ڪتاب جو نالو: بلو دادا
مصنف: ڊاڪٽر اياز قادري
ڇپائيندڙ: مڪتبہ بُرھان اردو بازار ڪراچي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 1977
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 22 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 398 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 144 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • نئين ڇاپي بابت
  •   ڪمپوزر پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  •   فھرست
  •   ديباچو
  •   پيش لفظ
  •   بلو دادا
  •   ڪتي جي موت
  • مان انسان آھيان
  • ھي ليڊر
  •   قانون
  •   فرشتو
  •   ڪفن چور
  • امڙ مان نه ڪندس
  • علوءَ جا عشق
  •   ڀوڪ
  • بي شرم
  • ٻھروپي
  •   ھاجران

  • نئين ڇاپي بابت

    جڏھن ”بلو دادا“ ٻيھر ڇپجڻ لاءِ پريس ۾ وڃي رھيو ھو تڏھن ڪن دوستن ڪجھه ڪھاڻيون ڪڍي ڇڏڻ لاءِ مشورو ڏنو ۽ ڪن دوستن ۾ ان وڌيڪ ڪھاڻين جي اضافي جي صلاح ڏني. مون کي ان جو احساس آھي ته ھن افسانن جي مجموعي ۾ ڪجھه ڦڪيون ڪھاڻيون آھن جن مان جا نقاد ۽ ڪھاڻيڪار وڏون ڪڍندا پر جيئن ته آھي ڪھاڻيون ان دور جون آھن جڏھن ورھاڱي کان پوءِ انسان جي اوسر ٿي رھي ھئي تنھن ڪري مان انھن کي ڪڍي ڇڏڻ مناسب نه سمجھيو. وڌيڪ ڪھاڻين جي اضافي ڪرڻ کان بھتر ائين سمجھيم ته پنھنجين نين ڪھاڻين جو ڪتاب ڌار ڇپايان ته پھرين ۽ ان کان پوءِ وارن ڪھاڻين جو پتو پئجي سگھي.

    اياز قادري
    8.11.77


      ڪمپوزر پاران

    ”انسان غلطين جو گھر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر
    سنڌ سلامت ڪتاب گھر
    sntalpur@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

    ”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.

    هي ڪتاب 1977ع ۾ مڪتبہ بُرھان اردو بازار ڪراچي پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


      فھرست

    1.ديپاچو
    2. پيش لفظ
    3. بلو دادا
    4. مان انسان آھيان
    5. ھي ليڊر
    6. قانون
    7. فرشتو
    8. ڪفن چور
    9. امڙ مان نه ڪندس
    10. علوءَ جا عشق
    11. ڀوڪ
    12. بي شرم
    13.ٻھروپي
    14. ھاجران


      ديباچو

    ھن ترقي پسند دور ۾ جتي ھر صبح جو پھريون ڪرڻو ھڪ نئين عالمي خطري جو پيغام کڻي اچي، جتي آزادي جي طلبگارن کي ھر روز گولين جو نشانو بڻايو وڃي، جتي ماني ٽڪر جي عيوض انسانن کي مشينن وانگر وھايو وڃي ۽ جتي انسانن کي حيواني سطح تي زندگي لاءِ مجبور ڪيو وڃي، اتي ٿي سگھي ٿو ته ڪنھن جھان دوست فلسفي جي نه پر امن پيغام، ڪنھن درد مند شاعر جي دلگذار نغمي ۽ ڪنھن صداقت پسند افسانه نگار جي ناقدانه اشارن تي ٺٺوليون ڪيون وڃن، اھڙي اضطرابي ماحول ۾ صحتمند مفڪرن ۽ حساس فنڪارن جي خاموشي بجاءِ خود ھڪ عظيم نقصان آھي جنھن جي تلافي مادي جدليت ۽ جوھري توانائي، ھزار ڪوششن جي باوجود نٿيون ڪري سگھن.

    اسين پنھنجي سوسائٽي ڏانھن نھاريون ٿا ته وک وک تي صداقت کي پشيمان، شرافت کي پريشان، انصاف کي سر به گريبان ۽ انسانيت کي حيران ڏسون ٿا، جتي لِڪ چوري آندل سون جي ھڪ تولي تي انصاف خريد ڪري سگھجي اتي سماجي بي انصافن جي موجودگي تعجب خيز نه آھي. اوھين پڇو ٿا ته غريبن جي جھوپڙين ۾ اوندھ ڇو آھي؟ ظلم ۽ تشدد جي انھن محلن ۾ جھاتي پائي ڏسو جتي چراغن جي جھرمر ۾ رقص ۽ سرود جون محفلون گرم آھن. مزدورن ۽ ھارين جي خود غرض رھنمائن کي ڏسو جي چراغن جي روشني ۾ پنھنجي اقتدار جي منزل ڳولي رھيا آھن. غرض ته انسانيت زندگي جي ھر راھ تي، ڪٿي مزدورن جي بوسيده لباس ۾، ڪٿي ھاري جي ڦاٽل وڳي ۾، ڪٿي ڪنھن فنڪار جي بيڪسي ۾، ڪٿي مظلومن جي آنھن ۽ دانھن ۾ ۽ ڪٿي اھل علم جي قابل رحم حالت ۾ ڪڏھن مايوس ته ڪڏھن اشڪبار نظر اچي ٿي. انھن سڀني جي مجبورين جو فائدو اسانجي سوسائٽي جا اھي ”معتبر“ ۽ ”معزز“ وٺن ٿا جن کي شايد اھو پيدائشي حق حاصل آھي ته اھي انسانن جي ھڪ گروه کي پنھنجي وقار ۽ سربلندي لاءِ استعمال ڪندا رھن. اھڙي دردناڪ ماحول ۾ جتي انساني ھمدردي جي جنس پاپيد ھجي اتي ”اتحاد“ اعتماد ۽ تنظيم جو ڏڪر نه ھوندو ته ٻيو ڇا ھوندو؟ اھڙي فضا ۾ صلاحيتون صحرا جي گلن وانگر ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪو ڏانھن اک کڻي به ڪونه ٿو ڏسي، سماجي بي انصافي لياقتن کي ظاھر ٿيڻ ته ڇا پر اڀرڻ نه ٿي ڏي. ايمانداري جي راءِ ۾ بيشمار رنڊڪون حاصل ٿين ٿيون. صداقت کي زھر جو پيالو پياري ھميشه لاءِ سمھاريو وڃي ٿو. حق گوئي کي صليب تي چاڙھيو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪو معاشري جي بتن کي ڀڃڻ گھري ته ھن کي نذر آتش ڪيو وڃي ٿو. تلخ نوا نقاد کي شھر بدر ڪيو وڃي ٿو. بھر صورت اسان جي اجتماعي زندگي ھزارھا خرابين جو ھڪ مجسمو نظر اچي ٿي جنھن کي اسين پنھنجي انفرادي زندگي ۾ ته ضرور ننديون ٿا پر سماج جي ھن وڏي وھڪري ۾ ڪکن ڪانن وانگر لڙھي وڃون ٿا.

    اھي آھن معاشري جون رنگين تصويرون جي افساني نگار جي خاني ۾ ڌار ڌار عنوانن سان نظر اچن ٿيون. ادب ۾ ڊرامي ۽ ناول کان پوءِ افسانو ھڪ اھڙو زاويو آھي جتان اجتماعي زندگي جون مختلف تصويرون نھايت صفائي سان وٺي سگھجن ٿيون. ڪنھن ملڪ جا افسانا، ان جي معاشري متعلق گھڻو ڪجھه ٻڌائي ويندا آھن. اھوئي سبب آھي جو ادب ۾ ڪھاڻي يا افساني کي ھڪ خاص اھميت حاصل آھي. افساني جو اسلوب ۽ مقصد وقت ۽ ماحول جي لحاظ سان تبديل ٿيندا ويندا آھن۽ معاشري جي تبديلي سان افساني جو مزاج به ڦرندو ويندو آھي. ھڪ فرض شناس افسانه نگار، زندگي جي ڪشمڪش ۾ مظلوم سان ھمدردي جو اظھار ڪري ھن ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت ظالم مفادپرست کي پنھنجي حرڪتن کي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھو افساني جي دل ڪش پيرايه ۾ زندگي جون تلخ حقيقتون پيش ڪندو آھي. ھڪ فنڪار جي حيثيت ۾ زبان ۽ بيان جي خوبين سان گڏ فني خصوصيتن جو به لحاظ رکندو آھي. ھڪ ڪامياب افسانه نگار افساني، جي مقبوليت جو پوري طرح فائدو وٺي، عام مفھوم مگر ادبي زبان ۾ انھن سماجي خرابين جي پاڙ پٽڻ لاءِ جدوجھد ڪري ٿو جن کي سياست ۽ سائنس جون شعبده بازيون ختم نٿيون ڪري سگھن.
    افساني ۽ افسانه نگار جي اھميت معلوم ڪرڻ کان پوءِ جڏھن اسين پنھنجي افسانوي ادب تي نظر ڪريون ٿا ته ادب جي ٻين شعبن وانگر افساني ۾ به افراتفري جو عالم نظر اچي ٿو. نعره بازي، بازاري رومان، جذباتي ھيجان ۽ جنسياتي بي راھروي کي افسانن ۾ پيش ڪري پڙھندڙن جي جذبات کي اڀاريو وڃي ٿو ۽ انھن لاءِ دماغي عياشي جو سامان مھيا ڪيو وڃي ٿو. اھڙن افسانه نگارن کي ترقي پسند سڏي نٿو سگھجي جي ڪنھن سياسي مڪار وانگر، عوامي مسئلن تي محض نعره بازي ۽ جذبات کان ڪم وٺن ٿا. سنڌ جي موجوده افسانه نگارن ۾ اوھانکي اھڙا ڪي ٿورا ملندا جن جي افسانن کي فن، زبان ۽ افاديت جي لحاظ کان معياري سڏي سگھجي. انھن ڪن ٿورن بلند پايه افسانه نگارن مان اياز قادري، پنھنجي علمي سنجيدگي جي لحاظ کان منفرد، موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان يگانو ۽ ادبي معيار جي نقطه نگاھ کان ممتاز نظر اچي ٿو.
    اياز سان منھنجي واقفيت 1949 ۾ٿي. ان وقت مونکي به شعر و شاعري جو تمام گھڻو شوق ھو ۽ اياز ته ادبي حلقن ۾ اڳي ئي متعارف ھو تنھنڪري اسان جي گفتگو ادب، شعر ۽ تنقيد جي مختلف پھلوئن تي ٿيندي ھئي. ڪراچي جي علمي مجلس ۽ معاشرن اياز ۾ پنھنجي دور جو ھڪ عظيم شاعر نظر آيو جنھن جلوه فرما ھئي. مون ھن جي شخصيت جي آئيني ۾ حسن اخلاق جو عڪس ڏٺو آھي. مونکي اياز ۾ ھڪ اھڙو حساس انسان نظر آيو جنھن جي طبع سماجي بي انصافين کان مضطرب ٿي ويندي ھجي، جنھن جي دل ۽ مظلوم لاءِ ھمدردي ھجي، جنھن جو دماغ تعميري ڳالھيون سوچيندو ھجي ۽ جنھن جون نگاھون وقت ۽ ماحول جا اشارا سمجھنديون ھجن. ھن جڏھن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانھن مائل ٿيڻ کان جھليو. مون سمجھيو ٿي ته جيڪڏھن اياز افسانن ڏانھن رخ ڪيو ته اسانجو شعوري ادب ھڪ با ڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رھجي ويندو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مونکي اياز جي افسانن ۾ فن ۽ زندگي جو امتزاج نظر اچڻ لڳو. مون ھن جي افسانن جو مطالعو ھن جي شخصيت جي پس منظر ۾ ڪيو آھي ۽ انھن کان ھن ڪري متاثر آھيان جو مونکي اياز جي قول ۽ فعل ۾، شخصي ڪردار ۽ ادبي حيثيت ۾ ھڪ صحت مند يگانگت نظر آئي آھي. مونکي نه ھن جي زندگي ۾ ڪڏھن تصنع ۽ بيجا تڪلف نظر آيو آھي ۽ نه ھنجي افسانن ۾ انساني ھمدردي جو مصنوعي جذبو نظر آيو آھي. جن خرابين جي خلاف ھن افسانن ۾ آواز بلند ڪيو آھي تن جي مخالفت ھو زندگي جي عملي دائري ۾ به ڪندو رھيو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھن جي افساني جي آلبم ۾ عورت جون برھنه ۽ نيم برھنه تصويرون نٿيون اچن. ھن جي افساني جي گنبڊ ۾ “نعره بازي ” جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. جتي ھو سرمايه دار جي بڇڙاين تي طنز ڪري ٿو اتي عيار سماجي ڪارڪنن ۽ بداخلاق قومي ڪارڪنن ۽ بداخلاق قومي رھنمائن جي پوشيده ڪارنامن کي به بي نقاب ڪري ٿو. (افسانو ھي ليڊر). انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ ھن جي افسانن ۾ اخلاقي قدرن جو عڪس نظر اچي ٿو ڇو ته ھو انساني عظمت جو قائل آھي (مان انسان آھيان) . ھو رشوت خوري جي مخالفت ۾ قانون جي محافظن جي غير قانوني حرڪتن تي فنڪارانه انداز ۾ نھايت تلخ طنزون ڪري ٿو. (قانون).
    اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط “عالمن” تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.
    مان گھران ٿو ته اياز جي ھر ھڪ افساني ۾ مونکي جيڪي به خوبيون نظر اچن ٿيون سي پڙھندڙن تي واضع ڪريان پر افسوس ته ديپاچي جي تنگ داماني ھن ڳالھه جي اجازت نٿي ڏئي. صرف ھڪ افساني جو اجمالي تذڪرو ڪريان ٿو جو اميد ته نامناسب نه ٿيندو.
    اياز جو افسانو “مان انسان آھيان” ھڪ اھڙي دردناڪ واقعي جي تصوير آھي جنھن جو تعلق ملڪي ورھاڱي وارن حيواني فسادن سان آھي. انھن فسادن ۾ سچ پچ ته انسانيت کي جنھن بيدردي سان ڪٺو ويو تنھنجي تصوير اگرچه ھندو پاڪ جي سڀني معياري افسانه نگارن پيش ڪئي آھي پر اياز پنھنجي اسٽائيل ۾ وري به منفرد نظر اچي ٿو. ھن افساني جو مرڪزي ڪردار ھڪ اھڙو فقير آھي جو مذھب ۽ ڌرم جي متعصبانه تفريق کان بي نياز انساني عظمت جي ھڪ اھڙي بلند مقام تي نظر اچي ٿو جتي پھچي ھو عام انسانن کي باھمي تعصب ۽ ذاتي خود غرضين کان گھڻو بلند ڏسڻ گھري ٿو. اياز ھن افساني جي مرڪزي ڪردار جو تعارف ھن ريت ڪرائي ٿو.
    “ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ھو ڪير ھو؟ ھن جو نالو ڇا ھو؟ ھن جي ذات ڪھڙي ھئي؟ ھن جو مذھب ڪھڙو ھو؟ ھو ڪٿان آيو ھو؟ انھيءَ ھوندي به شھر جو ننڍو وڏو کيس سڃاڻندو ھو. ڪڏھن مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا، جا آسمان تائين ڦھلجي ويندي ھئي، ٻڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي وھندو ھو . . . . . صبح جو جڏھن مسجد جي اوچين منارن مان موذن جي الله اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ پکڙجي ويندي ھئي، ته ھو خاموشي سان اٿي اچي مسجد جي چائنٺ وٽ ويھندو ھو . . . . ”
    افساني جي ابتدا سوال جي نشانين سان ٿئي ٿي ۽ انھن کي اسٽائيل جي خوبي چئجي يا فن جي نزاڪت جو پڙھندڙ، افساني جو ماحول ۽ پلاٽ جي نوعيت معلوم ڪرڻ کان اڳ، “شھر جي ننڍن وڏن” وانگر “فقير بابا” جي انساني عظمت کان متاثر ٿئي ٿو. فساد جو دور شروع ٿئي ٿو. ھندو مسلمانن کي ۽ مسلمان ھندن کي مذھبي جنون وچان قتل ڪرڻ لڳن ٿا. قتل ۽ غارتگري جي ھن ھيبت ناڪ عالم ۾ ھڪ شام اھڙي به اچي ٿي جڏھن . . . . “ٻه ٽي نوجوان وڻن کان ٻاھر نڪتا، تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟ تنھنجو مذھب ڪھڙو آھي؟ سالو ڪافر آھي ايتري ۾ ھڪ ڇرو اوندھ ۾ وڄ وانگر چمڪي ٿو ۽ فقير بابا جي ڇاتي ۾ پيوست ٿي وڃي ٿو. انسانيت جو ھي زخمي نمائيندو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ اڳتي وڌي ٿو ته ايتري ۾ انسانيت جا ٻيا شڪاري مٿس حملو ڪن ٿا. “تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟ ڀتين جي پاڇن ۾ بيٺل ٽن نوجوانن ھن کان پڇيو پر ڪنھن کي جواب به ڪونه مليو. آخر فقير بابا کي اسلام جو ليبل لڳائي پيٽ ۾ ڪرپان ھنيو وڃي ٿو. فقير بابا جي زندگي سوال جي نشانين کان شروع ٿي سوال جي نشانين تي ختم ٿي وڃي ٿي. مرڻ کان اڳ ھو ڊاڪٽر کي چوي ٿو:
    “ڊاڪٽر صاحب مان ھندو . . . . . . نه نه . . . . مسلم . . . . . نه نه ڊاڪٽر صاحب مان انسان آھيان. منھنجو مذھب انسانيت جو مذھب آھي. ڊاڪٽر صاحب مونکي زخم ٻنھي ھندو . . . ۽ مسلمانن . . . کان رسيا آھن. . . منھنجا زخم انسانيت جا آھن . . . . منھنجو موت انسانيت جو موت آھي. ڊاڪٽر صاحب منھنجو لاش ھندو مسلم ٻنھي جي حوالي ڪجو، جنھن ۾ ھو پنھنجي شڪل ڏسي سگھن. جن ۾ ھو ڀڳوان جي اڳيان سر نوائڻ الله اڳيان سجدا ڪرڻ چٽيءَ طرح ڏسي سگھن. پري کان ناقوس جي صدا آئي ، اذان جو آواز آيو . . .

    ڪيڏو نه دردناڪ داستان ھي سوسائٽي جي ظاھري ديانتداري ۽ تقدس تي ڪيڏي نه مناسب چوٽ آھي. فقير بابا جي “وصيعت” افساني جي پڇاڙي کي نه فقط وڌيڪ دردناڪ بڻائي وڌو آھي پر مجموعي تاثر ۾ اضافو ڪيو آھي.

    تصوير ڪشي يا منظر نگاري فقط شاعر جي زبان ۽ مصور جي قلم تائين محدود نه آھي پر فن جي دنيا ۾ ھڪ ڪامياب افسانه نگار کي مصور جي خاموش ۽ ساڪن تصويرن کي متڪلم ۽ متحرڪ ڪري پيش ڪرڻو آھي. نه فقط ايترو پر انھن تصويرن ۾ زندگي جون علامتون به ڪي قدر تفصيل سان ڄاڻائڻيون آھن. جيڪڏھن اياز جي افسانن تي نظر ڪبي ته تصوير ڪشي ۽ منظر نگاري جا بھترين مثال ملن ٿا جي ھن جي بيان جي قدرت ۽ فنڪارانه عظمت تي دلالت ڪن ٿا. “مان انسان آھيان” ۽ “بلو دادا” ان نقطئه نگاھ کان پنھنجي عروج تي آھن.
    مون پنھنجا تاثرات بنا ڪنھن تصنع ۽ مبلغي جي پوري ذمي داري سان پيش ڪيا آھن. اياز جا افسانا اوھان جي اڳيان آھن. تنقيد جي ڪسوٽي تي افساني جي ھر پھلو کي پرکيندا ھلو. شايد اوھان کي اڃا به وڌيڪ خوبيون نظر اچن جي مون کي واضع نه ٿيون ھجن.
    انھن گذارشن کان پوءِ مان محترم اياز حسين اياز قادري کي گرانقدر افسانن جي ھن شاندار مجموعي ڇپائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. مونکي قوي اميد آھي ته ھي ڪتاب سنڌ جي ادبي حلقن ۾ غير معمولي مقبوليت حاصل ڪندو.

    شيخ عبدالحليم جوش
    20 06 1957ع


      پيش لفظ

    ادب زندگيءَ جو آئينو آھي. زندگيءَ کي جنھن رنگ ۾ مون ڏٺو آھي انھيءَ رنگ ۾ پنھنجي افسانن ۾ پيش ڪيو اٿم.
    منھنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آھن ، نه خيالي ھي اھي تلخ حقيقتون آھن جنکي اسين پنھنجي زندگيءَ ۾ ھر روز ڏسون ٿا، مون فقط ايترو ڪيو آھي جو انھن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آھي.
    منھنجي افسانن جا ڪردار نه فرشتا آھن نه شيطان ھو فقط سادا سودا انسان آھن جن ۾ ڪيترن خوبين سان گڏ خاميون به آھن ڪيترن خامين ھوندي به خوبيون به آھن. ھو پنھنجي ماحول جي پيداور آھن ۽ پنھنجي ماحول کان متاثر ٿئي ڪو عمل ڪن ٿا جن کي اسين گناھ يا ثواب سڏيون ٿا. جنھنڪري انکي فرشتو يا شيطان جو لقب ملي ٿو.
    آءُ پھريان شاعر ۽ پوءِ افسانه نويس آھيان – مون جڏھن ڏٺو ته منھنجي سماج ۾ جيڪي وھي واپري ٿو، جيڪو منھنجي دل ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو سو شاعري کان وڌيڪ افساني ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو تڏھن مون شاعري سان گڏ افسانا لکڻ شروع ڪيا. منھنجي ڪيترن دوستن ائين ڪرڻ کان روڪيو – ھنن جو چوڻ ھو ته ھڪ ھٿ ۾ ٻه گدرا نه ايندا مگر منھنجي افساني جي پھرين ڪوشش ايتري مقبوليت حاصل ڪئي جو مونکي يقين ٿي ويو ته آءُ افسانا لکي سگھان ٿو ۽ مان سواءِ ھٻڪ جي افسانا لکڻ شروع ڪيا.
    منھنجي دوستن مان نورالدين سرڪي ۽ عبدالحليم “جوش” ھر وقت منھنجي ھمت افزائي ڪندا رھيا جنھن ڪري پاڻ نئين ميدان ۾ بي ڌڙڪ وک وڌائيندو رھيس.
    مولوي عبدالواحد سنڌي ۽ محمد ابراھيم جوئي به جنھن نموني منھنجي افسانن کي پنھنجي رسالن “نئين زندگيءَ” ۽ “مھراڻ” ۾ جاءِ ڏئي منھنجي ھمت افزائي ڪئي آھي تنھنکي به وساري نٿو سگھجي. محمد ابراھيم جوئي، جو سنڌ ۾ افساني جو وڏو ڄاڻو آھي، جي تنقيدن بحثن ۽ مشورن افسانوي فن کي سمجھڻ ۽ ادا ڪرڻ ۾ منھنجي وڏي مدد ڪئي آھي.
    ھن ڪتاب جو وجود ۾ اچڻ جو سھرو ديوان موتيرام رامواڻي ۽ نورالدين سرڪيءَ جي سر آھي جن مونکي ھن ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ڪيو.
    ھن ڪتاب جي مختلف افسانن کي مختلف ھنڌان نقل ڪرڻ ۾ عبدالغني بلوچ جا محنت ڪئي آھي تنھن لاءِ سندس شڪر گذار آھيان.

    اياز قادري
    لارڪاڻو
    25 جون 1957ع


      بلو دادا

    ھو سڄي پاڙي ۾ بدنام ھو. ھر ڪو ھن کان ڪُو کائيندو ھو. جھڙو تھڙو ته ھن جو نالو به ڇرڪي وٺندو ھو. پئسي وارا، ھن کي گونڊو سمجھندا ھئا. پاڙي جو داداگير ليکيو ويندو ھو. سندس نالو بلاول ھو، مگر کيس ڪوٺيندا ھيا ”بلو دادا“ رنگ جو ڪارو ڪٺ، وار ننڍڙا، گھنڊيندار ۽ سخت، ڪيتري به تيل لائڻ سان نه نرم ٿيندا ھئا، ۽ نه ئي ڦڻي ڏيڻ سان ئي ڪنھن طريقي تي بيھندا ھئا، منھن ڪشادو ۽ گول، اکيون ننڍيون ۽ حرفت ڀريون جن ۾ ھر وقت حرڪت پئي نچندي ھئي، نڪ ڊگھو مگر ناسون ويڪريون، چپ ٿلھا، ڏند وٿيرڪا، جي مساڳ لڳائيندو ھو ته چپ ڳاڙھا ۽ ڏند اڇا ٿي ويندا ھئس، پر جي پان کائيندو ھو ته ڏند ۽ چپ ٻئي ڳاڙھا، ڇاتي ڪشادي بازو سخت ۽ مضبوط جھڙو رڪ؛ قد جو ڇوٽو، سندس منھن ۾ اھڙو رعب ھوندو ھو، جو ڪنھن ڏانھن ڪاوڙ مان نھاريندو ھو ته ھمراھ کي ڏڪڻي وٺي ويندي ھئي، آواز ۾ ڪڙڪو ۽ کڙڪو، ھر وقت پيو گجندو، ڳالھين جو گھير، جي ڳالھائڻ ۾ ڇٽڪيو ته خدا بس ڪرائيس؛ فٽ بال جو چيمپيئن، گھڻو ڪري راند ۾ سينٽر فارورڊ بيھندو ھو، باڪسنگ جو ڪوڏيو، ھر وقت اھا ڳالھه ته ليفٽ پنچ ڪيئن ھڻجي ۽ رائيٽ بلو ڪيئن گسائجي.
    منھنجي ڄاڻ سڄاڻ ساڻس چاڪيواڙي ۾ ٿي. گھڻو ڪري جھانگيان مڪرانيءَ جي ڪيبن تي ويٺو ھوندو ھئو. ڄنگھون ٽيبل تي ۽ پٺي ڀت سان. پاڻي ۽ چانھه جو گلاس، ڪنھن وقت ڀريل ڪنھن وقت خالي، ھميشه سندس ڀرسان پيا ھوندا ھيا. آءُ لنگهندس ته وڏي واڪي چوندو ”ماستر اچ چانھه پيءُ.“ مونکي ڪنھن وقت “ماستر” ڪنھن وقت “سائين” چوندو ھو. آھستي آھستي، اسان جو ناتو ويو وڌندو. مونکي سندس مڪراني گاڏڙ سنڌي لھجو ڏاڍو وڻندو ھو. چاھيندو ھوس ته ڀل پيو قصا ڪٽي. جي سندس ويجھو ٿيندو ھوس ته ڳراٽڙي پائي کڻي ھٿ ھٿ ۾ ڏيندو ھو. منھنجي ٻين دوستن کي اسان جي سنگت ڀانءَ نه پوندي ھئي. پاڙي وارا به رنج ھئا. مائٽ مٽ به تنگ. اسڪول جا ماستر به چڱو نه سمجھندا ھئا. شاگرد ڪجھه ڪڇندا ته ڪين ھئا، مگر بلو جي داداگيريءَ جا داستان لاھي چاڙھي پيا بيان ڪندا ھيا.
    ھڪڙي ڏينھن ھيڊ ماستر به رکي رکي چئي ڏنو ”اوھان کي پاڻ جھڙن تعليم يافته ماڻھن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي!“ مائٽن چيو ”توکي ٻيو ڪو ماڻھو ملي ئي نٿو جو ھڪڙي گشيءَ سان کڻي ياراڻو ڳنڍيو اٿئي!” دوستن دڙڪو ڏنو ته “يار، جيڪڏھن تنھنجي انھي گونڊي سان سنگت آھي ته اسان جي الله توھار!” مون به ڪنھن جي پرواھ نه ڪئي، آخر دوستي جو ٿئي.
    ھڪڙي ڏينھن، جيئن چاڪيواڙي پھتس، ڏٺم ته گوڙ لڳو پيو آھي. ماڻھن جا حشام بيٺا آھن. بلوءَ جي گارين جو زيپٽ پيو پوي. مون سمجھيو، اڄ خير نه آھي الاءِ ڇا ٿيو آھي. گوڙ کي چيريندو اڳتي وڌيس. ڏسان ته ڪار بيٺي آھي انجي اڳيان بلو ھڪ موٽي سيٺ کي گردن مان جھليو بيٺو آھي، “سالا حرامي جيڪڏھن تو کي ڪار نٿي ھلائڻ اچي ته ڪار ڇو ھلائي ٿو!” سيٺ ڪرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. “ڇا توھان سيٺا دنيا جي نشي ۾ ايترو انڌا ٿي ويا آھيو جو غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙھيو!” مون وڃي بلوءَ کي پٺيان ڀاڪر وڌو. منھن ورائي دانھن ڪيائين سائين ڏسو، “ھي حرامخور ڪھڙو نه بيپرواھي سان ڪار ٿا ھلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چڙھيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران ڪار ڀڄائي ٿو وڃي.” ائين چئي ھڪڙو زور سان چنبو وھائي ڪڍيائينس. مون کڻي سندس ھٿ روڪيو ڪجھه جوش گھٽيو. سيٺ کي چيائين، “کڻ ھن ڇوڪري کي ڪار ۾.” ڇوڪر کي ڪار ۾ کڻائي اسپتال آياسين. ڊاڪٽر جي في سان گڏ ڇوڪرن جي مائٽن کي پنجاھ روپيا وٺي ڏياريائين، تڏھن وڃي سيٺ جي جان ڇٽي.
    ھڪڙي ڏينھن، جيئن اسڪول ۾ گھڙيس ته ڇوڪرن چيو، “ سائين رات اسان جي پاڙي ۾ وڏو جھيڙو ٿيو آھي.” مون سمجھيو ضرور ، بلوءَ ڪو دنگو مچايو ھوندو. “سائين رات بلو دادا ٽن چئن اشرافن جي لاک لاٿي آھي. ويچارن کي خوب موچڙا ھنيا اٿس. سندس رت ڪتو ڪونه چٽي. بس کين اڌ مئو ڪري، ڇڏي ڏنائين.” مونکان ھينئر ته پڙھائڻ وسري ويو. اچي اڻ تڻ لڳي ته رات الائي ڪھڙو معاملو ٿيو آھي. جيئن تيئن ڪري، وقت گذاريم. جڏھن اسڪول کان ڇُٽي ملي، ڏسان ته جھانگيان جي ڪيبن تي مڙس اکيون سڄايو ويٺو آھي. وڃي ڀرسان ويٺومانس، ھوٽل جي ڇوڪر کي واڪو ڪري چيائين، چانھه کڻي آءُ. “مون چيس”، آءُ “تنھنجي چانھه نه پيئندس.”
    “آخر ڇو؟”
    “تو ڪيترا ڀيرا مون سان وعدو ڪيو آھي ته داداگيري نه ڪندين، مگر جيئن ٿڌ تيئن وڌ.”
    يڪدم وراڻيائين، “سائين ، پھرين ڳالھه ته ٻڌ، رات ڇا ٿيو. ٽي حرامزادا سوٽيل بوٽيل، پاڙي جي ڇوڪرين جي پٺيان پيا ڦرن. ڀلا سائين ، تون چئو، اھڙي وقت بلو بس ڪري ويھي؟ ٻه ٽي لپاٽون ھڻي، سالن کي سبق سيکاري ڇڏيم.”
    ھڪڙي دوست جي شادي جي ملير ۾ ڪوٺ ملي. بلوءَ کي چيم گڏجي ھلنداسون. پروگرام رکيوسون ته ھتان آچر ڏينھن، ڏھين ڌاري، چاڪيواڙي کان نڪري، لي مارڪيٽ وٽان بس پڪڙي، ملير ھلنداسون. سڏ واري ڏينھن، اڃان چاڪيواڙي کان سؤ کن وکن جو مس کنيوسين ته ڀت جي پاڙ ۾ ڪنھن مسڪين جو لاش نظر آيو. سمجھه ۾ ائين پئي آيو ته ڪو پرديسي بيمار آھي، جنھن کي رات سيءَ سڪائي ڇڏيو آھي. ڏسندي چيائين، “سائين، ھن جو ٺڪاڻو ڪيون.” مون اڃان ڪڇيو ئي ته جھٽ وراڻيائين، “ڪنھن جي شادي ۾ وڃڻ بدران ڪنھن جي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ ڀلو آھي.” آءٌ چپ ڪري بيھي رھيس بگي واري کي سڏ ڪيم. بگي وارو پڙ ڪڍي بيٺو چي “آءُ پنھنجي بگي تي لاش نه کڻندس.” بلوءَ سو قميص کان ڇڪي ھيٺ لاٿس. بگيءَ وارو ائين ڪڇي جھڙي ڀت. لاش بگيءَ ۾ کڻي، اچي مسجد وٽ پھتاسون. مون وٽ پويون تاريخون بلوءَ وٽ پئسو ٺھي ڪونه.
    “بلو ھينئر ڇا ٿيندو؟”
    “سائين، ھي بليڪ مارڪيٽيز” سيمنٽ جي ٺھيل وڏي بلڊنگ ڏي اشارو ڪندي چيائين، “اسان جي ئي پئسن سان شاھوڪار ٿيا آھن، اڄ اسانجي موت تي ھنن کي پئسا ڏيڻا پوندا.” مونکي لاش وٽ بيھاري، پاڻ سيمينٽ واري بلڊنگ ۾ گھڙي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو. سندس ھڪ ھٿ ۾ ڏھين ڏھين روپين جا ٻه نوٽ ھيا ۽ ٻئي ھٿ ۾ کليل چاقو. “بلو، ھي چاقو!” “سائين، پھريان ته گوٿ ناٿ پئي ڪيائين، مگر ھن کي ڏسي ڍڍر ئي ڍرا ٿي پيس.”
    جيئن وئڪيشن ختم ڪري، ڪراچي وريس اندر ۾ اُڪير ھيم ته بلو سان ملان، جڏھن جھانگيان جي ڪيبن وٽ پھتس، ڏٺم ته بلو غائب ھو. جھانگيان ٻڌايو ته بلو مڪران ھليو ويو آھي.
    “ڇو؟” مون يڪدم پڇيس.
    “سائين”، سيمينٽ جي بلڊنگ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، “سيٺ صاحب، بلوءَ کي گونڊا ائڪٽ ھيٺ شھر نيڪالي ڏياري ڇڏي آھي.”
    مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا بلو سچ پچ گونڊو ھو؟


      ڪتي جي موت

    ٻاھر سردي ھئي، ستارا به ڄڻ سيءَ ۾ پئي ٿڙڪيا ۽ سيءَ کان بچڻ خاطر پنھنجا جسم ڪڪرن جي ڪمبلن ۾ ڇپائي ٿي ڇڏيائون. آسمان ۽ بادلن جي ڊڪ ڊوڙ لڳي پيئي ھئي ڄڻ ھماليه جي برف وارن چوٽين تان سيءَ جا ٻيڙا ڀري ٿي آيا. برسات ڪري بٺ زمينن جا خشڪ وات ڌر ٿي ويا ھئا. اتر جي ھوا سوساٽ ڪري پئي لڳي. ھوا جي سرد جھوٽن جسم ۾ ڊڪندڙ گرم گرم رت کي ڄمائي ٿي ڇڏيو. وڻن جا پن، ڪنھن برفاني طوفان ۾ ڦاٿل قافلي وانگر ٿي ڏڪيا. وڻن جا ٿڙ، انھيءَ مسافر وانگر جنھن کي سيءَ سبب چرڻ پرڻ جي قوت نه رھي ھجي، ڄمي ويا ھئا. آکيرن ۾ ويٺل پکين سيءَ کان بچڻ خاطر پنھنجا منھن پرن ۾ ڇپائي ٿي ڇڏيا. ڳوٺ جي جھوپڙين مان نڪرندڙ دونھون به ڄڻ ڏڪندو ڏڪندو رات جي اونداھيءَ ۾ گم ٿي ويو ھو.
    ڳوٺ جي جھوپڙين جي وچ ۾ وڏيري جو بنگلو، ڄڻ انھن جي غريباڻي حال تي ٺٺولي ڪري رھيو ھو. بخاري ۾ باھ جا الا ڪڏھن ڀڙڪي ٿي اٿيا ۽ ڪڏھن جھيڻا ٿي ٿي ويا. الن جي لالائي مائل روشني ۾ وڏيري جو چھرو ٽامي وانگر لال ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ان جي جھيڻي ٿيڻ سان ڪاراٽجي ٿي ويو. ھنجي منھن ۾ سونڊ ۽ نرڙ ۾ گھنج ھيا. پنھنجي وڏن مڇن کي خار مان مروڙي رھيو ھو. ھنجا چپ پئي ڦڙڪيا اکيون ڪرڙيون ڪري پنھنجي نوڪرن ۽ ڪمدارن ڏانھن پئي ڏٺائين نوڪر قطار ۾، انھن ڏوھين وانگي جن کي سزا ٿيڻي ھجي، بيٺا ھيا. ھر ڪو ائين سمجھي رھيو ھو ته اڄ سندس خير ڪونھي. آخر وڏيري رڙ ڪئي، خاموش بيٺل نوڪرن جا جسم لرزڻ لڳا “چئبو اوھان حرام جا ٽڪر ٿا کائو؟ آخر ڪيڏانھن ويو؟” وڏيرو چپ ٿي ويو. “جيڪڏھن منھن جو موتي ھن وقت پيدا نه ٿيو ھجي ته توھانجيءَ پٺي تي کل نه ھوندي.” وڏيري ڏک ڀرين اکين سان منجيءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن تي موتيءَ جي جسم کي گرم ڪرڻ لاءِ ريشمي گاديلا خالي پيا ھئا. نوڪر ھوريان ھوريان ھڪ ٻئي پٺيان بنگلي کان ٻاھر نڪري آيا.
    وڏيرو موتيءَ متعلق سوچڻ لڳو. گرچه ھن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪتا ھئا مگر ڪوبه موتيءَ جو مٽ ۽ ثاني نه ھو. ٻين ڪتن جي خدمت لاءِ ھڪ ھڪ پر موتيءَ جي خدمت لاءِ ٻه ماڻھو مقرر ڪيل ھئا. ٻين ڪتن جون جايون الڳ ٺھيل ھيون مگر موتي جي منجيءَ وڏيري جي پلنگ جي ويجھو ئي پيل ھئي. صبح جو موتيءَ کي وھنجاري صاف ڪري وڏيري جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويندو ھو ۽ وڏيرو موتيءَ کي ڏسي باغ باغ ٿي ويندو ھو.
    رات ڀڄندي ويئي. سردي وڌندي وئي. ڪڪرن مان ھلڪيون بوندون ڪرڻ لڳيون. ھوا جو آواز تيز ٿيندو ويو. ٻاھر گھگھه اونداھي ڇانئجي ويئي. اوچتو وڏيري جي ڪنن تي موتيءَ جي ڀونڪڻ جو آواز پيو. وڏيرو ٽپ ڏيئي بستري مان اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو در ڏانھن وڌيو “موتي”. وڏيري گلو جي ڪڇ مان موتي کي ورتو. گلوءَ جو جسم، جنھن تي ھڪ چيڪ جي پراڻي قميص پيل ھئي، برسات ۾ سڄو ڀڄي ويو ھو. ٿڌي ھوا ۾ ھن جو جسم بيد وانگر پئي ڏڪيو. سندس کاڏي ۽ ڏند کڙڪي رھيا ھئا. “سائين” گلو ڏڪندي چيو ۽ پنھنجا برف جھڙا ھٿ کڻي ڪڇن ۾ وڌائين ”موتي رمون جي ڪتيءَ جي پويان ھليو ويو ھو . گھڻي ڳولا کان پوءِ کيس موچين واري ڊٺل جاءَ مان لڌو اٿم.“ گلوءَ پنھنجي اگھاڙن پيرن جنکي عمر ڀر شايد جوتو نصيب نه ٿيو ھو، گرم ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي مٿان رکيو. وڏيري ڄڻ گلوءَ جي ڳالھه ٻڌي ئي نه. “تون ته سيءَ ۾ ڏڪي رھيو آھين.” وڏيرو موتي کي بخاري جي ويجھو کڻي آيو ” جيڪي رول ھوندا آھن تنجو اھڙو حشر ٿيندو آھي. ھت باھ جو سيڪ وٺ.” وڏيرو اٿيو يڪدم ٽوال کڻي آيو. موتيءَ جي جسم کي خوب مھٽيائين. گرم کير ڪڍي ٿورو موتيءَ جي پيالي ۾ وڌائين. موتي ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو ڄڻ وڏيري کي پنھنجو ۽ رمون جي ڪتيءَ جو عشق جو داستان ٻڌائي رھيو ھو. وڏيري گلوءَ ڏانھن ڏٺو جنھن جو سڄو جسم ڏڪي رھيو ھو ۽ ڪپڙن مان مينھن جون بوندون ٽم ٽم ڪري وھي رھيون ھيون. “اڙي گلو تون اڃان بيٺو آھين؟” گلو ڏڪندو ڏڪندو در کولي ٻاھر ھليو ويو. ٻاھران ھوا جو برف جھڙو سرد جھوٽو اندر لنگھي آيو. “ڪھڙي نه ٿڌ آھي!” وڏيري اٿي در بند ڪيو ۽ منجي کي سوري باھ جي ويجھو رکيائين. گديلي تي موتيءَ کي سمھاري ان جي مٿان ڪمبل وجھي ڇڏيائين پر موتي سڄي رات ڪوڪاٽ ڪندو رھيو.
    صبح ٿيو مگر موتيءَ جا ڪوڪاٽ بس نه ٿيا. وڏيرو وڏي ڳڻتي ۾ پئجي ويو ”ضرور موتيءَ کي سيءَ جي سٽ اچي وئي آھي.” وڏيرو بيچين ٿي ويو. اڳي پپي به ٿڌ لڳڻ ڪري اھڙي ريت ڪوڪاٽ ڪري مري وئي ھئي. سج مٿي چڙھي آيو، مگر موتيءَ ماٺ نه ڪئي ۽ وڏيري جي ڳڻتي وڌندي وئي. موتيءَ کي يڪدم ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گھرجي. ڊرائيور کي ڪار ڪڍڻ لاءِ چيائين، ڊرائيور ادب سان چيو، ”برسات سبب شھر ڏانھن وڃڻ جو ڪو رستو نه آھي. اڄ جي سج رھيو ته سڀاڻي رستو ٿي ويندو.“ وڏيري کي ڍڪر وٺي ويا ۽ ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ پئجي ويو. ”سائين گلو کي سردي لڳي وئي آھي. لڱ مچ ٿا ٻرنس. ڪرڙيءَ وانگر ٿو ڏڪي ۽ رکي رکي ٿو وڦلي.“ ڊرائيور ھٻڪندي چيو. وڏيرو ڊرائيور کي خار مان گھورڻ لڳو ”مان ڇا ڪيان؟ ڏسين نه ٿو ته مونکي ڪنھن ڳالھه جو ھوش ڪونھي.“
    سڄو ڏينھن ۽ رات موتي ڪوڪندو رھيو، گلو وڦلندو رھيو. وڏيري کان جيترا جتن ٿي سگھيا اوترا موتيءَ جي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪيائين مگر موتيءَ ماٺ نه ڪئي. صبح جو سوير وڏيري ڊرائيور کي ٻاھر ڪار ڪڍڻ لاءِ چيو، موتيءَ کي ڪمبل ويڙھي گود ۾ وھاريائين. اوچتو ويجھو جھوپڙي مان رڙ ٿي، “ابا گلو!” ڪار تيز تيز ڊڪندي شھر ۾ جانورن جي ڊاڪٽر جي در تي اچي بيٺي.


    مان انسان آھيان

    ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ھو ڪير ھو؟ ھن جو نالو ڇا ھو؟ ھن جي ذات ڪھڙي ھئي؟ ھن جو مذھب ڪھڙو ھو؟ ھو ڪٿان آيو ھو؟ انھيءَ ھوندي به شھر جو وڏو ننڍو کيس سڃاڻندو ھو. ھن کي ڪافي ورھين کان وٺي ڏسندا پئي آيا. سانت ئي سانت پنھنجي خيالن ۾ گم. ڪڏھن ھو مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا، جا آسمان تائين ڦھلجي ويندي ھئي، ٻڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي وھندو ھو، مندرن ۾ وڄندڙ گهنٽين جو شور ۽ پوڄارين جا ڀڄن ٻڌي ھو انھيءَ ۾ مگن ٿي ويندو ھو. ھو پوڄارين کي ديوتائن اڳيان سر نوائي وينتي ڪندو ڏسي خاموش ٿي ويندو ھو ڄڻ ڪنھن فيلسوف وانگر اھڙي ڳوڙھي مسئلي تي ويچار ڪري رھيو ھجي، جنھن جو حل کيس نه ملندو ھجي. مندر مان نڪرندڙ مرد ۽ عورتون ھن کي ڏسي چوندا ھيا ڀڳوان جو سنت آھي سندس ڀڳوان سان لنو لڳل آھي.
    صبح جو جڏھن مسجد جي اوچن منارن مان موذن جي الله اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ چؤطرف پکڙجي ويندي ھئي، ته ھو خاموشي سان اٿي اچي مسجد جي چائنٺ وٽ ويھندو ھو ۽ وضو ڪندڙن ڏانھن خاموش نظرن سان نھاريندو ھو. جڏھن پيش امام قرآن شريف جو سورتون قراَت سان پڙھڻ شروع ڪندو ھو، ته ان جي مٺي آواز ۾ مست ٿي ويندو ھو، ڄڻ کيس دلي مسرت حاصل ٿي رھي ھجي. جڏھن نمازين کي سجدي ۾ ويندو ڏسندو ھو ته ھو وري اھڙي مسئلي تي سوچ ۾ پئجي ويندو ھو جو ھن کان حل نه ٿيندو ھجي. مسجد مان نڪرندڙ نمازي کيس ڏسي چوندا ھيا، “ويچارو مجذوب آھي. الله جو پيارو ٻانھو آھي.”
    ننڍو وڏو، مرد عورت، ھندو مسلمان کيس فقير بابا ڪري سڏيندو ھيو. کيس نه گھر ھو نه گھاٽ مالڪ جي زمين سندس بسترو ھئي ۽ آسمان ھن جي محل جي ڇت جنھن ۾ چند تارن جا لالٽين روشن ھيا. ڪڏھن ھو مندر جي ڏاڪڻ وٽ سمھي پوندو ھيو، ڪڏھن مسجد جي دروزاي وٽ کيس ننڊ وٺي ويندي ھئي، ورنه سڄي رات شھر ۾ پيو گھمندو ھو اھڙيءَ ريت جھڙي ريت ڪو بيقرار روح، سڪون جي تلاش ۾ سرگردان ھجي. شھر جا رولو ڪتا ھن کي ڏسي ڀونڪڻ لڳندا ھيا. مگر ھن کي سڃاڻي وري پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري، چپ ٿي ويندا ھيا، ڄڻ کين ازلي ننڊ وٺي ويئي ھجي. چوڪيدار “ڪير ڪير” جي رڙ ڪندا ھن جي ويجھو ايندا ھيا. مگر ھن کي ڏسي چوندا ھيا “فقير بابا، ھينئر رات گذرڻ واري آھي وڃي آرام ڪريو.” ھو مشڪي اڳتي ھليو ويندو ھو، ۽ سپاھي ھن کي تڪيندا رھجي ويندا ھيا.
    سندس وار سنياسين وانگر گھاٽا ۽ ڊگھا ھوندا ھيا. جن جون چڳون مٽي پوڻ سبب ڄمي ويون ھيون. سندس ڊگھي ڏاڙھيءَ، سندس وارن وانگر ھميشه دز ۽ مٽيءَ ۾ ميري رھندي ھئي. جسم تي گيڙوءَ رتي الفي ۽ ڪلھي تي ھڪ رلي، اھا ھئي سندس ملڪيت ۽ ھوءَ انھي ملڪيت جو مالڪ ھو، نه ڪنھن کان گھرندو ھو. ڪڏھن ڪو ديوان ھندو ھن کي ڀوڄن ڪرائيندو ھو، ڪڏھن ڪو رحمدل مسلمان کيس ماني کارائيندو ھو، ورنه ھو پنھنجو وقت بک ۾ ئي گذاري ڇڏيندو ھو. ھوءَ ماني لاءِ ڪڏھن به انڪار نه ڪندو ھو، پر جي کيس ڪو پئسا ڏيندو ھو ته اھي ڦٽي ڪري خار وچان پئسن ۽ پئسن ڏيندڙ ڏانھن اھڙي ريت نھاريندو ھو، ڄڻڪ چئي رھيو ھجي، “ھي دنيا ئي ته آھي جنھن جي موھ ۾ انسان انسان ئي نه رھيو آھي. انسان ڌڻي جو پوڄاري نه پر دنيا جو پوڄاري ٿي ويو آھي.” جڏھن سندس الفي ليڙون ليڙون ٿي ويندي ھئي، تڏھن ڪو سخي دل ھندو يا مسلمان ھن کي نئين الفي پارائي ڇڏيندو ھو. ان ويل ھو انھن ڏانھن ٿورائتين نگاھن سان نھاريندو ھو. جي ڪنھن کي مٿس ڪھل اچي ويئي ته ھن جي سيرب ٺھرائي ڇڏيندو ھيو يا غسل ڪرائي ڇڏيندو ھيو، نه ته ھنکي ڪڏھن به پنھنجي سٺائيءَ صفائيءَ جو خيال نه ايندو ھو. ھو اڪثر خاموش رھندو ھو، ڄڻ سندس زبان کي تالو لڳل ھجي. ڪڏھن ڪڏھن موج ۾ اچي جي ٻه چار لفظ ڳالھايائين ته وڏي ڳالھه ھئي.
    اوچتو ئي اوچتو، چوطرف ڪھرام مچي ويو. آباد شھر اجڙ ٿي ويا. چوڌاري باھ جا آلا ئي آلا نظر ٿي آيا. ھندو ھڪ طرف جمع ٿيڻ لڳا، مسلمان ٻي طرف جمع ٿيڻ لڳا. ھندو مسلمانن جي پاڙن مان نڪرڻ ۽ مسلمان ھندن جي پاڙن مان نڪرڻ لاءِ لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا ڇاڪاڻ ته پنھنجي جان مال جي سلامتيءَ انھي ۾ ئي سمجھيائون ته پنھنجي دين وارن سان گڏ ھجن. ٻنھي پاسي، ھڪ ٻئي کي لٽڻ مارڻ جو گرما گرم تياريون ٿي رھيون ھيون. ھر گھڙي حملي ٿيڻ جو امڪان ۽ جان جو خطرو ھيو. ڪنھن کي به اھو پتو نه ٿي پيو ته ڪڏھن حملو ٿيندو؟ ڪڏھن مال لٽبو؟ ڪڏھن جان ويندي؟ شھر چؤطرف سنسان ٿي ويو ڄڻ ڪو راڪاس آيو ھجي، ۽ شھر جي ماڻھن کي کائي ڇڏيو ھجائين.
    چوڌريءَ جي محلي ۾ آس پاس جا پھلوان اچي ڪٺا ٿيا ھيا، “اڄ رات” چوڌريءَ حقي جو ڪش لڳائيندي چيو، “ھنن دين جي دشمن کي سبق سيکارڻو آھي جن سڄي عمر پئي اسان کي لٽيو آھي. ھيءَ اسانجي حق جي لڙائي آھي اسان جي پاڪستان جي جنگ آھي . اسانجي اسلام جو جھاد آھي. اڄ انھن ڪافرن کي ڏيکارڻو آھي ته مسلمان شير ٿيندا آھن، ڀل ھن ڌوتي پوشن کي ڀڳوان ياد اچي وڃي.” فيصلو ٿيوته رات جو ويھه جوان جن ۾ گھڻا ٻاھران آيل مضبوط ۽ بھادر منتخب ڪيا وڃن، جي جھاد لاءِ تيار رھن ۽ سيٺ دمڙي مل جي ڪوٺيءَ تي حملو ڪن.
    “ديش مترر ڇا اوھانکي ملڪ جو ورھاڱو قبول آھي؟” سيٺ ڌرمداس نوجوان ھندن کي جي مختلف ھنڌان اچي ڪٺا ٿيا ھيا ، مخاطب ٿيندي چيو، “ڇا اوھان ڀارت ماتا جي سرير کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ڏيندا؟” اڄ رات ھنن نيچ مسلمانن کي جن ھميشه اسانکي پئي تنگ ڪيو آھي جن جي ڦرين لٽن چورين ۽ ڌاڙن کان اسان ڪڏھن به شانتي ۾ نه رھيا آھيون، ضرور مزو چکائڻ گھرجي. منھن جا مترو اڄوڪي رات جي يڌ اوھان جي ڌرم جي يڌ آھي. ڀارت ماتا جي مان جي يڌ آھي. اچو ته ھنن نيچ مسلمانن کي اھڙو ته سبق سيکاريون جو کين ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي ۽ ھميشه ڌڻيءَ کي ياد ڪندا وتن.” آخر فيصلو ٿيو ته ڪجھه نوجوان منتخب ڪيا وڃن جي رات جو چوڌري دين محمد جي گدام تي حملو ڪن.”
    سورج غائب ٿي ويو. چؤطرف سانت ٿي ويئي. ورلي ڪو ماڻھو گلين ۾ نظر ٿي آيو. ھر ڪو پنھنجي گھر کي اندران مضبوطيءَ سان ڪڙو ڏئي وڃي ويٺو. آھستي آھستي رات جي اونداھي وڌندي ويئي. گھڙيال رات جا ٻارنھن لڳايا. رستي تي ڪنھن جي پيرن جو آھٽ ٻڌڻ ۾ آيو. ڪتي جي ڀونڪ ٿي. فقير بابا کي ڪتي ڏٺو ۽ سانت ٿي ويو. سنسان رستن تي اھڙي وقت، ھو پنھنجي خيالن ۾ غرق اونداھيءَ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن اھڙي ريت ڦري رھيو ھو، ڄڻ ڪو خاموش تاريڪ پاڇو ھجي. وڻن جي پٺيان سرڪو ٿيو. “خاموش ڪوئي ھيڏي اچي رھيو آھي.” وري سانت ٿي ويئي. “ھڪڙو ڄڻو آھي.” ٻه ٽي نوجوان وڻن کان ٻاھر نڪتا. “تون ڪير آھين؟” “تنھنجو نالو ڇا آھي؟” مگر ھنن کي ڪوبه جواب نه مليو. “تنھنجو مذھب ڪھڙو آھي؟” “سالو ڪافر آھي” ائين ھڪڙو ڇڙو نڪتو جو اونداھيءَ ۾ وڄ وانگر چمڪيو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ گھڙي ويو. ٻيا رھيل ھمراھ به وڻن مان نڪري آيا. انھن مان ڪنھن رڙ ڪئي، “او فقير بابا” انھن جي سردار غصي مان چيو، “ھلو ھلو. دير ٿي رھي آھي جيڪڏھن ٿوري دير ٿي ته موقعو ھٿان ھليو ويندو.” سڀ چپ چاپ پنھنجي سردار جي پويان ھليا ويا.
    فقير بابا ھوريان ھوريان زمين تان ڪنڌ مٿي ڪيو سندس لبن تي اھائي مشڪ ھئي. ھڪڙي نظر مٿي کڻي ڏٺائين ۽ وري پنھنجو ڪنڌ مسجد ڏانھن کڻي ڪيائين، ڄڻ وضو ڪندڙن، قرات مان سورتون پڙھندڙ پيش امام ۽ سجدي ۾ جھڪيل نمازين ڏانھن نھاريندو ھجي. ھو آھستي آھستي اٿيو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ وڌڻ لڳو.
    “تون ڪير آھين؟” “تنھن جو نالو ڇا آھي؟” ڀتين جي پاڇي ۾ بيٺل ٽن نوجوانن ھن کان پڇيو مگر ڪنھن کي به ڪو جواب نه مليو. “تنھنجو ڌرم ڪھڙو آھي؟” “مسلم آھي” – ھڪ آواز آيو – “ماريو نيچ کي.” ھڪ ڪرپان ھوا ۾ ڦريو ۽ سندس پيٽ ۾ ڇپي ويو. “آھ” جو آواز ٿيو. ٻيا پٺتي رھيل به ساٿي اچي ھنن سان مليا. “فقير بابا!” ھڪ جوان حيرت مان چيو. “اوير نه ڪيو باقي ٿوريون گھڙيون بچيون آھن، جي ھي مھل ھٿان نڪري ويئي ته پوءِ افسوس جون تريون مھٽڻيون پونديون.” سڀئي پنھنجي اڳواڻ جي پٺيان ھليا ويا. فقير بابا گھڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو. آسمان ڏانھن نھاريائين – وري سندس اکيون مندر ڏانھن کڄي ويون. جنھن ۾ ڄڻ کيس ناقوس جي صدا – پوڄاري جا ڀڄن – گھنٽين جو آواز پوڄارين جون ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ھن آھستي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ¬– ٿورو اڳتي ھليو ۽ وري ڪري پيو.
    شھر ۾ وٺ وٺان ٿي ويئي. عورتن جو رڙيون، ٻارڙن جو روئڻ، “بچايو بچايو” جا آواز، بندوقن جا ٺڪاءَ ، گولين جا زوڪاٽ، لٺين جو ٺھڪو، ڇرن ۽ خنجرن جا چمڪاٽ، لٽيو ماريو، جي خوفناڪ شور کان زمين آسمان ھڪ ٿي ويو. شھر ۾ باھ لڳل گھرن جي ڄڀي آسمان سان ٿي لڳي. “ماريو ڪافر آھي.” “ماريو مسلم آھي.” “وٺو وٺو نه ڇڏيو.” اوچتو اوچتو سيٽيون وڳيون – ملٽري پوليس جي مشن گنن جا آواز ڦھلجي ويا. چؤطرف ملٽري پھرو بيھجي ويو. ريڊڪراس جي لارين ۾ مئلن ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
    “تون ڪير آھين؟” “تنھنجو نالو ڇا آھي؟” ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخميءَ مشڪي ڏنو. “تنھنجو مذھب ڪھڙوآھي؟” زخميل وڏو ٽھڪ ڏنو. بيٺل ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. “شايد ديوانو آھي.” نرس چيو. “ڊاڪٽر صاحب مان ھندو . . . . . نه نه . . . . . مسلم . . . . . نه نه .. . . . . ڊاڪٽر صاحب، مان انسان آھيان. ڊاڪٽر صاحب، مونکي زخم ٻنھي ھندو . . . . ۽ مسلمان کان رسيا آھن . . . . منھنجا زخم انسانيت جا زخم آھن. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو موت انسانيت جو موت آھي. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو لاش ھندو مسلم ٻنھي جي حوالي ڪجو جنھن ۾ ھو پنھنجي شڪل ڏسي سگھن، جن ۾ کين ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ، الله اڳيان سجدا ڪرڻ ٻئي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچڻ.” زخمي چپ ٿي ويو. سندس لبن تي ابدي مشڪ ڦھلجي ويئي. جا چئي رھي ھئي “مان انسان آھيان”. پري کان ناقوس جي صدا آئي، اذان جو آواز آيو، پوڄارين ڀڄن ڳايا. نمازين الله اڪبر پڪاريو. ھندن ڀڳوان اڳيان سر نوايو. مسلمان سجدي ۾ جھڪي پيا.


    ھي ليڊر

    ھن جي تقرير، تاڙين ۽ نعرن جي شور ۾ ختم ٿي. ھن کي ھار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس منھن به گلن جي وچ ۾ نظر نٿي آيو. اڄ ھر ڪنھن جي وات ۾ ھن جي واکاڻ ھئي. ھو قوم جو صحيح ترجمان ھو. اھو ئي سبب ھو جو ماڻھن جي دلين ۾ ھن جي لاءِ بيحد عزت ھئي، پيار ھو. اڄ به سندس تقرير ٻڌڻ لاءِ ھزارين ماڻھو اچي جمع ٿيا ھئا. ھڪ ٻئي مٿان ڳاھٽ پئي ٿيا. ميدان ۾ پير پائڻ جي جاءِ نه ھئي، پبلڪ پارڪ سڄو ماڻھن سان سٿيو پيو ھو. اونھاري جي سخت گرميءَ ۾ ماڻھن جو دم پئي گھٽيو. ماڻھو پگھر ۾ شل ٿي، مگر جيئن پوءِ تيئن ڀيڙ وئي ٿي وڌندي. سندس تقرير شروع ٿيڻ کان اڳ ٻن چئن ھنڌن ڌڪا مڪي به ٿي مگر وري سانت ٿي ويئي.
    اڄ ھن ڳالھايو. دل کولي ڳالھايو – سماج جي ان بدنام داغ لاءِ جنھن کي عصمت فروش ڪوٺين ٿا، جا چند سڪن تي پنھنجو جسم ٻين جي حوالي ٿي ڪري! ھن چيو ته پاڪ آستان ۾ اھڙي پليديءَ جا اڏا بند ڪيا وڃن، جنھن مان گناھ جي باھ ڀڙڪي ٿي اٿي جن جي آلن ۾ ھزارين گھر سڙي خاڪ ٿي ويا آھن.
    ھن جي تقرير ختم ٿيڻ تي ماڻھن جوش مان نعرا بلند ڪيا. ھنجي “زندھ باد ” جا نعرا – “خرابيءَ جا اڏا مرده باد” جا نعرا. ھن جي زبان جادوءَ جو اثر ٿي رکيو – ان کان سواءِ ھن عوام جي ترجماني ٿي ڪئي – پليديءَ جا اڏا، جنھن مان ڪو به سلامت نه وريو. ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري سرڪار کان گھر ڪئي ويئي ته “يڪدم اھي بند ڪيا وڃن، جي اھي بند نه ڪيا ويا ته ان خرابيءَ جو سيلاب اڃان به زياده راڱا ڪندو.”
    ھو خوش ھو – ڏاڍو خوش ھو – پنھنجي تقرير کان، ماڻھن جي جوش کان، سندن تاڙين کان، انھن جي نعرن کان، سندس “زنده باد” جي نعرن کان، “پليديءَ جا اڏا مرده باد” جي نعرن کان. ھن جي ڪنن ۾ اڃان به تاڙين جي ڦھڪن ۽ نعرن جو شور ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ھو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. ھن کي بيحد ھار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس دم گھٽجي رھيو ھو. ماڻھن کي سندس نيڪ جذبي ۽ تحرڪ تي مبارڪون ٿي ڏنيون. آخر ھو ملڪ جو وڏو ليڊر ۽ سياستدان ھو.
    ھو جڏھن گھر موٽيو، ۽ ٻيا به دوست کيس “خدا حافظ” چئي پنھنجي پنھنجي گھر روانا ٿي ويا، تڏھن ھو وري اڄوڪي جلسي جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اڄوڪي جلسي ۾ ماڻھن جو ھجوم ۽ سندن جوش، پنھنجي جادو بيان تقرير ۽ ان جي طلمسي اثر، پنھنجي وڌندر شھرت ۽ اقتدار جا خيال کيس وسڪي جي بوتل جھڙو سرور ڏئي رھيا ھئا ۽ ھوريان ھوريان ھو انھيءَ نشي ۾ گم ٿي ويو. اوچتو چپراسيءَ کيس ٻڌايو، “ھڪ عورت اوھان سان ملڻ ٿي گھري.” ھن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي پئي ۽ ھن جي خيالن ۾ رخنو پئجي ويو. ھن خيال ڪيو ته ڪھڙي عورت ٿي سگھي ٿي؟ شايد سندس تقرير کان متاثر ٿي ڪا عورت کيس مبارڪ ڏيڻ آئي ھجي. چپراسيءَ کي کيس اندر موڪلڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ وري خيالن – شھرت جي خيالن، ليڊري جي خيالن، سياست جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اوچتو “ڇم ڇم” جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ھڪ جوانيءَ جون منزلون طئي ڪيل عورت ھار کنيو بيٺي آھي. ھن جي دماغ تي ڪنھن ھٿوڙو وھائي ڪڍيو. ھو سوچڻ لڳو، ھن جي ذھن تي جھونو نقش جنھن تي وقت گرد وغبار چاڙھي ڇڏيو ھو، تازو ٿيڻ لڳو. گذري ويل زمانو – رنگين زمانو. مستيءَ ڀريو زمانو، جنھن ۾ ڪيف ۽ سرور ھو. سڀ جوان ھيا – امنگ جذبا – ھوءَ ۽ ھو! عورت اڳتي وڌي، آھستي آھستي چيو، “آءُ انھي ھنڌان آئي آھيان، جنھن کي پليديءَ جا اڏا ڪوٺيو ٿو وڃي. آءُ اوھان کي مبارڪ ڏيڻ آئي آھيان. مون سان گڏ منھنجي ڌيءُ به آئي آھيان.” نوجوان ڇوڪري اڳتي وڌي. ماڻس ھن ڏانھن مشڪي نھاريو. سندس انھيءَ مشڪڻ ۾ ھزارين زخم پنھان ھيان. “امڙ، ھي اسان جي قوم جو ليڊر آھي! ھن جا سڄي قوم ٿي ٿورا آھن! خاص طرح اسان تي ھن جون وڏيون مھربانيون آھن!.” اھو زھر جو ڍڪ جو سندس لبن تي پھچي ويو ھو، ھوءَ پي وئي ۽ سانت ٿي وئي. ڇوڪريءَ ھن کي ھار وڌو. ماءُ ۽ ڌيءُ ٻاھر ھليون ويون. “اسان تي ھن جون وڏيون مھربانيون آھن!” جا اکر سندس سيني ۾ ڇپي ويا انھيءَ ڪنڊيءَ وانگر جو لڳڻ کان پوءِ ڀڄي پئي ۽ سندس ڪجھه حصو اندر ئي رھجي وڃي. ھن جي اڳيان ماضيءَ جو ڦٽل نقش آھستي آھستي چٽي طرح اڀرڻ لڳو. اھو ڏينھن جنھن ڏينھن کان ھوءَ ترقي جي راھ تي گامزن ٿيو، اھو ڏينھن جنھن ڏينھن ھن ڪنھن جي اميدن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن کي اھا رات جا سندس گناھن وانگر ڪاري ھئي. ياد اچڻ لڳي – جنھن رات ھوءَ پنھنجي مائٽن کي خيرباد چئي، ھن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي ھئي – جنھن رات ھن دنيا کي ڇڏيو مگر ھو پاڻ دنيا کي چھٽي پيو – جنھن رات ھن سماج جي ڪا به پرواھ نه ڪئي، مگر ھو سماج کان ڊڄي ويو. جنھن رات ھن عزت کي محبت مٿان قربان ڪيو؛ مگر ھن عزت خاطر محبت ڇڏي ڏني – ڇو؟ ڇاڪاڻ ته ھن دنيا ۾ ڪجھه ٿيڻ ٿي گھريو. ھن جون آھون ۽ دانھون ته سندس پٿر جھڙي دل کي نرم نه ڪري سگھيون. سندس محبت واسطن به سندس دل تي اثر نه ڪيو. جڏھن ھن کي ھر ھر گھر واپس وڃڻ لاءِ ٿي چيو، مگر ھو تڏھين گھر ڪيئن ٿي واپس وڃي سگھي! ھو مائٽن کي ڇڏي آئي ھئي. ان کان سواءِ، ھو ماءُ ٿيڻ واري ھئي. اھڙي حالت ۾ ڪھڙي ڇوڪري مائٽن لاءِ لاءِ ڪارنھن جو ٽڪو بڻجي، زندگي تائين طعنا ۽ تنڪا سھندي رھي! ھو سوچي رھيو ھو انھن ڏينھن ۾ ھن جي ستاري چمڪڻ شروع ڪيو ھو. ھن ان کي اونداھيءَ جي ڪڪرن ھيٺ آڻڻ نه ٿي گھريو. ھن جي عوام ۾ عزت وڌندي ٿي ويئي، ۽ ھن کي پنھنجي آئيندي جو خيال ھو. ھن کي رئندو ڇڏي ھليو ويو ھو “تون گھر وڃ، آءُ توسان شادي نٿو ڪري سگھان. منھنجي عزت کي ڌڪ لڳندو. آءُ زندگي ۾ ڪٿان جو ڪين رھندس ۽ منھنجي وڌندر شھرت . . . . .”
    اڄ وري گھڻيءَ مدت کان پوءِ اٽڪل پندرنھن ويھن ورھين کان پوءِ جڏھين سندس شھرت جو ستارو اوج تي ھو، جڏھين سندس نالو ھر ڪنھن جي وات ۾ ھو، جڏھين ھو ملڪ جو مشھور سياستدان ۽ قوم جو ليڊر ھو، تڏھين ھوءَ ھن جي اڳيان آئي – محبت جو اھو گل جنھن کي واس وٺڻ کان پوءِ پيرن ھيٺ ڇيپاٽي ڇڏيو ھئائين – شراب جي اھا بوتل جنھن جي ورتائڻ کان پوءِ زمين سان ٽڪرائي پاش پاش ڪري ڇڏيو ھئائين! مگر ھوءَ اڄ نئين رنگ ۾ ھئي – سماج جو ھڪ بدنام داغ ھئي! ۽ ھن سان ھن جي ڌيءُ به ھئي! ھو سوچيندو رھيو – ھي دنيا ۽ سماج جا بدنام داغ، ڪارنھن جا ٽڪا مگر . . . . سندس دل بيھجي وئي.
    ٻي ڏينھن دنيا جي اخبارن ۾ وڏين وڏين سرخين سان سندس موت جي خبر شايع ٿيل ھئي. سندس واکاڻ ۽ تعريف ۾ خاص نمبر ڪڍيا ويا. ھن جي زندگيءَ جي ھر پھلو تي روشني وڌي ويئي. ھو قوم جو ليڊر ھو. ملڪ جو وڏو سياستدان ھو. ھن خرابي جي اڏن برخلاف ھلچل ھلائي، پاڻ کي ماڻھن ۾ مقبول بنايو ھو. ملڪ ۾ ماتم جي لھر ڇانيل ھئي. ھن جي لاش سان ھزارين ماڻھو ھيا. پير پائڻ جي جاءِ به نه ھئي. ڀيڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي. ھن جي لاش مٿان بيحد گل وڌا ويا. ھو گلن ۾ پورجي ويو. ھو عوام جو ليڊر ھو ، جنھن عصمت فروشيءَ جي اڏن خلاف برخلاف ھلچل ھلائي ھئي.


      قانون

    ”ھم کيون نه کرين پيار کس کا ڊر تو نھين ھي.“ جو آواز ھلڪي سيٽيءَ ۾ غفور جي واتان نڪتو ۽ فضا ۾ پکڙجي ويو. غفور سائيڪل جي پئڊل کي زور سان ھلايو ۽ سائيڪل ڪلفٽن جي رستي تي تيز تيز ڊوڙڻ لڳي. غفور اھڙو ته موج ۾ اچي ويو جو اڳيان ويٺل خورشيد جو بار به کيس محسوس نه ٿي رھيو ھو.
    ڪلفٽن جي رستي تي بيٺل دراز اليڪٽرڪ جي ٿنڀن ۾ ٻرندڙ بتيءَ جي بلب، سياھي کي شڪست ڏئي رھيا ھئا. بتين جي روشنيءَ ۾ رستو ڪاري مخمل جيان چمڪي رھيو ھو. ڪلفٽن کان ايندڙ ھوا جا تيز جھوٽا خورشيد جي خوشبودار زلفن سان راند ڪندا اڳتي وڌي ٿي ويا. خورشيد جا ڪارا ڪارا لنبا زلف ڪڏھن سندس ڳلن تي جھومي رھيا ھئا ۽ ڪڏھن غفور جي چھري تي پکڙجي ٿي ويا. انھن مان ايندڙ ھلڪي ھلڪي سرھاڻ ۾ غفور ايتري قدر گم ٿي ويو، جو کيس ڪلفٽن کان ايندڙ ۽ ويندڙ تيز رفتار ڪارين، مست رفتار گھوڙي گاڏين ۽ پنڌ ويندڙن واٽھڙن جو نه پتو نه ٿي پيو. ھن کي اھو پتو نه ٿي پيو ته ھو ڪاڏي وڃي رھيو آھي، مگر ھو وڃي رھيو ھو، پنھنجي خورشيد سان اھڙي طرف جتي “تون ھجين ۽ مان ھجان.”
    غفور پنھنجي ئي موج دنيا کان بي خبر وڃي رھيو ھو. اوچتو خورشيد “بريڪ” “بريڪ” جون رڙيون ڪيون مگر غفور جي بريڪ لڳائڻ کان اڳ سائيڪل چوسول تي بيٺل سپاھي سان اچي ٽڪري. پوليس واري مٿان خورشيد، خورشيد مٿان سائيڪل ۽ سائيڪل جي پاسي ۾ اچي غفور ڪريو. پوليس واري کي جڏھن خورشيد جو نرم جسم محسوس ٿيو، تڏھن اٿڻ بجاءِ اتي ئي ليٽو رھيو. خورشيد اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سائيڪل جي وچڙڻ سبب وري پوليس مٿان اچي ڪري. پوليس وارو “آ” ڪري پئجي رھيو. غفور ڌڪ کائي اٿيو سائيڪل کنيائين خورشيد کي ھٿ ڏنائين. خورشيد پوليس واري جي پھلو مان ائين اٿي، جئن ڪاري ديو جي پھلو مان سبز پري. پوليس وارو چنگھندو اٿيو. پري بيٺل ٽوپي کڻي ڇنڊيائين مڇ کي وڪڙ ڏئي اڳتي وڌيو.
    “جناب! ڇا اوھان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ شايد اوھان ڪجھه پيتل . . . .؟ مگر اوھان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ ڪيئن ايندو اوھان سان گڏ جو ميم صاحبه آھي .”
    جمعدار صاحب، معاف ڪندا. مون گھڻي بريڪ ھنئي مگر سائيڪل . . . ”
    “جناب، آئون سائيڪل ٻائيڪل ڪجھه نه ٿو ڄاڻان اوھان کي پوليس چونڪي ھلڻو پوندو .”
    “جمعدار صاحب آئندہ ايئن نه ٿيندو.”
    “پوءِ آئنده اوھان کي پوليس چونڪي تي به ھلڻو نه پوندو.” “مگر جمعدار صاحب . . . .”
    “مگر . . .. مگر . . . اوھان قانون کي ڇا سمجھيو آھي. اوھان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. اوھان غير عورت کي وندر لاءِ ڪلفٽن وٺي آيا آھيو، اوھان کي خبر ناھي ته شھر سان گونڊا ائڪٽ لڳل آھي –”
    “مگر ھي ته منھنجي مڱيندي آھي.”
    جمعدار خورشيد کي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو ۽ مڇ تي ھٿ رکندي چيو، آءُ اوھان جھڙن نوجوانن کي خوب ڄاڻان ٿو جنکي ھر روز نئين مڱيندي ھوندي آھي. ۽ جناب اوھان سائيڪل تي ٻه ڄڻا سوار ٿيا آھيو ۽ ٻن ڄڻن جي سواري قانون ھيٺ ڏوھ آھي.”
    “جمعدار صاحب آئنده ايئن به نه ٿيندو.”
    “قانون قانون آھي! اوھان کي پوليس چونڪي ھلڻو ئي پوندو. انھيءَ کان سواءِ اوھان ھڪ پوليس آفيسر جي مٿان سائيڪل چاڙھي قانون جي بي عزتي ڪئي آھي.”
    “جمعدار صاحب انھي لاءِ معافي طلب آھيون.”
    “جناب قانون قانون آھي! سرڪار اسان کي مفت جون پگھارون نٿي ڏئي. اسان کي قانون سنڀالڻو آھي ۽ اوھان جھڙن نوجوانن کي ٺڪاڻي لڳائڻو آھي. اوھان ٽي ڏوھ ڪيا آھن. غير عورت سان سير و تفريح، ٻن ڄڻن جي سائيڪل سواري، ۽ پوليس آفيسر مٿان سائيڪل چاڙھڻ.”
    “جمعدار صاحب آئنده ڪڏھن، ڪڏھن به اھڙي غلطي نه ٿيندي.”
    “جناب آءُ به اوھان کي ڪڏھن، ڪڏھن ٿاڻي نه وٺي ھلندس.”
    “جمعدار صاحب” خورشيد پوليس واري سان اکيون ملائيندي چيو. اميد ته آئنده اھڙي غلطي نه ٿيندي. جمعدار خورشيد ڏانھن نھاريو ۽ ٿورو نرم ٿي چيو “مگر صاحب قانون قانون آھي.”
    “جمعدار صاحب قانون سچ پچ قانون آھي مگر اھڙيون غلطيون انسانن کان ٿيون وڃن. زرا ھيڏانھن اچجو.”
    جمعدار اڳتي وڌي خورشيد ڏانھن وڌيو. خورشيد ٻه چار قدم اڳتي ھلي. پرس کلڻ جو آواز ٿيو. خورشيد جو نرم ۽ نازڪ ھٿ جمعدار جي ھٿ سان مليو. جمعدار جي جسم ۾ ڄڻ بجليءَ ڊوڙي وئي. جمعدار پنھنجي ھٿ ۾ ڪاغذ جھڙي ڪا چيز محسوس ڪئي ، آھستي آھستي جمعدار جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي.
    “اميد ته آئنده اھڙي غلطي نه ٿيندي.” خورشيد جمعدار جي ھٿ مان ھٿ کسڪائيندي چيو.
    “مگر قانون . . . . قانون” باقي اکر جمعدار جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا.
    خورشيد سائيڪل تي اڳيان ٿي ويٺي. غفور پئڊل تي زور سان پير ھنيو. فضا ۾ سيٽي جو ھلڪو آواز ڦھلجي ويو.
    “سرکاري سڙک ھي يه تيرا گھر تو نھين ھي.”


      فرشتو

    جڏھن ھو گھر موٽي رھيو ھو، تڏھن رات ڪافي اونداھي ٿي چڪي ھئي. آسمان ۾ بادل شيطاني روحن جيان ھيڏي ھوڏي ڊڪي رھيا ھئا. گھٽيءَ ۾ ڏينھن جو برسات پوڻ ڪري چڪڻ لڳي پئي ھئي. کڏون کوٻا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھئا. گند جي ڍيرن مان، جي گھٽيءَ ۾ ھر طرف پکڙيل ھيا گندي بانس پکڙجي ٿي وئي. ميونسپل طرفان لڳايل فانوس ٽم ٽم ڪري رھيو ھو ھوا جي جھوٽي تي سندس لاٽ جھيڻي تي ٿي ويئي، وري ڀڙڪو کائي ٿي اڀري – گھٽيءَ ۾ ھر طرف سانت ئي سانت ھئي. ڄڻ موت جو فرشتو پنھنجا پير گھمائي ويو ھجي. رکي رکي، ڪنھن گھر مان ٻار جي رئڻ يا ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز ٿي آيو، ۽ وري خاموشي ڦھلجي ٿي وئي. ھن پنھنجي جسم ڏانھن نھاريو، جو لاڳيتن بيمارين سبب ھيڻو ٿي ويو ھو، جنھن ۾ نه سگھه ھئي نه قوت – ھڪ ھڏائون پڃرو، جيڪو ڊاڪٽرن وٽ ڏيکاءُ لاءِ پيو ھوندو آھي. ھن پنھنجي کيسي ڏانھن نھاريو، جنھن ۾ ٻه آنا کڙڪي رھيا ھئا. ھن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي – اھڙي مرڪ جنھن ۾ ھزارين گھاءُ ڇپيل ھجن، جنھن ۾ ھزارين سور لڪيل ھجن. “سڄي ڏينھن جي ڪمائي صرف چار آنا!” ھو نفرت وچان ڀڻڪيو ۽ ماٺ ٿي ويو. “اھي به ڄڻ خيرات طور مليل!”
    ھن کي ڪارخاني مان ڪڍيو ويو ھو. انھيءَ ڪارخاني مان جتي ھن جي ڏاڏاي ڪم ڪندي زندگي ختم ڪئي ھئي، جتي ھن جو پيءُ ڪم ڪندي پٽي ھيٺ اچي شھيد ٿي ويو ھو، جتي ھن ننڍپڻ کان وٺي ڪم شروع ڪيو ھو. ڇاڪاڻ ته ھو بيمار ھو ۽ ھاڻي ھن جي ڪارخاني ۾ ڪا به ضرورت نه ھئي. ڪنھن وقت ھو پنھنجي ٽوليءَ جو موچارو مزور ليکيو ويندو ھو. ھن جي ڪم سان ٻيا مزور ريس ڪندا ھيا، سيٺ خوش ٿي کيس شاباش چوندو ھو. صبح کان شام تائين ڪم ڪرڻ سان ٻه چار روپيا ڪٽي وٺندو ھو. مگر ھينئر ھو زنده لاش ھو، جيڪو قبر چيري ھن دنيا ۾ آيو ھجي، جنھن کي ماڻھو ڏسي گھٻرائجي وڃن. “نه، بابا! نه، توکان مزوري نه ٿيندي!” “نه، سائين! نه، تون ٽوڪري کڻي نه سگھندين!” “نه، مسٽر! نه، اھڙو وزن کڻڻ تنھنجو ڪم نه آھي!” آخر ھو ڪري به ڇا ٿي سگھيو؟
    اھڙو ڪو به انسان نه ھو جو مٿس ڪھل آڻي، کيس چوي ته “اچ، بابا! ھي بار کڻ.”
    صبح کان شام تائين بازارين ۽ مارڪيٽن جا ڦيرا پائيندي، ڪجھه به پلئه نه پيس – صرف چار آنا، جنھن مان ھڪ ڊبل روٽي وٺي پاڻ کاڌي ھئائين۽ باقي ٻه آنا انھيءَ خيال کان بچائي رکيا ھئائين ته متان سڀاڻي مزوري نه لڳي ۽ پيٽ کي پٿر ٻڌڻو پوي ڪڏھن اھڙا ڏينھن به ايندا ھيا جو ھن کي ۽ ھن جي ماءُ کي ويلن جا ويلا صرف پاڻيءَ نصيب ٿيندو ھو. ھو ٽٻي ۾ پئجي ويو ھو. اھو سڀ ڪجھه به ته پنھنجي ماءُ لاءِ، جا ھن جي سموري ڪائنات ھئي، ڪري رھيو ھو، ورنه ھو دنيا کان منھن موڙي اھڙي ريت مزي سان چادر پائي سمھي رھي ھا، جو کيس قيامت جي ڏينھن به بيدار نه ڪري سگھن ھا – انھيءَ ماءُ لاءِ جنھن راتين جا اوجاڳا ڪڍي، ھن جي خدمت ڪئي ھئي؛ انھيءَ ماءُ لاءِ جنھن صبح کان وٺي شام تائين جنڊ ڪاھي ھن جي پورت ڪئي ھئي ؛ انھيءَ ماءُ لاءِ جيڪا گرمي توڙي سرديءَ ۾ ھن جي آرام خاطر ڪڏھن به سک ٿي نه ستي! نيٺ سندس چاڪري ڪندي ھوءَ بيمار ٿي پئي حڪيم ۽ ويڄ آيا، ڪجھه نه ٿيو. ڊاڪٽرن فيون ورتيون، ڪجھه نه ٿيو. سرڪاري اسپتالن مان کيس لاعلاج ڪري تڙيو ويو. سندن گھر ۾ جا ميڙي چونڊي ھئي سا ختم ٿي ويئي، سندن گھر جو سمورو سامان وڪامي ويو. سالن پٺيان سال گذري ويا مگر ھن جي ماءُ تندرست نه ٿي، رھندو ھو پاڻ به بيمار ٿي پيو. اڳ چار ڏوڪڙ ڪمائي ماءُ لاءِ ڪجھه کاڌو وٺي ايندو ھو، مگر ھينئر کيس ڪير مزوري ڏيڻ لاءِ به تيار نه ھو ، ڪو به ڪم ڏيڻ جي آڇ ڪونه ڪندو ھوس. صبح کان شام تائين رلندو شام جو ڍڪر کائيندو، اچي گھر ڀيڙو ٿيندو ھو.
    اُڀ ۾ ڪڪر مڙي ويا، ڄڻ آسماني ديوتائون دنيا جي رھاڪن خلاف سازش سٽي رھيا ھئا. رکي رکي، بجلي چمڪي ٿي. ھلڪي بوند پوڻ لڳي. ھن آھستي آھستي قدم جھوپڙيءَ ۾ رکيو. ٺڪر جو ڏيو ٽم ٽم ڪري رھيو ھو. ھن جي ماءُ ڪنڊ ۾ ۾ نيم مرده جي حالت ۾ پئي ھئي. پنھنجي پٽ جي پير جي آھٽ ٻڌي، ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر کنگھه سبب سندس اکر ھن جي نڙيءَ ۾ رھجي ويا. ٿوري دير بعد سامت ۾ آئي ۽ آھستي چيائين، “ابا دير لڳائي ڇڏيئه.” پوءِ ٿوري دير لاءِ چپ ٿي وئي. “ابا! منھنجي دوا!” ھن جون اکيون ھوريان ھوريان وڃي پٽ جي چھري تي پيون. “امڙ! . . . . ” اکر ھن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. حڪيم چيو، “دوا اڃا تيار نه آھي – سڀاڻي انشاءالله تيار ٿي ويندي.” دوا جو نالو ٻڌندي پوڙھي جي جان ۾ جان آئي. “ابا! ھن جيئڻ کان موت ڀلو! جيڪو زھر مليم ته زندگيءَ جي سورن کان ڇٽي پوان! ” ھن ڊبل روٽي ماءٌ جي اڳيان وڌائي، جنھن مان ھڪ ٻه ڀور وات ۾ نيئي، ليٽي پئي.
    ھوا تيز ٿيندي وئي. مينھن به اوھيرا لائي ڏنا، ڄڻ آسمان کان آبشار ليٽي پيا ھيا. ھن جي ماءُ سڄي رات رڙندي رئندي، چنگھندي ڪڻڪندي کنگھندي ۽ سھڪندي گذاري. ڏيو ھوا جي جھوٽن تي ڦڙ ڦڙ ڪري رھيو ھو. ھو مٿي ھيٺان ٻانھون ڏيئي سمھي رھيو ھو. ھن جون اکيون کليل جون کليل رھجي ويون. ھو پنھنجي ۽ ماءُ جي زندگيءَ تي سوچي رھيو ھو. سمجھي نه پئي سگھيو ته جيڪڏُھن اھا “زندگي” ھئي ته پوءِ “موت” ڇا ھو؟ ھو ماءُ جي دانھن ۽ ڪوڪن کي ٻڌي رھيو ھو. ھن دوا لاءِ سوچيو مگر ڪٿان ايندي؟ ايترو عذاب ڪيستائين؟ ھن کي ماءُ جا اکر ھر گھڙي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا! “ابا ھن جيئڻ کان موت ڀلو زھر ملي وڃيم ته ھن زندگيءَ جي سورن ڏکن کان ڇٽي پوان.” ھو پاسا ورائيندو رھيو. ڪر موڙيندو رھيو. ٻاھر جيئن پوءِ تيئن برسات تيز ٿيندي ويئي. ڏيو ٽم ٽم ڪري وسامي ويو. مگر ھن جون اکيون اڃان ٽمڪي رھيون ھيون. ھن کي آخر زندگيءَ جي سمورن ڏکن ۽ سورن جو علاج ھٿ آيو. ھن جون اکيون يڪدم ماءُ ڏانھن وڌي ويون، جنھن رڙيون پئي ڪيون، “ھن سورن واري جيئڻ کان موت ڀلو!” ھن جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا. ڄڻ چئي رھيا ھيا: “امڙ ! توکانسواءِ منھنجو ھن دنيا ۾ ڪير آھي؟”
    صبح ٿيندي ئي شھر کان پري نڪري ويو – جتي ٿوھر جا جھڳٽا ھيا، جن جي کير جا پنج اٺ ليپا انساني حياتي وٺڻ لاءِ ڪافي ھيا زھر ڀريل ٿوھر جنھن کي ڏسي جانور به ونءُ ويندا آھن. ھن پنھنجي کيسي مان شيشي ڪڍي ٿوھر جو کير شيشي کي ائين ڀري رھيو ھو جيئن ننڍي لاءِ سندس خالي پيٽ کي ماءُ جي ٿڃ. ھن کي ماءُ جو شفقت ڀريو چھرو نظر آيو، جو مسڪرائي ڏانھنس نھاري رھيو ھو. ھن کان ڇرڪ نڪري ويو، ۽ شيشي پٽ تي ڪري پيئي. ھو ڇرڪ ڀري ٿو. “ھان مان ڇا ڪري رھيو آھيان!” ماءُ جو ڪنجھندڙ، غم ڀريل چھرو ھن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو – “ابا ھن جيئڻ کان موت ڀلو، زھر ملي وڃيم ته زندگيءَ جي سورن کان ڇٽي پوان.” ھن جي ڪنن ۾ ڊاڪٽرن جا اکر وڄڻ لڳا، “ھن مڙھيءَ جو ڪو علاج ڪونھي.” پوءِ ھن کي ماءُ جون عذاب ڀريون راتيون اکين اڳيان ترڻ لڳيون. ھن جي اکين جي اڳيان ماءُ جا ڏک ڀريل ڏينھن ڦرڻ لڳا ۽ ھو ماٺ ٿي ويو، ھن وري ڏڪندڙ ھٿن سان شيشي کڻي اکيون پوري ٿوھر ھيٺ جھلي. شيشي ڪنھن غمزده جي حياتيءَ جيان ڀرجي ٽمٽار ٿي وئي.
    اڃان قدم جھوپڙيءَ ۾ رکيائين ته ماءُ جي ڪنجھڻ جو آواز آيو. ھن جي کنگھه سان ڄڻ سڄي جھوپڙي ڏک ۾ ڏڪي ٿي وئي. پٽ کي ڏسندي ئي ھن جي چھري تي رونق اچي وئي “ابا!” ھو ٿوري دير لاءِ سانت ٿي وئي. “اڄ ته ضرور منھنجي لاءِ دوا آندي ھوندئه!” ھو ڀت جيان ماٺ ٿي ويو. “ابا! ھن جيئڻ کان موت ڀلو!” ھو ماءُ جي ويجھو آيو، ۽ ماءُ کي ڳلي ملي، اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، “ھا، امان اڄ مان تنھنجي لاءِ دوا آندي آھي.” سندس آواز سڏڪن ۾ گم ٿي ويو. ھوريان ھوريان اٿيو، شيشي ڪڍيائين. سندس ھٿ ڏڪڻ لڳا. ساھ تيز کڄڻ لڳو. اکين اڳيان اوندھ ڇانئجي ويس. مٿو ڦرڻ لڳس. ڪجھه ٽپڻا پياليءَ ۾ وجھي، پاڻي ملائي، کڻي ماءُ کي ڏنائين، جنھن کي ھو امرت سمجھي ھڪ ئي ساھيءَ سان ڳٽ ڳٽ ڪري پئي ويئي، پوءِ ھن جي چھري تي مرڪ ڇانئجي وئي. “ابا! توکي منھنجو ڪيڏو نه خيال آھي! ابا، تون فرشتو آھين فرشتو!.” ھن ڪنڌ کڻي ماءُ جي جھولي ۾ وڌو. ماڻس جو ھٿ آھستي آھستي ھن جي وارن ۾ ڦرڻ لڳو، ڄڻ ھوءَ پنھنجي آڱرين سان سندس وارن کي ڦڻي ڏيندي ھجي.


      ڪفن چور

    سڄي شھر ۾ ھو ھوا ٿي وئي ته ڪرم الله کي رات ڪفن چوري ڪندي پڪڙي ويو آھي. ماڻھن کي ڏندين آڱريون ھيون جيترا ھيا وات اوتريون ھيون ڳالھيون. ”منھن ۾ ملا اندر ۾ ابليس!“ جڏھن اھڙا ڏسڻا واسڻا ماڻھو اھڙا ڪم ڪندا ته دنيا ويھڻ کان ويئي. ”قيامت آئي ٻيو ڇا! ” ”چوري به ڪھڙي ڪفن جي چوري!” دنيا به چٽ دين به چٽ. ٻنھي جھانن ۾ منھن ڪارڻ! “مردود کي شايد رات اچي کٽي کنيو ھو جو چوڪيدار جي نظر پئجي ويس ۽ وڃي ڳٿر کان جھليائينس. قبر کوٽي مٽي جو ڍير ھڪ پاسي ڪيو ھئائين اڃان مردي جو ڪپڙو لاٿائين پئي ته جھلجي پيو.” “سائين زماني تي ڪھڙو اعتبار!”
    ڪرم الله جي سڄي پاڙي ۾ ساک ھئي. ھر ڪو ننڍو وڏو کيس سڃاڻندو ھو. پاڙي جي مسجد جو ٻانگو ھيو. صوم صلوات جو پابند. صبح جو سوير اٿي تھجد پڙھندو ھو – بلند آواز سان ذڪر ڪندو ھو. نفل پڙھڻ کان پوءِ اذان ڏئي ماڻھو کي خير جي عمل جي ڪوٺ ڏيندو ھو. نماز پڙھڻ کان پوءِ وري قرآن شريف جي دور ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندو ھو. قرآن شريف اھڙي سٺي قراَت سان پڙھندو ھو جو واٽھڙو ڪا گھڙي ته بيھي ھن جو پڙھڻ ٻڌندا ھيا. سڄو ڏينھن سندس چپ پيا چرندا ھيا. دل ئي دل ۾ پيو درود ۽ صلوات پڙھندو ھو، نوراني چھرو، ڊگھي سفيد سونھاري. مٿي تي ملڪن جھڙي سفيد دستار، بدن تي سفيد چولو، جيڪو ھن جي گوڏن کان ھيٺ پيو لڙڪندو ھو. ھلڪڙي ٻه تختي سلوار جنھن جا پاچا ننڍا ۽ سدائين مرين کان مٿي ھوندا ھيا. چوغي جي مٿان خاڪي واسڪوٽ جنھن سان ڳاڙھو سفيد چٽن سان رومال پيو لڙڪندو ھو. ھيٺين کيسي ۾ ناس جي دٻلي جنھن جي مٿان آئينو لڳل ھوندو ھو، جنھن ۾ ناس ڏيڻ وقت پنھنجي صورت ڏسندو ھو ۽ ريش مبارڪ تي ھٿ ڦيريندو ھو. ھٿ ۾ دراز عصا جنھن جي مٿان پٽ چڙھيل. گھٽي مان لنگھندو ھو ته ماڻھن سان ڏاڍي خلق ۽ محبت سان ملندو ھيو. سندس لبن تي سدائين مرڪ ھوندي ھئي. ماڻھو چوندا ھيا “فرشتو آھي فرشتو”
    اگرچه ھو ان شھر جو رھاڪو نه ھيو مگر ھن کي ان شھر ۾ آئي ويھه سال کن ٿي ويا ھئا. انھن ويھن سالن ۾ جيڪڏھن ماڻھن ٻڌي ته ھن جي ساراه ٻڌي. ڪنھن بني بشر ڪڏھن ايترو به نه چيو ته ڪو مون سان کھرو ڳالھايو اٿائين.
    ڪرم الله کي ڪورٽ جي ڪٽھڙي ۾ حاضر ڪيو ويو، ڪورٽ ۾ ماڻھن جا حشام اچي مڙيا ھن کان اول شھر ۾ اھڙو واقعو ٿيو ئي ڪين ھو، ڪن ڪرم الله مٿان چٿرون پئي ڪيون، ”سائين اڄ ڪلھه جي ملن جا حال ڏسو،” ڪنھن چيو، “منھن ۾ ملان اندر ۾ ابليس” ڪنھن چيو، “چون به خلوت مي روند کار ديگر مي کنڊ،” ڪن کي ٿوري گھڻي ڪرم الله سان ھمدردي ھئي ۽ انھي راز ٻڌڻ جي فڪر ۾ ھيا ته ڪرم الله اھو ڪم ڇو ڪيو؟
    ڪرم الله جو چھرو مرجھايل ٿي معلوم ٿيو، جنھن مان نورانيت غائب ٿي وئي ھئي، سندس پيشانيءَ ۾ گھنج پيل ھيا ۽ اکيون ھيٺ جھڪيل ھيون، مئجسٽريٽ ھٿوڙو ٽيبل تي ھڻي ٻه دفعا خاموش خاموش پڪاريو، ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي، ڪرم الله کي بيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ھن آھستي آھستي پنھنجون اکيون مٿي کنيون، سندس نظر ۾ ساري ڪورٽ، ڪرسين تي ويٺل ماڻھو، ڪارن ڪارن جبن سان وڪيل ۽ شاندار ٽيبل تي ويٺل مئجسٽريٽ سرڪس جي گولي وانگر ڦرندا ڏسڻ ۾ آيا، آخر اھي سڀ ڦري ھڪ نقطي تي ختم ٿي ويا. جنھن ۾ ھن کي پنھنجي بيمار زال، جا بيماري سبب مرڻ جي ڀڪ تي ھئي ڏسڻ ۾ آئي. جنھن ۾ ھن جي جوان ڌيءُ جنھن جي جواني ڦاٽل ڪپڙن ۾ اگھاڙي پئي ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ان ۾ سندس معصوم پٽ بک وچان رڙندو ٿي نظر پئي آيو. ھن جي اکين مان ڳوڙھا نار ڪري وھڻ لڳا، جي سندس سفيد ڏاڙھي تان وھي زمين ۾ جذب ٿي ويا. ”سائين مونکي پنھنجو ڏوھ قبول آھي.“ ڪرم الله جو آواز نڙي ۾ ڦاسي پيو. ”مگر آءُ ٻيو ڪري ڇا ٿي سگھيس. آءُ ٿر جو رھاڪو آھيان. اتي بک کان بيزار ٿي ھن طرف آيس. الله سائين پنھنجي مھربانين سان مونکي نوازيو. ھتي جلد ئي مونکي پاڙي جي مسجد ۾ ٻانگ ڏيڻ تي مقرر ڪيو ويو. ڏھ روپيه مسجد جي سار سنڀال عيوض مقرر ٿيا. اوڙي پاڙي مان صبح شام ٽڪيون ملنديون ھيم جنھن مان ڪجھه پاڻ کائيندو ھوس ۽ ڪجھه فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ھوس. پنھنجو وقت بي فڪري سان پئي گذريو سستائي جو وقت ھو ڏھ روپين مان ڪجھه لٽي ڪپڙي تي خرچ ٿيندو ھيو ڪجھه ٻين ضروري شين تي تنھن ھوندي به ٻه ٽي روپيا بچندا ھيم. الله جي مھربانين جون ھر وقت ٻه رڪعتون نفل پڙھي شڪريو بجا آڻيندو ھوس. ان وقت ڳوٺ جي چڱي مڙس جي مھرباني، سان منھنجي شادي خانه آبادي ٿي. اڳ ھڪ سر ھئس ھينئر ٻه سر ٿئياسين. ڌڻيءَ پنھنجي ٻاجھه سان پئي اسان جو وقت چڱو گذاريو. ڪڏھن به ڪنھن جي در تي ھٿ ٽنگڻو نه پيو وقت اھڙي ريت گذرندو ويو. نمازي جيئن پوءِ تيئن ويا گھٽ ٿيندا. منھنجي اولاد وئي وڌندي، ٽڪيون جي اڳ ملنديون ھيون سي ذري گھٽ بلڪل بند ٿي ويون. شيون جي ڪالھه سستيون ھيون سي اڄ چوٽ چڙھي ويون، ڪالھه رپئي ايترو ان ملندو ھيو جو سارو مھينو ھلندو ھيو. اڄ ڏھين روپئي ايترو مس ٿي مليو جو ٻه ھفتا کن مس ھلي. ڪالھه ڪپڙو چئين آني وال ھيو ۽ اڄ اھو ڪپڙو چئين روپي وال به نه ٿي مليو. اڳ ڳائڻ ۽ پھرڻ لاءِ ھڪ سر ھئس پوءِ ٻن مان ڦري پنج ٿياسين. ھڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ڌڻيءَ پنھنجي نوازش سان مونکي عطا ڪيا مگر منھنجي پگھار جا پھرين ڏينھن کان مقرر ٿي ھئي انھيءَ جي شرح ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. مسجد جي متولين کي ڪيئي بار عرض ڪيم. ھنن ائين چئي ٽڙڪائي ڇڏيو ته ٻيو ان کان زياده ڇا ڏئي ٿو سگھجي؟ منھنجي گھڻين منٿن ۽ آزين نيزارين تي پھريان ٽي پوءِ ٻه روپيا ٻيا به وڌائي ڏنائون. منھنجي وڌندڙ اولاد ۽ شھر ۾ وڌندڙ شين جي قيمت سان منھنجو پورائو نه پئي ٿي سگھيو. اڳ پاڙي مان ايتريون ٽڪيون اينديون ھيون جو سڀ پيٽ ڀري کائي سگھندا ھياسين، ھينئر ڪو وقت اھڙو به ايندو ھو جو سڀ بک تي ويٺا ھوندا ھياسين. اڳ عيد برات تي پاڙي مان ڪو لٽو ڪپڙو به ملندو ھيو مگر ھينئر اھو به بند ٿي ويو. آءٌ سفيد پوش ماڻھو ڪنھن جي اڳيان وڃي ھٿ ٽنگيان. ھڪ ٻه مھربان جن ۾ اميد ھيم اھي منھنجي ھر وقت جي گهر کان اھڙو تنگ آيا، جو مونکي ڏسي منھن کڻي ٻئي طرف ڦيرائيندا ھيا ڄڻ ته اصل واقف ئي ڪين ھيا. منھنجي گهر واري ٻچڙن جي بک ۽ اوگھڙ جي غم ۾ بيمار ٿي پئي. گهر ۾ ھڪ ڪوڏي به نه ھئي جو کڻي خرچ ڪجي. مون روئي ڌڻي در ٻاڏايو، ”اي دنيا کي بخشيندڙ منھنجي زال کي شفا بخش” پنھنجي ننڍڙي بٽ کي بک ۾ رڙندو ڏسي ڌڻيءَ در التجا ڪيم، ”اي جڳ کي روزي بخشيندڙ اسان جي بک دور ڪر. ”ھڪڙي ڏينھن جڏھن پنھنجي گھر آيم ڏٺم ته منھنجي جوان ڌيءُ ھاجران جي اڀرندڙ جواني چولي جي چاڪن مان اگھاڙي ٿي ائين پڪاري رھي ھئي، “بابا ڇا تون مونکي ٻه وال چولي ۽ ٽي وال سلوار لاءِ به وٺي نه ڏيندين جو مان پنھنجي جواني ان ۾ ڇپائي ڇڏيان؟” ان ڏينھن مان بارگاھ الاھي ۾ بيحد ٻاڏايو، سجدي ۾ سر رکي رئندو رھيس “اي پردو ڍڪيندڙ! اي ستار! ڇا تون اسان مسڪينن تي ايتري مھرباني به نه ڪندين جو ايترو ڪپڙو عطا ڪرين جو منھنجي حاجران جي اوگھڙ ڍڪجي سگھي.” منھنجون دعائون بي اثر ثابت ٿيون. آءُ جڏھن به گھر ويندو ھوس ته ھر وقت حاجران جي عريان ٿيندڙ جواني اھو ساڳيو سوال مون کان ڪندي ھئي. آءٌ شرم جو ماريو زمين ۾ گھري ويندو ھوس. ڏينھون ڏينھن منھنجا حوصلا خطا ٿيندا ويا. ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ڪجي، نه ڪنھن ۾ اميد نه ڪنھن ۾ آسرو. نماز پڙھائڻ وقت ساڳي آيت ٻه ٽي ڀيرا پڙھي ويندو ھوس، سجدي ۾ ويندو ھوس ته اٿڻ تي دل نه ٿيندي ھئي. وقت تي رڪعتون وڌي وينديون ھيون ۽ وقت تي گھٽ ٿي وينديون ھيون. متولين مونکي گھرائي ڇنڀ ڪڍي. ان وقت دل ۾ آيو ته وڏي واڪ کين چئي ڏيان ته ڪاش! اوھان جي گھر ۾ به ڪا جوان ڌيءُ ھجي ، ان جي جواني ڦاٽل ڪپڙن مان عريان ٿيندي ھجي ۽ اوھان وٽ ڪجھه به نه ھجي جوان جي اوگھڙ ڍڪي سگھو.
    ڪنھن ۾ به اميد نه ساريم. ٻيو طريقو به نظر نٿي آيو. سوچيم ڪپڙا ڦاڙي ڪشتو کڻي پنان، مگر ائين به نه ڪري سگھيس. انھيءَ ڏينھن جڏھن آءُ مقام ڏانھن ويس ڏٺم ته مردي کي نئين ڪپڙي ۾ ويڙھي دفنايائون. مون سوچيو آخر مئن کي جيئرن کان وڌيڪ ڪپڙي جي ڪھڙي ضرورت آھي. مردي کي ڪفن نه ھوندو زمين ان جي اوگھڙ ڍڪي ڇڏيندي، پر جي زنده ماڻھو وٽ ڪپڙو نه ھوندو ته دنيا جي نظرن کان ان جي اوگھڙ ڪيئن ڇپي رھندي. مون محسوس ڪيو ته حاجران کي ان لاش کان ڪپڙي جي زياده ضرورت ھئي جو سندس اوگھڙ ڍڪي سگھي. افسوس مان پنھنجي حاجران جي اوگھڙ ڍڪي نه سگھيس.”
    ڪورٽ ۾ چؤطرف سانت ڇانئجي وئي. ھر ھڪ جو چھرو اداس ٿي ويو. جج صاحب اٿي پنھنجي چيمبر ۾ ويو، ڪورٽ ۾ ماڻھن جو چوٻول شروع ٿي ويو. سڀ جج صاحب جي فيصلي جا منتظر ھيا. جج صاحب پنھنجي چيمبر مان اٿي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو، ھٿوڙو کڻي ٻه دفعا ٽيبل تي ھنيائين، “خاموش – خاموش” جي آواز سان ڪورٽ ۾ ماٺ ٿي ويئي.
    ”ان ۾ شڪ ڪونھي ته ڪرم الله اھڙو ڪم ڪيو آھي جو قانوني ۽ اخلاقي خيال کان ڏوھ آھي مگر ھن جي اڳين چال چلت ۽ مجبوريءَ کي ڏسي ڪورٽ مٿس رحم آڻي.” جج ڪنڌ مٿي کڻي ڪرم الله نھاريو، “ٽي مھينا سخت پورھئي سان جيل جي سزا ڏئي ٿي.”
    ڪرم الله جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا، ڄڻ چئي رھيا ھيا، ”ڌيءُ مونکي قيد جي پرواھ نه ٿئي ھا جيڪڏھن مون کي اھو يقين ھجي ته ھينئر تنھنجي جواني اگھاڙي نه رھندي.“


    امڙ مان نه ڪندس

    بسين جو کڙڪو ٿيو، ڪي بسيون تختي تان پٽ تي ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي ويون. “رمون” رحيما، جا اڱڻ کي ٻھاري ڏئي رھي ھئي، رڙ ڪئي، “نيٺ بسين جو ٻيڙي ٻوڙيئه؟” رمون ائين ڪڇي جيئن ڀت. چور جيان چپ ڪيون بيٺو رھيو. “جيڪڏھن تون پنھنجون حرڪتون بند نه ڪندين ته آءُ تون سان آئنده ڪونه ڳالھائيندس ، بس گھر ڇڏي ھلي ويندس.” رمون آھستي ٻلي وانگر پير ۾ پير پائي ماءُ کي پٺيان اچي ڳراٽڙي وڌي. ماڻس جي سموري ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. “امڙ تون مون کي سچ پچ ڇڏي ويندينءَ؟ امڙ تون مون سان ڪونه ڳالھائيندين؟”
    جڏھن به ماڻس کيس نه ڳالھائڻ جو ۽ گھر ڇڏي وڃڻ جو دڙڪو ڏيندي ھئي ته سندس منھن جو پنو ئي لھي ويندو ھو ۽ دل مايوس ٿي ويندي ھيس. يڪدم ماءُ کي ڀاڪر پائي منٿون ڪندو ھيو، “امڙ ائين نه ڪجانءَ.” ماڻس جو به منجھس ساھ ھو. سڪي سڪي ته ڄائو ھو. مرحوم مڙس جي نشاني. پيرن فقيرن کان پني پني ته مليو ھيو. صبح سانجھيءَ نماز پڙھڻ کان پوءِ ٻئي زال مڙس ڌڻيءَ کان پٽ جي دعا گھرندا ھيا. پيرن فقيرن تي پٽ لاءِ سکائون باسيندا ھئا. يوسف شاھ بخاريءَ جو پڙ، ميان شاھل محمد ڪلھوڙي تي جھنڊ، سائين حاڪم شاھ ڀٽ واري جي ديڳ، حاجن شاھ جو گھنڊ، امامن جو نياز ۽ پيران پير جي يارھين. حليمان، جڏھن ساھيڙين سان وھندي ھئي ته چوندي ھئي، “ادي پيرن ڏنو آھي.” جڏھن رمون پيٽ ۾ ٿيو ته امام ضامن جا مٺيا ورھايا ويا ۽ پنجن مھينن کان پوءِ اڌ ڳڀ ڪيو ويو. جڏھن ڇوڪر ڄائو ته پڻس ڪين گھٽايو – جيڪي ھيس ان کان زياده خوشيون ڪيائين. اڃا ڇوڪر ٻن سالن جو ٿيو ته ڇوڪر جو طھر به ڪري ڇڏيائين. طوھر تي وڏي ڌام ڌوم ڪيائين. مگر پٽ جو سک ڏسي نه سگھيو. طوھر کان جلد ئي پوءِ رمون الله ۽ رحيما جي سپرد ڪري پاڻ الله واھي ڪيائين. مرڻ وقت پٽ کي ڳلي لائي نرڙ تي چمي ڏنائين. اکين ۾ آب آڻي زال کي چيائين، “رحيما! منھنجو رمون ھينئر توکي پھتل آھي. ھنکي متان ڏکيو ڪرين. ھن کي پنھنجي ساھ کان وڌيڪ پيارو رکج.” ائين چئي اشھد ڪلمو پڙھيائين.
    مڙس جي مرڻ کان پوءِ رحيما، رمون لاءِ پيءُ نه ھئي ته ماءُ به. جيڪو لھندي ھئي اھو اول پٽ جي حوالي ڪندي ھئي. پھريان رمون کي کارائيندي ھئي پوءِ پاڻ گره کڻندي ھئي. جيڪڏھن رمونءَ کي ڪجھه ٿيندو ھيو ته سندس ساھ ئي ھيٺ مٿي ٿي ويندو ھو. جڳ ۾ ڪا پياري شيءِ ھيس ته رمون. ڪڏھن به پٽ تي ھٿ سڌو نه ڪيائين. ڪھڙي به شرارت ڪندو ھو ته وڌ ۾ وڌ چوندي ھيس “آءُ توسان نه ڳالھائيندس. گھر ڇڏي ھلي ويندس . . . .” رمونءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا ڏکي ڳالھه ڪانه ھوندي ھئي. جيستائين ماڻس نه مرڪندي ھئي تيستائين ماٺ نه ڪندو ھو.

    2
    گھٽيءَ ۾ ٻار راند کيڏي رھيا ھيا. کيڏندي کيڏندي ڳالھه وڃي تون ڇا تون ڇا تي پھتي – رمون ھڪڙي ڇوڪر کي کنج ڪڍي وٺي گھر ڀڳو. ماءُ جي نظر بچائي کٽ ھيٺ لڪي ويھي رھيو. ڇوڪر اچي ماڻس کي دانھن ڏني. ماڻس ڪاوڙ ۾ چيو “اچڻ ڏيوس، آءُ ٿي لپري لاھيانس. بس پٽ آئنده توسان نه وڙھندو.” ڇوڪر روئندو سڏڪا ڀريندو گھر ھليو ويو. رمون آھستي آھستي کٽ ھيٺان نڪري چپ چپ ڪري اچي ماءُ کي ڀاڪر وڌو، ماڻس ٿڏي ٿي ويئي، “نه، نه ، آءُ توسان ڪيئن ڳالھائيندس، آءُ گھر ڇڏي ھلي ٿي وڃان . . . تون جو ڪنن ڇوڪرن سان گھمين ٿو ۽ وڙھين ٿو .”

    3
    سج لھي ويو، اونده ٿي وئي، رمون گھر نه موٽيو. ماءُ جي من ۾ ھورا کورا اچي لڳي. “الائي ڇو اوير ڪئي اٿائين؟ ضرور ٻارن سان کيڏندو ھوندو. شل ڌڻي ڪوسو واءُ نه لائيس.” مگر ماءُ جي من کي آرام ڪٿ، ايلاز ڪري پاڙي جي ڇوڪر کي موڪليائين ته وڃي وٺي اچيس. اڃان رمونءَ گھر ۾ پير پاتو ته ماٺ ڪري ويھي رھي. “امڙ” رمونءَ ھوريان چيو. “چانور” “جيڪا تنھنجي ماءُ ھجي وڃي ان کان گھر. آءُ توسان ڪين ڳالھائيندس. آءُ ھينئر گھر ڇڏي ھلي ٿي وڃان. تون اڌ اڌ رات تائين وتندين رلندو.” رمونءَ ماءُ کي اچي ڀاڪر وڌو.

    4
    رمون اسڪول مان ڦرھي سليٽ ڳوٿريءَ ۾ وجھي کسڪي ھليو ويو، اسڪول جا ڇوڪر به شڪارين جيان اچي سندس پٺيان پيا. سھڪندو سھڪندو اچي گھر پھتو. رمون اڳيان ڇوڪر پٺيان، رمونءَ وڃي ماءُ جي ڀر ۾ بيٺو. ڇوڪر در تان سڏ ڪيو. ماڻس رمونءَ ڏانھن نھاريو، رمونءَ جي منھن جو پنو لھي ويو. “ بس جي تون اسڪول کان ڀڄي ٿو اچين ۽ پڙھڻ نه ٿو وڃين ته پوءِ منھنجو ھن گھر ۾ رھڻ جو ڪھڙو ضرور آھي، آءُ ھينئر ئي ھلي ٿي وڃان.”
    رمونءَ جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا، ڳوٿري کنيائين، ائين ٿي ويو، جيئن ٻڪري ڪسڻ ويندي ھجي.

    5
    رحيما پٽ جي اسڪول وڃڻ کان پوءِ ھن جي آئنده تي سوچڻ لڳي رمونءَ جي شادي سندس ماروٽ سان ڪرائيندس. ڇوڪري پنھنجي به آھي ۽ سھڻي به آھي. اھڙي ريت اسان ڀاءُ ڀيڻ ھميشه لاءِ ڳنڍجي وينداسين. رمونءَ جي خيالن ۾ ويٺي ھئي ته سندس بت گرم ٿي ويو. اٿي کٽ تي آھلي پئي. رمون اسڪول کان موٽي آيو. اچڻ سان ماءُ کي ڀاڪر پاتائين، “امڙ تنھنجو بت گرم آھي، امڙ توکي بخار آھي.” ڊاڪٽر آيو رحيما کي ڏسي چيائين، “مائي کي گردن ٽوڙ بخار آھي.” سڀني جا طاق لڳي ويا. پرڀات ويل رحيما موڪلائي ڪئي. گھر ۾ مانڌاڻ مچي ويو. رمون ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو. يڪدم ڊوڙي ماءُ وٽ ويو، “امڙ . . . امڙ . . . ” مگر کيس جواب نه مليو. “ امڙ . . . امڙ ڇو تون مون سان ڳالھائين نه ٿي. تون مون سان ڪاوڙي آھين ڇا؟ امڙ جواب ته ڏي. مامل امڙ مون سان رٺي آھي. امڙ اڳتي مان اسڪول کان ڪونه گسائيندس . . . امڙ تنھنجو چيو ڪندس. دير سان گھر نه ايندس . . . . امڙ ڪنھن ڇوڪرن سان نه کيڏندس ۽ نه وڙھندس، نه وري شرارت ڪندس. امڙ جيئن تون چوندين تيئن ڪندس . . . ” رمونءَ جا اھي لفظ ٻڌي سڀ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. رمونءَ وائڙو ٿي ويو. “ھي روئن ڇو ٿا؟ ” “اوھين روئو ڇو ٿا؟” “ھي روئن ڇو ٿا؟” “پٽ اچ ته ٻاھر ھلون، تنھنجي ماءُ کي بخار ھيو نه . . . ان کي ھينئر ننڊ آئي آھي .”
    رحيما کي وھنجاري سھنجاري آخري ڀيرو رمونءَ کي ماءُ جو منھن ڏيکاريائون. رمونءَ ماءُ کي ڀاڪر وجھي ڳلن کي چمڻ لڳو. “مٺڙي امڙ . . . جيجل امڙ . . . اکيون ته کول ڇو مون سان ڳالھائين نه ٿي؟”
    رمون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي ته امڙ گذاري وئي آھي. کيس ريجھائي وٺي ويا. رحيما جو جنازو کڻي ويا. رمون جڏھن گھر آيو ته ماءُ کي سڏڻ لڳو “امڙ . . . او امڙ! . . . ”
    “پٽ تنھنجي ماءُ حج تي ويئي آھي.” نانھنس چيو. “ نه نه، امڙ مونکي اڪيلو ڇڏي نه ويندي. ضرور مون کان ھو ڪاوڙجي وئي آھي. ” ”امڙ ! خدا جو قسم اڳتي اسڪول کان ڪونه گسائيندس، ڪڏھن به دير ڪري گھر نه ايندس، ڪڏھن به ڪنن ڇوڪرن سان نه کيڏندس ۽ نه وڙھندس، ڪڏھن به شرارت نه ڪندس، امڙ مونکي ھيڪلو ڇڏي نه وڃ، امڙ مون کي پاڻ سان وٺي وڃ.” ”امڙ ! . . . او امڙ ! ”


    علوءَ جا عشق

    ”منھنجو عورتن تي پکو چڙھيل آھي.” ھو مرڪيو ۽ مرڪ ھن جي چھري تي پکڙجي وئي. ھن جا ڳل رت جي تڪڙي دوري سبب سرخ ٿي ويا ۽ ھن جون اکيون به شرارت ۽ شوخيءَ وچان ائين چمڪڻ لڳيون جيئن سج جي روشني ۾ تلاون ۾ بيٺل پاڻي.
    “ڪھڙي به عورت، چاھي حور ڇو نه ھجي پر جي ھڪ ڀيرو اسان جي اک سان اک مليس پوءِ ڪاڏي ويندي.” ھو ائين ماٺ ٿي ويو جيئن ڪو ڳالھائيندڙ مٺو ٻوليندو ٻوليندو ماٺ ٿي وڃي.
    بکر جي ملٽري اسپتال جي وارڊ نمبر ڇھين ۾ صرف ڇھن مريضن جو بندوبست ھيو. جن مان ٽن مريضن کي واپس وئي ڪيترا ڏينھن ٿي ويا ھيا. باقي ٽن مريضن مان پھرين مريض جو نالو علو ھيو. علو مردانيءَ بيماري ۾ ڦاٿل ھو. اصل لاڙڪاڻي جي ويجھو گھاڙ واھ تي رھندو ھو. ڪم جو ڪوس ڳالھين جو گھير. ڪنھن ڪم جو چيس ته ٻرو چڙھي ويندس، انھيءَ ڪري مائٽن ۽ ھن جي پوندي نه ھئي – ھو ڪم جا زور ۽ ھي ڪم جو چور، پيو گسائيندو ۽ گوٿناٿيون ڪندو. باقي مڙس ڪچھريءَ جو مور ۽ مڪانن جو مان ھو. جنھن ڪچھري ۽ مڪان ۾ ويو ته اتي موج مچي ويندي. ھر ڪو ڇڪي پنھنجي ڀرسان ويھاريندس يا ائي اچي علوءَ جي ڀر ۾ ويھندو. پوءِ اوڀاريون لھواريون، ھتان جون ھُتان جون، پنھنجيون پرايون ڳالھيون شروع ڪندو، ڳالھه ۾ لوڻ مرچ ملائي اھڙي نموني پيش ڪندو جو ڳوٺ جي ماڻھن جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي وينديون. عجب ۾ وات پٽيون ويٺا ھوندا. پر جي علو ڪچھريءَ ۾ نه ھوندو ته ڪچھري اٻاڻڪي پئي لڳندي. نه کل نه ڀوڳ، نه چرچو نه گھٻو، نه ٺڙو نه ٺڪاءُ، ھرڪو وات ٻڌيون ويٺو ھوندو.
    مڙس ميلي ملاکڙي جو ڪوڏيو – ڪھڙي به ڪم جي موسم ھجي، ھر ھجي، ريج ھجي، رونبو ھجي، لابارو ھجي، ربيع ھجي يا خريف ھجي ٻن چئن کي کاريون اھو ٿو وڃي.
    ڪٿي، ٻه ٽي ڪوھيءَ تي جي ناچن يا رنڊين جي راڳ جو ٻڌائين ته ويھڻ نه ايندس – ضرور اتي اچي ٺڪاءُ ڪندو.
    مائٽ ھن مان ڪڪ ھو مائٽن مان بيزار نه ھي انھن جي ڪمن ۾ ھٿ وجھرائي نه ھو ھن جا انگل سھن. ڪنھن ڏيٺ واري ٻڌايس ته ملٽريءَ ۾ ڪم گھٽ، پگھار سٺي، وردي عاليشان ۽ رعب زياده آھي. ته اچي ڀونئري کنيس ڪم کان ڇٽڻ ۽ ڳوٺ وارن تي رعب ڄمائڻ خاطر ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿي ويو.
    اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وارڊ جي مريضن، وارڊ بوائز، نرسن ۽ ڊاڪٽرن سان رلي ملي وڃڻ ۾ دير ئي نه ٿيس ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اھي سڀ ھن جا عمر کان واقف آھن.
    صبح کان جو ڳالھيون شروع ڪندو ته اڌ رات تائين پيون ھلنديون. جيڪو ور چڙھي ويس انھيءَ سان قصا ڪٽڻ شروع ڪندو. سسٽر ميري اسپتال جي اڌير عمر نرس کي ڏسي ڦونڊ ۾ نه سمائبو ھوءَ کلندي چوندي ھيس “ علو تو وٽ ته ڳالھين جو کوھ آھي جو کٽڻ جو ئي ناھي.” جڏھن ڏسندو ته سڀني کي ننڊ وٺي وئي آھي ته پاڻ به مجبور ٿي سمھي پوندو.
    ھن جي ڳالھين جو مکيه موضوع ھو “عورت” ۽ “عشق” جڏھن عورت جو ناءُ وٺي پنھنجي عشق جو داستان ڇيڙيندو ھو ته ھن جي آواز ۾ ڇڪ ۽ لفظن ۾ وھڪ پيدا ٿي ويندي ھئي. لفظ ھنجي واتان تڪڙا نڪرڻ لڳندا ھئا. پوءِ ڳالھه کي وٽ سٽ ڏئي ، ور وڪڙ کارائي، اھڙو چوٽ چاڙھي کڻي ڇڏيندو جو ٻڌندڙن جا تختا نڪري ويندا.
    ٻئي نمبر مريض جو نالو دل وش ھو. ھنکي خارش جي بيماري ھئي. سڄو ڏينھن کنھي کنھي پنھنجي بت جا رپڙ لاھي ڇڏيا ھئائين. ھو انھن مڪرانين مان ھيو جي پشت به پشت شڪارپور ۾ اسٽيشن ويجھو پشم جي ڪارخاني ۾ ڪندا آھن ھو به پنھنجي پيءُ ڏاڏي وانگر ڪارخاني جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾ ڄايو ھيو ۽ انھن ۾ ئي وڌي وڏو ٿيو ھو ۽ انھن وانگر ڪارخاني ۾ پشم صاف ڪرڻ ، ڳٺڙين ٻڌڻ ۽ ڳٺڙين ڍوئڻ جو ڪم ڪندو ھو.
    ھو طبيعت جو ھو سنئون سڌو، نه وڙ نه وڪڙ، جيڪو سچ سمجھندو ھو منھن تي ڦھڪائي ڏيندو ھو. ڪنھن سان کھندو نه ھيو پر جي ڪنھن ٽر ٽر ڪيس ته انکي سڌو ڪري ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري ڪارخاني جي جمعدار کي سڌيون ٻڌايائين ۽ ٻنھي جي وچ ۾ تون ڇا تون ڇا ٿي پر ٻين مزدورن جي وچ ۾ پوڻ ڪري معاملو ٽري ويو – جمعدار جي ڪاوڙ معنى سيٺ جي ڪاوڙ، نوڪريءَ کان جواب ملي ويس ويتر جو پڻس ڌمال ڪڍيس ته گھر ڇڏي روانو ٿيو. ٻن ٽن ڏينھن جي بک ۽ بيڪاريءَ کان پوءِ ھڪڙي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ڪندڙ جي چنبي ۾ اچي ويو.
    دل وش، علوءَ جون ڳالھيون، وڏي چاھ سان ٻڌندو ھيو ۽ ڳالھه جي آخر ۾ اھڙو وٺي ڍيڪ ڏيندو ھو جو علوءَ جي سموري ڳالھه تي ليپو پائي ڇڏيندو ھو. علو ڳپل وقت تائين ته ڪياڙي کنھڻ ۾ لڳي ويندو ھو.
    ٽين کٽ تي سمھيل مريض جو نالو حفيظ ھو، ھن کي دل جي بيماري ھئي. اصل حيدرآباد جو رھاڪو ھو. ھر وقت ڪنھن خيال ۾ گم ڪنھن ويچار ۾ ٻڏل رھندو ھو. ھر وقت اداس ۽ ڪوماڻل. چپن تي چن، واتان اکر نه اڪلندس. علوءَ جون ڳالھيون به ھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي نه سگھيون. ھن کي ھن جي ڳالھين مان ڪوبه مزو نه ايندو ھو. جي ڳالھه ھن سان چوريندو ھيو ته ھا يا نه چئي کانئس جند ڇڏائيندو ھو. ھن جي وھاڻي ھيٺان ھڪ تصوير پيل ھوندي ھئي جنھن ۾ ھڪ معصوم ٻار ھڪ خوبصورت عورت جي جھولي ۾ ويٺل ھو، گھڻو ڪري انھي تصوير کي پنھنجي ڇاتيءَ تي رکي ڏسندو رھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھن جون اکيون ڇلڪڻ لڳنديون ھيون ۽ ڳوڙھن جون ننڍڙيون ننڍڙيون بوندون ڳلن تان وھنديون وھاڻي جي خشڪ ڪپھه ۾ جذب ٿي وينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ڪنھن جي ياد اچي ويندي ھئي ۽ ھو انھيءَ ڪونج وانگر جيڪا ولر کان وڇڙي اوچتو ڪنھن ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسي پوي، وانگر اداس اداس جھونگارڻ لڳندو ھو جنھن کان ساري ڪمري ۾ اداسائي ڦھلجي ويندي ھئي ۽ وارڊ جي فضا مغموم ٿي ويندي ھئي.
    مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ھن کي اميد ھئي ته ڪا نوڪري ملي ويندي، مگر گھڻن ڌڪن ڌومن کائڻ کان پوءِ به جڏھن ڪجھه نه ٿيس تڏھن پنھنجي پينشن بردار پيءَ، جو پنھنجي وڏي عيال جي پيٽ پالڻ کان تنگ ھو، پنھنجو، پنھنجي زال ۽ ٻار جو بار وجھڻ واجب نه سمجھيائين. مائٽن جي اجازت کان سواءِ وڃي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيو. ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي دل واري زال ۽ ٻار جو خيال ايترو ستايس جو ملٽريءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائين مگر اجايو. نيٺ، ڳڻتيون ۽ فڪر ڪندي بيمار ٿي پيو ۽ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.
    حفيظ علوءَ جي سڄي ڏينھن جي بڪ کان جڏھن بيزار ٿيندو ھو، ته چڙ مان رھڙ ڪڍندو ھوس جنھن کان پوءِ علو جي زبان کي ڪلف لڳي ويندو ھو. علو ماٺ ٿي اٿي ھليو ويندو ھو.
    “ڇو منھنجو عورتن تي پکو چڙھيل آھي تنھنجي خير خدا کي، مگر ايترو چوندس ته ھڪ نه مگر سون سان نينھن لڳايو اٿم ۽ جڏھن به لڳايو اٿم تڏھن ڪامياب ٿيو آھيان.”
    ان م شڪ ڪونھي ته سھڻي شڪل، مضبوط جسم ۽ شڪار کي ڦاسائڻ جا گر جي جھونن استادن کان گھڻي ٽھل ٽڪور سان حاصل ٿين ٿا، عشق جي معاملي ۾ مددگار ٿين ٿا، پر ڀاڳ جي ڀلائي وڏي ڳالھه آھي ۽ منھنجو ستارو انھي معاملي ۾ ھميشه روشن پئي رھيو آھي.” دل وش جي جسم ۾ ڄڻ سيون ڇپڻ لڳيون ۽ جسم کنھڻ ۾ رنڀي ويو – ڪمبل سوري آھستي آھستي پنھنجي مٿان وڌائين ۽ ڪنڌ ڦيري علوءَ ڏانھن ڪيائين.
    “دوست منھنجي الھڙ جواني ھئي. اھا جواني جنھن ۾ عقل گھٽ ۽ عشق زور ھوندو آھي. اڃا دنيا کان اڄاڻ ھوس. وڏيري وٽ ٻيلي ھوس. وڏيري جو مون تي خاص راز ھو ۽ وڏيري جي خاص ماڻھن مان ليکبو ھوس. وڏيري کي ٻين شوقن سان گڏ زالن پرڻجڻ جو به ڏاڍو شوق ھو. سريتن جي جيتوڻيڪ ڪمي ڪانه ھيس تاھم چار شاديون ڪيائين ۽ شادين ڪرڻ کان پوءِ وڏيرو ديرن تي خرچ پکو ته چڱي طرح موڪليندو ھيو پر ڪڏھن به اوڏانھن ڀيرو نه ڪندو ھو.
    منھنجو ڪم ھو ٻاھر جي اٿي ويٺي ۽ رات جي چونڪي. منھنجي ماني ٽڪر به انھيءَ ديري تان ايندو ھيو. وڏيرن جي ماني ڪھڙي، جي راضي ته ڪٽيون جي ناراض ته سڪو ڍوڍو ۽ بکون.
    پھريان منھنجي قسمت ۾ ھيا لنگھڻ ۽ فاقا ڪڏھن سڙيو ٽڪر ملندو ھيو ته ڪڏھن ٽڪر لاءِ واجھائيندي ويلا گذري ويندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن مون ڏٺو ته منھنجي ماني به مکيل آھي ۽ ان تي مکڻ جو چاڻو ۽ کنڊ به پيل آھي. اھڙي طرح کنڊ مکڻ زور ملڻ لڳم. انھي کان سواءِ ٻيون مھربانيون به ھر روز وڌنديون ويون. آءُ دل ۾ خوش ھوس مگر اھو پتو نه ٿي پيم ته اھي مھربانيون ڇو ٿي رھيون آھن؟ ھڪڙي رات ٻانھيءَ چيو، ”سانئڻ چوي ٿي رات راڳ تي نه وڃجانءِ.” منھنجا سڀ سنگتي ۽ ڏيڍيءَ تي رھندڙ ساٿي راڳ تي ھليا ويا آءُ اڪيلو ئي ڏيڍيءَ تي رھجي ويس. خار ته ڏاڍا آيا پر حڪم ھو ڇا ڪيان. ساڙ وچان سوڙ پائي سمھي پيس. ڳپل رات جو گذري ويو. چمني سيراندي کان ٻري رھي ھئي. اوچتو ڪنھن ڦوڪ ڏئي چمنِيءَ کي کڻي وسايو.
    مان اڃان ڪڇان ئي ڪڇان ته ھڪ ٻانھيءَ واري، نرم ۽ نازڪ ھٿ منھنجي وات کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ميندي جي ھلڪي ھلڪي خوشبو سان منھنجو دماغ پر ٿي ويو – “اھا منھنجي سائنڻ وڏيري جي زال ھئي.”
    اڃا علو ڳالھائڻ ٿي گھريو مگر دل وش وچ ۾ ڳالھه کي ڪٽي ڇڏيو “گنوخ” دل وش ٿورو کليو ۽ چيائين، “انھي ۾ تنھنجي ڪاريگريءَ، تنھنجي حسن ۽ جوانيءَ جو ڪھڙو ڪرشمو آھي. اھو ته وڏيري جو ڏوھ آھي. جيڪڏھن ھو پنھنجي ديرن تي اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري رکي ھا، گھڻين زالن بجاءِ ھڪ زال ڪافي سمجھي ھا ته وڏيري تو جھڙي ڄٽ تي نه مري ھا.”
    علو اھو اوچتو حملو ٻڌي گھڙي سواءِ لاءِ ته ڍڪرن ۾ پئجي ويو. ڄڻ سندس ڪئي ڪمائي چٽ ٿي وئي، ٿورو سامت ۾ اچڻ کان پوءِ چيائين چڱو ھي ٻڌ، دل وش اٿيو پلنگ کي ٽيڪ ڏئي وھندي چيائين، “ھا.”
    “ھڪ ڏينھن ٻني تان گھر پئي آيس. سڄي ڏينھن جي ھر کان پوءِ ھچ ٿي پيو ھوس. سَنڌ سَنڌ پئي سور ڪيو. ڏاند به سڄي ڏينھن جي ڪم جا سٽيل پير پير ۾ پئي ھليا. سڄي ڏينھن جي تائي ۽ تپت ۾ وھڻ کان پوءِ اڃ کان انھن جون زبانون ٻاھر نڪري آيون ھيون. جڏھن کوھ جي ويجھو پھتا ته سڌو منھن وڃي پاڻيءَ ۾ وڌائون. آءُ به پنھنجو ٿڪ دور ڪرڻ لاءِ ھٿ منھن ڌوئڻ لڳس. نار وھي رھيو ھو. نار جو ھلڪو ھلڪو مٺو آواز ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ چؤطرف پکڙجي ٿي ويو – شام جو وقت، چؤطرف کبڙيل ٻنيون سج جا آخرين حيات بخش ڪرڻا چوسي رھيون ھيون. نيسر مان وھندڙ آب حيات جھڙو شفاف پاڻي نار جي سر ۽ تار تي نچندو ٽپندو ۽ وڌندو پئي آيو – نيسر مان ھيٺ ڪرڻ کان پوءِ پاڻيءَ جا سفيد ڦوٽا لڏندا لمندا ائين ڪسيءَ مان اڳتي وڌندا پئي ويا ڄڻ ننڍڙا ٻار ڪنھن وڏي واھ ۾ ھڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا ھجن.
    نيسر جي اڳيان ٻڪ جھليم، سرد ۽ صاف پاڻي جا ٻه ٽي ٻڪ ڀري منھن تي ڇنڊا ھنيم، اس ۾ جليل جسم ۾ ڄڻ جان پئجي وئي.
    گھڙن واريون مٿي تي ۽ چيلھه تي گھڙا رکيو لڏنديون لمنديون پئي آيون. کوھ جي پاسي ۾ گھڙا رکي ھڪ ٻي سان ڳالھين ۾ لڳي ويون – اوچتو ڪنھن منھنجي ڀرسان اچي گھڙو رکيو ۽ گھڙو رکي ٿورو پٺتي ٿي بيٺي. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته ھڪڙي جوانڙي گلابي وڳو پھريل، ھٿن پيرن تي مھندي ۽ چپن تي مساڳ ھنيل، اکين ۾ ڪجل جي ڪاري ڌار چنڊ وانگر چمڪي رھي ھئي. کوھ تي بيٺل عورتون ھن سان چرچا ڪري رھيون ھيون مگر ھو شرم ٻوٽيءَ وانگر وئي پئي پنھنجي شرم ۾ سسندي. مان ته ڏسڻ سان ئي دل ڏئي ويٺس شھزورن وانگر ڌاڙو ھڻي دل ڦري ورتائين.
    “ھي انسان آھي يا پري؟” مان سوچي رھيو ھوس مگر اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ڪٿان؟ ديسي ته ناھي ضرور ڪا پرديسڻ ھوندي. پر جي پرديسي ھجي ھا ته کوھ تي پاڻي ڀرڻ ڪيئن اچي ھا ! آءُ ٿورو پٺتي ھٽي بيٺس ھوءَ اڳتي وڌي، مينديءَ رتن ھٿن سان گھڙي کي ڌوتائين، گھڙو ڀري ٻانھه ورائي کڻي چيلھه تي رکيائين ۽ ھو ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي – مون آھستي جھونگاريو
    “اي گھڙا مين تيڪون ڀن سٽان –
    تون ميڏي محبوب دي چيلھه رنجائي.”
    ھن ٿورو ڪنڌ پٺتي ورايو ۽ مون اکين ئي اکين ۾ سلام ڪيس. ڪاوڙ ۾ منھن ڦيري تڪڙيون تڪڙيون وکون وجھندي ھلي وئي. ھوءَ ڇا ويئي مون کي به ڍڪر ڏئي وئي.کوھ تي بيٺل عورتن مان ڪنھن چيو، “ڪھڙو نه خوشنصيب آھي جمعو لوھر، پيريءَ ۾ به زال پٺاڻيءَ ملي اٿس.” تنھن تي ٻيءَ وٽ کائيندي چيو، “مئي ٽڪن جو به ته ٻڪ ڀريو آھي، چون ٿا ڏاج ڏيوڻ کان سواءِ به ٻه ٽي ھزار ڏنا اٿائين.” مون کي جمعي لوھر جي نصيب سان ريس ٿيڻ لڳي پنجاھ پنجونجاھ ۾ به زال دل جو ٺار ھٿ ڪئي اٿائين ان جي ڀيٽ ۾ اسان جھڙا جوان وٺن ٺيھا کائيندا.
    دل ۾ اچي ھورا کورا ٿي ته ان کي ڪيئن ھٿ ڪجي. گھڻا ئي جتن ڪيم پر منھن ئي نٿي ڏنائين. آخر جوانن کان ڪاڏي ويندي – مون به ھن جو وقت تاڙي، کوھ تي وڃڻ پنھنجو نيم ڪري ڇڏيو – پھريان منھن ۾ سونڊ ۽ ڪاوڙ ھيس – نيٺ مشڪي، پوءِ اکيون ملايائين ۽ آخر دل به ملايائين. دل ته ملي پر ملڻ جو موک ئي نٿي ٿيو – نيٺ پنھنجي ملڻ لاءِ يوسف شاھ تي ماھين پھرين سومر جو ڏينھن مقرر ڪيوسين. مون کي ته پڪ ئي نه پئي ته ڪا ايندي پر ڏٺم ته مڙس کي ناڪيلي وجھي وٺي آئي. انھيءَ ڏينھن کان پوءِ اسين پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي وياسين. منھنجو ھن ۾ ساھ ھيو ۽ ھوءَ مون تان ساھ صدقي ڪندي ھئي. جيستائين ڏسندي نه ھئي ته لوڙھي کان پئي ليئا پائيندي ھئي.” ڳالھه اڌ ۾ ڇڏيندي علوءَ دادا طلب نگاھن سان دل وش ڏانھن نھاريندي چيو، “چئه دوست ڇا ٿو چوين؟ مڃين ٿو مڙسن کي يا نه؟”
    دل وش کنگھيو ۽ کنگھي کڻي ٿڪ اڇليائين. “جوان، انھي ۾ تنھنجي مڙسي جو ڪھڙو ڪارنامو آھي، اھو ته ھن ٻڍي لوھر جي ڪم عقلي جو نتيجو آھي. شادي ڪرڻ وقت اھو ته سوچيائين ته جوان۽ سھڻي زال ھجي. مگر اھو نه سوچيائين ته ساڳئي بيل گاڏيءَ ۾ ٻڍو ۽ جوان ڍڳو ڪيئن ھلي سگھندا. انھيءَ مائي جو به جيڪڏھن ھم عمر جوان مڙس ھجي ھا ته توڏانھن اک کڻي به نه ڏسي ھا – ڪراڙو مڙس سوڙ جو ساڙ ، ھو پيو کونگھرا ھڻندو ھوءَ پئي پاسا ورائيندي. ٿيو ائين جو پھريان تو پاسو ڏنس تون ڦٻي وئي پر جي ٻيو ڪو اڳتي ھٿ وڌائي ھا ته اھو به لنگھي وڃي ھا.” علوءَ کي اھا ڳالھه نه وڻي، غصي ۾ چيائين، “تون مڙسن کي ڪڏھن به نه مڃيندي چاھي ڌرتي سوني ٿي پوي. پر توکي مڃڻو ئي پوندو ته علو مڻيا وارو مڙس آھي.”
    اوچتو ڊاڪٽر ۽ نرس ڪمري ۾ داخل ٿيا ڊاڪٽر جي ھٿ ۾ ٿرماميٽر ھو ۽ نرس جي ھٿن ۾ داوئن جو ٽري ھو. ڊاڪٽر علوءَ کي ڳالھائيندي ڏسي چيو “ضرور علوءَ جي عشق جو قصو ھوندو جو نه ڪڏھن پورو ٿيو آھي نه ڪڏھن پورو ٿيندو.” علو اڃا ڪجھه چوڻ وارو ھو ته ڊاڪٽر ٿرماميٽر کڻي وات ۾ وڌس، علوءَ جو وات بند ٿي ويو ۽ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ڊاڪٽر مريضن جو ٽيمپريچر ورتو، نرس سڀني کي دوائون پياريون، ٻئي سڀني مريضن کي دم دلاسا ڏيندا ٻي وارڊ ڏي ھليا ويا.
    دل وش اٿي پنھنجي پلنگ کي ڇنڊيو، چادر صاف ڪري پٿاري، ڪمبل کي ته ڪري رکيائين. ڄنگھون ھيٺ لڙڪائي وھاڻو سٿرن تي رکي علوءَ ڏانھن ڪن ڏيئي ويھي رھيو. حفيظ منھن ٻئي پاسي ورائي پنھنجي پورن ۾ پئجي ويو ۽ علوءَ وري پنھنجو داستان شروع ڪيو. “چڱو يار جيڪڏھن انھن ٻن ڳالھين ¬کي نٿو مڃين ته ٽين ٻڌ. شادي جي ڳالھه تي مائٽن کان رسي ڳوٺ کي الله واھي چئي شھر جو رخ رکيم. ٻڌو ھيم ته شھر ۾ ڪم به گھڻا. جڏھن شھر پھتس ته ڪجھه ڏينھن ٻاٿون پئي کاڌم، کيسا خالي ملڪ جو والي، نه ڪم نه ڪار ڀيٽوءَ جي آچار پئي ڀٽڪيس، ٿورن ڏينھن جي ٿاٻن کان پوءِ ھڪڙي صاحب وٽ پٽيوالي ملي ويم. ڪم ته ڪو خاص ڪونه ھو، باقي سڄو ڏينھن صاحبن جي در تي ويھڻو پوندو ھو ۽ صاحبن جي ٻارن کي وندرائڻو پوندو ھو. اھڙي ريت نوڪريءَ ڪندي ڳچ ڏينھن گذري ويا. مان ڀي شھر ۾ رھي شھري ٿي ويس – ھڪڙي ڏينھن جيئن صاحب جي ٻارن کي کيڏائي رھيو ھوس ته سامھون واري دري کلي ڪنھن جي کلڻ جو آواز آيو ۽ دري بند ٿي ويئي. مون سمجھيو مڙئي ڪو معاملو ھوندو. پوءِ ته ھر روز، صبح شام، پنھنجيون اکيون دري ۾ اٽڪائيءَ وھندو ھوس. دري ٿورو کلندي ھئي، کلڻ جو آواز ايندو ھو ۽ دري وري بند ٿي ويندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن گيتن ڀريو آواز منھنجي دل جي جذبن کي ڀڙڪائي ڇڏيندو ھو. دوست، جڏھن عشق جي ابتدا ھوندي آھي ۽ پاڻ کي ڪٿي پسند ڪرائڻو ھوندو آھي ته ٺاھ ٺوھ ڪرڻو ئي پوندو آھي. آءٌ به پاڻ کي ھر روز زيادھ چمڪائڻ لڳس، تيل ڦڻي ۽ صاحب جي ڏنل ڪپڙن مان پورو پورو فائدو ورتم. ھڪڙو مڙس ملوڪ ويتر جو ٺٺ وارا ڪپڙا پائڻ لڳس ته شھزادو ٿي پيم – جھڙي تھڙي تي ته اک به نٿي ٻڏي.
    ھڪڙي ڏينھن منھنجي صاحب پنھنجي ڪنھن دوست کي ٿي ٻڌايو ته احد خان جون ڌيئر اچي جوان ٿيون آھن مگر ھو اڃا ٿڌو مانجھاندو ڪيون ويٺو آھي. تڏھن مون سمجھيو ته پکي ھڪ نه پر گھڻا آھن جي عشق جو ڄار پکڙيو ته ھڪ نه ھڪ شڪار پاڻھيءَ ڪوڙڪي ۾ اچي سر اٽڪائيندو.” علو مڇ کي ٿورو مروٽي وڪڙ سڌا ڪري سانت ٿي ويو ۽ ٿوري ساھي پٽي چوڻ لڳو “درين جو اھو کلڻ ۽ درين جو بند ٿيڻ ھر روز جي ڪار ھئي مگر ڳالھه انکان اڳتي وڌي ئي نه ٿي. استاد جي ھڪ نصيحت ياد آيم جو ھميشه چوندو ھيو ته پٽ، جيستائين مرد عورت ڏانھن ھٿ نه وڌائيندو عورت کي ڪڏھن به ھٿ ڪري نه سگھندو. تڏھن پڪو پھه ڪيم ته قدم کي اڳتي وڌائي مورچو ھٿ ڪرڻ گھرجي. ھينئر جڏھن به دري جي کلڻ جو آواز ايندو ھو ۽ دريءَ مان اکڙيون جھاتيون پائينديون نظر اينديون ھيون ته آءُ صاحب جي ننڍڙي پٽ ڏانھن منھن ڪري چوندو ھوس ، “صاحب سلام” سلامن مان به ڪجھه نه کٿو. اھي اکڙيون اھا دري جي وٿ، اھو کلڻ، اھو گيتن ڀريو آواز. گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ ڳالھه کي وڌائڻ جي ترڪيب کوپڙي ۾ ويٺي. جڏھن ڏٺم ته دري کلي آھي تڏھن صاحب جي پٽ جو پس بال دري ڏانھن اھڙي ريت اڇلايم ڄڻ ته پاڻ مرادو اوڏانھن ھليو ويو،پوءِ بال گھرڻ لاءِ اواڏانھن ويس. اھڙي ريت ڳالھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مون ڏٺو ته ڌڪ پوري نشان تي لڳو آھي. آخر ھڪڙي ڏينھن چيائين، “رات جو ٻي بجين تنھنجي انتظار ۾ در کليل رھندو.”
    سڄو وقت ٻڏتر ۾ ھوس، وڃان يا نه وڃان، پرايو شھر جي پڪڙجي پيس ته موچڙا ھڻي نور وڃائي ڇڏيندا، ڪو به پاسو کڻڻ وارو نه لڀندو، پر جي ڦٻي ويس ته پنجئي گيھه ۾.
    رات جو ميونسپل جي ٽاور زور سان ٻن جا ڌڪ ھڻي ماٺ ٿي ويو. اڻٽيھين جي رات چؤطرف اوندھ انڌوڪار لڳو پيو ھو. اٿي ڪپڙا بدلايم. منھن کي لڪائڻ لاءِ ٻٽ ٻڌم. ھٿيار مڙس جو بچاءُ آھي، ھٿ ۾ ڪڙين واري مضبوط لوڙھ کنيم. ٻاھر نڪري ڏٺم ته ڪڪڙون ڪون لڳي پئي ھئي . سياري جي رات ھئي ھر ڪو پنھنجي گھرن ۾ واڙيو پيو ھو. شھر جا چوڪيدار سيءَ کان بچڻ خاطر ڪا ڪنڊ پاسو ڏئي سرڪاري گرم ڪوٽ ويڙھي سمھي پيا ھيا. رستي جي پرينءَ ڀر ستل ڪتي ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي ڏٺو پڇ کي لوڏي ڀونڪڻ شروع ڪيائين ۽ پنھنجي جاءِ تان اٿيو ٿورو اڳڀرو وڃي ھڪڙي نانوائيءَ جي دڪان جي صندل ھيٺان، پڇ چڏن ۾ ڏئي اکيون ٻوٽي ائين سمھي پيو ڄڻ ڪجھه ڏٺو ئي نه ھيائين. شھر جي لوسي ڪتن جو ڪھڙو حال آھي، ڳوٺن جا ڪتان عاشقن جا ويري شل نه اک پوين پوءِ ڳوٺ مٿي تي کڻي ڏيندا. مجال آھي جو پٺ ڇڏين، مرندا پر مڙندا ڪونه، لتر کائيندا به کارائيندا به.
    آءُ ھوريان ھوريان چؤطرف نھاريندو، در وٽ پھتس در کي آھستي ھٿ ھنيم. ٿورو چيڪٽ ٿيو ۽ در کلي پيو. آءُ يڪدم ڦڙتائيءَ سان اندر داخل ٿي ويم. ڏٺم ته اندر ڪو منھنجي اوسيئڙي ۾ بيٺو آھي. وڌي کڻي ٻک وڌومانس، پوءِ مدت جا سڪايل روح ھڪ ٻئي کي ملي ھڪ ٿي ويا.” علو ٿورو مشڪيو ۽ دل وش جي ڪلھي تي ڌڪ ھڻي چيائين، “دوست، ھيئنر ته بس توکي مڃڻو پوندو.” دل وش وٺي وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ ھن جي پلنگ جا اسپرنگ ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳا، “يار، تون اڃا عورت جي مجبوريءَ کي نه سمجھي سگھيو آھين انھيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ جيڪڏھن انھيءَ ڇوڪري جي شادي وقت سر ڪرائي ڇڏي ھا ۽ ھن جي جوانيءَ جا ڏينھن اھڙي ريت اڪيلائي ۾ گذرڻ نه ڏي ھا ته ھوءَ توسان نينھن لڙائڻ جو نالو ئي نه وٺي ھا نه پنھنجي پيءُ جي عزت خراب ڪري ھا.” دل وش خاموش ٿي ويو.
    علو زھر جو ڍڪ پي ويو. دل ۾ سوچڻ لڳو شايد دل وش ڪڏھن به ڪنھن سان محبت نه ڪئي آھي تڏھن ٿو اھڙيون ڳالھيون ڪري نه ته جيڪر جوانن کي داد ڏيڻ کان سواءِ ڪٿي رھي سگھي ھا. علو خار مان اٿيو ۽ ڪمري ۾ ھيڏي ھوڏي ڦرڻ لڳو ۽ دل وش کي ڪاوڙ مان گھوريندي چيائين، “دل وش تون ملو زيادھ، ماڻھو گھٽ آھين، تنھنجي دل مئل آھي. تو وٽ جوانن جو قدر گھٽ آھي. خدا جو قسم، جيڪڏھن تنھنجي جاءِ تي ٻيو ڪو ھجي ھا ته مونکي استاد مڃي ھا، مگر تون آھين جو پنھنجي تي بيٺو آھين.” ھو ڪمري ۾ ڦرندو رھيو ۽ دل وش ڏانھن خار ۾ گھوريندو رھيو. ھو سوچي رھيو ھو ته ھن کي ڪا اھڙي ڳالھه ٻڌايان جو ٺپ ئي ٺري پونس ۽ اعتراض ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليس، “چڱو ٻڌ، تنھن زماني ۾ مان اسٽيشن تي ريلوي گوديءَ ۾ ڪم ڪندو ھوس. اسٽيشن جي ويجھو وڏيري شھداد خان جي بنگلي ۾ ھڪ ڪوٺي مليل ھيم ان ۾ رھندو ھوس. شھر ۾ نئون نئون آيو ھوس – ڪمائي به جام ھئي، جيڪو ڪمائيندو ھوس سو اڏائيندو ھوس. ڄڻ ھٿن ۾ ٽنگ ھيا، رکان ته رکان ڪنھن جي لاءِ، نه رن نه روڳڙي نه آل نه اولاد، ڇڙو سر. جيڪو آيو سو ويو. پيسا ھڪ سان وٺندو ھوس ٻي ھٿ سان ڦوڪي ڇڏيندو ھوس. ھونئن به مال انھن وٽ مڙي جي موذي ھجن. نه ھوندن اٽو نه ھوندن لٽو، نه بت تي پورو ڪپڙو نه پيٽ ۾ پورو ڪڻو. سڄو ڏينھن ڍورن وانگر ڳھندا تن کي تسيھا ڏيندا تڏھن وڃي ڪجھه مڙندن. پوءِ اھو به ھتي ڇڏيون خالي ھٿين ائين ويندا جو نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا. ۽ انھن جي ميڙئي مان پونير پيا موجون ڪندا. ڀلجي وڏن کي ختمو به نه ڏياريندا نه انھن جي ناءُ تي ڪو ماني ڳڀو ڏيندا. ڀلا جن پنھنجي لاءِ پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ڪجھه نه ڪيو انھن جي لاءِ پوينر ڇا ڪندا.
    ادا، مولائن جو مولا، سخي ۽ شوم جو ليکو ٻارھين مھينو ھڪ جيترو، اسان به ملنگ مڙس ھياسين اھو عنيدو ته اڄ ڪمايون اڄ کائون سڀاڻي جو بلو پاڻھي الله ڪندو.
    شھر ۾ رھڻ ڪري ڇنڊ ڦوڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال زياده رکڻو پوندو ھيو – ھونئن به ڪپڙو جوانيءَ جو پر آھي. ڪم تي صبح جو سويل ويندو ھوس ۽ شام جو سويل موٽندو ھوس شام جو تڙ پاڻي ڪري ڪپڙا بدلائي شھر جا خوب چڪر لڳائبا ھيا. ۽ دوستن سان رھاڻيون ڪبيون ھيون.
    جنھن بنگلي ۾ آءُ رھندو ھوس اتي ھڪ ٻڍو ۽ ھن جي ٻڍي زال به رھندا ھيا. ھو شھداد خان طرفان بنگلي جي نگھباني ڪندا ھيا. جي وڏيرا بنگلي ۾ اچي رھندا ھيا ته سندن ماني وغيره به پچائيندا ھيا ۽ ٻيو به اٿ ويھه جو ڪم ڪندا ھيا. اھي ٻئي مون سان اھڙو ٺھي ويا جو مونکي پنھنجو پٽ ڪري سمجھندا ھيا. مان به کين ابو امان ڪري سمجھندو ھوس.
    ٿورن ڏينھن کان پوءِ شھداد خان آيو ھن سان گڏ ديرا به ھيا. ديرا بنگلي جي مٿان رھيا ۽ شھداد خان ھيٺ رھيو. ٻڍي ٻڌايو ته وڏيري جي ڀيڻ بيمار آھي ان جي علاج لاءِ آيا آھن. ھڪڙي ڏينھن ٻڍيءَ ٻڌايو ته وڏيري جي ڀيڻ مير شاھل خان جي زال آھي، مير شاھل خان پنھنجي تر جو وڏو زميندار ھو ۽ شھداد خان جو سوٽ ھو. مير شاھل خان ويچارو پنج سال کن ٿيندا ته بنا اولاد گذاري ويو آھي ۽ ھن جي سموري زمين، باغ ۽ جايون ڀيڻ جي ڪري شھداد خان جي حوالي آھن. زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ھوندي ھئي. مڙس جي مرڻ کان پوءِ مائي سنئين لڱين ناھي، ھڪ نه ٻي کيس ڇڏي نٿي. اڃان چاڪ مس ٿي ٿئي ته وري ڊھي ٿي پئي. گھڻو ئي علاج ڪرايو اٿائونس مگر فائدو ئي نه ٿو پويس ھينئر ھت شھر ۾ وٺي آيا اٿس ته من ڪنھن ڊاڪٽر جي دوا لڳيس.
    شھداد خان جي اچڻ سان بنگلي جي رونق ئي بدلجي وئي. ڪچھريون ۽ محفلون شروع ٿي ويون. آءُ ته ڪچھريءَ جو مور ڀلا ڪچھِريءَ کان سواءِ ڪٿي رھي سگھان، جيستائين ڪٿي ڄاڙي نه لڳي ته مغز کي آرام ئي نه اچي. شھداد خان مون سان لوھ لڳي ويو. جي مون اچڻ ۾ دير ڪئي ته ڪٿي به ھوندس ته ماڻھو موڪلي گھرائي وٺندو. پوءِ قصا ڪھاڻيون ھلندا ڳجھارتون ۽ پروليون ڏبيون، ڊاڙون ڊشون ھلنديون. ڪڏھن ڪڏھن راڳ به ٿيندو. يڪتاري جي تار ٺيڪ ٿيندي، گھڙي کي اڳيان ڪري رکبو ۽ ڍولڪ تي ھٿ لڳڻ سان الو ميان ٿيندي.
    “ڪانگل آءُ ته ڪڍي ڏيان جيءَ اندر جيئرو
    وڃي به کاءُ اتھين جتي دوستن جو ديرو
    من پڇني ھڪ ڀيرو، ھيءَ قرباني ڪنھن ڪئي.
    پھريان ھڪ ٻه بيت ڏبا پوءِ ڪلام شروع ٿيندو.
    ڪونجان ڏيو ته خبر منھنجا مارون ڪٿي
    مون کي قسمت ڪيو آھي قيد ھتي –
    ڪونجان ڏيو ته خبر.
    اھا ڪچھري ڳپل وقت ھلي ھلندي تان جو چنڊ لڙي ويندو. ھر ڪو آھستي آھستي اٿندو ويندو شھداد خان جون اکيون ننڊ ۾ ڀرجي وينديون ڪر موڙيندو، اوٻاسيون ڏيندو پوءِ ڀوتار جي بادشاھيءَ جو خير چئي ڪچھري پوري ڪبي. آءُ به شھداد خان کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلام ڳائيندو ھوس. راڳ وقت ڏسندو ھوس ته ڪوٺي کان ڪي پاڇا ھيٺ نھاريندا رھندا ھيا ۽ وري گم ٿي ويندا ھيا. ھڪڙي ڏينھن جيئن ٻڍي بنگلي تان ھيٺ آئي ته مون کي چوڻ لڳي، “ابا، اڄ شھزادي پڇيو پئي ته رات اھو ڪلام ڪنھن پئي چيو.
    “مان عاشق تنھنجو آھيان
    او سھڻا سائين
    تون دل ڏي دل ڏي دلبر.”
    مان ڦونڊ ۾ ڀرجي پيس، “شھزادي ڪير آھي؟”
    “ابا، شھداد خان جي ڀيڻ.”
    “امڙ، تو پوءِ ڇا چيس؟”
    “ابا، مان چيس علوءَ کان سواءِ ٻيو اھڙا ڪلام ڪير چوندو.”
    ٻڍي اھڙي ريت روز شھزاديءَ جون ڳالھيون ڪندي ھئي جنھن ۾ منھنجو مڙئي ذڪر ھوندو ھو. آءُ به پير پيو سوڙيان – مولا جي ٿو اگھان ته سوا رپئي جي مٺائي ورھائيندس. علاج مھينو کن ھليو مگر فائدي بجاءِ بيماري وئي وڌندي. آخر شھداد خان فصل جي موسم جي ڪري ڳوٺ ھليو ويو ۽ ھڪڙو ڇوڪرو ديرن جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو. ويندي وقت ٻڍي ۽ مونکي به پارت ڪندو ويو.
    شھداد خان ھليو ويو – ڪچھريون ماٺ ٿي ويون ۽ وري اٻاڻڪائي شروع ٿي وئي – ڪوٺي تان پاڇن جو نھارڻ به بند ٿي ويو. ٻڍي جون ڳالھيون به چپ ٿي ويون. ٻه چار ڏينھن اھڙي طرح اداسائي ۽ مونجھه ۾ گذريا. ھڪڙي ڏينھن ٻڍي مونکي ھڪ رڪيبيءَ ۾ ھڪ اٽي جي چاڻي ۾ ڪجھه سيون لڳل آڻي ڏنيون چيائين، “ھي شيون شھزاديءَ تولاءِ ڏنيون آھن.” اسان به ته استادن جا ھٿ ڌوئاريا آھن، انھي پرولي سلڻ ۾ دير ئي نه لڳي جواب ۾ مان به پڙي ۾ ڪجھه وار ۽ ڪجھه تيليون وجھي ڏياري موڪليا مانس. شھزادي جي “چاڻي ۽ سئن”جو مطلب ھو ته تو من ۾ محبت جون ميخون ھڻي ڇڏيون آھن ۽ منھنجي ”وارن ۽ تيلين” جو مطلب ھو ته منھنجي وار وار کي باه لائي ڇڏي اٿي.
    اھڙي ريت نياپا سنيھا اچڻ وڃڻ لڳا. شھزادي ٻڍي کي گل تي جتي ۽ نئون وڳو وٺي ڏنو. ھڪڙي ڏينھن ٻڍي چيو ته تنھنجي لاءِ نياپو مليو آھي ته سج لٿي کان پوءِ پٺين پاسي ڏاڪڻ وٽ ڪو تنھنجي لاءِ انتظار ۾ بيٺو ھوندو. سج لٿي مھل ڏاڪڻ وٽ ويس ڪنھن ڏاڪڻ جو در بند ڪيو ۽ ھٿ ھٿ ۾ ملائي مون کي بنگلي تي وٺي ويو. علوءَ، دل وش ڏانھن اھڙين نظرن سان نھاريو ڄڻ چئي رھيو ھوس ھاڻ توکي داد ڏيڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونھي.
    دل وش پنھنجو منھن کڻي ٻي پاسي ڪيو ۽ چيائين، “جي ڪڇندس ته ٽانڊاءَ لڳي ويندءِ تنھن ڪري مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.”
    علوءَ جي بت ۾ ڄڻ مچ ٻري ويو جلندي چيائين، “ڪجھه ته بڪ.” دل وش علوءَ ڏانھن منھن ڪري چيو، “شھداد خان جي دل ۾ پنھنجي رن زال ڀيڻ جي ملڪيت ڦٻائڻ جي لالچ نه ھجي ھا ۽ ھن جي مڙس مرڻ کان پوءِ جلد ئي ھن کي پرڻائي ڇڏي ھا ته جيڪر ائين نه ٿئي ھا جيئن ٿيو، ۽ ويچارو علو شھزاديءَ جي در تائين به پھچي نه سگھي ھا.”
    علوءَ جي اکين مان آلا نڪرڻ لڳا، ڳٽا تپي لال ٿي ويس سڙندي چيائين، “خدا جو قسم جيڪڏھن تون اڃان به نٿو مڃين ته آءُ توکي صبح تائين پنھنجا سوين ڪارناما ٻڌائيندس ۽ آخر توکي قبول ڪرائيندس ته علو بيشڪ علو آھي.”
    حفيظ پنھنجي کٽ تان چڙ مان رڙ ڪئي، “علو، صبح کان وٺي اڌ رات تائين پئي ڪوڙ سٽيا اٿيئي اڃا تنھنجا ڪوڙ کٽن ئي نٿا. خدا کي مڃ ھينئر ته ڪوڙن کان پاسو ڪر.” علو ۽ دل وش، حفيظ ڏانھن نھاريو – دل وش اٿي بتي وسائي. علو ۽ دل وش پنھنجي کٽن تي ڪمبل ويڙھي اھڙي ريت ماٺ ڪري سمھي پيا ڄڻ سڄو ڏينھن ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙ ٻڌڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي نه ڪيو ھيائون.


      ڀوڪ

    اڄ جنھن نظرن سان نھاريائين، تن ته مونکي بلڪل يقين ڏياريو ته ھن جي دل ۾ به منھنجي لاءِ ڪجھه نه ڪجھه قرب آھي. سمھڻ وقت پڪو ارادو ڪيم ته سڀاڻي ھن کي پنھنجي دل جي ڳالھه صاف صاف چئي ڏيندس. سڄي رات پاسا ورائيندي لڇندي ۽ ڦٿڪندي گذري. صبح جو دستور کان ٻه ڪلاڪ اڳ يعني ستين بجي بجاءِ پنجين بجي اٿيس. ڀلا ڪيان ته ڪيئن ڪيان؟ اندر ۾ آنڌ مانڌ سمھڻ جو نه ڏي. اڄ ھن کي پنھنجي دل جي ڳالھه جنھن تي منھنجي اميدن جو مدار ھو ٻڌائڻي ھئي، مگر ڪاليج ۾ ته چار ڪلاڪ ھيا، يعني ٻه سو چاليھه منٽ ھت ته ھڪ ھڪ سيڪنڊ ۾ ساھ ٿي نڪتو. سوچيم اھو وقت آخر گذرندو به ڪيئن. برش ڪڍيم، ٻه ڀيرا ڪاليناس ٽوٽ پيسٽ لڳائي ڏند صاف ڪيم. ان بعد شيونگ جو سامان ڪڍيم، پھريائين ته نچڪڻي سان ٻاھر نڪتل ڏاڙھيءَ جا وار صاف ڪيم، ان بعد ڏاڙھي کي برش لڳائڻ شروع ڪيم، ڏھ منٽ کن برش انھيءَ خيال کان ھنيم ته ڀل وار نرم ٿين ۽ شيو بلڪل صاف ٿي وڃي. نئون سيون او ڪلاڪ جو بليڊ ڪڍيم، آھستي آھستي ھڪ ڀيرو ڏاڙھي ڪوڙيم ٻيو پٽو ڏنم، ھٿ گھمائي ڏٺم ته اڃان ڪجھه کھراڻ ھئي ان ڪري ٽيون ڀيرو ابتو پٽو ڏنم ھٿ گھمائڻ کان پوءِ محسوس ڪيم ته ڳل ھينئر گل ٿي چڪا ھيا. ان بعد مڇن جو وارو آيو، وڏي تڪليف ۽ گھڻي محنت کان پوءِ مڇون تلوار ڪٽ بيٺيون. ڪپڙن جو ڪٻٽ کوليم، مگر مون کي ڪو به ڪپڙو پسند نه ٿي آيو، آخر ڪپڙن جي گھڻي اٿل پٿل کان پوءِ ھلڪو بلو سوٽ منتخب ڪيم اگرچ پينٽ جي استري ٺيڪ ھئي مگر ڪوٽ جي ٻانھن ۽ ڪالرن ۾ گھنج ھيا. نوڪر کي رڙ ڪري چيم، “منھنجي ڪوٽ جي ڪالر ۽ ٻانھن کي يڪدم استري ڪري وٺ.” آءُ غسلخاني ۾ ويس، وارن کي شمپو ڪيم، بت تي ذري گھٽ سڄي چڪي “پيئرس سوپ” جي کپايم، گھڻي مھٽ سھٽ کان پوءِ ٻاھر نڪتس، چھري تي ٿوري “پانڊس ڪريم” لڳائي خوب مالش ڪيم ان مٿان ھڪ ٻه ھلڪا تھه ڪٽي “ڪيورا پائونڊر” جا چاڙھي، انھن کي ٽوال سان اھڙي ريت اگھي ڇڏيم جيئن پائوڊر ۽ چمڙيءَ ۾ ڪو به فرق نظر نه اچي. وارن کي “جئسمن ڪوڪونٽ ھيئر آئل” لڳائي خوب مالش ڪيم مگر جنھن مشڪل مسئلي منجھائي وڌو، اھو ھو وارن جي بيھڪ. ڪھڙي ريت وارن کي بيھارجي، آيا سينڌ پاسي تي ڪڍجي يا وچ تي يا وارن کي بلڪل پٺتي ورائي ڇڏجي. آخر گھڻي ڪشمڪش کان پوءِ فيصلو ڪيم ته وار “دليپ اسٽائيل” وڌيڪ دلڪش ٿيندا. ان ڪري ٻين وارن کي پٺي ھٽائي باقي اڳين وارن کي ٿورو وٽ ڏئي اھڙي طرح پيشانيءَ تي ڪيرائي ڇڏيم ڄڻ ته ازخود ڪري پيا آھن. ھلڪي بلو سوٽ سان گڏ مئچ ڪلر قميص، ٽاءِ ۽ جوراب ڪڍيم. پيرن ۾ ڪروڪوڊائيل اسڪن جو انگلينڊ ميڊ شو وڌم، ٽاءِ کي آمريڪن اسٽائيل ڊبل ناٽ ڏئي ڇڏيم. جڏھن اطمينان ٿيم ته ھينئر سڀ ڪم ٺيڪ آھي تڏھن پاڻ کي پيرن کان وٺي سر تائين آئيني ۾ ڏٺم. ڪڏھن ڪوٽ جي بٽڻن بند ڪري ٿي ڏٺم ڪڏھن کولي، ڪڏھن پينٽ جي کيسن ۾ ھٿ وجھي ڪڏھن ٻاھر ڪڍي، گھڻي سوچ بعد ان ڳالھه تي پھتس ته ڪوٽ جا بٽڻ کليل ۽ ھٿ پينٽ کان ٻاھر رکڻ بھتر ٿيندو. “ايونگ ان پئرس سينٽ” جي سڄي شيشي پنھنجي ڪپڙن تي لڳايم، ڏٺم ته ڪوٺي ۾ ھٻڪار ٿي ويو. واچ ۾ ڏٺم ته اٺ لڳي چڪا ھيا. ڊرائيور کي موٽر ٻاھر ڪڍڻ لاءِ چيم، بيٺي بيٺي چانھه جو ڪوپ پي ڇڏيم، ڊرائيور ھارن وڄايو. وري ھڪ دفعو پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺم، رومال ۽ ڪتاب کڻي ٽپ ٽپ ڪندو ھيٺ لٿس، ٻاري مان گلاب جو تازو ٽڙيل گل پٽي ڪوٽ جي ڪالر ۾ لڳايم. جنھن وقت موٽر وٽ پھتس تڏھن محسوس ڪيم ته ڪا اھڙي شيءِ وسري وئي اٿم جا مون کي ھڻڻ کپندي ھئي. حافظي تي گھڻي زور ڏيڻ کان پوءِ ياد آيو ته چشمو وساري آيو آھيان. يڪدم اندر وڃي کڻي آيس، جڏھن اکين تي چاڙھيم تڏھن محسوس ڪيم جيڪڏھن چشمو نه ھجي ھا ته ڪيڏو نه خال رھجي وڃي ھا. جڏھن ڪاليج پھتس تڏھن ڏٺم ته واچ ۾ ساڍا نو لڳا آھن ورانڊي ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرڻ لڳس. دوستن ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي مگر کين اھڙيون کتيون ٻڌايم جو ڪن ٻوساٽيون ھليا ويا. پوري ڏھين بجي پيرڊ ختم ٿيو. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ولر ڪلاس کان ٻاھر نڪتا. ھوءَ به آھستي آھستي ٻاھر آئي، شڪر ڪيم جو ھوءَ اڪيلي ھئي. جيڪڏھن ڪا سھيلي ساڻ ھجيس ھا ته پورھيو ئي اجايو وڃي ھا. دل کي ھمت ڏياريم – سڀني پيرن فقيرن کان مدد طلبيم. ڌڻيءَ کي سنڀالي اڳتي وڌيس. ھن جون جادون ڀريون اکيون مون تي پيون ته منھنجون سموريون قوتون مات ٿيڻ لڳيون. دم خشڪ ٿيڻ لڳو، ساھ تيز تيز کڄڻ لڳو، دل دڪ دڪ ڪرڻ لڳي ۽ نبض بيھڻ لڳي. آخر، جڏھن ھوءَ منھنجي قريب آئي تڏھن گھڻي مشڪل کان پوءِ منھنجي واتان نڪتو، “مس جميله” ھن مون ڏانھن نھاريو مون ھڪ ئي ساھي سان تڪڙو تڪڙو چيو، “ڪجھه اوھان سان ڳالھائڻو اٿم.” کلندي چيائين، “وڏي خوشي سان.” مون سندس چھري ڏي نھاريو. منھنجيون رھيون کھيون متيون منجھي ويون. سوچڻ لڳس ته ڇا چوان؟ آخر چيم، “اوھين منھنجي ڳالھه ٻڌندا؟” “ضرور” ھن وراڻيو.
    “آءُ چوڻ ٿو گھران . . . . آءُ . . . . ”
    “جي”
    “معاف ڪندا، مون کي پتو نه ٿو پوي ، ڇا چوان، ڪيئن چوان؟”
    “تڪليف جو ضرور ناھي، جيڪي ڪجھه اوھان کي چوڻو آھي اھو سڌن لفظن ۾ چئي ڏيو.”
    “سڌن لفظن ۾، ائين ڪيئن ٿيندو. اوھان ناراض ته نه ٿيندا؟”
    منھنجي نرڙ تي آھستي آھستي پگھر جون بوندون جمع ٿيڻ لڳيون ۽ ڄنگھون ٿڙڪڻ لڳيون.
    “نه، نه ناراضگي جو ته سوال ئي نه ٿو ٿئي.”
    “جميله ، ھا سچ پچ آءُ چئي ڏيان جيڪي ڪجھه چوڻ گھران ٿو؟”
    “ضرور” سندس اکين ۾ شرم جي سرخي ڇانئجي وئي ۽ سندس ڳل حيا کان ڳاڙھا ٿي ويا.
    مون ڳيتون کائيندي ۽ پنھنجي خشڪ لبن تي زبان ڦيريندي چيو، “مگر . . . . جيڪڏھن توھان انڪار ڪيو ته منھنجون سڀ اميدون، منھنجا خواب سڀ خاڪ ۾ ملي ويندا.” مون رومال ڪڍي چھري تان پگھر جون بوندو اگهيون.
    ھن شرم کان اکيون ھيٺ جھڪائيندي چيو، “ڪجھه ته چئو.” مون ڏٺو ته منھنجون ٽنگون ھينئر منھنجي بار جھلڻ کان عاري آھن. پاڻ کي ٿنڀي جو، سھارو ڏيندي چيم، “آءُ اھڙي مسئلي ۾ منجھي پيو آھيان جنھن جو حل صرف اوھان ئي ڪري سگھو ٿا.”
    “مگر اھا ڪھڙي ڳالھه آھي؟” سندس آواز پھريان کان بلڪل آھستي نڪتو جنھن مان سندس دل جي دڪ دڪ محسوس ٿي رھي ھئي.
    “جيڪڏھن اوھان ھائو ڪئي ته منھنجي لاءِ باعث مسرت ٿيندو ورنه . . . .” وڌيڪ آءُ جذبات جي جوش کان ڪجھه چئي نه سگھيس ھن قدم اڳتي وڌائيندي چيو، “آخر ڪجھه چوندا به .”
    “خدا جي واسطي ٿورو ترسو. منھنجي گذارش به پوري ٿيڻ ڏيو.” ٿوري وقت لاءِ سانت ٿي وئي ۽ منھنجي اکين جي اڳيان ترورا ڦرڻ لڳا. “آءُ چوڻ ٿو گھران.” ٻن چئن ڳيتن کائڻ کان پوءِ ھڪ ئي ساھيءَ ۾ چيم، “امتحان لاءِ اوھان جا لکيل نوٽس.”
    مون اڃان ايترو مس چيو ته سندس چھرو ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ويو. غصي ۾ چيائين، “ڀوڪ”. مون کي پتو نه پيو ڦھڪو اچي ھيٺ ڪيم. جڏھن اک کوليم ته ڏٺم آءُ ڪار ۾ ستو پيو آھيان ۽ ٻه چار دوست ارد گرد ويٺا آھن. مون دل ۾ سوچيو واقعي آءُ ڀوڪ آھيان.


    بي شرم

    ٻارن فوٽ بال راند ٿي ڪئي بال ڊوڙندو ڊوڙندو اچي منھنجي پيرن ۾ پيو. مون کي به موچ اچي وئي سيٽي وڄائيندي ٺڪاءَ کڻي لت ڪئي مانس، بال ڀڙڪاٽ ڀريندو، بل کائيندو سامھون بيٺل ڇوڪريءَ جي پيرن ۾ وڃي ٺڪاءَ ڪيو. ڇوڪريءَ اوچتو ڇرڪ ڀري مون ڏي شوخ ٿي ڏٺو ۽ غصي ۾ چيائين “بي شرم” مون اکيون کڻي نوايون جنھن مان معلوم ٿي ٿيو ته منھنجو ارادو اھو نه ھيو.
    ڪاليج جو پيرڊ ختم ٿيو، ٻاھر نڪتاسين، دوستن چيو اڄ توکي چانھه پيارڻي پوندي. مون کي پنھنجي بجيٽ جي اڳ ئي خبر ھئي ته کوٽ ۾ آھي. خيال ڪيم ته مھيني جون پويون تاريخون آھن، جي ٿو ھنن مولائن کي ھوٽل ۾ وٺي وڃان ته سندن ٻيگھي مچي ويندي باقي منھنجو ته ڏيوالو نڪري ويندو. مھيني جا رھيل ڏينھن ٻڙيون کائڻيون پونديون. مان صفا اٽ ھڻي بيٺس ته کيسا خالي آھن. جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر ھو ڪٿي ڇڏين. ھڪڙي چيو اگر پيسا ڪين اٿس ته آءُ ٿو مفلر گروي رکانس، ٽئين کڻي ھٿ وڌايو مفلر ڏانھن. منھنجي ڇڏ ڇڏان ھنن جي وٺ وٺان. اوچتو کڻي ھٿ ڪڍيائون. خبر تڏھن پئي ته جو پير اکڙي ويا ۽ ھڪڙي ڇوڪريءَ مٿان اچي ڌڙام ڪيم، ٻئي ڦھه ھيٺ. ڇوڪريءَ شوڪجي چيو “بي شرم.” جان کڻي ڏسان ته ھيءَ ته بال واري ڇوڪري آھي. منھنجا ٽين کڙڪي ويا. ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي، وايون بتال ٿي ويون، واتان اکر نه نڪري. آخر ھمت ڪري ٽٽل لفظن ۾ چيم ، “منھنجو . . . ڪو قصور . . . ڪونھي.” يڪدم ڪپڙا ڇنڊي ڪتاب کڻي پيرن تي زور ڏنم گھر پھچڻ تائين “بي شرم” پئي ڪنن ۾ وڳو. شڪرانه ٿي ڪيم جو ايتري ۾ جان بچي، وگر نه ته ڪجھه خدمت ٿي وڃي ھا ته شڪ ڪين ھو. رات جو ڪتاب کولڻ تي پتو پيو ته منھنجو ڪتاب ھن ڏانھن بدلجي ويو آھي ۽ ھن جو ڪتاب مون ڏانھن ھليو آيو آھي. ڪتاب جي ڪنڊ تي لکيل ھو “اشرف” جيترو آءُ نالي تي غور ڪري رھيو ھوس اوترو نالو ويو ٿي وڌيڪ پيارو ٿيندو. صبح جو ڪاليج وڃڻ کان اڳ پئڊ ڪڍي ان تي لکيم ، “منھنجو ڪو قصور ڪونھي معاف ڪندا.” ڪاليج پھچڻ شرط آيا (ڪاليج جي پٽيوالي کي) چيم ته ھي ڪتاب “اشرف” کي ڏيندا. ٻي پيرڊ کان پوءِ آيا مونکي منھنجو ڪتاب آڻي ڏنو. دل ۾ طرحين طرحين جذبا بيدار ٿيڻ لڳا. دعائون ٿي گھريم ته من ڪو جواب ھجي. ڪتاب کوليم ته منھنجي اکرن جي ھيٺان ڳاڙھي پينسل سان لکيل ھيو، “بي شرم.”
    بابي چيو خانصاحب احمد دين جي گھران تاريخ تي ڪتاب کڻي آءُ. سندس بنگلي تي پھتم ته در بند ھو. در کڙڪايم آواز ڪين آيو. آخر گھڻي دير بعد در کليو، ڇا ڏسان ته اشرف ! منھنجون اکيون پٽيل ئي رھجي ويون. ھيءَ ھت ڪيئن، اڳ ته کيس ڪين ڏٺو اٿم. يڪدم چيائين، “حڪم صاحب.” دل ٻڌي چيومانس، “اوھان جي ملاقات.” شوخ ٿي چيائين، “بي شرم.” مون مشڪندي چيو، شايد اوھان وٽ ملاقاتين جو آدرڀاءُ انھن لفظن سان ٿيندو آھي؟” “يڪدم وٺو ٿا پنھنجو رستو يا سڏ ڪيان چوڪيدار کي.” مون چيو، “آيا آھيون ته چانھه پيئڻ کان سواءِ ائين ائين ڪيئن ورنداسين.” بلند آواز ۾ پڪاريائين، ”چوڪيدار، چوڪيدار.” چوڪيدار پاڻ کان به وڏي لٺ سان ڊڪندو آيو، “حڪم صاحب.” “ذرا ھن صاحب کي رستو ڏيکاريو.” ايتري ۾ خان صاحب احمد دين ٻاھر نڪري آيو، “ڇاھي، ڇاھي؟” “مرحبا ٿي رھي آھي.” مون وراڻيو. “اچ، اچ اشرف تون به آءُ” “ھيءَ آھي منھنجي ڀائٽي اشرف. ھينئر تازو سکر کان ھت آئي آھي ۽ ڪاليج ۾ داخل ٿي آھي.” “ھي آھي عزيز منھنجي دوست رئيس امير احمد جو فرزند ڪاليج ۾ پڙھندڙ آھي. اشرف عزيز لاءِ چانھه جو بندوبست ڪر.” آءُ مشڪندو رھيس ۽ ھوءَ وٽ کائيندي اٿي وئي، چانھه آئي، خانصاحب احمد دين ڪٻٽن مان ڪتاب ڪڍي رھيو ھو. “جناب اوھان کي چيم ته چانھه پيئڻ کان سواءِ واپس نه ورندس، اوه ذرا شڪر ڪيم.” ھوءَ تيز نظرن سان گھوريندي رھي.
    شادي طئي ٿي وئي. آءُ بيحد خوش ھوس، ھڪ شادي ٻيو پنھنجي مرِضيءَ تي. ھينئر خيال ڪيم ته انھن لفظن جو کانئس پورو پورو حساب وٺندس. جڏھن لائون جو وقت آيو تڏھن زور سان مٿو کڻي سندس مٿي سان ٽڪرايم. سنھڙي چيخ سان سندس واتان نڪتو، “بي شرم.”
    شاديءَ جي ڪمري ۾ گلابي سيج مٿان، گلابي وڳي ۾ گھونگھٽ ڪڍيو ويٺو ھئي. مون اڃا ڪمري ۾ قدم رکيو ته گھونگھٽ وٺي سرڪايائين، جيئن آءُ سيج ڏانھن وڌندو ويس، تيئن وئي گھونگھٽ کي سرڪائيندي. جيستائين آءُ سيج وٽ پھتس تيستائين ايترو پاڻ کي ڍڪي ڇڏيائين جو پتو نه ٿي پيو ته عورت آھي يا ڳٺڙي. مون کلندي چيو، “حسن گھونگھٽ کان ٻاھر سھڻو ٿو لڳي.” ائين چئي يڪدم کڻي سندس گھونگھٽ مٿي ڪيم. اکين کي شرم کان ڍڪيندي چپن ۾ ڪجھه ڀڻڪي.


    ٻھروپي

    شڪيله جو ھٿ آھستي آھستي پنھنجي وارن ڏانھن وڌيو. سندس چوٽيءَ ۾ گلاب جو تازو ٽڙيل گل ظلمات ۾ نور جي ڪرڻن وانگر چمڪي رھيو ھو. گل کي ڇڪ ڏئي وارن مان ڪڍيائين. آھستي ھٿ وڌائي مجيد جي سفيد ڪوٽ جي ڪالر ۾ وڌائين. مجيد ٿورو مشڪيو. “ھي تنھنجي وارن ۾ سھڻو ٿي لڳو.”
    “ھي انھيءَ دل جو تحفو آھي جنھن ۾ صرف تون آباد آھين.”
    “شڪيله، روءِ زمين تي ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو املھه تحفو ٿي سگھي ٿو. ھيءُ اھو تحفو آھي جنھن کي ڏسي ديوتائن جون دليون به ريجھي وڃن ٿيون – مان ته انسان آھيان. شڪيله ھي تنھنجو تحفو مون کي ساھ کان به عزيز آھي. جيڪڏھن مون کي ڪو دنيا جو سموريون نعمتون ڏي ھا، ته به مونکي ايتري خوشي نه ٿئي ھا، جيتري ھن گل ملڻ سان حاصل ٿي اٿم.” شڪيله جو چھرو شرم کان گل وانگر ڳاڙھو ٿي ويو. مجيد ڪنڌ ھيٺ ڪري گل کي لبن سان لڳايو ۽ الوداع ڪيائين. اکيون اکين سان مليون جدا ٿي ويون.

    2
    “آءُ بلڪل مجبور ھوس ڇا ڪريان.” مجيد التجا ڪندي چيو. “ڇا ڪڏھن ھن کان اول به مون دير ڪئي آھي؟ ڪمبخت غفور رستي تي ملي ويو. تو کي ته خبر آھي ته ھو مڇڏو آھي، چچڙ ٿي پيو. گھڻيون ئي گوھيون ڪيم مگر ھن کان جند ڇڏائڻ مجال ھئي. آخر ڀيٽا ڏئي جند ڇڏائي اٿم.” ثريا جو چھرو ڪاوڙ کان لال ٿي ويو. “اھڙا ڪوڙا بھانا ھن کان اول به ڏئي چڪو آھين.”
    “ڇا توکي ھينئر منھنجي زبان تي ڀروسو نه رھيو آھي؟”
    “منھنجي دل جو گواھي ڏئي رھي آھي ته تون ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھين.”
    “ڇا آءُ توسان، ڪڏھن ڪوڙ ڳالھائي سگھان ٿو؟” ثريا جي ڪاوڙ ٿوري ٿڌي ٿي، چپ ڪري بيھي رھي. مجيد پنھنجو ھٿ وڌائي ثريا جي ھٿ ۾ وڌو. ثريا سندس ھٿ کڻي پري اڇلايو، “مون کي اھڙي کيچل پسند نه آھي.”
    “ثريا، ڏس مون تنھنجي لاءِ ڪھڙو تحفو آندو آھي. دنيا ۾ ھن کان زياده ٻيو ڪھڙو املھه تحفو ٿي سگھي ٿو. اھو تحفو آھي جنھن کي ڏسي ديوتائن جون دليون به ريجھي وڃن ٿيون. ھي انھي دل جو تحفو آھي جنھن ۾ تون آباد آھين.”
    ثريا جون اکيون، مجيد جي ڪالر ۾ لڳل گلاب جي گل ۾ وڃي کتيون، جو ڪنھن مست جوانيءَ جي امنگن ۽ اميدن وانگر ٽڙيو بيٺو ھو. آھستي آھستي مجيد جو ھٿ ڪوٽ جي ڪالر ڏي ويو، گل کي ڇڪي ٻاھر ڪڍيائين، پنھنجو ھٿ وڌائي گل ثريا جي وارن ۾ وڌائين.
    گلاب جو گل ثريا جي وارن ۾ ظلمات ۾ نور جي ڪرڻن وانگر چمڪي رھيو ھو. ثريا ٿورو مشڪي، اکيون مليون، ھٿ مليا، ڪاوڙ ختم ٿي وئي.


      ھاجران

    چوٿينءَ جو چنڊ اڀرڻ سان ئي لھي ويو. سياري جي رات ھڪ ٿڌي ٻي ڪاري. جھوپڙين مان نڪرندڙ دونھون ھوريان ھوريان بس ٿي ويو. ڳوٺاڻن جون ڪچھريون ڳپل وقت کان پوءِ ماٺ ٿي ويون – مڪانن ۾ ٻرندڙ مچ آھستي آھستي سرد ٿي ويا. اتر جي ھوا سوساٽ پي ڪيا. پاري جي پوڻ جا پڪا آثار ھيا. سيءَ کان بچڻ لاءِ مائرن پنھنجي ٻارن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو ھو.
    پري کان ڪنھن جھونگاريو.
    “ڏٺي جن ھيڪار، صورت ساھڙ ڄام جي،
    سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڀري ساڻ ڀتار.”
    آواز پھريان ڌيمي نڪتو. پوءِ زور سان چؤطرف ڦھلجي ويو ۽ ھوريان ھوريان چپ ٿي ويو. ھاجران جي دل ۾ ڄڻ ٻاڻ لڳي ويو. سندس لڇ پڇ وئي وڌندي. دل اڌما ڏيڻ لڳس. پنھنجي چوگرد اک کڻي نھاريائين، ھر طرف سانت ھئي. سندس ور کي سمھڻ سان ئي اچي نيستيءَ نھوڙيو ھو. رکي رکي کونگھرا ٿي ھنيائين. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قيامت تائين اٿڻ جو نانءُ ئي نه وٺندو. ھونءَ به ته مرڻ جي ڪنڌيءَ تي ھو. سٺ ٻاھٺ جو مڙس. ھاجران کي نيڻين ننڊ نه ھئي، پئي لڇي ۽ ڦٿڪي. جوان ونيءَ کي پوڙھي ور جي پاسي ۾ ڀلا ننڊ به ڪيئن اچي. ھن پنھنجي گلابي وڳي ڏانھن ڏٺو جنھن تي زريءَ جي جھالر ۽ ستارا لالٽين جي روشني ۾ چمڪي رھيا ھيا. ھن پنھنجي ميندي رڱن ھٿن ۽ پيرن ڏانھن نھاريو جن تي لالائي ھيئنر ھلڪي ٿيندي ٿي وئي. ھن جي دل ۾ آيو ته جيڪر لالٽين کڻي ڪپڙن، گھر ۽ ور کي ساڙي ڇڏيان. ٻه ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھاڻي تي ڪري پيا. پلاند کڻي اکين کي اگھي ڇڏيائين. کيس پراڻيون ڳالھيون ھڪ ٻي پٺيان ياد اچڻ لڳيون. ڪيئن سھيلين سان گڏجي کوھ تي پاڻي ڀرڻ ويندي ھئي. جتي ڳوٺ جي جوانن جون ڳالھيون نڪرنديون ھيون. ھر ڪا حمزي جي واکاڻ مان نه ڍاپندي ھئي. سون جي مٽ آھي. ڪم جو جوڌو، کاٽيءَ جو مڙس، ٻلھاڙي ۽ ملھه ۾ ته ڪنھن کي وارو ئي نه ڏي، چانپئي ڏاڙھي، شھپر وڏا، ڀرون جاڙيون، نڪ ڊگھو، اکيون شينھن جھڙيون رعب ۽ تاب سان ڀڙيل، چپن تي سدائين مرڪ. ھن کي ياد آيو ته ڪيئن حمزو ملاکڙي ۾ سوڀ ڪيون پئي آيو. ھن کي ڏسي نرڙ مھٽيائين. جنھن جو مطلب ھو سلام. خبر نه آھي ته ڇو سندس دلا کسڪي ويا ۽ پٽ تي اچي ڪريا. سندس سمورو بت ڀڄي آلو ٿي ويو. سندس دلن جا ٽڪر چوگرد پيا ھيا. ھن ان ڏينھن کان محسوس ڪيو ته ھن جي دل به سڄي ۽ سلامت نه ھئي – اشارا ٿيا، سلام ٿيل نياپا آيا ۽ ويا، سوکڙين جي مٽاسٽا ٿي، لڪي ڇپي ملاقاتيون به ٿيون، اھڙي طرح دليون ويون ٻڌپيون.
    مگر اوچتو ڪيس ٿي ويو – سندس ماءُ پيءُ کي ڏوڪڙ ڏنا ويا، ماءُ پيءُ ڇوڪريءَ جي سک جو خيال ڪيو دل جو خيال نه ڪيو – سڀ ڪنھن چيو چڱو گھر آھي مال متاع وارو پئسي ڏوڪڙ وارو، ڇوڪري بادشاھي ڪندي، جي گھوٽ عمر ۾ وڏو ٿيو ته ڇا ٿيو. حمزي گھڻي ئي مٿا ڪٽ ڪئي، پر ھن وٽ پئسو ڏوڪڙ ڪٿي؟ ھئس ڏاندن جو جوڙو، جي کڻي اھو وڪڻي ھا ته به ڇا ٿين ھا؟ چار ڪي پنج سؤ. ھت ته ھزارن جو سودو ھو – دل جو سودو ته اول ئي ھاجران ڪري چڪي ھئي، ھينئر ھن جي جسم جو سودو سندس ماءُ پيءُ ڪري ڇڏيو. ڄڃ آئي، شرنايون وڳيون، جھمريون پيون، گھورون گھوريون، ديڳيون رڌيون.
    لاون ويل ھاجران پنھنجي ور جي شڪل ڏسنديئي بيھوش ٿي ويئي – مرجھايل گل ۽ ٽرندڙ مکڙيءَ جو ميل ! ڪنوار کي بيل گاڏيءَ ۾ چاڙھي کڻي ڏورڻا ڏنائون.
    پري کان ڪنھن دانھن ڪئي.
    “سي سڄڻ ٿين م ڌار، جي ھنئين ۾ حل ٿيا.”
    گاڏيءَ ۾ ڪنھن چيو ڪو جدائيءَ جو ماريل آھي. ھاجران جو سمورو جسم ڪرڙيءَ وانگر ڏڪي ويو. اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳس.
    اڄ وري ساڳيو آواز ھوا جي پردن کي چيريندو سندس دل ۾ گھڙي ويو – ھوءَ سوچڻ لڳي، “چئبو منھنجو نياپو حمزي کي پھچي ويو، تڏھن ته آيو آھي نه ته ڇو اچي ھا.” ڪتن جي باھوڙ ٿي، ڪتي جي ڪوڪڻ جو آواز آيو. ڄڻ ڪنھن ڪتي کي لوڙھ وھائي ڪڍي ھجي. ٿوري مھل کان پوءِ وري چپ چاپ ٿي وئي، ھاجران پاسو ورائي اٿي. پنھنجي ور ڏانھن ڏٺائين جو اڃا تائين کونگھرا ھڻي رھيو ھ. ھاجران گھر ۽ ور کي پويون سلام ڪري پير پير ۾ پائي ٻاھر نڪتي. اوچتو ھلڪي چيخ ٿي وري ۽ وري خاموشي ڦھلجي وئي.
    اَن پيھڻ واريون ان لاءِ اٿيون. ھاجران جي ڏيرياڻي ڏڍ جي چاڏي ولوڙڻ لڳي. مسجد مان ملي جي اذان جو آواز آيو. ھاجران جي ڏيرياڻي سوچ ۾ پئجي وئي ته ڀنڀرڪي به ٿي وئي آھي ته به اڃا تائين ھاجران ڪم لاءِ نه اٿي آھي. شايد سندس گھوٽ جي سڪ اڃا پوري نه ٿي آھي جو اڃا سمھاريو پيو اٿس.
    ٻاھران رڙ ٿي “اڙي ھي ڪير ڪريو پيو آھي !” سڀ ڊڪندا اچي ڪٺا ٿيا، ڏٺائون ته ھاجران جي پيرن ھيٺان ڪاري بلا پيل ھئي ۽ ھاجران جي روح جو پکيئڙو اڏامي ويو ھو.
    صبح جو حمزو سندس جنازي سان اچي شامل ٿيو. ھن جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھي رھيا ھيا جي ڄڻ چئي رھيا ھيا، “ھاجران ڏس مان تنھنجي نياپي تي ملڻ لاءِ ڪٿان آيو آھيان. سياري جي سڄي رات ولھه ۾ تنھنجي ملاقات لاءِ بيٺو رھيو آھيان.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 729
    ڪتابن جو مشاهدو: 1080689
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 355559
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ