ڪتاب جو نالو: عبادت
مصنف: اندرا شبنم پوناوالا
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 24 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1263 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 451 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • • سنڌ سلامت پاران
  • • سچ ۽ سونهن جو شعاع
  • • سدا حيات گوبند مالهيءَ جو اندرا پونا والا شبنم جي ڪهاڻين بابت رايو
  • ڪهاڻيون

  • 1. عبادت
  • 2. چڪر ويوه
  • 3. وهڪري جو موڙ
  • 4. ٽڙيل پکڙيل
  • 5. هوءَ
  • 6. رشتا
  • 7. تنهنجا نصيب کليا
  • 8. قدرت جو نيم
  • 9. فيصلو
  • 10. گهر

  • • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو جيڪو سلسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر اڻياسي (79) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب “عبادت” هند ۽ سنڌ جي نامياري ليکڪا ۽ شاعره اندرا شبنم پوناوالا جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. ميڊم اندرا هڪ ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا ذريعي هند ۽ سنڌ جي ليکڪن کي ملايو پئي اچي ۽ هر قدم تي ڄڻ ته هوء هر پروگرام جو حصو رهي ٿي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ايئن لڳو ته انسان جتي به هجي پر معاشري جي ساڳين نا انصافين، روايتن ۾ جڪڙيل رهي ٿو. سندس ڪهاڻيو پڙهي ايئن لڳو ڄڻ سڀ ڪهاڻيون اسان جي ئي چوگرد رهندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن.

    مان ٿورائتو آهيان منهنجي ڀاءُ ۽ پياري دوست غلام قمبر وساڻ جو جنهن ڪمپوزنگ ۾ هن دفعي به ساٿ ڏنو ۽ سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي ڪمپيوٽر تي سهيڙڻ واري هن سفر ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. لک قرب پياري دوست آصف رضا نظاماڻيءَ جا جنهن خوبصورت ٽائيٽل ٺاهي موڪليو.

    اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    • سچ ۽ سونهن جو شعاع

    ست سال اڳ “اندرا شبنم” جي ڪوتائن جي پهرين سنگرهه “شبنمي قطرا” جو پاٺڪن طرفان سٺو سواگت ٿيو هو. مونکي سندس هڪ شعر جي ٻن مصرائن بيحد موهيو هو.
    هيا زخم ڌرتيءَ جا نظر جي سامهون
    اسان ته به ڪڍيون، چنڊ تارن جون ڳالهيون !

    واقعي هر ڪو ڪلاڪار زندگيءَ جي هن چهنبدار بي ڊؤلي پٿر کي گهڙي تراشي اسان لاءِ سونهن جو سرجن ڪري ٿو.
    هن “عبادت” ڪهاڻي سنگرهه ۾ شامل “فيصلو” ڪهاڻيءَ ۾ شنو پنهنجي ساهيڙي شبنم کي چوي ٿي، “عمر چڙهي ويئي اٿم. چڱا وڏا پوٽو، پوٽي به اٿم. ته به توکي سهڻي سڊول پئي لڳان. لڳي ائين ٿو شبنم، تنهنجي اکين ۾ ئي سونهن ڀريل آهي. هر شيءِ توکي الائي ڇو ۽ ڪيئن سندر پيئي لڳي. پٿر، ٺڪر، ڪنڊا، سڪل گاهه، مرجهايل گُل، پنن کانسواءِ وڻ، بيمار ماڻهو، گهايل پسون پکي، سڀني کي تون سندر چوندي رهندي آهين. سڀ سندر ڪيئن ٿيا ؟ ”
    شبنم کيس جواب ڏئي ٿي، “ ها، اها ڳالهه تو ٺيڪ چئي شنا، مونکي هر شيءِ، هر دک ۾ به خوبصورتي جي جهلڪ نظر ايندي آهي. هر ڪؤڙو، مٺو، کٽو آزمودو به ڪو نهايت پيارو ۽ سندر تاثر ڇڏي ويندو آهي. ”
    اندرا شبنم سرجن ڪريا جو اهو راز اسان سان سليو آهي. هر ڪلاڪار جي اکين ۾ سونهن سمايل هوندي آهي. هو عام انسانن کان وڌيڪ شعوري هوندو آهي. پنهنجي ذهني ولوڙ ذريعي، زندگيءَ جي هر تلخ آزمودي مان اسان لاءِ سچ ۽ سونهن جو امرت خلقيندو آهي ۽ ان مان نڪتل وِههُ پنهنجي گلي ۾ سانڍي رکندو آهي.
    “گهر” ڪهاڻي وڻ تان لٽڪندڙ سگري پکيءَ جي آکيري جو عڪس اکين اڳيان تري اچي ٿو. ڪيئن نه اهي پکي جهنگل مان گاهه جو تنڪو تنڪو ميڙي، ڪوريءَ جيان پنهنجو آکيرو اُڻندا آهن. اهو آکيرو جيڪو پاڻ ۾ پيار ونڊڻ لاءِ کين نويڪلائپ ميسر ڪري ٿو. جنهن آکيري جي گرمائش ۾ مادا پکي آنا لاهي، انهن تي آرو ڪري ٿي. پنهنجي چوزن کي کاڌو کارائي تاتي پالي ٿي، جيستائين اُڏامڻ لاءِ هنن جا پر نڪرن.
    هن ڪهاڻيءَ ۾ وندنا جي دل اندر به اهڙي ئي گهر اڏڻ جي تمنا آهي، جيڪو رڳو چار ديواريون ۽ ڇت نه هجي، بلڪ اُن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ. جنهن گهر ۾ پيار ۽ پنهنجائپ جو احساس حجي، هوءَ ڇاتي ڦنڊائي فخر سان چئي سگهي ̀ هيءُ منهنجو گهر آهي ! ̀
    هڪ آدرش ڀاتي ناريءَ کي زندگيءَ ۾ ٻيو سڀ ڪجهه حاصل هوندو آهي کيس رڳو پنهنجو گهر ڪونه هوندو آهي، شاديءَ کان اڳ اهو سندس پيءُ جو، شاديءَ بعد اهو سندس مڙس جو، ۽ هن جي مرڻ بعد اهو سندس پُٽ جو هوندو آهي. هوءَ سندن ئي رحم ڪرم تي جيئندي آهي.
    ̀ رشتا ̀ ڪهاڻي جي ليکڪ ڪردار کي ڀرم ٿو پيدا ٿئي ته ڪهاڻي جي ليکڪا ڪردار کيس پيار ڪري ٿي ۽ هو اهو پيار وصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن ليکڪا جي گهر ۾ گهڙي ٿو اچي. ليکڪ مهاشيه جي ويچار موجب،‘پيار ۾ من، آتما سان گڏ سرير به شامل آهي.’ ۽ هو کانئس سرير جي به طلب ٿو ڪري. ليکڪا البت کيس ڇينڀيندي چوي ٿي، “ ڇا استري ۽ پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن ناهن. استري ڇا صرف هڪ سرير ئي آهي ؟ ”
    اڄ جي جديد فڪر موجب ته آتمڪ پيار(Platonic love) هڪ مٿ (Myth) آهي. سرير کان ٻاهر من ۽ آتما جو الڳ وجود ڪونهي. البت پنهنجي انڀؤ مان اسان سڀني ڄاتو آهي ته بنان من جي ميلاپ جي سريري ميلاپ محض ڪتڪتائي پئدا ڪندڙ هڪ مشني ڪريا آهي. شراب، سگريٽ ۽ نشيلي دوار جيان اها به پوءِ ماڻهوءَ جي نگري عادت ٿي بڻجي وڃي. سڪون ڏيندڙ ترپتيءَ بجاءِ عذاب ڏيندڙ دائمي اترپتي ۾ بدلجي، جيئڻ زهر ٿي ڪري ڇڏي.
    ́‘ٽڙيل پکڙيل’ ڪهاڻيءَ ۾ سنڌي اڄ ڪيئن نه تيزيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ وڃائي رهيا آهن، ان حقيقت جو اثرائتو بيان آهي. اندرا اسان سڀني کان هڪ جائز سوال پڇيو آهي. “انگلش ماڌيم ۾ سڀني جاتين جا ٻار پڙهن ٿا، اُهي ته پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا. مون ته ڪنهن مراٺي، گجراتي يا ڏکڻ ڀارت جي مائٽن کي ٻارن سان هندي يا انگريزي يا ٻي ڪا ڌاري ٻولي ڳالهائيندو ڪونه ٻڌو آهي. مراٺا ماءُ کي‘آئي’پيءُ کي‘بابا’چون . . . . اسان ڇو ائين ڪيو ؟”
    ́‘هوءَ’هڪ اهڙي خوددار عورت جي ڪهاڻي آهي جنهن زندگيءَ جا سک سهنج، عيش آرام ماڻڻ لاءِ پنهجو پاڻ کي نه وڪيو. موٽ ۾ هن دنيا جون تمام ذلتون ۽ ڦٽ لعنتون صبر سان سٺيون.
    اندرا شبنم جي هن ڪهاڻي سنگرهه ۾ ٻيون به ڪي سٺيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي اسان سان پنهنجو اندر اورڻ چاهين ٿيو، اسانکي سوچڻ لاءِ آماده ڪن ٿيون.

    لکمي کلاڻي
    11 نومبر 1998ع


    • سدا حيات گوبند مالهيءَ جو اندرا پونا والا شبنم جي ڪهاڻين بابت رايو

    ساهتيه خاص طور رچناتمڪ ۽ ڪالپنڪ، مڪان ۽ زمان جي عڪاسي ڪندو رهيو آهي. ڪهاڻي ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ انهن جي مڪان ۽ زمان سان وڌيڪ نباهيندي آهي ۽ انهن سان گڏوگڏ ڦرندي رهي آهي.
    جنن ڀوتن ۽ ديوتائن دئيتن جي زماني کان نيوڪليئر يُگ ۾ انسان جنهن وقت ۽ حالتن مان گذريو آهي، ڪهاڻي انهن جي ترجماني ڪندي رهي آهي. البت ماڊرن شارٽ اسٽوريس يعني هاڻوڪي ڪهاڻي ويهين صديءَ جي شروع ۾ وجود ۾ آئي آهي ۽ صديءَ جي ڏهاڪن سان ڪافي وسعت ۽ گوناگونيت حاصل ڪئي آهي. هاڻ ته ڪن نقادن لاءِ ڪجهه به بيان ڪرڻ البت اُها رچناتمڪ هجي ۽ دلچسپ هجي. سنڌيءَ جي ڪهاڻي هر مُکي جي زماني کان ترقيءَ جي راهه تي الاهي منزلون پار ڪيون آهن. مواد خواه حيت ‘ڪنٽينٽيڊ فارمس’ جي لحاظ کان ڪافي گوناگونيت رهي آهي ۽ سنڌي ساهت جي بهترين صنف مڃي وڃي ٿي.
    اندرا جون هي ڪهاڻيون دلچسپ آهن. انهن جي مکيه آنش آهي ڪٿا وستو. ڪي واقعا ۽ ڪي ڪردار ڪهاڻي پوري ٿيڻ بعد به ياد رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
    اندرا جي ڪهاڻين جي خصوصيت اها آهي ته اُهي اندرا جي ڏٺل وائٺل ۽ ڪٿي انڀؤ ڪيل حالتن تي آڌارت آهن. اندرا جون ڪي ڪهاڻيون ذهن ۾ ترسي ٿيون بيهن.
    مونکي تنهنجي عبادت ڪهاڻي وڻي، سندر ڪهاڻي آهي.
    ́‘مائي تنهنجا نصيب کُليا’، هيءَ ڪهاڻي پڙهي مون روئي ڏنو. زندگيءَ جو هڪ جيئرو جاڳندو چتر، ٻولي ڪن هنڌ ڪچي آهي، پر ڪهاڻيءَ جو سيلاب من کي ٻوڙيندو ٿو وڃي.
    هيءَ ڪهاڻي پڙهندي منهنجي اڳيان تون هئين. تون، جنهن کي مون سالن کان نه ڏٺو آهي. پر تنهنجي اندر جي پيڙا، هن ڪهاڻيءَ ۾ زندگي ڀري آهي. هئڙي دک ڀري ڪهاڻي سنڌيءَ ۾ لکي ئي نه ويئي آهي.
    ́‘شبنم’ توکي پنهنجي راهه پاڻ چونڊڻي آهي. ڪنهن کي به ڪاپي نه ڪج.
    اندرا، توکي ڪهاڻيءَ جي موضوع چونڊڻ جي صلاحيت آهي ۽ اُن کي نباهڻ جو ڏانءُ به آهي ۽ بس.

    گوبند مالهي
    25-11-98


    ڪهاڻيون

    1. عبادت

    گهر جي دروازي تي ڪنهن دستڪ ڪئي. مون دروازو کوليو. ٽپالي هو. هن مونکي هڪ وزندار خوشبو سان ڀريل رنگين لفافو هٿ ۾ ڏنو. مون اُتاولو ٿي ائڊريس جا اکر ڏٺا. ڄاتل سڃاتل اکر، خوبصورت لکاوٽ، پٺيان موڪليندڙ جو نانءُ ۽ پتو نه لکيل. اهڙا اکر، اهڙا لفافا تمام ننڍيءَ عمر کان منهنجي هٿ ۾ ايندا رهيا هئا. هڪ اڻ ڄاتل اُڻ تڻ ۽ هرکر جو احساس ڇڏي ويندا هئا.
    بابا، جو سنان ڪوٺيءَ ۾ سنان ڪري رهيو هو، ان جو بي صبريءَ ڀريل آواز ٻڌي هوش ٺڪاڻي اچي ويو. ڪير هو؟ ٽپالي؟ خط آيو آهي؟ هڪ ئي وقت سهڪندي ـ سهڪندي بابا سڀ سوال پڇيا شايد هو تڪڙ ۾ لڱ اگهي رهيو هو. شرارت ڀري مرڪ مرڪندي مون چيو، “خط آيو آهي.”
    “ آيس ! آيس، اجهو آيس. ٽپائيءَ تي رکُ” بس ان جملي پوري ڪرڻ سان ئي بابا اک ڇنڀ ۾ منهنجي سامهون هو.
    لفافو وٺي، سرسري نظر لفافي جي ائڊريس تي وجهي بابو پنهنجي ڪمري ۾ بند ٿي ويو. سالن کان سڀ ڪجهه ساڳيو هلي رهيو آهي. ساڳئي قسم جو رد عمل ننڍپڻ کان جوانيءَ تائين مان اهو کيل خاموش تماشائي بڻجي ڏسندو رهيو هوس. پر اڄ الائي ڪهڙي ديوانگي مون مٿان طاري ٿي ڀڳوان ڄاڻي. ننڍپڻ جي سموري اُڻ ـ تڻ هن پل ۾ مونکان ڇا ـ ڇا ڪرائي رهي هئي.
    مان بند دروازي جي “ڪي هول” مان بابا جي هر حرڪت کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس. بابا خط پڙهندي پڙهندي ڪڏهن گنڀير، اصل ساهه روڪي خط جو هڪ هڪ حرف پڙهي رهيو هو ته ڪڏهن زيرلب مسڪرائي رهيو هو. الائي ڇو؟ مون دروازي تي ٺڪ ٺڪ ڪئي ۽ وري “ڪي هول” مان بابا جي چهري جو جائزو ورتو. ائين پئي لڳو ڄڻ ته بابا جي ڪنهن سماڌي ڀنگ ڪئي هجي. الائي ڇو؟ مون پاڻ کي هن شرارت تي هيسيل محسوس ڪيو. “ ڪير آهي؟ ڇا کپيئي؟”
    “بابا مان آهيان، منهنجو ٽوال اندر رهجي ويو آهي. سنان ڪرڻو آهي. ڪاليج وڃڻ ۾ دير ٿي رهي آهي.” مون وري بابا کي ڏٺو، بابي اهو لفافو گديءَ هيٺان کڻي لڪايو ۽ منهن تي هٿ گهمائي چهري تي سهج ڀاو آڻي دروازو کوليو.
    مان به بابا کان گهٽ ٿوروئي هوس، اهڙي شڪل ٺاهيم ڄڻ ته ڪجهه ڄاڻان ئي نه، اندر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي چيم، “ساري بابا، هن ڪمري ۾ ته ٽوال ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ڳولهيان ٿو” ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس. بابا وري جهٽ کڻي دروازو بند ڪيو.
    بابا جي اها عادت مونکي اميءَ ننڍي هوندي کان ٻڌائي ڇڏي هئي ته بابا جڏهن ڪهاڻيون، ناول يا ڪجهه لکندو پڙهندو آهي ته ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجيءَ اڻ پڙهيل امان کي بابا جي ودوان ۽ پڙهيل لکيل هئڻ جو ڏاڍو فخر محسوس ٿيندو هو. اسان ٻارن کي به چوندي هئي ته بابا جڏهن ڪمري جو دروازو بند ڪري ته کيس ڪڏهن به رخنو نه وجهندا ڪريو. مونکي اڻ پڙهيل معصوم جيجل جي ڳالهين جي ياد اچڻ لڳي ۽ سندس ڪيل تاڪيد به. پر اڄ ته مونکي الائي ڪهڙيءَ کيچل کنيو هو جو گهڙيءَ گهڙيءَ من پيو چاهي، بهاني ـ ڪي ـ بهاني بابا کي تنگ ڪندو رهان، جيستائين بابو چڙي، پر الائي ڪيئن مان دل جي ان ٻاراڻي حرڪت کي دٻائڻ ۾ ڪامياب ٿيس.
    اڄ جو ڏينهن مون لاءِ آنڌ مانڌ وارو ثابت ٿي رهيو هو. ڪاليج، ڪلاس، ڪتابن ۽ ڪئنٽين ۾ ڪٿي به من نه پيو لڳي. ڏهن ٻارهن سالن کان جا خواهش منهنجي اچيتن من ۾ دٻيل هئي. ان هرکر کي مان، دٻائڻ ۾ بلڪل ناڪامياب ٿي رهيو هوس. آخر گهر وڃڻ جي خيال سان ٿوري راحت محسوس ٿي.
    گهر آيس. امان چيو، “آئين پُٽ، مان به ستسنگه ۾ پئي وڃان” امان هلي ويئي. بابا نماشام جو واپس ورندو منهنجي اُڻ تڻ واري اندر کي ڪا خوراڪ ملي ويئي. بس مان ۽ اڪيلو گهر. سڌو رخ رکيم بابي جي ڪمري ڏانهن. بابا جي ڪتابن جي هڪ خاني کي ڪلف لڳل هو. ضرور ڪجهه هن خاني ۾ هوندو؟ چاٻيءَ جي تلاش شروع ڪئي. چڱو وقت ڳولهڻ ۾ لڳي ويو. آخر چاٻي لڌي. بابي جي پلنگ جي گاديءَ هيٺان خانو کوليو. چوء طرف سرهاڻ ڦهلجي ويئي چندن جي. ان خاني ۾ گلاب جو ڪي تازيون سڪل پنکڙيون پڻ پيون هيو.
    مونکي ائين لڳڻ لڳو ڄڻ ته ڪنهن پوڄاگهر ۾ پرويش ڪيو هجي. خاني ۾ تمام سليقي سان ڪي خط الڳ الڳ بنڊلن ۾ ٻڌا پيا هئا. هر بنڊل تي ترتيبوار سال لکيل هئا. ساڳيا ئي اُهي رنگين لفافا، ساڳيا سهڻا صاف سٿرا اکر. سڳنڌ ۽ هڳاءُ سان منهنجي سيٽيل نسن کي فرحت ملي. پر مونکي انهن بنڊلن کولڻ جي همٿ ئي نه پئي ٿئي. ڪنهن ازغئبي شڪتيءَ منهنجا هٿ ٻڌي ڇڏيا هئا. ائين پئي لڳو ڄڻ ته مان ڪنهن مندر ۾ چوريءَ جي ارادي سان گهڙيو هجان ! پر منهنجي من جي مستيءَ ۽ اُن تڻ مونکي همٿايو، هڪ بنڊل کنيم ۽ ان مان هڪ خط ڪڍي ورتم.
    خط هڪ پريم پتر هو جنهن ۾ سڪ جو اظهار، جنم جنم ساٿ وغيره وغيره لکيل هو. هيٺان هڪ استريءَ جو نالو هڪ فوٽو به. جادوءَ ڀريو معصوم ۽ پوتر مهانڊو، منهنجي هٿ مان فوٽو ڇڏائجي ويو، ۽ اُن وقت ئي ڪنهن گهر جي گهنڊڻي وڄائي. مان تمام گهڻو ڇرڪجي ويس، هٿ پير پگهرجي ويا. تڪڙ تڪڙ ۾ اهو خط اُن بنڊل سان ٻڌي دروازو کولڻ ڀڳس دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. شال بابا نه هجي. ائين ڇو محسوس ٿيو ڪو منووگيان جو ماهر ئي ٻڌائي سگهي ٿو.
    دروازو کوليم. ڌوٻي هو. مون اُن کان ڪپڙا وٺي رکيا. دروازو بند ڪيم. شرير مان طاقت موڪلائي وئي هئي. بستري تي ڦان ٿي ڪري پيس. بس خيال. . . . .ويچار، . . . . . . بابا ۽ پرناريءَ سان ڦاٿل ؟؟؟
    منهنجي امڙ معصوم، اڻ پڙهيل، پتورتا، وشواسي. بابا کي اتم آدرشي پتي سمجهي هوءَ سڄي زندگي ڪاٽي رهي آهي. منهنجو بابا سڄي عمر امڙ جي جذبن کي ٺڳي رهيو آهي. مڪار انسان ! وات مان ازخود نڪري ويو. عمر جي هن حصي ۾ به امڙ ۽ اسانکي ٺڳيندڙ منهنجو پيءُ. جوانيءَ ۾ منهنجي امڙ منهنجي عاشق مزاج بابا کان ڇا ڇا نه سٺو هوندو. اف اُن خط کي نه، ڄڻ ته مون ڪنهن جوالامکيءَ کي ڇهيو هجي.
    خيالن جي وهڪري کي موڙڻ لاءِ ڪتاب کڻي پڙهڻ ويٺم. اکين اڳيان ور ور اُها لکاوٽ. خط احمد آباد مان آيل هو. منهنجو چاچو به ته اُتي رهندو آهي. بابا ٻين، چئين مهيني اتي ويندو رهندو آهي. ضرور هن سان گڏجڻ ويندو هوندو. شايد بابا جا ٻه گهر هجن ۽ ٻه ڪٽنب، ان خيال سان ئي منهنجو من ڪراهت سان ڀرجي ويو.
    ڪنهن در کڙڪايو، اُٿيم امان واپس موٽي هئي. “ اڙي ڇو بتي نه ٻاري اٿيئي ؟ اوندهه ۾ نه پڙهندو ڪر، اکيون ڳاڙهيون ٿي ويون اٿيئي. اڃان بابهن نه آيو آهي؟ پنڌ ڪري ڪاٺي ٿي ويا آهن. نه صحت جو خيال ۽ نه عمر جو، منهنجي ڪير ٿو ٻُڌي ؟ ”
    مونکي امڙ جي اٻوجهائيءَ تي رحم به اچي رهيو هو ته غصو به. بنان ڪنهن سوچ ويچار جي سوال روپي ٻاڻ منهنجي وات مان نڪتو، “ امان تون پڙهينءَ ڇو نه ؟” “پُٽ، گرمکي ته ايندي اٿم. ججي بئريسٽري ته ڪرڻي ڪونه هئم. گهر جي ڪم ڪار لاءِ پڙهڻ ڇا تمام ضروري آهي؟ پر تون اڄ ڇو ٿو پڇين ؟” مان پريشان ٿي پيس. “ بس ائين ئي، امڙ نُنهن به اڻ پڙهيل وٺندينءَ يا پڙهيل لکيل ؟ ” امان کِلي ويٺي “ نُنهن ته تنهنجي پنسديءَ جي هجي ” ۽ هوءَ رنڌڻي جي ڪم ڪار کي لڳي ويئي. مون من ئي من ۾ چيو، امڙ پڙهيل هجي ها ته . . . . .، اهو ويچار اڌ ۾ ئي رهجي ويو جو بابا به اچي ويو هو.
    اڄ مون پنهنجي ڊبل ڪراس بابا کي الڳ ائنگل سان ڏٺو. پنهنجيءَ عمر کان اٺ ـ ڏهه سال ننڍو لڳندڙ، خوبصورت جسم ۽ شڪل جو مالڪ بابا، جنهن جي هر گڻ تي مان رشڪ ڪندو هوس. اڄ مونکي تمام هوشيار، بي وفا ۽ چالباز نظر اچڻ لڳو. اصل ولين، فلمي ولين نظر اچڻ لڳو. هميشه وانگر امان بابا جي دستوري گفتگو شروع ٿي. “چانهه ته پيئار ڀاڳوان. تنهنجي هٿ جي ٺهيل چانهه پيئڻ جي ڪري ته مان ‘سدا جوان’ نظر ايندو آهيان” امان لڄ وچان ڳاڙهي ٿي ويئي. هن عمر ۾ به لڄ کان لعل ٿيندڙ شرميلي امڙ بيحد سندر، نوراني ۽ تيجسوي نظر اچڻ لڳي. “ شرم نٿو اچيو، پُٽ جوان ٿيو اٿو، نانا به ٿيا آهيو. اڃان تائين اهي ڳالهيون نٿا ڇڏيو.” هلڪو موڙو ڏيئي کلندي مرڪندي امان هلي ويئي. بابا اڄ مونکي نقلي نقلي نظر اچڻ لڳو. دل ۾ چيم، (ڊبل رول).
    هيل تائين مان پاڻ جيڏن سان بابا جي خوب تعريف ڪندو رهندو هوس. بابا ۽ امڙ جو پيار مون لاءِ آدرش هو. بابا جي شخصيت، گرهست جيون جي ڪاميابي، ڄاڻ، گيان مونکي بيحد متاثر ڪندا هئا. مان پاڻ کي بابا جو مريد سمجهندو هوس. بابا جا نيم، اسر جو اُٿڻ، ڪسرت ڪرڻ، ٽامي جي لوٽيءَ ۾ پاڻي پيئڻ، سڊول ڪسرتي بدن، سٺي پوشاڪ پائڻ جو ڏانءُ، سندس تيزفهمي، سئگل جا گيت تمام مٺي آواز ۾ ڳائڻ، هر وشيه ۾ دلچسپي ۽ ڄاڻ، چقمق جيان مونکي هن جي شخصيت ڏانهن ڇڪينديون هيون. پر منهنجو بابا پراستريءَ سان چڪر پيو هلائي، هيترن سالن کان. قصور منهنجي بابي جو نه هوندو. ان استريءَ ئي منهنجي همدرد ۽ سٺي سڀاءُ واري بابي کي، ڇل ـ ول سان هرکايو هوندو.
    بس اها ئي خواهش رهجي ويئي اٿم، موقعو پائي سڀ خط پڙهان، حقيقت ڄاڻان، پوءِ ان استريءَ کي دٻ ڀريو خط لکان. “هئڙيءَ وهيءَ جو شخص، جوان پُٽ ۽ پرڻيل ڌيءُ جو پتا آهي. جو نانو به آهي ته هڪ ڏينهن ڏاڏو به ٿيندو، ان شخص کي گمراهه ڪرڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو ؟ ”
    ٻئي ڏينهن بس لڳي ويس موقعي جي تلاش ۾ ته ڪڏهن گهر ۾ اڪيلو ٿيان ۽ . . . .’۽ پنهنجي ڀٽڪيل من کي شانت ڪيان . . . . هڪ ٻه ڏينهن موقعو نه مليو ۽ جڏهن تز موقعو مليو ته جهٽ ڪٻٽ جو خانو کوليو ۽ بنڊل ۾ اڻ ٻڌل خط جو ٻه ـ ٽي ڏينهن اڳُ آيو هو، اهو ئي پڙهڻ ويٺم. تاتپرج ان خط جو اهو هو ته ڪڪو انجنيرنگ جي پڇاڙيءَ واري سال ۾ پهتو آهي، اهو پڙهي خوشي ٿي. پورهيا سجايا ٿيا. خط ۾ لکيو اٿو ته اهو منهنجو احسان آهي، مونکي نه وڻيو . . . ڊونيشن لاءِ پئسا برابر مون ڏنا پر محنت ته تنهنجي پُٽڙي جي آهي. تنهنجو پُٽ منهنجو پُٽ نه ٿيو ڇا ؟ ٻارهن سال ٿيا هڪ ٻئي کي ڏٺي، گهر گرهستيءَ جي چڪر ۾ خبر ئي نه پئي آهي ته سال پکين وانگر ڪيئن اُڏاميا. منهنجين ٻن ڌيئرن جي شادي به ٿي ويئي. هاڻي ڏاڍي اڪيلائپ پئي محسوس ڪيان. خاص ڪري صحت ٺيڪ نٿي رهي. ڪاش ! مونکي به هڪ پٽڙو هجي ها ! ته ڪا آس هجيم ها ! ڀاڳين ڀريو آهين. پُٽ هٿان اگني نصيب ٿيندءِ. طبيعت ٺيڪ نٿي رهي ۽ اڪيلائپ جي ڪري من سُست ٿي ويو آهي.
    وڌيڪ خط پڙهڻ جي طاقت مون ۾ ڪونه رهي، اکيون آليون ٿي ويون، شرمسار . . . . . . .. پشيمان . . . . . . گنهگار مان ! عبادت ۾ وگهن وجهندڙ . . . . . بس، بس ! سالن جا سال هڪ ٻئي کي بنا ڏٺي. گرهست جي گاڏي ڪاميابيءَ سان هلائيندي . . . . هيتري پنهنجائپ! هيتري شرڌا ! قربانيءَ جي ڀاونا ! منهنجو من پنهنجي بابي لاءِ ۽ ان اڻ ڏٺل ناريءَ لاءِ شرڌا سان ڀرجي ويو ۽ سنيه جي ڀاونا پئدا ٿي وئي. هي پيار آهي يا پوڄا اڄ مان انجنيئر به هن جي ڪرپا سان ٿيو آهيان.
    وڌيڪ خطن پڙهڻ جي طاقت مون ۾ نه رهي. هڪ ڌارمڪ گرنٿ وانگر سڀ بنڊل ڊراور ۾ رکيا.
    ان ڏينهن کان پوءِ اهي رنگين لفافا جڏهن ڪڏهن به منهنجي هٿ ۾ ايندا هئا ته منهنجو چهرو بابي جي نوراني مکڙي کي ڏسي چمڪندو هو..
    ڪئلينڊر ڪروٽ بدليندو رهيو ۽ بابو، ڏاڏو به ٿي ويو.
    هڪ ڏينهن ٽپالي تار هٿ ۾ ڏني . . . . . مون تار کولي، احمد آباد مان آئي هئي، هن جي گهوٽ جي، بابي جي نالي هوءَ گذاري ويئي. انتم اِڇا هئس تون سندس ارٿيءَ ۾ شامل ٿين جلد روانو ٿي. منهنجا هٿ، پير ٿڌا ٿي ويا، تار کڻي بابي جي ڪمري ۾ ويس. دروازو مون بند ڪيو ۽ تار بابي جي هٿ ۾ ڏني. شينهن مڙس، ٻارن وانگر روئڻ لڳو آواز ٻڌي، امان به در کڙڪايو، “پُٽ ڇا ٿيو ؟ . . . . .” مون بابي کي ڀاڪر ۾ ڀري سانت ڪرائي پوءِ . . . دروازو کوليو ۽ امان کي ٻڌايو ته “بابي جو جگري دوست احمد آباد ۾ گذاري ويو آهي. تڪڙ ۾ منهنجا ۽ بابي جا ٻه ٻه اڇا وڳا وجهي، جلد بئگ ٺاهي ڏي، اسان ٻنهي کي وڃڻو آهي.”
    بابا مون ڏانهن وائڙن وانگر نهارڻ لڳو مون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ ڇاتيءَ سان لاتو ڄڻ ته هن جو درد چوسي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيم. سڄي سفر ۾ بابي ڪجهه به نه ڳالهايو.
    اتي پهتاسين. مون ان ديويءَ جو درشن ڪيو، پير ڇهيا. بابي کي سهارو ڏئي مکه درشن ڪرايو. هن جي پتيءَ ۽ بابا هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري پرچاڻي ڏني. ساڳيوئي ڏنگه وڇوڙي جو ٻنهي جي دل ۾، هڪ پائي به نه پاتو ٻئي نه پائي به گهڻو ڪجهه پاتو . . . . ڪيڏو نه تفاوت هو ٻنهي ۾. ائين پئي لڳو ٻنهي جي پهرين ملاقات نه هئي . . . . صدين کان هڪ ٻئي کي سڃاڻن.
    چکيا کي اگني مون ڏني، پڳڙيون ڪري روانا ٿياسين، گاڏي پنهنجي شهر ۾ پهتي، سامان کنيو، بابا کي چيو “اٿو پنهنجو شهر اچي ويو.” بابا جون اکيون الائي ڪٿي نهاري رهيون هيون.
    مون بابا کي ڀاڪر ۾ ڀري اُٿاريو ۽ بابا کي چيو “ ايشور جي رضا تي راضي رهڻ ئي زندگي آهي. آهي نه ؟ ”
    ۽ بابا ڪنڌ سان ‘ها’ ڪئي.


    2. چڪر ويوه

    مونيڪا جڏهن پنهنجي سيٽ ڇڏي اُٿي بيٺي ته مان وائڙي ٿيس. ڇاڪاڻ جو چڱو وقت بيهڻ کانپوءِ بس ۾ اسان ٻنهي کي ويهڻ لاءِ سيٽ ملي هئي. مون ان بس جي سيٽ ڏانهن نهاريو جتان هوءَ چڙي ۽ وياڪل ٿي اُٿي بيٺي هئي. ٽيويهن ـ چوويهن سالن جو هڪ ڇوڪرو اُتي ويٺل هو، جو پنهنجن خيالن ۾ ئي گم ٿي لڳو. هو دريءَ کان ٻاهر نهاري رهيو هو. لڳ ڀڳ اُن عمر جو پُٽ مونيڪا ديديءَ کي هجي ها ! هو مونيڪا جي رد عمل کان بلڪل اڻ ڄاڻ پنهنجن ئي پورن ۾ پيو لڳي. مونيڪا اشاري سان ڏيکاريو ته اهو ڇوڪرو کيس ڇُهڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
    چار پنج منٽ گذريا ته وري مونيڪا جو آواز آيو، “سريتا، اچ ته ايندڙ اسٽاپ تي لهي پئون.” هوءَ آس پاس بيٺل مردن ڏانهن خونخوار اکين سان نهاري رهي هئي. ڄڻ ته سڀ مرد کيس ڪچو کائي وڃڻ جي سازش ڪري رهيا هئا. مون هن جي ڳالهه مڃڻ ۾ ئي پنهنجي سلامتي سمجهي. مان من ئي من ۾ سوچڻ لڳيس ته 55 سالن کي به پار ڪندڙ مونيڪا هيءُ غير رواجي وهنوار ڇو ڪري رهي آهي ؟ هوءَ اُتاولي ٿي ڳالهائيندي پئي ويئي. “مان انهن مردن جي ذات کي خوب سڃاڻان” ۽ هوءَ تيستائين مردن جون بُرايون ڪندي رهي جيستائين اسين اچي پنهنجيءَ مقرر ٿيل جڳهه تي پهتيوسين.
    مونيڪا سان منهنجي ملاقات پهريون دفعو عجيب نموني ٿي هئي. مان شام جو ڪجهه خريد ڪرڻ ۽ پنڌ ڪرڻ جي خيالن کان گهر مان نڪتي هئس ۽ فوٽ پاٿ تي هڪ عورت کي پاڻ ڏانهن لڳاتار گهوريندي ڏٺم. وچولي قد، سانوري رنگ سندر اکين واري، سنهري، هلڪي رنگ جا ڪپڙا پهريل، هٿ ۾ ٻه سونيون چوڙيون، گلي ۾ ننڍو منگل سوتر پيل. هن اڳرائي ڪندي چيو، “هئلو ! مان مسز مونيڪا آهيان. توهانجا وار تمام سٺا ڪٽيل آهن. توهان ڪٿان وار ڪٽايا آهن ؟ ڇا توهين وقت ڪڍي مونکي وٺي هلندا؟” مون صاف دليءَ سان کيس پنهنجي بيوٽي پارلر جو نالو ٻڌايو ۽ کيس ائڊريس ٻڌائي. هن چيو، “مان هن شهر ۾ نئين آيل آهيان، چند مهينا ٿيا آهن، هن شهر ۾ آيا آهيون. منهنجو گهوٽ فئڪٽريءَ ۾ وڏي عهدي تي آهي. هلندا مون سان گڏ سڀاڻي ؟ ” ۽ مون ‘ها’ ڪئي.
    اهڙي نموني هن پهرين ملاقات ۾ ئي منهنجي گهر، گهر جي ڀاتين، پاسي وارن، نؤڪرن، نؤڪريءَ ۽ منهنجو روزانو ٽائيم ٽيبل ڄاڻي ورتو.
    ٻئي ڏينهن مقرر ٿيل وقت، ٺيڪ پنجين بجي منهنجي گهر اچي پهتي. پر هاڻ هوءَ روز به روز ڪو نه ڪو ڪارڻ ڳولهي، منهنجي گهر اچڻ لڳي ۽ هي ته ڏيکار، هوُ ته ڏيکار ڪندي لڳ ڀڳ روز اچڻ لڳي.
    مان نؤڪري ڪندڙ، صبح جو ڇهين بجي گهر مان نڪري منجهند جو ٻين ـ اڍائي بجي گهر ۾ پهچي، مشغولين جي منهن پوندي هئس. گهر ۾ اٺون نائون درجو پڙهندڙ ٻه ٻار. سندن کاڌي پيتي، هوم ورڪ ڏسڻ، سندن ڳالهيون ٻڌڻ ۽ روزمره جا سندن مسئلا سلجهائڻ، اُن سان گڏ سڄي گهر جي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ، سڄي گهر گرهستي ايمانداريءَ سان سنڀالڻ. نؤڪري ڪرڻ کانپوءِ مشغول وقت کان چورايل پل، مون لاءِ بيحد ملهائتا هوندا هئا. شام جو اڪيلي اڪيلي پنڌ ڪرڻ ۽ پنهنجي ئي پورن ۾ رهڻ ۽ ان بهاني گهر لاءِ ڀاڄيون وٺي اچڻ مونکي بيحد وڻندو هو.
    مونيڪا جي روز ـ روز اچڻ سان، سڄو گهر ڊانواڊول ٿي ويو. ڪنهن به ڪم کي مان مقرر ڪيل وقت نه پئي ڏيئي سگهان. ٻار پريشان، گهر گندو، مطلب ته سڀ اُلٽو سلٽو ٿيڻ لڳو ۽ آخر مون فون ڪري کيس چيو، “مونيڪا، دل ۾ نه ڪجانءِ، ٻارن جا امتحان ويجها آهن، ٻه هفتا کن مهرباني ڪري مون وٽ نه اچ” ۽ هُن اها ڳالهه قبول ڪئي.
    اٺن ڏهن ڏينهن کانپوءِ منهنجيءَ ڌيءُ جنهن حالت ۾ کيس ڏٺو، ان منهنجي من کي رجائي ڇڏيو. ميرا ڪپڙا، چهرو زرد، شرير پي ڌڏيس، ڄڻ ته پاڻ سان ڳالهائيندي پئي ويئي. منهنجيءَ ڌيءُ کي به نه سڃاتائين ۽ سندس ساهيڙين مونيڪا کي پاڳل يا بدحواس عورت سمجهي کِليو.
    الائي ڇو ؟ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي، هن لاءِ منهنجي من ۾ بيحد همدرديءَ جو جذبو جاڳيو. مهيني ڏيڍ ۾ هن مونکي ڪو خاص شڪايت جو موقعو نه ڏنوهو، پر ڪڏهن ڪڏهن مونکي سندس عجيب وهنوار نارمل نه لڳندو هو. ٻه ٽي دفعا هن اهو وهنوار دهرايو هو.
    ڪنهن دڪان تي اسين جي شاپنگ ڪرڻ وينديون هيوسين ته دڪاندار کي عجيب آواز ۽ اسٽائيل سان هوءَ چوندي هئي، “هيءُ ڇا ٿا ڏيکاريو ؟ هيءَ شيءِ ته ڪنهن ڪشور اوسٿا واريءَ کي سونهندي. مان ڪشوري (Teenager) ٿورو ئي آهيان. ” دڪاندار اُن جملي چوڻ واريءَ ڏانهن فطرتي طور ضرور نهاريندو . ڪو چالاڪ دڪاندار مرڪي چوندو هو، “ڀيڻ توهان ايڏا وڏا نٿا لڳو.” ته سندس چهرو ٻهڪندو هو ۽ هوءَ اُن دڪاندار وٽان خريداري ڪندي هئي. مان سندس ان ڳالهه تي ناراض به ٿيندي هئس. پر هن دليل ڏيندي چيو هو، “ مونکي هو ننڍين جون شيون ڇو ٿا ڏيکارين ؟” مون هن کي سمجهائيندي چيو، “تون هنن کي اهو ته Suggest ڪري سگهين ٿي مون کي ڇڊا رنگ ڏيکاريو، ننڍيون نازڪ ڦليون ڏيکاريو. هر ڳالهه ۾ عمر جو ذڪر ڪرڻ ٺيڪ نٿو لڳي. هر ڪنهن انسان جو کائڻ، پيئڻ، پائڻ جي پنهنجي شخصي پسندي هوندي آهي. هر ڳالهه ۾ عمر کي ٽنگڻ يا پنهنجين پسندين جو ليڪچر ڏيڻ غير واجبي ۽ غير شانائتي ڳالهه آهي. ”
    مونيڪا شايد بحث ڪرڻ جي موڊ ۾ هئي. چي، “ڪي زالون گهاٽي رنگ وارا، چمڪيلا، ريشمي ڪپڙا ۽ عجيب زيور پائينديون آهن. عمر کي وسارڻ جي ڪوشش ڪنديون آهن. مان اُنهن زالن مان نه آهيا ۽ مونکي اُنهن عورتن تي خوب غصو ايندو آهي.”
    سندس دليل ٻڌي مونکان وڏو ٽهڪ نڪري ويو. “تون پنهنجي شخصي پسندي ٻين تي ڇو ٿي مڙهڻ چاهين ؟ توکي ڪنهن اهو حق ڏنو آهي ؟ ۽ توکي من ۾ نه ٿئي ته هڪ ڳالهه ٿي چوانءِ، ٻڌ، تون انهن سڀني زالن کان وڌيڪ عمر وسارڻ جي ڪوشش ۾ آهين. اڇن وارن کي ڪارو يا برائون ڪري ڇڏڻ. هڪ به اڇو وار ڏسڻ ۾ نه اچي اُها ڪوشش، بيوٽي پارلر ۾ وڃڻ، مالشون ڪرائڻ ۽ ناز نخرن سان ڳالهائڻ، ڇا اهو سڀ عمر کي وسارڻ جي ڪوشش نه آهي ؟ صرف ڪپڙن جي رنگن ۾ اٽڪي پيئي آهين.”
    هڪ پل لاءِ هن جو چهرو وسامي ويو ۽ آهستي آهستي هوءَ آئيني جي اڳيان بيٺي ۽ مونجهايل چهري سان هن ٻڌايو، سريتا تون سڀ سچ ٿي چوين. ننڍي هوندي کان هڪ سئي آهي جا چڀيل آهي سيني ۾. اسين ٽي ڌيئر هيوسين. مان سڀ کان وڏي، ٻه ننڍيون ڀينرون. مان صاف رنگ جي نه هئس. ممي منهنجي لاءِ هلڪي رنگ جا ڪپڙا آڻيندي هئي ۽ سهڻين ڀينرن لاءِ گهاٽي رنگ جا، ريشمي ۽ اُچا. هميشه مونکي عمر جو احساس ڏياريندي هئي. تون وڏي آهين. ننڍين ڀينرن کي چوڙڻ، ماڻڻ ڏي، پر من ئي من ۾ مان اهي قربانيون ڪرڻ لاءِ تيار نه هئس. منهنجيون ٻئي ڀينرون اُچا سُٺا ڪپڙا پائي شهزاديون لڳنديون هيون ۽ مان اُجهاميل ۽ وساميل. نتيجو مونکي جيڪي ڏسڻ ايندا هئا اُهي منهنجين ڀينرن کي پسند ڪندا هئا ۽ ٻنهي ننڍين ڀينرن جي شادي به مونکان اڳ ۾ ٿي ويئي. مونکي خوبصورت عورتن کان چڙ آهي، هو سڀ ڪجهه کسي وٺنديون آهن.” مان سندس ويچار ٻڌي ڪجهه چوڻ چاهيو پي ته در تي گهنٽي وڳي. گهر ۾ اوندهه لڳي پيئي هئي. بتي ٻاري، منهنجو گهوٽ گهر ۾ آيو ۽ مونکي ماني رڌڻ ۾ به دير ٿي ويئي هئي. تڪڙ ۾ مونيڪا کان موڪلايو. پر من ئي من ۾ مون اهو فيصلو ڪيو ته مونيڪا هڪ منووگيان جو وشيه آهي جنهن جو اڀياس مان ضرور ڪنديس ۽ سندس باري ۾ وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو چاهه مون ۾ پيدا ٿيو.’
    ڇنڇر جو ڏينهن هو. مان پنهنجي روزاني ڪم ۾ ۽ هميشه وانگر ويچارن ۾ ٻڏل هئس. فون جي گهنٽي وڳي. مان پنهنجن خيالن کان يڪدم ٽپو ڏيئي ٻاهر نڪري آيس. مونيڪا جو ئي فون هو. سندس آواز ۾ ڏڪڻي هئي، “سريتا، جلدي گهر اچ. مونکي تنهنجي سخت گهرج آهي” ۽ هن پنهنجي گهر جي ائڊريس ڏني. سندس آواز ۾ ڪجهه اهڙو هو، جنهن منهنجيءَ دل کي ڇُهيو. سڀ ڪم ڇڏي، گهوٽ کي فون تي اطلاع ڏيئي، مان سندس گهر پهتس.
    گهر جو دروازو هن ئي کوليو. هوءَ تمام ٿڪل، ٿڪل ٿي لڳي. ٻئي صوفا تي ويٺيوسين ۽ مون کانئس حال احوال پڇڻ شروع ڪيو. هوءَ تمام اُداس ٿي لڳي. شاريرڪ طرح هوءَ ٺيڪ هئي. پر جڏهن مون کانئس سندس باري ۾ پڇيو ته هُن چيو، “صبح کان الائي ڇو من ڏاڍو گهٻرائي رهيو هو، اصل آپگهات جا ويچار اچي رهيا هئا. اڪيلي اڪيلي جو ويٺي آهيان.” مون دنياداريءَ واري نوع ۾ پڇيو، “ تنهنجا ٻار ڪٿي آهن ؟ ” هن عجب وٽان مون ڏانهن نهاري چيو، “ٻار ؟ مونکي ٻار ڪونهن. نه ئي ٻارن پيدا ڪرڻ جو شوق آهي. مونکي ته ٻار وڻن ئي ڪونه. ”
    سندس ويچار ٻڌي مان ڌڏي ويس. من ئي من فيصلو ڪري ورتم ته سندس شخصي زندگيءَ کي ڄاڻڻ جو. وايومنڊل ۾ هن جي ڪؤڙي ڳالهائڻ جي ڪري تناو محسوس ٿيڻ لڳو. سو اهو گهٽائڻ لاءِ مون وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيم، او ڪي. ! مونيڪا چانهه به نه پيئاريندينءَ ؟ پاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ کپي، ڪِچن ڪٿي آهي ؟ مان پاڻ ٿي پاڻي ڀري اچان. هن ڇرڪ ڀري‘ساري’ چيو ۽ پاڻ ڪِچن ۾ هلي ويئي.
    مون ٿوريءَ وقت ۾ سندس سڀاؤ، پسندي ۽ خيالات ڄاڻڻ جي خيال کان، هال جو جائزو ورتو. سڀ کان وڌيڪ مونکان ڇرڪ نڪري ويو جڏهن ويڊيو اڳيان رکيل ڪجهه ويڊيو ڪئسيٽ ڏٺا. اُنهن مان گهڻا ئي فاحش هئا. ٽيبل تي رکيل مئگزينون به ڪجهه اهڙيون ئي هيون.
    چانهه پيئندي مون کائنس خانگي سوال پُڇڻ شروع ڪيا. جنهن مان خبر پيئي ته سندس گهوٽ گهڻو ڪري فئڪٽريءَ جي ڪم سان گهر کان ٻاهر رهندو هو. فئڪٽريءَ ۾ نؤڪري ئي اهڙي هئس. پنهنجيءَ واندڪائيءَ جو وقت هوءَ ويڊيو ڏسي، مئگزينس پڙهڻ ۾ گذاريندي هئي. سندس ڪالونيءَ ۾ ڪابه استري هن جي ساهيڙي ٿيڻ جي لائق نه آهي. ڪارڻ پڇڻ تي هن ٻڌايو، “سڄو وقت ٻارن ۽ گهوٽن جون ڳالهيون ڪنديون رهنديون آهن ۽ انهن ٻنهي شين ۾ منهنجي دلچسپي ڪونهي. مان ڇا ڳالهايان؟ مونکي اهي ڳالهيون وڻن ئي نه ” هن دهرايو ۽ غصي وچان سندس شرير ڪنبڻ لڳو. وشيه بدلائڻ لاءِ، مون پنهنجي پرس مان هڪ بوهيچڻن جي پڙي ڪڍي کيس آڇيندي چيم، “اچ ته کائون. ” هن ان پڙيءَ کي پري هٽائيندي چيو، “مان ٻارن وانگر پڙين ۾ بوهي چڻا کائڻ پسند نه ڪندي آهيان. هن عمر ۾ سونهين ٿو ؟ ” هن حقارت وچان بوهي چڻن کي ڏسندي چيو. مونکي من ئي من ۾ خوب غصو آهي. سوچيم، اچي ويئي وري عمر تي، هاڻ ڇا ڳالهايان ؟ جنهن ۾ عمر نه اچي، ٻار ۽ گهوٽ به نه اچي. ڪي لڪل ڏنگ آهن جي کيس لڳن ٿا، انهن وشين تي. خير، ٿورو وقت هيڏانهن هوڏانهن جون بي مطلبي ڳالهيون ڪري مون کانئس رخصت ورتي.
    گهر ۾ اچڻ سان ئي وري مان، روزمره جي مشغولين ۾ گُم ٿي ويس. ڪي ڏينهن منهنجي نڻان به ٻارن سوڌي مون وٽ رهيل هئي ۽ مان پنهنجي لاءِ به چند گهڙيون حاصل نه پيئي ڪري سگهان. مس اڄ موڪل جو ڏينهن مليو ۽ ٻارن سان به بي اوني ٿي ٽي وي ڏسي رهي هيس. دروازي تي گهنٽي وڄڻ جي بدران زور سان ڪوئي ٺڪ ٺڪ ڪري رهيو هو. آواز تمام زور سان هو، منهنجيءَ ڌيءُ اٿي دروازو کوليو.
    بدحواس مونيڪا گهر ۾ داخل ٿي. هن منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ اندرين ڪمري ڏانهن گهلڻ لڳي. مون ٻارن کي اِشارو ڪيو ته اُتي ئي ويٺا هجن. هوءَ گهليندي مونکي ڪمري جي دريءَ وٽ وٺي آئي ۽ رستي طرف اشارو ڪندي چيائين، “ ڏس، هي گندا مرد، منهنجو پُٺِ وٺي رهيا آهن ۽ مونکي ڏسي گندا اشارا ڪري رهيا هئا. مان سهڻي ۽ ننڍي جو ٿي لڳان.” مون کيس ڌونڌاريندي چيو، “مونيڪا هي ته ننڍا ڇوڪرا آهن. جي توکي ٻار هجن ها ته انهن جيترا هجن ها! توکي ڇو چيڙائيندا ؟ تو ڏانهن ڇو نهاريندا ؟ جڏهن هنن جون هم عمر ڇوڪريو رستي تي گهمي رهيون آهن. مونيڪا هنن ڇوڪرن جي نظر ۾ تون سندن ممي يا وڏي آنٽي آهين. هو ته پنهجي ئي مؤج ۾ مگن ڳائيندا پيا وڃن.”
    هڪ پل ۾ هن جو جو چهرو وسامي ويو ۽ هميشه وانگر آئيني ۾ پاڻ کي ڏسڻ لڳي، ڄڻ ته پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. مون ڪمري جو دروازو بند ڪري ڇڏيو، متان ٻار اسانجي گفتگو ٻڌن. ٿورو وقت آسائش ۽ آرام ڪرڻ کانپوءِ هوءَ هلي ويئي. مون لاءِ سوال، اُڻ تڻ ۽ هن جي باري ۾ سوچڻ لاءِ مجبور ڪري. هڪ ضد پئدا ٿيو منهنجي من ۾ ‘هن کي سمورو ڄاڻڻ جو’.
    ٿورن ڏينهن کانپوءِ مونيڪا ۽ منهنجي گڏجاڻي هڪ چمپلن جي دڪان تي ٿي. خريداري ڪري اسين پاسي واري هڪ سانتيڪي ريسٽارنٽ ۾ گهڙي ويوسين. ڪولڊ ڊرنڪس جو آرڊر ڏنوسين. مون کانئس سوال پُڇي ورتو، “تنهنجو گهوٽ گهڻو ڪري غائب ڇو ٿو رهي ؟ اهڙي ڪهڙي نؤڪري ؟ اهڙي ڪهڙي مجبوري آهي ؟ ”
    “مان اڌوري عورت جو آهيان ! مون گهڻائي علاج ڪرايا پورڻتا پائڻ لاءِ، ٻار منهنجي گهوٽ کي به وڻندا آهن ۽ مونکي به. پر مان هن جڏي جسم کي ڇا ڪيان ؟ ڦڪيون، علاج، دعائون وئرٿ ويون ۽ ڍڳ پئسا به. مون ته ممتا جو در بند ڪري ڪلف چاڙهي چاٻي ڦٽي ڪري ڇڏي ڪنهن سمنڊ ۾ ۽ گهوٽ کي وس ۾ رکڻ لاءِ شرير کي سجايم، سنواريم، جاڳايم. رچنا نه ڪندڙ هن شرير کي مينڪا بڻايم. منهنجي چال، شڪل، آواز، گهر جي وايومنڊل ۾ واسنا سمائجي ويئي. جيئن منهنجو راڻو مون سان ريجهيل رهي. هو مونکي ڇڏي نه وڃي. هن عمر ۾ اهو سڀ ڪجهه مون لاءِ ڪيترو مشڪل هو سريتا!”يڪساهي ايترو ڳالهائڻ کانپوءِ هوءَ ٿڪجي پيئي هئي. هن جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. اسان جون آرڊر ڪيل شيون ويٽر رکي ويو ۽ چپ چاپ مان آرينج جوس ۽ هوءَ ڪولڊ ڪافي جا ڍُڪ ڀرڻ لڳيوسين ۽ ختم ڪري ٻاهر نڪتيوسين.
    ٻاهر نڪرندي ئي مون گجري وارو ڏٺو. مونکي موگري جا اڇا سرهاڻ وارا گل بيحد وڻندا آهن. ٻه گجرا ورتا، هڪ مون پاتو ۽ هڪ کيس پائي ۽ تمام پاٻوه مان ڏانهنس نهاريم. سندس اکين ۾ ڳوڙها اٽڪيل هئا. جن کي اکين اندر لڪائڻ جي هوءَ بي حد ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ هن منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. مون هن کي هلڪي چهنڊڙي پائيندي، شرارتي نوع ۾ چيو، “ته پتيءَ جو پيار حاصل ڪرڻ لاءِ تو هيترا جتن ڪيا ؟ شاباس ! هن عمر ۾ به . . . خير تون به ته ساوتري ٿينءَ جو ستيوان حاصل ڪيئه.”
    منهنجي پيار ڀريءَ ڳالهه جو اثر به الائي هن تي ڪهڙو پيو جو هن جو منهن ڳاڙهو ٿي ويو ۽ لرزندي چوڻ لڳي، “مان ڪجهه به وڃائڻ نٿي چاهيان. حاصل ڪرڻ ٿي چاهيان مونکي ديا ۽ همدردي نه کپي. ورهايل پتي نه. پر سمورو، من ۽ تن سان صرف مونکي چاهيندڙ. پر الا ! سريتا ائين نه ٿيو” ۽ هن جي اهڙي حالت ڏسي مان گهٻرائجي ويس ۽ يڪدم آٽو رڪشا سڏائي ۽ ٿورو سهارو ڏيئي کيس اندر داخل ڪيو ۽ کيس چپ ڪري ويهڻ جو اشارو ڪيو. هڪ ڏاهي ٻار جيان هن منهنجو چيو مڃي وڦلڻ بند ڪيو، پر ڦٿڪندي ۽ لڇندي رهي. مون سندس ڪنڌ پنهنجي ڪلهن تي رکيو ۽ آهستي آهستي مٿي تي آڱريون ڦيرائڻ لڳس، هن کي ٿورو آرام ۽ آٿت اچي رهيو هو.
    گهر اچي مون کيس اندر ڪمري ۾ ليٽايو. پاڻي پيئاريو، گرم ڪافيءَ جو اڌ ڪوپ پيئاريو. هن اکين ئي اکين ۾ منهنجا شڪرانا بجا آندا. مون سندس هٿ پڪڙي پيار ۽ ميٺاج ڀري لهجي سان پڇيو، “مونکي هاڻ ۽ اڄ سڀ ڪجهه ٻڌاءِ، بس هاڻ نه لڪاءِ، ڇا ٿيو ؟ ”
    “منهنجي پتيءَ فلئٽ منهنجي نالي تي ڪيو آهي، ماهوار خرچ به ڏيندو آهي. مهيني ڏيڍ چڪر به هڻندو آهي. ٿورا ڏينهن ٿيا هوُ آيو، ڀڄنن جي ڪئسٽ وٺي. ديوارن تي ديوتائن ۽ سنتن جا چتر لڳائي ڇڏيائين. مون لاءِ ڍڳ ڌارمڪ ڪتاب آندائين ۽ مونکي ستسنگ ۾ وڃڻ لاءِ صلاح ڏنائين تن ۽ من کي شانت ڪرڻ جا اُپار ٻڌائڻ لڳو.”
    مون چيو، “تمام سٺو، اهو ته آنند مارگه آهي، توهان ٻنهي جي ان ۾ ڀلائي آهي.”
    هن تمام ڏکاري آواز ۾ چيو، “ ٻنهي لاءِ نه، صرف مون لاءِ. ”
    مان سوالي نظر سان کيس نهارڻ لڳم. مونيڪا آهستي آهستي دريءَ جي ويجهو وڃي بيٺي ۽ تازي هوا سواسن ۾ سمائڻ لڳي. “ٻڌ سريتا، منهنجو پتي، هڪ ڪامي پرش هو. نؤڪري ۽ ٽوئرنگ جو بهانو ڪري، الائي گهڻن گهاٽن جو پاڻي هو پي ايندو هو. طرح طرح جون دوائون ۽ مون مٿان به الائي گهڻا تجربا ڪندو رهيو، مان به کيس وڃائڻ نه پيئي چاهيان. بس جيستائين هلي سگهيس، هليس. پر . . . آخر ۾ هن بئنگلور ۾ شادي ڪري ڇڏي، ٻاويهن سالين جي ڇوڪري آهي ۽ اُن مان کيس هڪ ٻار به آهي. ”
    مون کيس سندس ڳالهه کي اڌ ۾ ئي ڪپيندي چيو، “متان ڪنهن ڪوڙ ڳالهايو هجي، متان ٻڌل ڳالهين تي ڀروسو ڪرين ! ”
    هوءَ هنيانءُ ڦاڙي روئڻ لڳي ۽ سڏڪندي چوڻ لڳي، “هن پاڻ ئي مونکي ٻڌايو. ان ڳالهه کي ڇهه اٺ مهينا ٿيا ۽ ان دؤر ۾ ئي سريتا تون مونکي گڏينءَ ۽ مان توکي چنبڙي پيس، هن عمر ۾ جاڳايل شرير، مئل من، ڀٽڪيل آتما کڻي، مان پيئي ڀٽڪان، منهنجا ٻئي جهان ويا، نه هتان جي نه هُتان جي . . . هي مرد . . . ” بس پوءِ ته مونيڪا مرد ذات لاءِ . . . . ڌوڙيو وسائيندي رهي. ‘مرد́’ اکر سان سندس اکيون خؤفناڪ ٿي رهيون هيون. ڪو زلزلو اچي ويو، جنهن کي شانت ڪرڻ ۾ منهنجي همٿ به جواب ڏيئي بيٺي هئي. مون سندس ٿڌن ۽ پگهريل پيرن کي مالش ڪرڻ شروع ڪئي. ڪمري جون دريون کولي ڇڏيون. ڀرپور هوا ملي کيس، ٻيو ڇا ٿي ڪري سگهيس مان؟ مون سندس مٿي تي هٿ گهمائڻ شروع ڪيا ۽ آهستي آهستي بلڪل سر گوشي ڪندي کيس شانت رهڻ لاءِ چوڻ لڳس. “مونيڪا سويڪار ڪر. پنهنجي تتل من کي ٿڌو ڇنڊو هڻڻ جي ڪوشش ڪر. ڪٿي ڪا ننڍي وڏي نؤڪري ڪري، من کي رماءِ. جيڪي ٿي چڪو اُن کي بدلائي نٿو سگهجي. ان جو اثر گهٽائڻ جي ڪوشش ڪر. تون ضرور ان حالت مان ٻاهر نڪرندينءَ، مونکي پڪ آهي، مان آهيان نه توسان.”
    هن ڪنڌ ڌوڻيو ۽ ڦڪي مرڪ مرڪي. اڌ ڪلاڪ کن هن کي پنهنجي گهر ۾ آرام ڪرائي مان کيس اڪيلي گهر ۾ اڪيلي ڇڏي آيس.
    ڪجهه ڏينهن کانپوءِ مون کيس پنهنجي هڪ ڄاڻ سڃاڻپ واري ڊاڪٽر جي ڪلنڪ ۾ هڪ ننڍڙي نؤڪري وٺي ڏني جيئن سندس چند ڪلاڪ مشغول گذرن، پر حال احوال پڇڻ مان خبر پوندي رهي، هوءَ پنهنجو من رمائڻ ۾ اسمرٿ ٿي رهي آهي. چئن پنجن ڏينهن کان هوءَ اُتي عير حاضر رهي ۽ گهر ۾ به جڏهن فون ڪيان پيئي ته ڪوئي کڻي نه پيو.
    آخر مونيڪا ئي اچي پهتي منهنجي گهر. چهرو پيلو، هٿن ۾ ڏڪڻي، مونکي گهلي دريءَ وٽ وٺي آئي ۽ پنهنجي اڳ ۾ ڪيل ورتاو جو دهراءُ ڪرڻ لڳي، “ ڏس، هو گندا مرد مونکي چيڙائين ٿا . . . .” ۽ بس الائي ڇاڇا چوندي پيئي وڃي، مون ڏانهنس نهاريم ۽ هڪ ٿڌو ساهه کڄي ويو. اُف ! هڪ عمر جي چڪرويوه ۾ ڦاسي، هوءَ پاڻ پنهنجي دشمن بڻجي پيئي آهي، حالتن جو شڪار مونيڪا! ڇا هوءَ هن چڪرويوه مان نڪري سگهندي ؟؟؟ مون آسمان طرف نهاريو.


    3. وهڪري جو موڙ

    پنجن ڇهن سالن کانپوءِ اڄ انتظار جو گهڙيون پوريون ٿيون آهن. اڄ هو اچڻو آهي، اُهو جنهن جي ساهه سان مون ساهه کنيو آهي، جنهن جون عادتون، پسنديون، سڀاءُ، ويچار منهنجيءَ شخصيت ۾ سمائجي ويا آهن، جنهن جي گڏ هئڻ جي احساس کان مان هڪ پل به آجي نه ٿي سگهي آهيا.
    قلمي دوست جي ڪالم ۾ هن جو نالو، ائڊريس پيل هئي. رچنا منهنجي ڌيءُ، ڊوڙندي مون وٽ آئي ۽ اها ائڊريس ڏيکاريائين ۽ چوڻ لڳي “ ممي، هن شخص جون پسندگيون بلڪل تو جهڙيون آهن، ساهت ۾ شونق، چترڪلا، قدرت سان پيار، ڳوڙهين وشين جهڙوڪ منووگيان ۽ فلاسافيءَ تي ويچار ونڊڻ، پُراڻن فلمي، غيرفلمي گيتن سان پيار ۽ گنگنائڻ. ممي بس خط لک ۽ پنهنجي ائڊريس به لک.”
    مون رچنا جو ڪن پٽيندي چيو، “ پر هن ۾ عمر ڪٿي لکيل آهي ؟
    “اهڙا ويچار جو رکندڙ هوندو سو ننڍو ٻار ته نه هوندو. توکي پنهنجا خيال ونڊڻ لاءِ ڪو ساٿي کپي. ڇڏ هاڻ ان ڳالهه کي. ڏس لفافي تي ائڊريس به وجهي ٿي ڏيانءِ. ”
    هن هڪ خط لکيو، جلد ئي هن جو جواب آيو. بس الائي ڇا ٿيو. ٻنهي طرفن کان خطن جي برسات وسڻ لڳي. ائين پئي لڳو، ڄڻ صدين جو ساٿ هو. ٻه جاڙيون آتمائون هيون جي وڇڙي مليون هيون.
    مونکي ننڍي هوندي کان ئي نرتيه، سنگيت، چترڪلا ۽ ساهت سان پاڳلپڻ جي حد تائين پيار هو. چڱائي انعام کٽيا هئم. پر گرئجوئيٽ ٿيڻ سان ئي شادي هڪ سکي ستابي گهر ۾، مائٽن جي ڳولها ۽ پسنديءَ سان ٿي ويئي. منهنجو پتي واپاري هو. بنگلو، ڪار ۽ ٻيا سڀ عيش عشرت جا سامان هڪيا تڪيا حاضر هئا. گهٽتائي هئي ته گيت، سنگيت ۽ ڪلا جي هئي. پتي پئسن ڪمائڻ جي هڪ مشين هو. گهر جي نُنه کي صرف گهرو ڳالهين، رڌڻ، پچائڻ، ڀرت، زيور ۽ اُن جي ساراهه يا نندا ڪرڻ جي اختياري هئي. ڳائڻ، وڄائڻ ۽ ٻين ڪلائن کي گهٽتائيءَ واري نظر سان ڏٺو ويندو هو.
    منهنجو من ڪومائجي ويو. چنڊ، تارا، گل شبنم، پهاڙ، جهرڻا، لئه تال، وينا، سڀ وسارڻا پيا. مان اُڃايل هئس دل جي دنيا جي.
    وقت گذرندو ويو. ٻه ٻار به ٿيا. گلڙن جيان پيارا پيار، منهنجيءَ ممتا جا دلارا، جن منهنجي سخت ٿيل دل جي زمين ۾ نمي ۽ گرمائش آندي. مشيني زندگيءَ ۾ ڪجهه بدل سدل آئي. مان هڏ ماس جي ٿيڻ لڳي هئس. وڏي رچنا ۽ ننڍو آڪاش، انهن جي پيار ۽ شيوا ۾ ڪئلينڊر ڪروٽ بدليندو رهيو.
    قدرت کي منهنجو خوش رهڻ پسند نه هو. اچانڪ هڪ حادثي ۾ منهنجو پتي سرڳواس ٿي ويو. هاڻ مان ۽ منهنجي رُکي زندگي، پتيءَ جو ڪاروبار سنڀالڻ، ٻارن کي وڏو ڪرڻ. ماءُ به مان ته پيءُ به مان.
    مان وري خشڪ ۽ مشين بڻجڻ لڳس.
    اچانڪ رچنا، جا اُن وقت چوڏهن سالن جي هئي، اُن راڪيش سان خطن وسيلي جوڙي ڇڏيو.
    ڳالهيون دل جون ڳالهيون، ۽ ائين منهنجو ننڍپڻ، جواني سڀ واپس وري آيا، بهار جي مند اچي ويئي. منهنجي خزان روپي جيون ۾ وسريل گيت ياد اچڻ لڳا. منووگيان ۽ فلاسافيءَ جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ. هوُ هڪ سٺو چترڪار به هو ۽ پنهنجا لکيل ڪتاب به هن موڪليا. منهنجو اندر جو سمهيل ڪلاڪار جاڳي اُٿيو. جيڪو وقت پيو ملي، ڪلا جي ساڌنا ۾ گذارڻ لڳس.
    اسان جيون جي هر اُڏام ۾ گڏ هئاسين. پر جڏهن مان هن جي گهروُ زندگي، عمر جي باري ۾ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندي هئس ته هو بلڪل خوبصورت انداز ۾ ٽاري ويندو هو.
    هن جا خط، هن جي ٻولي، هن جو ڪوتائون، هن جا چتر، هن جا خيال، بس مان پنهنجو وجود وساري ويٺي هئس. مان بيهوش، خماريل، مدهوش، ڪنهن ٻيءَ دنيا ۾ رهڻ لڳيس.
    منهنجي ڌيءَ رچنا، هوبهو مون تي ويئي هئي. رنگ روپ، نزاڪت، ڪلا، ڪلا جي مورتي. هوءَ ڌيءُ کان وڌيڪ منهنجي ساهيڙي هئي. مون ۾ هوءَ ڀرپور دلچسپي وٺندي هئي. منهنجون رچنائون پڙهندي هئي. اُتساهه وڌائيندي هئي. شروع شروع ۾ مون رچنا کي راڪيش جا ٻه چار خط پڙهي ٻڌايا، هوءَ بيحد متاثر ٿي هئي ۽ هن جو چهرو ٻهڪڻ لڳو. ڌيري ڌيري الائي ڇو مون کيس خط پڙهائڻ بند ڪري ڇڏيا. ڪڏهن ڪڏهن مونکي بيحد خوش ڏسي شرارت ڀرين اکين سان پُڇي وهندي هئي، “راڪيش جو خط آيو آهي ؟ ”
    زندگيءَ کي جيئڻ جو مقصد ملي ويو. ٻن ٻارن کي پالي وڏو ڪرڻ اڪيلي سر مون جهڙي نازڪ، ڪلپنا جي دنيا ۾ رهندڙ، ٽاڪئين دل رکندڙ کي، حساب ڪتاب، انگ آڪڙا ۽ پتيءَ جي صحبت بنا، اڪيلي زندگيءَ کي سنڀلجڻ جو موقعو مليو. هن جي مٺڙين يادگيرين سان، هن جا لکيل جملا، شعر، ڪهاڻيو ۽ خيالن جي نفاست، اکرن جي چونڊ، بس هر وقت هو ۽ هن جي ڪلپنا. مان خوش رهڻ ڪري ۽ ڪنهن عجيب من مطابق ماحول ۾ رهڻ ڪري، هونءَ کان وڌيڪ سندر ٿيندي پيئي وڃان. خوب خيال ڪرڻ لڳس صحت، شرير ۽ پوشاڪن جو.
    اڄ هوُ اچي رهيو آهي . . . ڪيئن هوندو ؟ عمر ؟ قد ؟ سونهن ؟ پنجن سالن کان گهرڻ تي فوٽو به نه موڪليائين.
    ڪيئن گڏجنداسين؟ رسمي طور ؟ ڀاڪر پائي ؟ يا مان شايد بيهوش ٿي وڃان ؟
    مان اڪيلي هونديس ؟ رچنا هوندي ؟ پپو هوندو اُن وقت ؟ ڪم واريءَ مائيءَ کي موڪل ڏيئي ڇڏيان ؟ ڌوٻي، مالهي، ڀاڄين وارا سڀ ته هميشه وانگر ايندا ئي رهندا ؟
    گڏجڻ وارا به هونئن کان وڌيڪ ضرور ايندا. خاص ان وقت جڏهن هوُ اچي، ان هڪ پل لاءِ ته مان اڪيلي هجان، اُهو هڪ پل.
    پر ڇا انسان جيڪي چاهيندو آهي سو ٿيندو آهي ؟ هرگز نه، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ ته ائين نه ٿيو. اڄ اهڙو نه سڀاڳو ڏينهن هو، جو هرڪو بندو حاضر هو گهر ۾. پپوءَ کي به ڪنهن ڪم سان ٻاهر موڪليم. نؤڪر کي ڀاڄي وٺڻ لاءِ ۽ مائيءَ کي به اهڙي ڪم لاءِ جو ڪلاڪ کن ته نه اچن. پر رچنا ! هو ڪتاب کڻي پڙهڻ جو موڊ بڻائي ويٺي رهي. خرچي هٿ ۾ ڏيئي بينا، رينا، ٽينا وٽ وڃڻ لاءِ چيومانس. پر هوءَ ڪنهن به صورت ۾ گهر کان ٻاهر پير ڪڍڻ لاءِ تيار نه هئي.
    آئيني اڳيان بيهي پنهنجو ڀرپور جائزو ورتم، هلڪو ميڪ اپ ڪيم، ڪن وٽ ۽ سينڌ ۾ ٿورا اڇا وار ڄڻ ته مونکي چيڙائي رهيا هئا. ڪاري ڪاجل جي پينسل سان انهن کي ڪارو ڪري ڇڏيم. عمر کان گهٽ ۾ گهٽ پاڻ کي ڏهه سال ننڍو پاتم. گلابي ساڙهي پاتم، وارن ۾ گلابي رنگ جو گلاب لڳايم پنهنجيءَ سندرتا تي پاڻ موهت ٿيڻ لڳس. مون پاڻ کي اڌ خماريل حالت ۾ پئي محسوس ڪيو.
    دروازي جي گهنٽي وڳي، منهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ وڌي ويئي. ننڍي ٻار جيان گهٻرائجي اندرين ڪمري ۾ ڀڄي ويس جتان پڙدي جي پٺيان بيهي رهيس. هال سڄو اتان نظر اچي رهيو هو. رچنا ئي ڊوڙي دروازو کوليو. 24، 25 سالن جو لنبو، چؤڙو، خوبصورت جوان اندر گهڙيو.
    “ مان راڪيش آهيان ” هن وڏو ٽهڪ ڏنو، پر هي ڇا ؟ منهنجيون اکيون ۽ ڪن ڇا ڏسي ٻڌي رهيا هئا ؟ رچنا پنهنجين ٻانهن ۾ راڪيش کي جڪڙي ڇڏيو ۽ راڪيش به رچنا جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائي نرڙ تي هڪ مٺي . . . . منهنجيون ٽنگون ڌڏڻ لڳيو، ڪنن ۾ سيٽيون وڄڻ لڳيون، اکين اڳيان اونڌهه، پر الائي ڪٿان همٿ آئي جو رنڌڻي واري پٺين دروازي کان ٻاهر نڪري هلي ويس. منهنجا پير مونکي الائي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهيا هئا. دنيا کان بي خبر . . . الائي ڪنهن کان مان ڀڄي رهي هيس، شايد پنهنجو پاڻ کان ؟ ؟
    جنهن شخص جو مون هيترا سال انتظار ڪيو، نس نس ۾ جنهن جو پيار سمائجي ويو هو، جنهن سان ڏينهن رات هم ڪلام رهندي هيس، اهو هي راڪيش هو ؟
    هي سڀ ڇا ٿي ويو ؟ ڪڏهن ٿيو ؟ رچنا ڪڏهن کان راڪيش کي چاهڻ لڳي ؟ ڇا هن به راڪيش کي خط لکڻ شروع ڪيا هئا؟ ڇا هن کي راڪيش جي عمر جي خبر هئي؟ ڇا هوءَ هن جا خط به پڙهندي رهندي هئي. راڪيش کي ڪهرو ڏوهه ڏيان ؟ ڪڏهن به ته اسان ٻنهي پيار جو اظهار، ڪنهن به خط ۾ نه ڪيو هو. هڪ شخص کي ماءُ ۽ ڌيءُ هيترا سال پيار ڪنديون رهيون ! هيءُ ڪهڙي قسم جو ٽڪنڊو ؟
    شانت چت سان گهر جي باغ واري نل مان منهن ڌوتم، ميڪ اپ چڱيءَ طرح لاٿم، سينڌ وٽ اڇن وارن کي ڪاري پينسل لڳائي هيم سا به اگهيم، مٿي تي پلئه وڌم ۽ هڪ پل ۾ پاڻ کي پنهنجيءَ عمر کان به وڏو محسوس ڪيم.
    ساڳي ئي رنڌڻي جي پٺئين دروازي کان اندر آيس، فرج مان پاڻي ڪڍي پيتم. آواز ٻڌي رچنا ڊڪندي ڊڪندي اندر آئي، ڀاڪر پائي لاڏ ۽ چوڄ مان چيائين، “ممي، تون ڪيڏانهن گم ٿي ويئي هئينءَ ؟ ڏس ته تنهنجو راڪيش آيو آهي ! ”
    مون نمستي ڪئي ۽ . . . . ۽ پختائيءَ سان چيم، “پُٽ راڪيش، سفر ڪيئن ڪٽيو ؟ ”


    4. ٽڙيل پکڙيل

    هلو . . . هلو . . . مان فون تي ڪندي رهيس . . . فون تي ڪنهن انگلش ۾ ڳالهايو. هلو جي جواب کانپوءِ مون سنڌيءَ ۾ چيو، “توهين سنڌي آهيو؟ ” جواب وري به انگلش ۾ آيو، “ ييس”. مون چيو، “ گهر ۾ ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ آهي ؟ ” ۽ هن چيو “ ها، منهنجي سس 70 سالن جي، اڄ ڪلهه ڪنهن کي سنڌي ٿي اچي.” هوءَ سڀ ڪجهه انگريزيءَ ۾ ئي ڳالهائي رهي هئي. “ترسو، مان سس کي سڏيان ٿي، پر تون ڪير آهين؟” مون پنهنجو نالو ٻڌايو. هن پڇيو، “تون به سنڌي آهين ؟” مون چيو، “ ها ”. “منهنجي سسُ جيتري ؟ ” مون چيو “ نه ” ۽ هن کي پنهنجي عمر ٻڌائي “ اڙي، توکي سنڌي ڪيئن ٿي اچي؟ هن پاسي رهي به. مون کليو . . ۽ چيو “پنهنجيءَ مميءَ کي سڏ” هن ڪنهن کي نياپو ڏنو سڏڻ لاءِ، پر هن جي دلچسپي رهجي ويئي. هن کي سنڌي نه پئي اچي. هن پنهنجو نالو نيتو ٻڌايو.
    جيستائين سنڌي سسُ اچي تيستائين اسان جي وارتالاپ انگلش ۾ هلي رهي هئي. . . هن پڇيو، “توکي سنڌي ان لاءِ ٿي اچي جو تون سنڌي ميڊيم ۾ پڙهينءَ ؟” مون قبوليو.
    هوءَ يعني نيتو منهنجي سنڌي ميڊيم ۾ هئڻ جو ٻڌي ڄڻ ته خوش ٿي ۽ تمام نخريلي آواز ۾ چيائين، “اوهه، مان ته فلاڻي فلاڻي ڪانوينٽ مان پڙهيل آهيان. اِن ڪري ئي منهنجا اُچار به آمريڪين جهڙا آهن . . . . ” مون سندس لهجي کي ساراهيو، هوءَ تمام خوش ٿي ويئي ۽ ايتري ۾ سندس ٻڍي سسُ شايد فون اڳيان آئي ۽ هن سان نيتوءَ هنديءَ ۾ ڳالهايو ۽ مون کي فون تي چيائين، “ڇا ڪيان منهنجي سسُ کي انگلش نه ايندي آهي. سو ٽٽل ڦٽل هنديءَ ۾ ڳالهائيندي آهيانس. نؤڪرياڻيءَ لاءِ مرهٽي ٿوري ٿوري سکي آهيان ۽ سسُ لاءِ هندي” ۽ نيتوءَ سسُ کي فون ڏيندي چيو، “ممي، ڪا سنڌي مائي آهي، جا توسان سنڌي ۾ ڳالهائڻ ٿي چاهي، مان هن کي ڪونه سڃاڻان.”
    ڪنهن جي هٿ ۾ فون هو، “هلو، هلو؟ مون پيار وچان چيو، “امڙ ڪيئن آهيو؟”
    الائي ڇا مون چيو . . . . فون تي مون کي سڏڪا ٻڌڻ ۾ آيا ۽ سڏڪن جي وچ ۾ هڪ جهيڻو ڌڏندڙ آواز حب سان ڀريل، “ تون امڙ چيو . . تون سنڌي ڳالهائي ؟ . . منهنجو به هنيانءُ ڀرجي آيو، اڻ ڏٺل، اڻ سڃاتل پنهنجيءَ سڳيءَ امان جي عمر جهڙي استريءَ جي واتان اُن گهڙيءَ اُهي الفاظ ٻڌي ۽ امڙ اکر جو مٺاس ۽ سندس تاثير ڏسي.
    آخر اسان ٻنهي پاڻ کي سنڀاليو. هن پڇيو، “ تون ڪير آهين؟ سنڌي ڳالهائڻ ڇو ٿي چاهين ؟ ڪيتري عمر اٿيئي؟ نالو وغيره . . . سوالن پٺيان سوال . . مون اُنهيءَ ٻڍيءَ امڙ کي سڀ ڪجهه ٻڌايو ۽ باقي سنڌي ڳالهائڻ جو مقصد ٻڌائڻ لاءِ مون چيو، “ امان ! ويجهو ته رهندا آهيو، ڇا گهر به نه گهرائيندا؟” هن چيو، “ڇو نه دل! نيتو گهر جو پتو ٻڌائيندءِ، مون کي ته رستا وغيره به خبر نه آهن. موتئي بندوءَ جي آپريشن جڏو ڪري ڇڏيو آهي، پر اسان جو بنگلو تمام وڏو آهي، توکي فون نمبر ڪٿان مليو ؟ ”
    مون چيو ڊائريڪٽريءَ مان سڀني سنڌين جا فون نمبر هٿ ڪيا آهن.
    پڇيائين “ ڇو ؟ ڇا ڪندينءَ سڀني سنڌين سان گڏجي؟ چندو ڪٺو ڪرڻو اٿيئي ؟ ڪنهن سنڌي سنسٿا جو ميمبر بڻائڻو اٿيئي؟ ڇا ڪرڻو اٿيئي؟ هن ايراضيءَ ۾ جٿي سڀ مرهٽا رهن، سنڌي رهندا آهن ڇا؟ گهڻا سنڌي گهر آهن؟”
    مون کلي چيو، “ امڙ 39 گهر، پر سڀ ٽڙيل پکڙيل، هڪ ٻئي جي وجود کان بي خبر، هڪڙا مراٺا ٽائيپ سنڌي، هڪڙا هندي ميڊيم ٽائيپ سنڌي، هڪڙا انگريزي ٽائيپ ساري انگلش ميڊيم ٽائيپ سنڌي، سنڌي ناهن ڄڻ ته ڪي ميڊيمس آهن ٻولين جا، پاڻ کي ڪهن به رنگ ۾ رنگيندڙ سنڌي ايترا ته رنگجي ٿا وڃن جو سندن اصلوڪو رنگ ڪهڙو، سو به خبر نه پوي.” ٻئي پاسي ڪوبه آواز نه ٻڌي مان سمجهي ويس ٻڍي امڙ کي منهنجيون ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون، سو تڙتڪڙ ۾ چيم، “ امڙ، پوءِ نُنهن کي چئو، مون کي ائڊريس ڏئي، مان سڀاڻي گهر ايندس ۽ خوب ڳالهيون ڪنداسين.”
    ٻئي ڏينهن مقرر ڪيل وقت موجب مون گهر ۾ قدم رکيو، وڏو شاندار باغ، طرح طرح جا گل هئا اُن باغ ۾، اُتي مون گُلن جي وچ ۾، گُلن جيان ٽڙندڙ هڪ مکڙو ڏٺو، هن مرڪيو، مون به . . . . هن مرڪي هٿ وڌايو ۽ انگريزيءَ ۾ چيو، مان نيتو. ۽ مان توهان کي ڏسي وائڙي ٿي ويئي آهيان. فون تي ڳالهائيندي ائين محسوس ٿيو، کاڌيءَ جي ساڙهي پائيندڙ، جوڙو ۽ تلڪ وڏو پيشانيءَ تي، ڪا سماج سڌارڪ هوندي، پر تون ته مون وانگر پيئي لڳين. ماڊرن ۽ . . . . ” مون هن جي جملي کي لڄ وچان ڪٽي ورتو “ اندر هلڻ لاءِ نه چوندينءَ. هتان ئي وڃان.” هن هڪ ٽهڪ ڏنو ۽ سواگت ڪيو. اندر هلندي هلندي مون پنهنجي پرس مان جهوليلال جو فوٽو ڪڍيو ۽ هن کي ڏنو ۽ چيو “ گفٽ تولاءِ” هوءَ ڪجهه هڪي ٻڪي ٿي ويئي ٿئنڪس ته چيائين . . . . .
    “ ديدي . . . . . ” مون چيو “ هون” “ مان ڪجهه توهان کان پڇان بُرو ته نه لڳندو؟” مون چيو، “ بلڪل نه.”
    ديدي، هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي ؟” مون بي اعتباريءَ سان هن ڏانهن نهاريو. هن جي اکين ۾ معصوميت هئي، . . . منهنجي وات ۾ ڄڻ ڪؤڙاڻ ڀرجي ويئي، سنڌي ۽ سنڌيت جي نالي تي. پر ظاهري مرڪندي چيو، “لعل سائين، جهولي لعل، جل ديوتا، سنڌين جو ديوتا.”
    هن وساميل آواز ۾ چيو مون کي، “اڄ تائين خبر ڇو نه پئي؟”
    مان نيتوءَ جي ان سوال جو جواب ڪهڙن اکرن ۾ ڏيان ؟ ڇا ڪاڻ ٻڌايان، ڪنهن کي ڏوهي بڻايان؟ خير. مان ان جو جواب ٽاريندي اڳتي وڌندي رهيس، اڻ ڏٺل امڙ جي تلاش ۾ . . . . .
    ڀاڪر پائي گڏيوسين، چيائين، “ اچ منهنجي سنڌياڻي” مون وڏو ٽهڪ ڏنو . . . . چڱو عرصو ان ڀاڪر ۾ رهيس. من ڀرجي آيو. پنهنجي امڙ جي ياد اچي ويئي جا ٽن سالن کان مون کي ڇڏي پرماتما ۾ سمائجي ويئي هئي ۽ مان اُن وقت کان ‘امان’ اکر چوڻ ڄڻ ته وساري ويٺي هئس. پر هڪ وڏو خال هو من ۾ ڄڻ سينو ته هو پر دل نڪري ويئي هئي. اهڙا خال ڀرجندا ته ڪونهن پر ڪجهه سڪون ملندو آهي ساڳئي قسم جي شخصيت ڏسڻ سان.
    حال احوال ڏيڻ کانپوءِ خبر پيئي 14، 15 سالن کان هوءَ بلڪل سنڌين کان ڪٽيل هئي، بس جيئن ٿيندو ويو سويڪاريندي ويئي. مرد صبح نڪرن رات جو 10، 11 اچن ڌنڌن وارا.
    هن اتساهه وچان ڏيکاريو ڏهه سال اڳ به هن ڀڳونتي ناواڻيءَ جا ڪيسيٽ خريد ڪيا هئا. . . مون شڪايت جي نوع ۾ چيو، “توهان امان ٻارن سان سنڌي ڇو نه ڳالهائي؟”
    “ پٽ اسڪول انگريزيءَ ۾ پڙهن، اسان کي به الائي ڇا ٿي ويو جو ٽٽل ڦٽل هنديءَ ۾ پيا ڳالهايون، پر سنڌي الائي ڪيئن ڇڏجي ويئي خبر ئي نه پيئي. آس پاس سڀ مرهٽن جا گهر، هاڻ ته سنڌيءَ جو پرلاءُ پوڻ سان عجيب پيو لڳي.”
    خير! مان اُن ڪٽنب کان جڏهن موڪلايو ۽ پنهنجي گهر ۾ ميٽنگ جو وقت ۽ ڏينهن ٻڌايو ته نيتوءَ مرڪندي چيو ته، “مميءَ کي ڊرائيور سان گڏ موڪليندس.” مون پاٻوهه مان چيو، “نه صرف ممي، پر تنهنجو هئڻ نهايت ضروري آهي.” هن چيو، “مون کي ته سنڌي نه ايندي آهي، ٿورو ٿورو سمجهندي آهيان، سڀ کلندا.” مون چيو، “ڪوبه نه کلندو، تو جهڙا، تو جهڙيون گهڻيئي هونديون.”
    اهڙي نموني سئر ڪندي بلڊنگ جي هيٺان ڏنل نالن کي پڙهندي هر هڪ گهر جو وايومنڊل ڏسندي، گڏجندي پنهنجيءَ بنگلن واريءَ ايراضيءَ ۾ به واقف چهرن، پر اڻ واقف نالن سان گڏجندي، اهو ڏينهن اچي پهتو، جنهن ڏينهن سنڌين جي ميٽنگ منهنجي گهر ۾ هئي. منهنجي من ۾ تمام گهڻي ويچارن جي اُٿل پُٿل هئي، اندازي موجب 25، 30 زالن اچڻ ۽ گڏجڻ جو ارادو ڏيکاريو هو. پر سنڌين جو حال ۽ سنڌيءَ جو بروحال، ذهن ۾ ايندي ئي منهنجو من منجهي پيو.
    ايندڙ مهمانن جي تياري ڪندي ٻه چَتي هئس. وچ وچ ۾ منهنجي ڌيءُ، پٽ، پتي منهنجيءَ حالت تي کلي رهيا هئا. . . . 40، 50 ماڻهن جي چانهه، بسڪوٽ، چووڙو، وغيره وغيره. ننڍي ڪمري نما هال کي ڏسندي، ڪرسيون رکندي، پاسي وارن کان گهرائيندي مان کلڻ هاب حالت ۾ هئس. جي ٻه ٽي ماڻهو آيا ته ؟ سڀ کلندا، ٻار، گهوٽ، پاڙي وار . . . خير . . . .
    ٿورا مرد، گهڻيون زالون اينديون ويون . . . . ۽ برابر 30، 35 جو انداز . . . . ٿيندي 38، 40 تائين پهتو. مان وائڙي ٿي ويس ؟ هي سپنو آهي يا ساڪار. . . . . سڀ هڪ ٻئي سان گڏجن پيا، ڀاڪر ۾ پيون ڀرين، ڪي هڪ ٻئي کي شڪل مان سڃاڻن پيون پر سنڌي هئڻ کان واقف نه، ميلو مچي ويو منهنجي ننڍڙي گهر ۾، هال منهنجو پورو نه پيو. الڳ الڳ ڪمرن ۾، پلنگن تي، پٽ تي جتي جنهن کي جڳهه ملي اُتي ويهجي ويو.
    منهنجي اکين ۾ خوشيءَ سان ڀريل آنسو هئا ۽ چهري تي هڪ عجيب مرڪ، مان پنهنجي گهوٽ ڏانهن فتحياب مرڪ سان نهارڻ لڳيس.
    خير اڌ ڪلاڪ ته هڪ ٻئي سان گڏجڻ، وائڙو ٿيڻ جو سلسلو هلندو رهيو، مون اُها جڳهه والاري جتان سڀڪو مون کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهي ۽ باقائدي ميٽنگ شروع ڪئي، سڀني پنهنجي پنهنجي واقفيت ڏني.
    ان کانپوءِ مون سڀني کي جهولي لعل جو فوٽو ورهايو ۽ سڀني کي چيو پنهنجي گهر ۾ لڳايو، سنڌيت جي سڃاڻپ ـ اُڏيرو لعل هڪ سڃاڻپ جي نشاني.
    ڪن نئين پيڙهيءَ کي ڏوهه ڏنو ته هنن سنڌي ڇڏي ڏني، نئينءَ ٽهيءَ وارن بزرگن کي، بزرگن وري ورهاڱي کي ۽ انگريزي اسڪولن کي. بس هڪ ٻئي کي ڏوهه ڏيندي پنهنجيءَ حالت جو احساس ڪندي وقت گذرندو پئي ويو. اُن مان نيتوءَ چيو “ديدي، هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي. انگلش ماڌيم ۾ سڀني جاتين جا ٻار پڙهن ٿا، اُهي ته پنهنجي ٻولي ڳالهائين ٿا.
    مون ته ڪنهن به مراٺيءَ، گجراتي يا ڏکڻ ڀارت جي مائٽن کي ٻارن سان هندي يا انگريزي يا ٻي ڪا ڌاري ٻولي ڳالهائيندو ڪونه ٻڌو آهي. مراٺا ماءُ کي‘آئي’ پيءُ کي بابا چون . . . اسان ڇو ائين ڪيو ؟ ”
    مان ڇا جواب ڏيان ؟
    اها وشيه هڪ مذاق بڻجي پيئي آهي، سڀني جاتين لاءِ. سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جي اهڙي درگتي . . . نيتو مون سان انگلش ۾ ڳالهائي رهي هئي، مون به کيس انگلش ۾ ئي جواب ڏنو . . . . سڀني کي اعتراض محسوس ٿيو.
    سڀ کل کل ڪندي چوڻ لڳيون، “سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، سنڌي ميٽنگ آهي . . . . ”
    مون به وڏو ٽهڪ ڏنو . . . . پر ان ٽهڪ جو مطلب صرف مون ۽ منهنجيءَ ڌيءُ سمجهيو. گهر ۾ هندي، مراٺي انگلش ڳالهائيندڙ، اڄ سنڌيت جي جذبي ۾ اچي . . جو الائي پل جو هو يا دائمي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ لاءِ چئي رهيون آهن . . . خير . . . .
    اوچتو ڪنهن ميڙ مان پڇيو، “توکي سنڌين کي هيئن ملائڻ جو خيال ڇو ۽ ڪيئن آيو ؟ هيڏي وڏي ايراضيءَ ۾ ٽڙيل پکڙيل گهر، رستن تي ايندي ويندي ڏسون، پر سمجهه ۾ نه اچي ته ڪير مراٺو ؟ وڏي عمر جا T.V، ويڊيو پڪڙي گهرن ۾ بند، سو ڪهڙو ڪارڻ آهي هن گڏجاڻيءَ جو ۽ خيال ڪيئن آيو ؟ . . .
    ان سوال تي مان ڏاڍي جذباتي بڻجي ويس، روئڻ تي دل ٿي رهي هئي، زور زور سان روئڻ تي، چيخڻ تي . . . اهڙي چيخ جا وڃي آسمان تائين پهچي، جا ڌرتيءَ کي ڌوڏائي ڇڏي، پر . . . پر ان چيخ، اُن رودن کي دٻائڻ لاءِ مون پاڻيءَ جي گلاس جو سهارو ورتو، ۽ ڪجهه پل وچ ۾ پون ان لاءِ تمام آهستي، آهستي پاڻي پيئندي رهيس.
    سڀني جون اکيون مون ۾، ۽ هڪ سناٽو ڇانيل . . . مون هڪ زال طرف اِشارو ڪيو جا اڇي ساڙهيءَ ۾ ملبوس هئي . . . . هن جي ڪري . . . . .
    سڀني ڇرڪي هن ڏانهن نهاريو، هن جهڪيل ڪنڌ وڌيڪ جهڪائي ڇڏيو. ڳوڙها سندس ڳلن تي هئا. پنهنجي ڪري سنڌي ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي چيو هنن جي ڪري. پنهنجي لاءِ ۽ توهان سڀني جي ڪري. هيءَ مسز واڌواڻي هنن وڏن ماڻهن جي ڪالونيءَ ۾ چئن مهينن کان رهڻ آئي، جنهن جي پتيءَ کي دل جو دؤرو پيو، ڪو هن کي نه سڃاڻي، بروقت ڪنهن جي مدد نه ملڻ سبب جڏهن سندس پتي گذاري ويوي ته چار ڪانڌي ملڻ مشڪل. ٻين ذاتين وارا چون پيا الائي هنن سنڌي سائين ۾ ڪهڙا رواج ؟ سو وچ ۾ نه پيا اچن، درن ۽ درين مان ليئا پائي پيا سس پس ڪن. مسز واڌواڻيءَ ٻڌائڻ شروع ڪيو، “ مان گهڙيءَ گهڙيءَ بيهوش ٿي پيئي وڃان. ٻار ننڍڙا روئن پيا، اُنهن لاءِ کاڌو ڪير رڌي ؟ مان پاڻ ئي بي حال پيئي هئس. امبولنس ڪرڻ کان ڪريا ڪرم تائين نؤڪرن، واچمين، الائي ڪهڙن ننڍن وڏن ماڻهن کي خرچي ڏيئي ڪم ٿي ڪرايو. ڪاش! ڪي پنهنجا هجن ها! ڪو دل وٺي ها! ڪو آٿت ڏئي ها، ڪو ٻارن کي کارائي ها ! ”
    مٽ مائٽ لڏپلاڻ ۾ هڪ ٻئي کان وڇڙي، ڌرتيءَ ڌڪاڻيل سنڌي اڪيلي هئڻ جو احساس هاڻ شدت سان ڪري رهيا آهن، من جي اڪيلائپ، سنسڪرتيءَ ۽ سنسڪارن جي اڪيلائپ سڀني سنڌي کي ڏنگي رهي آهي. بس پوءِ قصن پٺيان قصا نڪرندا ويا. . . . . .
    چتر شرنگيءَ واري ايراضيءَ ۾ هڪ بنگلي ۾ سنڌي عورت گذاري ويئي. ماءُ هئي ٻن ٻارن جي. 12 سالين جي ڌيءَ پنهنجي مئل ماءُ جي شرير کي هن سنان ڪرايو . . . اُها ڇوڪري صدمو برداشت ڪري نه سگهي، دماغي توازن کوهي ويٺي ۽ کيس منووگيان جي ڊاڪٽر جو علاج ڪرائڻو پيو. اها گهٽنا ٻڌي سڀني جا منهن لهي ويا.

    سيسراٽ ڀريندي هڪ امڙ چيو، “ ادي، ڪتو به ڪڙم ۾ سونهي.”
    گذريل سال منهنجي ڌنڌي جي چٽاڀيٽيءَ کان جليل پڄريل هڪ غيرسنڌيءَ منهنجي دڪان تي پٿربازي ڪئي ۽ جلائڻ جي ڪوشش ڪئي، آخر مون کي هٿ جوڙڻا پيا ته تنهنجيءَ ايراضيءَ جي گراهڪن کي ڪيسيٽ نه ڏيندس.
    هڪ غيرسنڌيءَ سان ڏند ٿو ڏجي ته سؤ جمع ٿي ٿا وڃن. اسين ڇا ڪريون؟ . . . . ۽ جڏهن سڀني پنهنجو هنياءُ هلڪو ڪيو پئي ۽ وايومنڊل ڳورو هو. نيتوءَ پنهنجي ٽن سالن جي ٻار کي چيو، پٽ چئه ‘جهولي لعل’ ۽ هن هٻڪندي، شرمائيندي چيو‘مان سنڌي . . . . .”
    بس پوءِ ته نعرا گونجڻ لڳا، “جهولي لعل ٻيڙا ئي پار . . . . ” ۽ نيتو مسڪرائڻ لڳي . . . . .
    ٻڍي امڙ آسيس ڪندي چيو، “شل سڀ دک سک جا ساٿي ٿيون. هميشه هڪ ٻئي سان گڏ هجون، سڀ سنڌي گڏ ٿيون اڪيلائپ جي ڀاونا هلي وڃي” ڄڻ ته امڙ پلئه پائي رهي هئي ۽ سڀ سانت ۾ ويهي سنڌي امڙ جي دعا، پرارٿنا ۽ پلئه ٻُڌي رهيا هئاسين.


    5. هوءَ

    پونم واسواڻي 25 سالن جي نوڪريءَ کانپوءِ به ڪلارڪ جي ڪرسيءَ تان رٽائر ڪري رهي هئي جڏهن کانئس گهٽ عرصو ڪم ڪندڙ ۽ گهٽ لياقت وارن جي به ترقي ٿيندي ويئي.
    اسٽاف جي طرفان اڄ پارٽي به هئي ته پريزيٽ به. تيج ۽ تپسيا ڪري پونم جو منهن ٻهڪي رهيو هو.
    پڇاڙيءَ جي ٻن اکرن ۾ هن صرف ائين چيو “هن آفيس مان صبر جو سبق سکيم ۽ پنهنجي ارادي تي اٽل رهڻ سکيس. شڪر گذار آهيا اُنهن آزمودن جي.”
    باس جي اکين ۾ ڪٿي ڳوڙها لڪل هئا ۽ مسز منسکاڻيءَ جو ڪنڌ جهڪيل.
    گلي ۾ هار پيل، هٿن ۾ گلدستو، چهري تي تيج، ساکيات ديويءَ جيان هوءَ نظر اچي رهي هئي. پٽيوالا اڳتي وڌي کيس پيرين پوڻ لڳا. هوءَ مرڪندي مشڪندي اکين ۾ آنسون لڪائي کهيا جي مورتي آفيس مان هلي ويئي.
    مان سندس ئي آفيس ۾ هڪ ڪلارڪ هيم ۽ مونکي ياد اچڻ لڳو آفيس جو نظارو . . .
    “ باس توهان سڏايو آهي. ”
    پٽيوالي جي اکين ۾ شرارت هئي ۽ پونم جي اکين ۾ ڊپ. اسان سڀني جا به ڪن سرلا ٿي ويا. پونم جا چپ ٿورا ڏڪڻ لڳا.
    اسان جي سڄي آفيس جي اسٽاف کي خبر هئي ته هاڻي ڇا ٿيڻو آهي. مسز مايا منسکاڻيءَ جي چپن تي شرارت ڀري مرڪ هئي ۽ هڪ هلڪو ٽهڪ ڏيندي، ٺاٺ سان هڪ پٽيوالي کي گولڊ اسپاٽ جو آرڊر ڏنو ۽ نفرت، حسد ۽ مڪاريءَ ڀري نظر سان شريمتي پونم واسواڻيءَ کي نهارڻ لڳي.
    پونم گهرايل فائيل ميز تان کنيو. فائيل ٿيل پنا وري ٿورا ٺيڪ ڪيا، نرڙ تان پگهر جو آيل بوندون اُگهيائين، ٿورو ڍڪ پاڻي پي، بي مني اُٿي کڙي ٿي.
    هاڻي ڇا ٿيڻو هو. اسٽاف جي هر هڪ ماڻهو کي خبر هئي، اسان اهو تماشو ور ور ڏسي چُڪا هئاسين. خبر آهي، پونم جي ڪيبن ۾ وڃڻ سان ئي صاحب تمام زور زور سان ڳالهائڻ شروع ڪندو. هُن جون نه ٿيل چڪون ڪڍندو. هن جي هرهڪ ڪم مان ويڪون ڪڍندو، هن کي دٻ ڪڍندي چوندو، “اکر ـ سڌاريو، ائين ٿو لڳي ڄڻ ته مڇر ٿا اُڏامن. توهين ڪم ايمانداريءَ سان ۽ من لڳائي ڇو نه ٿا ڪريو ؟ سڄو وقت ميڪ اپ ٺيڪ ڪندي، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ گرم پيئندي پيا وڃايو. گهڻي ڳالهائڻ جي به بُري عادت آهي توهانکي. پوءِ ڪم ڪيئن ٺيڪ ٿيندو. ڏسو مسز منسکاڻيءَ کي، محنت جو مثال آهي ۽ ان ڪري توهان کان جونيئر هوندي پروموشن مليا اٿس. هُن جي ڪيتري عزت آهي اسٽاف ۾ . . . . . وغيره وغيره.” ۽ جڏهن هوءَ دٻون دڙڪا ٻُڌي چپ چاپ ٻاهر قدم وڌائيندي ته باس جو آواز ايندو، “ڀارت توهان جهڙن ماڻهن جي ڪري پُٺتي رهجي ويو آهي.”
    اسان مان هر ڪنهن کي خبر هئي ته شريمتي پونم تي لڳايل هرهڪ الزام غلط هو. هن جي سڀني گڻن کي ناڪاري، هن کي ذليل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش هئي. پر سڀ ڪؤرون جي ڀريل درٻار ۾ دروپديءَ جي بي عزتي ڏسڻ تي هريل آهيون. هوءَ وقت جي پابند، ايمانداري، ميڪ اپ کان پري ڀڄندڙ، موتيءَ جهڙا اکر، ڪم صاف سُٺو، تمام سندر ۽ اوچ سيرت واري، گهٽ ڳالهائيندڙ هئي. اسٽاف ۾ گهڻي ۾ گهڻو ڪم هوءَ ئي ڪندي هئي. باقي اسان مان گهڻي ڀاڱي وقت وڃائو هئا ۽ هن جي ڪم ڪرڻ جي لگن ڏسي شرمندا پيا ٿيندا هئاسين.
    سال اڳ اسانجو باس هن جي ڪم ڪرڻ جي لگن ۽ طريقي کي، فضيلت ۽ سڀاوَ کي ساراهيندو هو. هڪ ننڍو پروموشن به کيس مليو. اسٽاف به خوش ٿيو ته ڪنهن لائق ۽ صحيح انسان جي ڪم جو قدر ٿيو. هوءَ بيحد سندر، سٻاجهي، فضيلتمند ۽ پُرڪشش شخصيت جي مالڪڻ هئي، پر مغرور نه هئي.
    اسين آفيس ۾ ڪم ڪندڙ مرد هن جي صرف جسماني سندرتا جي ساراهه نه ڪندا هئاسين پر هُن جي مؤجودگيءَ ۾ فاحش خيال ايندا به نه هئا. نوراني تيج، پوڄڻ جهڙي هئي هوءَ، روحاني پوترتا هئي هن ۾.
    ڪجهه مهينا اڳُ هڪ منحوس گهٽنا ٿي هئي. اسان ٻه ٽي ڄڻا، آفيس ۾ اور ٽائيم ڪري رهيا هئاسين. پٽيوالو آيو ۽ مسز واسواڻيءَ کي ڪجهه چئي هليو ويو. هن هڪ فائيل هٿ ۾ کنيو ۽ باس جي روم ۾ وئي. پر ٿوري وقت کانپوءِ ڪيبن مان هڪ آواز آيو جو چماٽ جو پئي لڳو. ڪجهه سيڪنڊن لاءِ سناٽو ڇانئجي ويو. آفيس مان پونم ٻاهر نڪتي، اکيون ڳاڙهيون، وار ٿورا ڊٺل، شڪل تمام غصي ۾ ڳاڙهي، مونکي ته ساکيات درگا پيئي لڳي. هوءَ سڌو ئي آفيس جي دروازي کان ٻاهر نڪري ويئي
    هفتو کن هوءَ نه آئي. اسان سمجهو نؤڪري ڇڏي ڏني اٿائين. پر جنهن ڏينهن هوءَ آئي، هوءَ بلڪل بدليل هئي، چهرو زرد، اُداس. اسان مان ڪنهن جي به همٿ نه ٿي ته هن کان ڪجهه پڇون. ائين پئي لڳو ته هوءَ آئي آهي ڪنهن مجبوريءَ کان، شايد روزي روٽيءَ جي چڪر ۾ يا شايد سهن شڪتيءَ جو مثال بڻجڻ لاءِ يا شايد هڪ پاپي ڪُرسيءَ تي ويٺل پرش کي سندس ڪيل خطا جو احساس ڏيارڻ لاءِ هوءَ آئي هئي. خبر نه پئي پوي.
    بس ان ڏينهن کان ان شرارت جو سلسلو شروع ٿيو، هن مان ۽ هن جي ڪم مان وڏون ڪڍڻ جو.
    اسان جي اسٽاف ۾ مسز منسکاڻيءَ کي اُن گهٽنا کانپوءِ تمام گهڻي اهميت وڌي ويئي. هوءَ پونم کان تمام پوءِ اسٽاف ۾ شريڪ ٿي هئي. پر هن کي پروموشن ملندا ويا. هن جي شرارت ۽ شوخي وڌندي ويئي. هوءَ هر اُن موقعي جي تلاش ۾ رهندي هئي ته ڪيئن به پونم جي بي عزتي ٿيندي رهي، جيئن سندس اهم کي سنتوش ملي. افسوس ! ائين ڇو زالون ئي زالن کي ڪيرائين! آد کان اهو سلسلو ڪڏهن نه بدليو آهي، نه بدلجڻ جو ڪو آثار نظر ٿو اچي.
    مان من ئي من ۾ شيلا منسکاڻيءَ کي نفرت ڪرڻ لڳو هوس، چرترهيڻ ناري هڪ بي داغ، پوتر استريءَ کي ڪيئن نه ستائي ۽ اپمانت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سچ چيو آهي ڪنهن ته هر ڪنهن جي زندگيءَ جا ملهه الڳ آهن. گڻ هيڻ ۽ چرترهيڻ شيلا پد ۽ پئسو ماڻي رهي هئي ۽ آفيس ۽ باس تي راڄ ڪري رهي هئي ۽ مٺي سٻاجهي پونم چپ چاپ پنهنجي نه ڪيل ڏوهه جي سزا ڀوڳي رهي هئي.
    هيءُ سڀ ڪجهه ڪيستائين هلندو؟ ڇا پونم هيءَ بي انصافي ڏسي ٿڪجي شيلا بڻجندي ؟ يا . . . ساڳئي رستي تي هلندي رهندي ؟؟
    وقت گذرندو ويو. ۽ اڄ هوءَ هن آفيس مان رٽائر ڪري ويئي. ٿورن ڏينهن کانپوءِ مان به آفيس مان رٽائر ٿيڻ وارو هوس، پر کانئس وڏي عهدي تان. مان سندس خالي خالي ڪرسيءَ طرف ڏسڻ لڳم.


    6. رشتا

    مان هن کي ڏسندو ئي رهيس. ڇا پڙهي رهي هئي ؟ مونکي ڪٿي هوش ؟ عجيب حالت هئي دل جي، چپ خشڪ، اکيون بس! هن کي ئي تڪي رهيون هيون. الا! غضب جي ڪشش هئي هن جي آواز ۾، عجيب دلڪش هئي هن جي مرڪ ۾ جتي به ڪٿان خبر پوندي هئي، مشاعري ۾ سنڌيا بهرو وٺي رهي آهي، بس مان وڃي حاضرينن ۾ شامل ٿي ويندو هوس.
    سنڌيا سان هم ڪلام ٿيڻ مونکي بيحد ڏکيو ڪم لڳندو هو. غزل پڙهڻ کانپوءِ هوءَ پنهنجو پاڻ ۾ ئي گم ٿي ويندي هئي. آس پاس جي وايومنڊل کان گهڻو ڪري بي نياز. جڏهن سڀ سندس فن ۽ سونهن جي ساراهه ڪندا هئا، هن جون نگاهون الائي ڪٿي هونديو هيون، ڪنهن تي هونديون هيون، خبر نه پوندي هئي. پر سندس منهن تي هڪ مُرڪ ضرور هوندي هئي تنهن ڪري سڀني کي تسليَ هوندي هئي ته ناشڪري ڪانهي. هيتري ساراهه ڪرڻ تي هوءَ احسانمندگيءَ جو احساس ڏياريندي هئي، هڪ مٺڙي مرڪ سان جا پنهنجائپ ۽ پيار سان ڀريل هوندي هئي.
    مشاعري ختم ٿيڻ کانپوءِ سڀ پنهنجين ڳالهين ۾ پورا هئا. ڪو ساراهي رهيو هو ڪنهن کي، ڪو گلا ڪري رهيو هو.
    اڙي باپ ري ! ! هوءَ ته مون طرف اچي رهي هئي. منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي رهي هئي. “نمستي” سنڌيا ڪئي. “واڌايون هجن توهانکي” مان وائڙو ٿي ڏانهنس نهارڻ لڳس. “انعام ملڻ لاءِ واڌايون ٿي ڏيانو. مان توهانجي ‘رباعين’ جو اهو ڪتاب نه پڙهيو آهي. خوب ساراه ٻڌي اٿم”. مون اکيون هيٺ ڪري شڪريه بجا آندا. “ شايد Introvert آهيو؟ يا لڄارا؟ يا تنهائي پسند؟ هميشه ڪنڊ ۾ چپ چاپ ويٺا هوندا آهيو. شايد گهرو سوچيو ٿا، جو انعامن پٺيان انعام پيا کٽندا وڃو.” مان الائي ڇو ڪجهه به ڳالهائي نه پيو سگهان، صرف چهري تي بس خوشگوار ڀاوَ هئا اها پڪ هيم. هن اڃان ڳالهائڻ جو سلسلو وڌايو، “مسٽر ديپڪ، مون توهان جا سڀ ڪتاب گهڻو ڪري پڙهيا آهن. پنهنجو لکيل رباعين جو ڪتاب ضرور ڏجو” چئي هوءَ اڳتي وڌي ويئي، سندس پنهنجائپ منهنجي من کي ڀانئجي ويئي.
    مان پاڻ کي خوشنصيب سمجهڻ لڳس. يار، دوست حسد ۽ حسرت جي نگاهه سان ڏسڻ لڳا. منهنجي سوچ جو سلسلو شروع ٿي ويو، ضرور هوءَ به مون طرف ايترو ڌيان ڏيندي هوندي، تڏهن ته ائين وهنوار ڪيائين ڄڻ ته سالن کان نه . . . نه صدين کان سڃاڻي. منهنجو تن من رومانس ۽ رومانچ سان ڀرجي ويو.
    ڇهين مهيني کانپوءِ وري هڪ مشاعرو هو. مان اڄ خوب سٺي نموني سان تيار ٿيڻ لڳس. نهرو ڪڙتو، پاجامو، جئڪيٽ ۽ شاعرن واري شال به ڪلهي تي لٽڪايم. گهرواريءَ کان لڪائي پهريون دفعو پائوڊر جو پف به لڳايم. مان پنهنجو پاڻ کي به وڻڻ لڳس. پنهنجي لکيل ‘ربائي’ مجموعي کي به سهڻو ڪور لڳايم. اندر هڪ گلاب جو گُل به وجهي ڇڏيم. سنڌيا کي ڏيڻو هو. ڪيئن ڪتاب پيش ڪندس، ان جي ريهرسل به آئيني سامهون ٻه ٽي دفعا ڪري ڇڏي. چهري جا ايڪسپريشنس به ٺاهيم ته جيئن وڌيڪ سندر لڳان.
    منچ تي ڄڻ ته سنڌيا ڇانئي پئي هئي. . . . . اڄ هوءَ هڪ شرنگارڪ ڪوتا، ترنم ۾ گنگنائي رهي هئي. ‘برسات’ تي لکيل هڪ گيت هو، سندس اندازِ بيان تي گهڻا قربان ٿي رهيا هئا. هن گلابي ڪپڙا پاتا هئا، ۽ مون هن کي تخلص ڏنو ‘گلابي’، ڇاڪاڻ جو سندس ڳل، چپ، ڊريس ڄڻ ته هڪ گلاب جو گل ئي لڳي رهيا هئا، هلڪي پگهر جون شبنمي بوندون سندس سونهن کي سرس ڪري رهيون هيون. مون دستور موجب هڪ خشڪ ۽ نيرس ڪوتا پڙهي ۽ وڃي ڪنڊ ۾ ويهي رهيس. مان لکڻ ۾ ماهر هوس پر پڙهڻ جو اندازِ بيان نه هو.
    جيئن ئي مشاعرو ختم ٿيو، مان تمام تڪڙو تڪرو ڀيڙ کي چيريندو وڃي گيٽ اڳيان بيٺم، ڄڻ ته دڳ جهلي، جتان هوءَ پڪ لنگهندي هئي. مون سنڌيا کي ڏسي “هيلو” ڪئي ۽ هن به جواب ڏنو. کيس ڪتاب ڏيندي هڪدم چيم، “هلو ڪٿي چانهن ٿا پيئون.”
    سنڌيا ٿوري ڄڻ ته منجهي پر پوءِ هامي ڀريائين. سندس چهري تي گلال ڇانيل هو.
    هڪ وچولي هوٽل ڏسي، مان اندر گهڙيس. هوءَ به آئي. چانهه پيتيسين. ڪا به وشيه مونکي ته ڳالهائڻ لاءِ نه پيئي سمجهه ۾ اچي ۽ هوءَ به الائي ڇو خاموش هئي، مونکي ته سندس جهرڪيءَ واري چهه چهه ياد هئي. چانهه جو سلسلو پورو ٿيو. “مان توهانکي گهر ڇڏي سگهان ٿو ؟” ڇو نه ؟” هن وراڻيو.
    اسڪوٽر تي هوءَ هميشه وانگر گم سم ويٺي هئي، پنهنجو پاڻ ۾ پوري، پاڻ کي بلڪل سهيڙي ۽ سنڀالي. ڪنهن به وقت بريڪ لڳائڻ وقت هوءَ مونکي نه چنبڙي. پر ايتري قدر جو سندس ڇهاوَ کان به محروم رهيس. مونکي چڙ اچڻ لڳي. هيءَ ته بي جان بُت آهي. خير مون ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڪيئن لڳو مشاعرو ؟” هوءَ پنهنجو رايو ٻڌائيندي رهي، مان سندس آواز جي جادوءَ ۾ وري کوهجي ويس. سندس گهر ويجهو اچي رهيو آهي هن چيو. مان کيس پرکڻ لاءِ چيو، “ هتي توهانکي لاهيان يا گهر تائين ڇڏيان. توهان گهروارن جو سڀاوُ مونکي ته خبر نه آهي، نه توهان ٻڌايو.”
    هن بهادريءَ ۽ بيباڪيءَ سان چيو، “اصل گهر هيٺان وٺي هلو ۽ گهر ۾ ڇڏيو. ڇا هڪ چانهه جو ڪوپ به نه پيئدا ؟ ”
    مان من ئي من ۾ کڳيون هڻڻ لڳس ۽ منهنجي همٿ وڌي ويئي. لهڻ وقت کيس ڀڻڪندي چيم، “توهان نهايت ئي خوبصورت آهيو.” هن مسڪرايو ۽ ٿئنڪس مڃي ۽ ڳالهه بدلائيندي چيائين، “ گهر هلو، منهنجي گهروارا توهان سان گڏجي پڪ خوش ٿيندا.”
    مون هلڪو ٽهڪ ڏيندي چيو، “ ٻئي دفعي.”
    هڪ ٻن ڏينهن کانپوءِ مان به پنهنجي شهر لاءِ روانو ٿيس گهرواريءَ سميت. خيالن ۽ خوابن ۾ ته سنڌيا هئي. اٺن ـ ڏهن ڏينهن کانپوءِ ٽپال ۾ هڪ وڏو رنگين لفافو آيو. هٿ ۾ کنيم. وزندار هو. رنگين خوبصورت لفافي تي رنگين لفافي جي ائڊريس لکيل ڪونه هئي. ڪمري اندر وڃي پنهنجي لکڻ واري ميز تي ويٺم، در ٻيڪڙي ڇڏيم. لفافي کولڻ سان ئي نهايت ئي سندر رنگ جا پنا 8، 10 نڪري آيا. اکر سهڻا نه هئا، پر اندر . . . . ڳالهيون ۽ احوال نهايت ئي دلڪش ۽ خوبصورت هو. سنڌيا خط لکيو هو.
    منهنجين لکڻين تي سندس تاثرات هئا. سندس چهرو اکين اڳيان پئي ڦريو. سندس مٺڙيون لاتيون، سندس ساراهه، هڪ هڪ لفظ هن پڙهيو هو، منهنجن ڪتابن جو، ۽ سمجهو به هو. هن منهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن سان سرگوشيون ڪيون هيون. کيس منهنجي ٻولي بيحد وڻي هئي. غزل ۽ نظم ياد ڪرڻ لڳي هئي، هڪ ڪلاڪار کي ٻيو ڇا گهرجي، جو ٻيو ڪلاڪار حسد ڪرڻ بدران چاهڪ بڻجي پوي. مان پاڻ کي اڳي کان به وڌيڪ بهترين ساهتڪار سمجهڻ لڳس. “هن لکيو هو، .‘اُٿندي’ويهندي، ڄڻ ته توهانجي ئي تات آهي. هن پاسي اچو ڪنهن ڪم سانگي ته مون گهر ضرور پير پائجو ۽ پاڻ سان ڪي ڪتاب به آڻجو.”
    مون ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان هن جي شهر وڃڻ جو ۽ گڏجڻ جو سوچي ورتو ۽ کيس ترت خط لکيو ته مان ٻن ٽن ڏينهن لاءِ تنهنجي شهر ۾ اچي رهيو آهيان. مون هن جي شهر اچي پنهنجي مٽ مائٽ جنهن جي گهر مان لٿو هوم، فون ڪيو. آواز منهنجو ٻڌي، هوءَ ڄڻ ته جنسي نچڻ لڳي، “اچي ويا ؟ ڪٿي لٿل آهيو؟ جلدي منهنجي گهر اچو، هاڻي هليا اچو. مان وٺڻ اچانو؟” سنڌيا جي مون سان گڏجڻ جي هيتري اڇا ڏسي، مان منجهي ويس. مون کيس شام جو وقت ڏنو. پهرين ته مون کيس ٻاهر گڏجڻ لاءِ چيو سندس گهر ۾ نه. پر هوءَ بار بار چئي رهي هئي ته گهر اچو. مونکي سنڌيا تي ڏاڍو غصو آيو. گهر به ڪنهن شادي شده استريءَ سان گڏجڻ لاءِ ڪا سُريلي جڳهه آهي. هيتري بي چئني، هيتري بيتابي، مان سنڌيا لاءِ کڻي آيو آهيان. وس کي تنهائيءَ ۾ گڏجڻ جي تمنا، هن کي صدين کان نه ملندڙ پيار ڏيڻ. غصي ۾ مون هن کي . ‘موڳي، موٿي، ڇسي’ به چيو. وري خيالات پلٽو کائڻ لڳا. ٿي سگهي ٿو هوءَ اڪيلي رهندي هجي، ان لاءِ بار بار گهر ۾ ٿي سڏائي. اڳي دفعي به هن چيو هو ته موڪلائڻ وقت ‘گهر هلو’ضرور هن جي گهر ۾ تنهائي ۽ وايومنڊل آهي. شايد مان ئي بيوقوف آهيان. مورت کي سمجهڻ مشڪل آهي.
    ٿورا ڪتاب پاڻ سان کنيم. ڌڙڪندڙ دل، خماريل من ۽ شرير سان، مون دروازو کڙڪايو. دروازو کوليندڙ 8، 10 سالن جو ڇوڪرو هو. سهڻو، گول مٽول، ننڍڙو، بندرو، چيائين، “هئلو انڪل، ممي توهانجو ئي انتظار ڪري رهي آهي.” مان وائڙو ٿي ويس. “انڪل توهان جو فوٽو ڪتابن تي آهي، ممي ٻڌايو توهين اڄ هتي اچڻا آهيو، ويهو.” مان هيتري ننڍڙي ٻار جي سياڻپ ڀري گفتگو ٻڌي وائڙو ٿي ويس ۽ ٿوري ناراضگي سنڌيا تي اچڻ شروع ٿي. پاڻيءَ جو گلاس ۽ بسڪيٽ کڻي هڪ 12، 13 سالين جي سانوري سلوني، سندر اکين واري ٻالڪا اندر آئي، “هئلو انڪل، سواگت! ممي بس اجها اچي ٿي.” مون ٻنهي ٻارن کان حال احوال ورتو. ٻئي ڪلاڪار هئا. ڇوڪري ڪٿڪ ۾ مشهور نرتڪي ۽ پينٽنگ ۾ ماهر. ڇوڪرو ڊانس، ترڻ، گهوڙيسواري، بئڊمينٽن، ڪراٽي سڀني راندين ۾ ماهر. مان ته. اهڙو گرمجوش سواگت ڏسي، ڪي قدر پنهنجيءَ خراب نيت کان ڌڏڻ لڳس. ٻئي ٻار مون تي ٻلهار پيا وڃن ۽ منهنجي پرستار هئڻ جو اعلان ڪري رهيا هئا. پنهنجي پنهنجي ڊائريءَ ۾ مونکان ويچار لکائي ورتائون، صحيح ورتائون ۽ ان وقت سنڌيا به اچي ويئي ۽ ٻارن کي مٺي ڇڙٻ ڏيندي چيائين، “انڪل کي ائين تنگ ڪبو آهي ڇا ؟” مون ڏانهن معافي طلب نگاهن سان نهاريندي چيائين، “توهانکي گهڻو تنگ ته نه ڪيائون ؟” مون مسڪرائيندي وراڻيو، “نه مونکان ته اهو به وسري ويو ته مان توهان سان گڏجڻ آيو آهيان، مان ته هنن ٻن ٻارن جي ڪشش ۾ ۽ پيار ۾ ئي ٻڌجي ويو هوس. تمام ذهين، چئيوان ۽ قدرتي ڏات سان ڀريل آهن هي ٻئي ٻار. شال پرماتما هنن جو وار ونگو نه ڪري.” هن احسانمند نظرن سان ڏٺو ۽ ٻارن کي چيائين، “هاڻ اسان کي اصل ڊسٽرب نه ڪيو. توهانجي انڪل ۾ تمام گهڻو ڪم اٿم” ۽ ٽيئي ٻئي ڪمري ۾ هڪ منٽ لاءِ هليا ويا ۽ چند منٽن ۾ ٻئي ٻار گهر مان روانا ٿيڻ لڳا، “چڱو ممي، هُتي گڏجنداسين” چئي باءِ باءِ ڪري هليا ويا.
    ڪمري ۾ سانت ٿي ويئي ۽ سڄي گهر ۾ اسان ٻئي اڪيلا هئاسين. هاڻ منهنجو وري ڌيان وڃي هن ۾ کپيو. هن دستوري حال احوال پڇيو ۽ پوءِ چيائين، “هلو ته مان توهانکي پنهنجو گهر ڏيکاريان. هت لکندي آهيان، هت مان پڙهندي آهيا. هيءَ منهنجي ڪتابن جي لئبرري، هتي مون فلاڻي رچنا لکي. هيءُ مجسمو مونکي بيحد وڻندو آهي. هيءَ منهنجي ستار، هي هارمونيم. هي منهنجا ڪئسيٽ، هيءُ منهنجي ڌيءُ، منهنجي پٽ جا ڪئسيٽ. هي تمام جهونين فلمن جا منهنجي گهوٽ جا. اسان چئني جون پسنديو الڳ الڳ آهن. گانن ۽ گيتن جي باري ۾” ۽ هوءَ ٻارن وانگر کلڻ لڳي. سندس هڪ هٿ بلڪل منهنجي هٿ جي ويجهو هو، هوءَ سموري بلڪل منهنجي ويجهو هئي ۽ مون سندس هٿ پڪڙي ورتو، “تمام ننڍڙا، ڪومل ۽ سندر آهن تنهنجا هٿ، گهر جو ڪم ڪرڻ کانپوءِ به کهرا ڇو نه ٿيا آهن ؟ ” هن پنهنجو نرمائيءَ سان هٿ ڇڏايو ۽ چيائين، “توهان هال ۾ ويهو، مان چانهه ٺاهي ٿي اچان” ۽ هال ۾ ويهاري، هڪ فائيل منهنجي هٿن ۾ ڏيئي ويئي، جنهن ۾ سندس رچنائون هيون ۽ مونکي پڙهڻ جي تاڪيد ڪري ويئي.
    منهنجو سمورو ڌيان سندس آهٽ، سندس شرير جي وڙ وڪڙن، سندس سهڻن پيرن، خماريل اکين، مدهوش ڪندڙ آواز ۾ ئي اٽڪيل هو. سندس ڏنل فائيل کولڻ تي به دل نه پيئي ٿئي. هوءَ چانهه کڻي آئي ۽ ڀرسان ويهندي چيائين، “ڪيئن لڳيون منهنجيون رچنائون؟”‘مون هڪ نظم ڏيکاريندي چيو، “ هيءَ پڙهي ٻڌاءِ” هن پڙهڻ شروع ڪيو، هوءَ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ ۾ ئي پوري هئي. گهر جو سناٽو، هن جو گهرو مٺو آواز ۽ سندس شرير جي خوشبوءِ مونکي بانور بڻائي ڇڏيو ۽ منهنجا هٿ کڄيا ۽ کيس ڀاڪر ۾ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ پل لاءِ هوءَ هيسيل هرڻي بڻجي، مونکان پاڻ ڇڏائي ڇلانگ لڳائي، پري ٿي بيٺي. مان آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳس، “مان توکي بيحد پيار ڪندو آهيان سنڌيا، گذريل چئن پنجن سالن کان ۽ تون به بيحد مونکي چاهيندي آهين. من سان من، آتما سان آتما گڏيل آهي، باقي شرير جي دوري ڇو ؟ ”
    هن آڱر جو اشارو ڪندي ٽانڊن جيان ٻرندڙ اکين سان چيو، “خبردار ! جو اڳيان وڌيا آهيو، مان توهانجي رچنائن، لکڻين جي پرستار آهيان. منهنجي من ۾ توهانجي خلقيل ڪردارن لاءِ پيار ۽ همدردي ۽ عزت آهي ۽ ساٿي اديب سان ڪجهه ويچار ونڊي پاڻ کي بهترين بڻائڻ جي اڇا آهي. من جو رشتو، دوستي، ساهڙپ پا صرف پنهنجي هم جنس سان ئي ٿي سگهي ٿو. ڇا استري پرش جي وچ ۾ من ۽ خيالن جا رشتا ممڪن نه آهن ؟ ڇا استري ڇا صرف هڪ شرير آهي ؟”
    مون هوش وڃائي ڇڏيا هئا، حواسن منهنجو عقل ۽ ضمير کسي ورتو هو. “ شرير کانسواءِ ڪهڙو پيار ؟ تو چيو مونکي ڀانئيندي آهين، باقي ڇو گهر ۾ سڏايو تو ؟ ڇو اڪيلائپ ۾ گڏينءَ ؟ شرم نه ڪر، مڪر به نه ڪر. تون ماڊرن آهين، اهو سڀ ڪجهه هلي. ” مان متوالن جيان کيس ڇڪڻ لڳس ۽ هن مونکي زور سان ڌڪو ڏنو ۽ پاڻ ڇڏائي پري ٿي بيٺي. هٿ ۾ هڪ وزندار ڳؤرو پيپر ويٽ کڻي ورتائين ۽ اولاريندي چيائين، “هاڻ نزديڪ آيا ته مان توهانجو خون ڪري ڇڏينديس.” اسان ٻئي سهڪي رهيا هئاسين. سندس اها ڌمڪي ۽ ساکيات درگا جهڙو ڀيانڪ روپ، هٿ ۾ پيپر ويٽ ڏسي مان دهلجي ويس ۽ چپ ڪري، هارايل مان ويهي رهيس.
    هٿ ۾ سندس پيپر ويٽ به هو، پر ٻئي هٿ سان هن ٻه گلاس پاڻيءَ جا ڀريا، هڪ مونکي ڏنو ۽ هڪ پاڻ ۽ صوفا تي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهي. منهنجي اهڙي نيچ هلت تي به سندس مهمانوازي ۽ من جا سنسڪار ڏسي مان پنهنجي من ۾ شرمندو ٿي رهيو هوس ۽ سندس بچاءَ جي ڍال پيپر ويٽ کي ڏسي رهيو هوس. ڪمري ۾ سهڪيل ساهن کانسواءِ سناٽو هو. هوءَ به هلڪا هلڪا ڍُڪ پاڻيءَ جا پي رهي هئي ۽ مان به. اوچتو در تي کڙڪو ٿيو. سنڌيا پنهنجا وار ٺيڪ ڪيا. منهن جا ڀاوَ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ دروازو کوليو. هڪ ڊگهو، سانورو، وچولي عمر جو پرش اندر داخل ٿيو، “هئلو مسٽر . . . دير سان ته نه آيو آهيان ؟ منهنجي پتني سنڌيا توهانجي لکڻين جي پرستار آهي. مونکي به توهانجيون ٻه ٽي ڪهاڻيون پڙهي ٻڌايون اٿائين. واه صاحب! مزو اچي ويو توهان سان گڏجي. ” “بيوي جي دير ته نه ٿي ؟ ڏسو پورا اڍائي ڪلاڪ اڳ دڪان بند ڪري بندو حاضر ٿيو آهي. توهان کي هي شهر گهمائڻ لاءِ، ڪار حاضر آهي ۽ هڪ سٺي هوٽل ۾ ٽيبل به رزروِ ڪرائي ڇڏيم، ڀائي، هوم مسنٽر جو آرڊر ڪيئن ٽاربو؟” مسڪرائيندي هٿ ملائيندي مونسان ۽ مسڪرائيندي پتنيءَ ڏانهن نهاريو. مان پنهنجي زخميل ضمير، تڙڦندڙ اهم ۽ صاف دل سنڌيا جي پتيءَ کي نهارڻ لڳس. سنڌيا اندر تيار ٿيڻ لاءِ هلي ويئي. سنڌيا جي گهوٽ ساراهيندي چيو، “سائين توهانجا ڪردار، جي توهان ڪهاڻين ۾ خلقيندا آهيو تمام مهان عام ماڻهن کان عظيم هوندا آهن.” مون ڪنڌ سان ها ڪئي ۽ پنهنجي نئين ڪهاڻيءَ جي نائڪا ‘سنڌيا’ جي باري ۾ سوچڻ لڳس. هن جي مهانتا، مون ۾ به سندس لاءِ مهانتا جي ڀاونا سان ڀري ڇڏيو ۽ مون ۾ به عظمت جو احساس ڀريو، ڪرڻ کان بچايو.


    7. تنهنجا نصيب کليا

    آخر هن ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ قسمت جو وير هن سان ئي ڇو هئو ؟ هن ڪنهن جو ڇا بگاڙيو آهي ؟ هن ڪنهنکي رنجايو آهي ؟ ڏکايو آهي ؟ گهر ڦٽايو آهي ؟ ڪنهن جو برو چاهيو آهي ؟ پوءِ هيءَ مصيبت جا پهاڙ هن مٿان ڇو پيا ڪرن؟ هوءَ جڏهن کان ڪجهه سمجهڻ لائق ٿي آهي هن سک نه ڏٺا آهن، آخر ائين ڇو ٿيو هن سان ؟
    هوءَ پهنجي گهر ۾ سڀني ٻارن کان پهرين ڄائي، ڌيءُ هوندي به هن جو سواگت ڪيو ويو. ڏاڏيءَ، پڦيءَ ۽ چاچيءَ خوب خوشيون ملهايون.
    رجنيءَ کي ائين لڳو ته سڀ کان سٺو هو سندس ننڍپڻ، پيار ۽ قرب جي ڇايا ۾ ڏاڏيءَ جون آکاڻيون، پڦيءَ جو پيار، چاچيءَ جو موهه، پر هي ڇا ؟ ٻئين سال ديپڪ، ٽئين سال لتا، چوٿين سال جوتي، پنجين، ڇهين ۽ ستين سال رميش، هريش ۽ انيتا ! ۽ اُن کانپوءِ ٻه، چار ٻار ٻيا به جي ڌڻيءَ در پهچي ويا. ڏسندي ڏسندي هوءَ کٽ تان لاهي پٽ تي سمهاري ويئي ۽ پٽ کانپوءِ کٽ هيٺان.
    ستين سالين جي عمر ۾ ڄڻ ته هوءَ ٻن ٽن ٻارن جي ماءُ بڻجي ويئي. راند ڪرائڻ، چانهه پيئارڻ، ڪپڙا مٽائڻ هن جو ننڍپڻ ته تمام ننڍو ٿي ويو. تون سڀني کان وڏي آهين. هر وقت اُهي اکر ٻڌڻ سان بي خبريءَ ۾ هوءَ جبل جيڏي وڏي ٿي ويئي.
    گهر مان خوشي ڄڻ موڪلائي ويئي. ڪمائي نه وڌي گهر جا ڀاتي ويا وڌندا. پڦيءَ پڙهڻ سان گڏ ننڍي وڏي نوڪري شروع ڪئي.
    رجنيءَ کي ياد اچڻ لڳو پڦيءَ ڪيتري ڪوشش ڪئي ته سڀ ٻار پڙهن پر سڀ ئي ننڍڙا ڇوڪرا هوٽل تي، نؤڪرن وانگر ڪم ڪري ڪجهه پئسا هٿ ڪري سئنيما جو شونق پورو ڪرڻ لڳا ۽ اسڪول وڃڻ تي دل نه ٿين.
    گهر۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيل مان ئي هئس. پڦيءَ جي پيار، مار جي ڪري مئٽرڪ پاس ڪئي.
    مونکي ڪنهن دوڪان تي سيلس گرل جي نؤڪري ملي ويئي.
    گهر جو خرچ ويو وڌندو، پر دادا جي ڪمائي نه وڌي، پاڻ رستو وڌائڻ جي حڪم تي دوڪان جو اڌ به ڪٽجي ويو، هوٽل بدلجي، ننڍو چانهه جو اسٽال ٿي ويو. ڀائر بريءُ سنگت ۾ ڦاسندا ويا. ٽي ڀينرون ايتريون ته قد بت ۾ وڌنديون ويون جو دادا انهن کي ڏسي اکيون هيٺ ڪري ڇڏيندو هو. اهو شايد قدرت جو ڪمال آهي ته غريبن جو ڌيئر الائي ڇو، عقل، بدن، سڀني طريقن سان تمام وڏيون ٿي وينديون آهن، جنهن عمر ۾ شاهوڪارن جون ڌيئر اڃا بيبي چوائين !
    ڀينرن حالتن سان الائي ڪيئن پاڻ سان ٺهڪائي ڇڏيو. دادا، هنن کان سوال ڪرڻ ئي ڇڏي ڏنا هئا.
    ڪپڙا، دوا درمل، گهر ۾ ڪا نئين شيءَ ڪيئن ٿي اچي ؟ ڪير اهڙن سوالن جي جوابن جي همٿ ڪري. مان ته صفا پيسجي ويس، زندگيءَ سان الائي ڪهڙا ٺاهه ڪرڻا پيا.
    منهنجي عمر وڌڻ لڳي. ڏاڏيءَ ۽ پڦيءَ کي چنتا لڳي. پڦيءَ صاف صفا شاديءَ لاءِ پڇيو. دادا ۽ ڀاڀي اُٿي ويا. مان ڪيئن ها ڪريان ؟ گهر ۾ جا ٿوري گهڻي آمدني مان آڻيندي هئس، سا به بند ڪيان ؟ ٻيون ڀينرون ته پڙهيون ئي نه، ۽ ڪو ڪم به نه ڪنديون هيون. مان ئي ته هڪ ڪمائيندڙ هئس، مون انڪار ڪيو.
    دادا جا ڀاڳ وڏا هئا، جو پڦيءَ ڪنهن سڄڻ جي مدد سان، ٽنهي ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي. ڇوڪرا دال مانيءَ وارا هئا، سو منهنجيون ڀينرون پرڻجي ويون. ننڍي ۾ ننڍي انيتا جي به شادي ٿي وئي. مان هاڻي 32 سالن جي هئس.
    ڀينرون گهوٽن سان گڏ اينديون هيون. فخر سان، کائي پي، گهر گندو ۽ باسڻن جو ڍڳ ڇڏي، 25 ـ 50 ڀاڀيءَ جي هٿ ۾ ڏيئي وينديو هيون. ڀاڀيءَ جي طبيعت خراب ته رهندي هئي، ڪم ڏسي اڃان وڌيڪ خراب ٿيندي هئس. انگ انگ ڏکڻ لڳندو هئو. من جليل، آتما اُداس، شرير هڏائون، وڌندڙ عمر سان سڀاؤ به چڙچڙو ٿيندو پيو وڃي !
    مان ڪٿي غلط هئس ؟ دادا ڀاڀيءَ جو دک ونڊڻ پئي چاهيم، بوج هلڪو ڪرڻ پي چاهيم. آخر مون چئي ڏنو، “ڀاڀي، مونکي به شادي ڪرايو.” گهر ۾ ڄڻ بم ڦاٽو. بي شرم، بي غيرت، الائي ڇا ڇا دادا چيو. ڀاڀيءَ ڀونڊو ڏيندي چيو، “اڳ ڪٿي هئينءَ ؟ ڀينرن سان پيئي ريس ڪرين. هاڻ ڇا ڪريون ؟ ”
    پڦيءَ جو ڪن تي اها ڳالهه پيئي، هن هٿ پير هلايا. پر ڪچو ڪنوارو هيڏي وڏي عمر جو ڪٿان ملي ؟ منهنجو به چريو ضد، ٻارن وارو نه کپي. سڀ حيران ۽ پريشان. آخر پمپريءَ جي هڪ شادي ڪرائڻ واريءَ ڳولهي لڌو منهنجيءَ عمر جيترو. هو بنان ماءُ پيءُ جي هو. 900 روپيه پگهار هئس. ڪنهن هوٽل ۾ مئنيجر جي نؤڪري ڪندو هو. مون ها ڪئي.
    شاديءَ کانپوءِ مون نؤڪري ڇڏي ڏني. ديپڪ ڪمائيندو هو، مان ٺاٺ سان گهر جو ڪم ڪندي هيس. هڪ ڪمري واريءَ گرهستيءَ مان پاڻ کي راڻي سمجهندي هئس. باسڻ چمڪائي ڇڏيا، کاڌو ايترو سوادي ٺاهيندي هئس جو ديپڪ آڱريون به چٽي ڇڏيندو هو. پنهنجي وت آهر ديپڪ لاءِ مون سرڳ ڌرتيءَ تي لاٿو. راجا راڻيءَ جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪ راجڪمار جي ڪمي هئي، سو به اچي ويو. راجڪماري به اچي ويئي.
    انهن ٻن ٻارن جي دنيا ۾ اچڻ ۽ چئن سالن جي عرصي ۾ رجنيءَ کي خبر پئجي چڪي ته ديپڪ پڪو پياڪ هوندو هو. شاديءَ کان اڳ يارن دوستن، مٽن، مائٽن جي سمجهائڻ تي، شادي ڪري گرهستي ٺاهڻ لاءِ هن ٿوري وقت لاءِ شراب کي ڇڏيو هو ته شادي به ٿي، ٻار به ڄائو، هاڻ رجني ڪيڏانهن ويندي ؟ ڦاٿي ري ڦاٿي ! رجني سوچيو ڦاٿي آهيان ته ڦٿڪڻ ڪهڙو ؟ بهادري ڏيکارين، هن آزي نيزاري ڪري پهرين کيس گهر ۾ مقرر ٿيل شراب پيئڻ جي اجازت ڏني. پر شرابي ڪٿي ٿو پاڻ لاءِ حدون ٺاهي. حد ڪاٽي بيحد ٿي وڃڻ ته هن جي فطرت هئي.
    ديپڪ جي صحت جڏي ٿيندي ويئي. ايڪسري ڪرائڻ سان خبر پيئي ته سندس آنڊا، جيرا، بڪيون خراب ٿي چڪا هئا. هن جو جڏهن مٿو ڦرندو هو، يڪدم پاسي واريءَ گتيءَ ۾ وڃي بٺيءَ جو قاتل شراب پي متوالو ٿي، سڄي رات بڙ بڙ ڪندو رهندو هو. هوءَ کيس کڏن مان، گٽرن مان، گتن مان کڻي يا کڻائي گهر ۾ آڻڻ لڳي.
    ديپڪ جو ڪم تي وڃڻ بند ٿي ويو هو. گهر ۾ غريبيءَ جو مرض ڦهلجي ويو. چئن سالن اندر جوڙيل هڪ هڪ سامان وڪامندو ويو.
    هِن هُن اڳيان هٿ ٽنگيندي غيرتمند رجني ضمير اڳيان جهڪندي ويئي. شرمندي ٿيندي ويئي. سڀ سمجهي ويا شرابيءَ جي گهر جو انت ڪهرو ٿيندو ! قرض ڪنهن کي ڏجي ؟ هيءُ قرض ته نه دان ڏيڻ ٿيو جو واپس نه ملڻو آهي. دان ڪيستائين ڏجي ؟
    رجنيءَ سڀني جي همٿ ٻڌائڻ تي وري ان دڪاندار وٽ ويئي. نؤڪري ملي ويس. ساڳي ئي 800 روپيه پگهار. هاڻ هن جون جوابداريون اڳي کان تمام وڌيل هيون. ٻه ٻار، ان جون جوابداريون، شرابيءَ جي خدمت ڪرڻ، پنهنجي سپنن جو اهڙو انت ٿيندو ڏسي هوءَ چڪناچور ٿي پيئي، هڪ زنده لاش. ڀينرن جو نصيب ڏسي، جيڪو هن قدم کنيو، ڇا مليو کيس ؟ آرام ۽ آسائش هن جي نصيب ۾ ڪٿي؟
    سڪل ڏٻرو شرير، سخت محنت دڪان تي ۽ مڪان تي. هن جي گهوٽ جو روز شراب پي، شراب نه پيئڻ جو قسم کائڻ. روز روئڻ، پاسي واري ريل جي پٽي ڏانهن ڀڄڻ، سلسلو هلندو رهيو ۽ ڪمال آهي هوءَ زنده رهي.
    آخر جيري جي صفا خراب ٿيڻ ڪري ۽ لڳاتار شراب پيئڻ جي ڪري ديپڪ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، ٻه ٻار ۽ ان جي جوابداري ۽ قرض رجنيءَ کي ڏيئي. رجنيءَ کي سمجهه ۾ نه پيو اچي هوءَ ڇا ڪري ؟ روئي ان شخص لاءِ جنهن کي خبر هئي ته هوُ دنيا ۾ ٿورو ئي زنده رهڻو هو ۽ شادي ڪري، ٻه ٻار، ذلت، دماغي پريشاني، بدنامي ڏيئي، پاڻ سڀني جوابدارين کان مڪت ٿي هلي ويو. کلي، خوش ٿي ته هڪ بوجهه کان هوءَ مڪت ٿي ويئي ؟ سماج ؟ تنهن کان خاموش رهڻ ئي بهتر. پر اُن خاموشيءَ کيس پٿر بڻائي ڇڏيو.
    ڇا ڪنهن انسان لاءِ وڌاتا ايتري ڪنجوسي ڪندو آهي جو هن جا ننڍڙا سپنا، هڪ ننڍڙو ڪمرو، ٻارن جا ٽهڪ، پتيءَ جو پيار ۽ بس اهو به پورو نه ٿئي ؟
    ها ننڍي هوندي کان دکن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رجني جيڪو قدم پيئي کڻي ڦاسجندي پيئي وڃي.
    وڌندڙ مهانگائي، جڳهه جي مسواڙ، پڙهائڻ ٻن ٻارن کي، پڙهائڻ کان اڳ پالڻ، ڪير سنڀالي ٻن ٻچڙن کي ؟ هوءَ صبوح کان رات جو نوين بجي تائين ٻاهر. ڪنهن صلاح ڏنس مائي رکُ. مائي صبوح کان رات تائين ٻار سنڀالڻ ۽ نيپاج ڪرڻ لاءِ 500 روپيا گهريا، اُن ۾ هوءَ ٻارن کي کاڌو کارائي کير به پيئاريندي، هونءَ ديپڪ گهر ۾ هوندو هو ته ٻارن جي تات نه هوندي هئي. 150 رپيا. بس جو ڀاڙو ؟ کاڌو ؟’ڪپڙو؟ بيماري سيماري، 800 مان ڇا ڇا ڪريان ؟ قد وڏو چادر ننڍي. مٿي کي ڍڪ ته پير اگهاڙا، پيرن کي ڍڪ ته مٿو اُگهاڙو. ڇا ڪنديس ڪيتري حسرت هئي ماءُ بڻجڻ جي. ڪيترا بيت هن ماءُ ٻارن تي پڙهيا هئا. هاڻ هن کي پنهنجن ٻارن کي ڇڏي، سڄو ڏينهن ٽنگن تي بيهي، طرح طرح جون اٽڪلون سٽڪلون ڪري مالڪ جو مال کپائي، لکين ڪمائي، 800 وٺي گهر اچڻو آهي. پنهنجي پيٽ ۾ ڇا وجهي؟ پنجن سالن ۾ هوءَ، سهاڳڻ، ماتا، وڌوا سڀ بڻجي ويئي. يا ته زندگيءَ جو چڪر هڪ هنڌ بيهجي وڃي يا ايتري ته رفتار سان سڀ ڪجهه ٿيندو وڃي جو دماغ ۽ اکيون چڪرائجي وڃن.
    رجنيءَ همٿ نه هاري، هوءَ هلندي رهي. ‘جوابداري’ ته نڀائڻي ئي هئس. ماڻهن جي چئي انوسار ماءُ به هوءَ هئي ته ٻارن جو پيءُ به هوءَ هئي. ‘جوابداري’ ته پوري ڪرڻي ئي هئس. هن ٻه چار دفعا ‘جوابداري’ اکر دهرايو، نه ڄاڻ ڇو پهريون دفعو هن کي ان اکر کان ڪراهت اچڻ لڳي، اهو احساس هن کي پهريون دفعو ٿيو. چوڏيهن سالين جي عمر ۾ هن پيڪي گهر جي جوابداري پنهنجو پاڻ کنئين هئي، پاڻ کي هندي سئنيمائن جي هيروئن پيئي سمجهندي هئي اُن وقت. پر هاڻ اهو اکر ڪيترو نه پراڻو ۽ بنا مطلب جي ٿي ويو هو ، هن لاءِ.
    هن جو ڪمزور شرير ڪم جي وڌڻ، جوابداريءَ جي وڌڻ ڪري سٽ ئي جهلي نه پيو سگهي. کنگهه، بخار، گهٽ کاڌو، سڄو بدن پيو ڏڪ ڏڪ ڪندو هئس. مٿو پيو ڦرندو هوس، شڪل ڀوائتي ٿيندي پيئي وڃيس. آخر هن، هن جي چوڻ تي خيراتي اسپتال ۾ ايڪس ري ڪڍايائين. سلهه ٽي.بي. نڪتي، سا به ڪافي وڌي چڪي هئي. ڊاڪٽر چيو، “ چنتا نه ڪريو. صرف سُٺي خوراڪ، قيمتي طاقت جون دوائون ۽ آرام سان توهين ٺيڪ ٿي سگهو ٿا، ۽ ڏسو ڪا به ̀چنتا ڪرڻ ̀ توهان لاءِ ٺيڪ ڪونهي. رجنيءَ کان وڏو ٽهڪ نڪري ويو ۽ ڊاڪٽر کان ڇرڪ. “توهان نه سمجهندا ڊاڪٽر! ايئر ڪنڊيشن روم ۾ ويهي.”
    ڪن آس پاس جي ماڻهن همدردي ڏيکاريس. پر ان سان ته مسئلا حل ٿيڻا نه هئا. جبل جيڏا دک هٽيا نه هئا، ڇا ڪريان؟ پئسا، ممتا تي به اميرن جو حق ؟ پيٽ ڀرڻ سان زندگيءَ ۾ لذت اچي ويندي. خالي پيٽ ۽ بيمار جسم، زخميل روح سان ؟ هوءَ خشڪ، ڪمزور چڙچڙي ٻڍي من ۽ تن واري ٿيندي پئي ويئي.
    ڇا ڪريان ؟ ٻارن سان گڏ نديءَ ۾ ٽپو ڏيان ؟ ريل هيٺان ڪٽجان؟ ٽرڪ هيٺان اچي سڀ مرون؟ نه، نه ڇو مرون؟ گڏجي جيئڻ ڪيترو مشڪل ٿي پيو آهي ؟ مان هاڻ بيمار شرير ڪري ڪم به نٿي ڪري سگهان، ٻار بک مرندا، ڇا ڪريان؟
    هن کي ننڍپڻ جي هڪ گهٽنا ياد اچي ويئي. گهر ۾ پاليل ڪتيءَ ٻار ڄڻيا هئا. سڄو گهر گندو ٿي ويو هو. بيزار ٿي ماڻس ڳوڻ ۾ ڀونگڙا بند ڪري هن کي ڏنا هئا، ڪٿي ڦٽي ڪري اچڻ لاءِ. ڏاڏنس تاڪيد ڪئي هئس، “ ڪتيءَ کي اهو ڏسڻ نه اچي ۽ خبر نه پئيس، پري پري ڦٽو ڪري اچين، جيئن گهر نه سڃاڻي سگهن. ماءُ کي آنڊي جي ڄر ٿيندي آهي. ٻارن کي ڦٽو ڪندي ڏسندي ته ڇتي ٿي پوندي.” هيترا سال ٿي ويا ته به هن کي ڏاڏيءَ جو هڪ هڪ لفظ چيل ياد هو، هن جي ياداشت ايتري تکي ڇو ٿي ويئي، ڄڻ هيءَ گهٽنا اڄ ٿي هجي ؟؟
    يادگيريءَ جو به ڪنهن گهٽنا سان لاڳاپو ضرور هوندو آهي. اڄ اُها گهٽنا ايتري تکي ڇو ياد آئي آهي، اڳ ڇو نه؟ هن کي روئڻ اچي ويو، ٻارن کي تيار ڪيائين ۽ سڀني کي چيائين، “ آلندي ٿي وڃان، ياترين سان شامل ٿيڻ.”
    ڪتيءَ ۽ سندس ڀونگڙن جو قصو دهرائڻ. ميلي ۾ ڀيڙ ۾ ٻنهي ٻارن کي ڇڏي آئي. گهر اڪيلي موٽي آئي، پر هوءَ ڪتيءَ وانگر ڇتي نه ٿي. آتما ڇڏي آئي، جڏو جسم کڻي آئي. ماڻهن جي پڇڻ تي جواب ڏنائين، “ گم ٿي ويا ميلي ۾.”
    ٻن ٽن ڏينهن ۾ هڪ ڌارمڪ سنسٿا کان هن مدد گهري، هن جي حالت تي رحم کائي ٽي سوَ مهني جي مدد منظور ڪئي ويئي. 150 روپيا ڀاڙو ۽ 5 روپيا روز چانهه ۽ ٻه ويلا مانيءَ لاءِ ٺيڪ هئا، هن من ئي من ۾ حساب ڪيو. هڪ عجيب زندگي، ڦاٽل ساڙهين، ٽٽل جوُتن لاءِ، پراڻن ڪمبل، هڪ ڪلو چانور، هڪ ڪلو ڪڻڪ لاءِ هوءَ به ان ۾، مهني ۾ هڪ دفعو شامل ٿي ويندي هئي. ‘پنڻ’ لاءِ نه، پنڻ اکر غيرشانائتو آهي، مدد لاءِ.
    هاڻ ته آرام ئي آرام هو، صبح جو اُٿي چانهه پي ٻن وقتن جي هڪ ئي وقت پاڻ اڪيليءَ لاءِ ماني ڀاڄي ٺاهي، ڌارمڪ سنسٿا مان مليل دوائون وٺي، هوءَ سمهندي رهندي هئي. بس ماني ۽ ضروري ڪم لاءِ اُٿڻ. جنم ڀر جي ٿڪاوٽ مٽائڻ لاءِ سمهڻ، ڪنهن جي به چنتا نه، ڪنهن جي به جوابداري نه، ڪنهن لاءِ به نه سوچڻ، ‘پنهنجي لاءِ جيئڻ’ جيئن وڻي تيئن ڪرڻ.
    رجني ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي هئي. کائيندي، سمهندي، دوائون وٺندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي ائين محسوس ٿيندو هو، هوءَ مري ويئي آهي ۽ ڪمرو هن کي نرم، ٿڌي قبر لڳندو هو، پر وقت سر، بک لڳڻ ۽ اُڃ جو احساس هن کي جيئري هئڻ جو يقين ڏياريندا هئا.
    زور زور سان ڪوئي در کڙڪائي رهيو هو، رات جو وقت، گهڻن ئي ماڻهن جا آواز پئي آيا. چڱو ئي وقت رجنيءَ، سستيءَ ۽ ڪمزوريءَ وچان دروازو ئي نه کوليو . . . آخر هوءَ ڌڏندڙ ٽنگن سان اُٿي کڙي ٿي، دروازو کوليائين. موتيءَ ماءُ هئي. چيائين، “مائي واڌايون هجني ! تنهنجا ٻئي ٻار لڌا. پنهنجي پاڙي ۾ تڪارام اُتي ويو هو، کين سڃاتائين ۽ پاڻ سان وٺي آيو.”
    ٻئي ٻار هن جي سامهون هئا، ڀاڪر پائڻ لاءِ اُتاولا.
    رجني مٿان ساڻائي طاري ٿيندي پئي ويئي. هوءَ غشي کائي ڪري ڪرڻ تي هئي ۽ موتيءَ ماءُ چئي رهي هئي . . . .
    “ مائي، تنهنجا نصيب کليا . . . . . ! ”


    8. قدرت جو نيم

    هوءَ روز پرڀات جو ۽ شام جو پنڌ ڪرڻ نڪرندي هئي. پرڀات جو امرت ويلي وقت پکين جون مٺيون لاتيون، ماڪ ڀنل ٻوٽا، گل، پن ۽ ٽاريون، هلڪو هلڪو ڌُنڌ ۽ سانت کيس پرماتما جي ويجهي هئڻ جو احساس ڏياريندا هئا. هميشه واري پنڌ جي رستي تي هڪ سيڪنڊ، هڪ پل لاءِ هن جا قدم هڪ بنگلي نه، نه هڪ سانتيڪي، ساتوڪي گهر اڳيان رڪجي ضرور ويندا هئا.
    ڇا هو ان گهر ۾ جنهن جي مقناطيسي ڇڪ هوءَ روز محسوس ڪندي هئي. ان گهر جي ڪمپائونڊ جون ڀتيون وچوليون هيون ۽ ڦاٽڪ ۾ به سلاخون وڏيءَ وڇوٽيءَ واريون هيون.
    اُن گهر وٽان لنگهندي ڪڏهن ستار، ويڻا، بانسري، ڪلاسيڪل، سيمي ڪلاسيڪل گيت، ڀڄنن جو مڌر آواز ايندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻڍڙو جوڙو اڇي پوشاڪ پهريل هنس جي جوڙي جيان گڏ ته، ڪڏهن اڪيلا نظر ايندا هئا. ڪڏهن پرش اخبار پڙهندو هو ته ٻڍڙي استري گل چونڊيندي هئي، ڪڏهن هوُ ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو هو ته حاطي جي ڪنڊ ۾ ننڍڙي مندر اڳيان هوءَ اکيون ٻوٽي ڌيان ڪندي هئي. ڪڏهن پتني تلسيءَ جي چوڌاري ڦيرا پائيندي هئي ۽ هو سنگيت جي تال تي ڪنڌ ڌوڏائيندو هو ۽ ڪڏهن ٻئي گڏ چانهه جون چسڪيون هڻندا هئا. ڪجهه پلن لاءِ هوءَ ايندي ويندي اُن گهر مان سانت، ساتوڪي جيون، پوتر واتاورڻ جو سک ماڻي ايندي هئي ۽ پنهنجي گهر ۾ به اُن آنند ڀرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ روز اُن گهر جو پوتر نظارو ڏسڻ جي لالچ کان ايندي ويندي اُتان ئي لنگهندي هئي. تازي هوا سان گڏ، تازگي کڻي ايندي هئي جانڪي.
    هڪ پرڀات جي سانيڪي وايوُمنڊل ۾ به اُن بنگلي مان گوڙ گنبوڙ جا آواز اچڻ لڳا. ڪي مزور هئا، بل ڊوزر به راڪاس جيان اُن گهر جي ساٿي، مخملي گاهه مٿان گهمي رهيو هو ۽ اُن پرڀات هن کي اُن ٻڍڙي ۽ ٻڍڙيءَ جو جوڙو نظر نه آيو. ڏسندي ڏسندي هر پرڀات ڄڻ ته رٽائين (رت ڀنل) ٿيڻ لڳي. نه تلسيءَ جو پوتر چبوترو رهيو نه مندر. نه گل نه ٻوٽا، نه ستار جو سُرُ نه مٺڙو گيت. گوڙ ڀريا انگريزي گانا جن جا سُرَ هن کي ۽ هن جي آتما کي اُداس ڪري ڇڏيندا هئا.
    ڪجهه مهينن کانپوءِ جانڪيءَ اُن بنگلي جو ڦاٽڪ کليل ڏٺو. اهو شام جو وقت هو. هڪ دربان يونيفارم پائي اُتي بيٺو هو. اندر ڪا پارٽي هلي رهي هئي. زور سان ميوزڪ، پيالا جن ۾ شايد شراب هو. هوءَ نه ڄاڻ ڇو، ازخود اُتي بيهي رهي. سالن کان جو چتر سندس هن اُن ساتوڪي گهر جو هو، سو ٽٽي رهيو هو. هيڏانهن هوڏانهن نهاري جڏهن پڪ ٿيس ته دربان جي آس پاس ڪو ڪونهيءَ هوءَ دربان وٽ آئي ۽ هٻڪندي پڇيائين، “ اڳيان مالڪ ڪيڏانهن ويا ؟ هي ڪير هتي رهڻ آيا آهن.؟ ”
    “ اُهي ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ سماج ڪلياڻ واسطي رهيا آهن. ٻئي پتي پتني ڊاڪٽر هئا. هتي سندس نُنهن پٽ آهن، جي وديش ۾ رهندا هئا.”
    وقت گذرندو ويو. منهنجو پنڌ ڪرڻ جو نيم نه بدلبو. پر ڌڏندڙ ٽنگن ۽ وڌندڙ عمر جو سهارو هڪ لڪڻ کڻي نڪرندي هئس. ڏياري چڱو پري هئي، ته به جانڪيءَ کي تيارين جي تات لڳي. هن نؤڪر کي ٻه ڇتيءَ تان ڳؤري پيتي لاهڻ لاءِ پوٽي هٿان نياپو موڪليو. اُن پيتيءَ ۾ سندس هٿ جا اڻيل ۽ مڙهيل قيمتي چادرون، ڇئون، ميزپوش، پڙدا هئا جي هن نور نچوئي تمام چاهه سان ٺاهيا هئا. ٻه ٽي ته شونق هئا کيس. ڪتاب پڙهڻ، لکڻ، ڀرت ڀرڻ، اُڻڻ، مڙهڻ، چترڪاري، چتر ڪٺا ڪرڻ ۽ سنگيت.
    جانڪيءَ جو پٽ راڪيش ننڍڙي پٽ جي آڱر پڪڙي اچي پهتو. “ممي هن دفعي گهر کي رنگ ڏيڻ ۽ ٿوري گهڻي بدل سدل ڪرڻ جو سوچيو آهي. فرنيچر به بدلائبو. ممي توکي دز ۽ رنگ جي بانس ڀانءِ نه پوندي آهي. توکي مهيني ڏيڍ لاءِ ماسيءَ وٽ ڇڏي ٿو اچان. متان بيمار نه ٿي پوين هتي.”
    جانڪيءَ موه ۽ پيار سان پٽڙي ڏانهن نهاريو ٻن ٽن ڏينهن ۾ هوءَ ناسڪ وڃڻ لاءِ رواني ٿي.
    لڇمي پوڄا کان ٻه چار ڏينهن اڳ راڪيش پنهنجي ماءُ کي وٺي آيو.
    جانڪي پنهنجي گهر جي ڦاٽڪ کان، دالان، ڪجهه به نه سڃاڻڻ ۾ اسمرٿ هئي. ايترو سندس گهر بدلجي چڪو هو. هن جي آس پاس وارا گهر ۽ سندس پاڙيوارا ڏٺا، جي کيس سڃاتل لڳا. ٿورو من ٿانئيڪو ٿيس. اندر جيئن ئي هلندي پئي وڃي، سندس مغز چڪرائيندو پيو وڃي. پڙدا، غاليچا، باغ، گهر جا گهاٽا رنگ، فرنيچر، اُنهن ۾ هن جي ڪابه پسندي شامل نه هئي، اُهي کيس پراوا لڳڻ لڳا.
    گهر ۾ گهڙڻ سان هن ڏٺو ته طرح طرح جون مورتيون جي هن ڀارت ۽ وديش مان ڪٿان ڪٿان هٿ ڪيون هيون، سي به نظر نه آيون. تلسي، ٺاڪر، پوڄا جو سامان، ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ، سندس سالن کان ڪٺا ڪيل ڪئسيٽ، سنڌيءَ جا ڪئسيٽ، جي هن سنڌ مان الائي گهڻيون منٿون ڪري گهرايا هئا. سندس ساهه سان سانڍيل سوغاتون، يادگيرين سان لپٽيل شيون، بزرگن جون شيون ۽ فوٽا جن کي هن سان موه ٿي ويو هو. هن پنهنجين شين لاءِ راڪيش کان پڇيو ۽ هن سانتيڪي ۽ ٿڌي آواز ۾ چيو، “سڀ تمام پُراڻيون ٿي ويون هيون ۽ تمام گهڻيون شيون اجائي جڳهه ولاري ويٺيون هيون. گهر به ننڍو آهي. منهنجا دوست مون تي کلندا ۽ چٿرون ڪندا هئا پُراڻين عجائب گهر ۾ رکيل شين کي ڏسي.” مون کيس ڪجهه به نه چيو. اُف! ڪجهه به ته پنهنجو ۽ سڃاتل نه هو جو هن کي اُهو گهر پنهنجو لڳي. جانڪيءَ کي سڀ شيون اجنبي لڳيون گهر به.
    سندس پُٽ کيس هڪ ڪمري ۾ وٺي آيو ۽ فخر سان چيائينس، “ممي، هي تنهنجو ڪمرو آهي، توکي اهو ساڳيو ئي ڪمرو ڏنو آهي، ڏس ڇا ته سُندر ٿي ويو آهي. هن ۾ سڀ سهوليتون آهن. ڏس ممي، ̀پئسا ڦينڪ تماشا ديک ̀ ڇا ته بدلجي ويو آهي.” جانڪيءَ جو پير جيئن تمام قيمتي مهانگي غاليچي تي پيو هوءَ ڇرڪي پيئي. خير اندر اچي ويٺي. هن کي اُتي ڪابه شيءِ نه ڏسڻ ۾ آئي جن کي هوءَ ساهه سان سانڍيندي هئي.
    هن کي اُن ڪمري ۾ ڪابه اهڙي ڪنڊ نه هئي جا پنهنجي ۽ پياري لڳي. ڪجهه به ڄاتل نه. مرجهايل من سان هوءَ هڪ عاليشان وڏي پلنگ تي ويٺي آهي، گهر ۾ نه. هوءَ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺي آهي، گهر ۾ نه. هوءَ هر چيز کي ڇُهي، سڃاڻپ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.. ننڍو T.V ويڊيو سيٽ، ننڍڙو فرج. هوءَ سڀني سان هلو هلو ڪري واقفيت ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. پر هن جو من ٽٽي چڪو هو. ڇيهون ڇيهون، ڏارون ڏارون. اچانڪ هن کي ياد آيو سندس اڱڻ ۾ پپل جو وڻ. جڏهن هوءَ ناسڪ وڃي رهي هئي، سڄو وڻ پيلن پنن سان ڀريل هو. پپل ٿڪل ـ ٻڍو مرجهايل پئي لڳو.
    هن پنهنجي ڪمري جي دري کولي. اُن پپل جي سڃاتل وڻ کي ڏٺو جو ساون سبز پنن سان ڀريل هو. جهومي، لهرائي رهيو هو. اُن وڻ ۽ سندس نون پنن کيس Welcome (سواگت) جو اشارو ڪيو. پنن کڙڪي کڙڪي تاڙيون وڄايون ۽ اُن مڌر پوتر’سنگيت سان سندس من ۽ ڪمرو ڀرجي ويو. نور ۽ آتمڪ آنند سان مخمور ٿي ويئي هوءَ. هن ڀڻڪيو، ‘قدرت جو نيم’پيلا پن جڏهن ڪريا تڏهن ئي نون ساون پتن جنم ورتو. سندر، ساوا پن، نئين اُتساهه ۽ امنگ سان ڀريل، ٻڍين ٽارين ۽ وڻ جي ٿڙ تي. هن پنهنجي نُنهن ۽ پٽ کي من ئي من ڌنيواد چئي ۽ نرم نئين بستري تي سمهي پيئي. کيس گهري ننڊ اچڻ لڳي. ڪمرو ساتوڪي سک ۽ سنتوش سان ڀرجي ويو. جانڪيءَ جو چهرو ٻهڪڻ لڳو ڪنهن تيج سان، پپل جي وڻ وانگر.


    9. فيصلو

    “شنا تون تمام سهڻي، سٻاجهي آهين، آواز به تمام مٺو اٿيئي” مون سهڪندڙ آواز ۾ چيو. پنڌ ڪرڻ وقت، ڳالهائڻ مهل آواز ائين ئي ٿي ويندو آهي.
    گهر جي پاسي واري باغ ۾ مان روز شام جو پنڌ ڪرڻ ويندي آهيان. باغ جي هڪ گيٽ کان ٻيءَ گيٽ تائين 15 منٽ لڳندا آهن. ڇهه چڪر لڳائڻ سان ڏيڍ ڪلاڪ جيترو پنڌ ٿي ويندو آهي. الڳ الڳ قسمن جا ماڻهو، ننڍڙا ٻار، ٻڍا، زالون، جوان، بيمار، سگهارا، صحت جو قدر ڪندڙ، سڀ اُن باغ ۾ گڏجندا آهن. ڄاتل سڃاتل چهرا، پنهنجائپ سان ڀريل سالن کان هڪ ٻئي کي ڏسڻ سان به ڪٽنب جا ڀاتي لڳندا آهن. نيم جا پڪا پنهنجا پنهنجا پيا لڳندا آهن.
    شنا منهنجي سوال جو جواب هلڪيءَ مرڪ ۾ ڏيندي چيو، “عمر چڙهي ويئي اٿم، چڱا وڏا پوٽو، پوٽي به اٿم، ته به توکي سهڻي ۽ سڊول پيئي لڳان. لڳي ائين ٿو شبنم تنهنجي اکين ۾ ئي سونهن ڀريل آهي، هر شيءِ توکي الائي ڇو ۽ ڪيئن سندر پيئي لڳي. پٿر، ٺڪر، ڪنڊا، سُڪل گاه، مرجهايل گُل، پنن کانسواءِ وڻ، بيمار ماڻهو، گهايل پسون پکي، سڀني کي تون سُندر چوندي رهندي آهين، سڀ سُندر ڪيئن ٿيا ؟ ”
    “ ها، اها ڳالهه ته تو ٺيڪ چئي شنا، مونکي هر شيءِ، هر دک ۾ به خوبصورتيءَ جي جهلڪ نظر ايندي آهي. هر ڪؤڙو، مٺو، کٽو آزمودو به ڪو نهايت پيارو ۽ سندر تاثير ڇڏي ويندو آهي، ڪو نه ڪو نصيحت ڀريو سبق سيکاري ويندو آهي. ”
    “شنا هن باغ ۾ اسين سالن کان گڏجنديون رهنديون آهيون، تون ڪافي ڪڇ پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ٻڌائيندي رهندي آهين. اچ هاڻ ٿورو وقت ويهي آرام ڪيون. ” اسين هڪ ڪنڊ واريءَ بينچ تي ويهي رهيوسين.
    “شبنم، توکي ايترو ته ٻڌايو هوم ته منهنجا پيڪا وچولي حيثيت وارا هئا ۽ شادي هڪ سٺي وڏي گهر ۾ ٿي، جن جي ساک وڏي هئي.
    جڏهن منهنجيءَ شاديءَ کي چار سال گذريا ۽ ڪوبه اولاد نه ٿيو، چؤڌاري سُس پُس ٿيڻ لڳي. وشال منهنجي سَسُ جو هڪ ئي سڪيلڌو پُٽ هو. پٽ جا ٻار ڏسڻ سندس وڏي ۾ وڏي خواهش هئي. ڌيري ڌيري روز روز گهر ۾ کِٽ پِٽ ٿيڻ لڳي ۽ اُن کانپوءِ ته ڪو ڪارڻ لڀي نه لڀي، سڄو وقت مون مٿان ڪٽ ـ ڪٽ ۽ اولاد نه ٿيڻ جا مهڻا.
    جنهن بلڊنگ ۾ اسين رهندا هئاسين اُتي ئي ڇهه فلئٽ هئا. جتي سَسُ جون پنج ڏيراڻيون ۽ ٻيا مٽ مائٽ رهندا هئا. مهمانن جي اچ وڃ ته لڳي ئي پيئي هوندي هئي.
    منهنجي آزين نيزارين ڪرڻ کانپوءِ مان ۽ منهنجو گهوٽ ڊاڪٽر وٽ تپاس ڪرڻ وياسين. هڪ ڊاڪٽر جو رايو ٻڌڻ کانپوءِ منهنجي گهوٽ رپورٽ مونکي نه ٻڌائي ۽ نه ڏيکاري. چئن پنجن ٻين ڊاڪٽرن وٽ به اسين وياسين. آهستي آهستي وشال جي اُداسي گهري ٿيندي ويئي ۽ مان به بي صبري ٿيندي ويم، آخر هڪ ڏينهن مون هنن کان همٿ ڪري پُڇي ئي ورتو، “ وشال آهي ڇا ؟ آخر ڊاڪٽر چون ڇا ٿا ؟ ڪجهه مون ۾ ڪمي هُجي ته علاج ڪرايان ؟ ۽ تو ۾. . . . مون جملو اڌورو ئي ڇڏي ڏنو. وشال نراسائپ ۽ اُداسيءَ واري سُر ۾ چيو، “ تو ۾ ڪا گهٽتائي ڪونهي.”
    “ ڇهه، اٺ سال اڳ هڪ خطرناڪ حادثو ٿيو هو، اُن حادثي ۾ مان بچي نڪتس، پر جيڪو ڊاڪٽر هاڻ ٻڌايو آهي، اُن کان مان اڻ واقف هوس.”
    “ ڊاڪٽر ڇا ٿا چون ؟” شنوءَ هٻڪندي پُڇيو.
    “مان پيءُ ٿيڻ جي قابل نه رهيو آهيان ۽ ڪجهه سالن کانپوءِ ته شاريرڪ سنٻنڌ رکڻ جي قابل به نه رهندس. هاڻ تون فيصلو ڪر، مون سان گڏ رهڻ چاهين ٿي يا . . . . .”
    منهنجي بدن مان ڄڻ ته رتُ ستُ سُڪي ويو. مان ته وسامجي ويس، گلو گهٽجي ويو. خالي خالي نظرن سان هن طرف نهاريندي ئي رهجي ويم. هوُ به گهٽن برداشت نه ڪري سگهيو ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري ويو.
    ٻه چار ڏينهن ته اسين روز مره جي ضروري ڳالهائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڳالهائي نه سگهياسين.
    هڪ ڏينهن هو گهر ۾ شام جو جلدي آيو ۽ چيائين، “شنو، هل ته هڪ هنڌ گهمڻ هلون، من بهلجي ويندو.” گهڻن ڏينهن کانپوءِ مون هن کي هلڪي هنيانءُ واري موڊ ۾ ڏٺو. مان جلد تيار ٿي ساڻس نڪري پيس. دل تان ڪو بوج هلڪو ٿي پيو.
    وشال شهر جي ٻاهران هڪ لنبي Drive تي مونکي وٺي هليو. هڪ تلاوَ جي پاسي ۾ وڻن جي جهڳٽن ۾ ڪار بيهاري. مان خوش به ٿيس ۽ وائڙي به ته آخر هوُ ڇا ڪرڻ ٿو چاهي. هن پاٻوه وچان آهستي آهستي منهنجو هٿ پنهنجن ٻن هٿن ۾ جهليو ۽ چيو، “شنو، جيڪي مان ڪجهه توکي چئي رهيو آهيان، ڌيان سان ٻُڌ.”
    “اسانجي گهر جو وايومنڊل، تنهنجي ۽ منهنجي هڪ ٻئي لاءِ بي پناه محبت، تنهنجا سنسڪار، انهن سڀني جي تقاضا آهي هڪ ننڍڙي ٻار جو گهر ۾ هئڻ. اسانجي رشتن جي پُل. ڪجهه ڏينهن سوچڻ کانپوءِ مان فيصلي تي پهتو آهيان، جو تو لاءِ ٻڌڻ ۽ عمل ڪرڻ شايد تڪليف ديه ۽ دک پهچائيندڙ ٿئي، پر اهو سڀ ڪجهه عمل ۾ آڻڻ نهايت ضروري آهي. ”
    مان کيس ٻڌندي ئي رهيس. ڇا ڪُڇان؟ ڇا پُڇان ؟ ڇا سوچيان ؟ وڻن جي جهڳٽن ۾ وشال جي گود ۾ سر رکي ليٽي پيس، پاڻ کي بهتر سمجهيم، ٿوري راحت، فرحت ۽ آڌار جو احساس ٿيو. هن جي مٺڙيءَ هنج ۾ آٿت ۽ همٿ ملي پيدا ڪئي، اهو ڪجهه ٻڌڻ لاءِ جيڪي هو ڪجهه ٻڌائڻ پيو چاهي.
    وشال منهنجي نرڙ تي مٺي ڏيندي وارن ۾ آڱريون گهمائيندي چيو، “ ٻُڌ، آنند منهنجو عزيز، گهرو دوست آهي، همراز آهي. تون هن کي مٿاڇرو ڄاڻين سڃاڻين، پر هوُ منهنجو ويجهي ۾ ويجهو دوست آهي جنهن کي مان سڀ ڪجهه سلي سگهندو آهيان. ان سان مون پنهنجو اندر اوريو آهي. ڊاڪٽرن واري ڳالهه به مون کيس سربستي ٻڌائي آهي.” وشال هڪ اونهو ٿڌو ساه کنيو.
    رفته رفته شبنم هو الائي ڪهڙيون ڳنڍيون کوليندو پيو وڃي. الائي وري هوُ ڇا چوندو ؟ الائي ڪهڙي ڳنڍ کُلندي ؟ الائي وري ڪهڙي وڄ ڪرندي ؟ مان اُڻ تُڻ سان ڀريل، پر خاموش هن جي چهري طرف ئي نهاريندي رهيم.
    “شنو، ٻُڌ. مون هڪ رستو ڳولهي ڪڍيو آهي، نئين مهمان جي اچڻ جو، تنهنجي منهنجي نه وڇڙڻ جو، پنهنجي پيار کي ڳنڍي رکڻ جو. خاندان جي سلسلي کي قائم دائم رکڻ جو، وڏين ٻڍڙين جي اکڙين جو هڪ سپنو، سندس اُمنگن، آشائن ۽ اٺسٺن کي قائم رکڻ جو. تنهنجي منهنجي وچ ۾ هڪ خال ڀرڻ جو. ”
    مون پُرزور آواز ۾ چيو، “ ڪهڙو رستو وشال”
    “تنهنجو ۽ آنند جو شاريرڪ سنٻنڌ . شاسترن ۾ ۽ پراچين زماني ۾ اُن کي ‘نيوگه وڌي’ چئبو آهي. خاندان کي اڳتي وڌائڻ لاءِ راجا، مهاراجائون اها وڌي ڪتب آڻيندا هئا.’‘ونش جي ول’ اڳتي وڌائڻ لاءِ آنند اڃان تائين ڪنوارو آهي.
    هڪ بم ڦاٽو، ڄڻ ته بارود ئي بارود منهنجي اکين اڳيان ڇانئجي ويو. ان بم جي ڌماڪي سان ڪن ۾ ڄڻ ته سيٽيون وڄڻ لڳيون. مان اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳس. ماحول کان بلڪل بي نياز. منهنجو ته هنياءُ ڦاٽڻ لڳ. سميه جي سمڪ ئي نه رهي. الائي ڪڏهن مان روئي روئي ٿڪس، ٿڪاوٽ جي ڪري ڄڻ ته اک لڳي ويئي. نيم بيهوشيءَ واريءَ حالت ۾ الائي ڪڏهن ڪئين وشال ڪار ۾ کڻي مونکي آنند جي بنگلي تي آندو. الائي ڇا ڇا ٿيو. هوش ۾ اچڻ سان مون پاڻ کي آنند جي اجنبي ڪمري ۾ پلنگ تي شرير صرف چادر سان ڍڪيل ڏٺم.
    باغ ۾ وڻن تي ويٺل پکين جو ڪولاهل بيحد وڌي رهيو هو. اونده به گهاٽي ٿيندي پيئي وڃي. شنوءَ جو آواز به ٻڏندو پيو وڃي. مون کيس ٿورو ڌوڏايو، “ شنو، اُٿ گهر هلون، دير پيئي ٿي، هل” مون لرزندڙ شنوءَ کي ٻنهي ٻانهن جو سهارو ڏيئي اُٿاريو. هن جا قدم ڌڏي رهيا هئا، اکيون دونهين سان ڀريل، “ چڱو شنو سڀاڻي وري باغ ۾ گڏجنديوسين” هوءَ ساڄي طرف سندس سنيءَ تي چڙهي گهر رواني ٿي ۽ مان کاٻي طرف گهر پنڌ پيس. پنجن ستين منٽن ۾ گهر پهتس.
    ٻه ٽي ڏينهن هوءَ باغ ۾ مونکي نه گڏجي، مان پنهنجي روز مره جي نيم موجب پنڌ تي وڃڻ لڳس. اڪثر منهنجيون اکڙيون شنوءَ کي ڳولهينديون رهنديون هيون.
    هڪ شام هوءَ مونکي نظر آئي. هوءَ منهنجي چونڊيل گول گول واري رستي تي تڪڙو تڪڙو پنڌ ڪري رهي هئي. نيلي رنگ جي سلوار قميص ۾ هوءَ بيحد خوبصورت نظر اچي رهي هئي. چڱن ڏينهن کانپوءِ گڏجڻ ڪري ازخود ٻنهي کان ٽهڪ نڪري ويو. هلڪو ڀاڪر پائي گڏجيونسين. گڏجي پنڌ ڪرڻ لڳيونسين.
    ڳالهائڻ مون شروع ڪيو. شنو باغ ۾ هيترا سڌا ڏامر جا رستا آهن تون هن گول گول ڏامر جي رستي تي ئي ڇو پنڌ ڪندي رهندي آهين ؟ ڪڏهن ڪڏهن هيئن گول گول گهمڻ سان چڪر ايندا اٿم، ته به الائي ڇو ائين ئي ڪندي رهندي آهيان. لڳندو آهي سڌا رستا مون لاءِ ٺهيا ئي ڪونه آهن. ڏاڍا ڏکيا لڳندا اٿم اُهي سڌا سنواٽا رستا.
    “ اڄ موڊ ٺيڪ نه اٿم” شنوءَ چيو.
    “ ڇو ڇا ٿيو وري اُن موڊ کي ؟ ” مون پڇيو
    “ اڄ نُنهن پُٽ سان ٿيل جهڳڙا، سندن ورتاءُ ياد ٿا اچن. منهنجي پٽ منهنجي بيحد گهڻي بي عزتي ڪئي. هن منهنجي ممتا ۽ موهه جو ذرو به قدر نه ڪيو. منهنجي گهايل من کي مرهم پٽي ڪرڻ جي بدران زخم ڏيئي ڏيئي ناسور ڪري ڇڏيو. پاڻ ته وشال سرڳواس ٿي ويو، مونکي ڦٽي ڪري ويو هن ڪنڀي نرڳه ۾.”
    مون سوالي نگاهن سان کيس نهاريندي چيم، “وشال گذاري ويو؟ ڪڏهن ؟ ڪيئن؟ تو ته ان جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي. ”
    “ها اُن رات آنند جي گهر مان ٿي اچڻ کانپوءِ مونکي ڏينهن چڙهيا. بيبو ڄائو. وشال جي چوڻ مطابق سچ پچ بدلجي ويوگهر ۾. گهر ۾ واڌايون ورائجي ويو. خوشيون ڇانئجي ويون پنج سال اسانجي زندگيءَ جا بهترين ۽ يادگار گذريا.
    پر . . . . ” پر اکر ڳنهڻ کانپوءِ هن جو آواز ڪنبڻ لڳو. “ پر ڇا ؟ ” مون آتر ويلا واري سُر ۾ پڇيو.
    اُن ڏينهن ببلوءَ جو پنجون جنم ڏينهن هو. آنند کي به وشال دعوت ڏني. کيس خاص بئنگلور مان گهرايو هئائين. ها، توکي ٻڌائڻ وسري ويو، اُن رات جي گهٽنا کانپوءِ آنند بئنگلور هليو ويو هو ۽ اسان سان گڏيو به نه هو ۽ جنم ڏينهن کانپوءِ ٻن ٽن ڏينهن ۾ هو هميشه لاءِ آمريڪا ۾ لڏي وڃڻ وارو هو.
    سڄو گهر ۽ خاص ڪري هڪ ڪمرو ته ماڻهن، ٻارن، جوانن، ٻڍن، ٻڍڙين سان ڀريو پيو هو. وايومنڊل ۾ شهنائيءَ جو سُرُ وڄي رهيو هو، کل کل، ٽهڪڙن سان گهر جو واتاورڻ وڻندڙ پيو لڳي. آنند ببلوءَ کي سڏيو، کيس هنج ۾ وهاريائين، ڀاڪر پائي، خوب چُميون ڏنائي. هڪ بيحد قيمتي تحفو ڏنو ۽ وري ڇڪي ڇاتيءَ سان لڳايائينس. اصل ڇڏيس ئي نه، سندس اکين ۾ آنسو اٽڪيل هئا.
    “ اُن رات وشال آتم هتيا ڪري ڇڏي.”
    سناٽو . . . . هڪ گهرو سناٽو ڇانئجي ويو. سڄي وايوُمنڊل ۾ کن پل لاءِ ته منهنجو ڄڻ ته ساهه ئي رڪجي ويو. شنا پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون. بينچ تي سر ٽڪائي شانت پٿر جو بُت بڻجي ويهي رهي. مون ۾ به هڪ اکر ڪڇڻ جي طاقت نه رهي. هيڏو وڏو درد مان ڪيئن گهٽايان ؟
    باغ جي گڻيش مندر جي آرتي آرنڀ ٿي ويئي هئي. مون هٿ کي ڇهيو، پڪڙيو، کيس سهارو ڏيئي اُٿاريو ۽ مندر ۾ وٺي ويس جتي پوتر گڻيش جي آرتي آرنڀ ٿي ويئي، ̀ سک ڪرتا، دک هرتا ̀ هلي رهي هئي. جهانجهه، اگربتيءَ جي سڳنڌ، آرتيءَ جي لئه ته تاڙين جو آواز، گڻيش جي پوتر مورتي، شرڌا، وشواس. منهنجي رڳ رڳ ٺري ويئي. ڏيئن جي مڌيم روشنيءَ ۾ ڏٺم ته شنا جو وساميل چهرو جو ڪجهه منٽ ڪاراٽيل هو، شانت ۽ ٻهڪڻ لڳو. آرتي پوري ٿي. “ شبنم، مون سني نه آندي آهي، مونکي اڄ تون گهر ڇڏي اچ، پوءِ گهر وڃ.” مون ڪنڌ سان ‘ها’ ڪئي.
    پنڌ ڪندي شنو مون طرف مخاطب ٿي چيو، بس شاديءَ کانپوءِ نوين ڏهين سالين ۾ مان وڌوا ٿي پيس. مون ۽ آنند ته سندس فيصلي کي عمل ۾ آندو. پر وشال پنهنجي فيصلي کي دليان قبول ڪري نه سگهيو هو. ڀاڄوڪڙ بڻجي سچائيءَ کي نه سويڪاري، اُن سچائيءَ جي حقيقت کي سهي نه سگهيو. پنهنجو ڪيل فيصلو مون مٿان مڙهي هميشه لاءِ مُنهن موڙي ويو. اهو به نه سوچيائين ته مان پهاڙ جيڏي زندگي ڪيئن ڪاٽينديس. سندس ڪيل فيصلي کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شڪتي ڪٿان آڻيندس ؟ سندس آتم هتيا واري قدم مونکي ڀڃي ڀوري ڇڏيو.
    منهنجو پُٽ ساگر، ننڍي هوندي کان ئي ضدي، جلدباز، جذباتي، غصي وارو هو. شاديءَ ٿيڻ کانپوءِ ته هو ۽ سندس زال مون سان بلڪل ٺهڪي نه سگهيا. منهنجي گهڻي مٺ محبت جي وهنوار ۽ ٻاڏائڻ کانپوءِ به هوُ ٻئي الڳ وڃي رهيا. منهنجو منجهس بيحد موهه هو، هن کانسواءِ مان ائين تڙڦڻ لڳس جيئن پاڻيءَ بنان مڇي. گهڻوئي سمجهايومانس، آزيون نيزايون ڪيونمانس، پر هو مونکي لڇندو ڇڏي ويو. منهنجو ڄڻ ته ڪرنگهو ٽُٽي پيو. گهر ڇڏڻ وقت ، هن مون مٿان منهنجي هٿ سان لکيل ڊائري ڦٽي ڪئي جنهن ۾ مون سندس جنم جو اتهاس لکيو هو. الائي ڪهڙي غفلت جي گهڙيءَ ۾ هن جي هٿ چڙهي هئي ۽ هن چلائي چيو، “ٻڌ منهنجو فيصلو. ‘تون چرترهيڻ آهين’ تنهنجو فيصلو غلط هو. پاڻ ستي ساوتري نه سڏاءِ ڪُلٽا ! ”
    شبنم ننڍي هوندي کان وٺي، ڀاءُ، پيءُ، ماءُ جا فيصلا مون قبول ڪيا، ڪپڙو، کاڌو پڙهائي، شادي هر فيصلو ٻي ڪنهن جو ڪيل پنهنجي پسند، ناپسند، پنهنجي شخصيت جو احساس به مان ڪري نه سگهيم. شاديءَ کانپوءِ وشال جو هر فيصلو اکين تي رکيم. اهڙو ناجائز فيصلو جنهن جو اهڙو آُگرو انت ۽ اڄ منهنجو رت، منهنجو پُٽ به پنهنجو فيصلو سُڻائي هليو ويو. جنهن کي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ سندس پتا اهڙو فيصلو مون مٿان مڙهيو. زندگيءَ جي ڪورٽ ۾ مان اڪيلي گناهگار آهيان، جنهن کي صرف هڪ طرف فيصلي جي عادت وڌي ويئي آهي. مان ڇا ٿي چاهيان شبنم ؟ مونکي ڇا کپي ؟” هوءَ هنياءُ ڦاڙي روئڻ لڳي. “ڇا ڪنهن به استريءَ کي پنهنجي فيصلي ڪرڻ جي اجازت نه آهي ؟ مان اهڙي ڪمزور ڇو آهيان ؟”
    مان هن کي سنڀالي کيس سندس گهر تائين اُماڻڻ لاءِ نڪري پيم.
    هُن جو گهر اچي چڪو هو. مان کيس گهر ٻاهران اُماڻي، ڳؤري من سان گهر ۾ پهتيم.
    گهر جو رڌيو پچايو ڪري، ٻارن ۽ گهوٽ سان گڏ ٽي. وي ڏٺم. ٿورو ڳالهائڻ ٻولائڻ ٿيو. من هلڪو ٿيو. ڪجهه لکڻ پڙهڻ ويٺيم من ٻيءَ ٿيو.
    ڪجهه ڏينهن پنهنجين ئي مشعولين ۾ گذري ويا. پنڌ ڪرڻ جي روزمره جي نيم ۾ ٿوري وٿي پئجي ويئي.
    هڪ ڏينهن ‘يوگا’ جو ڪلاس سيکاري واپس وريم. گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائيءَ نياپو ڏنو، “شنا ديدي ڪا فون آيا ٿا. آپ ڪو جلدي گهر ۾ بُلايا هئه.”
    مون هڪدم رئو پاتو، چمپل پاتي، مائيءَ کي ڪجهه رڌڻ پچائڻ لاءِ ٻڌائي، گهروارن لاءِ پني تي نياپو لکيم، ‘دير ٿي وڃي ته اون نه ڪجو’ نياپي تي شنا جو فون نمبر لکيم. شنا جي گهر پهتس. شنا گهر ۾ اڪيلي هئي. “ڇا ٿيو ؟ ايترو جلد اچڻ لاءِ نياپو ڇو موڪليئه ؟ طبيعت ته ٺيڪ اٿيئي ؟ گهر ۾ ڪير به ڪونهي ڇا ؟” مون تڪڙ ۾ ٽي چار سوال پُڇي ورتا.
    “شبنم طبيعت ٺيڪ اٿم. پاڻيءَ ڊڪ پيئهُ ” هن پاڻي آڻي ڏنو، مون پيتو. “ چانهه پيئندينءَ؟” مون ڪنڌ هلائيندي نه ڪئي. هوءَ پاسي ۾ اچي ويٺي. منهنجي گوڏي تي ڪنڌ رکي، اکيون پوري ڇڏيائين. اُن وقت هوءَ مونکي ننڍڙو ٻار لڳي رهي هئي. مون سندس مٿي تي لولي ڏيڻ وانگر ٿڦڪيون ڏيڻ شروع ڪيون.
    “شبنم، تو جهڙي پنهنجائپ ۽ پيار ڀري، همدرد، وشواس جوڳي ۽ درد چوسي وٺڻ واري ساهيڙي ملڻ کانپوءِ توسان من سلڻ کانپوءِ، منهنجن زخمن جا ٽاڪا اُکلجي پيا آهن، ماضيءَ جون ڪؤڙيون يادگيريون تکيون ٿينديون ويون. مان توسان اندر اورڻ لڳس. آٿت ملڻ لڳ. هاڻ ته توکان ڪجهه به لڪائڻ تي من نٿو ٿئي هيءُ به نه.”
    ائين چئي شنو منهنجي هٿ ۾ هڪ چٺي ڏني ۽ چيائين ته، “ پڙهه ”.
    مون کائنس آترويلا مان پڇيو، “ خط ڪنهنجو آهي ؟ ”
    “هيترن سالن کانپوءِ آنند جو مون ڏانهن پهريون دفعو لکيل خط، آمريڪا مان آيو آهي.”
    مون خط پڙهڻ شروع ڪيو، شنو، وشال جو ڪيل فيصلو، زبردستي، لحاظ، دوست جي دل نه دکائڻ جي ڪانئرتا بس هڪ کڻ جي ڪمزوري جنهن منهنجي ضمير تي ايتري ملامت ڪئي، جو اُن ڪڌي ڪرتوت ڪرڻ کانپوءِ، مون شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ توهان سڀني جي سامهون مرڻ تائين نه اچڻ جو قسم کاڌو هو. پر ببلوءَ جي جنم ڏينهن تي وشال جي ڪوٺڻ تي قسم ڀڃي آيس پر پنهنجي جذبات کي روڪي نه سگهيس. منهنجي هلت وشال کي الائي ڪهڙو ڏنگ هنيو جو هُن آتم هتيا ڪئي. مان ڏوهاري ڀاونا ۾ گرفتار ٿي ويس. وري مون پنهنجو منحوس منهن توهان کي نه ڏيکاريو.
    “ شنو، تون هيءُ خط ڏسي وائڙي ٿي ويئي هوندينءَ. توهان جي پاسي ۾ رهندڙ هڪ ڪٽنب هتي تازو آيل آهي. حال احوال وٺڻ کانپوءِ خبر پئي ته هو توکي چڱيءَ طرح سڃاڻن. اُنهن کان خبر پيئي ته ٻن سالن کان تون اڪيلي رهندي آهين. جنهن اؤلاد لاءِ تو هيتريون قربانيون ڪيون، هو به توکي اُن وقت اڪيلي ڇڏي وڃي الڳ رهيو آهي، جنهن عمر ۾ توکي سهاري، پيار، سيوا جي سخت ضرورت آهي، نالائق ڪٿان جو. شنا، تون هر طرح اڪيلي آهين. مون به هيل تائين اڪيلي زندگي گذاري آهي. الائي زندگيءَ جا گهڻا ڏينهن، مهينا، سال رهيا آهن، ڇا تون باقي بچيل زندگيءَ جا ڪجهه پل اڪيلائپ جا مونسان ورهائيندينءَ ؟ هتي اچي مون سان گڏ رهندينءَ . اسان ٻنهي جي هن اڪيلائپ واريءَ زندگيءَ کي هڪ نئون موڙ ڏينديءَ؟ منهنجو مانسڪ آڌار ٿيندينءَ؟ منهنجي ٻڍاپي جو سهارو بڻجندينءَ ؟ مونکي پنهنجي ضمير جي مار کان بچڻ جو هڪ موقعو ڏيندينءَ ؟ مونکي تنهنجي آٿت ۽ آڌار جي سخت ضرورت آهي. خاص ڪري هن بي ڀروسي واريءَ عمر ۾.
    خط پڙهي مون پورو ڪيو. هن سوالي نگاهن سان مون ڏانهن نهاريو. موٽ ۾ مون سامهون ٽنگيل گهڙيال ۾ ڏٺو. وقت ڏاڍو وڌي ويو هو. مون سندس وارن تي هٿ گهمايو ۽ آهستي آهستي اُٿي کڙي ٿيم. “شنا وقت تمام گهڻو ٿي ويو آهي. ٻڌ، پنهنجي زندگيءَ جو فيصلو پهريون دفعو تون پاڻ ٿي ڪندينءَ. تنهنجي انترآتما، تنهنجو سونهون بڻجي، توکي رستو ڏيکاريندي، اها مونکي پڪ آهي.” هوءَ اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي هئي. مون سندس نرڙ تي هڪ مٺي ڏني. منهنجي چهري تي مونالسا واري ڳجهارت ڀري، معنى ڀري مُرڪ هُئي.


    10. گهر

    “منحوس ! تو منهنجي زندگي زهر ڪري ڇڏي آهي، نڪر منهنجي گهر مان.” ونود زور سان چلائنيد چيو ۽ وندنا کي ٻاهر ڌڪا ڏيڻ لڳو. هن کي دروازي مان ٻاهر ڪڍي دروازو بند ڪري ڇڏيائين.
    وندنا در جي ٻاهران ويٺي ئي رهي. هن جا حوصلا ئي خطا ٿي ويا. ڏڪندڙ شرير، زبان خاموش، پيلو چهرو آنسن سان ڀريل ڌنڌليل اکڙين سان، هن دروازي جي Name plate ڏٺي. سندس نالي واري ‘نيم پليٽ’ ‘شريمتي وندنا’.
    ٻار ٻئي ڪاليج ۾ پڙهندڙ هئا. هن وقت هوُ، ڪاليج جي پڪنڪ لاءِ ٻن چئن ڏينهن لاءِ شهر کان ٻاهر ويل هئا. هوءَ پنهنجي گهر جي ٻاهران ويٺي رهي. سندس ڪنن ۾ ونود جا چيل اکر ٻرڻ لڳا، “نڪري وڃ منهنجي گهر مان” هن جو شرير ٿر ٿر ڪنبي رهيو هو. ‘منهنجو گهر’ يعني هي مسٽر ونود جو گهر آهي. منهنجي گهوٽ جو گهر ؟ پرش جو گهر ۽ استريءَ جو ڪهڙو گهر آهي ؟
    هوءَ پنهنجي گهر جي چائنٺ ٻاهران ويٺي ئي رهي. ڪجهه عرصي کانپوءِ گهر جو دروازو کُليو ۽ کُليل ئي رهيو.
    هوءَ سمجهي ويئي ته ونود کيس گهر کان ٻاهر ڪڍڻ نه پيو چاهي. هن جو گهڻن سالن جو دٻيل غصو ٻاهر نڪري آيو هو جو هُن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪڍيو هو، سو به خصيص ڳالهه تان ڀاڄيءَ ۾ وڌيڪ لوڻ پوڻ تي هوُ تپي باهه ٿي ويو هو. مرد ڪيتري ننڍي دل وارا هوندا آهن. سندن ڪيل قربانيون وقت پوڻ سان تمام مهان ۽ وڏيون لڳنديون آهن ۽ استريءَ کي قربانيءَ جي پتلي جو لقب ڏيئي کيس هر ڪنهن حق کان محروم ٿو ڪيو وڃي.
    پر جلدي ئي ونود کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿي ويو هو، تنهنڪري دروازو کولي ويو هو ۽ پڇتاءُ سبب هوُ کيس منهن ڏيکاري نه سگهيو. ونود کيس سڄي زندگي ساٿ ڏنو هو. وندنا اهڙو روت پهريون دفعو ئي ڏٺو ۽ کيس پڪ هئي ته هي آخري دفعو به آهي. هوءَ اُٿي اندر داخل ٿي. اندر اچي هن شانت چت سان مٽ مان پاڻيءَ جو گلاس ڀريو ۽ آهستي آهستي ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ لڳي. ڪمري ۾ وڃي، دروازو بند ڪري، پلنگ تي ڦان ڪري ڪرِي پيئي ۽ گونگا ڳوڙها ڳاڙڻ لڳي.
    هوءَ سوچڻ لڳي، ونود ‘منهنجو گهر’ اکر تي زور ڇو ڏنو ؟
    هي گهر گهوٽ جو!
    پيڪو گهر به منهنجو نه !
    ۽ ساهرو گهر سسُ جو !’
    منهنجو گهر ؟ ناريءَ جو ڪهڙو گهر ٿيندو آهي ؟
    انتر آتما مان آواز آيس، هيءُ تنهنجو پنهنجو گهر آهي ۽ بس.
    هن کي گذريل ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون. ياد اچڻ لڳو کيس سندس پيڪو گهر ۽ گڏوگڏ ڪيتريون ئي ماضيءَ جو يادگيريون . . . .
    ننڍي هوندي کان وٺي کيس پنهنجن ڀائرن، ڀاڄاين، ڀائٽن، ڀائٽيُن، امڙ ۾ بيحد موهه هو. مئٽرڪ پڙهڻ کانپوءِ، هن پڙهڻ سان گڏ نؤڪري شروع ڪئي هئي. مهيني جي پهرين تاريخ ماءُ جي هٿ جي تِريءَ تي پئسا رکندي چوندي هئي، “ امڙ، آهيان نه مان تنهنجو گلاب پُٽ ؟ ” امڙ به نرڙ تي مِٺي ڏيندي چوندي هيس، “ها منهنجا گُلو پُٽ.”
    وندنا جو چهرو ٻهڪي اُٿندو هو. هُن جي ڪم ڪرڻ جي همٿ ۽ اتساهه ٻيڻو ٿي ويندو هو. هوءُ پنهنجي گهر ۾ پرڻتا آڻڻ لاءِ سهڻا ڪوپ بسيون، چادرون، ڪٻٽ، صوفا سيٽ، ريڊيو، پلنگ، ڀائٽن ۽ ڀائٽين لاءِ سٺا ڪپڙا واجبي اگهه تي وٺي، فخر سان ڀاءُ ڀاڄاين کي چوندي هئي، “وندنا جي راڄ ۾ رهو سڀ خوش.” قسطن تي خريد ڪيل شين لاءِ هوءَ ٽيوشنس وٺڻ لڳي ۽ ٻيا به گهڻائي ڪم جنهن سان هوءَ ڪجهه پئسا ٺاهي پنهنجي گهر جي ڀاتين کي خوش رکي سگهي. محنت ڪرڻ لاءِ هن کي ڄڻ ته اٺ هٿ ۽ چوويهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪلاڪ هئا. ڀائر محنت ته گهڻي ڪندا هئا، پر گهر ۾ کائڻ وارا گهڻا وات هئا، سو پورت نه پوندي هئي.
    ماءُ هن کي نرڙ تي مِٺي ڏيندي چوندي هئي، “هوُبهو منهنجو گُلاب، منهنجو ٽيون ننڍو پٽ. اُهو جڏهن گذاري ويو، چاليهو رکي ڏينهن رات دعائون پنڻ کانپوءِ درياهه شاه دادلي، منهنجيءَ جهوليءَ ۾ توکي ڏنو. ”
    وندنا کي چٽيءَ طرح پنهنجو ننڍپڻ ياد هو. ڄمڻ سان ئي امڙ گلاب جا رکيل ڇوڪراڻا ڪپڙا کيس پائڻ شروع ڪيا. هن جيڪو پهريون ڇوڪرين جو فارڪ پاتو، اُهو هو سندس اسڪول جو يونيفارم.
    امڙ کي پڪو وشواس هو ته هيءُ سندس پُٽ گُلاب آهي جو ڌيءُ جو جنم وٺي آيو آهي. جنهن سائيءَ جي بيماريءَ ۾ گُلاب گذاري ويو هو، ساڳي بيماري کڻي ۽ ساڳيو ئي رنگ روپ روش کڻي هوءَ ڄائي. امڙ نالو ئي رکيس گُلاب. ٻن وڏن ڀائرن سان ڇوڪراڻا ڪپڙا پائي هوءَ ڇوڪرن جون رانديون ٿي ڪندي رهي. اِٽي ڏڪر، چدن جون رانديون، لڪ ڇپ راند، هُن کي ننڍي هوندي کاڌو به ڇوڪراڻو ۽ وڏي هوندي تائين مرداڻو ملندو رهيو. ٻه ڀاڄيون، ڏهي، چانور، مانيون، پاپڙ ۽ کٽائڻ ۽ سڀ ڪجهه ۽ پاڻي به هٿ ۾. باقي بچيل گهر جي زالن ۽ ڇوڪرين کي هڪ ڀاڄي، ماني ۽ چانور. امڙ جو وشواس هو ته هو سندس ٽيون پُٽ آهي. هوءَ پُٽ آهي زندگي جيئندي رهي.’
    اڄ رات بخار ۾ تپندي، الائي ڇو امڙ وندنا کي ڀاڪر پائيندي چيو، “وندنا، گُلو پُٽ تون پرائي امانت آهين. پنهنجو گهر وساءِ.” وندنا ڇرڪي چيو، “هيءُ منهنجو گهر ڪونهي ؟ ” امڙ بخار جي غشيءَ ۾ هئي، “مان الائي گهڻن ڏينهن جي مهمان، پنهنجو گهر وساءِ. تون منهنجو سهڻو پُٽ، سمجهو پُٽ آهين” چوندي چوندي سندس اک لڳي ويئي. پر هُن جي اک کُلي ويئي. امڙ جا اهي اکر هُن کي ڌوڏي ويا. 25 سال پنهنجو رت ست سُڪائي، تن من ڌن سان، ڏينهن رات هن گهر جي لاءِ ئي سوچيو هو. امڙ جي هڪ سِٽ هن جي پيرن هيٺان زمين گسڪائي ورتي. هُن اُٿي ڪري گهر جي ڀتين ڇتين کي ڇهيو . . . پنهنجيون ؟ پرايون ؟ منهنجيون ؟ ڪنهنجيون؟ ۽ آخر ٿڪجي پلنگ تي موٽي آئي. امڙ کي ڀاڪر پائي، چنبڙي سمهي پيئي.
    ونود ٽن چئن سالن کان سندس ‘ها’ جو انتظار پيو ڪري. هو کيس بيحد چاهيندو هو. ڪاليج جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ ساڻس واقفيت ٿي هئي. هن جڳهه ۾ لڏي اچڻ کان اڳُ هو سندس پاڙيوارو هو. سندس گهر جي بلڪل سامهون رهندڙ. ملاقاتون ڪندي ڪندي اهي ملاقاتون پيار ۾ تبديل ٿي ويون ۽ ونود هُن کي شاديءَ جي آڇ ڪئي. وندنا کيس هر وقت ائين چوندي رهي، “پيار تائين سڀ ٺيڪ آهي، پر شادي ته هوءَ هرگز نه ڪندي. هُن جي مٿان گهر جي جوابداري آهي ۽ هوءَ پنهنجي گهر جو پُٽ آهي.”
    اڄ امان مونکي ڇا چيو، ‘پنهنجو گهر وساءِ’ جيئن گوتم ٻڌ جي جيون ۾ هڪ رات آئي تياڳ ۽ وئراڳ جي، ساڳيءَ طرح وندنا جي جيون ۾ اُها هڪ رات آئي، تياڳ ۽ وئراڳ جي ۽ اُن رات هُن هڪ فيصلو ڪيو.
    ٽن چئن مهينن ۾ ئي اُن رات جي فيصلي، عملي جامو پاتو. هُن ونود کي شاديءَ لاءِ پنهنجي رضامندي ڏني. ٻنهي پنهنجن دوستن جي مدد سان ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. شادي ڪري پنهنجي گهوٽ سان هوءَ پنهنجي امڙ سان گڏجڻ آئي. گهر جا ڀاتي پهرين ڇرڪي ويا، کين وشواس ئي نه پيو اچي. پوءِ تمام ناراض ٿيا ۽ آهستي آهستي شانت به ٿيندا ويا. ڪلاڪ کن ۾ مڙيئي سڀ حالتون ٺيڪ ٿيون. پڇاڙيءَ جو موڪلائڻ وقت هُن پنهنجي ماءُ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو، “امان تون منهنجي گُرو آهي، جنهن مونکي هن حقيقت کان واقف ڪيو ته تنهنجي پُٽ جي آتما کڻي مون ڌيءُ جو جنم ورتو آهي. اها حقيقت، مان دل سان سويڪاريان ٿي ۽ اڄ مان پنهنجي گهر وڃي رهي آهيان. گهر جي ڀاتين جون اکيون آليون هيون، امڙ سڏڪا ڀري روئي رهي هئي. اُن نظاري جو ۽ ان ودائيءَ جو چشم ديد گواهه هو ونود. هن امڙ سان واعدو ڪيو ته هوُ سندس ڌيءُ کي اکين تي رکندو ۽ کيس ڪنهن به شڪايت جو موقعو نه ڏيندو. جلدي ٻئي روانا ٿيا. ونود پنهنجي ڄاتل سڃاتل گهر ڏانهن ۽ وندنا آنڌ مانڌ ۽ دل جي ڌڪ کڻي اڻ ڄاتل گهر ڏانهن.
    ڪجهه ئي منٽن کانپوءِ هوءَ هڪ وڏي شاهي حويليءَ اڳيان پهتا، جتي وندنا جا سسُ سهرو رهندا هئا. ونود پنهنجي ماءُ پيءُ جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو لاڏلو پُٽ هو. هن زندگيءَ ۾ جيڪو به چاهيو اُهو ڪيو هو. هن وندنا کي پڪ ڏني ته سندس ماءُ پيءُ ضرور ٿورا ڇرڪندا يا ٿوري کٽ پٽ ڪندا، پر پنهنجي پياري سڪيلڌي پٽ جي خاطر سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
    وندنا اُتساهه، اُمنگ، آنڌ مانڌ، اٺسٺا ڪندي ونود جي گهر جي چائنٺ تي قدم رکيو. نئين نويلي ڪنوار جا سڀ جذبا هن جي من ۾ اُڀرڻ لڳا. دل جو ڌڙڪڻ، شرم، چوچ، چاهه، پنهنجائپ، پيار ۽ شرڌا اُن گهر لاءِ جتي سندس پيار، سندس گهوٽ تمام گهڻيءَ سڪ مان کيس وٺي وڃي رهيو هو. هن کي ٿورو ڊپ به لڳي رهيو هو.
    ٺڪ ٺڪ ڪرڻ سان دروازو کليو. ڪم ڪرڻ واري مائي دروازو کوليو وندنا ۽ ونود کي هڪ ڪمري ۾ وهاريو ۽ چيو، “اندر اطلاع ڪري ٿي اچان.” وندنا محسوس ڪيو ته ونود جو چهرو زرد ٿي رهيو هو. هو ڪجهه ڪنبي به رهيو هو. ڪجهه سيڪنڊن ۾ مائي ٻاهر آئي ۽ کين اندرين ڪمري ۾ وٺي ويئي.
    اندرين ڪمري ۾ وندنا جي سسُ ۽ سهرو ويٺا هئا. ونود چيو، “بابا، هيءَ توهانجي ننهن آهي. مون توهانکي هُن جي باري ۾ سڀ ڪجهه ٻڌايو هو.” وندنا پيرين پوڻ لاءِ اڳتي وڌي. سسُ اشاري سان منع ڪيس. هوءَ بيٺي ئي رهي. ونود کيس هڪ صوفا تي وهاريو ۽ چيو، “مان پاڻي پي ٿو اچان.”
    ونود اڃان ڪمري کان ٻاهر نڪتو ئي مس ته ٻئي ڄڻا، سندس سسُ ۽ سهرو اکرن روپي باهه جا اُلا وسائڻ لڳا. الزامن پٺيان الزام. هوُ کيس ڏوهه ڏيڻ لڳا. پيڪن لاءِ گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. هوءَ اڪيلي چپ چاپ سسُ سهري جون دٻون ۽ دڙڪا سهڻ لڳي.
    سسڻس ڏنڀيندي چيس، “ نڪر منهنجي گهر مان، هيءُ گهر منهنجي نالي تي آهي. تون ونود سان شادي ڪري هيءَ حويلي هٿ ڪرڻ ٿي چاهين. هت اچڻ جي تنهنجي همٿ ڪيئن ٿي ؟ هيءُ منهنجو گهر آهي ۽ صرف منهنجوئي. ”
    هوءَ ڄڻ ته برف بڻجي پيئي. بار بار دروازي طرف نهارڻ لڳي. ونود اچي ته مائٽن کي سمجهائي. ڪنڌ هيٺ ڪري چپ چاپ تکن زهريلن تيرن جا گهاوَ هوءَ سهندي رهي. در تي آهٽ ٿي، هن نهاريو، ونود نه هو پر ٻه چار مرد هئا جي اندر آيا ۽ وندنا کي خونخوار نظرن سان نهارڻ لڳا. ان وقت ونود به اندر داخل ٿيو، هن کي ڏسي وندنا کي آٿت آيو ۽ نماڻي آواز سان کيس چيائين، “هي چون ٿا، هي تنهنجو گهر ڪونهي، ٻاهر نڪر.” ونود پپل جي پن وانگر ٿڙ ٿڙ ڪنبي رهيو هو.
    وندنا پڙهيل لکيل، پنهنجي پيرن تي بيٺل، خوددار ۽ غيرتمند جذباتي استري هئي. هن جي اُها حالت هئي ته ڌرتي ماتا ڦاٽي ۽ سيتا وانگر کيس پاڻ ۾ سمائي ڇڏي.
    ونود ۽ ٻيا سڀ ٻئي ڪمري ۾ هليا ويا، وندنا ان ڪمري ۾ اڪيلي ئي ويٺي رهي. زور ـ زور سان رڙين واڪن ۽ جهڳڙن جا آواز اچي رهيا هئا. هو سڀ پاڻ ۾ ٻٽ ۽ ونود اڪيلو هو ۽ وچ ۾ پوليس پوليس جا آواز به اچي رهيا هئا. آخر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ونود هڪ ننڍو بنڊل نوٽن جو هٿ ۾ کڻي ٻاهر آيو. وندنا جي ٻانهن پڪڙي اُٿاريندي چيو، “هل وندنا، هن وقت مون سان ٻاهر هل جيستائين ڳالهيون ٿڌيون ٿين.”
    هوءَ چپ چاپ پنهنجي سپنن جي ڏٺل گهر مان بي آبرو ٿي ٻاهر نڪتي. چائنٺ اورانگهڻ سان هن محسوس ڪيو، هيءُ منهنجو گهر هرگز ٿي نٿو سگهي. منهنجو گهر؟ . . . .
    “وندنا هل، مان توکي تنهنجي پيڪي گهر ۾ واپس ٿو ڇڏي اچان. ڌيري ڌيري مان پنهنجن مائٽن کي سمجهائيندس.”
    “ نه ” وندنا محڪم آواز ۾ چيو، “ مان وري پنهنجي پيڪي در نه ويندس.” چڱو هل، ڪجهه ڏينهن ٻيو ڪوئي بندوبست ٿا ڪريو، جيستائين ڳالهيون ٿڌيون ٿين. وندنا ونود جي گهر تي هڪ الودائي جي نظر وڌي ۽ من ئي من ۾ هڪ فيصلو ڪيو.
    ونود کيس اسڪوٽر جي پٺيان وهاريو. هوءَ خاموش خالي خالي نظرن سان رستن کي ڏسندي رهي. اسڪوٽر اچي هڪ هوٽل جي در تي بيٺو. وندنا کان ڇرڪ نڪري ويو. هن شڪايتي نظرن سان پنهنجي گهوٽ ڏانهن نهاريو ۽ ونود لڄ وچان ڪنڌ ڦيرائي ڇڏيو.
    هوٽل واري سان ڪجهه ڳالهائي ونود ٻاهر نڪري آيو. ڏاڪڻ چڙهي هو ٻئي هڪ ڪمري جي ٻاهران اچي بيٺا ۽ هڪ ڇوڪري ڪلف کوليو. بتي ٻاري. وندنا ڪمري ۾ رکيل پلنگ کي ڏسي حقارت ۾ ڀرجي ويئي. اُن رات ٻئي الڳ الڳ پلنگن تي ليٽيا. هن کي ليٽڻ ئي چئجي. سڄي رات وندنا کي هن اجنبي هوٽل جي ڪمري ۾ ننڊ نه آئي ۽ ونود به ننڊ نه ڪئي.
    ٻئي ڏينهن کان هوءَ نؤڪريءَ تي به وڃڻ لڳي. هوٽل واري اهو ڪمرو کين مهيني جي مسواڙ تي ڏنو ۽ اُن هوٽل جي ويجهو، هُن هوٽل واري جو گهر به هو. سندس زال هڪ عورت جي جذبات کي سمجهو ۽ کيس رڌڻ پچائڻ جي به اجازت ڏني ۽ وندنا سان حال ڀائي به ٿي. وندنا کي ٿورو آٿت مليو. هنن کين هوٽل جي ڪمري کي به گهر بڻائڻ ۾ ساٿ ڏنو. هن هڪ ڪچن ٽيبل خريد ڪيو. بازار مان چانهه لاءِ ڪوپ بسيون، باسڻ، ننڍڙا ديگڙا، ٻه ٽي ٿالهيون، وٽيون، چمچا، ڪيويون، کرپيون، چادرون، وهاڻن جو ڇئون، ٽوال، نئپڪنس . . . . وغيره خريد ڪرڻ ۽ سجائڻ ۾ هوءَ لين ٿي ويئي.
    هن پنهنجن پيڪن ۽ ساهيڙين کي ڪجهه ڪونه ٻڌايو. هوءَ اُنهن سان گڏجڻ به نه ويئي ! ڇا ٻڌائي؟ پنهنجي گهوٽ جي گهٽتائي ڪيئن ڪري ؟
    ونود پنهنجي مائٽن سان گڏجي ايندو هو. روئڻهارڪي شڪل ڪري ايندو هو. هنن کيس چيو پائيءَ جي به مدد نه ڪنداسين. ونود، وندنا جي ڪلهي تي سرُ رکي روئي رهيو هو. هو مونکي پائي به نه ڏيندا . . . . وندنا دلاسو ڏيندي چيس، “مان ته نؤڪريءَ تي آهيان. تون خيال نه ڪر مان پاڻ ئي سموري جوابداري سنڀالينديس.”
    جنهن عمر ۾ چوڙڻو ـ ماڻڻو سينگار ڪرڻو هو، اُن عمر ۾ وندنا ڪنجوس بڻجي پيئي. ونود نؤڪريءَ جي ڳولها ڪرڻ لڳو. وندنا پئسا جوڙڻ لڳي ڊپازٽ لاءِ ته ڪو گهر مسواڙ تي وٺي ڍنگ سان رهون، ڪيستائين ساهيڙين ۽ پيڪن سان نه گڏجندي ؟ ڪيستائين سڀ ڪجهه لڪائيندي رهندي ؟
    سندس دماغ ۾ هڪ ئي جنون هو ته جيستائين پنهنجي خريد ڪيل گهر نه هوندس، تيستائين هوءَ ٻارن کي هن دنيا ۾ نه آڻيندي. وندنا جي ان محڪم ارادي ۽ پرتگيا ۾ ونود به کيس پورو ساٿ ڏنو. ڪجهه مهينن کانپوءِ هنن هڪ گهر مسواڙ تي ورتو ۽ شاديءَ جي پنجن سالن تائين ايترا پئسا جوڙيا، جو قرض وٺڻ کانپوءِ هو هڪ ٻن بيڊرومن، هال ۽ رنڌڻي وارو فلئٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    وندنا کي بلڪل پڪ ٿي ته ‘هيءُ منهنجو گهر آهي’ ۽ پوءِ پهرين سال ننڍڙي گُڏي سندن زندگيءَ ۾ آئي ۽ ٻئي سال پُٽ. وندنا ٽي سال نؤڪريءَ تان موڪل وٺي، پنهنجي ٻارن جي پرورش تي ڌيان ڏنو.
    وندنا جا ڪروڙ پتي حويليءَ وارا ساهرا، ونود تي پيا ٻلهار ويندا هئا. هنن کيس هاڻ دڪان تي ويهڻ جي اجازت به ڏني هئي ۽ ماهوار ڪجهه پئسا به ڏيڻ شروع ڪيا هئا. پر اڃان تائين هنن ٻنهي کي ڌار ڪرڻ جي سازشن ۾ مشغول هئا. آسمان وارو هي کيل چپ چاپ ڏسي رهيو هو.
    وقت گذرندو رهيو. گهڙيال جي سُئي چرندي رهي، هلندي رهي.
    ٻار اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا ٿيندا رهيا. ڌيءُ جي شادي سٺي پڙهيل لکيل، خانداني گهر ۾ ٿي ويئي، وڏي ڳالهه ته هوءَ پنهنجي پتيءَ، گهر، ٻارن سوڌي بيحد خوش هئي.
    گهٽنا ته ڪا وقت ويل ڏسي ڪانه ايندي آهي. ونود جنهن جي آڌار ۽ پيار سهاري هن هيتري عمر ڪاٽي، اُهو هڪ حادثي ۾ چالاڻو ڪري ويو. اُن صدمي وندنا کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو.
    کيس گهڻو وقت لڳو اُن صدمي کان ٻاهر نڪرڻ ۾.
    پٽ جي پيار جي شادي، ڌوم ڌام سان ٿي. ڇوڪري وڏي گهر مان آيل، تمام سندر سڊول هئي. ڌيري ڌيري گهر ٻارن جي طوطلن آوازن سان ڀرجي ويو. وندنا بيحد خوش هئي پوٽي، پوٽيءَ سان. اُنهن کي آکاڻيون ٻڌائيندي، لولي ڏيندي، پيار ڪندي هوءَ پاڻ کي پورڻتا سان ڀريل محسوس ڪندي هئي. . . . .
    ننهن الائي ڇو ٿوري کٽ پٽ ڪرڻ لڳي هئي. ٻارن مٿان، پاڻ تي، گهر تي، ڪم واريءَ مائيءَ تي، چڙ ـ چڙ خاص ڪري ننڍي فلئٽ هئڻ جو احساس هن کي خوب ٿيندو هو.
    وندنا آهستي پنهنجا ساهه سان سانڍيل ڪتاب به ڇتيءَ تي پهچايا، پوءِ ستار، هارمونيم، سڀ شيون هُن ٻه ڇتيءَ تي رکايون. پنهنجو ڪٻٽ به خالي ڪري ٻارن جا ڪپڙا، رانديڪا رکيا ۽ ڪپڙا هڪ بئگ ۾ ڀريا . . . . هوءَ پنهنجيون.
    ضرورتون به گهٽائيندي ويئي. جيترو ٿي سگهيس، هوءَ ننهن کي خوش رکڻ پيئي چاهي. ڌيڻس جي پيڪن ۾ اچڻ سان ته گهر اڃان وڌيڪ سوڙهو ٿي ويندو هو. ٻاراڻو گهر سڄو شين سان سٿيو پيو هوندو هو.
    وندنا کي هر حال ۾ خوشي محسوس ٿيندي هئي. شور غل ۾ به هوءَ خوش هئي. سماڌان ۾ هئي.
    اڄ پٽ گهر ۾ جلدي آيو. ماءُ سان حال ـ احوال اورڻ ويٺو، آفيس جو ڪم، پگهار جو وڌڻ وغيره . . . .وغيره . . پوءِ پيار ۽ لاڏ مان امڙ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين، “امڙ، هڪ خوشخبري ٻڌ. مونکي اضافو Promotion مليو آهي. هڪ سُٺو بنگلو وڪامجي رهيو آهي، جنهن کي خريد ڪرڻ لاءِ اڌ پئسا ڪمپني ڀريندي ۽ اڌ منهنجو سهرو. هيءُ فليٽ وڪڻي، هُن وڏي بنگلي لاءِ فرنيچر خريد ڪنداسين ۽ رنگ روغن لڳائينداسين. پوءِ امڙ، سڀاڻي ايجنٽ کي چئي ٿو ڇڏيان، فلئٽ کي وڪڻڻ لاءِ. هل ! راڻي ٿي وڏي بنگلي ۾ رههُ. راڄ ڪر.”
    “ پُٽ ! ترس ۽ ٻڌُ. هي گهر آهي منهنجو پنهنجو گهر. شايد تون ان ڳالهه يا جذبي کي نه سمجهي سگهندين. ٻڌ تنهنجي ترقي ٿي آهي. توهان سڀ وڏي بنگلي ۾ رهڻ ٿا چاهيو، منهنجو اکيون ٿڌيون. پر پٽ مان هر حال ۾ هتي خوش آهيان. مون لاءِ هيءُ صرف فلئٽ نه، پر هڪ گهر آهي. مان هتي ئي رهنديس ۽ اهو منهنجو آخري فيصلو آهي جو نه بدلجندو” ۽ هوءَ پاسو ورائي چپ چاپ ليٽي پيئي. سندس انتر آتما شانت هئي ۽ اڏول به هئي.
    هن پاڻ کي ستار وڄائيندي، هارمونيم جا سُر ڇيڙيندي، ڪتاب ۽ ڪوتائون لکندي ۽ پينٽنگ ۾ مشغول ٿيندي ڏٺو ۽ ترپتيءَ سان ڀريل به . . . .
    پرڀات جي ويل سندس اک کُلي. هن نت نيم موجب، ڀرڻايام يوگا ڌيان ڪيو. سڀني ڪريائن کان فارغ ٿي، هوءَ پوڄا ڪرڻ لاءِ مندر جي اڳيان ويٺي ۽ اُن وقت ئي سندس پٽڙو اچي اڳيان ويٺو. “ امڙ. ڪجهه چوڻو اٿم.” “چئه پٽ ! ” هن پاٻوهه مان چيو ۽ اگربتي ٻاري. “ امڙ، رات تون منهنجيون اکيون کوليون. امان تو سچ چيو، هي صرف فلئٽ نه آهي، هيءُ گهر آهي. چئُه امان هيءُ گهر به رهي ۽ هو بنگلو به رهي ۽ پاڻ ۾ گڏ رهڻ جو احساس به رهي، آهي ڪا وچين واٽ ؟ ”
    “ ها پٽ، وچين واٽ به ضرور نڪرندي، پوڄا ته ڪري وٺون. هن آرتيءَ جو ڏيئو ٻاريو، گل، چندن ڀڳوان تي چاڙهيا، ڌوپ ٻاريو، ڪافور جي هلڪي سڳنڌ واتاورڻ ۾ ڦهلجي وئي. هڪ مڌر، پوتر، سڳنڌ ڀريو ماحول ٿي ويو. امڙ آرتي ڪئي. آرتي ۽ جل جو ڇنڊو گهر جي هر ڪمري ۾ وڌو.
    ننهن، پوٽن، پٽ، سڀني آرتيءَ تان هٿ گهمائي چهري تي گهمايو. گهر جو واتاورڻ پوتر ٿي ويو.
    پٽ ماءُ جي پٺيان پٺيان هلندو، ماءُ جي اڳيان اچي ويٺو، “ چئه امڙ ڪهڙي وچين واٽ آهي ؟ ”
    ماءُ پُٽ جي مٿي تي هٿ گهمائيندي چيو، “ ڏس پُٽ، اسين سڀ هڪ ٻئي کي بيحد پيار ڪندا آهيون. ننهن به غلط نه آهي. وڏي گهر جي کيس عادت آهي، اڳتي هلي ٻار وڏا ٿيندا ته برابر وڏي گهر جي ضرورت به ٿيندي، پوءِ ٺيڪ آهي جئين تون چئين ! مان ته ائين ٿي چاهيان، هي گهر به رهي، هو بنگلو به.”
    “ ته امڙ کڏ پئي فرنيچر، پيو ٺهندو. هاڻ ٻيو ڇا ”
    “ پُٽ، مان ته جڏهن سڪ لڳندي تو وٽ اچي رهنديس. توهين به وچ وچ ۾ اچي مون وٽ رهي وڃجو. بدل سدل ۾ مزو به ايندو رهندو.” ٻنهي ماءُ پُٽ هڪ ٻئي کي وڏو ڀاڪر پاتو.
    مهيني کن ۾ پُٽ ٻارن سوڌو بنگلي ۾ وڃي رهيو ۽ هوءَ پنهنجي گهر ۾. ڪڏهن هوُ ٻارن سوُڌا هُن وٽ رهندا هئا ته ڪڏهن هوءَ ٻارن وٽ ٻه چار ڏينهن رهي ايندي هئي ۽ گڏ هئڻ جو احساس به ماڻيندا هئا.
    وندنا واندڪائيءَ ۾ پنهنجو پاڻ ۾ پيهي پاڻ سان ئي گفتگو ڪرڻ لڳي. پنهنجي گهر جو هئڻ، پنهنجائپ ۽ پيار سان گڏ هڪ سمجهداريءَ جو احساس آهي. الائي ڇو ۽ ڪيئن ننڍي هوندي کان ڪجهه تلخ آزمودن هُن کي ڪن غلط ڀاونائن ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو. اڄ قدرت ۽ قادر، پنهنجي ٻارن جي وشال من، اُدارتا جا مثال ڏيئي، گهڻو ڪجهه هُن جي سامهون سوچڻ لاءِ پيش ڪيو. هوءَ پنهنجو پاڻ کي تلاشڻ لڳي. پيڪي گهر ۾ هڪ آزمودو مليو هو جو سندس جذباتي دل لاءِ تلخ هو پر هڪ حقيقت هئي ۽ اُهو قدرت جو هڪ نيم هو. جنهن گهر ۾ هوءَ شادي ڪري ويئي، خاص ڪري پريم وواه. ضروري نه هو ته ٻئي ٻانهون ڦهلائي سندس سواگت ڪن ها ! سندس پُٽ جيڪا رٿ رکي هئي ته ننڍي جڳهه مان وڏي گهر ۾ وڃي رهجي، جيڪڏهن سهوليت سان سڀ ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته کليل من سان سويڪارڻ ۾ ڪا وڏي ڳالهه ڪونه هئي. هُن پنهنجي پُٽ اڳيان اهو سڀ ڪجهه سويڪاريو پر ٻڏتر سان.
    هن ‘گهر’ اکر سان ايترو موه ؟ گهر معنى چار ڀتيون، هڪ ڇت نه آهي، اُن کان گهڻو گهڻو وڌيڪ هڪ احساس آهي، پنهنجائپ ۽ پيار جو.
    شرير به ته هڪ گهر آهي جو هڪ وقت ڇڏي اصلي گهر وڃڻو آهي ! آتما جو پرماتما سان ملڻ. ‘اصلي گهر’ جنهن جي هن کي ننڍي هوندي کان تلاش هئي. . . . . .
    هُن جو من هلڪو ٿي ويو. هن پاڻ کي ساکشي ڀاوَ ۾ ويچار ڪندي ڏٺو. پنهنجن ڪيترن ئي سوالن جا جواب، پنهنجي انترآتما مان هن کي ملندا ويا. هُن جو تپيل من گيان ۽ پيار ئي پيار پائي شانت ٿي ويو. پل ۾ هُن پاڻ کي لامحدود محسوس ڪيو. سندس چهرو تيج، آتمڪ نوُر، شانتيءَ ۽ سنتوش سان ٻهڪڻ لڳو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267770
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 388002
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ