ڪتاب جو نالو: اُداس ريکائون
مصنف: مولوي محمد يامين شورو
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي سنگت، باغِ چنه
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 02 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 830 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 302 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”اداس ريکائون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مولوي محمد يامين شورو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
مولوي محمد يامين شورو، سنڌي ٻولي جو ناليوارو ليکڪ آهي. سندس حج جو سفر نامو ”مسڻ کان مديني تائين“ تمام گهڻو معلوماتي ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو آهي. مولوي صاحب جون لکڻيون، مختلف موضوعن تي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنجنديون رهن ٿيون. مولوي يامين شورو غزلن کان علاوه شاعريءَ جي ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  •   ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پنهنجي پاران
  • سُبحان جي ساراهه
  • نعتيه غزل
  • اسر ويلي اُٿيس آئون ته اٺ اوٺي نه اوٺيڙا
  •   يَدِبيضا ته ڇا يوسف، سڄڻ جو سوجهرو وڌ وڌ،
  • هي پکي پرديس جو پهتو پرينءَ جي پار اڄ،
  • روح راڻا ويهه ته ڪريون رس رهاڻيون رات اڌ
  • محب منور مَهه لقا منٺار مُنهن موڙي نه ڇڏ.
  • رُس مَ راڻا پرچ پيارا ڪر ڀلايون ڀال اڄ.
  • گلبدن جي گهور گهايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.
  • جلائي جان جند جاني جدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
  • سندئي چند چوڏهين چهري چمڪ چوڌار تان صدقي
  • الله آسون پُڄايون اڄ عجيبا مون اڱڻ آيا
  • پِرت جي پيالي پيئڻ تي خلق خواري خوب ڪئي
  • آمدِ محبوب جو اعلان ٿيو اڄ سُو بسُو.
  • پيار پيارا پرت پيالو، آهي جو اڪسير هڪ.
  • ٿو رهان حيران هر دم، منهن ڏسڻ جي واسطي
  • منهن ڏٺي محبوب جي چانڊاڻ چوڌاري لڳي
  • انجام تي آئين نه، هاڻي انتظاريءَ تي ته اچ،
  • جان وئي جانان به ويو، ويڌن وري واري نه پڇ.
  • اڄ شڪر الحمدلله اڱڻ مون آيا عجيب
  • ڀري ڏي جام جوشيلو اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي
  • عجيبا جي اڱڻ منهنجي اچين هيڪار لک لائق
  • ويهه وڃڻ وايون نه ڪر، اچ واڳ واري، پوءِ وڃ
  • نه ديدون ٿيون وسرن، نه ديدار وسريا
  • برهه جي بيمار بيوس تان ڀلا ڀيرو نه ڀڃ
  • جان جانيءَ سان جڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ
  •   نماڻي نيڻ سان نازڪ، نهارين ٿو ته مارين ٿو
  •   دم جيان ٿو دم مران ٿو، دم ڏيان شل در اڳيان
  •   آءُ اڱڻ منهنجي عجيبا اڄ ورائي وصل واڳ
  •   چِڪائن چاڪ ٿا اَبرو، اشارن کي ته سمجهايو
  •   سڄڻ ساڻيهه تنهنجي ۾، جيئڻ جو حق به کسجي ويو
  •   ناهي نيڻن ننڊ آئي، تو بنا پرديس ۾
  •   دل ڌتاري دوست دلبر، هاڻ ڌارين دور دور
  •   دل ٻڌي دلبر اسان جي زلف جي زنجير سان
  •   وڌا ڪنهن ونگ ور واري؟ پُڇو واسينگ وارن کان؟
  •   نه وڃ واسينگ کي ويجهو، ڀنڀن وارن کان ڀورا بچ
  •   او پانڌي! پرينءَ ڏي پرت جو پيغام هي پهچائجو
  • اڄ عجيبن ڪي ڪيا ابرو اشارا اوچتا
  •   ڇڏ رُساما رنج راڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾
  •   عشق ۾ ويٺو وڃائي، عقل اڄ ڪُل ڪار پت
  •   چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي، ماهه منور کانسواءِ
  •   طلب تنهنجي تانگهه تاڻي روح راڻا روز روز
  •   نازنين نروار ٿئي تان غم غريبن جا غلط
  •   رهن ٿا دائمي دل تي دکن جا داستان ڪجهه ڪجهه
  •   لوڪ کان لالڻ نه لِڪ اچ لائيون ڪو لب به لب
  •   دردمندن کي ته ڏي دلبر دوا پوءِ يا نصيب
  •   اڄ کلي درشن دري ساجن ڪيا سينگار هار
  •   اکڙيون رهن اداسي آهن اڃا اُڃايل
  •   سهي ڪِيئن سگهان هاڻ هجراً طويلا
  •   اڄ عجيبن جا اُهي ابرو اشارا ياد پيا
  •   حجت هلندئي نه ڪي حيلو، حسن سرڪار کان هٽ هٽ
  •   راڄ ويو راڻا رسي، رسندو رهي پر تون نه رس
  •   دوست دلبر ڏي نهاري سج اُڀاري مون ڇڏيو
  •   ڪڏهن ديدار تي بندش، ڪڏهن دلدار تي بندش
  •   جلدي گهراءِ جاني تنهنجي تڏي تڏي
  •   ڇا ڏٺو تو ڇا ڏٺو؟ دلبر دلارا مون ڏٺا
  •   اکڙيون ڏسن ٿيون تنهنجون راهون وري وري
  •   محب ڌاران مئي محبت جي پيئڻ جي آ منع
  •   ناز تنهنجا نت نوان آهن عجب اظهار لک
  •   سورن کي چئو ته مون سان ڪريو نه ساز باز
  • ماٺ ۾ مون ڪِيو مُطالع وصل جو واري ورق.
  •   اڄ به اُڌما ٿا اُٿارين، عشق جا آزار سڀ
  •   اکڙيون ڪٿي اجايو اڙائين متان متان
  •   ميخوار ڇا ڪندو ڪو مستيءَ کان احتياط
  •   چون ٿا بچ، بچان ڪِيئن جو بنهه آهي بچڻ مشڪل
  •   مَهه لقا منٺار مورت، ماربا مسڪين ڪين
  •   اکڙين مان ڇلڪي ڇلڪي ڇلڪي پوي ٿو پاڻي
  •   هر دم تنهنجي ياد ستائي
  •   اکيون اوچتو اڄ اُلاري هليو ويو
  •   اُٿي پئي اندرمان اڃا آهه عشق
  •   روح جي راڻي راجڪماري
  •   تارا تبر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ
  •   حُسن سنديون هي سڀ تنويرون
  •   رهيو ڪين راڻو، رُسي ٿيو روانو
  •   اَلائي عجيبن ڇڏيو ڇو وساري
  •   جي لُڇان لڇندو رهان پيو، پر رقيبا تون نه رڦ
  •   دم نه هو جو ڌار سو ٿيو ڌار قسمت کي چوان
  •   مٺو آهي محبوب ڄڻ کير کنڊ
  •   محتبي مسڪين سان مُرڪي ڪڏهن ملندو ته ڪر
  •   مِٺي مُرڪ تنهنجي جڏا ڪَئين جياريا
  •   محبت جو وڪرو ڪري ڪين ڄاڻو
  •   ڪري سينگار سُبحاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو
  •   دود دونهان دل اندر دلبر دُکايا اوچتا
  • تصوير اڳيان تنهنجي ڏينهن رات رنو آهيان
  •   ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، ڪنهن سان ڪريان هي حال دل؟
  • ڪالهه تنهنجي شهر ۾ اڄ به تنهنجي شهر ۾ 
  • اچي منهنجي اڱڻ انور قريبا قرب ڪاريو اڄ 
  • پرت پاريندي پلئه پيم سڪ سندو سودو سلف 
  • نينهن وارن جي نياپي ساڻ ٿيا ناچاق، چاق 
  • واهه جا ديدار ٿيا دلدار آيو اڄ اڱڻ 
  • در ڇڏي دلدار جو ٻئي در وڃڻ آهي عبث 
  • حسن وارن لئه هميشه جيءَ ۾ جايون جوڙ جوڙ 
  • تنهنجي عشق اندر آئون ڏينهن رات چريو آهيان  
  • واٽ ورتي مون وفا جي، ڀل ٿئي هو بيوفا 
  • ڪالهه تنهنجي شهر ۾، اڄ به تنهنجي شهر ۾
  • وڌ مِٺائي کان مِٺو، نالو مِٺي جو آ مِٺو 
  • مون سان ڪريو مدد ڪا، دل جي اٿم تلاش 
  • اسان جي دل اوهان لاءِ سڪي ٿي يار سالن کان 
  • مٺا منظور مون کي آ، جي ماريندين، جياريندين 
  • ڪو دوا جي آسري ۽ ڪو دعا جي آسري 
  • دلربا دلدار دلبر، آهي بي شڪ بي نظير 
  • هم جنس هڪ جيڏن ۾، تون بي نظير آهين! 
  • هڪ نظر مون ڏي ڏسڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو 
  • جي نه ملندين جيءَ جيارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون 
  • عقل اُمالڪ ويو اڏامي، عشق جڏهن کان ٿيو هَسوار 
  • دل جو ويرانو نه ٿئي، دلبر سوا آباد شاد 
  • هڪ چهرو جو چشم خواب ۾ هو
  • زخم دل بنجي ته ڏس، خون جگر بنجي ته ڏس 
  • اکين ۾ چند لڙڪ لڪائي کڻي تون هل 
  • رهيو وڄ جي وڪڙ ۾ آهي، منهنجو آشيان ورهين
  • رات ڏينهن حوا جي ڌيئر جي حيا نيلام ڏس
  • باغ باقي آهي باغبان نه رهيو
  • چنڊ نڪري ايندو اعتبار ته ڪر
  • آئون ڇو چوان ته هتان ۽ هتان کان پيئان ٿو
  • کوليو نه دوستو! لبِ اظهار ماٺ ماٺ
  • توهان سان مشورو ضروري آ
  • بحر بر کي ڳولجي شمس و قمر کي ڳولجي
  • رات هن کي به خواب ۾ ڏٺم
  • ڪِرڻن کي آفتاب بنائي رهيو آهيان
  • آزمايل کي وري آزمائي نه سگهياسون
  • ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن
  • هميشه رهيون آهن توکي شڪايتون ڪيئي
  • دل منهنجي دنيا کان ڇو بيزار آ
  • مون کي حياتي ملندي، قاتل قضا کانپوءِ
  • بلبل آ گسلتان ۾ پروانو انجمن ۾
  • نه ٿو اچي ڪوئي، نه اچي خطادار جي در تي
  • چمن کي مالهيءَ لٽيو به آهي
  • ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن
  • چنڊ چهرو نيڻ نرگس، جسم مرمر جي مثل
  • هي جذبو موسمي شبنم نه آهي
  • حال اهڙو آهه ٿيو ان بزم عشرت کانسواءِ
  • تعارف

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو : اُداس ريکائون
    شاعر : مولوي محمد يامين شورو
    ڇاپو : (پهريون) 2015ع
    ٽائٽل ڊزائين : مور ساگر
    ڪمپوزنگ : آفتاب حسين ميمڻ
    ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد.
    ڇپائيندڙ : سنڌي ادبي سنگت باغ چنه، ضلعو گهوٽڪي
    ڇپيندڙ : سچائيءَ اشاعت گهر-دڙو، حيدرآباد


    UDAAS REKHA’ON
    Published by: Sindhi Adabi Sangat Bag Channa
    Edition First, 2015. Cell: 0313-3717577
    Price Rs. 150/-


      ارپنا

    انهيءَ الهڙ جوانيءَ جي نالي
    جيڪا پريت سمندر
    جي مست ڇولين ۾
    لُڙهي، هجر و فراق
    جي ڪُن ۾
    پاڻ فنا ڪري
    امر ٿي
    ويئي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”اداس ريکائون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب مولوي محمد يامين شورو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
    مولوي محمد يامين شورو، سنڌي ٻولي جو ناليوارو ليکڪ آهي. سندس حج جو سفر نامو ”مسڻ کان مديني تائين“ تمام گهڻو معلوماتي ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو آهي. مولوي صاحب جون لکڻيون، مختلف موضوعن تي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنجنديون رهن ٿيون. مولوي يامين شورو غزلن کان علاوه شاعريءَ جي ٻين صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.
    هي ڪتاب سچائي اشاعت گھر، دڙو وٽان 2015ع ۾ سنڌي ادبي سنگت باغ چنہ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون فھيم فدا شورو جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت لاءِ موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    سنڌي ادبي سنگت باغ چنه، ضلع گهوٽڪيءَ پاران محترم محمد يامين شورو جي چونڊ غزلن جو مجموعو ”اُداس ريکائون“ اوهان جي خدمت ۾ حاضر آهي. مولوي يامين شورو، سنڌي ٻولي جو ناليوارو ليکڪ آهي. سندس حج جو سفر نامو ”مسڻ کان مديني تائين“ تمام گهڻو معلوماتي ۽ پڙهيو ويندڙ سفرنامو آهي. مولوي صاحب جون لکڻيون، مختلف موضوعن تي اخبارن ۽ رسالن جي زينت بنجنديون رهن ٿيون. مولوي يامين شورو غزلن کان علاوه شاعريءَ جي ٻين صنف تي پڻ طبع آزمائي ڪئي آهي.
    سنگت باغ چنه، نه رڳو ادبي ويهڪن ۽ پروگرامن ڪرڻ ۾ سرگرم آهي، پر سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم ۾ پڻ ڀرپور حصو وٺندي رهي آهي ۽ هاڻ اسان ڪتابن ڇپائڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي، هيءُ ان سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي انشاءَ الله اهو سلسلو هلندو رهندو.
    سنڌي ادبي سنگت باغ چنه کي محترم يوسف سنڌيءَ جي سيڪريٽري جنرل واري دور ۾ الحاق مليو هو. جنهن لاءِ اسين سندس ٿورائتا آهيون. ۽ هن ڪتاب جي ڇپائي پڻ حيدرآباد ۾ محترم يوسف سنڌي جي نگراني ۾ ئي تي سندس وڏا وڙ.

    حفيظ چنا
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي سنگت-باغ چنه


    سُبحان جي ساراهه

    جُڙيو جوڙ جڳ جو آ جنسار ڪهڙو!
    بنايو آ سُبحان سنسار ڪهڙو!

    قلم، لوح، ڪرسي زمين آسمان،
    گهڙيءَ ۾ بنيو آهي گلزار ڪهڙو!

    قمر، شمس، ڪَتيون، ستارا سوين،
    لِکان ڇا لَکن جو مان اظهار ڪهڙو!

    ملائڪ مُقرب ڪِ حورون هزار،
    ڪيو ”ڪُن“ سان قيوم ڪردار ڪهڙو!

    رهن ري ڳڻپ جت ٿا رضوان ڪَئين،
    انهي عرش جو آهي اسرار ڪهڙو!

    رکيا راز رب رات ۽ ڏينهن ۾،
    نئين سج نمونو ٿيو نروار ڪهڙو!

    ڪرشما ڪروڙين سي قدرت سندا،
    گهمي ڏس گهڙيءَ ۾، آ گلزار ڪهڙو!

    جبل جت نديون واهه ڍورا ڍنڍون،
    ڪيو ڏس ڪرم آهه ڪلتار ڪهڙو!

    پريون جِن انسان عدد ۾ اَپار،
    ازل ۾ ڪيو تن آ اقرار ڪهڙو!

    وساريائون دل تان دنيا ۾ رهي،
    انهن اڄ ڪيو آهي انڪار ڪهڙو!

    خدا جو نه ”شورا“ ٿئي خوف ڪنهن،
    کريءَ ڳالهه تان کر کي آ خار ڪهڙو!
    ***
    (19 جون 1980 ڪنگورو، ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي)


    نعتيه غزل

    هِت هزارين حسن وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو،
    سئو سُجهن ٿا سونهن وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    سج ستارا قمر ڪتيون، ڪِيئن برابر ٿي بيهن؟
    نِج نوراني نظارا، پر هِنئين ۾ هيڪڙو.

    سونهن تنهنجي سان سڄو سنسار ويو سينگارجي،
    حُسن ۾ ڪَئين هاڪَ وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    واهه واهه واکاڻ وائي، هت حَسنين جي هلي،
    نِت نرالا نينهن نعرا، پر هينئين ۾ هيڪڙو.

    منهن پَسا محبوب منور آهين عالَم آسرو،
    تاب تجلا طور وارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    حُسنِ يوسف جي جهلڪ هڻندي نه توسان هام ڪا،
    تنهن اُهائو آشڪار، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    ڪُل مسيحي معجزا، يا موسوي جاني جهاد،
    لَحن دائودي دلارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.

    درد ”شوري“ جا دفع، جي دم اندر ديدار ٿئي،
    ميٽجن مون سور سارا، پر هنئين ۾ هيڪڙو.
    ***
    (12 آڪٽوبر 1982ع ڏينهن اربع، سريوال ڳوٺ لڳ)


    اسر ويلي اُٿيس آئون ته اٺ اوٺي نه اوٺيڙا

    اسر ويلي اُٿيس آئون ته اٺ اوٺي نه اوٺيڙا،
    پرهه جو ٿي کڻان پيرا پلاڻ نه پوش پوٺيڙا.

    جڏيءَ جو جيءَ جلائي جت، وٺي ويا ور سندم واري،
    قطاري ڪيچ ڏي ڪرها مڙئي ٿيا ماڳ موٽيڙا.

    ڪاهينديس ڪيچ ڏي سرتيون، سِڪي ٿو ساهه سسئي جو،
    هيڻيءَ کان هوت ويو هليو، جهوريءَ جولان جوٽيڙا.

    روئان روهه ۾ وٺيو راهون، پنهل پيرا نه ڏيرن ڏس،
    ڇپر ۾ ڇا ڪري ڇوري؟ ڇِپن ڇليوس ڇوڏيڙا.

    جتن جا ڪئي آهي جيڏيون، سوا سسئي نه ٻيو سمجهي،
    هميشه حشر ۾ هوند،ا ٺلها ٺانگر سي ٺوڳيڙا.

    پڇايان ٿي پنهل پٻ ۾ آريءَ جا اٺ لنگهيا لڪ کان؟
    ڏنو ڏونگر نه ڏس ڏاگهن، ”ته آيا هت ڪي اوٺيڙا“

    رڙهان ٿي روهه ۾ روئندي سوا سورن نه ٻيو ساٿي،
    آرين احوال ڏي ”شورا“ ته ڪي آهينِ اوڏيڙا.
    ***
    (10 جون 1980ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو ڊگهڙي)


      يَدِبيضا ته ڇا يوسف، سڄڻ جو سوجهرو وڌ وڌ،

    يَدِبيضا ته ڇا يوسف، سڄڻ جو سوجهرو وڌ وڌ،
    عجيبن جي ڪيو ابرو تکي تلوار جيان اڌ اڌ.

    چکيم جا چاشني چپ جي، شهد شڪر کان وڌ شيرين،
    اگهيون آهون عرض آسون، سقيمن ساب پئي سڌ سڌ.

    وفا جي واٽ وٺ جاني، جفا جي جوءِ ڇڏ جلدي،
    سڙي سينو سوا تنهنجي، رَجهي روح و جسم رڌ رڌ.

    حسن وارا هلن هرجا، نه سي ثاني سندم سهڻي،
    هميشه حاضريءَ ۾ ٿا ٻَڌن ٻانهون ٻئي ٻڌ ٻڌ.

    نياپا نينهن وارا اڄ مُڪا محبوب ”شوري“ ڏي،
    پرينءَ پنهنجي وفائن جي وري واهه جي ڪئي وڌ وڌ.
    ***
    (11جون 1980ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو)


    هي پکي پرديس جو پهتو پرينءَ جي پار اڄ،


    هي پکي پرديس جو پهتو پرينءَ جي پار اڄ،
    منتظر مشتاق آهي، من ملي منٺار اڄ.

    هن حسنين جي حڪومت جو نرالو آ نياءُ،
    ٿئي ڦٽيل جو فيصلو، سِتمن سندو سردار اڄ.

    دل دُکيل، جيرو جَليل، سينو سڙيل، سنڌ سنڌ سٽيل،
    ڏي دوا يا ڌڪ هڻي ڌڙ ۽ سِسي ڪر ڌار اڄ.

    سرد آهن ساڻ سڏڪن سُک ڦٽو ساري ڄمار،
    هن حياتي کان حبيبا! موت ڏيئي مار اڄ.

    عشق جي آڙاهه ۾ پَچندي ڏٺم ڪئين پهلوان،
    جيءَ جيارا جلد سي جانيون جلايل جيار اڄ.

    زهر ٿي ويا زور زياده تنهنجي زيارت سان زخم،
    قرب تنهنجي ۾ ڪنڊا چُڀڪيا اٿم چوڌار اڄ.

    آهين جِيوَن مون جڏي جو دم نه دلبر دور ٿي،
    ڪر نه ڪُنڍين سان قتل، سهڻا سڄو سنسار اڄ.

    خوبروءَ کي خواب ۾ ”شوري“ ڏٺو کلندي وري،
    گهوريان تنهن جي گهٽيءَ ۾ گل گلابي هار اڄ.
    ***
    (23 سيپٽمبر 1981ع کڏو ڪراچي.)
    // 






    روح راڻا ويهه ته ڪريون رس رهاڻيون رات اڌ


    روح راڻا ويهه ته ڪريون رس رهاڻيون رات اڌ

    روح راڻا ويهه ته ڪريون رس رهاڻيون رات اڌ،
    بِرهه ۾ ڀڙڪن ڀڀڙ تنهن باهه جي ڪا بات اڌ.

    وئين وجهي ويڇو ورهين جو پوءِ ورڻ واري نه ڪيئي،
    سور سالن ڇا سڻايان پهر يا پرڀات اڌ.

    درد دوري جي دوا لئه در سَندئي دربان ٿيس،
    اچ ته گڏجي گڏ گذاريون، هڪ گهڙي يا ساعت اڌ.

    آسري ۾ هوس اهنجي اڄ پنيون آسون وري،
    هن نماڻي کي نشاني ڏيئي وڃ ڪا ڏات اڌ.

    چاهه مان چُميا قريبن جا قدم ”شوري“ کلي،
    وڃ نه! هاڻي ويهه پيارا، روح ريجهايون رات اڌ.
    ***
    (18 جون 1980ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو)


    محب منور مَهه لقا منٺار مُنهن موڙي نه ڇڏ.

    محب منور مَهه لقا منٺار مُنهن موڙي نه ڇڏ.
    وار ڀنڀا وار مُنهن تان ڇيڪ سي ڇوڙي نه ڇڏ.

    وار واسينگن سَندئي واري وڪوڙيو ور ڏيئي،
    نيڻ ناري ناز سان ٻيهر مٺا ٻوڙي نه ڇڏ.

    جي ٽلين ٽهلين پيارا مات مورن ۾ پوي،
    مڙهيل موتين جي لڙهي ، ٽهڪ ڏيئي ٽوڙي نه ڇڏ.

    اڄ چکائج چاڳلا پنهنجي چپن جي چاشني،
    جيءَ ۾ جاني جهور جهوران جي جَڙا جوڙي نه ڇڏ.

    ٿئي مٺا منظور ”شوري“ جي ادب سان اِلتجا،
    تير تفنگون تيز پنهنجون خوبرو کوڙي نه ڇڏ.
    ***
    (19 جون 1980ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو)


    رُس مَ راڻا پرچ پيارا ڪر ڀلايون ڀال اڄ.

    رُس مَ راڻا پرچ پيارا ڪر ڀلايون ڀال اڄ.
    اُگهه اچي لڙڪن جون لڙهيون جي لڙن ٿيون لال اڄ.

    نت نميو نڪريو نهاريان ور ڏيئي واٽون سندئي،
    تنهنجي صحبت لئه سڄڻ سڪندي ٿيا ڪي سال اڄ.

    حُجت هيڻي جي حبيبا نازنينن سان نه آ،
    مِل مٺا ماڻا ڇڏي هي ٽڪر ڳڻتين ٽال اڄ.

    تنهنجي وعدن کي ورهيه ٿيا پر نه پاڙيئي قول ڪو،
    وار وايون ڪي وفا جون ڇڏ تکايون تال اڄ.

    ٿنڀ ٿي ”شورو“ کُتو سهڻل سَمهون ساري ڄمار،
    قرب ڪر اي قرب وارا! هن نماڻي نال اڄ.
    ***
    (21 جون 1980ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو)


    گلبدن جي گهور گهايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

    گلبدن جي گهور گهايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.
    موت کان وڌ مُرڪ ماريا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

    پير پاتو جيئن پرينءَ تان تاب تجلي طور ٿي،
    چمڪ چهري ساڻ ڌرتي پلڪ ۾ پُرنور ٿي،
    جهلڪين جيئري جلايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

    جان جليم جوش ۾ جڏهن ڏٺم جانب جمال،
    ڪان قهريءَ سان ڪِريس، ڪا ڪُل ڪُٺس ڪامل ڪمال،
    سڄڻ جي سڪ سوز ساڙيا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

    نت نغارا نينهن جا واڄٽ وڄن پيا منجهه وجود،
    عاشقن اُهڃاڻ آ سينو سڙيل سوزن سرود،
    نينهن جي نشتر نمايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.

    محب جي محلات مَهندا خاص خيما کوڙيم،
    خاڪ ”شورا“ خوبروءَ جي مرض موڙا موڙيم،
    ڪجل ڪُنڍين جي ڪُهايا، سؤ سڄي ۽ سؤ کٻي.
    ***
    (25 آڪٽوبر 1979ع مدرسه ڪنگورو شاخ موري ڊگهڙي)


    جلائي جان جند جاني جدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    جلائي جان جند جاني جدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.
    خوديءَ ۾ خوبرو خود ئي خدا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    جهڪايم جت جَبين پنهنجو، صمد سان گڏ صنم سامهون،
    خدا هڪ کي ڪيل سجدو قضا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    عُشاقن التجائون اڄ پُنيون دربار دلبر ۾،
    تنين دلدار جو درشن عطا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    دُکيا جي دود ٿي دمدم، برهه ۾ باهه ڀڙڪايئون،
    لڪايم لوڪ کان ليڪن لکا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    قتل ڪاڪُل ڪيوڪل جڳ، نهوڙيو نوڪ نظرن جي،
    ورهين جو وڍ وري ويتر وبا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    نڀائي نينهن جو ناتو، وصل جو جنهن وچن ورتو،
    مَٽائي محب مُنهن تنهن کان خفا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    چُڪي هڪ چاق ڪِيو چاڪن، پيتم جو پرت پيالي مان،
    دلِ بيمار جو دارو دوا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    وصالي وچن جو ورقو، پرينءَ پويان پڙهان ٿو پر،
    وساري سو وفا کي، بيوفا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    سمنڊ سڪ سوز جو ڪوئي ڪنارو يا ڪَپر ڪونهي،
    انهي تِک تار ۾ طالب تبا ٿي ويو ته، شڪ ناهي.

    رکي آسون عجيبن در ادب سان اڄ هليو ”شورو“
    نصيبن جو نموني نئين نِيا ٿي ويو ته شڪ ناهي.
    ***
    (3 جنوري 1980ع مسڻ وڏي)


    سندئي چند چوڏهين چهري چمڪ چوڌار تان صدقي

    سندئي چند چوڏهين چهري چمڪ چوڌار تان صدقي.
    ڪاري ڪاڪُل ڪاريهر جي قتل ڪردار تان صدقي.

    اُجاگر اڄ ٿيو عالم سبب سينگار سهڻي جي،
    نماڻن نازنين نيڻن نظاريدار تان صدقي.

    دريءَ مان دور ٿيو درشن، جلائي جان هڪ جلوي،
    گهائيندڙ گهور جي گهُمري، گوهر گرفتار تان صدقي.

    سڄڻ جي سيف ابرو اڄ، اجل آندو عشاقن لئه،
    رخ و رخسار روشن تان، رمز رفتار تان صدقي.

    نه ساقي جي نه ساغر جي، نه حاجت ميڪده جي مون،
    قرب ڪافي قريبن جو، قرابت يار تان صدقي.

    قمر ڪتيون ستارا سج، وٺن سونهن مان سُهائو سڀ،
    سڄڻ جي سونهن سُهائي تان سندس سينگار تان صدقي.

    ورائي وار منهن تان جي، وڃي ٿي رات روشن ٿي،
    خوشيءَ مان دل ڏني ”شوري“ ڪري دلدار تان صدقي.
    ***
    (12 فيبروري 1980ع مسڻ وڏي)


    الله آسون پُڄايون اڄ عجيبا مون اڱڻ آيا

    الله آسون پُڄايون اڄ عجيبا مون اڱڻ آيا
    وڏا وڙ ٿيا لکين لائق، مٺا مون سان ملڻ آيا.

    مريض عشق وٽ مرهم کڻي محبوب اڄ آيو،
    ڳڻي ڳڻبا نه تن ٿورا، پرين مون کي پُڇڻ آيا.

    سڙيل سينا جي سالن جا، درس ڪِيا دم اندر دلبر،
    صدين جا سور اڄ سهڻا سڄڻ سائين سَلڻ آيا.

    چُڪي هڪ چاش چاهت جي چکڻ سان چاق ڪِيو چاڪن،
    دوا هِن درد دوريءَ جي، محب مون کي ڏيڻ آيا.

    قريبن جي قدم تان اڄ ڪريان قربان ڪُل جڳ کي،
    ڪجي ڇا ڪرم جو ڪاٿو، ڏکويل کي ڏسڻ آيا.

    ڏکن جي ڏيهه مان نڪري، سُکن جي سيج تي ويٺس،
    خوشي ڪئي خوب اڄ ”شوري“ قرب ڪامل ڪرڻ آيا.
    ***
    (15 ڊسمبر 1979ع ڳوٺ مولوي عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو)


    پِرت جي پيالي پيئڻ تي خلق خواري خوب ڪئي

    پِرت جي پيالي پيئڻ تي خلق خواري خوب ڪئي.
    محب جي مُنهڙي مَٽڻ تي خلق خواري خوب ڪئي.

    داغ دل ۾ دائمي، ديدار دلبر تن علاج،
    ڏي دلاسو دوست دلبر، ٿئي حڪيمن جي نه حاج،
    پرت ۾ پل پل پچڻ تي خلق خواري خوب ڪئي.

    طبع پُرسي ڪئي طبيبن، حال مون هيڻو پسي،
    ماهرِ اَمراض دل ڀي ڏور ڏريا ٿي ڏسي،
    درد جي دم دم دُکڻ تي، خلق خواري خوب ڪئي.

    اي صَبا! ساري ڏجان، سهڻل کي سوزن جا سلام،
    قرب ۾ ڪونڌر ڪُسي ويا، هي نه ڀانءِ ڪوڙو ڪلام،
    آههَ اندر مان اچڻ تي، خلق خواري خوب ڪئي.

    خون جي خيرات ڪئي، ”شوري“ خدا ڪارڻ کلي،
    پيٽ پياسن پُر ڪيو، هي هُل ويو هرجا هلي،
    جان جي جلدي جلڻ تي، خلق خواري خوب ڪئي.
    ***
    (24 ڊسمبر 1979ع حيدرآباد)


    آمدِ محبوب جو اعلان ٿيو اڄ سُو بسُو.

    آمدِ محبوب جو اعلان ٿيو اڄ سُو بسُو.
    ”مَڪيده ۾ وصل ماڻيو مَه لقا جي رو برو“
    عاشقو اعلان هي هينئڙي سان هنڍايو وري،
    مفت موقعي مان وٺو اڄ فائدو بلڪل فري،
    جلد جاني لئه جمع ٿيو، ڪُنڊ ڪُڙڇ مان ڪُوبڪُو.
    بحر بر ۾ ٿيون بهاريون، ساوڪون سرهائيون،
    شغل شاديون شادمانا، ٿيا منڊل ملهاريون،
    اڱڻ آيو عاشقن، جڏهن خوشيءَ مان خوبرو.
    هار هڪدم ٿيا حوالي، سڄڻ جي سيني طرف،
    ”مرحبا“ جا مينهن وسي ويا، ”يا حبيبا“ هر طرف،
    ٿيا سلامي صف ٻڌي حاضر حبيبان هُوبهُو.
    دف دهل دل ۾ وڄيا، ٻيون شوق جون شرنائيون،
    خوب ”شورا“ ٿيون خوشيون، محبوب جون مهمانيون،
    عشق الغوزا وڄايا، روح راڻي روبرو.
    ***
    (23 اپريل 1977ع مسڻ وڏي)


    پيار پيارا پرت پيالو، آهي جو اڪسير هڪ.

    پيار پيارا پرت پيالو، آهي جو اڪسير هڪ.
    منهن سندئي من موهڻو، ڄڻ مور آيا مير هڪ.

    چنڊ کان چؤڻو چمڪ ۾ صاف سهڻي جو سُهاءُ،
    ان جي اکڙين عاشقن ۾ خوب کوڙيو تير هڪ.

    منهن ورائي جي مٺا هڪ پل ڏکويل ڏي ڏسين،
    تان پوي سَنڌ سَنڌ ۾ سهڻا سوز واري سير هڪ.

    لال لب، ٻيا لال ڳل ٽيو لال لالڻ جو لباس،
    ڍول کي ڄڻ ڪنهن ڍَڪائي لال لوئي لير هڪ.

    ڏور کان جي ڏند ڏسان، سمجهان ستارن جي قطار،
    سَرس آ سُرهاڻ تنهنجي ڇا عطر عنبير هڪ.

    هوڏ ڇڏ اي حسن وارا، عرض آزيون ڪر قبول،
    وار ”شوري“ تان وري، وهمن سندي هيءَ وير هڪ.
    ***
    (9 سيپٽمبر 1980ع ڪامارو شريف)


    ٿو رهان حيران هر دم، منهن ڏسڻ جي واسطي

    ٿو رهان حيران هر دم، منهن ڏسڻ جي واسطي.
    در سندئي دربان ٿيس، دارو نه وٺڻ جي واسطي.

    تنهنجي ڪوماڻيل ڪُنڍين، گهايو گهڻن کي گهور سان،
    دور کان ڏي دم دلاسو، دل ڏيڻ جي واسطي.

    ڏيهه سڄا ڏوري ڏٺم، پر تو مثل مليو نه مور،
    تنهنجي چاهت جو چُڪو، آيس چکڻ جي واسطي.

    ڇا جلائيندين جهان؟ هاڻي حُسن کي ڍول ڍڪ،
    ڪجل ڪُنڍين ۾ نه ڪر عاشق ڪُهڻ جي واسطي.

    تير تفنگن کان تکيون قاتل ڪَٽاريون ڪُنڍڙيون،
    عرض آزيون تو اڳيان، نرمي ڪرڻ جي واسطي.

    انتظاري ۾ عمر آندم اوهان جي در عجيب!
    ڏي دوا دردن سندي چاڪن چِڪڻ جي واسطي.

    ويا وڇوڙا ورهيه جا، اڄ در کليا ديدار جا،
    خاص ”شوري“ جي خواهش خوش ٿي کلڻ جي واسطي.
    ***
    (14 سيپٽمبر 1980ع ڪامارو شريف)


    منهن ڏٺي محبوب جي چانڊاڻ چوڌاري لڳي

    منهن ڏٺي محبوب جي چانڊاڻ چوڌاري لڳي،
    مَيڪده ۾ موج مستي، گرم گفتاري لڳي.

    ڪڪر ڄڻ ڪاڪل ڪُنڍا ۽ چنڊ جان چهرو چٽو،
    جيئن ڏٺم ڏينهن رات گڏ، حيرت به هيڪاري لڳي.

    تنهنجي آئي ٿيون ٿڌيون اکڙيون اسان جون اڄ عجيب!
    چؤطرف چمڪاٽ ٿيا، جت اڳ انڌوڪاري لڳي.

    جي هيا اَرها اڳي، سي ٿي ويا سَرها سڀئي،
    درد دل تان دور ٿيا، جن برهه بيماري لڳي.

    شاعر شيرين سخن اُستاد مون احمد ملاح،
    شاعري مهندا ملاح ڄڻ ميڻ موچاري لڳي.

    عشق آ اوکو اڙانگو خيال ”شورا“ خوب ڪج،
    سي نه تريا تار مان جن کي عمر ساري لڳي.
    ***
    (17 اپريل 1981ع ڪامارو شريف)


    انجام تي آئين نه، هاڻي انتظاريءَ تي ته اچ،

    انجام تي آئين نه، هاڻي انتظاريءَ تي ته اچ،
    ڏينهن ٿيا ڏاڍا ڏٺي، لاچار لاريءَ تي ته اچ.

    اک اٿم اسٽان تي، آيا اڃا ناهن عجيب!
    دل ٿي ڌڙڪي، برهه ڀڙڪي، بي قراريءَ تي ته اچ.

    تنهنجي فرقت ۾ ٿو ڦٿڪان، ڪرڪُٺل ڪو آ ڪڪڙ،
    تو سوا سڀ سُک ڦٽا، سنڀال ساريءَ تي ته اچ.

    خط لکيم خدمت ۾ سهڻا پر نه پهتم ڪو جواب،
    ٿو پچان پلپل پيارا، پوئواريءَ تي ته اچ.

    دم دلاسا ڏنم دل کي، ”محب ملندم اڄ ضرور“
    آڳ اندر ۾ ڌڳي ٿي آه و زاريءَ تي ته اچ.

    ڪانگ قاصد ڪَئين اُڏايم، پر نه پيو پرين پتو،
    موڪلايان ٿو مٺا، بستر بيماريءَ تي ته اچ.

    نينهن تنهنجي آ نهوڙيو، اجل آيم اڄ سُڀان،
    قرب جو توکي قسم! هن اَشڪباريءَ تي ته اچ.

    طلب ۾ تنهنجي ته ”شوري“ ڏيهه ڏونگر ڏوريا،
    غم اندر غلطان آهيان، غمگساريءَ تي ته اچ.
    ***
    (15 سيپٽمبر 1980ع ڪامارو شريف)


    جان وئي جانان به ويو، ويڌن وري واري نه پڇ.

    جان وئي جانان به ويو، ويڌن وري واري نه پڇ.
    سک نه سنڀران هيڪ ساعت، سور سي ساري نه پڇ.

    جي لڳئي ڪاني قرابت، تان پوئي ڪَل قُرب جي،
    سور ساماڻا سوين، ڳڻتين ڇڏيو ڳاري، نه پڇ.

    هيڪ تون هردم هينئين ۾، پور پل پل پرت جا،
    محب مٺڙا موٽ تون، محبت ڇڏيو ماري، نه پڇ.

    انتظاري ۾ آهن اکڙيون اوهان جي در عجيب!
    نينهن نياپن ڪر نبيرو، پرت وڃ پاري، نه پڇ.

    تنهنجي جلوي جوت جاني، جڳ جلايا جهَرڪندي،
    هاڻ حيلو ڪر حبيبا! عشق آزاري نه پڇ.

    تون ئي خواب و خيال ۾ ”شوري“ اڳيان کلندو رهين،
    ترت ٿئي تعبير تنهن جو، ڪا گهڙي گهاري، نه پڇ.
    ***
    (15 اپريل 1981ع ڪامارو شريف)


    اڄ شڪر الحمدلله اڱڻ مون آيا عجيب

    اڄ شڪر الحمدلله اڱڻ مون آيا عجيب،
    نينهن جو ناتو ڳنڍي، نروار ٿيا نازڪ نجيب.

    ديد دلبر جو ٿيو، محبوب مليو مُرڪندي،
    پرت پيالو پُر ڪري هڪدم حوالي ڪِيو حبيب.

    عشق جو آڙهه اُجهايو اک اشاري اوچتو،
    جيءَ ۾ جهوريءَ جي دوا، تجلي سان ڪئي ترتئون طبيب.

    سونهن ٻيو سينگار سهڻو، سينڌ تان ڪاني ڪجل،
    چنڊ چوڏهين سان ستارا سڀ سلامي ٿيا قريب.

    خوبروءَ جي خاڪ ”شوري“ خوش ٿي کائڻ ڪئي قبول،
    ڪرم قادر ٿيو مٿم، نعمت نماڻي ٿي نصيب.
    ***
    (11 اپريل 1979ع ڪنگورو شاخ موري ڊگهڙي)


    ڀري ڏي جام جوشيلو اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي

    ڀري ڏي جام جوشيلو اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.
    خماري خوب خمريلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    پياسي پرت پيالي جو هئس پرکان پيارا پر،
    دُکيو اڄ دود درديلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    هٿان تو هڪ چُڪو حاصل ٿئي تان حوض ڪوثر آ،
    مليو جنهن کي ته مستيلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    ڏني قدرت ڪرامت آ مسيحائي محب توکي،
    زنده ڪر زود زخميلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    شهيدِ عشق جي شهرت، ڳلي هر ڳوٺ ۾ ڳائن
    نه ڀانئج راڳ رنگيلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    ڪُٺل کي ڪِيمَ تون تڙپا، جياري جلد وڃ جاني،
    هلي حڪمت نه ڪو حيلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.

    کنيا ”شوري“ خوشي ڀانئي انگل آراڪِ ارڏايون،
    تِکو تنهن سان نه ٿي تيلو، اَلا يَا اَيُهَا السّاقِي.
    ***
    (20 اپريل 1981ع ڪامارو شريف)


    عجيبا جي اڱڻ منهنجي اچين هيڪار لک لائق

    عجيبا جي اڱڻ منهنجي اچين هيڪار لک لائق.
    ورائين جي وصل واڳون وڇايان وار لک لائق.

    سجايان سيڄ سهڻي لئه، گلم ٺاهي گلابي گل،
    اکيون آسائتن آليون، سگهو لهه سار لک لائق.

    حجت هلندي نه هوتن سان، مٿي مون مهرباني ٿئي،
    گدا گولي سان اڄ گڏجي گهڙي ڪا گهار لک لائق.

    وساري ڪِيئن وڃي ويٺين، وفائن جا وچن وعدا،
    ڀِري آ، بي وفائي جا ڀڃي ڀانڊار لک لائق.

    نه گهاتو گهوٽ گهر آيا، ڪاهيو جن قرب جي ڪُن ۾،
    نه تُرهن سان تريا تارو منجهان تِک تار لک لائق.

    اگهن جي آهه اونائج، اٿئون اِيءُ آسرو آن ۾،
    مليو محبوب تان ”شورا“ خرن کي خار لک لائق.
    ***
    (23 ڊسمبر 1981ع سريوال ڪامارو)


    ويهه وڃڻ وايون نه ڪر، اچ واڳ واري، پوءِ وڃ

    ويهه وڃڻ وايون نه ڪر، اچ واڳ واري، پوءِ وڃ،
    جي ڪيا جهوريءَ جڏا، جانب جياري، پوءِ وڃ.

    تون اسان جو آسرو، آهين انڌيري جو اُهاءُ،
    ڪر نه پويان پير پيارا، پرت پاري، پوءِ وڃ.

    ازل کان آهن اداسي، اکڙيون آن لئه عجيب!
    پل پهر رهه رات راڻا، گڏ گذاري، پوءِ وڃ.

    چاڳ، چڪنا چور ڪيو، سي چاڪ چِڪيو ٿا چِڪن،
    ڪر نه ماڻا، موٽ تون، نازڪ نهاري، پوءِ وڃ.

    ٿيو اُهاء عالم اندر تنهنجي اچڻ سان اوچتو!
    عرض آهِم ادب سان، اندر اُجاري، پوءِ وڃ.

    وصل ڪارڻ واٽ تي، حيران هينئڙا هت هزار،
    سي سڙيل سڪ سوز جا سينا سڌاري پوءِ وڃ.

    جيءُ جَڙيو جاني سان مون، جهوريءَ تنهين جهوريو اٿم،
    جلد جاني جي وڃين، تان محب ماري، پوءِ وڃ.

    عشق جي آڙاهه کي اوڏو نه وڃ ”شورا“ مگر،
    ڪر تياري قيام جي، سمر سنڀاري، پوءِ وڃ،.
    ***
    (22 سيپٽمبر 1981ع کڏو ڪراچي.)


    نه ديدون ٿيون وسرن، نه ديدار وسريا

    نه ديدون ٿيون وسرن، نه ديدار وسريا.
    نه عيدون ٿيون وسرن، نه آثار وسريا.

    وِيَل وقت واپس نه ورندو وري آ،
    نه گهڙيون ٿيون وسرن، نه گلزار وسريا.

    وٺيو روز راهون، روئان تو لئه راڻا،
    نه ڀيڻيون ٿيون وسرن، نه بختيار وسريا.

    رهيا روح ۾ جي، وساريا نه وسرن،
    نه راتيون ٿيون وسرن، نه رخسار وسريا.

    پرينءَ پير پاتو، بهاريون ٿيون بَر ۾،
    نه مُکڙيون ٿيون وسرن، نه ملهار وسريا.

    حسن هوت جو هِت نه لکجي لفظ ۾،
    نه اکڙيون ٿيون وسرن، نه اظهار وسريا.

    نوان ناز تنهن جا، ادائون عجب جون،
    نه جهلڪيون ٿيون وسرن، نه جنسار وسريا.

    خريدار ”شورا“ سدا رهج سچ جو،
    نه ڳالهيون ٿيون وسرن، نه ڳالهيار وسريا.
    ***
    (23 سيپٽمبر 1981ع کڏو ڪراچي)


    برهه جي بيمار بيوس تان ڀلا ڀيرو نه ڀڃ

    برهه جي بيمار بيوس تان ڀلا ڀيرو نه ڀڃ.
    صبح سانجهي ٿو ستايان، سوال مون محبوب مڃ.

    تنهنجي تجلي سان نه مَٽ هيرو هجي ڪو ڪوهنور،
    ٿو لڳي ساجن سونهارا تو سوا ساڻيهه سڃ.

    جسم آئون جان تون، پيارا نه ٿي هڪ پل پري،
    تو بنان بيڪار بُت مون، پرت پاريون، ويهه نه وڃ.

    جي نظر ڪن نيڻ نوري، نت نماڻي ناز سان،
    تير تفنگون تان وسن، سهڻا نه اهڙا سين سڃ.

    آگميون آهن اکيون، وڇڙيل وسائن وڏڦڙا،
    تون ڇنين، ڇيهون ڇڄي ٿيم، روح ٿي ويو راؤ رڃ.

    ازل کان منهنجي مٽيءَ ۾ تنهنجي محبت آ مليل،
    ڪين ڪَٽبي سا قرابت، تند تڪبر جي نه تڃ.

    قوت ڪنديون ڪيترا، قاتل ڪُنڍيون ڪونڌر ڪُهي،
    ڪوس ”شورا“ تن قرارو، ڪسڻ جي آ جن کي اُڃ.
    ***
    (1 نومبر 1981 وليج سومرو لغاري سريوال اسٽاپ ڪامارو)


    جان جانيءَ سان جڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ

    جان جانيءَ سان جڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ،
    ان سان اندر جي اڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.

    چنڊ جو چمڪو، نه هو سورج ستارن جو سُهاءُ،
    ڪين هو نوري نکٽ، پر اُت به هو ان جو اُهاءُ،
    لنئون لڳايم ات لڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.

    جاءِ جنهن جوڙيو خدا، خاڪي خليفي لئه خمير،
    ڀر تنهين ڀيڻيءَ هيو، بيٺل محب ماهه منير،
    سوجهري ۾ ويم سڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.

    هو نمايان نور نرمل منجهه نسل نوري نڪور،
    نينهن ناتا نت نباهيندي رکيم چاهت چڪور،
    ٿي ويس ڇاري ڇڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.

    وصل جون ويلون ته ورهين جا ورهيه وسرن نه ٿيون،
    هاڻ گوندر ۾ گهڙيون گهاريان ته گذرن ئي نه ٿيون
    پئي لڙي لڙڪن لڙهي آڪاش ڌرتي کان به اڳ

    خسته دل هو خام ”شورو“ پر ٿيو پختو پچي،
    او الستي ”اَنتَ ربي“ عهد ويو روح ۾ رچي،
    ٿي گذر گوندر گهڙي، آڪاش ڌرتيءَ کان به اڳ.
    ***
    (22 آڪٽوبر 1981ع ڳوٺ هڪڙا سلطان آباد)


      نماڻي نيڻ سان نازڪ، نهارين ٿو ته مارين ٿو

    نماڻي نيڻ سان نازڪ، نهارين ٿو ته مارين ٿو.
    وڏا واسينگ ور وارا، جي وارين ٿو ته، مارين ٿو.

    گهڻو گهائينِ گرزن کان ڀرون ڀايان بنهه ڀالا،
    اکيون سُرمي سرائيءَ سان، سنوارين ٿو ته مارين ٿو.

    چمڪ ۾ چنڊ چوڏهين کان ته چهرو چاڳلي جو وڌ،
    تِلڪ تِر ڀؤنر بادامي، بهارين ٿو ته مارين ٿو.

    گلابي کان گهڻو نازڪ نرم ڳاڙهيون ڳلون ڳوريون،
    سڪايل سامهون سينو، جي ساهين ٿو ته مارين ٿو.

    سنهون بت سَروَ قد سهڻو، نه ٻيو پَرور ڪيو پيدا،
    دليون هڪ ديد درشن سان، ڌتارين ٿو ته مارين ٿو.

    نرالا ناز نخريلا دکائن دود ٿا دمدم،
    پيالو پرت جو پيارا، پيارين ٿو ته مارين ٿو.

    شهاڻا شوق ڇڏ ”شورا“ خدا جو خوف هر دم ڪر،
    ڌڻيءَ در جا وچن وعدا، وسارين ٿو ته مارين ٿو.
    ***
    (18 فيبروري 1982ع مسڻ وڏي)


      دم جيان ٿو دم مران ٿو، دم ڏيان شل در اڳيان


    دم جيان ٿو دم مران ٿو، دم ڏيان شل در اڳيان.
    سِر نمايم نياز سان نيڻن سندي نشتر اڳيان.

    انتظاريءَ ۾ آهن اکيون سدا آتيون اُداس،
    درد دوريءَ جا دُکن ٿا دود دل جي در اڳيان.

    لعل لب جي جان لڳي لالاڻ، تان گل لال ٿيا،
    منهن ڏٺي محبوب جي اکين لڌو اوجر اڳيان.

    صبح جي سج ۾ رهي ڳوراڻ تنهنجي ڳل سندي،
    تنهن سبب سج ٿئي سلامي منهن مٺي منور اڳيان.

    آسماني انڊلٺ ۾ آهي ابروءَ جو اثر،
    تِن ڀِرُن ڀالن جي بيٺڪ پنبڻين جي پر اڳيان.

    واسجي ويا گل و گلشن سڄڻ جي سُرهاڻ سان،
    مُشڪ، ان جي مَهڪ کان ڄڻ ٿي ڦِري ڦُلهير اڳيان.

    ان جي مٺڙي ٻول مان ميٺاڄ مصريءَ کي مليو،
    ڪٿ مزو تنهن جو مگر، هن شهد ۽ شڪر اڳيان.

    نيڻ سان نازڪ نهاري، ڪِيم ڪر ”شورو“ قتل،
    سو صبح سانجهي سلامي، اڱڻ ڀيڻيءَ ڀر اڳيان.
    ***
    (19 جون 1982ع سومرو لغاري لڳ ڪامارو)


      آءُ اڱڻ منهنجي عجيبا اڄ ورائي وصل واڳ


    آءُ اڱڻ منهنجي عجيبا اڄ ورائي وصل واڳ.
    جي گهڙي گهاري وڃين، ڀايان ڀلا ڪر ٿيام ڀاڳ.

    موٽ تون موڙي مهارون، مهر محبت جون مٺا،
    درد دوريءَ ڏي دوا، جن دل ڌَڪي ڪئي داڳ داڳ.

    برهه جي بيمار جو توکان سواءِ ناهي طبيب،
    سي سِگهو ڪر تون سَگها، جن جي اندر ۾ عشق آڳ.

    تو سوا سينو سندم، سورن ڪيو ساڻو صفا،
    رس رهاڻيون تنهنجون راڻا، روز منهنجي روح راڳ.

    جان جهلڪين سان جلي، ماڻن مِٺا من موهيو،
    چاڳلا سي چاق ڪر، جي چاڪَ ڪَيڙا تنهنجي چاڳ.

    ٿي وِلهن جو واهرو، تن بي علاجن جو علاج،
    ڇانوءَ ڇوري جو ڇپر ۾، ڀروسو ٿي مون بيراڳ.

    ديد درشن ڪاڻ دلبر دل سندم دائم دُکي،
    جيءَ جڏا جاني جيارڻ اچ مسيحا منهنجي ماڳ.

    پنهنجي ”شوري“ جون خطائون کَم خدارا خوبرو،
    جي اڱڻ منهنجو اُجارين، ڏور ٿيندا ڏک ڏهاڳ.
    ***
    (11 ڊسمبر 1982ع سومرو لغاري لڳ ڪامارو)


      چِڪائن چاڪ ٿا اَبرو، اشارن کي ته سمجهايو

    چِڪائن چاڪ ٿا اَبرو، اشارن کي ته سمجهايو.
    نهوڙيائون نهارڻ ساڻ، تارن کي ته سمجهايو.

    لڳن لوريءَ سنديون لهرون، سوين سڪ سير ۾ سامهون،
    ڪڍو قيدي قرب ڪُن مان ڪنارن کي ته سمجهايو.

    ضرب ڪاري ڪٽارين جي نه ڪن شل گهور سان گهايل،
    نماڻي نيڻ جي نوري، نظارن کي ته سمجهايو.

    پُڇي پهرين، سُڻي سمجهي، ڪجان سڪ سوز جو سودو،
    متان اڳتي ڪرين آهون، ”آزارن کي ته سمجهايو“.

    اڙانگو عشق آ اَهنجو، گهري سر ساهه جو صدقو،
    ڪپايئي ڪنڌ تان چوندين، ”قرارن کي ته سمجهايو“.

    پيئڻ پِڪ پرت جي پيارل، زهر کان وڌ آ زهريلي،
    چُڪو جي تان چکيئي چوندين، ”هزارن کي ته سمجهايو.“

    هجر حسرت جون هي آخر ختم ٿينديون خزائون سڀ،
    سِگهو شل ٿِينِ سرهايون، بهارن کي ته سمجهايو.

    ذڪر تسبيح جي تلقين زاهد پئي ڪئي ذر ذر،
    عبادت جي انهن ناصح، نڪارن کي ته سمجهايو.

    ٿئي ٿڌڪار شل ٿر بر، وسيون واهڻ وسن وستيون،
    مِلان محبن سان من ”شورا“ ملهارن کي ته سمجهايو.
    ***
    (1 جنوري 1983ع سريوال)


      سڄڻ ساڻيهه تنهنجي ۾، جيئڻ جو حق به کسجي ويو


    سڄڻ ساڻيهه تنهنجي ۾، جيئڻ جو حق به کسجي ويو.
    دٻيل دانهون به ويون دٻجي، دڙڻ جو حق به کسجي ويو.

    سپوتن تي سِتم سختيون، وڏا ويڌن ڪيا ويرين،
    اکيون آليون اندر آهون، الڻ جو حق به کسجي ويو.

    جبر جورو جفائن ۾، بنيو جنجل جياپو آ،
    سَليان ڪِيئن سي ستم تو سان، سَلڻ جو حق به کسجي ويو.

    هليو هردور ۾ هِت آ، حُڪم راجا ته چرٻٽ جو،
    انهي انڌير ننگريءَ ۾، رهڻ جو حق به کسجي ويو.

    مرڻ مَهنگو هتي مورهين، نه ڪوئي ٿو جيئي جالي،
    انهي ڇڪتاڻ ۾ ڇڪجي، ڇڄڻ جو حق به کسجي ويو.

    شڪاري شوم ئي بدليا، اهي ئي ڄار اصلوڪا،
    ڪيائون قهر ۾ قابو، ڪُڇڻ جو حق به کسجي ويو.

    جفائن تي جفائن سان، ڪيا جابر جڏا جوڌا،
    آهي پالوٽ پاپن جي، پڇڻ جو حق به کسجي ويو.

    ڏسي ڦاهين ۾ ڦٿڪندڙ، خوشي خوراڪ وئي ”شورا“،
    بهادر بند ۾ بيوس، بچڻ جو حق به کسجي ويو.
    ***
    (8 جنوري 1983ع سومراڻي لغاري سريوال)


      ناهي نيڻن ننڊ آئي، تو بنا پرديس ۾

    ناهي نيڻن ننڊ آئي، تو بنا پرديس ۾.
    سگهه نه ڪا سهڻا سرهائي، تو بنا پرديس ۾.

    سونهن پسي سهڻا سندئي، سيوا سدا سج چنڊ ڪن،
    ناهي تن ساڳي سُهائي، تو بنا پرديس ۾.

    تنهنجا ڳڻ ڳالهيون ڳڻي، ڳايان ڳلي هر ڳوٺ ۾،
    ’تون هي تون‘ جي وات وائي تو بنا پرديس ۾.

    آهي عالم ڇو اُجهاڻو؟ ٿي ختم خُنڪي خوشي،
    سچ صفا ٿي سُڃ نوائي، تو بنا پرديس ۾.

    عيد اڄ مڙني ملهائي، ٽهڪ ڏيئي هرڪو ٽِڙي،
    عيد مون آ ڪيئن ملهائي، تو بنا پرديس ۾.

    ساوڪون سرهائيون، باغن برن ۾ ٿي بهار،
    پر نه منهنجي مُند آئي، تو بنا پرديس ۾.

    من ملي محبوب مُرڪي خوش ٿي ”شوري“ سان کلي،
    اندر ۾ اُڻ تُڻ اهائي، تو بنا پرديس ۾.
    ***
    (28 آگسٽ 1983ع سومرو لغاري سريوال)


      دل ڌتاري دوست دلبر، هاڻ ڌارين دور دور

    دل ڌتاري دوست دلبر، هاڻ ڌارين دور دور.
    ٿا پون پل پل پيارا، پرت ڀريا پُور پُور.

    شمس شائق، قمر قربان، مدح خوان مخلوق مِڙ،
    نازنينن جو نظارو، آ نسورو نُور نُور.

    جي ورائين وار منهن تان، روز روشن رات مان،
    ان مثل ڪو معجزو ملڪن ۾ ناهي مُور مُور.

    نيڻ ٻئي نرگس نموني، ڪن تَڪون تلوار جان،
    سي خماري جي کڻين، گهائي سندن هر گُهور گُهور.

    ڪيئن سمهون ساهين سينو، ڀل هڻن هامون هزار،
    روح ريجهائين رمزون، تاب تِن جو طُور طُور.

    اڄ عنايت ٿئي انهي تي، جو آ عرصي کان عليل،
    سوز سهڻا ساڙيو، ٻيو ناهي سَنڌو سُور سُور.

    محمِل ليليٰ ڏسي مجنون ڪُتي جان ڪڍ لڳو،
    تان ڪُتي کي پاڻ ڏي، ڪوٺي ڪري من ڪُور ڪُور.

    پنهنجي ”شوري“ ڏي خدارا، کڻ اکيون کِل خوبرو،
    چاڳلا ڪر چاق چاڪن، جي چِڪي ٿيا چُور چُور.
    ***
    (17 نومبر 1983ع سومرو لغاري سريوال)


      دل ٻڌي دلبر اسان جي زلف جي زنجير سان

    دل ٻڌي دلبر اسان جي زلف جي زنجير سان.
    نيڻ جي ناوَڪ نهوڙيو، نينهن جي نخچير سان.

    سال ٿيا سڪندي سڌن ۾، تن سقيمن سار لهه،
    ڪيئي ڦٿڪن پيا فراقي، سوز سڪ جي سير سان.

    محبتي ميدان ۾، تدبير ڪهڙي تڙپ جي،
    ڪيئن سمهون ڪو ٿئي سڪايل، توب جي تعزير سان.

    حسن ۾ هر ڪوئي ٿو هامون هڻي هر جا هميشه،
    ڪيئن مقابل ٿئي مگر سو موهڻي من مير سان.

    عشق جي امتحان ۾ سر ساهه جو سانگو نه ڪر،
    ڌڙ سِسيون ڪيا ڌار دلبر، ڪنهن ترار وتير سان.

    اڄ عجيبن جي اچڻ تي، ٿيو اُهائو اوچتو،
    ڪيئي جانيون تنهن جلايون تاب جي تاثير سان.

    آهي خلقن ساڻ ”شورو“ قيد تنهنجي قرب ۾،
    سو اثر ابروءَ جي آ تيز تر تڪبير سان.
    ***
    (28 ڊسمبر 1983ع سومرو لغاري سريوال)


      وڌا ڪنهن ونگ ور واري؟ پُڇو واسينگ وارن کان؟

    وڌا ڪنهن ونگ ور واري؟ پُڇو واسينگ وارن کان؟
    ڪيا ڪنهن چاڪ دل چيري؟ پُڇو ابرو اشارن کان؟

    اٺيئي پهر عاشق کي، اکين ۾ انتظاري آ،
    خنجر خوني ته کوڙيا ڪنهن، پُڇو تحقيق تارن کان؟

    سڪايل جي سِسي سالم، نه ديکيم ڌڙ دُرس ڪوئي،
    بنان ڌڪ ڌار ڌڙ ڪيا ڪنهن، پُڇو تيرن ترارن کان؟

    ڦوڙائي جا فراقي ڦٽ، ڇُٽا سي ڇيڪ ناهن ڪنهن،
    وڇوڙي ۾ ولوڙيا ڪيئن، پُڇو سڪ جي سچارن کان؟

    لنگهي سڪ سير جون سختيون، سَوَن مان ڪو پُنو ساحل،
    ڇڏيا ڇولين ڇو ڇولي؟، پُڇو سالڪ سونهارن کان؟

    جبل جهرجهنگ جهاڳيا جن، مليو محبوب تن مرڪي،
    لڌو تن لال ڪيئن لوچي، پُڇو پانڌي پيارن کان؟

    نماڻا نيڻ ٻئي نشتر، نهوڙي نيٺ مون نيندا،
    قتل ڪن ڪيئن ٿا ”شورا“ پُڇو نرگس نظارن کان؟
    ***
    (30 ڊسمبر 1983ع سومرو لغاري سريوال)


      نه وڃ واسينگ کي ويجهو، ڀنڀن وارن کان ڀورا بچ

    نه وڃ واسينگ کي ويجهو، ڀنڀن وارن کان ڀورا بچ،
    ڪڙيءَ ۾ قيد ڪاڪل ڪِيا، ڪيئي ڪونڌر ڳڻڻ کان ڳچ.

    ڏٺم هر ڏيهه ۾ ڏوري، ڏهوڻا جي ڏکن ڏاريا،
    مَچن مهجورتي محبت مجازي مام جا مچ مچ.

    مُنڌا جيڪي مجازيءَ ۾، پُڄن سي پار پرور ڪيئن؟
    نصيحت جا اهي نڪتا، سندا سالڪ سمورا سچ.

    وڇوڙي ۾ وصل کان وڌ، سچي سڪ جو سرور آهي،
    ٿيڻ چاهين پچي پختو، عجيبن کي نه اوڏو اچ.

    سَٺئي جي سور سختيون تان ملاقي محب سان ٿيندين،
    رهاڻيون روح راڻي سان، رچائج رنگ سان سچ پچ.

    سڙين جي سوز سڪ ۾، تان سدائين ساٿ ڏئي سرسي،
    کوليندا جي کڻي دفتر، نتيجي مهل بيٺو نچ.

    پرين جو پيو مٿم پرتو، کِنوڻ وئي ڄڻ کِنوي ”شورا“،
    عجيبن اِيءَ عنايت ڪئي، اندر کي اڄ رچائي رچ.
    ***
    (30 ڊسمبر 1983ع سومرو لغاري سريوال)


      او پانڌي! پرينءَ ڏي پرت جو پيغام هي پهچائجو

    او پانڌي! پرينءَ ڏي پرت جو پيغام هي پهچائجو.
    چِڪندا رهن ٿا چاڪ مون، تن تي لَبن لِب لائجو.

    آهن اکيون اڄ آتيون، جانيءَ لئه پائن جهاتيون،
    روئنديون رهن ڏينهن راتيون، تن جوت ڪا جاڳائجو.

    ڪَيَئي عطا قدرت حُسن، مون کي هِجر حَسرت حُزن،
    سَوَ پيا سڌن ۾ هِت سِڪن، مون تي مَهر موٽائجو.

    سِڪندي ٿيا ڪي سال مون، هاڃي هنيا هي حال مون،
    هاڻي ڀلا ڪر ڀال مون، عاجز نه وڌ ايذائجو.

    پرتون پرين! پيو پاڙيان، سينو سِڪن ۾ ساڙيان،
    ڳوڙها ڳلن تان ڳاڙيان، رهي رات روح ريجهائجو.

    آهون اچن تارا تڪي، پيارا اڃا پهتا نه ڪي،
    سَنڌ سَنڌ سڄڻ ساريو سِڪي، دم دوستيءَ دهرائجو.

    اڄ عشق جا اُڌما اُٿن، من ۾ مجازي مچ مچن،
    پويان پساهه ”شوري“ پُڄن، دلبر اچي دفنائجو.
    ***
    (9 جنوري 1984ع سومرو لغاري سريوال)


    اڄ عجيبن ڪي ڪيا ابرو اشارا اوچتا

    اڄ عجيبن ڪي ڪيا ابرو اشارا اوچتا.
    مرڪندي محبوب جي ٿيا موت مارا اوچتا.

    جهلڪ سان جانيءَ جي جلندا جگر جانيون ڏٺم،
    جيئن کنيائين ٿي خنجر خوني خمارا اوچتا.

    اڄ اگهاڻو عرض ”ارني“ جهول جن اڳ هو جهليو،
    ٿيا تمامي تاب تجلا، طور وارا اوچتا.

    وڄ وراڪي وانگيان ويو ڏيئي لامارو لنگهي،
    ڄڻ کِنوي ويا خلق تي، کِنوڻين کيڏارا اوچتا.

    وار ڀنڀا ڀانئيان ٿو مُنهن ڀَران بيٺل مُدام،
    چنڊ جي چوڌار ڄڻ ٿيا ڪڪر ڪارا اوچتا.

    پير پيارل جت پُنو، سا مشڪ خالص ٿي مِٽي،
    سا مِٽي مشتاق لئه ٿي عطر سارا اوچتا.

    محبتي ميدان ۾، سڙيا سوين سڪ سوز ۾،
    شوق جي شعلن ۾ پيا پرواني پارا اوچتا.

    ڪر نه اهڙا شوق ”شورا“، شاعريءَ ۾ شائقي،
    نينهن ۾ نيلام ٿيا، نت نام وارا اوچتا.
    ***
    (9 اپريل 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      ڇڏ رُساما رنج راڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾

    ڇڏ رُساما رنج راڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾،
    مِل ڇڏي محبوب ماڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

    صبح سانجهي تنهنجي صحبت لئه سڪايل ڪن سڌون،
    عشق جي کوري ۾ کاڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

    قدرتي ڪيڏو ڪرم ٿيو، حُسن هيڪاندو مِليئي،
    پوءِ پري ڪر ڪين پاڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

    قدم تنهنجي سان قريبا! اڱڻ اُجرا ٿين مون،
    ڪيئن سَري تو بن سياڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.

    نينهن جو ناتو نڀايم، پر نه پاڙي تو پريت،
    سور سيني ۾ ساماڻا، آءُ پرچون پاڻ ۾.

    عمر ساري عشقبازي ۾ اجائي آنديم،
    شوق ڇڏ ”شورا“ شهاڻا، آءُ ته پرچون پاڻ ۾.
    ***
    (10 اپريل 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      عشق ۾ ويٺو وڃائي، عقل اڄ ڪُل ڪار پت

    عشق ۾ ويٺو وڃائي، عقل اڄ ڪُل ڪار پت.
    ڪنهن به پر پوري نه پئبو، پرت جي اِيءَ پار پت.

    عقل اُن ٽاڻي اُڏاڻو، جيئن اکيون اُن سان اڙيون،
    تير تبرون تنهن جا تارا، ڪيئن پُڄي تلوار تت.

    شاهه اُن جي شوق ۾ ڀي ٿيو گدا گولا گهمن،
    دل ڦري دانا دليرن، جي ڪري سينگار سَت.

    ڪيئن سمايان سونهن تنهن جي هِن سندس ساراهه ۾،
    ڳڻ ڳڻي ڇا ڇا ڳڻيان، دفتر ٿين درڪار اِت.

    دم بدم ڌوڌو دونالين، دم پٽيان ڪيئن دوستو!
    نيڻ جون نوڪون نهوڙين، جي ٿين نروار نت.

    مون گهريو ميڙاءُ تان موٽي مليم فرقت ڦري،
    اڄ پُنيون آسون اندر جون، جيئن ڪيم اِظهار اُت.

    درج دفتر ۾ ڪيان ٿو، درد دل جا داستان،
    من ڪري هو ڪهل ”شورا“ وئي مري بيمار مَت.

    ٿو ڏسان گهمندي گهڻا هِت گهور جا گهايل فقط.
    مچ مجازي مام ۾ مشتاق مُرجهايل فقط.

    پنهنجي پلڪن مان پيارج شوق جو شاهي شراب،
    اڄ عجيبن جي اڱڻ تي، آهي ڪو آيل فقط.

    ناز نينن کي نميو ڪن نياز سان سهسين سلام،
    در سڄڻ سامهون، صبح سانجهي سُجهن سائل فقط.

    جيءَ سان جايون جَڙي جوڙائيم جلدي مگر،
    سي اکين ۾ تو لئه آهن، ٺاٺ سان ٺاهيل فقط.

    پاند پاتم پرت جو، اڄ آهيان تو آسري،
    لطف سان لحظي ۾ لاهين سور سامايل فقط.

    ڪِيئن نه ڪعبي جو ڪري ڪو تات سان تهدل طواف،
    لک دفعا جي لوڌجي، ته به منهن ڪري مائل فقط.

    ڪِيئن ڪريان تِرياق جي تو کان طلب ٿي بي حجاب،
    سوز سڪ جي ڏي شفا، ”شورو“ آ شرمايل فقط.
    ***
    (14 جون 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي، ماهه منور کانسواءِ

    چؤطرف چانڊاڻ ٿي وئي، ماهه منور کانسواءِ،
    هر طرف هُٻڪارجي ويو، عطر عنبر کانسواءِ.

    واهه جو سينگار سهڻو، صوت صُورت سان سونهي،
    نينهن وارن کي نهوڙيو نيڻ، نشتر کانسواءِ.

    ويو هٿان جن جي هِينئون، هاڻي هَنجون هارين حبيب،
    دُک نه دل جو دور ٿئي، ديدار دلبر کانسواءِ.

    هر ادا تنهنجي عجيبا، آهي ڄڻ سارو سحر،
    موهيو محبن جي مورت، منڊ منتر کانسواءِ.

    ڀاڳ ڀانيان بخت جيڪر ٿئي پرينءَ پاڙو نصيب،
    پيو رهان پٽ تي پرينءَ جي پٽ پٽيهر کانسواءِ.

    قرب جون لکندي ڪهاڻيون، جي ڪيان ڪارا ڪتاب،
    ماڻجي محبت نه تنهنجي، دل جي دفتر کانسواءِ.

    شعر ”شوري“ جو نه آ شيرين شسته شعر پر،
    ٿيو مِٺو مذڪور محبن، شهد شڪر کانسواءِ.
    ***
    (16 جون 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      طلب تنهنجي تانگهه تاڻي روح راڻا روز روز



    طلب تنهنجي تانگهه تاڻي روح راڻا روز روز.
    اچڻ تنهنجي جا عجيبا هِت هواڻا روز روز.

    مست آهن موج ۾ مخمور ميخاني اندر،
    مست مشتاقن کي موهين محب ماڻا روز روز.

    آس وَندا جي آهن، تن سان اوطاقي ٿي عجيب،
    ٿا جدائي ۾ جلن، جهوريءَ ۾ جهاڻا روز روز.

    سج ستارن جون رهن ٿيون، روشنيون هت رات ڏينهن،
    اڱڻ اُجرن ڪيئن ڀلا، اندر اُجهاڻا روز روز.

    هير واريون هِت هوائون، ٿيون هلن هر جا هميشه،
    سک ڦِٽا سارين توکي، ساهه ساڻا روز روز.

    هي صدائون سوز واريون، جي سُڻين تان ڪج صحي،
    تنهنجي صحبت لئه سوين ساجن سِڪاڻا روز روز.

    آهي ساڻم ساٿ سورن، پور پيا منهنجي پلئه،
    سور سامهان سڀ ڪنهين، مون وٽ وٿاڻا روز روز.

    نيئي نياپو ڏيج ويندڙ! يار کي ”يامين“ جو،
    تنهنجي دم ديدار لئه، واٽن وڪاڻا روز روز.
    ***
    (19 جون 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      نازنين نروار ٿئي تان غم غريبن جا غلط

    نازنين نروار ٿئي تان غم غريبن جا غلط،
    دم گهڙي ديدار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    ڪيئن اچي فرقت ۾ فرحت، جي ڦٽيا ڦوڙائي ۾،
    هِت اچڻ هيڪار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    نيڻ مان نائي ڏجان ڪو نِج نئون خالص خمر،
    اوت جي ايثار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    زور زر ناهي ذرو، زاريون ضعيفن جي زبان،
    جي قبوليت ڪار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    در اوهان جي انتظاري ۾ گهنگهر گهاريان گهڙيون،
    حڪم جي هڪ وار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    جي بيهڻ ڀر ۾ نه ڏين، ته به ڪر نه پاڙي کان پري،
    اِن سندو اظهار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.

    قمر ڪتيون شمس ”شورا“ ڪيئن پرينءَ سان پاڙيان،
    جهلڪين جهلڪار ٿئي تان غم غريبن جا غلط.
    ***
    (28 جون 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      رهن ٿا دائمي دل تي دکن جا داستان ڪجهه ڪجهه

    رهن ٿا دائمي دل تي دکن جا داستان ڪجهه ڪجهه.
    اچن ٿا ياد اڄ مون کي انهن جا آستان ڪجهه ڪجهه.

    جڏهن گوندر هئس گهيريو، گهنگهر پئي گهاريم گهڙيون،
    تڏهن ڀانيم ته ڪي بدليا زمين و آسمان ڪجهه ڪجهه.

    ڪري جانب جدايون ويا، جڏو جيءَ جن جياريو هو،
    وسارڻ سان نه ٿا وسرن، مسيحا مهربان ڪجهه ڪجهه.

    اوطاقي ٿي اڳي جن سان اندر جو حال اوريم ٿي،
    وڇوڙا ڏيئي ويا وڇڙي، دلارا دِلستان ڪجهه ڪجهه.

    ويا ڪيڏانهن ڪٿي آهن، رهيا جيڪي رقابت ۾؟
    اڃا تن جا هتي هڪ ٻه رهن ٿا رازدان ڪجهه ڪجهه.

    مڙهي الزام ڪئين مون تي بنايائون مون کي مجرم،
    اکين آڏو اڃا آهي، اهو محشر عيان ڪجهه ڪجهه.

    زماني جي ظلم زورين قهر جت ڪٿ ڪيا ڪيڏا،
    شهادت عشق جي ”شورا“ اُڃاري آ اَڃا ڪجهه ڪجهه.
    ***
    (12 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      لوڪ کان لالڻ نه لِڪ اچ لائيون ڪو لب به لب

    لوڪ کان لالڻ نه لِڪ اچ لائيون ڪو لب به لب.
    جيءَ ۾ تنهنجي جستجو هئي تن ۾ تنهنجي آ طلب.

    سُرڪ ساقي ڏي سگهو هيءَ موج محفل يا نصيب،
    ڀل ته کامي کار ۾ کر، ٿو سڙي صحبت سبب.

    دل جو ڌاڙو دوستو! ڪو ناهه ڌن دولت مثال،
    دل ڦريندڙ جو کڻان ها پير، پر آهي ادب.

    خوف خطرو ناهي اڄ مون ڀل رقابت ڪو رکي،
    ڇا ڪندو مُلا ۽ قاضي جي مٿم ٿئي راض رب.

    ٻن دلين کي پاڻ ۾ ميلاپ جو موقعو مليو،
    ڪو نه ڪو اهڙو ڪٿي آ سڪ ڀريو سنگم عجب.

    حسن تنهنجو عشق منهنجو ليکبو اڄ کان اَمر،
    ڇو نه تنهن جي ياد يارو! ڪا ملهايون مُستحب.

    برهه بيماريءَ کان آهيم شفا ”شورا“ مِلي،
    جيئن عجيبن جا ڏٺم، اڄ اوچتا غمزا غضب.
    ***
    (13 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      دردمندن کي ته ڏي دلبر دوا پوءِ يا نصيب

    دردمندن کي ته ڏي دلبر دوا پوءِ يا نصيب،
    مهل کن مشتاق کي مَن ٿئي شفا پوءِ يا نصيب.

    هي نشيلا نيڻ نازڪ ڏور کان جڏهن ڏٺم،
    هوش همت حوصلا هيڪر ته ويا پوءِ يا نصيب.

    جيءُ جدائي ۾ جليو جهوريءَ تنهين جهوريو اٿم،
    لاهه سڪندن جون سِڪون ساجن سچا پوءِ يا نصيب.

    جن روئي راتيون وهاڻيون، تن جون اڄ آسون پڄاءِ،
    گهايلن سان گهار گهڙيون دلربا پوءِ يا نصيب.

    سج قمر ڪَتيون ڪيئي اُلٿا ڪيئي اُڀريا وري،
    مهر مسڪينن مٿي ڪر مَهه لَقا پوءِ يا نصيب.

    سينڌ سُرما تيل ڦڻيون بيوسن وسري ويا،
    عشق تنهنجي جي اها آ هڪ ”ادا“ پوءِ يا نصيب.

    شوق وارن ساڻ ”شورا“ محب مليو مُرڪندي،
    بيوسن ٿيا ڀاڳ اڄ بيحد ڀلا پوءِ يا نصيب.
    ***
    (14 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      اڄ کلي درشن دري ساجن ڪيا سينگار هار



    اڄ کلي درشن دري ساجن ڪيا سينگار هار.
    تان لنگهي ويا اوچتو ڪي تير تنهن جا آرپار.

    مَئي پيئڻ سان مست ميخوارن ڪيا ٿي غم غلط،
    هاڻ حاجت ناهه تن، جيئن ديکيئون ديدار يار.

    موسمون پنهنجي مُندي تي ڪن منڊل ٿيون موج سان،
    پر بهاريون بيوسن، ٿئي ناز سان نروار يار.

    جي جسارت معاف ٿئي، تان هي ادب سان عرض آ،
    پيو ڪُهج پنهنجي ڪُنڍين سان، جو ڪُسڻ ۾ آ قرار.

    محب خود مستور ٿي مون کي ڪرين مسرور جي،
    ويهه اچي اکڙين اندر، تان نيڻ ٺرنم بار بار.

    وڌ نه توکان پاڪ پُتلو پرت جو پيدا ٿيو،
    آهي عيبن کان الڳ هڪ پاڪ ئي پروردگار.

    اڻ ڳڻيون آهن ادائون، ناز ٿيا نت نت نوان،
    جان جيءَ جيرو جگر قربان تو تان وار وار.

    حُسن هيڪر جي هنيا ”شوري“ کي شعلا شوق جا،
    ٿيو تڏهن کان تنهنجو آهي خاص خادم خاڪسار.
    ***
    (17 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      اکڙيون رهن اداسي آهن اڃا اُڃايل

    اکڙيون رهن اداسي آهن اڃا اُڃايل،
    ملندا جي محب مُرڪي، لهنديون سِڪون سِڪايل.

    دل جي دريءَ جو خانو، دردن جو داستانو،
    آهن جو آستانو، آ لوڪ کان لڪايل.

    جي سور مون سَلين تون، هي پور مون پَلين تون،
    هٿ هٿ ۾ ڏيئي هَلين تون، پوءِ جيءُ پئي جَلايل.

    واجهائيندي ورهيه ٿيا، ڪر مون تي اڄ مهر ڪا،
    اهڙي ڦُٽي پِرهه ڪا، هوئي موج سان ملهايل.

    جانب نه ڪر جدايون، ڀيري جون ڪر ڀلايون،
    محفل مِڙي ملهايون، سڪ سوز سان سجايل.

    ”شورو“ شباب ساري، پريَن جي پيو پناري،
    مَن هو گهڙيون ڪي گهاري، دک دور ٿين دکايل.
    ***
    (23 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      سهي ڪِيئن سگهان هاڻ هجراً طويلا

    سهي ڪِيئن سگهان هاڻ هجراً طويلا.
    رهيو ناهي ارواح اِلاّ قليلا.

    جهلي ٿم هي جهولي نماڻي نوازج،
    اندر مون اُجارين ته شڪراً جزيلا.

    وتن سور مون سان سلهاڙيا سدائين،
    سٺم سر مٿي ساڻ صبراً جميلا.

    چيم تن چيو جن ”پچر پرت جي ڇڏ“،
    اندر عشق ريجهي ٿو روحاً عليلا.

    ڇڏيان دوستو ڪيئن؟ دلبر جو دامن،
    هُري پئي هنئين تي ته حُباً خليلا.

    پرين! پرت جو پاند پاتم جڏهن کان،
    جيئي ٿو جڏو ڪين جسماً هزيلا.

    ڇڏي در ٻيا، در ڌڻيءَ ڌر وڃ ”شورا“
    اونائيم من آهه رباً جليلا.
    ***
    (25 سيپٽمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      اڄ عجيبن جا اُهي ابرو اشارا ياد پيا

    اڄ عجيبن جا اُهي ابرو اشارا ياد پيا.
    نازنين نيڻن سندا نوري نظارا ياد پيا.

    زلف جي زنجير ۾ ٿيون زندگيون زندان ڪَئين،
    گهوٽ جن گهايا گهڻا سي توب تارا ياد پيا.

    ٿيا انڌيرن مان اُجالا جن جي آئي اوچتو،
    سي عجب جهڙا هئا سڀ آشڪارا ياد پيا.

    جن مڃي منظور ڪئي هر مُدعا مسڪين جي،
    تن سچن جا سڪ ڀريا سي ساٿ سارا ياد پيا.

    رات ڪاري جنهن ڪئي ٿي، يا پرهه جنهن ڪئي پڌر،
    چنڊ چهري ساڻ ڪاڪل ابرڪارا ياد پيا.

    مند ٿي منڊل وڄيا سؤ رنگ ٿيا سارنگ ۾،
    لوڪ ۾ هئم لاڏلا سي لاڙ وارا ياد پيا.

    باغ ۾ بلبل سُڻائي سوز جا سنگيت پئي،
    ٻول مٺڙا محب جا ڪي پرت پارا ياد پيا.

    جن دعائن يا دوائن ٿي ڪئي ”شورا“ شفا،
    تن طبيبن جا نوان نسخا نيارا ياد پيا.
    ***
    (27 نومبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      حجت هلندئي نه ڪي حيلو، حسن سرڪار کان هٽ هٽ

    حجت هلندئي نه ڪي حيلو، حسن سرڪار کان هٽ هٽ،
    سوين سڪ جي چڙهيا سولي، ڳڻن ڳاني وجهي ڳٽ ڳٽ.

    ڀلا ڪو بادشاهه ڀر ۾ بيهاريندو سُڃو سکڻو؟
    ڪري جي ڪهل ڪنگالن، ڇٽن فرقت سندا ڦٽ ڦٽ.

    هلي ويس هيج مان هيڪر، عجيبن در کڻي آسون،
    چمڪ چانڊاڻ چهري جيءَ ڪيو چاهت چريو چٽ چٽ.

    ستايل کي ستايو آ رقيبن جي رواداري،
    ٿين نابود نالائق، وڌا جن وصل ۾ وٽ وٽ.

    ڪڏهن جي سير تي سنڀرن، ته ڪن سينگار سبحاني،
    قسم سان ڪو نه ٿيا ڪڏهن قمر ڪتيون مُحب مٽ مٽ.

    پسو جي ٿا لکين لاٽون، سا پرين پاڪ پيشاني،
    دريءَ مان دور ٿيو درشن، لٿو قلبئون ڪسر ڪٽ ڪٽ.

    اُڀاري سج اجهو ايندو، عُشاقن عيد اڄ ٿيندي،
    جياريندو جگر جانيون، جڏا جيئرا ٿيندا جهٽ پٽ.

    محب مستور محلن ۾ اکيون آهن اُتي ”شورا“،
    جتي اڙيون اتي آهن، ڪُٺيون ڪن ڪين ڪي مٽ سٽ.
    ***
    (19 ڊسمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      راڄ ويو راڻا رسي، رسندو رهي پر تون نه رس

    راڄ ويو راڻا رسي، رسندو رهي پر تون نه رس.
    لوڪ لوڌيندو، چريو چوندو رهي پر تون نه رس.

    ڪين ٿيا ڪوسا ڪڏهن، سي ساهه سان سانڍيم سڄڻ،
    ساڙ ۾ ساڙو سدا سڙندو رهي، پرتون نه رس.

    اڄ به عاجز تي عنايت جي عجيبن اوت ڪئي،
    چون چِرا سان چَپ ڪوئي چرندو رهي، پر تون نه رس.

    عرش توڙي فرش وارا محو تنهنجي مدح ۾،
    بد بياني سان ڪوئي بڪندو رهي، پر تون نه رس.

    مٽ مسيحائي ۾ ناهس يا حسن ۾ هڪ ڪَرو،
    کار ۾ کاڏي کريل کنهندو رهي، پر تون نه رس.

    محب جي هڪ مُرڪ تي مفتون ڪَئين مسرور ٿيا.
    محب تان جي مون جِھو مرندو رهي، پر تون نه رس.

    شرف ”شوري“ کي ڏئين جي ميزبانيءَ جو مٺا،
    ڪوفتو، سر کي ڪُهي ڪندو رهي، پر تون نه رس.
    ***
    (22 ڊسمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      دوست دلبر ڏي نهاري سج اُڀاري مون ڇڏيو

    دوست دلبر ڏي نهاري سج اُڀاري مون ڇڏيو.
    هِت نه هِرندو هي هينئون جو دوست ڌاري مون ڇڏيو.

    ڪجهه نه ڪِيم جو سر وڃي قربان قدمن ۾ ڪَيم،
    عشق جو آڙاهه پر ٻيهار ٻاري مون ڇڏيو.

    هوت ويو منهنجي هٿان ڪيهن تي ڪيهون مون ڪيون،
    ڏينهن راتيون رت روئندي ڏيهه ڏاري مون ڇڏيو.

    ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ڪيان ڪنهن پر پُڇايان سي پرين،
    هت حبيبن جي هجر ۾ راڄ رئاري مون ڇڏيو.

    آههَ زاري ساڻ فريادون، فغانِ نيم شب،
    لوڪ سارو هو ستل سو اڄ اٿاري مون ڇڏيو.

    جيئن پڇيم پوٺن پٽن کان، ويا پرين ڪنهن پار ڏي؟
    چَو ڏِسِن مان چون نه ٿي، ڳڻتين ڳاري مون ڇڏيو.

    من ملائي محب مولا، جي نه جاني جوءَ ۾،
    پر ٻَڌم جي ٻول، تن بَر ۾ بهاري مون ڇڏيو.

    شوق وارن کي سڪڻ ”شورا“ ڪيو آهي شهيد،
    آهي جو هردم هينئين تي ڪِيئن وساري مون ڇڏيو.
    ***
    (24 ڊسمبر 1984ع سومرو لغاري سريوال)


      ڪڏهن ديدار تي بندش، ڪڏهن دلدار تي بندش

    ڪڏهن ديدار تي بندش، ڪڏهن دلدار تي بندش.
    ڪڏهن انڪار تي بندش، ڪڏهن اقرار تي بندش.

    چمن ۾ چهچٽو ناهي، ڪَليون ڇا لئه ته ڪومايون،
    ٻڌو ٿم پئي عجيبن جي وڃڻ گلزار تي بندش.

    رقيبن کي روا ناهي گهٽيون ڪن بند گهايل جون،
    ڪڏهن مُرڪي ملڻ تي يا ڪڏهن کين ڪار تي بندش.

    مَٺو ڀانئين مِٺو ڀانئين ڪريان ڪِيئن ڪوڙ ڪانئر ٿي،
    هِتي بندش هُتي بندش هلي هر پار تي بندش.

    جيئن پيا جي جُڳن کان هِت اِجهو کَر سي ئي ٿا کامن،
    نه رهندو ڪو رقيبن مان، رقابتدار تي بندش

    سَقيمن کي سَگهائي ڏي، صحت ناهي تنين سالم،
    چُمڻ ڏي چانٺ چشمن سان نه ڪر بيمار تي بندش.

    نکٽ نوري لکين لاٽون پرينءَ منهنجي جو هڪ پَرتو،
    رُخِ انور آيو ”شورا“ مَههِ انوار تي بندش.
    ***
    (13 اپريل 1985ع مسڻ وڏي)


      جلدي گهراءِ جاني تنهنجي تڏي تڏي

    جلدي گهراءِ جاني تنهنجي تڏي تڏي،
    اٽڪيو چپن ۾ ساهه آ سهڻا سڏي سڏي.

    سالن کان مون جا سانڍي، پوري نه ٿي اميد،
    هن ويل واهرو ٿي، جياريو جڏي جڏي.

    بي سود ٿيا بنهه اڄ مون لئه مرڻ جيئڻ،
    جيسين اچي هو منهنجو اندر اڏي اڏي.

    ويا موڪلائي مون کان منهنجا حواس هوش،
    سُڌ ڪا سماءُ ناهي کامي کڏي کڏي.

    سڀڪو سڏيو سڏي پيو، نالي سندئي سڄڻ،
    هاڃا نه ڪر تون هيڏا، ڇپرين ڇڏي ڇڏي.

    لوڪئون گذاريان لڪندي ته به ٿي لکا لکن،
    هر دم هِتان هُتي ٿو لڏيان لڏي لڏي.

    ”شوري“ کي شرف بخشي جيڪر اچين اڱڻ،
    گهاري وڃين گهڙيون ڪي گوڏي گڏي گڏي.
    ***
    (3 مئي 1985ع سومرو لغاري سريوال)


      ڇا ڏٺو تو ڇا ڏٺو؟ دلبر دلارا مون ڏٺا

    ڇا ڏٺو تو ڇا ڏٺو؟ دلبر دلارا مون ڏٺا،
    سِر سَوَن جا ڌار ڌڙ کان عشق آرا مون ڏٺا.

    جي صِدق وارو سڪايل ٿئي قريبن کي قريب،
    دمبدم ڌُو ڌُو دونالين توب تارا مون ڏٺا.

    وک وڌائي ڪِيئن ڀلا جنهن پير ۾ پيا پيڪڙا،
    وار ڀنڀا ور وڪڙ واسينگ وارا مون ڏٺا.

    لک ڏٺم لاشا لٽيل، ڪي ڌڙ هئا در تي ڦِٽا،
    جن ڪيو قتلام سي ڪُنڍين ڪنارا مون ڏٺا.

    دل جي دنيا تي هلي ٿو حُسن وارن جو حڪم،
    عشق جي اُڀ تي اُهي اڄ ماهپارا مون ڏٺا.

    ڏينهن ڏيکارو ڏيئي، پوءِ روپ ڌارڻ رات جو،
    وَالضحيٰ والليل ۾ ليل و نهارا مون ڏٺا.

    لَيسَ اَحَدُ مِنڪَ اَحسَن خِلقتً لاريب فيهه،
    شاهدي ”شوري“ ڏني، سي شوق وارا مون ڏٺا.
    ***
    (20 اپريل 1985ع مسڻ وڏي)


      اکڙيون ڏسن ٿيون تنهنجون راهون وري وري

    اکڙيون ڏسن ٿيون تنهنجون راهون وري وري.
    هردم اچن اندر مان آهون وري وري.

    دلبر هئس نه ڌاريون، در تان ڌڪي ڇڏيئي،
    ويندا رهيا وسيلا واهون وري وري.

    پويان پساهه پورا آهن اِجهو ٿيا،
    دل درد مان ڪري ٿي دانهون وري وري.

    صبح و مَسا سڪايل سهڻي سوا سُڃو،
    موٽڻ جي ڪر مٺا ٿي پانهون وري وري.

    مسڪين هي مسافر ڇا لاءِ ٿا ڇنو؟
    رولي رَندن ۾ ڇڏيوَ ڇاهون وري وري.

    موٽي ملهاءِ محفل، جيئري جدا نه ٿي،
    محبوب ٿو ٻَڌان اڄ ٻانهون وري وري.

    شُعله گري نظر جي ”شورا“ ڪندي شهيد،
    ڪمزور تي ڪٽارين، ڪاهون وري وري.
    ***
    (26 اپريل 1985ع سومرو لغاري سريوال)


      محب ڌاران مئي محبت جي پيئڻ جي آ منع


    محب ڌاران مئي محبت جي پيئڻ جي آ منع.
    هي نياپا نينهن جا ٻئي وٽ نيئڻ جي آ منع.

    سهنج ڀانتئي سور تان پوءِ نينهن جو ٿيندو نباء،
    ڪِيئن ڀلا چَپ چورجي، دل ۾ دڙڻ جي آ منع.

    منٽ ڪو مَقتل ۾ ناهي نيم بِسمل کي قرار،
    دست و پا سان دمبدم ڦٿڪي ڦڙڻ جي آ منع.

    قيس وانگر ڪو نه آهي، حال ڀائي هت سَندم،
    ڪيئن پُڇايان سي پرين جو هت پڇڻ جي آ منع.

    ويو سڄڻ چيري صفون، ڄڻ چنڊ اَبر چيري چڙهيو،
    پر رقيبن روبرو مرڪي ملڻ جي آ منع.

    زور ڏيئي زاهد چيو، ”اَستغفِرُ الله“ عشق کان،
    پير پائي پرت ۾ پوءِ پُٺ ڏيڻ جي آ منع.

    من اندر مائڻ نه گهرجي، محب ڌاران محب ٻيو،
    قرب ۾ اهڙي ڪبيره جي ڪرڻ جي آ منع.

    ٿا چون ”شورا“ ته ناهي، شوق شامل شرع سان،
    مست کي محبت سوا مذهب مڃڻ جي آ منع.
    ***
    (2 جولاءِ 1985ع مسڻ وڏي)


      ناز تنهنجا نت نوان آهن عجب اظهار لک

    ناز تنهنجا نت نوان آهن عجب اظهار لک،
    حسن وارا تو ڪيا حيران هت هڪوار لک.

    هي نشيلا نيڻ نايو ڏين ٿا خالص خمر،
    تنهن سبب مستي ۾ آهن مست ڪَئين ميخوار لک.

    حسن هارن سان نه ڪي سينگار سان ٿو سرس ٿئي،
    حسن هڪ آ ڏات تن مان، جي ڏنئي ڏاتار لک.

    وک وڌائين تان وهارين سُول سيني ۾ سوين،
    جنهن گهٽيءَ مان ٿيو گذر، ٿي هر طرف هُٻڪار لک.

    ڪونه آهي ڪنهن به شيءِ ۾، جا شفا شفتين ۾،
    دُرس ديوانا ڪرين، پنهنجي هٿان هيڪار لک.

    پل اندر پهتا ڪَئين زاهد زبر حاذق حڪيم،
    ڇا ڪندا ڦيڻا ڦڪيون، مون کي فرق ڦيڪار لک.

    دوستيءَ جو دَرس ڏيئي، اڄ به چَوندن کي چيم،
    ڇِرڪندن کي ڪين ڇيڙيو ڪن ڀلي ڪنٽار لک.

    ٿيو جڏهن کان آهي ”شورو“ تنهنجي شيوا ۾ شروع،
    هي بندو بيوس ته ڇا پر پيا وڙهن پڳدار لک.
    ***
    (2 آگسٽ 1985ع مسڻ وڏي)


      سورن کي چئو ته مون سان ڪريو نه ساز باز

    سورن کي چئو ته مون سان ڪريو نه ساز باز.
    ڳاري ۾ آهي ڳاريو مون کي گهڻو گُداز.

    سجدا ڪيم سوين جي سُبحان کي سَمهون،
    ڪونهي پتو قضا ٿيا، يا ٿي ادا نماز.

    ٻن کان نه آهي ٻاهر، هي فلسفهء حيات،
    ڪو نياز سان نوازيو، ڪنهن کي نسورو ناز.

    دم کن نه دم پٽي ٿو، پانڌي پريت جو،
    سڪ جي سفر ۾ ڄڻ ڪو حاجي طرف حجاز.

    نازن ڀريا نظارا نئين سج نوان نوان،
    آهن عجب ادائون، هر هڪ رکي ٿي راز.

    قربائتي ڪمند ڏس قيدي ڪيا لکين،
    پنجوڻ تي پِرائي سر ويچ سرفراز.

    هُن جي ثنا ۾ آهي ڪون و مڪان سدا،
    شاهه و گدا ۾ ”شورا“ آهي نه امتياز.
    ***
    (17 آگسٽ 1985ع ڳوٺ ڦل شورو تعلقو ميرپور ساڪرو)


    ماٺ ۾ مون ڪِيو مُطالع وصل جو واري ورق.

    ماٺ ۾ مون ڪِيو مُطالع وصل جو واري ورق.
    شوق جي ٻاريم شمع، پر عقل جو ساڙي عرق.

    درد جي دفتر ۾ دم دم باب آيا برهه جا،
    سور جون پڙهندي سِٽون غم جي بحر ۾ ٿيس غرق.

    تنهنجون تصويرون هزارين نقش جن تي ناز جا،
    سا اٿم صورت سَمهون، سو زيب زينت زرق برق.

    تون آهين تعبير تن جو، جي ڏٺم سپنا سوين،
    خواب ۽ تعبير ۾ تِر جو نه آ ڦيرو فرق.

    منڪرن کي محب منهنجو مورهين منظور ناهي،
    ڪجهه نه ٿئي ٻوڙي انڌي کي ڀل هجي رعدو برق.

    شاهه خوبان جي اڳيان ڪٿ شمس جو ”شورا“ شعاع،
    رات مان ٿيو روز روشن، غرب کان تائين شرق.
    ***
    (20 آگسٽ 1985ع مسڻ وڏي)


      اڄ به اُڌما ٿا اُٿارين، عشق جا آزار سڀ

    اڄ به اُڌما ٿا اُٿارين، عشق جا آزار سڀ.
    ڪَن بِلو ڪهڙو ڀلا، جي برهه جا بيمار سڀ.

    هير ۾ هٻڪار ناهي، ويون ڪَليون ڪومائجي،
    ٻهڪندڙ ڪو ناهي ٻوٽو، ڏس گهمي گلزار سڀ.

    ويا تڏا سي ويڙهجي، جن تي وڇاڻا هئا وڏا،
    هت نه حاتم ٿو سُجهي ويا هڙ هليا هيڪار سڀ.

    مهر محبت موڪلائي ماڳ وئي موٽي وري،
    پوءِ به لوچي ٿا لهن، جي ڪن ڦٽا ڪم ڪار سڀ.

    مون به هينئڙي کي چيو هو ”هاڻ ڇڏ هورو ڀلا“،
    اِيءَ نه مارن ريت وارا، تنهن پڙهيا اشعار سڀ.

    مون چيو اکڙين کي، ”اڄ کان لڙڪ لاڙڻ ئي ڇڏيو“،
    تن چيو ”سامهون اٿئون هڪ سونهن ٻيا سينگار سڀ.“

    شوق کي ”شورو“ ڇڏي ڪيئن؟ ڪَل نه ڪا توکي ڪَچا!
    ڪِيئن وساريان، ڪين وسرن وِرهه جا وهنوار سڀ.
    ***
    (25 آگسٽ 1985ع مسڻ وڏي)


      اکڙيون ڪٿي اجايو اڙائين متان متان

    اکڙيون ڪٿي اجايو اڙائين متان متان.
    سڪ ۾ سدائين سينو سڙائين متان متان.

    سوزِ صَنعان ناهي مجنونءَ جي محبت،
    ويسر ۾ وک نه هيڏي وڌائين متان متان.

    سڪ سا ڪٿي جا سهڻي مهراڻ کان نه موٽي،
    ڀيلو نه کڻ، جي کڻندين، ڀُرائين متان متان.

    مچ جي مجاز جا هت مچندا رهن مدامي،
    پروانو چائي پاڻ، پڏائين متان متان.

    محبت جي آهي منزل ڀورا بنهه بعيد،
    واڳون وري نه اڌ مان ورائين متان متان.

    توکي شعور شايد آهي نه عشق جو،
    باهه برهه کان پاڻ بچائين متان متان.

    ”شورا“ شڪست آهي ڌارئين کي دل ڏيڻ،
    اغيار کي اندر ۾ اَڏائين متان متان.
    ***
    (20 آگسٽ 1985ع ڳوٺ ڦل شورو تعلقو ميرپور ساڪرو)


      ميخوار ڇا ڪندو ڪو مستيءَ کان احتياط

    ميخوار ڇا ڪندو ڪو مستيءَ کان احتياط،
    صاحب شرع کي آهي ساقيءَ کان احتياط.

    جنت جو آهي وعدو زاهد ڪيو مگر،
    بادهه پرست کي آ بهشتيءَ کان احتياط.

    دوزخ جا ڏيئي دڙڪا مايوس ڪر نه مون،
    لاتقنطوا ڪندو ڪيئن عاصيءَ کان احتياط.

    نعمت نه آهي توکي ناصح نصيب ڪا،
    واعظ کي آ شرابِ دُرديءَ کان احتياط.

    ”فَردا“ جو ڇڏ فڪر، اچ ”اِمروز“ کي ملهاءِ،
    سورن جي ناهي مون کي سختيءَ کان احتياط.

    هيءَ ميڪشيءَ جي دنيا آزاد خيال آ،
    مون کي ته آهي ذهني قيديءَ کان احتياط.

    هِن تَرڪ ميڪَشيءَ جي نوبت اچي به ڪِيئن؟
    رِندن کي ناهي ”شورا“ رِنديءَ کان احتياط.
    ***
    (25 سيپٽمبر 1985ع مسڻ وڏي)


      چون ٿا بچ، بچان ڪِيئن جو بنهه آهي بچڻ مشڪل

    چون ٿا بچ، بچان ڪِيئن جو بنهه آهي بچڻ مشڪل.
    اچڻ مشڪل، وڃڻ مشڪل، بيهڻ مشڪل، ڀڄڻ مشڪل.

    هڻن هامون هزارين ٿا، هلي تن جي نه هلندي هِت،
    پيو جي پور پرين جو ته پوءِ آهي پلڻ مشڪل.

    هينئين ۾ هيج مان هُل ٿيو، ”هلي حاضر حبيبن ٿي“،
    سِڪن سوگها ڪيا سنڌڙا صفا آهي سُرڻ مشڪل.

    جُنونِ عشق جو جن جام پيتو آ هٿان جانان،
    پُڇو تن مامرا محبت، محب آهن ملڻ مشڪل.

    ذڪر، زيارت آهي عرفات، عاشق سان اَلائي ڏس،
    وچن جهڙو وظيفو ناهه، پر آهي پَچڻ مشڪل.

    مبارڪ منهن مثل ڪعبي، حَجر اَسوَد به هڪ پاسي،
    چوي ٿي دل چمان ها پر چپن سان آ چُمڻ مشڪل.

    چيو زاهد چڱايون ڪر، اڙانگي آخرت آهي،
    نمازون نينهن جون نِيتَم نسورو آ نمڻ مشڪل.

    لڳي ويا پيار تي پهرا، لکين لاڳو قلم ڪيئي،
    هزارين ٻيا حُڪم حَربا ستم اهڙا سَلڻ مشڪل.

    پرين پاڙي سندئي ۾ جي پُڄن پويان پساهه جيڪر،
    پسائج پاڪ پيشاني، هئي ڏورانهه ڏسڻ مشڪل.

    چيو يامين کي يارن، ”وڏي تنهنجي وندر ڪهڙي؟“
    ”وَليان ٿو تير ورهن کان، چيم آهي ولڻ مشڪل“.

    شهادت جي گهرين ”شورا“ ته ناهي شوق ڌاران ٻي،
    چڙهي سڪ جي مٿي سولي سدائين آ سِڪڻ مشڪل.
    ***
    (29 آڪٽوبر 1986ع اربع رات 12 بجي اوطاق حافظ محمد خان سومرو دوآبه حيدرآباد)


      مَهه لقا منٺار مورت، ماربا مسڪين ڪين

    مَهه لقا منٺار مورت، ماربا مسڪين ڪين.
    تڙپندن جي تن ۾ آهي تو بنان تسڪين ڪين.

    مون گهري دل سان دعا ”مولا ملائج محب مون“،
    وصل ۾ ويرم نه هئي پر تو چئي آمين ڪين.

    ڪين ٿي گذري گهڙي گهايل سندي گوندر سوا،
    درد دانهون دونهن دمدم غم لٿا غمگين ڪين.

    چنڊ جي چانڊاڻ کان وڌ صاف آ سيمين بدن،
    تو انهي تخليق تي، تحقيق ڪئي تحسين ڪين.

    وار هئا وَالليل وانگر، والضحيٰ کان منهن وڌ،
    بيهي سگهيو ڀر ۾ نه بيشڪ هي مگر مسڪين ڪين.

    دم اُلهاري دم اُڀاري، سج سدائين ساڻ تنهن،
    ڏس رنگا رنگي رنگيءَ جي، رنگ ٻيا رنگين ڪين.

    ٿا چون، ”سڌڙيا ڪرين سکڻي سدا ساراهه ٿو“
    ماهتابي محب جا مَٽ نازنين نمڪين ڪين.

    هو جفائون جي ڪري، ته به تو نه تِر جيهي جڳاءِ،
    قول ڀَڃندو قرب وارو يار جو ”يامين“ ڪين.

    رک چمي چشمن مٿي شوخيون انهي جون شوق سان،
    شوق جو شربت شفا ”شورا“ آهي شيرين ڪين.
    ***
    (1 نومبر 1986ع مسڻ وڏي)


      اکڙين مان ڇلڪي ڇلڪي ڇلڪي پوي ٿو پاڻي

    اکڙين مان ڇلڪي ڇلڪي ڇلڪي پوي ٿو پاڻي،
    چُپ چاپ لڙڪ لاڙي، آهيم ٿي پڄاڻي.

    جيسين جيان ٿي جاني، آن ۾ اٿم اميدون،
    ايندو عجيب ايندو، ڏهنايون ڏيان ڏهاڻي.

    سڪ ۾ ڏيئي سزائون، سهڻا نه مار مون کي،
    واهر ڪريو وِلهيءَ جي واجهائي پئي ويڳاڻي.

    دردن جا دونهن دمدم دل ۾ دکن ٿا دلبر،
    بيوس بِلو ڪري ڇا؟ آهي اصل اياڻي،

    ورهين جا ڏيئي وڇوڙا، ويٺين وڃي وساري،
    روئندي گذاريان راتيون، هيءَ رات پڻ وهاڻي.

    اُجرن اڱڻ اچين جي، ڪنهن مهل ڪنهن بهاني،
    صدقي ٿئي سڄڻ تان، ورهين کان جا وڪاڻي..

    سهسين سُکائون سهڻا، ڀيري تنهنجي لئه باسيم،
    داتا ڌڻيءَ جي در تي، آهم دعا اگهاڻي.

    محبوب تي ميارون ”شورا“ نه ڪر شڪايت،
    ويهندا نه هو وساري، نيندا نڌر نماڻي.
    ***
    (15 ڊسمبر 1988ع مسڻ وڏي)


      هر دم تنهنجي ياد ستائي

    هر دم تنهنجي ياد ستائي.
    برهه جون باهيون ٿي ڀڙڪائي.

    اکين ۾ ٿي ويهه او ساجن!
    روح رُٺل کي وڃ پرچائي.

    چنڊ مثل آ چهرو تنهنجو،
    چانڊوڪي ٿئي تنهنجي آئي.

    ڏند سڄڻ جا موتين مالها،
    ٽهڪ ڏيو ٿو خوب کلائي.

    ٻول مٺا ڄڻ ماکي مصري،
    جڏهن سهڻو ٿو ڳالهائي.

    نرم هٿن سان جيڪي ڏيندين،
    پيار جو تحفو دل ٿي ڀانئي.

    جيئري جاني ڪر نه جدائي،
    ائين ڪرڻ ٿو ڪين جڳائي.

    خوابن ۾ تون خيالن ۾ تون،
    تنهنجي محبت مچ مچائي.

    ڪَٽبا ڪين وڇوڙا مون کان،
    دل کي دل سان وڃ ته ملائي.

    ڏور وڃين ڇو ويٺو آهين،
    اچ ته مِلون اڄ ڀاڪر پائي.

    پاڪ محبت پاڪ تمنا،
    آس اها من الله پڄائي.

    منهنجي عبادت حُسن جي پوڄا،
    ”شورو“ ويٺو دل وندرائي.
    ***
    (24 آڪٽوبر 1991ع مسڻ وڏي)


      اکيون اوچتو اڄ اُلاري هليو ويو

    اکيون اوچتو اڄ اُلاري هليو ويو.
    مِٺي مُرڪ سان محب ماري هليو ويو.

    ڪرڻ ڪِيس اهڙو جڳائي نه جاني،
    دکايل جي دلڙي ڌتاري هليو ويو.

    ڪُٺو قرب تنهنجي ڪريان ڇا قريب،
    سِڪايل ڇڏي بي سهاري هليو ويو.

    وڍي ٿو وڇوڙو مُئل ماس کي،
    وفا جا وچن سو وساري هليو ويو.

    ڪُٺل قرب جي تي ڪجي ڪهل پر،
    اندر ۾ ڪي اُڌما اٿاري هليو ويو.

    ٿئي توکي ديدار ”شورا“ نصيب،
    کڻي نيڻ نازڪ نهاري هليو ويو.
    ***
    (16 ڊسمبر 1991ع مبارڪ جروار)


      اُٿي پئي اندرمان اڃا آهه عشق

    اُٿي پئي اندرمان اڃا آهه عشق.
    لُڻي سِر لکن جا ڪڍيا لاهه عشق.

    بچان ڪِيئن بچڻ جو نه موقعو ملي،
    برهه ۾ ته ڀڙڪيو ٻري باهه عشق.

    ستايل سهي ڪين سگهندو ستم،
    سَوَن کي سِڪائي ڪڍيو ساهه عشق.

    عجيبن جي انداز گهايو گهڻن،
    ڀلا حسن تي ڇا ڪندو ڪاهه عشق.

    چُڪو جن چکيو مست محبت ۾ سي،
    رقيبن نه روڪي سگهي راهه عشق.

    هينئين تي هلي ڪين هاڻي حڪم،
    ٺڳيندو ٺڳي ويو ڪري ٺاهه عشق.

    اٿم آس ”شورا“ شفا جي مگر،
    چريو ٿيو وتان جو چکيم چاهه عشق.
    ***
    (15فيبروري 1992ع مسڻ وڏي)


      روح جي راڻي راجڪماري

    روح جي راڻي راجڪماري.
    توبن ڪونهي قلب قراري.

    گهورون گهائن منهنجي من کي،
    بي وس آهيان بي اختياري.

    تن ۾ تات طلب آ تنهنجي،
    روئندي مون آ رات گذاري.

    ڪيسيتائين ڪُهندي رهندئين،
    پاري وڃ اڄ پرت پياري.

    پرچي پئو ڇڏ ريت رسڻ جي،
    دل کي دلبر ڏي دلداري.

    ٻاجهاري کي ٻاجهه پوي ڪا،
    پري اسان کان ڪري خواري.

    ناهي خبر ڇا ٿيو آ مون کي،
    ”شورا“ منهنجي توبه زاري.
    ***
    (27 آڪٽوبر 1991ع مسڻ وڏي)


      تارا تبر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ

    تارا تبر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.
    نشتر نظرئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    ڪاڪُل ڪُنڍن ۾ ڪيئي ڪڙيا قريب تو،
    جورو و جبر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    آهُو چشم جا آهن گهايل گهڻا هتي،
    ابرو اثر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    مُرڪڻ کان وڌ نه مورهين مصري مٺائي ماکي،
    قھقھ قهر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    تنهنجي فراق ڦٽيو ڦارون ڪري هينئون،
    دل دربدر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    باهيون برهه جون ڀڙڪي ڀنڀٽ بنهه ٿيا،
    ٻارڻ جو ٻر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    ساوڻ سيارا سڪ ۾ گذري گهڻا ويا،
    هاڃا هجر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.

    ”شورو“ ڪُٺو آ قربن شايد ٿئي شهيد،
    ههڙو حشر ئي ڪافي ٻيا تير تون نه رٿ.
    ***
    (10 جنوري 1996ع ڳوٺ سومرو لغاري لڳ سريوال)


      حُسن سنديون هي سڀ تنويرون

    حُسن سنديون هي سڀ تنويرون.
    خواب محبت جون تعبيرون.

    دل ته منهنجي آئينو آهي،
    هيڪ تصور سؤ تصويرون.

    عقل و فهم جيڪي جوڙيون،
    ٽوڙيون عشق سڀئي زنجيرون.

    اڄ به آهي ناڪام تمنا،
    ڪيئي رانجها ڪيئي هيرون.

    وقت اچڻ تي ڪم نه اينديون،
    ڇا تدبيرون، ڇا تقديرون.

    آهون دانهون لُڙڪن لڙهيون،
    لفظ محبت جون تفسيرون.

    بنجي بگڙن، بِگڙن بنجي،
    هي تخريبون، هي تعميرون.

    جهنگ جبل يا صحرا ”شورا“،
    دُرويشن جون اِيءَ جاگيرون.
    ***
    (4 ڊسمبر 1984ع مسڻ وڏي)


      رهيو ڪين راڻو، رُسي ٿيو روانو

    رهيو ڪين راڻو، رُسي ٿيو روانو.
    ڪيو درد دلبر! دُکيءَ کي ديوانو.

    مُٺي هاءِ مومل انهيءَ مامري ۾،
    صبر سُک نه سنڀري، روئي رت روزانو.

    اٿئون اِي اوسيئڙو، عجيبا اچن شل،
    ڀوريءَ کي بنايو آ بَر ۾ بيگانو.

    واجهائي ويچاري وٺيو واٽ ور جي،
    اُجاري اچي سو اندر جو ايوانو.

    ڀلا ڀاڳ ڀايان جي ڀر ۾ بيهڻ ڏئي،
    پرين شال پرچن، زهر ٿيو زمانو.

    رکي ڪاش ڪامل قدم ڪاڪ تي اڄ،
    گولي ٿي گذاريان، پائي ڳچيءَ ڳانو.

    نه ڇن نينهن ناتو، نوازج نماڻي،
    ڪجان ڀال ڀيرو، بنائي بهانو.

    صبا! چئيج ساري سنيها سڄڻ کي،
    اٿم آس اها جي، جيسين آب دانو.

    رهڻ ڏيم راڻو پرين پنهنجي پاڙي،
    گهوريان گهوٽ تان هي ”شورا“ ڪُل خزانو.
    ***
    (14 اپريل 1981ع ٽنڊوالهيار)


      اَلائي عجيبن ڇڏيو ڇو وساري

    اَلائي عجيبن ڇڏيو ڇو وساري.
    رهن دور دلبر سندم دل ڌتاري.

    سندي درد دل جي ڏيان دانهه ڪنهن کي،
    اکيون آب هارين اهي سور ساري.

    نه ڪو نينهن نياپو مُڪو مون ڏي مُحبن،
    سِگهو پهچ سهڻا محبت ٿي ماري.

    سڄڻ جون سڪون ڪيئن ڏٺي لوڪ لهنديون،
    وڇوڙي ته ويتر وڌا واجهه واري.

    دنيا ۾ ته دلبر سوين ٿا سُجهن پر،
    جهلڪ ساڻ جاني جڏا ٿو جياري.

    اسان جو ته ارواح اٽڪيل اُتي آ،
    جتي سهڻو سينا سڙيل ٿو سُڌاري.

    ڪري ٽِنڊ ٽهلي ٽِلي ڊيل وانگر،
    مٺا ٻول ماکي ويهان ڪيئن وساري.

    جڏو هي جسم ڪيئن پُڄي پار پرين،
    نه ڪا سگهه، نه سواري، سِران بي سَهاري.

    صفا ڪين سرچي دلاسن سان دلڙي،
    پسي جي پرينءَ کي، اندر جو اُجاري.

    بني بند مون لئه دنيا ساري دلبر،
    گهڙيون سي گهنگهر جون ويندس نيٺ گهاري.

    مِلين مُحب مُرڪي، مرض ميٽجن مون،
    سڄڻ سينڌ سُرما سگهو اچ سنواري.

    وڃن درد دل جا ٿئي دم ڪو درشن،
    اندر جون اُڪيرون لهن اک اشاري.

    سلامت صحت سان هجن شل حياتي،
    ڳڙن ڳاڙها ڳوڙها، ٻي ڳڻتي ٿي ڳاري.

    تنهنجا ڳُڻ ۽ ڳالهيون ڳڻي ڇا ڳڻيندس،
    تنهنجي سونهن سوڀيا وڌو مُرڪ ماري.

    پُڄائيج پرور پرينءَ پار پل ۾،
    هلڻ جي همت ڪا ته ڏاتار ڏياري.

    خوشي خواب خوراڪ “شورا“ وڻي ڪيئن،
    جنهن جو هِت نه جاني جيڪو جيءَ جياري.
    ***
    (20 آگسٽ 1983ع ڳوٺ سومرو لغاري لڳ سريوال)


      جي لُڇان لڇندو رهان پيو، پر رقيبا تون نه رڦ

    جي لُڇان لڇندو رهان پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.
    جي ڪُسان ڪُسندو رهان پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.

    سِر ڏيَن سِرويچ ٿا جت عشق جي آهي اڏي،
    ڪونه آ بِسمِل ڪو بچيو، پر رقيبا تون نه رڦ.

    ٿي روا تو وٽ ريا پر سچ ته ڏيندو ساٿ مون،
    سچ سڙي مَچ ۾ ڀلي پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.

    هِمتون جن وٽ هيون، تن جي ئي ڪئي مولا مدد،
    پوءِ ٻُڏي يا ڪو تَري پيو پر رقيبا تون نه رڦ.

    قاصداڻي ڪار ڪانهي ڪيچ ڪا ڪڏهين رَسي،
    سِر مٿي سهندو رهان پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.

    جُرم جنهن جو عشق آهي، سو چڙهيو اڄ دار تي،
    تڙپندو تڙپي ڀلي پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.

    محبتي ”شورو“ ٿيو اڄ شرپسندن ۾ شمار،
    ڀل قلم ڪهڙو لڳي پيو، پر رقيبا تون نه رڦ.
    ***
    (22 جنوري 1996ع، 1 رمضان شريف 1416هه سومر، مسڻ وڏي)


      دم نه هو جو ڌار سو ٿيو ڌار قسمت کي چوان

    دم نه هو جو ڌار سو ٿيو ڌار قسمت کي چوان،
    مُنهن ويو مون کان مَٽي منٺار قسمت کي چوان.

    جو هينئين ٿوڻي هيو سو ويو ته هينئڙو هنڌ ناهه،
    حوصلو همت ويا هيڪار قسمت کي چوان.

    وڍ وڇوڙي جا مليا مون کي وفائن جي عيوض،
    جيءَ جڏي جو سو ٿيو جنسار قسمت کي چوان.

    دل سندم درخواست ڪئي ”دلدار جو درشن ٿئي“،
    عرض اُونائڻ بجا انڪار قسمت کي چوان.

    ڪيئن ڪجي ڌاران قريبن، قرب جي ڪنهن سان مقال،
    ويا وري ويتر مٿم ويچار قسمت کي چوان.

    در نه ڇڏبو دوست جو توڙي ڌڪينم توڙ تڪ،
    ساڻ ڌرڻي ٿو ٿئي ديدار قسمت کي چوان.

    وصل سان ئي ٿي ٿئي ”شورا“ شفا جيڪر ملي،
    پر نه آهي ڪو اڃا آثار قسمت کي چوان.
    ***
    (10 آگسٽ 1996ع مسڻ وڏي)


      مٺو آهي محبوب ڄڻ کير کنڊ

    مٺو آهي محبوب ڄڻ کير کنڊ.
    وري سونهن ۾ سرس چوڏهين جو چنڊ.

    خوشيءَ مان کنيا مون انهي جا انگل،
    ڪيو قلب قيدي آ محبت جي منڊ.

    نوان ناز تنهن جا ڏهاڙي ڏسان،
    وٺي ٿو زمانو ڏسڻ جو به ڏنڊ.

    پرين جي پَسان روح ريجهي پوي،
    رقيبن وڌي آ وڏي روڪ رنڊ.

    نبيرا ڪيا نينهن مون سان نوان،
    ائين جيئن اٽي کي پيو پيهي جنڊ.

    پرين سان نه پاڙي سگهياسون پريت،
    عقل ڇا ڪري؟ عشق آهي اهنڊ.

    رهاڻين ۾ ٿا روز چوندا رهن،
    گهڻو آهي ”شوري“ کي هُن تي گهمنڊ.
    ***
    (11آگسٽ 1996ع مسڻ وڏي)


      محتبي مسڪين سان مُرڪي ڪڏهن ملندو ته ڪر

    محتبي مسڪين سان مُرڪي ڪڏهن ملندو ته ڪر،
    وڇڙيل ويچاري سان ويهي کن پل ڪڏهن کلندو ته ڪر.

    تنهنجي سري ويندي مگر منهنجي نه ٿي ساعت سري،
    مهراڻ جان محبت ڀريون ڇوليون هڻي ڇُلندو ته ڪر.

    عيد جي چنڊ جان اوهان کي ڳوليان پيو ڳوٺ ۾،
    تون به ڪنهن تفريح جو حيلو ڪري هلندو ته ڪر.

    انتظاري ۾ اوهان جي، ويا ورهيه گذري گهڻا،
    هي هجر هاڃا ڪيا اهڙي هلت هلندو نه ڪر.

    نالي خدا اي نازنين ڇوٿو سِڪائين ڇڏ سِتم،
    سِڪندا پُنا سڪرات کي ڏک سور تن سَلندو ته ڪر.

    ”شورا“ شهنشاهن اڳيان ڪونهي ڪُڇڻ جي ڪا گهٽي،
    ماريل وڇوڙن جو آهيان نازڪ نهاريندو ته ڪر.
    ***

    25 آگسٽ 1996ع مسڻ وڏي


      مِٺي مُرڪ تنهنجي جڏا ڪَئين جياريا

    مِٺي مُرڪ تنهنجي جڏا ڪَئين جياريا.
    وڇوڙا ورهين جا ورائي وساريا.

    قرب جي ڪريو ڪا اسان تي عنايت،
    عنايت اوهان جي، اندر ڪَئين اُجاريا.

    صبح ساڻ سهڻن پسايو پري کان،
    اسان عشق ۾ ڄڻ الف بي اُچاريا.

    اُڃاريون اکيون ڪِيئن پهر پل ۾ ڍاپن،
    اسين اُلفتن جي اُليءَ مرض ماريا.

    ڪري قوت اکڙيون مُٺيون موٽي آيون،
    برهه جا ڀنڀٽ تِن ته ٻيهار ٻاريا.

    مسيحائي اهڙي نه موجود آهي،
    اڻيءَ ڪنهن جي اکڙين هُجن ڪي اُٿاريا.

    عرضدار ”شورو“ اڳيان شاهه عالم،
    ڪرم ٿئي ڪنگالن، قُرب جي قطاريا.
    ***
    10آڪٽوبر 1996ع مسڻ وڏي


      محبت جو وڪرو ڪري ڪين ڄاڻو

    محبت جو وڪرو ڪري ڪين ڄاڻو.
    اسان عشق اهڙو ڪري ڪين ڄاڻو.

    ڪيو ناز نخري کي نيلام جنهن آ،
    اسان محب اهڙو ڪري ڪين ڄاڻو.

    چپن کي چَٽي ٿا چوائين چاهت،
    اسان قرب اهڙو ڪري ڪين ڄاڻو.

    وڪامي چمي، چاهه، ڀاڪر ڀلي پر،
    اسان نينهن اهڙو ڪري ڪين ڄاڻو.

    سچي سڪ رکون ٿا سدائين سڄڻ جي،
    ٺلهو ٺاهه ٺاهي ڪري ڪين ڄاڻو.

    ڪڏهن ڪين ڪوڙن سان شامل ٿي ”شورا“،
    پرين جهڙو تهڙو ڪري ڪين ڄاڻو.
    ***
    11نومبر 1996ع مسڻ وڏي


      ڪري سينگار سُبحاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو

    ڪري سينگار سُبحاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.
    پسائي پاڪ پيشاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.

    گهٽيون گلزار بنجي ويون، جتان گذريو گوهر گهمندي،
    هئي هُٻڪار حيراني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.

    ڪيا ديدار دل وارن مگر ڍاوا نه ڍاپن پيا،
    نسوري نينهن نيشاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.

    ڀلا هِن طور تجلي جي ڪجي تعريف ڪهڙي سِٽ،
    نظارا نور نوراني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.

    مٿان ملڪوت مان مُرڪي ملائڪ ڄڻ لهي آيو،
    سُجهي تنهن جو نه ٿو ثاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.

    دوا دلبر ڪئي ڪافي شفا ”شورا“ ڏيندو شافي،
    نه ڪر ڪا پوءِ پريشاني سڄڻ اڄ سير تي سنڀريو.
    ***
    29 رمضان شريف 1417هه مسڻ وڏي


      دود دونهان دل اندر دلبر دُکايا اوچتا

    دود دونهان دل اندر دلبر دُکايا اوچتا.
    لوڪ ۾ جي هئا لڪل سي اڄ لکايا اوچتا.

    مچ مجازي جا مدامي ٻارهي ٻرندا رهيا،
    تان ڏٺي ساجن سَندي ٿي پيا سوايا اوچتا.

    سڪ سندا روزا رکيم پئي روز راڻل ڪاڻ پر،
    ديد ٿيندي عيد جا ايام آيا اوچتا.

    عشق جي کوري ۾ کامي جي پَچي ٿيا پاس هئا،
    سي مڙيئي ميڙي وري محبت ملايا اوچتا.

    جن جي ورثي ۾ وڇوڙا تائين ورهين پيا پلئه،
    عرض آزيون نيٺ ان جا اڄ اگهايا اوچتا.

    سوز سڪ ۾ سور سختيون جن سٺيون صبح و مسا،
    صاب پيا تن جا سڀئي لايا سجايا اوچتا.

    ڪي گهڙيون گڏجي گذارڻ ٿيون نصيبن سان نصيب،
    تان هجر حملو ڪري ويڇا وڌايا اوچتا.

    اوڏڙا آهين پر ٿيا ڏور ڏيهان ڏيهه ڄڻ،
    قسمتن جي قيد سي قابو ڪڙايا اوچتا.

    جن رکي هئي روز اول کان رقابت روح ۾،
    نيٺ سي ساڙو سڀيئي کِهه کپايا اوچتا.

    شائقن تي شوق ٿو شعله فشان هردم رهي،
    وِرهه وارن جا وڇوڙي وڻ وڄايا اوچتا.

    لطف لاثاني کپئي تان وڃ نه ويجهو کي وصل،
    توڙ تائين ڏک ڏسڻ ۾ سک سمايا اوچتا.

    دائمي دنيا نه رهندي درد ويندا دور ٿي،
    صبر ساڃهه ساڻ ملندئي ڦل ڦلايا اوچتا.

    هُت هلي ڏسجانءِ ”شورا“ جي وتن وڇڙيا هتي،
    خود خدا سي آخرت ۾ ڪِيئن گڏايا اوچتا!
    ***

    3 سيپٽمبر 1998ع بروز خميس مسڻ وڏي


    تصوير اڳيان تنهنجي ڏينهن رات رنو آهيان

    تصوير اڳيان تنهنجي ڏينهن رات رنو آهيان.
    تو آهي جدائي ڪئي ٿيو ڇورو ڇنو آهيان.

    تنهنجي آهي سري ليڪن منهنجي ڪين سري سهڻا،
    ڏينهن رات ڏکن ۾ ڄڻ ٿيو ڏنجهه ڏنو آهيان.

    ڏيئي پيار ڪري پنهنجو پوءِ ڇو آ وڇوڙيو تو؟
    ڏيان دانهن ڀلا ڪنهن کي جو ڇيهه ڇنو آهيان.

    ڏني تو آ سزا جيڏي، ناهي ايڏي خطا منهنجي،
    ڪجهه رحم ڪريو راڻا، جو ڇيڄ ڇنو آهيان.

    ايڏو ناز نه ڪر سهڻا، هِن حُسن جواني تي،
    سڀ فاني فنا تون مان، ڄڻ سڙيل پنو آهيان.

    ٺري نيڻ پون ”شورا“ جي پيارل پرچي پئي،
    پوءِ بوند بهاريءَ ۾ ڄڻ ڀيڄ ڀِنو آهيان.
    ***

    22 اپريل 2007ع آچر مسڻ وڏي


      ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، ڪنهن سان ڪريان هي حال دل؟

    ڪيئن ڪريان ڪيڏانهن وڃان، ڪنهن سان ڪريان هي حال دل؟
    تو بنان تڙپي پئي جا پرت ڪئي پائمال دل.

    هڪ برهه باهيون ٻريون ٻي بي قراري بيوسي،
    ٿي گذاري ان گهنگهر ۾ ڏينهن راتيون سال دل.

    پيو ڪريان تلقين تنهن کي صبر جي صبح و مسا،
    پر نه مورهين ٿي مڃي مجبور سا بي حال دل.

    جي مٺا مرڪي مِلين تان مون مِلن خوشيون خرار،
    هِن هنئين هورو لهي، ٿئي مفت مالا مال دل.

    سڀ سُڃائي سون چاندي، دولتون دارين پڻ،
    خوبرو خوش ٿي کلي تان خوب ٿئي خوشحال دل.

    اي سخي! ڪرڪا سخاوت هِن سُڃي سائل مٿي!
    فقر فاقھ فرقتن جي، آ ڪئي ڪنگال دل

    دل دليلن ۾ پئي، دلبر! دلاسو ڪو ته ڏي!!
    اڄ سُڀان جي آسري لئه پئي پَٽي هيءَ فال دل.

    وئي وڇوڙن ۾ وَهي ”شوري“ سِڪون پييون پلئه،
    وصل وائي واريين تان شاد ٿي پئي شال دل.
    ***

    26 اپريل 2007ع خميس مسڻ وڏي


    ڪالهه تنهنجي شهر ۾ اڄ به تنهنجي شهر ۾ 

    ڪالهه تنهنجي شهر ۾ اڄ به تنهنجي شهر ۾.
    ٿيو گدا گولو وتان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    گس گهٽيون گلزار گهمندي ڪين گهٽ گوندر ٿيا،
    سور سڀ سر تي سهان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    منتظر محبوب لئه ڪو دور کان درشن ٿئي،
    ڪين ڪجهه ڪي ٻيو ڪُڇان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    مُنهن مٽائيندين به ڪيسين؟ آسرو الله ۾!
    تنهن سهاري تي تڳان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    ناز نخرا نت نرالا نينهن وارن جا نوان،
    سي سڀئي کليو کڻان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    آگ اندر جي اُجهامي، وصل ٿئي جيڪر وري،
    ٻاجهه ڪر ٻانهون ٻڌان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    ڇو روا ٿي ريت؟ رب ڄاڻي ؟سدا پنهنجا ڪُهڻ،
    قرب ۾ تنهنجي ڪُسان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    اوچتو اڄ رهگذر تي، رب ڪري ٿيان روبرو،
    پاڪ پرور کان پنان پيو، اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    اچڻ جي آٿت ڏيو توڙي اشاري سان عجيب!
    سؤ شڪر ”شورا“ چوان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.
    ***
    3 مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    اچي منهنجي اڱڻ انور قريبا قرب ڪاريو اڄ 

    اچي منهنجي اڱڻ انور قريبا قرب ڪاريو اڄ،
    پساهه پورا ٿيڻ کان اڳ ڏيئي آٿت اٿاريو اڄ.

    سُڪن ساڙي ڇڏي سُڌ ٻُڌ نه همت حوصلو هاڻي،
    هلي هيڪر ٿيو حامي، اندر منهنجو اُجاريو اڄ.

    ٻڌي ٻانهون نمي نِوڙي ڪريان آزيون اوهان آڏو.
    سڪايل جو سهارو ٿي، سقيمن کي سنواريو اڄ.

    برهه بيمار بسمل کي ٻُڪي ٻاجهن ڀري ڏيئي،
    سِڪي سڪرات ۾ پهتل، سگهيرو سو سڌاريو اڄ.

    مٺا مجبور من تي مون، مجازن مچ مچن هر هر،
    ڀلا سُڌرن سوا تو ڪيئن؟ جڏا جيڪر جياريو اڄ.

    اگهايا عرض آگي مون، شڪر ”شورو“ ڪري هر پل،
    هينئين سان هل حقيقت ڏي، مجازي مام ماريو اڄ.
    ***
    4 مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    پرت پاريندي پلئه پيم سڪ سندو سودو سلف 

    پرت پاريندي پلئه پيم سڪ سندو سودو سلف،
    وچن وعدي سان وفاداري نه آ هلڪو حلف.

    سور سختيون پور پل پل، طعنه بازي تنهن مٿان،
    ان نبيري نينهن وارن جو ڪيو تن من تلف.

    ساٿ ۾ سچ جي رهن ٿا سڪ وندا سالڪ سدا،
    سادگي جن جي سڃاڻپ، ڪين ڪن ڪوڙو ڪلف.

    عشق وارن تي اچن ٿيون آزماشون امتحان،
    تن پڙهي پرتئون پٽي، هينئڙي هنڍايئون هڪ الف.

    ويا وجودان ورهه وارن، شوق شاهي، شادمان،
    هر گهڙي گوندر ۾ جن، سي ڪيئن گهمن دبئي گلف.

    تن ۾ تون هي تون تنوارين، خواب توڙي خيال ۾،
    عشق بس، ”شورا“ انين جو آب داڻو آ علف.
    ***

    11مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    نينهن وارن جي نياپي ساڻ ٿيا ناچاق، چاق 

    نينهن وارن جي نياپي ساڻ ٿيا ناچاق، چاق.
    من تان مونجهارو لٿو، ويتر وري ٿيا چاڪ، چاق.

    قاصدن واتان ٻُڌم، ڪوٺيو قريبن قرب مان،
    اُن کان وڌ اعزاز ڪهڙو؟ آهي احسن اتفاق.

    قاصداڻي ڪوٺ تي پنبڻيون بنائي پير ڪيم،
    وک وڌائڻ سان وري وڌندو ويو پئي اشتياق.

    ماٺ ۾ احوال اکڙين اوريو آڏو عجيب،
    مِڙ مُدعا منظور ٿي، کَر کي ڪيائين عاق عاق.

    محبتي مسڪين مخلص جو قدر ڪيڏو ٿيو!
    ٿو اَگهي اِخلاص اُت، جو نينهن ۾ ناهي نفاق.

    ٿي وري وحدت ڏي ڪثرت، جيئن ورن شمسي شعاع،
    ڪڍ نه لڳ ڪثرت جي ڪڏهن، وحده واحد وفاق.

    هيڪڙائي کي هينئين ۾ تون هنڊائج هر هميشه،
    لنئون لڳائج هيڪ سان، هِن هُن کي ڏي هڪدم طلاق.

    ڳاءِ ڳڻ بس هيڪ جا، ”شورا“ ڳلي هر ڳوٺ ۾،
    شرڪ شڪ شبهات ڄڻ محبوب سان آهي مذاق.
    ***

    19 مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    واهه جا ديدار ٿيا دلدار آيو اڄ اڱڻ 

    واهه جا ديدار ٿيا دلدار آيو اڄ اڱڻ.
    مرحبا صد مرحبا منٺار آيو اڄ اڱڻ.

    ڇا تڪي توري سگهان، جي اڄ مَٿم احسان ٿيا،
    ڄڻ وسائي وڏڦڙو وينجهار آيو اڄ اڱڻ.

    هٿ ڌريائين هانء تي ڄڻ هير ٺاريو هانء کي،
    موج ٿي مهراڻ جي مهندار آيو اڄ اڱڻ.

    سور سليم پور پليم، پرت پاريم پل پهر،
    غم لٿا غمگين جا غمٽار آيو اڄ اڱڻ.

    هنج هرڻ حورون پريون شايد ويون شرمائجي،
    جيئن مٺو محبوب مڻيادار آيو اڄ اڱڻ.

    خوبرو خوش ٿي مليو تان کر کريل کامي ويا،
    هيج حُب حُج مان هينئين جو هار آيو اڄ اڱڻ.

    شغل شادين شادمانن جا ويا واڄٽ وڄي،
    سؤ شڪر ”شورا“ اکين جو ٺار آيو اڄ اڱڻ.
    ***

    20 مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    در ڇڏي دلدار جو ٻئي در وڃڻ آهي عبث 

    در ڇڏي دلدار جو ٻئي در وڃڻ آهي عبث،
    محب هڪ سان محب ٻيو مهتر مڃڻ آهي عبث.

    دل جو دلبر هيڪڙو جنهن جي سمايم حُب هينئين،
    ٿيا نهارا نيڻ هڪ ڏي، ٻيو ڏسڻ آهي عبث.

    دوستي در درتي لائن، چلولا چئجن اهي،
    من اندر مائي محب ٿو ٻيو مَيَڻ آهي عبث.

    هيڪ جي در تي هجان، هر حال ۾ هر ڳالهه ۾،
    سُڻ سندم ستار، سائين ٻيو سَڃَڻ آهي عبث.

    روح ۾ جنهن جون رهاڻيون رات ڏينهن رچنديون رهن،
    سو مٺو مالڪ ڇڏي ٻئي کي مڃڻ آهي عبث.

    دل ۾ ڌارج ڪين دم ڪو هڪ خدا سان گڏ خودي،
    قلب تي ڪاراڻ ڪٽ اهڙو ڪسڻ آهي عبث.

    شوق ۾ ”شوري“ کي شعلا پيا لڳن، لڳندا رهن،
    پوءِ به پاري پرت پيو، ٻئي سان پرڻ آهي عبث.
    ***

    20 مارچ 2009ع مسڻ وڏي


    حسن وارن لئه هميشه جيءَ ۾ جايون جوڙ جوڙ 

    حسن وارن لئه هميشه جيءَ ۾ جايون جوڙ جوڙ.
    جوتڙي توکي تنين کان، تنهن کان توڙؤن توڙ توڙ.

    عشق ۾ افضل عبادت، سونهن جي سيوا سدا،
    جو رکي ٻيائي ٻنهي سان، تنهن جو ٻيڙو ٻوڙ ٻوڙ.

    نينهن وارن کان ته نفرت يا رُکائي جو رکي،
    ان مُئي مردود کان هر مهل منهنڙو موڙ موڙ.

    سڪ پريتن جا سبق سانڍي رکج سيني اندر،
    خوبرو لاءِ خوشي مان دل ۾ خيما کوڙ کوڙ.

    سان قريبن قرب قربت، کر ڏسي کامي ڀلي،
    پيو سڙي ساڙو سدا، سَرنديس فقط ڊڪ ڊوڙ ڊوڙ.

    ڇا لکي سگهندس ڀلا، تعريف تنهنجي شان ۾،
    خان جي خدمت اڳيان، هيءَ آهي رنڍا روڙ روڙ.

    قرب وارن جي قدم ۾ شل پُڄن ”شورا“ پساهه،
    پوءِ نه اُلڪو ٿئي عذابن ساڻ سيني سوڙ سوڙ.
    ***

    9 مارچ 2010ع


    تنهنجي عشق اندر آئون ڏينهن رات چريو آهيان  

    تنهنجي عشق اندر آئون ڏينهن رات چريو آهيان.
    تنهنجي ويندي سري سهڻا آئون ڪين سريو آهيان.

    ڏينهن چار حياتي آ، ايڏو ناز نه ڪر سهڻا،
    روئان راهه وٺي تنهنجي، جو قرب ڪڙيو آهيان.

    هي جور جدائي جو ٿو موت مثل ڀايان،
    منجهه باهه برهه جي مان، نُنهن چوٽي سڙيو آهيان.

    ڪريان عرض ٻڌي ٻانهون مڃ منٿ منهنجي مٺڙا،
    ڪر ڪين نڌڻڪو مون، تنهنجي پلئه پريو آهيان.

    تنهنجي شوق اندر ”شوري“ ڏٺا ڏينهن جدائي جا،
    ڪر هاڻ ڪرم تنهن تي، جو سڪ ۾ سڙيو آهيان.
    ***
    23 جون 2005ع مسڻ وڏي


    واٽ ورتي مون وفا جي، ڀل ٿئي هو بيوفا 

    واٽ ورتي مون وفا جي، ڀل ٿئي هو بيوفا.
    مِڙ مٿي منهنجي ميارون، جُٺ جبر جورو جفا.

    سور سوريءَ جي سزا جو، ساهه کي ڪي ساعتون،
    پر برهه بِسمل ٿئي ٿو ڪين ڪي سالم صفا.

    ياد آهن، ياد رهنديون، يادگيريون يار جون،
    ڪيئن وساريان قرب وارن جي ڪيا وعدا وفا.

    آسري ۾ آهيان اڄ ڪي سُڀان ايندا اڱڻ،
    رس رهاڻيون خوب ٿينديون، ڪين ٿيندا هو خفا.

    آه و زاري انتظاري بي قراري بي وسي،
    قرب ڌاران قربدارن، ڪين ٿئي ”شورا“ شفا.
    ***

    24 جون 2005ع مسڻ وڏي


    ڪالهه تنهنجي شهر ۾، اڄ به تنهنجي شهر ۾

    ڪالهه تنهنجي شهر ۾، اڄ به تنهنجي شهر ۾.
    هي گدا گولو وتي پيو، اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    تو مَٽيو منهڙو مِٺا مجبور مون مسڪين کان،
    مفت ۾ هاڻي مران پيو، اڄ به تنهنجو شهر ۾.

    ترس توکي ڪين آيو، تڙپندو تو لئه رهيس،
    وصل لئه واجهائيان پيو اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    ڪر ڪرم جي ڪا نظر محبوب مون مجبور تي،
    تنهنجي صورت لئه سِڪان پيو، اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    گس گهٽيون تنهنجون وٺيو رلندو وتان پيو روز شب،
    هجر هنجون هاريان پيو، اڄ به تنهنجي شهر ۾.

    قرب جو توکي قسم، ”شوري“ تي ڪر شفقت نظر،
    تنهنجون يادون ساريان پيو، اڄ به تنهنجي شهر ۾.
    ***

    6 آڪٽوبر 2007ع مسڻ وڏي


    وڌ مِٺائي کان مِٺو، نالو مِٺي جو آ مِٺو 

    وڌ مِٺائي کان مِٺو، نالو مِٺي جو آ مِٺو،
    ڪيئن ڀلا ڀايان مَٺو، جو اصل کان آهي مِٺو.

    خلقيون آهن خدا، چيزون چڱيون ڪيئي مِٺيون،
    پر مِٺي جي وڌ مِٺي، تنهن کان به وڌ آهي مِٺو.

    ڪيئن ڪڙو ڀايان ڀلا، جنهن لئه سِڪان صبح و مسا،
    هڪ نظر جيڪر نهاري، هر ڪڙو ٿي پئي مِٺو.

    وِرد وانگر اِسم اُن جو پيو اُچاريان عُمر ڀر،
    محبتي مذڪور جو لاشڪ لُطف آهي مِٺو.

    ڪير ٿو چئي؟ ڏور آهي بلڪ اوڏو کان اکين،
    سو سدا سامهون سَندم هُرندڙ هينئين آهي مِٺو.

    تِر مثل تنهن ۾ خدا خلقي ڪڙائي ڪينڪي،
    ها مگر ”شورا“ سَلوڻائي ۾ شامل آ مِٺو.
    ***

    9 مارچ 2010ع مسڻ وڏي


    مون سان ڪريو مدد ڪا، دل جي اٿم تلاش 

    مون سان ڪريو مدد ڪا، دل جي اٿم تلاش.
    هلندي هٿان هڻي ويا، دل جي اٿم تلاش.

    هينئڙي جو حادثو هيءَ پُر هولناڪ آ،
    کلندي کسي کڻي ويا، دل جي اٿم تلاش.

    دلدار ويو ڌتاري ديدار ساڻ دل،
    دم دم ملن دلاسا، دل جي اٿم تلاش.

    واري وٺڻ جا ور ور وريو ڪيان جتن،
    حيلو نه حُج هلي ڪا، دل جي اٿم تلاش.

    سرڪار سونهن آڏو اينديئي سر قلم،
    ڪريان به ڪهڙي دعويٰ دل جي اٿم تلاس.

    دانهيان به ڪنهن جي در تي، ڏسيوم ڏانءُ ڪو،
    ”شورا“ ڪريو شرع ڪا، دل جي اٿم تلاش.
    ***

    19نومبر 2009ع مسڻ وڏي


    اسان جي دل اوهان لاءِ سڪي ٿي يار سالن کان 

    اسان جي دل اوهان لاءِ سڪي ٿي يار سالن کان.
    ملڻ جي مِهر ڪريو ڪا، وڃون ٿا هاڻ حالن کان.

    ڦٽي ڦارون فراقن ڪِيو، هينئون سو هاڻ هنڌ ناهي،
    ڌري هٿ دل مٿي دلبر، بچايو جيءَ جنجالن کان.

    ڪتيون ڪي چيٽ چانڊوڪيون اوهان جي آس ۾ گذريون،
    وٺيو واٽون ٿو واجهايان، ڪريو وعدو وصالن کان.

    وڇوڙي واجهه ڪي واري وڌا هينئڙي کي هيڪاري،
    بچان ڪيئن برهه بازيءَ ۾، ڪشوڪش جي ڪشالن کان.

    سِڪُن ساڻو ڪيو تن من، نه هِن پاسي نه هُن پاسي،
    همت وئي هارجي هيڪر، چُرڻ چُستي جي چالُن کان.

    وصل واري ڪجو واهر ته ساڻا سَنڌ من سُڌرن،
    دريءَ مان دور ٿئي درشن ته نڪران ڏک ڏيوالن کان.

    پنهنجي پَر ۾ پڇيو هوندئي ته ڪهڙي حال ۾ ”شورو“،
    چيو هوندن چريو هاڻي ويو حالن حوالن کان.
    ***

    23 نومبر 2009ع مسڻ وڏي


    مٺا منظور مون کي آ، جي ماريندين، جياريندين 

    مٺا منظور مون کي آ، جي ماريندين، جياريندين.
    اڙي ڪهڙي اوهان سان جي اٿاريندين، ويهاريندين.

    ڪرڻ نفرت نفر سان، ايءَ مناسب مور ناهي ڪنهن،
    آهين بس راض جو راڻو روئاڙيندين، کلائيندين.

    ذڪر تنهنجو زبان تي ٿا مثل ڪنهن وِرد ورجايون،
    مگر مرضي مٺا تنهنجي وساريندين، اوساريندين.

    رهي جو دائما در تي مِثل دربان درٻاري،
    محب اهڙي ملازم کي، ڌڪاليندين، ڌِڪاريندين.

    حجت هستي نه هلندي ڪا حبيبن تي سندي هيڻن،
    ٻڏل کي عشق دريا مان، ٻوڙائيندين جي تاريندين.

    عمر ڀر التجائن ۾ رهيو بس رات ڏينهن ”شورو“،
    نوازش جي نظر ڪاري، نهاريندين، نڪاريندين.
    ***

    7 نومبر 2009ع مسڻ وڏي


    ڪو دوا جي آسري ۽ ڪو دعا جي آسري 

    ڪو دوا جي آسري ۽ ڪو دعا جي آسري.
    مان ته زنده ٿو رهان بس دلربا جي آسري.

    ڀاڳ ٿئي جيڪر ڀلو، يا ڪو ملي مون تاج تخت،
    هٿ کڻان هيڪر سڀن تان هڪ ”ادا“ جي آسري.

    راڄ ۾ ڪيئي رهاڻيون روز پيون رچنديون رهن،
    مجلسن کان مُنهن ڦيريم مَهه لقا جي آسري.

    ڪي سياسي يا سماجي پارٽيون پييون سُجهن،
    جي پليا منجهه پرت نگري سي ”پيا“ جي آسري.

    ڪوئي ڪنهن جو ڀرجهلو، ۽ ڪو اجهو ڌار ڪنهن،
    پيو پريتون پاڙيان وعدي وفا جي آسري.

    ڪنهن شفا خانه ۾ ڪونهي شوق وارن لئه شفا،
    ٿو رهي شب روز ”شورو“ هِن شفا جي آسري.
    ***

    18 نومبر 2009ع مسڻ وڏي


    دلربا دلدار دلبر، آهي بي شڪ بي نظير 

    دلربا دلدار دلبر، آهي بي شڪ بي نظير.
    سونهن جو سردار سرور، آهي بي شڪ بي نظير.

    ڪيئن نه ڪريان ناز، توتي حُسن کي ڀي ناز آ،
    وئين کڻي تون ”ناز نمبر“، آهي بيشڪ بي نظير.

    چنڊ سان ڀيٽيان به ڪيئن؟ جو آهه چهرو چيز اور،
    حُسن ۾ ٿئي ڪين همسر، آهي بيشڪ بي نظير.


    ڄڻ ته ڪوئل جي ڪَويتا، ٻول مٺڙا محب جا،
    وڌ مٺا ماکيءَ کان ويتر، آهي بيشڪ بي نظير.

    ٽور جنهن سان ٿو ٽِلي، تان مور پيا شرمائجن،
    ڪيئن ڀلا ڪو ٿئي برابر، آهي بيشڪ بي نظير.

    پَٽ پشم ڇا گل گلابي کان به نازڪ نازنين،
    خوب خوشبوءِ ۾ به خودسر، آهي بيشڪ بي نظير.

    دل دعائون پئي گهريون ڪو وصل جو وارو وري،
    سي اگهايون پاڪ پرور، آهي بيشڪ بي نظير.

    اڄ سڀان آيا ڪي آيا، هير هوڪو ڏيئي هلي،
    سچ ٿيو ثابت سراسر، آهي بيشڪ بي نظير.

    شان ”شوري“ جو وڌي جي اڄ اچين منهنجي اڱڻ،
    غم لهي، ٿيان خوب خوشتر، آهي بي شڪ بي نظير.
    ***

    24 فيبروري 2010ع مسڻ وڏي


    هم جنس هڪ جيڏن ۾، تون بي نظير آهين! 

    هم جنس هڪ جيڏن ۾، تون بي نظير آهين!
    تنهنجو نظير ڪونهي، تون بي نظير آهين!!

    مُلهه مُرڪ جو ڪَٿيان ڪِيئن؟ آهي عجب اَملهه سا،
    دل جي دنيا جو دلبر ماه مُنير آهين.

    نيڻن نهوڙيو ويتر، ٽهڪن وڌا ٽاڪوڙا،
    اهڙو امير ڪونهي، جهڙو امير آهين.

    هلڻي ڏسي حبيبن، مورن کي مَرَم ماريو،
    ڪو ڪيئن چوي چوي ڀل، منهنجو ته مير آهين!

    محبوب جي ملڻ سان کرکار ۾ سڙي ويا،
    سڙندا رهن سدائين، تن لاءِ تير آهين.

    کر کي چيوم کولي، سنسار ڀل سُڻي پيو،
    ”تنهنجو ضمير ڪونهي، تون بي ضمير آهين!“

    جيئري نه ڪر جدائي، تو بِن تڳي نه سگهبو،
    آهين سندم سهارو، سهڻا سرير آهين.

    ميلا مِٺي سان آهن، ”شورو“ ڪري شڪر پيو،
    قائم رهي ڪچهري، قربن ڪثير آهين.
    ***

    29 نومبر 2010ع مسڻ وڏي


    هڪ نظر مون ڏي ڏسڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو 

    هڪ نظر مون ڏي ڏسڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو،
    گهور ڏيئي گهونگهٽ هڻڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.

    ڪين جهڙي مون ڪريل سان ڪرم ڏس ڪيڏو ٿيو،
    پيار ڏيئي پنهنجو ڪرڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.

    پئي ٿڙيس تنهائي تنها پرت جي منجهه پيچري،
    تنهن رليل کي راهه ڏسڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.

    ويا لڳي پهرا جڏهن منهنجي نظر تي پوءِ به تو،
    اک اشاري ۾ سلڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.

    دربدر هو جو ڌڪاريل ديس ۾ پرديس ۾،
    نينهن جو ناتو نڀائڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.

    شفقتون ”شوري“ مٿان آهين بي حد بي شمار،
    پر اڱڻ تي پير پائڻ سان تو وڏو ٿورو ڪيو.
    ***

    1جولاءِ 2010ع مسڻ وڏي


    جي نه ملندين جيءَ جيارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون 

    جي نه ملندين جيءَ جيارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون؟
    عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون، اڄ ديد اکڙيون ڪيئن ڪنديون؟

    هر طرف ماڻهن ۾ خوشيون ۽ خريداريون ڏسان،
    جي نه ملندين تون پيارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون؟

    پلنگ پئي پئي ٿيا پراڻا، کيهه کٽن تي تو بنان،
    اچ سگهو ساجهر سوارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون.

    روح پيو ريهون ڪري، ٿو رند وٺيو روئان رڙان،
    ٿا ٻرن ٻارڻ ٻپهرا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون.

    اڄ ملي وڃ عيد جاني، ٿئي متان ”شورو“ شهيد،
    عشق جا اڌما، اُلارا، عيد اکڙيون ڪيئن ڪنديون.
    ***

    31 اگسٽ 2011ع مسڻ وڏي بموقع عيد الفطر 1 شوال 1432هه


    عقل اُمالڪ ويو اڏامي، عشق جڏهن کان ٿيو هَسوار 

    عقل اُمالڪ ويو اڏامي، عشق جڏهن کان ٿيو هَسوار،
    شوق جي شينهن بهادر کان ڪئي فهم فراست راهه فرار.

    باب برهه جا پڙهندي پئون سٽ، ڏاهپ جا ويا ڏس وسري،
    سک صبر ساڃاهه وئي سڀ، مَت شرم تي پيئي مار.

    مام مجازي مست بنائي، عهد الستي آ ورجايو،
    عابد زاهد مُلا قاضي! مون تي ڇوٿا ڪريو ميار.

    روڪڻ جي ٿو چاهين ناصح! حسن جي جلون کي تون روڪ،
    عشق آهي مجبور اصل کان، ڇو ٿو کائين اُن تي کار.

    برهه جي بازي جان جو جوکو، ڪير کٽي؟ ڪو هارائي؟
    ٻاراڻو هي کيل نه آهي، وِرهه وارا سڀ وهم وسار.

    عشق سراسر مدهوشي آ، عُذر اهو ئي معذوري آ،
    قلم خدائي ڪين ڪري ٿو، معذورن تي ڪائي ميار.

    شرع کان ”شورو“ ٻاهر ناهي، مدهوشي ۾ معافي آهي،
    ڪافر مُشرڪ تنهن کي ڪوٺي، مفتي ڇو ٿو ٿئي خوار.
    ***

    21 فيبروري 2011ع


    دل جو ويرانو نه ٿئي، دلبر سوا آباد شاد 

    دل جو ويرانو نه ٿئي، دلبر سوا آباد شاد.
    هٿ هجي هٿ ۾ حبيبن، تان ٿئي دل شاد شاد.

    سڪ سڄڻ جي ساهه منهنجو آ صفا سوگهو ڪيو،
    گهُٽ اندر گهُٽجي متان ٿيان بي سبب برباد باد.

    طلب تنهنجي آهه تڙپايو طبيبا موٽ تون،!!
    جي پُڇڻ پيارا اچين، پڪ ٿي پوي ناشاد، شاد
    .
    دربدر دلدار تو لئه ڳوٺ توڙي شهر ۾،
    گس گهٽيون گهر گام ٽنڊو، ميرپور، حيدرآباد.

    پيا رهون ٻئي ڳوٺ ۾ گڏ، پوءِ به آهيون ڌار ڇو؟
    قيد ۾ قابو گذاريان، تون گهمين آزاد زاد.

    پيار جي هن پوک پويان پئي ڦِري ماڪڙ مُٺي،
    دل دعاگو آهه دائم، عشق هوئي آباد باد.

    شوق ”شوري“ کي ڪيو آ رِڻ جو راهي رُڃ اندر،
    اُڃ عجيبن جي سبب کان، پيو ڪري فرياد ياد.
    ***

    22 نومبر 2012ع مسڻ وڏي


    هڪ چهرو جو چشم خواب ۾ هو

    غير سنڌي غزلن جو منظوم سنڌي ترجمو

    هڪ چهرو جو چشم خواب ۾ هو.
    عڪس اُن جو هر هڪ گلاب ۾ هو.

    سک جا سپنا هئا ان جي اکين ۾،
    ڏک ته سارو منهنجي حساب ۾ هو.

    ساٿي به پنهنجي بي رُخي کانپوءِ،
    مبتلا خود به هڪ عذاب ۾ هو.

    هڪ فسانو جنهن کي چون ٿا چاهت،
    نامڪمل هر هڪ ڪتاب ۾ هو.

    نشو جو هُن جي اکين ۾ هو ”شورا“،
    سو ڀلا ڪڏهن ڪنهن شراب ۾ هو؟!
    ***
    8 اپريل 1984ع ڳوٺ سومرو لغاري لڳ سريوال


    زخم دل بنجي ته ڏس، خون جگر بنجي ته ڏس 

    زخم دل بنجي ته ڏس، خون جگر بنجي ته ڏس.
    ڪنهن اڪيلي جو ڀلا تون همسفر بنجي ته ڏس.

    ٿي سگهي تان رات هڪڙي ڪنهن جي راحت لاءِ تون،
    ساز دل بنجي ته ڏس، تارِ نظر بنجي ته ڏس.

    شمع پروانه جي اُلفت پاڻ پهرين تون پروڙ،
    پوءِ محفل ۾ وڃي خود بااثر بنجي ته ڏس.


    جو اڃا طوفان، ساحل کان نه آهي آشنا،
    پاڻ ان جي زندگي جو بحر و بر بنجي ته ڏس.

    ناهه ٻيو الفت سَندو تعبير ڪو هن کانسواءِ،
    دوستن جو باوفا ٿي عمر ڀر بنجي ته ڏس.

    جي گهريئي جلوا جواني جا مگر سي ويئي ملي،
    هاڻ ڪنهن جي دل ڦٽيل جو چاره گر بنجي ته ڏس.

    هو رُنا هئا رات ساري، ماٺ ۾ جيئن ماڪ روئي،
    پنهنجي يادن ساڻ ڪنهن جي چشم تر بنجي ته ڏس.

    ڪوئي ڳائي ٿو غزل هر رات چانڊوڪي اندر،
    پاڻ اُن جي واسطي رشڪ قمر بنجي ته ڏس.

    پوءِ ڪنهن جي ”پاڪ آشا“ کي ڪجان روشن مگر،
    پهرين ”شورا“ پاڻ خود پنهنجي سحر بنجي ته ڏس.
    ***

    8 مئي 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري


    اکين ۾ چند لڙڪ لڪائي کڻي تون هل 

    اکين ۾ چند لڙڪ لڪائي کڻي تون هل،
    هن موتين کي شهر کان ٻاهر کڻي تون هل.

    هر هر ديار گل ٿو آواز ڏئي اسان کي،
    انهي گليءَ مان خاڪ جو پيڪر کڻي تون هل.

    هن ترڪ ميڪشي جي هجي ڪائي يادگار،
    ٽوڙيو آ جنهن کي تو ته سو ساغر کڻي تون هل.

    نذرانهءِ وفا آ نمائش کان بي نياز،
    ناهي ملڻ گلن جو، پٿر کڻي تون هل.

    هن بيوسي جي شام جو ڪجهه سير ئي سهي،
    پاڻيهي پنهنجو پاڻ سر محشر کڻي تون هل.

    ڪونهي ڪُڇڻ جي ”شورا“ ڪائي ڪٿي گهٽي،
    هن انجمن مان حرف مڪرر کڻي تون هل.
    ***

    9 مئي 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري


    رهيو وڄ جي وڪڙ ۾ آهي، منهنجو آشيان ورهين

    رهيو وڄ جي وڪڙ ۾ آهي، منهنجو آشيان ورهين.
    وٺي پيو گردشِ دوران منهنجو امتحان ورهين.

    عتاب دشمنان ورهين، جفاءِ دوستان ورهين،
    گهڻا سهندي رهي صدما هي جانِ ناتوان ورهين.

    جنهن کي سمجهيو چمن وارن هو پنهنجو پاسبان ورهين،
    انهي ظالم لٽيو آهي سُڪونِِ قلب و جان ورهين.

    اڃا ڀي شمع محفل بي خبر آ، هن حقيقت کان،
    ته پروانه جي ڪيريءَ مان اُٿن شايد دونهان ورهين.

    سحر بي نور، شب تاريڪ، نقشِ راه ناپيدا،
    وتن ڪي ڀٽڪندا اونداهين ۾ ڪاروان ورهين.

    گلستانِ تمنا جو ته مقدر ڀي ڏسو يارو!
    بهارون چند گهڙين لئه، وري عهدِ خزان ورهين.

    ستم پيشه زمانه ۾ به سرِ دلبران ”شورا“
    ٻڌايو ٿئون باندازِ حديث ديگران ورهين.
    ***

    27 مئي 1984ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    رات ڏينهن حوا جي ڌيئر جي حيا نيلام ڏس

    رات ڏينهن حوا جي ڌيئر جي حيا نيلام ڏس.
    واٽ هر ڪنهن تي زليخا جي وفا نيلام ڏس.

    ڪن ڳلن ڳاڙهين مٿان ٽهڪن سندا گرد و غبار،
    لاله و گل جي لباسن ۾ حيا نيلام ڏس.

    هڪ طرف زهره بدن موڙي ڪَرون آهن اُٿيون،
    ٻئي طرف صوفي ۽ مُلا جي قبا نيلام ڏس.

    زاوين تي زاويا ڪِيا رقص ۾ زهره جبين،
    اڻ ٽڙيل مکڙين سندي هت هر صدا نيلام ڏس.

    هن طرف آ جامع مسجد ۾ بانگ حي عل،
    هُن طرف بازار ۾ خوف خدا نيلام ڏس.

    حسن اڳيان عشق جا آهين ”خادم“ کيل ڪَئين،
    عاشقن جي دل سچي سان هر دعا نيلام ڏس.

    شعر ”شوري“ جو پڙهن ٿا شوق وارا شوق سان،
    پر قدر ڪونهي ڪٿي سو اڄ صفا نيلام ڏس.
    ***

    12آگسٽ 1984ع ڳوٺ ڦل شورو ميرپور ساڪرو


    باغ باقي آهي باغبان نه رهيو

    باغ باقي آهي باغبان نه رهيو.
    پنهنجي گلشن جو پاسبان نه رهيو.

    تنهنجا مشتاق ڀلا وڃن ڪيڏانهن،
    جو ڪوئي سنگ آستان نه رهيو.

    آهي ڏاچي اڃا ليليٰ جي روان،
    هونگار وارو سو ساربان نه رهيو.

    قافلو ته رهي ٿو هلندو مگر،
    هاءِ! اُهو مير ڪاروان نه رهيو.

    روح زنده آ مرد مومن جو،
    پر جو هت هو اڳي سو عيان نه رهيو.

    هيءَ نصيحت بجا آهي ”شورا“ پر،
    ڪيئن ٻُڌان جو قرار جان نه رهيو.
    ***

    8 سيپٽمبر 1984ع مسڻ وڏي


    چنڊ نڪري ايندو اعتبار ته ڪر

    چنڊ نڪري ايندو اعتبار ته ڪر،
    روشني به ٿيندي انتظار ته ڪر.

    عشق ساڻ سونهي ٿي هر جيون،
    دل لڳائي هي ڪاروبار ته ڪر.

    ڪَن ريس مٿئي آسمان وارا،
    صحرا کي سگهو ائين پار ته ڪر.

    آهين جي رياضيءَ جو ڄاڻو،
    منهنجا به زخم هي شمار ته ڪر.

    سوز آواز جو سهڻو سنگم،
    عشق مذهب ڀلا اختيار ته ڪر.

    آهي پيار ڪرڻ جي جرم هتي،
    اهڙي ”شورا“ خطا بار بار ته ڪر.
    ***

    17سيپٽمبر 1984ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    آئون ڇو چوان ته هتان ۽ هتان کان پيئان ٿو

    آئون ڇو چوان ته هتان ۽ هتان کان پيئان ٿو.
    هميشه آئون ته تنهنجي نظر مان پيئان ٿو.

    چانڊاڻ جا وکري وئي دل جي اڱڻ ۾،
    چنڊ رات ۾ آئون رشڪ قمر مان پيئان ٿو.

    ڪڏهن جي يار جي يادن جو ڪجهه خمار لٿو،
    گهرائي گهرائي آئون باد سحر کان پيئان ٿو.

    شبِ فراق ۾ مون کي جا غنودگي آئي،
    ترش تلخين سان ٻڏل نيشتر مان پيئان ٿو.

    زمانه وارن کي هن جي خبر ناهي شايد،
    دوا جي آڙ ۾ آئون چاره گر کان پيئان ٿو.

    اهي رند آهن جو ميڪده مان پيئن ٿا،
    جنهن کي سليقو آ اهڙي بشر کان پيئان ٿو.

    اي دوست! ”شوري“ جي ميڪشي تي ايترو ته نه جل،
    سوال توکان آهي ته ڇا؟ تنهنجي گهر مان پيئان ٿو.
    ***

    30 نومبر 1984ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    کوليو نه دوستو! لبِ اظهار ماٺ ماٺ

    کوليو نه دوستو! لبِ اظهار ماٺ ماٺ.
    کسجي وئي آ جرئتِ گفتار ماٺ ماٺ.

    هو ٿا چون ته اِذنِ تڪلم اڃا نه آ،
    روڪي نه سگهبي وقت جي رفتار ماٺ ماٺ.

    سقراطِ وقت آهين ته پيءَ زهر ماٺ جو،
    منصور آهين؟ ڪر نه سرِ دار ماٺ ماٺ.

    هن دؤر بي قدر ۾ يوسف نه آهه ڪو،
    سوني سڄي آ مصر جي بازار ماٺ ماٺ.

    ”شورا“ چيو هو ڪنهن شيشه گرن کي هيئن،
    ٻڌندي شڪست جام جي جهنڪار ماٺ ماٺ.
    ***

    3 ڊسمبر 1984ع مسڻ وڏي


    توهان سان مشورو ضروري آ

    توهان سان مشورو ضروري آ،
    ورنه جيئڻ جي ڳالهه اڌوري آ.

    کلي ٿو لوڪ ميخوارن تي ڇو؟
    اهو به اظهار بي شعوري آ.

    ستارن سان دل به وندري پئي،
    هاڻي حضوري جو رنگ دوري آ.

    دل جي کسجڻ جو ايترو افسوس،
    اي منهنجا دوست! ڇا ضروري آ.

    خبر ناهي ”شورا“ اسان ڇا آهيون؟
    ڪوئي خاڪي آهي ته ڪوئي نوري آ.
    ***

    5 ڊسمبر 1984ع مسڻ وڏي


    بحر بر کي ڳولجي شمس و قمر کي ڳولجي

    بحر بر کي ڳولجي شمس و قمر کي ڳولجي.
    پر انهي کان اڳڀرو دل جي ننگر کي ڳولجي.

    اَرڙ جي زهرن سندو ترياق آ جنهن جو لُعاب،
    زندگي جي راهه ۾ اهڙي بشر کي ڳولجي.

    منزلِ مقصود تي هر شيءِ ميسر آ مگر،
    ڪاروان لاءِ قوي ڪنهن راهبر کي ڳولجي.

    ٿيو منهنجو اعزاز آ، توهين رسوائي رڳو،
    تنهنجي در جي شام ملنديئي سحر کي ڳولجي.

    ٿيو جڏهن کان درد خود دل جو معالج دوستو!
    دوستن آ فرض ڀانيو چاره گر کي ڳولجي.

    چشم دنيا ۾ تماشو آهين تون ”شورا“ بنيو،
    تنهنڪري ئي پنهنجي در کي پنهنجي گهر کي ڳولجي.
    ***

    17 ڊسمبر 1984ع مسڻ وڏي


    رات هن کي به خواب ۾ ڏٺم

    رات هن کي به خواب ۾ ڏٺم.
    جنهن کي هر دم حجاب ۾ ڏٺم.

    ان کي ڏسڻ لئه چنڊ ڀي آيو،
    اهڙي شهرت نقاب ۾ ڏٺم.

    ڏسنديئي سڀ ڪي ويو وسري،
    زندگي کي اضطراب ۾ ڏٺم.

    آئون ته گم ٿيس خوابن ۾ اهڙو،
    جو خواب جي خواب کي خواب ۾ ڏٺم.

    اڃا به خمار اٿم هن جي يادن جو،
    اهڙو نشو نه ڪنهن شراب ۾ ڏٺم.

    توهان کي ٻڌائي ڪيئن ”شورو“
    ته مون ڇا ڇا شباب ۾ ڏٺم.
    ***

    4 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    ڪِرڻن کي آفتاب بنائي رهيو آهيان

    ڪِرڻن کي آفتاب بنائي رهيو آهيان.
    انڌن ۾ شمع فڪر جلائي رهيو آهيان.

    لکندو رهيو آن مهرو وفا جون حڪايتون،
    افسانهء حيات ٻڌائي رهيو آهيان.

    چوندو رهيو آن گردش دوران جو داستان،
    ويتر ئي پنهنجو پاڻ گهٽائي رهيو آهيان.

    ناهي اُميد ڪڏهن مون کي انهن ۾ ڪا،
    جن دوستن جو درد ونڊائي رهيو آهيان.

    هن ڪشمڪش ۾ اينديون رهن ٿيون آفتون،
    يارانِ همنشين کي سڏائي رهيو آهيان.

    دل ۾ تڙپ، اکين ۾ لڙڪ، چپن تي آهه،
    هونئن به دعا لئه هٿڙا کڻائي رهيو آهيان.

    ارباب اقتدار جي شاهانه ٺاٺ کي،
    آهُن جي ٺوڪرن سان اُڏائي رهيو آهيان.

    هن قوم جي افراد کي ”شورا“ سدائين مان،
    تن بزدلن کي مرد بنائي رهيو آهيان.
    ***

    8 جنوري 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    آزمايل کي وري آزمائي نه سگهياسون

    آزمايل کي وري آزمائي نه سگهياسون.
    نئين زخم سندو سور سڻائي نه سگهياسون.

    اکيون ئي اکين کان ته پُڇڻ لڳيون ليڪن،
    دل جو حال اسان توکي سڻائي نه سگهياسون.

    ساري عمر آس هئي، اڱڻ اچين مون،
    تون جي ملئين ته پوءِ مسڪرائي نه سگهياسون.

    سُکن جي سڌن ۾ ويا سال لنگهي ڪَئين،
    مگر پاڻ کي ڪو بار کڻائي نه سگهياسون.

    خواب هو، يا سوچون هيون يا صرف خيال،
    اڄ تائين اسان جنهن کي ڀُلائي نه سگهياسون.

    باغن جي هيڊين ٽارين تي اُهي گل،
    ڇا ڪنهن نه ڏٺا؟ جن کي ٽڙائي نه سگهياسون.

    جيئن به گذري، گذاري سون اي ”شورا“
    ڇا ٿيو جي پنهنجو پاڻ کلائي نه سگهياسون.
    ***

    9 جنوري 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن

    ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن،
    وفا جي دنيا جي نظارن ۾ تون آن.

    ڪريان غم جي تهذيب جي ڇا لئه شهرت،
    منهنجي دل جي بس رازدارن ۾ تون آن.

    ستمگر ستم ٿو ڪري هر قدم تي،
    آهي ڪو به جي غمگسارن ۾ تون آن.

    منهنجي ڳالهه سمجهين ها اي دوست ڪاش!
    ڪناين ۾ تون آن، اشارن ۾ تون آن.

    منهنجي عشق مان هي ته واضح ٿيو آ،
    ته جڳ جي حسن ماهپارن ۾ تون آن.

    زبان تي آ جو نانء هردم توهان جو،
    منهنجي سوچ جي تيز ڌارن ۾ تون آن.

    تڏهن تان ٿيو مطمئن آهه ”شورو“،
    فقط هڪ پيارو، پيارن ۾ تون آن.
    ***

    30 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    هميشه رهيون آهن توکي شڪايتون ڪيئي

    هميشه رهيون آهن توکي شڪايتون ڪيئي.
    اڃا ته ڪرڻيون آهن توسان حڪايتون ڪيئي.

    تنهنجي وصال جي خواهش ته صرف خواهش هئي،
    طلب جي راهه ۾ آيون قباحتون ڪيئي.

    زندگي مسلسل سفر آهي جاري،
    جيون ۾ آهن هر طرف مسافتون ڪيئي.

    دمِ وصال هئي دل جي ڌڙڪن عجب ليڪن،
    توهان جون هيون مون تي عنايتون ڪيئي.

    هتي ڪنهن کي به ٻڌڻ جو حوصلو ناهي،
    اسان جي دل ۾ ٿيون برپا قيامتون ڪيئي.

    ڏکن جو بوجهه، ”شورا“ شڪست، محرومي،
    اسان جي حصي ۾ آيون وراثتون ڪيئي.
    ***

    6 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    دل منهنجي دنيا کان ڇو بيزار آ

    دل منهنجي دنيا کان ڇو بيزار آ.
    هر ڪلي منهنجي نظر ۾ خار آ.

    بي تعلق مان زماني کان آهيان،
    ڇو زمانو در پئي آزار آ.

    بي وفا جي ڇو ڪجي هر دم تلاش،
    ڇو پريشان منهنجي دل خوددار آ.

    ياد ڪنهن جي اوچتو تڙپايو،
    ساهه مون کي ٿيو کڻڻ دشوار آ.

    دل جي اکين ساڻ ”شورا“ تون به ڏس،
    ذرو ذرو عالم اسرار آ.
    ***

    9 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    مون کي حياتي ملندي، قاتل قضا کانپوءِ

    مون کي حياتي ملندي، قاتل قضا کانپوءِ.
    ٿي ابتدا اسان جي تنهنجي انتها کانپوءِ.

    لذت نه ٿيندي حاصل ڪا عشق ۾ اڃا،
    ايندو آ لطف جرمِ تمنا سزا کانپوءِ.

    توسان مقابلي جي طاقت نه آهي ڪنهن،
    منهنجو لهو به لال آ تنهنجي حنا کانپوءِ.

    غيرن تي لطف آهي مون تي نه ٿي مهر ڪا،
    اهڙو سلوڪ ٿيو آ عذرِ حيا کانپوءِ
    .
    ممڪن آ دانهن درد جي رُڪجي وڃي مگر،
    مون تي وفا جي آهي تقاضا جفا کانپوءِ
    .
    او تون عنايتن جون مون تي رهن مدام،
    ڳولي نه سگهبو ڪوئي سهارو خدا کانپوءِ.

    آسُن جي شهر ۾ اڄ ”شورا“ نه ٿي لڄي،
    هَل مِن مزيد چئي ٿي رحمت دعا کانپوءِ.
    ***

    14 جولاءِ 1985ع مسڻ وڏي


    بلبل آ گسلتان ۾ پروانو انجمن ۾

    بلبل آ گسلتان ۾ پروانو انجمن ۾.
    هرڪو ته ٿيو ٺڪاڻي، ناهيون اسان وطن ۾.

    صياد باغبان سان ڪڏهن نه ٿيس ڪڙو،
    جهڙو رهيس قفص ۾ تهڙو رهيس چمن ۾.

    آڪاش جي پلئه کي تارن سان ڪهڙي نسبت،
    آهن چتيون چتين تي منهنجي به پير هن ۾.

    هاڻوڪا ۽ اڳوڻا احباب مختلف ڏس،
    ايڏو فرق آ جيڏو رهبر ۽ راهزن ۾.

    اي باغبان توکي هوندي اها خبر،
    آيس جڏهن چمن ۾ ڪجهه ڪين هو چمن ۾.

    سوني سڄي آ محفل، محفل ۾ تون به وڃ،
    ايندا بنان شمع ڪيئن پروانا انجمن ۾.

    ديدار آخري تي ”شورا“ اهي رُنا،
    آين وفائون ياد مُنهڙو ڏسي ڪفن ۾.
    ***

    10 فيبروري 1986ع هاءِ اسڪول نمبر ون ٽندو ڄام


    نه ٿو اچي ڪوئي، نه اچي خطادار جي در تي

    نه ٿو اچي ڪوئي، نه اچي خطادار جي در تي.
    رحمتون ڊوڙنديون اينديون گنهگار جي در تي.

    آئون مڃان ٿو ته تهي دست عمل آهيان ليڪن،
    سؤ بهانا منهنجي بخشش جا آهن غفار جي در تي.

    هن کي حسن جو نشو، هن کي جواني جو خمار،
    عجب نمونه سان آهي ميخوار ٻئي ميخوار جي در تي.

    ڪنڌ ڪپين ته ڪپي وٺ، گلو گهٽين ته گهٽي وٺ پر،
    قيد بلبل کي نه ڪر تون ڪنهن گلزار جي در تي.

    سکيو رهي يا ڏکيو رهي جيئن به رهي،
    زندگي ساري گذري سندم دلدار جي در تي.

    مٺين ڳالهين تي نه لڳجان جو سراسر آ دوکو،
    ڪجهه ناهه حرص وهوس کانسواءِ اغيار جي در تي.

    نااميدي کي ”شورا“ ڪڏهن به نه وڃ ويجهو،
    کوٽ ڪنهن ڳالهه جي آ قادر و مختار جي درتي.
    ***

    11 جنوري 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري سريوال


    چمن کي مالهيءَ لٽيو به آهي

    چمن کي مالهيءَ لٽيو به آهي.
    اهو مون تماشو ڏٺو به آهي.

    تنهنجو مشورو آ بجا ليڪن،
    ڪير ٿو ٻُڌي جي مون چيو به آهي.

    ماڻهو ماڻهوءَ کان ڊنل آهي،
    ماڻهن ڪڏهن هي سوچو به آهي؟

    ڪا خبر به اٿئو قافلي وارؤ!؟
    آرڙ جو چاليهو، ڏکيو رستو به آهي.

    جنهن جي ڪارڻ هي ڏينهن ڏسڻا پيا،
    مون کان ناراض آ، سو جو پنهنجو به آهي.

    آهن ارادا تنهنجا بلند ليڪن،
    دُور ٿيندو؟ هيءَ جو انڌيرو به آهي!

    ڪجهه ضرورت به آهي اٽڪل جي،
    منهنجي دؤر جو هيءَ رايو به آهي.

    هن جي محفل ۾ نه هئاسون پر،
    ڪجهه ته ٿيو هوندو؟ اسان جو چرچو به آهي.

    همسفر ڪير ٿئي منهنجو ”شورا“،
    هڪ ته مجنون جو قدم ٻيو ته پوٺو به آهي.
    ***

    14 جنوري 1985ع ڳوٺ سومرو لغاري


    ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن

    ستارن ۾ تون آن، بهارن ۾ تون آن،
    وفا جي دنيا جي نظارن ۾ تون آن.

    ڪريان غم جي تهذيب جي ڇا لئه شهرت،
    منهنجي دل جي بس رازدارن ۾ تون آن.

    ستمگر ستم ٿو ڪري هر قدم تي،
    آهي ڪو به جي غمگسارن ۾ تون آن.

    منهنجي ڳالهه سمجهين ها اي دوست ڪاش!
    ڪناين ۾ تون آن، اشارن ۾ تون آن.

    منهنجي عشق مان هي ته واضح ٿيو آ،
    ته جڳ جي حسن ماهپارن ۾ تون آن.

    زبان تي آ جو نانء هردم توهان جو،
    منهنجي سوچ جي تيز ڌارن ۾ تون آن.

    تڏهن تان ٿيو مطمئن آهه ”شورو“،
    فقط هڪ پيارو، پيارن ۾ تون آن.
    ***

    30 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    چنڊ چهرو نيڻ نرگس، جسم مرمر جي مثل

    چنڊ چهرو نيڻ نرگس، جسم مرمر جي مثل.
    پيا گهڙيندا تنهنجي مورت ڪيئي آزر جي مثل.

    هڪ ٽٽل پَن آهيان ٽاريءَ سندو ليڪن اڃا،
    ٿيون اٿن لهريون منهنجي دل ۾ سمندر جي مثل.

    شام تنهائي وري وئي تان ٿيون بستيون اُداس،
    هر گهٽي سنسان آهي اجڙيل گهر جي مثل.

    ڏک ٿيو محسوس دل کي، رت اکڙين ٿي رُنو،
    مون جڏهن ان کي ڏٺو خاموش پٿر جي مثل.

    پنهنجي دامن ۾ سنڀالي مون رکيا محبت جا گل،
    دل ۾ چُڀندا ٿا وڃن اڄ سي ئي نشتر جي مثل.

    رنگ بُو جي انجمن ”شورا“ آهي مثل چمن،
    ٿيون ٺرن اکڙيون ڏسي، سر سبز منظر جي مثل.
    ***

    7 جنوري 1985ع مسڻ وڏي


    هي جذبو موسمي شبنم نه آهي

    هي جذبو موسمي شبنم نه آهي.
    محبت جي ته ڪا موسم نه آهي.

    فقط پٿر جو ٽڪرو آهي دل سان،
    جنهن جي اندر ڪنهين جو غم نه آهي.

    ڪجي پنهنجي عقل ۽ هوش سان ڪم،
    حياتي جو ذڪر مبهم نه آهي.

    فرشتن ٿي ڪيا سجدا جنهين کي،
    هي آدم، ڇا اهو آدم نه آهي؟

    منهنجي سِر لاءِ هي ڦاسيون ۽ ڦاها،
    منهنجو سر پوءِ به ڇا لئه خم نه آهي.

    سڀئي وڇڙي ويا پنهنجا پراوا،
    ڪوئي رشتو هتي محڪم نه آهي.

    مسلسل ڪَرب ۾ ڀي مُرڪ جاري،
    هي ”شورا“ حوصلو ڪجهه ڪم نه آهي.
    ***

    25 نومبر 1985ع مسڻ وڏي


    حال اهڙو آهه ٿيو ان بزم عشرت کانسواءِ

    حال اهڙو آهه ٿيو ان بزم عشرت کانسواءِ،
    حال هو جو حضرت آدم جو جنت کانسواءِ.
    وصل جي اميد آ بيڪار فرقت کانسواءِ،
    ڪو نه ڪنهن راحت لڌي آهي مصيبت کانسواءِ.

    مون شڪايت ڪئي ستم جي تو ڪيو انڪار هو،
    فيصلو پنهنجو اهو ٿيندو نه قيامت کانسواءِ.
    ڏي دعائون يا دوائون آس وندا آهيون،
    حسن جي شهرت نه ٿيندي آهه محبت کانسواءِ.

    آهي ناصح جوبجا ارشاد، گستاخي معاف،
    پاڻ سمجهائي ته ٿو ليڪن محبت کانسواءِ.
    پنهنجي دل ۾ تير تنهنجو مون هي سمجهي آ رکيو،
    ڪا به شيءِ قائم نه رهندي آ حفاظت کانسواءِ.

    آئون اڄ غيرن جا طعنا پيو ٻُڌان پرڇا ڪيان،
    ڇو جو آيس تنهنجي محفل ۾ اجازت کانسواءِ.
    ناشناسن کي نه آ ”شورا“ خبر ڪا درد جي،
    ڪو به تڙپي ڪونه اُٿندو آ اذيت کانسواءِ.
    ***

    15 جنوري 1986ع مسڻ وڏي


    تعارف

    نالو: مولوي محمد يامين شورو
    ادبي نالو: ”خادم سنڌي“ مسڻائي/ابو فهيم شورو
    پيءُ جو نالو: مولوي عبدالرحمان شورو مرحوم (وفات 95ع)
    ڄمڻ جو تاريخ ۽ هنڌ12-اپريل 1959ع ڳوٺ مسڻ وڏي.

    تعليم:
    (الف مئٽرڪ: سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد
    (ب) درس نظاميه: مدرسه دالهديٰ مسڻ وڏي.
    (ج) سنڌ الفراغ: مدرسه مفتاح العلوم حيدرآباد
    (د) شهادة عالميه (بين الااقوامي سطح جي ڊگري) وفاق المدارس العربيھ پاڪستان.
    (هه) مولوي فاضل فاريس: سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد.
    (و) منشي فاضل فارسي: سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد.
    (ز) اورينٽيل ٽيچرس ٽريننگ سرٽيفڪيٽ: ٽريننگ ڪاليج (مردن لاءِ) حيدرآباد.
    (ح) ايم-اي عربي: سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد.

    ادبي ڪاوش:
    (الف): نظر ۽ نثر جا مجموعا:
    شاعريءَ جا مختلف ڇپيل مجموعا هيٺين ريت آهن.
    1. اداس ريکائون (مجموعو غزل)
    2. وکريل موتي (متفرق نظمن جو مجموعو)
    3. لاهوتي لڏي ويا (مرثين جو مجموعو)
    4. لڙڪ لکڻ نه ڏين (ڪافين جو مجموعو)

    (ب) نثري مجموعا
    1. دانهون منهنجي ديس جون: (چونڊ مضمون)
    2. گهڙيون گهاريم جن سان (سوانحي خاڪا)
    3. ڪاماري شريف جا قريشي بيگ (تاريخي ۽ تحقيق مقالو)

    (ج) ترجما ڪيل ڪتاب:
    1. احسن القصص (سنڌي ترجمو تفسير الجمال والڪمال)
    2. ڪمالات نبوي (سنڌي ترجمو خطابت مدارس-اردو)
    1. تصوير جو شرعي حڪم (سنڌي جو ترجمو: تصوير ڪا شرعي حڪم، مضمون: سيد سليمان ندوي)
    2. بنا الاسلام (عربي ۾ ترجمو، ڪتاب تعليم السلام 2 حصا)
    3. -------
    4. مضمون نويسي (الف) عربي مضمون:
    5. نِدَاءُ لِلامةَ (امت کي سڏ) عربي رسالي ”العرب“ ۾ ڇپيل
    6. مکانةُ الا مَ في الاسلام (ماءُ جي عظمت اسلام جي نظر ۾)
    7. التنبي وشي من حياية وا اشعاره (عرب شاعر متنبي سندس زندگي ۽ ڪلام )
    8. صمراخة المسلمين اهل السند (سنڌي مسلمانن جي پُڪار)
    9. هل تستطيعون لصرة المستضعفين؟ (ڇا توهان هيڻن جي مدد ڪري سگهو ٿا؟)
    (ب) سنڌي/عربي مضمون ۽ مقالا: (تعداد)
    مذهبي، سماجي، ادبي، اصلاحي، تاريخي، اخلاقي، موضوعن، ملڪي ۽ قومي سياست جهڙن عنوان بابت ڇپيل مضمون ۽ مقالا، جن جو شمار 200 ٻه سو جي لڳ ڀڳ آهي.

    جن اخبارن ۽ رسالن ۾ مذڪوره مواد ڇپيل آهي تن مان ڪن جا نالا هي آهن.
    (الف) ماهوار شريعت-سکر (ب) ماهوار الصادق-ڪراچي
    (ج) ماهوار آزاد-ڪراچي (د) هفتيوار آواز –سنڌ دادو
    (هه) ماهوار پيغام (و) ماهوار الفاروق-ڪراچي
    (ز) ماهوار مهاڏو- ڪراچي (ح) روزانه هلال پاڪستان-ڪراچي
    (ط) روزانه عبرت-حيدرآباد (ي) روزانه آفتاب- حيدرآباد
    (ڪ) ٻه ماهي ”العرب“- ڪراچي (عربي ميگزين)
    (ل) ماهوار الحرس الوطني- (عربي رسالو) رياض. سعودي عرب
    (م) هفتيوار الشرق (سياسي ۽ سماجي عربي رسالو) رياض. سعودي عرب
    (ن) هفتيوار سيد تي (گهريلو عربي رسالو) جده سعودي عرب.
    ---------

    مشغوليون ۽ خدمتون:
    (الف) سيڪنڊري اسڪول ۾ عربي ۽ اسلاميات جو استاد
    (ب) مدرسھ عربيھ دارالهديٰ مسڻ وڏي جو ناظم اعليٰ
    (ج) جامع مسجد مسڻ وڏي جوخطيب.
    (د) اشاعت العلوم لائبريري مسڻ وڏي جو انچارج
    (ه) قاضي ابراهيم ميموريل لائبريري مبارڪ جو جروار جو باني.
    (و) رحمانيه لائبريري مسڻ جو باني وڏي لائبريرين
    (ز) ماهوار مهاڏو حيدرآباد جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر.
    (ح) سنڌ امن ڪائونسل جو باني ميمبر.
    (ط) نصاب ڪميٽي براءِ جامھ تعليمات اسلاميھ ڏتاواهه جو ميمبر.
    (ي) مشاعره ڪميٽي مسڻ وڏي جو باني.
    ---------

    اضافي قابليت
    (الف) انگلش ٽائپنگ جو تجربو.
    (ب) ڪمپيوٽر ڪورس جو تجربو.
    (ج) جديد عربي ٻولي/فارسي ۽ اردو زبان ۾، تحرير، ترجمھ ۽ گفتگو جو مهارت
    -------
    سعادت حج حرمين شريفين جي زيارت ۽ سعادت حج و عمره 1998ع
    --------

    ازدواجي زندگي
    شادي شده: ٽي پٽ ۽ هڪ نياڻي
    پٽن جا نالا 1 فهيم الدين 2 وسيم الدين 3 نعيم الدين عُرف صدام.
    -------

    مستقل پتو: ڳوٺ ۽ پوسٽ-مسڻ وڏي (ڪوڊ 2011)
    تعلقو ٽنڊوالهيار ضلعو حيدرآباد سنڌ.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253546
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385558
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ