ڪتاب جو نالو: خانه بدوش جو خواب..... گورک
مصنف: سهيل ابڙو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 23 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 755 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 204 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”خانہ بدوش جو خواب ... گورک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھيل ابڙو پاران سنڌ جي سونھن گورک ھل بابت لکيل ٻن سفرنامن تي مشتمل آھي.
گورک سنڌ جي سونھن آھي جيڪو گرم ڏينھن ۾ بہ مريءَ جھڙي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري ٿو. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ کي سھيل ابڙي ٻہ دفعا ڏٺو، پرکيو، سکيو ۽ ان جي سونھن سان گڏ بيوسي ۽ لاچاريءَ تي بہ لکيو آھي. سندس لکڻ جھڙو نثري نظم ھجي. اسان سڀني کي سنڌ جي سھڻن ماڳن بابت ايئن ئي سفرنامي جي صورت ۾ لکڻ گھرجي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پهريون سفر ــ مئي 2008ع

  • خانه بدوش جو خواب... گورک
  • نعرئه مستانه... هي نعرو ڀلا ڪنهن ڪنهن لڳايو
  • گورک تي پهريون قدم
  • گورک تي تقريرون
  • ٺرندڙ رات، ٻرندڙ مچ ۽ موسيقيءَ جي محفل
  • رات کان پوءِ رچيل رنگن جي راند
  • گورک ـ هڪ گورک ڌنڌو
  • گورک جو صبح
  • گورک ڪوھ مري آهي ـ هڪ استعارو
  • ٻيو سفر ـــ جولاءِ 2014ع

  • خبرون آيون پئي...
  • گورک جو ڪارپيٽ ـ ڪيٽ واڪ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ
  • صبح جو پهريون نظارو ـ درشن ڌاروڌار
  • گورک تي ٻيو صبح... ٽيرس تي ٽهل ٽڪور ٿئي ٿي
  • کيل ختم ـ پئسا هضم
  • واپسيءَ جو سفر... نه سفر ختم ٿيو نه خواري
  • سنجھا کان پوءِ ڦٽي پيل باک

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. ___
    خانه بدوش جو خواب..... گورک
    (سفرنامو)
    سفرنامه نِگار: سهيل ابڙو
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان احمد چانڊيو ۽ آفتاب احمد نوح پوٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.




    KHANA BADOSH JO KHUWAB’U…… GORAKH
    (Travelogue)
    by: Suhail Abro
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Ahmed Chandio & Fatah Ahmed Noohpoto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.


    ارپنا

    پنهنجي ادبي مرشد
    ۽ ڪمپيئرنگ جي ڪعبي قبلي
    نصير مرزا
    ڏانهن
    مرحوم ڀاءُ صوفي محڪم الدين ٻرڙي
    جي نالي، جن قلمي پورهئي ۾ منهنجي هر وقت
    رهنمائي ۽ همت افزائي ڪئي آهي.

    ــــ سهيل ابڙو
    ننڍڙو فقير


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خانہ بدوش جو خواب ... گورک“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سھيل ابڙو پاران سنڌ جي سونھن گورک ھل بابت لکيل ٻن سفرنامن تي مشتمل آھي.
    گورک سنڌ جي سونھن آھي جيڪو گرم ڏينھن ۾ بہ مريءَ جھڙي ٿڌاڻ جو احساس ڏياري ٿو. سنڌ جي ان خوبصورت ماڳ کي سھيل ابڙي ٻہ دفعا ڏٺو، پرکيو، سکيو ۽ ان جي سونھن سان گڏ بيوسي ۽ لاچاريءَ تي بہ لکيو آھي. سندس لکڻ جھڙو نثري نظم ھجي. اسان سڀني کي سنڌ جي سھڻن ماڳن بابت ايئن ئي سفرنامي جي صورت ۾ لکڻ گھرجي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پهريون سفر ــ مئي 2008ع

    خانه بدوش جو خواب... گورک

    پراڻي زماني جي ڌوڙ ڇنڊيندو، پَرَ سوئيندو
    اڇو ڪبوتر
    گھَر جي منگھ تي ڪندو غٽرغون
    اچي لٿو آ
    سندس چنهنب ۾ آ هڪڙو ڪاغذ.

    پراڻيِ ۽ زنگيل سائيڪل هلائي
    ’چون چون‘ جا ڪڍندو آواز ٽپالي
    در منهنجي تي اچي بيٺو آ
    سندس ٿيلهي ۾ آ هڪڙو ڪاغذ..

    موبائيل فون جي اسڪرين تي
    بتي ٻري ٿي
    ڪجھه لڪيرون ٿين ٿيون ظاهر
    ۽ ٺهي پوي ٿو هڪڙو ڪاغذ...


    اهو ئي ڪاغذ
    آ ساڳيو ڪاغذ
    سمايل آ جنهن ۾ ساڳي خوشبوءِ
    هُڳاءُ ساڳيو، رچاءُ ساڳيو
    پيام ساڳيو، بنام ساڳيو
    نينڍ به ساڳي، ڪلام ساڳيو
    خانه بدوش جي دل چريءَ کي
    مليو گورک جو سلام ساڳيو

    سنڌ جو هڪڙو ماڳ آ گورک
    سنڌ جو شايد ڀاڳ آ گورک
    اچي پسي وڃ تون تعبير ان جي
    خانه بدوش جو خواب آ گورک...


    نعرئه مستانه... هي نعرو ڀلا ڪنهن ڪنهن لڳايو

    مئي جي موتمار گرمي، گاڏيءَ جي شيشن سان مٿو ٽڪرائي، مايوس ٿي واپس موٽي پئي وئي... ڇاڪاڻ جو ’جمنيءَ‘ جي ايئرڪنڊيشنڊ بلڪل جوان هئي... ڪنواري ۽ Un-Touch.
    گاڏيءَ ۾ هلندڙ عابده پروين جو ڪلام ’مين نعرئه مستانه‘ ويٺلن جي دل جو ئي آواز هو. ڇاڪاڻ جو واهي پانڌيءَ وارو موڙ مڙي هُنن ئي ته اڪيلي سر هن سفر جو جوکم پنهنجي سر تي کنيو هو ۽ جيڪڏهن ايئن هو ته پوءِ نعرو ته اوس لڳڻو هو. سو ’مين نعرئه مستانه‘.
    مگر هي نعرو صرف گاڏيءَ ۾ ويٺل مستن جي دلين جو آواز ته نه هو. هن گاڏيءَ کي به ساڳيا ئي خمار هئا. سائين ته سائين... پر سائينءَ جي گاڏي به سائين. سو مست ته مست پر مستن جي گاڏي به..... ۽ پاڻ ڀلا هن گاڏيءَ کي مست ڇو نه سڏيون...؟ جو جڏهن سندس جيڏيون ۽ کائنس سگھاريون سرتيون، آسمان جي اوچاين تان... پنهنجا ٻئي فانوس ٻاري هيٺ لهي رهيون هيون ته رڳو هيءَ پتڪڙي ئي... مستن واري مام پروڙڻ لاءِ رڙهندي رڙهندي آسمان ڏانهن چڙهي جو رهي هئي.
    هيءَ گاڏي مست هئي يا هن ۾ ويٺل سوار بدحواس هئا...؟؟ سا ته خبر ناهي پر... کين هيتري، تِرَ جيتري ڳالهه به سمجھ ۾ نه ٿي آئي ته هي سڀئي گاڏيون اٿلنديون ڦٿلنديون... مٿي ۾ مٽي وجھي... واويلا ڪنديون ۽ پنهنجا حال وڃائينديون... اگر ڪٿان واپس اچي رهيون هيون ته بلاشڪ ان ئي هنڌان...
    جتي وڃڻ لاءِ هي ديوانا... هن مستانيءَ ۾ شام جو سوار ٿيا هئا.
    مگر شام جو...
    شام جو ته هيءَ گاڏي بلڪل نارمل هئي. پنهنجي ايئرڪنڊيشنڊ وانگر... ڪنواري ۽ Un-Touch. تڏهن ئي ته انهن چئن مان هڪڙي، گاڏيءَ جي بانيٽ جي پٺي ٺپري پنهنجي رولاڪيءَ جي لغت وارو مخصوص جملو گاڏيءَ جي نذر ڪيو هو ته ’هل ڙي... جمني! اڄ تنهنجو طهر ڪرائي ٿا اچون‘... ۽ جمني به طهر واري پاٽ تي ويهڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي.
    ته ڀلا! ان جمنيءَ لاءِ پاٽ سجائڻ وارن جا حواس وري قطعي طور تي سالم هئا...؟؟
    نه... بلڪل نه...
    جي سالم هجن ها ته انهن مان هڪڙو L.L.B جو پيپر ڏئي گھر موٽيو هجي ها ۽ مزي سان (A.C) روم ۾ Rest ڪري رهيو هجي ها يا ڪا وڊيو گيم کيڏي رهيو هجي ها... ٻيو؛ پنهنجي ڳورهاري ونيءَ سان حيدرآباد وڃي وصل جو وچن پاري رهيو هجي ها ۽ ٻن مهينن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ پنهنجي پهرين ٻار جو نالو سوچي رهيو هجي ها... ٽيو؛ مغرب ۽ عشاءَ واريون نمازون پڙهي پنهنجن ٻارن کي ڀاڪر پائي سمهڻ جي تياري ڪري رهيو هجي ها... ۽ چوٿون؛ غالب ِسنڌ ’فيض بخشاپوري‘ جي ياد ۾ ٿيندڙ مشاعري ۾ ’واھ واھ‘ ڪري رهيو هجي ها.
    ته... ريڊيو پروڊيوسر عرفان علي انصاريءَ جي هڪ ئي غير رسمي دعوتيه جملي ۽ پندرهن منٽن جي نوٽيس تي پنهنجي طئي ٿيل تمام پروگرامن کي Dust Bin ۾ اڇلي... اگر هنن جمنيءَ لاءِ طهر جي پاٽ کڻي سجائي هئي ته پڪ سان سندن حواس قطعي طور تي سالم نه هئا.
    هي چارئي مخبوط الحواس هئا... جو جڏهن عرفان علي انصاريءَ آفيس مان ويندي ويندي گورک ڏانهن هلڻ واري دعوت جو مٿاڇرو جملو هوا ۾ اڇلايو هو... ته اڃان ان وقت ريڊيو اسٽيشن جي گھڙيال ۾ (ٽي) به نه ٿيا هئا ۽ اسٽيشن جا سڀئي واش روم به خالي هئا. جو مشاهدئه نصيرمرزا جي... ته ’ٽين وڳي ريڊيو جا سڀئي واش روم اندران بند ٿي ويندا آهن.‘ ۽ سبب ان جو اهو... ته ريڊيو جا ملازم... ٻين بجي منجھند جي ماني کائي... ٽين بجي پيٽ کي خالي ڪري پوءِ گھرن ڏانهن روانا ٿيندا آهن.
    سو اڃان ٽي نه ٿيا هئا ۽ ريڊيو ملازمن جي هاضمي واريون مشينون هلي رهيون هيون.
    پر پوءِ... جڏهن ابڙا اسٽريٽ جي چؤسول تي بيٺل جمني طهر ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي بيٺي هئي ۽ اُن ۾ بوتلن جا ٽن، بسڪيٽ، نمڪو، سوپاريون، رليون ۽ وهاڻا سٿجي رهيا هئا ته ٽائيم شام جي پنجن کان به ٽپي ويو هو.
    سو هي چارئي مخبوط الحواس ئي ته هئا. جو هنن ان وقت سفر جو سعيو ڪيو هو جڏهن گورک ڏانهن ويندڙ ٻيا مسافر يا ته گورک تي پهچڻ وارا هئا يا ته ان جي اڌ تائين ته يقيناً پهچي چڪا هئا.

    میں تشنہ کہاں جاؤں۔۔۔
    پی کر بھی کہاں جانا۔۔۔ میں نعرئے مستانہ۔۔۔

    جمني... نازور نازنين جيئن مئڪدي مان خرامان خرامان نڪري اڳيان وڌندي پئي وئي ۽ سامهون جبلن تان ايندڙ گاڏين کي کيڪاريندي ٿي وئي... پر مخالف طرف کان ايندڙ انهن گاڏين جي باري ۾ ديوانن وٽ ڪئي سوال هئا... جن جا جواب به هو پنهنجو پاڻ کي ئي مطمئن ڪرڻ لاءِ ان احتياط سان ڏئي رهيا هئا ته ڪٿي ڪو جواب... سوال جي وزن کان هلڪو نه ٿي وڃي ۽ گورک تي وڃڻ واري آس جي تند ٽٽي نه پوي.
    اميد جي کيس ۾ اٽڪيل اها آس جي تند 1996ع کان ان چوٿين رولاڪ ۽ ڪوريءَ جهڙي من رکندڙ مسافر جي دل جي کڏيءَ ۾ آڏاڻي تي چڙهيل هئي. جيڪو اڄ اگر جمنيءَ جي پوئين سيٽ تي ويٺل نه هجي ها ته يقيناً فيض بخشاپوريءَ جي ياد واري مشاعري ۾ پوئين نشست تي ويٺل هجي ها... ۽ هي به ته قادر جو عجيب ڪرشمو آهي جو ان آس نسرڻ کان سواءِ به هن خانه بدوش جي من ۾ سدائين ڪئي آسون پيدا ٿينديون رهيون آهن. جيڪي ڪڏهن گلگت... ڪڏهن اسڪردو... ڪڏهن هنزه... ته ڪڏهن چترال جي چرخي تي چڙهي ان کيس جو حصو بڻجي ويون آهن. جنهن کيس جي باري ۾ خانه بدوش جو ذاتي خيال اهو آهي ته فطرت جي سمورين حسناڪين سان سجايل اهو کيسُ؛ فطرت پاران هُن کي سندس مرتيي تي ڪفن جي مٿان پارايو ويندو.
    پر گورک هل تي وڃڻ واري آس جي اها تند... نه ڄاڻ ڇو سندس آڱرين ۾ اچڻ کان لنوائيندي رهي ۽ هو چاهيندي به ان کي پنهنجي کيس ۾ ٽانڪي نه سگھيو هو. پر اڄ سندس ان کرڌري کيس ۾ اها تند ٽانڪجڻ واري هئي... جنهن جي آس کيس گذريل ٻارهن سالن کان وٺي هئي ۽ اڄ هو به انهن ديوانن ۾ شامل هو بلڪه هو ئي ته ان چؤياري جو چيف ديوانو هو ۽ فيض بخشاپوريءَ جي مشاعري ۾ واھ واھ ڪرڻ بدران جمنيءَ جي پوئين سيٽ تي سينڊل لاهي... آلٿي ڀڃيو... نمازن پڙهڻ واري پنهنجي سؤٽ طاهر ابڙي سان گڏ ڏاڍي مزي سان ويٺو هو.
    ۽ ڀلا!! جمنيءَ ۾ سندس اڳيان واري سيٽ تي ڪير ويٺل هو..؟ جمنيءَ ۾ خانه بدوش جي اڳيان واري سيٽ تي به سندس ئي سؤٽ ويٺل هو، جيڪو به ساڻس گڏ ڪيترن ئي سفرن جو ساٿاري ٿي رهيو آهي ۽ زيارت کان پري ’سنڊي من تنگي‘ آبشار وٽ هڪ غار ۾ گڏ هلڻ جي ڪري سندس يار ِغار به آهي ۽ مون کي ياد آهي ته رولاڪ من جي پنهنجي شاديءَ تي سجايل سهرن جي محفل ۾ ’نازلطيفيءَ‘ سندن دوستيءَ جي باري ۾ هيءَ مطلع به پڙهي هئي ته...

    پڙهان مسرت جي عالم ۾ ٿو ابنِ يار جا سهرا
    ٻَڌم خوش ٿي جميل ابڙي جي يارِ غار جا سهرا

    پنهنجي ونيءَ کي وصل جو آسرو ڏئي ڦِري ويل جميل... خانه بدوش جي اڳيان واري سيٽ تي ويٺل هو.
    جمنيءَ جا اهي خمار جنهن ڊرائيور جي هٿن ۽ پيرن جي حرڪت جي ڪري قائم هئا... اهو به خانه بدوش جو پڪو يار هو ۽ سندن ويجھي ماضيءَ وارا سمورا سفر گواھ آهن ته اگر اهي رولاڪ من جي ان کيس جو حصو بڻيا آهن ته ان جو وڏو سبب سندس پيارو سؤٽ عقيل ابڙو آهي. جنهن پنهنجو L.L.B وارو پيپر وڃائي... رولاڪ من ۾ پيدا ٿيل ان آس واري تند جي ٽانڪجڻ کي يقيني بڻايو هو ۽ يقين ڪريو ته جيڪڏهن اڄ به عقيل هلڻ جي حامي نه ڀري ها ته ان اڻ ڪر يا ڪوري مسافر جي کرڌري کيس ۾ گورک جي اها تند شايد ڪڏهن به جڙي نه سگھي ها... ته ديوانن جي دلين ۾ جيڪڏهن ڪا رونق هئي ته بس فقط عقيل جي ڪري ئي هئي ۽ عقيل جي هٿن ۾ ڇا هو..؟ سندس ساڄي هٿ ۾ اسٽيئرنگ ۽ کاٻي هٿ ۾ گيئر... گاڏي ۾ ويٺل اناڙي ڊرائيورن ۾ ماهر ڊرائيور... ۽ مون کي ياد آهي ته هالا کان ناراڻ تائين جو هڪڙو سفر اسان هنڊائي ڪار جي ذريعي ڪيو هو ۽ اها ڪار رستي تي جتي به هلڻ کان نابري واري ٿي بيٺي ته عقيل ان جي هيٺان ليٽي کيس مستريءَ تائين هلڻ جي لائق ٿي بڻايو. عقيل انهن ڏينهن ۾ مختيارڪار هو ۽ سندس انهن خدمتن عيوض اسان جي ان سفر جي هم سفر ’راجا‘ کيس ’مختيارڪار ڪم ڊرائيور‘ جو خطاب ڏنو هو. پر اها ڳالهه 2005ع جي هئي ۽ هاڻي ته سرڪار بهادر کيس پروموشن ڏيئي D.D.O بڻايو آهي ته سندس ڊرائيونگ جي هنر ۾ به اوهان پڪ ڄاڻو ته ڪجھه اضافو ئي ٿيو هوندو ۽ اهو ئي سبب هو جو جمنيءَ کي هن پل صراط جو رستو طئي ڪرائڻ لاءِ جنهن ٻڪري جو انتخاب ڪيو ويو هو... اهو عقيل هو.
    پر اهو رولاڪ من، اڻ ڪر يا ڪوري ڪير هو...؟؟
    عام طرح سان ڪوري يا اڻ ڪر اهو ماڻهو هوندو آهي... جنهن وٽ پنهنجو آڏاڻو، چرخو، ڌاڳو، ناڙيون، سٽ، کڏي ۽ ٻيو ضروري سامان هوندو آهي. جنهن مان هو مختلف مرحلا اڪارڻ کان پوءِ ڌاڳي کي ڪپڙي يا کيس ۾ تبديل ڪندو آهي. پر اسان واري هن خانه بدوش ڪوري منَ جو ته جهان ئي عجيب آهي... توڪل جي ترهي تي هيءُ ته بس... پنهنجي خواهشن جا ڌاڳا ۽ چاهتن جون ناڙيون، عرش تي ويٺل ڌڻيءَ جي چرخي ڏانهن... دعائن جي روپ ۾... هوائن وسيلي موڪلي ڇڏيندو آهي ۽ اهو ئي مالڪ ازوجل... قبوليت واري ائٽ تي ڪا تند تخليق ڪري سندس کرڌري کيس ۾ ٽانڪجڻ جو مڪمل بندوبست ڪري ڇڏيندو آهي... ۽ جيڪڏهن اڄ ان کيس ۾ سيف الملوڪ جي پاڻيءَ ۾ پسيل ۽ سياچن جي برف ۾ رنڱيل ڌاڳن سان نانگا پربت، شوگران، لالازار، هنزه، ڪالام، سوات، راما، تريشنگ، ديوسائي، هوپر، خپلو، نگر، گنيش يا ڪئلاش تائين جا ڪي گل نقش ٿيل به آهن ته پڪ ڄاڻو ته ان ۾ سندس ڪو ڪمال ڪونهي ۽ اهي گل فقط ۽ فقط خدا سندس بي لوث چاهتن جي عيوض ئي کرڌري کيس ۾ ٽانڪرايا آهن... وگرنه... هن اڻ ڪر وٽ ته نه آڏاڻو آهي نه وري چرخو... نه کڏي آهي نه ئي وري ڪو ڌاڳو... بس! ايترو سو آهي ته سندس قدرت سان محبت سچي آهي ۽ اهو سڀ ڪجھه ان سچي محبت جو ئي صلو آهي جو اڄ به پاڻ انهن چئن مان هڪڙو هو جيڪي چار گورک جا گلاب چمڻ لاءِ جمنيءَ ۾ جھٽڪا کائي رهيا هئا.
    پر... اهو اڻ ڪر يا خانه بدوش ڪوري آخر ڪير هو...؟؟؟
    ته اهو سڀ ڪجھه ... آئون پاڻ ئي آهيان.
    ۽ رات جي اونداهيءَ ۾... واهي پانڌي شهر مان گورک ڏانهن ويندڙ رستي پڇڻ بعد گاڏيءَ کي کاٻي پاسي موڙ کائيندو ۽ ’گورک 50 ڪلوميٽر‘ (هاڻي 54 ڪلوميٽر) وارو بورڊ ڏسي آئون سينڊل لاهي، آلٿي ڀڃي بي اونو ٿي ويهي رهيو هوس. رات هئڻ جي ڪري مون کي منظرن ۾ گم نه ٿيڻ جي پريشاني ته اوس هئي پر ان کان به وڌيڪ انتظار ڪنهن ٻي شيءِ جو هو. جو... جوهي ۽ واهي پانڌي يا سموري اتر سنڌ جي تتل وجود ۾ ان جو ظهور منهنجي لاءِ ڪنهن معجزي کان گھٽ نه هجي ها... سو مون کي ان رات انتظار هو ته انهي معجزي جو... جيڪو نه ڄاڻ ڪٿي ظهور پذير ٿي اسان کي نظر اچڻو هو يا اسان سان ٽڪرائڻو هو.
    واهي پانڌيءَ وارو موڙ مڙي... کاول لڪ ڏانهن وڃڻ واري هيءَ اسان جي آخري ۽ اڪيلي گاڏي هئي... جيڪا رستي جا پٿريلا هموار موڙ ڪاٽيندي... وچٿري رفتار سان هلي رهي هئي... ۽ جيسيتائين گاڏيءَ جي روشني، منهنجي نظر کي سهاريندي اڳيان وٺي پئي وئي ته ان سموري مختصر مفاصلي ۾ ڪوهستاني پٿرن سان سجايل پٿريلي ڌرتي ۽ ان تي ڪاري نانگ جيان ور وڪڙ کائيندڙ رستو وڇايل نظر پئي آيو جيڪو ڪنهن مهل کاٻي ته ڪنهن مهل ساڄي پاسي موڙ کائي رهيو هو.
    جمني... ٽئين گيئر ۾ هلي رهي هئي. جنهن ڪري ان جي گوڙ پٿريلي خاموشيءَ ۾ خلل نه پئي وڌو ۽ رستي جي ٻنهي پاسن کان پيل ننڍا وڏا پٿر جيڪي سانجھيءَ کان پوءِ سمهي رهيا هئا ته اهي ستل ئي رهيا هئا... ۽ اسان جي گذرڻ جي خبر فقط ننڊ جي ان ڪچي پٿر کي ئي پئجي پئي سگھي جنهن جي اک روشنيءَ تي کُلي ٿي پئي... سو اسان جي سفر جا گواھ فقط اهي ئي پٿر هئا، جيڪي هجر جي هورا کورا ڪري ڪچيءَ ننڊ ۾ ستل هئا ۽ جمنيءَ جي روشنيءَ سندن من کي بي چين ڪري ٿي وڌو ۽ هو اٿي ڪنهن پٿريءَ جي ياد ۾ ڪو راڳ آلاپڻ ٿي لڳا ۽ مون کي پڪ آهي ته ايئن ضرور ٿيو هوندو... جو اگر انساني دليون پٿر جون ٿي سگھن ٿيون ته ڪجھه پٿرن کي به ته دل ٿي سگھي ٿي... سو بس! اهي ديوانا پٿر ئي اسان جي سفر جا سچا گواھ هئا.
    پر ياد آيو!! رات جي ان سانت ۽ اڪيلائيءَ ۾ ڪجھه گواھ ٻيا به ته هئا... جيڪي اسان جي نظر کان اوجھل ئي سهي پر اسان جي تعاقب ۾ ضرور هئا. دراصل کاول لڪ ڏانهن ويندڙ پٿريلي زمين... جمنيءَ جي هيڊلائيٽس جي روشنيءَ ۾ سون جهڙي چمڪندڙ بڻجي ٿي وئي ۽ زمين تان اکيون مٿي کڻڻ سان اها روشني آسمان جي اونداهيءَ ۾ الوپ ٿيندي نظر ٿي آئي... ۽ گاڏيءَ ۾ پويان ويهڻ جي ڪري يا آسمان جي اونداهيءَ سان مقابلو ڪندڙ هن روشنيءَ جي ڌنڌ جي ڪري آسمان تي ٽم ٽم ڪندڙ ستارا ڀلي ته منهنجي نظر جي فوڪس ۾ نه پئي اچي سگھيا پر جمنيءَ جي ڇت مٿان ته ضرور اڀري آيا هوندا. سو وشال آسمان جي ان ٽڪري تي جتي اسان هئاسين، ان جي مٿان بيٺل ٽيڙو... کٽ... کوهه ۽ ٻيا هزارين ستارا اهڙا هئا جيڪي اسان جي همٿن کي ساراهيندي... پنهنجي مڌر روشنيءَ جو خيرات اسان کي دان ڪري رهيا هئا. اسان جي سفر جا ٻيا گواھ اهي ستارا به هئا.
    پنهنجي گھر جي اڱڻ ۾ گذاريل اڪيلائيءَ جي ڪيترن ئي راتين ۾ مون کي اهي ستارا ڏسي لتا جو هڪڙو ئي گانو سار ۾ ايندو رهيو آهي ۽ آئون پنهنجي بي سري آواز ۾ اهو گانو سدائين آلاپيندو رهندو آهيان.

    پریشاں رات ساری ہے۔۔ ستارو تم تو سو جاؤ۔۔۔

    ۽ اهي ستارا... ان رات به جمنيءَ جي لوهي ڇت مٿان ضرور ڪٿي موجود هئا... مگر مون کي نظر نه ٿي آيا. پر بِال فَرض اهي مون کي نظر اچي به وڃن ها ته به اهو گانو منهنجي بي سُري گلي مان ڪڏهن به صدا بڻجي نه اڀري ها... جو ان رات اسان کي انهن ستارن جو به سهارو عزيز هو... ڇاڪاڻ جو جمنيءَ جي روشنيءَ ۾ اگر ڪنهن ديواني پٿر جي اک کلي به ٿي ته اهو اتي ئي بت بڻيو بيٺو ٿي رهيو... پر هي ستارا ته اهي سهارا هئا جيڪي جمنيءَ جي هر موڙ تي پاڻ به موڙ کائي اسان سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلندا ٿي هليا... سو جيڪڏهن ان رات اهي ستارا مون کي نظر اچي به وڃن ها ته آئون لتا جو اهو گانو هرگز نه ڳايان ها.
    واهي پانڌيءَ واري موڙ کان پوءِ اسان تقريباً پندرهن ڪلوميٽر کن سفر هن ئي رستي تي طئي ڪيو هوندو. جيڪو هڪ عام ڪوهستاني رستي جيان هو. مگر پوءِ... هڪ وڏي موڙ کائڻ کان پوءِ اسان کي رستي تي ڪجھه تبديلي محسوس ٿي ۽ سامهون اونداھ ۾ ٻڏل ۽ اُڀو ٿيل هڪڙو وڏو ’داغ‘ نظر آيو جنهن کي ڏسي جميل... شايد ننڊ جي خمار ۾... پر وڏي دانهن ڪئي ته اڙي... هو سامهون ڏسو ڪَڪَرُ...
    ۽ مون يڪدم ان ڪڪر جو مشاهدو ڪرڻ شروع ڪيو.
    ڪوھ مريءَ جي اوچاين تي بيهي هيٺ ڏٺل ڪاري ڪڪر جي حجم جهڙو هڪڙو وڏو داغ واقعي به سامهون وچ ئي وچ تي بيٺل هو... ۽ جنهن جي ٻئي پار ڪجھه به نظر نه پئي آيو... ته ڇا واقعي جميل صحيح سڃاتو هو ۽ اهو اوچائين تان لهي آيل ننڍو ڪڪر هو...؟؟ منهنجو منطقي دماغ يڪدم حرڪت ۾ آيو ته گورک هل ـــ 50 ڪلوميٽرن جي بورڊ وارو سفر اڃان ته اڌ به طئي نه ٿيو هو... اوچائيءَ جي ڪا چوٽي ته پري پر ڪنهن جبل جي ڪا پاڙ به اڃان نظر نه آئي هئي... جمنيءَ ۾ اگر ٿڌڪار هئي ته به ان ۾ هلندڙ شاندار ايئرڪنڊيشنڊ جي ڪري... ته هي ڪڪر... هن هيٺاهينءَ تي اول ته هوندو ڪونه... پر جي آيو ته به ڪٿان آيو هوندو...؟ ۽ پنهنجي نظر کي زوم ڪري مون ان ڪاري داغ ڏانهن جو نهاريو ته مون کي سامهون ڪو ڪڪر نه پر جابلو رستي شروع ٿيڻ جي نويد نظر آئي... ۽ اها نويد ڀلا ڪهڙي هئي...؟؟ ته اها هئي... پنهنجي ولر کان وڇڙي ويل ڪونج جهڙي هڪ ٽَڪري... جيڪا جابلو رستي شروع ٿيڻ جي خبر بڻجي... ٻين ٽڪرن ۽ پهاڙن کان رُسي... جدا ٿي... يا شايد شهر ڏانهن وڌڻ جي چاھ ۾ اڳيان ٿي بيٺل هئي. اها ٽڪري... جنهن وٽ گورک هل فيسٽيول جي ڪري عارضي يا شايد اتي جي مڪينن جي حفاظت خاطر مستقل... پر ٻن ڄڻن تي مشتمل پوليس چوڪي پڻ هئي... ۽ ان سنگ ميل کي ڏسڻ سان اسان جي اکين ۾ هڪ چمڪ پيدا ٿي وئي ۽ اسان جي شاطر دماغن پنهنجو پاڻ کي ’هوشيار باش‘ جو آرڊر ڏئي ڇڏيو... جو رولاڪيءَ واري لغت ۾ هاڻي اچڻ واري جهان ۾ اهو اڪيلو ڊرائيور ڊرائيونگ ناهي ڪندو جنهن جي هٿ ۾ اسٽيئرنگ هوندو آهي... پر ان سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويٺل سڀئي ساٿي اکيون کولي رستي جي رازن نيازن جو مشاهدو ڪري کيس صلاحون ڏيندا هلندا آهن... ڇاڪاڻ جو ڪڏهن ڪڏهن غيرمانوس رستي جو ننڍڙو لاڏ يا دوکو زندگي لاءِ ڏاڍو اوکو بڻجي ويندو آهي.
    جميل جي پسنديده C.D... جيڪا سندس ٿيلهي ۾ مختلف ڪريمن، لوشنن، ڪاٽن بال ۽ وارن کي لسي ڪرڻ واري ’اسٽريٽ مشين‘ وانگر هر سفر ۾ ساڻس گڏ گڏ هوندي آهي ۽ اسان جي سفر کي مڪمل رومانٽڪ رکندي آهي... ان رات به جمنيءَ جي پليئر ۾ هلي رهي هئي.

    دیکھا ایک خواب تو یے سلسلے ہوے
    دور تک نگاہوں میں ہیں گل کھلے ہوے

    هن رستي تي گل ته خير ٽڙيل نه هئا... پر گاڏيءَ جڏهن اهو ٽڪر ڪراس ڪري هلڪو ٽرن کاڌو ته ٽئين گيئر مان ٻئي گيئر ۾ شفٽ ٿي وئي... ۽ روڊ جي بدن تان وري ڏامر جي چمڙي اٿلڻ لڳي ۽ ان مٿان پٿرن جو ڇاپاڪو ظاهر ٿيڻ لڳو.
    هتان کان جيتوڻيڪ چڙهائي ته معمولي پئي شروع ٿي، پر رستي جي جيڪا صورت حال هئي ان جي ڪري اسان جمنيءَ ۾ ايئن اٿلڻ پٿلڻ لڳا هئاسين. جيئن ڦلن ٺاهڻ واري مشين ۾ ڦلا ٽچڪندا آهن. اسان پنهنجي پنهنجي سيٽن تي اها غيرفطري ڊانس ڪري رهيا هئاسين ته اوچتو جمنيءَ جي انجڻ بند ٿي وئي ۽ سندس سڀئي نشا اڏامي ويا.
    پٿر شهر ۾ مچيل ڀونچال پل لاءِ ماٺيرو ٿي ويو.
    اسان جي آنڊن، گڙدن پنهنجي پنهنجي جڳھ ورتي.
    ۽ جمني ساھ پٽڻ لاءِ بيهي رهي.
    مگر اهو سڀ ڇو ٿيو...؟ سامهون ڇا هو...؟؟ جيڪو ڏسي... عقيل گاڏي بند ڪري پنهنجو هٿ کڻي کاڏيءَ تي رکي ڇڏيو هو.
    سائين طاهر... ننڊ مان ڇرڪ ڀري چيو... ابا... ڇا ٿيو...؟؟
    ۽ جميل... چپن ۾ ڀڻڪيو... وڃ ڀيڻا!!!
    سامهون ڇا هو...؟
    ڪو ريل جو ڦاٽڪ...!!
    نه...
    ڇاڪاڻ جو هن جابلو رستي تي جتي حڪومت ڏامر جو رستو ئي نه ٿي ٺاهي يا Maintain ڪري سگھي... ته ريل جو ٽرئڪ وڇائڻ ته هنن جي ابن ڏاڏن جي پهچ ۾ به نه هوندو.
    ها البته... اگر... انگريز حڪومت 1947ع ۾ هن ملڪ جون واڳون هنن ڪاهلن جي حوالي ڪري نه وڃي ها ته اسان کي هي روڊ رستا به عاليشان صورت ۾ ملن ها ۽ گڏوگڏ گورک تي پهچڻ لاءِ ريل جا شاندار ٽرئڪ به ٺهيل ملن ها.
    پر في الوقت وزير اعليٰ ٿي رهندڙ ۽ سنڌي وزيرن جي علائقي جي هن نرالي هِل اسٽيشن جو هي واحد رستو سندن سنڌ ڌرتيءَ سان سچائيءَ جو زندھ ثبوت بڻيل آهي... سو هتي ريل جي ڦاٽڪ هئڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو.
    ته پوءِ آخر سامهون ڇا هو...؟؟
    ڪنهن لوڪ ڪهاڻيءَ جي پنن مان جاڳي پيل ڪو ديوُ... جيڪو شهر مان تازي ساماڻيل اپسرا کي کڻي پنهنجي سلطنت ڏي وڃي رهيو هو ۽ اسان جي گاڏيءَ سامهون اچي ويو هو... جنهن کي ڏسي جمنيءَ جا سڀئي نشا اڏامي ويا هئا ۽ عقيل گاڏي بند ڪري پنهنجو هٿ کڻي کاڏيءَ تي رکي ڇڏيو هو.
    اهي ٻئي منهنجا خيال هئا جيڪي جمنيءَ جي بيهڻ سان منهنجي ذهن ۾ اچي ويا هئا.
    پر حقيقت ۾ سامهون ڇا هو...؟؟؟
    سامهون... هڪ Culvert هو. آبپاشي نظام ۾ وهندڙ پاڻيءَ کي وڏي پائيپ جي ذريعي رستي تان ٽپائڻ لاءِ Culvert / ’بند نالِي‘ تعمير ڪئي ويندي آهي. اسان جي هر رستي تي سوَن جي تعداد ۾ اهي Culverts تعمير ٿيل هوندا آهن... جن جي مٿان رستو وڇايل هوندو آهي ۽ اسان رستي تان گذرڻ وقت انهن Culverts کي محسوس ئي ناهيون ڪندا... ته جيڪڏهن واقعي به Culvert ڪا خاص ڳالهه آهي ئي ڪا نه ته پوءِ جمني ان کي ڏسي پنهنجا هوش ڇو وڃائي ويٺي هئي...؟؟؟
    ته ان جو سبب اهو هو جو... رستو ته هتي اڃان ٺهيو ئي ناهي يا شايد ٺهيو به هجي ته فقط ڪاغذن ۾... سو... هاڻي جڏهن هتي رستي ٺهڻ جا حقيقي سانڀارا هئا ته ان کان پهرين ته اهي Culvert ئي تعمير ٿيڻا هئا... ۽ هي Culvert به زمين کان ٻه فوٽ مٿي RCC سان تعمير ٿي رهيو هو ۽ ان کان پهرين هئي پنج ـــ ڇهه فوٽ جي اونهي کَڏَ... جنهن کي ٽپڻ جو دم اسان جي جنميءَ ۾ هئو ئي ڪونه... ۽ ان ڪري کيس ڏسندي ئي سندس سڀ نشا اڏامي ويا هئا.
    جمني ساھ پٽڻ لاءِ بيهي رهي.
    اسان جون اَٺَ اکيون اهو پيچرو ڳولهڻ لڳيون... جتان کان لنگھي اسان هن Culvert بلا جي ڏنگ کان پاڻ بچائي نڪري سگھون ها... ۽ هيءُ ئي اهو لمحو هو... جڏهن اسان ٽن گاڏين جو مختصر قافلو مخالف طرف کان پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺو... ۽ ڏاڍي مزي سان ايندي ڏٺو... جو اسان کي يقين هو ته هي ضرور اهو ئي گس وٺي هن Culvert کي ڪراس ڪندو... جيڪو گس اسان ڳولهي رهيا هئاسين. ان ڪري اسان ان گس جي اجائي ڳولها ختم ڪئي ۽ گاڏيءَ کي Reverse ڪري... مٿان کان ايندڙ گاڏين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين ۽ انهن جي ڪراسنگ بعد ان پيچري تي لڙياسين جتان کان هو پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏينديون لٿيون هيون.
    اسان جي گاڏي... ڇاپاڪي واري رستي تان لهي... ساڄي پاسي مڙي... سامهونءَ واري ٽڪريءَ ڏانهن وڌي ۽ ان جي پاڙ سان کاٻي طرف موڙ کائيندي... Culvert کان پنجاھ ميٽر کن پريان گذري کيس ڪراس ڪري وري کاٻي مڙي ساڳي روڊ تي چڙهي پئي... جيڪو روڊ Allergy لاهڻ واري گوري ’Avil‘ کائي وري سڌو ٿي پيو هو.
    ٻنهي طرفن کان ٽڪرين جي گھيري ۾ آيل رستو هاڻي مسلسل اوچو ٿي رهيو هو... ۽ اوچاين تان وري اسان کي هڪ ٻئي قافلي جون روشنيون واپس ايندي نظر آيون. هي قافلو... ڪجھه دير اڳ گذريل قافلي کان وڏو پئي محسوس ٿيو ۽ شايد هيءُ ئي اهو قافلو هو جنهن جي باري ۾ اسان وائرليس جي چئنل 9 تي بار بار اهو اطلاع ٻڌي رهيا هئاسين ته ’گاڏي وي. آءِ. پي سان گڏ هيٺ لهي رهي آهي. ٿورو صبر ڪريو‘... ۽ هي قافلو به اسان کي اتفاقاً هڪ ٻئي Culvert جي ساڳي طرز واري تعمير وٽ گڏيو ۽ اسان هڪ دفعو وري قافلي کي گذرڻ لاءِ بيهي جڳھ ڏني... قافلي جون سترهن گاڏيون، جمنيءَ جي هيڊ لائيٽس جي فوڪس ۾ اچڻ کان پوءِ گذرنديون ٿي ويون ۽ اسان انهن ۾ ويٺل چند معروف آفيسر سڃاڻي پڻ ورتا. قافلي جي گذرڻ بعد... جمني ساڳي ئي نموني سان هي Culvert به ڪراس ڪري ورتو. پر واپس ٿيندڙ گاڏين کي ڏسي منهنجي روايتي سوچ ساڳي نه رهي... ان ۾ غير معمولي تبديلي واقع ٿي وئي. ٿيندو هميشہ ايئن آهي جو عموماً آئون جڏهن به ڪوھ مريءَ واري رستي تي مريءَ ڏانهن ويندڙ هوندو آهيان ته مريءَ مان واپس ورندڙ گاڏين کي وڏي حسرت سان ڏسندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته هي ماڻهو گذريل ڏينهنِ ۾ مٿي الائي ڪهڙا ڪهڙا منظر ۽ نظارا ڏسي واپس ٿي رهيا آهن... ۽ وري جڏهن آئون خود واپسيءَ واري رستي تي هوندو آهيان ته سڄي واٽ اهو وهم ورائيندو آهي ته هاڻي مٿي چڙهندڙ ماڻهن جي مقدر ۾ قسمت جي ديوي الائي ته ڪهڙن لؤنگ ڦوٽن وارو ٿالهه سجائي ويٺي هوندي.
    پر ان رات هن قافلي کي واپس ورندو ڏسي مون کي اهو روايتي ساڙ بلڪل نه پئي ٿيو ۽ مون اهو قطعاً نه پئي سوچيو ته هي سڀئي گورک جي ڪوٺي تان منظرن جي خاموش طوائفن جا بي نقاب چهرا ڏسي واپس ٿي رهيا هئا... پر خلافِ طبع... ستائي رهيو هو ته صرف ۽ صرف اهو خيال... ته راڳ سرود جي محفل شروع ٿيڻ کان اڳ ۽ جام جي دؤر هلڻ کان پهرين هي سڀ مٿان کان هيٺ ڇو اچي رهيا هئا...؟ جو منهنجي خيال ۾... ۽ وائرليس تي مسلسل وصول ٿيندڙ پيغامن جي حساب سان مٿي گورک تي موسم ٿڌي هئي ۽ مهمان به موجود هئا... ته پوءِ هي آفيسر ۽ معززمهمان شايد ننڊ جا سودائي هئا يا ته وري وٽن سجنيءَ کي سڻائڻ لاءِ ڪو بهانو نه هو ۽ ان ڪري ئي هو گورک تي فقط ماني کائڻ کان پوءِ پنهنجي نرم بسترن ڏانهن واپس روانا ٿي رهيا هئا... جو گورک جي وشال بدن تي کين متان ننڊ نه اچي سگھي. شايد ايئن ئي هوندو... شايد ڇا... يقيناً ايئن ئي هوندو. پنهنجي ذهن کي تسليءَ جي ووڊڪا ڏيئي مون ڪولر مان پيپسيءَ جو ٿڌو ٿيل ٽِن ڪڍي نه فقط پاڻ پيتو پر جمنيءَ جي ٽائرن کان وري رسي ويل رستي جي ڪري ان مان ڍُڪُ ڍُڪُ پنهنجن ڪپڙن کي به پياريو.
    جمني... هاڻي دانهون ڪندي مڪمل پهاڙي رستي تي اڀي ٿي رهي هئي ۽ وائرليس چئنل 9 جي بدران چئنل 3 جون خبرون جھٽي رهيو هو... ’نصيرآباد، لاڙڪاڻي ۾ ايمرجنسي آهي... محافظ وڳڻ واري روڊ تي آهي... اڪبر ڪنٽرول... اوور.‘
    جابلو ڀرڀريو رستو آهستي آهستي اوچائيءَ ڏانهن وڌي رهيو هو... ڪارن پهاڙن جو هيٺيون حصو جمنيءَ جي هيڊ لائيٽس جي روشنيءَ ۾ سونهري بڻجي ٿي ويو.
    ڀلا! هي پاڻ جو هاڻي مٿي آسمانن ڏانهن پيا چڙهون ته جنهن پاسي اونداھ انڌوڪار نظر پئي اچي ته اوڏانهن ڇا آهي...؟ سائين طاهر جي ان اوچتي سوال تي جمنيءَ ۾ ٽهڪڙو مچي ويو... سائين! اهو رستو جنت الفردوس ڏانهن ويندو آهي. بس! جمنيءَ کي رڳو مڙي ان اونداھ واري پاسي ڪرڻ جي دير آهي.
    (ها... ها... ها...) جمنيءَ ۾ وڏا ٽهڪ ٻرن ٿا. وڏو ڪو(..............) آهين هڪڙي لقب ڏنو.
    واهي پانڌيءَ کان گورک هل تائين جي رستي جو اصل پڙاءُ (ڍاٻو) کاول لڪ آهي ۽ هي رستو جيڪو بلا وارا ور وڪڙ کائي مٿي چڙهي رهيو هو ۽ جنهن تي چڙهڻ لاءِ جمني پنهنجو پورو زور لڳائي رهي هئي ته لڳو ايئن پئي ته... اهو کاول لڪ... يا ته اچي ويو هو... يا ته اچڻ وارو هو. پر سامهون کان ايندڙ گاڏيون هيون... جيڪي قافلن جي صورت ۾ اسان کي ڪراس ڪري هيٺ لهي رهيون هيون. جن جي باري ۾ اسان کي ته کوڙ سارا خدشا هئا ئي هئا پر پڪ سان انهن گاڏين وارا به اسان لاءِ چئي رهيا هوندا ته هيءَ گاڏي مست آهي يا سوار بدحواس آهن... جو کين هيتري، تِرَ جيتري ڳالھ به سمجھ ۾ نه ٿي اچي ته اسين سڀ اٿلندا ڦٿلندا... مٿي ۾ مٽي وجھندا... اگر ڪٿان اچي رهيا آهيون ته بلاشڪ انهيءَ هنڌان... جتي وڃڻ لاءِ هي ديوانا هن مستانيءَ ۾ شام جو سوار ٿيا هئا.
    اسان بجا طور تي ديوانه ئي هئاسين ۽ شايد هوش وارن جي دنيا ۾ ديوانو چيو ئي ان ماڻهوءَ کي ويندو آهي جيڪو فقط پنهنجي دل جي تسليءَ خاطر، هزار خطرا ۽ تهمتون پنهنجي سر تي کڻي به اهڙو ڪم سرانجام ڏئي وجھندو آهي، جنهن کي ڪرڻ لاءِ ڪو به ذي هوش ماڻهو پهرين ته هزار دفعا سوچيندو آهي ۽ سوچڻ کان پوءِ به ان کي ڪري ناهي سگھندو ڇاڪاڻ جو اهو ڪم سندس وقار، عزت ۽ زندگيءَ لاءِ خطري جو باعث هوندو آهي.
    ته اگر کاول لڪ جي اوچاين تان ايندڙ اهي ذي هوش سوار اسان کي ديوانو ۽ بدحواس سمجھي رهيا هئا ته هو بلڪل صحيح سمجھي رهيا هئا ۽ اسان کي به نه ته کانئن ڪا شڪايت هئي ۽ نه ئي وري کين ڏسڻ ۾ به ڪا دلچسپي هئي... اگر هجي ها ته اسين کين هٿ لوڏي ايئن خدا حافظ ڪريون ها جيئن روايتي طور تي ڪينجھر ڍنڍ تي ايندڙ ويندڙ گاڏين وارا هڪ ٻئي کي ڪندا آهن. اسان جي منجھن ڪا به دلچسپي نه هئي. اسان پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هئاسين.
    مگر اوچتو ڪجھه ٿيو هو... ۽ اچانڪ... سامهون کان ايندڙ ٻن گاڏين ۾ اسان جون اکيون کپي ويون هيون ۽ نه فقط منهن تي مرڪ ڦهلجي وئي پر وات ئي ڦاٽي پيا هئا. ته ڀلا ان گاڏين ۾ اهڙو ڪهڙو سامان لوڊ ٿيل هو... جو اهي اسان جي اکين کي ايئن ڀانئجي ويون هيون.
    انهن گاڏين ۾ ڇا هو...؟؟
    فئري ميڊو جي ميدان ۾ ٽڙيل اسٽرابريءَ جا اڇا گل... جيڪي اڃان اسٽرابري ٿيڻ جي مرحلي ۾ هوندا آهن.
    يا... ديوسائي ميدان ڏانهن ويندڙ رستي تي وڏن نالن جو پاڻي... جيڪو جيپن کي آسانيءَ سان گذرڻ ناهي ڏيندو.
    يا... PTDC موٽل راما (استور) جي اها سائي ڇٻر... جنهن تي جڏهن قدم پوندو آهي ته اهو هيٺ تائين هليو ويندو آهي.
    يا... ڪئلاش واديءَ جي بندرن وڻن ۾ پيدا ٿي پيل اهي توت... جيڪي اسان جهڙن مسافرن کي Van جي دريءَ مان جھول ڀري ڏنا ويندا آهن.
    يا... صدپاره ڍنڍ جي پاڻيءَ ۾ پيل اهي سون جا ٽڪرا... جيڪي ڪنهن ڀاڳ واري کي ئي نصيب ٿيندا آهن.
    يا... ڪنهار درياءَ جي يخ ٿڌي پاڻيءَ جون ترندڙ اهي ٽرائوٽ مڇيون... جيڪي سياحن جي فشنگ راڊس ۾ ڦاسڻ کان بچي وينديون آهن.
    يا... شهيد گلي (سري ڪوٽ) جي ان بينام هوٽل جا گھميل ڀڳڙا... جيڪي اسان سخت ڳڙي واري برسات ۾ ڀڄڻ کان پوءِ کاڌا هئا.
    يا... خپلوءَ جي رستي جي ٻنهي پاسن تي بيٺل وڻن مان ڪريل ننڍن سورجن جهڙيون گول زردالون... جيڪي اسان جي جيپ جي ٽائرن ۾ چيڀاٽجڻ کان بچي ويون هيون.
    يا... اسڪردوءَ ۾ برسات کان پوءِ اڀري آيل اهي ٻه انڊلٺون... جيڪي مڪمل اڌ گول جي صورت ۾ ڏسي اسان ڀاڳوند بڻجي ويا هئاسين.
    يا... مرگزار جا اهي تازا ۽ مٺا انجير... جيڪي اسان اتي وهندڙ برف پاڻيءَ جي چشمي مان ٿڌا ڪري کاڌا هئا.
    يا... زيارت جون اهي آلوبخاره سائيز جيتريون رس ڀريل چيريون... جيڪي کائڻ سان اسان جا وات رت جهڙي رس سان ڀرجي ويا هئا.
    يا... هينگلاج جي ڪالي ماتا مندر وٽ دم تي رکيل ديڳ... جنهن جي پچڻ جو انتظار نه ڪيو هئوسين.
    يا... سوات جي وڻن جا تازه ڳاڙها آڙو... جن کي چڪ هڻڻ سان رَسُ واڇن مان وهي نڪرندو آهي.
    يا... اڙڪ ڍنڍ تي پکڙيل انگور ولين جا اهي ڇڳا... جيڪي هٿ سان پٽي کائڻ بدران ڪنڌ مٿي ڪري وات وجھي ولين مان ئي کائيندا آهيون.
    يا... نانگا پربت جي برف پوش چوٽي... جيڪا شاهراهِ قراقرم تي صبح جي ناشتي وقت هميشہ اسان سان گڏ هوندي آهي.
    يا... چمن جو اهو گرم گرم ڪهوو... جيڪو شاهي تختي تي ويهي پيتو هئوسين ۽ جنهن جي جڙي ٻوٽين جي مهڪ رات جو سمهڻ کان پوءِ به اسان جي وات مان نه نڪتي هئي.
    يا... هنزه جي رستي ۾ ايندڙ راڪاپوشي پهاڙ... جيڪو ڪنهن حسين ناريءَ وانگر پهرين نظر ۾ ئي دل ۾ گھر ڪري وٺندو آهي.
    يا... ڪيوائيءَ تي اسٽيپس ۾ لهندڙ آبشار... جنهن جو هر اسٽيپ هڪ هوٽل آهي ۽ جنهن جي هر هوٽل تي وهندڙ پاڻيءَ مٿان منجيءَ تي ويهي ماني کائيندا آهيون.
    يا... آنسو جھيل تي هلندڙ اهي لک کان وڌيڪ ايئرڪنڊيشنڊون... جن جي سرد هوا سڄو وجود برف ڪري ڇڏيندي آهي.
    يا... ڪاغان جي رستي جو اهو گلئشير... جنهن مان فريزر وارا دونهان پيا نڪرندا آهن ۽ پيرن مٿان وهندڙ ٿڌي پاڻيءَ ڪري سڀئي ٽوئرسٽ گڏجي ’او... او... او...‘ جون دانهون ڪندا آهن.
    يا... سيف الملوڪ جھيل تي چوڏهينءَ جي رات وهنجندڙ اهي پريون... جن کي ڏسڻ جي حسرت سدائين ئي رهندي آهي.
    يا... ڪوئٽيا جو ڪوهه ِمردار... جنهن جو تجلو ڏسي سڀ ڪجھه ڇڏي، اتي ئي رهڻ لاءِ سوچيندو آهيان.
    يا... گلگت جو اهو قابلي پُلاءُ... جنهن ۾ پيل ڪشمش کي پهرين ڊڄي ڊڄي هٿ وڌو هو ۽ پوءِ ڳولي ڳولي گراھ ۾ شامل ڪيو هيم.
    يا... نٿيا گليءَ جو اهو پهريون صبح... جنهن ۾ هوٽل جي بالڪونيءَ تي بيهي شيطان ڀولڙن پاران Park ٿيل گاڏين تي ڪيل ڊانس ڏٺي هئيسين.
    يا... صابري آبشار ۽ ان جي تيز ڦوهار... جنهن سڄا ڪپڙا پسائي انگ بي لباس ڪري ڇڏيا هئا.
    يا... مريءَ جي مينهن ۾ پنهنجي پياري ۽ پنهنجي مٿان کليل اها ڪاري ڇٽي... جنهن ۾ سڪڙجي بيهڻ کان پوءِ به ٽيپو ٽيپو پاڻي پٺيان ڪپڙن کي پسائي رهيو هو.
    يا... ايوبيه جي چيئرلفٽ جا اهي منظر... جيڪي فقط ۽ فقط مون لاءِ ظاهر ٿي پيا هئا ۽ جن جي ڪا به تصوير ڪئميرا ۾ قيد نه ٿي سگھي هئي.
    يا... ترچ مير پهاڙ جي اها چوٽي، جيڪا هرشام جو سون جي بڻجي ويندي آهي.
    يا... نوري ٽاپ واري رستي تي اهو ’پٿر مصلحو‘... جنهن تي مقامي پوڙهو عصر جي نماز پڙهي رهيو هو.
    يا... لواري ٽاپ تي لهي آيل اهي وهاڻن جيترا اڇا ڪڪر... جيڪي آسمان تي اڪيلا، ننڍن اڏام کٽولن جيان ڦرندا پئي رهيا ۽ جن کي ڀاڪر ۾ ڀري تصويرون به ڪڍرايون هيون سين.
    يا... بشام جي اها شام... جيڪا فقط بشام تي ئي ڪنهن مقدس صحيفي جيان لهندي آهي ۽ جنهن ۾ شامل هوندي آهي شير درياھ جي گجگوڙ.
    ته... انهن گاڏين ۾ ڇا هو...؟؟
    کاول لڪ جي گھاٽين ۾ جتي جمنيءَ جي گوڙ کان سواءِ... بس اگر هئا ته گڏ هئا... مٿي آسمان تي ٽمڪندڙ ستارا ۽ هيٺ اهي کاهيون... جن جي گهرائيءَ جو به اندازو رات جي تاريڪيءَ ۾ لڳائڻ ممڪن نه هو... ۽ يا ته وري ڪڏهن هڪ پاسي ۽ ڪڏهن ٻئي پاسي کان ڦري ايندڙ جبل... جيڪي فقط جمنيءَ جي روشنيءَ ۾ ئي نظر آيا ٿي... ته ان پرشور سناٽي ۾ اسان جڏهن انهن ٻن گاڏين مان پهرين ايندڙ سفيد Van ڏٺي ۽ ان جي اندران ايندڙ نسواني ٽهڪ ۽ مردانه هُوڪريا ٻڌا ته پهريون دفعو ان بيابان ۾ زندگيءَ جا آثار محسوس ٿيڻ لڳا هئا... ۽ جڏهن Van اسان جي ويجھو پهتي ته ان ۾ ٻرندڙ بتين جي روشنيءَ ۾ قنديل صورتن تي جا نظر پئي ته اسان جي منهن تي مرڪ ڦهلجي وئي... بلڪه وات ئي ڦاٽي پيا هئا.
    ميڪ اپ سان لت پت ٿيل اپسرائون... ڪنن ۾ پيل جھومڪن جي جھرمر ڪنديون... جمنيءَ کي ڪراس ڪري گذري ويون. جنهن بعد جمنيءَ وارن جو سمورو چين يڪسر کسجي ويو.
    مگر ڇو...؟؟
    ڪٿي ايئن ته نه هو... جو Van ۾ ويٺل ڪا اپسرا... اسان چئن ئي جي ڪا مشترڪه محبوبه هئي...؟
    نه...
    Van ته ريڊيو ۽ ٽي ويءَ جي انهن فنڪارن جي هئي... جيڪي مٿي ’گورک هل فيسٽيول‘ تي فن جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ آيا هئا... ته انهن ۾ ويٺل ڪا هڪ فنڪاره اسان چئن ئي جي دلين جي ڌڙڪن ٿي به سَگِھي ٿي... مگر ايئن قطعاً ڪو نه هو.
    اسان جو چين... چمڪيلي Van وارن مسافرن نه کسيو هو... اسان جي روح کي روڳ ڏنو هو ان جي پويان ايندڙ پوٽوهار جيپ. جيڪا اسان جي جمنيءَ جي سامهون رستا روڪ ڪري اچي بيهي رهي هئي... جنهن جي حيرت پهرين ته اسان سڀني کي ٿي... مگر پوءِ جمنيءَ جي روشنيءَ ۾ جڏهن پوٽوهار جي ڊرائيور سان گڏ ويٺل انعام شيخ ۽ عرفان علي انصاري نظر آيو ته ان حجت جو راز به سمجھ ۾ آيو.
    دو دل مل رہے ہیں۔۔ مگر چپ کے چپ کے۔۔۔ وانگر.
    ٻئي گاڏيون پهرين ڪجھه پويان ٿيون ۽ پوءِ سائيڊ وٺي اڳيان وڌي... ڊرائيور سائيڊ جا شيشا ملائي بيهي رهيون. جمنيءَ جو شيشو آهسته آهسته هيٺ ٿيو ۽ جيئن ئي پورو هيٺ لٿو ته پوٽوهار جيپ جي کليل دريءَ مان ديسي ساخت جو هڪڙو بم اسان ڏي اڇلائجي آيو جنهن سان جمنيءَ وارن جو سمورو چين يڪسر کسجي ويو... اسان جي جيءَ کي جھوري لڳي ۽ اسان سفر شروع ڪرڻ کان اڳ ڪيل هڪ دانسته گناھ جي باري ۾ دل جي حضور سان لڄي ٿيا هئاسون.
    مسجد ڊاهه دي، مندر ڊاهه دي
    ڊاهه دي، جو کچهه ڊهندا
    کسي بندي دا دل نا ڊاهين ’بلهيا‘
    خدا دليان وچ رهندا

    دراصل... عرفان ۽ آئون ته سوير ئي ريڊيو اسٽيشن تان نڪري پنهنجي پنهنجي راهه ڏانهن هلي پيا هئاسين. پر پوءِ جڏهن مون گورک تي ٿيندڙ ان پروگرام جي پَڪِي خبر پڇڻ لاءِ عرفانَ کي فون ڪئي ته هن ٻڌايو ته ’ساڻس گڏ پيارو نصير مرزا به آهي ۽ هو هن وقت جوهي پهچي چڪا آهن ته جيڪڏهن توهين به ڪلاڪ کن ۾ اسان تائين پهچو ته پوءِ اڳيان جو سفر گڏ ڪري سگھجي ٿو... پر نه ته به دير سوير گورک تي ته ضرور ملنداسين‘. ته ان وقت ڏينهن جا پوڻا ٽي ٿيا هئا... عقيل ۽ آئون C-117, قاسم آباد فيز ون (عقيل جي عارضي گھر) ۾ مانجھاندو ڪري رهيا هئاسين... جنهن کان پوءِ عقيل کيL.L.B جو پيپر ڏيڻ لاءِ نڪرڻو هو ۽ آئون سندس واپسيءَ تائين اتي ئي سمهي رهان ها. پر عرفان جي ان فون کان پوءِ مانيءَ جو گراھ کڻندي جڏهن اسان جون اکيون چار ٿيون ته عقيل جو پيپر ڪينسل ٿي ويو هو ۽ فيض بخشاپوري سان منهنجي شناسائيءَ جون سڀ شاهديون ڀورا ڀورا ٿي ويون ۽ C-117 ۾ چؤطرف گھنڊليون وڄڻ لڳيون هيون.
    عقيل جي گھرواري... هڪ سگھڙ زال جي حيثيت سان... هنڌ، رليون ۽ وهاڻا ڪڍيا ۽ هڪ ڪولر کي ڪٽيل برف سان ڀريو.
    مون گورک جا گل چونڊڻ جي دعوت... سفر جي روايتي ساٿين وسيم ۽ راجا کي ڏني. جيڪي مصروفيتن سبب چاهيندي به ها نه ڪري سگھيا... ۽ اسان جمنيءَ جي ڊرائيور ساجد وڳڻ کي ساڻ ڪري حيدرآباد مان سڌو جوهي پهچڻ وارو فيصلو ڪيو. ان فيصلي سان ساجد جي من جو مور به ٽلي پيو هو. جنهن جو اظهار ساجد گاڏيءَ ۾ سامان رکائڻ وقت ڪيو... ’سائين! مون ته خدا کان اها دعا پئي گھري ته صاحب مون کي ايئن نه چوي ته تون نه هل.‘
    هڙڪ هلو... ڌيما هلو... ۽ ساجد هليو پئي... ۽ ڊرائيونگ ڪندو هليو پئي.
    پهرين بريڪ قاسم آباد جي ڪالٽيڪس پمپ جي سامهون واري گھٽيءَ ۾ لڳي... جو عرفان جو آرڊر هو ته پنهنجي لاءِ جيڪي وڻيوَ سو وٺجو... پر اسان لاءِ بس رڳو مستيءَ جو وکر. سو مستيءَ جو وکر... ان ئي گھٽيءَ ۾ ميسر هو. ساجد... ڪاري ٿيلهيءَ ۾ آندل ڪيف جي سامان کي ڊرائيونگ سيٽ جي هيٺان رکي ڇڏيو ۽ پوءِ... ’سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ‘ منهنجي موبائيل جي رنگ ٽون وڳي هئي. فون... وسيم جي هئي. ’ادا! اوهان جڏهن مون کي هلڻ جي دعوت ڏئي رهيا هئا ته سائين طاهر به مون سان گڏ ويٺل هو ۽ هاڻي هو اوهان سان گڏ هلڻ جي حامي ڀري تيار ٿيڻ لاءِ گھر ويو آهي. لحاظه اوهان هالا اچي ان کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو.‘
    شاھ سائينءَ صحيح چيو آهي.

    چڙهيو چڪاسن چاءِ، آڳ ٻرندي آئيا
    وهسن واڙيءَ ڦل جِئن، محبتي مچ لاءِ
    آڻي پاڻ اڙاءِ، کڻي کوري وچ ۾

    ۽... سائين طاهر اهو پتنگ آهي جو جڏهن به سفر جو مچ ٻرندي ڏسندو آهي ته ان ۾ ڪڏي پوڻ لاءِ تيار ٿي پوندو آهي. پر سدائين ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري کوري جي خبر لهڻ کان سواءِ اروٽ ۽ اڻ پڪل ئي رهجي ويندو آهي. شاھ سائينءَ ته صحيح چيو آهي... پر کيس نه وٺي هلڻ لاءِ ته اسان وٽ سبب اڄ به سڌو سنئون هو. جو اسان هتان کان هالا... پوءِ مورو... دادوءَ جي پل ٽپي جيسين جوهي پهچون تيسين ته مند ئي مٽجي ويندي... ۽ پوءِ چارڻن کي ڪُمندا پيرون ڀلا ڪير ڏيندو.؟؟ سو... سائين طاهر... هن دفعي وري Sorry.
    فون ڪٽجي وئي... پر سائين طاهر سان جڙيل محبت جي تار ڀلا ڪٿي ٿي ڪٽجي سگھي. فون واپس ڊائل ڪيم... سائين طاهر!! تيار ٿي وٺ... اسين هالا ٿا اچون. بلڪه... تيسين اتان چرڪاڻ، پاڻي ۽ بوتلون به وٺي ڇڏ.
    جمني... هالا ڏانهن هلڻ لڳي هئي... ۽ مٽياري تائين ته خوش خوش هلڻ لڳي هئي... مگر مٽياري کان پوءِ جمنيءَ ۾ رڳو ماٺ ئي ماٺ جو موت هلندو رهيو.
    ’مٽياريءَ جو موت، ويندي ويرم نه ٿئي.‘
    اها چوڻي ته تڏهن جي آهي جڏهن مٽياري جا مبلغ اتي پهچندڙ غير مسلم کي منٽن ۾ مسلمان ڪري ڇڏيندا هئا... ته پوءِ ان چوڻيءَ جو ذڪر... هتي هن وقت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت...؟
    اسان ٽئي ته مسلمان هئاسين.
    ها! ساجد جو طهر ڪڏهن ٿيو...؟ سا خبر نه هئي. باقي آئون ستين ڏينهن طهريو هئس ۽ گھڻي رت وهڻ ڪري مري مري بچيو هئس ۽ عقيل به ٻن سالن جي عمر ۾ مٽن مائٽن جي موجودگيءَ ۽ شاهديءَ ۾ پڪو مسلمان ٿيل هو.
    ته اگر اسان ٽنهي جي... بظاهر مسلمان هئڻ ۾ ڪو به شڪ نه هو ته پوءِ به ان چوڻيءَ جو ذڪر هتي آيو ته ان ڪري آيو جو مٽياريءَ جي موبلنڪ ٽاور جا سگنل اچڻ شرط... عقيل کي سندس ننڍي ڀاءُ جميل جي فون آئي. جنهن کي عقيل... پهرين ته گڏ هلڻ جي دعوت ڏني پر پوءِ جميل جو جواب ٻڌي... فون ڪٽي بس صرف ايترو چيو ته... جيڪو نصيب.
    جنهن کان پوءِ جمنيءَ جي پوئين سيٽ جي ڇت مان وسوسن جا سوين نانگ، وڻ ويڙهيءَ وانگر هيٺ لڙڪي آيا هئا ۽ مون کي ڏنگي رهيا هئا... ۽ آئون هر ڏنگ تي مُرجھائجندو، بسترِ مرگ ڏانهن ڌڪبو پئي ويس.
    ۽ اها مٽياري ئي هئي... جنهن لاءِ پراڻن زمانن ۾ چوندا هئا ته... مٽياري جو موت.........
    ۽ مون کي ٻن لفظن واري ان لنڊي جملي کان پوءِ واري ماٺ جو موت ماري رهيو هو.
    مٽياري... پنهنجو ڪم ڏيکاري... پويان رهجي وئي هئي.
    عقيل... ’جيڪو نصيب‘ ڇو چيو...؟ ان جا متوقع جواب آئون بقايا رستي ۾ ڳولهيندو آيس ۽ آخر ان نتيجي تي پهتس ته پڪ سان هن گاڏيءَ جي ضرورت گھر وارن کي پئجي وئي آهي... لحاظه جيڪو نصيب... ۽ اهو نصيب ئي ته هو... جو اسين حيدرآباد کان سڌو سيوهڻ... دادو ۽ جوهي پهچڻ بدران... هيڏانهن هالا لاءِ مڙي پيا هئاسين... ته اهو موڙو نصيب ئي ته کارايو هو. سو... جيڪو نصيب.
    پنهنجي بيحوده جواب سان... مون پنهنجي ئي روح کي روڳ ڏئي روئاڙي ڇڏيو هو... جمنيءَ ۾ شامِ غريبان هئي... من ماتمي هو ۽ دل مصائب پڙهي رهي هئي. ذاڪر... زور سان رانون ڪُٽي رهيو هو.
    گڊ باءِ کيبر... گڊ باءِ کنڊو... گڊ باءِ ڀٽ شاھ ...۽ گڊ باءِ.... گورک.
    جمني... قومي شاھراھ تان لهي... هالا جو باب گذري... ابراهيم شاھ وارو روايتي رستو ڏئي اندر گھڙي آئي... مخدومن جي باغ جي چؤديواري کان نڪتل اڪيلو انب جو مسافر وڻ... جيڪو جڏهن انبڙين سان ڀريل هوندو آهي ته ايندڙ ويندڙن جي لاءِ ڪشش جو باعث هوندو آهي... ان ۾ انبڙيون ته هيون پر منجھس ڇڪ ڪا به نه هئي.

    سب مایا ہے۔۔ ڈھلتی دھوپ کی چھایا ہے۔۔۔

    سج جي روشني تيز زرد نه هئي... ڳاڙهسري ٿيندي پئي وئي. جمني... هالا پراڻا جو ناڪو ڪراس ڪري... ابڙا اسٽريٽ جي چؤسول تي ’راجا مئنشن‘ وٽ اچي بيهي رهي ۽ جنهن کان پوءِ ئي مٽياريءَ وٽان شروع ٿيندڙ موت جهڙي ماٺ ٽٽي... ايئن... جيئن ڪنهن مقابلي کان پوءِ رزلٽ انائونس ٿيڻ واري خاموشي ٽٽندي آهي. ايئن... جيئن نئين سال جي ملهائڻ وقت ڪاؤنٽ ڊائون ٿيڻ کان پوءِ خاموشي ٽٽندي آهي. ايئن... جيئن هندي فلم 3- Idiots جي آخري سين ۾ ڊليوري ٿيڻ کان پوءِ واري خاموشي ٻار جي رڙ سان ٽٽندي آهي... عقيل گاڏيءَ مان در کوليندو تڪڙو لهي ويو ۽ خاموشي ٽوڙي ويو هو... ’چڱو... ڏهن منٽن ۾ وري ملؤن ٿا...‘
    سماعتن ۾ خوشيءَ جا سَرَ ٺڪاءَ سان ڦاٽي نڪتا هئا... خاموشي ٽٽي وئي ہئي... ٺا... ٺا... ٺا.
    جمنيءَ جي پوئين سيٽ تي ڇت مان جتان سوير وسوسن جا نانگ نڪري آيا هئا... اتي هاڻي ڏياريءَ جون جل ڦليون ٻري رهيون هيون.

    شادمانی۔۔ ہو ۔۔ شادمانی۔۔۔
    جمنيءَ ۾ دهل ۽ شرنائين کي وڄندو ڇڏي آئون به پنهنجو Inhaller کڻڻ لاءِ گھر هليو ويس ۽ موقعي مان ڀرپور فائدو وٺي پنهنجي ونيءَ کي وداع واري چمي ڏئي ان لمس جي پاروٿي ٿيڻ کان پهرين وٽس واپس اچڻ جو ڪچو وچن به ڪري آيس... جو ڪير ڄاڻي ته گورک جي اجنبي پنڌ تي اسان جي مقدر ۾ ڪهڙو گرگ... شڪاري بڻيو وچ تي بيٺو هجي.
    ڪير ڄاڻي...؟
    خدا ڄاڻي...!!
    جمني... طهر واري پاٽ تي ويهڻ لاءِ تيار ٿي وئي هئي.
    ڏھ منٽ گذري ويا.
    سائين طاهر... ورتل سامان ڊگيءَ ۾ رکي ڇڏيو.
    عقيل ۽ جميل... راجا مئنشن جي پويان واري سنهڙي گھٽيءَ مان نڪري جمنيءَ تائين پهتا.
    مگر... انهن ڏهن منٽن جي مختصر وقفي ۾ هڪ قضيو ٿي چڪو... هڪ دل ٽٽي چڪي. حيدرآباد ۾ نه صحيح... هالا ۾ ئي صحيح... پر اهو ئي ٿيو... جنهن جو ساجد وڳڻ کي ڊپ هو. (سائين... خدا ڪري صاحب ايئن نه چوي ته ساجد! تون نه هل)
    حيدرآباد ۾ نه صحيح... هالا ۾ ئي صحيح.
    ساجد! تون ٻي گاڏيءَ ۾ گھر وارن کي کڻي حيدرآباد وڃ.
    صاحب... ايئن چئي ڇڏيو... ساجد... سڄي جو سڄو ڪومائجي ويو.
    جيڪو نصيب!!
    ۽ اهو موڙو نصيب جو ئي هو جو اسان حيدرآباد کان سڌو سيوهڻ... دادو ۽ جوهي پهچڻ بدران هيڏانهن هالا لاءِ مڙي پيا هئاسين. پر نصيب جي اهڙي بي رخي ڏسي آئون ساجد جي اکين ۾ نهارڻ کان سواءِ دروازو کولي جمنيءَ جي پوئين سيٽ تي ويهي رهيس.
    جمني... مورو... دادو... واهي پانڌي ڪراس ڪري کاول لڪ تي پهچي چڪي هئي يا پهچڻ واري هئي ته اچانڪ سامهون کان ايندڙ ٻن گاڏين ۾ اسان جون اکيون کپي ويون هيون ۽ منهن تي مرڪ ڦهلجي وئي بلڪه وات ئي ڦاٽي پيا هئا.
    ۽ اتي ئي اسان کي پرشور سناٽي ۾ پهريون دفعو زندگيءَ جا آثار محسوس ٿيڻ لڳا هئا... ۽ اتي ئي پوٽوهار جيپ اسان واري جمنيءَ جي رستا روڪ ڪئي هئي ۽ جڏهن جمنيءَ جو شيشو لٿو ته پوٽوهار جي دريءَ مان ديسي ساخت جو بم اڇلائجي اچي اسان کي لڳو هو... ۽ اسان ساجد وڳڻ کي نه وٺي اچڻ واري دانسته گناھ جي باري ۾ دل سان لڄي ٿيا هئاسين.
    ۽ ديسي ساخت جو اهو بم... پوٽوهار جيپ مان ڀلا اسان ڏانهن ڪنهن اڇلايو هو...؟؟
    عرفان علي انصاريءَ...
    اسان جي ميزبان.
    جڏهن ويڄ ئي وڍ وجھي ڇڏي ته پوءِ ٻئي تي ڪهڙي ميار ڪبي آهي.
    عرفان... پوٽوهار جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي چئي ڇڏيو ته ’سهيل!! گاڏي واپس موڙايو... مٿي زبردست مينهن پئجي ويو آهي ۽ طوفان جي ڪري پروگرام ڪينسل ٿي ويو آهي ۽ لئنڊ سلائيڊنگ به ٿي آهي.‘
    عرفان... يڪ ساهيءَ ايڏو وزني بم اسان جي مٿان اڇلايو هو جو اسان جا وجود هيرو شيما ۽ ناگا ساڪي بڻجي ويا.
    پوٽوهار جيپ... اسان جي ارمانن مٿان تيل هاري... تيلي ڏيئي... زون... زون ڪندي هلي وئي.
    اسان سڀ جمنيءَ ۾ لئنڊ سلائيڊنگ جا ڪِري پيل پٿر بڻجي وياسين. عرفان اسان کي ’چيئن تي چاڙهي‘ وڻجاري وانگر اوهري ويو هو.
    ۽... انهن عذاب لمحن جي پڄاڻي ڪڏهن به نه ٿئي ها... اگر دور غفائن مان... پريان ڪٿان... پاتالن مان... آهسته عقيل جو آواز نه ٻُري ڻي ڇا ڪريون...؟؟
    ڊٺل ارمانن جو ملبو هٽائي... ڌوڙ ڇنڊي... مصر جي ڪنهن مميءَ وانگر ڪاٺ جي پيتيءَ مان اٿي... مون پنهنجي وجود جي سموري سگھ سهيڙي... ان جو جواب ڏنو... هلو واپس...!!!

    دل کے ارماں آ نسوؤں میں بہہ گئے۔۔۔

    جمني... مٿي ويندڙ رستي جي بدران واپس مڙي... ۽ ايترو تيزيءَ سان ڊوڙي... جو ويرم ۾ ان پوٽوهار کي به ڪراس ڪري وئي جنهن اسان جي مڪان کي مقام ۾ تبديل ڪيو هو.
    سامهون... اها اڪيلي ٽڪري نظر اچي رهي هئي... جيڪا شهر ڏانهن وڌي اچڻ جي چاھ ۾ اڪيلي ڪونج وانگر ولر کان الڳ ٿي بيٺي هئي ۽ جميل جنهن کي ڪڪر سمجھيو هو... اسان واپس ان ٽڪريءَ جي هنج تائين اچي پهتاسين ۽ واپسيءَ جي ان سڄي سفر ۾ اسان ساجد سان ڪيل ستم تي ندامت جا جملا چوندا رهياسين. عقيل... پنهنجي حصي جي ڪيل گناھ جو مرتڪب ٿيو. جميل... پنهنجي گھمڻ واري لوڀ تي لڄي ٿيو... ۽ آئون... اَنياءَ تي احتجاج ڪرڻ بدران خاموشي اختيار ڪرڻ واري ڪرت تي پشيمان ٿيس. اسان چئني ۾ بي قصور هو ته بس سائين طاهر... ۽ جڏهن اسان ٽنهي اعتراف جي ڪٽهڙي ۾ بيهي پنهنجي پنهنجي حصي جا گناھ باسيا پئي ته ان به ايئن چيو ته... اهو ته تمام غلط ٿيو.
    غلط ته برابر ٿيو هو... پر ٿي ويو هو. هڪ گناھ... دل کي ٽوڙڻ وارو عظيم گناھ... اسان کان پنهنجي پنهنجي خودغرضيءَ جي ڪري سرزد ٿي ويو هو ۽ هيءَ سزا... گورک جي ڌرتيءَ تي پهچڻ کان اڳ ئي ڌڪارجي وڃڻ واري سزا... انهيءَ گناھ جي عيوض هئي.
    جمني... ان ڪاري داغ جيان نظر ايندڙ ٽڪريءَ تائين پهچي وئي ۽ خدا اسان جي اجتمائي پڇتاءَ کي قبول ڪندي... عقيل جي من ۾ هڪڙي ڳالھ وڌي.
    ٽڪريءَ جي پاسي ۾ ٺهيل چوڪيءَ تي ويٺل ٻئي پوليس وارا جمنيءَ جي مٿان لڳل بلو بتيءَ کي پاڻ ڏانهن ايندو ڏسي ادب مان اٿي بيٺا ۽ جمني انهن کان ٿورو پرڀرو ٿي بيهي رهي... ۽ عقيل جيڪي ڪجھه چيو... مون کي يقين آهي ته هن پاڻ نه چيو پر خدا ان کان چورائيو. ڇاڪاڻ جو ڀلي ته اسين پنهنجي وڏڙن جي برعڪس نمازن کان ڀڳل ۽ روزن کان پري آهيون ۽ سدائين سندن نصيحتن جا مياري ٿيندا آهيون پر بنيادي طرح سان سندن ئي وانگر عقيدي جا پڪا پڪا مسلمان ۽ دل جي حضور سان خدا ۽ سندس بندن سان محبت ڪرڻ وارن مان آهيون... سو اڄ به خدا اسان جي نيتن جي سچائيءَ کي پرکي ان گناھ کي بخشي ڇڏيو ۽ اسان مٿان پنهنجي نصرت جي نوازش ڪندي عقيل جي من ۾ اها ڳالھ وڌي ته گاڏيءَ کي هن ٽڪريءَ جي اوٽ ۾ بيهاري، هيئن چئي ڇڏ ته يارو!! ڇا پاڻ واپس ورڻ وارو فيصلو صحيح ڪيو آهي...؟؟
    ٻارهن سالن جي تشنگي ۽ پياس کڻي کاول لڪ تائين پهچڻ کان پوءِ... اسان عرفان انصاريءَ جي هن جملي ته ’مٿي سلائيڊنگ پئي ٿئي ۽ رستو بند آهي‘ ٻڌڻ کان پوءِ... بنا سوچڻ جي اگر جمنيءَ کي واپس ورايو آهي ته ڇا... اسان جي آواره گرديءَ واري پهريل ڪوٽ جي اڳئين کيسي تي ڀاڙيائپ جو اهو گلاب زيب ڏئي ٿو...؟؟ عرفان جي دعوتيا جملي تي اگر اسان ترهو ٻڌي تيار ٿي نڪري پيا هئاسين ته اهو ته اسان جي ديوانگيءَ جي ديوان ۾ جائز هو. پر سندس پاران ڏنل انهيءَ پروگرام جي ملتوي ٿيڻ واري خبر ٻڌي واپس ٿيڻ تي ڇا اسان آواره گرديءَ تي ايمان آڻيندڙ قبيلي جا اهي ساڳيائي دعويدار سمجھيا وينداسين...؟؟؟ اسان... جيڪي هن سال ئي فيبروريءَ ۾ جڏهن ٽي ويءَ جا سڀئي چئنل برف باريءَ سبب مريءَ جو رستو بلاڪ ٿيل ٻڌائي رهيا هئا ته به لاهور کان نڪري پيا هئاسين ۽ پنڊيءَ کان مريءَ تائين ڏيڍ ڪلاڪ بجاءِ ستن ڪلاڪن ۾ صحيح ۽ رات جو 09:00 بجي پهچڻ بجاءِ 02:30 بجي ئي صحيح، درجه حرارت 5+ ۾ پهچڻ بجاءِ 4- ۾ ئي صحيح ۽ گاڏيءَ ۾ اندر هيٽر هلندڙ وارين سيٽن تي ويهڻ بجاءِ اڳين ٽائرن تي بار وجھي برف تي آماده ٿي هلڻ لاءِ گاڏيءَ جي بانيٽ تي شال ويڙهي ويهندي ئي صحيح... پر ڪوھ مري پهچي ئي ويا هئاسين... ته اڄ جيڪڏهن اهو سڄو سٿ ساڳيو ناهي پر... انهن ۾ اسين ٻه... هڪڙو ڊرائيور ۽ ٻيو خانه بدوش ته اهي ئي ساڳيا هئاسين ته اگر... اسان اڄ گورک جي نخلستان ۾ پنهنجي پيشاني جھڪائي سجدي ڪرڻ کان سواءِ ئي واپس پنهنجي ڳوٺ تائين پهچنداسين ته ڇا اسان جون دليون پاڻ تي ٿيل اهو ظلم اسان کي سڄي عمر معاف ڪري سگھنديون...؟؟؟ اسان... جن جو ايمان آهي ته موت اوس اچڻو آهي ۽ تقدير ۾ ڪٿي ڪا رنڊڪ اسان جي تاڪ ۽ تعاقب ۾ آهي ته ان کي آئون يا تون ڇا ٿا ڪري سگھون.. جو هڪ ماڻهوءَ جي وس م هجي ئي ڇا ٿو...؟؟
    مگر... اسان جو ته توڪل تي به ايمان پڪو آهي ۽ اڄوڪي رات گذارڻ جو پورو پورو سامان به اسان سان ساڻ آهي... ته پوءِ ڊاک تائين نه پهچندڙ گدڙ وانگر ڊاک کي نه صحيح پنهنجي قسمت کي ئي ڪوسيندا اگر واپس ٿيون ته ڇا... واهي پانڌي... جوهي... دادو ۽ موري جا رستا اسان جي مٿان ’اوهيو... اوهيو‘ ڪري چٿرون ڪرڻ بدران اسان کي کلي معاف ڪري ڇڏيندا...؟؟
    هي سڀ ڪجھه عقيل پاڻ ڪونه ٿو چوي... مون کي يقين آهي ته هي سڀ خدا ان کان خود چورائيو هو... ۽ جيڪڏهن خدا ئي ان جي من ۾ اها ڳالھ وڌي هئي ته اسان به اسلامي اصول مطابق پنهنجي چؤياريءَ جو امير... نمازن پڙهڻ واري پنهنجي سؤٽ سائين طاهر کي مقرر ڪري پنهنجي پنهنجي حصي جو مشورو ڏنو... جنهن بعد امير ِڪارروان اهو فيصلو ٻڌايو جيڪو فزڪس جي اصولن مطابق اسان جي دلين جي آواز سان سڌي نسبت رکندڙ هو.
    طئي اهو ٿيو ته... کاول لڪ کان پوءِ اگر جمنيءَ جي همٿ ڪٿي به هلڻ کان هار کائي ويٺي ته اڄوڪي رات انهي اجنبي پهاڙين ۽ نامانوس درندن جي آس پاس... گھگھ انڌاري ويراني ۾ گذاري... صبح جو اکين کي ڪنهن نئه يا هينگڻ چشمي جو ٿڌو پاڻي هڻي سجاڳ ڪري ۽ منظرن جي مئه نوشي ڪرڻ کان پوءِ ته واپس وري سگھجي ٿو... باقي هينئر هن حال ۾ ڪنهن جنگ جي هارايل سپاهيءَ وانگر لڄارو لڄارو ٿي موٽڻ وارو مهڻو برداشت نه ٿو ڪري سگھجي.

    میں نعرئہ مستانہ۔۔۔

    جمني... هڪ دفعو وري گھمي ۽ پوءِ پاڻ ئي هلڻ لڳي هئي... ڇاڪاڻ جو هي رستا ته سندس ڏٺل ڏٺل هئا. نمڪو ۽ بسڪوٽن جا پڙا کلي پيا ۽ بوتلن جي ٽن مان شون... شون جا آواز نڪري آيا... من جا موجي مستيءَ ۾ جو اچي ويا هئا.
    هي ديار... اهو ديار ِغير نه رهيو هو جيڪو اسان جي آڏو Culvert وارو فريب وڇائي سگھي. پوءِ ته اسان ڏاڍي آرام سان سفر جي هن جام مان ڍڪ ڍڪ پيئندا... Culvert ڪراس ڪري ان رهزن مقام کان به اڳتي وڌي وياسين... جتي عرفان انصاريءَ اسان جي ارمانن مٿان تيل هاري تيلي ڏني هئي. هڪ ٻئي جي حجاب ۾ پري مگر اڀيون ٿي بيٺل ٽڪريون ۽ ان جي وچ تي ٺهيل هي ڪشادو رستو اسان لاءِ اوپرو نه رهيو هو... هن رستي تي ته اسين هڪ نه پر هزار دفعا آيا ويا هئاسين.
    جبل جهاڳڻ وارا سڀئي ڪوهِه نورد منهنجي هن ڳالھ سان سهمت ٿيندا ته... ڪنهن به منزل ڏانهن ويندڙ رستو پهرين دفعا تمام گھڻو ڏکيو ۽ اجنبي مسافر کي ڦڻ ڪڍي بيٺل نانگ جهڙو محسوس ٿيندو آهي. مگر ان تي ٻه، ٽي دفعا گذرڻ کان پوءِ اهو جوڳيءَ جي گودڙيءَ ۾ پيل ان بلان جهڙو بڻجي ويندو آهي جنهن کي ڪوبه ماڻهو آرام سان هٿ ۾ کڻي يا ڪنڌ ۾ لٽڪائي سگھندو آهي پر وري به کيس کڻڻ يا لٽڪائڻ جي جرئت اهو ئي ڪندو آهي جنهن ۾ اهڙو شاهي دل ۽ گڙدو هوندو آهي. ته رستي جو اسيل نانگ به فقط انهن جوڳين جي اڳيان ئي پنهنجي ڦڻ ماري بي سُڌ ٿي سِڌو ليٽي پوندو آهي، جيڪي جبل جھاڳڻ جي چاھ ۾ گھر جون آسائشون ۽ شهري لذتون ڇڏي ٿيلها ٻڌي نڪري پوندا آهن. پر اسان ته اهي ڪن ڪٽ ڪاپڙيا هئاسين جيڪي جبل جھاڳڻ جي چاھ ۾ ٿيلهن ٺاهڻ بنا ئي نڪري پيا هئاسين.
    سو... میں نعرئہ مستانہ۔۔۔
    ۽ اوچتو... جمنيءَ يڪايڪ اهڙو اڀو موڙ کاڌو جنهن سان اسان گاڏيءَ ۾ اندر ئي اڀا ٿي وياسين. جبلن جي سلطنت ۾ هن 90 ڊگريءَ جي چڙهائيءَ... اسان جي دل ۾ غيرمحفوظ هئڻ جو الارم وڄايو. ڪونج جهڙي ٽڪريءَ تي ڪيل توهان جو فيصلو صحيح هو يا غلط...؟ جمنيءَ جي اڀي ٿيل بانيٽ اسان کان سوال ڪيو...؟ ۽ ان کان اڳ جو اسان کيس جواب ڏيون... جمني پوين ٽائرن کي واپس هلڻ جو حڪم ڏيئي پويان گسڪي پَئِي ۽ فل بريڪ لڳائڻ جي باوجود به پنهنجن ٽائرن هيٺان پٿرن کي هٽائيندي ۽ اڏائيندي پويان ٿيندي پئي وئي... ۽ پويان جمنيءَ جي شيشي مان... سامان سٿيل هئڻ باوجود به جيڪا ٿوري جڳھ بچيل هئي... ان مان مون کي مزيد چار يا پنج فوٽ جي پٿر رستي کان پوءِ هڪ اونهي ڪاري کاهيءَ کان سواءِ ڏسڻ ۾ ته ٻيو ڪجھه به نه پئي آيو... ۽ جمني هئي جيڪا مسلسل پويان ٿيندي پئي ويئي ان ئي کاهيءَ جي طرف... جنهن جو اندازو ڪرڻ ان وقت ته منهنجي وس ۾ نه هو. پر اها ڪنهن به صورت ۾ قبر جي اونهائيءَ کان ته سوين دفعا گھري ئي هئي. عقيل پنهنجو فل زور بريڪ واري پير تي ڏئي... هينڊ بريڪ ڇڪي... اڙي ڀيڻا... اڙي ڀيڻا... جي رٽ لڳائي ڏني هئي. مون سان گڏ ويٺل سائين طاهر... يا الله خير... يا الله خير جو ورد ٿي ڪيو ۽ جميل... شايد ان ڪري پنهنجي سائيڊ وارو شيشو لاهي... مستعد ٿي پويان پئي نهاريو ته جمني جيئن ئي ان کاهيءَ جي ڪناري تائين پهچي ته هو دروازو کولي ٽپي پوي ۽ سفر جو جيئرو جاڳندو شاھد بڻجي ’جنهن کي رب رکي تنهن کي ڪير چکي‘ واري سليٽ ڳچيءَ ۾ لڙڪائي... باقي حياتي معجزي جو محرڪ بڻجي... مزي سان يا عذاب ۾ پر باقي زندگي پنهنجي وني ۽ ٻن مهينن کان پوءِ پيدا ٿيندڙ ٻچي سان گڏ گذاري سگھي. اسين سڀ گڏ هوندي به جدا جدا ٿي ويا هئاسين. رشتا ناتا ۽ ياريون باشيون ان اُڀي موڙ جي اڳيان هيون ۽ اسان اڪيلا ئي اڪيلا پويان ٿيندا پنهنجي آخري سفر لاءِ سنڀري رهيا هئاسين. خوشيءَ جي مهل موقعي تي پراوا به اچي ڳاهٽ ٿيندا آهن پر غم جي شام لهي اچڻ تي پنهنجو پاڇو به ڇڏي ويندو آهي. سو اسان سان گڏ ڪير به نه هو... پر اسان مان ته ڪير به ڪنهن سان گڏ نه هو.
    کاهيءَ ۾ گھپ انڌيرو هو... جنهن ۾ ڪنهن روشنيءَ جي اميد اگر ممڪن هئي ته رڳو ان صورت ۾ ته جمني ان ۾ بانيٽ ڀر لهي ها... پر جمني Reverse ۾ کاهيءَ ڏانهن وڌي رهي هئي ۽ اسان سطح سمنڊ کان هيترو مٿي پهچي به ڪشش ثقل جي اصولن مان اگر آزاد نه پئي ٿي سگھياسين ته به ايترو ته اسان جو حق هو ته گھٽ ۾ گھٽ اها خبر ته بهرحال ڪنهن طرح پئجي سگھي ته زمين تائين ڪرڻ يا جمنيءَ جي آخري ڌماڪي ٿيڻ ۾ اڃان ڪيتري دير باقي هئي پر اهو حق به اسان کي حاصل نه هو... جو جمني پوئين پير هن انڌاري گور ڏانهن گسڪي رهي هئي.
    منهنجون نظرون جمنيءَ جي پوئين شيشي جي ان مختصر حصي مان ان کاهيءَ کي ڏسي رهيون هيون... جنهن ڏانهن اسان جي جمني بريڪ جي ڀرپور اسرارن... گذارشن ۽ دڙڪن بعد به نه بيهي سگھڻ جو عذر ڄاڻائي وڌي رهي هئي... ۽ جمنيءَ کي ڇا خبر ته هوءَ ضد ڇڏي جيڪڏهن بيهي نه ٿي رهي ته اسان سان گڏ سندس تصويرون به ٻئي ڏينهن جي اخبارن ۾ ڇپجي سگھيون پئي. پر جمني... پنهنجي خمارن ۾ هئي ۽ بريڪ جي آھ و زاري جو مٿس ڪو اثر نه پئي ٿيو.
    مون ڏٺو پئي... شيشي جي ان مختصر وٿيءَ مان، مون کاهي ۽ جمنيءَ جي وچ وارو مفاصلو مسلسل مختصر ٿيندي ڏٺو پئي. ساجد وڳڻ جي زندگي شايد اڃان گھڻي لکيل هئي. جو هو هالا تائين پهچي واپس حيدرآباد روانو ٿي ويو هو. وسيم ۽ راجا کي به اڃان حياتيءَ جي وهنوارن ۾ پنهنجي حصي پتيءَ جو ڪم سرانجام ڏيڻو هو تڏهن ته لک وار چاهيندي به هو اسان سان هلي نه سگھيا هئا... پر جيڪڏهن کڻي گڏ هلن به ها ته به منهنجي لاءِ ان تبديليءَ جو اثر ڇا ٿئي ها...؟؟ بس!! جميل واري جڳھ تي راجا... ۽ سائين طاهر واري سيٽ تي وسيم ويٺل هجي ها. ته جنهن جڳھ تي آئون ان وقت ويٺو هئس... سندن گڏ هلڻ کان پوءِ به آئون ته انهيءَ ساڳي سيٽ تي ويٺل هجان ها ۽ شيشي جي ان وٿيءَ مان پنهنجي موت جو منظر ساڳي ئي طرح سان ڏسي رهيو هجان ها... ته تقدير کي منظور هو چار نه صحيح... هي چار ئي صحيح... ته انهن ۾ بهرحال آئون ته اهو ئي هئس ۽ منهنجي لاءِ اها تبديلي بي معنيٰ ۽ اجائي هئي. سوچون ساڳيءَ ڏس ۾ ڊوڙنديون رهيون پر ٻاهر ڪجھه تبديلي اچي وئي جيڪا اسان سڀني لاءِ وڏي معنيٰ رکندڙ هئي.
    جمني... پنهنجي هوڏ تان هٿ کڻڻ لاءِ آماده ٿي ۽ اخبارن ۾ تصويرون ڪڍرائڻ واري شوق تان دست بردار ٿي... کاهيءَ ۾ ڪرڻ کان ٻه فوٽ پهرين... ڪاوڙ ۾ دانهون ڪندي بيهي رهي. جمني پاڻ بيٺي... يا کاهيءَ مان ڪنهن غيبي هٿ نڪري کيس پويان وڌڻ کان روڪي ڇڏيو... ڇا به ٿيو... پر جمني بيهي رهي ۽ جڏهن جمني بيٺي ته پوءِ ئي اسان جون بيٺل دليون وري ڌڪ... ڌڪ ڪري هلڻ لڳيون.
    ’موت ڪارو اداس حبشي آ‘... اُها رات به ڪاري اداس حبشيءَ جهڙي هئي. کاٻي پاسي کان اڀو ٿيل پهاڙ... صبح جو نه ڄاڻ ڪهڙو رنگ ڪڍي نروار ٿي ها پر ان وقت هُو به ڪارو اداس حبشي هو... ۽ پويان اونداھ ۾ ٻڏل کاهي به ڪاري اداس حبشڻ ئي ته هئي. هي سڀئي اداس حبشي... اسان جي گاڏي اٿلجڻ کان پوءِ مست ٿي مُگرمان نچن ها... مگر جمني رڪجي وئي ۽ اُن جي رڪجي وڃڻ کان پوءِ هي سڀئي وڌيڪ ڪارا ۽ اداس ته بڻجي پيا پر پوءِ سوڳوار ٿي پنهنجي پنهنجي محور تي موٽي به ويا.
    جمني... پنهنجي سموري سگھ ميڙي هڪ دفعو وري انهن ئي پٿرن کي ٿيڙيندي... زرڙ... زرڙ... ڪندي اهو موڙ ڪاٽڻ ۾ ڪامياب ٿي جبل تي چڙهي وئي جنهن تان پهرين ناڪام ٿي موٽي آئي هئي ۽ Reverse ۾ کاهيءَ ڏانهن وڌندي پئي وئي.
    جمني مسلسل چڙهندي پئي وئي.
    هن جبل جا موڙ ڪجھه وقت اڳ آيل طوفان ۽ مينهن جا گواھ بڻيا بيٺا هئا. ٽرئفڪ نشانن وارا بورڊ (جن تي موڙ جو نشان ٺهيل هوندو آهي) ڪٿي پٽ تي پيا هئا ته ڪٿي اهي مڙي کاهيءَ طرف ڏانهن مڙڻ جو اشارو ڏئي رهيا هئا... اهڙي ئي هڪ موڙ تي ڪجھه دير اڳ آيل هن طوفان ۾ ڦاٿل ٻه پوٽوهار جيپون هڪ ٻئي جي پويان ٿڪل مسافرن وانگر بيٺل هيون جيڪي شايد سندس سامهون آيل موڙ چڙهي نه سگھيون ۽ هيروئن جي موالين وانگر رستي تي ئي سمهي رهيون هيون.
    رستو... جيتوڻيڪ پٿريلو هو ۽ علامت بڻيل هو ان طوفاني برسات جو... جنهن ڪري سڀئي پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي ويا هئا... مگر رستي تي برسات جي آلاڻ ۽ خوشبوءِ محسوس نه پئي ٿي. مون کي لڳو پئي ته هي طوفان مغرب کان پوءِ آيل هو... جو اسين ان وقت دادوءَ مان گاڏيءَ ۾ CNG ۽ پيٽرول ڀرائڻ لاءِ بيٺا هئاسين ۽ اتي مينهن ڪڻين جي رم جھم شروع ٿي هئي. مينهن جي آمد منهنجي لاءِ ته هميشہ خوشيءَ جو باعث بڻي آهي... سو دادوءَ ۾ مون کي قطعاً به اندازو نه هو ته اهائي رم جھم... هتي مٿي گورک جي پهاڙن تي ڌم ڌم... ستم ڪري رهي هئي. اسان دادوءَ ۾ پنهنجي آخري خريداريءَ ۾ تِڪا، شاميون ۽ بريڊ وٺڻ لاءِ لٿا هئاسين ته هلڪو مينهن شروع ٿيو هو... ۽ اهو مينهن... هِن لَڪ ۽ گورک تي شايد جابلو انداز ۾ ڪڙڪيو هو جنهن جا هاڻي بس آثار ئي رهجي ويا هئا.
    مينهن جي ڪري کاول لڪ جا هي رستا... موئن جو دڙو بڻيل هئا. پر هي آخري موڙ ئي هئا... جن تي دل ٻڌي نه چڙهڻ وارا واپس گھرن تائين پهچي چڪا هئا ۽ جيڪي شاھ دل هئا اهي ان نخلستان جا بادشاھ هئا... جيڪو نخلستان هن 90 ڊگريءَ جي اڀي چاڙهيءَ واري پهاڙ تي چڙهڻ کان پوءِ شروع ٿيو هو. پر... اهو پهاڙ فقط هڪ چڙهائي نه هو. هي ور وڪڙن وارو هڪ ڊگھو ۽ مسلسل پهاڙ هو... جنهن تي جمني آرام آرام سان ڪڏهن هيٺ ته ڪڏهن مٿي ٿيندي هلي رهي هئي ۽... جڏهن اهو پهاڙ پورو ٿيو ته سامهون هڪ بورڊ نظر آيو هو.
    گورک ـــ 12 ڪلوميٽر.
    ۽ پوءِ هر ڪلوميٽر تي گورک هل ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ جا لڳاتار بورڊ نظر آيا پئي. (G.H.D.A) 2005ع ۾ وجود ۾ آئي ۽ اڄ 2008ع آهي. ٽن سالن ۾ اٿارٽي، هن روڊ ٺهرائڻ کان سواءِ گورک لاءِ ڪجھه به نه ڪري سگھي هئي. ڪا هڪ ڪئنوپي... جتي ويهي سگھجي. ڪو هڪڙو باٿروم... جتي به ويهي سگھجي. ڪجھه به نه.
    اسان جا سنڌي حڪمران سنڌ لاءِ سواءِ سکڻين ڳالهين ۽ دعوائن جي ٻيو ڪري به ڇا سگھيا آهن...؟ پر اسان جو سڄو سنڌي سماج مجموعي طرح سنڌ لاءِ ڇا ڪري سگھيو آهي...؟؟ اسان جا مقامي ماڻهو پنهنجي علائقي، شهر ۽ گھٽيءَ سان ڪيترو سچا آهن سا اسان سڀني کي خبر آهي. پنهنجي پاڙي جو چونڊيل ڪاؤنسلر پنهنجي گھٽيءَ کي ٺهرائڻ جو ٺيڪو کڻي... ان کي جيئن ٺهرائي ٿو تيئن ئي ته هن اٿارٽيءَ جو چيئرمين به گورک جا ترقياتي ڪم ڪرائيندو هوندو. الاس!!! منهنجي سنڌ جا روڊ رستا سڌري نه سگھيا... ٺيڪيدارن جون ست پيڙهيون سڌري ويون.
    آواره گرديءَ جي ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن هر ٻئي سال لاهور وڃبو هو ته ’ريس ڪورس پارڪ‘ گھمڻ به شيڊيول ۾ شامل هوندو هو ۽ هر دفعي ان ۾ نئين سونهن ۽ دلڪشيءَ جو اضافو ٿيل نظر ايندو هو. پر هي ’پير سهاوا‘ جتي فقط ٽي چار گاڏي وارا اسٽال هوندا هئا جن تي پوري، پراٺا، تڪا ۽ چاٽ وغيره ملندي هئي ۽ اسان اسلام آباد جي گدڙن مان نڪري اوڏانهن وڃي ٿڌڪار جو مزو وٺندا هئاسين... اتي پنجن سالن ۾ پاڪستان جون خوبصورت ترين ريسٽورنٽس (MONAL) ۽ (LA MONTANA) بڻجي ويون... جتي ويهڻ لاءِ ماڻهو قطارن ۾ انتظار ڪندا آهن. پر هو سامراج صوبو آهي ۽ هي اسان محبِ وطن ۽ قوم پرستن جي سنڌ امڙ آهي. جنهن تي ڪو ڌاريون اک کڻندو ته اسان ڀتيون ڀري سندس اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. باقي امڙ جي پلاند ۽ پوتي يا چولي ۽ چوٽيءَ کي پٽڻ اسان پنهنجو حق سمجھندا آهيون. سو امڙ جي نه گھٽي سلامت نه ئي گورک.
    گورک ـــ 12 ڪلوميٽر.
    ۽ جڏهن هي بورڊ نظر اچڻ لڳا هئا ته منهنجي اکين جي اڳيان واري ڪائنات به يڪسر تبديل ٿي رهي هئي.
    هڪ ڏهه ــ ٻارهن فوٽن جو غير ڪشادو مگر خوبصورت ۽ تيز ڪارو رستو... جنهن جي ٻنهي پاسن کان زرد رنگ جا پٽا ۽ وچ تي اڇي رنگ جو پٽو... جيڪو ڪٿي ٽڪرن ٽڪرن ۾ ته ڪٿي وري پورو پينٽ ٿيل نظر آيو. هي رستو جمنيءَ جي زرد سونهري روشنيءَ ۾ ڪنهن چمن جي ٻاري جيان ڀاسي رهيو هو. رستي جي ٻنهي پاسي پٿريلي زمين تي عجيب قسم جا ننڍا وڏا ٻوٽا هئا جيڪي هيڊ لائيٽس جي روشنيءَ ۾ پل لاءِ چمڪي... پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارڻ يا اسان کي ڀليڪار ڪرڻ لاءِ بيٺا هئا ۽ جمنيءَ جي گذرڻ بعد وري کڙکٻيتي جي پرن پويان لڪي الوپ ٿي پئي ويا.
    رات جي رعنائيءَ ۾ هي منظر بي حد دلڪش پئي لڳو. جمنيءَ جيئن ئي ڪو موڙ کاڌو ٿي ته ٻنهي پاسي ٻوٽن ۽ پٽ تي پکڙيل جڙي ٻوٽين سان جُڙيل هڪ نئون جهان تخليق ٿي پئي ويو جنهن جي وچ ۾ تيز ڪاري ڏامر وارو پٽاپٽي رستو روشن ٿي، جمنيءَ جي گذرڻ بعد وري وسامي ٿي ويو.
    هونئن اڪثر ڪري رات جو پهاڙن جا پنڌ... دل ڏاريندڙ هوندا آهن. سندن پويان وسعتن ۾ لڪل منظر اونداھ ۾ الوپ هوندا آهن ۽ گاڏيءَ جي روشنيءَ ۾ مردار رستن کان سواءِ باقي ڪجھه نظر ناهي ايندو. مگر گورک جي هن رستي تي نظارو ئي عجيب هو.
    ٻڌو ته ايئن هئم ته Tracking جي حوالي سان نٿياگلي ــ ايوبيه وارو رستو پنهنجي خوبصورتيءَ ڪري تمام گھڻو مشهور آهي. سو اُن کي ڏسڻ جي چاھ ۾ اسلام آباد مان هڪ ٽرئننگ پوري ٿيڻ بعد اڪيلو ڪوھ مريءَ لاءِ نڪري آيو هئس ۽ رستي تي ايوبيه ۾ رهڻ وارو فيصلو ڪري بس مان لهي... ٽيڪسي ڪري ايوبيه هليو آيو هئس پر ان حسين Track تي به رات جو ته سواءِ وحشت ۽ ڊپ جي... مون کي ٻيو ڪجھه ته پلئه نه پيو هو.
    مگر گورک جي هن رستي تي عجب دلڪشي هئي. جيڪا شايد ڀورن پٿرن تي تيز زرد روشنيءَ جي ڪري پيدا ٿي پئي هئي... جو جتان جتان اسان گذرندا پئي وياسين اهو علائقو سڄو سونهري ٿي ٿئي ويو. گورک جو هيءُ رستو اها ڪنوار هئي جيڪا سڄي سون سان لت پت هئي ۽ انهن سون جي زيورن ۾ ساون ٻوٽن (الپائن، فلورا، فيش، ڊاڊوڙي ۽ ڪاهو) جا زمرد پوئيل هئا. هي هڪ باغ وانگر هو... جيئن باغ جي وچ ۾ هڪ Path هوندو آهي جنهن تي چهل قدمي ڪري سگھبي آهي يا هاڻي جيئن پارڪن ۾ Walking Tracks ٺهيل هوندا آهن... جتي ڪوليسٽرال ۽ دل جا مريض... ڊوڙي يا تيز Walk ڪري ورزشون ڪندا آهن. هي رستو بس ايئن هو... هن رستي جهڙو ٻيو رستو مون پنهنجي آواره گرديءَ دؤران اڳ ڪٿي ناهي ڏٺو. هي رستو شايد سڌو جنت ڏانهن ٿي ويو... نه هيءُ رستو ته گورک ڏانهن ٿي ويو.
    رستو هلندو پئي رهيو... منظرن جا رِيل ونڊ اسڪرين تي ڦرندا پئي رهيا. هر موڙ تي سونهري ڪنوار نئين ادا سان گھونگھٽ سرڪائيندي پئي رهي.
    هڪ اهڙو ئي موڙ مڙي جڏهن اسان جمنيءَ جي قد بت جيتري ڊگھن پتن واري سائي زمرد کي ڏٺو ۽ ان کي ڇهڻ لاءِ جمنيءَ کي بيهاري جڏهن ڊرائيور سائيڊ وارو شيشو لاٿو ته اسان جي ملاقات هن سان به ٿي وئي جنهن جو انتظار مون کي تمام گھڻي شدت سان هو ۽ سڄي سفر ۾ اهو احساس مون سان گڏ ئي گڏ سفر ڪندو رهيو ته دادو، جوهي ۽ اتر سنڌ ۾ لڳندڙ لُڪن جي وقت... هو اسان سان ڪٿي ۽ ڪيئن ملندو...؟ ۽ هُو... اتي ان ڊگھن پتن واري (فيش) جي ٻوٽي وٽ اسان کي ملي ويو هو. هن جي ملڻ سان اسان سڀئي سرها ٿي ويا هئاسين. خبر ناهي... هو ڪيتري وقت کان اسان جي پويان پويان... اسان کي Surprise ڏيڻ لاءِ جمنيءَ سان گڏ گڏ ڊوڙي رهيو هو... مگر جمنيءَ جا شيشا بند هئا ۽ اسان کي سندس هئڻ جو احساس نه ٿي سگھيو هو... ۽ هاڻي جڏهن هن قدِ جمنيءَ جيترو ٻوٽو ڇهڻ لاءِ جيئن ئي شيشو هيٺ لٿو... ته هو به پنهنجي مڪمل وجود سان اسان جي گاڏيءَ ۾ ڌوڪي آيو... ۽ گاڏيءَ جي اندر ڦهلجي ويو.
    الا...! ٿڌو ته...
    اُف... اُف...
    ماشاءَ الله...
    هوا جو هڪ جھوٽو... جمنيءَ جي اندر ڦهلجي ويو هو.
    هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي انداز سان کيس ڀليڪار ڪيو. سرويچ هالائيءَ لکيو آهي ته:

    اسان ٻئي اعتراض جوڳي حالت ۾
    هوا ڌوڪي آئي دروازو کٽکٽائي ته ها

    پر... اسان مان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڪير به نه هو... سو هوا آئي... ته ڀلي ڪري آئي. جيءُ ڪري آئي.
    هتي ڪنهن به لَڪ، موڙ يا کاهي جو ڪو به ڊپ ۽ ڊاءُ نه هو... ڪو به رستو ڌڪار جو رستو نه هو. هي رستو پيار ئي پيار جو رستو هو. هڪ Romantic فلم ۾ لانگ ڊرائيونگ جي Scene جي شوٽنگ ڪرڻ لاءِ آئيڊيل رستو.
    ۽ هن رستي جي انهن ئي منظرن مان مزو وٺندا... اسين گورک جي ان مقام تي پهچي وياسين... جتي ماڻهن جو چؤٻول هو... ڪجھه تاڙيون هيون... پٽ پيل شاميانا هئا... اکڙيل قناتون هيون... جيڪي سنجھا جو آيل ان طوفان جون گواھ هيون جنهن ڪري گورک تي رچايل رات جا رنگ مرجھائجي ويا هئا ۽ مهمانَ... کاول لڪ جي هيبت کان توبهه تائب ٿي واپس لهي ويا هئا.

    مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري
    جن جيءُ مٺو نه ڪيو، سي گورک تي پهچي ويا.

    جمني... گورک جي محفل تي نوحا خوان قنات جي ڀرسان اچي بيهي رهي ۽ اسان سڀئي گورک تي لهڻ لڳاسين.


    گورک تي پهريون قدم

    آئون نيل آرم اسٽرانگ ناهيان

    جمنيءَ ۾ باقي آئون بچيو هئس.
    ۽ مون پنهنجو پير بغير سينڊل پائڻ جي گورک تي رکي... ان جو لمس محسوس ڪرڻ ٿي چاهيو.
    ڪجھه شين کي هٿ جي بدران پير سان ڇهي... ان جو اندازو ڪري سگھبو آهي. جسم جي نرمي هٿ لڳائڻ سان محسوس ٿيندي آهي ته Lawn جي نرميءَ لاءِ وري ان تي پير رکڻو پوندو آهي.
    سو... مون سينڊل هٿ ۾ کڻي پنهنجو پير گورک جي سيني تي رکي ڇڏيو... ۽ عين ان ئي لمحي سوال جو هڪ پکي اڏامي منهنجي ڪلهي تي اچي ويٺو ۽ چون چون ڪري چوڻ لڳو...
    اي... نيل آرم اسٽرانگ! ڇا توکي به چنڊ تي پير رکڻ سان اهو ساڳيو ئي احساس ٿيو هو جيڪو گورک جي ڌرتيءَ تي پير رکڻ سان مون کي محسوس ٿيو آهي...؟؟
    جواب آيو... قطعاً نه.
    ڇاڪاڻ جو... تو جڏهن چنڊ جي ڌرتيءَ تي پهريون قدم رکيو هو ته تنهنجي پيرن ۾ هڪ وزني بوٽ هو ۽ تون پنهنجي وجود کان هلڪو ٿي چنڊ تي بل کائي رهيو هئين... مگر گورک جي ڌرتيءَ کي ڇهڻ لاءِ منهنجا پير بلڪل خالي هئا ۽ گورک جو سڄو وجود مون ۾ سمائجي ويو هو ۽ آئون گورک سميت فضائن ۾ اڏامي رهيو هئس هڪ باز وانگر... ٻئي پر کولي آئون هوائن ۾ اڏامي رهيو هئس.
    او... نيل آرم اسٽرانگ!! تو ايئن ڪٿي محسوس ڪيو هوندو... جيئن آئون محسوس ڪري رهيو هئس.
    ٻارهن سالن جي تشنگي، پياس، اڪير، آس، تڙپ ۽ تانگھ وارو پير جڏهن گورک جي پٿريلي ڌرتيءَ تي پيو ته ان جي ڇهاءَ... اندر جا سڀ ڏک ڏولاوا ڇڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيا هئا ۽ آئون نئون نڪور بڻجي پيو هئس.
    Sprit جهڙي ٿڌي ڇهاءَ... پير مان داخل ٿي سڄي جسم کي اندران ئي اندران تازه دم ڪري ڇڏيو.

    خانه بدوش جي کيس ۾ گورک جو گلاب ٽانڪجي ويو هو... پر هن گلاب جا رنگ اڃان ظاهر نه ٿيا هئا... پردي ۾ هئا... پر اهي ضرور ظاهر ٿيڻا هئا.
    يا... مظاهر العجائب!!
    صبح جو هن بندي سان ڇا ٿيڻو هو...؟؟
    سا ته رڳو توکي ئي خبر هئي.


    گورک تي تقريرون

    دماغ مائوف ـ مائوف

    سائونڊ سسٽم چيڪ ٿي رهيو هو.
    گورک مڪمل اونداھ ۽ مڪمل ٿڌڪار ۾ هئي.
    روشني فقط اتي هئي... جتي اسان هئاسين.
    ۽ اسان گھڻا هئاسين.
    هڪ ٻه صوفا ۽ ڪجھه ڪرسين کان علاوه هيٺ... پٽ، گلم، قناتن ۽ ٽين جي دٻن تي اڌ گول جي صورت ۾ ويٺل وڌ ۾ وڌ هڪ سؤ ڄڻا.
    باقي اڌ گول تي سندلن سان اسٽيج ٺهيل هئي... جنهن تي ڳاڙها ايراني قالين وڇايل هئا.
    هي ماڻهو اهي هئا... جيڪي اول اول دستي ۾ مٿي چڙهي آيا هئا.
    کاول لڪ پوءِ طيش ۾ آيو هو... گورک تي گجگوڙون پوءِ ٿيون هيون.
    ويٺل ماڻهو ماٺ ۾ هئا... سندن مشاهدي هيٺ آيل شايد اهو پهريون پهاڙي مينهن هو... ان ڪري سندن منهن تي گذري ويل خوف جا آثار هئا.
    روشني جنريٽر جي هئي.
    هي سڄو اهتمام جوهيءَ جي هڪ غيرسرڪاري تنظيم (وليج شاد آباد آرگنائيزيشن جوهي) پاران گورک تي سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آرگنائيز ڪيو ويو هو... پر اها ڳالھ کاول لڪ کي نه وڻي هئي... ۽ هن طيش ۾ اچي پاڻ کي رهڙڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
    نتيجي ۾ قافلا موٽي ويا.
    پهتا فقط اهي جن جو پيچ پختو هو.
    سائونڊ سسٽمOK ٿيڻ کان پوءِ ڪمپيئر، سوير ٿيل ان ستم تي ڳوڙها ڳاڙيندي پروگرام جو آغاز ڪيو.
    تلاوت، نعت، آجياڻا ۽ تقريرون ٿيون.
    مقامي مقررن جي تقريرن ۾ زور ان ڳالھ تي هو ته گورک جو علائقو ڏاڍو پُر امن آهي. هتي امن امان جي صورتحال ڏاڍي بهتر آهي... علائقي جا ماڻهو مهمان نواز آهن. هڪ ٻئي جي مال، عزت جو ڏاڍو خيال رکيو ويندو آهي. وغيرھ... وغيرھ.
    هي علائقو ڏاڍو پر امن آهي...!!
    هتي امن امان جي صورتحال ڏاڍي بهتر آهي...!!!
    هي اُهي جملا هئا... جن اسان خاص ڪري عقيل ۽ منهنجي مٿان ملامت جو بادل بڻجي... ڦٽڪار جو مينهن وسائڻ شروع ڪيو. اسان گذريل ٻارهن سالن کان سدائين گورک ڏانهن سنڀرڻ کان پوءِ امن امان جي خراب صورتحال سمجھي... رستي مان ئي کڄي وڃڻ جي ڊپ کان هيڏانهن لاءِ ناهيون نڪري سگھيا ۽ هن علائقي جي رسنديءَ وارن ماڻهن جا واسطا نه ڳولهي سگھڻ جي ڪري هميشہ مايوس ٿي ماٺ ڪري ويهي رهندا هئاسين... ۽ خدا شاهد آهي ته هن دفعي به اسان هتي اچڻ لاءِ دل فقط ان ڪري ئي ٻڌي هئي جو اسان سوچيو ته پروگرام ۾ کوڙ سارا ماڻهو هوندا... گاڏيون هونديون... سو پاڻ به ٻليءَ پير... ٻليءَ پير... ڪري انهن جي پويان اڄ اگر هلي پياسين ته هلي وينداسين... باقي ڀاڳ کي اهڙو ڀِيڙو وري الائي ڪڏهن ملي سگھندو.
    کاول لڪُ ته اسان جون متيون منجھائي نه سگھيو. مگر هنن جملن ضرور منجھايون هيون.
    اسان جا دماغ مائوف ٿي ويا.
    مٿان ٿيندڙ ڦٽڪار جي ڪري يا الائي گورک تي وڌي ويل ٿڌڪار جي ڪري.
    اسان گاڏيءَ مان آندل رليون ڪڍي پاڻ کي ويڙهي ڇڏيون.


    ٺرندڙ رات، ٻرندڙ مچ ۽ موسيقيءَ جي محفل

    گورک جي هن ننڍي ٽُڪري ۾ وڏي روشني هئي.
    گول منڊل جي وچ ۾ اُلاءُ روشن هو... باقي گورک گُھگَھ اونداھ ۾ ٻڏل هئي.
    سفيد بلبن ۽ ڳاڙهي باھ جي روشنيءَ جي ڪري... آسمان جو ٿالھ ستارن کان خالي ٿي ويو هو.
    هيٺ... هيءَ مختصر دنيا هئي.
    هڪ اسٽيج ۽ ان جي سامهون اڌ گول جي صورت ۾ ويٺل ايترا ئي ماڻهو... جيترا نوح عليہ السلام جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي سگھيا هئا.
    هيءَ دنيا به انهن ئي آباد ڪئي هئي. جيڪي کاول لڪ تي آيل طوفان کان بچي نڪتا هئا.
    دنيا... آباد ٿي وئي هئي.
    اسٽيج تي سازندا اچي ويا... جن تاڃي پيٽا ملائي سُر سڌا ڪيا.
    گورک تي طبلن جي ٿاڦ ٻُرڻ لڳي.
    بر ۾ بهاري ٿي وئي... سُرندا سُرڻ لڳا.
    هاريمونيم... سا... ري... گا... ما... پا...ڌا...ني... جا سر ڇيڙيا.
    سنڌ جو نابالغ راڳي ضامن علي... پنهنجي سونهن جو جلوو ڏيکاري... وارن کي هٿ جو جھٽڪو ڏيئي اسٽيج تي چڙهي آيو.
    ڪائنات جي پهرين موسيقيءَ جي ٿيل محفل وانگر... هيءَ محفل مزو ڏيڻ لڳي هئي. اسٽيج تي هڪ جي پويان ٻيو ڪلام ڳاتو پئي ويو... رلين ۾ هڪ جي پويان ٻي بيئر جي بوتل کلي رهي هئي.
    خشڪ ٿڌي هوا شرڙ... شرڙ... ڪري اسان جي مٿان لامارا پئي ڏنا. سرديءَ جي شدت وڌي رهي هئي. هن دنيا جا سڀئي مڪين... سڀ جا سڀ پنهنجيءَ ۾ مگن هئا. اهي ساڪت هئا... انهن ۾ گھڻي چرپر ڪانه هئي پر سڀ خوش هئا... ڪي مٿي آسمان کي ۽ ڪي سامهون اسٽيج کي تڪي رهيا هئا. شايد جيڪي حُسن پرست هئا... اهي اسٽيج تي مگن هئا ۽ باقي آسماني خيالن ۾ گم.
    آئون بور ٿي رهيو هئس.
    فئري ميڊو تي پنهنجي قيام جي آخري رات... ٻاهر Lawn تي وسيم وڏي ڪوشش سان هڪ ننڍڙو مچ ٻاريو هو. جنهن جي روشنيءَ ۾ فئري ميڊو جا ستارا گم ٿي ويا هئا... ۽ اسان خاص پلان تحت انهن ئي راتين ۾ فئري ميڊو جو پروگرام ٺاهيو هو جنهن ۾ فئري ميڊو جي ميدان تي لهي آيل ستارن کي ڏسي سگھجي. سو... آئون اُن مچ وٽان اٿي هليو ويو هئس ۽ پنهنجي ڪاٺ جي ڪمري Hut وٽ بيهي مٿي ستارن کي ڏسي رهيو هئس ته ايئن سچ ۾ ٿي پيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي اُتي جا ستارا آسمان مان هڪ هڪ ٿي هيٺ ميدان تي ڇڻڻ لڳا هئا. بلڪل هلڪي Snow fall وانگر... ڪپهه جي ننڍڙن گولن وانگر... يا چمڪيلن پاڻيءَ جي بوگيڙن وانگر. ۽ هوا لڳڻ سان اهي ستارا سائي ڇٻر واري اُن ميدان تي ڊوڙي هڪ ٻئي جي مٿان چڙهي ٿي پيا ۽ وري لهي ٿي آيا... ۽ آئون Hut جي اندران نويد جي سڏ اچڻ تائين ستارن جي اها سحر انگيز راند ڏسندو رهيو هئس.
    پر... هتي روشني شديد هئي ۽ آئون اٿي به ڪهڙي Hut ڏانهن وڃان ها...؟ سو اتي ئي ويٺو رهيس.
    ضامن علي اڃان ڳائي رهيو هو. ضامن عليءَ ۽ صنم مارويءَ جي باري ۾ پيشن گوئي ته مون 2007ع ۾ جشنِ مٽياريءَ جي ڪمپيئرنگ ڪندي ڪئي هئي، جڏهن پهريون دفعو صنم ماروي، شهنيلا علي، ضامن علي ۽ عابده پروين کي سڏائڻ جو موقعو مليو هو. پروگرام کان پوءِ پنهنجي دوستن جي چؤياري ۽ درگاھ نصير مرزا (ريڊيو حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر جو ڪمرو) ۾ مون هڪ پيشن گوئي ڪئي هئي ته صنم ماروي... مستقبل جي عابده پروين آهي ۽ ضامن عليءَ جو ڪو مستقبل ڪونهي. دوستن ماٺ ڪري ٻڌو هو... ۽ نصيرَ... اختلاف ڪيو هو. آئون پنهنجي ڳالھ تي قائم هئس. اڄ 2015ع آهي... منهنجي ڳالھ مُرڪي رهي آهي... صنم مارويءَ جي هيڏي پذيرائي ڏِسِي.
    صنم جو آواز ۽ انداز ٻڌي منهنجو دوست ماجد مون کي اٿي بيهي سلام ڪندو آهي... ۽ جڏهن جڏهن به آواز ٻڌندو آهي تڏهن تڏهن سلام ڪندو آهي.
    جڏهن ته ضامن عليءَ جو ڪو ڪو گانو ٽي. وي يا ڪيسيٽ تي ته ڀلو لڳندو آهي پر لائيو پرفارم ڪرڻ جو وٽس اڃان ڪو هنر ناهي... ۽ شادين مرادين ۾ ڳائڻ واري اجائي هٻڇ کيس اڳتي وڌڻ نه ڏيندي. اهو منهنجو خيال آهي... خدا ڪري ته منهنجو خيال غلط ثابت ٿئي.
    محفل ختم ٿي وئي... مچ؛ آهستي آهستي ٿڌو پئي ٿيو ۽ ان سان گڏ گورک به وڌيڪ ٿڌي ٿيندي پئي وئي.

    ڪجھه ماڻهو اسٽيج تي... ڪجھه قالينن تي... ڪجھه قناتن تي ليٽي پيا.
    جنريٽر هلندو رهيو... بتيون ٻرنديون رهيون... ستارا مٿي ئي رهيا... يا شايد مٿي به نه رهيا. اسان به رلين سوڌو جمنيءَ ۾ گھڙي آياسين.


    رات کان پوءِ رچيل رنگن جي راند

    جمنيءَ ۾ ننڊ ڪٿي ٿي آئي...؟
    جمنيءَ جا شيشا چڙهيل هئا... اسان چارئي پنهنجي ساهن جي گرميءَ سان گاڏيءَ کي گرم ڪري رهيا هئاسين.
    جمنيءَ ۾ ننڊ سائين طاهر کي آئي هئي... جو هو ته سجدي ۾ به سمهي سگھندو آهي.
    جميل به سدائين ايئن ئي رهيو آهي... رات جو دير سان ڪچهري ڪندي ڪندي سمهي رهندو آهي ۽ جڏهن سڏ ڪبو اٿس ته جواب ڏيندو آهي... ’جاڳان پيو.‘
    عقيل جي ننڊ... بٽڻ تي آهي. ڪم ڪندي ڪندي وچ ۾ چوندو ’مون کي ڏھ منٽ ڇڏيو ته آئون سمهان...‘ ۽ يڪدم ننڊ جو بٽڻ On ڪري سمهي... کونگھرا هڻڻ شروع ڪندو آهي ۽ ڏهن منٽن کان پوءِ وري اٿي اهو بٽڻ Off ڪري ڪم کي لڳي ويندو آهي... هي مبالغو ڪونهي... حقيقت آهي ته عقيل وٽ ننڊ جو بٽڻ لڳل آهي. جنهن کي کولڻ/ بندڻ سندس وس ۾ آهي.
    سو... جاڳيس فقط آئون پئي. جمنيءَ ۾ ننڊ مون کي نه ٿي آئي.

    موت آئی تو سو لیں گے۔۔۔

    رکي رکي ڪنهن ماڻهوءَ جي دانهن ۽ آواز ٻاهران کان ٻڌڻ ۾ آيا پئي. باقي سناٽو هو. چپس جي پنيءَ جي ڇڻ ڇڻ تي هنن ٽنهي مان ڪو اٿي ٿي پيو يا جنهن کي پاڻيءَ جي اڃ ٿي لڳي ته بوتل مان ٻه ٽي ڍڪ ڀري وري سمهي ٿي رهيو. جنريٽر جو تيل هلي هلي ختم ٿي ويو هو... ٻاهر به اونداھ ٿي وئي هئي. اندر به اونداھ هئي.
    نظر... اکين پورڻ سان به ڪجھه نه ٿي آيو ۽ اکيون کولڻ سان به ڪا روشني پلئه نه ٿي پئي. معرفت ملي ئي ناهي... شايد اڃان متلاشي به ناهيان ٿيو. ان ڪري اپٽيم ٿي ته به انڌوڪار ٿي پلئه پئي ۽ پوريم ٿي ته به پرين پسي نه ٿي سگھيس.
    باطن توڙي ظاهر ۾ ساڳي اونداھ هئي... مڪمل اونداھ. اندر توڙي ٻاهر ڪجھه نظر نه ٿي آيو. جمنيءَ جي شيشي کان ٻاهر به ڪاراڻ هئي ۽ اندر جو آئينو به ڌنڌلو هو. اکين ۾ سفيديءَ جو سرمون هو ئي ڪٿي جو اندر جي اجرائپ ۽ عالم جي اڇائيءَ کي ڏسي سگھجي... سو بس! نظر تيسين صرف ڪاراڻ ئي پئي آئي... جيسين وهائو نه نڪتو.
    ۽ نيٺ وهائو نڪتو... ڪهڙي طرف کان... خبر نه پئي. پر وهائو نڪتو هو ۽ تيز ڪاراڻ سرمئي رنگ ۾ بدلجي وئي هئي... شيون هلڪيون هلڪيون نظر اچڻ شروع ٿي ويون.
    منظرن... ٿورو ٿورو نقاب سرڪڻ شروع ڪيو هو. رات جتي ڪجھه به نظر نه ٿي آيو... اتي ڪجھه ڪارا داغ هئڻ جو گمان ٿيڻ لڳو هو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سرمئي ڪاغذ تي ڪاري مس سان ٺاهيل وڏا داغ نظر اچڻ شروع ٿي ويا... ۽ جيئن جيئن ڪاغذ تان سرمئي رنگ جھڪو ٿيندو پئي ويو... صاف ٿيندو پئي ويو... تيئن تيئن اهي داغ ظاهر ٿي وڌيڪ ڪارا ٿيندا پئي ويا.
    آئون جمنيءَ ۾ کاٻي پاسي کان ويٺل هئس ۽ داغ به کاٻي پاسي ئي هئا... پر تمام پري هئا. سامهون واري شيشي مان ڪجهه نظر نه پئي آيو. ها... سرمئي رنگ چؤگرد ڦهليل هو جيڪو آهستي آهستي سفيد ٿي رهيو هو.
    عجيب منظر هو...!!
    گورک جي ڦهليل ڪينواس تي رنگَ... اک ٻوٽ راند کيڏي رهيا هئا. جڏهن ڪارو رنگ غالب هو... ته سڀ ڪجھه ڪارو هو. تيز سرمئي جي تبديليءَ سان جتي وڏا جسم هئا... جبل هئا... اهي ڪارا ٿي نظر آيا. سرمئي رنگ هلڪو ٿيو ته جبلن جي ڪاراڻ وڌيڪ چٽي ٿي ويئي. ۽ جڏهن سفيد رنگ جي پينٽ جو دٻو سڄي ڪينواس ٿي هارجي ويو ته وري پريان نظر ايندڙ جبل سرمائي ٿي ويا.
    صبح ٿي رهيو هو...
    کاٻي پاسي وارا جبل تمام پري هئا... ۽ ڌنڌ ۾ لڪل هئا. اڇاڻ ٿي رهي هئي... سامهون واري شيشي مان شيون واضح نظر اچي رهيون هيون.
    گاڏي... پهاڙيءَ تي بيٺل هئي. پٿرن جو رنگ ڀورو هو. رنگن جي اک ٻوٽ پوري ٿيڻ تي هئي. سفيد رنگ... سڀني رنگن کي وائکو ڪري رهيو هو.
    گورک تي لهڻ ۽ ان کي ڏسڻ جي بي چيني شروع ٿي وئي هئي.
    مون... زور سان ڪلمو پڙهڻ شروع ڪيو.
    ’لا اِلہٰ الا الله محمّد الرسول اللهﷺ‘
    ڇا ٿيئي...؟؟ (عقيل اک کولي)
    سائين طاهر به اک کولي ڪلمو ڀريو.
    جميل... ستل ئي رهيو... ايئن به نه چيئين ته... جاڳان پيو.
    صبح ٿي ويو ڇا...؟؟ (عقيل وري چيو).
    ها... سڀاڳؤ... هاڻي ته اٿو.
    جميل به اک کولي... صبح ٿي ويو.
    گورک تي صبح ٿي ويو هو.


    گورک ـ هڪ گورک ڌنڌو

    اسين سڀئي گاڏيءَ مان لهي آياسين.
    پاڻيءَ جي بوتل کڻي... ته جيئن منهن کي ڇنڊو هڻي سگھون... گرڙي ڪري سگھون.
    صبح جون تازه دم ٿڌيون ڇڙواڳ هوائون گورک تي گھمي رهيون هيون. ڪڏهن اهي ان روڊ کان ٿي آيون جتان کان اسين آيا هئاسين ۽ ڪڏهن وري کاٻي پاسي کان... جتي پري کان مون کي ڪارا وڏا داغ نظر پئي آيا.
    موسم ٿڌي هئي... بوتل ۾ پاڻي ٿڌو هو.
    اسان جنهن رستي کان مٿي آيا هئاسين... ان پاسي پهاڙ هئا. سج به شايد انهن ئي پهاڙن جي پويان طلوع ٿيڻو هو... مگر اڃان سوير هئي.
    رات جيڪي ماڻهو پروگرام ۾ هئا... اهي نظر نه ٿي آيا. جتي پٽ پيل شاميانا هئا... اتي شاميانا ته هئا... پر جيڪي ماڻهو انهن تي ستل هئا... نه اهي هئا ۽ نه ئي وري انهن جا بسترا. گورک جڏهن سرمون پائي سينگار پئي ڪيو ته هي ماڻهو لهي ويا هئا... شايد.
    يا شايد... گورک... پنهنجو اصل روپ ڌاري بگھڙ بڻجي کين کائي وئي هئي... هضم ڪري وئي هئي.
    چون ٿا... هڪ ڪٿا آهي.
    گورک... بلوچي لفظ ’گرک‘ مان ورتل آهي. جيڪو فارسي لفظ ’گرگ‘ جي بگڙيل صورت آهي. جنهن جي معنيٰ آهي... بگھڙ. ۽ ان بنياد تي شايد پوءِ ايئن به چئي سگھجي ٿو ته ماضيءَ ۾ بگھڙن جو ڪافي تعداد ڪاڇي ۽ کيرٿر ۾ موجود هوندو ۽ هيءَ ٽڪري سندس دارالخلافه هوندي... ۽ جيڪي رڍون ۽ ٻڪريون ٽهل ٽڪور ڪندي گاديءَ واري هنڌ اچي پهچنديون هونديون ته پل ۾ هڙپ ٿي وينديون هونديون. يا... پراڻن زمانن ۾ جيئن ’رياست نگر جا ماڻهو بک ۾ پاھ هوندا هئا... نه وٽن ڪجھه کائڻ لاءِ هوندو هو ۽ نه ئي سندن ڍور ڍڳن لاءِ... ته هو ’اسڪولي‘ جي پُر امن واديءَ تي يلغار ڪندا هئا... اتي جي معصوم، حسين ۽ پُر امن ماڻهن وٽان ماکي ۽ جانورن جو کلون ۽ ٻيون به جياپي جون ضروري شيون لُٽيندا هئا جن جو تصور به ڏڪار واري موسم ۾ نگر جي ماڻهن لاءِ ممڪن نه هوندو هو.‘ تيئن ئي شايد هتي به ’گرگ آشتيءَ‘ واري موسم اچڻ کان اڳ هتي جا بگھڙ، پيٽ جي دوزخ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آخري ڪوشش طور... انهن رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين جي پر امن ديس ۾ حمله آورن جي صورت... لهي پوندا هئا ۽ پنهنجو پيٽ ڀرڻ کان پوءِ بچيل سچيل ڪُوت پنهنجي ٻارن لاءِ به کڻي ويندا هئا.
    ته ڪٿي... هي ستل ماڻهو اتر تهذيب جي آخري ڳوٺ ’اسڪولي‘ جا باشندا ته نه هئا... جن کي نگر رياست وارا ازلي دشمن... هتي به لٽڻ لاءِ پهچي ويا هئا... ۽ هي ماڻهو هميشہ وانگر ماٺ ميٺ ۾ لٽجڻ کان پوءِ سج نڪرڻ کان اڳ واپس اسڪردو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ’اسڪولي‘ لاءِ نڪري پيا هئا. شايد ايئن هجي...
    يا شايد ايئن نه هجي ۽ پهرين روايت بلڪل صحيح هجي ۽ اهي خونخوار بگھڙ ان ڏينهن به گورک تي موجود هئا ۽ جنريٽر جي بند ٿيڻ کان پوءِ غارن مان نڪري آيا هئا ۽ پٽ تي ڪري پيل شاميانن جي مٿان ستل ماڻهن تي حملا آور ٿي... کين ڳڙڪائي ويا هئا.
    مگر جي ايئن به ناهي... ته پوءِ هي ماڻهو صبح صبح ڪيڏانهن گم ٿي ويا هئا...؟؟

    ڪجھه مقامي ماڻهن جي چوڻ مطابق... هڪ هندو جوڳي ’شري گورکناٿ جِي‘ هنن علائقن ۽ هنن ٽڪرين ۾ جوڳ پچائڻ لاءِ ايندو رهندو هو. پاڻ هڪ ٻڌسٽ جوڳي هو. جنهن جا پوئلڳ نه فقط ٻڌ هئا پر مسلمان توڙي غيرمسلم به هئا. گورکناٿ؛ ڏهين صدي (ڪن روايتن ۾ يارهين يا ٻارهين صديءَ) ڌاري پنجاب ۾ پيدا ٿيو. جنهن نه فقط سڄي هند جا سفر ڪيا پر هن سنڌ کان بنگال ۽ نيپال کان سري لنڪا تائين به پنهنجي فڪر جي پرچار ڪئي. نيپال جي ’گورڪ‘ شهر جو نالو به گورکناٿ جي نالي پٺيان ئي رکيل آهي ۽ اتر پرديش جي علائقي ’گورک پٽ‘ ۾ سندس نالي سان هڪ وڏو مندر به اڏيل آهي ۽ سندس سماڌيءَ تي مقبرو پڻ جڙيل آهي. گورکناٿ جو هندي نالو ’گورڪشا‘ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’ڳئونءَ جو رکوالو‘. هو هندو يوگي هو... جيڪو عام طور تي ’ڪن ڦٽا يوگي‘ / ڪن ڪٽيل يوگي طور سڃاتو ويندو هو ۽ جسم تي ضابطي ۽ روحاني تقويت حاصل ڪرڻ لاءِ يوگا جون مشقون ڪرائيندو هو... سندس پوڄاري اڄ به هماليا جي پهاڙن ۾ رهن ٿا.
    سو... شاميانن تي ستل هي ماڻهو ڪٿي ’شري گورکناٿ جِي‘ جا ته پوئلڳ نه هئا... جيڪي گورک تي مرشد جو تڪيو پسي صبح ٿيڻ کان اڳ ئي هماليا جي جبلن ۾ موٽي ويا هئا...!
    ماڻهو... ڪيڏانهن ٿي وڃي سگھيا...؟؟
    چون ٿا... ته سنسڪرت ٻوليءَ جي هڪ ماهر ’نندو‘ جو چوڻ آهي ته گورک... سنسڪرت جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ’ريڍار يا ٻڪرار‘... سو لُڪن ۽ جھولن واري مُندَ ۾ هيٺ واهي پانڌي، جوهي يا دادوءَ جا ريڍار ۽ ٻڪرار پنهنجو مال هڪلي... هتي چڙهي ايندا هئا ۽ مال چاريندا هئا. يا ته پوءِ انهن ئي هن علائقي کي پنهنجي جاگير سمجھي... ان کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو هو.
    ته ڀلا... پاڻ کڻي ان ڳالهه کي ئي مڃي وٺون ته گورک جي معنيٰ ريڍار يا ٻڪرار آهي... ۽ هي ماڻهو پنهنجي ئي جاگير ۾ بسترا لڳائي سمهي رهيا هئا ته پوءِ صبح ٿيڻ کان اڳ ايئن چورن وانگر واپس هيٺ ڀڄي وڃڻ لاءِ سندن وٽ ڪهڙو جواز هو...؟؟
    مگر ترسو...!!!
    گورک ته بلوچستان جي بارڊر سان به لڳي ٿي... ۽ خضدار جي ڳوٺاڻن لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جو آسان دروازو به ته رهي آهي... ته ڪٿي... هي پراڻي زماني جا اهي ڳوٺاڻا ته نه هئا... جيڪي خضدار مان آيا هئا ۽ واهي پانڌيءَ مان بصر، پٽاٽا، ٿوم، ادرڪ ۽ اٽو وٺڻ لاءِ... مارڪيٽ کلڻ کان اڳ ئي هيٺ لهي ويا هئا.
    پر هي سڀ... محظ ڳالهيون هيون/ آهن... ۽ اڃان ته ڪئين ڳالهيون آهن. حقيقت ڇا آهي...؟ خبر ناهي.
    خبر ڪنهن کي آهي...؟؟ سا به خبر ناهي.
    جو گورک... بس... گورک آهي.

    ۽ گورک کي جڏهن مون پهرئين دفعا نصرت فتح علي خان جي آواز ۾ ٻڌو ته مون کي اهو احساس ٿيو ته هي ڪو فقط عام لفظ ناهي... پر ان ۾ ضرور ڪا ڳجھي ڳالهه يا اونهو اسرار رکيل آهي. نصرت فتح علي پنهنجي طويل قواليءَ ۾ بار بار ان ’ٿلهه‘ کي ورجايو ٿي ته...

    تم اک گورکھ دھندا ہو۔۔۔

    ۽ پوءِ مون سنڌيءَ جي لغت کولي ان لفظ جي معنيٰ ڏٺي... جيڪا هئي... ڏکيو... وڏو... لٽڪيل... مشڪل... نه حل ٿيندڙ مسئلو... وغيرهه.
    سو... منهنجي نظر ۾ گم ٿي ويل ماڻهو به ڏکيو... مشڪل ۽ نه حل ٿيندڙ مسئلو هئا... ۽ گورک... بس گورک ئي آهي.
    گورک... کيرٿر جابلو سلسلي جو ٿڌي ۾ ٿڌو پهاڙ آهي. هن سلسلي ۾ اهڙيون ڪافي پهاڙي چوٽيون موجود آهن جن جي اوچائي 5500 فوٽن کان مٿي آهي ۽ جڏهن اڃان شادان شاھ پاران (Google Earth Telemetry) تي 27 12.35 10 اتر، 67 09.33 88 اوڀر جي پوري (Co ordinates) تي کيرٿر ۾ 7056 فوٽن واري اوچي ۾ اوچي چوٽي ڳولهي ان کي ’ڪوهِه بينظير‘ جو نالو نه ڏنو ويو هو، تيستائين کيرٿر ۾ سنڌ جي اترئين پاسي جي 6850 فوٽ اوچي چوٽي کي ئي سنڌ جي پهرين وڏي چوٽيءَ طور ليکيو ويندو هو. اڄ به اها چوٽي ’ڪتي جي قبر‘ طور مشهور آهي.
    هن اهم چوٽيءَ يعني ’ڪتي جي قبر‘ جي باري ۾ به هڪ عجيب روايت گردش ڪري ٿي. چون ٿا ته ڪنهن ماڻهوءَ وٽ هڪ ڪتو هوندو هو، ان تي ڪنهن ٻئي همراهه جو سؤ رپيا قرض ٿي ويو. سو ان ماڻهوءَ گرويءَ طور پنهنجي ڪتي کي ان همراهه جي حوالي ڪيو. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ جڏهن ان ماڻهوءَ وٽ پئسا ٿيا، تڏهن هُو فرض پورو ڪرڻ لاءِ اهو سوچي هن همراهه ڏانهن روانو ٿيو ته قرض ڏئي پنهنجو ڪتو ڇڏائي ٿو اچان. هي اڃان وچ رستي تي ئي هو ته واٽ تي کيس سندس ساڳيو ڪتو اچي گڏيو، جيڪو به ڏانهنس ئي واپس پئي آيو. مالڪ سمجھيو ته ڪتو ان همراهه سان بي وفائي ڪري واپس ڀڳو ٿو اچي. سو ڪاوڙ ۾ هن ڪتي کي بُجو ڏنو ۽ ٿڪ لعنت به ڪئي، جو سندس خيال ۾ ڪتو هُتان کان نافرماني ڪري ڀڳو ٿي آيو. مالڪ جو اهڙو بي عزتيءَ وارو رويو ڏسي ڪتو اتي جو اتي مري ويو. جنهن کان پوءِ جڏهن اهو ماڻهو پنهنجي قرض خواهه وٽ پهتو تڏهن خبر پيس ته جنهن همراهه وٽ اهو ڪتو گروي ٿيل هو ان جي گھر کي چور کاٽ هڻي تمام گھڻي ملڪيت کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئا پر ڪتي جي باهوڙ ۽ ٻي ڏاهپ کان گھرڌڻين کي سجاڳي ٿي ۽ پوءِ هو ڪتي کي ساڻ ڪري چورن پٺيان ويا ۽ انهن کي پڪڙي پنهنجو مال به ڇڏرائي آيا. ڪتي جي ان عمل تي اهو همراهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ دل ۾ چيائين ته هن ڪتي قرض جي پئسن کان به وڌيڪ پاڻ نڀايو آهي. ان ڪري هن ڪتي کي آزاد ڪري موڪل ڏني ته ڀلي پنهنجي اصلي ڌڻيءَ وٽ وڃي. ڪتو اهڙو وفادار هو، جنهن پنهنجي ڌڻيءَ جو فرض موکيو هو. پر پوءِ رستي تي جڏهن کيس ڌڻيءَ پاران بي وفائيءَ جي تهمت ملي ته ان ڏک ۾ اتي جو اتي مري ويو. سندس مرڻ جو هنڌ اهو ئي آهي جتي ان کي پوري قبر ٺاهي ڇڏي اٿن.

    روايتون پنهنجي جڳهه تي... پر اوچائين جي ان معيار سان اسان هتي دادوءَ کان تقريبن 93 ڪلو ميٽر... اتر اولهه طرف... کير ٿر جبل جي سنڌ واري حصي جي ٽين وڏي ٽڪريءَ تي موجود هئاسين ۽ اسان هي جيڪو صبح جو Nestley جي ٿڌي پاڻيءَ سان منهن پئي ڌوتو ته سنڌ ۾ ئي موجود عربي سمنڊ جي سطح کان 5688 فوٽ يا 1734 ميٽر بلنديءَ تي پئي ڌوتو. ان ڪري ئي هتي جو ٽيمپريچر به
    کان هيٺ هو ۽ تڏهن ته اسان رات واري محفل به جسم تي رليون ويڙهي... گودڙيا فقير بڻجي پئي ڏٺي... ته مئي جي رات ۾ ئي گورک اگر (A.C) ۾ رکيل ٿڌي سوڙھ جيئن پئي محسوس ٿي ته ڊسمبر ۽ جنوريءَ ۾ هتي جو گرمي پد کان به هيٺ ڪري پوندو هوندو... ۽ ايتري اوچائيءَ تي ان موسم ۾ مينهن جي بدران برف باري ٿيڻ جون به اگر شاهديون ملن ٿيون ته انهن کي بلڪل پڪو ۽ پختو سمجھيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هيءَ اوچائي لڳ ڀڳ ڪوھ مريءَ جي گليات جيتري آهي ۽ ڪوئٽيا هن اوچائيءَ کان هيٺ آهي ته... اهي ٻئي شهر سياري ۾ برف جا گهنگھرو پائي... سياحن کي پاڻ وٽ موهت ڪندا آهن ته گورک به پنهنجي پر ۾ اهڙي تياري ته ڪندي ئي هوندي... پر هن ڏهاڳڻ جو مقدر اهڙو ناهي جو هتي متارن جهڙا مئخوار هر سياري ۾ اچي هن موکيءَ جي مڌ جا مزا چکي سگهن. سو... سياري ۾ گورک جي اها سفيدي کيس بيواھ جي ساڙهيءَ وانگر ڀاسندي هوندي جنهن کي پنهنجي سهاڳ اجڙڻ جي پڪ ته هوندي آهي پر پوءِ به سندس واپسيءَ جي آس ۾ ڏيئا ٻاري راتيون جاڳندي آهي. گورک جو نصيب ان وڌوا جهڙو آهي.
    گورک... خضدار جي مقامي ماڻهن لاءِ واهي پانڌي پهچڻ لاءِ آسان پيچرو هئي. هن ٽڪريءَ جو ڦهلاءُ تقريبن 2500 ايڪڙ آهي ۽ موجوده وقت جي حساب سان واهي پانڌيءَ کان 54 ڪلوميٽر پري آهي... ته گذريل زمانن ۾ جڏهن هتي سيارن ۾ ’گرگ آشتيءَ‘ جون موسمون لهنديون هيون ته ان موسم جي اچڻ کان اڳ خضدار جا بلوچ پنهنجي جياپي جي جنگ وڙهڻ لاءِ سيپٽمبر، آڪٽوبر ۾ پنهنجي ڳوٺن مان نڪري هي سمورو سفر طئي ڪري واهي پانڌي پهچندا هئا ۽ اتان کان پنهنجي گذران جو سامان ۽ جانورن لاءِ چارو وٺي... ظالم موسم اچڻ کان اڳ واپس هليا ويندا هئا ۽ سڄا سيارا... خندق نما گھرن ۾ لالٽين ٻاري گذارو ڪندا هئا ۽ وڏي احتياط ۽ ڪفايت شعاريءَ سان کائيندا پيئندا هئا... ڇو ته هنن وٽ کائڻ لاءِ بس ايترو ئي ڪجھه هوندو هو جيترو هو واهي پانڌيءَ کان پنهنجي گڏهن يا خچرن تي ڍوئي کڻي اچي سگھندا هئا.
    گورک... انهن جي لاءِ زندگيءَ جو دروازو هئي... ۽ هي دروازو نومبر ۾ برف باريءَ جي ڪري بند ٿي ويندو هو ۽ پوءِ مارچ ۾ جڏهن برفون ڳرنديون هيون ۽ ’هينگڻ‘ چشمو وهي ايندو هو... ۽ اها خبر ڪنهن به طرح خضدار واسين جي ڪنن تائين پهچندي هئي ته اتي شادمانا ٿيندا هئا ۽ بچي پيل سامان سان ٽيبلون سجائي دعوتن جا اهتمام ڪيا ويندا هئا.
    ته اها به گورک هئي... خضدار وارن لاءِ خوشيءَ جي خبر... هڪڙي خوشخبري.
    ۽ پاڻ جنهن زمانن جي ڳالهه هتي ڪريون پيا... انهن زمانن ۾ سفر يا ته پنڌ ٿيندا هئا يا ته پوءِ گڏهن ۽ خچرن تي... ۽ جيتري حد تائين منهنجي معلومات آهي ته پهاڙن جي پنڌ لاءِ موزون ترين ۽ مضبوط ترين جانور به ’خچر‘ ئي آهي. اڄ به جن پهاڙي علائقن ۾ رستن جي سهولت موجود نه آهي ۽ پهاڙن جا پوڄاري پنهنجي پيار جي تسڪين لاءِ... ٿيلها ٻڌي سفر جا ڪشالا ڪاٽڻ لاءِ سنڀرندا آهن ته سندن سامان انهن خچرن تي ئي کنيو ويندو آهي... ۽ هي ويچارا خچر رڳو سامان ئي ناهن کڻندا... هي اسان جهڙن کي به کڻندا آهن... جيڪي پري پري جا پنڌ طئي ڪرڻ لاءِ ڪمربسته ٿي پوندا آهن پر پنڌ ڪندي ڪندي جڏهن سندن ڪمر جواب ڏئي ويندي آهي ته پوءِ لانگ ورائي... خچرن تي ويهي منزل تي پهچندا آهن. ايئن ئي هڪڙي خچر تي ويهي آئون به سيف الملوڪ جھيل جي مٿان پهاڙن ۾ واقع لڙڪ جي روپ جهڙي ’آنسو ــ جھيل‘ ڏانهن وڃي رهيو هئس ۽ خچر جي پير سلپ ٿيڻ تي پهاڙيءَ تي ڦهڪو ڏئي ڪري پيو هئس ته پوئين خچر تي ايندڙ جميل... وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کليو هو ۽ زور زور سان چوندو رهيو... (ها... ها... ها...) سهيل! ٽٽوءَ تان ڪري پيو... سهيل! ٽٽوءَ تان ڪري پيو. (خچر کي اردوءَ ۾ ٽَٽُو چوندا آهن... ۽ اسان وٽ ته ان جانور لاءِ هڪ نعرو به مروج آهي ته... کرائے کے ٹٹو۔۔ ہا ئے ہائے)
    سو... پهاڙيءَ جو سفر يا ته ڪرائي جي ٽٽوءَ تي يا پنهنجي خچر تي آسانيءَ سان ڪري سگھبو آهي. پر اتي... جتي روڊ ناهن... رستا ناهن... رڳو پهاڙي پيچرا آهن.
    گورک... هاڻي پهاڙي پيچرو ناهي... اڀرو سڀرو رستو آهي. سو... اوهان وٽ ڪا به عام گاڏي آهي ته اوهان آسانيءَ سان دادو، جوهي يا واهي پانڌيءَ تائين پهچي... اها گاڏي اتي بيهاري ۽ ڪرائي جي فور ويل گاڏي ڪري گورک ياترا ڪري سگھو ٿا. پر جيڪڏهن اوهان وٽ پنهنجي پوٽوهار جيپ، جمني يا ٻي ڪا فور ويل گاڏي آهي ۽ اوهان وٽ خچر جيترو عقل ۽ عقيل جيترو ڊرائيونگ جو هنر آهي ته اوهان خود به گاڏي کڻي گورک تي ساڳي آسانيءَ سان پهچي سگھو ٿا... جهڙي آسانيءَ سان اسين پڄي ويا هئاسين.


    گورک جو صبح

    صبح جو هتي چيئر لفٽون هلن ٿيون

    ٿڌي پاڻيءَ سان ڌوتل منهن کي اسان جيسين ٽوالن سان اگھون... تيسين گورک جي ڇڙواڳ ٿڌين هوائن... ان کي خشڪ ڪري... چهرن کي يخ ٿڌو ڪري ڇڏيو.
    اسان جا منهن... ٺوس ٿي ويا هئا ۽ اسان جا وات... پاڻي پيئڻ لاءِ به نه پئي کلي سگھيا. اهي ڄمي ويا هئا ۽ جيسيتائين اهي ڳريا نه ٿي... اسان ڪجھه کائي نه ٿي سگھياسين... نه بسڪيٽ... نه چپس... نه سوپاري. جو وات ۾ اندر برف موجود هئي... ته جيسين اها برف وگھري ۽ اسين ڳالهائڻ ۽ کائڻ جهڙا ٿيون... اسين نڪري پياسين انهن پاسن ڏانهن... جتان کان هي ٿڌيون هوائون آيون ٿي.
    گورک جي هن مقام تي جتي اسان هئاسين... ان کان ٿورو ئي پوءِ... هيءَ ٽڪري ختم ٿي پئي وئي... ۽ هيٺ مسلسل کاهي هئي. جتي هي روڊ اچي رڪيو ٿي... ۽ اسان لهي پروگرام ڏٺو هو... بس! ان کان ٿورو اڳيان رستو ختم ٿي پئي ويو ۽ اڳيان کاهي هئي... ۽ گاڏيون اونداھ ۾ يا تڪڙ ۾ اڳيان اچي ان کاهيءَ ۾ ڪري نه پون... ان لاءِ هتي (گرلون) لوهي ڄاريون لڳايون ويون هيون.
    سو جيسين... اسان جي اندر جي برف ڳري ئي ڳري... اسان ان گرل تائين وياسين ۽ هيٺ جو نظارو ڪرڻ لڳاسين. گرل تي بيهڻ کان پوءِ... اسان جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي... جيستائين نظر وئي ٿي... هزارين فوٽ اونهي کاهي هئي، جتي ڌنڌ لهي آيل هئي. سامهون بلڪل سامهون... پري... ڪجھه ننڍيون... پوءِ آهستي آهستي وڏيون ٿيندڙ ٽڪريون نظر پئي آيون... جيڪي خضدار جي خبر ڏئي رهيون هيون. مگر... اهي پري هيون... خضدار پري هو... گھڻو پري هو... ۽ مون هتان کان خضدار وڃڻ ٿي چاهيو... اڏامي. جو منهنجي گوڏن ۽ چيلهه ۾ ايتري طاقت نه هئي جيڪا خضدار جي ماڻهن ۾ هوندي هئي ۽ هو اهو سڄو سفر طئي ڪري... هيءَ هيڏي اُڀي پهاڙي به چڙهي ايندا هئا... جتي ان وقت اسان بيٺا هئاسين... ۽ پوءِ گورک کي لتاڙي هيٺ به لهي ويندا هئا. پر... منهنجي گوڏن ۾ ايتري مِکَ نه هُئي... ان ڪري مون اُڏامي خضدار وڃڻ ٿي چاهيو. مگر مون وٽ ته اُهي پر به نه هئا... جيڪي هوائن ۾ پکيڙي آئون ان وڏي ۽ وشال کاهيءَ جي مٿان اڏي... اڏي... خضدار جي ڪنهن گھر جي ڇت يا ڀت تي لهي سگھان ها... مون وٽ ڪجھه به نه هو... آئون مجبور هئس... ان ڪري بيٺو رهيس... انهن ئي سوچن ۾ گم... ته... آئون خضدار ڪيئن ٿي وڃي سگھيس...؟؟
    دراصل... کاهيءَ مون کي سڏيو پئي... ۽ مون به وڃڻ چاهيو پئي. جيئن پاڻيءَ ۾ ڪشش هوندي آهي... اهو اوهان کي پاڻ وٽ گھرائيندو آهي... زور زور سان سڏ ڪندو آهي... ۽ جيڪي اهو آواز ٻڌندا آهن... اهي پاڻيءَ ۾ خوشي خوشي ڪڏي پوندا آهن ۽ پوءِ پاڻيءَ جا ئي ٿي ويندا آهن. ايئن ئي هيءَ کاهي به مون کي سڏي رهي هئي ۽ مون وڃڻ ٿي چاهيو.
    هيءَ کاهي ڏاڍي شاندار هئي... پرڪشش، حسين ۽ وسيع. هيءَ سامهون به هئي... ساڄي به هئي ۽ کاٻي به هئي... ۽ مون باز وانگر ان جي مٿان اڏرڻ ٿي چاهيو... پر آئون اڏامي نه ٿي سگھيس. پر پوءِ مون کي اچانڪ هڪڙو خيال آيو... جنهن سان آئون هتان کان اڏي خضدار پهچي پئي سگھيس... ڀلي جو اهو به منهنجي وس ۾ نه هو پر خيال هو... جيڪو اڏامي اچي منهنجي پلڪن تي ويٺو هو ۽ آئون خضدار جا خواب ڏسڻ لڳس.
    مون ڏٺو ته... جتي اسان جي جمني بيٺل هئي... اتي هڪ وڏو گول... لوهي چرخو لڳل آهي... جيڪو ڦري پيو... چرخي جو لوهي پلر زمين ۾ پيوسط آهي ۽ 5 ــ 6 فوٽ مٿي اهو چرخو ڦري پيو... ۽ چرخي جي کانچي ۾ لوهي مضبوط تار آهي... جيڪا به چرخي ڦرڻ سان گڏ ڦري پئي ۽ ان لوهي تار ۾ مضبوطيءَ سان چيئر لفٽن جون سيٽون ٻڌل آهن... جيڪي چرخي وٽان گول ڦري... سواري ويهاري... منهنجي ڀرسان گذري... هيٺ کاهيءَ ڏانهن لهنديون ٿيون وڃن... ڪجھه وڏا پلر مختصر مختصر مفاصلي کان پوءِ کاهيءَ ۾ کتل آهن... جيڪي چيئرلفٽ جي وزن کي سهارين ٿا... ۽ سامهون... جتي خضدار جون پهاڙيون هيون... اتي ٻيو چرخو هو... جيڪو به ڦريو پئي... ۽ اتي ئي وري سواريون لهي ۽ چڙهي رهيون هيون. چيئر لفٽ جون رنگارنگي ڪرسيون انهن ٻن چرخن جي سهاري مسلسل اچي وڃي رهيون هيون. گورک کان خضدار تائين چيئرلفٽ هلي رهي هئي جيئن... پنڊي پوائنٽ... پيٽرٽيا... ايوبيه... ۽ حنا ڍنڍ جي مٿان هلندي آهي... منهنجي خيالي دنيا ۾ به چيئرلفٽ هلي رهي هئي ۽ آئون ان ۾ ويهي خضدار وڃي چڪو هئس.
    ڏينهن جو ڏٺل خواب جي ڪا به تعبير ناهي ٿيندي... منهنجي خواب کي به ڪا تعبير نه ملندي... يا شايد ملي ويندي...؟؟ شايد... نه!!!
    آئون مسلسل کاهيءَ ڏانهن گھوري رهيو هئس ۽ سوچن جي پينگھي ۾ لڏي رهيو هئس. سوچون مون کي لوڏي رهيون هيون... ڪڏهن خضدار واري پاسي ته ڪڏهن گورک واري پاسي. سوچن مون کي لوڏيو پئي ۽ آئون لڏي رهيو هئس.

    جھولا جھلاؤں میں تجھے جھولا جھلاؤں۔۔۔

    ۽ اُن پينگھي ۾ لڏندي جڏهن مون آواره گرديءَ واري ڪتاب جون يادگيريون ساريون ته محسوس ڪيو ته اهڙو منظر... جيڪو منهنجي سامهون هو... اهو مون ايئن اڳي ڪٿي به ناهي ڏٺو. جو هڪ پهاڙي وادي هلي هلي ايئن هڪ دم ختم ٿي وڃي... ۽ ان جي ٻئي پار لهڻ لاءِ ڪا به لاهي... ڪو گس... ڪو پيچرو نه هجي... ۽ هتي رکيل آخري قدم کان پوءِ... اگر ڪير اڳيون قدم کڻي ته سڌو کاهيءَ ۾ وڃي ڌڙام ڪري... ۽ اهو به ايئن... جهڙو هو ڪنهن هزارين فوٽ اوچي ديوار تان سڌو ڪري پيو هجي. ته ڪنهن به پهاڙي مقام جو ايئن ٿيندڙ اختتام مون کي ته نه ٿو سجھي. ها...! مٿي ٽاپ تي چڙهي اچڻ کان پوءِ ڪي جڳهيون يا گھڻيون جڳهيون ايئن هونديون آهن جو ان جي اڳيان وڃڻ جي واھ ناهي هوندي ۽ وڌڻ جي ڪوشش ۾ کاهيءَ ۾ ڪري پئبو آهي. پر پوءِ به... ڪٿان ڪو... هيٺ لهڻ جو گس... پيچرو... يا لاهي ضرور هوندي آهي جتان لهي... يا ترڪي... پر هيٺ پهچي سگھبو آهي. سو... خضدار وارا جڏهن سامهون کان نڪري هيڏانهن ايندا هوندا ته يا ته هنن وٽ Climbing جو سامان هوندو... يا انهن جا ننهن ۽ چنبا اهڙا هوندا... جيڪي هن اُڀي ٿيل ديوار ۾ گھپجي وڃڻ جي سگھ رکندا هوندا ۽ ايئن هو هن ڀت تي چڙهي سگھندا هوندا... يا ته پوءِ هيءُ گس اهو گس ناهي جنهن جي باري ۾ هڪ ڏند ڪٿا جو ذڪر پاڻ ڪري آيا آهيون.
    سوچون... مون کي لوڏي رهيون هيون ۽ آئون هڪڙي ٽڪريءَ کان ٻي ٽڪريءَ تائين کاهيءَ جي مٿان لڏي رهيو هئس.
    هيءَ کاهي ايتري گھري ڪا نه هئي جو نظر ۾ نه اچي سگھي. هيءَ نظر آئي ٿي... آئون ان کي مسلسل ڏسي رهيو هئس... ۽ اچو ته آئون اها کاهي اوهان کي به ڏيکاريان ٿو.
    اوهان اچو... ۽ هن گرل تي جيڪا اوهان جي چيلهه جيتري آهي... ان تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي بيهو... الهندو... اوهان جي سامهون آهي ۽ اڀرندو اوهان جي پٺئين طرف... اوهان جا پير مضبوط پٿريلي پهاڙ تي آهن. سامهون غالباً پنج ــ اٺ ڪلوميٽرن کان پوءِ... پهرين ڪجھه ننڍيون ٽڪريون ۽ پوءِ انهن جي پويان آهستي آهستي اوچا ٿيندڙ پهاڙ آهن... ۽ اهي ٽڪريون ۽ پهاڙ صرف اوهان جي بلڪل سامهون نه آهن... پر نظر ڦيرائڻ سان ساڄي پاسي به نظر اچن ٿا ۽ جيسين نظر وڃي ٿي تيسيتائين نظر اچن ٿا... ته کاٻي پاسي پڻ پکڙيل آهن... جيڪي کاٻي پاسي وڃي وري اولهه طرف مٿي ڏانهن مڙي ٿا وڃن... ۽ اوهان جتي بيٺا آهيو... اها گرل اوهان جي ساڄي پاسي (اتر طرف) پنجاھ ـــ سٺ فوٽ اڳيان تائين لڳل آهي. پر هيءَ ٽڪري... جتي اوهين آهيو... اها ان گرل جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به ساڄي پاسي هزار فوٽ کن تائين پکڙيل آهي ۽ اها اڳيان هلي وري وڌيڪ ساڄي پاسي يعني اوڀر طرف مڙي ٿي وڃي... ۽ هن سڄي ٽڪريءَ سان لڳ کاهي بلڪل ايئن آهي جيئن اوهان جي گرل وٽ آهي... يڪدم. کاهي بلڪل صاف آهي ۽ نظر جي فوڪس ۾ ايندڙ ان سڄي پنج يا اٺ ڪلوميٽر ويڪري ۽ پندرهن ــ ويهه ڪلوميٽر ڊگھي ايراضيءَ ۾ رڳو کاهي ئي آهي... وچ ۾ ڪو دڙو... ڪا ننڍي ٽڪري.. ڪا رڪاوٽ نظر نه ٿي اچي. ان ڪري ئي مون کي هيءَ کاهي گھٽ ٿي لڳي... پر هزارين سال اڳ وهندڙ ڪنهن درياھ يا ٻوڙان ٻوڙ وهندڙ نئه جو لنگھ ٿو ڀاسي... جيڪو هيءُ رستو وٺي اتر کان ڏکڻ وهندو هو ۽ مستيءَ ۾ گجگوڙون ڪري وهندو هو ۽ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ سڀ دڙا ۽ ٽڪريون مليا ميٽ ڪندو اڳيان وڌندو هو ۽ کيرٿر ۽ خضدار جي رستي کان ٿيندو وڃي ڪٿي ’ڪنڊ ــ ملير‘ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.
    هي منهنجو خيال آهي... جيڪو سؤ مان سؤ سيڪڙو غلط ٿي سگھي ٿو. پر اوهان جي سامهون ڦهليل کاهي بلڪل ايئن آهي... جيئن ڪنهن چشمي، نئه ۽ سڪي ويل درياھ جو لنگھ هوندو آهي.
    ۽... منهنجو هيءُ به خيال آهي ته هن کاهيءَ ۾ جيڪا ڪشش آهي... سا به شايد ان ڪري آهي ته سوين سال اڳ هتي به پاڻيءَ جو اهڙو ئي وهڪرو هوندو... جيڪو مٿي بيٺلن کي زور زور سان پاڻ وٽ سڏ ڪندو هوندو... ۽ ڪو آءِ. آءِ. قاضي يا عرفان مهدي سندس ڪشش ۾ قيد ٿي، زماني ۽ زلفن جا پيل سڀئي سنگھر ٽوڙي... سندس سڏ کي ورنائي هيٺ ٽپي پوندو هوندو ۽ هميشه لاءِ سندس ٿي ويندو هوندو.


    گورک ڪوھ مري آهي ـ هڪ استعارو

    سج... پويان کان اڀري آيو هو.
    اسان جي اندر جيڪي برفاني واديون هيون... اهي وگهري چڪيون هيون. اسان جي وات ۾ حرڪت ڪرڻ جي قوت اچي وئي هئي... ۽ اسان هڪ ٻئي سان ڳالهائي سگھياسين پئي. اسان هڪ ٻئي سان گورک جي متوقع ڊيولپمينٽ بابت ڳالهايو.
    اسان سڀئي گورک جي هن اختتام تي اچرج ۾ هئاسين. پر هيءَ ته End Point هئي... گورک رڳو هيءَ End Point ته نه هئي... ان کان پهرين به هئي... جيڪو رستو نخلستان جو رستو هو... اها به ته گورک هئي. جتي رات وارو پروگرام ٿيو هو... اها به گورک هئي. ته ان سڄي علائقي ۾ هوٽلون، شاپنگ سينٽر، برگرشاپ يا سنڌ جي هنرن جا اسٽال... سڀ ڪجھه ٺهي سگھي ٿو. هن End Point تان بيهي وري ههڙو حسين نظارو ڏسي سگھجي ٿو... ۽ چيئرلفٽ ۾ چڙهي هُن پار ويٺل ساجن يا ميهار سان به ملي اچي سگھجي ٿو. گورک جي ويڪر... مريءَ جي مال روڊ کان وڌيڪ هئي.
    اسان ڳالهائيندا به رهون ٿا ۽ ان ئي شاندار کاهيءَ جو ڀر ڏيئي وڌندا به ٿا رهون... پر ڏاڍي احتياط سان... جو ان کاهيءَ ۾ ڪرڻ کان بچاءُ لاءِ گرل ڪا پنجاھ فوٽ لڳل هئي ۽ اسان ٻه سؤ قدم اڳيان نڪري آيا هئاسين.
    گورک جي ويڪر... مريءَ جي مال روڊ کان وڌيڪ هئي. اسان گورک کي ڪوھ مريءَ سان ڀيٽيون ٿا.
    مري... سطح سمنڊ کان 7500 فوٽ يعني 2286 ميٽر اوچائيءَ تي آهي. گورک کان لڳ ڀڳ 2000 فوٽ وڌيڪ مٿي... پر ڀوربن (جتي هوٽل پرل ڪانٽيننٽل PC ٺهيل آهي) اها گورک کان فقط 212 فوٽ مٿي آهي... پر فرض ٿا ڪريون ۽ تصور ٿا ڪريون ۽ ڪوھ مريءَ جي جيڪا موجوده ڪمرشل صورتحال آهي... ان کي بلڊوزرن سان ملياميٽ ڪري سڀئي هوٽلون، شاپنگ سينٽر، برگرشاپ، ڪلچرل شاپ، بئنڪون، ريسٽورنٽس، ڪافي ۽ آئس ڪريم ڪون جا دڪان ڊاهي پٽ ٿا ڪريون ۽ انهن جو ملبو پهاڙيءَ کان هيٺ ٿا اڇلايون ۽ خود مال روڊ... جيڪو ٻه ڪلوميٽر ڊگھو آهي... ان رستي جا به ڪارا ڇوڏا لاهي... جبل جو ڪچو پيچرو ٿا ڪريون ۽ مريءَ کي اهڙو ٿا بڻايون جهڙو هوءَ 1831ع ۾ هئي... جڏهن مهاراج رنجيت سنگھ مظفرآباد جي گورنر گلاب سنگھ جي وسيلي مريءَ جي لوڪل ماڻهن خاص طور تي (ڌوند) قبيلي جي نسل ڪشي پئي ڪئي ۽ پنهنجي سپاهين کي هڪ ماڻهو مارڻ جي عيوض هڪ رپيو انعام ٿي ڏنو... ۽ انعام جي لالچ ۾ سپاهين قبيلي جا ايترا ماڻهو ماري پئي آندا جو سرڪاري خزانو خساري ۾ اچي ويو. جنهن کان پوءِ اهو انعام پهرين اڌ رپيو (اٺ آنا) في ماڻهو... ۽ پوءِ اڃان گھٽائي چوٿو رپيو (چار آنا) في ماڻهوءَ تائين وڃي پهتو.
    آئون 1831ع جي مري ۽ 2008ع جي گورک جي ته ڀيٽ ڪري پئي سگھيس پر گورک کي مريءَ جهڙو نه ٿي مڃي سگھيس.
    گورک... خشڪ پهاڙين جو مقام آهي... واهي پانڌيءَ کان شروع ٿيندڙ گورک جي هن سفر ۾ اسان کي ڪٿي به ڪو وڏو وڻ نظر نه آيو... جو اگر ڪٿي وچ رستي ۾ ڪنهن کاهي يا پهاڙ ڏسڻ جي آرزوءَ ۾ گاڏيءَ کي بريڪ هڻي تصويرون ڪڍرائڻ کان پوءِ. ان جي ڇانوَ هيٺ ويهي ڪجھه سڪون وٺي سگھجي. (ها! سڄي واديءَ ۾ ڪجھه بيدمشڪ ۽ ڄمونءَ جا... ۽ يا ته وري بادام جا چار عدد وڻ موجود آهن.) گورک جو سفر... رُکو سفر آهي... بي سوادو. جڏهن ته مريءَ ڏانهن ويندي ’بارا ڪهو‘ جي مقام کان پوءِ رستي جا منظر اوهان تي آهسته آهسته کلندا ويندا آهن... ۽ ان سڄي رستي ۾ هزارين... لکين شاھ بلوط ۽ چنار جا وڻ... ’جيڏانهن ڪريان نگاھ، تيڏانهن سڄڻ سامهان‘ وانگر جھولندي ۽ هوائن ۾ شرڙ... شرڙ... جا آواز ڪڍندا نظر ايندا آهن.
    گورک جو اڪيلو... اڪلوتو چشمو ’هينگڻ‘ آهي... سو به هن مکيه رستي تي جھمريون هڻي ڪنهن پهاڙيءَ تان نه ٿو لهي... پر ان جي ديدار لاءِ به هڪ خاص تياري ڪري... ديوانِ خاص جي دروازي مان گذري سندس تائين پهچڻو ٿو پوي. جڏهن ته مريءَ جي رستي تي ڪئي پهاڙ پنهنجو پيار اوهان تائين پهچائڻ لاءِ چشمن کي جاري ڪريو بيٺا هوندا آهن... جنهن جي ٿڌن ڇنڊن سان من ۾ تازگي پيدا ٿي پوندي آهي.
    آئون... گورک ۽ مريءَ جي ڀيٽ ڪري رهيو هئس.
    توکي! ڪوئٽيا جا بيڪار پهاڙ ۽ حنا ڍنڍ وارا سڪل پهاڙ وڻن ٿا... باقي گورک جا پهاڙ نه ٿا وڻن...!! جميل کي منهنجن خيالن تي شايد ڪاوڙ لڳي هئي.
    ڳالهه وڻڻ جي نه آهي... (مون کيس کلي جواب ڏنو)
    وڻندو مون کي ڪوھ ِمردار به آهي ۽ ڪوئٽيا جا اهي پهاڙ به... جتي موسميات کاتي جي آفيس آهي ۽ پاڻ اسڪائوٽنگ ۾ (Hiking) دؤران انهن پهاڙن تائين پنڌ هليا هئاسين ۽ انهن تي چڙهي، اتان کان نڪرندڙ چشمي جو ٿڌو پاڻي به پيتو هئوسين. سو... گورک جا هي پهاڙ به مون کي پيارا آهن ۽ هيءَ جيڪا کاهي آهي... ڪشش ان ۾ اهڙي آهي جو منهنجي دل ته چوي ٿي ته ان ۾ کڻي ٽپو ڏيان... (۽ آئون سچي به وڌي پهاڙ جي بلڪل ڪناري وٽ وڃي بيٺس ۽ کيس چيم ته هتي منهنجي تصوير ڪڍ... ۽ عقيل اهو ڏسي رڙ ڪئي... اڙي ايڏو ويجھو ته نه وڃ) پر ڳالھ... هتي اها آهي ته هي جو چون ٿا ته گورک... ڪوھ مري آهي... سو اصل ۾ اها ڳالھ پاڻ مڃڻ جي لاءِ بلڪل به تيار نه آهيون ته گورک... ڪوھ مري آهي.
    ها...! گورک سنڌ جو ٿڌو مقام آهي... هتي جي موسم ٿڌي ٿانئري آهي... هي هڪ شاندار سياحتي مقام ٿي سگھي ٿو... جيڪڏهن هتي ڊيولپمينٽ ٿي پوي ۽ رات وارن مقررن جو ڳالهيون سچيون هجن ۽ امن امان جو واقعي به ڪو مسئلو نه هجي... ۽ هتي هوٽلون ۽ ريسٽورنٽس ٺهي پون... ته پاڻ ته جون ـــ جولاءِ جا سڀئي آچر هتي گذارڻ جو پلان ڪنداسين. باقي گورک ڪوھ مري آهي... منهنجي نظر ۾ اهو استعارو بلڪل غلط آهي.
    عقيل... ٽهڪ ۽ ڀونڊو ڏيندي چيو... معنيٰ مڙندي اصل ڪونه. ڀلا... ايئن چئون ته گورک... سنڌ جي ڪوھ مري آهي...؟؟
    (ها... ها... ها...) چوڻ تي ته توهان لاڙڪاڻي کي به پئرس چوندا آهيو... سو اوهان جي مرضي آهي... جيڪي چئو. باقي... ڪنهن وچئين ماڻهوءَ کي سنڌ جي ڪوھ مري ۽ پنجاب جي ڪوھ مري گھمائي فيصلو وٺندائو ته اهي پنج نه... پر پورا ويھ ئي اوهان جي منهن ۾ هڻندو. سو... هڪڙو مختيارڪار مرزا قليچ بيگ هو... جنهن ڏاڙهياري جبل جي سير کان پوءِ اسان کي روشناس ڪرايو ته سنڌ ۾ ڪجھه ماڳ اهڙا به آهن جتي جي موسم اونهاري ۾ ٿڌي ٿي رهي ۽ جتي سياري ۾ برف باري به ٿيندي آهي... ۽ تون... ان کان هڪ گريڊ مٿي آهين ته تون وري گورک کي سنڌ جي ڪوھ مري ٺاهڻ واري مڙسي ڪري ڏيکار.
    اسان... کاهيءَ جو ڀر ڏيئي... چڱو خاشو اڳيان نڪري ويا هئاسين. صبح جا 7.00 ٿي ويا هئا... ٽائيم ڏسڻ لاءِ کيسي مان موبائيل ڪڍيم ته ان ۾ (Ufone) جا ٻه سگنل پڻ نظر آيا... سو موقعي جو فائدو وٺي... ابوءَ جو نمبر ڊائل ڪري ساڻس حال احوال ۽ خير خيريت معلوم ڪري شام تائين گھر پهچڻ جو ٻڌايم.
    جميل به تڪڙو کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ موبائل ڪڍي... نمبر ڊائل ڪيو.
    گورک جي ڪوريج لاءِ پهتل ناز سهتو ۽ ان جي اداري جي ٽيم وارا به اتي ئي اچي پهتا... جتي اسان هئاسين.
    سائين طاهر... ڪيمرائن کي ڏسڻ لڳو.
    عقيل... جميل سان گڏ موبائيل تي وارو وٺڻ لاءِ بيٺو هو.
    سڀئي پنهنجي ڪرت ۾ هئا.
    گورک کان بي نياز...
    يا شايد گورک جي سحر ۾ گم ٿي سڀئي گورک جا ئي راز نياز پنهنجن پنهنجن سان سلي رهيا هئا.
    جو... ڪنهن انوکي... نئين... يا وڻندڙ شيء جو ذڪر پنهنجن سان ئي ڪيو ويندو آهي.

    پهرين تاريخ جي چنڊ ڏسڻ جي نويد
    پهرين دفعا بلوغت ظاهر ٿيڻ جي خبر
    پهرين چٺيءَ ۾ بيان ڪيل ڪهاڻي
    پهرين پيار جي رازداريءَ واري ڳالھ
    پهرين ملاقات جي پيرائتي ماجرا
    پهرين گذاريل رات جي روئداد
    پهرين حمل جي خوشخبري
    پنهنجن سان ئي سلبي آهي.

    مون به هي سمورو ذڪر... اوهان سان ان ڪري ڪيو آهي جو اوهان کي پنهنجو سمجھيو آهي... ۽ اوهان به هي ذڪر فقط انهن سان ڪجؤ... جيڪي گورک کي دل سان پنهنجو سمجھن ٿا... ۽ پنهنجو مڃين ٿا.


    ٻيو سفر ـــ جولاءِ 2014ع

    خبرون آيون پئي...

    خبرون آيون پئي...

    ته گورک تائين پهچندڙ ڇاپاڪي وارو رستو ۽ ان تي ٺهندڙ Culvert، ڪالهه جو ڪوڙ ٿي ويا آهن ۽ هاڻي ان تائين پهچڻ لاءِ شاهراهِ ريشم جهڙو شاندار رستو تعمير ٿي چڪو آهي ۽ جهڙي طرح ريشم جي ڪينئن مان خاص طور تي تيار ٿيل ريشم جون بنارسي ساڙهيون، کير ۽ ڇليل بادامين جهڙي جسم تان بار بار سرڪي پونديون آهن... تيئن ئي گورک تي سير سپاٽي لاءِ اچ وڃ به سرڪي يا ترڪي ڪري سگھجي ٿي.

    خبرون آيون پئي...

    ته گورک تي هاڻي جنريٽرن جو گوڙ نه ٿو ٿئي ۽ نه ئي اُتي رات گذارڻ لاءِ مينهن ۽ طوفان ۾ ڪري پيل شاميانن تي يا گاڏين ۾ اندر ويهي سمهڻو ٿو پوي. پر هاڻي هتي هر سُو رنگين بتين جي جھرمر نظر ٿي اچي، ديوارون فانوسن سان روشن آهن ۽ رهڻ لاءِ هڪ شاندار هوٽل تعمير ٿي چڪي آهي.

    خبرون آيون پئي...

    ته گورک تائين فقط اُهي بدحواس ئي نه ٿا پهچن،جن کي ايتري به خبر ناهي هوندي ته جڏهن لوڪ لهوارو لهندو هجي ته ان وقت اوڀارو وڃڻ سان ڪهڙا خطرا آڏو اچي سگھن ٿا. مگر گورک تي ته هاڻي فيمليز سان گڏوگڏ اهي بي ادب به وڃي رهيا آهن، جن کي خدا جي خاص خلقت گاهن ۾ داخل ٿيڻ وارن آدابن جي ڪا به خبر ناهي هوندي.

    خبرون آيون پئي...

    ته گورک تي وڃڻ لاءِ هاڻي ٻارهن سالن جي جوڳ پچائڻ جي ڪا به حاجت ناهي ۽ نه ئي ڪنهن وڏي قافلي تائين پهچڻ لاءِ پنهنجا پيپر يا پروگرام ڊسٽ بن ۾ اڇلائڻ جي ضرورت ئي باقي آهي. هاڻي گورک تي وڃڻ جو ارادو ڏينهن يا رات جي ڪهڙي به پهر ۾ ڪري سگھجي ٿو ۽ ترت ئي ان کي تڪميل تي به پڄائي سگھجي ٿو.

    خبرون آيون پئي...

    ته گورک تي زنده رهڻ لاءِ پاڻ سان گڏ چرڪاڻ، پاڻي يا بوتلون کڻي وڃڻ جي ڪا به تڪليف نه ٿي ڪرڻي پوي، ڇاڪاڻ جو گورک تي من و سلويٰ جهڙن طعامن جو بندوبست ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي ته گورک جي وڏن Banquet هالن ۾ عاليشان دعوتون به رکي سگھجن ٿيون.

    خبرون آيون پئي...

    ۽ اهي سڀ خبرون اسان هتي ٻڌي رهيا هئاسين.
    ته اگر... واقعي اهي سڀئي خبرون صحيح هيون ۽ گورک تي اهو سڀ ڪجھه ايئن ئي هو، جيئن اسان ٻڌو پئي... ته پوءِ... اسان هتي ڇو هئاسين...؟؟
    اسان کي به اتي هئڻ کپندو هو.

    ۽... اسان اتي هئاسين.
    اسان... گورک تي هئاسين.
    انهن خبرن جي تصديق ڪرڻ لاءِ.
    فقط اهو ڏسڻ لاءِ... ته جيڪي ڪجھه اسان ٻڌو آهي... اهو اتي جيئن جو تيئن آهي يا نه !!

    اسان بس !... رڳو ايترو ئي ڏسڻ آيا هئاسين.


    گورک جو ڪارپيٽ ـ ڪيٽ واڪ ۽ وڏا وڏا ٽهڪ

    رات جا ٽي ٿيا هئا.
    اسان جي مٿان گورک جو وشال آسمان هو.
    اسان سڀ پاڻ سان گڏ آندل قالينن تي ليٽيل هئاسين ۽ مٿان اوڍڻ لاءِ هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي شال هئي. سڀني جون اکيون آسمان ڏانهن هيون. شايد آسمان ڪجھه هيٺ لهي آيو هو يا اسين ڪجھه مٿي چڙهي آيا هئاسين. ٽيٽيهر هجون ها ته ڊپ ۾ ٽنگون به آسمان ڏانهن اڀيون ڪري ڇڏيون ها. مگر انسان هئاسين... ان ڪري آسمان ۾ رڳو اکيون هيون.
    پٿريلي زمين تي ننڊ ڪنهن کي نه پئي آئي... جڳهه مٽبي آهي ته ننڊ، نرم گاديلن تي به ناهي ايندي... هتي ته جڳهه به مٽجي هئي، بسترا به مٽيا هئا ته موسمون به مٽيون هيون. ان ڪري ننڊ ڪنهن کي نه پئي آئي... ها! لطيفا... سڀني کي آيا پئي... سو واري واري سان ڪنهن هڪ شال جي اندران ڪو ’ولگر‘ لطيفو نڪريو ٿي ۽ باقي شالن وارا ان تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کليا پئي.
    ۽ هي ٽهڪ ايترا وڏا هئا جو پاسي ۾ پکڙيل/ ستل سڀ ماڻهو اسان جي ان ٽرڙپائيءَ تي دل ۾ گاريون ڏيندا، پنهنجيون رليون ۽ ڪنبل لاهي اسان کي ڏسندا ٿي رهيا... پر لطيفن وارن انهن کي لفٽ نه ٿي ڪرائي ۽ شالن مان... لطيفي مٿان لطيفو نڪرندو پئي رهيو.
    اسان ڪل ارڙهن ڄڻا هئاسين. انهن مان ٻه ــ ٽي VIGO جي سيٽن تي ستل هئا. (شايد.. عديل، فيصل ۽ دانش) عقيل VIGO جي ڇت تي.
    باقي... منوج، ماجد، نويد، وقار، وسيم، راجا، جميل، ڀاءُ جاني، شعيب، شهزاد، علي ۽ آئون هيٺ قالينن تي... شالن ۾.
    مظهر... اسان جي خدمت لاءِ. پاڻي پيارڻ... بوتلون کولڻ... قالين وڇائڻ ۽ وغيرهه وغيرهه لاءِ.
    پهچندي پهچندي اڄ به اسان کي رات ٿي وئي هئي.
    ظاهر آهي، هيترا سارا دوست جيسين عيد جي ٻئي ڏينهن سنڀري گھران نڪرن... ۽ انهن جي چرڪاڻ ۽ پاڻي وغيره جو بندوبست ٿئي... تيسين شام ٿي وئي ۽ هتي پهچندي پهچندي رات ٿي وئي هئي.
    اسان جو خيال هو ته گورک اڪيلي هوندي... تنها هوندي. سڀ پنهنجي پنهنجي گھر عيدون ملهائي رهيا هوندا ۽ صرف اسان هونداسين جيڪي جڏهن گورک تي شهزادن وانگر وڃي لهنداسين ته گورک تي ٺهيل هوٽل جا اَٺ ئي ڪمرا اسان کي ملي ويندا ۽ اسان شهنشاهي طريقي سان گورک ياترا ڪري سگھنداسين.
    پر... اهو خيال فقط اسان جو نه هو. اهو ساڳيو خيال گورک تي پهتل هزارين سياحن جو به هو. سو... گورک جي شهزادن کي ان هوٽل جا ڪمرا ته ڪو نه مليا پر هوٽل ۾ ٺهيل واش رومن جو به رڳو ديدار ئي نصيب ٿي سگھيو. ڇاڪاڻ جو قرار ماڻڻ لاءِ واش رومن ۾ پاڻيءَ جي ضرورت هئي ۽ پاڻيءَ جو ڦڙو نه نلڪين ۾ ميسر هو ۽ نه ئي وري لوٽن ۾ ان جو ڪو وجود باقي هو.

    صحرا تو بوند کو بھی ترستا دکھائی دے۔۔۔

    ۽ هتي ته: لوٹا بهی بوند کو ہی ترستا دکهائی دے۔۔۔

    ها! مگر هوٽل شاندار هئي.
    وسيع، ڪشادي ۽ ڦهليل... ڪريم ڪلر جي ٽائيلز سان ڪريم ڪلر ٿيل ڪنهن پئلس وانگر. جنهن جي ورانڊي ۾... اڱڻ ۾... ماڻهو ئي ماڻهو هئا. پاڻ سان گڏ تڏا ۽ تؤنريون کڻي آيل سنڌي سياح.
    اسان گاڏيون، هوٽل جي پارڪنگ ۾ پارڪ ڪيون ۽ سامهون اڱڻ ۾ پکڙيل تڏا ۽ تؤنريون ڏسي، اهو انومان ڪيو ته هي هوٽل وارن جي پاران وڇايل آهن. سو اسان تڪڙا تڪڙا ٻه خالي تڏا ڏسي پهرين ته انهن تي ويهي رهياسين پر پوءِ نويڪلائيءَ واري هنڌ وڃي ويهڻ لاءِ جڏهن تڏا ويڙهڻ لڳاسين ته انهن جا مالڪ اچي پهتا.
    ’سائين! انهن تي ويهو ته ڀلي ويهو... باقي اهي کڻي ڪيڏانهن ٿا وڃو؟‘
    سڀئي لڄي ٿياسين. جن جي هٿن ۾ تڏا هئا... انهن معذرت ڪئي ۽ جن تڏن کڻڻ جو آرڊر ڏنو... انهن اک ٽيٽ ڪئي.
    مون هن پئلس جو مشاهدو ڪيو. هي پئلس وڏن گول پلرن سان ٺهيل هو ۽ ڪريم ڪلر جو هو. جنهن جي وڏي ڪشادي ورانڊي ۾ هڪ جنرل اسٽور... جيڪو پاڻي، بوتلن، سگريٽن ۽ ٻين گذران جي شين سان سٿيل هو ۽ ان تي خريدارن جي بي انتها رش موجود هئي.
    پئلس جي ساڄي پاسي پڪين سرن سان ٺهيل وڏو اڱڻ هو جنهن ۾ ڪرسيون، ٽيبلون پيل هيون ۽ ان ئي اڱڻ جي آخر ۾ کاٻي پاسي هوٽل جو بورچي خانو هو.
    ارڙهن ڄڻن جي جٿي کي بورچي خاني جي ڀرسان ڪجھه ڪرسيون ملي ويون ۽ آهستي آهستي سڀ ڪو هِتان هُتان ڪرسي ريڙهي گڏجي اچي اُتي ويهي رهيو.
    بنا ڇت جي ٺهيل بورچي خاني ۾ دونهون هو... چڪن ڪڙهائين ۽ دال فرائين جو دونهون.
    اسان تائين چانهن آئي.
    پر چانهن پوءِ آئي ۽ اسان کي ڪرسيون پوءِ مليون. دراصل هوٽل جو اڱڻ ۽ بورچي خانو جتي ختم ٿيو ٿي، اتان کان هوٽل جي پوئين پاسي وڃڻ لاءِ ويهه، پنجويهه فوٽ ويڪريون چار يا پنج وڏيون چاڙهيون هيون.
    سو جيسين ڪرسيون خالي نه هيون. اسان انهن چاڙهين تي ئي ويٺاسين.
    Steps ۾...
    ۽ هاٽ پاٽس، ڪيڪن، ڪيڪ رس جا دٻا ۽ بريڊ کولي ڊنر ڪئي سين... جيسين ڪرسيون خالي نه هيون... اسان انهن ئي چاڙهين تي چانهن به نوش ڪئي.
    سڄي اڱڻ ۾ هُل هو... هُوڪِريا هئا.
    پاڻيءَ جي قِلت هئي ۽ واش روم وڃڻ لاءِ سڀ تيار هئا.
    هيءَ هوٽل پهاڙيءَ تي هئي پر پهاڙي نه هئي... پئلس هو.
    هي چاڙهيون... جن تي اسان ويٺل هئاسين... اهي هوٽل جي پوئين پاسي واري پهاڙيءَ تي لٿيون ٿي.
    لائيٽون... هوٽل جي طرف هيون... پهاڙيءَ جي پاسي، ان جا پاڇا هئا.
    ها... پر ڪجھه سُهائي هئي. جيڪا اڳيان هلي اونداهه ۾ گم ٿي پئي وئي.
    چاڙهين تي ويهي اسان پهاڙيءَ کي ڏسي سگھياسين پئي... هوٽل جي پوئين حصي واري پهاڙيءَ کي... ۽ اتي بورچي خاني جو گند ڪچرو هو... بصر ۽ بيدن جون کلون هيون... هوٽل جي باٿ رومن جي ڊرينيج هئي.
    ان سهائيءَ ۾ پهاڙيءَ تي گند ڪچري جا ڍير نظر آيا پئي.
    اسان مان شايد ڪنهن جي به دلچسپي ان منظر سان نه هئي. اسان هڪ ٻئي جي ڪمپني ۽ موسم مان مزو وٺي رهيا هئاسين.
    ٻه ڇوڪرا منهنجي ڀرسان گذري، چاڙهين تان هيٺ لهي... پهاڙيءَ ڏانهن وڃڻ لڳا... اوڏانهن گند ڪچري واري پاسي.
    آئون انهن کي تجسس سان ڏسي رهيو هئس... جو، جڏهن سڀ ڇاڇر ۾ ڇيرون ڪري، مزا ماڻي رهيا هئا ته هي ڪير هئا جيڪي اونهي اوڙاھ ڏانهن راهي ٿيا هئا. هي جگنوئن جو جوڙو اوستائين ويو جتي اڃان روشنيءَ جو سايو پهتو پئي... اونداهي دنيا اڃان ان کان اڳيان پئي شروع ٿي.
    ڇوڪرن جي هٿ ۾ پاڻيءَ جون خالي بوتلون هيون... ۽ روشنيءَ ۾ هو اوستائين ويا، جتي سيمينٽ جو ٿَلهو ٺهيل هو.
    ۽ رڳو سيمينٽ جو ٿلهو ٺهيل نه هو... اتي لوهي پائيپ هئا ۽ پائيپن ۾ پاڻي به هو.
    جيتوڻيڪ اسان چاڙهين تي ويٺل هئاسين ۽ هوٽل کي پٺي ڏئي... پهاڙيءَ ڏي منهن ڪري ويٺل هئاسين. پر گند جي وڏي آهري جهڙي پهاڙيءَ ۾ اهڙي حسين سوغات جي موجودگيءَ جو ذرو پرزو شڪ به اسان جي گمان ۾ نه هو.
    ڇوڪرا پاڻيءَ جون بوتلون ڀري مٿي چڙهي آيا.
    اهو سڄو منظر منهنجي نظرن جي فوڪس ۾ هو... سڀ لاپرواهه هئا... پنهنجيءَ ۾ مگن.
    آئون چوڪس هيس... ان ڪري ئي مون اهو سڀ ڪجھه ڏسي ورتو هو.
    ٻئي ڇوڪرا مون کي ڪراس ڪري مٿي اڱڻ ۾ روشنيءَ واري پاسي چڙهي ويا.
    مون سيمينٽ جي ٿلهي ۽ ان تي لڳل پائيپ ۽ نلڪيءَ کي ڏٺو. هي منهنجي کاٻي پاسي پنجاھ فوٽ کن پري هئا... ۽ پائيپ وري ٿَلهي وٽان شروع ٿي... اسان جي سامهونءَ کان چاڙهين وٽان گذري... ساڄي پاسي ڏانهن... اونداهه ۾ گم ٿي ٿئي ويو. منهنجن نظرن ان جو پيڇو ڪيو... پر اونداهه جي ڪري اڳيان نه وڃي سگهيون ۽ واپس موٽي آيون.
    پاڻي واٽر سپلائي جو هو يا ڪنهن چشمي جو. اها خبر نه پئي... پر پاڻي ڏسي اکين ۾ چمڪ اچي وئي.

    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي.

    اونداهه واري پاسي اميد جو ٽانڊاڻو ٽمڪي پيو.
    آئون به خالي بوتل کڻي چاڙهيون لهي اوڏانهن وڃڻ لڳس.
    پويان دوستن جا آواز آيا.
    آوازن ۾ پڇا هئي... ٽوڪون هيون... جيڪي عام طور تي سنگت، اونداهه ۾ وڃڻ واري تي ڪندي آهي.
    سعوديءَ جي صحرا ۾ چشمو ڦٽي نڪتو هو... زم... زم.
    گورک جي پهاڙيءَ تي نلڪي ملي وئي هئي... جنهن چيو پئي... ڪَم... ڪَم.(Come…Come)
    ۽ آئون لبيڪ چوندو سيمينٽ جي ٿلهي تائين پهچي ويس.
    منهنجو اندازو آهي ته هيءُ ٿَلهو، هوٽل جي ٿانون ڌوئڻ لاءِ تيار ٿيل هوندو... ٿلهي جي پاسي ۾ ڪجھه ڪنستر ۽ هڪ ڊرم رکيل هو.
    لوهي پائيپ جي منهن تي نلڪي لڳل هئي... نلڪي کولڻ سان پاڻي وڏي پريشر سان بوتل ۾ داخل ٿيڻ لڳو... ۽ بوتل ڀري وهڻ لڳو.
    آئون نلڪي بند ڪري، وڌيڪ اونداهه واري پاسي ويس... ۽ ’زوزاٽ‘ ڪڍي آيس... واپسيءَ ۾ منهنجي اکين ۾ چمڪ اڃان وڌيڪ هئي.
    چاڙهين تي ويٺل سڀ دوست... اونداهه واري پردي تي هلندڙ سڄي فلم کي ڏاڍي مزي سان ڏسي رهيا هئا.
    ۽ پوءِ اسان مان سڀني هڪ هڪ ٿي، بوتل ڀري... اونداهه ۾ وڃي پنهنجو Scene فلم بند ڪرايو.
    چانهه جو ٻيو دور ان فلم بنديءَ کان پوءِ ئي ڪرسين تي هليو هو.
    هوٽل ۾ هُل هو... هُوڪِريا هئا.
    ڪڙهائين مان دونهان بدستور نڪري رهيا هئا.
    اسين ڪُل ۾ شامل ٿي ويا هئاسين... گم ٿي ويا هئاسين.
    اسان پنهنجي ڪائنات مچائڻ جا عادي هئاسين. سو، جز ٿيڻ لاءِ اٿي وياسين.
    گاڏيون اسٽارٽ ڪري... اڃان مٿي... اڃان پري... (جتي ڪنهن زماني ۾ شري گورک ناٿ اچي ويهندو هو) ۽ جتي هاڻي بجليءَ جو آخري پول لڳل هو.
    مگر تنهائي... هتي به ڪانه هئي.
    سوين ماڻهو، فوٽ پاٿ تي، گورک جي ٽيرس تي قطارن ۾ ستا پيا هئا. جتي ويڪرو ميدان هو... اتي به ماڻهو ستل هئا.
    بجليءَ جي آخري پول وٽ ئي اسان جون گاڏيون پارڪ ٿيون.
    قالين وڇايا ويا.
    بوتلن جا ڍڪ کليا.
    ڪچهريون ٿيون.
    بجليءَ جو هي پول خالي نه هو... هن ۾ وڏو مرڪيوري بلب روشن هو... اسان ٿڪجي قالين تي ليٽي پياسين. مٿان شالون اوڍيل هيون.
    پر... ننڊ... اڪثريت کي ڪا نه آئي.
    يا شايد جيڪي قالين تي هئا... انهن کي ڪا نه آئي. جيڪي گاڏين ۾ هئا انهن کي اچي وئي.
    ۽ جن کي ننڊ نه آئي... انهن جي شالن مان ولگر لطيفا ۽ وڏا وڏا ٽهڪ ٻُرڻ لڳا.
    سڀني ستلن کي اسان تي ڪاوڙ هئي... هو جڏهن ڪمبل ۽ رليون لاهي اسان کي ڏسي، وري سمهي ٿي رهيا ته اسان اڃان وڌيڪ ٽهڪ ٿي ڏنا. ڪچهري جاري هئي ۽ هوا ۾ هڪ خاص مهڪ ڦهلجي وئي هئي.
    اسان مان ئي ڪنهن شوقين سگريٽ سَر ڪيو هو... اڪثريت شوقينن جي هئي ۽ ان خاص خوشبوءَ جي ڪري پريان ستل جوان به بي چين ٿي اسان ڏانهن وڌي آيو هو.
    ادا، ڪولر ۾ پاڻي آهي..؟
    ها ادا... آهي... پاڻي پيئندؤ..؟
    ها...
    مظهر! پاڻي پيار ڀاءُ کي.
    مظهر، گلاس ڀري کيس ڏنو... پر همراهه جو ارادو ٻيو هو.
    مواليءَ جي مامَ موالي ئي سمجھندو آهي... سو جنهن سگريٽ سَر ڪيو، ان سندس اکين جي اڻ تڻ سمجھي کانئس پڇيو.
    ادا! دم پٽيندين...؟؟
    ها... ڀائو... مهرباني.
    اچي... هي وَٺ. ڀلي کڻي وڃي، ايڏهين موج ڪر.
    ڀائو سڄو سگريٽ وٺي هليو ويو.
    اسان مان ڪنهن به نه ٿي چاهيو ته ڪير ٻيو اسان جي وچ ۾ اچي ويهي.
    ڀائوءَ... موج ڪئي يا نه ڪئي... پر ان جي وڃڻ کان پوءِ اسان جو يار گاگن موج ۾ اچي ويو ۽ شال لاهي اٿي بيٺو... ۽ هڪ هڪ ڪري شرٽ جا سڀئي بٽڻ کولي پهرين شرٽ ۽ پوءِ وري بيلٽ کولڻ لڳو.
    سڀ هن منظر کي ڏسڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    گاگن... هي ڇا ٿو ڪرين...؟ راجا... پهرين رڙ ڪئي.
    پر گاگن... بيلٽ لاهي ڇڏيو ۽ پينٽ جي سيفٽي بٽڻ کي کولڻ لڳو.
    اڙي گاگن... ڏاهو... ڏاهو...
    اسان سڀني جو خيال هو ته گاگن مڙئي نمونو ٿو ڪري.
    پر... گاگن... بٽڻ ۽ زپ کولي... پينٽ به لاهي پَٽَ تي ڇڏي ڏني.
    (ها... ها... ها... ها...) سڀئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
    واهه ڙي گاگن واهه... واهه ڙي گاگن واهه...
    گاگن اڇي گنجي ۽ اڇي انڊرويئر ۾ اسان سڀني جي وچ ۾ بيهي رهيو.
    گاگن... هاڻ ڪيٽ واڪ ٿي وڃي. (شايد وسيم چيو)
    ۽ گاگن... چيلهه تي هٿ رکي قالين تي هلڻ لڳو.
    ٻين سڀني تاڙيون وڄائي موسيقيءَ جي لئه پيدا ڪئي.
    گاگن... قالين تي تاڙين جي ردم ۾ ٻه ـــ ٽي چڪر ايئن لڳايا... جيئن رئمپ تي مشهور حسينائون پنهنجي مخصوص ادائن سان لڳائينديون آهن.
    اسان سڀني کان بُت ۾ ڪجھه ڀريل گاگن... (لسن وارن ۾ وچان سينڌ ڪڍي ۽ نظر جو چشمو پائي هلندڙ جوان، جنهن جو شمار ماضيءَ ۾ شهر جي سهڻن ۾ ٿيندو هو.) گورک جي ڪارپيٽ تي ڪئٽ واڪ ڪري رهيو هو.
    ردم رڳو تاڙين جو نه هو... ٽهڪن جا به ڦهڪا هئا. ڇو نه هجن... Scene ئي اهڙو هو.
    ۽... Scene ۾ وڌيڪ دلڪشي پيدا ڪرڻ لاءِ راجا سڀني جي دل وٽان ڳالهه ڪئي. گاگن... هاڻ انڊرويئر ۽ گنجي به لاهه.
    ۽ گاگن...
    گاگن... انڊرويئر ۾ هٿ وجھي حاضرين ڏي نهاريو...
    سڀئي تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ ٽهڪ ڏيڻ لڳا.
    عين ان لمحي بجليءَ جي پول ۾ لڳل مرڪيوري بلب وسامي ويو.
    گورک ٿيٽر جي لائيٽ مين... لائيٽ جو بٽڻ بند ڪري ڇڏيو.
    جيڪي به ان Scene جي وائکي ٿيڻ جي آس ۾ گد گد ٿي رهيا هئا... مايوس ٿي ويا.
    گاگن... تاڙين جي گونج ۾ واپس ويهي رهيو.
    ۽ جيسين صبح نه ٿيو... تيسين ايئن ئي ويٺو رهيو.


    صبح جو پهريون نظارو ـ درشن ڌاروڌار

    صبح... جلد ئي اچي ويو.
    جيئن خوابن جي دنيا ۾ ٿيندو آهي... منظر يڪدم تبديل ٿي ويندا آهن. سفر سيڪنڊن ۾ طئي ٿي ويندو آهي. ماڻهو ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويندو آهي... اک ڇنڀ ۾.
    بلڪل ايئن...
    صبح ٿي ويو.
    رات جي آخري پهر ۾ جن اسان کي رليون کڻي گاريون پئي ڏنيون... صبح ٿيڻ سان گورک کي گھٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا... انتظاميه، آفيسرن ۽ سياستدانن کي گاريون ڏيڻ لڳا.
    ويهڻ جي ڪا واهه نه هئي... ميدان کليل هو... ماڻهن جا هجوم هئا... اڪيلائي هجي ته بي اونو ٿجي.
    اسان بي اونا هئاسين... ڪجھه ته تجربي وارا هئاسين ۽ جيڪي الهڙ هئا، انهن کي سمجھائي ڇڏيو هئوسين ته رات جو ڪڙهائي کائڻ جو ضد ڪبو ته صبح واري ضد کي منهن ڏيئي ڪونه سگھبو...
    سو جن ضد نه ڪيو اهي آزاد هئا... جن ضد ڪيو... پريشان به اُهي ئي ٿيا.
    جائیں تو جائیں کہاں۔۔۔۔

    ۽ هڪڙي همراهه جاءِ ڳولهي ورتي.
    لائيٽ جي پول وٽ ئي ٺهيل هڪ سيمينٽ جي حوضي... شايد تعميراتي ڪم دوران سرن کي پسائڻ لاءِ ٺاهي وئي هوندي. جيڪا همراهه جي ڪم اچي وئي.
    همراهه... بُل ڏيئي ان ۾ لهي ويو.
    ۽ پٺيان بيٺل سڀئي سياح ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳا.
    کلڻ جو مقام هو يا روئڻ جو...؟؟
    ڇهن (6) سالن ۾ گورک کي اخبارن ۽ ميڊيا وسيلي شهرت ملي وئي هئي... هزارين ماڻهو اچڻ لڳا هئا... جن ۾ فيمليز به هيون.
    ۽ سهولتون ميسر اهي هيون... ڪُل اَٺ ڪمرا... چار باٿروم ۽ ويهڻ لاءِ ڪئنوپيون ڪي اٺ... ڏهه.
    ها... ٽيرس تي لوهي گرل چوڌاري لڳل هئي.. جيئن ٽوئرسٽ پسار ڪندي ڪندي هيٺ کاهيءَ ۾ ڪري نه پون ۽ گرل تي بيهي آرام سان هيٺ جو نظارو ڪري سگھن.
    ٽيرس جي فوٽ پاٿ ٺهي وئي هئي... جنهن تي آسانيءَ سان واڪ ٿي پئي سگھي... لائيٽ آئي هئي. (جيڪا به معجزاتي طور اچي وئي هئي سا به صرف 90 ڏينهن ۾. ٿيو ايئن هو جو پاڻي ۽ بجليءَ جي وفاقي وزير لياقت علي جتوئيءَ فرمان جاري ڪيو هو ته گورک تي 90 ڏينهن ۾ لائيٽ پهچي وڃڻ گھرجي ۽ 90 ڏينهن جي آخري ڏينهن تي مان خود معائنو ڪرڻ لاءِ گورک تي موجود هوندس ۽ ايئن 90 ڏينهن ۾ ئي گورک تي بجلي پهچي وئي.) هوٽل جي پائيپ ۾ پاڻي هو... جيڪو هينگڻ چشمي کان 5 کوهن وسيلي ڇڪجي، ڪل 18 ڪلوميٽر فاصلو طئي ڪري هتي پهچي ٿو. رستو ڪجھه قدر/ گھڻي قدر ٺهيل هو.
    سياحن جي سهولت لاءِ ٻه ننڌڻڪا باٿروم ٺهيل هئا... جن ۾ پاڻي نه هو پر ضد ڪندڙن جون ۽ زور جھلي نه سگھندڙن جون نشانيون پيل هيون.
    نوَن (9) مهينن ۾... ڪجھه نه مان سڀ ڪجھه ٿي پوندو آهي... اگر زال ۽ مڙس سچا هجن.
    گورک تي... ڇهن (6) سالن ۾ بس اهو ڪجھه ٿي سگھيو هو.
    کلڻ جو مقام هو يا روئڻ جو مقام هو.
    ڪير گورک تي ڇا لاءِ اچي...؟
    ان لاءِ ته موسم ٿڌي آهي... گورک سنڌ جي ڪوهه مري آهي... سياري ۾ هتي برف باري ٿيندي آهي...!!!
    موسم ٿڌي آهي ته بار بار باٿ روم جي ضرورت پوندي. برف باري ٿيندي ته سر لڪائڻ لاءِ اجھي جي ضرورت پوندي. جي ڪوهه مريءَ سان تشبيهه ڏيڻي آهي ته پوءِ گورک کي ڪوهه مريءَ جهڙو بنائڻو پوندو.
    ڪوهه مريءَ ۾ تقريبن اٺ سؤ هوٽلون آهن. هوٽل جي هر ڪمري ۾ اٽيج باٿ روم آهي... سڀني ريسٽورنٽس ۾ باٿ روم آهن... مال روڊ تي ويهڻ لاءِ ڪينوپيون آهن... اسٽاپ آهن... مسافر باٿ روم آهن... ڇا...ڇا... آهي.
    پنجاب سامراج آهي... اسان جا حق ٿو کائي... ننڍي هوندي کان ٻڌندا آيا آهيون. ڇا گورک ڊيولپمينٽ اٿارٽيءَ وارا پنجابي آهن...؟؟ يا کين پنجاب روڪي ٿو ته گورک تي باٿ روم نه ٺهرايو...؟؟ سياحن کي ڪا سهولت نه ڏيو...؟؟ جوهيءَ کان واهي پانڌيءَ وارو سنگل، مردار رستو نه ٺهرايو...؟؟ ان کي ڊبل نه ڪريو...؟؟؟
    اهو سڀ ڪجھه ڪرڻ کان سنڌ کي پنجاب روڪي ٿو...!!
    مون کي يقين آهي ته گورک پنجاب ۾ هجي ها ته ڇهن (6) سالن ۾ ان جو نقشو ئي ٻيو هجي ها.
    نيشنل هاءِ وي تي موري وٽ... جتان دادوءَ ڏي وڃڻ وارو موڙ آهي. ان تي گورک جي پروموشن لاءِ گورک جو ماڊل ٺهيل هجي ها ته جيئن نيشنل هاءِ وي تي سفر ڪندڙ هر ڪنهن ماڻهوءَ کي گورک جي خبر پئجي سگھي ها.
    گورک جي هن (View Point) کان هينگڻ چشمي تائين يا ٽيرس کان پوءِ شروع ٿيندڙ پرڪشش کاهين جي مٿان چيئر لفٽون لڳي وڃن ها. هوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر ٺهي وڃن ها.
    روڊ رستا ويڪرا ۽ زبردست هجن ها... جن تي وڏيون گول آرسيون لڳل هجن ها... رستي تي شاندار اسٽاپ هجن ها... جتان کان ٿڌيون هوائون شروع ٿين ٿيون... اتي گرم گرم پڪوڙن جا دڪان هجن ها.
    گورک پنجاب ۾ هجي ها ته ايئن هجي ها.
    پر گورک سنڌ ۾ آهي... ۽ سنڌ ۾ اهو سڀ ڪجھه ٿيڻ پنجاب ڏي ئي نه ٿو.
    ڪيتري بي حسي آهي... ڪيتري نڪ نرڄائي آهي اسان جي ماڻهن ۾...
    کلڻ جو مقام آهي يا روئڻ جو مقام!!
    اهو فيصلو اوهان پاڻ ئي ڪري سگھو ٿا.


    گورک تي ٻيو صبح... ٽيرس تي ٽهل ٽڪور ٿئي ٿي

    گاگن... نائيٽي چينج ڪري، پينٽ شرٽ پائي ڇڏي هئي ۽ اسان سڀ ٽولي... ٽولي... ٽيرس تي ٽلندا ٽلندا ان جي آخر تائين وڃي پهتاسين.
    هيءَ ٽيرس تقريباً هڪ ڪلوميٽر ڊگھي آهي. آئون هن کي ٽيرس ان ڪري ٿو سڏيان جو گھر جي بالڪوني وانگر هن کي گرل لڳل آهي.
    گرل جي سائيڊن يعني بارڊرس کي ڳاڙهو رنگ ٿيل آهي ۽ ان جي وچ واري مستطيل ڊزائين کي وري سائو رنگ.
    اگر ان ٽيرس جو هوائي جائزو وٺجي ته اها پاسيري (ل) جهڙي شڪل وٺي بيهندي. جيڪا الهندي کان شروع ٿي... اتر ڏي وڃي ٿي ۽ وري اوڀر ڏي مڙي ختم ٿي... ٽڪري ٿي وڃي ٿي... ڦهلجي وڃي ٿي. پر ٽيرس جتي ختم ٿئي ٿي ان کان پهرين ٻه وڻ هئا.
    هي وڻ اسڪردوءَ کان خَپلوءَ واري رستي تي لڳل وڻن وانگر زردالن سان ڀريل نه هئا نه ئي وري سوات جي سڄي رستي تي لڳل انهن وڻن جهڙا هئا، جن جا پن هڪ پاسي کان ساوا ۽ ٻئي پاسي کان چانديءَ جهڙا هوندا آهن ۽ سج جي روشني پوڻ تي جرڪي پوندا آهن. هي وڻ شوگران واري رستي تي پيوست قديم ۽ قدآور وڻن جهڙا به نه هئا، جن تي سندن عمر جون تختيون لڳل هونديون آهن. پر هنن وڻن ۾ ڪشش، شايد ان شجرِ ممنوعه جهڙي هئي، جنهن جي ويجھو وڃڻ لاءِ ڏاڏي آدم ۽ ڏاڏي حوا کي منع ڪئي وئي هئي پر پوءِ به هو ڇڪجي ويا هئا... سو اسان به هنن وڻن ڏانهن ڇڪجي وياسين ۽ ٽولي ٽولي ۾ ۽ اڪيلي بيهي تصويرون به ڪڍرايونسين ۽ محتاط ٿي ڪڍرايونسين. ڇاڪاڻ جو هنن بادامن جي وڻن جي پاڙ ۾ به ضديرن ٻارن جون سُڪل نشانيون ئي نشانيون پيل هيون.
    هي ٽيرس جتي ختم ٿي رهي هئي، اتان ئي ان جي بلڪل سامهون سج طلوع ٿي رهيو هو. ماڻهن کي غروب ِآفتاب جو منظر وڻندو آهي، پر مون کي سدائين سج اڀرڻ جو منظر موهيندو آهي. ريلن جي سفر ۾ به آئون سڄي رات جاڳي... صبح جو سج اڀرڻ جو منظر ڏسي پوءِ سمهندو آهيان. سج اڀرڻ جو منظر مون کي سدائين لڀائيندڙ لڳندو آهي. اهو ڀلي هاڪس بي جي (Hut) مان نڪري سمنڊ جي واريءَ تي ڊوڙندي ۽ هيڊفون ڪنن ۾ وجهي گانا ٻڌندي ڏٺو هجي يا شاهراھ قراقرم جي ان اسٽاپ تان چانهه پيئندي ڏٺو هجي جنهن کي ڏسندي ايئن پئي محسوس ٿيو ته قدرت واري ڪوسٽر جي اسان ٽنهي مسافرن ۽ چوٿين ڊرائيور کي سڄي رات جاڳڻ جي اُجوري طور صبح جي ان منظر کي خاص طور تي سجائي اسان آڏو نروار ڪيو هجي.
    گورک جو سج تازي غزل جي مطلع وانگر پهاڙن جي پويان طلوع ٿي رهيو هو ۽ اسان سڀ ٽيرس جي ان اختتامي پوائنٽ تان اهو منظر ڏسي رهيا هئاسين.


    کيل ختم ـ پئسا هضم

    واپسي سوير ئي ڪرڻي هئي... غزل مڪمل ٿيڻ کان اڳ ڪرڻي هئي.
    سج جي جوان ٿيڻ کان پهرين... اسان کي کاول لڪ تائين پهچي، جمنيءَ جي سار سنڀال لهڻي هئي ۽ ان کي واهي پانڌيءَ تائين پهچائڻو هو.
    جمني، هن سفر ۾ به اسان سان گڏ هئي.
    ارڙهن ڄڻن مان اسان چار... شعيب، شهزاد، راجا ۽ آئون جمنيءَ ۾ هئاسين ۽ جمني سڀني کان اڳ ۾ هئي ۽ کاول لڪ واري موڙ تي به سڀني کان اڳ ۾ هئي. مسئلو پويان ايندڙ ڊبل ڪئبن ۾ هو، جيڪا هرچڙهائيءَ تي دم جي مريضن وانگر بيهي بيهي (Inhaler) جو Puff وٺي پوءِ ٿي چڙهي.
    کاول لڪ واري موڙ تي به جمني اڌ کان مٿي چڙهي وئي هئي ۽ جيسين ڊبل ڪئبن پهچي... تيسين راجا بريڪ هڻي جمنيءَ جي انجڻ بند ڪري ڇڏي ۽ پوءِ جڏهن لهي ان جو بانيٽ کوليو ته منجهانئس ڪو آتش فشان ڦاٽي نڪتو ۽ هرطرف کان دونهان ئي دونهان نڪري آيا هئا.
    ڊبل ڪئبن ۽ (VIGO)، جمنيءَ کي ڪراس ڪري کاول لڪ چڙهي ويون پر جمني جلندي ئي رهي. شايد ڪنهن بد نظر جي هٿان نظرجي وئي جو ٿڌي ٿي نه سگھي... اڳيان هلي نه سگھي... هلي به ڪيئن.؟؟ اناڙي ڊرائيور، ان جون ڪلچ پليٽون ختم ڪري ڇڏيون هيون. سو سڀئي ساٿي جمنيءَ کي رستي تان... لاهيءَ واري رستي تان هٽائي... هيٺ ڪِٿي هٿيڪو ڪري بيهارڻ لاءِ پنڌ موٽي آيا.
    اونداهه هئي ۽ ان اونداهه ۾موبائيلن جي روشنيءَ تي جمني، چؤپاسي مڙي آيل متوالن جي مرضيءَ مطابق هيٺ ترڪڻ لڳي... هڪڙن وٽ وڏا پٿر هئا، جن ٿورو هيٺ گسڪڻ کان پوءِ ٽائرن کي قابو ٿي ڪيو... ٻيا جمنيءَ جي پويان چنبڙيل هئا... جو جمني اگر پنهنجي زور تي موٽ کائي ها ته سڌو کاهيءَ ۾ هجي ها. ان ڪري کيس زور ڏيئي روڪڻ بي حد ضروري هو... زورازوري هئي... ملهه هئي... کاول لڪ جي آخري موڙ کان ڪجھه هيٺ... ريسلنگ جي رنگ تي ان رات جمني ۽ اسان جو ٽاڪڙو ٿيو هو ۽ اونداهه ۾ اسان جمنيءَ کي کاول لڪ کان هيٺ ۽ کاهيءَ کان پرڀرو بيهارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا هئاسين ۽ جڏهن جمني هارايل رانديگر وانگر بي سُڌ ٿي بيهي رهي ته هڪ دفعو سڀني ڀرواري کاهيءَ ڏانهن روشني هڻي اها پڪ ڪرڻ چاهي ته ڏسجي ته کاهي ڪيتري وڏي آهي... پر موبائيلن جي روشني کاهيءَ جي تهه تائين نه ٿي رسي سگھي، ان ڪري بلآخر جمنيءَ جي چئني ٽائرن کي وڏا پٿر ڏيئي، مٿس آيت الڪرسي شوڪاري اسان مٿي چڙهي آيا هئاسين... مگر هاڻي صبح ٿي چڪو هو ۽ واپسيءَ ۾ جمنيءَ کي به جوڙ ۾ کڻڻو هو.
    واپسي سوير ئي ڪرڻي هئي... ۽ واپسي ٿي رهي هئي.
    ٻئي گاڏيون آهستي آهستي هيٺ لهي رهيون هيون. پٿريلي، ڀرڀري روڊ تي... اسان سان گڏ رستي تي موٽرسائيڪلن جا هشام هئا، جيڪي لهي به رهيا هئا ته سامهون کان چڙهي به رهيا هئا.
    منظر واضح هو... روشن هو.
    حدِ نگاهه تائين ڦهليل زرد سونهري پٿرن جا پهاڙ پکڙيل هئا ۽ ڪنهن ڪنهن پهاڙ تي روايتي جابلو ڌنڌ يا (رَءُ) هو جنهن جي ڪري ان پهاڙ جو رنگ پريان کان سرمائي پئي محسوس ٿيو.

    منظر سڄو سامهون هو... ۽ ساڄي هٿ تي روڊ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ کاهين جو هڪ پورو نظام هو... جيڪو بس ساڄي طرف ئي هو. ساڄي طرف حدِ نگاهه بس کاهيون ئي نظر آيون ٿي... جيڪي مطمئن ٿيو ليٽيون پيون هيون... وڏي عمر جي واڳن وانگر. جيڪي هروقت پاڻيءَ جي اندر ئي پيا هوندا آهن ۽ جڏهن ڪو شڪار ازخود پاڻيءَ ۾ اچي ڪرندو آهي ته ان کي کائيندا آهن. هي کاهيون ايئن هيون... پاڻ ئي ڪري پوندڙ شڪار جون منتظر. ڪجھه کاهيون شڪار کي زوريءَ قابو ڪرڻ لاءِ لامارا ڏينديون آهن، اهي ڪڏهن ساڄي طرف کان ڦري اينديون آهن ته ڪڏهن وري کاٻي کان. اهي رستي جي بلڪل ڀرسان ئي شروع ٿينديون آهن. گاڏيءَ ۾ ويهي اگر انهن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪبي آهي ته محسوس ٿيندو آهي ته گاڏي رستو ڇڏي بس ڄاڻ ان کاهيءَ ۾ ڪري پوندي... اهي کاهيون ان مانگر مڇ وانگر وات ڦاڙيو بيٺيون هونديون آهن، جنهن مورڙي جا ڇهه ئي ڀائر ڳڙڪائي ڇڏيا هئا. اهي کاهيون هيٺ تمام هيٺ زمين جي پاتال ڏانهن وڃي ختم ٿينديون آهن. اهي کاهيون پاڪستان جي اترين علائقن ۾ آهن... هانءُ ڏاريندڙ ۽ ڦڻ ڪڍي بيٺل... زندهه کاهيون.
    گورک جون هي کاهيون شانت هيون... امن ۾ هيون. هيٺ نهارڻ سان انهن جو ترو نظر آيو ٿي، جيتوڻيڪ اهو ترو ايترو ويجھو نه هو پر پوءِ به نظر آيو ٿي.
    ته ساڄي طرف ترا نظر ايندڙ کاهيون هيون. سامهون... وڏن ۽ ويڪرن جسمن وارا پهاڙ هئا ۽ کاٻي طرف کان اڀا، اوچا پٿريلا پهاڙ ۽ انهن جي پلاند ۾ ئي پٿرن جي ڍير وارو رستو... ۽ رستي تي هاڻي طوفان برپا ٿي چڪو هو. موٽر سائيڪلن جو هڪڙو سمنڊ هو، جيڪو مٿان کان هيٺ لهي ۽ هيٺان کان مٿي چڙهي رهيو هو... ۽ پٿر رستو... نه چڙهندڙن لاءِ سازگار هو ۽ نه لهندڙن لاءِ صراطِ مستقيم هو. هڪ پاسي موٽرسائيڪلن جا زور هئا ۽ ايڪسيليٽر ۽ انجڻ جون دانهون... ته ٻئي پاسي ٻيلهه سوارن جا موٽر سائيڪلن کي مٿي چاڙهڻ لاءِ زوردار ڌڪا ۽ حڪومت کي وري اوتريون ئي زوردار گاريون.
    زون... زون... زون... ڊرڙ... ڊرڙ...
    موٽرسائيڪلن جا ٺلها ڦرندڙ پويان ٽائر، ڌوڙ اڏائي طوفان برپا ڪري رهيا هئا ۽ ڪو... ڪو ٽائر پٿرن کي تيزيءَ سان پويان اڇلائيندو... هوا ۾ گھمي زون... زون... ڪري رهيو هو. هڪ هنگامو هو جيڪو برپا هو... ۽ اتي برپا هو... جتي اسان جي جمني به کاهيءَ جو ڀر وٺيو بيٺي هئي.
    اسان کاول لڪ جي هيٺان ان ’طوفان چوڪ‘ تي پهچي ته چڪا هئاسين پر ان کان پهرين، گورک تان لهڻ کان پوءِ مکيه رستو ڇڏي کاٻي پاسي ٽرن ڪندڙ هڪ رستي تي به لهي پيا هئاسين. مکيه رستي مان اوچتي ڦٽي آيل رستي جي باري ۾ اسان مان فقط عقيل کي خبر هئي ته اهو رستو ڪيڏانهن ٿو وڃي ۽ عقيل (VIGO) کي ڊرائيو ڪري رهيو هو ۽ ان رستي ڏانهن مڙي پيو هو... اهو رستو ٻه موڙ کائڻ کان پوءِ اُڀي لاهيءَ جي صورت وٺي مسلسل هيٺ لهي رهيو هو. ٻئي گاڏيون هن روڊ تي مڙي آيون هيون. پويان ڊبل ڪئبن هئي ۽ ڊبل ڪئبن وارن جڏهن اهو رستو ڏٺو ته انهن پويان دانهون شروع ڪري ڏنيون.
    عقيل! ڪيڏانهن... عقيل! ڪيڏانهن...
    يار! مارائيندين ڇا...؟
    اتان واپس ڪيئن چڙهنداسين...؟؟
    دانهون مسلسل هيون ۽ ڪورس ۾ هيون.
    يڪا يڪ اهڙي لاهيءَ وارو رستو ڏسي ڊبل ڪئبن ۾ لوڊ ٿيل الهڙن جا هانوَ ڇڄي پيا هئا ۽ انهن دانهون ڪرڻ شروع ڪيون جيڪي (VIGO) وارن تائين به پهتيون ۽ (VIGO) هڪ لاهي وڌيڪ لهي بيهي رهي. ڊبل ڪئبن مٿي ئي بيهي رهي هئي.
    دیا رے دیا کانٹا چوبھا
    ھائے مورے کانٹا چوبھا۔۔۔

    ڪنڊو، گاڏيءَ کي نه پر ان ۾ ويٺلن جي دل ۾ چڀيو هو.
    آئون (VIGO) جي ڍالي ۾ بيٺل هيس ۽ منظر ڏسي رهيو هئس.
    سهيلَ...!! عقيل دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي مون کي سڏيو هو.
    ڇا ٿو چوين... با...
    اهڙو ساڳيو سڏ منهنجو پهرين به ٻڌل هو... ڪجھه سال پهرين به ايئن ٿيو هو.
    اسان چلاس مان ناشتو ڪري (ليانا) ۾ گلگت ڏانهن پئي وياسين ته شاهراھِ قراقرم تي مسلسل ايندڙ سنگِ ميلن جي دؤران آيل هڪ غير روايتي ۽ ننڍڙي سنگِ ميل وٽ ليانا بيهي رهي هئي.
    سنگِ ميل تي لکيل هو... استور ــ 44 ڪلوميٽر.
    آئون اڳين سيٽ تي ويٺل هئس ۽ عقيل ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏسي چيو هو...
    ڇا ٿو چوين... با...
    ۽ مون چيو هو... رائيٽ ٽرن باءِ نمبر ـــ ون.
    ۽ ليانا سڌو گلگت ڏانهن وڃڻ بدران، رائيٽ ٽرن ڪري موت جي منهن ۾ منهن وجھڻ لاءِ مڙي پئي هئي.
    پر هي شاهراھِ قراقرم نه هو... جيتوڻيڪ اسان تائين خبرون اهي پئي آيون ته گورک تي وڃڻ لاءِ (Silk Route) ٺهي چڪو آهي ۽ اوهان ان جي مٿان سفر، ساڙهيءَ جي پلاند وانگر سرڪي يا ترڪي ڪري سگھو ٿا... پر اها حقيقت نه هئي... فريب هو... هي شاهراھِ ريشم نه هو... شاهراھِ قراقرم نه هو... ان ڪري مون تڪڙو جواب نه ڏنو... پر حالتن جو پورو جائزو ورتو.
    مون پويان مڙي پهرين ڊبل ڪئبن وارن ڏانهن ڏٺو... گاڏيءَ ۾ ويٺل، درين مان ڪنڌ ڪڍي دانهون ڪري رهيا هئا ۽ ڍالي ۾ بيٺل هٿ مٿي ڪري بيهڻ جا اشارا ڪري رهيا هئا... کاٻي پاسي کان اڀو ٿيل پهاڙ هو. سامهون مسلسل لاهيءَ وارو پڪو رستو هو... جيڪو نانگ وانگر لهرائيندو هيٺ لهي رهيو هو ۽ ساڄي پاسي نظر ايندڙ کاهيءَ ۾ ور وڪڙ کائيندڙ چشمي جو لنگھ هو... جيڪو مون سڃاتو... شايد پنهنجي تجربي جي ڪري... ۽ آئون ان سڪل چشمي جا پيرا کڻڻ لڳس... سڪل چشمو اڳيان وڌي رستي سان گڏ گڏ هلندڙ کاهيءَ ۾ موڙ کائيندو اڳتي وڌي رهيو هو ۽ اڳيان هلي کاٻي ڏانهن مڙي رستي سان گڏ ئي گم ٿي ٿئي ويو. سڪل چشمي سان گڏ جيڪو ميدان هو اهو ڪجھه ويڪرو هو، جنهن ۾ ٻوٽا به هئا. شايد (ڊاڊوڙي ۽ ڪاهو). اها کاهيءَ جي صورت هئي.
    بارشن پوڻ کان پوءِ شايد اهو چشمو وهي ايندو هوندو ۽ اهو لنگھ وٺي وهندو هوندو... ته هتي هيءُ ڪهڙو چشمو آهي، جيڪو بارشن کان پوءِ وهي ايندو آهي... جواب هو ’هينگڻ‘.
    ۽ پوءِ ئي مون عقيل سان ڳالهايو.
    عقيل...!! هينگڻ ٿو هلين ڇا...؟
    ها...
    يار...! ڳالهه ته ڀلي... پر... نه پوئين گاڏيءَ ۾ حال اٿئي ۽ نه ئي ان ۾ ويٺل يارن ۾. (حال ڀائي اسان سڀ (VIGO) ۾ ويهي رهيا هئاسين. قدرتي... Unplaned) ۽ چشمو به سڪل پيو لڳي... پاڻي اڳيان به هجيس الائي نه... ها! باقي هلڻو اٿئي ته پوءِ پاڻ هلون ٿا... بيٺل... بيٺا ئي رهن.
    آواره گرد خود غرض هوندا آهن. انهن کي خود غرضانه فيصلا وٺڻا پوندا آهن... ڊرائيونگ سيٽ تي آئون هجان ها ته اها پڪ ڪرڻ لاءِ هليو هلان ها ته اڳيان پاڻي آهي يا نه... پر آئون پويان هئس... ڊرائيونگ سيٽ تي عقيل هو. ان ڪري (VIGO) يو ـــ ٽرن ڪري واپس مٿي چڙهي آئي.
    هينگڻ... پويان پهاڙن ۾ يا الائي کاهيءَ ۾ رهجي ويو. پر ويندي ويندي منهنجي لاءِ وري اچڻ جو بهانو بڻجي ويو. تشنه چشمو تشنگيءَ جو سبب بڻجي ويو. سو مون هينگڻ کي ڇڏي، پاڻ سان گڏ وري اچڻ وري بهاني کي کڻي ورتو.
    کاول لڪ وٽ هنگامو برپا پوءِ ٿيو هو.
    ’طوفان چوڪ‘ تي آواز تيز هئا ۽ انهن جي گوڙ تي سج به پنهنجو غزل مڪمل ڪري جاڳي پيو هو.
    جمني جتي بيٺي هئي، ان جي ڀرواري کاهيءَ جو معائنو سج جي روشنيءَ ۾ سڀني پاران ڪيو ويو.
    الهڙن جون آڱريون وات ۾ هيون، جو سندن خيال ۾ گاڏيءَ کي اِتي بيهاري وڏي غلطي ڪئي وئي هئي. اسان مطمئن هئاسين ته گاڏي محفوظ هنڌ تي بيٺل هئي.
    اسان جيئن ڇڏي ويا هئاسين... جمني بلڪل ايئن ئي هئي.


    واپسيءَ جو سفر... نه سفر ختم ٿيو نه خواري

    ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي... چوندا ايئن آهن.
    هميشه ايئن ناهي ٿيندو... واپسي به شاندار ٿيندي آهي.
    بس! اڪثر اينگھندو آهي ته لاهور کان صادق آباد وارو سفر... جيڪو کٽڻ جو نالو ناهي وٺندو... ويندي به ۽ ايندي به... يا شايد واپس ايندي ڪجھه وڌيڪ. ڇاڪاڻ جو مسلسل سفر جي ڪري ننڊون پوريون ناهن هونديون ۽ جبلن تي چڙهڻ جي ڪري جسم ٽٽل هوندا آهن. ان ڪري اهو سفر جلدي ناهي کٽندو ۽ اينگھجي پوندو آهي. بلڪل ايئن... جيئن نويد جا لطيفا اينگھجي ڪهاڻيون بڻجي ويندا آهن ۽ دانهن ڪرڻ کان پوءِ ختم ٿيندا آهن... تيئن هي سفر به دانهون ڪرائي پوءِ ختم ٿيندو آهي. پر اڪثر ڪري ته هي سفر کٽندو به ان لاءِ آهي ته اسان سان گڏ نويد هوندو آهي جيڪو نه فقط اکين جو ماهر ڊاڪٽر آهي پر هڪ ماهر ڳالهيئر وانگر ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ جو هنر به خوب ڄاڻندو آهي. پر هي سفر... ڊاڪٽر نويد جي ڳالهين کي به کٽائي وجھندو آهي. هن سفر ۽ ڊاڪٽر نويد جي جنگ تقريباً هر ٽوئر ۾ ان ئي مقام تي ٿيندي آهي. هيءَ ’مهاڀارت‘
    ڪم و پيش ڏهن ڪلاڪن جي هوندي آهي... جنگ ۾ جڏهن نويد جي لطيفن جون گوليون ۽ ڳالهين جا جهاز رستي تي حملا ڪري ڪري ساڻا ٿي پوندا آهن ته پوءِ هو ڳائڻ شروع ڪندو آهي.
    کون کہتا ہے محبت کی زباں ہوتی ہے
    یے حقیقت تو نگاہوں سے بیاں ہوتی ہے۔۔۔

    کان وٺي...

    کبھی تو کھل کے برس ابرِ مہرباں کی طرح۔۔۔

    تائين چترا جا ڳايل اڪثر غزل سندس حفظ ٿيل آهن.
    وسيم؛ وچان وارو وٺائيندو اٿس (وسيم... اسان سڀني ۾ سريلو آهي. اسان ۾ نه پر ٻين سڀني ۾ سريلو آهي جو آئون بلڪل بي سرو آهيان) عقيل، وچان واڙي سر ملائيندو آهي ۽ آئون ڪٿي ڪٿي ٻاڪار مچائيندو آهيان... پر پوءِ به اهو سفر ناهي کٽندو. ان سڄي روڊ تي ڊرائيور به تيزيءَ سان مٽجندا آهن ته جيئن نئون خون اچي ۽ ايڪسيليٽر تي پير جو زور زياده ڏئي سگھي... سو لاهور کان صادق آباد واري ان اجائي ڊگھي رستي کان سواءِ باقي واپسي خوشگوار هوندي آهي.
    گورک جي هن سفر جي به واپسي هيستائين ته شاندار هئي... ٿڌين هوائن ۾ ڍالي ۾ بيهي منظرن کي سڌو سنئون ڏسندي ڏسندي کاول لڪ به لهي آيا هئاسين، پر هاڻي جمنيءَ کي جوڙ ۾ کڻڻو هو... سندس ٽائرن ۾ پيل سنگھر پٿرن کي هٽائڻو هو... ڇا ٿيڻو هو...؟ اندازو هو... ڪيئن ٿيڻو هو... گمان ۾ نه هو.
    موٽرسائيڪلن جو هنگامو جيئن گھٽ ٿئي ٿيو ته اسان جمنيءَ کي ڌڪا ڏئي آهستي آهستي اڳيان پويان ڪري موڙائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ جڏهن جمني مڙي واپسيءَ واري سفر لاءِ سڙهه سڌا ڪري بيٺي ته آئون جمنيءَ ۾ اڳيان ٿي ويٺس، راجا ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺو ۽ باقي دوستن جمنيءَ کي روڊ جي لاهيءَ طرف آخري زوردار ڌڪو ڏئي جمنيءَ مان هٿ ڪڍي ڇڏيا.
    راجا، انجڻ اسٽارٽ ڪئي ۽ جمني لاهيءَ جي تناسب سان پنهنجي رفتار گھٽائيندي وڌائيندي هيٺ ڊوڙڻ لڳي... پنهنجي زور تي نه... لاهيءَ جي زور تي... پر آرام سان لهڻ لڳي. اسان ٻئي مطمئن هئاسين ۽ هر موڙ تي جمنيءَ لاءِ راجا جي روايتي گار دهرائيندي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي سفر کي Enjoy ڪري رهيا هئاسين.
    راجا اها ڪچي گار ڪي زمانا اڳ ٿر ۾ ڊيزرٽ سفاري ڪندي، اٿلندڙ ڦٿلندڙ پوٽوهار جيپ کي ڏني هئي، جيڪا اسان ٻنهي کي ياد هئي... ۽ تيز لاهيءَ واري هر موڙ تي جڏهن هيءَ جمني به زمين کان ٿوري مٿي ٿئي ٿِي ته اسان ٻنهي اها گار دهرائي ٿي.
    جمني هيٺ ڊوڙندي پئي وئي... ان دوران اسان محسوس ڪيو ته جمنيءَ ۾ پنهنجو به ڪجھه ساهه پئجي چڪو هو. جمنيءَ جي دل 72 جي بدران 12 تي ڌڙڪي رهي هئي. ان ڪري ئي لاهي ختم ٿيڻ کان پوءِ جتي رستو سڌو ٿيو ٿي ته جمني خود هلڻ پئي لڳي... ايئن جيئن دل جو مريض آهستي آهستي هلندو آهي... جمني هلي پئي. سفر گھڻو ڪري لاهيءَ وارو هو پر ڪٿي ڪٿي رستو سڌو به هو ۽ ڪٿي وري ڪا معمولي چڙهائي پڻ هئي. سو... جتي به ڪا چڙهائي نظر آئي پئي ته آئون هڪ دم لهي جمنيءَ کي ڌڪڻ ٿي لڳس ۽ جڏهن رستو هموار ٿيو ٿي ته وري واپس دروازو کولي ويهي ٿي رهيس. مون پاران جمنيءَ کي اڪيلي سر ڌڪيندو ڏسي پوئين گاڏيءَ مان ماجد ۽ وسيم به لهي ٿي آيا ۽ ان ڪرت ۾ همراهي ڪرائي وري واپس پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي ٿي پيا ۽ ايئن اسان گورک جون سڀ لاهيون لهي، واهي پانڌيءَ جي گرم ۽ هموار سرحدن ۾ داخل ٿي وياسين.
    منظر تبديل ٿي ويو هو... موسمون مٽجي ويون هيون... گورک تي جنوري هئي ۽ واهي پانڌيءَ ۾ جولاءِ...
    پر مٿي... آئون هي جيڪو ڏاڍي آرام سان لکي آيو آهيان ته اسان (وسيم، ماجد ۽ آئون) جمنيءَ کي ڌڪا ڏئي گورک پار ڪرائي آياسين ته توهان جي خيال ۾ ته تقريباً ٽيهن ڪلوميٽرن جي اها ڌڪ ڌڪان بس ايتري ئي آرامده هئي، جو ان کي پنجن سٽن ۾ ئي سمائي ڇڏجي... هر گز نه.
    ڇاڪاڻ جو موسمن جو ڪئلينڊر ته کاول لڪ جي هيٺان ئي تبديل ٿي چڪو هو... جتي دوستن جمنيءَ کي زوردار ڌڪو ڏيئي هٿ ڪڍيا هئا... ان پوائنٽ تي مارچ هئي ۽ جمني پنهنجي زور تي جيڪي لاهيون لٿيون اهي اپريل ۾ هيون. ان کان پوءِ مئي آئي... ۽ مئي ۾ راجا جمنيءَ جي (A.C) اسٽارٽ ڪري ڇڏي هئي... ۽ جڏهن سڌي روڊ تي جمنيءَ جو ساهه کٽيو پئي ۽ آئون در کولي هيٺ لٿس پئي ته ٻاهر مئي جو پهريون چاليهو هو، جيڪو دروازو کولڻ سان جمنيءَ ۾ به گھڙي آيو ٿي... ۽ جون جي مهيني ۾ تتل جبلن تي ڊوڙي ڊوڙي جڏهن مون جمنيءَ کي ڌڪا پئي ڏنا ته جبل جي تپش سان منهنجي پيرن جون تريون ڳاڙهيون ٿي ويون هيون ۽ جولاءِ شروع ٿيڻ تائين آئون مٿي کان وٺي پيرن تائين پگھر جي سانوڻ ۾ پسي ويو هيس ۽ پيرن جي ترين ۾ پاڻيءَ جا دُٻا، نڦن جي صورت ۾ ٺهي پيا هئا... ۽ اها ئي حالت ماجد ۽ وسيم جي به هئي جيڪي پوئين گاڏيءَ مان لهي منهنجي همراهي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
    سو جولاءِ... اڄ (A.C) روم ۾ ويهي، پنن تي هي سفرنامو لکڻ وقت ته آرام سان اچي ويو... مگر پٿر ديس ۾ ان ڪئلينڊر جو پنو پنو ڪيئن پلٽيو هو... اها بس! اسان ٽن ۽ چوٿين جمنيءَ کي خبر آهي.
    پر نيٺ... جولاءِ ۾ واهي پانڌي اچي وئي هئي ۽ هاڻي جمنيءَ کي ڌڪڻ لاءِ ڪنهن ٻئي متبادل جي ضرورت هئي.
    ۽ معاف ڪجؤ! مٿي واهي پانڌي لکڻ مان منهنجي مراد واهي پانڌيءَ جي ڳوٺ جو اچڻ هرگز ناهي... اهو ته اڃان پري هو... هيءَ ته بس واهي پانڌيءَ جي شروع ٿيل حد هئي. جتي هاڻ جمنيءَ کي مسلسل ڌڪي جي ضرورت هئي. جو جمنيءَ ۾ جيڪو ذرو پرزو ساھ هو، اهو به وچ رستي ۾ پورو ٿي چڪو هو... سندس (Pulse) زيرو تي هئي ۽ (Pulse) جڏهن زيرو تي پهچندي آهي ته ڊاڪٽر مريض جي مٿان ڪپڙو وجھي، عزيزن ۾ نهاري چوندو آهي ته ...I am Sorry.
    جمنيءَ جي (Pulse) زيرو تي پهچي چڪي هئي. سو اسان ٽنهي به پويان ايندڙ ٻنهي گاڏين کي بيهارڻ جو اشارو ڪري اهو ئي جملو دهرايو...
    I am Sorry.
    ۽ ان کان پوءِ جو داستان اوهان مون کان نه ئي ٻڌو ته چڱو... جو هي داستان، فلم ’مقدر کا سکندر‘ ۾ فلمايل اميتاڀ بچن جي گاني جيترو رنگين ناهي. جنهن ۾ ريکا، آتشي گلابي وڳي ۾ گهنگھرو پائي’سلام ِ عشق میری جان ذره قبول کر لو‘ تي ڊانس ڪندي آهي ۽ جڏهن اميتاڀ مجرو ڏسي ڏسي مدهوش ٿيندو آهي... ته پاڻ به اٿي پوندو آهي ۽ ٻانهون ڦهلائي ڳائيندو آهي ته...

    اس سے آگے کی اب داستاں مجھ سے سن
    سن کے تیری نظر ڈب ڈبا جائے گے
    بات دل کی جو اب تک تیرے دل میں تھی
    میرا دعویٰ ہے ہونٹوں پے آجائے گے
    مسیحا محبت کے ماروں کا ہے
    ہم تیرا نام سن کے چلے آئے ہیں
    اب دوا دے ہمیں یا تو دے دے زہر
    تیری محفل میں یے دل جلے آئے ہیں
    اک احسان کر اپنے مہمان پر
    اپنے مہمان پر اک احسان کر
    دے دعائیں تجھے عمر بھر کے لیے۔۔۔

    هي داستان قطعي طور تي ايترو رنگين ڪونهي... هي داستان ايترو به دلچسپ ناهي جيترو سيالن جي هير ۽ تخت هزاره جي رانجھا جو داستان آهي، جنهن کي وارث شاھ، حَسِين انداز ۾ قلمبند ڪيو آهي... هي داستان اهو عجيب داستان به ناهي جنهن کي لتا ڳايو آهي، جيڪو خبر ناهي ڪٿان کان شروع ٿي ڪٿي ختم ٿيندو آهي... هي داستان ته اهو ڀلايل داستان به ناهي جيڪو وري وري ياد اچي ويندو آهي.
    هي داستان... الف ليليٰ جي ان درد ڀري داستان جهڙو آهي، جنهن ۾ ڪو آدم خور ڪارو ديو، حسين و جميل شهزاديءَ کي ڪلهي تي رکي پهاڙن ڏانهن کڻي ويندو آهي ۽ پويان شهزاديءَ جي پوڙهي ماءُ ۽ مڱيندو ڳوڙها وهائيندا ۽ شهزاديءَ جون ڳالهيون ۽ ڳڻ ياد ڪري روئندا رهندا آهن. هي داستان... ان داستانِ حسرت جهڙو آهي، جنهن کي مُني بيگم روئي روئي ٻڌائيندي آهي.
    سو هي داستان... اوهان مون کان نه ئي ٻڌو ته چڱو.
    ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي... چوندا ايئن آهن. هميشہ ايئن ناهي هوندو... واپسي به شاندار ٿيندي آهي.
    سفرنامي جي پڄاڻي بيزاريءَ وارن لفظن سان نه ٿيڻ گھرجي. جن فلمن جو ڪلائميڪس وڇوڙي سان ٿيندو آهي... روڄ راڙي سان ٿيندو آهي... اُهي فلاپ وينديون آهن. ان ڪري رائيٽر، هرو ڀرو... غير منطقي طريقي سان... هيرو هيروئن کي ڪلائميڪس ۾ ملائي ڇڏيندا آهن. دل ناهي مڃندي پر فلم ۾ اهڙو معجزو ٿي پوندو آهي... ان لاءِ ته ماڻهو، سينيما گھرن مان خوشي خوشي نڪرن ۽ کلندا کلندا پنهنجي گھر وڃن.
    LOGIC عجيب آهي... ڳالهه دل کي به نه لڳي ۽ پوءِ به دل خوش ٿي وڃي.
    LOGIC عجيب آهي.
    پاڻ حقيقت پسند آهيون ۽ سدائين اهڙن بي تڪن ميلاپن تي احتجاج ڪندا آيا آهيون... سو سفرنامو فلاپ وڃي ته ڀلي وڃي پر حقيقت جيئن آهي تيئن ئي بيان ڪبي.
    ۽ حقيقت ڇا هئي...؟؟
    حقيقت اها هئي ته هيستائين خواريءَ جو جيڪو بيان هو، اهو ٽريلر هو...
    فلم ته تڏهن شروع ٿي هئي جڏهن ٽئي گاڏيون بيٺيون، سڀ ساٿي لهي آيا ۽ اسان چيو هو... I am Sorry
    ٿورو تصور ڪريو... واهي پانڌيءَ جو بيابان... سوا نيزي کان ڪجھه مٿي بيٺل سج... دادوءَ جي مشهور موت مار گرمي... ۽ يڪ ساهي ارڙهن ڄڻن جون جمنيءَ جي جنازي کي ڌڪڻ جون صلاحون.

    سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هار.

    سڀ جا سڀ پڙهيل لکيل... ڪي ڊاڪٽر... ڪي پروفيسر... ڪي وڪيل... ته ڪي آفيسر... سڀئي تڪڙيون صلاحون ڏيڻ لڳا ته ڪلهو هتان کان ڏيڻ کپي. پرائمريءَ ۾ پڙهيل جملو ’جيترا هئا وات، اوتريون هيون ڳالهيون‘ پنهنجي پوري حقيقت سان سامهون اچي بيٺو هو.
    بلآخر جميل... سڀني کي ماٺ ڪرائي.
    اصل ۾ گاڏي ڌڪڻ لاءِ اسان وٽ ڪو امدادي سامان موجود ئي نه هو. ان ڪري ڪنهن اڳٺ ٻڌڻ جي صلاح پئي ڏني ته ڪنهن وري لتن سان تِلون هڻي جمنيءَ کي پار پڄائڻ جي ڳالهه پئي ڪئي. جميلُ... جڳاڙ ڪرڻ جو ماهر آهي... ان جڳاڙ ڳولهي ورتو هو ۽ دانهن ڪري سڀني کي ماٺ ڪرائِي ۽ شالون ۽ ويهاڻا ڪڍڻ لاءِ چيو.
    جميل... ٻن شالن کي سڌو گول وٽي پاڻ ۾ ڳنڍ ڏئي قابو ڪري ڊبل ڪئبن جو ڍالو کولي، هڪ شال جو حصو ان جي سائيڊ کان اندر وجھي ڍالو بند ڪيو ۽ راجا کي جمنيءَ جي ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ جو چيو ۽ شال جو ٻيو حصو ڊرائيور سائيڊ واري دروازي مان اندر ڪري جمنيءَ جو در به بند ڪري ڇڏيو... جمني، ڍالي ۾ نه لڳي... ان لاءِ ڍالي جي وچ تي پائيدان وٽ وهاڻي کي اڳٺ سان ٻڌو... ۽ سڀني کي گاڏين ۾ ويهڻ لاءِ چيو.
    جمنيءَ جا ٽئي مسافر (آئون، شهزاد، شعيب) (VIGO) جي ڍالي ۾ کليل ڇت جي هيٺان ويٺاسين ته جيئن جمنيءَ تي وڌيڪ بار نه پئجي سگھي.
    سفر شروع ٿيو... پهرين ڊبل ڪئبن... وچ ۾ جمني... آخر ۾ (VIGO) هئي.
    قافلو درد جو هو... اٺين ربيع الاول نه هئي... شوال جي ٽين تاريخ هئي... عيد جو ٽيو ڏينهن.
    ڊبل ڪئبن هَلِي ته جھٽڪي سان جمني به چرڻ لڳي... پر... شال مان چرڙ... چرڙ... جو آواز نڪتو ۽ ڪجھه ئي دير ۾ اسپيڊ جي گھٽ وڌ ۽ موڙن جي ڪري ڍالي واري شال جو اندريون حصو چرڙ... چرڙ... ڪندو ڦاٽي پيو... ڊبل ڪئبن اڳيان وڌي وئي ۽ جمني پويان اڪيلي بيهي رهي.
    راجا... دريءَ مان بيهڻ جون دانهون ڪندو رهيو. (اڙي بيهو... اڙي بيهو...) سڀئي بيهي رهيا ۽ ڪجھه دوست گاڏين مان به لهي آيا.
    اڪثريت بيزار ٿيڻ شروع ٿي وئي... مزو ڪِرڪِرو ٿي ويو هو... اوجاڳو هو... ٿَڪُ هو... گرمي هئي. ڪولرن وارو پاڻي تپي ٽانڊا ٿي ويو هو. ڊبل ڪئبن ۽ ڍالن وارا لهي آيا... (VIGO) ۾ ويٺل، ويٺا ئي رهيا.
    (VIGO) جي اندر بهار هئي... ٻاهر رڻ تتل هو... راڙو هو.
    جميل... ٻيو نسخو آزمايو.
    پر جيسين ٻيو نسخو الهام ٿي جميل جي دماغ ۾ اچي... تيسين سڀني جي حالت زار هئي... پگھر رڳو نراڙن تي ڪونه هو، پورا جسم پگھر ۾ شم هئا... ڪا ڇانوَ، ڪا لڪڻ جي جاءِ، ڪو پاڻيءَ جو ٿڌو ڇنڊو... ڪجھه به نه هو... ڪپڙا پگھر ۾ ڀت ٿي ويا هئا.
    سڀ واهه جا ڦاٿا هئا...
    مين روڊ هجي ها ۽ ڪوچون هلندڙ هجن ها ته ڪجھه يار ته اک بچائي ڀڄي به وڃن ها. پر علائقو موئن جي دڙي کان به اڳ جو پئي ڀاسيو ۽ نظر ڍڳي گاڏي به نه ٿي آئي. ماڻهن جا هشام... موٽرسائيڪلن جا هنگاما... سڀ پوئتي هئا. هتي اجتمائي تنهائي هئي... درد هو. سچل سرمست نعرو لڳائيندو هو... ’بي درد ــــ نامرد‘... اسان سڀ مرد هئاسين. سڀني وٽ درد هو ۽ جيسين اهو درد اسان جا هانوَ نپوڙي ۽ ساھ ڪڍي. جميل... وري دانهن ڪئي... وهاڻا ۽ اڳٺ ڪڍو...
    حڪم جي تعميل ٿي.
    ٻه وهاڻا ڊبل ڪئبن جي بانيٽ جي اڳيان ٻڌا ويا ۽ هڪڙو جمنيءَ جي پويان... گاڏين جي ترتيب تبديل ٿي. پهرين جمني... پوءِ ڊبل ڪئبن... آخر ۾ (VIGO).
    ويهڻ جو بگل وڳو... ڍالي ۾ ويهڻ جي وسعت نه هئي سو ڊبل ڪئبن ۾ اندر ويٺس ته هوش ۾ آيس.
    ڊبل ڪئبن... پنهنجو بانيٽ، جمنيءَ جي پٺ سان ملائي کيس اڳيان ڌڪي رهي هئي ۽ ڪنهن ڪنهن مهل گھڻو زور ڏئي پاڻ بيهي ٿي رَهِي ۽ جمني اڳيان ڌڪجي ٿي وئي... ۽ ايئن ان لاءِ ڪيو پئي ويو جو جمنيءَ جي پري ٿيڻ سان ئي اسان اڳيان وارو رستو ڏسي پئي سگھياسين ۽ پنهنجي تسليءَ خاطر ته هي سفر رستي تي ئي ٿئي پيو... جميل بار بار تلن هڻڻ جو اهو عمل ورجائي رهيو هو.
    تلون مسلسل هيون... ڌڪا زوردار هئا... جمني اڳيان هلندي پئي رهي... سفر ذرو ذرو ٿي... پر کٽندو پئي ويو. ڊبل ڪئبن جي اندر به بهار هئي. ايئر ڪنڊيشنڊ هلي پئي... جمنيءَ جي (A.C) به On هئي.

    ڪا غم جي شبنم سيني ۾، ڪا شبنم دل کان ٻاهر آ
    هڪ موسم دل جي اندر آ، هڪ موسم دل کان ٻاهر آ

    ايئن ئي هڪ موسم گاڏين جي اندر هئي ۽ هڪ موسم گاڏين کان ٻاهر هئي.
    جمني اڳيان هئي ۽ ڊبل ڪئبن ان جي پٺ سان ايئن چنبڙيل هئي جيئن قربانيءَ لاءِ هڪ جاءِ تي گڏ ٿيندڙ ٻڪرين جي وچ ۾ ڪجھه ٻڪر اچي انهن سان چنبڙي پوندا آهن ۽ ٻڪرين جون دانهون سڄي پاڙي ۾ پکڙجي وينديون آهن. ڊبل ڪئبن به اهو ئي ٻڪر هو ۽ جمنيءَ سان چنبڙيل هو. اچانڪ راجا... دريءَ مان هٿ ڪڍي بيهو... بيهو... جا اشارا ڪرڻ شروع ڪيا. رستو... جنهن رستي سان اسان آياسين پئي... اهو ختم ٿي ويو هو. هي اهو رستو هو... جيڪو جوهيءَ کان واهي پانڌي اچڻ وقت... واهي پانڌي شروع ٿيڻ کان اڳ کاٻي پاسي مڙندو آهي. هيءُ ئي رستو گورک جو رستو آهي... ۽ اهو رستو ختم ٿي ويو هو. اسان کي ان جي اختتام جي خبر نه پئجي سگھي هئي جو اسان کي سامهون نظر ايندڙ ڪُل ڪائنات بس جمني هئي. راجا... اشارا ڪري رستي جي ختم ٿيڻ جو اعلان پئي ڪيو. ساڄي پاسي جوهيءَ وارو رستو هو ۽ کاٻي پاسي واهي پانڌيءَ جو شهر... جمني ۽ ڊبل ڪئبن ساڳيو مارچ پاسٽ ڪنديون ساڄي پاسي مڙيون... جو منزل ته اُن پاسي ئي هئي پر (VIGO) کاٻي ڏي مڙي وئي جو منزل تي تڪڙو پڄائڻ لاءِ مستريءَ جو آسرو وري هُن پاسي هو.
    خواري بس ايتري ئي لکيل هئي... سڀئي هوٽل تي ويهي منرل واٽر جون بوتلون پيئڻ ۽ چانهه بسڪيٽن سان ناشتو ڪرڻ لڳاسين. جيڪو گذري ويو سو خواب هو... وسري ويو. هوٽل ۾ ٽهڪ ٻُري اٿيا... خيال سڀني جو اهو هو ته هاڻي مستري ايندو ۽ ڪلاڪ اڌ ۾ جمني ٺهندي ۽ بهارن جا مزا ماڻيندا هلنداسين.
    بلڪل ايئن ٿئي ها... اگر عيد جو ٽيو ڏينهن نه هجي ها ۽ مسترين کي اسان وانگر گھر گھاٽ پيارا نه هجن ها ته بلڪل ايئن ئي ٿئي ها. پر حقيقت اها هئي ته عيد جو ٽيو ڏينهن هو ۽ واهي پانڌيءَ ۾ جيڪي اڀرا سڀرا مسترين جا دڪان هئا، سي به بند هئا.
    (VIGO) وارا مايوس موٽي آيا... مستري ته ٺهيو پر ڪا رسي به نه ملي سگھي هئي. جنهن سان هن جنازي کي آسانيءَ سان ڌڪي سگھجي ها.
    ذهن ۾ NCC واري دؤر جو فوجي آرڊر گونجڻ لڳو... جیسے تھے ۔۔۔

    ہم تو جیسے تھے۔۔ اب بھی ویسے ہیں۔۔۔

    اسين ته ايئن ئي هئاسين ۽ هريل به هئاسين... اسان سان هيءَ ويڌن ڪا پهريون دفعو ته نه ٿي رهي هئي... اسان ته الائي ڪهڙا ڪهڙا ڇڪڙا، ناراڻ... ملتان ۽ ايبٽ آباد کان هالا تائين پهچايا هئا. هيءَ ته جمني هئي ۽ سنڌ ۾ هئي... سو اسان لاءِ خير هو. پر هاڻي ان ڌڪ ڌڪان ڪري ڊبل ڪئبن به گرم ٿيڻ لڳي. شايد جيڪي وهاڻا بانيٽ سان ٻڌل هئا انهن جي ڪري انجڻ کي پوري هوا نه پئي پهچي سگھي... سو انجڻ گرم ٿيڻ لڳي هئي.
    جميل... (A.C) بند ڪري ڇڏي ۽ ان جي بند ٿيڻ سان يڪدم ئي خبر پئجي وئي ته ٻاهر ڇا حالت هئي. شيشي کولڻ سان شديد لُڪَ اندر ڌوڪي ٿي آئي ۽ شيشن بند ڪرڻ سان هڪ ٻئي جي اُٻس ۽ پگھر جي بوءِ ۾ ساھ ٿي منجھيو... سو جڏهن اُٻس ۽ بوءِ ۾ مرڻ ٿي لڳاسين ته شيشا ٿي کولياسين ۽ جڏهن لُڪَ ۾ ڪوسا ٿي جلڻ ٿي لڳاسين ته واپس اُٻس ۽ بوءِ ۾ عافيت ٿي ورتيسين.
    ڊبل ڪئبن جي گرمي پد جو ڪانٽو مسلسل مٿي چڙهي ٿي آيو... ۽ اهوصرف ڪانٽو ڪونه هو جيڪو چڙهي ٿي آيو. اهو هڪ گھنڊ هو... جيڪو وڄي رهيو هو. هڪ نغارو هو... جيڪو گونجي رهيو هو. هڪ نوبت هئي... جيڪا بلند ٿي رهي هئي. هڪ آزمائش جي صورت ۾... ۽ اسان مان ڪير ڪير هو جيڪو ان آزمائش کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار هو..؟
    بس! ماجد ۽ وسيم... يا ڪٿي ڪٿي آئون.
    ڊبل ڪئبن گرم ٿي وئي...
    جميل... وچ جهنم ۾ گاڏي بيهاري ڇڏي.
    اُس... تتل اڱارن وانگر وسي رهي هئي... هرطرف ٻرندڙ شعلا هئا... تؤ يا تاءُ نه هو... پورو مچ هو، جيڪو ٻري رهيو هو. بٺي تيار هئي... بس! اٽو ڳوهي... پيڙو ٺاهي هٿ ۾ جھلڻ جي دير هئي... ڍوڍو پاڻهي پچي پوي ها. اهڙي مهل ۾ اسان کي پچڻ جي لاءِ جميل گاڏي بيهاري ڇڏي هئي.
    هُو پاڻ به لهي ويو ۽ آئون ۽ وسيم به لهي پياسين. ريڊايٽر جو ڍڪ کلڻ سان ٽهڪندڙ پاڻي تيز اڇل ڏئي پري وڃي پيو هو ۽ رهجي ويل پاڻي اندر گڙ گڙ ڪري ٽهڪي رهيو هو.
    شايد اهڙو ئي پاڻي جهنمين کي پياريو ويندو. يا الله! اسين جهنم جي عذاب کان پناهه ٿا گھرون ۽ يقين ٿا رکون ته تنهنجي راحمين ذات اسان کي ان عذاب کان پناھ ۾ رکندي.
    اُتي... مٿي ته... پڪ سان فضلِ خدا جي ڪري ڇٽي پونداسين... پر هتي همٿ ڪرڻي آهي... ڪمائي ڪرڻي آهي... محنت ڪرڻي آهي... ۽ اسان همٿ ڪئي. گرم پاڻي ته ڍالي ۾ پيل ڪولرن جو به هو پر اهو ٽهڪندڙ نه هو... چپن کي ساڙڻ جهڙو نه هو ۽ نه ئي هٿن کي ساڙي ٿي سگھيو... جسم جلائڻ وارو پاڻي ريڊايٽر جو هو... جيڪو اندر گندرف جي چشمي مان نڪرندڙ پاڻيءَ وانگر ٽهڪي رهيو هو.
    اسان ڪولر کنيو ۽ ان جي ٻنجي، ريڊايٽر جي سوراخ مٿان رکي... زور ڏيئي پاڻي لاهڻ شروع ڪيو... ريڊايٽر اوور فلو ٿي وهڻ لڳو... اسان ان کي تيسيتائين وهڻ ڏنو جيسين گندرفي بڙ بڙ ختم نه ٿي... ۽ پوءِ ڪولر جو ڪجھه پاڻي، ريڊايٽر جي جسم تي لائي ان کي به راحت وٺائيسين.
    اسان ٽنهي پنهنجا مٿا، اُڀي ٿيل بانيٽ جي اندر ڪري ڇڏيا هئا... باھ جا گولا اسان جي پٺن ۽ باقي جسم تي پئجي رهيا هئا. جيڪي (VIGO) جي اندر هئا، اُهي ’عشره مبشره‘ واري لسٽ ۾ هئا... انهن اهو پئي سمجھيو ته اسان حساب ڪتاب کان آجا آهيون ۽ اهي واقعي به آجا هئا. ها! ڊبل ڪئبن وارا هلڪي عذاب ۾ هئا... قبر جي عذاب ۾... جو (A.C) به بند هئي ۽ شيشا به بند هئا... اندر حبس هو ۽ ڇت جي مٿان سج جي سختي ڀرپور هئي.
    اصل مامرو اسان جي مٿان هو... اسان منهن ڏيئي رهيا هئاسين. گاڏي ٿڌي ٿي... اڳيان وڌي ۽ وري جمنيءَ جي پٺ سان پنهنجو اڳ ملائي، ان کي ڌڪڻ لڳي. اڳ ۾ اهو سفر ٻڪر ۽ ٻڪريءَ واري راند جو لقاءُ ڏئي رهيو هو... ۽ هاڻي اها ڪرت ڪڪڙن جي ٽپن ۾ بدلجي وئي هئي. جميل جو خيال هو ته ٿورو ڌڪو ڏئي ڊبل ڪئبن جي بانيٽ کي پري ڪرڻ سان انجڻ کي هوا ملي سگھندي ۽ هوءَ تڪڙي گرم نه ٿيندي.
    مگر... اهو جميل جو خيال هو. گاڏيءَ جي مرضي اها قطعاً نه هئي. ان ڪري هوءَ بار بار گرم ٿي پئي وئي ۽ کيس ٿڌو ڪرڻ لاءِ ماجد ۽ وسيم مٿن کي رومال ٻڌي سربسته ٿي ويا هئا ۽ نظر ايندڙ هر پاڻيءَ جي آسري واري جڳهه تي بيهي سندس هانوَ تي ڇنڊو هڻي... هلڻ لاءِ آماده ڪري رهيا هئا.
    واهي پانڌيءَ کان جوهيءَ تائين جي ان سڄي رستي تي پاڻيءَ جي به شديد قلت هئي. سڄي واٽ تي ڪو هئنڊ پمپ ۽ نه ئي ڪو ڇانورو نظر ٿي آيو... ها! وچ تي هڪ هنڌ آبادي ۽ ٽيوب ويل جي حوضيءَ ۾ بيٺل پاڻي ملي ويو هو. جتي گاڏيءَ سان گڏ پنهنجي چهرن کي به ڇنڊو هڻي سگھيا هئاسين ته ماٽن ۾ پيل پاروٿو پاڻي پي سيراب پڻ ٿياسين.
    جنهن کان پوءِ وري هڪ ننڍڙي اسٽاپ تي هڪ ڪمري واري مختصر هوٽل نظر آئي... جنهن جي ٻاهران پاڻيءَ جون ڀريل ٻه ناديون ڏسي، ماجد ۽ وسيم کان پوءِ آئون به لهي پيس... جو هوٽل جي مالڪ نادين مان پاڻي کڻڻ جي منع ڪري ڇڏي هئي... پر پوءِ منهنجي ريجھائڻ ۽ سمجھائڻ کان پوءِ پنج ڪلو جون ٻه چؤنريون ڀرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. سنڌ ۾ اها ڪربلا هرگز نه هجي ها پر هي ٻئي ناديون درياءِ فرات ان ڪري هيون جو منجھن موجود اهو پاڻي جوهيءَ مان گڏھ گاڏين جي وسيلي وڏي مشڪل سان هن هوٽل تائين پهچايو ٿي ويو ۽ هڪ نادي هڪ سؤ رپين ۾ ڀرائي ٿي وئي. هوٽل جي ارڏي مالڪ ٻڌايو ته ڳالھ پئسن جي به ايتري ناهي، پر مون يزيد بڻجي پاڻي ڏيڻ کان انڪار ان ڪري ڪيو جيئن اهو پاڻي گاڏيءَ جي بدران ڪنهن ساھ واري جي ڪم اچي سگھي... پر چاچا! گاڏيءَ ۾ ساھ هوندو ته اسين اڳتي وڌي سگھنداسين، نه ته هتي جهنم ۾ بيهي بيهي ست جيئرا جاڳندا ساھ به ڪوئلا ٿي وينداسين... چاچي کي خدا سمجھ ڏني ۽ هو ٻه چؤنريون پاڻي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
    کيس ڳجھارتن سان دلچسپي هئي... سو مون کيس ڳجھارت ڏئي، ماجد ۽ وسيم کي پاڻي ڀرڻ لاءِ هَڪل ڪئي. چاچو ڳجھارت ڀڃڻ لڳو ۽ دوست پاڻي ڀرڻ لڳا... ۽ جيسين ڳجھارت کي سنڌائتا ڌڪ لڳن تيسين ماجد ۽ وسيم مڙسي ڪري پنج ڇهه چؤنريون پاڻي ڀري ورتو... ۽ پوءِ... پوءِ ان کان پهرين جو چاچو جوتي ۾ هٿ وجھي... اسان ٽئي ڊوڙي اچي گاڏيءَ ۾ ويٺاسين ۽ پويان چاچو... ڳجھارت کي ڌڪ هڻڻ بدران اسان سڀني کي ڪچين ڪچين گارين جا دس ڏيڻ لڳو.
    جوهي... ڏاڍو پري ٿي پئي هئي... نه فقط پري ٿي پئي هئي... پر وڌيڪ پياري به ٿي پئي هئي. جوهيءَ سان منهنجي شناسائي تڏهن ٿي هئي جڏهن ڪجھه سال اڳ عقيل هتي مختيارڪار ٿي آيو هو ۽ ان سان گڏ هتي اچڻ وڃڻ شروع ٿيو هو... ۽ جوهي... جنهن لاءِ ته منهنجي محبوب مضمون نگار اعجاز منگيءَ پنهنجي طويل نظم ’جوهي‘ ۾ هي سٽون به لکيون آهن...

    اهو ننڍڙو شهر
    ڪجھه ڪردارن جو ڪتاب آهي
    عقل ۽ عشق جي وچ ۾
    آيل هڪ حجاب آهي!
    عمر جو احتساب آهي
    ۽ ڪجھه سادن سوالن جو
    ڄڻ ڪو منجھيل جواب آهي!...
    اهو هڪ شهر
    هڪ جذبو!!
    تمنا جي اداسين ۾
    رٺل سينگار جهڙو هو
    وساريل پيار جهڙو هو
    اهو ئي شهر جنهن وقت سان
    ويڇو وڌايو هو
    اهو ئي شهر
    جنهن ڪن ۾
    ڪري ڀڻڪو ٻڌايو هو
    ’محبت مختصر آهي
    جدائي جلد ايندي آ‘
    اهو هڪ خواب جهڙو هو
    چريي مهتاب جهڙو هو...
    اهو ئي شهر هو جنهن کي
    بڊي جي راتڙين ۾
    برهه جو هڪ خواب ايندو هو
    جنهن جي مرڪندڙ اکڙين ۾
    گوهر ناياب ايندو هو!
    اهو ئي شهر هاڻي
    ڪنهن ڪجل جي اک مان
    ترڪندڙ هڪ لڙڪ جهڙو آ
    اداسيءَ ۾ اچي جيڪا
    چپن تي ها! انهيءَ هڪ
    مرڪ جهڙو آ
    سوائي سُرڪ جهڙو آ!!...

    پر... هي شهر ته سنڌ جي نرالي شاعر احمد خان مدهوش جو به شهر هو.

    لڳا ٿم ڏنگ، انگ انگ ونگ، انهن جو دنگ ئي ناهي.

    ۽ مدهوش جي هيءَ سٽ ان وقت اسان جو حال بيان ڪري رهي هئي. اسان کي لڳل انهن ڏنگن جو مرهم هاڻي مدهوش جي شهر جوهيءَ ۾ ئي ممڪن هو.
    فيض فرمايو آ...

    لمبی ہے غم کی شام، مگر شام ہی تو ہے۔۔۔

    ۽ نيٺ شام اچي وئي هئي.
    بشام نه هو... مورو هو. شام... موري ۾ لهي آئي هئي.
    جمني ۽ ڊبل ڪئبن موري جي مين روڊ جي پيٽرول پمپ تي بيٺيون هيون. (VIGO) ، گاڏي ڇڪڻ جي پخته سامان جي تلاش ۾ نڪتل هئي.
    پاڻي، نمڪو، بوتل ۽ جوسن جي سپلاءِ (TUC) شاپ تان جاري هئي. موري ۾ هئاسين... ماڻهن ۾ هئاسين... مزي ۾ هئاسين.
    دراصل... جوهيءَ ۾ اسان مستريءَ کي نه ڳولهيو... رسي کي ڳولهيو پر رسو نه ملي سگھيو هو.
    رسوائي اسان جو نصيب هئي، اسان سان گڏ هئي... چاهيندي نه چاهيندي اسان کي قبول ڪرڻي هئي... ۽ اسان جي وس ۾ ڪنڌ هيٺ ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڇا هو...؟ ان ڪري اسان ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو هو ۽ ايئن ئي هڪ گاڏيءَ کي ڌڪيندا... ٻي گاڏيءَ کي ٿڌو ڪندا... دادو ريسٽ هاؤس ۾ پهچي... وهنجي... ڪجھه دير (A.C) ڪمرن ۽ نرم گاديلن جو مزو وٺي... هوٽل جي شاندار ماني کائي... موري تائين پهچي ويا هئاسين ۽ دادوءَ مان ئي جيڪو اڀرو سڀرو رسو ميسر ٿي سگھيو هو... ان سان جمنيءَ کي ڇڪي موري پهتا هئاسين.

    ۽... ماڻهو جڏهن موري پهچندو آهي ته ان کي هالا نظر اچڻ لڳندو آهي. اسان کي هالا نظر اچي رهيو هو. ان ڪري هتي مستريءَ کي ڳولهڻ بجاءِ (VIGO)، گاڏي ڇڪڻ جي پخته سامان جي تلاش ۾ نڪتل هئي ۽ جلد ئي (ٽو ــ وائر ۽ ٽرن بڪل) وٺي پيٽرول پمپ تي پهچي وئي.


    سنجھا کان پوءِ ڦٽي پيل باک

    چون ٿا ته هڪ دفعي هڪ نجوميءَ، هڪ همراھ جو هٿ ڏسي چيو ته ٻچا! تنهنجي اڌ زندگي ڏاڍي ڏکي گذرندي ۽ باقي اڌ زندگي تمام سٺي گذرندي.
    نوجوان وراڻيو: نجومي بابا! معنيٰ ٻي اڌ زندگيءَ ۾ آئون دنيا جا سڀ عيش ۽ آرام ماڻي سگھندس.
    نجوميءَ جواب ڏنو: نه ٻچا! باقي اڌ زندگيءَ ۾ توکي ڏکن سهڻ جي عادت ٿي ويندي سو تون گھڻو پريشان ڪونه ٿيندين.

    سو... اسان جو باقي سفر ڏاڍو آرامده هو.
    اوڀر کان وڄ جا وراڪا هئا، جيڪي مون کي کاٻي پاسي کان آهستي آهستي مٿي ٿيندا نظر پئي آيا.
    راجا ۽ آئون جمنيءَ ۾ هئاسين... (A.C) جي ٿڌڪار ۽ گانن جي جھونگار ۾.
    جمني (ٽو ــ وائر ۽ ٽرن بڪل) سان ٻڌل هئي... ۽ (VIGO) جي ڍالي ۾ ويٺل يارن جي مسلسل نظر ۾ هئي.
    جمنيءَ جي اندر مڪمل قرار هو.
    جنڊ جڙي، مال ڇڙي، باک ڦٽي ٿي... او ساٿي! رات کُٽي ٿي.

    باک سدائين صبح جو ناهي ڦُٽندي... ڪڏهن ڪڏهن شام جو به ڦُٽِي پوندي آهي... مون کي اڳ اها خبر نه هئي. ان جو احساس ان ڏينهن ٿيو. ڏجھا ڏيندڙ ڏينهن جي پڄاڻيءَ کان پوءِ، سورن جو سج غروب ٿيو ۽ جڏهن رات پنهنجي پيرن ۾ راحت جون گھنڊليون وڄائي چڙهي آئي... تڏهن روحن کي تازگي نصيب ٿي هئي. باک سنجھا کان پوءِ ئي ڦُٽِي هئي... اهو منهنجو نِڪورُ تجربو هو... ۽ هر باشعور جا تجربا... پنهنجا پنهنجا آهن... تجزيا... پنهنجا پنهنجا آهن. اسان کي ڪو به حق نه ٿو پهچي ته اسان ٻئي جي تجربي يا تجزيي کي غلط چئون ۽ اسان تي اهو به قطعاً فرض ڪونهي ته ٻئي جي تجربي ۽ تجزيي کي اکيون پوري قبول ڪريون. پر تجربا... ههڙا تجربا... هرڪنهن جي حصي جو مقدر ناهن بڻبا. فقط انهن جي نصيب ۾ هوندا آهن... جيڪي بدحواس هوندا آهن ۽ پنهنجو جيءُ مٺو ناهن ڪندا. انهن لاءِ ئي ته سيلاني چئي ويو آهي...

    سوري جنين سيج، مرڻ تن مشاهدو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 729
    ڪتابن جو مشاهدو: 1080693
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 355559
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ