ڪتاب جو نالو: خوابن جا پاڇا
مصنف: يوسف جميل لغاري
ڇپائيندڙ: سنڌ سلامت ڪتاب گهر
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2018
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 01 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 1208 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 155 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
يوسف جميل لغاري سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ليکڪ پاران
  • ڦڪي چانھ
  •   سينٽرل لائيبرري
  •   بينظير ڪارڊ
  •   مسڊ ڪال
  •   پراسرار نينگري
  •   فرينڊ رڪويسٽ
  •   ڪاپي ڪلچر
  • فيڪلٽي ۾ دلين جا فاصلا
  •   دل جي ڳالھ
  •   مس آڪسيجن
  • نِراسائِي
  •   جا ڪالھ مون تي وئي گذري
  •   خاموش سڏڪا
  •   هٽلر صفت محبوبا
  • اڙي چنڊ - اڙي چنڊ
  •   ها پرين
  •   اسين هيڪلا هن جهان ۾ !
  • لازوال مرڪ
  • بدگماني جي بلندي
  • اڻپورا احساس
  • مرڻينگ ٿيل محبت
  • منهنجو يار ملوڪ
  • موئن جي دڙي ۾ محبت
  • لفظن جو ماتم
  • ڊائري جا ورق
  • يقين جي سگھ
  • من مندر جي مورتي
  • تون هاڻ ڪاڏي ويندين

  • ارپنا

    انهن جذبن، احساسن ۽ اميدن جي ناؤن جيڪي هر ڏينهن هن سماج جي ڪُڌن رسمن عيوض قربان ٿيندا رهيا آهن ۽ منهنجي عظيم ڌرتي سنڌ ڌرتي جي نالي جنهن جي سحن ۾ رهندي مون انيڪ خيالن کي قلم بند ڪيو.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”خوابن جا پاڇا“ اوهان اڳيان پيش آهي. اختصاري ڪھاڻين تي مشتمل ھن مجموعي جو ليکڪ نوجوان ڪھاڻيڪار ۽ ڪالم نگار يوسف جميل لغاري آھي.

    يوسف جميل لغاريءَ سان سوشل ميڊيا تي سٺو تعلق رھيو آھي. ھو سٺو ليکڪ، ادب ۽ علم جو اڃيو آھي، جنھن کي سٺا ليک ۽ علمي ادبي لکڻي پاڻ ڏانھن ڇڪي وٺندي آھي. ھن معاشري جي نا انصافين ۽ ڪيترن ئي روين خلاف بغاوت سندس قلم مان ظاھر ٿي پوندي آھي. سندس ڪھاڻيون اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي چوگرد گھمندڙ ڪردارن ۽ پنھنجن ئي ماڻھن جي روين سان ڀريل آھن. يوسف جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون جتي اسان جي معاشرتي پهلوئن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ بيچين آهن اتي زندگي جي چوواٽي تي حقيقي واقعن جا چٽا پٽا اولڙا به آھن. ھن وٽ خوبصورت خواب آھن جن جا پاڇا بہ اوترائي خوبصورت ۽ پر اميد آھن.
    يوسف جميل لغاريءَ جو ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري ناھي ڇاپيو، تنھنڪري ھن پيار، پاٻوھ، سڪ ۽ اڪير مان سنڌ سلامت ڏانھن موڪليو آھي تہ جيئن آنلائين اپلوڊ ڪري سڀني سنڌين تائين پھچايون. پيارا يوسف سنڌ سلامت سٿ ۽ فورم اوھان سان گڏ ھنن لکڻين کي بہ دلي موٽ ڏيندو.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ليکڪ پاران

    اوهان انيڪ ڪتاب پڙهيا هوندا، شاعري جا، ڪهاڻين جا، افسانن جا، ناولن جا، تاريخ جا، ۽ ٻيا به الا۽ ته ڪيترا اوهان جي پسند مطابق، اوهان بخوبي ڄاڻيندا هوندا ته ادب جي دنيا ۾ هڪ رواج عام آهي، ڪنهن بہ ڪتاب کي لکي مڪمل ڪرڻ کان پو۽ ان ليکڪ کي پنهنجو سڄو لکيل مواد ڪنهن وڏي ڏاهي اديب کي چڪاسڻ لا۽ ڏنو ويندو آهي ته جئين اهو پنهنجي دانشورانا صلاحيتن کي استعمال ڪندي ان ڪتاب ۾ چڱايون ۽ برايون ڳولي سگهي ۽ پو۽ وري انهن لفظن کي ڪتاب جي شروع ٿيڻ سان ئي پهرين پنن تي ڇپرائي ڪري اهو تاثر ڏيي ته هي ڪتاب پڙهڻ جي لائق آهي يا نه جي نه هجي ها ته پو۽ هيڏو وڏو ڏاهو، اديب يا دانشور هن ڪتاب جو مهاڳ ڇو لکي ها.
    مهاڳ هڪ قسم جي اهڙي تعريف آهي جيڪا ليکڪ پاڻ لا۽ ۽ پنهنجي ڪتاب لا۽ ڪنهن ٻي جي لفظن جو سهارو وٺي ڪري لکرائيندو آهي
    مون کي ڪنهن به مهاڳ، پيش لفظ يا وري پاڻ پڏائڻ لا۽ ڊاڙ هڻڻ جي ڪائي به ضرورت نه آهي، مون نه ئي پئسن حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن لکيو ۽ نه ئي وري ڪنهن ٺاڪ ڦوڪ ۾ رهڻ لا۽ لکيو آهي، لکڻ منهنجو شوق آهي جيڪو جنون جي حد تائين وڌي چڪو آهي
    ڪم ڪارن جي ڪري اگر ڪجھ وقت ڪا ڪهاڻي يا وري ڪو مضمون نه لکندو آهيان ته منهنجي طبعيت ۾ هڪ عجيب قسم جي چڙ چڙهاٽ حاوي ٿي ويندي آهي، مان سڀني کان بيزار ٿيڻ لڳندو آهيان، ڪا ته طاقت آهي جيڪا مون کي اندر ئي اندر ۾ ڪجھ لکڻ لا۽ همٿائيندي آهي، مان پنهنجي مادر علم شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي انهن سڀني دوستن جو انتهائي شڪرگزار آهيان جن مون کي هن منزل تائين پهچائڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي، مان فيڪلٽي آف ايجويڪيشن جي انهن سڀني مهربان استادن کي به نه ٿو وساري سگهان جن جي شفقت ۽ محبت ۾ مون سڀ ڪجھ پرايو، وقت وڏي ڳالھ آ، ڪڏهن ڪهاڻين پڙهڻ جو بيحد شوق هوندو هو بابا طرفان ادب جي ڪتاب سان ڀريل هڪ ڪٻٽ مون کي ننڍي هوندي کان ئي ورثي ۾ ڄڻڪ مليل هو، بابا سائين پنهنجي جواني واري دور ۾ ڏاڍو سماجي ماڻهو رهيو، ڪنهن حد تائين اڃا به آهي مگر عمر جي تقاضائن مطابق هر شئي پنهنجي رفتار گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي.
    مان جڏهن ڪجھ پڙهڻ ۽ لکڻ جي قابل ٿيس ته منهنجو لڳاءُ ڪهاڻين ٻڌڻ ۽ پڙهڻ ۾ گهڻو رهيو اها اڪثر سڀني ٻارن جي فطرت به هوندي آهي ۽ منهنجي به هئي، ڪهاڻيون ٻڌندي، پڙهندي، لکندي وري اڄ هن منزل تي اچي پهتا آهيون سچ ته يقين ئي نه پيو اچي.
    منهنجي لا۽ اهميت جا قابل آهن اهي دوست جيڪي ادب سان چاھ رکن ٿا، ادب سان عشق ڪن ٿا جن جي ادب کان سوا۽ سري نه ٿي، جيڪي ڪهاڻيون توڙي ڪتاب پڙهن ٿا سندن اهميت سمجهن ٿا، مون کي سندن صلاحن، راين ۽ تبصرن جو شدت سان انتظار رهندو، اميد ته ڪتاب پڙهڻ کان پو۽ پنهنجي قميتي را۽ کان ضرور آگاه ڪندا ته جئين خبر پئجي سگهي ته سفر ڪٿي پهتو آهي.
    مان سنڌ سلامت سٿ جو بہ ٿورائتو آھيان جن منھنجي ڪھاڻين جي ھن مجموعي کي سنڌ سلامت ڪتاب گھر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آھي.


    يوسف جميل لغاري


    ڦڪي چانھ

    ڊپارٽمنٽ جي ڪينٽين ۾ ويهندي مون بيري کي پاڻي آڻڻ لا۽ چيو، بيرو جلدي ۾ پاڻي کڻي آيو نماڻي انداز ۾ چيائين،
    ” صاحب توهان جو ڇا آڊر آهي“
    ” هڪڙي ڦڪي چانھ “ مون حجائتي انداز ۾ بيري کي پنهنجي لا۽ آڊر ڏنو،
    ” ۽ ميڊم لا۽ ڇا کڻي اچان“
    ” وڏيري پاڻ ويٺي آ، جيڪو وڻيس آڊر ڏي “ مان هُن ڏي نهاريندي بيري سان مخاطب ٿيس،
    ” منهنجي لا۽ هڪ ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچو، ڪابہ هجي مگر هجي صفا يک ٿڌي “
    ” ٺيڪ آ، بس اجهو کڻي آيس “ بيري پنهنجي پيرن تي زور ڏنو،
    مان هن کي خاموشي سان تڪيندو رهيم جيسين بيرو منهنجي ڦڪي چانھ ۽ هن جي ڪولڊ ڊرنڪ کڻي اچي تيسين مان پنهنجي من گهرئي محبوب جي مقدس چهري کي ڏسي ڪري دل کي تسڪين عطا ڪري رهيو هيس، هو سمجهي وئي تہ مان خيالن جي سمنڊ ۾ غوطا کائي رهيو آهيان مونکي واپس ڪناري تي آڻڻ لا۽ هن مونکان بي وقتو سوال ڪيو،
    ” تون ڦڪي چانھ ڇو پيئندو آهي، توکي تہ شگر بہ ناهي پو۽ بہ ڦڪي چانھ ٿو پئين“
    منهنجي سوچن جي سمنڊ جو ڄڻ پاڻ ٻنڊو کوليائين، مون چيو

    ” ڦڪي چانھ پنهنجي اندر هڪ انفراديت رکي ٿي، معاشرو جن ماڻهن کي وڏو ماڻهو سمجهندي آهي اُهي صاحب عام طور تي ڦڪي چانھ پئيندا آهن، سڄي عمر رشوتن عيوض ٻين کان مٺائيون وٺي ڪري کائڻ سبب شگر جا مريض ٿيندڙ صاحب ڦڪي چانھ وڏي رعب ۽ تاب سان پئيندا اٿئي، مون کي ڦڪي چانھ پسند گهٽ آهي مگر جڏهن بيرو مونکي صاحب چئي ڪري مخاطب ٿيندو آهي تہ پو۽ آءُ سوچيندو آهيان تہ مان پاڻ کي صاحب ٿيڻ جي سزا هتي ئي ڏئي ڇڏيا ان لا۽ پنهنجي پسند جي خلاف هن کي آڊر ڏئي آءُ پاڻ کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، مان ڪڏهن بہ اهڙو صاحب سڏائڻ جو ڪائل ناهيان جيڪو پنهنجي اسڪول جي پگهار کڻندي اتان گسائي ڪري ڪنهن سياسي ڪاموري جي چاپولوسي ۾ عمر گزاري صاحب سڏائي، يا ٻين جي روزي کسي ڪري پنهنجو پيٽ ڀري، آءُ ڪڏهن بہ اهڙو صاحب ٿيڻ پسند نہ ڪندم جهڙا صاحب اسان جي معاشري ۾ آهن مان ڪڏهن بہ صاحب نہ ٿيندس ڇو تہ اڄوڪن صاحبن جي صاحبي ۾ صداقت ناهي.“
    آءُ ڳالهائيندي ڪجھ جذباتي ٿي ويو هيس اڃا اڳتي ڳالهائڻ پہ چاهيم تہ بيرو ڪولڊ ڊرنڪ ۽ چانھ کڻي آيو، هن جي سامهون ڪولڊ ڊرنڪ ۽ منهنجي سامهون چانھ رکندي چيائين:

    صاحب هي توهان جي چانھ، صفا ملائي اٿئو ملائي
    هو ڪولڊ ڊرنڪ کڻي مونڏي نهاري مرڪي پئي.


      سينٽرل لائيبرري

    هر تعليمي توڙي تدرسي اداري جو ڪو نه ڪو اسپاٽ ڪنهن نہ ڪنهن سبب جي ڪري گهڻو ساراهيو ويندو آهي اهڙي طرح شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي سينٽرل لائيبرري جي بلڊنگ پنهنجي افاديت ۽ انفراديت جي ڪري پوري يونيورسٽي ۾ پنهنجي الڳ شناخت رکي ٿي، هن ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پڙهڻ گهٽ، هڪ ٻي سان ڪچهريون ڪندي گهڻا نظر ايندا آهن، منهنجو دوست طفيل، جيڪو مون کان هڪ سال سينئير ۽ باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهندو آهي، باٽني ڊپارٽمنٽ ۾ ڇوڪرين جي گهڻائي هوندي بہ هن مهل تائين ڪائي سانوري بہ سيٽ ڪونہ ڪري سگهيو آهي، سبب پڇڻ تي چوندو آهي تہ
    ”منهنجي ڊي اين ۾ شرافت خاندائي طور سمايل آهي ان جي ڪري ڇوڪريون منهنجي ويجهون بہ نٿيون اچن“
    اها ٻي ڳالھ آ تہ کيس اهي چڪربازيون اچن ئي ڪون جنهن سان ڪنهن ڇوڪري جي ويجهڙائپ حاصل ڪبي آهي، ٻہ سال اڪيلائي ۾ گذاري گذاري نيٺ هن لا۽ صبر جي بہ حد ٿي وئي، هڪ ڏينهن مونکي چيائين ” يار ڪڏهن هلئو پاڻ سينٽرل لائيبرري “ مون حيرت مان پڇيو ” ڇو خير تہ آهي ڪتاب پڙهندين يا وٺندين “ مرڪي چيائين ”ٻہ سال ٿيا آهن مون کي ڪڏهن ڪو ڪتاب پنهنجي نالي اِشو ڪرائيندي ڏٺو اٿئي“ . ” باقي ڇا جي لا۽ پاڻ هلئو “ مون تجسس مان کانس پڇيو.
    ” بس چڪر تي“
    ڪياڙي کندي چيائين،
    ” جي چڪر ئي هڻڻو اٿئي تہ پوري يونيورسٽي پئي آ، پيو چڪر هڻ، لائبرري هلڻ جي ڪهڙي ضرورت آ “
    مون دانشورانا انداز ۾ کيس سمجهايو، بنا ڪنهن خاص وجہ جي مان پاڻ لائبرري وڃڻ کان ڪيٻائيندو هيم، سو بنا ڪنهن ڪم جي هن کي بہ وٺي وڃڻ مناسب نہ پئي سمجهيم، ليڪن ڪٿي ٿو سمجهي، سندس ذهن ۾ ڄڻڪ بنھ ڀريل هجي منهنجيون نصيحتون کيس فضول لڳي رهيون هون،
    ” يار تون صرف ايترو ٻڌا۽ گڏ هلندين يا نہ نصيحتون پو۽ ڪجان جلالي پير صاحب“
    همراه ڪاوڙ واري لهجي ۾ مونکان پڇيو، مون بي جهجڪ ٿي ساڻس گڏ هلڻ لا۽ حامي ڀري پنهنجي پراڻي دوستي جو ڀرم رکيو، اربع جي ڏينهن هن مونکي ميسيج ڪيو تہ اڄ سينٽرل لائيبرري هلنداسين، مون کيس ريپلا۽ ۾ اوڪي لکيو. ڪلاسن کان فارغ ٿي ڪري مان سڌو باٽني ڊپارٽمينٽ جي ٻاهران وڃي کيس ميسيج ڪيو، هي منٽ اڌ ۾ ٻاهر آيو ۽ اسان سينٽرل لائيبرري لا۽ روانا ٿياسين، اڄ طفيل گلاب وانگي ٻهڪي پيو ۽ خوش خوش نظر پئي آيو، مون سندس نيت پروڙي ورتي تہ پڪ هي ڪنهن حسن جي ديوي جي درشن لا۽ سينٽرل لائبرري هلي پيو نہ تہ هيترو ٻهڪي ڪونہ ها، اسان جڏهن سينٽرل لائبرري جي گيٽ وٽ پهتاسين تہ اسان جي لائبرري ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻن ايپران پهريل حسن جي ديوين اسان کي ڪراس ڪيو، شايد هو بہ باٽني ڊپارٽمنٽ يا زولاجي ڊپارٽمنٽ ۾ پڙهنديون هيون، تڏهن تہ کين وائيٽ ايپران اوڍيل هئا، مون تہ ڏٺو اڻ ڏٺو ڪرڻ جي ايڪٽنگ ڪئي، مگر طفيل جو نظرون انهن ۾ ائين کپي ويون ڄڻڪ ڪي عيد جون چنڊ هجن، طفيل جي دل سيني مان نڪري چڪي هئي ۽ جي ٿري جي گولي جي رفتار ۾ سندن پويان پويان وڃي رهي هئي، لائيبرري ۾ داخل ٿيندي ئي مون ۽ طفيل لائبرري جي کاٻي ڪنڊ وڃي ورتي جنهن طرف ڪهاڻين ۽ ناولن جا ڪتاب رکيل آهن مان ڪٻٽ ۾ رکيل ناول ڏسي رهيو هوس ۽ طفيل جون نظرون پوري لائبرري ۾ انهن ٻن پرسرار ديوين کي ڳولي رهيون هيون، اچانڪ طفيل آواز ڏنو
    ” اچ ويھ يار هو ڏس هو سامهون اچن پيون“
    مان سڌو اچي ويهي رهيم،
    الڙ ناريون، بغلن ۾ پرس، نازڪ اکين ۾ سن گلاسز پهريل، ڏسڻ ساڻ مان بہ ٿورو موهجي پيس مگر جلد ئي پاڻ سنڀاليم، ڇو تہ شڪارين وٽ شڪار ٿيڻ منهنجو دوست آيو هو نڪي مان، طفيل منهنجي ساڄي پاسي ويٺو هو ۽ سندن فيوچر جي ٿيڻ واري بي خبر محبوبا پنهنجي سهيلي ساڻ اسان جي کاٻي پاسي وڃي ويٺي، منهنجو نظريو اڄ تائين اهو رهيو آهي تہ يونيورسٽي ۾ جيڪا بہ ڇوڪري زير تعليم هوندي آهي اها ڪنهن نہ ڪنهن جي نظر جي اجل جو شڪار ٿي ويندي آهي، سڌو ائين تہ هر ڪنهن ڇوڪري جي پهريائين ئي ڪنهن نہ ڪنهن سان افئير هلندڙ هوندو آهي سو بهتر آهي تہ ڪنهن تي ٽرا۽ نہ ڪجي، پنهنجو ۽ ان جو قيمتي وطن برباد نہ ڪجي، ڪوئي پاڻ پرپوز ڪري تہ پو۽ کڻي انڪار نہ ڪجي باقي ڪنهن جي ڪباب ۾ هڏي نہ ٿجي، منهنجو دوست تہ مونکي ڪباب ۾ هڏي محسوس ٿي پيو ۽ سندس فيوچر جي محبوبا تہ مونکي ڏاڍي ايڊوانس پئي لڳي مون کي لڳو پئي تہ سندس پهريان ئي
    ڪو نہ ڪو بوا۽ فريڊ هوندو، منهنجي مجنون دوست طفيل جي دل سُن، چپ خشڪ ۽ اکيون ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو، ڇوڪرين مان تہ اصلي نظر ئي نہ پيو ڪڍي.
    ” وڻئي ٿي ڇا ؟؟؟؟ “
    مون کيس سوچن جي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍيو،
    بي ساختہ ٿي چيائين ” ها يار ڏاڍي “
    ” تہ پو۽ دير ڇا جي، بوڪ مان پنو ڪڍ ۽ لکيس تہ تون مونکي وڻي ٿي“
    همراه نہ ڪئي هم نہ ڪئي تم، مون کي گرو رنجنيش اوشو سمجهي منهنجي صلاح تي عمل ڪندي نوٽ بڪ مان پنو ڪڍيو ۽ سڌو لکيائين،
    ” آ لائيڪ يو يو آر سو بيوٽي فُل، واٽ از ان يوئر مائيڊ فار مي، پليز گيو مي اينصر ايٽ دس نمبر “
    هيٺيان پنهنجو نمبر لکي پر جوش ۽ پر اميد ٿي ويٺو، کيس ڇوڪري بہ وڻي، سليڪٽ بہ ٿي وئي، لو ليٽر بہ لکجي ويو، هاڻ مسئلو اهو هو تہ اهو لو ليٽر ان تائين پهچائي ڪير، هو نسورو نئون ماڻهون، مون کي پنهنجو ڀئو تہ مون کي نہ چئي سو ڏنا مانس ٽيڪر
    ” يار جڏهن عشق ڪبو آ ني پو۽ ڊڄبو ناهي، دلير ٿي وڃبو آ دلير، صفا دريا خان ۽ سمنڊ خان وانگي، نہ تہ پو۽ غزل ۽ مقالا پيو لکندي، همت ڪر اُٿ، وڃ لو ليٽر ڏيس، اصلي صفا نہ ڊڄ مان جو تونسان گڏ آ، بي عزتي ٿي تہ ٻنهن جي گڏ ٿيندي، ڏس مان تنهنجي لا۽ پنهنجي بي عزتي جي بہ پرواه نہ ٿو ڪيان، همت ڪر اُٿ ڪنڌار “
    همراه صفا جيٽ جهاز وانگر تيار ٿي ويو، صرف منهنجي اشاري جي دير هئي ۽ هن جي اٽيڪ، ان کان پهريان جو هي سندن ويجهو وڃي ۽ کين ليٽر ڏي ڪهاڻي ۾ ڪلائميڪس اچي ويو، سڪي جي پاسي پلٽو کاڌو،
    ” جسم ڀريل هلڪي قد سان پينٽ شرٽ پهريل ڇوڪرو اچي ساڻن گڏ ويٺو ۽ هو ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويا،“
    طفيل جي دنيا کي ريوس گئير لڳي وئي، ڪجھ ٽائيم اڳ ڏٺل سندس سڀ مصنوعي خواب چڪنا چور ٿيڻ لڳا، سندس چهرو ڦڪو، نڻي خشڪ ۽ اکيون پاڻي سان ڀرجي آيون، سندس لو اسٽوري شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ختم ٿي وئي....


      بينظير ڪارڊ

    آفريڪي انقلابي اڳواڻ نيلسن مينڊيلا جو قول آهي تہ ”غربت خيرات سان نہ، پر انصاف سان ختم ٿيندي آهي“ مان جڏهن بہ هي قول پڙهندو آهيان تہ منهنجي ذهن ۾ انهن اٻوڄھن، لاچارن، مسڪينن ۽ بيوس ماڻهن جون تصويرون نمايا نظر ٿي اينديون آهن جن کي سنڌ گورنمنٽ خيرات جي قابل سمجهي بينظير ڪارڊ عطا ڪيا آهن، هر دفعي گورنمنٽ جڏهن بينظير ڪارڊ ۾ قسط جاري ڪري ٿي تہ انهن ڏينهن ۾ اي ٽي ايم مشينن ۾ غير معمولي رش ٿي ويندي آهي جنهن سبب سر زمين سنڌ جي غريب ۽ اٻوجھ ماڻهن کي انتهائي خوار ۽ ذليل ڪيو ويندو آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ کين اُس ۾ بيهارڻ کان پو۽ انهن جي آيل قسط عيوض رشوت وٺي ڪري کين اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍي ڏنا ويندا آهن ان سڄي ڪارگزاري کان لاڳاپيل بئنڪ جا ملازم بہ بخوبي واقف هوندا آهن مگر انهي رشوت وٺڻ کي ڪو بہ ناجائز نہ ٿو سمجهي هر ماڻهو خاموش تماشائي بڻيل آهي.
    مون کي ڪنهن ڪم سانگان پئسا کپن پيا، مون بئنڪ جو رُخ ڪيو تہ جئين اي ٽي ايم مان پئسا ڪڍرائي پنهنجي ضرورت پوري ڪري سگهان، اي ٽي ايم مشين وٽ پهچڻ مهل مون کي انتهائي رش ڏسڻ وٽا ملي، جنهن ۾ گهڻي تعداد ڪراڙين ۽ ضعيف عورتن جي هئي جن جي ظاهري حالت مان سندن غربت جا چٽا اهڃاڻ نظر اچن پيا، سندن چهرن ۾ پيل گهنج سندن ڏکن، ڏوجرن ۽ فاقن جي واضع عڪاسي ڪري رهيا هئا، ۽ وري ٻي پاسي ڪلهن تي ٽوال، مٿي تي ڦڏي ٽوپي، پراڻي ۽ ڳريل قميص ساڻ انتهائي ڪمزور جسمن وارا ساده شخص نظر آيا جيڪي پنهنجي گهر جي وهنوار هلائڻ خاطر هنن پئسن وٺڻ جي آسري ويٺا هيا، منهنجو دماغ اڃا سالم هيو ۽ مان پريشان يا حيران نہ ٿيو هوس ڇو تہ مونکي خبر هئي تہ اسان جا اٻوجھ ۽ ساده ماڻهو انهن ڌڪن ۽ ٿاٻن جا عادي ٿي چڪا آهن سرڪار کين هر شئي ڌڪن ۽ ٿاٻن ڏيڻ کان پو۽ ئي عطا ڪري ٿي، مان سندن بي وس ۽ لاچار چهرن کي ڏسي رهيو هوس تہ اچانڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
    ” ابا مان رن زال آهيان، ايڏو ظلم تہ نہ ڪر “ هڪ ڪراڙي عورت احتجاجن طور اي ٽي ايم مشين ٻاهران بيٺل پوليس واري کي چئي رهي هئي،
    ” ماسي رش ڏٺي اٿئي نہ، پير رکڻ جي جا۽ ناهي ۽ تنهنجا هي هيڏا سارا ٽي ڪارڊ ڪيش ڪرايا اٿم، في ڪارڊ جو ٻہ سئو ٿا وٺو، تون سان تہ سئو رعايت ڪئي آهي صرف پنج سئو تہ ڪٽيا ٿو “ پوليس واري تلخ لهجي ساڻ پوڙهِي سان ڳالهيندي کيس پوئتي هٽي بيهڻ جو چيو ۽ پاڻ ٻيا ٻہ بينظير ڪارڊ هٿ ۾ ڪري ماڻهن جي ميڙ کي چيرندي اي ٽي ايم جي اندر بيٺل شخص کي ڏنا تہ جئين انهن مان پئسا ڪيش ڪجن، لاچار ۽ بيوس بڻجي ڪراڙي رش کان پري ٿي بيٺي، کيس تہ اها سڌ بہ نہ هئي تہ چند پئيسن عيوض سرڪار ڪراڙپ ۾ کيس ايترا ڌڪا ۽ ٿاٻا کارائيندي، ڇا اهي معمولي پئسا ڪراڙپ ۾ مليل کيس ڇڙٻن جو ازالو ڪري سگهنديون يا سندس اهو لنگڻ لاهي سگهنديون جيڪو هو هنن پئسن وٺڻ جي انتظار ۾ صبح لاڪو ڪاٽي رهي هئي.


      مسڊ ڪال

    رات دير سان موبائل جي گهنٽي وڳي، منهنجي بہ بس تقريبن ان ٽائيم ئي اک لڳي هئي تہ سيراندي رکيل موبائل جي آواز مونکي بيدار ڪري وڌو، ننڊ جي گرفت بہ پنهجي جا۽ تہ چڱي هئي، سيراندي وهاڻي جي هيٺيان هٿ هڻي ڪري موبائل کيم، اڌ اکيون ٻوٽيل ۽ اڌ کليل اکين ساڻ نيم بيهوشي واري حالت ۾ موبائل جي اسڪرين تي نظر ڊوڙايم، ڪوشش اها هئي تہ جنهن بہ دوست هن ٽائيم ڪال ڪئي آهي ان کي تہ پهريان ڇنڊ پٽيا، اڌ رات جو اگر ڪوئي ڪال ڪري معشوقا کان وڌ پياري ننڊ ۾ خلل وجهي تہ ڇا ان شخص تي ڪاوڙ ڪرڻ اسان مسڪين کي جائز ناهي ڀلا، اصلي دل ۾ ان شخص لا۽ ڪاوڙ جا کورا پيا پچن، کن پل ۾ اکين مان ننڊ توڙي خمار لهي ويا جنهن مهل مون ڏٺو تہ اسڪرين تي تنهنجو نمبر لکجي ڪري نمايا نظر آيو، تون آڌي رات جي مون کي ڪال ڪئي، ٽائيم ڏٺم تہ رات جا ٻہ لڳي ڪجھ منٽ ٿيا هئا، وسوسن اچي دل کي قابو ڪيو، تنهنجي هن دفعي جي آڌي رات واري ڪال مون کي وسوسن ۽ گمانن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو، مون واپسي تون ڏي ڪال ڪئي مگر تنهنجو نمبر بند مليو، منهنجي پريشاني ۾ ويتر اضافو ٿي ويو، مون بار بار تنهنجو نمبر ڊائل ڪيو، مگر نمبر لاڳيتو ئي بند رهيو، دل ۾ دفن ٿيل احساس وري جاڳي پيا.

    مونکي اُهي انمول راتيون ياد آچڻ لڳيون جن راتين ۾ تون ڪال ڪندين هئين مان ڪيڏو بہ ٿڪل ٽٽل هوندو هيم مگر پو۽ بہ تنهنجي دل رکڻ لا۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ توسان ڳالهيندو هيم، ڪڏهن ڪڏهن تہ پاڻ ڳالهين ۾ ايڏو مهو ٿي ويندا هياسين جو فجر جي آذان اچڻ تائين پنهنجي ڪچهري ختم ئي ڪانہ ٿيندي هئي، دل چوندي هئي تہ توکي چوان تہ برا۽ مهرباني سرڪار پنهنجي ڳالهائڻ جو ٽائيم ٽيبل مٽايو، اسان کان راتين جو دير تائين جاڳڻ ڪونہ ٿو ٿئي مگر ڪڏهن ائين تونکي چوڻ جي پاڻ ۾ همٿ ڪونہ سمجهيم، تونسان اڻ ٿڪ ڳالهيون ڪرڻ کان پو۽ صبح جو مونکي ڪو هوش ڪونہ رهندو هو اکيون بہ ٿڪل ٿڪل رهنديون هيون، رات جو دير تائين جاڳڻ ڪري ڪڏهن ڪڏهن مٿي ۾ بہ شديد سور محسوس ٿيندو هو مگر مون انهن سڀنين ڳالهين جو تونسان ڪڏهن ذڪر ڪونہ ڪيو
    مونگي ڀئو هوندو هيو تہ ڪٿي تون ڏک نہ ڪري ۽ تون رابطو گهٽائي نہ وڃي، آءُ راتين جو دير تائين جاڳڻ جو عادي بلڪل بہ ڪونہ هيم مگر تنهنجي چري چاهت مون کي دير تائين جاڳڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو تونسان ڳالهائڻ کان بنا ننڊ اچڻ جو تہ ڪو جوائز ئي پيدا ڪونہ ٿيندو هو، ڪيڏيون نہ حسين هيون اهي راتيون منهنجا ڪن تنهنجي لفظن مان آسيس وٺندا هئا تن ڏينهن ۾ آسمان جي ستارن جي سجاوٽ بہ سهڻي لڳندي هئي هر خوبصورت شئي اڳ کان وڌيڪ خوبصورت ۽ نمايا نظر ايندي هئي، رات جي پهر ۾ ڏيڏر جي ٽاٽا واري آواز بہ ڪنن کي سڪون بخشيندي هئي، منهنجي محبت تونسان جنونيت واري حد تائين پهچي چڪي هئي، ٻهراڙي جو هڪڙو سادو سودو ڇوڪرو هوندي منهنجي ننڊ ڪرڻ ۽ جاڳڻ جي ٽائيم ٽيبل شهرين واري ٿي وئي هئي، مون پنهنجي بهتر مستقبل جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا هئا آءُ بخوبي ان ڳالھ کان واقف بہ هيس تہ هر خواب جي نصيب ۾ ساڀيان لکيل ڪونہ هوندي آهي مگر مونکي پنهنجي محبت ۽ ان کان وڌيڪ تون تي اعتبار هو، منهنجي خوابن جا جنازا تڏهن کان نڪرڻ شروع ٿيا جڏهن تون مونکي فيس بڪ تان بلاڪ ڪري ڇڏيو ڪجھ ڏينهن ۾ تنهنجو نمبر بہ بند ملڻ لڳو مان هر ڏينهن تنهنجو بند نمبر ان اميد تي ٽراء ڪندو رهيس تہ من ڪڏهن نمبر آن ٿي ۽ تونکان تنهنجي بي رخي جو سبب معلوم ڪريان، وقت وار ڪري دل تي جيڪي جهير ڏنا انهن جي مرهم پٽي ڪندي پنهنجي وچم ڪافي عرصو گزري چڪو هو تہ وري اچانڪ تنهنجي بي وقتي مسڊ ڪال منهنجي اکين مان ننڊ کسي ڇڏي.


      پراسرار نينگري

    مون کي هتي ڊاڪٽر وٽ ڪم ڪندي ڪافي عرصو ٿيو آهي، ميڊيڪل شعبي سان ڪجهہ پنهنجي دلچسپي ۽ وري ڪجهه مائيٽن جي رضا جي ڪري آيس، سکر مان هيلٿ ٽيڪنيشن جو ڪورس مڪمل ڪري جلد ئي پنهنجي پروفيشن سان لڳي ويس، ڊاڪٽر وٽ مونکي ڪو تقريبن هڪ سال جو عرصو مڪمل ٿيڻ وارو هو تنهن هڪ سالن جي سفر ۾ ڊاڪٽر صاحب جو مون تي گهڻو ويساه بڻجي چڪو هو ان جو سبب يا تہ منهنجي پنهنجي پروفيشن سان سچي هجڻ يا وري منهنجو متبادل نہ ملڻ هو، رات پنهنجي اونداه کي ڏينهن جي روشني تي مات ڏئي چڪو هو، مريضن جي نہ هجڻ جي ڪري مان روز جي معمول مطابق سڄي ڏينهن جي حساب ڪتاب کي ٺيڪ ڪرڻ لا۽ ٽوٽل پئسن جي ڳڻپ ڪرڻ لڳس تہ جئين ڊاڪٽر صاحب کي حساب ڪتاب ڏئي سگهان، مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻيا ٻہ ٽيڪنيشن پنهنجي گهر وڃي چڪا هئا، مان پئسن کي ائين ڳڻي رهيو هيس جهڙي نموني سيٺ ٽلو مل ڦٽين جي سيزن ۾ ڪاٽن فيڪٽري مان مليل پئسن جي دستين کي ڳڻيندو آهي،
    ڪنن ۾ ڪنهن جي پيرن جي حرڪت جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مگر مون ان طرف ڌيان ئي ڪون ڏنو ۽ ڏيڻ بہ نہ پئي چاهيم،
    : ” ابا هي سُئي تہ نينگري کي هڻ “
    هڪ ڪراڙي منهنجي ڌيان کي هٽائي ڪري التجائي انداز ۾ دوائن واري ڳوٿري منهنجي ٽيبل تي رکي ڪري مون سان مخاطب ٿي،
    مون پئسن ڳڻڻ کي رسيس ڏئي ڪري ساڻس مخاطب ٿي ڪري پڇيو:
    ” امان ڪهڙي نينگري کي ؟
    ” ابا هو جا سامهون ويٺي آهي اُها ڏاڪدر صاحب چيو آهي تہ هڪڙي سُئي هاڻ هڻايو وڃونس ۽ هڪ وري پو۽ سڀاڻي اچجو هڻائڻ “
    ڪراڙي هٿ جي اشاري سان منهنجي پُٺي طرف اشارو ڪري ٻڌايو، مون ڪنڌ ورائي هڪ نظر کيس ڏٺو، پري کان ڏسڻ سان ايترو سمجهي سگهيم تہ هُو واقعي نينگري هئي هُو اڃا عمر جي ان حد تائين ڪون پهتي هئي جنهن حد جي رسائي کان پو۽ لفظ نينگري لفظ عورت بڻجي ويندي آهي، اکين ذهن کي ايترو دلاسو ضرور ڏنو تہ هُو عورت ناهي پر هُو هڪ نينگري آهي جنهن جوڀن جي چئوواٺي تي اڃا هاڻي قدم رکيا آهن منهنجو ذهن مونکي مختلف حوالا ڏيندو رهيو ۽ ذهن ۾ سوچون گردش ڪرڻ لڳيون، مون ڳوٿري کولي ڪري، ڊاڪٽر طرفان لکيل سُئي جو نالو پڙهي، سُئي ڪڍي ڪري سرنج ۾ ڀري سندس ويجهو آيس، سندس ويجهو پهچندي ئي مون محسوس ڪيو تہ هو بيمار ڪانہ هئي، جسماني طرح تہ هو بلڪل ٺيڪ نظر پي آئي، منهنجي حساب سان هُو ڪنهن وهم، ذهني دٻاءُ يا ڪنهن اُلجهن جو شڪار هئي،
    سندس نظرون سندس بي وسي جون پيغام ڏئي رهيون هيون، هُو مون کي ائين تڪڻ لڳي جئين ڪو بي وس ڪنهن کان همدردي حاصل ڪرڻ لاء کيس تڪيندو آهي ۽ نظرن ساڻ اهو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي تہ هُو ڪيترو بي وس ۽ لاچار آهي، سندس نظرن منهنجي اندر ۾ هڪ چڻڳ ٻاري، ان کان اڳ جو اهو چڻڳ مچي شعلو ٿي پوي مون کيس چيو، ” کاٻي هٿ هيڏي ڪيو تہ جئين آءُ سئي هڻي سگهان“
    هُن پنهنجو هٿ اڳتي وڌايو ۽ مان سندس نازڪ ۽ نفيس جسم ۾ سُئي ٽمبي، بي ساختہ سندس لبن مان هڪ آواز نڪتو ” آهہ آهستي “
    سندس بي وس نظرون مون ناچيز ۾ کتل رهيون ۽ انهن ٻن لفظن منهنجي من ۾ لڳل چڻڳ کي ڄڻڪ پيٽرول ۽ ڊيزل بڻجي ٻارڻ جو ڪردار ادا ڪري ٻاري ڇڏيو، منهنجي دل ۾ سندس لا۽ همدردي اڃا وڌڻ لڳي پر مان چاهيندي بہ سندس ڪا مدد نہ پئي ڪري سگهيس، هُو تڪيندي رهي، منهنجي من ۾ شعلا مچندا رهيا تا جو انجيڪشن لڳي مڪمل ٿيو، سرنج ڪڍندي ئي مون کيس ٻانهہ کي مهٽڻ کان روڪيو ۽ کيس چيو تہ جتي انجيڪشن لڳو آهي ان جاءَ کي زور ڏئي ڪجهہ منٽن تائين پو۽ ڇڏي ڏيو، هُو پنهنجي کٻي ٻانهہ کي سڄي هٿ جي آڱر سان زور ڏيڻ لڳي، مون محسوس ڪيو تہ اڃا تائين سندس نگاه جو مرڪز مان بڻيو ويٺو هيس، مان واپس وري ڪري پنهنجي ٽيبل تي آيس، ڪراڙي کي دوائن واري گوٿري واپس ڏيندي ايترو چيم: ” امان سڀاڻي ضرور اچجو جي اگر هي هڪ سئي رهجي وئي تہ علاج نامڪمل ٿي پوندو ۽ ها سڀاڻي اچڻ کان پهريان فون ڪري ڊاڪٽر صاحب جي هجڻ جي تصديق ڪجو، مان پنهنجو نمبر دوائن واري پرچي ۾ لکي ڇڏيو آهي “
    جملي جي آخري لفظن جي ادائيگي محل منهنجا لفظ ۽ منهنجي نظر خود بخود هُن جي طرف مڙي ويا، مان ڪراڙي سان مخاطب هوندي ڄڻڪ مخاطب نہ هيم، ايتري ۾ جوابن هڪڙي مرڪ هُن جي چهري تي آئي جيڪا ان ڳالهہ جي ثابتي هئي تہ منهنجو ميسيج هُن تائين پهچي چڪو آهي ۽ قبول بہ ٿي چڪو آهي.
    ” ٺيڪ آهي ابا “ ڪراڙي دوائن جي گوٿري کڻي ڪري مون سان مخاطب ٿي واپس هُن ڏانهن وري، هوُ پنهنجي جاءَ تان اُٿي هلڻ لاء، مان بہ سندس تعظيم ۽ مرڪ جي مان رکڻ لا۽ پنهنجي جاءَ تان اُٿي بيهي رهيس، منهنجي هِن عمل سان هُو وري مرڪي پئي، مگر جلد ئي مرڪ کي دٻائي ڪري، وڏي تهذيب ۽ ادب سان ڪراڙي جي پويان هوندي منهنجي ٽيبل اڳيان گذري، اسان ٻنهين جون نظرون کنيوڻ جي چڙڪاٽ وانگي هڪ ٻي سان ملي ڪري اسان جي من ۾ پيدا ٿيندڙ شدت جي لهرن کي وڌائي رهيون هيون، مان پاڻ وڃائي رهيو هيس، هون واپس هلي وئي پر منهنجو ذهن ڀٽڪي چڪو هو، اُها رات منهنجي لا۽ ايتري تہ گنڀير ٿي گذري جو مون صبح ٿيڻ جي اميد ۾ پنج غزل پنن تي اتاري ڇڏيا، حالانڪ ان کان اڳ مون ڪڏهن بہ ڪا شاعري نہ ڪئي هئي ۽ نہ ئي مون کي شاعري لکڻ جو ڪو ڏاءُ هو، ڪڏهن ڪڏهن ڪجهہ شيون تجرباتي طور تي بہ تخليق ٿي پونديون آهن، ٻي ڏينهن منجهند جو هڪ نئي نمبر تان مسڊ ڪال آئي، انديشو هو تہ هُو هوندي، منهنجو انديشو صحيح نڪتو، واقعي ئي هُو هئي، هُو
    وري واپس ڪڏهن بہ ڪلينڪ تي ڪونہ آئي، مگر هر ڏينهين سندس يادون هڪ نئون سنديسو کڻي مون وٽ اينديون آهن ۽ مان سندس انتظار ۾ نيڻن کي نڇاور ڪري رستن ڏي نهاريندو آهيان تہ وري ڪڏهن منهنجي من کي سرهاڻ بخشڻ لا۽ پنهنجي قدمن جو طرف هن ڪلينڪ ڏي ڪندي، سندس انتظار ۾ گهاريل هر هڪ پل منهنجي لاءِ ڪنهن عابد جي ڪوڙي ۽ ڏيکاءُ واري عبادت کان هزارين ڀيرا بهتر آهن.


      فرينڊ رڪويسٽ

    ڳالھ ايتري تہ مختصر هئي جو مون تون سان اورڻ ئي نہ پئي چاهيو، مگر وقت، حالات ۽ دل هٿان مجبور ٿي ڪري، تون اڳيان پنهنجي دل جي ڪٿا بيان ڪريان پيو، انهي ئي دل تہ مجبور ڪيو آهي جنهن دل جي دڙڪن ۾ غير معمولي تيزي اچي ويندي آهي جڏهن تون سامهون ايندين آهي، لائبرري هجي، ڪينٽين هجي، يا وري ڪلاس ۾ رکيل ڪرسي، منهنجو ظاهري وجود جت بہ هوندو آهي اتان جي وايومنڊل مون کي تنهنجي سوچن ۾ غرق ڪري ڇڏيندي آهي، آخر مان تنهنجي باري ۾ ايترو ڇو سوچيندو آهيان، ان جي خبر تہ مون کي بہ ناهي، ماڻهن کان ٻڌو هو ۽ ڪتابن ۾ پڙهيو هو تہ جڏهن اکين مان ننڊ ۽ دل مان قرار هليو ويندو آهي تہ ان وبا کي ماڻهو پيار چوندا آهن، مون کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ شايد مون کي بہ توسان پيار ٿي ويو آهي، آءُ طبعيتن ون وي عشق جو قائل ناهيان، ان لا۽ مون سوچيو تہ تنهنجي دل جي راز کي معلوم ڪجي تہ جئين خبر پئجي سگهي تہ تون وٽ بہ منهنجي لا۽ ڪي فيلنگس آهن يا رڳو عشق جي آڙاه ۾ آءُ اڪيلو پيو پچرا، گهڻي سائنسي تحقيق ۽ کوجنا کان پو۽ مون تنهنجي فيس بڪ جي آڊي ڳولي لڌي، تون تائين پنهنجي دل جي ڳالھ پهچائڻ جو ان کان وڌيڪ منهنجي نظر ۾ ڪو ٻيو ذريعو نہ هو، تنهنجي آڊي کي ننهن کان چوٽي تائين مون وزٽ ڪيو، تنهنجي ٽائيم لائين تي شيئر ڪيل هر هڪ پوسٽ جي لائيڪ توڙي ڪمينٽ کي ڏٺم ۽ پڙهيم، تنهنجا لائيڪ ٿيل سڀ پيج بہ ڏٺم تہ جئين تنهنجي مزاج کي سمجهي سگهان، تون جيڪي جيڪي گروپ جوائن ڪري رکيا هيا اهي سڀ گروپ وزٽ ڪيم، مطلب تہ پنهنجي خاطري خاطر هر هڪ شئي کي دل و جان سان جاچيم، تنهنجي آڊي کي وزٽ ڪرڻ کان پوء منهنجي ذهن منهنجي دل تي اهو دٻاءُ رکيو تہ مان توڏي فرينڊ رڪويسٽ موڪليان ۽ ان سان گڏ توکي هيلو ها۽ وارو هڪ ميسيج بہ موڪليان اگر تون منهنجي فرينڊ ريڪوسٽ قبول ڪئي ۽ ميسيج جو جواب بہ ڏنو تہ پو۽ ان ڳالھ جي پڪ ٿي ويندي تہ تنهنجي دل ۾ بہ منهنجي لا۽ ڪجھ آهي ۽ اگر جوابن تون فرينڊ ريڪوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي ۽ منهنجي ميسيج جي جواب ڏيڻ بجا۽ مونکي ميسينجر ۾ بلاڪ ڪري ڇڏيو تہ پو۽ مونکي اها پڪ ٿي ويندي تہ مان ڪنهن غلط فهمي جو شڪار هيس. ڪجھ ڏينهن پهريائين مون ائين ئي ڪيو، توڏي فرينڊ ريڪويسٽ بہ موڪليم ۽ توکي هڪ ميسيج بہ موڪليم، ٻہ ڏينهن پورا مان فيس بڪ تي لاگ ان نہ ٿيم ۽ اڄ صبح مون دل جي ارمانن، اميدن ۽ حسرتن کي قابو ڪري فيس بڪ کوليو، نوٽيفڪيشن بار کي چيڪ ڪيم، ان اميد سان تہ شايد تون منهنجي فرينڊ ريڪوسٽ قبول ڪئي هجي مگر اهڙو ڪو نوٽيفڪيشن نظر نہ آيو. دل گهريو تہ ميسيج چيڪ ڪجي ۽ ڏسجي تہ تون فيس بڪ تي آن لائن بہ ٿي هئينءَ يا نہ ؟ متان تون بہ ٻن ڏينهن کان آن لائين نہ ٿي هجين جنهن سبب منهنجي فرينڊ ريڪويسٽ قبول نہ ڪئي اٿئي. منهنجي دل اهو موکي بار بار چئي رهي هئي تہ تون آن لائن نہ ٿي هوندئين، مون ميسيج واري خاني کي ڪلڪ ڪيو، ميسيجن جي لسٽ کلي آئي تنهنجي آڊي جي نالي جي جا۽ تي فيس بڪ يوزر لکيل نظر آيو. ڪلڪ ڪيم تہ منهنجي طرفان موڪليل ميسيج جو ڪوئي بہ جواب آيل نہ هو بلڪي ان جي ابتڙ ميسيج موڪلڻ وارو خانو ئي مون کان ضبط ڪيو ويو هو. يعني هاڻ مان توکي ٻيو ميسج بہ نہ پئي موڪلي سگهيس، دل ۾ ٻرندڙ ارمانن جي باھ تي ڄڻڪ ڪنهن پاڻي هاري ڇڏيو هجي، ذهن اهو مڃڻ لا۽ تيار ئي نہ آهي تہ ڪو تون مون کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.


      ڪاپي ڪلچر

    ننڍي هوندي کان ئي پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهڻ جي ڪري هو ڪافي هوشيار ٿي چڪو هو. سندس والدين جا ساڻس ڪيئي خواب لاڳاپيل هئا، اڄ سندس نائين ڪلاس جو پهريون پيپر هو. هاءَ اسڪول گهر جي ويجهو هئڻ ڪري سندس پڻس سندس پيپر هتي منتقل ڪرايا هئا، جئين هو بنا ڪنهن سفري تڪليف کي منهن ڏيڻ بجاءِ پنهنجي گهر جي ويجهو آساني سان پيپر ڏئي سگهي. امتحان حال ۾ پهچڻ شرط هن عظم ڪيو تہ مان پيپر پاڻ ياد حل ڪندس. ڇو تہ ڪجھ دير اڳ کيس اها سڌ پئجي چڪي هئي تہ هي سينٽر ڪاپي جي حوالي سان تمام بهترين سينٽر آهي هيڊ ماستر صاحب جا بورڊ وارن سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ ان جي ڪري هتي تہ بورڊ جي ٽيم بہ نہ ايندي آهي، شاگرد پنهنجن پنهنجن سيٽن تي ويهي رهيا کين سوالي ڪاپي ۽ جوابي ڪاپيون ملي ويون، ڪجھ دير جي لا۽ بنھ خاموشي ٿي وئي، هن سوال نامي جا سوال پڙهي انهن جي جوابن کي ذهن ۾ ڊوڙائڻ شروع ڪيو. ڪجھ دير پهريان ڪاپي جي حوالي سان هن سينٽر بابت ٻڌل ڳالهيون کيس ڪوڙيون محسوس ٿيڻ لڳيون، بس ڪي منٽ ئي مس گذريا تہ امتحاني حال ۾ گوڙ شروع ٿيڻ لڳو جنهن سندس سوچڻ جي صلاحيت کي روڪي وڌو، شاگرد هڪ ٻي کي گائيڊن جا صفحا ٻڌائڻ لڳا.
    ” پهريون سوال ٻارهين صفحي تي اٿي. اڃا هن ان ڏي نهاريو ئي مس تہ هڪ ٻي شاگرد رڙ ڪندي پنهنجي ڪنهن دوست کي چيو ” پنجون سوال ٻاويهين پيج تي اٿي جلدي ڪڍي وٺ “
    هن سوچيو تہ جڏهن سڀ بي ڌڙڪ ٿي ڪري ڪاپي ڪري رهيا آهن تہ ڀلا آءُ ڇو هرو ڀرو مٿي ماري ڪريان. هن پنهنجي ڀرسان ويٺل شاگرد کان گائيڊ وٺي ڪري اهو چيو تہ ” گائيڊ ڏي مان جلدي سوال ڳولي ٿو ڏيائين پهريان تو ڪر پو۽ مونکي ڏجان مان ڪندس “
    سندس سڀ قابليتون ۽ خرچ ڪاپي ڪلچر جي ور چڙهي ويا ۽ هو ٻين وانگر بي ڌڙڪ ٿي ڪري پيپر ڪري رهيو هو.


    فيڪلٽي ۾ دلين جا فاصلا

    مون کي توسان سامهون ڳالهائڻ جي ڪڏهن همٿ ۽ جرت نہ ٿي ۽ نہ ئي ھاڻ آهي ان لئہ تہ پنهجي دل جي ڳالھ ڪرڻ لا۽ مونکي خطن جو سهارو وٺڻو ٿو پئي، هاڻ گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ واريون آهن ۽ ويڪيشن پنهجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي مان تہ بس ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهيان جڏهن تون فيڪلٽي جي مين لائبرري ۾ اچي ڪنڊ واري ڪرسي وٺي ڪري ويهي رهندين ۽ هميشه وانگر تنهجي پڙهڻ جي لا۽ ڪنهن سٺي ڪتاب جو انتخاب مون کي ڪرڻو پوندو، تنهجي لا۽ لائبرري جي ڪٻٽ مان ڪتاب ڳوليندي ڪڏهن ڪڏهن مان پنهجو پاڻ وڃائي ويهي رهندو آهيان ۽ پنهجي وڃايل وجود کي انهن ڪتابن اندر ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ، حالانڪ منهجو اڌ وجود تہ تون هوندي آهي، جڏهن بہ منهجي منرل واٽر جي بوتل کي تنهجا نفيس ۽ نازڪ چپ ڇهوندا آهن تہ ان بوتل ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد سرهاڻ اچي ويندي آهي، منهجي لا۽ اهو پاڻي آب زم زم جيترو پاڪ ۽ ان بوتل جي شيشي ڄڻڪ ڪا سون جي ٺهيل پاڪ پوتر مورتي جيتري اهم ٿي ويندي آهي مون کي پنهجي پاڻ تي حيرت ٿيندي آهي تہ مون تنهجي لا۽ پنهجيون عادتون مٽائي ڇڏيون آهن تقريبن سڀئي عادتون، تونکي ڪتاب پڙهندي ۽ تنهجي ڪتابن سان دلچسپي وڌندي ڏسي ڪري مون کي خوشي ٿيندي آهي ڇو تہ اها هڪ عادت تون مون مان اپنائي هئي، ۽ اڪثر تون منهنجي طرفان ڏسيل ڪتاب شوق ۽ چاھ سان پڙهندي آهي ان لا۽ تہ هن عيد تي مون تنهجي لا۽ تنهجي پسنديده ليکڪ جا ٻہ انمول ڪتاب وٺي رکيا آهن، هاڻ جڏهن پنهجي پهرين ملاقات ٿي تہ مان اُهي ڪتاب وڏي سڪ، محبت، ۽ اُڪير سان تنهجي حوالي ڪندس، توسان هر ملاقات مون کي پهرين ملاقات لڳندي آهي ڇو تہ توکي ڏسڻ کان منهجيون اکيون ڍاپجن نٿيون، هيل هي جون جولاءِ جا ٻہ مهينا مون کي ٻن سالن جي برابر لڳا، توکان پري هر پل هر لمحہ مان اداسين ۽ پريشانين جي گهيري ۾ رهيون آهيان، جڏهن توسان گڏ هوندو آهيان تنهن محل تہ وقت گذرڻ جي ٽڪي جو بہ احساس ڪو نہ ٿيندو آهي پر توکان پري پل پل جي گذرڻ جي سُڌ هوندي اٿم، هڪ ڳالھ توسان اورڻ چاهيم، ڳالھ اها آهي تہ آءُ بنيادي طور شاعر ناهيان ۽ نہ ئي مون ڪي ڪا شاعري جي قدرت طرفان ڏات عطا ٿيل آ، توکان پري پاڻ کي مصروف رکڻ ۽ اڪيلائي کي ختم ڪرڻ لا۽ ڪجھ ڏينهن شاعري جو گهرائي سان مطاليو ڪيم، شاعرن جي ڪيل شاعري جي پس منظر ۾ توسان گڏ گذاريل گهڙين کي ياد ڪري دل جي ويران وستي کي پئي آباد رکيم، گهڻي ۽ گهري مطاليي جي ڪري لفظ ذهن ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهيا ۽ اهڙي نموني منهجي هٿن سان شاعري جي جملن جو جنم ٿيڻ لڳو مون سوچيو توکي پنهجي شاعري پڙهيان ان لا۽ تہ شاعري کي سٺي گرافڪس ۾ ڊزائين ڪري فيس بڪ تي اپلوڊ ڪرڻ لڳم تہ جئين تون منهجي دل جي اندران نڪتل،ڏوراپن، ۽ الاپن کي پڙهي سگهين، تنهجي هڪڙي مسيج مونکي پنهجي سڄي شاعري فيس بڪ تان ڊليٽ ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏي تون مون کي لکيو هيو تہ :
    ” شاعري تہ اُھي ڪندا آهن جن جا محبوب انهن کان وڇڙي ويندا آهن مون تہ توکي اڃان تائين ناهي وساريون فاصلاتي دوريون پاڻ کي ڪڏهن بہ الڳ نٿيون ڪري سگهن، جڏهن مان توکان وڇڙي وڃان پو۽ ڀلي شاعري ڪجان… “.
    تنهجي لفظن ۾ اهڙو تہ ڪو اثر رکيل هو جو انهن لفظن منهجي دماغ کي سُن ڪري ڇڏيو هيو، ان کان پهريان مان ان خوش فهمي ۾ شاعري پئي ڪئي تہ شايد توکي منهجي شاعري پسند ايندي ۽ تون منهجي ڪيل شاعري جي تعريف ڪندين، ليڪن تنهجو اهڙو مسيج پڙهي ڪري مون وري شاعري ڪرڻ ۽ پاڻ کي شاعر سمجهڻ کان توبع ڪئي.
    بس هاڻ انتظار آهي ان عظيم گهڙي جي جنهن گهڙي مان ۽ تون ڪئينٽين ۾ ويهي ڪري هڪ بوتل ۾ ٻہ اِسٽري وجهي ڪري وري پيئنداسين.


      دل جي ڳالھ

    منهجي سنڌ جهڙي معصوم دل جي سر زمين تي تنهجون يادون ڪڏهن ارغونن ۽ وري ڪڏهن تُرخانن وانگر حملا ڪندا رهن ٿا مگر آءُ انهن آڏو ائين بيوس بڻيو ويٺو آهيان جهڙي نموني هاڻ اسان جي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آهي، پنهجي بيوسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال موجود ناهي، تون جيڪا واچ مونکي منهجي سالگره تي تحفي طور ڏني هئي مزي جي ڳالھ تہ اُها واچ ڪڏوهوڪي خراب ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري خراب ٿي آهي جو مان جڏهن توسان گڏ هوندو هيم تہ مونکي وقت گذرڻ جو ذري برابر بہ احساس ڪو نہ ٿيندو هيو ۽ ڏينهن تمام مختصر لڳندا هيا منهجي واچ شايد اُن بي رحم رويئي جو هاڻ مونکان بدلو پئي وٺي ۽ ٽائيم ٻڌائڻ کان ٺپ جواب ڏئي وئي آهي جڏهن تہ هاڻ مونکي ٽائيم جي گذرڻ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي، تو هڪ دفعي مون کي چيو هو تہ تون مذهب کان باغي آهي ۽ نماز بہ نہ ٿو پڙهي ۽ روزا بہ نہ ٿو رکي مذهب کان صفا پري آهي ۽ مذاقن مذاقن ۾ چيو هيئي تہ ڪٿي ڪافر آهي ڇا ؟
    توکي شايد انهن ماملات جي خبر ئي نہ رهي جن مون کي مذهب کان باغي بڻايو نہ وري تو مون کان ڪڏهن ان بابت تفصيل ورتي، ۽ نہ مون وري ٻڌائڻ مناسب سمجهيو تنهجي سامهون ايندي ئي اڪثر منهجي چَپن تي چُپ جي ڇاپ لڳي ويندي هئي ۽ تون خفا ٿي چوندي هئي تہ ڳالهائي ڇو نہ ٿو گونگو آهي ڇا ؟ الاءِ ڇو تڏهن لفظ گونگو ٻڌڻ ۾ سُٺو ۽ پيارو لڳندو هو، توسان گڏ هجڻ وقت اکيون بس ڄڻ منهجي وس ۾ نہ رهنديون هيون ۽ نظرون بار بار تنهجي لب تي واقع ڪاري تر ڏانهن پاڻهي ڄاڻ کڄي وينديون هيون دل ۾ حسرتن جا گل ڦٽي پوندا هيا، ڀلا اهڙي ٻڏ تر واري ماحول ۾ زبان مان لفظ ڪئين رليز ٿين ها، جڏهن بہ ڪٻٽ مان ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪڍڻ ويندو آهيان تہ ڪٻٽ ۾ هر دفعي هڪ قسم جي تازي سُرهاڻ محسوس ڪندو آهيان، هان پرين سُرهاڻ، ان گل جي سُرهاڻ جيڪا پنهجي پيار جي پهرين نشاني آهي، اهو گل جنهن ۾ منهجو دل قيد ٿيل آهي، حالانڪ گهڻو وقت گذرڻ جي ڪري اُهو گل بلڪل ڪومائجي ويو آهي مگر مونکي اڄ بہ ان گل مان اُها پهرين ڏينهن واري خوشبو محسوس ٿيندي آهي جيڪا شايد ڪنهن سالم دماغ رکندڙ شخص کي محسوس نہ ٿي، مون وٽ پيار جي اڃا ساڳي قدر ۽ قيمت آهي، منهجيون اکيون اڄ بہ تنهجي اُوسيئڙي ۾ آهن.
    پرين ! محبتون بہ عجيب ڪمال فن رکن ٿيون ماڻهو چوندا آهن تہ محبت ماري يا خاري، ليڪن آءُ چوندو آهيان محبت اسان جي شخصيت کي سنواري ٿي ڇو تہ ڪنهن سان محبت جي پيچ جي اڙجڻ کان پوء هر پل هر گهڙي ان فڪر ۾ گذرندي آهي تہ آءُ ڪئين ٿو لڳا ۽ مون کي ڪئين لڳڻ گهرجي، ڪهڙي قسم جي ڊريسنگ ڪرڻ گهرجي، ماڻهون اهڙن فڪرن ۾ هميشه مبتلا ٿو رهي، ڀلا محبت کان وڌ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي جادوگري ٿي سگهي ٿي محبتن جا ڪڪر هر دل مٿان ڇاورا ٿيندا آهن ڪي دليون هنن ڪڪرن جي آب سان سيراب ٿينديون آهن تہ وري ڪي دليون ڪڪرن مجھ هوندي بہ هميشه اُڃايل رهنديون آهن، مون ڪڏهن بہ پنهجي محبت جي عيوض توکان موٽ ۾ محبت جي گُهر ناهي ڪئي، مون توسان محبت ڪئي آهي ۽ شايد هاڻ عشق ڪرڻ لڳو آهيان، اهو لازم تہ ناهي جو جنهن سان محبت ڪئي وڃي ان کان موٽ ۾ اوتري ئي محبت ملڻ جي توقع ڪئي وڃي، مان تہ توکان نفرتن جو بہ طلبگار هيم ڇو تہ جڏهن محبت هجرن جا سفر طئي ڪري عشق جي منزل تي پهچندي آهي تہ اُنهن مستانن لاء محبوبن طرفان مليل محبتن ۽ نفرتن جون سئوڳاتون ساڳي معني رکن ٿيون، بس هاڻ ان فڪر ۾ آهيان تہ تو بن هي عيد ڪئين گذارجي ؟؟؟؟


      مس آڪسيجن

    تقريبن اڌ ڪلاڪ کن ٿي چڪو هو، منهنجي زبان مان ٻڻڪ بہ ٻاهر نہ پئي نڪتي، خاموشيون زبان تي هاوي ٿي چڪيون هيون، صرف منهنجو نہ بلڪہ سيما جو بہ ساڳيو حال هو، مسلسل چار سال گڏ پڙهڻ کان پو۽ اسان جي وچم تقريبن سڀئي فاصلا گهٽجي چڪا هئا، اسان جي وچم ويجهڙائپ وڌي وئي هئي بلڪ ائين کڻي چئجي تہ ويجهڙائپ وڌي ڪري وڻ ٿي چڪي هئي، اسان هڪ ٻي سان زندگي جا انيڪ پل گڏ گزاريا، اسان ڪينٽين ۾ ڪئي دفعا هڪ بوتل ۾ ٻہ ٻہ ايسٽري وجهي ڪري ڪي ئي بوتلون پيتيون، اسان باز اوقات تہ چانھ ۾ لوڻ وجهي ڪري بہ پئيندا هياسين تہ جئين هڪ ٻي سان نمڪ حرامي نہ ڪري سگهون، اسان کي هڪ ٻي کان سوا۽ هڪ پل بہ گذارڻ مشڪل لڳندو هو، مون پيار وچان سندس نالو آڪسيجن رکيو هو ۽ موبائل ۾ بہ نمبر مس آڪسيجن جي نالي سان سئيو ڪيو هو، هڪ ڏينهن مون کان ميسيج تي پڇيائين تہ ” ٻڌ، اِهو تہ منهنجو نمبر ڪهڙي نالي سان سئيو ڪيو اٿئي“،
    مون کيس رپلا۽ ۾ صرف ” آڪسيجن “ لکيو،
    حيران ٿيندي چيائين تہ ” اهو بہ ڪو نالو آهي جيڪو تو مون تي رکيو آهي“
    مون فلسفانہ انداز ۾ کيس سمجهائڻ شروع ڪيو ” اڙي اوه چري، ڳالھ کي سمجھ، نالي کي نہ ڏس، نالي جي اندر جيڪو پيغام آهي ان کي سمجهڻ
    جي ڪوشش ڪر، تون مون لا۽ بلڪل ائين آ، جئين جئيڻ لا۽ آڪسيجن، آڪسيجن کان سوا۽ ڪو بہ جاندار زندھ نہ ٿو رهي سگهي، تئين توکي تہ خبر آ، آءُ تونکان سوا۽ زندھ نہ ٿو رهي سگهان، ان لا۽ هڪ رات، پنج ڪلاڪ، ۽ پنجويھ منٽن جي گهڻي غور و ويچار کان پو۽ مون تنهنجي لا۽ اهو نالو مناسب سمجهي ڪري چونڊيو آهي،“
    منهنجي سنجيدگي کي مدنظر رکندي سندس نازڪ لبن مان شايد زوردار ٽهڪ نڪتا، بي ساختہ ٿي ڪري کلڻ لڳي تڏهن تہ موبائل تي ايموجي جا سمائل موڪلي ڪري کن پل لا۽ خاموش ٿي وئي،
    ڪجھ لمحن کان پو۽ سندس ميسيج آيو ” تون پاڳل آهي صفا پاڳل، ايترو پاڳل جيترو مون سوچيو بہ ڪونہ هو“.
    مان مٺي مرڪ مرڪي خاموش ٿي پيس، اهڙي نموني اسان ٻنهي جي وچم ڪافي قرب واريون ڪچهريون ٿينديون هيون، اڪثر ميسيجن تي ۽ آمهون سامهون باقي ڪڏهن ڪڏهن ڪال تي، ڪال تي بہ تڏهن جڏهن سڪ لڳي ڪري انتها واري درجي تي وڃي پهچندي هئي، رات گهٽجڻ بدران وڌڻ لڳندي هئي ۽ ننڊ نيڻ مان رسڻ جا رمز ڪندي هئي تہ پو۽ کن پل لا۽ هڪ ٻي سان ڪال تي ڳالهائي دل کي تسڪين عطا ڪري وٺندا هياسين،
    اهڙي نموني وقت گذرندو رهيو ۽ اسان هڪ ٻي سان وفا جا وچن، محبت جا مٺاس ڀريا لفظ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳاسين، پهريون سال هڪ ٻي جي اُڪير ۾ گذاري سين، ٻيو سال هڪ ٻي کي سمجهڻ ۾ ، ٽيون سال هڪ ٻي سان قرب جون ڪچهريون ڪندي ۽ آخري سال هڪ ٻي کان جدا ٿيڻ جي غم ۾ مبتلا ٿي ڪري، اڄ اسان جو آخري پيپر هو، صرف آخري پيپر نہ هو بلڪ يونيورسٽي کي الوده ڪرڻ جو بہ آخري ڏينهن هو، اڄ هو اداس هئي مان بہ ڪنهن قدر اداس هيس، جئين پيپر ختم ٿيو تہ مون امتحاني حال جي ٻاهران هُن جو انتظار ڪيو، ڪجھ منٽن کان پو۽ هُو بہ پيپر مڪمل ڪري امتحاني حال کان ٻاهر آئي، اچڻ شرط مونکي چيائين ” اڄوڪو ڏينهن انتهائي ڳنڀير آهي، هر پل هر سيڪنڊ جي گذرڻ جو احساس شدت سان ٿئي پيو، ڪاش !! وقت جي وهڪري جا واڳ پنهنجي هٿن ۾ هجن ها، وقت کي روڪي رکو ها، يقين ئي نہ پيو اچي تہ اڄ چار سال مڪمل ٿيڻ تي آهن،“
    منهنجي خاموشي کي ڄڻڪ ڪو طوفان وڪوڙيو پئي ويو، مون کيس چيو” اڄ تہ لطيف جي نگري جو هڪ آخري چڪر هڻو، وري گڏ گهمڻ جو شرف حاصل ٿئي الا۽ نہ “
    فيڪلٽي جي بلڊنگ کان نڪري ڪري، اسپورٽس ڪامپليڪس جي اڳيان گذرندي اسين بي بي اي جي بلڊنگ وٽان ٿيندي، ڪيميسٽري ڊپارٽمنٽ، مئٿ ڊپارٽمنٽ، فزڪس، باٽني ۽ فارميسي ڊپارٽمنٽ کان ٿيندي سڌو ايس ايس سي تي وڃي چانھ جي چسڪي وٺڻ لا۽ ويٺاسين، هر ڊپارٽمنٽ کان گذرندي مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ هر ديوار، هر وڻ، هر ڪرسي، هر ٽيبل اسان کي آخري ساعتن ۾ گڏ ڏسي اسان وانگر ان مونجهاري جو شڪار هيا تہ گهڻي کن پل ۾ هنن جو ساٿ سلامت ناهي رهڻو، مون ائين پئي محسوس ڪيو ڄڻڪ پوري يونيورسٽي اسان سان ٿيڻ واري وارتا کان اڳ واٺ واقف آهي، هر نظر تجسس ۽ رسَڪ مان اسان ڏي نهاري پئي.
    ايس ايس سي ۾ چانھ پي ڪري سڌو اسين محبتن جي گلستان هربيريم ۾ اچي ويٺاسين، جتي چئو طرف رڳو ساوڪ ئي ساوڪ هئي، هڪ هو هربيريم جيڪو سڄو سارو سائو، ٻيو هيو اسان جو من جيڪو وڃي پيو سُڪندو، الا۽ ڇو لفظ مون کان رُسڻ لڳا، مون ۾ همت باقي نہ رهي جو مان سيما سان وڇوڙي جي عنوان تي ڪي لفظ ڳالهائي سگهان، مون پنهنجي پاڻ کي تقدير جي اڳيان بلڪل ڪمزور محسوس ڪيو، بلڪل ايترو ڪمزور جيترو ڪِوَلي پاڻ کي هاٿي جي اڳيان ڪمزور محسوس ڪندو آهي، مون ڄاتو پئي تہ هاڻ هو ڪجھ ساعتون مون سان گڏ آهي پر پو۽ بہ دل اها ڳالھ مڃڻ لا۽ تيار ئي نہ هئي تہ اسين جدا بہ ٿيڻا آهيون.


    نِراسائِي

    رات پنهنجي ڪاري چادر جي راڪاس کي اوڙي من اندر جيڪا مانڌاڻ مچائي وڃي ٿي انهي مچيل مانڌاڻ جا ڪي چڻنگ صبح صادق تائين دل ۾ دکندا رهن ٿا، پنهنجي بي وسي ۽ لاچاري کي ڏسندي هي دل تھ تھ کان نراس ٿي پوي ٿي، ڪپھ صفت احساس نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اکڙين جا ڏٺل سنهري سپنا نراس ٿيڻ لڳن ٿا، اميدون نراس ٿيڻ لڳن ٿيون، خواهشون ۽ خواب پڻ نراس ٿيڻ شروع ٿين ٿيون.
    جڏهن پرھ جي ڦٽڻ واري گهڙي ۾ اکڙيون خوابن جي ڄار مان آزاد ٿي ڪري کلي پون ٿيون تہ سڀ کان پهريائين پنهنجو پاڻ کي وساري پنهنجي ارد گرد نماڻن نيڻن سان توکي پسڻ چاهيندو آهيان، خوابن جا انيڪ خمار ذهن جي پردي تي چٽيل هجڻ جي باوجود بہ هي اکيون تنهنجي چنڊ نمان چهري جو درشن ڪرڻ چاهينديون آهن.
    پرھ ڦٽل مهل پنهنجي ارد گرد سڄو ماحول نراس ٿيڻ محسوس ٿيل لڳي ٿو، ڪجھ پل اڳ ڏٺل سڀ ڌنڌلا خواب نراسائي جي ور چڙهي وڃن ٿا ۽ پوءِ هي ٽٽل ڀڳل وجود پڻ پنهنجي بي وسي آڏو ڳوڏا کوڙي نراس ٿيڻ لڳي ٿي، نراس بہ ائين جئين ڄڻ تہ سندس وجود جو ڪو هُل هنگامو موجود ئي نہ هو، اهڙي طرح هڪ جز پنهنجي ڪل جو متلاشي بڻجي ڪري ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا ڏانهن پنهنجو سفر ڪرڻ شروع ڪري ٿو.


      جا ڪالھ مون تي وئي گذري

    وڏيري تون تہ ڄاڻين ٿي تہ ڪالھ محبت جو عالمي ڏينهن هو، پوري دنيا ۾ دل وارن جوڙن هڪ ٻي کي بي انتها تحفا ڏنا هوندا، هڪ ٻي سان روح رِهاڻِيُون ڪيون هونديون، هڪ ٻي جا حال احوال ورتا هوندا، هڪ ٻي سان ڳپل وقت جو گذاريو هوندو، هڪ ٻي جي نيڻن ۾ نهاري هڪ ٻي جي لاءِ پيار جا وچن ورجهايا هوندا، هڪ ٻي جي نيڻن مان سُروُرُ ورتو هوندو، هڪ ٻي کي ٻانهَن جا هار ارپيا هوندا، هڪ ٻي لاءِ مُرڪِيا ۽ مَهِڪيا هوندا ان جي بَنِسبَت مون کي تنهنجي يادن جي بهارن پنهنجي گهيري ۾ اچي ڪري سوگهو ڪيو، منهنجو من، ٿر جي سحرا وانگر پنهنجي اندر ڪي ئي واچُوڙا اُڀاري ۽ ٺاري پئي، منهنجي من جي وارِياسي ڌرتي تنهنجي ديدار جي هڪ دم لاءِ ائين تڙپي ۽ لُڇَي جئين ٿر جي اُڃايل ڌرتي بارش جي هڪ بوند لاءِ تَرسَندي آهي، منهنجي من جي چمن جا سڀ گلاب ڪومائجي چڪا هئا، منهنجا نيڻ تنهنجي اوسِيڙي ۾ تنهنجي راهن جا رات تائين دڳ ڏسندا رهيا.
    ها مان ڄاڻان ٿو هي ڌرتي پيار ڪرڻ وارن لاءِ ٽامو مثل بڻيل آهي پر ان جي باوُجُودِ بہ هن چمن ۾ اڃا ڪي اهڙا گل ڦٽن ٿا جيڪي پنهنجي سُرَهاڻِ سان ڪُومائِيَلُ دلين کي زندگي بخشين ٿا، ها، اُهي گل جن جي مهڪ ۽ ٻهڪ هن ڌرتي جي ڪلراٺِي زمين کي جيون دان بخشي ٿي، جن جا وجود حُسنَ پرست وجودن لاءِ اُتساه جو سبب بڻجن ٿا
    نہ ڄاڻ ڪيتريون دليون اڃا بہ ان ڏينهن تي اُڃايل رهيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترن نيڻن پنهنجن پِرين جي راهن ڏانهن ڪلاڪن جا ڪلاڪ نيڻ نڇاور ڪيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا روح اڃا رُڃ جا راهي بڻيا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيترا وجود اڃا پنهنجي حقيقي محبوب جي حاصلات لاءِ رُنَا هوندا، نہ ڄاڻ ڪيتريون اکيون انتظار جي عالم ۾ آليون ٿيون هونديون، اهو سڀ ڪجھ سوچيندي مون پنهنجي پاڻ کي انهن رولاڪِنَ جي صفت ۾ شمار ڪري پنهنجيون اکڙيون بند ڪري ڇڏيون، تنهنجي هڪ دم ۽ ديدار لاءِ ڪي ئي پل سانت ٿي ويس، نيڻن جا شٽر بند ڪري خيالن جي اڏامن کي پرواز کان روڪيندي ڀنل نيڻن کي وقت جي تلخ وهڪرن جي حوالي ڪري ڇڏيو.


      خاموش سڏڪا

    جڏهن لڙڪ اکڙين مان بي ساختہ ٿي ڪري وهي پون، جڏهن لب ڪجھ بہ ڪڇڻ کان عاري ٿي پون، جڏهن چهري مان مسڪراهٽ کسجي وڃي تہ پڪ سمجهو اوهان پيڙاھ جي مرحلي مان گذري رهيا آهيو، انسان جتي پٿر کان وڌيڪ سخت مزاج طبعيت رکندڙ فرد هجي ٿو اُتي وري ڪڏهن ڪڏهن ڪپھ کان بہ نرم ٿيڻ لڳندو آهي ۽ لوڻ بڻجي ڪري وقت جي وهڪري جي ڪنهن ڪن ۾ وهڻ شروع ڪندو آهي.
    جوڀن جا ڏينهڙا تمام حساس ۽ قابل غور فڪر توڙي ڌيان ڌرڻ جا ڏينهن هوندا آهن، انهن جوڀن وارن ڏينهڙن ۾ اڪثر جوڌا جوان ۽ ارڏا ڇوڪرا، الڙ ۽ جوان ڇوڪرين جي زلفن جو اسير بڻجي، سندن نيڻن ساڻ نيڻ ملائي ڪري پنهنجي سنهري مستقبل جا خواب ڏسڻ لڳندا آهن، پنهنجي قد بت کان وڌيڪ سگهارا خواب کين زندگي جي اڙانگهي سفر ۾ ٿڪائي وجهندا آهن.
    ڪائنات جا الاهي سارا معاملا اڃا تائين ڳجھ ڳوه بڻيل آهن جن جو حقيقتون تقريب تمام جلد ظهور پزير ٿيڻ واريون آهن، اسان وٽ اولاد ۽ والدين جي وچم هڪ تمام باريڪ ڪنٽرول لائين لڳل آهي جنهن جي حساب سان اولاد کي پنهنجي والدين سان پنهنجي دل جي ڳالھ کولي ڪري بيان ڪرڻ جو اجازت ڪنهن بہ قيمت تي دستياب ناهي، اُتي وري والدين کي سندس ذاتي زندگي جي باري ۾ ڪنهن بہ فيصلي ڪرڻ وقت سندن ڪنهن بہ راء جي ڪنهن بہ قيمت تي ضرورت ناهي.
    والدين جي انهي رويي جي سبب نہ ڄاڻ ڪيترا گل ٽڙڻ کان پهريان مرجهائي ويندا آهن نہ ڄاڻ ڪيترا گلستان اجڙي ڪري قبرستان مثل بڻجي پوندا آهن، نہ ڄاڻ ڪيتريون زندگيون موت جي منھ ۾ هليون وينديون آهن پر افسوس تہ اڄ جو والدين پاڻ کي عقل ڪل جو مالڪ سمجهندي پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪم عقل سمجهي سندس تقدير جو فيصلو پاڻ ڪرڻ شروع ڪري ٿي جنهن جي ڪري اڳتي هلي ڪري کين هيبتناڪ نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ملن ٿا.


      هٽلر صفت محبوبا

    تاريخ جا ڪارندا هٽلر کي انتهائي ڌڪارت واري نظر سان ڏسن ٿا ڇو تہ هٽلر انساني ناروا سلوڪ ۽ سوز اختيار ڪري الاءِ تہ ڪيترا بي گناه فرد ماريا هيا، جنهن سبب تاريخ کيس اڄ بہ گنگهار تصور ڪري ٿي ۽ سندس شخصيت کي منفي طور ٻين آڏو پيش ڪري ٿي، پر اگر جي ٿڌي دماغ سان غور ڪجي تہ هٽلر جي مچايل تباهي کان پو۽ هلٽر واري ان ساڳي مچيل مانڌاڻ کي تسلسل يا رواني جنهن عنصر بخشي آهي سي آهن هٽلر جهڙيون اسان توهان جون محبوبائون.
    ڪڏهن سندس بي رخين توڙي تلخ بازين تي غور ڪيو اٿئون؟
    يقينن جواب هوندو نہ .
    آخر غور بہ توهان ڇو ڪندا، عاشق جو سڏايو ٿا عاشق تہ اکيون ٻوٽي ڇڏيندا آهن، اچو تہ اڄ انهن ٻوٽل اکين سان سندن اڀياس ڪريون.
    اسان توهان جون محبوبائون جن کي ڪنهن بہ قدر توڙي قيمت تي اسان جون مجبوريون توڙي آزيون نيازيون قبول ناهن، جن جي ازلي انا برف وانگر ڪنهن هڪ خواهش تي ڄمي بيهي رهڻ واري ضد اسان جهڙن مسڪينن ۽ ڪمزور دل عاشقن کي لوڙهي ٿيون وجهن، جن جي خواهشن جي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿيندڙ فهرست اسان جي خواهشن جو ٻيڙو ٻوڙي ٿيون ڇڏين، جن جي بي رخي اسان نفيس طبعيت عاشق مزاج رکندڙ فردن کي خزان جي موسم ۾ اڻ مڌائتو پهچائي ٿيون ڇڏين، ڀلا اهڙن کي اڃا بہ هلٽر سان نہ ڀيٽيون.
    پنهنجي من اندر جهاتي پائي ڏسجي ٿو هر هنڌان سندن ڪلورن جا ڪريل ڪوٽ نظر اچن ٿا، اسان طرفان کين آڇيل گلاب جا گل ڪاري ڪوئلي وانگر سڙيل ڪنهن ڪنڊ ۾ لڀن ٿا، سندن روايتون ۽ ريتون بي بها ۽ مهانگا محسوس ٿين ٿا انهن جي برعڪس اسان جون وفائون سندس ڪتابن ۾ جفاعن جي عنوانن سان تحرير ٿيندي پڙهڻ لاءِ ملن ٿا، ڪنهن در وڃجي ؟ ڪنهن در دانهن ڏجي؟
    اسان ڪي ئي ساعتون سندن رستن تي نماڻا نيڻ کڻي کين هڪ پل لاءِ پسڻ لاءِ اُس جهٽيو ٿا ۽ وري محبوب ايڏا مغرور جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هار سينگار ۾ لاهيو ڇڏين، هيڏان اُس ۽ تتل زمين جي واري اسان جا ترا ڪڍيو ڇڏي، وري مٿان ستم ظرفي اِها ” پنهنجي شڪل ڏٺي اٿئي“ جهڙا ٺٺول ڪري اسان جي ششي جي ٺهيل دل جا پرزا پرزا ڪريو ڇڏين، اڃا ڏوھ اسان عاشقن ڏي.
    اسين عاشق زهر پياڪ مڙئي پيا سندس ڌڪن ۽ ٿاٻن ۾ دل خوش ڪريون ۽ وري مٿان هٽلر صفت محبوبائون بہ پنهنجي وسان ڪين ٿيون گهٽائين هر روز نئو غم توڙي ستم پارسل ڪري موڪلين پيون.


    اڙي چنڊ - اڙي چنڊ

    جڏهن اونداھ ڪاري رات پنهنجي گرفت ۾ هن ڌرتي تي موجود سڀني پکين، پکيئڙن، وڻن ٽڙن توڙي جيت جڙن کي لپيٽي وٺندي آهي تہ تڏهن اُن ڪاري رات جي راڪاس کي مات ڏيڻ لاءِ تنهنجي روشني نمودار ٿيڻ لڳندي آهي، تنهنجي اِها روشني جتي ٻين لاءِ رهنمائي جو سبب بڻجندي آهي اُتي وري اسان جهڙن حساس دل رکندڙ فردن لاءِ اميد ۽ اُتساه جو سبب پڻ بڻجندي آهي.
    تنهنجي حسن جا اسير ڪي ئي اهل دل ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا ٿي پوندا آهن تنهنجي حسن جي تعريف جي تڪميل لا۽ الاءِ تہ ڪيترن ئي شاعرن ۽ ليکڪن پنهنجي لفظن تي طب آزمائي ڪئي آهي، ڪن تو کي پنهنجي پرين جي حسن سان ڀيٽيو آهي تہ وري ڪن تون کي پنهنجي پرين لاءِ انيڪ نيھ جا نياپا موڪليندي تو کان حجائتي انداز ۾ اهو پڻ پڇيو آهي تہ” اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو تہ ڏٺو ناهي، سندس روپ، سندس رنگ، ائين آهي جئين تون.
    تنهنجي حسن، توڙي تنهنجي ڪمال ۽ جمال جا جتي بي حد پارکو آهن اُتي وري تنهنجي خاموشي بہ مون لا۽ هڪ سواليہ نشان آهي، تنهنجي خاموشي پنهنجي اندر هزارين راز رکي ٿي، اڌ رات جو محبوب پاڪن کان رنجھ ٿيل الهڙ جوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پنهنجي دل جي هزارين ڪروڙين دردن جا داستان تو سان سليندا آهن، پنهنجي من اند جي مونجھ کي لاهڻ لاءِ تون سان انيڪ ڪچهريون ڪندا آهن، دل جي دنيا ۾ مچيل مانڌاڻ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ تو کي پنهنجو راز دار سمجهندي توسان دل جو ڳالهيون اوريندا آهن، پر تون کين بنا ڪنھ دل جوئي ڏيڻ جي توڙي آٿت جا ڪجھ چوڻ جي بجاءِ ، هميشه ازلي خاموشي اختيار ڪري ويهندو آهي، تنهنجي اِها هٽ ڌرمي يقينن پريشان ڪندڙ آهي.
    تون ڀلي ڪيڏو بہ سخت مزاجي ۽ خاموش صفت واري رويو اختيار ڪر پر پوءِ بہ آءُ بخوبي ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي محبوب جي حسن، ادائن، ۽ نکريلي اندازن آڏو پاڻ کي ڦڪو ۽ بي سوادو محسوس ڪندو هوندين، تنهنجو حسن، تنهنجو روعب، تنهنجي سڄي آڪڙ توڙي گهمنڊ سندس هڪ مرڪ اڳيان نسب ۽ نابود ٿي ويندي هوندي، ڇو تہ تون پاڻ هڪ مسلسل عمل جو محتاج آهي جنهن عمل مان گذرندي تنهنجو حسن پنهنجي پاڻ کي چونڊهين جو چنڊ چوائڻ جو قابل بڻجي ٿو.
    پر منهنجي محبوب جو حسن ڪنهن مخصوص عمل دخل جو محتاج ناهي، ڇو تہ هو جڏهن مسڪرائيندي آهي تہ ان مهل گل پنهنجي سرهاڻ وڃائي ويهندا آهن، هو جڏهن ڳالهائيندي آهي تہ ان مهل ڪوئل پنهنجي مٺي لات وساري ويهندي آهي، هو جڏهن هلندي آهي تہ تڏهن سڀ مور پنهنجي هلڻ جا ڍگ وساري ويهندا آهن ۽ هو جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪندي آهي تہ سندس زبان مان لفظن بدران ڄڻڪ ڳاڙها گلاب جاري ٿيندا آهن جن جي سرهاڻ منهنجي من کي هميشه مهڪائي ڇڏيندي آهي.
    تڏهن ئي تہ تو کي ڀٽائي سرڪار چيو آهي.

    اي چنڊ چوان ئي ســچ جي مٺي نه ڀائــــين،
    ڪڏھــن اڀرين ٿورڙو ڪـڏھــن اڀــــرين ڳچ،
    جو تو ۾ ٻري مچ سو پدم پرين جي پير مين۔


      ها پرين

    تون ڇا ڄاڻين انهن رولاڪين کي جن رولاڪين اسان کي تنهنجي درشن جو ديوانو بڻايو هو، ها انهن رولاڪين جن ۾ رولندي اسان ڪي گهڙيون پنهنجي پاڻ کان بي خبر توڙي بي نياز ٿي ڪري تنهنجي حسن جي ڪمال ۽ جمال ۾ مهو ٿي ويندا هئاسين.
    ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهي روح جي درد ڪٿا کي جنهن روح کي ڀٽڪندي ڪي ئي صديون ٿيون هجن، جنهن روح سحرا جي سرد ڀٽن ۾ پنهنجي جواني وڃائي هجي، جنهن جي جوان سپنن جوڀن ۾ ئي خودڪُشي ڪري ڇڏي هجي ها.
    پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين اسان جي انهي دل لڳي کي، جنهن دل لڳي اسان کان اسان جي هر ٺڙڪ ۽ ٺڳي کسي ڇڏي هئي، جنهن دل لڳي اسان کي سنجيدگي واري مزاج مان ڪڍي ڪري مسڪرائڻ سيکاريو هو، جيڪا مسڪراهٽ اسان کان ڪي ئي ورهيہ اڳ موڪلائي وئي هئي.
    ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن راتين جي اوڄاڳن کي، جن اوڄاڳن مون کي تنهنجي انتظار ڪرڻ جو عادي ڪري ڇڏيو هو، جن اوڄاڳن سان منهنجو عشق ٿيو هو، جن اوڄاڳن مون کي محبت جي مفهوم سمجهائي ڇڏيو هو ۽ انتظاري ۾ قراري بخشي هئي.
    ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين منهنجي من جي ان ڪچي محلات کي جيڪا تنهنجي هڪڙي بي رخي جي زلزلي سان ڊهي پٽ ٿي پئي آهي، جنهن کي وري جڙڻ ۾ شايد ڪي ئي زمانا درڪار آهن ۽ پو۽ بہ شايد وري اهڙي متان نہ جڙي سگهي جيڪا تنهنجي هڪڙي مرڪ سان جڙي پئي هئي.
    ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن تاريخين کي، جن تاريخين ۾ اسان تو کي روشني سمجهي تلاش ڪيو هو، تلاش بہ ائين جئين ڪو بي نور فرد نور کي تلاش ڪندو آهي، اسان جو هي روڳي من تنهنجو متلاشي ٿي پيو هو، گهڻي تلاش ۽ ڳولاءِ کان پوءِ بہ تنهنجو نہ ملڻ مون لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻيو.
    ها پريــــــــــن تون ڇا ڄاڻين انهن احساسن کي، جن احساسن کي مون لفظن جي روپ ۾ تنهنجي لاءِ لکيا، سرجهيا ۽ پڙهيا، تون تہ انهن لفظن جي قيمت جو ڪاٿو بہ نہ ٿي لڳائي سگهي منهنجا اُهي لفظ هاڻ مون لاءِ امرتا جا حامل آهن ڇو تہ انهن جي وابسطگي جو تون سان آهي.


      اسين هيڪلا هن جهان ۾ !

    اکرن سان عشق ڪرڻ توڙي مسلسل ڪجھ نہ ڪجھ لکڻ جو مزو بہ هڪ نمايا حيثيت جو حامل آهي، اسان جون ڦڪيون، ڪچيون، توڙي ڪجھ ڪجھ مٺيون ڳالهيون ڪنهن ڪنهن کي موهي ٿيون وٺن، ڳالھ اتي دنگ نہ ٿي ڪري، جن کي اسان جون تحريرون پسند اينديون آهن انهن مان اڪثر دوست اسان وانگر لفظن جو ڄار وڇائڻ چاهيندا آهن، هو يڪدم ليکڪ ٿيڻ چاهيندا آهن، ڪجھ مون سان سڌي طرح رابطي ۾ آيا تہ وري ڪن پيغامن وسيلي پنهنجي ليکڪ ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري ۽ گڏوگڏ رهبري ڪرڻ جي درخواست بہ رکي، مون ڪڏهن بہ ڪنهن کي نا اميد نہ ڪيو، وس آهر ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪندي انهن دوستن جي رهبري ڪئي جن کي ڪجھ لکڻ يا تخليق ڪرڻ جو شوق، جذبو توڙي ولولو اندر ۾ هيو.
    شروع شروع ۾ اڪثر دوستن ڪجھ نہ ڪجھ لکيو پي، ان سان گڏوگڏ حال احوالي ٿيندا رهيا پر هڪ ڳالھ جيڪا منهنجي لاءِ تعجب جو ڪارڻ بڻي سا هُئي سندن سگهو ئي اسڪرين تا غائب ٿيڻ، گمنام ٿيڻ، خاموشي جا تاڪ هڻي ڇڏڻ، تخليق جي رستن تي ڊينگهر هڻي ڇڏڻ، يعني سندن شوق، جذبو ۽ ولولو تمام ٿوري عرصي يا وري هڪ ٻن لکڻين کان پوءِ ٿڌي ٿي ڪري برف جو ڳوڙو بڻجي پئي، ڳوڙهو بہ اهڙو جنهن کي نہ ٽوڙي سگهجي نہ مروڙي سگهجي.
    ان لاءِ هت دوست سان عرض ڪندو هلا تہ قبلا سائين لفظن سان عشق اُهي ئي مغز ڦريا ڪري سگهن ٿا جيڪي لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري ان کي پار ڪري وڃن، انهن فردن کي ئي لفظن سان جادوگيري جو فن عطا ٿيندو آهي ۽ وري جيڪي فرد لفظن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري پويان پير ڪري پاڻ بچائن ٿا انهن کان لفظن ائين رسي وڃن ٿا جئين ڪنهن غريب کان خوشيون، ان لاءِ ڪنهن جي ڏات سان ريس ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي اندر موجود فن کي فڪري بنيادن تي ڳولي لهو ۽ پوءِ وري ان مطابق ڊڪ ڊوڙ ڪيو.
    اسين جيڪي ادبي لڏي ج ڪجھا رولاڪ ماڻهو آهيون، اُهي معاشري جي ٻين فردن کان ٿورو ٿڪو الڳ ٿلڳ آهيون، اسين واندڪائي واري وقت ۾ گهمڻ ڦرڻ توڙي رولڻ جي بجاءِ ڪنهن جي آٿم ڪٿا توڙي سفر نامي پڙهڻ کي وڌيڪ مؤثر سمجهندا آهيون، اسين ڪنهن الڙ جوان ڇوڪري جي پٺيان وقت وڃائڻ جي بجاءِ کيس لفظن جي مالها پارائي محبوب بڻائي ڇڏيندا آهيون پوءِ وري سندس حسن، ڪمال توڙي جمال تي ڪي گيت، غزل توڙي مضمون درج ڪري کيس هميشه لاءِ امرتا بخشي ڇڏيندا آهيون تڏهن ئي تہ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ” ادي کي خبر نہ چار، ادو عشق ۾ انڌو “ هي پهاڪو اسان جهڙو مجاز رکندڙ اديبن ۽ ليکڪن تي ئي تہ ٺاهيو ويو آهي.


    لازوال مرڪ

    منهنجي وائليٽ ۾ تنهنجي تصوير کي سنڀاليندي اڄ ٻيو سال پورو ٿيو آهي، ان ٻن سالن ۾ تنهنجيون انيڪ نا انصافيون، بي رخيون توڙي رُساما شامل آهن جن جو ڳاڻاٽو ئي ممڪن ناهي، جن جو تذڪرو ڪندي ڪٿي لفظ نہ کٽي پون، ڪٿي صفحا نہ پورا ٿي وڃن، ڪٿي قلم لکڻ کان بي وس نہ ٿي پوي، ڪٿي اِهي سڀ لکندي لفظ وڇوڙو پنهنجي اصليت نہ وڃائي ويهي، دل ٿي چئي تہ تون سان صدين جا حساب ڪتاب ڪجن، تون کان انهن پلن جو حساب وٺجي جن پلن ۾ تون مون کي تن تنها اڪيلو ڪري هلي ٿي وڃي، ڪي ئي گهڙيون تون سان حساب ڪتاب ڪرڻ جو سوچيندو آهيان وري جو مٿان تنهنجي مرڪ ياد ايندي اٿم تہ صدين جا حساب ڪتاب خاڪ بڻجيو پون.


    بدگماني جي بلندي

    همراه مون سان ڪچهري ڪندي وراڻيو:
    ”يار هڪ ڳالھ ٻڌي اٿئي.“
    مون چيو : ” الاءِ ڪهڙي.“
    چيائين : ” يار پاڻ مسلمان آهيون ڀلي سڄو هفتو يا پندره ڏينهن نہ وينجهئو تہ بہ پنهنجي جسم ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڪا بدبو يا ڌپ پيدا ڪو نہ ٿي ٿئي پر جيڪي واڻيا يعني هندو آهن اُهي اگر هڪ ڏينهن بہ فريش نہ ٿين يا تيل ڦليل نہ ڪن تہ سندن جسم مان ڌپ اچڻ لڳندو آهي.“
    سندس لفظ ٻڌڻ شرط منهنجو اندر تہ صفا سڙي ويو، مڪمل طور تي جاهلانہ ڳالھ ڪئي هيائين، عجيب قسم جي ڪيفيت مون تي طاري ٿيڻ لڳي.
    کيس جواب ڏيندي وراڻيم : ”اڙي عقل جا اڪابر، دماغ ۾ ڪڙٻ يا بنھ ڀريل اٿي ڇا، لڳي ٿو دماغ کان صفا فارغ آهين، هن ڪائنات جو محور ۽ مرڪز انسان ذات آهي، تو کي انسان جي عظمت، مان مرتبي ۽ شان جي خبر ئي ناهي، تون ڪهڙي قسم جو انسان آهي، تون خدا جي ان عظيم تخليق انسان جي مذهب جي بنياد تي تذليل ٿو ڪري، جنهن انسان کي خدا تعالي ان مقصد لاءِ پيدا ڪيو تہ جئين اُهي سندس خدائي جي واکاڻ ڪن ۽ ان عظيم تخليق جي ذريعي سندس خدائي ظاهر ٿئي، خدا تعالي اگر تو کي مسلمان جي گهر ۾ پيدا ڪيو آهي ۽ تون کي ايمان جهڙي نعمت سان نوازيو اٿائين تہ پوءِ اِن جو اِهو مطلب هر گز ناهي تہ تون ان ايمان کي بنياد بڻائي پاڻ کي مسلمائن سڏائيندي خدا جي اُن اعلي تخليق انسان ذات جي تذليل ڪري، سو بہ تمام ننڍڙي جواز تي، تاريخ شايد آهي تہ انسان ذات جي علم بردارن ڪڏهن بہ ڪنهن انسان جي ورڇ مذهب توڙي رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ناهي ڪئي، خود حصور پاڪ جي دور ۾ اگر پاڻ صلعم وٽ ڪو غير مسلم مهمان ٿي ايندا هئا تہ پاڻ صعلم ان جي بلڪل اهڙي ئي ريت خاطرداري ۽ مهمان نوازي ڪندا هئا جهڙي طرح مسلمانن جي ڪندا هئا، جڏهن اسان جي نبي ۽ خدا جي رسول انهن ۾ مذهب جي بنياد تي ڌڪارت وارو رويو نہ رکيو تہ پوءِ تون ۽ مان ڪير ٿيندا آهيون جو انهن جي شخصيت بابت اهڙا دقيانوسي ۽ ڪِرب وارا نظريا رکو، ٿورو عقل کان ڪم وٺ، ڪٿي تو جهڙي نادان کي تنهنجي اها ڪم عقلي ۽ ڪمزور نظريو خدا جي بارگاه ۾ ذليل ۽ خوار نہ ڪري، اِها چوڻي تہ ٻڌي هوندئي نہ ” دوٻي کا کتا نہ گهر کا نہ گهاٽ کا“ ڇو تہ پهريان انسان ذات هن ڌرتي تي آيا آهن پوءِ مذهبن جون بنياد پيو آهي.“
    منهنجا لفظ ٻڌي ڪري مٿو کنڻ لڳو ۽ وراڻيو :
    ” يار مون بہ ٻين کان ٻڌو آهي.“


    اڻپورا احساس



    کن پل لا۽ هُو بلڪ خاموش ٿي وئي، مون کي سندس خاموشي ڪنهن اڻ ڏٺي طوفان جي اچڻ جو انديشو پي محسوس ٿي، آءُ حيران ٿيڻ لڳس جڏهن سندس نازڪ ۽ نفيس نيڻن مان لڙڪ جاري ٿيڻ لڳا، روئاڻڪي انداز ۾ وراڻي” خادم تون هاڻ فائنل ڪري خبر ناهي ڪهڙا وٿاڻ وڃي وسائيندين، سچ تہ تونکان سوا۽ هت منهنجو گذارو بلڪل بہ ڪونہ ٿيندو، آءُ اڪيلي ٿي ويندس بلڪل تن تنها ۽ لاوارث.“
    سندس لفظن منهنجي من کي جهوري ڇڏيو، پنهنجي پاڻ تي ضابطو آڻيندي کيس آٿت ڏيندي وراڻيم” فضا اهو فطرت ۽ قدرت جو قانون آهي تہ هڪڙا ايندا آهن ٻيا ويندا آهن، اسين مجبور آهيون فطرت جي قانون کي بدلائي نہ ٿا سگهون.“
    ڀنل نيڻن سان مون ڏي نهاريندي چيائين” ڇا هن ڌرتي تي سڄو نظام فطرت جي قانون موجب هلي رهيو آهي، اگر ها تہ پو۽ آءُ هن فطري قانون کي نٿي مڃان، آءُ هِن قانون جي خلاف ويندس.“
    مون کي سندس ڳالهيون ڪنهن قدر عجيب لڳيون پر سندس ڪيفت کي سمجهندي مون ساڻس اتفاق ڪيو ۽ کيس تاڪيد ڪندي وراڻيم” فضا تون پنهنجي ڪلاس جي سٺي ۽ هوشيار شاگردياڻي رهي آهين، تون کي تاريخ ۽ فلسفي جي چڱي ڄاڻ آهي، تنهنجو ذهن شعور جي ان حد تي آهي جو تون کي وڌيڪ تلقين ڪرڻ جي ضرورت آءُ محسوس نہ ٿو ڪريان، ها باقي اگر جي تون منهنجي هتان جي وڃڻ کان ناخوش آهي تہ پو۽ آءُ تنهنجي خوشي خاطر پنهنجي هڪ سال جي پڙهائي کي قربان ڪرڻ لا۽ تيار آهيان، آءُ کڻي هن دفعي فائنل جا پيپر ڪونہ ڏيندس ۽ ايندڙ سال تون سان گڏ فائنل ڪندس، بس تون خوش !


    مرڻينگ ٿيل محبت

    اڄ هو انتهائي پريشاني واري عالم ۾ پنهنجي ٽيبل تي اُها پين ڳولي رهيو هو جيڪا ورهين اڳ ان پنهنجي ٽيبل تي رکي هئي، ها اُها پين، جنهن پين سان هُو پنهنجي محبوب جي لال لبڙن جي تعريف لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان پنهنجي محبوب جي ادائن ۽ وفائن تي گيت ۽ غزل لکندو هو، ها اُها پين جنهن پين سان ورهين اڳ سندس وڇڙڻ جي کن پل اڳم کيس ان پين سان آخري خط لکندي هن اِهو قسم کنيو هُو تہ هَن هٿن ۾ وري اَن پين کي نہ کڻندو، پر الا۽ ڇو اڄ پنهنجي اصولن ۽ ضابطن توڙي قسمن جو ڀرم نہ رکندي هُو وري ان پين کي تلاش ڪري رهيو هو، سندس اکيون ايڪسري مشين بڻجي ٽيبل جي اردگرد توڙي سندس سڀني پاسن کان ان پين کي تلاشي رهيون هيون، سندس ٻانهون ڪرين مشين بڻجي ٽيبل تي پيل سامان کي هيڏي هوڏي ڪري رهيون هيون، سندس پيشاني مان پگهر بارش بڻجي برسي رهي هئي ۽ سندس دل زور زور سان دڙڪي رهي هئي، پين کي ڳوليندي ڳوليندي سندس نظر ٽيبل جي ڪنڊ ۾ پيل هڪ چاٻي تي پوي ٿي، چاٻي تي نظر پوندي ئي سندس ذهن ۾ هڪ گمان پيدا ٿي ٿو تہ شايد پين لاڪر ۾ هجي، ڄاٻي کڻي ڪري وڃي سڌو لاڪر کي کولي ٿو، هت پين بجاءِ کيس سندس پراڻي ورهين اڳ جي لکيل ڊائري هٿ اچي ٿي، ڊائري کي ڏسندي ئي سندس ذهن مان پين جي کوجنا وارو خيال پرواز ڪري وڃي ٿو ۽ هُو ڊائري کي هٿ ۾ کڻي پنهنجي درهم ڀرم ٿيل ٽيبل جي ڀر ۾ اچي ڪري ڪرسي تي ويهي ٿو سندس صفحا کولڻ لڳي ٿو، هر صفحو سندس محبوب جي پيار ۾ اقرار کان وٺي ڪري انڪار جي داستانن سان ڀري پئي هجي ٿي، محبت ۾ جتي خمار، سرور ۽ راحت آهي اتي ئي وري ان سان گڏوگڏ وصال جون گهڙيون، حجر جون راتيون ۽ اڪيلائي جا جي جهوريندڙ لمحا بہ آهن، اهو قطعي ممڪن نہ آهي تہ هر ڪنهن فرد کي محبت راس اچي، ڪٿي خوشين جا بهار هوندا آهن تہ وري ڪٿي محبت ۾ خزا جي موسم بہ هوندي آهي، هر انسان زندگي جي ڪنهن نہ ڪنهن حسين پل ۾ محبت جي خوشبو سان آشڪار ضرور ٿيندو آهي پو۽ اُها محبت جي سڳند ڪنهن جي من ۾ وڌي وڻ ٿيندي آهي تہ وري ڪٿي ڪنهن دل ۾ ان محبت جي ٻڄ خزا جي تيز هوائن ۾ پنهنجو سلو بہ پيدا نہ ڪري سگهندي آهي، هُو ڊائري جا صفحا بہ صفحا ورائيندو وڃي ٿو، پنهنجي محبت جي سڳند کي محسوس ڪندي سندس روح راحت محسوس ڪرڻ لڳي ٿي، ڊائري ۾ لکيل محبوب جي لفظن کي ائين گمان ڪري ٿو جهڙوڪ هُو سامهون ويٺي هن سان مخاطب هجي، ڊائري پڙهي ڪري سندس من رتوڇاڻ ٿي پوي ٿو، سندس اکين مان بي موسمي بارش برسي پوي ٿي، سندس اکيون ڳوڙهن بجاءِ رت هاڻا ٿي پون ٿا ۽ ھُو ڊائري کي ڀاڪر ۾ ڀري پنهنجي اکين کي آلوپ ٿيڻ ڏي ٿو جيڪي وري ورهين تائين کلڻ کان عاجز ٿي وڃن ٿيون.


    منهنجو يار ملوڪ

    جئين دنيا جي هر ڌنڌي ڌاڙي جا ڪجهہ پنهنجا مقرر ڪيل اصول هوندا آهن جن تحت سندن خريد و فروخت ڪئي ويندي آهي تئين ئي منهنجي يار ملوڪ جا عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ ڪجهہ عجيب و غريب اصول مقرر ڪيل آهن.
    سندس چوڻ آهي ته اگر يونيورسٽي ۾ ڪا ڇوڪري پسند اچي تہ ان کي صرف ڏسڻ جي حد تائين محدود رکجي، ان کي پرپوز نہ ڪجي ڇو تہ اِهو اسان مردن جي شان ۾ ناهي تہ ڪنهن ذائفان کي پرپوز ڪيون.
    ادڪار مان اڪثر کيس مختلف فلمن جا حوالا ڏيندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته يار ڏس فلاڻي فلم پاڻ وڃي کيس پرپوز ڪيو نہ، ڇوڪري تہ صرف کيس گرين سگنل ڏنا ۽ اڪثر ڇوڪريون صرف گرين سگنل ئي ڏينديون آهن، پرپوز ڪرڻ تہ اسان مردن جو ئي ڪم هوندو آهي.
    ڳاله سڌي آ پر يار ضدي آ، ڪاٿي ٿو مڃي، مون کي افسوس ٿيندو هو تہ اجهو اچي سندس چار سال پورا ٿيا مگر پنهنجي ان بي وقوفاڻا نظرين جي ڪري انهن محبتن ۽ قربتن کان محروم رهيو آهي جيڪي محبتون بي جان جسمن کي جان بخشينديون آهن، انهن زلفن جي ڇانورن کان ڏور رهيو آهي جن ڇانورن جي سُروُر نم توڙي پِپِل جي ڇانؤ کان هزار دفعا وڌيڪ سڪون بخشيدي آهي، ان بي قراري واري پلن جا قرار ئي ڪو نہ ماڻيا اٿس جن پلن ۾ مجبور عاشق رات جا تارا ڳڻي صبح صادق ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن، سندس دل ڪيتري دفعا ڪنهن لا۽ ڌڙڪي آهي اُها تہ کيس خبر پر جڏهن بہ هن قسم جون ڳالهيون ڪندو آهي تہ صفا منهن کي پڪو ڪري ڳالهائيندو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ چاهيندو آهي ڄڻڪ سندس انتظار ۾ انيڪ حسينائون هُجن.


    موئن جي دڙي ۾ محبت

    موئن جو دڙو جنهن اسان سنڌين کي دنيا آڏو هڪ منفرد ۽ اعلي سڃاڻپ بخشي آهي، جنهن جي باعث اسان پاڻ کي قديم ۽ مُهذب قوم سڏائڻ جا حقدار ٿياسين تنهن موئن جي دڙي کي ڏسڻ لاءِ منهنجيون اکيون آتيون هيون تہ اچانڪ پروفيسر صاحبانن اسان سڀني شاگردن لا۽ لاڙڪاڻي جي ون ڊي ٽوئر جو بندوبست ڪيو، گهمڻ لا۽ موئن جو دڙو، شهيدن جي مزار ۽ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جي چونڊ ڪئي وئي، موئن جي دڙي سان دلي عقيدت هجڻ جي ڪري مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي هئي ڇو تہ زندگي ۾ پهريون دفعو مون کي موئن جي دڙي کي گهمڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ملي رهيو هو، منهنجي خوشي ۾ ٻيڻي اضافي ٿي جڏهن مون کي دوستن ٻڌايو تہ پنهنجي ڪلاس جي ٻين ڇوڪرين سان گڏ تون بہ ٽوئر تي هلي ٿي، وقت جڏهن لانگ ورائيندي آهي تہ خبر ئي ڪانہ پوندي آهي تہ زندگي پنهجو رخ ڪهڙي طرف ٿي موڙي، تنهنجي ٽوئر تي هلڻ جي خبر ڄڻڪ بليڪن وائيٽ خوابن ۾ حسين رنگ ڀري ڇڏيا هئا، موئن جي دڙي پهچڻ کان پوءِ تون تہ بخوبي ڄاڻي ٿي تہ مان ڪيڏو نہ خوش باش لڳو پيو هيم ، دل چاهيو پي تہ توسان گڏ کن پل ڪنهن ڪنڊ ۾ کسڪي وڃا ۽ پنهنجي پيار کي امرتا بخشڻ لا۽ تون سان ڪو سيلفي ڪڍرايان پر پو۽ مناسب نہ سمجهيم،جنهن مهل پاڻ سڀ ميوزيم جي پويان ٺهيل موئن جي دڙي جي سٻاجڙي ڪينٽين ۾ ريفريشمنٽ ڪرڻ هلون پيا ٺيڪ ان مهل منهنجي دل ڪافي ساريون حسرتون ڪر کڻن پيون، تونسان گڏ هڪ ٽيبل تي ويهڻ جي حسرت، هڪ ڪپ ۾ چانھ پئيڻ جي حسرت، موئن جي دڙي جي عظيم ثقافتي سرزمين تي ويهي ڪري تونسان دلي ڳالهون کولي ڪري ڪرڻ جي حسرت، مان حسرتن جي سمنڊ ۾ ان مهل اڻ ڳڻيل گوتا پيو کاوان ۽ تون پنهنجين سهلين سان سيلفين ڪڍڻ ۾ مصروف هئين، محبتن جي موسم ڪڏهن گذري نہ ڇو تہ هي اها واحد موسم آ جيڪا ڪومايل ۽ مايوس دلين کي بہ پنهنجي آبشار ذريعي حسناڪي بخشي ٿي ۽ کين هڪ اعلي سگھ عطا ڪري ٿي،
    ڪينٽين جي ٽيبل تي ويٺي مون توکي هتان جي راڻي ۽ پاڻ کي بادشاه تصور ڪرڻ شروع ڪيو سچ پڇين تہ پو۽ توکي گهوري تڪڻ جو مزو ئي نرالو ٿي ويو تنهنجي چهري کان نظر کي پري هٽائڻ منهنجي لا۽ تمام ڏکيو ٿي پيو، منهنجي لا۽ هتي مقدس هئي هتان جي ڌرتي مگر انهن کان وڌيڪ منهنجي لا۽ مقدس ٿي پيون تنهنجيون گول ناسي اکيون، اُھي اکيون جن ڪڏهن منهنجي باري ۾ ڪي خواب ڏٺا هوندا، اُهي اکيون جن منهنجي اکين کان ننڊ کسي، اُھي اکيون جيڪي منهنجي اکين لا۽ سولر سسٽم وارو ڪم ڪنديون آهن ۽ وقت بوقت منهنجي اکين سان اڙجي ڪري منهنجي اکين کي چارج ڪنديون آهن، انهن اکين کي آءُ ڪئين ٿو وساري سگهان جيڪي مون کي ڏسي ڪري ٽيوب لائيٽ وانگر ٻرڻ شروع ڪنديون آهن.
    ها پرين !! هاڻ تہ بس انهن اکين جي آکيري ۾ هميشه لا۽ پنهنجو گهر ٺاهي ڪري ويهڻ ٿو چاهيان.


    لفظن جو ماتم

    خيرن سان عيد بہ گذري وئي، ڪن ماڻهن جي عيد سکن ۾ گذري تہ وري ڪن جي ڏکن ۾، برحال گذرڻي هئي سان گذري وئي، هن عيد توڙي هرعيد تي جيڪا ڳالھ دل کي صدمو پهچائي ٿي دل ٿي چئي تہ اهو احوال اوهان مهربانن سان اورجي، ٿي سگهي ٿو متان اها ڳالھ اوهان جي دل جي بہ ڳالھ هجي، توهان ڏٺو هوندو تہ عيد جي ڏهاڙن ۾ اڪثر تاريخي ماڳن جهڙوڪ موئن جو دڙو، ڪوٽڏجي جو قلعي ۽ ٻين تاريخي ورثن جي بي دردي سان لتاڙ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان بي حسي ۽ لتاڙ کي انجواء جو نالو ڏنو وڃي ٿو، توهان ڏٺو هوندو تہ انهن ڏينهن ۾ تاريخي ماڳن گهمڻ لا۽ اڪثر نوجوان ڇوڪرن ۽ نوجوان ڇوڪرين جي گهڻائي نظر اچي ٿي ۽ اڪثر وري اُھي جيڪي پنهجي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جي تاريخ کان بنھ اڻواقف، اسان مان گهڻائي ان رش ۽ پرائين نياڻين کي تڪڻ لا۽ انهن ماڳن جو رخ ڪري ٿي، هي هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کان مان پاڻ بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهان، مون اها ڳالھ پنهجي وسيع تحقيق ۽ کوجنا وسيلي معلوم ڪئي آهي، عيد جي پرمسرت موقعي تي تاريخي ماڳن جي لتاڙ ڄڻڪ اسان وٽ رسم بڻجي وئي آهي ۽ هر ماڻهو ان رسم کي وڏي ايمانداري سان نڀائي ٿو، تاريخي ماڳن توڙي بزرگن جي درگاهن تي جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي اهو انتهائي اڻوڻندڙ ۽ ناساز آهي يقينن هاڻ اهڙي ماحول کي تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي اگر اسان جا لفظ وقت جي وهڪرن ۾ دٻيل رهيا تہ پو۽ اسان بہ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ڪري ڪنهن نئين موئن جي دڙي جو حصو ٿي وينداسين، اسان جا رسم اسان کي اونداهي طرف گهلي رهيون آهن.
    هر سال عيد جي نماز پڙهي ڪري مان اڪثر ننڊ ڪندو آهيان يا وري ننڊ نہ اچڻ جي صورت ۾ ڪنهن ڪتاب جي پڙهڻ کي ترجيع ڏيندو آهيان گذريل سال دوستن جي گهڻي اسرار کان پو۽ عيد جي نماز پڙهي ڪري ڀٽ شاه گهمڻ جو پروگرام ٺاهيوسين، عيد نماز پڙهي ڪري اسان ڀٽ شاه لا۽ روانا ٿياسين، مان اڳ بہ ٻہ دفعا ڀٽ شاه جي درگاه جي حاضري ڀري چڪو هيم ليڪن هيل وڃڻ جو ڪجھ انداز نرالو هو، هڪ تہ سڄي سنگت ساڻ هئي ٻيو وري پورن پنجن سالن جي وٿي کان پو۽ وڃي رهيو هيم ۽ مونکان علاوہ باقي سڀني دوستن جو هي لطيف سرڪار جي درگاه تي پهرين حاضري هئي ان ڪري انهن جا چهرا مهڪن پيا ۽ دل بهار بهار پئي ٿي، منهجي بہ تقريبن ساڳي ڪيفيت هئي، آءُ سڄي دڳ پنهجي ذهن ۾ لطيف سرڪار جي درگاه جي اڻ چٽي تصوير کي دهرائي لطف اندوز ٿيندو رهيم، اها تصوير جيڪا پنج سال اڳ منهجي اکين درگاه کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ محفوظ ڪئي هئي ۽ سوچيندو رهيم تہ هاڻ درگاه الا۽ ڪئين نظر ايندي، درگاه جي اڏاوتي ڪم ۾ الا۽ ڪيتري ترقي ٿي هوندي، منهجي دل ۾ عقيدت جا گل ڦٽي ڪري وڻ ٿيڻ لڳا ۽ درگاه تي پهچڻ جو انتظار شدت اختيار ڪرڻ لڳو، چئن ڪلاڪن جي سفر کان پو۽ نيٺ اسان درگاه پهتاسين، عقيدت جا گل دل ۾ کڻي اسان لطيف سرڪار جي مزار ۾ اندر حاضري ڀرڻ لا۽ روانا ٿياسين، درگاه جي ڏاڪڻن توڙي مزار جي اڱڻ ۾ رش جي تہ ڪا انتها نہ هئي، وک کڻڻ جيتري جڳھ مشڪل سان ملي پئي، هتي جيڪا اڻ وڻندڙ ڳالھ مونکي محسوس ٿي اُھا هي هئي تہ انهي رش سبب اڪثر مردن ۽ عورتن جو جسم پاڻ ۾ ٽڪرائجي پيو، مرد هجڻ جي ناتي مونکي ئي اهڙي ماحول ۾ الاء تہ ڪيتري شرم پئي محسوس ٿئي، اهڙي ناگوارہ ماحول جي ڪري اسان لطيف سرڪار جي مزار ۾ اندر وڃڻ جي فيصلي کي ترڪ ڪري درگاه جي مئن گيٽ جي سامهون لڳل نم جي وڻ جي هيٺيان وڃي ويهي رهياسين، منهجون نظرون هر اُن مرد توڙي نوجوان جي جاسوسي ڪري رهيون هيون جن جو نظرون پراين جوان مائرن توڙي ڌئيرن تي هيون اهڙي ناساز ماحول کي ڏسي ڪري اسان جي عقيدت جا گل تہ کن پل ۾ ڪومائجي ويا.
    ڪاش !!! مون وٽ اهڙي ڪا ميٽر يا اسڪيل هجي ها جنهن سان درگاه تي ايندڙ هر شخص جي من جي سچائي ۽ دل جي عقيدت کي ماپي سگهان ها تہ هو ڪيتري سچائي سان لطيف سرڪار جي مزار تي حاضري ڀرڻ آيو آهي نوجوانن جي نخرن ۽ اسٽائيلن کي تہ پر لڳي ٿي ويا جنهن محل انهن جي ڀرسان ڪا ڇوڪري گذري پئي، درگاه تي آيل ماڻهن مان اڪثر پنهجن فوٽن ڪڍڻ ۾ مصروف هيا ۽ باقي جا ماڻهو هيڏي هوڏي گهمي ڪري پنهجو قيمتي وقت ضايع ڪري رهيا هئا، سڀني ماڻهن کي ڏسي ڪري منهجي ذهن ۾ بار بار هڪڙو ئي سوال اڀري پيو تہ ڇا هتي آيل سڀئي ماڻهو لطيف جي فڪر ۽ فلسفي کان واقف آهن هنن کي لطيف جي هستي جي اهميت جي خبر آهي. ؟؟؟


    ڊائري جا ورق

    اڪثر ماڻهون پنهجي زندگي ۾ واقع ٿيل خوشين جي گهڙين کي هميشه محفوظ رکڻ لاء ڊائريون لکندا آهن، پنهجي پل پل کي لکي ڪري هميشه لاء يادگار بڻائي ڇڏيندا آهن، هڪ عام انسان ۽ ساده دل هوندي مونکي بہ ڊائري لکڻ جو شوق پيدا ٿيو مون وڏي سڪ ۽ اُڪير سان هڪ ڊائري ورتي ۽ پنهجي دل جا حال ڪجھ هن ريت اُوريم، ” مون پنهجي ڊائري ۾ اُهي هر پل تفصيل سان لکيا آهن جيڪي پل مون کي توسان گڏ گهارڻ نصيب ٿيا تنهجي پهرين ملاقات کي مون ڊائري جي پهرين پني جي زينت بڻايو تنهجي موڪليل پهرين مسيج کي مون ڊائري ۾ رنگين پينسلن ساڻ لکيو، ڊائري کي ٽائيٽل ڪور ڏيڻ لاء مون تنهجي نازڪ ۽ نفيس چهري جو اسڪيچ بہ ٺاهيو جيڪو اتفاق سان بلڪل صحيح ٺهيو تنهجي درشن ڪرڻ لاء مون وٽ صرف اِهائي هڪ ڪارائتي اسڪيچ آهي جنهن کي ڏسي ڪري مان پنهجي اکين کي ٺار بخشيندو آهيان، ايترو جلدي ڪنهن کي وسارڻ جو فن تہ ڪوئي توکان سکي مون کان تہ اُهي لفظ ئي نٿا وسرن جن سنهري لفظن سان تون مون کي پنهجو عاشق هجڻ جو لقب ڏنو هو، تون سان هر پل ، هر گهڙي ، ۽ هر وقت گڏ رهڻ ٿو چاهيان الاء ڇو توسان گڏ هجڻ جي مونکي عادت پئجي وئي آهي ۽ توکي تہ اها خبر آهي تہ عادتون ڪڏهن بہ ڇڏي نٿيون سگهجن، منهجا لفظ شايد اُنهن احساسن کي بيان ڪرڻ لا۽ ڪافي ناهن جيڪي احساس ۽ جذبا آءُ تنهجي لاءِ رکان ٿو مون کي پڪ آ تہ وقتي ويڇا ۽ وڇوڙا منهجي محبت ۾ رنڊڪ ڪونہ بڻبا، ڇوتہ ڪنهن شاعر چيو آهي تہ
    يادگيريون سنڀال ڪم ايندئي
    ڪنهن وڇوڙي جي سال ڪم ائيندين
    ان لاء آءُ پنهجين يادگيرن کي سنڀالي رهيو آهيان.


    يقين جي سگھ

    منهنجو هڪڙو صفا ويجهو دوست هڪ شام جو مون سان گڏيو، هوٽل تي ويٺاسين چانھ پئيڻ جي موڊ سان، ڪچهري ڪرڻ لڳاسين، مختلف موضوع بحث هيٺ آيا، ڪي خيال آيا ڪي ويا، آخر ڪچهري جي سينٽرل آئيڊيا تي آيو ۽ چوڻ لڳو ” يار گهڻن ڏينهن کان خواهش هيم تہ تونکان هڪ مسئلي جو حل پڇان.
    مون بي جهجڪ ٿي ڪري وراڻيو ” حڪم ڪر سهڻا.
    چوڻ لڳو ” يار مون سان هڪ اهم مسئلو آهي، اُهو آهي پڙهائي جو، هر ڏينهن ڪلاس بہ وٺان ٿو، پڙهان بہ ٿو مگر پو۽ بہ نتيجا سبجيڪٽن جي حوالي سان يا وري عمومن مطمئن ڪندڙ نٿا اچن، هاڻ ڏس تہ ڇا ڪريان، سچ تہ ان مسئلي مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، وري مٿان والدين جون اميدون تہ اسان جو مور پٽ سٺن نمبرن سان پاس ٿيندو.
    سندس مسئلو ٻڌي ڪري ڪي گهڙيون تہ منهنجو دماغ ئي ٿڌو ٿي ويو مون ائين محسوس ڪيو ڄڻڪ ڪنهن فقير ڪنهن ڪنجوس کي سخي سمجهندي کانس خيرات گهري هجي ۽ وري ان هڪ وڏي صدا بہ هئي هجي ۽ اها صدا وري اهڙي نوعيت جي هجي جو اهو ڪنجوس ان صدا جو پورا۽ بہ نہ ڪري سگهي، مان ڪي پل خاموش ٿي ويس، سوچڻ لڳس تہ جنهن هيڏي پنهنجائپ ۽ يقين سان پنهنجو مسئلو ٻڌايو آهي، ان کي غلط گائيڊ بہ نٿو ڪري سگهجي، ائين مناسب بہ نہ هو ۽ ائين ڪرڻو بہ نہ هو ۽ اڳم ائين ڪيو بہ نہ هو.
    هاڻ مسئلو، مسئلو نہ رهيو هو ڇو تہ ان کي بيان ڪرڻ کانپو۽ منهنجي دوست جي جان وئي هئي ڇُٽي، اڙجي ويو هيس مان، هاڻ اهو مسئلو منهنجو مسئلو ٿي پيو هو ڇو تہ مون کي سندس حل ڪڍڻو هو، سندس انداز بيان ۾ مون اهو محسوس ڪيو تہ هُو واقعي ان ڳالھ کي سوچي ڪري فڪر مند آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن ٿڌي دماغ مان بہ ڪي گرم ۽ تازا خيال نڪري يا اُڀري پوندا آهن، مون سان بہ ائين ئي ٿيو، کيس دلجا۽ ڏيڻ لا۽ مون وٽ ڪي خيال ڪوچ ڪري پهتا، مان سندس روز مره جي زندگي توڙي سندس مشغولين کان ڪنهن قدر واقف هيس، دانشورانہ انداز ۾ کيس سندس مسئلي جو حل ٻڌائڻ لڳس.
    ” سهڻا هاڻ ڳالھ ٻڌ، اهو تون وارو مسئلو صرف تونسان نہ پر سنڌ جي انيڪ شاگردن سان هوندو، تون وانگر ڪافي شاگردن کي اهو گُمان هوندو تہ هو پڙهي رهيا آهن يا هو دل و جان سان محنت ڪري رهيا آهن، پر ائين هوندو ناهي اهو صرف سندن گُمان هوندو آهي، ۽ ها ٻي ڳالھ اسان جون عادتون اسان جي زندگي ۾ اسان جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو تعين ڪن ٿيون اوهان جنهن قسم جي عادتون اپنائدو اڳتي هلي ڪري اوهان کي ان جي حوالي سان ڪاميابيون ملنديون منهنجي ڳالھ کي ڪٽيندي چوڻ لڳو ” ايتري ڳالھ تہ مون بہ سمجهي، مگر هاڻ مون کي ڇا ڪرڻ کپي ؟؟؟ “ اهو ٻڌا۽.
    مون ڳالھ کي جاري و ساري ڪندي چيو ” ادا منهنجي حساب سان هاڻ تونکي ائين ڪرڻ کپي تہ تون پنهنجيون ڪجھ عادتون مٽائي، تون ڪڏهن بہ غلطي سان لائبيرري نہ ويو آهي مون کي ذاتي خبر آ، تون هر روز شام جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لائيبرري ۾ گذار، اُتي پنهنجي ڪورس سان لاڳاپيل ڪتاب پڙھ، وري ان سان گڏوگڏ ذهن کي تر و تازه ڪرڻ لا۽ سنڌي ادب توڙي دنيا جي مختلف ادبن جا ڪتاب پڙھ، جئين تنهنجو ذهن لفظن جي جوڙجڪ ۽ بناوٽ توڙي مقصد کان چڱي ريت واقف ٿي سگهي، هت سڄو کيل لفظن جو آهي، هڪڙا لفظ محبت جي اظهار جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ڳنڍين ٿا تہ وري ان جي برعڪس ڪي لفظ نفرت جي علامت بڻجي ڪري دلين کي ٽوڙين ٿا،
    جئين ” آ لو يو “ ۽ ” آ هيٽ يو“ جا الفاظ.
    ۽ ٻي ڳالھ تہ رات جو گهڻو نہ جاڳ، سڪون جي ننڊ ڪندو ڪر تہ جئين تنهنجو جسم تر و تازه رهي ۽ تنهنجو دماغ ڪنهن شئي کي پنهنجي اندر محفوظ ڪرڻ جو موڊ ٺاهي سگهي، ان سان گڏو گڏ ڪي راند روند بہ ڪندو ڪر، راندين جي کيڏڻ سان يا وري موبائل ۾ گيمن جي کيڏڻ سان دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو آهي ۽ دماغ چُست ٿيڻ لڳندو آهي.
    همراه کي ڳالهيون دل سان لڳيون ۽ شايد وڻيو بہ تڏهن تہ انهن تي جلد عمل ڪرڻ جو واعدو ڪري ويهي رهيو، ڪي گهڙيون اُتي ويٺا رهياسين، همراه جي چهري تي شائستگي جا گل وکريل نظر اچن پيا، اڄ سندس من جي مونجھ لهي چڪي هئي کيس سندس مسئلي جو حل ملي چڪو هو، مان اهو سوچي رهيو هيس تہ ڇا واقعي ئي سچي ۾ منهنجي لٻاڙن ۽ حوالن تي عمل ڪندو يا صرف هتي ها ۾ هائوڪار ڪري پو۽ جوڳي نہ ڪنهن جا مٽ واري چوڻي کي سچو ثابت ڪندو، برحال وري بہ سڄي وارتا وقت جي حوالي ڪري اسان اُتان اٿاسين ۽ هڪ ٻي کان موڪلائي گهر ڀيڙو ٿياسين.
    تمام گهڻي عرصي کان پو۽ هُو مون سان مليو، خوش خوش، کلندو ڪڏندو مون وٽ آيو، کيسي مان پنهنجي مارڪ شيٽ ڪڍي ڪري مون کي ڏيکاريائين، اعتبار نہ ٿي آيو تہ واقعي ئي هُن پنهنجي عمل سان اهو ڪري ڏيکاريو جيڪو کيس ڪرڻ گهربو هو، هُن فور جي پي ائي مان هر هڪ سبجيڪٽ ۾ فور جي پي ائي حاصل ڪئي هئي يعني اي گريڊ، مارڪ شيٽ ڏيکاريندي مون کي چيائين ” ادا مون هي مارڪ شيٽ پنهنجي گهر جي ڪنهن ڀاتي کي بہ اڃا ناهي ڏيکاري، سڀني کان پهريان اها خوشي اوهان سان ونڊڻ آيو آهيان، ڇو تہ اوهان ان جا حقدار آهيون، اوهان مون کي هڪ اهڙي راه جو ڏس ڏنو جيڪو علم، عقل ۽ فهم هوندي بہ مون کي نظر نہ پئي آيو.
    اوهان جڏهن عادتن کي مٽائڻ جي ڳالھ ڪئي تہ مون کي ان وقت محسوس ٿيو ڄڻڪ اهو ڪم منهنجي لا۽ سخت کان سخت ڏکيو آهي، پر ان جي باوجود مون ڪوشش ڪرڻ ۾ ڪنهن بہ قسم جو عيب ڪو نہ ڄاتو، هاڻ مان هر روز لائيبرري ويندو آهيان، اُتي ويهندو آهيان تقريبن هر قسم جا ڪتاب پڙهندو آهيان، ان سان گڏوگڏ رات جو سوير سمهي رهندو آهيان ۽ هر شام جو دوستن سان ڪڏهن ڪرڪيٽ تہ وري ڪڏهن والي بال کيڏندو آهيان، مطلب تہ قرار لڳا پيا آهن، مائٽ بہ مطئمن، مان بہ خوش.
    سندس ڳالهيون ٻڌي منهنجي ذهن ۾ هي لفظ گردش ڪرڻ لڳا تہ ” واقعي ئي يقين جي طاقت دنيا جي مڙني طاقتن کان افضل آهي، انساني يقين لوھ کي موڙي سگهي ٿي، سمنڊ کي روڪي سگهي ٿي، جبل کي ڀورا ڀورا ڪري سگهي ٿي ۽ الا۽ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿي.


    من مندر جي مورتي

    دنيا ۾ انيڪ رشتا پنهنجو وجود رکن ٿا ڪي رشتا سڀ ڪجھ قربان ڪرائي پو۽ پلئہ پون ٿا تہ وري ڪي رشتا جڙندئي ئي وڃايل سڀ ڪجھ واپس ورائي ڏيڻ جو سبب بڻجن ٿا، مون ڪڏهن بہ اهو سوچيو نہ هو تہ منهنجو تونسان ڪڏهن ڪو اهڙو رشتو جڙندو، جنهن ۾ رابطي جي ڪمي کي مان شدت سان محسوس ڪندس، تنهنجي ظاهري طور گڏ نہ هجڻ جي احساس کي مان هميشه پاڻ سان گڏ هجڻ ڀائيندم، تنهنجي کن پل لا۽ مرڪي ملڻ کي مان ورهين جي ملاقات سمجهندس، منهنجي من ۾ انيڪ گل ڦٽي پوندا آهن جڏهن تنهنجو ميسيج ايندو آهي، اُهي گل منهنجي مرجهايل من کي پنهنجي سرهاڻ سان تازگي بخشيندا آهن، مون هميشه قدر ڪيو آهي انهن گهڙين جو جيڪي گهڙيون تونسان ڳالهائيندي منهنجيون گذريون آهن منهنجي لا۽ اهي گهڙيون ڄڻڪ منهنجي بخشش جو ثمر آهن.
    مان ڄاڻا ٿو تونسان وقت وڏا وير رکيا آهن، تونسان وڏيون ويساه گهاتيون ٿيون آهن پر مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون عام ڇوڪرين وانگر هالاتن ۽ وقت اڳيان هٿيار ڦٽو ڪرڻ وارن مان ناهين، تون ذهين آهين ٻين کان، تون حسين آهين ٻين کان، تنهنجي مرڪ مٺي آهي ٻين کان، تون جدا آهين هر هڪ ادا کان، بس ايترو ياد رکجان تون انمول آهين ٻين کان، مان ڪڏهن بہ ڪنهن جي ڪوڙي تعريف ڪرڻ جو قائل ناهيان رهيو، اهو تون بہ بخوبي ڄاڻي ٿي، ها باقي اگر ڪو تعريف جو لائق هجي تہ پو۽ ان جي کلي ڪري تعريف ڪجي پو۽ ڀل اهو ڇو نہ اسان جو دشمن هجي.
    مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان، هڪ اهڙي مونجهاري ۾ جنهن جو ڪو حل ڪونہ نڪري سگهندو آهي، ائين لڳندو اٿم ڄڻڪ تونسان ورهين جو واسطو آهي، گهڻو اڳ تونسان ڳالهائڻ جي حسرت جاڳي هئي، هَتان هُتان تنهنجو نمبر هٿ ڪري تونسان ڳالھائڻ شروع ڪيو هيم، هڪ حسرت پوري ٿي هئي، تون بہ مثبت نموني سان ڳالھائڻ ٻولهائڻ لڳي هئين، منهنجي من ۾ تنهنجي لا۽ عقيدت جا مينار اڏجڻ لڳا، مون ڀرم رکيو هو ان عقيدت، حسرتن، محبتن ۽ جذبن جو جيڪي تونسان ڳالهائڻ دوران جاڳڻ لڳندا هئا، مون کي لڳندو هو تہ تون بہ عام ڇوڪرين وانگر مونسان ڪي پل ڳالهائي ڪري پنهنجي وقت جو پيو گذر ڪري، پر ائين نہ هو، مون اڃا بہ صبر ڪيو ۽ اهو جاچڻ لڳس تہ شايد ڪنهن لالچ يا لوڀ خاطر تون مونسان رابطو رکين پئي، مون انتظار پئي ڪيو ان وقت جو جنهن مهل تون مون کي اهو محسوس ڪرائي ها تہ مان واقعي بلڪل صحي آهيان ۽ تنهنجي رابطي رکڻ جو سبب واقعي ڪو لالچ آهي،
    پر ائين نہ هو، پو۽ مون تون کي پرکڻ جي معيارن کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، مون محسوس ڪيو تہ تون واقعي رشتن کي نڀائڻ ڄاڻي ٿي، تنهنجي من ۾ توڙي محبت ۾ ڪنهن بہ قسم جي ملاوٽ ناهي، تنهنجي لفظ لفظ ۾ خالص پڻو سمايل آهي، اهو سڀ ڪجھ جاچڻ کان پو۽ منهنجي من ۾ تنهنجي لا۽ عقيدت ۽ محبت جا اڃا وڌيڪ گل ڦٽڻ لڳا، انيڪ دفعا من ۾ خيال آيو تہ رسمي طرح پنهنجي دل جي شهر جو تونکي احوال ڏيان ڪي ئي دفعا ارادو بہ ڪيم پر هر دفعي ارداي ڪرڻ مهل هڪ خوف ورائي پي ويو تہ ڪٿي ائين نہ هجي تہ مان ڪا غلطي نہ ڪري وجهان، متان تنهنجي من ۾ ڪو اهڙو خيال هجي ئي نہ جيڪي منهنجي من اندر مچن پيا، ڪٿي تون ائين نہ سمجهي تہ مان تونسان ڳالھائڻ جو غلط مطلب پيو ڪڍان، بس هر دفعي انهن منفي خيالن مون کي پنهنجي پاڻ کان پئي پري ڪيو، مون تونکي خوش ڏسندي ئي سُرهائي پئي محسوس ڪئي.
    وقت جي وهڪرن تونکي زندگي جا عجيب گس ڏيکاريا، جن کي تون پنهنجو سمجهندي هئين انهن جي واتان تنهنجي باري ۾ عجيب و غريب توڙي نا قابل برداشت جملا مون ٻڌا ۽ برداشت ڪيا، انهن تنهنجي دامن جي داغدار هجڻ جا مون کي ثبوت ۽ دليل پيش ڪيا، مان اٽل رهيس مون تون کي ڪڏهن بہ پنهنجي نظرن ۾ ڪرڻ نہ ڏنو، ڇو تہ مونکي خبر آهي انهن وٽ اهو دل ئي ناهي جيڪو تنهنجي دڙڪن کي محسوس ڪري سگهي، انهن وٽ اهو اک ئي ناهي جيڪو تنهنجي حسن کي ڏسي سگهي، انهن وٽ اُهي احساس ئي ناهن جيڪي تنهنجي مرڪڻ مهل اڀريل احساسن کي سمجهي سگهن، ڇو تہ هو تونکي هميشه پري واري نظر سان ڏسندا آهن ۽ مان تون کي هميشه پنهنجي ويجهي واري نظر سان ڏسندو آهيان ۽ محسوس ڪندو آهيان.


    تون هاڻ ڪاڏي ويندين

    تون هاڻ ڪاڏي ويندين، جڏهن انهي سوال منهنجي اندر ۾ ڪَرُ کنيو تہ مون ڪي گهڙيون سندس جواب کي ڳولڻ ۾ گهاري ڇڏيون، مون پنهنجي آس پاس، ويجهي پري توڙي ارد گرد نِهارِيو مون کي پاڻ وٽ، پنهنجي ويجهي، ڪو بہ فرد توڙي دوست نظر ڪو نہ آيو، سڀ جا سڀ الائي ڪاڏي، الاءِ ڪهڙي پار هليا ويا هئا، منهنجي ارد گرد سڄو سارو ماحول تن تنھا ۽ خاموش بڻيو پيو هيو.
    آءُ ڪي گهڙيون خاموشي جي ٽياس تي ٽنگيل رهيس ۽ اڪيلائي جو آسمان مون کي پنهنجي ارد گرد گهيرو ڪيون سوگهون ڪيون ويٺي هئي، منهنجي سوچن جو سمنڊ خشڪ بڻجي چڪو هو، منهنجا نيڻ پاڻي بدران ٽهڪندڙ آب جاري ڪري رهيا هئا، منهنجي دل پنهنجي ڌڙِڪَڻُ واري رفتار آهستي آهستي وڌائي رهي هئي جنهن سبب منهنجي لئونڌڙي ۾ ڪجھ سور محسوس ٿيڻ شروع ٿيو، اِهو سور گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌڻ لڳو، ايتري قدر وڌڻ لڳو جو ان پنهنجي گرفت ۾ دماغ جي سڄي کوپڙي کي يرغمال ڪري ڇڏيو، منهنجي يرغمال بڻيل ذهن مزاحمتي انداز ۾ منهنجي انهي سوال جو جواب مون کي ڏنو جيڪو ڪجھ پل اڳم منهنجي اندران مون ۾ اڀريو هو، آءُ پنهنجي مُونهُن آهستي ڀُڻڪيس” سڀ جا سڀ مطلبي دوست ۽ يار، يونيورسٽي ۾ هڪ پل پري ڪو نہ ٿيندا هيا ۽ هاڻ ملڻ جلڻ، گڏجي کائڻ پيئڻ ۽ ياد ڪرڻ کان بہ پري ويا- حيف هجي سندن مطلب ڀري دوستي ۽ ياري تي.“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 667
    ڪتابن جو مشاهدو: 860789
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 292569
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ