ڪتاب جو نالو: مهمان جھرڪي
مصنف: وحيد محسن
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 19 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 582 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 193 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
وحيد محسن سنڌي ٻوليءَ جو سُڄاڻ شاعِرُ آهي. ٻارن لاءِ شاعري توڙي ڪهاڻيون تخليق ڪرڻ سندس اضافي تخليقي سُڃاڻ آهي. وحيد محسن ٻارن لاءِ هي ڪهاڻيون لکندي انهن جي ذهني سطح کي خوب سمجھيو آهي. مختلف موضوعن تي سبق آموز ۽ دلچسپ ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو سنڌ جي ٻارڙن ۾ يقيناً گهڻي مڃتا ماڻيندو ۽ انهن جي دلچسپيءَ جو سبب به بڻجندو ته انهن جي ذهني اؤسر ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • پبلشر نوٽ
  • پنهنجي پاران
  • مُهاڳ : پوپٽَ تون پاڻَ اُڏارِ !
  • ڪهاڻيون

  • علم جي روشني
  • راهه ۾ ڀٽڪيل مُسافر
  • ڪانون جو ايڪو
  • جو تِ
  • سِنڌُ امڙ
  • اسڪول لائبريري
  • مهمان جھرڪي
  • طوطو اسان جي گهرَ جو ڀاتي !
  • هندورو
  • شرارت

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 83
    مهمان جھرڪي
    (ٻارڙن لاءِ ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: وحيد محسن
    ڇاپو پهريون: 2015ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: نظام جمالي
    پروف ريڊنگ: محبت بابلاڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 80/- روپيه


    MEHMAAN JHIRKI
    (Stories for Children)
    By: Waheed Mohsin
    First Edition: 2015
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Nizam Jamali
    Proof Reading: Mohbat Bablani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 80 /-


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”مھمان جهرڪي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب وحيد محسن پاران ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جو مجموعو آھي.
    وحيد محسن سنڌي ٻوليءَ جو سُڄاڻ شاعِرُ آهي. ٻارن لاءِ شاعري توڙي ڪهاڻيون تخليق ڪرڻ سندس اضافي تخليقي سُڃاڻ آهي. وحيد محسن ٻارن لاءِ هي ڪهاڻيون لکندي انهن جي ذهني سطح کي خوب سمجھيو آهي. مختلف موضوعن تي سبق آموز ۽ دلچسپ ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو سنڌ جي ٻارڙن ۾ يقيناً گهڻي مڃتا ماڻيندو ۽ انهن جي دلچسپيءَ جو سبب به بڻجندو ته انهن جي ذهني اؤسر ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ارپنا

     سنڌ جي مهان ڏاهي
    محترم محمد ابراهيم جويو
    ۽ محترم آغا امداد علي
    جي نالي.

    ـــ وحيد محسن


    پبلشر نوٽ

    وحيد محسن سنڌي ٻوليءَ جو سُڄاڻ شاعِرُ آهي. ٻارن لاءِ شاعري توڙي ڪهاڻيون تخليق ڪرڻ سندس اضافي تخليقي سُڃاڻ آهي. پاڻَ وٽ ٻارن لاءِ جيڪو ادب تخليق ٿئي ٿو، اُهو معيارَ ۽ مقدارَ جي حوالي سان هرگز به مطمئن ڪندڙ ڪينَ آهي. اهڙي صورتحالَ ۾ وحيد محسنَ جو ٻارن لاءِ لکڻ نهايت نيڪ سنوڻ آهي. ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو به هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن لاءِ لکڻَ وقت هڪ ليکڪَ کي انهن جي ئي ذهني سطح تي اچڻو پوندو آهي. اسين سمجھون ٿا ته وحيد محسن ٻارن لاءِ هي ڪهاڻيون لکندي انهن جي ذهني سطح کي خوب سمجھيو آهي. مختلف موضوعن تي سبق آموز ۽ دلچسپ ڪهاڻين جو هي ڳٽڪو سنڌ جي ٻارڙن ۾ يقيناً گهڻي مڃتا ماڻيندو ۽ انهن جي دلچسپيءَ جو سبب به بڻجندو ته انهن جي ذهني اؤسر ۾ به پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪندو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور وڏن سان گڏوگڏ ٻارن لاءِ پڻ معياري ڪِتابَ ڇاپِڻَ جي عزمَ جو ورجاءُ ڪري ٿو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    پنهنجي پاران

    آءٌ جڏهن ننڍو ٻار هيس، انهيءَ وقت منهنجي ماءُ نواب خاتون اسان کي رات جي وقت آکاڻيون ٻڌائيندي هئي جيڪي دلچسپ هونديون هيون ۽ انهن مان اسان کي حوصلي، بردباري ۽ بهادريءَ، جو پيغام ملندو هو، جنهن کي مون هينئين سان هنڊائي هميشه ادب، اخلاق ۽ جرئت واري زندگي گذاري آهي.
    ٻارن جي لاءِ ڪهاڻيون لکڻ جو سبب اهو به آهي، ته سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ مون کي ڪهاڻي جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي. هونئن به اسان وٽ شاعر تمام گهڻا آهن ۽ ان جي ڀيٽ ۾ نثر لکڻ وارابلڪل ٿورا آهن! هن ڪتاب کان اڳ ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ رُستم طرفان ٻارن جي لاءِ ڪهاڻين جو مجموعو ”برائي جو بدلو“ سال 2003ع ۾ مون سيڪريٽري جي ذميواري سان اُن کي شايع ڪرايو، جنهن جون هزار ڪاپيون ٻن مهينن جي اندر وڪرو ٿي ويون، جيڪي سنڌ جي مختلف اسڪولن ۾ ٻارن تائين پهچايون ويون.
    ڪهاڻي ٻارن جي زندگي تي گهرا اثر ڇڏي ٿي ۽ اُن کان سواءِ انهن جي تربيت لاءِ تمام گهڻي ڪارائتي پڻ بڻجي ٿي. انهيءَ ڪري آءٌ وقت بوقت ٻارن لاءِ اصلاحي ڪهاڻيون لکي، انهن کي تحفو ڏيندو رهيو آهيان ۽ منهنجو هي ڪتاب ”مهمان جهرڪي“ اميد ته ٻارن جي وندر، ذهني اوسر ۽ تربيت لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو.
    هر دور جا پنهنجا قدر ۽ رجحان هوندا آهن، اهڙي طرح ليکڪ تي اُن جا اثر ضرور پوندا آهن ۽ مون پنهنجي حوالي سان ڪوشش ڪري سماجي صورتحال کي پڻ ڪهاڻين ۾ نروار ڪيو آهي ۽ مون ڪجهه ڪهاڻين جا ڪردار پنهنجي سماج مان ئي چونڊيا آهن، جيڪي پنهنجي سماج جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ ٽائيٽل ڪهاڻي ”مهمان جهرڪي“ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي ۽ ٻيون ڪهاڻيون به مون کي اوتريون ئي پياريون آهن، اُن حوالي سان آءٌ ڪيترو ڪامياب ويو آهيان، اُن جي موٽ پڙهندڙ ئي ڏئي سگهن ٿا، باقي اسان جي سماج ۾ مسئلا تمام گهڻا آهن، مثال طور جيئن تعليم جيڪا سڀني ٻارن جو بنيادي حق آهي پر ڏٺو اهو ويو آهي ته، هزارين ٻار انهيءَ تعليم جي زيور کان محروم آهن ۽ ڪي ٻار غربت سبب پڙهي نٿا سگهن ۽ ڪي والدين تعليم جي اهميت کان ناواقف هجڻ جي ڪري ٻارن کي اسڪول نه ٿا پڙهائن، اهو اسان جي سماج جو هڪ وڏو الميو آهي!
    مون تعليم جي اهميت کي سمجهڻ لاءِ ٻارن کي ڪهاڻين ۾ هڪ پيغام ڏنو آهي، جهڙي طرح ”علم جي روشني“، ”جوت“ ۽ ”اسڪول لائبريري“ انهن ٽنهي ڪهاڻين ۾ تعليم جي اهميت کي اُجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم ۽ ان کان سواءِ احساساتي ڪهاڻيون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن. بنيادي طور تي ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ لاءِ انهن جي ماحول ۾ وڃي مشاهدو ڪرڻ گهرجي، تنهن کان پوءِ ئي هڪ ڪهاڻيڪار بهتر کان بهتر معياري ڪهاڻيون لکي سگهي ٿو.
    مون جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن انهن جي حوالي سان آءٌ اهو ئي عرض ڪندس ته، اهي ڪهاڻيون منهنجي اندر ۾ رهندڙ هڪ تخليقڪار مون کان لکايون آهن ۽ مان ڪڏهن به اهو طئي ڪري ناهيان لکندو، ته اڄ ڪهاڻي لکڻي آهي. بهرحال جڏهن به خيال وارد ٿيندا آهن، تڏهن اهي ڪهاڻي جو روپ ڌاري ڪاڳر تي لکڻي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. سٺن دوستن جي سهڻي صحبت به ليکڪ لاءِ سڦلتا واري هوندي آهي. اُن حوالي سان آءٌ خوش نصيب آهيان جو مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سٺا دوست به مليا آهن.
    هن ڪتاب جي حوالي سان آءٌ پنهنجن دوستن، عبدالجبار عبد، خالد ڀٽي، نياز مسرور بدوي ۽ امتياز منگي جو بيحد ٿورائتو آهيان، جن مون کي ڪتاب کي ڇپرائڻ لاءِ اُتساهه ڏنو ۽ بهترين مشورا ڏنا. ڪتاب کي ڪمپوز ڪندڙ مهربان دوست نظام جمالي جا به ٿورا، جنهن پيار ۽ ڌيان سان ڪهاڻين کي ڪمپوز ڪيو ۽ پنهنجي پياري دوست ۽ سهڻي شاعر سجاد مهر جو پڻ ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي ڪتاب تي مهاڳ لکيو. اُن کان علاوه هن ڪتاب کي شايع ڪرڻ تي پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور جي چيئرمين قربان منگي جا وڏا وَڙَ ۽ پياري دوست خالد ڀٽي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا ويچار لکيا. بهرحال ٻاراڻي ادب کي تسلسل ڏيڻ لاءِ، لکڻ هڪ مقصد بڻجي پيو آهي، جنهن جذبي تحت ئي آءٌ لکندو رهيو آهيان ۽ لکڻ ئي منهنجي زندگي آهي، جنهن سان آءٌ بيحد پيار ڪيان ٿو.


    وحيد محسن
     پهرين نومبر 2014ع مسڪين شاهه محلو
    بيگاري روڊ شڪارپور سِنڌُ
    0307-3529117


    مُهاڳ : پوپٽَ تون پاڻَ اُڏارِ !

    ٻارن جي دنيا به عجيب هجي ٿي، انهن جون خوشيون ، انهن جا غَم، انهن جا ڪردار ۽ انهن جا ڪَم ڪيڏا نه منفرد ۽ مختلف هُجن ٿا. انهن جي سوچ جو ڪينواس به پتڪڙو هجي ٿو ۽ انهن جون معصوم خواهشون به انتهائي وڻندڙ هُجن ٿيون...اسان جا ٻار اسان جو آئيندو ۽ آئينو آهن، اسان پنهنجا چهرا انهن جي مرڪندڙ مُکن مان نهاري سگهندا آهيون. گلن جيان گهر جي اڱڻ ۾ ٽڙندڙ انهن ٻارڙن کي اسان جي سرپرستيءَ ۽ سنڀال جي گهڻي ضرورت هجي ٿي. انهن جي سمورين سرگرمين، سرگوشين ۽ چُرپُر تي اسان جي پوري ڌيان هُجڻ سان انهن کي وڌيڪ سگهارو ۽ صحتمند ماحول ملي سگهي ٿو...
    ٻار جيڪي موجوده حالتن ۾ ڀوڳي رهيا آهن. ماحول جو مُناسب نه هُجڻ اسان جي عدم دلچسپي ۽ سنڀال نه ڪري سگهڻ سان، انهن جون مصروفيتون متاثر ٿيڻ لڳيون آهن .هن تيز رفتار دور ۾ جتي اطلاع ۽ تفريح جا ڪافي ذريعا ميسر آهن. اُتي اسان پنهنجي ٻارَ لاءِ علم ۽ ادب جو ڪو مناسب ماحول جوڙي ناهيون سگهيا. ڪيتري عرصي کان اها ڪوتاهي نظر پئي اچي. اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڪتابن جو انگ ۽ پڙهندڙن جو انگ حيرت جي حد تائين گهٽجڻ لڳو آهي. اشاعتي ادارا جيڪي تقريباً ڪمرشل آهن، سي مواد پنهنجي مرضيءَ ۽ مفاد وارو ڇپرائي رهيا آهن. جتان لاڀ حاصل ٿئي ٿو، هُنن جو لاڙو اوڏانهن آهي، ٻاراڻي ادب ڏانهن جيئن ته اشاعتي ادارن جو ڌيان ڪونهي، بلڪل ائين اسان جي ليکڪ جو رويو به ان پاسي ڏانهن انتهائي مايوس ڪندڙ آهي. اسان جا وڏا وڏا ليکڪ جيڪي ڪالهه تائين ٻاراڻي ادب کان لکڻ شروع ڪيائون، اڄ هُو ٻار ۽ ٻاراڻي ٻاتي ٻوليءَ کان ٻاهر نڪري پيٽو ڪڍي بيٺا آهن. چوڻ لاءِ چوندا ته ٻارن لاءِ لکڻ گهرجي پر لکڻ کان ٺپ جواب...
    ايڪڙ ٻيڪڙ ايندڙ ٻاراڻا رسالا، ٻاراڻي ادب ۾ آڪسيجن ڀريندا رهيا. پر ويندڙ وقت ۾ ڄَڻ ته انهن جي ڦوڪڻي مان به هوا نڪري وئي ۽ ائين ويچارا ٻارڙا مواد مناسب انداز ۾ نه ملڻ ڪري ٻيون مشغوليون ڳولهڻ لڳا...
    اهڙي ماحول ۾ اسان جي هڪ سلڇڻي اديب دوست ”وحيد مُحسن“ کي محسوس ٿيو ته ڇونه بيٺل پاڻيءَ ۾ ڀتر اُڇلائي ڪو پڙاڏو ڪجي. سو هن ادب جي متوالي پنهنجي هڙان مسڪيني حال ۾ به همت جو مظاهرو ڪيو ۽ ٻارن لاءِ آکاڻين جو هي ڪتاب ”مهمان جهرڪي“ لکي پنهنجي ادب ۽ ٻارن سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏنو آهي.... هن جي ڪهاڻين اندر جيڪو ڪلائيميڪس آهي اهو پڙهڻ کان پوءِ لڳي ئي نه ٿو ته ڪو هي ڪهاڻيون رڳو تفريح آهن. پر انهن ۾ اهڙو ته خوبصورت پيغام آهي جو پڙهندڙ هر ڪهاڻيءَ اندر گِهري وڃي ٿو ۽ هر احساس کي پنهنجي اندرَ جو آواز محسوس ڪري ٿو.....هونئن به ليکڪ جو ڪم رستو ڏيکارڻ هُجي ٿو، پڙهندڙ پنهنجي منزل پاڻ ڳولهي لهي ٿو. سو هن دوست به وڏي جاکوڙ سان معاشري ۾ موجود، بُراين، ڀلاين، ۽ اهم ڳالهين ڏانهن وڏي فن سان ٻارن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي...
    ٻارن لاءِ ٻارُ ٿي لکڻو پَوي ٿو. انهن جي لهجي. انداز ۽ معصوميت واري ماحول کي سامهون رکي قلم کي ڪاغذ تي هلائڻو پوي ٿو. ٻارن جو مزاج انهن جي ذهني پهچ، دلچسپي، خواهش، خيال، خوف مطلب ته هر ان احساس کي پاڻ ۾ پيدا ڪري پوءِ لکڻو پوي ٿو ته جيئن ڪنهن هنڌ تي به ائين محسوس نه ٿي ته، اهو هٿرادو يا جڙتو آهي. ان ڪري ٻارن جو ليکڪ ٿي لکڻ هڪ الڳ تجربو هُجي ٿو، جيڪو تجربو هڪ ليکڪ وٽ پنهنجي ننڍپڻ کان حاصل هُجي ٿو. وڌندڙ عمر ۽ مشاهدي سان توڙي جو لکندڙ جو مزاج ۽ ماحول تبديل ٿئي ٿو. پر پوءِ به اها ٻاراڻي حِس ان جي اندر ۾ موجود هئڻ گهرجي ۽ هُجي به ٿي، جيڪا حرارت ۽ شرارت ڪندي کيس لکڻ مهل اهڙو بڻائي ٿي ڇڏي، جهڙو هو ننڍپڻ ۾ پاڻ رهيو آهي...ائين لکندي لکندي هڪ ڪهاڻيڪار جڏهن پڙهندڙ کي پنهنجي پوري سگهه سان پڪڙي اهو چورائي ته ڏِس سِج بيٺو آهي پر اڌ رات آهي ۽ پڙهندڙ اکيون پوري اڌ رات جي احساسَ ۾ هليو وڃي ته سَچ پچ اهوئي قلمڪار جو چمتڪار آهي...
    اسان وٽ ٻاراڻو ادب لکندڙن جو انگ انتهائي ٿورو آهي. ان ٿورائيءَ مان به وري چند قلمڪار اهڙا آهن، جيڪي پنهنجي قلم جي فرض لاهڻ واري فرض کان آشنا آهن. انهن مان ئي ”وحيد محسن“ به آهي. وحيد محسن مستقل لکندو رهي ٿو ۽ پڙهندو رهي ٿو، اها لِک پَڙهه ئي حقيقت ۾ هن جي اندر آنڌ مانڌ مچائي ٿي، تڏهن ئي قلم ”علم جي روشني“ جهڙي ڪهاڻي کي جنم ڏي ٿو. همير ۽ نصير جي وچ ۾ گفتگو، علم جي اُساٽ جو احساس، بند اسڪول کولرائڻ جو خواب، ڳوٺ اندر تعليم جو فروغ، وڏيري بادل خان جي ڪرايل اسڪول تي قبضي وارو احساس ۽ تبديليءَ طرف وڌندڙ وکون حقيقت ۾ ايندڙ وقت جي پيدا ٿيندڙ اوني جو علاج آهن، جيڪي مُحسن جي قلم مان وڏي مهارت سان ڇُهي نڪتيون آهن...
    هن جي ڪهاڻين جا موضوع ۽ ڪردار انيڪ آهن. ڳوٺاڻي ماحول جي عڪس بندي. اتان جي پيدا ٿيندڙ حالتن جو احساس، ڪمي ڪوتاهيءَ ۽ مجبوري وارا منظر ڄَڻ ته وحيد جي قلم مان پوٽريٽ بڻجي ڪنهن تصويري نظارن جيان نڪري اکين جي اسڪرين کي ڇُهن ٿا. سندس ڪردارن جي ٻولي سادي، عام فهم ۽ سليس هُجڻ ڪري انتهائي نفيس ٿي لڳي. هُو ڪنهن به ڪردار کي ڇُهي ٿو ته ڪردار پاڻ ڳالهائي ٿو. پنهنجو اندر اوتي رکڻ به ڪو وحيد کان سکي ”ڪانون جو ايڪو“ واري ڪهاڻي ۾ پنهنجو ماضي اُٿلايو اٿائين. ڄڻ ڪي گذريل وقت جون ساروڻيون لکيون هُجائين....ڳوٺ رستم ۾ جنم وٺندڙ وحيد پنهنجي ڳوٺ جو ذڪر ڪندي هڪ هنڌ لکي ٿو ”رستم ۾ جڏهن بجلي جي هلڻ جي شروعات ٿي هُئي، تڏهن ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو. چئي رهيا هئا ته هاڻِي اسين به شهر جي ماڻهن وانگر سکيا ستابا ٿينداسين“....
    اهڙي احساس کي اندر ۾ وڃي ڏسجي ته ليکڪ ڪيڏو نه معصوماڻي انداز ۾ لائيٽ جي اچڻ تي مُسرت ورهائڻ ۽ انهن ٽهڪن کي شيئر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جيڪي انتهائي حقيقي ۽ سَچا پچا آهن. اهڙي قسم جي بي ساختگي ئي سَچ پچ ته روح کي رهڙا پائڻ جو فن ڄاڻيندي آهي ۽ اهڙي فن کان مُحسن به باخبر آهي. ”ڪانون جو پاڻ ۾ ايڪو هو، هُو پنهنجي مَري ويل ساٿين جي ڏک جو اظهار ڪري رهيا هئا“. جهڙو جملو پڙهڻ کان پوءِ ائين ٿو لڳي ته ليکڪ ڪيڏي نه سهڻي فوٽو گرافي ڪئي آهي، ڪانون جو مِڙڻ ڪان ڪان ڪرڻ ۽ ڳوٺ مٿي تي کڻڻ واري ڳالهه ڪنهن جي مشاهدي ۾ نه هوندي؟ سو مُحسن ان معمولي احساس کي پنهنجي فن سان ڇُهي ڄَڻ ته حالتن ۾ ساههُ وڌُو هجي....سندس ڪهاڻي ”جوت“ پڙهڻ کان پوءِ علم سان چاهه جي هڪ نئين راههَ کلي ٿي، جوت ۾ نويد نه صرف پڙهي ٿو پر سائيڊ ۾ هُو ڪاريگر به بڻجي ٿو. هو ٽيلر ماسٽر بڻجي اجوري مان پنهنجي ڪراڙي ماءُ کي به پالي ٿو ته خرچ جو ذمو پنهنجي سِر کڻي گهر جو گاڏو به هلائي ٿو، اهڙو پيغام ليکڪ جي قلم مان ئي ملي سگهي ٿو، جيڪو هر پڙهندڙ ٻار جي اندر جوت جلائڻ وارو ڪم ڪري سگهي ٿو...
    جيئن ته وحيد مُحسن بنيادي طور هڪ سگهارو شاعر به آهي. علم عروض جو ماهر هُجڻ سان گڏ هڪ سٺو قلمڪار به آهي، تنهنڪري وحيد جي قلم مان جيڪا ”مهمان جهرڪي“ نِسري اُڏري آهي، ان ۾ هِن نه رڳو پنهنجي شاعراڻي ٻوليءَ جو استعمال ڪيو آهي. پر پکين سان بي پناهه پيار جي پالوٽ به ڪري رکي اٿائين. مهمان ته هر ڪنهن کي پيارا هوندا آهن پر وحيد هڪ جهرڪي جي ميزباني ڪري جيڪو مانُ لڌو آهي، اهو هِن جي حِساس هُجڻ جي سَنَدَ به آهي. اها مهمان جهرڪي جيڪا چانور چڳيندي هُنن کان پري هلي وئي هئي سا ڪمال سان ڪاريگري ڪندي مُحسن ڪيئن موٽائي، اهو ته پڙهندڙن لاءِ پوئتي ٿا ڇڏيون....اظهار جا سمورا رستا کولي ڇڏيندڙ وحيد مُحسن وٽ ڪابه شئي منجهيل ناهي.
    هن جي ڪهاڻين ۾ لکڻ دوران ڪابه هٻڪ، جهجهڪ يا ڪا دٻيل ڳالهه ناهي جنهن کي ٻار آسانيءَ سان سمجهي نه سگهي. هو ڪنهن هنڌ به ٻار کي مايوسي ۾ نه ٿو وڪوڙي پر هڪ سُٺي سَرجن جيان ڪمزور حال مريض کي تپاسڻ کان پوءِ عمدي علاج جو مشورو عطا ٿو ڪري. هُن جي جذبن ۾ هڪ جدوجهد آهي جيڪا ڪهاڻين جي صورت ۾ ٻارن جي ذهنن ڏانهن منتقل ٿئي ٿي. هن وٽ روڄ راڙو ناهي پر مُسڪراهٽون ۽ خوشخبريون آهن جيڪي نهايت سهڻي انداز ۾ ساههُ کڻي پڙهندڙ وٽ پهچن ٿيون....هن جي ڪهاڻين ۾ سفر ڪرائڻ واري شڪتي آهي جيڪا بنا ڪنهن ٿڪاوٽ جي اڳتي وڌڻ جي جستجو ڏي ٿي....تبديلي طرف وٺي ويندڙ وحيد مُحسن ٻارَ جي چيچ پڪڙي چَوي ٿو ته هي وَٺ ”پوپٽ تون پاڻ اُڏار“ ۽ ٻار مسڪرائي پوپٽ مان هٿ ڪڍي کيس باءِ باءِ ڪري ٿو.
    وحيد محسن ان منزل جو مسافر ٿو لڳي جيڪو سفر جو سامان کڻي ڏورانهين ڪنهن ڏيهه وڃڻ وارو آهي. توڙي جو منزل ڏور آهي پر مُحسن جون وڌايل وِکون ان ڳالهه جو اهڃاڻ آهن ته هو منزل کان نااميد ناهي. هُن جيڪي پيرَ سوريا آهن اُهي پنهنجو پَنڌ ڄاڻن ٿا. منهنجي خواهش ۽ دعا آهي ته وحيد محسن پنهنجي پنڌ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندو! وحيد محسن جي ٻين ڪهاڻين جهڙوڪ، اسڪول لائبريري، سنڌ امڙ، طوطو اسان جي گهر جو ڀاتي، هندورو ۽ شرارت ۾ به ٻارن جي لاءِ پيغام ۽ نصيحت سمايل آهي، جنهن مان ٻارن کي تمام گهڻو حوصلو ملندو.


    سجاد مهر
    شِڪارپور ـــ سنڌُ.
    10 نومبر 2014ع


    ڪهاڻيون

    علم جي روشني

    ادا همير! تو اڄ واري ”ڪاوش“ ۽ ”عوامي آواز“ اخبارون پڙهيون آهن؟ ها، ادا نصير! مون اڄ اُهي ٻئي اخبارون پڙهيون آهن ۽ اوهان جو اشارو پڻ آءٌ سمجهي ويو آهيان. آخرڪار پنهنجي جدوجهد رنگ لاتو، جو سنڌ جي بند پيل اسڪولن جي حوالي سان انهن اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون آهن ۽ پاڻ واري ڳوٺ ظفر آباد جي اسڪول کي پڻ نمايان ڪيو ويو آهي جيڪو لاڳيتو ٻن سالن کان وٺي بند پيو هو ۽ اُتي وڏيري بادل خان قبضو ڪري، ان کي فصل رکڻ جو گودام بڻائي ڇڏيو هو. ۽ اتي پڻ پنهنجي هڪ هاري کي ٻارن سميت رهايو هو. اها ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو علمي درسگاهه تي قبضو ڪيو ويو آهي ۽ سرڪار ننڊ پئي آهي! اچو ڀلا پاڻ ته جاڳون ۽ جاڳڻو پوندو، ڇوته جنهن اسڪول ۾ مون سميت منهنجا دوست به اتي پڙهيا هئا. اسان جڏهن شهر لڏي آيا هئاسين ته اُن اسڪول جي محنتي ۽ قابل استادن کي سدائين ياد رکندا هئاسين ۽ اهي اڄ به ياد آهن. منهنجو ڪلاس ٽيچر، اُستاد سڀاڳو خان جنهن اسان کي پرائمري تعليم جي وقت انگريزي ٻوليءَ جي الفابيٽ آوازن ذريعي سيکاري هئي، سا اڄ تائين مون کي ياد آهي ۽ وسري ئي نٿي!
    ها ادا همير! منهنجون پڻ انهيءَ ڳوٺ واري اسڪول سان ٻاروتڻ واريون يادگيريون جڙيل آهن ۽ جيڪو اسان جو ڪلاس ٽيچر هو، اُستاد فقير محمد جي ڇا ڳالهه ڪجي، ڊيوٽي جو سدائين پابند هوندو هو. مينهن هجي يا واءُ، ٿڌ هجي يا گرمي سفيد پوش ۽ مٿي تي ٽوپي، ڪلهن تي اجرڪ اوڍيل موهن جي دڙي جو ماڻهو لڳندو هو! پاٻوهه مان سڀني شاگردن کي اهڙي طرح پڙهائيندو هو، ڄڻ اسين سڀ اُن جا پنهنجا ٻار هجون.
    ادا نصير!، اوهان کي ان ڳالهه جو چڱيءَ ريت علم هوندو ته اُستاد شاگردن جو روحاني پيءُ هوندو آهي. اهو چاهي ته هڪ جاهل ماڻهو کي عالم بڻائي سگهي ٿو پر رڳو هڪڙو شرط ان سان لاڳو ٿئي ٿو ته، پڙهڻ وارو پوري ڌيان سان اُستاد جون ڳالهيون دل سان هنڊائي. جيئن مون واري سؤٽ ڀونگر پنهنجي ڀونءِ سان اهڙو ناتو نڀايو، جنهن جا مثال اڄ سموري سنڌ پئي ڏئي هو به اسان سان گڏ انهيءَ ڳوٺ واري پرائمري اسڪول ۾ پڙهيو هو. هن جو ذهن اعلى پائي جو ذهن هو جيڪا ڳالهه اُستاد ٻڌائي ۽ سيکاري، دماغ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيندو هو. اُستاد پيار مان ان کي مسٽر ڪمپيوٽر جي نالي سان سڏ ڪندا هئا. اعلى تعليم لاءِ ڪراچي يونيورسٽي مان ماسٽر ڪيائين ۽ ان کانپوءِ اُتي ئي فزيڪل ڪيمسٽري ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪيائين ۽ پوءِ سندس ڀاڳ کُلي پيا. انهيءَ يونيورسٽي ۾ ئي پروفيسر ٿي ويو. قوم جي ٻارن کي پڙهائڻ لڳو. اها هئي ڀونگر جي محنت ۽ وري مٿس قسمت جي ديوي مهربان ٿيس. ڇا ته دور هو! اُن دور جا ماڻهو ڏاڍا محنتي، سچار ۽ محب وطن هوندا هئا ۽ علم جا قدردان هئا. انهن کي علم جي عظمت جي چڱيءَريت پروڙ هئي.
    ادا ڀونگر جو اهوئي ته خواب هوندو هيو ته علم جي روشنيءَ سان قوم کي سجاڳ ڪندس ۽ پنهنجي خاندان جو نالو پڻ روشن ڪندس.
    ادا همير! هاڻي اهو ٻڌاءِ ته ڳوٺ ڪڏهن ٿو هلين ۽ ٻن سالن کان اسڪول بند پيو آهي، جنهن لاءِ پاڻ جيڪي درخواستون ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر، سيڪريٽري تعليم، منسٽر ايجوڪيشن ۽ وڏي وزير ڏانهن موڪلي ڇڏيون هيون ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍرايون هيون، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ اديبن ۽ ٻارن جي تحفظ ۽ حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ تنظيمن چائلڊ رائٽس ڪاميٽي ۽ سيو دي چلڊرين شريڪ ٿيون هيون ۽ پريس ڪلب جي صحافين اهي خبرون اوليت جي بنياد تي شايع ڪيون هيون، جن جي عيوض گورنمينٽ کي حقيقت کان باخبر ڪيو ويو هو، تنهن کان پوءِ پنهنجا ماڻهو به خوش ٿيا ۽ سيڪريٽري تعليم جي هڪ ليٽر ذريعي ڳوٺ جي وڏيري بادل خان اسڪول تان قبضو ختم ڪيو ۽ پنهنجي هاريءَ کي ڳوٺ ۾ ڪچي گهر ٺاهڻ جي اجازت ڏنائين ۽ هاري به خوشيءَ سان رضامندي ظاهر ڪئي، ادا نصير! اهو ته ڏاڍو سٺو ٿيو جو اسڪول تان قبضو ختم ٿي ويو، اها اڄ جي سٺي خبر آهي.
    ادا همير! پاڻ ڳوٺ وارن سان گڏجي اسڪول جي مالڪي ڪنداسين ته سڀني جا ٻار پڙهي پوندا ۽ پاڻ به استادن سان گڏجي ڪجهه ڏينهن لاءِ ٻارن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ جا گُر سيکارينداسين. ها ادا نصير! جيڪڏهن سنڌڙيءَ جا ڳوٺ جاڳي پون ۽ روشنيءَ جي تلاش ۾ نڪري پون ته اهو ڏينهن پري ناهي، جنهن ڏينهن چوطرف علم جي روشني پکڙجي ويندي، جنهن سان سنڌ روشن ٿيندي! اهو ئي ته پاڻ سڀني جو خواب آهي ۽ اوهان تيار ٿيو. سُڀاڻي صبح جو پنهنجي ڳوٺ هلنداسين.
    فون ڪري ادا ڀونگر کي به اها ڳالهه ٻڌايان ٿو جيڪو اسان جي جدوجهد کي عملي روپ ۾ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو.
    هاڻي ته رابطي جو جهان آهي جنهن کي ڏس سيل فون کيسي ۾ پئي آهي. ڳوٺ واري ماسات زاهد کي به فون ڪري چوان پيو ته ڪجهه نوجوان اوطاق تي گهرائي ته چانهه پيئڻ سان گڏوگڏ ڪچهري ڪرڻ جو موقعو ملندو ۽ انهن کي ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد به وجهي ڏينداسين ته جيئن اڳتي هلي ڪري اهي ئي نوجوان چاچي الهورائي جي نگرانيءَ هيٺ ڳوٺ جي نمائندگي ڪندا ته پوءِ ڪو سندن ڳوٺ ڏانهن ميري اک سان ڪو نه ڏسندو. ها ادا همير! تو منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي.
    همير صبح جو موٽر سائيڪل صاف ڪري شهر جي مرڪزي هنڌ پهچي ٿو، جتان هن کي پنهنجي دوست نصير سان گڏ ڳوٺ وڃڻو هو. نصير اڳواٽ ئي همير جو اُتي انتظار ڪري رهيو هو. همير جي پهچڻ سان نصير هن جو آڌر ڀاءُ ڪندي ڀاڪر پاتو ۽ ڳوٺ هلڻ جي لاءِ چيو. اڌ ڪلاڪ جي سفر کانپوءِ هو پنهنجي ڳوٺ پهچي ويا ۽ همير موٽر سائيڪل جو رُخ اسڪول ڏانهن موڙيو ته ٿوري پنڌ تان ٻارن جا آواز انهن جي ڪنن تائين پهتا. اسڪول جا سڀئي ڪلاس ٻارن سان ڀريا پيا هئا. زاهد ۽ چاچو الهورايو ڪلاسن ۾ ٻارن کي درس ڏيئي رهيا هئا ۽ انهن جي اکين ۾ علم سان چاهت جي جوت چمڪي رهي هئي ۽ سندن مرڪندڙ منهن صبح جيان روشن نظر اچي رهيا هئا. جيڪا آس همير ۽ نصير دل ۾ رکي هئي. انهيءَ کي عملي صورت ملي چڪي هئي ۽ اُن اسڪول ۾ وڏيري جا ٻه پٽ به پڙهڻ آيا هئا. جيڪا ڳوٺ ۾ تبديليءَ جي پهرين وک هئي ۽ ان گهڙيءَ مون کي ادل سومري جو هي بيت ياد پئي آيو جيڪو علم جي سڪ ۽ اتساهه جو پيغام پئي لڳو!

    بند پيل اسڪول ۾، جڏهن گهنڊ وڳو،
    کڻي ڪتاب ڳوٺ جو، هر ڪو ٻار ڀڳو،
    مون کي ايئن لڳو، جيئندي ٻولي شاهه جي.


    راهه ۾ ڀٽڪيل مُسافر

    احمد علي سلڇڻو، هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. سندس والد صاحب نصير احمد، هڪ ذهين استاد هو. هن هميشه پنهنجي ذهانت ۽ سچائيءَ سان تعليم ڏيڻ لاءِ پنهنجين صلاحيتن کي اسڪول کان وٺي گهر ۽ پاڙي تائين استعمال ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري سندس مٽ مائٽ ۽ شاگرد وڏي عزت ڪندا هئا. هن کي ننڍا توڙي وڏا سائين ڪري سڏيندا هئا. جيڪا سندس هڪ مهربان، شفيق ۽ محنتي استاد هئڻ جي نشاني هئي. احمد علي گهڻي محنت ڪري مئٽرڪ جو امتحان اي گريڊ ۾ پاس ڪيو. سندس رزلٽ کي ڏسي استاد نصير احمد ڏاڍو خوش ٿيو هو، ڇوته سندس اکين جي ٺار پُٽ اي گريڊ ۾ امتحان پاس ڪري سندس اميدن کي بهار جهڙي خوشي بخشي هئي، انهيءَ خوشيءَ ۾ سندس ماءُ عزت خاتون پنهنجي پاڙي جي ٻارن ۾ مٺائي ورهائي هئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ احمد علي پنهنجي ڳوٺ ڪريم آباد کان هلي اچي، شڪارپور شهر جي گورنمينٽ سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر پري انجنيئرنگ سائنس گروپ ۾ داخلا ورتي ۽ سندس پيءُ ماءُ ان پَٽَ جي روشن مستقبل لاءِ هميشه الله سائين کي ٻاڏائيندا رهندا هئا.
    ڪاليج ۾ پڙهائي نهايت، زور شور سان هلي رهي هئي. احمد علي مختلف سبجيڪٽن جا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ لڳو. ساڻس گڏ ڳوٺ جا ٻه دوست به پڙهندا هئا، جن مان هڪ جو نالو ساجد علي ۽ ٻئي جو نالو صغير احمد هو. جن جي صحبت ۾ احمد علي هاڻي گهڻو وقت گذارڻ لڳو. ساجد علي پيءُ ماءُ جو دادلو هو. کيس ننڍپڻ کان ئي ڇڙواڳيءَ وارو ماحول مليو هو، جنهن ڪري هو نشو به ڪندو هو. توڙي جو سندس دوست ۽ مائٽ کيس ان ڪڌي ڪم کان روڪيندا هئا، پر ساجد علي هڪ ڪَنَ مان ٻڌي ٻئي مان اها هدايت ڪڍي ڇڏيندو هو. ساجد تي اهڙين ڳالهين جو ڪوبه اثر نه ٿيندو هو. هن پنهنجي پاڙي جي صغير احمد کي به اڳي ئي نشي جو عادي بڻائي ڇڏيو هو. اڳتي هلي ان جو نتيجو اهو نڪتو جو ساجد علي ۽ صغير احمد ڪاليج واري زندگيءَ ۾ غلط رستي تي هلي پيا. هنن پوءِ احمد علي کي به پنهنجي بري سنگت جو هيراڪ بڻائي ڇڏيو. هاڻي ته هو هر قسم جو نشو ڀنگ، چرس، آفيم، وغيره. واپرائڻ لڳا هئا.
    آخرڪار اهو ڏينهن به اچي ويو جو ٽئي دوست هڪ ٻئي سان ڀنگ پيئڻ جي چوٽ رکڻ لڳا جيڪا سندس زندگيءَ جي لاءِ هاڃيڪار به هئي. هو جوانيءَ جي نشي ۾ مغرور ۽ مست ٿي ويا هئا.
    هنن ٽنهي جو حال ۽ مستقبل اونداهين ۾ ٻڏل نظر اچڻ لڳو. هو ٽئي ڪاليج وڃڻ جي بهاني سڄو ڏينهن شهر جي هوٽلن تي غير اخلاقي فلمون ڏسڻ لڳا ۽ نشي جي ٻاڙ تي موالين جي آستانن تي به وڃڻ لڳا، جڏهن اها خبر سندن والدين کي پئي ته انهن کين گهڻو سمجهايو ۽ جهليو مگر هي نشي جي عادت ۾ بلڪل جڪڙجي چڪا هئا.
    ٻهراڙيءَ ۾ اوطاقون ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ جو مرڪز هونديون آهن ۽ اُتي ڪچهري ڪرڻ جي روايت صدين کان پئي هلندي اچي. احمد علي جو پيءُ نصير احمد استاد هئڻ سان گڏ هڪ علم دوست ماڻهو ۽ ڪچهريءَ جو مور هيو. سندس اوطاق تي رات جو ڀوڳ، چرچا، قصا، سگهڙن ۽ شاعرن جي محفل متل هوندي هئي. هاڻي ڪجهه وقت کان سندس اوطاق تي اها حالت هئي. جو سندس موالي پٽ احمد علي ۽ ان جي موالي دوستن جي غلط رويي سبب، هر عزت واري ماڻهوءَ اوطاق تي اچڻ ڇڏي ڏنو هو. ٻه ٽي دفعا احمد علي، پيءُ سان بدڪلامي به ڪري چڪو هو. پٽ جي انهيءَ حالت نصير احمد کي سوچڻ تي مجبور ڪيو هو. هو سوچڻ لڳو ته جيڪڏهن احمد عليءَ ۽ سندس آواره ۽ رولو دوستن کي ائين ڇڏي ڏنو ويو ته، هو ڳوٺ جي ٻين نوجوانن کي به کاري خراب ڪندا. ان ڪري هن ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن کي ساڻ ڪري احمد علي ۽ سندس دوست کي سٺي ڦيهه ڪڍي ۽ کين ڳوٺ نيڪالي ڏياري ڇڏي ۽ چيو ته، ”خبردار ! جو ٻيهر هن ڳوٺ ۾ آيا آهيو. اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇِني. توهان جي هتي رهڻ سان ٻيا نوجوان به نشئي بڻجي ويندا. مان ائين سمجهندس ته مون کي ڪو پٽ ڄميو ئي ڪونه هو. جيڪڏهن ٻيهر ڳوٺ ۾ نظر آيوءَ ته پوءِ توهان کي پوليس جي حوالي ڪيو ويندو.“
    هنن ڏٺو ته هاڻي ڳوٺ ۾ رهڻ ممڪن نه آهي ته هو پنهنجي آواره دوستن کي ساڻ ڪري ڳوٺ مان نڪري ويا. هاڻ ته سندن آواره گرديءَ ۾ ويتر اضافو ٿي پيو ۽ هو چوري به ڪرڻ لڳا ۽ آخر اهو ٿيو جنهن جو انديشو هو. ڇا ٿيو ته هڪ ڏينهن احمد علي پنهنجن ڪجهه ساٿين سان هڪ هنڌ هيروئن جون پُڙيون وڪڻي رهيو هو ته اوچتو پوليس اچي پهتي، پوليس کي ڏسي هنن فائرنگ شروع ڪري ڏني. جنهن جي نتيجي ۾ احمد علي پنهنجي ساٿين سميت پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ مارجي ويو ۽ ائين اهي راهه ۾ ڀٽڪيل مسافر منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ڪنهن اونهي کڏ ۾ غرق ٿي ويا.


    ڪانون جو ايڪو

    اسان واري ڳوٺ رستم ۾ جڏهن بجليءَ جي هلڻ جي شروعات ٿي هئي، تڏهن ماڻهن خوشيءَ جو اظهار ڪيو هو ۽ چئي رهيا هئا ته هاڻي اسين به شهر جي ماڻهن وانگر سُکيا ستابا ٿينداسين.
    روزانو جي معمول مطابق اسين ڳوٺ جي ڏاکڻي پاسي راند جي ميدان تي ڪرڪيٽ راند کيڏي رهيا هئاسين ته اوچتو بجلي جي يارنهن هزار وولٽ وارين تارن مان باهه جا اُلا نڪتا ۽ زوردار ڌماڪا ٿيا.ٻارو! مان اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته بجلي گرم ۽ ٿڌي تار سان هلندي آهي. ٽي تارون گرم ته هڪ ٿڌي، پوءِ گرم ٿڌي تار ملي بجلي ٺاهينديون آهن پر يارنهن هزار تارون سڀ گرم هونديون آهن. انهن جي ملڻ سان ڌماڪو ٿيندو آهي، ٻه ڪانوَ جڏهن هڪ تار تي ويهي چهنب ملائيندا آهن ته ڪجهه به ناهي ٿيندو پر جڏهن ٻن تارن تي الڳ الڳ ويهي چهنب ملائيندا آهن ته پوءِ ڌماڪو ٿيندو آهي. اُن پل ٻه ڪانوَ هيٺ ڌرتيءَ تي ڪري پيا، جيڪي سڙي چڪا هئا. اسان راند کيڏندڙ ننڍا ٻارڙا هئاسين. انهن ڌماڪن تي ڊڄي وياسين. ڇوته اهي اوچتا ڌماڪا ۽ بجليءَ جي تارن مان باهه جا اُلا ڏسڻ اسان جي لاءِ بلڪل هڪ نئين ڳالهه هئي، ڪجهه دير کان پوءِ اسان وري ٻارن ڪرڪيٽ کيڏڻ شروع ڪئي، اسان کي انهن ڪانوَن جي مرڻ جو احساس به ٿي رهيو هو ۽ انهن بابت ڳالهيون به ڪري رهيا هئاسين. ڪجهه دير کان پوءِ ڳوٺ جي اولهه پاسي قبرستان ۽ عيدگاهه جي وڻن ۾ رهندڙ ڪانوَن جا ولر انهيءَ جاءِ تي پهچي ويا. جتي ڪانوَ بجليءَ جي تارن ۾ وچڙي مئا هئا. اسان سڀئي ٻار حيران ٿي وياسين. ڪانون ايترو ته لُڙُ مچايو هو، جو ڪن پئي ڦاٽا، ڪانوَن جو پاڻ ۾ ايڪو هو. ان جڳهه تي هو پنهنجن مري ويل ساٿين جي ڏک ۾ اظهار ڪري رهيا هئا ۽ انسانن جي ٺاهيل ان بجليءَ تي احتجاج ڪري، پنهنجي ٻڌيءَ جو نماءُ ڪري رهيا هئا. ڪانوَن جو اهڙو اتحاد ڏسي اسان کي رِيسَ اچڻ لڳي ته انسان به ائين هڪٻئي جي ڏک، سک ۾ گڏ ٿين ته هوند نفرت جو وجود ئي ميسارجي وڃي.
    هن ڪائنات ۾ هزارين قسم جا پکي رهن ٿا، پر ڪانءُ اهڙو پکي آهي جنهن کي دنيا جو هر هڪ ٻار سڃاڻي ٿو، اهو انهيءَ ڪري جو ڪانءُ هڪ سياڻو پکي آهي ۽ ان جي روزي يعني کائڻ، پيئڻ جو مرڪز انسانذات وٽ آهي. ڪانءُ کائڻ جي حوالي سان سڀ ڪجهه کائي ٿو. هو اڪثر ڪري ننڍڙن ٻارن کان ڪيڪ يا بسڪوٽ ۽ مانيءَ ڳڀو کسي کائيندو آهي. ڪانوَ جي وري اها خوش نصيبي آهي. جو هن جي انسانن وٽ سُٺي سائٿ آهي. توڙي جو هو ڪيترائي دفعا ماڻهن جو زيان ڪري ويندو آهي، پر تنهن هوندي به هن کي ڪانگل واري حيثيت طور ته سڃاڻون ٿا، جيئن ڪانگ لنوي يعني ڪنهن جي اچڻ جي به خبر ڪانگل ڏيندو آهي ۽ ڪڏهن اسان پاڻ ڪانگل کان پيا پڇندا آهيون ته:
    ڪانگل ڏي ڪا خبر، ايندو دوست ڪڏهن؟
    ٿيندو مائٽن جو ديدار ڪڏهن؟؟
    هيءَ ڪائنات جانورن ۽ پکين جي ڪري ڏاڍي حسين نظر ايندي آهي. جانورن ۽ پکين جو پاڻ ۾ هڪ اتحاد هوندو آهي. اڄ جهڙي طرح انسان انسانيت جو رت وهائي رهيا آهن، مون کي ڪانوَن جي ان اتحاد جي ڪري شدت سان احساس ٿي رهيو آهي ته اسين آخر ڀلا ڪڏهن سمجهه ڀريا ٿينداسين ۽ اسين قبيلن ۽ قومن ۾ ورهائجي دنيا کي ڇا ٿا ڏيکارڻ چاهيون؛؟
    ڪنهن ڪمزور کي ماري، اسين فاتح نٿا ٿي سگهون. هونئن به سياڻا سچ چئي ويا آهن ته ”ٻه ته ٻارنهن“ پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو ڪرڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جيڪو ڏک ۽ سک ۾ هڪ جيترو ڪم اچي ٿو. ها، ڪانون جي لُڙَ کي صرف لُڙَ واري نگاهه سان نه ڏسڻ گهرجي. ان ۾ وڏي گهرائي واري ڳالهه شامل آهي. هڪ اهڙو پيغام شامل آهي، جنهن مان انسانذات کي به واٽ ملي ٿي ۽ زندگيءَ جي مقصد کي سمجهڻ ۽ ٻين کي سمجهائڻ جو هڪ انوکو مثال ملي ٿو، ان فڪر کي سالڪ ماڻهو سمجهن ٿا.
    هڪ چوڻي به مشهور آهي:
    ”ڀاڙين مٿان ڀتِ، ڪانگن وِڌي ڪيري“
    پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت جو جيڪو مثال اسان کي ڪانون جي اُن اتحاد مان ملي ٿو، ان کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي، اسان جا ٻه دوست عمران ۽ اسلم ٿوري گهڻي ڳالهه تان پاڻ ۾ رُٺل هئا، انهن به جڏهن ڪانوَن جي ٻڌيءَ جو مظاهرو ڏٺو ته هڪدم پاڻ ۾ ٺهي ويا ۽ ڀاڪر پائي مليا ۽ آئينده ڪڏهن به ناراض نه ٿيڻ جو وعدو ۽ وچن ڪيائون.


    جو تِ

    نويد منهنجو دوست آهي جيڪو هڪ پورهيت جو ٻار آهي. هو روزانو اسڪول پابندي سان اچي ٿو، اسان اٺين ڪلاس ۾ پڙهندا آهيون. نويد ٻين شاگردن کان ٿورو مختلف آهي ۽ هن جي مُنهن تي سدائين معصوميت ڇانيل رهي ٿي ۽ اهو ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪي هو ڪنهن اونهي سوچن ۾ گُم سُمُ ٿي ويل هجي! پڙهائي جي حوالي سان ذهين آهي. آءٌ هن جو دوست آهيان، سندس اُداسي کي هڪدم محسوس ڪري وٺان ٿو.
    اڄ مون به اهو طئي ڪيو هو ته نويد جي انهيءَ راز کي ڳولي لهندس ته آخرڪار ڇا ماجرا آهي ۽ اهو ڪهڙو غم آهي جيڪو نويد کي ٻاروتڻ ۾ پلهءِ پيو آهي. بهرحال اسڪول جي موڪل کانپوءِ هميشه وانگر نويد تڪڙا، تڪڙا قدم کڻندو اڳيان هلڻ لڳو ۽ آءٌ ان جي پُٺيان آهستي آهستي هلڻ لڳس، هو شهر جي سرڪيولر روڊ کان ٿيندو ٻاهر وڃي رهيو هو، منهنجي نظر هن تي ئي ٽڪيل رهي ٿي ڏسان ڇا ته هڪ گند ڪچري واري پيٽي ۾ نويد هيٺ لهي ويو! مون کي اهو ڏسي ڏاڍو عجيب لڳو ۽ سوچن جي سمنڊ ۾ هليو ويس ته نويد ڇا ٿو ڳولي ۽ مان پاڻ کان ئي ڪي سوال ڪرڻ لڳم. ڪجهه منٽن کانپوءِ نويد هڪ ڪاري پلاسٽڪ جي ٿيلهي ٻاهر ڪڍي آيو جيڪا بچيل کاڌي سان ڀريل هئي. آءُ اهو ڏسي حيران ٿي ويس ته نويد پنهنجي زندگيءَ کي ڪچري جي پيٽيءَ مان ڳولي آيو!
    اها ڪيڏي نه بيحسي آهي جو ماڻهن کي پاڻ مان فرصت ئي نٿي ملي جو ڪنهن غريب، مسڪين جي مدد ڪن! اها ڳالهه نويد لاءِ تڪليف جهڙي هئي جنهن نويد کي جهوري وڌو هو، هن موجوده مشيني دور ۾ به ماڻهن جي لاءِ ٻه ويلا ماني به وڏو مسئلو بڻجي ويو آهي ۽ سماج اکين تي ڪاري پٽي ٻڌي، لاتعلق بڻجي ويو آهي جيڪو خود هڪ وڏو الميو آهي. مون نويد جي ويجهو وڃي اها پلاسٽڪ جي ٿيلهي اُن کان وٺي ساڳئي ڪچري واري پيٽي ۾ اڇلايم ۽ نويد کي پنهنجائپ مان ڀاءُ ڪري چيم، ته اچ ته گهر هلون. تنهنجي زندگي ان ڪچري واري پيٽي ۾ نه پر تنهنجي گهر ۾ آهي.
    نويد لُڙڪ هاري مون کي ڀاڪر پائي ٿو. آءٌ هُن کي آٿت ڏيندي اُن جي ڳلن تان لُڙڪ اگهان ٿو ۽ پوءِ نويد کي پنهنجي گهر وٺي وڃان ٿو ۽ اُن کي مٺڙي امان کان ٻه ٽي مانيون ۽ ٻوڙ جو ڀريل وٽو ڏيئي چوانس ٿو ته ڀاءُ هاڻي روزانو منجهند ۽ رات جي ماني اسان جي گهران وٺي ويندو ڪر ۽ امان مٺڙي تنهنجو گهڻو خيال رکندي. منهنجا ڀاءُ! هاڻي ڪوبه اُلڪو نه ڪجانءِ. مون ڪجهه ڏينهن ۾ محسوس ڪيو ته هاڻي نويد ٻهڪي پيو آهي. دل لڳائي پڙهي پيو. اُستاد علي نواز منهنجي اهڙي قدم تي سَرهو ٿئي ٿو ۽ اسان جي دوستيءَ کي مثال بڻائي ڪلاس ۾ ٻين کي به اهڙي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو، اسان کي دُعائون ڪري ٿو ۽ اسان جو اُستاد علي نواز علم جو ڀنڊار آهي ۽ هو پاڻ کي هڪ ذميوار اُستاد محسوس ڪندو آهي هو اهو چاهيندو آهي ته منهنجا سڀئي شاگرد پڙهي معاشري ۾ خاص مقام ۽ مرتبو حاصل ڪن. اُستاد علي نواز پنهنجي دوست درزي محمد مراد وٽ نويد کي هنر سيکارڻ لاءِ ويهاريو ۽ پارت ڪندي چيو ته هي ڇوڪرو منهنجو شاگرد آهي پر ائين سمجهجو هي پُٽن جيان آهي ۽ اسڪول ٽائيم کانپوءِ تو وٽ ايندو پيو. هڪ غريب شاگرد جي مدد ڪري پنهنجو فرض نڀائجو. محمد مراد مرڪ وکيري اُستاد علي نواز کي دلجاءِ ڏئي ٿو ۽ چويسِ ٿو ته نويد منهنجي پُٽن جيان آهي، اوهان ڪو به اُلڪو نه ڪيو.
    روزاني جي معمول مطابق هاڻي نويد وڌيڪ دلچسپي ۽ چُستي سان اسڪول جو گهرو ڪم ڪري اچي ٿو ۽ موڪل ملڻ کانپوءِ ماني کائي درزي محمد مراد جي دڪان تي وڃي ٿو، شروعاتي ڏينهن ۾ قميصن جا ڪاج سکي ٿو ۽ بٽڻ لڳائي ٿو. اهڙي طرح ٽن مهينن کانپوءِ شلوار ٺاهڻ جي لائق بڻجي ٿو ۽ ڏينهن ۾ ٻه ٽي شلوارون تيار ڪري ٿو. محمد مراد ان کي روزانو هڪ سئو روپيا اجورو ڏئي ٿو. اهي پئسا نويد پنهنجي ماءُ کي ڏيندو رهي ٿو. جنهن مان گهر جي سيڌي سامان جو هوءَ بندوبست ڪري ٿي. اهڙي طرح نويد پنهنجي پيءُ جو ساٿي بڻجي ٿو ۽ اُن جو هٿ ونڊائي ٿو ٻنهي جي ڪمائي مان گهر جو خرچ ۽ ٻيون ضرورتون پوريون ٿين ٿيون ۽ نويد پنهنجي ٻن ننڍن ڀائرن ۽ ڀيڻ سان خوش گذاري ٿو ۽ مون کي چوي ٿو ته سرمد آئون اوهان جو ۽ اُستاد علي نواز جو ٿورائتو آهيان. اوهان منهنجي مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ۽ حوصلو ڏنو. مون وٽ ايترا لفظ به ناهن جيڪي شڪر گذاري لاءِ بيان ڪيان، مان نويد جي ڳالهه ٻڌي مسڪرائيندي هڪ نظم دُهرايان ٿو:
    علم جي جُسجتو پاڻ گڏجي ڪيون،
    سوچ واري سڄي سنڌ ڌرتي ڪيون.
    لوڀ لالچ کان مون کي بچائي خُدا،
    زندگي، روشني شل بڻائي خدا.
    وک وڌائي اسين جوت ٿيندا هلون،
    ساٿ پنهنجو رهي ساٿ ڏيندا هلون.
    چاهه منهنجو رهي ٿو سدا سچ سان،
    روح روشن ٿئي ٿو ادا سچ سان.

    نظم ٻڌڻ کانپوءِ نويد ٻهڪي پوي ٿو ۽ دل لڳائي پڙهڻ جو وچن ڪري ٿو ۽ اهو چوي ٿو ته سرمد پاڻ ٻئي علم جي جوت بڻجي نروار ٿينداسين.!


    سِنڌُ امڙ

    صُبح سوير ننڊ مان جاڳ ٿي ۽ مان معمول مُطابق پنهنجي گهر جي پڌر تي ٽهلڻ لڳس بابا سائين چوندو آهي ته صبح جو ٽهلڻ صحت لاءِ ڪارگر آهي ۽ اُن سان جسم پڻ مضبوط رهي ٿو!
    اسان جي ڳوٺ جا گهر ڪشادي اڱڻ سان سهڻا لڳندا آهن. مون جڏهن ڏکڻ طرف نهار ڪئي ته بابا سائين به چهل پهل ۾ مصروف هيو ۽ آءٌ جڏهن اُن جي ويجهو پهتس ته مون کي سَڏُ ڪندي چيائين ته ياسر! اڄ پنهنجي ضلعي هيڊ ڪوارٽر ڪريم آباد ۾ هڪ نالي واري اين جي اوز طرفان ”سنڌ جي تعليم ۽ اُن جي مسئلن جو حل“ جي عنوان سان ڪانفرنس ڪوٺائي وئي آهي، اوهان به ڪاليج جا شاگرد آهيو ۽ تيار ٿي وٺ ته اُن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيون.
    آءٌ نج ڳوٺاڻو ڇوڪرو آهيان پر مون کي پنهنجي والد اُستاد ممتاز علي جي سُهڻي تربيت ۽ تعليم ملي ٿي، جنهن مون کي سنڌ امڙ سان پيار ڪرڻ سيکاريو آهي ۽ جڏهن به، جتي به ڪچهرين ۾ سنڌ جو ذڪر ٿيندو آهي ته آءٌ پنهنجي پنج هزار سال قديم تهذيب موهن جو دڙو تي سوچيندو آهيان ۽ پنهنجن ڄاڻ وارن اديبن کان سنڌ جي تاريخ متعلق سوال ڪندو رهندو آهيان، جنهن جي موٽ ۾ مون کي پيار جا گل ملندا آهن ۽ آءٌ تاريخ سان روشناس ٿيندو آهيان.
    آءٌ اهي ڳالهيون ذهن ۾ ڊوڙائي رهيو هيس ته بابا چيو ته هاڻي هلڻ جي به ڪر، اڄ چهل پهل گهڻي ٿي وئي آهي. هونئن به پاڻ کي ڳوٺ کان ٻاهر ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻو پوندو! تنهن کانپوءِ وڃي ڪريم آباد جي لاءِ وين ملندي. آءٌ جلدي جلدي ۾ وهنجي سهنجي تيار ٿيان ٿو ۽ بابا مون کان پهريائين تيار ٿي منهنجي انتظار ۾ ويٺو هو. اسان پنهنجي ڳوٺ بچل جي وانڍ کان روانا ٿيون ٿا. اڌ ڪلاڪ جي اندر نيشنل هاءِ وي تي پهچي وڃون ٿا ۽ بابا نظر ڊوڙائڻ لڳي ٿو ته پري کان سفيد رنگ واري وين اچي ويجهو پهتي، ته بابا ان کي بيهڻ جو اشارو ڪرڻ لڳو ۽ وين اچي اسان جي ڀر ۾ بيٺي. بابا ۽ آءٌ وين ۾ ويٺاسين، اسان منزل ڏانهن ويجهو ٿيندا وياسين، تنهن پل مون کي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جون سٽون ذهن تي تري آيون ۽ آءٌ ان کي دل جي دنبوري سان آهستي آهستي جهونگارڻ لڳم!
    سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪار،
    دوسـت مـٺا دلـدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    اهڙين سٽن کي جهونگارڻ کانپوءِ منهنجو من فڪرِ لطيف جي سرهاڻ سان واسجي ويو! بابا منهنجي پُٺيءَ تي ٺپريندي ڏيندي چيو ته سامهون اوهان جي ڪاليج آهي، جتي آءٌ به پڙهيو هيس، هي قديم ڪاليج آهي. مون بابا ڏي ڏسي مسڪرائيندي چيو ته ها بابا هي واقعي عظيم درسگاهه آهي، جتي پنهنجي سنڌ جا ناميارا انسان پڙهي پاڻ به عظيم ٿي ويا. اسان ٿورو اڳتي شهر ڏانهن رخ ڪيو ۽ اسين ٿورو اڳتي وين مان لٿاسين ۽ اتان ڪراس ڪندي جيم خانه ڪلب ڏانهن هلڻ لڳاسين، جيڪو ويجهو هيو. اسان ڳوٺاڻا ٽائيم جا پابند سيمينار تي وقت سر پهتاسين ۽ جڏهن هال جي اندر داخل ٿياسين ته عاليشان قسم جي سجاوٽ ۽ صحافي اهڙن يادگارن لمحن کي ڪيمرا جي اک ۾ محفوظ ڪري رهيا هئا.
    اهڙي طرح اُن اين.جي.اوز جي ڪو آرڊينيٽر اڳتي اچي بابا سائين سان ڀاڪر پائي مليو ۽ مون سان شفقت ڀري انداز سان هٿ ملائيندي آجيان ڪيائين. ۽ اسان کي سيٽن تي ويهڻ لاءِ چيو ويو. مون هال ۾ ويٺل ماڻهن ڏي نظر ڊوڙائي ته منهنجو ڪلاس فيلو غلام مصطفى هال جي اڳين سيٽ تي ويٺو هو. غلام مصطفيٰ هونئن ته مون وانگي ڳوٺاڻو آهي پر پڙهائيءَ جي حوالي سان انهن شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي هئي. ڪاليج جي وقت کانپوءِ هو ٽيوشن وٺندو هو، ۽ هن کي به سنڌ سان ڏاڍو پيار آهي اسان ٻئي سنڌ جي اوني لاءِ تمام وڏا بحث مباحثه ڪندا هئاسين ۽ خاص ڪري سنڌ جي تعليم جي مسئلن تي گهڻو ڳالهائيندا هئاسين.
    پروگرام شروع ٿئي ٿو، ڪمپيئر معزز مهمانن کي اسٽيج تي ويهاريندو وڃي ٿو جنهن ۾ ڪريم آباد جي ڊي.اي.او کي صدارت جي ڪرسي تي ويهاريو وڃي ٿو ۽ ان کانپوءِ خاص مهمان جي ڪرسي تي بزرگ استاد کي ويهاريو وڃي ٿو ۽ اعزازي مهمانن ۾ اديبن سان گڏ ڪجهه اين.جي.اوز سيڪٽر جي ڪو آرڊينيٽرن کي پڻ اسٽيج تي ويهاريو وڃي ٿو.
    مان سيمينار کي غور ۽ فڪر سان ويهي ٻڌان ٿو. هر هڪ ڳالهائڻ وارو تعليم جي ڀلائي لاءِ ڳالهيون ڪري وڃي ٿو ۽ تبديلي جي دعويٰ ڪري ٿو. آءٌ انهيءَ سڄي ماحول کي محسوس ڪيان ٿو. ان کان علاوه منهنجي نگاهه اسان جي ڪاليج واري پروفيسر تي ٽڪيل رهي ٿي، جيڪو ڪاليج ته بنهه ڪونه اچي پر تقريرن دوران اهڙيون ته ڳالهيون ڪندو آهي، ڄڻ سنڌ جي تعليم جو اُلڪو رڳو هن ئي مرد مجاهد کي آهي! آءٌ اهڙيون تقريرون ٻڌي حيران ٿي وڃان ٿو. ڳالهيون، ڳالهيون ئي رهجي وڃن ٿيون. جنهن ۾ تبديلي ۽ ترقيءَ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي!
    آخر ۾ سيمينار جي صدارت ڪندڙ ڊي.اي.او کي ڊائيس تي گهرايو وڃي ٿو . جيڪو اچڻ شرط اهو اعلان ڪري ٿو ته آءٌ هتان جي اسڪولن ۾ تعليمي انقلاب آڻڻ چاهيان ٿو ۽ هميشه ان لاءِ ئي ڪوشان رهندس. اوهان سڀني جي مهرباني. هيٺ ويٺل سڀئي آيل مهمان تاڙيون وڄائن ٿا ۽ سنڌ جي تعليم ۽ ان جي مسئلن جي حل جا خواب اکين ۾ کڻي وڃڻ لاءِ آتا رهن ٿا. مون ۽ منهنجي دوست غلام مصطفى جيڪي خواب ڏٺا هئا، شايد انهن جي ساڀيان ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي! مان ڏسان ٿو سڀئي مهمان مختلف قسمن جي کاڌن کائڻ ۾ مست ٿي وڃن ٿا پر آءٌ انهن جي چهرن ۾ گم ٿي وڃان ٿو! ۽ شاهه عبداللطيف رحه جون هي سٽون جهونگاريان ٿو:
    مـــاڻـهـون سـڀ نـه سـهـڻـا، پـکـي سـڀ نـه هـنـج،
    ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي.


    اسڪول لائبريري

    ساجد اسان جي اسڪول جو ذهين شاگرد هيو. مون سميت ٻيا شاگرد اُن جي ذهانت جو مثال ڏيندا هئا، هو وقت جو پابند هوندو هو ۽ هميشه صاف سُٿرا ڪپڙا پهري ايندو هو ۽ هن جي هر ڳالهه ۾ اسان کي ترتيب نظر ايندي هُئي. سندس ڪتابن وارو رنگين ٿيلهو هن جي پُٺيءَ تي کڙ کٻيتي جيان ٽمڪندو هو!
    ساجد مڙني سبجيڪٽن ۾ هوشيار هوندو هيو ۽ ڪتابن سان سندس دوستي هوندي هئي اسان رسيس جي وقت راند کيڏندا هئاسين پر مون وارو دوست ساجد اُن وقت اسڪول لائبريري ۾ سائين انور علي کان اصلاحي ڪتاب وٺي پڙهندو هيو، هن کي مطالعي جو ماحول اُستاد انور علي کان مليو ۽ پوءِ هور روزانو انهيءَ اسڪول لائبريريءَ ۾ مطالعو ڪرڻ لڳو.
    ساجد منهنجو پاڙيسري دوست هيو ۽ سندس والد صاحب عبدالشڪور بئنڪ مئنيجر هيو. اُن جي منهنجي بابا سان دوستي هوندي هئي انهيءَ نسبت جي حوالي سان اسان پڻ هڪ ٻئي جي ويجهو هوندا هُئاسين. بابا سائين به اسان جي اسڪول ۾ اُستاد هوندو هيو، انهيءَ ڪري آءٌ گهڻو محتاط هوندو هيس، جيئن بابا تائين منهنجي ڪا شڪايت نه وڃي.
    هڪ ڏينهن ساجد مون کي بابا سائين جي سامهون چيو ته راشد ڪيڏانهن پيو وڃين؟ اچ ته رسيس جي وقت پاڻ گڏجي اسڪول لائبريري ۾ ويهي ڪتابن جو مطالعو ٿا ڪيون، جيئن پنهنجي تعليم ۾ ڪابه ڪمي نه رهي. مون کي ساجد جي اهڙي دعوت دل سان لڳي ۽ بابا سائين به مُرڪي مون کي چيو ته ساجد سان گڏجي پڙهندو ڪر ۽ لائبريري ۾ ادا انور علي اوهان جي لاءِ نوان ڪتاب ۽ رسالا هر مهيني پنهنجا پئسا خرچ ڪري به وٺي ايندو آهي جيڪا سندن هڪ وڏي خوبي آهي. سندن اهڙي عملي خدمت کي هميشه ياد رکيو ويندو ۽ هڪ ٻي ڳالهه ٻڌو، انور علي پنهنجي اسڪول جو هڪ قابل اُستاد آهي. اُن حوالي سان اُن کي اُستادن جي فلاحي تنظيم ايوارڊ سان پڻ نوازيو آهي، جيڪا ڳالهه هن اسڪول لاءِ قابل فخر واري آهي.
    اسان پوءِ بابا کان موڪلائي اسڪول لائبريري وياسين جتي اُستاد انور علي اسڪول لائبريري جو انچارج ڪتابن جي سار سنڀال ڪري رهيو هو. اسان اُتي پهچڻ سان ئي اَلسّلام عليڪم ڪئي ۽ سائين انور علي سان هٿ ملايو ۽ پوءِ سائين به مرڪي اسان جي پُٺي ٺپري چيو ته اڄ اوهان جي لاءِ نوان رسالا ماهوار ”گُل ڦُل“، ماهوار ”ساٿي“، ماهوار ”اُتساهه“ سان گڏ عبدالجبار عبد ۽ اڪبر جسڪاڻيءَ جي ڪهاڻين جا ڪتاب وٺِي آيو آهيان. پڙهي ڏسو جنهن ۾ دلچسپي جا کوڙ سارا رنگ ڀريا پيا آهن ۽ ها شاعري ءَ ۾ غلام محمد ”غازي“ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ۽ آزاد بخاري جا پڻ ڪتاب سامهون ميز تي اوهان جي مطالعي لاءِ رکيا اٿم.
    ساجد ميز تي رکيل ڪتابن مان هڪ ڪتاب کڻي مون کي ڏنو ۽ چيائين ته غور سان هن ڪتاب کي پڙهه، ڏاڍو سٺو ڪتاب ٿو لڳي ۽ پاڻ به هڪ ڪتاب کڻي پڙهڻ لڳو.
    اسان وقت وڃائڻ بدران لائبريري ۾ مطالعي جو شوق جاري رکيو، جنهن مان اسان کي تمام گهڻي ڄاڻ ملڻ لڳي ۽ اهو مون کي به سٺو لڳي رهيو هو. آءٌ پنهنجي دوست ساجد جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي لائبريري ۾ مطالعي ڪرڻ جي دعوت ڏني. اهڙي طرح وقت پنهنجي رفتار سان گذرندو ويو ۽ بورڊ جو ساليانو امتحان به مٿان اچي پهتو ۽ فارم ڀرجڻ شروع ٿيا ۽ اسان به پنهنجي ڪلاس ٽيچر سائين انور علي وٽ فارم ڀرايا، تنهن کانپوءِ دلجاءِ ٿي ۽ اسان هاڻي لائبريري ۾ ڪورس جي ڪتابن کي پڙهڻ شروع ڪيو. سائين انور علي انهيءَ دوران ڪلاس روم ۾ انگريزي ۽ اردو سليس سبجيڪٽ جون ٽيسٽون ورتيون، جنهن ۾ ساجد ۽ آءٌ ٽاپ تي آياسين. اهڙي طرح اُستاد انور علي ٽاپ پوزيشن وارن شاگردن کي انعام ۾ ڪتابن جا تحفا ڏنا. اسان اُن وقت ڏاڍو خوش ٿياسين ۽ اها اسان جي لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه به هئي. اهڙي طرح ٻين سبجيڪٽن ۾ به اسان ٻنهي دوستن ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي، اسڪول جا سڀئي استاد اسان کي ڀائيندا هئا. اسان به انهن جو دلي طور ادب ۽ احترام ڪندا هئاسين. اڄ اسين جيڪو ڪجهه آهيون، انهن جون ئي ته ڀلايون آهن.
    آخرڪار سالياني امتحان جي پيپرن جو شيڊول پڌرو ٿيو ۽ اسان ڀرپور تياري سان امتحان ڏنو ۽ ٻن مهينن کانپوءِ رزلٽ پڌرو ٿيو. اسان ڏهين ڪلاس ۾ هئاسين جنهن ۾ساجد ۽ آءٌ اي ون گريڊ ۾ پاس ٿياسين. اسان پنهنجي ضلعي ۾ ٽاپ تي آياسين ۽ ساجد بورڊ ۾ پهرين پوزيشن ۽ مون بورڊ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي! اسان جي اُستادن اسان کي مبارڪون ڏنيون ۽ اسڪول جي شآگردن اسان جي مان ۾ هڪ الوداعي پارٽيءَ جو بندوبست ڪيو ۽ انهيءَ پارٽي جي نگراني سائين انور علي ڪئي. اهڙي طرح پارٽي سائنس هال ۾ رکي وئي جتي سڀئي اُستاد ۽ شاگرد گڏ ٿياسين، اها اسان جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي ۽ مون پنهنجي تقرير ۾ پنهنجي ڪلاس ٽيچر سائين انور علي ۽ پنهنجي دوست ساجد جا ٿورا مڃيا ، جن جي صُحبت ۾ رهي آءٌ پڙهي ۽ پُرجهي پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪيو! ساجد پنهنجي تقرير ۾ سڀني اُستادن جا ٿورا مڃيا ۽ شاگردن جي خلوص کي هميشه ياد رکڻ جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي پيغام ۾ اهو چيو ته، ڪتاب عظيم دوست آهي ۽ آءٌ اوهان سان وچن ڪيان ٿو ته ڪاليج ۽ يونيورسٽي۾ به لائبريري جي اهميت کي نه وساريندس، جنهن مون کي اهو مرتبو ڏياريو آهي. تاڙين جي گونجار ٿئي ٿي ۽ ساجد مرڪندو اسٽيج تان هيٺ لهي اچي ٿو.!


    مهمان جھرڪي

    اسان جي گهر هونئن ته پنهنجا مٽ مائٽ گهڻائي مهمان ايندا رهندا آهن، پر اڄ اسان جي آڳر تي هڪ اڪيلي رنگين جهرڪي مهمان بڻجي پاڻي پيئڻ آئي. اڄ موسم به سرس گرم آهي. ٻاهر آڳر تي ٿانوَن جي صفائي لاءِ پاڻيءَ جي ٽونٽي لڳل هئي، جنهن جي مٿان اها رنگين جهرڪي اچي ويٺي. ٽونٽيءَ جي هيٺان رکيل پاٽڙي مان پنهنجي سُهڻي چُهنب سان پاڻي پي رهي هئي. منهنجي هونئن به پکين سان گهڻي محبت آهي، انهيءَ ڪري مون انهن لاءِ ٽونٽيءَ هيٺان پاٽڙو رکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ روزانو تازو پاڻي ڀري رکندو آهيان، جنهن مان جهرڪيون، ڪٻريون، ڪانوَ ۽ ڪبوتر پاڻي پيئڻ لاءِ اُتي ايندا آهن. اڄ انهيءَ مهمان جهرڪي کي ڏسي منهنجي دل باغ و بهار ٿي رهي هئي، ڇوته اها رنگين مهمان جهرڪي اسان جي گهر پهريون ڀيرو آئي هئي. آءٌ دل ئي دل ۾ اُن خوبصورت مهمان جهرڪي سان ڳالهائي رهيو هيس. ايتري ۾ منهنجي گهر واري سحر ڪمري کان ٻاهر نڪري آئي ۽ چوڻ لڳي:
    ”طاهر جا پيءُ! کير وٺي اچ ته چانهن ٺاهي پيئون.“ مون ان کي هلڪي آواز ۾ ورندي ڏيندي چيومانس:
    ”آهستي ڳالهاءِ. ۽ هوءَ سامهون ويٺل رنگين جهرڪي ڏس، ڪيڏي نه سهڻي آهي؟“
    سحر ان کي ڏسي حيران ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي:
    ”واقعي قدرت سندن پرڙن کي ڪيئن نه رنگين بڻايو آهي! اها جهرڪي ته پرديسي لڳي ٿي.“
    اسان ٻيئي اُن خوبصورت جهرڪي کي ڏسي رهيا هئاسين ۽ ڪجهه چپن ۾ سُسُ پُسُ ڪري رهيا هئاسين ته اها جهرڪي جيڪر اسان جي گهر ۾ هميشه لاءِ ترسي پئي، هن کي اسان قيد به نه ڪنداسين. بيشڪ اها آڳر ۾ بيٺل ٻير تي رهي پئي يا اسان جي ورانڊي ۾ پنهنجو آکيرو ٺاهي، اُن تي اسان کي ڪوبه اعتراض ڪونهي، ڇوته هي پکي پرندا انهيءَ مالڪ جي پيدا ڪيل تخليق آهن.
    منهنجي اهڙي صلاح تي سحر مرڪي ۽ چئي رهي هئي:
    ”آءٌ پکين کي هونئن به روزانو اَنَ جا داڻا ڏيندي آهيان، هيءَ جهرڪي ته ڪمال جي آهي. اُن کي آءٌ روزانو اَنَ جا داڻا ضرور ڏينديس ۽ منهنجي وندر ۾ به واڌارو ٿيندو.“
    مون چيومانس، ”ان جا داڻا ڏيندينءَ، اهو ته ٺيڪ آهي پر پاڻ وارا پُٽڙا عادل، وسيم ۽ طاهر لاءِ ڇا ٿي سوچين، اُهي ڪيئن راضي ٿيندا؟“
    سحر حيرت واري انداز ۾ وراڻي ڏيندي چيو ، ”راضي وري ڇا جو؟ داڻا ته آءٌ ڏينديس نه!!“
    مون ورندي ڏيندي چيومانس، ”منهنجي چوڻ جو مطلب ته اهي ٽئي ضدي ٻار آهن. هرڪو چوندو ته اها جهرڪي منهنجي آهي. پوءِ جهرڪي هڪ ۽ وارث ٽي! اهي پيا پاڻ ۾ وڙهندا.“
    ايتري ۾ اسان جا ٽئي پُٽ عادل، وسيم ۽ طاهر پنهنجي ڪمري کان ٻاهر نڪري آڳر تي آيا ۽ اسان کي ڏسي چيائون:
    ”بابا ۽ امان، اوهين آڳر ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو؟“
    ٻارن کي موٽ ڏيندي سحر چوڻ لڳن، ”ٻارڙو! آهستي ڳالهايو ۽ هوءَ سامهون ويٺل رنگين جهرڪي ته ڏسو!“
    ٻارن جهرڪي ڏانهن ڏسندي پنهنجي ماءُ کي چون ٿا، ”ها ها واقعي اها ته ڏاڍي سهڻي آهي.“ ٽنهي ٻارڙن کان رڙ نڪري وئي.
    سحر چوڻ لڳن، ”اها سهڻي جهرڪي اوهان ٽنهي ڀائرن جي آهي. ۽ انهيءَ جو خيال رکڻ اوهان ٽنهي جي ذميواري آهي.“
    ٻارن گڏجي رضامندي جو اظهار ڪيو.
    اسان سڀئي هوريان هوريان ڳالهايو پئي ته جيئن جهرڪي اُڏامي نه وڃي.
    انهيءَ وچ ۾ رنگين جهرڪي خوب پاڻي پيتو ۽ وهنجي سهنجي پنهنجي پرن ۽ جسم کي تازو توانو ڪيو.
    اهڙي طرح ان کانپوءِ اها رنگين جهرڪي ڀڙڪو ڏئي اُڏامي وئي.
    *
    اسان سڀئي ٻئي ڏينهن اُنَ جهرڪي جي اچڻ جو بي صبري سان انتظار ڪرڻ لڳاسين ته رنگين جهرڪي اڃان ڇونه آئي؟
    اسان هڙني اڃان اهو سوچڻ شروع ئي ڪيو هو ته اوچتو اها ساڳي رنگين جهرڪي اسان جي آڳر تي لٿي. ٻارن ان جي اچڻ کان اڳ ۾ آڳر تي چانور ڇِٽي ڇڏيا ها. رنگين جهرڪي آڳر تي گهمي ڦري چانورن جا داڻا چُڳي خوش ٿي ۽ پاٽڙي مان پاڻي پي وري واپس هلي وئي.
    انهيءَ جهرڪي جو روز اچي پاڻي پيئي ڍؤ ڪري، وهنجي کاڌو کائڻ روز جو معمول بڻجي ويو هو.
    سندن اهو لڪاءُ اسان کي به سٺو پئي لڳو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اها رنگين جهرڪي اسان ڏي نه آئي ۽ ٻارن مايوسي وچان گيت ڳائڻ شروع ڪيو،

    اچ منهنجي جهرڪي!
    اچ منهنجي جهرڪي!
    چانور ساريون چُڳي وڃ،
    ڪاڏي وئين سُرڪي.
    اچ منهنجي جهرڪي!

    ٻارَ اڌورو گيت ڳائي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳا. آءٌ ۽ سحر اُٻاڻڪا ٿي وياسين. مون طاهر کي ڀاڪر ۾ ڀريو عادل ۽ وسيم کي سحر ڀاڪر ۾ قابو ڪيو. ٻارَ سحر جي ڳلي لڳي روئڻهارڪا ٿي چوڻ لڳا، ”اچ منهنجي جهرڪي!، اچ منهنجي جهرڪي!.“
    ۽ طاهر منهنجي ڀاڪر ۾ نيڻن سان چوڻ لڳو، ”اچ منهنجي جهرڪي!، اچ منهنجي جهرڪي! .“
    ڪمال ٿي ويو جهرڪي موٽي آئي. اٻاڻڪا ٻار کلڻ لڳا ۽ مرڪون اسان جي مُکُ تي وکري ويون!.


    طوطو اسان جي گهرَ جو ڀاتي !

    منهنجي بابا سائين اسان جي لاءِ هڪ طوطي کي پالي وڏو ڪيو هو. مون کي چڱي طرح ياد آهي، ته اهو طوطو جڏهن معصوم هيو، تڏهن هُن جي بدن تي کنڀ به نه آيا هيا. مطلب ته ٻوٽيءَ جيان هو! ان کي ڀڳڙا چٻاڙي کارائيندا هئاسين. جڏهن ٿورو وڏڙو ٿيوته ميوو به کائڻ شروع ڪيائين... مرچ ته هن کي ڏاڍا وڻندا هئا. بابا سائين، امان مٺي، ادا وڏو ۽ اسان سڀئي ڀائر ۽ ڀينر ان جي خدمت ڪندا هئاسين ۽ اسان طوطي کي ٻولي به سيکاريندا هئاسين. جيڪا هن طرح جي هوندي هئي ”مٺو پٽ“، ”مٺو ڪاڪا“، ”امان بي بي“، ”اَدا“، ”ڀاءُ“، ”چاچا“، ”ماما”، ”نانا“، ”ڏاڏا“. مطلب ته طوطي کي مختلف آواز سيکاريندا هئاسين. هو وڏو ٿيو ته ٻولي کي آساني سان اُچارڻ لڳو، اهڙي طرح اهو پيارو پکي سڀني جو دوست بڻجي ويو. مٽ مائٽ به جڏهن ايندا هئا ته طوطي جي ٻولي ٻڌي حيران ٿي ويندا هئا،. طوطو اسان جي گهر جو ڀاتي بڻجي ويو هو، ٽي وقت مانيءَ جي مهل طوطي کي به پنهنجو کاڌو ڏنو ويندو هو. ڏينهن جو ميوو ۽ مرچ، رات جي وقت چانورن ۾ پيل کير مٺوءَ، جي پسنديده خوراڪ هوندي هئي.
    اسان طوطي جي ٻوليءَ مان لطف اندوز ٿيندا هئاسين، منهنجي ماسات ۽ سئوٽ طوطي جي ٻولي ٻڌڻ لاءِ روزانو اسان جي گهر اينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان گڏ طوطي لاءِ زيتون ۽ مرچ آڻينديون هيون. اها ڳالهه اُنهن کي وڻندي هئي ۽ ان جو سڀني کي اونو رهندو هو، ته طوطي کي ڪا تڪليف نه ٿئي ۽ وقت سر ان کي پنهنجو کاڌو مهيا ڪيو وڃي.
    طوطي جي ٻولي ڪڏهن تيز ته ڪڏهن نرم لهجي ۾ ٻڌي، اسان ٻارَ خوش ٿيندا هئاسين ۽ اسان ٻارن کي خوش ڏسي، بابا سائين خوش ٿيندو هو!. بابا سائين مٺوءَ کي ڪيترائي لفظ سيکاريا هئا جيڪي اسان جي سڀاءَ ۽ ثقافت جي سڃاڻپ رهندا آيا آهن:
    ”ڀلي آئين ادا“، ”جيجل خوش هجين“، ”رحمت وسئي رب جي“. ”مٺو ماني کاءُ“، ”ادا پاڻي پيءُ“، ”بابا اچي ٿو”.
    مٺوءَ جي هوندي، مجال آهي جو ڪا اوپري ٻلي به گهر ۾ اچي، اهڙو ته گوڙ ڪندو هو جو ڪن پيا ڦاٽندا هئا. هي مٺو ڄڻ ته، ڪو گهر جو چوڪيدار هجي!.
    اسان طوطي جا اهڙا گفتا ٻڌي ڏاڍا خوش ٿيندا هئاسين. امان ۽ ادڙيون ته ٽهڪار مچائينديون هيون، ته مار! طوطو ڪيئن نه سهڻيون سهڻيون ٻوليون ٻولي ٿو. اسان جي گهر جي ٻلي طوطي جي دوست هئي ۽ ٻين اوپرين ٻلين کي ڊڪائي ڇڏيندي هئي؟ اهڙي طرح طوطي ۽ ٻليءَ جي دوستي وڌيڪ پڪي ٿيندي وئي.
    هڪ رات مون پنهنجي سفيد ٻليءَ جي آزمائش وٺڻ لاءِ طوطي کي پڃري مان ڪڍي ٻليءَ جي ڀر ۾ ويهاريو ۽ وٽيءَ ۾ کير چانور به رکيا هئا. طوطو کير چانور کائي رهيو هو، ان کانپوءِ ٻلي جي مٿان کنڀ ڦيريندي، ان کي کير چانور کائڻ جي صلاح ڪئي ۽ ٻلي پنهنجي طوطي دوست جي چوڻ تي بچت کير چانور کائڻ لڳي ۽ پوءِ پڇ کي لوڏڻ به لڳي. مان ٻلي جي مٿي تي هٿ گهمائڻ لڳس ۽ طوطي کي چيم ته پنهنجي پڃري واري محفوظ گهر ۾ وڃي ويهه ۽ طوطو سمجهدار هو، ها ها ها ڪندو پڃري اندر هليو ويو ۽ پوءِ مون به کڻي اُن کي سنهي سيخ سان بند ڪري ڇڏيو مانس، ٿيو ائين جو اڄ رات سفيد ٻلي کي ننڊ اچي وئي. طوطي جون اکيون به ننڊ سبب بند هيون. پاڙي جو هڪ ٻلو ڀت کان لهي هيٺ آڳر ۾ آيو، سڌو وڃي طوطي جي پڃري کي رانڀوٽا پائڻ لڳو، طوطو سياڻو هو ۽ ٻولي به سکيل هو، وٺي زور سان شور مچائي چور چور ڪرڻ شروع ڪيائين، ته سڀ گهر جا ڀاتي جاڳي پيا. سفيد ٻلي به ڪچڙي ننڊ مان اُٿي، اهڙي طرح اسان جي پياري طوطي جي جان بچي وئي!
    مون رات جي وقت ئي بابا سائين کي چيو، ته هاڻي اسان جي طوطي لاءِ مضبوط لوهه وارو ڪشادو پڃرو ٺهرائي ڏيو، جيئن اُن کي ڪنهن ڪُتي، ٻلي کان محفوظ بڻائي سگهجي. بابا مون کي ڀاڪر ۾ ڀريندي ۽ پيار ڏيندي چوڻ لڳو، ها پٽ! اوهين دلجاءِ ڪيو، سڀاڻي پنهنجي دوست روشن کان طوطي لاءِ مضبوط پڃرو ٺهرائي کڻي ايندس.
    رات گذري ڏينهن ٿيو، زندگي معمول مطابق روان دوان هئي. بابا سائين صبح جي نيرن ڪري مارڪيٽ روانو ٿيو ۽ منجهند تائين لوهه وارو وڏو پڃرو وٺي آيو، جنهن ۾ طوطي لاءِ راند روند جو پڻ بندوبست ٿيل هو، جنهن ۾ هڪ پينگهه به لڳل هئي، مون اسڪول کان واپس موٽندي پنهنجي طوطي کي نئين پڃري ۾ وڃڻ لاءِ چيو، طوطو پڃري ۾ ويندي ئي خوش ٿيو ۽ ڀڙڪو ڏئي پينگهه تي وڃي ويٺو ۽ لڏڻ لڳو. لڏندي لڏندي چوڻ لڳو، بابا سائين، زنده آباد، ادو مٺو زنده آباد.
    طوطي جو ن ٻوليون ٻڌي سڀ گهر جا ڀاتي کيرون کيرون ٿيڻ لڳا!.....


    هندورو

    نياڻي نماڻي سڀ کي پياري هوندي آهي منهنجي به هڪ سڪيلڌي ڌيءَ سورٺ نالي آهي. آءٌ ڳوٺ جي زميندار وڏيري مولابخش جو ڪڙمي آهيان، ٻني ٻارو ڪري پنهنجي گهر جو ڪاروهنوار هلائيندو پيو اچان.
    آءٌ پنهنجي محنت جي آڌار تي مالڪ مهربان جي مِهِر سان زمين کي زرخيز بڻائڻ ۾ جفاڪشي ڪندو آهيان ۽ سال ۾ ٻه فصل ساريون ۽ ڪڻڪ پوکيندو آهيان ۽ هڪڙو ٻارو سبزي جو پڻ پوکيندو آهيان، جنهن مان موسم جي لحاظ کان سبزيون پوکيندو آهيان. اهڙي طرح جنهن مان سڄي سال ۾ اناج اڌو اڌ منهنجي حصي ۾ ايندو آهي.
    انسان زندگيءَ جي مختلف دورن مان گذرندو آهي، اسان ڳوٺاڻا ماڻهو ڍور ڍڳي جي خدمت ڪندي ۽ هارپ کي حياتيون ڏئي ڇڏيون ٿا. جيئن ته منهنجو والد مرحوم انهيءَ ڪرت ۾ پنهنجي زندگي گذاري ويو ۽ ان کانپوءِ امان مرهيات به ٿوري عرصي کانپوءِ هن جهان مان لاڏاڻو ڪري وئي. جنهن کي منهنجي نياڻي سورٺ تمام گهڻي پياري هوندي هئي، ۽ لاڏ ڪوڏ مان ان کي راڻي ڌيءَ ڪري سڏ ڪندي هئي ۽ سورٺ جو به امان سان ڏاڍو پيار هوندو هو!
    هڪڙي دفعي سورٺ، بابا ۽ امان سان پنهنجي شهر وارن مائٽن ڏي گهمڻ وئي هئي، انهن جي گهر ۾ هڪ وڏو هندورو هوندو هو، جنهن تي سندن ٻارَ ويهي جُهولا لڏندا هئا ۽ اهي مايون ٻارن کي هندوري ۾ ننڊ پڻ ڪرائينديون هيون ۽ اُن ڏينهن منهنجي لاڏلي ڌيءَ سورٺ کي به هندوري ۾ ننڊ اچي وئي هئي پوءِ جڏهن امان ۽ سورٺ گهر موٽي آيون هيون ته سورٺ جي زبان تي هندورو هيو! سورٺ ننڍڙي هئي ۽ ڇهن سالن جي هئي، سياڻا چوندا آهن ته ٻار پنهنجي دل جا بادشاهه هوندا آهن، انهن جون معصوم خواهشون به عجيب ۽ شاهاڻيون هونديون آهن ۽ راڻي ڌيءَ سورٺ جي خواهش جڏهن اسان جي آڏو آئي ته مون به اهو پڪو پهه ڪيو ته، راڻي ڌيءَ سورٺ لاءِ هندورو ضرور ٺهرائيندس.
    اسان جي گهر جي آڳر تي ڪجهه وڻ به هئا، انهن ۾ ٽاريءَ جو وڻ به هو. مون سوچيو اُن کي ڪٽي سورٺ لاءِ هندورو ٺهرايان.
    اسان جي ڳوٺ ۾ ڊکاڻڪي ڪم جا نواب ڪاريگر آهن جيڪي شهر وڃي پنهنجي ڪرتِ مان گذر سفر ڪندا آهن منهنجو پاڙيسري دوست امام الدين انهيءَ فن جي حوالي سان پنهنجي تر ۾ گهڻُو مشهور آهي. الائجي ڪيترا پلنگ، هندورا ۽ ٻيا فن پارا هن ٺاهيا آهن. مطلب ته عاليشان ڪاريگر آهي، آخرڪار مون ٽاريءَ جي وڻ کي وڍي زمين تي ڪيرايو ۽ ان کي پنهنجي پڌر تي رکي ڇڏيم.
    ڪجهه مهينن کانپوءِ ڪاٺيءَ کي کڻائي امام الدين وٽ پهچايو ۽ چيومانس ته ادا تنهنجيءَ ڀائٽيءَ جي فرمائش آهي ته هندورو ٺاهي ڏي ۽ اهڙو سهڻو هندورو ٺاهجانءِ جو هميشه توکي به ياد ڪندا رهون. وقت گذرڻ ۾ دير ناهي ۽ اهو ڏينهن به آيو جو ادا امام الدين هندورو کڻائي اچي ڳوٺ پهتو، سورٺ جڏهن پنهنجو هندورو ڏٺو ته خوشيءَ ۾ ماپي ئي نه پئي. مون سان ڀاڪر پائي چوڻ لڳي منهنجا مٺڙا بابا! اوهان جي مهرباني ۽ چاچا امام الدين جي به مهرباني جنهن منهنجي لاءِ ههڙو سهڻو هندورو ٺاهيو آهي، جيڪو پاڻ وارن مائٽن جي هندوري کان به وڌيڪ سهڻو آهي. هاڻِي آءٌ به هندوري تي خوب لڏنديس پئي ۽ پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ رمضان کي به گڏ ويهاري ننڊون ڪرائيندس.
    هندورو گهر ۾ آيو ۽ ٻارن جي خوشيءَ وچان مهڪندڙ ۽ جرڪندڙ منهن کي ڏسندي گهر ڄڻ جنت بڻجي ويو! هو کِلَ خوشيءَ سان زندگيءَ جا پل گذارڻ لڳا ۽ مرڪون وکيري اسان جي زندگي ۾ به خوشين جا بهار ارپي ڇڏيائون.


    شرارت

    اسڪول جي موڪلن وقت بابا اسان کي ڪراچي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندو آهي ۽ اسان جي شهر ۾ جون، جولاءِ جي گرمي سهپ کان چڙهيل هوندي آهي! اُن ڪري ڪجهه موسم مٽ ڪرڻ ضروري ٿئي ٿي. اسان پنهنجي گهر ڀاتين سان ٽرين ۾ سفر ڪري رهيا هئاسين، بابا، امان، ڀيڻ زينت ۽ منهنجو ننڍو ڀاءُ گڊو جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڪوڙ ڳالهائيندو آهي جو ساهه ئي سُڪي ويندو آهي.
    اسان جو ٽرين ۾ سفر جاري هيو ته اسان واري بوگي ۾ اچانڪ شور مچي ويو!”
    گڊو کان امان پڇڻ لڳي ته: ”ابا اهو گوڙ ڇا جو آهي؟“
    گڊو هڪدم امان کي چيو ته، ”ٽرين ۾ بم مليو اٿن! “
    کيس امان چوڻ لڳس پٽ وائي ته چڱي ڪڍ. اسان جي ڀرسان ويٺل مسافر اهو ٻڌي ڏاڍو پريشان ٿي ويا ۽ هڪ ٻئي کي چوڻ لڳا ته، اٿو ته اڳتي هلي جانچ ڪريون ٿا،ايتري ۾ ريلوي پوليس جا ڪجهه سپاهي ۽ ٽي.ٽي ڀر واري بوگيءَ ۾ پهچي ويا ۽ معاملي کي قابوءَ ۾ ڪيائون.
    اصل ۾ اهو گوڙ ڪنهن مسافر جي جڳهه تي قبضي ڪرڻ تي ٿيو هو، اهو ٻڌي مسافرن ٿڌو ساهه ڀريو.
    گڊو امان جي اڳيان پنهنجي شرارت تي پشيمان ٿيڻ لڳو ۽ خيالن ۾ گم ٿي ويو ۽ هو ڪجهه سوچي رهيو هو ته، آءٌ ڪيڏو نه بدنصيب آهيان جو پنهنجي مٺڙي ماءُ سان به ڪوڙ ڳالهايو. ٽرين حيدرآباد اسٽيشن جي ويجهو پهچندي هارن ڏنو ته گڊو ڇرڪ ڀري خيالن مان نڪري امان جي قدمن ۾ ڪِري پيو ۽ کيس چوڻ لڳو ته: ”مٺڙي امڙ! مون کي معاف ڪر. مون پنهنجي عادت موجب شرارت ڪندي ڪوڙ ڳالهائي، اوهان کي رنجايو اٿم. جيجل مون کي معاف ڪر.“
    امان ،گڊو جي مٿي تي شفقت ڀريو هٿ ڦيريندي چوڻ لڳس ته، ”پٽ ڪوڙ ڪڏهن نه ڳالهائيندو ڪر. ڏِسُ هت ويٺل سڀئي مسافر ۽ مان ڪيڏو پريشان ٿي وياسين. گڊو سڏڪا ڀريندي امان کي چوڻ لڳو ته: ”امان! آءٌ آئينده ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندس ۽ مان هميشه جي لاءِ شرارت ڪرڻ کان توبهه ڪيان ٿو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253547
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385558
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ