بچايو پنهنجي اولاد ۽ گهر وارن کي به



    سامعين!
    خليل جبران ڪٿي لکيو آهي ته ـــ مون زندگيءَ ۾ ست ڀيرا پنهنجي نفس کي حقير سمجھيو ۽ ان کي بُرو سمجھيم. سڀ کان پهريان ان وقت جڏهن مون امارات ۽ رياست جو لباس پاتو ۽ مجبور ۽ بيوس ماڻهن جي لاچاري ۽ بيوسيءَ مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ٻئي ڀيري ان وقت جڏهن مون پنهنجي مخلص دوستن جي سامهون بهانا گهڙي پنهنجي صفائي پيش ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي مڪاري ۽ عياريءَ سان گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ٽئين دفعي ان وقت جڏهن آسان ۽ دشوار مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو ته مون مشڪل جي مقابلي ۾ آسان کي ترجيح ڏني.
    چوٿون ڀيرو ان وقت جڏهن مون ڪنهن گناهه جو ارتڪاب ڪيو ۽ اهو چئي پاڻ کي تسلي ڏني ته آخر ٻيا به ته اهڙيءَ طرح گناهه ڪندا آهن.
    پنجين ڀيري ان وقت جڏهن مون ڪا مصيبت پنهنجي ڪمزوري ۽ خوف سبب برداشت ڪئي ۽ مون ظاهر اِهو ڪيو ته مان صبر ۽ استقامت جو مظاهرو ڪيو آهي.
    ڇهون ڀيرو پنهنجي نفس کي ان وقت ملامت ڪيم جڏهن مون پنهنجا ڪپڙا گندگيءَ کان بچائڻ جي ڪوش ڪئي پر پنهنجي دل نه بچا.ئي سگهيس.
    ۽ ستون ڀيرو ان وقت جڏهن مان مناجاتون پڙهڻ لاءِ اٿي بيٺس ۽ ان پنهنجي مدح ۽ ثنا کي پنهنجي فضيلت سمجھيم.



    سامعين!
    هڪ سَسُ اهو ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته هن جي ڄاٽن مان ڪهڙو ڄاٽو وڌيڪَ فرمانبردار ۽ ساڻس پيار ڪندڙ آهي ـــ ان ڪري هوءَ هڪ کوهه مان پاڻي ڀرڻ وئي، ڀرسان وڏو ڄاٽو بيٺو هو ـــ سَسُ کوهه ۾ ٽپو ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي، سندس وڏو ڄاٽو ڀڄندو ويو. کوهه ۾ ٽپو ڏئي پنهنجي سَسُ کي بچائي ورتائين ـــ هُو صبح جو اٿيو ته سندس اڱڻ تي هڪ مينهن ٻڌل بيٺي آهي، اهو سَسُ طرفان پنهنجي فرمانبردار ڄاٽي لاءِ تحفو هو. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري کوهه تي وئي، سندس ٻيو نمبر ڄاٽو ڀرسان بيٺو هو ـــ مائيءَ کوهه ۾ ٽپو ڏئي وري رڙيون ڪيون ”بچايو بچايو“ سندس ٻيو نمبر ڄاٽو ڀڳو ۽ کوهه ۾ ٽپو ڏئي سَسُ جي جان بچايائين. ٻئي ڏينهن صبح جو ان جي اڱڻ تي موٽر سائيڪل بيٺي هئي، اهو سندس لاءِ سَسُ طرفان تحفو هو ـــ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري سَسُ ٽئين نمبر ڄاٽي کي آزمائڻ لاءِ کوهه ۾ ٽپو ڏنو رڙيون ڪرڻ لڳي. سندس ٽيون نمبر ڄاٽو جيڪو سامهون ئي بيٺو هو ان سوچيو ته اسانجي سَسُ پهرئين ڄاٽي کي جان بچائڻ تي مينهن تحفي ۾ ڏني، ٻئي کي موٽر سائيڪل ـــ مونکي يقيناً سائيڪل ڏيندي، جيڪا مون وٽ اڳ ۾ ئي آهي ان ڪري هن سڪون سان پنهنجي سَسُ کي ٻڏڻ ڏنو ۽ هوءَ مري وئي ـــ صبح جو اهو ڄاٽو اٿيو ته پنهنجي اڱڻ تي هڪ ڪار بيٺل ڏٺائين ـــ جيڪا پوڙهيءَ جي مڙس پاران پنهنجي فيورٽ ڄاٽي لاءِ تحفو هئي.



    سامعين!
    پيار ۽ پنهنجائپ هجي ـــ اهڙو پيار جنهن ۾ ڪو آزار نه پر ارپنائون، آٿتون ۽ سهارا هجن. جنهن ۾ ساٿ ـــ سٻنڌ اقرار ۽ وعدا وچن هُجن. انسان کي پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ اگر پيار جو سهارو ملي ٿو وڃي ته سندس جيون جنجالن کان آجو ۽ آزاد ٿي ٿو وڃي ـــ ڪنهن ڏاهي ڪهڙو نه سٺو چيو آهي ته: ”هيءَ زندگي محبتن لاءِ ئي بنهه ٿوري آهي، ان ۾ ماڻهو نفرتن لاءِ وقت ڪٿان ٿا ڪڍن“ الائي ڇو ماڻهو نفرتن جا ڪنڊا پوکي سماج جا پير پٿون ڪري ڇڏيندا آهن پر ڪنهن جستجو ۾ مگن، منزل جا متلاشي ۽ اڏول انسان پٿرن ۽ ڪنڊن سان وڇايل راهن تي به منزل جو سفر جاري رکندا آهن.

    پيرپٿون هر پانڌيئڙي جا....


    سامعين!
    هڪ دفعي حضرت سلمان عه ڪِول کان پڇيو ته: ”توکي سڄي سال جي کاڌ خوراڪ لاءِ ڪيترا داڻا کپن“. ڪِول جواب ڏنو سائين! صرف هڪ داڻو ـــ حضرت سليمان عه ڪول جي ڀرسان هڪ داڻو رکي ان کي ڪنهن سوراخ ۾ بند ڪري ڇڏيو ــ سال کانپوءِ جڏهن ڏٺو ته ڪول کي ڏنل اناج جي داڻي جو فقط اڌ کاڌل هو ۽ اڌ داڻو اڃان بچيل هو ـــ جڏهن سليمان عه اڌ بچيل داڻي بابت ڪِول کان پڇيو ته: ڪِول جواب ڏنس ـــ يا نبي عه پهريان ته منهنجو ڀروسو الله تعاليٰ تي هوندو هو ـــ مان پورو داڻو کاوان يا وڌيڪَ اها پڪ هوندي هئي ته مونکي وري ٻيو داڻو ملي ويندو ـــ الله پاڪ بنا گهرڻ جي ٻيهر روزي رزق ڏيندو پر هاڻي ڇاڪاڻ ته منهنجو ڀروسو توهان تي هو ان ڪري مان کي اهو يقين ڪونه هو ۽ سوچيم متان اوهان وساري ڇڏيو ۽ مان بک مران ان ڪري اڌ داڻو بچائي رکيو اٿم.

    الا هُو الا هو.....


    سامعين!
    دل بابت هڪ شعر آهي ته:
    دل سچ، دل ڪوڙ، دل وفا، دل دوکو
    ڪيڏو آهي اوکو، ماپڻ ماڻڻ پنهنجي من کي

    واقعي پوريءَ زمين جي پکيڙ به معلوم ٿي سگهي ٿي ـــ سمنڊن ۽ دريائن جي اونهائي به معلوم ٿي سگهي ٿي ـــ جبلن ۽ پهاڙن جي اوچائي به ماپي سگهجي ٿي پر ڪنهن جي من کي ڪنهن جي دل کي ماپڻ وارو اڃان ماپو ايجاد ئي ناهي ٿيو.... ڪنهن ڏاڍو سٺو چيو آهي ته:
    ڪاش نه دل هجي ها ـــ نه پيار ٿئي ها ـــ نه جدائي ٿئي ها ـــ نه درد ملي ها ـــ نه راهون نيڻ نهارين ها ـــ نه اکيون آليون ٿين ها ـــ نه ساهه سڏڪا ڀري ها ـــ نه روح ريهون ڪري ها نه ياد تنهنجي اچي ها نه جيءُ منهنجو جھُري ها.

    هيلَ مونکي يادِ تنهنجي.....


    سامعين!
    زندگي خواهشن جو هڪ سمنڊ آهي، حرص ۽ هَوس جا ڏنگيل ماڻهو ان ۾ ٽٻيون کائيندي کائيندي ٻڏي ويندا آهن ـــ صرف اهي ماڻهو تري نڪرندا آهن، جن هن دنيا کي عارضي سمجيو هجي ۽ دنيا جي خواهشن کي پاڻ مٿان حاوي ٿيڻ نه ڏنو هجي ـــ ڇو ته چوندا آهن ته انسان جون ضرورتون ته پوريون ٿي سگهن ٿيون، خواهشون ڪڏهن به نه ـــ انسان مٿان خواهشون جڏهن حاوي ٿي وينديون آهن ته هو مونجھاري جي اهڙي ڪُنَ ۾ وڃي ڪرندو آهي جتان ڪڏهن به نڪري ناهي سگهندو ـــ ها ته ڳالهه پئي ڪئي سي زندگيءَ جي ـــ زندگي ڪجهه به هجي ان جي ڪهڙي به تشريح ڪجي پر ان کان ڪو به انڪار ڪري نه سگهندو ته زندگي مختصر آهي.

    پيار پنهنجو پرين روشنيءَ جو سفر ـــ زندگي مختصر



    سائين!
    هر رشتو هڪ پکيءَ وانگر هوندو آهي، جيڪڏهن ان کي سختيءَ سان پڪڙيندؤ ته مري ويندو ـــ اگر نرميءَ سان پڪڙيندؤس ته اڏري ويندو، پر جيڪڏهن ان کي محبت ۽ پيار سان پڪڙيندؤ ته سڄي زندگي توهان وٽ ئي رهندو ـــ پيار ۾ هڪ وڏي طاقت آهي ـــ هڪ وڏي شڪتي آهي ـــ هڪ وڏي سگهه آهي ـــ هڪ وڏي ڪشش آهي ـــ پيار سان پراون کي پنهنجو بڻائي سگهجي ٿو. پيار سان پراوا انسان ته ڇا پر پکي ۽ جانور به قبضي ۾ اچي ٿا وڃن. پيار ڏيو ـــ پيار وٺو ـــ پيار ونڊيو ـــ پيار ورهايو ۽ نفرت کان نفرت ڪيو ته پوءِ ڏسو ته هي دوزخ جهڙو معاشرو ڪيئن نه جنت بڻجي ٿو پوي.



    نيلسن منڊيلا کان ڪنهن انٽرويو ڪندي پڇيو هو ته مفڪر ۽ سياستدان ۾ ڪهڙو فرق آهي ته ـــ نيلسن ڏاڍو سهڻو جواب ڏنو ته ”سياستدان جي نظر سدائين ايندڙ اليڪشن تي، جڏهن ته مفڪر جي نظر ايندڙ نسلن مٿان هوندي آهي ـــ ذوالفقار علي ڀٽي بابت مختلف ماڻهن جا مختلف رايا هوندا پر ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته هو سياستدان هئڻ سان گڏ هڪ مفڪر به هو ـــ اڄ سندس ورسيءَ جو ڏينهن آهي ـــ ان حوالي سان مونکي سندس هڪ تحرير جو ٽڪرو ياد ٿو اچي ـــ اوهان سان به شيئر ڪيان.
    ”آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ماڻهو زنجير پائي به آزاد هوندا آهن، پر ظالم آجو هوندي به زندان ۾ واڙيل هوندو آهي ـــ آءٌ اهڙو معاشرو چاهيان ٿو جنهن ۾ ڪو به شهري نه غلام هجي نه بدحال ـــ آءٌ موت جون اکيون ڏسي آيو آهيان ـــ يقين ڪريو ته فقط زندگي موت کان نه ٿي ڊڄي پر موت به زندگيءَ کان ڊڄي ٿو“.

    هڪ موت مئي جو.....


    7

    تون بلڪل چنڊ وانگر آهين
    هو به سهڻو آ ـــ تون به سهڻو آن
    هو به روشن آهي ـــ تون به روشن آن
    هو آسمان تي سڀ کان الڳ
    تون دنيا ۾ سڀ کان نرالو

    فرق صرف اهو آهي ته چنڊ نظرن جي سامهون هجڻ جي باوجود اسان کان گهڻو ڏور آهي ۽ تون نظرن کان پري هوندي به اسان جي دل ۾ رهين ٿو، لطيف جي ان شعر وانگر ته ڪي ويجھائي ڏور ـــ ڪي ڏور به اوڏا سپرين.

    جيترو ويجھو تون آهين.


    سامعين!
    ڪجهه سٺيون ڳالهيون، ڪم واريون عبارتون ۽ با مقصد تحريرون اوهان جي گوش گذار ڪجن ته هر ڪوئي چاهيندو آهي ته ان کي ڪاميابي ملي پر جڏهن مسجد مان ڏينهن ۾ پنج دفعا ”حي عَلي الفلاح“ اچ ڪاميابيءَ جي طرف جو آواز ٿو اچي ته اسان ان آواز طرف توجهه ئي ڪونه ٿا ڏيون.
    ڪنهن ڏاهي جو قول :
    جيڪڏهن تون سج وانگر روشن ٿيڻ چاهين ٿو ته پهريان ان وانگر جلڻ به سک.

    ٻئي ڏاهي جو قول:
    سڀ خوبصورت ماڻهو لازمي ناهي ته سٺا هجن پر سٺا ماڻهو هميشه خوبصورت لڳندا آهن.


    سامعين! حضرت علي رصه کان ڪنهن پڇيو ته ڀاءُ ۽ دوست ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ حضرت علي رضه جواب ڏنو، ”دوست هيرو هوندو آهي ۽ ڀاءُ سون هوندو آهي. ان ماڻهوءَ ٻيهر پڇيو ته قبلا هيري ۽ سون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ حضرت علي رضه فرمايو ”سون ٽٽندو آهي ته ٻيهر ڳنڍجي سگهندو آهي پر هيرو ٽٽڻ کانپوءِ ٻيهر جُڙي نه سگهندو آهي ـــ ان ڪري دوستو! دوستيءَ جي رشتي جو احترام ڪندا ڪيو ـــ ڇو ته چوندا آهن هڪ ڪتاب 10 دوستن جي برابر هوندو آهي پر هڪ سچو دوست سڄي لائبريريءَ جي برابر هوندو آهي.



    اچ ته دنيا کي ورهايون.....
    سمنڊ تنهنجو ـــ ويرون منهنجيون
    عرش تنهنجو ـــ تارا منهنجا
    سج تنهنجو ـــ روشني منهنجي
    باغ تنهنجو ـــ گل منهنجا
    جسم تنهنجو ـــ روحُ منهنجو
    چڱو هينئن ڪر سڀ ڪجهه تنهنجو
    ۽ تون منهنجو ـــ
    ساجن تون، ساجن تون......



    سامعين!
    ـــ دل مٽيءَ مان نه ٺهندي آ ـــ اگر مٽيءَ مان ٺهي ها ته سندس وکرجڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ها.
    ـــ دل شيشي مان به نه ٺهندي آهي. اگر شيشي مان ٺهي ها ته سندس ٽٽڻ جو آواز ضرور ٻڌڻ ۾ اچي ها.
    ـــ دل پٿر جي به ٺهيل ناهي هوندي ـــ ايئن هجي ها ته سندس ڪِرڻ جو آواز ضرور اچي ها.
    ـــ دل ميڻ مان به ٺهيل ڪونهي ـــ اُنَ جي ٺهيل هُجي ها ته سندس ڳرڻ ڏسي سگهجي ها.
    ـــ دل واريءَ ــــ سيمنٽ يا ڪنڪريٽ مان به ٺهيل ڪونهي اگر ائين هجي ها ته ان ۾ پيل ڏار ڏسي سگهجن ها ـــ پر دوستو! دل ته محبت سان ٺهندي آهي ـــ دل ڀلي ٽٽي پوي وکري وڃي ـــ ڪري پوي ـــ ڳري وڃي، ڪجهه به ٿئي ان جو آواز ناهي ٿيندو پر رڳو اکين مان ڳوڙهن جو سمنڊ جاري ٿيندو آهي.

    خوشيون مُبارڪ، دل منهنجي ٽٽي ته ڇا ٿيو.....



    پيار ڪائنات جي هڪ اهڙي سگهه آهي جيڪا هڪ عام ماڻهوءَ کان ويندي هڪ بادشاهه، حاڪم ۽ حڪمران کي به پنهنجي اثر رسوخ سان قيد ڪري مجبور ۽ بيوس بڻائي سگهي ٿي. جيڪي ماڻهو جيل جي لوهين سيخن ۽ ڊگهين ديوارن کي ٽوڙڻ جي سگهه رکندا آهن اهي ماڻهو پرينءَ جي پاڇي مان اٿڻ جي سگهه نه ساري سگهندا آهن ـــ پر جڏهن پيار ڏيندڙ پرينءَ ۾ پيار نه رهي ـــ باوفا پرينءَ ۾ وفا نه رهي ته مجبوراً پرينءَ جي شهر کي ئي الوداع چوڻو پوندو آهي.

    تنهنجي شهر کي چئي اڄ الوداع


    سنڌ جي سدا ٻهڳڻ شاعر استاد بخاريءَ چيو:

    وقت وهي ٿو تڪڙو تڪڙو تون به وڃين ٿو تڪڙو تڪڙو
    ترسايان مان ڪنهنکي ڪنهنکي.....
    دل به رني آ اک به رني آ پرچايان مان ڪنهنکي ڪنهنکي

    واقعي هي وقت صدين کان پنهنجي مقرر رفتار سان روان دوان آهي ڏک جي ڳالهه اِها آهي ته اسان وقت جي رفتار سان گڏ هلي نه سگهندا آهيون ـــ اگر اسان وقت جي نزاڪت کي سمجھندي وقت ۽ حالت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي زندگي گذاريون ته وقت ڪڏهن به اسان جي ڪم ۽ ڪردار کي مات ڏئي نه سگهندو ۽ اسان هن ڪائنات جا ڪامياب ترين انسان ليکباسين ـــ ڳالهه وقت جي نڪتي آهي ته وقت هاڻي اوهان ۽ اسانکي ان موڙ تي بيهاريو آهي ته سڀئي هڪ ٻئي کان موڪلايون.

    اوهان کان هاڻي پنهنجي آ موڪلاڻي


    ساٿيو!
    زندگيءَ جو سمنڊ تمام وسيع، بي درد، ظالم ۽ تمام گهڻو پيارو آهي. ان جي ڪناري تي پهچو ته ڪيترائي ماڻهو ملن ٿا، چمڪندڙ واريءَ جهڙا ماڻهو، چهنبدار پٿرن جهڙا ماڻهو، خوبصورت وادين جهڙا ماڻهو ۽ انهن مان ڪجهه ته هٿ تريءَ تي ڄميل واريءَ جيان وقت جي وهڪري ۾ رڳو ترين تان ئي نه پر دل تان به لهي ويندا آهن. جڏهن ته ڪجهه خوشبوئن جهڙا ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جن جي مٺي لهجي ۽ مخلصيءَ جي سڳنڌ هميشه اسان جي وجود ۾ سمائجي ويندي آهي ۽ دل چاهيندي آهي ته اهڙن ماڻهن سان گڏ گذارجي ۽ زندگيءَ جون سموريون ساعتون اهڙن سڳنڌ جهڙن ماڻهن لاءِ وقف ڪري ڇڏجن. پر اهو ته شايد ممڪن نه آهي ڇو جو هيءَ زندگي هڪ سفر آهي ۽ دنيا هڪ ريلَ جيان آهي جنهن ۾ سڀ ڪو مسافر جيان آهي ۽ وقت اچڻ تي سفر پوري ٿيڻ تي پنهنجي همسفرن کان موڪلائي هليو وڃي ٿو ـــ زندگي هڪ عارضي شيءِ جو نالو آهي انهيءَ جي ڪري اسان سڀني کي گهرجي ته هن زندگيءَ جي مختصر سفر ۾ دل مان نفرتن کي ڪڍي ڦٽو ڪريون، ڇو جو هيءَ مختصر زندگي ته محبتن لاءِ ئي ٿوري آهي.



    سائين!
    اوهان ڪڏهن اندازو لڳايو آهي ته فقط هڪ ڪلاڪ ۾ زمين ۽ دنيا جي گولي تي ڇا ڇا ٿو ٿئي ـــ نه ني؟ ته پوءِ ٻڌو.
    دنيا جي هڪ ڪلاڪ ۾ سرڪاري توڙي خانگي هڪ ڪروڙ نَو لک خط لکيا وڃن ٿا. سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر 21 لک مڻ تماڪ ڇڪيو ٿو وڃي. هڪ ڪلاڪ ۾ 17 سؤ ڪارون ٺهي تيار ٿيون ٿين. دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر ٻه لک ٽن کنڊ تيار ٿي ٿئي. هڪ ڪلاڪ ۾ پنج هزار 8 سؤ 80 ٻار ڄمن ٿا ۽ ان عرصي ۾ وري دنيا ۾ 4630 مرد ۽ عورتون توڙي ٻار مرن به ٿا. سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر 53 هزار جانورن جو شڪار ٿو ٿئي ۽ ڪلاڪ ۾ کاڌي لاءِ ذبح ٿيندڙ جانورن جو تعداد هڪ ڪروڙ 35 لک آهي. سڄي دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر ڇپجندڙ اخبارن جو وزن ڪجي ته اهو 71 هزار 987 ٽن ٿيندو ـــ هڪ ڪلاڪ اندر دنيا ۾ 10 ارب 30 ڪروڙ ٽيليفون ٿين ٿا ۽ هڪ ڪروڙ 51 لک تارون ـــ ٽيليگرام يا Fax ٿين ٿا. دنيا ۾ هڪ ڪلاڪ اندر مجموعي طور 1661 شاديون ٿين ٿيون ۽ هڪ ڪلاڪ ۾ هڪ ڪروڙ مڻ کاڌو کاڌو وڃي ٿو ۽ سڄي دنيا ۾ ماڻهو هڪ ڪلاڪ ۾ 90 ڪروڙ ميل سفر ڪن ٿا.



    وڇوڙي جو هڪ پنهنجو ڏک ۽ درد آهي، دوريءَ ۽ جدائي جو ڏک ۽ الميو وري جدا آهي ـــ نه ڳالهائڻ ۽ رسڻ واري عمل جو وري فڪر ۽ پريشاني الڳ شيءِ آهي. ۽ وري شهر يا ڳوٺ مان لڏي وڃڻ واري ڪيفيت جي ڏک، رنج، الم جو وري الڳ جهان هوندو آهي ـــ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تبديل ٿيڻ، هڪ شهر کان ٻئي شهر لڏڻ واري دردَ جو مزاج ۽ اثر تمام نرالو ٿيندو آهي ـــ ٻن دلين جي جدائي واري ڏک ۾ صرف ٻه دليون ۽ چار اکيون روئنديون آهن. ڪٿي ڪٿي ته صرف هڪ دل ۽ ٻه اکيون روئنديون آهن پرينءَ کي ته ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي ـــ پر جڏهن هڪ شهر يا ڳوٺ کان ٻئي شهر يا ڳوٺ لڏبو آهي ته اهڙي درديلي منظر ۾ ٻه دليون ۽ چار اکيون نه روئنديون آهن پر ٻه گهر روئندا آهن، ويڙهن جا ويڙها روئندا آهن شهرن جا شهر ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ به روئندا آهن. اچو ته مشتاق بخاريءَ جا احساسَ الطاف سمي جو سريلو آواز ٻڌون. منظر آهي جدا ٿيڻ جو ۽ لڏڻ جو ۽ ڏک آهي پنهنجن جو ۽ پنهنجي پرينءَ جو.


    دادو سيد داد محمد شاهه جي نالي پويان قائم ٿيو ـــ داد محمد شاهه جو تعلق شاهپور جهانيان وارن ساداتن سان هو ـــ کيس سيد دادن شاهه ۽ دادو شاهه ڪري به سڏيندا هئا ـــ شروع ۾ دادو چند گهرن تي مشتمل هوندو هو ـــ مير سهراب خان جي دؤر ۾ هن شهر ترقي ڪئي ـــ اڄ ڪلهه دادوءَ ۾ ڪيترائي محله ۽ پاڙا آهن مثلاً:
    آخوند پاڙو
    الهبچايو ميمڻ پاڙو
    قاضين جو پاڙو
    شمس آباد محلو
    سُرهيا محلو
    سونارن جو محلو
    سورج آباد
    ٻُٽ محلو
    پير ڪالوني
    هرداس پور محلو
    ٽوائي ميمڻن جو محلو
    جھنگل شاهه محلو
    لڇيرام محلو
    ڪنڀار محلو
    صابڻ ميمڻ محلو
    غريب آباد محلو
    جڳت آباد محلو
    اسٽيشن روڊ محلو
    ڇاڻو بادشاهه آباد محلو
    مستري واٽو خان جو محلو
    سيد محمد شاهه جو محلو
    پير بخش سولنگي محلو
    وزير گوپانگ محلو
    هائوسنگ سوسائٽي ڪالوني
    ريلوي ڪالوني
    ابراهيم سهتو ڪالوني
    مزدور آباد محلو
    مرکپور محلو
    شاهاڻي پاڙو
    اڳيان شاهاڻي پويان پاڻي
    ٽپڙ ڍوئيندي رات وهاڻي

    دادوءَ جو ايترو ذڪر ٿيو آ ته اچو ته دادوءَ جي البيلي راڳيءَ منظور سخيراڻيءَ کي ٻڌون.....


    موسيقيءَ کي روح جي غذا جو نالو پڻ ڏنو ويو آهي، هن جي تاريخ قديم آهي. دنيا جون جيڪي به قديم تهذيبون آهن انهن ۾ مصر، ڪَنعان ۽ يونان کانسواءِ هند جي تهذيب ۾ موسيقيءَ کي اهميت رهي آهي، نه صرف عوام ۾ بلڪه رياستي سطح تي ۽ مذهبي حوالي سان پڻ ان کي مانُ ۽ مرتبو ملندو رهيو آهي. موسيقيءَ جو لفظ به يوناني زبان مان ورتل آهي. يونانين جو هڪ ساز هو جنهن کي Lyre چوندا هئا ان ڪري ئي غنائي نظم کيLyricسڏيو ٿي ويو، يعني اهڙي نظم جنهن کي ساز سان گڏ ڳائي پڻ سگهجي. يوناني، عارفيوس کي مثالي موسيقار تسليم ڪندا هئا.
    جڏهن ته هند ۾ سنگيت جي عالم کي پنڊت سڏيو ٿي ويو. انساني آواز کي ست سُرن ۾ ورهايو ويو، اها تقسيم يا ورڇ ست سيارن جي نسبت ڪئي وئي ـــ راڳ ۽ راڳڻين کي وري موسمن ۽ وقتن ۾ ورهايو ويو، اهڙيءَ طرح سان ڇهه وڏا راڳ سمجھيا ويا.
    اهڙيءَ طرح سان هند يعني هندوستان ۾ ناليوارا گويا پيدا ٿيا جن دنيا ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ـــ پاڪستان ۽ هندوستان جي موسيقي هونئن به سينه به سينه چند گهراڻن تي مشتمل رهي آهي. خصوصاً مسلمان گوين ۾ تان سين، امير خسرو جا نالا انتهائي ادب ۽ احترام سان ورتا وڃن ٿا. انهن شخصيتن جي فيض جي طفيل موسيقي ۽ گائيڪي پنهنجون ميخون لڳايون.
    گواليار انهيءَ حوالي سان خصوصي اهميت جو حامل آهي ڇاڪاڻ ته اتان جا گائيڪ گهراڻا پنهنجي شهرت جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور ٿيا. انهيءَ گواليار جو هڪ گائيڪ گُل، منظور علي خان پڻ پنهنجي فن جي بلندين تي مسند نشين آهي.
    استاد منظور علي خان ڪلاسيڪي موسيقي جي حوالي سان سنڌي شاعري کي جنهن پيار ۽ پاٻوهه سان ڳايو آهي ان جو ڪاٿي مثال نه ٿو ملي. احمد فراز شايد اهڙن هستين لاءِ ئي چيو آهي:
    مين تيرا نام نه لون پهر بهي لوگ پهچانين
    ڪه آپ اپنا تعارف هوا بهار ڪي هين


    8

    سامعين اسان جي موجوده دؤرَ جو هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته اسان جو نئون نسل ـــ اسان جا ٻار دنيا جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي رانديگرن کي نالن سان سڃاڻن ٿا. انڊيا ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل اداڪارن، صداڪارن ۽ فنڪارن کي ته سڃاڻن ٿا، انهن جا کين نالا به بر زبان ياد آهن. سٺي ڳالهه آهي، معلومات هجڻ کپي هر شعبي بابت ـــ پر افسوس جو پهلو اهو آهي ته انهن نوجوانن کي اسان جي علمي، ادبي مشاهيرن، ڪلاسيڪل شاعرن، بزرگن ۽ اهم شخصيتن جي باري ۾ ڪا ڄاڻ ڪونهي. انهن لاءِ انهن شخصيتن جا نالا اجنبي ۽ اڻ ڄاتل آهن. مان پنهنجي اڄوڪي پروگرام ۾ اهڙن بزرگن، اوليائن ۽ ڪلاسيڪل شاعرن جو تمام مختصر تعارف شامل ٿو ڪيان جن جا نالا اڪثر ريڊيو ۾ اوهان ٻڌو ٿا ۽ انهن مان تمام گهڻن جو ڪلام به مختلف فنڪارن جي آوازن ۾ نشر ٿيندو رهي ٿو. مان انهن مشاهيرن جي ذڪر سان انهن جي موجود ڳايل ڪلام جا حصا به اوهان کي ٻڌائيندو هلندس.

    روحل فقير جو اصل نالو روح الله ولد شاهو فقير زنگيجو (جتوئي) پدمات ڀٽ ضلع ٿرپاڪر ۾ 1733ع ۾ پيدا ٿيو. عربي، فارسي، سنڌي، هندي، گرمکيءَ جو ماهر هو. سندس وڏا پنجاب جي لونگريه ڳوٺ کان ٿر آيا. پاڻ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وزير به رهيو.

    مراد فقير ولد محمد حيات فقير زنگيجو جتوئي 1742ع ۾ ڄائو. عربي، فارسي، سرائڪي، هندي ۽ سنڌيءَ جو ماهر هو. پاڻ روحل فقير جو سؤٽ هو. ان وقت نور محمد ڪلهوڙي جو دؤر هو. روحل فقير سان گڏ ملازمت ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. روحل فقير سان گڏ ميرانپور جھوڪ شريف ويو. اتان ”ڪوٽلو“ ڪوٽڏيجيءَ ۾ وريو دُر عدن 1796ع ۾ وفات ڪئي. ڪنڊڙيءَ ۾ ”مراد دوم“ آهي.

    علي محمد فقير ولد مير محمد فقير ٽالپر ـــ ويٺل ٽالپر وڏا، 1328هه ربيع الثانيءَ ۾ پيدا ٿيو. سندن ڏاڏو جلال الدين فقير ڪنڊڙي خاندان جو طالب هو. سندس مامو فقير دوست محمد تارڪ، هيسباڻي خاندان جو طالب هو. وصال ـــ اربع 22 جمال الاول 1400 ـــ 29 اپريل 1980ع.

    نواب ولي محمد تاجپوري ولد نواب احمد خان لغاري بلوچ، ويٺل تاج پور ضلع حيدرآباد. عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ جو ماهر ـــ جاگيرداري ڇڏي الله جي عشق ۾ آيو ۽ محمد ابراهيم شاهه بنگلي ڌڻي جھوڪ شريف جو طالب ٿيو. محمد فقير کٽياڻ سندس طالب ۽ مصري شاهه صحبتي هوس. وصال 1332 هجريءَ ۾ ڪيائون.

    محمد فقير بن حيدر خان کٽياڻ ويٺل کٽياڻ. لڳ ٽنڊو ڄام. پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه اول (ڪوٽ ڌڻي بادشاهه) کان توحيد جي تلقين وٺي يڪتاري تي ڳائڻ جي اجازت ورتائين. پهريان ڳوٺ جو رئيس باشريعت هو، پر پوءِ سڀ ڪجهه ڇڏي نواب ميان ولي محمد فقير لغاري (تاج پور) جو طالب ٿيو. گيڙو ڪفني. مٿين پيرين اگھاڙو ـــ ڇيريون ٻڌي. ساز سرود کڻي الاهي توحيد ۾ گهڙيو. 1359 هجري ۾. 62 ورهين ۾ وفات ڪيائين. جنم 1884ع.

    صوفي رکيل ـــــ شاهه نوراني ولد ميان نور محمد شاهه ويٺل فتح پور لڳ گنداوا 1262هه ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل شيراز جا هئا. هت کين جاگير به هئي. سندس ڏاڏو جھوڪ شريف جو ارادتمند هو.
    (عبدالعزيز شاهه عرف چيزل سائين)

    نصير محمد ولد سلطان خان جلالاڻي ويٺل ڳوٺ پهنجو تعلقو ڪوٽڏيجي جھوڪ شريف وارن جا مريد هئا. وفات 127 ورهين جي ڄمار ۾ 27 جماد الثاني 1380هه ۾ ٿي.

    شاهه عنايت رضوي، شاهه عنايت الله بن سيد نصير الدين شاهه، سندن وڏا ايران کان سنڌ ۾ آيا. هي بزرگ 11 صدي هجريءَ جو آهي (1620-1708).

    مصري شاهه ولد بلند شاهه ويٺل نصرپور سنڌ جنم 1245 مطابق 1838ع-1904ع ڌاري وصال ڪيائين.

    حمل فقير بن حيدر خان ضلع خيرپور ۾ 1225ع ۾ ڄائو درگاهه لواري شريف جو عقيدتمند هو. وفات 2 صفر 1296ع ڳوٺ محمود فقير لغاري لڳ سڪرنڊ.

    خليفو نبي بخش ولد بالاچ خان لغاري. ٽنڊو باگو لاڙ، پير سائين علي گوهر شاهه (اصغر) جو معتقد هو. حمل فقير جو همعصر 1280ع ۾ وفات ڪيائين.

    فقير عبدالقادر ولد ميان محمد محسن 1231هه مطابق 1815ع روهڙيءَ ۾ ڄاوا.کيس سنڌ جو رومي چون ٿا. ادب وچان عبدالقادر نالو مٽائي، قادر بخش بيدل رکيائين وصال 16 ذي القعد 1289.

    ميان محمد محسن عرف بيڪس فقير ولد فقير قادر بخش بيدل روهڙي شريف ۾ 28 جماد الثاني 1275هه مطابق 2 فيبروري 1859 ۾ ڄاوا. 1289هه ۾ سندن والد وفات ڪري ويا 14 سالن جي عمر ۾ گادي نشين ٿيا. 23 سالن جي عمر ۾ 5 رمضان المبارڪ 1298هه مطابق 1882ع ۾ وفات ڪيائين.

    شاهه نصير الدين ولد پير خواجه عبدالحي نقشبندي 1900ع ۾ وصال ڪيائين. درگاهه نوشهرو فيروز ۾ اٿس. سير و سياحت ۾ گهڻو عرصو گذاريائين. نوشهرروفيروز ۾ سندن و ڏو عثمان بري هو.

    محمد عثمان فقير ولد خير محمد فقير سانگي ڳوٺ ڄامڙي سانگي لڳ لاڙڪاڻو. 16 صفر 1193هه مطابق 1778ع ۾ ڄائو. سندس والد به درويش صفت هو. فقير صاحب عربي ۽ فارسيءَ جو به ماهر هو. پر خواجه عبدالحي نقشبندي نوشهرويءَ جو طالب هو. سندس لقب عرشي بجلي هو ـــ درياهه فقير دولهه خوش خير محمد هيسباڻي ۽ ڇتل فقير سانگي سندس صحبتي هئا. مير علي مراد خان ٽالپر سند س شعر تي عاشق هوندو هو. فقير 1863 ۾ وصال ڪيو.

    حاجي خوش خير محمد فقير ولد غلام حيدر خان هيسباڻي بلوچ اصل ويٺل ٽڳڙ (ڪچو) ضلع نوابشاهه 1809ع ۾ پيدا ٿيو. فارسي ۽ عربي نوشهري ۾ پڙهيو. واليءِ رياست مير علي مراد خان ٽالپر جي وقت ۾ درياءَ جي اٿل سبب ڪرونڊي لڳ پنهنجو ڳوٺ ٻڌائون. خواجه پير عبدالحي نقشبندي چيو هو ته خير محمد عشق جو مصنف ٿيندو. فوت 1877ع ۾ ٿيو.

    غمدل فقير ـــــــ فقير قادر بخش دايو ويٺل پنو عاقل، قلندر مست جلال ۽ صبر جو صاحب هو. تخلص غمدل هوس. ٽالپر وڏا ۾ هادي بخش فقير خاصخيلي وٽ گهڻو ايندو هو. آخري ڏينهن ۾ رتوديرو رهيو. وصال 1392هه ۾ ٿيو.

    مفتون همايوني مولوي عبدالغفور ولد مولانا محمد يعقوب پيچوهو. ويٺل همايون شريف ضلع شڪارپور 1261هه ۾ ڄائو. مراقبي ۽ گوشه نشينيءَ ۾ گذاريندو هو. ڪيئي ڪرامتون ڏيکاريائين. نرينه اولاد ڪونه هئس. هڪ نياڻي هئس، اها به فوت ٿي وئي. 11 رمضان 1336هه ۾ وفات ڪيائين.

    انور شاهه ويٺل جهانپور اسٽيشن سرحد لڳ ميرپور ماٿيلو. ڪي سال اکيون سبرائي ڇڏيائين. تهجد ۽ مراقبا ايڏا ڪيائين ڄڻ مڻڪو ڀڳل هوس. ڪنڌ هٿ سان مٿي ڪندا هئس. قداور شخص هو. جيئن لوئر سنڌ ۾ محمد فقير کٽياڻي مجازي عشق کي ڪڏايو ائين اتر سنڌ ۾ انور شاهه بادشاهه هو منگھن فقير منظورِ نظر هون. وصال 1973ع ڌاران ٿين.

    مهدي فقير ويٺل جهانيان. شاهپور لڳ مورو، سندس وڏا اچ شريف کان اتي آيا. پاڻ کي فقير چوائندو هو. سدائين مٿي ۽ پيرين اگهاڙو گهمندا هئا. گوشه نشين ۽ اڪيلا هوندا هئا. وڏا سيلاني هئا. گوڏن ۽ پيرن ۾ گھنگھرو ۽ ڇير هوندي هئن. ويراڳ سندس غذا هئي. اوجاڳو سندن وندر هئي. راڻيپور ۽ صوڀوديرو وچ تي ڳوٺ ڪاٺيري (شاهاڻي) ۾ رهيا. چوندا هئا منهنجا سڏ شاهاڻين ۾ آهن باقي هڏ شاهپور موڪلجو. وصال 3 آڪٽوبر 1969ع ۾ ٿيو. فقير جانڻ چن سندس طالب هو.

    سيد فاضل شاهه ولد سيد حيدر شاهه موسوي 1836ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو. 1900ع ۾ وصال ڪيائين. عربي ۽ فارسي جو حافظ ۽ علم عروض جو ماهر هو. 1893ع کان حڪومت جي طرفان مفتي اعظم ٿي رهيو آقا عبدالرحمٰن سرهنديءَ جو معتقد هو.

    محمود فقير ولد علي خان کٽياڻ ـــ ويٺل سليمان کٽياڻ. 1852ع هالا ۾ ڄائو ۽ 1907ع ۾ وصال ڪيائين. اصل ذات کيتراڻ ان مان ڦري کٽياڻ ٿيا. هيءَ ذات اصل سبيءَ لڳ بار کان علاقي جي آهي. بلوچن جا ساٿي ٽالپرن سان گڏ سنڌ ۾ آيا. ٽالپرن جي دؤر ۾ کٽياڻ سپهه سالار هئا. جاگيرون به ملين. ان خاندان مان محمود فقير هڪ درويش شاعر ٿي گذريو آهي. ڳوٺ ابو طالب سپيو ۽ موسيٰ کٽياڻ وچ تي دفن ٿيل آهي. سندس موسيٰ کٽياڻ ۾ محمد مڱڻهار سان پيارُ هو.

    سائين ابو صالح شاهه جيلاني راڻيپور - صالح شاهه ٺوڙهي جي نالي سان مشهور ٿي گذريو آهي. گمبٽ ۽ راڻيپور وارن پيرن جا وڏا اصل ايران کان آيا. پهريان ايراني پور پوءِ راڻيپور سڏجڻ لڳي. هن بزرگ راڻيپور ۾ صالحپور ٻڌايو. سندن خاندان جو بغداد شريف ۾ محبوب سبحاني جي درگاهه سان گھاٽو تعلق آهي. اتي سندن اچ وڃ، جاگيرون ۽ پروانا به آهن. سندن وڏا سائين محمد شاهه ۽ سائين احمد شاهه ايران مان ٿي. اچ شريف پهتا هئا. اتان سنڌ ۾ سکر ۽ روهڙي پهتا ان کانپوءِ وڏو سائين محمد شاهه گمبٽ ۾ ۽ ننڍو احمد شاهه راڻيپور ۾ رهيا. وڏي محمد شاهه کي اولاد نه هو ان ڪري گادي، پڳ ۽ محي الدين جو لقب راڻيپور کي مليو.

    شاهه عنايت الله صوفي شاهه عنايت الله ولد مخدوم فضل الله شاهه صوفي. ويٺل ميران پور جھوڪ شريف، سنڌ جي صوفين جو سرتاج، شاهه شهيد جي لقب سان. 1065 هه ۾ پيدا ٿيو. يار محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڀاءُ ۽ ڀائيٽي سميت 1130هه ۾ شهيد ٿيو. صوفي طريقي جو (سِنڌ ۾) بنياد هن بزرگ جي فيض سان پيو.

    مير عبدالحسين سانگي امير ابن امير، شاعر ابن شاعر مير عبدالحسين ولد مير عباس علي خان 1851ع ۾ ڄائو ۽ 1924ع ۾ وفات ڪيائين. 1843ع ۾ سنڌ انگريزن ورتي. سندس ڏاڏا ۽ والد ڪلڪتي جلا وطن ٿيا. عبدالحسين اتي ڪلڪتي ۾ ڄائو مير عبدالحسين حيدرآباد جي شهداداڻي ميرن مان، امير حمزي رضه جي اولاد هو. سندس تخلص سانگي هو. ڀٽائي جا معتقد هئا. ميراڻي ڪيٽي ۾ ملاح نينگري حاجران جو نظارو ٿيس، ان سان شادي ڪيائين. ان سميت ڀٽائي تي دفن آهي. ٻي به شادي ڪيائين سندس پويان ٽنڊي غلام حسين حيدرآباد ۾ رهن ٿا.

    نانڪ يوسف نانڪ يوسف ولد مولوي محمد هاشم کوکر ـــ ويٺل اڳڙا تعلقو گمبٽ 1192هه ڌاري پيدا ٿيو. سچل جو طالب هو. عربي، فارسي باقاعده پڙهيل هو. امرتسر وڃي سکن جي گروءَ جو اشارو ڏنائين تڏهن نانڪ چوندا اٿس. سندس وڏا ملتان جا هئا. زماني جي گردش سبب بلوچستان ويا ۽ اتان خيرپور ضلعي ۾ آيا. گهرام فقير جتوئي سان قلندر شهباز تي ويو اتان باطني طور سچل سائينءَ جو ديدار ٿيس ۽ درازين پهتو. مرشد کيس يوسف مصري سڏيندو هو. وصال 1853ع ۾ ٿيس. مقبرو اڳڙن ۾ اٿس.

    ڇتل فقير سانگي ڇتل فقير ولد مولاداد فقير سانگي. ويٺل محبوب جو بنگلو ضلع لاڙڪاڻو – 1822ع ۾ ڄائو – 1892ع ۾ وصال ڪيائين- ميان عبدالرسول شاهه ڳوٺ دوداڻيءَ جو طالب هو.

    قاضي قاضن ولد ابو سعيد. اصل سيوهڻ ۾ ڄائو. بکر ۾ وڏو قاضي ٿيو. سنڌ ۾ پهريون نظمي شاعر ليکيو وڃي ٿو. ارغونن جي زماني ۾ وفات ڪيائين. محمد مهدي جونپوريءَ جو مريد هو.

    شاهه ڪريم بلڙيءَ وارو شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو. جنم 944هه 1538ع. هيءُ بزرگ ارغوني دؤر ۾ وڏو صوفي شاعر ۽ سنڌ ۾ ٻيو نمبر نظم جوڙيندڙ (لطف الله قادري ٽيون نمبر شاعر). شاهه ڪريم جا وڏا هرات کان سنڌ ۾ آيا. کيس فيض، محمد ابراهيم شاهه بخاريءَ کان مليو. پاڻ 1030هه ۾ وفات ڪيائون. سندن قادري طريقو هوندو هو.

    مير معصوم شاهه سيد نظام الدين عرف محمد معصوم تخلص نامي بن سيد صفائي حسين حسيني رمضان 944 هه بکر يعني پراڻي سکر ۾ ڄائو. سندس وڏا ترمذي سيدن مان هئا. سندس وفات 1015هه.



    سامعين!
    اڄ 21 مارچ آهي. هر سال جڏهن هيءَ تاريخ ايندي آهي ته. اسان ريڊيو پاڪستان خيرپور جو ذڪر ضرور ڪندا آهيون ڇو ته سامعين، اوهان کي خبر آهي ته 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ريڊيو پاڪستان خيرپور باقاعده پنهنجي نشريات جو آغاز ڪيو هو. اڄ مان سامعين کي هن اسٽيشن جي حوالي سان مختصر معلومات ٿو ڏيان:
    - هاءِ پاور ٽرانسميٽر (HPT) جو سنگ بنياد 27 مئي 1976ع ۾ ان وقت جي صنعتن ۽ ڪشمير معاملن جي وفاقي وزير سيد قائم علي شاهه رکيو.
    - هاءِ پاور ٽرانسميٽر جو افتتاح 3 مارچ 1981ع تي ان وقت جي گورنر سنڌ ايس. ايم عباسي ڪيو. ان ٽرانسميٽر جي سگهه 100 ڪلو واٽ هئي.
    - عارضي نشر گاهه ڊسٽرڪٽ ڪائونسل خيرپور جي بلڊنگ مان، نشريات جو افتتاح ان وقت جي وفاقي وزير اطلاعات و نشريات راجا ظفر الحق ڪيو. تاريخ 21 مارچ 1983ع.
    - موجوده براڊڪاسٽنگ ڪائوس (ايراضي 2 ايڪڙ) ان جو افتتاح 7 مئي 1986ع ۾ ان وقت جي وزير اعظم پاڪستان جناب محمد خان جوڻيجي ڪيو.
    - ان وقت فريڪوئنسي 927 ڪلو هرٽز ميڊيم ويوز ۽ هاڻي 93 ميگا هرٽز FM.
    - روزانه نشريات لڳ ڀڳ 18 ڪلاڪ.
    - نشريات جي ابتدا صبح 5 لڳي 45 منٽ ۽ اختتام رات جو 12 وڳي ٻوليون سنڌي ۽ اردو .
    - نشريات جو سرڪاري دائرو، گھوٽڪي، سکر، خيرپور نوشهرو فيروز ۽ نوابشاهه (بينظير آباد) ضلع.
    - اسٽيشن جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ـــ فيض الله بلو چ.
    - پهريون اسٽيشن ڊائريڪٽر ـــ جناب منير احمد سومرو
    - پهريون پروگرام مئنيجر ـــ جناب الله بخش شاهه بخاري.
    - پهريون سينيئر پروڊيوسر ـــ قادر بخش ملاح
    - پهريون پروڊيوسر ـــ ارشاد اعواڻ
    - پهريون نيوز انچارج ـــ عبدالله ويسر
    - پهريون انجنيئرنگ مئنيجر ـــ لياقت الله خان
    - پهريون سنڌي انائونسر ـــ انيس الحسنين ميمڻ
    - پهريون اردو انائونسر (مرد) محمود حسين
    - پهريون اردو انائونسر (عورت) زاهده فيض
    - پهريان سنڌي ڪمپيئر ـــ مير امام بخش ٽالپر ۽ مولا بخش لاڙڪ
    - پهريون اردو نيوز ريڊر ـــ محمود حسين
    - پهريون سنڌي نيوز ريڊر ـــ عبدالحڪيم سومرو
    - پهريون سنڌي پروگرام ـــ سهڻي ڌرتي
    - پهريون اردو پروگرام فيچر ـــ ہے زندگی رواں دواں (پروڊيوسر منير سومرو)
    - پهريون پينل آپريٽر ـــ سيد مزمل حسين زيدي.
    - موجوده حيثيت ـــ ايف ايم 93 چينل
    - ان جو افتتاح ـــ 28 ڊسمبر 2010ع ان وقت جي دائريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگيءَ ڪيو.
    اميد ته اسان جي ٻڌندڙن کي پنهنجي اسٽيشن جي باري ۾ هي معلومات پسند آئي هوندي. هاڻي هن اسٽيشن جي اسٽوڊيوز ۾ رڪارڊ ڪيل هي گيت ٻڌو.

    شام جو هي پهر.....


    اڄوڪي تاريخ هي مارچ مهينو ۽ سال هو 1999ع ـــ ڀٽو سنگيت ڪلب نئين ديري ۾ مريد عباس ويٺو هو ته مٿس گولين جو وسڪارو ٿي ويو ۽ هي ڳڀرو گلوڪار فن ۽ هن فاني دنيا کان موڪلائي ويو. مريد عباس ولد محمد عالم ڪٽپر 10 اپريل 1973ع ۾ نئين ديري ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پهرين عبدالغني ڀٽي ۽ بعد ۾ غلام شبير سمي کان ورتائين. فنڪارن ۾ مريد عباس کي پنهنجي استادن کان علاوه محمد يوسف ۽ منظور سخيراڻي ڏاڍا وڻندا هئا. مريد عباس جون پسنديده شخصيتون والدين ۽ سندس استاد هئا. ڪِتابن ۾ نهج البلاغه ۽ شاهه جو رسالو. قديم ماڳن ۾ ڪوٽڏيجي ۽ موئن جو دڙو کيس پسند هوندا هئا. پسند جي موسم بهار، پسند جو گل رابيل، پسند جو رنگ اڇو ۽ سائو، پسند جو شهر لاهور ۽ مريد عباس کي لباس ۾ سلوار قميص پسند هوندي هئي. سندس پسند جو شعر خبر اٿو ڪهڙو هوندو هو جيڪو اڪثر دوستن کي ٻڌائيندو هو.

    وه مجھي ياد ڪري تو ڀلائي ڪس ڪو
    مين اس ڪو ڀلائون تو ڪسي ياد ڪرون؟

    مرحوم مريد عباس کان سندس زندگيءَ جو آخري انٽرويو هالار رسالي لاءِ اعظم چانڊئي ۽ جنت گل هاليپوٽو ورتو هو ته مريد عباس پسنديده ڪمپيئرن ۾ منهنجو ۽ شاهين سنڌيءَ جو به نالو کنيو هو. ان انٽرويوءَ ۾ جڏهن کانئس سڀ کان وڏي خواهش بابت پڇيو ويو هو ته مريد عباس هي جواب ڏنو هو:
    ”مان فن جي دنيا ۾ ايترو نالو پيدا ڪيان جو ماڻهو مرڻ کان به مونکي ياد ڪن. سامعين ! اچو ته پروگرام ۾ مريد عباس کي ياد ڪيون.



    سامعين!
    لفظن جو وزن ڪڏهن ڳرو ٿئي ٿو ته ڪڏهن وري لفظن جو وزن نه هجڻ برابر هوندو آهي. انهن لفطن جو اثر انسان تي گهرو ٿئي ٿو. لفظ چاهي انسان جي زبان مان نڪرن يا وري قلم جي نوڪ سان سَرجن. انهن جو حُسن پنهنجو ٿيندو آهي. احساسن ۽ جذبن جي اظهار لاءِ لفظن جو سهارو وٺڻو پوي ٿو.
    لفظ ته صدين کان وٺي ساڳيا ئي آهن. مفهوم به ساڳيو اٿن ۽ وري معنيٰ به ساڳي اٿن. بس رڳو فرق آهي لفظن جي سهڻي ادائيگيءَ جو، ڇاڪاڻ ته لفظن جي سهڻي ادائيگيءَ سان لفظن جو مفهوم سهڻو جڙندو آهي، ۽ ان جي معنيٰ اڃان وڌيڪَ اثرائتي جڙندي آهي. ۽ اِها سهڻي ادائيگي هوندي آهي جيڪا هڪ ماڻهوءَ کي ٻين ماڻهن جي دلين ۾ دادلو بڻائيندي آهي ۽ جيڪا هر دل ۾ جڳهه ٺاهيندي آهي.


    سامعين!
    اسان کي اهو نه سوچڻ گهرجي ته زندگيءَ ۾ ڪيترا پَلَ هوندا آهن پر اهو سوچڻ گهرجي ته هڪ پل ۾ ڪيتري زندگي هوندي آهي، جڏهن اسان اهو سوچينداسين ته پوـءِ اسان کي جيون جي پل پل جو احساس ٿيندو ۽ ان جو قدر ڪنداسي. ڪهڙا نه احمق هوندا آهن اهي ماڻهو جيڪي هڪ دفعو مليل، سا به نامعلوم زندگي فضول ڪمن ۾ وڃائي ڇڏيندا آهن. هنن وٽ نه ته وقت جو قدر هوندو آهي ۽ نه قيمت ـــ وقت جو قدر ڪيو ـــ اڄ جو ڪم سڀاڻي تي نه ڇڏيو ڇو ته سامعين! سڀاڻو ڪنهن ڏٺو آهي؟ گهڻا ماڻهو پنهنجا معمول جا ڪم ڪار وقت سر ڪرڻ بجاءِ جمع ڪندا ويندا آهن ايندڙ وقت لاءِ، پوءِ جڏهن وٽن سڀ ڪم گڏ ٿي ويندا آهن ته انهن جو پورائو ممڪن ئي نه رهندو آهي ـــ ان ڪري اوهان ان ڳالهه جو جائزو وٺو، سوچيو ۽ ذهن نشين ڪيو ته اڄ اوهان جا ڪهڙا ڪم تمام ضروري آهن، انهن کي هر حال ۾ اڄ ئي ڪري ڇڏيو ته بهتر.



    سامعين!
    جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ٻارن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيترن منفي رَوَين جي پٺيان والدين جو اهم ڪردار هوندو آهي. ٻارن منجهه مَنفي رَوَيا اوچتو يا پاڻ ئي ناهن ٿيندا. انهن جي پويان جذبن ۽ احساسن کي متاثر ڪندڙ ڪيترائي عمل هوندا آهن. اڪثر والدين هڪ ٻار کي پنهنجي ٻئي ٻار سان عادتن يا فطرتن ۾ ڀيٽيندا آهن، پر حقيقت ۾ هر هڪ مڪمل ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ هوندو آهي. هڪ ئي والدين جا ٻار به ذهني صلاحيتن ۽ عادتن ۾ هڪ ٻئي کان مختلف هوندا/ٿيندا آهن. ان لاءِ والدين کي گُهرجي ته هو ٻار جي نفسيات کي سمجھي ان جي تربيت ۽ پرورش ڪن. جيڪڏهن ٻار جي هڪ ٻئي سان ڪنهن به ڳالهه ۾ ڀيٽ ڪبي ته ٻار احساسِ ڪمتريءَ جا شڪار ٿي ويندا آهن.سو ان ڪري والدين کي اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان ئي پاسو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته پرورش ۽ تربيتَ جا مَنفي انداز ٻار جي ايندڙ زندگي متاثر ڪندا آهن.



    سامعين!
    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ”زندگي پيار ڪرڻ لاءِ بنهه ٿورڙي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو نفرت لاءِ ڪيئن ٿا وقت ڪڍن“. سادن لفظن ۾ چيل ڳالهه ڪيڏي نه گهري ۽ سهڻي آهي. جيڪڏهن اِنَ هڪ ڳالهه کي ئي هنيئن سان هنڊائجي ته هوند اسان جي جيون جا ڪيترائي ڏک ۽ پريشانيون دور ٿي وڃن. بس صرف پيار سان پيار ڪرڻ گهرجي ۽ نفرت کان نفرت. جيڪڏهن اسان پنهنجي جيون ۾ ٻين سان گڏ پاڻ کي به خوش ڏسڻ چاهيون ٿا ته پنهنجي اندر هن ڳالهه کي سمائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون. پوءِ اسان کي هر جاءِ ٻهڪندڙ گلاب نظر ايندا، اهڙا گلاب جيڪي هر ڪنهن جي من کي مهڪائيندا. پوءِ چار ئي پاسا روشنيون ئي روشنيون نظر اينديون. جيڪڏهن اسين پيار جو ڏيئو ٻاري رکنداسين، پر ائين ڪرڻ سان اهو ضروري به ناهي ته ڏک اسان کان ڏور ٿي وڃن ڇاڪاڻ جو ڏک، سک زندگيءَ جو حُسن آهن. ها! ايئن ڪرڻ سان ايترو ضرور ٿيندو جو ڏکن جي باهه پيار جي پاڻيءَ سان ڪجهه حد تائين جھَڪي ضرور ٿيندي.


    سامعين!
    خليل جبران چيو آهي ته: توهان کان اُهي ماڻهو جلد ئي وسري ويندا آهن. جن سان گڏ ويهي اوهان ٽهڪ ڏئي کليا هوندؤ يا خوشيءَ جي موقعن ۾ گڏجي خوش ٿيا هوندؤ پر اُهو ماڻهو اوهان کان ڪڏهن به نٿو وسري سگهي، جنهن اوهان جي ڏک ۾شريڪ ٿي ٻه لڙڪ ڳاڙيا هوندا. لڙڪ ۽ ٽهڪ زندگيءَ ۾ اُسَ ڇانوَ وانگر ئي آهن. ڪڏهن ماڻهو ٽهڪن جي مينهن/بارش ۾ پسندو ٿو رهي ته ڪڏهن وري کيس درد جي اُسَ ساڙيندي ٿي رهي، پر ان حوالي سان خليل جبران جي اها ڳالهه ڪيتري نه وزنائتي آهي ته جيون جي رڻ ۾ اوهان کي اهي ئي ماڻهو ياد رهن ٿا جيڪي اوهان جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن ۽ سڏڪن ۾ اوهان سان شريڪ هوندا آهن.


    دوستو!
    زندگيءَ ۾ ٻه شيون ٽٽڻ لاءِ هونديون آهن. هڪ ساهه ۽ ٻيو ساٿ ـــ ساهه جي ٽٽڻ سان انسان هڪ دفعي مري ويندو آهي پر ساٿَ ٽٽڻ سان ماڻهو بار بار مرندو رهندو آهي. وقت ۽ پيار ٻئي زندگيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت رکن ٿا، ڇو جو سامعين وقت ڪنهن جو به ناهي هوندو ۽ پيار به هر ڪنهن سان ناهي ٿيندو. اهڙيءَ ريت ننڊ ۽ موت ـــ ننڊ کي اڌ موت چوندا آهن ۽ موت وري هميشه لاءِ جي لاءِ ننڊ کي چيو ويندو آهي ـــ وقت ۽ سمجهه هڪ ئي وقت ڪنهن خوش نصيب جي نصيب ۾ ايندا آهن نه ته اڪثر ماڻهن کي وقت تي سمجهه ناهي ايندي ۽ ڪن کي وري سمجهه اچڻ تائين وقت ناهي ملندو.



    سامعين!
    گل ۽ انسان جو تعلق انسان سان ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين رهي ٿو. گل به عجيب شيءِ آهي. جيڪڏهن وفا جو سبق وٺڻو آهي ته گل کان حاصل ڪيو جيڪو ٻوٽي کان جدا ٿيندي ئي ڪومائجي ويندو آهي. گل کي ڇنندا نه ڪيو اهو ٽاريءَ ۾ ئي سهڻو لڳندو آهي. ڳالهائڻ گل جي رنگ وانگر آهي ۽ خاموشي ان جي خوشبوءِ وانگر ـــ جهڙيءَ ريت گلن ۽ ڪنڊن جو پاڻ ۾ گهرو تعلق هوندو آهي تهڙيءَ طرح غمن جو به زندگيءَ سان اهڙو ئي گهرو لاڳاپو آهي. ڪنڊن کان ڊڄڻ واريون آڱريون گلن جي نرميءَ کي محسوس نه ٿيون ڪري سگهن. گلن جي زندگي مختصر ئي سهي پر خوبصورت آهي، جيڪا اسان کي پيغام ڏئي ٿي ته سٺي طرح زندهه رهو جيتوڻيڪ ٿورو زندهه رهو.
    جيڪڏهن پنهنجي رستي ۾ گل چاهيو ٿا ته ٻين جي رستن تان ڪنڊا هٽايو، دوستي گل وانگر آهي جيڪا پنهنجي خوشبوءِ چئني طرف پکيڙيو ڇڏي. گل بڻجڻ جي دعا نه گهرو، ڇو ته خوشبوءِ هر گل جو مقدر ناهي هوندي پر ڪومائجڻ هر گل جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي. سامعين گلن جو ايترو ذڪر ڪيو آهي ته هڪ اهڙو گيت ٻڌون جنهن ۾ گلن جو ذڪر آهي.
    گل اهڙي طرح ٿا


    سامعين!
    پهاڪن ۽ چوڻين ۾ ضرور ڪونه ڪو سبق ـــ هدايت يا نصيحت سمايل هوندي آهي. اهي خالي جملا ناهن هوندا پر وڏڙن جي هڪ ڊگهي تجربي جو نچوڙ هوندا آهن. چوڻين، پهاڪن، اصطلاحن ۽ انهن قولن تي ڪيترا ڪتاب به ڇپيل آهن جن ۾ انهن جو پس منظر يا مطلب سمجھايل يا ٻڌايل هوندو آهي. اسان چوندا آهيون ته ”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پُٽ گهر جي سونهن هوندا آهن“. چون ٿا ڪنهن غريب کي اهڙو ته ڀاڳ لڳو جو جنهن شيءِ يا ڪم ۾ هٿ وجھي ته ان ۾ برڪت. کيس ٽي ڀائر هئا ـــ جُوان ـــ جماڻ ٿيا ـــ محنت ڪري ڪمائڻ کائڻ لڳا. زمين، مال سڀ شوق سان سنڀالڻ لڳا ـــ کيس چار پٽ به ٿيا جيڪي به اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا ـــ اهي به وڏن سان گڏ ڪمائڻ لڳا. مطلب ته ويڙهو ئي پنهنجو ـــ جڏهن شامَ جو اهي سڀ جوان پاڻ ۾ رهاڻ ڪندا هئا ته مخالفن جي ڇاتي ڇڄي پوندي هئي ۽ سڄڻن جي دل خوش ٿيندي هئي ۽ ڪنهن کي به اها جرئت ڪونه ٿيندي هئي جو ساڻن سر ساهي ۽ دشمني ڪري ــ اهو ڏسي ڪنهن سياڻي چيو ته ادا:
    ”ڀائر ڪوٽن جا ڪنگرا ـــ پٽ گهرجي سونهن هوندا آهن.“


    9

    موت زندگي جي سڀ کان وڏي حقيقت آهي، ان کان انڪار نه اقرار ممڪن آهي، اهو ذائقو هر ساهه واري کي چکڻو آهي. قدرت جي ان نظام کي ۽ اهڙي اٽل حقيقت جنهن کي چاهي ڪري به نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪو هن دنيا ۾ آيو آ، ان کي هر صورت ۾ واپس وڃڻو آ، زندگي جي پليٽ فارم تي اسان جو مثال هڪ مسافر وانگر آ جيڪو زندگي جي پليٽ فارم تي ايندو آ، ٿوري دير لاءِ بيهندو پوءِ پنهنجي نالي جي پڪار تي خاموشيءَ سان اٿي پنهنجي اعمالن جو سامان کڻي موت جي هلندڙ گاڏيءَ ۾ سوار ٿي ويندو آ. پنهنجون ڳاليهون، پنهنجون يادون پوئتي رهڻ وارن لاءِ ڇڏي ويندو آ، پاڻ پوئتي مڙي نه ڏسندو آ، جان کان پيارن جي رخصتي تي روئندي روئندي جيڪڏهن اسان قدرت جي نظام کي بدلائڻ چاهيون ته به بدلائي نٿا سگهون. هن خوبصورت کلندڙ مسڪرائيندڙ زندگيءَ لاءِ ڪو ڪنهن جو عزيز ڇو نه هجي پر اسان کي ان عزيز پياري هستيءَ کي پاڻ مٽي جي حوالي ڪرڻو پوندو آ ۽ صبر جو ڪوڙو ڍڪ پيئڻو پوندو آ، مرڻ وارن سان گڏ مري ڪونه وڃبو آ پر ڪجهه شخصيتون اهڙيون به هونديون آهن جن جي جدائي کي دل تسليم ڪرڻ کان انڪاري هوندي آ، انهن جي وڇڙڻ کانپوءِ اسان ساهه کڻندي به زندهه نه هوندا آهيون.

    ڏاڍو ساريندين......


    يادون ڇا آهن؟ يادون انسان جي ذهن کي جنجھوڙي ڇڏينديون آهن ۽ هڪ وکريل انسان يادن جي سهاري ئي زندهه رهندو آهي. يادون تازيون ٿيڻ سان انسان پنهنجي ماضيءَ ۾ هليو وڃي ٿو ۽ يادون نه ڄاڻ ته انسان کي ڇا مان ڇا ڪري ڇڏين ٿيون دنيا ۾ اهڙا خوشنصيب انسان تمام گهٽ آهن جن کي محبت ملي آهي مگر گهڻن ماڻهن کي صرف يادون ئي پلئه پيون آهن.
    وقت وڏو بادشاهه آهي پنهنجي حساب سان هلندو رهي ٿو ۽ وقت ڪنهن جو به انتطار ناهي ڪندو وقت جو تيز وهڪرو انسان کي ايترو ته بيوس ۽ مجبور بڻائيندو آهي، جو انسان وقت ۽ حالتن سان سمجھوتو ڪري پنهنجي ماضيءَ جي سمورين يادن کي دل ۾ دفن ڪري نئين سري جيئڻ جو جذبو پاڻ ۾ پيدا ڪري ٿو. مگر يادون خوبصورت به هونديون آهن ته بدصورت به. وڇڙيل دوست جون يادون جڏهن انسان جي ذهن ۾ تري اچن ٿيون ته نه ڄاڻ الائي ڇو اکين مان بيشمار آب نڪري اچن ٿا. يادون انسان جي ذهن ۽ زندگيءَ تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون. ڪي يادون وقت جي تيز وهڪري ۾ لڙهي وڃن ٿيون مگر ڪي يادون انسان جي ذهن ۽ دماغ تي چٽي نشان وانگر هونديون آهن.
    يادون وسارڻ انسان جي وس جي ڳالهه ناهي ها مگر ڪنهن حد تائين يادون وساري سگهجن ٿيون ها شايد جتي انسان نرم دل آهي اتي سخت پٿر جيان به آهي ڇو جو هو زندگي جون انمول يادون پٿر ٿي سهي ٿو ۽ نئين سري زندگي گذارڻ جا جتن ڪري ٿو. شال خدا ڪنهن کي به ڏک نه ڏي ۽ هُو هميشه سُکي زندگي پنهنجي ڀرپور يادن سان گذاري آمين.



    سامعين!
    نيڻ نه ننڊون ڪن، ڀڳو آرس اکين
    اجھاميو ٻرن، توکي ساريو سپرين

    اکيون تڏهن زبان سان ادا ٿيندڙ لفظن کان به وڌيڪَ اثرائتي انداز ۾ ڪم ڪنديون آهن، جڏهن چپن تي ماٺ جا تالا لڳل هجن. اهڙي صورتحال ۾ اکيون گهڻو ڪجهه سمجھائي وينديون آهن. اکين جي زبان اهڙي آهي جنهن ۾ نه ڪو شور آهي نه وري ڪو هُلُ ـــ اکين ئي اکين ۾ جيڪي نياپا موڪلبا آهن، انهن جي موٽ لفظن جي ادائگيءَ کان گهڻو تيز، تڪڙي ۽ دل تي اثر ڪندڙ هوندي آهي. اکين مان انسان جي ڪيترين ئي مختلف ڪيفيتن کي به محسوس ڪري وٺبو آهي جيئن انتظار جي ڪيفيت ۾ اکين مان پريشاني ليئا پائيندي آهي تيئن وري ڏک ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ اکين منجھان ڪاوڙ ۽ ڪروڌ به جھلڪندو آهي.
    ۽ جڏهن وري پنبڙيون جھڪي پونديون آهن ته حياء ڄڻ ته هڪ هنڌ گڏ ٿي ويندو آهي. ۽ جڏهن جھڪي وري مَٿي کڄنديون آهن ته ڪا سهڻي ادا ٿي پونديون آهن. اکين جي ٻوليءَ بابت ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: ”جيڪو ماڻهو اکين کي نه سمجھندو اُهو زبان کي نه سمجي سگهندو“

    اکيون آرزوئون اکيون التجائون



    هن دنيا ۾ ڪيترن ئي قسم جا ماڻهو رهن ٿا جيڪي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ آهن، انهن مان ڪي مالدار آهن ته ڪي وري غريب آهن، ڪن وٽ دنيا جي آسائش جي هر شيءِ موجود آهي ته ڪي وري ماني ٽڪر لاءِ به پريشان آهن پر انهن ماڻهن جي خواهشن تي نظر وجھبي ته انهن جون ڪيتريون ئي خواهشون نظر اينديون، پوءِ چاهي اهو غريب هجي يا امير.
    خواهشون دنيا ۾ رهندڙ ڪنهن به انسان جون پوريون نٿيون ٿي سگهن، چاهي اهو ڪيتري به ڪوشش ڇو نه ڪري. خواهـشون هر ننڍي وڏي، ٻار ٻچي، عورت مرد ۽ پوڙهي پڪي ماڻهوءَ جون ٿينديون آهن ۽ خواهشن جو اهو عمل انسان جي پيدائش کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين جاري رهي ٿو. فرق صرف ايترو ٿئي ٿو جو ننڍي ٻار يا ننڍي ماڻهوءَ جون خواهشون به ننڍيون ٿين ٿيون ۽ وڏي ماڻهوءَ يا پيرسن جون خواهشون وڏيون ۽ اعليٰ ٿين ٿيون. خواهشن جو وجود انسان جي وجود کان ئي شروع ٿيو هو.
    حقيقي خواهش الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ رضامندي حاصل ڪرڻ آهي جيڪا هر دل ۾ هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيستائين الله تعاليٰ جي رضا ۽ رحمت حاصل نه ڪبي تيستائين انسان جون سڀ خواهشون پوريون ٿيڻ ناممڪن آهي. انسان جي وڏي ۾ وڏي خواهش اها ئي هئڻ گهرجي ته ڪاش! الله تعاليٰ انسان جي هر ننڍي وڏي عمل مان راضي ٿي وڃي ۽ اسان جي هر جائز خواهش پوري ڪري. (آمين)



    جڏهن انسان پنهنجي رت جي رشتن مان ئي ڀلائي جي اميد نٿو ڪري سگهي ته غيرن مان ڪهڙي توقع ڪري سگهجي ٿي. چوندا آهن ته پنهنجا پوءِ به ڀلا هوندا آهن، جيڪڏهن ماريندا ته ڇانوَ ۾ ڇڏيندا، جيڪڏهن پنهنجا ئي مارين ٿا ته پوءِ ڇانوَ ڇا ۽ اُسَ ڇا!
    غيرن جي بي رخي ۽ مطلب پرستيءَ مان انسان کي ايترو ڏک نٿو ملي جيترو پنهنجن کان ٿيندو آهي، ڇو ته انسان اها ڳالهه قبول ئي نه ڪندو آهي ته اسان جا پنهنجا اسان سان اهڙو سلوڪ روا رکن.
    جيئن پنج آڱريون برابر نه هونديون آهن ائين سڀ انسان هڪجهڙا نه هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو خود غرض هوندو ته ٻيو مخلص به ضرور هوندو، ڇو ته انڌيري سان گڏ اُجالو ۽ سٺائي سان گڏ برائي به هوندي آهي. صرف انسان کي همت هارڻ نه گهرجي.
    پنهنجي طرف کان جيترو ٿي سگهي ماڻهن جي لاءِ ڀلو ڪندا رهو، ڪنهن ٻئي مان سٺائي جي اميد رکڻ بدران پنهنجي طرف کان هميشه سٺو ڪندا رهو، ڇو ته جيتري ٻين مان اميد گهٽ رکندؤ اوترو ئي ڏک گهٽ پرائيندؤ. دعا ڪريو ته انسانيت هن دنيا مان ختم نه ٿئي ۽ ان شعر جي مطابق عمل ڪندا رهو:

    اهي جفا ڪندا رهيا، اسين وفا ڪندا رهياسين
    پنهنجو فرض هيو، ٻئي ادا ڪندا رهيا سين



    سامعين!
    انسان جي پوري زندگي رشتن ۽ ناتن سان ڀري پئي آهي.ماءُ، پيءُ، ڀيڻ، ڀائر، دوست يار ۽ مٽ مائٽ اهي سڀ انسان جا رشتا آهن. انهن سڀني رشتن سان انسان جي زندگي ڳنڍيل آهي. سچ ته رشتن کان بغير انسان جو وجود اڌورو ۽ نامڪمل آهي. ماءُ پيءُ، ڀيڻ۽ ڀائر انسان جي رت جا رشتا آهن، ۽ اهي نه ٽٽندڙ رشتا آهن. انهن رشتن سان انسان جو گهرو تعلق آهي. دنيا ۾ عظيم رشتو، ماءُ پيءُ ۽ اولاد جي وچ ۾ آهي. انهن جو بنياد لازوال محبت ۽ بي لوث خدمت تي ٻڌل آهي. ٻئي نمبر تي ڀائرن ۽ ڀينرن جو رشتو آهي. زال ۽ مڙس جي وچ ۾ رستو اعتبار وفا، محبت ۽ سچائي تي ٻڌل هوندو آهي. دنيا ۾ وڌ ۾ وڌ مضبوط ۽ وڌ ۾ وڌ ڪمزور اهو ئي رشتو آهي. انسان جي زندگي ۾ سڀ رشتا ڪڏهن خوشي جو سبب ٿيندا آهن ته ڪڏهن تڪليف جو باعث بڻبا آهن، رشتن جو اصل دارو مدار هڪ بئي جي محبت ۽ خيال رکڻ تي هوندو آهي. جيڪڏهن ماڻهو هڪ ٻئي جو خيال نه رکن ته سڳا رشتا به بي معنيٰ ٿيو پون. پوءِ ڪيترن ئي جڳهن تي ڏٺو ويو آهي ته اولاد جي پيءُ ماءُ سان ۽ ڀاءُ جي ڀاءُ سان نه لڳندي آهي، رشتن جي وچ ۾ جيڪڏهن لالچ، حرص ۽ دوکي بازي اچي وڃي ته انهن جو قدر ختم ٿي ويندو آهي. اهو پڻ ڏٺو ويو آهي ته اتي هڪ دوست ۽ اجنبي پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هوندو آهي. دوستي هڪ پاڪيزه رشتو آهي. اها دوستي ئي آهي، جيڪا هڪ پل ۾ جنبي کي پنهنجو بڻائي ڇڏي ٿي. رشتن ـــ ناتن جو ذڪر جاري رکون ٿا ـــ ڳالهه جي طوالت کان بچڻ لاءِ اچو ته هي ڪلام ٿا ٻڌون.



    ها ته پاڻ ڳالهه پئي ڪئي رشتن ناتن جي. اهي رشتا جيڪي دل سان ٺهندا آهن، انسان کي زندگي کان به وڌيڪَ عزيز هوندا آهن انسان جذبن ۽ احساسن جو ڀنڊار آهي. اهو انهن دل جي رشتن کانسواءِ نه ٿو رهي سگهي. جيڪڏهن انسان مان اهي جذبا ڪڍي ڇڏجن ته اهو انسان، انسان ئي نه رهندو. انهن دل جي رشتن ۾ سڪ ۽ محبت ايتري ته هوندي آهي، جو انسان ميلن جي فاصلي تي ويهي به انهن کي پنهنجي ويجھو سمجھندو آهي ۽ انهن دل جي رشتن ۾ سڪ ايتري ته سمايل هوندي آهي جو هڪ پل جي دوري به سال برابر لڳندي آهي. ڪنهن شاعر جي چوڻي ته: ”پل جي جدائي سال برابر سال سڪائين ڇا ٿي ڀائين“ اهو حال هوندو آهي انسان جو ته هو وقت جي هٿان مجبور ٿي، زماني جي هوا تي ڪکن پنن جيان هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين اڏرندو ويندو آهي. هن کوکلي دنيا جي پويان، دنيا جي ريتن ۽ رسمن جي پويان ۽ پنهنجو پاڻ کي اوچو ڏيکارڻ خاطر پنهنجن پيارن رشتن کي به قربان ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندو آهي ۽ هو رشتن جا سڀ قدر وڃائي ڇڏيندو آهي. ڇا اهو ئي انسان جو رشتو آهي ته هو هن دنيا جي لوڀ جي پٺيان سڀ رشتا قربان ڪري ڇڏي، ڇا دولت ئي سڀ ڪجهه هوندي آهي، جنهن جي خاطر هو پنهنجي ماءُ پيءُ جو بي فرمان ٿيندو آهي ۽ ڀاءُ جو خون ڪندو آهي، دوست جو دشمن بڻبو آهي؟ جڏهن ته هو ڄاڻندو آهي ته مرڻ کانپوءِ صرف هن کي ٻه وال ڪفن ئي نصيب ٿيندو آهي، سڀ کان وڏي ۾ وڏو رشتو انسانيت جو رشتو آهي. جيڪڏهن انسانيت جي رشتي جو قدر ۽ قيمت نه آهي ته انسان جانورن کان به بدتر آهي.

    انسان جي عظمت کي.....


    سامعين!
    چوندا آهن ته ”جنهن وقت وڃايو ان ڪجهه به نه پايو“ ۽ ائين به چوندا آهن ته وقت کي گذاريو نه ته وقت اوهان کي گذاري ڇڏيندو. پاڻ وقت کي ماپي ته سگهون ٿا، ان جو ڪاٿو به ڪري سگهون. ٿا مثلاً وڏڙا چوندا آهن ته هڪ ويل اڍائي سيڪنڊن جي برابر، هڪ پل 24 سيڪنڊن جي برابر،هڪ پهر ٽن ڪلاڪن جي برابر ائين رات، ڏينهن، هفتا، مهينا، سال ۽ صديون اهو وقت جو ماپو ۽ اندازو آهي ۽ اهو هرڪو ڪري سگهي ٿو پر سامعين! وقت کي روڪي ڪو به ڪونه ٿو سگهي. چون ٿا ته اسان 24 ڪلاڪن ۾ ايڪيهه هزار ڀيرن کان وڌيڪَ ساهه کڻون ٿا. پر پوءِ به ايترن ساهن مان هڪ ساهه تي به ڀروسو ڪونهي، اسان کي زندگيءَ جي هر پل پَهرَ جو قدر ڪري ان کي سڦلائتو بنائڻ گهرجي.



    هينئر مون وٽ اوهان لاءِ ڪجهه معلومات آهي:
    سول سروسز اڪيڊمي پاڪستان، ايڊمنسٽريٽو سروس جي نون آفيسرن جي ٽريننگ لاءِ 1948ع ۾ قائم ڪئي وئي، ان وقت اداري جو نالو پاڪستان ايڊمنسٽريٽو اڪيڊمي هو. سول سروس آف پاڪستان ريزوليوشن کانپوءِ اڪيڊميءَ جو نالو ”سول سروس اڪيڊمي“ رکيو ويو. 1963ع ۾ هن اڪيدمي ۾ ”پاڪستان فارين سروس“ جي نون آفيسرن جي ٽريننگ شروع ڪرائي وئي. بنگلاديش جي ٺهڻ ۽ راجشاهي ۾ قائم پوليس اڪيڊمي کي تمام گهڻي نقصان پهچڻ کانپوءِ 1972ع ۾ پوليس سروس آف پاڪستان جي نون آفيسرن جي ٽريننگ به هِنَ اڪيڊميءَ ۾ شروع ڪرائي وئي. ساڳي سال انفارميشن سروس آف پاڪستان جي نون آفيسرن جي ٽريننگ پڻ هن ئي اداري ۾ شروع ڪرائي وئي. 1950ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري پاڪستان سرڪار فنانشل سروس اڪيڊمي قائم ڪئي. جنهن ۾ پاڪستان ٽيڪس سروس، پاڪستان ڪسٽمز اينڊ ايڪسائيز سروس، پاڪستان آڊٽ اينڊ اڪائونٽس سروس، پاڪستان ريلويز اڪائونٽس سروس، ۽ پاڪستان ملٽري اڪائونٽس سروس جي آفيسرن جي ٽريننگ ڪرائي ويندي هئي. هن اڪيڊميءَ جي هڪ ڪئمپس والٽن ۾ جڏهن ته ٻي ڪئمپس مال روڊ لاهور ۾ آهي. جتي ڊسٽرڪٽ مئنيجمينٽ گروپ جي آفيسرن جي ٽريننگ ٿيندي آهي.



    سائين!
    سياڻا چوندا آهن ته ”بک نه ڏسي ڀاڄي، ننڊ نه ڏسي وهاڻو“ ننڊ لاءِ چوندا آهن ته موت جي ڀيڻ آهي. ڪجهه به آهي پر مناسب ننڊ به الله تعاليٰ جي بيشمار نعمتن مان هڪ انمول نعمت آهي. ننڊ صحت لاءِ ايتري ئي ضروري آهي جيترو کاڌو ضروري آهي ـــ ڏٺو ويو آهي ته هڪڙا ماڻهو سمهڻ سان ئي ننڊ جي واديءَ ۾ هليا ويندا آهن پر ڪن کان ننڊ رٺل هوندي آهي ـــ پر سروي مطابق ايشيا کنڊ جي ماڻهن ۾ ننڊ گهٽجي وئي آهي. چون ٿا مغربي دنيا ۾ بلب جي ايجاد ننڊ جي ڪميءَ جو سبب آهي ۽ اسان جي دنيا ۾ وري صحت ۽ سماج جا مسئلا ننڊ جي نه اچڻ يا گهٽ اچڻ جو سبب آهن. ننڊ رُسڻ سان ڄڻ صحت به رسي ويندي آهي ۽ ڏينهن جو ڪم ڪار ڪرڻ واري صلاحيت به متاثر ٿيندي آهي ـــ اوهان کي ننڊ پوري اچي ٿي ته اوهان خوش نصيب آهيو پر نه ٿي اچي ته پوءِ ان جو ڪو بلو ڪيو نه ته هي ڪلام ڳائيندا وتندؤ.
    ننڊ نه ٿي اچي ڳالهه نه ٿي وڻي.



    دوستو!
    لفظ ”منظور“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ اهي مڃيل يا پسنديده، اسان پنهنجي ادب، فن، شعر و شاعري مٿان نظر ٿا وجھون ته منظور نالي تمام گهڻا ماڻهو انهن شعبن ۾ پنهنجو نالو ڪمائي چڪا آهن ـــ مثلاً ادب جي دنيا کي ڏسو ته سيد منظور نقوي، منظور لغاري، منظور منگي، منظور مگسي، منظور قادر، منظور زهرا، منظور ظفر، منظور خاموش، منظور دانش، منظور شاهه، منظور چوهاڻ، منظور سحر سومرو، منظور سولنگي، منظور ڪوهيار، منظور جوکيو، منظور اڄڻ، منظور مسافر، منظور لاڙڪ، منظور بيدار، منظور علي شاهه (علي تنها)، محمد خان منظور ۽ ٻيا ڪيترائي هوندا ۽ فن جي دنيا ۾ ڏسو ته سيد منظور الڪونين ـــ استاد منظور علي خان، منظور سخيراڻي، منظور چانڊيو، ماسٽر منظور، منظور احمد حضوري، منظور سنديلو، منظور مراد ۽ ٻيا ڪيترائي هوندا ان نالي سان، منظور جو ايترو ذڪر نڪتو ۽ ان لفظ جو ايترو تڪرار ڪيوسي ته اچو ته منظور سخيراڻيءَ کي ٻڌون.


    سامعين!
    جڏهن توهان جي خيالن جي دنيا تي ڪير قبضو ڪري، ڪو خوشبو بنجي اندر کي معطر ڪري ڇڏي، ڪو توهان جي يادن جو مرڪز بنجي وڃي، نه چاهڻ جي باوجود به ڪو اوهان جي من ۾ لهي وڃي ۽ اتي پنهنجي جڳهه ٺاهي. اٿندي ويهندي هن جي خوبصورتي توهان جي اکين جي سامهون هجي، ڪو حسين خواب بنجي اوهان جي راتين کي خوبصورت بنائي ڪو اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ڪو اوهان جي ساهه ۾ سمائجي وڃي ڪنهن جو نانءُ ٻڌڻ سان اوهان جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي، ڪنهن جو تصور ذهن ۾ اچڻ سان اوهان جي سوچن جا قافلا منتشر ٿي وڃن ۽ جڏهن اوهان جي انمول دل بي اختيار ٿي وڃي ته اوهان سمجھي ڇڏيو ته اوهان محبت جي مضبوط ڏور ۾ ٻڌجي چڪا آهيو.
    چار لفظن تي مشتمل هي لفظ پنهنجي اندر سمنڊ کان به وڌيڪَ گهري معنيٰ رکي ٿو هن جي هر هڪ لفظ تي ٿورو غور ڪريو هي لفظ خود ڪيڏو مٺو آهي. هي لفظ چوڻ سان ٻئي چپ هڪ ٻئي کي چمي ٿا وٺن، لفظ وٺڻ سان اندر ۾ عجيب سرور اچي ٿو وڃي.
    محبت ڇا آهي؟ هڪ اهڙو داستان آهي جنهن جو هر حرف سج چنڊ وانگر روشن آهي. صبح جي ٿڌڙي هير جيان پر سڪون آهي، ندي جي پاڻي جيان مٺو ۽ شفاف آهي،ڪوئل جي حسين تراني جيان آهي، چانڊوڪي راتين جي حسين خوابن جيان آهي. مختلف روپن ۾ محبت جي تصوير هوندي آهي، ڪٿي سج جي تيز تپش جيان محسوس ٿيندي آهي، ڪڏهن چنڊ جي مَدهُم روشني، ڪٿي ڳوڙهن جو خاموش طوفان، ڪٿي وري مرڪ بنجي سيني جي سرزمين کي سرسبز ڪندي آهي. ڪٿي گلن جي خوشبو آ ڪٿي ڪنڊن جي ڪٺورٽاري آ، محبت ڪٿي سپنن جو حسين محل آهي ڪٿي ڏکن جو ويران گهر آ، محبت ڪٿي روح لئه راحت آهي، محبت ڪٿي روح لئه رنجش آ، ڪٿي اميد آهي ته ڪٿي وري سهارو آ، ڪٿي دل آهي ته ڪٿي ڌڙڪن آهي. محبت اهڙو جذبو آهي جيڪو دل ۾ سمنڊ جي لهرن جيان پلٽو کائي ٿو اهڙو جذبو آهي جيڪو پٿر دل کي ميڻ ڪري ٿو ڇڏي، اهڙو جذبو جيڪو دل جي ويرانين کي رنگينين ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، اهو جذبو جيڪو انسان کي انسان ٺاهي ٿو. اهڙو جذبو جيڪو پراون کي به پنهنجو بنائي ٿو، اهڙو گل آهي جيڪڏهن توهان وٽ هجي ته ان جي خوشبو سان توهان پوري دنيا کي مهڪائي سگهو ٿا. پوري زماني کي پنهنجو بنائي ٿا سگهو، دنيا جي سڀ کان قيمتي شيءِ جنهن کي انسان رقم سان نه ٿو خريد ڪري سگهي ان جو سودو به دل جي ذريعي ڪري سگهو ٿا.
    محبت جا فسانه ياد رهندا.


    سائين!
    هر ڳالهه تي غصو ۽ ڪاوڙ ماڻهوءَ کي وقت کان اڳ پوڙهو ڪري ٿا ڇڏين. نه رڳو ايترو پر اهڙو ماڻهو پنهنجي گهر وارن، مٽن مائٽن، يارن دوستن ۾ بيزاريءَ جو باعث بڻجي ٿو. ماڻهوءَ کي بردبار هئڻ گهرجي، وٽس برداشت ۽ سهپ جو مادو هئڻ گهرجي ۽ ٿوريءَ ٿوريءَ ڳالهه تي آپي کان نڪرڻ نه گهرجي. خاص ڪري جڏهن ماڻهو پنهنجي گهر يا ڪٽنب جو وڏو ـــ سنڀاليندڙ يا ڪفيل آهي ته پوءِ ان کي وڌيڪَ وزنائتو ۽ ٿڌو هئڻ گهرجي ـــ ان حوالي سان مان اوهان کي برناڊ شا جو هڪ قصو ٿو ٻڌايان پر پهريان هي ڪلام ٻڌو.
    ڪاوڙ ملال، طعنا، تڪرار ايندي ويندي



    سامعين!
    هن ڪلام کان اڳ پاڻ ڳالهه پئي ڪئي ته ذري ذري جي ڳالهه تي ڪاوڙ نه ڪجي، پنهنجي دل ۽ دماغ کي ٿڌو رکڻ گهرجي. غصي سان انسان جي عمر گهٽجي ٿي ۽ جيڪو گهٽ ٿو ڪاوڙجي ان کي بلڊپريشر ۽ دل جون بيماريون به گهٽ لڳن ٿيون. انگريزي ٻوليءَ جي مشهور اديب برناڊ شا کان ڪنهن صحافيءَ پڇيو ته توهان جي وڏي عمر جو راز ڪهڙو آهي؟ خبر اٿوَ؟ ته هن ڪهڙو جواب ڏنو؟ چيائين: آءٌ هميشه مٿو ٿڌو ۽ پير گرم رکندو آهيان ”صحافيءَ سندس ان جواب کي اخبار ۾ ڇاپي ڇڏيو. ماڻهو عمر وڌائڻ لاءِ مٿي تي برف رکڻ لڳا ۽ پير باهه تي سيڪڻ لڳا ـــ نتيجي ۾ سڄي شهر ۾ نمونيا وڌڻ لڳي ــــ ماڻهو احتجاجي جلوس جي صورت ۾ برناڊ شا جي در تي پهتا ـــ برناڊ شا ـــ ماڻهن کي ٿڌي دماغ سان سمجهايو ته، مٿو ٿڌو رکڻ مان منهنجو مطلب هو ته مونکي ڪاوڙ ڪڏهن به ڪونه ٿي اچي ۽ پير گرم رکڻ مان منهنجو مطلب آهي ته مان پنڌ گهڻو ڪندو آهيان.

    ڪاوڙ ڇڏ تو ڪاوڙ ڇڏ.....


    پريالوءِ جو شهزادو راڳي سرمد سنڌي

    هو، جنهن جو ڄمڻ وقت روئڻ جو آواز ته سکر جي هڪ ٽرسٽ جي اسپتال ۾ ئي گونجيو هو، پر سندس سريلن سرن ۽ آلاپن جي گونج نه رڳو سنڌ اندر پر پرڏيهه ۾ به گونجي ۽ جڏهن فوت ٿيو ته سنڌ جي هر اک آلي ٿي ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ غم جو تڏو وڇايو ويو. ڪيترن ئي الهڙ جوان نارين ڪيترن ويلن تائين ماني کائڻ ڇڏي ڏني . ائين لڳو پئي ڄڻ هو ڪو ”پريالوءِ“ جو شهزادو نه پر هر غمزده گهر جو ڀاتي هجي. هُو جنهن جي ڇٺيءَ جو نالو هاليجوي جي بزرگن رکيو ڇو ته هن جو پيءُ حيات علي مغل انهن بزرگن جو پوئلڳ هو ۽ مذهبي خيالن جو ماڻهو هوندو هو. ان ڪري ئي چاچو حيات علي نه چاهيندو هو ته سندس اولاد مان ڪو ڳائي . سندس والدين پنهنجي البيلي پٽ جي اسڪول ۾ ڄمڻ جي تاريخ ته 7 جولاءِ 1961ع لکرائي ڇو ته هو وڏو ٿي ويو هو ان ڪري سندس عمر ٿوري لکرائڻ والدين جي مجبوري هئي. هونئن سندس ڄمڻ جي اصل تاريخ ستين مئي 1958ع آهي. هُو جيڪو ننڍي لاڪون سُرن کان وڌيڪ ساز طرف مائل هو . ساز به چنگ. ابل واهه ۾ دوستن سان گڏ نٽهڻ اس ۾ گهر وارن کان لڪ چوريءَ ۾ ترڻ جو شوقين هو ان کي ان وقت اها خبر ڪو نه هئي ته ان ساز ۽ آواز سان سندس ناتو رشتو اهڙو ته مضبوظ ۽ اٽوٽ بڻجي ويندو جو بقول استاد بخاريءَ جي ”تنهنجو منهنجو ناتو رشتو شايد موت ڇني“ هو جنهن جي ابتدائي تعليم ته کجين، ڦارون ۽ گلابن واري شهر پريالوءِ ۾ ٿي پر ٽيڪنيڪي ۽ فني تعليم جي ابتدا ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۽ ان جي هاسٽل ۾ پروان چڙهيس. هو جيڪو ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ پنجون نمبر رکندڙ ”ثور“ اسٽار جو مالڪ هو ان سان جمعي جي ڏينهن جو ڏاڍو ويجهو تعلق هو. سندس شادي به سندس امڙ جي مرضيءَ سان 24 ڊسمبر 1993ع ۾ پاڙي جي سنڌي پٺاڻن مان هڪ قرآن پڙهيل نينگريءَ سان ٿي ۽ اهو به جمعي جو ئي ڏينهن هو، جڏهن ڪراچي ۽ ٺٽي جي وچ ۾ بدين کان واپسيءَ تي اسر مهل حادثو پيش آيس ۽ صبح جو چئين وڳي دم پنهنجي ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. اهو به جمعي جو ڏينهن هو. انتهائي ويجها ذريعا ٻڌائين ٿا ته بدين ۾ سندس زندگيءَ جي آخري محفل جيڪا هڪ شاديءَ جي محفل هئي، ان ۾ جڏهن هن سڄي رات ڳايو ته مٿس نوٽن جي ايتري ته برسات ٿي جو شايد زندگيءَ ۾ ڪنهن محفل ۾ نه ٿي هوندس. ان محفل ۾ سندس پرستار ۽ نشي ۾ ڌت ٿيل ماڻهو کيس بار بار تنگ ڪري رهيا هئا. کيس چميون ڏئي رهيا هئا، ڀاڪر پائي رهيا هئا پر هُو پنهنجي ملنسار ۽ هر دلعزيز طبيعت جي ابتڙ انهن پرستارن کان بيزار ٿي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو هو ۽ محفل ۾ اهڙي انداز سان ڳائڻ ۾ مشغول ۽ محو رهيو ڄڻ کيس اها خبر هجي ته هيءَ محفل سندس زندگيءَ جي آخري محفل آهي. هن کي ڪهڙي خبر هئي ته چاهتن سان ڏانهس نهاريندڙ خماريل ۽ آسائتين اکڙين ۾ موجود موت جو راڪاس به تارا ڦوٽاري سندس واپسيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هو جنهن جي زندگي ۽ فن قومي خدمت لاءِ ارپيل هو. ان جي زندگيءَ جي آخري مهل جو آخري ڪلام به ”او قاتل...... بدلو وٺنداسين“ ئي آهي. هو رات جو محفل پوري ڪري ۽ پئسن جي مرادي ڳڻائي رهيو هو ته ان کي ڪجهه نوجوان ڦري آيا۽ چوڻ لڳا: ”اسان جو حصو ڪٿي آهي؟“ هو کين پيار واري انداز ۾ سمجھائي رهيو هو ته: ”ڀاءُ! مون سڄي زندگي اوهان سان گڏ قوم جي خدمت ڪئي آهي. فنڪشن ۾ مفت ۾ ڳايو آهي، اوهان مون کان ڇاجو حصو گهري رهيا آهيو؟“ ـــ ٿورڙو گوڙ ٿيو ته ميزبانن انهن شاگردن کي اهو چئي ٽاري ڇڏيو ته صبح جو سوير اچجو توهان کي حصو وٺي ڏينداسين. صبح جو هن امر راڳيءَ کي بدين کان ٻاهر ڪنهن دوست وٽ ناشتو ڪري پوءِ ڪراچيءَ واپس ٿيڻو هو. پر انهن لالچي ۽ بگڙيل نوجوانن جي ڊپ کان هو امن پسند شخص اسر سان ئي ڪراچيءَ جو راهي بڻيو. گويا اجل جي راهه جو پانڌيئڙو بڻيو. هن جو پهريون حادثو جيڪو اپريل 1993ع ۾ سکر روڊ تي ”نائچن“ وٽ ٿيو هو اهو به اتفاق سان هڪ شاديءَ کان واپسيءَ تي ئي ٿيو هو. اهو ته ايترو شديد هو جو سندس بچڻ مشڪل هو ۽ مداحن جي بي حساب دعائن۽ سندس چوڻ موجب هن جي امڙ جي دعائن ۽ خدا جي مهربانيءَ سان بچي ويو هو ۽ جڏهن ان حادثي کان بچي ويو ته هو خود ته ڪجهه عرصي لاءِ اپاهج بڻجي ويو پر سندس فن اپاهج نه بڻيو هو. هيڪر اڪبر شاهه جي ورسيءَ ۾ ميهڙ ۾ ويل چيئر تي ويٺي ويٺي ڳائيندي، سندس جذبن ۾ جوت اچي وئي ۽ باهه وانگر ڀڙڪو کائي، ويل چيئر کي پري ڌڪي پهريان ٿڙندي ۽ پوءِ پاڻ سنڀاليندي ٻيهر بيهي ڳائڻ شروع ڪيائين ته پنڊال ۾ ويٺل هزارين پرستارن سيٽين ۽ هوڪرن سان خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. هو ان حادثي مان بچي ويو هو جيڪو موتمار به هو ۽ وڌيڪَ خطرناڪ به ــ بدين کان واپسيءَ تي پيش آيل حادثي کانپوءِ به هو ڳالهائيندو رهيو. هم سفرن سان ڪچهري ڪندو رهيو. جڏهن پيرن تي آلاڻ محسوس ڪيائين ته ڏٺائين ايترو خون وهي چڪو هو جيڪو موت جو ڪارڻ بڻجي ويو. هو جنهن جي ميڊيائي زندگيءَ جو آغاز هڪ لولي ـــ شيخ اياز جي گيت ”رات آئي وئي“ ـــ ۽ سميع بلو چ جي گيت ”تنهنجي ياد جي وري آ وير“ سان ٿيو، پوءِ هزارين گيت اسان جي سماعتن کي گلن وانگر آڇيائين. هو جيڪو ڪلاڪار به عجيب هو ته انسان به عجيب هو. گلوڪار به منفرد هو ته ماڻهو به منفرد ـــ ان جي وفات کي اڄ 19 سال پورا ٿي رهيا آهن پر اڄ به ان جي شخصيت ۽ گيتن جو سحر سنڌي ماڻهوءَ جي دل ۽ دماغ مان ٽٽي ۽ نڪري ناهي سگهيو. هو جيڪو عزيز الرحمان ۽ ماريه جو پيءُ ته ضرور هو پر ڪروڙين سنڌين جي دل جي ڌڙڪن هو. پريالوءِ ۾ مخدوم اسماعيل رحه جي دامن ۾ موجود قبرستان ۾ پنهنجي والد جي پيرانديءَ کان ابدي آرامي آهي ـــ ان جي قبر جي ڪتبي تي لکيل آهي:

    جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسي
    گهڻن کي اسان به روئاري وينداسي

    عبدالرحمان مغل
    المعروف سرمد سنڌي
    وفات 16 شعبان بروز جمعو طلوع سحر 4 وڳي
    27-12-1996


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 743
    ڪتابن جو مشاهدو: 1163705
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 370011
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ