ڪتاب جو نالو: ڪيئن وساريان ويڙھيچن
مصنف: وينا شرنگي
ڇپائيندڙ: ناري پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2009
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 28 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 718 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 195 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ھن ڪتاب ۾ وينا شرنگيءَ جون يادگيريون آھن. اھي يادگيريون سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته آھن، انھي ڪري ھن ڪتاب لکڻ جي انداز ۾ سندس زبان جنھن مان سنڌ ڌرتي جي محبت ليئا پائي رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ اچي رھي آھي. نج ڳوٺاڻو سٻاجھو انداز ھن ڪتاب جي سونھن آھي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • ڪمپوزرس پاران
  • سنڌ سلامت پاران
  • فھرست
  • پبلشر پاران
  • دل جون ڳالھيون
  • ٻه اکر
  • ليکڪا پاران
  • ڪيئن وساريان ويڙھيچن
  • عاشورا
  • حڪمت
  • مروئان موت ملوڪان شڪار
  • لاکو کٽي باريجو کائي
  • آپ نه پلي ڏوجھيان متيان ڏيوي
  • ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري!
  • آ بلاڙي ! ويندينءَ ڪاڏي؟
  • حب الوطني

  • ارپنا

    پنھنجي پويتر ڪک مان جنم ڏيندڙ
    محبت، لگن ۽ عقيدتمندي جي مجسم
    اَمڙ ستي ۽
    ابي گوپي ڪرشن
    کي
    جيڪي زندگي ڀر گمناميءَ جي چادر اوڍي، سماجي ۽ قومي ڀلي جا ڪم ڪندا رھيا آھن ۽ جن مان ئي مونکي سماجي ڀلي، محنت ۽ فرض جي راھ تي اڳتي وڌڻ جو اُتساھ ملندو رھيو آھي.


    وينا شرنگي


    ڪمپوزرس پاران

    انسان غلطين جو گهر آھي، ويسر سندس فطرت ۾ شامل آھي. اُن ڪري انسان جي لکت غلطين کان پاڪ ۽ صاف نه ٿيندي. وس آھر ڪوشش ڪبي آھي ته بھتر کان بھتر ڪيو وڃي. ڪٿي ڪا به غلطي ھجي ته ڪمپوزر پاران سمجهجو ۽ نشاندھي ڪجو.


    شاھنواز ٽالپر ۽ محمد امين ڀٽي
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ھند ۽ سنڌ جي مانواري ليکڪا وينا شرنگي جي يادگيرين تي مشتمل آھي.

    ”ھن ڪتاب ۾ وينا شرنگيءَ جون يادگيريون آھن. اھي يادگيريون سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته آھن، انھي ڪري ھن ڪتاب لکڻ جي انداز ۾ سندس زبان جنھن مان سنڌ ڌرتي جي محبت ليئا پائي رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ اچي رھي آھي. نج ڳوٺاڻو سٻاجھو انداز ھن ڪتاب جي سونھن آھي.“

    ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1984ع ۾ ھندستان مان ڇپيو جڏھن تہ ٻيو ڇاپو 2009ع ۾ ناري پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. سنڌ سلامت ڪتاب گهر سٿ پاران ڪتاب کي ڪمپوز ڪري نئين سر آنلائين اپلوڊ ڪري رهيا آهيون. ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر ۽ محمد امين ڀٽيءَ جا جن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. مھربانيون سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن حيدرآباد جي روحِ روان سريش ڪمار واڌواڻي جون جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪرائڻ ۾ مدد ڪئي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    فھرست

    پبلشر پاران : نذير ناز
    دل جون ڳالھيون : ادل سومرو
    ٻه اکر : ڊاڪٽر فھميده حسين
    ليکڪا پاران : وينا شرنگي

    يادگيريون

    ڪيئن وساريان ويڙھيچن
    عاشورا
    حڪمت
    مروئان موت، ملوڪان شڪار
    لاکو کٽي، باريجو کائي
    آپ نه پلي، ڏوجها متيان ڏيوي
    ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري
    آ بلاڙي! ويندينءَ ڪاڏي؟
    حب الوطني


    پبلشر پاران

    ناري پبلڪيشن حيدرآباد وينا شرنگي جي يادگيرين تي لکيل ڪتاب ”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ پيش ڪري رھي آھي. وينا شرنگي کي ھر ڪو سڃاڻي ٿو ڇاڪاڻ ته ھن جي سڃاڻپ جا ڪئين رنگ چٽا ۽ نمايان آھن. آل انڊيا ريڊيو سنڌي پروگرام جي انائونسر ۽ پروڊيوس ڪندڙ طور پنھنجي مٺڙي مڌر آواز سان پروگرام جي ادائيگي ڪندڙ وينا شرنگي جو اھو رنگ ٻڌندڙن جي دل ۾ ديرو ڄمائي چڪو آھي.
    ٻيو رنگ سندس ادبي آھي. ادبي کيتر ۾ ھيل تائين سندس 17 ڪتاب ڇپجي چڪا آھن. 18 ھون ڪتاب “ڪيئن وساريان ويڙھيچن” آھي، ھن ڪتاب ۾ جيئن ته وينا جون يادگيريون آھن. اھي يادگيريون سنڌ ڌرتيءَ سان وابسته آھن انھي ڪري ھن ڪتاب ۾ لکڻ جي انداز ۾ سندس زبان جنھن مان سنڌ ڌرتي جي محبت ليئا پائي رھي آھي. ھن ڪتاب ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي مھڪ اچي رھي آھي. نج ڳوٺاڻو سٻاجھو انداز ھن ڪتاب جي سونھن آھي وينا ڪھاڻيون، سفرنامه به لکيا آھن مطلب ته وينا ھر موضوع تي لکيو آھي. انگريزي ۾ به ٻه ڪتاب لکيا آھن ته سنڌي سان گڏوگڏ ھندي ۾ به لکيو آھي. بلڪه ھن منھنجي سنڌي ڪھاڻين کي به ھندي ۾ لکي ترجمو ڪيو آھي.
    ادبي ڪمن سان گڏوگڏ ھن ھند ڀينرن کي ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ مارئي سنٿان (قوم) ڀينرن لاءِ قائم ڪيو آھي. پاڻ انھي پارٽي ۾ بطور جنرل سيڪريٽري ڪم ڪري رھي آھي. انھي فورم ۾ ادبي ڪم سان گڏ سماجي ڀلائي لاءِ ڏينھن رات جاکوڙ ڪري رھي آھي.
    مارئي طرفان ھر سال ڪانفرنس به ڪندي رھي آھي. انھيءَ ڪانفرنس ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد کي دعوت ڏئي شرڪت ڪرائيندي آھي. اھڙي ريت ادبي سماجي ڪمن ۾ ڏينھن رات مصروف رھندي آھي.
    اسان کي فخر آھي ته اسان اھڙي جاکوڙي ڀيڻ جو ڪتاب شايع ڪري رھيا آھيون، انھيءَ ۾ ساري جيوت، عورت جي پاڪيزه ۽ بي باڪ جذبن ۽ گڏيل وڏن ڪٽنبن جي جھلڪ پر جامع ۽ جيون کي خوشگوار ھڪ تازي ھوا جي جھوٽي وانگر محسوس ٿيندي. وينا شرنگي ! سان آل انڊيا جي پروگرام انائونسر ۽ ڪمپيئر طور واقف ھيس. پر جڏھن 1985 ۾ دھلي ۾ ڪاڪا چيلائي منھنجي آجياڻي لاءِ ھڪ وڏي پيماني تي پروگرام ڪيو انھي پروگرام ۾ دھلي جا سڀئي ليکڪ شريڪ ٿيا. انھي آجيان ۾ وينا سان روبرو ملاقات ٿي ھن وڏي چاھ سان مونکي ۽ نسرين نوري کي گلن جا ھار پارايا ھئا ۽ ٻي ڏينھن ڪاڪا چيلائي جي گهر ملاقات ڪرڻ آئي. گفٽ طور مون کي ڪتاب ڏنائين ڪيتري دير اسان ڳالھيون ڪندا رھياسين ۽ ٻي ملاقات پاڪستان ۾ 1989 ۾ ڪراچي سنڌ گريجوئيٽس ايوسيئيشن پاران بين الاقوامي سچل ڪانفرنس آڪٽوبر 1989ع ۾ ڪوٺائي وئي ھئي ان ڪانفرنس ۾ پھريون ڀيرو سنڌي اديبن جو وفد ھندستان کان سنڌ ۾ شرڪت ڪرڻ آيو ھو. انھي وفد ۾ وينا به شامل ھئي. ڪانفرنس ۾ مشاعرو ٿيو. مشاعري ۾ وينا شاعري پڙھي تڏھن اندازو ٿيو ته وينا سٺي شاعره به آھي. مارئي سنٿان تازو آڪٽوبر 2007 ۾ ڪنور ڀڳت ڪانفرنس ڪوٺائي ھئي اسان کي به دعوت ڏئي گهرايو ھو. اسان محترم ڊاڪٽر سليمان شيخ جي سربراھي ۾ ”سگا“ ناري جي وفد طرفان شرڪت ڪئي. حيدرآباد مان مھرالنساءَ لاڙڪ ، نجمه شيخ، ناھيد ھنڱورجو گڏجي وياسين. وينا ۽ شائي ۽ ٻين اديبن ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو، اسين جيترا ڏينھن رھياسين اسان جي ميزبان وينا شرنگي ھئي. سنڌ کان آيل سڀني مھمانن جي چڱي ريت مھمان نوازي ڪئي وئي اسان وسارڻ چاھيون ته وساري نٿا سگھون ڀاءُ راجو شاني ۽ وينا جي آڌرڀاءُ ۽ سار سنڀال، خيال رکڻ سنڌ مان آيل مھمانن جي اھڙي ريت پرگھور لھڻ تي اسان کي احساس ٿيو ته پڻ اسين پنھنجن ۾ آھيون ڇا چاھ ڇا محبت ڇا سچائي، بس انھي سڀني کي قلم سان لکي مفيد ڪرڻ جي سگھه مون ۾ ناھي. ھڪ نازڪ ناري ايڏي سگھاري سڀني کي گڏ ڪري محبت ۽ سڪ جي محفل مچائي سگھي ٿي . پنھنجي مارئي طرفان ھيل تائين سنڌ مان ڪنھن به ناري اھڙو ميڙو مچائي نه سگھي آھي . وينا کي جس آھي جيڪا اھڙي ڪوشش ڪري پنھنجي ماروئڙن کي پنھنجي اڱڻ گهرائي پنھنجي پيار جي جوت ٻاري روشني وکيري سگھي ٿي. منھنجي دعا آھي وينا لکندي رھي ۽ سنڌين جا ميلا مچائيندي رھي. (آمين)

    ناري پاران وينا جو ڪتاب سنڌ واسين لاءِ ھڪ تحفو آھي. اميد ته پسند ايندو. تاج جويو پھريان پروف ۽ سيڪنڊ پروف وشال امير چيڪ ڪيا آھن. انھن جي محنت سان ھي ڪتاب اوھان جي ھٿن تائين پھتو آھي. مھرباني

    توھان جي
    نذير ناز
    29 11 2008


    دل جون ڳالھيون

    وينا شرنگيءَ جو نالو ھند ۽ سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نئون ناھي سندس ڪتاب ۽ تحريرون ته سنڌي ماڻھن تائين پھچنديون رھن ٿيون، پر سندس آواز ريڊيو ذريعي لکين ماڻھن تائين پھچي ٿو. اِھي سڀ سندس سڃاڻپ جون صورتون آھن. ان کان سواءِ “مارئي” تنظيم جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي اؤسر ۽ ڦھلاءَ ۾ سندس اھم ڪردار رھيو آھي . . انھي سڀني تخليقي سرگرمين جي باوجود وينا، پاڻ بابت ڪا دعوى نٿي ڪري ھڪ ناليواري ليکڪا جي روپ ۾ ھُن ڪيترائي ڪتاب سنڌي ٻولي کي ارپيا آھن. پر پوءِ به ڪنھن نالي، شھرت يا پذيرائي جي تمنا کان پري آھي. سندس انڪساري، ھن ڪتاب جي مُھڙ ۾ لکيل ”ليکڪا پاران“ عنوان ھيٺ لکيل چند لفظن مان به محسوس ڪري سگھجي ٿي . . . ھوءَ ھڪ ھنڌ لکي ٿي : ”مان يقين سان ٿي چوان ته نه ئي مون کي اديب جو خطاب حاصل ڪرڻ جو جنون آھي ۽ نه ئي اديبن جي قطار ۾ بيھڻ جي گُستاخي ڪنديس.“
    وينا شرنگي پنھنجي باري ۾ ڪھڙي به راءِ قائم ڪري، پر ان حقيقت کان انڪار ڪير ڪري سگھندو ته ھوءَ سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ مانائتي ليکڪا ۽ اديبا آھي، ھن ريڊيو پروگرامز وسيلي سنڌي ٻولي جي مڃتا لاءِ پرچار ڪيو آھي. اِھيئي سڀ عمل آھن جن جي وسيلي ھڪ انسان عام ماڻھوءَ مان شخصيت بڻجي ٿو.
    ”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ ڪتاب اوھان جي ھٿن ۾ آھي، جيئن ڪتاب جي عنوان مان ظاھر آھي ته ھي يادگيريون پنھنجن مارُن جون آھن، پنھنجن ويڙھيچن ۽ ساٿين جون آھن، جن سان ليکڪا، پنھنجي زندگي جا ڪيئي املھه پل گھاريا آھن، ھڪ خواب جي وارتا کي ڊائريءَ جي صفحن تي لکندي، وينا کي ماضي جون ڪيئي ڪھاڻيون، واقعا ۽ حادثا ياد ايندا ويا ۽ ھوءَ انھن کي لکندي ويئي ۽ ھڪ ڪتاب تيار ٿي ويو. اھڙو ڪتاب جنھن جو بنياد ھڪ سپنو آھي ، ڪتاب ۾ مختلف يادگيرين کي ڌار ڌار عنوانن تحت بيان ڪيو ويو آھي.
    ”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ جي عنوان واري حصي ۾ وينا، ننڍپڻ ۾ جڏھن ھو اڃا 21 ڏينھن جي مَس ھئي، جو سندن ھڪ گهريلو ملازم، کيس گھمائڻ جي بھاني اغوا جو ارادو ڪيو ھو ، واري واقعي سان شروعات ڪئي آھي، انھيءَ حادثي بابت تمام گهرائي سان سوچيندي، ھوءَ پاڻ بابت انومانن جو ذڪر ڪري ٿي ته جيڪڏھن ايئن ٿي وڃي ھا ته ھُن کي زماني جون ڪيتريون تڪليفون نصيب ٿين ھا. ھوءَ انھي حادثي کان پوءِ واري پنھنجي حياتي کي پنھنجو نئون جنم تصور ڪري ٿي . . . پنھنجي اندر جي جذبن کي، خوداعتمادي ۽ جرئت واري شخصيت اُڀارڻ جو سبب سمجھي ٿي. جنھن سبب ابي ۽ امڙ جا سندس لاءِ ھي لفظ، اڃا به وڌيڪ کيس ھمت عطا ڪن ٿا ته ”توکي ڌيءَ نه بلڪه پُٽ ھئڻ کپي ھا“ انھن ئي احساسن جي آڌار تي ھن جي ھمت ڀري للڪار، ٽن وحشي بگهڙن کان ھڪ ڪمزور ناري جي عصمت بچائي ٿي.
    عاشورن جا پڙ ۽ شوالي جي دريءَ مان عاشورن ڏسڻ واري مالڪيءَ جو حق، ڪنھن کي عاشورن جا پڙ ڏسڻ ڏيون يا نه، ڌرمن جي حدبندين کان بي پرواھ، ٻارڙن جو عاشورن جي ڏينھن ۾ گهر ۾ ماتم ڪرڻ ۽ اُنھن جي اڳواڻي جو شرف وينا کي ملڻ، جيڪا عمر جي ان حصي ۾ ڌرمي مت ڀيد کان پري، صرف ھڪ معصوم آھي جنھن بابت پاڻ ئي اظھار ڪري ٿي ته : ”گهر جي صاف سٿرن گلاسن کي ڇڏي اُنھن جي جوٺن جستي ٺولين ۽ گلاسن ۾ شربت پيئڻ ۾ نه بُڇان ايندي ھئي ۽ نه اِھو احساس ٿيندو ھو ته برھمڻ جو اولاد ٿي ڪري ڄٽن جي جوٽن گلاسن ۾ شربت پي رھيا آھيون. خبر ناھي ته اھو ڪھڙو جذبو ھو.“
    ڏاڏي مھراج رامچندر جي حڪمت جون ڳالھيون، جڏھن وينا ياد ڪري ٿي ته ڳالھه مان ڳالھه نڪرندي ٿي وڃي. مھراج رامچندر صرف حڪيم نه ھو پر اھڙو ڪردار ھو، جنھن جي ھر طبقي وٽ عزت ھئي. ھُو جڏھن ديھانت ڪري وڃي ٿو ته سڀ افسوس ڪن ٿا ۽ سندس گهر ۾ پاکرن جا ڍير لڳي ٿا وڃن. ان ساڳي حصي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھندو مسلم فساد جي سازش ۽ ان جي ناڪاميءَ جو ذڪر به اچي ٿو. ”مروئان موت ملوڪان شڪار“ ۾ مھمان نوازي جي سلسلي ۾ نماءُ ۽ ڏيکاءُ وارن روين بابت طنزيه اظھار ڪندي، وينا ڪيترن شومن جو ذڪر ڪيو آھي. ھي ليک ھڪ تسلسل ۾ مختلف واقعن جو مجموعو آھن، جن ۾ اڳواٽ ڪابه رٿابندي ڪيل محسوس نٿي ٿئي. “لاکو کٽي، باريجو کائي” جي عنوان واري حصي ۾ ليکڪا ڪيتريون ئي يادگيريون سمائي ڇڏيون آھن. پنھنجي والد جي سخاوت واري ذڪر سان گڏ، پنھنجي دور جي ڪيترن نامور شخصيتن جا واقعا ۽ اُنھن جي پنھنجي والد صاحب سان دوستي واري نسبت جوڙيندي، من کي ڇھندڙ ڳالھيون تحرير ڪيون آھن، سردار پير بخش ڀٽي جو سندن اوطاق تي اچڻ ۽ ھرڻ لاءِ فرمائش ڪرڻ ۽ ٻارڙن جو ھرڻ لاءِ بيچين ٿيڻ، اَٺن ٻارن جو اُٺ تي چڙھڻ ۽ اُتان ڪرڻ، ڀٽاريءَ جي چوري ۽ اُن جي واپسي، جھل مگسي واري لاکي پير جو چشمو، ڌاڙيلن پاران عورتن جي عزت واري روايت، مھراج جي ڌيءُ ھئڻ جي ڪري مختلف ماڻھن پاران ليکڪا کي مليل عزت، لاڙڪاڻي ۾ پڙھائي ۽ مختلف ٽيچرس جو ذڪر، انگريزي ڊبيٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ، اِھي سڀ ساروڻيون انھيءَ ڀاڱي ۾ اچي وڃن ٿيون.
    ”آپ نه پلي ڏوجهيان متان ڏيوين” واري يادگيرين جي حصي ۾ پڻ ڪيترين ئي حقيقتن کي وائکو ڪيو ويو آھي. انھن سچائين کي پڙھي محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪا عمر جي ھن حصي ۾ ڪنھن به مصلحت پسنديءَ ۾ نه ڦاسڻ جو حوصلو رکي ٿي ، جنھن ڪري ئي سندس قلم مان ھي تلخ ۽ تيز جملا لکجي سگھيا آھن.
    ” . . . . چاھي پوءِ انھن عزت جي علمبردارن جي خود گهر ۾ کاٽ لڳل ھوندو ھو. ڪنھن جي نونھن ، ڏير سان ٺھيل ھوندي ھئي. ڪا سُھري سان ته ڪا مُنشيءَ سان ته ڪا گهران ڀڄي ويندي ھئي . . .”
    يا ھي سٽون پڙھو:
    ”جيڪي ٻين کي نصيحتون ڏيندا ھئا سي خود بدڪاري ۽ بدچلنيءَ جو شڪار ھئا، ٻيو ته شھدادڪوٽ جي ڀنگياڻي، (نالو نٿي ڏيان) جنھن ھڪ عزت دار سان شادي ڪئي آھي. اُن جا ڪيترائي عاشق ھئا.“
    سنڌي سماج جون غلط روايتون، دشمنيون، پلاند، ڏي وٺ جون شاديون وغيره جي موضوعن بابت ليکڪا انھي حصي ۾ جرئت سان لکيو آھي.
    “ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري” ۽ “آ بلاڙي! ويندين ڪاڏي” جھڙن عنوانن تحت به ليکڪا ڪاميابيءَ سان پنھنجي حياتي جي وساريل ورقن کي سھڙيو آھي. “ھجيئي ناڻو ته گھُم لاڙڪاڻو” رائيس ڪئنال سارين جا فصل، فصلن تي ڪيڙن جو حملو، والده جي پيءُ جو ذڪر، ڪراچي ۾ سماجي تحريڪ، جيني سپا ھيملاڻي، ڳوٺ جا تپيدار، باگي جون لٻاڙون، شھدادڪوٽ سارين جا ڪارخانا، بيگاري ھاري، ڪوئٽا ۾ وڏي ڀاءُ جي نوڪري، بلوچن جون روايتون وغيره.
    وينا شرنگي ھن ڪتاب ۾ پنھنجي وکريل يادگيرين کي جنھن انداز ۾ سھيڙيو آھي اھو دلچسپ ۽ وڻندڙ آھي ۽ پڙھندڙ انھن ۾ خود گُم ٿي وڃي ٿو سندس انھن يادگيرين کي پڙھندي، مونکي سائين حسام الدين راشدي جو ڪتاب “ھو ڏوٿي ھو ڏينھن” ياد اچي ويو. جنھن جي لکت ۾ ڪا به بناوت ۽ مصنوعيت ناھي. بس دل جون ڳالھيون آھن، جيڪي پني تي اُتارجي ويون آھن. انھن يادن ۾ پنھنجو ذڪر گھٽ، ٻين جو وڌيڪ آھي، انھي اظھاري طريقي تحت وينا شرنگيءَ به ھنن يادگيرين ۾ ڪيترين اھم ۽ غير اھم ماڻھن کي ياد ڪيو آھي. اِھي سڀ يادون پنھنجي ماتر ڀومي سنڌ، شھدادڪوٽ، لاڙڪاڻو، اھي سڀ ماڳ مڪان، سندس ساھ ۾ سمايل آھن دھلي ۾ به سندس دل ڄڻ سنڌ جي گھٽين ۾ گھُمي ٿي . ديس جي محبت به پنھنجي گهر کان ئي شروع ٿئي ٿي. وينا پنھجي ماتا ۽ پتا جي شخصيتن کي خوب اجاگر ڪيو آھي. اِھي سڀ فطري ڳالھيون آھن، جيڪي “حب الوطني” واري جذبي تحت ھڪٻئي سان جڙيل آھن. وينا شرنگيءَ جو ھي ڪتاب، جيڪو توڙي جو مختصر آھي پر متاثر ڪرڻ جا سڀئي سامان رکي ٿو ۽ ھند سنڌ جي ليکڪن توڙي پڙھندڙن کي پسند ايندو.

    ادل سومرو
    واري تڙ – سکر


    ٻه اکر

    منھنجي وينا شرنگيءَ سان ملاقات ڪل ٻه ڀيرا ٿيل آھي پھريون ڀيرو آءُ ساڻس اسي واري ڏھاڪي ۾ ملي ھئس جڏھن سگا پاران ”سچل ڪانگريس“ نالي ڪانفرنس ٿي ھئي ۽ ھند ۽ سنڌ جي سنڌي اديبن ۽ اديبائن سان ڀريل بس ۾ چڙھي اسين ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين ۽ واپسي ۾ سموري سنڌ جو چڪر ھڻڻ لاءِ ويا ھئاسين. ان سفر ۾ ھوءَ به شامل به ھئي . . . . تڏھن پاڻ ننڍي نيٽي، سنھڙي سمارٽ ڇوڪري جي حيثيت ۾ سڀني جي توجھه جو مرڪز بڻيل ھئي . . . ٻيو ڀيرو 2008ع جي مارچ واري مھيني ۾ جڏھن آءُ ساھتيه اڪيڊمي پاران ڪوٺايل ڪانفرنس ۾ دھليءَ وئي ھئس ان سفر ۾ مون سان گڏ امداد حسيني، تاج جويو، اياز گل، اسحاق سميجو شامل ھئا. وينا پھرئين ڏينھن ئي اسان کي پاڻ وٽ چانھه تي گهرايو ھو . سالن جون ريکائون سندس چھري ۽ جسم تي پنھنجا نشان ڇڏي کيس ھڪ ميچوئر بردبار ۽ سنجيده عورت بڻائي چڪيون ھيون. مٿي تي بنديا نه لڳل ھجيس ھا ته سندس ڳالھائڻ مان ڪٿان به نه لڳي ھا ته ھوءَ ڀارت ۾ سنسڪرت ۽ ھنديءَ جي اثر ۾ رھندڙ سنڌياڻي آھي. سندس ٻولي ٻين ڀارتي ليکڪن ۽ ليکڪائن کان مختلف بلڪل ھتي اسان وٽ ڳالھائجندڙ ٻوليءَ جھڙي ھئي جيڪا نج ٻھراڙي جي سنڌيءَ جو ساءُ رکندڙ ھئي اتي ئي سندس مائيٽاڻي ڪٽنب جا ٻيا ڀاتي به موجود ھئا ، انھن جي وچ ۾ رھندي ھن پنھنجي ٻولي کي اصلوڪي شڪل ۾ ڪيئن رکيو آھي ان تي حيرت ظاھر ڪيم ته خبر پئي ته ورھاڱي وقت نه پر تمام گھڻو پوءِ ڪن اڻٽر سببن ڪري نوجوانيءَ واري عمر ۾ ڀارت آئي ان ڪري ائين آھي . . . ۽ ان ڳالھه جي تصديق سندس ھي ڪتاب ڪري ٿو جنھن ۾ ھن پنھنجيون يادگيريون قلمبند ڪيون آھن . نج سنڌي ڳوٺاڻي ماحول ۾ شھدادڪوٽ ۾ ننڍپڻ گذارڻ، لاڙڪاڻي ۾ جواني جو وقت ھئڻ رھڻ سبب سندس ٻولي ۾ اھا رواني رس ۽ چس آھي ، ھن جيڪي زندگي جا ننڍا وڏا واقعا بيان ڪيا آھن انھن مان ھوءَ ھڪ سڄاڻ ۽ دردمند دل رکندڙ خاتون محسوس ٿئي ٿي. ھي ڪتاب پڙھي جتي سندس نج سنڌي ٻوليءَ کي ساراھڻ کان سواءِ نٿو رھي سگھجي، اتي ٻيون به ڪي خوبيون متاثر ڪن ٿيون جن ۾ سڀ کان پھرين سندس سنڌ ۽ سنڌين لاءِ اڪير ۽ محبت آھي ۽ ٻيو مذھبي / ڌرمي ڀيد ڀاوَ کان دوري ۽ ھر ھڪ انسان لاءِ ھڪ جھڙو احساس نمايان آھي جيئن ھڪ ھنڌ لکي ٿي،
    ”ان وقت مون کي پنھنجي لباس، پنھنجي ٻوليءَ، پنھنجي انفراديت تي فخر ۽ ناز ٿيو. “منھنجي رواجي لباس ۽ منھنجي سٻاجھڙي سنڌي ۾ ايتري ڪشش ھئي.” ٻئي ھنڌ لکي ٿي، “خبر ناھي ڇو انسان انسان کي الڳ سمجھي ٿو. قيامت جي ڏھاڙي ھندو مسلمان سک عيسائي، سڀني کي مالڪ اڳيان حساب ڏيڻو پوندو. . . خلقيندڙ ته ھڪ آھي. نانءُ الڳ الڳ ، مٿيان ٻه مثال سنڌين جي صوفين جي روايت جا ساکي آھن جيڪا ھن ڌرتي ۽ ھن مٽيءَ جي خاص خوبي آھي . . . وينا به انھي ساڳيءَ مٽي مان جنم ورتو آھي منجھس اھي سنڌي گڻ موجود آھن.
    آءُ ڀانيان ٿي ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ موضوعن جي ڪري پڙھندڙن کي ضرور پسند ايندو.


    ڊاڪٽر فھميده حسين


    ليکڪا پاران

    ”ڪيئن وساريان ويڙھيچن“ ھيءُ ڪتاب ڪڏھن قلم بند ڪنديس، يا ڪتاب لکي اديبن جي فھرست ۾ شمار ٿينديس، اھو نه ڪڏھن تصور ڪيو ھيم ۽ نه ئي خواب خيال ۾ ھو. ھيءُ ڪتاب لکڻ عجيب اتفاق آھي، ائين ته ريڊيو لاءِ ننڍيون ننڍيون ڪھاڻيون الڳ الڳ موضوعن ۽ ننڍن فيچرن تي قلم آزمائي، پيشي جي تقاضا پئي رھي آھي. پر ڪي ڳاڻ ڳڻيا انائونسر (Announcer) ھوندا، جيڪي قلم آزمائي ڪري چڪا ھوندا، مان خوشقسمت آھيان، جو انھن چند ڳاڻ ڳڻين شخصيتن ۾ منھنجو شمار به ٿئي ٿو، خاص ڪري دھلي ريڊيو تي آءٌ پراڊڪشن (production) ايڊيٽنگ اسڪرپٽ (Editing Script) ، رٿابندي (planning) ۽ ترجمو ڪندڙ واحد خاتون انائونسر (announcer Female) آھيان اھو منھنجو نه بلڪه ريڊيو جي بيشمار ساٿين جو رايو آھي. ڪنھن ڪنھن وقت انجنئير جي غير حاضر رھڻ تي پروگرام جي لائين (line) ڏيئي ٽرانسميٽر (Transmitter) تي پروگرام پھچائڻ جو به شرف آرٽسٽ طبقي مان مونکي عطا ٿيو آھي. ۽ پروگرام بريڪ ڊائون (Break down) ٿيڻ کان بچايو اٿم. نشريات جي ھر کيتر ۾ ڪم ھلائڻ ۽ وقت جي تقاضا واري ڄاڻ کان پاڻ کي محروم نه رکيو اٿم. پنھنجي پيشي ۽ شوق کان مطمئن آھيان.
    پوءِ ڪتاب لکڻ جو شوق ڇو لڳو؟ مان اُن کي، حقيقتن کي قلم بند ڪرڻ چونديس، مون کي ڄاڻ آھي ته ڪيترا ادبي دائري جا دانشور ان کي اديبه جو نالو ڏيئي پنھنجي ادب نواز ذات ۾ اڻ ڄاڻ ۽ ائين اوچتو ڪنھن عورت جي داخلا کي گستاخي قرار ڏيندا. ڪي لحاظ ۽ حضور شرمائي وچان مُرڪي بي دليو داد ڏئي چوندا : واھ ڀائي وينا! ھاڻي تون به اديب ٿي وئينءَ، پر مان يقين سان ٿي چوان ته نه ئي مونکي اديب جي خطاب حاصل ڪرڻ جو جُنون آھي ۽ نه ئي اديبن جي قطار ۾ بيھڻ جي گستاخي ڪنديس.
    مان اھو ضرور چونديس ته جڏھن به مون حقيقت کي ڏٺو آھي ته مون اُن جو اظھار ڪيو آھي ، انسانن جا بدلجندڙ تاثرات ڪوڙي مسڪراھٽ، جھڙوڪ: وڏن ماڻھن ۽ نام نھاد سماج سيوڪن جي ڏيکاءُ واري خدمت تي بناوٽي داد، غريبن کي پنڻ ۽ ڌڪن کائڻ جي دھائي ڏيڻ.
    ادب نوازن، شاعرن، دانشورن، علمي شخصيتن، اعلى سياسي ۽ سماجي خدمتگارن سان ملاقاتون وقت به وقت ٿينديون رھنديون آھن. پر اُن کان وڌيڪ عام ماڻھو، اڻ پڙھيل ريڊيو جي شائقن ، پنھنجي نالي ٻڌڻ واري ديوانگي ۽ انائونسر سان ملاقات ڪرڻ واري عام ماڻھو سان گھڻي لھه وچڙ ٿي آھي، جنھن ۾ ٻار ٻڍا، عورتون مرد، ھندو مسلمان، سک عيسائي سڀ اچي وڃن ٿا. ميڊيا کي پيشي ۽ ڪمائيءَ جي ذريعي طور نه بلڪه شوق طور اپنايو اٿم، جيڪو منھنجو مقصد به ھو.
    پر ڪتاب لکڻ نه ئي شوق ۽ نه ئي پيشي جي تقاضا، نه ئي ڪا منھنجي تمنا ھئي. مارچ مھيني ۾ رات جو خواب ڏٺم ته ھڪ ڇوڪريءَ کي ٽي شخص پنھنجي ھوس جو شڪار بڻائي رھيا آھن. مون انھن کي للڪاريو. انھن ٽنھي مون طرف پلٽو کاڌو. تڏھن مون کي پنھنجي ڪمزوري جو احساس ٿيو. منھنجي واتان رڙ نڪري وئي “چور – چور” مون سان گڏ اُن ڇوڪري جي واتان به نڪتو “چور چور” ۽ ڊپ وچان ڇرڪ ڀري اٿيس. يڪدم الماري کوليءَ ڊائري ڪڍيم ۽ اھو حادثو قلم بند ڪيم. دراصل اُن خواب جو اڻ ڄاڻائي ۾ پنھنجي شخصي حفاظت سان لاڳاپو قرار ڏينديس. جو ننڍپڻ ۾ جڏھن 21 ڏينھن جي ھيس ته گهر جي ملازم اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاھيو ھو، جنھن ۾ ھو ڪامياب نه ويو ھو. مون کي پنھنجي حفاظت ، عورت جي عزت ۽ آبرو جو خيال ھميشه ستائيندو رھندو آھي.
    مون صرف پنھنجي جذبن جو اظھار ڪيو آھي. مون صرف حقيقتن کي قلم بند ڪيو آھي. اُن کي الڳ الڳ شخصيتون ڪھڙا خطاب ڏينديون، ان کان ناواقف آھيان. مان صرف اھو ڄاڻان ٿي ته مون زندگيءَ ۾ جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آھي، اھو اوھان اڳيان پيش ڪريان ٿي. اوھين خود امين آھيو. مان اوھان جھڙي ئي ھڪ شخصيت آھيان. اوھان به انھن حالتن، حادثن ۽ ھيٺ مٿاھين مان گذري چڪا ھوندا، ھا ضرور گذري چڪا ھوندا.

    وينا شرنگي


    ڪيئن وساريان ويڙھيچن

    امڙ ڳالھه ڪندي آھي ته جڏھن 21 ڏينھن جي ھئس ته گهر جو ملازم گھمائڻ جي بھاني اغوا ڪرڻ جو منصوبو ٺاھي ٽيشن طرف کڻي ڀڳو ھو، پر ھن جو منصوبو ڪامياب نه ويو يا ائين چوان ته قسمت منھنجو ساٿ ڏنو ۽ منھنجي امڙ ابي کي زندگيءَ ڀر جي وڇوڙي جي زھريلي ڏنگ کان رھا ڪيو. جڏھن نوجوان ملازم جي ريل گاڏي ڇٽي وئي ته ھن ڏاند گاڏي جي ھيٺان پناھ ورتي ۽ بُھه سان پاڻ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. تنھن وچ ۾ امڙ جي ھاءِ گهوڙا ۽ اکين جي گنگا جمنا جي ڌارا وانگر وھندڙ لڙڪن ۽ ڏاڏي سائين جي ڪمدارن جي زوردار ھڪلن سڄي ڳوٺ ۾ واءِ ويلا مچائي ڏني. “اڙي پڪڙيو ڙي پڪڙيو قھر ٿي ويو!” اوڙو پاڙو ته ڪٺو ٿيو، تنھن سان گڏ سڄو ڳوٺ تلاش ۾ نڪري پيو. ابي جو به سياسي ۽ سماجي خدمتگار جي حيثيت ۾ سٺو اثر رسوخ ھو، جتان لنگھندا ھئا ، سلام جي اسلام سان ۽ رام رام جي رام رام سان موٽ ڏيندي ڏيندي منٽن جو وقت ڄڻ سيڪنڊن ۾ گذري ويندو ھو. ڏورانھون فاصلو بنا ٿڪاوٽ جي طئه ٿي ويندو ھون. اُن ڏھاڙي سندن مختصر قافلو به وڌي ويو ۽ ادب ۽ تھذيب کي تلانجي ڏيئي دعا سلام جي موٽ ڏيڻ بنا تلاش ۾ نڪري پيا. نيٺ گهر جي منشيءَ کي ڪاميابي پلئه پئي، جنھن بُھه جي وٿي مان ڏاند گاڏيءَ ھيٺان ملازم کي ويٺل ڏٺو. گھلي ڪري ٻاھر ڪڍيائينس ۽ منھنجو راڙو لڳو پيو ھو. ان وقت معصوم ٻار جو روئڻ نه بلڪه ڪڙا رنڀاٽ نڪري رھيا ھئا. ملازم جي بابي خوب مرمت ۽ موچڙي موچڻائي ڪئي ۽ ڏاڏي سائينءَ جي گارين جو ڦھڪو لڳو پيو ھو. مٿان ڳوٺ وارن جي ٿڦاٿوڦي ۽ ٿُڪ لعنت ، ڪُٽيندا ڪُٽيندا، ٽيشن تان گھليندا کيس سڌو اوطاق تي وٺي آيا. امڙ به غير مردن ۽ اڻ ڄاتل ھندو مومن جو خيال ڪرڻ بنا پڙدي ۽ حجاب کي تلانجلي ڏيئي، پيھه ۽ گوڙ ۾ مينھن واچوڙي وانگر ڌوڪيندي اچي ملازم ڇوري کي ڄنڊن کان وتو. اُن وقت عورت جو ديوي ۽ گونگيءَ گانءِ وارو روپ نه بلڪه ٿوناري گانءِ وارو سروپ ھو. اُن سروپ گھڻي دير جٽاءُ نه ڪيو، ڇو جو رت ولوڙو ڏنو ۽ ٿڃ جي ڇڪ، ممتا جي ان حملي ڪرڻ واري ھٿ کي ڪمزور بڻائي ڇڏيو. ملازم ھٿ ٻڌي معافي طلب ڪرڻ لڳو ۽ روئي چوڻ لڳو: ”ايمان سان مون کي ٻارڙي اغوا ڪرڻ جو ڪو ارادو نه ھو، خدا گواھ آھي مان پنھنجي ڳوٺ وڃڻ پئي چاھيو.“
    ملازم جي آزين نيزارين ۽ پيرن تي ڪري ليلائڻ تي امڙ ۽ ابي کي رحم اچي ويو ۽ کيس اکين اڳيان ٽري وڃڻ جي ھدايت ڪيائون. امڙ به ميڻ وانگر پگهرجي وئي. رحم کائي گناھ بخشي ڇڏيائينس پر ڏاڏي سائينءَ جي گارين جو ڦھڪو پئي پيو. ڏمرجي چيائون، “ڪوڙو ڪرم – ساک اٿو. بلڪل نه ڇڏيوس.” اچي لڪڻن جو وسڪارو ڪيائينس. ابي ۽ امڙ ڏاڏي سائينءَ کي معاف ڪرڻ جو عرض ڪيو ٻڍيون عورتون پٽ پاراتن سان گڏ ڇوري کي ڀونڊا ڏيئي رھيون ھيون. ننڍيون نيٽيون وائل جي پوتي مان اڌ منھن اگھاڙو ڪري ڪاوڙ ۾ نڪ چپ موڙي رھيون ھيون. نيٺ ملازم کي چئن چڱن ڦٽ لعنت ڪري تڙي ڪڍيو.
    اھو حادثو امڙ ڪيترا ڀيرا بيان ڪيو آھي. ذھن ۾ ان واقعي متعلق الڳ الڳ ويچار اُڀرندا آھن ۽ اکين آڏو مختلف منظرن جو سلسلو جاري ٿي ويندو آھي. ڪڏھن سوچيندي آھيان ته ڪٿي فقيرن جي ٽوليءَ ۾ پنڻ لاءِ يا اوڏن جي ڪٽنب ۾ اوڏڪيون ڀتيون کڻڻ لاءِ تغاري ڍوئڻ نصيب ٿئي ھا. ڪڏھن ڪڏھن اھو سوچيندي آھيان ته بروھين کي وڪڻڻ تي خانه بدوش ٿي، اُنھن سان الڳ الڳ ڳوٺن ۾ لاڏن جھڙي زندگي بسر ڪريان ھا. ڪڏھن ڪڏھن اھو تصور به ڪندي آھيان ته ڪنھن بي اولاد مالدار جي گهر جي سڪيلڌي گود ورتل نياڻي ٿي وڌان ويجهان ھا، يا اھو به ٿي سگھي پيو ته غريب گهر ۾ رڌ پچاءَ ڪرڻ ۽ باسڻ برتڻ صاف ڪرڻ نصيب ٿئي ھا. اھي سڀ تصور ايترو ذھن تي اثر ڪندڙ ۽ ڏک رسائيندڙ نه لڳندا آھن، جڏھن من ۾ اھو ويچار ايندو آھي ته ڪنھن رقص گاھ جي رونق به بڻجي سگھان ھا ته پاڻ کي خوبصورت لباس ۽ زيورن سان جڙيل جسم جو تصور ڪري ڏڪي اٿندي آھيان. دل جي ڌڙڪن وڌي ويندي آھي. اکيون خوفزده ٿي وينديون آھن، سڄي بدن ۾ سيئاندو پئجي ويندو آھي، نرڙ تي پگهر جون بوندون موتين جيان چمڪي اٿنديون آھن، ۽ ٿڌو ساھ کڻي مالڪ جا شڪرانا مڃيندي آھيان ته اڄ جتي آھيان، جنھن حال ۾ آھيان، خوش آھيان ۽ خوش نصيب آھيان. امڙ کلي چوندي آھي ته ايڪيھين ڏينھن جي ھلي وڃين ھا، ايڏو موھ به نه پوي ھا ۽ خبر نه آھي ڪٿي ھجين ھا.
    شايد ماءُ پيءُ روئي ڌوئي وقت جي اُن گھاءَ کي برداشت ڪري ۽ نصيب جو ڀاڻو سمجھي روزمره جي ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃن ھا، پر مان ڪٿي ھجان ھا ۽ ڪھڙي حال ۾ ھجان ھا، اھو تصور ڪري خوفزده ٿي ويندي آھيان، ان سان گڏوگڏ پاڻ کي خوشنصيب ڀائيندي آھيان. ڌڻيءَ جا لک لک شڪرانا مڃي عقيدي سان من ئي من ۾ سر جھڪائيندي آھيان. قسمت تي ناز ۽ فخر ڪري، مالڪ جي احسانن کي مڃي، عقيدي جو جذبو سرشار ٿي ويندو آھي. نوڙت ۽ نياز سان دل بار بار سلام ڪندي آھي، شايد ننڍپڻ جي اُن حادثي، ذھني سوچ ۽ دل جي اُنھن جذباتن جو اثر ئي آھي، جو عورت جي حفاظت ۽ عزت جو فڪر، دل ۽ دماغ تي ڇانيل آھي، انھي ڪري عورت خلاف گٿن لفظن ٻڌڻ تي نفرت اٿم. پاڪ دامني تي فخر ۽ ناز، اُنھن جي حفاظت ۽ عزت جو فڪر ستائيندو رھندو اٿم. انھن ويچارن ايتري ته دل تي ڇاپ ڇڏي آھي ، جو انھن کي ڪو مٽائڻ جي ڪنھن به طريقي سان ڪوشش ڪندو ته به ڪاميابي پلئه نه پوندس ۽ نااميديءَ جو منھن ڏسڻو پوندس. اُن کي سڪندر اعظم وانگر وقت ۽ مقدر اڳيان زبردست شڪست جو مقابلو ڪرڻو پوندو. سمنڊ جي طوفاني ڇولين جون ٿڦڙون کائي بيھوشي جي عالم ۾ ڪناري تي موٽڻو پوندو يا واچوڙي جي زد ۾ آيل ھڪ ڪمزور پن وانگر اُتر کان ڏکڻ ۽ اولھه کان اوڀر ڌڪا کائڻا پوندا.
    ائين چونديس ته مون اُن حادثي کان پوءِ نئون جنم ورتو آھي. لڪل جذبا، ھمت، خوداعتمادي، پنھنجو پاڻ کي سنڀالڻ جي قوت ۽ جرئت واري شخصيت اڀارڻ جي ڪوشش ڪندا آھن. شايد انھي ڪري ئي ڊپ بنھه نه جي برابر ٿيندو اٿم. خود اعتمادي ۽ جرئت گھٻرائڻ تي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ حاوي پئجي رھيا آھن. ڪوشش ڪري ڪڏھن پاڻ کي ڊپ ۽ گھٻراھٽ واري صورتحال ۾ تصور ڪندي آھيان. ناٽڪ رچي ڪنھن ڪردار کي سمائڻ جي ڪوشش ڪندي آھيان. پر اھو ڊپ وارو ڪردار پنھنجي ناٽڪ جي ڪلائيميڪس تي پھچڻ کان ٽُٽي پوندو آھي ۽ مردن جيان مقابلو ڪرڻ جو سوچڻ لڳندي آھيان. پاڻ کي ڪمزور نينگر نه سمجھي، بردبار شخصيتن وانگر مخالف جنس کي للڪاريندي آھيان. اھا شخصيت، اھو ڪردار مون تي حاوي پوڻ لڳو آھي. ان بھادريءَ جي ساک ڪڏھن ابو ۽ امڙ به ڀريندا آھن ۽ کلي چوندا آھن : “توکي ڌيءَ نه بلڪه پُٽ ھئڻ کپي ھا.” بس ابي امڙ جا اھي لفظ تھائين اُن شخصيت کي مضبوط ڪن ٿا.
    ڪجھه ڏينھن اڳ ڪنھن ڪم سانگي سانجھيءَ ڌاري ڪٿي وڃڻو پئجي ويو. شام جا ساڍا ست وڄي رھيا ھئا. سج لھي چڪو ھو پکي پنھنجن آکيرن ڏي ولر ڪري وڃڻ لڳا ھئا. ڪم ڪار ڪندڙ مرد ۽ عورتون گهر موٽي ٿانيڪا ٿي رھيا ھئا. ايڪڙ ٻيڪڙ مجبوريءَ ڪري ڪم ڪار تان جلدي جند ڇڏائڻ جا سانباھا ڪري رھيا ھئا. مون کي اھڙي رستي تان لنگھڻو ھو، جتي ايتري وسئن ڪانه ھئي. ايڪڙ ٻيڪڙ جھوپڙيون ھيون. روشنيءَ جو به خاص بندوبست ڪونه ھو. مان پنھنجي ڌُن ۾ مگن مڪني ھاٿيءَ وانگر ڪنڌ لوڏيندي پئي ويس. پنھنجي چال ڍال کان بي خبر، نازڪ ناز نخري واري نينگر وانگر نه، بلڪه بي پرواھ بي ڊپي داداگير ڇوڪريءَ وانگر. اوچتو منھنجي اُن چال ڍال ۽ موج مستي ۾ رخنو پيو. لاپرواھي ۽ بي خبريءَ وارو عالم ٽٽي پيو. اوچتو منھنجي نگاھ ھڪ نينگر تي پيئي، جيڪا مون کان ڪجھه فاصلي تي وڃي رھي ھئي. اوچتو ان نينگريءَ جي چال ۾ بي اعتمادي ۽ لرزش نظر آئي، يڪدم اکين ان جو ڪارڻ تلاش ڪرڻ چاھيو. اکين جي ان تلاش کي عقل ساٿ ڏنو ۽ سمجھڻ ۾ دير نه لڳي ته ان لرزندڙ ۽ بي اعتماديءَ واري چال جو ڪھڙو راز آھي. پاڪ دامن ۽ پاڪيزگيءَ تي ناپاڪ ۽ بدڪار نگاھ جو حملو ئي بدڪار، عصمت فروش، پاڪ دامن کي ھوس جي وار سان چاڪ ڪرڻ ۽ پاڪيزگي تي بدنما داغ جي ڇاپ ڇڏڻ جو پھه پچائي چڪا ھئا. کيس پنھنجي ھوس جو شڪار بنائڻ لاءِ پنھنجن قدمن کي طوفاني رفتار سان اڳتي وڌائڻ لڳا. مان به انھن جي پٺيان پٺيان وڃي رھي ھئس، اُن نوجوان نينگر جي حالت ڪاسائيءَ اڳيان بي زبان ٻڪريءَ وانگر ھئي. جيتوڻيڪ اُن ڇوڪريءَ جو چھرو مان مڪمل ڏسي نه پئي سگھيس، پر سندس احساسن ۽ جذبن کان مڪمل واقف ھيس. اُن عالم ۾ منھنجي من ۾ غصي جو طوفان مچي اٿيو. غصي وچان جسم تپڻ لڳو. مٿن حملي ڪرڻ لاءِ دل آماده ٿي. شايد اھو احساس عورت کي عورت سان ھمدردي ۽ اخلاق جي اثر ھيٺ ھو، آبروءَ جي حفاظت ۽ خاندانيءَ بھادري ۽ جرئت وارا منظر اکين اڳيان تري آيا. انھن جذبن جي پٺڀرائيءَ للڪار جو روپ اختيار ڪيو. عصمت ۽ آبرو لُٽڻ جي خواھشمندن ۽ پاڪ دامنيءَ کي داغدار ڪندڙ لٽيرن کي للڪاريم. ٽي ھٽا ڪٽا شخص ھئا. منھنجي للڪار تي ٽنھي مڙي ڏٺو. مٿن شينھڻ وانگر وار ڪرڻ لاءِ قدم تيز ڪيم. فاصلو تمام گھڻو ھو.
    سڀ کان اڳ اُھا گھٻرايل ڇوڪري، اُن پٺيان اُھي ٽي بداخلاق ۽ ھوس جا بکيا گدڙ ۽ سندن پويان مان ھيس. منھنجي للڪار سندن رفتار ۽ ارادن ۾ ڪجھه خلل وڌو، ان ناقابل برداشت حرڪت تي غصو کائي، اُنھن ٽنھي بدڪارن پٺتي مڙي ڏٺو ۽ منھنجي للڪار ۽ آواز سندن ارادن ۾ رخنو پيو ۽ سندن قدمن ۾ ڪنڊو چُڀايو. مان به پنھنجي ھم ذات تي حملو ڏسندي پاڻ کي روڪي نه سگھيس ۽ منھنجا قدم تيز رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳا. اُن وقت ھڪ ازغيبي جھٽڪو لڳو. ٽنھي مردن جي قد بت، وزن، طاقت ۽ قوت جو احساس ٿيو، عقل، حماقت جي پڙدي کي فاش ڪري سوچ کان ڪم وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو. پنھنجي عورت ھئڻ جو احساس شدت سان ٿيو. پنھنجي ھمت ۽ قوت جي تور جڏھن تارازيءَ ۾ ڪيم ته عورت جي وزن جو پلڙو جھٽڪي سان کڄي ويو ۽ مرد جي ڀيٽ ۾ ڪک برابر لڳم. توازن جو احساس ڪري گھٻرائجي ويس. انھن ٽنھي لُٽيرن اُن ڇوڪري کي ڇڏي مون طرف پلٽو کاڌو. قسمت ۽ عقل ساٿ ڏنو. مان پويان پير ڪري ڀڳيس ۽ مون سان گڏ اھا ڇوڪري به مونکي سمجھه ۾ نه پيو اچي ته ڪيئن مقابلو ڪريان. مون ھرڻي واري رفتار سان ڊڪڻ شروع ڪيو. ان ڀڄڻ واري عالم ۾ اوچتو سمڪ آئي، عقل جي زوردار چماٽ لڳي. يڪدم واتان آواز نڪتو، ”چور چور، چور چور“ مون سان گڏ ان ڇوڪريءَ به ڀرڀور آواز ۽ وڏي واڪي سان “چور چور” جو آواز ڪيو. ٻنھي جا آواز ملي ڪري وڏي واڪي سان ”چور چور” ڪرڻ لڳا.
    چور چور جي آواز تي اوڙي پاڙي جي جھوپڙين مان ٻار، ٻڍا نوجوان نڪري آيا ۽ سڀني ھڪ ئي آواز ڪڍيو ”چور چور ، چور وارو ڪريو پڪڙيو اڙي پڪڙيو“ وٺ سٺ ٿي وئي!
    عصمت جي لٽيرن، عورتن جي پاڪ دامن کي داغدار ڪرڻ وارن سماج جي بدڪار انسانن کي ماڻھن گھيري ورتو. سندن چئني طرف ماڻھن جي پيھه لڳي وئي. ماڻھن جا ھشام گڏ ٿي ويا. اُنھن ٽنھي کي ٻک کڻي وڌائون، اھا ڇوڪري ماڻھن جي گوڙ کان ڪنارو ڪري پنھنجي گهر طرف رواني ٿي وئي. مان چند گهڙين لاءِ سوچ ۾ پئجي ويس نه گھٻراھٽ ھئي، نه ڊپ، نه غصو ھو، نه ڪاميابي جي خوشي. بلڪه سَپ سِنگھڻ واري خاموشي طاري ھئي. ان خاموشي کي ”سماج” لفظ ٽوڙيو. ھا سماج جي تعاون کان سواءِ انسان ڪجھه به نٿو ڪري سگھي. اڪيلو انسان، ڪمزرو، ھيڻو ۽ بيوس آھي. ”ٻه ته ٻارھن” سماج جي ساٿ سان سڀ ڪجھه حاصل ڪري سگھجي ٿو. چئني طرف ”چور چور، وارو ڪريو، وارو ڪريو” جا آواز اچي رھيا ھئا. مان ان گوڙ گنبوڙ ۽ پيھه کان پري يڪمشتي ۽ سماجي ۾ ٻڌيءَ ۾ کوٽ جو سوچي پنھنجي واٽ وٺي ھلڻ لڳيس. ڪنھن کي خبر ڪانه ھئي ته اھي چور ڪنھن جي چوري ڪري رھيا ھئا. ھا چورن کي چوري ڪرڻ کان اڳ ئي پڪڙيو ويو ھو.


    عاشورا

    اسان جي گهر جي پٺيان واڙو آھي. ان واڙي جي سامھون مڪان آھي. ھر سال محرم دوران اُن رستي تي ڀيڙڀاڙ وڌي ويندي ھئي. جيئن جيئن ماتم جو ڏينھن قريب ايندو ھو، تيئن تيئن پِٽڪو رفتار پڪڙيندو ويندو ھو. ان سان گڏ اسان ۾ به بيچيني وڌندي ويندي ھئي. ”علي مولى يا حسين!” جا نعرا زور زور سان ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. دل چاھيندي ھئي ته اسين به وڃي پٽڪي ۾ شريڪ ٿيون، پر اھو ناممڪن ھو. جڏھن عاشوري دوران گهر ڀرسان واري مڪان ۾ پڙ لھڻ شروع ڪندا ھئا. ته اسين جلدي جلدي ڀڄندا وڃي شوالي جي در مان ڏسندا ھئاسين. شھدادڪوٽ ۾ اسان جو پنھنجو مندر آھي ۽ ان مندر جي ڀت ۽ مڪان جي ڀت لڳو لڳ آھي. اسان جو ڏاڏو سائين ۽ ان مڪان وارا ھڪ ٻئي کي چڱي طرح سڃاڻندا ھئا ۽ ھڪٻئي سان دعا سلام به ھُئن. ان ڪري مندر ۽ مڪان جي گڏ ھئڻ يا مذھبي فرقيوار فسادن يا نفرت وارن جذبن جو ته سوال ئي نه ھو، نه صرف اسين، پر ٻيون به ڪيتريون واڻياڻيون ۽ سندن ننڍيون نيٽيون نھرون ۽ ڌيئرون اتان اچي عاشورا ڏسنديون ھيون.
    اسين ڦونڊ ۾ ڀرجي وينديون ھُيوسين، ڇو ته شوالو اسان جي شخصي ملڪيت ھو. ھونئن ته خدا جو گهر ڪنھن جي شخصي ملڪيت ٿي نٿو سگھي، پر سرڪاري کاتن ۾ ڏيکارڻ لاءِ يا ٻئي ڪنھن جي قبضي جي خيال کان اُن تي شخصي ۽ ڌرمائو نالو پئجي وڃي ٿو. اسين اُن ڏھاڙي پنھنجي شخصي ملڪيت تي وڌيڪ فخر ڪندا ھئاسين، ڇو جو، جنھن کي مرضي پوي ته شوالي جي دري مان عاشورا ڏسڻ ڏيون ۽ جنھن کي ناپسند ڪريون، تنھن تي قلم 144 لڳائي ڇڏيون. جيڪي وڙھندا ھئا، ان ڏھاڙي، انھن کان بدلو وٺڻ جو موقعو عطا ٿيندو ھو ۽ کين کي پڙ ۽ عاشورن جي ماتم واري نظاري ڏسڻ کان محروم ڪندا ھئاسين. پوءِ چاھي ان انتخاب ۾ پنھنجو اڌ وقت وڃائي وھندا ھئاسين، ڇو جو ھر گهڙي شوالي جو در بندا ڪندا ۽ کوليندا ھئاسين ۽ اسان تي مالڪ ھئڻ جو احساس حاوي پئجي ويندو ھو.
    عاشورن جي مڪان مالڪ گلوءَ جو به ساڳيو اسان جھڙو حال ھو. ھن جي عمر ڪافي وڏي ھئي، ائين چئجي ته چاليھن پنجيتاليھن جي وچ ۾ ھو. سڄو سال مڪان جو خيال نه ڪندو ھو. پر محرم دوران ھو به پنھنجي ابي ڏاڏي جي مڪان جي اچي سَڌُ سَماءُ لھندو ھو. سڄو ڏينھن سلفي ۽ چرس جا پيو سُوٽا ھڻندو ھو. اسان جي گهر جو لحاظ رکندو ھو ۽ عزت به ڪندو ھو. گهر طرف پاڻ ته ڪونه نھاريندو ھو، ٻين کي به اک کڻي نھارڻ جي جرئت نه ٿيندي ھئي. سندن ساڳيو ئي رويو مندر ڏانھن به ھوندو ھئو. اھو پٽڪو (ماتم) گھڻو وقت اڳ ۾ شروع ٿي ويندو ھو، خاص ڪري ڪيترا ڏينھن اڳ، امام حسن ۽ حسين جا دک ڀريا ۽ دل ڏاريندڙ داستان ٻڌڻ لاءِ ايندڙن ۽ ماتم ۾ شريڪ ٿيندڙن جون اوڇنگارون اسان جي واري تائين پھچنديون ھيون، پندرنھن ويھه کٽولا پيا ھوندا ھئا ۽ اسين سڀ ڀائر ڀينر قطار ڪري سمھندا ھئاسين. بابو سائين ڪاوڙجي چوندو ھو: ”اڙي چريا ته ڪونه ٿيا آھيو اسپتالن وانگر کٽولن جي قطار لڳائي ڇڏي اٿو.” وچ ۾ اسان ٽنھي ڀينرن جا کٽولا ۽ اوسي پاسي کان ڀائرن جا. بس سڀيئي اُٿي کڙا ٿيندا ھئاسين، رات جو پري کان ايندڙ پڙن جو انتظار ڪندا ھئاسين. ڪڏھن واري واري در کان ڊڪون پائيندا ھئاسين ته ڪڏھن آڳر واري در ڏانھن ڀڄندا ھئاسين.
    ھڪ رات مھاجرن جو پڙ اچي رھيو ھو. اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن ان جو آواز ٻڌي کٽولن تان ٽپا ڏيڻ شروع ڪيا. ھڪ ٻئي جي کٽولن تان ٽپا ڏيندا، ڀڄڻ لڳاسين. آخر ۾ امڙ جي کٽ ھئي، امڙ جي ننڊ حرام ڪرڻ جي پرواھ ڪرڻ بغير اوطاق ڏانھن ڀڄڻ لڳاسين. ان ٽاڪوڙي تي امڙ ڇرڪ ڀري اُٿي کڙي ٿي. اسان جي پويان ھوءَ به ڊڪڻ لڳي. اسين سمجھي وياسين ته امڙ کي غلط فھمي ٿي آھي. امڙ کي ڪري ٻک وڌوسين : ”آئي! پڙ اچي رھيو آھي پڙ، اھو ڏسڻ لاءِ ٿا وڃون.” امڙ سمجھيو، شايد ڪٿي ڌاڙو لڳو آھي، يا ڪو چور ڪنھن گهر ۾ گهڙي پيو آھي. ان ڏس ۾ اسان جي ھاڪ ھئي ته ڪٿي به ڪنھن به ھنڌ ڪو شاھينگ داخل ٿيو ناھي، کيس پڪڙي، ٿڦاٿوڦي ڪري، نوڙيءَ سان ٻڌي، سندس مُنھن ڪارو ڪري ، ٿاڻي ۾ ڏيندا ھئاسين.
    جڏھن امڙ کي حقيقت جي خبر پئي ته ھوءَ خاموش ٿي ويئي، اسين سڀ ٻار مار جي ڊپ وچان، امڙ کي ڀاڪر پائي بيھي رھياسين، ”امڙ اسين پڙ ڏسڻ لاءِ ڀڳا ھئاسين” ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ تي امڙ جي حالت جو اسانکي بخوبي احساس ھو. ته متان چاٽوڙا پون، اِن ڪري سڀ ٻار، امڙ جي چوڌاري دائرو ٺاھي چوڻ لڳاسين، ”ڪجھه ڪونه آھي، ڪجھه ڪونه آھي.” امڙ جي چھري تي ڪاوڙ، ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿڻ ۽ چور کي پڪڙڻ وارا گڏيل سڏيل تاثرات ھئا. خبر نه آھي، ننڊ ڦٽائڻ واري گستاخي ڪيئن معاف ڪري ڇڏيائين.
    ان وچ ۾ پڙ به اچي چڪو ھو. جيئن ته عاشورن جو پِٽڪو ڪافي ڏينھن اڳ شروع ٿيندو ھو، ان ڪري اسين به ان جي تيارين ۾ ڪافي ڏينھن اڳ ۾ لڳي ويندا ھئاسين. حويليءَ جا سڀ ٻار اچي اسان جي گهر ۾ گڏ ٿيندا ھئا. ڇوڪرا گھڻا ۽ ڇوڪريون گھٽ ھونديون ھيون. ائين چئجي ته انھن جي قيادت جو شرف مون کي عطا ٿيندو ھو، ڇو ته اسين گهرن ۾ عاشورن جو ماتم ڪندا ھئاسين، جنھن کان امڙ ابو ڏاڍا بيخبر ھوندا ھئا. ڪوٺي تي کليل ڇت کان علاوه بنگلو ھوندو ھو. ٻارن جو سڄو ٽولو ان بنگلي ۾ پھچي ويندو ھو، ۽ چؤطرف گول دائرو ٺاھي، اسين ”علي مولى يا حسين” جو پٽڪو ڪندا ھئاسين. ڪڏھن ڪڏھن ته زنجيرن جي بدران نوڙيون کڻي ايندا ھئاسين ۽ پوءِ ھڪ ڪلھي تان ٻئي ڪلھي طرف گھمائي ”علي مولى يا حسين” جا نعرا ھڻندا ھئاسين ۽ ان جي رفتار ايتري تيز ڪندا ھئاسين، جيتري وڌ ۾ وڌ ڪري سگھجي، ڏاڏي سائين کي شڪ پوندو ھو ته اسين ڪجھه ڪري رھيا آھيون. ڪڏھن ڪڏھن ابي امڙ جي اڳيان “علي مولى يا حسين” جا لفظ نڪرندا ھئا ته ڪاوڙجي چوندا ھئا : ”چريا ته نه ٿيا آھيو، ماليخوليا ته نه ٿي اٿو، پٽڪو ڇو ٿا ڪريو” ھڪدم وات کي ٻنجو اچي ويندو ھو. ھڪ ڏينھن ڏاڏو سائينءَ تاڙ ۾ رھيو، اسين جيئن بنگلي ۾ جيئن ئي گول پڙ ٺاھي، چئني طرف گھمي، پٽڪو ڪري رھيا ھئاسين، “يا حسين ياحسين” ته ڏاڏو سائين اچي مٿان نڪتو. نه ڪيائين ھم نه ڪيائين تم. لڪڻن جو وسڪارو شروع ڪري ڇڏيائين. ڏاڏي جا خار پاڙي وارن ڇورن ۽ ڇورين تي گھڻا رھيا. اسين ڏاڪڻ تان ڊڪون پائيندا ڀڳاسين ته مان امڙ سان ٽڪرائجي پيس. ڀونڊو ڏئي چيائين، ”لک جي لعنت ھجيئي، ڌيءَ ڌڻ ٿي، ڇورن سان گڏ پٽڪو ڪري رھي آھين، ھنن جو ته خانو خراب ٿيو آھي تنھن سان گڏ تون به ڇتي ٿي مُئي آھين.” اُن وقت ڇَتا ڇڙيل ھجن، پير اگھاڙا، مٽيءَ ۾ ڀريل ۽ بنگلي جي ڌڌڙ سان ھٿ ۽ منھن ڀريل، ايتري قدر جو جيڪا بنگلي جي ڌڌڙ اڏامي ھُئي، ان مٽيءَ جي رَوَ چپن ۽ ڏندن تي چڙھيل ھئي. اسين امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه جو ماتم ته ڪري رھيا ھئاسين، پر اسان کي ڪير پاڻي پيئارڻ وارو خدا جو بندو ڪونه ھو. ڏاڏي سائينءَ جي گارين جو ڦھڪو لڳو پيو ھو. امڙ کي چيائين: ”ڇورن سان گڏ تنھنجي ڌيءُ جو به خانو خراب ٿي چڪو آھي. ڏٺئه پِٽڪو پئي ڪري!” ڀائرن کي ته خوب ڪچيون گاريون مليون ۽ مون تي ڦٽ لعنت جو وسڪارو پيو. خوف وچان ڏڪڻ لڳيس ته ڏاڏا سائينءَ لڪڻن جو وسڪارو نه ڪري، پاڙي وارن ڇورن ۽ ڇورين تي ته خوب لڪڻن جو وسڪارو ٿيو. پر خبر نه آھي، مون کان ڪيئن ڪؤ کائي ويا. تنھن وچ ۾ امڙ جي لعنت جو وسڪارو ھو. گڏوگڏ باسڻ مَلڻ ۽ ماني رڌڻ وارن ماين به ملامت وِڌي : “امڙ قھر آھي ڇا آھي؟ مھراج جي ڌِيءُ ٿي پِٽڪو پئي ڪري، سري رام سري، گرو بابا ديا ڪر، برھمڻ جا ٻار ٿي يا حسين يا حسين پيا ڪن!” مٿان وري اسان جي جھوني ملازم جلال خان جون لعنتون مطلب ته ھر ڪنھن پنھنجو پنھنجو سُر آلاپيو. جنھن کان جيترو وس پڳو، اوتري لعنت ملامت ڪيائون، ڪنھن معاف نه ڪيو. دل ۾ ڏاڍا جک لڳي رھيا ھئا. ماءُ پيءُ ۽ ڏاڏي کي ته معاف ڪري ڇڏيم. جلال خان تي ٿورا جک کاڌم. ڇو ته جلال خان جي امڙ ۽ ابو عزت ڪندا ھئا ۽ خود جلال خان به اسان کي پيار ڪندو ھو، ان ڪري ان کي به بخشي ڇڏيم. باقي ٻن ڪم ڪندڙ ماين تي اھڙا خار لڳي رھيا ھئا، جو دل چيو پوتي لاھي، ڄنڊن کان وٺي گهر کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيان.
    دل ئي دل ۾ گاريون ڏئي رھي ھيم ته اڄ انھن چغلخورن جو به مڪو متو آھي. ايتري ناٽڪ جي باوجود ٻاھر مڪان مان پِٽڪي جي دھل سان گڏ دل ئي دل ۾ آواز اُٿي رھيو ھو: ”علي مؤلى يا حسين ياحسين !” بس اُن ڏينھن جو بيچينيءَ سان انتظار ڪندا ھئاسين. جڏھن پڙ نڪرندا ھئا ته نه صرف اسين، پر اوڙي پاڙي واريون واڻياڻيون ۽ واڻيا به انتظار ڪندا ھئا. اسان جي امڙ به اُن ڏينھن جو انتظار ڪندي ھئي ته پڙ لنگھن ته ڏسون. مڪان جي ٻاھران دُڪان کلي ويندا ھئا. گھُورڙيا خومچن تي مٺايون کڻي وڪڻندا ھئا. ان سان گڏ پاڻي ۾ رنگ وجھي الڳ الڳ بالٽيون ٺاھيندا ھئا ۽ شربت جا گلاس وڪڻندا ھئا. اسين گهر مان پئسا وٺي شربت ۽ مٺايون کائيندا ھئاسين، جيڪي گهر ۾ ٺھيل مٺاين جي اڳيان رتيءَ جيتري سواد جيتريون به نه ھونديون ھيون ۽ شربت به سئڪرين جو ھوندو ھو، پر ٻاراڻا شوق!
    انھيءَ ڏھاڙي ڏاند گاڏين جي پيھه لڳل ھوندي ھئي، گاڏير به لھي شربت پيئندا ھئا. گهر جي صاف سٿرن گلاسن کي ڇڏي، اُنھن جي جوٺن جستي ٺوٺين گلاسن ۾ شربت پيئڻ ۾ نه بڇان ايندي ھئي ۽ نه اھو احساس ٿيندو ھو ته برھمڻ جو اولاد ٿي ڪري ڄٽن جي جوٺن گلاسن ۾ شربت پي رھيا آھيون. خبر نه آھي اھو ڪھڙو جذبو ھو. بس جيئن ئي پڙ نڪرندا ھئا ته گهر جي اوطاق جي ڪاٺ جي دروازي جي ڳلکڙين مان اکيون ڪڍي ڏسندا ھئاسون ته زالون ڌڪا ڏينديون ھيون ته توھين وڃي ٻاھر ڏسو. ھڪ ٻئي پٺيان تابوت اچڻ شروع ٿيندا ھئا. سڀني کي ھڪ ئي پڙ جو انتظار ھوندو ھو. ڪيتريون زالون لوڻ جا ٻڪ ڏينديون ھيون ته ڪيتريون ڪوھر ۽ شربت ڏينديون ھيون. ماتم ڪرڻ تي ڇاتيءَ ۽ مٿي مان خون جون ڌارون نڪرنديون ھيون. ڪي ته زنجيرن سان چمڙي ڇلي ڇڏينديون ھيون. ٻيا مٿان رک ۽ پاڻي وجھندا ھئا. ھڪ ٻئي پٺيان تابوتن جو جلوس جاري رھندو ھو. سڀني کي ھڪ ئي پڙ جو بيچيني سان انتظار ھوندو ھو. اھو پڙ ھو رنن جو، اُن سان گڏ پوليس جو خاص بندوبست ھوندو ھو. نه صرف مردن کي پر زالن کي به ان جو انتظار ھوندو ھو. اھي عورتون ڏسڻ ۾ ڪو ٺاھوڪيون نه ھونديون ھيون، تنھن ھوندي به سندن پِڙ پٺيان پيھه لڳل ھوندي ھئي. مسلمانن سان گڏ شيخڪا ڇوڪرا پٺيان پٺيان ھلندا ھئا. انھن جي ماتم جو ڏينھن نه، بلڪه پاڻ کي ڏيکارڻ جو ڏينھن ھوندو ھو. ھر ڪنھن کي ڪنھن چڪني جا ڪُرتا، سٺيون گوڏيون، ڪن کي اڇا سلوار ڪرتا، ڳچي ۾ سوني چين ۽ ھٿ ۾ بوڇي، سٺن ڪاون سان ڀريل ٽوپيون، ته ڪن ڪن کي وري ڳچيءَ ۾ ريشمي رومال ھوندا ھئا. اُھي پڙ سان گڏ گڏ ھلندا ھئا. پوليس وارن جو ان پڙ سان وڌيڪ تعداد ھوندو ھو. اھي زالون ڪارا ڪپڙا پائي، وار کولي، ڏورن تي ڌڪ ھڻي، پِٽڪو ڪنديون ھيون. اسان جي گهر اندر جيڪي زالون ھونديون ھيون، سي اوطاق جي ڪاٺ جي در جي کلڳڙين مان جھاتيون پائي ڏسنديون ھيون. اُنھن بازارو عورتن کي ڏسڻ کان علاوه جيڪي ننڍا ڇوڪرا ھوندا ھئا، سي اوطاق اندر بيٺل زالن کي ٻڌائيندا ھئا ته ”ھي ڦلاڻي زميندار جو پٽ آھي، ھي شيخڪو ڇوڪرو آھي، ھي ٻروچ آھي، ھي فلاڻي چانڊئي، کوکر يا بروھيءَ جو پٽ يا ڀاءَ آھي” انھن عورتن سان گڏ اُن ڏھاڙي غير مردن کي ڏسڻ جو به موقعو ملندو ھئن، جن جا قصا پنھنجي گهر ۾ مردن کان ٻڌنديون ھيون ته فلاڻو شوقين آھي يا فلاڻيءَ سان رستو اٿس يا انھن عورتن وٽ ويندو آھي.
    ھڪ ڀيري اوچتو اسان جو ڏاڏو سائين اچي نڪتو. زالن کي ھڪل ڏنائين؛ ”پڙ ھليا ويا آھن اڃا ڇو بيٺيون آھيو؟” ان جو مقصد مٿي بيان ڪيل مراد وٽان ھو. بابا سائين جيڪي پردي جا سخت پابند آھن، عورتن کي گهر جي چار ديواري اندر رھڻ ۽ عورتون گهر جي عزت آھن، ننڍين نيٽين کي ٻين ماڻھن اڳيان اچڻ نه گهرجي ، انھن ڳالھين ۾ يقين رکندا ھئا. تن کي کل اچي وئي. کلي ڏاڏي سائينءَ کي چيائون ، ”پڙ ته ھليا ويا آھن، پر ٽؤٽ ڇورا ته اڃا وڃن پيا نه“ اھو ٻڌي زالون شڪي ٿيون، ۽ بڇ پائي اٿي ڀڳيون. بابو سائين، امڙ ۽ گهر ۾ آيل ھندو ۽ مسلمان ڇوڪرا ٽھڪ ڏيئي کلڻ لڳا.


    حڪمت

    ڏاڏي سائينءَ کي حڪمت ۾ مھارت حاصل ھئي. اوري پري جي ڳوٺن مان مريض دوا درمل لاءِ ايندا ھئا. ھٿ ۾ وڏي شفا ھُين، ھندو ته کيس برھمڻ ڪري مڃيندا ئي ھئا، پر وڏي ڳالھه ته پوري تر جا مومن اسان جي گهر کي مرشد جو گهر مڃيندا ھئا چوندا ھئا ته مرشد جي گهر مان رک چپٽي به ملي وڃي ته به شفا ڪندي، اسر ويلي کان وٺي ڏاند گاڏين جي قطار لڳي ويندي ھئي. ڏاڏو سائين امڙ کان مدد وٺندو ھو. 70 سالن کان مٿي عمر ھئڻ ڪري پوين ڏينھن ۾ نظر گھٽ پوندي ھُين، پر صحت سٺي، رنگ گلابي، اکيون نيريون ۽ قد ڇھه فوٽ ھوندو ھُئن. مٿان وري بوسڪي جو پٽڪو ٻڌندا ھئا ته تھائين شخصيت ۾ نکار اچي ويندو ھو. ڪپڙي لٽي جا شوقين ھئا، نُنھرن جي پڙھيل ھئڻ جي ڪري انگريزيءَ ۾ پنھنجو پاڻ به پڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ھئا. پڇاڙيءَ وارن ڏينھن جي دوران ڪراچي مان نڪرندڙ انگريزي اخبار ڊان جيڪا گهر ايندي ھئي، اُن جو سرخيون چڱي طرح پڙھي ملڪ جو واءُ سواءُ رکندا ھئا. ان سان گڏ چرچو ڀوڳ ۽ موقعي سان ٺھڪندڙ جملو ۽ حاضر جوابي جي به وڏي خوبي ھُين. چرچو ڪندا ھئا ته پاڻ نه کلندا ھئا، پر محفل ۾ ويٺل دل کولي ٽھڪ ڏيندا ھئا، ڇو جو اھو چرچو، اھو جملو، عقل ۽ طنز سان ڀريل ھوندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن آئون چرچو ٻڌائيندي آھيان ته امڙ کلي چوندي آھي : ”ھن پنھنجي ڏاڏي جي اڍ ڇڪي آھي.” خاص ڪري جڏھن کان وٺي آل انڊيا ريڊيو ايڪسٽرنل سروس ڊويزن تان مزاح ۽ موسيقيءَ جو پروگرام “ڳالھه مان ڳالھه” شروع ڪيم ته امڙ کي ڏاڏي سائينءَ جون ڳالھيون ياد اينديون آھن. ڪڏھن ته چوندي آھي ته ”چرچو ٻڌائي کلين ڇو ٿي؟ چرچي جو سڄو مزو ئي ھليو وڃي.” ۽ منھنجي اھا ڪمزوري آھي، جو ٽھڪ ڏيڻ شروع ڪيان ته بند ئي نه ٿين ۽ اڪثر کلي کيڪارڻ جي عادت پئجي وئي آھي. ان تي ڪڏھن ڪڏھن امڙ چوندي آھي ته ”اھا عادت بدل، ڌيءُ ڌڻ ٿي ائين اڻڄاڻ ماڻھن جي اڳيان دل کولي ٽھڪ ڏيڻ سان ڪو غلط فھمي جو شڪار بڻجي سگھي ٿو.”
    ريڊيو ۾ فنڪاره جي حيثيت ۾ شايد ھي فن مون تي حاوي پئجي ويو آھي. ڪنھن سان به ڳالھائڻ ۾ نه ڊپ ٿئي ٿو، نه ئي جهجهڪ ۽ نه ئي ناز نخرن واريون ادائون، نه وري فضول حجاب، جيڪي من ۾ اچي چئي ڏيان. اھا عادت ننڍپڻ کان ئي ھئي، جنھن تي اڪثر ڏاڏو سائين ڪاوڙجي ويندو ھو ۽ منھنجي امڙ پنھنجي نُنھن کي چوندو ھو: ”مائي! تنھنجي ڌيءُ اوڙي پاڙي جي ڇوڪرن سان به پئي کلي ڳالھائي، ڌيءَ ڌڻ آھي.” ان تي امڙ چوندي ھئي: ”توھان جي به ته پوٽي آھي، توھين ڇو نٿا چئوس؟” ڪڏھن ڪڏھن ٺاھوڪي دٻ ڪڍندا ھئا، پر پيار به گھڻو ڪندا ھئا. دلي خواھش ھين ته ڊاڪٽرياڻي بڻجان. ابي ۽ ڏاڏي سائين کي فن، سنگيت ۽ رقص کان سخت نفرت ھئي. ڪوبه نچندو ھو ته چوندا ھئا ته ”کيدو مشانگ آھين ڇا؟” (مسخرن وانگر ٺينگ ٽپا پيو ڏين!)
    پاڙي ۾ ھڪ واڻياڻيءَ جي ڌيءَ ھئي. رنگ روپ جو نالو نشان ڪونه پر قدم قدم تي ادائون ۽ ناز نخرا. غصي ۾ اچي ڏاڏو سائينءَ چوندو ھو: ”واڻڪو وياءُ جيئن وڌي تيئن کڙي.” اھڙين عورتن ۽ ڇوڪرين کي گهر ۾ بيھندي نه سھندا ھئا. ڏاڏي سائين وٽ وسو ٽينائي اچي ويھندو ھو ، جيڪو بابي ۽ ڏاڏي سائين کي زور وغيره به اچي ڏيندو ھو ۽ اسان کي قصا ٻڌائيندو ھو ته ”مم گوڏا چٽي ويندي آھي، ۽ پوءِ ماڻھو ھلي نه سگھندا آھن. يا بلا جي ڦوڪ ھڻڻ سان اکيون انڌيون ٿي وينديون آھن.” ڪڏھن ڪڏھن وسو ٽينائيءَ تي ڏاڏا ڪاوڙجي ويندو ھو ۽ سرائڪي ۾ چوندو ھو ته ”بس وسو ھان تي ھان، نا تي نا ڪرندا ھئه” ڦونا ڳاءِ ڦونا ورءُ، بس جي ڦوني کي چئو ته ڳاءَ ته ڳائيندو، جي چئو ته روءُ ته روئندو. اسين به ڏاڏي سائين جون ڳالھيون ڌيان سان ٻڌندا ھئاسين. اُن کان وڌيڪ انتظار ھوندو ھو ته کانئس ڏوڪڙ ڇڏائي کيسو گرم ڪريون، ھر روز ڪلفيءَ وارو ايندو ھو. شام جو ڪلفي سڀني جي کري.
    دوائن ڏيارڻ ۾ ھمراھي ڪندا ھئاسون. ابرڪ جو ڪک گرميءَ لاءِ فولاد طاقت لاءِ خميرو گائو زبان دل جي طاقت لاءِ، سِپَ يا گرمي لاءِ اِنج پاڙ جو شربت، ڪٺور ڪاٺي پيٽ جي تڪليف لاءِ ، ننڍيون ھويڙيون وڏيون ھويڙيون وغيره وغيره. انھن دوائن ۽ سُتين جو ڪھڙين بيمارين لاءِ استعمال ڪيو وڃي، اسان کي ڪافي ڄاڻ پئجي ويئي ھئي. امڙ ڏاڏي سائين جي ڪافي مدد ڪندي ھئي. ابرڪ جو ڪک ٺاھڻ تي سڀئي لڳي ويندا ھئاسين. روھيءَ ۾ پيھه پيھان لڳي پئي ھوندي ھئي ۽ شنگرف سؤ لڏون ٺاھي، اُن جي وچ ۾ وجھي جالاري گيھه ۾ تريندا ھئا ۽ اُن کان پوءِ الڳ رس سان روھيءَ ۾ پاڻي کڻائيندا ھئا. ھر ھڪ ذات جا مريض ايندا ھئا. چانڊيا ٻروچ، مگسي، بروھي، جروار، گھلُو، لغاري، کھاوڙ وغيره ته پاڻ سان گڏ جستي چونريءَ ۾ لسيءَ سان گڏ مکڻ کڻي ايندا ھئا. ڍوڍي تي اھو مکڻ لڳائي کائڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو ھو. ھڪ ڀيري ٻروچياڻي دوا لاءِ آئي، پورو ڪَنُ ڪچي سون جي ڪيوٽين سان ڀريل ھئس. ڏاڏي سائين نبض ڏسي دوا لاءِ شيشي گهري، ٻروچياڻي دوا جي لاءِ شيشي پاڻ سان گڏ آندي ھئي. جيئن دوا وجھڻ لڳاسين ته اُن شيشي اندر وڇون جي جوڙي ڪي ٻچا ڏنا ھئا سي دوا جي شيشيءَ ۾ پرٽڻ سان ئي وڇون جا ٻچا ڀڙڪو ڏئي شيشي کان ٻاھر نڪرڻ لڳا. بس چؤطرف وڇون ئي وڇون ڦھلجي ويا. اسان جو رڙ جو واڪو لڳي ويو. ڏاڏي سائين جو ان عورت تي گارين جو ڦھڪو ۽ لعنت جو وسڪارو پئجي رھيو ھو. سڄي اوطاق ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ھو. ان وقت اھي لفظ ازخود زبان تي اچي ويا : ”ريل گاڏي ڪُو ڪُو ڪندي ، ڇُو ڇُو ڪندي آئي، ٻيڙيءَ ٻڏي ٻروچ کي رڻ ۾ رولي وئي ” پر ھتي معاملو اُلٽو ھو. ڏاڏي سائينءَ جي گارين جي ڦھڪي جي رفتار ڪافي وقت جاري رھي. ڏاڏي سائين جي اھڙين ڇڙٻن جا اڪثر ڪيترائي مريض شڪار بڻجندا ھئا. جنھن کي گرميءَ جي لھس ھوندي ھئي، جي اُن چيو ته ڪڪڙ کاڌو اٿم ته بس، اھو ڏاڏي سائين جي گارين کان بچي نه سگھندو ھو ۽ جي ڪِري پڇن، سائين وڏو گوشت يا ننڍو گوشت فلاڻي فلاڻي بيماري سان بيمار کي کارايون؟ ته چوندا ھئا ته ”ڪفن جو سامان اڳي ئي ٺاھي رکو.” ان جي باوجود به مريضن جي پيھه لڳل ھوندي ھئي. چوندا ھئا ته مھراج رامچندر جي ھٿ ۾ شفا آھي. ڪيترا ماڻھو ته کانئس ائين ڊڄندا ھئا ته جيئن باگڙيءَ اڳيان ڳوھ. وڏا وڏا ڌاڙيل، خوني، رھزن به اچي اوطاق جي سلام ڪندا ھئا. شھر جا پھلوان به حاضري ڀرڻ ايندا ھئا. ملھه ڏسڻ جا ڏاڍا شوقين ھئا. ڏاڏي سائينءَ جي وفات تي پري پري جي ڳوٺن جا ماڻھو ۽ وڏيون وڏيون شخصيتون ”رضا الله” جي ڪرڻ آيون. رضا الله دوران زر جا نذرانا پيش ڪيا ويا، جن کي وٺڻ کان انڪار ڪيو ويو. پوري شھدادڪوٽ ۾ لڏن جا پئڪٽ ورھايا ويا ۽ ديڳيون چاڙھي ڪيترن ئي سَوَن گهرن ڏني ماني موڪلي وئي.
    ڏاڏي سائين جي وفات تي دوست دشمن رُنا ۽ افسوس ظاھر ڪيائون. پاکرن جا ڍير لڳي ويا. سندن وفات کان پوءِ ھڪ ڏينھن ڪنھن ڳوٺ مان ڏاند گاڏي تي ھڪ مريض کي آندو ويو چيائون: ”مھراج رامچندر کي مريض ڏيکارڻو آھي.” کين ٻڌايو ويو ته : ”مھراج رامچندر گذاري ويو آھي.” اھو ٻڌي روئڻ لڳا چوڻ لڳا، “انھن کي گھڻو سمجھايو ويو ته حڪمت جو ڪم رام چندر جي وفات کان پوءِ بند ٿي ويو آھي. مريض جي حالت خراب آھي ته بھتر ٿيندو ته لاڙڪاڻي جي وڏي اسپتال ۾ کڻائي وڃو. مريض جا مائٽ آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳا، ”اسين مرشد جي چائنٺ ڇڏي نه وينداسين بچائڻ، مارڻ اوھان جي ھٿ ۾ آھي.” ابو گهر ۾ ڪونه ھو، امڙ نڪري آئي، سندس پيرن تي ڪري پيا. ”اسين ٻئي ڪنھن جي در تي نه وينداسين.” امڙ مُنجھي پئي، ڏاڏي سائينءَ جي طب جو ڪتاب پيل ھو، اُھو پڙھي، ڪجھه ڏاڏي سائينءَ جون دوائون پيون ھيون ۽ ڪجھه پساري کان گهرائي، ڌڻي جو نالو ۽ پنھنجي سُھري جو نالو وٺي، دوا ڏنائون ۽ چيائون، ڳوٺ کڻائي وڃو. ڪجھه ڏھاڙن کان پوءِ اُھو مريض چاڪ چڱو بلو ٿي، مُستي، مکڻ، ۽ ٻيا ڪيترا تحفا کڻي حاضر ٿيو. امڙ کي حيرانگي لڳي وئي. پوري تر ۾ امڙ جو ڳوٺاڻن ۾ نالو ٿي ويو. چيائون، مھراج جي ننھن قابل آھي، ھٿ ۾ شفا اٿس.
    بس اُن کان پوءِ ڪيترا مريض امڙ وٽ اچڻ لڳا، ٻنين تي لاباري توڙي ٻجن پوکڻ دوران گرميءَ جي لھس جا ماريل ڪيترا مريض ٺيڪ ڪري ڇڏيائون. اُنھن ۾ ڪيترا چور چڪار، خوني ۽ ڌاڙيل به ھوندا ھئا. امڙ نبض ڏسندي يا اُنھن اڳيان ويندي جهجهڪ ڪندي ھئي ، پر اُھي امڙ کي ڌيءَ ۽ ڀيڻ امڙ وانگر ڏسندا ھئا. بابي جي چوڻ تي امڙ اُنھن کي دوائون ڏيڻ شروع ڪيون، جيترو دوائن تي خرچ ايندو ھو اوترو ئي وٺندي ھئي. ھڪ ڀيري جمعي خان شيخ جو پوٽو سخت بيمار ٿي پيو، جمعو خان ٻين شيخن جي ڀيٽ ۾ مالدار ۽ پنھنجي برادريءَ جو چڱو مڙس ۽ بابي جو چونڊن ۾ مخالف ويچار رکندڙ ھو. پر دعا سلام جو رستو ضرور ھو. اک جي ديد به ھيس. جمعو خان پڪو نمازي ۽ اسلامي اصولن جو پابند ھو. جڏھن پوٽو بيمار ٿي پيس ته گهر جا سڀ ڀاتي پريشان ٿي ويا. ھر ڪو گهر جو ڀاتي ڀڄ ڊڪ ۾ ھو. ڇوڪرو پوين پساھن تي ھو. خيراتون، پيرن فقيرن تي چادرون، ڊاڪٽرن حڪيمن جي لائين لڳائي ڇڏيائون، پر رتيءَ ڀر به فائدو نه پيو ٿئي. امڙ ٽپڻو وغيره به ڏسندي ھئي. ڪنھن چين! ”مھراج گوپي ڪرشن جي گهر واري کان تعويذ وٺو ته چڱو ڀلو ٿي ويندو.” روئنديون پٽينديون شيخياڻيون گهر ۾ گهڙي آيون. امڙ چيو، ”مان ڇا ٿي ڪري سگھان.” چيائون ”ٽپڻي مان ڏسي ٻڌاءِ” گھڻو انڪار ڪرڻ جي باوجود آخر امڙ کي رحم اچي ويو. مجبور ٿي امڙ کانئن پڇيو، ”ھينئر اوھان ڇا ڪري رھيا آھيو.” چيائون ته ڏس مليو آھي ته ڇيلا ڪھائي خيرات ڏيون. امڙ چيو يڪدم نياپو موڪليو ته ”ڇيلا نه ڪھو، ڇو جو منھنجي تعويذ سان گڏ اھاخيرات نه ھلندي.” ھنن جو عقيدو به ٻجھي ويو ھو. يڪدم گهر نياپو موڪليائون ته ڇيلا ڪھائڻ بند ڪريو، کين پاڻي پڙھي، اُن سان گڏ شلوڪ لکي، تعويذ ٺاھي ڏنائون، گڏوگڏ دوائون ۽ دعائون به چالو رھيون. قادر جي قدرت، ڇوڪرو چڙھي پيو. خبر نه آھي انھن بي زبان ڇيلن جي بچائڻ جو نتيجو ھو يا ڌڻي طرفان چڱائي ٿيڻي ھئي، جو ان گهڙيءَ ڇوڪري تان موت ٽري ويو. بس اُن ڏھاڙي کان پوءِ مسلمان عورتن ۽ شيخياڻين جي گهر ۾ پيھه لڳل ھوندي ھئي، نه صبح، نه منجھند، نه رات ، نه ڏينھن، نه تتي، نه ٿڌي، نه مينھن، نه جُھڙ، مھلو ڪمھلو عورتن جا ٽولا ڪري گهر ۾ اچڻ وارو سلسلو جاري رھيو. ابو بيزار ٿي ويو. امڙ کي ڪاوڙ ۾ چوندا ھئا، ”ستي لاءِ مايون ائين آھن ڄڻ پوليس وارو اچي ويو ھيءَ ته وئل ٿيو” امڙ به حجاب ۽ شرم وچان ڪنڌ نه ڪڍائي سگھندي ھئي. زالون پيون روئڻا روئنديون ھيون، ڪي مڙس جا ، ڪي سس جا، ڪي سھري جا، ڪن جا مرد ڌنڌي لاءِ مھورت ڪڍائڻ لاءِ زالن کي موڪليندا ھئا. ڪن جا ڇوڪرا عرب ملڪن ڏانھن ڀڄي ويندا ھئا تن جي موٽڻ لاءِ ڦار وجھائينديون ھيون.
    ھڪ ڀيري شھدادڪوٽ جي ساڌڻي مائي لڇي بيمار ٿي پيئي، ڳوٺ جون زالون ڪافي عزت ڪنديون ھئس ۽ ڪو مائي لڇيءَ جي ڳالھه به ڪونه موٽائيندو ھو. نيڪ عورت ھئي. گهر ۾ گرنٿ رکيل ھوندا ھيس ۽ روز شام جو 30 40 زالون ڪٿا ٻڌڻ وينديون ھيون. جڏھن مائي لڇي بيمار ٿي پيئي ته امڙ وٽ پنھنجي سورداس چيلي، مائي گيانيءَ ۽ ٻين عورتن کي موڪليائين ۽ چيائين ”ادي ستيءَ کان وڃي پڇي اچو ته منھنجي ڪُپڙيءَ ۾ گھڻا ڪُڻا آھن.” امڙ ٽپڻو ڏسي چيو ته ھيترن ڏينھن ۽ ھن تاريخ تائين ڪاشٽا اٿئي، جي لنگھي پار پوندينءَ ته پوءِ تنھنجو نئون جنم ٿيندو. امڙ جي ڳالھه ٻڌي مائي لڇيءَ علاج ڪرائڻ ڇڏي ڏنو، امڙ پريشان ٿي وئي. گھڻو ئي سمجھايائينس پر ساڌڻي امڙ جي چيل قول تي ڳنڍ ٻڌي، ٺيڪ اُن ڏھاڙي شھدادڪوٽ جي اُن ساڌڻي ڏيھه ٽياڳيو، بس اُن ڏينھن کان پوءِ وڏا وڏا سياستدان ، ايتري قدر جو ڪٽر مسلمان به امڙ جي لفظ تي اعتبار ڪرڻ لڳا. امڙ گھٻرائجي وئي، سڀني کي چوندي ھئي، ”ڌڻيءَ جي ڳجھه ۾ مان ھٿ نه وجھنديس، منھنجي واتان ته اوچتو لفظ نڪري ويو ھو. ” آخر ان سلسلي کي ٽوڙڻ لاءِ امڙ پاسپورٽ ٺھرائي ڪجھه مھينن لاءِ ھندوستان پنھنجن پيڪن ڏي ھلي وئي. جيئن ماڻھن جي اھا عادت ٽٽي. ھڪ ڏھاڙي ھڪ عورت امڙ جي غير حاضريءَ ۾ مون وٽ آئي. چيائين، ”نياڻي آھين، تون ٽپڻو ڏسي ٻڌاءِ، منھنجو پٽ ھندوستان مان واپس ايندو يا نه؟” ان عورت کي ڌيئري ماءُ ڪوٺيندا ھئا. سندس پٽ ھندستان گھمڻ ويو ھو. جتي ھن جو پاسپورٽ گم ٿي ويو ھو ۽ واپس اچڻ جي اجازت نه پئي مليس. پويان ٻار ٻچا پريشان ھيس، گڏوگڏ ڪاروبار به رلي ويو ھين. مون ڌيئري ماءُ کي چيو، ڌئيري ماءُ مونکي ته ٽپڻو ڏسڻ ڪونه ايندو آھي. ان تي ڌئيري ماءُ چيو، ”نياڻي آھين ناسڪا ھڻي ڏس” خبر نه آھي مونکي ڇا ٿيو؟ مون به ڪري ناسڪا ھئين. چيومانس تنھنجي پٽ جي ڪم ۾ ھاڻي ڪائي رڪاوٽ ڪانه پوندي، جلد اچي توسان ملندو. بس ڪجھه ڏينھن کان پوءِ ڌئيري ماءُ ڊڪون پائيندي آئي ۽ اچي ريشمي وڳو پھرايائين. اھا ڳالھه ٻڌي ڪيتريون عورتون اچي مون کان ناسڪا ھڻائڻ لڳيون. جن ٻارن کي ڊيڄو ٿي پوندو ھو اُنھن جون مائر يا ڏاڏيون ڪپ يا چمچو کڻي جھاڙ وجھائڻ اينديون ھيون ۽ ڪيتريون چونديون ھيون ”نياڻي آھين ھلي پاٺ جو مھورت ڪر” منھنجي ماءُ جڏھن ھندستان مان واپس آئي، اھا خبر ٻڌي ڊڄي وئي ته منھنجي جان ڇٽي ته منھنجي ڌيءَ جي جان ڦاٿي. امڙ ابي زالن کي اصل گهر کان ڌڪي ٻاھر ڪڍڻ شروع ڪيو، چوندا ھئا، ”ملڻ ڀلي اچو، اسان جي اکين تي، پر پڇا ڳاڇا لاءِ نه” وڏي مشڪل سان وڃي جان ڇٽي ۽ امڙ سان گڏ سڀئي ٻار ڪي مھينا ھندستان گھمڻ ھليا آياسين. تڏھن وڃي اھو سلسلو ٽٽو. انھيءَ جي باوجود اڃا تائين ڪي زالون امڙ کان پڇا ڳاڇا ڪنديون رھنديون آھن.


    مروئان موت ملوڪان شڪار

    سنڌ جي ماڻھن، خاص ڪري ڳوٺاڻن ۾ ملھه، ڏاندن جي گوءِ، تتر، ڪڪڙن ويڙھائڻ جو خاصو شوق ھوندو ھو. ڪن ۾ وري بلبل پالڻ جو ڏاڍو شوق ھوندو ھو. پاڻ ڪشمش ڪونه کائيندا، پر بلبل کي ضرور کارائيندا ھئا ۽ بلبل وري جي ھٿ ۾ ڪشمش ڏسندي ته ٽماڙ جاءِ تان به ٽپو ڏئي، چپي تي لھي ايندي ھئي، بس رونشو لڳندو ھو. بلبل کي چوندا ھئاسين : “آءُ بلبل چپي تي آءُ ، آءُ !”
    ڳوٺ ۾ ڏاندن جي گوءِ ته آئي ڏينھن ٿيندي ھئي. پوري ڳوٺ ۾ ڌڌڙ ڇانئجي ويندي ھئي، جيڪو گوءِ کٽي ايندو ھو تنھن جو دھلن ۽ شرنائين سان جلوس ڪڍندا ھئا. ڏاندن جي مالڪ کان وڌيڪ ڏاند ڏسڻ لاءِ ماڻھن ۽ ٻارن جا ھشام پرٽجي پوندا ھئا. ڊمپ ڪري ڏاند کي وڪوڙي ويندا ھئا. ساڳيو ئي حال نانگ ۽ نوريئڙي جي ويڙھ تي ھوندو ھو. نانگ جو منھن چچرجي ويندو ھو. نانگ ۽ نوريئڙي جي ويڙھ باگڙي ڪرائيندا ھئا. باگڙي ته ڳوھ کي ڦاسائي ڳچيءَ ۾ نوڙي وجھي به گھمائيندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ته اسين ڊپ وچان ڀڄندا ھئاسين، ڇو جو گهر ۾ ڪم ڪندڙ مائي ٻڌايو ھو ته ڳوھ جي ڦوڪ ھڻڻ سان اکيون انڌيون ٿي وينديون آھن. ڪڪڙن جي ويڙھ تي سَوَن روپين جون شرطون لڳي وينديون ھيون. ڪڪڙن جو وڙھي وڙھي بُروحال ٿي ويندو ھو. ھڪٻئي جون اکيون زخمي ڪري ڇڏيندا ھئا. ڏسڻ وارن جا ٽپا لڳا پيا ھوندا ھئا. مروئان موت ملوڪان شڪار.
    مھمان جي مھمان نوازي ڪرڻ سٺي ڳالھه آھي. مان ائين چونديس ته سنڌ جا سنڌي مھمان نوازيءَ جا جنسي ڪوڏيا آھن ڪوڏيا. وڏا چوندا ھئا : مھمان ڀاڳن وارن جي گهر ايندا آھن. مھمان نوازيءَ کي فرض ادائگي جو نالو به ڏئي سگھجي ٿو. پر مون کي لڳي ٿو ته سنڌ جي سنڌي سٻاجھڙن ڳوٺاڻن ۾ فرض ۽ شوق جي ٻنھي جذبن ملي جنون جو روپ اختيار ڪيو آھي. ائين ته مھمان نوازي ڪرڻ سٺي ڳالھه آھي پر پنھنجو پيٽ ڪٽي مھمانن جو ڀڀ ڀرڻ ته واجب نه آھي. ان جي برعڪس ھتي ڀارت ۾ وسيل سنڌي مھمان نوازيءَ جو ڏيکاءُ ڪرڻ ۾ اڳرا آھن. پيا مھمان نوازيءَ جو وڏي واڪي ڍنڍورو ڏيندا . خاص طور اُھي سماج سيوڪ، جن جون تصويرون عمومن گاھي به گاھي ھندستان جي سنڌي اخبارن ۾ ڏسڻ اينديون آھن. جيڪي پنھنجي پرچار ۽ اشتھار بازي خاطر مھمان نوازيءَ جو ڍنڍورو ڏئي ميزبان بڻجڻ واري شرف کي اڻ ڄاڻ بڻجي اخبارن ۾ سنڌ مان آيل ان شخصيت جي تعريف ڪري اھو اعلان ڪندا آھن ته ”سنڌ جو ادو قرب ڪري ٻه پير ڀري، اسان جي غريب خاني تي پير گھمائڻ جي زحمت ڪري آيو.” وڏي خوشي جي ڳالھه آھي، پر جي انھن سماج سيوڪن يا داني پرشن يا نام نھاد مھمان نوازيءَ جي ڪوڏين وٽ ڪو اڻ ڄاڻ غريب ٻن ڏھاڙن لاءِ پناھ گهرڻ وڃي ته کيس اھڙين ڪرڙين نگاھن سان ڏسندا جو شرم وچان اُنھن جي در تي ويندڙ غريب شخص ڇھه فوٽ زمين اندر پيھي ويندو.
    خير، مان ائين به نه چونديس ته ھندستان جا سڀ مھمان نوازيءَ واري قرب ۽ فن کان محروم آھن. پر اھا حقيقت آھي ته ھو سنڌ جي ھندن چاھي مسلمانن جي مھمان نوازيءَ سان برميچي نه سگھندا. ائين ته سنڌ ۾ ڪي ڳاڻ ڳڻيا، سيٺيون ۽ زميندار اھڙا ھوندا، جيڪي پنھنجي ڌن دولت تي نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي ويھندا آھن. اُنھن جو شمار ڪنجوسن مھا پيچن ۾ ڪري سگھجي ٿو. عام طور سنڌ جا رھواسي ميزباني جي فرض ادائگي ۾ پٺتي نه پوندا ھئا. ٻيو ته ٻيو ڪُوھر وڪڻندڙ به وسان ڪين گھٽائيندو ھو. مھمان لاءِ ٻن ڀاڄين، گرمين جي مند ۾ انب گدري جو ضرور بندوبست ڪندو ھو. نه صرف پنھنجي سيڻن سڄڻن ۽ نياڻيءَ سياڻيءَ جو خيال رکندا ھئا. پر ڳوٺ جي نياڻيءَ کي پنھنجي نياڻيءَ ڪري ڀائيندا ھئا.
    ممڪن آھي سنڌ ۾ به ھتي وارو دؤر اچي وڃي پر ايترو جلد ان منحوس دؤر جي اميد ڪرڻ حماقت ٿيندي، ڌڻي در دعا گهرنديس ته اھڙو وقت نه اچي ته بھتر. ڏڻ وار ملھائڻ ۽ دان پڃ ۾ به اُتي جا ماڻھو اڳ اڳرا آھن. حالانڪه چوندا آھن ته اڳي وارا اُھي ڏڻ وار ۽ ڏينھن نه رھيا آھن. تنھن ھوندي به وسان ڪين گھٽائيندا آھن. ھتي جي ماڻھن کان وڌيڪ مذھب ۽ ريتن رسمن ۽ دنيا داريءَ جا پابند آھن. سماجي بھبوديءَ وارن ڪمن ۾ يا ڪنھن تي ڪوئي قدرتي قھر نازل ٿئي ته ڦوڙي ڏيڻ ۾ پٺتي نه ھٽندا. ايتري قدر جو گھورڙيا ۽ پاٽولي به پاڻ ڦٽي پورو ڪندا. ھتي ته سؤ روپيا دان ڏيڻ تي به تصوير ڇپجي وڃي ٿي ۽ ڪيترا ته اھڙا سماج سيوڪ آھن ، جيڪي ائسوسيئيشنن جي چندن مان اعلى شخصيتن کي نينڍ ڏئي گهرائي دان ۽ غريبن جي مدد جو اعلان ڪري اخبارن ۾ پنھنجو نالو Philanthropist داني پرشن ۾ شمار ڪرائين ٿا. اھڙا سماج سيوڪ فلنٿراپسٽ لفظ جي معنى کان يا ته ناواقف آھن يا وري معصومن کي بيوقوف بنائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جيڪي ھتي مان سنڌ جي سنڌين جي تصويرن ڇپائڻ ۽ داني پرشن جي فھرست ٺاھيان ته ڀارت جي سنڌي اخبارن ۾ سنڌ جي سنڌي ھندو چاھي مسلمان ڳوٺاڻن جي تصويرن ڇپجڻ جو سلسلو ڏھاڪن تائين جاري رھندو. پوءِ ته ائين چونديس ته تقريبن ھر ھڪ سنڌ جي سنڌي اخبار ۾ تصوير ڇپائڻ جائز آھي ۽ سندن پيدائشي حق به دان پڃ، خيرات، تيرٿن ۽ حج تي وڃڻ لاءِ واجھه وجھندا ھئا. ڪي مومن ته حج تي گناھ بخشائڻ، خدا جي بارگاھ ۾ سر جھڪائڻ ۽ قيامت ڏينھن حساب ڪتاب جي سختي کان بچڻ لاءِ ويندا آھن. اُھي حاجي بڻجي، پنج ئي پھر نماز پڙھي ۽ خدا جو خوف ڪري قرآن پاڪ جو سھارو وٺي اسلام جي ڏسيل اصولن جي پيروي ڪندي زندگي بسر ڪن ٿا. ھروڀرو سڀئي حاجي يا حاجياڻيون انھي عمل تي پابند نه آھن. ڪن ته حج تي وڃڻ کي ڪمائي جو سرشتو به ڪري بڻايو آھي. اُتان ڊالر، ڪپڙو لٽو ۽ ساز و سامان کڻي ٻٽين رقمن تي وڪڻڻ سندن ڪم آھي، بس نالي ۾ حاجي يا حاجياڻيون سڏائين پر سودو ٺڪي ٺوڪي ڪن. اُتي جا شيخ ٻين مسلمانن جي ڀيٽ ۾ مالي طور مضبوط آھن. انھي ڪري حج تان واپس اچڻ تي انھن جي زندگيءَ جو معيار وڌيڪ ٿي وڃي ٿو. گڏوگڏ ڪٽرپڻي يعني دين تي پابند رھڻ واري شخصيت تھائين مضبوط ٿي وڃي ٿي. وڏي ڏاڙھي رکن، ابن ڏاڏن جي ڊيل ڊول کي ئي ڀلجي ويندا آھن، ڪي ته اھڙا تعصبي جو واڻئي جي صحبت کي ڪفر سمجھن. ٻئي طرف ڪيترا اھڙا به مسلمان آھن، جيڪي مذھب جا پابند ھوندي به انسانن کي خدا جي خلقيل اولاد سمجھي گلي لڳائين انھن ۾ تعصب جي چڻنگ ۽ چوچڙيءَ جي پھل ۽ پيش قدمي خاص ڪري سنڌ ۾ آباد ٿيل مھاجرن طرفان ئي ڪئي وئي آھي.
    اسان جو گهر ڪافي ڦھليل آھي، چؤطرف وڏيون عمر جي ڪوٽ واريون ڀتيون آھن. ان عمر جي ڪوٽ اندران نه ئي ٻاھر ڏسي سگھجي ۽ نه ئي وري ٻاھران ڪو ڪوٽ اندر ڏسي سگھي. واڙيءَ جي ھڪ طرف مڪان ته ٻئي طرف کوجن جي ورھاڱي کان پوءِ جوڙيل مسيت، جنھن جي صبح شام واري اذان ۽ رمضان پاڪ واري مھيني جا واعظ چڱي طرح ٻڌڻ ۾ ايندا ھئا. ڪڏھن ڪڏھن ته اسين مولوي صاحب جي سُر ۾ سُر به ملائيندا ھئاسين ۽ گهر جي جي ٻاھرين اوطاق جي پويان ڪجھه فاصلي تي شھدادڪوٽ جي جھوني وڏي مسيت آھي، جنھن جو مولوي صاحب بابي سائينءَ جي ڪافي عزت ڪندو ھو. خبر نه آھي ته ھينئر حيات آھي يا وفات ڪري ويو آھي. ھڪ ڀيري ته مان به بابي سائين سان گڏ مسيت ۾ وئي ھيس.
    سنڌي مسلمان ھندن کي واڻيو يا ڪافر چوندي ڪجھه حجاب ڪندا ۽ ڪجھه حضور شرمائيءَ ڪري ان لفظ کي استعمال نه ڪندا ھئا. ھروڀرو پنج ئي آڱريون برابر نه ٿينديون آھن. ڪي ٽوٽ ٽوٽ يا شودا، فرقيورانه جذبن کي ھوا ڏيندا ھئا، پر اُنھن جي عمل کي خدا جو خوف رکندڙ وزن گھٽ ڏيندا ھئا. ھندو مسلمان ملي جلي عيد ۽ ٿڌڙي ملھائيندا ھئا. اسان جي گهر ۾ عيد تي سڪو ميوو، مٺائي، زردو يا سَئين واري عيد تي سئيون موڪليندا ھئا ۽ جلال خان بروھي عيد تي چانھه جا ٻه وڏا پيڪٽ ۽ کنڊ کڻي ايندو ھو. شيخن ۽ شيخياڻين جو رويو ٿورو ٿڌو ھوندو ھو. ھونئن به جيڪو نئون مسلمان ٿيندو آھي، پاڻ کي پڪو نمازي ۽ ڪٽر مسلمان سمجھندو آھي. شيخن ۾ اھڙو طبقو خاص ھوندو ھو. بزرگن ۾ اک جي ديد ۽ لحاظ ھوندو ھو. خبر نه آھي ته ڇو انسان انسان کي الڳ سمجھي ٿو. قيامت جي ڏھاڙي ھندو، مسلمان، سک، عيسائي سڀني کي مالڪ اڳيان حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو ائين نه آھي ته بداعمالن واري مومن کي خدا جي بارگاه ۾ حساب ڪتاب نه ڏيڻو پوندو. يا ھندو ڪافر آھي انھي ڪري ان کي دوزخ نصيب ٿيندو. خلقيندڙ ته ھڪ ئي آھي، نانءُ الڳ الڳ، ھي جھان اُن سرجڻھار جي نانءُ تي ئي ھلي رھيو آھي.
    ھڪ ڀيري ھڪ شيخياڻي حج تان ٿي آئي، ڏاڍو مال آندائين، ڪپڙو لٽو وڪڻي خوب ناڻو ڪمايائين. سڄي ڳوٺ ۾ ڏاڍي گلا ٿيس. جڏھن فوت ٿي ته جنازي کان اڳ قبر کوٽڻ لاءِ ڪي مٽ مائٽ اتي ويا جتي پيا قبر کوٽين، اُتي اڳ ۾ ئي جاءِ والاريل پئي نڪري. شايد ٻن ٽن ھنڌن تي دفنائڻ لاءِ جايون کوٽيون ويون. پوءِ وڃي ھڪ جاءِ دفنائڻ لاءِ خالي ملي. اھا ڳالھه ڳوٺ ۾ باھ وانگر ڦھلجي وئي. زالون ۽ مرد توبھه توبھه ڪرڻ لڳا. ”ڏسو نه خدا به پاڻ وٽ بدنصيب کي جاءِ نه ٿو ڏئي.” اھڙين ڳالھين تي ھر ڪنھن جو پنھنجو پنھنجو عقيدو آھي، مان ته ڌڻيءَ در دعا گهرنديس ته ان مرحوم عورت کي خدا جنت بخشي. آمين! ان عورت کان وڌيڪ بداعمالن وارن بندن کي ھڪ دفعو ئي قبر کوٽڻ سان جاءِ ملي وڃي ٿي. ڇا خدا اُنھن جي برن اعمالن کي نظر انداز ڪري بخشي ڇڏيو؟ نه بلڪل نه، حساب ڪتاب ھر ڪنھن کي ڏيڻو آھي. نه ڀاءُ نه ڀيڻ، نه ماءُ نه پيءُ، انسان پنھنجي اولاد ۽ خون لاءِ ڪوڙ ڪمائي ٿو، امن ۾ خلل وجھڻ لاءِ ذليل حرڪتون ڪري ٿو. دنيوي ڳالھين ۾ ايترو کوھجي ٿو وڃي جو غلط ۽ صحيح، جائز ۽ ناجائز جي پرک نٿو ڪري سگھي.
    لاڙڪاڻي ڀرسان ٻيڙي چانڊيي ۾ سيٺ نامومل رھندو ھو، جنھن جي خاندان جا سڀ فرد ھندستان ھليا ويا، پر ھڪ ڀائي سيٺ راڌومل اُتي رھجي ويو ھو. دلير ۽ ھمٿ وارو واڻيو ھو. سيٺ راڌي مل جو، ٻنيءَ تي ڪن مسلمانن سان جھيڙو ٿي پيو. ھن به کڻي ڪھاڙي وھائي. اتي ٻني واري جھيڙي کي سماج دشمن عنصرن فرقي وارانه فسادن جو نالو ڪري ڏنو. چؤطرف باھ وانگر خبر لاڙڪاڻي ۾ ڦھلجي وئي ته واڻئي مسلمان کي ماري وڌو آ. ان وقت اسين لاڙڪاڻي ۾ ھئاسين، چئني طرف مھاجرن جا گهر ھئا. صرف اسين ئي ھندو ھئاسين. اسان جو ڀاءُ ڪانتيش گهر اچي رھيو ھو. ايترو ته ڊڄڻو آھي ڪُئلي ماريندي به ڏڪندو آھي. مان ڀيڻ ۽ ڇوڪري به ھن کان وڌيڪ بھادر ۽ ھمٿ واري آھيان. ھڪ پوڙھي مھاجر عورت جيئن ئي ڪانتيش کي ايندي ڏٺو ته پنھنجي ننڍڙي نينگر کي ٻانھن کان گھليندي گهر اندر ڌڪيندي ويس. چوڻ لڳي، ”اڌر آ، ڪافر تجھي مار ڊاليگا” اُن وقت اسين ڀاءُ تي خوب ٺٺولي ڪري کلياسين ته تون ڪئلي مارڻ کان به ڏڪندو آھين. عورت کي ڪيتري نه غلط فھمي آھي جو پنھنجي پوٽيءَ کي چئي رھي آھي. ”ڪافر تجھي مار ڊاليگا” اُن وقت جون اُھي ٺٺوليون ۽ ڀاءُ کي ڇيڙڇاڙ ڪرڻ. ھن وقت دل ۾ وڍ وجھن ٿيون ته ڪوڙن افواھن جا معصوم ابھم ۽ بي گناھ تي راھ گناھ وار ٿي سگھن ٿا. اھڙا شرارتي عنصر ھندو مسلمان، سک عيسائي سڀني ۾ ٿي سگھن ٿا. انھن جو صرف ھڪ ئي نالو آھي، گنڊا، جنھن جو ڪنھن به قوم سان واسطو نه آھي.
    ان گرم ھوا جي لھس متان اسان کي اچي. ڊپ وچان جلال خان بروھي جھڙو شخص گھٻرائجي ويو ۽ اچي ڪري اسان ٻنھي ڀينرن کي چيائين، ”ڀلا امان، وينا امان، اوھين پنھنجا سامان ٻڌو. رات واري گاڏي ۾ شھدادڪوٽ ھلنداسين، ھتي جو ماحول ٺيڪ نه آھي. اسان جلال خان کي چيوسين ”ان ۾ ٻين ماڻھن جو ڪھڙو واسطو ۽ وجھه؟ ٻئي ڌريون وڃي پاڻ ۾ نبيرو ڪن. واڻئي جي زمين تي قبضو ڪندا ته ڇا ھُو ھُن کي ڇڏي ڏئي؟ اڄ ڪلھه ته ڀاءُ ڀاءُ کي نٿو ڏئي ته پوءِ سيٺ راڌي مل جي زمين تي ھن جي قبضي ڪرڻ جو ڪھڙو حق آھي؟ ھن ٻنيءَ تي غيرقانوني قبضو ڪيو آھي. ڀلي ٻئي ڄڻا پاڻ ۾ نبيرو ڪن ان ۾ ڀلا ڊڄڻ جي ڪھڙي ڳالھه آھي؟” جلال خان چيو، ”امڙ اوھين نا سمجھه آھيو. امڙ اوھين منھنجون نياڻيون آھيو، جيستائين مان جيئرو آھيان تيستائين اوھان جو وار ونگو به نه ٿيندو. منھنجي اکين ٻوٽڻ کان پوءِ اوھان جو الله مالڪ آھي.“ جلال خان جي چھري جا تاثرات ڏسي اسين به ھيسجي وياسين، ماٺ ميٺ ۾ پنھنجو سامان ٻڌوسين، رات جو انڌيري ۾ اچي شھدادڪوٽ ويندڙ ريل گاڏي ۾ چڙھياسين، سُک سان شھدادڪوٽ پھتاسين. شھدادڪوٽ ۾ ڄڻ ته ڳالھه ئي ڪانه ھئي، ٻئي ڏھاڙي ته لاڙڪاڻي ۾ ٺاپر ٿي وئي. گرم ھوا وارو ماحول معمول تي اچڻ لڳو. ماڻھو وري پنھنجي ڪم ڪار ۾ لڳي ويا. ڪجھه عرصي کان پوءِ سيٺ راڌي مل کي اُنھن ماڻھن جي ٽولي مان ڪنھن قتل ڪري ڇڏيو. سيٺ راڌي مل جي قتل تي نه ئي افواھ ڦھليا، نه ئي فرقي وارانه فساد، نه ئي داد فرياد، نه جلوس نڪتا ۽ نه ئي وري واءِ ويلا ٿي. معاملو لئه مٽي ٿي ويو. مان ته ائين چونديس ته خدا جي بارگاھ ۾ دير آھي انڌير نه آھي. بندن ان جو انصاف نه ڪيو ته ان جو حساب ڪتاب الله جي درٻار ۾ انھن کي ضرور ڏيڻو پوندو. آھ غريبان قھر خدائي.”


    لاکو کٽي باريجو کائي

    بابا سائين جن دل جا سخي آھن ۽ ان سان گڏ امڙ به رحمدل، بس ڪنھن نه ڪنھن تي عنايت لڳي پيئي آھي. بابي سائينءَ جي سخاوت جو داستان لکڻ وِھان ته حاتم طائيءَ وارو داستان بڻجي وڃي ۽ شايد سندن دنيا جي ڳاڻ ڳڻين سخي شخصيتن ۾ شمار ڪيو وڃي. گهر ۾ ڪير ڪھي ايندو ته، نه، نه ڪندا پوءِ چاھي اھو دوست ھجي يا دشمن، سندن ان فراخ دليءَ ۽ سخاوت واري جذبي جي ڪري اسان جي ملڪيت تي ڪيترن اھڙي ريت قبضو ڪيو آھي. جو دڪانن ۽ جاين جي مسواڙ نه جي برابر ملندي آھي. اگر مان مسواڙ جا انگ اکر لکان ته ڪيترا چوندا نالائق آھي. اڪثريت ان کي نالائقي ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا داني لاطمع انسان، ان کي سخاوت جو نالو ڏيندا. شھدادڪوٽ ضلع لاڙڪاڻي ۾ اسان جون ٻه اوطاقون آھن. ھڪ گهر واري ۽ ٻي گهر جي ڀرسان ٻاھرين اوطاق ۽ ان ٻاھرين اوطاق جي لڳو ٻه جايون آھن. ھڪ جاءِ، جا درياني ماڪوڙي مل کي 2 روپيا مسواڙ درماه تي ڏنل ھئي، اھا جيڪا درياني جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اُن جي ڌرم جي ڀيڻ جي قبضي ۾ اڃا تائين آھي. اھا عورت مٽ مائٽ ۽ مڙس، ڌرم جي ڀاءَ خاطر ڇڏي ورھاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ رھي پيئي. اھو ڪھڙو ڌرم جي ڀاءَ وارو ناتو آھي، جنھن پنھنجي خون جي رشتن کي ٽوڙي ڇڏيو. ان جو جواب اھا عورت ئي ڏيئي سگھي ٿي ڇھه روپيا مسواڙ جو انگ ٻڌي ھر ڪنھن کان کل نڪري ويندي. ان سان لاڳيتي ٻي جاءِ ھڪڙا واڻيا جھل مگسي مان لڏي آيا. تن بابي سائينءَ جي پيرن تي ڪري پناھ گهرڻ وارين آزين نيزارين جي عيوض حاصل ڪئي، جن کي جھل مگسي جي ھندو، مسلمانن منھن ڪارو گڏھ تي چاڙھي تڙي ڪڍيو ھو. جاءِ حاصل ڪرڻ کان پوءِ ھو پنھنجي قبضي ۾ ڪري ويٺا ۽ چوڻ لڳا ته مھاراج گوپي ڪرشن اسان کي پُٽ ڪيو آھي. ھُو اسان جو بابو سائين آھي ۽ امڙ ستي اسان جي آئي آھي، اسين ھنن جي گهر ۾ ٻچن وانگر ڪم ڪار ڪندا آھيون، ان ڪري ھيءَ مھاراج گوپي ڪرشن اسان کي مرڳوئي ٻچو ڪري ڏيئي ڇڏي آھي. ان تي منھنجي ڀائرن يعني سائينءَ جي پٽن بغاوت ڪئي، ڪورٽ ۾ جڏھن انھن واڻين اھو ساڳيو ئي بيان ڏنو ته جج جي کل جي انتھا نه رھي.
    خير جاءِ تي اڃا تائين انھن جو ئي قبضو آھي، پر مسواڙ نه جي برابر ملڻ شروع ٿي، ٻي جاءِ تي درياني ڀاءُ جو ناتو بيان ڪري 6 روپيا مسواڙ ڏيڻ شروع ڪئي ھئي. اسان ٻارن کي ڏاڍا خار لڳندا ھئا. بس چوندا ھئاسين ته ان درياني کي مزو چکائينداسين. روز اچي بابي سائينءَ جي چمچاگيري ڪندو ھو. اڇي سٿڻ، اڇي بند گلي سان ڪڙتو، جنھن ۾ سونا بٽڻ پيل، مٿي تي ڪاري وڏي ٽوپي، جنھن ۾ وڏو اڇو ڦندڻ ۽ ڪارو ڪوٽ، جنھن جي کيسي ۾ زنجير ۾ لٽڪيل واچ رکندو ھو. ھڪ دفعي بابو ڪونه ھو، جيئن ئي اوطاق ۾ داخل ٿيو، گهر ۾ پاليل ڪتي کي ڪري ھشي ڏنيسين. اُٺاش، اسان جو اُٺاش چوڻ، ڪتي درياني تي حملو ڪري ڏنو. رڙ واڪو ٿي ويو. اسان کي بابي سائين جو ڏاڍو ڊپ ھو. انھي ڪري اسين ناٽڪ ڪري درياني کي چوڻ لڳاسين، ”اسين ته ڪتي کي حملي کان روڪي رھيا آھيون. ھش، ھش ڪري خاموش ڪرائي رھيا آھيون.” درياني جي کٽن تي ٽپ ٽپان ھجي، اسين ڪتي کي اُٺاش ھش، اُٺاش ھش پيا چئون. ڪجھه دير کان پوءِ واڻيو اسان جي چالاڪي سمجھي ويو ته ھي اُٺاش ڪري بڇ ۽ ھشي ٿا ڏين. گڏوگڏ ماٺ ڪرائڻ وارو لفظ ھش آھستي آھستي چون ٿا ائين اسان جي اُٺاش ۽ ھش واري ڳالھه کلي پئي، بابي جي ڊپ ڪري ڪتي کي ڳچيءَ کان ورتوسين. ساڳئي طرح ڪنھن کان وير وٺڻو ھوندو ھو ته ھرڻ جي زنجير کولي ڇڏيندا ھئاسين، وڃي کيس سنڱ ھڻندو ھو. ھرڻ کي زالن سان ته خاص دشمني ھوندي ھئي، پويان پوتيءَ ۾ زوم سان سنڱ کڻي کپائيندو ھو. ماين جو پوتيءَ سان گڏ چولو به مٿي کڄي ويندو ھو.
    ھڪ ڀيري ڀُٽي صاحب جو سؤٽ سردار پير بخش ڀٽو اوطاق ۾ آيو، ھرڻ کي به ٿي کٽي کڻي، ٽپا ڏيندو اوطاق ۾ پھچي ويو. سردار پير بخش بابي سائينءَ کي چيو : ”مھراج! ھي ھرڻ مون کي پسند آھي، مان کڻي ويندس.” اسان ٻارن روئڻ شروع ڪيو. اسان جا منھن لھي ويا. بابي سائين چيو : ”ڪائي ڳالھه نه آھي، توھان لاءِ ٻيو ھرڻ اچي ويندو.” ۽ سردار پير بخش کي چيائون: ھڪ شرط تي ڏيندس، اوھين ھرڻ کي ڪھندا نه وعدو ڪيو. ”مھراج! اوھين خود بنگلي تي اچي ڏسجو، ڪجھه ڏھاڙن کان پوءِ ادو اتي ويو. ھرڻ مچي پيو ھو. اسان کي ھرڻ ملڻ جو وسيلو ھو. جھل مگسي ۾ ھرڻ جام ٿيندا ھئا. اُتي جو مُکي منومل گهر ايندو ھو. اسين ان جا گر براھمڻ ۽ گرو ھئاسين. ان ڪري جڏھن به گهر ايندو ھو ته اسين ويڙھي ويندا ھئاسين. ھڪ ھٿ ۾ اڌ رنگ ھيس، جو سدائين ڏڪندو ھئس. اسين چوندا ھئاسين ته منومل! اسان کي ھرڻ کپي. چوندو ھو ته توھين اسان جا گرو آھيو. کوڙ ھرڻ، دل ھرڻ، ھر ڀيري ھڪ ھرڻ ڏياري موڪليندو ھو. اسان منومل کان پڇندا ھئاسين ته ھرڻ ڪٿان گهرائيندا آھيو؟ ٻڌائيندو ھو ته ھرڻي پنھنجي ٻچڙي سان گڏ جڏھن پاڻي پيئڻ ايندي آھي ته اُتي بروھي بانڊ يا ٻيا قبائلي لِڪي ويھندا آھن ۽ ھرڻي جي ٻچڙي کي پڪڙيندا آھن. ھرڻي ته جان بچائي ڀڄي ويندي آھي، باقي ھرڻي جا ٻچا ڀڄي ڪونه سگھندا آھن. انھيءَ ڪري انھن کي جھلي وٺندا آھن. جھل مگسيءَ جو سردار محبوب علي ھو ۽ اُن جا به فرزند ھئا، ھڪ مير سيف الله خان مگسي ۽ ٻيو سردار يوسف خان، اسان جي گهر جي ڪافي عزت ڪندا آھن. سردار سيف الله مگسي جي گهر واري مائي ام تولا بابي کي ڌرم جو ڀاءُ ڪيو ھو. بس اُن ڌرم جي ڀاءُ ۽ بابي جي سخي دل جو فائدو ڀيڻ کي ملي ويو. بابي کي چيائين : ”ادا گوپي! اھو باغ مون کي پنھنجي ڌي لاءِ کپي. مان تنھنجي گهر گهڙي آئي آھيان. مون کي يقين آھي، ڀيڻ کي انڪار نه ڪندين.“ بابو سائين ڪنڌ نه ڪڍائي سگھيو ۽ شھدادڪوٽ ۾ جيڪو سڀ کان خوبصورت باغ ھو، سو اسان جي ملڪيت مان تبديل ٿي معمولي رقم تي مائي ام تولا جي حوالي ٿي ويو. اسان کي بيحد ڏک ٿيو. مائي ام تولا جڏھن گهر ايندي ھئي، چوندي ھئي ھي باغ ادا گوپي توھان جو ئي آھي، پر اھو باغ اسان جو پنھنجو نه رھيو ھو. ڪڏھن ڪڏھن باغ جا انب، توت، ٻير ۽ ٻيا ڪيترا ميوا ٽوڪرو ڀرائي موڪليندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن ڀاڄيون به اينديون ھيون.
    ھتي اچڻ کان پوءِ ڪجھه سال اڳ امڙ ڳالھه ڪئي ھئي ته مير سيف الله خان مگسي کي پنھنجن ڪن عزيزن قتل ڪري ڇڏيو. ٻُڌي بيحد افسوس ٿيو. چوندا ھئا ته ديرادون اسڪول مان تعليم پرائي ھئائين. اسان جي گهر ڪيترا ڀيرا اچي چڪو ھو. ٺاھوڪو جوان ھو. اڇو سلوار ڪڙتو، ڪارو اُس جو چشمو پيل ھوندو ھوس. اھڙيون ڪيتريون شخصيتون ھيون پر اسان جي گهر ۽ بابي سائينءَ جي ڪافي عزت به ڪندا ھئا. ھارين جو اڳواڻ حيدر بخش جتوئي، مير علي بخش، قاضي فيض محمد، ممتاز ڀٽو، سردار پير بخش، ذوالفقار علي ڀٽو، محبوب علي مگسي، علي گوھر کھڙو ۽ ٻيا ڪيترائي کھاوڙ، چانڊيا، مگسي، ۽ بروھي زميندار ايندا ھئا ۽ انھن سان سٺو رستو به ھئو. ان پھلو تي قلم کڻڻ جو ھينئر وقت نه آھي ۽ نه ئي واسطو. بابي سائين جي سماجي خدمت ۽ سياسي پوزيشن جو رڪارڊ موجود آھي. لاڙڪاڻي ۾ آزادي کان اڳ لوڪل بورڊ جا ميمبر ۽ 1965ع ۾ ايوب جي دور ۾ بيسيڪ ڊيموڪريٽس جو چيئرمن رھي چڪو آھي. 1965 کان پوءِ اليڪشن يا سياسي پوزيشن حاصل ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو اٿائون. شھدادڪوٽ جون ڪيتريون عمارتون ۽ روڊ بابي سائين جي نظرداري ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ٺھيا آھن. جن جو اڄ به شھدادڪوٽ جي ميونسپلٽيءَ ۾ رڪارڊ موجود آھي. آزادي کان اڳ ٻوڏ دوران ڪيل خدمتن جي لاءِ حڪومت طرفان کين سوني ٻلي جي اعزاز سان نوازيو ويو. مطلب ته جتان لنگھندا ھئا سلام سلام ڪندي ھٿ ٿڪجي پوندو ھين. جوانيءَ ۾ شينھن مرد چوندا ھئن. گجگوڙ تي ڌاڙيل به ھيسجي ويندا ھئا. کيس ڪنھن به شخص ”اڙي“ ۽ ”واڻيو“ ڪري سڏڻ جي جرئت نه ڪئي. سڄي زندگي اڇي قميص ۽ اڇي پئنٽ يا سٿڻ پائيندا آيا. ڪڏھن ڪڏھن ته حيرانگي لڳندي آھي ته اڇا لٽا پائي ٿڪجي نه پيا ھوندا؟ اُٺ تي چڙھي ٻنين تي ويندا ھئا.
    ھڪ ڀيري ٻنين تي وڃڻو ھئن. سنڀرڻ ۾ ٿوري دير ٿين. ان تي اسان اٺ واري کي چيو ته اسان کي اُٺ تي سير ڪرائي. اٺ ڄڻا اُٺ تي چڙھي ويھي رھياسين. اوھين خود اندازو لڳايو. چاھي ٻار ھجن، تڏھن به اٺن جو تعداد ته گھڻو ئي آھي نه؟ اُٺ به ويچارو ماٺ ڪري ھلڻ لڳو. اسان کي ته اُٺ ماٺ ڪيل لڳو، پر دل ئي دل ۾ ضرور رُنو ھوندو. چوندا نه آھن ته ”اُٺن اڳئي پي رنو، جڏھن ٻورا ٿئي لڏيا” سو اُٺ به جڏھن ھڪ ھڪ ڪندي، پاکڙي تي پير رکندي ٻارن جي قطارن کي ڏٺو ھوندو ته ضرور رُنو ھوندو، خير اٺ جي ڪھڙي حالت ھوندي، اُن کي سمجھڻ اسان جي وس جي ڳالھه ڪانه آھي. ٻارن جي قطار اُٺ تي چڙھي ويھي رھي، اُٺ ماٺ ڪري ھلڻ لڳو. ڪجھه اڳتي ھلياسين ته شھدادڪوٽ جي شاھي بازار ۾ دڪان اڳيان ٽين جو ڇاپرو ھو. اٺ ته اڳ ئي ڊگهو، مٿان وري اسان ويٺا ھئاسين، سو وڃي ڇاپري سان ٽڪرايو. اٺ وٺي گوھي ڏني. ڌوم سان وڃي اٺ ئي ڄڻا اُٺ تان ڪلٽي کائي پٽ تي ڪرياسين. پاڙي واري ڇوڪري جيڪا سڀ کان اڳ ۾ ويٺي ھئي اُن جي نڪ مان رت ٺينڍيون ڪري وھڻ لڳو. اُن ڏينھن کان پوءِ اُٺ تي چڙھندي ڏڪندا ھئاسين. قمبر ماٿرين ۽ رانوتيءَ ۾ ٻنيون ھيون. ھڪ ڀيري سڀني کي ٻنين گھمڻ جو اچي شوق لڳو، سو پورو ٽولو اُتي پھچي ويو. ٻنيءَ تي جيئن ئي پھتاسين. ھنداڻن جي ولين ۾ ڪاھي پياسين. ھنداڻن جي پوک جي وچ ۾ کٽولو وجھي ويھي رھياسين. ول مان ھنداڻا پٽي، مڪ ھڻي ھنداڻا ڀڃڻ لڳاسين. جيڪو ڪچو پيو نڪري، تنھن کي کٽولي ھيٺان ڦٽو ڪندا پيا وڃون. اھا خبر نه پئي پوي ته پنھنجو ئي نقصان ڪري رھيا آھيون مطلب ته جيئن ڌڻ ڪاھي پوندو آھي، تيئن ڪاھي پياسين. شام جي وقت ڍوڍي تي مکڻ، چؤنري لسيءَ جي ۽ اُن سان گڏ وڻ تان ڪچيون انبڙيون پٽي، اُن کي اڌو اڌ ڦاڪون ڪري، چير ڏيئي مصالحو وجھي، تئي تي گيھه ۾ سڪي کاڌوسين. اڄ ڏينھن تائين ياد ڪري، وات ۾ پاڻي ايندو آھي ۽ دل تڙپي اٿندي آھي. ٻير ھيٺان ويٺا ھئاسين. سامھون نار ھلي رھيو ھو، جنھن جي ڪنگرين مان پاڻيءَ جي ڪرڻ تي دل لڀائيندڙ جھنڪار اچي رھي ھئي. پاڻي اُڇون ڏيندو ٻارن ۾ وڃي رھيو ھو. ڏاندن جي اکين تي کوپا چڙھيل ھئا، ڪجھه دير اسان به نار ھلائي، سانجھي ڌاري ٽانگي تي ڳوٺ ورياسين، اُن منظر کي ياد ڪري اڄ به دل تڙڦي اٿندي آھي. شايد ڪجھه سمجھه ھجي ھا ته ان خوبصورت ماحول ۽ نظاري کي پنھنجي قلم سان چڱي طرح چٽي سگھان ھا. اھا ڌنڌلي ياد ذھن ۾ وڍ وجھندي آھي. ٻنين تان سارين جون گاڏيون ڀرجي اينديون ھيون. ھڪ ڪوٺي ڇت تائين ڀرجي ويندي ھئي. مستيءَ ۾ اچي سارين تان ٽپا ڏيندا ھئاسين. اِن سمجھه کان بي خبر ته اسان جي راند روند سان ڪيترو نقصان رسي رھيو آھي. اڌ ساريون لتن ۾ خراب ٿي وينديون ھيون ۽ وارن ۽ ڪپڙن ۾ ساريون ڇپجي وينديون ھيون. سارين سان گڏ جيڪو پلال ايندو ھو، اُھو گاين لاءِ رکندا ھئاسين. ھڪ ڀٽاري ته پنھنجو کير پاڻ پي ويندي ھئي. اوھان کي ٻڌي حيرانگي لڳي ھوندي، ساڳيو ئي حال امڙ ۽ ابي جو به ھو اُھي به چوندا ھئا ته اسان ھيءَ نظارو پھريون ڀيرو ڏٺو آھي ۽ اسين به تاڙ ۾ وھندا ھئاسين ته کير لاھي ڏُھون. جڏھن به ڪو کير ڏُھندو ھو ته کير چاڙھي ويندي ھئي. اسين لِڪي وھندا ھئاسين. بالٽي ھٿ ۾ ھوندي ھئي، جيئن ئي کير پيئڻ لاءِ لاھيندي ھئي ته اسان جي وڏي ڀيڻ ۽ ڀاءُ نوڙيءَ جو ڍنگ وجھي، کير ڏھڻ شروع ڪندا ھئا. گانءِ جو پورو جسم ڏڪڻ لڳندو ھو. اڌ کير ته چاڙھي ويندي ھئي باقي ٿورو ڏُھي وٺندا ھئاسين.
    ھڪ ڀيري گاين جي ڌڻ ۾ ڪي شاھينگ، اسان جي ڀٽاري ڪاھي رمندا رھيا. سانجھيءَ جو وٺ سٺ ٿي وئي. امڙ شھر جي زميندار کي چيو ته اسان جي ڀٽاري واپس ڪرايو. اُنھن کي ڪيترن پاٿاريدارن جي ڄاڻ ھئي. اُنھن چيو ”ڀاڀي! اسين توھان کي ان ڳئون جي بدران ٻي ٿا ڏيون، اوھين ناراض نه ٿيو.” امڙ چيو : “ادا توھان جي ھوندي، اسان جي ڀٽاري ڪاھي وڃن. شرم جھڙي ڳالھه آھي. اھا اسان جي ۽ توھان جي به گھٽتائي آھي.” چور اسان جي تر جون گايون کڻي راتو رات بلوچستان، پھچائي ڇڏيندا ھئا. دراصل منڊو فضلو ڌنار چورن سان ملتو ھوندو ھو. وڏي مشڪل سان ڳئون واپس ورتيسين. ٿُڪ لعنت ڪري ۽ مُرشد جي گهر جي ڳئون چورائڻ جو واسطو وغيره ڏئي، ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ڳئون واپس آئي. شھدادڪوٽ شھر ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪنھن جي ھمٿ نه ٿي ته اسان جي ۾ گهري چوري ڪري، اڪثر واڻين جي گهر ۾ چوريون ٿينديون ھيون. اسان جي گهر جو ڪڙو اھڙو ھو جو ڌڪ ھڻڻ سان کلي پوندو ھو، ۽ اڌ رات جو به ڪنھن کي اچڻو ھوندو ھو ڌڪ ھڻي يا ھٿ وجھي ڪڙو لاھي ايندا ھئا.
    ھڪ ڀيري جھل مگسيءَ ڀرسان باريجن جو ڳوٺ ھو. اُتان جا واڻيا لڏي اچي واڙي واري ڀت ڀرسان گهر ۾ رھيا ھئا. ڪنھن کي خبر پئي ته اُنھن وٽ پئسو ڏوڪڙ، سون گھڻو آھي. سو انھن جي ڀت ٽپڻ لڳا، گاين وٺي رانڀاٽ ڪيا. چور کي ٻي ڪا واھ ڀڄڻ جي نه ملي سو اُن وٺي اسان جي واڙي ۾ ٽپو ڏنو. اسان جي ڀائرن ۽ بابي سائينءَ چور کي ٻک وڌو، پاڙيواري باريجن جي مائي به ٿڪ لعنت ھڻڻ لڳس. بس چور جي حالت اھڙي ھُجي جو ”مروئان موت ملوڪان شڪار” ايتري قدر جو زالون ۽ ٻار به ڌڪ بُجو ھڻڻ لڳس ۽ ھونئن باريجن جون زالون مردن کان به وڌيڪ ھمت واريون آھن.
    جھل مگسي طرف لاکي جو ھڪ گرم پاڻيءَ جو چشمو ھو، وھنجڻ سان ڪيتريون بيماريون ڦٽ ڦرڙيون لھي وينديون ھيون. پري پري کان ماڻھو اچي اُتي سنان ڪندا ھئا. باريجن ۾ چار پنج واڻين جا دڪان ھئا. جيڪي لاکي تي ويندا ھئا، سي واڻين کان سودو سازي وڪڻنديون ھيون مسلمانن کي ٻٽي رقم تي سودو وڪڻي خوب ناڻو ڪمائيندا ھئا ۽ جيڪا جمع پونچي ھوندي ھئي، اُتي جا ڌاڙيل اچي واڻين کان ڦري ويندا ھئا. پر عورتن کي ھٿ نه لائيندا ھئا. باريجاڻين جي اھڙي حالت ھئي جو “پٽيندي ئي پيٽ، وئي ڄمار ڄٽ جي.”
    جڏھن ڦرلٽ ڪرڻ ايندا ھئا ته عورتن کي چوندا ”امڙ ڀيڻ اٿي اوھين پاسيرو ٿي وڃون” پوءِ مردن کان مال پونچي کسيندا ھئا. جيڪا سؤدي ساريءَ ۾ ٻٽي رقم وٺي ڪمائيندا ھئا. اھا رقم ڌاڙيل اچي ڦري لٽي ويندا ھُين “ڌوڙ ڌاڻيون، پٽين ناياڻيون.”
    ھڪ ڀيري جڏھن اُتان جي مُکي جي گهر ۾ داخل ٿيا ته اُنھن جي گهر جي عورت جنھن کي دادلي ماءُ سڏيندا ھئا، ڪوٺي اندر ھئي. سندس ڏير ڊڪون پائيندو اندر گهڙي آيو. ڊپ وچان دادلي ماءُ جي ڀرسان جيڪا کٽ ھئي، تنھن ھيٺان اچي لڪو. دادلي ماءُ خارن وچان چيس ”مرد ماڻھو ٿي عورت وٽ اچي پناھ ٿو وٺين” واڻيو پنھنجي جان بچائڻ لاءِ آتو ھو. عورت ڪري بچي ويو. ڌاڙيل عورت کي ڏسي اُتان ھليا ويا. اُن تر ۾ اھا چوڻي مروج ھئي ته “لاکو کٽي، باريجو کائي” لاکي تي ماڻھو چشمي مان سنان ڪرڻ ايندا ھئا ۽ باريجن ۾ جيڪي چار پنج دڪان ھئا، تن جي خوب ڪمائي ٿيندي ھئي. ڪجھه عرصي کان پوءِ واڻين جا اُھي چار پنج گهر لڏي اچي شھدادڪوٽ ۾ ويٺا زالون ڪچي سون سان جُنجھيل ھُين. اسان کي به اُنھن جي اُتي رھڻ سان ڏاڍو فائدو ھوندو ھو. ڪنھن نه ڪنھن ھٿان ھڙ بدڙي موڪليندا ھئا. ڪڏھن سھڻا گج ۽ فدا ٺاھي موڪلينديون ھيون، اھڙي طرح کائڻ پيئڻ جون ھڙ بدڙيون، جھل مان جڏھن لاري ايندي ھئي ته اسان لاءِ ضروري اينديون ھيون. حالانڪه اُھي قيمت جي لحاظ کان چند روپين جون ھونديون ھيون. پر سڪ ۽ قرب سان موڪلڻ واري شيءِ بي بھا ھوندي آ. جھل مگسيءَ جي مُکيءَ منومل جي گهر ۾ اسان جي گهر جي سڀني ڀاتين جون تصويرون رکيل ھونديون ھيون، جن کي ھر روز صبح جو اٿي پوڄيندا ھئا. اڄ ڪلھه جي دؤر ۾ تصويرن جي اھڙي صدق ۽ عقيدي سان عبادت ڪرڻ بناوٽ لڳندي آھي. پر اُنھن عقيدتمندن ۾ بناوٽ نه پر سچائي ھئي. ھنن جي گهر جو ست ئي پيڙھيون اسان جي گهر جي ڀاتين کي گرو ڪري مڃينديون آيون ھيون. ھُن دور ۾ به اُنھن ۾ اھوئي عقيدو ھو گهران پاڻي پڙھائي، بوتل ۾ کڻي وڃڻ ٻارن کي پيئاريندا ھئا. شادي مراديءَ ۾ گروءَ جي چوڻ کان سواءِ ڪجھه نه ڪندا ھئا.
    امڙ کي ھڪ ڀيري جھل مگسيءَ جي مُکيءَ منومل جي پٽ جي شادي جي نينڍ ڏني وئي. جڏھن لاري تان امڙ جھل مگسيءَ جي اڏي تي لٿي ته اڳ ۾ ئي بئنڊ باجن جو انتظام ھو. سڄو ڳوٺ گرياڻيءَ جي درشن ڪرڻ لاءِ پرٽجي پيو. جنھن کٽ تي امڙ کي فراسي وجھي وھڻ لاءِ ڏنائون، اُن جي واڏڻ تي ٻيو ڪير نه وِھندو ھو. امڙ گھڻو ئي چين ته سڀ انسان برابر آھن اوھين فرق ڇو ٿا ڪريو؟ ھنن جو اھوئي جواب “اوھين ڪٿي، اسين ڪٿي. اوھين ٿيا گرو برھمڻ. توھان جي ھٿ ۾ سونو ڪٽوڙو آھي.” چرچي وچان اسان جو وڏو ڀاءُ چوندو ھو “اڙي امڙ چپ ڪريو ته ڪٿي سونو ڪٽوڙو چور نه کڻي وڃن” مطلب ته گهر جي ھر ھڪ ڀاتيءَ کي پيرين پوندا ھئا. جھل مگسيءَ جي زالن جي ڳالھائڻ جو انداز ئي نرالو ھو. ڇو شاڪڻ ، اڙي مٺيس، کوڙ، دل وغيره وغيره اھڙن لفظن جو استعمال عام ڪنديون ھيون.
    ڪجھه مھينا اڳ ھتي دھليءَ ريڊيو تي قمبر تعلقي جو ھڪ دوداڻي واڻيو آيو، مان سنڌي يونٽ ڏي مٿي لفٽ ذريعي وڃي رھي ھيس. اُھو واڻيو پتو ڪندو لفٽ جي ڀرسان اچي مون وٽ پھتو، پڇيائين، ”ھتي مھراج گوپي ڪرشڻ جي ڌي ڪم ڪندي آھي ڇا؟ مون کي مھراج جي نياڻيءَ جو درشن ڪرڻو آھي.” مون چيومانس ته “مھراج جي ڌيءُ ته مان آھيان.” دوداڻي واڻئي نه ڪئي ھم نه تم، منهنجي پيرن تي ڪري پيو. مان ڇرڪجي ويس ته ڪٿي منهنجا آفيسر يا ٻيا ساٿي نه ڏسن. جيڪو اُنهن جي ليکي ناٽڪ ۽ اُنهن سڌن سادن واڻين لاءِ پنهنجي گرو براهمڻ جي نياڻيءَ جي عزت احترام ۽ عقيدي وارو جذبو آهي.
    هٿ ٻڌي چوڻ لڳو ” ڀيڻ! اوهان کي نوڪري ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“ اکين ۾ پاڻي تري آيس. چيائين ”مهراج جي ڌيءَ ٿي ڪري ٻين جي نوڪري ڪري رهيا آهيو.“ مون چيومانس؛ ”نوڪري ڪرڻ ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي، ڪم ڪرڻ ڪا بري ڳالهه نه آهي.“ اهڙوئي هڪ ٻيو واقعو هتي پيش آيو. سنڌ مان هڪ واڻياڻي آيل هئي. مان صبح جو آفيس وڃڻ لاءِ تيار ٿي رهي هُيس چيائين؛ ” ڀيڻ! مون کي ڪپڙا ڏي ته استري ڪري ڏيانءِ“ مون چيو مانس ” استري ته ڪپڙا مون ڪري ڇڏيا آهن.“ حيرت وچان چيائين ” هيءَ سوٽي ڇر جا ڪپڙا پائي ويندا؟“ توهان جون ٻانهون به ٻُٽيون آهن.“ جڏهن شهدادڪوٽ ۾ هوندا هئاسين، تڏهن ننڍي هوندي کان ئي ٽنهي ڀينرن جي هٿ ۾ ڪچي سون جا ڪنگڻ هوندا هئا. هتي اچي لاهي ڇڏياسين. واياڻي جڏهن ڳوٺ شهدادڪوٽ وئي ته اهو داستان هر هڪ کي ٻڌايائين ته ” مهراج جي ويچارين ڌيئرن جا تمام برا حال آهن. ٻانهون ٻٽيون ۽ سوٽي ڪپڙا پيون پائن.“ اها خبر امڙ تائين به پهچي وئي. مطلب ته ڪيترين کي افسوس ٿيو، ڇو جو اُتي جا واڻيا ۽ واياڻيون سون ۽ ريشمي ڪپڙي پائڻ تي ئي زندگيءَ جي اعلى معيار جو اندازو لڳائيندا آهن.
    سنڌ ۾ هاڻي پڙهڻ لکڻ جو رواج ٿيو آهي، اڳي پڙهائي ايتري ڪانه هئي. ڪي ڪامورن جا، وڏن زميندارن جا ٻار پڙهندا هئا، ڇوڪريون ته بلڪل نه جي برابر پڙهنديون هيون. اسان جي پڙهڻ تي ڪيترن کي اعتراض هوندو هو ۽ ڪيترا ڄڻا ته ابي تي زور آڻيندا هئا ته ڌيئرن کي نه پاڙهيو، پر امڙ چوندي هئي؛ ” اسان جا مٽ مائٽ سڀ پڙهيل آهن، مان خود پڙهيل آهيان. منهنجون ڌيئر گھٽ ۾گھٽ مئٽرڪ تائين ته پڙهن.“ ڌڻي جو شڪر آهي ته ڀُل ۾ بي-اي پاس ڪئيسين، نه ته حالتون مئٽرڪ پڙهڻ لاءِ به سازگار نه هيون. هڪ ڀيري جھل مگسيءَ جو مُکي منو مل گهر آيو. ڀاءُ کي چيائين ” مهراج! تمام گھڻو ٿو پڙهين. جڏهن ڪ هو صرف پنجين درجي انگريزيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. اسان کي کل اچي وئي، اسان چيو ” منو مل! هن ست درجا سنڌيءَ جا، پنج انگريزيءَ جا، هڪ سنسڪرت جو ۽ چار درجا هنديءَ جا پڙهيا آهن.“ لڳو آڱرين ئي ڳڻڻ، چيائين ” اي ادا! سترهن درجا پڙهي ويو آهين، مهراج سائين کوڙ آهن، دل آهن ۽ هاڻي اڳتي نه پڙهجانءِ.“
    اسان سڀني جي پڙهائي تي ڪافي اثر پيو، ڇو جو اسين هندستان مٽن مائٽن سان ملڻ ايندا هئاسين. انهيءَ ڪري وچ ۾ پڙهائي جو سلسلو ٽُٽندو رهيو. واڻين جي ڇوڪرن جي پڙهائيءَ ۾ رنڊڪون نه پيون ۽ اهي تکا هوندا هئا، پر اسان جا ماءُ پيءَ پڙهيل هئا، انڪري اسان کي ايتري ڏکيائي ڪانه ٿي. رول نمبر پاس واري فهرست ۾ اچي ويندو هو. خاص ڪري مون ۾ شروع کان وٺي اهو احساس هو ته ناپاس نه ٿيان.
    لاڙڪاڻي ۾ هڪ ڀيري خديجا قاضي انويجيليٽر (Invigilator) هئي، تنهن وڏي مدد ڪئي. اُن جي مسڪراهٽ ۽ دلاسي، پيپر ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. مسلمان عورتون ساڙهيون گھٽ پائينديون آهن پر خديجا قاضيءَ کي سوٽي ساڙهي پٽي سان پيل هئي. ڏاڍي ٺهي پئي، برقعو هن وٽ ڪونه هو، ڇوڪرين کان برقعو وٺي، گهر پائي ويندي هئي ۽ پوءِ واپس ڏياري موڪليندي هئي. لاڙڪاڻي ۾ مهاجر ڇوڪريون هونديون هيون ۽ سنڌياڻيون تعليم واري محڪمي ۾ گھٽ هونديون هيون. هندو ڇوڪريون اسين ئي هيون سين؛ مان، منهنجي ڀيڻ ۽ هڪ ٻي ڇوڪري، منهنجي ڀيڻ جو گهر طرف لاڙو وڌيڪ پڙهڻ طرف گھٽ هو.
    ٻي هندواڻي ڇوڪري ڪتابي ڪيڙو هئي، نڪ ۾ ڪوڪو، ٻه چوٽيون ۽ مٿي تان پوتي ڪڏهن ڪين لاهيندي هئي، ۽ آئون شرارتي ڇوڪرين جي گروه مان هڪ هيس. ڪپڙي لٽي ۾ PIA جي Air Hostess سان مقابلو هوندو هو. ان شرارتي ٽولي ۾ واحد هندواڻي هيس. ڪنهن جي مجال نه هئي، جو واياڻي ڪري سڏ ڪري، اڪثر ٻي هندواڻي ڇوڪريءَ کي مهاجر ڇوڪريون پريشان ڪنديون هيون، مهاجر ڇوڪريون ڪٽر هيون. اُن ڇوڪريءَ جو نڪ ۾ دم ڪري ڇڏينديون هيون. مون کي واياڻي يا مهتياڻي چوڻ جي ڪنهن جي مجال نه هئي، ڇو جو اُنهن کي ڄاڻ هئي ته خار لڳا ته ٻک وجھي ڪيرائينديسان. هڪ زمينداري خون، ٻيو ڳوٺ جا گيهه مکڻ کاڌل هئا. جيتوڻيڪ گوشت خور نه هئاسين. دال کائيندڙ هئاسين، پر للڪارڻ جي همت ڪنهن ۾ ڪانه هئي. پنهنجو اصول هو ”ٻروچڪو پلئه ڪرڻ.“
    هڪ ڀيري انگريزي Debate رکي وئي. سڀني کلي چيو ته هنن جو ٽولو ته گھمڻ گھتڻ وارو آهي، هي ڇا Debate ۾ بهرو وٺنديون. پر مون ان للڪار کي قبول ڪيو. پنهنجو نالو Debate لاءِ لکايم.. سڀني کي غلط فهمي هئي ته هن جا هٿ پير ڏڪندا، پر جڏهن Debate جو وقت آيو ۽ ميدان ۾ مون پير پاتو ته خاموشي ڇائنجي وئي، پهريون انعام مون کي پلئه پيو. جنهن کي مهاجر ڇوڪريون واياڻي سمجھي نظر انداز ڪيو، اُن واياڻيءَ ٻروچڪو پلئه ڪري پهريون انعام حاصل ڪيو. ساڳيءَ طرح هڪ جلسو هو. اُن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ضرورت هئي، جنهن کي رات جو ڪردار ادا ڪرڻو هو. ڪردار کي خوبصورتيءَ سان نڀائڻو هو. لاڙڪاڻي ۾ منظور آرائين وڏو ٺيڪيدار هو، اُن جي سالي ڊرامي لاءِ ڇوڪرين جو انتخاب ڪري رهي هئي. نجما آپا کي اهڙي ڇوڪريءَ جي ضرورت هئي، جنهن جو قد بت، بيهڪ ٺاهوڪي ۽ وار ڊگها ۽ ڪردار ادا ڪرڻ وارا چهري تي تاثرات عيان هجن. نجما آپا مهاجر هئي. هن سڀني ڇوڪرين کي نظرانداز ڪندي منهنجو انتخاب ڪيو. جنهن تي غير سنڌي ۽ ٻين ڇوڪرين کي خار به لڳا ۽ مون کي حيراني ۽ خوشي به ٿي. ناٽڪ ۾ منهنجي ئي ڪردار کي ساراهيو ويو. فنڪشن واريءَ رات جو جڏهن ڪاري زريءَ واري لباس ۾ چانديءَ واري گوٽي سان ستارن سان جڙيل لباس ۾ رات جي ڪردار ڪرڻ لاءِ Stage تي پهتس ته خود منهنجي امڙ مون کي نه سڃاتو. اها منهنجي ڪردار ادا ڪرڻ ۽ نجما آپا جي انتخاب جي ڪاميابي هئي. دوستن ۽ دشمنن داد ڏنو. اُهي يادگار تصويرون مون وٽ اڄ به موجود آهن.


    آپ نه پلي ڏوجھيان متيان ڏيوي

    سماج جا ٺيڪيدار سماج جي اوڻاين کي پاڙئون پٽڻ بجاءِ افواهن کي هوا ڏئي اوڻاين کي تھائين مظبوط ڪندا هئا. سرپئنچ، ها چار چڱا، جن سماج کي سڌارڻ جو ٺيڪو کنيو هو. مُکي ۽ سيٺيون آپ نه پلي ڏوجھان متيان ڏيوي واري ڳالهه هئي ڪنهنجي پٺ ورائي ڏسڻ بدران ٻين جي عزت تي وار ڪندا هئا ها. اڄڪلهه اهو ته دنيا جو دستور آهي. مينهن چوي گانءِ کي هل پڇ ڪاري. بس ستي ٿي سيڙائي لنڊي ٿي لاڏ ڪري سماج جا اهي ٺيڪيدار مکي ۽ سيٺ چار چڱن جي گهرن ۾ جنم وٺڻ سان پنهنجي خاندان جي نالي ناموس سان گڏ پنهنجي جنم ڪنڊليءَ ۾ عزت تي حملي ڪرڻ وارو وار ڌڻي وٽان پنهنجي گرهن سان گڏئي لکائي آيا هئا. پنهنجي مرتبي ۽ سرپئنچي جو مڪمل فائدو وٺي اهي نام نهاد سماج جا ٺيڪيدار پاڻ کي پاڻ سرپئنچ ڪوٺائڻ وارا معصوم غريبن کي انهن چئن چڱن جي درٻار ۾ پيش ڪندا هئا ۽ انهن هٿيار بندن جي ٽوپي اڇاليندا هئا. ۽ انهن کي جاتيءَ تي داغ لڳائڻ جو الزام لڳائي جوابدار ۽ تلاهي ٺھرائيندا هئا.
    اهو سلسلو اها درٻار ڪنهن نه ڪنهن چڱي مڙس جي اوطاق تي چلم ڇڪڻ جي روايتي رسم سان شروع ٿيندي هئي ڪنهن تي الزام هڻندا هئا ته تنهنجي ڀيڻ جي چال چلت ٺيڪ نه آهي ڪنهن کي نصيحت ڪندا هئا ته تنهنجي ڌيءَ اوسر کاڌي آهي جلدي پرڻاءِ پوءِ چاهي ڇوڪرو انڌو هجي ڪاڻو هجي يا پوڙهو يا وري اٺن ٻارن جو پيءُ مطلب ته ڪنوارو وياءُ گهر ۾ وهارڻو نه آهي. ڪيترا مت جا موڙها ۽ ڳنڍ جا ڳوڙها سماج جي ٺيڪيدارن کان ڊڄي وڌاتا جو ليک سمجھي فيصلو ڪندا هئا. هونئن به اسين ماحول، زماني جي گردش، مٽ مائٽ، سماج ۽ پنهنجين ڪمزورين ڪري وڌاتا جو ليک سمجھي چوندا آهيون ”جن لکيو ڙي منهنجو انگ اديون قلم کان ڪاڏي وڃان“ يا وري ”ڏني ڪا ماءُ سورن جي پينگھي منجھه لولي الا! “چئي، خاندان ۽ سماج جو ڏر رکي ڏکن سکن کي گلي لڳائي ڇڏيون يا وري ان زندگيءَ کي پنهنجو رهبر بڻائي ڇڏيون. اهڙين حالتن جو شڪار اڪثر ڪير نه ڪير بڻجندو هو. ايتري قدر جو شينهن مرد به سماج جي ٺيڪيدارن مکين ۽ چئن چڱن ۽ دنيا جي آڱرين کان ڊڄي فيصلو وٺندا هئا، چاهي پوءِ انهن عزت جي علمبردارن جي خود گهر ۾ کاٽ لڳل هوندو هو. ڪنهنجي ننهن ڏير سان ٺهيل هوندي هئي، ڪا سهري سان، ڪا منشي سان، ته ڪا گهران ڀڄي ويندي هئي. هتي اهڙن جي نالن ڏيڻ کان ڪنارو ڪريان ٿي. ” ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري.“ انسان خطائن جو گهر آهي. تلاهي ٺھرائڻ وارو بندو نه بلڪه خدا آهي. ڌڻي در گناهه گارن جي قطار مان پاڻ کي ڇڏائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ بي سود جدوجھد ۽ جنگ ۾ ڪوڙي فتح پائڻ جو ناٽڪ ڪري دل ئي دل ۾ بي انتها خوشي ٿيندي آهي، ته انهن گناهه گارن جي فهرست ۽ دائري کان ٻاهر آهيان. پنهنجي حماقت ۽ بناوٽ تي ڏک نه بلڪه خوشي جو احساس ٿيندو آهي. هر انسان گناهگار آهي، پر اگر انسان جو گناهه کان پلاند آجو هجي ته اهو انسان نه پر فرشتو سڏجي ٿو. جيڪي ٻين کي نصيحتون ڏيندا هئا سي خود بدڪاريءَ ۽ بدچلنيءَ جو شڪار هئا. ٻيو ته شهداد ڪوٽ جي ڀنگياڻي، نالو نه ٿي ڏيان، جنهن هڪ عزت دار سان شادي ڪئي آهي. اُن جا ڪيترائي عاشق هئا. جنهن حقيقت کان ڪوبه انڪار نه ڪري سگھندو. انهن عزت دارن جي عزت بچائڻ لازمي به آهي ۽ فرض جي تقاضا به، ڌرمي ۽ مذهبي اسٿان پڻ اهڙن افواهن جو اڏو هوندا هئا. ان معاملي ۾ زالون به پٺتي ڪونه هيون ”ڏاچي ڏهه ته توڏو هڻي تيرهن“ ڪا چوندي هئي ته منهنجو مڙس منهنجي ماءُ يعني پنهنجي سس سان ٺهيل آهي. ڪا چوندي هئي، ڏيرياڻيءَ کي ڏسي ٺريو پيو ٺري. مطلب ته ”ڳڙ ڄاڻي ڳڙ جي ڳوٿري“. امڙ وٽ اچي روئڻا روئنديون هيون. ٻيو ته مڙسن تي جادو ٽوڻا ڪرائينديون هيون. ملان ۽ بيبين کان تعويذ وٺي پيون پائينديون هيون. ڍونگين فقيرن وٽ اولاد جي آس ۾ سڀ ڪجھه لٽائي اندر جون مڪون اندر ۾ هڻي واپس ورنديون هيون. هڪ اهڙو ئي پهتل درويش شهدادڪوٽ ۾ آيو. جنهن جي چڪر ۾ ڪيتريون هندواڻيون، شيخياڻيون ۽ مسلمانيون ور چڙهيون، ڪجھه عرصي کانپوءِ اُن پهتل پير کي ڪوئيٽا بلوچستان ۾ پوليس هٿڪڙيون وجھي، سڄي شهر ۾ گھمايو.
    ڪاش اسان جي عورتن کي عقل اچي. ان انڌ وشواس۽ پرائي پچار واري ناسور کان نجات حاصل ڪن. هڪ ڏهاڙي هڪ عورت امڙ وٽ آئي چيائين؛ منهنجو مڙس وقت به وقت پنهنجي پاڙي واريءَ سان ويٺو آهي. امڙ پئي سڀني کي سمجھائيندي هئي ۽ دلجاءِ ڏيندي هئي ۽ هدايت ڪندي هُين ته مڙدن تي شڪي نظر رکڻ سان ڪم تهائين بگڙجي ويندو، ان ڪري اهڙين ڳالهين کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. اجايو ٻين جي خاطر پنهنجو ٺهيل ٺڪيل گهر تباهه نه ڪريو. پڙهيل لکيل شهري ڇوڪرين تي طنز ڪرڻ کان مڙنديون نه هيون، پر خود انهن کان ٻه هٿ اڳتي هونديون هيون. اسان جي گهر ۾ کوهه آهي. اُتي اوڙي پاڙي جون واڻياڻيون اچي کار جا ٽين ڌوئينديون هيون. امڙ کان اچي اجازت وٺنديون هيون. امڙ کار جي ٽينن ڌوئڻ جي اجازت ڏيندي هُين. پر سنانُ پاڻي ڪرڻ تي پابندي ۽ 144 قلم لاڳو ڪندي هُين. امڙ چوندي هين. ڪپڙا ڌوئو، پر سنان وڃي پنهنجي گهر ڪريو. ڪڙتو ململ جو، سٿڻ ململ جي، پورا ڪپڙا ڀڄي ويندا هُين. جنهن مان اڌ جسم جي نمائش ٿيندي هُين. خير اهو ته ٿيو اسان جي گهر جي چار ديوارين اندر. پر ڪيتريون ته شهدادڪوٽ ۾ ڪو ننڍي پاڻيءَ جو واهه وهندو هو ۽ جنهن ڀرسان ريل جو بند ۽ ٿورا پر ڀريان باغيچا شروع ٿيندا هئا، اتي به مايون ڪپڙا ڌوئڻ وينديون هيون. اسين به ننڍا هوندا هئاسين ته شوق سان پاڙي وارين سان گڏ سوئنٽي داٻڙو کڻائي، ڪور تي مستي مارڻ ويندا هئاسين، اُتي به انهن ماين جو اهڙوئي حال هو. ڪپڙا ڌوئيندي ڌوئيندي، اڌ جسم جي نمائش ٿيندي هُين. شاباس سنڌي مسلمان جي شرافت کي ڏجي، جو ڪنارو ڪري هليا ويندا هئا. خير پنج ئي آڱريون برابر نه آهن، ڪي نظرون بچائي ڏسندا، کلندا، مخول ڪندا لنگهندا هئا. اها خبر جڏهن بابي سائينءَ وٽ پهتي ته پوءِ واڻياڻين جو ڪور (ننڍو واهه) تي وڃڻ بند ٿي ويو. يا اسان جي گهر اچي کوهه تي ڪپڙا ڌوئينديون هيو، يا وري پنچائتي کوهه تي. ڪجھه عرصي کانپوءِ گهرن ۾ سرڪاري مٺي پاڻيءَ جا نلڪا لڳا. تنهن کانپوءِ وڃي اهو سلسلو بند ٿيو.
    شادي غميءَ ۾ پير ڀرڻ جو به ڏاڍو شوق هوندو هُئن. پوءِ چاهي رستو ڏت پرت يا ڀاڄي وغيره جو هُجي يا نه هُجي. پير ڀرڻ کان وڌيڪ رونشو هوندو هُين. ڀڳوان سُک ڪري، شل نه ڪٿي ڪا غمي ٿئي. پئنچائتي ٽھليو سڏ تي مس نڪرندو هو ته سڀ اتي پهچي وينديون هيون. زالون ته ضلعي واري گهر جي ڀاتين کان وڌيڪ پار ڪڍي روئنديون هيون. پرائي تڏي تي، پنهنجي مئل سسن، سهري يا ڏير ڏيرياڻيءَ جا پار ڪڍي اوڇنگارون ڏيئي، پوتيءَ سان نڪ اگھي پيون روئينديون. بس ڪجھه دير کانپوءِ پار بند ڪري منهن کولي پوتيءَ سان نڪ رڳڙي، اُتي جو اتي پرائي پچار کي لڳي وينديون هيون، ”اهي ئي لاٽون اهي ئي چگهه“.
    جڏهن اسان جو ڏاڏو سائين گذاري ويو ته تڏي تي اچي پار ڪڍي روئڻ لڳيون ۽ زوريءَ امڙ کي چوڻ لڳيون ته پار ڪري روءُ. هڪ واڻياڻيءَ امڙ جي رئي کي ڇڪ ڏيئي، امڙ جو منهن ڍڪيو. امڙ کي منهن ڍڪڻ ۽ پار ڪڍڻ جي عادت ڪانه هئي. امڙ سٽ ڏئي رئو منهن کان پري ڪيو . امڙ کان وڌيڪ ٻيون پار ڪڍي ڪري روئڻ لڳيون. امڙ کي ڀاڪر پائي، ڏاڏي سائينءَ جون ڳالهيون ياد ڪري اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳيون. امڙ جي اکين مان صرف ڳوڙهن جي ڌارا جاري هئي، ساڳيو حال اسان ٻارن جو به هو. امڙ کين چيو ”ٻار اڳيئي پريشان آهن. مهرباني ڪري پار نه ڪڍو نه ته ٻار بيمار ٿي پوندا.“ تڏهن وڃي ماين ماٺ ڪئي. اُنهن جي دل ڏاريندڙ پارن تي گهر جا ڀاتي ککا وکا ٿي رهيا هئا. بس ڪجھه گهڙين کانپوءِ وري ڳالهين ۾ لڳي ويون. مطلب ته مايون هر ڳالهه ۾ اڳ اڳريون هونديون هُيون. چاهي شادي مُرادي هجي يا جڻين جا لاڏا هجن. يا وري ڏڻ وار هجن. ٿڌڙيءَ تي دل کولي داءُ هڻنديون هيون. ٻن ٽن واياڻين جي گهر ته ڪافي وڏو پڙ هوندو هو. ڪٿي روپيو اچپ هوندي هئي ته ڪٿي پنج. ڪٿي ڪٿي ته سؤن تائين اچپ ڪنديون هيون. ڪي وري بلئڪ تي اچپ ڪنديون هيون . جن وٽ پئسو ڪونه هوندو هو، سي بادامين تي راند ڪنديون هيون. سڀني کي ٿڌڙيءَ تي جوئا ڪندي ڏسي اسان جي دل سرڪندي هئي، پر امڙ ۽ ابو ٿڌڙيءَ جي اچڻ کان اڳ ئي پئسا ڏوڪڙ يا خرچي ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ چِتاوني ملندي هئي ته اگر ڪٿي ٽاس ڪندي ڏٺو ويو ته هَڏ گُڏ ڀڃي ڇڏينداسونوَ. دل پئي سرڪندي هئي. پوءِ پيا الڳ الڳ گهرن ۾ لڳل ٽڪريون ڏسڻ ويندا هئاسين. سڀئي زالون پيون ڪرڙين نظرن سان ڏسنديون هُيون. ڪنهن جي اڳيان ويهي تري کوڙيندا هئاسين ته ڪاوڙ ملندي هئي، ” تري نه کوڙ مان هارائينديس“ پتن سٺن نه اچڻ تي خاصي دٻ ڪڍنديون هيون، هڪ هنڌان ڌِڪو ملندو هو ته ٻئي هنڌ ٻي ڌِڪو ڏيندي هئي، ته ٽينءَ جي ڀر ۾ وڃي وهندا هئاسين.
    اسان جو ڀاءُ اشوڪ ڪوئيٽا ۾ نوڪري ڪندو هو. اشوڪ چڱو چلتو پرزو هو. هن وقت اسپين ۾ آهي اسان تي ڪافي اثر رسوخ هوس. خبر هئس ته چغلي لڳڻ جو امڪان گھٽ آهي انهن عورتن سان گڏ اهو به تاس کيڏڻ ويهي رهندو هو، اسين خرچي جي لالچ تي گهر ڪونه ٻڌائيندا هئاسين، اشوڪ جي اها ساعت گھڻي هئي هميشه کٽندو هو، صرف ڏهن ويهن رپين سان راند شروع ڪندو هو، سؤ سؤ تائين کٽي اٿڻ لڳندو هو، ته زالون زوري پڪڙي ويهارينديون هيس، ته اڌ ۾ نه وڃ، سڀني جا پئسا کڻي ٿو ڀڄين، پر بابي سائينءَ جو نياپو پهچي ويندو هو، ته اشوڪ ۽ ٻار ڪٿي به هجن ڳولي وٺي اچون، ٻارن جو گهر کان ٻاهر ۽ غير حاضري جو مطلب جوا جي ٽڪرين تي وڃڻ. بابي جي نياپي پهچڻ تي اسين سڀ ائين ڀڄندا هئاسين جيئن کاريءَ هيٺان ڪانءُ. زالون به ڊپ وچان خاموش ٿي وينديون هيون، ساڳي طرح مردن جا به الڳ الڳ جوا جا اڏا ۽ ٽڪريون لڳنديون هيون، پوليس کي به ڄاڻ هوندي هئي، صوبيدار کيسو گرم ڪندو هو، پر جي ڪنهن کيسو گرم نه ڪيو ۽ سڻڀو گراهڪ هوندو هو ته ان تي ڇاپو هڻائيندا هئا. ڪيترن کي ته بابو سائين ضامن ٿي ڇڏائي ايندو هو. هڪ ڀيري رات جو ستا پيا هئاسين ته اسان جي سامهون واري اوطاق ۾ ٿڦا ٿڦي ٿي وئي، رڙ واڪو ٿي ويو، ”مهراج سائين مهراج سائين بچايو“، اسين سڀ ٻار ۽ بابو سائين ڊڪندا وياسين. صوبيدار جو کيسو گرم نه ڪيو ويو هو، تنهن ڇاپو هڻايو هو، ڪيترن جون واچون سونا سڳا، پونچيون، لاهي ورتائون. ڪن وري چالاڪي ڪري سونا بٽڻ، سڳا وغيره بابي سائين جي کيسي ۾ ڪري وڌا. انهن جو مال بچي ويو. مڙئي صوبيدار کي چؤ چواءِ ڪري ۽ پنهنجو اثر رسوخ هلائي واڻين جي جند ڇڏايائون. مختيارڪار ۽ صوبيدار چوندا هئا مھراج تون وچ ۾ نه پئو اسان کي نقصان ٿو پوي.
    اسان جي واڙي جي سامهون هڪ واڻئي جي اوطاق هئي جنهن ۾ هڪ مسلمان ڪٽنب رهندو هو، اتي روز رڙ واڪو لڳو پيو هوندو هو. عورت ابتي پير تي هئي. هر روز تماشو لڳل هوندو هو. وڏي مشڪل سان انهن کي اٿاريوسين. مسلمانن ۾ ڏي وٺ جو به سرشتو تمام خراب آهي، پوءِ چاهي جوڙي ٺهي يا نه ٺهي، عمرين به ڪافي تفاوت هوندو هو. ٻه ٻه ٽي ٽي زالون پرڻجڻ ڪري گهرن ۾ ڪٽڪو لڳو پيو هوندو هو. ڪيترا ته اهڙا به هوندا هئا جو ڍور ڍڳي وانگر عورتن جو سؤدو ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن انهن ڳالهين تان خون به ٿيندا هئا. بس پوءِ ڪچهريءَ ۾ هڪ ئي بيان هوندو ”ڪارو ڪاري ڪري پڪڙيو سين“. جيلن مان ڇٽي ايندا هئا يا خون جو بدلو خون سان وٺندا هئا.
    اسان جي تر جا زميندار پنهنجي وڏن جي مزار تي پڳ لاهي رکندا ”جيستائين خون جو بدلو خون نه وٺنداسين، تيستائين اها پڳ نه پائينداسين“. اسان جي گهر جي سامهون انهن جو تڪرار وارو زميندار رهندو هو. حاجي الاهي بخش کوکر جنهن تي ڪيترا خون جا حملا ڪيا ويا. ان جي پٽ تي ڪيترائي ڀيرا بندوق سان حملا ڪيا ويا، هر ڀيري بچي ويندا هئا. ان جي نوجوان فرزند تي ايترا ته حملا ڪيا ويا جو هو بدصورت ٿي پيو. نيٺ کيس قتل ڪري بدلو وٺي پوءِ ئي پڳ پاتائون. ان نوجوان جو والد الاهي بخش کوکر مونکي بيحد ڀائيندو هو، مهالڪشمي ايندي هئي ته سڌ ڪري چوندو هو ته ”وينا! ست پُڙا ته کاراءِ“ يا وري ٿڌڙيءَ جا لولا کائڻ ايندو هو. اڄ ڏينهن تائين ان جو ڪنن ۾ آواز گُونجندو آهي. اکين آڏو سندس صورت اچي ويندي آهي. اڇي ڊگهي ڏاڙهي، رنگ صاف، اکين جا تارا ناسي، وڏي ويڪري سلوار ۽ ڪڙتو ململ جو، مٿان پٽڪو ٻڌل، ان چهري کي ڀلائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهيان، پر ڪاميابي پلئه نه پوندي آهي.


    ستي ٿي سيڙائي، لنڊي ٿي لاڏ ڪري!

    چوڻي آهي ”هجئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو !“ اها چوڻي ڪا غلط نه آهي، ڇو جو لاڙڪاڻي جو رائيس ڪئنال لاڙڪاڻي کي سارين جي پوک سان مالا مال ڪري ٿو. لاڙڪاڻي تر جي سارين جي پوک نه صرف مڪاني ضرورتن جو پورائو ڪري ٿي، پر لاڙڪاڻي مان بنگلاديش ڏي به 1981ع کان اڳ چانورن جا گاڏا روانا ڪيا ويندا هئا، ڇو جو ڍاڪا جا بنگالي چانور جو جهجهو استعمال ڪندا آهن.
    ساڳيو ئي حال سنڌ جي سنڌين جو به آهي. جي چانور نه ملي ته ماني اڌوري رهندي. هڪ ويلي تي چانور ضرور کپن. سياري جي منجھند جو ۽ اونهاري جي رات جو. ڳوٺن ۾ ته اڪثر گرمين ۾ رات جو کير چانور کائيندا هئا. اها خوراڪ ڪا مجبوريءَ وچان نه بلڪه خوشيءَ سان ورتي ويندي هئي. ان ۾ ڪنجوسائيءَ جو ته سوال ئي نه پيو اُٿي. جن جي سارين جي پوک هئي، سي ته خوش قسمت سمجھيا ويندا هئا. انهن چند خوش نصيب زميندارن ۾ اسان جي گهر جو به شمار ٿيندو هو. ڇو جو لاڙڪاڻي ۽ قمبر وچ ۾ ٽنڊي جي ڳوٺ ۾ اسان جون ٻنيون هونديون هيون، جتي سارين جي پوک ڀلي ٿيندي هئي. شهدادڪوٽ اناج جي وڏي ۾ وڏي منڊي آهي. اُتي سڄي تر جا زميندار ۽ هاري، ساريون يا ٻيو فصل کڻي ايندا هئا. فصل لهڻ وقت شهدادڪوٽ جي اناج منڊيءَ ۾ ڏاند گاڏين ۽ اُٺن جي پيهه لڳل هوندي هئي. فصل لهڻ دوران ڌنڌوڙين جو ڪاروبار عروج تي هوندو هو. ڪو هر وڪڻندڙ به سانجهيءَ جو جڏهن گهر موٽندو هو ته ٻارن ٻچن لاءِ مند آهر ڪاشيءَ وٺي ايندو هو. واپارين جون ته پنج ئي آڱريون گيهه ۾ هونديون هيون. اُهي گاڏا ڀري الڳ الڳ شهرن ڏي روانا ڪندا هئا. اسان جي ٽنڊي واري زمين جو فصل ڀلو ٿيندو هو، ڄڻ ته سون پيدا ڪندي هئي. نوٽن جا ٿها ئي ٿها ايندا هئا. اڪثر پاڻيءَ واهي جي يا بند ڀڄڻ تي جھيڙو ٿيندو هو. جتي اسان جو بروهي ڪمدار امير بخش ڪهاڙي ۽ بندوق سان مقابلو ڪري سڀني کي ڊوڙائي ڪڍندو هو. امير بخش بروهيءَ جون خود پنهنجون زمينون هونديون هيون ، ۽ هو پنهنجي بروهي قبيلي جو سردار پڻ هو. هو پاڻ سان بروهين جا 50_60 گهر وٺي لڏي اچي اسان جي ٽنڊي واري زمين تي آباد ٿيو هو. امير بخش بروهيءَ جو ٽنڊي واري زمين تي اچڻ سان ڄڻ اسان جي لاءِ سنهري قسمت جي ۽ زر جي نديءَ جي وهڪري بند ڀڃي ناڻي جو سيلاب آڻي ڇڏيو. امير بخش سنڌي مسلمان نه بلڪه سمرقند، بخارا، يا تاشقند جو روسي مرد لڳندو هو. اڇي ڊگهي ڏاڙهي، رنگ گلابي، نڪ ڊگهو، قدآور، اکيون شيريون، گهر ۾ ايندو هو ته خوشيءَ جي لهر ڇانئجي ويندي هئي. گهر جي اندر غير مردن، خاص طور مسلمانن جي اچڻ تي پابندي هئي. حالانڪه پڙدو ڪونه هو. پر تڏهن به غير مردن جي داخلا تي پابندي هئي. پر چند شخصيتون هيون، جن کي مسلمان يا غير مرد نه بلڪه گهر جي ڀاتين وانگر گهر ۾ اچڻ جي اجازت هئي ۽ امير بخش اُنهن چند شخصيتن مان هڪ هو. اسان جي گهر لاءِ ته صرف هاري هو، پر پنهنجي قبيلي جو سردار ۽ خود زميندار هو. نوٽن جا ٿها آڻي امڙ جي پلاند ۾ وجھندو هو. جيڪا ابن ڏاڏن جي جھوني ڪٽ لڳل ٽجوڙيءَ ۾ نوٽن کي ٺونسيندي ويندي هئي. هڪ طرف چانديءَ جا باسڻ برتڻ، ٻئي طرف وڏن ابن ڏاڏن جي ٺھرايل مندر جي ڀڳوان جا چانديءَ جا مڪٽ ۽ ٻيا زيور وغيره هوندا هئا. اُن خوش نصيبيءَ ۽ زر جي ڦوهه وهڪري تي نه صرف بندن کي پر ڌڻيءَ کي به هوس ۽ حسد ٿيڻ لڳو. شايد انهيءَ هوس ۽ حسد ڪري اُن راجائي دؤر کي وقت ۽ قدرتي قهر جي چپيٽ ڪمزور ۽ هيڻو بڻائي ڇڏيو.
    امير بخش جي فرزند يا ٻئي ڪنهن ويجھي عزيز ڪنهن جو خون ڪيو، جنهن ڪري شيردل همراهه جي دل ڀڄي پئي. امير بخش پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ زر مان دلچسپي ۽ موهه ڇڏي تياڳ طرف لاڙو ڪرڻ لڳو. عمر پنجاهه کان مٿي هئس، پر طاقت ۽ همت نوجوانن کان به گھڻي. امير بخش جي هڪل تي چڱن ڀلن جو هانءُ ڇڄي پوندو هو. بابي سائينءَ کي چيائين؛ ”مرشد! مان هاڻي ٽنڊي مان وڃڻ چاهيان ٿو. مون کي اجازت ڏيندا.“ نه صرف بابو سائين، پر امڙ ۽ اسين سڀ ٻار وڪوڙي وياسين کيس ته ”اسان کي ڇڏي نه وڃ.“ پيار جي زنجيرن ۾ جڪڙيل، مايوس دل هوندي به ارادو ترڪ ڪري ڇڏيائين. پر مالڪ کي ته ڪجھه ٻيو ئي منظور هو. ڀلا قدرت جي ڳجھه ۾ ڪنهن هٿ وڌو آهي. اوچتو فصل کي ڪيڙي لڳڻ وارو دؤر شروع ٿيو. سارين جو فصل تيار ٿي بيهي، جڏهن لابارو لهڻ وارو هجي، تنهن کان اڳ ڪيڙو اچي مار ڪري، فصل برباد ٿي وڃي. ڪٽ سٽ جو ته سوال ئي نه پيو اٿي. اهو سلسلو هڪ سال، ٻئي سال، ٽئين سال لڳاتار جاري رهيو. ڍل جي معافي، ملڻ نه ملڻ جھڙي، تپيدار اچي ڍل جي وصوليءَ لاءِ ديرو ڄمائيندو هو. هوڏانهن امير بخش پنهنجي گهرو حالتن ڪري دل لاهي چڪو هو، امڙ ۽ ابي کان هٿ ٻڌي نوڙت ۽ نياز سان اجازت گهريائين. نه چاهيندي به امڙ ابي، بي دليو وڃڻ جي اجازت ڏنس. امير بخش بابا جن کي تسلي ڏيندي چيو؛ ”مرشد مان ڪو پري نٿو وڃان، پنهنجي ڳوٺان، ٻارڙن سان ملڻ ايندو رهندس.“ جنهن بهادر بروهيءَ کان تر جا سڀ هاري ناري ڊڄندا هئا، اُهو نيڪ بخت انسان ڪمزور ۽ هيڻو پئي لڳو. اکيون آليون ڪري الوداع ڪيائين.
    امير بخش نه ويو، پر پاڻ سان ڪجھه وقت لاءِ اسان جي قسمت به کڻي ويو. جنهن ٽنڊي واري زمين کي خريد ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا زميندار نوٽن سان جھول ڀري ايندا هئا، اُها زمين ڀڙ ڀانگ ٿي وئي. اهو سلسلو سال ٻه نه بلڪه لڳاتار ڏهن سالن تائين جاري رهيو. حالانڪه ٻيون جايون، دڪان هئا، شهدادڪوٽ ۾ هڪ هوٽل ۽ هڪ جاءِ سرڪار کي پوسٽ آفيس طور ڏنل هئي. پڪي عمارت هئي، جيڪا اڃا تائين سرڪار وٽ ئي آهي، انهيءَ ڪري گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ جي نالي سان شهدادڪوٽ جي پتي تي خط پهچڻ ۾ ڪابه دقت نه ٿيندي هئي. پوسٽ آفيس ۽ ٻين جاين جي مسواڙ ۽ ٻنيءَ ٻاري مان ايترو پورائو نه ٿيندو هو. گهر ۾ هر روز مهمانن جي اچ وڃ هوندي هئي. مٿان وري مهمان نوازيءَ وارو پهاڪو ته مهمان ته قسمت وارن جي گهر ۾ ايندا آهن. هڪ ويندو هو ته، ٻيو ايندو هو، جنهن ۾ هندو ۽ مسلمان ٻئي طبقا شامل هوندا هئا. خرچ برداشت نه ڪندي به مسڪراهٽ ۽ کلي کيڪاري مهمان نوازيءَ جو فرض ادا ڪيو ويندو هو. مهمانن جي پيهه تي ڪيترا ماڻهو امڙ ۽ ابي کي چوندا هئا، ”توهان تي دڙ وڏي آهي، پنهنجو پرائو هر ڪو اچي ٿو خيما کوڙي“ سڄو ڏينهن چانهه جا ٻاٽلا پيا چڙهندا هئا. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن ڪي واياڻيون پنهنجائپ ڪري بابي تي ڪاوڙجي به وينديون هيون ته دوست چاهي دشمن کي بنا حجاب داخلا ٽڪيٽ جاري ڪئي اٿو. اڳلو توهان کي چاهي نه چاهي. اوهان ڪري ڀنڊارو لڳايو ٿا. ”گُهر ته گهرانءِ“ ماڻهو توهان جي مخالفت ڪن ۽ اوهين آهيو، جو پنهنجي گهر ۾ مهمان نوازيءَ ڪري کين پناهه پيا ڏيو. نانگ کي ڪيترو به کڻي کير پياريو، پر نانگ ڏنگ ضرور هڻندو. پر انهن هدايتن ۽ نصيحتن جو امڙ ۽ ابي تي اهڙو اثر ٿيندو هو، جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي. مالي حالت تنگ هئڻ جي باوجود مهمان نوازيءَ کان ڪين ڪيٻائيندا هئا. مهمانن جي دڙ جي باوجود مسڪرائيندا هئا. پر اسين ٻار جٺ ڦٺ ڪندا هئاسين. ايتري قدر جو ڪمدار جلال خان به ڪاوڙ ۾ اچي ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو؛ الله سائين ٽنگ به پِٽيَن جي نٿو ڀڃي. ان مهمان نوازيءَ جي نتيجي طور اسان جيڪي امير بخش جي گهر وارين عورتن جھڙا ڄٽڪا ڪچي سون جا ڪنگڻ ۽ جھومڪ ٺھرايا هئا، سي سڀ ڍلن ۽ ڀلاوڻي جي نذر ٿيندا ويا. ڀلاوڻي کان ٻج ۽ ڀاڻ وٺي، ٽنڊي وارين ٻنين تي لڳايو وڃي. جيئن ئي فصل تيار ٿئي ته ماڪڙ ۽ ڪيڙو اچي مار ڪري ائين چئجي ته زندگيءَ جو اُهو دور بدترين دور هو، جو گهر جو ڪمدار، جيڪو گهر جو ڀاتي، منشي ۽ مالڪ کڻي چئجي، اُهو پنهنجي گهران ڪڏهن ڪڏهن ڪڻڪ ۽ چانورن جون ڳوڻيون ۽ پنهنجي باغيچي مان ڀاڄيون کڻي ايندو هو، جنهن سان گهر ۽ مهمانن جي پورائيءَ لاءِ ٿوري مدد هوندي هئي. مٿان ڀلاوڻي جو وياج پٺيان وياج امڙ چوڻ لڳي؛ ”وڏن جو پاراتو لڳو آهي.“
    ٽنڊي واري زمين اسان جي بابي جي ڏاڏي جي هئي، جنهن کي آل اولاد ڪون هو. امڙ ڪاوڙجي چوندي هئي ”ان کان ته ڪنهن کي دان ڪري ڇڏيو ها ته سٺو. اُن جي نالي تي زمين وڪڻي هردوار ۾ مندر ٺھرايو ها ته چڱو.“ ان زمين جي مالڪ ڪشور داس کي آل اولاد ڪونه هو. اسان جو ڏاڏو سائين ئي سندن واحد وارث هو.
    امڙ جو بابي سان ان ڳالهه تي تڪرار به ٿيندو هو. پر اهو تڪرار نرالو هو. نه پِٽ، نه پاراتو، نه گار نه گٿو لفظ نه ئي گهر ڇڏڻ جي ڌمڪي ۽ نه ئي ڪني عورت وانگر وڏي واڪي جنگ جوٽڻ. ڪڏهن ڪڏهن اسين ٻار، جلال خان ۽ ايتري قدر، اسان جو ڏاڏو ۽ سندس سهرو چرچ ڏيندا هئاسين ته ”بي انصافيءَ ۽ غلط طريقي واري مهمان نوازيءَ خلاف آواز اٿاريو.“ پر امڙ چوندي هئي؛ ”خانداني عورت جو اهڙو وڙ نه آهي.“ امڙ جو والد ڪراچيءَ ۾ آنري مئجسٽريٽ ۽ اسان جي ناني، بوبڪن جي اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي عورت هئي، پر عقل ۽ سياڻپ ۾ پڙهيل لکيل به اُن جي اڳيان پاڻي ڀرين. اسان جي ناني ٻه شاديون ڪيون. اسان جي ناني ۽ نانيءَ جي عمر ۾ وڏو تفاوت هو. ننڍيءَ عمر ۾ ئي ڏهاڳڻ بڻجي وئي ۽ امڙ جيڪا سندس آخري اولاد، ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ ننڍي ۾ ننڍي هئي، تنهن کي شاديءَ وقت هدايت ڪيائين ته ”تنهنجو آواز گهر جي چؤديواري کان ٻاهر نه نڪرڻ گهرجي.“ امڙ به پنهنجي ماءُ جي هدايت کي ڪري ڳنڍ ٻڌي. ڪراچيءَ جي اُن شهري ماحول کي ترڪ ڪري، ڳوٺ جي گھٽيل ماحول ۽ عمرڪوٽ واري بند کي گلي لڳايائين. ڪراچيءَ ۾ امڙ اولڊ ٽائون ڪانگريس شاخ جي ڪئپٽن ۽ ڪنيا ناري منڊليءَ جي جنرل سيڪريٽري هئي. مهاتما گانڌيءَ، سروجني نائڊو، ونودني، سر رامن ڀائي، ليڊي هاروئن مهوٽا ۽ سيٺ رتن چند جھڙين شخصيتن سان سماجي خدمتن ۽ پرارٿنا سڀائن ۾ پنهنجي اولڊ ٽائون جي ڇوڪرين ۽ عورتن کي وٺي ويندي هئي، جتي اڪثر عاملياڻين ڇوڪرين سان اصولي تڪرار ٿيندو هئن. هڪ ڀيري دادي ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ سان گڏ ڪيترن دڪانن تي وديشي ڪپڙي کي تياڳ ڪري سوديشي ڪپڙي جي وڪري جي هدايت ڪرڻ لاءِ وئي. اُن تي دڪاندار ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ سان ٽڪر کاڌو جنهن کي هٿ ۾ ولائتي واچ پئي هئي. چيائين؛ ”دادي خود ته ولائتي شيون واپرايو ۽ اسان غريبن جي روزگار تي لت هڻڻ لاءِ اسان کي هدايت ڪريو ٿا. هيءَ واچ ته پهرين لاهيو.“ امڙ دوڪاندار کي ٺاريندي چيو ته ”اوهان کي غلط ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي“ جنهن تي امڙ کي چيائين؛ ”ستي ڀيڻ! اوهان وچ ۾ نه پئو، مان ڏسان پيو، اوهين کاڌي واپرائيندا آهيو، پر هن داديءَ کي ڪوبه چوڻ جو حق نه آهي.“ جنهن تي ڀيڻ ڄيٺي سپاهيملاڻي ککي وکي ٿي وئي. دادي ڄيٺي سپاهيملاڻي، ڪراچيءَ جي ستي شاهاڻي، ساوتري آڏواڻي، امڙ جي عزت ڪنديون هيون ۽ ڪم جي تعريف به اُن زماني ۾ جڏهن روپئي جو ملهه اڄوڪي سؤ برابر هو، تنهن وقت ۾، پنج سؤ رپيا بهار ٻوڏ فنڊ ۾ گڏ ڪري امڙ ڏنا هئا. اهڙي شخصيت ۽ ڪردار هُين، جو ڪير به ستي ڀيڻ کي انڪار نه ڪري سگھندو هو. ڪنهن ذڪر ڪيو ته دادا ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي ڪتاب ۾ ستي ۽ ساوتري (امڙ ۽ امڙ جي ڀاءُ جي ڌيءَ) جو ذڪر ڪيو آهي. ڪراچيءَ جا بنيادي رهاڪو ستي، ساوتريءَ ۽ جيٽلي سسٽرس جي نالي سان واقف هوندا، جن جي ڪراچيءَ ۾ سماج سيوا، اخلاق ۽ تهذيب ۾ هاڪ ۽ ڌاڪ هئي. امڙ اهڙي دؤر کي الوداع ڪري ڳوٺاڻو ماحول اپنايو، ۽ ڏک سک ۾ ابي سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي. قرضن مٿان فرض چڙهڻ لڳا. بابو نه پيو زمين وڪڻي ۽ نه ئي ڪا ٻي واهه تلاش پيو ڪري. امڙ گھڻو سمجھائڻ لڳيس، پر تريءَ تيل ئي نه لڳائڻ ڏنائين. هڪ ڀيري امڙ ڪاوڙ ۾ اچي ابي کي چيو؛ ”نماڻي رهزنن جي ور چڙهي آهي.“ امڙ جا اهي لفظ ٻڌي بابي کان کل نڪري وئي، کلي جلال خان کي چيائون؛ ”ستيءَ تي ناولن جو اثر آهي. ڀلا سڄو ڏينهن جو پئي ڪتاب پڙهي.“ امڙ جي، ابي جي ضد ۽ زمينداري هٺ کان هيٺ نه لهڻ واري دانهن تي اسين ٻار به کلي اُٿياسين. امڙ جي نه وڙهڻ واري ڪردار تي اسان کي ڪاوڙ به لڳندي هئي. ٻارن جو ساڳيءَ طرح جو رويو، بابي جي پنهنجي سياسي ۽ سماجي حيثيت ۾ فائدي نه وٺڻ تي رهندو هو. امڙ ابي ۽ اسان ٻارن وچ ۾ اصولن جي جنگ هوندي هئي. دليلن ۾ امڙ صحيح هوندي هئي پر فتح بابي سائينءَ جي ٿيندي هئي، ڇو جو آخرڪار مرد جو هو، ۽ اُهو به زميندار، ڳوٺاڻو، سياسي ۽ سماجي مرتبي وارو مرد. هٺان هيٺ لهڻ مرد ذات جي گھٽتائي ۽ توهين ٿئي ها. بابي سائينءَ جي ايمانداريءَ اسان کي ڪروڙپتين جي فهرست مان خارج ڪرائي ڇڏيو. حق تي هلڻ واري اصول اسان کي ڪيترين سنسٿائن ۽ ڪميٽين جي ٿاڦيل عهدن کان وانجھي ڇڏيو. نه ته اڄ گهر جا تقريباً سڀ ڀاتي ڪيترن سماجي ميڙن ۾ هارن ۽ سنمان جا حقدار بڻجن ها.
    ٽنڊي جي نقصان واري دؤر ۾ قرض مٿان قرض چڙهڻ لڳو. اُن دؤر جو ذهن تي ايترو ته اثر پيو، جو اڄ به نه نوٽن جون ٿهيون پاڻ طرف ڪشش ڪنديون آهن ۽ نه ئي پئسي نه هئڻ جو ملال ٿيندو آهي، نه ڪڏهن احساس ڪمتريءَ جو، نه وري برتريءَ جو احساس ٿيندو آهي. ڏک سک جي کوري ۾ گهر جا سڀ ڀاتي پڪي ٿانو وانگر پچي نڪتا آهيون.
    انهن ڏهن سالن واري مصيبت ۽ قدرتي قھر يا خدائي ناراضپي واري دؤر دوران پنهنجن پراون جي چڱيءَ طرح پرک ٿي آهي. پنهنجي پرائي ثابت ڪرڻ لاءِ، وقت کان مٿي ٻيو ڪو پارکو نه ٿو ٿي سگھي.
    جڏهن تپيدار گهر ۾ ايندو هو ته سڀني جي چهرن تي فڪر ۽ گھٻراهٽ جا تاثرات عيان هوندا هئا. بابو سائين آٿت ڏيندو هو. چوندو هو؛ ” اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي. ڍل ڏئي ڇڏينداسين.“ امڙ ۽ ابو ٻئي همت کان ڪم وٺندا هئا. پر مون کي يقين آهي ته اُن وقت سندن دل به ڇڄي پئي هوندي. صرف ٻارن اڳيان ظاهر ٿيڻ نه ڏيندا هوندا. جلال خان جو ساٿ ته اسان سان مينهن جھڙ، ڏک سک، تتيءَ ٿڌيءَ ۾ رهيو. جنهن تي ڪيترا تعصبي مسلمان کيس چوندا هئا ته تون هندن جي گهر ۾ رهي ڪافر بڻجي ويو آهين. جلال خان مذهب جو پابند انسانيت ۾ اعتقاد رکندڙ، نيڪ مسلمان آهي. رمضان مهيني ۾ پورا روزا رکندو هو، ۽ اڄ ڏينهن تائين جلال خان شهدادڪوٽ ۾ ابي امڙ ۽ ڀائرن وٽ ايندو رهندو آهي، جيڪي اُتي ئي رهندا آهن. هاڻي امڙ ۽ ابو ٻيئي پرلوڪ پڌاري ويا آهن. جلال خان کي گهر جي هر هڪ ڳالهه جي ڄاڻ آهي. شايد ڪيترين ئي ڳالهين کان اسين به واقف نه هجون، پر هو هر هڪ حادثي، هر هڪ ماڻهوءَ جي رويي کان واقف آهي.
    تپيدار جي اچڻ تي جلال خان اردليءَ تي لڳي ويندو هو. تپيدار جي حيثيت ڏسجي ته ڪجھه ڪين آهي. اُن وقت ۽ ان دؤر ۾ هُو مالڪ کان به ڏاڍو پئي نظر آيو. پاڻ سان گڏ ٽولو خوشامدڙين جو وٺي نواب وانگر اوطاق تي آرام فرمائيندو هو. گوشت خور نه هوندي به تپيدار لاءِ هوٽل تان گوشت ۽ ٻوڙ پلاءُ گهرايا ويندا هئا. جيڪڏهن ان طبقي جي لباس جو بيان ڪريان ته ائين محسوس ٿيندو ته معمولي پگهار وارو تپيدار نه، بلڪه ڪنهن رياست جو رئيس، ڪنهن ڳوٺ جو وڏيرو يا ائين چئجي ڪنهن شاهاڻي خاندان جو سڪيلڌو نورچشم، سونو سڳو، هٿ ۾ پونچي ڪچي سون جو ويڙهه ۽ هڪ ٻه منڊي، مٿان وري امپورٽيڊ واچ چڱن ڀلن به نه ڏٺي هوندي. لباس ۾ فل وائل جو ڪڙتو. مطلب ته ڍل اڳاڙڻ نه، بلڪه پاڻ پسند ڪرائڻ يا جڙيل خان وانگر سنڀري، پاڻ موکائڻ تي سندرو ٻڌو هجائين. کائڻ پيئڻ ۾ ٻوڙ پلاءُ کان سواءِ، مڇي مانيءَ طرف نگاهه کڻڻ به گناهه سمجھندو هو. بس ائين چونديس ”مرسين مرسين ڊڀ نه چرسين“ اگر تپيدارن جي ڪردار تي قلم آزمائي ڪريان ته شايد ڪيتريون بهارون سندن داستانن جي نذر ٿي وڃن.
    قمبر تعلقي ۾ اسان جي زمينداري آهي رانوتي، ماريا، ٽنڊي وغيره ۾ اتي هڪ هاري هو جيڪو ٽنهي هنڌ ايندو ويندو هو، جنهن جو نالو باگو هو. ڪوشش ڪندو هو ته ٻيڙي چانڊيي، مارين، لالو رائنڪ، ٽنڊي وغيره ۾ سندس چڱ مڙسي کي مڃيو وڃي ۽ کيس چڱو مڙس ڪري وچ ۾ ويهاريو وڃي. ڪيترا ته سندس چڪر ۾ اچي ويندا هئا. يٽن هڻڻ جو استاد هو. ڏاڏو سائين ڪيترا ڀيرا تعنا تنڪا هڻندو هوس، پر باگي تي اهي اهڙو اثر ڪندا هئا، جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي. پوري تر ۾ باگي جھڙو ڪو لٻاڙي ۽ گشئي ڪونه هوندو هو. ڏاڏو سائين ڳالهه ڪندو هو ته هڪ ڀيري باگي پوري قمبر تعلقي ۾ واءِ ويلا مچائي ڏني هئي. چيائين ”ڀڄو ڙي ڀڄو ،شينهن ڪاهي پيو آهي“. ماڻهن ۾ حراس ڦھلجي ويو، جڏهن ڏاڏي سائين هڪل ڪري چيس، ”اڙي قمبر جھڙي شهر ۾ گھاٽا وڻ ته ڇا پر ٻوٽن جا جھرمٽ به ڏور فاصلي تي ملندا، اتي وري شينهن ڪٿان ايندو“؟ باگو لغاري پهرين ته پنهنجي ڳالهه تي اِٽ هڻي بيٺو پر پوءِ اڻ سڌي طرح ڪوڙ جو اظهار ڪيائين. بس ان ڏينهن کان پوءِ پوري تر ۾ ڪوبه ڪنهن کي ڪوڙ هڻندي جھليندو هو ته چوندا هئا، ”آهين ته ڪو باگو لغاري.“


    آ بلاڙي ! ويندينءَ ڪاڏي؟

    شهدادڪوٽ ۾ ننڍي نهر آهي جنهن کي ڪور ڪوٺيندا آهن، ڀرسان ريل جو بند ۽ ڪيترا ڪارخانا هوندا هئا، جتي سارين کي سيڪي جوشي چانور ٺاهي گرم رک ڦٽي ڪري ڇڏيندا هئا. جوشي چانورن جي اوڀر پاڪستان (جيڪو هينئر بنگلاديش آهي.) ۾ ڏاڍي طلب هوندي هئي. ڪور جي ڀرسان ڪارخانن جي رک جا ڍير لڳل هوندا هئا. ڪور جي گپ مان بدڪون ڀرجي نڪرنديون هيون، اسين به بڊي سراڌن واري مهيني ۾ جڏهن عورتون پتر موڪلائڻ لاءِ ڪور تي ڏيئا پرواهه ڪرڻ وينديون هيون ته انهن جي پويان پويان ويندا هئاسين، ڪڏهن ڪڏهن گهران ٺاهوڪي دٻ ملندي هئي. بدڪن جو آواز ڏاڍو وڻندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته بدڪون چڪ به پائينديون هيون. بدڪن جو اهو آواز اڄ ڏينهن تائين ڪنن ۾ گونجندو آهي. پر اهو وهم ۽ صرف دل جو خيال آهي. دهلي جھڙي شهر ۾ نه بدڪون آهن نه ئي ڪور ۽ نه ئي وري صبح جو ڪڪڙ جي ٻانگ ۽ پکين جا چهچاٽ. نه ئي کنياتي (ڪانو ) جو لنوڻ، هتي ڪانو جي لنوڻ جو انداز ئي نرالو آهي. صبح ٿيندو هو ڪانون جو ميڙاڪو لڳي ويندو هو، کوهه جي بالٽيءَ مان پاڻي به پيئندا هئا، ۽ وهنجندا به هئا، ۽ شام جو ولر ڪري پکي پنهنجن آکيرن ڏي روانا ٿيندا هئا.
    هڪ ڀيري اسان جي گهر جو پالتو ڪتو مري ويو، بيحد افسوس ٿيو. پاڙي واري ڇوڪري ٻڌايو ته اهو ڪتو ٻاليشاهي ڪور تي ڦٽو ڪيو آهي. منهنجي دل ڪتي کي ڏسڻ لاءِ تڙڦي اٿي. ابي امڙ کي ٻڌائڻ بنا ان ڇوڪري سان گڏ ڪتو ڏسڻ ويس، ڇوڪري شرارت ڪري چيو؛ ”او هتي مٿي رک جي دڙي تي پيو آهي.“ ڪارخانيدارن جوشي چانورن جي گرم رک اڇلائي هئي، مون به نه ڪئي هم نه تم سڌو دڙي تي چڙهي ويس. بس پوءِ ته آءُ بلاڙي، ويندينءَ ڪاڏي؟ گرم رک ۾ ائين ٽپا ڏيڻ لڳس ڄڻ جيئري جاڳندي دمبي (رِڍ) کي بلوچستان جا بروهي ڪاٺي ۾ اونڌو ٻڌي باهه ۾ روسٽ ڪندا هجن. جيئن پير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪريان تيئن پير وڃن گرم رک ۾ ڌٻڻ وانگر ڦاسندا. منهنجون رڙيون واڪا ۽ هانوَ ڏاريندڙ رانڀاٽ لڳا پيا هجن. اکين مان ڳوڙهن جا وسڪارا لڳا پيا هئا. ڇوڪرو ته ڊپ وچان اٿي ڀڳو، مان پاڻ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪندي رک جي ڍير تان رڙيون واڪا ڪندي روئندي رڙندي گهر طرف زمين کان ٻه فوٽ مٿي ٽپا ڏيندي پهتس. امڙ حالت ڏسي تڙڦي اُٿي. جلال خان نه ڪئي هم نه تم، سڌو بزار ۾ وٺي وڃي نيروليءَ جي نير جي ڊٻ ۾ پير وڌائين. پير ته ٺري پيا، پر پيرن تي وڏا ڦوڪڻا ٿي پيا ۽ پيرن جي اهڙي حالت هئي جھڙي نيروليءَ جي نير ۾ گدڙ جي رڱڻ واري. ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڦوڪڻا ڦاٽي پيا ۽ ڪمپائونڊر ڪئنچيءَ سان مٿين چمڙي ڪٽي ڇڏي، جنهن ڪري اندرين اڇي چمڙي ظاهر ٿي پئي. مهينو ساندهه پير وٺي ويٺي هيس. جڏهن ڦٽ لٿا تڏهن پيرن تي اڇا داغ ٿي پيا. پاڙي وارو ڇوڪرو ته ڊپ وچان ٻن ٽن مهينن لاءِ ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو. امڙ ۽ ڏاڏي سائين کي پيرن جي اڇن داغن جو فڪر ٿي پيو. وڏيءَ مشڪل سان ڪيترن حيلن کان پوءِ وڃي پير ٺيڪ ٿيا. پر پيرن تان اڇا داغ لهن ئي نه پيا. ڪنهن ڏس ڏنو ته پيرن کي ميندي لڳايو. رفته رفته اهي داغ لهي ويا ۽ پيرن تان وڃي اڇا داغ جھڪا ٿيا.
    اسان جي ٽنڊي واري زمين تان امير بخش بروهيءَ جي وڃڻ کانپوءِ اسان کي وفادار ۽ ايماندار هارين جي تلاش هئي. اسان جي پريشانيءَ کان شهدادڪوٽ جو زميندار ۽ سندس مهاجر هاري واقف هئا. زميندار کان اُهي هاري ٻج ۽ ڪپڙي لاءِ پئسو وٺي کائي ويا هئا، زميندار اُنهن هارين کي بيگاري (Bonded Labour) ڪري رکيو هو. ڏاڍا پريشان هئا. جيئن ئي امير بخش بروهيءَ جي وڃڻ جي خبر ٻڌائون ته اسان جي اوطاق ۾ پنهنجي برادريءَ جو ميڙ وٺي لنگھي آيا ۽ ابي کي پناهه ڏيڻ لاءِ عرض ڪيائون ته اسان کي زميندار جي چنبي مان نجات ڏيار. اسين اُن جي عيوض اوهان جي ٻنيءَ تي ڪم ڪري اوهان جو قرض لاهينداسين. تيستائين اوهين زميندار کي اها رقم ڀري ڏيو، زميندار جا منهنجي ويچار ۾ ڏهه هزار روپيا هئا. ان کان وڌيڪ ٿي سگھن ٿا، پر گھٽ نه، جيڪي زميندار هنن کي ريزڪيءَ ۾ ڏاندن جي جوڙن يا ڪپڙي لٽي لاءِ ڏنا هئا. اوطاق ۾ اچي زارو قطار رنائون، بابي سائينءَ جي سخاوت جي ڇا ڳالهه ڪريان. امڙ کي چيائون؛ ”ستي! ٽنڊي واري زمين تان امير بخش هليو ويو آهي. هي ويچارا ٻارن ٻچن وارا آهن. ننڍيون نيٽيون زالون اٿن. اسان جي پوک به ڪندا ۽ زميندار جو قرض به لاهيندا.“ زميندار ڪو اسان جي ابي وانگر ڀورڙو يا رحم دل نه هو، تنهن چيو؛ ”مهراج سائين! هنن جا ڏهه هزار توهين ڀري ڏيو ته پوءِ ئي هنن کي رِهائي ملندي.“ ابي زميندار کي چيو؛ ”مان هنن جو ضامن ٿو پوان، فصل لهندو ته ڪجھه رقم ڪٽي اوهان کي ڏياريندس.“ پر زميندار ته اِٽ هڻي بيٺو ته مان ضامن کي مڃان ئي ڪونه . هوڏانهن مهاجر هارين جون دانهون ڪُوڪون لڳيون پيون هجن. پيرن تي ڪري آزي نيزاري ڪرڻ لڳا ته ”اسان جي زميندار مان جان ڇڏرايو. خداتعاليٰ اوهان جي رزق ۾ برڪت وجھندو. اسين محنت ڪري اوهان جي رقم لاهينداسين ۽ اهو احسان اوهان جو تا زندگي اسان تي رهندو، غريبن تي رحم ڪريو.“
    بابي سائينءَ هنن کي سمجھائيندي چيو ته ”هن وقت اسين خود وقت جي چپيٽ ۾ آهيون، اسان جي مالي حالت ٺيڪ نه آهي ۽ منهنجي ٽجوڙيءَ ۾ ڏهه هزار روپيا ته ڪونه آهن، جو مان هن وقت زميندار کي ڪڍي ڏيان. ان تي زميندار چيو، ”ٺيڪ آهي مهراج سائين! توهين مون کي دستاويز تي لکي ڏيو ته مان ڏهه هزار هٿ امانتي ورتا آهن.“ ابي چيو، ” اهو ته مشڪل آهي.“ ان تي زميندار چيو ته هنن ڪمبختن تي رحم کائڻ جي ضرورت نه آهي. هوڏانهن هاري بابي سائينءَ جا پير پڪڙي ويهي رهيا. ڌڻيءَ ٻچن جا واسطا وجھڻ لڳا.
    امڙ اوطاق مان بابي کي منع ڪئي. چيائون ”امانتي لکي ڏيڻ جي ڪائي ضرورت نه آهي. اسان ڪي ڏهه هزار زميندار کان روڪ ٿورو ئي ورتا آهن. آخرڪار اسين به ٻارن ٻچن وارا آهيون. ننڍا ننڍا ٻار آهن. امڙ ۽ ابي وچ ۾ اهو گفتگوءَ جو سلسلو هلي رهيو هو ته مهاجر زالون ٻارن ٻچن سوڌيون گهر اندر ڪاهي پيون. قرآن پاڪ جو واسطو ڏيئي امڙ کي آزيون نيزاريون ڪرڻ لڳيون ته اسان جي زميندار مان جان ڇڏايو، حالتن ۽ قسمت ابي کي گھيري ورتو. زميندار کي لکي ڏنائون ته مان ڏهه هزار هٿ امانتو ورتا آهن. ان جي شهدادڪوٽ جي هر هڪ هندو مسلمان کي ڄاڻ آهي. زميندار چيو ته اسان جا بزرگن کان وٺي تعلقات آهن. ڳوٺائي آهيون، زميندار جو ڀاءُ ۽ ٻيا سؤٽ ۽ هُو خود بابي سان گڏ آزاديءَ کان وٺي ميونسپالٽيءَ ۽ لوڪل بورڊ جي چونڊن ۾ پنهنجن پنهنجن تڪن مان کٽي ايندا هئا. اڪثر بورڊ جي ميٽنگن ۾ به دعا سلام ٿيندي رهندي هئن. زميندار اُنهن هارين کي پنهنجي چنبي مان آزاد ڪري ڇڏيو. هاري ته رِها ٿي ويا، پر بابي سائينءَ امانت جي قيد ۾ پاڻ کي اڙائي ڇڏيو. پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙي هنيائون. هارين کي لڏائي ٽنڊي واري زمين تي پوک لاءِ آندو ويو. مٿان ٻي رقم به لڳائيسين. ڏاندن جا جوڙا، ڪپڙو لٽو، اناج جون ڳوڻيون وغيره. هارين جي ته الله ٻڌي زميندار ڪجھه عرصي کانپوءِ پنهنجي رقم جي تقاضا ڪرڻ شروع ڪئي، ٻئي طرف مهاجر هارين جا اهي ڏهه ٻارهن گهر راتون رات ٻارن ٻچن سوڌو پنجاب ڀڄي ويا. خبر به ڪانه هئي ته ڪٿان جا هئا. نه ئي داد فرياد ٿيو. ڇو جو پنجاب جو علائقو سنڌ کان ڏور آهي. تر ۾ هجن ها ته ڪٿان نه ڪٿان سڳ ملي وڃي ها. ڪافي پڇا ڳاڇا ڪئيسين. پر هُو پکيءَ وانگر پڃري مان آزاد ٿي، پر ڦڙڦڙائيندا اُڏامي ويا. اسين اڙجي وياسين، آخرڪار بابي سائين کي رحم دلي ۽ سخاوت جي قيمت ادا ڪرڻي پئي.
    مصيبتن مٿان مصيبتن جو دؤر شروع ٿي ويو. اهو سلسلو وڏي ڀاءُ کي ڪوئيٽا بلوچستان ۾ Geological Survey جيالاجيڪل سروي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر جي نوڪري ملڻ سان رُڪيو. مالي طور ٿورو سُک جو ساهه کنيو سين. گرمين کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوئيٽا (بلوچستان) هوا بدلائڻ وياسين، جتي سڄي سنڌ جي تر جا هندو مسلمان اچي ٽڪندا هئا. ڪيترا علاج خاطر به ويندا هئا. ائين لڳندو هو ته سڄو ڳوٺ ته ڇا پر سڄي سنڌ، ڪوئيٽا ۾ پرٽجي پئي آهي. ڪوئيٽا جي مشهور بازار جناح روڊ تي اڪثر ڳوٺائي ملي ويندا هئا. وڏي ڀاءُ کي آفيسر جي نوڪري ملڻ تي اردلي به هوندا هئا، ان سان گڏ گھمڻ لاءِ جيپ به حالانڪه اُن کان وڏا آفيسر به انهن سهوليتن کان محروم هئا، اهو سڀ هن جي فرض شناسي ۽ پنهنجي آفيسرن سان رهائي اسائيءَ جو نتيجو هو. هن جا اعليٰ عملدار کيس پيار ڪندا هئا، پر اسان سڀني جو به خيال رکندا هئا. ڪوئيٽا جا بلوچ بيحد ايماندار ۽ عورتن جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا. نه ڊپ هوندو هو نه ڊاءُ. رات رات تائين نمائش ۾ پيا گھمندا هئاسين. واياڻيون ململ جون سٿڻيون ۽ واڻيان ڌوتي پائي گھمندا هئا. ته به انهن تي حملو ڪندا هئا ۽ نه ئي گٿن لفظن جو استعمال، عورت جي عزت ۽ احترام ڪندا هئا، هتي وانگر Eve teasing ڪانه آهي، اهڙا واقعا صرف عورت جي پنهنجي مرضيءَ سان يا ڪنهن ذاتي تڪرار سان درپيش ايندا هئا.
    پنهنجو پاڻ لاءِ مصيبت کڻڻ واريون عورتون به هيون، جيڪي گھٽ ذات يا اخلاقي طور ڪريل هونديون هيون، جھڙوڪ باگڙياڻيون، ٻاليشاڻيون، ميراثڻيون يا خراب پيشي واريون عورتون، باگڙياڻيون دڪانن تي پنڻ وينديون هيون ته پوءِ ڄاڻي واڻي ناز نخرا ڪري مصيبت کڙي ڪنديون هيون. ڪن عورتن کي افسوس نه بلڪه فخر ٿيندو هو. ڪيتريون پنڻ جي بهاني دل لڳي ڪندي، چڱن ڀلن جو کيسو ڪتري وٺنديون هيون. اهڙا مرد دانهن ڪوڪ به نه ڪندا هئا. متان سندن شرافت جو پڙدو فاش ٿي وڃي! ” اندر جون مڪون اندر .“ ڏوڪڙ وڃائي منهن مٿو پٽي ويهي رهندا هئا. تنهن هوندي به ڪنهن نه ڪنهن ذريعي اُنهن مان ڪن جون خبرون عام تائين پهچي ئي وينديون هيون. آئي ڏينهن باگڙياڻين جي ڀڄڻ جو خبرون ملنديون هيون، پوءِ سڀ باگڙي ڀٽ وغيره ميڙ ڪري بابي وٽ ايندا هئا ته اسان جي عزت هلي وئي، ڌيءَ يا نُنهِن ڀڄائي ويا آهن. جنهن تي امڙ ڪاوڙجي چوندي هُين؛ ”اوهين خود ڏنڊا ڏوٽا آهيو، عورتن کي ڇو ٿا پنڻ لاءِ موڪليو. ان ۾ اوهان جو پنهنجو ئي قصور آهي.“ ڪن کي اُتان واپس آندو ويندو هو ۽ ڪي وري خود اچڻ کان انڪار ڪري اسلام قبول ڪنديون هيون، پوءِ چاهي ڪجھه عرصي کان پوءِ اُهي مڙس اُنهن کي وري ڇڏي ڏيندا هئا. ڪي ته ”نه رهنديون هيون گهر جون نه گھاٽ جون.“ ڪي وري موٽي ٻيهر پنڻ وارو پيشو اختيار ڪنديون هيون.
    ڪي بزرگ هندو عورتون نه ڏينهن ڏسنديون هيون نه رات، نه تتي نه ٿڌي هندو چاهي مسلمان جي گهر بنا ڊپ ڊاءُ جي هليون وينديون هيون. اُهي دارونءَ يا جھاڙ ڦوڪ ڪرڻ واريون عورتون هيون. هڪ وڏي خاندان کياڻيءَ جي ڪٽنب جي بزرگ عورت هئي. ان جي ڪٽنب جا سڀ ڀاتي هندستان لڏي ويا هئا. هوءِ صرف اڪيلي ئي اُتي رهندي هئي. سؤ سالن کان مٿي ڄمار ٿي وئي هيس. ڪلها جُهڪي ويا هيس، پر مجال جو ٿڪاوٽ ٿئيس. سڄو شهر قطار يندي هئي. ٻار بيمار پوندا هئا ته پرمي ماءُ کي بگي تي گهرائي ٻارن کي ڏيکاريو ويندو هو، ٻار ساهيءَ ۾ پئجي ويندا هئا ته ڦوڪ هڻندي هُين. ايتري قدر جو ڳوٺ جو صوبيدار، مختيارڪار ۽ وڏي مسيت وارو مولوي صاحب به سُتي وغيره لاءِ گهرائيندا هُيس. سڀ ”امڙ“ ۽ ”آئي“ ڪري ڪوٺيندا هيس. هٿ ۾ شفا هُيس. ان هٿ شفا سان گڏ هٿ جي صفائيءَ جو فن به سٺو هوندو هُيس. ويٺي ويٺي ٿالهيون، ڪٽورا، لوٽا، سون وغيره تڳائي وٺندي هئي. ڪپڙا لٽا ميرا جھڙا مٽي ڪيترا ماڻهو وڳا پهرائيندا هُيس. پر اهي ويندي هئي سانڍيندي، بابو چوندو هُيس؛ ”پرمي ماءُ! ڪنهن لاءِ ٿي ڪوڙ ڪمائين. جنم سڦلو ڪري هاڻي پرماتما جو نالو وٺ“ پر هُن تي اهڙو اثر ٿيندو هو جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي. اُهي لاٽون اهُي چگھه. هينئر پرلوڪ سِڌاري آهي. ڀڳوان شل هن جي آتما کي شانتي ڏئي! مئل ماڻهو، چوندا آهن ديوتا سمان ٿيندو آهي.
    ٻيو ته ٻيو ان عورت مندرن ٽڪاڻن ۽ مسجدن کي به ڪونه بخشيو هو. هڪ ڀيري وڏي مسجد مان ڪجھه کسڪايائين. اُتي هڪ ڄٽ هن کي اُبتو ڪري کوهه ۾ لٽڪايو. جڏهن مولوي صاحب آيو ته هن اُن ڄٽ تي ڪافي ڪاوڙ ڪئي، ڇو جو هو ملياڻين وٽ وڏي مسيت مولوي صاحب جي گهر ويندي ڪئي هئي ۽ ايتري قدر جو ٻارن جو علاج وغيره به ڪندي هئي. صوبيدار ۽ مختيار ڪار جي گهر کي به نه بخشيائين. اُهي به پرمي ماءُ جي عادت کان واقف هوندا هئا. پر کيس چوندا ڪجھه ڪين هئا. جڏهن انهن جا ٻار بيمار ٿي پوندا هئا ته پرمي ماءُ کي گهرائيندا هئا. هڪ ڀيري اسان جي گهر ويٺي هئي ته اُتان ويٺي ويٺي ئي چار وڏا ٿالهه ۽ پتل جي گهاگهر کسڪايائين. اسان جو نوڪر جلال خان پويان ڊڪون پائيندو ويس. ڪجھه مال هٿ لڳو. ڪجھه هڪ اڳ واري چڪر ڪٿي کسڪائي رکي آئي هئي. امڙ گھڻوئي باسيس ته وڏن جون نشانيون آهن، ڏي پر پرمي ماءُ چئي: ” هئه حرام، مون ته ڏٺوئي ڪونه آهي.“ گهر اندر هڪ انڌيري ڪوٺڙي هيس، ان ۾ ويندي هئي ڪن ڦٽ لڪائيندي اسان جي واڙي مان سندس گهر جي دري هئي. جتان اسين لڪي اندر جھاتيون پائيندا هئاسين ته من اسان کي پنهنجا ٿالهه ۽ گهاگهريون ڏسڻ ۾ اچن، پر ڪوٺڙيءَ ۾ اوندهه انڌڪار لڳل هوندو هو. ڪي چوندا هئا ته اندر نانگ ۽ بلائون آهن، ڇو جو اهي اوندهه ۽ ٿڌڪار واري جڳهه تي وڃي واسو ڪندا آهن. سڀ ڪجھه هوندي به ڪين جو ڪنو چڙهيل هوندو هوس. چوندا آهن، جن جو ڌن دولت ۾ موهه هوندو آهي، سي ٻئي جنم ۾ نانگ بڻجي اُن هنڌ تي واسو ڪندا آهن. اها ڳالهه ڪيتري قدر سچ آهي، ان جي صرف ڌڻيءَ کي ئي ڄاڻ آهي.


    حب الوطني

    پنهنجي وطن سان پيار، انساني فطرت ۽ خون ۾ سمايل رهي ٿو. جنهن جو احساس عمر ۽ حالتن جي لحاظ کان وڌندو ئي ٿو وڃي. پر ننڍپڻ ۾ انهن جذبن جو شدت سان حاوي پوڻ شايد ڪن خوشنصيبن کي پلئه پوندو آهي. ننڍپڻ جي انهن احساسن جي، معصوميت ۾ ڄاڻ ڪانه هئي. پر هينئر ان احساس ۽ اڻ ڄاتل حب الوطنيءَ جي جذبن جي اثر ڪري پاڻ کي دنيا جي عجوبن مان ڀانيان ٿي. شايد ڪنهن کي ئي ان ابهم عمر ۾ اهو احساس ٿيو هوندو. جڏهن ستن سالن جي هيس ته گهر لاءِ امڙ سَوِڙيون ٺھرايون هيون، اڃا سيارو شروع ڪونه ٿيو هو پر شروع ٿيڻ وارو هو. گهر جا سڀئي ڀاتي واڙي ۾ سمهندا هئاسين. کٽولن جي قطار لڳل هوندي هئي، ڪجھه فاصلي تي کوهه هو ۽ ان کان ٿورو پر ڀرو گاين جو ڌڻ الڳ الڳ ڪلي ۾ ٻڌل هوندو هو. انهن اڳيان ڪُٽي ۽ کڙ کي رلي بُهه سان خوراڪ جا ڪونر ٺهيل هوندا هئا. جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن مڇر جهجها ٿيندا هئا. جنهن تي اڪثر امڙ ۽ ابي جو تڪرار به ٿيندو هو. امڙ گهر ۾ ايتري چوپائي مال رکڻ جي خلاف هئي. ڪي گايون کير ڏينديون هيون ۽ ڪي ته پوين پساهن تي هيون. گابا اڌياريءَ تي هاري ٻنيءَ تي کڻي ويندا هئا. امڙ کير نه ڏيندڙ گاين کي وڪڻڻ لاءِ بابي سائينءَ تي زور ڀريندي هئي. پر بابو سائين انڪار ڪري ڇڏيندو هو. ته گاين کي ڪھائڻو نه آهي. ۽ نه ئي وري زمين تي موڪليندا هئا. پر جي موڪليندا به هئا ته اهڙي هاريءَ کي ڏيندا هئا، جيڪي صحيح طرح سنڀال ڪندا ۽ فوت ٿيڻ وقت اطلاع ڪندا هئا. بابو سائين يا ڀائرن مان هڪ ٻنيءَ تي وڃي گانءَ کي دفنائي ايندا هئا. گاين کان علاوه گهر ۾ هرڻ، سھا، ٻيا پکي وقت به وقت پاليندا رهندا هئاسين. ائين چئجي، گهر ۾ ننڍڙو جانورن جو گهر هو، اهڙيءَ حالت ۾ ڪافي مصروف رهندا هئاسين. ڪنهن نه ڪنهن گانءَ جي ويم ڪرڻ تي پِس به اڪثر گهر م ٺهندو هو. جنهن جي سواد ۽ چشڪي کان هن وقت محروم آهيون.
    اڪثر سڀئي ڀائر ڀينر ڌنار سان گڏ ويھي رهندا هئاسين ۽ کير ڏهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن آرام ڪري، چونري کڻي کير ڏهڻ ويهي رهندا هئاسين. چُڪو کن کير ڏهندا هئاسين. گانءَ جا ٿڻ ننهن جي زور تي پچي پوندا هئا. جڏهن بابي سائينءَ کي خبر پوندي هئي ته ڪاوڙجي چوندا هئا: ”اڙي چريا ته ڪين ٿيا آهيون يا مالي خوليا اٿو؟“ ان دڙڪي جو اهڙو اثر ٿيندو هو، جھڙو اونڌي گهڙي تي پاڻي.
    گاين جي رانڀاٽ ڪري ننڊ به حرام ٿيندي هئي، پر فائدو به هوندو هو. جيڪڏهن ڪو شاهينگ لوڙهو ٽپڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته گاين جا رانڀاٽ لڳي ويندا هئا ۽ گهر جا سڀ ڀاتي اُٿي کڙا ٿيندا هئا. هڪ ڏهاڙي امڙ نيون ڇيٽ جون ڳاڙهيون سوڙيون ٺھرايون، جنهن ڳاڙهي ڇيٽ تي ننڍڙا ننڍڙا گل هئا. نين سوڙين جو ڇاپو ڏاڍو وڻيو. مون آٽو ڪيو ته مون کي ان ڇيٽ جو سلوار ڪڙتو ٺھرائي ڏيو. پيار، ڦٽ لعنت، ريجهائڻ جو مون تي ڪو اثر ڪونه ٿيو. منهنجي ضد، انگل آري، ممتا تي سوڀ پاتي. ماءُ پيءُ دڙڪي داٻ جا هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيا. اهو رت جو ريلو ئي ته آهي، جيڪو پٿر دل به پگهرائي ڇڏي. مون کي ڳاڙهو ڇيٽ جو سلوار ڪڙتو نصيب ٿيو. اهو لباس بروهين وانگر ٺھرايم، پيرن تائين پهچندڙ چولو، وڏي ويڪري سلوار ۽ ڊگهيون ٻانهون. اڪثر شهدادڪوٽ جي شاهي بازار ۾ بروهياڻين کي ڳاڙهي ڇر جي لباس ۾ ڏٺو هيم. قدبت ڊگهو، ٻٽنوا ڪٽ وار، گلابي چپ، ڳالهائڻ مٺو، سودو ساري خريد ڪرڻ اينديون هيون ته اُنهن جي گفتگوءَ جو دل ۽ دماغ تي ڪافي اثر هو. نه صرف بروهين ۽ بروهياڻين جي گفتگوءَ جو پر سندن ٻٽون وانگر ڪٽيل وارن واري اسٽائيل به بيحد پسند ايندي هئي. اُنهن جون ڪوڏين وارن سڳين سان ڪيل ٻه چوٽيون به خوب وڻنديون هيون. جڏهن مون ڳاڙهي ڇيٽ جو ڇر وارو لباس پاتو ته ٻن ڳتن ڪرڻ تي به دل ٿي. گذريل سال جڏهن ڀاءُ ولايت مان آيو، تڏهن ڪڏهن ڪڏهن رات جو ٻه چوٽيون ڪري سمهندي هيس ته صبح جو جڏهن گائون پاتل ٻن چوٽين سان لان ۾ ويهي چانهه پيندي هيس ته چهري طرف ڏسي چوندو هو: ”ائين ته وار نه ٺاهه. اسپين ڀرسان Siebera ۾ جپسي عورتون ائين چوٽيون ڪنديون آهن ۽ گهگهو پائينديون آهن. توکي ڏسي اُنهن جپسي عورتن جو ڌيان ٿو اچي.“ ڀاءُ جي روز روز جي ڪٽ ڪٽ ڪري Hair Style بدلائي ڇڏيم. هن وقت ڀاءُ جي چوڻ تي ڪڏهن ڪڏهن گائون، جيڪو هن کي بروهين جي گهگهي وانگر لڳندو هو ترڪ ڪيم، پر ننڍپڻ ۾ پيءُ ماءُ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا ۽ نه صرف ڳاڙهي ڇر جو لباس پاتو هئم، پر انهن بروهين وانگر وار به ڪٽايا هئم. بس پاڻ کي بروهڻ پئي ڀانيم، رنگ روپ ۾ انهن جي برابري ڪرڻ يا برميچڻ ته مشڪل هو، جو انهن جا چپ گلابي ۽ ڳل ڳاڙها هوندا هئا. قدرتي سونهن سان مالا مال هونديون هيون ۽ ڌڻيءَ طرفان عطا ڪيل نزاڪت به هئن جنهن ۾ بناوٽ جو ڪوبه دخل نه هو. آواز ۽ گفتگوءَ جو انداز به نرالو هين. ”هان“ ته اهڙي انداز چونديون جو لفظ دل ۾ پيهي ويندو هو. اڪثر سودي سيڌي خريد ڪرڻ وقت سندن واتان شاهي (چار آنا) انگ گھڻو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. جڏهن مون انگل آرو ڪري ڳاڙهو ڇر جو لباس ٺھرايو ته خوشي ۾ نه پئي ماپان. پٽ پٽيهر ڇڏي ڪوري ڇيٽ جي لباس ۾ پاڻ کي ڪنهن شهزاديءَ کان گھٽ نه پئي ڀانيان. مٿان وري ٻه ڳوتون ڪري، پوتي مٿي تي چوٽين ۾ پويان اٽڪائي، جُتي پائي، هٿ کي لوڏو ڏيئي هلڻ لڳيس ته امڙ کي کل اچي وئي، جلال خان جيڪو خود بروهي هو، تنهن کي چوڻ لڳي! جلال خان ڏس لڳي ٿي نه بروهڻ! ” اڙي آءُ لم نه گودي.“ اڪثر اهو لفظ بروهڻين تي استعمال ٿيندو ٻڌو هئم! رنگ ته بروهين جھڙو نه هئو، پر مان پاڻ کي اُنهن کان وڌ ڀانيان پئي، گھٽ نه. شايد اهو پنهنجي حب الوطني، پنهنجي وطن جي لباس ۽ تهذيب جو اثر ئي هو، جو ريشم ۽ پاش گل جي ڪپڙن کي تلانجلي ڏيئي، کهنبي کي گلي لڳايم. جنهن تي ڪڏهن ڪڏهن امڙ ڪاوڙجي چوندي هئي، چريءَ چتران وانگر اچي هڪ ئي وڳي کي ورتو اٿيئي. نوريءَ وانگر محل ماڙين کي ڇڏي، ککي مڇيءَ جي ٽوڪرين وچ ۾ رهڻ وارو احساس ۽ انهيءَ احساس ۽ جذبي ڪري سڄي گهر لاءِ مشڪل ٿي پئي. سنڌ ۾ ڏياريءَ کان وڌيڪ مهالڪشميءَ جو ڏڻ ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن. اُن جون تياريون سڳِڙن ٻڌڻ واري ڏينهن کان وٺي ئي شروع ٿي وينديون آهن. سورهن تندين ڳنڍين واري هن سڳڙي کي ڇوڙڻ لاءِ سورنهن ڏينهن بي چينيءَ سان انتظار رهندو هو. گهر جا سڀ ڀاتي نوان ڪپڙا ٺھرائيندا هئا. ڇوڪرا ڊبل گهوڙا بوسڪي يا ٽري ڪاٽ وغيره جا سٺا سلوار ڪڙتا ٺھرائيندا هئا. امڙ ۽ اسان سڀني ڀينرن لاءِ بابو سائين اوچي Lady Hemleton جي Crape جا لباس وٺي ايندو هو. امڙ کي سوٽي ڪپڙو پائڻ نه ڏيندا هئا. حالانڪه خود سڄي زندگي اڇي قميص، اڇو ڪڙتو يا اڇو سوٽ اڄ ڏينهن تائين پائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سوچيندي آهيان، سڄي زندگي اهو اڇو لباس پائي ٿڪجي نه پيا هوندا. اسان ۽ امڙ لاءِ Lady Hemleton Crape جا تاڪين جا تاڪيا وٺي ايندا هئا، جنهن ۾ ناسي چاڪليٽي رنگ اڪثر هوندو هو.
    امڙ جو رنگ ائين ته نه چونديس ته اڇو کير جھڙو آهي، پر سٺو اٿن مٿان وري چاڪليٽي يا ناسي رنگ جو سلوار ڪڙتو کپي. بابي جي واتان ازخود نڪري ويو: امان (پيار وچان ڪڏهن امان ڪوٺيندا آهن) ٻارهن ماهي ڏينهن تي سوٽي ڪپڙا نه پائبا آهن. پر مان پنهنجي ضد تي نٺر ٻار وانگر اڙيل رهيس. مون کي سُوسيءَ جو سلوار ڪڙتو ئي کپي. جڏهن بابي وڏن وڏن Fancy (فينسي) دوڪانن تان سُوسيءَ جو ڪپڙو پڇڻ شروع ڪيو ته سڀ ڪنهن کلي ڏنو. چوڻ لڳا ”مهراج سائين اهڙا سٺا ريشمي ڪپڙا ڏيکاريونَو ٿا، اوهين آهيو جو سُوسي پيا گهرو.“ Fancy ڪپڙي جي دوڪانن ۾ شيخن جي هڪ هٽي هئي ۽ واڻين جي بافتن، ڇرن يعني ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ڪپڙي ۾. منهنجي انگل آري ڪري شهدادڪوٽ جي شاهي بازار جي هڪ هڪ دڪان تان سُوسيءَ جي باري ۾ پتو ڪيو ويو. مشڪل سان هڪ ننڍڙي دڪان تان جتي ڳوٺن جي بروهي بانڊن يا ٻروچن جي پيهه لڳل هوندي هئي. سي فصل لهڻ کانپوءِ بافتو وغيره وٺندا هئا. مشڪل سان اُن دڪان تان وڃي سلوار ڪڙتي جو ڪپڙو مليو. امڙ ۽ ابو چوڻ لڳا!، هي ڪو ڪپڙو آهي؟ صفا ڇاڻو لڳو پيو آهي. پيار وچان چوڻ لڳا، ”صفا کهرو ڪپڙو آهي.“ پر مان ته پنهنجي ضد تي اڙيل هيس. سُوسيءَ جي سلوار جي پاچن تي ڪاون جي لائين ڀرايم ۽ ڪڙتي اڳيان ڪاون سان ڀريل ڦدو (اڪثر ڳوٺن ۾ عورتون ڪاون سان ڳچي ۽ هيٺ الڳ کيسو ڀرائي پائينديون آهن، جنهن ۾ پئسا ڏوڪڙ وجھنديون آهن) جڏهن مهالڪشميءَ جو ڏڻ آيو ته سڄي ڳوٺ جي واياڻين زربفت، ريشم، ڪريپ پاتا هئا پر مان سُوسيءَ جا سلوار ڪڙتو پاتا ۽ پيرن ۾ گل واري سپاٽي پائي، پاڻ کي ڏسي پئي ڏسان، قدم قدم سنڀالي پئي هلان. ائين پئي ڀانيان ته هرڪو مون ڏي نهاري رهيو آهي پر مان غلط فهميءَ م مبتلا هيس، سڀني کي ٻارهن ماهي ڏينهن تي سوٽي ڪپڙا پاتل ڏسي تپرس پيو لڳي. شايد ڪن جو رايو اهو هو ته چنڊيءَ رن وارا پار پيا اٿائين. پر مون تي نوريءَ وانگر پٽ پٽيهر ڇڏي ککي مڇيءَ جي ٽوڪريءَ اڳيان وهڻ وارو جنون طاري هو. ننڍپڻ جي اُن روپ کي ياد ڪري، پاڻ تي فخر ۽ ناز ٿيندو آهي. ته ايتريءَ ننڍڙي ڄمار ۾ پنهنجي ڏيهي لباس پائڻ جو ڀوت ديوانگي نه آهي بلڪه پنهنجي مٽيءَ سان پيار، پنهنجي وڻن جي مهڪ سان محبت وارو جذبو هو. ان وقت جا ڪاون جي ڀرت ڀريل ڪيترائي ڪڙتا اڄ به مون وٽ موجود آهن. جيڪي وڏي شوق سان ڀرايا هيم. پر بيرحم وقت، قد بت ۾ اوسر اچڻ ڪري کسي ورتا. ٻيو ڪير جي کسي ها ته جنگ جوٽيان ها، پر وقت اڳيان ته دارا ۽ سڪندر، اڪبر ۽ جھانگير جھڙا نادر به ناچيز رهيا. ڀٽائي گھوٽ شاهه عبداللطيف، سچل سرمست ۽ ساميءَ جھڙا درويش به وقت اڳيان ڪنڌ جھڪائي پنهنجي تحريرن جو ورثو ڇڏي، پنهنجو وارو وڄائي رمندا رهيا. مان پنهنجن لباسن کي حسرت ڀريل نگاهن سان ڏسي ٿڌو ساهه ڀري، ماضيءَ کي وسارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي آهيان. ان جذبي، اُنهن احساسن ۽ يادگيرين کي برقرار رکڻ لاءِ اڄ به سنڌ مان جڏهن ابو امڙ يا ڀائر ايندا آهن ته چوندي آهيان ته سُوسيءَ جا سلوار ڪڙتا ۽ گل واري جتي وٺي اچو. هر ڀيري پاليسٽر ۽ نهايت خوبصورت ۽ قيمتي ڪپڙا وٺي ايندا آهن. پر اُن سُوسيءَ واري لباس کي وساريو ئي اچن. هر وقت ان ڳالهه تي تڪرار ٿيندو آهي. امڙ ڪاوڙجي چوندي آهي: ”ٻه چار سؤ واريون ڊريسون آڻيان ٿي ته به خوش نه آهين. شاباس ته ڇُٽي، پر مٿان منهن چڙهيو پيو اٿئي.“ اهو سلسلو هر ڀيري جاري رهندو آهي، نيٺ سنڌ مان ٻه گل واريون جتيون آڻي ڏنائون، جيڪي سنڀالي سنڀالي پائيندي آهيان، جي خراب ٿي ويئون ته ڪٿان وٺي سگھنديس؟ ۽ سُوسيءَ جا ٻه سلوار ڪڙتا ڪن خيرخواهن تحفي طور موڪليا آهن. جيڪي وڏي خبرداريءَ سان پائيندي آهيان.
    هن سال سورهين مارچ تي ريڊيو تي هوليءَ جو جشن ٿيو. ڪيترن ڏهاڙن کان وٺي هوليءَ جي ان ميلاپي ميڙ ۽ رنگا رنگي پروگرام لاءِ تياريون ٿي رهيون هيون، جو اطلاعات ۽ نشريات کاتي جي وزير صاحب وعدو ڪيو هو ته اُن ڏهاڙي ايڪسٽرنل سروسز جي اسٽاف سان، اُن هوليءَ جي رنگارنگي پروگرام ۾ شريڪ ٿيندس. 16 تاريخ کان وٺي چهل پهل لڳي وئي. ان ڏهاڙي مان سوٽي سُوسيءَ جو سلوار ڪڙتو پائي ويس. جيئن ئي ريڊيو تي پهتيس ته ڪيترائي حيرانيءَ سان ڏسڻ لڳا ۽ ڪن ٽوڪيو ته هونئن ڪپڙا سٺا پائي اچين، اڄ هوليءَ جو ميلاپي ميڙ ۽ جشن آهي ۽ اطلاعات ۽ نشريات جو وزير صاحب اچڻو آهي، ته تون سوٽي ڪپڙا پاتا آهن، هنن کي ڪهڙي ڄاڻ ته ان سوسيءَ جي لباس جو ملهه ڇا آهي؟ ٻئي طرف پوري ايڪسٽرنل سروسز جون انائونسر اُچيون اُچيون ساڙهيون پائي آيون. ٽن سَوَن کان وٺي هزار تائين ساڙهين جي قيمت هئي. ايتري قدر جو، اسان جي ڊائريڪٽر صاحبه خود به اُچي قيمتي سلڪ جي ساڙهي پهري آئي. ان سان گڏ وارن ۾ گلن جي ويڙهي پڻ پاتي هئائين. نه صرف ڊائريڪٽر صاحبه پر ٻين عورتن به گلن جي ويڙهين سان زلف سجايا هئا. جيئن ئي مان آيس ته ڪيترن ساٿين کي منهنجي سوٽي لباس تي حيرت لڳي. هڪ انائونسر گلن جي ويڻي ڏني ۽ چيائين ”وارن ۾ لڳائي ڇڏ.“ مون ٽاريندي چيومانس: ”مون وٽ ڪانٽو ڪونهي،“ ان تي يڪدم ٻي ساهيڙيءَ ڪانٽو ڪڍي ڏنو. مون ڪانٽو موٽائي خاموشيءَ سان گلن جي ويڻي پنهنجي پرس ۾ وجھي ڇڏي. وقت مطابق اطلاعات ۽ نشريات کاتي وارو وزير پهتو. ايڪسٽرنل جي ڊائريڪٽر صاحبه پوري اسٽاف جو، وزير مسٽر هرڪشن لال ڀڳت سان تعارف ڪرائڻ شروع ڪيو. سڀني سان رسمي طور ڪنڌ ڌوڻي ملندو اڳتي وڌندو ويو. جڏهن منهنجي اڳيان ڊائريڪٽر صاحبه پهتي ته وزير صاحب کي چيائين، ”هيءَ سنڌي انائونسر آهي.“ ٻه قدم اڳتي هلي پلٽو کائي موٽي آيو، چوڻ لڳو: ”اوهان کي ڪٿي ڏٺو اٿم“. هڪ ٻن فنڪشن جو ذڪر به ڪيائين: مون چيو: مون کي ياد نه آهي. ٿي سگي ٿو، اوهان ڏٺو هجي. پر جنهن پروگرام ۾ توهان انائونسمينٽ جو ذڪر ڪري رهيا آهيو، اُن ۾ مان ته ڪانه هيس. اُن وقت مون کي پنهنجي لباس، پنهنجي ٻولي، پنهنجي انفراديت تي فخر ۽ ناز ٿيو. منهنجي رواجي لباس ۽ منهنجي سٻاجھڙي سادي سنڌي ٻوليءَ ۾ ايتري ڪشش هئي، جو سڀني سان دستوري طور ڳالهائڻ بدران مون سنڌي انائونسر کان حال احوال ورتائين.

    ککيءَ هاڻيون کاريون، ڇڇيءَ هاڻا ڇڄ،
    پاند جنين جي پاند سين، لڳو ٿئي لڄ،
    سمو ڄام سهڄ، اُڀو ڪري اُن سين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253580
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385561
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ