ڪتاب جو نالو: پوترتا – پڇتاءُ
مصنف: تسليم سحر
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 18 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 236 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 58 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھي ڪتاب ليکڪا ۽ شاعرہ تسليم سحر جي لکيل ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي.
”سندس هن پهرين ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به زميني ڪٿائن جي منظر ڪشيءَ جو سهڻو مثال پيش ڪري رهيا آهن. تسليم سحر پنهنجي شاعري جيان ڪهاڻين ۾ به روح جي رولاڪين ۽ داخلي ڪيفيتن جي نچوڙ سميت خارجي احساسن جي اُپٽار جو منفرد ڍنگ رکڻ جو مڪمل ڏانءُ رکي ٿي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران
  •   اداري پاران
  • پنهنجي پاران : منهنجو اکرن پورهيو!
  • مهاڳ : ڪهاڻي ماٺ ڪري بيهجي نه وئي آ
  •   اَ مهاڳ : جديد ڪهاڻيءَ جو سفر
  •   سڦلتا جا ديپ ۽ مهانتا جي مهنداري جو شرف
  • ڪهاڻيون

  • هي رات ۽ مقدر
  •   بارش
  •   هڪ سسئي ٻيا سُورَ
  •   پوترتا- پڇتاءُ
  •   رات جي پيٽ ۾
  • دل جي دانهن
  •   حضرت عشق
  •   موت
  • ”سرُ جو سرجڻهار“
  •   ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان

  • ڪتاب جا حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر 59
    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: پوترتا-پڇتاءُ
    موضوع: ڪهاڻيون
    ليکڪ: تسليم سحر
    ڇاپو پهريون: جون 2017ع
    ڪمپوزنگ: احسن ۽ عبدالسلام ابڙو
    ٽائيٽل: رضوان گل
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966

    مُلهه: -/200





    PAVITARTA-PACHTAO
    (Storys)
    By : Tasleem Sehar
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    ارپنا

    ارپيان ٿي پنهنجي لفظن جو هي پورهيو
    امان ۽ بابا
    جي نالي
    جن چيچ کان وٺي هلڻ سيکاريو
    علي راول جي نالي
    جيڪو وڇوڙن جو دڳ وٺي
    اهڙي ماڳ هليو ويو
    جتان ڪوئي موٽي نه ايندو آ
    ۽
    منهنجي لخت جگرن
    احسن الرحمان،عبدالسلام
    جي نالي
    جن جيئڻ لاءِ اتساهيو آهي.


      سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پوترتا پڇتاءُ“ اوهان اڳيان پيش آهي. ھي ڪتاب ليکڪا ۽ شاعرہ تسليم سحر جي لکيل ڪھاڻين جو پھريون مجموعو آھي.
    ”سندس هن پهرين ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به زميني ڪٿائن جي منظر ڪشيءَ جو سهڻو مثال پيش ڪري رهيا آهن. تسليم سحر پنهنجي شاعري جيان ڪهاڻين ۾ به روح جي رولاڪين ۽ داخلي ڪيفيتن جي نچوڙ سميت خارجي احساسن جي اُپٽار جو منفرد ڍنگ رکڻ جو مڪمل ڏانءُ رکي ٿي.“
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون پياري دوست ۽ سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌيءَ جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ موڪليو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      اداري پاران

    تخليقي پرواز جا پکي جڏهن ڪاغذي اُڀ تي پرڙا پکيڙي پنهنجي پنهنجي منفرد ٻولي ٻوليندي ذهني وسعتن کي واسڻ لڳن ته پاڻمرادو ”پوترتا- پڇتاءُ” جهڙا گلدستا ادبي گلدان جي سونهن ۾ اضافي جو وسيلو بڻبا آهن. ڪيترين ٻين ليکڪائن جيان تسليم سحر جون لکڻيون به وقت جي دز ۾ دونهاٽجي درد جو داستان بيان ڪرڻ لاءِ اڄ به ايتريون ئي سگهاريون ۽ سچائي سان سرشار آهن جو ائين ڪڏهن به محسوس نه ٿيندو ته تسليم سحر جون لکڻيون موجوده عهد کان هٽيل ۽ اوپريون لڳن، توڙي جو سندس قلم ڊگهي عرصي کان خاموشي جي شڪنجي ۾ ڦاٿل رهيو ۽ هوءَ پل پل اندر ۾ ٽٽندي ۽ ڀرندي رهي.
    هڪ ليکڪا لاءِ شاعري يا ڪهاڻين جي پناهه گاهه جا اوچتو رستا بند ٿيڻ جو تڪليفده مرحلو يقينن ذهني اذيتن ۾ واڌ جو سبب بڻجندو پر تسليم سحر کي هڪ طويل خاموشي بعد ”پوترتا- پڇتاءُ” جي صورت ۾ منظر عام تي اچي پنهنجي ادبي پورهئي تي نازان ضرور ٿيڻ گهرجي، سندس هن پهرين ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به زميني ڪٿائن جي منظر ڪشيءَ جو سهڻو مثال پيش ڪري رهيا آهن.
    تسليم سحر پنهنجي شاعري جيان ڪهاڻين ۾ به روح جي رولاڪين ۽ داخلي ڪيفيتن جي نچوڙ سميت خارجي احساسن جي اُپٽار جو منفرد ڍنگ رکڻ جو مڪمل ڏانءُ رکي ٿي شال سندس قلم ۾ ٻيهر ساڳي جُنبش اچي ۽ وقت جي هلندڙ وير سان هم آهنگ ٿي سوچن جي سُرهي سرهاڻ پکيڙيندي رهي. سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران تسليم سحر جي هن پهرين تخليقي پورهئي کي مان ڏيندي ڪتابي شڪل ۾ منظر عام تي آڻي انتهائي سرهائي محسوس ڪجي ٿي.


    ساجد سنڌي
    سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
    03003513966


    پنهنجي پاران : منهنجو اکرن پورهيو!

    مون زندگيءَ جو پهريون پيار بابا ۽ امان سان ڪيو هو،ان پل يقينن مان گهٽ عمري هيم پر پوءِ به نفرتن جي الاءَ کي محسوس ڪري سگهندي هيم، مونکي ياد آ بابا جي سماجي حيثيت غربت جي لڪير تي بيٺل هوندي هئي، ان لاءِ اسان سان ماڻهن جو رويو نفرتن جوڳو هوندو هيو، انهن ماڻهن ۾ اسان جا ڪجهه ويجها رشتا به شامل هيا، جيڪي وقت ويلو وڃائڻ بغير پيا اسان مٿان نفرتن جا تير وسائيندا هيا. بابا سخت محنت ڪرڻ لڳو هُيو، هُن لکيل پڙهيل هجڻ جي باوجود مزدوري ڪرڻ کي به ڪڏهن عيب نه سمجهيو هُيو. مونکي جيتري تائين ياد آ ته بابا خوب کان خوب مزدوري ڪندي حق حلال جي روزي اسان جي پيٽ وڌي ۽ هميشه پنهنجي اولاد کي ڪنهن سان به ناانصافي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندو رهيو. امان به هميشه بابا جو ساٿ ڏنو ۽ بک اڃ تي هوندي به کانئس ڪا شڪايت نه ڪئي، اهو ئي سبب آهي ته مون پنهنجي پيءُ ماءُ جي محبت مان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ انهن جي ڏکن ڏاکڙن کي ڏسندي مونکي به هميشه اهو حوصلو مليو ته مان ڏکن جو مقابلو ڪريان ۽ ڪڏهن به دل هاري نه ويهان.
    مان ڏسندي هُيم ته بابا اڪثر دوڪان تان ٿڪجي اچڻ جي باوجود به مونکي پنهنجي جهول ۾ ويهاري ماني ڳڀو ضرور کارائيندو هُيو ۽ هر روز صبح جو چيچ کان وٺي مسجد جي در تائين ڇڏڻ ويندو هُيو، ان سان گڏ بابا ئي اسان جي ڳوٺ ۾ اهو انقلابي قدم کنيو هُيو ته هُن مونکي ۽ منهنجي ڀينرن کي ڇوڪرن واري اسڪول ۾ پڙهڻ جي اجازت ڏني جنهن سبب کيس کوڙ سارا طعنا تنڪا به سهڻا پيا، پر بابا اسان جي همت افزائي ڪئي، ان لاءِ مان اهو اقرار ٿي ڪريان ته اڄ مان جنهن دڳ تي بيٺي آهيان، مون جيڪا پنهنجي سڃاڻ اڄ جوڙي آهي اها درحقيقت بابا جي سڃاڻ آهي بابا جي محنت ۽ عظمت جو ڦل آهي.
    مون ڪيئن لکيو ۽ ڇو لکيو؟ ان سوال جو جواب ڳولهڻ لازمي ناهي، پر ياد ٿو اچيم ته هڪ ڏينهن بابا سرمد سنڌي جي قومي گيتن واري هڪ ڪيسيٽ آندي هئي، جنهن کي ٻڌڻ سان منهنجي من ۾ هڪ سحر جاڳي پيو هو ۽ موسيقيءَ سان جهڙوڪر منهنجو چاهه جڙي ويو هو، تان جو موسيقي ٻڌندي ٻڌندي نيٺ آهستي آهستي منهنجي اندر مان لفظن جا گونچ ڦٽڻ لڳا، جن کي پنن جي پيٽ تي سجائيندي ويم. پر ان سڄي عمل دوران مون نٿي ڄاتو ته اهو سڀ ڇاهي؟ ڇا اهو صحيح آهي يا غلط؟ بس مون چپ چاپ ۾ جيڪو منهنجي دل مان ڦٽو اهو پنن تي اڪري ڇڏيو.
    چوندا آهن وقت سدائين هڪجهڙو نه رهندو آ، وقت جيڪو تيز رفتار سان ڊوڙندو آهي، ان وقت جهڙوڪر منهنجي مٿان پنهنجا مهربان پرن وارا ڇانورا آڻي بيهاريا، امان جيڪا مونکي اڪثر لکندي ۽ پنا سانڍي رکندي ڏسندي هُئي، تنهن هڪ ڏينهن اهي سمورا پنا منهنجي ماسات (جيڪو هينئر منهنجو جيون ساٿي به آهي) کي ڏنا ته ڏس هي ڇوڪري ڇا پئي ڪري؟
    جنهن تي منهنجي ماسات اُهي پنا پڙهي امان کي ٻڌايو ته هيءَ ته شاعري آهي ۽ مان اها شاعري کڻي ٿو وڃان سانڍي رکندم جو اسان جي خاندان ۾ شعور جي جيڪا چڻنگ دکي آ اها روشن ٿيڻ لازمي آ، اڳ ۾ اسان مرد ان ڪرت سان هئاسين هاڻي اسان مان هڪ ليکڪه به پيدا ٿي آهي ته ان کي گمنام موت مرڻ نه گهرجي ، پر ان کي موقعو ملڻ گهرجي ته اها پنهنجا الڳ پيچرا جوڙي منزلن تي رسي.
    قدرت الله جي خانداني روايتن موجب منهنجو رشتو منهنجي ان ماسات سان جڙي ويو جنهن کي پڙهندڙن جو هڪ وڏو حلقو وشال امير جي نالي سان سڃاڻي ٿو، شادي کانپوءِ مون وشال جي صلاح تي ڪهاڻي کيتر ۾ پير پائيندي تجربو ڪيو جو وشال جو خيال هو ته گهر ۾ ٻه شاعر ڪونه ٺهنداسون. ڪهاڻي کيتر ۾ تجربو ڪرڻ دوران ادا ظفر عباسي منهنجي وڌ کان وڌ حوصلا افزائي ڪئي ۽ پوءِ مون ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي، ان ڪوشش ۾ ڪيتري قدر ڪامياب ٿي آهيان؟ اهو فيصلو ته پڙهندڙن کي ئي ڪرڻو آهي.باقي مان اهو ٻڌائيندي هلان ته منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار ڪٿي نه ڪٿي مونسان مليل آهن، مون انهن جا سور انهن کان ٻڌا آهن ۽ انهن جا نالا تبديل ڪري ، ماحول جي عڪاسيءَ ۾ ٿورڙي تبديلي آڻي انهن جون ڪٿائون لکيون آهن، منهنجا ڪردار گهڻا عورتاڻا ان لاءِ آهن ته مون اهي ڪهاڻيون انهن عورتن سان ملڻ بعد لکيون آهن جيڪي انهن ڪردارن جي تمام گهڻو ويجهو رهيون آهن.
    مڃيان ٿي منهنجي لکڻين ۾ فني کوٽ هوندي پر اميد اها ٿي ڪريان ته پڙهندڙ منهنجي ڪهاڻين کي عيبن ۽ ڪمزورين سميت قبول ڪندا.
    مان هتي نهايت ئي ٿورائتي آهيان ادا ساجد سنڌي جي جنهن منهنجو اکرن پورهيو توهان جي هٿن تائين پڄائڻ لاءِ مونکي نه رڳو همٿايو پر ضد ڪري بيهي رهيو ته ڪتاب ضرور پڙهندڙن تائين پڄڻ گهرجي ۽ هن بنهه هڪ پبلشر هجڻ جي ابتڙ ڀاءُ بڻجي هيڏي محنت سان هي ڪتاب سجايو آهي.
    مان هتي ٿورائتي آهيان ادا ظفر عباسي ، ادا مظهر ابڙو ۽ ادا انور سومرو جي به جن وقت ڪڍي مونلاءِ چند سٽون لکيون آهن.

    تسليم سحر
    خيرپور ميرن واري


    مهاڳ : ڪهاڻي ماٺ ڪري بيهجي نه وئي آ

    تسليم سحر ڪهاڻيڪاره کي ڏٺو ته ڪونهي، پر پياري سرتيءَ جو مون اڳيان ”پوترتا - پڇتاءُ“ ڪهاڻي ڪتاب رکيل آهي، مون سندس سڀ ڪهاڻيون پڙهيون آهن. ٻولي بيحد پڪي پختي، بيحد سٺي، جذباتي روانگيءَ جي وهڪري ۾ وهائيندڙ بيان ڪردارن کان ڪرايو ويو آهي، جو چنريءَ جي رنگن جهڙي ڪينواس جيان دل ۾ چٽجندو ٿو وڃي.
    سندس پهرئين ڪهاڻي ”هيءَ رات ۽ مقدر“ چوڏهن پيجن جي آهي، وستار ڪرڻ سان ناوليٽ واهه جو ٺهي وڃي ها، پڙهڻ وقت ڪهاڻيءَ جي ڪردارن منهنجي ذهن کي جهنجهوڙي ڇڏيو، جاندار ۽ سگهارا.
    ”بختاور“ اهم ڪردار آهي، جا شهر ۾ پڙهي لکي، بيحد خوبصورت، سمجهدار،ذهين، حساس روح ۽ روحاني پيار ۾ عقيدو رکندڙ، سندس خيالات ته ” جسم ته مرجهائجي ويندو، خوبصورتي به اڄ آهي سڀاڻ نه، بس روح جي خوبصورتي دائم قائم آهي“.
    ”سارنگ“ مرد ڪردار، جو سونهن جو شيدائي، جذباتي، لالچي پيار ڪندڙ، جسماني پيار جو ڪوڏيو، بختاور سان محبت ڪري ٿو، جيڪو مائٽن جي مرضي سان شادي ڪرڻ وارو آ. هن ۾ مرداڻو اهم به آهي.
    هن ڪهاڻي ”هيءَ رات ۽ مقدر“ ۾ تسليم سحر فڪشن اهڙو ڀريو آهي جو ڪهاڻي هڪ دفعو پڙهڻ شروع ڪجي ٿي ته ڇڏڻ جو نالو به نه، هڪ ويهڪ ۾ پڙهڻ واري ڪهاڻي، اُڻت خودڪلامي، ڪارو ڪاري جي گهٽنا ائين بيان ڪيل آهي ڄڻ ته پاٺڪ به ان ۾ شامل ٿي وڃي ٿو.
    کير جي اڀامي هارجي وڃڻ تي بختاور جي رڙ ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ تي کلڻ.
    ڪهاڻيءَ جو اختتام لڳي ٿو تڪڙ ۾ ڪيو ويو آهي. چوڏهن پيجن جي ڪهاڻي مان تيرهن پيجن ۾ پاٺڪ ، ليکڪا جي خوبصورت قلمي پورهئي ، بختاور جي خودڪلامي۽ گهٽنائن سان مقناطيسي ڇڪ ۾ ٻڌل رهي ٿو. پرچناڪ 6 سالن جي عرصي کانپوءِ گهڻن عورت ڪردارن جيان طلاق ۽ مرد ان جو ذميوار، جو گهڻين عورتن سان هند، سنڌ يا ڌرتي جي گولي تي آباد گهڻن ملڪن ۾ ٿيندو رهي ٿو. سارنگ ، بختاور کي ان لاءِ طلاق ڏني جو ٻيجل جيڪو بختاور جو ڀاءُ آ تنهن شهناز يعني سارنگ جي ڀيڻ کي طلاق ڏني. اسان جي سماج ۾ خاندان ۾ شادي ۽ بدل جي شاديءَ جا اُگرا انگور نڪرن ٿا.
    مطلب ”هيءَ رات ۽ مقدر“ ظاهر ڪري ٿي ته چاهي پيار جون شاديون،مائٽن جي منظوري، رضامنديءَ سان ڪيل شاديءَ جا فيصلا به ڪاري رات ، عورت لاءِ ڀيانڪ مقدر بڻجي ٿا وڃن.
    ”بارش“ حسين ڪهاڻي ۽ رومانٽڪ، جنهن ۾ محبت جا سندر نياپا ۽ باورچيخاني جو ذڪر، چانهه ٺاهڻ، اهو سڀ ڪهاڻيڪاره تي فطرت جو اثر. هر ڪهاڻي ۾ عورت جو اصلي مقام باورچيخانو آهي، عورت ۽ رنڌڻو ٻئي پاڻ ۾ سلهاڙيل آهن،پر هتي عورت ڪردار بارش جو مزو ماڻين ٿا ، پيار ڪن ٿا. ۽ جسم کان مٿي عورت هڪ روح به آهي. روحاني پيار جي طالب، جسماني پيار کان مٿڀرو.
    ”هڪ سسئي ٻيا سور“ ڪهاڻي ۾ فائرنگ ڪري سسئي کي سرد رات ۾ کڻي ويندڙ سردار جو پوليس ڇاپي ۾ پڪڙجي پوڻ کان اڳ جمن کي سسئي حوالي ڪرڻ ۽ کيس مائٽن کي پهچائي ڏيڻ لاءِ چوڻ. پر جمن سسئي سان شادي ڪرڻ، ٻن ٻارن جو اولاد ٿيڻ.
    وري سردار جو آزاد ٿي سسئي جو هٿ جمن کان واپس گهرڻ، جمن جو انڪاري ٿيڻ ۽ موٽ ۾ سردار جو جمن جي گهر تي حملو ڪرڻ. سسئي جو پاڻ کي ماري ڇڏڻ.
    ڪهاڻي ۾ سسئي جو ڪردار آدرشي آهي ته وري ڪو هن جي جسم سان نه کيڏي، جمن سان شادي ڪري ٻارن جي ماءُ بڻجي، پر پنهنجي عظمت ۽ عزت نه وڪڻڻ ڏي..... هڪ سٺو ڪردار عظيم عورت جو، ٻوليءَ جو وهڪرو ۽ اتردار وايومنڊل.
    ”دل جي دانهن“ تسليم سحر جون جيڪي ڪهاڻيون مون پڙهيون آهن انهن ۾ ڪردارن جا نالا خوب وڻن ٿا، هن ڪهاڻيءَ جو عورت ڪردار سيما ۽ مرد ڪردار ساگر آهي.
    سيما مٽن مائٽن هوندي به پاڻ کي اڪيلي ٿي محسوس ڪري، تنها تنها. هُوءَ ساگر کي پتي ۽ محبوب سمجهڻ کانپوءِ به دوست ٿيڻ وڌيڪ پسند ڪري ٿي. ننڍي هوندي ماءُ هن جون خاميون نه ٿي ڏسي، پنهنجي اولاد ۾ ته دنيا جي ڪنهن به ماءُ کي خامي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي، سو ڪو خامي ٻڌائي ، ڪو هن کي ٻڌي.
    ساگر کي به ڪنن ۾ ڪپهه وجهڻ لاءِ چوي ٿي”ڪنن ۾ ڪپهه وجهي مونکي ٻڌ ساگر“
    هُو ناراض ٿي ۽ غصو ڪري هليو ٿو وڃي، هُوءَ ڀتين سان به همڪلامي ٿي ڪري. هن جون رڙيون دانهون جي دل جون هيون ، ڀتين ۾ دفن ٿي وڃن ٿيون.
    آخر هُوءَ پنهنجن خيالن سوچن، همڪلاميءَ مان آزارجي جيت مار دوا ٿي کائي، ڇاڪاڻ ته ساگر ڪردار هُن جي دل جون دانهون نٿو ٻڌي. پر هُوءَ بچي ٿي وڃي ۽ چوي ٿي ڇا مونلئه موت به ايڏو مهانگو آهي جو مُلُهه نه ڏئي سگهيس.
    آئون به ڪهاڻي ليکڪه آهيان مونکي سيما هڪ ڪمزور دل، ذهني بيمار ڇوڪري لڳي ٿي، جا سوچن ۽ خودڪلاميءَ جو شڪار آهي.
    ”دل جي دانهن“ ڪهاڻي ۾ خودڪلامي وڌيڪ، ڪهاڻيءَ جي محدود هئڻ جو احساس ٿي رهيو آهي. زندگي بيحد خوبصورت آهي۽ ڪارائتي آهي عورت ۾ سگهه آهي طاقت آهي. اها ڳالهه به ڪي قدر هتي به نظرجي ٿي،پر سيما جي ڪمزوري جو سبب به ضرور نظرانداز ڪرڻ نه گهرجي.
    ڪهاڻيون ” ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان، حضرت عشق، موت، رات جي پيٽ ۾، سُر جو سرجڻهار“ ۽ ٻيون تسليم سحر کان لکيل پڙهيون، غور سان پڙهيون، جي هن ڪتاب ”پوترتا – پڇتاءُ“ ۾ شامل آهن ۽ ڪتاب سمبارا پبليڪيشن طرفان شايع ٿي رهيو آهي. ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ٿورڙو ڪتاب جي باري ۾ چوڻ چاهيان ٿي ته ٻوليءَ جي لحاظ کان هي ڪتاب تمام سٺي وهڪري واري ٻولي، ڪردارن جي چٽ ، ماحول جو رنگ روپ ۾ سگهاري قلم سان سرجيو ويو آهي ۽ گهڻو ڪري مرڪزي ڪردار عورتون آهن ، سماج جو ذڪر ۽ ان جون جهونيون رسمون به ليکڪه چٽو نشانبر ٿي ڪري ۽ هن عورتن جي درد، عشق، بيوسيءَ بابت دل کولي لکيو آهي. اميد ته هن ليکڪه جو ٻيو ڪهاڻي ڪتاب به جلد هٿن ۾ ايندو، اڃان به سگهارو ۽ ادبي دنيا ۾ ڇانئجي وڃڻ وارو. آمين
    مان ٿورائتي آهيان سمبارا پبليڪيشن جي جاکوڙي پبلشر ساجد سنڌي جي جيڪو سنڌي ڪتاب مسلسل ڇپي ٿو ، جنهن مون جهڙي آلسي ليکڪه کي مهاڳ لکڻ لاءِ راضي ڪيو ۽ تسليم سحر جو ڪتاب پڙهندڙن کي گفٽ پيو ڪري . شال هي ڪتاب ڇپجي نالو ڪمائي ۽ تسليم سحر ادبي جڳت ۾ ڄاتل سڃاتل نانءُ ٿي چمڪي. آمين


    شڀ چنتڪ
    اندرا شبنم اندو
    30 مئي 2017
    پونا - ڀارت


      اَ مهاڳ : جديد ڪهاڻيءَ جو سفر

    جيئن هر نئون ڄاول ٻار پاڻ سان اهو پيغام آڻي ٿو ته خدا اڃان انسان مان مايوس ناهي ٿيو، تيئن هر نئون ليکاري پنهنجو پاڻ سان اهو پيغام آڻي ٿو ته ڌرتيءَ پنهنجي ڪائناتي مسيحائن، جنت کان اڃان سنڍ ناهي ٿي.
    تسليم سحر جو ليکڪاڻو جنم به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، تسليم رياضيءَ جي ٻڙيءَ وانگر آهي، جنهنجي پنهنجي ڪابه قيمت ناهي پر هوءَ جنهن لکڻ واري فن سان جڙي آهي ان جي قيمت ڏهوڻي وڌائي ڇڏي اٿائين.
    جيئن هڪڙي ڏيئي سان هزارين ڏيئا ٻاري سگهجن ٿا پوءِ به ان هڪ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ حياتي گهٽجي نٿي، ائين ئي تسليم اهو به سمجهي ٿي ته خوشيون ورهائڻ سان به اهي گهٽ ناهن ٿينديون، تڏهن ته هن پنهنجي جيون جا انيڪ ڏک ۽ سک پنهنجي پڙهندڙن سان پنهنجي ڪهاڻين ذريعي شيئر ڪيا آهن.
    چون ٿا ته جيتري ايمانداريءَ سان ماڻهو نفرتون ڪن ٿا اوتري ايمانداري سان جيڪڏهن محبتون ڪن ته هي سڄو سنسار جنت ٿي پوي. بس اهائي ڳالهه ياد ڏيارڻ لاءِ تسليم سحر ڪهاڻيءَ جو سهارو ورتو آهي، هوءَ ان ڳالهه ۾ ڪيترو ڪامياب وئي آهي ان جو فيصلو پڙهندڙ ۽ وقت ڪندو. ڇوجو وقت کي مون هڪ الڳ نظر سان ڏٺو آهي. 70ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن اسان سنڌ جي ننڍڙين وستين ۾ رهندا هئاسين تڏهن اتي جي هوٽلن تي، ميلن ملاکڙن ۾ پنجابي، سرائڪي ۽ اردو ٻوليءَ جا نه رڳو ڪلام ٻڌبا هئا پر انهن جا مقابلا ٿيندا هئا ۽ اسان جڏهن سنڌي ڪلامن جي فرمائش ڪنداهئاسين ته چيو ويندو هئو ته فونو جو رڪارڊ يا ڪيسيٽون ملن ئي نٿيون. اسان ڏٺوسين ته ڪروڙن جي بجيٽ سان ۽ اعليٰ ڊگري يافته اڪابرن جي سرواڻين سان روان دوان اسان جي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۽ حفاظت لاءِ قائم ادارا جڏهن ٽڪي جو ٻوٽو نه ٻاري سگهيا، تڏهن هڪڙو ويڳاڻو اڻ پڙهيل فنڪار ميدان تي لهي پيو جنهنجو نالو هو جلال چانڊيو. سنڌ جي مٿي ذڪر ڪيل ادارن جي سرواڻن سوڌو اسان جي نام نهاد ۽ نيم دانشورن ان جي خلاف ڪيتري بڪواس ڪئي؟ اهو ته پنهنجي تاريخ جو حصو آهي جو اڄ به ڪيسيٽ ڪلچر تي ڳالهائڻ لاءِ انيڪ ڏاها ور کنيون بيٺا آهن. پر ان جلال چانڊيي سنڌي ٻوليءَ کي اها بقا بخشي جنهنجا مٿال نٿا ملن، سڄي سنڌ ۾ سنڌي شاعريءَ جي گونج اهڙي اڀري جو تاريخ ڏٺو ته پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جهڙي اداري جنهن ۾ آڊيشن پاس ڪرڻ کان سواءَ ڪنهن کي انٽري به نه ملندي هئي، جلال لاءِ دروازا کلي ويا ته بنا آڊيشن رڳو پي ٽي وي کي ڪجهه وقت مهيا ڪري.
    وقت کي مون ائين به ڏٺو ته جڏهن سنڌي اخبارون رڳو سرڪاري ٽينڊرن جي سهاري ٻه چار هزارن جي تعداد ۾ شايع ٿينديون هيون ۽ سينسٽرشپ جي سهاري جڏهن آفتاب اخبار پي آءِ اي ۾ آفيشلي خريد هجڻ ۽ مسافرن کي ملڻ لڳي تڏهن اها سنڌين لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه هئي تڏهن ماس ڪميونيڪيشن ۾ ڪنهن به ڊگريءَ کان سواءِ اسان جي هڪ جفاڪش نوجوان ناز سهتي شام جي هڪ اخبار “خادم وطن” کي اهو دم بخشيو جنهن مان اتساهجي محترم علي قاضي، محترم اسلم قاضي ۽ محترم ايوب قاضيءَ صبح جو هڪ اخبار آڻڻ جو رٿيو ۽ ائين روزاني ڪاوش جو جنم ٿيو، ڏسندي ئي ڏسندي “علائقائي اخبارن” جي نالي ۾ قومي اخبارن جي سهولتن کان وانجهيل سنڌ جي اخبارن مان ڪاوش اهڙي جاءِ والاري جو قومي ڇا عالمي ادارا به ڪاوش جي حوالن ۽ تصديقن کان سواءِ پاڻ کي اڌورو سمجهڻ لڳا.
    علي قاضيءَ جي ان وکري ڪم کي علمي ادبي ادارن کان هزارين ڀيرا مٿانهون ڪم سمجهيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو اڳ اسلام آباد ۾ ويٺل ماڻهو به سنڌ جي حالتن کان بيخبر پاڻ کي پرديسي سمجهندو هو، اڄ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو ماڻهو صبح جو نيٽ کولي روزاني ڪاوش ذريعي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي خبرن کان آگاهه ٿي، پاڻ کي پرديسي محسوس نه ٿو ڪري.
    وقت کي مون ايئن به ڏٺو جڏهن سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان 78، 79 ۽ 80 وارن سالن ۾ اسان پي ٽي وي جي سنڌي ٻوليءَ کي خيرات ۾ مليل 25 منٽن ۾ وڌيڪ 25 منٽن جي اضافي لاءِ مظاهرا، بک هڙتالون ۽ احتجاج ڪيا هئا ، تڏهن وڏي جدوجهد کانپوءِ وڃي 50 منٽ مهيا ڪيا ويا تڏهن ڪاوش گروپ آف پبليڪيشن جي سرواڻن ڪي ٽي اين، ڪشش ۽ ڪي ٽي اين نيوز چينل قائم ڪري پي ٽي وي جي صوبائي سطح جي نيٽ ورڪ کان اڳتي سنڌي ٻوليءَ کي 24 ئي ڪلاڪ سنڌيءَ ۾ نه رڳو آن ايئر ڪيو پر سڄي دنيا تائين ان کي پهچايو.
    جنهن دوران سنڌي ٻوليءَ کي ڪمپيوٽرائيز دور ۾ داخل ڪرڻ ۾ پهريون نالو انجنيئر محترم اياز شاهه جو اچي ٿو جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي آڻي اخبارن ۽ ڪتابن جي اشاعت کي نه رڳو آسان پر خوبصورت به بنايو، جنهن کي تڪميل جي مرحلي تي اسان جي محسن محترم ماجد ڀرڳڙيءَ ايم بي سنڌيءَ ذريعي آندو جنهن ٻوليءَ کي اخبارن ۽ ڪتابن کان اڳتي گوگل تائين کڻي وڃي ٻوليءَ کي دائميت جي درجي تائين پهچايو ۽ اڄ ڪيئي نوجوان گوگل جي ٽرانسليشن جي مرحلي کي آسان بنائڻ جي ڪوشش ۾ ڏينهن رات هڪ ڪيون ويٺا آهن.
    80ع جي ڏهاڪي کان اسان سڀ ٻڌندا پيا اچون ته سنڌي ڪتاب وڪامن نه ٿا ۽ شاعريءَ جا ڪتاب ته مورڳو نه ٿا وڪامن پر روزاني ڪاوش جي هڪ پيج تي نوان ڪتاب جي سلسلي ۾ اوهان روزانو هڪ نئين ڪتاب تي تبصرو پڙهندا هوندا. جنهن ٻوليءَ ۾ 365 ڪتاب سال ۾ شايع ٿين(هي اُهي ڪتاب آهن جيڪي رڳو ڪاوش ۾ شايع ٿين ٿا جڏهن ته ڪافي اهڙا به آهن جن جي يارسائي ڪاوش تائين ناهي يا پسند ناپسند تحت انهن جو ذڪر نه ٿو ٿئي) يا ليکڪ ۽ پبلشر قيمتن آهر پنهنجو ڪتاب ان سلسلي ۾ شامل نه ٿا ڪرائڻ چاهين) ان ٻوليءَ جي حوالي سان ڪڏهن به مايوسي اجائي ئي چئبي.
    اسان جي پبليڪيشن جا نجي ادارا جن ۾ سمبارا، روشني ۽ سنڌيڪا وغيره شامل آهن. دنيا جي اهم اشاعتي ادارن مان آهن اهي ادارا سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، تاريخ لاءِ اهڙا مورچا آهن جن جي ڪنهن سرڪاري اداري سان ڀيٽ ئي ناممڪن آهي.
    اسان وٽ ڪجهه ڏاها رڳو ان ڪم سان لڳل آهن ته سماج ۾ ٽالرنس/برداشت کي وڌايو ويجهايو وڃي. پر شايد انهن ڏاهن کي ٽالرنس جي بحالي جي سڄي پراسيس جي خبر ئي ناهي. انهن کي اهو اڀياس ئي ناهي ته روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ کان بيٺل ڪنهن ڪمزور لاءِ چار ماڻهوءَ ۾ اڃان ڪيتري برداشت هجڻ گهرجي؟ انهن کي شايد اها به خبر ناهي ته ايمبولينس ۾ سيريس حالت ۾ ويندڙ مريضن جي ڀرسان پريشر هارن وڄڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي؟ اسان وٽ دهشتگردي تي ڳالهائڻ لاءِ هرڪو تيار ويٺو آهي ،پر هي جيڪو وقت سر پگهار/ اجورو نه ملڻ، ٻارن جو اسڪولن ۾ داخل نه هجڻ، ماڻهن کي صحت جي سهولت جي اڻهوند، صاف پاڻي، بجلي، روزگار نه ملڻ جي دهشتگردي آهي ان تي ڳالهائڻ مهل اسان کي سوين دفعا سوچڻو پوي ٿو. اسان ڪڏهن سوچيو آهي ته رياست روزاني جي بنياد تي ٽيڪس جي روپ ۾ اسان جو کيسو ڪيترا ڀيرا ڪٽي ٿي ۽ ماهوار يوٽيلٽي بلن جي مد ۾ ڪيترا ڀيرا کيسو ڪترجي ٿو ۽ ان جي موٽ ۾ رياست اسان کي ڇا ٿي ڏئي. نه تحفظ، نه تعليم، نه صحت، نه روزگار نه صاف پاڻي نه نڪاسيءَ جو نظام، نه گيس، نه بجلي!
    ان کي ڇا چئجي؟ منهنجي نظر ۾ سڀ کان پهريان رياست کي عوام ڏانهن ذميواراڻو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ان کانپوءِ سمورن ادارن کي نيڪ نيتيءَ سان مستحڪم ٿيڻ گهرجي. جنهن کانپوءِ سڄو ڌيان تعليم تي ڏيڻ گهرجي. اسان وٽ اخلاقيات ته هاڻي ڪورس ۾ سبجيڪٽ ئي نه رهيو آهي ته ٽالرنس ڪيڏانهن ايندو. هن وقت ٽالرنس انهن ماڻهن وٽ بي انتها آهي جن وٽ جواب ڏيڻ جي سگهه ڪانهي. ٻئي جي عزت، ٻئي جو احترام، ٻئي کي اهميت ڏيڻ کي هاڻي ماڻهو ڪمزوري ٿا سمجهن. اسان جا حڪمران جيڪڏهن سمجهن ٿا ته رڳو روڊن ٺهڻ سان ترقي ٿيندي ته اها سندن ڀل آهي. ترقيءَ ۾ روڊن جي ٺهڻ کان انڪار نه آهي پر ان سان گڏوگڏ تعليم جي نظام جي بهتريءَ تي به ڌيان ڏيڻ اوتروئي ضروري آهي.
    ان سڄي سَناريو/ منظر ۾ اڄ جي اسان جي ليکارين تي ٻٽي ذميواري عائد ٿئي ٿي. هڪ ته هو ڀلي پنهنجي جيون جي ڏکن سکن کي ڳائن وڄائن پر گهڻو تِڻو عوام جا ڀرجهلا ٿي انهن جي رهنمائي ڪن. جيئن تسليم سحر پنهنجي ڪجهه ڪهاڻي ڪردارن جي اوٽ ۾ ڪيو آهي. هيءَ تسليم سحر جو پهريون ڳٽڪو آهي ان ڪري اسان کي هن جي ٻئي ڪتاب جو به شديد انتظار رهندو.
    اسان وٽ ليکڪن جي مڃَتا جا معيار ئي نرالا آهن ۽ عورتن لاءِ ته اهي اڃان به وڌيڪ نرالا آهن، سهڻي صورت، پي آر ۽ اسٽيٽس. مان وقت جو گواه آهيان ته ثميره زرين کي ڪا به حيثيت حاصل نه هئي جيسيتائين هوءَ سنڌالاجيءَ ۾ نوڪريءَ سان نه لڳي ۽ ڏسندي ڏسندي ان جي لکڻين سان گڏ تصويرن تي مشتمل رسالن ۽ ڪتابي سلسلن جا “نمبر” شايع ٿيا. ائين ئي ج ع منگهاڻيءَ ۽ سيما عباسيءَ سان به ٿيو. مون جڏهن 5 کان 7 هزار سرڪيوليشن وارن ڊائجسٽن سنڌ رنگ ۽ هالار جي ايڊيٽرشپ دوران ڪٿي اهو لکيو هو ته موجوده دور جون صف اول جون ليکڪائون صنوبر سيد ۽ سنڌيا شاهه آهن تڏهن نام نهاد ليکارين جا واڇ گودا ٿي ويا هئا. اسان وٽ انهن نام نهادن وٽ نون لکندڙن کي پڙهڻ پرجهڻ جو ٽائيم ڪونهي ۽ شارٽ ڪٽ اهو آهي ته تون حاجي مان غازي، پوءِ دانشور به اسان ته تاريخدان به اسان ، ته تخليقڪار به اسان. جنهن جي جيتري پي آر اوترا وڏا ڏاها. اهڙي دور ۾ تسليم سحر جي جاءِ ڪٿي ٿي بيهي؟ اهو آءٌ نه ٿو چئي سگهان پر منهنجو ايمان آ ته وقت ۽ عام ماڻهو ڪڏهن به ناانصافي ناهن ڪندا موجوده دور جي پاڻ کي ڪنگ ڪانگ سمجهندڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار جي ڪتاب جون هڪ هزار ڪاپيون 5 سالن ۾ ڪانه ٿيون وڪامن اتي ايوب کوسي جو ڪتاب 3 ڀيرا شايع ٿئي ٿو. ان ڪري تسليم سحر کي به پنهنجي فن ۽ تخليقن تي ڀروسو ڪرڻ گهرجي اهي ضرور پنهنجي جاءِ ماڻينديون.


    ڊاڪٽر ظفر عباسي
    28 مئي 2017


      سڦلتا جا ديپ ۽ مهانتا جي مهنداري جو شرف

    سٺي لکڻي ڪنهن “ اوور ڪوٽ ” مان نه پر چئني ڏسائن يا وارتائن جي ڪُک مان نروار ٿيندي آهي ۽ اهو عمل هڪ اهڙو ڀيانڪ سچ بڻجي پوندو آهي جنهن تي نئين سر کوج (تحقيق) جي ضرورت آهي ، ويجهڙ جي سنڌي ڪهاڻي کي ڏسي وٺو ، نئين ٽهي ڇا لکي رهي آهي ؟ ان تي ويچارڻ کان اڳ ان “سچ ” جو تجزيو ضروري آهي . آس پاس جو وايومنڊل ،ذهني غلامي ،ريتن رسمن جي ڌٻڻ ، اونچ نيچ جو ڦندو ، پرولي بڻجندڙ رشتا ، لطيفو بڻيل حيات ، اتفاق ۽ حادثا، ٿيڻي اڻ ٿيڻي ، آس نراس ، ٻه واٽو ۽ ٿوهر راهداري جهڙا موضوع وڏين ڪهاڻين جو سبب بڻيا، رڳو اهو الميو ئي ڪافي ناهي ، پوري دنيا ۾ لکڻ لاءِ جيڪي به حادثا ۽ واقعا سامهون اچي رهيا آهن ، اهي سڀ ڪهاڻين جو حصو بڻجندا پيا وڃن، سماج جا ٻٽا معيار ، پاڙيسرين جو ورتاءُ ، رشتن جو تقدس ، پيار جي اڻاٺ ، پنهنجن جي ڌڪار هي سڀ رويا الڳ الڳ ڪهاڻين جو حصو بڻجي رهيا آهن .
    هن ئي ڪهاڻين جي مجموعي جو جائزو وٺئون ته “هي رات ۽ مقدر ،بارش ، هڪ سسئي ٻيا سور ، پوترتا_پڇتاءُ ،رات جي پيٽ ۾ ، دل جي دانهن ، حضرت عشق ، موت ، سُر جو سرجڻهار ۽ ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ”تخليق جو سبب بڻيا آهن ، ڪڏهن تجريدي علامت جو سهارو وٺندي ته ڪڏهن وري سڌن لفظن جي روپ ۾ ، جيئن سانئڻ “ تسليم سحر ” جون تخليقون ، هن جي تخليقي دامن ۾ تلخ ، تز ، اندر ڇهندڙ ، چهنڊڙي پائيندڙ لفظن جو ڀنڊار شامل آهي جيڪو مروج رواجن کي آرسي ڏيکاريندو رهي ٿو.
    آڳاٽي سنڌي ڪهاڻي جو آسمان هن کان الڳ ناهي ،هتي به اهائي پيڙا آ جا آڳاٽين ڪهاڻين ۾ سموئيل آهي .هاڻ “علامت” ۽ “اشاري” ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ وارو زمانو گذري چڪو آهي ، لکندڙ “دوستي” جي مذهب تي ويساهه رکن ٿا ، هاڻوڪو سرجندڙ ادب ٻن ناراض دلين کي جوڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ، انهن ڪردارن کي اوهين تبديل ڪري به ڏسي سگهو ٿا، سياست دلين تي حاوي ٿي چڪي آهي پر نئون نسل سياست کان پاسيرو ٿيندي هڪٻئي سان ڳراٺي پائڻ لاءِ آتو آهي .
    ويجهي ماضيءَ ۾ “ زبان بندي ” جي جا صورتحال پيدا ٿي ، ان مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪهاڻيڪارن /تخليقڪارن علامتي انداز اختيار ڪيو ، ٻين لفظن ۾ اهڙو کليو اظهار نه ڪيو وڃي جنهن سان وڃي ڪاٺ ۾ پئجي . هتي وارتائون ڳڻائڻ منشا ناهي پر ذهين ڪهاڻيڪارن /تخليقڪارن جو هڪ وڏو قافلو سٺيون ۽ نڪور ڪهاڻيون /تخليقون سامهون آڻي رهيو آهي .
    سانئڻ تسليم سحر جون ڪهاڻيون نئين دور جون ڪهاڻيون ضرور آهن پر هنن مان ماضيءَ جا اولڙا به نظرجن ٿا ، هي ڪهاڻيون لفاظي هنر کان متاثر ناهن پر اڄ جو سچ ڳالهائيندڙ آهن .
    هي ڪهاڻيون هن سماج جو چهرو آهن ، انائن جي گندگيءَ سان ڀريل چهرو ، جنهن ۾ اڃا سوڌو انسيت کي ڪا جائز والار ناهي ملي ، ان چهري کي ادب جي آرسيءَ ۾ ڏيکارڻ جي ضرورت پوي ٿي ته سرجڻهار کي ڍڪيل لفظن ۾ نه چاهيندي به چوڻو پوي ٿو ته : “ چهرن تي چڙهيل انائن جي دز کي هٽائڻ جي اجازت ناهي ”.
    ڪيڏي نه خطرناڪ ڳالهه آهي ...! رشتن ، ناتن جي سطح ڪهڙي وڃي بيٺي آهي ؟ ، جذبا ڪٿي سمهي پيا هن ؟ ،احساس ڪٿي گم ٿي ويا آهن ؟ انسانيت ڪيئن ٽياس تي ٽنگجي چڪي آهي ؟ اهڙي چهري کي ڪالهه تائين سامهون آڻڻ ايترو آسان نه هو ، پر سانئڻ تسليم سحر جي ڪهاڻين ۾ هن سماج جي دزيل چهري جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ضرور ملي ٿي ، هنن مثالن مان اسين ڀلي ڀت سماج جي درد کي ادبي تخليق جي روشني ءَ ۾ پروڙي سگهون ٿا.
    هن جي سمورين ڪهاڻين جو هيرو “وقت ”آهي پر اهو به سچ آهي ته سموريون ڪهاڻيون حادثن جي ڪک مان جنميون آهن ، سماج جون وارتائون پهرين به ڪهاڻين جو “ ٿاٽ ” بڻجنديون رهيون آهن پر هنن ڪهاڻين ۾ جدت پڻ بکي رهي آهي ، جا سرجڻهار جي ڪوتا کيتر ۾ پنهنجي حصي جو واڌارو ضرور ثابت ٿيندي .
    هنن ڪهاڻين ۾ معاشري جي ڪردارن کي قلمبند ڪيو ويو آهي ، رڳو اهو ئي نه پر موضوعن جي چونڊ ۽ انهن سان نڀاءُ ڄرڪندڙ سماج جي چيخ پڻ ثابت ٿيو آهي .
    “ پوترتا_ پڇتاءُ ” سماج جو خاص چهرو بڻجي چڪو آهي ، ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو انهيءَ سلسلي جي اهم ڪڙي آهي ، هتي هر ماڻهو هڪ مسخرو آهي ، اسٽيج جو ايڪٽر يا ڪٺ پتلي ، جنهن جون واڳون سدائين دز چڙهيل چهرن وٽ ئي رهيون آهن ، عوام کي رڳو اشاري تي پنهنجو ڪرتب ڏيکارڻ يا پنهنجو “رول” پلي ڪرڻو آهي ، هاڻ آهستي آهستي دز چڙهيل چهرن جي پڪڙ مان آزادي ملي رهي آهي ، نئون نسل هاڻ وڏي وات پنهنجي بات چوڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ، ماحول چاهي جهڙو به هجي پر “ پوترتا_پڇتاءُ ” جهڙي تخليق کليل هوا ۾ ساهه کڻڻ شروع ڪيو آهي ، مرد ليکارين جي هجوم ۾ عورت ليکڪا سامهون اچي چڪي آهي ۽ اها بي خوفي سان گڏ پنهنجيون ذميواريون نڀائي رهي آهي .
    شال سندس هي قلم پورهيو سڦلتا جا ديپ جلائي مهانتا جي مهنداري جو شرف ماڻي .

    انور سومرو


    ڪهاڻيون

    هي رات ۽ مقدر

    منهنجي جسم ۾ ايترو ته ٿڪ جذب ٿي ويو آ جو جسم چڪناچور پيو ٿئي، ايتري تائين جو بستر تي پاسو بدلائڻ تي به دل نه ٿي چوي، ڪا تڪليف به نه آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ زندگي گهڙيال جي ڪانٽن وانگر بيهجي وئي آ، خبر ناهي مون کي ڇا ٿيو آ، ڄڻ صدين کان رڻ جهاڳيندي ۽ سفر ڪندي پئي اچان، ڄڻ رستن ۾ ڪنڊن ۽ پٿرن ڪر کنيو هجي ۽ سج پوري آب و تاب سان اکيون وڇايون هجن، منهنجي رستن جي خبر به نه آهي، منزل ڪٿي ۽ ڪهڙي آهي، اڃ ڄڻ ڳلو چيريندي هجي، چپ سڪي چيرجي پيا آهن، چاهتون رت ڏيئي ڏيئي ساڻيون ٿي پيون آهن، اکين جو سمنڊ سڪي ويو آهي، جذبات ڪيڏا ويڳاڻا آهن، روح ڪيڏو زخمي آهي، سارنگ ائين ڇو ڪيو؟ٰ!.
    هن منهنجي سچائيءَ ۽ تقدس سان پيار ڇو نه ڪيو؟ ها هن لالچ وارو پيار ڇو ڪيو؟، هُو ڇو نه ٿو سمجهي پيار ۽ پاپ ۾ فرق؟ هن کي به منهنجي سونهن سان پيار آ، اهڙي سونهن سان جيڪا ٻن ٽن سالن کانپوءِ دم ڏيندي ۽ جڏهن سونهن دم ڏيندي ته پوءِ ڇا هُو مون سان اهڙو ۽ ايترو ئي پيار ڪندو؟ نه! شايد نه! جنهن جي سونهن ڪمزوري هجي، اهو ان کانسواءِ ڪين ٿو رهي سگهي، اڄ جيڪو منهنجي سونهن تي هام هاري رهيو آهي، اهو ڪنهن به ٻيءَ سونهن تي ساهه ڏئي ٿو سگهي. شايد سج منڊو ٿي پيو آهي، رات ڌرتيءَ کي ڪاري چادر ۾ اوڙهيل ئي ڏسڻ ٿي چاهي، الائي ڇو صبح ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، ڪڏهن صبح ٿيندو؟ مان هن سان جيڪي به ڳالهيون ڪيان ٿي، هن کي منهنجون ڳالهيون ڳجهارتون لڳن ٿيون، ها شايد ان لاءِ جو هُو سڀ ڪجهه وساري ڇڏي ٿو.
    هن کي هر ڳالهه نئين ٿي لڳي ۽ هو ان نئين ڳالهه کي مختلف پاسن ڏي ڊوڙائي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن ائين ڇو لڳندو آهي، ڄڻ هن کي منهنجي ڳالهه منهنجي جذبن سان ڪو به لڳاءُ نه آهي.
    مان به ڪيڏي چري آهيان، هن جي واضح چوڻ کانپوءِ به ايترو نه ٿي سمجهي سگهان ته هتي صرف دال ۾ ڪارو نه بلڪه سڄي ساري دال ئي ڪاري آهي. نه نه ائين نٿو ٿي سگهي.
    مان سارنگ کي پيار جي پاڪيزگيءَ سان چاهيو آهي، هُو منهنجي روح ۾ شامل ٿي چڪو آهي، هُو منهنجي روح سان نه ٿو کيڏي سگهي، مون ته هن کي هميشه چنبيليءَ جي گل جيان ڏٺو آهي، تازو توانو، صاف ۽ پاڪ. هن جي وجود ۾ ڪارو گلاب ڪيئن ٿو ڦٽي سگهي؟، هُو ته صبح جي ٿڌڙي هير جهڙو آهي، هو هن ڪاري ڏانئڻ رات جهڙو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ مان ته هن جي ايترو ويجهو اچي چڪي آهيان جيڪڏهن هن کان ڌار ٿيس ته مري ويندس ۽ هن جي ان روپ سان جيڪڏهن هن جي ويجهو رهيس ته منهنجو روح منهنجي اندر جو انسان مري ويندو. نه مان مومل جيان ڏاگهه تي چڙهي ٿي سگهان، مان سهڻيءَ جيان سيرن ۾ لُڙهي ٿي سگهان، مان سسئي جيان جبل ته جهاڳي ٿي سگهان، پر پيار کي پئسن تي وڪرو نه ٿي ڪري سگهان.
    ها مان اهو ڪڏهن به چاهيندي به وساري نه ٿي سگهان ته ننڍڙن پتڪڻن پيرن سان سيءَ جي پوهه پارن ۾ جُتِي نه هجڻ سبب الل صبح جو شاپر پائي ڪيئن نه مسجد ڏي ويندا هئاسين ۽ سج جي نڪرڻ شرط صراط المستقيم جي صدا سان واپس گهر لاءِ ٻاهر نڪرندا هئاسين.
    صراط المستقيم! صراط المستقيم ڪيڏو نه عجيب آ منهنجو ننڍپڻ، بابا سائين جي پيار کان وٺي ماءُ جي هنج ۾ دڙڪن تائين، ڳوٺ جي گهٽين کان وٺي باغن ۾ وڻن جي لامن تي لڏڻ تائين معصوميت سان ڀرپور زندگي، ڪڏهن روئڻ ڪڏهن کلڻ ۽ ڪڏهن محنت مشقت سان چڪناچور جسم، اهي ڪاغذ جون ٻيڙيون، پوپٽن جون اڏارون، ڪُڪڙن جون ٻانگون، اونهاري ۾ پٽڙو ڀت کائڻ ۽ سياري ۾ باهيون ٻاري مچ مچائي ٽوليون ٺاهي وڏڙن کان ڳالهيون ٻڌڻ، ڀلي ڪيڏو به دردناڪ ننڍپڻ گذريو هجي پر پوءِ به اهي ئي ڏينهن وڻندڙ هوندا آهن.
    مان ڪيڏانهن جي ڪيڏانهن هلي وئي آهيان، صراط المستقيم ڪيڏو نه روح کي راحت ڏيندڙ لفظ آهي، ايترو ئي مزو ۽ سرور شاهه جي تنبوري ۽ ٻيجل جي چنگ ۾ رکيل هوندو، اندر کي ماٺار ڏئي ٿا ڇڏين اهي لفظ، خدا جي قدرت به ڪيڏي نه عجيب آهي، ڪيڏي نه الجهائيندڙ آهي، انسان ته خدا جي نالي جي پهرين اکر جي مام به پروڙي نه سگهيو آهي، بلڪل ائين جيئن مان خدا جي تخليق مان هڪ سارنگ کي به نه سڃاڻي سگهي آهيان، سارنگ ۽ سارنگ جو جنوني پيار هن رات تي به حاوي آهي پر مان هاڻي سندس سان ڪو به رشتو نه رکنديس. پر رشتا ٽٽڻ جا ته نه هوندا آهن! ڇا گذريل وقت انسان جي زندگيءَ مان نڪري سگهي ٿو؟ مان هن جي سحر ۾ ايترو ڇو جڪڙجي وئي آهيان، ڇا مان هن جي طلسم مان آزاد نٿي ٿي سگهان؟ سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو، انسان جبل کي ٽوڙي سگهي ٿو، انسان خدا کي ڳولهي سگهي ٿو، انسان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو ته پوءِ مان صرف هڪڙي سارنگ کي ڇونٿي وساري سگهان؟. ها مان هن جو نالو دل جي بورڊ تان مهٽي ڊاهي ڇڏيندم، ڀل منهنجي دل جو ماس پٽجي ڇو نه پوي، ڀل منهنجي دل زخمي ٿي ڪم ڪرڻ ڇڏي وڃي ۽ بيهجي ئي ڇو نه رهي. مان رڳو هڪڙي شخص کي وڃائڻ واري خوف ۾ هزارين سٺا دوست وڃائي نٿي سگهان، مڃيان ٿي سارنگ جو پيار، سارنگ جون نظرون منهنجي اکين جي درين کان ٿينديون، پتڪڙا پير پائينديون، دل جي ڪچڙي آڳر تي نشان چٽينديون اندر وڃي ٿيون ويهن، دل ۾ ڪتڪتايون پيون ڪڍن، پر هن جي محبت جي تقاضا هڪڙي ۽ منهنجي حياءَ جي تقاضا ٻي آهي.
    صبح ٿئي ته مان سارنگ جا ڪن پٽي کيس چونديس ته سائين هُو تنهنجو رستو ۽ هي منهنجو رستو، پاڻ ٻئي گڏ نه ٿا هلي سگهون، مان پڙهي لکي بڻجي وئي آهيان ته ان جو مقصد اهو ناهي ته آئون ڳوٺ جي ريتن رسمن کان ئي بيخبر ٿي وئي آهيان. اسان ڀل ڪيڏا به ماڊرن ٿي وڃئون پر آهيون تاريخ ۽ تمدن ۾ قيد ۽ اسان جو معاشرو مسلم آهي، پوءِ ڀل کڻي ڪي ماڻهو ان لاءِ ڪهڙي به راءِ رکن، مون لاءِ اهو محترم آهي. تون ڀل مون کي تيزاب سان ساڙي ڇڏ، ڀل مون کي ماري ڇڏ، منهنجي جسم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڪُهي ڪنهن ڳوڻ ۾ وجهي اڇلائي ڇڏ پر مان، مان ئي رهنديس، بختاور ڪڏهن ماروئڙن مياري نه ٿيندي، ڪڏهن پيار کي پاپ ۾ تبديل نه ڪندي.
    اوچتو فائرنگ ٿئي ٿي ته بختاور جا خيال ڪانگ ٿي نه ڄاڻ ڪيڏانهن اُڏامي هليا وڃن ٿا، سڀ گهرڀاتي جاڳي پون ٿا، اوڙو پاڙو اُٿي پوي ٿو، ٿورو اڳ جيڪو سڄو جهان اگهور ننڊ ۾ سُتو پيو هو، وائڙن وانگر وڦلڻ شروع ٿي ويو هيو، ڪنهن چيو شايد ڌاڙو آهي. ڪنهن چيو ڪٿي ڪو ئي اغوا نه ٿيو هجي. ڪنهن چيو نه نه اجايو ٿا ويساهه وڃايو، چور ڏٺا هوندائون، ان لاءِ فائرنگ ڪئي هوندائون. ڪنهن چيو نه نه ادا جيڪڏهن ڪو هلڪو ڦلڪو واقعو هجي ها ته ايتري فائرنگ نه ٿئي ها.
    مائرون پنهنجي ٻارن کي چُهٽي ويون، مالدار پنهنجو مال ڪڍي لڪائڻ خاطر ڪُنڊون پاسا ڳولهڻ لڳا. بختاور کي اُلڪو ٿي پيو ڪٿي ڪوئي مارجي نه ويو هجي، ڪٿي ڪا قيمتي جان نه ڪُٺي وئي هجي، ڪٿي ڪنهن جيجل جي هنج نه خالي ٿي وئي هجي، ڪنهن ونيءَ جو سهاڳ نه ڦٿڪندو هجي، جيڪر ته وڃان ۽ وڃي ڏسان ته مامرو ڇا آهي؟. ڪي نوجوان جيڪي وڏي دل رکندا هئا، اهي ٻاهر نڪري بيهي رهيا، جن ۾ سارنگ به هيو، سارنگ جو آواز ٻڌي بختاور دهلجي ويئي، هن جا پير رڪجي ويا، ڪنهن اونداهه ۾ چيو پٽ تون ڪاڏي؟ بختاور آواز سڃاڻي وئي، بابا سائين اها فائرنگ ڇا جي آهي؟
    منهنجا جاني تون هل اندر هل، اسان پاڻ ئي خبر رکي توکي ٻڌائينداسين، تون هل هلي آرام ڪر.
    بختاور موٽي گهر جي اندر آئي ٿورڙي دير کانپوءِ هُل هنگامو ختم ٿي ويو، سڀ مرد پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن موٽيا، مالدارن سُک جو ساهه کنيو، مائرون پنهنجي ٻارن کي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي سمهاري پاڻ به وڃي پنهنجي کٽولن تي سمهي پيون، پر بختاور جي چهري تي اڃان به ڳنڀيرتا ڇانيل هئي، هوءَ پريشانيءَ سبب چڪر مٿان چڪر ڏئي رهي هئي، بلڪل ائين جيئن ڪاليج ۾ پنهنجي گروپ سان گڏ ۽ پنهنجي ويجهي ساهيڙي زينب سان هٿ ۾ هٿ ڏيئي رائونڊ لڳائيندي هئي، بس فرق صرف ايترو هيو جو ان وقت هن جي هٿ ۾ هن جي پياري سهيليءَ جي ٻانهن هوندي هئي ۽ چپن تي مرڪ هوندي هئس ۽ هن وقت هن جا هٿ خالي ۽ چپن تي دعا سان گڏ چهري تي تمام گهڻو فڪر ڇانيل هيو. هن جي چهري تي فڪر به مرڪ جيان ئي سونهندو هيو. هڪ ڏينهن سارنگ بختاور کي چيو هيو ڏس بختاور! مان تنهنجي سونهن ۽ سندرتا کي ڏسي ته توتي عاشق ٿيو آهيان، تنهنجي سونهن تنهنجون ڳالهيون ٻڌي ئي ته توتي سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ تي دل چوندي آ، جيڪڏهن تون سهڻي ۽ سندر نه هجين ها ته پوءِ مان ڪنهن ٻيءَ ڪنيءَ ڪوجهي کي ڇو نه چاهيان ها، ان وقت بختاور جي چهري تي سوچ فڪر ۽ ساڳئي ڳنڀيرتا اڀري پئي هئي، هن جي سوچ ۽ فڪر واري چهري کي ڏسي سارنگ چوڻ لڳو، توکي سنجيدگي به ٺهي ٿي ۽ مرڪ به، توکي خدا ايڏو سهڻو ڪري ڪيئن پيدا ڪيو آهي؟ تو ۾ خدا ڪا به خامي نه رکي آهي، انسان بنان ڪنهن خاميءَ جي ڪيئن ٿو پيدا ٿي سگهي؟!. جنهن تي بختاور کلي پئي هئي ۽ کيس چيو هئائين مون ۾ ته هزارين خاميون آهن پر اهو ڳولهڻ واري تي مدار ڇڏيل آهي ته هُو خاميون ڳولي سگهي ٿو يا نه؟ اوچتو بختاور جا قدم رڪجي وڃن ٿا، سامهون هن جي پيءُ جو آواز اچي ٿو، ابا سارنگ الله امان ڏئي (بس هن جو پيءُ سارنگ ۽ ٻيا ٻه ٽي مرد بختاور جن جي گهر آيا) بختاور جي پيءُ کين چيو اچو سائين ويهو.
    بختاور سارنگ کان نظرون بچائيندي پيءُ کان پڇي ٿي بابا سائين ڇا ٿيو آهي؟.
    امان ڳوٺ جي ٻن ماڻهن پنهنجي عورتن کي ڪارو ڪري ماريو آهي ۽ ڪارن جي گهرن تي ڪاهه ڪئي اٿن.
    ڇا؟ بختاور وائڙي ٿي پيءُ کان پڇي ٿي، هن جي دل ٽچڪڻ لڳي ٿي، بلڪل ائين جيئن جبل ۾ لاوو اڀامندو آهي ۽ حياءَ شرم ۾ ڪنڌ به کڻي هيٺ ڪيائين، پر اهو ڪيئن ٿيو بابا سائين اسان جي ڳوٺ ۾ ته ائين اڳ ۾ ڪونه هئو، هتي ته ڪنهن کي به پنهنجي پيٽ کان سواءِ ڪو به جذبو برغلائيندو نه هو؟
    پُٽ! هتي به ته ائين ئي آهي، هنن کي به ته پيٽ ئي برغلايو آهي، پيٽ ئي هنن کي پنهنجي عصمت وڪڻڻ تي مجبور ڪيو آهي.
    اهو وري ڪيئن؟ بابا...!
    بختاور هنن پئسن خاطر پنهنجي ڇوڪرين کي بندوقن هوندي به ڪهاڙين سان ڊڪائي ڊڪائي ڪپي ماريو آهي، ايتري تائين جو هنن جي شڪل صورت به ڏسڻ وٽان نه ڇڏي آهي، هنن جون آهون ۽ دانهون فضا ۾ گونجي گونجي ختم ٿي ويون پر هنن ڪو به احساس نه ڪيو، صرف ان لاءِ ته هُو ڪارن کان پئسا ۽ سڱ وٺي سگهن، ان لاءِ هنن پنهنجون ڇوڪريون ڳوٺ کان ٻاهر جهنگ ۾ ڪُٺيون آهن، جن جو گوشت ٻنين ۾ وکريو پيو آهي، ايڪڙن ۾ ڊوڙيون آهن، ويچاريون ۽ رت جيڪو بلڪل ڳاڙهو آهي ان سان هنن ميلن کي رنڱيو آهي، سارنگ جي ڳالهه ٻڌندي بختاور هيٺ ويهي ٿي رهي، پنهنجي پيءُ جي گوڏن تي ڪنڌ رکي چوي ٿي بابا سائين پر اهو ته ظلم آهي، هوءَ بلڪل ساڻي ٿي وڃي ٿي ڄڻ هوءَ ئي ايڪڙن ۾ ڊوڙي هجي، ڄڻ هن تي ئي ڪهاڙين جا وار ٿيا هجن، ڄڻ هوءَ ئي لال لهوءَ ۾ ڳاڙهي ٿي هجي، هوءَ جيڪا اڇي وڳي ۾ بلڪل جل پري ٿي لڳي، پيءُ به ساڻو ٿي چوي ٿو ها پٽ آهي ته ظلم، پر پٽ اهي شيون اسان وٽ صدين کان هلنديون پيون اچن، نه ڄاڻ ڪيترن کي ان رسم کائي کپائي ڇڏيو آهي، اسان وٽ اهڙا نه ڄاڻ ڪيترا نه مڃيندڙ واقعا ٿين ٿا پر اسان نه مڃڻ باوجود مڃي ٿا وٺون، ڪڏهن اسان پيرسن مردن هٿ پئسن ۾ ڌيئرون وڪرو ڪري ٿا ڏيون ته ڪڏهن 8 سالن جي ڌيءَ کي 50 سالن جي مرد سان ڪارو ڪري ٿا ماريون، ڇا ڪجي پٽ اسان جهالت جي دلدل ۾ ڦاٿل آهيون.
    بختاور جي اندر ۾ ولُوٽ پئجي وڃي ٿو، سارنگ ڏي ڏسي پيءُ کي چوي ٿي بابا سائين توهان مرد .... ۽ جملو اڌ ۾ ڪٽي ڇڏي ٿي، هن جي آواز ۾ (جيڪو ڪوئل جيان مٺو آ) حراس ۽ ڏڪڻي اچي وڃي ٿي.
    پيءُ شفقت ڀري نظر ڌيءَ تي وجهي ٿو، پيءُ جي پيار ۾ ڌيءَ ٿڌي برف ٿي وڃي ٿي، ٻيا خاندان جا ويجها ماڻهو به هن جي پيءُ ۽ کيس کي وائڙن وانگر ڏسن ٿا، هن جو پيءُ بختاور کي سيني سان لائي ٿو، مٿي تي هٿ رکي چوي ٿو پٽ الله سائين توکي حياءَ جي زيور سان نوازيندو ۽ تنهنجا نصيب ڀلا ڪندو، ائين چئي هو اڳتي نڪري ٿو، ڇو جو هاڻ باک ڦٽي ايندي آ ۽ فجر جي نماز جو ٽائيم ٿيڻ وارو هوندو آ، ٿورڙي دير لاءِ ننڊ ڪري هن جي پيءُ نماز وڃائڻ نه پئي چاهي. ٻيا سڀ بختاور جي پيءُ سان گڏ هيا ۽ سارنگ هن کان ٿورڙو پوئتي رهجي ويو هو، هُو سرگوشيءَ ۾ بختاور سان مخاطب ٿئي ٿو: بختاور مون کان جيڪڏهن ڪا غلطي ٿي هجي ۽ جذبات ۾ اچي تنهنجي ڪا دل آزاري ڪئي هجي ته مون کي پنهنجو سمجهي معاف ڪري ڇڏجانءِ، مان توکي ڪنهن به حال ۾ وڃائڻ نٿو چاهيان، منهنجي ڪا ڳالهه بُري لڳي هجئي ته پليز! مون کي پنهنجو سمجهي معاف ڪجانءِ. مان تنهنجي اڳيان هٿ ٿو ٻڌانءِ.
    بختاور هن جون ڳالهيون خاموشي سان ٻڌي ٿي هن جي اندر ۾ ماٺار اچي ٿي، سارنگ ٻيهر پڇي ٿو بختاور معاف ڪندينءَ نه؟
    بختاور نرم ٿئي ٿي ۽ چوي ٿي ها پر ان شرط سان ته اهڙي غلطي ٻيهر ڪڏهن به نه ڪندين، مان به توکان پري ٿيڻ نه ٿي چاهيان، پر مون کي ڊپ آهي ته تنهنجون اهڙيون غلطيون ڪٿي توکي مون کان وڃائي نه ڇڏين.
    نيٺ سج جو مُڙيل پير به ٺيڪ ٿئي ٿو ۽ هو پنهنجي پنڌ تي نڪري اچي ڪاري رات جي چادر کي جهان تان هٽائي جڳ کي ڌيري ڌيري روشن ڪري ٿو، سج جا ڪرڻا زمين کي چُمن ٿا ته زمين حياءَ ۾ ترو تازه ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي مٿان سمورا رنگ ائين ظاهر ڪري ٿي جيئن اکين جي اڳيان کليل ڪتاب مٿان چٽي ۽ واضح لکت هجي، ڪنهن اهڙي محبوبه جيان جيڪا پرينءَ جي پيار اڳيان سمورا هار سينگار، ناز ۽ نخرا هاري ويهندي هجي، پکين جي چهچهائٽ ائين گونجي ٿي جو ڪنن مان آواز ٿيندو جسم ۾ عجيب قسم جي طاقت ڀري ٿو، بختاور پنهنجي ڪم ڪار کان آجي ٿي کير ڪاڙهڻ لاءِ ديڳڙي ۾ لاهي ٿي، هن جي ذهن ۾ سارنگ جا آخري لفظ گونجن ٿا، بختاور بلڪل نارمل کير کي ٿانو ۾ صحيح سلامت لهندي ڏسي ٿي، ڏسندي ئي ڏسندي کير ٿانو کان وڌي هيٺ واهيءَ جيان وهڻ لڳي ٿو مگر هن کي ڪو احساس ئي نه آهي، اوچتو خيالن جي زنجير ٽٽي ٿي ۽ بختاور هڪ وڏي رڙ ڪري ٿي، جنهن تي سندس ماءُ جيڪا آرام ڪري رهي هئي، اُڀي ٿي وڃي ٿي، اڙي امان ڇا ٿيو؟
    هوءَ ماءُ جي پريشاني ۽ ڳنڀيرتا ڏسي بيباڪ کلڻ لڳي ٿي، ايتري تائين جو کلي کلي ساڻي ٿي پوي ٿي، ماڻهس هن جو کلڻ ڏسي چوي ٿي، ڏس ته سهي ڇوڪريءَ کي ٻڌائڻ بجاءِ کلي ٿي، بختاور ماءُ جي حالت ڏسي خاموشي اختيار ڪري ٿي ۽ ماءُ جي ٻنهي ٻانهن کان وٺي کيس ڀاڪر ۾ ڪري ويهاري ٿي ۽ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چوي ٿي، ڪجهه به نه ٿيو آ امان بس رڳو کير هارجي پيو آهي، اڙي امان اها به ڪا ڳالهه آهي رڙ ته اصل اهڙي ڪيئي جو مون سمجهيو ته ڪا بجليءَ ۾ ڦاٿي آهي يا ڪنهن ڪاريهر ڏنگيو اٿس، ماڻهس شوخيءَ گاڏڙ ٻاجهاري لهجي ۾ چوي ٿي.
    بس امان رڙ به پنهنجي پرڪارن تي ڪئي ۽ کل به پنهنجي پرڪارن تي پئي آئي، چڱو امان کير ڪاڙهيان ته پوءِ اچي ڳالهايون ٿا.
    ها پر هن کير تي هاڻي پوچو ته هڻي وڃ نه.
    ها! امان هڻان ٿي، ائين چئي هوءَ کير گرم ڪرڻ لاءِ وڃي ٿي، اوچتو سارنگ جي ماءُ دروازي مان ڪنڌ ڪڍي ٿي.
    سلام دعا ڪري هوءَ بختاور جي پيءُ جي پڇا ڪري ٿي، ايتري ۾ بختاور پوچو کڻي اچي ٿي سارنگ جي ماءُ سان ملي سندس ڌيءَ شانا يعني شهناز لاءِ پڇي پوچو هڻي وڃي ٿي.
    سارنگ جي ماءُ چوي ٿي: ادي ماشاءَ الله بختاور ته چوڏهين جي چنڊ کان به وڌيڪ نکري آئي آ.
    ها ادي جواني آهي جواني ته بهار مثل آهي، هر شئي کي مهڪائي ڇڏيندي آهي.
    ها ادي چوين سچ ٿي پنهنجي جواني ۽ هن مهل جا ڏينهن ڏسون ٿا ته سچ ڏينهن ۽ رات جو فرق اکين اڳيان اچي بيهي ٿو.
    ڇڏ ٻيجل ماءُ مان به ڪهڙا قصا کولي ويٺي آهيان، بختاور جي اچڻ ڪري تو ته ٻڌايو ئي ڪو نه ته ادو پنهون ۽ ٻيجل ڪيئن آهن ۽ ڪٿي آهن.
    ها سارنگ ماءُ ادهن ته رات جيڪا واردات ٿي آهي اوڏانهن ويو آهي، باقي الله شل سدا خوش رکي ٻيجل کي اهو پنهنجي پڙهڻ ۾ لڳو پيو آهي، ڊاڪٽري جو آخري سال اٿس، بس اهو پڙهي اچي ڳوٺ جي اسپتال سنڀالي، گهر آباد ڪري ته منهنجا سڄي عمر جا ٿڪ لهي وڃن.
    ها ٻيجل ماءُ تو به ڏاڍا ڏکيا وقت ڪڍيا پر شڪر ڪر هن وقت الله جو جنهن سڀ ڪجهه ڏنو اٿئي.
    ها ڀيڻ هن سڀ جو ته مون خواب ئي ڪونه ڏٺو هيو پر شڪر آهي، الله سائين جو هن ايترو ته نوازيو آهي جو پنهنجا ٻار نه صرف پڙهايا پر هنن جي مستقبل لاءِ به کوڙ ڪجهه ٺهي ويو آهي، اهو سڀ تنهنجي ڀاءُ جي محنت ۽ ٻارن جو سٺو ڀاڳ آهي.
    الله شل اڃان به وڌيڪ سٺو نصيب ڪندن، آمين. ٻيجل ماءُ هنن جي مستقبل لاءِ ۽ شاديءَ لاءِ ڪجهه سوچيو به اٿئي؟
    سوچيان وري ڇا، پنهنجو پيءُ حال حيات ويٺو جو اٿن.
    ڀيڻ ٻيجل ماءُ مان آئي هيس تو وٽ هڪ کان ٻه ڪم کڻي.
    هڪ ڪم ته پاڻ اٿي ته هلون ڇوڪرين جو منهن ڏسي اچئون، ويچارين سان ڏاڍن ڏاڍو ڏاڍ ڪيو آ، اصل منهن جي رتي نه ڇڏي اٿن، ڏسڻ لاءِ، مائرن جا هنياءَ پيا ڦاٽن، هوءَ ادي ڦاپل ته اصل هوش ۾ ئي ڪا نه اٿن.
    ها سارنگ ماءُ ڪيو ته ظالمن ڪيس آهي پر ڪيس تي به ماڻهو واهه، واهه ڪندا هوندن.
    واهه واهه وري ڪير ڪندو هوندن؟ هتي ته سڄو ڳوٺ ئي سوڳوار آهي، پکي پکي ۽ ٻوٽو ٻوٽو ٿو روئي بهار ۾ ڄڻ ته خزان ڇانيل آهي، ٻاهر نڪري ته ڏس اصل هنيانءُ هٿن ۾ اچي پوندئي. شڪر ڪر جو ٿورڙي پر ڀري ۽ سهڻي ماحول ۾ آهين نه ته اتان ته جيڪو اچي ٿو اصل ٻوساٽيو وڃي.
    ڇڏ ادي تون ٻيو ڪم ٻڌاءِ ته پوءِ هلون
    ٻيو ڪم ڀيڻ موقعو ته اهڙو ڪونه آهي، اهڙي قسم جي ڳالهه ڪجي، پر مڙئي ڳالهه اڇليان ٿي توکي ته خبر آهي جتي ٻير هوندي اتي ڀتر ته لڳندا، تون مڙئي سٻاجهڙي آهين مون سوچيو مڙئي رات سارنگ پيءُ کي وٺي ايندس، ادي سان به ڳالهائيندس، دراصل ڀيڻ مان بختاور لاءِ جهولي ٿي جهليان، تون پنهنجي ڌيءَ منهنجي ڌيءَ به ڪر، مان سوالڻ بڻجي تنهنجي در آئي آهيان، ٻيلي مون کي خالي جهوليءَ نه اماڻجانءِ، منهنجي نماڻي التجا قبول ڪجانءِ.
    بختاور کير ڪاڙهيندي هلڪي ڦلڪي سارنگ ماءُ جي ڳالهه ٻڌي ورتي، دل ئي دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيڻ لڳي ڄڻ ته هن لاءِ بهار ئي هاڻي آئي هجي، هوءَ وڌيڪ گهرائي سان سارنگ ماءُ ۽ پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي ٿي، سومري جيڪا سندس ماءُ آ سارنگ ماءُ سان مخاطب ٿئي ٿي ادي مون کي ڏاڍي خوشي ٿيندي جيڪڏهن ائين ٿئي ته، سارنگ مڙئي ڏاڍو سٺو ڇوڪرو آهي پر منهنجي ڀيڻ اهي معاملا تنهنجي ڀاءُ جي هٿ وس آهن، تون هيئن ڪر جو ادي جن کي رات وٺي اچجانءِ ، مرد مرد سان ڳالهائي ته بهتر آهي.
    ڀيڻ دراصل مون کي ڏاڍي بي صبري هئي، اڌ دلاسو ته تو ڏنو آهي باقي اڳتي الله ڀلي ڪندو، جيڪڏهن توکي ڪو اعتراض نه آهي ته پوءِ ڀاءُ کي ڇا جو اعتراض، مان ته اصل خوشيءَ ۾ سڀ ڪجهه وساري ٿي ويهان، هو ٻئي نڪري وڃن ٿيون پٺتي باقي بختاور بچي ٿي، اوچتو در کڙڪي ٿو، بختاور در کولي ٿي سامهون سارنگ بيٺو هيو، سارنگ تون.
    ها بختاور مان، مان توکان بغير رهي نٿو سگهان ۽ تون ڏاڍي سنگدل آهين ان لاءِ امان کي موڪليو هيم ته جيئن ڪا ٻي غلطي نه ڪيان جو تون مون کان خفا ٿئين، تون جلدي ٻڌاءِ ته تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ کي ڇا جواب ڏنو ته مان وڃان ڪوئي ڏسي نه وٺي ڪٿي ائين نه ٿئي جو هنن ٻن لاشن سان گڏ هنن ٻن لاشن جو به واڌارو نه ٿي پئي.
    ڏس سارنگ مان تنهنجي ۽ پنهنجي ماءُ جون ڳالهيون ناهن ٻڌيون، مون کي ڪهڙي خبر ته هوءَ ڇا چوڻ آئي هئي ۽ امان هن کي ڪهڙو جواب ڏنو، تون مون کي ٻڌائي ويو هئين ته بختاور مان امان کي موڪليان ٿو، تون هنن جون ڳالهيون ٻڌجانءِ ۽ الله نه ڪري جو مون کي اهڙو موت نصيب ٿئي.
    ڏس بختاور مون کي ڏاڍي بيچيني آهي، مون کي جلدي ٻڌاءِ بنا ڪنهن مذاق جي ته منهنجي من کي ڪا شانتي ملي.
    ڏس سارنگ هاڻ تون مون کي تنگ ٿو ڪرين.
    ۽ بختاور تون، تون مون کي پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي ڪرين، تمام تيز لهجي ۾ سارنگ بختاور سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو.
    چريو آهين مون کي لڳي ٿو تنهنجو دماغ ڦري ويو آهي، مان مشرقي ڇوڪري آهيان، جناب جيڪڏهن ٿورڙو گهڻو پڙهيم ۽ شهر ۾ رهيم ته ڇا مغربي ٿي ويس، اجايو منهنجو ۽ پنهنجو قيمتي وقت ذيان نه ڪر صبر ڪر تنهنجي ماءُ اچي ته ان کان پڇ، هاڻي مهرباني ڪري تون هتان وڃ.
    ڏاڍي سنگدل آهين بختاور ڏاڍي سنگدل، بختاور ٻارن جيان زبان ڪڍي ويچارا ڪڍڻ لڳس ۽ پوءِ در بند ڪري اچي پنهنجي منهن کلڻ لڳي، آئيني جي اڳيان اچي پنهنجو مڪمل جائزو ورتائين، ان وقت هونئن کان پاڻ کي ڏهوڻ تي وڌيڪ خوبصورت پئي لڳي، دل چويس پئي ته جيڪر پاڻ سان ويهي ڳالهيون ڪري، ڄڻ اها بختاور نه پر ڪا ٻي ڇوڪري هجي، جيڪا هن ڏي نهايت ئي پيار سان نهاريندي هجي ۽ چوندي هجي ته اچ مون سان دل کولي ڳالهيون ڪر.
    ٿوڙي دير کانپوءِ دروازو کڙڪيو دروازو بختاور کوليو، سامهون شانا بيٺي هئي، شانا تون؟
    ها مان، مون کي ادي سارنگ موڪليو آهي، صرف اهو پڇڻ لاءِ ته تنهنجي ماءُ منهنجي ماءُ کي ڇا چيو آهي؟
    شانا تون اهو ڇا پئي چوين مون کي تومان اها اميد نه هئي، تون پنهنجي ڀاءُ جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ڇو ۽ مڃي ڇو؟ ڇا ڀينر ان لاءِ هونديون آهن ۽ تنهنجي ماءُ تنهنجي گهر اچي نه ها جو تون هتي پهتي آهين. تنهنجي ۽ منهنجي دوستي پنهنجي جاءِ تي آهي پر آئنده اهڙو ڪم هرگز نه ڪجانءِ، مون ڪنهن جي به ڪا به ڳالهه نه ٻڌي آهي ،مون کي خبر ناهي ته تنهنجي ماءُ ڇو آئي هئي ۽ هنن وچ ۾ ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي؟ تون هاڻي جهٽ سوا ويهه مان چانهه ٺاهي اچان ٿي، پي پوءِ وڃجان.
    نه بختاور مان چانهه نه پيئندس ڇو جو ڀاءُ جي حالت گهر ڏاڍي خراب آ، هن جي طبيعت ئي مون کي اهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو هيو، هاڻ مون کي هلڻ کپي، ٺيڪ آ جيئن تنهنجي مرضي، ايتري ۾ بختاور جي ماءُ به اچي ويئي، ڌيءَ شانا خوش ته آهين نه؟ ها پڦي مان خوش آهيان، توهان ٻڌايو؟ مان بلڪل ٺيڪ آهيان، پٽ ويهه نه بيٺي ڇا لاءِ آهين.
    نه پڦي مان هاڻ هلان ٿي، امان به گهر پهتي هوندي ۽ ڪجهه ڪم به رهيل آ.
    ٺيڪ آ پٽ جيڪا تنهنجي مرضي.
    چڱو پڦي وري ڪنهن ٻئي ڏينهن ايندس.
    چڱو پٽ الله نگهبان، شانا جي ويندي ئي ماڻهس بختاور کان پاڻي گهريو، پاڻي پي ويچاري نه ڄاڻ الائي ڪهڙي جهان ۾ گم ٿي ويئي.
    امان ڪهڙي سوچ ۾ آهين؟ بختاور جي سوال تي ڄڻ اوچتو ننڊ مان جاڳي پئي.
    ڪهڙي وري ڪهڙي سوچ ۾ هوندس، پٽ بس سوچيان ٿي ته ڪيڏي بي درد آهي دنيا انهن ڇوڪرين جي دلين ۾ به ڀائرن لاءِ ڪيڏا ارمان هوندا ۽ انهن ئي ڀائرن اهڙو داغ هڻي هنن کي بيدرديءَ سان ڪُٺو آهي، مارين ها، انهن کي ان کان به وڌيڪ اذيت ڏئي قتل ڪن ها پر گهٽ ۾ گهٽ ڪارو ڪري نه مارين ها! الائي ويچارين نياڻين جو اَنُ ختم ٿي پيو اٿن الائي ڪهڙو مسئلو هُين جو ظالمن پنهنجن تي ايڏو ظلم ڪيو؟!
    بختاور خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌي رهي هئي، اوچتو دروازو کليو، ٻيجل ماءُ خبر اٿئي ٻيجل ڳوٺ پيو اچي، بختاور جي پيءُ چيو.
    نه نه اها ڳالهه ٻڌندي ڄڻ ته سڄي گهر ۾ شادمانا وڄي ويا، سڄو گهر ڄڻ ته ٻهڪي اٿيو، سڄو سوڳوار ماحول گلن جيان ٽڙي پيو، امان بختاور ان خوشيءَ ۾ شربت ته پيئار.
    ها بابا سائين اجهو ٿي آڻيان. ائين چئي بختاور اندر وئي، بختاور پيءُ هڪ ٻي به خوشيءَ جهڙي ڳالهه آهي ڪهڙي؟
    اڄ سارنگ ماءُ آئي هئي. بختاور جي سڱ لاءِ هُو رات به ايندا، مون کي ته ڇوڪر ڏاڍو وڻي ٿو، مون کي ته لڳي ٿو پنهنجي بختاور جو ڀاڳ کليو آهي.
    معنيٰ ته تون ان رشتي تي راضي آهين؟ بختاور جو پيءُ پڇيس ٿو.
    ها مان ته سمجهان ٿي اسان کي ها ڪرڻ گهرجي، بختاور جي ماءُ چئي ٿي پر وري به بختاور جي مرضي پڇڻ ضروري آهي، ڪنهن ريت ان جي مرضي به معلوم ڪر ۽ ها ٻيجل لاءِ به ڪجهه سوچيو اٿئي؟ بختاور جو پيءُ سوچ ويچار ۾ گم ٿي وڃي ٿو.
    پوءِ ڀلا هيئن ٿي ڪريان جو بختاور کان به ڪنهن نموني مڙئي اوڳر ڪڍي ٿي وٺان ۽ ٻيجل به شام اچي ته ان کان به مرضي پڇي شانا (شهناز) جو رشتو عيوضو ٿا وٺون. بختاور جي ماءُ مڙس کي صلاح ڏئي ٿي.
    بختاور جو پيءُ کيس تاڪيد ڪري ٿو ته شام تائين اهو سڀ ڪم ڪري ڇڏجانءِ ۽ پاڻ ٻيجل کي وٺڻ لاءِ اڳڀرو وڃيس ٿو.
    بختاور ڌيءَ هيڏانهن ته اچ ماڻهس کيس سڏي ڀر ۾ ويهاري ٿي. ڌيءَ اهو سارنگ توکي ڪيئن لڳندو آ؟
    ڇو امان ڇالاءِ ٿي پڇين؟
    امڙ تون لکيل پڙهيل آهين، توکي مڙئي ماڻهن سڃاڻڻ جي گهڻي هوندي، ان لاءِ ٿي پڇان جو مون کي ته اهو ڇوڪرو سٺو ۽ سلڇڻو لڳندو آهي پر مان ڏسڻ پئي چاهيان ته ڪاٿي مون کان ماڻهوءَ سڃاڻ به هٿان ته هلي ڪو نه وئي آ؟ امڙ آخر ته پوڙهي ٿي وئي آهيان نه.
    نه امان نه تون اڃان جوان آهين، پوڙهي ناهين، اجايو وهم نه ڪر. تون ماڻهو صحيح ٿي سڃاڻين، بختاور ماءُ کي دلاسو ڏئي ٿي.
    ماڻهس چيس چڱو ڌيءَ وڃي هاڻي رڌ پچاءَ جي ڪر ڀاڻهين پهچڻ وارو هوندو ۽ بختاور اتان اٿي هلي وئي.
    اوندهه پنهنجا پر پکيڙي ماحول کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي، سارنگ جي ماءُ پيءُ ۽ بختاور جا ماءُ پيءُ توڙي ڀاءُ ٻيجل گهر جي پڌر تي کٽولن تي ويٺا ڳالهيون ڪري رهيا آهن، بختاور پريان چلهه تي کير ڪاڙهي چانهه ٺاهي رهي آهي.
    بختاور جي پيءُ جو آواز بختاور جي ڪنن تائين پهچي ٿو اسان کي سارنگ جو رشتو قبول آهي پر اسان جو به هڪ شرط آهي.
    سارنگ جو پيءُ ڪجهه پريشاني گاڏڙ آواز ۾ شرط جي باري ۾ پڇيس ٿو، بختاور جو پيءُ چئين ٿو شانان جو رشتو اسان کي ٻيجل لاءِ عيوضو گهرجي.
    سارنگ جا ماءُ پيءُ ڪجهه سوچي اتي ئي ها ڪري رشتو پڪو ڪري وٺن ٿا، بختاور سوچي ٿي جي ادا ٻيجل شانان سان صحيح نه هليو ته ڇا سارنگ عيوضي ۾ سندس پيار کي وساري ڇڏيندو ۽ کيس بدلي جي باهه ۾ ساڙڻ لاءِ جلائي کيس ڏکن جون اماڙيون ڏيندو رهندو، بختاور پنهنجي منهن ڀڻڪي پوي ٿي، نه نه سارنگ ائين نه ڪندو، سارنگ ته ڏاڍو سياڻو ۽ ريتن رسمن کان نفرت ڪندڙ آهي.
    پرهاڻي جڏهن سارنگ ۽ بختاور جي شاديءَ کي پورا ڇهه سال گذري چڪا آهن ته هوءَ پنهنجي ماءُ پيءُ جي گهر ۾ کٽ تي ستل ڪاري رات جي چادر مٿان ٽمڪندڙ ستارن کي ڏسندي سوچن ۾ گم سم ننڊ ديويءَ جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي آهي، ٻيجل شانان کي گهران ڪڍي ڇڏيو آهي ته بدلي ۾ سارنگ به بختاور کان ننڍڙو پُٽُ کسي گهر کان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، بختاور ننڍڙي هالار کي ياد ڪري اندر ۾ ڪڙهي رهي آهي ۽ سارنگ جي پيار کي سوچي سندس هنيانءَ ۾ چڪ ٿا پون، هوءَ سوچي ٿي ته هن جو نصيب به شايد هن رات جهڙو آهي، جنهن جي جهول ۾ تارا ۽ چنڊ ته آهن پر اهي ان جا پنهنجا ناهن، ان کي پل کن لاءِ اڌارا ملن ٿا ۽ وري کسجي وڃن ٿا.


      بارش

    ڊسمبر جي 27 رات بارش منهنجا ڪپڙا ڀڄائي رهي هئي، گهر جا سمورا ڀاتي سيءَ وگهي گرم بسترن ۾ بارش جي مزي کان بي خبر سُتا پيا هئا، اوچتو ڪنهن جي هٿن منهنجي ڳلن کي پڪڙي ورتو، ڄڻ ته قيامت اچي وئي، ذري گهٽ رڙ نڪري ويئي، ان کان پهريان جو مان آواز ڪڍان، هُن پنهنجا چپ منهنجي چپن تي رکي زور سان چُوسيو، مان ڦٿڪڻ لڳم، هن سمجهي ورتو، ساهي پٽي چوڻ لڳو”چري مان آهيان، تنهنجو ديوانو.“
    ”اڙي هَٽُ مارايو هيئي ڪاٿئين، اچ هيڏانهن.“ مان هن جي هٿ کي پڪڙي بورچي خاني ۾ گهلي ويس، هن کي ويهاري باهه ٻاري گرم ڪمبل اوڙهائي چانهه تيار ڪرڻ لڳيس، هُو مسلسل مون ڏانهن ڏسندو رهيو، ”هاڻ هيڏانهن اچ سمورا ڪپڙا پُسي ويا اٿئي، مون کان وڌيڪ توکي ڪمبل ۾ ويڙهجڻ جي ضرورت آهي، سمورو جسم به ڏيکارجئي ٿو“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو، ڄڻ ياد اچي ويو، پنهنجي جسم ڏي ڏٺم ۽ بي اختيار هن جي ڪمبل ۾ لڪي ويم، مون کان وسري ويو ته هُو به ان ڪمبل ۾ آهي، هن ڀاڪر ۾ ڀريو، مان هن کي ڏسندي ئي رهجي ويم، هو گنگنائڻ لڳو، ”ها نڪ جي ڦليءَ جهڙو، ڪٿي آ نصيب منهنجو اهڙو ...“
    ”آهستي ڪٿي گهر ڀاتي اُٿي نه پون ۽ ڇڏ منهنجي ڦليءَ کي،“ مان هن جي ڪمبل مان نڪرڻ جي ڪئي پر پوري طرح ان جي قبضي ۾ هيم.“
    ”چري ڳالهه ته ٻڌاءِ“
    ”اها ڳالهه هن ڪمبل کان ٻاهر نڪري به ٻُڌي سگهان ٿي، ڇڏ مون کي!“ آئون چڙي هن جي هٿ ۾ چڪ هڻي پنهنجو پاڻ ڇڏايان ٿي ۽ پوءِ چانهه ۾ کنڊ وجهي ان جي سامهون ويهان ٿي، ”ها ! هاڻ ٻڌاءِ“
    ”ڇا؟!“
    ”جيڪا ڳالهه اڳ ۾ ٻڌائين پيو“
    ”ڪهڙي ڳالهه وسري ويئي؟“
    ”هاڻ ڇڏ بڪواس، ٻڌاءِ به!“
    ”ها ياد اچي ويئي، مان اهو چوڻ پئي چاهيو ته شاعر ڪيڏا نه چريا آهن، ڀلا ايتريون شيون ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آ، نڪ جي ڦلي، سڳي، مُنڊي وغيره وغيره، بس منهنجي دل ته چوندي آ، مان پاڻي هجان ها، ڀلا ٻڌاءِ تنهنجي دل ڇا چوندي آ؟“
    ”تون مونکي ڇڏ پنهنجي ڳالهه ڪر!“
    ”ها منهنجي دل چوندي آ، جيڪر مان پاڻي هجان ها، بارش بڻجي تنهنجو جسم چمان ها، تنهنجو اڱڻ ڀڄايان ها ۽ پوءِ تون پنهنجا پير رکين ها، مان تنهنجا پير چمان ها، تون مون کان پري نه رهي سگهين ها، مون کي پيئين ها اُڃ اجهائڻ لاءِ، مان تنهنجي چپن کان ٿيندو تنهنجي پيٽ ۾ هليو وڃان ها، تنهنجي رڳ رڳ ۾ گهمان ها، تون وهنجين ها ته مان تنهنجي وارن کان ٿيندو تنهنجي پيرن ۾ پوان ها، يعني هر وقت توسان گڏ رهان ها، توکان پري ئي نه ٿيان ها، ڪيڏو مزو اچي ها، تون مون کي پنهنجي چپن سان ٽڪرائين ها، مان تنهنجا سڪل چپ آلا ڪري تنهنجي نڙيءَ کان لهندي تنهنجي اندر وڃان ها!“
    ”هاڻ بس خواب ڏسڻ ڇڏ، هيءَ وٺ چانهه پي!“
    ”ٿورڙي پي ڏي نه!“
    ”نه مونکان اهو سڀ ڪجهه نه ٿيندو!“
    ”ڏس هاڻ ڪيڏا ايلاز ڪرڻا ٿا پون، پوءِ ته تون اها چانهه به مونسان ٺاهين ها، تنهنجي جسم ۾ روح جيان لهان ها ۽ ڪوئي مونکي توسان ملڻ کان جهلي به نه ها ۽ مون کي چوريءَ ملڻ جي ضرورت به نه ٿئي ها، ڀلا ٻڌاءِ اها ڳالهه سچي آهي يا ڪوڙي؟“
    ”بروبر سچي آهي، توسان ڪير پڄندو، تنهنجي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ۽ جيڪڏهن مان پاڻي هجان ها ته؟“
    ”تون ته پاڻيءَ کان به وڌيڪ آهين، منهنجي سانئڻ، مان صديون اڃ پچائي سگهان ٿو پر توکان هڪ پل به پري نٿو گذاري سگهان، تون پاڻيءَ کان بنا ئي روح ۾ لهي وئي آهين!“
    ”سائين تون مون کي وساري نه ڇڏيندين نه؟“
    هُو ٻنهي هٿن جو ٻڪ ٺاهي مونکي چمي چوڻ لڳو ”ڀلا مان توکي وساري سگهندم پر اهو ئي سوال مان توکان ٿو پڇان، ڇا تون مون کي وساري سگهندينءَ،؟ جان تون ته مون کان ڀڄڻ ٿي چاهين، اها منهنجي ئي محبت آ، جيڪا توکي ڇڪي منهنجي قريب ٿي آڻي، تون هميشه مون کان اهڙا سوال ڇو پڇندي آهين، ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي ائين لڳندو آ ڄڻ تون ڪو سوالي پرچو هجين ۽ مان توکي جواب ڏيندو هجان!“
    مون هن جا هٿ پڪڙي چيو ”تون سوالن جا جواب ڏيڻ کان ايڏو ڇو ٿو لهرائين، مون کان پڇندو ڪر، جيترا به سوال پڇي سگهين، مان توکي جواب ڏيندم، تون پنهنجو پاڻ کي مون کان لڪائين ڇوٿو؟، ڇوٿو مون کان پري ڀڄين، منهنجي اڳيان پنهنجو پاڻ کي ڪتاب جيان کولي ڇونه ٿو رکين، تون پنهنجون خوشيون ته مون سان شيئر ڪرين ٿو، مونکان منهنجا ڏک به وٺين ٿو پر پنهنجا ڏک ،پنهنجا احساس مون کان لڪائين ٿو، الائي ڇو مون کي احساس ٿئي ٿو، ڄڻ تون مون سان ڪوڙ ڳالهائيندو هجين!“
    ماحول ڪجهه سنجيده ٿي ويو، چانهه به ختم ٿي ويئي.
    ”سائين اڄ جي دنيا ۾ هر رشتو ترڪڻو ٿي پيو آهي، بس ٿورڙو بيلينس هيڏي هوڏي ٿيو، رشتو ترڪي ٽٽي پيو، پوءِ ڀل اهو ڪيترو به پڪو رشتو ڇو نه هجي، الائي پنهنجي پيار جو رشتو به هن دنيا جي گدلاڻ جو شڪار نه ٿي پوندو، الائي ڪٿي ترڪي نه پوندو؟!“
    ”تون چري آهين، واقعي چري آهين، هيڏانهن اچ لڪ منهنجي سيني ۾ ۽ ٻڌ منهنجي دل جو آواز پر سمجهجانءِ پاڻ!“
    ”پر مون کي ته ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي، صرف ٺڪ ٺڪ ٿي ٿئي“
    ”چري منهنجي دل چوي ٿي“

    Mountain can fly,
    River can dry,
    You can forget me,
    Never can I.
    ”مون تي پنهنجي انگريزي جو رعب نه ڄمائيندو ڪر، خبر به اٿئي ته مون کي انگريزيءَ کان چڙ آهي، مان نج سنڌي آهيان، منهنجو انگريزيءَ سان ڇا؟، انگريز ڀڄي ئي منهنجي ڪري ويا هئا بر صغير مان، هنن کي خبر پئجي ويئي هئي ته سنڌ ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري پيدا ٿيندي، جيڪا اسان جي ٻوليءَ کان نفرت ڪندي ۽ هوءَ اسان جي ٻولي جو ٻيڙو ئي غرق ڪندي ته انگريز منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي ڀڄي ويا، نه ته تون به غلام هجين ها، گورن جو ۽ هنن جي اڳيان هٿ ٻڌي ڪندو رهين ها، يس سر، يس سر!“
    ”هاڻ ڦاٿي آهين نه، سمجهه ۾ نٿو اچئي نه جڏي، سڌي ڳالهه ڪر نه بهانا ڇوٿي ڪرين!“
    ”سائين توهان جي لاءِ اطلاع آهي ته مان ايتري به جڏي ناهيان جو توهان جو ايترو به مطلب نه سمجهي سگهان!“
    ”ها ته پوءِ ٻڌاءِ ڇا مطلب آ، هن شعر جو؟“
    ان جو مطلب هي آهي :
    ”جبل اڏامي سگهن ٿا،
    نديون سڪي سگهن ٿيون،
    تون مون کي وساري سگهين ٿي،
    پر مان ڪڏهن به نه.“
    اوچتو پيرن جو آواز آيو ۽ آواز وڌندو ويو، ”ڇوڪري هتي ڇا پئي ڪرين، ڪنهن سان ٿي ڳالهائين، هڪ ڪهر جو سيءُ، ٻيو بارش ۽ تون هتي هي ٻه ڪوپ، ڪنهن جي لاءِ چانهه ٺاهي اٿئي، هي کير ته ڀاڻهين لاءِ رکيو هو، صبح هن کي جلدي وڃڻو هو شهر!، ڇا سڄو کير کپائي ڇڏيئي؟، ڪنهن جو ٿي انتظار ڪرين؟، ههڙي سيءَ ۾ ڪپڙا به آلا ڪيون ويٺي آهين، بيمار نه ٿي پئين، اڌ رنگو نه ٿيئي، پوءِ ڪير اچي علاج ڪرائيندئي، اسان غريب آهيون، پاڻ وٽ ايترا به پئسا ڪونه آهن جو مري وڃين ته قبر ۾ دفنائي سگهئونءِ!“
    ”جيجي چپ ته ٿي نه، منهنجي به ته ڳالهه ٻڌ، مان ان ڪري نڪري آئي هيس جو مينهن ڇڙي ويئي هئي ۽ هي ٻه چانهه جا ڪوپ ان لاءِ ٺاهيا جو سيءُ پيو ٿئي، هڪ تنهنجي لاءِ، هڪ پنهنجي لاءِ، مون سوچيو توکي اٿاريان ٿي، پر جيڪڏهن تون نه به اٿينءَ ته ٻئي ڪوپ آئون پاڻ پيئنديس ۽ کير سمورو ڪونه کپايو آ، ڪجهه بچايو آ، ڀاءُ صبح بارش جي ڪري سوير شهر ڪو نه ويندو، آئون تازو کير ڏُهي ڏيندم، ڀاءُ کي تون فڪر نه ڪر چانهه پي“
    ”پر چانهه ته ٺري ويئي آ!“
    ” ها ههڙي سيءَ ۾ ٺري ته ويندي نه، ٻيهر گرم ٿي ڪري وٺان!“
    ”امان ڪجهه خيال ڪر، مون کي ته لڳي ٿو تون الائي جي ڪهڙا خواب ٿي ڏسين، پنهنجو پاڻ کي به ذليل ٿي ڪرين ۽ اسان کي به خوار ٿي ڪرين!“
    ”ڪي به خواب ڪو نه ٿي ڏسان، وٺو چانهه پيئو، گرم ٿي ويئي آ!“
    ”چڱو هاڻي هي ڪپڙا به لاهه ۽ هلي سمهه، اسان کي به سمهڻ ڏي، هاڻ ته بارش به ختم ٿي ويئي آ، صبح سوير اٿڻو اٿئي!“
    ”حاضر جناب حاضر!“
    سائين کلندو رهيو ۽ سرٻاٽن ۾ چوڻ لڳو
    Life is the name of searching,
    Life is not a bed of roses.
    هُو ڌنڌ ٿيندو ويو، اکين ۾ بادل ٿي لهندو ويو، پوءِ اکين ۾ بارش شروع ٿي ويئي، عڪس تجليون ڏيڻ لڳو، اشعارن جون گوڙيون ٿيڻ لڳيون، اهي اشعار جيڪي مون هن لاءِ پئي چيا ۽ جيڪي هن مون لاءِ پئي چيا.
    ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به اوڏا سپرين،
    ڪي چڙهن نه چت تي، ڪي وسرن نه مور.

    لاک ديکي حسن والي، يهان وه ڀي ٿي لاجواب،
    مگر تم سا ڪوئي نهين.
    ......
    سنا هي مل جاتي هي هر چيز دعا سي،
    هم ڀي تجهي مانگ ڪي ديکين گي خدا سي.
    ......
    اکين ۾ ٿي ويهه ته واري آئون ڍڪيان
    توکي ڏسي نه ڏيهه، نه آئون پسان ڪي ٻيو!
    ......
    ميري دل ڪو يقين هي ڪڀي تم جدا نه هوگي،
    ميري زندگي ڪي مالڪ ڪڀي تم خفا نه هوگي.
    ......
    ڪڪرن رات لڪايو ٻک ۾ چنڊ جيئن،
    تنهنجو پيار ائين، سانڍيو آ مون ساهه ۾.


      هڪ سسئي ٻيا سُورَ

    هوءَ 9/9 انچ گول آئيني ۾ پنهنجو عڪس ڏسي رهي هئي ۽ پنهنجي صورت ۽ خد وخالن ۾ خاميون ڳولهي رهي هُئي، پر ان وقت هن کي ڪا به خامي نظر نه پئي آئي.
    سوچي پئي ته ”هونئن هن کي پنهنجو نڪ به نه وڻندو آ، اکيون به نه وڻنديون آهن، پنهنجو رنگ به نه وڻندو آ ۽ چپ، چپ ته بلڪل نه وڻندا آهن، پر اڄ اهي سڀ ڇوٿا وڻن، هي ڏس منهنجا وار به ڪيڏا نه ڪارا ۽ سهڻا ٿي ويا آهن، اڄ ڪا پري آئي هئي مون تي جادوءَ جي ڇڙي گهمائي وئي هئي جو آئون ايڏي سهڻي ٿي وئي آهيان، اڙي هي ڏس منهنجي ڳٽن جون گولائيون، نڪ جي چوٽي چمڪي ٿي، ڀلا اها ڪيئن چمڪندي آهي ۽ ڇو چمڪندي آهي؟“ سسئي معصوم ٿي آئيني سان ڳالهيون ٿي ڪيون.
    اوچتو سڄي ڳوٺ ۾ فائرنگ ٿي وئي، ڪجهه ماڻهو فائرنگ ڪندا هن جي گهر ۾ به گهڙي پيا، گهر جي اڱڻ ۾ هن جو بيمار پيءُ ۽ پوڙهي ماءُ، چاچو ۽ ننڍڙو ڀاءُ کٽن تي ويٺا هئا، جيڪي هڪدم اٿي بيهي رهيا، ڪجهه ماڻهو انهن جي مٿان هٿيار سڌا ڪيون بيهي رهيا ۽ انهن مان هڪ ڄڻو اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سسئي ٻاهر نڪري آئي.
    سسئيءَ جي نڪرڻ شرط همراهه هن جي ٻانهن کان پڪڙيو ۽ ڇڪي وٺي هلڻ لڳو.
    سسئي ”ڇڏ مون کي ڪاڏي ٿو وٺي وڃين، ڇڏ مون کي ڪير آهين تون؟“ هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي.
    هن جو ڀاءُ ۽ چاچو به اڳتي وڌيا، ”ڇڏيو حرام زاده اسان جي نياڻيءَ کي ڇڏيو، ڇا پنهنجون نياڻيون نه اٿوَ ڇا؟“
    چاچي جي مٿي ۾ هڪڙي بندوق جو قنداق وهائي ڪڍيو ويو، جنهن جي ڪري هُو بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ انهن مان هڪ ڄڻي ٻه گوليون هن جي معصوم ڀاءُ جي ڇاتيءَ ۾ لاهي ڇڏيون، ننڍڙن لوهه جي ٽڪرن جو اثر نه سهڻ ڪري هُو زمين تي ڪِرِي پيو.
    پيءُ پُٽ جي مٿان رڙيون ڪري ڪِرِي پيو، ”ظالمو ظلم ڪيو اٿوَ، اسان توهان جو ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي؟“
    ماءُ ڌيءُ کي ڇڏائڻ لاءِ هڪ جا هٿ پڪڙيا، ان هن کي ڌڪو ڏنو، سسئي ”ڀائو، چاچا، بابا، امان ...“ ڪري رڙيون ڪندي رهي، ”بابا مون کي بچاءِ، امان مون کي بچاءِ، ڪوئي آهي جيڪو مون کي بچائي.“ پر ڪوئي به نه هو جيڪو ان کي بچائي.
    سسئي ائين ظالمن جي ور چڙهي وئي پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ان جڳهه تي پوليس ڇاپو هنيو ۽ سردار، سسئي جمن نالي هڪ ٻئي ماڻهوءَ کي ڪڍي ڏني ۽ چيو ”هيءَ منهنجي امانت آهي جيڪا پنهنجي مائٽن تائين پهچائڻ تنهنجو فرض آهي.“
    جمن اتان ته سسئي کي ڪڍي آيو، سردار پنهنجي ٽولي سوڌو گرفتار ٿي ويو.
    جمن سسئي کي بجاءِ ماءُ پيءُ ڏي پهچائڻ جي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو، جنهن مان هن کي هڪ ڌيءُ ۽ هڪ پُٽ جو اولاد به ٿي ويو، گهڻا سال گذرڻ کانپوءِ سردار آزاد ٿيو ۽ جڏهن هن کي ٻڌايو ويو ته سسئي کي بجاءِ ماءُ پيءُ وٽ پهچائڻ جي جمن پاڻ وٽ زال ڪري ويهاريو آهي، ته هن جي اندر ۾ باهه ڀڙڪي پئي.
    هن جمن ڏي خط لکرايو ”منهنجي امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو تو سوچيو ڪيئن، ڇا تون ان جي انجام کان ناواقف هئين؟.“
    جمن سردار ڏي جواب لکائي موڪليو ”سائين مان توهان جي امانت مائٽن تائين ڪيئن پهچائي پيو سگهان؟، هوءَ پنهنجي مائٽن ڏي وڃڻ نه پئي چاهي، هن جو چوڻ هو ته آئون ڪهڙو منهن وٺي ويندم؟، اتي ڪيئن زنده رهندم؟ مون کي منهنجي ڀاءُ جو موت ۽ ماءُ پيءُ جي بيوسي جيئڻ ڪونه ڏيندي، ماڻهن جا مهڻا ڪنڌ مٿي کڻڻ نه ڏيندا، اهڙي زندگيءَ کان مون کي ماري ڇڏ، هن منهنجي پيرن تي لٽو لاهي رکيو ۽ واسطا پڻ ڏنا، جنهن بعد مان مجبور ٿي پيس پاڻ وٽ ڪهڙي حيثيت سان رکان ها، هن جي خواهش سبب مون هن سان نڪاح ڪيو ۽ هن کي عزت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪڏهن توهان کي اها ڳالهه ناگوار لڳي آ ته آئون توهان کان معافي ٿو وٺان اميد ته مون کي معاف ڪندا.“
    پر سردار معاف ڪندڙن مان نه هو، هن ان ڏانهن وري هڪ خط لکائي موڪليو ”جمن انجام لاءِ تيار ٿي ويهه.“
    جمن پڻ جواب ڏنو ”سائين هاڻي سسئي منهنجي عزت آ ۽ جمن ايترو بيغيرت ناهي، مان هر انجام لاءِ تيار آهيان.“
    ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ سردار جمن جي ڳوٺ تي چڙهائي ڪئي، ڳوٺ جا ست ماڻهو ماري جڏهن سسئي وٽ پهتو ته سسئي جو خنجرن سان چچريل لاش ڏسي حواس وڃائي ويٺو جيڪي گهاوَ هن کي ڪنهن ٻئي نه پر سسئي پاڻ ڏنا هئا، ان جي اکين اڳيان.


      پوترتا- پڇتاءُ

    هُو ٻئي غزلن جا شوقين هئا، پاڪيزه خيال ۽ پاڪيزه روح، سلميٰ جيڪا ٻن ٻارن جي ماءُ هئي ۽ سورج جيڪو پنهنجي نالي جيان روشن، جنهن جا ٻئي ڳٽا سورج جيان ڳاڙها ۽ روشن هئا ۽ اکيون ڄڻ ته اجالن جا آکيرا. سلميٰ خوبصورت مگر نهايت معصوم هئي، جڏهن هن سورج کي ميوزڪ سينٽر تان ڪيسٽ خريد ڪندي ڏٺو ته هن کان اندر ئي اندر ۾ رڙ نڪري وئي ۽ جڏهن هن شاپ ڪيپر کان ساڳئي ڪيسٽ جي فرمائش ڪئي جيڪا سندس هٿ ۾ هئي ته وڌيڪ حيران ٿي.
    ”يار اها ڪيسٽ ته هيءَ ادي پئي خريد ڪري ۽ اسان وٽ ته اها هڪ ئي ڪيسٽ بچي هئي.“ سورج کي دڪاندار جواب ڏنو. تڏهن سورج سلميٰ ڏي ڏٺو، هڪ ئي نظر ۾ دهلجي ويو، هن جي معصوميت ۽ اکين جي گهرائي ۾ ٻڏي ويو، نه ڄاڻ ان وقت سلميٰ به الائي ڇو ان ڪيسٽ مان هٿ ڪڍڻ چاهيا ،پر پاڻ سنڀالي ورتائين ۽ ڪيسٽ کڻي دوڪان تان هلي آئي.
    وري جڏهن هوءَ ٻئي دفعي ساڳئي دوڪان تان ڪا ٻي ڪيسٽ خريدڻ لاءِ وئي ته ڇرڪجي وئي، ڄڻ سورج اڳ ۾ ئي ان جو انتظار ڪري رهيو هجي، هوءَ ڪيسٽ جو البم نمبر ڏئي انتظار ڪري رهي هئي ته سورج چيو ”ايڪسڪيوزمي پليز ڇا توهان اها ڪيسٽ ٻڌي؟“
    ”جي ها ٻڌي.“ سلميٰ جواب ۾ چيو.
    ”ڪيئن هئي؟“
    ”ظاهر آ سٺي هئي.“
    ”دراصل مون کي اهو البم ملي نه ٿو، اگر توهان مون کي اها ڪيسٽ ڏيو ته توهان کي ڪاپي ڪرائي واپس ڏيندس.“
    سلميٰ سورج جي التجا کي ٻڌي بي اختيار مرڪي ويٺي ”پر توهان مون کي ڪيسٽ واپس ڪيئن ڏيندئو؟“
    ”ان جو اوهان فڪر نه ڪيو، آئون اوهان کي پاڻهي ڳولي لهندس.“
    ”اڇا! اوهان يقين سان ڪيئن ٿا چئو؟“
    ”نه ڄاڻ الائي ڪيئن پر پهچائيندس ضرور، پليز!“
    سلميٰ هن جي التجا ڏسي سوچڻ لڳي ته هڪ ڪيسٽ ئي ته آهي خوامخواهه ويچاري کي پريشان پئي ڪيان، سو پرس مان ڪڍي ڪيسٽ سورج کي ڏنائين ۽ آخر ۾ پريشان ڪرڻ لاءِ چيائينس ”ڏسنداسين اوهان ڪيسٽ واپس ڪيو ٿا يا نه؟“
    هوءَ نئين ڪيسٽ کڻي هلي وئي! سورج ڪيسٽ ته ورتي مگر اندر ئي اندر ۾ سوچيندو رهيو، سوچن من ۾ مانڌاڻ وجهي ڇڏيس ته آخر هُو هُن کي ڳولهي ڪيئن لهندو؟ ۽ ڪٿي ڪيسٽ واپس ڪندو؟ ”مون ته سندس نالو به نه پڇيو؟“ انهن سوچن مان جلدي جان ڇڏائيندي، ڊوڙندو سلميٰ جي ڪڍ لڳو ته جيئن سندس نالو پتو پڇي سگهي، پر سلميٰ ته دوڪان تان لهندي ئي گاڏيءَ تي ويهي ڏُور نڪري چڪي هئي.
    هاڻي هُو هر روز شام جو سمنڊ ڪناري ويهي هيڊفون ڪنن تي چاڙهي هلندي يا ويهندي اهي غزل ٻڌندو هو ۽ سلميٰ جو چهرو اکين جي سامهون رکي سوچيندو هو ته هوءَ ڪٿي ملندي؟ ڪير هوندي؟ هن جا چيل لفظ ۽ هن جو چهرو اندر ۾ گهاءَ ڪري رهيا هئس. جيئن جيئن سمنڊ جون ڇوليون چڙهيون پئي، تيئن تيئن هن جي دل ۾ سلميٰ جي ياد ڪرنٽ جيان ڊوڙ پائيندي هئي، هُو آهستي آهستي سلميٰ جو قيدي ٿي ويو، باوجود ان جي ته هنجي مڱيندي سلميٰ کان ڏهوڻ تي سهڻي هئي ۽ ان جي پنهنجي پسند هئي.
    هُو روز لهندڙ سج کان سلميٰ جو پڇڻ لڳو، هُو سوچي به نه پئي سگهيو ته هن جي هيءَ ننڍڙي حماقت هن جو ائين جيئڻ جنجال ڪندي.
    آچر جي شام هئي جو هُو سمنڊ ڪناري ماڻهن جي هجوم ۾ اچي پهتو ۽ هن سلميٰ جو اڌ چهرو ڏٺو، هن جو اڌ چهرو سندس جيون ساٿيءَ جي اوٽ ۾ لڪل هو ۽ هوءَ پنهنجي ٻنهي ٻارن سان گڏ گهر وڃي رهي هئي ته سورج هن جي پٺيان ڊوڙڻ لڳو پر هوءَ نڪري وئي، سومر جي صبح ستين بجي سلميٰ اٿي ڪمري جا پردا کوليا، ٻارن کي اٿاري ناشتو تيار ڪري سڀني کي کارائي تيار ڪري موڪليو ۽ پاڻ آفيس جي تياريءَ ۾ مصروف ٿي وئي، تيار ٿي جڏهن دروازي کان ٻاهر نڪتي ته سورج کي گيٽ تي بيهوشيءَ واري حالت ۾ ڏسي دهلجي وئي، جنهن کي سندس جيون ساٿي ۽ ٻار نشئي سمجهي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري هليا ويا هئا، سلميٰ پريشان ٿي وئي ته هي هتي ڪيئن پهتو؟ ۽ اهڙي حالت ۾ ڪيئن؟
    هن نوڪر کي سڏي سورج کي اندر کڻايو، فون ڪري آفيس مان هڪ ڏينهن جي موڪل ڪئي، ڊاڪٽر کي گهرايو، ڊاڪٽر علاج ڏئي چيو ته ”جلد ئي هن کي هوش اچي ويندو“
    هوش اچڻ تي بي اختيار هن چيو ”ڏس! تنهنجي تلاش منهنجا ڪهڙا حال ڪيا آهن؟“ هن فورن کيسي مان اها ڪيسٽ ڪڍندي چيو ”هي وٺ اها ڪيسٽ!“
    هوءَ پريشان ٿي وئي ”ڇا هي حال توهان جا ڪيسٽ جي ڪري ٿيا آهن؟، توهان ته بلڪل حساس آهيو، ايترا حساس او ماءِ گاڊ!“
    سورج ۾ ڄڻ ته ساهه پئجي ويو.
    ”مان هتي ڪيئن آيس؟“
    ”ٻڌايان ٿي پر پهريون پنهنجو نالو ته ٻڌايو؟“
    ”مون کي سورج چوندا آهن.“
    ”اوهان کي سورج چوندا آهن، ڇا مطلب؟“ سلميٰ کلندي چيو، سورج کي سلميٰ کلندي ايتري ته وڻي جو دل چيس جيڪر سيني ۾ لڪائي ڇڏيس ، پر پاڻ تي ڪنٽرول ڪري خاموش ٿي ڏسندو رهيو.
    سلميٰ به سندس اکين جي چمڪ کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڳالهه کي نٽائيندي چيو:
    ”بهرحال نالو سٺو رکيو آ اوهان جو اوهان جي مائٽن! اُٿو فريش ٿيو، پنهنجي حالت سڌاريو ته مان اوهان جي لاءِ ناشتو ٿي رکان“
    ”پر اوهان مون کي اهو ته ٻڌايو ته آئون هتي ڪيئن پهتس؟“
    ”ان جي ته مون کي به خبر ناهي ته توهان هتي ڪيئن پهتا؟ اُٿو توهان فريش ٿيو جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻي ان مان ڇا ته ڪيئن ٿيو، ڇا ٿيو ۽ ڇو ٿيو؟“ ائين چئي هوءَ ناشتي لاءِ بورچيخاني ڏانهن هلي وئي ۽ هُو فريش ٿي ڪمري کان ٻاهر آيو، ديوار تي سلميٰ جي پنهنجي جيون ساٿيءَ سان ڳاڙهي وڳي ۾ تصوير ڏسي ٿاٻڙجي پيو.
    ”ڇا ٿيو؟“ سلميٰ چيو
    ”هيءَ تصوير توهان جي شادي جي آ؟“
    ”ها هيءَ تصوير منهنجي ۽ منهنجي سائينءَ جي آ.“
    هُو حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ سوچ جي ور چڙهي ويو.
    ”ڪاٿي آهيو؟ ناشتو ڪيو. بهرحال توهان منهنجو وڏو نقصان ڪيو آهي، يعني هفتي جو پهريون ڏينهن موڪل ....“
    ”سورج ته نه ڄاڻ ڪهڙي دنيا ۾ هليو ويو هو ڄڻ سڄو جسم ڌٻڻ ۾ ڦاٿل هجيس يا ڄڻ ته ڪنهن پوپٽ جيان ڪنهن ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل هجي. هُو خاموشيءَ سان ڏسندو رهيو، ڪڏهن ناشتي کي ته وري ڪڏهن سلميٰ جي پيرن کي.
    ”اوهان ائين هوندا آهيو؟، اوهان ڪائي تڪليف ته نٿا محسوس ڪيو؟ نه ته ڊاڪٽر کي گهرايان“
    ”نه مون کي ڪا به تڪليف نه آهي مان صرف اهو ٿو سوچيان ته مون اوهان کي واقعي وڏي تڪليف ۾ وڌو آهي، شايد بيوقوف آهيان ان لاءِ ....!“
    ”لڳي نه پيو پر اوهان جا ڪم بيوقوفن جهڙا آهن.“
    ”مون کي هاڻي هلڻ گهرجي.“
    ”ويهو في الحال اوهان کي ڪمزوري آهي، ڪٿي چڪر وغيره نه اچي وڃي توهان کي، اسان جا ٻار ۽ سائين به اچي انهن سان ملي پوءِ وڃجو، هونءَ به ته منهنجو وقت جيڪو ضايع ٿيو سو ته ٿيو. مذاق ٿي ڪيان ائين نه ته وري دل تي رکي ڇڏيو.“
    ”نه مون کي افسوس رهندو آئون اوهان جي ٻارن ۽ گهر واري سان ملڻ بغير وڃان ٿو، هُو واقعي به خوبصورت ۽ سٺا هوندا، اوهان وانگر، پٺتي گهر وارا پريشان هوندا، مون کي هلڻ گهرجي، قسمت چاهيو ته وري ضرور ايندس، هونئن به اوهان جو گهر ته ڏسي ڇڏيو آ.“
    ”ٺيڪ، اوهان جي مرضي! اسان هر وقت خوش آمديد چونداسين.“
    ”الله نگهبان.“ هو ائين چئي گهر کان ٻاهر نڪري ويو پر ڄڻ ته دل، زمين ۽ آسمان جي وچ تي اڏامندڙ پکي هجي، هي سڀ ڪجهه مون سان ڇو ٿي رهيو آهي، مان ائين هئس ته نه پوءِ هي ڇا آهي؟ ڇا لاءِ آهي؟ مان ائين ڇو ٿي ويو آهيان ڇا هي ڪمزوري آهي يا ننڊ؟ گهر وڃان يا ڊاڪٽر ڏانهن؟ اهي سڀئي سوال هن جو پيڇو ڪندا پيا اچن ۽ آخر هُو فيصلو ڪري چڪو ته مون کي في الحال گهر وڃڻ گهرجي ۽ آرام ڪرڻ گهرجي.
    هُو گهر آيو، سندس مڱيندي سيمي ۽ ڀيڻس سورٺ بورچيخاني ۾ چانهه تيار ڪري رهيون هيون، سندس ماءُ پيءُ ۽ سيميءَ جا ماءُ پيءُ به ڊرائنگ روم ۾ پريشان حال ويٺا هئا.
    ”ڪٿي هئين سڄي رات؟ ايڏي ڇڙواڳي!! اسان ڪيترا پريشان ٿيا آهيون؟ توکي ڪو قدر، ڪو احساس آهي؟ مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته توکي ڇا ٿي ويو آ؟“ سورج جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيو، سندس پيءُ کان دانهن نڪري وئي.
    ”هي ڇا انڪل جو آواز آ؟ ڪنهن سان ٿو وڙهي؟“ سيمي ڳالهايو
    ”شايد ڀائو آيو آهي.“
    ”آئون ڏسي ٿي اچان.“
    ”هاڻ سر جي لڳي اٿئي ته متان هن کي دڙڪو به ملي، ايڏي سڪ!“
    ”چڱو بڪواس نه ڪر“ ائين چئي سيمي ڊرائنگ روم ڏانهن هلي آئي.
    ”بابا منهنجي طبيعت خراب ٿي پئي هئي، نه ڄاڻ الائي ڇا ٿيو هو.“ سورج وراڻيو
    هاءِ گهوڙا !! ڇا ٿيو منهنجا لال کي؟! ماڻهس پريشان ٿي وئي.
    ”اڙي بابا! ڇڏيو ڇوڪر کي وڙهو پوءِ پهريون کيس ويهاريو ته سهي“ سيميءَ جي پيءُ چيو
    ”پٽ سورج ويهه هيڏانهن ويهه“ سيميءَ جي ماءُ همدرديءَ سان چيو
    ”تون بلڪل به پنهنجو خيال نٿو رکين“ سيميءَ حيران ڪن حالت ۾ چيو
    اهي سموريون ڳالهيون ٻڌي سورٺ به چانهه ڇڏي ڀڄندي آئي، ”خير ته آهي نه؟“
    ”ها پٽ! خير آهي توهان وڃو چانهن کڻي اچو ته ڀاءُ پي آرام ڪري، آئون تيسين ڊاڪٽر کي فون ٿو ڪريان.“
    ”نه بابا! ان جي ڪا به گهرج نه آهي، آئون آرام ڪرڻ ٿو چاهيان، ٿي سگهي ٿو آرام سان طبيعت ٺيڪ ٿي وڃي“
    ”پر توهان کاڌو کاڌو آهي يا بک تي آهيو ڊيئر برادر؟
    نه مون ڪجهه نه کاڌو آ ۽ ڪجهه وڻي به نٿو“
    ”صدقي منهنجا لال ڪجهه ته کاءُ نه“ ماڻهس سورج سان ڳالهائيندي سورٺ کي حڪم ڏيندي چيو ته ”وڃ ڀاءُ جي لاءِ ماني آڻ“
    هوءَ وڃي ماني کڻي آئي، سورج ٻه گرهه ماني کائي جوس پي پنهنجي ڪمري ڏانهن ويندي سيميءَ جي ماءُ ۽ پيءُ کان معذرت ڪندي چيو ”انڪل آنٽي پليز مائينڊ نه ڪجو“
    ”نه پٽ! ڇا جو مائينڊ توهان آرام ڪريو“
    ”اوهان کي آرام جي ضرورت آهي.“ سيميءَ جي پيءُ کلندي چيو
    ”ها پٽ! واقعي اوهان کي اوهان جو انڪل بلڪل صحيح ٿو چوي، اسين به هاڻ هلون ٿا وري صبح اينداسين.“ سيمي جي ماءُ چيو.
    پوءِ سورج پنهنجي ڪمري ڏانهن ويو. هُو پنهنجي ڪمري ۾ خاموشيءَ سان ليٽيو رهيو، بيڊ تي ڳاڙهي زيرو بلب جي روشنيءَ ۾ دنيا کان بي خبر هن هر ڳالهه وسارڻ چاهي پر هن جي اکين جي اڳيان سلميٰ جو چهرو ڊوڙون پائي رهيو هو، سورج ڇرڪ ڀري اکيون کوليون، هي سڀ ڪجهه ڇاهي؟، هن جو چهرو منهنجي اکين جي اڳيان ڇو پيو اچي؟ اتي فون جي رنگ به وڳي، هن فون کنيو ”هيلو ڪير؟“
    ”جاڳو پيا مون مناسب ته نه سمجهيو پر آئون دل هٿان مجبور هئس بيهي نه سگهيس، اوهان منهنجي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ڪو جواب ئي نه ڏنو، هاڻي طبيعت ڪيئن آهي؟ ڇا ٿيو آ اوهان کي سورج؟“
    ”سيمي آئون معافي ٿو گهران جو اوهان کي اڳ ڪو جواب نه ڏنو، طبيعت جي ته مون کي به خبر نه آهي ته ڇا ٿيو آ، بس الله ڀلي ڪندو تون پريشان نه ٿيءُ.“
    ”ڪيئن نه پريشان ٿيان تون منهنجي دل کان پڇ، مان ڏسان پئي ته تون مهيني کان وٺي ڪجهه بگڙيل بگڙيل رهين ٿو ڪا ناراضگي آهي ڪا مون کان غلطي ٿي آهي؟“
    ”او چري! تون ڪهڙي غلطي ڪئي آهي، مون چيو ته آئون بلڪل صحيح ٿي ويندس ۽ آئينده توکي اهڙي شڪايت جو موقعو نه ڏيندس.“
    ”سچ ٿو چوين سورج؟!.“
    سورج سوچڻ لڳو، سچ ۽ ڪوڙ کان آئون اڻ واقف ٿي ويو آهيان، الائي ڇو، ڇا سچ آ؟ ڇا ڪوڙ آ؟مون کي ته ڪا خبر ئي نه آهي.
    ”هيلو سورج! ڇا پيو سوچين؟“
    ”ڪجهه نه سيمي! شام يا صبح ملنداسين، هن قت دماغ جاءِ تي نه آهي، غلط جوابيءَ کان ڪم نه وٺي ڇڏيان پوءِ ڳالهائينداسين.“
    ”جيئن تنهنجي مرضي! شايد ڳالهائڻ به نٿو چاهين!“
    ”سيمي ڏس پريشان نه ڪر پليز!.“
    ”چڱو ڀلا ٺيڪ آ، نه ٿي پريشان ڪيانءِ ڇا ياد ڪندين ته ڪنهن سان پالو پيو اٿئي، پوءِ موڪلاڻي ناهي“
    ”ها موڪلاڻي ناهي، خدا حافظ.“
    ”خدا حافظ“ سيمي فون بند ڪيو ۽ سورج هلڪو مرڪيو، پر ان جي مرڪ ڄڻ سينواريل هئي، هن وري آرام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر آرام هن کان رُسي ويو هو ۽ سلميٰ جو چهرو سندس روح ۾ لهي چڪو هو.
    هُو ائين شام تائين پنهنجي ڪمري ۾ سلميٰ کي ياد ڪندو رهيو، ڇهين بجي دروازو کڙڪيو. ”ماءِ ڊيئر برادر! اچو ٻاهر نڪرو تمام گهڻو آرام ڪَيَوَ.“
    ”ها سورٺ! اچان پيو تون هل چري!“ ۽ هيءُ اٿي تڙ ڪري ڪپڙا تبديل ڪري ڪمري کان نڪري ٻاهر آيو.
    ”ڪيئن آ طبيعت پٽ!“ سندس پيءُ پڇيو
    ”ٺيڪ آ بابا“
    ”پٽ جي ٺيڪ نه هجي ته ڊاڪٽر کي گهرايون.“
    ”نه امان !مان واقعي ٺيڪ آهيان.“
    ”هاڻ ڇڏيو به انهن ڳالهين کي ماني کائو پاڻ ئي ٺيڪ ٿي ويندو، جي نه ٿيو ته ڊاڪٽر سيمي پاڻ ئي ٺيڪ ڪندس.“ پڻهس چيو.
    ”ها واقعي!“ ماءُ پيءُ کلڻ لڳا.
    سورج ماني کائي ٻاهر نڪري ويو، ساڳيو ٽيپ رڪارڊر، سمنڊ ڪناري، ساڳي هلچل، ساڳي ڪيفيت، هُو تنگ ٿي چڪو، آخر هي سڀ ڪجهه مون سان ڇو ٿي رهيو آ؟ هن کي ياد آيو ته فون تي سيميءَ کي چيو هئائين ته شام ملنداسين، هن خيال ڪيو ته هن ڪيفيت مان نڪرڻ لاءِ سيميءَ ڏانهن وڃان شايد ڪجهه خيال بدل ٿئي پر کيس چين ڪاٿي ٿو اچي؟! سندس قدم ڪاٿي سندس ساٿ ٿا ڏين؟، هي گاڏيءَ ۾ ويهي ٿو ۽ سيميءَ جي بجاءِ سلميٰ جي گهر اڳيان اچي بيهي ٿو، مان وري هتي ڪيئن؟ هي ته سيميءَ جو گهر ناهي، هي ته سلميٰ جو گهر آهي! يا خدا هي سڀ ڪجهه ڇا آهي؟ هي سڀ ڪجهه مون سان ڇا پيو ٿئي؟ سلميٰ، سيمي، سورج!!!!. سورج ته وڃائجي ٿو، مون کي سورج نه وڃائڻ گهرجي.
    سلميٰ جي روح ۾ به عجيب خاموشي ۽ ٺهراءُ اچي ويو هو، جيڪا سلميٰ ڪنهن غير سان ڳالهائڻ پسند نه ڪندي هئي، ان جي دل غيرن سان ڳالهائڻ ۾ به خوشي حاصل ڪرڻ لاءِ راضي هئي.
    سورج سيميءَ کان روز بروز پري ۽ سلميٰ جي روز بروز ويجهو ٿيندو پئي ويو، گهر وارا هن جي خاموشيءَ کان حيران ۽ پريشان ٿي پئي ويا، سيميءَ جا والدين ۽ سيمي سورج جو رويو ڏسي غمگين ۽ هنن کان پري رهڻ لڳا.
    هوڏانهن سلميٰ جو مڙس ۽ ٻار سلميٰ ۾ آيل تبديليءَ کي ڏسي حيران ۽ پريشان هئا. هڪ ڏينهن سورج کي سلميٰ ڏسي ورتو ۽ بيخوديءَ ۾ سندس ڀرسان بيهي چيو ته ”توهان اتي بيٺا آهيو؟.“
    سورج جيڪو بنا اک ڇنڀ پري کان سلميٰ کي ڏسندو رهيو تنهن وراڻيو. ”ها مان هتان گذريس ته نه ڄاڻ ڇو ٿوري دير لاءِ ساهه پٽڻ ويهي رهيس.“
    ”اچو نه اڄ اسان جي گهر هلو، پهريون دفعو سلميٰ ڪنهن غير مرد کي ائين چيو، هوءَ پنهنجي ڳالهائڻ تي بي پناهه پشيمان ۽ حيران هئي، سورج به پاڻ نه جهلي سگهيو ۽ گاڏيءَ ۾ ويهي، سلميٰ جي گهر هليو ويو.
    سلميٰ گهر ۾ قدم رکيو، ٻار ماءُ کي چنبڙي ويا، ”مما اچي وئي، مما منهنجي لاءِ ٽافيون ۽ چاڪليٽ آندا آهن؟“ ڌيءُ خديجه چيو.
    ”ممي منهنجي لاءِ ڪيڪ؟“ ننڍي اسامه پڇيو
    ”هاها سڀني لاءِ آندا اٿم پر پهريون مهمان سان ته ملو“
    ”هاءِ انڪل، هاءِ انڪل“ ٻنهي ٻارن واري واري سان معصوم ٿي چيو.
    ”انڪل اچو اچي ويهو“ ۽ خديجه سورج جي آڱر کي پڪڙي صوفي تي ويهاريو.
    ”مما توهان به ويهو.“
    ”ها جاني! اوهان پنهنجون شيون وٺو.“ ٻنهي ٻارن پنهنجون پنهنجون شيون ورتيون.
    ”مما مهمان جي ڪهڙي خاطر توازع ڪيون؟“
    ”توهان جو پپا ڪٿي آهي؟“
    ”اهو مٿي آهي، اچي پيو، ممي ٻڌايو ته ڪهڙي خدمت ڪريون انڪل جي؟“
    ”ڀائي! اوهان جو انڪل آ، اسان ته پنهنجي لحاظ سان خدمت ڪنداسين ۽ اوهان پنهنجي پنهنجي لحاظ کان خدمت ڪندئو!“ سلميٰ مرڪندي چيو.
    ”ها ته پوءِ اسان وٽ اهي ٽافيون، چاڪليٽ ۽ ڪيڪ آهن، اسين انڪل جي انهن سان خاطر توازع ٿا ڪريون.“
    ”انڪل ! کائو نه....“
    ”ها جاني!“ سورج معصوم ٿي چيو. ”سلميٰ اوهان جا ٻار اوهان وانگر بهترين آهن.“
    سلميٰ کلندي چيو. ”مهرباني“
    ”سلميٰ کي کلندي ڏسي سندس مڙس جمال تمام گهڻو خوش ٿيو، ڏاڪڻ تان لهندي ”واهه ڀائي! واهه! اڄ ڪي نوان مهمان آيا آهن جن اسان جي ملڪه جي چپن تي مرڪ آندي آ، اها به هڪ بهترين مرڪ“
    سلميٰ پنهنجي ٻانهن جمال جي چيلهه ۾ وجهي چيو ”جمال هي سورج آهي، جنهن جو آئون اوهان سان ذڪر ڪيو هو ۽ سورج هي جمال آهي منهنجو جيون ساٿي.“
    ”اڇا ته هي آهي سورج واقعي اوهان اهڙا ئي آهيو جهڙو اسان سلميٰ جي واتان ٻڌو هو.
    آئون ته ڪجهه به نه آهيان سائين خاڪ آهيان، ڌوڙ آهيان.“ سورج عاجزي ڏيکاريندي چيو.
    توهان واقعي بهترين انسان پيا لڳو! سلميٰ چانهن ٿڌو پڇو آ مهمان کان؟.“
    ”نه“
    ”نه ته پوءِ پڇ نه چري؟.“
    ”ڇا پيئڻ پسند ڪندئو سورج؟“
    ”ڪجهه به نه بس آئون هاڻي هلندس“
    ”ائين وري ڪيئن ٿيندو سورج صاحب اڃان ته ڪچهريون ٿينديون، ماني ٿيندي اسان اوهان کي ائين ڪاٿي ڇڏينداسين.“
    ”نه وري ڪنهن ٻئي دفعي!.“ سورج التجا ڪندي چيو.
    ”نه اڳ ۾ توهان ائين ويا هئا ،هاڻي اسان اوهان کي ائين نه ڇڏينداسين.“ سلميٰ نوڪرياڻي کي سڏ ڪندي چيو ”ماسي! ماني تيار ٿي آ ته ٽيبل تي رکو اسان اچون ٿا.“
    ”ها ڌيءَ! ماني تيار آهي بس حڪم جي دير هئي سو اجهو ٿي ماني لڳايان.“
    ”خديجه ، اسامه هٿ ڌوئي اچو، اوهان به هٿ ڌوئي اچو“ سلميٰ هر هڪ کي چيو ۽ سڀني هٿ ڌوتا ۽ ٽيبل تي آيا، ماني کاڌي، ٻارن جي لاءِ ماسيءَ کير آندو ۽ وڏن جي لاءِ چانهن ڪچهريون هليون.
    سلميٰ ڀرپور کلي ۽ جمال سلميٰ کي کلندو ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ سورج کي به ڄڻ سڪون گهيري ڇڏيو هو، ٻارن کي ته ڄڻ انمول خزانو هٿ اچي ويو، لطيفا، ڪهاڻيون، قول، هدايتون، محاورا سڀ ڪجهه انهن جي ڪچهري جي زينت ٿيا، جمال ۽ ٻارن سورج کي ٻيهر اچڻ جي لاءِ چيو.
    چئن مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن سورج سلميٰ جي گهر ۾ ويهي فلم پئي ڏٺي، فلم ڏسندي سورج سلميٰ جي هٿ ۾ هٿ وڌو، سلميٰ ڇرڪجي وئي، سورج سلميٰ جي هٿ کي چميو ڄڻ ته سلميٰ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي وئي، هوش وڃائيندي وئي ۽ سورج ڄڻ ته مقناطيسي طاقت ۾ جڪڙجي ويو، هو پيار جي هر حد ٽپندا ويا خبر تڏهن پئي جڏهن سورج سندس جسم کي چهٽي ويو، سلميٰ کان رڙ نڪري وئي ۽ هن سورج جي منهن تي چماٽ هنئي.
    سورج کي چماٽ لڳڻ کانپوءِ ائين محسوس ٿيو ڄڻ ڪنهن ڪرنٽ هڻي کيس ننڊ مان اٿاريو هجي.
    سلميٰ ڊوڙي ٻاهر نڪري وئي، سلميٰ جيڪا پنهنجي مڙس سان وفادار هئي ۽ سورج کي هڪ نيڪ ۽ بهترين انسان سمجهندي هئي، هن جي اڳيان هن جي مڙس جي وفاداري ۽ اعتماد ڊوڙون پائي رهيو هو، هوءَ جيڪا ٽٽي ڀورا ڀورا ٿي وئي هئي، هي مان ڇا ڪيو؟ هي مان ڇاڪيو؟ مان ڇا سِلو ڏنو پنهنجي وفادار جيون ساٿيءَ جي اعتماد جو، مان ڪهڙو منهن کڻي هن ڏي وينديس، هو جيڪو مون کي سورج سان کلندي ڏسي ٺرندو هو، مان هن کي ڇا چونديس ته ان ئي سورج کان مون پاڪ روح جو خون ڪرائي ڇڏيو، تنهنجي اعتماد جو تنهنجي ڀرم جو جنازو کڻائي ڇڏيو، پنهنجي معصوم ٻارن کي ڪهڙو منهن ڏيکارينديس ته توهان جي ماءُ هڪ بهترين دوست سان ڪهڙو ڇرڪائيندڙ گناهه ڪيو آ.
    سلميٰ جي ذهن ۾ هزارين وسوسا ڊوڙي رهيا هئا، يا خدا ڌرتي ڦاڙ مون کي پناهه ڏي، منهنجا مالڪ منهنجي رهنمائي ڪر مان ائين ته نه هئس ته پوءِ هي ڇا ٿي ويو، مان پنهنجو گرهڻ ورتل وجود کڻي وڃان ته ڪاڏي وڃان يا خدا مون کي معاف ڪر هي ته سراسر دوکو آهي، مون کي ڪهڙو نشو چڙهي ويو، هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي؟، هاڻي ڪجهه به نٿو ٿي سگهي، ڪجهه به نه، مرڻ کانپوءِ زنده ٿيڻ، ٽٽڻ کانپوءِ جڙڻ مشڪل آ، سلميٰ تون بيوقوف آن، تون هاڻ گرهڻ ورتل وجود آن.
    سلميٰ رڙيون ڪندي رهي ”نه مان پويتر آهيان مون سان دوکو ٿيو آ، مان پاڪ آهيان مون سان دوکو ٿيو آ، مان سچي آهيان مان اڄ به سچي آهيان، هي سڀ ڪجهه بيخبريءَ ۾ ٿيو آهي“ هوءَ ڳلين ۾ ڊوڙندي رهي، هن جون رڙيون ٻڌي هڪ گهر مان پوڙهي عورت نڪري آئي“
    ”ڌيءَ! ڪير آهين، ڇو ٿي روئين؟“
    ”هي سڀ ڪجهه غلط فهمي ۾ ٿيو آ، بي خبريءَ ۾ ٿيو آ.“
    ”پٽ! ڇا ٿيو آ، تون اچ ته سهي اندر هلي آ ماڻهو ڏسندا ته ڇا چوندا، تون چپ ته ڪر، ڪنڌيءَ کي به ڪن آهن، آ هلي آ نياڻي هلي آ، اندر اچ ۽ مون کي آرام سان سڄي ڳالهه ٻڌاءِ.“ پوڙهي سلميٰ کي اندر وٺي وڃي ٿي ۽ هوءَ ان کان سموري ڳالهه ٻڌي ٿي.
    پوڙهيءَ جو مڙس جيڪو معلم هو، ان سلميٰ کي سمجهايو ته هُن هڪ غلطي ڪئي آ ته ٻيهر ٻي وڏي غلطي نه ڪري، هن سلميٰ کي چيو ته هوءَ رات ٿيڻ کان اڳ پنهنجي گهر هلي وڃي ۽ ان ڳالهه کي ائين ختم ڪري ڇڏي ڄڻ هن سان ڪجهه ٿيو ئي نه آ، ان ۾ ئي سندس ڀلائي آهي نه ته ٻي صورت ۾ هي معاشرو سندس جيئڻ جو حق کسي وٺندو ۽ ٻار به گناهن جي دلدل ۾ ڦاسي ويندا، هن کيس سمجهايو ته گناهن جي ٿيڻ عيوض گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻو هوندو آ ۽ تنهنجي لاءِ اهو مناسب آ ته تون پنهنجي اولاد کي گنهگار ٿيڻ کان بچائيندي ۽ پنهنجي مڙس سان وڌيڪ وفاداريءَ سان پيش اچجئين.
    پر سلميٰ جي ذهن ۾ ته هڪ ئي ڳالهه هئي، هوءَ سورج کان دنيا کان ۽ دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن کان نفرت ڪرڻ لڳي هئي، هوءَ ان معلم کان به ڊڄي رهي هئي جيڪو پنهنجو ڪنڌ لوڏي رهيو هو ۽ ڌيءَ ڪري کيس آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    ”ڏس ڌيءَ منهنجي ڳالهه مڃ روئڻ کي ڇڏ، روئڻ مان ڪجهه نه ورندو، پنهنجي رب کي پرچاءِ ته جيئن هُو توکي معافي ڏئي پر سلميٰ هن جي هڪ نه مڃي معلم هاڻي ٿڪجي پيو ۽ هن کي ڇاتيءَ سان لائي الله سائين جو ذڪر ڪرڻ لڳو، سلميٰ سڪون ۾ اچي وئي، هن کي ننڊ اچي وئي.
    هوڏانهن سورج کي چماٽ لڳڻ سان آهستي آهستي هوش آيو ۽ سلميٰ کي ڀڄندو ڏسي ڇرڪجي ويو ۽ هن جي ڪڍ ڀڳو پر سلميٰ وري به نڪري چڪي هئي، ڄڻ ته سلميٰ سندس ڪمزوري ٿي چڪي هئي، هن جي زبان تي هاڻي ٻيو ڪو به نانءُ نه هو، سلميٰ1 سلميٰ! ۽ صرف سلميٰ ڪندو ڊوڙندو ويو، ”سلميٰ !مون کان رسي وئي آن؟، مون کان نفرت ٿي ڪرين؟، مان تنهنجو گنهگار آهيان، مون کي پنهنجي هٿن سان سزا ڏي ائين نه ڪر، مون کان نه ڀڄ، اچ اچ منهنجي روح ۾ لهي وڃ. سلميٰ! مان ائين نه هئس مان ائين نه ڪرڻ پئي چاهيو، نه ڄاڻ مون کي الائي ڇا ٿي ويو، سلميٰ! هاڻي مان توکان بغير رهي نه سگهندس، سلميٰ! هلي آ هلي آ، ڏس منهنجو وجود مون کان رُسندو ٿو وڃي، سلميٰ! تنهنجي نفرت مون کي ماري ڇڏيندي، مان مري ويندس، اهڙو موت مون کي نه ڏي، سلميٰ! هلي آ، سورج پنهنجي پاڻ کي ڏوهي گنهگار سمجهي خود کي اذيتون ڏيندو رهيو.
    مان گنهگار آهيان تنهنجو!، ڏس سلميٰ! مان پنهنجون رڳون ٿو ڪٽيان، مان هنن رڳن مان رباب ٺاهيندس ۽ ڪيڏاري جا گيت جوڙيندس، مان هي هٿ ٿو ڪٽيان جن تنهنجي سندر جسم کي ڇهيو، مان هي زبان ٿو ڪٽيان جنهن تو گل جهڙي عورت جو رس پيتو، سلميٰ! پوءِ تون مون سان پرچي ويندينءَ، ته پوءِ مون کان ناراض نه ٿيندينءَ، ته پوءِ هڪ بار چوندينءَ ته ها مان توکي معاف ڪيو، مان توسان نفرت نه ٿي ڪيان، هي ڏس، ڏس مان ائين ئي ڪيان ٿو جيئن جيئن مان چيو، تون پنهنجو فرض نڀائجانءِ، هن پنهنجا هٿ ڪٽيا، زبان ۽ پنهنجون رڳون ڪٽيون ۽ پوري جسم کي وڍ ڏنا.
    سورج تتل اس ۾ بک ۽ اڃ وگهي زخمن کان چور تتل ڌرتيءَ تي ائين پيو هو ڄڻ ڪنهن جانور جو لاش هجي.
    هوڏانهن سلميٰ به سڪون ۾ اچي چڪي هئي، هاڻي ان به سفيد ڪپڙا اوڙهيا هئا ۽ اڳ کان بلڪل منفرد نظر اچڻ لڳي هئي.


      رات جي پيٽ ۾

    جڏهن هُن چيو ”اسان ٻئي گڏ آهيون، اسان ٻئي هڪ آهيون.“
    تڏهن مون کي ائين لڳو، ڄڻ هي جبل، زمين، آسمان، وڻ ٽڻ، سمنڊ سڀ ڪجهه هڪ پل ۾ منهنجا ٿي ويا هُجن، ڄڻ چمين کي خوشبو ۽ مرڪن کي رنگ ملي ويا هجن.
    جيڪا کن پل اڳ ۾ بلڪل اڪيلي هجي، سڀ رشتن جي هوندي، اها هاڻ ڄڻ انڊلٺ جي ڀاڪر ۾ هجي، صرف ٻه جملا، ٻه لفظ ڪنهن جي زندگي ڪيئن ٿا مٽائي ڇڏين؟ طوفانن جا رخ ڪيئن ٿا مٽائي ڇڏين؟
    ”مان، مان به ڪنهن جي آهيان، ڪوئي منهنجو به آهي.“ هڪ پل لاءِ هن جي دل چيو رڙيون ڪري پوري دنيا کي ٻڌائي ته ”هاڻ هوءَ اڪيلي نه آهي، ڪوئي آهي جيڪو هن جو آهي.“ پر ان پل ئي ڄڻ ان جو ساهه نڪري ويو. ”ڀلا منهنجو ڪوئي ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟“
    ڪجهه مهينا اڳ هن جي دوست کي به اهڙا جملا ڪنهن چيا هئا ۽ هن جي دوست به ائين ئي خوش ٿي هئي، پر اها حقيقت نه هئي.
    ”منهنجي دوست ته پوري طرح هن جي ٿي وئي هئي ،پر هو پنهنجو به ڪو نه هو، ان جي نتيجي ۾ هوءَ ڪاري ڪري ماري وئي هئي.“ مرڻ وقت هوءَ جيڪي دانهون ڪري رهي هئي اهي دانهون آنهون هن جي ڪنن ۾ گونجي رهيون هيون.
    ”نه نه، هتي ڪير به ڪنهن جو نٿو ٿي سگهي، ها هرڪوئي اڪيلو آهي ۽ اڪيلو ئي ويندو، اڪيلو ئي آيو آهي.“ هوءَ آسمان ڏي نظر ڊوڙائي ٿي آسمان تي ستارا ڌار ڌار پيا چمڪن. هوءَ چنڊ ڏي ڏسي ٿي چنڊ به اڪيلو آ ۽ هن کي ائين لڳو ڄڻ ستارا هڪ ٻئي سان ملڻ چاهيندا هجن پر ائين ڪري نه سگهندا هجن، ستارا ان ڪوشش ۾ ٽُٽَنِ به پيا ۽ هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏي، لاٽ ڪري وڃن به پيا پر افسوس پوءِ به ملي نه پئي سگهيا. هن جي اندر ۾ مايوسي وڻ ويڙهي وانگر وڪوڙجي وئي، ساهه گهٽجيس پيو ڄڻ آڪسيجن نڙيءَ ۾ اچي اٽڪي پئي هجيس ڦڦڙ آڪسيجن جي لاءِ سڪڻ لڳس.
    ”هاڻ ڇا ڪريان؟ هاڻ مون کي ڪيئن يقين ٿئي ته هُو منهنجو آهي، ائين ته منهنجو ساهه گُهٽجي ويندو ۽ آئون مري ويندس، مان جيئڻ ٿي چاهيان.“ هن جي اکين ۾ پيار هو.
    ”مان، مان انهن اکين ۾ ويهڻ ٿي چاهيان، انهن اکين جي ڇپرن ڇانوَ ۾ ساهه پٽڻ ٿي چاهيان، دنيا جي سختين، لُڪن ۽ نفرتن جي ڪاڙهن مون کي الاهي ساڙيو آهي، ٻه پل پيار جي ڇانوَ ۾ گذارڻ ٿي چاهيان، ڇا اهو منهنجو حق نه آهي؟ ڇا صرف منهنجي قسمت ۾ نفرتون لکيل آهن؟ نه نه ڪنهن جي طرفان پيار جو پيغام مليو آهي ته مان ان کي شڪ جي بنياد تي وڃائي نه ٿي سگهان، ڪهڙي خبر هُو واقعي منهنجو هُجي؟! جيڪڏهن هُو مون سان فراڊ ڪندو هجي ته اهڙا فراڊ آئون به ته ڪنهن سان ڪري سگهان ٿي! پر آئون ائين نه ٿي ڪري سگهان، جيڪڏهن آئون ائين نه ٿي ڪري سگهان ته پوءِ ڪنهن ٻئي لاءِ مان ڪيئن ٿي سوچي سگهان ته اهو ائين ڪري سگهي ٿو؟. ها شهناز توکي نفرتون ته کوڙ مليون آهن، تو زهر جو اهو ڪوڙو ذائقو به الاهي چکيو آهي، هاڻ پيار تو وٽ دستڪ ڏني آ، ان کي نراس نه ڪر، تو ته نفرتن کي به نراس ناهي ڪيو.“ هوءَ مسلسل پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي ٿي.
    اوچتو آواز اڀري ٿو، ڄڻ ڪو ڀت تان ٽپيو هجي، هوءَ ان آواز ڏانهن ڪنائي ٿي، گهر جي آڳر ۾ ٽاريءَ هيٺان سفيد ڪپڙن ۾ هوءَ ڪنهن پاڪيزه جل پري جيان پئي لڳي، پاڻ چنڊ جي چانڊاڻ هن جي ڳلن کي چمي پئي، هڪ پل ۾ ڄڻ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو هجي، صرف سانت هجي ۽ ان سانت ۾تڏن ۽ ڏيڏرن جي ٽان ٽان سانت کي مات ڏيڻ جا جتن ڪندي هجي، ڪنهن جي پيرن جون آهٽون هجن، هن سمجهيو شايد ڪوئي چور آهي، هوءَ ٿورو سرڪي ان جو خيال رکي ته متان ڪو آواز ٿئي ۽ اڳلو ماڻهو هوشيار ٿئي، آهستي هن هڪ ڏنڊو کنيو، چنڊ جي چانڊاڻ ۾ پري پري تائين صاف پيو ڏسجي، ان لاءِ هوءَ لڪي وئي ته جيئن هن تي ڪنهن جي نظر نه پئي.
    هن کان رڙ نڪرندي نڪرندي سندس نڙيءَ ۾ اٽڪي وڃي ٿي، هتي ته هڪ ماڻهو ناهي هتي ته ٽي ماڻهو آهن، هُو سڌو مينهن ڏي پئي ويا، اڙي هي ته چور آهن، الا منهنجي مينهن ته اڃان هاڻي هاڻي وڇڙي ڏني آهي، منهنجي پياري وڇڙي هي ته ان کي به ڪاهي ويندا، بيهه مان انهن کي نه ڇڏينديس بس ائين ٿي ڪاهڻ ڏيان!، مال ڄڻ ڪو حرام جي ڪمائيءَ مان آهي.
    هوءَ کٽ جي هيٺان ويٺي هئي، هن ڏنڊو ٺاهي سڌو ڪري رکيو جيئن ئي هڪ ماڻهو اتان گذريو ان کي وهائي ڪڍيائين، هو رڙ ڪري ڪريو، ٻئي ماڻهوءَ بندوق سڌي ڪئي ۽ رڙ ڪري چيو ”اڙي ڪهڙو آهين، ٻاهر نڪر.“ اڱڻ وڏو هو ٻيا سمورا گهر ڀاتي اندر ستا پيا هئا.
    هوءَ ڊڄي وئي، کٽ کان ٻاهر نه پئي نڪري، ٽئين ماڻهوءَ ڇڪ ڏئي هن کي ٻاهر ڪڍيو، هن جي ٻاهر نڪرڻ تي ڌڪ لڳل همراهه حيران ٿي ويو، هن بي اختياريءَ ۾ چهري تان ٻٽ لاهي ڇڏي.
    ”زينت تون!“
    ”جمال تون!“
    ”تون منهنجي دل چوري ڪري هاڻي وڇڙي چورائڻ آيو آهين!؟“
    هن جا ٻيا ٻه ساٿي سمورو قصو سمجهي ويا.
    ”جمال تون بيوقوفي ڪئي آ، ٻُٽَ ڇو لاٿئي، پهريان ته اسان جو خيال هو ته مال سان گڏ ڇوري به ڪاهيون ٿا هلون.“
    جمال يڪدم رڙ ڪئي ته ”سائين نه توهان ائين سوچي به نه ٿا سگهو.“
    ”ها! هاڻ اسان ائين سوچي به نٿا سگهون پر هن کي ائين ڇڏڻ به ممڪن نه آهي، جيڪڏهن هن کي ڇڏيوسين ته هيءَ اسان کي نه ڇڏيندي.“
    سردار زينت جي وات تي هٿ رکي پوري مضبوطيءَ سان جهليو بيٺو هو.
    زينت بار بار هن جو هٿ ڇڏائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ۾ رڌل هئي پر مسلسل ناڪام پئي وڃي.
    ”ها هن جو زنده رهڻ اسان سڀني لاءِ بهتر نه آهي.“
    ”نه سائين ائين نه ڪريو.“
    ”بيوقوف نه ٿي جمال! مال ڪاهي هل، پويان پيرا مٽائيندو هلجانءِ ۽ اهو ڪم تڪڙو تڪڙو ڪجانءِ. جمال تون غلطي ڪئي آ ۽ اسان جي ڌنڌي ۾ غلطيءَ جي گنجائش نه هوندي آهي، آئون نه چاهيندس ته تون ڪا ٻي به غلطي ڪرين، نه ته انجام تون پاڻ ڄاڻين ٿو.“ سردار جمال کي ڌمڪي ڏيندي مخاطب ٿيو.
    ”هاڻ جلدي جلدي ڪم ڪريو، وقت ناهي.“ جانو ۽ جمال مال ڇوڙي هليا ويا ۽ سردار جي چوڻ مطابق بنا ڪنهن غلطيءَ جي سمورو ڪم سرانجام ڏنائون.
    سردار جي دل خراب ٿي، زينت جو وات ٻڌي هن منجهائنس پنهنجي حوس جي اڃ اجهائي. جمال جي دل الائي ڇو سٽ کاڌي ۽ سردار جي ڌمڪي اڻ ٻڌي ڪندي واپس موٽي آيو ۽ جڏهن سردار کي زينت سان ڪريل حرڪت ڪندي ڏٺائين ته هن سان هاٿاپائي شروع ٿي ويس.
    ان هاٿاپائيءَ ۾ سردار، جمال ۽ زينت مٿان ڪليشنڪوف جو منهن کولي ڇڏيو ۽ سموريون گوليون هنن جي ڇاتين ۾ لاهي فرار ٿي ويو.
    گولين جي آواز تي گهر ڀاتي نڪرن ٿا، گهر ۾ ٻه لاشا ڏسي سي به اهڙي حالت ۾ پريشان ٿي ويا، ايتري ۾ ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ هر هڪ رڙيون ڪري توبهه توبهه ڪري چوڻ لڳو: ”ڪاري هئي، ڪاري هئي، غيرت ۾ ماري ڇڏيائون.“
    ”پر ماري ڪنهن ؟؟؟“
    ”ڪهڙو ته زمانو اچي ويو آ.“
    مائٽ ڄڻ ته بت ٿي بيهجي ويا، صبح جو پوليس آئي، گهرڀاتين کي ٿاڻي تي وٺي وئي، ”ٻڌايو توهان مان قتل ڪنهن ڪيو آ؟ پر ڪنهن کان به اهو ڳالهايو نه ٿيو ته سائين اسان جو مال به چوري ٿي ويو آ ۽ ڇوڪريءَ جو وات به ٻڌل ۽ جسم تي تشدد جا نشان آهن.“


    دل جي دانهن

    سيما ساگر جي ويجهو اچي ڳنڀير لهجي ۾ ڳلي کي ٺيڪ ڪندي چوي ٿي ”ساگر جيڪڏهن توکي قبول پوي ته مان هڪ منٿ ڪريان.“
    ساگر گُهور مان تارا ڦوٽاري سيما ڏي ڏسي ٿو. ان کان اڳ جو هُو ڪجهه چوي، سيما چيو ”ڏس تون روز مون سان ڳالهائيندو آهين ۽ مان روز توکي ٻڌندي آهيان، تون جيئن چوندو آهين مان تيئن ڪندي آهيان، ڇا ائين نه ٿو ٿي سگهي ته مان اڄ ڳالهايان ۽ تون ٻڌين؟ مان ڪپهه به آندي آهي، تون ڀلي پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏ، بس صرف ائين محسوس ڪراءِ ته تون منهنجي ڳالهه ٻڌي رهيو آهين. ڇا ڪريان مان ڪابه ڳالهه توکان لڪائي نه ٿي سگهان تو مون کي چيو هو توکي جڏهن به جنهن شئي جي ضرورت پوي ته مون کان گُهري سگهين ٿي، يعني مان تنهنجو دوست، محبوب مڙس ثابت ٿي سگهان ٿو، ان ڏينهن کان وٺي مون توکي محبوب ۽ مڙس کان وڌيڪ هڪ دوست سمجهيو آهي، مون کي هڪ دوست جي وڌيڪ ضرورت آهي، مان تنهنجو وقت نه وٺنديس ڇو جو مان ڄاڻان ٿي ته توکي منهنجي ڳالهين ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، هڪ فقير سمجهي منٿ پوري ڪر.“
    ساگر اڄ ڪجهه موڊ ۾ هو، سيما جي معصوميت کي ڏسي چوڻ لڳو ”چڱو جيڪو ڪجهه چوڻو اٿئي، جلدي چئي ڏي ۽ اها ڪپهه منهنجي حوالي ڪر.“ ائين چئي هن جي هٿ مان ڪپهه کسي ڪنن ۾ وجهي ڇڏي ٿو.
    سيما هزارين ارمان دل ۾ رکي آهستي آهستي ڳالهائي ٿي، پهريان ته سوچي پئي ان کان ته ڀلو آ ڀتين سان مٿو ٽڪرايان پر پوءِ وري به ڳالهائي ٿي ته جيڪڏهن هاڻ نه ڳالهايم ته وڌيڪ ناراض ٿيندو ، ائين کڻي سمجهبو هيءَ به هڪ ڀت آهي ۽ مان پنهنجو مٿو ئي رتوڇاڻ پئي ڪريان.
    هوءَ هٻڪندي چوي ٿي ”ساگر مون توسان بي انتها محبت ڪئي آهي، مڃيان ٿي شروع ۾ منهنجو توسان لڳاءُ نه هو پر هاڻ الائي ڇو توکانسواءِ رهي نٿي سگهان، عجيب ڳالهه آهي جڏهن تون چاهيندو هئين ته آئون سمجهوتو ڪندي هئس پر هاڻ جڏهن آئون توکي چاهڻ لڳي آهيان ته توکان سمجهوتو به نه ٿو پڄي.
    ساگر تون هميشه چوندو آهين ته مان هاڻي مٽجي وئي آهيان، يعني هڪ عام عورت ٿي وئي آهيان، مان پهريان ائين نه سمجهندي هئس آئون سمجهندي هئس ته آئون ساڳي آهيان، تون مٽجي ويو آهين پر هاڻ ائين ناهي، مان واقعي مٽجي وئي آهيان، مان واقعي پهريون جهڙي نه رهي آهيان پر ان جو به هڪ سبب آهي، تنهنجي هر وقت جي ڪاوڙ ننڍين ننڍين ڳالهين تي ايڏو وڏو غصو، تنهنجي ان رويي مون کي احساس ڪمتريءَ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي، مان اندران ئي اندران ڀڄي ڀور ڀور ٿي وکري وئي آهيان، ڀلي سڄي دنيا مون کان خفا رهي پر ايڏو صدمو نه ٿيندو، جيڏو تنهنجي ننڍڙي ڪاوڙ سان صدمو رسي ٿو. هر وقت اهو ٽينشن رهي ٿو ته اهڙو ڇا ڪريان جو تون خوش رهين، پنهنجي وس آهر هرممڪن ڪوشش ڪريان ٿي پر الائي ڇو نه ئي توکي نه ئي ڪنهن ٻئي کي خوش رکي سگهي آهيان. رشتا ته کوڙ آهن پر هميشه هڪ مخلص دوست جي ڪمي رهي آهي، ننڍي هوندي هئس ته ماءُ کي دوست سمجهي پنهنجون سموريون خاميون ۽ خوبيون سامهون رکندي هئس پر ماءُ وٽ به صرف خوبين جاءِ ٺاهي، خامين جي ڪري اتان به ڌڪاري ويس، ائين ئي پيءُ کان وٺي ڀائرن ۽ ڀينرن تائين ان کانپوءِ توتائين به ڪنهن منهنجين خامين کي قبول نه ڪيو، ڪنهن به انهن کي ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جنهن سبب منهنجون خاميون سلجهڻ بجاءِ وڌنديون ئي ويون، ڪنهن سان ڪوڙ ڳالهائي نه ٿي سگهان ۽ سچ سڀني کي ڏکائي ٿو جنهن ڪري اڪثر خاموش ٿي رهان، ڄڻ زبان هوندي مان گونگي آهيان.“
    سيما سموريون ڳالهيون ڪندي ساگر جي پيرن ۾ ويهي ساڻس اکين ۾ اکيون ملائي ڳالهائي رهي هئي پر هاڻي هن پنهنجون اکيون جهڪائي هيٺ ڪري ڇڏيون، هن جون نظرون پنهنجي گوڏن ۾ اٽڪي پيون.
    ”ساگر سڀني منهنجي خوبين کي ڀليڪار ڪيو، خامين تي خفا رهيا، خدا جي قدرت مون ۾ خاميون به گهڻيون ئي رهيون، مون کي ڪوبه اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو خوبين سان گڏ خامين کي به قبول ڪري، جڏهن تون به مون کان خفا ٿيندو آهين ته ڄڻ منهنجي جيئڻ جو مقصد ئي ختم ٿي ويندو آهي، منهنجي دل چوندي آهي ته مون کي خوفناڪ موت اچي، هڪ اهڙو ڀيانڪ موت اچي جنهن سان هرهڪ ماڻهو ڇرڪجي وڃي، سڀني جي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي .... ڇو جو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه تون آهين، سڀ ڪجهه تون .... جڏهن ڪوئي ڪنهن کي حد کان وڌيڪ چاهڻ شروع ڪري، جڏهن ڪوئي ڪنهن کي خوش رکڻ لاءِ جان جي به پرواهه نه ڪري ۽ ان کي ان جي هٿن کان ڏک ملن ته پوءِ ان جي حالت ڇا هوندي!؟ جڏهن کان توکي خوش رکي نه سگهي آهيان تڏهن کان آپي مان نڪري وئي آهيان، توکي ڪهڙي خبر مون توکي ڪيتري شدت سان چاهيو آهي.“
    سيما اکيون کڻي ساگر ڏانهن ڏٺو، هن جي اکين ۾ پيار جو سمنڊ ۽ لڙڪن جو درياهه هو، ساگر کان تاب سٺو نه ٿيو، ڪنن مان ڪپهه ڪڍي ڪاوڙ مان ڪپڙا ڇنڊي اٿيو، سيما به ساگر جي اٿڻ شرط اٿي بيهي رهي، ساگر ڪپهه سيما جي هٿن ۾ اڇلائي جذباتي انداز ۾ چيو ”گهڻو وقت زيان ڪيئي هاڻ وڃان ٿو.“
    سيما جيڪا اڄ چپ ٿيڻي نه هئي، پٺيان رڙيون ڪري کيس چوڻ لڳي ”ساگر .... ساگر .... ساگر منهنجي ڳالهه ته ٻڌ ....“ پر ساگر وڃي چڪو هو، هاڻ هوءَ ڀت کي ئي ساگر سمجهي پنهنجي اندر جي باهه ڪڍي رهي هئي.
    ”جاني! دل ٿي چوي اڄ پنهنجي دل ڪڍي تنهنجي سامهون رکان پر منهنجي دل منهنجي سيني ۾ هجي ته پوءِ نه، اها ته ان ڏينهن ئي تنهنجي سيني ۾ منتقل ٿي وئي هئي، جنهن ڏينهن توسان نينهن لڳو هو پر هاڻ ته ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجو دماغ به تنهنجي وس ٿي ويو آهي.“
    هوءَ زمين تي بي ستي ٿي ڪري پوي ٿي، پنهنجي ساڄي ٻانهن مٿي کڻڻ چاهي ٿي پر هٿ جون آڱريون به کولي نه ٿي سگهي.
    بيوسي وچان روئڻ لڳي ٿي، ”ننڍي هوندي سڀ چوندا هئا چري آهين، آئون سوچيندي هئس ڇا مان چري آهيان؟!، جيئن ٻيا ڪپڙا پائين ٿا آئون به پايان ٿي، جيئن ٻيا ٿا کائين پيئن، تيئن آئون به کاوان پيئان ٿي، اٿان ويهان ٿي، پوءِ ڇا مان چري آهيان؟ پر هاڻ احساس ٿئي ٿو واقعي آئون چري آهيان، زندگيءَ ۾ کائڻ پيئڻ، اوڍڻ، اٿڻ، ويهڻ کان علاوه به گهڻو ڪجهه گهرجي ٿو.“
    هوءَ رڙيون ڪرڻ لڳي ٿي ”ڪير ٿو چوي، ڪير ٿو چوي ته پيار زندگي آهي، پيار موت آهي، ها هڪ خوفناڪ موت اهڙو موت جنهن ۾ نه ماڻهو جِي سگهي ٿو، نه مري سگهي ٿو، ڪير ٿو چوي ته ڪو اعتبار، اعتماد نالي ڪا شئي به هوندي آهي، هتي ته صرف دغا آهي، بي وفائي آهي، پيار نه ڪجي ڪڏهن به نه ڪجي، ڪنهن سان به نه ڪجي.“
    هن جون رڙيون ڀتين ۾ ئي دفن ٿي وڃن ٿيون، گهڻي دير جي خاموشي کانپوءِ هوءَ ٻيهر ڳالهائڻ شروع ڪري ٿي ”توکي چاهڻ کانپوءِ مون کي اهو احساس نه رهيو آ ته آئون ڇا پئي ڪريان؟ ايتري شدت ڇو آهي چرين وانگر ائين ڀٽڪڻ ۽ اظهار به نه ڪرڻ، ها مون کي خبر آهي تو وٽ ٽائيم نه آهي، منهنجون فضول ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ، خبر اٿئي منهنجي دل چوندي آهي آئون صديون توکي ويهي ڏسان، جيئن ئي منهنجي اک بند ٿئي تون منهنجي اکين جي پتلي ۾ قيد ٿي وڃين ۽ جڏهن مرڻ کانپوءِ ٻيهر اکيون کوليان ته تنهنجو عڪس سامهون پايان، شرم حياءَ ۾ ڳاڙهي ٿي وڃان، تنهنجي ڇاتيءَ ۾ ائين لڪي وڃان جيئن دنيا جو ڪو به ماڻهو مون کي ڏسي نه سگهي، دنيا جي هر گردش کان لڪي وڃان، ڪير ٿو چوي ته پيار کان وڌيڪ ڪجهه ٻيون شيون به ضروري آهن تون سڀ ڪجهه وٺي وڃ مون کان، صرف پيار جو هڪ لمحو مون کي ڏي، خدا کي مڃ پيار جو صرف هڪ لمحو مون کي ڏي، مون کي ائين نراس نه ڪر، تو وٽ ٻيا به ڪيترائي غم آهن، محبت کان علاوه پر مون وٽ صرف تنهنجو غم آهي، مان تنهنجا سمورا غم اکين سان کڻان ٿي، تون منهنجو هڪڙو غم ختم ڪر. منهنجي بک تنهنجي نظرن سان ۽ اڃ تنهنجي چپن جي پاڻيءَ سان ختم ٿي ويندي، مون کي ائين نه ڌڪار، مون کي ائين نه ڌڪار، ڪجهه ته رحم ڪر.“ سيما ائين ڳالهائي رهي هئي، ڄڻ ساگر سندس سامهون ويٺو هجي پر هن جا سمورا ايلاز بي معنيٰ هئا، هن جا وار وکريل هئا، سڏڪن ۾ ورتل، اڌ مُئي ٿي وئي هئي.
    ساگر تون منهنجي صرف هڪڙو دفعو ڳالهه ٻڌ مان تنهنجي زندگيءَ مان ئي نڪري وينديس هميشه لاءِ، ڳوڙها اگهندي اڳتي وڌي ٿي ۽ سامهون رکيل جيت مار دوا کڻي پيئي ٿي، مون کي افسوس رهندو توکي ڪجهه به نه ڏئي سگهيس ۽ نه ئي ڪجهه وٺي سگهيس، ڪجهه گهڙين کانپوءِ هوءَ اکيون کولي ٿي، کيس پنهنجي سامهون ڊاڪٽر بيٺل نظر اچي ٿو ۽ ٻيا به گهڻا ئي ماڻهو جيڪي ڪجهه طعنا به ڏئي رهيا هئس ۽ عجيب نظرن سان ڏسي به رهيا هئس، پر هوءَ خاموش هئي، هر هڪ ڏي ائين ڏسي رهي هئي ڄڻ ڪجهه پڇندي هجي، ڇا مون لاءِ موت به ايڏو مهانگو آهي جو ملهه نه ڏئي سگهيس.


      حضرت عشق

    رات جو هڪ ٿيو هيو اوچتو در کڙڪيو گهر جا سمورا ڀاتي ستا پيا هئا منهنجي اک کلي ائين سمجهيم ڄڻ ڪو سڏيندو هجي ليليٰ هلي آ جاني هلي آ .... پاڻ کي ڀاسيم ڄڻ روبوٽ هجان ۽ ڪنهن رموٽ ڪنٽرول جو بٽڻ دٻايو هجي ۽ مان سڌو سنئون اُن ڏانهن وڌندي ويندي هجان مون در کوليو سامهون ڄڻ ڪو شهنشاهه بيٺو هجي، چيم ڪير آهين ....؟ چيائين مان اهو شخص آهيان جو جنهن به در تي ويندو آهيان ته انسان پنهنجي وس کان نڪري منهنجي وس ۾ هليو ايندو آهي، ان جي ننڊ آرام، کاڌو پيتو، ميل ميلاپ منهنجي هٿ هوندو آهي، وڌ کان وڌ طاقت رکندڙ انسان منهنجي اڳيان بيوس ٿيو وڃي، مون کي جيڪو انسان وڻي ان کي مٺيون مٺيون اذيتون ڏيندڙ شراب پياريندو آهيان، وقت جا عجيب و غريب نه سمجهه ۾ ايندڙ تحفا ڏيندو آهيان. مان بادشاهن جو بادشاهه آهيان انسان وقت جي گرفت ۾ آهي ۽ وقت منهنجي گرفت ۾ آهي.
    آخر تنهنجو نالو ڇا آهي؟ تون هتان ڇا ٿو چاهين بلڪه تون مون کان ڇا ٿو چاهين.....؟.
    مان توکان ڪجهه به نٿو چاهيان بلڪه توکي ڪجهه ڏيان ٿو ۽ منهنجو نالو آهي حضرت عشق.
    هن جي آڱر ۾ ڪنهن خوبرو نوجوان جو هٿ هيو جيڪو مون کي ڏسي مرڪي رهيو هو، حضرت عشق ان خوبرو انسان جو هٿ وڌائي منهنجي هٿ ۾ ڏنو ۽ پوءِ پاڻ هليو ويو. ان خوبصورت انسان جنهن جو قد 6 فٽ 10 انچ هيو جنهن جي ڇاتي ويڪري هئي ۽ سنهڙا چپ، شرابي اکيون ۽ ڳاڙها ڳٽا، جنهن جا ڪارا ريشمي وار پٺيان ڪلهن تي ۽ اڳيان نرڙ تي پئي ڪريا، هن منهنجي هٿ کي وٺي پنهنجي گلابي چپن تي آڻي چمي ورتو. اوچتو منهنجي اک کلي ويئي ۽ پوءِ پوري رات اک بند ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو، اندر ۾ الائي ڪهڙا ٿي پُور پيا اکين ۾ الائجي ڪهڙي پئي چڀن ٿي. 16سالن جو سنهڙو جسم ويٺي ويٺي ئي ويڙهجي پئي ويو ،اوچتو ئي اوچتو ان چميءَ جو هٿ تي ذائقو محسوس ڪندي لونءَ ڪانڊارجي ٿي ويئي ۽ آئون سميٽجي ٿي ويس. پوري رات چادر ۾ پاسيري ٿي گوڏا ڇاتيءَ سان لائي ٻانهن سان منهن ڍڪي ڪرونڊڙي ٿي گذاري، صبح سان امان رڙ ڪري اٿاريو پر مان اٿي ئي نه سگهيم، نيٺ تنگ ٿي امان منهنجي مٿان آئي هوءَ ڪاوڙ ۾ ڳاڙهي لڳي پئي هئي.
    ڇوڪري توکي ٿيو ڇا آهي؟ مان ڪتي آهيان جو صبح صبح سان پئي ڀونڪون ڪيان؟، اٿين ڇونه ٿي؟
    مون پوءِ به ڪو جواب نه ڏنو هن تنگ ٿي هڪ ٿڦ مونکي وهائي ڪڍي، جيئن ئي امان جي هٿ منهنجي ڳٽي کي ڇهيو ته امان جي نڙيءَ مان هڪ رڙ به نڪري آئي مئيس هن نڀاڳيءَ کي ته بخار آهي، ڏس ته باهه پئي ٻري جهڙوڪ ماني پچاءِ، منهنجي اکين مان اُن وقت نير پئي وهيا ۽ چپ پئي ڦڙڪيا امان بار بار پئي پڇيو اي امان سيءُ ٿو لڳيئي ته رلهي ويڙهيانءِ؟ ۽ جيڪا پل کن اڳ باهه هئي اها هاڻ ميڻ پئي ٿي، ڄڻ ته سج کي پٺي هجي. منهنجو سڄو ڏينهن ائين گذريو بابو به گهر ۾ ڪونه هيو، ڪم سانگي ٻاهر ويل هيو. امان سڄو ڏينهن پنهنجي هنج ۾ ڪيون پئي وارن ۾ آڱريون ڦيرايون. ان ڏينهن مون ڪجهه به نه کاڌو هيو ۽ نه ئي ڪجهه پيتو هيو، اماءن جون اکيون در ۾ هيون ته ڪهڙي مهل ٿو بابو اچي ۽ مون کي ڪنهن مسيحا کي ڏيکاري اچي، اهو ڏينهن ته ڪنهن نه ڪنهن بهاني گذري ويو، وري رات آئي ۽ مان سڄي ڏينهن جي ٿڪاوٽ جي ڪري سمهي پيس، ٻين کي ٿڪ ٿيندو آ ڪم ڪرڻ جي ڪري ۽ مون کي ٿڪ ٿيندو آ ويهڻ يعني آرام ڪرڻ جي ڪري. انسان آهيان نيٺ اک لڳي ئي ويئي بس ويرم ئي ڪانه گذري ساڳي ئي شهنشاهه .... در کڙڪايو ۽ مون ساڳئي ئي طرح در کوليو، بس فرق صرف لفظن جو هيو، هن چيو ڏٺئي مون توکي چيو هيو نه ته مان اهڙو شخص آهيان جو آدميءَ جو کائڻ پيئڻ، آرام، آرائش سڀ ڪجهه کسيو ڇڏيان.
    تون ان نوجوان کان اک نه چوراءِ ، هي تنهنجو سک آهي، چين آهي. ان ۾ پنهنجو پاڻ شامل ڪر ..... تون ڏاهي ٿي ويندينءَ، ائين چئي اهو شخص گم ٿي ويو. منهنجي سامهون ساڳيو ئي نوجوان ساڳي ئي مرڪ پئي مرڪيو. اڄ رات هو منهنجا ٻئي هٿ جهلي مون کي پنهنجي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش پيو ڪري، هن جا ساهه مون محسوس پئي ڪيا، هن جي ساهن ۾ خوشبوءِ هئي، اهڙي خوشبوءِ جيڪا ڪنهن به گل ۾ نه هجي ، عطر ۾ نه هجي. هن جي گرم گرم ساهن ڄڻ مون کي چمي پئي ورتو.
    مون هن کان پنهنجا هٿ پئي ڇڏرايا ته هن ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ مون کان هڪ زوردار رڙ نڪري آئي، اک کلئي ڏٺو ته امان مون مٿان پاڻي جهليو بيٺي هئي، امان !ڇا ٿيو؟ جيجل اُٿ ته پاڻي پيءُ ڪوئي خواب پئي ڏٺئي ڇا؟.
    ماءُ پيءُ کي اڪيلي ڌيءُ هيس ستن ڀائرن ۾، اتفاق سان ڀائر به ڪو ڪيڏانهن ته ڪو ڪيڏانهن هليو ويو هو ،امان ڀائرن ۽ ابي جو پيار ڏسي هميشه مون کي دڙڪا ڏيندي هئي، انهن سان وڙهندي هئي ته ڌيءَ کي آڪرو ڪري ڇڏيو آ توهان، ڌيءَ پرائو ڌن آ، ان کي ايترو پيار نه ڏيو جو هوءَ ابي امان جو گهر وساري نه سگهي، اڄ نه سڀاڻي هن کي پنهنجو گهر وسائڻو آهي ۽ هن کي ان ئي گهر ۾ دل لڳائڻي آهي، حد کان وڌيڪ پيار ۽ لاڏ آڪرو ڪري ڇڏيندس. پر اڄ هوءَ ابي کان وٺي ستن ئي ڀائرن تي ڪاوڙ ڪري رهي هئي ته الائي ڪٿي مري ويا آهن؟ جو گهر ڏانهن منهن ئي نه ڪيو اٿن. ڪوبه هڪ اچي ته ها، اهو به نٿا سوچين ته گهر ۾ اڪيلي ماءُ ۽ جوان ڀيڻ ڪيئن رهنديون؟، وقت ته ڇا ٿي ويو آ، مال متاع گهر ۾ ڇا ناهي؟.
    آئون سڀني ڀائرن کان ننڍي هيس ننڍي هوندي کان ئي اگر ڪو ٻار مون کي ماري يا آئون ڪنهن سان وڙهي پوان ته ڀائر به ان سان وڙهي پون ۽ آئون پنهنجو قدر وڌائڻ لاءِ انهن کي اهو به ٻڌائيندي هيس ته غلطي منهنجي آهي.
    اگر ڪنهن ڇوڪريءَ جون چوڙيون، پونيون يا چوٽي وڻي وڃي ته ان کان زوريءَ کسيندي هيس، کسي نه سگهان ته ڀائرن کي چوندي هيم ۽ ڀائر ان کان کسي مون کي ڏيندا هيا، اهو ڏينهن خالي نه هيو جو ڳوٺ جي ڪا مائي امان وٽ دانهن نه کڻي آئي هجي ته تنهنجي ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪرن اسان جي معصوم نياڻيءَ کي ماري پوني کسي آ يا چوڙيون کسي آيا آهن. امان ڀائرن کي ۽ مون کي دڙڪا ڏيئي شيون واپس وٺي انهن کي ڏيندي هئي ته ابو مون کي ۽ ڀائرن کي پرچائڻ لاءِ ساڳي ئي شئي وٺي ڏيندو هو، اهو ئي سبب هيو جو ڳوٺ جي ڪا به ڇوڪري يا ڇوڪرو مون سان گڏ نه کيڏندو هو، پري کان مون کي ڏسندو هو ته ڀڄي وڃي لڪندو هيو، بس منهنجا ڀائر ئي منهنجا دوست هيا ۽ منهنجون سهيليون هيون.
    مون کي اٽي جي چڪيءَ واري ٽڪ ٽڪ جو آواز ڏاڍو وڻندو هيو، ڳوٺ کان ٿورو پري چڪيءَ جو آواز ڪنهن ڏينهن بند ٿي وڃي ته آئون روئندي هيس، مون کي هلائي ڏيو اهو آواز هلائي ڏيو.
    پوءِ منهنجا ڀائر مشين مالڪ کي پئسا ڏئي زوريءَ مشين ٿوري دير لاءِ هلرائيندا هيا ۽ دعا گهرندا هئا ”الله ڪري اڄ مشين بند نه ٿئي“ ۽ ڀائرن جو هر ڪم ڪرڻ مون کي سٺو لڳندو هيو، انهن لاءِ ماني ٺاهڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، انهن جون شيون سانڍڻ، مطلب ته ڀائرن جو سمورو ڪم آئون پاڻ پنهنجي هٿن سان ڪندي هيم، امان صرف مال کي چارو ڏيندي هئي، ڀائر اگر گاهه جي ڪتر ڪن ته مشين ۾ گاهه آئون ڏيندي هيس، اڌ گاهه وڃائيندا هياسين يعني گاهه کڻي ڀائرن جي منهن ۾ هڻندي هيس، چپ چپ ڪري پٺيان سندن قميص ۾ وجهندي هيس، گاهه جا تيلا کڻي ڀائرن جي ڪنن ۾ والا ڪري، مٿي تي ٽڪو ڪري ڳلي ۾ هار ڪري پائيندي هيس، مطلب هو ڏاڙهيءَ سان ٿي ويا هئا ، پوءِ به ٻار ٿي مون کي کيڏائيندا هيا ، هنن جي عمر شادي جي ٿي وئي هئي ڳوٺ ۾ ڪو به هنن کي سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو صرف ان ڪري ته آئون ڀائرن جي حد کان وڌيڪ اربيلي هيس، هر ڪوئي چوندو هيو هي ڀيڻ مان جان نٿا ڇڏائين زالون ڪيئن هلائيندا؟
    ۽ ڀائرن جي به اها ئي خواهش هئي ته پهريان ڀيڻ کي پرڻائينداسين پوءِ پاڻ لانئون لهنداسين.
    خير پهرئين وانگر ٻي رات به گذري ئي ويئي، صبح ٿيو صبح جو به ساڳئي حالت هئي مون هڪ اکر به زبان مان نه ڪڍيو هيو ،امان مون کي ايلاز ڪندي رهي امان! ڪجهه ته ڳالهاءِ؟ پر منهنجي زبان تي ڄڻ ڪو تالو لڳي ويو هجي، نڙي سڪي ڪنڊا ٿي ويئي هجي، مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيو آخر اهو نوجوان ڪير آهي؟ ڪٿي آهي؟ مون ته ڪڏهن به ڳوٺ کان ٻاهر ۽ ڳوٺ ۾ اهڙو ڪو ماڻهو نه ڏٺو آهي ۽ ماڻهن جي مون سان پئي به ڪانه، اصل مون کان لڪندا وتن، مان به ته اهڙي آهيان جو بس توبهه! منهنجي وري ڪهڙي ماڻهن سان پئي، جو ماڻهن جي مون سان پئي.
    اوچتو در کڙڪيو منهنجي ماءُ مون کي پنهنجي هنج مان ڪڍي در کولڻ لاءِ ويئي، سامهون وهاب ۽ آفتاب هيو منهنجو وڏو ۽ ٽيون نمبر ڀاءُ، جيڪي پنهنجي دوستن سان گڏ شڪار تي ويل هيا. منهنجي ماءُ پيءُ به ستن ئي ڀائرن جا نالا هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ رکيا هيا، وڏو وڏو وهاب ٻيو نمبر شهاب، ٽيون آفتاب، چوٿون مهتاب، پنجون نواب، ڇهون ارباب ۽ ستون سهراب. سهراب کي آئون هميشه عذاب سڏيندي هيس ۽ سڏيندي آهيان هو ڏاڍو چڙندو آهي، سهراب نواب ۽ ارباب منهنجي ناناڻن ڏي ٻئي ڳوٺ پنجن ڏينهن کان گهمڻ لاءِ ويل هئا، باقي شهاب شادي جي سڏ تي ۽ مهتاب بابي سان بابي جي دوست جي دعا گهرڻ لاءِ شهر ويل هيو. امان آفتاب ۽ وهاب سان جنگ لايون پئي آئي ڏاڙهي اچي ٿي اَٿَوَ پر اڃان به شڪار ۽ ٻارن وارا ڪم، اٿو گهرجي ڪا ڳڻتي؟ امڙ جو ڪو فڪر به اٿو يا نه؟، هونئن ته ڀيڻ لاءِ سر پيا ڏيو، ڏسو ته سهي ڪالهه کان ڪهڙو حشر ٿيو اٿس، نه کائي ٿي نه پيئي ٿي، نه ڳالهائي ٿي، نه ٻولهائي ٿي. ان جي الڪي ۾ ڍور ڍڳا به بک مري ويا آهن. آئون ڇوڪريءَ جي ڪيان يا گهر جي؟ يا ان بي زبان جانورن جي؟ چوين شادي ڪريو ته اها به نه، ڀيڻ جو گهر آباد ڪريون ته پوءِ ڏسنداسين. اڙي ابا! اها توهان کان ننڍي آهي، اها خواهش رکي ٿي ته سندس ڀائرن کي موڙ ٻڌي ، ميهندي لائي. هونئن ته هر خواهش مڃن ٿا پر اها الائي ڇو نه ٿا مڃن؟ پر منهنجي ڀائرن سندس ڪابه ڳالهه نه پئي ٻڌي. هنن مٿان ڄڻ خبر پوندي ئي وڄ ڪري پِيَن ڊوڙندا اچي منهنجي کٽ جي ٻنهي ٻانهين کان بيهي رڙيون ڪرڻ لڳا: ڀيڻ !ڇا ٿيو؟ ٻڌاءِ! منهنجي امان توکي ڇا ٿيو آهي؟ ساڄي هٿ کي وهاب ۽ کاٻي کي آفتاب پڪڙيون پئي چميو، منهنجي ڀائرن جي اها حالت ڏسي امان به چپ ٿي ويئي ۽ اکين مان نير ٿي وهايائين.
    منهنجا ڀائر پنج وڏا ۽ ٻه ننڍا آهن، يعني آئون ڇهين نمبر تي آهيان پر لڳندو ائين آهي ڄڻ مان سڀني کان وڏي هجان، وهاب چيو آفتاب کي تون وڃ ۽ ابي وارن کي فون ڪر ۽ جيئن به ٿي سگهي تيئن ٻين ڀائرن کي به گهرائي وٺ پر خيال ڪجان ته هُو پريشان نه ٿين، پوءِ اچي تون مال ڍڳي جو ڪر ۽ امان کي دلاسو ڏي مان وڃي ڀيڻ کي ڊاڪٽر کان دوا وٺي ڏيان.
    آفتاب ڪنڌ سان هائوڪار ڪندي، ڳوڙها اگهندي ٻاهر نڪري ويو ۽ وهاب مون کي ڪلهي جو سهارو ڏيندي امان کي چيو ته مون تي چادر وجهي ۽ هو ڪنهن ٻار وانگر مونکي اسپتال کڻي آيو، اسان جي ڳوٺ جي اسپتال ڪا وڏي اسپتال نه هئي هڪ ننڍڙي اسپتال هئي ۽ مون کي به ڪڏهن ڪا ضرورت نه پئي هئي اسپتال اچڻ جي، مون پهريون ڀيرو ڏٺي هئي اسپتال. ڊاڪٽر بخار جي دوا ڏني ۽ چيو حوصلو رکو بس بخار آهي، انشاءَ الله لهي ويندو.هيءَ هڪ دوا لکي به ڏيان ٿو اها صبح، منجهند ۽ شام ٽي وقت وڃي پيئاريوس ۽ في الحال جلد هضم ٿيندڙ خوراڪ کارايو، ڀل پوءِ اها ٿوري ئي ڇو نه هجي، جيڪا کائي سگهي.
    ڀاءُ مونکي واپس گهر کڻي آيو ۽ پوءِ سموري خدمت پاڻ ڪندو رهيو کارائڻ کان وٺي پيئارڻ تائين ، پر مون کان ڪجهه نڙيءَ هيٺ لهي ئي نه، ڀت جون ٻه چمچيون ۽ دوا به نڙيءَ ۾ ئي رهجي وڃي. اها حالت ابي ۽ ٻين ڀائرن کان ڏٺي نه ٿي، بابي چيو شهر ۾ وڏا ڊاڪٽر آهن هن ڊاڪٽر جي دوا سان بخار ته پري پر ڪجهه هيٺ لهي ئي نٿو، دوا پيٽ ۾ نه ويندي ته بخار ڪيئن لهندو، شهر کڻي ٿا هلون اُتي ڊرپ وغيره چاڙهيندا ته من ڪجهه ڳالهه ٺهي به پئي، اها صلاح سڀني کي وڻي ۽ ائين ٻئي ڏينهن تي ئي مون کي شهر جي وڏي اسپتال ۾ آندائون. عجيب ڊاڪٽر، ڊاڪٽرياڻيون هيون نرسون هر وقت خيال رکڻ لاءِ بيٺيون هيون، خبر ئي نه پئي ڊرپون چڙهي ويون الئجي ڪهڙيون ڪهڙيون ٽيسٽون پئي ٿيون، چارئي ڀائر ۽ بابو هڪ منٽ لاءِ به نه پئي ويٺا ، ڪو ڪيڏانهن ته ڪو ڪيڏانهن پئي ڀڳو، منهنجي رات ۽ ڏينهن هڪ ٿي ويئي بس صرف نير پئي وهيا، چپ پئي تڙڪيا ۽ جسم پئي ڏڪيو، صفا برف ۽ ڪهڙي وقت اصل باهه ،ڪڏهن اک لڳي وڃي ته ساڳي ئي نوجوان اڇي رنگ جي گهوڙي تي ته ڪڏهن اٺ تي، مون کي جهپي کڻي پئي ورتو ۽ منهنجي اک کلئي پئي وڃي، اک کلڻ تي مون ٻيو ڪجهه به نه پئي ڪيو بس صرف تيز تيز ساهه پئي کنيا ۽ لڇ پڇ ۾ ڊرپون وغيره لاهي پئي ڇڏيون.
    صرف ائين نه هيو ته بابي جن وڏي اسپتال ۾ آندو هيو پر امان به وس کان نه گهٽايو هيو نظر ڪٽڻ کان وٺي دعائن ۽ باسن تائين هر حيلو ٿي ڪيو، ڊاڪٽرن کي ڪا به بيماري سمجهه ۾ نه اچڻ کانپوءِ پاڻ ۾ ميٽنگون ڪرڻيون پيون مختلف شهر جا ڊاڪٽر اچي گڏ ٿيا منهنجون رپورٽون ڏٺائون، امان ۽ بابي جي ذهن ۾ به ويهجي ويو ته ڪا بيماري ناهي ته بس ڪو جن هوندو، جيئن ڏينهن گذرندا ٿي ويا تيئن خواب وڌندا ٿي ويا ، هاڻ ته هو ماڻهن جي موجودگي ۾ به اچڻ لڳو هو، آئون ان کان ڄڻ ڊڄي ويئي هيس، ائين به پئي سمجهيو ته منهنجو علاج صرف ان وٽ آهي اهو ئي منهنجو مسيحا آهي پر آواز نڪري ته ٻڌايان نه؟
    ڏينهون ڏينهن ويس وڌيڪ سُڪندي ۽ رنگ به جيڪو گلابي هيو اهو ڄڻ پيلو پئي ٿيندو ويو، بابي وارا بخوبي سمجهي ويا ته هاڻ هي اسپتال جو ڪمرو ڌيءَ کي کائي ويندو ان لاءِ ڀلو آهي ته ان کي هتان ڪڍي هلون ڇو جو آئون ڪمري جي ديوارن، در ۽ تصويرن کي ڏسي لڇڻ لڳي هيس، انهن کي ڪهڙي خبر ته آئون ان نوجوان کي ڏسي رهي آهيان. بابي ڀائرن سان صلاح مشورو ڪري مون کي اسپتال مان ڪڍي آيا پوءِ بس ڳوٺ ۾ ڪنهن چيو جن آهي، ڪنهن چيو ڊوهه (ڪارو علم) آهي ،ڪنهن چيو نظر آهي، پوءِ بس گهر ۾ ڪڏهن صلوات پئي هلي، ڪڏهن قرآن خواني پئي هلي، ڪڏهن پير پئي آيا ته ڪڏهن مون کي بيبين ڏانهن، روزن شريفن ڏانهن وٺي پئي ويا. ڀائرن به کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنو وڏي جي ته ڏاڙهي به نڪري آئي هئي، مٿي ۾ ته ڄڻ ڪنهن ڌوڙ وجهي ڇڏي هجيس، امان اڪيلي هجڻ ڪري ڪپڙا به ڌوئي نه سگهي، ٻئي ڳوٺ مان منهنجي ماسي ۽ پڦي به گهرائي هيائين جيڪي ٿورڙو گهڻو ڪم ڪار ڪنديون هيون، پر سڀني جو ڄڻ خون ڄمي ويو هجي، ڄڻ هو سڪي ٿڌا ٿي ويا هجن. منهنجي بيماريءَ کي مهينو ٿي ويو آخر ڀائر مجبور ٿي مون کي ڀوپن ڏانهن وٺي آيا، ابي وارا سمورو مال به وڪڻي چڪا هئا بس صرف ٻه ڍڳيون وڃي بچيون هيون، جيڪي ڀوپن ورتيون، پهريان ته لهرائين پيا ڇو ته هو نه پيا چاهين ته آئون ڪنهن جي هٿان ڪُٽجان ،پر منهنجي ٺيڪ ٿيڻ جي آخري اُميد اها وڃي بچي هئي.
    ڀوپن نه ڄاڻ الائي ڇا ڇا پئي ڪيو ،انهن باهيون پئي ٻاريون دونهان پئي ڏنا، ٻڌي چيو پئي فلاڻا شهنشاهه جن نڪري وڃ نياڻي جي جند ڇڏي وڃ، پر هاڻ مون وٽ به ڪجهه ڪونه بچيو هيو، مون وٽ جيڪو ڪجهه هو اهو حضرت عشق پاڻ سان گڏ کنيو ويو هيو، هاڻ مان صرف هڏن جي مٺ وڃي بچي هيس، منهنجي اندر مان ڪا به آهه ڪا به صدا نه پئي نڪتي ڄڻ ڀوپا الائجي ڪنهن کي ماري رهيا هئا ڪو به آواز نه پئي نڪتو.
    نيٺ ڀوپا به نراس ٿي بيهي رهيا، منهنجي اکين جي اڳيان ته صرف اهو نوجوان هيو، جيڪو مون کي سڏي رهيو هيو، جنهن جي منهن تي اذيتن کي مٽائڻ واري مرڪ هئي، ڀوپن منهنجي هڏن تان کل به لاهي ڇڏي هئي، ست ئي ڀائر بيوس ٿي، امان سان گڏ منهنجي مٿان بيٺا هئا، انهن جون آهون ۽ دانهون سڏڪا نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا، اکيون ڳاڙهيون ڏار ڏنل، جسم سڪي ويا هئن، ڄڻ هر ڪوئي چوندو هجي يا الله اها بيماري اسان کي ڏي اسان جي ڀيڻ کي پهريان جهڙو ڪر. ست ئي ڀائر امان ۽ بابا منهنجي چئوطرف ڦرڻ لڳا، هاڻ منهنجي چهري تي مرڪ هئي ۽ هنن جي منهن تي آخري اُميد هُو چوٿون ڦيرو ڏيڻ لڳا ته منهنجي زبان تي لفظ اچڻ لڳا مون هٿ ان نوجوان ڏانهن وڌايو ۽ چوڻ لڳم ”حَه ..... حَه ..... حضرت عشق “ ۽ پوءِ منهنجو هٿ زمين تي ڪري پيو ۽ اکيون هڪ جڳهه تي سڪي ويون، ڳوڙها بند ٿي ويا مرڪ فاتح ٿي چهري تي چڙهي، جيسين ڀائر، امان ۽ ابو ستون ڦيرو ڏين تيسين منهنجي ماسيءَ رڙ ڪندي چيو ادي ليليٰ وئي اسان کي ڇڏي، ليليٰ وئي مجنونءَ ڪڍ، ليليٰ وئي امان ڪري پئي، ڀائر مٿو منهن ڪٽيندا رهيا ۽ بابو پٿر ٿي ويو، منهنجو روح سڀ ڪجهه ڏسي رهيو هو، حضرت عشق هڪ طرف روئي رهيو هو ۽ هڪ طرف چئي رهيو هو مون کي جيڪو وڻندو آ ان کي مٺيون مٺيون اذيتون ڏيندڙ زهر پياريندو آهيان.


      موت

    موت کي حڪم ٿيو ته وڃ سرير مان روح کي ڪڍي اچ، موت واچ ۾ ٽائيم ڏٺو، کيس مليل ٽائيم ۾ اڃا پنجٽيهه منٽ باقي هئا، رستو ايڏو ڊگهو نه هو، اک ڇنڀ ۾ اتي پهچي پئي سگهيو پر کيس انهن پنجٽيهه منٽن ۾ ڪنهن جو به ساهه ڪڍڻو نه هو، انهيءَ سبب الائي جي ڪنهن ٻئي سبب هن جي ذهن ۾ الائي ڇو اهو خيال آيو ته اڄ اهي پنجٽيهه منٽ به ان ڇوڪريءَ جي ويجهو وڃي ڏسان ته هوءَ ڇا ٿي ڪري؟ ڇا ٿي سوچي؟.
    موت اک ڇنڀ ۾ ان ڇوڪريءَ جي ويجهو پهچي ويو، هن پنهنجو پاڻ کي ڇوڪريءَ جي اکين کان اوجهل رکيو.
    پرهه ڦٽيءَ جو وقت هو، ڇوڪري ننڊ مان اٿي، اکيون مهٽيندي گهڙي مان پاڻي اوتي ڪونئرو ڀري وڃي هٿ منهن ڌوئي وضو ڪرڻ ويٺي.
    هُن وضو ڪري مصلو کڻي فجر جي نماز ادا ڪئي، نماز مان فارغ ٿي هوءَ کير جو ٿانءُ کڻي ڳئون ڏهڻ ويٺي، جتان فارغ ٿي هن ٻهاري ڏني ۽ پوءِ ماءُ جي پيرانديءَ کان ويهي ماءُ جي پيرن کي ڇهندي هلڪڙي آواز ۾ چيائين ”امان! مان ماني پچائڻ ٿي وڃان، تون ڏڌ ولوڙ“
    ماڻهس ننڊاکڙي اوٻاسي ڏيندي اکيون مهٽي اٿي ۽ چيائينس ”ها ڌيءَ پر پهريون پڻهين ۽ ڀاڻهين کي اٿار!“
    سنهڙي سهڻي سٻاجهڙي ڇوڪريءَ ماءُ جي حڪم جي بجا آوري ڪندي پيءُ ۽ ڀاءُ کي ننڊ مان اٿاريو، ڀاڻس اٿندي ئي پيءُ سان ڪروڌ ڀريل آواز ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو ”بابا مان آخري دفعو چوانءِ ٿو، ڪونج جو رشتو ڏئي چاچي ولوءَ کان سهڻيءَ جو سڱ وٺي ڏي، نه ته اجايو ڏچي ۾ پئجي ويندين، مان سهڻيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪري سگهان ٿو.“
    پڻهس به وڏي ڪاوڙ مان چيس ”ولو نٿو مڃي ته مان ڇا ڪيان ۽ تنهنجا افعال اهڙا آهن، ڪير ڀلا پنهنجي ڄائي رلائيندو؟ توکي ڪم نه ڪار، ڪهڙو ڌنڌو ڌاڙي اٿئي؟ سواءِ صبح صبح ڪروڌ ڪرڻ جي، اڙي چور! سڄو تر تپائي ڇڏيو اٿئي، نڪ وڍائي ڇڏيو اٿئي، منهنجو پيءُ ڏاڏو سڀ شريف ماڻهو هئا، مون به سڄي عمر ڪنهن سان ڪئوڙي واتين نه ڳالهايو آ، پر تنهنجي ڪري اڄ سڀ ڪو مون کان به نفرت ٿو ڪري، چور جو پيءُ ٿا سڏين، ٻئي ٽئين ڏينهن پوليس وارا اچي در تي ٿا بيهن، گهر تي ڪڙو ڪاهي ٿا بيهن، تنهنجي جوان ڀيڻ ۽ پوڙهي ماءُ کي به بيعزت ٿا ڪن، منهنجا پوڙها هڏ ڪٽائيندي ته توکي شرم نٿو اچي پر ڀيڻ ۽ ماءُ جي بيعزت ٿيڻ تي ته ٿورو شرم کاءُ، ڪا غير ڪر، بي شرم اولاد.“
    پيءُ جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ”هاڻي ڇڏ تقرير ٻڌائي ته ولو چوي ڇا ٿو، ڪهڙو جواب ٿو ڏئي؟“
    ”چئي ٿو مون کي پنهنجي نياڻي روز روز ٿاڻي وارن وٽ ناهي ويهارڻي، توهان ته بيعزت آهيو پر آئون بيعزت ڪونه ٿيندس.“
    ولوءَ کي سڱ ته ڏيڻو پوندو بابا! پوءِ ڀلي عزت وارو سڏجي يا بيعزت، ڪلهي تي ٽوال ٺاهي کٽ کان پير لاهي، پيرن ۾ سينڊل پائي ٿو، مٽ مان پاڻي اوتي منهن تي ڇنڊا هڻي، ڀيڻ کي جيڪا چلهه تي ماني پچائڻ جي تياريءَ ۾ رڌل هئي: ”ڇوري ماني ڏي، جلدي ڪر، پوليس کان جهلرائڻو اٿئي ڇا؟“
    ”ها ادا هي کير جو گلاس پي ته ماني به آڻي ٿي ڏيانءِ، بس ٿورڙي دير آ.“
    چوٽيءَ کان پڪڙيندي ”ٻڌئي نه جلدي ماني ڏي“ هڪدم موت کي به ان سٻاجهڙي ڇوڪريءَ تي رحم اچي ويو ”جيڪر ان ظالم انسان جو روح قبض ڪيان، ان ڇوڪريءَ جي بجاءِ، ڏس ته سهي الله ڪيئن نه ان کي سهڻو ٺاهيو آ.“
    پڻهس ڇڏ نياڻيءَ جي چوٽيءَ کي اها تنهنجي مارن لاءِ ڪونه ڄڻي آ.
    موت واچ ڏانهن ڏٺو، ٽائيم پورو ٿيندو پئي ويو،
    هن سوچيو جيڪر واپس وڃي خدا کان ان ڇوڪريءَ جي حياتي واپس گهري ان کي زنده رهڻ لاءِ وقت وٺي ڏئي پر ائين ممڪن نه هو، هُو مجبور ۽ بيوس ٿي بيهي رهيو هو.
    ڀاڻس چوٽيءَ کي ڇڏي ”سهڻيءَ جو سڱ ضرور وٺندس، بابا ڀل پوءِ مون کي ڪنهن جو قتل ئي ڇونه ڪرڻو پوي.“ اهو چئي ٻاهر وڃي ٿو. در کان نڪرندي ئي هُو سهڻيءَ جي ڀاءُ کي گهٽيءَ مان گذرندي ڏسي ٿو، جهٽ ۾ اندر داخل ٿي سڌو اندر ڪوٺي ۾ وڃي ٿو، هڪ عدد ڪهاڙي آڻي ٿو، پڻهس اٿي بيهي ٿو، ماڻهس جيڪا ڏڌ ولوڙڻ ۾ مصروف هئي، سا به اٿي ٿي بيهي رهي، سڌو سنئون رڌڻي ۾ داخل ٿو ٿئي، ڀيڻ کي پٺيان ئي ڪنڌ تي 4 وار هڪٻئي پٺيان ٿو ڪري، ڌڙ سسيءَ کان ڌار ٿو ڪري ڇڏيس، پڻهس ۽ ماڻهس رڙيون ڪندي رهجي ٿا وڃن، موت ساهه قبض ته ڪري ٿو پر اندر ئي اندر روئي پوي ٿو، هو ان وقت ان ڇوڪريءَ جي سامهون اچي ٿو، چوي ٿو مون کي حڪم مليو آ ته تنهنجو ساهه قبض ڪيان.
    ڇوڪري ڄڻ چوندي رهجي وڃيس ٿي ”او ساهه جا بادشاهه ساهه ڀل ڪڍين ها پر ڪاريءَ جو الزام ته نه ڏئين ها.“
    موت ڄڻ هڪ جهٽ لاءِ زمين تي ڪري پوي ٿو، ڀاڻس ڀڻڪندي ٻاهر واپس وڃي ٿو.
    ماءُ ڌيءَ جي پيرن کان ويهي روئي ٿي، پيءُ ڪنڌ کي کڻي نرڙ تي چمي ڏئي ڪنڌ سان لائي ٿو، ايتري ۾ ٻاهران رڙيون اچن ٿيون، ڀاڻس سهڻيءَ جي ڀاءُ کي رتوڇاڻ ڪري رڙيون ڪري ٿو، تون ڪارو آهين، توکي ڪونه ڇڏيندس.
    ماڻهو اچي ڀاڻس کي پڪڙين ٿا، سهڻيءَ جو ڀاءُ ته بچي وڃي ٿو پر ڪونج جو ڀاءُ قيد ڪاٽي ولوءَ کان ڏنڊ ۾ سهڻيءَ جو سڱ ۽ ٻه لک روپيا گهري ٿو، جيڪو هُو مجبور ٿي ادا ڪري ٿو.


    ”سرُ جو سرجڻهار“

    پوه جي پارن وڻن کان لباس کسي کين اگهاڙو ڪري ڇڏيو هو، سج جي ڪُني هڻڻ کان اڳ ۾ ئي واريءَ ٺرڻ شروع ڪيو هو، رات ڪاريءَ چادر هيٺان ڌرتيءَ کي ڍڪڻ ٿي چاهيو، چنڊ جوڀن کي رسيو هو، چنڊ رات سان مهاڏو اٽڪائي اوندهه کي ڀڄائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ چاندنيءَ جا ڪرڻا ڌرتيءَ کي تحفو پئي ڏنا، چانڊوڪيءَ ۾ واري جرڪي پئي، ايئن پئي لڳو ڄڻ آسمان جا تارا ڌرتيءَ تي لهي آيا هجن، جهوپڙين ٻاهران ٻرندڙ چُلهيون آهستي آهستي اُجهامڻ لڳيون هيون، جيءَ جهريل، ويڳاڻا ۽ ڪوماڻل انگ اگهاڙا ماڻهو ٻاجهر جا ٻه گرهه کير وٽي سان کائي، پاپي پيٽ کي پلي، ڦاٽل پراڻيون رليون مٿان وجهي، ڇڳل کٽولين تي جسم سوڙهو ڪيون، ننڊ جي آغوش ۾ سفر ڪندي خوابن جي ديس طرف ويجها ٿيندا پئي ويا.
    جهوپڙين جي اولهائين پاسي ٿورو ئي پريان نم جي ڇانوري ۾ ٻه انساني پاڇولا هڪ ٻئي سان چهٽيل، دنيا کان بي خبر بيٺل هئا. هڪ خوبرو نوجوان اکين ۾ صدين جا اوجاڳا سجائي، رنگين چني اوڙهيل هڪڙي اپسرا کي ٻانهن جي هار ۾ جڪڙيون بيٺو هئو، چنڊ چهري ۽ ڊگهن وارن واري خوبصورت وينگس خوبرو نوجوان جي ٻانهن ۾ بت بڻيل هئي، پري کان هڪ قافلو واريءَ جو پنڌ ڪندو اچي رهيو هو، قافلي جي اڳيان نوراني چهري وارو هڪ اڌڙوٽ عمر پير مرد هو جنهن جي اکين مان نوراني روشني پئي نڪتي، سندس چهري تي اڌ ڪاري ڏاڙهي ڏاڍي سونهين پئي، سندس پٺي اگهاڙي هئي ۽ کيس گوڏن تائين لنگوٽو ٻڌل هئو، سندس هٿ ۾ تنبورو هئو جنهن جي تارن کي ڇيڙيندي ڇيڙيندي هُن جون آڱريون ڪپجي پيون هيون، هُو قافلي جو رهنما هيو، سندس پويان سوين پوئلڳ هئا.
    قافلي جي رهنما جي نظر اوچتو نم جي وڻ هيٺان بيٺل ٻنهي پريمين تي پئجي وئي هئي، ڪنهن جادوئي اثر کيس هڪ پل لاءِ پنڊ پاهڻ بڻائي ڇڏيو هو، قافلو رڪجي چڪو هو، قافلي جو رهنما هوش سنڀالي نم جي وڻ ڏانهن وڌڻ لڳو هو، ويجهو پهچندي سندس چپن مان آواز نڪتو هو.
    ويهه م وساري پڇا ڪر م پنڌ جي
    نرمل نهاري، هلندن تان هٿ ڪئو.
    رهنما جي آواز تي ٻنهي پريمين اکيون کوليون هيون، پريميڪا ڇرڪ ڀري پريميءَ جي ٻانهن مان نڪري وئي هئي، چوڙين جي آواز سانتيڪي ماحول ۾ سرگم آڻي ڇڏيو هو، رهنما مرڪندڙ چپن سان، جهيڻي آواز ۾ ڳالهايو هو ”تون ڊڄ نه ڌيءُ، مان پيار جو پيغامبر آهيان، هُو سڀ منهنجا ساٿي آهن“ رهنما پريان بيٺل پنهنجي پوئلڳن طرف اشارو ڪيو هئو.
    پريمي ۽ پريميڪا اڳتي وڌي پيغامبر جي پيرن تي ڪري پيا هئا، پيغامبر جهٽ ڪري ٻنهي کي پنهنجي سيني سان لڳايو هئو، پوءِ هنن کان پڇا ڪئي هئائين انهن ٻنهي جي باري ۾. پريميءَ پيغامبر کي پنهنجو نالو سارنگ ٻڌايو هو، سارنگ سخي سردار هئو، ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڏڪاريل ڏيهه ۾ دور دور تائين پيرين پنڌ به نڪري پوندو هئو، جتي جتي هي ويندو هئو اتي ماڻهن جا ڪوماڻل چهرا ٻهڪي پوندا هئا ڇو ته ماڻهن وٽ خوشحالي اچي ويندي هئي، ڪجهه سال اڳ هُو هتي آيو هئو هُو آسا کي ڏسي سندس موهه ۾ موهجي ويو هئو، آسا سونهن ۽ سندرتا جي ديوي هئي، هن سارنگ کي پنهنجين اکين جو اسير بڻائي ڇڏيو هئو، سارنگ نينهن جو ناتو ڳنڍي آسا جي تر ۾ ترسي پيو هئو ۽ نيٺ آسا به سارنگ جي سڪ ۾ سپنا سرجڻ لڳي هئي سارنگ ۽ آسا اڪثر سڪ سلڻ لاءِ جهوپڙين کان الهندي پاسي نم جي وڻ هيٺان اچي ملندا هئا، اها هڪڙي اڀاڳي رات هئي، چوڏهين جي چنڊ چوڏس چانڊوڪي ڦهلائي ڇڏي هئي، آسا، سارنگ جي ٻانهن ۾ وڪوڙجي سپنا جهلائي رهي هئي جو ڪٿان هڪ ڳورپٽ اچي سارنگ کي ڪکيو هو، سارنگ ڦٿڪڻ لڳو هئو، سارنگ کي ڦٿڪندي ڏسي آسا سندس جسم مان زهر چوسڻ شروع ڪيو هئو، پر هوءَ سارنگ کي بچائي نه سگهي هئي، هوءَ به سارنگ سان گڏ ڌرتيءَ تي ڪري پئي هئي، ٻنهي جي جسمن مان روح پرواز ٿي چڪا هئا، ٻنهي پريمين جا جسم ڳوٺ وارن ڏڪندڙ هٿن سان روئيندي روئيندي لحد ۾ لاٿا هئا، ڪيترا ڏينهن ڳوٺ وارن سارنگ ۽ آسا جي وڇوڙي ۾ ڪيڏارو ڳايو هو، هُو جهوپڙين ٻاهران نيڻ اٽڪائي ڏسندا رهندا هئا ۽ کين اها آس هئي ته هڪ ڏينهن سارنگ ۽ آسا ضرور موٽي ايندا، شام جي ويلي ڳوٺاڻا اڪثر آسمان ۾ اکيون کپائي سارنگ ۽ آسا جي موٽڻ لاءِ دعائون پنندا هئا، نيٺ ڳوٺاڻن جون دعائون قبول ٿيون آسا ۽ سارنگ ته ڪو نه موٽيا پر سندس روحن کي آزاد ڪيو ويو هو، تڏهن ئي اهي روح ڪڏهن ڪڏهن هتي ايندا رهندا آهن، هاڻي ٻنهي پريمين جا روح پيغامبر جي سيني سان لڳل هئا.
    پيغامبر ڳالهايو ، پيغامبر کين ٻڌايو ته هُو شاعر به آهي، هن پيار جا ڪيترائي گيت لکي ڪيترائي سُر سرجيا آهن، هن کين ٻڌايو ته هو نون سُرن جي ڳولها ۾ ائين ئي رڻ پٽ ۽ جهر جهنگ جهاڳيندو رهيو آهي، پيغامبر کين ٻڌايو ته هُو نون سرن جي ڳولها ۾ نڪتل هئو، هاڻي کيس سندس سُر ملي چڪا هئا تنهن ڪري هُو آسا ۽ سارنگ کان موڪلائي اتان ئي موٽي پيو هئو، واپس اچي هن نوان سُر لکيا هئا، سندس مريد سندس پويان بيٺل هئا، سڀني مرشد جي پيرن تي ڪري عرض ڪيو هئو ته تون اسان جو مرشد آهين تون عظيم شاعر آهين، سُرن جو سرجڻهار آهين، اسان لاءِ ڌرتيءَ لاءِ دعا گهر ته امن ۽ آشتي قائم ٿئي، سُر جي سرجڻهار دعا گهري هئي.
    موٽي مانڊاڻ جي، واري ڪيائين وار
    وڄون وسڻ آئيون، چوڏس ٿي چوڌار
    ڪي اٿي هليون استنبول ڏي، ڪي مڻيون مغرب پار
    ڪي چمڪن چين تي، ڪي لهن سمر قندن سار
    ڪي رمي وييون روم تي، ڪي قابل ڪي قندهار
    ڪي دلي، ڪي دکن، ڪي گڙن مٿي گرنار
    ڪهين جنبي جيسر مير تان، ڏنا بيڪانير بڪار
    ڪهين ڀڄ ڀڄائيو، ڪهين ڍٽ مٿاهين ڌار
    ڪهين اچي عمر ڪوٽ تان، وسايا ولهار
    سانئيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    دوست مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين.


      ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان

    ڪائنات جلدي ڪر ٽين آڻي ڏي ته پاڻي گرم رکان ۽ جلدي ڪم مان جان ڇڏاءِ منهنجي مدد ڪر، اڄ ڊکڻ ايندو، دريون لڳنديون تنهن ڪري پوءِ متان ڪم ڪار رهجي نه وڃي.
    ها ادي کڻي ٿي اچان
    (اوچتو آواز)
    اديون اسلام عليڪم خوش ته آهيو؟
    ادي ماما رحمت آيو آهي
    ڪائنات اچ ڀاڄي اچي لاهه مان وڃانءِ ٿي.
    ڇو ادي تون ڪاڏي ٿي وڃين؟
    بس اتي ئي، اچ جلدي ڪر
    ٺيڪ آ ادي
    سورٺ هلي وئي، رحمت الله سورٺ جو وڏو مامو، امان الله پيءُ ۽ رحيمان ماءُ آهن، جيڪي اڄ سورٺ جي ڀاءُ حفيظ جي شادي جي تاريخ (تٿ) پڪي ڪرڻ خاطر صلاح مشوري لاءِ گڏ ٿيا آهن. ڪائنات کي سورٺ جي هليو وڃڻ وارو سبب سمجهه ۾ نه آيو، نوڪر ڪاٺيون آڻي گهر جي اندر رکي رهيو هو سورٺ سوچيو ته جي مان اتي بيهندس ته هو الائي ڇا سوچيندو ۽ متان وري امان ۽ بابا کي به ڪاوڙ لڳي، سو هوءَ موٽي وڃي مامي سان ملي، سورٺ جي ماءُ پنهنجي ڀاءُ سان شادي متعلق مشورا پئي ڪيا، جڏهن صلاح مشورو ختم ٿي ويو ته سورٺ جو ننڍو ڀاءُ عمر به اچي پهتو، جيڪو کيس ڏسي گهر ئي ڇڏي هليو ويندو هو ۽ ساڻس ڳالهائڻ به پسند نه ڪندو هو، صرف ان لاءِ ته هوءَ شادي شده هئي ۽ سس جي بيرحمي ۽ الزامن جو شڪار هئي، ان جو سبب به شايد اهو هئو ته هوءَ نوڪري ڪري روشن مستقبل جا خواب ڏسندي هئي ۽ سندس اهي خواب سندس پوري خاندان وارن جي دلين ۾ ٻير جي ڪنڊن جيان پيا چڀندا هئا.
    سورٺ ڪپڙا کڻي ڌوئڻ لاءِ هلي وئي پر وري جلدي موٽي آئي هن ماءُ کي اچي چيو ته امان صابڻ ڪونهي بازار مان گهرائي ڏي.
    ها صابڻ گهرايان ٿي پر تون اهو ٻڌاءِ مامهين سان ملينءَ؟
    ها امان، پر تون ڇو ٿي پڇين؟
    ان لاءِ ٿي پڇان جو مون توکي ملندي نه ڏٺو هو.
    امان مان ماما سان مليم ته سهي پر خبر اٿئي هٿ ڪيئن ڏنئين ڏٻو- ۽ ها امان خبر اٿئي جڏهن ڪالهه مان هالار سان آيم پئي ته هن ڪيئن پئي گهوري ڏٺو ڄڻ مان مڙس سان نه پر ڪنهن غير مرد سان ويندي هجان، اهو چئي سورٺ هلي وئي ۽ ڪپڙا پاڻيءَ ۾ پسائي سوچڻ لڳي ته اسان جي ماءُ هميشه اولاد کي اذيتون ڇو ڏيندي آئي آهي، خيالن ئي خيالن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳي، سورٺ تون هنن کي اڄ تائين ڪجهه به نه چيو آهي، خاموشي سان هر ظلم ۽ ستم سهندي آئي آهين، پر تو کي خبر آهي ته ماٺ ڪرڻ به مشرڪ ٿيڻ آهي، ان لاءِ هاڻي تون ڳالهاءِ ۽ هنن کي اهو سڀ ڪجهه چئي ڏي جيڪو ڪجهه تنهنجي دل ۾ آهي، ڪڍ اها اندر جي باهه نه ته ساڙي ڇڏيندي اها باهه توکي. سورٺ پڪو پهه ڪيو ته هاڻي هوءَ مشرڪ نه ٿيندي ۽ موقعو ڏسي ضرور پنهنجي زبان کي لڳل تالا ڀڃي اڇلائي ڇڏيندي.
    شام جو جڏهن سڀئي خاندان وارا سورٺ جي ڀاءُ جي شادي جي تاريخ پڪي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ته سورٺ جي نانيءَ سورٺ کي ڏسندي چيو ته اڄ ته خوشي جو ڏينهن آهي پر تون ڇا لاءِ چُپ آهين، ڪهڙي تنهنجي دانگي ڀڄي پئي آهي؟
    سورٺ کي موقعو ملي ويو پنهنجي اندر جي باهه کي ٻاهر ڪڍي اڇلائڻ جو هن چيو ”اڄ توهان سڀ گڏ ٿيا آهيو ڪنهن جي شادي ڪرائي، ڪنهن جو گهر جوڙڻ لاءِ ڇوته گهر جوڙيندا به وڏي شان ۽ مرتبي سان آهيو ته گهرن کي ڊاهي به وڏي شان ۽ مرتبي سان ڇڏيندا آهيو، اڄ جي ڏينهن هڪڙي دعا به گهري ڇڏيو ته جيئن توهان هميشه اڳ جيان آئينده به گهر جوڙي ۽ وري ڊاهيو. ها مان به دعا ٿي گهران ته يا خدا منهنجي اها دعا قبول فرماءِ ته هنن جون ڌيئر به پنهنجي گهر وڃي وري مون وانگر ئي بيدخل ٿين، مان دعا ٿي گهران ته جيئن منهنجو گهر اجاڙيو اٿوَ تيئن توهان جي ڌيئرن جا به گهر اُجڙن تڏهن توهان کي منهنجي برباديءَ ۽ منهنجي من جي اجاڙ جي خبر پوندي،.
    اسان تنهنجو گهر ڇو اجاڙيو آ؟ تنهنجي پنهنجي افعالن تنهنجو گهر اجاڙيو آهي، سندس نانيءَ جواب ڏنو ۽ هن جي ماءُ به ڪاوڙ مان رڙ ڪئي ته ماٺ ڪر مُئي خوشيءَ جي ڏينهن به ماتم ٿي ڪرين.
    توهان پنهنجي خوشي کي ته ڏسي سگهو ٿا پر منهنجو گونگو ماتم نٿا ڏسي سگهيو، اڄ مان ماتم ان لاءِ ٿي ڪيان ته سڀاڻي وري ٻي ڪا ماتم ڪندي، امان ڪڏهن ته مون کي ڳالهائڻ ڏي جنهن هميشه اسان سان نفرت ڪئي تون انهن جو ساٿ پئي ڏئين، سوچ جن تنهنجي ڌيءَ جو گهر برباد ڪيو آهي سي سڀاڻي تنهنجي پٽ جو به گهر برباد ڪري ڇڏيندا، امان هنن منهنجي دل، منهنجي دماغ ۽ منهنجن جذبن سان گڏ منهنجي سموري گهر کي ڪرچيون ڪرچيون ڪري اجاڙي وکيري ڇڏيو آهي، اڄ مون کي هنن جي ڪنن لاءِ پڙاڏو بڻجڻ ڏي اڄ مون کي نه جهل اڄ مان ڪونه مڙندس، اڄ ته مون کي هنن مٿان باهه جا گولا لفظ اڇلائڻ ڏي، مان مڃيان ٿي هاڻ منهنجو قصور آهي پر ان وقت منهنجو ڪهڙو قصور هيو جنهن وقت مان اڃا ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هيم، جڏهن هنن توکي وٺي بابا کان رُسائي وڃي ويهاريو هيو ۽ مون کي رستي تي اڇلائي ڇڏيو هو، ته مان پيءُ جي آهيان، اهو ئي مون کي سنڀاليندو. امان ان وقت به مون اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري احتجاج ڪيو هو پر ان وقت به تون منهنجي ماتم ڏي نه ڏٺو هو ۽ هنن جو ساٿ ڏنو هو، ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين مون کي سزائون مليون آهن، هنن جي ڏنل اذيتن ۾ ڏس ته مان ڇا ٿي وئي آهيان. امان مان هميشه ذهني اذيت ۾ رهي آهيان ،ان کان بهتر هو توهان مون کي جسماني اذيتون ڏئي ماري دفنائي ڇڏيو ها، هيئن نفسياتي مريض ٿي هڪ هڪ پل، هڪ هڪ سيڪنڊ منهنجو عذاب ۾ ٿو گذري سڄي عمر لاءِ نه کٽندڙ عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان، جڏهن مان پنهنجي گهر واري پئي ٿيس ته تڏهن اوهان وڏي مان ۽ مرتبي سان مون کي منهنجي مڙس جي حوالي ڪيو هو، پر هنن منهنجو گهر اجاڙي ڇڏيو، هنن توهان ۽ منهنجي گهر وارن جي دلين ۾ نفرتون پيدا ڪيون اجايون سجايون ڳالهيون ٽپالين جيان هتي ۽ هُتي پهچائي هنن منهنجي گهر ۾ هل ۽ هنگاما ڪرايا ۽ جنهن وقت منهنجي گهر جون حالتون بگڙنديون ويون ان وقت توهان به هنن سان گڏ بگڙيل حالتن کي سلجهائڻ بجاءِ مٽي جي تيل وارو ڪم ڪيو، اهو سڀ ڇا هئو امان؟ مان ته سالن کان اجڙيل ان ويراني کي اجاريو هو، اوندهه ۾ روشني جو ڏيئو ٻاريو هو، پر توهان سڀني هڪڙي لهذي ۾ منهنجي ان ننڍڙي خوشين گهروندڙي کي قبرستان بڻائي ڇڏيو، امان الا هي پيءُ ماءُ ڌيءَ کي پوڙهو، منڊو، جڏو ۽ رنڙ ور ڏيندا آهن ته به ڌيءَ کي رخصت ڪرڻ مهل اها نصيحت ڪندا آهن ته ڌيءَ لڄ رکجانءِ هاڻي تنهنجو گهر اهو آهي ڏک يا سک ۾ فاقاڪشي ڪري به تون اتي سونهندينءَ ،پر امان مون سان ائين نه ٿيو منهنجو ور ته نه جڏو آ، نه انڌو منڊو آ ۽ نه ئي ڪو جاهل ڄٽ آ هو ته منهنجو هڏ ڏوکي ۽ منهنجو الاهي گهڻو خيال رکڻ وارو آهي، امان جي منهنجي سس ٿورڙي جاهل ۽ بي سمجهه آهي ته ان ۾ ڀلا اسان جو ڪهڙو ڏوهه ؟ هوءَ تنهنجي پنهنجي آهي تون به ان کي سمجهائي سگهين ٿي، پر تون ٻين جي چوڻ تي هر ڪم ابتڙ ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ مان هميشه اذيتن ۾ رهي آهيان ۽ هن وقت به اڻ کٽ اذيت مان گذران پئي، توکي خبر نه آهي امان ته اڄ منهنجو مڙس دربدر آهي هر وقت اداس ٿو رهي اهو مڙس جنهن کي ڪيئي خوشيون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هيم ، جنهن مون کي اڻ ڳڻيون خوشيون ڏيڻ جا وچن ڪيا هئا ۽ اهي وچن پاڙي رهيو هو پر اڄ ان جي کيسي ۾ ڪنهن ٻي عورت جون تصويرون آهن، ان جي ذميوار به تون ۽ تنهنجي خاندان وارا آهن، توهان ڪڏهن اسان جي بربادي کي نه ڏٺو آهي، امان منهنجي مڙس جي ڪا به ڳالهه اوهان نه ٻڌي ،توهان هن کي ڪا به اهميت نه ڏني هو توهان جي هٿن ۾ پليل هو، توهان هن کي مليل ڏکن ۽ اذيتن کان واقف هيئو، پر پوءِ به توهان هن سان اوپرائپ وارو رويو هليئو، هو پنهنجائپ ۽ پيار کان وانجهيل رهي ڄڻ ته ذهني مريض ٿي ويو آ، امان توهان سٺو نه ڪيو آ، توهان مون سان ڪجهه به سٺو نه ڪيو آ، منهنجي بربادي جا ذميوار توهان سڀ آهيو، هاڻي مان ٻئي ڪنهن کي برباد ٿيڻ نه ڏينديس ،هاڻي مان خوش نه رهنديس، مان توهان کي رڙيون ڪري ياد ٿي ڏياريان ته توهان مون کي ڏاج ته گهڻو ڏنو پر مون کي خوشي نه ڏني توهان منهنجو اهو گهر تباهه ڪيو جنهن ۾ خوشي جهڙو قيمتي سامان سجائي رکيو هيم. امان مان پئسي جي بکايل نه آهيان مان ٻنڌڻن کان وٺي هيل تائين پيار، شفقت، عزت ۽ تحفظ جي اڃايل رهي آهيان، پر توهان منهنجي اڃ اجهائڻ بجاءِ مون کي اهڙي رڻ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي جتي پري پري تائين ڪا به وسندي نه آهي، مان رڻ ۾ رلندي ۽ ڀٽڪندي رهان ٿي، توهان ئي مون کي رڻ ۾ رولڻ وارا آهيو، هاڻي مان ڪڇنديس ڪافر ٿينديس پر توهان کي نه بخشينديس.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 667
    ڪتابن جو مشاهدو: 860821
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292582
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ