ڪتاب جو نالو: يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
مصنف: چيتن ميگهواڙ
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 1224 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 280 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
چيتن ميگهواڙ ڪيترا ڪشالا ڪٽيا ۽ زندگيءَ جي چوواٽي تي پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن کي نه فقط لفظن جو لباس اوڍيو پر هر نظر ايندڙ منظرن ۽ محسوس ٿيندڙ احساسن کي نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنن تي پٿاريندو ويو، ان کان وڌيڪ چيتن جي صاف گوئي ۽ سچائي ٻي ڪهڙي چئبي جو پاڻ پنهنجي دل ڪتاب اسان آڏو کولي رکيو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جا قصا ۽ سڏڪا ساروڻين جي ڳنڍ کولي ڪيرتائي سنيها ۽ تجربا بيان ڪري رهيا آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب نمبر 76
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • پنهنجي پاران
  • مهاڳ (اَدب، سياست ۽ سماج سان پيار ڪندڙ چيتن ميگهواڙ)
  • ادبي ۽ سياسي محفلن جو مورَ چيتن ميگهواڙ
  • ڊگهڙي ۾ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس”
  • ساماري روڊ ۾ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان
  • ساماري شهر ۾ ٿيل هڪ يادگار مَچ ڪچهري
  • ساماري روڊ ۾ هولي جي تهوار تي شاندار تقريب
  • اَمرڪوٽ ۾ ملهايل جشن ڀڳت ڪنور رام
  • نامور صحافڻ نازيا ميمڻ سان رهاڻ
  • اَمرڪوٽ جي قلعي ۾ ملهايل ثقافتي ميلو
  • حيدرآباد ۾ نامور مصور ”ع ق شيخ“ جي ورسي تقريب
  • محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مناسبت سان
  • رسول بخش پليجي سان يادگار ڪچهريءَ
  • ڪامريڊ چي گويرا جي سالگرهه ۽ “جشن لطيف”
  • بزم روح رهاڻ ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي تقريب
  • دانشور جامي چانڊيي جو “مرزا قليچ بيگ” تي ليڪچر
  • ٽنڊو جان محمد منهنجو ٻيو گهر
  • سنيل ڪمار سوناري جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”
  • انڊس هوٽل ۾ محمد ابراهيم جويي جي سالگرهه
  • انڊس هوٽل ۾ “نوجوانن جي عالمي ڏينهن” تي شاندار تقريب
  • بزم روح رهاڻ ۾ “مرزا قليچ بيگ” جي ياد ۾ ورسي تقريب
  • بزم روح رهاڻ” ۾ ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ ورسي تقريب
  • سنڀو هميراڻي جي ڪتاب “سُمهي سُک نه ماڻيو” جي پڌرائي
  • حيدرآباد ۾شيخ اياز ميلو
  • ساماري شهر ۾ شهيد بختاور جي ورسي ۽ “هاري ڪانفرنس”
  • مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي
  • ٻيراڻي لڳ دوست علي ڪٽوهڙ جي ياد ۾ ڏهاڙو
  • روزانه ڪاوش هيڊ آفيس ۾ گهاريل شامون
  • سنڌ گرامر اسڪول جون يادگيريون
  • آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اَثر” عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس

  • ڪتاب نمبر 76

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
    موضوع: ڊائري جا ورق، رپورٽون، مضمون
    ليکڪ: چيتن ميگهواڙ
    ڇاپو پهريون: آڪٽوبر 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل: شاهزيب ميمڻ
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: 250/=



    YADGRIYON SANBHAL KAM ENDAE
    (Dairy Ja Work, Rports & Mazmoon)
    By: Chetan Meghwar
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    ارپيم منهنجو هيءُ پهريون ڪتاب
    بابا موهن ميگهواڙ
    ماءُ جاني ميگهواڙ
    کي جن مون ناچيز کي اسڪول ۾ داخل ڪرائي اڄ هن قابل بڻايو.
    ۽
    انسانيت جي خدمتگار ڊاڪٽر رُٿ فائو Dr Ruth Pfau کي
    جنهن 9 سيپٽمبر 1929ع ڌاري جرمني ۾ جنم ورتو. پاڪستان ۾اچي ڪوڙهه جا اُهي مريض جن کي مائٽن به ڌڪا ڏئي ڪڍي ڇڏيو پر ڊاڪٽر رُٿ فائو اُنهن جو علاج ڪري نه صرف هڪ حقيقي مسيحا جي روپ ۾ پيار ڏنو پر هن وطن مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ وارو پنهنجو مشن پورو ڪري 10 آگسٽ 2017 تي اسان کان جسماني طور وڇڙي وئي ۽ آخر ۾ پاڻ هن ڌرتي سان پيار ڪندي سنڌ امڙ جي هنج ۾ هميشه لاءِ سُمهي رهي.


    چيتن ميگهواڙ


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. يادگيرين، ڊائري جي ورقن، رپورٽن ۽ مضمونن جي هن مجموعي جو ليکڪ چيتن مينگھواڙ آهي.
    چيتن ميگهواڙ ڪيترا ڪشالا ڪٽيا ۽ زندگيءَ جي چوواٽي تي پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن کي نه فقط لفظن جو لباس اوڍيو پر هر نظر ايندڙ منظرن ۽ محسوس ٿيندڙ احساسن کي نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنن تي پٿاريندو ويو، ان کان وڌيڪ چيتن جي صاف گوئي ۽ سچائي ٻي ڪهڙي چئبي جو پاڻ پنهنجي دل ڪتاب اسان آڏو کولي رکيو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جا قصا ۽ سڏڪا ساروڻين جي ڳنڍ کولي ڪيرتائي سنيها ۽ تجربا بيان ڪري رهيا آهن.
    هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مانواري چيتن مينگھواڙ ۽ پياري نور سنڌي ۽ ساجد سنڌيءَ جا جن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    اداري پاران

    ساروڻين جا سڏ به جيون هزار روپ ۾ سرير اندر اهڙن ته عجيب احساسن کان اڀارين ٿا، جن کان پاڻ ڇڏائڻ ايترو آسان به ناهي جيئن صبح ٿيڻ سان سپنا وسريو وڃن، ايئن ڪي يادون زندگيءَ جو سرمايو هجن ٿيون، جن کي سانڍڻ ۽ باربار سارڻ سان من ۾ پرسرور ڪيفيتن ۽ ڪتڪلاين جو جنم پڻ فطري عمل آهي، جنهن تان گذرندي اسان جي نوجوان دوست چيتن ميگهواڙ پڻ ڪيترا ڪشالا ڪٽيا ۽ زندگيءَ جي چوواٽي تي پاڻ سان ٿيندڙ وارتائن کي نه فقط لفظن جو لباس اوڍيو پر هر نظر ايندڙ منظرن ۽ محسوس ٿيندڙ احساسن کي نهايت سادگيءَ ۽ سچائيءَ سان پنن تي پٿاريندو ويو، ان کان وڌيڪ چيتن جي صاف گوئي ۽ سچائي ٻي ڪهڙي چئبي جو پاڻ پنهنجي دل ڪتاب اسان آڏو کولي رکيو آهي، جنهن ۾ ماضيءَ جا قصا ۽ سڏڪا ساروڻين جي ڳنڍ کولي ڪيرتائي سنيها ۽ تجربا بيان ڪري رهيا آهن.
    چيتن ميگهواڙ پنهنجي لکڻين ۾ جتي معاشرتي گدلاڻ تي طنز ڀري نظر رکي دل کولي لکيو آهي اتي اميدن جي ڏيئي کي به اجهامڻ ناهي ڏنو. هو سنڌ سان عشق ۽ سونهن جي پرستش کان پرڀرو نه ٿو رهي سگهي، هو ڪجهه به لکڻ لاءِ لفظن جو متلاشي ناهي پر عام ماڻهن جي سوچن پٽاندر سرجڻ جي مشق روان دوان رکڻ جو عادي آهي، ادبي، سماجي ۽ سياسي سرگرمين ۾ سرگرم چيتن ميگهواڙ جي قلم مان به پنهنجي ڌرتيءَ سان لازوال انس ۽ عقيدت جي مهڪ ڀاسي ٿي، شال سندس قلم ڪڏهن به نه رڪجي ۽ هو اسان کي هن ڪتاب” يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي“ جيان وڌيڪ نت نوان ڪتاب آڇي سنڌ ۽ سنڌ واسين سان ساٿ جو وچن ورجائيندو رهي.

    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966 / 03163068979


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    انسان جي زندگي قُدرت جي طرفان مليل هڪ انمول تحفو آهي جنهن کي صحيح ۽ اجتماعي فائدي لاءِ گهارڻ هر ماڻهو جي وس جي ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته ڪن ماڻهن وٽ تمام گهڻي دولت هوندي به سندن پاڻ کي ڪم نه ايندي آهي، ڪن ماڻهن وٽ علم جو خزانو هوندو آهي پر انهن کي به ٻين کي ڏيڻ مهل وڏي تڪليف ٿيندي آهي ڳالهه جو مطلب ته اُهي به جڏهن مرندا ته سڪندراعظم جيان هن جهان مان خالي هٿين هليا ويندا . علم، ادب ۽ آرٽ اهي سڀ شيون ماڻهو سماج مان ئي سکي ٿو ۽ وري موٽ ۾ سماج جي لاءِ ئي ڪتب آڻي ٿو. انهي کان ٻاهر ٻي ڪا به ڳالهه ناهي. انسان پنهنجي زندگي ۾ جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪري ٿو وڃي ته نه صرف اُهو عوام جي ڪم اچي ٿو پر عوام به اُنهي کي ۽ ان جي چڱي ڪم کي هن دنيا ۾ نٿو وساري تڏهن ته لطيف سائين چيو آهي ته
    ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
    اُن جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان
    ڪوڙيين ڪن سلام، آڳهه اچيو ان جي.
    بهرحال آئون مامن تي وڃڻ جي ڪري ڪچهرين جو ڪوڏيلو رهيس هرو ڀرو وڏن جي ڪچهريءَ ۾ ويهي ڪم جون ڳالهيون ٻڌڻ منهنجي شروع کان عادت رهي آهي. پنهنجي اسڪول واري زندگي کان وٺي منهنجي دوستي به گهڻي ڀاڱي پاڻ کان وڏي عمر وارن سان رهي ان جو وڏو فائدو مون کي اهو ٿيو جو آئون پنهنجي هم عمر وارن ۾ هميشه اڳواڻ ٿي رهيو آهيان. مائٽن جي مون تي اِها مهرباني رهي جو انهن مون کي هميشه اهو چئي آزاد رکيو ته بس پُٽ اسان کي شڪايت نه اچي باقي تنهنجي مرضي،،،. جئين وڻي تيئن ڪر. جڏهن آئون ستين اٺين ڪلاس ۾ پڙهندو هئس ان وقت کان آئون مختلف اخبارون، رسالا ۽ ادبي ڪتاب پڙهڻ ڪري رسول بخش پليجي، الطاف شيخ، حميد سنڌي ڄام ساقي ۽ عبدالواحد آريسر سميت مختلف سياستدانن، اديبن، شاعرن ۽ قلمڪارن کي سڃاڻندو هئس. انهن سان ملڻ لاءِ منهنجي دل ۾ وڏي بيچيني هوندي هئي پر سوچيندو هئس ته هنن سان ملڻ ڪا چرچي جي ڳالهه ناهي اخبارن ۽ ڪتابن ۾ انهن کي پڙهان ٿو اِها به وڏي ڳالهه آهي پر چوندا آهن ته جنهن ڪم ۾ شوق، لگن ۽ محنت هجي ۽ وري اُنهي ۾ محنت جو ڦل نه ملي اهو ته ممڪن ئي ناهي. تنهنڪري آئون مختلف علمي، ادبي ۽ سياسي ماڻهن سان گڏ متحرڪ ٿي پڙهندو ۽ لکندو رهيس. ڪڏهن به ڪنهن جي پرواهه نه ڪئي ته ماڻهو ڇا چوندا؟ ۽ نه ئي وري مايوس ٿيس. وقت جو اهڙو ڦيرو آيو جو حيدرآباد ۾ پڙهائي خاطر جون 2013ع ۾ شفٽ ٿيس ته جن سان ملڻ جوننڍپڻ کان شوق هو انهن سان روبرو ملڻ، ٻڌڻ ۽ سکڻ منهنجي لاءِ روز جو معمول بڻجي ويو. اِهي منهنجا ڀاڳ آهن جو اُنهن جي رهنمائي ۾ هڪ هڪ پنو لکڻ ڪري مون وٽ اڄ چئن ڪتابن جيترو اڻ ڇپيل مواد موجود آهي. انهن مان ڪجهه لکڻين کي ترتيب ڏئي هي ڪتاب ڇپرايو آهي. مون کي خوشي ٿي ته اوهان مون ناچيز جو لکيل اڄ “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” ڪتاب پڙهي رهيا آهيو. اِها منهنجي زندگي جي ڪاميابي ڏانهن پهرين وک آهي، هيءُ ڪتاب اوهان کي گهڻو فائدو ڏئي يا نه ڏي پر مون کي ايترو يقين آهي ته هن ڪتاب پڙهڻ دوران اوهان جو وقت ضايح ڪو نه ٿيندو.. آئون شڪر گذار آهيان پنهنجي پسنديده ليکڪ الطاف شيخ صاحب جن جو جنهن منهنجي ڪتاب جو مُهاڳ هڪڙي هفتي ۾ لکي ڏنو ۽ رات جو فون ڪري چيائين ته اي ميل تي هينئر موڪليو آهي چيتن اوهان کڻي وٺو سچ پُڇو ته ايڏي وڏي ليکڪ جو اهڙو پيار ڏسي مون کي اُن رات خوشي ۾ ننڍ به ڪو نه آئي. نه ته مهاڳ لکرائڻ لاءِ جيڪي تڪليفون هڪ صاحبِ ڪتاب کي پيش اينديون آهن اُهو ته صرف ڪتاب جو مصنف ئي ڄاڻي سگهي ٿو.
    مون کي فخر آهي ته منهنجي هن پهرين ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل “روح رهاڻ” مخزن جي ايڊيٽر حميد سنڌي لکيو آهي، جنهن جي بسنت هال ۾ ٿيندڙ جشن روح رهاڻ وارين ادبي تقريبن ۾ شيخ اياز جهڙا شاعر عوام آڏو نروار ٿيا. جنهن متعلق امر جليل پنهنجي ڪتاب “سنڌو بقا، مان فنا آهيان“ ۾ لکيو آهي ته حميد سنڌي به سنڌ جي تاريخ جو حصو آهي.اسين سڀ آمريت جي ڪاري دور ۾ حميد سنڌي جي روح رهاڻ ”پاور هائوس“ جي پيداوار آهيون.
    آئون شڪر گذار آهيان سکر مان پياري اياز گل جو جنهن پنهنجي شاعري “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ايندئي” مان “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” ڪتاب جو نالو رکڻ جي اجازت ڏني، آئون ادي زاهده شيخ جو بيحد ٿورائتو آهيان. جنهن دلچسپي ۽ ذميواري سان ٻن ڏينهن ۾ هي ڪتاب پڙهي پنهنجي تفصيلي راءِ راحيل ڀُٽي جي معرفت اماڻي ڏني جيڪا مون کي وڻي. ان کان پوءِ منهنجي محسن سائين ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي صاحب جو احسانمند آهيان جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي پنهنجي لفظن ذريعي ڀيٽا ڏني. باقي هن ڪتاب ۾ منهنجي بابا موهن جا لاٿل ويچار ته مون لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ناهن. آخر ۾ پڙهندڙن کان اُميد ٿو ڪريان ته ڪا اڻ ڄاڻائي ۾ غلطي ٿي هجي ته نه صرف پنهنجو سمجهي معاف پر لکت ذريعي اصلاحي تنقيد سان رهنمائي ڪندا.


    چيتن ميگهواڙ
    سامارو روڊ
    ضلعو امرڪوٽ
    2017-10-05
    03333526724
    meghwarchetan@gmail.com


    مهاڳ (اَدب، سياست ۽ سماج سان پيار ڪندڙ چيتن ميگهواڙ)

    مهاڳ (اَدب، سياست ۽ سماج سان پيار ڪندڙ چيتن ميگهواڙ)

    اڄڪلهه جي هن ڀَڄ ڊُڪ ۽ ٽيڪنالاجي واري دور ۾ نوجوانن جي گهڻائي ڏينهون ڏينهن ڪتابن کان پري ٿيندي پئي وڃي پر انهن مان ڪي اهڙا به نوجوان آهن جيڪي روزمرهه جي فالتو ڪمن کي ڇڏي ڪتابن کي وقت ڏين ٿا. انهن ۾ ساماري روڊ شهر جو هي نوجوان چيتن ميگهواڙ به شامل آهي، جيڪو پنهنجي اسڪول واري زندگي کان وڏي شوق سان ڪتاب پڙهندو پيو اچي. چيتن پاڻ ئي مون کي چوندو آهي ته سائين منهنجي سڀ کان پهرين اوهان جي لکيل سنڌي ۽ اردو اخبارن ۾ ڇپيل مضمونن ۽ اوهان جي ٻين سفر نامن وارن ڪتابن کي پڙهي ادب ڏانهن دلچسپي پيدا ٿي ۽ مون کي لکڻ جو شوق ٿيو. پاڻ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي به ڪئي آهي.
    چيتن ميگهواڙ نه فقط مطالعي ۽ ادبي رهاڻين جو شوقين آهي پر روزانه اخبار ڪاوش ۽ سنڌ ايڪسپريس، ماهوار مخزن همسري، ڪاپڙي، گلشن لاڙ ۽ سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي جي ادبي منظر مخزن سميت مختلف مخزنن ۾ مختلف موضوعن تي لکندو رهي ٿو.
    چيتن ميگهواڙ سان منهنجي واقفيت تڏهن کان آهي جڏهن آئون 2014 ۾ سنڌ يونيورسٽي جي آرٽس فيڪلٽي جي “شيخ اياز آڊيٽوريم” ۾ ليڪچر ڏيڻ ويو هئس. اُتي مون کي شاگردن جو هڪ وڏو هجوم نظر آيو. ان تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن جا شاگرد مون کي روبرو ٻڌڻ آيا. اُتي مون کي چيتن ميگهواڙ سنڌي شعبي جي شاگردن سان گڏ آٽو گراف لاءِ خالي پيج ڏنو.
    ڪراچي پهچي مون عباس ڪوريجي کي فون ڪري چيو ته مون کي خوشيءَ ٿي آهي ته ٿرپارڪر مان چيتن جهڙا نوجوان پارٽ ٽائيم ٽيوشن پڙهائي نه صرف سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهن ٿا پر پاڻ کي ميگهواڙ سڏائڻ تي ناز ڪن ٿا. مون عباس ڪوريجي کي چيو ته چيتن کان ضرور پُڇجان ته ٿر ۽ ننگر پارڪر مان اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ رڳو اوهين ڇوڪرا پڙهو ٿا يا اوهان جي ميگهواڙ برداري جون ڇوڪريون به پڙهن ٿيون؟ جنهن تي عباس مون کي ٻڌايو ته سائين هن پاسي جا ماڻهو شريف ۽ غريب هجڻ ڪري خوف وچان پنهنجن ڇوڪرن کي ئي يونيورسٽين ۾ مس ٿا موڪلين ڇوڪريون موڪلڻ ته پري جي ڳالهه آهي. پر مون ان ڳالهه سان agree نه ڪيو ۽ مون کيس ڪيترين ئي مينگهواڙ، اوڏ ۽ ڀيل ڇوڪرين جا به نالا ڳڻايا جن کي مون انگلينڊ، جرمني ۽ ملائيشيا جي يونيورسٽين ۾ Ph. D ڪندو ڏٺو هو ۽ جن جو بعد ۾ تفصيلي احوال پنهنجي نئين ڪتاب ”ڪئمپس جا ڏينهڙا“ ۾ لکيو اٿم ته جيئن ٻين جي به همت افزائي ٿئي.
    31 جولاءِ 2017ع تي ڪاوش آرٽ گئلري ۾ “مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي” جي عنوان سان چيتن جو پنهنجي ماءُ “جاني ميگهواڙ” تي مضمون ڇپيو جيڪو مون پڙهيو مون کي سٺو لڳو ته واقعي چيتن جي ماءُ جاني ٿر جي هجڻ ڪري نه صرف هوشيار، محنتي پر هُنرمند به آهي. اُهو مضمون پڙهڻ کانپوءِ مون چيتن کي به فون ڪري ٻُڌايو ته منهنجو تازو ڪتاب “نئون نياپو اڪيڊمي” سچل ڳوٺ ڪراچي طرفان “ڪئمپس جا ڏينهڙا” جي عنوان سان ڇپيو آهي، جنهن ۾ گهڻي ڀاڱي سنڌ ڌرتي جي اصلي رهواسين ميگهواڙن، ڪولهين ۽ ڀيلن جو ذڪر وڌيڪ ٿيل آهي، ان ۾ هن جو به ذڪر آهي، ضرور پڙهجو. اُن دوران منهنجي چيتن سان ڳالهه ٻولهه ٿي، چيتن ٻڌايو ته هو حيدرآباد جي سنڌ گرامر اسڪول قاسم آباد ۾ پڙهائي ٿو. هن ٻڌايو ته هن ٻن مهينن جي موڪلن دوران منيشا راٺوڙ نالي ڏهين ڪلاس جي هڪ شاگردياڻيءَ کي منهنجو ڪتاب “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” اسائنمينٽ طور پڙهڻ لاءِ ڏنو. منيشا ڪتاب نه صرف پڙهي آئي پر ان تي سٺو تبصرو لکي آئي جيڪو بعد ۾ چيتن مون کي پوسٽ به ڪيو. ان دوران چيتن مون کي سندس لکيل هي ڪتاب “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” مهاڳ لاءِ موڪليو.
    چيتن ميگهواڙ جو لکيل هي “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” ڪتاب پڙهي مون کي خوشي ٿي ته هي هڪ سنجيده شخص آهي، جيڪو 2006 کان لکندو پيو اچي. هن جي سٺي ڳالهه اها به آهي ته هي پنهنجي عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف مسئلن تي ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ قلم کڻندو رهي ٿو،
    هن ڪتاب ۾ گهڻي ڀاڱي هن جن ادبي، ڌرمي، سياسي ۽ سماجي محفلن ۽ ستسنگن ۾ شرڪت ڪئي آهي يا جن وڏن عالمن، اديبن ۽ شاعرن سان مليو آهي، انهن جو احوال شامل آهي. اُنهن محفلن ۾ جيڪي مقرر اچي ڳالهائين ٿا، اُهي ڪي عام ماڻهو نه هوندا آهن. انهن جا نه صرف اُٺ ڪتابن جا پڙهيل هوندا آهن پر انهن جي زندگي جو هڪ وسيع مشاهدو ۽ تجربو به هوندو آهي. علم جا پياسا انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ پيا سِڪندا آهن. چيتن ميگهواڙ خوش نصيب ماڻهو آهي، جنهن نه صرف انهن کي بار بار روبرو ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ٻُڌو آهي پر اُنهن سان روبرو ڪچهريون پڻ ڪيون آهن. انهن مان ڪجهه رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر مبارڪ علي، حميد سنڌي، علي بابا، آغا سليم، جامي چانڊيو، امداد قاضي، امداد حُسيني، عبدالواحد آريسر، غلام نبي مغل، قاضي خادم، آزاد قاضي، انور فگار هڪڙو، يوسف سنڌي، اڪبر لغاري، گل محمد عمراڻي، پروفيسر قلندر شاهه لڪياري، نصير مرزا، اسحاق سميجو، حليم باغي، جمن دربدر، پروانو ڀٽي، مسرور شاهه، سليم چنا به شامل آهن. انهي ڪتاب ۾ هن نه صرف اُهي تقريبون جيڪي حيدرآباد جي سنڌي لينگئيج اٿارٽي واري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال، ممتاز مرزا آڊيٽوريم، انڊس هوٽل، واڌو واهه تي حميد سنڌي جي گهر بزم روح رهاڻ، سنڌ ميوزيم جي بينظير پارڪ ۾ واقع خانه بدوش ڪيفي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ ٿي گذريون آهن، اُنهن جو تفصيل بيان ڪيو آهي پر چيتن ميگهواڙ پنهنجي شهر ساماري روڊ ۾ ٿي گذريل مذهبي ڏهاڙن، ادبي ۽ سياسي تقريبن، ساماري شهر ۾ ٿيندڙ مچ ڪچهريءَ، عمرڪوٽ ۾ ثقافتي ميلي، ڊگهڙي ۾ عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ ايس ايس ٽي جي تعليمي ڪانفرنس، سکر ۾ چي گويرا جي سالگرهه ۽ جشن لطيف، مٺي ۾ سنڀو هميراڻي جي ڪتاب جي مهُورت، ساماري شهر ۾ شهيد بختاور جي ورسي، ٻيراڻي ۾ دوست علي ڪٽوهر جي ياد ۾ ڏهاڙو، حيدرآباد ۾ ٿيل “آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر” ڪانفرنس ۽ ٻين تقريبن جو تفصيلي احوال ڏاڍو دلچسپي سان بيان ڪيو آهي. ڪتاب جي مختلف مضمونن ۾ مرزا قليچ بيگ، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي، جامي چانڊيي، مهتاب اڪبر راشدي، نامور مصور ع ق شيخ، شاعر حاجي مولوي احمد ملاح، ڏاڏو فتح خان (سيد صالح محمد شاهه)، بي بي سي جي صحافڻ نازيه ميمڻ سميت مختلف شخصيتن جي باري ۾ سٺي معلومات بيان ٿيل آهي. مون کي يقين آهي ته هي ڪتاب نه صرف ادبي، سياسي حلقن، نوجوان شاگردن ۽ عام ماڻهن جي لاء انتهائي ڪارائتو ثابت ٿيندو پر مستقبل ۾ اسان جي سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ سياسي تاريخ جو به آئينو ثابت ٿيندو.


    الطاف شيخ
    ملاڪا سٽي؛ ملائيشيا
    10 سيپٽمبر 2017ع


    ادبي ۽ سياسي محفلن جو مورَ چيتن ميگهواڙ

    ادبي ۽ سياسي محفلن جو مورَ چيتن ميگهواڙ

    تاريخ 2017-09-28 تي شام جو چيتن ميگهواڙ پليجي صاحب وٽ پنهنجي هن ڪتاب “يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي” جو مسودو کڻي آيو ۽ کيس چيائين ته توهان جي صحت اجازت ڏي ته جلد از جلد هن ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي ڏيو ته جئين مان هي ڪتاب تَڪڙو ڇپائي سگهان. وري ٿوري دير کانپوءِ حڪم صادر ڪيائين ته جي پليجو صاحب ناچاڪي ۽ وقت جي ڪمي سبب نه لکي سگهن ته ادي زاهده لکي ڏئي.
    چيتن جو اهو حڪم ٻڌي منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا ڇاڪاڻ ته ڪنهن ڪتاب تي راءِ ڏيڻ انتهائي ذميواري جو ڪم هوندو آهي ۽ ان ذميواري کي ادا ڪرڻ مهل مون پليجي صاحب کي انتهائي گهڻي احتياط، خبرداري ۽ محنت سان ڪم وٺندي ڏٺو آهي. جڏهن ته پليجي صاحب هن ڪتاب جي مسودي کي چيتن جي روبرو ناچاڪي واري حالت ۾ ڏيڍ ڪلاڪ مسلسل وڏي غور ۽ دلچسپي سان پڙهيو به هو. ان دوران هن ڪتاب ۾ شامل مضمون “مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي” پليجي صاحب کي ڏاڍووڻيو پڙهندي شرط چيتن کي چيو ته منهنجي طرفان امڙ کي سلام ڏجان ۽ “عوامي هائوس” تي ويٺل نوراحمد ڪاتيار کي فون ڪري حُڪم ڪيائين ته ڪاپڙي مخزن ۾ چيتن ميگهواڙ جو پنهنجي ماءُ تي لکيل مضمون شايح ٿيڻ گهرجي. چيتن اوهان کي اي ميل ڪري ٿو.
    تنهن ڪري منهنجي لاءِ اِها ڏاڍي ڏکي صورتحال هئي، مون وٽ ٻنهي ڳالهين جو حوصلو نه هو نه ئي ايڏي ذميواري کي صحيح نموني ادا ڪرڻ جو نه ئي وري چيتن جي حُڪم موٽائڻ جو، ”بس ڳرا ٻيئي پار” واري حالت هئي. مٿان وري 8 آڪٽوبر 2017 تي حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ طرفان عورتن سان ٿيندڙ ظلمن ۽ جرڳائي سسٽم خلاف شاندار ريلي ڪڍڻ جو بندوبست ڪرڻ جون اڀريون سڀريون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو به فڪر هيو.
    بهرحال اهو سڀ سوچي ۽ سمجهي ته پليجي صاحب جي جُتيءَ ۾ ته پير پوڻ ممڪن ئي ناهي،،،، سو همت ڪري چيتن جي ڪتاب جو مسودو پڙهڻ شروع ڪيم. ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ منهنجي چيتن لاءِ هڪڙي راءِ قائم ٿي ته اڪثر ماڻهو مٽيءَ ۾ مٽيءَ ٿي ويندا آهن پر ڪي ڪي ماڻهو پاڻ کي مٽي ٿيڻ ناهن ڏيندا ۽ اسان جو چيتن انهن ڪن ڪن ماڻهن مان هڪ آهي. جيڪو پاڻ کي مٽيءَ ٿيڻ کان بچائڻ جي جتن ۾ لڳل آهي، سندس لکيل ڪتاب جي آئيني مان مون کيس ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ته هو وراسٽائيل آهي. انقلابي گيت به ڳائي پيو، ڀڄن به ڳائي پيو تقريرون به ڪري پيو ته وري ته وري ترقي پسندن جي محفلن جو به مَور آهي. ٻين جو ڳالهيون به غور سان ٻڌي ٿو ته ٻين کي پنهنجيون ڳالهيون ٻڌائڻ بنا به نٿو رهي. هي ڪتاب گهڻي ڀاڱي مختلف پروگرامن يا مصروفيتن جي رپوٽن تي مشتمل مضمونن جو مجموعو آهي پر اهي پروگرام ساڳي نوعيت جا ناهن. ڪي سياسي آهن ته ڪي ادبي، ڪي ثقافتي آهن، ته ڪي روايتي بلڪ ڪي ذاتي به آهن، ڪي بزرگن جا آهن ته ڪي وري نوجوانن جا.
    چيتن هر پروگرام مان ماڻهو ڪجهه نه ڪجهه لازمي سکندو آهي. جيڪو پاڻ ٻُڌو ۽ سکيو آهي اُهو ٻين کي ٻُڌائڻ ۽ سيکارڻ چاهي ٿو جيڪو هو اکين سان ڏسي ٿو. اهو هي لکيل اکرن وسيلي ٻين کي به ڏيکارڻ چاهي ٿو. منهنجي نظر ۾ چيتن جي اِها وڏي خوبي آهي.
    ڊگهڙي ۾شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس” واري رپورٽ ۾ مون چيتن جو لکيل هي جُملو پڙهيو. “مون کي ڪنهن ٻڌايو ته جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير ناهي ٻُڌي اهو ائين سمجهو ڄڻ ڄميو ئي ناهي،،،، سو منهنجي اِها خواهش هئي ته آئون به پليجي صاحب کي روبرو ٻُڌي ڄمان ته سهي” تڏهن مون کي ٻُڌل ڳالهه ياد آئي ته ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته هر انسان زندگي ۾ ٽي ڀيرا ڄمندو آهي. پهريون ڀيرو پنهنجي ماءُ جي پيٽ مان ڄمندو آهي. ٻيو ڀيرو آس پاس جو ماحول کيس ڄڻيندو آهي ۽ ٽيون ڀيرو اُهو ماڻهو پنهنجي آس پاس جي حالتن ۽ سندس سمجهه پٽاندر پاڻ کي پاڻ ڄڻيندو آهي. لڳم ڄڻ اهو چيتن جو ٽيون ڀيرو يعني پنهنجو پاڻ کي ڄڻڻ وارو وقت هو. ان وقت چيتن پاڻ کي ڄڻيو هو ۽ هاڻ اڀري سڀري پنهنجي حال سارو ان ڄم جي مختلف ڪتابن ۽ قلم ذريعي پرورش به ڪري رهيو آهي.
    ساڳي رپورٽ ۾ منهنجي تقرير ۽ ان ۾ جذباتي ٿيڻ جو ذڪر به ٿيل آهي. سچ پچ جي مان هي مضمون نه پڙهان ها ته مون کي ياد ئي نه هجي ها پر پڙهڻ کانپوءِ مون کي اهو سڄو منظر چٽي طرح ياد اچي ويو. رپورٽون لکڻ جو شايد سڀ کان وڏو ڪم اِهو ئي آهي ته جيڪي ڳالهيون توهان جي ذهن جي پردي تان ڄڻ ميسارجي ويون هجن. اهي سڀ اُڀري اچي سامهون بيهو رهن.
    اُن ياد جو فائدو وٺندي آئون چيتن جو هي ڪتاب پڙهندڙن کي ضروري بلڪ پنهنجو فرض ٿي سمجهان ته اهي لفظ مون رڳو جذبات ۾ اچي نه چيا هئا پر مون پاڻ اهي معصوم ۽ بي خبر مائرون ۽ ڀينرون ڏٺيون آهن. جن کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ پڙهندڙ پنهنجن پٽن ۽ ڀائرن تي وڏو غرور هوندو هو ته سندن پٽ ۽ ڀائر اهڙا هلندي وارا آهن جو يونيورسٽين ۾ مفت جي ماني ۽ ڪڙهايون کائن ٿا. بنا پئسي ڪپڙا ڌوئارڻ ۽ وار ڪٽائڻ وغيره جون عياشون به ڪن ٿا. گهران پائي به خرچ نه وٺندا آهن. اڃان به جڏهن گهر ايندا آهن ته اسان کي پئسا ڏئي ويندا آهن. نه رڳو ايترو پر اُستاد به اسان جي پٽ يا ڀاءُ سان اُٿي بيهي ڳالهائيندا آهن وغيره وغيره ۽ مون وٽ انهن معصوم مائرن ۽ ڀينرن جي غرور کي ٽوڙڻ جي طاقت نه هوندي هئي. دعا آهي ته اسان جي قوم جي مائرن ۽ ڀينرن جا سپوت اهڙين هلندين کان محفوظ رهن. هن ڪتاب ۾ ڏاڏي فتح خان واري احوال ۾ جڏهن پڙهيم ته هنن جي انگريزي ادب ۾ ايم اي ٿيل هئي ته منهنجي لاءِ بلڪل نئين ۽ حيرت ۾ وجهندڙ خبر هئي ڇاڪاڻ جو انهن جي ٺيٺ ٻهراڙي واري انداز ۾ ڪيل ڪچهريون مون ننڍپڻ ۾ جام ٻُڌيون هيون.
    چيتن جو سندس جيجل ماءُ بابت لکيل مضمون جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي آهي. خاص ڪري اسان جو مائرون چيتن جي امڙ وانگر ٻين سڀني سٺين ڳالهين سان گڏ سماج ۾ معاشي طور پاڻڀريون ٿين ۽ مردن اڳيان هٿ ٽنگڻ واري مجبوريءَ کان آجيون ٿي وڃن ته سنڌي قوم جي تقدير ئي سنورجي وڃي. شايد اهڙي ماءُ جي تربيت جو ئي اثر هجي جو چيتن پاڻ کي مٽيءَ ٿيڻ کان بچائڻ جي جتن ۾ لڳل آهي. ڪهڙي خبر چيتن پاڻ کي ڪنهن ڏينهن سون بڻائي وجهي.


    زاهده شيخ
    حيدرآباد
    2017-09-30


    ڊگهڙي ۾ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس”

    ڊگهڙي ۾ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۽ “تعليمي ڪانفرنس”

    هي اُنهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون اَمرڪوٽ جي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران اَمرڪوٽ شهر جي چندي رام پاڙي ۾رهندو هئس ته اچانڪ مون کي پنهنجي دوست ڊاڪٽر هرلال امر فون ڪري ٻڌايو ته پاڻ کي تاريخ 13 فيبروري 2009 تي ڇنڇر جي شام ڊگهڙي لڳ شهيد عاشق جوڻيجي جي ورسي ۾ هلڻو آهي، جنهن ۾ تعليمي ڪانفرنس پڻ رکي وئي آهي، جتي ڪانفرس ۾ عوامي تحريڪ جا سربراهه رسول بخش پليجو صاحب صدارتي خطاب ڪندا، مون کي اِهو ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته مون کي ڪنهن ٻڌايو هو ته جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير ناهي ٻڌي اُهو ائين سمجهو ڄميو ئي ناهي، تنهن ڪري منهنجي اِها خواهش هئي ته آئون به پليجي صاحب روبرو کي ٻُڌي گهٽ ۾ گهٽ ڄمان ته سهي، مون پنهنجي دوست هريش مالهي جيڪو اُن وقت اَمرڪوٽ ۾ رهندو هو، اُن کي ڊگهڙي هلڻ جي صلاح هنيم ته ان چيو آئون ڪجهه مصروفيتن سبب نه ٿو هلي سگهان. پوءِ آئون عمرڪوٽ مان ٽئين وڳي بس ۾ چڙهي ساماري روڊ پهتس. جتان وهنجي سهنجي ساماري شهر ويس، جتي منهنجو دوست ڊاڪٽر هرلال امر، نول راءِ ميگهواڙ، نور محمد خاصخيلي ۽ ٻيا دوست ويٺل هئا، جن ٻڌايو ته شهزور گاڏي جو بندوبست ڪيو ويو آهي، ايتري ۾ گاڏي آئي اسان ان ۾ چڙهي روانا ٿياسين، شهزور ۾ مختلف دوستن شاعري ٻڌائي پئي مون به اُستاد بخاري جا ٻه گيت سرمد سنڌي جي آواز ۾ ٻُڌايا، ائين ئي خوشي خوشي ۾ اسين سوا ڪلاڪ ۾ ڊگهڙي شهر جي ڀرسان هڪ شادي هال “فرينڊس گارڊن” ۾ پهتاسين، جتي لائيٽنگ جي سينگار سان کجين جا وڻ پئي چمڪيا، ٻاهر رڳو گاڏيون ئي گاڏيون بيٺل هيون، دل پئي چيو ته يڪدم هال ۾ داخل ٿجي پر رضاڪارن جي ڳالهه کي مڃيندي اسين آهستي آهستي هال ۾ داخل ٿياسين ته جيئن ڪنهن پوڙهي يا ٻار کي ڌڪو نه اچي، اندر داخل ٿيندي ڏٺم ته زاهد ٻٻر ۽ وڪرم ميگهواڙ وارا زور زور سان نعرا لڳائي رهيا هئا هر دور وڙهيو جو پليجو ۽ ڪين نه وڪيو جو پليجو، پاڻي لاءِ وڙهيو جو پليجو، مهراڻ جو ليڊر پليجو، گلن جي ورکا پليجو، اسين اهي نعرا ٻڌي جوش ۾ اچي وياسين، جئين ئي اسٽيج تي نظر پئي ته رسول بخش پليجو صاحب ڪاري ڪوٽ ۽ مائو ڪيپ سان صدارتي ڪُرسي تي ويٺل نظر آيا، مون هميشه پليجو صاحب جا اخبارن ۾ فوٽو ۽ جلسا ڏٺا هئا پر هي پهريون ڀيرو هو جو آئون پليجي صاحب کي ۽ عوامي تحريڪ جي جلسي کي روبرو ڏسي رهيو هئس، دل صفا باغ بهار ٿي وئي اکيون خوشيءَ سان ڀرجي آيون ته ڪيئن نه اڄ آئون هڪ وڏي مفڪر عظيم انسان کي روبرو ڏسي رهيو آهيان، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن پهرين خواب ڏسي رهيو هئس، اُهو رسول بخش پليجو جنهن لاءِ الطاف شيخ به پنهنجي ڪتاب “ڏيهه پرڏيهه جي سفر” ۾ لکيو آهي ته رسول بخش پليجي جا آرٽيڪل جڏهن مون پرڏيهه ۾ رهڻ دوران اُتي جي انگريزي اخبارن ۾ پڙهيا ته حيران ٿي ويس ته اسان جي سنڌ جو پليجو صاحب ڪيڏو نه قابل انسان آهي، جنهن جي مضمونن کي پرڏيهه جي اخبارن جا ادارا نه صرف خوشي سان ڇاپين ٿا پر اُتي جا ماڻهو پڙهن به شوق سان ٿا، الطاف شيخ وڌيڪ اُن ۾ لکي ٿو ته مون کي رسول بخش پليجي جي تقرير ٻڌڻ جو تمام گهڻو شوق آهي پر افسوس پرڏيهه ۾ نوڪري هجڻ ڪري اهڙي ڄاڻو مقرر کي ٻڌڻ جو موقعو ڪڏهن ڪڏهن نصيب ٿئي ٿو، تنهن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ بيچلر شاگردن کي گهرجي ته اُهي رسول بخش پليجي صاحب جي تقرير روبرو ضرور ٻڌن حيدرآباد ۾ رهي جنهن رسول بخش پليجي جي تقرير نه ٻُڌي ته ائين سمجهو اُهو حيدرآباد ۾ رهيو ئي ڪونهي،
    آئون ۽ ساماري مان آيل دوست سوين ماڻهن جي مِيڙ کي پار ڪري اسٽيج جي اڳيان وڃي ويٺاسين، جتي احمد مغل جي ڳايل گيت تي ٻه ٻارڙيون مهمانن کي آجيان ڪرڻ لاءِ ٽيبلو پيش ڪري رهيون هيون، جنهن کي ڏسي مڃيوسين ته واقعي تعلقي ڊگهڙي جي عوامي تحريڪ ۽ ايس ايس ٽي جي دوستن رائيچند مهراج، پرڀو مهراج، لال جروار، انور نوحاڻي، سجاد اختر ٽالپر، حيدر جروار، نويد جروار، وڪرم ميگهواڙ، حسن خاصخيلي، لياقت ٽالپر، پرويز علي جروار، نعيم جروار ۽ ٻين شاگردن پروگرام کي علمي، ادبي، سياسي ۽ پرڪشش بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي آهي.
    ايس ايس ٽي جي مرڪزي اڳواڻ مصطفيٰ هنگورجي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسين جڏهن يونيورسٽين ۾ ايس ايس ٽي پاران رسول بخش پليجي صاحب جو ليڪچر رکرائڻ جي پروفيسرن کي ڳالهه ٿا ڪريون ته انهن جون ڄنگهون ڏڪڻ شروع ٿي وينديون آهن، آخر رسول بخش پليجي صاحب جي ليڪچر سان اوهان کي ايڏو ڊپ ڇو ٿو ٿئي؟ ان ڪري ته پليجو صاحب سچ ٿا ڳالهائين؟ آخر ڪيستائين اوهان ڪوڙ جي سهاري هلندو؟ سچ جي فتح ته يقينن هڪ ڏينهن ٿيڻي ئي آهي، جلسي کي سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ زاهده شيخ خطاب ڪندي چيو ته مهرباني ڪري سڀ امن پسند ٿيڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ هرو ڀرو ڪنهن کي به پنهنجي هٿن سان نقصان نه پهچايو. اوهان جو جيڪو به دوست يا ڀاءُ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هجي ۽ گهر اچي اوهان کي ٻُڌائي ته آئون يونيورسٽي ۾ روز ڪڙهائي سان ماني کايان ٿو، ڪپڙا مفت ۾ ڌوٻي کان ڌورايان ٿو ته پوءِ اوهان اهڙي دوست کي صاف صاف چئي ڇڏو ته تون اسان جو ڀاءُ نه پر غنڊو آهين. تون اسان جو دوست نه پر دشمن آهين، جذباتي تقرير ڪندي زاهده شيخ کي کنگهه ٿيڻ ڪري طبيعت خراب ٿي پيئي ۽ چيائين ته منهنجي طبيعت اجازت نٿي ڏي توهان جي مهرباني. انور نوحاڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته رسول بخش پليجي ننگرپاڪر تائين پنهنجي ڏاهپ جو پرچار ڪري اُتي جي غريب ڪولهين ۽ ميگهواڙن کي جيڪا علم جي طاقت ڏني آهي اُها قابل فخر آهي، جنهن جي بنياد تي ننگرپارڪر جا ميگهواڙ ۽ ڪولهي ڪنهن ظالم جي آڏو نه ٿا جُهڪن. انهن مان عوامي تحريڪ جو سرگرم ڪامريڊ مگهنو ڪولهي به هڪ آهي، جلسي ۾ شير محمد هاليپوٽي هڪ نظم پيش ڪئي. حيدرآباد جي مسلم ڪاليج جي ليڪچرار ڪالم نويس ۽ ڊراما نگار حفيظ ڪنڀر خطاب ڪندي چيو ته اسان جي نصابي ڪتابن ۾ گهڻي ڀاڱي رڳو ڪوڙ لکيو ويو آهي، تنهن ڪري ڪيترن ئي استادن پاران مجبورن اهو ڪوڙ ٻارن کي پڙهائڻو ٿو پوي سچ اهو آهي ته اُستادن کي گهرجي ته اُهي پڙهائڻ جي دوران ڪوڙ کي هڪ پاسي رکي شاگردن کي سچ پڙهائين. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اوهان کي بزدلي واري ننڍ مان سجاڳ ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجا بنيادي حق ڇني وٺڻا پوندا. انهي لاءِ توهان کي پاڻ ۾ هڪ ٿيڻو پوندو. ان کانپوءِ جلسي جي آخر مقرر عوامي تحريڪ جو سربراهه نامور سياستدان رسول بخش پليجو جنهن جي لاءِ هي سڄو ميڙ گڏ ٿيو هو، ان جو ڪافي دير کان ماڻهن جو هجوم ڏاڍي شدت سان انتظار ڪري رهيو هو، ان کي جڏهن پرجوش نعرن سان سڏ ڪيو ويو ته سڄو پنڊال اُٿي بيٺو چارو طرف نعرا لڳي ويا هر دور وڙهيو جو پليجو، “ڪين نه جهڪيو جو پليجو” وڙهندو ئي رهيو جو پليجو، پاڻي لاءِ وڙهيو جو پليجو، هارين جو ليڊر پليجو، سنڌي شاگرد تحريڪ جي شاگردن به نعرا هنيا ڪاليج ٽو يونيورسٽي ايس ايس ٽي، ايس ايس ٽي، ايوري وهير ايوري سٽي، ايس ايس ٽي ايس ايس ٽي، زوردار نعرن کان پوءِ رسول بخش پليجو صاحب اسٽيج تي اچي سڀ کان پهرين جلسي ۾ ويٺل سڀني ڀائرن، ڀينرن، شاگردن ۽ ٻارن کي جيئي سنڌ چئي مخاطب ٿيندي چيو ته رات تمام گهڻي ٿي چُڪي آهي اوهان اهڙي سيءَ ۾ سوير کان وٺي ايڏيون ڊگهيون تقريرون وڏي صبر سان ٻُڌيون آهن. مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، اسان کي اُميد آهي ته اوهان گهڻو ڪجهه سکيا هوندا ڳالهه دراصل اها آهي ته رڳو گهوڙا گهوڙا ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو، ڪنهن بيمار کي بغير ڪنهن چڪاس جي رڳو پيا گوريون ڏيندا ته مسئلو صحيح معنيٰ ۾ حل نه ٿيندو، تنهن ڪري بيماري جي پهرين پرک ڪجي ته اصل مرض ڪهڙو آهي؟ ان کانپوءِ ئي ان جو علاج صحيح ٿيندو. هڪ ڳالهه سڀني کي ذهن ۾ رکڻ کپي ته اسين عوامي تحريڪ وارا هرو ڀرو ڪنهن جي خلاف نه آهيون نه پ پ پ وارن جي، نه مسلم ليگ وارن جي، نه ڪنهن مذهب جي ۽ نه ئي ڪنهن وڏيري جي بلڪ اسين صرف غلط ماڻهن جي خلاف آهيون، جيڪي پنهنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ڪن ٿا، باقي جيڪي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي عوام سان سچا آهن، اُهي اسان جا ڀائر آهن. آمريڪا جنهن جي خلاف سڄو جهان کڙو ٿيو بيٺو آهي، ان ۾ به جان ايف ڪينيڊي جهڙا بهترين ماڻهو پيدا ٿيا والس وئٽمين جهڙا شاعر پيدا ٿيا، وڏيرو ته غلام محمد ڀرڳڙي به هو جنهن پاڪستاڻ ٺاهڻ ۾ قائداعظم محمد علي جناح جهڙن ليڊرن جو دل کولي ساٿ ڏنو. اسين انهي جي خلاف نه آهيون، اسين صرف انهن ماڻهن جي خلاف آهيون جيڪي غريبن کي ڏکوئين ٿا. انهن جو رت پئين ٿا ۽ انهن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ نه ٿا چاهين. اڄ جيڪا عاشق جوڻيجي جي ورسي ملهائي پئي وڃي ان کي آخر ڇو ماريو ويو؟ ان کي اُن ڪري قتل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته هو تعليم دوست ماڻهو هو، بدمعاش ماڻهن کي اها ڳالهه نه وڻي تنهن ڪري ان کي قتل ڪري ڇڏيائين، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اُنهن قاتلن کي چماٽ به نه لڳي. اڄ جيڪا هتي عاشق جوڻيجي جي ورسي سان گڏ “تعليمي ڪانفرنس” سنڌي شاگرد تحريڪ پاران ڪوٺائي وئي آهي ڇا اهو انهي ڪري ته اسڪول ۾ شاگرد پڙهن نه ٿا، يا اُنهي ڪري ته اُستاد پڙهائين نه ٿا؟ يا والدين سهڪار نه ٿا ڪن ان ڪري؟ اسين ننڍا هوندا هئاسين ته واڻيا سيٺ چوندا هئا ته ڄٽ ۽ ڦٽ ٻئي ٻڌا چڱا، غريب جي ٻار کي ته اصل تعليم ئي نه ڏيو، وڏيرا زميندار چوندا آهن ته ڪولهين، ڀيلن ۽ ميگهواڙن جا ٻار جيڪڏهن پڙهي پيا ته ٻنيون ڪير آباد ڪندو؟ اهي جڳهيون ڪير ٺاهيندو؟ تنهن ڪري غريبن کي تعليم ڏيو ئي نه، جي ڏني ته اهي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي کُلي عام بدمعاشي ڪرڻ نه ڏيندا.
    اسين سياست جا اسپيشلسٽ آهيون اسان جو ڪم ئي اهو آهي ته اسين سياست کي سمجهون ۽ اوهان جهڙن کي سياست جا گُر سمجهايون. اسين هيل تائين پيا شهيد شهيد ڪري خوش ٿيندا پيا اچون، جيڪڏهن گهر جو سربراهه شهيد ٿي ويو ته پوءِ گهر ڪير هلائيندو؟ اسان کي گهرجي ته اسين هاڻ شهيد ٿيڻ بجاءِ فاتح ٿيون. اوهان جيڪڏهن اڃان تائين پيا علم دشمنن کي ووٽ ڏيندا پيا ايندا ته اسان جي ملڪ کي ڪالاباغ ڊيم جهڙيون بلائون وڪوڙي وينديون. تنهن ڪري دوستو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين بيوقوفن جي پويان هلڻ جي بدران پاڻ مُڙسي ڪريون، خطاب پوري ٿيڻ کانپوءِ سڀني شاگردن پليجو صاحب سان وڃي اسٽيج تي هٿ ملايو ۽ آٽوگراف ورتا. آئون به اسٽيج تي ويس ۽ پليجو صاحب کي زندگي ۾ پهريون ڀيرو هٿ ڏنم دل خوش ٿي ويئي. ان کانپوءِ آئون عوامي تحريڪ ۾ جهڙوڪر شامل ٿي ويس. رات جو جلسي ۾ ڪاپڙي مئگزين ۽ هڪ سي ڊي وٺي اسين سڀ واپس شهزور ۾ چڙهي ساماري شهر پهتاسين. رات جو ڊاڪٽر هرلال امر جي گهر رهيس ۽ صبح جو سامارو روڊ پهتس.


    ساماري روڊ ۾ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان

    ساماري روڊ ۾ سياستدان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان

    عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب 10 جنوري 2010ع تي امرڪوٽ ضلعي جو دورو ڪيو. پاڻ هڪ ڏينهن اڳ ڪنريءَ ۾ محمد علي جوڻيجو وٽ پهچي رات دوستن سان ڪچهريءَ ڪئي ٻئي ڏينهن ڪنريءَ شهر ۾ جلسو ڪرڻ کان پوءِ ساماري شهر جي شاهه لطيف چوڪ تي پهچي جلسو ڪيو. جلسي کي رسول بخش پليجي، زاهده شيخ، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، محمد علي جوڻيجي، نول راءِ ميگهواڙ ۽ هرلال امر خطاب ڪيو. ان کانپوءِ انهن کي ساماري شهر ۾ ڊاڪٽر هرلال امر ۽ عثمان ڌونڪائي وٽ چانهه پياري وئي، آئون ۽ هريش مالهي ساماري روڊ پهتاسين جتي اسان رسول بخش پليجي صاحب جي آجيان ڪرڻ لاءِ هار کڻي بيٺاسين ان وقت اسان سان گڏ جي ايم ڀرڳڙي، وڪيل خميسو خان چوهاڻ، پرڪاش مالهي، مڪيش ڪمار اوڏ، سومجي ڪولهي، ڀورو ڪولهي، شهديو مهيشوري، حفيظ ڪنڀار، ارشد ڪنڀار، مشتاق ڪنڀار، واسديو مالهي، رمضان چوهاڻ ۽ ٻيا ڪيترائي دوست شامل هئا. شام جو ساڍي چئين وڳي رسول بخش پليجو صاحب ڪارن ۽ موٽر سائيڪلن جي وڏي ريلي سان ساماري روڊ جي اسٽيشن چوڪ تي پهتا، جتي کيس اسان پاران گلن جا هار پارايا ويا. لال جروار ايڪوسائونڊ جي گاڏي تي تقرير جي لاءِ رسول بخش پليجي صاحب کي سڏ ڪيو. ساماري روڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي سينيئر سياستدان رسول بخش پليجي خطاب ڪندي چيو ته ورهاڱي کان اڳ برصغير ۾ وڏو امن هو جيڪڏهن ٻڪريءَ کي سون جو هار پارائي جهنگل موڪلبو هو ته اُها به واپس هار سميت گهر پهچندي هئي، افسوس اسان وٽ اڄ هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به حالت اِها آهي جو ماڻهو، مايون، ٻار سڀ سرعام اغوا ۽ قتل پيا ٿين پر افسوس ڪير پُڇڻ وارو ناهي. سڀ خاموش تماشائي بڻيل آهن، جيڪي اڄ حڪومت ۾ آهن، انهن پنهنجي پارٽي جي شهيد ٿيل اڳواڻن لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. اُهي وري عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪندا؟ اوهان اهڙن کي ووٽ ڏئي مٿي چاڙهي پنهنجو پاڻ کي آزار ۾ وڌو آهي. اسان کي گهرجي ته هاڻ اسين پنهنجي سنڌ کي بچائڻ لاءِ سُجاڳ ٿيون. صاف شفاف ۽ پورهيت ماڻهن کي اڳتي آڻيون. پليجي صاحب جي خطاب کانپوءِ اسان سڀني جا پليجي صاحب سان گڏ روشن بهراڻي ۽ ارشد کوسي ڦوٽو ڪڍيا. بعد ۾ آئون ۽ هريش مالهي قافلي سان گڏ اَمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين. جتي ميرحسن آريسر وٽ پليجي صاحب جو ليڪچر رکيل هو. سفر دوران وچ ۾ اسين پانڌي لاشاري جي ڳوٺ واحد لاشاري وٽ وياسين. جتي پليجي صاحب جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو هو. پليجي صاحب اُتي خطاب ڪندي چيو ته سڀ کان پهرين اوليت ڳوٺن کي آهي جي ڳوٺ ئي نه هجن ها ته شهر وري ڪٿان هُجن ها. تنهن ڪري اسان کي ادب، سياست ۽ ثقافت کي ڳوٺن ۾ مضبوط ڪرڻ گهرجي. نياڻين کي تعليم ڏيو. پانڌي لاشاري جي ڳوٺ ۾ شاعر خطائي ٿيٻو به پليجي صاحب کي ٻُڌڻ آيو هو. هتان دورو ڪرڻ بعد اسين سڌو پليجو صاحب سان گڏ عمرڪوٽ وياسين. رات جو اٺين وڳي عمرڪوٽ شهر ۾ ٽي تلوار چوڪ کان ٿيندي ساجن ڪمار جي زوردار نعرن سان الله چوڪ تي پهتاسين جتي کاٻي پاسي اڪبر بادشاهه روڊ تي سامي فائوڊيشن جي آفيس ۾ داخل ٿياسين. ميرحسن آريسر سڀني جي آجيان ڪئي. ليڪچر جو عنوان “ورهاڱي کانپوءِ 1947ع کان وٺي 2010ع تائين هڪ نظر” هو. پليجي صاحب جي انتظار ۾ جمن دربدر، مزاحمتي شاعر حليم باغي، ثاقب آريسر، ڪيول لوها ۽ ٻيا شامل هئا. ليڪچر کان اڳ ۾ تقريب جي شروعات ديال صحرائي “اچو ته جنگ جوٽيون” انقلابي گيت سان ڪئي، حليم باغي مزاحمتي شاعري ۽ جمن دربدر شاهه لطيف جي وائي ٻُڌائي. ان کانپوءِ رسول بخش پليجي صاحب ليڪچر ڏيڻ کان اڳ ۾ چيو ته منهنجي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي، تنهن ڪري جيڪڏهن اوهان مون کي اجازت ڏيو ته آئون ڪُرسي تي ويهي ڳالهايان. سڀني چيو سائين ڀلي ويهي ڳالهايو. بعد ۾ پليجي صاحب تمام تفصيل سان ڳالهايو. ليڪچر کانپوءِ آخر ۾ سوال جواب جو سيشن ٿيو. جنهن ۾ پليجي صاحب چيو ته هال ۾ جيڪڏهن ٻڌندڙ هڪ هزار سوال ڪندا ته هڪ هزار جواب ڏيندس. سوالن جا جواب ڏيندي پليجي صاحب سڀني کي لاجواب ڪري ڇڏيو.


    ساماري شهر ۾ ٿيل هڪ يادگار مَچ ڪچهري

    ساماري شهر ۾ ٿيل هڪ يادگار مَچ ڪچهري

    هونءَ ته اسان جي ساماري تعلقي ۾ ڪڏهن ڪا مچ ڪچهري ٿي هجي مون کي ياد ناهي بهرحال هي پهريون ڀيرو هو، ساماري شهر ۾ شڪيل قائم خاني جي اوطاق تي 10 فيبروري 2010 تي بروز اربع جي شام ستين وڳي ٿيندڙ مچ ڪچهري جي دعوت ملي. مچ ڪچهري ۾ شرڪت جي لاءِ آئون ساماري روڊ مان سياري جي سرد هوائن ۾ شام جو ساڍي ڇهين وڳي ساماري شهر ڏانهن روانو ٿيس. ساماري پهچي مون پنهنجي دوست ڪهاڻيڪار لال ساماروي سان رابطو ڪيو. جنهن کان پڇيم ته ڇا پروگرام آهي؟ ان ٻڌايو ته اوهان هرلال امر وٽ ميڊيڪل اسٽور تي اچو آئون به اُتي اچان ٿو، ٿوري دير کان پوءِ لال ساماروي آيو. آئون ۽ لال ساماروي ساڍي ستين وڳي ڌاري مچ ڪچهري ۾ شامل ٿيڻ لاءِ روانا ٿياسين. جئين مچ ڪچهريءَ ۾ پهتاسين ته اُتي مون کي مچ ڪچهريءَ جو صدارتي مهمان مزاحمتي شاعر حليم باغي ۽ مون کي انگريزي سيکاريندڙ ڪاليج ۾ منهنجو پسنديده اُستاد اڪبر شاهه، رفيق احمد ڀرڳڙي ۽ مرحوم محمد يوسف راهمون، ميزبان شڪيل احمد قائم خاني،شاعر خطائي ٿيٻو، ڪميونسٽ اڳواڻ ڏامرو مل ميگهواڙ، ڪهاڻيڪار عبدالرزاق کوسو، ساماري شهرجي سپرٽيڪ پبلڪ اسڪول جو مالڪ عارف قائم خاني، ديال تپيدار، بئنڪ مئنيجر لال سنگهه سوڍو، وڪيل خميسو خان چوهاڻ، ڊاڪٽر خاموش ڪالرو، ڏيون لوهار، هرلال امر، بلديو مهيشوري، عثمان تبسم ۽ ڪجهه ٻيا دوست پڻ نظر آيا. ايتري ۾ مچ ڪچهري جو مهمان خاص اديب نقاد اَمرڪوٽ ضلعي جو ڊي سي او اڪبر لغاري هڪ وڏي گاڏي ۾ سندس گارڊ سان گڏ لٿو، جڏهن مچ ڪچهريءَ ۾ ويٺو ته رات جي وقت ان جي نظر واري چشمي مان مچ ڪچهريءَ وارو مچ پئي نظر آيو. پاڻ ٿري شال سان ڪانڀ ٻڌي خوبصورت انداز ۾ پئي مچ ڪچهري ۾ ڪچهري ڪئي، وڏي ڳالهه ته شاهه لطيف واري تر ڀاڻوٽ جو هجڻ ڪري اڪبر لغاري ٻهراڙي جي نج ڪچهرين جو نه صرف واقف پر مچ ڪچهريءَ واري فن جو بهترين ڄاڻو آهي. اڪبر اَمرڪوٽ ۾ ڊي سي او هجڻ دوران اَمرڪوٽ ضلعي ۾ تمام گهڻا ادبي پروگرام ۽ سيمينار ڪرايا. پاڻ “عمرڪوٽ کان ايامن تائين” ۽ “ڪوي عمرڪوٽ جا” جهڙا بهترين ڪتاب به مرتب ڪيا. اڪبر لغاري جي پهچڻ بعد سڀني آيل مهمانن کي ميزبان شڪيل قائم خاني جي طرفان ماني کارائي ويئي، ماني کائڻ کانپوءِ باقاعده مچ ڪچهريءَ جو آغاز ٿيو، ڪمپئرنگ جي ذميواري نياز عثماني ۽ عمرحيات جٽ سنڀالي، ناظم شڪيل قائم خاني سڀ کان پهرين مچ ڪچهريءَ ۾ آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. جنهن ۾ سڀ کان پهرين نثري نظم پڙهڻ جي لاءِ لال ساماروي کي سڏ ٿيو، جنهن عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجي صاحب جي شان ۾ نثري نظم پڙهيو، ان کانپوءِ مون کي گيت لاءِ گهرايو مون 2 گيت دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ۽ تون هيل ته بادل ترسين ها هن پياسي ٿر تي برسين ها سرمد سنڌي جي آواز ۾ ڳائي ٻڌايا، جنهن تي خطائي ٿيٻي چيو ته چيتن تو مچ ڪچهري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. ان کانپوءِ پوءِ دوست علي ٿيٻي، ڏيون لوهار، خطائي ٿيٻي، حڪيم عثمان تبسم، خاموش ڪالرو، عبدالرزاق کوسي، عطاالله جان سرهندي، ثناءُالله جان سرهندي ۽ صدارتي مهمان حليم باغي تمام بهترين ڪوتائون ٻڌايون. عبدالرزاق کوسي “ڪچهري مچ، ڪچهري مچ” جي عنوان سان نظم پيش ڪري مچ ڪچهري کي لُٽي ورتي، آخر ۾ مچ ڪچهريءَ جي مهمان خاص اڪبر لغاري مچ ڪچهريءَ ۾ ڳالهائيندي چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته اسان وٽ ٻهراڙي جون اصل ٺيٺ اوطاقون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون پيون وڃن، جنهن ۾ مٽ جي ٿڌي پاڻي کانسواءِ اتي ويٺل ماڻهن ۾ نه صرف وڏي ڄاڻ پر هڪ ٻئي لاءِ وڏو قرب هوندو هو، غريب امير سڀ گڏجي ويهندا هئا. هاڻ اسان وٽ انگريزي اوطاقن جو مرض وڌي ويو آهي، جنهن ۾ صرف مخصوص من پسند ماڻهن کي ويهي ڪچهريءَ جو موقعو ڏنو ويندو آهي، جيڪڏهن ڪو غريب ٻڪرار، ريڍار، ميهار يا اوٺار وڃڻ جي ڪندو ته ان کي اُتي روڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته انهن جي اوطاقن جا قالين خراب ٿي ويندا، تنهن ڪري مون کي ٻهراڙي جون اوطاقون وڻنديون آهن جيڪي اسان جي ماضي جا شاندار اسڪول هئا. اسان کي گهرجي ته هن نفسا نفسي جي دور ۾ سنڌ جي هر ڳوٺ توڙي شهر ۾اهڙيون مچ ڪچهريون منعقد ڪرايون ته جيئن اسان وٽ وڌ کان وڌ علم دوستي ۽ ادب وارو ماحول پيدا ٿئي. آخر ۾ محفل موسيقي کانپوءِ رات اڍائي وڳي مچ ڪچهري نه چاهيندي به پُڄاڻي تي پهتي، مون کي هن مچ ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿي ڏاڍو مزو آيو. آخر ۾ سڀني دوستن شڪيل قائم خاني کي اهڙي يادگار مچ ڪچهري رکرائڻ تي داد ڏنو.


    ساماري روڊ ۾ هولي جي تهوار تي شاندار تقريب

    ساماري روڊ ۾ هولي جي تهوار تي شاندار تقريب

    تاريخ 8 مارچ 2012 تي بروز خميس جي شام ساماري روڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هندو سجاڳ تحريڪ جي طرفان پرائمري اسڪول وٽ هولي جي حوالي سان هولي جي ٻئين ڏينهن ڌُڙلي جي شام جو هڪ عاليشان پروگرام ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي صدارت ۾ ملهايو ويو. جنهن ۾ مهمان خاص طور محمد علي جوڻيجي شرڪت ڪئي، سڀ کان پهرين آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا. تقريب جو آغاز رام ڀڳت گائتري منتر سان ڪيو. عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته هولي قديم ۽ ثقافتي تهوار آهي هي فطري طور تي بهار جي موسم جي علامت آهي، جنهن ۾ اسان کي برابر جو شريڪ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ مذهبي رواداري جي علامت رهي آهي، خاص مهمان عوامي تحريڪ ضلعي اَمرڪوٽ جي صدر محمد علي جوڻيجي فيض احمد فيض جي نظم سان تقرير جي شروعات ڪندي چيو ته اسين سڀ سنڌي پاڻ ۾ ڀائر آهيون، اسان کي هوليءَ، ڏياريءَ، عيد توڙي ڪرسمس جي تهوارن کي خوشي سان ملهائڻ گهرجن. اسان کي هر مذهب جو احترام ڪرڻ گهرجي ته جئين اسان ۾ امن ۽ ڀائپي قائم ۽ دائم رهي. مدن لال مهراج ڪلاسيڪل ڪلام“مين ڪون هون مين ڪون هون مجهي جانتا ڪوئي نهين” ڳائي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن تي سحر طاري ڪري ڇڏيو. تقريب ۾ ڊاڪٽر هرلال امر، ڊاڪٽر رميش ڪمار مهيشوري، ڊاڪٽر چمن، نول ميگهواڙ، ڪستورچند ميگهواڙ ۽ ٻين خطاب ڪري هوليءَ جي ثقافتي تهوار تي روشني وڌي، پروگرام ۾ ساماري شهر مان آيل نوجوان گجراتي ڇوڪرن ۽ راڻي پينٽر جي شاندار ڊانس هولي تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هلندڙ تقريب جي دوران شهديو مهيشوري سڀني کان سوال پڇيا. صحيح جواب ڏيڻ تي انهن کي ادبي ۽ سياسي ڪتاب انعام طور ڏنا ويا، هريش مالهي ۽ پريم مالهي ڊانڊيا ڊانس ڪري محفل کي رونق بخشي، راڻي سنڌي ۽ مدن مهراج هوليءَ جي تقريب ۾ ڪلاسيڪل ڪلام ٻڌائي سڀني کي خوش ڪري ڇڏيوِ. هولي جي هن پروگرام ۾ ساماري روڊ جي واپارين، استادن، شاگردن ۽ مزدورن ڀرپور شرڪت ڪئي. هن پروگرام کي جن ڪامياب بڻايو انهن ۾هيرا لال مالهي، ڌنراج مالهي، مڪيش ڪمار اوڏ، شاهد مڱڻهار، شهديو مهيشوري، سنجي مالهي ۽ ڪرن ڪمار شامل هئا.


    اَمرڪوٽ ۾ ملهايل جشن ڀڳت ڪنور رام

    اَمرڪوٽ ۾ ملهايل جشن ڀڳت ڪنور رام

    اڄ 29 مارچ 2014ع تي شام جو چئين وڳي اَمرڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ ضلعي اَمرڪوٽ پاران جشن ڀڳت ڪنور رام پروگرام رکيل هو. جنهن ۾ شرڪت لاءِ آئون حيدرآباد کان نائين وڳي روانو ٿيس ساڍي ٻارهين وڳي آئون منجهند جي وقت پنهنجي ڳوٺ ساماري روڊ پهتس، جتان آئون پنهنجي گهر ماني کائي ڏيڍ وڳي عمرڪوٽ روانو ٿيس، آئون اَمرڪوٽ ۾ ٽئين وڳي “ٽي تلوار” چوڪ تي لهي سورهيه بادشاهه ڪامپليس ڏانهن وڃڻ لڳس، جتي سورهيه بادشاهه ڪامپليڪس جي سامهون جشن ڀڳت ڪنورام جو جلسو رکيل هو، اُتي پهچي ڇا ڏسان ته ڪيترائي نوجوان پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سرگرم هئا. جن ۾ رميش آزاد مالهي به شامل هو، جيڪو پنهنجو ساماري شهر وارو دڪان بند ڪري عوامي تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن وانگر ڪم ڪري رهيو هو، هن ۾ هيڏي صلاحيت هئي جو هن پنهنجي مالهي برادري جي دوستن موهن مالهي، سنتوش، ڪانجي سميت کوڙ سان دوستن کي پاڻ جيان متحرڪ ڪري ڇڏيائين، پاڻ دڪان گهر توڙي شهر ۾ دوستن کي ادب ۽ سياست ۾ سرگرم ٿيڻ جو پرچار ڪندو رهندو آهي، ان کان علاوه هريش مالهي ۽ پريم مالهي جي ڪوششن سان پروگرام ڪرائڻ لاءِ اَمرڪوٽ ۾ شهيد ٿي ويل هيرا لال مالهي ۽ اشوڪ مالهي کان پلاٽ مليو. بهرحال پروگرام کي سنوارڻ لاءِ دوستن عوامي تحريڪ جي ڳاڙهن جهنڊن سان سينگارڻ ۾ ڪا به گهٽتائي نه ڪئي. شهر ۾ ايڪو سائونڊ جي گاڏي ۾ ساجن ڪمار ۽ هريش مالهي پروگرام ۾ اچڻ لاءِ سڄي شهر کي پروگرام ۾ شرڪت جي پرجوش دعوت ڏئي رهيا هئا، نيٺ شام جو ساڍي چئين وڳي رسول بخش پليجو صاحب جلال بجير جي گهران وڏي ريلي ۾ عوام جي هجوم سان گڏ ڳاڙهن جهنڊن جي ڇانو ۾ جلسي گاهه ۾ پهتا، جلسي ۾ مٺي، ڊگهڙيءَ، سامارو، ڪنري، ڪوٽ غلام محمد (جيمس آباد)، ميرواهه، ڊگهڙي ۽ ٻين شهرن مان کوڙ سارا ماڻهو موٽر سائيڪلن، ڪارن، شهزورن ۽ بسن ۾ سوار ٿي پهتا. پروگرام ۾ سڀ کان پهرين اسٽيج تي ويٺل رسول بخش پليجي، ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، محمد علي جوڻيجي، ڪرڙ رٻاري، مير حسن آريسر ۽ ٻين کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا، عوامي تحريڪ سامارو روڊ جي اڳواڻ پريم ڪمار مالهي جي ڏيڍ سال جي ننڍڙي ڌيءَ خوشيءَ ڪماريءَ رسول بخش پليجي صاحب کي گُلدستو پيش ڪيو، اُن وقت رسول پليجو صاحب تمام گهڻا خوش ٿيا ۽ ننڍڙي خوشيءَ کي هنج ۾ کڻي کيس تمام گهڻو پيار ڏنو. اسان کي به حيرت ٿي ته ڏيڍ سال جي ننڍڙي هيڏي ماڻهن جي هجوم ۾نه رني نه ئي وري ڪو ڊپ ڪيو ۽ مسڪرائيندي رهي. اڄڪلهه اها خوشيءَ ڪماري پاڻ کي اسڪول توڙي گهر ۾ پاڻ کي ڪامريڊ سڏائڻ تي ناز ڪري ٿي. پروگرام ۾ آيل مهمانن کي تحفا پيش ڪرڻ کان پوءِ ساجن ڪمار ۽ ديال صحرائي جي ڪمپئرنگ سان تقريب جو آغاز ٿيو، جنهن ۾ سڀ کان پهرين آجياڻي تقرير ۾ محمد علي جوڻيجي چيو ته اسين عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب کي اَمرڪوٽ اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. جنهن تي سنڌ جا ماڻهو ناز ڪن ٿا. اڄ اسان ضلعي اَمرڪوٽ ۾ شهيد ڀڳت ڪنور رام جي نالي سان هي پروگرام ملهائي دنيا جي ماڻهن کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، اسين مذهبي انتهاپسندي جي سخت مخالفت ڪريون ٿا. اسين مسلمان توڙي هندو سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون ۽ هميشه ڀائر رهنداسين. سامسن سلامت چيو ته اسان کي ڀڳت ڪنوارام جهڙين شخصيتن کي مذهبن کان مٿانهون ٿي انسانيت واري اک سان ڏسڻ گهرجي. هندو سجاڳ تحريڪ جي اڳواڻ ڪرڙ رٻاري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته سنڌ انتهائي ڏکئي دور ۾ گذري پئي، ان ڪري اسان کي مذهبي مت ڀيد ختم ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿيڻو پوندو. انهي سان ئي اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي وجود جو بچاءُ ٿي سگهي ٿو. وڪيل وسند ٿري چيو عوامي تحريڪ جا باشعور نوجوان ڪڏهن به ماٺا نه رهيا آهن، انهن هميشه سنڌ جي سورمن کي پنهنجي دل ۾ رکي انهن جي واٽ تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، انهن سورمن مان ڀڳت ڪنور رام به هڪ هو، جنهن جا ڳايل صوفياڻا ڪلام هن ڌرتي تي هميشه وڄندا رهندا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ڀڳت ڪنور رام هڪ مزدور ماڻهو هو، جيڪو ڏينهن جي وقت چڻا کپائيندو هو ۽ شام جو اُهي پئسا غريبن ۾ دان (خيرات) ڪري ڇڏيندو هو. اُن کي سنگيت سان بي انتها پيار هو، تنهن ڪري هو هلندي ڦرندي پيو ڳائيندو هو، ان جي ڳايل لولي ماءُ پنهنجي پُٽن کي ٻڌائي سمهارينديون هيون، ان جو ڳايل اڄ به گيت “نالي الک جي ٻيڙو تار منهنجو” ماڻهون روح سان ٻڌن ٿا، افسوس اهڙي عظيم انسان کي وقت جي ظالمن رُڪ اسٽيشن تي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اسين ٻڌائڻ ٿا چاهيون انهن دشمنن کي جيڪي اسان کي پاڻ ۾ وڙهائڻ چاهين ٿا ته اسين سڀ پورهيت هندو توڙي مسلمان سنڌين جي حيثيت ۾ ڀائر آهيون ۽ رهنداسين، آخر ۾ عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجي صاحب پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته مون کي اڄ هن جلسي ۾ هيڏا ماڻهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، عوامي تحريڪ ضلعي اَمرڪوٽ وارن کي جس ٿو ڏيان جن اهڙي زبردست انسان جي مان ۾ هي جشن رکيو، جنهن جي نه صرف آواز پر رڳ رڳ ۾ سچائي شامل هئي، جنهن کي ياد ڪرڻ يقينن اسان سڀني سنڌي ماڻهن جو فرض آهي، اسان کي هر وقت سرگرم رهڻ گهرجي، آئون شاگردي واري زماني کان سنڌي غريب ماڻهن ۽ مظلوم عورتن جي لاءِ وڙهندو پيو اچان، جنهن تي مون کي فخر آهي، ڇاڪاڻ ته آئون پاڻ مظلوم عورتن جي هٿان تيار ٿيل هڪ فرد آهيان، اسان کي گهرجي اسين ننڍن ٻارن ۽ عورتن جو خيال رکون، جشن ڪنور رام رات جو ٻئين وڳي پڄاڻي تي پهتو، هن جلسي ۾ مختيار خاصخيلي، پيرولي الله جان سرهندي، وڪيل خميسي خان چوهاڻ، شگهن ڪولهي، سائين راڻو مل پرمار، ڏامري مل، لڌارام، ديال تپيدار، سائين همٿو مل ميگهواڙ، راجه مگهن ميگهواڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جشن ڪنور رام کي جن ڪامياب بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن ۾ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، هريش مالهي، ساجن ڪمار، وسند ٿري، محمد علي جوڻيجو، نول راءِ ميگهواڙ، جلال بجير، مير حسن آريسر، ڪرڙ رٻاري، رميش مالهي، راجه ڪستورچند ميگهواڙ، پانچو ميگهواڙ، سنتوش مالهي، لال ساماروي، ڊاڪٽر هرلال امر، ڊاڪٽر نورمحمد خاصخيلي، ڪريم چاوڙو، گلزار خاصخيلي، بشير شاهاڻي، ذوالفقار مري، مدن مهراج، دليپ مهراج، راوت، خليل ڪنڀار، ارشد، مشتاق ۽ ٻيا شامل هئا.


    نامور صحافڻ نازيا ميمڻ سان رهاڻ

    نامور صحافڻ نازيا ميمڻ سان رهاڻ

    اڄ تاريخ 24 آگسٽ 2014 تي غلام مصطفيٰ سولنگي ميسيج موڪليو ته اڄ شام جو پنجين وڳي سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ڪي ٽي اين جي اڳوڻي نيوز اينڪر، بي بي سي جي پروڊيوسر ۽ صحافي جاويد سومري جي گهرواري نازيا ميمڻ سان رهاڻ رکي وئي آهي، جنهن ۾ اوهان کي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي، آئون شام جو پنجين وڳي حيدرآباد جي مسلم سوسائيٽي ۾ رهائش هجڻ ڪري مين روڊ ڪراس ڪري سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ داخل ٿيس. جتي چار پنج دوست سليم چانڊيو، سرمد تنيو ۽ تلسي داس سوٽهڙ ويٺا هئا، انهن سان ڪچهري ڪئي، پروگرام ۾مهمانن جي اچڻ جو سلسلو جاري هو، پروگرام ۾ سامهون اسٽيج تي وڏو پينا فليڪس لڳل هو، جنهن تي محترمه نازيا ميمڻ جا 2 خوبصورت ڦوٽو ڏنل هئا، مون نازيا کي اڳي ٽي وي تي هونئن ڏٺو هو پر اڄ روبرو ڏسڻ جو موقعو مليو، هال ماڻهن سان ڀرجي ويو، ايتري ۾ پروگرام جي مهمان خاص نازيا ميمڻ به پهچي وئي، تقريب جي اسٽيج سيڪريٽري شوڪت چاچڙ مهمان خاص جي سيٽ تي ويهڻ لاءِ نازيا ميمڻ کي سڏ ڪيو، صدرات جي لاءِ سنڌ ڀلوڙ شاعر عبدالغفار تبسم کي سڏ ڪيو، اعزازي مهمانن ۾ ڪالم نويس ذوالفقار قادري، دليپ دولتاڻي ۽ سنڌ گلوب اخبار جي ايڊيٽر ارباب احسان کي اسٽيج تي سڏ ڪيو. سڀ کان پهرين غلام مصطفيٰ سولنگي سڀني مهمانن کي اجرڪون اوڍايون ۽ پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته ينگ رائيٽرس فورم مختلف پروگرام ڪرائيندو رهندو آهي، هن ڀيري اسان چاهيوسين ته محترمه نازيا ميمڻ سان رهاڻ ڪجي، سو اڄ اسان کي نازيا ميمڻ جي مان هي تقريب ڪوٺائي وڏي خوشي ٿي آهي، اسين سڀني آيل مهمانن کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ اُميد ٿا ڪريون ته اوهان جو ساٿ اسان سان برقرار رهندو، دليپ دولتاڻي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اڄ جيڪو ڪجهه اوهان ڏسو پيا اهو نازيا ميمڻ جي شوق ۽ محنت جو ڪمال آهي، آئون پاڻ لمس يونيورسٽي ۾ نازيا سان گڏ پڙهندو هئس، هي تمام هوشيار شاگردياڻي هئي، اهو ئي سبب آهي جو اڄ نازيا بي بي سي جهڙي اعليٰ اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، ان کان پوءِ وائي جي لاءِ مون (چيتن ميگهواڙ) کي سڏ ٿيو مون شاهه صاحب جي هڪ وائي پيش ڪئي، ارباب احسان چيو ته اسان جي نياڻين کي نازيا جهڙين ڪامياب عورتن جي زندگي مان سکڻ ۽ سمجهڻ گهرجي، ذوالفقار قادري چيو نازيا سنڌ جي هوشيار نياڻي آهي، جنهن تي اسان کي ناز آهي، تقريب جي صدارت ڪندڙ عبدالغفار تبسم جلدي وڃڻ ڪري پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آئون سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي جو ماڻهو آهيان، جڏهن عورتن تي سخت پابندي هوندي هئي ته ٻاهر صرف برقعا پائي هلو پر اسان جون ڀيڻون ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بغير برقعي جي هلنديون هيون، جاهل ۽ رجعت پرست ماڻهو ان وقت اسان تي کلندا هئا پر اسان انهن جاهل ۽ علم دشمن ماڻهن جي ڪا به پرواهه نه ڪئي، اهو ئي سبب آهي جو اسين ترقي پسند ماڻهو اڄ اڳتي آهيون ۽ اسان تي ٽوڪون ڪرڻ وار جاهل ماڻهو جِتي هئا، اُتي ئي رهجي ويا، تنهن ڪري سنڌ جا ماڻهئو اوهان پنهنجي نياڻين کي چار ديواري واري جيل مان ڪڍي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪرايو، ڇاڪاڻ ته جيسين پنهنجي نياڻين کي نه پڙهائينداسين تيسين اسين دنيا سان مقابلو نه ڪري سگهنداسين، اڄ جيڪا ايڏي نازيا ميمڻ جي عزت آهي اُها علم جي ڪري آهي، آخر ۾ تقريب جي مهمان خاص نازيا ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئون احسان مند آهيان ينگ رائيٽرس فورم ۽ اوهان سڀني مهمانن جي جو اوهان وقت ڪڍي منهنجي شان ۾ رکرايل هن تقريب۾ شامل ٿيا، اڄ مون کي هن تقريب ۾ الاهي خوشيءَ ٿي آهي پر مون کي ڏک انهي ڳالهه جو آهي ته هن پروگرام ۾ عورتن جي شرڪت نه هئڻ جي برابر آهي، جيسين اسان جو مايون اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت نه ڪنديون تيسين اسان جو معاشرو شعور وارو ۽ ترقي يافته ڪيئن ٿيندو؟ هن پنهنجي زندگي ۾ هڪ ڪامياب عورت هجڻ جي پس منظر ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته مون کي شوق ته ڊاڪٽر ٿيڻ جو نه هو پر والدين جي خواهش کي پورو ڪرڻ لاءِ مون لمس ۾ داخلا ورتي، هوشيار هجڻ ڪري مون کي 70 يا 80 مارڪون هر سبجيڪٽ ۾ ملي وينديون هيون، تنهن ڪري سوچيم ته ڇو نه ڪو اضافي ڪم ڪجي، تنهن ڪري مون لائبريري ڏانهن لاڙو ڪيو، جتي مون الطاف شيخ، رسول بخش پليجي، جي ايم سيد ۽ ٻين کوڙ سارن شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن جا ڪتاب پڙهيا پوءِ سوچيم هاڻ ڪجهه اخبارن ۾ به لکجي مون مختلف اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو، محنت مون ڏاڍي ڪئي، پوءِ سوچيم ڇو نه ڪنهن نيوز چئنل تي خبرون پڙهان، سو ڪي ٽي اين جو ان وقت تازو چئنل کليو هو، انهن اشتهار ڏنو ته ڪا هوشيار ڇوڪري جيڪڏهن نيوز چئنل تي خبرون پڙهڻ چاهي ته رابطو ڪري مون فون گهمايو، ڪي ٽي اين وارن چيو اچو آفيس انٽرويو ڏئي وڃو، مون انٽرويو ڏنو ۽ آئون پاس ٿي ويس، ڪافي عرصو ڪي ٽي اين تي خبرون پڙهڻ جون خدمتون سرانجام ڏنم. اڄ آئون پنهنجي محنتن سان پنهنجي ور جاويد سومري سان گڏجي بي بي سي ۾ ڪم ڪريان پئي، ان ڪري اوهان کي اهو چونديس ته براءِ مهرباني ڪري پنهنجي نياڻين کي وڌ کان وڌ پڙهايو، تڏهن ئي اوهان جون نياڻيون نازيا جيئان ڪامياب ٿي سگهنديون، پنهنجو وقت فالتو شين ۾ نه وڃايو، مهرباني ڪري لائبريرين ۾ وڃو ڪتابن کي ٽائيم ڏيو، تڏهن ئي اوهان ڪامياب ٿي سگهندا. اوهان کي زندگي هڪ دفعو ملي آهي، تنهن ڪري انهي کي سٺي نموني استعمال ڪريو. اسان جي اها ڪوشش آهي ته هر شهر ۾ لائبريري هجي، جنهن ۾ هر شاگرد کي چانهه بسڪيٽ ۽ ماني گهٽ قيمت سان ملي ته جيئن هو پنهنجي منزل ماڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس نه ڪن. آخر ۾ آئون هڪ دفعو ٻيهر اوهان جي ٿورائتي آهيان جو اوهان مون کي غور سان ٻُڌو.نازيا جي تقرير ختم ٿيڻ کانپوءِ هال ۾ ويٺل ماڻهن کي ريفريشمنٽ ڏني وئي، ان کان پوءِ محفل موسيقي ٿي گذري جنهن ۾ برڪت فقير “ايي چرمي رو گلال سين پيار گهوري جاوان چرمي نان” ڳائي محفل ۾ وجد طاري ڪري ڇڏيو، آئون محفل موسيقي جي دوران نازيا ميمڻ کان پنهنجي هٿ ۾ پيل ڪتاب “پوڙهو ۽ سمنڊ” کڻي آٽوگراف لاءِ ويس. جنهن جي پهرين پني تي لکي ڏنائين ته ٻئي جي ڪتاب تي آٽو گراف ڏيڻ تمام ڏکيو هوندو آهي، آئون بس ايترو ئي چونديس ته هي ڪتاب جنهن غور سان پڙهي عمل ڪيو ان جي زندگي بهتر ٿي ويندي. مون نازيا ميمڻ کان آٽو گراف وٺڻ کان پوءِ سندس ٿورو مڃيو ۽ آخر مون هي بيت نازيا کي پني تي لکي ڏنو.
    نازيا تو تي سنڌ ٿي ڪري وڏو ناز.
    آهي وڏو راز، ان ۾ تو جي محنت جو.
    (چيتن ميگهواڙ)
    هي بيت پڙهي نازيا ميمڻ خوش ٿي، برڪت فقير کان پوءِ ريشما پروين “مارا اُڏتا ڀمريا تو ني نهين مارون” ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي مائي ڀاڳي جي ياد تازي ڪرائي ڇڏي..


    اَمرڪوٽ جي قلعي ۾ ملهايل ثقافتي ميلو

    اَمرڪوٽ جي قلعي ۾ ملهايل ثقافتي ميلو

    اسڪول جي سونهن ٻارن سان هوندي آهي، ڌرتي جي سونهن وڻن سان هوندي آهي، آسمان جي سونهن چنڊ تارن سان هوندي آهي، اهڙي طرح ميلا به اسان جي سماج جي سونهن هوندا آهن، ميلن جا به ڪيترائي قسم هوندا آهن، ڪي اولهيائن جا ميلا، ڪي ڪتابن جا ميلا، ڪي گلابن جا ميلا ته ڪٿي وري انبن جا ميلا اهڙي طرح قومن جي تاريخ زندهه رکڻ لاءِ ثقافتي ميلا به لڳندا آهن، جيڪي ثقافت کي اجاڳر ڪندا آهن، اهڙي طرح اَمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ تاريخ 16 فيبروري 2007 تي ميلو لڳايو ويو. انهي ساڳي تاريخ تي اَمرڪوٽ کان 7 ڪلو ميٽر تي شو شنڪر جو ميلو به لڳل هو، تنهن ڪري ساماري روڊ مان آئون (چيتن ميگهواڙ) هريش مالهي، ونود ڪمار ولد رتن مالهي ۽ سنتوش ڪمار مالهي ساڍي ٻارهين وڳي عمرڪوٽ ڏانهن روانا ٿياسين، ڏيڍ وڳي عمرڪوٽ پهتاسين. جتي مون پنهنجو جوڙو عمرڪوٽ ۾ امر ٽيلر وٽ سبرائڻ لاءِ ڏئي ٻه وڳي شو شنڪر جي ميلي ۾ وڃڻ لاءِ بس ۾ چڙهياسين، اڍائي وڳي ميلي پهچندي شرط شو جي مندر ۾ حاضري ڀرڻ کانپوءِ اسان هڪ ڀنڊاري ۾ ماني کاڌي سين. پوءِ اسان سڀني گڏجي گهمندي ڦرندي موت جو کوهه ڏٺوسين، ان کان پوءِ گهوڙن جي ڊوڙ ۽ هڪ جادوگر جي هٿ جي صفائي ڏٺي سين، بهرحال ميلي ۾ چڱي طرح گهمڻ کانپوءِ واپس ساڍي چئين وڳي عمرڪوٽ پهچي سرڪاري اسپتال وٽ کيمچند مالهي جي فرزند ارجن ڪمار جي دڪان تي هٿ منهن ڌوئي ثقافتي ميلي ڏانهن روانا ٿياسين، جيئن ئي اسان قلعي ۾ داخل ٿياسين ته اسان کي دوست سروڻ ڪمار مالهي مليو، جنهن اسان کي ثقافتي ميلي گهمائڻ جي شروعات ڪئي سڀ کان پهرين اسين ٿر جي ثقافتي اسٽال تي پهتاسين، جتي اسان جي سهڻي ٿر جا سهڻا کٿا، گهوڙن جا سنج هنا، اُٺن جا پاکڙا، اٽي پيهڻ واري گهرٽي ۽ ڪيترائي ٿر جا قسمين قسمين برتن پيل هئا، عمرڪوٽ جو ناليوارو سماج سُڌارڪ ڊاڪٽر هرچند سوٽهڙ ڪيترن ئي سياحن کي ٿر جي ثقافت جي باري ۾ تفصيل سان سمجهائي رهيو هو. جنهن کي ڏسي ۽ ٻڌي اسان جي دل خوشي سان ۽ اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون ته اسين ڪيڏي نه شاندار ثقافت جا وارث آهيون پر افسوس اسين بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جون فلمون ڏسي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولين کي ڇڏيندا وڃون پيا، جنهن سان اسان جي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي تمام وڏي نقصان پهچي رهيو آهي . اسان ثقافتي اسٽال کان ٿورو اڳتي وڌياسين ته ڏٺوسين ته هڪ ڪتابن جو اسٽال لڳل هو، جنهن تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي کان وٺي منگهارام اوجها جو ڪتاب پراڻو پارڪر، رائيچند راٺوڙ ميگهواڙ جو ڪتاب تاريخ ريگستان کان علاوه ڪيترائي سنڌي ادب جا ڪتاب پيل هئا، جنهن کي ڏسي اسان کي تمام گهڻو مزو آيو، انهي کان ٿي ٿورو اڳتي وڌياسين، شاعر پريتم پياسي ڪتابن جو اسٽال لڳائي ويٺو هو، جنهن وٽ به تمام گهڻا ادبي ڪتاب موجود هئا، اسين ان سان ملاقات ڪري ٿورو اڳتي وڌياسين ته هڪ جوڳين جو اسٽال لڳل هو، جنهن ۾ ٻين جوڳين سان گڏ جوڳين جو سردار ڦوٽو جوڳي ويٺو هو، جنهن اسان کي ٿر کان علاوه سڄي سنڌ جا مختلف قسمن جا نانگ مرلي وڄائي نچائي ڏيکاريا، اسان ڏاڍا خوش ٿياسين، هڪ ڪنڀار جي اسٽال تي وياسين جيڪو سهڻي پٽڪي سان چڪ تي مختلف مٽي جا برتن ٺاهي رهيو هو، جنهن اسان کي چڪ تي تجربو ڪري ٻُڌايو ته اسين ڪنڀار گهڙو، گلاس، پاٽ، ڪونڊي ۽ ٻيا مٽي جا برتن ڪئين ٿا ٺاهيون؟ ايتري ۾ اسان جي شهر ساماري روڊ جا نوجوان شهديو ولد سسپال مهيشوري ۽ ڌنيش ولد رامچند مالهي اسان جي مهربان سائين تاج محمد شاهاڻي سان گڏ مليا. جيڪي ساماري روڊ جي هاءِ اسڪول مان شاگردن جي ڊارٽسن ڀرائي ميلو گهمڻ لاءِ پهتا هئا، انهن کي ڏسي اسان جي دل وڌي وئي، ميلو گهمڻ بعد سڀ شاگرد وڃڻ لڳا، پر اهڙو شاندار ميلو ڏسي منهنجي دل وڃڻ جي ڪا نه ڪئي، مون يڪدم عمرڪوٽ جي قلعي ۾ لڳل ميلي منجهه ئي رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. مون هريش مالهي، ونود مالهي ۽ سنتوش ڪمار مالهي کي اجازت ڏني اوهان ڀلي انهي ڊارٽسن ۾ وڃو، آئون ته اڄ انهي ميلي ۾ ئي رات رهندس، اهي سڀ دوست روانا ٿيا، آئون رات جو ميلو گهمندو رهيس، رات جا نو ٿيا، محفل موسيقي جي شروعات ٿي، جنهن ۾ سڀ کان پهرين عمرڪوٽ جي فنڪارن کي وارو ڏنو ويو، جنهن ۾استاد نظر محمد، ڀڳڙو مل ناچيز، مٺي واري سرگواسي موهن ڀڳت جي پُٽ شنڪر ڀڳت ۽ ڪجهه ٻين راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. موسيقي تمام شاندار ٿي، انهي کان پوءِ رات جو يارهين وڳي جيز ڪمپني وارن شو شروع ڪيو، جن اسان کي انگريزي گيتن کان سواءِ مزاحيه خاڪا به ڏيکاريا، جن کي ڏسي اسان تمام گهڻا کلياسين، قادر بخش مٺو رات جو ٻارهين وڳي اسان کي پنهنجي مزاحيه فن ذريعي واهه جو کلايو، جهازن جا آواز، رڪشن جا آواز، موٽر سائيڪلن جا آواز، جلال چانڊئي ۽ مائي ڀاڳي سميت کوڙ سارن فنڪارن جي آوازن ذريعي مزاحيه انداز ۾ گيت به ٻُڌايا، جن کي ٻُڌي سڀ خوش ٿيا، مٿان وري سنڌ جو ڀلوڙ فنڪار طفيل سنجراڻي ڍول واري سان گڏ پهتو. جنهن اسان کي سڀ کان پهرين قلندر جي ڌمال ٻڌائي ۽ ڳاڙهو جوڙو پاتل هوندو سميت چار پنج ڪلام ٻڌايا، ان کان پوءِ جيز وارن پاپ سنگر کي گهرايو، جنهن شاندار گيت ٻڌايا. اسٽيج تي ٻه مشڪرا به گهرايا ويا. جنهن ڪاميڊي دوران هڪ ٻئي کي چرچن سان ڌوئي رکيو، انهن مان هڪ مشڪري طفيل سنجراڻي کان پڇيو ته اوهان ايڏا ڊگها مائي جي وارن جهڙا وار ڇو رکيا آهن؟ جنهن تي طفيل سنجراڻي چيو ته اهي مون تنهنجي عشق ۾ رکيا آهن، مشڪري چيو هڻ ڀلا! منهنجي عشق ۾ ايڏو تيل آهي ڇا؟ اهو ٻُڌي سڀ کلي کلي کيرا ٿي پيا، هڪ گلوڪاره آئي جنهن اسان کي نصيبو جي آواز ۾ “اسين اپنا درد جگا بيٺي” ٻڌائي اسان جي دل جا درد جاڳائي ڇڏيا، هڪ ٻيو نوجوان ڊانسر به آيو، جنهن اسان کي مور جي لباس ۾ مور جي ڊانس ڪري ڏيکاري، ان کانپوءِ ڊان پبلڪ اسڪول سامارو روڊ جي پرنسيپال اشوڪ ڪمار مالهي جي ڀاڻيجي هري ديو کي هڪ گيت لاءِ وارو ڏنو ويو، جيڪو ٽنڊي ڄام ۾ رهندو آهي، ان جو گيت ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي، نيٺ پروگرام رات جو چئين وڳي ختم ٿيو، سڀ ماڻهو پنهنجن پنهجن گهرن ڏانهن روانا ٿيا. آئون ۽ سروڻ ڪمار مالهي ٻئي هوٽل تي وياسين، جتي اسان چانهه پيتي سين سوا ڇهين وڳي اَمرڪوٽ روحل واهه اسٽاپ تي پهچي بس ۾ چڙهي صبح جو سوا ستين وڳي ساماري روڊ پهتاسين.


    حيدرآباد ۾ نامور مصور ”ع ق شيخ“ جي ورسي تقريب

    حيدرآباد ۾ نامور مصور ”ع ق شيخ“ جي ورسي تقريب

    سنڌ جي نامياري مصور عبدالقادر شيخ جي ٽيويهين ورسي تاريخ 30 آگسٽ 2014ع تي ڇنڇر جي ڏينهن سنڌ ميوزيم جي ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ ملهائي ويئي، جنهن ۾ سنڌ جي نامياري ڏاهي رسول بخش پليجي، حميد سنڌي، نصير مرزا، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، نجمه شيخ، نذير ناز، محمود مغل، تاج جويي، محسن جويو، سهڻي پارس ۽ ٻين شرڪت ڪئي. آئون پروگرام ۾ شام جو ڇهين وڳي ويس، پروگرام ۾ مهمان اچي رهيا هئا ايتري ۾ رسول بخش پليجو ، سيد عالم شاهه ۽ امجد پليجو صاحب پروگرام ۾ پهتا. منهنجي سيد عالم شاهه سان ڪچهريءَ ٿي، ورسي تقريب شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ سنڌ ميوزيم جي عجائب گهر ۾ “ع ق شيخ” جي هٿ جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش ڪئي ويئي، جنهن ۾ اسان رسول بخش پليجي جي ڪتاب انڌا اونڌا ويڄ، حميد سنڌي جي ڪتاب ويريون، قاضي خادم جي ڪتاب زوال ۽ ٻين مختلف ڪتابن جي ٽائيٽلن کان سواءِ ٻيون ڪيتريون ئي تصويرون ڏٺيون. تصويرن جي نمائش دوران رسول بخش پليجي ۽ حميد سنڌي سان گڏ ڪافي ماڻهن تصويرون ڪڍرايون. تصويرن واري سيشن کانپوءِ ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ داخل ٿياسين. جتي ورسي تقريب جو آغاز راڳي ذوالفقار ڀٽائي سائين جي وائي سان ڪيو. نجمه شيخ چيو ته بابا ع ق شيخ اسان نياڻين کي پٽن جيان پاليو. اسان کي پڙهائي لکائي هن قابل بڻايو. تاج جويي چيو ته ع ق شيخ ڇاڇري تعلقي جي ڳوٺ گڍڙي ۾ ڄائو. هُو هڪ ڊرائنگ ٽيچر جڏهن حيدرآباد ۾ لڏي آيو ته رسول بخش پليجي، محمد ابراهيم جويي ۽ ٻين کوڙ سارن اديبن ۽ شاعرن سان ڪچهريون ڪندو هو. ع ق شيخ ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سميت مختلف ڪتاب گهرن جي ڪتابن جا ٽائيٽل ٺاهيندو هو. اڄ جي دور ۾ ٽائيٽل ڪمپيوٽر تي ٺاهيا ويندا آهن پر ان دور جي ڳالهه ئي ڪجهه ٻي هئي. سنڌي ادبي بورڊ وارن کي گهرجي ته اُهي ع ق شيخ جي ٺاهيل تصويرن جو هڪ ڪتاب ڇپرائين ته جئين ع ق شيخ جو پورهيو ضايح نه ٿئي. ڊاڪٽر دُر محمد پٺاڻ چيو ته ع ق شيخ جهڙا انسان روز روز ناهن پيدا ٿيندا، اسان کي اهڙن ماڻهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، رسول بخش گچيراڻي چيو ته ع ق شيخ هڪ ايماندار ۽ وقت جو پابند انسان هو، ڊرائنگ جي ماهر قاضي چيو ته هينئر جيڪو ڪاشيءَ جو ڪم ٿي پيو ان ۾ منهنجو ڪم اهم آهي، ع ق شيخ منهنجو اُستاد هو. اسان وٽ ته سنڌ جو نقشو به ڪير صحيح نٿو ٺاهي سگهي. جڏهن ته اسان جي دور ۾ اسڪول جا ٻارڙا به سنڌ جو نقشو بهترين ٺاهيندا هئا. نصير مرزا چيو ته ع ق شيخ نه صرف هڪ سٺو مصور پر بهترين افساني نگار به هو، هُو سادي زندگي گذاريندو هو، جنهن جي شخصيت تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان منهنجو ڇپيل ڪتاب “ع ق شيخ ڪوهه ڪاف شيخ” پڙهڻ وٽان آهي. اهڙي انسان جي جيڪڏهن حڪومت ورسي نٿي ملهائي ته اسان کي چندو ڪري به ملهائڻ گهرجي، طبيعت ٺيڪ نه هجڻ سبب پروگرام جي صدارت ڪندڙ رسول بخش پليجي صاحب اڳواٽ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون مصوري واري فن ۾ ايترو ڄاڻان ئي ڪون. تنهن ڪري مصوري جي لحاظ کان هن پروگرام مون جهڙو ٻيو اڻ پڙهيل هوندو ئي ڪون. ع ق شيخ مصوري جي فن جو ته ماهر هو ئي پر هن جا افسانا اڄ به سنڌ جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي عڪاسي ڪن ٿا. مصوري ۽ جنگ جي فن ۾ اسين ڪمزور رهيا آهيون. جنگ ۾ ته اسين ايترا ڪمزور رهيا آهيون جو اسان کي جيڪو آيو پادر هڻي ويو هروڀرو ڪڇياسين ئي ڪون، ايتري قدر جو اڃان تائين اسان جا ماڻهو مخدو بلاول جي شهيد ٿيڻ تي فخر ڪن ٿا. ان جي جڳهه تي مخدوم بلاول ظالم کي مٿي ۾ سر هڻي ها ته اهو وڌيڪ بهتر رهي ها. اسان وٽ لطيف سائين جي بيتن ۾ اهو چيو آهي ته جنگ ۾ مري اچجان پر واپس جئيرو نه اچجان. آئون هال ۾ ويٺل ماڻهن کي گذارش ڪندس ته اُهي سن زو جو لکيل ڪتاب “ويڙهه جو فن” جنهن کي عطا محمد ڀنڀري ترجمو ڪيو آهي اُهو ضرور پڙهن باقي مون کي خبر آهي ته اوهان جو ڪتابن سان گهڻي ڀاڱي واسطو ئي ناهي پيا ڌارين جي غلامي ڪندا. مهرباني ڪري پنهنجو پاڻ کي هوشيار ۽ خبردار رکو، دنيا ۾ ٻه عالمي جنگيون 1914 کان 1918 تائين، 1939 کان 1945 تائين لڳي چڪيون آهن. هاڻي سامراجي قوتون ٽئين عالمي جنگ جي تياري ۾ آهن. آئون سڀاڻي هجان يا نه هجان منهنجي اِها ڳالهه ياد رکجو ته رسول بخش پليجي اسان کي ٽئين عالمي جنگ لڳڻ جي حوالي سان اڳواٽ ئي ٻُڌايو هو.
    پليجي صاحب وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجي دور ۾ نول راءِ هاءِ اسڪول حيدرآباد جي سامهون گول بلڊنگ ۾ ويهي ع ق شيخ، ابراهيم جويي سان گڏجي موسيقي ۾ نوان لاڙا آڻي شيخ اياز جي انقلابي گيتن جون ڌُنون تيار ڪيون. اوهان کي ته ٽي وي چئنلن جي بدران اخبارن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اخبارن ۾ وڏي ڄاڻ هوندي آهي، انهن کي پڙهڻ سان اوهان کي مسئلن ۽ مختلف موضوعن تي وڏي معلومات ملندي. تاريخ ۾ جن به اجتمائي فائدي لاءِ ڪم ڪيو آهي اُهي اڄ به عوام جي دلين ۾ زندا آهن، انهن ۾ ع ق شيخ به شامل آهي، بزم روح رهاڻ جي صدر حميد سنڌي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ماضي ۾ جيڪي به سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ٿيا، تاريخ شاهد آهي ته انهن ۾ اسين پيش پيش رهياسين. رسول بخش پليجو ۽ ع ق شيخ جهڙا ماڻهو اسان جا اُستاد رهيا آهن، انهن جيڪو سنڌ جي لاءِ جاکوڙيو آهي. ان جي وڏي تاريخ آهي، منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي دعا ڪريو ته منهنجي قلم جي سگهه برقرار رهي. حميد سنڌي تقرير کانپوءِ پروگرام پڄاڻي تي پهتو حميد سنڌي صاحب اسٽيج تان لهي هيٺ لٿا، مون کي چيائين ته چيتن مون تنهنجو ذڪر پليجي صاحب سان ڪيو هو ته اوهان جو سياسي شاگرد چيتن اسان وٽ بزم روح رهاڻ ۾ ريگيولر ايندو آهي. جنهن تي پليجي صاحب چيو ته اسان جي ماڻهو جي پارت آهي، حميد سنڌي جا اهي لفظ ٻڌي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. هن پروگرام ۾ منهنجي دوستن مير نهڙي، عابد سيال، مڪيش ڪمار، سلطان نهڙي، منظور نهڙي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
    ع ق شيخ جي مصوري موهي وڌو مون،
    جنهن ۾ آهي مون، سهڻي پنهنجي سنڌ ڏٺي.
    (چيتن ميگهواڙ)


    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مناسبت سان

    محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي مناسبت سان

    جهڙي ريت جنوري مهينو هر عيسوي سال جي شروعات هوندو آهي، تئين وري ڊسمبر جو مهينو هر سال جي پُڄاڻي هوندو آهي، الائي ڇو ڊسمبر جو مهينو ڪنهن کي خوشي جا پيغام ڏيڻ بجاءِ ويندي ويندي پنهنجي غلطين جا احساس ڏيارڻ جي بدران وڇوڙي جا ورلاپ ڏئي ويندو آهي، جنهن اسان کان شيخ اياز جهڙو شاعر کسيو ته ڪڏهن وري سرمد سنڌي جهڙو قومي راڳي کسيو پر هاءِ ڙي ڊسمبر تو بينظير ڀٽو کي 18 آڪٽوبر تي ڄڻ پاڻ سان گڏ کڻي وڃڻ لاءِ گهرايو هو، اهو ڊسمبر جنهن اسان کي اڳي به سرمد سنڌي جي ورسي هر سال ملهائڻ لاءِ مجبور ڪيو هو پر شايد ڊسمبر انهي مان اڃان مطئمن ڪو نه ٿيو ان ڪري هو اسان کان ورسيءَ جي مٿان ورسيءَ ملهارائڻ لاءِ ڪوششون ڪري ڄڻ ته ڦٽن مٿان لوڻ ٻُرڪي رهيو هو. سو نيٺ ڊسمبر پنهنجي اِها خواهش به پوري ڪئي ۽ سڄي قوم کي ماتم ڪرائڻ تي مجبور ڪيو. جنهن ڏينهن اسين پنهنجي سُريلي راڳي سرمد سنڌي جي ڏک ۾ هئاسين ته ڪٿي اڄ شام جو 27 ڊسمبر 2007 تي ورسي جي حوالي سان سرمد سنڌي جو ڪو پروگرام ڏسجي پر افسوس ان کان اڳ وقت جي بي رحم قاتلن هڪ ٻي دل ڏاريندڙ خبر ٻُڌڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو. جنهن ڏينهن آئون ساماري روڊ ۾ پنهنجي لوهار پاڙي جي دڪان تي سرمد سنڌي جي ورسي جي مناسب سان ڏک ۾ بيٺو هئس ته اُتي ڪنهن ٻڌايو ته راولپنڊي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي آهي، اهو ٻڌندي شرط حال گهڙي کن ته دماغ چڪرائجي ويو پر همت ڪندي سوچيم ته ضرور ڪٿان انهي خبر جي پڪ ڪجي، ايتري ۾ اسان جي پاڙي جو سرفراز قريشي دڪان تي پهتو ۽ اسان کي ٻڌايو ته هينئر ئي آئون گهران اچان پيو سوا اٺين وڳي بي بي سي اُڙدو تي اها خبر هلي پئي ته بينظير ڀٽو راولپنڊي واري ڌماڪي ۾ شهيد ٿي وئي آهي، سرفراز جي واتان اهو بي بي سي وارو نالو ٻڌندي ئي سڀني جي دل کي تسلي ٿي وئي ته ڳالهه برابر سچي آهي، سڀني جي پيرن هيٺيان ڄڻ ته زمين نڪري ويئي هجي، اهڙي دردناڪ واقعي تي مٿان وري چنڊ به پنهنجي چانڊوڪي ڄڻ ڇڏي چڪو هجي، چارو طرف اوندهه ٿي ويئي، چنڊ محترمه جي شهادت جو نياپو سج کي موڪلي ڇڏيو ته سج تو کي سڀاڻي محترمه جي وڇڙي وڃڻ جي ڏک ۾ ماتم ڪرڻو آهي ڇاڪاڻ ته آئون شام غريبان ملهائي چڪو آهيان، مون سان گڏ گوڏن ڀر گسڪندڙ معصوم ٻارن، نوجوانن ۽ لٺ تي هلندڙ بزرگن ۽ عورتن به ڪارا اوڍي ڇڏيا آهن، اهڙي ڏک ڀرئي ماحول کي ڏسي آئون جيئن گهر ويس ته امان جاني ۽ بابا موهن کي ٻڌايو ته کاٻي ڌر جا اٽي، لٽي ۽ اجهي وارا نعرا هڻندڙ ڀٽي جي ڌيءَ کي الائي ڪنهن راولپنڊي ۾ گولي جو نشانو بڻائي ڇڏيو. تڏهن بابا چيو ته اهو انتهائي غلط ٿيو آهي، بابا وارن جا اهي لفظ ٻڌي آئون شهر ويس ته ڇا ڏسان چارو طرف باهه جا اُلا پيا ٻرن دڪان سڀ بند لڳا پيا هئا، سڄي شهر ۾ گوڙ وڌي ويو، اهڙو لڪاءُ ڏسي جلد گهر موٽي آيس، گهر ۾ امان ۽ بابا سان بينظير جي حوالي سان ڪچهريءَ ڪندي ڪندي رات جا ٻارهن ٿي ويا، ڊسمبر جي سياري جي رات ۾ سوچيندي سوچيندي خبر ئي نه پئي ڪهڙي وقت اک لڳي وئي، آئون جڏهن صبح جو ساڍي ڇهين وڳي اٿيس ته نه صرف گهر ۾ پر وڻن ۾ به خاموشي ڇانئيل هئي، سج به ماتم ڪري رهيو هو، آئون ڪجهه دير کان پوءِ شهر ويس ته شهر ۾ ڇا ڏسان اليڪشن جي ورڪ دوران ٻين پارٽي جا لڳل جهنڊا ۽ بئنر باهه ۾ سڙي رهيا هئا ته ڪيئي خاڪ به ٿي ويا هئا، جڏهن شهر وارن کان پُڇيم ته اهي جهنڊا ڪنهن ساڙيا آهن؟ ته انهن چيو اهي جهنڊا بينر وغيره پ پ پ جي جيالن ساڙيا آهن، اُتان ٿي آئون لڌارام جي دڪان تي ويس جتي سائين هوٿيرام ۽ صالحرام مهيندري سان گڏ ويٺل هئا، انهن چيو هلو جلال شاهه جي اوطاق تي هلون، جتي سوڳ وارو تڏو وڇايو پيو آهي، باهه جي مچ جي چوڌاري اسماعيل خان ڀرڳڙي سميت سڀئي ماڻهو خاموش ٿيوويٺا هئا، ٻاهر جلال شاهه جو ننڍو ڀاءُ لالو بينظير جي ڏک ۾ ڳوڙها ڳاڙهي رهيو هو. سڀئي ماڻهو سخت سيءَ ۾ باهه جي مچ تي هٿ سيڪي رهيا هئا ته سامهون مين روڊ تي ٽائرن جي سڙڻ ڪري دونهون پئي نظر آيو، ڪنوراج اوڏ جئه ڪمار مالهي ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن زور زور سان پئي نعرا هنيا بينظير جي قاتلن تي لعنت، ذوالفقار علي ڀٽي جي قاتلن تي لعنت، مرتضيٰ ڀٽي جي قاتلن تي لعنت، اهي نعرا ٻڌي سڀني ماڻهن چيو ته اسان کي احتجاج ۾ هلڻ گهرجي، اسين اُٿي وڃي احتجاج ۾ شامل ٿياسين، اڳتي اسٽيشن روڊ واري چوڪ تي ڌرڻو هنيوسين، مون ڏٺو ته اُتي موجود ڪيترن ئي حسين نوجوانن جو اکيون ڳوڙها ڳاڙهي رهيون هنيون، نيٺ ڌرڻي ۾ شامل ماڻهن فيصلو ڪيو ته اسين ساماري روڊ کان ساماري شهر تائين پنڌ ڪري شارٽ مارچ ڪنداسين، قافلو صبح جو نائين وڳي نڪتو، آئون به اُنهي قافلي ۾ شريڪ ٿي ساماري شهر تائين پنڌ ويس، وچ ۾ حسن باغ وٽ اسان کي هڪ ٻيو احتجاجي قافلو مليو. جنهن کي ساڻ ڪري اسان ساماري وياسين، پنڌ هلندي سوين ماڻهن جي وچ ۾جيون جوگچند، ڀرپو لوهاڻي، بلوچ ڇوڪرن ۽ ٻين ڪيترن ئي نوجوانن پئي زور زور سان نعرا هنيا، جڏهن اسان ساڍي يارهين وڳي ساماري شهر پهتاسين ته اُتي اسان کي قيامت جو منظر پئي نظر آيو، ماڻهن ۾ وڏو جوش هو، ڏنڊا کڻي شهر جي مختلف گلين ۾ گهڙي پيا، سرڪاري توڙي غير سرڪاري آفيس جي بورڊن کي ٽوڙڻ شروع ڪيائون خبر ئي نه پئي ته اهي ايڏا سڄا ماڻهو آيا ڪٿان؟ مون کي حقيقت ۾ ٻهراڙي جي ماڻهن ۾ پنهنجي ڌرتي جي لاءِ سچو پچو جذبو پئي نظر آيو، ساماري شهر ۾ چارو طرف پئي ڪاراڻ نظر آئي، اسان وڃي ساماري جي ناڪي تي ڌرڻو هنيوسين، ساماري شهر جا بُخاري شاهه سڀ ذوالفقار شاهه جي اڳواڻي ۾ ڪارا وڳا پائي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، تقريرن جي شروعات ٿي سڀ کان پهرين اسان جي ساماري روڊ شهر جي غلام علي خاصخيلي تقرير ڪئي. ان کانپوءِ جسقم ضلعي صدر جميل ڌونڪائي وڏي جوش ۽ جذبي سان تقرير ڪري سنڌين جي غيرت کي جاڳايو، ذوالفقار علي شاهه بخاري به تقرير ڪري محترمه جي شهادت تي قاتلن جي سخت لفظن م مذمت ڪئي، آخر ۾ مون (چيتن ميگهواڙ) تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهو آخر ڪيستائين پنهنجي ڌرتي جي سورمن جي شهادتن تي ماتم ڪندا رهندا. اسان کي گهرجي ته اسين هاڻ فاتح ٿيون، هر ڀيري اسان جي سنڌ جي ليڊرن جو قتل ٿيڻ قابل مذمت آهي، ڌرڻي جي پڄاڻي کانپوءِ واپس اسان پنڌ ئي پنڌ ساماري روڊ پهتاسين، ساماري روڊ جي تاريخ پهريون ڀيرو هو جنهن ۾ محترمه جي شهادت جي ڪري ٽي ڏينهن گاڏيون ۽ دڪان بند رهيا. مزدورن ۽ هارين جي گهرن ۾ اٽا ختم ٿي وڃڻ ڪري ڪيترائي گهر فاقاڪشي جا شڪار ٿي ويا. سنڌ جا ڪيئي ادارا رات جي پيٽ ۾ خاڪ ٿي ويا پر افسوس ڀُٽن جي شهادتن سان وڏيرن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن کي ته سڀ ڪجهه ملي ويو پر گذريل ستيتاليهن سالن کان هاري، مزدور هن ملڪ جو مظلوم عوام اڃان تائين اٽي، لٽي ۽ اجهي جا خواب ڏسي رهيو آهي. ڪنهن ڏاهي صحيح چيو آهي ته جهرڪين جا فيصلا جيڪڏهن باز ڪندا ته باقي رهندو ڇا؟
    جُه سي لوڙائو ٿيا، جنين ڀر رهن.
    ماروئڙا فقير، ڪنهن در ڏيندا دانهڙي؟
    (شاهه)


    رسول بخش پليجي سان يادگار ڪچهريءَ

    رسول بخش پليجي سان يادگار ڪچهريءَ

    اڄ تاريخ 31 آگسٽ 2014 تي بزم روح رهاڻ مان ٿي جيئن ئي جڳهه تي پهتس. ايتري ۾ منهنجي دوست ڌنراج ميسيج ڪيو ته اچ علي پيليس تي ڪم آهي، آئون جلد ئي علي پيليس تي پهتس، جتي ڪم ڪار لاهي هڪ هوٽل تي چانهه پيتيسين. ايتري ۾ ڊي ٽين هائوس تان راحيل ڀُٽي ايس ايم ايس ڪيو ته اچو هتي ايس ايس ٽي جي گڏجاڻي آهي، آئون ڌنراج مالهي کان موڪلائي پرنس ٽائون قاسم آباد ۾ پليجو هائوس تي پهتس، ويندي شرط هال ۾ رسول بخش پليجي صاحب، امجد پليجي، ادريس لغاري، غلام سرور پليجي، اشرف پليجي، پرمانند ميگهواڙ ۽ ٻين سان ملي حال احوال اوريم. اِها منهنجي پليجي صاحب سان ٻئين رُوبرو ڪچهريءَ هئي، انهي کان هڪ سال هڪ اڳ آئون ۽ ساماري وارو ڪرشن ميگهواڙ ٻئي گڏجي “پليجو هائوس” تي ويا هئاسين. اُن ڏينهن پليجي صاحب اسان کي ڪچهريءَ ۾ ٽي ڪلاڪ ڏنا هئا. جيڪا پڻ هڪ يادگار ڪچهريءَ رهي، جنهن ۾ ڏاڏا قادر رانٽو، راحيل ڀٽو، زوهيب پليجو شامل هئا. آخر ۾ مون شاهه لطيف جي وائي سان ڪچهريءَ کي پڄاڻي تي پهچائي هئي. بهرحال اڄ وري مون کي ڪچهري جو موقعو مليو. جنهن ۾ پليجي صاحب مون کان پڇيو ته هُندن ۾ اسان وٽ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪهڙي ذات جا ماڻهو رهن ٿا؟ مون چيومانس ته آبادي جي لحاظ کان کوڙ ساريون ذاتيون اسان وٽ آهن پر مون کي لڳي ٿو ته ميگھواڙ ذات جي آبادي سڀني کان وڌيڪ آهي، مون کان پليجي صاحب پڇيو ته اوهان اِها دعويٰ ڪيئن ٿا ڪري سگهو ته ميگهواڙن جي آبادي وڌيڪ آهي؟ مون چيو سائين اسان وٽ واڻيا، مالهي، کتري، سونارا، ٺڪر، مهراج ۽ ٻين ڪافي ذاتين جا ماڻهو ورهاڱي وقت هتان کان انڊيا لڏي ويا ڪي ورهاڱي کانپوءِ لڏي ويا ته ڪي هينئر به وڃن پيا، باقي ڪولهين جي آبادي اسان وٽ وڌ کان وڌ ننگرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ آهي، پر ميگهواڙ اوهان کي تقريبا هر شهر ۾ ملندا، ٿرپاڪر ته هونئن ئي ميگهواڙن سان ڀريو پيو آهي، ان کان علاوه ميرپورخاص، سانگهڙ، بدين، ٽنڊو الهيار، حيدرآباد، ٺٽي، سکر، جيڪب آباد، ڪراچي کان وٺي پوري ملڪ ۾ اوهان کي ميگهواڙ ملندا. ٻيو ته ٺهيو سنڌ ۾ سماجي، ادبي، سياسي ميدان ۾ به ميگهواڙ اوهان کي اڳڀرا نظر ايندا. پارٽين ۾ جيڪڏهن اوهان ڏسندا ته اوهان کي ميگهواڙ جام ملندا، ان جو سڀ کان وڏو ثبوت عوامي تحريڪ پاڻ آهي، جنهن ۾ وشني مل کان وٺي وسند ٿري، هميري مل، ديال سحرائي ۽ ڪلاونتي ميگهواڙ سميت هزارين ماڻهو عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيا آهن. ميگهواڙن ۾ اوهان کي هيٺيون طبقو، وچيون طبقو ۽ مٿيون مطلب ته ٽيئي طبقا ملندا. پليجي صاحب مون کان پڇيو ته چيتن ڀلا راما پير، پٿورو پير ڪير آهن؟ اوهان جي راءِ ڇا آهي يا ڪيترو ان متعلق ڄاڻو ٿا؟ مون چيو راما پير جي حوالي سان ته انڊيا ۾ ڪيس هليو هو، جيڪو ميڊيا ۾ به آيو هو، جنهن ۾ ثابت ٿيو هو راما پير ميگهواڙ هو، جنهن تي هندي ۾لکيل انڊيا مان ڏامرو مل ڪتاب وٺي آيو. جنهن کي جُهڏي ۾ ايف سي راٺوڙ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي “بابا رامديو ميگهوال” جي نالي سان ڇپرايو آهي جيڪو ڪتاب اوهان کي آساني سان ملي ويندو. اسان وٽ گهڻا ماڻهو ته پاڻ کي ميگهواڙ سڏائين ڪو نه ڪي راٺوڙ، پرمار، کنگهاراڻي، کوکر سميت مختلف نُکن سان سڃاتا وڃن ٿا. ٿر جو نامور محقق، تاريخدان رائيچند راٺوڙ جنهن تاريخ ريگستان تي 2 شاندار ڪتاب لکي سنڌي ادب کي مالا مال ڪيو اُهو پاڻ ميگهواڙ هو پر پاڻ کي رائيچند هريجن يا راٺوڙ لکائي ڍڪي ڇڏيائين. جنهن جي تصوير اڄ به سنڌالاجي ۾ رکي پئي آهي، جنهن تي رائيچند راٺوڙ لکيل آهي، ڪاش هو پاڻ کي ميگهواڙ لکي ها ته ميگهواڙن جو ڪنڌ فخر سان اُوچو هجي ها، بهرحال اسان جي ايندڙ نسل کي گهرجي ته هرو ڀرو اُهي ذات پرستي ۾ نه ڦاسن سڀ انسان برابر آهن، جيڪڏهن اُهي لکن ٿا ته پرمار، راٺوڙ، نجار، کنگهاراڻي ۽ کوکر سڏائڻ کان بهتر آهي ته جيڪڏهن مالهي آهي ته مالهي لکي، لوهار آهي ته لوهار لکي. خاصخيلي آهي ته خاصخيلي لکي، ماڇي آهي ته ماڇي لکي، جي اوڏ آهن ته اوڏ لکن جئين اسان وٽ رام اوڏ، منگهارام اوڏ، هنسراج هنس اوڏ لکن ٿا. وڏي ڳالهه ته ڀيل ته ڪڏهن به پنهنجي ذات ناهن لڪائيندا.. جئين ننگر جو روپلو ڪولهي مشهور آهي، ان جي پويان وڪيل ڀورو ڪولهي، وڪيل ويرجي ڪولهي پاڻ کي ڪولهي سڏائڻ ۾ ڪو عار محسوس ناهن ڪندا. سچل سرمست چيو ته ڪو ڪئين چوي؟ ڪو ڪئين چوي مان جوئي آهيان سوئي آهيان.
    پليجي صاحب پڇيو ته ڀلا پٿورو پير ڪير هو؟ مون چيو سائين پٿوري پير لاءِ مختلف رايا آهن، ڪن ڪتابن ۾ لکيل آهي ته پٿورو ٺُڪر هو. ڪي چون ٿا ته پٿورو ميگهواڙ هو، ڪي چون ٿا ته پٿورو اڳتي هلي شيخ ٿي ويو هو، انهي حوالي سان ڪاوش هائيڊ پارڪ ۾ هڪ خط به ڇپيو هو ته سنڌ جا محقق ڇنڊ ڇاڻ ڪن ته پٿورو ذات جو ڪير هو؟ ٺڪر يا ميگهواڙ پر افسوس ان تي ڪنهن به توجهه نه ڏني. مسئلو اڃان اُتي ئي آهي. ايتري ۾ چانهه آئي اسان سڀني چانهه پيتيسين. مون پليجي صاحب کي چيو سائين اوهان ڪجهه اسان کي ٻڌايو پليجي صاحب واهه جو جواب ڏنو ته ساٿيو مون الاهي ڪتاب لکيا آهن. ڀلا اُهي اوهان ڪڏهن پڙهيا آهن؟ منهنجون تمام گهڻيون تقريرون يوٽيوب تي موجود آهن جن کي ٻڌڻ سان اوهان کي ڄاڻ ملي سگهي ٿي. هن وقت اسان جو فرض آهي ته اسين اوهان جي چڪاس وٺون ته اوهين نوجوان ڇا پيا ڪريو ۽ هن دنيا متعلق ڇا ٿا ڄاڻو؟ پليجي صاحب جي انهي جواب تي اسين سڀ لاجواب ٿي وياسين.
    عمر ڏني علم کي اڇا ٿيا وار،
    پليجا ڪڏهن هار، تون نه مڃي سنڌ ۾.
    (چيتن ميگهواڙ)
    پليجي صاحب مون کي مزاحيه انداز ۾ چيو ته چانهه پيتي آهي، تنهن ڪري هاڻي توکي ڀڄن ٻڌائڻا پوندا. ڀڄن مون کي تمام گهڻا وڻندا آهن، ڇاڪاڻ ته رامانند، ميران ۽ ڪبير جهڙن شاعرن جا ڀڄن اسان جي ڀٽائي کان به آڳاٽا آهن. تنهن ڪري انهن مان اسان کي وڏي ڄاڻ ملي ٿي. اسان کي پراڻي دور جي شاعري پڙهڻ سان اُن دور جي معاشي، سماجي ۽ سياسي حالتن جي خبر پوي ٿي. اسان کي ڪتاب به نه صرف اڄ جا پر پراڻا ڪتاب به پڙهڻ کپن، خاص ڪري انگريزي جا اسين ماهر هجون ڇاڪاڻ ته انٽرنيٽ تي دنيا جي هر موضوع تي انگريزي ۾ تمام گهڻا ڪتاب موجود آهن. جن کي پڙهي ماڻهو فيضياب ٿي سگهي ٿو. پليجي صاحب کي مون ڪبير جا ٻه ڀڄن ٻڌايا. ان دوران منهنجو دوست دليپ ويراچ ولد ڏيارام ويراچ به گڏ هو. ان کانپوءِ ايس ايس ٽي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ شرڪت کان پوءِ آئون واپس جڳهه تي آيس.


    ڪامريڊ چي گويرا جي سالگرهه ۽ “جشن لطيف”

    ڪامريڊ چي گويرا جي سالگرهه ۽ “جشن لطيف”

    سکر شهر گهمڻ جي مون کي ننڍي هوندي کان ئي خواهش هئي پوءِ جيئن ئي آئون ساماري روڊ مان حيدرآباد پڙهائي خاطر شفٽ ٿيس ته منهنجي نثار کوکر پاران ڪرايل باغين سان شام پروگرام ۾ علي حيدر سنڌي سان ملاقات ٿي ته ان وري سکر جي دوست يامين علي ميراڻي سان دوستي ڪرائي اڳتي هلي هنن هڪ سنڌ پروگريسيو فورم ٺاهيو. جنهن جو بنيادي ڪم ادبي، ثقافتي ۽ سماجي سرگرميون ڪرڻ آهي. هنن جي فورم سکر ۾ ڪافي پروگرام ڪرايا. جن ۾ ٻن پرگرامن ۾ آئون شامل ٿيس. هڪ ڪامريڊ چي گويرا جي سالگرهه ٻيو جشن لطيف اُنهن ٻنهي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري مون کي ڏاڍو مزو آيو. پهرئين پروگرام ۾ڪامريڊ چي گويرا جي ستياسيهين سالگرهه 14 جون 2015 تي پراڻي سکر جي سينٽرل جيل وٽ هيمون ڪالاڻي چوڪ تي ملهائي ويئي، جنهن ۾ آئون علي حيدر سنڌي سان گڏ حيدرآباد مان هزارا ريل گاڏي ۾ چڙهي ٻئين وڳي سکر پهتس، شام جو پنجين وڳي تقريب جو آغاز ٿيو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مون سرانجام ڏنا. جنهن ۾ صدام سومري آيل مهمانن کي آجياڻو ڏنو. علي حيدر سنڌي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ چي گويرا 14 جون 1928ع تي ارجنٽائين شهر روساريو جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيو. هن کي ننڍي هوندي کان انجنيئر ٿيڻ جو وڏو شوق هو. هن کي ٻن سالن جي عمر کان ٽي بي جي بيماري هئس. هن جو والد صاحب هن جي آبهوا تبديل ڪرائڻ جي لاءِ مختلف شهرن ۾ رهائش ڪرائيندو رهيو. هن مختلف شهرن ۽ ملڪن جون سماجي حالتن جو جائزو وٺڻ لاءِ سائيڪل تي چار هزار ڪلوميٽر ۽ موٽر سائيڪل تي چلي کان ڪيوبا ۽ وينزويلا تائين اٺ هزار ڪلو ميٽر سفر ڪري نو (9) ملڪن جو دورو ڪيو. جنهن ۾ هن پيٽ گذر لاءِ سخت مزدوريون به ڪيون. چي گويرا ميڪسيڪو ۾ 1954ع ڌاري الرجي جو ڊاڪٽر بڻيو. اسپتال ۾ هن وٽ فيڊرل ڪاسترو جو ڀاءُ رائول ڪاسترو علاج ڪرائڻ آيو. جنهن سان هن جي دوستي ٿي. رائول ڪاستري اڳتي هلي فيڊل ڪاستري سان ملاقات ڪرائي، انهي ڏينهن هن جي سڄي رات فيڊل سان ڪچهري ٿي، جنهن جي ڪچهريءَ کانپوءِ هُو ڪميونسٽ پارٽي سان متاثر ٿيو. ڪامريڊ چي ڪجهه سالن کانپوءَ 1959 ۾ ڪيوبا کي آزاد ڪرايو. 1959 ۾ ايوب جي حڪومت ۾ پاڪستان دوري تي پڻ آيو.. آخر ڪار ڪامريڊ چي کي 8 آڪٽوبر 1967ع ۾ بلوويا ۾ گرفتار ڪري کيس چوڏانهن ڪلاڪن ۾ قتل ڪيو ويو. هن جو لاش 30 جولاء 1997 ۾ مليو. يامين علي ميراڻي چيو ته ڪامريڊ چي گويرا سموري دنيا جي مظلومن جو ساٿي هو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. تقريب کي وقار پنهور، سعيد خاصخيلي، عتيق سومري ۽ ٻين خطاب ڪيو. آخر ۾ صوفي راڳي خالد ڀٽي صوفياڻا ڪلام پيش ڪيا. ان کان ڇهه مهينن بعد ساڳي هنڌ تي جشن لطيف جو به پروگرام به ٿيو. جنهن ۾ يامين ميراڻي خطاب ڪندي چيو شاهه جي شاعري پڙهڻ سان نه صرف انسان کي لطف پر اعليٰ شعور به حاصل ٿئي ٿو. علي حيدر سنڌي چيو ته شاهه جو رسالو اهو وڻ آهي جنهن هيٺ هرڪو اچي ٿڪ لاهي ٿو. حڪيم زنگيجي چيو ته شاهه جي رسالي کي پڙهڻ سان سنڌ جي سياسي حالتن جي پرک پئي ٿي. ڊاڪٽر خادم منگي هڪ نظم پيش ڪئي. آخر ۾ محفل موسيقي ٿي، جنهن ۾ نديم سرمد انقلابي ۽ سڄڻ سنڌي ڪلاسيڪل ڪلام ڳائي ماڻهن جو اندر جاڳائي ڇڏيو. هن شاندار تقريب ۾ مون کي راڳي سڄڻ سنڌي سان ڪچهري جو موقعو پڻ مليو. جيڪو جي ايم سيد جو ويجهو ساٿي رهيو آهي. هن جي وڏي خاصيت اها آهي ته هي محفل کي پرکي اُن رخ ۾ ڪلام ڳائيندو آهي. هي ڪنهن جي فرمائش تي ناهي ڳائيندو پوءِ ڀلي محفل م گهور ٿئي يا نه ٿئي ان جي ڪا پرواهه نه هوندي اٿس. سکر ۾ مون کي زبير ڀٽيار پنهنجن دوستن سان گڏ هر ڀيري ساڌ ٻيلي، بيدل بيڪس، معصوم شاهه جو منارو، روهڙي جي مڇي مارڪيٽ، لئنڊس ڊائون پُل ۽ اروڙ ۾ ڪالي ماتا جو مندر گهمائيندو آهي. سکر ۾ جيڪي به سنڌ پروگريسيو فورم طرفان پروگرام ٿيندا آهن، انهن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ زبير ڀٽيار، جي ٽي ٽيلر، سجاد منگي، ڪامريڊ هوشو، سلمان قاسمي، امجد عباسي، ڪامريڊ انيس مهر، وڪي ابڙو، عابد سومرو، علي حيدر شاهه، جواد مغل، نديم ڊوگر ۽ ٻيا شامل هوندا آهن.


    بزم روح رهاڻ ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي تقريب

    بزم روح رهاڻ ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي تقريب

    بزم روح رهاڻ جي گڏجاڻي اڄ تاريخ 31 جولاءِ 2016 تي مولوي حاجي احمد ملاح جي ياد ۾ حميد سنڌي جي گهر ٿي گذري، تقريب ۾ شامل ٿيندي ئي مون کي وڏي رش نظر آئي پروگرام جو اعزازي مهمان احمد ملاح جي پونيئرن مان عبدالمجيد ملاح پهچي چڪو هو پر پروگرام اڃان شروع نه ٿيو هو، ڇاڪاڻ ته ٽنڊي باگي مان نظير ملڪاڻي جو دوست پروفيسر ضرار رستماڻي اڃان نه پهتو هو جيڪو اڄ جي گڏجاڻي جو خاص مهمان طور مقرر هو، هو ٺيڪ سوا ٻارهين وڳي بزم ۾پنهنجن دوستن سان گڏ پهچي ويو، هن احمد ملاح جي شاعري کي سهيڙي ڪليات احمد ملاح ٻن جلدن ۾ ڇپرايو آهي، هن کي احمد ملاح جي شاعري بر زبان ياد هئي، بهرحال هن جي پهچڻ شرط بزم جي گڏجاڻي جو آغاز ٿي ويو، ابتدائي ڪلمات ۾ حميد سنڌي صاحب آيل سڀني دوستن جي آجيان ڪئي، جنهن چيو ته احمد ملاح نه صرف عالم دين پر وڏو مفڪر هو، جنهن جي ڪيل تاريخي ڪم کي تاريخ جي سُنهري ورقن ۾ ياد رکيو ويندو، اهڙا ڪردار صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، نظير ملڪاڻي چيو ته احمد ملاح هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ هڪ مفڪر به هو، هن ۾ انتهاپسندي واري ڪا به سوچ نه هئي، ان سان گڏ هو سماج سڌارڪ به هو، ڊاڪٽر الهڏني سومري احمد ملاح جي شاعري تي ۽ ان جي حياتي بابت هڪ مضمون پڙهيو، جنهن ۾ هن چيو ته احمد ملاح جي شاعري ۾ هڪ هڪ دور جي تاريخ سمايل آهي، جيڪا اسان کي ضرور پڙهڻ کپي، شاعر جبار تاثِير سومري بزم جي گڏجاڻي ۾ هڪ غزل پڙهيو، جنهن جي ذريعي محفل ۾ خوشگواري ڇانئجي وئي، ڇاڪاڻ ته سومري صاحب کي ترنم ۾ غزل پڙهڻ جو وڏو ڏانءُ آهي، واحد ڪانڌڙي چيو ته احمد ملاح جي شاعري ۾ نه صرف مذهبي ڄاڻ پر ان ۾ سماجي علم به سمايل آهي، شاعر سڪندر سولنگي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته حاجي احمد ملاح جي شاعري آئون اسڪول واري زماني کان پڙهندو اچان. ڪهاڻيڪار سليم چنا چيو ته احمد ملاح هڪ گهڻ پاسائين شخصيت هو، جنهن تي اسان جي نوجوانن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان کان علاوه سليم چنا پنهنجون مختصر 6 ڪهاڻيون پيش ڪيون، سليم چنا سان گڏ آيل وڪيل امداد شاهه پنهنجو تعارف ڪرايو ۽ بزم روح رهاڻ کي سرخ سلام پيش ڪيو، جنهن چيو ته حميد سنڌي صاحب کي جس هجي جو هو اڄ به ماڻهن جا ميڙا مچائي ٿو، ان کان پوءِ وحيد ڳاهي غزل پيش ڪيو، بعد ۾ مون (چيتن ميگهواڙ) پنهنجي خيالن جي اظهار ۾ چيو ته اسان جي ماڻهن کي بدين ضلعي جو نالو وٺندي ئي پئٽرول گئس ۽ ٻيا معدني وسيلا ذهن ۾ ايندا آهن، جڏهن ته اِهي سڀ شيون هينئر ظاهر ٿيون آهن، پر اصل ۾ اسان کي ته بدين جو نالو وٺندي ئي ذهن ۾ سنڌ جي پهرين عورت شاعره مرکان شيخڻ جو نالو اچڻ گهرجي جنهن جي قبر سمنڊ ڳڙڪائي ويو، اسان کي بدين ضلعي جو نالو وٺندي ئي فاضل راهو جو نالو ذهن ۾ اچڻ گهرجي جنهن پنهنجي سڄي حياتي عوامي تحريڪ جي سٿ ۾ رهي، هارين لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري ڇڏي، اهڙي طرح اسان کي بدين ضلعي جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي احمد ملاح جو نالو ذهن ۾ اچڻ گهرجي جنهن جي شاعري حرف تجنيس سان مالا مال آهي، رسول بخش پليجي چواڻي ته اسان کي هر ڪم اچڻ گهرجي ۽ لطيف جي انهي بيت ته “ڏات ناهي ذات تي جو وهي سو لهي“ کي مدي نظر رکندي احمد ملاح قران شريف کي شاعري ذريعي سنڌي ۾ ترجمو ڪري دنيا اڳيان اِهو ثابت ڪري ڇڏيو ته ملاح رڳو مڇيون مارڻ يا ٻيڙيون هلائڻ لاءِ پيدا ڪو نه ٿيا آهن، اُهي جيڪڏهن پنهنجي تي اچن ته دنيا جا ٻيا ڪم به ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري احمد ملاح جي اهڙي شاندار تخليق کي آڏو رکندي اسين سندس ستيتالهين ورسي تي سلام پيش ڪريون ٿا. خليل سنڌي چيو ته اڄ آئون پهرين چڪر بزم جي گڏجاڻي ۾ چيتن ميگهواڙ جي معرفت شريڪ ٿيو آهيان، احمد ملاح جي شخصيت کي رڳو مذهبي سوچ تائين محدود نه رکيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو انسانيت جو جو حامي هو، تنهن ڪري ان جي ٻين ڪمن کي به نظر ۾ رکيو وڃي، آغا قيوم لالي چيو ته مون ڪافي شخصيتن کي روبرو ڏٺو ۽ انهن مان فيض حاصل پِرايو پر افسوس آئون احمد ملاح جهڙي شخصيت سان پنهنجي حياتي ۾ نه ملي سگهيس، وڌيڪ چيائين ته آئون مذهبي سوچ وارو ماڻهو ڪو نه آهيان، جيڪڏهن اڳيان هلي مذهبي ٿيڻ جو وقت آيو ته شروعات احمد ملاح جي شاعري کي پڙهڻ سان ڪبي، ان کانپوءِ علي نواز پلي تمام زبردست احمد ملاح جو شعر ٻڌايو ۽ ان سان گڏ سندس لکيل احمد ملاح تي ڀيٽا طور چوسٽو ٻڌايو جيڪو سڀني کي ڏاڍو وڻيو، علي نواز کانپوءِ گڏجاڻي کي دوست محمد مڱريي ”احمد ملاح“ جي شاعري تي تمام سٺو ڳالهايو ۽ ان سان گڏوگڏ احمد ملاح جي شاعري کي به تمام بهترين نموني بيان ڪيو ڇاڪاڻ ته هُو هڪ پوليس کاتي جو ايس پي ٿي ڪري احمد ملاح جي شاعري واهه جي ٻڌائي ويو، ان کان پوءِ احمد ملاح جي شاعري تي احمد ملاح جي پونئيرن مان گڏجاڻي جي اعزازي مهمان عبدالمجيد ملاح “احمد ملاح” جي سنواح حيات تي روشني وڌي ۽ سندس شاعري تي به پنهنجا ويچار ونڊيا، عبدالمجيد ملاح چيو ته احمد ملاح جي شاعري تي ضرار رستماڻي خاموشي سان شاندار ڪم ڪيو آهي، جنهن جي متعلق اسان کي ته خبر ئي نه هئي ته ڪو هي هيڏو وڏو ڪم ڪري پيو يا اڳتي هلي ڪندو پر جڏهن احمد ملاح جي شاعري تي ٻن جلدن جي صورت ۾ ڪتاب سامهون آيا ته سچ پڇو اسين حيران ٿي وياسين، اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿي تنهن ڪري آئون اهو ئي چوندس ته اڄ جي گڏجاڻي جي خاص مهمان جي ڪرسي جو هي حقدار آهي، جيڪا بزم جي ساٿين هن کي ڏئي ضرار رستماڻي جي ڪيل محنت سان انصاف ڪيو، هن بزم جي سڀني ساٿين کي ”گلشن لاڙ“ مئگزين جون ڪاپيون اعزازي طور ڏنيون، عبدالمجيد ملاح کانپوِءِ گڏجاڻي جي خاص مهمان ضرار رستماڻي وڏي تفصيل سان احمد ملاح جي شاعري تي ڳالهايو، جنهن ۾ هن چيو ته احمد ملاح نه صرف مذهبي شاعري ڪئي پر اُن تقريبن هر موضوع تي شاعري ڪئي، ان رومانس تي به سهڻي شاعري ڪئي، ان ٿر تي به شاعري ڪئي پر ان سان گڏ هن ارتقا واري نظريي تي به پنهنجو نقطي نظر پيش ڪيو، جيڪو سڄو شاعري ۾ آهي، ان پنهنجي حياتي ۾ شاعري ذريعي مُلن توڙي خود ملاحن تي به سخت تنقيد ڪئي آهي، ان سنڌ لفظ کي شاعري ۾ تقريبن هر جڳهه تي ذڪر آهي، جڏهن ته لطيف سائين سنڌ لفظ کي پنهنجي رسالي ۾ بيان ڪيل سڄي شاعري ۾ صرف هڪ چڪر ذڪر ڪيو آهي، ضرار رستماڻي جي ليڪچر کي بزم جي سڀني ساٿين تمام ذوق، شوق ۽ ڌيان سان ٻڌو ايتري قدر احمد ملاح جي شاعري کي بيان ڪندي ناچاڪي جي حالت ۾ ٿڪجي پيو پر ٻُڌندڙ ڪو نه ٿڪيا. آخر ۾ بزم روح رهاڻ جي صدر حميد سنڌي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ هڪ دفعو ٻيهر سڀني ساٿين جا ٿورا مڃيا ۽ ضرار رستاڻي کي تحفي طور اجرڪ پيش ڪئي ۽ بزم ۾ اچڻ تي سندس ٿورو مڃيو، گڏجاڻي ۾ تازو وڇڙي ويل ڪامريڊ فيض محمد شيدي ۽ ڊاڪٽر پرويز پٺاڻ جي ڪيل جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. ڪامريڊ فيض محمد شيدي بزم ۾ جڏهن به ايندو هو ته مون کي مائٽ سڏيندو هو. مون کي پنهنجو ڪتاب “کٿابي کان پرولتاريا تائين” تحفي طور ڏنائين. آخر ۾ گڏجاڻي ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀني دوستن کي ريفشمينٽ ۽ چانهه پياري ويئي، انهي دوران مون ضرار رستماڻي کي چيو ته اوهان لکت ۾ تمام شاندار ڪم ڪيو آهي، ان کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي پر اسان وٽ نئين نسل شاعري تمام گهٽ پڙهندي آهي، جي پڙهندي به آهي ته انهن کي احمد ملاح جهڙن شاعرن جي شاعري سمجهه ۾ ناهي ايندي، تنهن ڪري اوهان پاران هاڻي احمد ملاح جي شاعري کي پنهنجي آواز ۾ رڪارڊ ڪري وڊيو جي صورت ۾ عوام آڏو آندي وڃي ته جيئن اسان جي نئين نسل انهي شاعري کي صحيح نموني ٻُڌي ۽ سمجهي سگهي، جنهن تي پروفيسر ضرار رستماڻي مون کي چيو ته چيتن صاحب اوهان ٺيڪ ٿا چئو انهي تي ڪم بلڪل ٿيڻ کپي، اگر مون سان اڳتي هلي ڪنهن انهي ڪم تي سهڪار ڪيو ته آئون ضرور اهو ڪم ڪندس، آخر ۾سڀ دوست پنهنجي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿيڻ لڳا.


    دانشور جامي چانڊيي جو “مرزا قليچ بيگ” تي ليڪچر

    دانشور جامي چانڊيي جو “مرزا قليچ بيگ” تي ليڪچر

    تاريخ 2 سيپٽمبر 2014 تي اڱاري جي ڏينهن سنڌ يونيورسٽي جي مرزا قليچ بيگ چيئر پاران اسحاق سميجي جي ميزباني ۾ شمس العلما مرزا قليچ بيگ تي ليڪچر رکرايو ويو، پروگرام جو آغاز ساڍي يارهين وڳي ٿيو، پروگرام جي ڪمپئرنگ ميڊم شازيه پتافي ڪئي، جنهن سڀ کان پهرين آيل معزز مهمانن نصيرمرزا، جاويد اقبال، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي، ڊاڪٽر نواب ڪاڪا ۽ تمام شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ڀليڪار چوڻ لاءِ مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر اسحاق سميجي کي سڏايو، جنهن اچي سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ وڌيڪ پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته اسان جي مرزا قليچ بيگ چيئر جو مقصد آهي ته اسان مرزا قليچ بيگ جي گهڻ طرفي علمي، ادبي مواد کي سندس نالي سان ٺاهيل ويب سائيٽ تي رکي ان جي مواد کي ڏيهه پرڏيهه تائين پهچائي سگهون ۽ هر مهيني ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي ليڪچر ڪرايون ته جيئن شاگردن ۾ علم حاصل ڪرڻ جو چاهه پيدا ٿئي ۽ اُهي محنت ڪري ڪنهن نه ڪنهن اعليٰ درجي تي پهچي پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪن، ان کان پوءِ شازيه پتافي صاحبه دانشور جامي چانڊيي کي مرزا قليچ بيگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو، جامي چانڊيي هال ۾ ويٺل سڀني ٻڌندڙن کي سلام وارڻ کانپوءِ چيو ته مرزا قليچ بيگ بلڪل اسان وانگر هڪ عام انسان هو، جنهن 7 آڪٽوبر 1853 تي ٽنڊي ٺوڙهي ۾ جنم ورتو، مرزا قليچ بيگ جو تعلق جارجيا واري علائقي سان هو، مرزا قليچ بيگ ڪلاسيڪل ۽ جديد دور جي وچ واري دور ۾ جديد روايتن جو بنياد رکندڙ هو، 1840ع ۾ مرزا قليچ بيگ جو والد صاحب ميرن وٽ رهيو، مرزا قليچ بيگ جا وڏا عيسائي هئا، جن اڳتي هلي اسلام قبول ڪيو، مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا جي ڪتاب جو نالو “سائوپن يا ڪارو پنو” رکيو، هن جي ڪل ڄمار 76 سال رهي، جنهن ۾هن 60 سال ادب کي ڏنا، هو پاڻ شاعر اديب اُن ڪري هو ڇاڪاڻ ته هن جو ڏاڏو فارسي زبان جو شاعر هو، مرزا خاندان ۾ٻه شيون هڪ پينگهو ۽ لائبريري لازمي هوندي هئي، جنهن گهر ۾ لائبريري نه هوندي هئي ته مرزا اُن گهر کي گهر ڪو نه سڏيندا هئا، تنهن ڪري اوهان شاگردن کي گهرجي ته پنهنجي گهرن ۾ لائبريري ضرور ٺاهيو، جن گهرن ۾ لائبريريون هونديون آهن انهن گهرن ۾مرزا قليچ بيگ جهڙا عالم پيدا ٿيندا آهن، مرزا قليچ بيگ مذهبي طور تي تنگ نظر نه هو، هو صوفياڻي مزاج جو مالڪ هو. مرزا قليچ بيگ تمام گهڻيون ٻوليون ڄاڻندو هو. مرزا قليچ بيگ نثر ۾ وڌ کان وڌ ڪم ڪيو، جامي چانڊيي چيو ته ڪڏهن ڪڏهن آئون سوچيندو آهيان ته اسان ڪجهه ڪو نه ڪيو آهي، هن پنهنجي حياتي ۾ 457 ڪتاب لکي واقعي هڪ معجزو ڪري ڏيکاريو آهي، مرزا قليچ بيگ پنهنجي زندگي تمام گهڻا سفر ڪندو هو، هن جو “under the sun”مطلب ته هن سج جي هيٺيان جيڪي به شيون آهن، انهن سڀني تي گهڻي ڀاڱي لکيو آهي، مرزا قليچ بيگ چچ نامي واري ڪتاب کي فارسي مان سنڌي ۽ انگريزي ۾ ترجمو ڪيو، هو هڪ عوامي ماڻهو هو، هوُ هر طبقي جي ماڻهن سان ڪچهريون ڪندو هو، هن پنهنجي انمول زندگي ۾ رڳو 17 ڪتاب ته ٻارن تي لکيا آهن، ڏيارام گدو مل ۽ محمد صديق مسافر هن جا گهرا دوست هئا، ڏيارام گدو مل ۽ محمد صديق مسافر مرزا صاحب جي سنواح حيات تي ڪجهه لکيو آهي، تنهن ڪري اسحاق سميجي کي گذارش آهي ته هو ان ڏس ۾ضرور ڪم ڪري ۽ جلد کان جلد شمس العلماءَ تي لکيل سوانحي عمري وارو ڪتاب هٿ ڪري جيڪو مرزا قليچ بيگ جي دوستن جي پونئيرن وٽ موجود آهي، ياد رهي ته ڏيارام گدو مل ان دور ۾ سوا لک رپيا پنهنجي کيسي مان ڏيئي مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب ڇپرايا هئا، اهڙو شاندار مثال اسان وٽ شايد ڪٿي به نه ملي، مرزا قليچ بيگ مضمون نويسي تي شروعاتي طور ڪم ڪري انتها تي پهچايو، شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جي پهرين لغت مرزا قليچ بيگ تيار ڪئي، بعد ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انهي لغت تي ڪم ڪري 10 جلد ڇپائي بنهه وڏو ڪم ڪيو، سنڌ جي تاريخ جو پهريون ڪتاب چچ نامو آهي، سنڌي ٻوليءَ کي رسم الخط کي نئين سر 1853ع ۾ ملي، جنهن وقت مرزا قليچ بيگ پاڻ ڄاوا. مرزا قليچ بيگ سنڌي ويا ڪرڻ تي به وڏو ڪم ڪيو، ان کان علاوه مرزا قليچ بيگ سنڌي ۾ پهريون سفر نامو “ڏاڙهياري جبل جو سير” لکيو، جامي چانڊيي پنهنجي ليڪچر ۾ چيو ته آئون شاهه صاحب جو رسالو هر وقت پاڻ سان گڏ رکندو آهيان، منهنجا ٻار رومانسا ۽ ٻيا جيڪي هتي هن پروگرام ۾ مون سان گڏ آيا آهن، اُهي مون کان پُڇندا آهن ته بابا اوهان شاهه صاحب جو رسالو ته سئو چڪر پڙهيو آهي، اڃان اوهين رسالي ۾ ڇا ٿا پڙهو؟ جنهن تي مون چيو ته شاهه صاحب جو رسالو پڙهڻ وقت هر ڀيري مون کي نئون لڳندو آهي، تنهن ڪري آئون انهي کي باربار پڙهندو آهيان، آخر ۾ جامي چانڊيي چيو ته سنڌي ادب ۾ بهترين ليکڪ، ترجمي نگار، شاعر ۽ عالم جي حيثيت مڃائيندڙ شمس العلما مرزا قليچ بيگ 1929ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
    جامي چانڊيي جي تاريخي ليڪچر کانپوءِ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪافي شاگردن سوال ڪيا. جنهن جا جامي چانڊيي شاندار جواب ڏنا، آخر ۾ مون به جامي چانڊيي کان سوال ڪيو، سوال کان اڳ مون پنهنجو تعارف ڪرايو ته منهنجو نالو چيتن ميگهواڙ آهي، سنڌيونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ ايم پريويس جي پهرين سال ۾ پڙهندو آهيان، منهنجو تعلق سامارو روڊ ضلعي امرڪوٽ سان آهي، اوهان کان منهنجو سوال اهو آهي ته مرزا قليچ بيگ جنهن 457 ڪتاب لکيا، حيدربخش جتوئي جنهن سنڌ لاءِ پنهنجي زندگي سڄي جاکوڙيو، جي ايم سيد جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علم ۽ شعور سان گڏ 50 کان مٿي ڪتاب ڏنا، اُهي ڪيڏا نه پنهنجي ڪردار ۾ سادا ۽ عوامي ماڻهو هئا. ان جي نسبت اڄ جو اديب يا شاعر صرف 2 ڪتاب لکي پاڻ کي الائي ڇا ٿو سمجهي جهڙو سج تان ٿي آيو هجي، پنهنجو پاڻ کي تڪبر جي حالت ۾ مڪمل سمجهي ٿو، جيڪڏهن عام ماڻهو ان سان پيار ۽ محبت سان هٿ ملائڻ وڃي ته اُهي هٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي، آخر انهي جو سبب ڪهڙو آهي، جو اُهي پاڻ کي ٻين کان معتبر ٿا سمجهن؟ منهنجي سوال تي هال ۾ ويٺل سڀني شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور تاڙيون وڄايون، جنهن تي جامي چانڊيي مُسڪرائي جواب ڏنو ته چيتن اسان جو ڏاڏو اسان کي چوندو هو ته لفظ جيڪو علم آهي، انهي۾ 3 اکر آهن، ع ل م انهي ڪري جنهن شخص وٽ “ع” جيترو علم ايندو اهو پنهنجو وات “ع” جيان هرو ڀرو کولي ڳالهائيندو رهندو، جنهن ماڻهو وٽ “ل” جيترو علم ايندو اُهو هميشه “ل” جي شڪل جيان اُڀو تڪبر ۾ رهندو ۽ ٻئي کي هٺ ۽ غرور سبب ڪجهه نه سمجهندو، رڳو پاڻ کي پيو معتبر سمجهندو ۽ جنهن وٽ علم لفظ جي آخر ۾ “م” جيترو علم هوندو اُهو تمام سادو ۽ نوڙت وارو انسان هوندو ڇاڪاڻ ته “م” جي شڪل نياز نوڙت واري آهي، تنهن ڪري جيڪي انا کان آجا عوامي شاعر ۽ اديب هوندا آهن اُهي اصل ۾ آدرشي انسان هوندا آهن، جيئن شاهه صاحب سُر رامڪلي ۾ چيو آهي ته
    بابو بيکاري ٿيا، ڀڃي ڇڏيائون ڀاڻ،
    نسورو ئي نينهن جو نانگن وٽ نڌاڻ،
    سر کنڊ جنين ساڻ، آئون نه جئيندي ان ري

    بابو بيکاري ٿيا، اڄ نه آسڻ وٽ
    خودي کانئي هليا، پير نه لائي پٽ
    هيءَ هيءَ جنين هٽ، آئون نه جيئندي ان ري،
    جامي چانڊيي جي انهي لاجواب جواب ٻڌڻ کانپوءِ هال ۾ ويٺل سڀ ماڻهو پنهنجي اندر ۾ گم ٿي ويا ۽ بلڪل محسوس ڪيائون ته انا انسان کي حيوان کان به بدتر بڻائي ٿي، انا ماڻهو کي نٿي سونهين، تنهن ڪري ماڻهن کي گهرجي ته اهي پيار محبت سان هلن پر آڪڙ سان نه هلن، سڀني ٻڌندڙن جامي چانڊيي کي شاندار ليڪچر مهيا ڪرڻ تي ڀرپور داد ڏنو، سڀ پکڙڻ لڳا، دوستن مون کي چيو ته چيتن تنهنجو سوال هن پروگرام جو صفا صدارتي سوال هو، جنهن ۾ سڀني جي دلين جي ترجماني هئي، چڱو ٿيو اهو سوال ڪري تو اسان کي به انا کان بچايو، موسيٰ لاکي، بلاول چانڊيي، آڪاش اعجاز مگسي. وارن منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ چيو ته تنهنجو هن پروگرام ۾ هجڻ ضروري هو، تو اهو سوال ڪري ڄڻ ته علم جي خزاني کي چاٻي هنئي، جنهن جي بدلي اسان کي ڄاڻ ملي، منهنجو دوست مهيش ڪمار ميگهواڙ جيڪو فزڪس ڊپارٽمينٽ ۾ پڙهندو آهي ان مون کي چيو ته چيتن يار تون ته صفا محفل کي سوال ڪري لُٽي وئين، ايتري ۾ منهنجي ڪلاس جي دوستن سيد زهرا شاهه پروين اختر عباسي، دادو جي حنا چنا جيڪا پاڻ کي سنجها سڏرائيندي آهي. انهن مون کي جس ڏنو ۽ 2 ايم فل جو شاگردياڻيون رخسانا ميمڻ ۽ شاهده ميمڻ مون کي ايس ايم ايس ڪري داد ڏنو. ته چيتن تو سڀني کان سٺو ۽ معنيٰ خيز سوال ڪيو، جنهن تي اسين تو کي جس ڏيون ٿا، آخر ۾ جاويد اقبال صدارتي تقرير ڪئي، جنهن چيو ته اها اسحاق سميجي جي ڪاوش آهي، اهڙو بهترين پروگرام ڪرايو، اوهان جا ساٿ رهيو ته اهڙا پروگرام هر مهيني ٿيندا رهندا، جنهن جي ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور وڌندو، آخر ۾ ميڊم شازيه پتافي سڀني جا ٿورا مڃيا، پروگرام جي پُڄاڻي تي اسان جامي چانڊيي سان ملاقات ڪئي، ڪافي دوستن فوٽو ڪڍرايا ۽ آٽوگراف ورتا، مون نصير مرزا کان آٽو گراف ورتو ان مون کي آٽوگراف ۾ لکي ڏنو ته چيتن اوهان سڀني کان بهترين سوال ڪيو، ان ڪري اوهان جڏهن به مون سان ملڻ ايندا ته منهنجي لاءِ اهو اعزاز هوندو، آخر ۾اسين پوائنٽ ۾ چڙهي سڀ دوست پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿياسين.


    ٽنڊو جان محمد منهنجو ٻيو گهر

    ٽنڊو جان محمد منهنجو ٻيو گهر

    ٽنڊو جان محمد ميرپورخاص ضلعي جو تاريخي شهر آهي، جتي ريلوي اسٽيشن، آمري مقام، اولياءَ غازي ڪمال شاهه بابا حيدر شاهه، محسن شاهه، مصري شاهه، خان شان بابا، هنس نرواڻ، رڻ وارو ٻائو، سنت نارائڻ داس، ڀڳت سترامداس جا آستان ڏسڻ وٽان آهن، ايم ايڇ ڪي (مير حاجي خدابخش) ڊگري ڪاليج ٽنڊو جان محمد ۽ ان ۾ قائم هاسٽل به تاريخ جي ورقن ۾ ڪنهن کان نه وسري سگهندي. جنهن ۾ اڳوڻي ٿرپاڪر ۽ ميرپوخاص ضلعي جا هزارين شاگرد پڙهي اعليٰ عهدن تي پهتا. دوستن ٻڌايو ته انهي هاسٽل ۾ پاڪستان جو مشهور ڪرڪيٽر انضمام الحق به پڙهائي خاطر رهيو هو. سائين امولک داس ٿري جي والده ساهو مل ميگهواڙ جي گهرواري لالي ٻائي هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن کي ماني کارائيندي هئي. جنهن 1941ع ۾ سڄي سنڌ مان سنڌي فائنل جي امتحان ۾ پهريون نمبر کنيو هو. بهرحال ميرن ۾ علي بخش ٽالپر جهڙا آڱرين تي گڻڻ جيترا ماڻهو آهن جن انسانيت کي ترجيع ڏيندي غريبن، مظلومن کي پاڻ جهڙو انسان سمجهي مان ڏنو. انهن ۾ ميرخدا بخش جو نالو به هڪ آهي. جنهن ٽنڊي جان محمد کي پنهنجو شهر سمجهي ان جي بهتري لاءِ آخر تائين ڪوششون ورتيون. آئون تاريخ ڇهين سيپٽمبر 2014 تي ٽنڊي جان محمد پهريون ڀيرو پنهنجي پياري دوست نندلال جي والد سيرو صاحب جي تعزيت لاءِ ويس. اُن ڏينهن نندلال جو ڀاءُ رامچند ملائيشا مان موٽيو هو، جنهن فزڪس جي مضمون ۾ چائنا مان پي ايڇ ڊي حاصل ڪئي. رات ٿي ستسنگ شروع ٿيو. فقير سترام، گرڌاري لال ۽ پريم ڪمار جي اصرار تي مون هڪ ڀڄن ٻڌايو پوءِ ته گهنشام، دولت، پنهون، مٺو، پرديپ، مڪيش، تاراچند، ڊاڪٽر ڪيلاش آنند، واشو، سروڻ، يشونت، ديپڪ، ڀيمون سڀني مون کي چيو ته ادا هڪڙي ڀڄن ۾ ڇا ٿيندو؟ ڀڄن اوهان کي اڃان ٻڌائڻا پوندا پوءِ دوستن جي محبت سان ستسنگ صفا مچي ويو رات جو هڪ وڳي تائين جاڳياسين، ٻئي ڏينهن پريم، رامچند، نند جي والد صاحب جي پويان ٻارس جي ماني هئي، ٻارس ۾ ٽنڊي جان محمد جي مشهور اُستاد امولک داس ٿري سان علمي ڪچهري ٿي. رات جو ستسنگ شروع ٿيو وڏا وڏا ڀڳت لٿل هجن، رائيچند مڪواڻي اهڙا ته ڪبير ۽ ميران جا ڪلاسيڪل ڀڄن ٻُڌايا جو ذري گهٽ ماڻهن ۾ ماڻهپو موٽي آيو. مون سوچيو جتي اهڙا ڀڳت لٿل هجن اُتي وڏن جي اڳيان وڏائي ڪرڻ ڪا چڱي ڳالهه ناهي پر سوائي ديو ۽ هرش وارا چون نه سائين اسين اوهان جا ڀڄن ٻڌي پوءِ ئي سمهنداسين. نيٺ مون کي رات جو ٻه وڳي وارو مليو مون ٻه ٽي ڀڄن ٻُڌايا پوءِ ته اصل گرڌاري لال، نندلال، مٺو ۽ سميع وارن پئسا گهورڻ شروع ڪري ڏنا. ڪلاڪ ۾ جام رپيا ملي ويا. ٻارڙا ڏاڍا خوش ٿيا مون کي چيائين ته ڪيئن سائين اسان جي خواهش پوري ڪرڻ جو اوهان کي فائدو ٿيو نه؟ مون چيو بابا اصل ٻيڙا ئي پار ٿي ويا. سڀ گڏجي خرچي ڪنداسين. چوڏانهن سئو ۾ اڌ پئسا سازندرن کي ڏنا. ڪجهه ٻارن کي ڪجهه مون به خرچي ڪئي. سڄي رات ستسنگ هليو، جنهن ۾ لڪياري شاهه، کوسا، جعماڻي، ڪلوئي، شيدي ۽ ٻين مختلف برادرين جي ماڻهن بغير ڪنهن ذات پات جي ميران، ڪبير، شاهه صاحب جي شاعري تي مشتمل سست سنگ ٻڌو. ٻئي ڏينهن ساڳي ماڻهن پري پري کان آيل مهمانن کي ماني پئي کارايائين. مون کي ٽنڊي جان محمد شهر وارن ۽ استاد پڏو جي خاندان وارن پاران مليل محبتون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي، آخر ۾ ڪرشن “ڪمار ساٿي” سان واپس ڳوٺ ايندي مهل والجي دررزي ۽ ساگر سنڌي سان ڪچهريءِ ٿي ۽ سليم رضا مسيح مون کي پنهنجي شاعري جو ڪتاب تُحفي طور ڏنو. موٽر سائيڪل تي ايندي مهل ٽنڊي ۾ ڀيڻايي وشني مل ۽ دوست سريش ميگهواڙ جي گهر وياسين جتي سريش جي والد ۽ ڀاءُ اسان کي چانهه پياري.سچ پڇو ته ٽنڊي جان محمد شهر وارن جي محبتن ملڻ کان پوءِ آئون ٽنڊي جان محمد کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهندو آهيان.


    سنيل ڪمار سوناري جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”

    سنيل ڪمار سوناري جي ياد ۾ “تعزيتي ميڙاڪو”

    ساماري روڊ ۾ مالهي، ميگهواڙ، کتري، مهيشوري، اوڏ، ڪولهي، ڀرڳڙي، قريشي، راجپوت، سميت مختلف برادريون رهن ٿيون. پر اسان وٽ سونارن ۾ صرف سروپچند سوناري جو هڪڙو ئي گهر آهي، جنهن جي گهر سنيل ڪمار 16 جون 1988 ۾ جنم ورتو، جنهن شروعاتي تعليم ساماري روڊ مان ئي پرائي جتي ميٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ هُن انٽر 2004 ۾ مٺي شهر مان ڪئي، هُن اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽي جي ڪمپيوٽر سائنس شعبي مان 2008 بيچلر ڪئي، هُو منهنجي دوست پريم ڪمار مالهي ۽ مٺي جي دسرت ولد جيرام جو گهاٽو دوست هو، هُن سان گڏ ساماري روڊ ۾ ڪافي دوست پڙهيا جن ۾ سڪندر ڪالرو، سورج جئپال، ڪپيل مهيشوري، ونود مهيشوري، فدا چانڊيو، افضل ملاح جن مان واشديو مالهي ۽ شهديو مالهي انڊيا لڏي ويا، هن سان منهنجي دوست رميش مالهي جي به دوستي هئي، جيڪو پڻ انڊيا لڏي ويو. رميش مالهي منهنجو نظرياتي دوست هو، جنهن جي انڊيا وڃڻ سان مون کي تمام گهڻو ڏک پهتو.
    سنيل ڪمار ڪراچي ۾ ڪسٽم ڪليئرنس ۾ نوڪري ڪندو هو، اُن جي ڏياري تي شادي به رٿيل هئي، اتفاق سان هي ساماري روڊ مان پنهنجي والدين سان گڏ مٺي گهمڻ ويل هو، جتي هن والدين کي چيو ته اوهان ڀلي ڳوٺ وڃو آئون سلام ڪوٽ سنت نيڻون رام جي ميلي تي ڀيڻايي سان گڏ گهمڻ ٿو وڃان واپسي ۾ اِهي ميلو گهمي آيا پئي ته بدين روڊ تي پنگريي کان اڳتي تاريخ 14 سيپٽمبر 2014 تي ڀوڄاڪر اسٽاپ وٽ شام جو چئين وڳي هنن جي ٽوڊي ڪار جو کيکڙي سان خطرناڪ ايڪسيڊنٽ ٿي پيو، جنهن ۾ٽنڊي باگي جو نريش ڪمار ولد ڪيتاور ۽ نوجوان سنيل ڪمار ديهانت ڪري ويو، جنهن جي خبر مون کي مڪيش اوڏ ٻڌائي، مون جڏهن هريش مالهي کان پُڇا ڪئي ته ان ٻڌايو ته خبر بلڪل سچي آهي سنيل ڪمار هن دنيا ۾ هاڻي ناهي رهيو، اهي لفظ ٻڌي مون کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ڇاڪاڻ ته هي ساماري روڊ جو سُلڇڻو ڇوڪرو هو، هريش مون کي رات جو ٻارهين وڳي ميسيج ڪيو ته هاڻي سنيل ڪمار جي ارٿي سندس گهر وٽ پهچي وئي آهي، ارٿي کي آئون ايمبولنس مان لاهيان پيو، صبح جو اُٿيس ته سنيل جي وڇڙي وڃڻ تي مون کي ويڳاڻپ محسوس ٿي رهي هئي سوچيم پئي ته سنيل جو ڏک نه صرف سنيل جي ماتا کي پر اسان جي شهر ساماري روڊ ۾ سڀني مائرن کي ٿيو. تڏهن منهنجي ذهن تي شاعري جي ديوي جي معرفت اهي سٽون تري آيون،
    سنيل جي وڇوڙي جو وريو اهڙو واءُ
    اڄ مرڪي نٿي ماءُ، ڪنهن به مٺڙي لال جي
    (چيتن ميگهواڙ)
    بهرحال ڏينهن جو مون کي دليپ ڪمار مالهي ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته سنيل ڪمار جي ارٿي کي ساماري روڊ جي نبي سر واهه جي ڀرسان مساڻ ۾ اگني سنسڪار ڪيو ويو آهي، جتي ساماري روڊ جي شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مهيني کان پوءِ ڏياريءَ ايندي ئي پريم چيو ته سنيل ڪمار جي ياد ۾ عوامي تحريڪ پاران ضرور ڪا تقريب ڪوٺائجي. پريم ڪمار جي اُن ڳالهه کي نظر ۾ رکندي ساماري روڊ ۾ کيمچند مالهي جو هارڊ وهير وارو دُڪان جتي هر روز شام جو ساماري روڊ جا نوجوان گڏ ٿيندا آهن، اُتي ويهي مختلف دوستن جي متفق راءِ سان فيصلو ٿيو ته تقريب 24 آڪٽوبر 2014 تي ڏياري جي ٻئين ڏينهن شام چئين وڳي منعقد ڪئي وڃي،
    ٻئي ڏينهن مون (چيتن ميگهواڙ) پريم ڪمار ۽ هيرالال مالهي گڏجي ساماري روڊ شهر جي سماجي ماڻهن، شاگردن ۽ واپارين کي تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت جو سڏ ڏنو، شام جو ٽئين وڳي آئون ۽ ڌنراج مالهي ريواچند مالهي جي گهر وياسين، جتي ٻاهر اوطاق ۾ اشوڪ مالهي صفائي ڪري رهيو هو، مون اشوڪ کي چيو صفائي آئون ٿو ڪريان پر ان مون کي صفائي ڪرڻ نه ڏني چيائين ته اهو ڪم آئون پاڻ ڪندس، شام جو چئين وڳي دوستن تقريب ۾ پهچڻ شروع ڪيو، ساڍي چئين وڳي تعزيتي ميڙاڪي ۾ سرڳواسي سنيل ڪمار کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪاروائي جو آغاز ٿيو. جنهن ۾عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هريش مالهي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏنا. مون شيخ اياز جي “ڏور ٿيندا وڃن روز جوڳيڙا” وائي پيش ڪئي. تعزيتي ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪندڙ سنيل جي گهر ڀاتين سميت ساماري روڊ جي ڊاڪٽرن، واپارين ۽ شاگردن سنيل ڪمار جي فوٽو اڳيان ڏيئا ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي.ان کانپوءِ تقريرون ٿيون. پريم ڪمار مالهي آجياڻي تقرير پيش ڪندي چيو ته سنيل ڪمار هڪ ذهين شاگرد هو. هر ڪنهن جي عزت ڪرڻ ان جي بهترين عادت هئي. ڊاڪٽر رميش ڪمار چيو ته سنيل ڪمار جي ديهانت ۾ اسين سندن والدين جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. ماستر هوٿي رام جئپال چيو ته سنيل جهڙا نوجوان اسان جي شهر ۾ ڪي چند هوندا پر سنيل اسان کي ياد رهندو. ڊاڪٽر سروڻ ڪمار چيو ته سنيل ڪمار هڪ باادب شاگرد هو، جنهن کي وساري نٿو سگهجي، تقريب کي خطاب ڪندي مون (چيتن ميگهواڙ) چيو ته سنيل ڪمار يقينن هڪ بهترين نوجوان هو، هو نه صرف پنهنجي ڀيڻن ۽ ڀائرن روشن ۽ مدن جو ڀاءُ هو پر هو اسان جو به ڀاءُ هو، جيڪو اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي، ان جي ياد ۾ مختلف دوستن کان تاثرات لکرائي يادگيري خاطر ڪتاب ضرور ڇپرائجي، سنيل جهڙي نوجوان جي وفات کانپوءِ اسان کي سمجهڻ کپي ته دنيا فاني آهي، مرڻ کان پوءِ اسان سان گڏ ڪا به شي نه هلندي، تنهن ڪري اِها مختصر زندگي اجتماعي طور ٻين جي ڪم اچي ته بهتر آهي، هريش مالهي چيو ته سنيل هڪ شريف ۽ سمجهدار نوجوان هو. گوندا گر چيو ته سنيل .راند توڙي تعليم ۾ اسان کان به هوشيار هو، منهنجي ڪلاس فيلو مڪيش ڪمار مالهي چيو ته سنيل ۾ اوچ نيچ نه هئي هُو صرف انسانيت ۾ يقين رکندو هو، هنسراج مالهي چيو ته سنيل دوستي ۾ ڏک سک جو ساٿي هو، راجا مگهن ميگهواڙ چيو ته سنيل هڪ فرمانبردار شاگرد هو، خليل احمد ڪنڀار “اي سنڌ تو کي الوداع” گيت پيش ڪيو، جنهن دوران تقريب ۾ ويٺل ماڻهو سڏڪي پيا. سنيل جي والد سروپچند چيو ته آئون عوامي تحريڪ ساماري روڊ جي نوجوانن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي سرڳواسي پُٽڙي سنيل جي ياد ۾ هي تقريب ڪوٺائي، آئون ڪوشش ڪندس ته ان جي نالي سان ساماري روڊ ۾ ڪا لائبريري يا پاڻي جو ٽانڪيون ٺهرايان. عوامي تحريڪ ضلعي عمرڪوٽ جي نائب صدر ڊاڪٽر هرلال امر چيو ته سنيل انسانيت ۾ يقين رکندڙ هو. مون کي اهڙي نوجوان تي فخر آهي آئون سندس ياد ۾ هڪ هزار ڪئلينڊر ڇپرائيندس، آخر ۾ عوامي تحريڪ ساماري روڊ جي صدر پريم مالهي ڪمار هڪ دفعو ٻيهر سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا. پروگرام ۾ خوشيءَ ڪماري، کيمچند مالهي، پرڪاش ريواچند، مڪيش ڪمار اوڏ، نندلال اوڏ، لالچند ميگهواڙ موتي لال، پرڪاش، جلال، جئپال مالهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.


    انڊس هوٽل ۾ محمد ابراهيم جويي جي سالگرهه

    انڊس هوٽل ۾ محمد ابراهيم جويي جي سالگرهه

    اڄ تاريخ 13 آگسٽ 2016 تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ صبح جو يارهين وڳي سنڌ جي ترقي پسند اديب محمد ابراهيم جويي جي هڪ سئو هڪ سالگرهه تقريب زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام طرفان رکي ويئي، جنهن ۾ شرڪت جي دعوت مون کي جامي چانڊيي ايس ايم ايس ذريعي ڏني، آئون انهي پروگرام ۾ شرڪت جي لاءِ لطيف آباد مان پنڌ ئي پنڌ انڊس هوٽل پهتس، جيئن ئي انڊس هوٽل ۾ داخل ٿيس ته سامهون سامهون جامي چانڊيو ۽ مهتاب اڪبر راشدي ڪچهري ڪري رهيا هئا، آئون جيئن ئي جامي چانڊيي سان هٿ ملائي پروگرام واري هال ۾ داخل ٿيس ته ڇا ڏسان هال سڄو ماڻهن سان ڀريو پيو هو، ماڻهو محمد ابراهيم جويي جي محبت ۾ بلڪل وقت جي پابندي سان الائي ڪٿان ڪٿان کان سيڙائي پهچي ويا هئا، آئون هال ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪجھه دوستن سان هيلو هاءِ ڪرڻ بعد ڪرسي تي ويٺس، تقريب ۾ ماڻهو ته سڀ پهچي ويا هئا پر صرف محمد ابراهيم جويي جو انتظار هو، ڇاڪاڻ ته هو اڃان نه پهتو هو، بس ٿوري دير کانپوءِ ابراهيم جويو صاحب محسن جويي ۽ مظفر جويي سان گڏجي هال ۾ داخل ٿيو، ساڻس ٻيا اديب به گڏ هئا، هال ۾ ويٺل سڀني مهمانن محمد ابراهيم جويي جو اُٿي بيهي گرم جوشي سان تاڙيون وڄائي استقبال ڪيو، نصير مرزا ڦُڙتي سان اسٽِيج تي چڙهي هڪ ڪمپيئر جي حيثيت سان ابراهيم جويي کي صدارتي ڪرسي تي ويهڻ لاءِ سڏ ڪيو، محمد ابراهيم جويي کي محسن جويي وارا اسٽيج تي کڻي ويا ۽ سندس صدارتي ڪرسيءَ تي ويهاريو، ان کانپوءِ مهتاب اڪبر راشدي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جي وقتي وائيس چانسلر سفر، ترقي پسند دانشور جامي چانڊيي، پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر، محسن جويي ۽ تاج جويي کي اسٽيج تي اعزازي ۽ خاص مهمان طور ويهاريو ويو، پروگرام جي شروعات راڳي ذوالفقار جي آلاپ ذريعي لطيف سائين جي وائي سان ڪرائي ويئي، ان کانپوءِ آجياڻي تقرير لاءِ اسماعيل ڪنڀر کي گهرايو ويو، جنهن چيو ته اسان جي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي انتظاميا کي هن ڀيري اهو خيال آيو ته هن سال محمد ابراهيم جويي جي سالگرهه ملهائڻ جو سهرو اسان ٿا کڻون، نيٺ اسان محمد ابراهيم جويي صاحب سان رابطو ڪيوسين ۽ جويي صاحب سندس هڪ سئو هڪ سالگرهه ملهائڻ جي پاڻ خوشي سان اجازت ڏنائين، تنهن ڪري اڄ توهان سڀ سڄي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هن خاص پروگرام ۾ آيا آهيو، اسين اوهان سڀني جا ٿورائتا آهيون، اسان کي فخر آهي جو اڄ اسان پنهنجي عظيم اديب سان سالگرهه ملهائڻ لاءِ هتي گڏ ٿيا آهيون، اُميد ته اوهان سڀني کي اِهو پروگرام پسند ايندو، پروفيسر اسماعيل ڪنڀر کانپوءِ ڪراچي مان آيل شاهه لطيف چيئر جي ڊائريڪٽر پروفيسر سليم ميمڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي پروگرام زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام وارا ”شيخ اياز ڪارنر“ جيڪو ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ قائم ٿيو آهي ان سان گڏ ڪرائڻ وارا هئا، پر مون چيو ”شيخ اياز ڪانر“ واري پروگرام ۾ اهو پروگرام ڪندا ته جويي صاحب واري سالگرهه تقريب ڍڪجي ويندي، تنهن ڪري منهنجو خيال اِهو آهي ته ڪارنر ڀلي اوهان يونيورسٽي ۾ قائم ڪريو پر سالگرهه وارو پروگرام حيدرآباد ۾ رکرايو ته جيئن حيدرآباد ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ادب سان چاهه رکندڙ اسان جا شاعر اديب آساني سان پهچي سگهن، سو زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام وارن جا اهي قرب آهن جو اُنهن منهنجي ڳالهه کي تسليم ڪندي هن پروگرام کي حيدرآباد ۾ رکرايو، باقي محمد ابراهيم جويي صاحب تي ڇا ڳالهائجي؟ هن جا لکيل ڪتاب ئي اسان کي ٻڌائين ٿا ته سائين جن پاڻ ڇا آهن؟ اسان هڪ سال اڳ سائين جي حوالي سان محمد ابراهيم جويو ڪاميٽي ٺاهي هئي، جنهن جي معرفت اسان مختلف پروگرام سڄي سنڌ ۾ رکرايا، جيڪي اسان وٽ سڀ وڊيو ۾ محفوظ آهن، اسان جي ڪاميٽي محمد جويي صاحب جا تقريبن سڀ ڪتاب ڇپرايا آهن، ان کانپوءِ ابراهيم جويي صاحب جا سڀ ڪتاب اسان محمد ابراهيم جويو صاحب جي نالي سان ٺاهيل ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيا آهن، جتان نه صرف ماڻهو فري ۾ڪتاب پڙهي سگهن ٿا پر اُتان کان اُهي ڪتاب ڊائون لوڊ به ڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري اسان کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو اهو ڪري ڇڏيو، هاڻ اسان اڄ جي هن سالگرهه تقريب ۾ اِها ڪاميٽي ٽوڙڻ جو اعلان ڪريون ٿا ڇاڪاڻ ته اسان کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو اهو اسان فائنل ڪري ڇڏيو، آخر ۾ سليم صاحب سڀني جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي جڳهه والاري, سليم صاحب کانپوءِ ابراهيم جويي جي فڪري وارث ان جي ڏهوٽي محسن جويي کي تقرير لاءِ گهرايو ويو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آئون اڄ ڪجهه وڌيڪ ڳالهائيندس ڇاڪاڻ ته مون کي هروڀرو ڪٿي تقرير جو موقعو ناهي ملندو پر خاص ڪري هر سال سائين ابراهيم جويي جي سالگرهه ۾ ڳالهائڻ جو موقعو ملندو آهي، تنهن ڪري آئون ضِرور ڪجهه ٽائيم وٺندس براءِ مهرباني ڪري بور نه ٿجو، محسن جويي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته ابراهيم جويي پنهنجي سڄي زندگيو سنڌ سان ڪميٽيڊ رهيو، ان شروع شروع ۾ ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ جهڙو بهترين ڪتاب لکي هڪ تاريخي ڪم ڪيو، تنهن ڪري اهو ڪتاب آخر تائين ڪوڙ ۽ دوکي سان ائين وڙهندو رهندو جيئن ڪارل مارڪس جو ڪتاب ”داس ڪيپيٽال“ هي دنيا جيسين آهي، تيسين هي ڪتاب سرمائيداري ۽ جاگيرداري سان جهيڙيندو رهندو، محسن جويي کانپوءِ تاج جويي کي تقرير لاءِ گهرايو ويو، جنهن لکت ۾ محمد ابراهيم جويي تي مختصر تقرير پڙهي پنهنجي جڳهه ورتي، تاج کان پوءِ اڳوڻي ثقافتي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئون ابراهيم جويي صاحب کي سندس 101 سالگرهه جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي. اڄ جيڪو اسان شعور جي حوالي سان ايترو اڳتي نڪتا آهيون، ان ۾ محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ جيجي زرينه بلوچ جهڙين عظيم شخصيتن جو اهم ڪردار آهي، جنهن کان ڪير به انڪار نٿو ڪري سگهي، تنهن ڪري اسان کي اهڙن املهه ماڻهن جو جيئري ئي قدر ڪرڻ گهرجي. سسئي پليجو کان پوءِ نصير مرزا سنڌ جي ترقي پسند دانشور جامي چانڊيي کي سڏ ڪيو. جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته آئون خوش نصيب آهيان، ابراهيم جويو جن ترقي پسند نوجوانن کي چاهيندو آهي، انهن ۾آئون به شمار آهيان، سائين اسان کي وڌ کان وڌ ٿنڪر لائبريري ۾ ڪتاب پڙهائڻ جو عادي بڻايو. محمد ابراهيم جويي جي سڀ وڏي خوبي مون کي اها لڳندي آهي ته مون هن کي ڪڏهن به واندو ويهندي نه ڏٺو، هو هميشه ڪم ۾ مشغول رهيو آهي، سنڌ ۾ تمام ٿوريون شخصيتون آهن، جن سنڌ جي شعوري سجاڳي لاءِ ڪم ڪيو انهن مان محمد ابراهيم جويو به هڪ آهي، جنهن سڄي سنڌ ۾ علمي، ادبي ۽ سياسي فڪر پکيڙيو، اسان روشن خيالي جي حوالي سان 20 کڻ ڪتاب ڇپرايا آهن جيڪي روشن خيالي جي علم جو عرق آهن، اُهي سنڌ جي سڀني نوجوانن کي ضرور پڙهڻ کپن، ابراهيم جويي سنڌ ۾ ڄڻ ته هڪ اسڪيم تحت ڪم ڪيو آهي. مثلن ابراهيم جويي جي ڪتاب جو نالو آهي، ”سنڌ منهنجي خوابن جي “ اهڙي طرح ڄڻ ته اهي سڀ سنڌ جي بهتري لاءِ اسڪيم تحت لکيا ويا هجن، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته ابراهيم جويي صاحب جا سڀ ڪتاب پڙهون، وڌيڪ جويي صاحب جي باري ۾ مون “آدرشي حياتي جي هڪ صدي” جي عنوان سان ڪتاب لکيو آهي، ان ۾ اوهان کي جويي صاحب جي باري ۾ ڪافي ڄاڻ ملندي. اهو چئي جامي صاحب پنهنجي جڳهه ورتي، جامي صاحب کانپوءِ ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽي جي وقتي وائيس چانسلر سفر کي تقرير لاءِ گهرايو ويو، جنهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مجيب صحرائي جو پيغام پڙهي ٻڌايو جنهن ۾ هن چيو ته منهنجي خواهش هئي ته انهي پروگرام ۾ آئون شرڪت ڪريان پر افسوس آئون ڪنهن ايمرجنسي ڪم سبب ٻاهر آهيان، بهرحال ابراهيم جويي صاحب سنڌ جي جيڪا خدمت ڪئي آهي، ان کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، سفر جي انهي پيغام پڙهي ٻڌائڻ کانپوءِ نصير مررزا صاحب پروگرام جي خاص مهمان مهتاب اڪبر راشدي صاحبه کي تقرير لاءِ گهرايو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ سڀ کان پهرين ابراهيم جويي صاحب کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون ڏنيون ۽ چيائين ته ابراهيم جويي پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۾ ”سنڌ بچايو کنڊ بچايو“ جهڙو شاندار ڪتاب لکي اسان کي سنڌ ۽ ننڍي کنڊ متعلق ٿيندڙ مسئلن کان اڳواٽ باخبر ڪيو، باقي ابراهيم جويي صاحب جي حوالي جيڪا ڪاميٽي ٺاهي هئي. ان بابت ماڻهن جا خيال هئا ته انهن کي پئسا جام ملندا پر ڪاميٽي جي ميمبرن جيڪي ڪورٽن جا چڪر ڪاٽيا اهي اسان کي خبر آهي ته اسان ڪيترو ڀوڳيو، باقي ڪاميٽي کي جيڪو اسان ٽوڙڻ وارو علان ڪيو آهي، اهو ان ڪري ڪيو ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪيو آهي، باقي اعتراض ڪندڙ جيڪڏهن شڪايت ڪن ٿا ته انهن کي اسين ٿا چئون ته هاڻي ڀلي اوهين اچو ڪم ڪريو ميدان اوهان لاءِ خالي آهي، وڌيڪ چيائين ته پروگرام ۾ ابراهيم جويي صاحب کي شابس آهي جو هو اسان سان گڏ 101 سالن جي ڄمار ۾ به گذيل 5 ڪلاڪن کان ويٺو آهي، متان اوهان سمجهو ته ضعيف هجڻ ڪري نه پيو سمجهي، آئون ڏسان پئي هو سڀ سمجهي پيو ۽ جيڪا ڳالهه ان پسند اچي ٿي ان تي هو تاڙيون به وڄائي پيو، مون ڏٺو ته ته ابراهيم جويي صاحب کي اڄ جيڪي سندس سالگرهه جي حوالي سان تحفا مليا انهن کي هي گڏ ڪري گنڍ ٺاهي پاڻ وٽ هڪ پاسي گڏ ڪري پيو، آئون سمجهان ٿي ته ابراهيم جويو 101 سالن جي عمر جي باوجود به جوان آهي، وڌيڪ آئون اوهان جو ٽائيم نٿي وٺان اڃان ابراهيم جويو به ڳالهائيندو اوهان سڀني جي مهرباني جو اوهان هن پروگرام کي ڌيان سان ٻڌو، مهتاب اڪبر راشدي کانپوءِ نصير مرزا سنڌ جي ترقي پسندي،. روشن خيالي ۽ سيڪيولزم جي پرچارڪ دانشور محمد ابراهيم جويي کي صدارتي خطاب جي گذارش ڪئي، مائيڪ ابراهيم جويي کي سندس ئي ڪرسي وٽ ٽيبل تي ڏنو ويو، هال ۾ ويٺل سڀني مهمانن ابراهيم جويي کي اُٿي بيهي سلام پيش ڪيو، ابراهيم جويي پنهنجي مختصر صدارتي خطاب ۾ چيو ته آئون ٽنڊي ڄام زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا کي مخاطب ٿيندي چيو ته آئون اوهان جو شڪرگذار آهيان جو اوهان منهنجو جنم ڏينهن حيدرآباد ۾ ملهايو ۽ ان کان علاوه جيڪي به تقريب ۾ آيا انهن جا به لک ٿورا جو اُهي پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي منهنجي سالگرهه تقريب ۾ شريڪ ٿيا، محمد ابراهيم جويي جي تقرير کانپوءِ پروگرام پڄاڻي تي پهتو، پروگرام ۾ آيل دوستن لاءِ منجهند جي ماني جو بندوست هو، سڀئي دوست ماني کائي روانا ٿيا.. هن سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪري مون کي ابراهيم جويي صاحب جي آدرشي حياتي متعلق ڪافي ڄاڻ ملي.


    انڊس هوٽل ۾ “نوجوانن جي عالمي ڏينهن” تي شاندار تقريب

    انڊس هوٽل ۾ “نوجوانن جي عالمي ڏينهن” تي شاندار تقريب

    اڄ تاريخ 12 آگسٽ 2016 تي تي انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ اين جو اوز جي طرفان ”نوجوانن جو عالمي“ ڏينهن ملهايو ويو، جنهن ۾ شرڪت جي دعوت مون کي بنسي مالهي جي پٽ ڀرت ڪمار ڏني، آئون ٺيڪ صبح جو ساڍي نائين وڳي لطيف آباد مان پروگرام ۾ پهتس، جتي اڃان پروگرام شروع نه ٿيو هو، ڪافي نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي پروگرام کي ترتيب ڏئي رهيا هئا، جنهن ۾ جامي چانڊيي جي ڌيءَ رومانسا، نور بجير جا فرزند ۽ ٻيا کوڙ سارا نوجوان شامل هئا، پروگرام شروع ٿيڻ ۾ اڃان دير هئي ڇاڪاڻ ته پروگرام جا مهمان خاص اڃان نه پهتا هئا، پروگرام ترتيب ڏيندڙن مان هڪ نوجوان اسٽيج تي اچي هال ۾ ويٺلن کي چيو ته جيسين پروگرام باقاعده شروع ٿئي تيسين اگر ڪو دوست شاعري يا گيت ٻڌائڻ چاهي ته ان جي لاءِ اسٽيج حاضر آهي، مون پنهنجي ڀرسان ويٺل دوست ريجُهو کي چيو ته وڃ ڪجهه فن جو مظاهرو ڪري اچ هن مڙس دير ئي نه ڪئي ۽ اسٽيج تي چڙهي ٽي چار گيت ڳائي محفل کي پنهنجي ردم ۾ آڻي ڇڏيو. آواز سُريلو هجڻ ڪري هال ۾ويٺل دوستن سٺو داد ڏنو. ان کان پوءِ ٺٽي مان آيل هڪ نوجوان کي شاعري پڙهڻ لاءِ گهرايو ويو، بعد ۾ مون کي به اسٽيج تي گيت پيش ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو مون زاهد شيخ جو گيت “اسان جي سڏ ۾آ سڪ سهڻا وڻئي ته واهه واهه ڪندو هليو آ” ڳايو، مون کانپوءِ ٿرپارڪر مان آيل نائين ڪلاس جي شاگرد رتيڪ کي سڏ ٿيو، رتيڪ قد جو ننڍڙو پر آواز ڇا ٻُڌو صفا ڪُهيو ڇڏي، ان کي ٻڌڻ شرط محفل کي چار چنڊ لڳي ويا، دوستن بار بار پئي انهي کان فرمائش ڪئي ته ٻيو ٻڌائي ٻيو ٻڌائي، بهرحال ٺيڪ يارهين وڳي پروگرام جي باقاعده شروعات ٿي، ڪمپئرنگ جي ذميواري جامي چانڊيي جي ڌي رومانسا ۽ هڪ ٻئي ڇوڪريءَ جي حوالي ڪئي وئي، اسٽيج تي ويهڻ لاءِ مهتاب اڪبر راشدي، دانشور جامي چانڊيي، غلام مصطفيٰ بلوچ، شبنم گل کي سڏ ٿيو. اسٽيج تي مهمان مڪمل طور براجمان ٿيڻ کان پوءِ باضابطه طور پروگرام جي شروعات هڪ وائي سان ڪئي وئي، جنهن ۾ هڪ نوجوان راڳي سازن تي تمام شاندار واِئي پيش ڪئي، ان کانپوءِ رومانسا تقرير لاءِ سڀ کان پهريان غلام مصطفيٰ بلوچ کي سڏ ڪيو، جنهن تمام شاندار نموني انتهاپسندي جي تاريخ تي ڳالهايو ۽ نوجوانن کي روشن خيالي ۽ ترقي پسندي ڏانهن مائل ڪيو، جنهن پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جي نصابي ڪورسن ۾ ڄاڻي ٻجُهي انتهاپسندي واري سوچ سان ڀريل تعليم پڙهائي ٻارن کي انتهاپسندي طرف راغب ڪيو پيو وڃي، جنهن جي اسين سخت مذمت ڪريون ٿا، سنڌ هميشه امن جو گهوارو رهي آهي ان کي هاڻ دوزخ بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. شڪيل پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان جي نوجوانن کي هُنر ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته هُنر اوهان کان ڪير به نٿو کسي سگهي، جڏهن ته نوڪريون اچڻيون وڃڻيون آهن، وڏڙن صحيح چيو هو ته نيچ نوڪري، وڌندڙ واپار ۽ اُتم کيتي، هن جون تقريبن ڳالهيون تجربن جي آڌار تي هيون، دانشور جامي چانڊيي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جا نوجوان ڀاڳن وارا آهن ڇاڪاڻ ته اهي ايڪهين صدي ۾ پيدا ٿيا آهن، جنهن ۾ هر شيءَ دستياب آهي. جڏهن ته اسان جي نوجواني واري دور ۾ اهي شيون نه هيون، تنهن ڪري اوهين اسان کان اڳتي آهيو، اوهان کي وڏڙن جي ڪم کان ڪجهه مختلف ڪم ڪرڻ گهرجن، جيڪي اوهان جي پسند موجب هجن، باقي هرو ڀرو ڪنهن تي زور نه ڀريو وڃي ته هي ڪم ڪريو، هڪ ماڻهو مجسماساز هو ان پنهنجي فرزند کي چيو ته تون به اِهو ڪم ڪر، جيتوڻيڪ اهو ڪم ّخراب نه هو پر ان جي پٽ چيو نه بابا آئون پنهنجي پسند جو ڪم ڪندس ۽ ان نوجوان وڃي هڪ فلسفي جي اسڪول ۾ داخلا ورتي، جيڪو اڳتي هلي هڪ فلاسفر ۽ سائنسدان بڻيو. اوهان جي سامهون ويٺل مهتاب اڪبر راشدي جڏهن پي ٽي وي تي ڪم ڪندي هئي، جيڪو اڄ به هڪ سرڪاري ادرو آهي، تڏهن ان وقت جي آمر ضياءُ الحق کيس چيو ته تو کي مٿي تي رئو پائڻو پوندو پر مهتاب جيڪا ان وقت به هڪ خوددار ڇوڪريءَ هئڻ ڪري ضياءُ کي چيو آئون رئُو پائينديس پر پنهنجي مرِضي سان. تُنهنجي مرضي سان نه، ڇاڪاڻ ته اهو رئُو منهنجو ذاتي مسئلو آهي، انهي ۾ تون ڪير ٿيندو آهين عمل دخل ۽ جبر ڪرڻ وارو؟ ان وقت مهتاب جي اُنهي هڪ جملي سماج ۾ هزارين نوجوان ڇوڪرين کي خوددار بڻائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، اڄ اوهان جيڪي ڇوڪريون ايتريون اڳتي نڪتيون آهيو، انهن ۾ مهتاب اڪبر راشدي جهڙين بهادر ڇوڪرين جو اهم ڪردار آهي، اسان وٽ بهادر ان کي سڏيو ويندو آهي، جيڪو جسم ۾ سگهارو هجي، جيتوڻيڪ اها ڳالهه به درست آهي ته جسماني طور سگهارو ماڻهو دلير هوندو آهي، پر حقيقت ۾ دلير ماڻهو دماغي طور هجڻ گهرجي، هوچي منهه جسماني طور ڪهڙو سگهارو ماڻهو هو؟ پر ان جيڪو بهادري جو ڪردار ادا ڪيو اُهو ڪمال جو آهي، تنهن ڪري اڄ جي دور ۾ بهادري جون وصفون به تبديل ٿيڻ گهرجن، اوهان نوجوانن کي زندگي جو پل پل پنهنجي ۽ پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن جي لاءِ صحيح استعمال ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري ته منهنجو اشارو ڇوڪرين ڏانهن آهي، اوهان کي گهرجي ته مُدي خارج رسمن جي پرواهه نه ڪندي تعليم توڙي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ کي مڃرائي ڏيکاريو، انهي ۾ ئي اسان ۽ اوهان سڀني جي ڀلائي آهي، اسان کي يقين آهي ته جنهن سنڌ کي اسان جو نسل منزل تي نه پڄائي سگهيو، ان کي اوهان ضرور منزل تي پڄائيندا. اسان کي يقين آهي سنڌ جو آئيندو خوشحال آهي ۽ اهو سڀ اوهان جي هٿن ۾ آهي، جامي چانڊِيي تقرير جي دوارن شاهه لطيف جا واهه جا بيت ٻڌايا. انهن مان هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو.
    محرُوم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا،
    چڙي جئين چهنب هڻي لڏيائون لئا،
    حباب ئي هئا، انهي وادي وچ ۾ .
    (شاهه)
    جامي چانڊيي چيو ته اسان کي لطيف انهي شعر ۾ هڪ ميار ڏني آهي ته اوهان پنهنجي زندگي کي ائين ئي کپائي ڇڏي پر ماهر ٿي ڪو نه مئا، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته هاڻي اسان ماهر ٿيون، اسان پنهنجو قيمتي وقت نه وڃايون، شاهه لطيف جي شاعري اسان کي پنهنجي منزل حاصل ڪرڻ جا نوان دڳ ڏيکاري ٿي، اهي دڳ اسان کي لطيف جي شاعري پڙهڻ ۽ پروڙڻ کان پوءِ ئي حاصل ٿيندا، جامي چانڊيي لطيف جي فڪر کي اهڙي ته انداز ۾ پيش ڪيو جو سڀني ماڻهن تي سحر طاري ٿي ويو، هال ۾ ويٺل سڀني دوستن چاهيو پئي ته جامي اڃان ڳالهائي پر جامي شاهه صاحب جو آخري بيت ٻڌائي تقرير پوري ڪئي. جامي صاحب جي تقرير ٻڌڻ کانپوءِ اسان جو ڄڻ ته پروگرام ۾ اچڻ جو مقصد سجايو ٿي ويو، جامي صاحب کان پوءِ مهراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر شبنم گل کي گهرايو ويو، جنهن تقريبن جامي چانڊيي جي تقرير تي تبصرو ڪيو ۽ چيائين ته اسان اڄ جيڪي هن اسٽيج تي آهيون انهي پويان جامي چانڊيي جهڙن اديبن جو ئي ڪردار آهي، هن کانپوءِ رومانسا گيت لاءِ رتيڪ کي سڏ ڪيو. رتيڪ وري به ماحول کي پنهنجي سُريلي آواز ذريعي خوشگوار بڻائي ڇڏيو، رتيڪ کانپوءِ هن پروگرام جي صدارت ڪندڙ مهتاب اڪبر راشدي اسٽيج تي ايندي شرط هال ۾ ويٺل سڀني مهمانن کي سلام وارڻ کانپوءِ نوجوانن کي خطاب ڪندي چيائين ته اوهان موبائيل فون تمام گهڻو ٿا استعمال ڪريو، اها ڳالهه ٺيڪ ناهي، جنهن کي منهنجي تقرير ٻڌڻي هجي اهو ڌيان سان ٻڌي آئون ڪراچي مان سيڙجي آئي آهيان، اسان ڪو واندا ڪو نه آهيون، اهي جذباتي لفظ ٻڌي نوجوان ماٺ ٿي ويا ۽ ميڊيم کي چيائون ته اوهان ڳالهايو اسين اوهان کي غور سان ٻڌون ٿا، بهرحال پوءِ ميڊم پنهنجي ماضي جو وقت ساريندي چيو اسين به ڪو وقت هو جو اوهان وانگر جوان هئاسين. اسان جي دماغن ۾ به ڪي خواهشون ۽ خواب هئا. منهنجي مائٽن جي خواهش هئي ته آئون ڊاڪٽرياڻي ٿيان پر مون کي رياضي سمجهه ۾ ئي نه ايندي هئي، صرف 33 مارڪون کڻي پاس ٿيس، ڪيمسٽري جا فارمولا به منهنجي سمجهه کان ٻاهر هئا، ان جي باوجود به مائٽ هرو ڀرو ڊاڪٽر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا پر مون به ڪوشش پنهنجي طرفان فُل ڪئي ته ڊاڪٽر ڪون ٿيندس ۽ آئون انهي ڪوشش ۾ ڪامياب ويس، اڄ آئون ڊاڪٽر ڪو نه آهيان، اسان جو ماضي وارو دور تمام شاندار هو، مون يارنهن سالن جي عمر ۾ پي ٽي وي تي ڪمپيئر طور ڪم ڪيو، اسان ته پنهنجي زماني ۾ تارن ڀري رات به ڏٺي، اسان پنهنجي وقت ۾ طوطن کي پنڃري ۾ نه پر باغن منجهه کُلي فضا ۾ اُڏرندي ڏٺو، اسان ته پوپٽن کي هٿن ۾ جهليو هو، پر شايد اوهان کي به هن جديد دور ۾ اهي شيون نصيب ٿينديون هجن, اسان پنهنجي وڏڙن جي ڀرسان رهي ڪافي ڪجهه سکيوسين، پر افسوس اڄ جا نواجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پنهنجن وڏڙن کي وقت نه ٿا ڏين، اسان کي گهرجي ته وڏڙن جي ڇانو ۾ رهون گهرن ۾ گل پوکيون ته پوپٽ پاڻهي اچي ويندا صرف اسان کي پنهنجي اندر محبت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، باقي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. مون کي اڄ تمام خوشي ٿي نوجوانن جي گيتن ۽ تقريرن کي ٻُڌي، مهتاب اڪبر راشدي اهي لفظ چئي پنهنجي جڳهه ورتي، صدارتي تقرير کانپوءِ ڪجهه دوستن کي مڃتا سرٽيفيڪٽ ورهيا ويا، ِآخر ۾ محفل موسيقي ٿي، وقار ملاح محفل ۾ ويٺل ماڻهن جي اڳيان سُر وکيريا، سڀني نوجوانن وقار ملاح جي گيتن تي جُهمريون هنيون، آخر ۾ سڀني آيل دوستن کي ماني کارائي وئي، ماني کائڻ کانپوءِ سڀ دوست هڪ ٻئي سان ملي رهيا هئا،. آئون جامي چانڊيي سان مليس ۽ پُڇيو ته اوهان جيڪو لطيف سائين تي ڪتاب لکي رهيا هئا، اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آيو يا نه؟ جنهن تي جامي چانڊيي چيو ته اهو ڪتاب اڃان ڪو نه آيو آهي، ڇاڪاڻ ته آئون ٻين ڪتاب لکڻ ۾ مصروف آهيان، اهي مڪمل ٿين ته پوءِ اهو ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻبو، ان کانسواءِ مون جامي چانڊيي کان سندس وڊيوز ۾ تقريرن جي متعلق پُڇا ڪئي، جنهن تي جامي چانڊيي مون کي چيو ته مون وٽ آفيس ۾ ڪڏهن “يو ايس بي“ کڻي اچو ان ۾ آئون اوهان کي منهنجا وڊيوز ليڪچر ڏيندس، اهڙي مثبت موٽ ڏيڻ تي مون جامي چانڊيي صاحب جا ٿورا مڃيا.


    بزم روح رهاڻ ۾ “مرزا قليچ بيگ” جي ياد ۾ ورسي تقريب

    بزم روح رهاڻ ۾ “مرزا قليچ بيگ” جي ياد ۾ ورسي تقريب

    اڄ تاريخ 24 جولاءِ 2016 تي حسب دستور موجب سنڌ جي برک ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي گهر بزم روح رهاڻ جي گڏجاڻي سنڌ جي نامياري مترجم ليکڪ، شاعر ۽ اديب شمش العلما مرزا قليچ بيگ جي ياد ۾ منعقد ٿي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ آئون لطيف آباد مان واڌو واهه تي حميد سنڌي صاحب جي گهر پهتس، گڏجاڻي ۾ شامل ٿيندي ئي آئون حميد سنڌي، قاضي خادم، الهڏني سومري، علي نواز پلي، جبار تاثير سومري، روشن سندر چانڊيي، واحد ڪانڌڙي ۽ ٻين ساٿين سان مليس، ان وقت مون قاضي خادم کي سندس ڪتاب ادبي سفر ڀاڱو ٻيو تي لکيل تبصرو ڏنو ۽ نهال ڪمار پاران ڏنل بشير عباسي جو ڪتاب “ٻانڌي شهر جي تاريخ“ حميد سنڌي کي ڏنو، بزم روح رهاڻ جي گڏجاڻي ٻارهين وڳي شروع ٿي، سڀ کان پهرين حميد سنڌي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي فرمايو ته مرزا قليچ بيگ جي ورسي جي حوالي سان رکيل هن پروگرام ۾ نصير مرزا کي اچڻ گهرجي ها پر افسوس هو اطلاع ڏيڻ جي باوجود نه آيو، بهرحال اسان جي گڏجاڻي ۾ آيل دوست نثر جي بادشاهه ليکڪ مرزا قليچ بيگ جي شخصيت تي روشني وجهندا، وڌيڪ چيو ته هن جو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ وڏو ڪم ڪيل آهي، جنهن کي وسارڻ ناممڪن آهي. بزم جي سيڪريٽري نظير ملڪاڻي مرزا قليچ بيگ جو مختصر تعارف پيش ڪيو ۽ مرزا قليچ بيگ جي لکيل شاعري پيش ڪئي. جيڪا تمام دلچسپ ۽ معنيٰ خيز هئي، ان جي شاعري ۾ ترقي پسندي واري سوچ جا منظر نظر اچي رهيا هيا هئا. ڊاڪٽر الهڏني سومري مرزا قليچ بيگ تي لکيل مضمون پيش ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا عيسائي هئا، هن جي ڪيل سنڌي ادب جي خدمت کي مڃڻ کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، روشن سندر چانڊيي چيو ته سائين جن جڏهن سڀ کان پهرين مخيارڪار ٿيا ته ان جي مقرري اسان جي ڳوٺ وارهه ۾ ٿي هئي، پاڻ هڪ حساس دل جا مالڪ هئا. اسان کي گهرجي ته ادب لکڻ سان گڏ غريبن جي خدمت ڪريون، انهي سان ئي اسان پنهنجي اصل مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسين، تنهن ڪري اسان کي حال سارو پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گهرجي، شاعر جبار تاثير سومري پنهنجي شاعري پيش ڪئِي، طالب ڀنڀري وائي پيش ڪئي. واحد ڪانڌڙي مرزا قليچ بيگ تي مختصر ڳالهائڻ کان پوءِ پنهنجو هڪ نظم پيش ڪيو. مون (چيتن ميگهواڙ) مرزا قليچ تي ڳالهائيندي چيو ته مرزا قليچ بيگ اُهو ليکڪ هو، جنهن هر صنف تي طبح آزمائي ڪئي. مثال طور شاعري، ڪهاڻي، ناول، ڊرامو، آٿم ڪٿا، علم طب ۽ گرامر سميت کوڙ سارا موضوع آهن جيڪي ان جي قلم جي زينت بڻيل رهيا، هن جو ڪيل ڪم اڄ به سنڌي ادب جي سونهن آهي، هونئن ته ماڻهو سوشلزم جي باري چون ٿا ته اهو قبرستان ۾ آهي پر حقيقت ۾ قبرستان ۾ به سوشلزم ناهي ڇاڪاڻ ته اُتي به اميرن جو قبرون ٽايلن سان ۽ غريبن جو قبرون مٽيءَ جون ٺهيل آهن، تنهن ڪري جيڪڏهن سوشلزم آهي ته هن پوري جهان ۾ هڪ ئي وقت صرف وقت جو آهي، اهو امير توڙي غريب سڀني لاءِ برابر آهي، يعني بادشاهه توڙي فقير وقت جي حوالي سان 24 ڪلاڪن جو مالڪ آهي، وقت جي حوالي سان ڪو به طبقاتي نظام ناهي اهو قدرت جو عظيم ڪرشمو آهي، اُن جو صحيح استعمال جيڪڏهن ڪنهن ڪيو آهي ته اهو مرزا قليچ بيگ ئي هو، جنهن پنهنجي زندگي ۾ وقت جو صحيح استعمال ڪري سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ 457 ڪتاب ڏنا، اسان کي شيخ اياز ته لطيف ثاني جي روپ ۾ مليو پر اسان جي سنڌ کي ثاني مرزا قليچ بيگ اڃان تائين ناهي مليو، مرزا قليچ بيگ هڪ سٺو ليکڪ ۽ اديب هئڻ سان گڏ هو هڪ تمام سٺو ايڊمنسٽريٽر هو، جنهن کي سماجي نظام هلائڻ جو وڏو تجربو هو، هن کي پنهنجي آتم ڪٿا لکڻ جو ڪو به خيال نه هو پر ڏيارام گدو مل جي چوڻ تي محمد صديق مسافر ان جي سنواح حيات تي ڪتاب لکڻ شروع ڪيو هو پر مرزا قليچ بيگ سوچيو ته سندس سنواح حيات بابت سڀاڻي ڪو تضاد ٿئي ته مرزا هتي ڪو نه ڄائو هو پر هُتي ڄائو هو انهي کان بهتر آهي ته پنهنجي آتم ڪٿا آئون پاڻ لکي وڃان ته جيئن اڳيان هلي ڪو اختلاف ته نه ٿئي تنهنڪري اُن پنهنجي آتم ڪٿا سائو پن يا ڪارو پنو لکي، جيڪا تمام گهڻي مشهور ٿي، بهرحال اسان اهڙي املهه انسان جي اڄ 87هين ورسي جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪريون ٿا، مون کانپوءِ واحد ڪانڌڙي سان گڏ آيل باڊهه مان جهونو سگهڙ محمد آدم سومري تمام زبردست شاعري ٻڌائي، جنهن جي شاعري ۾ وڏي ڏاهپ، احساس ۽ پيار سمايل هو، جنهن شاعري پڙهندي حميد سنڌي صاحب کي چيو ته مون کي اوهان سان ملڻ جي وڏي سڪ جيڪا اڄ واحد ڪانڌڙي پوري ڪئي، جنهن تي حميد سنڌي صاحب چيو ته مون کي به اوهان سان ملي وڏي خوشي ٿي آهي، منهنجي گهر جا دروازا اوهان جي لاءِ هميشه کليل آهن ۽ رهندا، جڏهن دل چاهي هليا اچو، چاچي جي شاندار شاعري ٻڌڻ کانپوءِ مولابخش محبتي پنهنجي خيالن جا ويچار ونڊيا، گڏجاڻي جي مهمان خاص ڊاڪٽر قاضي خادم مرزا قليچ بيگ تي ڳالهائيندي چيو ته مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪردار ۾ تمام وڏو ماڻهو هو، جنهن کي ياد ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آهي، باقي انهن جي مائٽن مان ڪير نه اچي ته اُن تي افسوس نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اصل رشتو نظريي ۽ دماغ جو آهي جيڪو صرف قليچ صاحب جو اسان سان ئي ٺهڪي ٿو باقي رت جي رشتي وارا صرف حياتي تائين ٻڌل هوندا آهن. مرزا قليچ بيگ پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ”سائو پن يا ڪارو پنو“ ۾ پنهنجي حياتي بابت مڪمل ڄاڻ ڏني آهي، اسان کي اهو پڙهڻ گهرجي، هو پنهنجي آفيس م ٽيڪ واري ڪرسي تي نه ويهندو هو ڇاڪاڻ ته ان سان ماڻهو سستي جو شڪار ٿِئي ٿو، هو پنهجي زندگي ۾ هڪ اصول وارو ماڻهو رهيو، ڪنهن کي به نه رنجايائين. اسان کي اهڙن ماڻهن جي حياتي مان سکڻ کپي، آخر ۾ بزم روح رهاڻ جي صدر حميد سنڌي مرزا قليچ بيگ جي ورسي ۾ آيل سڀني جا ٿورا مڃيا.



    بزم روح رهاڻ” ۾ ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ ورسي تقريب

    بزم روح رهاڻ” ۾ ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ ورسي تقريب

    بزم روح رهاڻ جي هفتيوار گڏجاڻي 4 سيپٽمبر 2016 بروز آچر تي برک ڪهاڻيڪار حميد سنڌي جي صدارت ۾ سيد صالح محمد شاهه عرف ڏاڏي فتح خان جي ياد ۾ حميد سنڌي جي گهر حيدرآباد ۾ ٿي گذري. جنهن ۾ خاص مهمان قاضي خادم ۽ ميرل شاهه هئا، پروگرام ۾ ڪافي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي کي ابتدائي ڪلمات ۾ برک اديب حميد سنڌي سڀني دوستن کي ڀليڪار ڪيو ۽ چيائين ته ڏاڏو فتح خان هڪ عوامي ماڻهو هو، جنهن کي جهر جهنگ جا ماڻهو اڄ به سڃاڻن ٿا. ان جو انتهائي اهم ڪم شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري کي عوام تائين پهچائڻ هو. هُن شاهه جي فڪر کي عام ڪيو ۽ ان جي آواز ۾ ڪمال جي ڪشش هئي، علي نواز پلي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آئون تمام خوش قسمت ماڻهو آهيان جو مون کي ڪافي عرصو ڏاڏي فتح خان سان گڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اسان سائين جي ڪچهري ۾ تمام گهڻو ڪجهه سکياسين، سائين جي ڪچهري جي ڪري ٻهراڙي جا ماڻهو به شاهه جي شاعري جا حافظ ٿي ويا، پروفيسر الهڏني سومري سيد صالح محمد شاهه جو پروفائيل پڙهي ٻڌايو، طالب ڀنڀري گڏجاڻي کي شاهه لطيف جي وائي ترنم ۾ ٻڌائي. محمد حسن ڏاهري گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏاڏو فتح خان اسان سڀني جو اُستاد هو، هن ريڊيي تي اسان کي گهر ويٺي علم ڏنو، هن جون ٻُڌل ڪچهريون اسان جي ذهنن مان اڄ به نٿيون وسرن. علي اڪبر شائق هڪ نظم پڙهي ٻڌايو، پروفيسر خليل پرهياڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سيد صالح محمد شاهه هڪ بهترين ماڻهو هو، جنهن جي ڪردار کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي، هو هميشه حاضر دماغي سان جواب ڏيندو هو. ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي اُن کي صرف 250 رپيا ڏهاڙي ڏني ويندي هئي. هن جي هر انداز ۾ معنيٰ ۽ مقصد سمايل هوندو هو. اسان ساڻس گڏ ڪافي وقت گذاريو، هن جون ڪچهريون ٻُڌي ڪيترن ئي ماڻهن ۾ ماڻهپو پيدا ٿيو. منير کوکر پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏو فتح خان نه صرف پنهنجي آواز ۾ پر ڪردار ۾ به ڪمال جو ماڻهو هو، واحد ڪانڌڙي گڏجاڻي ۾ هڪ غزل پيش ڪيو. مون (چيتن ميگهواڙ) پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪيترائي ماڻهو پڙهي لکي پنهنجي روزمرهه جي زندگي ۾ رُڳو پاڻ کي خوش رکندا آهن، چوڻ جو مطلب ته انهن جي تعليم ذاتي فائدي لاءِ هوندي آهي ڏاڏي فتح خان جهڙا سنڌ ۾ تمام گهٽ ماڻهو هوندا جن پنهنجي زندگي ۾ حاصل ڪيل تعليم جو فائدو هاري، مزدور پورهيتن ۽ عام ماڻهن کي ڏنو هوندو، تنهن ڪري اهڙن ماڻهن کي هن ڌرتيءَ تي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهجي، مون کي اهو شرف حاصل آهي ته مون به پنهنجي امان ۽ بابا سان گڏ شام جي وقت ڪيتريون ڪچهريون ريڊيي تي فتح خان واري اوطاق ذريعي گهر ويٺي ٻُڌيون، ڏاڏو فتح خان تمام گهڻ پڙهيو ماڻهو هو ۽ هُن انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪئي هئي پر ڪڏهن به ڪچهريءَ دوران ٻئي ماڻهو کي لقاءُ نه ڏنو ته آئون اوهان کان وڌيڪ ڄاڻان ٿو، ڏاڏو فتح خان اڄ به هارين، نارين ۽ مزدورن جي دلين ۾ زندهه آهي ۽ زندهه رهندو ڇاڪاڻ ته هو عوام دوست ماڻهو هو کيس عام ماڻهو سان محبت ڪرڻ جو هڪ زبردست ڏانءُ هو. وڪيل روشن سندر چانڊيي چيو ته ڏاڏي فتح خان سان ڪچهري ڪرڻ جو مون کي ڪيترائي ڀيرا موقعو مليو، هُو واقعي ئي محبتي ماڻهو هو، افسوس اهڙي ماڻهو کي ثقافت کاتو وساري ويٺو آهي پر عام ماڻهن جي دلين ۾ ڏاڏو فتح خان اڄ به زندهه آهي. مولابخش محبتي چيو ته مون به ڏاڏي فتح خان جي ڪچهرين مان ڪافي ڪجهه سکيو، ڏاڏو بلڪل سادو ۽ سچو ماڻهو هو، اهڙا ماڻهو عوام جي دلين تي راڄ ڪندا آهن. ناصر بلوچ چيو ته ڏاڏي فتح خان جي هوندي ڳوٺن ۾ شام جي وقت ڪيترائي سُگهڙ توڙي مارو ماڻهو فتح خان جي اوطاق پروگرام مان لاڀ حاصل ڪندا هئا، هن وٽ وسيع علم هو، جنهن جي ڪچهري مان ڪيترائي ماڻهو علم جي اُڃ اُجهائيندا هئا. اڪرم بخارائي چيو منهنجي به اها خوشنصيبي هئي جو مون ڏاڏي سان گڏ ڪچهريون ڪيون، واقعي هو اسان جو اُستاد هو. اڪرم بخارائي هڪ نظم به ڏاڏي تي لکيل پيش ڪيو. ميوي مل ميگهواڙ چيو ته مون کي اڄ تمام خوشي ٿي آهي جو آئون عبدالمجيد ملاح صاحب سان گڏ بدين شهر مان اچي بزم روح رهاڻ جي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. حميد صاحب مون کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو اهو مون لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهڙا پروگرام اسان جي سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ ٿيڻ کپن. اياز لغاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏي فتح خان جي وڇڙي وڃڻ کانپوءِ هاڻ اهو ريڊيي پاڪستان حيدرآباد تي رس چس ناهي رهيو، ڏاڏي جي هوندي ڪچهري جو مزو ئي ڪجهه ٻيو هوندو هو، سليم چنا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مون ڏاڏي فتح خان جون ڪچهريون جام ريڊيو تي ٻڌيون، هُو واقعي ئي وڏو ڄاڻو ماڻهو هو، هن کي ماڻهن سان ڳالهائڻ جو وڏو ڏانءُ هو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي فتح خان جي اوطاق پروگرام ذريعي هن ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کي علم سان نوازيو ڪيو. شاعر علي عاجز ڏاڏي فتح خان جي شخصيت ۽ تعليم جي سُڌاري لاءِ لکيل هڪ نظم ٻڌايو.جنهن تي سڀني دوستن کيس خوب داد ڏنو، راڳي عزيز چنا بزم جي گڏجاڻي ۾ هڪ گيت پيش ڪيو، گلشن لاڙ مخزن جي ايڊيٽر عبدالمجيد ملاح چيو ته ڏاڏو فتح خان پنهنجي حياتي دوران اسان جي بدين ضلعي ۾ مختلف محفلن توڙي ميلن ۾ ڪافي ڪچهريون ڪري ويو هو، جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسين پر اسان لاءِ اهو اعزاز آهي ته اسان ان کي ننڍي هوندي روبرو ڪچهرين ۾ ٻُڌو، هو شاهه عبداللطيف جي شاعري وڏو حافظ هو، ان کي ڏسي ٻيا ماڻهو به شاهه جي شاعري جا حافظ بڻيا، اهڙي ماڻهو کي حميد سنڌي صاحب هر سال ياد ڪري ڏهاڙو ملهائي ٿو کيس جس هجي، حافظ جنيد راڄڙ چيو ته اها ڏاڍي ڏک جي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت سنڌ جي اهڙن املهه ماڻهن جي نه حياتي ۾ قدر ڪري ٿي نه ئي وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ڪا پروگرام ڪرائي ٿي، اها سندس ناڪامي آهي، سنڌ حڪومت ۽ مختلف ادارن کي گهرجي ته اُهي ڏاڏي فتح خان جهڙي اُملهه ماڻهو کي سندس ورسي تي ته گهٽ ۾ گهٽ ياد ڪن پر افسوس اهي اهڙن عظيم ماڻهن کان لاتعلق بڻيل آهن، حميد صاحب کي سلام آهي جو هو هر هفتي سنڌ جي ڪنهن نه ڪنهن اديب توڙي شاعر کي هتي دوستن کي گڏ ڪري ياد ڪري ٿو. سيد ميرل شاهه چيو ته ڏاڏو فتح خان منهنجو مامو هو، تنهن ڪري مون کي ساڻس گڏجي سفر ڪرڻ توڙي ڪچهريون ڪرڻ جو وڌ کان وڌ موقعو مليو، هو نه صرف قولن ۽ ڪچهرين جو وڏو هوشيار پر پنهنجي ڪردار ۾ به عظيم هو، هُو پنهنجي زندگي ۾ تمام سادو انسان هو، هُو ڀاڄي به پنهنجي هٿن سان رڌندو هو، ٻارن سان تمام گهڻي محبت ڪندو، منهنجو ادب ڏانهن لاڙو به ڏاڏي فتح خان جي ڪري ٿيو، آئون ٿورائتو آهيان حميد صاحب جو هن مون کي هن پروگرام ۾ عزت ڏني، مهمان خاص قاضي خادم چيو ته ڏاڏي فتح خان جي آواز ۾ وڏي ڪشش هئي، هن ريڊيي جي معرفت ماڻهن کي گهر ويٺي علم ڏنو، هن جي جڳهه ٻيو ماڻهو نه والاري سگهندو، ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو جي پنهنجي پنهنجي خوشبو هوندي آهي، اسان کي اهڙن ماڻهن جو قدر ڪرڻ گهرجي، آخر ۾ حميد سنڌيءَ صدارتي خطاب ۾ چيو ته ڏاڏي فتح خان کي ياد ڪرڻ اسان جو فرض آهي، ڇاڪاڻ ته انهن پنهنجي زندگي جا قيمتي پل عام ماڻهن جي ڀلائي ۽ سنڌ جي مٽيءَ سان بي انتها محبت ڪرڻ ۾ گذاريا، اهڙا ماڻهو اڄ جي دور ۾ ملڻ مشڪل آهن، اميد ته اهڙن ماڻهن کي ياد ڪرڻ وارو سلسلو بزم روح رهاڻ ۾ اوهان جي ساٿ سان جاري رهندو.


    سنڀو هميراڻي جي ڪتاب “سُمهي سُک نه ماڻيو” جي پڌرائي

    سنڀو هميراڻي جي ڪتاب “سُمهي سُک نه ماڻيو” جي پڌرائي

    تاريخ 15 آگسٽ 2015 تي مٺي جي ڀٽائي آڊيٽوريم ۾ ٿر جي سلام ڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ “ڳوڙهيار” ۾ جنم وٺندڙ ٿر جي نامياري اديب سنڀو هميراِڻي جي ڪتاب “سمهي سُک نه ماڻيو” جي پڌرائي تقريب ۾ سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان آيل شاگردن، سماجي اڳواڻن، فنڪارن، صحافين ۽ سياستدانن جو مختلف ماڻهن سان گڏ وڏو انگ نظر آيو، تقريب جي ڪاروائي لاءِ اسٽيج سيڪريٽري طور سنڀو هميراڻي جي وڏي فرزند ڪيلاش هميراڻي پاران مون کي ذميواري ڏني وئي. اسٽيج تي صدارت جي لاءِ ننگر پارڪر جي وڪيل ڀوري ڪولهي، مهمان خاص لاءِ اديب ڀارو مل امراڻي ۽ اعزازي مهمانن ۾ عوامي تحريڪ ٿرپاڪر جي صدر وسند ٿري، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اوڀايو جوڻيجي، سنڀو هميراڻي جي فرزند آڪاش هميراڻي، اڳوڻي ايم پي اي ڀيرو مل ٻالاڻي، پ پ پ ايم پي اي گيانچند ۽ خليل ڪنڀار کي اسٽيج تي براجمان ڪيو ويو. شام پنجين وڳي ڪريم فقير پنهنجي درديلي آواز ۾ شاهه لطيف جي وائي سان پروگرام جو آغاز ڪيو. آڪاش هميراڻي پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ پنهنجي والد سنڀو هميراڻي سان هڪ فرزند ۽ گهر ڀاتي جي ناتي سان رهڻي ڪهڻي ۽ سندس ڪيل سماجي ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. صحافي ممتاز نهڙيي چيو ته سنڀو هميراڻي سرمائيدارن ۽ جاگيردار وڏيرن جي اڳيان جُهڪڻ وارن مان نه هو، هو پنهنجي زندگي ۾ هميشه انهن جي اک ۾ ڪنڊو ٿي رهيو. ليکڪ دولترام کتري چيو ته سنڀو هميراڻي کي ٿر جي تاريخ ۾ وسارڻ ناممڪن آهي، ساماري مان ڏامري مل ميگهواڙ سان گڏ آيل ديال تپيدار چيو ته سنڀو هميراڻي نه صرف هڪ سٺو اديب پر هڪ سٺو اُستاد به هو، جنهن جا ڪيترائي شاگرد اعليٰ عهدن تي فائز آهن . اڳوڻي ايم پي اي ڀيرومل ٻالاڻي چيو ته سنڀو هميراڻي نه صرف منهنجو ويجهو عزيز پر هڪ سٺو دوست هو، جنهن مون کي سماج ۾ اٿڻ ويهڻ جا آداب سيکاريا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ وسند ٿري چيو ته سنڀو هميراڻي نه صرف هڪ سٺو اديب پر سٺي سياسي سوچ رکندڙ به هو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اوڀايي جوڻيجي چيو ته سنڀو هميراڻي پورهيت طبقي جو سچو ساٿي هو. تقريب جي مهمان خاص ٿر جي اديب ڀارو مل امراڻي چيو ته سنڀو هميراڻي جي لکڻين تي مشتمل هي ڪتاب نه صرف ٿر پر سڄي سنڌ جي ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تاريخ جي حوالي سان عڪاسي ڪري ٿو. جنهن وقت ادب ۽ سياست تي پڙهڻ ۽ لکڻ هڪ وڏو ڏوهه سمجهيو ويندو هو. آخر ۾ تقريب جي صدارت ڪندڙ وڪيل ڀوري مل ڪولهي چيو ته سنڀو هميراڻي نه صرف سٺو انسان پر منهنجو ڪلاسي به هو، جهالت جي دور دوران ڏکين حالتن ۾ جڏهن اسان مسڪين پورهيت ماڻهن سان جانورن کان به بدترين ورتاءٌ ڪيو ويندو هو، ان وقت کان وٺي ٿر جي مظلوم ماڻهن جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ۾ سنڀو هميراڻي هر موڙ تي پيش پيش رهيو. جنهن جي ڪيل ڪوششن ۽ ڪاوشن کي ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. سنڀو هميراڻي جي ڪتاب “سمهي سُک نه ماڻيو” جي ڪتاب جي پڌرائي کانپوءِ محفل موسيقي ٿي. جنهن ۾ ٿر جي بهترين راڳين ڪريم فقير، ديال سحرائي، راحت فقير ۽ شوڪت فقير پنهنجا سُر وکيري محفل کي چار چنڊ لڳايا. تقريب جي پڄاڻي کان پوءِ سامروٽي مخزن جي ايڊيٽر پرڪاش ڪرماڻي، اشوڪ ڪمار “خاموش” ، سنگتراش صحرائي، ڀپت راءِ، مڪيش ميگهواڙ ڀاٽيا ۽ ٻين دوستن سان ڪچهري دوران ڏاڍو مزو آيو. ڪاش هن تقريب ۾ ساڪري جو ڪيلاش پرمار اچي ها ته مون کي خوشي ٿي ها. ڇاڪاڻ ته هو ادبي ڪتاب پڙهندو رهي ٿو. بهرحال رات جو سنڀو هميراڻِي جي وڏي پٽ ڪيلاش هميراڻي جي گهر رهياسين، جتي آڪاش هميراڻي، وشال، بلاچ ۽ ٻين اسان جي تمام گهڻي خدمت ڪئي.


    حيدرآباد ۾شيخ اياز ميلو

    حيدرآباد ۾شيخ اياز ميلو

    سامي جي شهر شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ کينئل داس فاني جي شاگرد شيخ اياز جنهن کي هند سنڌ جو مهان ڪوي طور سڃاتو وڃي ٿو، هن جيڪي شاعري جي کيتر ۾ مختلف صنفن ۾ انوکا تجربا ڪيا اهي حيرت انگيز آهن، هن نه صرف سنڌي شاعري پر اُڙدو شاعري ۾ به ڪمال ڪري ڏيکاريو. ويهين صدي جي هن مهان ڪوي جو مطالعو وسيع هو، اهو ئي سبب آهي جو هن جو شاعري ۾ تمام ڳوڙهو فڪر سمايل آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ صدين تائين ماڻهو هن جي لکيل ڪوتائين کي پڙهندا رهندا.
    هڪ ڀٽ جو شاهه ٻيو شڪاپور جو شيخ
    ٻنهي ڏنو ڏيک، سهڻي پنهنجي سنڌ جو
    (چيتن ميگهواڙ)
    ويهين صدي جي مهان ڪوي جي اوڻيهين ورسي جي حوالي سان حيدرآباد شهر جي سنڌ ميوزيم ۾ خانه بدوش ڪيفي طرفان امر سنڌو، عرفانه ملاح، حسين مسرت ۽ علي آڪاش جي اڳواڻي ۾ ٻيو ڀيرو 21 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر 2016 تائين “شيخ اياز ميلو” لڳايو ويو. جنهن جو افتتاح عوامي تحريڪ جي سربراهه نامور سياستدان رسول بخش پليجي صاحب ڪيو. اسان وٽ هونئن ته کوڙ سارا ميلا لڳندا رهندا آهن پر هي ميلو انهن سڀني کان نه صرف مختلف پر جديد هو، جنهن ۾ مختلف اسڪالرن اچي شاعر شيخ اياز جي قلمي پورهئي تي ڳالهه ٻولهه ڪري نئين نسل کي ان جي فڪر کان روشناس ڪرايو. هي جيڪا روايت وڌي وئي آهي، اِها قابل تعريف آهي، باقي اختلاف راءِ رکڻ سڀني جو حق آهي، ڪي ماڻهو کڻي ڪهڙي به عينڪ پائي هن کي ڏسن پر هن ڳالهه کان ڪير به اختلاف نه ٿو ڪري سگهي ته اهڙو نئين انداز ۾ مسلسل پنج ڏينهن ميلو لڳائڻ ڪو آسان ڪم ناهي، تنهن ڪري شيخ اياز جي حوالي سان لڳندڙ ميلي جي سپورٽ ڪرڻ گهرجي، ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ اسين پنهنجي دوستن توڙي فيملي سميت شرڪت ڪريون ۽ اُتي ٿيندڙ ڳالهين کي غور سان ٻڌون اتي لڳندڙ ڪتابن واري اسٽالن تان ڪتاب خريد ڪريون ته به وڏي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته اهڙي قسم جي ميلن ۾ جيڪي وڻ وڻ جي ڪاٺي جا اسڪالر ايندا آهن، انهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري مالها جي صورت ۾ اسان جي اڳيان پيش ڪن ته ٻيو ڇا کپي؟ ميلي۾ دانشور جامي چانڊيي،اعجاز منگي، ادل سومري، مونس اياز، نصير مرزا، فهميده رياض، عطيه دائود، اياز لطيف، تاج جويي، نرنجن ۽ ٻين خطاب ڪيو. شيخ اياز جي ميلي ۾ سڄي سنڌ مان سوين ماڻهن شرڪت ڪري شيخ جي انقلابي شاعري سان محبت جو اظهار ڪيو آهي تنهن ڪري نه صرف شيخ اياز پر سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، محمد عثمان ڏيپلائي جهڙن عظيم ماڻهن جي حوالي سان به ميلا لڳائڻ گهرجن ته جئين سنڌ جو نوجوان نسل اهڙن عظيم ماڻهن جي فڪر کان روشناس ٿي سگهي. هن ميلي ۾ منهنجي دوستن نظير ملڪاڻي، نهال ڪمار، ستار سروهي، اشفاق لغاري، سترام سانگي، ڪنول ميگهواڙ، لونگ ميگهواڙ، احسان ميگهواڙ، علي حيدر سنڌي، يامين ميراڻي، مڪيش ميگهواڙ، روي رٻاري، چيلارام رٻاري، سڪندر جروار ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

    اڄ شيخ اياز ميلي ۾ سهائي ابڙو ڪندي رقص
    جنهن مان ڪيئي شخص، سمجهي ويندا شاعري
    (چيتن ميگهواڙ)


    ساماري شهر ۾ شهيد بختاور جي ورسي ۽ “هاري ڪانفرنس”

    ساماري شهر ۾ شهيد بختاور جي ورسي ۽ “هاري ڪانفرنس”

    ساماري شهر ۾ هونئن ته کوڙ ماڻهو رهن ٿا پر انهن ۾ ڏامرو مل ميگهواڙ هڪ آهي. جنهن جي گهر جا دروازا هميشه ادبي، سماجي ۽ سياسي توڙي عام ماڻهن جي کليل هوندا آهن، اُن جي وڏي خاصيت هي آهي ته ڏامرو مل ماڻهن کي گڏ ڪري انهن کي عزت ڏيڻ ڄاڻي ٿو. انهي جو واسطو ڪميونسٽ پارٽي سان هجڻ ڪري هي هميشه متحرڪ رهي ٿو. ساماري شهر ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ هاري ڪاميٽي جي طرفان هي مختلف وقتن تي ڪڏهن ڳوٺ ليول تي ته ڪڏهن مُلڪي ليول تي پڙهيا لکيا ماڻهو گهرائي مختلف تقريبون ڪوٺائيندو رهندو آهي. ساماري تعلقي ۾ هن جو وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن پنهنجي گهر جي ٻاهران شهيد نذير عباسي لائبريري کولي رکي آهي، جنهن مان ڪيترائي دوست ڪتاب کڻي وڃي مطالعو ڪن ٿا. ڏامري مل جي ڪوششن سان تاريخ 2 جولاءِ 2017 تي ساماري شهر ۾ منجهند جو 2 وڳي هاري ڪاميٽي جي طرفان شهيد بختاور جي 70هين ورسي ۽ هاري ڪانفرنس گلاب پيرزادي جي صدارت ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ هاريءَ ڪاميٽي جي اڳواڻ ڏامري مل ميگهواڙ سڀني آيل معزز مهمانن جا ٿورا مڃيا، ڪامريڊ اقبال چيو ته مون سومجي ڌاراڻي جو ڪتاب ميگهه ونس مالها پڙهيو. جنهن ۾ ٿرپاڪر جا ماڻهو تمام وڏن عهدن تي مختلف وڏن وڏن کاتن ۾ نظر آيا پر افسوس اُهي ماڻهو ڪٿي آهن؟ انهن جي ايڏي علم ۽ عهدن جو اسان کي ڪهڙو فائدو؟ جو انهن جي هوندي ٿر جي غريب مسڪين ماڻهن جون نياڻيون ڏينهن ڏٺي جو اغوا ٿي وڃن؟ ياد رکجو چيو ته جيسين اوهان ۾ ٻڌي ۽ ويڙهه جي قوت ناهي دشمن اوهان کي ڪمزور سمجهي حملا ڪندو رهندو. شهيد بختاور ڪڻڪ نه ملڻ تي به ظالمن سان وڙهي پنهنجي حق وٺڻ خاطر جان جو نذرانو ڏئي ڇڏيو مگر افسوس اوهان جا ٻچا کڄي وڃن پوءِ به توهان خاموش آهيو. پروفيسر مير منور ٽالپر چيو ته اوهان کي مائي بختاور جي زندگي مان سبق سکڻ گهرجي. ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل امداد قاضي چيو ته سنڌ جي هارين خاص طور تي هارين، مزدورن ۽ دلتن سان ظلم ۽ زيادتيون ٿي رهيون آهن. انهن جي عزتن تي حملا ٿي رهيا آهن. انهن کي پاراچنار جي جُرت مند شهرين کان سکڻ گهرجي. سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي ڳٺ جوڙ سبب مُلڪ جو اڪثريتي عوام مسئلن جو شڪار آهي. ان جي نجات لاءِ سياست ذريعي طبقاتي نظام کي بهتر بڻائجي. گلاب پيرزادي چيو ته زرعي جنسن جا اگهه ايترا ته گهٽ ڪيا ويا آهن جو پوکائي جو خرچ به نٿو نڪري تنهنڪري هارين کي پنهنجن حقن لاءِ هاڻي اُٿڻو پوندو. تقريب کي راڌا ڀيل، ڏاڙهون ڀيل، نول ميگهواڙ، شڪيل قائمخاني، افتخار ماهي خان، سڪندر کوسي، ڏاتر بخش سنيهڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو. لوڻل پريمي، شيرمحمد هاليپوٽي، ڪامريڊ علي اوسط، راجا ۽ ٻين انقلابي شاعري ٻُڌائي. آخر ۾ ڏامري مل جي گهر انجمن ترقي پسند مصنفين جي گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ مون شرڪت ڪئي.
    هاري ۽ مزدور پاڻ ۾ گڏجي ٿين يار،
    پوندا پوءِ ڏار، دوکي جي ديوار ۾.
    (چيتن ميگهواڙ)


    مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي

    مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي

    منهنجي مٺڙي ماءُ جاني ميگهواڙ جو جنم ننگر تعلقي جي ڳوٺ “لاڌي جي ويري” ۾ ٿيو، ٿر ۾ ڏُڪار هجڻ ڪري منهنجو نانو ڀڳت ڀُودرو عارضي طور ڪُنري شهر ۾ لڏي آيو جيڪو پنهنجي وقت ۾ ڪنري تر جو هڪ مشهور ڀڳت هو. منهنجي ماءُ پنهنجي بچپن جا ڏينهن گهڻي ڀاڱي ڪُنري شهر ۾ ئي گهاريا، جنهن جي اڳتي هلي منهنجي بابا موهن ميگهواڙ سان شادي ٿي ۽ منهنجي ماءُ ڪنري شهر مان اچي سامارو روڊ شهر وسايو، منهنجي ماءُ کي سندس ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ (منهنجي ناني) ماني بچائڻ، کٽون واڻڻ ۽ وار ڪٽڻ، سميت ٻيا ڪيترائي هُنر سيکاري ڇڏيا هئا. ان کان علاوه منهنجي ماءُ منهنجي نانيءَ ۽ ڪجهه پاڙي وارين کان ڀرت ڀرڻ، رليون سبڻ جو فن به سکي ورتو، اِهي سڀ هُنر منهنجي ماءُ کي اڳتي هلي سندس زندگي ۾ وڏا ڪم آيا. انهن مان منهنجي ماءُ کي وڏو فائدو اهو ٿيو جو منهنجي ماءُ کي ڪڏهن به منهنجي بابا کان پئسا گهرڻ جي اڄ ڏينهن تائين ضرورت پيش ڪو نه آئي. هُو شروع کان پنهنجي ضرورت جون شيون پاڻ وٺندي آهي ته اسان جون به خواهشون پوريون ڪندي آهي. منهنجي ماءُ جا ڀاءَ(منهنجا ماما) هوٿيرام، ڍالو ۽ هنسراج ڪڏهن به اسڪول پڙهڻ نه ويا پر سنڌي ۽ اڙدو پڙهڻ جا تمام هوشيار آهن، اهڙي طرح منهنجي ماءُ به ڪڏهن اسڪول پڙهڻ نه وئي پر ان کي جڏهن گهر ۾ پڙهائي وارو ماحول مليو ته ان جلد سنڌي جي الف ب جي پٽي جي ڄاڻ حاصل ڪري ورتي ۽ ائين هو آهستي آهستي سنڌي پڙهڻ سکي وئي ايتري قدر جو منهنجي ماءُ مون کي سڀ کان پهرين گهر ۾ پٽي تي الف ب جي پٽي نه صرف پڙهڻ سيکاري پر هٿ جهلي اکر لکڻ به سيکاريا. ان کان علاوه انگريزي ۽ سنڌي ۾ سئو تائين پهرين ڪلاس ۾ انگ لکڻ سيکاريا، جڏهن ڪلاس ۾ آئون سائين لال ڍاٽي ۽ سائين شهداد چوهاڻ کي پنهنجي هٿ جا لکيل اکر ڏيکاريندو هئس ته اُن وقت اسان جا سائين تمام گهڻو خوش ٿيندا هئا، منهنجا ماما ڪنري جا شهنشاهه پينٽر ۽ رازا رهيا، تنهن ڪري منهنجي ماءُ کي به اِهو فن ٿور گهڻو ايندو آهي، ايتري قدر جو گهر جي ويهاڻن، رلين ۽ چادرن تي پکين ۽ جانورن جون ڀرت سان شاندار شڪلون به ٺاهيندي آهي ته گهر ۾ ڪو ڪمرو ٺاهڻو پوندو هو ته پاڻ ٺاهي ويندي آهي. گهر جي ديوارن تي قائداعظم جي تصوير، قائداعظم جو مقبرو، طوطا، شينهن ۽ هاٿي وغيره پنهنجن هٿن سان ڏاڍا خوبصورت ٺاهي ويندي آهي، منهنجي ماءُ اسان کي ننڍي هوندي ڪپڙا به پاڻ پنهنجي هٿن سان سبي پارائيندي هئي، جڏهن به مائٽن ۾ منگڻي، شادي يا خوشي جو تهوار ايندو آهي ته منهنجي ماءُ پنجاهه ماڻهن جي ماني ٺاهڻ دوران ڪڏهن پريشان نه ٿيندي آهي اِهو ئي سبب آهي جو منهنجي ماءُ کي خوشي توڙي غمي جي موقعي تي ڪيتريون رشتيدار عورتون سندس غيرموجودگي ۾ڏاڍيون ياد ڪنديون آهن، هٿ جي ڀرت جو جڏهن رواج هو ته اسان جي گهر پاڙي جون ڪيتريون ئي ناريون منهنجي ماءُ وٽ هُرمچي، بلوچي ۽ کارڪ ڀرت سکڻ اينديون هيون، اڄ به اسان جي گهر پاڙي جون ڪيتريون ئي مايون رليون سبرائڻ اينديون آهن جيڪي هتان رليون ٺهرائي پرڏيهه ۾ وڪرو ڪري اعليٰ ناڻو ڪمائينديون آهن، هڪ ڀيري منهنجي ماءُ پنهنجي هٿ جي ڀرت ڀريل چُني (پوتي) ايران موڪلي ته ان جا ايران مان پنج سئو رپيا منهنجي ماءُ لاءِ پاڙي جي هڪ بلوچ مائي کڻي آئي، منهنجي جيجل ماءُ کي واندڪائي ته بلڪل ئي پسند ناهي هُو گهر جي رڌ پچاءُ جي ڪم مان واندي ٿي يڪدم ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ جُنبي ويندي آهي، ڳوٺ ۾ڪنهن جي چوپايي مال جي ٽنگ ٽٽي پوي ته ڀاڳيا پنهنجي مال جي جي ٽنگ ٺهرائڻ لاءِ به منهنجي امان وٽ وٺي ايندا آهن، منهنجي ماءُ کي وڻ، گل ۽ ميوا پوکڻ جو وڏو شوق آهي، اسان جي گهر جي اڱڻ ۾ منهنجي ماءُ جي هٿ جو پوکيل نم تمام وڏو۽ گهاٽو ٿي ويو آهي، جنهن هيٺ گرمي جي موسم ۾ نه صرف اسين گهر ڀاتي آرام ڪندا آهيون پر پاڙي جا ڪيترائي ٻار اچي راند روند ڪندا آهن. ان کان علاوه مختلف پکي به اُڏامي اچي گهاٽي نم جي ٿڌي ڇانءُ ۾ پناهه وٺندا آهن، اهڙي ريت اسان جي گهر ۾ نم کان علاوه منهنجي مٺڙي ماءُ نارنگي، ليمون ۽ ڏاڙهون ۽ پپيتي جا وڻ به پوکيا آهن، تنهن کان سواءِ گهر ۾ 12 فٽ ٽڪري ۾موسم جي حساب سان گل ۽ ڀاڄيون به پوکيندي آهي، جيڪا اچانڪ اسان کي اوير سوير واهه جو ڪم ڏينديون آهن. گهر ۾ ريڊيو هجڻ ڪري جيجل نه صرف آل انڊيا ريڊيو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروگرام “فتح خان جي اوطاق” پر رات جو هر روز اٺين وڳي بي بي سي جو اڙدو ۾ “سيربين” پروگرام به ٻڌندي آهي، تنهن ڪري منهنجي امڙ جي ڏيهي خبرن کان علاوه پرڏيهي خبرن تي به نظر هوندي آهي، آئون جڏهن حيدرآباد مان پنهنجي ڳوٺ ساماري روڊ ايندو آهيان ته هُو مون کي پئي ٻڌائيندي آهي ته بي بي سي تي وسعت الله خان هفتيوار پروگرام “بات سي بات ” ۾ ڇا چيو؟ هفتيوار پروگرام“ آپ ڪي خطوط” ۾ بي بي سي وارن سوال ڪندڙن کي ڪهڙا جواب ڏنا؟ برصغير ۾ ڪهڙيون حالتون آهن؟ مودي ڇا چيو؟ نواز شريف ڪهڙن ڪهڙن ملڪن جي دوري تي ويو؟ عمران خان ڪهڙا پيو ضد ڪري؟ ملاله پنهنجي خطاب ۾ ڪهڙي خاص ڳالهه ٻڌائي؟ اهو ئي سبب آهي جو منهنجي ماءُ جي ڳالهين تي اڻ پڙهيل ته ٺهيو پر پڙهيل لکيل مايون به اعتبار ڪنديون آهن، منهنجي ماءَ پارڪري، مارواڙي، ڍاٽڪي، سنڌي، اردو ۽ پنجابي ٻوليءَ روانگي سان ڳالهائي ويندي آهي، تنهن ڪري منهنجي ماءَ کي ڳالهائڻ جو وڏو فن حاصل آهي، هو اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود به ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ۽ رسول بخش پليجي جهڙن بيباڪ ليڊرن جي شاندار جدوجهد کان واقف آهي. مون کي پنهنجي ماءُ تي فخر آهي سچ پڇو ته آئون پنهنجي ماءُ کي ڪڏهن به نه وساري سگهندس.
    شال جيئي سڀني جي جيجل مٺڙي ماءُ
    لڳي نه ڪوسو واءُ، انهي جي اولاد کي.
    (چيتن ميگهواڙ)


    ٻيراڻي لڳ دوست علي ڪٽوهڙ جي ياد ۾ ڏهاڙو

    ٻيراڻي لڳ دوست علي ڪٽوهڙ جي ياد ۾ ڏهاڙو

    آئون تاريخ 9 جولاءِ 2017 تي ساماري شهر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي جي اسپتال تي ويس جتي ڊاڪٽر عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر نول راءِ ميگهواڙ، جنرل سيڪريٽري هريش مالهي، لال ساماروي ۽ مون کي صلاح هنئي ته جيڪڏهن فري هجو ته دوست علي ڪٽوهر جي ياد ۾ ڏهاڙو اڄ عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ پاران ٻيراڻي لڳ ڪٽوهرن جي ڳوٺ ۾ ملهايو ويندو، اوهان هلو ته صلاح آهي. جنهن تي ٻين دوستن ته ڪجهه مصروفاتين سبب انڪار ڪيو پر مون چيو ٺيڪ آهي. ڀلي هلو، اسين ٻيراڻي لاءِ ساماري شهر مان ڏيڍ وڳي نڪري 2:00 وڳي ڪوٽ غلام محمد پهتاسين. جتي ڊاڪٽر صاحب پنهنجي گهر پهچي ٻيراڻي هلڻ جي لاءِ تيار ٿيا، ٺيڪ 3:00 وڳي اسين ڪوٽ غلام محمد مان روانا ٿياسين، ميرپورخاص مان ٿي، نوان آباد وارو روڊ وٺي اسين ٻيراڻي کان اوريان دوست علي ڪٽوهر جي ڳوٺ 6:00 وڳي پهتاسين، جتي بلند شاهه بخاري جي مزار وٽ دوست علي جي آخري آرامگاهه جي ڀرسان سندس ياد ۾ تقريب رکيل هئي، ڳوٺ ۾ تمام گهاٽا وڻ هئا رڳو چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ هئي، انهن ساون وڻن ۾ عوامي تحريڪ جا ڳاڙها جهنڊا پئي ڦڙڪيا، اُهو سڀ منظر ڏسي اسان جي دل باغ بهار ٿي وئي، اسان کي ضلعي سانگهڙ جي دوستن ڀليڪار ڪري ۽ وڻن جي ڇانو ۾ ويهڻ لاءِ چيو جتي عوامي تحريڪ ٽنڊي الهيار جو راڳي حنيف سارنگ، عبدرحمان سمي ۽ اڪبر مڱڻهار جي فرزند سميت تقريبن 40 دوست ويٺل هئا. سڀ کان پهرين اسين عوامي تحريڪ جا ساٿي دوست علي ڪٽوهر جي والد صاحب، ڀائرن ۽ سندس فرزندن سان گڏ دوست علي جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهڻ وياسين. جتان واپس اچي تقريب ۾ ويٺاسين، پرگرام جي اسٽيج سيڪريٽري عالم لغاري ۽ اويس ڏاهري سڀ کان پهرين اسٽيج تي ويهڻ لاءِ عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر کي سڏ ڪيو.ان کان پوءِ اسٽيج تي ويهڻ لاءِ مهمان خاص عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر ادِي شمشاد لغاري، سارنگ حنيف، عبدرحمان سمي، صادق ڪنڀر ۽ ٻين کي سڏ ڪيو، ٻيراڻي جي صدر تقريب ۾ آجياڻي تقرير دوران آيل مهمانن کي ڀليڪار چيو ۽ چيائين ته اڄ آئون جيڪو ڊاڪٽر آهيان، اُهو صرف دوست علي ڪٽوهر جي صحبت جي ڪري آهيان، هُن اسان جي هر موڙ تي رهنمائي ڪئي، تقريرن جو سلسلو جاري هو، رات جا اچي 8:00 ٿيا، ايتري ۾ آهستي آهستي ضلعي سانگهڙ جي مختلف شهرن مان عوامي تحريڪ جي دوستن جا قافلا موٽر سائيڪلن، چنگچين، ڪارن، سوزيوڪين ۽ مختلف گاڏين جي صورت پهچڻ شروع ٿيا، خبر ئي نه پئي تقريب چار پنج سو ماڻهن جي انگ ۾شاندار جلسي جو روپ اختيار ڪري وئي، پروگرام ۾ آيل عوامي تحريڪ ضلعي کپري جي اڳواڻ صادق ڪنڀر چيو ته دوست علي ڪٽوهر غريب ماڻهن جو نه صرف همدرد پر عوامي تحريڪ جو سچو سپاهي هو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. دوست ڪٽوهر جي فرزند خادم چيو ته بابا عوامي تحريڪ جو جاکوڙي اڳواڻ هو، جنهن نه صرف اسان کي پر ڳوٺ جي ماڻهن کي به سُجاڳ ڪيو،، جلسي ۾ ننڍن، جوانن توڙي پوڙهن ايڏو ته شاندار ڳالهايو جو ماڻهو حيران ٿي ويا، تقرير لاءِ جڏهن مون (چيتن ميگهواڙ) کي سڏ ٿيو ته مون پنهنجي تقرير ۾ چيو ته مون کي پنهنجي ڳوٺ ساماري روڊ مان هتي ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي سان گڏ اچي خوشي ٿي آهي جو اڄ هتي دوست علي جي ياد ۾ کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سڀ عقلمند ۽ سمجهدار ماڻهو گڏ ٿيا آهن، هونئن به آئون جتي ڳاڙها جهنڊا ڏسندو آهيان ته اُتي مون کي پڪ ٿي ويندي آهي ته هتي علم ۽ شعور وارا ماڻهو رهن ٿا، دوست علي به انهن علم وارن ماڻهن مان هڪ هو، اڄ دوست علي جو روح ضرور خوش ٿيندو ڇاڪاڻ جو اوهين اُن جي ڳوٺ وارا سڀ عوامي تحريڪ جي صحيح ۽ انقلابي راهه تي گامزن آهيو، سڀاڻي اِها سوشلزم واري راهه ئي اسان جي بهترين مستقبل جي ضامن هوندي، آئون جئين ئي تقرير ڪري هيٺ لٿس ته مون کي ڪجهه دوست مليا، چيائين ته اسين ميگهواڙ آهيون، اسان جا گهر پاسي ۾ آهن، اوهان جون ڳالهيون تمام سهڻيون لڳيون، انهن مان رائيچند نالي هڪ دوست چيو ته اڄ اوهان هتي رات رهو ماني اسان وٽ کائجو، مون چيو ته ادا ٽائيم ناهي وري ٻئي چڪر ڪڏهن اوهان وٽ اينداسين چيائين ته ماني نه ته چانهه ته پيئو مون چيو جيڪڏهن اوهان کي اسان سان واقعي ايتري محبت آهي ته چانهه تيار ڪرائي اچو مون ۽ ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي صبح کان چانهه ناهي پيتي، اسان جي مٿي ۾ سور آهي، ڊاڪٽر صاحب جي صدارتي تقرير اچڻ واري آهي، همراهه ويو اڌ ڪلاڪ جي اندر ٿرماس ۾ چانهه ۽ پليٽ ۾ بسڪيٽ کڻي آيو، مون ڊاڪٽر صاحب کي ڪن ۾ چيو ته اوهان ته ڪافي دير کان وٺي پاڻي به ناهي پيتو، چانهه آئي آهي، اوهين اسٽيج تان هيٺ اچي پي وڃو، چيائين ته ايترو ٽائيم ناهي، چانهه هتي مون کي اسٽيج تي موڪليو رائيچند ڪوپ ڀري هڪ دوست کي اسٽيج تي چانهه ڏيڻ لاءِ موڪليو، ڊاڪٽر چانهه پيتي ڄڻ ته توانائي بحال ٿي ويئي، مون ۽ رائيچند هڪ چنگچي ۾ ويهي چانهه پيتيسين، چانهه پئيڻ کانپوءِ مون رائيچند ۽ سندس والد جا ٿورا مڃيا. هن ڳوٺ ۾ تقريب ۾ عوامي تحريڪ ٽنڊي الهيار جي اڳواڻ حنيف سارنگ ابراهيم منشي جو انقلابي گيت “جنگ جنگ آ، منهنجي تو سان جنگ آ، پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ”، ترنم ۾ پيش ڪيو، دوست ڪٽوهر جي والد حاجي الاهي بخش چيو ته دوست علي ڪٽوهر منهنجو فرمانبردار پُٽ هو، مون کي اهڙي انقلابي پُٽ تي فخر آهي، جنهن سنڌ ڌرتي ۽ عوام لاءِ جاکوڙيو، عبدرحمان سمي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته دوست علي ڪٽوهر عوامي تحريڪ جو بهادر اڳواڻ هو، هو غريبن جو يار هو، ڪڏهن به جاگيردارن ۽ وڏيرن جي اڳيان ڪو نه جُهڪيو، هو پنهنجي زندگي ۾هميشه متحرڪ رهيو. شهدادپور مان آيل سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر محترمه شمشاد لغاري چيو ته دوست علي ڪٽوهر نه صرف هن ڳوٺ جو پر عوامي تحريڪ جو بهترين اڳواڻ هو، جنهن جي ڪيل جدوجهد کي اسين سرخ سلام پيش ڪريون ٿا. آخر ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي چيو دوست علي ڪٽوهر جي وڇوڙي جو ڏک نه صرف ان جي والد صاحب حاجي الاهي بخش پر عوامي تحريڪ جي هر ڪارڪن کي آهي، اڄ سنڌ تمام مشڪل وقت ۾ گذري رهي آهي، سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ ڌارين جي يلغار سازش تحت وڌي رهي آهي، جنهن جي شروعات ورهاڱي ٿيڻ وقت ٿي هئي، آمريت جي دور ۾ عوامي تحريڪ جي دلير اڳواڻن رسول بخش پليجي ۽ فاضل راهو عوامي تحريڪ جي هزارين ڪارڪنن سان گڏجي ايم آر ڊي جي تحريڪ هلائي. ووٽر لسٽن کي سنڌي ۾ ڇپائڻ جي لاءِ رسول بخش پليجي پنهنجي ڀينرن کي حيدرآباد پريس ڪلب جي اڳيان بُک هڙتال تي ويهاري ڪاميابي حاصل ڪئي. اسان کي هارين ۽ مزدور جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي حڪمرانن کي گهرجي ته اُهي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ بڻائڻ لاءِ سچائي ۽ ايمانداري سان عملي طور جدوجهد ڪن ٻئي صورت ۾ اهي اقتدار جا مالڪ سنڌ ڌرتي جا غدار ليکيا ويندا. اچو ته اسين عوامي تحريڪ کي شهرن سميت ڳوٺن ۾ واپس منظم ڪريون. آخر ۾ محفل موسيقي به ٿي جنهن ۾ نوجوان راڳي ڀاڳچند ميگهواڙ ۽ مٺي مان آيل فنڪارن انقلابي گيت ڳائي محفل ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ڪيترائي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن سلام ڪوٽ کان ڪراچي تائين مسلسل پنڌ ڪندڙ جوتي ڀيل سان گڏ فوٽو ڪڍائي پاڻ تي فخر محسوس ڪري رهيا هئا، انهن ۾ شهدادپور کان آيل شينهن ميگهواڙ به شامل هو، آخر ۾ تقريب ۾ آيل سڀني مهمانن کي ماني کارائي وئي، اسان جنهن وقت موڪلائي رهيا هئاسين، ان وقت اسان کي چانهه پياريندڙ رائچند ميگهواڙ ۽ سندس والد صاحب جيڪو فاضل راهو جي چاليهي ۾ رسول بخش پليجي صاحب کان متاثر ٿيو هو، انهن ڊاڪٽر ۽ مون کي سندس پنهنجي ڳوٺ ۾ رات رهڻ لاءِ جام چيو پر اسان کي وري واپس ڪار ۾ ڳوٺ موٽڻو هو، هن ڳوٺ ۾ سنڌي شعبي مان بيچلر ڪندڙ منهنجو دوست هيمراج ميگهواڙ به رهي ٿو. بهرحال اسان رات جو ڪو نه ترسياسين، واپس ٻيراڻي شهر مان ٿي ٽنڊي آدم پهتاسين، جتان سارنگ حنيف ۽ عبدرحمان سمي سان گڏ ٽنڊي الهيار پهتاسين. سارنگ حنيف عبدرحمان ۽ اڪبر مڱڻهار جو فرزند ٽنڊي الهيار ۾ لهي پيا. ڊاڪٽر ۽ آئون ڪوٽ غلام محمد ۾ سندس گهر رات جو اڍائي وڳي پهتاسين. جتي آئون رات ڊاڪٽر جي گهر رهيس صبح جو ڊاڪٽر سان گڏ ساماري سندس اسپتال پهتس.


    روزانه ڪاوش هيڊ آفيس ۾ گهاريل شامون

    روزانه ڪاوش هيڊ آفيس ۾ گهاريل شامون

    حيدرآباد ۾ رهڻ دوارن مون ڪاوش اخبار ۾ پروف ريڊر طور نوڪري به ڪئي، جنهن ۾ آئون دوست صدام ساگر جي معرفت مقرر ٿيس. سڀ کان پهرين منهنجون لکڻيون به ڪاوش اخبار ۾ ڇپيون هيون. ڪاوش اخبار ۾ نوڪري دوران مون کي “اخباري دنيا” جي ڄاڻ پئي ته جيڪا اخبار اسان کي 15 رپين ۾ ملي ٿي اُها ڪهڙن مرحلن مان گذري اسان تائين پهچي ٿي. ڪاوش هيڊ آفيس ۾ شام جو پنجين وڳي ويندا هئاسين پوءِ ڪمپيوٽر تي ويهي ويهي رات جو هڪ ٿي ويندو هو. سڄي سنڌ جو خبرون شام جو پنجين وڳي کان ڪي اي ميل ته ڪي فيڪس ذريعي اچڻ شروع ٿينديون هيون. اي ميل واريون خبرون ته ٺاهڻ سوليون هونديون هيون پر جيڪي فيڪس ذريعي اينديون هيون اُهي نه صرف سب ايڊيٽرن کي پر ڪمپيوٽر آپريٽرن کان سواءِ اسان کي به ڏکيون لڳنديون هيون انهن ۾ هرو ڀرو ڪو ڪمپيوٽر آپريٽر هٿ ئي نه وجهندو هو. مانيٽرنگ ڊيسڪ تي ويهي وڏي ڌيان سان پرڏيهي خبرن تي ڌيان ڏيڻو پوندو هو ته جئين ڪا خبر مس نه ٿئي. ڪمپيوٽر آپريٽرن کي جيستائين ليڊ نه نڪرندي هئي تيسين تائين اونو رهندو هو. مون سنڌي ڪمپوزنگ ڪرڻ ڪاوش اخبار جي هيڊ آفيس ۾ سکي جيڪا اڄڪلهه مون کي وڏو ڪم پئي اچي. هي هيڏو سارو ڪتاب مون پاڻ ئي ڪمپوز ڪري ڇڏيو. ڪاوش اخبار ۾ ڪم ڪرڻ دوران منهنجون نياز پنهور، يعقوب سومرو، ڊاڪٽر محمود مغل، ڍول فقير، منير ميمڻ، منظور ميراڻي، عزيز سولنگي، اشفاق لغاري، شاعر ستار سروهي، سرمد عزيز، سترام مهيشوري، سکر لاشاري، نهال ڪمار، ڪنول ميگهواڙ، محسن شاهه، ممتاز پنهور، تاج ميمڻ، محمد علي جوکيو، حبيب لغاري، ذوالقرنين ابڙو، اشفاق ميمڻ، لونگ ميگهواڙ، وسيم ساهڙ، ارشد ڀائي، سڪندر جروار، واحد ڪانڌڙي، رياض شاهه، تعمير خاڻوٽي، ڪامران ٻگهيو، تنريل پيرزادو. حنيف، شفقت ڪنڌر، ، فيصل برفت، عظمت ڪنڀر، عابد، هرچند ميگهواڙ، آڪاش هميراڻي، چيلارام رٻاري، دين ارباب، امن جروار، فائز بلوچ، جاويد، محمد سميت مختلف دوستن سان ڪچهريون ٿيون. فقير مظهر، واحد ڪانڌڙي ۽ حبيب لغاري سان ادبي ڪچهريون ٿينديون هيون. جنهن ۾ سياست ادب سماج کان وٺي هر موضوع شامل هوندو هو. فقير مظهر خاص ڪري ترقي پسندن سان گڏ رهي سوشلزم ۽ ڀٽائي جي متعلق تمام سٺو ڳالهائيندو هو. جڏهن اسين شاهه جا بيت پڙهندا هئاسين ته سڀ دوست خوش ٿيندا هئا. آئون ڪاوش آفيس ۾ انگريزي تمام گهڻي ڳالهيندو هئس ته ڪي وري چوندا هئا هي ته ڊان اخبار جو آهي، رڳو ڊان اخبار ٿو پڙهي جڏهن ته آئون ڪاوش، عوامي عواز، سنڌ ايسپريس، عبرت ۽ جنگ اخبار سميت مختلف اخبارون واندڪائي ۾ شوق سان پڙهندو هئس. جنهن ڪري گهڻا دوست مون تي فخر به ڪندا هئا ته ڪي وري ٽوڪون به ڪندا هئا پر آئون اصل پنهنجي ڌنڌي کي لڳو پيو هوندو هئس. هڪ ڀيري ته اسين سڀ گڏجي هوسڙي لڳ نهال شاهه نوري جي مزار تي وياسين. جتي هلندڙ محفل موسيقي ۾ مون ڪلام ڳائڻ شروع ڪيو ته دوست سڀ حيران ٿي ويا ته يار تون ته ڳائين به ٿو. بهرحال ڪاوش آفيس ۾ ڪم ڪرڻ دوران موڪل جو وڏو مسئلو هوندو هو. عيد يا ڏياريءَ تي موڪل ڪرڻ سنگين مسئلو بڻجي ويندو هو. دوست ويچارا پنهنجون موڪلون وڏي چالاڪي سان اڳواٽ ئي بُڪ ڪرائي ڇڏيندا هئا.


    سنڌ گرامر اسڪول جون يادگيريون

    سنڌ گرامر اسڪول جون يادگيريون

    حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ سنڌ گرامر اسڪول 1996ع ۾ اسڪول جي چيئرمين محترم مقبول احمد ميمڻ ۽ آنرري سيڪريٽري ڊاڪٽر الهڏني ميمڻ جي ڪوششن سان قائم ٿيو. هن اسڪول جو پهريون پرنسيپال ايڊگر وڪٽر هو، جنهن جي موجودگي ۾ هي اسڪول مشهور ٿيو. آئون سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کانپوءِ 2016ع ۾ هن اسڪول ۾ پڙهائڻ خاطر آيس ته مون کي انهي اسڪول ڏاڍو متاثر ڪيو ڇاڪاڻ ته هتان جو سڄو ماحول پنهنجائپ ۽ قرب وارو آهي, هن اسڪول ۾ انٽرويو دوران منهنجي ملاقات سڀ کان پهرين ميڊم ماريه بلوچ سان ٿي. جنهن سان ملي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ڇاڪاڻ ته هُو هڪ هن اسڪول ۾ سينيئر اُستاد ۽ سوشل ورڪر مائينڊ جي هجڻ ڪري نئين توڙي عام ماڻهو جي رهنمائي ڪرڻ چڱي ريت ڄاڻي ٿي ۽ کيس انتظام سنڀالڻ جو ڏانءُ به اچي ٿو. ماريه بلوچ صاحبه تمام ذهين هجڻ ڪري آمريڪا مان به ٽريننگ ڪري آئي آهي، جنهن مون کي ان وقت جي پرنسيپال محمد ابراهيم ڪنڀر سان ملرايو. ان کانپوءِ ميڊم ماريه بلوچ صاحبه مون کي ٽن چئن ڏينهن کانپوءِ فون ڪري ٻڌايو ته اوهان هڪ قابل اُستاد طور سنڌ گرامر اسڪول کي قبول آهيو ڀلي توهان 17 آڪٽوبر 2016ع کان اسان جو اسڪول جوائن ڪريو. جڏهن آئون هن اسڪول ۾ سنڌي ادب جي اُستاد طور مقرر ٿيس ته مون کي هي اسڪول ڏاڍو وڻيو. ڇاڪاڻ ته هڪ ته هن جي عمارت بهترين ٺهيل آهي. ٻيو وري مون کي ادبي ماڻهو هجڻ ڪري مرحوم محمد صادق ميمڻ جنهن جي آتم ڪٿا “تان ڪي ڏونگر ڏوريان” ڇپيل آهي، انهي جي نالي سان هن اسڪول ۾ قائم “صادق لائبريري” ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، اُن ڪري ته هن لائبريري ۾ ادب توڙي سائنس جا تمام بهترين ڪتاب موجود آهن. جنهن مان آئون شاهه صاحب جي رسالي سان گڏ الطاف شيخ، شيخ اياز، محمد ابراهيم جويي امر جليل ۽ ٻين ليکڪن جا لکيل ڪتاب کڻي پڙهندو رهندو آهيان. هن اسڪول کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هن اسڪول ۾ شاعر حسن درس جي زال اِرم محبوب ۽ آپا واحد قمر صاحبه به پڙهايو آهي. هن اسڪول جا آنرري سيڪريٽري ڊاڪٽر الهڏنو ميمڻ صاحب ادب دوست آهن. جيڪي مختلف ادبي ڪتاب پڙهندا رهن ٿا.، جنهن جي گهر ۾ شاندار لائبريري پڻ موجود آهي. رياضي جي سينيئر سائين نبي بخش ڀرڳڙي جي ڇا ڳالهه ڪجي سائين جن منهنجو هميشه پنهنجي گهر ڀاتي جيئان خيال رکندا آهن خاص ڪري صبح جي وقت هر روز چيل اهو جملو ڪڏهن به نه وسرندو ته چيتن توهان ناشتو ڪري آيا آهيو يا نه؟ جي چيم نه ته مون لاءِ يڪدم چانهه گهرائي وٺندا آهن. سائين جي هٿن سان مليل موتيي جا گل شرٽ جي کيسن ۾ رهجي وڃڻ ڪري منهنجي گهر ساماري روڊ به پهتا آهن. هن اسڪول ۾ ميڊم ڪوثر صاحبه ۽ لئبريرين صفوران صاحبه کي مون جائز ڪم جو چيو هجي ۽ اُنهن مون کي انڪار ڪيو هجي ائين ڪڏهن ٿيو ئي ناهيِ. پرنسيپال زرين رفيق جي اِها سٺي ڳالهه آهي ته هو ادب سان چاهه رکڻ ڪري اديبن ۽ شاعرن کي سڃاڻي ٿي پر هن اسڪول جي بهتري لاءِ پاڻ پتوڙي ٿي، اسڪول ۾ هر سال ڊسمبر مهيني ۾ مچ ڪچهري جو شاندار پروگرام ڪرايو ويندو آهي. هڪ ڀيري ته حيدرآباد جي جيم خانه ۾ اُستادن جي مان ۾ دعوت به ڪئي وئي. جنهن ۾ شرڪت ڪري اسين سڀئي ڏاڍا لطف اندوز ٿياسين. هن اسڪول ۾ آئون ڪافي عرصي کان لطيف شناسي، مائرن جي عالمي ڏينهن، “مزدورن جي عالمي ڏينهن”، “عورتن جي عالمي ڏينهن” کان سواءِ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، شيخ اياز، علامه اقبال، محمد عثمان ڏيپلائي، بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، عبدالستار ايڌي، ڊاڪٽر رُٿ فائو سميت مختلف شخصيتن ۽ موضوعن تي اسيمبليءَ ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيندو اچان. جنهن سان نه صرف شاگردن کي شاهه لطيف جي شاعري پڙهڻ ۽ سمجهڻ جو شوق پيدا ٿيو آهي پر ان کان علاوه انهن کي ٻين مختلف موضوعن تي به اضافي ڄاڻ حاصل ٿي آهي. هن اسڪول ۾ ٽيچرن جي ٽريننگ ٿي جنهن ۾ خالد جتوئي (جيڪو فيس بوڪ تي تمام ڪارائتيون پوسٽون شير ڪندو رهندو آهي) سميت مختلف ٽرينرن ٽريننگ ڏني، انهن مان جڏهن حنا آصف استادن جي تربيت لاءِ ليڪچر پيش ڪيو ته مون کي ڏاڍو وڻيو. ان جي ليڪچر ۾ تمام گهري ڄاڻ هئي هو پنهنجي ڪردار ۾ ايڏي ته فهميدي نهٺي، اخلاقي ۽ نياز نوڙت واري شخصيت جي مالڪ آهي جنهن کي ٻڌڻ سان سچ پڇو ته ماڻهو ۾ ماڻهپو موٽيو اچي. ٽريننگ دوران اُستادن کي ابرهام لنڪن جو خط ورهائيندي بار بار پئي چيائين ته زندگي ۾ ادبي، تاريخي ۽ سياسي ڪتاب وغيره ضرور پڙهو. مون کي بعد ۾ نبي بخش ڀرڳڙي صاحب جي معرفت خبر پئي ته حنا آصف ته حيدرآباد جي فڪشن هائوس واري منهنجي دوست آصف جي جيون ساٿياڻي آهي. ڀرڳڙي صاحب مون کي وڌيڪ ٻڌايو ته حنا آصف پنهنجي گهر ۾ يتيم ۽ مسڪين ٻارن کي نه صرف پالي ٿي پر انهن کي پنهنجي خرچ تي اسڪولن ۾ پڙهائي به ٿي. اهي لفظ ٻُڌي آئون حنا آصف جي شخصيت جو مداح ٿي ويس سچ پڇو ته مون کي حنا آصف ۾ مدر ٽريسا جي خوشبو اچي ٿي. هن سنڌ گرامر اسڪول ۾ ڪافي عرصو پڙهايو آهي. پاڻ وڪالت به ڪري ٿي. منهنجي دعا آهي ته حنا پنهنجي ور آصف ۽ يتيم ٻارن سان گڏ جتي به هجي شال خوش هجي.
    هن اسڪول ۾ بختاور، آپا زبيده، صوبيه، محمد هارون ڀٽي، عظميٰ، عزران، ساجده ميمڻ، بينش، صائما، حميره، مهناز، اسما راحيل، ڪلپنا ڪماري، شامين، ڪوڪب، مس انم ، سعيده، مارئي، اقرا، شهزين، صائمه سومرو، نوشين، آمنه، زويا، سرمد سميجو، راجا ملاح، ادنان، غلام مصطفيٰ، شهباز ڪُٻر جهڙن اُستادن کانسواءِ اسڪول کي هر وقت خوبصورت رکندڙ نورجهان، عظيمان، دلشاد ٽالپر، رضوان ٽالپر، ڊرائيور رفيق، ٽڪ شاپ واري چاچي نارائڻ، پرويز، سنيل ۽ اسڪول جي اِنهن ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين قرت العين، سيما، ايلسا، الماس، ، فاطمه، شارمين، نيها ميگهواڙ، رويشا ميگهواڙ، اقصيٰ، سپنا، منيشا، ڪائنات، ڀاونه، سونهن، زينب کوسو، زينب ميمڻ، مريم، اُمير رباب، وريشا، صدف، صوبيه، ابير، مائيسه، فضا، بينظير، شازمه، ارم، هنيزيه، ماهين، تهذيب، ڪرپا، رافيه، نافع، غلام محمد، احتشام، صدف، نبيا، زبير، اغنيه، عاليان، شفيق. واحد، مصور، اياز، زبير، حماد ۽ هالار خشڪ ولد پروفيسر علي گل خشڪ سميت جن به مون کي پيار، محبت ۽ عزت ڏني اُهي هميشه مون کي ياد رهندا.


    آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اَثر” عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس

    آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اَثر” عنوان هيٺ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس

    تاريخ 28 آگسٽ 2017 تي سنڌي ٻوليءَ جي بااختياراداري واري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هال ۾ آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب کي سئو سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين پاران “سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر” جي عنوان هيٺ ڪانفرنس ٿي گذري، جيڪا ٻن حصن تي مشتمل هئي، پهرين ڪانفرنس انجمن ترقي پسند مصنفين جي صدر سليم راز جي صدارت ۾ ٿي، پروگرام جي شروعات انور سولنگي شاهه لطيف جي وائي سان ڪئي، جنهن ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين سنڌ جي صدر پروفيسر ميرمنور ٽالپر هن تقريب جي عنوان جو تعارف ڪرائيندي چيو ته آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي تمام گهرا اثر ٿيا، ان کان اڳ ۾ اسان وٽ ادب صرف هڪ ٻئي جي واکاڻ ۽ وندر لاءِ لکيو ۽ ڇپيو ويندو هو، پر جڏهن سوشلسٽ انقلاب آيو ته اسان وٽ شاعرن ۽ اديبن جا پنهنجين لکڻين ۾ موضوع ئي تبديل ٿي ويا، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ڪشنچند بيوس، حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، ابراهيم جويي، شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجي سميت سڀني اديبن، سياستدانن جي نثر ۽ شاعرن جي شاعري ۾مزدورن پورهيتن ۽ محنت ڪش عوام جي دردن جي وڪالت ٿيل آهي، مون کي هن هال ۾ سوين ماڻهون ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اُميد ته هن ڪانفرنس جا سماج جي سڀني ماڻهن سڀني تي هاڪاري اثر پوندا. انجمن ترقي پسند مصنفين خيبر پختون خواهه جي صدر ثناءُ الله شميم چيو ته سوشلسٽ انقلاب اچڻ سان اسان وٽ اديبن ۽ شاعرن جي دل ۾ خوف ختم ٿي ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي هئي جو شاعرن ۽ اديبن مظلوم عوام لاءِ لکڻ شروع ڪيو، ناول نگار منظور ٿهيم سوشلسٽ انقلاب جا سنڌي ادب تي اثر جي موضوع تي ڳالهائيندي چيو ته ڪشنچند بيوس اسان وٽ شاعري ۾ نوان موضوع کڻي آيو افسوس ان وقت جي عروضي شاعرن ان کي شاعر مڃڻ کان به انڪار ڪيو. اسان جي سنڌي ادب ۾ محمد عثمان ڏيپلائي، امرجليل، نسيم کرل، شيخ اياز ۽ استاد بُخاري جي شاعري ۾سوشلسٽ انقلاب واري اثر جي خوشبوءَ اچي ٿي، هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب اڄ به جاري آهي، ڇو ته اهو انقلاب زار شاهي ۽ طبقاتي ظلم جي خلاف هو، آڪٽوبر انقلاب کانپوءِ سنڌي ادب کلي اڀري سامهون آيو. هن چيو ته سنڌ ۾ ون يونٽ جي تحريڪ تمام وڏي تحريڪ هئي، ون يونٽ جي تحريڪ ۾ اديبن وڏو ڪردار ادا ڪيو، 1970ع وارو دور سنڌ جو مزاحمت وارو دور هو. هن چيو ته سنڌ آڪٽوبر انقلاب کي تيزي سان قبول ڪيو، ڇو ته سنڌ جا سياسي، سماجي ۽ معاشي رشتا به اوائلي زمينداري نظام تي بٺيل هئا، هن انقلاب حقيقت ۾ جاگيرداري رشتن جي خلاف لکڻ جي حوالي سان روسي ۽ سنڌي ليکڪن وچ ۾ هڪ عظيم انساني ٻنڌڻ پيدا ڪري ورتو. هن چيو ته سنڌ ۾ ادب ۾ مزاحمت ۽ آفاقيت جا بنياد ڄيٺ مل پرسرام، خان چنڊ درياڻي، لعل چند، لعل پشپ، آتم ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، عبدالڪريم گدائي، جمشيد مهتا، سائين جي ايم سيد ۽ محمد عثمان ڏيپلائي رکيا. ان شيخ اياز جي شاعري کي پنجابي ۾ ترجمو ڪندڙ پنجاب جي ترقي پسند اديب ۽ دانشور احمد سليم “آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا منٽو تي اثر” جي عنوان سان مقالو پڙهندي چيو ته انجمن ترقي پسند مصنفين تنظيم 1949ع ۾ سعادت حسن منٽو کي رجعت پسند چئي پنهنجي تنظيم کان الڳ ڪيو ۽ 1952ع ۾ وري کيس ٻيهر شامل ڪيو ويو، ان جي باوجود سعادت حسن منٽو برصغير ۾ پهريون اديب هو، جنهن سوويت انقلاب جي نظريي کي پنهنجين لکڻين ۾ عام ڪيو ۽ سعادت حسن منٽو ۾ ڀڳت سنگهه واريون صلاحيتون موجود هيون، هن روسي افسانن کي اردو ادب ۾ ترجمو ڪري عام ڪيو. هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب پوري دنيا جي سماجي، معاشي ۽ تهذيبي حالتن تي تمام گهڻا اثر ڇڏيا، هن برصغير ۾ انقلابي تحريڪن کي جنم ڏنو، ادب ۽ فن جي محاذ تي ان جا اثر غير معمولي هئا. هن چيو ته سعادت حسين منٽو روسي ادب نمبر شايع ڪيا. هن چيو ته مشهور افسانه نگار سعادت حسين منٽو روسي انقلاب جو تمام وڏو مطالعو ڪيو، روس انقلاب لاهور تي به پنهنجا وڏا اثر ڇڏيا. هن چيو ته منٽو ئي سردار جعفري کي ميڪسم گورکي سان متعارف ڪرايو هو، منٽو روسي ادب تي تمام وڏو ڪم ڪيو، هن آخر ۾ مارڪس جي لکڻين جو مجموعو عوام سامهون آندو. هن چيو ته روسي انقلاب جي اثر جو نتيجو ان ۾ نڪرڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ تمام گهڻيون ٻوليون ڳالهايون ته وڃن ٿيون پر لکيون نٿيون وڃن، انجمن ڪوشش ڪري ته انهن سڀني ٻولين جي ترقي لاءِ ڪم ڪري. اهو ترقي پسند سوشلسٽ انقلاب جي اثر جو ڪمال هو جو منٽو جي ڪهاڻين جي ڪري تمام گهڻن سنڌي شاعرن ۽ اديبن سميت عام پڙهندڙن جو اُردو ادب ڏانهن لاڙو پيدا ٿيو، جنهن کي پڙهي سنڌي اديبن به بهترين ڪهاڻيون لکيون. انجمن ترقي پسند مصنفين حيدرآباد جي اڳواڻ مرزا سليم بيگ ترقي پسند شاعري تي پنهنجو مقالو پڙهيو، هن چيو ته آڪٽوبر انقلاب اردو، سنڌي، پنجابي ۽ سرائيڪي شاعري تي وڏو اثر ڇڏيو، فيض احمد فيض جوش مليح آبادي ۽ شيخ اياز پنهنجي شاعري ذريعي سوشلسٽ انقلاب جي نيئن ۽ انقلابي خيال کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو. انجمن ترقي پسند مصنفين جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل پروفيسر سيد جعفر احمد مارڪس ۽ لينن جي ڳوڙهي اڀياس سان ڳالهائيندي چيو ته اهو آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو ئي ته ڪمال هو جو ان جو اثر برصغير جي اردو، سنڌي، هندي ۽ بنگالي سميت هر ٻوليءَ تي ٿيو ۽ اسان وٽ هر ٻولي جا شاعر ۽ اديب پاڻ ۾ هڪ ٿي ويٺا، سويٽ انقلاب ۽ فرانس انقلاب جا دنيا تي اهڙا اثر ٿيا جو اسان جي معاشري ۽ انسان ۾ وڏي تبديلي آئي، سوشلسٽ انقلاب هڪ واقعو نه پر اهو سلسلي انقلاب هو، ان کي جنت نه ٿو چئي سگهجي ان کي انساني تجربو چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪي غلطيون به ٿي سگهن ٿيون ته ان ۾ ڪي ڪاميابيون به ٿي سگهن ٿيون، پاڻ ۾ ٻڌي ڪري دنيا اڳيان هيڪڙائي جو مظاهرو ڪيو، اڄ اسان کي گهرجي ته پاڻ ۾ هڪ ٿي جاگيردارن ۽ سرمائيدرن جي خلاف قلم کڻي ويڙهه ڪريون. هن تقريب جي صدر سليم راز پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اوهان سنڌ وارا ڏاڍا خوش قسمت آهيو جو اوهين اهڙا پروگرام ڪرائي کلي عام ڳالهايو ٿا، اسين اهڙا پروگرام ته ڪريون ٿا پر جيڪي اهڙن پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ اچن ٿا ڇا انهن جي ذهنن تي ڪي اثر به پون ٿا؟ ڇا اُهي پاڻ کي تبديل ڪن ٿا؟ يا صرف وندر خاطر اهڙا پروگرام ٻڌي هليا وڃن ٿا. اوهان شاهه لطيف جي شاعري کي ڪڏهن سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اوهان وٽ ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي شاندار هٿيار آهي، جنهن جي شاعري ۾ تمام وڏي طاقت سمايل آهي، هن پنهنجي شاعري ۾غريب عوام جي وڪالت ڪئي آهي ۽ وڏيرن جي وڏيرائي ۽ جاگيرداري کي ننديو آهي پر افسوس امير ۽ غريب ٻئي هڪ هنڌ بيهي ڀٽائي جي شاعري کي سمجهڻ کان بغير ٺلهي عبادت ڪن ٿا، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. اسان کي سيڪيولرزم جو ساٿ ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ سڀني مذهبن جو احترام برابري جي بنياد تي هجي، اُهو صرف آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب پوءِ ايندڙ نظام سان ئي اچي سگهي ٿو، اسان کي کاٻي ڌر جي ماڻهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ان ۾ ئي اسان جي ملڪ ۽ قوم جي ڀلائي آهي، مون کي ڏک ٿيو آهي ته پاڪستان جي ٻين صوبن جي نسبت سنڌ ۾ غربت تمام گهڻي آهي، هن تقريب جي ڪارروائي ڪامريڊ اقبال هلائي.
    منجهند جي ماني کانپوءِ ٻي تقريب جو آغاز ٿيو، تقريب جي ڪارروائي انيس زيدي هلائي، جنهن جي صدارت شاعر احمد سليم ڪئي، جنهن ۾ زيب النسا زيبي چيو ته اڄ مون کي هي پروگرام ڏسي ۽ ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، اُميد ته اهڙيون ڪانفرنسون اسين اڳتي هلي به ڪرائينداسين. سڪندر بختيار کوسي مقالو پڙهندي چيو ته اسان وٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل ۽ سامي جي شاعري ۾ تمام گهرو فڪر سمايل آهي، جنهن کي سوشلسٽ انقلاب واري اثر کان ڌار نٿو ڪري سگهجي. تقريب ۾ ڳالهائيندي نامياري ليکڪه ۽ ڪالم نگار زاهده حنا مقالو پڙهندي چيو ته روس جو انقلاب نه اچي ها ته گڏيل هندستان ۾ ترقي پسند ادب ۽ انقلابين جا جيڪي به نالا اڄ موجود آهن، اهي به نه هجن ها ۽ هتي ڪا به تبديلي نه اچي ها، روس انقلاب هندستان جي نوجوانن جا ذهن تبديل ڪيا، هتي تبديلي جا خواب کڻي نوجوان اڳتي وڌندا ويا. هن چيو ته هندستان جو انقلابي اڳواڻ ايم اين راءِ ئي هو جنهن لينن سان به اختلاف ڪيا. هن چيو ته روس انقلاب بابت صحافي جان ريڊ دنيا کي جهنجهوڙيندڙ 10 ڏينهن جي نالي سان ڪتاب لکيو، جنهن تي وري فلم به ٺهي هئي، روسي انقلاب برصغير ۾ روشني پيدا ڪئي، ڪيترائي ذهن روشن ٿيا، نامياري ليکڪه امر سنڌو مقالو پڙهندي چيو ته ترقي پسند تحريڪ جون فڪري پاڙون مارڪسي فڪر ۾ ئي پروڙيل آهن، اهڙي فڪر سوويت يونين جي انقلاب جي صورت ۾ هڪ اميد ۽ خواب اڳيان آندو. هن چيو ته ويهين صديءَ ۾ غلام ۽ ڌڪاريل نسلن، مزدورن ۽ عورتن جون ڪاميابيون سوشلسٽ انقلاب جي صورت ۾ تعبير ٿيون. هن انقلاب ادب ۽ اديب جي جانبداري کي واضح ڪيو. هن چيو ته اوڻيهين صدي ۾ اُٿندڙ ادبي تحريڪون غير جانبداري تي بضد هيون، جڏهن ادب زندگي جو آئينو ٺهيو ته اديب ۽ ادب جي زندگي جو نامياتي رشتو ٻيهر تشريح ڪرڻ لڳو. هن چيو ته ساڳي صديءَ ۾ ڊارون ۽ فرائيڊ مذهب ۽ خاندان جي بنيادي تصور کي ڌجڪو هنيو، اتي ڪارل مارڪس رياست تي تنقيد ڪندي انساني معاشري جي مڪمل تصوير پيش ڪئي. هن چيو ته ويهين صدي جنگين جي صدي هئي، جنهن ۾ ظلم جي انتها هئي پر هن صديءَ جي شروعات ۾ ئي هارين ۽ مزدورن بغاوت ڪئي، سماج ۾ سجاڳي آندي، پر انهن وٽ ان وقت ڪو به بينر ۽ ڪو پليٽ فارم يا نالو نه هو. هن چيو ته ورهاڱي کان اڳ ۾ هندستان ۾ انجمن ترقي پسند تنظيم کي نوجوانن دل سان قبول ڪيو، جنهن ۾ سجاد ظهير ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته 1935ع ۾ سنڌ ڄائي حشو ڪيولراماڻي لنڊن ۾ وڃي سنڌي ترقي پسند ادب جي نمائندگي ڪئي، سنڌ ۾ به اديبن جي انجمن جا بنياد پيا، حميرا اشفاق مشهور شاعر اختر راءِ پوري بابت مقالو پڙهندي چيو ته آڪٽوبر انقلاب جي شروعات ۾ ئي هندستان سميت پوري دنيا جي ترقي پسند ذهنن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو. هن چيو ته 1920ع جي وقت معاشي بدحالي هئي، جڏهن ته 1930ع کانپوءِ نازي آمريتن جمهوريت جو تختو اونڌو ڪري پوري دنيا ۾ وحشت پکيڙي، روس جي انقلاب هندستان جي به نوجوانن کي متحرڪ ڪيو. هتي جي اديبن ۽ شاعرن ترقي پسند ادب تخليق ڪيو، ترقي پسند ادب انسان کي زندگي گذارڻ جو ڏانءُ ڏنو. هن چيو ته زندگي جي مقصد کان هٽي ادب جي منزل ڳولي نٿو سگهي، هڪ انسان ۽ هڪ اديب ۾ فرق ناهي، جڏهن ته صرف فرق اهو آهي ته هڪ پنهنجي سماج جي ترجماني ڪري ٿو ٻيو ان ترجماني مان متاثر ٿئي ٿو، ادب جو مقصد اهو ٿيڻ گهرجي ته اهو ادب انهن جذبن جي ترجماني ڪري جيڪي سماج کي ترقي جي راهه ڏيکارين. ترقي پسند ليکڪ سڪندر بختيار کوسي چيو ته روسي انقلاب ٻين ٻولين وانگر بلوچي زبان تي پنهنجا اثر ڇڏيا، جڏهن ته بلوچي ٻولي جي شاعري جو اثر قبائلي جنگن تي اثر پيو، بلوچي رومانوي شاعري به آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ بلوچي زبان ترقي نه ڪري سگهي آهي، جڏهن ته شهيد نواب اڪبر بگٽي بلوچي زبان کي اسڪولن ۾ رائج ڪيو، پر الفابيٽ نه هجڻ ڪري اهو منصوبو ڪامياب نه ٿي سگهيو، سوشلسٽ انقلاب کانپوءِ بلوچي ٻولي جي شاعري تبديل ٿيڻ لڳي، سامراج ۽ استحصال خلاف شاعري سرجڻ لڳي. هن چيو ته سنڌي شاعري به روسي انقلاب جا اثر قبول ڪيا، سنڌي ادب ۾ فڪري مخالفت شروع کان هلندي پئي اچي، هڪڙا شاعر اقتدار جي پشت پناهي حاصل ڪري حڪومت جي نمائندگي ڪن ٿا، جڏهن ته گهڻا اديب اقتدار جي نمائندگي نٿا ڪن ۽ مظلومن جي ڳالهه ڪن ٿا. هن چيو ته اڍائي سئو سالن کان سنڌي ادب ۽ شاعري تي ترقي پسند ادب حاوي رهيو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي کانپوءِ اهو نعرو لڳو ته دنيا جا مزدورو هڪ ٿي وڃو، جڏهن ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي گهڻو وقت اڳ يونيورسل جي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو ته ڪامريڊ فيض احمد فيض، سيد سبط حسن، محمد علي صديقي ۽ ٻين ترقي پسند فڪر ۾ وڏو اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته سنڌي ادب ۾ ابراهيم جويو جون خدمتون سڀ کان نمايان آهن. اردو ادب جي ترقي پسند ليکڪه زيب النساءِ زيبي چيو ته ترقي پسند ادب حقيقت نگاري، انقلاب ۽ انساني آزادي جو درس ڏئي ٿو، ترقي پسند ادب جا خالق ڪارل مارڪس، مائوزيتنگ ۽ لينن آهن، روس جي انقلاب جا بنياد به ترقي پسند ادب جي ذريعي ئي پيا. هن چيو ته ترقي پسند ادب سان لاڳاپيل شاعر ۽ اديب ڪنهن به مخصوص نسل ۽ قوم جا نمائندا نه هوندا آهن، پر اهي سموري دنيا جي مظلومن سان ٿيندڙ ظلم، جبر ۽ ناانصافين خلاف بغاوت جو علم بُلند ڪندا آهن. هن چيو ته روسي ادب جا سنڌ تي به وڏا اثر پيا، حيدر بخش جتوئي ترقي پسند ادب جو حامي هو، جنهن هارين لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ بيت لکيا، جڏهن ته تنوير عباسي، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، اُستاد بخاري، نياز همايون ۽ ٻيا سنڌ جا باغي شاعر آهن. هن چيو ته وفاق ننڍن صوبن جا حق غضب ڪري رهيو آهي، ننڍن صوبن ۾ محرومي وڌي وئي آهي، چئني صوبن جو هال ساڳيو ئي ٿي ويو آهي، ان جو سبب هڪ طبقي جي حاڪميت آهي، ان ڪري سماج ۾ انقلابي تبديلي جي ضرورت آهي. آخر صدارت ڪندڙ شاعر احمد سليم چيو ته مون کي فخر آهي ته آئون اڄ به آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جو مسافر آهيان، اڄ وارو پروگرام ڏسي منهنجا ٿڪ لهي ويا آهن، آئون سنڌ جو حصو آهيان، سنڌ جا ماڻهو مون کي اڄ به وڏي عزت ڏين ٿا، سنڌ جي وڏي ۾ وڏي خوبي اها آهي ته هتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي جهڙو شاعر پيدا ٿيو، جنهن جي شاعري ۾ سيڪيولرزم ۽ رواداري جا بهترين مثال بيان ٿيل آهن، ڪميونسٽ پارٽي جي گڏجاڻين ۾ آئون هر ڀيري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ذڪر ڪندو آهيان، مون کي ڪميونسٽ دوست چوندا آهن ته سليم صاحب اوهان شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو ايترو ذڪر ڪريو ٿا پارٽي ۾ جوائن ڪرائيندو ڇا؟ ته مون ٺهه پهه جواب ڏنو ته اوهين پارٽي وارا شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي جوائن ڪريو. اهو ٻڌي سڀني ماڻهن مُسڪرايو.انجمن ترقي پسند مصنفين پاران آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب جا ادب تي اثر واري هي تقريب تمام شاندار ٿي گذري جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي جي جنرل سيڪريٽري امداد قاضي، همسري مخزن جي ايڊيٽر زاهده ابڙو، ڏامرو مل ميگهواڙ، محمد قاسم، هشمت، دليپ ويراچ، تيرٿ ڪمار، ڪامريڊ مظهر، راڌا ڀيل، پشپا ڪماري، يشونت ميگهواڙ، لڪيش ڪمار مهاراج، نريش ڪمار، ڊاڪٽر دائم جئپال ۽ ٻين شرڪت ڪئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 770
    ڪتابن جو مشاهدو: 1361496
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 404116
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ