ڪتاب جو نالو: وجود جي ڳولا
مصنف: فرزانه شاهين
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 26 اپريل 2018 ع
پڙهيو ويو: 591 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 190 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
فرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارہ آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن. هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • ڊگهي رستي جي مُسافر
  • وقتَ جي اتهاسَ ۾: اٽڪيل ڪجهه پَلَ
  • سنڌ جي بهادر ڪهاڻيڪاره
  • پنهنجي پاران : اڃا ته پنڌ پري ...!
  • ڪهاڻيون

  • يادن جا عذاب
  • تنها تنها جيون
  • سمجهوتو
  • رنگ رتول يادون
  • آخري منظر
  • پيڙا ۽ پڇتاءُ
  • پٿر
  • پردي پويان
  • آئيڊيل
  • ڏکن سندو ڇانورو
  • درد جو درياءَ
  • وجود جي ڳولا
  • ڪَنڊن ڀري راهه
  • شال مَ ملان هوت
  • پيڙا جو پڙلاءُ
  • پيلا گل
  • خوابن جي تعبير
  • يادن جا بند دروازا
  • محبتن جي موٽ
  • هارايل سوچون
  • جلي جلنديس ڪيترو
  • وڇوڙي جو آخري پل
  • اڌوريون ياديون
  • يادن جون وڇڙيل بهارون
  • موت نه ماري ايئن
  • محرومين جو موت
  • اڻپوري خواهش

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO: 85
    وجود جي ڳولا
    (ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪاره: فرزانه شاهين
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين: سعيد منگي
    اسڪيچ: هارون چنا
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه: 250/- روپيه


    WAJOOD JI GHOLA
    (Short Stories)

    By: Farzana Shaheen
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design: Saeed Mangi
    Sketches: Haroon Channa
    Lay ‘out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 250/-


    ارپنا

    هي ڪتاب ارپيان ٿي.
    پنهنجي محترم والدين کي جن
    جي جاکوڙ مون کي منزل
    طرف وڌڻ جو گس ڏنو.

    هي ڪتاب ارپيان ٿي
    ڪهاڻي کيتر جي مهان ڪهاڻيڪار
    ڊاڪٽر نجم عباسيءَ کي جن جي
    رهنمائيءَ مون کي لکڻ جو ڏانءُ ڏنو.

    هي ڪتاب ارپيان ٿي
    پنهنجي پياري دوست مرحومه تسليم منگيءَ کي
    جنهن جي دوستيءَ پيار جي جذبي سان
    آشنا ڪيو ..........!


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعرہ ۽ ليکڪا فرزانہ شاھين جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي.

    فرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارہ آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگيءَ ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن. هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com 


    پبلشر نوٽ

    فرزانه شاهين سنڌي ٻوليءَ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪارا آهي، جنهن پنهنجي تخليقي سفر جي شروعات نوي واري ڏهاڪي کان ڪئي ۽ زندگي ۽ سماج جي مختلف موضوعن تي ڪيتريون ئي ڪهاڻيون لکي ڪهاڻي کيتر ۾ نمايان سڃاڻپ حاصل ڪئي. سماجي رشتا ناتا، طبقاتي استحصال، وڇوڙا ۽ جُدايون سندس ڪهاڻين جا مک موضوع آهن.
    فرزانه شاهين لطيف يونيورسٽيءَ ۾ پنهنجي جيونَ جا سُنهري سالَ گُذاريا آهن ۽ اهي ئي سال سندس ڏات لاءِ گهڻي اتساهه جو سبب بڻيا آهن. فرزانه شاهين زندگيءَ جو ڳوڙهو مشاهدو رکي ٿي، هُوءَ هڪ دردمند دل رکندڙ حساس ليکڪا آهي ۽ اِهي سڀئي احساسَ سندس ڪهاڻين ۾ اوتجي وڃن ٿا. سندس ڪهاڻين جو مجموعو گهڻو وقت اڄ اچڻ کپندو هو، پڙهندڙن کي سندس ڪهاڻين جي مجموعي جي ڇپجڻ جو انتظار به سالن کان وٺي رهندو پئي آيو پر دير آيد دُرست آيد واري چوڻيءَ جي مصداق هن وقت جڏهن سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب پڙهندڙن جي هٿن ۾ اچي رهيو آهي تڏهن اهي يقيناً گهڻي سرهائي ئي محسوس ڪندا.
    هن دؤرَ ۾ جڏهن معياري سنڌي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان ڪيترائي بحث هلندڙ آهن، تڏهن پوپٽ پبلشنگ هائوس اِها شعوري ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ تخليق ٿيندڙ ڪهاڻين جا ڪتاب وڌ کان وڌ شايع ڪجن ته جيئن ادب جا پڙهندڙ ۽ نقاد اِهو طئه ڪري سگهن ته اڄوڪي سنڌي ڪهاڻي ڪٿي بيٺي آهي؟
    اسين فرزانه شاهين جهڙي سنجيده ۽ سُچيت ڪهاڻيڪاره جو هي ڪتاب ڇاپيندي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون انهيءَ اُميدَ سان ته هن سهڻي ڪتاب جي ڀرپور آجيان ڪئي ويندي.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مهاڳ

    انجيل مقدس ۾ آهي ته خداوند پهرين ڏينهن آسمان، زمين، روشني، اونداهي ۽ سج پيدا ڪيو. ٻئي ڏينهن فضا جي هيٺيان پاڻي پيدا ڪيو ۽ آسمان کي جدا ڪيو. ٽين ڏينهن خشڪي جيڪا زمين ٿي ۽ خشڪي تي وڻ ٽڻ ۽ سبزي پيدا ڪئي. چوٿين ڏينهن چنڊ ۽ ستارا جيڪي رات جو روشني ڪن ته سج ڏينهن جو حڪمراني ڪري. پنجين ڏينهن ڪيڙا مڪوڙا، چوپائي جو هر قسم پيدا ڪيو ۽ ڇهين ڏينهن انسان کي وجود ڏنائين. هر شيءَ جو جوڙو هو پر انسان اڪيلو، اڪيلي انسان کي خداوند گهري ننڊ سمهاري ان جي پاسيري ڪڍي جنهن مان ناري ٺاهي ڇڏي.
    ۽ جڏهن نر ۽ ناري ٿيا ته پوءِ ڌرتيءَ جي اصل ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي. هڪ سماج ٺهي ٿو، ان سماج جا قدر ٺهن ٿا، ثواب گناهه، پاپ، پڃ، ڏوهه ۽ پوءِ انسانن جي زندگيءَ سان حادثا کيڏڻ شروع ڪن ٿا.
    ڪهاڻيءَ جي شروعات واتون ويڻي ٿئي ٿي، اڳتي هلي صدين پڄاڻا احرامن کان تاج محل ۽ موهن جي دڙي جي کوهن تي پيار ڪهاڻين جنم ورتو.
    ڪهاڻي آهي ڇا؟ ان جي وصف تي بحث نه ڪجي ته بهتر آ. پر ڪهاڻي اها نازڪ ناري آهي جيڪا هر لمحي، هر جُڳ، هر ماحول ۽ هر هنڌ تي پنهنجي ويس وڳن، پنهنجي ادائن ۽ پنهنجي ئي حسن سان اچي ٿي. کنوڻ جيان جهٽڪي ۾ هوش اڏائي وڃي ٿي.
    اهو به بحث نه ڪجي ته بهتر، ته ”ڪهاڻيڪارا“ يا ”ڪهاڻيڪار“..... بس ليکڪ آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ کي سرجي ٿو. فرزانه شاهين..... اسان ان کي ڪهاڻي ڪلا ۾ هڪ ڪهاڻيڪار طور ئي ڏسنداسين. اهو ڪريڊٽ پاڻ ئي کڻي ٿي. هو ايتري بولڊ آهي جو پاڻ لاءِ ”عورت ڪارڊ“ استعمال نه ٿي ڪري.
    پر جي اسان ان جي ڪهاڻين جو ڇيد ڪنداسين ته اسان کي هر ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنيڪ جدا ملندي ۽ ان ۾ خوبصورت جملا، خوبصورت تشبيهون، نفيس ۽ نازڪ خيال / رويا ور ور ڏئي ملندا. هن جي ڪهاڻي ”پردي پويان“ تي ڳالهائجي ته سنڌي ادب ۾ ان ڪهاڻيءَ کي هڪ بهترين ڪهاڻيءَ طور شامل ڪري سگهجي ٿو. پر ائين چئي سگهجي ٿو ته اها ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻي ڪلا کيتر ۾ هڪ سگهارو وجود رکي ٿي.
    ڪهاڻي ڪجھه هن طرح آهي ته، هڪ خاندان جيڪو ڇوڪرين جي شادي ئي نه ڪرائيندو آهي، ان خاندان جي عورتن جي نفسيات تي بحث آهي. پر پوءِ ان خاندان مان هڪ ڇوڪريءَ جي شادي ٿئي ٿي. جڏهن هوءَ شادي ڪري مڙس جي حويلي ۾ پهچي ٿي ته اتي صرف ان کي مڙس جو انتظار ئي ڪرڻو پئجي وڃي ٿو مڙس جيڪو هن وٽ اچي ئي نه ٿو ان وقت هوءَ جنهن اذيت مان گذري حويلي جي هڪ نوڪرياڻي کان پڇي ٿي:
    ”تنهنجو سائين سڄو ڏينهن ڪٿي هوندو آهي؟ تون ته هن حويليءَ جي پراڻي ٻانهي آهين. توکي ته ضرور خبر هوندي.“
    ”سائين ٻاهر اوطاق تي دوستن سان هوندو آهي ۽ اتي روز محفل لڳندي آهي.“
    ”تنهنجي سائينءَ جو ان محفل مان جيء نه ٿو ڀرجي.“
    ”سانئڻ! مونکي ڪهڙي خبر؟!“
    هوءَ جڏهن خبر ڪرڻ جي لاءِ اوطاق ۾ در جي سوراخ مان ڏسي ٿي ته وائڙي ٿي وڃي ٿي....... هن جو ذهن ڦيراٽيون کائڻ لڳو. ساڳيو منظر ان جي اکين آڏو چٽو ٿيندو ويو. هڪڙو چهرو ته هن جي مڙس جو هو ۽ ٻيو چهرو......؟ هوءَ وڌيڪ ڪجھه به ڏسي نه سگهي هن کان رڙ نڪري وئي ۽ هوءَ اتي ئي اوطاق جي دروازي تي ڦهڪو ڏئي ڪري پئي. ڇو ته پڙدي پويان ڏٺل منظر هن جي خوابن جي بدترين تعبير هئي......
    اهڙي طرح ڪهاڻي ”پٿر“ هن سماج جي اهڙي ئي ڍانچي تي لکيل آهي، جيڪو چاليهن سالن کان ساڳيو آهي، پر بدليو نه آهي، سماج جيڪو ڪنهن به پڙهيل لکيل نوجوان جي صلاحيتن تي اعتبار/اعتماد نه ٿو ڪري پر وقت جي حڪمرانن پاران، هو جڏهن ڪٿي نوڪري لاءِ انٽرويو ڏين ٿا، ته سوال ڪجھه هن طرح سان پڇيا وڃن ٿا:
    پهريون سوال: پارٽي ورڪر هجڻ جو ڪو سرٽيفڪيٽ؟
    ٻيو سوال: جيلن ۾ سزا ڪاٽي اٿو؟
    ٽيون سوال: ڪوڙا کاڌا اٿو يا ٻي ڪا قرباني؟
    ۽ جواب ۾ ”نه“
    ۽ نوڪريءَ ۾ به ”نه“ جو ئي هڪ وڏو پٿر بڻجي نوجوان کي ڪيرائي وجهن ٿا.
    فرزانه شاهين جون ڪهاڻيون پڙهڻ سان ڪٿي به هوءَ عورت هوندي به پاڻ کي So called feminist نه ٿي ظاهر ڪري پر سماج ۾ هر برائي، هر بڇڙائيءَ جو ذميوار سماج ۾ پيدا ٿيندڙ غلط روايتون غلط رسمون ۽ غلط قدر آهن ان جو جوبدار نه ڪو مرد آهي نه عورت بلڪِ هن حقيقت نگاري جي فريم ۾ هُن جوابدار فرد کي ئي ڪيو آ نه ڪنهن جنس کي، پر خود پاڻ سماج ۾ ٿيندڙ غلط قدرن خلاف وڙهي ٿي، غلط ريتن رسمن ۽ غليظ ريتن خلاف علم کڻي اڳتي هلي ٿي.
    فرزانه شاهين جي هن ڪتاب ۾ ڪافي ڪهاڻين ۾ جيڪي ڪهاڻيون يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل آهن جنهن ۾ هيرو ئي هڪ ليڊر آهي پر ليڊر هوندي به هُن ۾ فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت نه آهي هو سماج آڏو هارايل ئي رهي ٿو. پر هيروئن به ساڳي ئي ليڊر سان صرف احتجاج ئي ڪندي رهجي وڃي ٿي.
    ائين ته فرزانه شاهين جون ڪهاڻيون ”يادن جا عذاب“، ”تنها تنها جيون“، ”پيڙا ۽ پڇتاءُ“ ڪافي بهترين ڪهاڻيون آهن پر ”وڇوڙي جو آخري پل“ هڪ متاثر ڪندڙ ڪهاڻي آهي. جيڪا انتهائي خوبصورت نموني سان يونيورسٽيءَ جي شاعراڻي ماحول ۾ لکيل هڪ بهترين ڪهاڻي آهي جنهن ۾ پيار ڪندڙ جون سوچن/خواهش جو منطقي نتيجو شادي هوندو آهي پر وڇوڙي جي آخر پل ۾ ائين ئي آهي ته ڪهاڻيءَ جو هيرو صرف ان ڪري پنهنجي محبوبا جي زندگيءَ کي اڌورو ڪري ٿو، جو هُن کي برين ٽيومر آهي ان ڪري هو پاڻ کي اڪيلو ڪري ٿو ڇڏي. ڏسجي ته فرزانه شاهين جا ڪردار زندگيءَ جي ان عمر جا آهن جيڪي نه صرف خوبصورت خواب ڏسن ٿا بلڪ انهن سپنن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ جدوجهد به ڪن ٿا.
    پر فرزانه شاهين جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جو ٽريجڪ پاسو اهو آهي ته پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي حاصل ڪري نه ٿا سگهن ۽ ٻنهي طرفن جون ڪيفيتون ڪجھه پشتو ٽپي جهڙيون ٿيون لڳن.
    ”جڏهن ڪنهن جي دل عشق ۾ ٽٽي وڃي ته سون جو ٽاڪو به ان کي جوڙي نه سگهندو.“

    اخلاق انصاري
    لاڙڪاڻو


    ڊگهي رستي جي مُسافر

    فرزانه شاهين سان منهنجي واقفيت تمام پراڻي آهي جڏهن نثار ميمڻ جي نگراني ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان نشر ٿيندڙ ادبي پروگرام ”رسالي“ ذريعي ٿي فرزانه شاهين جو سفر شايد ان کان به آڳاٽو هجي ادبي ۽ ذاتي تعلق ۾ هوءَ مون کي هميشه هڪ بردبار سنجيدا ۽ دوستي نباهيندڙ نظر آئي ان ۾ سندس اعليٰ تعليم يافته ماءُ جي ترتيب جو به اثر يقينن هوندو..... طويل سالن کان ادب جي هن پانڌياڻيءَ کي هڪ ڊگهي رستي تي خاموشيءَ سان پنهنجي رفتار سان هلندي ڏٺو آهي، تڪڙي شهرت لاءِ هن ڪڏهن ڪو به شارٽ ڪٽ استعمال نه ڪيو آهي هن پنهنجي تعليم، معاشي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگيءَ ۾ توازن کي برقرار رکيو آهي ۽ ان سان گڏ ادبي سفر به جاري رکيو پئي اچي توڻي جو جيون ساٿي کيس زندگيءَ جي هر موڙ تي نه صرف ساٿ بلڪ اتساهه به ڏيندو رهيو آهي. پر اهو هن جو پنهنجو فيصلو هو پاڻ سان انصاف ڪٿي ۽ ڪيئن ڪري سگهي ٿي.
    فرزانه شاهين جي ڪهاڻين جا خاص موضوع ناڪام اڻ پوريون محبتون، غريب، جنسي مٿ ڀيد، جهالت جي اونداهين ۾ جنم وٺندڙ نام نهاد رسمون، بي جوڙ شاديون، جنسي معاملن ۾ مردن جي اَنا پرستي ۽ ڇڙوڳي آهن. انهيءَ کان سواءِ مرد جي مٿان معاشي بار وجهندڙ ۽ ان جي جذبن کي سندس معاشيءَ ڪمائيءَ سان ڀيٽڻ ۽ انهيءَ معيار تي پوري نه لهڻ سبب ان کي رد ڪرڻ کي فرزانه نهايت حساس انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ڪهاڻي ”شال مَ ملان هوت“ محبت ۾ مذهب جي ديوار بابت لکيل آهي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجو مذهب بدلائڻ کان سواءِ مرد عورت شادي ڪري سگهن ٿا پر اسان وٽ اهو ممڪن ناهي هن ڪهاڻيءَ ۾ هندن جي سياسي سماجي حالتن سبب لڏ پلاڻ نهايت ڏکوئيندڙ آهي فرزانه نهايت خوبصورت تشبيهه ڏيندي لکي ٿي.
    ”مذهب جون سرحدون دلين جي وچ ۾ تيز وهڪري ۾ ڪک جيان آهن“
    خوبصورت تشبيهون ڏيڻ فرزانه جو پنهنجو منفرد انداز آهي جنسي مٿ ڀيد ڪهاڻيون ”وڇوڙي جو آخري پل“ ۽ ”هارايل سوچون“ آهن.
    ”هميشه امان کي بابا جو ڌوڙ ۾ لٽيل بوٽ صاف ڪندي ڏٺو آ پر ڪڏهن به بابا امان کي پاڻي جو گلاس ڀري نه پياريو هوندو“.
    ”اڌوريون يادون“، ”يادن جا بند دروازا“ ۽ ”سمجهوتو“ ڪهاڻيون وري مرد جي پوائنٽ آف ويو کان لکيل آهن. جنهن ۾ هڪ مرد جي واتان عورت لاءِ احساس جو اظهار آهي. خيرالنساءِ جعفري هڪ شاهڪار ڪهاڻي ”ڪهڙو برانڊ سگريٽ“ جو پڻ انداز بيان اهڙي طرح جو آهي. ڪيترائي مرد شاعري توڻي ڪهاڻين ۾ خود کي عورت محسوس ڪري کان جي اندر ۾ جهاتي پائي ۽ ان جي شخصيت جي ترجماني ڪري سگهجي.
    فرزانه جون پيار ڪهاڻيون به انفراديت جي ڪهاڻي ”محبتن جي موٽ“ ۾ مرد ۽ عورت جي فطرت بيان ڪيل آهي ته محبت مرد لاءِ حياتيءَ جا ڪجھه پل هوندا آهن ۽ عورت لاءِ اهي پل سموري حياتي هوندا آهن.
    تلخ سماجي حقيقت ۽ خوبصورت تشبيهن واري هن ليکڪا جي ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي فني فڪري جهول به محسوس ٿين ٿا بياني انداز بجا ۽ جيڪڏهن ڪردار نگاري کي اڀاريو وڃي ها ته ڪهاڻين جو تاثر وڌيڪ ڀرپور ٿي سگهيو ٿئي ان کان سواءِ سندس ڪهاڻين ۾ ڪردار مذاحمت ۽ جدوجهد جي بجاءِ حالتن سان آسانيءَ سان سمجھوتو ڪندا نظر اچن ٿا ڪهاڻي ”پيار ۽ پڇتاءُ“ نهايت خوبصورت ۽ اهم آهي نوجوان ڪلرڪ هڪ وڏي ڄمار جي ڪنواري عورت آفيسر سان پنهنجي ننڍي نيٺي سهڻي زال ۽ ٻارن هوندي به شادي ڪري ٿو عورت سمجهي ٿي ته هو سندس پيار ۾ آهي پر اصل ۾ هو لالچ سبب هن سان شادي ڪري ٿو عورت جي احساس کي ڀرپور انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي پر اها عورت سڀ ڪجھه ڄاڻڻ کان پوءِ به اهڙي فريبي مرد کي زندگي مان کان ڪري نيڪالي نه ٿي ڏي ته ماڻهو ڇا چوندا. ڪهاڻي جو انجام اتساهه جي بدران مايوسي پيدا ڪري ٿو اهڙن ئي خيالن ۽ احساسن جو ورجاءَ ڪهاڻي سمجهو تو ۾ آهي هڪ اعليٰ تعليم يافته باشعور عورت آسانيءَ سان شادي جي حق جي فيصلي تان دستبردار ٿي پنهنجي زندگيءَ جي واڳ خاندان حوالي ڪري ٿي نيڪ پروين جو ڪردار جو اهڙو پرچار ڊائجسٽ ۽ رومانوري ادب لکندڙ تمام گهڻو ڪندا آهن...... فرزانه شاهين هم جنس پرستي جهڙي بولڊ موضوع تي به لکيو آهي ته جنسي ڪمزورين تي به لکيو آهي پر ايتري سليقي ۽ نفاست سان لکيو آهي ته ڪٿي به ان ۾ اعتراض جي گنجائش نه ڇڏي آهي.
    فرزانه شاهين ڪهاڻيڪاره سان گڏ سٺي شاعره به آهي ڪهاڻين ۾ استعمال ٿيندڙ تشبيهون سندس شاعراڻي صلاحيتن جو ڪمال آهن اميد آهي ته ڪهانين کان پوءِ سندس شاعريءَ جو مجموعو به منظر عام تي ايندو فرزانه شاهين جهڙي سمجهدار ۽ باشعور ليکن جي گهڻي ضرورت آهي جن لاءِ ادب فيشن نه پر سنجيدگيءَ سان طئه ٿيندڙ رستو آهي.

    عطيه دائود
    ڪراچي


    وقتَ جي اتهاسَ ۾: اٽڪيل ڪجهه پَلَ

    منهنجي پياري شاهين!
    اڄ جڏهن لکڻ ويٺي آهيان، تڏهن سوچيان پئي ته پاڻ ٻنهي ۾ ڪهڙو تعلق آهي........؟
    سواءِ يونيورسٽيءَ ۾ گذريل ڪجھه لمحن جي جيڪي ڪجھه سالن تي ٻڌل هئا پر جن ۾ اسان ڪڏهن به گڏ ويهي هڪ ٻئي کي شيئر نه ڪيو. فرزانه شاهين جون ڪهاڻيون ۽ شاعري پڙهندڙ هڪ عام ماڻهوءَ جو، يا انهن خطن جو، جن ۾ اسان گڏ جي ايترو ته اڻ ڄاتل ڏکن کي شيئر ڪيو جو اهي اڻ ڄاتل ڏک اَڻ ڄاتل نه رهيا!
    شاهين! مان سمجهان ٿي ڏک جو رشتو وڌيڪ سگهارو، وڌيڪ اثرائتو هوندو آهي ۽ منهنجو يقين آهي دنيا جو هر رشتو ٽٽي سگهي ٿو پر خدا ۽ بندي جي وچ ۾ رشتو نه ٿو ٽٽي سگهي ڇو ته بندو هر ڏک خدا سان شيئر ڪري ٿو سو پاڻ ۾ خطن جو ۽ ڏک جو نه ٽٽندڙ رشتو آهي. هونءَ به مان ڪا اديبه يا ليکڪ ناهيان جو تولاءِ ڪو عظيم مقالو لکان......... بس مان ته ان ئي ڏک، ان ئي خط ذريعي توسان مخاطب آهيان. هينئر، جڏهن مان هي سڀ ڪجھه لکي رهي آهيان تڏهن سچ پچ ته مون کي يقين ٿي ويو ته پاڻ ماضي آهيون. وقت جو گذريل پل آهيون، ڪا ياد آهيون، جيون جي ڪتاب جو اٿلايل ڪو ورق آهيون.......؟؟
    مان اهو سڀ سوچي ڏاڍي اذيت محسوس ڪري رهي آهيان.
    توکي ياد آ، تو هڪڙي خط ۾ لکيو هيو:
    ”حياتيءَ جي گهڙيال کي صرف هڪ دفعو چاٻي ايندي آهي ڪنهن کي خبر ته حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا، ڪڏهن ۽ ڪٿي بيهجي وڃن.....؟“
    ڇا توکي نه ٿو لڳي ته منهنجي حياتيءَ جي گهڙيال جا ڪانٽا ڪنهن هڪ لمحي تي بيهجي ويا آهن، جنهن ڏينهن پاڻ اجنبي احساس کڻي حيرانگيءَ سان هڪ ٻئي سان مليا هياسي، يا ان ڏينهن جنهن ڏينهن مارڪس شيٽن جي انگن اکرن ۾ هتي گذريل لمحن جي جوڙ ڪٽ ونڊ ٿيل هئي (انهن مارڪ شيٽن سان گڏ اسان جي وجود ۾ ڪيڏي جوڙ، ڪٽ ۽ ونڊ ٿي هئي) يا ان ڏينهن جنهن ڏينهن لاءِ تو لکيو هيو ته:
    ”ڄڻ ته پاڻ ديوارن تي اشتهارن سان گڏ لکيل نعرا هجون جيڪي نظرن اڳيان بار بار گذرن ٿا پر پڙهيو هڪ ڀيرو به نه ٿا وڃن ها!“ بس ڪي اهڙا ئي پل هئا، جڏهن وقت اٽڪي پيو هو انهن ڪانٽن ۾ ۽ انهن ئي اٽڪيل پلن ۾ تو ”آخري منزل“ ڪهاڻي لکي هتان جي خوشبودار ٽهڪڙن ۾ لڙڪن کي لوڙهي ڇڏيو هو انهن ٽهڪڙن ۾ جن ۾ ننڍيون خوشيون هونديون هيون سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ لاءِ سَر امان ڀٽيءَ جا ڊگها ۽ دلچسپ ليڪچر مس ڪرڻ ۽ تنهنجا پريڪٽيڪلز ۽ سڄي فيڪلٽيءَ مان ميمبرز ڇوڪرين کي چونڊي بينڪ جي پٺيان واري لان ۾، غزلن نظمن، وائين، ٽيڙِوئن جو مالهائون پوئڻ. ”سنڌ سرهاڻ“ لاءِ پئسا ۽ مواد جمع ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ آخري گڏجاڻي جنهن جي فوٽو گرافي لاءِ ڊڪي وڃي سميع فوٽو گرافر کي وٺي آيا هياسي پر مون اڃان تائين اهي فوٽو ناهن ڏٺا ۽ مان اهو سوچي ادُاس ٿي ويندي آهيان ته هن مون کان اها خوشي ڇو کسي ورتي؟! ان وقت ڪيترا نه اڻ ڄاڻ هياسي ته لفظ ”آخري“ ڇا ٿيندو آ.......؟ وڇوڙي جو تصور ڇا ٿيندو آ......؟
    شاهين راڻي!
    اسان ڇوڪرين لاءِ تعليمي درسگاهه ۽ خاص ڪري يونيورسٽي اونداهي ڪمري ۾ ڪنهن در ۾ آيل چير جي اها وٿي آهي جنهن مان اسان کي آڪسيجن به ملي ٿي ۽ روشني به. اهڙين ئي درسگاهن ۾ اسان پنهنجي وجود جي سڃاڻپ ملي ٿي ڪيڏو اُداس ٿي ويندا آهيون، اسان اهو سڀ ڪجھه وڃائي ۽ ڪيڏا حوالا جڙي ويندا آهن اسان جي ذات جا انهن سان. تڏهن ئي ته يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ تنهنجي ڪهاڻين ۾، اوسيئڙي ۽ درد جو احساس وڌي ويو ۽ مون ”وقت جي اتهاس ۾ اٽڪيل“ ڪهاڻي لکي. توئي ته لکيو هو نه:
    ”زندگي ۾ ملڻ ۽ وڇڙي وڃڻ وري ڪنهن ٻئي موڙ جو انتظار ڪرڻ“ ڪيڏا نه الميا آهن جيڪي اسان جي بي حس زندگيءَ سان مسلسل عذاب جيان چنبڙيل رهن ٿا. محبتون پائڻ ۽ محبتون وڃائڻ ۽ پوءِ ڪنهن موڙ تي انسان چريائپ ۽ ديوانگيءَ جي حد تائين پهچي ٿو. ڪڏهن ڏک جي احساس سان ۽ ڪڏهن خوشيءَ جي احساس سان...... شايد محبت آهي ئي جنون جو نالو-----
    اهڙي جنون جيڪو انسان کي اندر جي هر احساس کان خالي ڪري ڇڏي ٿو. شايد تون اڃان به ديوانگيءَ جي ان احساس مان گذري رهي آهين تڏهن ته ”يادن جون وڇڙيل بهارون“، ”رنگ رتول يادون“، ”خوابن جي تعبير“ ۽ ”پيار جو ڀرم“ جهڙيون ڪهاڻيون لکي رهي آهين تو لکيو هيو نه ته: ”ماڻهو مون کي محبت جي معاملي ۾ ڏاڍو ظالم سمجهندا آهن ڇو ته مان پنهنجي هر ڪهاڻيءَ ۾ وڇوڙو ڏيکاريندي آهيان ٿي سگهي ٿو اها منهنجي اندر جي محرومي هجي جيڪا خود به خود ڪهاڻين ۾ نروار ٿيندي هجي“.
    مان سمجهان ٿي ائين آهي، پر اندر جي احساس کي ڇهندڙ نازڪ جذبن جي اپٽار ۽ وڇوڙي کان سواءِ تون سماجي موضوعن تي به قلم کنيو آهي. جيئن تنهنجون ڪهاڻيون ”اڻ پوري خواهش“، ”ڏوهاري“، ”سوال“، ”پردي پويان“ جهڙيون شاهڪار ڪهاڻيون آهن.
    مان ڄاڻان ٿي شاهين! اندر کي چيري لفظن کي سازن کي سُر ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ۽ لفظ جڏهن سُک ڏيڻ ڇڏي ڏين، تڏهن انهن اڳيان پاند ڦهلائڻ ڇڏي ڏجي پر هڪڙي ڳالهه چوانءِ! زندگيءَ ۾ وڃايل محبتن جي تلاش ڇڏي ڏي. اسان زندگيءَ جي هر موڙ تي محبتون وڃائي رهيا آهيون. هر موڙ تي ڪنهن نه ڪنهن احساس جي مزار آهي. انهن مزارن جي مجاوري ڪرڻ ڇڏي ڏي. مان ڄاڻان ٿي! ڪنهن به احساس کي ڪاما ته آهي پر فل اسٽاپ ڪونهي..... ته فل اسٽاپ جي ڳولا ڇڏي ڏي.
    تنهنجون ڪهاڻيون پڙهي ڇو ٿو ائين لڳي ته تنهنجا ڪردار جڏهن ڳالهائن ٿا، تڏهن ڏک ڄڻ ڳالهائي ٿو. تون جڏهن منظر نگاري ڪرين ٿي تڏهن سموري ڪائنات مان سڏڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. پنهنجي ڪهاڻين مان اداسين جي ان ماٺار کي ٽوڙي ٻيهر خواب ڏسڻ شروع ڪر. نيون اميدون جاڳاءِ. اهي سڀ ڳالهيون هجڻ جي باوجود توسان گڏ گذاريل لمحا تنهنجي ڪهاڻين جا اُداس اڻپورا انسان، ڇهندڙ احساس، ميلاپ پوءِ وڇوڙا – ڪجھه به وساري نه ٿو سگهجي. پر تڏهن به مان چاهيندس ۽ شايد ٻيا سڀ به، ته تون پنهنجي انهن سندر ۽ ٺهندڙ ڪهاڻين کي هڪ هنڌ جمع ڪر ۽ جلد از جلد پنهنجو ڪتاب ڇپراءِ........ مون کي شدت سان ان خواهش جو انتظار رهندو....... جڏهن تنهنجو ڪتاب منهنجي هٿن ۾ هوندو.

    دعائن سان
    تنهنجي پنهنجي

    تسليم منگي


    سنڌ جي بهادر ڪهاڻيڪاره

    فرزانه شاهين سنڌ جي انهن بي باڪ ڪهاڻيڪارائُن، ليکڪائُن، شاعرائن مان هڪ آهي، جن کي لکندي اٽڪل 30 سال ٿيا آهن، سندس لکڻ جي شروعات وارو هڪ اهڙو دؤر آهي، جنهن دؤرَ ۾ نور الهديٰ شاهه جون ڪهاڻيون، ڊراما پروان چڙهيل هئا. انهيءَ دؤر ۾ فرزانه جي ڪهاڻين پڻ اسان جي معاشري جي ڪند ذهن مردن کان باغي ٿي بهادريءَ جو قلم هٿ ۾ کڻي پنهنجي قلمي پورهئي سان اعلانِ جنگ ڪيو هو. سندس ڪهاڻين سماج جي بيهوده ڪردارن کي ڀالا، بڙڇيون هيون آهن. هُن پنهنجين ڪهاڻين ۾ پنهنجا سڀ خواب گڏ ڪري، انهن کي ساڀيان ڪرڻ لاءِ قلم ذريعي پورهيو ڪندي ۽ سنڌ جي هن پٺتي پيل سماج جي عڪاسي ڪندي، پنهنجي ڪهاڻين کي نصب العين بڻائي، پوري هوش ۽ حواس سان معاشري جي برائين کي وڏي سياڻپ سان بي نقاب ڪيو آهي. اجھو هي منهنجي سامهون سندن نثري ڪهاڻي ”وجود جي ڳولا“ جا شاهڪار لفظ آهن ته: ”بڪواس بند ڪر. محبت ۾ ڇا ٿيندو آهي؟ تون ته يوز ٿيل سيڪنڊ هينڊ مال آهين جنهن کي مان پنهنجي گهر ۾ برداشت نٿو ڪري سگهان“. ڇا سنڌ جي ڪنهن لکاريءَ کي طاقت آهي ته ايئن لکي ڏيکاري؟ مون کي ته سندس ڪهاڻين ۾ ڪٿي ڪٿي پروين شاڪر جي ذهن جي عڪاسي ۽ ترجماني نظر اچي ٿي جيئن پروين شاڪر چيو ته:
    سهاڳ رات ڪو جب اس ني گهونگھٽ اٺاڪر ڪها
    ميرا سڀ ڪڇهه تيرا هي، سوا اس دل ڪي

    ته ايئن فرزانه شاهين، پروين شاڪر کي به ڪٿي ڪٿي سندس شاعريءَ ۽ خيالن جي حوالي سان الاهي پوئتي ڇڏيو آهي. اي وقت جا مؤرخو! ۽ تاريخ دانؤ! جڏهن به توهان سنڌ جي عورت ڪهاڻيڪارن جي تاريخ لکندؤ ته ان ويل توهان پنهنجي لکيل تاريخ مان چاهيندي به فرزانه شاهين جو نالو سنڌ جي بهادر ۽ بولڊ ليکڪائُن مان ڪٽي نه سگهندؤ. فرزانه شاهين جي سوچ ڪٿي ڪٿي هماليه کي به شرمائي ڇڏيو آهي. هماليه جهڙن مضبوط خيالن واري فرزانه جو هي ڪهاڻين جو ڪتاب لائبريرين جي زينت بڻجڻَ کان علاوه نه ڄاڻ ڪيترن ئي سنڌ ڄائين کي ڪنڌ اوچو ڪري هلڻ جو گس پڻ ڏيکاريندو. گرم لُڪ جي رهواسڻ، شيخ ايازَ جي ديس جي سانئڻ فرزانه شاهين پنهنجي لکڻين ۾ اروڙ ۽ ساڌ ٻيلي جي سماج جي شعور جو ڪنڌ اوچو ڪيو آهي، هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ زندگيءَ جي وسيع دائري ۾ سڀني موضوعن بابت پنهنجو خيال سمائڻ سان گڏ سماج جي تبديليءَ جو اهڃاڻ پڻ ڏنو آهي. فرزانه جي اندر جي ڪائنات جا اڌما سندس تخليق جي آڌار ئي ظاهر ٿيا آهن. سندس ڪهاڻين جو محور ۽ مرڪز
    Icon Tower تي بيٺل ڪا حسينا نه آهي پر سنڌ جي بهادر بختاور ۽ ٻاگُھل آهي. پاڻ ته ادب جي دنيا ۾ ڪاريُن رڍن کي پڻ پنهنجي تجربي جي آڌار تي نه بخشيو اٿس. ان جي شاهدي سندس ڪهاڻي ”هارايل سوچون“ ڏئي رهي آهي. سندس ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪيڏا نه طاقتور لفظ آهن ته: ”يار! پنهنجو گهر ته ٺاهي نه سگهي آ، هلي آ ٻين کي محبت جو پيغام ڏيڻ“، ايڏا وڏا ۽ بولڊ ڊائلاگ فرزانه شاهين ئي لکي سگهي ٿي. هن تاريخ جي ڪَڙي سچ کي نفاست ۽ نزاڪت سان لکي اهو ثابت ڪيو آهي ته هوءَ اظهار جا نوان ڍنگ ۽ رنگ چڱيءَ ريت ڄاڻي ٿي. سندس هي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ اهو چوندي ڪا به هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته انهن ڪيفيتن کي نئين تصور ۽ سچائيءَ سان بيان ڪرڻ ڪو فرزانه کان ئي سکي. هڪ دفعي ادب جو نوبل پرائز حاصل ڪندڙ ترڪيءَ جي ليکڪ اورهان پاموڪ انعام وصول ڪرڻ مهل پنهنجي نوبل خطبي ۾ چيو ته: ”ليکڪ اهو هوندو آهي جيڪو سالن جا سال وڏي ڌيرج سان پنهنجي اندر ۾ سمايل هڪ ٻئي وجود ۾ هڪ ٻي دنيا کي ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي“. اهڙي طريقي سان فرزانه شاهين توڙي جو پنهنجي لکڻين ۾ هڪ وڏو گيپ آندو هو پر سندس خيال اڄ به اوترائي آزاد آهن، جيڪي هن پنهنجي حقيقتن سان ڪهاڻين جي ذريعي هن ڪتاب ۾ ڏنا آهن. توڙي جو سندس هيءَ ڪهاڻي ڪتاب ڀلي نوبل پرائز نه ماڻي، پر ان آس سان ته ادبي کيتر ۾ ايندڙ نسل جو آئينو ضرور بڻبو ۽ سنڌ جي مستقبل ۾ تخليقي خوشبوءَ سان سنڌ واسين کي ضرور واسيندو. سنڌ جي اهڙي ڪهاڻيڪاره تي فخر ۽ ناز هجڻ کپي.

    عرفان عباسي


    پنهنجي پاران : اڃا ته پنڌ پري ...!

    زندگيءَ جو طويل ۽ اڻ کٽ سفر جنهن ۾ مسلسل پيرين پنڌ هلندي رهي آهيان ......... ڪيئي موڙ آيا جتي پنهنجي وجود کي ڳولهڻ لاءِ رڻ جيڏي پکڙيل صحرا کي جھاڳڻو پيو ......... پنهنجي سوچن جي انهيءَ تلخ سفر ۾ ڀوڳنائن جو نه کٽندڙ سلسلو جيون سان چهٽيو ۽ چنبڙيو رهيو..... جڏهن به پنهنجو پاڻ کي تلاش ڪرڻ لاءِ چوڌاري نظر ڊوڙايم ته بي وسين جا منظر اکين ۾ اوندهه پکيڙي ڇڏيندا هئا........... ساهي پٽڻ چاهيم........ پر ان وچ واري وقت ۾ پاڻ کي اڻ پورو ۽ اڌورو ڀانيم....... مون پهريون ڀيرو جڏهن قلم هٿ ۾ کڻي اندر جي ڊنل احساسن کي لکڻ چاهيو ۽ ڪجھه اڻ پورا اڌورا جملا لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي هئي ان وقت ڄاڻ نه هئي ته آخر لکڻ ڇا ٿي چاهيان ۽ پوءِ منهنجون ڇڙوڇڙ سوچون هڪ نقطي تي يڪجا ٿي. پاڻ ۾ اهو ساهس پيدا ٿيو ته انهن سوچن ۾ ٻرندڙ ڪا چڻنگ منهنجي اندر جي اُها سگهه آهي جيڪا مون کي زنده رکندي ۽ پوءِ مون کي اهو احساس ٿيو ته منهنجو رستو ڪهڙو آهي.....؟ مون کي ڪهڙي دڳ وڃڻ گهرجي.....؟ هَن ڪائنات جي ڇاتيءَ تي انيڪ موضوع وکريا پيا آهن جن هميشہ منهنجي نگاهن ۾ اهو مرڪز تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. منهنجي احساس جي اک جڏهن کان جاڳي آهي مون پنهنجي چوڌاري صرف چرندڙ پرندڙ لاش ڏٺا آهن جيڪي جياپي جي جنگ وڙهي رهيا آهن. مون انهن پهرن جي خوف ۽ وحشتن کي لفظن جي ڄرڪندڙ احساسن ۾ هميشہ تپش ڏئي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجون تخليقون انهيءَ ڊگهي سفر جون ڀوڳنائون آهن جن ۾ ڏک، بيوسيءَ جا اولڙا چٽا نظر ايندا. مون پنهنجي لکڻين ۾ ڌرتيءَ جون ڀوڳنائون ڌرتيءَ جا الُڪا سادن لفظن ۾ سموئڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجي ڪهاڻين جا ڪردار هن سماج جا جيئرا جاڳندا ڪردار آهن. اهي ڪردار تخيل جي دنيا ۾ خيالي ڪردار ناهن. منهنجن ڪردارن مون سان گڏ ڀوڳيو آهي. مون پنهنجي چوڌاري جيڪي ڪجھه ڏٺو پرکيو مون ان کي ئي فوڪس ڪيو آهي. ليکڪ کي هر منظر پنهنجي اک سان ئي محسوس ڪرڻ گهرجي. پاڻ کي هڪ فرد جي حيثيت ۾ پنهنجي اندر، پاڻ کان ٻاهر، پنهنجي ڌرتيءَ جي جاگرافيائي حدن جي اندر نه رڳو پر عالمي سطح تي به اسان مٿان مڙهيل محڪومي ۽ ان جي اثرات ۾ جڪڙيل سماجي وهنوار جيڪو بري طرح انساني قدردن تي اثر انداز ٿئي ٿو.
    ان ڪري انسان جي ان بيوسيءَ ۽ ڏينهون ڏينهن زوال ۽ فنا جي اوڙاهه ۾ ڪرندڙ انساني قدرن کي جهنجهوڙڻ گهرجي ۽ ان ستل اظهار کي احتجاج جو روپ ڏئي پنهنجي اندر جي زهر کي اوڳاڇڻ گهرجي. منهنجي تخليق منهنجي ان شعور ۽ لاشعور جي حدن کي ڇهندڙ انهن سوچن ۾ ڀٽڪڻ جون ڪهاڻيون آهن جن ۾ پيڙا ۽ ڀوڳنا جا احساس سمايل آهن. هڪ اديب عام ماڻهون کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو. وقت حالات ۽ پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ واقعات هن تي وڌيڪ اثر انداز ٿين ٿا ۽ هو وقت ۽ حالات جي دائري ۾ رهي پاڻ کي ماحول کان الڳ نه ٿو ڪري سگهي. هن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سواءِ نراسائيءَ جي ڪجھه به لکي نه ٿو سگهجي. منهنجي لکڻ جو عرصو طويل آهي پر مان چاهيندي به پنهنجو ڪتاب منظر عام تي نه آڻي سگهي آهيان. پر لکڻ جي حوالي سان ادب سان رشتو هميشہ اٽوٽ ۽ ڪميٽڊ رهيو آهي. ڪڏهن به شهرت لاءِ شارٽ ڪٽ نه ورتو آهي. هي منهنجي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو آهي، جنهن ۾ ڪجھه ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪهاڻين کي سهيڙي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. هَن سفر ۾ مون کي اڄ به ائين لڳندو آهي ته مان اڄ به اتي ئي بيٺي آهيان. ڪجھه به ناهي بدليو..... اهي ئي ويهه سال پراڻا مسئلا منهنجي اڳيان ڪنڌ کنيون بيٺا آهن. ڇا بدليو آهي......؟ ڪجھه به ته نه ........! بک، بدحالي، بي روزگاري، ڌرتيءَ تي ڌارين جا قبضا، سنڌي قوم اڄ به وسائل هوندي بيوس، لاچار، قبائلي جهيڙا، پسند جو پرڻو، نياڻين جي تعليم تي پابندي، عورت جي حيثيت اڄ به ساڳي، رشوت خوري بي ايماني ........ ڪجھه به ته ناهي بدليو..... موضوعن ۾ نواڻ جا رنگ ڪٿان ڀرجن.......... ليکڪ هن سماج ۾ رهي ٿو ۽ تخليق احساس مان جنم وٺندي آهي ۽ احساس فڪر مان ۽ مون کي اهو فڪر ماڻهن جي احساس مان ملندو آهي. ادب ۽ سماج جو گهرو لاڳاپو آهي. منهنجي ڪهاڻين ۾ اهڙي ئي سماج جي جهلڪ پسي سگهجي ٿي .............
    منهنجي هن ڪتاب ۾ منهنجي پياري دوستِ مرحومه تسليم منگيءَ جو تاثراتي خَطُ به ”وقت جي اتهاسَ ۾ اٽڪيلَ ڪُجهه پَلَ“ به شامل آهي. تسليم ڄڻ ته ڪنهن اُداس شامَ جهڙي اُداس شاعره هُئي جنهن پنهنجي ناگھاني موتَ کان ٿورو اڳ ۾ مون ڏانهن اِهو تاثراتي خط لکيو هو. سندس خواهش هئي ته منهنجو هيءُ ڪِتابُ جلد ڇپجي.
    هن فني سفر ۾ جتي منهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي هميشہ حوصله افزائي رهي آهي. اتي جيون جي سفر ۾ گڏ هلندڙ منهنجي جيون ساٿيءَ جو به اهم ڪردار آهي. خاص ڪري هن ڪتاب جي ڇپجڻ ۾ هُن جو ساٿ مون لاءِ حوصلي ۽ اتساهه جو سبب رهيو آهي......
    مان ٿورائتي آهيان محترم اخلاق انصاريءَ جي جنهن منهنجي ڪتاب جو مُهاڳ لکيو، ٿورائتي آهيان محترمه عطيه دائود جي جنهن ڪتاب لاءِ پنهنجي تفصيلي راءِ لکي، ٿورا محترم رحمت الله ماڃوٺيءَ جا جنهن ڪتابَ جو بئڪ ٽائيٽل لکي ڏنو. محترم عرفان عباسيءَ جي به مهرباني جنهن ڪهاڻين جي حوالي سان پنهنجا ويچارَ لکي ڏنا. مهرباني محترم هارون چني جي جنهن منهنجين ڪهاڻين سان ٺهڪندڙَ خوبصورت اسڪيچ ٺاهيا. مهرباني محترم سعيد منگيءَ جي جنهن ڪتابَ جو سهڻو ٽائيٽل ڊزائين ڪيو ۽ مهرباني محترم قربان منگيءَ جي جنهن ڪتاب کي بهترين اندازَ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو.

    ــ فرزانه شاهين
     بنگلو نمبر 133 اسٽريٽ نمبر 04
    اخوت نگر سوسائٽي، ايئرپورٽ روڊ ـــ
    سکر سنڌ.


    ڪهاڻيون

    يادن جا عذاب

    اڄ چئن سالن کان پوءِ هن کي ڏٺم هوءَ خزائن جا سمورا زرد رنگ پنهنجي وجود ۾ سمائي عورتن جي هجوم کان پر ڀرو اونداهي ڪنڊ ۾ خبر ناهي ڇا سوچي رهي هئي هن جون نگاهون آسمان جي ڇت تي جرڪندڙ تارن ۾ ڪنهن کي ڳولهي رهيون هيون ڄڻ هوءَ خلائن ۾ وڄايل پل ڳولهي رهي هجي ائين لڳي رهيو هو ڄڻ هوءَ ڪنهن جي انتظار ۾ صدين کان اتي ئي بيٺي هجي هن جو نالو منهنجي چپن تي ڦڙڪڻ لڳو......... مومل ....... منهنجو آوز خاموشيءَ ۾ زلزلو برپا ڪري ويو چانڊوڪيءَ جي اڇي روشنيءَ ۾ منهنجو پاڇو ڏسي هوءَ ڇرڪي پئي هن مون ڏي نهاريو پل ڀر ۾ وڇوڙي جي ديوار ڪرندي ڪرندي وري نگاهن ۾ ساڳي ديواار بند ٺاهي بيهي رهي ۽ نگاهن ۾ ساڳي اوپرائپ هئي........ هن جو آليون اکيون منهنجي اکين ۾ اٽڪي پيون ۽ هن جي اکين جا سمور دک منهنجي وجود م سمائجي ويا مان سوچڻ لڳس ڇا وڃوڙو ائين به ماري ڇڏيندو آه...........؟
    صرف چئن سالن ۾ هوءَ ڪيئن نه بدلجي وئي هئي هن جو اهو روپ ڏسي مون کي ڏاڍي حيرت ٿي هن جو گلابي مک بهارن جي رنگن کان محروم ۽ ويران اکين ۾ هيڊاڻ مائل زردي خزان جو ڏيک رهي هئي هن جو اهو روپ ڏسي مون کي اها مومل ياد اچي وئي جيڪا هر وقت خوشين جا رنگ پکڙيندي هئي اها وڏن وڏن ٽهڪن ڏيڻ واري مومل جيڪا اهر وقت مسڪراهٽ جا گل ورهائيندي هئي جنهن کي خاموشيءَ کان وهشت ٿيندي هئي زندگي جنهن لاءِ صرف صرف خوشين جي ريشمي ڌاڳي ۽ سندر سپنن جي رنگ ۾ اوڻيل نرم ملائم ڪپڙو هئي جنهن کي هن پنهنجي تن تي خوبصورتي سان سجائي رکيو هو ۽ هي خوشين جا رنگ ئي هن لاءِ زندگي هئا جن ۾ خوبصورتي مرڪ خوبصورت سپنا ۽ بلند آدرش هئا پر چئن سالن ۾ اها مومل ڪٿي گم ٿي چڪي هئي هاڻي منهنجي سامهون هڪ خاموش زندگيءَ جي هر احساس کان عاري هڪ بي جان ڇوڪري بيٺي هئي جنهن کي پنهنجا ساهه به ٻوجهه لڳي رهيا هئا منهنجي سوچ ان وقت ٽٽي پئي جڏهن هڪ ٽن سالن جو ٻار مومل جي هٿن کي جنهنجهوڙي زور زور سان روئڻ لڳو تڏهن مون کي ان ٻار ۽ مومل م ڪوبه فرق محسوس نه ٿيو فرق هيو ته صرف ايترو جو بار زور زور سان روئي ڪري پنهنجي تڪليف ٻڌائي رهيو هو پر مومل خاموش لڙڪن جو زهر پنهنجي وجود اندر اوتي رهي هئي هوءَ پنهنجا لڙڪ مون کان اوجهل ڪندي پنهنجي ٻار سان ڳالهائڻ لڳي ۽ هن جي نازڪ ڳلن تن وهندڙ لڙڪن کي اگهندي عورتن جي هجوم ۾ گم ٿي وئي ۽ پنهنجي پويان دردن جا هزارين سلسلا ڇڏي وئي منهنجو بانورو من يادن جي ڀنور ۾ دک جي صليب تي ٽنگجي پيو منهنجي دل شاديءَ ۾ نه لڳي ۽ مان دوست کان معذرت ڪري جلدي ٻاهر قدم وڌايا.........
    اونداهي رات ۾ هوا جون خاموش سيسراٽيون جسم کي ڇهندي ئي درد جو نئون احساس پيدا ڪري رهيون هيون وڻن مان ڪرندڙ پن ڇڻ من جي ويران اڱڻ ۾ ڦيراٽيون پائي رقص ڪري رهيا هئا خيالن جي رُڃ ۾ ويران اکين جا خواب جاڳي پيا نيڻن مان ننڊ ڀنڀور جي بي صدا هوائن ۾ گم ٿي چڪي هئي ۽ منهنجو وجود چار سال پوئتي ڌڪجي ويو ۽ مان ڀرڻ لڳس مون جنهن درد کي چار سال اڳ هن شهر ۾ روئندو ڇڏي ويو هوس اهو درد اڄ به ائين ئي روئي رهيو هو مون سوچيو هو اهو درد وقت جي لهرن ۾ لڙهي ويو هوندو پر اهو درد اڄ به زنده آهي ۽ منهنجي رڳ رڳ ۾ لڇي رهيو آهي اهي محبتن جا عذاب صديون گزرڻ کان پوءِ به ڇو اسان سان چهتيا ۽ چنبڙيا پيا هوندا اهن..........”؟ ڏک جا ڪيترائي رنگ منهنجي چهري تي پکڙجي ويا منهنجا خالي خالي احساس وکرڻ لڳا ۽ جذبا سرد گلابن جيان ڪومائجڻ لڳا. مون چوڏس نهاريو ..... ؟ پر هر طرف خاموشيءَ جي رُڄ ئي رڃ ۽ اونداهيءَ جو ڊگهو ريگستان هو جتي چانڊوڪيءَ جي هلڪي خوشبو به ڪونه هئي ڄڻ تارن جا جهرڻا اوندهاهي ٻاٽ ۾ لڙهي ويا هجن منهنجون اکيون اهي وڃايل پل ڳولهڻ لڳيون جن لمحن ۾ صرف زندگي ۽ چاهت جي سندرتا هئي جن لمحن ۾ خوشبو ۽ تازگي هئي.......... ها مومل اهي يادون ڪيئن ٿيو وسري سگهن گذريل پل ته آبشار جي قطرن جيان هوندا آهن جيڪي پل کن جسم سان ٽڪرائي خوشبو جو واس ڏئي خشڪ ٿي ويندا آهن پر انهن جي تازگيءَ جو احساس عمر ڀر رهندو آهي منهنجي چوڌاري تنهنجا وڏا وڏا ٽهڪ اڄ به پڙلاءَ بڻجي جيون جي شهر ۾ موسيقيءَ جا ساز ڇيڙي دل ۾ دٻيل يادن کي جاڳائي مون کي ماضيءَ جي انڌي کاهي ۾ ڌڪي ڇڏيندا آهن........ شايد توکي ياد نه هجي پر مون کي اهو جملو اڄ به ياد آهي هڪ ڏينهن تو چيو هو
    مرد ڏاڍا بي وفا هوندا آهن هنن جو محبتون چاهتون صرف وقت جو کيل هونديون آهن.
    پر مون توکي چيو هو:
    اهو توکي وقت ٻڌائيندو ته منهني محبت کيل ناهي بلڪه سچن جذبن جو آئينو آهي جنهن ۾ تون هميشه پنهنجو چهرو ڏسي سگهندينءَ
    ها مومل مان سچ چيو هو مان اڄ به تنهنجو صرف تنهنجو آهيان تنهنجي منهنجي گهرن جي وچ ۾ صرف هڪ ئي ڀت جو ته فاصلو هو تون ننڍپڻ کان وٺي ئي گهڻو وقت اسان جي گهر گذارينديءَ هئينءَ تون ۽ مان گڏ ڊوڙون پاتيوسين گڏ کيڏياسين ۽ گڏ و گڏ زندگيءَ جو منزلون طئي ڪيوسين اهو ئي سڀ هو جو تون بغير ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اسان جي گهر ايندي هئينءَ امان به توتي ساهه ڏيندي هئي مان پهرن جا پهر ويهي توکي تڪينديو رهندو هوس اسان جي چاهتن جي جڏهن پروڙ امان کي پئي ته امان مون کي ڏاڍي سختيءَ سان منع ڪيو ته مومل وارا وڏا ماڻهو آهن ۽ هو غير ذات ۾ ڍشادي نه ڪندا آهن تون ان ڪري مومل جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏي هو اسان غريبن کي مومل جو سڱ ڪٿي ڏيندا پر مان امان کي اٽل جواب ڏنو ته:
    مان سر جو سودو ڪري چڪو آهيان شادي ڪندس ته صرف مومل سان نه ته سڄي ڄمار ويٺو رهندس آخرڪار امان منهنجي ضد جي اڳيان مجبور ٿي وئي ۽ هڪ ڏينهن تنهنجي گهروارن کان تنهنجو سڱ گهرڻ وئي پر جڏهن امان تنهنجي گهران واپس آئي ته امان جو منهن لٿل هو امان جي چهري تي نااميديءَ ۽ مايوسيءَ جا رنگ پکڙيل هئا جن کي مان ڪوبه نانءَ ڏيڻ کان قاصر هوس. امان مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي.
    پنهنجي حيثيت ڏٺي اٿئي هليو آهين مومل سان شادي ڪرڻ امان جا لفظ ۽ ڪاوڙ منهنجي لڱ لڱ ۾ چڀندي وئي ۽ مان سمجهي ويس ته تنهنجي گهر وارن امان جي ڏاڍي بي عزتي ڪئي آهي مان امان جي سامهون ڪجھه به ڪڇي ڪين سگهيس ٻئي ڏينهن تنهنجي پيءَ گهر اچي رهيل ڪثر پوري ڪري ڇڏي واقعي تنهنجي پيءَ سچ چيو هو ته اسان جهڙا لوئر ڪلاس جا ماڻهو پنهنجي محرومين جا عذاب سهي سهي پاڻمرادو ختم ٿي ويندا آهن..........
    مومل اسان ماڻهون دلين جي وچ ۾ نفرتن ۽ دشمنيءَ جا ويڇا ته مٽائي سگهون ٿا پر الائي ڇو ذات پات ننڍ وڏائي جي ويڇن کي صدين گذرڻ کان پوءِ به مٽائي نه سگهيا آهيون ان ڏينهن کان پوءِ تنهنجو اسان جي گهر اچڻ بند ڪيو ويو ۽ پوءَ مون لاءِ هر ڏينهن گذارڻ عذاب بنجي ويو. دل چاهيندي هئي پاڻ کي هن زمين ۾ پوري ڇڏيان ۽ منهنجا سڀ احساس دفن ٿي وڄن انهن ڏينهن منهنجي حالت ڪيڏي نه ويڳاڻن جيا هئي ۽ تنهنجا ٽهڪ به خبر ناهي ڪٿي گم ٿي چڪا هئا مون کي هو ڏينهن به چٽي طرح سان ياد آهي جڏهن تون آخري ڀيرو شاديءَ کان هفتو اڳ مون سان ملڻ آئي هئينءَ ۽ تو چيو هو مون کي هنن اوچين ديوارن جي ڪوٽ کان ٻاهر ڪڍ هتي منهنجو دم تو گهٽجي مان تو بنا ڪونه جي سگهندس، هل ته هن دنيا جي رسمن کان دور آزاد فضا ۾ پنهنجي دنيا جوڙيون..... مان تنهنجي ڳالهه بڌي ڄڻ ٻوڙو ۽ گونگو بڻجي ويو هوس.
    تون چپ ڇو آهي.......؟
    تو پنهنجي سڏڪن کي بند ڪندي چيو.
    ڇا تون مون کان سواءِ زندگي گذري گذاري سگهندين.........؟
    تون وري سوال پڇيو هو.
    پر مان توکي ڪهڙو جواب ڏيان منهنجو وجود ٽٽڻ لڳو لفظ نڙي ۾ اٽڪڻ لڳا........
    نه...... نه مومل اهو ته مان سوچي به نه ٿو سگهان تو کان سواءِ ته منهنجي زندگي ڄڻ رڻ جو سفر هوندي......
    پوءَ خاموش ڇو آهين.......
    تنهنو آواز خاموشيءَ ۾ هڪ دفعو ٻيهر اڀريو
    مومل مون کي وساري ڇڏ ڇو ته مان بزدل آهيان تولاءِ ڪجھه به نه ٿو ڪري سگهان مومل مان ذات پات جا ويڇا اورانگهي نه ٿو سگهان......
    منهنجي ڳالهه بڌي تو روئڻ شروع ڪري ڏنو ۽ مان منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ جو تنهنجا لڙڪ ڏسن جي مون م همت ڪونه هئي ..... تنهنجا آخري جملا مون کي ياد آهن تو چيو هو ته اسان بزدل ۽ خود عرض هوندا آهيون جڏهن هڪٻئي کي حاصل ڪري نه سگهندا آهيون ته مجبورين جو حصار ۾ پناهه وٺندا آهيون تو اهو به چيو هو ته تون به انهن بي وفا مردن مان هڪ آهين جيڪي محبت کي وقتي کيل سمجهندا آهن....... ها ...... مومل خبر ناهي تو ڇا چيو هو ۽ مان مجبور انسانن جيان سڀ ڪجھ ٻڌندو رهيو هوس ۽ مون ان وقت اکيون کوليون جڏهن تون پنهنجا سمورا گس مٽائي وڄي چڪي هئين صرف هار کاڌل انسان جيان پنهنجو ڪنڌ دنيا آڏو جهڪائي ڇڏيو ڪجھ ڏينهن کن پوءِ ئي خوبصورت ڪارڊ منهنجي اڳيان رکيل هو ها تنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ جنهن کي پڙهڻ چاهيم ته لفظ پٿر بڻجي منهنجي وجود کي سنگسار ڪرڻ لڳا ڇهڻ چاهيم ته وجود ۾ ڄڻ ڪرنٽ پيهي ويو اها رات مون لاءِ ڪيڏي نه ڀاري هئي.... انهيءَ اونداهيءَ رات جڏهن تنهنجي شادي ٿي رهي هئي مان تنهنجي شهر کان ڏور ٻئي شهر هيلو آيس هاڻي ان شهر سان ڪوبه رشتو ناتو ڪو نه رهيو هو ان ڪري ئي ٻئي شهر ۾ ٺڪاڻو ڳولي امان کي اتي گهرائي ورتم مان يادن جس سڀ عذاب لمحا پنهنجي سر کڻي تو کان دور ۽ گهڻو پري هليو آيس جيئن منهنجي بدقسمتيءَ جو تنهنجي خوشين ڀري زندگيءَ تي پاڇو به نه پوي، چئن سالن کان پوءِ اگر مون کي خبر هجي ها ته توسان اچانڪ ان شادي ۾ ملاقت ٿيندي ته مان اتي ڪڏهن به ڪونه اچان ها مومل تنهنجا لڙڪ ان ڳالهه جا گواهه آهن ته تون اڄ تائين مون کي وساري نه سگهي آهين ڪاش تنهنجا والدين انهن ريتن رسمن جي قيد کان آزاد هجن ها...... تون اڄ به مون کي بي وفا ۽ بذدل جي نالي سان ياد ڪندي هونديءَ پر مان بي وفا بزدل ناهيان تون وڏي عزت واري گهر جي ڇوڪري هئينءَ ۽ مون نه ٿي چاهيو ته تون جذبات ۾ ڪو اهوڙ قدم کڻين ۽ توتي ماڻهو گند اڇلائين ....... محبت صرف حاصل ڪرڻ جو نالو ناهي محبت ته اهو آواز آهي جيڪو تاحيات اسان جي روحن ۾ وڄندو رهوندو آهي...
    ڪاش توکي اهو يقين اچي وڃي ته مان اڄ به هر پل تنهنجي ياد ۾ گذاريندو آهيا ۽ منهنجي دل جو هر خانو تنهنجي سندر روپ آباد آهي.......... اڄ به جڏهن يادن جون رم جهم رم جهم بوندون من جي رڻ تي وسنديون آهن ته مان وکري ويندو آهيان مان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ هجان پر اهي يادن جا عذاب هميشه مون سان چنبڙيا ۽ چهٽيا رهندا.


    تنها تنها جيون

    منهنجو گهر هميشه جيان ماٺ جي جهوليءَ ۾ ننڊ ستو پيو هو صرف اسان ٻنهي جي بي ترتيب ساهن جا آواز هلڪي هلڪي موسيقيءَ جيان ديوارن سان ٽڪرائي رهيا هيا، نهار ڪيم چوطرف وحشت ئي وحشت بکي رهي هئي هر شيءَ ترتيب سان رکيل هئي جنهن کي ڪو به ڊاهڻ ۽ جوڙڻ وارو ڪونه هو..............
    زندگي بي جان روح جيان ۽ گهر ڄڻ شمشان گهاٽ جتي زندگيءَ جو هلڪو احساسبه نظر نه ٿئي آيو بظاهر ته هر خوشي مرجهايل چهرن تي پکڙيل هئي پر اندر ڄڻ پروڻ ٿيل.................. صرف ٻاهران ئي ٻاهران چهرن تي مصنوعي ميڪ اپ ٿيل ۽ ميڪ اپ اتارڻ کان پوءِ پنهنجا ئي ڊيڄاريندڙ چهره........... اسان جو محبتون جنون جي حد ٽپي هاڻي سرد برف جيان ڄمي چڪيون هيون..... جذبن جو اهو نرم گرم ڇهاءَ جيڪو جسم کي ٽانڊي جيان تپائي ڇڏيندو هو..... هاڻ اهو احساس جسم ۾ وگهرجي چڪو هو هاڻي ڪرنٽ لڳڻ بجاءِ جسم رٻڙ جيان هر ڪنٽ کي جذب ڪرڻ جو عادي ٿي ويو هو وقت جيئن جيئن پيرڙا کڻي رهيو هو ۽ اسان جي وچ ۾ وڇوٽيون وڌنديون پيون وڃن شايد سڄو ڏينهن هڪ ٻئي جا چهرا ڏسي ڏسي بيزار ٿي ويا آهيون اڪثر سوچيندي آهيان وقت ڪيئن نه موسمن جيان پنهنجا رنگ بدلائي ٿو....... ڪڏهن ڪڏهن جوڀن ته ڪڏهن پن پن ٿي وکري وڃڻ...... ڪڏهن هڪ نظر ڏسڻ لاءِ پل پل تڙپڻ ...... ۽ هاڻي محبت جا سڀ جذبا دم ٽوڙي ويا آهن......مڃان ٿي هن اڄ تائين مون کي ڪو احساس نه ڏيارو آهي پنهنجي ڪجھ هجڻ ۽ نه هجڻ جو....... پر هن جي ماٺ منهنجي اڳيان بيٺي آهي. پر مون وٽ ڪوبه جواب ڪونهي ڪوبه حل ڪونهي.... هڪ عذاب آهي جنهن جو دائرو تنگ ٿيندو پيو وڃي ڄڻ محبتن جو قرض بار ٿي ويو آهي سوچيندي سوچيندي وري هُن کي ڏٺم هو به مون وانگر پيڙا ۾ پيڙجي رهيو هو سوچيم ماٺ کي ٽوڙڻ گهرجي ائين نه ٿئي تا ماٺ پاڻ احتجاج بڻجي پئي..
    ”ٻڌ توکي هن قبرستان جهڙي ويران گهر ۾ وحشت ۽ ويڳاڻپ ڪونه ٿيني آهي“ هن هڪ نظر مون تي وڌي ۽ ڇپن ۾ ڦاٿل سگريٽ جي ٽوٽي کي آزاد ڪندي سگريٽ جي دونهي سان پنهنجي اندر جي سموري اوٻر کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيائين مون کي چيو...
    ”تومنهنجي ڳالهه جو جواب ڪونه ڏنو“
    اسان پاڻ انهن وحشتن جو حصو بڻجي ويا آهيون هونءَ به تون جو ساڻ هوندي آهين پوءِ هيڪلائپ جو احساس ڇو....؟ سندس ڳالهه ٻڌي سوچيم ڪڏهن ڪڏهن اسان هڪٻئي سان ڪيڏو نه ڪوڙ ڳالهائيندا آهيون ڪيڏو نه خود کي ڌوڪو ڏيندا آهيون..
    ”پر مون کي ته هي گهر کائڻ ٿو اچي سڄو ڏينهن خالي ڀتيون ۽ خاموش اڱڻ ڏسـي اکيون پٿرائجي ويون آهن مون کي ته ننڍي لاڪون شور هُل هنگامو ٻارن جو رڙيون ۽ ڪوڪون ڏاڍيون وڻنديون هيم پر قدرت منهنجي تقدير کي ماٺ جي لڪيرن سان ئين ته ڍڪي ڇڏيون آهي جو ڪوبه عڪس واضع ڪونهي“ هميشه جيان منهنجي ڳالهه ٻڌي ڦڪي کل کلڻ لڳو ۽ ساڳيو پراڻو جملو دهرايائين.
    ”پوءِ منهنجي ڇونه ٿي مڃين مون ته توکي هميشه چيو آهي ته ڪو ٻار وٺي پاليون گهر ۾ رونق به ٿي ويندي ۽ تنهنجي آس به پوري ٿي ويندي. ڇا اها صرف منهنجي آس آهي تنهنجي نه، توکي به ته ٻار وڻندا آهن. جڏهن تون پاڙي جي ٻارن کي چنبڙائي پيار ڪندو آهين ته اهو تنهنجي اندروني خواهشن جو ردعمل هوندو آهي بڌاءِ آهي نه ائين......؟“
    هر آس هر مراد پوري ته ڪون ٿيندي آهي ڪجھ خواهشون اڻ پوريون رهجي وينديون آهن جن جي تڪميل انسان جي وس کان ٻاهر هوندي آهي“
    پر تون منهنجي ڳالهه ڇونه ٿو مڃين“
    ڪهڙي .........؟
    ”تون ٻي شادي ڪر“
    ”چري ٿي آهين ڇا؟“ رڙ ڪندي چيائين
    ان ۾ چرئپ جي ڪهڙي ڳالهه آهي مان ڪا انوکي ۽ ناممڪن ڳالهه ته ڪون ڪئي آهي اهو سلسلو ته صدين کان هلندو پيو اچي ۽ مان ته پنهنجهي رضا خوشيءَ سان توکي اجازت ڏئي رهي آهيان بلڪه توکي پنهنجي هٿن سان نچي ڪڏي شادي ڪرائندس..... سوچ ته سهي مان ڏهن سالن کان پنهنجي نيڻن ۾ آس جا ڏيئڙا ٻاري ٻاري ٿڪجي پئي آهيان هاڻ ته نيڻ به ڪومائجي ويا آهن تون ۽ مان ڪيستائين هڪٻئي کي سهارو ڏينداسين. اڄ نه سڀاڻي توکي پوڙاهپ جو سهارو ۽ تنهنجي نالي کي زندهه رکڻ لاءِ ڪو وارث گهرجي مان ڏهن سالن کان سوليءَ تي لٽڪيل آهيان ماڻهن جا طعنا ٻڌي ٻڌي مان ڀور ڀور ٿي چيڪي آهيان هاڻي مون ۾ سهڻ جي سهپ ڪونهي“
    ”پهاڄ جو عذاب برداشت ڪري سگهندينءَ“
    زندگيءَ ۾ گهڻو ڪجھ برداشت ڪرڻو پوي ٿو ۽ مان ته پنهنجي ئي محرومين کي ايترو برداشت ڪيو آهي جو هاڻي پٿر ٿي وئي آهيان“
    ”محبت ۾ شيئر ڪيئن برداشت ڪري سگهندينءَ“
    هاڻي مان خود پنهنجي نه رهي آهيان ۽ جڏهن پنهنجي هجڻ جو احساس ختم ٿي وڄي ته هر احساس مري ويندو آهي مان نارمل ٿي سوچيو آ ۽ توکي منهنجي ڳالهه مڃڻي پوندي“
    ”مان تنهنجي ڳالهه نه مڃان ته پوءِ“....... هُن جملو اڌورو ڇڏي ڏنو......
    نه ائين نه چئو هن گهڙيال ۾ ٽائم ڏٺو ۽ پوءِ سندس نگاهون مهنجي چهري تي اٽڪي پيون ۽ ائين لڳو ڄڻ ڪنهن نقطي تي بيهجي ويو هجي ۽ مون کي لڳو اهو ئي فيصلي جو آخري لمحو هو ان سمي اندر ۾ ڪيتري نه ڀڃ ڊاهه ٿي هئي ۽ ان ڀڃ ڊاهه جي عمل کان پوءِ ساڳئي ماٺ ٿي وئي......
    ڇوڪري ڳولهڻ شروع ڪيم ڪيترن ڄاڻ سڃاڻ وارن کي به چيم پر سڀ ٻڌندي ئي مون تي کلون ڪرڻ لڳا سڀني سمجهايو تون پاڳل ٿي آهين....... ناسمجهه آهين تون پاڻ پنهنجي پير تي ڪهاڙو هڻي رهي آهين. ڏسجانءِ هڪ ڏينهن رت جا ڳوڙها روئندينءَ پر ان وقت ڪوبه تنهنجو ساٿ ڪونه ڏيندو.....
    مرد جو اعتبار ڪڏهن به نه ڪر توسان ايترو ئي سچو هجي ها ته تنهنجي هزارچوڻ تي به ٻي شاديءَ لاءِ ها هرگز نه ڪري ها.. مطلب ته جيترا وات اوتريون ڳالهيون هيون ۽ مان هڪ ڪن کان ٻڌي ٻي کان ڪڍي ڇڏيم...... ڇوڪري ڳولهڻ شروع ڪيم ۽ پوءِ خبر ناهي ڪيترا گهر لتاڙيم ۽ مس وڃي هڪ هنڌ هڻي هنڌ ڪيم اڄڪلهه جي دور ۾ مرد اورايج ڇونه هجي ڀلي ٽي زالون اڳ ۾ ڇونه هجنس پر پوءِ به ڇوڪري ملڻ هن لاءِ مسئلو ناهي جيترو مسئلو اڄڪلهه پندرنهن سالن جي ڇوڪري لاءِ گهوٽ ملڻ جو آ......
    شادي خوشي سان ڪيم جو سڀ ماڻهو حيران رهجي ويا ڪنهن کي به يقين نه ٿي آيو ته ڪا پڙهيل ڳڙهيل باشعور ڇوڪري پنهنجي مڙس کي پنهنجي هٿن سان ائين خوشي خوشي پرڻائيندي...... پر اندر جي ڪنهن کي ڪَل ته شادي رات اندر ڪيئن ڀري پيو هو ۽ ماڻهن کان لڪي لڪي ڪنڊ پاسن ۾ رئي جي پلاند ۾ لڙڪ جذب ڪندي سڄي رات ڄرڪندڙ ٽانڊن مٿان لڇندي پاسا ورائندي گذاريم خبر ناهي ڪهڙي احساس اندر کي اڌو اڌ ڪري ڇڏيو هو پهريون دفعو احساس ٿيو ته عورت سڀ ڪجھ برداشت ڪري سگهي ٿي پر پنهنجي مڙس جي ورهاست برداشت ڪرڻ ڏاڍي اوکي آهي..... ان ورهاست جي احساس کي دفنائي صرف ۽ صرف هن کي خوش ڏسڻ ٿي چاهيم سڄو ڏينهن ٽهڪڙن جا آواز هر طرف گونجندا رهند هئا ۽ مان ٻنهي کي ڏسي پئي خوش ٿيندي هيس.
    اڃان سال به نه گزريو ته منهنجو وجود هن گهر لاءِ ۽ گهر جي ماڻهن لاءِ بي معني بڻجي ويو سڀني جي نگاهن ۾ ڪنڊو بڻجي چڀڻ لڳس گهر ۾ هاڻي هلڪن هلڪن ٽهڪڙن بجاءِ ڪِر ڪِر جو ڪينرو وڌندو ويو ڪڏهن ٻه لفظ کلي ڳالهائندو هو ته هُن جو موڊ آف ٿي ويندو هو اڪثر ان ڳالهه تي ته هوءَ ڪڙهندي رهندي هئي ته هو ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڪمري ۾ اچي ڇوٿو سمهي مان هن کي منع به ڪندي هئيس ته مونکي ڇڏي ڏي تون صرف پنهنجي نئين زال کي خوش رک منهنجي لاءِ اهائي وڏي خوشي آهي هڪ رات منهنجي ڪمري ۾ اچي سمهيو آڌيءَ رات جو جيئن ئي پاسو ورايم هو غائب هو ۽ در به کليل هو ڪجھ دير سوچيندي رهيس انتظار ڪندي رهيس پر هو نه آيو الائي ڪهڙو ڏک اندر جي آرپار ٿي ويو اٿي ٻاهر ڏٺم ڀرواري ڪمري جي بتي ٻري رهي هئي ۽ ڳالهائڻ جو آواز به چٽو ٻڌڻ ۾ پي آيو. ڀرسان سري وڃي بيٺس ٻنهي جو آواز هاڻي صاف اچي رهيو هو هوءَ چئي رهي هئي ”مان سڄي عمر هن سان گڏ رهڻ جو ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي“
    آهستي ڳالهاءِ هوءَ ٻڌندي ته هُن کي ڏک ٿيندو هوءَ ڪيڏن ارمانن سان توکي پرڻائي هن گهر ۾ وٺي آهي ۽ تون ذلت ڏئي هن کي گهر کان بي گهر ڪري رهي آهين.
    ”پر مان سڄي عمر هن جو وجود برداشت نه ڪندس هُن کي طلاق نه ڏيندين ته مان هڪ پل به هن گهر ۾ ڪونه رهندس مان ان شخص سان هڪ پل به نه ٿي رهي سگهان جيڪو ٻن ٻيڙين جو مسافر هجي اگر هن سان ايتري ئي محبت هئي ته مون سان شادي ڇوڪئي هئي“
    بس ان کان وڌيڪ مان ڪجھ به ٻڌڻ جي همت ساري نه سگهيس پنهنجي وجود کي ڪنهن بلنديءَ تان ڪنهن اونهي کاهيءَ ۾ ڪرندو محسوس ڪيم سڄي رات جاڳندي رهيس ڄرڪندڙ ٽانڊن تي پاسا ورائندي رهيس صبح جو ڏٺم ته ٻنهي جا چهرا لٿل هئا شايد مون وانگر سڄي رات پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪندا رهيا هئا گهر ۾ عجيب ماٺ ۽ ڇڪتاڻ وارو ماحول هو هرڪو هڪٻئي کان منهن لڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل هو آخر هوءَ پنهنجا ڪپڙا بيگ ۾ وجهي مائٽن وڃڻ لاءِ تيار ٿي وئي مون ۾ ايتري همت ڪونه هئي جو هُن جي سامهون وڃي اهو پڇي سگهان آخر منهنجي وجود هن کي ڪهڙي تڪليف ڏني آهي مان چپ چاپ سڀ ڪجھ ڏسندي رهيس هوءَ ويندي ويندي چئي ويس مونکي تيستائين وٺڻ نه اچجانءِ جيستائين هن کي طلاق نه ٿو ڏئين....“ هوءَ هلي وئي ۽ تلخين جو زهر سڄي گهر ۾ ڦهلجي ويو اڳي کان به وڌيڪ وحشت ماٺار ڇانيل هئي اسان ٻئي ڄڻ هڪٻئي جا ڏوهاري .......نظرون ملائڻ کان ڪيٻائي رهيا هياسين شايد هاڻي ڪنهن به سوال ڪنهن به جواب جي گنجائش باقي نه بچي هئي درد جون سيراٽيون بار بار اندر جي تار کي ڇهي خبر ناهي ڪهڙو الميو راڳ اَلاپي رهيون هيون ۽ وڻ ٽڻ هوائن جي سرتال تي نچي ٽپي عجيب آواز پيدا ڪري رهيا هئا دور افق تي نهار ڪيم چند به منهنجي اندر جي اونداهيءَ ۾ اجهامي ويو هو وقت پنهنجي رفتار سان هنياءَ کي رهڙي رهيو هو دري بند ڪري وري ڪمري ۾ لڳم وقت ڪمري بند ٿي ويو آهي سموريون وحشتون بند ڪمري ۾ سمائجي ويون هجن مان پاڻ کي ڪنهن سڪل پن جيان بيڊ تي اڇلايم ائين لڳم پيڙا ۽ عذاب ۾ لڱ لڱ سنڌ سَنڌ ڏکي رهيو هجي سوچڻ چاهيم ماضيءَ کان حال تائين ڪجھ به سوچي نه سگهيم ڄڻ ورهين کان هڪ ئي سوچ جي نقطي جي چوڌاري ڦيريون ڏئي ٿڪجي پئي هجان هُن جي ۽ منهنجي بيڊ جي وچ ۾ ٿورڙي ته وٿي هئي ۽ لڳم هاڻي اها وٿي صديون گذرڻ جي باوجود اورانگهي نه سگهندس هوءَ صبح کان وٺي هُن جي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ حالت ۾ بيڊ تي ستو پيو هو خبر ناهي ڪهڙي سوچ ۾ ٻڏل هو صبح کان وٺي خبر ناهي ڪيترن سگريٽن جو ساهه نپوڙي پيرن هيٺيان مروڙي چڪو هو ڪڏهن ڇت ۾ ته ڪڏهن مون کي گهوري رهيو هو سندس گهور ۾ خبر ناهي ڪهڙو احساس لڪل هو جيڪو منهنجي اندر ۾ وڍ وجهي رهيو هو آخر برداشت نه ٿيو همت ڪري پڇيو مانس.
    ”ٻُڌ ڇا تون مونکي واقعي طلاق ڏئي ڇڏيندين.......؟“
    جملو ڄڻ ڀنڀور جي بي صدا هوائن ۾ واڪا ڪندو دم ٽوڙي ويو ٻيهر چيم
    ڇا تون مون کي واقعي طلاق ڏئي ڇڏيندين.....؟“
    لمحو مون کي تڪيندو رهيو ۽ پوءِ ڄڻ گهري سوچ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو پنهنجو پاڻ کي جواب ڏيڻ لڳو
    ”نه.......نه ائين ناممڪن آ مان ائين ڪڏهن به نه ڪندس“
    ها...... ان ۾ ڪهڙي ڳالهه ناممڪن مان ڀلا ڪڏهن سوچيو هو هو ته مونکي پنهنجا عذاب پاڻ ئي ڀوڳڻا پوندا مون کي اها خبر ڪٿي هئي ته پهاڄ پهاڄ ئي هوندي آ ڀيڻ ڪڏهن به ٿي نه ٿي سگهي..... مان هميشه پنهنجا فيصلا پاڻ ڪيا اٿم ۽ ڪڏهن به انهن تي پڇتاءَ ناهي ٿيو ۽ هاڻي به اهو فيصلو ڪيو اٿم ته تون مون کي تنها ڇڏي ڏي مان هونءَ به توکي تنهائيءَ جي احساس کان سواءِ ڏنو ئي ڇا آهي هوءَ تنهنجي ٻار جي ماءَ ٿيڻ واري آهي هاڻي هن گهر تي ۽ تنهنجي مٿان هن جو وڌيڪ حق آهي تون هن کي واپس گهر وٺي اچ مان هُن جي اچڻ کان اڳ۾ هي گهر ڇڏي هلي ويندس مان هاڻي هِن گهر ۾ نه ٿي رهي سگهان جنهن گهر ۾ ڀرم ائين ڀور ڀور ڪيا وڃن محبتن کي خود غرضين جي حوالي ڪري جذبن جي قتل ڪيو وڃي.....“
    هوءَ اٿي کڙي ٿي هُن گهڻو ئي روڪڻ چاهيو پر منهنجا وڌيل قدم پوئتي موٽي نه سگهيا لڙڪن جي بي انت نه ٽٽندڙ قطارون هيو جيڪي روح مٿا ڦيريون ڏئي رهيون هيون مون کي پنهنجو وجود وقت جي ڦيٿن هيٺان اڇلائيندو محسوس ٿي رهيو هو...... پوئتي نهارڪيم پنهنجي جيون جا پنجيتاليهه ورهيه صدين تي پکڙيل جهرندڙ روح جا ورلاپ لڳا، هر پڙلاءَ ۾ ايذاءَ هو...........محرومين جو.............. هر محروميءَ ۾ عذاب هوجيئڻ جو ۽ هر پل پاڻ موت جو سراب هو جن وحشتن کي مٽائڻ چاهيو هيم اهي وحشتون ۽ تنهائيون اڄ به منهنجن مقدر هيون بلڪه هاڻي انهن تنهائين جو احساس اڳ کان به وڌيڪ ايذائندڙ هو.......!


    سمجهوتو

    هن کي ڏسي مون کان ڇرڪُ نڪري ويو ڄڻ ڪو ڀوائتو خواب ڏسڻ کان پوءِ هڪدم اک کُلي وئي هجي. آئون حيرت جي اونهائين ۾ ڪيترائي پهر پٿر جي بت جيان سوچيندو رهيس. منهنجون اکيون هن جي وجود ۾ ائين کُپيل هيون ڄڻ پنج هزار سال ڪنهن پراڻي شاهڪار جي آثارن جي برباديءَ جا ڪارڻ ڳولي رهيون هجن. ماضيءَ جا گمشده ورق اکين اڳيا ڦرڻ لڳا ۽ هر ورق تي چٽيل تحرير چٽي ٿيندي وئي اکين کي ويساهه ئي ڪونه پيو اچي ته هيءَ اُهائي ڪوئل آهي جنهن جا تکا مٺا ٻول سريليءَ موسيقيءَ جيان ڪنن کي وڻندڙ نرم احساس ڏيندا هئا. اُها ڪوئل جيڪا هر وقت چهڪندي رهندي هئي جنهن جا زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ يونيورسٽيءَ جي ديوارن ۾ ڏار وجهي ڇڏيندا هئا جنهن جون اکيون چنڊ جيان روشن هونديون هيون جن ۾ هزارين مرڪندڙ سپنن جا اڻ کٽ سلسلا هئا. مون ڪوئل کي پهريون ڀيرو تڏهن ڏٺو هو جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ ”عورتن جي عالمي ڏينهن“ جي موقعي تي ملهايل فنڪشن ۾ هوءَ تقرير ڪري رهي هئي هن جي تقرير جو هر لفظ احساسن سان ڀرپور هو هُن جي گرما گرم تقرير ٻڌندي سڄي هال ۾ ويٺل ماڻهن تي سانت ۽ خاموشي ڇانئجي وئي هئي هر ڪنهن جي نظرن جو مرڪز ڪوئل جو گلابي ٻهڪندڙ چهرو هو جيڪو جذبات جي تپش ۾ ٽانڊي جيان ٻري رهيو هو ۽ جڏهن هُن تقرير ختم ڪئي ته سڄو پنڊال تاڙين جي گونج سان وڄي اٿيو ۽ هوءَ ڪنهن فاتح جيان اسٽيج تان هيٺ لهي رهي هئي ڄڻ مردن جي سڄي دنيا کي هڪ ئي لمحي ۾ فتح ڪري ڇڏيو هجيئن. فنڪشن ختم ٿيڻ کان پوءِ مون ماڻهن جي ميڙ مان نڪرندي هن کي روڪيندي چيو.
    ”اوهان کي مردن لاءِ ايتري ڌڪار ۽ نفرت ڇو آهي.........؟“
    هن پل کن لاءِ مون ڏانهن نهاريو ۽ چيائين.
    ”منهنجي ڪنهن سان به ذاتي دشمني ڪانهي هي سڀني عورتن جي بقا جو گڏيل مسئلو آهي ۽ هر پڙهيل ڳڙهيل باشعور عورت کي پنهنجن گڏيل مسئلن تي ڳالهائڻ جو پورو حق آهي“
    ”ڇامان غلط چيو.....؟“
    هوءَ مرڪندي اڳتي وڌي وئي ۽ مان هن جي باوقار چال کي ڏسندو رهجي ويس ان ڏينهن کان پوءِ هر روز هن سان ملاقات ٿيندي هئي هوءَ ڏاڍي بولڊ ڇوڪري هئي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحٿ ڪندي هئي هر موضوع تي ڀرپور دليل ڏئي مقصد جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي هئي اسان ٻئي هڪ ئي رستي جا مسافر هياسين پر منزل الڳ الڳ هئي اسان ٻئي هڪ ٻئي جي ذهنن جي تمام ويجهو هئاسين پر دلين کان اوترو ئي پري هئاسين اسان جي اندر ۾ پيار جا رابيل ته ٽڙيل هئا پر ان جي خوشبوءَ کان ٻئي محروم هئاسين اسان هڪ بئي کي ڏسي خوش ته ٿيندا هئا سين پر پنهنجي اکين ۾ هڪبئي لاءِ سپنا ۽ خواب سجائڻ گناهه سمجهيوسين. اسان جي وچ ۾ فاصلن جي جيڪا حد لڪير موجود هئي ان کي اورانگهڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ڪونه ڪئي سين ان جي باوجود اسان هڪٻئي جا ڏک سک جا ساٿي هئاسين پر ايتري انڊر اسٽينڊنگ جي باوجود اسان هڪٻئي کان تمام گهڻو پري هئاسين، شايد ان لاءِ به ته ڪوئل کي هميشه کان مردن کان نفرت هوندي هئي ۽ مان ڪوئل جي ذات ۾ ڪوبه مطلب رکي پاڻ کي خود غرض ۽ نفرت لائق بنائڻ نه ٿي چاهيو، پر جڏهن هڪ ڏينهن ڪجھ دوستن اها خبر ٻڌائي ته ڪوئل جو مڱڻو ٿي ويو آهي ته مون ان خبر کي رد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پهريون ڀيرو پنهنجي اندر ۾ ڪجھ ڀرندو محسوس ڪيم ڄڻ منهنجو قيمتي اثاثو ۽ خزانو ڪنهن ڦري ورتو هجي. منهنجا خيال ، منهنجا سپنا، منهنجا آدرش ڪنهن جھٽي ورتا هجن ان ڏينهن ڪوئل تي ڌاڍي ڪاوڙ آيم ۽ ڪوئل سان ملي بغير يونيورسٽيءَ مان واپس گهر هليو آيس ۽ ٻه ٽي ڏينهن ڪوئل جي جي سامهون ٿيڻ کان لنوائيندو رهيس شايد پهريون ڀيرو پنهنجي اکين جي گنهگار ٿيڻ جو احساس ٿي ويو هيم. چوٿين ڏينهن يونيورسٽيءَ ويس ته هوءَ سامهون ئي ملي وئي ڄڻ منهنجي انتظار ۾ صدين کان اتي ئي بيٺي هجي هُن کي ڏسي ڪاوڙ اڄان به وڌي وئي مون هن کي نظر اندزا ڪري قدم اڳتي وڌايو هن پويان سڏ ڪندي چيو
    ”ناراض آهين ڇا......؟“
    شايد هن منهنجي چهري تي پکڙيل رنگن کي پڙهي ورتو هو.
    ”مون کي ناراض ٿيڻ جو ڪهڙو حق آهي تنهنجو منهنجو رشتو ئي ڪهڙو آهي“
    ”تون مون کي غلط سمجهي رهيو آهين رشتا ۽ حوالا ڪنهن به نالي جا محتاج نه هوندا آهن اسان هڪٻئي لاءِ جيڪي ڪجھ محسوس ڪيون ٿا اُها ئي هن رشتي جي سڃاڻ آهي ۽ اهو احساس ئي هن خوبصورت رشتي جو نالو آهي، انهيءَ احساس جي حوالي سان اسان هڪٻئي تي پورو حق رکون ٿا“
    ”پر ڪوئل تو هيڏي وڏي ڳالهه مون کان ڇو لڪائي ڇا مون تي ايترو ڀروسو به ڪونه هو“ مون سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو
    هن شڪي نظرن سان مون ڏانهن نهاريو،
    ”پر مون ڪهڙي ڳالهه لڪائي آهي..........؟“
    ”پنهنجي مڱڻي جي“.......... مون هڪدم چئي ڏنو ۽ من جي سموري اوٻر کي ٻاهر ڪڍيو.
    ”پر توکي ڪهڙي خبر ته مون کي خود ان ڳالهه جي خبر ڪجھ ڏينهن پهرين پئي آهي مان پاڻ ڏک جي انهيءَ احساس ۾ ڪجھ ڏينهن کان مري ۽ جي رهي آهيان ته مون کي منهنجي زندگيءَ جي فيصلي کان ايترو بي خبر ڇو رکيو ويو ڪجھ ڏينهن پهرين مامي وارا شاديءَ جي تاريخ وٺڻ آيا هئا تڏهن مون کي خبر پئي ته منهنجي قسمت جو فيصلو ڄمڻ وقت ئي ڪيو ويو آهي ۽ مان ننڍپڻ کان ئي ان اڻ ڄاڻ رشتي جي ڦندي ۾ ڦاٿل آهيان منهنجون سوچون، منهنجا خواب، منهنجا جذبا ننڍپڻ ۾ ئي گروي رکيل آهن ۽ هاڻي وڏن جي عزت ۽ ناموس خاطر مون کي ان فيصلي جو وياج سميت قرض چڪائڻو آهي“
    ڳالهائيندي ڳالهائيندي ڏک هن جي چهري تي پکڙجي ويو ۽ هوءَ ماٺ جي پاتار ۾ لهي وئي مون سندس ماٺ کي ٽوڙيندي چيو.
    ”پر ڪوئل تو ته هميشه اهڙين ريتن رسمن جي مخالفت ڪئي آهي مون کي خبر ڪونه هئي تو تون ايترو جلدي پنهنجي ارادن ۾ هار کائي ويندينءَ......؟ مون سندس ئي ڳالهه ورجائيندي چيو.
    ڪوئل ياد اٿئي هڪ ڏينهن بحث ڪندي مون توکي چيو هو ته فرض ڪر اگر تنهنجي شادي ڪنهن اهڙي شخص سان ٿي وڃي جنهن کي تون پسند نه ڪندي هجين ته پوءِ ڇاڪندينءَ.....؟ ۽ تو جواب ڏنو هو .
    ”ناممڪن ائين ٿي نه ٿو سگهي“ ۽ مون رڙ ڪئي هئي آخر ڇو......؟؟ مان پنهنجو پاڻ تي وقت ۽ مجبورين جو استحصال ڪڏهن به برداشت ڪونه ڪندس مان هڪ باشعور عورت آهيان مان پنهنجو پاڻ تي مڙهيل ڪوڙي عزت داري ۽ هٿ ٺوڪيل رسمن جي نوڙيءَ کي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڪڏهن به نه وجهنددس“
    مون تنهنجو جواب ٻڌي ڦڪي مُرڪ سان تو ڏي نهاري چيو هو. ”هون!........ جيڪو اڄ تائين بدلجي نه سگهيو آهي ان کي تو جهڙي نازڪ ڇوڪري ڪڏهن به تبديل ڪري نه سگهندي ۽ تو منهنجي ڳالهه ٻڌي عزم وچان چيو هو...
    ”اهو توکي وقت ٻڌائيندو“....
    ٻڌائءِ ڪوئل ڪيڏانهن ويا تنهنجا آدرش.....؟ ٻڌاءِ تنهنجو عزم ڇو ڀور ڀور ٿي ويو ٻڌاءِ ڪوئل جواب ڏي صرف اسٽيج تي بيهي رڙيون ۽ ڪوڪون ڪري عورتن جي حقن جو ڍنڍورو پٽڻ وڏين وڏين ڪانفرنسن ۾ ويهي ڪوڙين دستاويزن تي صحيحون ڪرڻ ....... ڇا اهي سڀ آهن تنهنجا آدرش...... تو جهڙي پڙهيل عورت جڏهن ائين ئي موت جي صليب تي چپ چاپ ٽنگي ويندي ته پوءِ هزارين مظلوم عورتن جي هياڻائپ جو مذاق اڏاري انهن کي معاشري کان باغي ڪرڻ جو حق اوهان کي ڪنهن ڏنو آ......“
    ”خدا جي واسطي بند ڪ اها پنهنجي تقرير“ تو رڙ ڪري ڪاوڙ ۾ چيو ۽ تون سڏڪن ۾ پئجي وئينءَ ۽ مون ۾ ايتري همت ڪونه هئي جو تنهنجن لڙڪن کي پنهنجي آڱرين ۾ جذب ڪري سگهان....
    ان ڏينهن کان پوءِ تون ۽ مان ملندا به هياسين ته اجنبين وانگر....... اسان جي وچ ۾ خاموشيءَ جي ڊگهي ليڪ ديوار بڻجي بيهي رهي هئي جنهن کي اورانگهڻ اسان ٻنهي جي وس ۾ ڪون هو هاڻي ته الائي ڇو هڪ بئي کي پنهنجو مجرم سمجهندا هياسين اهي بحث اهي ادبي ڪچهريون اهو ٻارن وانگر وڙهي پوڻ ۽ وري پرچي پوڻ سڀ ڪجھه يادن جو حصو بڻجي ويو هو يونيورسٽيءَ جا آخري ڏينهن ڏاڍي بي چس ۽ بي رنگ گذري ويا ۽ اهو ڏينهن به آيو جڏهن آخري ڀيرو يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي بيهي هڪٻئي کي خدا حافظ چئي پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿي ويا سين مان آخري گهڙيءَ تائين توکي اهو ٻڌائي نه سگهين ته منهنجي چاهتن جي آخري منزل تون آهين منهنجي جيئڻ جي آخري وٿ تون آهين اگر تون اڄ به بغاوت ڪرين ته مان تنهنجو آهيان پر مان هن کي ڪجھ به چئي نه سگهيس، وقت ڏاڍي تيزيءَ سان گذري ويو لمحا وقت جي وير ۾ لٽبا ويا صرف درد جو احساس ساڻ رهيو.
    ڪجھ عرصي کان پوءِ ڪوئل جي شاديءَ جي خبر پئي هيم ۽ مون ان خبر کي به چپ چاپ سيني سان لائي دفن ڪري ڇڏيو..... هن کان وڇڙي ورهه گذري ويا، زندگيءَ جا ڪيترائي تلخ ۽ سندر پل بهارن ۽ خزائن جا ڳاڙها پيلا ويس اوڍي تن تي پنهنجا نقش چٽي ڍار ٿي ويا پر اڄ به ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪالهه جو ئي ڪوئي گذريل پل هو جنهن جو هر عڪس اڄ به ائين ئي چٽو ۽ واضع آهي شايد يادن جا زخم ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندا آهن منهنجي اندر جا زخم به ناسور بڻجي چڪندا رهيا آهن ۽ مان يادن جي ٻيٽ ۾ تنها هلندي هلندي جيون جو هر رستو وساري چڪو آهيان پنبڻين تان لڙڪ چونڊيندي آڱريون به چچرجي ويون آهن هر خواهش بيبسيءَ جو ٻور هاري مجبورين جو احساس ڏياريندي آهي ، ڪاش! تون ۽ مان هڪ دفعو ئي سهي، پيار جي فلسفي تي بحث ڪيون ها هڪٻئي کي سمجهائي سگهون ها هڪٻئي کي چاهتن جي زندهه هجڻ جو احساس ڏياري سگهون ها. پر شايد چاهتن جي شدت جو احساس وڇڙي وڃڻ کان پوءِ ٿينديو آهي اڄ ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ تنهنجو گمشده وجود منهنجي پاڇي جي پويان خاموشيءَ جي چادر اوڍي بيٺو هو، اچانڪ نظر پيم منهننجا قدم هڪدم رڪجي ويا ڄڻ سج جي چوڌاري ڊوڙيندڙ ڌرتي ٽي سو پنجهٺ ڏينهن جو سفر پورو ڪري وري ان نقطي تي بيهجي وئي هجي جتان پنهنجو سفر شروع ڪيو هيائين. مون کي لڳو پوري ڪائنات ان هڪڙي پل جي سرحد تي رڪجي وئي هجي اکين تي چڙهيل موٽن شيشن جي فريم تي ورهين جا گذريل ڌنڌلا عڪس چٽا ٿيندا ويا پر فرق صرف ايترو هو جو اُها ڪوئل ڪٿي ڏکن جي جهنگل ۾ وڃائجي وئي هئي روح کان خالي هن جو زندهه لاش منهنجي سامهون بيٺو هو اڄ ان ڪوئل جو ٽهڪ خبر ناهي ڪٿي وڄائجي ويا هئا هن جي چهري جي تازگي لڙڪن جي ڪلراٺي پاڻيءَ ۾ سينور جي وئي هئي هن جون روشن اکيون روشني وڃائي چڪيون هيون ۽ سندس جسم صدين کان رُڃ ۾ سفر ڪندو غمن جي گهاڙيٽي ۾ پيڙجي هڏائون ڍانچو ٿي ويو هو هن جي اها حالت ڏسي مان پاڻ کي روڪي نه سگهيس ۽ مون کان رڙ نڪري وئي ۽ مون ڪوئل کي جهنجهوڙيندي پڇيو.
    ”ڪوئل تو پنهنجي ڇا حالت ڪري ڇڏي آهي ڪٿي منهنجون اکيون ڀليون ته ناهن تون اُها ڪوئل ناهين جنهن کي ڏهه سال اڳ مون يونيورسٽيءَ جي گيٽ تي خداحافظ چيو هو“ منهنجي سوال تي هن جون اکيون ڀرجي آيون اڄ هوءَ ورهين جو زهر اوڳاڇڻ چاهي پئي پر لفظ هن جو ساٿ ڏيڻ کانڪيٻائي رهيا هئا هو ءَ گهڻو ڪجھ چوڻ چاهي پئي پر چئي نه سگهي گهڻو ڪجھ ٻڌڻ چاهي پئي پر ٻڌي نه سگهي، لڙڪن جو سيلاب اکين ۾ لڪائي هوءَ دوائن جو پيڪٽ جلديءَ ۾ کڻي اسٽور تان هيٺ لهي وئي ڄڻ ڪو گرم هوا جو جهوٽو آيو ۽ گذري ويو ۽ منهنجي اندر ۾ درد جي طوفان کي گهلي آيو ۽ اندر جو موسم هڪدم تلخ ٿي ويو....... مان اهو ته ڪڏهن به نه چاهيو هو ته ڪوئل کي اهڙي هيڻي روپ ڏسندس ڪوئل جي ان روپ ۾ هن ۾من ۾ هورا کورا مچائي ڇڏي ڪوئل جي حالت ڄاڻڻ لاءِ دل بيچين هئي آخرڪار ڪوئل جي هڪ سهيليءَ کان خبر پيم ته ڪوئل ڌاڍي ڏکي زندگي گذاري رهي آهي. ڪوئل جو مڙس ڏاڍو بددماغ بخيل ۽ شڪي مرد آهي. ڪيڏانهن به ڪوئل کي ڪونه ڇڏيندو آهي آفيس ويندو آهي تڏهن به گهر کي ٻاهران تالو ڏيئي ڪوئل کي اندر بند ڪري ويندو آهي گار گند مارڪٽ ته سندس روز جي زندگي ءَ جو معمول اٿس وڌيڪ اذيت ڏيڻ لاءِ طلاق جي ڌمڪي اُٿي ويٺي ڏيندو اٿس ۽ اڪثر مارڪٽ ڪري ٻار کسي ماءَ جي در تي اڇلائي ويندو اٿس اهو سڀ ڪجھ ٻڌي هينئون ڇڄي پيو ۽ مان سوچڻ لڳس ڇا هر عورت ائين ئي وقت ۽ حالات سان سمجهوتو ڪري زندگيءَ جو انت آڻيندي رهندي ڪڏهن وڏن جي عزت ۽ ناموس خاطر سمجهوتو...... ڪڏهن سماجي پاسداري ڪرڻ لاءِ سمجهوتو...... ڪڏهن طلاق جي بدنام داغ کان بچڻ لاءِ سمجهوتو....... ۽ ڪڏهن اولاد جي کسجي وڃڻ جي خوف کان سمجهوتو..... ڇا زنندگي واقعي سمجهوتي جو نالو آهي جنهن کي وک وک تي سمجهوتي جي ٽيڪ سهاري بيهاريو وڄي ٿو. پر سمجهوتي جي سهاري بيٺل عمارت جهٽ ۾ ڊهي پٽ اچي پوي ٿي، منهنجي ڪنن ۾ ڪوئل جي اُها تقرير گونجڻ لڳي جيڪا مون پهريون ڀيرو ٻڌي هئي جنهن ۾ مردن لاءِ ڌڪار ۽ نفرت جي باهه ٻري رهي هئي پر هاڻي انهن لفظن جي تپش منهنجي وجود کي به ساڙي رهي هئي........


    رنگ رتول يادون

    اڄ ٻن سالن کان پوءِ جيئن ئي يونيورسٽيءَ ۾ قدم رکيم ته گذريل وقت جو هر هڪ سندر پل اکين ۾ سمائجي ويو ۽ مون کي ائين لڳو ويل وقت جي ڏور منهنجي آَڱرين ۾ وچڙجي وئي هجي..... ها ڪجھ به ته ناهي بدليو سڀ ڪجھ ساڳيو آهي آس پاس ٻهڪندڙ چهره..... ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا هلڪا هلڪا موسيقيءَ سان ڀرپور ٽهڪ.... هوا ۾ ساڳيون سرگوشيون..... ساين ٽارين جي ٻانهن ۾ ننڍڙين مکڙين جا گجرا پاتل ۽ انهن مکڙين جي چپن تي دل کي ٻهڪندڙ مسڪراهٽ..... ها ڪجھ به ته ناهي بدليو. لائبريري جي پويان پٿرن جي ٽڪري ۽ ڪينٽين جي ڀرسان لان ۽ گل ٻوٽا ۽ وڻن جي ٿڌڙي ڇانو جتي مان اڪثر اچي ويهندي هيس ۽ تون چپ چاپ پويان اچي بيهي منهنجو ڇرڪ ڀرائي پنهنجي موجودڳيءَ جي سرهاڻ پکيڙيندي هئين....... انهن وڻن جي ڇانو اڄ به ساڳي آهي پر ان ڇانو کي ڇهڻ وارو ڪو به نه آهي سڀ موسم ۽ موسمن جا رنگ ساڳيا آهن پر منهنجي من ۾ هڪ ئي موسم جو رنگ پکڙيل آهي اڪثر سوچيندي آهيان انهن موسمن سان گڏ اسان جي اندر جو موسم ڇو ڪونه بدلبو آهي؟ پنهنجي سوچن کي لتاڙيندي ساڳين رستن ۽ پيچرن تي جيئن جيئن اڳتي قدم وڌايم ته ائين لڳو انهن رستن ۽ پيچرن تي تنهنجي منهنجي قدمن جا نشان اڄ تائين مٽجي نه سگهيا آهن. چوطرف نظر ڦيرايم ته ائين لڳو گذريل وقت جون لهرون روح کي چهنڊيون پائي رهيون هجن ۽ دل جي وسيع و شال تي تنهنجو اداس مُک چنڊ جيان اڀري آيو جنهن جي اکين ۾ اڄ به درد جي نمي جهاتيون پائي اندر کي ڇيد ڪري رهي آهي ”ڄڻ تون چوندو هجين مان سچو آهيان...... سنڌوءَ جي هي هڪ بوند جيان اَمر آهيان“.... سچ ڪڏهن به نه مرندو آهي ۽ مان اهو سچ آهيان جيڪوڌرتيءَ ماتا جي سيني تي روشني پکيڙي امر ٿي ويندو آهي“
    منهنجي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ گذريل وقت جو هر هڪ عڪس اکين ۾ اڀري آيو. اهي ڏينهن ڪيترا نه پيارا هئا جڏهن مان دنيا جهان کان بي نياز ۽ بي خبر صرف تنهنجي دنيا ۾ مگن هوندي هيس تنهنجي ذات کان سواءِ ٻي ڪابه شيءَ نظرئي ڪونه ايندي هئي. تنهنجون اکيون هر وقت منهنجي چوڌاري حصار ٺاهي پاڻ ڏي ڇڪڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون تون ۽ مان پهرن جا پهر ويهي پنهنجي محرومين جا عذاب اوريندا هياسي ڇوته تنهجا منهنجا خواب ۽ انهن جي تعبير ساڳئي هئي اسان جا ڏک سک ساڳيا هئا..... اسان صدين کان رُڃ ۾گڏجي سفر ڪيو هيو سي........ هڪ ڏينهن جڏهن موسم ڏاڍو جهڙالو هو سليٽي ڪڪر ڪائنات کي ڪاري چادر ۾ ويڙهي رهيا هئا پکي پکڻ پنهنجي وٿاڻن کان ٻاهر نڪري آزاد فضا ۾ جهومي رهيا هئا هوائن جي هندوري ۾ من بانورو گيت ڳائي رقص ڪري رهيو هو. ڳاڙهيون سايون چنريون هواجي دوش لڏي رهيون هيون مان به لان جي آخري ڪنڊ وٽ ويٺي هيس ۽ هميشه جيان تون چپ چاپ اچي منهنجي مٿا بيٺين ۽ بغير ڪجھ ڪڇڻ جي مهنجي ڀرسان ويهي رهين ۽ سائي ڇٻر کي بيدرديءَ سان پٽڻ لڳين مان خاموشيءَ کي ٽوڙيندي چيو...
    ”ايترو چپ ڇو آهين ڳالهائين ڇونه ٿو......؟“
    اچانڪ برسٽ ۽ گولين جا ڌماڪا پوري يونيورسٽيءَ کي ڌوڏي ويا گوڙ ۽ گهمسان جي جنگ ڇڙي وئي..... رڙيون، ڪوڪون ڪائنات کي چيري ڦاڙي رهيون هيون هر طرف افراتفري ڀَڄ ڊڪ....... هرڪو زندگيءَ کي هٿن تي کڻي ڊوڙي رهيو هو. بارود جو دونهو چوطرف پکڙجي ويو ۽ هر طرف صرف ڌنڌ ۽ انڌوڪار ڇائنجي ويو هڪڙي پل ۾ اچانڪ ڇاٿي ويو خوبصورت موسم بدصورتيءَ جي رنگ ۾ رڱجي ويو ان مهل مان جهنجهوڙيندي توکان پڇيو
    ”هي ڇاآهي......؟“
    ”هي يونيورسٽي آهي يا جنگ جو ميدان“
    تون اچانڪ اٿي کڙو ٿئين.........
    ”ڪيڏانهن پيو وڃين ڏس اڳتي نه وڃ اڳتي خطرو آهي.....“ مان روڪيندي چيو.
    ”ڏس ضد نه ڪر تون گهر هلي وڃ مان اسٽوڊنٽ يونين جو صدر آهيان ۽ سڀ کان پهريون گوليءَ جو کاڄ مون کي بڻجڻ گهرجي تون چاهين ٿي مان بزدل بڻجي هتي ويهي رهان........ مان نه ٿو چاهيان ته اهو وقت اچي جڏهن هرڪوڪربلا جي ميدان ۾ ڇاتي پٽي ماتم ڪري“ مان تنهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو هو
    ”اسان جي ملڪ ۾ ليڊر ڪرسيءَ تي وهڻ لاءِ هوندا آهن نه ڪي گولي کائڻ لاءِ.......“
    ان ڏينهن تو منهنجي ڪابه دليل قبول نه ڪئي ۽ اڳتي وڌندو وئين ۽ تنهنجو پاڇو بارود جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويو ٻه ڪلاڪ مسلسل فائرنگ ڪنن ۾ زلزلو برپا ڪندي رهي ۽ وهم چوڌاري وڪوڙجي ويا. اڃان به نظرون ان رستي تي اٽڪيل هيون جتان تون گذري ويو هئين. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ آهستي آهستي سانت ٿي وئي پوري يونيورسٽيءَ کي فوج گهيري ۾ ڪري ڇڏيو.... ۽ پوءِ ...... ۽ پوءِ ماٺ ٽٽي پئي منهنجا سڏڪا ڪائنات کي ڇيري ڦاڙي رهيا هئا ۽ منهنجن لڙڪن پوري ڌرتيءَ کي ڳاڙهو سرخ ڪري ڇڏيو پر ..... پر تون منهنجا سڏڪا ٻڌي به موڏي هڪ پل لاءِ به واپس نه موٽي سگهين. تنهنجي جسم خون ۾ رڱيل ڌرتيءَ جي گولي تي روشني پکيڙي رهيو هو.....اڄ تائين اها رَت ڇاڻ جي هولي وسري نه سگهي آهي...... ان ڏينهن کان پوءِ مان وري يونيورسٽيءَ ۾ قدم نه رکيو مان پنهنجا سڀ آدرش ۽ سپنا تو سنگ دفنائي ڇڏيا اڄ ٻن سالن کان پوءِ هتي قدم رکيم ته ائين لڳو سڀ ڪجھه ساڳيو آهي ڪجھ به ناهي بدليو وري اچانڪ گوليون آسمان جو سينو چيري ڌرتيءَ کي سرخ ڪري ڇڏينديون ۽ وري ساڳيو هشر جو منظر هوندو...... وري خبر ناهي ڪير ڪونڌر ڪسندو ۽ ڌرتيءَ جي گولي کي سرخ ڪري ڇڏيندو.......


    آخري منظر

    اُداسيءَ جو ڪوهيڙو رات جي هر پل تي پکڙيل هو ڪائنات جو ذرو ذرو لڙڪن جي ماڪ ۾ ڀنل اداس لڳي رهيو هو اميد جي آخري لاٽ پويان پساهه کڻي پاڻ کي ٻيهر جيارڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي... جذبن جي ٿڌاڻ ٻنهي جي وجود کي ڄڻ بي جان ڪري ڇڏيو هو سانت جا نانگ ٻنهي جي چوڌاري ڦڻ ڪڍيون بيٺا هئا ۽ ماٺ جو زهر ٻنهي کي ائين ته ڇهي ويو هو جو ٻئي هڪٻئي کي پر ان ماٺ کي ٽوڙڻ لاءِ ڪنهن وٽ به لفظ نه هئا ڄڻ لفظ به اڄ شڪست ڏئي بي بسيءَ تي ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا ماٺ وڌندي وئي ۽ رات آهستي آهستي رڙهي رهي هئي آخر سارنگ پنهنجي خشڪ چپن کي چوريو..
    ”تنهنجي خاموشي ڪڏهن ٽٽندي......؟“
    سارنگ هڪ نظر سپنا کي ڏسندي خاموشيءَ جي ڊگهي سقراط کي ٽوڙيندي چيو سپنا پل کن لاءِ سارنگ ڏي نهاريو ۽ وري ساڳئي خوفناڪ خاموشي ڇائنجي وئي ۽ هوا جون سيسراٽيون خاموشي جي لڱ لڱ ۾ چڀڻ لڳيون ۽ فضا ۾ عجيب عجيب آواز اڀرڻ لڳا سارنگ غور سان سپنا جي اکين ۾ ليئو پائي ڏٺو جن ۾ لڙڪ تري آيا هئا ۽ سپنا جي آکين ۾ عجيب وحشت ۽ ڪشمڪش هئي ڄڻ چوندي هجي مان ڪٿي خاموش آهيان....؟“ منهنجي من جي اندر پليل خوف ۽ محرومين جا آواز تون ڇوڪونه ٻڌين ٿو؟“ سارنگ کي لڳو هن جي من جا اُڌما هن جي اکين مان لاوا بڻجي ڦاٽي پيا هجن ۽ انهن جي تپش م هن جو وجود رجي رهيو هجي........ سپنا ڪرسيءَ تي ڪنڌ لاڙي مٿي آسمان ڏي گهوري ٿي ۽ سارنگ سپنا جي اکين ۾ جهاتي پائي چوي ٿو...
    ”سپنا ڇا اسان وٽ ڪابه اهڙِ واٽ ۽ رستو ڪونهي جنهن تي هلي ڪري اسان وقت ۽ حالات کي شڪست ڏئي سگهون هر موڙ تي وقت اسان کي چٿيو ۽ چيڀاٽيو آهي ڇا اسان ان وقت کي لتاڙي اڳتي نه ٿا وڌي سگهون ڇو وقت اسان کي بار بار پوئتي ڌڪي رهيو آهي“
    سارنگ جذباتي انداز ۾ هرگز نه سوچ نه ته سڀ ڪجھ لڙهي ويندو. مان ڄاڻان ٿي هن وقت تنهنجي اندر ۾ ڪهڙو ٽچڪو ۽ مانڌاڻ متل آهي پر سارنگ پليز هڪڙي ئي ٿڌي ساهه ۾ من جو سمورواوٻر ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪر.......“
    ”نه سپنا لفظن جي ڪوڙي زهر اوڳاڇڻ سان من جي ڪوڙائڻ ختم نه ٿي ويندي آهي“
    ”پر سارنگ اسان ان زهر کي پنهنجي جسم مان چوسي ته سگهون ٿا“
    ”سپنا اهي تنهنجي ڀل آهي اسان بَن بَن جا ڀٽڪيل جوڳي ناهيون جنهنج جي مرليءَ جي ڌن تي نانگ ڦڻ ڪڍي رقص ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن“
    ”سارنگ زندگي خوبصورت جملن ۽ لفظن جي راند ڪونهي“
    ”مان ڄاڻان ٿو زندگي لفظن جي راند ڪونهي بلڪه وِهه جو ڍُڪ آهي جنهن کي اسان امرت سمجهي پيئندا آهيون“
    ”جڏهن سڀ ڪجھ ڄاڻين ٿو ته حقيقتن سان مقابلو ڇو نه ٿو ڪرين“
    ”سپنا مان صرف ايترو ڄاڻان ٿو ته اسان هڪٻئي کي حاصل ڪري زندگيءَ جي سفر ۾ گڏ گڏ هلون“ ٻڌاءِ سپنا ڇا اها تنهنجي خواهش ڪونهي سارنگ سپنا کي جهنجهوڙيندي پڇيو.
    ”نه سارنگ هتي ڪنهن به ڪنهن کي حاصل نه ڪيو آهي. مان ته هتي هر ماڻهو نراس ئي ڏٺو آهي مان ته صرف خواهشن جا چرندڙ پرندڙ لاش ڏٺا آهن هر اک ۾ محرومين جون ننڍڙيون ننٺڙيون قبرون ڌٺيون آهن هي آسمان تي جرڪندڙ تار ڏسين ٿو سپنا تارن ڏي مٿي اشارو ڪندي چيو مان انهن تارن کي نه پهچي سگهان ٿي ۽ نه ئي ڌرتيءَ جي گولي تي هيٺ لاهي سگهان ٿي پوءِ ڀلا مان انهن تارن سان راند کيڏڻ جي خواهش ڪيئن ٿي ڪري سگها“
    ”ان جو مطلب ته اهو تنهنجو آخري فيصلو آهي“
    ”مان فيصلو ڪرڻ جو حق ڪيئن رکان ٿي هميشه مون تي فيصلا مڙهيا ويا آهن ”مان توسان اڳتي نه ٿي هلي سگهان“
    پر ڇو...............؟؟ سارنگ پنهنجون مُٺيون ڀڪوڙيندي چيو.
    ”ان ڇو جو جواب مان توکي ڪڏهن به ڏئي نه سگهندس“
    ”سپنا!! ان جو مطلب ته پنهنجي اڄ آخري ملاقات آهي ان کان پوءِ پاڻ ڪڏهن به نه ملي سگهنداسين“
    ”پاڻ ڌار ئي ڪٿي ٿينداسين تون ۽ مان ٻه مختلف رستا ضرور آهيون پر پنهنجي رستن کي ڳنڍيندڙ ڪراس لائن هڪ ئي آهي جيڪا ڌار هوندي به اسان کي هميشه ڳنڍيون رهندي“
    ”پر سپنا ! مان تو بن اهو وڇوڙي جو عذاب نه ٿو سهي سگهان“
    سارنگ سپنا جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”پاڻ ملڻ کان پهريون به دُکي هياسي ۽ ملڻ کان پوءِ به دکي آهيون ۽ وڇڙي وڃڻ کان پوءِ به دُکي رهنداسين جڏهن زندگي ڏک ئي ڏک آهي ته روئي ڇو موڪلائجي“
    سپنا پنهنجي چپن تي مُرڪ جا ٽانڊا ٻاري روشني ڪرڻ چاهي پر هن جي پنهنجي ڏڪندڙ ساهه جي ڦُوڪ سان مرڪ جا ٽانڊا پل کن ۾ وسامي ويا ۽ وري ساڳيو خاموشي جو گهُگهه انڌيرو هو.
    ”سارنگ تون پنهنجي دنيا ۾ واپس هليو وَڃ ڏس ڳوٺ ۾ تنهنجي شاديءَ جون تياريون زور شور سان ٿي رهيون هونديون تنهنجي شاديءَ ۾ صرف ٽي ڏينهن بچيا آهن اگر تون ڳوٺ نه پهتين ته تنهنجي گهروارن جي ڪيتري بي عزتي ٿيندي تنهنجي انتظار ۾ ويٺل تنهنجي ڪنوار جي ڪهڙي حالت ٿيندي“
    ”پر سپنا توکان سواءِ منهنجي ڪهڙي دنيا آهي تون چاهين ٿي مان ڪنهن ڳوٺاڻي جاهل عورت سان شادي ڪري زندگي ڀر لاءِ خودڪشي ڪري ڇڏيان“
    ”نه........... نه سارنگ ائين نه چئه ڪنهن به عورت کي صرف ڳوٺاڻي ۽ جاهل سمجهي ٺڪرائي عورت جي توهين نه ڪر سارنگ تو ته مون سان واعدو ڪيو هو ته اسان گڏجي جهالت جون پاڙون پٽينداسين تون ته ترقي پسند نوجوان آهين ۽ مان جڏهن به عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو آهي تو منهنجو ساٿ ڏنو آهي پر اڄ جڏهن عمل جو وقت آيو آهي ته تون پهرين قدم تي ئي هار کائي رهيو آهين سارنگ تون چاهين ٿو مان به ان جنگ ۾ تو جيان هار کائي چپ ٿي ويهي رهان نه سارنگ نه اگر مان ائين ڪيو ته منهنجو آواز هميشه لاءِ گم ٿي ويندو“
    ”سپنا ! تو منهنجي چوڌاري رُڃ جو ريگستان پکيڙي ڇڏيو آهي ۽ مان تو بن ان رُڃ ۾ جيئڻ جو رستو گم ڪري ڇڏيندس، ڏس سوچي وٺ“
    سارنگ آخري دفعو سپنا جي اکين ۾ ليئو پائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    مان پنهنجي خوشيءَ خاطر ڪنهن ٻي عورت کي ان خوشيءَ کان محروم ڪري نه ٿي سگهان نه...... نه مان سطحي سوچ واري عورت ناهيان، مان پنهنجا سڀ آدرش قربان ڪري صرف هڪڙي خوشيءَ حاصل ڪرڻ نه ٿي چاهيان، مان اُها سپنا آهيان جنهن جا سپنا هميشه کسيا ۽ ڦريا ويا آهن ۽ هن جي اکين کي انڌو ڪيو ويندو آهي پر ان جي باوجود هوءَ پنهنجا سپنا ٻين کي اکين ۾ ڏسي خوش ٿيندي آهي“
    سارنگ سپنا جي ڳالهه ٻڌي اٿي کڙو ٿيو ۽ هن جا سمورا لڙڪ پنهنجي اکين ۾ سجائي جدائيءَ جو ٻوجهه ڪلهن تي کڻي ٻاهر نڪري آيو۽ هن کي لڳو سارو شهر هن جي لڙڪن جي ستارن سان روشن ٿي ويو هجي ۽ ملاقات جو آخري منظر هن جي اکين ۾ ڌنڌلو ٿيندو ويو ۽ هن جا قدم ڳوٺ طرف وڌڻ لڳا.........“


    پيڙا ۽ پڇتاءُ

    ٽيچرز اسٽاف روم ۾ گوڙ ۽ گهمسان جي جنگ ڇڙيل هئي ۽ اها معمول جي ڳالهه هئي شل نه ڪو موضوع ڇڙي پوي پوءِ ته ڄڻ ڀنڀور کي باهه لڳي ويندي هئي هر ڪا پاڻ کي عالم فاضل سمجهندي وڏا وڏا دليل ڏئي بحث ۾ حصو ضرور وٺندي هئي اڄ به اهڙو ئي سياست جو موضوع ڇڙيل هو ته مِس زرينه اسٽاف روم ۾ ايندي ئي رڙ ڪري سڀني کي حيران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ”اڙي يار ڪجھ ٻڌو اٿوَ......؟
    سڀ حيران ٿي مِس زرينه جي منهن کي تڪڻ لڳيون.
    ”ڪهڙي خبر آهي ڪوئي بم ڦاٽو آهي يا ٽئين عالمي جنگ ڇڙِ وئي آهي“ مِس فريده ٽوڪ ڪئي ۽ سڀ ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳيون.
    ”ڳالهه ايڏي زبردست اَٿو ٻڌندئو ته اصل کلي کلي پيٽ ۾ سور پئجي ويندوَ........
    ”پوءِ مهرباني ڪري پنهنجي اِها ڳالهه پاڻ وٽ سنڀالي رک اسان کي هرو ڀرو پيٽ ۾ سور ناهي وجهڻو“ مس نازکلندي چيو.
    هاڻي ڳالهه کي گهڻو نه اينگهاءِ سسپينس کي ختم ڪر ۽ جلد ٻڌاءِ“ مس فريده بيزار ٿيندي زور ڀريو.
    فريش نيوز اِها آهي ته
    ”پنهنجي مِس فاخره جي ايندڙ مهيني شادي ٿي رهي آهي......“
    ”ڇا......؟“ يڪدم سڀني جي واتن مان گڏ نڪتو ۽ سڀني جا حيرت سان وات ڦاٽي ويا...
    ”نه.......نه اهو ناممڪن آ“ مِس زبيده جيڪا ڪافي دير کان خاموشيءَ سان سڀ ڪجھ ٻڌي رهي هئي. چيائين ڇو ناممڪن آ......؟ مرد ڀلي ستر سالن جو کڙپيل پوڙهو ڇونه هجي ۽ مرڻ ڪنڌيءَ تي قبر ۾ پير لٽڪائي ويٺو هجي پوءِ به ان جي شادي ڪرڻ تي ڪنهن کي به حيرت ڪونه ٿيندي آهي! باقي اگر عورت وڏي عمر ۾ شادي ڪري ته ان تي سڀني جون آڱريون کڄي وڃن ٿيون آخر ڇو.....؟
    مِس زبيده هن عمر ۾ ڀلا شادي ڪرڻ ڪا سونهين ٿي ڇا؟ ان کان ته اسان ايئن ئي ڀليون آهيون عمر ڪجھ گذري آهي ڪجھ گذري ويندي هرو ڀرو اڇي مٿي ۾ خواري کڻون مِس ناز ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    انهيءَ هَٺ ۽ غرور جي ڪري ته پنهنجون هي عمرون ڪري ڇڏيون اَٿو اسان پڙهي لکي پنهنجي پيرن تي بيهڻ کان پوءِ پاڻ کي ڪجھ سمجھڻ لڳنديون آهيون اسان جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويهجي ويندي آهي ته اسان جو اگر پندرهون گريڊ آهي ته مڙس جو سترهون گريڊ ضرور هجي. اگر اسان ايم اي پاس آهيون ته مڙس ڊبل ايم اي ضرور هجي ۽ انهيءَ چڪر ۾ اسان پنهنجي زندگيءَ جا خوبصورت سال پوئتي ڇڏي اينديون آهيون هوش ته تڏهن ايندو آهي جڏهن نه اُها سونهن رهندي آهي ۽ نه اُها عمر ۽ پوءِ ڪوئي معمولي ڪلارڪ به هٿ پڪڙڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي عورت جو اصل گهر ته مڙس جو گهر هوندو آهي ۽ اُها ئي هُن لاءِ مضبوط پناهه گاهه آهي.
    مِس زبيده جي ڳالهه ٻڌي سڀني جي چهرن تي ناگواريءَ جا رنگ پکڙجي ويا، مِس زبيده ڳالهه کي محسوس ڪندي موضوع کي وري فاخره جي طرف موڙي ڇڏيو.
    ”مِس زرينه اهو ته ٻڌاءِ اهو سڀ ڪجھ اچانڪ ڪيئن ٿيو.....؟
    اهو ته مِس فاخره ئي ٻڌائي سگهي ٿي“.
    سوچڻ جي ڳالهه اِها آهي ته هن عمر ۾ هن سان شادي ڪير ٿو ڪري....“
    لڳي ٿو ڪو مالدار مُرغو ڦاسايو اٿائين“
    ”اها يار مون کي ته سئو سيڪڙو لَو ميرج پئي لڳي“
    فاخره ان ڪري ته ايتري خوش آهي ڇوته......زرينه ڳالهه اڌ ۾ روڪي ڇڏي ڇوته سامهون فاخره پيريڊ وٺي اسٽاف روم طرف اچي رهي هئي. سڀ خاموش ٿي ويون.
    فاخره جيئن ئي اسٽاف روم ۾ داخل ٿي ته سڀني شرارت مان جملا اڇلڻ شروع ڪيا ڪي فاخره کي عجيب انداز سان تڪڻ لڳيون ۽ ڪي فاخره کي ڏسي دل کي آٿت ڏيڻ لڳيون ته شايد اسان جو به ڀاڳ کُلي پوي.
    فاخره چپ چاپ ٻڌندي رهي سندس مُک تي سورنهن سالن جي الهڙ دوشيزه جيان گلابي رنگ پکڙجي ويا.......
    مس فاخره توهان وارو صاحب ڪندو ڇا آهي......؟
    ”بينڪ ۾ ڪلارڪ آهي“ فاخره آهسته سان مُرڪي جواب ڏنو.
    ڪلارڪ.....؟ سڀ اڃان به وڌيڪ حيرت زده ٿي ويون ڇوته مس فاخره پنهنجي جوانيءَ جي دور ۾ پنهنجي سوٽ کي صرف ان ڪري ٺڪرائي ڇڏيو هو ته هو بي اي پاس معمولي ڪلارڪ هو. مِس فاخره اسڪول جي سينئر استاد هئي ۽ هاڻي سترهين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهي هئي .. هوءَ ڀينرن ڀائرن ۾ سڀ کان وڏي هئي ۽ سڄي گهر کي سپورٽ ڪندي هئي فاخره جي عمر لڳ ڀڳ پنجيتاليهه سال هئي هوءَ جوانيءَ جي سرحد ڪڏهن جي اورانگهي چڪي هئي هن جي ڪلاس فيلوز کي جوان ٻار هئا هوءَ پاڻ کي سمارٽ رکڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪندي هئي پر عمر پوءِ به وارن جي ورين مان ۽ چهري جي لڪيرن مان نروار ٿي بيهي رهي ٿي هن جي چهري جي گهنجن ۾ انهن سپنن جي رک اڏامڻ لڳي هئي جيڪي سپنا هن ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سانڍڻ شروع ڪيا هئا هاڻي انهن سپنن جي ٻرندڙ دونهيءَ هن جي سونهن کي به ٽيڙي ڇڏيو هو.
    اسٽاف روم ۾ جيترا وات هئا اوتريون ڳالهيون هيون ڪي فاخره سان جيلس ٿي ويون هيون ۽ ڪي ان جو مذاق اڏائي انجواءِ ڪري رهيون هيون فاخره جي مون سان گهڻي گهرائپ هئي ۽ هوءَ دل جو حال به مون سان ئي ڪندي هئي مون فاخره کي گهڻو ئي سمجهائڻ چاهيو ته هن عمر ۾ شادي ڪرڻ جي بيوقوفي نه ڪر ۽ فاخره کلي صرف ايترو ئي جواب ڏنو ته مان پنهنجي ڀينرن جي درميان ديوار بڻجي وئي آهيان ۽ مان اها ديوار مٽائي هنن جي مستقبل جي راهه کولڻ چاهيان ٿي.
    پر فاخره اهو توکي پندرنهن سال پهريائين سوچڻ گهرجي ها هاڻي ته اڌ عمر گذري چڪي آهي ۽ اڌ مڙئي ڏکي سکي گذري ويندي.
    توکي ڪهڙي خبر ته عمر جا خوبصورت پل روح کي ڪيئن نه ڏنڀ ڏئي گذريا آهن اهو گذريل هر پل اندر ۾ ڦٽ ڪري ناسور بڻجي ويو آهي ڇا اسان جي من ۾ اها خواهش ڪونهي ته ڪوئي اسان کي شدتن سان چاهي ۽ اسان ڪنهن کي چاهيون.....؟ چاهڻ ۽ چاهجڻ جو نشو ڪيڏو نه سحر انگيز آهي مون اڪثر اونداهين راتين ۾ ان نشي ۾ مدهوش ٿي جن پيڙائن کي ڀوڳيو آهي اهو صرف مان ئي ڄاڻان ٿي ۽ منهنجو ڇيهون ٿيل روح...... هر عورت جي خواهش هوندي آهي ته هن جو پنهنجو گهر هجي چاهڻ وارو مڙس هجي گلن جهڙا ٻار هجن ۽ اِها خواهش ان عمر ۾ شدت اختيار ڪري ويندي آهي جڏهن انسان هيڪلائن جي رڻ ۾ پنهنجي سوچن کي رتو ڇاڻ ڪندو آهي.
    ان جي ڳالهه ٻڌي مان خاموش ٿي ويس اڄڪلهه اسٽاف روم خاص موضوع مِس فاخره جو هوندو هو سڀني کي شاديءَ جو شديد انتظار هو ۽ گهڻو انتظار ۽ اشتياق گهوٽ ڏسڻ جو هو سڀني جو خيال هو ته هوندو ڪو اڌڙوٽ رنڙ شخص...... پر جڏهن شادي ٿي شاديءَ ۾ گهوٽ ڏٺو ته سڀني کي تري جا تاڪ لڳي ويا گهوٽ جي عمر مشڪل سان ڇويهه ستاويهه سال هئي ۽ وڏي حيران ڪن ڳالهه اها ٻڌي سين ته سندس شادي ٿيل آهي ۽ ٻه ٻار به اٿس ۽ جڏهن فاخره کان پڇيوسين ته چيائين پهرين شادي زبردستي والدين پنهنجي پسند سان ڪرائي هيس ۽ مون سان شادي هو پنهنجي پسند سان ڪري رهيو آهي شادي ٿي وئي پر ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ڳالهه کي ڏاڍوڳوهيو پر کڙتيل نه نڪتو جڏهن هڪ شخص کي سهڻي سيبتي هم عمر زال موجود آهي ۽ ٻه ٻار به موجود هيس پوءِ صرف پسند ۽ ناپسند جو جواز ڳولهي ڪنهن اڌڙوٽ عمر جي عورت سان شادي ڪرڻ ڪهڙي معني رکي پيو.......؟ اسٽاف روم ۾ فاخره تي گهڻي ڦِٽ لعنت ٿي رهي هئي ته ڪئين نه ڪنهن جو گهر ڦٽايو اٿائين ڪيئن نه پٽ جيڏي کي ڦاسائي ٻي عورت جو گهر برباد ڪيو اٿائين. مِس فاخره شاديءَ کان پوءِ پندرهن ڏينهن جي موڪل تي هئي ۽ جڏهن موڪلون ختم ڪري اسڪول آئي ته ڏاڍي خوش هئي ۽ فريش لڳي رهي هئي هر ڳالهه ۾ پنهنجي مڙس پهاڄ جي تعريف ۾ قصيده پڙهي رهي هئي پر سندس ٽهڪ کوکلا هئا ۽ سندس چهري تي پکڙيل رنگ مصنوعي لڳي رهيا هئا سڀني کي اهو اندازو هو ته شادي مشڪل سان برقرار رهي سگهي پر ڇهه مهينا گذري ويا ۽ هوءَ نارمل انداز۾ زندگي گذاري رهي هئي البته هوءَ سوچن ۾ گم ضرور هوندي هئي ۽ سندس چهري جي اها رونق به ختم ٿي چڪي هيس هڪ ڏينهن هوءَ اڪيلي ويٺي لان ۾ روئي رهي هئي مون کي ڏسندي ئي ڪتاب منهن ۾ ڏئي چڏيائين ۽ ڳوڙها صاف ڪرڻ لڳي.
    مان هڪدم چيو مانس.
    ”فاخره مون کان پنهنجا ڳوڙها نه لڪاءِ جيترو لڪائيندينءَ اوترو ئي ساهه منجهڻ لڳنديءَ جلد ٻڌاءِ ڇا ڳالهه آ........؟؟
    منهنجي ڳالهه ٻڌي هوءَ لڙڪن هاڻين اکين سان مون ڏي ڏسڻ لڳي ۽ پوءِ ڄڻ بارود ڦاٽي پيو لفظ رانڀاٽ ڪندا هن جي نڙيءَ مان نڪرندا ويا.
    ”مان طلاق وٺي رهي آهيان“
    هُن جا لفظ منهنجي ڪنن ۾ ڌماڪا ڪرڻ لڳا.
    ”پاڳل ٿي وئي آهين ڇا.....؟“
    ها مان پاڳل ئي ته ٿي وئي آهيان تڏهن ئي ته ڪوڙين محبتن تي اعتبار ڪري ويٺس منهنجا ڀرم ڀور ڀور ٿي چڪا آهن مان محبتن ۾ رشتن جي تقدس جي ليڙون ليڙون ٿيندي ڏٺو آ قسمت مون سان اهڙو ته کيل کيڏيو آهي ته مان ڀڄي ٽٽي پئي آهيان ۽ هاڻي مان ڪڏهن به جڙي نه سگهندس رات مان پنهنجي ڪنن سان جيڪي ڪجھ ٻڌو اٿم ان جو پڙاڏو هر پل منهنجي روح کي گهاءُ ڏئي لوڻ ٻرڪي رهيو آهي. رات منهنجي طبيعت خراب هئي ان ڪري سوير ئي مٿو ٻڌي سمهي پيس دير سان جاڳ ٿي ته منهنجو مڙس ڪمري ۾ ڪونه هو سوچيم ٻي زال وٽ ترسيل هوندو اهو سوچي سيسراٽي نڪري وئي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀڻ لڳا پاڻي پيئڻ جي خيال سان اٿيس جيئن ئي ڪمري مان نڪتم ته ٻئي ڪمري مان آواز ڪنن تي پيو منهنجا پير اتي ئي ڄمي ويا.
    منهنجي مَن جي راڻي ته صرف ۽ صرف تون آهين هوءَ پوڙهي ته صرف پيسن ڪمائڻ جي مشين آهي ڏس جڏهن کان هوءَ گهر ۾ آئي آهي گهر ۾ ڪيڏي نه خوشحالي اچي وئي آهي پهرين منهنجي ٻارنهن هزار پگهار ڪٿي پوري پوندي هئي هر وقت گهر ۾ ڪِرڪِر ۽ ڀنڊڻ هوندو هو مان هُن سان شادي صرف ۽ صرف پيسن خاطر ڪئي آهي پنجاهه هزار مهيني ۾ ڪمائي ٿي مون تي ڪهڙو بار آهي کائي پنهنجو پائي پنهنجو ۽ مان چَٽ چُم ڪري سڄي پگهار به کسي وٺندو آهيانس جيڪي بينڪ ۾ ست لک رکيل هيس اهي به سبز باغ ڏيکاري سڀ پيسا ڪڍرائي پنهنجي راحيل جي نالي پلاٽ خريد ڪيو اٿم منهنجي پهاڄ ڪاوڙ ۾ چيس.
    ”اهو ته مان به ڄاڻان ٿي تڏهن ئي ته خاموش آهيان پر تون اڄ هن کي اسپتال چيڪ اپ لاءِ ڇو وٺي ويو هئين .....؟ ڏس مان اهو ڪڏهن به برداشت نه ڪندس ته هن کي ٻار ٿين“...
    تون به صفا ڪا چري آهين هن عمر ۾ ٻار وري ڪٿان ٿيندس، ڊاڪٽرياڻي صاف جواب ڏئي ڇڏيس مان به مڙئي دل خوش ڪندو آهيانس مون کي خبر آهي هاڻي هُن کي ٻار ڪونه ٿيندا توکي هُن مان ڊپ ٿيڻ نه گهرجي بلڪ تومان هُن کي ڀوءَ ٿيڻ گهرجي ڇوته هُن ۾ ڪابه اهڙي جنسي ڪشش ڪونهي جيڪا مون کي هُن ڏي پاڻ ڏانهن ڇڪي سگهي هوءَ مئل پوڙهو روح آهي مان وڌيڪ ڪجھ به ٻڌي نه سگهيس ڄرڪندڙ لفظ منهنجي اندر کي زخمي ڪري ۽ روح کي ڄرڪائي ويا مان سڄي رات ٽانڊن تي پچندي گذاري آهي ٻڌاءِ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي.....“
    هوءَ وري روئڻ لڳي.
    ”فاخره هڪ غلطيءَ کان پوءِ ٻي غلطي هرگز نه ڪجانءِ نه ته ماڻهن جي لفظن جا ڏنڀ نه سهي سگهندينءَ.....وڌيڪ چڪنا چور ٿي ويندينءَ ماڻهو تو تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندا طنز جي تيرن سان تنهنجو روح رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيندا....“
    ”پوءِ مان ڇا ڪيان ڪهڙي منهن سان ان گهر ۾ رهان جنهن گهر ۾ مون لاءِ نٽهڻ اس آهي مان بغير ڇت جي گهر ۾ نه ٿي رهي سگهان“
    ”نه فاخره نه ......توکي وقت ۽ حالتن سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي“
    ”اهو ناممڪن آمان سمجهوتو نه ٿي ڪري سگهان“
    ڏس فاخره قصور تنهنجو آهي توکي شاديءَ کان اڳ۾ سوچڻ گهرجي ها ته تون اوور ايج ٿي چڪي آهين پر ان وقت تون انڌي ٿي چڪي هئينءَ نه توکي پنهنجي مڙس جي ننڍي عمر نظر آئي ۽ نه ان جي زال ۽ ٻار نظر آيا هاڻي پچتائڻ اجايو آهي.....“
    هاڻي هوءَ سڏڪن ۾ پئجي وئي ۽ پڇتاءَ جا لڙڪ ڳاڙهي رهي هئي ۽ مان هن جا لڙڪ اگهڻ بجاءِ اٿي هلي آيس پنهنجي اندر ۾ پيڙا ۽ عذاب کڻي.........
    مون کي لڳو هوءَ کليل ڇت هيٺان بيٺي آهي ۽ هُن جي پيرن هيٺان زمين ڪونهي هن جو هيڪلو وجود سج جي گرم گولي هيٺ جلي رهيو آهي......!!


    پٿر

    اڄ جي صبح ڪيڏي نه روشن هئي هر شيءَ اجري اجري جرڪي رهي هئي جيئن سانوڻ جي پهرين برسات کان پوءِ وڻ ٽڻ پن ڇڻ، پکي پکڻ ڌوتل ڌوتل نکريل نکريل لڳندا آهن اڄ جي صبح لائي ڇو هر صبح کان مختلف ۽ بدليل بدليل لڳي رهي هئي هن ڄن هڪڙي ڊگهي تاريڪ رات جي سفر کان پوءِ منزل جو سورج اڀري آيو هجي ۽ هر طرف روشني ئي روشني پکڙجي وئي هجي هر نظارو، هر عڪس ۽ هر رنگ بدلجي ويو هجي اندر جي رُڃ ۾ عجيب خوشبو ۽ سرهاڻ ڦهليل هئي جو سڄو تن من ان خوشبوءَ جي ڇولين م واسجي ويو هجي جيئن جيئن روشني اندر ۾ جهاتيون پائي رهي هئي تيئن تيئن اندر جي هر مکڙي ٽڙي ايندڙ لمحن جو استقبال ڪري رهي هئي ڄڻ دل جي اڱڻ ۾ جذبن جا ٺوٺ سڪل وڻ ٽڻ اڄ صدين کان پوءَ چهچ ساوا ويس اوڍي لڏي لمي خوشين جو پيغام ڏئي رهيا هئا اڄ مان پنهنجي مُک کي شيشي ۾ ڏسي مرڪي پيس ۽ گڏ شيشو به منهنجي مُرڪ ۾ شامل ٿي وڏو ٽهڪ ڏئي ڇناڪ سان هيٺ ڪري پرزه پرزه ٿي ويو ۽ ان سان گڏ منهنجي زال جي هنيانءَ ڏاريندڙ رڙ اندر جي آر پار ٿيندي وئي .
    انڌو ٿيو آهين ڇا......؟ اهو هڪڙو اڪلوتو آئينو به ڀڃي ڇڏيئي تنهنجي اها مورک صورت ڏسي نه پئي ڏسجي کيسي ۾ لڀي ٽڪو ڪونه ۽ هليو آهين شيشي ۾ صورت ڏسڻ
    مان هٿ جوڙيندي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ٻيلي ڪڏهن ته چپ رهندي ڪر روز اٿڻ سان جيستائين ڀُڻ ڀڻ نه ڪرين تنهنجو ڏينهن ئي نه گذري.

    ها ها تنهنجي زبان مان ته گل ٿا ڇڻن.
    چڱو اُٿي ڇڏ ان قصي کي مون کي چانهه ڏي ته هتان ڀڄان نه ته سڄو ڏينهن هتي ئي گذري ويندو.
    هون چانهه ڏي.... ڄڻ هتي کير جون نهرون ٿيون وهن هن ڀينگي گهر ۾ آهي ئي ڇا......؟
    مٺي! اهي ڏکيا سکيا ڏينهن مڙئي گذري ويندا هرو ڀروڪر ڪر نه ڪندي ڪر خبر اٿئي! رات مان خواب ڏٺو آهي ته اڄ پڪ سان نوڪري ملي ويندي بس پوءِ ڪوئي ڏک باقي نه رهندو ڏسين نه ٿي اڄ جي سج ڪيو نه روشن آهي....
    تون چريو آهين روشني هميشه ڌوڪو ڏئي ويندي آهي ۽ اسان غريب ماڻهو ته صرف خواب ڏسي ئي خوش ٿي ويندا آهيون هر روز پنهنجي خواهش کي قتل ڪرڻو پوندو آهي اهڙي زندگيءَ کان ته موت ڀلو....
    هوءَ سڏڪي پئي
    ڪڏهن ته ڪو چڱو لفظ ڳالهائيندي ڪر
    مان اٿي سندس لُڙڪ اگهندي آٿت ڏني..
    اندر ۾ ايتري نفرت ۽ بدصورتي ڦهليل آهي جو خوبصورتي جو هر عڪس ۽ هر رنگ مٽجي ويو آهي..
    چڱو هاڻي روئڻ کي ڇڏ مان هلان ٿو دُعا ڪجانءِ ته اڄ نوڪري ملي وڃي..
    هن ٽهڪ منجها وري چيو...

    نوڪري ملي پئي آهي تو جهڙي موڳي کي خبر آهي! ايندي هر روز ڌوڙ ڇنڊيندو....
    هوءَ لفظن جو زهر اڇلائي منهن سڄائي هلي وئي ۽ مان امان وٽ آيس جيڪا کٽ تي ستي پئي هئي مان امان کي ٻانهن کان وٺي اٿاريو مانس امان جي اکين مان بي بسيءَ ۽ نااميديءَ جو ٻور ڇڻي رهيو هو ۽ هوءَ وقت کان اڳي پوڙهي ۽ ضعيف لڳي رهي هئي ڄڻ سندس محنت سان ٺهيل عمارت هڪدم ڊهي پٽ پئي هجي مان امان جي سوچن کي جهنجهوڙيندي چيو
    امان پٺيءَ کي ٿڦڪي ڏي ته اڄ ڪامياب ٿي موٽان..
    امان جا ڪمزور گهنجن ۾ وڪوڙيل هٿ منهنجي پٺيءَ تي ٿڌڙن جيان لڳي رهيا هئا....
    مان گهر کان نڪرندي هڪ نظر وري زال کي ڏٺم جيڪا اڄان تائين ڪاوڙ ۾ ڀري پرتي منهن ڪيون ويٺي هئي. منهنجي زال کي هميشه مون کان اهائي شڪايت هوندي هئي ته مان هر مشڪل وقت م ڏند پٽي کلندو ڇو ٿو رهان منهنجو کلڻ ويتر هُن کي باهه ڏئي ڇڏيندو هو ۽ مان مرڪي درد جي احساس کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ڀائرن ڀينرن ۾ سڀ کان وڏو مان هيس بابي جي مرڻ کان پوءَ سڄو بار منهنجي ڪلهن تي پيو. ڏاڍي مشڪل سان ايم ايس سي پوري ڪيم ۽ ان کان پوءِ رهي سهي ميڙا چونڊي نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڀڄ ڊُڪ ۾ خرچ ڪري ڇڏيم ويتر چاچي ۽ امان ظلم اهو ڪيو ته زوريءَ شاديء جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيو ڇو ته چاچي جي ڌيءَ ننڍپڻ کان مون سان منسوب هئي چاچي وارا به غربت کان تنگ هئا ۽ جلد کان جلد ڌيءَ جي ٻوجهه کان آجا ٿيڻ چاهين پيا سو شاديءَ کان مسئلا وڌيڪ وڌي ويا هوءَ به مون سان گڏ ڏکن جي گهاڻي ۾ پيڙهجڻ لڳي روز روز جو ڪينرو وڌندو ويو ....... مان در در جي خاڪ ڇنڊي پر پوءِ به هر جڳهه کان مايوسيءَ کان سواءِ ڪجھه نه مليو مان وسون ڪين گهٽايو پر ٺلا آسرا ۽ سکڻا دلاسا دل کي آٿت ڏيندا رهيا هاڻي مستقبل جي سوچن ۽ ويچارن اصل هيڻو ڪري ڇڏيو هو.....
    پر اچانڪ منهنجي سوچ جا دڳ بدلجي ويا ڪاري رات جا بادل هٽجي ويا مايوس دلين ۾ وري اميدن جا گل ڦٽڻ لڳا...... نوان چهره نيو موسمون نوان ڍنگ نيون ڳالهيون هر طرف هي هل هو عوامي دور اچي ويو آهي هاڻي ڪوبه ڏک ڪو به مسئلو باقي نه رهندو نوڪري ته اصل مسئلو ئي ڪو نهي ماڻهن به دلجاءِ ڏني ۽ مون کي به ڏڍ مليو ۽ مان نئين اميدن سان گڏ درخواست سميت انٽرويو لاءِ مقرر جڳهه تي پهتس اتي اڳ۾ پيهه لڳي پئي هئي مان به ويچارو منهن ڪري هڪڙي ڪنڊ کان بينچ تي ويهي پنهنجي واري جو انتظار ڪرن لڳس مس ٽئين ڌاري منهنجو وارو آيو، انٽرويو شروع ٿيو..
    پهريون سوال پارٽي ورڪ هجڻ جو ڪوئي سرٽيفڪيٽ
    ٻيون سوال جيل ۾ سزا ڪاٽي اٿو..
    ڪنهن جي سفارش
    ۽ منهنجو جواب
    نه...........نه...............نه....
    ته پوءَ توهان وڃي سگهوٿا
    هڪ ڀاري آواز ستل وجود کي هڪدم ننڊ مان جاڳائي ڇڏيو ۽ مون کي منهنجا قدم ڏاڍا ڳورا لڳي رهيا هئا جيڪي اڳتي وڌڻ جي قوت جواب ڏئي رهيا هئا جيئن ئي ٻاهر نڪتس هر طرف ڌنڌ ئي ڌنڌ ۽ ڊگهي ڪاري رات جي تاريڪيءَ کانسواءِ ڪجھه به ڪين نه هو دماغ جون نسون ڦاثڻ لڳيون ۽ مٿي کي ڦيراٽيون اچڻ لڳيون منهنجي اکين اڳيان امان جو مايوسيءَ جي گهنجن م وڪوڙيل بي بس چهرو.... زال جو ڪاوڙ ۾ ڀريل منهن ۽ خواهشن سان ٽمٽار نگاهون........... ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن جا مرڪ کان خالي چپڙا ۽ هيڊا مُک سوال بنجي منهنجي چهري ۾ جواب ڳولهڻ لڳا ۽ مون کي پري پري تائين روشنيءَ جو ڪو ڪرڻو نظر نه ٿي آيو جنهن جي آڱر پڪڙي جيون جو گس ڳولهي لهان منهنجي اکين اڳيان ڌنڌ ئي ڌنڌ ۽ تاريڪي جا بادل دڳ جهليون بيٺا هئا ۽ مان ٿاٻڙجي هيٺ ڪري پيس ڄڻ اڳيان ڪو وڏو پٿر اچي ويو هجي......


    پردي پويان

    هُن جو جوڀن هُن جو اڙٻنگ ڦوهه جواني هُن جي ٻهڪندڙ سونهن ڪنهن گلاب جيان ٽاريءَ ۾ سجيل هئي هُن جا ريشم جهڙا سنهري وار جڏهن هوائن جي لهرن تي رقص ڪندا هيا ته سڄي ڪائنات مست قلندر جي ڌمال تي جهومڻ لڳندي هئي هوءَ پنهنجي سکين سان گڏ جڏهن پينگهي ۾ لڏندي هئي ته ڪنهن پرستان جي شهزادي جو خواب لڳندي هئي سندس دلفريب ٽهڪ سريليءَ موسيقيءَ جيان جڏهن دل جي تارن کي ڇهندا هئا ته دل جي اداس وادي مسڪرائڻ لڳندي هئي. هن جا خماريل نيڻ جن ۾ صدين جا اوجاگا سمايل هيا نيڻن جي ڊگهي جهالر تي ڪيئي سپنا، ڪيئي سندر روپ صدين کان ڪنهن جي انتظار ۾ جاڳي رهيا هيا. ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو هو هُن جو هي جوڀن، هُن جي هي جواني واري جي ڍير جيان تيز واچوڙي ۾ وکري ويندي ۽ هن جي من ۾ پلجندڙ جوان امنگون، خواهشون، اوسيئڙي جي آڳ ۾ جلي ڀسم تي وينديون ۽ هن جو پوڙهو روح حويليءَ جي ڊگهين ديوارن ۾ دفن ٿي ويندو..........
    هوءَ اڪثر پنهنجي خالي بستري تي پاسا ورائي بي جان ويهاڻي کي ڇاتي سان لائي سڏڪي پوندي هئي ۽ سندس سوچ پڙاڏو بڻجي هن جي وڍيل روح کي ڇيهان ڇيهان ڪري ڇڏيندي هئي تڏهن ڪاري رات هن کي وڌيڪ ڀواتي لڳندي هئي. خاموشيءَ جا ڏنگ هن جي جسم ۾ ڪتڪايون ڪرڻ لڳندا هئا تڏهن هن جي سمورن لڙڪن جي ڳنڍ کلي پوندي هئي ۽ درد ڪنهن ڀنور جيان هن جي دکيل من جي چوڌاري ڦيرا ڏيڻ لڳندا هئا..............
    هوءَ پنهجن ڊگهن سنهري وارن ۾ آڱريون ڦيري سوچيندي هئي ڇا ڪو به اهڙو مسافر ڪونهي جيڪو پل پلڪ لاءِ ئي سهي هن جي وارن جي ڇانو هيٺان پنهنجي سموري وجود جو ٿڪ لاهي هنن وارن کي پنهنجي چهري تي ڦهلائي ڇڏي ڇا ڪو به اهڙو شخص ڪونهي جيڪو هن جي جوان خواهشن جي پڪل وجود تي پيار جو ريج ڏئي سگهي....... ڇا ڪوبه اهڙو شخص ڪونهي جيڪو هن جي انگ انگ تي ڪيئي روپ تخليق ڪري اهڙا روپ جيڪي ڪنهن مصور جي شاهڪار کان به وڌيڪ سندر هوندا آهن...... اهو سوچي هن جو جوڀن ڪنهن مڇيءَ جيان تڙپڻ لڳندو هو ۽ هن جي چچريل وجود مان سرد آهه نڪري ويندي هئي آڌيءَ رات تائين پنهنجو پاڻ سان جنگ ڪرڻ کان پوءِ هن جو تڙپندڙ جسم ساڻو ٿي گمنام وادين ۾ گم ٿي ويندو هو....
    صبح جو اُٿي هوءَ مسلي تي ويهي خدا جي اڳيان توبهه تائب ٿيندي هئي ڏوهه ۽ ثواب جي وچ ۾ هن جي جنگ اڪثر جاري رهندي هئي هوءَ اڪثر خدا کان سوال ڪندي هئي ته............
    مان ته پاڪ بيبي آهيان منهنجي مَن ۾ ڪنهن غير محرم جا خيال ڇوٿا اچن.... ڪنهن غير محرم لاءِ منهنجي دل ۾ تڙپ ڇو ٿي پيدا ٿئي........
    هن کي هاڻي شدت سان احساس ٿي رهوي هو ته هوءَ ڏوهن جي دلدل ۾ گهرندي پئي وڃي هر وقت ڏوهه جي عذاب هن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هو........
    هوءَ پنهنجن پوڙيهن پڦين ماسين کي ڏسندي هئي جيڪي هاڻي جوانيءَ جي سرحد عبور ڪري جهور ٿي چڪيون هيون. هو غير محرم جي نالي ۽ پاڇي کان ائين ڊڄنديون هيون جيئن ڪو جن ۽ ڀوت کان ڊڄندو آهي..... هوءَ هنن کي ڏسي سوچيندي هئي هي به ته مون وانگر ڪڏهن جوان ۽ خوبصورت هونديون، هنن جي دلين ۾ به جوان خواهشن ۽ ڀاونائن جنم ورتو هوندو هنن جي من ۾ به ته ڪنهن غير محرم جو تصور اڀريو هوندو...... هنن به ته مون وانگر ڪيئي ڏوهه ڪيا هوندا پوءِ زبردستيءَ هنن جي مٿا پاڪائيءَ جو ليبل ڇو لڳايو ويو آهي.....
    هوءَ جڏهن به هار سينگار ڪندي هئي ته سندس اهي پوڙهيون پڦيون ماسيون ساڙ ۾ ڏند ڪرٽي هن جي مٿا طنز جا تير وسائي ڇڏينديون هيون...... ”ڪنهن لاءِ ٿي هار سينگار ڪرين هتي ڪير به نه ايندو جيڪو تنهنجي سونهن ۽ جوانيءَ جي تعريف ڪري سگهي تون به اسان وانگر پوڙهي ٿي ويندينءَ ۽ اسان وانگر بدروح بڻجي ويندينءَ تو کي خبر ناهي ته هويليءَ اندر ڪير به غير محرم نه ايندو آ........ پوءِ ڪنهن لاءِ هي هار سينگار..... طنز ۾ ٻڏل ٽهڪ......“ ٺٺولين ۾ ڀريل لفظ هن جي هنياءَ ۾ ڪنڊا بڻجي چڀي ويندا هيا ۽ هن جي جسم مان سيسراٽيون نڪري وينديون هيون...... هن جي وجود ۾ جڏهن جوانيءَ ڪر کنيو ته هن جو وجود ڄڻ ڪنهن خواهشن جي تتل کوري ۾ پچڻ لڳو......صبح کان شام تائين ساڳيو ئي ڦهليل منظر صرف فرق هوته صبح جو سج نڪرندو هو ۽ رات جو تارا ٽمڪندا هئا..... نه ته ساڳي بدصورت زندگيءَ جا اهڃاڻ هر طرف پکڙيل هئا....... صبح شام ساڳيو ڪِرت نه ڪم نه ڪار نه لکڻ نه پڙهڻ نه ڪيڏانهن اچڻ نه وڃڻ..... ڪرڻ لاءِ ڪجھ به ته نه هو سواءِ بي لگام سوچن هٿان پنهنجو پاڻ کي چٿڻ چيڀاٽڻ ۽ رت ڇاڻ ڪرڻ حويلي هن لاءِ وحشتن جو سمنڊ بڻجي وئي هئي اهي وحشتون هن جي نس نَس ۾ زهر بڻجي هن جي جوانيءَ جو رت چوسي رهيون هيون..
    هڪ ڏينهن صبح جو جيئن ئي نيڻ مهٽي خوابن کي ڪوري ڪڍڻ لڳي ته سامهون ڌنڌلو منظر هن جي اکين آڏو چٽو ٿيندو ويو هن جو وجود هڪ دفعو ٻيهر ڪنهن ڪُن ۾ ڦيراٽيون کائڻ لڳو....
    سامهون دالان ۾ کٽ تي پڻس ويٺو هو ۽ ان سان گوڏي گوڏي ۾ ملائي هن جي ئي عمر جي جوان ڇوڪري ڳهن ڳٽن سان ڀريل نون ڪپڙن ۾ ڄڻ ڪنوار لڳي رهي هئي هن هڪ نظر پيءَ کي ڏٺو جيڪو پنهنجي پٽڪي جو ترو ٺاهي رهيوهو جيئن هن تي نظر پيس رڙ ڪيائين
    ”زينت هيڏانهن اچ“
    هوءَ بت ٻڻي بيٺي رهي
    ”ٻڌئي ڪونه هيڏانهن اچ“ پڻس ٻيهر رڙ ڪئي هن جو ڄنگهون خوف وچان ٿرٿر ڏڪڻ لڳيون.
    ”هن سان مل هيءَ تنهنجي نئي ماءَ آهي“
    ”ماءُ.....؟“
    هن کان رڙ نڪري وئي پر منهنجي ماءَ ته اندر ويٺي آهي......“
    پر هن جي رڙ نڙيءَ ۾ ئي اٽڪي رهجي وئي..... هن هڪ نظر نئي ماءَ تي وڌي هن جي دل چاهيو ان نئي ماءَ کي لتون مڪون ۽ چماٽون هڻي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڦٽو ڪري ۽ پنهنجي پيءَ جي پوڙهي جسم جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪري ڇڏي جنهن ۾ نه ڄاڻ اڃان ڪيترن جوان جسمن کي چوسڻ جو رت سمايل آ.......
    هوءَ ڊڪ ڀري اندر ماءَ وٽ وئي ۽ ماءَ جي ڇاتيءَ سان لڳي خوب رني پر هن پنهنجي ماءَ کي ڏٺو جنهن جي اکين ۾ ڪوبه لڙڪ ڪونه هو ڄڻ سندس ماءَ پٿر جي ٺهيل هيئ شايد حويلين اندر رهندڙ عورتون پٿر جون هونديون آهن جن جي اندر ساهه چرندو ئي ڪونهي سندس پيءَ جي هي چوٿين شادي هئي ۽ سڀئي شاديون مختلف ذاتين مان هيس اها ڳالهه ڪا نئين ته ڪانه هئي بلڪه اها رواتي صدين کان ابن ڏاڏن کان هلندي پئي اچي پنهنجون ڌيئر ڀينر ويهاري پوڙهيون ڪري ڇڏين پر غير ذات ۾ نه ڏين ۽ پان ڪهڙي به ذات مان چار چار شاديون ڪري اچن...
    سوچي سوچي هُن جي دماغ شل ٿي ويو هوءَ وري ڏوهه ۽ ثواب جي وچ ۾ لٽڪي پئي هن جو بيچينيون ان وقت وڌيڪ وڌي وينديون هيون جڏهن هوءَ پنهنجي پيءَ ۽ نئي ماءَ پڻس کي زور ڏيڻ شروع ڪندي هئي پوءِ دير تائين مالش ڪندي رهندي هئي ۽ پوءِ اڌ رات جو ڪمري جي بتي وسامندي هئي پوءِ هلڪا هلڪا سرٻاٽ..... هلڪا هلڪا ٽهڪڙا.....
    کٽ جا چيڪاٽ....... دير تائين سس پس چر پر..... ۽ پوءِ ڊگهي ٿڪ خاموشي..... ۽پوءَ هن جي ذهن ۾ نئي جنگ ڇڙندي هئي ۽ هن جو وجود ٽٽڻ لڳندو هو..... هن جي عمر هاڻي ٽيهن ورهين جي حد اورانگهي چڪي هئي هوءَ جواني جي سرحد عبور ڪري رهي هئي تڏهن اچانڪ ......گهر ۾ شور ٻڌو ته سندس شادي ٿي رهي آهي هن جي ٺوٺ سڪل من ۾ ڪيئي گلاب ٽڙي پيا مرڪن ۽ ٽهڪن جون شرنائيون وڄڻ لڳيون هن جي نيڻن ۾ ڪيئي انڊلٺي رنگ رچي ويا هن جي پلڪن جي جهالر تي سجيل ڪيئي سندر روپ تخليق جو آخري روپ وٺي رهيا هئا هن جو انگ انگ بي قابو ٿي ڇڙواڳ لهرن جيان جهومڻ لڳو ۽ هن جي جواني ڪنهن خوبصورت احساس جي ڇهاءَکان تڙپڻ لڳي پر هن کي اها خبر نه هئي ته هن جي خوابن جو شهزادو دنيا جهان جو ذليل ۽ آَواره شخص آهي جنهن ۾ دنيا جهان جون برائيون سمايل آهن. شاديءَ جو ڪوهن کي خاص شوق ڪون هو پر گهڻائي مرد پنهنجو پاڻ کي شريف زادو ظاهر ڪرڻ لاءِ شاديءَ جو ڍڪ ڍڪيندا آهن......
    هوءَ پنهنجي خواهشن جي سيج سجائي ڪنهن جي اوسيئڙي ۽ نيڻ وڇائي ائين معصوم بڻي ويٺي هئي ڄڻ هوءِ حويليءَ جي خوشقسمت ترين ڇوڪري هجي جنهن جي شادي ٿي رهي هجي هوءَ پنهنجي پوڙهين پڦين ماسين کي غرور وچان تڪي رهي هئي...
    پر هن جا سڀئي گلاب رُت جا سندر سپنا ان وقت ڀورا ڀورا ٿي ويا جڏهن شادي جي پهرين رات ئي اڌ رات تائين ان اڻ ڏٺل شهزادي جو اوسيئڙو ڪري سندس اکين ۾ صدين جو ٿڪ سمائجي ويو پر هو نه آيو تان جو اَسر جون ٻانگون اچڻ لڳيون. ۽ هو شراب جي نشي ۾ چور لڏندو لمندو ڦهڪو ڏئي صوفي تي ڪري پيو ۽ ٻئي ڏينهن جي منجهند تائين سندس گهوگرا هن جي ڪنن ۾ جنگ جي سائرن جيان وڄڻ لڳا.....
    هن جي سڙيل سپنن جي رک اڏامڻ لڳي هن جو تصور ڀور ڀور ٿي ٽٽي چڪو هو، هن جو وڍيل روح وري ريهون ڪري روئڻ لڳو هن جا ريشمي وار ڪنهن نرم ڇهاءَ بنا ڪومائجي ويا هن جي ٻانهن ۾ سجيل چوڙيون ڪنهن اڻ ڄاتل ايذاءَ کان ٽٽي رهيون هيون ۽ انهن چوڙين جا ذرڙا هن جي وجود ۾ ٽنبجي رهيا هيا.
    هن صبح جو پاڻ کي آئيني ۾ ڏٺو هن جي چهري تي ڪوبه خوبصورت رنگ ڪون هو سندس منهن مان هيڊاڻ جو ٻور ڇڻي رهيو هو سندس جسم ڪورو چٺو ئي رهيو جنهن تي ڪابه خوبصورت تحرير لکيل ڪونه هئي هن جي هٿن جي مهندي پاروٿي ٿي چڪي هئي جنهن ۾ سهاڳ نالي جي ڪابه خوشبو ڪونه هئي.
    هوءَ سوچڻ لڳي هيڏي ساري ڀوڳنا کان پوءِ به هٿ جون لڪيرون ٽٽل ئي رهيون ڇا لکئي جا ليک مٽجي نه ٿا سگهن؟ هيءَ ڪهڙي آزادي آ.......؟ ڇا مون هن آزادي لاءِ هيڏو سفر ڪيو هو هڪ کوليءَ کان ٻي کوليءَ تائين ساڳيو رُڃ جو سفر طئي ڪرڻ کان پوءِ به ساڳيو انڌيرو آ........
    هن جي شادي کي مهينو ٿيڻ وارو هو هڪ ئي مهيني ۾ هن جو وجود اجڙيل کنڊر جيان ويران ٿي چڪو هو.
    سندس مڙس گهر ۾ ٻه ٽي ڪلاڪ مس ايندو هو نه ته ڏينهن رات اوطاق تي هوندو هو.
    هڪ ڏينهن هن همت ڪري پڇيس
    ”سائين توهان سڄو ڏينهن گهر کان ٻاهر ڇو رهندا آهيو“
    ”منهنجي مرضي.......“
    ”پر مان اوهان جي زال آهيان آخر منهنجو به ته حق آهي......“
    ”حق......ڪهڙي حق جي ڳالهه ٿي ڪرين اسان وٽ عورتن جا ڪي به حق نه هوندا آهن شڪر ڪر جو مان توسان شادي ڪئي آهي نه ته تون به حويليءَ جي ٻين عورتن وانگر پوڙهو روح ٿي وڃين ها مان آزاد پکي آهيان ۽ آزاد ئي رهڻ چاهيان ٿو ان ڪري آئينده منهنجن معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائجانءِ“
    ”پوءِ........پوءِ مون سان شادي ڇو ڪيئي هئي..............“
    هن روئندي چيو...
    ”بس ڪا مجبوري هئي جيڪا ٻڌائڻ ضروري ناهي سمجهئه.....“
    هو تڪڙو تڪڙو حويليءَ مان نڪري ويو ۽ هوءِ پنهنجي اَنا جا وکريل ڪنڊا وري سوئڻ لڳي...
    هُن ٻانهي حضوريءَ کي سڏ ڪيو ۽ رازداري واري انداز ۾ چيائين....
    ”تنهنجو سائين سڄو ڏينهن ڪٿي هوندو آهي تون ته هن حويليءَ جي پراڻي ٻانهي آهين توکي ته ضرور خبر هوندي“
    سائنڻ ٻاهر اوطاق تي دوستن سان هوندو آهي ۽ اتي روز محفل لڳندي آهي“
    ”تنهنجي سائين جو ان محفل مان جيءَ ئي نه ٿو ڀرجي“ سائنڻ مونکي ڪهڙي خبر.....“
    چڱو توکي اها خبر آهي ته اوطاق حويليءِ جي ڪهڙي پاسي آهي.
    ”سانئڻ اها ته حويليءَ جي بلڪل سامهون آهي وڏو در ٽپي وَڃ ته سامهون اوطاق جو در آهي.....؟
    بس تون هاڻي وڃ ۽ ڪم ڪر هُن ٻانهي کي چيو
    پر سائنڻ توهان اهو سڀ ڇو پيا پڇو......؟
    انهيءَ رازداري ۾ پڇيو.......
    بس ائين ئي..........
    هن دل ۾ سوچيو رات حويليءَ جو در ٽپي ضرور اوطاق تي ويندي پوءِ چاهي ڪجھه به ڀوڳڻو پوي....... هاڻي به ته ڀوڳيان پئي پر اهو راز ضرور لهندس ته اوطاق ۾ ڪهڙي سريت رهايو ويٺو آهي جنهن ڪري زال به نه ٿي وڻيس.
    رات ٿيندي ئي خوف وچان هُن جي وجود ۾ ڏڪڻي ٿي رهي هئي اڌ رات تائين پاسا ورائندي رهي جڏهن سڄي ڪائنا ننڊ جي جهوليءَ ۾ مدهوش ٿي وئي ۽ ڪتن جو ڀونڪڻ بند ٿي ويو تڏهن هن چادر ويڙهي پير پير ۾ ڏئي ڇرڪندي حويليءَ جو ڪوٽ لتاڙي ٻاهر نڪري آئي.... سامهون ئي هن کي اوطاق جو وڏو در نظر آيو در ٽپڻ هن کي ڏاڍو مشڪل لڳو اوطاق جي چوڌاري ننڍي ڀت اڏيل هئي هن اُها ٽپڻ جي ڪوشش ڪئي ڀت ننڍي هئي ان ڪري ٽپ ڏئي وڃي اوطاق جي اڱڻ ۾ ڪري..... هن جي ڪرڻ سان دٻڪو ٿيو هوءَ ڊُڄي وئي پر هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتائين ڪجھ دير سامت ۾ اچڻ کان پوءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏٺائين چوءَ طرف خالي ميدان هو وچ تي صرف ٻه ڪمرا ٺهيل هئا هڪ اوندهه ۾ ٻڏل هو ۽ هڪ ۾ بلب مدهم روشنيءَ سان ٻري رهيو هو در بند ٿيل هو پر وٿين ۽ سوراخن مان روشني ٻاهر اچي رهي هئي هن ڪمري طرف وک وڌائي جنهن مان روشني ٻاهر اچي رهي هئي در کي ڏٺائين جنهن ۾ ڪافي وٿيون ۽ سوراخ هئا هن ڪه سوراخ تي پنهنجي اک اٽڪائي اندر جو منظر ڏسڻ لڳي هيٺ زمين تي تاش جا پتا، سگريٽن جا خالي پاڪيٽ ۽ شراب جون خالي بوتلون اونڌيون پيون هيون هاڻ هن جي نظر سامهون پلنگ طرف کڄي وئي هن جو ذهن ڦيراٽيون کائڻ لڳو ساڳيو منظر هن جي اکين آڏو چٽو ٿيندو ويو هڪڙو چهرو ته هن جي مڙس جو هو ۽ ٻيو چهرو.....؟ ٻيو چهرو هنن جي خاص نوڪر ساجن جو هو. هوءَ وڌيڪ ڪجھه به ڏسي نه سگهي هن کان رڙ نڪري وئي ۽ هوءَ اتي ئي اوطاق جي دروازي تي ڦهڪو ڏئي ڪري پئي ڇو ته پردي پويان ڏٺل منظر هُن جي خوابن جي بدترين تعبير هئي................


    آئيڊيل

    هن جو نالو جيئن ئي مائيڪ تي انئونس ڪيو ويو، سڄو هال ماڻهن جي تاڙين سان وڄڻ لڳو منهنجا آسائتا نيڻ هيڏانهن هوڏانهن واجهائڻ لڳا ۽ جڏهن هو هوريان هوريان وکون وڌائيندو، اسٽيج جا ڏاڪا چڙهڻ لڳو ته هن جي قدمن جي هر آهٽ تي منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي وئي....... مان هن ڏينهن جو ڪيڏو نه انتظار ڪيو هو، پنهنجي خوابن جي تعبير ماڻڻ لاءِ ڪيڏا نه گهس گهيڙ لتاڙيا هئا.......... پنهنجي سپنن جي ساڀيا لاءِ ڪيئن نه ڏينهن رات لوچيو هو...... اڄ اهو ڏينهن برکا رُت جا سڀئي رنگ ميڙي خوشبو ۽ سرهاڻ کڻي منهنجي اندر کي سرهو ڪري رهيو هو اڄ منهنجو تصور منهنجو خواب ۽ منهنجو سپنو حقيقت جو روپ ڌاري منهنجي سامهون بيٺو هو.
    مان نگاهون کڻي هن ڏي نهاريو، پر مهنجي نگاهه صرف هڪڙي پل ۾ صدين جو فاصلو طئي ڪري حيرت جي اونهائين ۾ ٻڏي فنا ٿي وئي ۽ منهنجي اندر مان رڙ نڪري وئي، درد جون سٽون اڀروڻ لڳيون پاڻ کي سمجهائڻ چاهيم،
    ”نه........ نه هي منهنجو تصور، منهنجو سپنو ۽ منهنجو آئيڊيل ناهي“ نه چاهيندي به لڙڪ منهنجي اکين مان وهڻ لڳا، شايد پنهنجي آئيڊيل جو موت برداشت ڪرڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي مان هن ڏي نهاريم، ڪاري رنگ جو بي ڊولو شخص بيٺو هو، جنهن جي ننڍڙين اکين ۾ صرف انڌيرو ئي انڌيرو، رُڃ ئي رُڃ نظر آئي هن جي چهري تي ڪااميد، ڪا آس پکڙيل ڪونه هئي هن جي وجود ۾ ڪابه اهڙي ڪشش ڪونه هئي، جيڪا مونکي هن ڏانهن ڇڪي سگهي ها. مان هن کي وڌيڪ ڏسڻ جي همت ساري ڪونه سگهيس. مون کي پوري ڪائنات بدصورت لڳي رهي هئي منهنجي تصور جو تاج محل هئي لمحي ۾ ڊهي ڀور ڀور ٿي ويو. هال ۾ هڪ دفعو وري تاڙين جو شور گونجيو ۽ انهيءَ شور ۾ منهنجي آئيڊيل جي مورتي ڇناڪ سان هيٺ ڪري پرزا پرزا ٿي وئي ۽ منهنجي دل ماتم ڪري رڙيون ڪرڻ لڳي.
    ”ڇا مان هُن کي صرف ان لاءِ ٺڪرائي ڇڏيان ته هو بدصورت آهي، نه ............نه ائين نه ٿي ڪري سگهان“
    مان پنهنجي من ۾ اٿل پٿل ٿيندڙ سوالن کي ٻيهر ننڊ جي لوري ڏئي سمهارڻ چاهيو پر سوالن جا اڻ کٽندڙ سلسلا هئا، جيڪي باربارهر وڇوٽيءَ تي جاڳي پئي يا ڪاش مان هن کي ڪڏهن به نه ڏسان ها. گهٽ ۾ گهٽ هن محبت جو ڀرم ته قائم رهي ها.......
    مان ته هميشه هن جي خوبصورت لفظن ۾ صرف سونهن سندرتا ڇوليون هڻندي ڏٺي هئي....... هن ڪاغذ جي فريم تي پنهنجي شيشي جهڙي آڱرين سان لفظن جا ڪيترائي ڀرت ۽ چٽ چٽيا هئا، هن جي لفظن ۾ زندگي هئي. ٽهڪ هئا، خوشبو هئي تازگي هئي ۽ ڇا ايترا خوبصورت لفظ تخليق ڪرن وارو خيالن کي نئون جنم ڏيڻ وارو اندر جي اپٽار ڪرڻ وارو........ ڇا پاڻ ايترو بدصورت ٿي سگهي ٿو.......؟ الائي ڇو دل کي يقين ئي ڪونه پيو اچي ته هو ساڳيو منهنجي من ۾ رهڻ وارو ديوتا آهي. اسان الائي ڇو اهو سچي ويهندا آهيون ته هر شاعر پنهنجي خوبصورت لفظن وانگر اوترو ئي خوبصورت هوندو پر حقيقت ڪيڏي نه مختلف هوندي آهي.
    مان هن شاعري جا ڪتاب ايتري چاهه سان پڙهندي هيس جو هن جو هر شعر برزباني رَٽي چڏيو هئم. هن جي خوبصورت لفظن جي سحر ۾ ايترو ته جڪڙجي وئي هيس جو اڻ ڏٺي هن جي روپ سان پنهنجي دل جي دنيا آباد ڪري ڇڌي هئي پر هن به ته مون کي اوترو ئي چاهيو هو جو پنهنجي هر لفظ ۾ مون کي سمائي ڇڏيو هو جو جيڪڏهن هن جي هر لفظ مان مون کي ڌار ڪيو وڄي ته لفظ پنهنجي معني وڃائي ڇڏين. پر ايتري چاهتن هوندي به اسان هڪ ٻئي کي ڪونه ڏٺو هو ڪو موقعو مليو ئي ڪونه هو خطن ۽ فون جي آڌار تي چاهتون وڌي وڻ ٿي ويون ۽ اڌوري رهڻ جو تصور ناممڪن بڻجي ويو ۽ پوءِ اهو ڏينهن، اهو موقعو آيو جڏهن هو منهنجي شهر ۾ ارمانن جي ڄڃ وٺي منهنجي جذبن، منهنجي خيالن کي ڳاڙهو ويس ڍڪائڻ آيو منهنجي ئي شهر ۾ هن جي نئين ڪتاب جي مهورت جي تقريب هئي ۽ مان صرف هن جي خاطر ان فنڪشن ۾ ويس ته هن سان ملي چاهتن جي سفر کي منزل جو رستو ڏيکاري سگهان پر هُن کي ڏسي منهنجي منهنجي منزل ڄڻ گم ٿي وئي مان شروع کان آئيڊيل پرست هيس. خوبصورت شيون، خوبصورت منظر، خوبصورت ماڻهو منهنجي ڪمزوري هيا پر جيڪڏهن هاڻي مان پنهنجي پيار جي ڀرم کي قائم رکڻ لاءِ پنهنجي آئيڊيل
    کي ماري ڇڏيان ته ڇا مان جي سگهندس.
    ماڻهن جون ٺٺوليون ۽ ريمارڪس جيئڻ ڏيندا.......؟؟
    ڪيترائي پهر انهن سوچن ۾ گذري ويا ۽ مان پنهنجي آئيڊيل جي موت جو سوڳ ملهائي رهي هيس ۽ خبر ئي نه پئي ته هال ماڻهن کان خالي ٿي چڪو هو هر طرف ماٺ ڇائنجي چڪي هئي پر مان اڃان به انهيءَ حالت ۾ گيلريءَ ۾ بيٺي هيس منهنجي سوچن کي ڪنهن ڀاري آواز ٽوڙيو........
    مان ڪنڌ ورائي ڏٺو، منهنجو تصور منهنجي سامهون بيٺو هو هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”ڇا تون ئي پريت آهين.......؟“
    ”ها“ مون جواب ڏنو.
    هن ٿڌو ساهه ڀريندي وري ڳالهائڻ شروع ڪيو،
    ”جڏهن تون هال مان ائين ٻاهر نڪري آئينءَ ته مان سمجهي ويس ته تون ئي منهنجي پريت آهين مون کي خبر هئي ته تون مون کي ڏسندينءَ ته يقينن تنهنجو تصوراتي بت ڀڄي ڀور ڀور ٿي پوندو.
    ”پريت سچ ٻڌاءِ.......“ مان توکي سٺو نه لڳس نه........“
    هن وڏو ٽهڪ ڏنو،
    لفظ منهنجي نڙيءَ ۾ اٽڪڻ لڳا.........مان ها ۽ نه جي پل صراط تي بيٺي هيس، ڪهڙو جواب ڏيان.
    پر هن منهنجي جواب ڏيڻ کان اڳ ئي جواب منهنجي چهري تان پڙهي ورتو ۽ تڪڙيون تڪڙيون وکون وڌائي منهنجي نگاهن کان پري هليو ويو ۽ هن جو پاڇو ڌنڌلو ٿيندو ويو ۽ مان اکيون ٻوٽي لڙڪن کي لڪائڻ چاهيم.
    ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هن جو خط مليو ۽ مان جيئن ئي خط پڙهڻ شروع ڪيو مون کي ائين لڳو اهي سڀ خوبصورت لفظ مون تي ٺٺوليون ڪندا هجن. لفظ منهنجي اکين تان ترڪڻ لڳا ۽ اکين اڳيان ڌنڌئي ڌنڌ، رُڃ ئي رُڃ نظر آئي خط منهنجي مُٺ ۾ ڀڪوڙيل هو ۽ مان ان کي ٻيهر پڙهڻ شروع ڪيو.
    منهنجي پريت
    ان کان اڳ جو تون مون کي آخري خط لکي ٺڪرائي ڇڏين ۽ مون کي پنهنجي بدصورتيءَ جو احساس ڏيارين مان ان کا اڳ ئي توسان تعلق ختم ڪيان ٿو. مان توسان گڏ رهي پنهنجي محرومين کي وڌائڻ نه ٿو چاهيان، مان ”ماٺيڻي اوٺي وانگر“ پنهنجو پاڻ کي سنڌوءَ جي لهرن جي حوالي ڪري خودڪشي ڪرڻ نه ٿو چاهيان مان محبت جي ناڪامي کي روڳ بنائڻ نه ٿو چاهيان، محبت صرف حاصلات جو نالو ناهي، محبت ته صرف ڪرڻ لاءِ هوندي آهي........ مان ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي محرومين کي پنهنجي وجود تان کرچي لفظن جو هُنر سکيو آهيان هاڻي مان ٻيهر محروم رهڻ نه ٿو چاهيان تون آئيڊيل جي ڳولا ۾ رَڻ رَڻ ڀٽڪي رهي آهين خدا ڪري توکي تنهنجو آئيڊيل ملي وڃي. هي رشتا ٽٽڻ جا ناهن پر مان پوءِ به صرف لفظن جي هڪ ڌار سان انهن رشتن کي ٽوڙيان ٿو، ڇو ته مان اڃان زندهه رهڻ چاهيان ٿو.


    صرف جنسار
    منهنجي اکين مان ڪيترائي لڙڪ ڪريا ۽ خط ۾ جذب ٿي ويا خط جو هر لفظ مٽجي ويو پر منهنجي اندر درد جو احساس وڌندو ويو ۽ منهنجا سڏڪا گونجڻ لڳا.........


    ڏکن سندو ڇانورو

    هوءَ پنهنجي فالج زده اڌوري وجود کي ڏسي ٿي ۽ مايوسيءَ ۽ ڏک جا ڪيترائي رنگ هن جي چهري تي پکڙجي وڃن ٿا، هوءَ ٻانهن کي سهارو بڻائي ويهڻ جي ڪوشش ڪري ٿي پر گهڻي ڪوشش جي باوجود به هوءَ اٿڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿي درد جون سٽون هن جي جسم مان اڀرڻ لڳن ٿيون ۽ غمن جي دونهي ۾ ڪاراٽيل چپ خشڪ ٿي وڃن ٿا تڏهن بي وسيءَ جا لڙڪ پلڪن جا بند ٽوڙي هن جي خشڪ چپن ۾ جذب ٿي وڃن ٿا ۽ هوءَ پنهنجا سمورا گرم گرم ڪسارا لڙڪ هڪ ئي ڳيت ۾ پي وڃي ٿي......اڄ ننڊ هن جي نيڻن کان تمام گهڻو پري هئي راحيلا سوڇن جي اٿاهه گهرائيءَ ۾ گم هئي ته اوچتو ڪمري جو دروازو کليو ۽ جاويد ڪمري ۾ داخل ٿيو. اڄ جاويد جي چهري کي ڏسندي ئي راحيلا جي چهري تي نفرت جا ڪيترائي رنگ وکرجي ويا هن جي دل چاهيو يا ته هن کي شوٽ ڪيان يا پاڻ کي گهٽو ڏئي هميشه لاءِ ڏکن جي آڙاهه مان آزاد ڪري ڇڏيان پر هن ڪجھ به نه ڪيو پنهنجي لڙڪن کي پاڻ ئي هڪ ڪوڙو ڍڪ سمجهي نڙي اندر اوتي ڇڏيو جاويد راحيلا جي مٿا بيٺو هو ۽ ڪيتري دير کان راحيلا کي انهيءَ سوچ جي پيڙا ۾ گهوري رهيو هو پر خاموشيءَ کي ٽوڙڻ جي همت ڪنهن کي به نه هئي راحيلا هڪ نظر جاويد کي ڏٺو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين جاويد راحيلا جي قريب ٿي ويٺو هن سمجهيو شايد هو چوندو
    ”راحيلا مون کي معاف ڪري ڇڏ“
    پر........ نه ........... نه هن جي چهري تي ڪنهن به ندامت جو احساس ڪونه هو ڄڻ هُن ڪجھ به نه ڪيو هجي هو ڪجھ دير ويٺو رهيو ۽ پوءِ بنا ڪجھه چوڻ جي ڪمري مان نڪري ويو ۽ پنهنجي من جي سموري گهٽن ۽ ٻوسٽ ڇڏي روز جيان هليو ويو ۽ نائلون جا پردا رحيلا جي من جو عذاب سهي ڏڪندا رهجي ويا........ ڪي پهر نائلون جي پردي جي ڏڪندڙ پاڇي کي تڪيندي رهي ۽ ڪيترا اڻ کٽ سلسلا هن جي زهن ۾ ڦيراٽيون پائڻ لڳا هن کي اهي ماڳ، اهي پيچرا ياد اچڻ لڳا جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو جاويد سان ملي هئي هوءَ سوچڻ لڳي هڪ اهڙي ئي رات هن جي زندگي ۾ به آئي هئي پر ان رات ۽ اڄ جي رات ۾ ڪيڏو نه فرق آهي ان رات کي مان ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن برکا رُت پهريون ڀيرو منهنجي دل جي ويران اڱڻ تي صدا ڏني هئي ۽ منهنجي چوڌاري رنگ به رنگي گلن جو ڄار وڇائي خوشبوئن جي حصار ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو ۽ مان پنهنجي ساهه ۾ خوشبوءَ جو قطرو قطرو ميڙي چند سنهري پل اکين ۾ رچائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر اهي پل جلد ئي اکين مان اڏري ويا ۽ اکين جي صليب سپنا ريزه ريزه ٿي ويا. راحيلا جي اکين ۾ اهو منظر اڄ به چٽو بيٺو آهي جڏهن هوءَ جاويد جي ڪنوار بڻجي شرنائن جي گونج ۾ هن جي گهر جي چائنٺ تي قدم رکيو هو ته ڪئين نه مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي هئي سس نڻانون راحيلا کي ڏسي پيون ٺرنديون هيون ڇو ته راحيلا سندن اڪلوتي ڀاءَ جي پسند هئي ۽ جاويد ته بس راحيلا جو ديوانو هو پر اهي خوشيون راحيلا کي گهڻو عرصو راس نه آيون شاديءَ جي ڏيڍ سال کان پوءِ اوچتو راحيلا تي فالج جو حملو ٿيو ۽ راحيلا جون بئي ڄنگهون فالج جي حملي کان نه بچي سگهيون شروع شروع ۾ ته سس نڻانن ۽ جاويد راحيلا جي ڏاڍي خدمت ڪئي پر آهستي آهستي سڀني جو رويو بدلبو ويو پاڻي گهرندي هئي ته به ڇڙٻ ملندي هيس اٺين پهر ڪو سار سنڀال لهندو هيس نه ته سڄو ڏينهن اڪيلائپ جا عذاب اوريندي هئي. هڪ هنڌ پئي پئي هن جو وجود ٽٽڻ لڳو هو جنهن کي هوءَ زندگيءَ جو سهارو سمجهندي هئي اهو هاڻي ٻه لفظ کلي به نه ڳالهائيندو هو هن آهستي آهستي هن جو وجود ڄڻ سڀني مٿان ٻوجهه بڻجي ويو هوءَ سڀني لاءِ بي معني ۽ غير اهم بڻجي وئي ۽ آخرڪار جاويد جي ٻي شاديءَ جو چرچو گهر ۾ شروع ٿي ويو هوءَ چپ چاپ سڀ ٻڌندي هئي هن کي اڃان تائين يقين ئي نه ٿي آيو ته جاويد ٻي شادي به ڪري سگهي ٿو گڏ مرڻ ۽ جيئڻ جا واعدا ڪرڻ وارو هن سان ائين ويساهه گهاتي ڪندو اهو ته هن جي وهم گمان ۾ به ڪونه هو گهر ۾ شادي جي تياري زور شور سان ٿيڻ لڳيون ۽ جڏهن راحيلا جاويد کان پڇيو ته
    ”جيڪي ڪجھه گهر ۾ ٿي رهيو آهي اهو سچ آهي“
    راحيلا جون التجا ڀريون نظرون جاويد جي اکين ۾ ڪجھ ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون ۽ ڪن جواب ٻڌڻ لاءِ آتا هئا پر جاويد بي رُخيءَ وچان صرف ايترو چيو.
    ”مان اڌوري وجود جي سهاري ڪيستائين زندگي گذاريندس هن تيز رفتار زماني ۾ مون کي اهڙي ساٿي جي ضرورت آهي جيڪا منهنجي قدم قدم سان ملائي هلي سگهي“
    هو تيزيءَ سان ڪمري مان نڪري ويو ۽ هوءَ هن جي ويندڙ قدمن جي اڏندڙ ڌوڙ کي تڪيندي رهجي وئي هن جا سڏڪ ديوارن جا بند ڀڃي گونجڻ لڳا پر هن جي سڏڪن ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو..... سمورو درد دل جون ديوارون ڀڃي اندر ڪاهي پيو ۽ هن جي وجود کي ڪنهن ڪک پن جيان لوڙهي ويو ۽ راحيلا پٿر جي بت جيان سڀ ڪجھ پنهنجي اکين آڏو ڏسندي رهي هن ڪيڏيون نه دعائون گهريون ته هيءَ رات هن جي زندگيءَ ۾ نه اچي پر اِها عذاب رات اڄ ڪر کنيون هنجي اڳيان بيٺي هئي اڄ رات جاويد جي ٻي شادي هئي اڄ هو ٻيهر لائون لهندو ۽ جڏهن هن جي ڪنوار هن گهر جي اڱڻ تي قدم رکندي ته مٿان گلن جي ورکا ڪئي ويندي ان کان وڌيڪ راحيلا ڪجھ به نه سوچي سگهي رات جي خاموشيءَ واري ماحول ۾ شاديءَ جا خوبصورت سهرا دُهل جي تال سان گونجي رهيا هئا ۽ هر لفظ تي راحيلا جي دل ڦسندي ٿي وئي هوءَ پنهنجي چهري تي هٿ ڦيري ٿي ۽ چهري تي ڪجھ گهنج محسوس ڪري ٿي هوءَ ڇرڪي پوي ٿي.
    ”ڇا مان پوڙهي ٿي وئي آهيان.......نه .......نه.......“
    هوءَ پاڻ کي تسلي ڏي ٿي تڏهن ئي سندس سس جو ڪڙڪي دار آواز ٻڌي ٿي.
    ”راحيلا جي کٽ کڻي اسٽور ۾ وجهو ۽ هي ڪمرو ڪنوار لاءِ سينگاريو“
    سس جا اهي لفظ ٻڌي راحيلا کي پنهنجو وجود ڪنهن فالتو پتل جي ڪَٽ لڳل ٿانَو جيان لڳي ٿو جنهن کي گهرجي اسٽور روم ۾ اڇليو ويندو آهي.......“


    درد جو درياءَ

    سُکن واري سُڌ متان ڪي مون سين ڪري
    اندر جننين اڌ ڏونگرسي ڏورينديون
    ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺاسون سورن ۾ مبذساڻي اَلا

    علڻ فقير جي روح ۾ گهاوَ ڪندڙ وائي گونجي رهي هئي ۽ ڪمري ۾ موجود پيڙائن ۾ وڌيڪ پيڙا جو احساس ڏئي رهي هئي ائين لڳي رهيو هو، سندس آواز اسان جي اندر مان چيرجي نڪري رهيو هجي. درد جو به عجيب رشتو آهي سڀني جي دلين ۾ ساڳئي شدت سان اڀرندو ۽ فنا ٿيندو آهي ائين لڳي رهيو هو ڪمري جون ڪچيون ليپي ڏنل ديوارون درد ۾ ٻڏي رهيون هجن ۽ درد جي شدت کان ديوارن ۾ ڏار پئجي رهيا هجن ۽ مان به درد جو اونهو سمنڊ بڻجي وئي هجان وائي ختم ٿي پر درد اڃان ٻنهي جي چپن تي صرف گنگهرن جي شور وانگر وڄي ساڻا ٿي رهيا هئا ڄڻ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا يا شايد ڪجھ به ڳالهائڻ لاءِ بچيو ئي ڪونه هو.....يا سڀ لفظ ڪنهن رقاصه جي جسم وانگر وڪامجي ويا هئا صرف کوکلو روح رهجي ويو هو، جيڪو تباهه ٿيل کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو هو..... سوچيم ڳالهايون به ته ڇا....؟ روز ساڳيون ڳالهيون.... روز ساڳيو بحث ۽ محرومين جو ساڳيو عذاب...... روز پنهنجي بکن جو ساڳيو پٽڪو ۽ پنهنجي خوابن جو ساڳيو روڄ ۽ ريهون ۽ جڏهن سڀ ڪجهه ڳالهائي ٿڪجي پوندا هيا سين تڏهن اسان جا خاموش سڏڪا رڙيون ڪري اسان جي جذبن کي جنجهوڙيندا هئا تڏهن اسان جي اندر جا اڌما ڦاٽي پوندا هئا ۽ نه کٽندڙ عذاب اکين ۾ تري ايندا هئا.
    روز شام جو جڏهن سانجهيءَ جا ميرانجهڙا رنگ هر طرف ڪارنهن پکيڙيندا هئا ۽ٿڪل جذبا اداسيءَ جي آڙاهه ۾ ڦٿڪندا هئا، تڏهن هن جي اوسيئڙي ۾ اکيون دَر ۾ اٽڪائي نهاريندي هيس ته شايد اڄ جي شام اسان لاءِ روشنيون آڻي..... پر جن ماڻهن اونداهيءَ ڳلين ۽ گند جي ڍيرتي جنم ورتو هجي انهن جي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي ننڍڙي ڪرڻي جي به گنجائش نه هوندي آهي... هو روز مايوسيءَ جي ڌوڙ چهري تي لٽي نراسائيءَ جا لڙڪ اکين ۾ ڀري جڏهن گهر جي چائنٺ ٽپندو هو ته سندس جهڪيل اکيون ڪجهه به ٻڌائڻ کان قاصر هونديون هيون هو منهنجي ڀر ۾ اچي ويهندو هو سڄي ڏينهن جو ٿڪ پٽڻ لاءِ..... تڏهن هن کي ڏسي سوچيندي آهيان اسان لوئر ڪلاس جا ماڻهو جڏهن شام جو ٿڪيل هاريل گهر ورندا آهيون ته پنهنهي گهرجي ڇانو هيٺان سڪون جي هنج ۾ پيار جون مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ بجاءِ سڄي ڏينهن جا عذاب اوريندا آهيون. هو سڄو ڏينهن روڊن جي ڌوڙ اُڏائيندو هو ۽ مان سڄو ڏينهن ؟؟؟؟ ڌڪا کائيندي هيس. اسان ٻئي اونداهي ڳلين جا مسافر هياسين. اڪيلي سر محرومين سان جنگ وڙهندي وڙهندي هاڻي تڪجي پيا هياسين.... روز صرف ان آس تي ملندا هياسين ته شايد سڀاڻي جو نڪور سج اسان لاءِ محبت جو پيغام آڻي، پر روز سواءِ مايوسيءَ جي ڪجھ به نه ملندو هو...... مون وٽ پنهنجي گهروارن جي جياپي لاءِ معمولي انڌي ڪاڻي نوڪري ته هئي پر هن وٽ وڏي ڊگري هوندي به معمولي ڪلارڪي به ڪونه هئي روز ڌڪا کائي موٽندو هو..... تڏهن سندس حالت رحم جوڳي هوندي هيس... اسان خبر ناهي ڪهري رشتي جي تند ۾ ٻڌل هياسين جنهن جو ڪو نانءُ لائي هوندو به آهي يا نه....اسان پيار جي فلسفي تي ڪڏهن به ڪين ڳالهايو هو، شايد اسان جهڙا ماڻهو پيار افورڊ ڪري ئي نه ٿا سگهن. اسان ته پٿر جي مجسمن وانگر هوندا آهيون جن جي اندر ساهه چرندو ئي ناهي..... مان هن کي ڏٺم هن جي اندر به ساڳي جنگ جاري هئي اڄ سندس کوکلا ٽهڪ به گم ٿي ويا هيا. ماٺ جي پاتار ۾ ٻڏل هو ۽ هن جي خاموشيءَ کان مون کي وحشت ٿي رهي هئي آخرجنجهوڙيندي چيو مانس.
    ”ڪجھ ڳالهائين ڇونه ٿو، مون کي تنهنجي ماٺ کان وحشت ٿي رهي آهي“
    هو ڪجھ به نه ڪڇيو خبر ناهي ڇت ۾ ڇاڳولي رهيو هو ڳالهائڻ لاءِ ٻيو موضوع نه مليو ته وري پراڻو سوال دهرايومانس، ”نوڪريءَ جوڪجھ ٿيو....؟“ ڄاڻا پئي منهنجي ان هڪ سوال هن جي اندر ۾ ڪيترائي سوراخ ڪري ڇڏيا آهن، پرپوءِ به روز اهو سوال ڪندي هيس، ڄڻ ان هڪ سوال جي ڳنڍ ۾ منهنجون سموريون خوشيون ٻڌل هجن. هن ناڪاريءَ ۾ ڪنڌ ڌوڻيو....
    ”سارنگ توکي خبر آهي امان ڇا چيو آهي“....؟
    هن مون ڏي ڏٺو.
    ”ها ڄاڻان پيو، اهو ئي نه ته جيستائين مون کي نوڪري نه ملندي تيستائين پنهنجي شادي ڪونه ٿيندي ۽ اهو به ته جيڪي مرد زالن جي ڪمائيءَ تي هري وڃن اهي سڄي عمر ناڪارا ٿي ويندا آهن ۽ زالن جي ٽڪرن تي پلندا آهن..... ها ساران مان ڪالهه سڀ ڪجھ ٻڌي ورتو هو“
    ”ٻڌڻ کان پوءِ به آخر ڪيستائين ائين ئي رستن تي ڊوڙون پائيندو رهندين.... آخر ڪيستائين پنهنجي آدرشن سان جنگ وڙهندو رهندين“
    ”جيستائين ضمير ۽ منهنجي اندر جو انسان زندهه آهي“
    هن ماٺ کي ٽوڙيو.
    ”ڇاڏنو آهي تنهنجي کوکلن ۽ خالي آدرشن ڪيستائين منهنجي خوابن کي انهن خالي آدرشن جي فاقه ڪشيءَ جي سوليءَ تي لٽڪائيندو رهندين...... تو جهڙن انسانن کي ته زندهه رهڻ ئي نه گهرجي.... ڇاڏنو آهي تنهنجي سياست ۽ تنهنجن نعرن سواءِ جيل سزائون... بک... افلاس... اهو ئي ڪجھ مليو آهي نه... توجن لاءِ سر تريءَ تي کڻي حق جو نعرو هنيو هو اڄ اهي سڀ پنهنجون وفاداريون مٽائي ڪرسين تي ويٺا آهن ۽ تون يا ته جيل ۾ سڙي مري کپي رهيو آهين يا ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ دردر معمولي نوڪري لاءِ ڀٽڪي رهيو آهين، پنهنجي نرڙ تان اهو قومي درد جو ليبل لاهي ڦٽو ڪر..... هاڻي مونکان اهي مايوسين جا ڏنگ برداشت نه ٿا ٿين.... مون کي نه کپن تنهنجا اهي آدرش ۽ کوکلا نعرا.... مون کي صرف اهو انسان موٽائي ڏي جيڪو منهنجي سينڌ ۾ سنڌور ڀري سپنن کي ساڀيان جو روپ ڏئي سگهي“
    هُن کي ڏٺم سندس رنگ ٽامي جيان ڳاڙهو ٿيندو ويو، ڄڻ منهنجا لفظ تتل بڙڇيون بڻجي هنجي جسم کي گرمائي رهيا هئا ۽ هن جي اندر ۾ باهه جا کورا ٻري رهيا هئا ۽ هو درد جي تپش ۾ رجي رهيو هو. هو اٿي کڙو ٿيو، شايد هن وٽ جواب ڏيڻ لاءِ ڪجھ به نه هو چائنٺ ٽپڻ کان اڳ ۾ رڙ ڪئي مانس
    ”ٻڌ آئينده مون وٽ نه ايندو ڪر“
    ”ڇو....؟“
    ڄڻ هُن زهر جي ڳيت ڏني.
    ”مان عذابن جو بار سنڀالي ٿڪجي پئي آهيا، مون وٽ منهنجا عذاب ئي گهڻا آهن، هاڻي مان تنهنجي عذابن جو ٻوجهه نه ٿي کڻي سگهان“
    ”ساران مان ته توکي ڪالهه به چيو هو اڄ به ورجايان پيو ته منهنجي طرفان هر پابنديءَ کان آزاد آهين تون پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ ڪو به فيصلو ڪري سگهين ٿي. هونءَ به مان توکي ڏئي به ڇاٿوسگهان سواءِ ساڳئي بک ، افلاس، ساڳيو روڄ ۽ پٽڪو... جيڪو تون ننڍپڻ کان پنهنجي گهر ۾ ٻڌندي آئي آهين مان توکي هڪ عذاب مان ڪڍي ٻئي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ نه ٿو چاهيان“"
    ”سارنگ جي مون کي فيصلو ڪرڻو هجي ها، ته ڪڏهن جو ڪري ڇڏيان ها هاڻي ته روح به پوڙهو ٿي ويو آهي مون جوانيءَ جي سرحد تي پيار جا سپنا پوکڻ بجاءِ پنهنجي خواهشن جا ڪنڊا پوکيا آهن جن کي ڇهندي آهيا ته رت ٽهڪڻ لڳندو آهي مان ته صرف ايترو ڄاڻان ٿي ته منهنجي جياپي جو صرف هڪڙو ئي مقصد آهي سڄو مهينو رت ولوڙڻ کان پوءِ هر پهرين تاريخ جو پنهنجي ماءءُ جي هٿ تريءَ تي ڏهه ساوا نوٽ رکڻ ۽ بس.... ۽ منهنجي قدر و قيمت به صرف انهن ڏهن نوٽن جيتري آهي. مهنهنجي ماءُ منهنجي ڪمائيءَ جا نوٽ ڳڻي ڳڻي هن کان ته منهنجي عمر جا سال ڳڻڻ به وسري ويا آهن... مان خود غرضين جي ڄار ۾ ڦٿڪي رهي آهيان جي مون کي آزاد نه ٿو ڪري سگهين ته مون کان ڏور هليو وڃ جيئن آخري اميد به ختم ٿي وڃي ۽ مان ڪم از ڪم آزاديءَ سان روئي ته سگهان......“
    هو هليو ويو ۽ مان ڪاوڙ ۾ خبر ناهي هن کي ڇا ڇا چوندي رهيس.... مان ڄاڻان پئي هو جي نه ايندو ته منهنجي زندگيءَ جو ڪڏهن به سورج نه اڀرندو ۽ نه ئي شام جو سورج فنا ٿيندو.... هن کي اچڻ کان روڪڻ جي باوجود هن جي اوسيئڙي ۾ اکيون دروازي ۾ ئي اٽڪي رهجي ويون.... پر هو نه آيو.... سوچيم ... مون کان سواءِ رهي ڪونه سگهندو پاڻ ئي ٻه ٽي ڏينهن اڪيلي سر ڀوڳي مون وٽ ضرور ايندو...... پر ڪيئي شامون هن جي بغير غمن جي بادلن ۾ گم ٿينديون ويون... ۽ هڪ شام جڏهن اداسي گهري ٿيندي وئي دل ٻڏندي وئي تان جو رات پرپکيڙي مون کي اوندهه ۾ گم ڪري ڇڏيو.... ننڊ اکين کان ڪوسون پري هئي. مان گهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڦيريون پائي بي ڪل من کي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ضدي من نه رڌو... ڇولين جون دانهون ڪندڙ رڙيون منهنجي اندر تائين شور ڪري ٻڌائي رهيون هيون ته ڪجھ ضرور ٿيو آهي... ۽ اڃان رات جو ڪجھ پهر باقي هو ته دروازو زور زور سان وڄي اٿيو خوف وڪوڙي ويو ڏڪندڙ هٿن سان در کوليم ته سامهون سارنگ جو دوست بيٺو هو هن جو هڪڙو ئي جملو منهنجي ذهن ۾ گونجندو رهيو ”سارنگ آپگهات ڪري ڇڏيو“ مون اهو ته ڪڏهن به ڪين چاهيو هو ته تون زندگيءَ کي شڪست ڏئي موت جو هار ڳلي ۾ وجهي سوڀ ماڻين... مون اهو ڪڏهن چاهيو هو ته تون چپ چاپ موت کي سيني سان لائي مون کي زندگيءَ جو جنم قيد ڏئي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏين مون ته صرف اهو چاهيو هو ته تون ڪائنات جي سموري سونهن ۽ سندرتا نيڻن ۾ ڀري مون سان گڏ زندگيءَ کي هميشه لاءِ فتح ڪرين. ڪاش! مان به تو جيان ايتري بهادر هجان ها ۽ زندگيءَ کي شڪست ڏيئي، موت جي سوڀ کي ماڻي سگهان ها..... پوئتي نهاريندي آهيان ته ماءُ جو آسن ڀريوچهرو... ننڍن ڀينرن ڀائرن جا پيلا ڏٻرا چهرا..... جن جي مستقبل جون سڀئي اميدون مون سان چنبڙيل آهن مان نه ٿي چاهيان ته اهي به اسان وانگر محرومين جا عذاب سهي سهي آخر مجبور ٿي سنڌوءَ ۾ لڙهي مرن........ مان هنن کي اها ڀوڳنا ڏيڻ نه ٿي چاهيان ته مان هنن جي نيڻن ۾ نراسائي ڀري مٺي ننڊ جي هنج ۾ نه ٿي سمهڻ چاهيان... سوچيان ٿي ..... تون ڇو منهنجي اميدن جو آپگهات ڪيو تون ڏاڍي آسانيءَ سن ”درد جو درياءُ“ اُڪري هميشه لاءِ ڏور هليو وئين ۽ منهنجي سامهون ساڳيو درد جو درياءَ آهي. جيڪو مان اڪيلي سر اُڪري نه ٿي سگهان.
    روز جڏهن شام جا ميرانجهڙا رنگ ڪائنات کي ڪاري چادر ۾ ويڙهي ڇڏيندا آهن ٿڪل اُداس پيلو سج جڏهن سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻڏندو آهي تڏهن لڳندو اٿم مان به ائين ئي دنيا جي بي وسيءَ جي درياءَ ۾ ٻڏي رهي آهيان منهنجو وجود الوپ ٿيندو پيو وڃي جڏهن کان تون ڌار ٿيو آهين مان هر شام سنڌوءَ مان پنهنجا درد اورڻ ايندي آهيان، تڏهن لڳندو اٿم سنڌوءَ جو ڇوليون تنهنجو روپ وٺي مون سان ساڳيا سور اوري رهيون آهن تڏهن من الائي ڇو ڀاري ٿي پوندو آهي ۽ موت جي تانگهه اندر منجھ هڪدم اُڇل کائي زندگيءَ جي مسڪراهٽ کي لوڙهي ڇڏيندي آهي ۽ مان پنهنجو پاڻ کي سنڌوءَ ڪناري صرف هڪ آپگهات ڪيل لاوارث لاش ڀائيندي آهيان جنهن جي مٿان ماڻهن جا ميڙاڪا صرف حيرت وچان ڏسي رڙهندو رهندا آهن ۽ سج سنڌوءَ جي پيٽ ۾ مون جيان لڙهندو فنا ٿي ويندو آهي.... زندگيءَ وانگر نه شور آهي..... اڄ توکان ڌار ٿئي ڏهه ڏينهن ٿيا آهن ۽ اهي لمحا ڄڻ مون صدين جي سفر ۾ گذاريا آهن تون جن لاءِ جيئندو هئين اڄ تون انهن کان صرف ڏهن ڏينهن اندر وسري ويو آهين تون جن لاءِ پنهنجو مستقبل، خوشيون، خواب ۽ حياتي جا سمورا سال تياڳي ڇڏيا اڄ توکي ياد ڪرڻ لاءِ انهن وٽ چند لفظ به ڪونهن جڏهن به سنڌوءَ ڪناري توسان ملڻ ايندي آهيان، لڳندو اٿم ڄڻ سنڌوءَ جون ڇوليون مون کي سڏي رهيون هجن ۽ ائين پئي ڀانيان ڌرتيءَ پٺيان جڳن جو سفر ڪڏهن سجاڳ لمحي جي اوٽ تي اوٻاسيون ڏئي مون کي بيدار ڪري رهيو آهي جڏهن به مان دل جي ڌڙڪنن جو آواز ٻڏندو محسوس ڪيو اٿم، تڏهن زندگيءَ جا سمورا گهاوَ ٻيهر ڦُٽي پوندا آهن ۽ لڳندو اٿم مان اوندهه جي هڪ سُرنگ کان ٻي سُرنگ ۾ گم ٿي رهي آهيان....... مان ان پل جي انتظار ۾ هي جڳن جو سفر ڪاٽيو آهي ۽ هي سفر ڀوڳيندي رهندس جيستائين تو جيان درد جو درياءَ اڪري سگهان...... ۽ توساڻ هميشه اچي ملان..............


    وجود جي ڳولا

    ڪيڏين راتين کان جاڳي آهيان ڄڻ صدين جو اوجاڳو آ يا ننڊ منهنجي اکين ۾ لٿي ئي ڪونهي. شايد ننڊ به پرستان جي پري آهي جنهن کي ڇهندي آهيان ته غائب ٿي ويندي آهي جاڳي جاڳي اکيون پٿر بڻجي ويون آهن. هاڻي ته لڙڪن جو درياءُ به سڪي ويو آهي...........پلڪن جي ڪنارن تي ڊڀ ڦٽي آيا آهن، هر طرف ٿر ئي ٿر آ ۽ درد ڏڪار جيان ٺوٺ سڪل وجود کي وڪوڙي هڏائون ڍانچو ڪري چڪو آ.....
    زندگي جي سفر ۾ ڪيڏا نه موڙ آهيا ڪيڏيون نه منزلون آيون....ڪيترا رنگ بدليا، ڪيتريون موسمون آيون ڪيڏا نه وڇوڙا آيا پر مان اڄ به انهيءَ موڙ تي بيٺي آهيان جتان منهنجن خوابن درد جي واريءَ تي جنم وٺي بانبڙا پائڻ سکيو هو ۽ مان اڄ تائين پنهنجن خوابن سان گڏ تتل واري تي بانبڙا پائيندي رهي آهيان........
    منهنجا خواب ته ڪڏهن تارن جي جهرمٽ ۾، ڪڏهن آڪاش جي نيري گمبذتي، ڪڏهن ڌرتيءَ جي گولي تي ۽ ڪڏهن سنڌوَ جي ڪناري تي ٽٽندا ڀرندا نيون شڪلون ٺاهيندا رهيا آهن ۽ مان هر خواب جي ٽٽڻ تي آهه به ڀري نه سگهي آهيان.
    نيئن سهاڳڻ جي رئي جي پلاند ۾ ڪجهه خواب ڪجهه سپنا ڪجهه اميدون ٻڌل هونديون آهن پر منهنجو پلئه جڏهن توسان ٻڌو ويو ته مان پنهنجا سپنا، پنهنجا خواب پنهنجون اميدون پنهنجي اباڻي گهرجي اڱڻ ۾ پوکيل نم جي وڻ هيٺيان دفن ڪري آئي هيس ڇو ته مان ڄاڻان پئي؟ ته تون منهنجن ڀڳل ٽٽل خوابن کي ڪڏهن به پناهه ڏئي نه سگهندين. تون ته منهنجي نيڻن ۾ آلاڻ به ڏسي نه سگهين ته ڪنهن جو عڪس ٽٽو آ......ڪنهن لاءِ ماتم آ..........تون ته خود پنهجن خوابن ۽ خواهشن جو گهائل هئين. تنهنجي اکين ۾ ته ڪنهن ٻئي جي محبت جو نشو چڙهيل هو.
    تو ته ڪڏهن هڪ دفعو به مون کان اهو نه پڇيو آهي ته منهنجي بي معنيٰ وجود جي هن گهر ۾ ڪهڙي جڳهه آهي؟ هڪ گهرجي ڇت هيٺيان رهندي اسان هڪ ٻئي کان ڪيڏا نه اجنبي آهيون ۽ شايد ڪڏهن به پنهنجا ٿي نه سگهندا سي. پهرين نظر ۾ ئي محبت دم توڙي ڇڏي ته پوءِ نفرت کان سواءِ ڪجهه به ناهي ملندو.
    تو ته پهرين رات ئي پهرين نظر ۾ اهو چيو هو،
    “ڪجه رشتا صرف حوالن طور استعمال ٿيندا آحن، جن جي ڪابه اهميت نه هوندي آهي تنهنجو منهنجو رشتو به نڪاح جي بي جان ڪاغذ تائين محدود آهي جنهن ۾ڪابه روحاني ڪا به جسماني ڪشش ناهي..... جيڪي رشتا مجبورين جي زنجير ۾ ٻڌا وڃن اُهي رشتا هميشه قيد رهندا آحن مون کي توسان ڪا به محبت، ڪو به لڳاءُ ڪونهي. توسان شادي صرف امان جي مجبور ڪرڻ تي زبردستيءَ ڪئي اٿم منهنجي محبت راحيلا آهي ۽ وهميشه رهندي.”
    تو ڪيتري ته آسانيءَ سان سڀ ڪجهه چئي ڇڏيو ۽ مان توکي ڪجهه به چئي نه سگهيس ته مون کي به توسان ڪا محبت ۽ لڳاءُ ڪونهي. مان به ڪنهن ٻئي سان محبت ڪندي آهيان پر مان ڪجهه به چئي نه سگهيس، ڄاڻان پئي ته تون اهو سڀ ڪجهه ٻڌي برداشت ڪري نه سگهين هان ۽ تنهنجي غيرت جوش ۾ اچي وڃي ها.
    مان پنهنجي محبت، پنهنجي ماضيءَ کي دفنائي پويءِ تنهنجي زندگي ۾ آئي هيس. عورت ماضيءَ ۾ چاهي ڪنهن سان به محبت ڪندي هجي پر شاديءَ کانپوءِ صرف پنهنجي مڙس سان وفادار رهندي آهي.
    تنهنجن لفظن منهنجي جسم کان روح تائين داڳدار ڪري ڇڏيو.
    جڏهن به توکان تنهنجو وجود گهرڻ چاهيم تو اهو ئي جواب ڏنو؛
    ”تو کي هر سُک، عيش ۽ آرام، آسائش جي هر شيءَ مهيا ڪري ڏني اٿم ٻيو توکي ڇا گهرجي“.؟؟
    زندگي ۾ اهي سڀ شيون خوشيءَ جون نعمل بدل نه ٿيون ٿي سگهن.
    تون محبت ڪري به محبت کان نا آشانا آهين توکي ڪيئن ٻڌايان ته: خوشيون ڪي سونا زيور ته ناهن جن سان خالي وجود جي لاش کي سنواري زندهه ڪري سگهجي. خوشيون بلينڪ چيڪ ته ناهن ، جن تي پنهنجي ڪروڙين زخمن جو حساب لکي ڪيش ڪرائي سگهجي. خوشيون ته اندر مان ڦٽنديون آهن، پو پٽن جيان اڏامنديون آهن. گلن جيان واس ڏينديون آهن. خالي ٽهڪ خوشيون ته ناهن بلڪ خود کي ڌوڪو ڏيڻ آ ۽ اهو ڌوڪو مان ازل کان پاڻ کي ڏيندي رهندس. شايد اسان جهڙا ٺڪرايل ماڻهو ڪٿي به خوش رهي نه ٿا سگهن. منهنجي وجود ته ان ڏينهن خودڪشي ڪري ڇڏي هئي جڏهن تو منهنجي وجود کي ٺڪرائي گهرجي ڪنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو هو ۽ صبح شام پنهنجي پيرن جي هيٺيان چيڀاٽي منهنجي شناخت به وڃائي ڇڏي هئي.....
    خاموشي به ته سڀ کان وڏو عذاب هوندي آهي ۽ مان خاموشيءَ جو زهر پي پاڻ کي هميشه لاءِ ماري ڇڏيو آ. مان اڄ تائين تو کان اهو نه پڇيو آهي ته تون راتيون ڪٿي گذاريندو آهين، ڪنهن سان ملندو هين جڏهن ته مون کي خبر آهي ته تون راحيلا سان ملندو رهندو آهين راتين جون راتيون هن سان گڏ گذاريندو آهين ۽ مان تنهنجي زال هوندي به هڪ رات جي بيک تو کان پني نه سگهي آهيان. منهنجا ننڍڙا خواب جيڪي مون سان گڏ بانبڙا پائي جوانيءَ جي منزل ماڻڻ بنا هاڻي آخري وهيءَ ڏانهن اجھامي رهيا آهن..............
    منهنجي من جون ڀاونائون ٻري ٻري رک ٿي چڪيون آهن.
    اڄ تنهنجي من ۾ ويٺل زهريلو نانگ پوري قوت سان ڦڻ ڪڍي بيٺو هو ۽ تون زور زور سان رڙيون ڪري رهيو هئين ته: “تون مڃين ڇو نه ٿي ته تون شاديءَ کان اڳ ۾ پنهنجي ڪزن عامر سان محبت ڪندي هئينءَ ۽ تنهنجا هن سان ناجائز تعلقات هئا.”
    اف منهنجا خدا مردن لاءِ محبت عظمت ۽ عورتن لاءِ ذلت ۽ تهمت.
    “ها مان عامر سان محبت ڪندي هيس پر شاديءَ کان اڳ ۾ پر تون منهنجي پاڪ ۽ پوتر محبت تي گندا الزام نه هڻ.”
    “بڪواس بند ڪر مون کي خبر آهي محبت ۾ ڇا ٿيندو آ. تون ته يوز ٿيل سيڪنڊ هينڊ مال آهين جنهن کي مان پنهنجي گهر ۾ برداشت ڪري نه ٿو سگهان”.
    “تون به راحيلا سان محبت ڪندو آهين مون ڪڏهن پڇيو آهي”.، مان مرد آهيان ۽ تون عورت آهين. پنهنجي حد ۾ رَههُ......تون ان حد تائين ڪري سگهين ٿو. شايد توهان جهڙا مرد ان کان وڌيڪ سوچي به نه ٿا سگهن. محبت کي گند جو ڍير ۽ تهمتن جو بازار توهان جهڙي مردن ئي بڻايو آهي، جو اڄ محبت پنهنجو پان کان به شرمائڻ لڳي آهي.”
    “نڪري وڃ منهنجي گهر مان، هاڻي مان توکي وڌيڪ برداشت نه ٿو ڪري سگهان”.
    “اهو الزام هڻي گهر مان ڪڍي پنهنجو رستو صاف ڪرڻ ٿو چاهين.”
    “مرد لا هر رستو صاف هوندو آهي. هو جنهن رستي تي چاهي هلي سگهي ٿو. تون بدچلن ۽ آواره عورت آهين جنهن سان مان گذارو نه ٿو ڪري سگهان”. ۽ پوءِ بدچلن آواره..........اهي ٻئي لفظ منهنجي وجود تي ليبل جيان چنبڙي ويا. هن جي گهر مان نڪري ڪٿي به ته پناهه نه ملي. شايد عورت جو ڪو گهر آهي ئي ڪو نه .......ڀائرن جي مٿان منهنجو وجود ڄڻ ڇپ بڻجي ڪريو هجي. ڀاڄائن جا طعنا روح کي ڇيهان ڇيهان ڪري ڇڏيندا آهن.
    “بدچلن ۽ آواره هئين تڏهن ته گهر ڪو نه ڪيئي.” تهمتن جا ڪنڊا سوئي سوئي آڱريون چچرجي ويون آهن............. ڪيستائين اهي ڪنڊا سوئيندي رهندس ۽ پنهنجي وجود جي ڳولا ۾ ڀٽڪندي رهندس.........


    ڪَنڊن ڀري راهه

    جڏهن به هن کي ڏسندي آهيان پنهنجو پاڻ کي الائي ڇو مجرم تصور ڪندي آهيان. هن جا خاموش لڙڪ جيءَ ۾ جهوري ويهي ڇڏيندا آهن. هن خزان رسيده وجود ۾ ڏکن ۽ محرومين جا سوبن ڏار ان ڳالهه جي گواهي ڏيندا آهن ته ڪيڏي نه بيدرديءَ سان هن پُر بهار وجود کي اجاڙيو وي آهي.......هنجا خيال ، هن جون سوچون، هن جا سپنا وقت کان اڳي پوڙها ٿي ويا آهن. آئون جڏهن به امان جن وٽ ويندي هيس ته هن جو اجڙيل ، وکريل وجود ڪنهن مشين جيان ڪم ۾ رڌل نظر ايندو هو ۽ جڏهن مان هن کي چوندي هيس ته : “ساجو ڇو پنهنجو پاڻ کي حالات جي وهڪري ۾ لوڙي ڇڏيو اٿئي. اگر تون هاڻي به چاهين ته پنهنجي تقدير جو رُخ موڙي سگهين ٿي.”
    هُوءَ ڦڪي مرڪ پنهنجي هيڊن چپن تي آڻي هميشه اهو جواب ڏيندي هئي: “آپا ڇا ٿيو آهي مون کي ........؟ جيئان پئي.......ڳالهايان پئي......کلان پئي.......اهوئي ته سڀ ڪجهه زندگيءَ لاءِ ضرور هوندو آهي”.
    ۽ مان هن جي کوکلن ٽهڪڙن ۾ هُن جو لڪيل ڏک محسوس ڪري سڏڪي پوندي آهيان. منهنجي دل چاهيندي آهي. ڪاش هوءَ مون سان وڙهي، مون کي بددعائون ڏئي........پر هُن ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو آهي ته سندس برباديءَ جو ڪارڻ مان آهيان : سندس خوشين کي برباد ڪرڻ واري مان آهيان: منهنجي ڪارڻ هن کي ڏک ڏسڻا پيا ، خوشين کان محروم ٿيڻو پيو هوءَ منهنجي ڪري قربانيءَ جي ڍور جيان ڪسندي رهي ........مان سوچيندي آهيان...مان ڪيڏي نه عيش سان ڀرپور زندگي گذاري رهي آهيان........۽ هوءَ بغير ڇت جي گهر ۾ عذاب جهڙا ڏينهن گهاري رهي آهي. ڪاش! هوءِ به مون وانگر روايتن کان منهن موڙي سماجي سماجي هٿ ٺوڪيل اصولن کي ٽوڙي سگهي ها.......ڪاش! هوءَ به مون وانگر لوهه جهڙا ڳرا لفظ اڳاڇي غلاميءَ جي زنجير کي ٽوڙي سگهي ها........ر هن اجاين روايتن جو مان مٿاهون ڪرڻ لاءِ وڏن جي غلط فيصلن آڏو پنهنجو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو.
    ساجو منهنجي ننڍي ڀيڻ هئي، ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ پڙهائي ڇڏي گهر جي ڪمن ڪارين ۾ لڳي وئي، پر مان پنهنجي پڙهائي به جاري رکي ۽ سروس به ڪئي. منهنجو مڱڻو ننڍپڻ ۾ ئي سوٽ سان ٿيل هو، جيئن جيئن هوش سنڀاليم ۽ اهو شعور مليم ته مان ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي مرضيءَ خلاف ڪنهن سان ٻڌل آهيان ته منهنجي اندر ۾ پنهنجي نه هجڻ جو احساس ۽ ذات جي شڪست اهڙو شور برپا ڪري ڇڏيو ۽ مان هوريان هوريان ڀُرڻ لڳس. مان پڙهيل لکيل باشعور ڇوڪري هيس ۽ منهنجو سوٽ عقل ۽ سمجهه کان سو سال پوئتي اڻپڙهيل ۽ جاهل ذهنيت رکندڙ مردن جي انهيءَ ٽولي مان هو جن عورت ذات جو هميشه استحصال ڪيو آهي، منهنجو سوٽ هڪ ڄنگهه کان منڊڙو ۽ شڪل جو اهڙو سادڙو جو سندس چهرو ڏسي مانيءَ تان ارواح کجي ويندو هو، سو مان اهڙي شخص سان زندگي ڀر جو سودو ڪيئن ٿي ڪري سگهيس. مان جڏهن به هُن جي باري ۾ سوچيندي هيس ته من باغي ٿيڻ لڳندو هو، جڏهن گهر ۾ منهنجي شاديءَ جي پچار ٿيڻ لڳي ته مون قهرام مچائي ڇڏيو. امان کي زهر کائي مرڻ جي ڌمڪي ڏني. امان بابا ويچارا خود انهيءَ شاديءَ ۾ راضي ڪونه هئا پر خاندا ۾ ڌارين مان شادي ڪرڻ جو رواج ڪو نه هو لولا لنگڙا، انڌا منڊا به پنهنجو سمجهي اکين تي کڻندا هئا. چاچا کي ته بابا ننڍپڻ ۾ ئي زبان ڏئي ڇڏي هئي ، سو بابا، چاچا کان ڪنڌ ڪڍائي ڪو نه سگهيو. پر مان ان مڱڻي تي راضي ڪو نه ٿيس. ٺُپ جواب ڏئي بيهي رهيس. امان بابا ڏاڍو سمجهايو پر آخر مجبور ٿي منهنجي آڏو هار کاڌائون. بابا، چاچا کي صاف ٻڌايو ته ڇوري شادي لاءِ راضي نه ٿئي ٿي. تنهن تي چاچو پهرين ته ڏاڍو ڀانڀورجي ويو ۽ بابا کي چوڻ لڳو ته: “تو چوريءَ کي پڙهائي لکائي دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي ستن بيڙهين ۾ ائين ٿيو آهي جو ڇوريون پنهنجي مرضيءَ جا مڙس گهرن”.
    بابا ڏاڍيون ميڙا منٿون ڪري چاچا کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته تون زينا جي بدران ننڍي ڌيءَ جو سنڱ وٺ. پر جڏهن اها خبر مون واري سوٽ کي پئي ته هو هٿن مان نڪتو پيو وڃي ۽ صاف صاف چيائين ته شادي ڪندس ته زينا سان نه ته شادي ڪو نه ڪندس. پر منهنجي ضد اڳيان هو به هار کائي ويو ۽ ڏاڍي جهڳ جهڳان کان پوءِ منهنجو سوٽ ساجو سان شادي ڪرڻ لاءِ راضي ٿيو، ۽ ساجو لڙڪن جا ڪيترائي سمنڊ جهاڳي پنهنجو مٿو پٿريلي سماج سان ٽڪرائي، پنهنجو مرده لاش پنهنجي ئي ڪلهن تي کڻي ان شخص جو هٿ پڪڙي رواني ٿي جنهن شخص وٽ هن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار کان سواءِ ڪجهه به ڪو نه هو. صرف شاديءَ جي ٻن ڏينهن کان پوءِ ئي هزارين لڙڪ لڪائي پنهنجو اجڙيل وکريل وجود کڻي وري ان چائنٺ تي بيٺي هئي جتان کيس ڌوم ڌام سان رخصت ڪيو ويو هو.
    ساجو کي مڙس ان لاءِ ڌڪاري ڇڏيو ته سندس پسند ساجو نه پر مان هيس. ۽ منهنجو انڪار جو انتقام هُن ساجو کان ورتو. اهو ڏينهن ۽ ڪيئي سالَ گذري ويا، ساجو جي وارن ۾ چانديءَ جون تارون چمڪي رهيون آهن ۽ هوءَ ڪنهن فالتو شيءِ وانگر پيءُ ماءَ جي در تي پيل آهي. انهيءَ اوسيئڙي ۾ ته شايد سندس مڙس کي رحم اچي وڃي ۽ هو هُن کي وٺي وڃي. پر مون کي يقين آهي ته هو شخص ڪڏهن به نه ايندو ۽ ساجو جي جيون جا خوبصورت ڏينهن ائين گذري ويندا.
    مان سوچيندي آهيان........ڪاش! ساجو به زبان جي تالي کي ٽوڙي پنهنجو حق وڏي آواز ۾ گهري سگهي ها ته جيڪر اڄ ائين ڪنڊن جي راهه تي پنهنجا پير رَتو ڇڻ نه ڪري ها..........


    شال مَ ملان هوت

    اڄ وري ساڳيو جُهڙ ڦڙ جي موسم آهي ڪارن ڪڪرن جون ٽوليون آسمان تي ڪاهه ڪنديون ڊوڙنديون ٿيون اچن، ٿڌڙيون هوائون وارن جي تارن کي ائين ڇهي رهيون آهن جيئن ڪو موسيقار دک جي واديءَ ۾ الميه ساز ڇيڙي ڇڏيءَ منهنجي من ۾ اڄ وري الميه ساز گونجي رهيا آهن اڄ وري آسمان جي سيني مان ٽپ ٽپ ڪندڙ ڦڙيون اندر ۾ آڳ ڀري رهيون آهن...... اڄ وري ٻانهن مان چوڙيون خيال جي ايذاءَ کان ٽٽي زره زره ٿي رهيون آحن. ها، اهڙو ئي موسم هو جڏهن پهريون ڀيرو موسمن جا سڀئي رنگ اوڍي چاهتن جي هولي کيڏي هئي ڇت تي ويهي بادلن جي گهيري ۾ هڪ ٻئي جي نيڻن ۾ نهاريو هو سين..... هڪ ٻئي جي ساهن جي خوشبوءَ ۾ مدهوش ٿي پنهنجو پاڻ وڃائي ڇڏيو هيو سين.... ها ياد اٿم اهو سڀ ڪجهه..... اهي سڀئي پل..... اها پيڙا پيڙجڻ اکين ۾ پن ڇڻ جي موسم ۽ گلاب رت جا سندر خواب ..... ياد اٿم اهي ماڳ اهي پيچرا.... تنهنجي گهر طرف ويندڙ سڀئي رستا....... اها پٿر جي بينچ......... اهي وڻ ۽ انهن جي ڇانو..... ياد اٿم اهي لڙڪ ۽ انهن لڙڪن کي چمڻ وارا چپ...... اهي زندهه احساس ۽ انهن احساسن ۾ رچيل پنهنجي خوابن جي خوشبو.....
    ياد اٿم تنهنجا چيل آخري لفظ جيڪي تو وڇوڙي جي سرحد تي هٿ لوڏيندي چيا هيا: ”تون ۽ مان پهرين پيار جا آخري بچيل ستارا آهيون انهن ستارن جي روشني اجهامڻ نه ڏجانءِ پيڙا جي ڀنڀور کان ڏور ڪٿي پيار جو چنڊ روشن رکجانءِ ڇوته چنڊ ڪنهن به سرحد جي قيد کان آزاد آهي جنهن کي تون ۽ مان جڏهن به ڏسندا سين انساني ٺهيل سرحدون دلين جي وچ ۾ ٽٽي ڀور ڀور ٿي وينديون“.
    تو کان وڇڙي مون ڪيڏو ڀوڳيو آ ڄڻ نٽهڻ اس ۾ پيرن اگهاڙي ڊوڙي آهيان تڙپي آهيان.........اهي پيچرا، اهي دڳ آئون ڪيئن ٿي وساري سگهان جن رستن تي تون ۽ مان هٿن ۾ هٿ ڏئي آسمان جي وسعتن ۾ نيڻ ڦهلائي چنڊ تارن کي تريءَ تي سجائي، هوائن ۾ پنهنجي چپن جون بند مکڙيون کولي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي مرڪن جا گلاب مهڪائي ڇڏيندا هيا سين.............ها مون ڪجهه به ته ناهي وساريو سواءِ پنهنجي اندر ۾ اٿل کائيندڙ مرده احساس کي .........ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي آهي سڀ ڪجهه ڀسم ڪري ڇڏيان ڪو به نشان باقي نه رهي جيڪو زندهه هجڻ جو احساس ڏي......................
    ياد اٿم هڪ ڏينهن پتاجيءَ ڏاڍي ڪاوڙ ۾ دڙڪا ڏنا هئا ته مهراڻ سان نو ملندي ڪر سڀ مٽ مائٽ ناراض ٿي رهيا آهن ۽ عجيب ڳالهيون ٺاهي رهيا آهن “ان وقت پتاجيءَ جا لفظ گرم گولي جيان منهنجي وجود کي ساڙي رک ڪري ويا هيا ۽ منهجا لفظ چپن ۾ ئي دم ٽوڙي ويا هيا ته،
    “مذهب جون سرحدون دلين جي وچ ۾ تيز وهڪري ۾ ڪک جيان آهن مهراڻ ۽ منهنجي وچ ۾ اهي مذهب جون ديواريون ڪک جيان لڙهي چڪيون هيون.....”
    مهراڻ تون ۽ مان روز ملندا هيا سين ۽ سنڌوءَ جا عذاب اوريندا هيا سين ۽ آهستي آهستي انهن عذابن جو ٻوجهه ايترو وڌي ويو جو ساهه منجهڻ لڳو انهن ڏينهن ۾ تون ڪيڏو پريشان هئين مُرڪ تنهنجي چپن کان رسي وئي هئي انهن ڏينهن ۾ فضا ڪيڏي نه سوگوار هئي ماحول ۾ ڪيڏي نه گهُٽ ۽ وڇوڙي جي سرحد تي تنهنجا منهنجا هٿ هوائن ۾ لڏندا رهيا تنهنجا منهنجا لڙڪ پيرن ۾ زنجير وجهي روڪي نه سگهيا 7 تون ۽ مان هڪ بئي جي ڌنڌلي عڪس ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويا سين........
    ويڳاڻپ محسوس ٿي رهي هئي پنهنجي ئي گهر جون ديوارون اوپريون لڳي رهيون هيون هر وقت خوف جي اذيت جسم کي رهڙي رهي هئي. اهو ڏينهن ڪيڏو نه اذيت ڀريو هو جڏهن تون آفيس جي ڪيش جمع ڪرائڻ لاءِ بئنڪ وڃي رهيو هئين ته ڌاڙيلن تو کان رقم ڦري ورتي ۽ تنهنجي نوڪري به ................ختم ٿي وئي. حالتن تو کي اذيت پسند ڪري ڇڏيو هو تون پنهنجي وجود جي شناخت لاءِ ڀٽڪندو رهندو هئين ۽ جڏهن ڪٿي به توکي شانتي نه ملندي هئي ته تون مون وٽ هليو ايندو هئين. ڌاڙيلن جي خوف هر ماڻهوءَ جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي هئي پتاجيءَ وٽ روز چٺيون اينديون هيون ته هيتري منٿلي پڄائي وڃ، نيٺ اغوا ڪري کڻي ويا. ڏينهن مهينن ۾ بدلجي ويا آخر ويهه لک ڀنگ ڏيڻ کان پوءِ پتاجي واپس وريو. پتاجيءَ جي صحت خراب ٿيندي وئي ڪاروبار ٺپ ٿي ويو پتاجيءَ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي پنهنجن هٿان ايترو ڀوڳيو هو جو سندس نگاهن ۾ ڌرتي سوڙهي ٿيندي پئي وڃي ۽ آخرڪار پتاجيءَ سڀ مال ملڪيت وڪڻي پنهنجي جنم ڀوميءَ کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.............مون ڏاڍو چاهيو هن ڌرتيءَ جي ذرڙن ۾ فنا ٿي وڃان پر منهنجون دانهون ڪنهن به نه ٻڌيون منهنجا سڏڪا ڀولارن ۾ سڏڪندا رهيا.........۽ جڏهن ڪٿي به پناهه ۾ سڏڪندا رهيا........۽ جڏهن ڪٿي به پناهه نه ملي ته مان آخري ڀيرو توسان ملي هيس آخري پناهه ڳولهڻ لاءِ...........پر تون به مون وانگر لڙڪ ڳاڙهي ڌرتيءَ تي پنهنجا نشان ڳولهي رهيو هئين..........تڏهن مون کي توتي ڏاڍو رحم آيو هو مون توکي چيو هو.
    “مان تنهنجي خاطر سڀ ڪجهه مذهب، گهر مٽ مائٽ ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان ڇا هن ڌرتيءَ تي مون کي پناهه ڏئي سگهندين..........” تو صرف ايترو چيو هو.
    “مان خود گرم سج جي گولي هيٺان جلي رهيو آهيان مون لاءِ خود ڪا به پناهه گاهه ڪونهي مان تو کي ڪهڙي پناهه ڏئي سگهندس.
    ياد اٿم هڪ ڏينهن تو چيو هو. “چري ڪڏهن ڀلا ساهه جسم کان ڌار ٿيو آهي تون ته منهنجو ساهه آهين تون ته اهو نقطو آهين جنهن جي چوڌاري منهنجي حياتيءَ جو محور ڦري رهيو آهي.”
    وڇوڙي جي سرحد تي تنهنجا منهنجا هٿ هوائن ۾ لڏندا رهيا تنهنجا منهنجا لڙڪ پيرن ۾ زنجير وجهي روڪي نه سگهيا ۽ تون ۽ مان هڪ ٻئي جي ڌنڌلي عڪس ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويا سين........تو کان وڇڙڻ کان پوءِ سڀ خواب سڀ سوچون وڇڙي ويون آهن نيڻن ۾ رهجي ويل منظر لڙڪن جي ڪوهيڙي ۾ گم ٿي ويا حن ۽ مان ڪنهن ڪاٽا ٿيل لغر جيان ڪنهن ٻئي جي آڱرين ۾ ڇڪجي رهي آهيان پنهنجي وجود جي تنهائين جي رُڃ ۾ ڀٽڪي رهي آهيان ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪيڏو تيز ڊوڙندا آهيون ۽ جڏهن ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پوندا آهيون ته وقت اسان جي پيرن ۾ لڦون وجهي اسان کان اڳتي وڌي ويندو آهي ڪڏهن ڪڏهن وقت جا گهاوَ اندر کي گهائي ڇڌيندا آهن.........جيئڻ ۾ ڪيڏي نه اذيت آ مان ڊوڙي ڊوڙي ٿڪجي پئي آهيان ڪائي پناهه آهي به يا نه...... ڪاش مذهب آزاد هجي..... پيار آزاد هجي...... جيئڻ جي سگهه ٽٽي رهي آ.... هر طرف باهه ئي باهه آ مان پولارن ۾ ڀٽڪي رهي آهيان.


    پيڙا جو پڙلاءُ

    اڄ هن سان مليم ته ائين لڳو ڄڻ آخري ملاقات هجي وري شايد ڪڏهن به هن سان ملي ڪو نه سگهندم، هن ۾ منهنجي وڇ ۾ وقت ريهون ڪري روئي رهيو هو. سڀ منظر ڌنڌ ۾ ويڙهجي رهيا هئا. پر هن جي اکين ۾ اهوئي عزم ۽ همت هئي ۽ هن جو چهرو اڄ به اميد جي لاٽ سان چمڪي رهيو هو.
    هو ڳالهائي رهيو هو ، پر منهنجو ذهن خبر ناهي ڪٿي پولارن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. لفظ منهنجي نڙيءَ ڦاسي پيا ۽ مان اندر جا اُڌما اندر منجهه سانڊي زهر جو ڍُڪ پيئدي رهيس. نه پئي چاهيان ته آخري گهڙين ۾ پنهنجي اندر جو زهر هن جي اندر ۾ اوتي هن کي وڌيڪ زهريلو ۽ باغي بڻائي ڇڏيان.
    ڳالهائين ڇو نه ٿي اڄ جيڪو چوڻو اٿئي چئي ڏي سڀاڻي شايد تو وٽ لفظ هجن پر مان نه هجان.
    چيم “ڇا ڳالهايان”........؟ درد جي زبان ۾ توکي لڙڪ آڇڻ نه ٿي چاهيان مان ڦاسي گهاٽ تي لٽڪي مُرڪي نه ٿي سگهان.
    چري ٿي آهين بزدلن جهڙي ڳالهه نه ڪر، جي تون روئنديءَ ته تاريخ ميسارجي ويندي ويندي مان تاريخ کي زنده رکڻ چاهيان ٿو. تنهنجا لڙڪ ۽ منهنجا جذبا تاريخ جا امين آهن. انهن کي منهنجي وجود تي هاري ضايع نه ڪر.”
    هر ڳالهائيندي ڳالهائيندي وري ماٺ جي پاتار ۾ لهي ويو. درد هن جي اندر ۾ ڇلي رهيو هو.........هن جي لفظن وري اٿل کاڌي.
    ڇا تون چاهين ٿي ته مان پنهنجي دشمن سان ڪمٽمنٽ ڪري سڄيءَ قوم کي ڌوڪو ڏيان..........نه ........نه مان ائين نه ٿو ڪري سگهان.
    “نه ماڻڪ مان اهو نه ي چاهيان.........؟ پر مان اهو به نه ٿي چاهيان ته پنهنجي سپنن کي ٽياس ت ٽنگي سڄي عمر درد سهندي رهان.
    لمحا رڙهندا رهيا وقت ڀڙچيون هڻندو روح کي زخمي ڪندو رهيو دل ماتم ڪري روئڻ لڳي، پر اندر جو شور ڪنهن به نه ٻڌو خاموشيءَ جي لمحن ۾ صرف سڏڪا ساٿ ڏيندا رهيا. لوهي سلاخن جي پويان ڄڻ اميدن جو آخري سورج ٻڏڻ وارو هو ۽ اکين اڳيان اوندهه جي ڌوڙ اڏامڻ لڳي تڏهن ڪنهن جهنجوڙي چيو.
    “ملاقات جو وقت پورو ٿي ويو آهي”. سلاخن ۾ منهنجا چنبڙيل هٿ هن جي سرد هٿن ۾ وچڙي وري ڇڏائجي ويا هميشه هميشه لاءِ ............منهنجي اکين ۾ هن جي اکين جو درد اوتجي آيو ٻاهر نڪري آيس جتي اڃان به وڌيڪ گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي جيل جي کوليءَ کان گهر تائين جو فاصلو ڄڻ صدين تي پکڙجي ويو هو، سوچون موت جي سرحد تي رڪجي ويون پر ڄڻ قدم ڀاري لڳڻ لڳا اڳتي وڌڻ جي شڪتي کسجي وئي هئي ۽ ڌرتي هوريان هوريان منهنجي پيرن هيٺان ڪسڪي رهي هئي.........منهنجون سوچون ساڻيون ٿي ٿڪجي پيون هيون مڙي ڏٺم ته آسمان تي شقن جي ڳاڙهاڻ وڌندي پئي وڃي ۽ منهنجي اکين ۾ خوف تري آيو هر منظر ڳاڙهو نظر اچڻ لڳو.......
    “ڇا اڄ رات جي پوئين پهر ۾ ماڻڪ جي نرڙ تي دهشتگرد خوني، داڙيل جو ليبل لڳائي ٽياس تي ٽنگيو ويندو.......؟ نه........نه ان کان وڌيڪ مان ڪجهه به سوچي نه سگهيس.
    ماڻڪ ته ڪڏهن جهرڪيءَ جي ٻچي کي به ڪو نو ماريو آحي، هو خوني، دهشتگرد ڪيئن ٿو ٿي سگهي.........وري پنهنجو پاڻ کي جواب ڏنو، دل چاهيو ان ڪوڙ جي نگريءَ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيان جنهن نگري ۾ ماڻڪ ۾ منهنجي سپنن کي ساڙي رکَ ڪيو ويو آهي. ماڻڪ ۾ مون ڪيترا نه سندر سپنا ڏٺا هيا. هن ڌرتي کي گلزار بنائڻ لاءِ ڪيڏا نه ٻوٽا پوکيا هيا پر سڀئي ٻوٽا پاڙون پٽي ڌرتيءَ تي ڪنڊن جو ڄار وڇايو ويو. حق گهرڻ جي ڏوهه ۾ جيئڻ جون راهون تنگ ڪيون ويون.
    رات اوندهه جي چادر ۾ ويڙهجي گهري ٿيندي وئي، اڄ جي رات ڀينل خواب جيان لڳي رهي هئي. منهنجا اڻ پورا ٽٽل خيال ۽ سوچون وري هڪ ٿي وڃڻ جي آس ۾ ذهن جي سرد خاني ۾ جنگ وڙهي رهيون هيون.
    آه! ڪيڏا نه عذاب ڏيندڙ لمحا آهن، زندگيءَ جو هلڪڙو احساس ائين ٿو لڳيم اندر منجهه جهاتيون پائيندڙ ساهه جو هلڪو آواز ڦاٽي پوندو ۽ منهنجو خالي وجود نا اميديءَ ۽ ناراسانيءَ جي ڪينجهر ۾ لڙهي پنهنجي تاريخ ميساري صرف گذريل هڪ لمحو بڻجي ويندو.
    هر طرف هُل آهي شور آهي...........مون کي لڳي ٿو ان شور ۾ منهنجي دماغ ون نسون ڦاٽي پونديون اڄ رات جو سفر ڪيڏونه طويل ٿي ويو آهي. هر لمحو روح کي چڪي رهيو آهي. اڄ رات توکي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويندو. پر منهنجو روح تنهنجي وجود کان پهرين ڦاسي گهاٽ تي لٽڪي چڪو آهي. مان ان عذاب کي توکان پهريون ڀوڳي چڪي آهيان.ڇو جو هر روز پيڙائن جي ٽارچر سيل ۾ ڏنڀ سهي سهي وجود ڄڻ بي جان ٿي ويو آحي. ڄڻ محسوس ڪرڻ جي حس ختم ٿي چڪي آ.........توکان وڇڙي رهڻ کانپوءِ هر رات چنڊ سان گڏ جاڳي گذاري اٿم ۽ تنهنجي درد جا ٻُڪ ڀري پنهنجي اُڃ اجهائڻ چاهي آ. پر پوءِ به وجود ٺوٽ سڪل ئي رهيو. سوچيان ٿي ڇا ٿوکي ڦاسي تي لٽڪائڻ کان پوءِ شور بند ٿيد ويندو. زبانن تي تالا لڳي ويندا. .... رات کان پوءِ شور اڃان به وڌيڪ وڌندو ماٺ جا سڀ بند ڀڄي ڊير ٿي ويندا.


    پيلا گل

    اڄ وري جڏهن امان زليخا جو نالو کنيو ته مون کي ڪاوڙ ۾ باهه لڳي وئي. خبر ناهي ڇو مون کي زليخا جي وجود کان نفرت آهي. شايد ان ڪري جو مون کي بدصورتيءَ کان شديد نفرت رهي آهي، خوبصورت ماڻهو، خوبصورت منظر شروع کان منهنجون ڪمزوريون رهيا آهن، ۽ مان ته آهيان ئي سونهن جو تخليق ڪار، جنهن جي اکين جي فريم تي رنگ ئي رنگ ۽ خوبصورت منظر ڦهليل آهن. پوءِ ڀلا مان زليخا جي بدصورت وجود کي دل جي ڪينواس تي سونهن جي رنگن سان ڪيئن تخليق ڪيان..........زليخا جيڪا هاڻي منهنجي ذهن لا مٿي جو سور بڻجي وئي هئي، زليخا منهنجي مامي جي ڌيءُ هئي، اسان جي گهرن جي وچ۾ صرف هڪ ديوار ئي منهنجي دل جي اڳيان بند ٺاهي بيٺي آهي. مان جڏهن به مامي جي گهر ويندو هوس ته هوءَ مون کي ڏسي ٽڙي پوندي هئي، هن جي بدصورت وجود ۾ خوشيءَ جي لهر ڊوڙجي ويندي هئي، هن بي ڪاري رنگ تي خوشيءَ منجهان ڪجهه رنگ چٽجي ويندا هئا. پر مان هميشه هن کي نظر انداز ڪري ڇڏيندو هوس، هنجي اکين ۾ هميشه هڪ آس هڪ تڙپ هوندي هئي، ته شل مان هن سان ڪو پيار ڀريو جملو ڳالهايان پر مان هن جي هر اميد هر آس هر التجا کي پنهنجي پيرن هيٺيان چيٻاٽي هن جي وجود ۾ تلخين جو زهر اوتي هليو ايندو هوس ۽ هن جي اکين مان هر آس هر اميد لڙڪ بڻجي مٽيءَ ۾ جذب ٿي ويندي هئي. امان جو اسرار رهيو ته مان زليخا سان شادي ڪيان، پر مان زليخا جي بدصورت وجود کي ڪڏهن به ذهني طور قبول نه ڪيو هو. مان ته خوابن جي دنيا ۾ رهڻ وارو شخص جنهن جي خوابن جا رنگ ڏاڍا خوبصورت هئا اهو ڀلا هن تلخ حقيقت کي ڪيئن ٿي قبول ڪري سگهيو ته زليخا جهڙي بدصورت ڇوڪريءُ کي پنهنجو جيون ساٿي بڻائي پنهنجي خوابن کي هميشه لاءِ ماري دفنائي ڀڏي. منهنجو آئيڊيل ته هڪ مڪمل شاهڪار هو، هڪ اهڙي رنگ برنگي چهڪندڙ پوپري هئي، جنهن ۾ ڪائنات جي سموري سونهن سوڀيا هئي، منهنجي خوابن ۾ به هڪ اهڙو شاهڪار سمايل هو. منهنجي ذهن جي پردي تي هڪ اهڙو پري پيڪر چهرو هو، جنهن کي مان اڃان تائين حقيقت جو روپ نه ڏئي سگهيو هوس........
    امان جڏهن شادي ڪرڻ تي ڏاڍو مجبور ڪيو ته مان ڪاوڙجي گهران شهر هليو آيس...............نه مان زليخا جي اکين مان وهندڙ لڙڪن کي ڏسي سگهيس ته هن جي دل تي ڇا گذري هوندي، ان ڪري جو مان هميشه اهو سمجهو آهي ته بدصورت انسان جي اندر ڪو به احساس ڪو به جذبو نه هوندو هي. هو ته مئل انسان هوندا آهن جنهن جي دل به نه ڌڙڪندي آهي، هو ته سڄي عمر خواهشن جون مکيون هڪلي حياتي گذاري ڇڏيندا آهن. مان شهر اچي سڀ کان پهرين نوڪريءَ جي تلاش ڪئي ۽ آخرڪار هڪ دوست جي مدد سان هڪ پرائيويٽ فرم ۾ نوڪري ملي ۽ مان پنهنجي دوست سان ئي هن جي فليٽ ۾ رهڻ لڳس هائڻي مون کي زليخا جي وجود کان نجات ملي چڪي هئي. مان هن کان تمام گهڻو پري هليو آيو هيس ۽ پنهنجي سوچن ۽ خيالن تائين زليخا جي هر قدم کي روڪي ڇڏيو. زندگي انهيءَ ڊگر تي هلي رهي هئي مان جڏهن به تنهائيءَ جي عذابت مان تنگ ٿيندو هوس ته ٻاهر گهمي ڦري دل و ندرائيندو هوس. اڄ به جڏهن تنهائيءَ جو حصار منهنجي چوڌاري تنگ ٿي ويو ته مان ٻاهر جي دنيا ۾ چند لمحن جي سڪون حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري آيس گهمندي گهمندي وري موٽي فليٽ جي ڀرسان واري پارڪ ۾ هليو آيس، جتي پري کان ئي هڪ خوبصورت پري پيڪر چهرو نظر آيو. پيلي رنگ جي وڳيءَ ۾ پيلي گلن جي جهنڊ ۾ وار کولي ويٺي هئي. هن جي وارن ۾ به پيلو گلاب مهڪي رهيو هو. هن جون اکيون آسمان ۾ کتل هيون. ائين پيو لڳي ڪنهن جي انتظار ۾ صدين کان اتي ويٺي هجي. منهنجا قدم هن طرف وڌڻ لڳا هن جي قريب پهچڻ تي ائين محسوس ٿيو ته منهنجي ذهن جي پردي تي نامڪمل تصوير هو بهو هن جهڙي آهي، مون کي جنهن سونهن جي تلاش هئي. هاڻي ائين پيو لڳي منهنجي صدين جي تلاش ختم ٿي ويئي هجي..........هوءَ منهنجي ان طرح سان تڪڻ ت پهريون ڪجهه گهٻرائجي وئي ۽ پوءِ زور سان ٽهڪ ڏنائين ۽ مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ٽهڪ سان منهنجي من جا سڀئي ساز هڪ ئي سر ۾ وڄڻ لڳا......هوءَ مون کي پاڳل يا بي وقوف سمجهي ان کان پهريو ئي مان هن کان اجازت وٺي هن جي ڀر ۾ پٿر جي بينچ تي ويهي رهيس. مان ڪجهه لمحا سوچيندو رهيس ته ڇا ڳالهيان مان لفظن جي تلاش ۾ هوس ته هن خود ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو. هن جون ڳالهيون زندگيءَ سان ڀرپور هيون ۽ مون سان ائين ڳالهائي رهي هئي ڄڻ مون کي صدين کان سڃاڻيندي هجي. هڪ لمحي ته هن جي ايتري خود اعتمادي ڏسي حيران رهجي ويس هن پنهنجو تعارف به پاڻ ڪرايو ته
    “ منهنجو نالو رابعه آهي منهنجو والد وڏو بزنس مين آهي اسان جو بنگلو به هتي قريب آهي مان روزانو پنهنجي بوريت دور ڪرڻ لاءِ هن پارڪ ۾ ڪجهه دير اچي ويهندي آهيان. مان والدين جي اڪيلي ڌيءُ آهيان ڪو ڀاءُ ڀيڻ ڪونهي اڪيلائپ جڏهن ڏاڍو تنگ ڪندي آهي ته هتي هلي ايندي آهيان.”
    اسان جي وچ ۾ تعارف جو مرحلو طئي ٿيو ۽ اها مختصر پهرين ملاقات منهنجي لاءِ زندگي بڻجي وئي ۽ ان رات مون جاڳي خواب ڏسندي گذاري مان سڄي رات هن جي باري ۾ سوچيندو رهيس ٻئي ڏينهن وري منهنجا قدم غير ارادي طور ان پارڪ ڏانهن وڌڻ لڳا هڪ مقناطيسي ڪشش مون کي هن طرف ڇڪي رهي هئي. هوءَ اڄ به ساڳي جاءِ تي پيلن گلن جي جهنڊ ۾ ويٺي هئي. اڄ به هن جي وارن ۾ پيلو گل مهڪي رهيو هو . اسان روز ائين ئي ملندا رهيا سين ۽ آخر ڪار اهو سلسلو دوستيءَ تائين پهتو، هاڻي ته مان هن جي گهر به اچڻ وڃڻ لڳو هوس. هوءِ پوري جي پوري دل ۾ سمائجي چڪي هئي. منهنجي سوچن ۽ خيالن تي مڪمل طور چائنجي چڪي هئي هوءَ منهنجي آئيڊيل جو جيئرو جاڳندو روپ هئي ۽ هاڻي اهو وقت اچي ويو هو ته مان پنهنجي دل جو ڪتاب کولي رابعه جي اڳيان رکان............مان سڄي رات سوچيندو رهيس ۽ آخر ان نتيجي تي پهتس ته صبح سڀ کان پهريون رابعه ڏي ويندس ۽ پنهنجي دل جي ڳالهه ڪندس ۽ مون کي اميد هئي ته هوءَ مون کي مايوس نه ڪندي. اڄ جي صبح مون لاءِ خاص صبح هئي، مان خاص طور تيار ٿيس ۽ پاڻ سان هڪ گلاب جو تازو گل به کنيو ته هي محبت جو پهريون تحفو رابعه کي پنهنجي محبت جي صورت ۾ ڏيندس. ڇوته روزانو رابعه جي وارن ۾ پيلو گل ڏسي وحشت ٿيڻ لڳي هئي. مان جڏهن رابعه جي گهر پهتس ته عجيب تبديلي ڏٺي رابعه خوشيءَ منجهان ٻهڪي رهي هئي. هن جي انگ انگ مان خوشبوئن جي مهڪار اچي رهي هئي مان هن کي ايترو خوش ڏسي حيران ٿيڻ لڳس ۽ آخر هن کان پڇيم:
    “رابي ڇا ڳالهه آ، اڄ ايتري خوش ڇو آهين.......؟ هڪ لمحي ته مان اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويس ته ڪٿي رابعه جي دل تائين منهنجي ڳالهه پهچي ته نه وئي آهي. ڇا ڪاڻ جو هن جي خوشيءَ مان ڪو به اندازو لڳائڻ مشڪل هو.......مان انهيءَ سوچن ۾ ٻڏل هوس، هن هڪ جهٽڪي سان حقيقت جي دنيا ۾ آڻي بيهاريو ۽ چوڻ لڳي:
    “في الحال ڪجهه نه پڇ ۽ نه حيران ٿيءُ بس مون سان گڏ هل دير پئي ٿئي”.
    مان چپ چاپ هن سان گڏ ڪار ۾ ويهي رهيس، شايد هوءَ مون کي ڪو سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهي. گاڏي نامعلوم رستي تي هلندي رهي ۽ آخرڪار ڪار جو رخ ايئر پورٽ طرف مڙي ويو ۽ ڪجهه ئي دير کان پوءِ اسان ايئر پورٽ تي بيٺا هيا سين. مان اڃان تائين حيرانيءَ جي ڪيفيت ۾ مبتلا هوس ۽ جڏهن آمريڪا کان ايندڙ فلائيٽ جو اعلان ٿيو ته رابيه جي حالت ڏسڻَ وٽان هئي ۽ آخر اهو لمحو به اچي ويو، جڏهن مسافر جهاز مان لهڻ شروع ٿي ويا. هوءَ مسافرن ۾ نظرون کپائي ڪنهن چهري جي تلاش ۾ هئي ۽ آخرڪار هڪ چهري تي هن جون نظرون ڄمي ويون ۽ مان به ان چهري کي غور سان ڏسڻ لڳس ته هڪ ٿلهو بي ڊولو رنگ جو ڪارو، اکيون اندر کپيل قد هلڪو، چال سست، هو آهسته آهسته قدم وڌائي اسان ڏانهن وڌي رهيو هو ۽ جڏهن هو اسان جي قريب پهتو ته رابعه خوشيءَ منجهان بي قابو ٿي وئي ۽ هن جي ٻانهن ۾ سمائجي وئي. ٻنهي جي چهري تي مرڪ رقص ڪري جھومي رهي هئي رابعه هن کي پائي منهنجي وجود کي وساري چڪي هئي ته مان به هتي بيٺو آهيان ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هن جي نظر مون تي پئي ته هوءَ شرمنده ٿي چوڻ لڳي ته:
    “نديم هي منهنجو مڱيتر آهي، جيڪي چئن سالن کان آمريڪا ۾ ڪورس ڪرڻ ويو هو. مان توکي اهو ئي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهيان، تون منهنجي وارن ۾ ههميشه پيلو گل ڏسندو هئين، ان ڪري جو پيلو گل اداسين ۽ انتظار جي علامت آهي ۽ مون کي هن جوئي انتظار هو. نديم! تنهنجي وڏي مهرباني جو تو انهن تنها لمحن ۾ منهنجو ساٿ ڏنو..........”
    مان رابعه جي وارن ۾ ڏٺو ڳاڙهو گلاب مهڪي رهيو هو.........رابعه جا لفظ هٿوڙا بڻجي ذهن تي وڄڻ لڳا. مان هنن ٻنهي سونهن ۽ بدصورتيءَ جي ميلاپ کي ڏسي رهيو هوس، هو رابعه اڳيان ائين پيو لڳي ڄڻ چنڊ کي گرهڻ لڳي هجي.............مان اڄ خوبصورتيءَ کان شڪست کاڌي هئي ۽ بدصورتيءَ جا احساس منهنجي وجود ۾ جاڳڻ لڳا. مون کي پاڻ کان شديد نفرت ٿيڻ لڳي مان هڪ تخليقار ٿي ڪري به سونهن ۽ بدصورتيءَ ۾ فرق محسوس ڪري نه سگهيس . هي شخص مون کان وڌيڪ خوبصورت آهي هن جا خيال هن هن جون سوچون مون وانگر بدصورت ناهن، تڏهن ته سونهن هن جي قدمن ۾ جهڪيل آهي هن جي دل مون وانگر بدصورت نه آهي، هر اهو انسان خوبصورت اهي جيڪو ٻئي کي خوشي ڏئي ٿو. سونهن اندر جي هوندي آهي ٻاهرين خوبصورتي ڪا به حيثيت نه ٿي رکي، اصل سونهن ته اها آهي جيڪا هر موسم ۾ ساڳي حالت ۽ شڪل ۾ موجود رهي.......مان شڪسته قدمن سان هاڻي فليٽ تي وڃڻ بدران، زليخا جي گهر طرف وڃي رهيو هوس. جيڪا اڄ به اميدن آسن جون شمعون ٻاري پنهنجي وارن ۾ پيلو گل سجائي منهنجو انتظار ڪندي هوندي...........!


    خوابن جي تعبير

    رات جا رولاڪ پاڇولا سنسان گهٽين ۽ سڙڪن تي ائين پکڙيل هئا ڄڻ موت جا خوفناڪ سايا اونداهيءَ ۾ ڊوڙندا هجن. خاموشيءَ جا پڙاڏا سڏڪي سڏڪي بند دروازن کي ٽوڙي رهيا هئا. زندگي ڪنهن پينو فقير جي خالي ڪشڪول جيان هر دروازي تي دستڪ ڏئي رهي هئي.........پر اهي بند دروازا زندگيءَ جي قدمن کي لتاڙي چيٻاٽي پوئي ڌڪي رهيا هئا. زندگي پنهنجي تلاش ۾ هڪ دروازي کان ٻئي دروازي تائين ڊوڙون پائيندي رهي............. دروازن جي پويان وڏا وڏا ٽهڪ زندگيءَ کي چماٽون هڻي رهيا هئا........ زندگي تنها تنها ........هر گهٽيءَ ۾ هر رستي ۾ هئي پر زندگي موت جي ظالم هنج ۾ لڏندي رهي ۽ آخر سسڪي سسڪي موت جي هنج ۾ دم ٽوڙي ڇڏيو.......ٽهڪ بلند ٿيا.........شور وڌندو ويو......دماغ جون نسون ڦاٽڻ لڳيون. انسانيت جا خوفناڪ عذآب انسانيت کي مروڙي سروڙي دفن ڪري رهيا ه.ا. ڇا زندگيءَ جا سڀئي الميا ڀوڳنائون ۽ حادثا جسم سان ائين ئي چهٽيا ۽ چنڀڙيا رهندا........؟ درد جا درياءَ وهندا ئي رهندا.........؟ ڇا من بانورو دک جا صليب تي ايئن ئي ٽنگيل رهندو..........؟ چپن تي خاموشيءَ جون صدائون ائين ئي تالا هڻنديون رهنديون. من جي ڌرتيءَ تي دک ائين ئي پکڙيل رهندو..........؟ ڇا تون ۽ مان ائين جلند رهندا سين ۽ جسم گرم سج وانگر حياتيءَ جي ڌرتيءَ تي ٻرندا رهندا. تنهنجون منهنجون اميدون آڪاش جي تارن جيان ڌرتيءَ جي گولي تي ٽٽنديون رهنديون.........جيون جون اهي ڀاونائون، جيون جون اهي پيڙائون، جن روح جي هر حصي کي ٽڪي ٽڪي سوراخ ڪري ڇڏيا آهن. دک السر جي در جيان جسم کي وڪوڙي ويو آهي. درد جو اهو درياءُ آئون ڪيئن اڪري سگهندس.......سج جي هن پار ڪيئن وڃي سگهندس. جذبا ۽ احساس ته ڦاٽل ڪپڙي جيان ليڙون ليڙون، ڇيهان ڇيهان ٿي ويا آهن. ڇا سپنن جي ساڀيان ائين ٿيندي آهي؟ هر سپنو هڪ لڙڪ آهي ۽ ڳلن جي ڌرتيءَ تي وهندڙ هزارين لڙڪن جون لارون پنهنجي سپنن جا اڻ کٽندڙ سلسلا آهن............هر سپنو هر پل هر گهڙيءَ مري ٿو ........پوءِ به نيڻن جي واديءَ ۾ هزارين سپنا ٻيهر مرڻ لاءِ هر پل نئون جنم وٺن ٿا جيئن هر موت کان پوءِ ٻيو موت ٿئي ٿو.......جيئڻ ۽ مرڻ جا اڻکٽ سلسلا.......ڇا سپنن جي ڪا پڄاڻي ڪونهي زندگيءَ ۽ موت جي درميان سپنن جي ڌنڌلي ليڪ ائين ئي ڊهندي ۽ جڙندي رهندي. اکين ۾ رچيل ڳاڙها خواب اکين جي رڻ پٽ ۾ مرجهانجي ويندا. هي ڪهڙي برکارت آهي جنهن ۾ خوشين جا گل پن پن ٿي وکري ويا آهن ۽ سڀ خواب پن پن ٿي ڇڻي ويا آهن. زندگي ڪنهن کاڌل پوري وڻ جيان آهي جنهن جو ٻور چڻندو ئي رهي ٿو ۽ اها ڌوڙ اکين لٽيندي رهي ٿي. اکين اڳيان ڌنڌ ڌنڌ آ........رڃ ئي رڃ آ.......هر رات ڪيترا نه عذآب کڻي اڀري ٿي......هر خيال ذهن جو رت چوسي ڏنگ هڻي رهيو آهي. ڪهڙو نه راڪاس گهمي ويو آهي. خوشبو به اڏامي گم ٿي وئي آهي. بند دروازن جي پويان ڪيترائي دل کي چڀندڙ آواز روح ۾ شيشا بڻجي چڀي رهيا آهن........ آهون ۽ زاريون شور بڻجي سنڌوءَ جي لهرن ۾ سڏڪن ٿيون...........ڇا ٿيو آهي................؟؟ها هڪ صبح ٿيڻ کان پهرين ئي رت جو لوهو ڪوٽ اڏيو ويو آهي. هر گهر ۾ ساڳيو روح آ هر گهر ۾ ساڳيو حشر جو منظر آ........اهي لٽيل چچريل شهر ..........اهي ڀڳل ٽٽل ماڻهن کان خالي گهر، جن جي چائنٺ تي انيڪ مايوسين جا پاڇا موت جيان ڪر کنيون بيٺا آهن هر ماءُ ۽ ڀيڻ جي چپن تي ساڳي دانهن آهي. ازل جي خاموشي ٽٽي رهي آهي. روئندڙ دليون سڏڪي رهيون آهن. پنهنجي پرين کي پڪاري رهيون آهن. ڪونجن جا ولر وڇڙي ويا آهن. هاڻي گهر جي اڱڻ ۾ ڪير ٻوليندو.........؟ ماءُ ڪنهن کي لوليون ڏيندي.......ڀيڻ ڪنهن لاءِ لاڏا ڳائيندي .......... اهي وڇوڙي جا انيڪ سلسلا ڪڏهن کٽندا. اوسيئڙي جا پل هڪ هڪ ٿي سوريءَ چڙهي ويا آهن نيڻ نهار جي هر آس فنا ٿي وئي آهي........آئون ڇو پئي روئان........؟ اندر ته صدين ڀڳل ٽٽ: آهي......آدرش ته هميشه کان کسيا ۽ ڦريا ويا آهن. اسان ته پيدا ئي ڏکن سهڻ لاءِ ٿيا آهيون. هي اسان جا ڪارا ڪارا هٿ ڏکن جي رک ميڙي ميڙي سيڙي رک ٿي ويا آهن. ها اهي هٿ جن ۾ آئيندي جو سج لڪل هو. اڄ هٿن تان آئيندي جون سڀ ريکائون کرچي ڌار ڪيون ويون آهن. شايد هن ڌرتيءَ تي رهندڙ هر انسان جا هٿ ڏک جي رک ميڙي ڪارا ٿي ويا آهن. هر زخم ناسور بڻجي ويو آهي ۽ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پون ٿا ڄڻ قلم جو به مون جيان جسم مان رت ڪڍي، ڄڀ ڪٽي آڱريون وڍي. ڀڃي پورا ڪري ڪنهن گند جي ڍير مٿا اڇلايو ويو آهي. هيءَ ڌرتي ڪيئن نه سوڙهي ٿيندي پئي وڃي، قدمن هيٺان زمين کسڪندي پئي وڃي ڄڻ اڳتي وڌڻ کان اڳ۾ ئي پير ڪپي اڇلايا ويا آهن........ڇا سڀ ڪجهه لڙهي ويو آهي. سج رات جي اونداهيءَ ۾ اجهامي ويو آهي. ڇا ڪو خواب آهي؟ هيءَ رت ڇاڻ جي هوليءَ هي اميدن جي ٻانهن ۾ لوها ڪڙا...... ڇا اهو سڀ ڪجهه اسان جي خوابن جي تعبير آهي...........نه.........نه! اسان اهي خواب ڪٿي ڏٺا ها......اسان ته امن ۽ شانتي گهري هئي. سکن جي ڇانو گهري هئي پر ڇو اسان جي مٿن تان ڇت کسي وئي آهي ۽ اسان محرومين جي نٽهڻ اس ۾ هيڏانهن هوڏانهن چرين وانگر واجهايون ٿا پر ڪو به اسان طرف ڪونه وڌندو ....اسان کي پاڻ وڌڻو آهي ڪارا ماتمي ڪپڙا پائڻ سان ماڳ نه ملندا آهن خوابن سان جنگ جو ٽڻي آهي ته اڳتي وڌي اهو دک جو سمنڊ پار ڪرڻو آهي.


    يادن جا بند دروازا

    هوءَ ڪيڏي وکريل وکريل ٽٽل ڦٽل لڳي رهي هئي، هن جي اجهاڻيل نيڻن ۾ سونهن جا عڪس اجهامي چڪا هئا. هن جي سندرتا، وهيءَ جي آخري ڪناري تي هن جو ساٿ ڇڏي اڏامي چڪي هئي.........اڄ هن کي ڏسي منهنجي دل ۾ ڪو به جھٻو ڪو نه جاڳيو ۽ نه دل مان دانهن نڪتي. هن کي ڏسي نه ئي درد جي ڪائي چڙنگ ڀرڪو ڏئي دکي پئي ۽ نه ئي نيڻن لڙڪ وهايا......دل ۾ ڪجهه به ته نه ٿيو.....نه چريو........نه اٿل پٿل.........نه ٽوڙ ڦوڙ........ڄڻ سڀ جذبا مري ويا هئا. مان هن ڏي روايتي نظر سان نهاريو، جنهن ۾ پيار جو ڪو به وڇڙيل سنديس نه هو.........؟؟
    “ڪنهن ڪم سان آئي هين......؟” مون خاموشيءَ کي ٽوڙيو........
    هن پهريون دفعو جهڪيل نظرون کڻي مون ڏي ڏٺو ، لڙڪن جي آلاڻ سان هن جي اکين جا ڪنارا ڀڄي چڪا هئا. “ڇا تون منهنجو حال نه پڇندين”..........
    “حال ته انهن کان پڇيو ويندو آهي جن سان ڪا ڄاڻ سڃاڻ يا پنهنجائپ هوندي آهي. تون ته مون لاءِ اجنبي آهين”.
    “ڇا تو سڀ وساري ڇڏيو آهي........؟” “ياد رکڻ لاءِ هيو ئي ڇا.......؟”
    “پر منهنجي يادن جا دروازا ته کليل آهن هر لمحو مقدس امانت جيان، يادن جي ٽجوڙيءَ ۾ سانڍي رکيو اٿم. سڀئي لڙڪ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اکين تي پها رکي ڇڏيا اٿم. وڇڙيل وقت جا سمورا درد دل جي کوري ۾ دکائي پنهنجي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي اٿم. جنهن جو دونهون هر وقت منهنجي اکين کي جلائيندو رهندو آ........وجود تي چٽيل پيار جا سمورا پوپٽ مٺين ۾ ڀڪوڙي سمورا رنگ لڪائي ڇڏيا اٿم. وسارڻ لاءِ ته صديون گهرجن ۽ مان ته اڃان ان لمحي جي سرحد تي بيٺي آهيان، جتان پاڻ ملي وڇڙيا آهيون. ان لمحي کي پار ڪرڻ لاءِ صديون درڪار آهن. منهنجي اکين ۾ لهندڙ سج جو آخري منظر آ، جڏهن سج منهنجي اکين آڏو آخري دفعو اوندهه جي سمنڊ ۾ ٻڌي رهيو هو ۽ منهنجون سڀئي اميدون اوندهه جي ڪاري چادر ۾ ويڙهجي رهيون هيون منهنجون خواهشون لهندڙ سج جي لامن تي لٽڪيل رهجي ويون شايد، اميدن ۽ خواهشن جهڙو ڪو عذاب ڪونهي”.
    “مان يادن جا سڀ دروازا بند ڪري چڪو آهيان، هاڻي مان ڪجهه به ٻڌڻ نه ٿو چاهيان منهنجي دل جي زخمن کي ٻيهر ڪورڻ ڇو آئي آهين.....توکي شهرت ملي دولت ملي هاڻي مون وٽ ڇا وٺڻ آئي آهين؟ مون وٽ هاڻي ڪجهه به ڪونهي. سواءِ دک ۽ تنهائيءَ جي..........پنهنجا خوبصورت لفظ موٽائي کڻي وڃ، ڇو ته مان حقيقت پسند ٿي ويو آهيان. خوابن ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو آ. هلي وڃ هتان ۽ وري ڪڏهن نه اڇجان........”
    هوءَ اٿي کڙي ٿي ۽ آهسته آهسته وکو وڌائيندي دروازي تائين وئي. آخري دفعو مڙي وري ڏٺائين، ٻه لڙڪ هن جي اکين مان ڪريا ۽ هوءَ نگاهن کان دور ٿيندي وئي.......هن جي ڪريل لڙڪن ۾ يادن جا منظر جاڳڻ لڳا. اهي پل هڪ هڪ ٿي اکين ۾ لهڻ لڳا اهي پل هڪ هڪ ٿي اکين ۾ لهڻ لڳا اهي پل زندگيءَ جا خوبصورت پل جڏهن وشال سان گڏ ڌرتي جي گولي تي بيهي هڪ ٻئي کي پنهنجو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. اڄ به اهو سندر پل منهنجي اکين ۾ ان چنڊ جيان سمايل آهي، جڏهن پهريون دفعو وشال کي هڪ ادبي فنڪشن ۾ ڪمپيئرنگ ڪندي ڏٺو هو.تڏهن وشال جو روپ رات جي پوري چنڊ جيان اکين ۾ سمائجي ويو هو ۽ مون کي لڳو هو وشال صرف ۽ صرف منهنجي آ. ۽ منهنجي جڳن جو سفر ڪنهن پڄاڻيءَ تي پهچي ويو هجي.
    منهنجي ڳولها کي ڪنهن منزل جو رستو ملي ويو هجي. وشال جي خاطر ڪيڏيون نه بدناميون ۽ رسوائيون پنهنجي جهول ۾ وڌيون هيون.
    دوستن جا ڪهڙا ڪهڙا ريمارڪس ٻڌڻا پيا هئا. “يار ڪهڙي ڇوڪريءَ تي اعتبار ڪيو اٿئي. جنهن جي دل خبر ناهي ڪيرن مردن جي پيرن ۾ رلدندي وتندي آهي”.
    “يار اها معصوم ڇوڪري ڏاڍي خطرناڪ اٿئي، ان جي صورت ۽ مٺڙين ڳالهين تي نه وڃجان. اها هر ڪنهن سان ائين ٽهڪ ڏئي ڳالهيندي آ ۽ هر مرد اهو سمجهندو آ ته هوءَ هن سان پيار ڪري ٿي.”
    دوستن جون اهي ڳالهيون ۽ هن لاءِ عجيب عجيب ريمارڪس ٻڌي وڙهي پوندو هوس، ڇو ته مان جنون جي حد تائين وشال کي چاهڻ لڳو هوس. منهنجي زندگيءَ جو محور وشال سان گڏ ڦرڻ لڳو، مان فيصلو ڪري ڇڏيو هو چاهي ڪجهه به ٿي پوي دنيا چاهي ڇا به چوي پر مان وشال سان شادي ضرور ڪندس.
    جڏهن امان سان وشال جو ذڪر ڪيم ته امان سخت ناراضگيءَ جو ذڪر ڪيو. ڇو ته شهر ۾ وشال جي باري ۾ ڪافي ڳالهيون هليل هيون، مان امان کي ڏاڍو سمجهايو پر خاندان ۾ ڪو به راضي نه ٿيو بلڪ هر ڪو مون کي سمجهائڻ لڳو ، پر آخر ڪار سڀني منهنجي فيصلي آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ وشال ڪنوار بڻجي هن گهر ۾ اچي وئي ۽ هميشه لاءِ منهنجي ٿي وئي.......وشال ته منهنجي زندگي هئي جنهن کي ڏسي مان جيئندو هوس. مون سوچيو هو وشال منهنجي خاطر پاڻ کي بدلائي ڇڏيندي، پنهنجي ماضيءَ کي وساري ڇڏيندي ۽ هن گهر جي ماحول ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي، پر مون کي آهستي آهستي محسوس ٿيو ته هوءَ هن گهر کي اجنبين وانگر سمجهي ٿي سڀني کان پري پري اکڙيل اکڙيل ۽ بي چين.......
    مان اڪثر هن کي سمجهائڻ چاهيو هن کي پنهنجي محبت جو يقين ڏيارڻ چاهيو، پر هوءَ پاڻ کي بدلائي نه سگهي. هن کي جنون هو شهرت حاصل ڪرڻ جو.......هوءَ پنهنجو پاڻ کي محبت ۾ قيد محسوس ڪرڻ لڳي. هوءَ روزانو گهر کان غائب رهندي هئي ۽ جن ماڻهن وٽ هوءَ ويندي هئي اهي مون کي قطعي پسند ڪونه هيا. ان ڳالهه تي اساان اڪثر وڙهي پوندا هيا سي. گهر وارا خاموش تماشو ڏسندا هئا، زندگي زهر بڻجي وئي هئي. هوءَ ايتري ضدي هئي جو بي درديءَ سان منهنجي وجود کي ٿڏي ڪنهن ٻئي شخص سان گاڏيءَ ۾ چڙهي هلي ويندي هئي. هوءَ اڪثر چوندي هئي ته “تون شڪي مرد آهين ۽ دقيا نوسي سوچ جو مالڪ آهين”.
    آخر ڪار هوءَ منهنجو گهر ڇڏي هلي وئي ۽ وڃڻ کانپوءِ هن جو هڪ خط مليو. خط پڙهندي پڙهندي مون کي ائين لڳو هو لفظ پٿر ٿي ويا هجن ۽ منهنجي وجود کي رتوڇاڻ ڪري رهيا هجن، منهنجي دماغ کي ڦيراٽيون اچڻ لڳيون دل جون ڌڙڪنون ٻڏندي محسوس ٿيون ۽ ڪا مهل خط ۾ لکيل لفظن جي لاهين ۽ گس گهيڙ لتاڙيندو رهيس. لفظ اکين آڏو ترورن جيان رقص ڪرڻ لڳا پنهنجي ڪاراٽيل هٿن ۾ سندس روح جهڙو سفيد ڪاغذ ڏڪندو رهيو ۽ پوءِ منهنجي بي جان هٿن ۾ سفيد ڪاغذ ساهه ڏئي ڇڏيو. پنهنجا لڙڪ ان سفيد لاش جهڙي ڪاغذ تي ماتم ڪرڻ لڳا. امان جيڪا ڪافي دير کان منهنجي هٿن ۾ سفيد ڪاغذ ڏسي رهي هئي پر هن کان رهي ڪين سگهيو ۽ پچيائين پٽ ڇا ٿيو آ........؟ ڪنهن جو خط آ..........؟ ڇا لکيل آ. مان گم سم صرف سوچيندو رهيس صرف ايترو چيم: “وشال جو خط آ.......” اهو چئي مان تڪڙو ٻاهر نڪري آيس ڇو ته مون ۾ ايتري سگهه ڪونه هئي جو امان کي خط ۾ لکيل اهو سڀ ڪجهه ٻڌائي سگهان. منهنجي سگهه ٽٽي رهي هئي. وشال جا لفظ وجود ۾ ڌماڪا ڪري پرزا پرزا ڪري رهيا هئا. مون ته ڪڏهن سوچيو به نه هو ته وشال طلاق لاءِ عدالت جو سهارو وٺندي. اهو سڄو ڏينهن روڊن تي آواره گهمندو رهيس سڪون جي تلاش ۾ ڀٽڪندو رهيس پر سڪون ڪٿي به نه مليو. کيسي ۾ پيل وشال جوخط ڏنگ هڻندو رهيو، جڏهن هلي هلي ٿڪجي پيس ته قدم وري گهر طرف ورڻ لڳا. وري سڄي ڏينهن جا عذاب اکين ۾ لهي آيا لڱ لڱ وري درد جي پيڙا ۾ پيڙجڻ لڳو، ۽ پوءِ مان هڪ فيصلو ڪري ورتو ۽ ٽن لفظن ۾ ٻڌل مضبوط رشتي کي، ٽن لفظن جي ڌار سان هميشه لاءِ ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيو.....۽ يادن جا سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا. پر نه ڄاڻ ڇو هلندي هلندي ڪجهه موڙ اهڙا به ايندا آهن جتي يادن جا مقبرا اڄ به يادگيريءَ جا ڪتبا سجائي اکين ۾ چڀندا آهن. پوءِ نه چاهيندي به اکيون انهن مقبرن ۾ کپي وينديون آهن ۽ دل چاهيندي آهي پنهنجي بي چين من کي شانت ڪرڻ لاءِ به قُل پڙهي، ڦوڪي ڇڏجن، پر من کي شانتي ته تڏهن ئي ملي سگهي ٿي جڏهن پنهنجي روح کي هميشه هميشه لاءِ ماري ڇڏجي ۽ اکين کي ڀسم ڪري ڇڏجي.
    هوءِ وڃي چڪي هئي، يادن جا منظر ڌنڌلا ٿي چڪا هئا. اڄ هوءَ وري ڏهن سالن کان پوءِ ايذائيندڙ ياد جي صورت ۾ منهنجي سامهون ويٺي هئي، پر منهنجي نگاهن ۾ ڪو به نرم ڇهاءُ ڪو نه هو. مان محبت جي معاملي ۾ اذيت پسند بڻجي ويو هيس، محبت جي ڀرم ٽٽڻ کان پوءِ وجود ڇيهان ڇيهان ٿي چڪو هو. هاڻي ته سواءِ نفرتن ۽ وحشتن جي مون وٽ ڪجهه به نه هو.....ڪاش هوءَ ڪڏهن به سامهون نه اچي ها. يادن جا بند دروازا بند ئي رهڻ ڏي ها.......
    رشتا ته ختم ٿي چڪا هئا، هاڻي هوءَ ڪهڙي حوالي سان ڪهڙي رشتي سان مون وٽ آئي هئي..........اڃان ڪهڙيون رسوائيون ۽ بدناميون رهيل هيون جيڪي منهنجي جهول ۾ وجهڻ آئي هئي.


    محبتن جي موٽ

    چوڌاري نظر ڊوڙايم هر طرف ماٺار ڇانيل هئي. رکي رکي هوا جو ٿڌڙو جهوٽو جسم کي ٿڌاڻ جو احساس ڏئي رهيو هو، اکين ڪافي دير کان ستارن ۾ اٽڪيل خبر ناهي ڪهڙا اسرار ڳولهي رهيون هيون يا انهن خوابن جي روشني ڳولهي رهيون هيون، جيڪي اونداهيءَ ۾ گم ٿي چڪا هئا..............ياد اٿم پهريون پهريون ڀيرو اکين جي آڳرُ ۾ خوابن تڏهن پر ڦهلايا هيا جڏهن ڪنهن جي اکين جا خواب پنهنجا لڳا هئا، تڏهن پهريون ڀيرو عجيب احساس جاڳيو هو ۽ مان ان جذبي کي ڪو به نانءُ ڏئي نه سگهي هيس. انهن خوابن منهنجي پوري وجود تي پوپٽن جهڙا سندر رنگ ٺاهي ڇڏيا هئا...........پر زندگيءَ ۾ شايد ڪو پل اهڙو به ايندو آهي جڏهن انهن خوابن کي پنهنجي اکين کان ڌار ڪري جلا وطن ڪرڻو پوندو آ............. پنهنجو پاڻ کي جلا وطن ڪرڻ، ڪرب جي اذيت کي محسوس ڪرڻ ڪيڏو وڏو عذاب آ........ اهو عذاب مان اڄ تائين ڀوڳي رهي آهيان. ان پل مون کي ائين لڳو هو ڄڻ مان پنهنجي هٿن سان پنهنجي خوابن کي پٽي ڌار ڪيو هجي ۽ آڱريون چچريل خوابن جي رت سان ڳاڙهيون ٿي ويون هجن. ان پل کان اڄ تائين مان درد جي گهيري ۾ وڪوڙيل آهيان ۽ زندگيءَ اهڙي موڙ تي ڻي بيهاريو آهي جتي ٻيو ڪو به رستو ڪونهي. جڏهن کان تنهنجي زال سان ملاقات ٿي آهي تڏهن کان زندگي ٽانڊن جي سيج بڻجي وئي آهي. هوءَ ڀري آفيس ۾ لفظن جا پٿر وسائي مون کي رتو ڇاڻ ڪري ڪيڏي نه پرسڪون ٿي هلي وئي ۽ مان ريزا ريزا ٿي وئي آهيان، هن جا لفظ منهنجي اندر کي ڇيها ڇيها ڪري ويا آهن..........
    “اها تون مورک آهين جنهن لاءِ منهنجو مڙس ڏينهن رات لڇندو رهي ٿو؟ تون عورت آهين يا ڏائنڻ جو ٻي عورت جو گهر برباد ڪري رهي آهين، سڄو ڏينهن منهنجي مڙس سان عياشيون ٿي ڪرين، آخر هُن جي جنڊ ڇڏين ڇو نه ٿي؟” هوءَ سڄي آفيس ۾ منهنجو تماشو ناهي هلي وئي، مان هُن کي ڪو به جواب ڏئي نه سگهيس، پنهنجو لڙڪن کي زهر سمجهي پي ويس..............
    مان ان ڏينهن کي ڪيئن ٿي وساري سگهان جڏهن تو خاموشيءَ سان ڏکاري لهجي ۾ اها خبر ٻڌائي هئي ته سڀاڻي منهنجي شادي آهي، تو منهنجي چهري تي ڪجهه پڙهڻ چاهيو هو پر ڪو به رنگ نه ڏسي تو پاڻ ئي وضاحت ڪئي هئي.
    ”صبا مان مجبور آهيان. عيوضي جي شادي آهي، جي انڪار ڪندس ته هو منهنجي ڀيڻ کي طلاق ڏئي ڇڏيندا.“
    ”مان تو کان وضاحت ڪٿي گهري آهي؟ محبتون حاصلات جي نظرئي کان مٿانهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان......... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا............؟ صرف اهو چاهيان ٿي، ٻه ٽي پل ئي سهي ڪنهن اهڙي وَڻ جي ڇانوَ هيٺان گزري وڃن جنهن ڇانوَ مون کي پناهگاهه جو احساس ڏي.....مان اِها تمنا ڪڏهن به نه ڪئي آهي ته چنڊ صرف منهنجي اڱڻ تي چمڪي، ڇو ته مان ڄاڻان ٿي ته چنڊ جا تمنائي هميشه دوکا کائيندا آهن. مان ته صرف تنهنجي روشنيءَ جا ڪرڻا ميڙڻ چاهيان ٿي، جيڪي منهنجي اونداهي جيون ۾ سوجهرو پيدا ڪري سگهن.“
    توسان هر رشتو ٽٽڻ جي باوجود درد جو رشتو هميشه قائم رهيو پر شايد اهو ننڍڙو تعلق بي معنيٰ رهيو. مان سڄي رات سوچيندي رهيس ۽ ڪو به فيصلو ڪري نه سگهيس، صبح جو آفيس وڃڻ تي دل نه پي چاهيو، الائي ڇو پنهنجي ئي نظرن ۾ ڪري پئي هيس. پر پوءِ به همت سميٽي ويس. اڄ سڄو ڏينهن اسان هڪٻئي سان نه ڳالهايو، البته هو مسلسل مون کي ڏسندو رهيو. آخر بيزار ٿي چيو مانس،
    “تون مون کي ائين نه ڏسندو ڪر.”
    ڇو.........؟؟
    “وحشت يا ڊڄندي آهين.”
    “ها تنهنجي محبت ۽ ديوانگي کان ڊڄندي آهيان. مان هر ڳالهه ۾ Limit جي قائل آهيان ۽ تون انتها پسند آهين. تون پاڻ کي اذيت ٿو ڏين.” “ محبت ۾ آذيت پسند هئڻ گهرجي.” “منهنجي اڳيان محبت جا قدر (Values) مختلف آهن.”
    محبت کي Values جي ساهميءَ ۾ نه تور ۽ نه محدود رک، محبت کي آزاد ڇڏي ڏي. محبت پنهنجو مقام پاڻ ئي ڳولهي ڳوهي وٺندي.”
    مان گهڙيال ۾ ٽائيم ڏٺو چار ٿي رهيا هيا. سڀ وڃي چڪا هئا ۽ مان به اُٿڻ لڳس پر هو ويٺو رهيو.
    “اڄ گهر نه ويندين ڇا.......؟” “منهنجو ڪو به گهر ناهي.” “گهر واريءَ سان وڙهي آيو آهين ڇا؟”
    “مان پنهنجي قسمت سان وڙهي رهيو آهيان ۽ وڙهي وڙهي هارجي ويو آهيان.”
    “اڄ وري مايوسيءَ جون ڳالهيون پيو ڪرين، گهر ۾ کٽ پٽ ته ٿيندي رهندي آ، ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته ماڻهو گهر وڃڻ ڇڏي ڏي. تون ننڍڙو ناهين ميچوئر شخص آهين تو کي حالتن سان فيس ڪرڻ گهرجي”.
    “مان گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آ پر جڏهن آڱريون تنهنجي ذات تي کڄن ته اهو مان برداشت ڪري نه ٿو سگهان، منهنجي زال جيڪي ڪجهه توسان ڪيو اهو مون لاءِ ناقابل برداشت آهي.”
    “پر تنهنجي زال سچ ئي ته چيو آهي. منهنجو توسان ڪهڙو تعلق آهي؟ تنهنجي زال مون ي اهو آئينو ڏيکاريو آهي جنهن ۾ مون کي پنهنجو پاڻ چڱي طرح نظر اچي رهيو آهي. اها منهنجي ڀل هئي. مون اهو وساري ڇڏيو هو ته هوءَ به زندهه دل رکندڙ عورت آهي. ۽ عورت پيار ۾ ورهاست ڪڏهن به برداشت نه ڪندي آهي. جڏهن کان تنهنجي زال مون کي ان سچائيءَ جو منهن ڏيکاريو آهي، منهنجي دل تي بوجهه وڌي ويو آهي. مان پاڻ کي گناهه جي ڳٺڙي محسوس ڪري رهي آهيان.“
    ”منهنجي زال اڻ پڙهيل ۽ جاهل آهي ۽ شڪي مزاج به........ان ڪري هوءَ اسان جي مقدس پيار جي گهرائيءَ کي ڪڏهن به سمجهي نه سگهندي. مان اهڙي مجبوريءَ جي زنجير ۾ ٻڌل آهيان نه ته ڪڏهن جو.........“
    ”اڳتي ڪجهه به نه چئجان ءِ..........“
    مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو.
    ”اڳتي ڪجهه به نه چئجانءِ......هوءَ تنهنجي زال آهي ۽ هاڻي توکي نڀائڻو آهي. شايد منهنجي ڪري ئي تنهنجي گهرو زندگي زهر ٿي آهي. اها منهنجي غلطي آهي، تنهنجي شاديءَ کان پوءِ مون کي توکان ڌار ٿي وڃڻ گهرجي ها پر الائي ڇو تنهنجي وڇڙڻ جي خوف توکان ڌار ٿيڻ نه ڏنو. مو ئي توکي چيو هو ته تنهنجو منهنجو پيار شاديءَ جي ٻنڌڻ کان آزاد آهي ۽ پاڻ هميشه سٺن دوستن وانگر رهندا سين پر شايد اِها به منهنجي ڀُل عئي ته هن معاشري ۾ عورت ۽ مرد جي دوستي به ڪا معنيٰ رکي ٿي......پر مان هاڻي آخري فيصلي تي پهچي وئي آهيان، جيڪو مون کي اڳ ۾ ڪرڻ کپندو هو. مان تنهنجي زندگيءَ کان ڏور وڃي رهي آهيان. اهڙي جاءِ تي جتي تنهنجا لُڙڪ منهجنجو رستو روڪي نه سگهن. مان هي شهر ڇڏي وڃي رهي آهيان ۽ سڀاڻي کان آفيس به ڪونه ايندس، پر وڃڻ کان اڳ ۾ هڪ التجا ضرور ڪنديس ته تون گهر موٽي وڃ، تنهنجي زال تنهنجو انتظار ڪندي هوندي ۽ مون کي ڪڏهن به ياد نه ڪجانءِ نه ته مان هميشه پاڻ کي مجرم محسوس ڪنديس.”
    هو چپ چاپ منهنجون ڳالهيون ٻڌندو رهيو ۽ ٻارن جيان لڙڪ هُن جي اکين مان وهي رهيا هئا پر اڄ هُن جا لڙڪ منهنجو رستو روڪي نه سگهيا. هُن روڪڻ چاهيو پر مان نه رڪيس ۽ هُن جو سمورو درد پنهنجي اکين ۾ سموئي خوب رُنس، وقت شايد سڀ کان وڏو مرهم آهي، وقت گذرڻ سان گڏ درد جي شدت ۾ گهٽتائي ضرور اچي وئي پر هن کي وساري نه سگهيس. سالن کان پوءِ اچانڪ هُن سان ملاقات ٿي. هو ڪيڏو نه بدلجي ويو هو، پنهنجي ٻارن سان گڏ ڪيڏو نه خوش هو پر منهنجي چهري تي ساڳي ويراني ۽ اداسي ڇانيل هئي. هن هميشه جيان منهنجو چهرو پڙهڻ چاهيو ۽ پڇيو.
    “تنهنجو مڙس ۽ ٻار ڪٿي آهن؟؟”
    “مون شادي ڪٿي ڪئي آهي! مان ته سالن پڄاڻا پاڻ کي ڪٿي رکي وساري ڇڏيو آهي.”
    هن منهنجي ڳالهه ٻڌي وڏو ٽهڪ ڏنو.
    “تون محبت ۾ايتري اذيت پسند ٿي سگهين ٿي پر مان هاڻي انهن ڳالهين کي ياد ڪري کلندو آهيان، شايد جوانيءَ ۾ انسان کان اهڙيون بي وقوفيءَ جون حرڪتون ٿينديون رهنديون آهن، مون کي وسارڻ جو چئي ۽ پاڻ مون کي اڄ تائين وساري نه سگهي آهين پر صبا صاحبه مان هاني ان نظرئي جو قائل آهيان ته محبت اهڙي شيءِ ناهي جنهن لاءِ زندگي برباد ڪجي.
    اهي لفظ ته نه هيا پر منهنجي منهن تي زوردار چماٽ هئي، جنهن منهنجي محبت جي سڄي ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيري ڇڏيو هو. مون محبت لاءِ جيڪي گل سنڀالي رکيا هيا، هاڻي اهي ئي گل ڀٿر بڻجي منهنجي وجود کي سنگسار ڪري رهيا هئا........!!


    هارايل سوچون

    اڄ مون کي هن جي وجود مان ڪراهت محسوس ٿي رهي هئي، هو مون کي گند جو ڍير لڳي رهيو هو، جنهن ۾ سواءِ ڌپ جي ڪجهه به محسوس نه ٿو ڪري سگهيس...........؟ ڇا هر مرد جي ايتري سطحي ۽ لامحدود سوڇ هوندي آهي.......؟
    سوچيندي سوچيندي منهنجي دماغ جون رڳون ڇڪجڻ لڳيون، لڙڪَ اکين مان ٽپ ٽپ ڪري وهي رهيا هئا ۽ من ۾ شور وڌندو پيو وڃي. هن جي لفظن جو شور جيڪو مان ٻڌڻ نه ٿي چاهيان.
    “تون آواره عورت آهين ماضيءَ ۾ جميل سان تنهنجي دوستي هئي. مون کي سڀ خبر پئجي وئي آهي تون ان لاءِ شاعري ڪندي هئين، هي تنهنجي شاعريءَ جا مجموعا ان ڳالهه جي گواهي آهن ته تنهنجي شادي زبردستي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ تنهنجي مرضي شامل ناهي، تون بي وفا آهين..........مون کي نفرت آ تنهنجي وجود کان تنهنجي شاعريءَ کان.
    “مان مڃيان ٿي ته جميل کي پسند ڪندي هيس ۽ ڪنهن کي پسند ڪرڻ ڏوهه ته ناهي، پر مان شاديءَ کان پوءِ توسان سينسيئر رهي آهيان. مون ڪڏهن ڀلجي به هن جو خيال دل ۾ نه آندو آهي. مان ان باب کي ان وقت ئي ڪلوز ڪري ڇڏيو هو جنهن ڏينهن توسان رشتو جڙيو هو.”
    “مون کي هاڻي تنهنجي......... صفائي نه کپي...............مان تو جهڙي عورت سان زندگي نه ٿو گذاري سگهان”.
    ايڏي وڏي توهين ايڏي ذلت ۽ خواري ڇو اسان جي مقدر ۾ لکي ويندي آهي........ گهر جو هر منظر خوف وچان ڏسي رهيو هو. هيءَ گهر جيڪو مون لاءِ چپر ڇانو هو، اهو منهنجي پناهه گاهه نه رهيو هو. جڏهن اعتماد جي نازڪ تند ٽٽي پوي ته باقي ڪو به رشتو ناهي بچندو ۽ هن ته هڪڙي ئي ڌار سان سڀ رشتا ٽوڙي ڇڏيا هئا......... اسان جون ننڍڙيون ننڍڙيون غلطيون روڳ بڻجي ويندوين آهن. اسان کي هر پل اهو احساس ڏياريو ويندو آهي ته اسان جي ڪا به مرضي ناهي اسان جي ڪابه حيثيت ناهي. اسان سڄي حياتي ٻين لاءِ جيئندا رهون ۽ اسان لاءِ ڪو هڪڙو پل به جيئڻ ناهي چاهيندو........؟.........هاڻي هتي رهڻ مون لاءِ اذيت کان سواءِ ڪجهه به نه هي هن جي لفظن جا ڏنڀ منهنجي انا وڌيڪ برداشت ڪري نه سگهندي.......پاڻ سان گڏ پنهنجي شاعريءَ جا مجموعا کنيم جيڪي منهنجي ڪل ڪائينات هيا منهنجي وجود ۽ منهنجي خوابن جا امين هيا.....................
    مون پهريون ڀيرو اذيت تڏهن محسوس ڪئي هئي جڏهن منهنجي وجود جي حيثيت کي ڌتڪاريو ويو ۽ منهنجو وجود پاڻ لاءِ سواليه نشان بڻجي ويو هو......ڳوڙهن احتاج ڪيو.........؟ سڏڪن ڳالهايو، پر انهن جي زبان ڪنهن سمجهي آهي ڇا......؟
    مون خاموشيءَ کان فرار چاهيو، پر آخرڪار ٿڪجي خاموشيءَ جي ڇانو ۾ پناه وٺڻي پئي. مون کان فيصلي ڪرڻ جا سڀ هٿيار کسيا ويا. هٿين خالي صرف کوکلا لفظ بارود بڻجي نه سگهيا. اسان جهڙيون ڇوڪريون جڏهن پنهنجي خوابن کان شڪست کائينديون آهن ته ان موڙ تي اچي پنهنجي سوچن کي لاڪ ڪري هميشه لاءِ ڪمپرومائيز جو لباس پائي ڇڏينديون آهن....
    مون به ته انين ئي ڪيو هو. شاديءَ کان پوءِ پنهنجي وکريل وجود کي ميڙي وري جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ڏکن جي ڪوڙاڻ کي خوشين جي مٺاس ۾ بدلائڻ چاهيو هو۔ ان اڻ ڏٺل شخص کي جيون سمجهي قبول ڪيو هو جنهن منهنجي جذبن کي ڪڏهن ڇهيو ئي ڪو نه هو.......هو مون کي سمجهي نه سگهيو. هن جي تصور ۾ هڪ عام رواجي عورت هئي، جنهن جو ڪم صرف ٻار ڄڻڻ ۽ هر ظلم تي چپ رهڻ........۽ مان هن جي تصور کان بنهه مختلف هڪ زنده وجود رکندڙ........جنهن کي اهو آهستي آهستي پنهنجي انا پرستيءَ جي بٺيءَ ۾ ساڙي رک ڪري رهيو هو.....
    مان هڪ دفعو وري ٻيهر هاڻي ان گهر طرف وڃي رهي هيس جيڪو، منهنجو نه هو. ڄاڻان پئي ان گهر ۾ هاڻي مون لاءِ ڪجهه به نه آهي......ڄاڻان پئي منهنجي زخمن تي پها رکڻ بدران لوڻ ٻرڪيو ويندو.........پر ٻي ڪا پناهه گاهه به ته ڪونهي مڙس جي گهر کان پيءُ جي گهر تائين سمورو رستو ڄڻ ڪنڊن جو ڄار بڻجي ويو آهي.
    امان ڏسندي ئي پچيو اڪيلي ڇو آئي آهين.........؟
    زبير سان وڙهي آئي آهين ڇا..........؟
    مان چپ رهيس. پر امان سمجهي وئي. توکي اڳم ئي سمجاهيو هيم ته پنهنجا اهي شوق ختم ڪري ڇڏ، هر مرد جي پنهنجي ذهنيت ۽ سوچ ٿيندي آهي اگر هو پسند نه ٿو ڪري ته توکي هن جي مرضيءَ مطابق هلڻ گهرجي. هن جي مرضي......؟
    ڇا منهنجي ڪا مرضي ناهي.....؟
    مان هن جي مرضيءَ جي اڱر پڪڙي ٿڪجي پئي آهيان هن چيو نوڪري ڇڏي ڏي. مون نوڪري ڇڏي ڏني ڪو به احتجاج نه ڪيو. هن چيو شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏي مون چپ چاپ هن جي مرضي قبول ڪئي ڪو به احتجاج نه ڪيو.........مون هن جي خاطر پنهنجي سوچن خيالن کي هميشه لاءِ ذهن مان ڪوري ڪڍي ڇڏيو.....پر هڪ فنڪشن ۾ صرف جميل سان کلي ڳالهايم ڄڻ هن کي باهه لڳي وئي. هن جي اندر جو گهٽيا انسان ظاهر ٿي ويو. هن مون تي ڪيڏا نه غلط الزام هنيا آهن. جن سان منجهنجو سڄو وجود رتو ڇاڻ ٿي ويو آهي. هاڻي مان هن سان گڏ نه ٿي رهي سگهان. اها منهنجي مرضي آهي......
    امان ڏاڍو سمجهايو واپس گهر موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي پر مان اهو در وري نه ٽپيس، جيڪو هڪ دفعي اورانگهي آئي هيس، زبير پاڻ ئي مون کي طلاق ڌئي ڇڏي..........شايد هن کي مون مان جان ڇڏائڻ لاءِ بهانو کپندو هو، هُن سمجهيو هو طلاق کان پوءِ مان جميل سان شادي ڪري ڇڏيندس پر مون کي ته مردن جي وجود کان نفرت ٿي ويئي هئي........
    منهنجي تنهائين جي ساٿي شاعري هئي جنهن سان مان پنهنجا ڏک سيئر ڪندي هيس. جنهن جي ڪاڻ مون ايڏو ڪجهه ڀوڳيو هو. ڏک منهنجي شاعريءَ جي علامت بڻجي ويو هو ۽ ڏک جو ٻيو نالو مان خود هيس. منهنجي شاعريءَ جو ڇوٿون مجموعو بڌرو ٿي چڪو هو ۽ اڄ ان ڪتاب جي مهورت ٿي رهي هئي. مان تيار ٿي فنڪشن ۾ وڃي رهي هيس ته ڀاڄائيءَ روڪينيدي چيو تون پنهنجا اهي شوق ختم نه ٿي ڪري سگهين؟ ڇا ڏنو آ تنهنجي شاعريءَ صرف رسوائيءَ ۽ بدناميءَ جي...........
    “شاعري ته منهنجي آخري سگهه ۽ جياپي جو سهارو آهي اهو به کسڻ چاهيو ٿا”.
    “انهن افعالن جي ڪري ته پنهنجو گهر ڦٽايو اٿئي ۽ پنهنجي زندگي برباد ڪئي اٿئي.
    “شايد مان هن گهر تي بار بڻجي وئي آهيان ۽ خود پنهنجي لاءِ به بار آهيان.
    مان تڪڙي تڪڙي نڪري آيس فنڪشن ۾ به مزو نه آيو بار بار ڀاڄائيءَ جا لفظ ڪنن ۾ گونجندا رهيا. فنڪشن ختم ٿيو مان جيئن ئي ٻاهر نڪري رهي هيس ته مون کي ڏسي هڪ شاعر ٻئي شاعر کي چيو.
    “يار پنهنجو گهر ته ٺاهي نه سگهي آ، هلي آ ٻين کي محبت جو بيغام ڏيڻ. اهڙيون آزاد ڇوڪريون ڪٿي ٿيون هڪ مرد وٽ قابو رهي سگهن.”
    ٻئي شاعر ها ۾ ها ملائيندي چيس، ها يار ايڏيون سٺيون هجن ته پوءِ شاعري ڇو ڪن.
    اهي لفظ نه هئا ڄڻ شيشا هئا جيڪي منهنجي سڄي وجود ۾ چڀي ويا هيا ۽ منهنجي عزت جي چادر کي تار تار ڪري ويا. اهي ساڳيا شاعر ڪجهه دير اڳ اسٽيج تي بيهي منهنجي شاعريءَ جي تعريف ۾ قصيده پڙهي رهيا هيا ۽ عورت جي باري ۾ پنهنجي وسيع نظري ترقي پسند هجڻ جو ڍنڍورو پٽي رهيا هيا ۽ اسٽيج تان لهڻ کان پوءِ هنن جي ذهنيت ۽ هنن جي سوچ گند جو ڍير لڳي رهي هئي......
    منهنجا آئيڊيلز ۽ سمورا آدرش ڇناڪ سان ٽٽي چڪا هئا ......منهنجي هٿن ۾ منهنجي شاعريءَ جو ڇوٿون مجموعو هو. ۽ منهنجو اندر درد سا ڀرجي ويو هو اڄ مان پنهنجا چار ئي مجموعا ساڙي رک ڪري ڇڏيا ۽ منهنجا لڙڪ ان باهه کي وسائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا هيا........منهنجون سوچون هار کائي ان ٻه واٽي تي ٻيٺيون هيون جتي واپسيءَ جو ڪو به رستو باقي نه هو...........


    جلي جلنديس ڪيترو

    هن جو ڳالهائڻ مونکي بنهه ڪو نه وٺندو هو ڪڏهن به رب جو صبر شڪر ڪو نه هوندو هيس هر وقت ڪين جو ڪينرو پئي روئندي هئي. جڏهن به گهر ۾ داخل ٿيندي هئي هن جي جُتي جي گسڻ جو آواز پيو گونجدو هو ۽ ان سان گڏ هن جي زبان به قينچيءَ وانگر هلندي هئي. اڄ به گسڻ گسڻ ڪندي اچي منهنجي مٿان بيٺي ۽ چيائين.
    “سائنڻ اچي وئي آهيان ڪم شروع ڪيان” اڄ ڏٺو مانس گڏ ساڻس ننڍي ڌي به هيس نه ........؟ ها سائنڻ وڏي ٿي وئي آهي سوچيم مون سان هلي ڪم ۾ همراهي ڪندي” پر سڪينه هيءَ ته تمام ننڍي آهي هن جا ننڍا هٿ ڪهڙو ڪم ڪندا.
    “سائنڻ! هيءَ سڄي گهر جو ڪم ڪار ۽ رڌو پڪو ڪندي آهي توهان جو گهر به اهڙو جرڪائي ڏيندي ڄڻ ڪي شيشو جنهن ۾ منهن پيو نظر ايندو”.
    پر سڪينه هن جي عمر ته پڙهڻ ۽ راند روند جي آهي تون هن کي ڪنهن اسڪول ۾ ڇو نه ٿي ويهارين مڙئي ٻه ٽي اکر پڙهي پوندي”.
    منهن ۾ گُهنڊ وجهندي چيائين.
    “اسان جي ابن ڏاڏن ڪو پڙهيو جوهاڻي هيءَ پڙهندي. نه ..........نه سائنڻ نه اهڙو ڪسو ڪم مون کان ڪو نه پڄندو مننجي پوڙهين هڏڙين ۾ هاڻي دم ڪونهي جو هنن کي سڄي عمر ڪمائي کارايان.”
    “اسان جي ابن ڏاڏن ڪهڙو پڙهيو هو پر اسان ته پڙهون پيا. هاڻي هو دور ناهي رهيو هاڻي تعليم عورت ۽ مرد ٻنهي لاءِ ضروري آهي مان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي مانس پر سانئڻ مان ڇا ڪيان سندس ڀاٽس نه ٿو مڃي چوي ٿو ڇوري اسڪول وڃي خراب ٿيندي”.
    مان ماٺ ٿي ويس ڇو ته هر دفعي کوڙ سارو مٿو هڻندي هئي مانس پر سندس دماغ ۾ ڪا به ڳالهه نه ويهندي هئي مان هڪ نظر صدوريءَ کي ڏٺم سندس سانوري مُک تي ٻاراڻي معصوميت بدران عجيب خوف ۽ حراس پکڙيل هو ۽ سندس پاتال جهڙي گهري اکين ۾ ڪيئي سپنا ڦٿڪي رهيا هئا ۽ ڪيئي اڻ پوريون خواهشون بي موت مري رهيون هيون هوءَ چپ چاپ هڪ پاسي اوپرائپ وچان هڪ هڪ شيءَ کي تڪي رهي هئي تڏهن ماڻس دڙڪو ڏيندي چيس.
    ڇوري اهو ڇا پئي وائڙن وانگر تڪين جلدي ڪم کي لڳي وڃ کوڙ سارو ڪم پيو آهي سگهي ٿي..........مان ڏٺم هوءَ ماءُ سان گڏ ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ ۾ لڳي ويئي سندس ننڍڙا هٿ تيزيءَ سان حرڪت ڪري رهيا هئا هن جي عمر ڏهه سال کن مس هئي پر هوءَ پنهنجي عمر کان وڌيڪ ميچوئر لڳي رهي هئي. شايد وقت هن کي اهو سمجهائي ڇڏيو هو ته هر رستو هن لاءِ بند آهي سواءِ ٺوڪرن جي هن جي نصيب ۾ ڪجهه به ناهي.
    هاڻي هوءَ اڪثر ماءُ سان گڏجي ايندي هئي شهر جي ڀرپاسي واري ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ٻئي مائر ڌيئر روز صبح جو سوير اينديون هيون ۽ ڪم ڪار لاهي شام جو واپس وينديون هيون هڪ ڏينهن هوءَ آئي ته ڏاڍي پريشان پئي لڳي ۽ ابتو سبتو ڪم ڪري هلي وئي. ٻئي ڏينهن به ائين ئي ڪيائين هن جو جسم ڪم ته ڪندو هو پر هن جو ذهن خبر ناهي ڪٿي ڀٽڪيل هو هاني صدوري به ساڻس گڏ ڪونه ايندي هيس مان ڪجهه ڏينهن ته ماٺ رهيس آخر مون کان رهي ڪين سگهيو سندس چهري تي پکڙيل ريکائن کي پڙهندي پڇيو مانس، سڪينه ڇا ڳالهه آ ايتري پريشان ڇو آهين ..........؟ پهريون ته هوءَ ماٺ رهي پر نيٺ هوءَ ڀُري پئي ۽ لڙڪ ٽم ٽم ڪندا هن جي جهول ۾ ڪرندا رهيا ۽ پوءِ لڙڪ اگهنڌي چيائين.
    ”سائنڻ اوهان کان ڇا لڪايان منهنجي ته تقدير ئي ڦٽل آهي خبر ڪو نه هيم ته هن عمر ۾ خواري ۽ زلت نصيب ٿيندي“. مان سندس ڳالهه ڪٽيندي چيم.
    ”آخر ٿيو ڇاهي.......؟“
    مون وارو وڏو ڇورو رَمو ڳوٺ جي منشيءَ جي ڌيءَ سان ڪارو منهن ڪندي پڪڙجي پيو آهي ڇوريءَ کي ته مائٽن ڪاري ڪري ٿڏي تي افٽ ماري ڇڏيو پر مون وارو ڇورو في الحال ڳوٺ ڇڏي ڀڄي ويو آهي ڇو ته ڇوريءَ جا مائٽ ڪاوڙ ۾ باهه لڳا ويٺا آهن جنهن وقت به مون وارو ڇورو هٿ لڳن. ڇوري کي افٽ ماري ڇڏيندا......سائنڻ توهان ئي ٻڌايو مان بي واهي هاڻي ڪاڏي وڃان نه وهي نه وارث مٿان ڌيئرن جو ڌڻ........مار پوي ان ندوري ڇوري کي جنهن هن پيريءَ جي عمر ۾ مونکي خوار ۽ ذليل ڪيو آهي سڄي ڳوٺ ۾ منهنجي مٽي پليت ٿي آهي. مان ته هاڻي ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙي ناهيان رهي هوءَ ڳالهيندي سڏڪي پئي. مان ڪوڙي تسلي کانسواءِ هن کي ڪجهه به چئي نه سگهيس منهنجون سوچون گهرماٽيون کائي وري ساڳئي نقطي تي اچي بيهي رهيون مان روزانو هن کان پڇندي رهندي هيس ته تنهنجو پٽ واپس وريو يا نه ڳوٺ وارن ڪو فيصلو ڪيو يا نه........
    ۽ پوءِ ٿڌي آهه ڀري چوندي هئي خبر ناهي منهنجي ٻچڙي جو ڪهڙو فيصلو ٿيندو ڳوٺ جي چئن چڱن وٽ ميڙون منٿون به ڏاڍيون ڪيو اٿم پر ڏسون ڇا ٿو ٿئي.
    هڪ ڏينهن هوءَ پنهنجي جتي جي انهيءَ مخصوص آواز سان گهر اندر داخل ٿي سندس واڇون خوشيءَ وچان ڪنن سان لڳي رهيون هيون مٺائيءَ جو دٻو سندس هٿن ۾ هو ۽ هوءَءَ رڙيون ڪري ٻڌائڻ لڳي.
    سائنڻ منهنجي پٽ جو فيصلو ٿي ويو..........؟ ڇا ٿيو............؟
    “رات ڳوٺ جي چئن چڱن مڙسن راڄ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو ته رمو جي جان جي بخشش صرف هڪ شرط تي ٿي سگهي ٿي جيڪڏهن صدوريءَ جوسڱ ڏنڊ طور منشيءَ کي ڏنو وڃي. سو سائئنڻ مان اهو فيصلو خوشيءَ وچان قبول ڪيو بلڪ رب جا سؤَ شڪر ڪيا اٿم ته جنهن منهنجي ٻچڙي تان مصيبت ٽاري........صدوري وڃي ڀاءُ تان قربان ٿئي پر ٻچڙي جي جان ته بچي نه ........”
    هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هن جا لفظ وجود کي سنگسار ڪرڻ لڳا منهنجو جسم پٿر بڻجي ويو هو ذهن جي سرد خاني ۾ ڄڻ اوچتو بارود ڦاٽي پيو هو ۽ هر طرف دونهون ئي دونهون پکڙيل هو.
    سڪينه تون ڪهڙي ماءُ آهين پنهنجي معصوم ڌيءَ تي ڪيڏو نه ظلم ڪري رهي آهين اڃان هن جي عمر ئي ڇاهي هوءَ ته منشيءَ جي ڌيءَ ٿي سونهين.........اهو نڀاهه ڪيئن ٿيندو منشيءَ کي هن عمر ۾ شادي ڪندي شرم ڪونه ايندو...........
    سائنڻ مرد جي ڪار عمر ٿوري هوندي آهي هونءَ به منشي رنڙ آهي پنج ٻار ئي ته اٿس تن کي وڃي صدوري پاليندي. سائنڻ ڌيءَ ڌڻ جي وڏي ٿيڻ ۾ دير ئي ڪيتري آ پاڻ ئي وڏي ٿي پوندي.
    “پر سڪينه اهو ڪٿان جو انصاف آ ڏوهه هڪڙو ڪري ۽ سزا ڪوئي ٻيو ڀوڳي.......
    “سائنڻ اسان اهي ننڍيون ننڍيون ڳالهيون سوچيون ئي ڪين بس جتي آيو ڌيئرن کي دڳ لائي ڇڏيندا آهيون.
    “اف منهنجا خدا!” مون کان رڙ نڪري وئي هيءَ جهالت ڪڏهن ختم ٿيندي منشي ۽ صدوري جو خيال ايندي ئي ائين لڳو ڄڻ ڪو جانور ڪنهن نازڪ جسم تان ماس پٽي کائي رهيو آهي. مونکي صدوريءَ جي منهن تي پکڙيل خوف ۽ حراس ياد اچي ويو شايد ننڍپڻ ۾ ئي هنن جي اکين ۾ پنهنجي ڪاري ٿيڻ جو خوف سمائجي ويندو آ مان سڪينه کي ڏٺو سندس چپن تي مُرڪ پکڙيل هئي ۽ مونکي اڄ سڪينه کان سخت نفرت ۽ ڪراهت محسوس ٿي رهي هئي ۽ سندس مُرڪ ڪنهن اڳ جيان لڳي رهي هئي جنهن ۾ صدوريءَ جو وجود سڙي ڀسم ٿي رهيو هو منهنجي دل چاهيو مان سڪينه کي ٿڏا هڻي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيان.


    وڇوڙي جو آخري پل

    اڄ منهنجا اداس نيڻن بار بار هن جي نيڻن جي پاتال ۾ خبر ناهي ڇا ڳولهي رهيا هئا............. دل پئي چاهيو هن جي مک تي خزائن جا سمورا زرد رنگ پنهنجي وجود ۾ سموئي پنهنجو پاڻ کي پن ڇڻ رت ۾ ڪنهن سڪل پن جيان اُڏاري ڇڏيان مان کي تاحيات پوڳڻيون پونديون آهن........جڏهن به هن کي ڏسندو آهيان هن جا سمورا ڏک منهنجي اکين ۾ اوتجي ايندا آهن هن جي منجهيل من ۾ اڄ به ڪيتريون الجهنون تڙپي رهيون هيون. هن جو مک ڄڻ خزان جو ڇڻيل پيلو پن، جيڪو ڪيترن ئي پيرن هيٺيان چيچلائي چيچلائي دانهون ڪري رهيو هو مان جڏهن به هن جي دکي من جي تار کي چيڙڻ جي ڪوشش ڪندو هيس ته ساڳيو الميه گيت هلندو هو هميشه ساڳي ڪٿا معصوميت وچان دهرائيندي هئي.
    “توکي ڪهڙي خبر ته اسان جي قسمت سان ڏک ڄمڻ سان ئي پلاند ۾ ٻڌا ويندا آهن ۽ پوءِ پوري حياتي انهن ڏکن جو بار مٿي تي کڻي کڻي جڏهن ٿڪجي پونديون آهيون ته زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏينديون آهيون. اسانجي حياتيءَ جا پل ڄڻ ته صدين کان وڏڙن جي عزت داريءَ جي ٽجوڙيءَ ۾ بند آهن ۽ صدين کان اسان جون حياتيون بند ٽجوڙيءَ ۾ رسمن جي ڪٽ سان زنگجي ويون آهن. ڪو به ته اهڙو ماڻهو ڪونهي جيڪو اسان جي زنگيل حياتي تان اهو ڪٽ لاهي شعور جي روشنيءَ سان اسان جي وجود ۾ روح ڦوڪي سگهي.....
    مان هن جي ڪٿا ٻڌي اڪثر بيزاري وچان چوندو هيس آخر توهان ڇوڪرين کي اهو ڪمپليڪس ڇو هوندو آهي ته ڏک صرف توهان کي ورثي ۾ مليا آهن هن دنيا ۾ صرف توهان ئي مظلوم ، بي وس ۽ لاچار آهيو.... اُداس ۽ ڏکي رهڻ سان مسئلا ڪڏهن به حل ناهن ٿيندا جي ائين هجي ها ته دنيا جا سڀئي ماڻهون آڀگهات ڪري ڇڏين ها زندگي جو مزو ته تڏهن ئي ماڻي سگهجي ٿو جڏهن انسان پيڙا ۾ انجواءِ ڪري.
    پر اڄ سوچيندو آهيان هن سچ چيو هو شايد هن زندگيءَ کي ڏاڍو ويجهو محسوس ڪري ان جي تلخيءَ جي زهر کي ننڍپڻ کان پنهنجي اندر ۾ اوتيو هو.
    هوءَ اڪثر چوندي هئي، ”جيڪي ڪجهه منهنجي ماءُ ڀوڳيو آهي شايد مان به اهو ئي ڪجهه ڀوڳينديس ۽ مون کان پوءِ منهنجي ڌيء ڀوڳيندي. اهو ئي ته هن معاشري جو ”سسٽم آ“ شايد عورت ڏک جي مٽي مان جنم وٺي ڏک جي مٽيءَ ۾ ئي فنا ٿي آ......منهنجي معصوم اکين ننڍپڻ کان صرف اهو ڏٺو آ ته منهنجو پيءَ جڏهن شام جو گهر موٽندو آ ته امان سندس ڌوڙ ۾ لٽيل بوٽ هن جي پيرن مان لاهي رکندي، آ اهو منظر ڏسندي ڏسندي اکيون ڀٿرائجي ويون آهن، ڇو ته منهنجي اکين اهو ڪڏهن به نه ڏٺو آ ته بابا ڪڏهن امان کي گلاس پاڻيءَ جو ڀري پياريو هجي.......آخر ائين ڇو آ...........منهنجي ذهن ۾ هميشه ٽوڙ ڦوڙ ٿي آ............جتي دنيا ۾ نيون نيون تبديليون آيون آهن اتي معاشرتي سسٽم ۾ انقلاب ڇو نه ٿو اچي. انڌين رسمن رواجن جي سوليءَ تي اسان ڪيستائين لٽڪيل رهندا سين.
    اڄ هن کي ڏٺم ته هوءَ اڄ به انڌين رسمن جي صليب تي لٽڪيل آهي. هوءَ جيڪا دنيا کي بدلائڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي دنيا کي ته ن بدلائي سگهي پر پاڻ دنيا سان قدم قدم سان ملائي هلڻ لڳي هئي....هوءَ جيڪا ديوارن سان مٿو ٽڪرائڻ بجاءِ ديوارن کي ڪيرائڻ جي ڳالهه ڪندي هئي ، سا خود انهن ديوارن سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ڀور ڀور ٿي چڪي هئي. هوءَ جيڪا محبوب جي بي وفائيءَ تي آپگهات ڪرڻ بجاءِ محبوب کي شوٽ ڪرڻ جي سگهه رکندي هئي. سا پنهنجي محبوب جي بي وفائيءَ تي صرف ڳوڙها ڳاڙهي هن جي بي وفائيءَ جي داڳ کي ڌوئي رهي هئي..........
    اڄ هوءَ ڏاڍي معصوم لڳي رهي هئي ان معصوم ٻار جيان جنهن کي اها خبر نه هوندي آهي، ته هو روئي ڇو ٿو هن کي تڪليف ڪهڙي آ...........مون ۾ ايتري همت ڪو نه هئي جو هن جي اکين ۾ نهاري سگهان. هن جي اکين مان ٽپ ٽپ ڪندڙ لڙڪ مان پنهنجي هٿ ترين تي سجائڻ جي ڪوشش ڪيم ڇو ٿه هن جا لڙڪ آب زم زم کان به وڌيڪ مقدس ڀانيم........هوءَ ۽ مان پٿر جي ساڳي بينچ تي ويٺا رهيا سين پهرن جا پهري گذري ويا........لڙڪن جا اڻ کٽندڙ سلسلا منهنجي نيڻن کان هن جي نيڻن تائين وهندا رهيا. پر هوءَ خاموش پنهنجي هٿ رکائن ۾ منهنجو عڪس ڳولهي رهي هئي. سڄي يونيورسٽي خالي ٿي چڪي هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڪاريڊار ۾ نظر اچي رهيو هو پر اسان ٻئي وقت جي لهرن کان بي خبر اميدن جو سج ٻڏڻ تائين وقت جي ڪناري تي ويٺا هئا سين.
    مان جڏهن مجبور ٿي هن جي ڏکي من جي تار کي ڇيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جي مک تي درد جا ڪيترائي ڦڙا جرڪيا جيڪي هن پيڙا جي ٽشو پيپر ۾ جذب ڪندي چيو. تون شخص ان قابل ئي ناهين جنهن سان محبت ڪري ڪا ڇوڪري پنهنجي زندگي برباد ڪري تون زندگيءَ ۾ ڌڪا کائي پٿر جو بڻجي ويو آهين تون بي حس ۽ لاپرواءَ شخص آهين. جي منهجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهين ته منهنجي زندگيءَ کان ڏور هليو وڃ.
    عاشي توکي خبر آهي ته مان حقيقت پسند ماڻهو آهيان مان محبتن کي هميشه عام جذبي وانگر نارمل انداز ۾ محسوس ڪيو آ، مون کي انهن مجنو ٽائيپ عاشقن تي سخت چڙ ايندي آهي، جيڪي پنهنجي محبوبه جي پويان روئندا پٽيندا آپگهات ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن ۽ ۽ ديوانگيءَ جي حد ٽپي پاڻ کي نرالي مخلوق سمجهندا آهن. عاشي مون کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪر مان انهن ماڻهن مان ناهان جيڪي جاڳندي ۾ خواب ڏسندا آه تون سترهين گريڊ جي گزيٽيڊ آفيسر ۽ مان صرف معمولي مصور جيڪو دنيا جي خوبصورت تصويرن ۾ رنگ ڀري ڀري خود بَد صورتيءَ جو اهڃاڻ بڻجي ويو آهي.
    آ مان توسان شادي ڪري پاڻ کي پڌي ذليل ڪري محرومين جي انڌي کاهيءَ ۾ ڪرڻ نه ٿو چاهيان تون آسمان آهين جنهن کي مان ڪڏهن به ڇُهي نه ٿو سگهان هن منهنجي ڳالهه ڪٽيندي وري چيو.
    پر مان تنهنجي خاطر هر رسم کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان دنيا چاهي ڪجهه به چوي مون کي پرواهه ناهي تون مون کي جيڏانهن به نه وٺي هل مان هلڻ لاءِ تيار آهيان. ڇو ته مان واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ڪري چڪي آهيان مان وري هُن کي سمجهائڻ چاهيو.
    ڪيڏي نه چري آهين مان جنهن جي نيڻن ۾ گلاب رت جا سپنا پوکيا آهن مان ان جي راهن ۾ ڪنڊا وڇائي نه ٿو سگهان، نه مون وٽ مٿي ڊڪڻ لاءِ اجهو نه ڪائي نوڪري مون جهڙو بي روزگار روڊن تي آواره گهمندڙ شخص توکي ڪيڏانهن وٺي وڃي مون کان ته منهنجا خواب به باغي ٿي ڀڄي ويا آهن.
    پوءِ آخر ڪائي نوڪري ڇو نه ٿو ڪرين منهنجي خوابن کي سڄي عمر سوليءَ تي لٽڪائڻ جو حق توکي ڪنهن ڏنو آ تون پنهنجي محرومين جو انتقام مون کان ڇو وٺي رهيو آهين.
    هن روئندي سڏڪن ۾ چيو.
    اڄ ايتري جذباتي ڇو ٿي رهي آهين ڇا ڳالهه آ............
    گهر وارا منهنجي شاديءَ جو سوچي رهيا آهن ۽ جي تون اڃان به ڪجهه نه ڪيو ته پوءِ منهنجو ڪڏهن به منهن نه ڏسجانءِ هوءَ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي پنهنجي آفيس طرف وڌي وئي ۽ منهنجا سڏڪا پڙاڏو بڻجي هوائن وکرجي ويا ۽ هوءَ بي درديءَ سان وکريل سپنن کي لتاڙيندي نگاهن کان ڏور ٿيندي وئي.
    ان رات مون ڏاڍو سوچيو هن جي باري ۾ پنهنجي باري ۾ پر دل جي ويرانشهر ۾ ڪو به ڪرڻو نه ڦٽو . رات جي سائت ۾ بي ڏوهي سپنا ايذاءُ کان ڦٽڪندا رهيا...وسارڻ چاهيم پر وساري نه سگهيس اهي سڀني پل .........اها پيڙا ۽ پيڙجڻ ڪيئن وساريان اهي ماڳ اهي پيچرا ........اهي سرنهن جا وڻ جنهن هيٺان ويهي اسان پنهنجا لڙڪ ۽ ٽهڪ شيئر ڪيا هئا. سڄي رت اوجاڳن جي صليب تي لڙڪن جي زنجير ڳچيءَ ۾ لٽڪيل رهيس ۽ جيئن ئي صبح جي پهرين ڪرڻي منهنجي اکين ۾ جهاتي پاتي مان آخري فيصلو ڪري چڪو هيس جلدي جلدي تيار ٿيس ۽ يونيورسٽيءَ پهتس. پوري يونيورسٽي خاموشيءَ ۾ ٻڏل ويران لڳي رهي هئي مان سڀ دڳ لتاڙي وڃي ساڳي مخصوص جڳهه تي ويٺس ۽ اکيون بند ڪري خبر ناهي ڪهڙي دنيا ۾ گم ٿي ويس جتي صرف هوءَ هئي ۽ هن جا ٽهڪ ...........خبر ناهي ڪيترا ڪلاڪ گذري ويا اک تڏهن کلي جڏهن ڪنهن جهنجهوڙي اٿاريو ڏٺم عاشي بيٺي هئي. عاشيءَ جي اکين ۾ عجيب اُداسي ۽ بي وسي هئي چيو مانس ويهه .........چيائين نه تڪڙي آهيان.
    توکي خبر آهي مان هتي صبح ڇهين بجي کان تنهنجو انتظار ڪري رهيو آهيان.
    ڇو.........؟ هن رکائيءَ مان پڇيو.
    اڃان ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ بچيو آهي ڇا .........؟ ها گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو اٿم ڇو ته مان سڀ ڪجهه توکي ارپڻ چاهيان تون منهنجي درد کي سموئڻ جي سگهه رکين ٿي ته ٻڌ جنهن شخص کي تو هميشه بي ترتيب بگڙيل آواره ڏٺو آ جنهن هميشه خاموشيءَ سان کيڏندي ، سگريٽن جا وڏا وڏا سوٽا هڻندي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيندي سڄي سڄي رات خالي روڊن تي پنهنجا سپنا ڳولهيندي ڏٺو اهو شخص اندران بلڪل کوکلو ۽ پورو آ تون سمجهين ٿي مان ايترو بي حس ۽ لاپرواه آهيان جو تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان نه عاشي ائين ناهي. مان تنهنجي محبت ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهان ٿو، جيڪو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو هوندو. پر مان توکي ڌوڪو ڏيڻ نه ٿو چاهيان مان اڄ تائين توکي صرف ٽاريندو ۽ لنوائيندو رهيو آهيان صرف ان ڪري ته حقيقت ٻڌي توکي ڏک نه رسي.
    مون کي برين ڪينسر آهي منهنجي حياتيءَ ۾ جيئڻ جي مدت خٿم ٿي چڪي آ خبر ناهي ڪهڙي پل موت جو چنبو مون کي جهٽي وجهي.......تنهنجي لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهيس ڏک صرف اهو اٿم ته توکي ڪو به نئون سسٽم ڏئي نه سگهيس. بلڪه توکي پنهنجي هٿن سان انهن ريتن رسمن جي صليب تي چاڙهي ڇڏيم جن کان تون هميشه باغي رهي آهين......عاشي! مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به نه آهي مان ڄاڻندي به تنهنجي سينڌ ۾ وڌوا جو سنڌور نه ٿو ڀري سگهان. ڪاش! مون کي پنهنجي بيماريءَ جي خبر توسان ملڻ کان اڳ ۾ هجي ها ته مان تنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به نه اچان ها. مان تنهنجو ڏوهاري آهيان تنهنجي خوابن ٽوڙڻ جو سنگين ڏوهه ڪيو اٿم تو هميشه منهنجا ڏک شيئر ڪيا اهن ۽ مان ڏاڍو خراب آهيان هميشه تهنهجي جهوليءَ ۾ ڏک وڌا اٿم هڪ ٻيو به ڏک تنهنجي جهول ۾ وجهي رهيو آهيان جي ٿي سگهئي ته معاف ڪري ڇڏجانءِ.
    عاشيءَ کي ڏٺم هوءَ پٿر بڻجي وئي هئي ڄڻ سندس دل سيني اندر بريڪ هڻي بيهجي وئي هجيس لُڙڪ لارون ڪري هن جي اکين مان وهي رهيا هئا چپ ڪري ڪجهه ڳالهائڻ لاءِ ڦڙڪي رهيا هئس.
    “تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين بڪواس ڪري رهيو آهين توکي ڪابه بيماري ڪونهي”.
    ڊاڪٽر جي ميڊيڪل رپورٽن جو سڄو فائيل سندس اڳيان رکيم هوءَ اکيون ڦاڙي لڙڪ رئي جي پلاند سان اگهندي انهن سڀني رپرٽن کي پڙهڻ لڳي ۽ پوءِ سندس وجود جا سمورا احساس ڀور ڀورٿيڻ لڳا ۽ هوءَ چرين وانگر رپورٽن جي ڪاغذن کي مروڙي سروڙي هيٺ اڇلائي هلي وئي ۽ هن جي پويان منهنجا سڏڪا پولارن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ مان هوائن ۾ هٿ ڦهلائي پهريون دفعو خوب رنس.
    هن جا چيل لفظ ڪنن ۾ ٻيهر ٻرڻ لڳا.
    “مان تنهنجي خاطر هر رسم کان بغاوت ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ماڻهو چاهي ڪجهه به چون مون کي پرواهه ناهي تون مون کي جيڏانهن به وٺي هل مان هلڻ لاءِ تيار آهيان ڇو ته مان واپسيءَ جا سڀ دروازا بند ڪري چڪي اهيان.
    عاشي! ڪاش مان توکي ان منزل طرف وٺي وڃڻ جي سگهه ساري سگهان پر مان مجبور آهيان ان منزل جو صرف اڪيلو راهي آهيان. مان يونيورسٽيءَ کان نڪري آيس ائين لڳم وري هتي ڪڏهن به نه اچي سگهندم سڀ عڪس ۽ منظر منهنجي اکين کان ڏور ٿيندا ويا ۽ لڳم مان وڇڙيل وقت جو آخري پل بچيو آهيان....!!


    اڌوريون ياديون

    هن جي خماريل نيڻن ۾ ڪجهه ته هو جيڪو ڏسندي ئي دل کي ڪرنٽ هڻندو هو سندس پاتال جهڙيون گهرين اکين ۾ لڙڪن جو سمنڊ موجون هڻندو نظر ايندو هو هوءَ پنهنجي قدمن جي آواز کان ڇرڪندي، ڊڄندي گهٻرائجي ويندي هئي. هوءَ ڪنهن ڊنل هرڻيءَ جيان هئي جنهن جي اکين ۾ پنهنجي شڪار ٿيڻ جو خوف هر وقت سمايل رهندو آ........مان چاهڻ جي باوجود هن جي من تي لڳل قلف کي ٽوڙي نه سگهيس هن جي من ۾ پليل وسوسن ۽ رهمن جا نانگ ماري نه سگهيس هن جي دل جي طرف ويندڙ سڀئي رستا بند هئا ۽ جيڪو انهن رستن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو هو ڀڄي ٽٽي ريزه ريزه ٿي ويندو هو.......هو ته يونيورسٽيءَ ۾ نئين ليڪچرار طور اپائنٽ ٿي آئي هئي. نفسيات سندس سبجيڪٽ هو ۽ سندس شخصيت تي به نفسيات جو گهرو رنگ چڙهيل هو پاڻ به ڪنهن نفسياتي مسئلي جيان الجهيل هئي جنهن کي سلجهائڻ ڏاڍو مشڪل هو ته هر وقت خاموش رهندي هئي اداسيءَ جا ڪارا بادل هر وقت هن جي چهري تي ڇانيل رهندا هئا هوءَ اڪثر مون کي اڪيلي ئي نظر ايندي هئي ڪڏهن ڪنهن ڀٿر جي بينچ تي ويٺي نيري وشال تي اڏامندڙ پکين کي ڪيئي پهر گهوريندي رهندي هئي ڪڏهن وڻن مان ڪرندڙسڪل پنن کي کڻي انهن جو ساهه نپوڙيندي رهندي هئي ڪڏهن هوءَ ڪينٽين سائيڊ ڏي اڪيلي ڪرسي تي مٿو ٽيڪي خبر ناهي. ڪهڙي دنيا جا سپنا ڏسندي هئي.......هو الائجي ڪيئن هئي.......وحشتن جي سوداگر .........يا درد جي وهڪري ۾ گم ٿيل آخري گيت........يا پنهنجي ئي انا هٿان زخمي ٿيل......پر پوءِ به هوءَ الائي ڇو ڪشش رکندي هئي هن تي هڪ دفعو نظر پوندي هئي ۽ دل چاهيندي هئي هن کي ائين ڏسندو ئي رهجي ۽ صديون گذري وڃن ۽ ها جڏهن به منهنجون اکيون هن جي اکين تائين سفر ڪري جڏهن پهچنديون هيون ته پاڻ ڀٿر بڻجي وينديون هيون.....؟ هوءَ اوپري هوندي به مون کي پنهنجي لڳندي هئي ڄڻ ڪٿي نه ڪٿي اسان جي ريکائن جون ٽٽل لڪيرون پاڻ۾ ضرور ٽڪرايون هيون مان هن لاءِ جيڪي ڪجهه محسوس ڪندو هوس اُهي احساس هن جي دل ۾ لڇندي ڏسڻ ٿي چاهيم، مان مشڪل پسند يا اذيت پسند نه هوس هميشه سڌي واٽ هلڻ جو عادي هيس مان هر ڳالهه ڊاريڪٽ چئي ڏيندو هوس چاهي اها ڳالهه ڪيتري ئي تلخ ڇو نه هجي مان هن جي اکين مان اهي سڀ خواب ڳولهڻ ٿي چاهيان جيڪي ڪنهن تيز واچوڙي ۾ ڇڙوڇڙ ٿي ويا هئا مان هن جي دل جي دري کولي اهي سڀ راز پڙهڻ ٿي چاهيان جيڪي راز هن جي وجود کي اڏوهيءَ جيان کائي کوکلو ڪري رهيا هئا.
    اڄ به هوءَ اڪيلي ويٺي هئي ۽ گهري سوچ ۾ گم هئي ته مان سندس ويجهو وڃي کيس سوچن جي گهيري مان آزاد ڪيو.
    “ايڪسڪيوز مي ڇا مان هتي ويهي سگهان ٿو”.
    هن هڪ ترڇي نظر مون تي وڌي سندس چپ ڪجهه چوڻ لاءِ ڦڙڪي رهيا هئا پر هوءَ ها ۽ نه ڪجهه به چئي نه سگهي ۽ مان هُن کي وڌيڪ آزمائش ۾ وجهڻ بدران پاڻ ئي ڪُرسي سوري هن جي سامهون ويهي رهيس، شايد اوهان جي دل يونيورسٽيءَ ۾ نه ٿي لڳي، اهو اوهان ڪيئن ٿا سمجهو هو پهرين دفعو مون سان مخاطب ٿي. اُن لاءِ ڇو اوهان سڄي دنيا کان الڳ ٿلڳ رهندا آهيو............؟ “هر ماڻهوءَ جي پنهنجي نيچر هوندي آهي مون کي ائين ئي تنها رهڻ سٺو لڳندو آ.........
    “ان جو مطلب ته هن وقت منهنجي ڪمپني به اوهان کي ناگوار گذرندي هوندي ڇو ته مان اوهان جي تنهائيءَ ۾محل ٿيو آهيان، پر هڪ ڳالهه ضرور چوندس ته زندگيءَ کي ايترو بور نه بڻايو ماڻهن جي دنيا ۾ اٿو ويهو، کلو ڳالهايو ۽ زندگيءَ کي انجواءِ ڪيو زندگي ڏاڍي مختصر آ، ان کي ائين ضايع نه ڪيو.
    مجيب صاحب! زندگي ڪنهن لاءِ ٽهڪن جي سوغات ۽ انجواءِ ڪرڻ لاءِ ضرور هوندي پر ڪن لاءِ اها زندگي بوجهه آهي هڪ ڀيناڪ خواب آهي ماڻهو نه جيئڻ چاهيندو آهي ۽ پوءِ به جيئڻ تي مجبور هوندو آهي ، سو براءِ مهرباني اوهان جهڙا ماڻهو اگر مرڻ نه ٿا ڏين ته گهٽ ۾گهٽ سک سان جيئڻ ته ڏين مون کي منهنجي حال تي رهڻ ڏيو ۽ توهان پنهنجي زندگي انجواءِ ڪيو.........”
    “آل رائيٽ” مان اٿي کڙو ٿيس.
    اڄ هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيم پر پوءِ به ڪوڙو ڪسارو ڊڪ سمجهي پي ويس دل ۾ آيو چوانس پنهنجو پاڻ کي سمجهين ڇا ٿي؟ پر چئي نه سگهيس ۽ پوءِ ڪافي عرصو گذري ويو مان هن سان ڪو نه ڳالهايو ڪڏهن ٽڪراءُ به ٿيندو هو ته اجنبين وانگر هڪ ٻئي کي ڏسي منهن ڦيري ڇڏيندا هئا سين جڏهن هُن جي اکين ۾ ندامت هوندي هئي، پر پوءِ به هن ڪڏهن سوري نه چئي خود غرضي جو مظاهرو ڪيو هو.
    هڪ ڏينهن دوست سان گڏ آفيس ۾ ويٺي ڳالهايم پئي ته هوءَ ڪوريڊا ر مان آفيس اڳيان لنگهي وئي ويٺل دوست جي جذبي جيئن ئي هُن تي نظر پئي چيائين.
    “هيءَ ميڊم هتي ليڪچرار آهي ڇا........؟
    چيو مانس ها تون ڪيئن سڃاڻين.
    چيائين
    منهنجي شهر جي آهي، ويچاري سان ڏاڍي ٽريجڊي ٿيل آهي مون حيرت مان پچيو ڪهڙي ٽريجڊي........
    هيءَ ڏاڍي سٺي گهراڻي جي ڇوڪري آهي ۽ سندس خاندان ڪجهه قدامت پسند آهي ۽ روايتن جو غلام به ۽ سندس خاندان کي وڏ ماڻهپي جو جو غرور به آهي هُن جي وڏي ڀيڻ تارا پنهنجي پسند سان لُو ميرج ڪئي جنهن جي سزا ه کي ملي ۽ هن جي شادي جلدي هڪ وڏي زميندار گهراڻي ۾ ڪئي وئي.
    پر هن کي شاديءَ جي پندرهين ڏينهن طلاق ڏئي روانو ڪيو ويو. ان کان پوءِ ته هي پنهنجو دماغي توازن ئي وڃائي ويٺي هئي پر هاڻي ته ڪافي بهتر پئي لڳي.
    دوست جي ڳالهه ٻڌي مان الائي ڇو دکي ٿي ويس اندر ۾ چڪ پوڻ لڳا وري ستل جذبو جاڳي پيو...مان ته سوچي به نه ٿي سگهيس ته هيءَ ايڏي نازڪ حالت مان گذري چڪي آ....... ۽ درد جا سمنڊ اڪري چڪي آ......هاڻي هن کي ڏسندو هوس ته دل چاهيندي هئي هن جون سموريون اداسيون ۽ ويرانيون پنهنجي خالي جهولي ۾ ڀري ڇڏيان ۽ هن جي مُک تي مرڪندڙ بهار جا سندر روپ ڏسان. هن سان شديد نفرت وارو جذبو هڪدم شديد محبت ۾ تبديل ٿي چڪو هو هوءَ پسند به نه ڪندي هئي ته به زبردستي هن سان ويهي رهندو هوس هرو ڀرو هن کي مخاطب ڪري ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪندو هوس ۽ آهستي آهستي هن جي ٽٽل ڀرم کي سهارو ڏيڻ لڳس هن جي بي رونق زندگيءَ ۾ رونقون ڀرڻ لڳس ۽ هن کي زندگي طرف وري واپس ورڻ ۾ مدد ڏيڻ لڳس هاڻي هوءَ ڪافي بهتر ٿي چڪي هئي هاڻي ڪڏهن ڪڏهن دل کولي کلندي به هئي ۽ ڳالهيندي به هئي...... هڪ ڏينهن ٻئي اڪيلا ويٺا هئا سين ڳالهائيندي ڳالهائيندي جڏهن هوءَ خاموش ٿي وئي ۽ اُداسيءَ وري هن جي چهري تي پر ڦهلائڻ لڳي. تڏهن مان هن کان سوال ڪيو
    “وينجهر هڪ ڳالهه پڇانءِ......؟
    هوءَ مون کي تڪڻ لڳيءَ
    ڪهڙي ڳالهه..........؟
    ڇا تنهنجي شادي ٿيل آهي ۽ طلاق به مليل آهي........؟ هن کي ڄڻ ڪرنٽ لڳي ويو هوءَ وري درد جي سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳي لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪڻ لڳا سندس نگاهون زمين ۾ کپي ويون توکي اهو سڀ ڪجهه ڪنهن ٻڌايو.
    ان ڳالهه کي ڇڏي صرف اهو ٻڌاءِ ڇا اهو صحيح آهي.
    ها...........
    هن مختصر جواب ڏنو.
    طلاق جي وجهه پڇي سگهان ٿو.
    هو ڪئي پل خاموش رهي ۽ لڙڪن کي پلڪن جي ڪنارن تي روڪيندي رهي ۽ جڏهن سندس من ۾ طوفان جو زور ڍرو ٿيو ته چيائين.
    اسان جو گهراڻو تمام گهڻو معتبر ۽ عزت وارو سمجهو ويندو آهي ۽ منهنجي گهر وارن کي پنهنجي وڌ ماڻهپ جو ڏاڍو غرور آهي ۽ منهنجي شادي به پاڻ جهڙي حيثيت رکندڙ زميندار گهراڻي ۾ طئي ڪئي وئي اهو ڄاڻڻ بنا ته ڇوڪرو ڪيئن آهي سندس عادتون ڪهڙيون آهن صرف ان ضد ۾ شادي جلدي ڪئي وئي ته مٿان مان به پنهنجي ڀيڻ وانگر پسند سان شادي ڪري نه ڇڏيان.
    منهنجي مڙس شادي جي پهرين رات ئي مون سان ڪو نه ڳالهايو ۽ نه ئي منهنجي ويجهو آيو مان ماٺ ڪري برداشت ڪري ويس ٽي ڏينهن گذري ويا منهنجي مڙس مون سان ڪو نه ڳالهايو ۽ نه مون ڏي اک کڻي نهاريو سڄو ڏينهن ويٺو ٽي وي ڏسندو هو يا وري ٻاهران رلي پني دير سان گهر موٽندو هو. منهنجو وجود هن لاءِ ڪا به اهميت يا توجهه حاصل ڪري نه سگهيو تڏهن ڪاوڙ مان چيو مانس. اوهان جي زال ٽي وي آهي يا مان.............
    تنهن تي ايڏي باهه لڳس جو پادر کڻي بيهي رهيو جڏهن مان مائٽن وڃڻ لاءِ چيو ته مارڻ تي بيهي رهيو ۽ مائٽن ڏي وڃڻ نه ڏنائين آخر گهر وارا وٺڻ آيا ته مان زبردستيءَ انهن سان واپس هلي آيس ۽ جڏهن واپس آيس ته در نه کوليائين ۽ دروازي تي ئي طلاق ڏئي روانو ڪيائين منهنجي مڙس پنهنجو خاميون لڪائڻ لاءِ مون تي الزام هنيو جڏهن ته هو شاديءَ جي لائق هو ئي ڪو نه نفسياتي مريض بڻجي چڪو هو خوبصورت عورت جو وجود به هن جي زندگيءَ ۾ حرڪت پيدا ڪري نه سگهيو هن جا جذبا مئل ئي رهيا. خبر ناهي هن منهنجي حياتي برباد ڪري ڇڏي ۽ هاڻي مان طلاق جو داڳ نرڙ ٿي سجائي خود پنهنجي لاءِ الميو بڻجي وئي آهيان ڪوئي به منهنجي ڏک کي سمجهڻ جي ڪوشش نه ٿو ڪري، ته پندرنهن ڏينهن ۾ منهنجي دنيا ئي اجڙجي وئي بلڪه سڀ اهو ئي ڇون ٿا ته ضرور ڇوڪريءَ ۾ ڪو نقص هوندو يا بدڪردار هوندي تڏهن ته مڙس پندرنهن ڏينهن ۾ طلاق ڏيئي ڇڏيس.....دنيا جي تيرن منهنجو روح داڳدار ڪري ڇڏيو آهي اڄ جڏهن مان گهڻو ڪجهه وساري چڪي آهيان ته توهان به هڪ عام مرد وانگر ساڳيو سوال ڪري منهنجي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو آهي.
    نه وينجهر ائين ناهي تون مون کي غلط سمجهي رهي آهين منهنجي پڇڻ جو اهو مقصد هر گز نه هو ته توکي دکي ڪيان بلڪه مان ته دوست بڻجي تنهنجي دکن کي شيئر ڪرڻ ٿو چاهيان مان توسان شادي ڪرڻ ٿو چاهيان.
    مونکي نفرت آ شاديءَ جي لفظ کان مونکي ٻيهر اها گار نه ڏجانءِ.
    ڏس وينجهر سڀ مرد هڪجهڙا نه هوندا آهن زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن تي اعتبار ڪرڻو ئي پوندو آهي هيءَ دنيا اعتبار ۽ ويساهه جي سهاري هلي رهي هي. مرد ۽ عورت جو ڳانڊاپو ته ازل کان آهي ۽ ابد تائين قائم رهندو عورت مرد هڪٻئي جي ضرورت آهن هڪ عورت لاءِ تنها زندگي گذارڻ ڏاڍي مشڪل آهي.
    مان جن رستن جي مسافر آهيان اهي رستا اڻ کٽ آهن جن جي ڪا منزل ڪا پڄاڻي ڪونهي تون هينئر ئي واپس وري وڃ ڇو ته تون منهنجو ساٿ ڏئي نه سگهندينءَ منهنجي چوڌاري اونداهين جو سمنڊ آهي جيڪو تون اڪري نه سگهندين............مان پنهنجي تنهائين سان پاڻ ئي ڀوڳڻ چاهيان ٿي.
    آخر ڪيستائين هلنديءَ آخر ٿڪجي پونديءَ ائين نه ٿئي واپس ورڻ ۾ ڏاڍي دير ڪري ڇڏين ۽ جڏهن موٽين ته سڀ دروازا بند هجن زندگي تجربن جو نالو آهي. تجربن جي گهاڻي ۾ پيڙجي پوءِ ئي زندگي اصل روپ وٺندي آهي.
    ڏس پليز مان مس مس پنهنجي من کي شانت ڪيو آهي مان ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي روح جي زخمن کي ڪوڙي مُرڪ سان ڀريو آ انهن زخمن کي ٻيهر ڪورڻ جي ڪوشش نه ڪر تنهنجي لاءِ ڇوڪرين جي ڪمي ناهي هڪ کان هڪ ڇوڪري توکي ملي سگهي ٿي پوءِ تون هڪ طلاق يافته ڇوڪري سان شادي جو ڪيئن سوچي رهيو آهين منهنجي وجود تي لڳل داڳ ڌوئي نه سگهندين.
    اهو درست آهي ته هڪ کان هڪ چوڪري مون لاءِ منتظر آهي پر ڪابه ڇوڪري منهنجي قابل ناهي.
    پر مان تنهنجي قابل ناهيان تون مون تي ترس کائي شادي ڪري رهيو آهي ۽ مان خيرات ۾ ڏنل محبت ڪڏهن به قبول نه ڪندس. هوءَ ڪاوڙ منجهان اٿي هلي وئي ۽ ڪجهه ئي عرصي بعد ڪوشش ڪري ڪراچي يونيورسٽيءَ ٽرانسفر ڪرائي وئي ۽ پوءِ ڪجهه عرصي کانپوءِ خبر پيم ته هوءَ ٻاهر پي ايڇ ڊي لاءِ هلي وئي آهي شايد هوءَ نه پئي چاهي ته محبت جو ڪو ڪمزور لمحو هن تي حاوي ٿي وڃي ۽ هو پاڻ کي سهارو ڏئي نه سگهي شايد هن صحيح فيصلو ڪيو هو ڇو ته رشتن جا ڀرم ٽٽي وچن ته انسان برداشت ڪري سگهي ٿو پر محبت جا ڀرم ٽٽي وڃن ته جيئڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پوي ٿو.......اڄ هن جي ان خالي بينچ ۽ خالي ڪرسيءَ تي نظر پوندي آهي ته هن جو اداس لڙڪن هاڻو مک اکين جي ڪينجهر ۾ ڪنول جيان تري ايندو آهي. تڏهن هن جي ياد سڄي وجود ۾ لڇڻ لڳندي آهي ۽ يادن جو اڻ کٽ عذاب سوچن کي وڪوڙي ڇڏيندو آهي ۽ مان سوچيندي سوچيندي تمام گهڻو پري نڪري ويندو آهيان. جتي هن جون اڻ پوريون چاهتون ۽ اڌوريون يادون خالي نيڻن ۾ پنهنجا عڪس ڳولهينديون آهن.


    يادن جون وڇڙيل بهارون

    ڪنهن ويل توئي چيو هو وقت جي تيز لهرن ۾ موجون هڻندڙ خوبصورت پل هڪ هڪ ٿي لڙهي ويندا آهن جيئن تيز طوفان ۾ پن ڇڻ ٽارين جي وجود کان الڳ ٿي وکري دور تائين پکڙجي اڻ ڄاڻ ماڳن تي اڏري گم ٿي ويندا آهن تيئن انسان به وقت جي تيز وهڪري ۾ گم ٿي ويندو آهي پنهنجي شناخت وڃائي ڇڏيندو آهي. پنهنجي چهري تي وقت جي وير سان مهرن وانگر پيل گهنج ۽ فاصلن جهڙيون اڻ کٽندڙ ليڪون جن ۾ انسان ماضيءَ کان ڀڄي پناهه وٺندو آهي زندگي جي ڀيڙ ۾ انسان جون اکيون صرف خلائن ۾ وڃايل پل ڳولهنديون آهن پر نيڻ نراس ئي رهندا آهن نيڻن جي تُهه ۾ هيڊاڻ مائل زردي ان ڳالهه جو احساس ڏياريندي آهي ته هنن اکين گهڻو ڪجھ وڃايو آهي جيئن بهار جي مرڪندڙ رُت کان پوءِ خزان جي پيلي اُداس رُت هر شيءَ ۾ رچجي ويندي آهي........... ها تو اهو به چيو هو ته
    هر ياد هر چهرو وسري ويندو آهي پيار جو هر درد هر گهاءَ ڀرجي ويندو آهي*““
    پوءَ ڇو.........................؟ مان عمر جي آخري سرحد کي ڇهڻ جي باوجود اڄ تائين انهن انيڪ يادن جي سرن کي پڪڙي ويٺي آهيان يادن جي ريشمي ڏور ۾ پوئيل پيارن جي مالها ٽوڙي نه سهگي آهيان ڪجھ گلاب چهره وساري نه سگهي آهيان وقت جي ڏور منهنجي زخمن جي مرهم نه بڻجي سگهي آهي........ اڄ به پيار جو هر درد خوشبو بڻجي مون کي ان ويل وقت جي ياد ڏياريندو آهي..... جڏهن هڪ ميري ميري اُداس شام جو ڪڪرن جي ڇانو هيٺان تو اهو سڀ چيو هو....... مان سوچن جي سمنڊ ۾ صدين کان سفر ڪري رهي آهيان پر منهنجون سوچون منهنجا خيال اڻ پورا آهن شايد هر انسان جون سوچون ۽ خواب خيال ڪڏهن به مڪمل شاهڪار ٿي نه سگهندا آهن....... ها مون کي لڳندو آهي مان هن خوابن جي ريگزارن ۾ صدين کان سفر ڪري رهي آهيان...... پر پوءِ به الائي ڇو محسوس ٿيندو آهي ته مان اهو سفر اڃان هاڻي هاڻي شروع ڪيو آهي. منهنجو جسم روبوٽ وانگر هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين ائين گول ڦري ٿو جيئن هي سج زمين جي چوڌاري چڪر ڪاٽي رهيو هجي منهنجو جسم خوابن جي ريگستان جي تپندڙ واريءَ تي هلي هلي گرم لوهه ٿي ويو آهي. منهنجا چپ سيراب هوندي به خشڪ آهن..... مان به ٿر جي ان معصوم اڃايل ٻار جيان آهيان جنهن جي نڙيءَ ۾ اُڃ جا ڪنڊا چڀي رهيا آهن مان جيون کي ائين ڀوڳي رهي آهيان جيئن ٿر جون اڀيون اڀيون ڀٽون سج جو گرم گرم تاءَ ڀوڳي رهيون آهن...... اڄ ڏهن سالن جي وڇوڙي کان ان پوءِ توکي سر راهه ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي پر اها خوشي صرف هڪ پل ئي مون وٽ مُٺ ۾ قيد رهي سگهي ڇاڪاڻ جو الائي ڇو توکي هڪ ٻي عورت سان گڏ ڏسي نفرت جون چڙنگون منهنجي جسم ۾ ڀڙڪو کائي اٿيون ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجو پورو وجود باهه جي ٻرندڙ شعلن جي لپيٽ ۾ هڪ غم جي احساس منهنجي اکين ۾ لڙڪ ڀري ڇڏيا ۽ دل جا ڳنڍيل ڌاڳا اڍڙي پيا جذبا ليڙون ليڙون ٿي ويا روح آپگهات ڪرڻ ڇاهيو پر بي وفا زندگيءَ مون کي موت جي نانوءَ ڪرڻ ته چاهيو پر شايد زندگي به تو وانگر خود غرض آهي ها تون اڄ به ائين ئي هشاش بشاش تروتازهه ۽ پروقار شخصيت جو مالڪ آهين....... اڄ به ائين ئي ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيڻ ۽ پوءِ هڪدم چهري تي گهڀيرتا ڇانئجي وڃڻ ...... ها تون روبيل آهين جنهن ۾ ڪو به ته فرق نه آيو آهي فرق آيو آهي ته صرف مون ۾ جنهن ڏهه سال هڪ ڪوڙي آسن ۽ اميد تي گذاري ڇڏيا ته تون هڪ ڏينهن دل جي پٿريلي بنجر زمين تي رم جهم برسات جيان ضرور وسندي ۽ منهنجي دل جي اڱڻ کي آباد ڪندين......... تون بهار جي رُت بڻجي هڪ ڏينهن دل جي دروازي تي ضرور دستڪ ڏيندين پر شايد قول قرار ڪبا ئي وسارڻ جي لاءِ آهن تو هميشه کان يادن جي عذاب کان آزاد رهيو آهين ڪاش! تون ۾ يادن جي قيد خاني رهي سگهي هان ته توکي احساس ٿئي ها ته يادن جي عذاب ۾ سزا ڪاٽڻ ڪيڏي نه مشڪل آهي يادون ڪيئن نه جسم جو ماس کائي کائي جسم کي ان اڏوهي کاڏل ڪاٺ جيان کائي ۽ کوکلو ڪري ڇڏين ٿيون اهڙو پورو ۽ کوکلو ڪاٺ جنهن کي نه ٻاري سگهجي ٿو نه ڪنهن ڪرندڙ ڇت کي سهارو ڏئي سگهجي ٿو مان اڃ به زندگيءَ جي رڻ پٽ ۾ تنها آهيان ۽ هيڪلائپ جي دردکي ڀوڳي رهي آهيا ڪاش مان توکي وساري سگهان هان...... تون زندگيءَ جي اڻ ڊٺل اٽل نشان جيان اڃ به منهنجي دل تي اڪريل آهين..... منهنجي زندگيءَ تي اهو هڪ پل پکڙيل آهي اهو خوشيءَ جو پل جڏهن بهار جي جهومندڙ هوائن ۾ مرڪندڙ گل ڪري جهومي رهيا هئا ۽ گلن جي مکڙين تي ست رنگي پوپٽ ڦري اچي گڏ ٿيا هئا ۽ هوا جي مست جهوٽن منهنجي ڪنن ۾ سرگوشيون ڪري منهنجي ستل جذبن کي جاڳايو هو..... تڏهن پهريون ڀيرو منهنجي بي نام جذبن تنهنجي نانءِ جو ويس ڍڪي تنهنجي اڳيان شرمائجي ڪنڌ جهڪايو هو ۽ منهنجي من ۾ ان وقت هزارين پيلا سُرها سُرها گل ڦٽا هئا ۽ اهي گل دل جي ويران تاريڪ رستي م مون لاءِ اميد جو ڪرڻو بڻجي روشني جا مينار بڻجي ويا..... ها اهو ئي پل هو جڏهن مون توکي پاتو ۽ خود کي وڃايو هو......... مون ڪجھ به ته ناهي وساريو پر تو ڇو سڀ وساري ڇڏيو ڇا منهنجون يادون ايتريون ڪمزور ۽ هيڻيون هيو جو توکي پنهنجي حصار ۾ پناهه ڏئي نه سگهيون يا منهنجي يادن جو ڄار تولاءِ قيدخانو بڻجي ويو ۽ تو فرار ٿي آزادي ورتي پر اهو ڪهڙو انصاف آهي جو ته آزادي وٺي پنهنجي جيون کي کي ماڻيو ۽ مون کي يادن جي قيد خاني ۾ هميشو لاءِ قيد ڪري ڇڏيو پر اڄ مان توکان پنهنجا سڀ حق واپس گهران ٿي مون کي به آزادي ڏي جيئن مان به پنهنجا خواب ماڻي سگهان پنهنجي جيون کي ٻيهر ڳولهي لهان مان به زندهه رهڻ چاهيان ٿي تون منهنجي انهن خوابن کي ڀڄي ڀورا ڪري ڍير ڪري چڏيو ۽ ان ڍير جي مٿان پنهنجي حسين خوابن جو تاج محل جوڙيو شايد تو جهڙا انسان خواهشن جا غلام هوندا آهن توهان جهڙا انسان ڪري ڇا ڄاڻين پر مون کي يقين آهي تنهنجا اهي سمورا خواب اکين جي ويران گهٽ ۾ ٻوساٽجي دفن ٿي ويندا تو مون کي انتظار جي سوليءَ تي چاڙهي ڏهه سال سزا ڏئي آهي آخر ڪهڙي ڏوهه جي ياداشت ۾ اهو ئي منهنجو ڏوهه هيو ته مون توسان پيار ڪيو مان پنهنجون سڀ خواهشون توکي ارپي خود محروم ٿي ويس پا پرديس وڃڻ وارا ائين ئي دلين کان ڏور هليا ويندا آهن جو دلين جي درميان ويڇا وڌندا ئي ويندا آهن ۽ فاصلا کٽندا ئي ناهن تون ڏهن سالن کان پوءَ منهنجي سپنن منهنجي خواهشن جي چتا کي آڳ لڳائي موٽيو آهين ۽ مان ڏهه سال دل جي چوواٽي تي لڙڪن جون مالهائون پروئي تو لاءِ راهن ۾ گل وڇائي تنهنجي راه نهاريندي رهي آهيان ته تون هڪ ڏينهن اڇانڪ ايندين ۽ پوءِ منهنجي اکين مان رهندڙ هر لڙڪ موتي بڻجي تنهنجي ڳلي جو هار بڻجي ويندو پوءَ توکي ڪڏهن به ڏور وڃڻ نه ڏيندم ......... پر اڃ مان ڇا ڏٺم تون ته ڪنهن ٻئي ڳلي جو هار بڻجي چڪو آهين ان کان بهتر هو تون ڪڏهن به نه موٽين ها ڪم از ڪم منهنجي پيا جو ڀرم ته قائم رهي ها ........... تو پنهنجي چهري تي اجنبيت جو ماسڪ ڇاڙهي دولت جي رنگ روغن سان پنهنجو اصلوڪو روپ ئي بدلائي ڇڏيو آهي.
    اهو جدائيءَ جو آخري منظر جڏهن تون ٽن سالن لاءِ شارجه دولت جي ڇاهه ۾ وڄي رهيو هئين تڏهن ائرپورت تي توکي الواداع ڪندي مون ڇيو هو ته
    مون کي دولت پيسو ڪجھ به نه کپي صرف توکان سواءِ..... پاڻ وٽ پيار جي دولت ئي ڪافي آهي جنهن سان اسان پنهنجي ننڌڙي دنيا آباد ڪري سگهون ٿا““
    پر تو چيو هو ته
    ””بالڪل ڪا چري آهين اهي ٽي سال ته اک ٻوٽ ۾ گذري ويندا ۽ ٽن سالن کان پوءِ جڏهن آءَ واپس ايندس ته اهو سڀ ڪجھه پاڻ سان کڻي ايندس جيڪو هڪ سکي جيون گذارڻ لاءِ ضروري هوندو آهي““
    خبر ناهي مون اهي ٽي سال ڪهڙي ريت گذاريا پر سال وڌندا ئي رهيا ۽ سالن سان گڏ منهنجي وارن ۾ چانديءَ جون تارون به وڌنديون ويون تانجو ڏهه سال گذري ويا انهيءَ انتظار جي ڀوڳيا م پر تون آئين به ته ڪهڙي روپ ۾ .................... اڄ تو وٽ سڀ ڪجھ آهي پر مان سدا جي اڪيلي آهيان...
    جڏهن به ڪاري ڪاري رات نانگ وانگر ڦڻ ڪڍي اچي منهنجي سيرانديءَ کان بيهندي آهي تڏهن مون کي الائي ڇو محسوس ٿيندو آهي ته مان به انهيءَ اونداهيءَ جو هڪ حصو آهيان اجالن روشنين جي دنيا مون کان تمام گهڻو پري آهي..... هيءَ رات ايتري ڊگهي ڇو آ...... ڇاهيءَ رات ڪڏهن به ختم نه ٿيندي......؟ شايد ڪن ماڻهن لاءِ سج نڪرندو ئي ڪونهي هنن جي زندگيءَ ۾ روشنيءَ جي ننڍڙي تروري جي به گنجائش نه هوندي آهي هو مسلسل اونداهي رستن تي سفر ڪندا آهن منهنجي اڳيان هيءَ ڪائنات ان وقت ويڙهجي سيڙهجي هڪ نقطو بڻجي ويندي آهي جڏهن منهنجي سوچن جو سمنڊ اٿلي پوندو آهي ۽ ان سوچن جي ڇولين سان وڙهندي وڙهندي ڪناري تائين ايندي آهيان پر پوءَ به الائي ڇو ڪنارو مون کان دور هوندو آهي..... مون کي ائين لڳندو آهي منهنجي زندگي جي ٻيڙي هڪ ڏينهن سمنڊ جي ڇولين سان ٽڪرائ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندي ۽ منهنجو وجود هڪ قطري جيان سمنڊ جي اوتاهه گهرائيءَ ۾ گم ٿي ويندو................


    موت نه ماري ايئن

    سج جا پڇاڙڪا ڪرڻا آخري پساهه کڻي رهيا هئا، ميرانجهڙي شام پنهنجا اُداس رنگ کڻي اکين ۾ اونداهيءَ جو عڪس ڀري رات طرف وڌي رهي هئي، اڄ وري منهنجا قدم هُن طرف وڌڻ لڳا هئا. ڄاڻان پئي هُن کي ڏسي نه سگهندس، مون ۾ ايتري همت نه هئي جو هُن جا ڏک پنهنجي اکين ۾ اوتي سگهان. هوءَ منهنجي پياري دوست هئي مون ٻڌو هو ته هوءَ بيمار آهي، زندگي هُن وٽ چند هفتن يا چند مهينن جي مهمان آهي. منهنجا قدم هُن جي وارڊ طرف وڌڻ لڳا، جتي هوءَ مهيني کان ايڊمٽ هئي. مان جيئن ئي هن کي ڏٺو هُن جي اکين ۾ هڪ لمحي لاءِ خوشي ڀرجي آئي. هُن اٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر هُن جي ڪوشش بي سود ثابت ٿي. هُن جو وجود لڏندڙ لامن جيان ست ساهه ڇڏائي ڪنهن تيز واچوڙي جو انتظار ڪري رهيو هو. هُن جي چپن تي ساڳي ماٺ هئي ۽ هُن جو وجود هر آس هر اميد جي رنگن کان خالي هو، ڇو ته ڊاڪٽرن هاڻي هُن کي جواب ڏئي ڇڏيو هو. هُن جو وجود خواهشن ۽ آرزوئن کان خالي کوکلو ڄڻ ڪو هڏن جو ڍانچو، جنهن ۾ صرف ساهه سُري رهيو هو. هن کي موت جون آهون ۽ سسڪيون پنهنجي ساهه جي قريب محسوس ٿي رهيون هيون. هُن کي برين ٽيومر هو جنهن جي هڪ آپريشن ٿي چڪي هئي پر آپريشن ڪامياب نه ٿي ۽ هاڻي ٻي آپريشن جي ڊاڪٽرن رسڪ نه پئي کڻڻ چاهي. هَن جي بيماري ڏينهن به ڏينهن شدت اختيار ڪري رهي هئي. هَن جي طبيعت سُڌاري اچڻ بدران موت جي قريب وڃي رهي هئي. ڪڏهن ڪڏهن انسان کي بيماري نه ماريندي آهي رشتن جا رويا ماريندا آهن، ماڻهن جون ڏسندڙ ويچارپ واريون نظرون مارينديون آهن، ماڻهن جا ڏنڀ ڏيندڙ لفظ ماريندا آهن، اهڙا اهڙا گهاءَ ملندا آهن جو اندر ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندا آهن. هوءَ روئي پئي، هُن جا سڏڪا گونجڻ لڳا، ڄڻ هُن جو اندر پروڻ ٿي ويو هجي. ڪڏهن ڪڏهن زندگي بي وفا محبوب جيان منهن موڙي ڇڏيندي آهي پوءِ ميڙ منٿ سان به ناهي پرچندي ............ هُن جي زندگي جو پل پل اڳتي سُرڪي رهيو هو. هوءَ هڪ مهيني کان ڪينسر وارڊ ۾ داخل هئي. هاڻي ڊاڪٽر صرف هِن کي ڪوڙي تسلي ڏئي رهيا هيا. هُن کي شدت سان محسوس ٿي رهيو هو ته هوءَ زندگيءَ کان هٿ ڇڏائي موت طرف وڌي رهي آهي. ان وقت هن کي پنهنجي مڙس جي آٿت ۽ دلجوئيءَ جي شديد ضرورت هئي پر هُن جو مڙس آهستي آهستي هن کان پري ٿي رهيو هو. هُن جا گرم ٽانڊن جيان ساڙيندڙ لفظ هن جي روح کي ساڙي ڇڏيندا هئا. جڏهن هو روز اچي هَن کي جتائيندو هو ته: ”تنهنجي بيماريءَ ته هاڻي اسان کي ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي هاڻي ته زهر کائڻ لاءِ پيسو نه بچيو آهي“. اڄ به هو آيو هَن تي هڪ نظر وجھي چوڻ لڳو ته: ”جڏهن مرڻو ئي آهي ته گهر ۾ ڇو نه ٿي مرين. هتي ڊاڪٽرن جون ڳريون فيسون ۽ اسپتال جا بل ڀري ٿڪجي پيو آهيان. سڄي مهيني جي پگهار توتي خرچ ڪري ختم ٿي وڃي ٿي“. هوءَ چپ چاپ ٻڌندي رهي. ”اَبا! ائين ته نه چئو منهنجي ڌيءُ اڳي ئي بيمار مٿان تون هُن کي وقت ڪا اڳ مارڻ چاهين ٿو“. سندس ماءُ ويچارگيءَ مان چيو.
    ”پوءِ ايتري پياري اَٿو ته پاڻ سنڀاليو ۽ خرچ به پاڻ ڪيو مان ته بيمار زال مان اڙجي. ويس ڪو سُک ئي ڪو نه ڏٺو ........ جڏهن کان شادي ٿي آهي بس بيمار زال جو منهن ڏٺو آهي. هاڻي کوڙ ٿيو ................ بس“
    ”ابا هيءَ تنهنجي زال آهي تنهنجي ٻچن جي ماءُ آهي اسان به ته غريب آهيون ڪٿان ايترا پيسا آڻينداسين؟ هيءَ تنهنجي زال آهي هَن جو هر اهنج بيماري تنهنجي ذميداري آهي“.
    ”بس.... مان کوڙ ڪيو..... هاڻي بس“ هو تڪڙو تڪڙو وارڊ مان نڪري ويو ۽ هوءَ منهنجي جهول ۾ منهن لڪائي ڪا دير سڏڪندي رهي. هُن جي اندر ۾ درد جو ريهون ۽ ڪيهون وڌنديون ويون. مون کي ياد اچي ويو ڪڏهن اهو شخص هَن جو سَڱُ ملڻ لاءِ ڏهه ڏهه پنڌ ڪندو هو. هَن جي حُسن ۽ سونهن جي تعريف ڪري نه ڍاپندو هو ۽ اڄ اهو ئي شخص هَن کان پاند ڇڏائي ائين هليو ويو ڄڻ هن سان ڪو رشتو ئي ڪو نه هيس ..................... مان هُن کان موڪلائي گهر هلي آيس ................ ۽ پوءِ خبر پئي ته هُن جي مڙس هَن جي مرڻ جو به انتظار نه ڪيو ۽ ٻي شادي ڪري ڇڏي ۽ اها خبر هَن جي مٿان وِڄ بڻجي ڪري ۽ هوءَ اهو صدمو برادشت ڪري نه سگهي ۽ بي هوش ٿي وئي ۽ پوءِ ڪڏهن هوش ۾ نه آئي ............... مڙس جي بي وفائي سندس لاءِ ڪينسر کان به وڌيڪَ ثابت ٿي، جنهن هَن کي وقت کان اڳ ئي ماري ڇڏيو ..............


    محرومين جو موت

    هو اڪثر اچي منهنجي دڪان تي ويهندو هو شاعري ادب، سياست سماجي سياسي حالتن کي بک بدحالي، ڪرپشن مختلف موضوعن تي تمام سٺو ڳالهائيندو ۽ بحث ڪندو هڪ هو انقلابي سوچ جو پوئلڳ هو ڌرتيءَ جي مٽي هُنَ جو اتساهه هئي... پر اڄڪلهه هو گهرو مسئلن جي بي روزگاري سبب ڏاڍو پريشان رهندو هو هُنَ وٽ ڪو به روزگار نه هو ۽ نه ايترا ڏوڪڙ جنهن سان ڪو ڪاروبار ڪري سگهي بس هُتي هُتي محنت مزدوري ڪري ايترو ملندو هوس جو مشڪل سان ٽي ويلا ماني کائي سگهندا هئا.....
    هو تمام قابل هو پر ايم. اي ڪري هُنَ سمجھيو نوڪري گهر ويٺي ملي ويندي پر اِها هُنَ جي ڀُلَ هُئي هو ڪيئي سالَ رلندو رهيو. آفيسن جاس ڌڪا ٿاٻا کائيندو رهيو آخر ماٺ ڪري ويهي رهيو... چار ٻار هيس گذارو ڏاڍو مشڪل سان ٿيندو هيس.... جڏهن پڇندو هيو مانس ته تنهنجي گذر ڪيئن ٿيندو آهي.....؟ ته درد جو پاڇو هُنَ جي چهري تي اچي ويندو هو ۽ چوندو اهو ”اهي ڀوڳنائون نه پڇ“ ۽ مان خاموش ٿي ويندو هيس. اڄ جڏهن هُو دڪان تي آيو ته ڏاڍو خوش هو هُنَ جي چهري تي خوشي بَکي رهي هئي. جيڪا ان کان پهريان مان هُنَ جي چهري تي ڪانه ڏٺي هئي. چيائين نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪيو هيم سو ليٽر آيو آهي پر پنجاهه هزار پيا گهرن سو زال جو لاڪيٽ منڊي ڌيءَ جون واليون سڀ ڪجهه وڪڻي چاليهه هزار ڪٺا ڪيا آهن ڏهه هزار هيڏانهن هوڏانهن اوڌر وٺي پورت ڪري ڏيان ٿو. مون کي الاهي خوشي ته هُنَ کي نوڪري ملي رهي آهي ۽ پوـءِ پئسن جي عيوض ئي ئي سهي.... ”پوءِ ڪڏهن ٿو جوائن ڪرين“....؟ مون سوال ڪيو.... بس ”هي پئسا ڏيان ته ٻن ٽن ڏينهن ۾“ يار مان روز ڌڪا کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان هاڻي مون ۾ ايتري سڪت ناهي ته وڌيڪَ پنهنجي خواهش کي سوليءَ چاڙهي روز روز مري سگهان سڄي ڏينهن جي جڏهن ڌوڙ لتاڙي گهر ويندو آهيان ته زال جو آسن ڀريون اکيون ٻارن جون مرڪندڙ خواهشن کان عاري اکيون سوال پڇنديون آهن پر هاڻي همت ناهي هاڻي مان انهن جي معصوم خواهشن کي لتاڙي نه ٿو سگهان. هو جيڪو زندگيءَ کان هر وقت نالان رهندو هو ڪڏهن ڪڏهن چڙي پوندو هو زندگي جي محرومين هُنَ کي چيڙاڪ بڻائي ڇڏيو هو چوندا آهن نه پيٽ جي زبان ۽ لهجو ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي ۽ اهو لهجو صرف اهو ئي سمجھي سگهي ٿو جنهن بکون ڪاٽيون هجن ڪڏهن ڪڏهن هو ڏاڍو ترش ۽ تکو ٿي پودنو هو پر مون کي خبر هئي هو اندر جو اوترو ئي ڪومل احساسن وارو حساس شاعِرُ آهي. جنهن جي لفطن ۾ درد ڳالهائيندو آهي پيڙا ۽ اذيت ڳالهائيندي آهي نراسائي ۽ رُڃَ ڳالهائيندي آهي هُنَ کي زماني جي تلخ روين تلخ ڪري ڇڏيو هو هُنَ جا ويجھا رشتا هُنَ کان پري ٿي ويا هئا. هو اڪثر چوندو هو ته هاڻي مان بي حس پٿر ٿي ويو آهيان جنهن تي ماڻهن جي طنز جون چهنڊڙيون ڪو به اثر نه ٿيون ڪن مون کي هن جي شاعري تمام گهڻي وڻندي هئي هُنَ جي شاعري روح جي پاتالَ تائين ولهي ويندي هئي ڄڻ هر نظم احساس جو جيئرو جاڳندو پورٽريٽ هوندو هو جنهن ۾ سوين رنگ مرڪندا نظر ايندا هُئا هُنَ جا لفظ ڄڻ بارود جي سگهه رکندا هئا. جيڪي گرم تتل ٽانڊي جيان وجود کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيندا هئا هُنَ جا خيالَ ڄڻ خواهش جي رک جيان هوا ۾ اڏامي وکري ويندا هئا.... ٻن ٽن ڏينهن کانپوءِ هو تيار ٿي منهنجي دڪان تي آيو چيائين ”آرڊر مليو آهي جوائن ڪرڻ پيو وڃان“ هو تمام خوش هو..... ٻه ٽي مهينا ڊيوٽي ڪيائين پر پگهار کان ٺپ جواب ته فلحاڪ ڪچا ملازم آهيو جڏهن پڪا ٿيندا ته پوءِ پگهار ملندي. آسرن ۽ اميدن تي ڇهه مهينا گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن اچانڪ سڀني ملازمن کي اهو چئي گهر ڀيڙو ڪيو ويو ته آرڊر جعلي هئا ڪرپشن ٿي آهي.... ان ڏينهن هو منهن هٿن ۾ ڏئي خوب رُنو هڪ مون هُنَ کي سمجھايو پر هو گهر هليو ويو.... صبح جو خبر پئي ته هُنَ پنهنجي زندگيـءَ جو انت آڻي ڇڏيو هو وڌيڪَ اذيت برداشت ڪري نه سگهيو مان هُنَ کي چوندو هوس تون تمام وڏو شاعر آهين ۽ هو کلي چوندو هو مان شاعر ناهيان مون کي بک محرومين شاعر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ مان لفظن سان پيٽ ڀريندو آهيان.....


    اڻپوري خواهش

    هُنَ جون وڏيون وڏيون سرمي سان ڀريل اکيون خوشيءَ منجھان جرڪي رهيون هيون ۽ انهن وڏين اکين ۾ خواهشن جون سپون ۽ خوابن جا ماڻڪ صدين جو اوسيئرو اوڍي ڪنهن هڪڙي بوند ڪرڻ لاءِ آتا هئا. اڄ خوشيءَ ۾ هُنَ جا پير زمين تي ڄڻ اڏري رهيا هئا، ننڍپڻ کان هن جي خواهش هئي ته شهر ڏسان بس ۽ موٽرن ۾ سفر ڪيان. هن ننڍپڻ کان صرف شهر جون ڳالهيون ٻڌيون هيون پر ڪڏهن به شهر ڪونه ڏٺو هو ته شهر ڪهڙو هوندو آهي. اڄ جڏهن پڻس ڪنهن ڪم سانگي شهر وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳو ته هيءَ به ضد ڪري بيهي رهي ته مان به شهر گهمڻ لاءِ ويندس. پڻس جڏهن ناڪار ڪئي ته هيءَ ٻارن وانگي ڇيڄ وجھي بيهي رهي ۽ لڙڪ هن جي ڳلن تان وهڻ لڳا، ماڻس جڏهن هن کي ايئن روئندي ڏٺو ته پڻس کي ايلاز ڪندي چيو ”راڻيءَ جا پيءُ ڇوري کي پاڻ سان وٺي وڃ نه، ٻار ٿوري آ جو توکي تنگ ڪندي.“
    پڻس مجبور ٿي هائوڪار ڪئي. پوءِ ته بس راڻي خوشي منجھان جھومڻ لڳي ۽ جھٽ پٽ تيار ٿيڻ لڳي ۽ پيءُ سان شهر رواني ٿي.
    راڻي جڏهن شهر پهتي ته حيران پريشان اکين سان هر ماڻهو ۽ هر شي کي تڪي رهي هئي. شيشن وارن شوڪيسن ۾ سجيل خوبصورت شيون ڏسي هي وائڙن وانگر اتي ئي بيهي رهي. هن جا پير زمين سان ڄڻ ڄمي پئي ويا. هن کي لڳي رهيو هو ڄڻ ڪنهن عجيب دنيا ۾ پهچي وئي هجي، جتي هر شيءِ نئين لڳي رهي هئي. هوائن ۾ ماحول جي گھُٽ جو احساس وڌي رهيو هو، ماڻهن جي پيههه ۾ هن کي پنهنجو وجود ڏاڍو ننڍڙو ۽ حقير لڳي رهيو هو، هلندي هلندي اوچتو راڻي هڪڙي دڪان جي سامهون بُت بڻجي بيهي رهي آ ”بابا او بابا! مون کي هي ڳاڙيون چوڙيون وٺي ڏيو نه“ پڻس بيزاريءَ سان هڪ نظر راڻيءَ تي وڌي ۽ ٿڌو ساهه ڀريندي پنهنجي پهراڻ جي کيسي ۾ هٿ وجھندي چيو: ”هي ڏس صرف ٻه ٽي ڏوڪڙ ڀاڙي جا بچيا آهن جي انهن مان به توکي چوڙيون وٺي ڏيان ته پوءِ ڳوٺ ڪيئن پهچنداسين، جلدي جلدي وک وڌاءِ ته هلون ڪٿي پوئين بس نه نڪري وڃي.“
    ”نه بابا نه مونکي اهي چوڙيون وٺي ڏيو، ساران ۽ مومل مون کان پڇنديون ته شهر مان ڇا وٺي آئي آهين، پوءِ مان ڇا ڏيکاريندس. بابا وٺي ڏيو نه اهي چوڙيون! منهنجي ٻانهن ۾ ڪيڏيون نه سٺيون لڳنديون“ راڻي روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.
    ”ڇوري! ٻڌئي ڪونه ٿي ته پئسا ڪونهن. هڪ ماڻهين جي بيماري بيزار ڪيو آهي مٿان وري توهان جا انگل نه ٿا کُٽن. توهان سڀني ته منهنجو نڪ ۾ کڻي دم ڪيو آهي. رات ڏينهن هڻ هڻان ڪيان ٿو ۽ جيڪي ڪمايان ٿو اهو سڀ توهان ڳهي وڃو ٿا“ راڻي پيءُ جا دڙڪا کائي ماٺ ٿي وئي ۽ اکين ۾ لڙڪ جھلي اڳتي ڍلا ڍلا قدم وڌايا ۽ ويندي ويندي پوئتي وري هڪ نظر ان چوڙين واري دڪان ڏي نهاريو. هن کي لڳو هن جون اهي ننڍيون ننڍيون خواهشون ائين ڀرينديون رهنديون ۽ انهن سان گڏ هن جو وجود ڀورا ڀورا ٿيندو رهندو وک وک تي درد جو احساس ۽ اڻپوري حسرتن جا لاش ئي لاش هن جي نگاهن ۾ ڦرڻ لڳا. تتل ڏينهن جي گرمي ۾ هن کي پنهنجو وجود به پگهرندو محسوس ٿيو سج جا تيز ڪرڻا سوئا بڻجي هن جي لڱن ۾ ڇڀڻ لڳا. محرومين جون بوندون هن جي نرڙ تي جرڪڻ لڳيون. بس اسٽاپ تائين پنڌ هلندي هلندي خواهش جا اڻ کٽندڙ سلسلا کٽي نه پيا کٽن. وک وک تي وڏيون بلند آسمان جي ڇت سان ڳالهائيندڙ فليٽون ۽ پلان، سفيد ۽ ڳاڙهن پيلن رنگن سان چٽيل محلن جهڙا خوبصورت گهر هن جي هانوَ ۾ ڪنڊا بڻجي ڇڀي رهيا هئا. هوءَ ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏي گھورڻ لڳي، سندس نگاهه بلندين کان ٿيندي هيٺ هن جي پيرن ۾ ڪري فنا ٿي وئي، ائين ئي گھوريندي هوءَ ٿاٻڙجي ڪري پئي.
    ”ڌيءَ انڌي آهين ڇا؟ چڱي طرح ڏسي وائسي ڪونه ٿي هلين“ پڻس ڀڻ ڪئي.
    راڻي پنهنجي درد کي چپن ۾ ڀيڪوڙي ڪپڙن تان ڌڌڙ ڇنڊيندي اٿي کڙي ٿي. ”بابا اسانجي ڳوٺ ۾ اهڙا محلن جهڙا گهر ڇو ڪونهن....؟ بابا اسانجي ڳوٺ ۾ ته سڀ ڪکانئا گهر آهن ۽ جڏهن مينهن پوندو آهي ته هر شيءِ مينهن جي گپ ۾ لٿڙجي ويندي آهي. ۽ ڪچا منهه پٽ اچي پوندا آهن ۽ ۽ جڏهن هر سال ٻوڏ ايندي آهي ته اسان جا اهي منهه ڪنهن ڪَکَ جيان پاڻيءَ جي وهڪري ۾ لڙهي ويندا آهن بابا.....! اسان لاءِ صرف ۽ صرف زمين تي ڊگهو پکڙيل درد ئي ڇو آهي ان جي پڄاڻي ڇو ڪونهي“.
    ” تنهنجو ته شهر اچي مٿو ڦري ويو آهي. ان ڪري ته چوندو هيس شهر نه هل“ پڻس راڻي جي چهري تي پکڙيل سوالن کي پڙهندي چيو: ”بابا منهنجو ته الائي ڇو هتي دم ٿو گهٽجي“ راڻي رئي سان پگهر اگهندي چيو. راڻي جڏهن ڳوٺ پهتي ته مٽيءَ جهڙي ميري شام رُڃَ جو احساس پکيڙي هن جي منتظر بيٺي هئي ڳوٺ جي هر شيءِ هن کي ڌوڙ ۾ لٽيل لڳي رهي هئي. راڻي ٿڪل ٿڪل قدمن سان اڱڻ ۾ پيرُ پاتو هوءَ شهر ۾ ڪيڏي نه خوشي منجھان وئي هئي پر موٽندي هن جي اکين ۾ ڪيڏا نه محرومين جا عذاب سمائجي ويا هئا. هن ڳنڍيرين جي ٿيلهي ماءُ جي جھول ۾ اُڇلائي جيڪا پڻس شهر ۾ وٺي ڏني هئي. سندس سڀ ڀينر ڀائر ڳوٿري تي مکين جيان چنبڙي ويا ۽ هوءَ هڪ هڪ جو چهرو تڪڻ لڳي ۽ سوچڻ لڳي، ڇا اسان ماڻهن لاءِ اها ئي زندگي آ. صبح سويري مال چارڻ، ٽاڪ منجھند جو ٻني ۾ ڪم ڪرڻ ۽ شامَ جو واڻ وٽڻ ۽ رات جو اونڌي منهن ٿي ڪنهن ڍور جيان سمهي پوڻ، ڇا اها ئي زندگي آ؟ هيتري ساري سخت محنت کان پوءِ به پورو اجھو ڪونهي پورو لٽو ڪونهي ۽ ٻن وقتن جي ماني اها به رکي سُکي.... من ۾ پلندڙ هر خواهش اڻ پوري.... هن پنهنجي هٿن کي ڏٺو جيڪي رات ڪم ڪري ڪري ڪيترا نه سخت پٿر بڻجي ويا هئا. هن پنهنجي ٻسين ٻانهن کي نهاريو ڇا هي ٻانهون هميشه چوڙين بنا ٻُسيون رهنديون....؟ ۽ منهنجا هٿ رنگ برنگي چوڙين جي جھنڪار ٻڌڻ لاءِ سڪندا ئي رهندا.....“ رات جو گھپ انڌيرو مايوسي بڻجي هن جي وجود ۾ سمائجي ويو ۽ هوءَ خواهش جا سمروا درد لڱن تان ڪوري، خوابن جا سمروا ڏنگيندڙ عذاب اکين مان هاري بي جان بت جيان سمهي پئي....!!!


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253570
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385560
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ