ڪتاب جو نالو: ڪلامِ جمال
مصنف: جمال مراد گبول
ڇپائيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبلشرز حيدرآباد
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 27 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 1138 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 224 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطاليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • جمال گبول
  • مهاڳ : جمال يار جون ڳالهيون
  • حمد، نعت ۽ قصيدہ

  • الف آ الله، اوّل، احد، آخر ۽ عَظيم
  • تنهنجو دَر داتا ڇَڏي، ٻيو ڪنهن جو دَر مان ڳوليان،
  • دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
  • ”ياسين طٰـھٰ مُصطفيٰ جي آ ثنا قُرآن ۾“
  • نِرمل نَبي نِشانبر، نِت نامِدار آيو،
  • “سرڪار آقا جي اَچڻ سان، هَر طرف هُٻڪار ٿي”.
  • “ٻُڌايو ڪي مٺا مونکي، پرينءَ جي پارَ جون خبرون”.
  • پاڪ پاڪيزه پياريون، پيارَ جون ڳالهيون ڪريون.
  • قصيدو
  • قصيدو
  • قصيدو
  • قصيدو
  • غزل

  • سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف
  • سنڌ جو آ پيشوا، هي لال لاکيڻو لطيف.
  • سَئو سَلامن جا هُجن، اي توتي لاثاني لَطيف.
  • سَئو سَلامن جا هُجن، اي توتي لاثاني لَطيف.
  • عِلم، اَهليت، عقل جا، تو وٽ خَزانا کوڙ هُئا،
  • انسان جي ڪردار تي، انسانيت نالان آ.
  • خاڪ کائي خانَ وَئي، ڪٿ “قيصر و خاقان” آ.
  • جي وارث هُئا اُهي اڄ ٿيا، ويچارا سنڌ ڌرتيءَ جا.
  • “وقت پنهنجو وهڪرو ڏِس، تيز ڌاريندو وَڃي”.
  • مسئلو ڪل مُلڪ جو، اڄ آمرانو ٿي ويو.
  • “عشق پهچائي ڇڏيوسين، عرش چوٽان چوٽَ تي”.
  • “نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.
  • “نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.
  • عاشقن کي عشق ۾، ملندا ئي بس آهن عَذاب.
  • وئي بهاري موڪلائي، ٿي خزان توکان سوا.
  • “رات هن خاموش کي، نغمن سان گونجايو وَري”،
  • مَچائي محفل پرين پيارا، چَتون به پيا ڪن چمن جون ڳالهيون.
  • وفا جي گُل کي وفا چمن جو، وفا جو والي وفا مون سمجهو.
  • وفا جي گُل کي وفا چمن جو، وفا جو والي وفا مون سمجهو.
  • چٽا چمڪاٽ ٿيا چوڏس، سُٺن سهڻن سِتارن جا.
  • ويا وَڪوڙي وهم دل کي، بُت بيگانو ٿي ويو.
  • “عجب آهي توکان پنهنجا، ڪيل انجامَ وِسري ويا”.
  • مان نه هڪڙو پر هزارين، تو مَٿي مستانَ ٿِيا.
  • “پَل اکيون پنهنجون پيارا، مُحب ماري ٿيون وِجهن”.
  • مرحَبا صد مرحَبا، ذي شانُ اختر زنده باد.
  • مُفت ۾ مونکان مڙيئي، آهي مارن مُنهن مَٽيو.
  • هنج هُونگاري هَليا ويا، ڪانگ ڪارا ٿا ڏِسون.
  • مرحَبا آيا ڀَلي، محبُوب ليڊر مرحَبا.
  • هُل نه هُوندئي حُسن جو، ٿيندئي پُڄاڻي پيارَ جي.
  • “مَن مَڻئي موهي وِڌو، بس هٿ ڪيو مُون هارَ کي”.
  • ٿيا وهم و گُمان دل ۾، ته ڇو جاني جُدا آهي.
  • مُحبّت وئي تڏهن ڪُلفت، ڪٽر آهي اڃان تائين.
  • اَلائي ڇو ٿيو پيدا، اَندر ۾ اِنتشار آهي.
  • هوش هُن جو اُڏاري ڇَڏيو مُون.
  • هَلي چوٻول پئي چُرپُر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.
  • هر گَهڙي پلپل پَون ٿا، پُور تنهنجا ٻئي طَرح.
  • پاڻ “سَسئي” ۽ “پنهل” ٿي، پيارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.
  • مُخالف لئه تِکي تلوار، آهيان، هئس ۽ رهندس.
  • اَميراڻي نه آ عادت، غريب آ هيون گَهراڻي جا،
  • “اکين جي عيد اڄ ٿيندي، صَنم مهمان ٿيڻو آ”.
  • حال هي پنهنجو ڏِسي، ڪُجھ سوچَ ۽ ويچار ڪر.
  • ارادو هو ته ٿي پَوندس، وڏو ڪو ڊاڪٽر بَنجي.
  • اي ڌڻي تون مهر پروَر، هاڻ بارش بند ڪر.
  • سدائين آسرن تي آ، گُذاري سڀ ڄَمار آهي.
  • وَرهين کانپوءِ ويچارو، کڻي اڄ ڪار آيو آ.
  • مُنهنجي هِڪ هِڪ لفظ جو، ڏي لالچي ليڊر جَواب.
  • سونَ جهڙي مُنهنجي سُهڻي، آ سُونهاري سنڌڙي.
  • مِٽَ ۽ مائٽَ مون ڇَڏيا، مُنهنجا مِٺا تُنهنجي ڪَري.
  • صبر تحمل، سچائي ۽، سکي ڪو سادگي مُونکان.
  • وِجهي ڀاڪر ڀَڄي هُن ڪئي، عدم موجودگي مونکان.
  • اسان جو ڏِس ته هي ڪهڙو، ٿيو ناقص نظام آهي.
  • خُود خُدا شايد رَسي ويو، آهي اڄ بغداد تي.
  • “عُمر هن ڪوٽ تُنهنجي ۾، گَهڙي هڪ ڪونَ گهاريندس”.
  •   ڀلي لوئي ٿئي ليڙون، ٽُٽل ٽُڪرا ٽُڳائينديس.
  •   عُمر ايڏي نه ڪر ڪاوڙ، دُکائي دل ڌنارن جي
  •   اُتر پاسي اَباڻن ڏي، ڇَمر ڇٽڪار ٿي هُوندي.
  •   “عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لَڳ تون ڌنارن جا”.
  •   وسارڻ سان نٿا وسرن، مونکي پاڙا پنوهارن جا.
  •   مِٺن ميون ۽ ماڙين تي، نه مارن کي مٽائينديس.
  •   تنهنجا وِنگڙا، وارَ وَٽيل، هوشَ هاري ٿا وِجهن،
  •   مرحبا آيو ڀلي، اڄ يومِ پاڪستان آ،
  • سُهڻي رونق وئي لڳي، اڄ مُلڪ پاڪستان جي.
  • ڪلام

  • بيوفا بي رحم سان، اڄ دل لڳايو ٿو وڃان،
  •   ڪَبُوتَر هي ڪاغذ، پرينءَ کي پُڄائي،
  •   ننڊ نيڻن جي ڦِٽي وَئي، يار تولئه دلرُبا،
  •   دل کَسي ڌاڙو هَڻي ويا، ديد ٻئي دلدارَ جا،
  •   ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، ٿيا ديس ۾ دُشمن گَهڻان،
  •   اُڪنڊ ۾، اَسان جي، آهي دل ديواني،
  •   صَنم سَتائڻ سندو تون ڪهڙو، سِتم ڪرين ٿو ذَري ذَري،
  •   ڪانگ پيو ڪان ڪان ڪري، سُهڻو سَڄڻ اڄ ٿو اَچي،
  •   حُسن جَوانيءَ مَٿي اي جاني، ڪَبو نه ايڏو غُرور آهي،
  •   پرينءَ پري کان، ڏسي پياري، مونسان ته مُرڪي مِلڻ ٿي چاهيو،
  •   ڪونَ ٿو وسرين، مَن تان مُور،
  •   وڃان شل مان وَطن واپس، ڏسان ڌَڻ ڪي ڌنارن جا،
  •   تپائي تات ٿي تَن ۾، عُمر مونکي اَباڻن جي،
  •   هنيو هيڏو ڀَلا هي ڇو؟ عُمر ڌاڙو ڌنارن جو،
  •   عمر ايڏا نه ڏي ڌڙڪا، ڌڻولين ۽ ڌنارن کي،
  •   عُمر مونکي اباڻن جي، اَندر ۾ آس ٿي آهي،
  •   عُمر ساھَ ٿو اڄ سنگهارن کي ساري،
  •   جَڏهن مارن مِلي مارئي، عُمر حيران ٿيو هُوندو،
  •   عشق اُلفت جو سَبق، سُهڻا سيکاريو تو مونکي،
  •   مرحبا محبوب آيو، مهلقا مهمانَ ٿي،
  •   اوهان جي عشق ۾ دل ٿي، رهي دلدارَ ديواني،
  • دوست دلبر دل کَسي آ، دُور گهارڻ نارَوا،
  •   دل چوي ٿي دوست دلبر، گڏ گُذاريون يارَ ٻئي،
  • ڏيھ ڏوري ايندو هُئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
  • نظم

  • التجا
  •   التجا
  • گُل گُلابي، گُلبدن، گُلشن سندي گُلزارَ جا،
  • آرزو آهي گهڻي ٿي، دوست جي ديدارَ جي،
  • دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
  • پهرين مونکي تو پيار ڏئي، پنهنجو پُڪاريو ٿي پرين،
  • آرزو ٿي خط لکڻ جي، ڇا لکان توکي صَنم،
  • نيمخوابي نيڻ تُنهنجا، خوب ٻيا تن ۾ خُمار،
  • ٿڌا ساھَ کڻندي، ڪندي آھَ زاري،
  • ڪريو گوڙ گُلشن ۾، تاڙو تنواري،
  • “جڏهن يار مُرڪي، نگاهون کڻي ٿو”،
  • تو پرين مونساڻ پهرين، ٿي ڪيو پل پل پيار،
  • گهڻائي سالَ ٿي ويا پَر، اُهائي رات ڪاري آ،
  • اُڏامي عرش تي اڄ ٿو، ڪيائين ڪالھ ٿي آزي،
  • قيامت تَڪ رَهي قائم، “سُونهاري” سنڌڙي مُنهنجي،
  • مِلن ٿا پاڻ ۾ اڄ، دلرُبا اي يومِ آزادي،
  • سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف،
  • انسان کي نصيحت
  •   ٺـــٽـــــو
  •   پاڪستان
  •  مارئي جي ساروڻي
  • مھ لقا محبوب جون ساروڻيون
  •   دلرُبا جو جَلوو
  •   ڪُوڙا سياسي ليڊر
  • جانِ جيءَ کان وَڌ پيارا، اڄ اوهان کي الوداع،
  •   ڀنڀور نامون
  • گبول قبيلي کي ڀيٽا
  •   سنڌ جي وحدت مٿي، ويري نه اهڙي وار ڪر،
  •   جڏهن کان مون جَنم وَرتو، مونسان غُربت گڏي آئي،
  •   مارئي جي ثي حرفي
  •   “سال جا ٻارنهن مهينا”
  •   2010ع واري ٻوڏ تي لکيل

  • حق ۽ واسطاليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ڪلامِ جمال
    صنف: شاعري
    شاعر: جمال مراد گبول
    ڇاپو پهريون: سال 2018ع
    تعداد: پنج سئو
    پروف ريڊنگ: تنوير جمال گبول ساڪرائي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: مور ساگر/ جهانزيب علي جوڻيجو
    ڇپيندڙ: ساحل پرنٽر اينڊ پبليشر حيدرآباد 03332634650
    مُلهه: 300/= روپيا

    Book Name: KALAM-e-JAMAL (Poetry)
    By: Jamal Murad Gabool
    Publishing Year: 2018
    Proofreading: Tanveer Jamal Gabool Sakrai
    Prize: Rs. 300/=

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    سنڌ جي سڀني بهترين شاعرن، اُنهن استادن جن مونکي پڙهڻ، لِکڻ سيکاري هن ڪتاب ڇپرائڻ جي قابل بنايو. فرمانبردار شاگردن، خيرخواه دوستن ۽ نيڪ فرزند تنوير جمال گبول کي منسوب ڪريان ٿو. جيڪو منهنجي آئيندي نسل جي سلسلي وڌائڻ جو واحد ذريعو آهي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”ڪلامِ جمال“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب جمال مراد گبول جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.

    ”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن.

    هي ڪتاب ساحل پرنٽرز ۽ پبلشرز حيدرآبادڙو پاران 2018ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مور ساگر جوڻيجي جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    تُنهنجي شانَ برابر شاھَ نه ڪو، تُنهنجي سُونَهن سندو مَٽ مانُ نه ڪو،
    تُنهنجي خيال کان خالي ساھَ نه ڪو، قربان هزارين مان نه رُڳو.
    اُن مالڪَ مهربانَ جا لکين ٿورا ۽ ڪروڙين ڪَرم آهن، جنهن مون جهڙي ناچيز، ادنيٰ انسان کي هن ڪتاب “ڪلامِ جمال” ڇپرائڻ جي توفيق عَطا فرمائي. هن کان اڳ منهنجا ٻه ڪتاب “پَلٽيا پُورَ پرين جا” ۽ “نياپو نينهَن جو” ڇپجي منظر عام تي اچي چُڪا آهن. جيڪي علم دوستن، گهڻ گُهرن، اهلِ ذوق حضرات، ساڃاهَ وندن، اديبن ۽ شاعرن ۾ مقبوليت ماڻي چُڪا آهن. اِنهيءَ حوصلا افزائيءَ جي ڪري، دل ۾ ويهي ويچار ڪيم ته ڇپيل مواد مان چونڊ ڪري، نئون مواد مِلائي، ان کي ڇپرائي منظر عام تي آڻڻ گُهرجي. مونکي اميد آهي ته هي منهنجو اَڀرو سَڀرو پورهيو، اوهان دل گهُرين دوستن کي پسند پَوندو.
    انتظاري، بيقراري، شرمساري، ناخوشي،
    عشق عاشق ساھَ سان، سانڍي رکن هي چار چيز.
    شاعري هڪ لطيف فن آهي، جيڪو هر انسان جي دل ۽ دماغ تي، وجداني ڪيفيت طاري ڪندو آهي. شاعري نه صرف جوانن ۽ ٻُڍن ماڻهن جو ڪم آهي، پر ٻارن جي دلين تي به جادُوءَ جو اَثر رکي ٿي. نثر جي بار بار پڙهڻ سان، انسان جي دل کٽي ٿي پوندي آهي. ان ڪري نظم کي جيترا دفعا پڙهبو، ان مان هر ڀيري نئون حظ ۽ لُطف ملندو آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته نظم ۾ ڪيل ڳالهيون، وڏن توڙي ٻارن جي دلين تي آسانيءَ سان نقش ٿي وينديون آهن. منهنجي هن ڪتاب ۾ حمد، نعتون، غزل، مثلث، مُخمس ۽ مسدس شامل آهن. جن ۾ حسن و عشق جي لوازمات، ڀرپور انداز ۾ موجزن آهن.
    زرخريد و يا ڪِ عاشق يا گدا، احسان مند،
    عجز ۽ آزي ڪري، يڪدم نمن هي چار چيز.
    جذبات، احساسات ۽ مشاهدات جو نمونو پڻ پيش ڪيو ويو آهي. عيش عشرت ۽ دنيا جون سڀ لذتون ترڪ ڪري، عمر جون جُدا جُدا موسمون ۽ انهن موسمن جون بَهارون، ڏينهَن جون عيدون ۽ راتين جون شبِ براتون، دل جو آرام ۽ من جون خوشيون ۽ طبيعت جا رنگ رُوپ ڇڏي، الله تعاليٰ جي ذڪر فڪر ۾ گذارڻ ۽ ان جي تعريف ڪرڻ کي نهايت نعمت سمجهان ٿو. هي منهنجا شعر جذبات جي ڀڙڪندڙ شعلن تي پچي راس ٿي، عالمِ وجود ۾ آيا آهن ۽ سندن سوز و گداز جي تاثير کي پُر سوز دليون ڪڏهن به وساري نٿيون سَگهن.
    توتان جان فِدا، ڪن شاھ گدا، ري ناڻي ٻانها ٻيل ٻڌا،
    ٿيا خادم تنهنجي خلق سندا، خاقان هزارين مان نه رڳو.
    جنهن ماڻهوءَ جي دل درد سان ڀريل نه آهي، سو بُلند درجي تي پهچي نٿو سگهي. اُهو درد ئي آهي، جيڪو انسان جي رڳ رڳ کي ساز جي تارن وانگر ڇيڙي، عشق ۽ مُحبّت جو نغمو بنائي ٿو. جنهن شاعر جي ڪلام ۾ انساني زندگيءَ جي عڪاسي ۽ ترجماني موجود نه آهي، ان کي شاعر چوڻ، خُود صنفِ شاعريءَ جي توهين آهي.
    مَٽ نه تنهن محبوب جا، مرجان، موتي ۽ مَڻيان،
    ”ڪوهنورن“ کان ڪثر، تنهن يار جون ڳالهيون ڪريون.
    زماني جي علحدگي، انقلاب ۽ ان جي لاڙهن چاڙهن ۾ اچي، هلندڙ رسم مطابق، مونکي به مجموعو لکڻو پيو، جنهن جا آشڪار الفاظ اوهان سڄڻن جي سامهون آهن. آئون پاڻ کي عظيم شعراءَ جي هام هَڻي، شامل ڪرڻ مُناسب نٿو سمجهان، پر ايترو ضرور چوندس ته شاعري منهنجي طبيعت ۾ رچيل آهي. شاعريءَ جي لاءِ جيڪا حساس دل گُهرجي، اهائي دل منهنجي سيني ۾ موجود آهي. دل جا جذبا، واقعن ۽ حادثن جو مشاهدو ڪري، وارداتِ قلب جو روپ اختيار ڪرڻ کانپوءِ، شاعريءَ جي موجن ۾ تبديل ٿي، محَو ۽ مست ٿين ٿا، انکي شاعري چئبو آهي. شاعر ڪهڙو نه سُهڻو خيال پيش ڪيو آهي.
    ماڪَ جا مِٺڙا موتي ميچُو، مصريءَ کي ڪن ماند مِٺا،
    چاھَ منجهان اڄ چونڊي ڀَريون، پيرن جا ڪي پاند مِٺا،
    پيار بِنا ڇو پاڻ وڃايون، وقت مڙيئي وِڻواند مِٺا،
    پنهنجي اکين ۾ پاڻ لِڪُون، ٻئي اهڙي رَهوُن ڪا راند مِٺا،
    ڳَلَ ڳَلَ لائي، ڀاڪَرَ پائي، هيڪندا ٿي پاڻ هَلئُون،
    پرت پَڪيءَ جا پيوند پائي، جُهولا جوڙي پاڻ جُهلئُون.
    مُقدس ۽ مذهبي ڪتابن جو وڏو حصو شاعريءَ تي ئي مُشتمل آهي. “انجيل”، “سام ويد” ۽ “گيتا” شاعري آهي. “سعدي”، “رومي”، “جامي”، “حافظ”، “فردوسي”، “ڀٽائي”، “احمد ملاح”، “سچل”، “سامي”، “فيض بخشاپوري”، “اقبال” ۽ “غالب” وغيره.
    ٻڌل ڪنهن ذات تي ناهي، طبيعت ڏات موليٰ جي،
    فڪر ناهي جي ”واصف“ ڪو، ٿيس پيدا لُوهارن ۾.
    شاعري هندي توڙي سنڌي هُجي، فارسي يا عربي هُجي، انگريزي يا بنگالي هُجي، پنجابي يا سرائڪي هُجي، شاعر ڪڏهن رقيب رُوء سياه جي آڙ ۾، ڪڏهن مذهبي تقدس جي آڙ ۾، ڪڏهن محبوب ۽ معشوق جي جفا شعار رَوش جي آڙ ۾، ڪڏهن باغبان ۽ صيّاد جي آڙ ۾، پنهنجي ذهني بغاوت کي ظاهر ڪيو آهي. شاعر جي ذهني ۽ فڪري بغاوت جي عنصر کي عشق چئبو آهي. “عشق هڪ آتش فَشان پهاڙ آهي”، جنهن جي صحبت ء۽ سِتم جي معيار کي شعر چئبو آهي.
    تنهنجون مونسان ڪيئن ٺهن ٿيون، هوڏ ۽ هستيون رُوپ ۽ رنگ،
    من جون مستيون، بالا دستيون، تيز طبع تون شوخ ۽ شنگ،
    آئون ته ازل کان تنهنجو آهيان، عاشق عابد مست مَلنگ،
    ميڻ بتيءَ جيئن پاڻ پَچين ٿو، پِرھ تَلڪ آئون تنهنجو پتنگ،
    پاڻ جَليو ٿو مونکي جلائين، جذبي ۾ ٿا پاڻ جَلئُون،
    پرت پَڪيءَ جا پيوند پائي، جُهولا جوڙي پاڻ جُهلئُون.
    منهنجو والد صاحب تمام غريب ماڻهو هو، تنهنڪري ننڍي هُوندي کان ئي، غربت واري زندگي گُذارڻ لڳس. پرائمري تعليم پُوري ڪري، هاءِ اسڪول ۾ داخلا وَرتم، جتان 1982ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيم.
    غربت جي ڪري اڳتي پڙهي نه سگهيس !! ڪجھ عرصو ايريگيشن کاتي ۾ به نوڪري ڪيم. 1984ع ۾ مونکي ماستريءَ جي نوڪري ملي. ان کان پوءِ نوڪريءَ دوران انٽر، بي اي ۽ بي ايڊ به ڪري وَرتم.
    جڏهن هو ساٿ قسمت جو، تڏهن ساٿي هزارين هُئا،
    مُقدّر جي بدلجڻ سان، زماني جي هَوا بَدلي.
    2016ع جو سال مونکي اهڙو ته ڏکيو لڳو، جو (55) سالن جي عمر ۾ مونکي نوڪريءَ تان، پنج سال اڳ ۾ ئي رٽائرڊ ٿيڻو پيو.
    آسرو جن تي رکيئي، “حامي” انهن تختا ڪڍيئي،
    سادگيءَ آخر انهيءَ، منزل تي پهچائي ڇڏيئي.
    رٽائرڊ ٿيڻ جو سبب هي هو ته، مين پرائمري اسڪول ميرپور ساڪري ۾ آئون سڀني ماسترن کان سينيئر هُئس. هيڊ ماستريءَ جو حق منهنجو هو. مون کي (33) سالن جي سروس ۾، ڪنهن به آفيسر نه غير حاضر ڪيو ۽ نه وري ڪڏهن پگهار بند ٿي. پنهنجي ڊيوٽي سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان سر انجام ڏنم.
    جلالِ بادشاهيءَ کان، بُلند آ حالِ درويشي،
    شهنشاهيءَ، فقيريءَ جي، ڪئي آ ناز بَرداري.
    (فيض بخشاپوري)
    اهي ماستر جيڪي هَميشه دير سان ايندا هُئا، يا وري موڪل جو فارم ڇڏي ويندا هُئا، ٻئي ڏينهن تي اچي فارم ڦاڙي صحيح ڪري ڇڏيندا هُئا. ڪي ماستر اهڙا به هُوندا هُئا جن جي حوالي ڪو به ڪلاس نه هُوندو هو، فقط امتحان واري ڏينهن اردو ڪلاسن ۾ پنهنجو نالو لکائي، رزلٽ شيٽ ۾ پاڻ کي ڳڻائي، نتيجو ڏيکاريندا هئا، ڪيترا ٻار پرائيوٽ اسڪولن مان آڻي، اُنهن جو امتحان ڪرائيندا هُئا، غير حاضر ٻار پاس ڪرائڻ ۽ ماسترن جون ڪوڙيون صحيحون ڪرڻ، سندن مشغلو هوندو هو.
    بقول شاعر جي؛
    مَتان سمجهين مَٿان ڪونهي، چَٻيو جيڪو ڦٻيو مونکي،
    بَديءَ جو بدترين بدلو، وٺڻ وارو خُدا آهي.
    انهن سَببن جي ڪري، حد جي سُپروائيزر، ماسترن ۽ ٻين مَٺ گهرن منهنجي اندروني طرح مخالفت ڪئي، ته جيڪڏهن مين پرائمري اسڪول جو هي هيڊ ماستر ٿي ويو، ته پوءِ اسان جي هڪ هَٽي ختم ٿي ويندي.
    نه درياءِ مُحبّت ۾، ڪئي تن صاف دل ڌوئي،
    ڦِرن ٿا بي وُضو، احرام ۾ ڪعبي جي چوڌاري.
    (فيض بخشاپوري)
    اِن ڪري پ ٽ الف وارن ضلعي جي صدر کان وٺي، تعلقي جي صدر تائين، پنهنجا نوازيءَ تحت، سندن پنهنجو پ ٽ الف جو خزانچي، اسڪول ۾ هيڊ ماستر مُقرر ڪرايو، جيڪو تمام جونيئر هو. اِنهيءَ ناانصافي ڪرڻ تي، مونکي تمام گهڻو ڏُک پُهتو !!!. بقول فيض بخشاپوري جي؛
    کافر نمازیوں نے، نبی کو کیا شہید،
    فرمانِ مصطفیٰ ہے، میری جان حسین ہے۔
    خير !مون خدا تي ڀَروسو رکي، پنج سال اڳ ۾ ئي، رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي ۽ هي شعر دُهرائيندو رهيس !!!
    ڏِٺاسون عابد و زاهد، سڀيئي زَر پرست آهن،
    اسان مستن جي محفل ۾، نه لائق آهن پائيءَ جا.
    (مير عبدالحسين سانگي)
    منهنجي پڙهندڙن کي، تخليقات ۾ سادگيءَ جي سُڳند ضَرور ملندي، سرزمينِ سنڌ ۽ اهلِ زمين وارن سان ٿيندڙ زيادتين جي خلاف، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ ضرور نظر ايندي. بقول شاعر جي
    فَنا هر چيز ٿي ويندي، بَقا ڪنهن چيز کي ڪونهي،
    مگر دائم، فقط قائم، رهڻ وارو خُدا آهي.
    ان کانسواءِ توحيد ۽ توڪل جي روشن جَهلڪ ۽ سرورِ ڪائنات جن سان والهانه مُحبّت ۽ غلامانه عقيدت جو اِظهار، ڀرپور انداز ۾ ڏسڻ ۾ ايندو. جنهن کي آئون پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي نجات جو واحد ذريعو ۽ وسيلو سمجهان ٿو. بقول شاعر جي
    تنهنجا مائل ميڪائيل جهڙا، ڪئين عاشق اسرافيل جهڙا،
    تنهنجي در تي جبرائيل جهڙا، دربان هزارين مان نه رُڳو.
    منهنجي شاعري علمِ عُروض، بندشِ مضمون ۽ فنِّ لطيفه جي معيار تي ڪيتري قدر پُوري آهي. انهيءَ جو فيصلو اوهان سڄڻن جي سامهون آهي.
    ٿورائتو آهيان ڊاڪٽر اسد جمال پلي جو جنھن پنھنجا مفيد رايا ڏيئي منھنجي رهنمائي ڪئي ۽ هن ڪتاب جو مھاڳ لکيو.

    بنده ناچيز
    جمال مراد گبول
    ميرپور ساڪرو
    0316-1324600


    جمال گبول


    ج جيڪي شاعر آهي لِکيو، تنهن ۾ نالي کي نِهار،
    م ميرپور هن ساڪري تي، شل سدائين ٿئي سُڪار،
    ا انتظاري سڀ لهي، گُلزار بنجي لاله زار،
    ل لات لاکيڻي ٿئي، عالم سڄي ۾ آشِڪار،
    گ گُل ٽڙن گُلزار ۾، صبح و مَسا شل ٿئي بَهار،
    ب بَس بهاري جا ته بادل، اڄ کڻي ڏاتر ڏيکار،
    و وقت سارو خوش گذارين، منهنجي ساڻيھ جا سنگهار،
    ل لطف سان ڪر پنهنجو لائق، پاڪ تون پروردگار.

    نوٽ: هن شعر جي هر هڪ سٽ جو پهريون اکر کڻبو ته ”جمال گبول“ لکجي ويندو. (صنفِ توشيع)
    ****


    هُئا جي سالن کان سڪايل، ”بي ثمر“ غم ۾ غريب،
    ٿي امڙ اڄ ان جي راضي، آهي بابو خوش نصيب،
    هي “ثمر باغِ دهر جو” ٿيو عطا تن کي عجيب،
    1961ع
    شال خوشين ۾ گُذاري، جانِ من جاني ”جمال“
    آ دعا “اسلم” سندي، ڏيندي دنيا تنهنجا مِثالَ.


    شاعر جمال مراد گبول جو يومِ ولادت انگن ۾
    عبدالله خان گبول عرف “اسلم” ساڪرائي پاران لکيل


    “قطع تاريخ”

    عيسوي سن جو جَڏهن، مون هو پُڇو ”هاتُف“ ڪنا،
    تان اُتان آواز آيو، غيب پاران جا بَجا،
    “تذڪرو محبوب تنهنجو آهي” هي جڳ ۾ ”جمالَ“
    1914+74+30=2018 74 لام جي ڪر لفظ سان، سالِ وِلادت مرحَبا.
    30

    ڪتاب ڪلامِ جمال جي ڇپرائڻ جو سال انگن ۾.
    ****


    طُفل هي دُنيا ۾ ٿيندو، “شاعرِ خُوش آفتاب”
    1961
    هڪ سئو ارڙهن يــــاد ڀــي، يومِ ولادت مرحَبا.
    118 (جمع) 15 12
    1961-12-15

    شاعر جمال مراد گبول جو يومِ ولادت انگن ۾ (لهر ڪيٽوي)


    مهاڳ : جمال يار جون ڳالهيون

    ”جمال“ جي معنيٰ ئي آهي سونهن. سونهن تَريءَ هيٺيان لڪائي سگهبي ئي ناهي، ڇاڪاڻ ته اُها ”سِج“ آهي جنهن جو ذرو جڏهن ”چَنڊ“ جي منهن تي پوي ٿو ته انهيءَ سان به پيو سڄڻن کي ڀيٽجي، جيڪي سدائين سوجهرو آهن. هاڻي جنهن کي ”جمال“ جي تخلص جي چاليهئين پتي به نصيب ٿئي اهو ڪهڙي مقام تي هوندو، اها ڳالهه سمجهڻ مشڪل نه آهي. اهو انهيءَ ڪري نه ته منهنجو به ساڳي تخلص آهي. پر اِهو انهيءَ ڪري ته منهنجي شناسائي به انهيءَ سونهن سان آهي جنهن کي ادبي دنيا ۾ ”جمال مراد“ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. منهنجي ساڻس پهرين ملاقات جشنِ معمور جي مشاعري ۾ ٿي جڏهن پاڻ پنهنجي وڏائي ڏيکاري سمنڊ جي ڇولين (ميرپور ساڪرو) مان نڪري اچي ڍولو مارل (لطيف ننگر) جي پَٽن تي پهتو. اها سندس وڏائي به هئي ته قرب به هئو. ان کانپوءِ اڄ تائين وِيلَ نه وسرندڙ هن سونهن جي پَرتَوي جي علم ۽ فن مان آئون مسلسل فيضياب آهيان. مون سندس ڪچهرين ۽ شاعري مان جيڪي پِرايو آهي انهيءَ موجب ”جمال“ صاحب رِوايتن جو امين شاعر آهي، پختو سُخنور آهي، فني لحاظ کان استاد شاعر آهي. دؤر جديد ۾ جيڪي شاعر پنهنجين فني صلاحيتن سان معتبر مقام حاصل ڪري چُڪا آهن، انهن مان هڪ معتبر شاعر آهي. مضبوط ايمان ۽ صالح عقيدي سان هو سماجي براين کان ”باغي“ شاعر آهي. بي ربط سماجي نظم ۽ معاشري جي اڍنگي چال خلاف هو سخت مزاحمتي شاعر آهي. اخلاقيات جو مجسم، انسانيت جو علمبردار ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان محبت ڪندڙ هِن شاعر وٽ اعليٰ انساني قدرن جا جهجها جهول ڀريل آهن. سندس ڪلام ۾ اهو سڀڪجهه ملي ٿو جيڪو سماج جي هڪ صالح ڪردار جي ڪردارسازي لاءِ ضروري آهي. پنهنجي ڪلام ۾ هو ٻنهي جهانن جي خلقڻهار جي حمد هيئن ٿو بيان ڪري ته.
    تنهنجو در داتا ڇڏي، ٻيو ڪنهن جو در مان ڳوليان،
    تو سِوا مالڪ مِٺا، مان عرض هي ڪنهن کي ڪيان.

    ظاهري ڪر ڪا ضيائي، ۽ جهجهو روشن ’جمال‘،
    ڪر اميدون منهنجون پوريون، سڻ تون سائين سڀ سوال،
    تون ئي ڪل تي آهين قادر، رحم توکان ٿو گهران.
    مالڪِ دوجهان جي مِهر سان رحمت العالمين آيو جنهن جي اچڻ سان نه صرف ٻئي جهان روشن ٿيا بلڪه سک، امن ۽ آسودگي جا ڄڻ ڪڪر وسي پيا. بي سهارن، اڀرن، يتيمن ۽ اڙيالن جو واهرو آيو. شاعر وٽ دليل آهي ته:
    مهر ڪئي مالڪ مٿس، ٻئي جڳ مليا جنهن کي ’جمال‘
    سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    زنده دفن ڪيئون ٿي، نازڪ نياڻيون جڏهن،
    ان دؤر ۾ ته دلبر، ڏيندڙ ڄمار آيو.
    ساڳي موضوع جي شاعرانه رِوايتن کي اڳتي هن طرح ٿو نباهي ته:
    چارئي تنهنجا چڱا، جن جان ڪئي توتان فدا،
    تون خدا جو آهين نائب، جان مِن اي جاودان!
    شاعرانه اسلوب ۾ هي حقيقتون دلڪش به آهن، ته ساڳي وقت عقائد جي نشاندهي سان گڏ ايمان افروز پڻ آهن. نعتيه مضمون ۾ شاعرانه دلڪشي جو هڪ سهڻو مثال هن شعر ۾ به آهي ته:
    جهومڻ لڳا جهنگ ۽ جبل، بر پٽ بهاري ٿي وئي،
    ڪونجون، ڪبڪ، قمري، ڪوئل چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

    اسلامي تاريخ جو وسيع مطالعو رکندڙ هيءَ شاعر قديم روايتن جو امين آهي يا جديديت جو جهنڊو بُلند ٿو ڪري اهو فيصلو ته شاعري جا نقاد ئي ڪندا منهنجي ڄاڻ صرف ايتري آهي ته جيڪو شاعر رِوايتي شاعري ڪري ٿو اهو ئي دورِ جديد سان هم آهنگ ٿي سگهندو. جيڪو اُڏام کٽولي کان آگاهه هوندو اهو ئي جهاز کان آگاهه ٿيندو. جديد سائنس انهن ئي ”ٿيوريز“ (Theories) کان شروع ٿي آهي. جيڪو شاعر علم عروض کان آگاهه هوندو اهو ئي شعر جي بحرن ۽ وزنن ۾ تجربا ڪري سگهندو. اها فني جدت آهي، جيڪو تاريخ کان واقف هوندو اهو نون نتيجن جي ڳالهه ڪندو. جيڪو عقيدن کان آگاهه هوندو اهو ئي انهن سان اتفاق يا مخالفت ڪندو. جنهن کي حُسينيت جي خبر ئي نه هوندي اهو يزيديت کي ڇا ننِديندو. انهن کي ڪربلا جي ڪرب جي ڇا خبر ۽ ڪوفين جي طاقت کي سائين جمال صاحب وانگيان ڪيئن سمجهندو ته، ڪوفي ته آهن ئي ڪمزور، اصل طاقت ته ربّ جي رضا آهي جنهن کي ڪربلا ۾ امام عالي مقام قبول ڪيو ته:
    سؤ دفعا هو سج کان وڌ، تن جو جوهر ۽ ’جمال‘،
    ڪوفين کي ڪهڙي طاقت، اصل هي هو امتحان.

    ڪربلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان،
    دشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪيو ڪُل ڪاروان.
    اڳتي ڏسو شاعر پنهنجي درد آشنائي تي ڪيترو نازان آهي ته:
    ڪُل قصيدا ڪيترا، آيا لکي شاعر اديب،
    هي شهيدي شان تي، سارو ترانو دنگ آ.
    سنڌ جو اهو ڪهڙو شاعر هوندو جنهن کي لطيفي رنگ جو آشريواد نه مليو هوندو.
    سنڌ جو هيرو سچو سرڪار، آ عبداللطيف،
    روشني جو چمڪندڙ مينار آ، عبداللطيف.

    لاڙ جو هيءَ سهڻو سخنور لطيف کانپوءِ ملاح جي رنگ جي چادر به اوڍي ٿو ته:
    ڏيهه ڏوري ايندو هئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
    يار ڪهڙا حال ٿئي، بس ايئن کيڪارڻ کان به وئين.
    مزاحمتي شاعري جا هيٺيان مثال پڙهو ۽ پوءِ ڏسو ته اسانجو هي سُجاڳ شاعر ڪهڙن ڪهڙن قلمي محاذن تي جنگ جوٽيو بيٺو آهي.
    ڪو عدل انصاف ناهي ملڪ منهنجي ۾ ’جمال‘،
    قوم جي ڄَڻ هي ڪهڻ جو، ڪارخانو ٿي ويو.

    ڪِٿ بلوچن جي مٿان، ٿا بم وسائين بي گناهه،
    مدرسو باجوڙ جو، ناحق نشانو ٿي ويو.
    ***
    سنڌ صوبو رهندو هڪڙو، جيسين آهي جڳ ’جمال‘،
    رهجي ويندا هِتِ اڌورا، تنهنجا کوٽا سڀ خيال.

    توسان گڏ آهن اسانجا، توکي ڪهڙي آ مجال،
    تنهن ڪري پيو تون ٻڌائين قوم ساريءَ کي قوال.
    ***
    ڪراچي سنڌ جي دل آ، امن جو شهر چئبو هئو،
    انهيءَ ئي شهر ۾ اڄڪلهه، لهن ٿا سِرَ هزارن جا.
    ***
    ’جمال‘ آخر عمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
    سدائين يار ڪرسيءَ تي، وڏيرن کي نه رهڻو آ.
    ***
    جوئا چوريءَ ۽ گهٽڪي تي، ٿيو ڪو ضابطو ناهي،
    کپي ٿو ظالمن کي زر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
    ***
    هتي پيا ماستر صاحب، مزا ماڻين ميڊيا جا،
    ڪي اخبارن جا ايڊيٽر، اسانجي ساڪري هِن ۾.
    هِنن اَٺن منتخب ڪيل شعرن ۾ ڪهڙي حقيقت آهي جيڪا ”سَچ“ سان ٽمٽار ناهي. ڪهڙو ٻول آهي جنهن جو اثر تير ۽ تفنگ کان گهٽ آهي. سنڌ جي تقسيم تي مزاحمت ڪندڙ هيءَ سُڄاڻ شاعر جيڪو ساڪري جي سماجي حالتن تي به آواز اُٿاري ٿو ته، ڪراچي ۾ تسلسل سان ٿيندڙ ڪوس تي به اشڪ هاري ٿو. باجوڙ جي ڏک ۾ به ڏکارو آهي ته بلوچن سان ٿيندڙ ناانصافين تي به نالان آهي. جتي به انسانيت کي چيڀاٽجي ٿو ته هِيءُ باهمت شاعر ڳالهائي ٿو ۽ همت سان حق ۽ سچ جو آواز بُلند ڪري ٿو. هو پُر اميد آهي ته سدائين ظالم کي ڪرسي نصيب نه هوندي، سدائين انسانيت جا فيصلا درندا نه ڪندا. ظلم ۽ استبداد جي ماحول ۾ ايڏيون حوصلي واريون ڳالهيون صرف ’شاعر‘ ئي ڪري سگهي ٿو. ٻاٽ اونداهي ۾ لاٽ صرف شاعر جي اک ئي ڏسي سگهي ٿي. اِها اک اسانجي جمال مراد صاحب کي الله پاڪ نصيب ڪئي آهي ۽ پنهنجي سڄي عمر هِن انهي حق ۽ صداقت جي گس تان ٿيڙ ناهي کاڌو، جنهن جي شاهدي طور سندس سڀ شاعري موجود آهي.
    تاريخ جو گهرو مطالعو ڪندڙ هيءَ شخص پنهنجي سماج ۾ ڳائجندڙ لوڪ داستانن کي به اشارن ۽ ڪناين ۾ استعمال ڪري لوڪ کي پنهنجائپ جو احساس ڏياري ٿو ۽ خاص طرح ’برووي‘ جو ذڪر جيڪو اسانجي تمام گهٽ شاعرن ڪيو آهي. جمال صاحب اتي پهچي پنهنجي لوڪ داستانوي مطالع جو ڏس ڏئي ٿو جيڪو سندس شاعرانه ذوق جو به مظهر آهي. بروي ۽ مجنون جو ڳالهيون راءِ ڏياچ تائين هنن شعرن ۾ پڙهو.
    ماس بروي هو ڏنو، ۽ سِر وڍي راءِ ڏياچ،
    ڪئين پچن، کامن، پتنگ ٿا، نينهن ۾ نازڪ نواب.
    ***
    محب هو مُرڪي چيو، هِت بيهه اچان ٿو مان مِٺا،
    بنڊ ٿي مان بيهه رهيس، محبوب جي ان موٽ تي.
    مشاعرن ۾ جڏهن ’هوٽنگ‘ ڪو استاد شاعري ڪري ٿو ته اُها اصلاح جي شڪل وٺي ٿي پر جڏهن ڪو اڻڄاڻ ويٺو ڄاڻن تي چٿرون ڪري ته اُها ’هوٽنگ‘ اصلاح جي بدران ’جهالت‘ چئبي. جمال صاحب انهيءَ هوٽنگ ڪرڻ واري کي هيئن ٿو تنبيهه ڪري ته:
    ڪونه هئي ڪنهن کي خبر، هردم هلي ٿي هِت هوٽنگ،
    چئه ڀلا هليا وڃون، يا بند هي گفتار ڪر.
    ڪنهن شاعر جي استادانه صلاحيتن جو هڪ امتحان ’طرح‘ تي شعر لکڻ به آهي. محترم ’معمور يوسفاڻي‘ صاحب جي ٻن طرحي مصرعن تي جمال صاحب جا غزل لاجواب آهن. اچو ته ٻن طرحي غزلن جا ٻه بند پڙهي لطف اندزو ٿيون:
    ڏينهن، هفتا ۽ مهينا، سال صديون ويا مَٽي،
    همنشينو وقت جي رفتار جون ڳالهيون ڪريون.
    ***
    تنهنجو مرڪڻ ۽ ملڻ، ٻيو خوب خوش ٿي خود کلڻ،
    ساري دنيا کان سڄڻ، دستور تنهنجا ٻي طرح.
    طرحي غزلن کان علاوه به غزل جي شاعر وٽ رومانس جي پچار جهجهيري هجي ٿي، جيڪا ئي غزل جو روح آهي. جمال صاحب به انهي پچار کان واندو ڪونهي.
    ٿو ڪرين حملن تي حملا، فوج پنبڻين جي وٺي،
    تنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نيشان ٿيا.
    حقائق نگاري جو اظهار به شاعرانه جرئت جو ئي جوهر آهي. جمال صاحب انهيءَ انگ ۾ به يڪتا آهي ته:
    وئي عمر اڌڙوٽ گذري، ناهي پيري ڪا پري،
    آجيان ڪئي مون اڇن جي، وار ڪارن منهن مَٽيو!
    اها ڳالهه صحيح آهي ته جمال صاحب فن سُخن جي سڀني صنفن تي دسترس رکي ٿو. سندس غزل به سُهڻا ته نظم به شاندار، جن مان لاڙ جي مِٽي جي مخصوص هٻڪار اچي ٿي، پر منهنجي ذاتي راءِ اِها آهي ته هو ’ڪافيون‘ جهجهيون لِکي، سندس ڪافين ۾ جيڪو مٺاس آهي، لات آهي ۽ فني پختگي آهي، اُها شاعر جو فني سفر ۾ اعليٰ مقام ٺاهي ٿي. سندس ڪلام ۾ رواني به واهه جي آهي. ڪافي جو بند پڙهو ۽ پوءِ منهنجي دعويٰ تي فيصلو ڏيو.
    اوهان جي اڪنڊ ٿي تري روز تن ۾،
    اصلئون اوهانجي محبت آ من ۾،
    اچو يا اماڻيو، نياپو، نيشاني،
    اسانجي هِن دلبر دوست جي سخن جي سفر جي خوبين ۽ صلاحيتن جي ڪٿ اڃان ٿي ئي ڪونهي، جڏهن سنڌي ادب ۽ شاعري جا نقاد سندس ڪلام جي زرخيزي ۽ ڪارج جي ڪٿ ڪندا تڏهن ئي سندس علمي ۽ شاعرانه حيثيت جي پروڙ پوندي.
    ٻوليءَ جي خوبين، صنعتن، فني ڪاريگرين، پهاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ڪناين جي خزاني سان مالال هن سخنور جي سخنوري تي ڪو استاد شاعر ئي قلم کڻي سگهي ٿو. اسين ته سندس سحر انگيز شخصيت جي سحر ۾ ئي گهيريل آهيون. عمر دراز جا دعاڳو ۽ سندس اولاد جي ڀاڳن جا خواهشمند آهيون. جيترو جمال صاحب زندگيءَ جي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ باهمت آهي، جيترو شاعرانه خيال جي اظهار ۾ حوصلهء مند آهي، اوترو ئي دوستيءَ جي ناتن نڀائڻ ۾ سچو ۽ جرئتمند آهي. دوستن ڏانهن پير ڀري وڃڻ ۾ کيس سياري، اونهاري جون تبديليون روڪين ئي ڪونه، آئون ذاتي طور سندس قرب جا قدم ڀري اچڻ جو سدائين مقروض رهيو آهيان، آئون وٽس پڄان نه پڄان، سندس اچڻ جو سدائين آسروند آهيان ۽ پاڻ اهي ڀال ڀلائي سگهندو به آهي. سندس هِن شعر سان ڳالهه کي مڪمل ڪبو ته:
    حُسن تنهنجي جا هزارين، معتقد آهن مريد،
    مون جهڙا مِسڪين ٿيا، مزدور تنهنجا ٻي طرح.

    ڊاڪٽر اسد جمال پلي
    لطيف ننگر- عمرڪوٽ
    0345-3455058


    حمد، نعت ۽ قصيدہ

    الف آ الله، اوّل، احد، آخر ۽ عَظيم

    الف آ الله، اوّل، احد، آخر ۽ عَظيم،
    بي بَصير، باطن ۽ باعث، باقي، بَرّ باسط، عَليم.

    تي تَڪبّرُ ٿو جڳائي، هڪ ئي هاديءَ، کي هَميشه،
    ثي سدا ثابت ۽ سالم، سُونهن آ جنهنجي سَليم.

    جيم جامع آهي، جيڪو، جَڳّ پُوري جو جَميل،
    حي حُڪم تنهنجو هَلي ٿو، سوئي حافظ آ حَڪيم.

    خي خُدا خُود آهي خالق، خاص خَلقيندڙ خَبير،
    دال دائم رهندو عُقبيٰ ۽ دُنيا ۾ سو حَليم.

    ذال ظاهر آهي زاڪي، زور وارو ذوالجَلال،
    ري رقيب، رَب رَحيم، رئُوف، رافِع ۽ آ رازق رَحيم.

    مَن مُرادون ٿو پُڄائي، مُنهنجو مالڪ مهرِبان،
    سين آ سڀني جو سائين، شين شافي آ شميم.

    صاد صَبُور و صمّد، صادق ثَنا جو آ ڌَڻي،
    ضاد آهي ظاهري ۽ ڪُلّ تي قادر ڪَريم.

    طوئي طاهر، ظوئي ظاهر، غين غم لاهي غَني،
    قاف قائم آ قوي، ڪبّير، ڪاتب ۽ قديم.

    ميم مالڪ مومنن جو، مُتڪبّر، مُعظم، مُجيب،
    مُقتدَر آ مُبدي، محصي، مُنتقم، مُقدم، مُقيم.

    نُونِ نافع، والي، واحد، جنهن جو قائم آ ”جمال“
    آ وَلي، وَڪيل، واسِعِ، ڪاظم و ڪامل، ڪَليم.


    تنهنجو دَر داتا ڇَڏي، ٻيو ڪنهن جو دَر مان ڳوليان،

    تنهنجو دَر داتا ڇَڏي، ٻيو ڪنهن جو دَر مان ڳوليان،
    تو سوا مالڪ مِٺا، مان عرض هي ڪنهن کي ڪَيان.

    تُون وڏو رحمان آهين، تُون ئي دلين جو ڌَڻي،
    ڪر بُرايون بخش منهنجون، خالقِ اڪبر کڻي،
    حڪم تنهنجي سان هَلي ٿو، هي سمورو جڳ جَهان.

    تو ڪِني قَطري منجهان، ڇا ڇا نه آ پيدا ڪَيو،
    سُونَهن تو سهڻي ڏئي، ڪِن کي ڪيو روشن ڏيئو،
    سُهڻي صُورت جي مَٿي، ٿا رِشڪ کائن ڪهڪَشان.

    هر بَشر جو آهي بَس، تو آسرو الله ۾،
    شاھ رڳ کان ڀي تون اوڏو ۽ سمايل ساھَ ۾،
    تنهنجي رحمت، تنهنجي نعمت جو ڪريان ڪهڙو بَيان.

    ظاهري ڪرڪا ضِيائي ۽ جَجهو روشن “جمال”،
    ڪر اُميدون مَنهنجون پُوريون، سُڻ تون سائين سڀ سَوال،
    تُون ئي سڀ تي آهين قادر، رحم توکان ٿو گُهران.


    دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،

    دلربا درشن ڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو،
    نُور جو جَلوو پَسايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    شمع جي ٿي سوجهري سان، شام جون ماڙيون ڏٺيون،
    محب مس هو مُسڪرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    جنهن جي آمد سان سڀيئي، بُت ڀُري ڀورا ٿيا،
    ويرين کي غم وَرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    زير ظالمَ ٿي ويا، سَڪرات سڀني کي لڳي،
    جابرن کي جنهن جُهڪايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    ڪيتريون بَدعادتون ۽ بند بُرائيءَ کي ڪَيو،
    ٿي ڀَلو تن تنهن کي ڀانيو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    جنهن اَشاري ساڻ آڱر، جي وِڌو چيري قَمر،
    ”بُوجهل“ بيوس بَنايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    شانَ ”احمد“ جي اڳيان، هر ڪنهن جي هستي وئي هَلي،
    مُصطفيٰ تن کي مَڃايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    دُشمنن جي لاءِ دوزخ، ٿي دنيا ويئي سڄي،
    جوش ۾ جن جيءَ جَلايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    جنهن تي ٿيو ”قُرآن“ نازل، ”ٽيھ روزا ۽ نَماز“،
    قُرب مان ڪلمون پڙهايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    خُود خدا جنهن کي پَسائي، قُدرتي ڪاريگري،
    عربي عرشن تي گهرايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    ميزبان سان گڏ ٿي ”مَلڪنَ“، آجيان ”احمد“ جي ڪئي،
    ”مرحَبا محبوب آيو، جڳ سڄو روشن ٿيو“.

    رهنما راڻي سان رب سڀ، رازَ جون ڳالهيون ڪري،
    باغ جنّت جو گُهمايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    ”لااِلٰهَ“ جي لات سان، مُوذي منافق ويا مَري،
    ٿي سڀن جو ويو صفايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.

    ٻئي جَهان جنهن کي مليا، ٿي مِهرَ مالڪ جي ”جمال“
    سڀني سيني سان لڳايو، جڳ سڄو روشن ٿيو.


    ”ياسين طٰـھٰ مُصطفيٰ جي آ ثنا قُرآن ۾“

    ”ياسين طٰـھٰ مُصطفيٰ جي آ ثنا قُرآن ۾“
    وَالّيلَ ۽ ڏِس هَل اَتيٰ، تعريف آ فُرقان ۾.

    جنهن جي چهري جا قَسم، خُود خاص خالق ٿو کَڻي،
    واکاڻ ڪيئن ويهي ڪريان، شمسِ الضُّحيٰ جي شان ۾.

    نُوري مَلڪ جنهن کي نَمن، صدرالعُليٰ سُهڻو سَچو،
    سرور سراپا سُونهَن وَر، جنهن جو نه مَٽ آ مانَ ۾.

    حُورن ڳچيءَ ۾ هار پائي، عيد آمد تي ڪَئي،
    محبُوب آيو مرحَبا، اعلان ٿيو ايوانَ ۾.

    عرشن ڪَنا فرشن مَٿي، آيو لَهي نُورالهُديٰ،
    ساري خدائي خُوش ٿي پئي، مُرسل مٺي مهمانَ ۾.

    جبرئيل لوڏي لوڏ پيو، ڪهفِ الوَريٰ جي قُرب مان،
    صدقي وڃان سُهڻو پيو، روزا رکي رمضانَ ۾.

    ڪنگي ڏِنل، سُرمون وِڌل، خَتنو ٿيل، ناڙو وَڍيل،
    ڪهڙي ڪمي آهي رَهيل، سينگار جي سامانَ ۾.

    چوڏس چَمن چَمڪار ٿي، مُلڪن اندر مَهڪار ٿي،
    آيو نبي نِروار ٿي، چانڊاڻ ٿي چوغانَ ۾.

    لات و عُزيٰ لرزي ويا، ڪُل ڪوٽَ ڪِسريٰ جا ڪِريا،
    پلپل پريشان ٿي پيا، عرب و عَجم ايرانَ ۾.

    ويا درد لحظي ۾ لَهي، اکيون ٺريون ٻهڳڻ ٻَئي،
    قِسمت سُٺي قادر ڪَئي، هرڪو پيو حيرانَ ۾.

    آهي ”جمالَ“ ۽ جڳ سندو، هڪ آسِرو الله تي،
    رحمت سندو آ ڀروسو، ربّ العُليٰ رحمانَ ۾.


    نِرمل نَبي نِشانبر، نِت نامِدار آيو،

    نِرمل نَبي نِشانبر، نِت نامِدار آيو،
    رَحمت سڄي جَهان لئه، ٿي بي شمار آيو.

    وَڻ ٽِڻ وَليون ڦُٽي پيا، مُوسم خِزان ٿي پُوري،
    “ڀاڳن ڀَرئي اچڻ سان، ڀُونءَ تي بَهار آيو”.

    چانڊاڻ چمڪي چوڏس، اونده عَرب منجهان وَئي،
    شمس و قمر کان وَڌسو، نَغزو نِکار آيو.

    زَنده دَفن ڪيئون ٿي، نازڪ نِياڻيون جنهن دَم،
    اُن دَور ۾ ته دلبر، ڏيندڙ ڄمار آيو.

    نِوڙي نَمي ڪيو تنهن، سُهڻي ڄَمڻ سان سَجدو،
    آدم ڪَنا وَٺي ڪو، اهڙو نه ٻار آيو.

    “عيسيٰ، موسيٰ” به هڙ هُئا، دائود دلرُبا پڻ،
    “احمد” سَڀن کان اڳرو، نُوري نِبار آيو.

    تحمل صَبر جو سائين، بُغض و حَسد کان آجو،
    نفرت ڪڍڻ دِلين مان، پيَور پيار آيو.

    تبليغ حَقّ جي سان، ڏهڪائي ڏاڍ ڇَڏيئين،
    هر ڪنهن چيو ٿي منهنجو، دلبر ديدار آيو.

    جادوگِريءَ جو جنهن دَم، چرچو چوڌار ٿي ويو،
    اُن دم اسان جو آقا، طلسم اوتار آيو.

    “زڪوات”، “حَجّ”، “روزي”، نعمت “نماز” جي سان،
    قُرآن جي تلاوت، “ڪلمي” پَچار آيو.

    خُوشبو پَکيڙي ساري، وَڻ ٽِڻ ڇَڏيائين واسي،
    مُشڪ و عنبر، کٿوري، اوتڻ عَطار آيو.

    “سج”، “چنڊ” شمعَ روشن، مصحف چَراغ “ڪعبو”،
    ماکيءَ جو ڄڻ ڪو “درياءَ”، لذّت جي لارَ آيو.

    جلوو “جمال” جاني، جوهر اَچي ويو جنهن دَم،
    بجلي بَلب کان بَهتر، چمڪو چوڌار آيو.


    “سرڪار آقا جي اَچڻ سان، هَر طرف هُٻڪار ٿي”.

    “سرڪار آقا جي اَچڻ سان، هَر طرف هُٻڪار ٿي”.
    سُرهاڻ سان سارو عَرب، پيو خُوب خُوشبودار ٿي.

    صَلواة پئي پٿّرن پڙهي، پلپل پرينءَ تي پيار مان،
    حُورَن هُيون ڇيرون ٻَڌيون، آيون نچڻ نِروار ٿي.

    جُهومڻ لڳا جهنگ ۽ جَبل، بَرپٽ بَهاري ٿي وَئي،
    ڪُونجون، ڪبڪ، قُمري، ڪوئل، چيهن جي پڻ چينگار ٿي.

    “توريت” ۽ “انجيل” ۾، آهي ٿيل ظاهر ذڪر،
    آخر زمان “قُرآن” سان، ايندو اجهو اظهار ٿي.

    جنهن هڪ دفعو درشن ڪَيو، سو قُرب ۾ ٿي قيد ويو،
    زهره، بَدر ۽ آرسي، آيو عجب اِسرار ٿي.

    افضل اُتم سڀ ئي عمل، صَلواة سان سيکاريا،
    “زڪوات”، “روزي”، “حَجّ” ۽ “توحيد” جي تنوار ٿي.

    حُورن چيو لَک لَک مُبارڪ، “آمنه” “احمد” اَمڙ،
    کيروُن مِليون، خُوشيون ٿيون، پيو جڳ سڄو گلزار ٿي.

    مصحف ڏيئو، ڪعبو چَمن، آئينو لوح محفُوظ مُنهن،
    محبوب آيو مَرحبا، مُلڪن اَندر مهڪار ٿي.

    پيغام ڏَئي، ربُّ العُليٰ، عرشن تي عربي ڪوٺيو،
    اچ لامَڪان تي تُون مِٺا، رَف رَف مَٿي هَسوار ٿي.

    مهمانَ کي هينئن ميزبان، خُوش ٿي کِلي کيڪاريو،
    جاني جُتيءَ سان اَچ هَليو، ڇو دير دلبر يارَ ٿي.

    ٿيو نياز نِوڙت ساڻ نِرمل، هم ڪلامي هوتَ سان،
    مالڪ ڏِنا تنهن ٻئي جَهان، ويا واھَ جا اِقرارَ ٿي.

    ڪاراٽِ ويئي ڪُفر جي، بُتَ ڀُور ڀوران ٿي پيا،
    ذرڙا زمين تي جي ڪِريا، سي ويا سڙي ڦُلهيار ٿي.

    ساريءَ دُنيا جي سُونَهن کان، هُن جو “جمال” ۽ حُسن وَڌ،
    سڀ هيچ حاڪم جي اڳيان، هر ڪنهن جي وَئي بس هار ٿي.

    اَلسّلام اي ميرِ مجلس، مانَ وارا مهربان.
    اَلسّلام اي خُوب خُوشتر، خُوب خالص خاندان.

    اَلسّلام اي نيڪ سيرت، نيڪ صُورت سُخندان،
    اَلسّلام اي علمِ گوهر، شانَ وارا عاليشان.

    اَلسّلام اي ڪامياب و قُرب وارا قدردان،
    اَلسّلام اي دين دُنيا، والي وارث دوجَهان.

    تُنهنجي آمد جا اسين، ڪهڙا ڳڻي ڳڻيون بَيان،
    جيئن جُڙيو هي جَڳ آ، تيئن تُنهنجا ظاهر ٿيا نِشان.

    چارئي تُنهنجا چڱا، جن جان ڪَئي توتان فِدا،
    تون خدا جو آهين نائب، جانِ من اي جاودان.

    تو مَٿي نازل ڪَيو، قُرآن آ ربُّ العُليٰ،
    تون سچو، اصحابَ ۽ تُنهنجو سچو آ ڪاروان.

    پَرَ سڙي جنهن جاءِ تي، جبرئيل جا ٿيا ٿي فَنا،
    اُت وڃي پهتين جتي آ، عرشِ اعظم لامڪان.

    جِت نه مُوسيٰ ويو اُتي، تُنهنجي رَسائي ٿي چُڪي،
    تون وڃي مهمان ٿِئين، ۽ خُود خُدا ٿيو ميزبان.

    نُور جو ناياب مَنظر، شل ڏسان جيئري “جمالَ”
    دل چَوي ٿي تنهنجي دَر جي، مان اَچي چانئٺ چُمان.


    “ٻُڌايو ڪي مٺا مونکي، پرينءَ جي پارَ جون خبرون”.

    “ٻُڌايو ڪي مٺا مونکي، پرينءَ جي پارَ جون خبرون”.
    جُڙيو هي آهي جڳ جنهن لئه، اُنهيءَ انوار جون خبرون.

    ڪراچيءَ کان جِدي تائين، سفر جون ساريون ڳالهيون،
    اُتان کانپوءِ عربيءَ جي ڀليءَ بازار جون خبرون.

    وَڻن، وَلين، گسن، گاهَن، جبل، جهنگلن، سڀن سنديون،
    پکين پرندن پَٿر پاڻي، مَڪي مينار جون خبرون.

    ڪبوتر، قُمريون، طوطا، هرڻ ۽ هنجھ ڪبَڪ ڪُونجيون،
    ثنائون جن ڪيون ٿي تن، شڪر گفتار جون خبرون.

    رَواجن ريتين رَسمن، اُٿڻ ويهڻ، مِلڻ مُرڪڻ،
    اُتي جي حاجين هِڪ هِڪ، کلڻ کيڪار جون خبرون.

    حيا شرم و حجابن سان، هلن جت هيٺ ڪنڌ ڪريو،
    بنيو بيت الحَرم جت آ، دِلي درٻار جون خبرون.

    سنگِ اَسود، صفامَروه، زيارت ذوق جي جاين،
    وطن جي خشڪ واديءَ ۽ گل و گُلزار جون خبرون.

    عيسيٰ، مُوسيٰ، ڪَنا اڳري، رَسُولن رهنما راڻي،
    اِمام الانبياءَ اطهر، نبيءَ نروار جون خبرون.

    رکي سڪ “ساڪري” کان مان، ڏسان شل مُلڪ مدنيءَ جو،
    پَسي پڃرو ڪريان مان ڀي، هينئن جي هارَ جون خبرون.

    “جمال” آهي جَجهو جنهن جو، حسن قائم ٿيو جڳ ۾،
    ڪنن سان دل جي ويهي ٻُڌ، حسن سرڪار جون خبرون.


    پاڪ پاڪيزه پياريون، پيارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    پاڪ پاڪيزه پياريون، پيارَ جون ڳالهيون ڪريون.
    دل کي وڻندڙ دلرُبا، دلدار جون ڳالهيون ڪريون.

    هَل هَلُون اُن ديس تي، مُحبت نه ماٺي ٿِئي جِتي،
    دُوبَدو درشن ڪري، ديدارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    جنهن جي نالي کي وَٺڻ سان، مُنهن ٿِئي ٿو مُشڪبار،
    خوش طَبع شيرين زَبان، گُفتارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    ساٿ سارو ٿِئي سُکن جو، ڏُور ٿي سڀ ڏُک وَڃن،
    دولتِ ديدارَ سان، اِقرارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    مَٽ نه تنهن محبُوب جا، “مرجان موتي ۽ مڻيان”،
    “ڪوهنورن” کان ڪثر، تنهن يارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    مَن اَندر “مسجد منارا” آ مدينو ۽ مَڪو،
    قلب کي “ڪعبو” ڪري، اِسرارَ جون ڳالهيون ڪريون.

    ڪر اَدب سان عجز آزي، جانبن کي تُون “جمال”،
    چاھَ مان چانئٺ چُمي، انوارَ جون ڳالهيون ڪريون.


    قصيدو

    قصيدو


    داستانا ٻيا به ٿِيا، هي داستانو دنگ آ.
    ڪربَلا ميدان جو، هِڪ هِڪ فَسانو دنگ آ.

    خط لکي تن دعوتون ڏئي، دوکو دلبر سان ڪَيو،
    دُشمنن جي دعوتن جو، آجيانو دنگ آ.

    جِن جو آقا عرش تي، جانب جُتيءَ سان ٿي ويو،
    بَند اُن جي ٿيو ٻَچن جو، آبدانو دنگ آ.

    ٻاهتر ٻيلي سندس ۽ ٻئي طرف ٻارنهن هَزار،
    بس فقط بيعت سندو، بيحد بَهانو دنگ آ.

    جن ڏٺو ڪڏهين نه هو بَس، سِجّ چنڊ ساري ڄَمار،
    کامي خيمان ويا سندن ۽ قيد خانو دنگ آ.

    زخم هِڪڙا زورور، ٻيو اُڃّ تڙپايو تَمام،
    ٽيو ٻچن ٻاڪار هُئي، ظالم زمانو دنگ آ.

    قُرب سان قُرباني اهڙي، ڪونَ ڪئي ڪنهن ڀي ڪڏهين،
    رَبّ جي راڻو رضا تي، ٿيو روانو دنگ آ.

    ڪُل قصيدا ڪيترا، آيا لکي شاعر اَديب،
    هي شهيدي شانَ تي، سادو ترانو دنگ آ.

    حُر ڪِري قدمن ۾ پيو، بس جوش جذبي سان “جمال”،
    جيڪو جُرئت ۽ جسارت ۾ يگانو دنگ آ.


    قصيدو

    قصيدو

    اي نَبيءَ جا نِت نواسا، ناز پَرور يا حُسين.
    آهين تون اُمّت سندو، آڌار انور يا حُسين.

    تُنهنجو شاهي شانُ اعليٰ، شاھِ مردان شير دل،
    تُون اِمام الاولياءَ، اڳواڻ افسر يا حُسين.

    نيمچا، نيزا گهڻا، تلوار، توبُون تيز تر،
    جسم مان ٿيا پار تُنهنجي تيرَ تيور يا حُسين.

    هو سِسيءَ کان ڌار ڌڙ ۽ تُنهنجو سر نيزي لَڳل،
    مُرڪندي تو جام پيتو، هوت هَر هَر يا حُسين.

    شعر تُنهنجي شانَ جا ٿا، عرش تي اڄ ڳائجن،
    ٿي وَسي رحمت خُدا جي، توتي اڪثر يا حُسين.

    تُنهنجي اصغر،تنهنجي اڪبر،تنهنجي قاسم کي ڪُهي،
    سر ڪَٽي سختيون ڏنيون، ميدان اندر يا حُسين.

    تنهنجي ڇا تعريف ڪريان، دادِلا سرورِ سندا،
    تون “سراپا” سُونهَن وَر، سُهڻو سراسر يا حُسين.

    گُلبدن، گُلفام، گوهر، گهوريان گُلشن گُلاب،
    تو مَٿان گُل گهوريان، سڀ مُشڪ و عنبر يا حُسين.

    عرش وارا پيا عجب ۾، هاريون حُورن هنجُون،
    ٿي ڏٺو پڻ خُود خُدا، هي سارو منظر يا حُسين.

    جام جَنّت جو پيارج، جابَجا مُونکي “جمال”،
    ڏينهن محشر ڏِج ڀَري، تُون آبِ ڪوثر يا حُسين.


    قصيدو

    قصيدو

    ڪربَلا جي ڪوس جو آ، درد ڀريو داستان.
    دُشمنن دوکو ڪري، قيدي ڪَيو ڪُل ڪاروان.

    گُرز گز، تيزي تِکا، سَل سَل ڪري سينو ويا،
    آب بدران ائين ڪندا، هي غم نه هو ڪنهن کي گمان.

    ننڍڙڪا نينگر نِماڻا، ناز پرور نازنين،
    سر ڏئي ٿيا سَرخُرو، جيرو جگر ۽ جسم جان.

    خُوش ٿيو کِلنداسي خُوشتر، مُحب آيا مُرڪندي،
    دلبرن جو دين خاطر، ختم ٿي ويو خاندان.

    آمسامهُون ويرين سان، وڙهندا ويجهو ويا،
    نيمچا نيزا هَڻي، نِت نِت ڪيا نازڪ نِشان.

    پهلوانن پِڙ ۾ پهچي، دشت ۾ دهشت ڪَئي،
    شينهَن وانگر شيرِ يزدان، جوٽي بيٺا جَنگ جَوان.

    رِڻ سڄو رت ڇاڻ ٿي وِيو، هُئا لَهُوءَ سان لال لِڱَ،
    ڪنڌ ڪِري ويا ڪيترا، ڇو ظُلم هي ٿيو آ زِيان.

    مير مانجهي مورَ ماري، ڪيسَ تِن ڪيڏا ڪَيا،
    هُئا نه هرگز سي هَٽڻ جا، نينگرا ۽ نوجَوان.

    حادثي جو هُل هَلي ويو، هاءِ گهوڙا وَئي مَچي،
    عرش وارا پيا عَجب ۾، قُطب ڪَتيون ڪهڪشان.

    عشق ۾ هُئي عاشقن جي، آزمائش آخري،
    اِمتحانِ عشق ۾ ٿيا، ڪامياب و ڪامِران.

    فِڪر ۾ پيا فرشتا ۽ هاريون حُورن هَنجُون،
    ري رُوئڻ ڌاران رهيو، هُوندو نه اُن دم آسِمان.

    سئو دفعا هو سجّ کان وَڌ، تِن جو جوهر ۽ “جمال”،
    ڪوفين کي ڪَهڙي طاقت، اَصل هي هو اِمتحان.


    قصيدو

    قصيدو

    ڪربَلا ميدان ۾، ڪُونڌر ڪُسي ويا ڪيترا.
    ڌار ٿي پيا ڌڙ سِسيءَ کان، سر لهي ويا ڪيترا.

    پي هُنن هُت کير پيتا، اُڃّ هِت ماريا اِمامَ،
    سُورَ سختيون سَوَ سِتم، سرور سهي ويا ڪيترا.

    دلبرن جي دشت ۾، دُشمنن ڏِسي دهشت ڀَڳا،
    ڏوُر کان ڏسندي ڏڪي، لشڪر ٽهي ويا ڪيترا.

    فاطمھ زهره سندا، سي جان جيري جا ٽُڪر،
    رُوحَ ۾ راڻا اُهي، رهبر رَهي ويا ڪيترا.

    زهرڪن جي زندگي، ڪن کي شهادت ٿي نصيب،
    قُرب جا ڪُل قافِلا، ڪنهن پر ڪَهي ويا ڪيترا.

    عمر ساري ڪر بَيان، ڳائي نه تون سگهندين “جمال”،
    شعر شاهن شانَ تي، شاعر چئي ويا ڪيترا.


    غزل

    سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف

    سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف.
    روشنيءَ جو چمڪندڙ، مينار آ عبداللطيف.

    لعل، نيلم بي بَها، مرجان، موتي بي مثال،
    موتين جي مالِها جي، لارَ آ عبداللطيف.

    سُونهَن وَر سُهڻو سراسر، هر هنيين جو هار آ،
    سنڌين ۽ سنڌ جو، سينگار آ عبداللطيف.

    عالمِ علمِ حَقيقت، کان اُنهيءَ واقف ڪَيو،
    عاشقِ صادق سچو، سردار آ عبداللطيف.

    بيت آهن نِت نَصيحت ۽ عبادت ۾ شِمار،
    دين جي بس درس جي، دربار آ عبداللطيف.

    جهنگ جهر ۾ گيت گوُنجن، لفظ لالڻ لال جا،
    بحربَر ۾ برھ جي، بازار آ عبداللطيف.

    بِرھ جو هي بحر، بي پايانِ آهي موجزن،
    درد جو دريا رَوان، ڌڌڪار آ عبداللطيف.

    ڪٿ سَسئي ٿيو پاڻ پُنهل، مينڌرو مُومل ٿِئي،
    مارئيءَ جي مُلڪ لئه، تند تار آ عبداللطيف.

    سنڌي، بروو، سامُونڊي، سارنگ، سُهڻي ۽ سورٺ،
    راڻو، رِپ، معزوري ۽ ميهار آ عبداللطيف.

    کاهوڙي، ڪاپائتي، ڪيڏارو، ڪارايل، کنڀات،
    ۽ يمن ڪلياڻ، ديسي، ڌار آ عبداللطيف.

    ڪوهياري، ڪاموڏ ۽ ڪلياڻ، پرڀاتي، ڏَهر،
    تڙ تماچي، پاڻ نوري نار آ عبداللطيف.

    رامڪلي، آسا، حُسيني، آبري ۽ سُر تمام،
    گهاتُو، ليليٰ، بس پُورب جي پار آ عبداللطيف.

    همنَوا هر ڪنهن سندو، وحدانيت جي ويس۾،
    نينَهن ۾ ٿيو نَراهو، نروار آ عبداللطيف.

    پايو جَڻيا جوڳين سان، هم سفر هنگلاج ۾،
    هر هندو مُسلم سندو، بس يار آ عبداللطيف.

    زاهد ۽ عابد به هو، عامل به هو ڪامل به هو،
    هي حقيقي دوست جو، ديدار آ عبداللطيف.

    درد مندن جو دِلاسو، آسرو اَڀرن سندو،
    بيوسن جو ڀرجَهلو، آڌار آ عبداللطيف.

    سُورَ وارن جو سنياسي، آهي هي حاذق حَڪيم
    فيض وارو ويڄ ۽ وينجهار آ عبداللطيف.

    واجبِ آ احترام و قابلِ عِزّت تَمام،
    معرفت جي مُلڪ جو، اِسرار آ عبداللطيف.

    سُخنِوَر گوهر فَشان جو، ڇا لِکان حُسن و “جمال”،
    چند جملن ۾ لِکيم، اَشعار آ عبداللطيف.


    سنڌ جو آ پيشوا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    سنڌ جو آ پيشوا، هي لال لاکيڻو لطيف.
    فخرِ عالم ايشيا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    سنڌ ساري هند ۽ عرب و عجم ايران ڇا؟
    ٿي مڃي پُوري دُنيا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    تُنهنجو هِڪ هِڪ لفظ ڄڻ، اِلهام آهي عرش تان،
    رهبرن جو رهنما، هي لال لاکيڻو لطيف.

    سالِڪن جي لاءِ تُحفو، خاص چئو الله جو،
    بي بَها ياقوت آ، هي لال لاکيڻو لطيف.

    ٿو رُٺل روحن کي راڻو، راز سان راضي ڪَري،
    درد وارن جي دوا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    جِت نه جنهنجو واسطو، اُت پاڻ ٿو پهچي وَڃي،
    عرش تي جلوي نُما، هي لال لاکيڻو لطيف.

    واسطو جنهن جو اُتم، انسانيت سان آ گهڻو،
    آهي هر ڪنهن همنَوا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    ڪوبه اک ميري کڻي ٿو، سنڌ مُنهنجيءَ ڏانهن ڏسي،
    ٿو ڪري تنهن کي فَنا، هي لال لاکيڻو لطيف.

    محوِ مستيءَ ۾ ڪيائين، راڳ ٻُڌندي انتقال،
    عشق جي هُئي اِنتها، هي لال لاکيڻو لطيف.

    جنهن به ڪئي تُنهنجي ثَنا، سو خُوب خُوش هوندو “جمال”،
    خُوش خُدا جنهن کان سدا، هي لال لاکيڻو لطيف.


    سَئو سَلامن جا هُجن، اي توتي لاثاني لَطيف.

    سَئو سَلامن جا هُجن، اي توتي لاثاني لَطيف.
    سنڌڙيءَ ۾ شاعرن جو، آهين تون باني لَطيف.

    بيت تنهُنجا ڄڻ ته آهن، ترجمون قُرآن جو،
    سنڌ وارن تي آ تُنهنجي، خاص احساني لَطيف.

    تو شَريعت ۽ طَريقت، جا ٻُڌايا سَڀ اُصول،
    ۽ پَکيڙيا سنڌ ۾ سڀ، رازَ روحاني لَطيف.

    عرش جو ۽ فرش جو، آ تو ڪيو سارو بَيان،
    سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪئي، اِظهار ايماني لَطيف.

    شاھَ توکي شاعريءَ ۾، ٿي دنيا ساري مَڃي،
    هِن سڳوريءَ سنڌ ۾، تُنهنجو نه آ ثاني لَطيف.

    تُنهنجون تجنيسون، ڪِنايا، اِستعارا سڀ عَجيب،
    رَمز آ تُنهنجي نِرالي، جوش جولاني لَطيف.

    تو ڪئي آ ترجُماني، سنڌ ۽ سنڌين سندي،
    آهين ساريءَ سنڌ جو، سرتاج سيلاني لَطيف.

    مامَ مخفيءَ سان ڀَريل، تُنهنجو رسالو آ سَڄو،
    ٿي لڳي پُوريءَ دُنيا کي، تنهن تي حيراني لَطيف.

    صُوفياڻي ٿي طَريقي، ساڻ تو تبليغ ڪئي،
    جوش جذبو تو رکيو ٿي، اُنس انساني لَطيف.

    ٿي مِلي تُنهنجي ثنا سان، روح کي راحت “جمال”،
    هڪ رُڳو توتي نه مان، دُنيا ٿي ديواني لَطيف.


    سَئو سَلامن جا هُجن، اي توتي لاثاني لَطيف.

    لاڙَ جا اي لاڏِلا، “احمد ملاح” توکي سَلام.
    مانُ ٿيو تُنهنجو مَٿاهُون، آ مَلاحن ۾ مُدام.

    مولوي ٻيا ڀي هُئا، پَر مَرتبو تُنهنجو مَٿي،
    بي رِيا تُون هُئين بَهادر، قيمتي تُنهنجو ڪَلام.

    لفظ هِڪڙو لَکَ بَرابَر، خُوبصورت خُوش نُما،
    هِڪڙي سِٽ ٻئيءَ کان سوائي، آ اُتم اَعليٰ تَمام.

    عقل حيرت ۾ پَوي ٿو، تُنهنجي ڏاهپَ کي ڏسي،
    هند سنڌ ۾ هاڪ هر هنڌ، مُعتبر تُنهنجو مَقام.

    تو ڏِنو “ميرن” ۽ “پيرن” کي سَدا کُهرو جَواب،
    تنهن ڪري تُنهنجا ٿي دُشمن، پيا سڀيئي خاص عام.

    تُون سَچيءَ “توحيد” تي، هردم هُئين ثابت قَدم،
    حَقّ سچ جي تو طُفيلِ، آندو “مُلحد” جو اَنجام.

    سنڌ جو “سعدي” ۽ “حافظ” ۽ “عُمر خَيّامُ” تُون،
    اڳڀَرو “اقبال” کان، “غالب” ٿيو تُنهنجو غُلام.


    عِلم، اَهليت، عقل جا، تو وٽ خَزانا کوڙ هُئا،

    عِلم، اَهليت، عقل جا، تو وٽ خَزانا کوڙ هُئا،
    تُنهنجو تھ دل ساڻ ڪن ٿا، عِشق وارا اَحترام.

    تُون “ڀٽائيءَ”، ساڻ ڀيچي، تُنهنجو “سامي” آ “سچل”،
    رازدان “رومي” سندو، آهين “عنايَت” جو پَيام.

    تُنهنجون “تجنيسون”، “ڪِنايا”، “اِستعارا” لاَجواب،
    صِف اوَل ۾ ليکجين ٿو، شاعرن جو تُون اِمام.

    تو ڪيو “منظُوم” سارو، ترجُمون “قُرآن” جو،
    سَرس “افلاطون” کان هُئي، عقل تُنهنجي جي اڏام.

    شَل هُجن تُنهنجي “قَبر” تي، رحمُتون رَب پاڪ جُون،
    “جَنّتُ الفردوس” ماڻين، جيڪو تُنهنجو آ اِنعام.

    “سُخنِوَر” تو جهڙو جَڳ ۾، جابَجا ناهي “جمال”،
    “تاقيامت” تائين تُنهنجو، رهندو روشن نيڪنام.


    انسان جي ڪردار تي، انسانيت نالان آ.

    انسان جي ڪردار تي، انسانيت نالان آ.
    اِنسانَ جنهن ۾ اُنس ناهي، سو ته بس حيوان آ.

    پاڻيءَ منجهان پيدا ٿِئين، باھ، هوا ۽ خاڪ مان،
    واکاڻ ڪر واحد سندي،جنهن جو نه مَٽ ڪو شانُ آ.

    اڄ عيش ۽ عشرت مَٿي، پيو دَور دُنيا جو هَلي،
    هِن حرص ۾ دنيا جي پئجي، نفس ٿيو نادان آ.

    ويا وير سڀ وارو وَڄائي، هستي هُئي جن جي هِتي،
    “دارا” ڪِٿي ۽ ڪٿ “سڪندر”، “قيصر و خاقان” آ.

    پرهيزگاري ڪر پَسند، تَن مَن بَنائي تُون هين تُون،
    بس رات ڏينهن پيو ڪر ثنا، جيڪو سچو سُبحان آ.

    گُلشن به تُون ۽ گُل به تُون، غنچُو به تُون، بُلبُل به تُون،
    هستي وَڏي حاڪم به تُون، فائق سندو فرمان آ.

    حُسن و “جمال” ۽ عقل سَڀ، اِنسان کي حاصل ٿِيا،
    الله جو اِنسان تي، ڪيڏو وڏو احسان آ.


    خاڪ کائي خانَ وَئي، ڪٿ “قيصر و خاقان” آ.

    خاڪ کائي خانَ وَئي، ڪٿ “قيصر و خاقان” آ.
    شهنشاهي هڪ خُدا جي، ٻيو مِٽيءَ مهمان آ.

    ويا تَونگر ٿي تَوائي، ڪٿ سڪندر” سوچ تُون،
    ويو هَليو “دارا” دنيا مان، ڪونَ اڄ “سلطان” آ.

    هاڪ هُئي جن جي هَميشه، حُڪم هر ڪنهن تي هَليو،
    ويا سَڙي هڏڙا به تن جا، ڪين ڪٿ نيشان آ.

    ڪونَ ٿي ٻُڌجي وَري، “قارون” ۽ “شداد” جي،
    غرق ٿي “فرعون” ويو، “نمرود” ڪٿ “هامان” آ.

    “راڻيون”، “راجا” ڪِٿي ۽ جام ڪٿ جاني ڪِٿي،
    جو نٿو عبرت وَٺي، بس سو نِپٽ نادان آ.

    چيز ڪهڙي آ بَشر، جو هامَ ٿو هردم هَڻي،
    ٿيو گندي قطري مان پيدا، ڏس ته ڇا انسان آ.

    هوڏ هستيءَ سان چوين ٿو، مان ئي سڀ ڪجھ آهِيان،
    اهڙي دعويٰ جنهن به ڪئي، تنهن جو وطن ويران آ.

    ڇڏ تَڪبُّر ۽ وڏائي، سوچ تون ڪُجھ هوش ڪر،
    ڏس! تَڪبُّر جنهن ڪيو، ٿيو جنّ مان شيطان آ.

    هڪ ئي حاڪم آ دنيا جو، خاص خلقيندڙ “جمالَ”،
    پاڪ هستيءَ اُن سندو، بس مَٽِ نه ڪوئي شانُ آ.


    جي وارث هُئا اُهي اڄ ٿيا، ويچارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    جي وارث هُئا اُهي اڄ ٿيا، ويچارا سنڌ ڌرتيءَ جا.
    ڌڻي ٿيا ڌاريان آيل، اُڌارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    مغل، ارغُون، تُرخانن ۽ انگريزن اُجاڙيو ٿي،
    وڄائي تنَ ڇڏيا، وارن تي وارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    لُٽيرا پڻ اڃان آهن، “چنيسر”، “مير جعفر” جيئن،
    ڪڏهن ڪهڙا، ڪڏهن ڪهڙا، مَتارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    پڪا پُختا وچن وعدا، دليريءَ ۾ ته ڄڻ دودا،
    “هُجن سُکيا مٺا ماڻهو، پيارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    نَمڪ کائي وطن هن جو، دغائون پوبه ڇو هِن سان،
    دغا ايڏي نه رک دل ۾، مڪارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    هُجن مهراڻ جون موجُون، لهي شل قحط ڪُل ڪارو،
    ٿين سرسبز ٻنيون شل ۽ ٻارا سنڌ ڌرتيءَ جا.

    ڀٽائيءَ جي ته هِن ڀُونءَ تي، ڪرم آهي ڪو قُدرت جو،
    “جمالَ” آهن ڌڻي ڏِس تُون، سُونهارا سنڌ ڌرتيءَ جا.


    “وقت پنهنجو وهڪرو ڏِس، تيز ڌاريندو وَڃي”.

    “وقت پنهنجو وهڪرو ڏِس، تيز ڌاريندو وَڃي”.
    چند ڏينهن ڏک سُک ڏئي، سڀ ڪُجھ سيکاريندو وَڃي.

    دردَ دُک ۽ غَمَ فِڪرَ ڏئي، رنجَ رَسائي ٿو رُڳا،
    چاهتن کي چَٽ ڪري، بس ڏک ڏيکاريندو وَڃي.

    چٽ ڪريو ڪنهن جو چمن، موسم بنا آڻي خِزان،
    رنگ بُوءِ رونق ڦٽايو، پَنَ ٻُهاريندو وَڃي.

    چيريو، چچريو، ڀَڃو ۽ جُهوڙ ڪريو جهوريو،
    سيڪيو، ساڙيو، سُڪايو، ماس ڳاريندو وَڃي.

    ڪِن جي دل ڦاڙيو ڦَٽاڦَٽ، لُوڻ ٻُرڪي اُن مَٿان،
    سَل ڪري سينو سَڄو، سڀ سُور ساريندو وَڃي.

    ڪن نڀاڳن کي نپوڙي، سُورَ ڏي ٿو سڀ ڄَمار،
    بس ڪِنين جا جوش جهوري، هوش هاريندو وَڃي.

    هو پلنگ تي پيرجن جو، پَل نه تن پٽ تي رَکيو،
    تن نفيسن نازڪن جا، ڏيلَ ڏاريندو وَڃي.

    محل ماڙيون، بادشاهيون، عيش عشرت سڀ ڏئي،
    تخت تان لاهيو وَري، رهزن رُوئاريندو وَڃي.

    ڏوھ ناهي ڪوبه ڪنهن جو، ٿا عَمل آڏو اَچن،
    جو لِکيو تقدير ۾، اُن لئه نهاريندو وَڃي.

    ڪنهن جي قسمت جو سِتارو، ٿو وڃي اُلهي جَڏهن،
    اَيٿ تاري کي اُڀاري، سمنڊ سمهاريندو وَڃي.

    رتّ جا رشتا ٽُٽي ويا، ڪير ڪنهن جو ڪونَ آ،
    نفرتون پيدا ٿيون، هرڪو وساريندو وَڃي.

    نازنينن، دلنشينن، مھ جبينَن کي مگر،
    چار ڏينهڙا چاھ ڏيئي، پو ڌڪاريندو وَڃي.

    ويا گهڻا وارو وڄائي، ڌرتيءَ هن تي دمبَدم،
    هٿ ڪڍي هر ڪنهن منجهان، بَرَ ۾ بيهاريندو وَڃي.

    ناهي هُن کي ڪاڻ ڪنهن جي، سڀڪو هُن جو زيردست،
    واسطا ويجها رکيو، بس واڳ واريندو وَڃي.

    دوستيءَ ۽ دُشمنيءَ سان، ناهي هُن جو واسطو،
    چرخ جيئن ڦيرا ڏئي، پلپل پُڪاريندو وَڃي.

    ٿو مُقدّر کي به بدلائي ڇڏي، جهٽ پٽ “جمالَ”،
    ڪن کي خُوشيون خُوب ڏئي، اندر اُجاريندو وَڃي.


    مسئلو ڪل مُلڪ جو، اڄ آمرانو ٿي ويو.

    مسئلو ڪل مُلڪ جو، اڄ آمرانو ٿي ويو.
    خُون ريزي ۽ خرابي، بس بهانو ٿي ويو.

    مال کائي مُلڪ جو، ويري وَڪوڙي ويا وَطن،
    تن جي پاليسيءَ سان اڄ، ظالم زمانو ٿي ويو.

    ڪٿ “بلوچن” جي مَٿان، ٿا بم وسائين بي گُناھ،
    مدرسو باجوڙ جو، ناحق نشانو ٿي ويو.

    جن پناھ ورتي هتي هُئي، سي ئي ويري وَطن جا،
    دَور ماضيءَ جو انهن لئه، اڄ فسانو ٿي ويو.

    صاف سنڌي ڪر اسان سان، “تيري ميري” ڪرنه تُون،
    سنڌ جو کائي نَمڪ، اڄ بي زبانو ٿي ويو.

    ڪيترا ڏينهن تُنهنجو رهندو، هوڏ هستي حُڪم هي،
    ظلم جنهن ڀي آ ڪيو، رُوئندي روانو ٿي ويو.

    ڪو عدل انصاف ناهي، مُلڪ مُنهنجي ۾ “جمالَ”
    قوم جي ڄڻ هي ڪُهڻ جو، ڪارخانو ٿي ويو.


    “عشق پهچائي ڇڏيوسين، عرش چوٽان چوٽَ تي”.

    “عشق پهچائي ڇڏيوسين، عرش چوٽان چوٽَ تي”.
    نينهَن نِسنگ چاڙهي ڇَڏيو، اڙٻنگ اَڙانگي اوٽَ تي.

    مُحب هو مُرڪي چَيو، هِت بيھ اچان ٿو مان مِٺا،
    بُنڊ ٿي مان بيھ رهيس، محبُوب جي اُن موٽَ تي.

    رنگ دُنيا جا گهڻا، پرعشق سَڀني کان اُتم،
    ڪونَ ڪنهن جو ضابطو ٿيو، عشق هِن اَڻموٽَ تي،

    قُرب ڪنهن پر ڪونَ ڪنهن جي، قلب ۾ قابو ٿِئي،
    نيٺ پڌرو آهي ٿيڻو، پرت جي پالوٽَ تي.

    مِڙ مهانگي آهي اُلفت ۽ عجب اُن جو اُصول،
    هيءَ وٺڻ جي چيز ناهي، نِت نِسورو نوٽَ تي.

    نار وانگر ٿو ڦيرائي، عشق هر انسان کي،
    ٿو گهڻا گهيرا ڪري، گهيري بيهن جيئن گهوٽَ تي.

    حُسن هٿرادا گهڻا، تعريف جوڳو هي “جمال”،
    مان به ڪي ڏينهن ٿي سُتس، ڪن جانبن جي جوٽَ تي.
     


    “نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.

    “نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.
    طَلب ۽ تن جون تندُون مِلائي، حسين سُرهم رِڪاب ڪَريون.

    سچو جي ساٿي اگر تون آهين، پڪو جي پيوند پرين ٿو پائين،
    صنم سڙن جي سُرن تي پنهنجي، اُنهن جو خانو خراب ڪَريون.

    اَصل کان عاشق اوهان تي آهيان، مِٺا مان توسان مِلڻ ٿو چاهيان،
    جڏهن مان تُنهنجو،مٺا تون منهُنجو،پرين ڇوپوءِ حجاب ڪَريون.

    لَبن تي لالي، اکين ۾ سُرمون، هَلي پيو هٿ جو حُسن هي هاڻي،
    ڪجل ۽ لاليءَ سوا به سُهڻو، اسين تڏهن پيا جناب ڪَريون.

    وچن ۽ وعدا ڪياسين ويهي، اُنهن تان هرگز ڪڏهن نه هَٽبو،
    قُرب ۾ ليکو ڪبو نه آهي، نٿا هَٽڻ جو حساب ڪَريون.

    خِزان ختم ٿي بهار بَنيو، لڳايون ٻئي هڪ گُلن جو گُلشن،
    سَڀن گُلن مان چمن ۾ چُونڊي، فصل فقط ٿا گلاب ڪَريون.

    لِکڻ نظم پيو حُسن تي تُنهنجي، ڪمال هي سڀ “جمالَ” جو آ،
    هُجي حُسن شل هَميشه تُنهنجو، لڳائي دل لاجواب ڪَريون.


    “نَوان ڪي نغما وطن ۾ ڇيڙي، رڳن کي پنهنجي رباب ڪَريون”.

    هي چڪر جنهن آ هَلايو، دل اهو ڏي تون جَواب.
    “ڪنهن بنايو مست مونکي، عشق هو يا اِنقلاب”.

    لفظ هي هڪڙو ئي آهي، يا لکڻ ۾ ڌارَ ڌارَ،
    ساڳيو مفهوم معنيٰ يا بَنيل ٻيو آهي باب.

    اک ڏسي ٿي عقل سوچو، فيصلو دل تي ڇَڏي،
    تنهنڪري توکان پُڇان پيو، ڪنهن ڏنو هي آ عَذاب.

    سِجّ کي جيئن سڀ ستارا. چوطرف ڦرندا وَتن،
    حُڪم تيئن تنهنجو هَلي ٿو، عُضوي هر تي هَم رِڪاب.

    مان پُڇڻ توکان ٿو چاهيان، سڀ سَبب ڦاسِڻ سندام،
    ايترو مون کي ٻُڌا تون، ڏوھ ڪيائين يا ثواب.

    جيئن چڙهي “درياءَ” لهي ٿو، تيئن اٿئي دل جو مِثال،
    “سنڌو”، “ستلج”، “راوي”، “جهلم” يا چوان تنهن کي “چناب”.

    ماس “بروي” هو ڏنو ۽ سر وَڍي راءِ ڏِياچَ،
    ڪيئن پَچن کامن، پتنگ ٿا، نينهَن ۾ نازڪَ نَواب.

    ڇَٽَ ڪري پَٽَ تي پيا، بي تاج بَنيا بادشاھَ،
    بس جَهلي جنهن کي به ٿو، اُن کان وٺي پُورو حِساب.

    “عين” مقصد تي پڳا جي، ،شانُ” وڌيو “قُرب” جو،
    جملي اِن ۾ عشق ڏس تون، ڪيئن اَچي ويو لاجَواب.

    تون ئي ڪعبو پاڻ آهين، تُون ئي قاضي قلب جو،
    فيصلو هي توتي آهي، ڪين ڪج ڪنهن جو حِجاب.

    ٿو ڏيان درخواست توکي، قُرب جي ڪورٽ اندر،
    ڏئي سَمن انکي گُهرائي، فيصلو ڪر فيضياب.

    مَس مُحبّت جي بنائي، ٺاهي لِک تون ڪاغذات،
    پيش پو ڪر تون قصو، هي قُرب جو کولي ڪتاب.

    عشق اُونهو آ اِلاهي، پيڙھ آ تنهنجي پَڪي،
    سوچي سمجهي هٿ لڳائج، جَجِّ صاحب اي جَناب.

    ڏي سزا يا ڪر بري بَس، تُنهنجي وس ۾ آ “جمال”،
    ڪر نبيرو نينَهن جو، ناڪام کي ڪر ڪامياب.
     


    عاشقن کي عشق ۾، ملندا ئي بس آهن عَذاب.

    عاشقن کي عشق ۾، ملندا ئي بس آهن عَذاب.
    حسن والے دل دکھا کر، وہ سمجھتے ہیں ثواب۔

    بي قدر، بي رحم ۽ بي درد آهن دلرُبا،
    چھوڑدو بس دوستو، اب اور یہ دینگے عِتاب۔

    انتظاري، بيقراري، عاشقن کي ٿي نصيب،
    درد و غم کے زخم سھ کر، ہوگیا ہے دل کباب۔

    چشم پُرنم آھ ! بَرلَب، چاڪ دامن ٿي چُڪا،
    کتنے دل کو دے گئے، وہ درد دُکھ یہ اضطراب۔

    ناز وارن جي نرالي، آهي بس عادت عَجيب،
    مُنہ دکھا کر پھر چھپانہ، یہ تو اُنکا ہے حجاب۔

    عشق مخفي ڪونَ ڪنهن جي، مَن ۾ رهندو آ مگر،
    شیر دڑبا میں نہیں بس، چھپکے سکتا ہے جَناب۔

    ڪن کي حاصل حسرتون، ۽ ڪن جي هنجھ ۾ گُل هزار،
    اس سے بڑھ کر اے صنم، کیا اور ہوگا اِنقلاب۔

    هر گهڙي هردم سدائين، شال پيو جرڪي “جمال”،
    تاقیامت تک رھے، یہ خوبتر حسن و شباب۔


    وئي بهاري موڪلائي، ٿي خزان توکان سوا.

    وئي بهاري موڪلائي، ٿي خزان توکان سوا.
    اڄ اڪيلو يار جاني، ٿو رهان توکان سوا.

    دل منجهاري ۾ مري ٿي، اي مٺا محبوب سُڻ،
    ڪٿ وڃي مان حال هي، اڄ اوريان توکان سوا.

    گُنهگارن جي ڪتابن، ۾ لکيو نالو وتان،
    پيش دلبر مان وڃي، ڪنهن کي پوان توکان سوا.

    روز راهُون تُنهنجون تڪيان، نت نهاريو نِڪريو،
    غرق غم ۾ يار اڄ، مان آهيان توکان سوا.

    ڪنهن طرف مان ڪين آهيان، سوز ساڙي سُورَ جو،
    دل نه آهي ۽ نه دلبر، درميان توکان سوا.

    مَئي ڪِٿي، محفل ڪِٿي، ميڪش ڪِٿي، ساقي ڪِٿي،
    خُون دل جو حوضِ دل مان، ٿو پيان توکان سوا.

    راز جو تقرير ۾، مون ٿي لِڪايو عام کان،
    چئي چُڪس تحرير ۾، سو رازدان توکان سوا.

    ڪين ٿي مقبول مُنهنجي، اِلتجا ڇا جي ڪري،
    منهنجي دل جو آهي اُجڙيل، آشيان توکان سوا.

    شاد ۽ آباد شل، تُنهنجو رَهي حُسن و “جمال”،
    خُوش هُجين جت ڀي هُجين، ٻيو ڇا چوان توکان سوا.


    “رات هن خاموش کي، نغمن سان گونجايو وَري”،

    “رات هن خاموش کي، نغمن سان گونجايو وَري”،
    نينهَن جا نعرا هَڻي، جذبن کي جاڳايو وَري.

    تو ڏني ڦيري ڦَڻي، اُن وقت وِئين مونکي وَڻي،
    تُنهنجي نِت نازن کڻي، هن دل کي ڦاسايو وَري.

    وئي لڳي توسان ته لنئون، نينهَن به هو نازڪ نَئون،
    تو ته پائي پيچ پرتَئون، گُلبدن گهايو وَري.

    تُون هُئين جنهن دم ننڍو، بس قُرب هُئين مونسان ڪندو،
    عرض سُڻ عاشق سندو، مون ايئن نَٿي ڀانيو وَري.

    راز ڏئي راڻو رُٺو، محبُوب مِصريءَ کان مِٺو،
    قُرب ۾ جنهن آ ڪٺو، سو ياد اڄ آيو وَري.

    ڏي نه جاني تون جفا، اڄ ڪر وري مونسان وفا،
    درد جو هي دلرُبا، دفتر نه کولايو وَري.

    خاص خلوت ۾ گهرائي، مامَ مخفيءَ سان “جمالَ”،
    گُل گلي ۾ تنهن وِڌا، ٻيو پيچڙو پايو وَري.


    مَچائي محفل پرين پيارا، چَتون به پيا ڪن چمن جون ڳالهيون.

    مَچائي محفل پرين پيارا، چَتون به پيا ڪن چمن جون ڳالهيون.
    حَسين هر هڪ گلاب گُلشن، سڄي چمن جي گُلن جون ڳالهيون.

    مِلڻ ۽ مُرڪڻ، کِلڻ منجهاران، پيو مان سمجهان صنم سدائين،
    رهي ٿي تَن ۾ طلب تِنين جي، تڏهن پيا ڪن چندن جون ڳالهيون.

    سڄي چمن جي، حَسين رونق حَسين صُورت، حَسين خُوشبوءِ،
    گُلاب ڇا پر گُلن جي غُنچن، پَتن ۽ تِن جي پَنن جون ڳالهيون.

    اسان جي عادت وفا ڪرڻ آ، وفا اصَل کان ڪندا اَچون پيا،
    وفا جو اهڙو اَثر ٿيو جو، ڇڏي ڏنيون تِن ٻين جون ڳالهيون.

    چَتُون پيا چوري چورين چپڙا، چتائي چنڊ کي ڏسن پيا چوڏس،
    خُوشي ۾ خُوش ٿي ملهائي عيدون، گلي مليو ڪن خوشين جون ڳالهيون.

    “جمال” جِت ڪِٿ موجود آهي، خدا جي خلقيل چيزن ۾ ڏس!،
    حُسن خدا جي آهي ته نعمت، تڏهن ڪريون پيا حُسن جون ڳالهيون.


    وفا جي گُل کي وفا چمن جو، وفا جو والي وفا مون سمجهو.

    وفا جي گُل کي وفا چمن جو، وفا جو والي وفا مون سمجهو.
    وفا جي وادي، وفا سان ڀريل، وفا کي باغِ بقا مون سمجهو.

    وفا جا وعدا، وفا جون ڳالهيون، وفا جي خُوشبوءِ، وفا جون خُوشيون،
    وفا ۾ رازو رضا جو رکيل، مزو وڏو جابجا مون سمجهو.

    وفا جي موسم، وفا جو ويلو، وفا جي ساعت، وفا گهڙيءَ ۾،
    وفا جون نظرون، وفا جون مُرڪون، وفا سچائي سخا مون سمجهو.

    وفا جي جُهڙڦُڙ، وفا جو مينُهن، وفا جا بادل، وفا جون بوندون،
    وَسي جڏهن ڀي جِتي پون ٿا، اُتي وڏائي مزا مون سمجهو.

    وفا جو واءُ، وفا جون وصلون، وفا جي حالت، وفا جو ميلو،
    وفا جون سوچون، وفا ڪرڻ سان، وفا جو پُتلو عطا مون سمجهو.

    وفا جي وڻ ۽ وفا جي ٽارين، وفا جي پَن گُل، وفا جي غُنچن،
    وفا جي پاڙن پَتن جي اَندر، وفا کي رب جي رضا مون سمجهو.

    وفا جون لاهيون، وفا جون چاڙهيون، وفا جون واٽون، وفا جي منزل،
    وفا جو مقصد “جمالَ” سوچي، وفا کي دل جي دوا مون سمجهو.


    وفا جي گُل کي وفا چمن جو، وفا جو والي وفا مون سمجهو.


    مون زهر کي به پيتو، آبِ حيات سَمجهي.
    خوش ٿي سو واپرايم، پنهنجي نجات سَمجهي.

    نينَهن جا نَشا لڳي ويا، ڪنهن جي رَهي نه مُونکي،
    قُربن ڀَري مون هُن جي، هڪ ڀي نه بات سَمجهي.

    تاريڪ دَور ۾ مون، جو وقت هو گُذاريو،
    هررات رات آهي، ڏينهن کي به رات سَمجهي.

    مخفي هو اسم اُن جو، ظاهر ضمير لفظي،
    حرفن کي ٿي مِلايم، ذات وصفات سَمجهي.

    ظاهر جي ذوق کي مون، باطن سان ڪين ڀَيٽيو،
    مُون لوھ کي ٿي چاهيو، رُڪ جو رَوات سَمجهي.

    باهي، مٽي، هَوا ۽، پاڻيءَ سندا اي پُتلا،
    ايڏي نه ڪر وڏائي، اُوچي ڪا ذات سَمجهي.

    سڀ ڪُجھ عمل تي آهي، محنت جو ڦَل مِلي ٿو،
    ڪنهن وٽ نه پيش پَئو تون، ذات ونيات سَمجهي.

    خوش ٿي پَسايو پرين، جَلوو “جمالَ” کي آ،
    بهتر ڀَلي ٿو ڀانئيان، اهڙي بَرات سَمجهي.


    چٽا چمڪاٽ ٿيا چوڏس، سُٺن سهڻن سِتارن جا.


    چٽا چمڪاٽ ٿيا چوڏس، سُٺن سهڻن سِتارن جا.
    عَطارد، مُشتري، زهره، قمر ڪَتين ۽ تارن جا.

    مُلاقي مُحب ٿيا مِٺڙا، اُڃايل هو اَندر جن لَئه،
    مُحبّت جا مَتا ميلا، لٿا ڏينَهن انتظارن جا.

    گُلن کان وَڌ صنم سُهڻا، ڪريو جانب گُهمن جوڙيون،
    هٿن ۾ هٿ ڏئي هَردم، وجهن پيوند پيارن جا.

    عجائب آهي رونق ٿي، گُلابي گُل ۽ غُنچن جي،
    مزا ٿيا مُلڪ ساري منجھ، چمن ۾ گُل عَذارن جا.

    شُڪر الحمد ساوڪ سان، حُسن هُٻڪار ٿي ويئي،
    اچي اُهڃاڻ ظاهر ٿيا، سُکن جي سڀ سَهارن جا.

    سَبز پوشاڪ سُهڻيءَ سان، وڌي وئي سُونَهن ڌرتيءَ جي،
    وَلين وَڻ ٽِڻ ڇَڏيا ويڙهي، نمونا ٿيا نظارن جا.

    وَڻي ٿي هيرَ هينئڙي کي، هوا ۾ تازگي آئي،
    “خِزان جو کيل ٿيو پُورو، سَبب بَنيا بَهارن جا”.

    “جمالَ” آهن اَندر ۾ جي، اُميدون شل ٿين پُوريون،
    ڏسن اکڙيون ٿين درشن، مديني جي مُنارن جا.


    ويا وَڪوڙي وهم دل کي، بُت بيگانو ٿي ويو.

    ويا وَڪوڙي وهم دل کي، بُت بيگانو ٿي ويو.
    درد دُک سورن سندو، اڄ آستانو ٿي ويو.

    بي رحم بي درد دُنيا، ڪون ڪو احساس آ،
    نفرتون پيدا ٿيون، ظالم زمانو ٿي ويو.

    ڪالھ جن ٿي قُرب ونڊيو، عشق جي هُئي اِنتها،
    عشق آخر سوئي ساڳيو، اڄ فَسانو ٿي ويو.

    بند مان بُلبُل وئي نِڪري، قيد جُون ڪامون ڀَڃي،
    قيد ڪاٽڻ جو مَٿس، هي تِنڪ طعنو ٿي ويو.

    غم فڪر رنج و اَلم، ۽ خَسته حالي ٿي چُڪي،
    “هي جهان مون لاءِ هڪڙو، قيد خانو ٿي ويو”.

    جهڙي تهڙي هيءَ حياتي، جڳ ۾ جالڻ پَئي “جمالَ”،
    ڌار جي مونکي ڪيائين، خُود يگانو ٿي ويو.


    “عجب آهي توکان پنهنجا، ڪيل انجامَ وِسري ويا”.

    “عجب آهي توکان پنهنجا، ڪيل انجامَ وِسري ويا”.
    وچن وعدا هزارين هُئا، ججها ڪيئن جامَ وِسري ويا.

    رڳو لالڻ لنوائين پيو، اسانکي آزمائين پيو،
    بهانا لک بنائين پيو، دلين جا دامَ وِسري ويا.

    صنم ايئن ڇو سڪائين ٿو، ڀَلا ايئن ڇو ڀُلائين ٿو،
    مٺا ڇو مُنهن مَٽائين ٿو، نِشانبر نامَ وِسري ويا.

    سَوين لِکيا سَنيها تو، خطن تي خط خُلاصا تو،
    ڏنا تي نِت نياپا تو، پرين پيغامَ وِسري ويا.

    مَڃان ٿو تُنهنجي مُحبت کي، سَچيءَ اُن تُنهنجي صحبت کي،
    عجب اُن تُنهنجي اُلفت کي، صُبح ۽ شام وِسري ويا.

    جتي راتيون رهياسين ٿي، مُحبّت سان مِلياسين ٿي،
    گَلِين جن ۾ گُهمياسين ٿي، گهٽيون ۽ گامَ وِسري ويا.

    “جمال” آهي سدا تُنهنجو، سَوا تُنهنجي نه ٻيو مُنهنجو،
    انهيءَ کي ڪر پرين پنهنجو، لِڪل سڀ مامَ وِسري ويا.


    مان نه هڪڙو پر هزارين، تو مَٿي مستانَ ٿِيا.

    مان نه هڪڙو پر هزارين، تو مَٿي مستانَ ٿِيا.
    تُنهنجي اُلفت ۾ رُڳو، ارمانَ تي ارمانَ ٿِيا.

    مون نه تومان ايئن ٿي ڀانيو، دردَ ڏيندين دلرُبا،
    درد دردن تي وڌي، ارمان عاليشان ٿِيا.

    قُرب تو مونسان ڪري، آ قُرب ۾ مونکي ڪُٺو،
    تُنهنجي روسامي سان سُهڻا، سوز جا سامانَ ٿِيا.

    تو ڇَڏيو آ مُحب ماري، موت ڇا ايندو ٻيو،
    ڇا مئل ماڻهوءَ سندا، دنيا ۾ ڪي درمانَ ٿِيا.

    ٿو ڪرين حملن تي حَملا، فوج پنبڻن جي وَٺي،
    تُنهنجي نيڻن جي نظر جا، اڄ نوان نِيشانَ ٿِيا.

    ڪالھ ڪهڙا قُرب هُئا، اڄ مُنهن مِٺا موڙِيو ڇَڏين،
    بي رُخي تُنهنجي رَوش تي، جيءَ ۾ جولانَ ٿِيا.

    دل ڏئي مون درد وَرتو، آهي نِوڙت نياز سان،
    “مون مَٿي محبُوب جا، ڪي اڻَميا احسانَ ٿِيا”.

    ڪو پتو پهرين نه پيو، تون ٿو اچين جاني “جمالَ”،
    تُنهنجي آمد جا اسان وَٽ، اوچتو اعلانَ ٿِيا.


    “پَل اکيون پنهنجون پيارا، مُحب ماري ٿيون وِجهن”.

    “پَل اکيون پنهنجون پيارا، مُحب ماري ٿيون وِجهن”.
    سَل ڪري سينو سڄو، ڏهڪائي ڏاري ٿيون وِجهن.

    چهٽِيو چيلاٽيون ڄَڻ، چَڪ هَڻن ٿيون چَڪَ مَٿان،
    زهر زخمن ۾ ڀَري، بس باهي ٻاري ٿيون وِجهن.

    “نرگسي” نازڪ نِماڻيون، بي رَحم “باداميون”،
    اک ڇِنڀيو اک ڇِنڀ ۾، اَبرُو اُلاري ٿيون وِجهن.

    ڪَرَ کڻيو ڦِريو وَريو، ۽ ڌڪ هَڻيو ڌونڌاڙيو،
    نيش سان نيشانَ ڪريو، رت رُوئاري ٿيون وِجهن.

    گُهورَ سان گهائي گهڻن کي، وارَ ويريءَ جيئن ڪَري،
    خستيون خُوني “کپر” سي، خُوب کاري ٿيون وِجهن.

    آهي نيڻن جي نِرالي، عُشوه اندازي عَجب،
    پَهڻ کي پُرزا ڪري، سنگ چُور ساري ٿيون وِجهن.

    حُسن جي جَلوي سان جَهٽ پَٽ، ڪَئين جَلايا ٿَن “جمالَ”،
    فوج پنبڻن جي وَٺي، بَرَ ۾ بيهاري ٿيون وِجهن.


    مرحَبا صد مرحَبا، ذي شانُ اختر زنده باد.

    مرحَبا صد مرحَبا، ذي شانُ اختر زنده باد.
    صد مُبارڪ مرحَبا، محبوب مهتر زنده باد.

    تاجوَر اهلِ قَلم، صاحب صَدارت جانَشينِ،
    شمع روشن عقل جا، اهلِ اڪابر زنده باد.

    آبرُو عزّت ۾ اَفضل، شانُ شو وَر شهنشاھَ،
    ماهرِ علم واَدب جا، نِت نشانبر زنده باد.

    ميرِ مجلس مرحبا، آيا مُدبّر مهربان،
    تربيت تعليم جا، اي سُونهَن سراسر زنده باد.

    قيصر و خاقان کان وَڌ، اي مرتَبي عالي جَناب،
    قائدِاعليٰ علم جا، ۽ اُجاگر زنده باد.

    مخزَنِ تعليم تَر، اِخلاق جا اُمراءَ اَميرَ،
    سوچوَر ميرِ علم، بلڪل برابر زنده باد.

    شالَ پيو چمڪي سَدائين، تُنهنجو جوهر ۽ “جمال”،
    گوهرِ ناياب پارس، پيش پيوَر زنده باد.

    **


    مُفت ۾ مونکان مڙيئي، آهي مارن مُنهن مَٽيو.

    مُفت ۾ مونکان مڙيئي، آهي مارن مُنهن مَٽيو.
    قُرب وارن ڪيترن، پنهنجن پيارن مُنهن مَٽيو.

    ڪالھ جن مُونسان کنيا ٿي، قُرب ۾ ڪيڏا قَسم،
    اڄ اُنهن ئي ساڳين، سانگين سنگهارن مُنهن مَٽيو.

    مائٽن مُنهن ڦير ڪئي آ، مونکي ڏک ۾ اڄ ڏِسي،
    سئوٽ، ماساتن ۽ مامن، بي ميارن مُنهن مَٽيو.

    جن وڻن جي ڇانوَ ۾ ٿي، قلب کي پُهتو قَرار،
    وڻ اُهي وسنديون ويون، بيوس بهارن مُنهن مَٽيو.

    هُئا وَلر ويهندا وَهين جا، ڄارين تي مَڪ مَٿي،
    سي وري واپس نه وريا، آ ويچارن مُنهن مَٽيو.

    ڪا ڀِٽن جي ڀَر نه آهي، لَئي نه لاڻون ٿو ڏِسان،
    ڪونَ ٿا پيرُون پَسون، اَن جي انبارن مُنهن مَٽيو.

    مورَ، ڊيلون، قُمريون، طوطا تنوارڻ ويا ڇَڏي،
    ڪُوڪَ ڪوئل جي نه آهي، ڪانگ ڪارن مُنهن مَٽيو.

    اوچتو آئي خِزان ڪا، وَڻ وَليون ويڙهي وَئي،
    ڪون ٿي ڪڻڇي ڪُڇي، نازڪ نظارن مُنهن مَٽيو.

    محبتون ڪيڏيون هُيون، هي ڪُلفتون آيون ڪِٿان،
    نفرتون پيدا ٿيڻ سان، دَرَ ديوارن مُنهن مَٽيو.

    ڏُکَ ڏَمرَ ۾ ڏيھ ڇَڏيوسين، ڪم اِهي قسمت ڪَيا،
    سار ناهي ڪنهن لڌي ڪا، اِنتظارن مُنهن مَٽيو.

    وَئي عُمر اڌڙاٽ گُذري، ناهي پيري ڪا پَري،
    آجيان ڪئي مون اَڇن جي، وارَ ڪارن مُنهن مَٽيو.

    سڀڪو آ سڀري جو ساٿي، ڪو ڪِريل جو ڪونَ آ،
    آهي اَڀرن جو خُدا، سانوڻ سيارن مُنهن مَٽيو.

    مائٽيءَ کان ڀي مَٿي آ، مال مِلڪيت ٿي “جمالَ”،
    آهي دولت جي نَشي ۾، مال وارن مُنهن مَٽيو.

    **


    هنج هُونگاري هَليا ويا، ڪانگ ڪارا ٿا ڏِسون.

    هنج هُونگاري هَليا ويا، ڪانگ ڪارا ٿا ڏِسون.
    محبتون وييون هَليون، دلبر دغارا ٿا ڏِسون.

    ڪاريُون ڪُنڊيون قَطاريو، ٿي جِتي چالُون چُنيون،
    اڄ اُتي مجبور ماڻهو، مالَ وارا ٿا ڏِسون.

    مُرڪ هُئي جن جي ته مُنهن تي، کِل خُوشي ڪيڏي نه هُئي،
    ڪُلفتون ڪاوڙ ڪَٽر، ۽ غم غبارا ٿا ڏِسون.

    اَنب، ڄاريون، ۽ ڄمُون، ناهي نِمن ۾ ڪا نَمي،
    دم ڌمايا ديوِين، ٽانگر نه ٽارا ٿا ڏِسون.

    ٿي ٿڌا پاڻي مِٺا، هر هنڌ جِت حاصل ٿِيا،
    اڄ اُتي واري وَسي پئي، کوھَ کارا ٿا ڏِسون.

    کير، کچڻيون کوڙ هُئا، ويا ڌڻ ڌنارن سان ڪَٺي،
    باغ ٿي بيدي ويا، مُشڪل گُذارا ٿا ڏِسون.

    پُر سُڪون ماحول ناهي، مُلڪ مُنهنجي جو “جمالَ”،
    موڪلائي وئي مُحبّت، قلب ڪارا ٿا ڏِسون.
     
    **


    مرحَبا آيا ڀَلي، محبُوب ليڊر مرحَبا.

    مرحَبا آيا ڀَلي، محبُوب ليڊر مرحَبا.
    تُنهنجي آمد سان ٿي پيا، مرغُوب منظر مرحَبا.

    هر قدم تي گُل ڇَٽي، ورکا کٿوريءَ جي ڪريان،
    ڇيھ مان ڇٽڪاريان، اڄ مُشڪ عنبر مرحَبا.

    موتيو مُگرو مان توتان، گهوريان گُلشن گُلاب،
    ۽ ڪريان قُربان ڪُل، هيرا جواهر مرحَبا.

    اَيٿُ تارو جيئن به اُڀريو، پيو سمنڊ آهي سُمهي،
    ويو ڇَڏي دهشت درياھ، ٿيو سُست ساگر مرحَبا.

    ٿي اڳي اڳواڻَ هَر هڪ، ساٿ سَڀرن کي ڏِنو،
    هاڻ پارت ٿو ڪريان، هيڻن جي هَر هَر مرحَبا.

    خيرخواه پنهنجن کان پَلپل، پيا اوهين وٺجو خَبر،
    ايئن ڪرڻ هي ٿِئي ٿو واجب، توتي آخر مرحَبا.

    جن پُلاھ پَڪوان کائي، پاڙ پنهنجن جي پَٽي،
    تن کي اک ۾ آهي رکڻو، هاڻ هَر هَر مرحَبا.

    راز جيڪو ٿي لِڪايم، پنهنجي دل جو عامَ کان،
    نيٺ ظاهر پيو ڪرڻ، جذبات جوهر مرحَبا.

    دل جي اَندر جو هي ٻاهر، عڪس آندو آ “جمالَ”،
    شعر ۾ شاعر ڪيو آ، ذوق ظاهر مرحَبا.


    -
    غمن جا بار ويا گهٽجي، لٿا پردا غَدارن جا.
    جَهڪا جوهر ٿيا جهٽ پٽ، مُنافق تن مڪارن جا.

    ڪري وحشت وَهايو جن، آهي بس خُون اِنساني،
    مُصيبت تن تي ٿئي نازل، هينئان ڦاٽن هچارن جا.

    “ڪراچي” سنڌ جي دل آ، اَمن جو شهر چئبو هو،
    اُنهيءَ ئي شهر ۾ اڄڪلھ، لهن ٿا سر هزارن جا.

    مُحبّت موڪلائي وئي، وڌي ويو ٻج نفرت جو،
    رَتن کي ويا لڳي ڄيرا، ٽُٽا رشتا پيارن جا.

    سُڪل وَڻ ٿي پيا ساوا، اهائي خُوش ته خبري آ،
    “خِزان جو کيل ٿيو پُورو، سبب بنيا بهارن جا”.

    “جمال” آهي دُعا گهرندڙ، رکي سجدي ۾ سر پنهنجو،
    امن لئه التجا آهي، لهن غم ڏُک ڏڪارن جا.

    **


    هُل نه هُوندئي حُسن جو، ٿيندئي پُڄاڻي پيارَ جي.

    هُل نه هُوندئي حُسن جو، ٿيندئي پُڄاڻي پيارَ جي.
    ڪا طَلب توکي نه رهندي، هارَ ۽ سينگار جي.

    ڪوبه چاهيندو نه توکي، هر طرف هُوندئي ڌڪار،
    ياد اُت ايندئي اسين، ويندئي لڳي ويچار جي.

    ناز نخرا ۽ ادائن، مان پتو هينئن ٿو پَوي،
    ڪيفيت ڄڻ مون ڏِٺي، ڪا برھ جي بيمار جي.

    حُسن وارو تون نه هِڪڙو، توکان وڌ آهن پيا،
    ٿي سياڻو سوچ تون، ڇڏ نازوَر ناڪار جي.

    اسم يڪسان آهي پنهنجو، جسم جو آ فرق ٿِيو،
    ڇَڏ جُدا جاني رَهڻ، تون هاڻ ڪر هاڪار جي.

    آزمائي ڀل ٻين کي، آ چڱو تولئه “جمال”،
    توکي پارت آ پيارا، پنهنجي هن پينار جي.


    “مَن مَڻئي موهي وِڌو، بس هٿ ڪيو مُون هارَ کي”.

    “مَن مَڻئي موهي وِڌو، بس هٿ ڪيو مُون هارَ کي”.
    هارَ کي هٿ ۾ کڻي، پئجي وِيس ويچار کي.

    مان هُيس هُوشيار پَر، ڪونرو ڪُپت ويئي ڪري،
    ڪونَ سمجهي مان سَگهيس، ڪونروءَ جي ڪوڙيءَ ڪار کي.

    داسَڙو ويو دل هَٽائي، ڪانڌ سان ڪاري ٿِيس،
    قُرب ڪوهيارل جو ساريو، ٿي سڪان سينگار کي.

    وَرَ وِڇوڙيو هو جَڏهن، ڄڻ هَڙ ڪري هَٿ مان پيم،
    رات ڏينهن روئي رڙي، پئي ياد ڪريان يارَ کي.

    جنهن ڪيو ٿي پيار پلپل، سو پرين پرچي نَٿو،
    سالَ سِڪ ۾ ويا لنگهي، تنهن دوست جي ديدار کي.

    مهر ڪر مونتي مِٺا، جاني پَسائي تُون “جمال”،
    غلطيون مونکان ٿيون جي، بخش ڪر بدڪار کي.


    ٿيا وهم و گُمان دل ۾، ته ڇو جاني جُدا آهي.

    ٿيا وهم و گُمان دل ۾، ته ڇو جاني جُدا آهي.
    کِلي مونسان رُسين ٿو تون، عجب تنهنجي اَدا آهي.

    ڪري سينگار تو سُهڻا، ورايا وار ٿي پنهنجا،
    کسي دل يار وئين تنهن دَم، غضب تنهنجي غَذا آهي.

    نڪو آ ننڊ نيڻن ۾، ويو آرام اکڙين مان،
    سڄڻ ايڏو ستائين ٿو، اڃان هيءَ ابتدا آهي.

    ڀلي ڏس آزمائي تون، زماني جي ته ماڻهن کي،
    دنيا آ لوڀ لالچ جي، نه ڪنهن ۾ ڪا وفا آهي.

    وفا جنهن سان ڪئي مُون ٿي، اُهو پڻ بيوفا نِڪتو،
    اڪيلو جي ٿيس آئون، مگر هُو ڀي تنها آهي.

    ڏِسان پيو ٿو زماني ۾، جفا هر ڪنهن ۾ جاري آ،
    ناهي سُورن سندو ساٿي، ٿيو هرڪو خفا آهي.

    “جمالَ” آخر جُدائيءَ جو، وڏو اَرمانَ آ توتي،
    اسان جي ماٺ آ دلبر، اوهان کي سڀ رَوا آهي.


    مُحبّت وئي تڏهن ڪُلفت، ڪٽر آهي اڃان تائين.

    مُحبّت وئي تڏهن ڪُلفت، ڪٽر آهي اڃان تائين.
    “قيامت کان زمانو، بي خبر آهي اڃان تائين”.

    شُروع هي سِلسلو، “هابيلَ” ۽ “قابيلَ” کان ٿيو آ،
    اُنهيءَ ڏينهن کان ئي قائم ٿي، قبر آهي اڃان تائين.

    جڏهن پنهنجا پراوا ٿيا، تڏهن غيرن لُٽيو هر دم،
    کَسي پئسو ۽ پاڻي ويا، حَشر آهي اڃان تائين.

    “ڪلاشنڪوف” جا ڪڙڪا، ناهي احساس انساني،
    “ڪراچي” شهر ۾ ٿيو، ڪوس گهر آهي اڃان تائين.

    وَڪوڙي ويرين وَرتو، سمُوريءَ سنڌ ڌرتيءَ کي،
    ڦٻائي هَڙ ويا پو ڀي، چَڪر آهي اڃان تائين.

    “جمال” آهي دُعا گُهرندڙ، خُدا کان خير جي خاطر،
    ڪَرم جو ڄڻ اسان تي ڪو، ڪَڪر آهي اڃان تائين.


    اَلائي ڇو ٿيو پيدا، اَندر ۾ اِنتشار آهي.

    اَلائي ڇو ٿيو پيدا، اَندر ۾ اِنتشار آهي.
    نڪو سُک چين آ حاصل، نه دل کي ڪو قرار آهي.

    وسارڻ ساڻ اڄ تُنهنجي، وَڌي ويو غَم غُبار آهي،
    اڃان شايد چَڙهيل توتي، خُوشامد جو خُمار آهي.

    رڳو رنگين وعدن تي، ٽُٽي ويو اعتبار آهي،
    مگر مُنهنجي ئي نالي سان، ايندو انکي بُخار آهي.

    اسان جو خير آهي پر، مُناسب هينئن نه هو توکي،
    اها مُنهنجي هَميشه لئه، رَهيل توتي مَيار آهي.

    بَهاريءَ جي هِن موسم ۾، نه آيو ڇو بَهار آهي،
    پَراون کي ڇڏي ڏي تون، نه پنهنجن ۾ پيار آهي.

    ڪرين ٿو هوڏ تون جنهن تي، اُها هستي هَلي ويندئي،
    صبحُ سان ئي پُڪاريوسين، اسان پَروردگار آهي.

    “جمالَ” آهي اڃان توکي، سُڃاڻپ ڪونَ ڪا ڪنهن جي،
    قَدر قيمت ڪندو ڪهڙي، هُو جاتيءَ جو لوهار آهي.


    هوش هُن جو اُڏاري ڇَڏيو مُون.

    هوش هُن جو اُڏاري ڇَڏيو مُون.
    “هر تَمنّا کي ماري ڇَڏيو مُون.

    سُڪل ڪاٺيون ٿو سَڀڪو جَلائي،
    ساوَن جهنگن کي ٻاري ڇَڏيو مُون.

    ماري ماري مَڃايو مُون هُن کي،
    چيري چچري، ٻُهاري ڇَڏيو مُون.

    بغض، ڪينو، حسد جن ڪيو ٿي،
    حوصلو تن جو هاري ڇَڏيو مُون.

    عشق اُلفت جو، دُشمن ٿيو جيڪو،
    تنهن کي دُنيا کان، کاري ڇَڏيو مُون.

    رات ڏينهن جنهن، رُوئاريو ٿي مُونکي،
    نيٺ انکي، رُوئاري ڇَڏيو مُون.

    درد دل ۾ نه باقي رهيو آ،
    بيوفا کي وساري ڇَڏيو مُون.

    جنهن به محفل ۾، مُحبّت ملي ٿي،
    انکي دل ۾، ويهاري ڇَڏيو مُون.

    حُسن جَلوو، “جمالَ” کي ٿيو حاصل،
    بخت پنهنجو سنواري ڇَڏيو مُون.


    هَلي چوٻول پئي چُرپُر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    هَلي چوٻول پئي چُرپُر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.
    ڏينهون ڏينهن حال آ اَبتر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    ٽُٽي ويا روڊ ۽ رَستا، صفائي ناهي ڪا سائين،
    گهٽين ۾ آ گٽر گَهر گَهر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    چَڙهي وَئي چيز هر هَڪ آ، اَڌو اڌ اگھ مَٿي آهي،
    نه آفيسر ڪو آيو نَر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    وَڏا واپاري سڀ واڻيا، وڌائي چيز اڄ ويٺا،
    پُراڻي جن جي آهي پَر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    رَوينيو جا ڪلارڪ پُڻ، رکن “ڊي سيءَ” جو پاوَر ٿا،
    سپاهيءَ ڪنهن ۾ ناهي سُر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    موالي مست مستيءَ ۾، نه سُڌريا واپڊا وارا،
    رَوش تن جي نه ٿي بَهتر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    جُوئا، چوري، ۽ گُهٽڪي تي، ٿيو ڪو ضابطو ناهي،
    کپي ٿو ظالمن کي زَر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    مَزوري ناهي ماڻهن لئه، رُڳو آ بُک ۽ بيماري،
    نٿو ڏي هاڻ ڪو اوڌر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    بَجٽ آئي کپي ويئي، جيالن جيب ويا ڀَرجي،
    جُوئاري هُئا جي، جُوکا تر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    هتي پيا ماستر صاحب، مَزا ماڻينِ ميڊيا جا،
    ڪي اخبارن جا ايڊيٽر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    وچن وعدا ڪيا جن هئا، ملڻ آ تن جو مُشڪل ٿيو،
    لڀن ٿا ڪين سي ليڊر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    هِتي جو يار صوبيدار، گهريءَ ننڊ ۾ آهي،
    تپايو آهي چورن تَر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    ڪروڙين جن ڪمايا هُئا، ٺڳيءَ جا ٺاهي بِل ڪوڙا،
    ڪري عُمرو آيا هينئر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    اڃان تائين غريبن کي، ملي ڪوڏي به ڪا ناهي،
    رڳو دعويٰ پيا ڪن دلبر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.

    “جمالَ” آهي بنايو هي، غزل غمگين ٿي غم ۾،
    ڪرم پنهنجو ڪو قادر ڪر، اسان جي “ساڪري” هن ۾.
     


    هر گَهڙي پلپل پَون ٿا، پُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    هر گَهڙي پلپل پَون ٿا، پُور تنهنجا ٻئي طَرح.
    ڪونَ ٿا مَن تان لَهن، مذڪُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    مُونکي گُهورن آهي گهايو، هاءِ گهوڙا ڇا ڪريان،
    ظاهري ناهِن زخم، پر سُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    تنهُنجي نيڻن جي نَشن، مدهوش مونکي آ ڪَيو،
    ري پيئڻ جي ٿي پيا، مخمُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    تُنهنجو مُرڪڻ”، ۽ “مِلڻ”، ٻيو خُوب خُوش ٿي خُود “کِلڻ”،
    “ساريءَ” دُنيا کان سَڄڻ، دستُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    ڪونَ آ ٻئي جي ضَرورت، تون رڳو راضي رَهين،
    سڀ حُڪم مون ٿي ڪيا، منظور تنهنجا ٻئي طَرح.

    “مارئيءَ”، “سَسئيءَ”، ۽ “سُهڻيءَ”، نِيازَ “نُوريءَ” جي ڪَري،
    ٿِيا “تماچيءَ” جيئن هُئا، مجبُور تنهنجا ٻئي طَرح.

    حُسن تنهنجي جا هَزارين، معتقد آهن مُريدَ،
    مون جهڙا مسڪين ٿيا، مزدَور تنهنجا ٻئي طَرح.

    سالَ سِڪندي ٿيا گهڻائي، تُنهنجي جَلوي لئه “جمالَ”،
    پر ملڻ لئه ٿيا مِٺا، منشُور تنهنجا ٻئي طَرح.


    پاڻ “سَسئي” ۽ “پنهل” ٿي، پيارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    پاڻ “سَسئي” ۽ “پنهل” ٿي، پيارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.
    دوست دلبر تان فِدا ٿي، يارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    قُرب بس اهڙو ڪَريون، جو مات “مجني” کي اَچي،
    عشق “سُهڻيءَ” جو رَکي، ميهارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    ڀروَسو ڇا زندگيءَ تي، ڪر نه ڪاوڙ اَچ قَريب،
    محبتي ميلا ڪَري، منٺارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    رَس رقيبن سان رکي تُون، راز رهزن کي نه ڏي،
    ڪيئن ڀَلا دُشمن اڳيان، غمخوارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    پاڻ “جَنّت” جي نُما، هڪ جوڙيون پنهنجو جَهانِ،
    هارَ ٻانهُن جا وِجهي، گُلزار جون ڳالهيون ڪَريُون.

    قُرب جي ڪَشتي وڃي، پُهتي آ “ساحل” جي قَريب،
    ڪيئن ڪِنارن جي سَوا، هُن پارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    “جوهري” اهڙو ڏِسون، جو “دل کي دل” سان ڏي “ڳنڍي”،
    جيءَ کي جيءَ سان جَڙي، جنسارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    “مَئي” پياري مُحب مونکي، مست “محفل” ۾ ڪَيو،
    اِن کان وَڌ ٻي ڇا خُوشي، مَئيخوارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.

    “ڏينهن”، “هفتا”، ۽ “مَهينا”، “سال”، “صَديون” ويا مَٽي،
    “هَمنشينو وقت جي رَفتارَ جون ڳالهيون ڪَريُون”.

    دِل ڏِيڻ ۽ دل وَٺڻ، سودو نه سولو آ “جمالَ”،
    حُسن جي هَٽ تي هَلي، واپارَ جون ڳالهيون ڪَريُون.


    مُخالف لئه تِکي تلوار، آهيان، هئس ۽ رهندس.


    مُخالف لئه تِکي تلوار، آهيان، هئس ۽ رهندس.
    ڪندو ويريءَ مٿي مان وار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    اَميرن سان نه پئي پنهنجي، خُوشامد مان نه ڪھ ڄاڻون،
    غريبن جو يقيناً يار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    پَلنگ ۽ پوش پوشاڪُون، نه موٽرڪار آ مون وَٽ،
    غريب آهيان غريبي ٻار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    ڪئي اڳرائي ڪا ناهي، پرائي توڙي پنهنجي سان،
    وِڙهڻ کان پو بِنھ بيڪار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    سڄڻ لئه صاف سينو آ، مُخالف جو نه آهيان مان،
    سچي ساٿيءَ سندو غمخوار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    تَصوّر ئي تَصوّر ۾، دٻايان دُشمنن کي ٿو،
    تڏهن دُشمن جي دل تي بار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    پَرائي ٻوڙ “ٻڪرن” جي، نه ڳوليان ٿو مان ڳوٺن ۾،
    نه مانيءَ جي پُٺيان ٿيو خُوار، آهيان، هئس ۽ رهندس.

    “جمالَ” آهيان اَصل کان ئي، ثناگر پنهنجي سُهڻي جو،
    لِکندو عِشق ۾ اَشعار، آهيان، هئس ۽ رهندس.


    اَميراڻي نه آ عادت، غريب آ هيون گَهراڻي جا،

    اَميراڻي نه آ عادت، غريب آ هيون گَهراڻي جا،
    اسين مسڪين مولائي، نه صوبيدار ٿاڻي جا.

    اسان جي صاف دل آهي، ڪَدُورت مان نه ڪُجھ ڄاڻون،
    اسين مشتاق آهيون ٿِيا، پرينءَ پنهنجي پُراڻي جا.

    اسان جو پيار پاڪيزه، اسان جو عشق البيلو،
    اسين ماڻهو مُحبّت جا، نه آهيون نوٽ ناڻي جا.

    نٿا “اقبال” کي ڄاڻون، نه “غالب” ساڻ گهرائي،
    اسين طالب “ڀٽائيءَ” ۽ “سچل” “ساميءَ” سياڻي جا.

    ملي جنهن کان به عزّت ٿي، اُنهيءَ کي پنهنجو ٿا سَمجهون،
    مُخالف ڪونَ آهيون ڪنهن، “ميراڻيءَ” ۽ “مُهاڻي” جا.

    حَسينن ساڻ دل آهي، هِنيون هِرکيو وڃي تن ڏي،
    اسين نوڪر جي آهيون ته به، نظر “نرگس” نِماڻي جا.

    “جمالَ” آهي جَنم وَرتو، غريباڻي ته آ گهر ۾،
    اسين هيراڪ ناهيون ڪنهن، نرم هنڌ ۽ وِهاڻي جا.


    “اکين جي عيد اڄ ٿيندي، صَنم مهمان ٿيڻو آ”.

    “اکين جي عيد اڄ ٿيندي، صَنم مهمان ٿيڻو آ”.
    پيارل جي ته پهچڻ جو، عجب احسان ٿيڻو آ.

    ڪڍي ڪاوڙ اندر مان سڀ، اَچڻ وارو عجيب آهي،
    اسان جي عشق اُلفت جو، اِجهو اعلان ٿيڻو آ.

    پرين مون وٽ جڏهن ايندو، مُحبّت جو مزو ٿيندو،
    رقيبن کي رَوش اِن تي، جَجهو جولان ٿيڻو آ.

    وِڇائي واٽَ تي گُلڙا، اَدب سان مان اُٿي بيهندس،
    مِلڻ ۽ اُن جي مُرڪڻ تي، ڪُسي قُربان ٿيڻو آ.

    خُوشيءَ ۾ خُوش ڏسي مُونکي، مَري موذي ويندا مُنڪر،
    اسان لئه عيد ٿي ويندي، اُنهن اَرمان ٿيڻو آ.

    “جمالَ” آهي شُڪر رب جو، پيارل پيو پرين پرچي،
    عجيبن جي اَچڻ سان ئي، دِلي درمان ٿيڻو آ.


    حال هي پنهنجو ڏِسي، ڪُجھ سوچَ ۽ ويچار ڪر.

    حال هي پنهنجو ڏِسي، ڪُجھ سوچَ ۽ ويچار ڪر.
    شعر شاعر جا ٻُڌي، ڪنهن تان نه چٿري يارَ ڪر.

    ميزبان ڪهڙي نَموني، آجيان ڪَئي آ عَجيب،
    پنهنجي هن مهمانَ سان، ايڏو نه تون تڪرار ڪر.

    ڪنهن ۾ گهٽ، ڪنهن ۾ گهڻائي، عيب آهن اي اَدا،
    مسخريون اهڙيون ڪَري، بيحد نه بس بيزار ڪر.

    ڪونَ هُئي ڪنهن کي خَبر، هردم هَلي ٿي هِت هُٽينگ،
    چَئو ڀَلا هَليا وڃون، يا بند هيءَ گُفتار ڪر.

    آهي عِزّت جنهن کي پنهنجي، تنهن کان عِزّت ٿي مِلي،
    ڪين ڪنهن جي دل رنجائي، ايترو آزار ڪر.

    ڀوڳ چرچا ڀَل ڪَريو، اِخلاق جي ڪنهن حد اَندر،
    پر صفا هر ڪنهن مٿان، هي هُل نه تون هوڪارَ ڪر.

    درگُذر سڀ ٿا ڪريون، جيڪا به ٿي جنهن کان “جمالَ”،
    نفرتون دل مان ڪڍي، اُلفت سندو اِقرار ڪر.


    ارادو هو ته ٿي پَوندس، وڏو ڪو ڊاڪٽر بَنجي.


    ارادو هو ته ٿي پَوندس، وڏو ڪو ڊاڪٽر بَنجي.
    مگر مجبور ٿي آخر، پيس مان ماستر بَنجي.

    ارادا ڇا هُئا دل ۾، رٿون ڪهڙيون ٿي رٿيم پَر،
    مڙيئي پيٽ پالڻ جو، پيو هي هڪ گُذر بَنجي.

    تري تصوير ٿي تنهنجي، سدائين دل جي شيشي ۾،
    سِڪڻ، سارڻ، ٿيو پيدا، اِلاهي دل اَندر بَنجي.

    خُوشيءَ سان دل کَسي هُئي جنهن، اُهو محبُوب اڄ مِليو،
    لڳي وئي ميخ مُحبّت جي، پياسين هڪ جگر بَنجي.

    لڳي ڄڻ ڪو ويو جادو، پرينءَ مُنهنجي پياري کي،
    ملڻ لئه ٿي پس پيدا، هِنيين ۾ هُل حشر بَنجي.

    هُئي جا آرزو دل ۾، اُها پرور ڪئي پُوري،
    اچي بادل مٿان بيٺا، وسڻ لئه ڄڻ ڪڪر بَنجي.

    کِلي خوش ٿي ڏيو “کيرُون”، مُرادون منهنجون پُوريون ٿيون،
    حَسد مونتي ڪيو جنهن ٿي، اُهو ويو دربَدر بَنجي.

    “جمالَ” آئي وري واپس، بَهاري دل جي گُلشن ۾،
    سُکن جو ساٿ ٿيو سارو، سمورو سربَسر بَنجي.


    اي ڌڻي تون مهر پروَر، هاڻ بارش بند ڪر.

    اي ڌڻي تون مهر پروَر، هاڻ بارش بند ڪر.
    تو سَوا ٻي ناهي واهر، هاڻ بارش بند ڪر.

    “ساڪرو”، “سائين گولائي”، ۽ “ٻُهارا” ويا ٻُڏي،
    دربَدر ٿيو آهي گَهر گَهر، هاڻ بارش بند ڪر.

    “پُنبري” ۽ “پَٽ مڙهو”. ويو حال “هالاٺيءَ” سندو،
    ڪلهي تي آ تن جي ڪوڏر، هاڻ بارش بند ڪر.

    “ليٽ”، “ٽاڪاڻي”، “لڌيه” ويو “ماکِياري” مان مَزو،
    آهي ٿيو “مُوساٽ” “منڇر”، هاڻ بارش بند ڪر.

    ۽ “ڪَلر سرڪاري”، “ڊُونڊي”، “پارڙو” پاڻي ٿيو،
    ڄڻ لڳي پئي آهي “ڪينجهر”، هاڻ بارش بند ڪر.

    “موليپوٽا”، “ماسودي”، “ڪڪڙانڊ” جو ويو ڪم لَهي،
    ناهي “ڀانيري” ۾ ڪا ڀرَ، هاڻ بارش بند ڪر.

    ٿيا “بُڪيراڻيءَ” ۾ بيوس، “چوبندي” چَٽ ٿي وَئي،
    “وارکيءَ” وارن مان ويو وَر، هاڻ بارش بند ڪر.

    ويا هَليا “گدرا” “هنداڻيون”، “ديھ دُٻو” وئي دَم ڇَڏي،
    پيا رُوئن ظالم زوراوَر، هاڻ بارش بند ڪر.

    ٻيا به پاسا ٻوڏ ۾ پَر، “ساڪرو” سارو “جمالَ”،
    ڪڍ ڪَڪَر ڪاڪار ٿئي، ٻئي طرف مينَهن جي مِهرَ ڪر.


    سدائين آسرن تي آ، گُذاري سڀ ڄَمار آهي.


    سدائين آسرن تي آ، گُذاري سڀ ڄَمار آهي.
    مگر تنهن چالبازيءَ کي، ويو سمجهي ٻار ٻار آهي.

    غريبن کي ڏٽا ڏيئي، ڪيو دوکو دغا تو آ،
    ٽُٽي ويو “ساڪري” وارن جو، توتان اعتبار آهي.

    دغا سان دل ڀَريل تُنهنجي، نه آهين صاف سيني جو،
    سچو ڪنهن سان نه تون ٿيندين، اندر تُنهنجو انگار آهي.

    اَلائي ڪيئن اسين تُنهنجي، چَڪر ۾ يار آياسين،
    ويهارو سال کن تُنهنجي، وَهي وياسين وَنگار آهي.

    نڀاڳا آيو جيئن آهين، سُکن کي ڪونَ ٿا سنڀرُون،
    اوهان جي ئي اچڻ سان هي، مِليو ڏيھ کي ڏُڪار آهي.

    نڪو “روٽي”، نڪو “ڪپڙو”، “اَجهي” جو آسِرو ناهي،
    وڃي ڪنهن جي اهو در تي، نه جنهن وٽ روزگارآهي.

    رُوئن مسڪين پيا ماڻهو، کڻي هَٿ خاص “خالق” ڏي،
    “صُبح و سانجهي”، “اَسر آڌي”، رڳو تن اوڇنگارآهي.

    “جمالَ” آئون جيالن کي، ڏسان ٿو جُوفَ جي خاطر،
    ٻَڌن هر ڪنهن اڳيان هَٿ پيا، رُوئڻ زارو قَطار آهي.
     


    وَرهين کانپوءِ ويچارو، کڻي اڄ ڪار آيو آ.

    وَرهين کانپوءِ ويچارو، کڻي اڄ ڪار آيو آ.
    وَٺي جو ووٽَ ويو اڳ ۾، ڀڳل ڀوتارآيو آ.

    اسان جنهن جا ڏنا ختمان، ڪُنيون مانيون ڪرايون سڀ،
    اُهو اڄ ساڳيو ماڻهو، وَڏي لاچار آيو آ.

    ٻَڌي هَٿڙا ٻئي ٻانهُون، رکي ٽوپي پيو پيرن تي،
    فقيرن کان وٺي ڌاڳو، پنڻ پينار آيو آ.

    پُراڻن کي به پرکيوسين، نئون نِروار ٿيو نِڪري،
    بُخارن مان اُٿي اڄ هي، بِنھ بيمار آيو آ.

    چَڙهيو تان ڪُجھ چڱو آهي، ڪِريو جي ڪنڌ ڀَڄي پَوندس،
    مگر ڪُرسيءَ جي خاطر سَڀ، سَهڻ آزار آيو آ.

    “جمالَ” آهي سدائين سچ، حقيقت حق چيو سڀ کي،
    ڏِسي ڪردار اڄ هُن جو، لکي اَشعار آيو آ.


    مُنهنجي هِڪ هِڪ لفظ جو، ڏي لالچي ليڊر جَواب.

    مُنهنجي هِڪ هِڪ لفظ جو، ڏي لالچي ليڊر جَواب.
    بند ڪر تقرير پنهنجي، کوڙ ٿيو تنهنجو خِطاب.

    ڪالھ ڪهڙا ڪم ڪيا تو، ناهي توتي ڀروَسو،
    ڪوبه ڪونهي دين تنهنجو، آهين ڪاسائي قصاب.

    هي گٽر هي گند ڪچرو، روڊَ هي رستا ڏسو،
    ڪهڙي مُنهن سان آيو آهين، اڄ اسان وٽ تون جَناب.

    چار ڀيرا تو اسان کي، آ بنايو بيوَقوف،
    ماس ماڻهن جو پچائي، تو ڪيو قيمون ڪباب.

    تُنهنجي ليڊرشپ منجهان، نُقصان ٿيو آقوم جو،
    ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن تو مَٿي، بس نيٺ اَچڻو آ عَذاب.

    جنگ توسان آهي جڳ جي، ڪين هڪڙو آ “جمال”،
    اِن مِڪر ۾ تون مَداري، ڪونَ ٿيندين ڪامياب.


    سونَ جهڙي مُنهنجي سُهڻي، آ سُونهاري سنڌڙي.

    سونَ جهڙي مُنهنجي سُهڻي، آ سُونهاري سنڌڙي.
    شل نه ڏکيو ڏينهن ڏِسي، ڀاڳن ڀَلاري سنڌڙي.

    تون “ڀٽائيءَ”، ۽ “سَچل”، “احمد مَلاح” جي سَرزمينَ،
    آ “قلندر” تو ۾ آيو، مانَ واري سنڌڙي.

    تو ۾ “هوشو”، تو ۾ “دودو”، تو ۾ “دريا خان” هو،
    تو ۾ ٻاگِهلَ، مِهرراڻي، جيءَ جياري سنڌڙي.

    “مارئيءَ”، “مومل” ۽ “سُهڻيءَ”، ناز “نُوريءَ” ٿي ڪَيا،
    تو ۾ “سسئُيءَ” هُئي “پُنهل” سان، پرت پاري سنڌڙي.

    مُحبتي سڀ تُنهنجا ماڻهو، سانَورا سُهڻا سُنهَن،
    موجزن “مهراڻ” تو ۾، جامَ جاري سنڌڙي.

    تُنهنجون پوکُون سڀ پياريون، “ڪڻڪ”، “ڪيلا” ۽ “ڪمند”،
    خُوش هجن تنهنجا سدائين، “هاري ناري” سنڌڙي.

    سُک سوين تو ۾ ٿين، ڪوسو نه توکي واءَ لڳي،
    شاد ۽ آباد هُج، دلبر دُلاري سنڌڙي.

    مَٺ گُهرا تُنهنجا مُخالف، هيچ هَڙَ هُوندا هَميشه،
    شالَ دنيا ۾ ڪَري، توکي سوڀاري سنڌڙي.

    تو ۾ “ڌاڙا” دوست ٿي، ڌاريان اَچي ٿا هِت هَڻن،
    پو به ڇو خامُوش آهين، تون پياري سنڌڙي.

    هي مِليو تحفو اسان کي، آهي “جَنّت” جي نُما،
    حُسن وارن جي ڪرين ٿي، آبياري سنڌڙي.

    نازَ نازڪ ڪن ٿيون ناريون، حُسن ۾ “حُورن” مِثال،
    گهٽ نه غِلمانن کان نينگر، نِت نياري سنڌڙي.

    “گئس” هن ۾ “تيل” هن ۾، هن ۾ ٿر جو “ڪوئلو”،
    ٻيا به ڌاتو ڪيترا، سرسبز ساري سنڌڙي.

    تو ۾ پيدا ٿيو “پَنائي”، آ “مجيدي” ۽ “جمال”،
    “منشي” ۽ “سرويچ” جي، آهين سگهاري سنڌڙي.


    مِٽَ ۽ مائٽَ مون ڇَڏيا، مُنهنجا مِٺا تُنهنجي ڪَري.

    مِٽَ ۽ مائٽَ مون ڇَڏيا، مُنهنجا مِٺا تُنهنجي ڪَري.
    مَٺ گُهرا منهنجا مُخالف، ٿي رُٺا تُنهنجي ڪَري.

    رندَ ڏسان راهُون نِهاريان، رُوحَ ۾ آهين رُڳو،
    منهنجي اَکڙين مان اَچانڪ، مينهَن وَٺا تُنهنجي ڪَري.

    ٿي تَري تصوير تُنهنجي، محب مُنهنجي مَن اَندر،
    مون سَٺا ماڻهن جا مَهڻا، مھ لقا تُنهنجي ڪَري.

    تُنهنجي “مُحلي” ۽ “گِهٽيءَ” مان، دَرَ تان دَم دَم ٿو مَٽيان،
    ڏينهن ۾ ڏَھ ڏھ دفعا، مون وَرَ ڏنا تُنهنجي ڪَري.

    سخت سردي ۽ سِيارو، سيءَ سڄڻ ساڙي ڇَڏيو،
    غير پئجي ويا پُٺيان، اڄ اَڻ لَکا تُنهنجي ڪَري.

    هَٿ ٻَڌي تُنهنجي اڳيان، حاضر ٿِيس ٿي حُڪم تي،
    تو چيو جيئن، تيئن ڪيو مون، دلرُبا تُنهنجي ڪَري.

    هار هيرن جو تون آهين، حُسن وَر جاني “جمالَ”،
    مُفت ۾ هڪڙو ڏيان، ته به لَک سَوا تُنهنجي ڪَري.


    صبر تحمل، سچائي ۽، سکي ڪو سادگي مُونکان.

    صبر تحمل، سچائي ۽، سکي ڪو سادگي مُونکان.
    نرم دل ۽ نرم لهجو، نرم ناراضگي مُونکان.

    پراوا ڪين پنهنجا ٿِيا، ڪيو پنهنجن پَري آهي،
    عزيزن جي رَوش اهڙي، پُڇو بيگانگي مُونکان.

    صنم سامهُون اچي ويٺو، گڏي گوڏو هو غيرن سان،
    ڀلا برداش ٿي سَگهندي، اها شرمندگي مُونکان.

    فَقط هڪ تون ئي آهين جو، رَهان تُنهنجي سَهاري ٿو،
    جُدا ٿي وئين جڏهن جاني، ويئي آسودگي مُونکان.

    چَمن جو چهچٽو چَٽ ٿيو، کِلي خُوش ٿي خِزان آئي،
    “الائي ڇو خفا آهي، بهارِ زندگي مُونکان”.

    “جمال” آهي اوهان جي ٿيو، حُڪم تي هر گهڙي حاضر،
    ٻُڌائي تون ته ٿي ڪهڙي، نِپٽ نادانگي مُونکان.


    وِجهي ڀاڪر ڀَڄي هُن ڪئي، عدم موجودگي مونکان.

    وِجهي ڀاڪر ڀَڄي هُن ڪئي، عدم موجودگي مونکان.
    ٻين سان خوش رهي ٿو پَر، آهي ناراضگي مونکان.

    ڏَهيسر هو ڏسڻ ۾ پَر، جهلي داٻو نه هو سَگهيو،
    هَڪل هڪڙي ڪيم هن کي، ويو دُشمن ڀَڄي مونکان.

    يَهودين جي مساڻن ۾، جڏهن مون پير هُئا پاتا،
    ڪفن چيري قبر مان سي، ڀڄي ويا سڀ ڀنگي مونکان.

    اُهو ڀي دَور هوندو هو، ٽِپيا ٿي مون وڏا واٽر،
    اچي پيريءَ ڏنو پاسو، نَٿي ٽپجي ونگي مونکان.

    هُوندئي هُئي ٽِڪ ڦَڻي هردم، سدائين يارَ کيسي ۾،
    لڳي ڪا بد نَظر ڪنهن جي، وڃاجي وئي ڪنگي مونکان.

    عجب اُڻتڻ “جَمالَ” آهي، اُداسي مَن ۽ مايُوسي،
    “الائي ڇو خفا آهي، بهارِ زندگي مونکان”.


    اسان جو ڏِس ته هي ڪهڙو، ٿيو ناقص نظام آهي.

    اسان جو ڏِس ته هي ڪهڙو، ٿيو ناقص نظام آهي.
    اميرن لئه اکيون اوڇڻ، ۽ اڀرو ٿيو غُلام آهي.

    اُٿي اڌ رات جو آئون، دُعائون ٿو گُهران دل سان،
    مُخالف سڀ مَرن منهنجا، ۽ سڄڻن کي سلام آهي.

    پَڙهي “ياسين” کي هَر هَر، دٻايان ٿو مان دُشمن کي،
    انهيءَ جي آخري منزل، ٿي مڪليءَ جو مُقام آهي.

    خُدا هڪڙو ئي “واحد” آ، ٻين جي ڇَڏ تون ٻانهپ کي،
    ذِڪر ذاتي ڪري ڏس تون، عَجب اُن جو اِنعام آهي.

    ڀَلا ڪهڙا نه ڪن ٿا ڪم، پڙهي ڪلمون مسلمان ٿي،
    تونگر ٿي تباھ ويندا، جِنين کاڌو حَرام آهي.

    تَڪبُّر ۽ وَڏائي ڇَڏ، گلا غيبت نه ڪر ڪنهن جي،
    ٻُڌو قرآن ۾ تو آ، انهيءَ جو ڇا انجام آهي.

    نرالا دَور دنيا جا، زماني ۾ “جمالَ” آهن،
    اڳي ناسمجھ هو جيڪو، نه ان کي ڪو لغام آهي.


    (نافرمان شاگردن کي نصيحت)


    خُود خُدا شايد رَسي ويو، آهي اڄ بغداد تي.


    خُود خُدا شايد رَسي ويو، آهي اڄ بغداد تي.
    پيو يَهودي بَم وسائي، ناز سان ناشاد تي.

    “زائفائون”، “نينگرا”، ۽ ناس ٿي ويا نوجَوان،
    ڪربَلا ٻيهر ٿي پيدا، خُود خِطي آزاد تي.

    “بُش، بليئر” وقت جا، “فِرعون” ڄڻ ٿي پيا “يزيد”،
    قهر ڪو قادر ڪري، اِنساني اِن صيّاد تي.

    “ناصِره”، “بصره” ۽ ٿيو، “بغداد” ۾ بغداد آ،
    لعنتون لَک لَک هُجن، اي تُنهنجي اِن اِمداد تي.

    بَس “نَجف”، “ڪرڪُود”، ۽ “مُوصل” سندو منظر ڏِسي،
    وارَ ويا ڪانڊارَجي، اکڙين رُنو اُن ياد تي.

    يا خُدا پنهنجي پياري، مُصطفيٰ جي واسِطي،
    ڪر مُصيبت ڪا تون نازل، غير جي اِتحاد تي.

    قطرو هر هڪ خُون جو هي، رنگ لائيندو “جمالَ”،
    منهنجا آقا رحم ڪر، اڀرن جي تون اولادَ تي.


    (1999ع ۾ عراق تي آمريڪي حملي دَوران لکيل)


    “عُمر هن ڪوٽ تُنهنجي ۾، گَهڙي هڪ ڪونَ گهاريندس”.

    “عُمر هن ڪوٽ تُنهنجي ۾، گَهڙي هڪ ڪونَ گهاريندس”.
    کٽونبا ۽ کُنڀيون کائي، غريبن سان گُذاريندس.

    پُلاھَ پَڪوانَ تون کائي، ڪرين ٿو خُوب خُوشيون پَر،
    پلنگ ۽ پوش تي ويهي، نه ويڙهيچا وساريندس.

    لَٽا ليڙُون ٿين مُنهنجا، ڀَلي پئي چيڙ چوٽيءَ ۾،
    مَلي مُنهن تي عطر عنبر، نه وارن کي مان واريندس.

    نهاري رات ڏينهن راهُون، اچن ٿا اشڪ اکين مان،
    پُڪاري تن پنوهارن لئه، هنجون پئي روز هاريندس.

    عمر مونکي اجازت ڏي، مِلان موٽي مان مارَن سان،
    ڇَپَر ۾ ڇيلڙا ڇوڙي، وڃي چيهن ۾ چاريندس.

    عمر آهيان اباڻن جي، ويندس آخر اُنهن وٽ ئي،
    وَلر کولي وَٿاڻن مان، ڍٻن ڍورن ۾ ڍاريندس.

    “جمالَ” آهي اباڻن جي، عجب اُڻتڻ لڳي مون کي،
    کٿيرين سان کِلي خُوش ٿي، وڃي پيمانَ پاريندس.


      ڀلي لوئي ٿئي ليڙون، ٽُٽل ٽُڪرا ٽُڳائينديس.

    ڀلي لوئي ٿئي ليڙون، ٽُٽل ٽُڪرا ٽُڳائينديس.
    کڻي سوئي سنگهارن جي، سَهيلين کان سُبائينديس.

    اسين مسڪين سڀ مارو، پَلنگ ۽ پوش ڇا ڄاڻون،
    ڀٽن جي ڀَر ۾ آهي گهر، اُهي ويڙها وسائينديس.

    ڳچيءَ ۾ هارَ مان پائي، وِجهان ڪيئن قيمتي ڪَپڙا،
    نه چوٽيءَ کي “چندن” لائي، “عطر”، “عنبر” مان هارينديس.

    سِتم سَختين ۽ سورن جا، ڪنديس احوال سڀ روئي،
    “عُمر آزار هي تُنهنجا، سنگهارن کي سُڻائينديس”.

    ٿيا ميرا اَٿم ڪپڙا، پيو آ چيڙ چوٽيءَ ۾،
    اباڻن کان اڪيلو ڪيئن، مَٿي ۾ ميٽ پائينديس.

    مُنگها، مُڱرال، مَڪ ميڙي، پٽيون پيرُون پَلاندن ۾،
    پُلاھ پَڪوان سڀ تنهنجا، کڻي وڃ ڪين کائينديس.

    “جمالَ” آهيان اَباڻن جي، وڃان شل مان اُنهن وَٽ ئي،
    مِلي مُرڪي مان مارن سان، اُتي عيدون ملهائينديس.


      عُمر ايڏي نه ڪر ڪاوڙ، دُکائي دل ڌنارن جي

    عُمر ايڏي نه ڪر ڪاوڙ، دُکائي دل ڌنارن جي.
    اِنهن داٻن ۽ دڙڪن سان، وَڌي سِڪ ٿي سنگهارن جي.

    نه هُوندئي هوڏ ۽ هَستي، مَري ويندئي مگر مَستي،
    ٿيندئي برباد ٿي بَستي، پَوندئي پِٽَ پنوهارن جي.

    توکي آ ناز دولت تي، مونکي غَم آهي غيرت تي،
    ويهي حاڪم حڪومت تي، نه لاهي پَت پيارن جي.

    ڪِري ڪُل ڪوٽَ پڻ پَوندئي، نَڪي هُل هاڪَ هِت هُوندئي،
    وطن ويران ٿي ويندئي، هُوندئي ٻاڪارَ ٻارن جي.

    “دُنيا، عُقبيٰ” ۽ “بَرزخ” ۾، هُجي دل مُنهنجي “دوزخ” ۾،
    هُوندس جنهن حال ۽ رُخ ۾، ايندم اُت ياد مارن جي.

    ڊَهي ويندئي مَحل ماڙيون، نه هُوندئي تاڪ جون تاڙيون،
    سَهيلين پُڻ سَڳيون ساڙيون، ٻُڌي تِن اوڇنگارن جي.

    “جمالَ” مُونسان تو ڪئي اهڙي، ڪندو ٻيو ڪونَ تو جهڙي،
    تو ڪئي جهڙي نڪا تهڙي، ناهيان هيراڪَ هارن جي.


      اُتر پاسي اَباڻن ڏي، ڇَمر ڇٽڪار ٿي هُوندي.

    اُتر پاسي اَباڻن ڏي، ڇَمر ڇٽڪار ٿي هُوندي.
    اَڇا نِيرا ڏِسو بادل! وڏي وَسڪار ٿي هُوندي.

    ڪَڪَر ڪارُون ڪري مُنهنجي، هُوندا مارن مَٿان بيٺل،
    پَلر پاڻيءَ جي پَلٽڻ جي، گهڻي ڌڌڪار ٿي هُوندي.

    رَچائي “رَعد” سڀ رنگڙا، “کنوڻ” کيرون ڏنيون هُونديون،
    هوا ٿڌڙي وَرڻ سان ڄَڻ، ٿڌي ٿڌڪار ٿي هُوندي.

    ڦُٽي سڀ ٻِج ۽ ٻُوٽا، نَرم نِروار ٿي نِڪري،
    گسن تي گاھ اُڀرڻ سان، گُل و گُلزار ٿي هُوندي.

    چڱا “چيها”، “مُنڊيري” ۽، “مُنگها”، “مُڱرال” موري سڀ،
    سُٺي سرسبز ساوڪ سان، جَجهي جنسار ٿي هُوندي.

    رنڀي “رايُون ۽ ٻولهايون”، ڀِڄي ڀُونءَ مان آيون هُونديون،
    مِٺن منهنجن ته مارن ۾، هَڪل هُونگار ٿي هُوندي.

    مَچائي تِن هوندي محفل، خُوشيءَ سان کاڄ بس کائي،
    ڀِٽن پاسي هوندن ڀُونگا، ڀَلي بازار ٿي هُوندي.

    ڏُکن جا ڏينهن ويا گُذري، سُکن جا ساٿ ٿيا سامهُون،
    بَهاريءَ جي اَچڻ سان بَس، کِلڻ کيڪارَ ٿي هُوندي.

    سبز پوشاڪ ڄڻ پاتي، زمينِ خُشڪ هوندي خُود،
    مندائتي مينهَن سان سڀڪا، ترائي تار ٿي هُوندي.

    “جمالَ”، آئون اَباڻن جي، اُڪنڊ ۽ آس ۾ آهيان،
    وطن والي ورائي شل، حُسن هُٻڪارَ ٿي هُوندي.


      “عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لَڳ تون ڌنارن جا”.

    “عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لَڳ تون ڌنارن جا”.
    اِهي الفاظ وٺ واپس، مِٺن منهنجن تون مارن جا.

    پَلر ۽ پيڄَ تي پَلجڻ، کِجڻ خُوبي ڄَمڻ کان ڄَڻ،
    نه طعنا تون تنين جا هَڻ، ويهي گهر ۾ ولهارن جا.

    نظر بس بَد نه مونڏي کَڻ، نه مَن ماڙين مٿي مٽجڻ،
    لِڱن تان لوئيءَ کي لاهڻ، ناهن ڪم ننگدارن جا.

    اَسان مسڪين مارن کي، ستائڻ ڇڏ سنگهارن کي،
    دَٻائي دين دارن کي، نه ڏيکاري تابَ تارن جا.

    عُمر آجو نه تون آهين، مٿي مارن ڪَنا ناهين،
    چَوڻ تون ڇا پيو چاهين، ڪڍي اڄ عيب اَيارن جا.

    اسين بُزدل ناهيون بلڪل، آهي ڪمزور تُنهنجي دل،
    ايڏو مونسان نه ڪر تون هُل، نظارا ڏسندين نارن جا.

    نه بانوَر ڪر تون دولت تي، اَڍنگي تُنهنجي عادت تي،
    اِنهيءَ بيحد بغاوت تي، ٿيندا حملا هزارن جا.

    نه ايڏو جوش ڪر جَهٽ پَٽ، ڪندئي سارو چمن چَٽ پَٽ،
    نه ڪر مونساڻ تون وَڌ گهٽ، پَتا پَوندئي پنوهارن جا.

    سِرڻ جيئن سڀ ڪري سڙڪو، ڪندا ڪُل ڪوٽ تي ڪڙڪو،
    جَهلي سگهندين نه تِن دڙڪو، ٿيندا ڌڌڪا ديوارن جا.

    “جمالَ” ايندس نه هٿ تنهُنجي، وري ويندس وطن پنهنجي،
    ستائڻ تنهنجي سان منهنجي، ڀلا ٿيا ڀاڳ ڀارن جا.


      وسارڻ سان نٿا وسرن، مونکي پاڙا پنوهارن جا.

    وسارڻ سان نٿا وسرن، مونکي پاڙا پنوهارن جا.
    سدائين ساھَ سان سانڍيل، رهن ٿا ماڳ مارن جا.

    ڪيو تو قيد آ قابو، بلاتي بند ۾ بلڪل،
    پون ٿا پُور پلپل ۾، شريفن شانَ وارن جا.

    مليرا ۽ مُنگها، ميها، ٻَٻَرُ“ ٻيريون کُتل کنڀيون،
    ڀونگا ڀيڻيون ڏِسان شل مان، نمازي ديندارن جا.

    اُٿڻ، ويهڻ، مِلڻ، مُرڪڻ، کِلڻ، کائڻ، هلڻ، هَڪلڻ،
    سمورا ياد سڀ آهن، نمونا ننگ دارن جا.

    لنگهي ليڪا تون ويو آهين، حيا شرم و حجابن جا،
    خدا جو خوف رک دل ۾، نه سرندئي سڱ سنگهارن جا.

    سِڪڻ، سارڻ، سَڏڻ، سُڏڪڻ، لُڇڻ، ڦٽڪڻ سندا آخر،
    اَثر ڄڻ ٿي اِجهي ويندا، اندر جي اوڇنگارن جا.

    وَسي وڄڙين ڪيا وارا، لهي مَن تان ويا مُونجهارا،
    سُريلا سُر ٻُڌم سارا، سنگهارن جي سنڀارن جا.

    تنوارون ڪَن پيا تاڙا، ڦُٽي پيا گاھَ گولاڙا،
    توکي پَرتا آهن پاڙا، سَڳوريءَ سنڌ وارن جا.

    مِٺيون مُرڪون، مکڻ مِصريون، گُلن کان وَڌ گُهمڻ گُجريون،
    سَهيليون سَڀ هُونديون سنڀريون، ڀَرڻ پاڻي پيارن جا.

    تَڪبّر ڇڏ تونگر تون، وڏائي گُهرجي واحد کي،
    سڀاڻي يا پَرينءَ هي، ساٿ سڀ ويندئي سَهارن جا.

    “کپرَ” ۽ “تخت” جي توتي، نظر پئي نانگ نيري جي،
    ٿِئين پُورو وڃان من پو، ٽوڙي سڀ ڪوٽ ڪُفارن جا.

    زَبر زوري، ڪرڻ چوري، سمورا عيب سڀ تو ۾،
    “عُمر مونکي نه ڏي مَهڻان، ڌڻيءَ لڳ تون ڌنارن جا”.

    “جمالَ”، ايندا، وٺي ويندا، خوشيءَ جا ڏيج سڀ ڏيندا،
    سَڄي ٿر ۾ مزا ٿيندا، سبب بَنيا سُڪارن جا.


      مِٺن ميون ۽ ماڙين تي، نه مارن کي مٽائينديس.

    مِٺن ميون ۽ ماڙين تي، نه مارن کي مٽائينديس.
    هنيون جن سان هِري ويو آ، نه هرگز مان هٽائينديس.

    بِرھ مان ٿيون اُٿن باهيون، تڏهن ساريان ٿي ساڏوهيون،
    ڀري ڏؤنرن سنديون ڏويون، ونڊي وِرڇي ورهائينديس.

    عطر، عنبر، پٽيهر پَٽ، گهڻو مارن کان ڀانيان گهٽ،
    وڃي واپس ويڙهيچن وَٽ، خُوشيءَ جا ڳيت ڳائينديس.

    آهيون مسڪين ناهي زَر، غريب آهيون ڪي غيرت وَر،
    ڏِسي چانديءَ سندا هي در، نه ڀونگن کي ڀُلائينديس.

    ڇو ٿو ٻولين مونسان ٻاڙو، تنواري تيز پيو تاڙو،
    پنوهارن جو پَسي پاڙو، مِٺا مارو ملهائينديس.

    هتي بنگلن ۾ بند آئون، ڇَمَر جون ڇُوٽ هُت ڇائُون،
    لَهان ڪيئن مان لُڏي لائون، نه لُوئيءَ کي لَڄائينديس.

    ڪَڙولا، هَس، ڪنگڻ، ڪنڊيون، وڻن مونکي نه ٿيون مُنڊيون،
    اِهي سڀ گَجّ ۽ گنديون، هڻي تيلي جلائينديس.

    ايڏي زوري زبردستي، ڪري چوري ۽ چالاڪي،
    اِنهن تنهنجي ارادن جي، خبر کولي ٻڌائينديس.

    “کَرڙ ۽ کِڻ” توکي کائي، تِکو مُونسان نه ڳالهائي،
    چَوان ٿي مان هي ٻولائي، توکي جَهٽ ئي جُهڪائينديس.

    ڪري پَرور پسان پنهنجا، وڃي مارو ڏسان منهنجا،
    “عُمر آزار هي تنهنجا، سنگهارن کي سُڻائينديس”.

    “جمالَ”، آجن سان لنئون لائي، اُنهن جي وات آ وائي،
    کنڊيون ۽ کيرڀَت کائي، وڃي محفل مچائينديس.


      تنهنجا وِنگڙا، وارَ وَٽيل، هوشَ هاري ٿا وِجهن،

    تنهنجا وِنگڙا، وارَ وَٽيل، هوشَ هاري ٿا وِجهن،
    ڦَڻ ڪڍي ڦوڪُون ڏئي، ڊوڙي ڊيڄاري ٿا وِجهن.

    نانگ ڪارو ٻِرَ مَٿان، جيئن وَرَ وجهي واسينگ ٿو،
    تيئن وڪوڙي وَرَ تي وَر ڏئي، ونگ واري ٿا وِجهن.

    نُورَ جي چشمي مان پاڻي، سَپ سڄو ڏينهن پيا پين،
    مُنهن تي موڙي جي ڇَڏيا تو، مُحب ماري ٿا وِجهن.

    زلف زوراوَر سي ظالمَ، چيلھ تان چوڪي ڏئي،
    خُونَ خاطر خارَ مان، نِرتئون نِهاري ٿا وِجهن.

    ڪَن وٽان “ڪاڪل” قطاري، سير سيني جو ڪَري،
    لاڏَ سان لَڙڪي لُڏي، ڏاڍن کي ڏاري ٿا وِجهن.

    قهري “ڪاريهل” ڪنبائي، ٿا وڙهن سي وَجھ وَٺي،
    اوچتو اُلرون ڪَري، دهشت ڏيکاري ٿا وِجهن.

    چاھَ مان جنهن دم “چندن” چوٽي کي لائين ٿو “جمالَ”،
    مُشڪ جهڙيءَ مهڪَ سان هنيئڙي کي ٺاري ٿا وِجهن.


      مرحبا آيو ڀلي، اڄ يومِ پاڪستان آ،

    مرحبا آيو ڀلي، اڄ يومِ پاڪستان آ،
    چوڏهين آگسٽ، پنهنجي لاءِ عاليشان آ.

    قائدِاعظم جي پاران، هيءَ امانت ٿي نصيب،
    ساھَ سر پنهنجو سدائين، تنهن مٿان قُربان آ.

    فرد فرداً قوم آهي، قوم مان ملّت بني،
    مُلڪ و مِلّت جي مٿان، اسلام جو احسان آ.

    جو گُزشته ڪارنامن، کي وساري ٿو ڇَڏي،
    سو ڏسڻ ۾ آهي ماڻهو، پر فقط حيوان آ.

    شاد ۽ آباد شل، رهندو سدا منهنجو وطن،
    منهنجي جذبي ۾ سدا، حُبّ الوطن ايمان آ.

    هي وطن منهنجو مِثالِ جنّتُ الفردوس سَمجھ،
    هي وطن رِشڪِ عدن، منهنجو جسم ۽ جان آ.

    شل وطن جو رهندو قائم، هي سدا جلوو “جمال”،
    سو دعاگو مُلڪ جو، جيڪو صحيح انسان آ.


    سُهڻي رونق وئي لڳي، اڄ مُلڪ پاڪستان جي.

    سُهڻي رونق وئي لڳي، اڄ مُلڪ پاڪستان جي.
    ٿي اڄوڪي ڏينهن تي آ، عيد هر انسان جي.

    ٿيون وڻن بازاريون، سُهڻيون اَٿن سينگاريون،
    ڏاتر اُهي ڏيکاريون، بهاري وَڌي بُستان جي.

    ويا لڳي جلسا جشن، ساوا جهنڊا هَٿ ۾ سَڀن،
    نينهن مان نعرا هڻن، طاقت رکيو طوفان جي.

    مُلڪ جا معزز ملي، اڄ پيا وڃن هر هنڌ هَلي،
    هَٿ ڏين خُوش ٿيو کلي، ڏئي ثابتي ايمان جي.

    يومِ آزاديءَ سندا، ٿيا سال پُورا ستونجها،
    خُوش ٿيا بيحد بندا، ڪا ناهي حد احسان جي.

    تاقيامت تائين رهندو، شال هي جلوو “جمال”،
    حُسن جَلوي کي ڏِسي پيو، ڪر ثنا سبحان جي.


    ڪلام

    بيوفا بي رحم سان، اڄ دل لڳايو ٿو وڃان،

    بيوفا بي رحم سان، اڄ دل لڳايو ٿو وڃان،
    پُر جَفا بي تَرس تو لئه، جيءَ جلايون ٿو وڃان.

    مون ڪيو توسان ڀَلو، پر آ لڳو توکي بُرو،
    پاڻ کي قيدي بَنائي، غم پرايو ٿو وڃان.

    تون ڀلي ڀانئين نه ڀانئين، تُنهنجو “عاشق” آهيان،
    عاشقن جي لسٽ ۾، نالو لکايو ٿو وڃان.

    قُرب مُنهنجي مان پيارا، ڪَس توکي ڪهڙو لَڳو،
    تو نڀايو ڪونَ مُونسان، مان نِڀايو ٿو وڃان.

    ياد ايندئي يار پنهنجو، جانِ من جاني “جمال”،
    حُرف هي هڪڙو مِٺا، توکي ٻُڌايو ٿو وڃان.


      ڪَبُوتَر هي ڪاغذ، پرينءَ کي پُڄائي،

    ڪَبُوتَر هي ڪاغذ، پرينءَ کي پُڄائي،
    وڃي جلد جانيءَ کي، رهبر رَسائي.

    آهي توکي پُرزي، جي پارت پيارا،
    لَهُوءَ سان لِکيل آ، پکي پرت وارا،
    کڻي وڃ تون خط کي، هنيين سان هنڊائي.

    اُڏامي اَدب سان، عجيبن ڏي وڃ تون،
    حُسن وند حسينن، حبيبن ڏي وڃ تون،
    جَهلي چُهنب ۾ وڃ، لبن سان لڳائي.

    نياپو هي نيئي، وڃي ڏي صَنم کي،
    ڪري مهرباني، وري اچ وَطن تي،
    روئي رات ساري، ڇَڏيم پَٽ پُسائي.

    “جمال” آهي تُنهنجي پسڻ جو پياسي،
    عجيبن اچڻ لئه، اندر آ اُداسي،
    خُدا لڳ کڻي وڃ، ڳچيءَ پاند پائي.


      ننڊ نيڻن جي ڦِٽي وَئي، يار تولئه دلرُبا،

    ننڊ نيڻن جي ڦِٽي وَئي، يار تولئه دلرُبا،
    ڪيترا دل کي رَسيا، آزار تولئه دلرُبا.

    زَرد چهرو، مُنهن ڪُوماڻل، خشڪ اکيون ٿي چُڪيون،
    جهونا اکڙين جا ٿيا، جهالار تولئه دلرُبا.

    جي ٿئين مهمان مُنهنجو، مَھ لَقا محبُوب تُون،
    پنهنجي پنبڻين جا وڇايان، وار تولئه دلرُبا.

    گُل گُلابي، گُلبدن، گُلفام، گُل رُو، گُل حَسين،
    تنهنجي پائڻ لاءِ وَرتم، هار تولئه دلرُبا.

    شاد ۽ آباد تُنهنجو، شل رهي جَلوو “جمال”،
    سَرس سُهڻا مون ڪيا، سينگار تولئه دلرُبا.


      دل کَسي ڌاڙو هَڻي ويا، ديد ٻئي دلدارَ جا،

    دل کَسي ڌاڙو هَڻي ويا، ديد ٻئي دلدارَ جا،
    خُوبتر هُئا ٻئي خُماريل، نيڻ نرمل يارَ جا.

    ڪاريون، ڪُنڊيون، ڪَٽاريون ۽ پياريون پيشوَر،
    نيمچا نيڻن ۾ رکيل، تيز هئا تلوار جا.

    نيڻ نُوري، هُئا حِضوري، ٻئي بلوري بهترين،
    “سامري”، سحري سراسر، هُئا عَجب انوارَ جا.

    وَئي وَڻي، اک جي اَڻي، ويا دل کَڻي دل جا ڌَڻي،
    تير ۽ تبرن کان وڌ، غمزا هُئا غمخوارَ جا.

    هڪ نَوابي ٻيا شرابي، ٽيو جَجهو تِن ۾ “جمال”،
    سي سدا سُونَهن ڀلي پيا، جامَ جلويدارَ جا.


      ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، ٿيا ديس ۾ دُشمن گَهڻان،

    ڪيئن ڪريان، ڪيڏانهن وڃان، ٿيا ديس ۾ دُشمن گَهڻان،
    مُلڪ سارو ٿيو مُخالف، تو مٿان ڪيئن دل کَڻان.

    پيچ پُختا پاڻ پائي، پيار اچ پلپل ڪَريون،
    “خَرَ” ڀلي پيا “خار” کائن، گڏ هُجون شل ٻئي ڄڻان.

    صُبح سانجهي پنهنجي پويان، ٿي چُغل چوڌار پيا،
    ڪُجھ به حاصل ڪون ٿيندن، مان نٿو تن جي سُڻان.

    تنهنجي مُرڪڻ ۽ ملڻ تان، سَئو دفعا صدقي ٿِيان،
    غرض ناهي غير جو ڪو، هامَ پيو توتي هَڻان.

    حُسن وارا ٻيا به آهن، ٿو وڻي تُنهنجو “جمال”،
    ڪونَ ڪڍندس ڪاڻ ڪنهنجي، شال پيو توکي وَڻان.


      اُڪنڊ ۾، اَسان جي، آهي دل ديواني،

    اُڪنڊ ۾، اَسان جي، آهي دل ديواني،
    مِلڻ جي ڪَريو ڪا، مِٺا مهرباني.

    اوهان جي اُڪنڊ ٿي، تَري روز تَن ۾،
    اَصل کان اوهان جي، مُحبّت آ مَن ۾،
    اَچو يا اُماڻيو، نياپو نشاني.

    سِڪڻ روز سارڻ، ٿي عادت اَسان جي،
    مُحبّت ڪرڻ ٿي، عبادت اسان جي،
    حسينن سَوا ٿي، هنيين ۾ حيراني.

    “جمال” آهي سُهڻن جي سَر جو سَوالي،
    ويا جيڪي وِڇڙي، وَرائيندو والي،
    ٿين شل نه پوءِ، جُدا مُونکان جاني.


      صَنم سَتائڻ سندو تون ڪهڙو، سِتم ڪرين ٿو ذَري ذَري،

    صَنم سَتائڻ سندو تون ڪهڙو، سِتم ڪرين ٿو ذَري ذَري،
    عجيب تنهنجون اَدائون ڄَڻ ڪو، هَرڻ هَلي پيو هَري هَري.

    “ڪَبڪ” ۽ “ڪُونجون”، اوهان جي اڳيان، نِماڻيون ناقص لڳن ٿيون،
    اوهان جو چهرو بَلب ۽ بِجلي، بِنا بَتيءَ پيو ٻَري ٻَري.

    نَظر نرالي، عُقابي اکيون، بِلوري بهتر لڳن پياريون،
    چَڙهي جي اهڙين اکين جي وَر ويو، اُهو ته ماڻهو مَري مَري.

    اَوهان جي قَد ۽ حُسن جُوانيءَ، “جمال” جو سڀ ڪمال آهي،
    اوهان جي قُربن ڪري ڇَڏيو آ، اسان کي قرضي ڪَري ڪَري.


      ڪانگ پيو ڪان ڪان ڪري، سُهڻو سَڄڻ اڄ ٿو اَچي،

    ڪانگ پيو ڪان ڪان ڪري، سُهڻو سَڄڻ اڄ ٿو اَچي،
    مهربان مهمان ٿي، مون سان مِلڻ اڄ ٿو اَچي.

    گُل وِڇايان گَسَ مَٿي، ڪيئن صحن کي سينگاريان،
    چنڊ چانڊوڪي ڪري، مُنهنجي اڱڻ اڄ ٿو اَچي.

    سالَ سِڪ ۾ مون گُذاريا، ڏينهن ٿيا ڏاڍا ڏِٺي،
    “ساڪري” ۾ سو صَنم، ڳولي لَهڻ اڄ ٿو اَچي.

    مُحب عاشق وٽ اَچي، آهي مَزو اُن ۾ مِٺا،
    قُرب ۾ مونکي پرين، قرضي ڪَرڻ اڄ ٿو اَچي.

    درد منهنجي جي دوا، دلبر سوا ناهي “جمالَ”،
    ٿي “مسيحا” مَرض جو، مونکي ڏسڻ اڄ ٿو اَچي.


      حُسن جَوانيءَ مَٿي اي جاني، ڪَبو نه ايڏو غُرور آهي،

    حُسن جَوانيءَ مَٿي اي جاني، ڪَبو نه ايڏو غُرور آهي،
    ڪڏهن به ڪنهن کي ٿيو نه حاصل، سدائين سُهڻا سُرور آهي.

    عُمر اَجائي غَمن ۾ گُذري، اوهان کي وياسين اسين ڇو وسري،
    مِٺن منجهان اڄ ڪَڙا ٿي پياسين، اِهو ڪِٿي جو ڪَلُور آهي.

    اوهان جو ن يادون اسان جي دلبر، تَرن ٿيون تَن ۾ گَهڙي گَهڙي،
    ايندو تَصوّر اوهان جو دل ۾، صبح ۽ سانجهي اَسُور آهي.

    وَفا جي بدلي جَفا ڏيو ٿا، سَخا جو سوچي خَفا ٿيو ٿا،
    اُنهيءَ جو مطلب “جمالَ” آخر، مِٺا ڪو ظاهر ضَرور آهي.


      پرينءَ پري کان، ڏسي پياري، مونسان ته مُرڪي مِلڻ ٿي چاهيو،

    پرينءَ پري کان، ڏسي پياري، مونسان ته مُرڪي مِلڻ ٿي چاهيو،
    مِلڻ ته ڇا پَر، ڏِسڻ سان هُن بس، ويهي خُوشيءَ سان کِلڻ ٿي چاهيو.

    اَسان جي وچ ۾ رَکيل رُڪاوٽ، وڏي ته اهڙي اچي ڪا ويئي،
    پتو نه هن کان وٺي مان سگهيس، جيڪو مون هن کان وٺڻ ٿي چاهيو،

    اکيون اکين سان اسان جون اَڙيون، خبر اسان کي رَهي نه ڪنهن جي،
    نَظر نَظر سان مِلي جڏهن وَئي، قدم نه ڪنهن ڀي وڌڻ ٿي چاهيو.

    گهڙيءَ گهڙيءَ ٿو اچي تَصوّر، ڪيان ٿو دل مان نٿو سو نڪري،
    “جمالَ” جَلوو ڏِسڻ سان هُن جو، لَبن ڳلن کي چمڻ ٿي چاهيو.


      ڪونَ ٿو وسرين، مَن تان مُور،

    ڪونَ ٿو وسرين، مَن تان مُور،
    ياد ڪندين پيو، تون به ضرور.

    رات ۽ ڏينهن، صبح و سانجهي،
    تات تري ٿي، تن ۾ تُنهنجي،
    آس اَندر ۾، آڌيءَ اَسُور.

    ناز سان نيڻن، تُنهنجي نايو،
    گُهور گهڻن کي، تُنهنجيءَ گهايو،
    غم نه ڏئي ڪر، ايڏو غُرور.

    ڪين تون عاشق، پنهنجو وسار،
    پرچي پيارا، ڪر تون پيارَ،
    دوست نه ٿي تون، دل کان دُور.

    قُرب ڪرڻ جو ، آهي سوال،
    جلد ڏيکاري، پنهنجو “جمال”،
    منٿ هيءَ مُنهجي، ڪر منظُور.


      وڃان شل مان وَطن واپس، ڏسان ڌَڻ ڪي ڌنارن جا،

    وڃان شل مان وَطن واپس، ڏسان ڌَڻ ڪي ڌنارن جا،
    تکا طعنا وڃي لاهيان، ميرانڏيءَ جي مَيارن جا.

    وَٺا منهنجي وطن مينهڙا، ڏُکيا گُذرن سندم ڏينهڙا،
    نِڀاهيان ڪيئن توسان نينهڙا، ڏسان منهن مالَ وارن جا.

    اَميرن جي نه آ عادت، نِماڻن سان رکڻ نَفرت،
    ڪريان تو ساڻ ڪيئن قُربت، ڇڏي پاڙا پنوهارن جا.

    “جمالَ” آئون اباڻن جُون، نِهاريان روز ٿي راهون،
    اِجازت ڏي وڃان آئون، سُڻان سُرڪي سنگهارن جي.


      تپائي تات ٿي تَن ۾، عُمر مونکي اَباڻن جي،

    تپائي تات ٿي تَن ۾، عُمر مونکي اَباڻن جي،
    لِڱن تان لوئي ڪيئن لاهيان، ڏِنل ڏوٿي ڏاڏاڻن جي.

    عَطر، عبنر پيو آڇين، چوين ٿو پَٽ پَٽيهر ٿي،
    کپن سي ڪين هرگز مون، ناهي هيءَ نارُ ناڻن جي.

    اَدا ايڏو نه ڪر بانوَر، انهيءَ تون بادشاهيءَ تي،
    پوي ٿي ياد اڄ مونکي، پَکن پنهنجن پُراڻن جي.

    سِڪان ساريان، هنجون هاريان، هينئون هر بار پئي ڳاريان،
    ڪڍي ڇڏ بند مان بلڪل، نڌڻڪي ڌيءَ نِماڻن جي.

    “جمال” آئون مِٺا مارُو، نه محلن تي مٽائينديس،
    رهي ٿي سِڪّ سيني ۾، سدائين تِن سياڻَن جي.


      هنيو هيڏو ڀَلا هي ڇو؟ عُمر ڌاڙو ڌنارن جو،

    هنيو هيڏو ڀَلا هي ڇو؟ عُمر ڌاڙو ڌنارن جو،
    “اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنهوارن جي پُڪارن جو”.

    ڪري چوري، زَبر زوري، ڇني ڇانگن منجهان ڇوري،
    لڳي جيءَ ۾ اَندر جهوري، پَسان پاڙو پنهوارن جو.

    وجهي نيهر نِماڻيءَ کي، ڏيئي دُک درد هاڻيءَ کي،
    وَطن تي ڇڏ ويڳاڻيءَ کي، نه سرندئي سنڱ سنگهارن جو.

    هَميشه ايڏي اَلمستي، نه هُو ندئي هوڏ ۽ هَستي،
    بَدلبي بَر ۾ هيءَ بَستي، ڀَرم ويندئي بهارن جو.

    “جمالَ” آهي جَجهي اڄ ٿي، هنيين ۾ حُب حبيبن جي،
    ڌنارن کي ملي شل ڌي، ٿئي ميلاپ مارُن جو.


      عمر ايڏا نه ڏي ڌڙڪا، ڌڻولين ۽ ڌنارن کي،

    عمر ايڏا نه ڏي ڌڙڪا، ڌڻولين ۽ ڌنارن کي،
    عدالت تي ادا ويهي، نه مَهڻان ڏي تون مارن کي.

    اِهو بلڪُل نه آ بَهتر، ڌڻيءَ جو ڌيان دل ۾ ڌَر،
    ڪنواريءَ کي نه ڪارو ڪَر، ڪندين ڇا تن ڪنڌارن کي.

    ڪبوتر، قُمريون، طوطا، پنهوارن وَٽ، وڃي پَهتا،
    ڪَريو چوٻول پيا چيها، سُڻائين سڀ سنگهارن کي.

    اِها هستي نه بَس هُوندئي، قبر سان نيٺ ڪم پوندئي،
    سنگهارن جو نه سنڱ سرندئي، پُڄائي اچ پنهوران کي.

    “جمالَ” هو جَهٽ اِجهو ايندا، نِماڻِيءَ نار کي نيندا،
    وٺي پنهنجي وَطن ويندا، ڏسان شل ڏيھ وارن کي.


      عُمر مونکي اباڻن جي، اَندر ۾ آس ٿي آهي،

    عُمر مونکي اباڻن جي، اَندر ۾ آس ٿي آهي،
    وڃان شل مان وطن واپس، ڀَلا مُنهنجو هتي ڇاهي.

    ايڏي زوري نه ڪر ظالم، خُدا جو خوف رَک دل ۾،
    کڻي کُوھ تان مون کي آئين، ادا ڪرهي کي تون ڪاهي.

    وَسن واڙيون وَلهارن جُون، ڌڻولين ۽ ڌنارن جُون،
    وِساري ڪيئن ويهان تن کي، لاڳاپا لوڪ جا لاهي.

    “جمال” آهي اُداسي مَن، اباڻن جي ته اُڻتڻ ۾،
    ڀُونگا ڀيڻيون ڏِسان تن جا، ويٺا جت جُهوپڙا ٺاهي.


      عُمر ساھَ ٿو اڄ سنگهارن کي ساري،

    عُمر ساھَ ٿو اڄ سنگهارن کي ساري،
    ڀلي ڇا به ڪر تون، نه ويهندس وساري.

    مَري جي پَوان هِت، ڪجين لاش واپس،
    جتي کيت خوش ٿي، چوپايا ٿو چاري.

    رڳو تات تن ۾، اباڻن جي آهي،
    وڃان شل مان واپس، وطن واڳ واري.

    “جمالَ” آهي جيءَ ۾، حبيبن جي حَسرت،
    پَون ياد جي ٿا، سي ڏاتر ڏيکاري.


      جَڏهن مارن مِلي مارئي، عُمر حيران ٿيو هُوندو،

    جَڏهن مارن مِلي مارئي، عُمر حيران ٿيو هُوندو،
    وَهي بس لُڙڪ پيا هُوندس، انهيءَ ارمان ٿيو هُوندو.

    گهڻو پڇتايو تنهن هُوندو، ڪيل هُن پنهنجي ڪيتيءَ تي،
    پريشانيءَ وچان ان لئه، وَطن ويران ٿيو هُوندو.

    خُوشيون ۽ طعام سڀ تَريل، ويا وسري هُوندا هُن کي،
    غمن ۾ وقت سڀ سارو، سندس گُذران ٿيو هُوندو.

    ڪچو ڪم هي ڪري آخر، مُنجهامي مَن پيو هُوندس،
    ڦٽي وَئي ننڍ پُڻ هُوندس، جَجهو جولان ٿيو هُوندو.

    “جمالَ” ايڏو سَتائڻ ايئن، مُناسب ڪونَ آ توکي،
    ستائڻ تنهنجي سان مارن، مَٿاهون مانُ ٿيو هُوندو.


      عشق اُلفت جو سَبق، سُهڻا سيکاريو تو مونکي،

    عشق اُلفت جو سَبق، سُهڻا سيکاريو تو مونکي،
    پِرت ڏئي پنهنجو ڪري، ويجهو ويهاريو تو مونکي.

    هنج پنهنجي ۾ هيرائي، هارَ ٻانُهن جا وِجهي،
    پنهنجي سيني تي سدائين، ٿي سُمهاريو تو مونکي.

    حُسن وارا ٻيا به هُئا، عاشق فَقط توتي ٿيس،
    پيار مان جنهن دم پرين، پاڻي پياريو تو مونکي.

    درد مُنهنجي جي دوا، تون ڪر اَچي جلدي “جمالَ”،
    مُنهنجو آهين تون مسيحا، ٿي جياريو تو مونکي.


      مرحبا محبوب آيو، مهلقا مهمانَ ٿي،

    مرحبا محبوب آيو، مهلقا مهمانَ ٿي،
    دلرُبا سو دوست آيو، دل جو پيو درمان ٿي.

    ڳل گُلابي، لال لبڙا، نيڻ نرگس جي مِثال،
    قرب مان آيو پرين سو، قُرب تي قُربان ٿي.

    “وارَ” واري پائي سُرمون، چمڪندڙ چهرو کڻي،
    مهربان آيو مِلڻ، مون تي پيس احسان ٿي.

    جستجو جنهن جي هُئي، سو اڄ مِليو جاني “جمالَ”،
    ڀاڳ ٿيو مُنهنجو ڀَلو، هر ڪو ويو حيران ٿي.


      اوهان جي عشق ۾ دل ٿي، رهي دلدارَ ديواني،

    اوهان جي عشق ۾ دل ٿي، رهي دلدارَ ديواني،
    ڪرم جي ڪا اسان تي ڪر، نظر نروار نُوراني.

    نهاريان روز پيو راهُون، کڻيو اکڙيون اوهان جي لَئه،
    سِڪائڻ مان ته ڇا سرندئي، سڄڻ سرڪار سيلاني.

    سَري هڪڙي نه ساعت ٿي، صُبح سانجهي پيو ساريان،
    لهي غمگين شل دل تان، هينئن جا هار حيراني.

    سَمايل تُنهنجي صورت آ، سدائين مُنهنجي سيني سان،
    مِلي محبُوب وڃ مونسان، ڪري انوار احساني.

    “جمالَ” آهي جَجهي اڄ ٿي، توهان جي تات تَن مَن ۾،
    ڳنڍڻ جي ڳالھ ڪر ڪا تون، ڇنڻ ڇَڏ يارَ ياراني.


    دوست دلبر دل کَسي آ، دُور گهارڻ نارَوا،

    دوست دلبر دل کَسي آ، دُور گهارڻ نارَوا،
    جيڪي مُحبّت ۾ مَري ويا، تن کي مارڻ نارَوا.

    دل کَسي ڌاڙو هَڻي ويو، درد ڏيئي دلرُبا،
    خُود کِلي پيو پاڻ، مون لئه، هنجُون هارڻ نارَوا.

    حسرتون دل ۾ رَهن ٿيون، دوست جي ديدارَ جون،
    وصل جا وعدا ڪري، آ ايئن وسارڻ نارَوا.

    بي قَدر اڳيان نه پنهنجو،، سر وَڍي رَک تون سَدا،
    ڪو قدر جنهن وَٽ نه آهي، انکي سارڻ نارَوا.

    ائين مناسب ناهي توکي، جانِ من جاني “جمالَ”،
    پهريائين پيار ڏئي، پو آ ڌڪارڻ نارَوا.


      دل چوي ٿي دوست دلبر، گڏ گُذاريون يارَ ٻئي،

    دل چوي ٿي دوست دلبر، گڏ گُذاريون يارَ ٻئي،
    پرت جو پيو ند پائي، پاڻ ڪريون پيار ٻئي.

    دل مِلائي دل سان دلبر، ميخ مُحبّت جي هَڻون،
    لفظ دل جو “دال” ۽ جي“لام” آهن ڌار ٻئي.

    هرَ گهڙي هردم سدائين، تات ٿي تَن ۾ تَري،
    اِنتظاريءَ، بيقراريءَ، جا لَهن آزار ٻئي.

    آئيني، يا آرسيءَ، ۽ مشتري زهره مِثل،
    رُوح ۾ رهجي وِيم، تُنهنجا اُهي رُخسار ٻئي.

    شل رهي تُنهنجو سَلامت، حُسن جوڀن ۽ “جمال”،
    حُسن جوڀن سُونَهن سان گڏ، جام جلويدار ٻئي.


    ڏيھ ڏوري ايندو هُئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،

    ڏيھ ڏوري ايندو هُئين تون، اڄ نهارڻ کان به وئين،
    يار ڪهڙا حال ٿئي، بس ايئن کيڪارڻ کان به وئين.

    مهربانيون جي ڪيون مون، تِن جو هي مِليم صِلو،
    واھَ! تُنهنجي يار ياري، منهن ڏيکارڻ کان به وئين.

    دوستيءَ ۾ ايڏي دُوري، ڪونَ ٿيندي آ مِٺا،
    ڏُور کان دلبر ڏِسي، تون هَٿ اُلارڻ کان به وئين.

    ڄڻ ته ناواقف ڪو آهي، يار هي تُنهنجو “جمال”،
    ڪالھ ڪهڙا قُرب هُئا، اڄ گڏ گذارڻ کان به وئين.


    نظم

    التجا

    منهنجو والي، منهنجو وارث، پاڪ پالڻهار تون،
    تون جيارين، تون ئي مارين، ڏيھ جو ڏاتار تون،
    اُڀ زمينون تو بنايا، خاص خلقڻهار تون،
    ڪر بديون سڀ بخش منهنجون، ڪربَلا جي واسطي،
    دلربا پنهنجي پياري، مُصطفيٰ جي واسطي.

    رحم توکان ٿو گُهران، نُورالهُديٰ جي واسطي،
    رزق روزي ڪر عطا، ڪُل انبياءَ جي واسطي،
    حَجّ جي حَسرت پُڄا، صبح و مَسا جي واسطي،
    مهرَ مالڪَ مون تي ڪر، پنهنجيءَ عَطا جي واسطي،
    ڏُک سڀيئي ڏُور ڪر، مُشڪلڪُشا جي واسطي.

    داد ڪر هن دل سندو، پنهنجيءَ سَخا جي واسطي،
    پنهنجي قدرت، پنهنجي رحمت، ۽ وَفا جي واسطي،
    بخش ڪر مونکي خَطا، قالو بَليٰ جي واسطي،
    عرض سُڻ هيءَ عاجزي، نازڪ نِدا جي واسطي،
    اِلتجا مقبول ڪر، آدم حوا جي واسطي.

    تنهنجو خلقيل، تنهنجو ٻانهون، تنهنجو آهيان مان بندو،
    جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان، بس گناهن ۾ گندو،
    تو سوا ٻيو ڪير آخر، رحم اڄ مونتي ڪندو،
    خير ڪر تون يا خُدا، خيرالوَريٰ جي واسطي،
    درد دل جا دُور ڪر، هن اِلتجا جي واسطي.

    شاد ۽ آباد ڪر، منهنجو سدا جَلوو “جمال”،
    ڪا ڪمي تو وٽ نه آهي، تنهنجي قدرت جا ڪمال،
    مسجدِ نبويءَ جي صدقي، سُڻ کڻي سائين سَوال،
    ٻاجھ ڪر ٻانهي مَٿي، پنهنجيءَ رضا جي واسطي،
    ڪر مدد مُشڪل ۾ منهنجي، هن دُعا جي واسطي.


      التجا

    نِت نَحُوست منهنجي گهر مان، ڪڍ کڻي تون خُود خُدا،
    تون سَڀن جو آهين سائين، صحت خُوشيون ڪر عَطا،
    رُوحَ کي راحت رَسائي، ڏي سِگهو شافي شفا،
    حال هي منهنجو ڏِسي تون، پنهنجي راڻا ڪر رَضا،
    اهڙي رونق ٿي پَوي، ڄڻ گهر ٿِئي باغِ ارِم،
    پنهنجي رحمت، پنهنجي قُدرت ساڻ قادر ڪر ڪَرم.

    مُشڪلاتون حل کڻي ڪر، منهنجون سڀ مالڪَ سَچا،
    حال ناهي ڪوبه منهنجو، ڪر مَدد منهنجي مِٺا،
    تنهنجو در داتا ڇَڏي، ڪيڏانهن وڃان بس تو سَوا،
    هڙ حياتي صحت ڏيئي، ٺيڪ ڪر تن مَن صَفا،
    اي بُلنديءَ جا ته صاحب، رک کڻي منهنجو ڀَرم،
    خاص خلقيندڙ خُداوند، خُوب ڪر تون خُوش خُرم.

    آهي هي فرياد منهنجو، آهين تون وارث وڪيل،
    ڪوبه خالي ڪونَ ڇڏيو، پنهنجي تو دَر تان خَليل،
    جيءَ جياريندڙ تون آهين، جانِ من جاني جَليل،
    درد جو درمان ڪر تون، دلربا ڪر ڪو دَليل،
    مير مُرسل جي مُهابي، دُور ڪر رنج و اَلم،
    مهرَ پنهنجيءَ ساڻ مالِڪَ، منهنجي ڪر مَن جو مَلم.

    منهنجو ٻيڙو ٻاجھ سان تون، ڪُنّ اُنهي مان اُڪار،
    تارَ پاڻي ناهي تانگهو، ڪر اُڪاري مونکي پار،
    ڪر مدد مشڪل ۾، منهنجي پاڪ اي پروردگار،
    ڏي سَهارو ڪو سُکن جو، دل ٿِئي باغ و بَهار،
    تنهنجي نالي کانسواءِ، ناهي تُرهو پڻ وَٽم،
    ڪر سبب اهڙو ڪو سائين، شل نه ٿِئي ويجهو وِرم.

    ڪر کڻي مقبول منهنجا، چند هي جملا “جمال”،
    جهڙو تهڙو تنهنجو آهيان، تون ئي صاحب باڪمال،
    تو سَوا ڪيڏانهن وَڃان، اي لاجوابِ لازوال،
    مهر ڪر مونتي تون مالڪ، سڻ سمورا تون سَوال،
    اي ڪَرم وارا ڪَرم ڪر، جلد ڏيکاري حَرم،
    چاھَ سان چائنٺ چُمان شل، دلربا جي دمبَدم.
     


    گُل گُلابي، گُلبدن، گُلشن سندي گُلزارَ جا،

    گُل گُلابي، گُلبدن، گُلشن سندي گُلزارَ جا،
    گُل حَسين، گُل فام، گُل رُو، گُل رتن، گُل نارَ جا،
    موتيو، مگُرو کان وَڌ، تنهن خُوب خوشبودارَ جا،
    شهد شيرين، مصري ماکيءَ کان به وڌ تنهن لارَ جا،
    “مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا”.

    سَئو دفعا سَجدا ڪري، واقف ٿيا وڻڪار کان،
    مِهر پَرور دلرُبا، تنهن دوست جي دربار کان،
    رَحم جون جهوليون ڀَري، آيا ڀَليءَ بازار کان،
    مير مدنيءَ مصطفيٰ، مُرسل مِٺي مهندارَ جا،
    مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.

    آبِ زَم زَم جي پيئڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
    حجرِ اَسود جي چُمڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
    مسجدِ نبوي ڏِسڻ جي، جن کي سعادت ٿي نَصيب،
    سائي گنبذ سُونَهن واري، شاھَ شاهوڪارَ جا،
    مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.

    ميرَ مدني مُصطفيٰ جو، پاڪ شل پڃرو پَسان،
    دل چوي ٿي دلرُبا جو، ڏيھ وڃي ڏوري ڏِسان،
    “ساڪري” کان سال هن ئي، رب ڪري شل اُت رسان،
    ڀَليون ڀيٽي بارگاهون، دَرَ ڏسان دلدارَ جا،
    مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.

    عرش تي ۽ فرش تي، آهي جَجهو جنهن جو “جمال”،
    حُسن وند حُورون مَلڪَ، ٿا خاص ڪن تنهنجو خيال،
    گوهرِ ناياب آهي، بي مثالِ ڪُل ڪَمال،
    ٿي ڪروڙين پيا ڪَرم، محبُوب تنهن منٺارَ جا،
    مرحبا مهمان آيا، اڄ پرينءَ جي پار جا.


    آرزو آهي گهڻي ٿي، دوست جي ديدارَ جي،


    آرزو آهي گهڻي ٿي، دوست جي ديدارَ جي،
    مَھ لقا ۽ مھ جبين، محبوب پنهنجي يارَ جي،
    دلرُبا دلبر دُلاَري، هُن هنيين جي هارَ جي،
    ويل هڪ وِسري نٿو، اکَڙين ۾ آهي اِنتظار،
    دل نه آهي ۽ نه دلبر، ڪيئن اچي مونکي قرار.

    اچ پيارا قرب ڪر تون، ڪين ٿي مونکان خَفا،
    منهنجي هن الفت جي عيوض، ڪين ڏي جاني جَفا،
    وهم دل جا ڇَڏ وساري، ڪر وري وعدي وفا،
    مهر ڪر اچ مون ڏي موٽي، ڪر نه بيوس بي قَرار،
    دل نه آهي ۽ نه دلبر، ڪيئن اچي مونکي قرار.

    مِل مٺا محبوب تون، نَت مفت ۾ ويندس مَري،
    روز روئي پيو مان ساريان، ڪيئن ڀَلا توکي سَري،
    سوچ ڪر تون ٿي سياڻو، اچ وطن واپس وَري،
    پنهنجي عاشق کي پرين، ايڏو نه ويهي تون وِسار،
    دل نه آهي ۽ نه دلبر، ڪيئن اچي مونکي قرار.

    تون جي ايندين عيد ٿيندي، اچ سگهو جاني “جمالَ”،
    جاڳ ۾ يا خواب ۾، آ خُوبرو تنهنجو خَيال،
    مانَ مون مهجُور جو، والي ڪري توسان وِصال،
    رات ڏينهن ٿي تات تنهنجي، اچ پرين ڪر تون پيار،
    دل نه آهي ۽ نه دلبر، ڪيئن اچي مونکي قرار.
     


    دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،

    دلرُبا دلبر لکان، يا رُوحَ جو رهبر لِکان،
    ناز پرور مان لکان، يا سُونهَن جو سرور لکان،
    چنڊ جيئن چهرو لکان، يا گُلبدن گوهر لکان،
    پرت پَرور مان لکان، يا درد ڏيندڙ دلرُبا،
    دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.

    تو سوا آرام ناهي، ۽ نٿي سُهڻا سَري،
    رات ڏينهن بس تُنهنجي دلبر، تات ٿي تن ۾ تري،
    حال هيڻو ٿي پيو، ۽ مامري ۾ مَن مَري،
    ڪيئن لکان مان جيءَ جا جانب، تو ڏنو جورو جَفا،
    دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.

    تو ڪيو مونکي سدائين، بيوَسو ۽ بي قَرار،
    رات ڏينهن تنهنجو سدا، اکڙين ۾ آهي انتظار،
    پيچ پختا مونسان پائي، جيءَ منهنجي کي جيار،
    ڇڏ اجايا محب ماڻا، ڪين ٿي مونکان خفا،
    دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.

    ياد آهي، ياد رهندو، تنهنجو بس جَلوو “جمال”،
    عشق اُلفت جو رَهي ٿو، جيءَ اندر ڏاڍو جَلال،
    مهرباني ڪر ملڻ جي، تُنهنجي من ۾ آ مَقال،
    شاد ۽ آباد توکي، شل ڪري خاوند خُدا،
    دوستيءَ تنهنجيءَ مان ٿي پيا، درد دُوريءَ جا عطا.
     


    پهرين مونکي تو پيار ڏئي، پنهنجو پُڪاريو ٿي پرين،

    پهرين مونکي تو پيار ڏئي، پنهنجو پُڪاريو ٿي پرين،
    اڄ ڪونَ منهنجو تون پيارا، ٿو قَدر ڪنهن پر ڪَرين،
    هَر وقت ۽ هَر بار مونکي، ٿو هينئن ۾ تُون هُرين،
    پاڻيءَ مَٿي ڪاغذ تري، تيئن منهنجي دل ۾ ٿو ترين،
    تو کان سوا منهنجو ٻيو، دلبر نڪو دلدار آ،
    ڇو يار ياري وِئين ڇِني، اُن جو وڏو ويچار آ.

    ويهي وچن توجي ڪَيا، سي ياد اڄ مونکي پيا،
    ناهي گلا ان ۾ اها، هر وقت هُئين تون همنوا،
    ڪهڙي اٿئي مرضي ڀَلا، سا ڳالھ اڄ کولي ٻُڌا،
    سُهڻا صفا ٿي وئين خفا، جانب مونکي ڀل ڏيو جفا،
    شِڪوه شڪايت کانسوا، ڀُورل ٿِئين بيزار آ،
    ڪهڙو اسان لئه تو اچانڪ، ڄڻ ڪيو آزار آ.

    سُورن اندر سُڏڪا ڀَرڻ، ڳڻتيءَ ۾ آهي ڄڻ ڳَرڻ،
    ڇا تي ڇڄي ٿي وَئي پَرڻ، سوراخ سيني ۾ ڪَرڻ،
    باهي مَٿي دل کي تَرڻ، انهيءَ کان وڌ ٻيو آ مَرڻ،
    واپس وري ڏوران ڏِسڻ، دُک درد ڏئي خوش ٿي کِلڻ،
    تڪليف ڏئي ۽ تنگ ڪَري، قهري ڪَئي تو ڪار آ،
    هر ڪو اَچو مونکي چَوي، ننڍڙو اڃان هو ٻار آ.

    آخر مون هُن کي هينئن چيو، جي حال مُحرم ٿا ٿيو،
    ڏَس ڪو اچي اهڙو ڏيو، ڀُورل ڪريو منهنجو بِلو،
    جيئن ڀي کپي بس تيئن ڪريو، دلڙي ڏيو مونکان وٺو،
    رستو نه مون وٽ آ ٻيو، بستر تي عاشق آ پيو،
    ڀَل ڪنڌ ڪَپي ڪوري ڏيان، هُن جو اَڃان انڪار آ،
    بس ساڳئي هُن جي سدائين، ڄڻ گرم گُفتار آ.

    واپس ورڻ جي ڪر وَري، هي عرض آهي آخري،
    جي راز رغبت جو اوهان وٽ، مان ڪريان ظاهر ذري،
    ڪَرَ ماٺ ماڻهن کي لڳي، وَڻ ٽِڻ وڃن ٻُوٽا ٻري،
    تنهنجي جُدائيءَ ۾ مِٺا، هڏ ماس، چم، سڀ ويو ڳري،
    هڏڙن سندو پڃرو پيو آ، بيوس بدن بيمار آ،
    هر ڪو مون مان هٿ ويو ڪَڍي، ناهي رهيو ڪو يار آ.

    جاني “جمال” آهي اوهان جو، درد مندو دلرُبا،
    بلڪل بَري انکي ڪَريو، سُورن منجهان سُهڻا صَفا،
    جيڪو ٿيو گُذري ويو، پيوند وجهون پُختا پَڪا،
    آهي دُنيا ۾ دوستو، هر مرض جي دارُون دَوا،
    درمانِ ڪر دل جو اَچي، توسان پُراڻو پيار آ،
    “پرچڻ سندي ڪر ڪا پِرين، دم دم رُسڻ بيڪار آ.


    آرزو ٿي خط لکڻ جي، ڇا لکان توکي صَنم،


    آرزو ٿي خط لکڻ جي، ڇا لکان توکي صَنم،
    ٿو لکان مان درد دل جو، اڄ کڻي هٿ ۾ قَلم،
    تنهنجي اُلفت ۾ مِليم، هي درد غم رنج و اَلم،
    پاڪ پيشاني پَسائي، جيءَ منهنجي کي جيار،
    اچ ته پرچون پاڻ ۾، من قلب کي پهچي قرار.

    تنهنجي مُنهنجي پيار تي، پيا مينهَن مُحبّت جا وَسي،
    اَشڪباري، رات ساري، بِرھ ۾ ٿي بيوَسي،
    توبه ساريو مونکي هوندو، پيار ڪي پنهنجا پَسي،
    نَرم دل ٿي ناز وارا، نيمخوابيءَ سان نِهار،
    اچ ته پرچون پاڻ ۾، من قلب کي پهچي قرار.

    اڄ کڻي مونکي ٻُڌائي، ڏوھ مون ڪهڙو ڪَيو،
    جنهن جي عيوض مونکي جاني، ٿا سزا سُهڻا ڏيو،
    هو اڳوڻو قول توکي، واعدو وسري وِيو،
    تيز نظرن سان نِهاري، ڪين ڪر تون بي قرار،
    اچ ته پرچون پاڻ ۾، من قلب کي پهچي قرار.

    جام جنهن جانيءَ پياريو، جابجا مونکي “جمالَ”،
    سو مونکي وسري نٿو، اُن قرب واري جو ڪمال،
    محب تُنهنجي مَئي ڪشيءَ جا،مان ڏيان ڪهڙا مِثال،
    درد جي “دريا” منجهاران، اچ اچي مونکي اَڪار،
    اچ ته پرچون پاڻ ۾، من قلب کي پهچي قرار.


    نيمخوابي نيڻ تُنهنجا، خوب ٻيا تن ۾ خُمار،

    نيمخوابي نيڻ تُنهنجا، خوب ٻيا تن ۾ خُمار،
    تو بنايون آليون، اکڙيون ٿي پنهنجون اَشڪبار،
    تيز نظرن جا لنگهي ويا، تير دل مان آر پار،
    جان، جيرو ۽ جگر، جاني جلائي ڇا ڪندين،
    درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.

    دلرُبا تُنهنجي دُونالين، ديدَ ديوانو ڪَيو،
    پَل ۾ ڏيئي پيار مونکي، توته مستانو ڪَيو،
    اي مِٺا محبُوب مونکي، تو ڳچيءَ ڳانو ڪَيو،
    هيج سان هٿڙا ڏئي، هينئڙو هَٽائي ڇا ڪندين،
    درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.

    تو وَساري آ ڇَڏيو، بس اُن سندو اَرمان آ،
    تو ڪئي جيئن آ جدائي، تيئن نه تنهنجو شانُ آ،
    حُسن هر ڪنهن وَٽ هَميشه، چار ڏينهن مهمان آ،
    پنهنجو عاشق ايترو تون، آزمائي ڇا ڪندي،
    درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.

    سالَ سِڪ ۾ تنهنجي گُذريا، ڪيترا جاني “جمالَ”،
    عرض آزيون، ميڙ منٿون، سَوَ ڪيم توکي سَوال،
    پيچ پختا مونسان پائي، زندگي ڏي لازَوال،
    نينهَن جو ناتو رکي، ڀُورل ڀُلائي ڇا ڪندي،
    درد وندن جون دليون، دلبر دُکائي ڇا ڪندين.


    ٿڌا ساھَ کڻندي، ڪندي آھَ زاري،

    ٿڌا ساھَ کڻندي، ڪندي آھَ زاري،
    سڄي رات رُوئندي، مون تڙپي گذاري،
    اُڃايل اکين کي، هُئي انتظاري،
    اُميدن جو اڏيل، هيو آستان،
    دُکيءَ دل سندو، هي ٻُڌو داسِتان.

    لَبن ساڻ مونکي، جنهن پنهنجي لڳايو،
    ڏئي پيار مونکي، جنهن پنهنجو بنايو،
    اُنهيءَ دوست دلبر، ڇو دل تان ڀُلايو،
    اُهو ڀي نه مون لئه، بنيو مهربان،
    دُکيءَ دل سندو، هي ٻُڌو داسِتان.

    مگر جنهن جي خاطر، مون تَن مَن لُٽائي،
    جگر، جان، جيرو، مون پنهنجو جَلائي،
    ڏنو خُونِ دل جو، مون جنهن کي لِڪائي،
    جُدائيءَ جو جاني، نه هو ڪو گُمان،
    دُکيءَ دل سندو، هي ٻُڌو داسِتان.

    هَزارين هَليا ويا، “سڪندر ۽ دارا”،
    رُنا روز جن لئه، چمن چنڊ تارا،
    اُنهن کان مَٿي تون، ته ناهين پيارا،
    رهيو ڪونَ تن جو، ڪو نالو نِشان،
    دُکيءَ دل سندو، هي ٻُڌو داسِتان.

    کِلي خُوش ٿي جاني، پَسائي “جمال”،
    اچڻ جو اَسان وٽ، ڪو ڪريو ڪمال،
    ڀَلي پيئي دنيا ڏي، پنهنجا مِثال،
    اڏيون پاڻ گڏجي، گلن ۾ مَڪان،
    دُکيءَ دل سندو، هي ٻُڌو داسِتان.


    ڪريو گوڙ گُلشن ۾، تاڙو تنواري،

    ڪريو گوڙ گُلشن ۾، تاڙو تنواري،
    سُريلو ڪريو ساز، بَر ۾ بيهاري،
    نماڻا کڻيو نيڻ، نڪريو نِهاري،
    اُهو دل جو دلبر، ملي مهلقا جي،
    “آهي عيد ڪهڙي، سوا دلرُبا جي”.

    ٽِڙي گُل پيا سڀ، بهار ٿي ويئي،
    مزيدار موسم، پياري ٿي ويئي،
    خوشيءَ ۾ سڄي دنيا، ساري ٿي ويئي،
    وفادار دلبر، ڪري شل وفا جي،
    آهي عيد ڪهڙي، سوا دلرُبا جي.

    اچي ڏي اجازت، چپن جي چُمڻ جي،
    لبن سان لبن کي، تون لالڻ لڳڻ جي،
    ڪريو مهرباني، مٺا ڪا ملڻ جي،
    اَٿم آس جيڪا، اگهي شل اُها جي،
    آهي عيد ڪهڙي، سوا دلرُبا جي.

    “جمالَ” آهي تُنهنجو، سدائين سڪايل،
    رهي روز سيني ۾، صُورت سمايل،
    آئون عشق تنهنجي، جو آهيان اُڃايل،
    ڪجين معاف مٺڙا، ڪيم ڪا خطا جي،
    آهي عيد ڪهڙي، سوا دلرُبا جي.
     


    “جڏهن يار مُرڪي، نگاهون کڻي ٿو”،

    “جڏهن يار مُرڪي، نگاهون کڻي ٿو”،
    فقط مون نه هڪڙي، سڀن کي وَڻي ٿو.

    نه مَٽ شانُ مِٺڙا، اوهان جو مان آهيان،
    هُجون ڪيئن هَلايان، حُجاتي نه آهيان،
    ڪريو درد دانهُون، پيو دوست دانهيان،
    فقط ڳالھ هِڪڙي، چوڻ ٿو مان چاهيان،
    اُها ڀي نه منهنجي، صنم سا سُڻي ٿو،
    فقط مون نه هڪڙي، سڀن کي وَڻي ٿو.

    وفا منهنجي عادت، جفا هن جو شيوو،
    قريبن جو گفتو، هجي ڪيڏو ڪڙوو،
    مٺو مصري ماکي، سو سمجهان ٿو حَلوو،
    جڏهن انب ڏاڙهُون، مٺو ڪوبه ميوو،
    پچي پاڻ پٽ تي، ڇُڳي مان ڇَڻي ٿو،
    فقط مون نه هڪڙي، سڀن کي وَڻي ٿو.

    وڻن واھَ! جو ٿيون، اکيون اِنقلابي،
    نماڻا ٻئي نيڻ، تنهنجا نوابي،
    ٺهن رنگ جن ۾، “گُلابي”، “عنابي”،
    وڏا شور تن ۾، ۽ شاهي شرابي،
    عجائب اِشارن سان دليون ڌُڻي ٿو،
    فقط مون نه هڪڙي، سڀن کي وَڻي ٿو.

    “جمال” آهي تنهنجو، ٻئي ڪنهن جو ناهي،
    ڀَلا ڀَروسو ڇا، حياتيءَ تي آهي،
    اوتارا اکين ۾، ويٺو آهي ٺاهي،
    پرين پيار توکي، ڪرڻ ۾ ته ڇاهي،
    رڳو عاشقن ۾، پيو مونکي ڳَڻي ٿو،
    فقط مون نه هڪڙي، سڀن کي وَڻي ٿو.


    تو پرين مونساڻ پهرين، ٿي ڪيو پل پل پيار،

    تو پرين مونساڻ پهرين، ٿي ڪيو پل پل پيار،
    مونکي تنهنجو توکي منهنجو، ٿي رهيو بس انتظار،
    مون لِيا پاتا لِڪي، واٽن مٿي تي بار بار،
    موجزن هو تنهنجي مُحبت، جو “دريا” هڪ بي ڪِنار،
    پاڪ الفت جو پيالو، هو پياري تو ڇَڏيو،
    پر اُهوئي جام اَڄ، افسوس! هاري تو ڇَڏيو.

    عرضَ توکي مون ڪيا ٿي، پر نه مليو ڪو جَواب،
    انتظاريءَ ۾ سندم، جيرو، جگر ٿي پيا ڪباب،
    ڇو ڀَلا مسڪين ڪنهن تي، ٿو ڪرين ايڏا عذاب،
    ڏينهن محشر جي اهو، بس يار تون ڏيندين حساب،
    هينئن دغا سان مونکي دلبر، ڇو ڌُتاري تو ڇَڏيو،
    آهيان جيئرو مگر، جيئري ئي ماري تو ڇَڏيو.

    ياد ڪر اي دلرُبا، پنهنجون رهاڻيون ياد ڪَر!!،
    اَچ اَچي منهنجي اکين جو، آسِتان آبادَ ڪر!!،
    مُرغِ دل، قيدِ قفس مان، اچ سگهو آزاد ڪَر!!،
    پاڻ ڀي خوشحال ٿي، ۽ منهنجي ڀي دل شاد ڪَر!!،
    ڪين هو توکي مناسب، هينئن وساري تو ڇَڏيو،
    وقت سارو آ جُدائيءَ ۾، گذاري تو ڇَڏيو.
    ڪين مان توکي وساريان، ڪين تون مونکي وسار،
    مان مُحبّت ۾ گُذاريان، تون به الفت ۾ گُذار،
    پاڪ الفت جو پيالو، پرت مان مونکي پيار،
    اڄ اَچي منهنجي اکين جو، ٽوڙ هڪدم انتظار،
    نيمخوابي پنهنجي نيڻن، سان نهاري تو ڇَڏيو،
    بس نهاري نازوَر، بر ۾ بيهاري تو ڇَڏيو.

    تون وفا جو آهين پُتلو، ڪيئن چوان مان بيوفا،
    تون سخا جو آهين صاحب، ڪيئن چوان مان بي سخا،
    من سندو منٺار آهين، ڪيئن چوان جورو جفا،
    پر فقط تون پار پنهنجا، هو اڳوڻا واعدا،
    واعدا پنهنجا ڪري، مونکي جياري تو ڇَڏيو،
    اڄ اڪيلو هينئن ڀَلا!!، ڪنهن جي سهاري تو ڇَڏيو.

    رات ڏينهن هن رُوح ۾، بس ٿي رَهي تُنهنجي مقال،
    تو سوا ٻيو ڪُجھ نه گهرجي، تنهنجي سر جو آ سَوال،
    منهنجي هن معصوم دل جو، ڪر خدا ڪارڻ خَيال،
    منتظر منهنجا مِٺا، تولاءِ جاني آ “جمال”،
    ڪيترو عرصو ٿيو، دلبر ڌڪاري تو ڇَڏيو،
    وقت ايڏو دوست ويهي، دُور گهاري تو ڇَڏيو.


    گهڻائي سالَ ٿي ويا پَر، اُهائي رات ڪاري آ،

    گهڻائي سالَ ٿي ويا پَر، اُهائي رات ڪاري آ،
    غريبن کي غمن ۾ ٿي، اچي اڄ بيقراري آ،
    مهانگائي ايڏي ٿي وئي، جو هرڪا شئي اُڌاري آ،
    اڃان تائين ته اڳواڻن، نه هڪڙي ڳالھ پاري آ،
    اُهوئي دَور آمر جو، اُهو قانُون جاري آ،
    رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گذاري آ.

    اٽو، کنڊ، کير ۽ ڀاڄيون، مَٽر مُوري مَٿي آهي،
    ڀَلاريون ڀينڊيون، پالڪ، بصر، گوبي گهٽي ناهي،
    مڇي ڏاڍي مهانگي آ، ڇَڏيو مُرغيءَ ليکو لاهي،
    چڙهي ويو تيل چوٽيءَ تي، وڃون ڪيئن ڪار کي ڪاهي،
    اٽو ناهي، لٽو ناهي، اجهي جي انتظاري آ،
    رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گذاري آ.

    جڏهن کان “نورَ، نانگن” سان، اچي ياري رکي آهي،
    تڏهن کان مُلڪ هن ۾ ٿي، اچي بس بيوَسي آهي،
    پريشانيءَ ۾ هر ڪو آ، نه ڪنهن کي ڪا خُوشي آهي،
    سواءِ چند ماڻهن جي، ٻين لئه خُودڪشي آهي،
    “رڍن” جي رُوپ ۾ “بگهڙن”، ڪئي تخريبڪاري آ،
    رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گذاري آ.
    “روينيو” کان آهي زاري، ٿي کاتن تي خُواري آ،
    رڳو منشيات ۽ چوريون، جُوئا ڀي جامَ جاري آ،
    نه آفيسر ڪئي ڪنهن ڀي، اگهن جي پوئيواري آ،
    جيالن جيب ڪترڻ جي، ڪئي تُرتئون تياري آ،
    اچي هروقت ٿي تن لئه، اَندر مان آھَ و زاري آ،
    رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گذاري آ.

    “جمالَ” آخر وطن هن تان، ڪري تاريخ پئي چَٿرون،
    اسان جي مُلڪ تي ناقِص، مُخالف جون آهن نظرون،
    ڪڏهن ڀارت جي ڌمڪين جون، ٻُڌون هر روز ٿا خبرون،
    ٿئي آزاد شل سنڌڙي، ٿين مقبُول تحريرون،
    فققط اعلان تقريرون، رڳو بي روزگاري آ،
    رڳو خالي دِلاسن ۾، عُمر ساري گذاري آ.


    اُڏامي عرش تي اڄ ٿو، ڪيائين ڪالھ ٿي آزي،

    اُڏامي عرش تي اڄ ٿو، ڪيائين ڪالھ ٿي آزي،
    مِلڻ لئه اڄ وڃي جيڪو، ٿئي ڀوتار بي راضي،
    عداوت آهي اَڀرن سان، رڳو رهزن رکي راضي،
    دِلاسا ڏئي ڪري دوکا، کٽي جنهن هيءَ آهي بازي،
    ڪڏهن “ڪينجهر ڪراچيءَ” ۾ رکن شيشا شرابن جا،
    قصا ويهي ڪريون ڪهڙا، نسورو تن نڀاڳن جا.

    چڱا ماڻهو اُهي آهن، جيڪي هُئا چور چوڌاري،
    “رَمي نوخال” جا ماهر، جبل جيڏا سي جُوئاري،
    ڪندا ڪم ڪونَ ڪو ڪنهن جو، رڳو دوکي جي دلداري،
    ڪُپت ۽ ڪوڙ جي تن کي، بَدن ۾ آهي بيماري،
    زبان تي گار گند تن جي، ڌرم ۽ دين ڇا تن جو،
    فقط نالي سندا ماڻهو، اهو اخلاق ناهي ڪو.

    اَچي قابو ڪيو آهي، غريبن اَڄ غَدارن کي،
    وڪوڙي وهم ويا آهن، نه هڪڙي پر هزارن کي،
    ڪِرڻ جا يارَ ڪي ڪارڻ، ٿيا پيدا ڪنڌارن کي،
    خدا کڏ ۾ هڻي تن کي، انهن موذي مَڪارن کي،
    رِياڪاري ۽ رُشوت سان، گناهن ۾ گذارو ڪن،
    ستائي ٿا غريبن کي، مگر مسڪينَ مارو ڪن.
    عُشر زڪوات جا پئَسا، اچن ٿا پُڻ اَميرن لئه،
    اَٽو، کنڊ، گيھ ۽ داليون، ملي ٿي چانھ چيلن لئه،
    اڃان امداد ٻي ايندي، اُها آهي يتيمن لئه،
    عياشي عيش ۾ آهن، غضب آهي غريبن لئه،
    نڪو نلڪو، نڪو بجلي، ۽ کُٽلن جو خدا آهي،
    جَهنّم ٿو ڊڄِي جن کان، اُها دنيا جُدا آهي.

    نِماڻا نيچ ٿيا آهن، وڏي جن ۾ وڏائي آ،
    ڪئي مسڪين ماڻهن سان، ڀلا ڪهڙي ڀَلائي آ،
    هَميشه دَور هر ڪنهن ۾، نه ڪئي ڪنهن سان چڱائي آ،
    اِلاهي ٿيا عُذر دل ۾، اَندر ۾ ئي کوٽائي آ،
    ڪُپت ۽ ڪُوڙ دوکي جو، اَندر ۾ ڪو اَثر آهي،
    اسان جي ئي ڪمن کي ڪا، لڳي ڪنهن جي نظر آهي.

    “جمالَ” آخر، عُمر ساري، رئيسن کي نه رهڻو آ،
    سدائين يارَ ڪُرسيءَ تي، وڏيرن کي نه ويهڻو آ،
    ڀلي ڪيڏي به ڪن ڪاوڙ، چڱائيءَ جو ته چَوڻو آ،
    خدا ڄاڻي اڃان ڪهڙو، دنيا ۾ دَور اچڻو آ،
    اسان کي جو به هو چوڻو، چيوسين آ سندن مرضي،
    نڪان پيو ساھَ کڻي سڀ ڪو، نه ڪنهن جو ڪير آ قرضي.


    قيامت تَڪ رَهي قائم، “سُونهاري” سنڌڙي مُنهنجي،

    قيامت تَڪ رَهي قائم، “سُونهاري” سنڌڙي مُنهنجي،
    هُجي آباد شل دائم، پياري سنڌڙي مُنهنجي،
    نماڻي نينهَن واري آ، نياري سنڌڙي مُنهنجي،
    “ڀٽائيءَ” جي ڀَلي هيءَ ڀُونءِ، ڀَلاري سنڌڙي مُنهنجي،
    وَسي واري پئي “سنڌوءَ” ۾، ڪئي دُشمن دغا آهي،
    مَچن “مهراڻ” جون مستيون، سُڪل جيڪا صفا آهي.

    سَڳوريءَ سنڌڙيءَ هن تي، “سڪندر” جي هُئي سرداري،
    گهڻو عرصو “گهِراڻا” پڻ، وسائي ويا آهن واري،
    هِتي هو چَچّ جو چرچو، ۽ “ڏاهر” ڏاڍ ڏيکاري،
    “عرب ۽ غزنوي، سومرن”، “سمن” آ پرت پو پاري،
    اڃان “ارغُون”، “تُرخانن”، ڪئي هِت اِنتها آهي،
    “مُغل” ۽ پو “ڪلهوڙن” ڪئي، حُڪومت جا بجا آهي.

    ٿِيا پوءِ “ٽالپر” حاڪم، هَوس ۽ حرص حسرت لئه،
    حڪومت وئي هَلي تن جي، رهيا اُهڃاڻ عبرت لئه،
    اچي “انگريز” ويا آخر، “هلاڪو” جهڙي حالت لئه،
    طرح اهڙيءَ سان سڀ آيا، ڦُرڻ هي ديس دولت لئه،
    فقط آثار رهجي ويا، ٿيو هر هڪ فنا آهي،
    بَهاريءَ تي نه ڪر بانور، “بهاري” به بقا آهي.

    بَنيو هي آهي “پاڪستان”، پهچي ويا پو “پنجابي”،
    سَڄڻ سمجهو نه سنڌين جا، اِهي “برمي ۽ بنگالي”،
    جڏهن “افغاني” هِت آِيا، تڏهن ٿي بُک ۽ بدحالي،
    “پناهگيرن” پناھَ ورتي، وطن جا ٿي ويا والي،
    سدائين، سُورَ سنڌين لئه، نه دارُون ڪا دوا آهي،
    هڙپ ٿئي مال هر ڀيري، سو رهزن لئه رَوا آهي.

    هِتي جي چيز هر چوکي، “ڪڻڪ، ساريون، ڪمند، ڪيلا”،
    ٻنهي “مهراڻ” جي ڪپرن، مَٿي آهن “ٻَٻَرُ”، “ٻيلا”،
    “ڪُهاڙي، ٽوپي، اَجرڪ”، سان، سُونَهن ارڏا ته البيلا،
    “پرولين” جا جيڪي ماهر، مچائن “مچ” مَٿي ميلا،
    مَٿي تي “بوسڪي پٽڪو”، عجب تن جي اَدا آهي،
    لَکن جي لوڏ آ تِن جي، ڏِسڻ جهڙو لَقا آهي.

    سچي هُئي “سُهڻي ساهڙ” سان، ڪروڙين ٻيا قِصا آهِن،
    هِتي هو ناز نُوريءَ جو، ڪَيا “مومل” مزا آهن،
    سچائيءَ سان ته “سَسئُي” هئا، “جبل” جهاگيا جَجها آهن،
    مُحبّت “مارئيءَ” جي ڏِس!، پسند اُن کي پَکا آهن،
    نڀايو نَر ۽ ناريءَ آ، ٻُڌا ڪو بيوفا آهي،
    دليريءَ ۾ به دنگ آهن، وَچن تن جو وَفا آهي.

    اَسان جي ديس هِن تي ڪَئي، عنايت “شاھَ عنايت” آ،
    “سچل” سرڪار سائينءَ ۽، “قلندر” جي ڪرامت آ،
    “بلاول ۽ عنايت” جي، شريرن ڪئي شهادت آ،
    “ملن، ميرن ۽ پيرن” جي، بنايل سڀ بَغاوت آ،
    سڄي سوچي ڪري سازش. سُڻائي سا سزا آهي،
    جَهنّم ٿو ڊڄي جن کان، نه تن لئه ڪا جَزا آهي.

    ڀَلو هِت شهر بهتر آ، ڪراچي سنڌ جي گادي،
    زبان هڪ آ، ۽ سڀ هڪ ٿيو، ڇَڏيو “لاڙي ۽ اُترادي”،
    “گدڙ ۽ گورپٽ گينڊن”، ڪريو “بگهڙن” جي بربادي،
    اُٿو جاڳو اَدا جلدي، کپي ٿي هاڻ آزادي،
    وسيلن ۽ زبان تي جن، ڪيو قبضو سَدا آهي،
    خُدا ڄاڻي ته ڇا ٿيندو؟ اڃان هيءَ اِبتدا آهي.

    “جمالَ”، آهي اَمڙ سنڌ جي، لِکيو هي شعر عَظمت تي،
    اسان کي ناز آ سنڌ جي سَمُوريءَ سڀ ثقافت تي،
    ٿڌي آ “هيرَ” “سنڌڙيءَ” جي، فخر آ اِن عنايت تي،
    مُبارڪ آهي سنڌين کي، “نبيءَ” جي اِن “بشارت” تي،
    مٺو “مهراڻ” جو پاڻي، اهو آبِ شفا آهي،
    ٿئي آزاد شل “سندڙي”، اِها دل سان دُعا آهي.


    مِلن ٿا پاڻ ۾ اڄ، دلرُبا اي يومِ آزادي،

    مِلن ٿا پاڻ ۾ اڄ، دلرُبا اي يومِ آزادي،
    خُوشيءَ جو دَور آيو، جابَجا اي يومِ آزادي،
    ننڍا توڙي وڏا سڀ، خُوش ٿيا اي يومِ آزادي،
    رهي ڪنهن کي شڪايت، ڪانڪا اي يومِ آزادي،
    پکڙجي وَئي بَهاريءَ جي، هوا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    مُسلمانن جي گردن مان، ويو طوقِ غُلامي اَڄ،
    مُڪمّل ٿي چُڪي، آزادي آهي مُدامي اَڄ،
    ٿيو “رُوح الامين” آهي، سدا تنهنجو پيامي اَڄ،
    سعادت تنهنجي سان، قُدرت به ٿي آ هَم ڪلامي اَڄ،
    هُجين دائم اصل کان، اِنتها اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    وطن جي ناز جو هر راز، تو ۾ ٿي چُڪو مُبهم،
    وطن جو تون، وطن تنهنجو، سدا همراز ۽ همدم،
    هُجي سَرسبز جهنڊو شال، پاڪستان جو قائم،
    ڪيو آزاد آهي، ملڪ سارو قائِد اعظم،
    اُهوئي ٿيو اسان جو رهنما، اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    اسان جون جيڪي تقديرُون، ٿيون تبديل تو ۾ اڄ،
    اميدون سڀ سندم دل جون، ٿيون تڪميل تو ۾ اڄ،
    سراسر سڀ هي ترقيءَ جو، ٿيو تفصيل تو ۾ اڄ،
    اسان تي ٿي چُڪي رحمت، سندي تنزيل تو ۾ اڄ،
    اها توکان سري عُمدي، عطا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    سموريون نيٺ ٿيون پُوريون، دماغ و دل جون تدبيرون،
    ڀڄي ڀورا غُلامي جون، ٿيون اڄ زُود زنجيرون،
    فَلڪ تي ڄڻ ويون پهچي، سندم سڀ تيز تنويرون،
    ٿيون مقبول سڀ منهنجي، قلم جون نيڪ تحريرون،
    مَلائڪ ڀي عجب ۾ اڄ، پيا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    عجائب چوڏهين آگسٽ، ۾ تُنهنجي وِلادت ٿي،
    وِلادت هيءَ اسان جي لاءِ، سچ پچ هڪ سَعادت ٿي،
    سَعادت ٿي، ڪرامت ٿي. نِزاڪت ٿي، لَطافت ٿي،
    مسلمانن کي هيءَ حاصل، خُداوند کان ئي نعمت ٿي،
    خدا جي ٿا ڪريون، حمد و ثنا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    ٿيو تاريڪ راتين مان، نصيبن جو سحر پيدا،
    اسان جي محنتن جو، اڄ ٿيو عُمدو اَثر پيدا،
    اُونداهي رات ٿي پُوري، ڪڪر مان ٿيو قمر پيدا،
    وطن جي راھَ تي اڄ ٿي، چُڪو آ راهبر پيدا،
    ٿي ترقي جي اِهائي، ابتدا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.

    وڻندڙ ٿا لڳن دل کي، نوان نت نت نظارا اڄ،
    فلڪ تي ڏس خوشيءَ کان ٿا، وڄن نوبت نغارا اڄ،
    لِيا پايو ڏسن هَر هَر، قمر شمس و ستارا اڄ،
    ٻُڌن ٿا شعر سڀ خوش ٿي، “جمال” ۽ جيءَ جيارا اڄ،
    چوي ٿي دل هجين قائم، سدا اي يومِ آزادي،
    مُبارڪ، صد مُبارڪ، مرحَبا اي يومِ آزادي.


    سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف،

    سنڌ جو هيرو سچو، سرڪار آ عبداللطيف،
    سنڌين ۽ سنڌ جو، سينگار آ عبداللطيف،
    سُونَهن ۽ سُرهاڻ جو، سردار آ عبداللطيف،
    هر هنيين جو هار، ۽ هٻڪار آ عبداللطيف،
    زاهدن جو زيب، زينتدار آ عبداللطيف،
    روشنيءَ جو چمڪندڙ، مينار آ عبداللطيف،

    درد جو “درياھ” رَوان، ڌڌڪار آ عبداللطيف،
    لال هي مرجان موتي، منٺار آ عبداللطيف،
    دُرعدن جو دلربا، دلدار آ عبداللطيف،
    گُل اِهو گُلشن سندو، بي خار آ عبداللطيف،
    نينَهن ۾ ٿيو نَراِهو، نروار آ عبداللطيف،
    روشنيءَ جو چمڪندڙ، مينار آ عبداللطيف،

    ڪِٿ سَسئيءَ جي سڪ رکي، پيو پير پُنهل جا کَڻين،
    ڪِٿ وري تون ٿيو پَوين، پُنهل جي پيرن جي پَڻين،
    ڪِٿ مٺا مُومل تون بنجي، ٿو هنيين تي هٿ هَڻين،
    لهرين جي لهوِ چڙ ۾، سُهڻيءَ جا ٿو سڏ سُڻين،
    مارئي جي مُلڪ لئه، تند تار آ عبداللطيف،
    روشنيءَ جو چمڪندڙ، مينار آ عبداللطيف،

    نيڪ سيرت، نيڪ صُورت، نيڪ آ جَلوو “جمال”،
    جاڳ ۾ يا خواب ۾، بس ٿو رَهي تنهنجو خَيال،
    گوهرِ ناياب آهين، ناهي تنهنجو ڪو مِثال،
    شاھَ تنهنجي شاعري ٿي، لوڪ ۾ آ لازوال،
    وَڏ ڦُڙي جيئن ٿو ڪري، وَسڪار آ عبداللطيف،
    روشنيءَ جو چمڪندڙ، مينار آ عبداللطيف.
     


    انسان کي نصيحت

    آهين تون اولادِ آدم، ڪين شَر شيطان ٿي،
    ڇڏ انا اخلاق سک، هرگز نه تون حَيوان ٿي،
    انگ ڇڏ ابليس جا، ناحق نه تون نادان ٿي،
    صُورتِ انسان آهين، سيرتِ انسان ٿي،
    دِيس جا دُشمن دَسي، مسلم سندو معمار ٿي،
    ننهَن نِڙيءَ تي تِن کي ڏيئي، سر وَڍي سالار ٿي.

    ڇا جي لئه خاموش آهين، هاڻ تون هُوشيار ٿي،
    جنگ جي ميدان ۾، نعرو هڻي نروار ٿي،
    آگ، ٽانڊو، باهي بنجي، چڻنگ تون چوڌار ٿي،
    غير ۾ ڪو دم نه آهي، مرد مڻيادار ٿي،
    غمزدن جو يار بڻجي، تير ۽ تلوار ٿي،
    نيٺ هڪ ڏينهن آهي مرڻو، ڪين ڪنهن تي بار تي.

    پاڪ مذهب پنهنجي ۾ آ، هٺ وڏائي ناروَا،
    ٿو تونگر جو به ٿئي، سو آهي بلڪل بينَوا،
    بينوا پاڳل اُنهيءَ جي، درد جي ناهي دوا،
    ڇَڏ مَغز مان تون ڪڍي، دُنيا جي سڀ حرص و هَوا،
    هوڏ ۽ هستي ڪري، تون ڪين بي اختيار ٿي،
    چيز ڪهڙي آهين تون، ڪُجھ سوچ ۽ ويچار ٿي.

    تيز ڪر تبليغ تون، قادر سندي قُرآن جي،
    ڪر ثنا پيو تون سدا، پنهنجي سچي سُبحان جي،
    اِبتدا کان اِنتها، ڏئي ثابتي ايمانَ جي،
    وار ڪر ويريءَ مٿي، طاقت رکي طُوفان جي،
    ڪر جهالت ختم تون، ۽ اُٿ اُٿي اظهار ٿي،
    دين ڦهلائي دنيا ۾، مذهبي مينار ٿي.

    ڪين ڪنهن جي ڪاڻ ڪڍ تون،ڪرنه ڪنهن جو تون فِڪَر،
    پنهنجي پختن تون ارادن، جو ڪو پيدا ڪر اَثر،
    همّت و حشمت سان ڪر ڪو، ڪارنامون ڪارگر،
    ڇا ڀَلا توکي ڪندا، معمولي موذي مِڙ مَڇر،
    نعرهءِ تڪبير چئي تون، رُڪ جي ديوار ٿي،
    خارَ مان تون خار بنجي، خنجرِ خونخوار ٿي.

    نفرتون دل مان ڪڍي، هاڻي حسد کي ختم ڪَر،
    رنج روساما ڪڍي ڇَڏ، ڪر نه ڏاڌايون ڏمر،
    ويرَ ويتر ڇَڏ وساري، ٻَڌ ڇڪي قابُو ڪَمر،
    دُشمنن سان جَنگ جوٽي، هُل هنگامون ڪر حَشر،
    جان جي پرواھَ! نه ڪر تون، جان کان بيزار ٿي،
    هٿَ حياتيءَ تان کڻي تون، قاتلِ اَغيار ٿي.

    نغمهءِ “يُوسف” ڇڏي ڏي، لات “ليليٰ” جي نه ڪر،
    پهڻ کي پُرزا ڪرڻ، “فرهادَ” جهڙي ڪار ڪَر،
    ظُلم جي زنجير ٽوڙي، جهور جاهل جو جَبر،
    ڌڪ هَڻي دهشت ڪري، دُشمن کي ڪر تون دربَدر،
    جوش جذبي سان سِگهو، نوخيز نينگر نارُ ٿي،
    “جيترو بس ٿي سَگهي، دُشمن جي لئه آزار ٿي”.

    تير هَڻ اهڙو تَڪي، جو گز نه تُنهنجو هڪ گُسي،
    ڪست مان ڪاوڙ ڪري تون، پنهنجو دُشمن وِجھ دسي،
    ڌڙ سِسيءَ کان ڌارَ ڪر تون، ڏيھ سارو ڀَل ڏسي،
    لت هَڻي ڇڏ لاش لوڙهي، جو خُوشي توکان کَسي،
    وقت هي ناهي ويهڻ جو، حيدري هٿيار ٿي،
    جيستائين زندگي آ، تون مُخالف مار ٿي.

    وِڙھ سدائين راھِ حق ۾، کڻ نه تون پُٺتي قَدم،
    منزلِ مقصد تي پهچڻ، آهي زنده دل جو ڪَم،
    جوش جذبو، ولوَلو جي، حوصلو آ دمبَدم،
    قوم اُنکي ڪين ڪڏهين، سهڻو پئي ٿو ڪوبه غَم،
    ڪونَ تون ڪمزور آهين، ڪين بس بيڪار ٿي،
    درد جو “دريا” لتاڙي. دوست اُڪري پار ٿي.

    دُشمنن جون قُوّتون ڪُل، ڪر اِرادا پائمال،
    تُنهنجي جُرئت ۽ جِسارت، جو دُنيا ڏي ڀَل مِثال،
    ڪر “بلاول” ۽ مٺا، “منصور” جهڙو ڪو ڪَمال،
    جُرئتون جيڪي به ڪن ٿا، تن جو جَرڪي ٿو “جمال”،
    خواب غفلت کي ڇَڏي ڏي، اُٿ اُٿي بيدار ٿي،
    قُوّتِ بازو سان دُشمن، جي مَٿي هَسوار ٿي.


      ٺـــٽـــــو

    ڪُل ڪراچي ڄامشورو، ٿو اچي هر حُسن وَر،
    هارَ پايو حرص ڪريو، ناز ڪن ٿا ناز وَر،
    پدمَڻين جو پرت وارو، نرگسي نازِڪ نظر،
    گهورَ سان گهايو وجهن، اکڙين ۾ اهڙو آ اَثر،
    عرش ۾ جيئن ٿا لڳن، اعليٰ اُتم شمس و قَمر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    محبتي ماڻهو منجهس، ۽ ناز نُوريءَ جا هُئا،
    جنهنجي نِوڙت نياز سان، ٿي بادشاھ ڀُلجو پيا،
    ڄامَ ڄارو هو هَٿن ۾، ڪم اِهي قسمت ڪيا،
    هڪ نه نوُري هُئي نِماڻي، داستانا کوڙ ٻيا،
    اڄ به سا آباد آهي، قُرب وارن لئه ڪينجهر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    سِڪّ سَسئيءَ کي به هُئي، هو پيار پُنهل جو پَڪو،
    ڪونَ ٿو وِسري اُهو، اڄ قُرب وارن جو قِصو،
    ڌرتي ڦاٽي تن لئه پيئي، ڪونَ ايئن ڪنهن لئه ٿيو،
    ڪو پتو ڪنهن کي نه پيو، بس هار جو يا جيت جو،
    اِنتها ٿي عشق جي، ڪا ڪونَ هُئي ڪنهن ۾ ڪَسر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    هو هِتي “مخدوم هاشم”، آهي “اصحابي” اِتي،
    “مائي مڪلي”، “شيخ جيئو”، “مخدوم آدم” آ هِتي،
    درس هلندو هو دُنيا جو، جوش جذبي سان جِتي،
    ڌاڳو ڌاڳي سان ڳنڍي ويا، سُٽ کي ڪوري ڪِتي،
    ڪيترا قابل ڪَمي، رهندا هُئا ڪي ڪارگَر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    هِن ۾ “دريا خان” هو، ۽ هن ۾ “نندو ڄام” هو،
    ۽ “تماچيءَ” جي نسن ۾، نُوريءَ جوئي نام هو،
    زر خَريدو ڄڻ ته اُن جو، هر صُبح ۽ شام هو،
    قُرب جي قيمت ڏنئين، “ڪينجهر” سڄو اِنعام هو،
    ميربحرن جا مزا ٿيا، ۽ لٿو ڏيھ تان ڏُڪر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    هِن ۾ “مسجد شاهجهان” جي، ڪوٽ هن ۾ آ “ڪَلان”،
    گُل گُلابي، “موتين” جي، سُونَهن ساوڪ ڇا چَوان،
    حُسن جي ڪا حد نه هُئي، “مهراڻ” موجز ۾ رَوان،
    محنتي ماڻهو هتي جا، هي آ تن جو آستان،
    مدرسا مشهُور هُئا، ۽ علم سان گڏ هو هُنر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    صاف سادي آهي ٻولي، لاڙَ واري هيءَ زبان،
    هن پَڪيءَ ٻوليءَ اَندر، آهي ڀٽائيءَ جو بَيان،
    قُرب ۽ ان ۾ سَچائي، عاشقن جي آ عَيان،
    واھَ! جي ٻولي وڻي ٿي، هِت جيئان ۽ هِت مَران،
    هر اکر موتيءَ مِثل، آ شهد شيرين ۽ شڪر،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.

    هِن ۾ “جاتي، جهوڪ” آهي، “جُنگشاهي” ۽ “جمال”،
    دل “دڙي” سان ٿي لڳي، “گهاري”، گُجي” جي مِڙ مقال،
    “ڪيٽي بندر” ۽ “بٺورو”، ڪر “سجاول” جي سنڀال،
    راڄ راڻن جا رهيا ٿي، ويا ڪري ڪيڏا ڪمال،
    “وَر، غُلام الله، ٻُهارا”، منهنجو مرڪز “ميرپور”،
    سنڌ ۾ سُهڻو سڀن کان، نينَهن وارو آ ننگر.


      پاڪستان

    ڪيئن ڪريَان تحرير آئون، مُلڪ پاڪستانَ تي،
    مُلڪ جي هر هڪ حصي مان، باغ ۽ بُستانَ تي،
    ديس جي دودن دليرن، مرتبي ۽ مانَ تي،
    شانوَر شانائتي، شهزور عاليشان تي،
    اِبتدا بس ٿا ڪريون، پهرين بلوچستان کان،
    پَٻ جبل جي پٿّرن، ۽ ريتي ريگستان کان.

    واھَ جو ماحول هُت آ، هر ٻُڍي ۽ ٻارَ جو،
    هو پَڪا پُختا زَبان جا، لفظ هڪ اِقرار جو،
    هُن ۾ “پسني” آ “گوادر”، ۽ ضلعو “خُضدار” جو،
    هُت هَرڻ ۽ “شينهن شِڪرا”، گوڙ آ “ڳونار” جو،
    واٽَ “وِندر” جي وَراڪن، وَر وَڪڙ ويران کان،
    “حب نَدي” “هاڙهي” جي هِڪ هِڪ، چوٽين چوغان کان.

    هوش ۽ همّت ۾ هردم، هُو زياده زور ٿَئي،
    پُر پڙاڏا حوصلي جا، شانوَر شهزور ٿَئي،
    بي بَها بلڪُل بَهادر، ڪونَ هو ڪمزور ٿَئي،
    هُت “مَري”، “مينگل”، “بروهي”، ۽ “اڱاريا” اور ٿَئي،
    “رائفل” اُستاد ڄاڻو، ماهرِ نيشانَ کان،
    جنگجُو جوڌن جي جوهر، جوش ۽ جولان کان.

    هُت پَلر پالوٽَ سان، ٿا مُحبتي ميلا مَچن،
    وقت وَس جي مال ڪاهيو، مالوَند ماڻهو اچن،
    هُت “مُنگها”، “ڳاڳيون” ٿين، سڀ گاھ ٻُوٽا ۽ “چندن”،
    “خَس کٿوري” کوڙ ٿئي ٿي، چاھَ مان “چانگها” چَرن،
    “چاغي بُولو”، “پنجيائي”، ڪُنگري”، “شيرانَ” کان،
    “نُورگاما”، “مول، واڌڻ”، “ڪوئٽا، ڪونان” کان.

    سرحَدي صُوبي طَرف، سڀ پاڻ ٿا اڳتي هَلُون،
    “خان زادن”، “پٽڪي” وارن، ساڻ ٿا مُرڪي مِلُون،
    “پشتو ٻولي” پيارَ واري، خُوش ٿيو تِن سان کِلُون،
    “ڪوھ هندوڪش”، مُندري، ۽ “چارباغِ” ٿا چَلون،
    ٿا هِتان داخل ٿين ڪي آدمي، “افَغان” کان،
    “بورمل”، “ڪابل”، “سروبي” “ناري بورستان” کان،

    “انبَ ۽ انگُور” هُت، ٻي کوڙ ٿيندي آ “کَجور”،
    “مالِٽا”، “انجير” ۽ “زيتون” هُت آهن ضَرور،
    باغ سان آهي بهاري، ٿو اچي سُهڻو سُرور،
    ايتري نعمت جي هُوندي، ڪونَ آ تِن کي غُرور،
    ٿا ڇَمر ڇڄيون پَون، “ڪاغان”، “ڪوهستان” کان،
    “ڪوھ مَري”، “ ڪي ٽو جبل”، هيبت وڏي حيران کان.

    برف بارش جيئن وَسي ٿي، هُن حصي تي عام جام،
    تنهنڪري تڪليف ٿئي ٿي، سرد موسم ۾ تَمام،
    ٿا بنائن خُود اُهي، هَٿيار ۽ گُوليون مُدام،
    هُو رڳو بارود آهن، ڪيترا ڀَريل گُدام،
    “ڪرڪ” ۽ “مردان”، “کجُوري”، “رزمڪ ونارانَ”، کان،
    قوم “اصغر خان” واريءَ، تيز طُوفان کان.

    پنج نَدي “پنجاب” ڏي بَس، پاڻ ٿا منزل ڪَريون،
    “راوي”، “جهلم” جي سَڀن، موجزن مٿي محفل ڪَريون،
    تِن جي بس هر هڪ اَدا تي، ڳالھ هڪ دل ٿي ڪريون،
    بند جن پاڻي ڪيو آ، تِن تي ڪو ڪرڳل ڪريون،
    گڏجي سڀ تيلي رکون ڪا، “مُغلور” ميدان کان،
    باھِ ڀل ڀَڙڪا ڪري پئي، “جنڊ ۽ ملتانَ” کان.

    هُت وڏا آهن وَلي، ۽ مسجدون مينارَ پُڻ،
    سُونَهن سڀڪا آ هُتي، ۽ سو بسو سينگار پُڻ،
    باغ بيحد هُت گهڻا، ۽ گُلشن و گُلزار پُڻ،
    هُت مزا آهن وڏا، ۽ مَن گُهريا منٺار پُڻ،
    ٿو حقيقت پيش ڪريان، مست من مَستانَ کان،
    بس چوان جيڪو پيو، سو گهٽ نه آ ڪو شانَ کان.

    سرزمينِ سنڌ پهچي، ٿا ڪريون پُورو سَفر،
    هِت وڏا ڪامل وَلي، ۽ عارفن جو آ اَثر،
    هِت لطيفي لات آ، ۽ قُرب “قَلندر” جو ڪَثر،
    هِن سڳوريءَ سنڌ تي آ، غير جي هردم نظر،
    پر جُهڪيو جَهٽ پَٽ پَوي، ڪنهن جي ڪرامت ڪانَ کان،
    ڪين ڪُجھ تڪليف ٿئي ٿي، مُٺ گُهري نادانَ کان.

    آ هِتي “ڪيٽي بندر”، “مهراڻ”، “منڇر”، ۽ “ڪينجهر”،
    “لاڙڪاڻو”، “گهوٽڪي”، ۽ “ساڪرو”،“سيوهڻ، “سکر”،
    هِت “ڪراچي”، “ڪوٽڙي”، بس، آ سڄو “ٿرپارڪر”،
    “خيرپُور” خاشو گهڻو، پَر نينَهن وارو آ “ننگر”،
    سنڌ ۾ آيا هِتي، “اصحاب” “عربستانَ” کان،
    اچ زيارت تون ڪري، تِن جي تنبو طُولانَ کان.

    حُسن جو هوڪو هَلي ٿو، جابَجا جَلوو “جمال”،
    مُدبّر عالم اَڪابر، علم وارا بي مِثال،
    پارکو پيدا هِتي ٿيا، ناهي ڪنهن کي ڪا مَجال،
    سنڌ آ سرسَبز ساري، لُطف آهن لازَوال،
    هي متاثر ٿي لکيو مون، نيڪ ڪنهن انسان کان،
    رحم جي ٿو مان دُعا، دل سان گُهران رحمانَ کان.


     مارئي جي ساروڻي

    هزارين هار هيرن کان، مَٿي آ مانُ مارن جو،
    ڪري شل معافِ ميرانڏي، مَرم ماري ميارن جو،
    الائي ڇا ته هوندو حال، ٻاٻاڻن جي ٻارن جو،
    اِهي ڪُنگرا ڪري پوندئي، لڳو جي ڌڪ ڌنارن جو،
    سِتم سختين، دُکن دردن، اندر جي اوڇنگارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    اِجهو ايندا اباڻا هُو، نهاريان روز ٿي راهُون،
    پڙاڏو ٿيو پنوهارن ۾، ڪيون تن درد مان دانهُون،
    سراسر سُومرا سائين، ٻڌان ٿي تو اڳيان ٻانهُون،
    پَون ٿا پُورَ پلپل ۾، اچن اندر منجهان آهُون،
    رهي ٿو سوز سيني ۾، سدائين تن سنگهارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    “ڪنگڻ”، “ڪٺمال” تون آڇي، چَوين ٿو “پٽ پَٽيهر” ٿي،
    وچن آهي ويڙهيچن سان، وينديس آخر اُنهن وٽَ ئي،
    پڪا “پيرون” پلر پَلٽيا، وطن چَڙهيا وَري واسي،
    خُدا جو خوف رک دل ۾، آهيان تنهنجي اَبي جي ڌي،
    پوي شل پاپ هي توتي، ڏکويل ڏيھ وارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    ڀَلي ڪيڏي به ڪر مونسان، مگر توکي مَڃائينديس،
    “ڪڙولا” قيمتي ڪپڙا، “بُولو” بلڪل نه پائينديس،
    دُکائي دل تو مُنهنجي آ، ٻين کي ڀي ٻُڌائينديس،
    اِها هستي هَلي ويندئي، توکي جهٽ ئي جُهڪائينديس،
    غريبن جو غضب پيو جي، ڌُڻولين ۽ ڌنارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    شريفن جو نه هي شيوو، ڌڻولين تي هڻن ڌاڙا،
    اسان مسڪين مارن جا، توکي پرتا آهن پاڙا،
    رچايا “رَعد” اڄ رنگڙا، ڦُٽي پيا گاھَ گولاڙا،
    ڪريو ٻوليون هڻن گوليون، تنواريو تيز اڄ تاڙا،
    لِڱن تان لوئيءَ کي لاهڻ، مُناسب ناهي مارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    سُريلو سُر پيم ڪن تي، پيا ٻولين ٻاٻيها،
    چمن ۾ چهچٽو آڻي، چَري دل ويا ڪري چيها،
    مَرڻ کان ڪين مان مڙنديس، ڀَلي وِجھ ڊپ وڏا ڊيها،
    مِلان شل ملڪ وارن کي، اَندر ۾ آس آ ايها،
    ڏسان ڏيهي، سڄڻ سيئي، نمومو ٿئي نظارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    مَٽايان سونَ تي ڪيئن مان، سڳوريءَ سنڌ وارن کي،
    مِٺن مارن، وطن وارن، نماڻن ننگ دارن کي،
    سَمن، سُوسن، گُلن، غُنچن، چمن ۽ چنڊ تارن کي،
    شريفن شانَ وارن ۽، حسينن حال زارن کي،
    ڪَڪوريل، ڪارين اکين، عجب تن جي اِشارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    لِکي پُرزو ڪيم پُورو، ڳچيءَ ۾ پاندڙو پائي،
    نٿي ڪانگل ڪريان قاصد، ڀلي پيو ڳيت سو ڳائي،
    “ڪبوتر” هي کڻي ڪاغذ، پنوهارن پاس پهچائي،
    وڃي منهنجي طرف کان تون، ڳوٺاڻن ساڻ ڳالهائي،
    ڳچيءَ ۾ توکي پايان، هار هي لُڙڪن جي لارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    طَرح هيءَ ٿي مِلي تنهن دم، ڪئي ڪنهن مسخري مُونسان،
    ڪرڻ ظاهر ٿي چاهي، پنهنجي ڪنهن بالاتري مُونسان،
    ڪئي اِظهار ٿي هُن، برتري در شاعري مُونسان،
    هَميشه هم رِڪاب آهي، ستارو مشتري مُونسان،
    اثر ان تي نه ٿيندو، زحُل يا عقرب ستارن جو،
    اَثر ٿيندو وڃي آخر، پنوهارن جي پُڪارن جو.

    جَجهو جيءَ ۾ “جمالَ” آهي، جُدائيءَ جوش جاڳايو،
    وڃان شل مان وطن واپس، اباڻن مان نه اڄ آيو،
    نَڪي خط کيت آ لِکيو، رقيبن جو رکي رايو،
    اسين ڀاءَ، ڀيڻ ٻئي آهيون، خُوشيءَ جا ڳيت اڄ ڳايو،
    مُبارڪ مرحبا مارن، ڀَلو ٿيو ڀاڳ ڀارن جو،
    اَثر ٿيو نيٺ آخر هي ، پنوهارن جي پُڪارن جو.


    مھ لقا محبوب جون ساروڻيون

    تنهنجي چهري ۾ ته چوڏس، چنڊ جي چانڊاڻ آ،
    لال لبڙن ۾ گُلابي، گُل سندي لالاڻ آ،
    تون سراپا سُونَهن، تنهنجي سُونَهن ۾ سُرهاڻ آ،
    قُرب ڪوهياريل جو گهرجي، ٻئي نه ڪنهن جي ڪاڻ آ،
    تات ٿي تِن ۾ تپائي، دوست جي ديدارَ جي،
    مهلقا محبوب منهنجي، مھ جبين منٺار جي.

    ڇُوٽ ڇوڙي ڇو ڇَڏيا، واسينگ جهڙا وارَ تو،
    ڍول ڍولڻ پنهنجا ڍاريا، چيلھ تڪ چوڌار تو،
    سي ڪُلهن تان هيٺ لٽڪائي، ڇڏيا سڀ يارَ تو،
    دل ڦُري مونسان ڪيو هو، وصل جو واپار تو،
    ڪيئن ڪريان تعريف مان، ڪاڪل جي قاتل ڪار جي،
    سرس سُنبل جي سدائين، سُونَهن ۽ سينگارَ جي.

    ڪاريون تنهنجون ڪٽاريون، واھَ! جون ويتر وڻن،
    ناز سان جي ٿو نِهارين، ڇُوٽ ٿيون ڇاتيون ڇَڻن،
    دلرُبا تنهنجون دُوناليون، ٿيون غضب گوليون هَڻن،
    تنهنجي نيڻن جي نِشاني، آ وِڌو گهائي گهڻن،
    دل ڦٽي ڦاڙي ڇَڏي، تن برھ جي بيمارَ جي،
    “ڪاته قيمت يارَ آهي، لُڙڪ جي هر لارَ جي”.

    خُونَ سان سي خُوب ڀَريل، تُنهنجون اکڙيون آليون،
    ڪنهن جي مارڻ لئه مِٺا، تو پرت مان ٻئي پاليون،
    دل جي اَندر دوست جون ٿيون، درد ڪن دوناليون،
    جهڙي تهڙي زندگي پيا، جڳ ۾ پنهنجي جاليون،
    توکي پارت آ پرين، هن منهنجي حالِ زار جي،
    جيءَ کي جيءَ سان جڙي، تون ڪين ڪر انڪار جي.

    موجَ ٿي وَئي مُلڪ ۾، مُنهنجي وَطن وسڪار ٿي،
    گُل کُليا، غنچا ٽڙيا، ٿَر بَر وٺو ٿڌڪار ٿي،
    باغ ۾ بُوندون وٺيون، گُلشن ويو گُلزار ٿي،
    چهچٽو ٿيو چوطرف، هر هنڌ وئي هُٻڪار ٿي،
    خوب خُوشبوءِ ٿي پيئي، تون هاڻ ڪر هاڪارَ جي،
    وڻ وطن جا واسِيا، ڇڏ نازوَر ناڪارَ جي.

    تو سوا ڪيئن جڳ ۾ جاني، زندگي جالي “جمالَ”،
    تاحياتي ياد رهندا، قُرب تنهنجي جا ڪَمال،
    هنج پنهنجي ۾ هيرائي، ڏي حياتي لازَوال،
    شل رهن قائم سدا، پنهنجي مُحبّت جا مِثال،
    هر گهڙي پلپل پَوي ٿي، يادگيري يارَ جي،
    زَر نه زيوَر يار گُهرجي، ڳالھ ڪر تون پيارَ جي.


      دلرُبا جو جَلوو

    چنڊ جي چانڊاڻ ڏسندي، وقت وسريل ياد پيو،
    حُسن جوڀن، جوت جَلوو، گنج گُذريل ياد پيو،
    پرت جو پيوند پُختو، پُور پسريل ياد پيو،
    نِت نماڻن جون نِگاهون، نينَهن نِسريل ياد پيو،
    منهنجو مَن ماندو ڪَيو، تنهن سُونَهن ۽ سينگارَ هو.
    “دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يار هو”.

    نيمخوابي ناز نرمل، نيڻ نِشتر ياد پيا،
    خُوبَرو خُوني خُماريل، خُوب خنجر ياد پيا،
    نيڻ تنهنجا ٻئي بلوري، باز برسر ياد پيا،
    ٻئي بَهشتي باغ جا، بادام بهتر ياد پيا،
    تنهن نظاري ۾ رُنو، رت نيڻ جي هر نارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يار هو.

    “ساڪري” وارن کان جيڪا، هيءَ طرح اِظهار ٿي،
    فاعلاتن جهڙو سولو، بحر بنيو بار ٿي،
    مون خُوشيءَ سان دل ڏِني، هُن کي به پيو لاچار ٿي،
    شاعرن جي لاءِ پيو هي، عشق جو آزار ٿي،
    جيءَ ۾ جادو ڪَيو، تنهن جوت جَلويدارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.

    دل به هُئي دلبر به هو، ۽ دوست جو ديدار هو،
    چنڊ هو، چانڊاڻ هُئي، چوڏس چمن چوڌار هو،
    باغ هو، بُلبل به هئي، ٻيو سُونَهن جو سينگار هو،
    يار هو، ياري به هئي، انجو عجب اِسرار هو،
    مُسڪرائي محب مونکي ماريو منٺارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.

    گُل به هُئا، غُنچا به هُئا، گُلشن سڄو گُلزار هو،
    ناز هو، نوڙت به هئي، ۽ نازوَر نروار هو،
    هوش هو، حسرت به هُئي، ۽ حوصلو هَسوار هو،
    تون هُئين، ۽ مان هُئس، ويڇو نه هڪڙو وار هو،
    ديدَ هڪ سان تنهن ڪيو ٿي، ڌڙ سِسئَي کان ڌارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.

    عقل هو، اهليت به هئي، ۽ عشق هو، اهميت به هئي،
    شانُ هو، شوڪت به هئي، ۽ غم به هو، غُربت به هُئي،.
    ساز هو، ۽ سوز هو، صحبت به هئي، سنگت به هئي،
    موج هئي، محبت به هئي، ۽ راز هو، رغبت به هئي،
    اهڙي منظر تن تپايو، عشق جي آزار هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.

    راھَ هئي، رهبر به هو، مقصد به هو، منزل به هئي،
    درد هو، دُوري به هئي، ۽ دوست جي ڇا دل به هئي،
    مَئي به هئي، مستي به هئي، محبوب هو، محفل به هئي،
    خوب خوشيون ٿي ڪيوسين، هوڏ هو، هلچل به هئي،
    هِن هنيين کي هيج ڏئي، هيريو هنيين جي هارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.

    ڇا “جمال” ۽ جوت جَلوو، جابَجا جنسار هو،
    ڳل ڳراٺيون، پيچ پُختا، پاڪ پنهنجو پيار هو،
    تون به منهنجو، مان به تنهنجو، هي عجب اِقرار هو،
    دم رُسي، پرچي پَوڻ، اُلفت سندو اظهار هو،
    پرت ڏئي پنهنجو ڪيو، تنهن گُلبدن گُل نارَ هو،
    دل کسڻ جو ڍنگ ڍولڻ، وَٽ نه ڪهڙو يارَ هو.


      ڪُوڙا سياسي ليڊر

    وري صاف ڪُوڙا، ڪي ڪردار ايندا،
    ڏوهاري ڏيهن جا، ڪي ڏهڪار ايندا،
    اَٻُوجهن ۽ اڀرن لئه، ڪي آزار ايندا،
    وَري سُورَ ساڳيا، ۽ ويچار ايندا،
    وٺي ووٽ پوءِ، ٿي وهلور ويندا،
    ٻٽن ئي ڏينهن ۾، ٿي مغرور ويندا.

    ڪندا ڪونَ ڪم ڪو، رُڳو دم دِلاسا،
    مِلڻ ۽ کِلڻ ويو، ڪندا پويان پاسا،
    مَڻن جي هُئي محبت، اُها ٿي وئي ماسا،
    نوان ڄڻ پيا موري، غمن جا گوساٽا،
    گُناهن ۾ غافل، ٿي غرقور ويندا،
    غريبن جي لاءِ، ٿي ناسُور ويندا.

    زمينن جا کاتا، پلاٽن تي قبضا،
    ملندو نه نلڪو، نڪو روڊ رستا،
    سدائين سراسر، ڪندا ڪُوڙ ڪورا،
    ڪيو ڇا اڳوڻن، ڪندا هاڻ هي ڇا،
    بُکن ۾ ٿي بيحال، مزدُور ويندا،
    اَٽي، ۽ لٽي لئه، ٿي مجبوُر ويندا.

    انڌن ۽ منڊن جو، ويندا فنڊ کائي،
    ڏسي جُهور پوڙهي، ۽ مسڪين مائي،
    هَلي چال اهڙي، ڪندا لائي چائي،
    ڇڏيندس نه گهر ۾، رهيو پيسو پائي،
    ڀَري ڀِڀّ پنهنجا، ٿي ڀرپُور ويندا،
    ڇڏي ديس پنهنجو، لڏي ڏُور ويندا.

    “جمالَ” آهي جڳ ۾، هي قانُون ڪهڙو،
    ملي جنهن کي ڪُرسي، سو نِڪري ٿو اهڙو،
    سَکر سان سچو آ، غريبن لئه ڪُوڙو،
    تڏهن جابرن سان، اسان جو آ جهيڙو،
    زماني ۾ ظالم، ڇَڏي زور ويندا،
    ڪڏهن نيٺ آخر، ٿي ڪمزور ويندا.


    جانِ جيءَ کان وَڌ پيارا، اڄ اوهان کي الوداع،


    جانِ جيءَ کان وَڌ پيارا، اڄ اوهان کي الوداع،
    جِت به جاني بَس هُجو، اُت مُحب پيا ماڻيو مَزا.

    ڏس چمن ۾ چوطَرف، چانڊاڻ چوياري هُئي،
    باغ بدليو گُل ويا، تن ساڻ گُلزاري وَئي،
    قُرب ڏاڍا تن ڪري، ڇا قُربداري ٿي ڪَئي،
    بات بُلبل جي مِثل، تن جي نماڻي هُئي نِدا.

    ٿو خُدا حافظ چَوان مان، اڄ اوهانکي بار بار،
    ٿي رَهيو هر وقت مونکي، بس اکين ۾ اِنتظار،
    نيمخوابي نيڻ آهن، اڄ ڏسڻ ۾ اَشڪبار،
    درد دل جا لفظ بَنيا، شعر ۾ ڪريان ادا.

    آرزو اندر ۾ باقي، مَن مگر مجبُور آ،
    بس کپي اڄ تيئن ڪَريو، ۽ جيئن اوهان منظُور آ،
    دل لڳائي دُور گهارڻ، دوستن دستُور آ،
    جيءَ جون جن سان جَڙيون، سي ٿي ويا جانب جُدا.

    ياد پلپل پيو ڪندو هي، جيسين جيئرو آ “جمال”،
    خُوب خِلوت ۾ اَچي ٿو، خُوبَرو تن جو خَيال،
    تن جا ٿورا، مهربانيون، لک ڀلايُون مُون تي ڀالَ،
    جن مَٿان گهوري ڪَئي ٿي، جانِ مون پنهنجي فِدا.


      ڀنڀور نامون

    هِن ڀڙي “ڀنڀور” جو آ، درد وارو داستان،
    سُورَ “سسئُيءَ” کي سَريا هِت، هي آ انجو آسِتان،
    ۽ “پُنهونءَ” ڪپڙا ٿي ڌوتا، ماڳ سو آهي مَڪان،
    عاشقن هِت عشق ۾ هُئا، دردَ جا کوليا دُڪان،
    “ڪيچ” جو حاڪم به هِت، پيو نينهَن ۾ نِروار ٿي،
    هاڪ “هاڙهي” ۾ هُئس، پيو پيار ۾ پينار ٿي.

    “نارنائُونءَ” جي “نياڻيءَ” جو ڪريان ٿو هي قصو،
    سِڪ رکي “سيوهڻ” کان آئي، پيار “پُنهل” سان پَڪو،
    ڇا “برهمڻ” جو بنيو هي، مانُ ڪيڏو مرتبو،
    “ذات” تي ڪا “ڏات” ناهي، جنهن کي چاهي رب سَچو،
    ڏير “ڏاگهن” تي کڻي، ويا “هوت” کي هَسوار ٿي،
    “سسئُي” پئي “پُنهل؟ پُٺيان، جنهن دم اُنهيءَ کي سارَ ٿي.

    ٿي وَهيو “پاڻيءَ مٺي” جو، موجزن “دريا” رَوان،
    رُخ بدلجي ويو سندس، سو آهي اکڙين جي اڳيان،
    اصلي مالڪ “ميڌ” هُئا هِت، جن جي پالي هُئي زبان،
    ڌاريان ٿي ويا ڌڻي، خاموش سڀ آهِن اڃان،
    “ڏهر” جو ڏهڪاءُ ويئڙو، پيو سُکيو سنسارَ ٿي،
    “ڪوٽ” ڪيڏو هو نه قابو، اڄ نه در ديوار ٿي.

    هُنر پرور هُئا هزارين، تن جو آ بيحد بيانِ،
    “چٽ چٽڻ” ۽ هُئا “رڱاوت” جا هي ماهر مهربانِ،
    تيز هُئا “تلوار” ۾ پڻ، پهچ وارا پهلوانِ،
    هِت سوا “محراب” جي مسجد سندا آهن نِشانِ،
    “ست سئو ٻارهن” ۾ سندن، تبديل آ سرڪار ٿي،
    “ابنِ قاسم” ڪاهي آيو، آ سپھ سالار ٿي.

    “پنج کن” هِت “زلزلا”، هِن ماڳ تي آيا وَري،
    تنهنڪري هي ڪوٽ ٿي ويو، ڀور ڀوران ٿي ڀُري،
    “ڏيڍ لَک” آبادي هِن ۾، ويئي ٻارڻ جيئن ٻَري،
    اڄ اُها رونق نه آهي، ماس، هڏ، چم ويو ڳَري،
    هِن خِطي تي بس خُدا جي، قهر جي ڪا ڪار ٿي،
    ڏُک سندو هي ڏيک ڏي پئي، “حالتِ آزار” ٿي،.

    چوطَرف هو ڪوٽ هِت، ڦيري ڏسو پنهنجي نَظر،
    هِت رَکيل پُوڄا جي لئه، “شوِلِنگَ” هو مندرَ اَندر،
    هو “کٽين” جو آسِتان، هُئا پنهنجي ڪم ۾ ڪارگَر،
    ٿي “حَسينائون” هَليون هِت، “ڪانگ” اڄ آهن “ڪَٻر”،
    خُوش نُما هي هو خِطو، پر ويو سَڙي ڦُلهيار ٿي،
    ٿا وَهن اکڙين منجهان اَڄ، لُڙڪ بي اَختيار ٿي.

    هُئا “غورابي” سِلسلا، “ايران”، “عربُستان” کان،
    “شام، اُردن ۽ يَمن، خاران ۽ مَڪران” کان،
    “چين، تُرڪي، رُوس” ۽ ٻيا، پُوري “هندستان” کان،
    ۽ “سَمرقند، رُوم، ڪِرمان”، بس مِصر “يُونان” کان،
    هنڌ هِن تي ڌاريان، آيا کڻي هَٿيار ٿي،
    مال وَرتو، ڪِن ڏنو ٿي، ڪِن ڪئي ڦُرمار ٿي.

    “لَعلَ، هيرا ۽ جواهر”، جامَ تِن وٽ هُئا “جمالَ”،
    “مُشڪ، عنبر، موتين، مرجان”، جا ڏيان ڇا مِثالَ،
    “مصري، ماکي، انبَ، ڏاڙهون، ڪاٺ ۾ شيشم دَيالَ،
    ريشمي “ململ” جو ڪپڙو، هُئا “ڪنيزن” جا ڪمالَ،
    دل ڏيڻ ۽ دل وٺڻ جا، ٿيا هِتي واپارَ ٿي،
    ڪِن جي ٿي آ هارِ “هِت”، ڪِن کي وِڌائون “هارَ” ٿي.


    گبول قبيلي کي ڀيٽا

    ڪر ثنا “سُبحان” جي، جو آهي مالڪ مُختيار،
    بعد ۾ آ اسم “احمد”، جيڪو نُوري آ نبار،
    آ اَبو سڀني جو “آدم”، پوءِ پاڙا ٿيا هَزار،
    “هندو، مُسلم” ۽ “عيسائي”، ڪي “قُريشي” قُربدار،
    هي “گبولن” جو قبيلو، آ قديمي آشڪار،
    نسل هي “ڪُردن” سندو، آهي بنيادي بي شمار.

    ٿو ڪريان “ڪيٽي بندر” کان، قوم جي اڄ ابتدا،
    ۽ “ٻُهارن”، “ساڪري”، وارا رکي شل خُوش خُدا،
    “گهگهر ڦاٽڪ” “پپّري” ۾، پُڻ اُهي آهن اَدا،
    “مِلز ايريا” ۽ “بلاول”، ڳوٺ “چڪرا” ۾ سَدا،
    “حيدري”، “گذريءَ” ۾ آهن، ۽ “لياري” نامدار،
    ڪر مَدد مُشڪل ۾ تن جي، پاڪ تون پروردگار.

    “موچڪو” ۽ “حب ندي”، تون ڏي “ڇَتاري” تان چَڪر،
    ۽ وَري “ڪاٺوڙ” کان، ڏي “گڏاپ”، “ڪونڪر” تان تون وَر،
    “ڄامشورو”، لاڙڪاڻو، ٿا رَهن “دادوءَ” اَندر،
    ٻيا به پاسا ڪيترا ٿيا، آهي سارو “کيرٿر”،
    ٿا رهن “مورو”، “بديڻن”، آهن “ٽنڊواَلهيار”،
    شل اُنهن سڀني سندو، والي وَڌائي ڪو وَقار.

    “گهوٽڪي” “جروار” وارا، ڳوٺ “جاني” ۽ “سکر”،
    وَڃ “مِٺي”، “ٿرپارڪر”، “گُجرات” ۽ تون “جوڌپُور”،
    پُڻ رهن “پنجاب” ۾، “افغانَ” ۾ تن جو اَثر،
    بس “بلوچستان” ۽ “ايرانَ” ۾ آهن اَپر،
    “دُبئي”، “مسقط”، آهي تِن، “اومان” ۾ دارالقرار،
    “شام” ۽ “بحرين”، “تُرڪي”، ڪين “فلپائن” وِسار.

    جَس هُجي تنهن دوست کي، جنهن هيءَ لکي “تاريخ” آ،
    رُوح افزا آهي شُجرو، ۽ شڪايت ناهي ڪا،
    رات ڏينهن محنت ڪري، تنهن ڪئي جفاڪش جابَجا،
    شل پسند هر ڪنهن کي پئي، آهي فقيراڻي دُعا،
    جنگ ۽ جهيِڙو ڇَڏيو، ماحول ٿي پئي سازگار،
    وير ڪينو سڀ وِساري، پاڻ ۾ ڪريو پيار.

    رائگان هيءَ ڪونَ ٿيندي، جستجو تُنهنجي “جمالَ”،
    تنهنجي ڪاوش قُرب جا، ڏيندي دنيا پيئي مِثالَ،
    بارگاھِ ايزديءَ ۾، مُنهنجو هي آهي سَوال،
    جيستائين آ دُنيا، رک قومَ قائم ذوالجلالَ،
    شعر هي منهنجو ٻُڌي، وھَ واھَ! ڪندا پيا لک هَزار،
    “مائٽن”، “پنهنجن” “پراون”، رهندو يارن يادگار.


      سنڌ جي وحدت مٿي، ويري نه اهڙي وار ڪر،

    سنڌ جي وحدت مٿي، ويري نه اهڙي وار ڪر،
    سوچ ناقص ساڻ سنڌڙي، ڪين ٽُڪرا چار ڪر،
    نفرتن جي پوک پوکي، پاڻ لئه آزار ڪر،
    زور ننهَن چوٽيءَ جو لائي، ڏاڍ ۽ ڏهڪار ڪر،
    ڪُجھ به حاصل ڪونه ٿيندئي، پاڻ کي ڀَل خُوار ڪر،
    پاڪ ڌرتيءَ تي نه تُون، بُوجهل جهڙي ڪار ڪر.

    تنهنجو مقصد آ هي پڌرو، ديس سان دوکو ڪَرڻ،
    اِن حياتيءَ کان ته بهتر، آ ٻڏي توکي مرڻ،
    وڃ هِتان هڪدم هَليو، جي ناهي توکي هِت رَهڻ،
    جيڪو کائي سنڌ جو، تنهنجو مَرڻ هِت آ جيئڻ،
    ڇَڏ بغاوت بد مَغز، باغي نه تون بيزار ڪر،
    هوڏ اِن تان وڃ لَهي، ڦورو نه تون ڦُرمار ڪر.

    تون ڪڏهن ٿيو “شاھ ابدالي”، جلائين مُلڪ کي،
    تون “هلاڪو” پاڻ بنجي، ٿو مڃائين مُلڪ کي،
    تون ڪڏهن “انگريز” ٿي بس، ٿو ستائين مُلڪ کي،
    آهين “موديءَ” ساڻ مليل، ٿو ڦٽائين مُلڪ کي،
    ڪنهن چيو هي توکي آ، اهڙو ڪِريل ڪردار ڪر،
    رهزنيءَ جي ڇڏ روش، تون ڪين اڄ لاچار ڪر.

    هَٺ وَڏائي ڇڏ هَٺيلا، هوڏ تان لھَ هاڻ تون،
    رنگ مذهب جو ڏئي، ڇو ٿو ڪرين ڇڪتاڻ تون،
    ديس جو کائي نَمڪ، بس بي نَمڪ ٿئين پاڻ تون،
    راند کيڏڻ رَتّ جي ڇَڏ، ڪين ڪر رت ڇاڻ تون،
    ڇڏ “ڪراچيءَ” جي پچر تون، “خر” نه ايڏو خار ڪر،
    گوڙ گدڙن جيئن ڪري، لُومڙ نه تون للڪار ڪر.

    سنڌ صوبو رهندو هِڪڙو، جيسين هي آ جڳ “جمالَ”،
    رهجي ويندا سڀ اَڌُورا، تنهنجا کوٽا سڀ خيالَ،
    توسان گڏ آهن اسان جا، توکي ڪهڙي آ مجالَ،
    تنهنڪري تون پيو ٻُڌائين، قوم ساريءَ کي قوالَ،
    سنڌ آهي سنڌين جي، سوچ ۽ ويچار ڪر،
    ڌاريان ٿيندا ڌڻي ڪيئن، قوم کي بيدار ڪر.


      جڏهن کان مون جَنم وَرتو، مونسان غُربت گڏي آئي،

    جڏهن کان مون جَنم وَرتو، مونسان غُربت گڏي آئي،
    “برادر ڀاءَ” نه ٿيو پيدا، نه ڀُلجي ٿي ڪا “ڀاڄائي”،
    نه “ماروٽن” ۽ “ماساتن”، چڱائي مونسان ڪئي ڪائي،
    نه “مامن” “ماءَ” جي ملڪيت مان ٽڪو پئَسو ڏنو پائي،
    اڃان ڪاوڙ ڪري مُون تي، رَهن ٿا “خانَ” سي خاري،
    تباهي شال ٿئي تن جي، جنين دل مُنهنجي آزاري.

    “زمينون”، “زَر”، ويا کائي، رُوئن پيا روز “زرداري”،
    مِٽي ۽ مائٽي مُنهنجي، ته بلڪل هُئي ڪا بازاري،
    رَهيو آ ايترو رشتو، ٿيا جيئن “لُنڊ لاشاري”،
    پَلي دل پنهنجي ويٺاسين، ڪيائون ڪين پو واري،
    “صُبح سانجهي” پليتن کي، هڻن پادر ڪي “پالاري”،
    تباهي شال ٿئي تن جي، جنين دل مُنهنجي آزاري.

    “امينن”، “مولوين”، “مفتين”، ڏيکاري آهي لاچاري،
    ٻُڌڻ وارو نه آ ڪوئي، وڏيرا آهن واپاري،
    گهڻو عرصو آ گُذري ويو، ڇَڏي تن جي مُون ڀاءَ چاري،
    عدالت پُڻ اميرن جي، سراسر آ هي سرڪاري،
    ڏنگي ڪو تن ڏڦيرن کي، ته “ڪاريهر” “ڪلاداري”،
    تباهي شال ٿئي تن جي، جنين دل مُنهنجي آزاري.

    مُناسب ڪين آ ڪنهن جي، گلا غيبت ڪرڻ گُهرجي،
    حَيا ڪا يار هوندي آ، ٻُڏڻ گهرجي سَڀن تن کي،
    هُجي لعنت سدا هردم، اُنهن لُوسي لٻاڙين تي،
    جَلي ويندن ڪَکن جا گَهرَ، ڪا باهي تن کي ڏاتر ڏي،
    ڪڏهن ٻاڙو نه مون ٻوليو، اُنهن کي هو عُمر ساري،
    تباهي شال ٿئي تن جي، جنين دل مُنهنجي آزاري.

    زمينون وييون بنجر ٿي، وسي واري وٽن پيئي،
    مِٺا پاڻي ٿڌا جت هُئا، اُهي ويا کُوھَ کارا ٿي،
    جدا ٿي جانبن کان ويا، “پراوا”، پنهنجا بس ڪيئي،
    جِنين ٿي وَر ڏنا وَرَ وَرَ، هٽي دل تن جي اڄ ويئي،
    هيڻا ٿي حال تن جا پيا، اکين مان آب آ جاري،
    تباهي شال ٿئي تن جي، جنين دل مُنهنجي آزاري.

    “جمال” آهي خُدا مُنهنجو، اڪيلو ڪين آهيان مان،
    اُنهيءَ هستيءَ منجهان ڪيئن اڄ، اُميدون پنهنجون لاهيان مان،
    جنين جو رب، تنين جو سڀ، اُنهي کي ئي ٿو چاهيان مان،
    لکين ٿورا ٿو مالڪ جا، ڀلايون ڀالَ ڳايان مان،
    پُڪاريان پيو مان پَرور کي، ڪري سردار سرداري،
    مُهابي مير مُرسل جي، ڪندو مُونساڻ موچاري


      مارئي جي ثي حرفي

    “الف” آس آهي، اَباڻن اُڪيرَ،
    حَويلين ۾ هِرکي، نه هينئڙو حَميرَ،
    وَٺي وَڄ تون پنهنجا، وَڪيلَ ۽ وَزيرَ،
    نه وِجھ زائفائن، کي ظالم زَنجيرَ،
    وڏائي ڇڏي ڏي، ڦِٽو ڪر فخر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڪري “بي” تُون بانوَر، نه ڪر اَڄ اُداس،
    بَرن ۾ بندياڻي، بلاتي ٿياس،
    قضا قيد ڪوٽن ۾، قابو ڪياس،
    هِتي ويهي وِجهلي، مگر جي مُياس،
    مَڙھ منهنجو مارن، اُماڻج عُمر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    توکي “تي” ڪو پنهنجو، عَقل ڏي خُدا،
    اُٿن روز اُڌمان، ٿا سُورن سندا،
    سنگهارن کي ساري، سڪان پئي سدا،
    نه جالي سگهان ٿي، اُنهن کان جُدا،
    مِلان شال مارن کي، موٽي مَگر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    سڄو ڏينَهن “ثي” پئي، رُڳو رت رُوئان،
    پنوهارن جا پيئي، مان پانڌي پُڇان،
    “ميرانڏيءَ” کان معافي، وڃي مان وٺان،
    ڪري وهم جيجل، ڪو مونتي متان،
    پُڄان تن پنوهارن کي، آڌيءَ اَسر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    جَجهو “جيم” جن وَٽ، لڌو مانُ مون،
    گُذر آ غريبن جو، پيڄُون پِسيُون،
    ڌنارن کان مونکي، نه ڪر ڌار تون،
    اِلاهي اوهان کي، مون آزيون ڪيون،
    اجازت ڏي مونکي، نه ڪر ڏُک ڏَمر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    نه ڪر هوڏ “حي” تون، اِهو ڪم ڪُڌو،
    چڪر توکي پرڻي، جو ڪنهن آ وِڌو،
    سنگهارن ڏي موٽي، وڃان شل سِڌو،
    اباڻن آ مون لئه، رُکو ڀَت رَڌو،
    وِجهي کير خُوش ٿي، پيان مَن پَلر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    کلي خُوش ٿي “خي” ڪيئن، پَلنگ تي ويهان،
    لُڏي لاڏ سان ڪيئن، مان لائُون لَهان،
    وڃي ڏوٿين کي، مان ڏوري ڏسان،
    مِٺن مُنهنجي مارن، سان موٽي مِلان،
    وٿاڻن مان کولي، وَرايان وَلر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    نه ڏي “دال” دَڙڪا، جَلي ٿو جِگر،
    اڃان تڪ نه آهُن، جو ٿيو آ اَثر،
    خُدا جو ته دل ۾، ڌيان ڪو تون ڌَر،
    هيڏو ڪر نه هيڻن، سان هانڃو حَشر،
    اسان کان ته ڇا ۾، تو آهين اَپر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڪريان “ذال” زَر زَر، نماڻي نِدا،
    ستائين ٿو مونکي، سکر ٿي سَدا،
    غضب هيڏو حاڪم، نه آهن ڪندا،
    اسين راڄ، رعيت، حُڪم جا بندا،
    نياڻين ۾ تن جي، نه رک تون نَظر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.


    رکي “ري” تو رُوحَ ۾، جا آهي رَضا،
    مَرڻ کان به وَڌ ٿي، سا ڀانيان سَزا،
    لِکئي انگ ڪوٽن ۾، آندو قَضا،
    ڇَڏي پنهنجا مارو، ڪريان ڪيئن مَزا،
    آئون آهيان اَڀري، سُکيا ٻيا سَٻُر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڪيون “زي” مون زاريون، وَڳر وَٽ وَڃان،
    هِتي آئون ڳڻتين، ۾ پيئي ڳَران،
    پنوهارن سان گڏجي، پَلر ڪو پيان،
    ويهي هيڪ جيڏين، سان گڏجي گُهمان،
    پَلر جي پاڻيءَ سان، اُجاريان اَندر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    سدا “سين” آئون، ٿي ساريان سنگهارَ،
    چڪن چاڪَ دل جا، هينئن ۾ هَزار،
    ڪِرن لُڙڪ اکڙين، مان ڪريو قطارَ،
    نه وِسرن ٿا مونکي، ڳوٺاڻا ڳنوارَ،
    ڪُڏن چاھَ مان ٿيون، چُوڙيلون چَلُهَر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    نه “شين” شانُ تُنهنجو، عُمر آ اِهو،
    ڇڏي “کيت” کي ڪيئن، ڪريان وَر ٻيو،
    مَرڻ کان به وَڌ، مُون لئه مهڻو ٿِيو،
    اِهو ڪم اسان مان، نه ڪنهن آ ڪِيو،
    پنوهارن کي پلپل، نه ڪر تون پَڌر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    سڪي “صاد” ساھَ ٿو، سنگهارن سَوا،
    لاهي ميرا ڪپڙا، اوڍيان ڪيئن اَڇا،
    اسين راڄ تنهنجو، اوهان جا ٻَچا،
    انهن تي ڏمرجي، نه ڪر تون ڏکا،
    چڱو جي ٿو چاهين، ته ڇڏ چڙ چِٿَر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ذَرو “ضاد” زوري، نه سرندئي صَفا،
    جيڪا آهي ڏيڻي، سا ڏي تُون جَفا،
    آئون خُوف تنهنجي، کان آهيان خَفا،
    ٻَڌان توکي ٻانهُون، ٿي ڏَھ ڏَھ دفعا،
    وَڻن ڪين تنهنجا، ٿا مُشڪ و عَنبر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    “طوئي” اڄ تڙن تي، تنوارون ٿيون،
    حبيبن جُون هڪلون، هُونگارون ٿيون،
    سهيلين سڀن جون، سنڀارُون ٿيون،
    مون تي مائٽن جون، ميارُون ٿيون،
    اُتر پاسي اُڀرن، اَڇا پيا اَبر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    “ظوئي” زال تُنهنجي، نه آهيان اَدا،
    ڏئين ٿو تون دڙڪا، ۽ داٻا _ وڏا،
    فقيرن سان ايڏا، نه ڪر تون ڦڏا،
    ناهِن منهنجا مارُو، مَياري رُڳا،
    ٿيو مالَ تي تن، غريبن گُذر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    اسين “عين” آهيون، وڏا عيبدار،
    اوڻايون اسان ۾، ته آهن اَپار،
    نينهَن ۾ به آهيون، اسين نامِدار،
    ٿيندا آهيون پنهنجي، ننگن تان نِثار،
    ٿُوهر ٿاڪ آهن، ڍٻُون ۽ ڍنگهرَ،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    نَٿي “غين” تُنهنجي، غُلامي ڪريان،
    ڇڏي ڏي پنوهارن، جا پاڻي ڀَريان،
    سڱر سيڪي ثابت، تَئيءَ تي تريان،
    ڌنارن جو دل ۾، ڌيان پئي ڌريان،
    کَٽا کيرَ کائُون، ۽ مُرڪي مَٽرَ،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڦِٽي ننڊ “في” وَئي، نه سانگي سُتا،
    حَشر ۾ هَميشه، هو مون لئه هُوندا،
    اَچانڪ اچڻ جُون، پيا ڳالهيُون ڪندا،
    ٻُڌائي نه مونکي، هي گُفتا گندا،
    تون مسڪين ماڻهن، مَٿي ڪر مَهر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    جَڏهن “ڪاف” تُنهنجو، ڪندا ڌڙ، دَفن،
    اُتي تنهنجو بلڪُل، نه بَچندو بَدن،
    سُڪي ماس ويندئي، ٿيندين هَڙ هَڏن،
    وساري ڇڏيندين، تون سارو وَطن،
    اَصل ماڳ تُنهنجو، آ ڪاري قَبرَ،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڪِٿي “قاف” ڪنهن کي، نه قيدي ڪَري،
    بِرھ کان بَدن، ۾ ٿي باهي ٻَري،
    رُڳو تات تن ۾، ٿي تن جي تَري،
    هينئون رات ڏينهن پيو، ڏُکن ۾ ڏَري،
    اِهو سنڱ نه سَرندئي، ڀلي ڇا به ڪَر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    لَهن “لام” مون تان، هي قيدي ڪَڙا،
    ڏسان جهانگيئڙن جا، وڃي جُهوپڙا،
    چڱا مالَ وارن جا، چنگ ۽ چَڙا،
    گهگهيرين سان گڏجي، ڀَريان گڏ گهڙا،
    ڏسان پنهنجي ڏيھ جو، وڃي لَنب لُلر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    مَرم “ميم” ماري، ٿو مونکي مُدام،
    دُکن ديرا اَڏيا، ٿيا گُوندر گُدام،
    تڪَبُّر ڇڏي ڏي، نه ڪر تنگ تمام،
    آهيان “سامَ” ٿي هِت، سا تولئه حَرام،
    ڪاهي ڪالھ ڪُل سڀ، ويا ڇانگُون ڇَپر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    نَڪو “نُون” ناريون، ڪو بُولو وِجهن،
    سَڳيون سونَ وَرنيون، ٻانهوٽا ٻَڌن،
    رکي چٽ چولي تي، ٿيون گُجريون گُهمن،
    ٽِلي ٽهڪ ڏيئي، خُوشي مان کِلن،
    چڱو چُلھ تي چاڙهيون، ڀَلو ٿئي ڀَتر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    وَريا “واءَ” وَصل جا، وڇوڙا ويا،
    مُوري مُلڪ ۾ پيا، مُنگها ۽ ميهَا،
    ليهارن جُون لامون، ۽ پيرون پَڪا،
    نه ساعت سَري ٿي، سنگهارن سَوا،
    ٻَٻَر ٻيريون کائي، ٻيٻُون ڪن ٻَڪر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    هُرن “هي” ٿا هَر هَر، سي مارُو مِلن،
    ڪيا وارا وِڄڙين، وَسي پيو وَطن،
    ڪَڪَيُون، ڪاريون، ڪُنڊيون، ٿيون رايون، رَنڀن،
    ڏُهي پنهنجي هٿ سان، کِليو کيرَ پيئن،
    ڇَمر جون ٿيون ڇائُون، ڇَنن ۾ ڇَٻَر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.
    ڪنديس “الف” آئون، سَڀن سان سچي،

    ڏيندس “ساک” پنهنجي، اوهان کي اَچي،
    عُمرَ کان اچان پئي، مان بلڪُل بَچي،
    ڪيم ڪين ڪُر سان، مُون آهي ڪَچي،
    کِلي “کيتَ” کي ڏيو، خُوشي جي خَبر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    ڪيا ياد “يي” مون، اَباڻا اَجها،
    لَڄائي نه لوئي، نه پاتم وَڳا،
    اسين “ڀيڻ ڀاءُ”، هُئاسين سَڳا،
    عُمرَ چاڙهي اُٺ تي، اُماڻيو اَدا،
    ڦِڪو ڦوڳ ٿي پيو، جَليو تنهن جگر،
    ايڏو ظلم زوري، نه ڪر تون زبَر.

    “جمالَ” آئون جهانگين، وڃان پئي وَري،
    ڪڙا ڪوٽ قابُو، ويا جهٽ جُهري،
    ٿيس بند خاني کان، بلڪُل بَري،
    وڃي پيڄ پيئندس، پنوهارن پُري،
    مِلي مارُئي مارن، ڏِني ڀاڳَ ڀَر،
    صَبر ۾ ملي ويو، سُکن جو ثَمر.

    سوين سُهنج ٿي پيا، لَٿا ڏُک ڏُڪارَ،
    وَسايا ويڙهيچن، جا واليءَ وَلهارَ،
    سدائين سُکي ٿي پيا، سانگي سنگهارَ،
    ٻُڌي هيءَ پنوهارن، جي پَرور پُڪارَ،
    مِٺايون ورهايون، ۽ شربت شَڪر،
    پيو نيٺ نِڪري، ڪَڪَر مان قَمر.


      “سال جا ٻارنهن مهينا”

    جَجهو “جنوريءَ” ۾، آ سرديءَ سَتايو،
    اَچي تنهنجي يادن، آ مونکي وَرايو،
    ڏيئي هيج هِڪدم، تو هينئڙو هَٽايو،
    سَوين ڀيرا سُهڻا، اوهان آزمايو،
    مَگر ايئن نه تومان، مون ڀُورل ٿي ڀانيو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    اڃان سِجِّ سُهڻا، اِجهو آهي اُڀريو،
    وڃين پيو تون نازڪَ، صَنم يار سَنڀريو،
    وِجهو تيل، سُرمون، نِهارين نه نِڪريو،
    وڃان توکي مَستيءَ ۾، مِٺڙا مان وِسريو،
    عَجب آهي مونکي، هي تُنهنجو اجايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    تُون “فيبروريءَ” ۾، نه آئين پيارا،
    ايڏو دُور دلبر، نه ٿي تُون دُلارا،
    نِزاڪت جا نِرتئون، پَسائي نِظارا،
    ويندا تنهنجا ڪنهن وَٽ، هي عاشق ويچارا،
    پرين تو نه پنهنجو، آ چهرو پَسايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    بَهار آيو ليڪن، نه آئي بَهاري،
    سَرنهن جا هو گُلڙا، ٿا چَمڪن چوڌاري،
    سَدائين ٿي تن جي، ڪَيم آبياري،
    پَوي ياد صُورت، ٿي تُنهنجي پياري،
    ڪِٿي آهي ٻيو ڪو، وَطن تو وَسايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ڪئي تو نه “مارچ” ۾، مُونڏي تَياري،
    رَهي ٿي اَوهان جي، مونکي اِنتظاري،
    ڪبي آهي پيارا، پرين پوئيواري،
    لڳين ٿو تون مِٺڙا، ڪو منهنجو مَياري،
    نظر هيٺ ڪَريو، وَڃين ڪنڌ نَمايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ڪندو ڪر نه مُونسان، مِٺا مُحب ماڻا،
    وَڻن ٿا ڳلن تي، ڪي مُوتيءَ جا داڻا،
    وِسارڻ نه گُهرجن، پرين ڪي پُراڻا،
    کڻي نيڻ جنهن دَم، مَٽين ٿو نماڻا،
    اُنهيءَ وقت مُونکي، ٿا جاني جَلايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    هي “اپريل” آيو، پتو ناهي تُنهنجو،
    ڪيو پاڻ کي تو، پڪو آهي پنهنجو،
    ٻُڌائي تون مونکي، ڪيل ڏوھ منهنجو،
    عقل يا ڏنل آ، ٻئي توکي ڪنهن جو،
    ويهڻ مان نه وَرندئي، نه رُوح کي رنجايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “مَٽر، مُڱ” موريا، ۽ ڄانڀو مَڪائي،
    پرين مُونسان ايڏي، نه ڪر تون پَڪائي،
    وفادار سمجهي، توسان دل لڳائي،
    انبن ٻُور جهليا، توڪئي بيوفائي،
    اِهو رنگ ڪهڙو، تو آهي رَچايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “مَئي” ۾ مَزو پڻ، نه آيو اسانکي،
    ڏنو راز دل جو، نه دلبر مون ڪنهن کي،
    ڀَلا ڪيئن ٿي گُذري، خبر ناهي توکي،
    وساري سگهان ٿو، نه تُرتئون توهان کي،
    تصوّر ته تنهنجي، آ تَن من تپايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    گرم لُڪَ لڳي ٿي، ڪَريون رَس رِهاڻيون،
    گُلن ۽ ڦُلن ۾، ڪريون ڪي ڪهاڻيون،
    اندر جون ته اوريون، ڪي يادون پُراڻيون،
    ڪري خوب خُوشيون، مَزا پاڻ ماڻيون،
    ايڏو وقت ويهي، ڇو مُنهنڙو مَٽايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    جڏهن “جوُنِ” آئي، نه آئين تُون جاني،
    مِلي وڃ مِٺا تون، ڪري مهرباني،
    خُدا توکي بخشي، هي جوڀن جواني،
    اوهان جي اچڻ لئه، اَٿم دل ديواني،
    ڪري قرب پنهنجو، لَبن سان لڳايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    اندر ۾ ٿي آهي، تَپش تيز تولا،
    ڪيم تنهنجي جاني، مون ڳوٺن ۾ ڳولا،
    جُنبش جان ۾ ٿي، اچن جهوپ جهولا،
    مٺا مونکي توسان، ملائيندو مولا،
    سبب ڪهڙي سُهڻا، تو آهي سِڪايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “جولائيءَ” جون آيون، هي هِڪدم هَوائُون،
    لُڪن لاھ پَٽيا، ڦٽيل دل فضائُون،
    جي ايندين تون مون وَٽ، ته ٿينديون عَطائُون،
    اوهان کي پيو ڏيندس، مان دل سان دعائُون،
    ڏِسي مون کي ڏُوران، نه لالڻ لنوايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    مَکا ماکين جا، گُلن کي ٿيا ڀيڙا،
    پَنن تي پُڄي ويا، مَکن جا ته ميڙا،
    وَلر سان وڃن پيا، ڇَمر جيڏا ڇيڙا،
    مَٿان بيٺا بادل، سي واڄٽ وَڄايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    هي ،آگسٽ” آيو، اَڃان تون نه آهين،
    چَيم هاڻ آخر، اچي غم ٿو لاهين،
    لِڪي لوڪَ کان، يا ويٺو لُڙڪ واهين،
    عُذر يا ڪو ٻيو آ، چوڻ ڇا ٿو چاهين،
    اوهان يا ته سمجهو، آ مونکي پَرايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ڪَچو گاھَ اُڀريو، آ پوٺن پَٽن تي،
    ڀِري ڀئونر آيا، ڪي ڀرجي ڀِٽن تي،
    ڏنيون مَک چُميون ٿي، گُلن جي چَپن تي،
    اچي گڏ ٿيا پلپل، ڪي پوپٽ پَنن تي،
    گُلن کان به سُهڻو، تو آهين سَوايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ٿيون “سيپٽمبر” ۾، اکيون تولئه آتيون،
    گُذاريوسين گڏجي، ڪي راتين جون راتيون،
    ڳنڍيل هڪ ٻئي سان، هُيون پنهنجون ڇاتيون،
    وِجهي ٻيڻا ڀاڪر، ڳراٺيون ٿي پاتيون،
    مَزو چاشِنيءَ جو، چَپن مان چَکايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ڪَري درد دانهُون، ٿي ڪوئل ويچاري،
    روئي ويٺي هَر هَر، دَٻا دَٻ دُونهاري،
    ۽ برسات جي لئه، ڪئي تاڙي تياري،
    ڪري ڪُوڪَ قُمريءَ، اندر باهي ٻاري،
    مَگر بُلبُلن آهي، ماتم مَچايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    اَچي “آڪٽوبر” ۾، اَندر ٿيو اُداسي،
    پَسڻ لاءِ پلپل، رهان ٿو پياسي،
    نئون نِت ٺهي ٿو، وڳو توکي ناسي،
    ڪريان تُنهنجي اُلفت، جي ڪهڙي عَڪاسي،
    رَهي دُور دلبر، نه دل کي دُکايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    اَوهان کان اَڪيلو، اَٿم انتظاري،
    ڪري ڪُوڪَ ڪونجن، ڪئي آھَ و زاري،
    وَهن اَشڪ اکين مان، تِن کي ٿا جاري،
    رُوئن ۽ رَڙن ٿيون، اَٿن انتظاري،
    ڇَڏيو سُستي سُهڻا، نه نازڪ نٽايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “نَومبر” ۾ نازل، ٿيا نُوري نِظارا،
    اڪيچار چَمڪن، ٿا سُهڻا سِتارا،
    نه موٽي تون آئين، مَگر ماھَ پارا،
    طَلب تات تُنهنجي، پرين آ پيارا،
    هِن غمگين دل جو، اچي غم گهٽايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    ڄَمُون ڄامَ موريا، ۽ ڇانهُيون ڇُوهارا،
    اڪيلو ويا گُذري، ڪي سانوڻ سِيارا،
    پَٽياسين ٿي پيرُون، سَڄا ڏينَهن سارا،
    ڪڏهن “ساڪرو”، ۽ گُهمياسين “ٻُهارا”،
    “ٺٽي” ۾ رَهياسين، ڪڏهن ٺاھَ ٺاهيو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “ڊسمبر” ۾ توسان، مُون نازڪ نڀايو،
    آيس پنهنجي دل کي، مان “گهارو” گُهمايو،
    “دڙي” ۾ به دل کي، مُون دَم تي پَٽايو،
    “سجاول” ۽ “چُوهڙ”، نه “جاتي“ ڀُلايو،
    “بَٺوري” ۾ مونکي، تو دَر دَر رُلايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.

    “جمال” آهي تُنهنجو، هي عاشق اَصل کان،
    “گُجي” ۾ به آيس، مِلڻ لئه اَوهان سان،
    “لَڌيا، ليٽ” ڳولي، ۽ “ڳاڙهي” وِيس مان،
    ڏِنا وَر مون تولئه، ٿي “ڪيٽي بندر” تان،
    ڪڏهن سير “ڪينجهر” جو، تو ٿي ڪَرايو،
    اَڃان تائين تُنهنجو، نياپو نه آيو.


      2010ع واري ٻوڏ تي لکيل

    ٻوڙيو “سرحد سڄو” “ ڪابل نديءَ اَفغان”کان،
    ٻيو به پاڻي گڏ ٿيو اُت، بَس “بلوچستان” کان،
    “پنج ندي پنجاب” پهچي، پو مَٽيو “ملتان” کان،
    بس طَرح اهڙيءَ سان آيو، قهر “ڪوهستان” کان،
    “ٽوڙي بند”، ٽوڙايو آ، “قائم علي شاھ، خُورشيد شاھ”،
    وِيا “علي واهڻ”، بَچائي، مالَ جو چارو ۽ گاھ.

    “سنڌ” ۾ آيو جڏهن، بس غَم “گُڊوءَ” وارن ڪَيو،
    سوڙ ۾ ساري “سکر” ٿي، هوش تِن هاري وڌو،
    “ڪرمپُور”، ۽ “غوثپور”، بس “دين پُور”، ڌَڪ سان ويو،
    ٻوڏ ۾ “اوٻاوڙو”، آهي “مبارڪپور” ٻُڏو،
    ۽ “حَسن آباد مُوندر”، “گورچاڻي، ميرواھَ”،
    “مسجدون” ويران ٿِيون، ۽ دربَدر ٿِيا “درسگاھَ”،

    “خان پور”، “راڌڻ” کان پو، “دريا” اَچي ويو جوش ۾،
    “ميرپُور ٻُرڙو”، ٻُڏي وِيو، ناهي ڪو ڀي هوش ۾،
    “ڳَڙهي خيرو” “کيرٿر”، “عاقل آگاڻي”، آغوش ۾،
    شهر “جهٽ پَٽ”، ۽ “حمل”، آ گُڙنگ، ان جي غوش ۾،
    “خيرپور”، “ڪيٽي جَتوئيءَ”، ڏي ڪري پيو گجگاھَ،
    ٻوڙ ٻوڙان پيو ڪَري، اَڄ، “دريا” دلبر بادشاھَ.

    شور ۾ “شهدادڪوٽ”، “قمبر”، “جوهي”، “ٺُل” ۽ “جيسر”،
    “لاڙڪاڻو”، “دادو” ۽ آ، “لَلّيا” تي ٿِيو اَثر،
    “آمري”، “ڪشمور”، “سيوهڻ”، “رِند حيدر” ۽ “ڀنگر”،
    “اوستا محمد”، “مٽياري”، مَستيءَ ۾ آهي “مَنڇر”،
    “ڪوٽِڙي”، “حافظ ٽنڊو” ۽ ڳوٺ “راڄُو مَلُوڪ شاھَ”،
    “سُورجاڻي”، جي ٽُٽو، هوندي نه درگاھَ “مهرشاھَ”.

    ٻوڏ ۾ “ٻيلو ٻَنُون”، “ميرپُور بٺورو” ۽ “دڙو”،
    “جهوڪ، لائق پور” کي آ، چوطرف پاڻيءَ جو ڪَڙو،
    ڪِن کي گهارو ويو کڻي، ڪِن جي مَٿي تي آ گهڙو،
    پيا ڏين سرڪار وارا، هاڻ ويچارا پَڙو،
    “عالمُون” جي “ڪوٽ”، کان مَنزل اَٿس “محمُود واھَ”،
    سَر “سجاول” کي ڪري، “جاتي” وڃي “پيو کورواھَ”.

    هُئا اُڃارا مينهن لاءِ، مالَ ماڻهو بي حِساب،
    پر ويچارن ڪيترن جو، ٿي وِيو خانو خَراب،
    پردي واريون، زائفائون، نِڪري پييون بي حِجاب،
    ڄڻ ته هيءَ بارش اُنهن لئه، عرش کان آئي عَذاب،
    مال ويا مُوڙي به ويئي، ٿي ويو سڀ ڪُجھ تباھَ،
    سر کڻي نڪتا رُڳو، مُٺ ۾ اَچي ويو تن جو ساھَ.

    سنڌڙيءَ منهنجي ۾ آ، برسات بربادي ڪئي،
    مالَ ماڻهو، گهر وِيا، ڪنهن کي نه ڪنهن جي ڪَلَ پَئي،
    گهر ٻُڏا، ٻَنيُون ٻُڏيون، هر چيز ويچارن وَئي،
    خواب هُئا، ڪُجھ خِيال هُئا، هينئڙي ۾ حسرت ڪيڏي هُئي،
    ٻوڏ ٻوڙي سَڀ ڇڏيو، ناهي وَسيلو ڪا به واھَ،
    هاڻ نِڪرڻ جو نه آهي، ڪو به رَستو روڊ راھَ.

    “کير” خُوش ٿي، جن ٿي کاڌا، ٿيو پِنڻ تن کي نَصيب،
    عيد هُئي هر وقت جِن لئه، ٿِيو رُوئڻ تِن کي نصيب،
    بيوَسا بيمار ٿي بَس، ٿيو رَهڻ تِن کي نصيب،
    تار پاڻي ناهي تانگهو، ٿِيو تَرڻ تِن کي نصيب،
    وَڻ ۽ واهڻ وييون وَسنديون، ناهي اَڄ آرامگاھَ،
    رنگ غُربت جو به هو، پَر شانَ ۾ هُئا شهنشاھَ.

    حُڪمرانن کي نه آيو، روڄ راڙن تي رحم،
    ڳالھ حق جي جو ڪَري ٿو، ٿا ٿين اُن تي گرم،
    اي خُداوند تُون اسان جو، باري بخشي رک ڀَرم،
    پنهنجي رحمت ٻاجھ سان تون، ڪر ڪَرم وارا ڪَرم،
    ڪَر ٻُڏي جا تُون ئي ٻيڻا، درد دُک لحظي ۾ لاھَ،
    ٻن ڪِروڙن تائين ماڻهن، جي اَندر جي آهي آھ.

    خُوب خالق آهين واقف، حالَ مُنهنجي کان “جمالَ”،
    مهر ڪر مُنهنجا تُون مالڪ، سُڻ سڀيئي تُون سوالَ،
    مست اڄ مهراڻ آهي، ڇيھ مان ڏي پيئي ڇالَ،
    “سنڌ” ساريءَ جا سَدا، محفوظ رک ماڻهو ۽ مالَ،
    بخش ڪر باري تون منهنجا، عُمر ساريءَ جا گُناھَ،
    “مير مُرسل” جي مُهابي، ڪر نِماڻن تي نِگاھ.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253576
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385560
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ