ڪتاب جو نالو: اداس شهر جي لُٽيل تاريخ
مصنف: همير چانڊيو
ڇپائيندڙ: سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 25 آگسٽ 2018 ع
پڙهيو ويو: 607 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 104 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌسلامت پاران
  • حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ
  • مهاڳ
  •   سهڻي شڪارپور- هٺيلو همير...!!
  •   پنهنجي پاران
  •   ماضي جي خوشبوءِ ۾ ويڙهيل شهر!
  • مڙهيون اداس آهن رستا پيا پڪارن
  •   تڙپي ٿي تھذيب، ڪيڏو وحشي آ انسان
  •   هي شهر به جهڙو بابل آ
  • ربا! تيري جنت خاطر لوڪان ني دنيا دوزخ بنا دتي هي!
  • شڪارپور: هڪ شهر بم ڌماڪي بعد پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو!!
  •   اچو ته خوف ختم ڪريون!
  •   شهر جي لٽيل چادرانصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي!!
  • اڃا لھو ٽمي پيو!!
  •   پوليس اداري جي ڪارڪردگيءَ جو سوال
  • زهر جو ڪاروبار ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ڪڏهن ايندا؟
  •   ڇا شڪارپور مان امن جو پکي اڏامي ويو آ؟
  • هي منهنجو شهر آ- يا دشمن جو شهر آ...!!
  • هڪ شهر جي تصوير: پوري سنڌ جي ترجماني
  •   شڪارپور جي تباهي تي ٿيندڙ سياست جو انت ڪڏهن ايندو؟؟
  •   ڪهڙو نانءُ ڏيانءِ او سياست
  • شڪارپور جا چونڊ نتيجا، سنڌ لاءِ فڪر جي گهڙي!!
  • هو جيڪي خواب ناهن ڏسندا
  •   شڪارپور جي ڀوتارڪي سياست جو ڪلچر

  • سنڌسلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اداس شهر جي لُٽيل تاريخ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب محترم همير چانڊيو جي ڪالمن ۽ مضمونن جو مجموعو آهي.
    ”هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي. همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي.“
    همير چانڊئي جا هن ڪتاب ۾ شامل مضمون شڪارپور جي موجوده صورتحال جو بيان آهي، اڄ شڪارپور سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ انتظامي طور تي ڪهڙي دور مان گذري ٿي، انهيءَ ڪري هي ڪتاب اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ تاريخ جي باب جي حيثيت والاريندو ۽ شڪارپور جي موجود ضمير کي اتساهه ڏيندو.
    هي ڪتاب 2017ع ۾ سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو. ٿو رائتا آهيون پياري ساجد سنڌيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    حق ۽ واسطا اداري وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: لُٽيل تاريخ جو اداس شهر
    موضوع: ڪالم
    ڇاپو پهريون: ڊسمبر 2017ع
    ٽائيٽل:
    ڇپيندڙ: سمبارا پبليڪيشن
    سيد آرڪيڊ آفيس نمبر 8 عبرت گهٽي گاڏي کاتو حيدرآباد
    03003513966









    LUTULIAL TAREKH JO UDAS SHAHAR
    (Columns)
    By: Hameer Chandio
    Sambara Publication Hyderabad
    03003513966


    مهاڳ

    زندگيءَ جي اها فطرت آهي ته اها ٻن رشتن سان پنهنجي لڳاءَ جي شروعات ڪري ٿي، پهريون جنم ڏيندڙ وجود ۽ ٻيو اهو هنڌ، جتي جنم وٺي ٿي، اهي ٻئي رشتا هر زندگيءَ کي تمام پيارا ٿين ٿا، اها زندگي ڀلي ڪهڙي به شڪل ۽ وجودي ساخت آهي، اسان جيڪڏهن انهيءَ لڳاءَ کي جبلت حيات چئون ته انهيءَ جي شدت کي آسانيءَ سان سمجھي سگھون ٿا، جياپي جي سمجھ ته نه نظر ايندڙ جيوَ کان هاٿيءَ تائين آهي، پر شعور ۽ شعوري تخليق جي طاقت وڌ کان وڌ انسان ۾ پيدا ٿي سگھي آهي ۽ انسان جي اطهار جي قوت ڳالهائڻ کان لکڻ تائين جي سفر ايتري پختگي حاصل ڪئي آهي، جو هُو پنهنجي پسند يا ناپسند جو عام اظهار ڪندي باريڪ ڪيفيتون به ٻئي انسان تائين پهچائي ٿو، ۽ جڏهن اهو آرٽ هن کي اچي ٿو وڃي، تڏهن هن جي اندر جو رشتو ٻئي انسان جي اندر جي رشتي سان جُڙي ٿو وڃي، بقول اياز جي “شاعر، موسيقار، مصور انهيءَ تخليقي طاقت جا مالڪ آهن”. هر اديب ۽ ليکڪ ساڳي ئي صفت ۾ اچن ٿا، هن ڪتاب ۾ گڏ ڪيل مضمونن جي ليکڪ همير چانڊئي جا مضمون تمام جا تمام پنهنجي شهر ۽ ضلعي شڪارپور تي لکيل آهن. همير لکڻ جي شروعات 1999ع کان ڪئي، 2003ع تائين هن سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ لکيو ۽ پوءِ 2012ع تائين لکڻ جي عمل کان پاسيرو رهيو، 2013ع کان 2017ع تائين مضمون ته وڌيڪ اٿس پر هن مجموعي ۾ شڪارپور تي لکيل مضمون شامل آهن. همير هي مضمون ڪتاب جي اشاعت لاءِ نه لکيا هئا، تنهن ڪري انهن ۾ موضوع جي ترتيب انهيءَ انداز سان ناهي. هن ڪوشش اخبار ۾ جيڪي ڪجهه لکيو، اهو هن پنهنجو فرض سمجهي لکيو. پنهنجي شهر ۽ ضلعي جي درد جي دانهن کي لکيو اٿائين، پڙهندڙن کي ممڪن آهي ته مسئلن جي ورجاءَ جو انداز محسوس ٿئي، انهيءَ لاءِ منهنجي پنهنجي راءِ هي آهي ته هڪڙي شهر جي آزاد فطري ارتقا جا پر ڪتري ۽ انهيءَ جي چيلهه ۾ رسو وجهي، بنگلن جي درن سان ٻَڌو وڃي، رڳو هن فرق سان ڪڏهن ڪهڙو بنگلو ته ڪڏهن ڪهڙو! پر قيدي شهر جو درد ۽ دانهون ته ساڳيون ئي هونديون، انهيءَ جا درد به ساڳيا ئي هوندا ته اظهار به ساڳيو هوندو.
    اسان اهڙي ڪُن ۾ ڦاٿل آهيون، جنهن جا ڦيرا ۽ ڦيراٽيون ساڳيون آهن، وڏيرڪي ۽ ڪامورا شاهي جي ڪرپشن جو مضبوط اتحاد ڏوهارين ۽ ڀوتارن جو اتحاد، مذهبي جنونيت ۽ دهشتگرديءَ جو اتحاد، بنگلن جا نام نهاد اختلاف ۽ مفادن جي بنيادن تي پارٽين ۾ رهندي به راڄوڻا اتحاد، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي بنگلن تي جرڳا، ڏوهارين جا ٽولا، ڪن تي چوڪيدار ۽ ڪنهن تي باڊي گارڊ جو نالو، گٽرن ۽ نالن جي صفائي جي عملي کان رپيئرنگ جي ڪرپشن تائين، ڪِريل حد تائين ڪرپشن، همير وڏيرن جي بنگلن ۽ انهن جي نالن سان لکيو آهي ۽ ميونسپل چيئرمين تي سڌي تنقيد ڪندي به ڊنو ناهي. هُن مُلن جي وڌندڙ سياسي اثر تي تنقيد ڪئي آهي.
    همير رڳو ليکڪ ناهي، هُو انقلابي سياست جو نظريو رکندڙ ۽ عملي سياسي جاکوڙي انسان آهي. هو لوڪل باڊيءَ جي اليڪشن 2015ع ۾ آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ بيٺو ۽ هن جي بيهڻ سان ايم پي اي امتياز شيخ جي بيهاريل ماڻهو، اڳوڻي تعلقي ناظم ظفر علي شيخ کي نقصان ٿيو پر هن رُولنگ ڪلاس جي سياسي ڪلاس ۽ فائدي کان الڳ ٿي پنهنجو رستو اختيار ڪيو، هن انهيءَ جي پرواهه نه ڪئي. هن ڪتاب ۾ شامل شڪارپور لاءِ مضمونن ۾ شهر جي خوبصورت ماضي ۽ بُري حال جو بار بار ذڪر ڪيو آهي پر هُن بدتر حال ۽ حالتن جو ذميوار عام ماڻهن کي گهٽ، بُري حڪمراني کي ذميوار وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ هن ڪرپشن تي تنقيد ڪئي آهي.
    هن جو شڪارپور سان فطري لڳاءُ هي رهيو آهي ته هي هُن جو شهر آهي ۽ هن شهر جي ماضيءَ سان انهيءَ ڪري پيار نٿو ڪري ته ماضيءَ ۾ هي شهر تمام گهڻو صاف ۽ خوبصورت هو، جنهن سبب هن شهر کي هيريٽيج جو درجو مليو آهي پر هن شهر جي هڪ خاص مزاجي حس انهيءَ جي رهواسيءَ تي اثر ٿي ڪري، جيڪو هن شهر کي ڪيفيتي محسوس ڪندو، تڏهن شيخ اياز چيو هو ته ”ڪارپور هڪ شهر نه پر هڪ ڪيفيت جو نالو آهي“، اها ڪيفيت جنهن راءِ بهادر اوڌو داس تاراچند کي اسپتال ٺهرائڻ لاءِ رڳو جهولي نه کڻائي پر سيوا جي درويشي حد تائين پهچائي ڇڏيو، جو هُن پنهنجو نالو ماڻهن ۽ مريضن جي داخلا واري گيٽ تي پيرن ۾ لکرايو ۽ چندو ڪندي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو، اها ڪيفيت هر چندو ڏيندڙ جي اکين ۾ انهن جي تصويرن ۾ محسوس ٿيندي، اها ڪيفيت ڪاٺ تي اُڪريل مورتين، گلن ۽ وَلين ۾ محسوس ٿيندي. اڄ به شڪارپور جي گهٽين ۾ جڏهن رش کان خالي ٿيل رات جا رولاڪ، تاريخ جا شاگرد گهمندا آهن ته هنن جي تصوراتي حس بالڪونين ۾ مڌر شوخ ۽ چنچل ادائن جا عڪس محسوس ٿيندا، ڪنهن ڳاڙهي ڳل تي چُرندڙ چڳ ۽ کُليل آلن وارن جي خوشبوءِ مدهوش ڪندي، ڪا پوڙهي مقدس ماتا ڏيئن جي ٿالهي کڻي امن جي ديويءَ جيان محسوس ٿيندي. شعور انهيءَ ڪيفيت کي پاڻ مان ڪڍي نٿو سگهي ۽ اهائي ڪيفيت شڪارپور سان عشق جو نالو آهي، اهو عشق تاريخ جي مدهوشيءَ ۾ رهي ٿو ته مجذوبيت آهي پر جي بقا جي حاصلات لاءِ اڳتي وڌي ٿو ته انقلابي ٿي ٿو وڃي. مان سمجهان ٿو ۽ منهنجي نظريي جو هي بنيادي اصول آهي ته شروعات پنهنجي ذات، پنهنجي گهر، پنهنجي گهٽي، پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي شهر کان ئي ٿيڻ گهرجي.
    اسان انقلاب جو رومانس ماسڪو کان شروع ڪيو ۽ پنهنجو شهر وساري ڇڏيو، جڏهن شهر اهم نٿو رهي ته پوءِ سنڌ ڪيتري اهم هوندي؟ پر ماسڪو کان تعارف ڪرائيندڙ شاعر رسول حمزه توف پنهنجي ڪتاب “منهنجو داغستان” ۾ فخر سان لکي ٿو ته: “ڪجهه ماڻهن جي دنيا ماسڪو کان شروع ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ماڻهن جي دنيا وائيٽ هائوس کان شروع ٿئي ٿي، پر منهنجي دنيا منهنجي گهر، ڳوٺ کان ۽ داغستان کان ٿيندي ماسڪو تائين پهچي ٿي ۽ پوءِ پوري دنيا جي طرف وڌي ٿي”. اسان جتي آهيون تبديليءَ جو سفر ۽ جدوجهد اتان شروع ڪنداسين ته اسان حقيقي ڪاميابي تائين پهچي سگهون ٿا. پري جو عشق امتحان مان نٿو گذاري، موجوده عشق جو لمحو لمحوامتحان آهي. اسلام آباد جي وفاقي حڪومت يا سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ آسان آهي پر شهر مٿان لٺ کڻي ڦِرندڙ ڀوتارن ۽ ڪُڌن ڪامورن، لوفرن تي سڌي آڱر کڻي تنقيد ڪرڻ ايترو سولو ناهي، مون اهڙا ليکڪ ڏٺا آهن، جيڪي هڪ تنقيدي لکڻيءَ کانپوءِ ٻي ڏينهن بنگلن تي پهچي معافي وٺندا آهن ۽ بنگلا اهڙن ليکڪن جي نفسيات پنهنجي هجڻ جي ڀونڪ سمجهي معافي ڏئي ڇڏيندا آهن يا شايد ڪو ٽُڪر ڳڀو به ڏيندا هُجن پر اسان کي پنهنجي دوستن تي فخر آهي:
    اسان جيئن جيئي ڪوئي ڀلا هن جهان ۾.
    ســــــدائين نشان تــــي، ســـــدا امــتحــان ۾.
    انسان جو سفر مرڻ تائين امتحانن مان گذري پيو، اڄ هو جيڪو ڪجهه آهي، سڀاڻي اهڙوئي رهندو يا نه رهندو ۽ اهو به ممڪن آهي ته وڌيڪ پچي ڪندن ٿئي، اسان کي هي سمجهڻ گهرجي ته اسان بهتر کي بهتر تڏهن چونداسين جڏهن اهو بهتر هوندو ۽ هي ٺيڪ طرح سان سمجهڻ ضروري آهي ته اڄ يا موجود جيڪو بهتر آهي ۽ سڀاڻي اهو ايئن نٿو رهي ته ماضيءَ جي بهتريءَ کي خراب نه چوڻ گهرجي. اسان جو هي به الميو رهيو آهي ته اسين موجود بُرائي ۾ جڏهن بهتري ايندي آهي يعني ڪو فرد بُري مان سٺو ٿئي ٿو ته اسين انهيءَ کي گهڻي ڀاڱي ساراهيندا آهيون ۽ انهيءَ جي بُري ماضيءَ کي وساري ڇڏيندا آهيون، پر جي ڪو چڱو بُرو ٿي وڃي ٿو ته اسين انهيءَ جي بُري ٿيڻ سان انهيءَ جي ماضيءَ کي منافقت جي طعنن سان تنقيد ڪري چڱائيءَ جي پوري ڪردار ۽ دوکي حقارت سان ياد ڪندا آهيون، اهو رويو جذباتي هجڻ ۽ اسان جي سادي هجڻ جي عڪاسي ڪري ٿو. اصول پرستي ۽ ترقي پسنديءَ جو پهريون بنياد هي آهي ته جيڪا تاريخ، حال، ڪردار جيترو رهيو ۽ جيترو آهي، انهيءَ کي اوترو بيان ڪجي ۽ انهيءَ کي اوتري پوري خلوص سان موٽ ڏجي، ائين ڪرڻ سان اسان پنهنجي سماجي ۽ قومي فرض جي ادائگيءَ جو حق ادا ڪري سگهنداسين.
    همير چانڊئي جا هن ڪتاب ۾ شامل مضمون شڪارپور جي موجوده صورتحال جو بيان آهي، اڄ شڪارپور سياسي، سماجي، اخلاقي ۽ انتظامي طور تي ڪهڙي دور مان گذري ٿي، انهيءَ ڪري هي ڪتاب اسان جي ايندڙ نسل لاءِ هڪ تاريخ جي باب جي حيثيت والاريندو ۽ شڪارپور جي موجود ضمير کي هي اتساهه ڏيندو.
    آڌي رات اروڙَ، سوچــيو ٿــڌو ساهه ڀــري،
    موڳا هاڻي موڙ، پنهنجي واڳ وجود جي.


    ممتاز منگي
    شڪارپور
    06 نومبر 2017ع


      سهڻي شڪارپور- هٺيلو همير...!!

    حقيقت هي آهي ته همير تي لکڻ لاءِ وڏو دل گڙدو کپي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ شڪارپور تي لکڻ لاءِ تمام وڏي دانائي ۽ تخيل جي ڀرپور اڏام جي ضرورت آهي، جيڪا مون مسڪين منجهه موجود ناهي. شڪارپور جڏهن اکين سان نه ڏٺو هئم، تڏهن به ”شڪارپور“ جو رڳو نالو ٻڌندو هئس ته هڪ خوبصورت چمڪندڙ ڪهڪشائن جهڙي شهر جو خيالي تصور منهنجي دل ۽ دماغ کي روشن ڪري ڇڏيندو هو- گڏوگڏ شڪارپور هڪ اهڙي من موهڻي ۽ چنچل ڪنهن ڪامڻي جهڙو روپ ڌاري منهنجي دل جي دنيا تي ڌاڙو هڻي ڇڏيندي هئي، جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي! شڪارپور سان مون کي سچ پچ ته هڪ عجيب قسم جي انسيت رهي آهي، جيڪا مان پاڻ به سمجهي نه سگهندو آهيان، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڄڻ منهنجو جنم ئي شڪارپور ۾ ٿيو هجي. شايد شيخ اياز جو روح ڇڪيندو آهي يا وري نارائڻ شيام ۽ سامي جو ساهه سڏيندو آهي، پر اهڙو پڙلاءُ شڪارپور جي پاسي کان ضرور ايندو رهندو آهي، جنهن مان الستي حب به ظاهر ٿيندي آهي ته ڌرتي جي مستي به جهومر هڻڻ لڳندي آهي. ڳالهه همير جي هجي ۽ شڪارپور جي هجي ته ذڪر سڄي سنڌ جو ئي نڪري ايندو، جنهن جي ذري ذري سان مون کي بي انتها چس ۽ چاهه آهي، ها پر! منهنجو پيار ته انهن جي سامهون تمام تڇ آهي، جيڪي هن ديس تان ساهه ڏئي ويساهه رکي ويا، ۽ تاريخ ۾ اهو نياپو ڇڏي ويا ته هي ديس اڳتي هلي انسانيت جي امامت ڪندو.
    سنڌ لاءِ آئون هميشه چوندو آهيان ته اها مون کي مٺڙي ماءُ کان به وڌيڪ پياري آهي. سچ هي آهي ته هنن لفظن ۾جنم ڏيندڙ جيجل ماءُ جو ٿورڙو شايد اپمان به ٿئي ٿو، پر آئون هي لفظ سوچي سمجهي ڳالهائيندو آهيان، جنهن جو مقصد هي هجي ٿو ته ماءُ سان هڪ انتهائي پاڪيزه ۽ رت جو رشتو هوندو آهي، جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ به ڏکيو آهي، پر هڪڙو وقت ايندو آهي جو هڪ ٻار کي به آخرڪار ماءُ کان جدا ئي ٿيڻو پوندو آهي!
    ماءُ جڏهن موڪلائي ويندي آهي ته ان کي سپرد خاڪ ڪيو ويندو آهي، ۽ جڏهن اهو ٻار به وڏو ٿي زندگيءَ جي ڪنهن ورهيه تي وڇوڙو اختيار ڪري آخرڪار بقا جي ڏيهه روانو ٿي ويندو آهي ته ان کي به مٽي ماءُ جي هنج ۾ سمهاريو ويندو آهي. شيخ اياز ڌرتيءَ لاءِ تمام ڏکيا لفظ استعمال ڪيا هئا، پر مون لاءِ ڌرتي ان ڪري به وڌيڪ اُتم آهي ته اها نه صرف زندگي ڏئي ٿي، پر گهڻو ڪجهه ڏئي ٿي. ماءُ ٻن ورهين تائين ٿڃ پياري ٿي، پر ڌرتي پنهنجي پيٽ مان اناج اپائي زندگي ڀر کارائي ٿي، پنهنجي سيني تي هر ڏک سهي ٿي، ۽ آخر ۾ هڪ انسان جڏهن لاش بڻجي وڃي ٿو، ۽ ان کي گهر وارا به رکڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن ته ان وقت به ڌرتي ماءُ ئي ڀرجهلي بڻجي ويندي آهي، ۽ پنهنجي گود ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي!
    هڪ ماڻهو جڏهن ڄمندو آهي ته سهرا ۽ ڳيچ ڳايا ويندا آهن، ۽ ان جي زبردست آجيان ٿيندي آهي، پر جڏهن اهو ساڳيو ماڻهو موت جي ڪاري وادي ۾ هليو ويندو آهي، ۽ هڪ لاش جي صورت اختيار ڪري ويندو آهي ته ان کي گهر وارا به رکڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن، ۽ هر ڪو دانهون ڪري اهو چوندو آهي ته بس! کڻوس… گهڻي دير ٿي چڪي آهي… بس! هاڻي کڻوس… ته ڪٿان وري اها ڪوڪ به ايندي آهي ته بس! مائٽ پهچڻ وارا آهن، باقي 5 منٽ صبر ڪريو، ۽ پوءِ آخرڪار ان مڙهه کي ماتم سان گڏ جنهن مقام تي نيو ويندو آهي، اهو مٽيءَ جو مقام آهي ۽ هيءَ اها ئي ڌرتي آهي، جيڪا هڪ لاش کي به پنهنجي هنج ۾ سمهاري ٿي، ۽ ان جي هڏڙن کي شايد صدين تائين سهارو ڏئي ٿي.
    هر ماڻهوءَ کي پنهنجو وطن پيارو هوندو آهي. سنڌ امان اسان کي بيحد عزيز ۽ مٺڙي آهي، جنهن جي هر رنگ ۽ روپ سان بي انتها محبت آهي، ۽ ان محبت عيوض جيڪڏهن سسي ۽ ساهه به کسيو وڃي ته سودو مهانگو ناهي. ڳالهه جڏهن سنڌ جي ذري ذري جي ڪجي ٿي، ۽ پوءِ ذڪر شڪارپور جو اچي ٿو ته دل باغ و بهار ٿي وڃي ٿي. سنڌ جو هر شهر سهڻو ۽ خوبصورت آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ انسانيت جي سڳنڌ آهي، پر شڪارپور ته بي مثل آهي، جنهن کي ماضيءَ جو پئرس سڏيو ويندو آهي. تازو ئي منهنجو شڪاپور وڃڻ ٿيو، جنهن کي ڏسي اکيون ٺري پيون. مسئلا لازمي طور موجود آهن، پر محنتون دائم ۽ محبتون قائم هجن ته اهو پنڌ پري ناهي جو شڪارپور کي جديد دور جي پئرس بڻائي ڇڏجي- ان لاءِ ٿورڙي محنت ۽ محبت جي ضرورت آهي. جيڪا اسان سڀني کي ڪرڻي پوندي. هن وقت شڪارپور شهر ۽ سڄي ضلعي سان کوڙ سارا مسئلا درپيش آهن، ۽ اهي سڀ مسئلا ساڳيا آهن، جيڪي ڄورن وانگر سنڌ جي وجود سان چهٽيل آهن. پيپلز پارٽي کي هڪ تمام بهترين موقعو مليو، پر ان جي باوجود پيپلز پارٽي سنڌ جي شهرن جي ۽ واهڻ وستين جي مالڪي ڪري نه سگهي. سنڌ جي شهرن کي ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت هئي. ٺٽي ۽ سجاول کي دبئي ۽ شارجا جهڙو روپ ڏئي سگهجي پيو، پر اهو جائز ڪم ڪرڻ بدران هڪ ميگا سٽي ذوالفقار آباد جو پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو آهي، جيڪو ائين آهي، جيئن بلوچن لاءِ گوادر سٽي، جنهن مان اها بوءِ اچي ٿي ته اهي شهر اسان جا نه هوندا، پر اهڙين هچائن ۽ بلائن جا شهر هوندا، جيڪي اسان کي سڻڀي گرهه وانگر ڳهي وينديون. اسان هڪ قوم جي صورت ۾ آهستي آهستي انهن جو ٻارڻ بڻجي وينداسون. سچ هي آهي ڄامشوري کي به تمام خوبصورت روپ ڏئي سگهجي پيو، جيڪو علم جو شهر آهي، پر هن شهر جي به حالت تمام خراب آهي. ڄامشوري جي حدن ۾ ڪوهستان به شامل آهي، جيڪو ڌرتي تي قدرت جو خوبصورت ڪئنواس آهي. جڏهن برساتون پونديون آهن ته بولا خان کان غيبي ديري تائين بهار اچي ويندي آهي ۽ سون ورنا ساوا جبل هڪ اهڙي صورت پيش ڪري رهيا هوندا آهن، جيڪا سوئٽزر لينڊ جو ڏيک ڏيندي آهي، پر افسوس جو بدمست ۽ ڌرتي کان ڪٽيل حڪمرانن هنن اصلوڪن شهرن ۽ ٻهراڙين کي ٺاهڻ بدران بحريه ٽائون جو منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو هڪ اهڙو خوفناڪ پراجيڪٽ آهي، جنهن سان مقامي ماڻهن جو وجود ئي ميسارجي ويندو. هنن ماڻهن کي خبر ئي ناهي ته پهاڙن جي ڪهڙي اهميت آهي. هي سڀ پهاڙن کي ڪٽي پلازه ٺاهي رهيا آهن، جيڪي مون کي جديد دور جا ڊائنوسار لڳندا آهن.
    ها! ڳالهه پئي ڪيم شڪارپور جي... جيڪا منهنجي محبوبه جهڙي سندر ۽ شوخ چنچل آهي. همير چانڊيو هن شهر جو هڪ هٺيلو انسان آهي، جنهن جي سرڪشي مظلومن جي مٿان نه پر انهن ڏاڍن جي مٿان ڪڙڪي پوي ٿي، جيڪي خدا جي خلق کي پيرن جي پڻي سمجهندا آهن. هي شخص هن شهر جي ڇانوَ ۾ پليو آهي، جيڪا پنهنجي حالتن جي آڌار اس کان به تکي آهي. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته شڪارپور جهڙي علائقي ۾ پنهنجو عشق ۽ ايمان سلامت رکي هلڻ ڪيڏو نه مشڪل هوندو، ۽ ان مرحلي مان رڳو همير کي ئي گذرڻو نه پوندو هوندو، پر هر باضمير ماڻهو وک وک تي ٽانڊن جو ماتم ڪرڻ تي مجبور ٿيندو هوندو! همير تمام زبردست لکندڙ آهي ۽ هي خوامخواهه جي تعريف ناهي. همير جڏهن به لکندو آهي ته اهو رڳو ”تجزياتي“ نه هوندو آهي، پر ان ۾ فلسفي ۽ فڪر جي اهڙي ته ڳر هوندي آهي جو ان جي لکڻي ڪڏهن ڪڏهن سنڌڙي انب جهڙي مٺي لڳندي آهي، ۽ جڏهن هو سماج ۾ ٿيندڙ ڏاڍ ۽ استبداد تي پنهنجون ڪاوڙون ڪڍندو آهي ته سندس ڪالم ٽوهه جهڙا ڪڙا محسوس ٿيندا آهن. خبر ناهي شڪارپور ۽ ڊکڻ جي هنن چانڊين سان منهنجي روح جو اهڙو رشتو ڪيئن جڙي ويو آهي، جيڪو جدا ٿيڻ جو نالو ئي نٿو وٺي. هي ماڻهو پنهنجي طبيعتن ۽ مزاجن ۾ ڏاڍا تلخ پڻ آهن، پر هنن جي پنهنجائپ ۽ پيار به انمول آهي. همير سان ڪڏهن ڪڏهن جهيڙو ۽ جهڙپون به ٿينديون آهن. اها وري اخباري دنيا جي ڌار ڪهاڻي آهي. بهرحال! اسان کي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. لطيف سائين رحه فرمايو آهي:
    سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
    حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
    سچ پچ ته شڪارپور جهڙي علائقي ۾ همير جهڙا ڪردار مزاحمت سان گڏ ان هير وانگر آهن، جيڪا تاشقند ۽ جنت جي هوائن جهڙي آهي. ضرور هي ننڍيون ننڍيون مزاحمتون رنگ لائينديون، ۽ هڪ اهڙو ڏينهن به ايندو، جو شڪارپور محبوب جي چهري وانگر چمڪي رهيو هوندو. ظلم جي ڪاري رات ختم ٿيڻي آهي ۽ اهڙو اجرو صبح اچڻو آهي، جيڪو ڪنهن معصوم ٻار جي مرڪ جهڙو هوندو، ۽ جنهن سان اسان جا صدين جا سور ڪافور ٿي ويندا.

    نعمت کهڙو
    نيوز ايڊيٽر
    روزاني ”ڪوشش“
    حيدرآباد
    08 نومبر 2017ع


      پنهنجي پاران

    منهنجو هن شهر سان تعلق منهنجي داغستان جي ليکڪ حمزه توف جهڙو آهي، جنهن جي سموري ڪتاب ۾ داغستان سان اهڙي محبت آهي جو هو ان جي مٽيءَ کي مشڪ ۽ کيتن کي کٿوري ڀانئي اهڙي ته عشق جي پالوٽ ڪئي آهي جو سمورو داغستان ڌرتيءَ جي گولي تي هڪ حيرت جو جزيرو هجي. هڪ عام ماڻهو جڏهن تخليق جي دنيا ۾ وِکون کڻي وڌڻ سکي ٿو تڏهن هو بيشمار مونجهارن جو شڪار رهي ٿو ۽ هيءُ سرشٽي اڪيچار الجهائن ۾ بي ترتيب ۽ وکريل محسوس ڪري ٿو. هيءَ ڌرتي ڪائنات جي مجموعي عقيدن ۾ عملي جنت جو عڪس آهي ۽ خيالي جنت جا سمورا تصور هن ڌرتيءَ جي حسناڪيءَ آڏو ننڍڙا محسوس ٿين ٿا. شايد اهو ئي سبب آهي جو مضبوط کان مضبوط مذهبي عقيدو رکندڙ ماڻهو به موت کي ڀوائتو سمجهندو آهي ۽ جنت جي شوق خاطر هو زندگيءَ ۽ دنيا کي ترڪ ناهي ڪندو.
    هن ڌرتيءَ جي گولي تي وسندڙ شهرن سان اتان جي رهواسين جو يقينن گهرو سٻنڌ هوندو آهي ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان پنهنجي ذات جو تعارف پنهنجي شهرن سان ڳنڍيندا آهن ۽ هو ان تي انتهائي فخر محسوس ڪندا آهن، جيئن ايران جي حافظ جو شيراز سان، قومي شاعر نذر السلام جو بنگلاديش سان، شمس جو تبريز سان، شاهه لطيف جو ڀٽ سان ۽ شيخ اياز جو پنهنجي ماتر ڀومي شهر شڪارپور سان! هن شهر جي سحر مان شيخ اياز ڪڏهن نڪري نه سگهيو ۽ هن جي ذات کان ويندي ڏات تائين شڪارپور ڇانيل رهيو. ائين ئي جڏهن غير فطري طور ٿيل ورهاڱي سبب گهائجي پنهنجا گهر ڇڏيندڙ هن شهر جا ديوان پنهنجي سموري حياتيءَ ۾ وڇڙيل ڪونج وانگر پٽيندا پار ڪڍندا رهيا ۽ شمشان گهاٽ تائين هن شهر جي وڇوڙي جو درد کڻي خاڪ ٿي ويا پر پنهنجي پنر جنم جي عقيدي موجب هو خاڪ ٿي وڃڻ کان پوءِ وري جنم وڍي انهن آستانن تي موٽي ايندا، جنهن مٽيءَ کي هو خاڪ شفا سمجهي تبرڪ طور شرنار ٿي وڃڻ مهل گڏ کڻي ويا هئا.
    هن شهر جي محبت ۾ نند جويري نوحي جي انداز ۾ لکيل نظم کي هر روز ڌرمي پستڪ وانگر چمندو هوندو ۽ ان سمي سندس ميرانجهڙين اکين ۾ لهي آيل ڳوڙهن کي هو سنڌوءَ جو جل سمجهي پيئندو هوندو. هنن جي روحن ۾ ويٺل شڪارپور اها ناهي رهي، جنهن شڪارپور جي شام لاءِ هوا به خوشبوءِ کي کڻڻ لاءِ ترسندي هئي، ۽ جتي سنجها ٽاڻي مندرن ۾ ديوداسين جا ڏيئا آسمان جي ستارن کي سمهاري ڇڏيندا هئا ۽ ساري رات ٻرندڙ ڏيئا مورتين کي جيئندان ڏئي ڇڏيندا هئا. هن شهر جي سانوڻيءَ جي رت ۾ رابيل ٽڙندا هئا ۽ پوري رات خوشبوءِ جي ديويءَ جو عڪس بڻجي پوندي هئي، ائين لڳندو هو ڄڻ ڪوهه قاف جون پريون پنهنجا آستانا ڇڏي هن شهر جي خوشبوءِ جو واس وٺڻ آيون هيون. سانوڻيءَ جي وسڪاري ۾ جڏهن سنڌ واهه جي ڪپرن تي ميلا مچندا هئا. انبن جا ٽوڪرا، کارڪن جا پنڊ ۽ ڏنگ ڏوڪن جا کاڄ هوندا هئا. شام جي وقت لکيدر تي موتيءَ جي مٽ جي قلفيءَ جي لذت بهشتي کاڌي جي برابر هئي. پٽاٽي جي چاپ جو سواد هاڻوڪي ڪي ايف سي ۽ مئڪڊونلڊ جي کاڌن کان وڌيڪ لذيذ هو. هاڻوڪي چائني، افغاني يا ايراني ڊش کان وڌيڪ دوسوءَ جي ڀُڳي جو مزو ڀلو هو، هوءَ دوني ۾ ملندڙ مڱ، ماش جي دال پنهنجو مٽ پاڻ هئي جنهن کي هن شهر جو ماڻهو نيرن ۾ ماکيءَ وانگر کائيندو هو.
    هن جادوئي شهر جا ماڻهو کائڻ، پائڻ ۽ گهمڻ ۾ ڏاڍا نرالا هئا، هنن جي ڳالهائڻ جا انداز به نرالا ته پيار جا اظهار به انوکا!! اهڙا ڪيئي حوالا پنهنجي وجود ۾ رکندڙ هي جادوئي شهر هتان جي ڀوتارن جي بک جو شڪار ٿي ويو، هن شهر جو اهو جوڀن اجڙي ويو، جنهن جي ڪيفتي رومانس جا قصا اڄ جي تاريخدانن کي اچرج ۾ وجهي ڇڏين ٿا. سياست جڏهن اقتدار ۽ پئسي جي حوس بڻجي ويندي آهي تڏهن وسندڙ شهر ويران ۽ بيابان ڪري ڇڏيندي آهي. هڪڙي دور ۾ هن شهر جي ڪلچر وانگر امن به مثالي هيو پر ورهاڱي کانپوءِ هن شهر جي خالي چمن ۾ ڇڏيل آکيرن تي اهي چٻ چڙهي ويٺا جن جي فطرت ۾ قبرستان سان هم آهنگي هئي ۽ هوريان هوريان هي شهر امن جي چمن بدران زندهه ماڻهن جو قبرستان بڻجي ويو. هن شهر ۾ اهڙي ته بدامنيءَ جي باهه لڳي، جنهن هتان جي معيشيت، تهذيب ۽ ڪلچر کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو ۽ هتان جي ماڻهن مان ڪجهه باهه لڳائيندڙ ڀوتارن سان گڏ هئا ته ڪجهه وري خوف ۽ لالچ جي چادر اوڍي سمهي پيا ۽ ائين هڪڙي دور جو وڏو واپاري مرڪز رهندڙ هي شهر روم وانگر سڙي خاڪ ٿي ويو. تهذيبون فنا ناهن ٿينديون اهي علائقا، ملڪ يا خطا تبديل ڪنديون آهن جتان جي ماڻهن ۾ ماڻهپو ۽ وطن يا شهر سان بي پناهه محبت هوندي آهي، اتي اهي وڌنديون ۽ پروان چڙهنديون آهن.
    هن شهر جي تهذيب ته تاراج ٿيل آهي، جنهن کي ڪنهن ٻاهرين يلغار نه پر اندروني اقتداري حوس چيريو ڦاڙيو آهي ۽ اها موجوده سياسي گُهٽ ۾ ڪڏهن به ٻيهر ساهه کڻڻ واپس نه ورندي! پر اهو ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ عوام جي مڪمل شعور ۽ مزاحمت سان جڙيل سياسي نظام هن شهر جي تهذيب ۽ تمدن کي ٻيهر جيئندان ڏئي وجهي ۽ هي شهر پنهنجي وڃائجي ويل تشخص کي واپس ساڳي حالت ۾ پسي ۽ تاريخ جي هڪ سنهري راهه تي هلي ايندڙ وقت تاريخ رقم ڪري وجهي. اهو چوندي مان وڌاءُ محسوس نه ڪندس ته منهنجي قلم ڪڏهن ڪمپرومائيز لاءِ تصور ناهي ڪيو ڇو ته جيڪي قلم يا تخليق حالتن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سگهه نه ٿا رکن اهي رديءَ جي ٽوڪريءَ حوالي ٿي وڃن ٿا. دنيا اندر جيڪي تبديليون آيون آهن يا ترقيون ٿيون آهن انهن جو سهرو جنگين ڏانهن نه ٿو وڃي پر انهن جو تاج قلم تي سجائي سگهجي ٿو. تخليق وقت ۽ حالتن جي محتاج ناهي ٿيندي البت ماڻهو وقت ۽ حالتن هٿان شڪست خورد ٿي هٿيار ڦٽا ڪندا آهن، تخليق ته قومن جي لاءِ آب حيات مثل هوندي آهي، جنهن مان جدوجهد جا سرچشما ڦٽي ڌرتين کي جل ٿل ڪري وجهندا آهن. اڄ جيڪڏهن هي شهر انتهاپسندي، مفادي سياست جو مرڪز ۽ سماجي اڻبرابريءَ جو شڪار بڻيل آهي اهو ايستائين بهتر نه ٿيندو، جيستائين هتان جو ماڻهو پنهنجي سياست جو قبلو درست نه ڪندو. ايستائين رياست جو سمورو قانون فضول ۽ بي معنيٰ هوندو جيستائين معاشري مان سماجي اڻبرابريءَ جو خاتمو نه ٿو اچي. اڻبرابري اهو جهنگ آهي جنهن ۾ طاقتور جانور ڪمزور جانور جو پيٽ چيري پنهنجو بک بڻائي ٿو. هن شهر کي سنوارڻ لاءِ انفرادي طور وقت به وقت ڪوششون ٿينديون رهيون آهن پر انفرادي ڪوشش دانهن ته بڻبي آهي پر بهتريءَ جا گهربل نتيجا ناهي ڏئي سگهندي. نتيجا وري گڏيل ڪوششن سان ملندا آهن. هن شهر جي برباديءَ جا پيرا ڪٿان نه ڪٿان شروع ٿي بنگلن جي دروازن تي کٽن ٿا ۽ انهن بنگلن ۾ ويٺلن کي شايد اهو معلوم ناهي ته تاريخ نه بخشيندي ڪنهن شهر جي دشمن کي!
    هن ڪتاب لاءِ اتساهڻ تي مان انهن سڄڻن کي نه ٿو وساري سگهان جن مونکي حوصلو ڏنو، جن ۾ خالد ڀٽي، عبدالجبار عاجز منگي، اياز ابڙو، نذير شاڪر بروهي جي ڀرپور اتساهڻ تي منهنجي ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل محنت هڪ جاءِ تي ٿانيڪي ٿي ڪتاب جي شڪل ۾ اوهانجي سامهون آهي پر مان پنهنجي همسفر کي به نه ٿو وساري سگهان جنهن مونکي پنهنجي داخلي محبت مان قلم جي صورت ۾ ڪجهه سٽون ارپيون آهن جن مونکي اڃان وڌيڪ حوصلو ڏنو آهي. ساڳئي وقت مان ساجد جو بيحد ٿورائتو آهيان، جنهن جي محنت سان هي ڪتاب جهڙو ڏکيو ڪم صفا سؤلو ۽ سڻائو ٿي ويو. پر مان ’ڪوشش‘ اخبار ۽ ان جي روح روان نعمت کهڙو جو خلوص نه ٿو بيان ڪري سگهان، جنهن جي اخبار ۽ پيار منهنجي عزت افزائي ۽ سڃاڻپ ۾ ڀرپور نڀايو آهي.

    همير چانڊيو
    شڪارپور
    03013483983
    hameersindhi@gmail.com


      ماضي جي خوشبوءِ ۾ ويڙهيل شهر!

    مان هن شهر جي نسبت پئرس کي تسليم نٿو ڪريان، محبتن ۽ عقيدتن ۾ انڌي تقليد ٿيندي آهي ۽ ماڻهن جي اکين ۾ موتيو لهي ايندو آهي ۽ انهن کي شيون ڌنڌليون نظر اينديون آهن. ائين هن شهر سان عقيدت جي هام هڻندڙن جي اکين ۾ به ڪٽ اچي وئي آهي ۽ هو فرانس جي جادوئي شهر پئرس سان هڪ اهڙي شهر کي ڀيٽائين ٿا، جنهن جي ماضيءَ ۾ ٿورڙي خوشبوءِ موجود رهي آهي ۽ انجو حال بدبوءِ جو ديس بڻيل آهي. هن شهر سان عقيدت رکندڙ پنهنجي خيالن جي چمن ۾ ضرور رابيل پوکيا هوندا ۽ هن شهر کي خوبصورتيءَ جو ديوتا ڪوٺي ڪي قصا ته ٺاهيا آهن ۽ ڪجهه ڏند ڪٿائون گهڙي ٻڌندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي مومل جي ڪاڪ جهڙو طلسمي شهر گهڙڻ جي محبتن ۾ خوب ڪوشش ڪئي وئي آهي. هن شهر جي مختصر تاريخ کي پنهنجي عقيدتن جي ڪيفيتن ۾ اچي هڪ اهڙي شهر سان ڀيٽين ٿا، جنهن جهڙي شهر جي دعويٰ يورپ جي ٻئي شهر به ڪڏهن نه ڪئي آهي ته متان پاڻ کي پئرس جهڙو شهر سڏائي ڪٿي هو تاريخي شهر سان بيواجبي نه ڪري وجهن. ڌرتين، شهرن، شين ۽ ماڻهن جي هڪٻئي سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ۽ اها انساني سماج جي نفسياتي ڪمزوري آهي ۽ هو پاڻ جهڙي ڪنهن قيمتي شيءِ کي وڌيڪ ۽ ٻئي کي گهٽ ڀانئيندو آهي ته جيئن هو نمايان نظر اچي ۽ پنهنجي قد کي ٻئي جي ڀيٽ ۾ اوچو رکي پاڻ تان قربان پيو ٿيندو آهي ۽ اها سوچ ڪنهن فرد لاءِ نرگسيتي ثابت ٿيندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن شهر کي ٻئي شهر سان تاريخي ڀيٽ ڏبي ته اهو انتهائي مثبت عمل آهي، پر ان ڀيٽا وقت اهو وسارڻ نه کپي ته عقيدت ۾ اچي ماڻهو انصاف نه ڪري سگهي ۽ تاريخ کي ڪنهن غلط رخ ۾ پيش ڪري تاريخي گناهه ڪري وجهي.
    اهڙو تاريخي گناهه گهڻي ڀاڱي اسان شڪارپور جا ماڻهو به ڪريون ٿا ته شڪارپور ماضيءَ جو پئرس آهي. پئرس خاص ڪري خوشبوئن جي نسبت سان ڪوٺيو وڃي ٿو. شڪارپور جي شناخت رابيل جي گل سان ڪئي وڃي ٿي ته هن شهر جا ماڻهو رابيل جي رت ۾ اڇن پوپٽن جهڙي ململ جي پهراڻ تي گلن جون ڪنڍيون پائي گهمندا هئا. ڪاٺ جون فن سازيءَ سان جڙيل عمارتون ۽ ڪجهه صاف اڌ ڪچا اڌ پڪا رستا هئا، جتان اڪثر ڪري بگي گاڏيون گذري گذر سفر ڪنديون هيون. هڪڙو بجاج گهنٽا گهر ديوان جي فليٽ ۽ افغان دور جي ساڳ جي ڪاٺي جي ٺهيل ڍڪ بازار آهي، جنهن کي شاهي بازار سڏيو وڃي ٿو ۽ پوءِ بس! اهو پئرس جهڙو ناهي ته ٻيو ڇاهي؟؟ اهو آهي اسان وٽ پئرس جو تعاون...!! پئرس جتي ڪڏهن رات جو تصور به ناهي رهيو، سون سالن جي تاريخ ۾ مذهبي ڪليسائن جي بادشاهتن ۾ به هي شهر هڪ اهڙو جزيرو رهيو آهي، جتي حيرت جي به حاجت ناهي رهي. هن جي چوڪن تي بيگناهه انساني لاشن کي ته ابتو ٽنگي لٽڪايو ويو ۽ زندهه انسانن کي انساني بد تهذيب جي تاريخ ۾ ساڙيو به ويو پر هي شهر پوءِ به مرڪندو رهيو. انساني تهذيب جي اتساهه جي علامت هجڻ ڪري هن کي پوري پڪ هئي ته تهذيبون انساني اقتداري وحشتن هٿان ڀلي تاراج ٿينديون رهن. عقيدن جي غفائن ۾ ڀلي انسانن کي قيد ڪيو وڃي، پر پئرس جي تهذيب تاريخي انسانيءَ جي پير ۾ پازيب بڻجي رقص ڪندي رهندي ۽ تهذيب جي دشمنن کي گلوٽين ۾ وجهي ڪنڌ ڪپيندي رهندي ۽ پنهنجي سفر کي جاري رکندي نظر آئي. تهذيب جو هجڻ ئي انساني ترقيءَ جي ضمانت آهي، جيڪڏهن بد تهذيبي جو سايو تهذيب مٿان غالب پئجي ويو ته اها تهذيب ۾ لذتون، بدمستيون، حرص، حد کان وڌيڪ نفعا ۽ چور بازاري جهڙيون بيماريون پيدا ٿي بدڪاريءَ جي صورت اختيار ڪري وينديون آهن ۽ اتي ڪنهن اعليٰ انساني معاشري جي جڙڻ جا امڪان اڻلڀ ٿي ويندا آهن. لذتن، حرص ۽ بدمستين جهڙيون برايون هن شهر شڪارپور جي تهذيب جي بانڀڙا پائيندڙ ٻار کي گهٽي ماري رکيو آهي. اهو ٻار اڃا جواني جي شباب ۾ آيو ئي نه ته ان کي ٽوڙي ٽڪر ڪيو ويو.
    اڄ ان ننڍڙي معصوم تهذيب جي حالت سياسي مڪارين جي ور چڙهي بدبوءِ جي پٽين جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي آهي، انهن گند جي پٽين ۾ هن شهر جا ماڻهو پنهنجي حصي جي گندگي وجهي رهيا آهن. پورو شهر گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. سياسي ۽ انتظامي نااهليءَ جي ڪري ميونسپل ڪميٽي جي شهري ملڪيتن تي ته سياسي گروهن جا قبضا آهن ئي، پر هن شهر جون اهي عمارتون اڌ کان وڌيڪ ڪاٺ جي لالچ ۾ ڊاٺيون ويون آهن، جن کي ورلڊ هيريٽيج ورثو قرار ڏنو آهي. سياسي نااهلين ڪري بدانتظامي جي ڀنڀٽ ۾ ململ جي چولي ۽ رابيل جي ڪنڍيءَ جهڙي نفيس تهذيب سڙي خاڪ ٿي وئي آهي، پر هن شهر جو ماڻهو بد تهذيبيءَ جون شڪايتون ته ڪري ٿو، پر انهن شهر دشمنن سياسي ڪردارن کي ڪجهه به نٿو چوي ۽ انهن آڏو سر تسليم خم ڪيو ويٺو آهي. شهر جي بد تهذيبي جي ذميوارن کي پنهنجي گهرن ۾ گهرائي سندن ڀرپور خاطر توازن ته ڪري ٿو، پر انهن سياسي چالاڪن کي پنهنجي شهر جا چاڪ ٿيل گريبان نٿو ڏيکاري ته هيءَ معصوم تهذيب اوهان جي اقتداري حوس جو نشانو بڻجي وئي آهي ۽ ان مان خون جا آخري قطرا ٽمي رهيا آهن... اڃا ڪيستائين سياسي قلابازيون کائي هن تهذيب جو ڪنڌ ڀڃندو رهندو؟؟ هن شهر جي تهذيب ته اڃا اسرڻ جي شروعاتي ڏاڪن تي هئي ۽ ان کي پئرس جي پٺيان هلي مڪمل تهذيب جو شاهڪار بڻجڻو هو ۽ ان تهذيب کي عقيدن جي جنون ۾ اچي هتان جي ان وقت جي دور واري سياست اهڙي ته زهريلي خنجر سان وار ڪيو جو هن جي سموري وجود ۾ مذهبي نفرتن جو زهر ڀرجي ويو ۽ تهذيب جي منهن مان خون ٽمي ڌرتيءَ تي خشڪ ٿيندو رهيو، پر ان وقت جي بيرحم سنڌ جي سياست ڌرتيءَ تي ٽمندڙ تهذيب جي خون تي خوش ٿيندي رهي ۽ پنهنجي وطن دشمن ۽ تهذيب جي قاتل ڪردار کي تاريخ جي آئيني ۾ ڏسڻ کان لاتعلق رهي ۽ پاڻ کي انساني تاريخ ۾ تهذيبن جي قاتل طور شامل ڪري ايندڙ وقت کان پنهنجو چهرو لڪائيندي رهي، جنهن چهري ۾ انهن سياستدانن جي منهن تي طاعون جا داغ نمايان آهن، جن تهذيب کي پنهنجي شخصي مقصدن لاءِ لهو لهان ڪيو...!! انهن جي نقش قدم تي هلندي اڄ جو سياستدان بچيل تهذيب کي به مفادي سياست جي ڪتر مشين ۾ آڻي ذريون ذريون ڪري مهذب معاشري تي رانڀوٽا پائي رهيو آهي، پر هن شهر جو ماڻهو اڃا به مفادن جي لاءِ مشڪرن واري ماٺ ڪيو ويٺو آهي. ڪلچر قومن يا مقامي ماڻهن جي رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي جو نالو آهي، جيڪا تهذيب مان ڦٽي نڪرندي آهي ۽ وڌندي ويجهندي آهي ۽ هن شهر جي تهذيب زواليت کانپوءِ بد تهذيبي اهڙي ته نيچ ۽ خسيس ڪلچر کي جنم ڏنو آهي جو پنهنجي اوسر ۾ محدود تهذيب ۾ ايڏو ته بگاڙ آيو آهي جو پورا پڙهيل لکيل ۽ اڌ گابري ۽ ادبي يا سياسي شعور رکندڙ ڏسڻا وائسڻا ڪردار به گلا ۽ غيبتن جا پيرڊ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلائي پاڻ ئي جج ۽ پاڻ ئي جلاد بڻجي پنهنجي مخالفن جو مڻڪو ڀڃن ٿا، پر هو اهو هڪ لمحي لاءِ به نٿا سوچين ته ٻين کي الزام ڏيڻ يا قصور وار ڪوٺڻ کان پهرين هنن جي پنهنجي ڪردار تي معاشري کي ڪهڙا تحفظات آهن يا معاشرو هنن جي روين جي ڪري پاتال ۾ پوندو وڃي ٿو!! ان قسم جي ڪردارن جو مثال ڏيڻ جو بنيادي سبب اهو آهي ته جڏهن تهذيب کي جوڙڻ وارا ذهن ذهني ڏيوالي جو شڪار بڻجي ويندا آهن ته اتي پورو معاشرو ڍونڍ جهڙي ڌپ ڪري ويل ڍنڍ وانگر محسوس ٿيندو آهي، جيڪا ڌپ مستقل طور ذهنن ۾ رهي کستوري جهڙي خوشبوءِ مثل دماغ کي ڀاسيندي آهي، جيڪا خود فريبيءَ جهڙي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي مالي خوليا ۾ ورتل ماڻهن کي پيدا ڪري انهن جي وجود ۾ سائيءَ جهڙو مرض عام ڪري ڇڏيندي آهي ۽ انهن کي رڳو پيلاڻ ئي پيلاڻ نظر ايندي آهي. انهن پِيلن ماڻهن جو مقصد رڳو عيب جوئي ڪرڻ هوندو آهي. اڄ جيڪڏهن شڪارپور شهر جي روڊن تي گندو پاڻي هر جاءِ، هر محلي ۾ بيٺو آهي ته ان جي اصل وجهه به اسين آهيون ته اسان اڃا پاڻ مهذب ناهيون ٿيا ته مهذب معاشري جي ضرورت ڪيئن محسوس ڪريون؟؟ جنهن به ڏينهن هن شهر جو ماڻهو اهو احساس کڻي اٿي پيو ته هاڻي بد تهذيبي گهڻي ٿي، ان ڏينهن کان وٺي هن شهر جي رستن تي گندو پاڻي ۽ گندگي ڪٿي به نظر نه ايندي ۽ بگڙيل سياست رستي تي اچي ويندي. شهر کي بيوقوف بڻائڻ وارا اتحاد خود بخود ٽٽي ويندا. غير مهذب سياست جو خاتمو ماڻهن جي مهذب پڻي ٿيڻ ۾ ئي آهي. هن شهر جي تهذيب جي حسن ۾ هتان جي مقامي ماڻهن جون محنتون هيون، جن تهذيب ۾ حسن آڻڻ لاءِ ان کي ايڏا ته ڳهه ڳٽا پارايا جو هوءَ ڪچڙي وهيءَ ۾ به مڪمل جوڀن واري عورت نظر اچڻ لڳي ۽ هن شهر جي ماڻهن پنهنجي معصوم تهذيب کي گندي سياست جي گرهڻ لڳڻ کان محفوظ رکيو، پر حالتن جي گرڙ پکي پنهنجي ٻچن کي کائڻ شروع ڪيو ۽ تهذيب به انهن حالتن جو کاڄ بڻجي پنهنجي سونهن وڃائي ويٺي.
    شڪارپور شهر جي تهذيب کي پئرس سان ڀيٽڻ کان پهرين اهو ته سوچيون ته واقعي هن شهر جي ڀيٽ ان جادوئي شهر سان ڪري سگهجي ٿي، جنهن جا رستا به فليش هڻي ڪئميرا وانگر ماڻهن جو عڪس جهٽي وٺن ٿا، جتي رڳو ٽهڪ ئي ٽهڪ آهن، خوشبوئن جا ڪڪر آهن، جيڪي سرد راتين ۾ مينهن ڪڻين جهڙي ماڪ ۾ ڪنهن دوشيزا جي وجود تي لڪيرون پائين ٿا ۽ انهن جي ململي وجود تان ترڪي ٿيڙا کائيندا رهن ٿا. خيال جي وسعت کان به ويڪري پئرسي تهذيب کي اهڙي تهذيب سان ڀيٽا ڏيڻ جنهن جي دامن ۾ ڪجهه ساڳ جي ڪاٺين جا فن پارا، مخصوص ڪلاس جي رهڻي ڪهڻي، ڪجهه رابيلن جي ڀنل خوشبوءِ ۽ ململي پهراڻ آهن، جن کي پئرسي تهذيب سان ڀيٽي اسان ڪٿا رسيس ڪندا آهيون. الائي ڪڏهن ان کيپ مان نڪري هڪ زندهه تهذيب جا بنياد وجهي مذهبي معاشري جا ماڻهو سڏائباسين. تهذيب کي انسان ٺاهيندا آهن ۽ تهذيب ڄمندڙ انسانن جي پرورش ڪري انهن کي مهذب بڻائيندي پنهنجي سفر کي جاري رکندي آهي. هرو ڀرو ڪنهن شهر جو قد وڌائڻ لاءِ ان جي ڀيٽ ڪنهن اهڙي تهذيب سان ڪجي، جنهن جي همسري ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي نسل جي ضرورت آهي، جيڪو تاريخ کي ڏندين آڱريون ڏئي صدين جي مسافتن کي سالن ۾ تبديل ڪري برق رفتاري سان سفر ڪري ان منزل تي رسي، جيڪا اسان جي تهذيب کان گهٽ ۾ گهٽ پنج سئو سال اڳي آهي، پر اسان کي خام خيالي ۾ نه رهڻ گهرجي. اسان جي رفتار اڃا گڏهه گاڏي جي زماني جي آهي، اتي تهذيب جي تڪڙي تبديليءَ جي خواهش به اڃا ان خواب ۾ ڍلجي نه سگهي آهي، جنهن جي ساڀيان لاءِ سپنن واريون اکيون تلاش ڪبيون آهن. اسان جو حال به ان چوڻي وانگر آهي ته ”ڇا آهي هيءُ انسان اڌ فرشتو اڌ حيوان.“


    مڙهيون اداس آهن رستا پيا پڪارن

    ڪاش! دنيا ۾ ڪا اهڙي ٽائيم مشين ايجاد ٿئي، جنهن سان وقت کي روائينڊ ڪري، ان کي پوئتي موٽائي موهن جي دڙي جي ناچڻي کان وٺي يونان جي ڊيلفي تائي، موناليزا جي حقيقي مرڪ کان مومل جي چکيا تي چڙهڻ تائين، افلاطون جي اسپارتا رياست کان ويندي يونان جي گھٽين ۾ سچائي تي نوجوانن کي ڏنل خطبا ٻڌجن، جنهن ۾ هو قانون تي هلڻ ۽ دقيانوس عقيدن خلاف درس ڏئي سچائي جي آرسي کڻي يونان جي گھٽين ۾ گھميو ۽ افلاطون جي يوٽوپيائي رياست اسپارٽا کي به اکين سان ڏسجي، جنهن رياست ۾ شاعرن ۽ معذورن کي نيڪالي ڏنل آهي، عقل ۽ وجدان جي ابي ڪانٽ کي به پسجي، جنهن لاءِ جرمني ۾ مشهور آهي ته ڪانٽ جڏهن ۽ جنهن جاءِ تان گذر ڪندو هو ته اتان جا مرد پنهنجي عورتن کي چوندا هئا ته پنهنجي گھڙين ۾ ڏسي ڇڏيو ته سڀاڻي زلزلو اچي يا طوفان پر ڪانٽ هر صورت ۾ ان ٽائيم تي گذرندو، ڪينان جي کوهه کان يوسف جي خريد ڪرڻ لاءِ لڳايل بازار، مصر جي احرامن جي ٺهڻ کان قيصر ۽ قصريٰ جي محلن تائين، گوتم جو نروارڻ حاصل ڪرڻ کان واپس ايندي سروم دکم دکم جي قافلي جي صورت، دهلي جي بازارن ۾ سرمدي تجلي، ڀٽائيءَ جا عشق ۾ ڏنڀيل انگڙا، بابا بلي شاهه جا قصور جي چوراهن تي بيخوديءَ جا ناچ، فرانس جون معطر گھٽيون ۽ شڪارپور جا رابيل پهريل ماڻهو ڏسي زندگيءَ جي ان احساس کي توقيت ڏجي ته هي تاريخ ڏند ڪٿا نه پر حقيقت جي فرهي تي لکيل موتي داڻا آهن، جيڪي انساني مهانتا جا ساکي آهن.
    هاٿيدر جون اهي مڙهيون جيڪي وقت جي بي رحم دز ۾ لٽجي سج جي اولڙي وانگي الوپ ٿي ويون آهن، جتي شام جي وقت ۾ گلنار ۽ گلزار ( خواجه سِراءِ) دنيا جي چٿرن کان بي نياز زائفاڻي ڪاري وڳي ۾ ملبوس ٿي ٻانهن ۾ رابيل جا گجرا پائي، ايندڙ ويندڙ جي نظرن جي اشارن تي مست ٿي ٿڦڪي وڄائي زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ اهڙي ته ادا سان گھمندا هئا، جو سندن پاتل ڇير جي آواز ۾ سڀئي سُر هڪ ئي آواز ۾ ڇڙي پوندا هئا. دنيا جي ٽيون نمبر ساڳ جي ڪاٺي مان ٺهيل ڊگھي بازار ۾ جڏهن گھڙندا هئا، تڏهن دڪاندار احترام ۾ اٿي آڌرڀاءُ ڪندا هئا، ڄڻ ڪو خاص مهمان آيو هجي! نشاط ٽاڪيز مان ڦري بڻيل افشان سئنيما، هري ولڀ مان ڪيپيٽل ٽاڪيز ۽ بعد ۾ بڻيل پلازه سئنيما ايئن گم ٿي ويون، جيئن شڪارپور مان ڪپڙن جا آڏاڻا! سئنيمائن تي ڪيئي هفتا لڳل فلم ڏسي جڏهن رات جي وچئين پهر ۾ شوقين رستن تان موٽندا هئا، تڏهن بک ۽ رستن تي لٽجڻ جي احساس کان بي نياز فلم جي هيروئن جي مرڪ کين بستري تي به بي قرار ڪري ڇڏيندي هئي، ۽ پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فلم ڏسڻ جي احساس هيٺ ننڊ جي ٽٻي هڻي خوابن جي ساگر ۾ گم ٿي ويندا هئا، اڄ اهي سئنيمائون پن ٻيڙين جي مانڊڻين ۽ کٽاڻ جي گودامن ۾ گم ٿي ويون آهن. جڏهن ته ناز سئنيما کي اسٽيٽ ايجنسي جي اڏوهي لڳل آهي ۽ اتي به هڪ ڏينهن آخرڪار ڪنهن ڪرپٽ ڪاموري ۽ اناڙي سياستدان جو گھر، عطائي ڊاڪڙت جو شفاخانو ۽ مئل ڍور ڪهندڙ ڪاسائيءَ جو دڪان قائم ٿيندو ۽ ايئن تاريخ جي صفحن ۾ تاريخ ٻن سٽن جي تاريخ بڻجي گم ٿي ويندي! ڪاٺ جي لالچ ۾ ڊاٿل شڪارپور جون تاريخي عمارتون نسيم مغل جي لکيل تصويري ڪتاب ۾ فن جو شهپارو بڻجي البم ڏسندڙ کان ڇرڪ ڪڍرائي وجھن ٿيون، پر اهو فن جڏهن باهه ۾ سڙي ڪوئلا ٿيو هوندو، تڏهن ان رنبي وارن استاد امير بخش بابلاڻي ۽ محمد منير بابلاڻي جي روح ضرور رڙ ڪئي هوندي، جن سالن جي محنت ۾ عبادت جي حد تائين پنهنجي فن جي پوڄا ڪئي هئي ۽ انهن معاوضي کان وڌيڪ محنت ڪري فن جي اهميت کي عام ڪيو هو!.
    رات جي آخري پهر ۾ جڏهن ريلوي اسٽيشن تان مسافر ٽرين مان لهندا هئا، بگي گھوڙو، جيڪو هڪ دور ۾ شاهي سواري ليکيو ويندو هو ۽ شڪارپور جا ٽانگي وارا پنهنجي سڀاءَ ۾ رستي ويندڙن کي ادا، مٺڙا، منڙا، پيارا، او ڀائو ۽ پيٽو چئي سڏ ڪندا هئا، تڏهن ايئن لڳندو هو ڄڻ مغل شهنشاهه جي سواري ٿي وڃي. اڄ تيز رفتاري جي ٽائر هيٺ اهي ٽاپن جا آواز دٻجي ڌنڌلا ٿي ويا آهن، حسب معمول اڄ به خان محمد جڏهن ٽانگي کي رات جو لکي در تي بيهاريندو آهي تڏهن کيس ٽيهه سال پراڻا ڏينهن ياد ايندا آهن، جڏهن کيس ڀرپور جوانيءَ ۾ سڄي رات گھوڙي جي ٽاپن تي ننڊ جو احساس به نه ٿيندو هو ۽ هاڻي کيس گھوڙي جي داڻي جي پئسن جيتري به سواري نه ٿي لڳي، ۽ ٻين بگي گھوڙن وانگر هي به هڪ ڏينهن لکي در تان چنگچين جي شور ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويندو! لکي در جيڪو شڪارپور جو سنڌو درياءُ آهي، جنهن ۾ شهر جا هڙئي رستا ملي گم ٿي وڃن ٿا، وڌندڙ بيروزگاري ۽ بدانتظامي، حددخلين جي صورت ۾ سيلاب بڻجي رستن کي ٻوڙي سوڙهو ڪري ڇڏيو آهي، حد دخليون شهرن جي خوبصورتيءَ تي رانڀوٽن واگر هونديون آهن، جنهن ۾ شهرن جون صورتون بگڙجي بدصورت ب ڻجي وينديون آهن. رابيل ۽ گلاب جي عرقن سان ڌوپجندڙ رستا گندي پاڻيءَ سان روز پيا ڌوپجن، ميوسيپل نالي ڪا شيءَ شهر ۾ نظر نه ايندي، پوري دنيا ۾ ميونسپل شهرن جي ترقي ۽ واڌ ويجھ جي ذميوار هوندي آهي، پر اسان وٽ ميونسپل شهر جي تباهي جي تاريخ رقم ڪئي آهي، سياسي بنيادن تي آيل آفيسر آفيسن ۾ ايئر ڪنڊيشنون هڻائي ۽ ڪنن ۾ هيڊفونون لڳائي عوام جي اهنجن کان آجا لڳا پيا آهن، شهر حد دخلين جي والار هيٺ سوڙهو ٿي ويو آهي، ڪنهن دور ۾ شهر جا شاهي رستا هاڻي پيادل هلڻ جي قابل به ناهن، گھٽيون گندگي جون پيٽيون بڻيل آهن ۽ عوام ساهه وارو جانور بڻيل آهي، جيڪو زندگيءَ کي چاڪيءَ ۾ ڏاند وانگر گهلي پيو! ماضيءَ ۾ سنڌ حڪومت کي قرض ڏيندڙ ميونسپل هن وقت پنهنجي ملازمن جي مقروض آهي! شهري شعور ايترو آهي جو گھر گھٽين ۾ ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ رستن تي دڪان ٺاهي ڪنهن سياسي ڌر جو پينا فليڪس هڻي ماڻهن جاگيرون قائم ڪري ڇڏيون آهن، عاليشان رستا گھٽيون بڻجي ويا آهن، ۽ گھٽيون وري بند ڳلين ۾ تبديل ٿي رهيون آهن.
    اوڌو داس جي اسپتال واپاري مرڪز بڻجي وئي آهي، جتي غريب انسان لاءِ آيل بجيٽ ڀوتارن جي ٽجوڙين ۾ منتقل ٿي رهي آهي، صحيح نموني نبض نه ڏسي سگھندڙ ڊاڪٽر ايم ايس جي ڪرسيءَ تي ويهي زڪوات جي پئسن جون پتيون پيو ڪري، ٻيو ته ٺهيو پر اوڌو داس جي اسپتال جا گارڊر به وڪرو ڪرڻ لاءِ فڪرمند آهي، جنهن اسپتال لاءِ اوڌو داس ٽڪو ٽڪو چندو وٺي بي سهارا ماڻهن جي دردن تي پهو رکڻ لاءِ پوري هندستان ۾ پئي پنيو ۽ هو هڪ خواب جي تڪميل کان اڳ هندستان جي شهر ۾ چندو گڏ ڪرڻ دوران فوت ٿي ويو! اڄ اها اسپتال منڊي بڻجي وئي آهي، جتي وڏي واڪ ۾ ڊاڪٽرن جي عهدن جي ٻولي لڳي ٿي! اسپتال ۾ نه سرجن ۽ نه ڪا گائناڪالوجسٽ آهي، هتي وڏي مشڪل سان پونسٽان ٽڪي ملي ٿي، بيڊن جون چادرون هڪ مرض ۾ آيل مريض کي بي شمار مرضن ۾ مبتلا ڪري ڇڏين ٿيون، اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرياڻيون ذاتي ڪوس گھر قائم ڪري دولت جون ديواريون ٺاهن پيون! هي اهو اوڌو داس جو خواب، جنهن کي بي رحم ۽ دقيانوس سياست، ڪرپٽ ڪامورن عذاب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.
    هي شهر مٽيءَ جي ڍير ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، رستن تان ڌوڙ اڏامي پئي، البرٽ ڪاميو پنهنجي جڳ مشهور ناول ”پليگ“ ۾ شهر کي ڳولهڻ يا دريافت ڪرڻ جي حوالي سان لکي ٿو ته ” ڪنهن به شهر کي دريافت ڪرڻ جو بهترين طريقو هي هوندو آهي ته ان شهر جا ماڻهو ڪيئن ڪم ڪندا آهن ۽ ڪيئن پيار ڪندا آهن“. هن شهر جا ماڻهو اونهاري جي موسم ۾ رابيل جون ڪنڍيون پائي شام جي پهر ۾ جڏهن لکي در تي جوڙا ٿي گھمندا هئا، تڏهن هنن جو پيار جھولن ۾ به پرهه جي ٿڌڙي هير بڻجي پوندو هو ۽ هڪ عجيب طلسم جو سمان هوندو هو، هڪ مڪمل ڪيفيتي شهر، جنهن جي ماڻهن جي ڳالهائڻ جا انداز به انوکا ته ڪم ڪرڻ جا طريقا به پنهنجا هوندا هئا! هن شهر سنڌ جي جديد تهذيب جي امامت ڪئي آهي، واپار کان ويندي فن تائين ايئن محسوس ٿيندو، ڄڻ ڪا فڪشن سان ڀرپور ڪهاڻي پئي پڙهجي، حيرت ۽ تجسس سان ڀرپور! اڄ هي شهر ڪهاڻيءَ جي ڪلائيميڪس وانگر انتهائي دردناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ پڄاڻيءَ طرف وڃي رهيو آهي. هر ڪردار افسانوي صورت وٺي وڃائجي ويو آهي، مڙهين ۾ ماٺ ڇانيل آهي، شهر شهر خموشان جي تصوير بڻجي ويو آهي، رستا گم ٿي ويل ڪردارن کي سڏي رهيا آهن، انهن ڪردارن ديوانگيءَ جي حد تائين هن شهر سان پيار ڪيو، جن هن شهر کي ٺاهيو، هن جي گھٽين سان محبت ڪئي، فن سان بي پناهه محبت جي اظهار ۾ پنهنجي جاين ۽ ڌرمشالن تي چٽساليءَ سان ڪم ڪرايا، عاليشان عمارتون ۽ تاريخي ماڳ ٺاهي تاريخ کي ئي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون. اڄ اها طلسماتي تاريخ سياست جي بي رحم راند ۾ ڀڄي ڀُري رهي آهي ۽ هن شهر جا ماڻهو مايا جي موهه ۾ عظيم تاريخي شهر جي هجڻ جا نظارا ڏسي رهيا آهن، جيئن ڪو بادشاهه شهر ساڙڻ جي شوق ۾ پنهنجي ئي شهر کي باهه ڏئي ويٺو هو، تيئن هن شهر جا ماڻهو ڪمائيءَ جي حوس ۾ رستن ۽ گھٽين تي قبضا ڪري شهر جي سونهن کي ساڙي رک ڪري رهيا آهن.
    يورپ جي ڪنهن تاريخدان کي شڪارپور شهر جي طلسماتي تاريخ پڙهڻ کان پوءِ شوق جاڳيو ته شڪارپور کي هر صورت ۾ ڏسجي، تڏهن هو ڪنهن دوست جي معرفت شڪارپور شهر گھمڻ آيو هو، سڄو ڏينهن شهر جي گھٽين ۾ دوست سان گڏ در ۽ گھر گھميو، عمارتن جي ڪاٺ جي رنبي، ساڳ، چيل، ديال جي ڪاٺين ۾ ٺهيل گھر، بازار، اسپتال، اسڪول ۽ ڪاليج ڏسي شام جي پهر ۾ دوست کي چيائين ” جڏهن ماڻهپو موڪلائي وڃي ٿو، تڏهن تهذيب ڀڄي ڀورا ٿي وڃي ٿي، ۽ شهر کنڊر ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، ڪيڏي بي رحميءَ سان هن شهر جي تاريخ ڱي هتان جي حڪمرانن ۽ ماڻهن تاراج ڪيو آهي، پوءِ به هيءُ شهر جوانيءَ جو جوڀن نه سهي پر پڇاڙيءَ ۾ به سونهن ۽ سوڀيا جو شهپارو آهي“. اڄ به اهي پوڙها جن هن شهر جي سونهن کي پنهنجي جوانيءَ جي شروعاتي ڏاڪي ۾ ڏٺو، تن جي اکين جي ماڻڪين ۾ هيءُ شهر جادوءَ جي نگريءَ مثل نقش ٿيل آهي ۽ ميرانجھڙي شام جهڙي عمر جي پوئين حصي ۾ هو شهر جي انهن وارثن کي ڳولهين ٿا، جن کي وقت جي تيز طوفان ڪک پن ڪري ڇڏيو آهي.


      تڙپي ٿي تھذيب، ڪيڏو وحشي آ انسان

    انسانن جون يادون موت تي غالب ھوندويون آھن ۽ وڌندڙ شعوري ترقي ان کي اڃان وڌيڪ مستحڪم ۽ مضبوط ڪري رھي آھي، تاريخ ۾ انساني فن ۽ تھذيبون انھن علائقن يا قومن مان ختم ٿيندي نظر اينديون آھن پر اھي ڪنھن ٻئي ھنڌ منتقل ٿي سگھن ٿيون، ڇو ته فن جي خوبصورتي ان جي آفاقي وسعت ۾ آھي ۽ اھو جيڪڏھن ھڪ ھنڌان قومن يا علائقي واسين جي عدم دلچسپي سبب الوپ ٿي وڃي ٿو يا ختم ٿي وڃي ٿو، ته اھو پنھنجي علائقائي سونھن، سندرتا ته ختم ڪري ٿو پر آفاقي خوبصورتي منجھ ھو ڪنھن ٻئي علائقي ۾ زندهه رھي ٿو. جيئن مثال طور شڪارپور شھر ۾ ڪاٺيءَ جي ڪم ۾ رنبيءَ جاشاھ ڪاريگر ڪاٺيءَ مان حيرت ۾ وجھندڙ ھنر تخليق ڪري ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندا ھئا ۽ ماڻھو فن جي قدر ۾ گھر جي بورچيخانن کان ويندي بالڪونين تائين گلڪاري جا شوقين بڻجي پيا ۽ ائين فن پنھنجي عروج تي رسيو ۽ حالتن جي ڦيري ۽ ماڻھن جي تبديل ٿيل ترجيحات فن کي زوال پذير ڪري ڇڏيو پر فن اڄ به ھن شھر جي تاريخ جي حافظي ۾ زنده آھي. جيئن ول ڊيورانٽ لکيو آھي ته ”اھو چوڻ غلط آھي ته تھذيبون تباھ ٿي وينديون آھن، فن ختم ۽ قومون مري وينديون آھن، يوناني تھذيب مري ناھي فقط اھا سر زمين جنھن ڪڏھن ھومر ۽ سڪندر کي پروان چاڙھيو ھو ھاڻي اھا اھڙا سپوت پيدا نه ٿي ڪري“ ۽ ائين ئي ھن شھر جي اھا تھذيب نظر نه ٿي اچي ۽ اھو فن اڻلڀ ٿي ويو آھي پر ھن شھر جي ماڻھن جي حافظي ۾ ھن شھر جي تھذيب زنده ۽ فن ذھن جي ڳڙکيءَ مان جھلڪي ٿو. اڄ به اوڌو داس جي اسپتال فن ۽ تھذيب جو اعليٰ مثال موجود آھي ۽ ان جو مقصد انسانيت جي خدمت بي پھچ ماڻھن جي ڀلائي جي صورت ۾ ڪئين سوال سانڍيو اسان جي شعور سان ھم ڪلام آھي! ته منھنجي مقصد کي اوھان ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آھي جتي بي پھچ ماڻھو جي خدمت گھٽ ۽ ڦورو ماڻھن جو راڄ قائم ٿيل آھي اناڙي ۽ انسان دشمن ڊاڪٽر ڪوس گھر قائم ڪيون ويٺا آھن ۽ مريض موت جي بستر تي حياتيءَ جون آخري ھڏڪيون ڏئي رھيا آھن ۽ ان اسپتال جي وارڊن جي لڳو لڳ قائم فائيو اسٽار ھوٽلن جھڙن ڪمرن مان شيمپيئن جي بوءِ نرم ۽ نازڪ ٽھڪ رات جي مستيءَ کي پروان چاڙھين ٿا ۽ مريضن جي لٽيل ڌن کي گود گرم ڪرڻ لاءِ نڇاور ڪن ٿا! فن ۽ تھذيب جي مثالي مورت ساڳ جي ڪاٺيءَ مان جڙيل تاريخي بازار (جنھن جي مستند تايخ اڃان تائين نه ملي سگھي آھي) جيڪا ھن شھر جي سونھن جو اعليٰ اھڃاڻ آھي، جنھن کي دنيا جي ٽيون نمبر شاھي بازار چيو وڃي ٿو اھا به ھڪ ڏينھن پنھنجي شروعاتي حصي وانگر صرف تھذيب جو فن پارو بڻجي تاريخ جي حافظي ۾ محفوظ ٿي ويندي ان عاليشان ساڳ جي ڪاٺيءَ ۾ مکين وانگر بجليءَ جون تارون چنبڙيل آھن ۽ جيڪڏھن انھن تارن جو متبادل نظام نه جڙيو ته تيز جون جي اس ۾ دوڪاندارن ۽ خريدارن جي ڇانورو بڻيل بازار ۾ گرم لُڪ ۽ نٽھڻ ڄر بڻجي خريدارن جي وجود کي ساڙيندي. سومرا خاندان جي نفيس سياست جھڙو طبيعتن نفيس سياستدان ھن بازار کي دان ۾ ڏنل پکن تي به پنھنجو نالو لکرايو ھو ۽ اڄ اھي پکا ھن جي سياست وانگر ھڪ ھنڌ بيھي رھيا آھن ۽ انھن کي ٺھرائڻ لاءِ ماضيءَ جي شاھوڪار ۽ حال جي ھيڻي بڻايل ميونسپل به بجيٽ جي ھٿرادو بحرانن جو شڪار آھي. بحرانن جو شڪار ته شھر جا تاريخي باغ شاھي باغ ۽ گڻيش باغ به آھن جن ۾ ويھڻ لاءِ بئنچ ۽ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ جي ٽانڪي به ناھي. باغن کي بھتر بڻائڻ لاءِ ميونسپل رڪارڊ ۾ علاوالدين جي فوج ڀرتي ٿيل آھي ۽ باغن جي حالت حيرت کان گھٽ ناھي، ھن شھر جي تھذيب ۽ ميري ويڌر چبوتڙي جي فن جو شاھي مثال شاھي باغ جي سرسبز کيتيءَ تي سڃائي نسل جي سياسي ڪٽنب جي سياستدان قبضو ڪري کيس مال غنيمت سمجھي ويٺو آھي ۽ ھو ھن شھر جي ٻين سياستدانن وانگر ھن شھر جي سونھن اجاڙڻ ۾ وسان نه پيو گھٽائي ۽ ھي شھر اڄ به خانن ۽ خراسانين جي حملي ھيٺ آھي رڳو صورتون تبديل آھن. باقي ڪردار ۽ ڪم سڀني جا ساڳيا آھن. ڪردار ۽ ڪم انھن واپارين جا به اڃان ناھن بدليا جيڪي ھن شھر جي تھذيب ۽ فن جي اعليٰ نموني تاريخي جاين جي ساڳ جي ڇھتيرن، بالڪونين،، درن، درين ۽ فن سازي جي شھپارن ۽ ڪٽھڙن کي تين وال ڪرائڻ لاءِ جاين جي مالڪن کي پراڻي عمارت ٿيڻ جا ڀو ڏئي يا لالچائي جايون ڊھرائي حسين تھذيب کي مٽيءَ جي ملبي ۾ تبديل ڪن پيا ۽ اھي ڏينھن پري ناھي جڏھن ھن شھر جي تھذيبي رک ۾ عاليشان عمارتون ڳولبيون ۽ حڪومت تاريخي شھر جي تھذيب بچائڻ لاءِ انھن قوتن کي روڪڻ بجاءِ ان جي ابتڙ ھڪڙو اينٽيڪئنيز جھڙو انڌو ادارو کولي پنھنجن ئي پيرن ھيٺان لتاڙيل تھذيب جا پيرا کڻي ڪئمرا لينس ۾ قيد ڪري ڇڏيندي ۽ تھذيب جا نادر نمونا آرٽ پيپر جي پني تي ڇپرائي ڀرسان ويزيٽر بڪ رکي ڇڏيندي ۽ پنھنجي ڪارڪردگي تي قصيدا لکرائي ڪنھن اديب کي ڌنڌي سان لڳرائي ڇڏيندي!..
    ڌنڌو ته ھڪ صدي اڳ جوڙيل ان اکين جي اسپتال ھينري ھالينڊ تي به ٿي پيو جنھن کي بچائڻ لاءِ ھن شھر جي سياست ۽ سول سوسائيٽي به حڪومت وانگر اکين کان انڌي بڻيل آھي جنھن کي ھن اسپتال جي روشني نه ٿي کپي جنھن ۾ انساني نور جي وڃايل روشني جي ٻيھر شمعا ٻري ٿي ۽ بيمار سماج جا لاچار ماڻھو وقت کان اڳ وڃايل نور جي ڳولاءِ ۾ اتي ايندا ھئا ۽ پنھنجي روشني کڻي زندگيءَ ۾ وڃايل مسرتن جي ڳولاءِ ۾ گم ٿي ويندا ھئا ۽ اھو قافلو صدي تائين سفر ۾ رھيو پر لالچ ۽ ڪڌائپ ھتان جي سياست کي رنگين مزاج بڻائي ڇڏيو آھي. ۽ اھا پنھنجي رنگينن کي قائم رکڻ لاءِ انسان دوست عمل جي دشمن ٿي پئي آھي ۽ اکين جي اسپتال کي ڊھرائي پاڻ ۾ حصا پتين ۾ ورھائي کنيو آھي، وري به شاباس جو مستحق ھن شھر جي اڪيلي جاڳرتائي تحريڪ جي ان دوست کي آھي جنھن جي اندر ۾ اڃان جوالا مکي ٻري ٿو ته ھن شھر جي تھذيب کي بچائجي ھن شھر جي ماڻھن کي تاريخي ورثي کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچڻ لاءِ ھميشه اتساھيندو رھي ٿو ۽ ھو خوف ختم ڪري ھڪ اميد کڻي تھذيب ورثي کي بچائڻ لاءِ ڪورٽ تائين به پھتو آھي ۽ ڪورٽ جي ھلڪي بريڪ ٿرو (اسٽي) سان اڃان ھي تھذيبي ورثو انھن سياسي بگھڙن کان بچيل آھي پر ان ورثي کي اڳي پوءِ ھن شھر جي ماڻھن کي ئي بچائڻو آھي جيڪڏھن ھن شھر جا ماڻھو سنجيده ٿيا ته ھي شھر جو تھذيبي ورثو ۽ انساني ڀلائي جو ادارو پنھنجي صورت قائم رکي سگھندو نه ته ڪنھن انتظامي حڪم ٻوڏ ۾ ھن شھر جي ٻين تھذيبي ورثن وانگر ھي به ٻڏي ويندو......! ٻڏي ته ھن ئي اسپتال جي 8 جريب ھاسٽيل به وئي آھي جنھن کي قبضا مافيا ڊاھي ڪمرشل پلاٽ ۽ دڪان ٺاھي وڪرو ڪري رھي آھي ھن شھر جو عوام اگھور ننڊ ۾ ستل آھي ھتان جي سياست ۽ انتظاميه پئسن ڪمائڻ ۾ پوري آھي. ھتي ايندڙ آفيسر سنڌ جي ٻين شھرن وانگر عوام دوست گھٽ حڪمران وفادار وڌيڪ آھن ۽ حڪمرانن سان وفائون جي ادائگي ھن شھر کي لٽي ڀينگ ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي اٿن.. وفا ته ھن شھر سان پنھنجن ماڻھن به ناھي ڪئي جن ھن شھر جي شاھي رستن تي عاليشان دڪان ۽ گھر اڏي کيس تنگ ڳلين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي ۽ وڌندڙ آزاد شھر ۽ تھذيب ورثن ۽ فن کي تاراج ڪري ڇڏيو آھي بنا ڪنھن منصوبا بندي ۽ منظوري جي ھن شھر جا حسين باغ ڪٽي سونھن ته اجاڙي وئي آھي ويتر بنا گھٽين ۽ نالين جي گھر اڏائي رھندڙ آبادي جي اھنجن ۾ افافو ٿيل آھي ھن شھر جي ھر ڳلي ۾ جيئري تھذيب ۽ فن جي مورتي پوريل آھي ۽ انھن جي ملبي جي مٽي وھندڙ نالي ۾ ملي ميسارجي رھي آھي ۽ شھر واسي اکيون ٻوٽي ھن تاريخي گناھ ۾ شامل آھن ھن شھر جي سڙڻ تي سياستدانن کان پڇاڻو ڪرڻ بجاءِ انھن جي پٺيان خوف ۽ لالچ جون ھنبوڇيون ھڻڻ ۾ پورا آھن..ھن شھر جي تھذيب تڙپي ٿي ۽ فن ماڻھن جي حافظي ۾ قيد ٿي ڪنھن ۾ خطي م قدردانن جي ڳولاءِ ۾ گم ٿي ويو آھي. تھذيب جو تڙپڻ يا ڊھڻ انساني وحشت جي علامت آھي جن قومن يا شھرن جون تھّذيبون تڙپنديون آھن اتي حيرت ۾ وجھندڙ حادثا جنم وٺندا آھن ۽ اتان جا ماڻھو زر ۽ زور آڏو قيدين واري حياتي جئيندا آھن ھي شھر پنھنجي تھذيب ۽ فن جي قدردانن کي خاک جي ملبي مان تلاش پيو ڪري!!.


      هي شهر به جهڙو بابل آ

    رياستون اينديون وينديون آهن، بيشمار تهذيبون ختم ٿي ويون، جيئن مصر تهذيب کي جنم ڏنو ۽ ايران ان کي تباهه ڪري ڇڏيو، ايران تهذيب جي تعمير ڪئي ته يونان ان کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو، يونان تعمير ڪئي ته روم ان کي بگاڙي ڇڏيو، آرين مُهين جي دڙي جي تهذيب کي تاراج ڪيو، تاريخ جو اهو سفر ڏاڍو ڀيانڪ آهي ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ به اهو سفر جاري رهي، ڪيتريون ئي رياستون معاشي ۽ سياسي افراتفري جو شڪار ٿي پنهنجي حيثيت تان هٿ ڌوئي ويهن. اسان جنهن تهذيب جي سڃاڻپ رکون پيا، اها پڻ تاريخ جي اعليٰ تهذيبي تصوير جو ساهڪار آهي، پر ويجهي ماضيءَ ۾ خصوصن ورهاڱي کان پوءِ سنڌ اندر جيڪا تهذيبي ڀڃ ڊاهه ٿي آهي، اهو وڌاءُ نه ٿيندو، جيڪڏهن ان کي مائلو جي دور واري روم سان تشبيهه ڏجي!!
    افراتفري ۽ انارڪي سڄي سنڌي سماج کي ويڳاڻپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، روين ۾ اڻ سهپ ۽ سماجي ڪارج نه هجڻ ڪري سنڌي سماج هڪ رجعت پسند ۽ تشدد پسند سماج ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، تاريخي شهر ۽ مثالي ڳوٺ تاريخ جي بي رحم شڪنجي ۾ جڪڙجي پنهنجي حيثيت وڃائي ويٺا آهن، پاڻ رڳو شڪارپور جو ئي جائزو وٺون ته ڪيئن اهو شهر سياسي سماجي انتشار ۽ معاشي افراتفري سان گڏ مذهبي ڪٽرپڻي جو شڪار ٿي ويو آهي ته سموري حقيقت سامهون اچي ويندي. شڪارپور جيڪو ماضيءَ جو پئرس سڏبو رهيو آهي، جنهن ۾ اعليٰ قسم جي فن سازي، دنيا جي ٽين وڏي ڍڪيل بازار، رودن رستن جو ڪشادو هجڻ، انهن جو ڌوپجڻ، ڳلين مان عطر ۽ ماڻهن ۾ رابيلن جي خوشبو هجڻ، سال جا ٻارنهن ئي مهينا بازارن ۾ ميلي جهڙو سماع، بنا تفريق جي عبادتگاهن ۾ سڄي سڄي رات عبادتون ڪرڻ ۽ خير سان رات جي ڪهڙي به ٽائيم گهر پهچڻ ڪا افسانوي ڪهاڻي رومانس سان ڀرپور پئي لڳي پر اهي ماضيءَ جو هڪڙيون حقيقتون آهن، هاڻي جنهن ڪهاڻيءَ جا ڪردار ته گهڻي ڀاڱي مري چڪا آهن پر پلاٽ اڄ به موجود آهي.
    اهو شڪارپور جتي موسيقيءَ جا وڏا هانڊا موجود هوندا هئا، اسٽيج ڊراما ۽ ناٽڪ منڊليون ته برصغير ۾ شڪارپور جي سڃاڻپ هيون، هاڻي ڀلي نوجوان موسيقي جي بڙودي، ڀوپالي ۽ جئيپوري راجائن جهڙي ڄاڻ نٿا رکن پر دهل جي ٿاپ ۽ باجي مان نڪرندڙ سُر آواز کي ڪئٿارسس ضرور محسو ڪن پيا. استاد بڙي غلام علي خان ۽ الهه رکيو خان کي ڀلي نه سمجهن پر شمن ميراليءَ جي آواز ۾ “منهنجي شڪارپور دل ۾ ڪندءِ گهر” ٻُڌي مدهوشيءَ جي ننڍڙي عالم ۾ سرمست ٿي ضرور نچي پيا، افسوس هاڻي اهو ڀي ٻُڌڻ تي پابندي آهي. اڃا ڪالهه جي ئي ڳالهه آهي ته شڪارپور جي فتح محمد اوستو جي اسڪول ۾ سنڌ جي هاڻوڪي اسپيڪر ۽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي وزير جي موجودگي ۾ جڏهن اسڪول جي معصوم ڇوڪرين ٽيبلو پيش پئي ڪيو ته مخصوص سوچ جي مالڪن اهو ٽيبلو پيش ڪرڻ نه ڏنو ۽ ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ٽيبلو پيش ڪيو ويو ته اسان حملو ڪنداسين، حملو ته هنن ٽرڪ اڏي ۽ گرلس اسڪول ۾ عيد جي موقعي تي قائم ڪيل سرڪس تي به ڪيو هو، جنهن تي سرڪس اهو چئي ختم ڪيو ويو هو ته انتظاميه امن امان جي ذميواري نه پئي کڻي!
    شڪارپور واسي اڃا اهو وساري نه ويٺا آهن ته سندن ڪلهن تي لٺين جا نشان تازا آهن، شڪارپور جي تاريخي گڻيش باغ ۾ اسپورٽس فيسٽيول ۽ موسيقي جو پروگرام هڪ مذهبي جماعت جي ڌمڪي تي ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ هاڻي ڪمشنر بنا دير ختم ڪرائي ڇڏيو هو، هن پروگرام ۾ آيل ماڻهن کي باغ مان زوري ڪڍرايو ۽ جيڪي شوقين نه نڪتا انهن جي ڏنڊن سان آئو ڀڳت ڪئي وئي هئي، ٻه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي ته شڪارپور جي جيئو شادي هال ۾ موسيقي جي پروگرام تي پوليس ائين ڪڙڪي پئي جو ڪيترائي نوجوان موبائيلن ۽ سامان جي پرواهه ڪرڻ بنا ڀتين تان ٽپا ڏيئي جان بچائي گهر پهتا ۽ اها ڪارروائي به پوليس هڪ مذهبي جماعت جي ڌمڪي تي ڪئي هئي. اسان وانا ۽ وزيرستان ۾ ته نه پيا رهون پر ٿوري عرصي اندر برپا ٿيل ان قسمن جي لقائن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن شهر کي وانا ۽ وزيرستان ٿيڻ ۾ دير ڪونه لڳندي. اڃا باميان مان گوتم ٻُڌ جا بُت ڪونه ڀڳا هئا ته شڪارپور ۾ راءِ بهادر اوڌو داس اسپتال ۾ راءِ بهادر اوڌو داس جي مجسمي کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو ويو هو، اوڌو داس شڪارپور سان جيڪا زيادتي ڪري ويو، اها صحت جي انمول سهولت ڏيڻ آهي، اهو ته تاريخ سندس احسان کي بيان ڪري پئي پر شڪارپور جي ساڃاهه وندن کي ان وقت اهو تمام وڏو نياپو هو ته تهذيب هاڻي تبديل ٿئي پئي ۽ هاڻي هڪ رجعت پرست سوچ پنهنجي پوري طاقت سان پير کوڙي رهي آهي. هاڻي هي شهر اوڌو داس، ايشوري ٻائي، هيرانند بجاج، سيتلداس، چيلاسنگهه، شهيد الله بخش ۽ شيخ اياز جو ناهي رهيو.
    انتهائي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان وقت به پنهنجو پاڻ کي پروگريسوِ، وطن پرست ۽ سيڪيولر سڏائيندڙ چُپ هئا ۽ هن وقت به چپ آهن.. ڪيڏانهن ويا سيڪيولرازم، انسان دوستي ۽ وطن پرستيءَ جا وارث؟ اڃا ته اهي اتحاد جي صورت ۾ ان سوچ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪم ڪن پيا، شهر اڌ ڊهي ويو آهي، تاريخي عمارتون ساڳ ۽ ديال جي ڪاٺيءَ جي لالچ ۾ ڊهي ويون آهن ۽ اصل شهري گهڻي ڀاکي لڏي چڪا آهن. اوڌو داس جي جوڙايل اسپتال دوائن ۽ ڊاڪٽرن کان خالي آهي، سيتلداس ۽ چيلاسنگهه جي ڪاليج تعليم جي نور کان محروم آهي. بجاج جو گهڙيال شڪارپور جي تعميري سياست وانگر بيهجي ويو آهي. هاڻي ته شڪارپور جي تاريخي چوڪن جا نالا به تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ميونسپل نساسڪ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ گندگيءَ جا پهاڙ گڏ ٿي ويا آهن، ميگا پروجيڪٽ جي نالي ۾ کوٽيل شهر ميگا کنڊرات ٿي ويو آهي، ڪوبه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار ناهي، سياست پينافليڪس جي صورت وٺي چوڪن تي ٽنگي پئي آهي، عظيم، قديم ۽ قربانيءَ جا لفظ ڀتين جي ٽنگجي هاڻي الوپ ٿي ويا آهن ۽ انهن جا پوئلڳ مفاهمت ۽ ممڪنات جي راهه جا راهي ٿي ويا آهن. سياست، صحافت، ادب، واپار توڙي استاد تنظيمون ڊريڪولا جي صورت وٺي چڪا آهن ۽ اهي سڀ گڏجي سڄي سماج کي خيرخواهيءَ جي آڙ ۾ ڳڙڪائي رهيا آهن. شڪارپور جو ڍانچو فقير جي ٽوپيءَ وانگر ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هر روز هڪ نئين چَتي لڳي پئي آهي. شڪارپور ڄائي اياز ڏاڍو خوب چيو آهي ته:
    هي شهر به جهڙو بابل آ،
    گهر گهر ۾ گهنڊ گناهن جا،
    محراب اهي، منبر به اُهي،
    ٿورو فرق اهوئي آ،
    هت جو به فرشتو آيو آ،
    تنهن کُوهه اندر لَٽڪايو آ.


    ربا! تيري جنت خاطر لوڪان ني دنيا دوزخ بنا دتي هي!

    جڏهن سماج جي اندر مايوسي ۽ نراسائي حد کان وڌي ويندي آهي، تڏهن ماڻهو پنهنجي رهنمائن تي اعتبار ناهن ڪندا ۽ بي يقيني جي حالت ۾ سماج اندر ويڳاڻائپ ۽ ڇڙواڳي تيزي سان ڦهلجندي رهند ي آهي، سماج آهستي آهستي پنهنجي تاريخي تشخص، رواداري، سهپ ۽ قومي ڌارائن کان ڌار ٿي پنهنجي اجتمائي بيهڪ کي ڀُلائي/پُٺِي ڏئي پنهنجي اندر ۾ اهڙن روين کي جنم ڏيندو آهي، جنهن سان معاشرو نه صرف استحصال جو شڪار ٿيندو آهي پر گڏوگڏ تشدد طرف هلي پوندو آهي، سماج اَسهپ جو شڪار بڻجي پنهنجي فطرت ۾ گهڻي ڀاڱي Psoudoism جو شڪار ٿي تمام وڏن غيرفطري حادثن کي جنم ڏيندو آهي، اهي حادثا سڄي سماج جي هيئت کي تبديل ڪري ڇڏن ٿا ۽ پوءِ انهن حادثن مان سماج اندر ٻه چِٽيون ڌارائون خوف يا ويڙهه جي صورت ۾ نڪرن ٿيون، جيڪڏهن سماج خوف جو شڪار ٿي ويو ته ان جا تاريخي قدر ٿوري عرصي اندر ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پوندا ۽ پورو معاشرو ٻرندڙ باهه جي بٺيءَ ۾ سڙي رک ٿي ويندو پر جيڪڏهن ٻي ڌارا ويڙهه جي صورت اپنائي ته معاشرو نه صرف وڃايل تشخص بحال ڪري سگهندو پر ان سان گڏوگڏ ڀرپور سگهه سان قدامت پرست سوچن جو خاتمو آڻي قومي ٻَڌي ۽ امن جو اهڙو مثال بڻجي پوندو، جيڪو تاريخ جو حسين امتزاج هوندو ۽ پوءِ سماج اندر شعوري سگهه پڻ پروان چڙهندي.
    شڪارپور جي شعور ان وقت ڇرڪ ڀريو هو، جڏهن افغانستان ۾ انساني تهذيبن جي دشمنن ۽ سرمائيدارن جي ايجنٽ بنياد پرستن جي حڪومت قائم ٿي هئي ۽ ان جي حمايت لاءِ 1998ع ۾ گهنٽاگهر چوڪ تي هزارين ماڻهن جي هجوم بيهي بيعت ڪئي هئي ۽ انساني تهذيب ۽ تمدن جي بکيا اُڊيڙيندڙن کي پنهنجو مرشد مڃي هتي هلان ڪرڻ جو گذارشون پئي ڪيون ته سنڌ توهان جي تاريخي ڪالوني رهي آهي ۽ اچي ان تي والار ڪريو ۽ پنهنجي وڏڙن جي ڌنڌن کي نئين نعري سان جيئرو ڪريو. ان وقت اهڙي سوچ جي اصلي مالڪن اکيون ٻوٽي سندن ثوابن جي ڀائيواري ۾ برابر جي شرڪت جا دستاويز ٺهرائي ڇڏيا هئا ۽ ائين ڏسندي ڏسندي پوري شڪارپور اندر هڪ اهڙو ڄار وڇايو ويو، جنهن کي بارودي سرنگهن سان تشبيهه ڏجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، اتي درس ۽ تدريس گهٽ، جنونيت جي جنن کي انسانيت جو دشمن وڌيڪ پئي بڻايو ويو ۽ انهن جي ذهنن ۾ دنيا جون هڙئي تهذيبون هيچ، مڙئي مذهب ڪافر ۽ فقهي اختلاف رکندڙن کي ڪافر ڪوٺڻ، جمهوريت مغربي ڪافرن جو شيطاني نظام ۽ دنيا جا انساني ترقين جي متعلق هڙئي فلسفا حرام سمجهيا پئي ويا، جيئن فرانس جي مشهور فلسفي ڊٽرائٽ چيو آهي ته “فلسفن ڪڏهن به ڪنهن مذهبي کي ناهي ماريو پر تاريخ ۾ مذهبين تمام وڏن فلسفين کي ماريو آهي”. موسيقي کان ويندي، حجامن جي دوڪانن تائين اهي سڀ ان سوچ ۾ واجب القتل رهيا آهن، جيئن ڪنهن شاعر تنقيد ڪندي چيو آهي:
    فن ڀي اور فنڪار ڀي ڪافر
    جينز اور گٽار ڀي ڪافر
    برگر، ڪافي، ڪوڪ ڀي ڪافر،
    فيض، اياز، منٽو ڀي ڪافر،
    طبلا ڪافر، ڍول ڀي ڪافر،
    پيار ڀري دو بول ڀي ڪافر!
    اهڙي سوچ کي هن رياست جا مقتدر حلقا نه صرف ڏسندا رهيا، پر انهن جي ڪاميابي دعائن ۾ پنهنجا هٿ اُڀا پڻ ڪيا ۽ ان سوچ مخالف هٿن کي روڪيندا ۽ ٽوڪيندا رهيا. اڄ اها ڳالهه جيڪي حڪومتي حلقا ڪن ٿا، ڪالهه هن ملڪ جي روشن خيال رهنمائن ۽ ڪارڪنن ڪئي پئي ته باهه سان نه کيڏو، سڙي ڀسم ٿي ويندئو! جنن ۽ ڀوتن کي محفوظ مرڪز ٺاهي نه ڏيو، سڀاڻي اوهان جا گهر محفوظ نه رهندا ۽ ايئن ئي ٿيو، اڄ ان سوچ اسان جي سفيد اڱڻن تي موت جي ڪاري چادر اڇلائي ڇڏي آهي. سنڌ جو روح رتورت آهي ۽ سنڌ جي هزارها سال صوفياڻي تاريخ زخمي بڻيل آهي، جيڪا سنڌ پنهنجي من ۾ هزارها سال جو صوفياڻو ۽ رواداري وارو فڪر سمائي ويٺل آهي، اڄ ان سنڌ جي مُٺ مان اهو فڪر واريءَ وانگر ڇڏائجي رهيو آهي، ابتدا ته ان وقت به ٿي هئي جڏهن شڪارپور جي فقير منش انسان، انسانن جي خدمت لاءِ اسپتال اڏي شڪارپور جي تاريخ کي انسان جي اعليٰ ظرف جو رتبو ڏياريو هو، ان اوڌو داس جي مجسمي کي جڏهن چپلن جي مالها وجهي ڀڳو ويو هو، تڏهن شڪارپور جو شعور گهري ننڊ ۾ کونگهرا هڻي رهيو هو ۽ سندس دل مستقبل جي حادثن کي پروڙي تيز ڌڙڪي رهي هئي، ان وقت دل جي الڪي کي ڪنهن به نٿي ڄاتو ته سڀاڻي جي تاريخ ۾ سندن تڏو لکيل آهي، ان وقت گندي سياست جي تلاءَ ۾ تُڙڳڻ لاءِ هرڪو لَٽا لاهيون ڪناري تي پنهنجي واري جي انتظار ۾ بيٺو هو ته ٽُٻي هڻي پنهنجي عيبن کي لِڪايون! عيب ته شڪارپور جي ان سياستدان جا به لڪل ناهن، جنهن شهر جي ناظمي جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاءِ تاريخي گڻيش باغ جو سمورو مهاڳ ان مسجد لاءِ حوالي ڪيو هو، جنهن کي اڄ لعل قلعي سان مشابهت ڏني وڃي ٿي، ان بعد جي مهاڳ جي ڇٻر تي ويهي بي بي سي ريڊيو جون خبرون ٻُڌي آڌيءَ رات تائين ملڪ ۽ جهان تي تبصرو ڪندڙ اهي جهونا اڄ اسان وٽان مهمان پکيءَ وانگر اڏامي هميشه لاءِ ڏور هليا ويا آهن پر انهن جي اکين جو اونو اسان جي ڪنهن نوجوان يا سياستدان نه ڄاتو، هو بي بي سي ٻُڌي بنياد پرست حڪومت تي هيئن تبصرو ڪندا هئا ته: سنڌ چاليهه سال اڳ...۽ اسان شڪارپوري سنڌ کان چاليهه سال اڳ...؟؟
    ڪاش! ان وقت ڪو انهن پوڙهن جي اداسي پڙهي وٺي ها ته سنڌ جو صوفي منش الهه لوڪ بزرگ سيّد حاجن شاهه ان وحشت جو نشانو نه بڻجي ها، هُن جا مُريد اڄ ان جي غير موجودگيءَ ۾ اُڀ جيڏيون رڙيون ڪري هنجون نه هارين ها ۽ ان وقت به شڪارپور جي سياست زرداري حڪومت جون مذمتون ڪري ماٺ ٿي ويئي ۽ شڪارپور جو شعور به ماٺ ۾ عافيت سمجهي ڪجهه ڏينهن نجي ڪچهرين ۾ افسوس جا اظهار ڪري سانحي کي وساري حڪومت جي هيڻن حالن تي ڳوڙها ڳاڙي سمهي رهيو! پر هتان جي سياست اقتدار ۽ پئسي جي مست گهوڙي تي چڙهي مستقبل ۾ ٿيندڙ حادثن تي ڪجهه سوچڻ کانسواءِ مزا وٺڻ لڳي! سياست جي اهڙي روش نيپيئرآباد جهڙي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچائي ڇڏيو ۽ ان حادثي ۾ انساني جانين جي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ زخمي ٿيل پوليس جي محافظن جو علاج اڄ به ڪيڙن پئي ڪيو ۽ ادارن ويٺي لقاءُ پئي ڏٺو آهي، اڄ اهي پوليس جا محافظ حياتيءَ جي بستر تي موت جا ڏينهن پيا ڳڻن. ڊاڪٽر ابراهيم جتوئيءَ تي ٿيل خودڪش حملي کي ذاتي نوعيت جو جهيڙو سمجهڻ ۽ خانپور جي مولوي شفقت مظهريءَ جي سفاڪ قتل کي ان جي تقرير ٻولي ۾ ڳولڻ ۽ خانپور جي ڳوٺن مان، شهر مان قاتلن جو ڀڄي وڃڻ، ان مان رياست جو رويو سمجهي سگهجي ٿو ته هيءَ رياست مقتولن کي انصاف ۽ قاتلن کي ڪٽهڙي ۾ ڪيئن پهچائيندي آهي، اهو هتي هڪ وڏو تاريخي سوال رهندو آيو آهي، هتان جي سياست اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن بنياد پرست سوچ جي اقراري رهي ته ڪڏهن انڪاري. جيڪڏهن ڪو پُڇا ڪندو ته چوندا سياست جا رنگ هزار پيا بدلبا رهندا آهن، ڪڏهن ڪهڙا ته ڪڏهن ڪهڙا!!
    شڪارپور ۾ ٿيل موجوده سانحي کي ڪو ڪيئن به ڏسي، پر مان هن سانحي کي موجوده گندي سياست جي نااهلي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي چوندس، ڇا مقتدر حلقا اهو ٻڌائڻ جي زحمت ڪندا ته جڏهن واقعو ٿيو ته هُو ڇا پيا ڪن؟ هن عوام جي جان جي تحفظ جي پگھار کڻن پيا، ان جي ادائيگيءَ جو حق ڪيترو ادا ڪن ٿا، اهو ان واقعي مان پسي سگھجي ٿو، باقي سياست پنهنجي موجوده صورت ۾ عوام دوست نه پر عوام دشمن وڌيڪ ثابت ٿي آهي، شهر ۾ موجود لاقانونيت ۽ انتشار هتان جي نااهل سياست جي ڪُک مان نڪتل آهن. ڪالهه شڪارپور جو تعارف ڦر، ڌاڙا ۽ اغوائون هو، اڄ ان جو تعارف دهشتگردي به بڻجي ويو آهي. ڇا سياست جي مقدس ڪتاب ۾ اقرباپروري ۽ لُٽ مار لکيل آهي، يا ڪوڙ ٺڳي، قبضا خوري ۽ بي ايمانيءَ جو باب به آهي؟ سياست جو ناڪام ٿيڻ معاشرن جي ابتريءَ جو اظهار چئبو آهي، اڄ دهشت جي حوالي ٿيل شڪارپور انهن سياستدانن کي محفوظ سڀاڻي جي ضمانت هيٺ معافي نامو لکي ڏئي ٿي، يا اهڙي سياست کي مڪمل طور رد ڪري پنهنجي پوري ذميواريءَ سان شهر جي مالڪي ڪندي؟.
    جنهن شهر شهيد الهه بخش سومري، شيخ اياز ۽ سامي کي جنم ڏنو، جنهن شهر ۾ ڏهين محرم جي ڏينهن تي ڇاجو سُني؟ ڇاجو شيعو؟ مڙئي محبت ۾ حضرت امام حسين جي غم ۾ صدائون بلند ڪري اشڪبار ٿي عشق جي مام کي سمجھڻ لاءِ گڏ ٿيندا هئا، ۽ بازارن ۾ هندو پنهنجون باسون پوريون ڪرڻ لاءِ سبيلون ۽ چڻا ورهائيندا هئا، اڄ اتي دهشت جي ننگي ناچ سنڌ جي تاريخ کي سڪتي ۾ آڻي بيهاري ڇڏيو آهي، ان خوف کي ختم ڪرڻ لاءِ شڪارپور ۽ سڄي سنڌ جي شعور کي غير مشروط طور تي اڳتي اچي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته ڀٽائي ۽ اياز جي ڀونءِ سنڌ ۾ مذهب، رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ٿيندڙ سازش کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندي، پنهنجي صوفي منش صورت کي موقعا پرست سياست ۽ انتهاپسندن جي ايجنڊا تي تبديل نه ڪندي، سنڌ پنهنجي مٽيءَ ۾ اها شڪتي رکي ٿي، جنهن سان انسانيت جا علاج ٿين ٿا، هي پاڳلن جا چڪ هُن جي وجود کي زخمي ته ڪري وجھن ٿا، پر سندس وجود مٽائڻ جي سوچ رکندڙن کي شڪست نصيب ٿيندي، ڇوته قومون هزارين سالن جي ارتقائي عمل مان گذري هڪ صورت وٺن ٿيون ۽ ان جي صورت مٽائڻ ايڏو سولو نه آهي، پر ناممڪن آهي، سنڌ جي شعور ۾ ايتري سگھ آهي جو هو پنهنجي وجود کي بنياد پرستي ۽ مذهبي نفرت کان پاڪ ڪري! سنڌ جي وجود تي هزارين سال حملا ٿيا آهن، پر اڄ جو سيڪيولر وجود قائم آهي، جنتون انسان لاءِ آهن ۽ ڌرتي ماءُ کان وڌ ڪا جنت ناهي، جيئن ڪنهن شاعر جون سٽون آهن ته:
    ربا! تيري جنت خاطر لوڪان ني
    دنيا دوزخ بنا دتي هي!
    سنڌ جي قومي شعور کي ڪٺو ٿي هن ڀونءِ تان بنياد پرستيءَ جو خاتمو آڻڻو پوندو ۽ سنڌ جي سيڪيولر تاريخ جو تحفظ ڪرڻو پوندو، سنڌ تاريخ ۾ پوري عالم اندر امن جو استعارو بڻيل رهي آهي، ان ڌرتيءَ تي ههڙا هاڃا مذهبن کان وڌيڪ انسانيت جا بنياد لوڏي وجھن ٿا ۽ ڌرتي انسانن جي هجڻ سان آباد رهندي آهي، نه ڪي مذهبن جي صورت اختيار ڪري! هيءَ جنگ مذهبن جي نه پر انسانيت جي انڪاري آهي ۽ انسانن کان خالي دنيا ايئن آهي، جيئن جڳهه ته خوبصورت هجي پر انسان نه رهندا هجن، ته اها ڀوت بنگلي جي مثل هجي ٿي، ڇوته گھر جي عظمت گھر ڌڻين سان هوندي آهي، جيئن غالب چيو آهي:
    حاصل مڪان ڪو شرف هي غالب مڪين سي،
    مجنون جو مرگيا تو جنگل اداس هي!!
    اڄ هي شهر پنهنجي محبوبن جي وڇوڙي تي اداس آهي ۽ هر وقت ان الڪي ۾ گذاري ٿو ته ڪٿي سندس تاريخ سنڌ جي ڪنه ٻئي شهر ۾ نه ورجائي وڃي، ڇوته سياست ۽ رياست جي روين هڪ اهڙي مايوسي کي جنم ڏنو آهي، جنهن ۾ عام ماڻهو پاڻ کي هر وقت غير محفوظ ۽ لاوارث سمجھي ٿو!


    شڪارپور: هڪ شهر بم ڌماڪي بعد پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو!!

    اهو قانون جي بنيادي ذميوارين ۾ آهي ته هو عوام جي نه صرف جان ۽ مال جو محافظ بڻجي، پر ان سان گڏوگڏ عوام جي عزت ۽ وقار تي به حرف نه آڻي، ڪو به ڏوهاري تيستائين مجرم نٿو ٿي سگهي، جيستائين ملڪي عدالتون انصاف جون تقاضائون پوريون ڪرڻ بعد ان کي مجرم ثابت ڪري کيس ڏوهه جو مرتڪب قرار نٿيون ڏين. اسان جي معاشري اندر وڌندڙ لاقانونيت سبب تڪڙي انصاف لاءِ پوليس جي بالا عملدار کان ويندي عام سپاهي تائين سڀ عدالتن جا اختيار استعمال ڪري رهيا آهن ۽ معاشري اندر اهڙي روش تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، ان سان انصاف جون تقاضائون شروع کان آخر تائين نه صرف پوريون نٿيون ٿين، پر بدترين پائمالي طرف وڃي رهيون آهن. جڏهن جج جا اختيار ڪنهن چوڪ تي بيٺل پوليس وارو استعمال ڪندي ڪنهن قانون جي ڀڃڪڙي هيٺ ڪنهن کي ٿڏي تي سزا ڏئي ڇڏيندو ته اها قانون جي پوئواري نه سڏبي، بلڪه اهڙي عمل سان انارڪي وڌندي، جيڪا خوف کي جنم ڏيندي ۽ معاشري اندر قانون جو احترام نه ڪيو ويندو، بلڪه خوف جي ماحول هيٺ معاشرو زندگيءَ جي قدرن جي بهتر واڌ ويجهه کان رڪجي ويندو. اهڙي روش سبب معاشري اندر انتهاپسنداڻي سوچ کي هٿي ملندي ۽ فراريت جنم وٺندي ۽ عوام قانون جي احترام کان ڇڄي غير رياستي عنصرن اندر پناهه ڳوليندو. جڏهن ته غير رياستي عنصر رياست جي ستايل ماڻهن کي پنهنجي ايجنڊه تحت هلائي کين معاشري اندر انتشار ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪندا رهندا. اهڙن رجحانن سبب معاشري اندر غير انساني حادثا اڻٽر ٿي وڃن ٿا ۽ انهن حادثن جو بنياد رياستي عملدارن جي پيدا ڪيل لاقانونيت بڻجي ٿي.
    ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور بدامني، لاقانونيت ۽ ڌاڙيل راڄ جي دهشت هيٺ سڙي خاڪ ٿي رهيو هو ۽ اوچتو بم ڌماڪي هن شهر جي تاريخ کي بتال ڪري ڇڏيو هو. ڌاڙيل راڄ جو تعارف رکندڙ شڪارپور دهشتگرديءَ جي ڀيانڪ سڃاڻپ هيٺ عظيم شهپارو عبرت جو اهڃاڻ بڻجي ويو. خوف جي مستقل فضا قائم ٿي وئي ۽ هيڏي هاڃي انساني جانين کي ته ڳهي ورتو ئي، پر! بعد ۾ هن شهر جي ماڻهن سان جيڪو وهيو واپريو آهي، اهو به ڪنهن سانحي کان گهٽ ناهي! شهر جو واپاري طبقو جنهن نقصان کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان جو ڪاٿو ڪنهن اسٽاڪ ايڪسچينج جي تباهيءَ کان ٿورو ناهي! شهر جي معيشت آهستي آهستي پساهه ڏئي رهي آهي. بازارون ويران ۽ دڪاندار خريدارن جي انتظار ۾ مال سجايو ويٺا آهن، پر خريداري سندن چائنٺ کان مٿي ڪونه ٿي چڙهي. پئسي جي گهٽ آمد سبب معاشي رجحان ڏينهون ڏينهن مري رهيا آهن. کوڙ سارا واپاري پنهنجو ڪاروبار شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪرڻ ۾ رڌل آهن. ويران بازارون ۽ خريدارن کان خالي دڪان ويجهي مستقبل جي ڀيانڪ تصوير پسائين پيون. اسٽيٽ ايجنسي جي ڪاروبار کان ڪاسميٽڪ جي ڪاروبار تائين سڀ جو سڀ پوين پساهن ۾ آهن. ڌماڪن سان ملڪن يا شهرن جون معاشي سرگرميون محدود ٿي وينديون آهن، پر اهي تمام ٿوري وقت لاءِ هونديون آهن ۽ زندگيءَ جي معمول طرف واپسيءَ بعد معاشي سرگرميون وري روان دوان رهنديون آهن، پر شڪارپور شهر ۾ ٿيل سانحي کي لڳ ڀڳ سال ٿيڻ وارو آهي، ان باوجود حالتون ويتر خوف ۽ شهر ڏيوالي طرف ڇو وڌي رهيو آهي؟ ان جو سبب ڇا آهي؟ ۽ حالتون معمول طرف ڇو نٿيون اچن؟ ان جو بنيادي سبب ڌماڪي کان پهرين ڌاڙيل راڄ شهر جي ماڻهن کي لٽي رهيو هو ۽ ڌماڪي کان بعد شهر پوليس اسٽيٽ بڻجي ويو آهي. شهر ۾ ڪم ڪار يا خريداري جي سانگي ايندڙ ماڻهن سان پوليس جون جٺيون ڪنهن ڌاڙيل گردي کان گهٽ ناهن. شهر ۾ ايندڙ ماڻهوءَ کان شناخت جي بهاني پوليس جون جٺيون روز جو معمول بڻيل آهن. ڪير آهين؟ ڇو آيو آهين؟ ٿاڻي تي هلي رڪارڊ چيڪ ڪراءِ؟ وغيره وغيره، يا وري ايترا پئسا ساڻ ڇو کنيا اٿئي؟ تنهنجا تارا ڳاڙها ڇو آهن؟ هن مهل تائين شهر ۾ ڇو ٿو گهمين؟ هل ٿاڻي تي!! اهڙي طرح هر مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهو سڄو ڏينهن ٿاڻي تي ويهي شام جو پوليس کي پنهنجي سيڌي سامان لاءِ آيل پئسا ڏئي جند آجي ڪرائي وري شهر نه اچڻ جو وچن ڪري وڃي ٿو. گندي سياست ۽ ڌاڙيل پوليس وچ ۾ سينڊوچ بڻجي ويل عوام ڪنهن در دانهن ڏئي!؟ شهر جي ٿاڻن جو سپاهي ايس ايڇ او جا اختيار استعمال ڪرڻ کان نٿو لنوائي ۽ ايس ايڇ اوز حاڪماڻي روش هيٺ پاڻ کي حدن جا لامحدود اختيارن جا ڌڻي بڻايو بيٺا آهن. روزانو جي بنياد تي پوليس لاتعداد بيگناهه ماڻهن کي پڪڙي جيڪا قانون جي رٽ بحال ڪئي آهي، ان جي خدمت جي ساراهه ۾ شڪارپور جي نالي ۾ قائم (Pseudo) اتحاد جي پروگرام ۾ ڊي سي شڪارپور ۽ ايس ايس پي شڪارپور جي شان ۾ مغليه طرز جي گفتگو شهر جي عوام لاءِ تذليل کان گهٽ نه هئي...!! اها ڪيڏي نه ستم ظرفي چئبي جو شهر جي خير خواهي ۽ خوشحالي لاءِ جوڙيل فورمن ۾ عوام جي تذليل ڪندڙ آفيسرن کي اسٽيجن تي ويهاريو وڃي، اهو سڀ ڪجهه عوام جي توهين کان بنهه گهٽ ناهي...!! ٻيو ته ٺهيو، پر شڪارپور ضلعي اندر ٿيندڙ هاف فراءِ ۽ فل فراءِ جا سال کن جا ڪيس کڻي ڏسجن ته پتو پئجي ويندو ته ڪيترا گهر ۾ ستل ۽ دڪانن تي ويٺل ماڻهو هاف فراءِ ۽ فل فراءِ ٿيا آهن ۽ ڇو ٿيا آهن، حد ته اها ٿي آهي جو ناپر ڪوٽ ٿاڻي تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ڪيس ۾ هڪڙي ڳوٺاڻي کي هاف فراءِ ڪيو ويو آهي، جنهن جو پسمنظر ڏسبو ته پوليس کي پئسا نه ڏيڻ ئي هوندو ۽ هيل تائين اهڙن ڪيسن جو اڪثر پسمنظر اهڙو ئي هوندو، پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه هيءَ آهي ته اهڙن ڪيسن جي تحقيقات لاءِ نه حڪومتي سطح تي ڪا ڪميشن مقرر ڪئي وئي آهي ۽ نه وري عدالت سڳوري کي اهڙا عذاب نظر اچن ٿا!!
    خيرپور ضلعي ۾ امن جا اڇا ڪبوتر اڏاريندڙ ايس ايس پي ناصر آفتاب شڪارپور ۾ پوليس اسٽيٽ ڇو قائم ڪئي آهي؟ عوام کي ڪو ڦورو ڦري يا ڪو وردي وارو، ان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ عوام ٻنهي صورتن ۾ لٽبو رهي ٿو! ڇا عوام اندر خوف قائم ڪري امن جي اڇي جهنڊي کي داغدار ڪرڻ برابر ناهي؟؟ پاڻ کي ”چلبل پانڊي“ چورائيندڙ آفيسر هن شهر جي نوجوانن سان جيڪي جٺيون ڪري ٿو، اهي قانون کان ماورا ناهن؟ نوجوانن کي پڪڙي بجلي جا ڪرنٽ ڏيڻ، انهن جي مخصوص عضون سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ، منشيات جي اڏن تي ڇاپا هڻي اصل منشيات فروشن کان ڏيتي ليتي ڪري هيروئني چالان ڪرڻ يا آڪڙا پرچي تي ڇاپا هڻي آڪڙا هلائيندڙن سان ڊيل ڪرڻ وغيره، اهي ان جا معمول ناهن؟ ۽ ان کان علاوه به شهر واسين سان طرحين تعديون، اها قانون جي خدمت آهي؟ تازو صحافيءَ سان بدتميزي ۽ ان کي مارڪٽ ڪرڻ، ان قسم جون حرڪتون اوهان کي نظر نٿيون اچن؟؟ ڇا امن امان صرف ڦر ڌاڙا نه لڳڻ جو نالو آهي ۽ جيڪا پوليس ماڻهن جي تذليل ڪري ٿي، ان کي ڇا چئجي؟ ڇا شهر بند ڪري ماڻهن کي گهرن ۾ واڙي دڪاندارن کي گٿا لفظ ڳالهائي رستا، گهر گهٽيون سيل ڪرائي امن قائم ڪرائبو آهي؟ ڇا قانون جي رٽ عوام جي عزت نفس سان کيڏڻ ۽ غير اخلاقي ٻولي ڳالهائي ماڻهن کي امن امان جو تحفو ڏيڻ آهي؟؟ بازارن ۾ خريداري لاءِ ايندڙ ماڻهن کي شناختي ڪارڊ نه هجڻ جو چئي ٿاڻي ۾ واڙي امن و امان چئبو آهي؟؟ شهر ۽ ضلعي کي پوليس اسٽيٽ بڻائڻ جو نالو امن امان ناهي. اهڙي روش شهر جي معيشت کي ناڪاره بڻائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي ۽ عوام جي اندر خوف جو ماحول طاري ڪري ان مان بردباري کي ختم ڪري مستقل حراسمينٽ هيٺ رکي ڪڏهن ڌاڙيل راڄ ته وري ڪڏهن پوليس گردي ۾ هيسائي رکڻ ته جيئن عوام ڪڏهن به پنهنجي جائز حقن جي حاصلات لاءِ ڪا جٽادار جدوجهد نه ڪري ۽ هميشه پوليس ۽ ڌاڙيلن جي دهشت هيٺ زندگي گذاريندو رهي. ڇا! شڪارپور جو ماڻهو ڪو ساهه وارو جانور آهي، جنهن کي ڪڏهن ڌاڙيل، دهشتگرد هڪلي ٿو ته ڪڏهن وردي وارا کين پهنجي چڪيءَ ۾ هڪلين پيا؟؟ ۽ هن شهر جي سياست مجرد ٿي وئي آهي جو اها عوام لاءِ ڀرجهلو بڻجڻ بجاءِ عوام جي اهنجن کان اوپري بڻيل آهي.


      اچو ته خوف ختم ڪريون!

    ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ڪروڙين ماڻهو مذهبن ۾ ڏٺاسين، پر چند ماڻهو انسانيت ۾ ڏٺاسين، اهي لفظ ڪنهن عقيدي جي نفي نه پيا ڪن، پر! عقيدن جي اندر وڃائجي ويل انساني قدرن جي ڳولا پيا ڪن. انسانيت سان پيار دنيا جي مڙني مذهبن جو منشور آهي، ڇو ته دنيا جو بچاءُ ڪنهن مخصوص عقيدي جي بچاءَ ۾ هرگز ناهي، پر انسانيت جو هئڻ ئي دنيا جي بقا جو سوال آهي. ڪائنات جو موضوع انسان آهي، نه ڪي ڪو خاص عقيدو!۽ جڏهن ته عقيدا انسانذات جي سڌاري ۽ واڌاري جو هڪ پيچرو آهن، جنهن ۾ انسان جي ارادن تي ڇڏيل آهي ته هو هن جي پوئيواري ڪن ٿا يا نه؟؟ پر لازمي طور انسانن کي هڪ سوچ تحت عقيدن کان ماورا انساني جذبي تحت ٻئي انسان جو احترام ڪرڻ ضروري آهي. هڪ عقيدو ٻئي عقيدي جي نفي ڪري اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر هڪ انسان جيڪڏهن ٻئي انسان جي نفي ڪري اڳتي وڌندو ته اها فطرت جي قانون ۽ ڪائنات جي نفي ڪرڻ برابر ٿيندي، جنهن سان انسان جو مورال نه صرف گهٽجي وڃي ٿو، پر انسانيت خود سواليه نشان بڻجي رهجي وڃي ٿي. عقيدن جي اندر ٽڪراءَ سان نرگسيتي سوچ کي هٿي ملي ٿي ۽ اعتدال ختم ٿي شدت پسندي جنم وٺي ٿي. اهو ڪيڏو نه الميو چئبو ته هڪ انسان ان بنياد تي قتل ڪيو وڃي ته ان جو عقيدو قاتل کي نٿو وڻي ۽ وري قاتل پنهنجي سوچ يا عقيدي تي ڪنهن بيگناهه کي قتل ڪري پاڻ کي جسٽيفاءِ ڪري، اها خود ان عقيدي جي نفي آهي، جيڪو پنهنجي سوچ کي بندوق يا بم جي ذريعي لاڳو ڪري ٿو. معاشرا عقيدن جي آزادي ۽ اعتدال جي راهه تي هلي انساني قدرن ۽ ڀائپي جي اصول تحت وڌندا رهندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن عقيدي جي اندر غير سائنسي سوچ ۽ بناوٽ تمام گهڻي آهي (توڙي جو عقيدو گهڻي ڀاڱي فوڪل عقل شين جو ڀنڊار هوندو آهي) ان ۾ منطق گهٽ جذباتي قبوليت وڌيڪ هوندي آهي، اهو عقيدو ان جديد دور ۾ اڳتي هلي پنهنجي افاديت ختم ڪري ويهندو ۽ اهو مدي خارج رسمن مان نڪري سائنسي ۽ منطقي آڌار تي پاڻ ۾ ارتقائي تبديلي ضرور آڻيندو- پر جيڪڏهن ڪنهن به عقيدي کي اڻوڻندڙ قرار ڏئي ان ئي بارود سان ختم ڪجي ته اها ختم ڪندڙن جي جنونيت يا حيوانيت سڏبي ۽ اهڙي سوچ انساني تباهيءَ جو ڪارڻ بڻبي ۽ معاشري ۾ خوف ۽ بربريت کي جنم ڏئي قومن جي هزارها سال شناخت کي اڏوهي وانگر کائي ختم ڪري ڇڏيندي.
    تمهيد ٻڌڻ جو مقصد ماڻهن کي عقيدن جي ٻرندڙ بٺين مان سڙڻ کان بچائڻ آهي. جذبات ۾ اچي هڪٻئي کي قتل ڪرڻ سان انسانيت کي ڪيڏو شديد نقصان رسي ٿو ۽ ان سان معاشري ۾ خوف مستقل طور حاوي رهي ٿو، جيڪو زندگي کي بي معنيٰ بڻائي ڇڏي ٿو. 30 جنوري شڪارپور جي تاريخ جو سياهه باب آهي ئي، پر اهو ڏينهن سنڌ جي بدنامي ۽ سنڌي ماڻهن جي اتحاد ۽ رواداري جي خون ڪرڻ مثل آهي، جنهن ۾ سيڪيولر ۽ اعتدال پسند سنڌ جي وجود تي ان بم جو حملو هو، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ کان دانهن نڪري وئي. لطيف جي تنبوري ۾ پوري سنڌ ڪيڏارو ڳائڻ لڳي، شاهه عنايت جي عظيم فلسفي مان رت ٽمڻ لڳو ۽ سڄي سنڌ غم جو ڪارو ويس اوڍي انسانيت ۽ رواداري جي تاريخ جي خون ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي. اها سنڌ، جنهن جي صوفين جي درگاهن تي ڪوئي سني، شيعو، يا هندو نه هوندو هو، سڀ سنڌي تصوف جي گيت تي محو رقصان ٿي نچندا رهيا آهن ۽ انهن درگاهن جو عقيدو انسانيت جي خدمت، رواداري ۽ هيڪڙائي اتم فلسفو رهي آهي- جيئن سنڌ جي عظيم صوفي مزاحمتي شاعر سچل جو فلسفو ته ”دوئي ئي دور ڪجي“ يا وري عظيم انقلابي شاعر شڪارپور ڄائي شيخ اياز جي شاعري ۾ ته ”او انسان او انسان ڪنهن کي ٿو مارين....“ اهي انسانيت جا مثالي ۽ جٽادار خيال آهن. اهي خيال سنڌ جي صوفي شاعرن کان ويندي جديد انقلابي شاعرن جي شاعري ۾ به فن جي ڪمال سان جڙيل نظر ايندا. سنڌ ڌرتي جو عقيدو تاريخ جي تناظر ۾ پڙهڻ سان دنيا جي عقيدن کان مختلف ۽ نمايان نظر ايندو ته اهو عقيدو ”ڪُل جو خير- پوءِ پنهنجو خير‘‘ انسانيت عظيم، ڌرتيون قديم ۽ ڌرتي وارا پيار جي شڪل جا پرچارڪ ڪل ۾ سڀ ۽ سڀ ۾ ڪل چوڻ وارا....!انهن جي ڌرتي تي ايڏو وڏو سانحو سوين ڳڻتين ۽ خوف کي جنم ڏئي ويو آهي. ان سانحي کان پهرين ئي سنڌي معاشرو انيڪ سياسي ۽ اقتصادي ڌٻڻ ۾ ڦاٿو پيو هو، ويتر هن قسم جي واقعي هن پرامن معاشري کي لوڙهي ڇڏيو آهي.
    هن سانحي کي هڪ سال پورو ٿي ويو، پر هن شهر جي ماڻهن اندر خوف ختم ناهي ٿيو. هر وقت بي يقيني جي باهه انهن جي جسمن کي ساڙيندي رهي ٿي ۽ شهر جي چچريل تاريخ مان اڃا تائين رت ٽمي رهيو آهي. شهر ۾ ٿيندڙ مذهبي يا خوشي جي تقريب ۾ انتظامي سطح جي غير معمولي حرڪت ڏسندي ڳڻتي ۾ ويتر اضافو اچي وڃي ٿو. هن شهر جي معيشت ته تباهه آهي ئي، ويتر خوف سبب شهري هن شهر سان عهد وفا ٽوڙي کيس ڏهاڳ به ڏئي رهيا آهن. ڇا شهر يا ماتر ڀومي ڪنهن سانحي سبب ڇڏي وڃبا آهن؟ ڇا شهر سان رشتو رڳو خوشين جو ٿئي ٿو ۽ تڪليف جي حالت ۾ ان شهر کي ڇڏي ڏجي؟ جنهن شهر ۾ انهن جي تاريخ جون پاڙون آهن ۽ ان شهر تي شدت پسندن کي ديرا ڄمائڻ ڏجن ته هو اچي پنهنجي ايجنڊا تي شهر مٿان حڪمراني ڪن ۽ هن شهر جي تاريخ کي بيگناهه انسانن جي رت سان رڱين ۽ عظيم شهر جي فنپارن کي ڪٻاڙ خاني ۾ ڦٽو ڪري پنهنجي انسان ۽ شهر دشمن سوچن کي معصوم ماڻهن مٿان زوري مڙهي انهن تي مستقل طور حاڪميت ڪن؟؟ هن شهر جي هر گهٽي ۾ بيگناهن جو رت اسان کان انصاف جي گهرجائو آهي، هو انصاف گهرن ٿا هن ملڪ جي وڏي عدالت انساني ضمير جي عدالت کان! ته اسان جي بيگناهه خونن سان ڪير انصاف ڪندو؟؟ ڪنهن مخصوص عقيدي جي بنياد تي حياتي کي رت سان وهنجارڻ ڇا اها ڪنهن مخصوص نظريي جي تڪميل آهي يا انسانيت جي تذليل؟؟ ڇا ڪنهن ماءُ جي ڳوڙهن جو به عقيدو هوندو آهي يا ڪنهن ڀيڻ جي ارمانن جو به ڪوئي مذهب هوندو آهي؟! انهن بيگناهه خونن سان انصاف هن وقت جي حڪومت چند ڏوڪڙ ڏئي ڪيو آهي ۽ جيڪا رات جي تاريڪين ۾ قاتلن سان گڏ ويهي ٿي ۽ ڏينهن جو مظلومن جو راڳ آلاپي ٿي، انهن بيگناهه خونن جو پلاند هن شهر جي ماڻهن جي همٿ ۽ حوصلن ۾ رکيل آهي ۽ اهي ئي شهيدن جي قاتلن کي شڪست ڏئي سگهن ٿا. سانحي جا شهيد حوصلو ڏيندي چون ٿا ته اسان جي رت سان ٻريل ڏيئا امن ۽ رواداري جي صبح اڀرڻ تائين نه وسامڻ کپن. شهر جي ماڻهن جي اندر خوف انهن دشمن قوتن جي ڪاميابي آهي، جن هن شهر کي پنهنجي مخصوص عقيدي جي بٺي ۾ ساڙي رک ڪرڻ جو رٿيو آهي. اهڙين سوچن جو عقيدو انسانيت جو خاتمو ۽ تهذبين جي تباهي تي مبني هوندو آهي. اچو ته! خوف کي ختم ڪريون ۽ انهن قوتن سان وڙهون، جيڪي اسان جي ايندڙ نسلن جي رت ۾ انسانيت دشمن ۽ عقيدن جي نفرتن جون سيون هڻي کين بيهوش ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيون آهن. اچو ته! پنهنجي علمي درسگاهن ۾ جملي انساني عقيدن جي احترام جا سبق پنهنجي ايندڙ نسل کي پڙهايون ته جيئن هو دنيا جي امن جي اڳواڻي ڪن ۽ رواداري جي فلسفي کي ڦهلائي دوزخ بڻايل دنيا کي جنت جهڙي جهان ۾ تبديل ڪريون. عقيدا رڳو داڻن کي ڦيرائڻ جو نالو ناهن، پر انسانيت جي برابري ۽ ماڻهوءَ جي من جي قبوليت جو نالو آهن. خوف ۾ ڪيل عبادتون يا قبوليل عقيدا جٽادار ناهن هوندا، ڇو ته انساني تاريخ عقيدن جي رت سان وهنتل آهي، ان ۾ خوف مستقل بادشاهتون ڪري انساني عظمت کي داغدار بڻايو آهي ۽ ماڻهن کي پنهنجي مخصوص عقيدن جي پيروي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اهو خوف جيڪڏهن معاشري اندر مستقل رهندو آهي ته اتي چوطرف انساني رت جي بوءِ ڦهليل هوندي آهي ۽ ماڻهپو موڪلائي ويندو آهي. انسانيت کي بچائڻ لاءِ ضروري آهي ته اهڙين سوچن جي نرسري کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪرڻ جي لاءِ مظلومن کي ڪٺو ٿي هڪ دائمي جنگ جوٽڻي پوندي ۽ انساني تاريخ مظلومن جي اتحاد سان ڀري پئي آهي- انهن مظلومن عقيدن جي ڄار ۽ جاگيردارن جي شڪار مان پنهنجي جان آجي ڪرائي فرانس جهڙي انقلاب جي صورت ۾ انساني تاريخ کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيون آهن.
    اڄ هن شهر جو ماڻهو جبر واري زندگي جيئي پيو، جتي عقيدن جي عقوبت خانن ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي ۽ هن شهر جو ماڻهو خوف جي بيماري کان ڇوٽڪاري لاءِ ساڃهه وندن جي اڳتي وڌڻ جي انتظار ۾ آهي. جڏهن به ساڃهه جو ڪو سڏ ٿيو، تڏهن هن شهر جو ماڻهو خوف کي ختم ڪري آزاد فضا جي چائنٺ چمندو. هي شهر امن ۽ رواداري جي آزاد هوا ۾ رابيل جي مهڪ جهڙا ساهه کڻندو ۽ انهن جي ٽهڪن جا چنگ هر وقت ٻُرندي نظر ايندا ۽ شهيدن جي مزارن مان مبارڪن جي مهڪ ايندي ۽ انهن جو خون خوشبو بڻجي هن تاريخ جي ورقن ۾ اچو ته! خوف کي ختم ڪريون وارو گيت بڻجي گونجندو رهندو. ياد رکڻ کپي ته تاريخ انساني عقيدن تي نه جيئندي آهي، پر انساني قدر تاريخ کي هميشه زندهه رکندا آهن. اچو ته! خوف کي ختم ڪري پنهنجي نسلن جا محافظ بڻجون. اسان جو آئيندو اعتدال ۽ انسان دوستيءَ واري سنڌ ۾ آهي، جنهن ۾ هر ماڻهوءَ کي عقيدي جي آزادي هجي، انڌي تقليد ۽ شدت پسندي سوچ تاريخ ۾ انسان جي عظمتن جون انڪاري رهيون آهن. سنڌ ڌرتي جو قديم فلسفو انسانيت ۽ ان جو رتبو ئي رهيو آهي. اچو ته! سنڌ جي پرامن شهرن کي شدت پسندي جي بک ٿيڻ کان بچايون ۽ پرامن سنڌ کي انساني تهذيب جو مثالي مرڪز بڻايون.


      شهر جي لٽيل چادرانصاف جي اوسيئڙي ۾ آهي!!

    اسان جو معاشرو اهڙي دلدل بڻجي رهيو آهي جنهن کي ڏک، اذيت، تڪليف ۽ محروميءَ پنهنجي گرفت ۾ آڻي ڇڏيو آهي. عدم برداشت جي وڌندڙ رجحانن معاشري کي تيز رفتاريءَ سان تنهائيءَ طرف ڌڪي اهڙي موڙ تي اچي بيهاريو آهي، جتان معاشرا ويتر بگاڙ جو شڪار بڻجي سانحن جي صورت اختيار ڪندا آهن. ڪوئي به سانحو هڪ پوري عمل سان وجود ۾ ايندو آهي ۽ ان سانحي پٺيان ڪافي ساريون ڪهاڻيون هونديون آهن جيڪي سانحي جو سبب بڻجنديون آهن. ڪنهن به سانحي کان پهرين حالتون پنهنجي ڪيفيت ۾ گهڻي ڀاڱي ٻڏتر جو شڪار نظر اينديون آهن ۽ اهي پنهنجي ڪيفيتي زبان ۾ ڪجھ ٿيڻ جو اشارو اڳواٽ پڻ ڏينديون آهن، پر انساني مفاد ۽ لاپرواهي اها ڪيفتي زبان سمجهڻ کان نه صرف وانجهيل رهن ٿا پر گڏوگڏ امڪاني ۽ لامارا ڏيندڙ خطرن جي ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ڪي به اپاءَ ٿيل ناهن هوندا ۽ نه ئي ذهني طور اهڙي حادثي کي منهن ڏيڻ جي ماڻهن ۾ قابليت هوندي آهي. سمورو معاشرو غيرمعمولي حادثي ٿيڻ جي سبب سوچڻ جي سگھ کان ويندي پاڻ کي سنڀالڻ جي شڪتي تائين پورو جو پورو لڏي وڃي ٿو. هڪڙا ته اُهي ماڻهو هوندا آهن جيڪي حادثي جا سڌاسنوان شڪار هوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي ان حادثي جي اثرن هيٺ دٻجي خوف ۽ دهشت جي ماحول هيٺ نفسياتي دٻاءَ جو شڪار بڻجي حالتن جو ٺيڪ نموني ادراڪ نه ڪري سگهندا آهن. اهڙن اوچتو ٿيل سانحن کي اهي ماڻهو رياستي لاپرواهي سان نه پر سانحي جي متاثرن جي عقيدن ۽ سرگرمين کي جاچڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن واقعي جي اصل سبب جي ٺيڪ طرح سان سڃاڻپ نه ٿي سگهي ۽ حقيقت جي تھ تائين پهچڻ کان پهرين ئي حقيقت وڃائجي وڃي ۽ جيڪڏهن واقعي جون حڪومتي سطح تي کڻي ڪي سچايون سامهون به اچن ته انهن کي روايتي مفروضن جي تناظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، ان سچاين جي گهراين ۾ معاشري جا ماڻهو صرف ان ڪري نه ويندا آهن ڇو ته حڪومت جون حقيقتون هميشه گمراھ ڪندڙ رهيون آهن. انهن ۾ حقيقتن جي نالي تي ٿيندڙ ويساھ گهاتيون ڪيس جي بنيادي رخن کي ڪمزور ڪن ٿيون ۽ جڏهن ته ملزم ۽ پوليس جي روايتي ميلاپ سبب ڏوهاري جي ڏنل لالچ ۽ خوف ڪيس جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي ٿو ۽ جڏهن ته ڪيس جو فريادي انصاف جي اهڙي روش سبب پنهنجي ڪيس کي پوليس جي رحم و ڪرم تي ڇڏي آفاقي مدد جي اپيل هيٺ ڪيس جي فيصلي جو انتظار ڪري ٿو. متاثر ڌر جو اهڙو رويو ۽ ڪيس سان عدم دلچسپي مقتول سان ظلم برابر آهي! ڇو ته هر ڪيس انصاف جو گهرجائو هوندو آهي ۽ ان کي انصاف ڏيڻ جي شروعات ان جي وارثن کان ٿئي ٿي. جيڪڏهن وارث انصاف جي حاصلات لاءِ سنجيده آهن ته روايتي تڪليفن جي ڊگهي مدت کان پوءِ انهن کي انصاف ضرور پلئه پوي ٿو ۽ انصاف جي حاصلات جي تڪليف انصاف جي ملڻ بعد اطمينان جي صورت اختيار ڪري ٿي ۽ ان سان معاشري اندر ڏوهن ۾ گهٽ ٿيڻ ۾ پڻ مدد ملي ٿي. جيڪڏهن متاثر ڌر ڪنهن خوف يا لالچ ۾ اچي ڪيس جي پيروي ۾ سهل پسندي جو مظاهرو ڪري ٿي ته ان سان مقتول جو ڪيس ته لڙهي ٿو پر خود ڏوهارين جي پڻ همت وڌي ٿي!!. جيئن سنڌ اندر اڪثر سنگين ڏوهن جي فريادي پوليس بڻيل رهي آهي خاص ڪري ڪارو ڪاري، اغوائن ۽ ڦر جي فريادي پوليس بڻجي ٿي ۽ ڪيس سردخاني حوالي ٿي وڃن ٿا ۽ جڏهن ته مقتولن سان انصاف نه ٿيڻ جي ذميوار پوليس ته آهي ئي آهي پر گڏوگڏ ان جا وارث به آهن جيڪي خوف ۽ لالچ ۾اچي مقتولن جي رت سان انصاف نه ٿا ڪن! جيئن تازو شڪارپور جي بدترين سانحي ۾ 65 انساني جانيون حياتيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺيون ۽ ڪيترائي زخمي اضطراب واري زندگي گهاري رهيا آهن، ان سانحي کان پوءِ شڪارپور مايوسي ۽ اونداهيءَ جي گهري کاهيءَ ۾ نظر اچڻ لڳي آهي ۽ پورو شهر درد جو ڪيڏارو بڻيل آهي ۽ ان سانحي ۾ شهيدن جي رت سان انهن جي وارثن اهو انصاف ڪيو ته ڪيس ۾ پاڻ فريادي بڻجڻ کان انڪار ڪندي سرڪار جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿي آهي ۽ وارثن جي اهڙي روش انهن شهيدن جي روح ۽ رت کي رنجايو آهي ۽ اُهي شهيد پنهنجي وارثن کان يقينن هي سوال ڪندا هوندا ته خون بها اسان سان انصاف نه آهي؟ ۽ اسان جي ڇيتيون ٿيل وجودن جي سندن جي مدعيت ۾ ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۾ ئي قاتلن جي عبرت انجام رسائي آهي نه ڪي رياست جي مدعيت ۾ سندن انصاف پلئه پوندو!؟ ڇا اُها رياست انصاف ڪندي جيڪا ٿاڻن ٿي ويهي بيگناهن جي خونن ۽ لٽيل عزتن جي ٻولي چند روپيا لڳايون ويٺي آهي! ڇا هي رياستي ۽ حڪومتي ادارا شهيدن جي خون جي ڇنڊن کان پنهنجو دامن بچائي سگهندا؟ ان ماءُ جي ممتا ۽ ڀيڻ جي سڏڪن کي ڪير آٿت ڏيندو ته اوهان جي گهائجي ويل گهوٽن جي سرد پئجي ويل خونن سان انصاف ٿيندو!؟ هتي سوال هي ناهي ته شهيدن جي وارثن پئسا ڇو ورتا؟ پر بنيادي ڳالھ هيءَ آهي ته انهن شهيدن سان ناانصافي انهن جي وارثن پارا ايف آءِ آر ۾ فريادي پاڻ نه هجڻ آهي! شهيد تاريخ جي ڪئميرا جي لئينس ۾ قيد ٿي هميشه لاءِ امر ته ٿي ويا پر انهن جو خون انصاف جون راهون هميشه تڪيندو رهندو... ۽ انصاف جيڪو هن رياست اندر هڪ اڻپورو خواب رهيو آهي ۽ اهو خواب ساڀيان جو سراب بڻجي هميشه گم رهندو!!. جيڪڏهن شڪارپور جي سانحي جي شهيدن جا وارث خانپور جي قتل ٿيل ان مولويءَ جي وارثن وانگر ذميواراڻو ڪردار ادا ڪن ها جنهن جو فريادي اُتان جو تنظيمي اڳواڻ آهي ۽ اڄ ان جي قتل ۾ ڄاڻايلن جا وارث پوئيرن کي منٿون ڪري ڏنڊ ڏوھ جي تلافي لاءِ تيار آهن. ڇا! شڪارپور جي شهيدن ڏي جيڪڏهن ڪيس مان جند ڇڏائڻ لاءِ ملوث ماڻهن جي ڪا منٿ ميڙ اچي ته اها ان حد جي ايس ايڇ او ڏي وڃي جيڪو ڪيس جو فريادي بڻيل آهي؟ جيسيتائين پوليس جي فريادي هجڻ جي ڳالھ آهي ته ان جي ماضي جا دفتر گواھ آهن ته پوليس جو مجرمن سان ٺهڻ اڪ تان ماکي لاهڻ جي برابر رهيو آهي. ان سانحي کان پوءِ شڪارپور جي معيشت جي ٻيڙي پاتال ۾ لهي وئي آهي خوف ۽ عدم تحفظ جي احساس عام ماڻهن جي سوچڻ ۽ خريدڻ جي سگھ کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. شهيدن جي ورثا ڪميٽي پهرين ڏينهن کان خود تنظيمي بحران جو شڪار بڻيل آهي انصاف جي حاصلات لاءِ جوڙيل جدوجهد ڪميٽي اندروني بحرانن سبب آهستي آهستي پنهنجو اثر وڃائي رهي آهي. ڪميٽي پاران ڪجھ ڏوهاري عنصرن جي نشاندهي ڪرڻ باوجود انهن خلاف شروعاتي پوليس جي ڪاروائي کان علاوه سانحي جي جاچ چند ڏوهارين جي چوڌاري ڦري فائيلن جي حوالي ٿي چڪي آهي ۽ جيڪڏهن ڪجھ عنصرن خلاف ڪاروائي ٿي به آهي ته ان ڪاروائي کي ضلعي اندر فرينڊلي آپريشن سڏيو پيو وڃي ۽ ان آپريشن جو نتيجو سامهون نه اچڻ سبب ڪيترائي سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ اڀرن پيا ته ڪٿي سرڪار انهن قوتن سان سمجهوتو ته ناهي ڪيو؟ يا انهن قوتن سان دشمني ڪري فورس کي امتحان ۾ وجهڻ نه ٿي چاهي، جڏهن رياست خود خوف جو شڪار ٿي وڃي تڏهن عوام جي اندر عدم تحفظ جو احساس پڻ وڌي وڃي ٿو، ڇو ته جاچ دوران اهو به ٻڌڻ ۾ آيو هيو ته ايس ايس پي شڪارپور جڏهن دهشتگردي ۾ ملوث گروھ جي ڪجھ ماڻهن کي بارود سميت پڪڙيو هيو ته پڪڙيل دهشتگردن ايس ايس پي کي پڻ ڌمڪايو هو؟ ان ۾ ڪيتري صداقت آهي پر جاچ جو فائيلن حوالي ٿيڻ ان ڳالھ کي تصديق جي مهر هڻڻ بابت ڪافي آهي. جڏهن ته اهڙي بدترين سانحي کان پوءِ شڪارپور پوليس جي ڦڙتي به ڏسڻ وٽان آهي شهر جي ماڻهن يا ٻهراڙيءَ کان شهر ۾ ڪنهن ڪم سان آيل ماڻهن سان پوليس جو ورتاءُ به ڏوهارين جهڙو آهي اڪثر ڪري هوٽل تي ويٺل ماڻهن سان پوليس تل ابيب جي فلسطينين وانگر ورتاءُ ڪري پئي! پوليس جي نظرن ۾ هر ماڻهو شڪي ۽ ڏوهاري آهي مسڪين ۽ سادن ماڻهن کي وٺي وڃي ڏيتي ليتي ڪري ڇڏيو وڃي ٿو. حادثي کان پوءِ شهر جون بازارون ويران ۽ ڀڙڀانگ بڻيل آهن، ڪاروبار جي ٻاڙائيءَ عام ماڻهن جي زندگيءَ کي متاثر ڪيو آهي ۽ پوليس جي بيجا وٺ پڪڙ ڪاروبار جي مندي جي رجحانن ۾ پڻ اضافو ڪيو آهي. منڊي ۾ ڪاروبار جي مندي شڪارپور شهر جي بهتر مستقبل تي سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي، حادثي کان پوءِ شهر مان رونقون موڪلائي ويون آهن. سڄي رات جاڳندڙ شهر جا چوڪ رات جي پهرين پهر ۾ ئي بند ٿي وڃن ٿا ۽ بازار ٻيپهري کان پهرين سنسان بڻجي وڃي ٿي. هي شهر پنهنجي خوشحالي ۽ تاريخ کي ڳولهي پيو ۽ اڄ بدحالي هن شهر جو مقدر بڻجندي وڃي پئي. شهر ۾ موجوده نظرياتي ڇڪتاڻ جو لاوو پچي پيو جيڪو مستقبل جي خطرن جي نشاندهي ڪري پيو!؟ ڇوته واقعي کان پوءِ عدم رواداري واري اڏوهي هن شهر ۾ لڳي چڪي آهي. هي شهر انتظامي عدم دلچسپي ۽ تنظيمي اڳواڻن جي انائن جي ور چڙهندو وڃي پيو ۽ شهر ۾ موجود نيم سياسي جماعتون پنهنجي بنيادي زميوارين کان لاتعلق بڻيل آهن، سياسي پارٽين جو ڪردار دوربينيءَ جي حد تائين به ڏسڻ ۾ نه پيو اچي. جڏهن ته شهر جي ڀوتارڪي ڪلچر واري صحافت به بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي هنڌ مسجد ۾ ويهي مانيون کائي شهيدن سان پنهنجائپ جي رشتي جي مهر هڻي ڇڏي آهي ۽ ان وقت شهيدن جو روح به ڪيڏو نه رنج ٿيو هوندو جڏهن شڪارپور جو شعور ان حادثي جي جڳه تي مزي سان دعوت کائي رهيو هو، جتي شهيدن جي گوشت جي ٽڪرن جا نشان اڄ به مسجد جي ڀتين تي موجود آهن!. شهيدن جي خون جي انصاف لاءِ ٺهيل ڪميٽي ڪڏهن ٿي شهيدن سان انصاف ڪري اهو ته انهن جي جدوجهد ۽ نتيجن تي ڇڏيل آهي. باقي هن شهر جو روح گهايل بڻيل آهي ۽ پنهنجي رهواسين کان انصاف طلبي ٿو ۽ گڏوگڏ انهن کان به جيڪي هن جي رکواليءَ جا دعويدار بڻيل رهيا آهن ۽ شهر جي نالي تي پنهنجي ذات کي چمڪائي اڪثر محفلن ۾ هن شهر جي حسن کي بچائڻ جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ۽ پاڻ کي پراڻو شهري ۽ اصلي وارثن جا بيج لڳائي محفلن جا مور بڻيل آهن ۽ شهر کي بچائڻ جي دعويٰ ڪري دم ئي ڪونه ٿا پٽن! پر هڪڙي ڳالھ طئي نظر اچي پئي ته ميڻ بتي مافيا هن شهر کي تحفظ جي چادر اوڍائي نه ٿي سگهي! ۽ جڏهن ته هن شهر جي لٽيل چادر انصاف جي اوسيئڙي ۾ ضرور آهي ۽ هي شهر وارثيءَ جي دعويدارن کي هن شعر وانگر ڏوراپو ڏئي ٿو ته:
    وه جو بيچتي ٿي، دردِ دوا دل،
    اپني هي دڪان بڙها گئي.
    جڏهن معاشرن اندر انصاف جي عدم موجودگي يا فراهمي رڪجي ويندي آهي تڏهن معاشرا بک ۽ بدحالي جو شڪار بڻجي پنهنجي تاريخي تشخص کي وڃائي وهندا آهن ۽ هي شهر به انصاف جي اڻاٺ ۽ خودغرض شهر واسين جي بيحسي جو شڪار بڻجي پنهنجو تشخص وڃائي رهيو آهي.


    اڃا لھو ٽمي پيو!!

    اتر سنڌ، جتي ترقيءَ جي چيلهه جي ريڙهه جي ھڏي ڀڳل آھي، ٽٽل روڊ، گندگيءَ سان ڀريل گھٽيون ۽ گندي پاڻيءَ جا تلاءَ شھرن جي ھر پاڙي ۽ اڪثر چوراھن تي نظر ايندا. خاص ڪري شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور-ڪنڌڪوٽ جي اسپتالن ۾ باهه جي سڙڻ کان ڏاٺ جي سور تائين ڊاڪٽرن جي اڻھوند ۽ ايمرجنسيءَ ۾ ايمبولينسون ناڪاره، ملازم مافيائن جي اسپتالن اندر ادارا جاري ۽ سمورا ادارا ڪرپشن جي ڪوڙ ۾ ورتل آھن. اھا ته اتر سنڌ جي اھم شھرن جي حالت آھي، پر ٻھراڙيون ته ڀوائتيون بڻيل آھن. بنيادي سھولتن کان وانجهيل 19ھين صديءَ جي اونداھي دور جو ڏيک پيون ڏين، جتي اونداھي رات ۾ چورن جو راڄ ھوندو آھي، بجلي جا ٿنڀا ته لڳل آھن، پر بجليءَ جو اچڻ ڪنھن معجزي کان گھٽ ناھي ھوندو، جتان جي ھوائن ۾ قبائلي دشمنيءَ ۾ وھايل رت جي بوءِ اڃا به موجود آھي ۽ جتي موت اڃا تائين سستي اگهه ۾ موجود آھي. قبيلائي دشمني جيڪا ھينئر کڻي ڪجهه گھٽ آھي، پر اڃا ختم ناھي ٿي ۽ ڪيتريون ئي برادريون ھڪٻئي کان انتقام وٺڻ جي اوسيئڙي ۾ آھن. اتر سنڌ جي ترقي ڀوتارن جي کڙي ھيٺ کرڙيون ھڻي رھي آھي ۽ ڳوٺن جي ماٺ ميٺ ۾ زندگي گذري پئي، ڪروڙن جي ٺيڪن سان ٺھل روڊ ڪميشن جي ور چڙھي ھڪ مھيني اندر ٽٽي ڦٽي وڃن ٿا، جتي ڪا اعليٰ تعليمي درسگاهه ناھي، جتان جي ٻارن کي نام نھاد سرڪاري اسڪولن ۾ گھٽ روايتي مدرسن ۾ وڌيڪ داخل ڪيو ويندو آھي، جتي روايتي مولوي معصوم ٻارڙن کي روايتي مذھبي تعليم ڏئي بھشتي زيور ۽ نسيم ھجازي جي ڪتابن جا درس ڏئي پڙھندڙ معصوم ٻارڙن جي روايتي تربيت ڪري کين مولوي طور تيار ڪندا آھن، باقي ھتان جا ماڻھو مذھبي تعليم چوڪن ۽ چوراهن تان واعظ جي صورت ۾ حاصل ڪندا آھن. ھتي مذھبي بحثن ۾ دليل گھٽ ۽ جذبات، فتويٰ وڌيڪ حاوي ھوندي آھي.
    اتر سنڌ جو ننڍڙو شھر خانپور جنھن جي شناخت گوشت کان وڌيڪ لزيز پٽاٽي ۽ ماکيءَ جھڙي مٺڙي ڳاڙهي گجر طور رھي آھي، جتان جي ڌرتي جڏھن سائو ويس اوڍيندي آھي، تڏھن ھتان جي ماڻھن جي مکڙن تي رونق جا رابيل ٽڙي پوندا آھن، پر آھستي آھستي اتان جون زمينون سينواريل سم جي پاڻيءَ جي ور چڙھي پنھنجي زرخيزي وڃائي رھيون آھن ۽ ديوان جي پيڙي جھڙو پٽاٽو ۽ ڪمند جي رس جھڙي مٺي گجر ھينئر موڪلائي پئي ۽ انھن زمينن کي سکر جي بلڊر مافيا ڀڳڙن جي مٺ ۾ وٺي پلاٽنگ ڪرڻ ۾ رڌل آھي. خانپور شھر ۾ غير ضروري ۽ ڪم فھمي طور ڪجهه سڌڙين ماڻھن اردو ۽ سنڌي آباديءَ ۾ وقفي وقفي سان ويڇا وڌايا آھن، ان جي نتيجي ۾ ئي اتان جي رھندڙ مستقل اردو آبادي علائقي جي سياسي ڏاڍي مڙس سان ياري رکي ڪوٺي تي چڙھي پنھنجو مڻڪو ڀڃائي ويٺي ۽ ھاڻي اھا ڪنھن ٻئي ڀوتار جي پاڻي جي مٽيون ڀري رھي آھي ۽ ان سياسي درگاهه اڃا تائين ته خانپور شھر کي ترقي ته ٺھيو، پر ٻن اڍائي ڪمرن جي لائبريري ۽ شام جو تفريح لاءِ ٻن ايڪڙن جو باغ به نه ڏئي سگھي آھي، جتي نوجوان ڏينھن جو جديد علم جو مطالعو ڪري شام جو باغ ۾ ٿڪ ڀڃڻ اچن. خانپور شھر ۽ ان جي پسگردائي ۾ مذھبي شدت پسندي جا بيشمار مرڪز قائم ٿيل آھن، جتان جي تاريخي ڳوٺن جا نالا تبديل ڪري توحيد آباد ۽ اسلام پور رکيا وڃن ٿا، جتي مذھبي شدت پسندي جون تقريرون سرعام چنگچين، ٽريڪٽرن ۽ سوزوڪين تي وڏي آواز ۾ ھلايون وينديون آھن، جن تقريرن ۾ ويھارو کن لقب رکندڙ مولوي حضرات ھڪ ھڪ جملي ۾ مخالف فرقي واري کي ڪافر ۽ واجب القتل چوڻ کان ناھي ڪيٻائيندو ۽ اتي اھڙيون تقريرون ڪرڻ واري کي مولوي ڪھاڙو ۽ ھٿوڙو وغيره جي لقبن سان نوازيو ويندو آھي ۽ اھي لقب مستقل طور مولوي صاحب پنھنجي نالن سان ائين چنبڙائي رکندا آھن، ڄڻ کين زندگي جو اعليٰ اعزاز مليل اٿن. اڳي مخالف فرقي واري سان ويجھا رشتيدار رشتو نه ڪندا ھئا ۽ ھاڻي ته ھڪٻئي سان ڀت برادريون به ٽوڙي سماجي بائيڪاٽ جھڙي بيماري ۾ وڪوڙجي ويا آھن. سوچڻ جھڙي ڳالهه اھا آھي ته اھي مذھبي فرقيواريت ڀونچال اوچتو بلاسٽ جي صورت ۾ نڪري ڪيئن سامھون آيو آھي. سنڌي معاشرو جيڪو رواداري جو ھڪ مثالي نمونو ھو، اتي فرقيواري جي شدت پسندي ايڏي تيزي سان ڪيئن ڦھلجي رھي آھي؟ اھو ڊگھو بحث ٿي ويندو، پر ھڪ عام ۽ ساڌي ڳالهه ھي آھي ته گذريل ويھارو کن ورهين ۾ قومي ۽ جمھوري سياسي تحريڪن جي ناڪامي جي صورت ۾ شدت پسندي جڳهه والاري آھي ۽ ان جي ناڪامي جي ذميوار به خود رياست ئي آھي، جنھن انھن کي ڀت سان لڳائي رکيو آھي ۽ ان وڌندڙ شدت پسندي کي ھن ملڪ اندر رياستي پاليسي ھيٺ تيار ڪري افغانستان اندر آمريڪا جي ايجنڊا تحت نام نھاد اسلامي رياست ملان عمر جي صورت ۾ قائم ڪئي وئي ۽ شدت پسندن جا ٽريننگ سينٽر پوري ملڪ سميت اتر سنڌ ۾ به مدرسي جي صورت ۾ قائم ڪري افغان قوم ۽ ان جي ڌرتيءَ کي شدت پسندي جي رت سان وھنجاريو ويو. رياستي سرپرستي ھيٺ ھلندڙ اھڙن ڀرتي سينٽرن جي ان وقت سنڌ جي قومي تحريڪن ٿوري گھڻي واويلا ڪئي، پر انھن جي ڪنھن به نه ٻڌي ۽ اھا عالم آشڪار ڳالهه آھي ته وفاقي سياست ڪندڙ پ پ پ ۽ (ن) ليگ اصل سرڪار سان اقتداري ڀائيواري لاءِ جمھوريت سان غداري ڪندي شدت پسندن کي ڪلھو ڏئي بيٺيون. ان جي نتيجي ۾ ئي سنڌ ۾ شدت پسندي پنھنجون جڙون مضبوط ڪيون، مدرسن اندر مذھبي تعليم گھٽ ويڙھاڪ سينٽر قائم ڪري سنڌ جي اٻوجهه ماڻھن کي افغان جنگ جي نالي تي اسلام جي عظيم جنگ سڏي انھن ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ ائين ٿوري عرصي اندر اتر سنڌ جون ٻھراڙيون شدت پسندن لاءِ محفوظ پناهه گاھون بڻجي ويون. بيروزگاري ۽ جھالت جو شڪار سنڌ جا نوجوان سون جي تعداد ۾ ڀرتي ٿي اھڙي جنگ وڙھڻ جي لاءِ افغانستان جي سرزمين تي ويا، جنھن جي پس پرد ھن ملڪ جون مقتدر قوتون ۽ آمريڪا جا ارادا ڪجهه ٻيا ھئا ۽ پوءِ افغانستان ۾ لڳايل باهه ھن ملڪ کي ته ساڙيو ئي پر شدت پسندن جي راهه تي ھلندي اتر سنڌ جي ڀٽڪيل نوجوانن کي فرقيواريت جي راهه تي ھلائڻ لاءِ مذھبي منافعي خورن ڀرپور استعمال ڪيو ۽ پوءِ انھن ڪڏھن ماتمي جلوسن جي روڪبندي ڪئي ته ڪڏھن پاڻيءَ جي سبيلن ۾ مٽي وڌي وئي، پر رياستي ادارا خاموشي جي گوري کائي تماشو ڏسندا رھيا ۽ مذھبي ھم آھنگي جو مثال بڻيل سنڌي معاشرو سڙي رک ٿيڻ لڳو ۽ ھر فرقو ھڪٻئي کي ڪافر ڪوٺي نام نھاد فتوائن ۾ مذھبي جي آفاقي مقصد کي ڌنڌلو ڪري ڇڏيو ۽ مذھب خود ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي ويو ۽ ان جا اڪثر پوئلڳ ويڳاڻا بڻجي ويا. مذھبي شدت پسندي ۾ رياست جو رول غير جانبداراڻو نه رھيو ۽ اھا اھو ڏيکاءُ ڏيندي رھي ته ھو افغانستان جي جنگ لاءِ تيار ڪيلن کي ائين ننڌڻڪو نه ڇڏيندي ۽ انھن کي ھن ملڪ اندر پنھنجي مخصوص ايجنڊا تحت ھلائي ملڪ ۾ موجود لبرل، روشن خيال، سيڪيولر ۽ محب وطن قوتن خلاف اڻ سڌي طرح استعمال ڪندي رھي ۽ اھڙي رياستي پاليسيءَ شدت پسندن کي پروان چاڙھڻ ۾ مدد ڪئي ۽ پوءِ اھي مذھبي شدت پسند پنھنجي سوچ جي مخالفن جي رت جا پياڪ بڻجي ڪڏھن انھن کي ٽارگيٽ ڪلنگ طور قتل ڪيو ته ڪڏھن خودڪش بمبار پيدا ڪري مخالف فرقي جي مسجدن ۾ نماز پرھندڙ صفن جون صفون اڏائي ڇڏيون.
    پنھنجي ئي ھم مذھبن تي ظلمن جا اھڙا لقاءَ ڏسي دنيا دنگ رھجي وئي ۽ اسلام جو اھڙو رک ڪنھن دھشت کان گھٽ نه رھيو، جنھن کي شدت پسند پيش ڪري اسلام جي عالمي امن واري فلسفي کي پوري دنيا اندر شڪ ۽ نفرتن جي نگاھ سان ڏٺو ويو، اڃا ته شڪارپور ۾ برپا ڪيل قيامت کي ھتان جو ماڻھو وساري نه سگھيو آھي ۽ اڄ به ان ڪربلا جي واقعي مان لھو ٽمي پيو ۽ پنھنجي پيارن جي يادن جا البم سانڍي انھن جي وارثن ۽ دوستن جي اکين ۾ رت جا ڳوڙھا اچن پيا ۽ الائي ڪيتريون ڌيئرون ۽ مائرون اڃا به سج لٿي کانپوءِ امام بارگاهه ڪربلا معليٰ ۾ اچي ان شھادت جي ھنڌ کي حسرت جي نگاھن سان ڏسن پيون ۽ ھو پنھنجي پيارن جي سجدي گاھن کي چمي ڏئي اکين ۾ بيوسي جا لڙڪ آڻي انھن جي يادن جا ڏيئا ٻارن ٿيون. اھا ماءُ ته اڃا تائين ڪربلا معليٰ جي مسجد ۾ اچي ٿي، جنھن کي پٽ بوسو ڏئي نماز پڙھڻ آيو ھو ته مان جلدي موٽي اچا ٿو، منھنجي ماني تيار ڪجائين ۽ پوءِ ھو گوشت جي گندي صورت ۾ ماءُ کي مليو ۽ پوءِ ان جي ماءُ بوسي جي قيمت چڪائڻ لاءِ مسجد ۾ موجود ھر سجدي گاهه کي چمندي آھي ته متان ھتي منھنجي پٽ نماز پڙھي ھجي....!! ھاڻي وري خانپور ۾ اھڙي قسم جو دھشتگرد واقعو دھرايو پئي ويو، جنھن ۾ الائي ڪيترين ئي مائرن جون جھوليون اجڙي وڃن ھا ۽ بيشمار ٻار پنھنجي پيءُ جي شفقت کان محروم ٿي بيرحم بڻيل سماج ۾ يتيمي جي احساس ھيٺ زندگيءَ جو بار کڻن ھا!
    ھي ته تحسين جي لائق اھي شھر واسي آھن، جن تاريخي مزاحمت ڪري وحشي صفت ماڻهن جي ارادن کي ناڪام بڻائي پنھنجي جانين جو تحفظ ڪيو ۽ پوري سنڌ کي ڪاري چادر اوڍڻ کان بچائي ورتو. خانپور جي واقعي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگيءَ تي ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيا آھن. تحقيقاتي ادارن جي ايمانداري ۽ پوليس جي پت گھڻي ڀاڱي وائکي ٿي وئي آھي. پوليس جيڪا مڪاني چورن کي به پڪڙڻ جي مھارت نٿي رکي، اھا اھڙي نيٽ ورڪ خلاف ڪيترو اثر ڏيکاريندي؟ اھو عام فھم رکندڙ ماڻھو سمجھي سگھي ٿو. خانپور واقعو ھڪ ئي وقت رياست، حڪومت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس جي ناڪاميءَ جو واضح ثبوت آھي، ڇو ته دھشتگردن جو ٽارگيٽ پھچڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿو ته وزيرستان مان ھليل دھشتگرد ھزارين ميل سفر ڪري خانپور شھر ۾ ڪيئن پنھنجي ٽارگيٽ تائين آساني سان پھتا ۽ ھي ته شھر واسين پنھنجي مڙسي ڪري پاڻ کي بچائي ورتو...!! ھتان جي مقامي پوليس جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ به ڏوھن جا پيرا پيري کان کڻائيندي آھي ۽ پوءِ پڪڙيل چور کي لٺيون ھڻي پنھنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندي آھي. پوليس جي ڪوئق ريسپانس فورس جي پت ان وقت وائکي ٿي وئي، جڏھن خانپور جي شھرين ھڪ بمبار کي پڪڙي دليري جو رڪارڊ قائم ڪري ڪئنچي ۽ ڇرين سان خودڪش جيڪٽ کي ناڪاره بڻايو ۽ ھڪٻئي خودڪش سان ڏيڍ ڪلو ميٽر تائين مزاحمت ڪري کيس عبرتناڪ انجام تي رسايو. خودڪش بمبار کان ته جاچ ٿيڻ کپي ئي، پر انھن ادارن کان به ضرور پڇڻ گھرجي ته اھي خودڪش خانپور امام بارگاھ تائين ڪيئن پنھنجي حدف تائين پھتا؟ جڏھن ادارن جي اھا ڪارڪردگي رھي ته پوءِ عوام جي اندر شڪ سان گڏ عدم تحفظ جا احساس ھميشه حاوي رھندا.


      پوليس اداري جي ڪارڪردگيءَ جو سوال

    ڪنهن به ملڪ جي بهتر حڪمراني ۽ مثالي سياستن کي سمجھڻ لاءِ ان ملڪ جي اندر قانون جي حڪمراني ۽ انصاف جي تقاضائن کي سامهون رکي پرکبو آهي، ته اتي انصاف وهندڙ نديءَ وانگر صاف ۽ شفاف آهي ۽ هر ڪنهن کي سيراب ڪندو رهي ٿو، منجھس ڪابه رنڊڪ بند ٻڌي قبضو نه ٿي ڪري سگھجي ۽ ڪوبه قانون جي نظر ۾ ادنيٰ ۽ اعليٰ ناهي هوندو، هن ملڪ جو قانوني ڍانچو ڪيترو اثرائتو آهي، اهو ته هر روز ٿيندڙ غير انساني واقعن مان پسي سگھجي ٿو، ڪارو ڪاري، اغوائون ۽ ملڪيتن جي معاملن تي ٿيندڙ قتل و غارت گيري هاڻي حسبِ معمول بڻجي ويا آهن، ٽيڪنالاجي جي عام ٿيڻ سان جنسي ڏوهن تي آسانيءَ سان قابو پائي سگھجي ٿو ته اتي ساڳي وقت ڏوهارين پڻ ان مان ڀرپور فائدو وٺندي پنهنجي ڏوهن کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو قانون جي ڪمزورين ۽ ان تي عمل درامد ڪرائڻ واري فورس جي ڪوتاهين جي ڪري مضبوط نيٽ ورڪ تحت ڪارروايون ڪن ٿا ۽ ڪٿي ته پوليس خود ڏوهارين کي فري هينڊ ڏئي قانون جي سنگين پائمالي ڪري پئي.
    سنڌ جا وڏا شهر ته وڏي عرصي کان دهشتگردن جي نشاني تي رهيا آهن، اتي پوليس جي رٽ قائم نه ٿيڻ جو سبب خود پوليس ڊپارٽمينٽ رهيو آهي، جنهن ۾ اڪثريت اهڙن وردي پوشن جي رهي آهي، جيڪي محافظن جي شڪل ۾ ڏوهاري گينگ هلائيندڙ ۽ ڀتي خور مافيا جا مُهندار بڻيل رهيا آهن. سنڌ جون ٻهراڙيون غير محفوظ هجڻ جون وڏي تاريخ رکن ٿيون، هتي جھنگ جو قانون (ڏاڍ مڙسيءَ وارو نظام) ڊگھي عرصي کان هلندو رهيو آهي. اتي پوليس ۽ ڌاڙيلن جي روش ۾ ڪو خاص فرق نظر نه ايندو، پهرين ڌاڙيل ڳوٺ وارن ۽ رستن وارن کي ڦريندا آهن ۽ بعد ۾ بچيل ڪثر وري پوليس پوري ڪندي آهي، ته توهان جي ڳوٺ جو فلاڻو ماڻهو ڌاڙيلن سان مليل آهي، ان ڪري ڌ وهه ۾ توهان به برابر جا شريڪ آهيو، پوءِ ويچارا ڳوٺاڻا پوليس ۽ ڌاڙيلن جي وچ ۾ سرنهن جي داڻن وانگر پيسبا رهيا آهن، ڪوئي انهن جي دادرسي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ڏوهه جو ٿيڻ ۽ ڏوهارين تائين پوليس جي انصاف ۽ قانون موجب رسائي ڪيتري بهترين آهي؟ اهو درد جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺاڻي کان معلوم ڪجي ته هُو ان جي ظلمن جا داستان کولي ڇڏيندو، ڇوته سنڌ جي ٻهراڙين مان گذريل اڍائي ڏهاڪن ۾ جيڪا لڏپلاڻ ٿي آهي ۽ حسين منظر رکندڙ ڳوٺ ويران وسنديون بڻجي ويا آهن ۽ زرخيز زمينون ٻوڙن ۽ ٻيلن ۾ تبديل ٿي ويون آهن، انهن جو درد تمام ڊگھو آهي، اڄ انهن وسندڙ ديرن تي دونهي دکائي سوجھرو ڪندڙ ماروئڙا ماڳ مٽي ڇڏي شهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ گمنام زندگي گذارين پيا. پر پوليس جي ڪارروائي حسبِ معمول اڃا به اها ئي آهي.
    شڪارپور گهوٽڪي ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ پوليس طرفان ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي ڪا نئين ڳالهه ناهي، ماضيءَ ۾ پوليس جيڪي به ڪارروايون ڪيون آهن، انهن جو رڪارڊ شاهد آهي ته پوليس ڪچي ۾ وڏي فورس گھرائي پڪي تي ڪئمپون قائم ڪري ڪچي مان شهرن ڏانهن خريداري يا علاج لاءِ ايندڙ ماڻهن سان جيڪي جٺيون ڪندي آهي، انهن کي واڙي ڌاڙيلن جو مائٽ هجڻ جي سزا بدترين تشدد جو نشانو بڻائي ۽ عورتن جي تذليل ڪري کين نئون ڏوهاري ٺاهڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي آهي ۽ جيڪڏهن پوليس پڪي جي ويجهو ڪنهن ڪچي جي ڳوٺ ۾ جديد هٿيارن ۽ پوليس گاڏين سان پهچي به ويئي ته پهرين گهر جي ڀتين کي پنهنجي گولين جي نشاني تي آڻي، ان ۾ موجود مڏي کي لڪائي ۽ بيجل چوپائي مال کي تازن ڄاول ڦرن سميت ڪاهي ڪارناما سرانجام ڏيندي آهي ۽ پوليس جا اهڙا ڪارناما ته کوڙ آهن پر ڪجهه عرصو اڳ شڪارپور ۾ مينهن جي لالچ ۾ ڏوهارين خلاف ڳوٺن ۾ آپريشن ڪراچيءَ جي تمام وڏي واڙي جي مالڪ، هڪ اڳوڻي ايس ايس پي ڪئي هئي، جنهن ڪچي سميت ٻهراڙيءَ جا واڙا ۽ ويڙها ويران ڪري ڇڏيا، مسڪين ڳوٺاڻن جون ڪُنڍيون مينهون ۽ وڇيريون سَون جي تعداد ۾ ڪاهي ڪلاچيءَ جي ڪُن گم ڪري ڇڏيون ۽ ايئن هُن ڪجهه ”فل فراءِ“ ۽ ”هاف فراءِ“ جي ڪيسن ۾ پنهنجي قانون کان مٿاهين ڪارڪردگي ڏيکاري پئسن تي نوڪريون پڻ تين وال ڪري ڇڏيون ۽ هينئر سنڌ جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ قانون جي اهڙي خدمت ڪندو هوندو پر ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي، اهي مسڪين ڳوٺاڻا ته مينهنِ جو درد لِڪائي خاموش ٿي ويا پر اهي پوليس وارا ته اڃان تائين دربدر آهن، جن پنهنجا گهر گروي رکي ۽ وياج تي پئسا وٺي نوڪريون ورتيون.
    شڪارپور ۾ قانون جي خدمت ته ان وقت جي ايس ايس پي به واهه جي ڪئي هئي، جيڪو صحافين ۽ ڏوهارين کي هڪ ئي لفظ ”جاني جاني“ چئي سڏيندو هو ۽ ان جي ڊرائيونگ به شڪارپور جا مڃيل ڏوهاري ڪندا هئا ۽ ان جي سوچ هئي ته ڏوهارين سان ياريون رکي پنهنجي مقرريءَ جي مُدي تائين کانئن ڏوهه نه ڪرڻ جي ضمانت وٺجي ۽ ان کان به اڳتي هو ڏوهارين جي گولي دڙي ٻيلي ۾ مچايل ڪبابن جي محفل ۾ صحافين سان گڏ موجون ڪندو هو ۽ هُن جي مقرريءَ جي مُدا تائين ڪا وڏي واردات ته نه ٿي، باقي ڏوهارين کي محفوظ پناهگاهون ڏيئي هن قانون جي سنگين لتاڙ ضرور ڪئي ۽ ڏوهارين کي پوليس سان واسطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ مددي ڪردار ادا ڪيو، جيڪو وساري نٿو سگهجي. ڏوهارين کي ختم ڪرڻ ۾ هاڻوڪي ايس ايس پي ڪيترو مضبوط ڪردار ادا ڪيو آهي؟ ان جو ته گذريل ڪافي ڏينهن کان ڪچي ۾ هلندڙ آپريشن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، جتي پوليس ڪچي ۾ اندر گهڙڻ بدران پڪي تي ديرا ڄمائي ويٺي آهي. هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ ٻه زخمي ڪرائي چئن ڌاڙيلن جي مارجڻ جي دعويٰ ته ڪئي وئي آهي پر انهن مارجي ويل ڌاڙيلن کي پنهنجا چند ساٿي ته کڻائي ويا پر سَون جي تعداد ۾ جديد هٿيارن سان ليس فورس انهن جيئرن ڌاڙيلن کي ته ٺهيو پر مُئلن کي به نه پڪڙي سگهي! ان مان ئي سندس دعويٰ واري ڪارڪردگيءَ جو اندازو ڪري سگهجي ٿو، واقعي ڪيترا ڌاڙيل مارجي ويا آهن؟
    شهيد پوليس اهلڪار جي مارجي وڃڻ جي ڪهاڻي ۾ اهو به ٻُڌايو پيو وڃي ته پوليس اهلڪار به پوليس جي غفلت سبب حياتي وڃائي ويٺو، جو هُن سان گڏ پوليس جو پاسبان ٻڪرين جي ڌڻ ۾ اک وجهي ويٺو ۽ لڪل ڌاڙيلن کين آسانيءَ سان نشانو بڻائي ڇڏيو ۽ پوليس جي آپريشن جي پَت وائکي ڪري ڇڏي. گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪچي ۾ موجود پوليس بيگناهه ماڻهن جون ملڪيتون ساڙي ۽ انهن جا مال ماري اڌ رقم ۾ وڪڻي ڪمائي ڪرڻ ۾ پوري آهي ته اهڙي آپريشن جا نتيجا ڪهڙا ايندا!؟ اهو ته آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ڇوته هن وقت تائين پوليس پڪي جي محفوظ پِڪٽن ۾ ويهي وقت پيئي پاس ڪري ۽ آپريشن جيترو ڊگهو ٿيندو، اوترا خرچ جا چيڪ به وڌيڪ نڪرندا ۽ جيڪي بنا آڊٽ اعتراضن جي آفيسرن جي اڪائونٽ ۾ ماضيءَ وانگر هليا ويندا ۽ ڌاڙيل پنهنجي محفوظ پناهگاهن ۾ ويهي اغوائون ۽ ڦرون ڪري عام ماڻهوءَ کي غير محفوظ بڻائيندا رهندا ۽ پوليس جي نالي ماتر آپريشن ۾ انهن جو من وڌي ويندو ۽ هو بي خوف ٿي ڏوهن جو ڪارروايون ڪندا رهندا.
    سائنس جي اصول مطابق سڀ کان پهرين ڏوهن جي سبب کي جاچڻ ۽ ان کي ختم ڪرڻ حڪومتن جي ذميواري هوندي آهي پر هتي هڪ ڏوهه ۽ ڏوهاريءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي نون ڏوهارين ڄڻيو وڃي ٿو. اسان وٽ ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ هيٺ آڻڻ لاءِ ايتريون ته قانون جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪيون وڃن ٿيون، جو ڏوهارين جي پيدا ٿيڻ جا ڪيترائي جواز ٺهي پون ٿا، پوليس سان عام ماڻهن جو رويو نفرت ڀريل نگاهن وارو ئي آهي، ڇوته اڪثر ڪري ٿاڻن جي هر ڏوهه جي قلم جي رقم مقرر ٿيل آهي، جتي عام ماڻهو جي انساني حقن کي ٿاڻيدار جي ٽيبل هيٺان پيل ڪچري جي دٻي ۾ ڦِٽو ڪيو ويندو آهي، ٿاڻن تي موجود صوبيدار اڪثر ڪري پنهنجي اها لاچاري ۽ لالچ ڏيکاري هر ڪيس جا پئسا گهرندا آهن ته اسان کي اسٽيشنري کان ويندي گشت جي تيل ۽ آفيسن جي فٽنگ تائين سڀ ڪجهه پنهنجي کيسي مان ئي ڪرڻو پوي ٿو ته پوءِ اسان کان انصاف جي تقاضا ۽ ڏوهارين خلاف موثر ڪارروائي جي طلب ڪرڻ جي توقع رکڻ خود ناانصافي آهي.
    معاشرن اندر پوليس انصاف جي شروعاتي پيچرن کان وٺي آخري ڇيڙي تائين ٻڌل هوندي آهي، پر پوليس جي روش انصاف ڏانهن غيرمنصفاڻي ۽ آزاريندڙ رهي آهي. هتي پهرين ڏوهاري پيدا ڪيو، پوءِ ڏوهن کي جنم ڏيو ۽ بعد ۾ ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قانون کان مٿانهان قدم کڻي انصاف ۽ قانون جي سنگين پائمالي ڪري پوليس اداري جي ڀوائتي شڪل ٺاهي ڇڏي آهي، جنهن سان معاشري جي عام ماڻهوءَ کي ڊيڄاريندي رهي ٿي، اهڙي عمل سبب پوليس لاءِ عام ماڻهوءَ جو رويو احترام جهڙو ناهي رهيو. پوليس ٿاڻن ٻاهران ڀتين تي لڳل انساني حقن جي بورڊ تي جيڪڏهن اضافو ڪري هي لکيو وڃي ته ”اسان وٽ انساني حقن سان روزانو جُٺ ۽ مذاق ڪئي ويندي آهي“، ته اهو غلط نه آهي، جيستائين پوليس جي اعليٰ آفيسرن ۾ پئسي ڪَٺي ڪرڻ جي حوس جو سري کان خاتمو نٿو اچي، تيستائين قانون جي حڪمراني ۽ انصاف ڀريو معاشرو ممڪن نه آهي ۽ نه وري معاشري اندر پوليس خلاف موجود اڻ وڻندڙ روش کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ پوليس خلاف ٺهيل پهاڪو ته ”پوليس نه دوست، ڦڦڙ نه گوشت“ کي حقيقي عوامي دوستيءَ جي مثالي محاوري ۾ تبديل ڪري عوام اندر مضبوط تعلق کي جوڙي سگهجي ٿو پر هن ملڪ جي ادارن کي سياستن ۽ آفيسر شاهي جي تباهه ڪرڻ واري ”ايڪسرسائيز“ وڏي عرصي کان جاري آهي. انصاف ۽ قانون جي بالادستي هن ملڪ جي حاڪم طبقي ۽ آفيسرشاهيءَ جي ايجنڊا نه ڪڏهن رهي آهي نه وري رهندي. پوليس ته هميشه حاڪم طبقي جي ونگار وهندي رهي آهي ۽ ان ڪڏهن به پاڻ کي فرض ادا ڪرڻ واري کنيل قسم سان وفا ناهي ڪئي. انفرادي طور جيڪڏهن ڪو آفيسر پنهنجي ضمير آڌار امن ۽ انصاف لاءِ شهيد به ٿي وڃي ٿو ته ان جي شهادت اداري اندر مثال گهٽ خوف ۽ لالچ کي وڌيڪ پروان چاڙهي ٿي. مسئلو فرض دوران پوليس جي شهادت جو ناهي، ڇوته پوليس جي پنهنجي کنيل قسم ۾ ئي فرض تان قربان ٿيڻ جي ڪمٽمينٽ موجود هوندي آهي پر مسئلو وري به ڏوهن ۽ ڏوهارين جي سبب کي ختم ڪرڻ ۽ اداري جي وڃائجي ويل ساک جو آهي، جيڪڏهن ڌاڙيلن خلاف اهڙا انوکا آپريشن جاري رهيا ته پوليس اداري جي ڪارڪردگي هميشه سواليه نشان بڻيل رهندي، ڇوته تاريخ شاهد آهي ته بدنيتي ئي ادارن جي زوال جو ڪارڻ آهي.


    زهر جو ڪاروبار ڪندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ڪڏهن ايندا؟

    هن سماج اندر انسان جي فطرت ۾ ذاتي ظالماڻو رويو ايڏو ته وسيع آهي جو ان کي جيستائين قانون ٻنجو نه ٿو ڏي، تيستائين سندس خاتمو ناممڪن آهي، بي ايماني سان ڀريل سياسي معيشت ۽ ڌوڪي بازيءَ جي پڙهايل درسن معاشري جي عام ماڻهوءَ کي سوچڻ ۽ ڪجھ ڪرڻ جي سگھ کان محروم ڪري رکيو آهي، هر روز معاشري جي اندر ٿيندڙ انسانيت دشمن واقعن سنڌي سماج کي لوڏي رکيو آهي ۽ ان جي اندر ڪا اهڙي سياسي لهر يا منظم شعوري سگھ اڻ لڀ نظر اچي پئي، جيڪا انسان دشمن واقعن تي ردعمل طور ٻاهر نڪري سگھي ۽ ڪا ڀرپور قسم جي مهم هلائي معاشري اندر وڌندڙ انسان دشمن واقعن جي بنيادن کي لوڏي وجھي، ۽ ان جي سببن تي ڪم ڪري معاشري مان نراجيت کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪري انسان دشمن ڪاروبار کي نيڪالي ڏئي پنهنجي معاشري کي لالچي ۽ سماج دشمن عنصرن کان محفوظ رکي سگھي.
    سنڌي سماج جي لاتعداد براين جي ور چڙهڻ جو سبب به ويجھي ماضيءَ ۾ عوامي سگھ جو منظم انداز ۾ نه گڏجڻ ۽ سڀن ڏانهن عام ماڻهوءَ جو رويو پنهنجائپ وارو نه هجڻ ئي آهي، اهو ته هڪ تمام وڏو الميو آهي ئي نه! اسان جي روز مرهه زندگي اڪارج بڻجندي پئي وڃي ۽ ٿورڙو گھڻو وقت فضول ۾ ضايع ٿيندو پيو وڃي، پر جڏهن ڪو حادثو يا واقعو مجموعي معاشري جي تباهيءَ جو سبب بڻجي ٿو ته ان تي ردعمل نه ڏيکارڻ نه صرف تاريخي گناهه هجي ٿو، پر خود پنهنجي مستقبل کي تاريڪي ۾ ڌڪڻ برابر پڻ آهي، معاشري جي مجموعي خاموشي وڌيڪ واقعن کي جنم پڻ ڏئي ٿي ۽ ان سان انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ قوتون وڌيڪ مضبوط ٿين ٿيون ۽ اهي منظم بڻجي معاشري ۾ پنهنجي ڪُڌن ڪرتوتن کي جواز مهيا ڪرڻ لاءِ ڪرپٽ سياسي نظام جو سهارو پڻ وٺن ٿيون.
    اسان جو موجوده سياسي سرشتو سڌي يا اڻ سڌي طرح اهڙن ڪاروبار ڪندڙ گروهن کي پناهون پڻ ڏيندو رهيو آهي ۽ انهن جي سيڙپ تي پنهنجو سياسي نظام قائم ڪيون ويٺو آهي، جيئن شڪارپور مان ڪجھ ڏينهن اڳ انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ (نقلي دوائن جو ڪاروبا) پ پ پ جو ڪائونسلر شهباز آرائين جو اصل چهرو جڏهن ميڊيا جي معرفت لکين ماڻهن جي سامهون آيو ته نه پارٽي قيادت ان خلاف ڪارروائي ڪئي ۽ نه وري اهو ماڻهو خود پوليس جي پڪڙ هيٺ اچي سگھيو، انساني حياتي جو قيمتي هجڻ ڪيڏي معنيٰ رکي ٿو، اهو انصاف تي قائم معاشرن ۾ ئي سمجھي سگھجي ٿو ته ماڻهو ڪيترو اهم آهي ۽ ان جو بچاءُ ڪائنات ۽ زندگيءَ کي ڪيڏو مانائتو بڻائي ٿو، پر ان معاشري اندر انسانيت ڪابه معنيٰ نه ٿي رکي، جنهن معاشري جو سياسي سرشتو چوري، ٺڳي ۽ بي ايمانيءَ تي دارومدار رکندو هجي ۽ جڏهن سياسي ليڊرشپ پنهنجي چالاڪين سان عوام کان غلاميءَ جو احساس به کسي ان کي ووٽ جي چڪيءَ ۾ لالچ جا داڻا وجھي پيسيندي رهي ٿي ۽ عوام ”اٽي، لٽي ۽ اجھي“ جي نعري تي پنهنجي سياسي حقن کان محروم رهي ويڳاڻپ واري زندگي بسر ڪري رهيو آهي.
    پ پ پ جي ڪائونسلر جي انسان دشمن ڪاروبار نقلي دوائن تي جمهوريت لاءِ قرباني جي دعويدار پارٽيءَ جي خاموشي ڪيتري جمهوري ۽ عوام دوست آهي، اهو اُن مان ئي ثابت ٿئي پيو ته اڃان تائين ڪائونسلر ڀوتار جي بنگلي ۾ بي خوف ٿي بستر تي آرامي آهي ۽ کيس ڪوبه ڊپ نه آهي، ته هن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ اکين تي پٽيون ٻڌل انصاف جي ديوي مجرم ثابت ڪري انسان دشمن ڏوهه ۾ ڪا سزا ٻڌائيندي! ڇوته ڪيس ۾ موجود گواهيون ۽ ليبارٽري رپوٽ ڪيتري ايمانداريءَ سان اثر ڏيکارينديون، ته اهو هن ملڪ جي ڪيسن جي تاريخ شاهد آهي جو چرس ۽ آفيم جي ٻوري مان صابڻ، سرف ۽ پائوڊر ملندو آهي ۽ ڪيس جا شاهد رات جي اونداهيءَ ۾ نوٽن جي چمڪ ۾ ضميرن جا سودا ڪري مجرم سان گڏجي انصاف جي نڙيءَ تي لت رکي آزاد ٿي ويندا آهن.
    هن ملڪ جو قانون ڪرپٽ سياسي ڄار ۾ اهڙو ڦاٿل آهي جو هزارين حياتيون موت جي بستر تي انصاف جي اوسيئڙي ۾ تڙپي تڙپي دم ڏين ٿيون ۽ هي ڪيس به ناانصافيءَ جي تاريخ ۾ اڻ وسرندڙ باب بڻجي رهجي ويندو، پر انسان دشمن ڪاروبار ڪندڙ قوتون پنهنجي ڪُڌي ڪاروبار کي اڃان وڌيڪ ڦهلائي رهيون آهن، ان ڦهلاءَ جو سبب عام ماڻهوءَ جو خاموش رهڻ ۽ ڪجھ به نه ڪرڻ واري سوچ آهي، غير معياري شين جو ڪاروبار هن ملڪ جي هر پاڙي، وسندي ۽ ڳوٺن ۾ بنا ڪنهن روڪ جي جاري آهي ۽ اهڙو ڪاروبار ڪندڙن کي قانون جو خوف نه پر ان جي ڀرپور حمايت حاصل آهي، ڇوته قانون مروج ڪرپٽ سياسي سرشتي ۾ قيد آهي ۽ اهو سياسي لقائن جو محتاج بڻيل آهي، جنهن ۾ جاگيرداراڻي جمهوريت جا ڏانوڻ عام ماڻهوءَ کي غلام بڻايو ويٺا آهن ۽ عام ماڻهو ماٺ جهڙي مصيبت کي برداشت ڪري غير معياري شين جو زهر پنهنجي جسم اندر ڦهلائي وقت کان پهرين موت جي چادر اوڍي ته سمهي پوي ٿو، پر پنهنجي ذميواريءَ کان پري بيٺل نظر اچي ٿو، هڪ طرف سرمائيدار سندس ڪمائيءَ جو وڏو حصو دوائن ۽ ٻين ضرورتن جي صورت ۾ کسيون بيٺو آهي ته ٻي طرف ڀوتار سندس ترقيءَ جي راهه ۾ کڏا کوٽي رڪاوٽ بڻيل آهي.
    اڪثر ماڻهو ڪمائيءَ جو وڏو حصو گھر جي مسواڙن ۽ صحت جي ضرورتن تي خرچ ڪري پنهنجا کيسا خالي ڪري ويهن ٿا، بيوسي ۽ بي حسي هن جي سوچڻ جي سگھ کي تالا هڻي ڇڏيا آهن ۽ هو زندگيءَ کي زهر سمجھي بنا ڪنهن ردعمل ڏيکارڻ جي ماٺ ميٺ ۾ وڙهندو رهي ٿو. حڪومت جون اولين ذميواريون عوام کي تحفظ ڏيڻ ۽ ان جي صحت کي سلامت رکڻ لاءِ معاشري ۾ موجود هاڃيڪار اثرن تي ڪم ڪرڻ هوندو آهي، پر هتي حڪومتون هاڃيڪار عنصرن کي پناهه ڏينديون رهيون آهن ۽ حڪومتي ڪارندا پنهنجا حصا پتي ڪڍڻ ۾ پورا آهن، اڪثر ڪنهن دڪان تي چڙهبو ته هڪڙي شيءَ جون ڏهه ورائٽيون ملنديون، جيڪڏهن دڪاندار کي چئبو ته ڪمپني ساڳي ۽ ورائٽيون ڏهه! ته ڏاڍو اعتماد سان وراڻيندو ته هر شيءَ جو ملهه پنهنجو آهي ۽ حيثيت آڌار هر ماڻهو خريد ڪندو، ڪيڏي نه ستم ظريفي چئبي جو طبقاتي سماج جون جڙون ايڏيون مظبوط آهن، جو اميرن ۽ غريبن جي وچ ۾ لڪير واضع ڇڪيل آهي، امير جو پٽ مهانگي ۽ ...... لاءِ ٺهيل اسڪول ۾ پڙهي ٿو، ۽ پوءِ هو پبلڪ اسڪول ۽ اعليٰ يونيورسٽين ۾ پڙهائي پوري ڪري مراعت يافته طريقي سان سندون حاصل ڪري ٿو، هو غريب ٻار جي پيٽ ۾ تاريخ جا وڏا ڪوڙ ۽ زٽ پڙهي موقعا حصل ڪري ٿو ۽ پاڻ کي اعليٰ انسان سمجھي عام ماڻهوءَ کي جيتامڙو سمجهي ويهي ٿو.
    عام ماڻهو ان جي ڀيٽ ۾ سڄي حياتي ظلمت جا بار پنهنجي ڪُلهن تي کڻي ريڙهيون پائيندڙ جاندار وانگر چرندو پُرندو رهي ٿو ۽ ساڳيو فرق انهن جي صحبت ۾ پڻ آهي، وڌيڪ مراعت يافته هئڻ ڪري امير ماڻهو مهانگين اسپتالن مان علاج ڪرائي جلد صحتياب ٿي وڃي ٿو، عام ماڻهو غير معياري دوائن ۾ تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏي ٿو، ايئن مهانگا لباس، عاليشان گھر ۽ قيمتي گاڏيون خريد ڪرڻ ان امير طبقي لاءِ ڪا وڏي ڳالهه ناهي، پر ان جي ڀيٽ ۾ غريب ماڻهو بنا ڇت واري گھر ۾ رهي ٿو، ۽ تن تي سادو لباس اوڍي پيادل سفر ڪري زندگيءَ مان گھڻي ڀاڱي مايوس نظر اچي پيو، پر ان مايوسيءَ مان نڪرڻ ۽ عام ماڻهوءَ جو هڪ ٻئي سان جڙڻ مان ئي انهن طبقن مان جند ڇڏائي سگھجي ٿي، هي شيون جيڪي هر هنڌ غير معياري نظر اچن پيون اهو سڀ غير معياري سياست سبب آهي، امير ۽ غريب جي وچ ۾ پهاڙ جيڏي وڇوٽي محض ان ڪري ڊگھي ٿيندي پئي وڃي، جو عام ماڻهن ۾ سهپ تمام گھڻي آهي ۽ اها سهپ نج نفسياتي مسئلو آهي، ته مراعت يافته طبقو طاقتور آهي ۽ هو هيڻا آهيو، انهن جو مقابلو نه ٿا ڪري سگھن، بس ! خاموش رهڻ ئي زندگي بچائڻ جو واحد حل آهي، عام ماڻهو هڪ پل لاءِ به نه ٿو سوچي ته انهن قوتن جون طاقتون هنن جي منتشر هئڻ ڪري آهن، جيڪڏهن اسان جو رويو شين ڏانهن ذميوارانو هوندو، ته نتيجا به ملندا ۽ ماٺ ۾ ئي برداشت ڪنداسين ته اڃان الائي ڪيترا حادثا جنم وٺندا، جيڪي انسانيت کي لڄائيندا رهندا ۽ ڪرپٽ سياستن کي مضبوط بنياد فراهم ڪندا رهندا، جيڪڏهن اڄ اسان جي سياست فضيلت ڀري هجي ها ته شايد شڪارپور ۾ سال اڳ ايڏو وڏو سانحو نه ٿئي ها، ۽ نه وري سياست جي لبادي ۾ لڪيل پ پ پ ڪائونسلر انسانيت دشمن ڪُڌي ڌنڌي ۾ ملوث ٿي هزارين لاچارن جي بيوسي کي ڪيش جي صورت ۾ ڪمائي ها ۽ نه وري ڪُڌي ڌنڌي جي ڪا سياسي پُٺ ڀرائي ٿئي ها.
    سڄي سنڌ ۾ انساني موت جو ڪاروبار ڪندڙ هزارين شهباز آرائين آهن، جيڪي انساني حياتين کي ڳڙڪائي رهيا آهن، مسيحائن جي روپ ۾ ڊاڪٽر دوائن تي ڪميشن وٺي ٻاهرين ملڪن جا ٽوئر، عمري جي سعادت ۽ گھرن جي سجاوٽ جي عيوض انسان دشمن ڪاروبار ڪرڻ ۾ سڌي ريت ملوث آهن، پر انهن مان انسانيت غائب آهي ۽ مريض انهن جي لالچ جي ڌنڌ ۾ تيزيءَ سان موت جي ان کوهه ۾ ڪري حياتيءَ تان هٿ کڻي رهيا آهن، انساني فطرت ۾ موجود ذاتي ظلم پڻو قانون جي ڪمزور حڪمرانيءَ ڪري مختلف شڪلين ۾ نروار ٿي ڪارو ڌن ڪٺو ڪرڻ ۾ رڌل آهي ۽ بي ايمانيءَ جي بنياد تي قائم سياسي معيشيت مراعت يافته طبقي کي مالامال ڪري رهي آهي، اهڙي ڌوڪي بازيءَ تي قائم سياسي سرشتي کي ختم ڪرڻ لاءِ عام ماڻهن کي پنهنجي سياسي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو، ۽ پنهنجي بنيادي حق شخصي آزاديءَ کي هڪ ئي صورت ۾ حاصل ڪندو ۽ اها آزادي جدوجهد جي صورت ۾ حاصل ٿيندي ۽ اها جدوجهد پنهنجي ايندڙ نسل کي بيمار ۽ لاچار مرڻ کان نجات ڏياري سگھندي.


      ڇا شڪارپور مان امن جو پکي اڏامي ويو آ؟

    ويندي ويندي شڪارپور ۾ ٻه ڀيرا رهندڙ ايس.ايس.پي هڪ اهڙو سچ چئي ويو جيڪو هونءَ ته عام فهم رکندڙ ماڻهو به سمجهي ٿو ۽ پنهنجي ذاتي ڪچهرين ۾ بي ڌڙڪ اظهار به ڪري ٿو پر جڏهن اهو سچ هڪ ذميوار آفيسر اظهاري ٿو ته ان مٿان تصديق جي مُهُرَ لڳي وڃي ٿي ته شڪارپور ۾ جيڪڏهن لاقانونيت کي ختم ڪرڻو آهي ۽ امن کي قائم رکڻو آهي ته پنجن بنگلن جي مداخلت ختم ڪرايو!!. اهي پرده نشين ڪير آهن جيڪي امن جي جهنڊي کي ساڙي ۽ امن جي ڪبوتر کي ڪهي کائي ڇڏيو آهي؟ اهي ڪي ٻاهريون قوتون ناهن جيڪي اسان جي امن جي سرسبز کيتي کي بيابان ۾ تبديل پيون ڪن! هي ڪو وڏو فلسفو ناهي جنهن کي عام فهم رکندڙ ذهن سمجهي نه سگهن!؟ يا وري ڪو سوشيالاجي ۾ ماهر ماڻهو هجي جيڪو هن سماجي ڏوهن تي تحقيق ڪري اسان کي سمجهائيندو ته ڏوهه ڇو پيا ٿين ۽ ڪهڙيون محرڪ قوتون آهن جيڪي پس پردي شهر جي بربادي لاءِ ڪم ڪن ٿيون؟ هيءَ هڪ انتهائي سادي ڳالهه آهي ته شهر ۾ وڌندڙ لاقانونيت جو ذميوار ڪير آهي؟ ۽ هي قبيلائي جهيڙا ڪير پيو ڪرائي؟ ٿاڻن تي صوبيدار جي مقرري کان ضلعي تي ايس.ايس.پي ڪنهن جي چوڻ تي مقرر ٿيندا آهن ۽ ڪنهن جي ناراضگي تي بدلي ٿيندا آهن!؟. هر عام آفيسر جي واتان ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ته ڀوتارن جي بنگلن جي مداخلت ختم ڪرايو امن ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي!! اڄ شڪارپور ڏوهارين جي آماجگاهه بڻجي وئي آهي. هڪ رات ۾ ڏهه کان وڌيڪ وارداتون ٿي وڃن ٿيون ۽ ضلعي جا روڊ رات شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ بند ٿي وڃن ٿا ڏوهاري ٽولا بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي شهر م گهمندا وتن ٿا انتظامي سطح تي ڪابه مزاحمت نظر نه ٿي اچي. شڪارپور شهر جو ماڻهو برداشت ڪيو يا شهر ڇڏي وڃو جي پاليسي هيٺ زندگي گهاري ٿو. ايس.ايس.پي جي بنگلن جي مداخلت جي حوالي سان ڪيل ڳالهه جو ٿورو جائزو وٺون ته ان ۾ ڪيتري حقيقت آهي!؟ ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي شڪارپور شهر مان هڪ هندو کي اغوا ڪيو ويو هو جنهن جي بازيابي جا پندرهن لک پنچائت ڪيئن ڀريا اهي حساب ئي اڃا نه ڪيائون ته وري هڪ ٻي هندو نوجوان کي وچ شهر مان اغوا ڪيو ويو آهي ان جي بازيابي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندي اهو انتظامي ڦڙتيءَ مان ئي محسوس ڪري سگهجي ٿو. باقي ڪنهن بنگلي جي خاص مهرباني ۽ پنچائت! ترت بازيابي جو سبب ضرور بڻجي سگهي ٿي!!. اغوا ته اٺ مهينا اڳ لکي غلام شاهه ڪاليج جو هندو پرنسپال به ٿيو هو جنهن کي هڪ ڀوتار ٻي ڀوتار جي سياسي ساک خراب ڪرڻ لاءِ اغوا ڪرايو هو تڏهوڪي ايس.ايس.پي کي جڏهن حقيقت معلوم ٿي ته پنهنجي ڪرسي بچائڻ کي عزت سمجهي خاموش رهيو.... خاموش ته ڪراچي مان اغوا ٿيل غير سنڌي سيٺ به آهي جنهن جي بازيابي جي ڊيل ٻن صوبيدارن جي معرفت هڪ ڪروڙ وٺي ڀوتار ڪرائي هئي ۽ اهي صوبيدار بعد ۾ ڊسمس ان ۾ ٿيا ته ڊيل جي چوٿائي پتي بالا عملدار کي ڇونه ملي؟ خاموش اهي لهڙي نه رهيا جن پنهنجي سلطان ڪوٽ ڀرسان اغوا ٿيل ماڻهوءَ کي موٽرائڻ لاءِ ڪيمپ قائم ڪري ويهي رهيا ۽ ڀوتار ڏي نياپو چوائي موڪليو ته اگر اسان جو ماڻهو نه موٽيو ته پوءِ ڀوتار ڪوئٽيا جي بنگلي تان هٿ به کڻي ۽ اڳتي حساب به ٿيندو....رُنو ته اهو باغائي به آفيسرن آڏو تمام گهڻو هو جنهن جي ابي ڏاڏي جي باغ تي قبضو ٿيو هو وري به ان صورت ۾ جند ڇٽس ته باغ جو صدقو ڪڍڻو پيس ۽ اهو قبضي خور گذريل اليڪشن ۾ شهر جي گڙٻڙ وارين پولنگن تي ڀوتار سان پنهنجي همراهن ۽ هٿيارن سان گڏ هو....جڏهن ڀوتار کي پاڙي جي ووٽرن دانهن ڏني ته اسان جي ملڪيتن تي قبضا پيا ٿين ته ان نيم ڀوتار اهو چئي ماڻهن کي خاموش ڪرايو ته اهي اسان کان ڏاڍا مڙس آهن انهن سان ڪجهه ساز باز ڪيو ۽ پنهنجي جند آجي ڪرايو . چيچلائن ته شڪارپور جا اهي واپاري به ٿا جيڪي ڪمائي جو خاصو حصو ڀوتارن جي پاليل ڏوهارين کي ڏين ٿا. عيد جي موقعن تي مٺائي جي ڊٻن ۾ بنگلن تي مٺائيءَ جا خاص ڊٻا ڪيئن پهچن ٿا....اها ڳالهه شهر واسين کان لڪل ڪونهي. خوف جي فضا شڪارپور جي ماڻهن کي بنگلن ڏانهن ڌڪي رهي آهي شهر جو ماڻهو عدم تحفظ جي احساس هيٺ بنگلن کي پنهنجي لاءِ نجات جو رستو سمجهي ٿو. پٽيوالي جي ڀرتي کان بدلي جا اختيار ڪنهن کي آهن؟ گهر جي گهٽي ۽ ڪراس ٽي.ايم.اي نه پر ڀوتار جي بنگلي جي ليٽر پيڊ جا محتاج آهن. شڪارپور ضلعي جي وڏي گادي سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ٽي.ايم.اي ڀرتي جي نالي پيسا وٺي جيڪي ماڻهو مقرر ڪيا اهي ته رليا ئي پر ڪيئن هو هر مهيني شهر جي ترقي کي پيسن مان ٽيهه لک ڀوتار جي بنگلي تي موڪليندو هو ۽ ايترا پاڻ به ڪمائيندو هو. ڀلا شڪارپور شاهي باغ ۾ ڀرتي ٿيل 160 ماڻهو ڪيڏو نه مزي ۾ هوندا جو پگهار جي چوٿائي ٽي.ايم.او جي اڪائونٽ ۾ باقي گهر ويٺي بيروزگار الائونس سمجهي کڻن ٿا. ٻيڙو ته شهر جو نساسڪ به ٻوڙيو آهي شهر جي گند پيٽين کان وڌيڪ گند شهر جي چونڪن ۽ ڳلين ۾ پيو آهي ڪيئن لکين روپين ۾ آيل مشينري رڳو ان لاءِ خراب ڪئي وڃي ٿي ته ان جي مرمت لاءِ آيل رقم ڪيئن کائجي؟ ۽ شهر جو شايد ڪو پاڙو گندي پاڻي کان بچيل هجي ڇو ته تيل مشينن ۾ وڃڻ بجاءِ کيسن ۾ ويندو ته رستن تي پاڻي نه بيهندو ته ٻيو ڇا هوندو ؟ شهر جي گٽرن جا ڍڪڻ اجگر نانگ وانگر وات ڦاڙيون پيا آهن ۽ انهن اجگر نانگن ڪيترون معصون جانيون ڳهي ورتيون آهن پر ڪوئي انهن کي بند ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. شڪارپور شهر جو ماڻهو پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ حسب روايت بنگلن ڏي واجهائي پيو امن کان ويندي ترقي تائين سياسي ڌاڙيلن کي مدد لاءِ سڏي پيو ان ماليخوليا مان هن شهر جو ماڻهو ڪڏهن نڪرندو ۽ پنهنجي مسئلن کي پنهنجي مدد پاڻ تحت حل ڪرڻ جي سوچ هيٺ ڪم ڪندو. شهر جو ماڻهو ڪيستائين خوف جي چادر اوڙهي سمهي پوندو مسئلن جي حل جي چاٻي سنڌ سجاڳي ۽ جدوجهد جي ذهن ۾ موجود آهي. هي شهر ڪيترو ڏوهارين جي ڏهڪاءَ هيٺ رهندو ۽ ڪيتري بنگلن جي غلامي برداشت ڪندو؟ امن خيرات ۾ نه ملندو ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀرپور قسم جي شهر جي ماڻهن کي جنگ وڙهڻي پوندي. ماڻهن جون اغوائون، ڦرون، چوريون، سينا زوريون، روڊن جي گندو پاڻي ۽ گهٽين ۾ گندگي هن شهر جي ماڻهن جو مقدر ناهي؟ دهشت جي پاڇي هيٺ شهر ڪهڙي ترقي ڪندو؟ پوليس جي ڀڳل گاڏي پاڻ سان گڏ چار گولين وارو هٿيار کڻي هلندڙ پوليس وارو پنهنجو ئي تحفظ نه ٿو ڪري سگهي اهو عوا م کي ڪهڙي سلامتي ڏيندو؟ اخلاقي بيماري ۾ مبتلا ۽ بنگلن جي نياپن تي مقرر ٿيل آفيسر علائقي ۾ ڪيترو امن ڪرائيندو ۽ ڏوهارين خلاف ڪهڙو رڻ ٻاريندو؟ اهو ايئن آهي جيئن ڪنهن انڌي جي هٿ ۾ لٺ ڏئي کيس چئجي ته هاڻي پنهنجي به حفاظت ۽ اسان جو به محافظ ٿي!!. دهشت جو وهندڙ واهه سرسبز آباد فصلن کي ٻوڙي ناس ڪري رهيو آهي لاقانونيت کي ختم ڪرڻ ۾ ئي هن شهرين جي وجود جو بچاءُ آهي . بنگلن جي هٿ ۾ ڏنل شهر جي مسئلن جو رموٽ ڪنٽرول اڃا ڪيترن ئي بيمارين کي جنم ڏيندو. اڄ شڪارپور جا 12 ماڻهو اغوا ٿيل آهن سڀاڻي انهن جو انگ ٽيڻو به ٿي سگهي ٿو؟ ڊٿل گاڏي، سفارشي صوبيدار ۽ نااهل عملو شهر کي ڪهڙو امن ڏئي سگهي ٿو؟ ڪنهن ڀوتار مان امن جي آس لڳائي رکڻ اٻوجهائپ کان سواءِ ڪجهه ناهي. هن شهر کي بچائڻو آهي ته شهر واسي دل ۾ دکندڙ درد کي جدوجهد جي شڪل ڏين ۽ امن کي ڪٺل پکي کي ٻيهر جيئارڻو پوندو نه ته هي شهر تباهي جي نئين تاريخ رقم ڪندو. باقي ايس.ايس.پي جيڪو ڪڙو سچ چئي ويو اهو ڀلي پنهنجي بدلي جو بنگلن کان انتقام جو اظهار هجي پر هن شهر جي اندر ٿيندڙ ڏوهن جا پيرا ڪنهن نه ڪنهن حوالي بنگلن تي ئي کٽن ٿا.


    هي منهنجو شهر آ- يا دشمن جو شهر آ...!!

    جنگي حالتن جهڙو دکدائک منظر رکندڙ هي شهر حسن درس جي شعر جو چٽو عڪس آهي ته هي منهنجو شهر آ- يا دشمن جو شهر آ...!! هاڻي ته پيادل گهمڻ لاءِ به هن شهر جا رستا ناهن بچيا، رڳو هر پاسي گندو پاڻي ئي پاڻي آهي. ڪوبه ناهي، جيڪو هن ويران شهر جي وارثي ڪري...!! پنهنجي وجود ۾ ته هي شهر ڪيئي تعارف رکي ٿو، پر بدقسمتي سان انهن ئي هن شهر کي قبرستان ڪري ڇڏيو آهي، جتي زندهه انسانن جي شڪل ۾ مرده بڻيل ماڻهو گهمن پيا، جن جا ضمير زنگجي ويا آهن ۽ احساسن کان خالي انسان بوتي مثل جيئن پيا، جن کي پنهنجي حال تي رحم نٿو اچي، انهن تي ترس کائڻ به اخلاقي گناهه بڻجي وڃي ٿو، انهن ماڻهن تي ڇا ڳالهائجي، جن جي گهٽين ۽ گهرن ٻاهران گندگي جا ڍير لڳا پيا آهن، ۽ هو بنا بدبوءِ اچڻ جي اتان گهمن پيا، پر هڪ لمحي لاءِ به ڪراهت محسوس نه پيا ڪن ۽ اها گندگي مهينن تائين گهٽين ۾ پيل هوندي آهي، پر اسان جا ماڻهو ڄڻ ڪاٺ جا ٺهيل بت آهن، جيڪي ندامت نالي ڪا شيءِ محسوس ئي ناهن ڪندا. هو هڪ لمحي لاءِ به نٿا سوچين ته هي سڀ ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي؟ هي رستن تي موجود غلاظتون ۽ گندو پاڻي آخر ڪيستائين اسان جو نصيب بڻيل رهندو؟؟ هي نصيب آهي يا گندي سياست جي غليظ حڪمرانيءَ جي خراب ترين شڪل آهي؟؟ جنهن هن شهر جي شاندار ماضيءَ کي حال جي گندي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ يقين سان چئجي ٿو ته معاشرن کي سٺي حڪمرانيءَ جي صورت ۾ خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو. نصيب جو انساني معاشرتي ترقيءَ سان پري جو به تعلق ناهي، جتي جهنگ جو قانون هلندو هجي، اتي معاشري جي ترقي ۽ مهذب پڻو سواءِ خام خياليءَ جي ٻيو ڪجهه ناهي هوندو.
    شڪارپور جي سياست جو زوال به پوري سنڌ جي سياسي زوال جيترو پراڻو آهي، پر ٿورڙو فرق اهو آهي ته سنڌ جي ٻين شهري معاشرن جي ڀيٽ ۾ هي شهر پنهنجي مهذب معاشري جي سڃاڻپ برقرار رکي نه سگهيو. هن شهر سان پنهنجي اولاد ئي رستو ڪٽي منهن موڙي ڇڏيو، ۽ هن کي اهڙن ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏيو، جيڪي پنهنجي مزاج ۾ مهذب گهٽ، غير مهذب وڌيڪ هئا، جيڪي هن شهر ۾ قبضي جي نيت سان آيا ۽ پوري شهر جي گهٽين ۽ بازارن تي قبضا ڪري انهن کي سوڙهو ڪري انهن جي سونهن ۽ سندرتا کي ڌڪ رسائي پنهنجي شخصي مفادن کي اوليت ڏني ۽ ان ۾ خاص طور تي هتان جي مقامي سياست هن شهر کي اجاڙڻ ۾ اول نمبر تي رهي آهي. هتان جي سياست جا مزاج به پوري سنڌ جي ڀوتارڪي سياست جهڙا ئي آهن ته قبضا ۽ ڪرپشن ڪري پوري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن کي ڏينڀوئن جي ماناري وانگر سوراخ ڪري ڇڏيا آهن ۽ سنڌ جون ٻهراڙيون توڙي شهر لاتعداد سماجي مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. شڪارپور شهر جي سياست تي هميشه حڪومتي پارٽيءَ جو قبضو رهيو آهي، جيڪا هن شهر کي پوريءَ سنڌ وانگر ڪالوني طور هلائي رهي آهي، جنهن جي حڪمرانيءَ جو انداز سنڌ اندر انتهائي فرسوده نموني جو آهي، جنهن سنڌ جي ماڻهن کي حقير بڻائي سندن راءِ يا بهتر خواهشن جا ڳلا گهٽي ڇڏيا آهن.
    شڪارپور شهر، جيڪو هڪڙي دور ۾ پتاشي جهڙو اڇو ۽ مٺو هو، ان شهر جي حالت هاڻي ٽائرن جي ڪاري دونهين جهڙي بڻيل آهي، جنهن ۾ ماڻهن جون خواهشون ۽ شهر جي ترقي سڙي ڳري ڌپ ڪري وئي آهي ۽ هتان جو ماڻهو اهڙي ماحول ۾ ٻوساٽجي ته پيو پر پنهنجي شهر جي مالڪي لاءِ هڪ وک به اڳتي اچڻ لاءِ تيار ناهي ته پوءِ هن شهر جي حالت ڪيئن سڌرندي ۽ ڪير سڌاريندو؟؟ جيڪڏهن هن شهر جو ماڻهو شهر جي حالت سڌارڻ لاءِ ڪنهن معجزي جو منتظر آهي ته پوءِ هو بس بيوسيءَ جا ڳوڙها ڳاڙيندو رهي، ڇو ته ڳوڙها ڳاڙيندڙن جي تاريخ ۾ رڳو شڪست ئي لکيل آهي ۽ جيت انهن جي رهي آهي، جن حالتن سان ٽڪر کائي تدبيرن سان تقديرن جا فيصلا ڪيا آهن. اڄ هن شهر جي هر ماڻهوءَ جي چپن تي هڪ ئي سوال آهي ته هن شهر جو هاڻي ڇا ٿيندو؟ پر ڪنهن وٽ به اها سوچ ناهي ته اچو ته! هن شهر جي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪريون ۽ ڪنهن ذميواري کڻڻ لاءِ اڳتي اچي برباد شهر کي آباد ڪريون...!! اڪثر اسان وٽ اها سوچ حاوي رهي آهي ته ڪو ٻيو اچي اسان جا ڪم ڪري ۽ اسان کي هن گندگي مان ڪڍي اجرو ڪري...!! پر هن شهر جو ماڻهو اهو وساري ويٺو آهي ته ڪابه بهتري سندن ساٿ کانسواءِ ممڪن ناهي. اڄ هو جنهن گندگيءَ ۽ ابتريءَ جو شڪار آهن، انهن جا ذميوار به هو پاڻ آهن، جيڪڏهن هن شهر جي ٽي لک آبادي مان پوائنٽ هاف پرسنٽ ماڻهو به چاهين ته هي شهر مثالي ترقي ڪري سگهي ٿو. هتي چاهڻ مان مراد صرف سوچڻ ۽ ڳڻتي ڪرڻ هرگز ناهي، انهن کي شهر جي موجوده برباديءَ جي بنيادن تي هڪ ٿي بنا ڪنهن سياسي فرق ۽ ٻين نفرتن جي ڪٺو ٿي نج شهر جي وارثيءَ جي بنياد تي هڪ مضبوط جدوجهد هلائڻي پوندي ۽ جدوجهد جا نتيجا ئي هن شهر جي مثالي ترقيءَ جا بنياد وجهندا.
    هتي وري سوال اهو به عام ماڻهوءَ جي ذهنن ۾ ڦرندو هوندو ته هيترين سارين سياسي ۽ شهري تنظيمن باوجود به آخر هن شهر جي حالت ڇو نه پئي سڌري؟ ۽ ان مان ثابت ٿي وڃي ٿو ته اهي اهو سموريون جماعتون پنهنجي ذميوارين کان پري بيٺل آهن ۽ پنهنجو گهربل ڪردار ادا نه ڪرڻ سبب نتيجا نه ڏئي سگهيون آهن. اڃا ويتر هي شهر بدحاليءَ جي نئين تاريخ رقم پيو ڪري ۽ مشڪلاتون اڳي کان وڌيڪ ڀاري ٿينديون پيون وڃن. اهڙا اتحاد جيڪي شهر جي نالي تي جڙن پيا، انهن ۾ موجود ماڻهو پنهنجي ذاتي محرومين تي سوچڻ کان علاوه ٻيو ڪجهه به نٿا ڪري سگهن ۽ انهن ۾ صرف شهر جي نالي تي کوکليون دعوائون، سکڻي ڪنيءَ وانگر اڀامنديون پيون، باقي شهر انهن جي عملي ايجنڊا ۾ ناهي هوندو. هڪ اهڙو شهر، جنهن جي ميونسپل جي پنهنجي سالياني ڪمائي 8 ڪروڙ رپيا هجي، جيڪا شهر اندر ٽيڪسن جي صورت ۾ ڪمائيندي آهي- اها ميونسپل پگهارن ۽ پينشن کان علاوه سال ۾ 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ بچائيندي هجي، ان ميونسپل پنجن ورهين جي عرصي ۾ شهر تي ٽڪو به خرچ نه ڪيو هجي ۽ ٻيو ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جا فنڊ به ڪچن ڪانٽريڪٽرن حوالي ٿيل هجن، اتي ان شهر جي ڇا حالت هوندي ۽ ترقي يقينن لاچاري ۽ بيوسيءَ جي تابوتن ۾ پيل هوندي، ڇو ته جيڪڏهن سال ۾ هن شهر تي رڳو 30 کان 40 ڪروڙ معياري ترقيءَ تي خرچ ٿين ته هي شهر ڪجهه ورهين ۾ بهتر پوزيشن ۾ اچي سگهي ٿو، پر هتان جي ماڻهن جي ذاتي غرضن ۽ لاتعلقي واري روش ڪرپٽ سياست کي هٿي ڏني آهي، جنهن سان اهڙين خرابين گهر ڪري ڇڏيو آهي جو تبديل ٿيڻ ڏاڍو مشڪل عمل بڻجي ويو آهي. اڪثر جماعتون يا اتحاد جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ پروگرام يا سرگرمي ڪنديون آهن ته انهن جي مک مهمانن جي لسٽ ۾ اهي ئي ڪرپٽ سياستدان ۽ ڪامورا ئي هوندا آهن، جيڪي هن تباهيءَ جا هر حوالي سان ذميوار آهن ته پوءِ هن شهر جي حالت ڪيئن سڌرندي؟؟ اڪثر فورمن تي ميونسپل جا مامرا هلائيندڙ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ نساسڪ خلاف ڌاڙ گهوڙا هلندي آهي ته هن سموري خرابيءَ جي ذميوار اڪيلي سر نساسڪ آهي ۽ حڪومت ۾ ويٺل سياستدان ويچارا آهن، انهن جي ڪابه نٿي ٻڌي وڃي ته پوءِ اهڙن سياستدانن کي عوامي مئنڊيٽ رکڻ جو ڪوبه حق نٿو پڄي ۽ هو عوام سان ڪيل خدمتن جي واعدن جي تلافي ۾ معافي وٺي اخلاقي بنيادن تي استعيفائون ڏين، باقي نساسڪ ڪو سرڪش گهوڙو ناهي، جنهن جي لغام حڪومت به ڇڪي نٿي سگهي.
    جيڪڏهن پاڻ سنڌ جي انهن شهرن ڏانهن نظر ڦيرايون، جتي نساسڪ ڪم نه پئي ڪري ۽ ميونسپل شهري معاملا هلائي پئي ته اتي به ته ڀينگ ٿيل آهي. شهرن جي حالت ساڳي آهي، جيڪا هن شهر جي حالت آهي، ان مان اهو صاف ظاهر آهي ته هن سموري برباديءَ جي ذميوار ”بهترين حڪمراني“ آهي، جنهن جي ڪرپشن ۽ اختيارن جي حوس شهرن جون صورتون بگاڙي ڇڏيون آهن، جيستائين هن شهر جو ماڻهو سنجيدگيءَ سان ان سياست جي رستا روڪ نه ڪندو، جنهن هن شهر جي ماڻهن جي خوابن کي نالن جي گندي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي لوڙهي ڇڏيو آهي، تيستائين هن شهر جا مسئلا به گندي پاڻيءَ ۾ غوطا پيا کائيندا. هن شهر جي نڙيءَ تي چند بنگلن جي لت ڏنل آهي، جتي اليڪشني موسم ۾ ماڻهن جي ”خريد و فروخت“ جي منڊي لڳل هوندي آهي، جنهن ۾ ڪوڙا آسرا ۽ ڏٽا ڏئي ۽ ڪجهه نوٽن تي ووٽ ورتا ويندا آهن ۽ اسان جو اڪثر لالچي طبقو پنهنجي ضميرن جا سودا ڪري اٻوجهه ماڻهن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي انهن کان ڀوتارن کي ووٽ وٺي ڏيندو آهي ۽ بعد ۾ اهو طبقو ڀوتارن کان نوڪريون ۽ ٻيون مراعتون وٺي پنهنجي قسمت چمڪايو ويٺو آهي ۽ هن شهر جي ماڻهوءَ جي حالت هارايل جواري واري آهي، جيڪو ”جهانسي واري سياست“ ۾ هر ڀيري هار ئي پنهنجي نصيب ۾ لکيو ويٺو آهي، جيستائين هن شهر جو ماڻهو پنهنجي قسمت جي پتن کي ساڙي موجوده سياست خلاف سندرو ٻڌي نه بيهندو، تيستائين هي مجرمن واري سزا پيو ڀوڳيندو.
    هيءَ دنيا جي اها انوکي جمهوريت آهي، جيڪا ايمانداريءَ کان انتقام وٺندي آهي ۽ بي ايمانيءَ کي سر تي چاڙهيو ويٺي آهي، جنهن هن شهر جي قسمت ۾ کنڊر، کڏا کٻا ۽ گٽرن جو گندو پاڻي ئي لکي ڇڏيو، جنهن ۾ هن شهر جي سونهري تاريخ جي پنن جا حرف مٽجي مسخ ٿي رهيا آهن ۽ تاريخ ۾ اهو لکيو ويندو ته هڪ روشن شهر جي عظمت گٽرن جي گندي پاڻيءَ ۾ ميسارجي وئي ۽ ان شهر جا ماڻهو ڪجهه شوق ۽ ڪجهه بيوسيءَ سان اهو لقاءُ ڏسندا رهيا، هن ڍونگي سياست جا عذاب شهر ڀوڳي برباد ٿي ويو آهي. هي سياستدان ڪوڙي سياست جي ڪرت ۾پورا آهن، هنن جا رسمي طور هتي گهر موجود آهن، اهي اليڪشني ڏينهن ۾ 24 ڪلاڪ روشن رهندا ۽ اليڪشن گذرڻ کانپوءِ اهي ڀوت بنگلن ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، انهن جو اولاد هن شهر جي ٽٽل رستن ۽ بيمار ڳلين مان ناهي گهمندو، انهن ڳلين ۾ ته اسان جي اولاد جو مقدر پيرين اگهاڙي ٺوڪرون کائيندو آهي. هي ته اليڪشن کي به تاش جي پتن وانگر کيڏڻ جا عادي آهن، جنهن ۾ عوام غلام ۽ هي بادشاهه بڻجي ان کي ڪٽيندا رهن ٿا ۽ اسان جي خاموشي ۾ ئي هنن جي سياست جي حياتي شامل آهي. ياد رکو! جيڪڏهن هنن جي سياست اڃا وڌيڪ عرصو قائم رهي ته برباد ٿيل شهر جا بچيل ماڻهو به خيرات وٺڻ تي مجبور ٿي ويندا. تاريخ جي نراڙ تي جهومر بڻيل هي شهر بيرحم سياست جي بدصورت بيوهه جهڙو بڻجي ويو آهي.


    هڪ شهر جي تصوير: پوري سنڌ جي ترجماني

    مڪاني نظام، جنهن لاءِ چيو ويندو آهي ته عوام کي هيٺين سطح تائين اختيار منتقل ڪري وڌ ۾ وڌ سهولتون مهيا ڪجن. اختيارن جي ان سطح تائين منتقلي عوام کي اقتدار ۾ ڀائيواري ڏئي جمهوريت کي گراس روٽ ليول تائين پهچائڻ جمهوريت جي بنيادي تقاضائن مطابق آهي- جنهن سان ميونسپل سطح جا مامرا شهري آسانيءَ سان حل ڪرائي سگهن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ يونين ڪائونسلن معرفت انهن بي سهارا ماڻهن جي داد رسائي ٿئي، جيڪي فوتي سرٽيفڪيٽ لاءِ مهينن جا مهينا آفيسن جا چڪر ڪاٽيندا هئا ۽ ميريج سرٽيفڪيٽ وري ٻار جي پيدائش کانپوءِ ملندو هو! ان جو سبب صاحب موصوفن جون مصروفيتون ۽ گهڻي ڀاڱي اهڙن سرٽيفڪيٽن کي هو غير ضروري سمجهندا هئا ۽ ان سان گڏ ڪلارڪن جا دڙڪا ۽ خرچيون علاوه هوندا هئا! مڪاني نظام جي ملڪ اندر اڌ صديءَ کان مٿي هڪڙي تاريخ آهي- اڪثر ان جي ضرورت آمرن کي وڌيڪ رهي آهي، جيڪي وقت بوقت جمهوريت جي تڏا ويڙهه ڪري بنيادي جمهوريت جي نالي تي ”اقتدار جي منتقلي عام ماڻهوءَ تائين“ جي نعري هيٺ پابنديءَ سان چونڊون ڪرائي بنيادي جمهوريتن جي نالي تي پنهنجي اقتدار جا ڏهاڪو سال آسانيءَ سان هر هڪ آمر ڪڍي ويو! جمهوري حڪومتن وري ان جي ابتڙ مڪاني نظام کي اڃا تائين دل سان ناهي قبوليو- ان جي کوڙ سارن سببن مان هڪ بنيادي سبب پنهنجي حصي جي اقتدار کي ڪنهن ٻئي جو شريڪ ٿيڻ هن اقتدار جي هٻڇي ڀوتارڪي جمهوريت کي ڪنهن به ريت قبول ناهي.
    هن ملڪ اندر هڪڙي آمريت وردي جي صورت ۾ هتي رهي آهي ۽ ٻي آمريت ڀوتارڪي سوچ جي صورت ۾ موجود آهي- عوام جا انهن ٻنهي قوتن مرغي مثل کنڀ پٽي خسرو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي اهو عوام پنهنجا کنڀ پٽرائي انهن جي داڻي پاڻيءَ تي سندن قدمن ۾ ڪريل آهي! هو پنهنجي پيرن تي موجوده سياسي نظام اندر ڪڏهن به بيهي نه سگهندو، ڇو ته هي نظام محڪومي ۽ اطاعت جي بدترين شڪل بڻيل آهي. بنيادي جمهوريت، جنهن مان عام ماڻهوءَ جي خوشبو نظر اچي، پر هي نظام به ڀوتارن جي باقيات، ان جي اولادن ۽ بنگلن جي خاص واٺن جي ور چڙهي چيچلائي پيو! مڪاني نظام جي فائدن مان سنڌ جي ماڻهوءَ ڪيترو لاڀ حاصل ڪيو آهي، اهو ته هن سوشل ميڊيا يا وري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معرفت سمجهڻ آسان بڻيل آهي. پاڻ پوري سنڌ مان ماڊل طور شڪارپور کي جيڪڏهن جاچينداسون ته ان جي تصوير ويهن اوڻيهن جي فرق سان پوري سنڌ اندر لڳ ڀڳ هڪڙي ئي هوندي. شڪارپور جي شاهوڪار ميونسپل ۾ وڏيرن جي نوٽن ۽ سوٽن ذريعي چونڊجي آيل ڪائونسل هڪ سال پوري ٿيڻ تي هڪ تعارفي طعام تي ڌوم ڌام سان اجلاس ڪوٺايو ويو ۽ ٻه ٻيا اجلاس ڌڪن داٻن، الرن ۽ گار گند سان پڄاڻيءَ تي پهتا! ميونسپل ڪائونسل سياسي سينا زوريءَ جو مرڪز هئڻ ڪري هڪ مهينو تالابنديءَ جو رڪارڊ قائم ڪري چڪي آهي ۽ سندس رڪارڊ ۾ ميونسپل چيئرمين سني سنجراڻي ۽ سندس اسٽاف پوليس جي گرفتاريءَ کان ذري گهٽ بچي ويو ۽ پنهنجي گرفتاريءَ کان اڳ ضمانت ڪرائي بقايه عاقبت بچائي ورتي آهي! هن مٿان ايڏا ته سنگين انتها پسندن سان لنڪ جي حوالي سان الزام لڳا جو ٻڌندڙن جا جسم ڏڪي ويا ۽ موصوف پنهنجي مٿان الزام لڳائيندڙن سميت هڪ دفعو وڏي سرڪار آڏو پيش ٿي پنهنجي صفائي ڏئي آيو ۽ ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته الزام لڳائيندڙن مٿان هو هڪ ڪروڙ جو حرجاڻو وڪيل معرفت موڪلڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي. مذهبي مسلڪ طور هڪ ماڻهوءَ کي صوابديد آهي ته هو ڪنهن سان جڙيل رهڻ چاهي ٿو ۽ هو ڪيترو پرامن ۽ ايماندار آهي، پر هڪڙي تڪليف هن شهر جي ماڻهن کي ڏاڍي آهي ته جنهن ڏينهن هن شهر جا ماڻهو هڪ بدترين سانحي جي سالياني ورسي ملهائڻ لاءِ پورو شهر سوڳواري ڪيفيت ۾ پنهنجا دڪان بند ڪري خاموش احتجاج ۽ سوڳ ڪري رهيا هئا ۽ ان سمي پاڻ کي فادر آف سٽي چورائيندڙ شڪارپور شاهي باغ جي اسپورٽس اسٽيڊيم ۾ ثقلين مشتاق سان گڏجي ڪرڪيٽ جا جشن ملهائي رهيو هو! فادر آف سٽي هئڻ جي ناتي هن کي شهيدن جي جلسي جي اسٽيج تي موجود هئڻ کپي ها ۽ اهو ايونٽ ڪنهن ٻئي ڏينهن ڪري ها ته بهتر ٿئي ها، پر هن ائين نه ڪيو. بهتر ته هن ان وقت به نه ڪيو، جڏهن ڪائونسل جا ميمبر هن خلاف احتجاج ڪري ميونسپل ٻاهران ولايت پارڪ ۾ ويهي رهيا ۽ هن پنهنجي گهٽ سياسي فهم ۽ شيخ مخالف جذبي ۾ اچي پ پ ايم پي اي امتياز شيخ گروپ جي ڪائونسلر وسيم صديقيءَ جي ان گهر ۽ گهٽيءَ جا ڏاڪا ڀڃرايا، جيڪي ميونسپل جي انڪروچمينٽ ۾ اچن ئي نه پيا. اهڙي ريت معاملا سياسي مخالفت کان ٽپي پوليس ٿاڻن تائين پهتا آهن ۽ ڪورٽ سڳوري ٻنهي ڌرين کي هڪٻئي تي ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم به ڏنا آهن، پر ٻئي ڌريون هن وقت سياسي پيغام ملڻ سبب ڪورٽ جا آرڊر کيسي ۾ رکي قيادت جي ايندڙ فيصلي جي انتظار ۾ آهن.
    ظاهري طور ڪائونسل جي وهنوار تان شروع ٿيل جهيڙو پنهنجي اصل جهيڙي ميونسپل ۾ پيل ڪروڙين رپين جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي، جنهن جي دانهن ايم پي اي امتياز شيخ جي معرفت پارٽي قيادت تائين پهچي وئي آهي ته ميونسپل جي پئسن تي چيئرمين جي معرفت 20 ڪروڙن جو ڌاڙو لڳايو ويو آهي. اهو نه وسارڻ کپي ته ڪرپشن موجوده حڪومت جو مسئلو ناهي ۽ نه وري ان تي ڪا حڪومت پريشان آهي، پر مسئلو حصي پتين تي آهي ته هيڏي رقم هڪ ڌر ڏانهن وڃي ته پوءِ 2018ع جي اليڪشن جو ڇا ٿيندو؟ جيتوڻيڪ هي جهيڙو شڪارپور شهر جي سيٽ پي ايس 11 تي آغا تيمور خان ۽ ايم پي اي امتياز شيخ جي 2018ع واري اليڪشن ۾ پارٽي ٽڪيٽ تي آهي ۽ جڏهن ته اهڙا جهيڙا پ پ ۾ پوري سنڌ اندر 2018ع جي اليڪشني ٽڪيٽ تي ٿيندا- پوءِ ڏسجي ته 2018ع واري اليڪشن پ پ ٽڪيٽ جي جهيڙن مان جان ڇڏائي ڪيئن سوڀاري ٿيندي، جنهن لاءِ سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته 2018ع واري اليڪشن ٽڪيٽن کان ويندي کٽڻ تائين پ پ لاءِ انتهائي مشڪل هوندو.
    پاڻ اچون ٿا وري ميونسپل جي ڪرپشن تي! ٻڌايو پيو وڃي ته چيئرمين سني سنجراڻي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ڪائونسل جي منظوري کانسواءِ ڀرتي ڪيل وائيٽ ڪالر 370 ڄڻا، جن جي ماهوار پگهار 50 لک جي لڳ ڀڳ آهي، اصل جهيڙي جو سبب اهو ئي آهي، جن کي چيئرمين هڪڙي پني تي سمورا نالا لکي ڀرتي ڪيو آهي ۽ انهن جي ڀرتيءَ تي سابق سي ايم او منصور سومرو ۽ چيئرمين ۾ ڪافي وقت کان اختلاف پڻ هلندڙ هئا. نيٺ سي ايم او منصور سومرو شڪارپور شهر سان تعلق هئڻ ڪري بنگلن جي عتاب کان پاڻ کي بچائيندي بدلي ڪرائي سکر وڃي نڪتو.
    موجوده سي ايم او ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي پروپوزل تي ٻڌايو پيو وڃي، جنهن اچڻ شرط ڪچن ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ سميت پڪن ملازمن کي به پگهارون دير سان ڏئي رڳڙو ڏئي ڇڏيو آهي. ڪچن ملازمن لاءِ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته انهن جي اڪثريت چيئرمين جي برادريءَ جي ماڻهن جي آهي، جن چيئرمين جي چاچي الهڏنو سنجراڻيءَ کي کٽرائڻ جي خوشيءَ ۾ مراعتن جي صورت ۾ نوڪريون حاصل ڪيون آهن- باقي ايم پي اي امتياز شيخ جي روايتي حريف آغا تيمور خان جي همدردن ۽ ڪائونسلرن ۾ ”بندر باٽ“ ٿيل آهن ۽ ڪجهه ٻين بنگلن جي معرفت ڀرتي ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ٿورڙائي ايم پي اي جي ڀاءُ پ پ اڳواڻ مقبول احمد شيخ جي ماڻهن جي پڻ آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته شهر جي اسٽريٽ لائيٽ جي مد ۾ 90 لک جون لائيٽون لڳايون ويون آهن. ستم ظريفي اها آهي جو سالن کان ميونسپل جي بلن جي ڪري اسٽريٽ لائيٽ ڪٽيل آهي ۽ لائيٽن جي اڌ کان وڌيڪ اسٽور ۾ داخلا ئي ناهي ۽ شهر جي پاڙن ۾ ايتري روشني آهي جو جگنو به بجلي هلندي ڏسڻ ۾ ايندو آهي! چيئرمين جي من پسند ماڻهن جي وارڊن ۾ ڪوٽيشن جي مد ۾ لکين رپين جا ڪم ڪرايا ويا آهن، وارڊ 2، سندس چاچي جي وارڊ ۽ پنهنجي وارڊ لاءِ معلوم ٿيو آهي ته 22 کان 25 ڪوٽيشنون ڪرائي ڪم جي مد ۾ پئسا ڪڍرايا ويا آهن ۽ جڏهن ته وارڊ 30 ۾ ميگا نالي جي صفائي ساڍن چئن لکن ۾ ڪرائي وئي آهي، جنهن جي صفائي نساسڪ جي دور ۾ هڪ لک رپين تائين ٿيندي هئي. شهر جي نالن جا مين هول موت جا کوهه بڻيل آهن ۽ مائرون پنهنجي معصوم ٻارن کي اسڪول کان واپسي تائين سندن سلامتيءَ لاءِ دعائون گهرنديون آهن. انهن ٻارڙن جي واپسيءَ تائين سندن ساهه مٺ ۾ هوندو آهي. انهن نالن جي ۽ سيمينٽيڊ ڍڪڻن لاءِ سياسي رشوت عيوض هڪ ڪائونسلر جي عزيز کي ڪوٽيشن ذريعي ٺيڪو ڏنو ويو، جيڪي ڍڪڻ رکڻ کان اڳ ئي ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي ويا ۽ هاڻي هو وري ٻين پئسن ۾ لوهي ڍڪڻ ٺاهي رهيو آهي! گهٽايو ان مولوي ڪائونسلر به ناهي، جيڪو پراڻن ڪراسن ۽ نالين جي مد ۾ پنهنجي جماعتي چيئرمين کان لکن جا چيڪ وٺي ويو آهي- جهيڙي جو ٻيو مک ڪارڻ ميونسپل جو اهو تيل پڻ آهي، جيڪو ڪنهن وقت نساسڪ جي دور ۾ ايم پي اي امتياز احمد شيخ جي پئٽرول پمپن تان کنيو ويندو هو، جنهن لاءِ اهو به مشهور آهي ته نساسڪ جڏهن هن جو تيل بند ڪندي هئي ته نساسڪ خلاف ان وقت جي فنڪشنل ليگ جي پليٽفارم تان جلوس به نڪتا ۽ وري تيل واپس نساسڪ طرفان کڻڻ تي نساسڪ ناسور مان شهر دوست ادارو بڻجي ٿي ويو! نساسڪ جي ختم ٿيڻ ۾ اداري جي نااهلي ته آهي ئي آهي پر هڪ سبب نج سياسي به آهي، ڇو ته هن شهر جي سياست گٽر کان شروع ٿيندي ناليءَ جي بند ٿيڻ تي ختم ٿيندي آهي! چيئرمين سني سنجراڻي ميونسپل جو چيئرمين ٿيڻ کانپوءِ تيل پنهنجي پمپ تان کڻڻ شروع ڪيو، جيڪو تيل نساسڪ جي دور ۾ 9 کان 10 لک جي لڳ ڀڳ ماهوار پمپنگ اسٽيشن کي ڏنو ويندو هو، جنهن لاءِ هينئر 18 کان 20 لک ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جا چيڪ به موصوف چيئرمين پنهنجي صحي سان ڪڍي رهيو آهي. ان کان وڏي ٻي ڪرپشن ۽ ٻيو ظلم ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!!
    شڪارپور شهر جي ميونسپل ۾ هر بنگلي جو شيئر رکيل آهي. چيو پيو وڃي ته ميونسپل ۾ رکيل انجنيئر ڀيا برادران جي برادري جو آهي، جيڪو هنن لاءِ هر سهولت پيدا ڪندو رهي ٿو ۽ اهڙي طرح ڀيو برادرس کي به پنهنجو حصو ملندو رهي ٿو. ڪجهه معاملن تي اختلافن سبب اهو انجنيئر هاڻي بدلي ٿيڻ وارو آهي. پيپلز پارٽي اندر شروع ٿيل اختيارن ۽ مال تي جهيڙو ڪٿي ٿو دنگ ڪري، ان جهيڙي اندر هي شهر راجا پورس جي هاٿين هٿان لتاڙجي ڀور ڀور ٿي ويو آهي! ٺيڪن جي ڪمن ۾ ايڏي ايمانداري ٻڌڻ ۾ اچي پئي جو ٺيڪا بنگلن جي بورچين، منشين ۽ ڪارڪنن جي صورت ۾ موجود ڪاروان کي مليا آهن، جن ڪم شروع ڪرڻ کان اڳيئي بنگلن جي ڀوتارن جي چوڻ تي انهن ماڻهن ۾ حصا پتيون ڪري ورهائين پيا، جيڪي گذريل اليڪشن ۾ ڀوتارن جي گاڏين جا ٽائر ڌوتا ۽ ڪاڪڙا ڦاڙي اسٽيجن تي بيهي ڀوتارن کي عوام آڏو مسيحا ڪري پيش ڪيو! اهي بنگلن جا مالڪ پنهنجي پمپن تان تيل جو هڪ ليٽر يا ٻنيءَ تان ان لپ ڏيڻ پسند نه ڪندا هئا، پر هاڻي عوام جي پئسي کي حاتم طائي بڻجي پنهنجي خاص ماڻهن کي نوازين پيا! پي ايس 11 شڪارپور شهر جي سيٽ تي اٽڪيل آغا تيمور خان ۽ امتياز احمد شيخ جي سياست تي روز نيون اڳڪٿيون ٻڌڻ ۾ اچن پيون- ڪڏهن امتياز احمد شيخ جا حمايتي آغا تيمور بابت پي ٽي آءِ ۾ وڃڻ جا افواهه ڦهلائي رهيا آهن ته ڪڏهن تيمور خان جا حمايتي امتياز شيخ جي سياست جو صد باب ڪرڻ لاءِ کيس پي ٽي آءِ ۾ افواهن ذريعي پهچائي چڪا آهن. بهرحال! پي ٽي آءِ جي گاڏي ڪنهن هڪ جي انتظار ۾ اسٽاپ تي بيٺل آهي. ڏسجي ته ڪير ٿو ان گاڏيءَ ۾ چڙهي گهاٽي جو سودو ڪري، باقي اقتداري سياست جي ڊڪشنري ۾ شايد ڪا اخلاقيات ناهي هوندي. هن وقت آغا تيمور خان جي ٻيڙي پنهنجي پارٽي جي لهرن وچ ۾ آهي، جنهن لاءِ عام راءِ اها آهي ته اها ٻيڙي خطري هيٺ آهي ۽ هو جلد ئي ٻي ٻيڙيءَ ۾ سفر لاءِ سلطان ڪوٽ ۾ پنهنجي همدردن سان صلاح مشورا ڪري رهيو آهي. اسان جڏهن شڪارپور جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان سڄي معاملي تي ضلعي چيئرمين آغا مسيح ۽ اسپيڪر آغا سراج دراني جو ڪردار به افسوسناڪ آهي، جن شڪارپور کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي.
    ڪير ڪهڙي پارٽي ۾ رهي ٿو يا ڇڏي ٿو، پر شڪارپور شهر جي ماڻهن کي ايڏي انڌير تي اکيون ٻوٽي نه ويهڻ گهرجي- ترقيءَ جي مد ۾ آيل پئسا ڪنهن ڀوتار يا بنگلي واري جي ذاتي اڪائونٽ جا ناهن. هي عوام جي ٽئڪسز جو پئسو آهي، جيڪو لٽجي ۽ برباد ٿي رهيو آهي ۽ ان کي حصا پتي ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ شهر جي ماڻهن کي مالڪي ڪرڻي پوندي. هي اڄ وڙهيل آهن، سڀاڻي ڏي وٺ جي بنياد تي هڪٻئي سان ٺهي ويندا ۽ ان ٺاهه کي عوام جي عظيم تر مفاد جو نالو ڏئي ڇڏيندا ۽ عوام جا ڪروڙين رپيا مفت ۾ لٽبا رهبا، ڪو ڌڻي نه هوندو، جيڪو دانهن ڪندو. هن وقت اسڪولن جي حالت اها آهي جو ويهڻ لاءِ بئنچ ناهي، پيئڻ لاءِ پاڻي جي ٽانڪي ناهي، حاجت لاءِ ليٽرين ناهي، ڇت ۾ پنکو ناهي، اسپتالن ۾ ڊاڪٽر مريضن کي ڌڪا ڏئي رهيا آهن، مليريا جي موسم شروع ٿي وئي آهي، پر اڃا تائين شهر ۽ ڳوٺن ۾ اسپري ناهي ٿيو، اسپتالن ۽ اسٽورن تي مريضن جي رش لڳل آهي. هي آهي هن شهر جي مسئلن جي اڌو گابري تصوير... جيڪا سڄي سنڌ جي ترجماني ڪري ٿي. ها پر! اصل تصوير ايڏي ڀيانڪ آهي، جنهن جي اظهار جي جرئت موجوده قلم ته نٿو ڪري- البته ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ ڪو سئو سيڪڙو سچ لکڻ جي همٿ ڪري وجهي.


      شڪارپور جي تباهي تي ٿيندڙ سياست جو انت ڪڏهن ايندو؟؟

    ان ڏينهن شايد شڪارپور جي ماڻهن ڇرڪ نه ڀريو هجي، جنهن ڏينهن عدالتي ڪميشن جي رپورٽ ۾ هن شهر جي کير جهڙي پاڻيءَ کي 79 سيڪڙو خراب قرار ڏئي ماڻهن جي پيئڻ تي حيرت ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ويو هو! ان ڏينهن انتظامي نااهليءَ جي بدترين شڪل ظاهر ٿي پئي هئي، پر ان ڏينهن کان اڄ تائين هن شهر جي ماڻهن خسيس شڪايت به پنهنجي سياسي بنگلن کي ڪرڻ مناسب نه سمجهي۽ نه منهن تي پريشانيءَ جا آثار آڻيندي ڪا ميار ڏني هوندي ته اوهان جي سياسي واعدن جي ڪڍ لڳي اسان جي ڪوثر جهڙو شفاف پاڻي بدبودار بڻجي ويو! جنهن پاڻيءَ جي ڪري هتان جي اڪ جون ڦلڙيون به مٺيون هيون ۽ هن شهر جي سڃاڻپ کٽاڻ به هتان جي پاڻيءَ ۾ رسجي ايڏي ته لذيذ ٿي ويندي هئي، جنهن جو ذائقو زبان تان نه لهندو هو ۽ کٽاڻ کائڻ بعد ترياق بڻجي هاضمو ڪندي هئي- ان شهر جي سياست جو اهڙو هاضمو خراب ٿي پيو، جنهن جي ”کٽي اوڳرائي“ جهڙي ورڪرن کان ويندي ليڊرن تائين سڀ ڪرپشن جي عارضي ۾ وڪوڙجي ويا ۽ پوءِ هن شهر جي سڃاڻپ ۽ خوبصورتي کي کائي ناس ڪري ڇڏيائون! هي شهر هڪ اهڙي سياست جي صليب تي لٽڪيل رهيو، جنهن تي پنهنجي ماڻهن ئي غليظ مفادن جو پٿراءُ ڪيو ۽ پنهنجي گناهن تي پشيمان ٿيڻ بدران رات جي اونداهين ۾ تباهيءَ جا پئمانا ٽڪرائيندا رهيا، جنهن ۾ هن شهر جي ڳوڙهن ۽ رت جي بوءِ به محسوس نه ڪئي وئي- هن شهر جي ڳوڙهن ۽ رت کي بيرحم بنگلا سياست ته سمجهيو ئي نه، بلڪه اهي ته هن نهج تي پهچائيندڙن مان آهن، پر هتان جي عام ماڻهوءَ جي پنهنجي ادارن ڏانهن روش به افسوسناڪ آهي. اکين جي هالينڊ اسپتال ته قبرستان بڻيل آهي ئي، پر ورهاڱي کان پهرين ميونسپل ڪميٽي جي ماتحت هلندڙ ناظميءَ جي دور ۾ قبضي جي نيت سان ڊاٿل ڍونگ واري اسپتال اڃا تائين ان ڪري نه ٺهي سگهي آهي جو اها وچ شهر ۾ ڪروڙن جي پراپرٽي آهي، جنهن کي مفادي سياست جي قبضي جي گرهڻ لڳل آهي ۽ هڪ ڏينهن ڪنهن سياسي بنگلي جي ملڪيت جو بورڊ لڳل هوندو، جيئن ميونسپل جي ٻين ملڪيتن تي سياسي بنگلن معرفت قبضا ٿيل آهن...!!
    هن شهر جي سياست جا به عجيب ڍونگ آهن. ڪالهه تيمور خان جي سياست جو سد باب ڪرڻ لاءِ امتياز شيخ جي ماڻهن ميونسپل جي معرفت جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو هن شهر جي رستن ۽ رهواسين نه وساريو هوندو ۽ اڄ وري سياسي رقابتن سبب ساڳي ريهرسل ٿئي پئي. چون ٿا ته تيمور خان جي ڌر جو سٽي چيئرمين سني سنجراڻي امتياز شيخ جي سياست کي انجام تي رسائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. حڪمران جماعت پ پ سان ٻئي ڌريون لاڳاپيل هجڻ باوجود هڪٻئي کي سياسي طور ڪٽڻ لاءِ شهر کي سزائون ڏين پيون. مڪاني نظام جيڪڏهن اختيارن ۽ وسيلن ۾ انصاف ڀريو هجي ته عوام جا بنيادي مسئلا رستن تي ٺوڪرون کائڻ بدران حل ٿيل نظر اچن- پر هتي ته هر نظام ڀوتار جي انانيت هٿان لتاڙجي پيسجندو رهي ٿو. هتان جي سياست ميونسپل جي گٽرن ۽ گندگيءَ جي ڍيرن ۾ ساهه کڻندي آهي. مثال طور شهر ۾ تيستائين ڪراس يا نالي نه ٺهندي، جيستائين بنگلي جي پرميشن ۽ تختي نه لڳندي ۽ اهو تختي لڳڻ وارو رواج ايڏو ته عام ٿي ويو آهي جو اقتدار کان ٻاهر موجود ڀوتار جي نالي جي به تختي ٺهرائي لڳائي وڃي ٿي، جيئن ناظميءَ واري دور ۾ ميونسپل جي ڪيل ڪمن تي تختيون وري مقبول شيخ جي نالي سان لڳيون، جيڪو نه ايم پي اي هو، نه وري کيس ان وقت حڪومت طرفان ڪو عهدو مليل هو. بس! عوام جي پئسن مان ٿيل ڪمن تي تختيون ڀوتارن جون لڳنديون رهيون، جيئن هن وقت ميونسپل جي پئسن مان ٿيندڙ اڌو گابري ڪمن تي آغا تيمور پٺاڻ جي نالن جون تختيون لڳن ٿيون ۽ ايم اين اي آفتاب شعبان ميراڻي جي اسڪيمن جا افتتاح وري پ پ ايم پي اي امتياز شيخ ڪري رهيو آهي. جي يو آءِ اميدوار کان آخري ساهن ۾ کٽيل اليڪشن ۾ پ پ ايم پي اي امتياز شيخ پنهنجي سياسي ساک بهتر ڪرڻ لاءِ شهر ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ضرور هٿ پير هڻڻ جي ڪوشش ڪندو هوندو ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ ساک بچائي اليڪشن مهم هلائي سگهي، پر هن جي سياست جي جيئندان سان تيمور خان پٺاڻ جي سياست سواليه بڻجي وڃي ٿي. ايندڙ اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ پڪي ڪرڻ لاءِ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته امتياز شيخ ملندڙ منسٽري تان هٿ کڻي ويو، پر ڪجهه ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته امتياز شيخ کي منسٽري نه ملڻ جو سبب وزيراعليٰ مراد علي شاهه جي ناراضگي آهي ۽ ان ناراضگي جو سبب اهو ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پ پ ايم پي اي امتياز شيخ وزيراعليٰ پاران سندس ڪم نه ڪرڻ جون شڪايتون پارٽي جي ڌڻيءَ کي ڪيون هيون، جنهن تي سندس منسٽري وارو مامرو رڪجي ويو ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته پ پ اندر لابيون هجڻ ڪري کيس ڊويزن لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري شپ نه ملي سگهي ۽ اهڙين لابين جي ڪري سياسي طور امتياز شيخ ۽ بابل ڀيو سان گڏ بيٺل غوث بخش مهر پ پ کان پاسيرو ٿي ٻئي طرف اڏام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ آهي، ڇو ته بابل ڀيو جي سياست کي ڳڙهيءَ جي درانين جي نظر لڳي وئي ۽ هن وقت ته پ پ جي صدارت ڀيو فيملي وٽ هجڻ باوجود پارٽيءَ ۾ بابل ڀيو جي سياست جو باب ڪجهه عرصي لاءِ بند آهي! ممڪن آهي ته سياسي ناتجربيڪاري جي ڪري ايم پي اي عابد ڀيو وٽ پارٽي جي صدارت گهڻو عرصو جٽاءُ ڪري نه سگهي. بهرحال! شڪارپور جي سياسي چرخ جا ڦيرا ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ڦرندا رهيا آهن ۽ اڳتي به ائين ڦرندا رهندا، پر هن وقت شڪارپور جي ميونسپل اندر هلندڙ سياست ايندڙ اليڪشن 2018ع جي جيت جو فيصلو ڪندي ۽ ان ڪري ئي موجوده چيئرمين شيخ ڀائرن سان ڪنهن به ريت گڏ هلڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه وري ائين محسوس ٿئي پيو ته شهر جي اندر ٿيندڙ ڪجهه ترقياتي ڪمن تي هي ڪو اڳڀرو نظر اچي پيو. اڃا ائين به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته ترقياتي ڪمن کي روڪرائڻ لاءِ ڊرينيج جو نظام درست ڪرڻ جو بهانو ڄاڻائي چيئرمين عدالت تائين به پهچڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر ڪجهه ماڻهن کيس صلاح ڏني ته وڏي عرصي بعد شهر ۾ اڌو گابري ڪمن جي خلاف جيڪڏهن تون عدالت ويندين ته ان سان تنهنجي لاڳاپيل سياسي بنگلي جي ساک خراب ٿيندي، جنهن ڪري چيئرمين ماٺ ڪري ويهي رهيو. پنهنجي آفيس ۾ چور دروازي کان ايندڙ چيئرمين شهر جي ماڻهن سان ملڻ به گوارا نٿو ڪري. پهرين ڏينهن کان وٺي سي ايم او ۽ انجنيئر سان سندس قرب جو ناتو قائم نه ٿي سگهيو آهي ۽ انهن طرفان هڪٻئي جي پٺي تي اعتراضن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. چيئرمين هڪڙي بنگلي جو، سي ايم او ٻئي بنگلي جو ۽ وري انجنيئر جو پيچ ڪنهن ٽئين بنگلي سان اٽڪيل آهي. اهڙين حالتن ۾ هن شهر سان ڇا پيو ٿئي ۽ ڇو پيو ٿئي؟؟ اهو تمام اهم سوال آهي- جنهن جو هڪ جواب هي به آهي ته اهو صرف هتان جي ماڻهن جي لاپرواهي ۽ لاعلمي جو نتيجو آهي، جو سياسي جنگ ۾ هي شهر ٺهڻ بدران ڊهندو ۽ اجڙندو پيو وڃي. نساسڪ جي دور ۾ کنيل 167 ماڻهن مان هر ملازم جي پگهار ماهوار 7 هزار هئي ۽ انهن کي هٽائي 14 هزار ماهوار تي ڪائونسلرن جي مٽن مائٽن ۽ چيئرمين جي صوابديد تي 190 ماڻهن کي خلاصين ۽ سوئيپرن جي پوسٽن تي ڀرتي ڪيو ويو آهي. اطلاع آهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ 50 جي لڳ ڀڳ بنگلن جي ماڻهن کي ميونسپل ۾ ڀرتي ڪيو ويندو. ارباب رحيم جي دور ۾ 37 ڪروڙن جي بجيٽ سان شهر جي 50 ورهين جي وڌندڙ آباديءَ جي پلاننگ سان ڊرينيج جو نظام جوڙيو ويو هو، جيڪو علي بابا جي چاليهه چورن ٺيڪيدارن کي ڏنو ويو ۽ ان ڊرينيج جي نقشي سان وري اهڙي جٺ ڪئي وئي، جو رڳو نانگ جي ليڪن مثل نالا ٺاهيا ويا، جنهن کي 11 سال گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين پي سي ون تيار ناهي ٿي ۽ هاڻي وري ڊرينيج لاءِ رکيل 57 ڪروڙن جو ٺيڪو ”پارٽي ڌياڻي“ جي خاص ماڻهوءَ کي ڏنو پيو وڃي، اهو جيڪا حالت ڪندو، سو کڻي ايندڙ وقت تي ڇڏيون پيا، پر رات جي پيٽ ۾ سرڪاري آفيسن ۾ ٺيڪن جي واڪن بدران بنگلن جي نوڪرن کي مليل شهر جي ٺيڪن سان جيڪا جٺ ٿئي پئي، ان تي ڪنهن جي نظر ناهي. شهر ۾ روڊن جي بجاءِ پوندڙ پيور سرن جو فرش ناتجربيڪار ٺيڪيدار ۽ اڻڄاڻ مستري بنا ليول رکڻ جي ڀت جي اوساري وانگر ڪري رهيا آهن، پر مقامي سياستدان رڳو نالي جون تختيون هٽائڻ ۽ ڪمن جو ڪريڊٽ کڻڻ لاءِ لوڪل ميڊيائي مهم ۾ پورا آهن. حد ته اها ٿي وئي جو هڪڙي ئي ايمرجنسي وارڊ جو ٽي ٽي ڀيرا افتتاح ٿئي پيو، پر اهو نه پيو ٻڌايو وڃي ته اسپتال ۾ صحيح نموني بخار کي ڊائگنوز ڪرڻ وارو ڊاڪٽر به ناهي، پر بنگلا سياست جا پيروڪار ۽ نام نهاد انساني حقن جا سماجي اڳواڻ اهڙن سياستدانن کي آئيڊيل قرار ڏئي پنهنجي ذات جا فائدا وٺڻ ۾ پورا آهن. اليڪشن ۾ جهمريون پائيندڙ غير سياسي ذهن بنگلن جي روش کان مايوس ٿي وري اليڪشن جي ڏينهن ۾ انهن ئي سياستدانن جا ترانا ڳائڻ ۾ لڳي وڃن ٿا، ڇو ته هتان جو ماڻهو سياسي واعدن تي ووٽ ڪندو آهي، ڪم جو حساب ناهي رکندو- گندو پاڻي ۽ گندگي هتان جي سياست جا ڏنل تحفا آهن، جيڪي هن وقت هن شهر جو تعارف بڻيل آهن. ان تعارف کي تبديل ڪرائڻ ۾ آغا سراج به ڪو ڪردار ادا نه ڪيو، جيڪو ڊگهو عرصو مڪاني ادارن جو منسٽر پڻ رهيو. هاڻي هن جو ڀاءُ آغا مسيح ضلعي چيئرمين آهي- پر هن وٽ به شڪارپور لاءِ ڪو پلان نظر نٿو اچي.
    وڏي عرصي کان گندو پاڻي واپرائيندڙ هن شهر جي ماڻهن کي شهاب اوستو جو احسان مڃڻ کپي، جنهن هن شهر جي ماڻهن کي گندو پاڻي پيئڻ جي آگاهي ڏني ۽ ذميوارن کي متحرڪ ڪيو- اڃا اهو واضح ناهي ٿيو ته ورهين کان پيئندڙ گندي پاڻي ڪيترين انساني جانين کي ضايع ڪيو آهي ۽ ان جي ذميوار انتظاميا کي ڪهڙي سزا ملندي؟؟ پر هن شهر جي سياست ڪڏهن به نه سڌرندي. ڀوتارڪي سياست جا مزاج عوام جي سگهه کانسواءِ تبديل ناهن ٿيندا. هن شهر سان سياستدانن پاران ڪيل ڪلورن کي هتان جو ماڻهو ويسر ۾ وڪوڙيل هئڻ ڪري اليڪشني ڏينهن ۾ وساري ويهي ٿو، جنهنڪري مسئلا لاعلاج مرضن جي صورت اختيار ڪري ويا آهن. اختيارن جي نه ختم ٿيندڙ جنگ ۾ هن شهر جي سونهن ته سڙي رک ٿي وئي آهي ۽ هاڻي اها باهه شهر جي پاڻيءَ کي لڳي وئي آهي، جو پتاشي جهڙو پاڻي سينکئي ۾ تبديل ٿي زهر بڻجي زندگيون ڳڙڪائي رهيو آهي- وري به ڪورٽ جي وقتي خوف سبب انتظاميا ڪجهه تحرڪ ۾ آئي آهي، پر حددخلين خلاف هلندڙ ڪارروائي مان ائين لڳي پيو ته شهر جا سياسي بنگلا ۽ انتظاميا نٿا چاهين ته ناجائز قبضا هٽن ۽ شهر جي حالت ڪجهه بهتر ٿئي، جيڪڏهن هن شهر جا مسئلا حل ٿيا ته ايڪڙن ۾ قائم بنگلن تي ڪير ويندو ۽ بنگلن تي موجود ”بچو ملن“ جي روزگار جو ڇا ٿيندو؟؟ هن شهر جي ماڻهن کي ان ڏينهن جو انتظار آهي، جنهن ڏينهن شڪارپور جي بنگلن تي ويٺل ”بچو ملن“ ۾ نيب هٿ وجهندي، جن هن شهر جي بجيٽ تي ڪوڙن ٺيڪن جي نالي تي ايترو ڪمايو آهي جو انهن جا ايندڙ ست نسل وڏي مزي واري زندگي گهر ويٺي گذاري سگهن ٿا. شڪارپور شهر جي سياست نه ڪالهه صحيح رستي تي هئي، نه اڄ، نه وري سڀاڻي هوندي. هتان جي سياست جڏهن گندن نالن کي بند ڪرائي شهر کي ٻوڙي جيئري ٿيندي رهي آهي، اها ڪيئن چاهيندي ته فضيلت واري انداز ۾ شهر کي ترقي وٺرائي زندهه رکجي؟؟ هن شهر جي ماڻهن کي اهڙي سياست جو انت آڻڻ لاءِ اڳڀرو ٿيڻو پوندو، نه ته ٿيندڙ سياست ماضيءَ وانگر هن شهر کي تباهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏيندي.


      ڪهڙو نانءُ ڏيانءِ او سياست

    هن ملڪ اندر نظريه ضرورت جو ايجاد ڪندڙ ته هڪ آمر هو، پر اهو آمر ته پنهنجي انجام تي رسيو پر هن جو نظريو نظريه ضرورت آمريت مان ڦري سياست ۽ ڪاروبار جو رخ رکيو ۽ هاڻي سماج جي هر ماڻهو جي ضرورت بڻجي ويو آهي. سياست جيڪا نظريه ۽ آدرش تحت ساهه کڻندي آهي ۽ ان جا پوءِ لڳ ان جي واڌ ويجهه ۾ اول دستي جو ڪردار ادا ڪندا آهن پر هن ملڪ ۾ لاڳيتو بحرانن سبب سياست پنهنجا عوامي رخ مٽائي نج غير سياسي انداز اپنائي معاشرتي قدرن کان ويندي معاشي قدمن تائين ڊانواڊول ٿي وئي آهي. پاڻ اتي سنڌ جي مجموعي سياست جو جائزو وٺون ته هرسياسي پارٽي نظريه ضرورت تحت سياست ڪندي نظر ايندي ۽ وڏي ڳالهه ته هن نظريه ضرورت جو سيڪ سنڌ جي اديب کي به لڳي ويو آهي جيڪو ثقافتي ڪميٽين ۾ شامل ٿي سرڪاري مشينري جو حصو بڻجي مزاحمتي ادب تخليق ڪندو؟ اهو ته سڀ ڪو سمجهي ٿو هاڻي هڪڙي ڳالهه ضرور سمجهه ۾ اچي ٿي ته نظرين کان خالي ادب پيٽ وڏا اديب ته پيدا ڪندو آهي پر ان اديب جي قلم ۾ پيٽ بکايل ٻار جي درد جي شدت نه هوندي آهي! اهو زوال سياست جو غير آدرشي هجڻ ڪري آيو آهي ۽ هڪ نئون سياسي ٽرم ايجاد ٿيو آهي پاور پالٽيڪس!! پاور پالٽيڪس لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان جي ڪا به حدبندي يا اخلاقي بائونڊري ناهي هوندي ۽ سياست يا سياستدان لاٽوڻي جي ڦيرن وانگر ڦرندا آهن ۽ عوام کي نظريه ضرورت جا ٻول ٻڌائي ان کان حمايت وٺندا آهن. پاڻ موٽي هلون ٿا سنڌ جي نظريه ضرورت جو شڪار سياسي پارٽين ڏانهن ته ڪئين هو سياسي ٿيڙ کائينديون رهن ٿيون. جيئي سنڌ محاذ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ دشمن رٿا ذولفقار آباد خلاف احتجاج ڪري پ پ پ کي سنڌ دشمن پارٽي سڏيندي رهي آهي ۽ اڄ اها جماعت شڪارپور جي ضمني چونڊن ۾ پ پ پ جي اميدوار امتياز شيخ جي اعزاز ۾ پروگرام ڪري سندس حمايت جو اعلان ڪيو آهي، هاڻي خبر نه ٿي پوي ته اها سنڌ دشمن پارٽي پ پ پ سنڌ جي ڪئين سڄڻ بڻجي وئي ۽ جيئي سنڌ محاذ ان کي سنڌ جي ڪيل 8 سالن جي ڀيل بخشي ڇڏي ۽ هاڻي جيڪڏهن ان کان پڇا ڪبي ته هو هڪ نظريه ضرورت تحت ٺهيل جملو چوندي ته شهر جي ضرورت هئي ۽ سامهون واري انتهاپسند اميدوار جي مقابلي ۾ هي وڌيڪ روشن خيال ۽ جمهوري اميدوار آهي ۽ جڏهن ته هڪ لمحي لاءِ به پارٽي جا اڳواڻ نه سوچيندا ته جنهن کي جمهوري اميدوار سڏيون پيا ان جي پارٽي ته سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي!!
    نظريه ضرورت جو شڪار ته جسقم جي مقامي قيادت به بڻجي وئي آهي جنهن موجوده اليڪشن ۾ پ پ جي اميدوار جي حمايت ڪري ۽ ان تي اعتماد ڪري ووٽ ڏئي رهي آهي پوءِ هيءَ ڳالهه به ماڻهن کي سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نظرياتي سياست کي زندگيون ڏئي ڇڏيندڙ به پنهنجي سياست جو اختتام وري به ووٽ واري سياست؟ ۽ سنڌ کي وڌ ۾ وڌ نقصان رسائيندڙ پارٽي کي ئي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ آهي ته پوءِ اها ڳالهه 16 آنا سچ آهي ته سنڌ جو نظرياتي قومي ورڪر ٽپهري تي روزو کوليندو آهي ۽ سج لهڻ جو به انتظار نه ڪندو آهي ۽ هو پنهنجي سڄي سياسي ڪيريئر کي منڌيئڙو ڏئي نظريه ضرورت تحت ڪنهن ڀوتار جي بنگلي جو سهارو وٺندو آهي!! ائين ئي ايس يو پي نظريه ضرورت تحت سيهوڻ جي تڪ تي هاڻوڪي سي ايم مراد علي شاهه جي حمايت ڪئي هئي ۽ پنهنجي سموري سياسي جدوجهد کي پٺي ڏئي ويٺي جنهن ۾ جلال محمود شاهه سنڌ جي تباهي جو سنئون سڌو ذميوار پ پ پ کي قرار ڏئي احتجاج ڪندو رهيو آهي جڏهن ته شڪارپور ۾ ايس يو پي وري پ پ پ مخالف ڪئمپ جي يو آءِ جي حمايت ڪري نظريه ضرورت تحت ايس يو پي جا مقامي اڳواڻ ڪهڙي سياسي ڀوتار سان سڪ جو سڳو نڀائين پيا اهو سياسي رمزن کي سمجهڻ وارا اندازو لڳائي سگهن ٿا. هن سياسي رمز کي ڪئين سمجهجي ته غوث بخش مهر ۽ سندس پٽ شهريار مهر پارٽي ته فنڪشنل ليگ ۾ ويٺا آهن ۽ وري حمايت فنڪشنل ليگ ڇڏي تازو پ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ اميدوار امتياز شيخ جي ڪري رهيا آهن، ڇا اهڙي سياست نظريه ضرورت کان به هيٺين سطح تي ناهي؟ اها ڪهڙي سياسي اخلاقيات آهي ته پنهنجي ئي پارٽي کي ڇڏي ويندڙ ۽ مخالف پارٽي ۾ ويهندڙ جي ورڪ ڪجي ۽ ان جو همنوا بڻجي سياسي اخلاقيات جون ڌڄيون اڏارجن. اسيمبلي اجلاسن کان ويندي عوامي اجلاسن ۽ پريس ڪانفرنس ۾ پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگي جو ڪارو چٺو بيان ڪندڙ غوث بخش خان ۽ شهريار مهر لاءِ اڄ اها پ پ پ ڪئين سٺي ٿي جو ان جي اميدوار کي کٽرائڻ لاءِ برادري تي لٺ ۽ همدردن کي چٺ ڏئي کٽائڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. ڪالهه تائين سائيڪل جي سياست ڪندڙ ۽ پوءِ گاڏين تي گل سجائي ويٺا ۽ اڄڪلهه اها سس پس آهي ته هي اجهو ٿا تير هٿ ۾ کڻن ۽ اسان جو اٻوجهه ماڻهو اهڙي سياستن جا نشان ياد ڪري ٿڪجي پيو آهي پر هتي ته سياسي وفاداريون حڪمراني هوائن جي رخ تحت بدلبيون رهن ٿيون ۽ هنن جي شخصي ڄار ۾ ڦاٿل اٻوجهه عوام پنهنجي گهرن جي ڪوٺن تي چڙهي رڳو جهنڊا بدلائڻ ۾ پورو آهي، اڃان ته هنن جي پارٽي جي جهنڊي جو رنگ اس ۾ ئي ناهي تبديل ٿيندو ته نظريه ضرورت تحت ڀوتارن جي جهنڊي جو رنگ تبديل ٿي وڃي ٿو. جهنڊي جو رنگ ته فنڪشنل ليگ ڇڏي پ پ پ جوائن ڪندڙ امتياز شيخ جو به مٽجندو رهي ٿو، ڪالهه تائين بجلي جي ٿنڀن، شهر جي ڀتين تي ڀيڄ پاڳارا جا نعرا ۽ امتياز شيخ جو مرڪندڙ، فاتحه چهرو شڪارپور شهر جي هرچوڪ جي ديوارن تي پينٽ ٿيل هوندو هو، اڃان ان جي مس به ناهي سڪي ته پارٽي بدلجي وئي ۽ هن جي ساڍن 3 سالن جي ايم پي اي جي عرصي ۾ شڪارپور شهر جي ترقي اهڙي ٿي ته شهر جي ٽٽل روڊن تي گندي پاڻي جا تلاءَ نظر آيا، ڪا سٺي ۽ معياري اسپتال شهر کي نه ملي، جي ايم سي سان ايفيليشن باوجود پروفيسر ڊاڪٽر هڪ ڏينهن به شڪارپور ۾ نه آيا ۽ نه وري ڪا ننڍي پئماني تي انڊسٽري قائم ٿي، شهر جي اسڪولن ۾ ٻارڙين جي ويهڻ لاءِ بئنچون ناهن، پيئڻ جي لاءِ پاڻي جي ٽانڪي ناهي ۽ ڇت ۾ پکو نه آهي، نساسڪ ۽ ميونسپل جي جهيڙي ۾ شهر ڪچري جي پيتي بڻجي ويو، 36 ڪروڙن ۾ ٺهيل نالو ابتو وهڻ لڳو، باغن ۾ ويهڻ لاءِ بئنچ ناهي، شهر اندر سون جي تعداد ۾ مينهن جا واڙا آهن، سبزي منڊي جو ڪم اڃان پورو ناهي ٿيو ۽ بس اسٽان اڃان وچ شهر ۾ آهي. انهن ساڍي 3 سالن جي عرصي اندر شهر جي مسئلن ۾ ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي ۽ امتياز شيخ پنهنجي اليڪشن مهم ۾ اڻسڌي طرح اهو چوندو رهي ٿو ته شهر جي ساڍن 3 سالن جي تباهي جو ذميوار مان ناهيان، پ پ وارن منهنجا فنڊ ئي بند ڪري ڇڏيا هئا ۽ آءُ پنهنجو سياسي مستقبل اوندهائو ڏسي نظريه ضرورت تحت پ پ ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، اتي خود سوال اٿي ٿو ته پ پ پنهنجي مخالفن کي پارٽي ۾ زوري شامل ڪرڻ لاءِ ان قسم جا هٿڪنڊا پوري سنڌ ۾ استعمال ڪري پئي ۽ پ پ جا مخالف نظريه ضرورت تحت پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي پنهنجو سياسي ڪيريئر بچائڻ لاءِ ڪوششون ڪن پيا ته ٻئي طرف پ پ پ جي ايم پي اي جي اڪائونٽن ۾ تڪن جي ترقياتي ڪمن جا ڪروڙين روپين جا فنڊ پيا آهن پر هو شايد ان ڪري استعمال نه پيا ڪن ته نيب ۽ ايف آءِ اي سرگرم هجڻ ڪري هنن کي اهو حصو نه ملندو جيڪو ماضي ۾ هي ترقياتي بجيٽن تي هٿ صفائي ڪندا رهيا آهن ۽ شايد ان ڪري ئي دلچسپي نه آهي، ترقياتي ڪمن لاءِ سندن بنگلن تي ويندڙ ووٽرن کي فنڊ نه هجڻ جو چئي هي واپس ڪندا رهيا آهن جئين اسپيڪر آغا سراج دراني جي تڪ جي ووٽر جو ان وقت وات پٽجي ويو جڏهن هن ايم پي اي جي اڪائونٽ ۾ ترقياتي بجيٽ جي ڪروڙن جي تعداد ۾ رقم موجود هجڻ جي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي ۽ سندس حمايتي کان خبر پڙهڻ تي بي ساخته رڙ نڪري وئي ته ڪالهه ئي آغا صاحب ترقياتي اسڪيم جي باري ۾ فنڊ نه هجڻ جو چئي لاچاري ڏيکاري آهي ۽ پوءِ ان وقت نظريه ضرورت تحت ووٽ ڏيندڙ ان همراهه جو حال به ڏسڻ وٽان هيو!! نظريه ضرورت تحت سياست جو ٻج ڇٽيندڙن پنهنجي شهرن جو ڇا حال ڪيو آهي اهو عوام جي موجوده نفسيات مان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته هو پنهنجي ذاتي ڪم ڪارين ۽ نوڪري جي ٺلهن آسرن تي نظريه ضرورت تحت ووٽ ڏئي ٿو جيڪڏهن اهي آسرا به ووٽرن جا پورا نه ٿا ٿين ته گهڻي ڀاڱي اڪثريت انهن ووٽرن جي آهي جن کي صرف اها لڳل هوندي آهي ته صاحب مون کي نالي سان سڃاڻي ۽ ڳاڙهي ٻوڙ جي ميز تي سڏ ڪري پاڻ سان گڏ ويهاري پر هو پنهنجي شهرن ۽ ادارن جي بربادي تي مڪمل خاموش آهي ۽ بنگلن جي ڪنٽرول مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هڪ طرف سياست نظريه ضرورت تحت کسيس مفادن جي گس تي هلي پنهنجي معاشري مان پختگي ختم ڪري رهي آهي ته ان جي جاءِ انتهاپسند سوچ ولاري رهي آهي، جي يو آءِ جيڪا ڪافي عرصي کان ووٽ واري سياست ڪري پئي پر ان جي ماضي بعيد ۽ ماضي قريب يا حال واري سوچ ۾ ڪافي فرق آهي. پاڻ ماضي بعيد کي ڇڏي حال ۽ ماضي قريب جي سياست تي نظر ڦيرايون ته سڄو شهر هنن جي فتوائن جي گهيري هيٺ رهيو آهي، شڪارپور شهر ۾ هنن جو ڏنڊا بردار فورس ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين پٺيان فتوائون جاري ڪري ڏنڊا کڻي گهمندو رهيو آهي، شڪارپور شهر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفل يا ميلي کي ڦٽائڻ لاءِ هنن وسان ناهي گهٽايو ڪنهن به مسئلي کي سياسي بنيادن تي پرکڻ بجاءِ هيءَ جماعت تشدد تي لهي پوري شهر کي يرغمال بڻائيندي رهي آهي. ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي مذهبي سياست جو چيپٽر سنڌ جي ساڃاهه وندن وٽ اعتراض جوڳو آهي پر هن جي قوم پرستي سياست جو هڪڙو باب اهڙو ضرور آهي جنهن کي سنڌ جو ماڻهو فراموش نه ٿو ڪري سگهي. هن جو پٽ ناصر محمود والد جي تصوير کڻي پنهنجي اجنبيئيت کي پنهنجائپ ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور اليڪشن مهم جي ڪوششن ۾ رڌل آهي پر هن کي شڪارپور شهر جي ماڻهن سان ايتري هجت ڪرڻ کپي جيتري هنن جي مقامي قيادت جي شهر جي عوام سان ڪيل ڪار گذاريون آهن، پهرين هن کي ان تي سوچڻ کپي ڇو ته شڪارپور شهر واسين کي اهو شديد ڊپ آهي ته ڪٿي هي تاريخي شهر قابل ۽ ڪنڌار نه بڻجي وڃي!! پهرين هو پنهنجي پارٽي جي اهڙن حرڪتن تي ضابطو آڻي ۽ پنهنجي انتهاپسند سوچ کي شڪارپور شهر مٿان مڙهڻ کان پنهنجي پارٽي کي آجو ڪري، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي ۽ جي يو آءِ جو نظريه ضرورت تحت اتحاد شهر جي ماڻهن کي اڃان سمجهه ناهي آيو ڇو ته مذهبي عقيدن جي حوالي سان هنن ٻنهي جي سوچ ۾ ٻن کنڊن جيترو مفاصلو آهي ۽ ان مفاصلي کي ايترو جلدي مفادي سياست ئي ڳنڍي سگهي ٿي. سياستن ۾ ان قسم جا اتحاد نوان ناهن، شهر جو ساڃاهه وند ماڻهو گهڻي ڀاڱي ان خوش فهمي جو شڪار ناهي ته اهڙن اتحادن سان ڪا رواداري کي هٿي ملندي ۽ فتوائن جا سلسلا ختم ٿي ويندا. نظريه ضرورت تحت ٿيندڙ سياست جو ڪوئي ٺوس تجزيو ته نه ٿو ڪري سگهجي پر عوام جي خصيص لالچن ۽ برادري بنيادن تي ٿيندڙ سياست کي سامهون رکي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته شهر جو ماڻهو بهتر متبادل نه هجڻ ۽ انتهاپسند سياست کان خائف ٿي وري ٻيهر ڀوتارڪي سياست جي دولاب ۾ ڦاسي حڪمران جماعت پ پ پ کي ئي کٽائيندو ۽ اها ٻي ڳالهه آهي ته هن ڀيري بهتر آپشن نه هجڻ ڪري شڪارپور شهر جو ماڻهو بيوسي جي ڪني ۾ ڪڙهي رهيو آهي، پاور پالٽيڪس سازشجن جو ڳڙهه ۽ سمجهه ۾ نه ايندڙ انتهائي پيچيده هوندي آهي پر شهر ۾ اهي سرگوشيون به عام آهن ته سازشن جا ڄار تيار ٿي ويا آهن، 20 آڪٽوبر جا اليڪشني نتيجا ڇرڪائيندڙ به ٿي سگهن ٿا ۽ اهي نتيجا پ پ لاءِ ته حيران ڪندڙ هوندا ئي پر امتياز شيخ جي سياست کي به سواليه بڻائي سگهن ٿا اهڙا نتيجا وري به هن شهر جو ماڻهو ڀوڳيندو، بحرالحال 20 آڪٽوبر رڳو ڪن خاندانن جي مستقبل جي سياست جو تعين نه ڪندو پر ان سان کوڙ سارا چهرا پ پ پ ۾ چٽا ٿي سامهون اچڻ کان پوءِ هميشه لاءِ غائب ٿي سگهن ٿا ۽ اهڙي صورتحال ۾ هن شهر جو درد رکندڙ شهري اهو ضرور چوندا ته ڪهڙو نانءُ ڏيانءِ او سياست ...!!


    شڪارپور جا چونڊ نتيجا، سنڌ لاءِ فڪر جي گهڙي!!

    ڀوتارڪي ۽ مذهبي جنونيت جي زد ۾ آيل معاشرا عدم استحڪام جو شڪار بڻجي ويندا آهن- اهڙي معاشري جي ماڻهن جي جذبن سان ٻاراڻن رانديڪن وانگر کيڏيو ويندو آهي ۽ پورو معاشرو انهن لاءِ گڏيءَ مثل هوندو آهي، جيڪو انهن جي اشارن تي نچندو آهي. هڪ طرف ڀوتار جي هٿ ۾ معاشري کي پنهنجي مٺيءَ ۾ بند رکڻ لاءِ لامحدود اختيار ۽ ڪارو ڌن ڪٺو ٿيل هوندو آهي ۽ ان بنياد تي هو ماڻهن کي ڊيڄاري ۽ لالچائي پنهنجا مقصد ماڻيندو آهي ته ٻئي طرف جنوني تنظيمون ماڻهن کي دنيا ۽ آخرت جو خوف ڏئي ڊيڄاري پاڻ سان جوڙي رکڻ جو هنر رکنديون آهن. شڪارپور شهر جي تازو ضمني چونڊن جي نتيجن هن شهر جي ساڃهه کي ته ڇرڪائي وڌو آهي ئي، پر پوري سنڌ ۾ هڪ محدود بحث به سڄاڻ حلقن ۾ جاري آهي ته ڇا صوفين جي ڌرتي سنڌ امن ۽ رواداري جو اوڍيل لباس لاهي انتهاپسنديءَ جو ڀوائتو لباس اوڍي رهي آهي يا وري گهڻي عرصي کان سياسي اسٽيٽسڪو جو شڪار رهندڙ سنڌ جو ماڻهو ڪنهن به صورت ۾ تبديلي چاهي ٿو، پوءِ اها تبديلي مذهبي بنياد پرستيءَ جي صورت ۾ ڇو نه هجي؟؟ هتي ٿورڙو سنڌ جي ويجهي سياسي ماضيءَ جو جائزو وٺون ته سنڌ اندر وڏي عرصي کان هڪڙي ئي ڪٽنب سان تعلق رکندڙ حڪمران لڏو سنڌي ماڻهن جي سياسي حقن تي مڪمل طور قابض رهيو آهي ۽ هو اقتدار خاطر وقت بوقت پارٽيون تبديل ڪندو رهي ٿو ۽ انهن ڀوتارن جي آڏو هي سوال ڪڏهن به ناهي رهيو ته پارٽي جي تبديلين سان ڪا عوام اندر ساک به متاثر ٿيندي آهي! پر هنن جي ذهنن ۾ هر وقت اهو خوف ضرور رهيو آهي ته جيڪڏهن هي حڪومت کان ٻاهر رهيا ته عوام هنن جي هٿن مان نڪري ويندو ۽ هنن جي علائقائي بادشاهت خطري ۾ پئجي ويندي، جڏهن ته پارٽيون پنهنجي تنظيمي منشور کان هٽي اسٽيٽسڪو کي قائم رکڻ لاءِ جمهوريت جي نالي تي ڀوتارن کي ساڻ کڻي جيڪي جٺيون ڪري رهيون آهن، ان کي سنڌ جو ماڻهو مقدر جو لکيو سمجهي قبول ڪيو ويٺو آهي!
    جديد دور ۾ جڏهن دنيا چند مهينن جا منصوبا هلائي انهن کي پورو ڪري وٺي ٿي، اتي ترقيءَ لاءِ سورنهن سال تمام وڏو پيرڊ هوندو آهي. پاڻ جيڪڏهن آمر جي نيم جمهوري دور جا 8 سال ڪڍون ته به سڄا سارا 8 سال بچن ٿا، جيڪي نج پ پ جي جمهوري دور جا آهن، جنهن ۾ سنڌ اندر ڪيتري ترقي ٿي ۽ سنڌ جو ماڻهو معاشي طور ڪيترو مستحڪم بڻيو، اهو ادارن جي ڀينگ ۽ پ پ ايم پي ايز جي شاهاڻي زندگين مان ڏسي سگهجي ٿو، جيڪڏهن سنڌ جي ترقيءَ جي رفتار جي انتهائي سستيءَ جو سبب پ پ جي ڪن ذميوار عهديدارن کان پڇبو ته ”آٽو جواب“ ايندو ته اسان اڃا آمر جو گند ناهي صاف ڪيو!! ڇا آمر جو گند ڪرپشن، لٽمار ۽ قانون جون ڌڄيون اڏائي صاف ڪبو آهي يا هنگامي حالتن هيٺ ذاتي لالچن کان مٿانهان منصوبا جوڙي وقت سر مڪمل ڪري پنهنجي عوام جي حالتن تي لڇبو ۽ تڙپبو آهي يا عوام کي لڇندي ۽ تڙپندي ڏسي مزو وٺبو آهي؟؟ جمهوريت جي دعويدار پ پ ته سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪيا آهن، اهي ته شهيدن جي خون سان به نه ڌوپبا ۽ سنڌ جو ماڻهو پنهنجي معاشي ۽ ادارن جي قتلام جو پلاند سياسي لاتعلقي جي صورت ۾ وٺي رهيو آهي، پر هڪ ٻي ڳالهه اهم هي به آهي ته پ پ کان علاوه سنڌ اندر اليڪشني سياست ڪندڙ عوامي تحريڪ، ترقي پسند، ايس يو پي ۽ پير صاحب جي پارٽي فنڪشنل ليگ مختلف وقتن تي سنڌ جي اشوز تي بي دلي طور تي پاڻ ۾ گڏجي اهڙي انداز ۾ سياست ڪنديون رهيون آهن، جنهن سان پ پ حڪمران جماعت جي ڪن مهٽ ته ٺهيو، پر ڪن تي جونءَ به چوري نه سگهيون آهن! جنهن جي ئي ڪري سنڌ جو ماڻهو گهڻي ڀاڱي سياسي ڌارا کان ٿورو ڇڳل نظر اچي پيو ۽ ان جو سياسي فائدو وري سنڌ اندر مذهبي جماعتون کڻي رهيون آهن، جنهن جي شروعات شڪارپور مان ٿي چڪي آهي. سنڌ جي اتر پاسي ۾ خاموشيءَ سان مضبوط نيٽ ورڪ تحت ان وقت ڪم ڪندڙ انتهاپسند جماعتن تي ڪنهن به پارٽي يا ساڃهه وندن ڳڻتي ظاهر نه ڪئي هئي پر انهن ڌرين مذهبي انتهاپسنديءَ تي ان وقت ڇرڪ ڀريو هو، جڏهن شڪارپور ضلعي ۾ ننڍي جاني نقصان جا وڏا بم ڌماڪا ٿيا هئا ۽ آخري وڏي نقصان جو زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن سان پوري دنيا اندر صوفياڻي سنڌ جو تعارف انتهاپسندي طور سامهون آيو، جنهن تي سنڌ جي ماڻهن جو ردِعمل وقتي طور تي ته ڏسڻ ۾ آيو، جيڪو ردِعمل انتهاپسنديءَ جي شڪار معصوم ماڻهن جي قبرن جي آليءَ مٽي تائين مس رهيو! بس! پوءِ سنڌ جي ساڃهه وڏن شهرن ۾ گم ٿي وئي، پر هن وقت شهر جو ساڃهه وند ماڻهو اڃا تائين مذهبي شدت پسنديءَ جي باهه ۾ پچي رهيو آهي. وقت سر قابل علاج ڦٽ به علاج نه ٿيڻ ڪري ناسور بڻجي ويندا آهن ۽ سنڌ جي هن علائقي اندر پ پ جي خراب ترين حڪمراني ۽ ايس يو پي، عوامي تحريڪ، ترقي پسند ۽ سنڌ جي مڙني قومپرست جماعتن جو سياسي ڪارج نه هئڻ سبب مذهبي انتهاپسندي پنهنجا پير پختا ڪري رهي آهي. سياسي ويڳاڻپ جو شڪار عام ماڻهو مذهبي جماعتن ۾ پناهه ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي! درجن کان وڌيڪ اهڙيون جماعتون سال جا ٻارنهن ئي مهينا سرگرم رهن ٿيون، ڪونه ڪو ڏينهن کڻي پنهنجون نيم سياسي سرگرميون جاري رکن ٿيون، جنهن سان عوام جي اندر هنن جي لاءِ حمايت وڌندي رهي ٿي ۽ مذهبي جماعتن جي گرفت معاشري اندر مضبوط ٿيندي وڃي پئي- ان جو نتيجو اهو آهي جو شڪارپور شهر ۾ ماضيءَ ۾ جي يو آءِ چار هزار کان وڌيڪ ووٽ نه کڻي سگهندي هئي، اڄ اها 27 هزار ووٽن تي پهتي آهي، جيڪڏهن مذهبي جماعتن ايندڙ اليڪشن ۾ اتحاد ڪرڻ لاءِ هڪٻئي خلاف ڳالهائڻ تي بندش وڌي ته 2018ع واري اليڪشن ۾ چونڊ نتيجا مذهبي جماعتن جي فتح جي صورت ۾ آساني سان اچي سگهن ٿا- پوءِ جيڪو ڪجهه به اسان جي تاريخي شهرن سان ٿيندو، اهو خيبر پختونخوا جي تاريخي شهرن کان مختلف نه هوندو، اتان جا تاريخي صديون پراڻا شهر ويران وسنديون ٿي ويا آهن، اتان جون بازارون برپٽ ۽ حسين عمارتون مٽيءَ جو ملبو بڻجي کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن ۽ ڪوهن ۾ انساني آباديءَ جو نشان ناهي، اتان جا رستا انسانن کي ساري روئي رهيا آهن.
    شڪارپور شهر جي اليڪشني نتيجن تي پ پ جي مقامي قيادت ۾ اختلافن جا پڙاڏا هر ماڻهوءَ جي زير بحث آهن. آخري هڏڪين ۾ کٽيندڙ امتياز شيخ پنهنجي ماضيءَ جي روايتي حريف آغا تيمور کي پنهنجي خلاف سازشن جو مک ماڻهو سمجهي ٿو ۽ اليڪشني نتيجا به تيمور خان جي اثر هيٺ پولنگن جا ان مٿان پارٽي چارج شيٽ لاءِ ڪافي آهن ئي، پر هڪ ڳالهه شايد امتياز شيخ وساري ويٺو آهي ته هو ماضيءَ ۾ پ پ مقامي اڳواڻن جي هڪٻئي خلاف سازشن جو فائدو فتح جي صورت ۾ کڻندو رهيو آهي، نه ته ساڍي ٽن ورهين جي پنهنجي ايم پي اي شپ جي عرصي ۽ ان کان پهرين هن جي ئي ماڻهو تعلقي ناظمي ۾ شهر لاءِ ڇا ڪيو! اهو ته هي شهر پنهنجو پاڻ تي گواهه بڻيل آهي! هيءَ به حقيقت آهي ته جيڪڏهن بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ جي عهديدارن جا هڪٻئي جي گريبان ۾ هٿ نه هجن ها ته امتياز شيخ کي 8 ڪائونسلر به نه ملن ها! اهو ناهي ته ڪو شهر جو ماڻهو پ پ جي حڪومتي ڪارڪردگيءَ مان ايترو خوش هو، پر ٻن جي جهيڙي مان ٽئين کي جيئن نڪرڻ ۾ آساني ٿيندي آهي ۽ اهو فائدو امتياز شيخ کي ڀرپور مليو. هاڻي کڻي اهو مڃون به ته امتياز شيخ خلاف اليڪشن ۾ پارٽي اندر سازش ٿي ۽ هن کي ڪيرائڻ لاءِ هنن جي ماضيءَ جي مخالفن وسان ڪين گهٽايو ته پوءِ هن کي هڪڙي هار مڃڻي پوندي ته هيءَ اليڪشن هو شخصي طور هارائي چڪو آهي ۽ سامهون مذهبي جماعت جي اميدوار جي مقابلي ۾ وري به شهر جي ماڻهن مجبور ٿي پ پ کي ووٽ ڏنو آهي ۽ جن ماڻهن هڪ ئي وقت پ پ ۽ ان جي اميدوار امتياز شيخ کان ناراضگي يا لاتعلقي جو اظهار ڪيو، انهن هڪ مذهبي جماعت جي اميدوار کي ووٽ ڏئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. شڪارپور جي ماڻهن مذهبي جماعت جي اميدوار کي ايترا سارا ووٽ ڏئي پنهنجي لاءِ سنڌ اندر يا ان کان ٻاهر شدت پسنديءَ جي وڌندڙ رجحانن جو تاثر قائم ڪيو آهي ته ساڳئي وقت سنڌ جي سنجيده ماڻهن کي ان سوچڻ تي مجبور به ڪيو آهي، جيڪي اڃا ڪجهه ڪجي يا انتظار ڪجي واري سوچ ۾ گم آهن ته پوءِ سنڌ اندر پ پ جي قائم سياسي اسٽيٽسڪو کي ٽوڙڻ لاءِ عوام مذهبي جماعتن جي حمايت ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو ۽ جنهن سان پوري سنڌ جي سياست هڪ ٽئين سياسي دور ۾ داخل ٿيندي.
    سنڌ جي پهرين قومي جدوجهد جي دور ۾ ثقافتي، تهذيبي، ٻولي، ادب ۽ روشن خياليءَ جا بنياد ڪافي مضبوط پيا ۽ ٻئي نيم جمهوري ڀوتارڪي دور ۾ اهي بنياد نه صرف ڪمزور ٿيا، پر عجيب غريب سياسي پهاڪا ۽ چوڻيون به وجود ۾ آيون، جيئن مفاهمت، سياست ۾ سڀ ڪجهه جائز، لٽيرا ۽ وڏيرا ڀائي ڀائي، جمهوريت جو عوام کان بهترين انتقام، سياسي فرنچائيز تي غير قانوني سمن جو جهجهي تعداد ۾ دستياب هجڻ، اسٽبلشمينٽ سان عداوت چڱي ناهي، ترقي گهرن جي ٽجوڙين جي، باقي شهرن ۽ روڊن تي ترقيءَ جي ڌوڙ ڪڪر پئي ٺاهي...!! هاڻي جيڪڏهن سنڌ اندر ڪا مضبوط عوام دوست ۽ اليڪشني سياست ڪندڙ پارٽي هنگامي بنيادن تي نٿي جڙي ته پوءِ سنڌ اندر ٽيون سياسي دور شروع ٿيڻ وارو آهي، اهو آهي انتهاپسند تنظيمن جو اليڪشني سياست ۾ مضبوط ٿيڻ ۽ انتهائي تيزيءَ سان سنڌ جي اتر واري حصي ۾ ڦهلجڻ ۽ اتان جي ماڻهن مٿان پنهنجي گرفت مضبوط ڪرڻ، جنهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جنهنڪري ڪجهه ماڻهو اهڙي صورتحال کي وانا ۽ وزيرستان سان ڀيٽيندا رهن ٿا.
    اڄ شڪارپور ۾ انتهاپسنديءَ جي ڊپ کان صوفي فقير ٻڍل جي ميلي تي گذريل ٽن ورهين کان بندش آهي، پوءِ سچل تي ته هونئن ئي مذهبي الزام ۽ فتوائون اڳ ئي آيل آهن، پر لطيف به انهن جي سوچ ۾ بدعتي ۽ شرڪ ۾ اضافو ڪندڙ آهي! شاهه عنايت سميت سنڌ جون هڙئي صوفي فڪر رکندڙ گاديون ڪفر ۽ ملحد جي فتوائن هيٺ اچي وينديون ۽ درگاهن کي بند ڪري ميلن تي پڻ پابندي لڳل هوندي. سنڌ جي ساڃهه جي هٿن ۾ رڳو نامنظور جا رسمي پلي ڪارڊ کنيل هوندا. غير سائنسي سوچ رکندڙ اسان جو ماڻهو پنهنجي ترقيءَ کي عقيدن اندر ڳولي پيو، ان جا نتيجا سنڌ جو ماڻهو غربت ۽ مفلسيءَ جي صورت ۾ وڏي عرصي کان ڀوڳي پيو. انتهاپسنديءَ جي باهه کي مضبوط نظرياتي سنڌ بيسڊ پارٽيءَ جي پاڻيءَ سان ئي وسائي سگهجي ٿو. پ پ پنهنجي مزاج ۾ پيرن ۽ ڀوتارن جي پارٽي بڻجي وئي آهي، جنهن ۾ سازشون بدن تي موجود وارن کان به وڌيڪ آهن. پيپلزپارٽي پنهنجي ضابطن کان ڪافي پوئتي هٽيل آهي، اتي فيصلا نوٽن ۽ ووٽن جي قوت رکندڙ ڀوتارن جي خواهش تحت ٿين پيا، نه ڪي پارٽي ورڪرن ۽ ووٽرن کي سامهون رکي ڪيا ويندا آهن. پ پ جي سياست تي گهري نظر رکندڙ 2013ع جي چونڊ نتيجن کان آگاهه هوندا ته ڪيئن پ پ سنڌ جي اهم ترين شهر شڪارپور ۾ سيٽ ته هارائي وئي، پر جيڪب آباد ۾ شهر اندر ووٽ گهٽ کنيا ۽ ٻهراڙيءَ مان وڌيڪ ووٽ وٺي ڪاميابي ماڻي ۽ ساڳي ريت لاڙڪاڻي ۽ خيرپور ۾ به شهر اندر پ پ اليڪشن هارائي وئي هئي ۽ ٻهراڙيءَ مان سيٽ کٽي عزت بچائي هئي! سکر شهر جي سيٽ ايم ڪيو ايم کان هارائي وئي هئي، ان مان آسانيءَ سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي اتر وارن مک شهرن مان پ پ کي مڊل ڪلاس شڪست ڏني هئي ۽ شهر جو ماڻهو پ پ جي 2013ع واري حڪومتي ڪارڪردگيءَ سبب پ پ مخالف ووٽ ڏئي پنهنجي لاتعلقي ڏيکاري هئي، پر سنڌ جي اليڪشني سياست ڪندڙ قومپرست جماعتون نظراندازي جو مظاهرو ڪري درست نموني سياسي ادراڪ نه ڪري سگهيون، جنهن جي ڪري سنڌ جي ماڻهن وٽ بهتر اليڪشني متبادل نه هجڻ ڪري هو وري به پ پ جي اڏيءَ تي ڪسجڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. هاڻي وري انتها پسند تنظيمن کي موقعو ڏئي ڄڻ ته ماڻهو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي رهيا آهن. هيءَ سموري صورتحال فڪر جوڳي گهڙي آهي، پر اهڙو فڪر ٿيندي نظر نٿو اچي.


    هو جيڪي خواب ناهن ڏسندا

    ميرن ۽ پراڻن ڪپڙن جي ڍير ۾ سٿيل وجود تي غربت ۽ لاچاري جا پاڇا گهرا ۽ چٽا نظر ايندا ۽ سندن زندگي بيٺل ۽ صدين کان وچڙيل غم هنن جي ارمانن ۽ خواهشن کي هنن جي ئي ڪرت گند جي ڍير ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي، هنن جو هر خواب گندگي جي ڍير تي ئي ڦتڪي ڦتڪي دم ڏئي ڇڏي ٿو، هنن جو نسل سنڌ جي هزارين سال قدامت جو اولڙو محسوس ٿيندو جنهن ۾ سنڌ ڌرتي مٿان ٿيل سوين حملن، ڪاهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٿيل انساني ڪوسن جا نشان چٽا ۽ نمايان نظر ايندا ته ڪيئن سنڌ ڌرتي ڌارين جي دهشت هيٺ ڌرتي ڌڻين جي وهايل بيگناهه خونن ۾ رنگبي رهي!! پوءِ هي نسل ڌارين جي دهشت ۽ وحشيت جو شڪار بڻجي خانه بدوش نسل بڻجي پنهنجي ئي ڌرتي تي بي گهر ٿي مفلسي واري زندگي جيئندو رهيو آهي. جان جي امان جي بدلي ۾ هي نسل پنهنجي حقن تان دستبرداري ڪري پنهنجي ئي ڌرتي تي ڌاريو بڻجي سماجي پستي ۾ رهڻ لڳو!. ائين ناهي ته سنڌ جي هن اصولوڪي رهواسين حملي آورن سان ڪا مزاحمت نه ڪئي هئي، هنن جي مزاحمت جي پوري تاريخ آهي پر سنڌ ڌرتي مٿان حملن ۽ حملي آورن جي عددي اڪثريت وڌيڪ هجڻ ڪري هنن جي مزاحمتي سگهه اثرائتي نه بڻجي سگهي ۽ ان سان گڏوگڏ هي خوشحال ڏيهه جا امن لوڪ رهواسي هيا جيڪي جنگي حرفتن کان ڏور ويدن ۽ پراڻ ۾ انساني ابتدائن جا پاٺ پڙهندا هئا سي ڪيئن ڪٽڪ لشڪرن سان ويڙهاند ڪري انساني لهو سان تاريخ کي رنڱينٰ ها!! هنن جا هنر مند هٿ ته هوليءَ جي فطري رنگن سان رنڱيل هئا ۽ هي پنهنجي کيتن کي کيڙي ڌرتيءَ جي پيٽ مان سون ڪڍي خوشحالي جي دهلن تي رقص ڪندا هئا. پوءِ اها خوشحالي ئي هنن جي دشمن بڻجي وئي، عروج بخت کي اڏهي لڳي وئي ۽ ڌارين جي ڪاهن جي صورت ۾ هنن جو زوال شروع ٿي ويو ۽ پوءِ سنڌ جو هي اصلوڪي رهواسي ٻاليشاهي پنهنجي ئي ديس ۾ اجنبي بڻجي خانه بدوشي واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي ويو. هنن لاءِ آسمان ته ڇت بڻجي ويو پر پنهنجي ڌرتي تي ئي زمين جي ٽڪري لاءِ ترسندا رهيا آهن. هنن جا گهر اڄ به ڪکاوان آهن، ڪانن، ڪکن ۽ کجين جي ڦرهن سان ٺهيل هنن جي گهرن ۾ ڪا به چوديواري نه آهي، سماجي اڻبرابري جو شڪار سنڌ جو هي اصلوڪو رهواسي زندگيءَ لاءِ ڀٽڪندو رهي ٿو پر ڪٿي به ٿانيڪو نه ٿو ٿئي. خانه بدوشي سندن نسلن لاءِ مقدر بڻجي وئي آهي ۽ شايد ڌرتي به هنن کان پلاند وٺي رهي آهي ته جيڪي نسل ڌارين جي حملي ۾ ڌرتي جو تحفظ نه ڪري سگهندا آهن اهي نسل صدين تائين ڀٽڪندا رهندا آهن ۽ ڌرتي انهن کان رٺل هوندي آهي ۽ رولاڪيون انهن جو پيڇو ناهن ڇڏينديون ۽ انهن جو نه ڪوئي قبرستان هوندو آهي نه وري سماجي زندگي!! بس! هو هڪ ڀٽڪندڙ نسل هوندو آهي جيڪو ڀوڳنائن جي ڊگهي عذاب ۾ پني پيٽ پاليندو آهي، ائين ناهي ته رولاڪين جي طويل مدتن ۾ هنن پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ ڇڏي ڏني آهي، اڄ به هو ڌرتي سان محبت جي اظهار ۾ غير معمولي جذبا رکن ٿا، ڌرتيءَ سان محبت هنن جي رت ۾ ڊوڙي ٿي ۽ هنن جي هڏن جي مک ۾ به موجود آهي. بس هنن کي شڪايت آهي ته پنهنجي ڌرتي ڌڻين سان جيڪي هنن کان نفرت ڪن ٿا ۽ کين سماج ۾ عزت جي نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي. هو مذهبي جنونيت ۽ جهيڙا ڏسي پنهنجي چوطرف غير مسلم کي ڪافر ۽ واجب القتل جون فتوائون ٻڌي خوف ۽ دهشت ۾ پنهنجي هزاره سال شناخت تان هٿ کڻي ڌنو ٻاليشاهي مان سليم ته سڏائي ٿو ۽ پنهنجي تاريخي شادي غمي جي رسمن تان به دستبردار ٿي ڦيرن ۽ نکيٽن بدلي نڪاح پڙهائي ٿو پر پوءِ به هن جي صديون پراڻي شناخت پيچو نه ٿي ڇڏي ۽ اڄ به هي ٻاليشاهين جي سماجي شناخت هيٺ سڏجي ٿو، سماج جي سوچ کي هي اڻپڙهيو مکي سليم اڄ به سمجهي ناهي سگهيو ته رڳو مذهب تبديل ڪرڻ سان سماجي رتبو تبديل ناهي ٿيندو ان لاءِ جهوپڙي واري زندگي کي ڪنهن پڪي گهر ۾ بدلائڻو پوندو آهي ميرن پراڻن ڪپڙن کي ساڙي عمدي پوشاڪ پائڻي پوندي آهي ۽ گندگي جي ڍير تان ماني ناهي تلاش ڪرڻي پوندي پر انهن ڍيرن تي عمده ۽ لذيز تعام هارڻا پوندا آهن ته جئين سماج کي خبر پوي ته هو بکايل سماج جو ڍواڳو خاندان آهي. هي سڀ ٻاليشاهي مان بڻيل نئين مسلمان لاءِ لازمي آهن نه ته هو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه پوندو ڇو ته طبقاتي سماج اندر مذهب جي تبديلي کي دل سان نه قبوليو ويندو آهي، ان لاءِ لازمي آهي ته هو ڏيک ويک به رکي ۽ سماجي رتبو حاصل ڪري، يقين ڏياري ته هاڻي هو زماني جي شبيهه ۾ مڪمل مسلمان لڳي پيو!!
    شڪارپور شهر جو ئي هڪ اهڙو ته المياتي واقعو آهي ته ڪئين هڪ هندو مسلمان دوستي ۾ پنهنجي مذهب کان دستبردار ٿي اسلام قبوليو هو ۽ پوءِ هو فقهن جي ترار هٿان زخمي ٿيندو پنهنجا نالا ۽ فقه بدلائيندو رهيو ۽ هو مذهب جي اصل ٺيڪيدارن جي شڪ هيٺ هميشه رهيو ته هن دل سان دين ناهي قبوليو ۽ انهن شڪ جي نگاهن کان ڀڄي هو پنهنجي ڌرم طرف موٽي ويو ته اتان به هو پهرين ڏينهن ئي نيڪال ٿي چڪو هيو ۽ پوءِ هو پنهنجي ڀيڻ جي گهٽي ۾ گهر ٺاهي ويهي رهيو ۽ هو زندگي جا آخري پل هر وقت ان خوف ۾ رهيو ته ڪٿي ڪنهن مرتد جي الزام هيٺ ڪسجي نه وڃي، خوف ۽ مفلسي نيٺ هن جي زندگي کي اضطرابي حالت ۾ پڄاڻي تي رسايو ۽ پوءِ هن جو لاش سڄو ڏينهن گهٽي ۾ مکين جي هجوم ۾ پيل رهيو...!! دنيا جي جهيڙن جهٽن کان دور سنڌ جو هي اصلوڪو رهواسي ٻاليشاهي پنهنجي ذات ۾ سراپا امن پسند نسل آهي هي ڪنهن به سازش جو حصو ناهي بڻجندو، نٽهڻ اس ۾ اڏيل هن جي جهوپڙن ۾ هنن جا معصوم ٻار ٿڌي ڇانو لاءِ ترسندا آهن ۽ سياري جي پوهه سردي ۾ به ڦاٽل چولي ۾ پيرين اگهاڙي سنڌ جي مستقبل وانگر ڏڪڻي ۾ گذاريندا آهن. هنن جي چلهه به اٺين پهر ٻرندي آهي جنهن ۾ ڍيرن تان لڌل مانيءَ جا ٽڪر يا گهٽين ۾ اڇلايل اميرن جي اوڀر کي باهه تي گرم ڪري پاڻ ۽ پنهنجي ٻارن جي بک کي ڪجهه پهرن لاءِ ماٺو ڪندا آهن. هنن ٻاليشاهين جي ٻارن جي ڦاٽل قميصن ۾ کيسا ناهن هوندا ۽ اهي ان احساس ۾ ڪڏهن به ناهن رهندا ته هنن جا کيسا خالي آهن ۽ هو ڪا به شيءِ کائڻ لاءِ خريد نه ٿا ڪري سگهن. بک ۽ بيوسي جو ڏيک ڏيندڙ هنن چهرن جي غم ۾ ڪو به شريڪ ناهي ٿيندو ۽ نه وري ڪو تڏي تي سندن روايتي عذر خواهي ڪرڻ ايندو آهي. ڪوئلي جي رنگت جهڙو هي نسل صدين کان پنهنجي اصليت برقرار رکندو پيو اچي. سنڌ ۾ رهندڙ هر قبيلو پيوندي نسل جي پيداوار آهي اتي هي نسل ساڳي ئي رنگت کي برقرار رکڻ ئي سندن پويترتائي جو مثال آهي. جڏهن شڪارپور شهر ۾ رات جي وقت رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ روشنيءَ جا جديد فانوس ٻرندا آهن اتي هنن جي گهرن ۾ گهگهه اوندهائي هوندي آهي ۽ زندگي خاموشيءَ جي ڪاري چادر اوڍي آهستي آهستي ستي ساهه کڻندي آهي ۽ هي ننڊ جي تاريڪيءَ ۾ ڪي سندر سپنا ناهن ڏسندا. خواب جن ۾ آزادي هوندي آهي ۽ ان ۾ صدين جي مسافتن جا ٿڪ ڀڃبا آهن ۽ ڀوڳنائن جي ڊگهي تاريخ جي پڄاڻي هوندي آهي، خواب جن ۾ رات جي پونئين پهر جي ماڪ ڀنل خوشبو هوندي آهي جنهن ۾ زندگيءَ جي پراسراريت جا پردا کڄندا آهن ۽ موت جن کان ڇرڪي پوندو آهي پر هنن هاڻي خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن. سنڌ جي صدين جي اهڃاڻ هن نسل کي نام نهاد سرڪاري شناخت به نه آهي ۽ ڪو به مستقل رهائشي سرٽيفڪيٽ نه آهي ۽ پنهنجي ئي ديس ۾ اوپرا بڻجي شناخت لاءِ ڀٽڪندا رهن ٿا. سرڪاري ادارن ۾ ملندڙ ڇڙٻون ۽ پليتيت جا طعنا ملڻ کان پوءِ هاڻي ته هو شناختي ڪارڊ جهڙي ڪوڙي شناخت تان به هٿ کڻي ويا آهن هنن جو جيءَ ته تڏهن جلي ٿو جڏهن رات جو شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي اوباش هنن جي اونداهي جهوپڙين جو رخ ڪن ٿا ۽ هنن جون مرداڻو مزاج رکندڙ عورتون مزاحمت ڪري پنهنجي لڄ جو تحفظ ڪن ٿيون پر هنن جو فرياد ٻڌڻ لاءِ ڪو به سرڪاري عملدار تيار ناهي هوندو. هي جيڪي هميشه ان طعني هيٺ زندگي جيئندا آهن ته هي پليت مئل ڍورن جو گوشت کائيندا آهن توڙي جو ان الزام کي هنن جو مکي سليم ته مڃڻ لاءِ تيار ناهي پر شايد هن کي اها خبر نه آهي ته هن ملڪ جي اڪثر امير هوٽلن ۾ هلندڙ گوشت به حرام جانورن جو هوندو آهي جنهن کي امير طبقي جو ڊيڊي نسل مصالحن جي چاشني ۾ وڏي مزي سان کائيندو آهي. اڌو گابري ٺهيل شناختي ڪارڊن تي داخل هنن جو ووٽ به ڀوتارن جي پيتين ۾ ان آسري تي ويندو آهي ته بدلي ۾ هنن کي مستقل رهائش ۽ ڪچن گهرن کي سرڪاري پئسن سان پڪو ڪرائي ڏنو ويندو ۽ اها آس هنن جي اڃان به ٽنگيل آهي ۽ ڪو به ڀوتار هنن کي پڪا گهر ٺاهي نه ڏيندو ڇو ته ڀوتار اڃان به ووٽ جي صورت ۾ خيرات وٺي پيو ۽ ان وقت الاءِ ڇو انهن ڀوتارن کي هنن جي ووٽن مان بدبوءِ نه ايندي آهي جڏهن هي ڀوتارن جي پيتين ۾ ووٽن جي خيرات وجهندا آهن. هي سنڌ جي اصلوڪي نسلن مان پيوندي بڻجي مهذب سڏائيندڙ ڀوتارڪو نسل ڪڏهن پنهنجي اصل کي سڃاڻيندو ۽ انهن جي زندگي تي ترس کائي کين ووٽ ۾ ڪجهه پڪا گهر ۽ مستقل زمين جو ٽڪرو هنن حوالي ڪندو. في الحال ته سنڌ جو هي حاڪم طبقو سنڌ جي مجموعي ماڻهن آڏو پنهنجي آسودي جهولي ڦهلائي ووٽ جي خيرات وٺي پيو ۽ سنڌ جو ماڻهو انهن جي جهولي ۾ ووٽن جي خيرات وجهي پنهنجي ترقي کي تاريڪيءَ ۾ تبديل ڪندو رهي ٿو ۽ هي سفر ممڪن آهي اڃان ڪجهه ڏهاڪا جاري رهي ۽ سنڌ جو ماڻهو ڀوتارڪي سياسي داءَ پيچن کي ايترو جلدي نه سمجهي سگهي ۽ روايتي نعرن ۾ جذباتي بڻجي دهل وڄي ۽ دوسو نچي جي محاوري کي برقرار رکندو اچي باقي خوابن کان خالي سنڌ جو هي ٻاليشاهي نسل خانه بدوش زندگيءَ جا عذاب سهي ساڻو ٿي پيو آهي، اکين مان کسيل خوابن کي هاڻي هو واپس ورائڻ جي سگهه نه ٿو ساري ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي جو هو مايوسي زندگيءَ جي اجتماعي موتن جو تحفو نه ڏين.


      شڪارپور جي ڀوتارڪي سياست جو ڪلچر

    جمهوريت جو بنيادي مقصد مساوات ۽ آزادي هوندو آهي، جنهن ۾ فرد جي آزاديءَ کان ويندي معاشري جي سائنسي بيهڪ تهذيبي لقاءَ کان اعليٰ نموني جو ڏيک ڏيندي آهي، جمهوريت يا جمهوري قدر ايستائين اڻ مڪمل يا اڻ چِٽا ٿين ٿا، جيستائين سياسي مخالف کي مساوي بنياد تي برداشت نٿو ڪيو وڃي يا کيس سياسي حق جي کُلي ڇوٽ نٿي ڏني وڃي! جيڪڏهن سياسي مخالفت کي ذاتي مخالفت سمجهيو ويو ته اها مخالفت سياسي نتيجا گهٽ ذاتي پروپيگنڊا کي وڌيڪ اهميت ڏئي سماج اندر جمهوري قدرن جي پائمالي جو سبب بڻجي ويندي ۽ پوءِ سماج جمهوري قدر وڃائي هڪ غير سياسي سوچ ۽ اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندو. مخالفت کي سياسي انداز ۾ سمجهڻ ۽ سياسي طريقي سان ان جي تشريح ڪرڻ ۽ سياسي فارم سان مخالفن کي جواب ڏيڻ ئي جمهوريت جو بنيادي روح آهي. يورپ جي ملڪن اندر مخالفن ۽ مخالفت کي قبول ڪرڻ ۽ سياسي انداز سان مخالفت جو مقابلو ڪيو وڃي ٿو، اهوئي سبب آهي جو سڌريل ملڪن اندر جمهوريت جي گاڏي ڊي_ريل ناهي ٿيندي ۽ سياسي ادارا ارتقا جا هڙئي مرحلا طئي ڪري تهذيب جي اعليٰ مقام تي رسيا آهن، اڄ اهي ترقي پذير ملڪن لاءِ ماڊل آهن. جمهوري روايتن ۾ پوئتي پيل ملڪ انهن مان انسپائريشن حاصل ڪري رهيا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جو سياسي نظام مدي خارج ۽ جمهوري قدرن کان خالي وڏيرڪي پنجوڙ ۾ ڦاٿل نيم سرمائيداري آپيشاهي جو شڪار آهي، جيئن ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته: “انساني نسل کي نون طبيبن ۽ پراڻن حجمن کان خبردار رهڻ گهرجي”، پر بدقسمتي سان هن ملڪ جي اقتدار جي مسند تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سياسي حجمن جو قبضو آهي، جيڪي عوام جي ترقي ۽ شعوري واڌ ويجهه تي پاڪي گهمايون ويٺا آهن. جن ملڪ ۾ سياسي مخالف کي ابتو ٽنگڻ يا دربدر ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ايتري قدر جو قومي احتساب جي نالي تي قائم اداري کي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ ۽ مخالفن کي سيکت ڏيڻ لاءِ مست هاٿي وانگر استعمال ڪيو ويو آهي، جنهن جي شاهدي ملڪي تاريخ جي پنن ۾ ڀري پئي آهي. جيتوڻيڪ ملڪ ۾ گذريل ڪجهه ورهيه کان جمهوريت جي ديوي اکيون پَٽيون آهن پر جمهوريت جي ديوي جي سوچ اڃا روايتي سياست واري ئي آهي، جنهن جو مثال گذريل ڪيترائي ڏينهن کان ن_ليگ ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جا بيان هڪٻئي کي حيثيت ڏيکارڻ ۽ آمريت جي پيداوار جا مهڻا ڏيڻ آهي. پاڻ پري ڇو وڃون، ڪجهه ڏينهن اڳي ئي سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر ۽ شڪارپور ۾ حڪومتي ڪاروهنوار جي ڪرتا ڌرتا آغا سراج دراني پنهنجي روايتي مخالفن غوث بخش مهر، همت ڪماريو ۽ امتياز شيخ تي ذاتي حوالي سان جيڪي ڇوهه ڇنڊيا، جنهن ۾ هُن غوث بخش مهر کي غوثل ڪمپني ۽ امتياز شيخ جي مرڪزي صلاحڪاري کي چانهه پڪوڙن جي نوڪري سڏيو، کين حيثيت ۾ رهڻ جي ڳالهه ڪئي، ان مان ان جي سياسي سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، اهو سندس گذريل حڪومتي دور جي ڪارگذاري ۽ مڪاني نظام جي ڪاري قانون تي سنڌ جي دانش ۽ عوام تي ڪيل چٿر مان ئي معلوم ڪري سگهجي ٿو، ان کانسواءِ سندس کاتي ۾ جيڪي ڪارستانيون ٿيون، اهي به سنڌ جي شهرن جي تباهيءَ جي لقاءَ مان پسي سگهجن ٿيون، بئنڪ جا مئنيجر، استاد ۽ ڪلارڪ وغيره ٽي.ايم.او بڻجي ويا ۽ انهن سنڌ جي تاريخي شهرن سان جيڪا ويڌن ڪئي، اها ڪيئن وسارجي؟ ان ڪري ئي شهرن جي ترقي، فقير جي چَتيون لڳل ٽوپي مثل رهي....! سندس منظورِ نظر ماڻهن جي ترقي کانسواءِ باقي سنڌ خصوصاً تڪ تنزليءَ جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا، ٻيو ته ٺهيو پر آغا سراج صاحب پنهنجي حلقي جا اسڪول ۽ اسپتالون به سنڀالي نه سگهيو، اسڪول اڪثر بند ۽ اسپتالون دوائن کان محروم رهيون، هڪ ماڊل يُو.سي ته ٺهيو پر ڳڙهي ياسين شهر جو هڪ ماڊل پاڙو به نه ٺاهي سگهيو.
    شڪارپور ۾ غوث بخش مهر جي سياست ميڪاولي نظريي وانگر آهي، جيڪا هميشه اقتدار ۾ رهڻ جو ڏس ڏئي ٿي. غوث بخش مهر به هميشه اقتدار جي بستري تي آرام ڪندو رهيو آهي ۽ سياسي پَتا کيڏڻ جو ماهر سمجهيو ويندو آهي، ضلعي ڪائونسل شڪارپور شروع کان وٺي سندس سياسي جاگير سمجهي ويندي آهي، هن دفعي هن جو تير نشاني تان گُسي ويو آهي پر ان جي باوجود پنهنجي حامي وڏيرن کي ساڻ کڻي هلڻ ڪو هن صاحب کان سِکي. غوث بخش مهر شڪارپور کي ڇا ڏنو آهي؟ اهو سندس حامي ئي ٻُڌائي سگهن ٿا. بهرحال شڪارپور ۾ وڏي عرصي کان ساڳي قسم جي ڊرٽي پاليٽڪس هلندڙ آهي، جنهن شڪارپور جي تاريخي جوڙجڪ ۽ خوبصورت تعارف کي آلوده ڪري ٻوڙي ڇڏيو آهي. شڪارپور شهر سان شيخ صاحبان جيڪا جُٺ ڪئي آهي، تنهن کي به وساري نٿو سگهجي. تاريخي شاهي باغ جي نيلامي کان ويندي ڪوس گهر، صدر مارڪيٽ ۽ لکيدر ٿاڻي جي پويان سرڪاري ڍڪ وڪڻڻ ڪري شيخ صاحبان مٿان تاريخ جو فرياد داخل ٿيل آهي، ڏسون ته هو ڪڏهن ٿا ضمانت ڪرائين ۽ عوام آڏو سرخرو ٿين. شڪارپور ۾ پٺاڻن جي سياست به ڏاڍي عجيب آهي، آغا تيمور پنهنجي وڏڙن جي روايت کي برقرار رکندي شهر سان جيڪا پريت نڀائي، اها عوام کيس اليڪشن ۾ وياج سميت واپس ڪري ڇڏي ۽ هاڻ ان جي سياست جو ٽائٽينڪ ٻُڏي رهيو آهي. سومرن جي سياست جو لٿل سج وري اڀرندي نظر نٿو اچي ۽ ڪمارين لاءِ ڪهڙا ڪمينٽس ڏجن؟ اهي پنهنجي ابڙا قبيلي کي سنڀالين سوته وڏو مسئلو آهي پر جيڪڏهن پنهنجي تڪ مان ٻروچ_ڄاموٽ وارو فتنو ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا، تڏهن به هُنن گهڻو ڪمايو. جتوئي ڀائرن جي سياست منطقي انجام تي پهچي چڪي آهي، جنهن جو تازو مثال خانپور جي صوبائي تڪ تي ضمني چونڊ ۾ مليل شڪست آهي پر انهن جي مخالف ڀين جي سياست کي به متبادل نٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته اها سياست به ساڳئي سياست جو حقو آهي، ٻيئي هڪ ٻيڙيءَ جا سوار آهن، فرق رڳو ونجهه کسجي وڃڻ جو آهي. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائين ٿيون ته عوام جو احتساب ڪيترو نه ڪڙو ۽ سخت هجي ٿو، جيڪو وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي سياست کي پنهنجي اصل حيثيت ياد ڏياريندو رهي ٿو. شڪارپور هڪ تاريخي شهر ۽ انتهائي اهم ضلعو آهي پر روايتي ڊرٽي پاليٽڪس هن شهر ۽ ضلعي جو جيڪو حشر ڪيو آهي، تنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. استاد بخاريءَ چيو آهي ته:
    ”هي قوم اُٿي پئي ته محشر کان تِکي آ“
    چوڻ جو مقصد هڪٻئي کي سياسي طريقي سان شڪست ڏيڻ ۽ پنهنجي مٿان ڪيل تنقيد کي ذاتي نه پر سياسي سمجهڻ ئي هڪ بهتر جمهوري قدرن جي ٻوٽي کي سائو رکڻ ئي سٺي سوچ جواڀرڻ آهي، باقي ڀوتارڪي سياسي مان عوام کي ڪيترو فيض مليو آهي، اهو معاشري ۾ موجود سماجي ترقي ۽ سهپ مان لڳائي سگهجي ٿو. نظرين ۽ مقصد کان خالي سياست کان سمورو معاشرو غير سياسي ۽ بيزاريءَ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي، موقعي پرست سياست چند گروهن کي ته فائدو ڏئي سگهي ٿي پر معاشري جي مثالي اُڻت نٿي ڪري سگهجي. ويهين صديءَ جي عظيم انقلابي ليڊر نيلسن منڊيلا بي بي سي جي پڇيل هڪ سوال، سياستدان ۽ ليڊر ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ جي جواب ۾ چيو هو ته سياستدان ايندڙ اليڪشن لاءِ سوچيندو آهي، ليڊر ايندڙ نسلن لاءِ سوچيندو آهي. شيخ اياز خوب چيو آهي ته:
    “سانگ سياست جا سمجهي، ٺاهه ٺڳيءَ جا ڊاهي،
    ڪوئي آهي ڪوئي آهي، جيڪو سچ چوي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1258257
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386392
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ