ڪتاب جو نالو: رنگين بهارون
مصنف: عطا محمد جسڪاڻي
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 03 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 305 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 94 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي. عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ : تحريري بصيرت وارو ليکڪ
  • ٻَه اکر : سونهنَ سراسر صداقت آهي
  • پنهنجي پاران
  • معصوميت ـــ پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ رٽائرمينٽ
  • امير ۽ غريب ۾ فرق
  • ٻهراڙيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول
  • اسان جا وڏا ۽ اسان ننڍا
  • رنگين يادون
  • نصيب
  • مختلف قسمن جا شوق
  • سمجھڻ واري ڳالهه
  • نصيحت ڀري ڪچهري
  • وڻ، انسان ۽ پکيءَ جي زندگي
  • ڊائريءَ جو وسريل ورق
  • سهڻا سخن
  • عبادت و سعادت عمرو شريف
  • ـــ مجاهد مهر : ڳوٺاڻا نظارا
  • سنڌ جي ثقافت ـــ بلوچ صحبت علي
  • شاديءَ کان اڳ ۾ ٿيلسميا جي چڪاس لازمي ڪرايو ـــ عبدالحفيظ لغاري
  • پُڄاڻي
  • عطا محمد جسڪاڻي ــ جيون خاڪو
  • بئڪ ٽائيٽل

  • حق ۽ واسطا

    POPAT BOOK NO. 87
    رنگين بهارون
    (يادگيريون)
    ليکڪ: عطا محمد جسڪاڻي
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: ڪاشف حسين جسڪاڻي
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ خيرپور ـــ سنڌُ.
    ملهه: 160/- روپيه

    RANGEEN BAHAROON
    (Memories)
    By: Atta Muhammad Jiskani
    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design & Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Kashif Hussain Jiskani
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 160/-

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    2018ع
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    ڳوٺ جون معزز شخصيتون
    وڏيرو مرحوم شهباز ڏنو جسڪاڻي
    داروغو مرحوم غوث بخش جسڪاڻي
    ۽ ڳوٺ جا ٻه نوجوان
    مرحوم حسين بخش ۽ مرحوم محمد اشرف جسڪاڻي
    جيڪي حادثاتي طور موت جو شڪار ٿي جُدا ٿي ويا.
    الله تعاليٰ سندن مغفرت فرمائي. (آمين)

    ــ عطا محمد جسڪاڻي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”رنگين بھارون“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب سائين عطا محمد جسڪاڻي جي يادگيرين جو ٽيون مجموعو آھي.
    عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن. ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    عطا محمد جسڪاڻي بنيادي طرح تعليمدان آهي. هڪ فرض شناس استاد جي حيثيت سان هن سنڌ کي سوين لائق شاگرد ڏنا آهن، ٻئي طرف هڪ سڄاڻ ليکڪ جي حيثيت سان هُنَ سنڌي ڪتاب پڙهندڙن کي ٻه ڪتاب ”زندگيءَ جو ساٿُ“ ۽ ”منهنجو ماڳُ، منهنجون يادون“ ارپيا آهن. اِهي ٻئي ڪِتابَ سندس يادگيرين تي مشتمل آهن. اوهان جي هٿن ۾ موجود ڪتاب ”رنگين بهارون“ سندس قلمَ جي نڪور تخليق آهي، جيڪو پڻ سندس يادگيرين ۽ گڏوگڏ ڊائريءَ ورقن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي آخر ۾ هُنَ ڪجهه ٻين ليکڪن جا چونڊَ مضمونَ به شامل ڪيا آهن جيڪي سندس مطالعي هيٺ آيا ۽ کيس وڻيا.
    اسان کي اُميد آهي ته اوهان کي هي ڪتاب ضرور پسند ايندو. ادارو ”پوپٽ“ اوهان جي راءِ ۽ رهنمائيءَ جي اوسيئڙي ۾ رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مُهاڳ : تحريري بصيرت وارو ليکڪ

    چوندا آهن ته ڪتابن کان سواءِ تاريخ انڌي ۽ گونگي هوندي آهي. ڪتاب تاريخ جي زبان ۽ اکيون هونديون آهن. سنڌي ٻولي پاڪستان جي سڀني علاقائي ٻولين ۾ ان حوالي سان به اهم ۽ نمايان آهي ته سنڌيءَ ۾ اخبارون به ٻين (علاقائي) ٻولين جي مقابلي ۾ تمام گهڻيون- رسالا به سڀ کان وڌيڪ ۽ ڪتاب به سڀ کان گهڻا ڇپيا ۽ پڙهيا وڃن ٿا جيڪا ڳالهه اسان سنڌين لاءِ نهايت قابل فخر ۽ اتساهيندڙ آهي. اسين ان ڳالهه تي بجا طور تي فخر ڪري سگهون ٿا ته سنڌي ادب اها نثر جي دنيا هجي يا شاعريءَ جي ان ۾ پيڙهي وڇوٽي.
    “Generation Gap” ڪڏهن به ناهي رهي.
    زير مطالعه ڪتاب جنهن جو نالو ”رنگين بهارون“ آهي، اها محترم استاد تعليم دان، ليکڪ ۽ ڏات ڌڻي سائين عطا محمد جسڪاڻيءَ جي تاليف آهي. ليکڪ ساڳئي وقت هڪ استاد به هجي ۽ جنهن سڄي زندگي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري هجي ته تخليق سون تي سهاڳ بڻجي ٿي وڃي جسڪاڻي صاحب هن کان اڳ به ٻه ڪتاب سنڌي ادب جي دامن ۾ وڌا آهن. هي سندن ٽيون ڪتاب آهي جيڪو مواد جي حساب سان نهايت ڪارائتو، فڪرانگيز، دلچسپ ۽ ذاتي تجربن سان سرشار ۽ ٽمٽار لڳي رهيو آهي.
    سائين عطا محمد جسڪاڻي ڪتاب جي آغاز ۾ پنهنجي ننڍپڻ کان ويندي رٽائرمينٽ تائين، عمر جي انهن سٺ سالن جي مشاهدن، تجربن، حاصلات، ڏکن ڏاکڙن، سير ۽ سفرن، تعليم ۽ تربيت جي پيرائتي حال احوال کان پڙهندڙن کي نهايت سچائي ۽ ايمانداريءَ سان آگاهي ڏني آهي. هونئن به رائيٽر جو کرو ۽ ايماندار هجڻ اولين شرط هئڻ گهرجي. سائينءَ ڏاڍي سٺي ۽ سبق ڏيندڙ ڳالهه ڪئي آهي. لکي ٿو ته ”هر انسان جي زندگي مختلف مرحلن تي مشتمل هوندي آهي. هڪ مرحلو پورو ٿيندو آهي ته ٻيو شروع ٿيندو آهي. مثلاً ننڍپڻ، جواني، شادي، اولاد جو ٿيڻ ۽ وري پوڙهائپ ”اهڙيءِ طرح اسڪول، ڪاليج نوڪري ۽ وري رٽائرمينٽ“.
    جسڪاڻي صاحب هن ڪتاب ۾ ”امير ۽ غريب ۾ فرق“ جي عنوان سان جنهن بيباڪيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ واري انداز سان لکيو آهي اهو نهايت ساراهڻ جوڳو آهي. سائين ڳالهه مان ڳالهه ڪڍندو وڃي ٿو پر مقصديت کي هٿان نه ٿو وڃائي. سندس ان تحرير مان ان نتيجي تي پهچڻ ڪو مشڪل ڪم ڪونهي ته جسڪاڻي صاحب کي سفر جي روئداد لکڻ جو وڏو ڏانءَ آهي. سفر نامو ضروري ناهي ته آمريڪا، ايران يا جاپان جي سفر تي ئي ٻڌل هجي پر جيڪڏهن ڏسڻ واري جي لکڻ واري حُسُن پاورفل آهي ته ”دٻيءَ کان خيرپور تائين به سفرنامو لکي سگهجي ٿو.“ سائينءَ جي تحرير مان ائين ٿو لڳي ڄڻ پڙهندڙ جسڪاڻي صاحب سان گڏ گهمندو ٿو وتي. هن ليک ۾ سماج جي اڻ برابري ۽ امير ۽ غريب جي زندگيءَ ۾ زمين آسمان جي فرق کي عطا محمد صاحب پنهنجي قلم ذريعي واضع ڪيو آهي. ساڳئي وقت ان ليک ۾ اسان سنڌين جي مهمانوازيءَ جو ذڪر به اثرائتي انداز ۾ ڪيو ويو آَهي.
    زماني جي بدلجندڙ حالتن کي هر ڪو ڏسي به ٿو، محسوس به ڪري ٿو ۽ ان صورتحال جو حصو به بڻجي ٿو پر ليکڪ ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ کان وڌيڪ حساس ٿئي ٿو ان جي محسوس ڪرڻ ۽ پرکڻ واري حِس وڌيڪ تيز ۽ حساس ٿئي ٿي ان ڪري سندس دل ۽ ذهن تي حالات زمانه جو گهرو اثر ٿئي ٿو. ٻهراڙيون ڪنهن به ملڪ جي اصل تهذيب و تمدن، ثقافت جو امين ۽ نقيب هونديون آهن. شهر ۽ زندگيءَ جي ملاوٽ ڀريل ماحول کان ٻهراڙيءَ جو ماحول وڌيڪ خالص، آبهوا ڀلي ۽ ريتون رسمون وڌيڪ شانائتون ۽ مانائتون هونديون آهن پر اڄ جي دؤر ۾ ٻهراڙين ۾ به جيڪا منفي تبديلي اچي چُڪي آهي انهن جي اپٽار جسڪاڻي صاحب پنهنجي هڪ ليک، ”ٻهراڙيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول“ ۾ ڏاڍي سهڻي ۽ اثرائتي پيرائي ۾ ڪئي آهي. هُن ماضيءَ کي قابل فخر ڪوٺيو آهي. مان سندس مؤقف سان 16 آنا سهمت آهيان. اسان جون تابناڪ روايتون ــــ شاندار ريتون رسمون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون ٿيون وڃن ــــ هوٽلن ۽ ڊش تي ماڻهو اڌ رات تائين ويٺا آهن. اوطاقن وارو ڪلچر ختم ـــ اجتماعي معاشرو ڍير ٿي چڪو آهي. هر ڪو انفراديت ۾ گم ــــ برداشت ختم ــــ انهن سڀني سماجي براين جي سادي ۽ سهڻي انداز ۾ ليکڪ شڪايت ڪئي آهي. ۽ ٻيو جيڪو تمام وڏو سماجي مسئلو اسان کي درپيش اهو آهي ننڍن ۽ نوجوان طبقي جي اخلاقي هستي ـــ اڳ پرائي ٻار کي ماربو هو ته ان جا وڏا اچي ٿورائتا ٿيندا هئا ته: ”ادا تو چڱو ڪيو“ اڄ پنهنجي ٻار کي ڪجهه نٿو چئي سگهجي ـــ اڳ والدين استاد وٽ ٻار داخل ڪرائڻ يا ڇڏڻ وقت چوندا هئا ته: ”استاد! ٻار جو ڄم تنهنجو آ، دم اسان جو آ“. اڄ استاد ٻار کي هٿ ته لائي ڏسي ـــ عجيب دؤر ٿي ويو آهي. وڏا ننڍا ٿي ويا آهن ۽ ننڍا وڏا ٿي ويا آهن. بي راهه وردي ـــ بد اخلاقي زور ٿيندي ٿي وڃي، رشتن جو تقدس ۽ احترام ختم ٿيندو ٿو وڃي ــ اخلاقياقت ناپيد ۽ اڻ لڀ وکر مثل ٿيندي ٿي وڃي. عطا محمد جسڪاڻي صاحب پنهنجي ليک ”اسان جا وڏا ۽ اسان جا ننڍا“ ۾ واهه جو سماجي ۽ معاشرتي عڪاسي ڪئي آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل ليک ”نصيب“ ۾ سائينءَ هڪ واقعو بيان ڪيو آهي ته سندس هڪ دوست، پکي پنهنجي آفيسر کي خوشامد طور موڪليا پر هن اهي شڪ جي بنياد تي واپس ڪري ڇڏيا ته پکي الائي حرام آهن الائي حلال؟ اهو واقعو يا قصو اسان جي خوشامد ڪلچر جي منهن تي چماٽ آهي ــــ عطا محمد جسڪاڻي صاحب جو Vision ۽ Folk Wisdom به ڪمال آهي. معاشري کي ڏاڍو باريڪ بيني ۽ گهرائيءَ سان ڏسي ٿو ۽ ان کي بيان ڪرڻ جي ڏات به اٿس ته ڏانءُ به. ان جي ثابتي پڙهندڙن کي هڪ ليک ”مختلف قسمن جا شوق“ ۾ ڀليءَ ڀت ملي سگهي ٿي. ان ۾ جسڪاڻي صاحب سماج کي واهه جو آئينو ڏيکاريو آهي. شوق هئڻ کپي پر اهڙو شوق جنهن سان ماڻهوءَ جي ذات ۽ عام خلق ــــ قوم ۽ ملڪ کي فائدو پهچي ۽ اهو شوق هاڪاري هئڻ کپي. اسان جي سماج ۾ فضول ۽ واهيات شوق به عام جام آهن جيڪي اسان جي معاشري جي اخلاقي ڏيوالپڻي جو مظهر آهن. هڪ ماڻهوءَ جو شوق باهيون ڏئي محض تماشو ڏسڻ ڪيڏو نه غليظ ۽ بدترين شوق آهي. ان ليک جي آخر ۾ جسڪاڻي صاحب هڪ ميسيج به ڏنو آهي ته: ”منهنجو شوق لکڻ، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ گل ڦل وڻ ٻوٽا لڳائڻ آهي“. واقعي وڻ لڳائڻ صدقئِه جاريه ۾ شامل آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل ليک ”سمجھڻ واري ڳالهه“ اسان لاءِ تمام گهڻي اصلاح آهي ۽ ان ڪالم/ليک کي باريڪ بيني ۽ خاص توجهه سان پڙهڻ گهرجي. ان ڪالم ۾ اهڙين ماڻهن جي نندا ڪئي وئي آهي جن جو ظاهر ۽ باطن بلڪل مختلف ۽ ابتڙ هوندو آهي ۽ اهڙا ڪردار اسان جي سماجي قدمن ۽ فائديمند هئڻ بجاءِ هاڃيڪار ۽ نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن. ان ئي ليک ۾ جسڪاڻي صاحب دوستن ۽ دوستيءَ جي ضرورت ۽ اهميت تي به ڏاڍي سهڻي انداز سان روشني وڌي آهي.
    وڻڪاري زمين جي سونهن هوندي آهي. وڻ انسان جو بهترين دوست هوندو آهي جنهن مان اسان کي اڪيچار فائدا آهن پر اڄ ڪلهه روڊن تان ـــ رستن ۽ واهن جي ڪنارن تان ـــ ٻيلن مان با اثر ماڻهو جنهن بي درديءَ سان وڻ وڍي ڌرتي ماتا کي عيبدار ڪري رهيا آهن. عطا محمد جسڪاڻي صاحب هڪ ليک ۾ پيغام ڏنو آهي ته: ”وڻ پوکيو ۽ انهن جو نسل ختم ڪرڻ بدران برقرار رکون.“
    ڪتاب ”رنگين بهارون“ کي نامياري معلم سائين عطا محمد جسڪاڻي ساهه ۾ سانڍڻ جهڙن قولن ـــ شاعري ـــ ۽ هڪ ٻن ٻين ڪارج ڀريل مضمونن سان وڌيڪَ رنگين ۽ خوبصورت بڻائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ثقافت وارو هڪ نظم جيڪو بلوچ صحبت علي جو لکيل آهي اهو به هن ڪتاب جي جان چئي سگهجي ٿو.
    مطلب ته عطا محمد جسڪاڻي صاحب جيڪو صرف ڪتاب کي ئي بهترين تحفو سمجھي ٿو. هي ڪتاب اسان کي هڪ بهترين تحفي طور ڏنو آهي. مان سندس تحريري بصيرت کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهان. اسان کي هي ڪتاب آکر بَه اکر ضرور پڙهڻ گهرجي.

    ڪوثر ٻرڙو
    خيرپور


    ٻَه اکر : سونهنَ سراسر صداقت آهي

    استاد عطا محمد جسڪاڻي جا علم جي حوالي کان ٻه حوالا آهن. هڪ ته هو استاد آهي ۽ ٻيو هو ليکڪ آهي. سندس سڄي عمر علم ڏيندي ۽ وٺندي گذري آهي. هونءَ به هي هڪ سٻاجهڙو انسان آهي، قدرت منجهس قرب ڪُٽي ڪُٽي ڀريو آهي. سندس شخصيت پياري، سندس گفتگو پياري ۽ سندس تحرير به پيار ڀري آهي. سندس تحرير ۾ پيار، محبت ۽ سٻاجهائي پئي بکندي آهي. سندس تحرير ۾ پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي وطن سان محبت واضع نظر اچي ٿي. سندس شخصيت تحرير تي پوري طرح اثر انداز آهي. لکيل تحرير ۾ ميٺاج سان گڏ رواني وڏي پيماني تي موجود آهي. ڪي ماڻهو تدريس جا ماهر، ڪي تحرير جا ماهر ۽ ڪي تقرير جا ماهر ٿيندا آهن. پر استاد عطا محمد تدريس ۽ تحرير سان گڏ تقرير جو به ماهر آهي. سندس انداز اڃا به وڌيڪ پُر اثر آهي.
    سندس لکيل ڪتاب هڪ قسم جي آتم ڪٿا آهي جنهن ۾ هو پنهنجي زندگي جي پاسن کي کولي نروار ڪري ٿو. سندس هي ڪتاب رنگين بهارون جنهن تي نظرثاني لاءِ مون کي شرف ڏنو اٿن. تنهن ۾ ماضي جا اهي قصا بيان ڪيا اٿس جن ۾ معلومات سان گڏ وڏي دلچسپي آهي. سندس عنوان ته پڙهو. معصوميت، پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ رٽائر مينٽ، امير ۽ غريب جو فرق، ٻهراڙي ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول، اسان جا وڏا ۽ اسان ننڍا، مختلف قسم جا شوق، نصيحت ڀري ڪچهري، وڻ، ڊائري جو وسريل ورق، سهڻا سخن، عبادت و سعادت عمرو شريف، ڳوٺاڻا نظارا(مجاهد مهر) سنڌ جي ثقافت( بلوچ صحبت علي) سمجهڻ واري ڳالهه ۽ هڪ بيماري ٿيليسيميا بابت معلوماتي مضمون (عبدالحفيظ لغاري) ۽ پڄاڻي.
    استاد جتي چاهي ته مضمون کي دلچسپ ۽ ڊيگهه به ڏيئي سگهي ٿو جيئن مختلف قسمن جا شوق پر جيڪڏهن چاهي ته ڪنهن مضمون کي تشنه طلب اختصار به ڪري سگهي ٿو جيئن عبادت و سعادت عمرو شريف.
    استاد عطا محمد جسڪاڻي جي لکڻين ۾ موجوده سنڌ سان اڳين سنڌ جي ڀيٽ ڪيل ملندي ته ڪيئن نه سنڌ جو ماضي شاندار رهيو آهي ۽ هاڻي ڌاري ثقافت جي يلغار جا سنڌ تي ڪهڙا اثر پيا آهن جو ڄڻ سنڌ ساڳي سنڌ نه ٿي لڳي. وري استاد جسڪاڻي ٻين جي تحريرن کي به پنهنجي ڪتاب جي دل ۾ جاءِ ڏني آهي.
    محترم استاد عطا محمد جو هي ڪتاب به سندس اڳين ڪتابن وانگر سنڌ جي سماجي تاريخ آهي جنهن کي پڙهي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

    حزب الله. آءِ. سومرو
     29 فيبروري 2016 چيئرمين علم دوست ادبي سنگت سنڌ
    0300-3290626


    پنهنجي پاران

    ڪتابن لکڻ واري سلسلي جو هي ٽيون ڪتاب ”رنگين بهارون“ توهان جي هٿن ۾ آهي. هن کان اڳ مون ٻه ڪتاب لکيا آهن. هڪ منهنجي سوانح حيات تي مشتمل ”زندگيءَ جو ساٿ“ ۽ ٻيو پنهنجي ماڳ جي تاريخ بابت ـــ ”منهنجو ماڳ منهنجون يادون“ لکيل آهن. منهنجي ڪتابن تي تنقيد به ڪئي وئي آهي ۽ ساراهيو به ويو آهي. ان بابت اڳتي هلي هن ئي ڪالم ۾ تفصيل سان ذڪر ڪندس ليڪن پهريائين هن ڪتاب بابت ڪجهه لکي وٺان.
    اها هڪ حقيقت آهي ته مون جيڪي ڪجهه سوچيو آهي اُهو ڪتاب جي شڪل ۾ دنيا جي آڏو پيش ڪيو آهي. دنيا ۾ ڪتاب کي هر دؤر ۾ غير معمولي شهريت حاصل رهي آهي. جنهن ۾ معلومات سان گڏ زندگي گذارڻ جا آداب ۽ طريقا سمجھيا ويندا آهن.
    مونکي خود ننڍپڻ کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوق هو. ڳولي ڳولي ڪتاب پڙهندو هوس. ڪتاب جي اهميت کي چڱيءَ طرح سمجھندو هوس. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي آءٌ حيدرآباد مان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري ٿيلهي ۾ وجھي جڏهن خيرپور ۾ اچي بس تان لٿس. هڪ دوست مليو جنهن پڇيو ٿيلهي ۾ ڇا کنيو اٿئي؟ مون کيس ٻُڌايو ته ڪتاب آهن. ان دوست طنزيه انداز ۾ مونکي چيو بس حيدرآباد صرف ڪتابن لاءِ ويو هُئين؟ اُتان ڪجهه سوکڙيون آڻجن يا ڪتاب وٺي اچجن!؟ ڪتابن جي ڄڻ هتي ڪمي آهي. جو حيدرآباد مان وٺي آيو آهين؟ مون کيس چيو منهنجي لاءِ هي بهترين سوکڙيون آهن. ڪتاب کان سواءِ مونکي وڌيڪَ ڪجهه به پسند نه آهي.
    اگر ڪو ماڻهو ڪتابن جو مطالعو ڪري ٿو ته سندس اولاد ۽ نسل به مطالعي جو شوق رکندڙ هوندا. ڪو ماڻهو نشو يا سگريٽ واپرائيندو ته سندس اولاد به ائين ئي ڪندي. اگر ڪو ماڻهو چوري ڪندو هوندو ته سندس اولاد به چوري ڪندي ۽ اگر ڪو مذهبي انداز ۾ زندگي بسر ڪندو ته سندس اولاد به ائين ئي زندگي بسر ڪندي.
    هن ڪتاب ۾ مون زندگي ۾ آيل سچن واقعن کي ڪهاڻي جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڇو ته زندگي خود به ته هڪ ڪهاڻي آهي. هتي لکيل هر هڪ ڪهاڻي ۾ زندگي جي جھلڪ، غم يا خوشي، پستي يا بلندي، سختي يا نرمي جي ترجماني آهي. اگر زندگي پياري آهي ته ڪهاڻي ڪيئن نه پياري لڳندي؟ زندگي تي ڪو بار هوندو ته ڪهاڻي لکڻ يا پڙهڻ سان ٻوجهه هلڪو ٿي پوندو آهي، ڪهاڻي جي اگر مختصر وضاحت ڪجي ته پنهنجي توڙي پراون مشاهدن جي تشريح کي ڪهاڻي چئبو آهي. يا وري زندگي جي تجربن جي لاهين چاڙهين ۾ ايندڙ ڪنهن انتهائي دلچسپ موڙ يا نڪتي جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ کوجنا کي به ڪهاڻي چئبو آهي. سچين ڳالهين تي مشتمل ڪهاڻيون لکندي ڪن دوستن جو ناليوار ذڪر اچي ويو آهي. ڪنهن جي دل آزاري ٿي هجي ته انهن کان معذرت چاهيان ٿو.
    مون هن ڪتاب ۾ ڪجهه ٻين دوستن جا مضمون۽ مقالا به شامل ڪيا آهن ان ڪري جو اهي منهنجي ذهن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ مونکي بيحد پسند آهن.
    هن کان اڳ لکيل ٻن ڪتابن (زندگي جو ساٿ ۽ منهنجو ماڳ منهنجون يادون) تي تنقيد به ٿي آهي ۽ ساراهه به ڪئي وئي آهي. تنقيد جو احترام ڪرڻ گهرجي. جڏهن ڪو به لکيل خامين جي نشاندهي ڪندو آهي ته ان ۾ فائدو حاصل ٿيندو آهي. تازو سنڌي ساهت گهر حيدرآباد طرفان هڪ ڪتاب آتم ڪٿائون ڀاڱو چار جيڪو هڪ نالي واري ليکڪ ناز سنائي لکيو آهي. جنهن کي آءٌ ڪافي سالن کان سڃاڻندو آهيان. هي صاحب ماهوار ڪينجھر ۽ ماهوار گلستان جو ايڊيٽر هجڻ سان گڏ سندس سون جي تعداد ۾ تحريرون ۽ ڪتاب لکيل آهن، ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ناز سنائي صاحب تمام وڏو ليکڪ آهي. هن صاحب منهنجي ٻنهين ڪتابن تي سخت تنقيد ڪئي آهي. سندس تنقيد صحيح آهي. ليڪن رابعه اسڪوائر حيدر چوڪ حيدرآباد ۾ مون ان صاحب سان اتفاقي ملاقات ۾ ڪتاب پيش ڪندي واضح طور ٻُڌايو هو ته پبلشر ۽ ڪمپوزر جي غلطين سبب هي غلطين وارو ڪتاب ڇپيو آهي. پبلشر وٽ اي ميل تي منهنجا ٻئي ڪتاب رکيل هئا. غلطي واري ڪاپي ۽ غلطي کان صاف ڪاپي پر پبلشر کان ڀل ۾ پريس ڏانهن غلطين وارو ڪتاب ڪلڪ ٿي ويو. جنهن لاءِ بعد ۾ پبلشر اعتراف ڪندي سخت افسوس به ڪيو، بحرحال جيترو باريڪ بينيءَ سان سنائي صاحب فل اسٽاپ، زير زبر ۽ نقطن جي هيٺ مٿي ٿيڻ جي حوالي کان تنقيد ڪئي آهي ايترا الفاظ ته سندس ڪتاب ۾ به غلط لکيل آهن. جيئن هڪ ئي صفحي تي خالد چانڊيو کي غلط به ۽ برابر به لکيو اٿس (صفحو 10) ٿلهيون کي ڀليون (صفحو 85) چيائين کي چي (صفحو 167) وري چيائين کي چي (صفحو 202) پر اهڙن لفظن کي صرف ڪمپوز ڪرڻ واري جي نظر چوڪ سمجھڻ گهرجي ۽ غلط سمجھڻ نه گهرجي.
    ان سڀ ڪجهه هوندي به تنقيد جو احترام به ڪيان ٿو ۽ ناز سنائي جو ٿورائتو به آهيان جو هن صاحب ڪتاب پڙهيا آهن تڏهن ته ڪتابن ۾ غلطين جي نشاندهي ڪئي آهي. ورنه اڄڪلهه ڪتاب لکيا ته وڃن ٿا پر پڙهيا تمام گهٽ ٿا وڃن. اڃا به وڌيڪَ سنائي صاحب جو ٿورائتو آهيان ته سندس لکيل ڪتابن ۾ ڏهن يا ٻارهن صفحن تي منهنجي هيڻي حال کي جاءِ ڏني اٿن. پر هڪ ڳالهه ضرور چوندس. لفظ استاد تي ڇوهه ڇنڊڻ سنائي صاحب کي زيب نٿو ڏئي ڇا لاءِ ته ناز صاحب خود به ته اسان جهڙن استادن وٽ پڙهيو هوندو. سندس تنقيد ۾ ڪٿي همٿ افزائي به نظر نه آئي ته اڳتي وري راهه تان ڀٽڪيل مسافر سڌو رستو ڏيئي هلي. ڇو ته ڪاميابي جو بنياد ناڪامين وارين ڪهاڻين تي ٻڌل هوندو آهي، آءٌ هتي هڪ تمام مختصر ڪهاڻي جو ذڪر ڪندس.
    مون هڪ ڪتاب ۾ پڙهيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪو ايڪيهن سالن جي عمر ۾ پنهنجي ڪاروبار ۾ ناڪام ٿيو. ٻاويهن سالن جي عمر ۾ اليڪشن ۾ شڪست کاڌائين. چوويهن سالن ۾ وري ڪاروبار ۾ ٽوٽ لڳس. ڇَويهن سالن ۾ سندس گهر واري وفات ڪري وئي. ستاويهن سالن ۾ (نروس بريڪ ڊائون) فالج جو شڪار ٿيو. چوٽيهن سالن جي عمر ۾ ڪانگريس جي اليڪشن ۾هارائي ويو. پر ٻاونجاهه سالن جي عمر ۾ آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو جنهن جو نالو ابراهام لنڪن هو. ڇا توهان لنڪن کي ناڪام ماڻهو چوندؤ؟ سندس ناڪاميون کيس ٻڌائين پيون ته ڪاميابيءَ جو رستو بند نه آهي.
    ٻي طرف منهنجي ڪتابن کي تمام گهڻو ساراهيو به ويو اهي. ٿورين ٿورين غلطين کي نظر انداز ڪري اصلي مقصد کي ڏٺو ويو آهي. جيئن جنت السنڌ جي ليکڪ مولائي شيدائي مير علي شير قانع ٺٽي واري جي لکيل پراڻي تاريخ تحفة الڪرام ۾ غلطين جي نشاندهي به ڪئي آهي ۽ ساڳئي وقت پنهنجي لاءِ اُنَ تاريخ کي اونداهي ۾ روشني طور به ظاهر ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح ”ڪجهه نه هئڻ کان هئڻ وڌيڪَ بهتر آهي“ واري بنياد تي ڪافي دوستن مونکي ڪتابن لکڻ تي مبارڪون پڻ ڏنيون آهن. ڪي ڏٺل ۽ اڻ اٺل دوستن به پري پري کان فون ڪري همت افزائي ڪئي آهي. ملتان، شيداڻي شريف، رحيم يار خان، گھوٽڪي، شڪارپور، شهدادڪوٽ، بدين، دادو، سانگھڙ، ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپور خاص کان به همت افزائيون مليون آهن. مان انهن ماڻهن جو به بيحد احسانمند آهيان جن منهنجي ڪتابن کي مختلف لائبريرين ۾ رجسٽر ڪرائي شامل ڪيو آهي، ۽ انهن دوستن جو به جن روزانو سوڀ ۽ روزانو ڪاوش ۾ ڪتابن کي متعارف ڪرايو. ۽ ها مان ان اڻ ڏنل دوست محمد سليمان وساڻ جو به ٿورائتو آهيان جنهن وڏي دلچسپيءَ ۽ قدر سان منهنجي ڪتابن کي ڪمپيوٽر تي نئين ڊزائين ڏئي انٽرنيٽ تي رکي وڏو قدر ڪيو.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين محترم قربان منگي ۽ ”پوپٽ“ ميگزين جي اعزازي ايڊيٽر محترم امر اقبال جا به ٿورا، جن جون محبتون ۽ محنتون به هِنَ ڪِتابَ جو حصو آهن. آءٌ پنهنجي پٽ وحيد علي جي پياري دوست آصف نظاماڻي جو به ٿورائتو آهيان، جنهن حد کان وڌيڪَ همت افزائي ڪري ڪتابَ کي خوبصورت بنائڻ ۽ پايئه تڪميل تي پهچائڻ ۾ به مدد ڪئي.
    مونکي خوشي سان گڏ فخر به آهي ته هي ڪتاب منهنجي ننڍي عمر واري پٽ (ڏوهٽي) ڪاشف حسين ڪمپوز ڪيو آهي. جنهن جي ڊگهي ڄمار لاءِ دُعاگو آهيان.
    مونکي اُميد آهي مُنهنجا مانوارا پڙهندڙ منهنجي هن محنت کي مان ڏيندا. سندن صلاحون هميشه منهنجي رهنمائي ڪنديون رهنديون.

    عطا محمد جسڪاڻي
     خيرپور
    1 مارچ 2016ع
    0300-3115194
    0306-3641367


    معصوميت ـــ پڙهڻ، پڙهائڻ ۽ رٽائرمينٽ

    وقت جي باري ۾ عام طور چيو ويندو آهي،وقت وقت جي پنهنجي ڳالهه ۽ پنهنجو الڳ رنگ هوندو آهي، جيئن ڪڏهن ڏينهن،ڪڏهن رات،ڪڏهن سيارو ڪڏهن اونهارو،ڪڏهن ڀريل ته ڪڏهن خالي. انسان جي باري ۾ نه صرف چيو ويندو آهي پر حقيقت آهي ته انسان کي وقت جي لحاظ سان نه ڄمڻ ياد هوندو آهي نه مرڻ ياد هوندو آهي،باقي ٻنهين مرحلن جي وچ وارو عرصو جنهن کي زندگي چئبو آهي، ان جا مرحلا عجيب قسم جا هوندا آهن،جيئن ننڍپڻ،جواني،پوڙهائپ،پر ان ۾ به هر هڪ انسان جا نصيب موجب الڳ الڳ مرحلا هوندا آهن،ڪي هاري،ڪي زميندار،ڪي واپاري، ڪي مزدور يا ڪي نوڪري وارا،پر هر هڪ ۾ هڪ ڳالهه ضرور شامل هوندي آهي ته ڪي پڙهيل ڪي اڻ پڙهيل هوندا آهن.
    تمام وضاحتن کي ڇڏي آءٌ صرف پنهنجي زندگي جي مختلف مرحلن ۽ تجربن جو مختصر ذڪر ڪندس. معصوميت واري دور ۾ اسان جا گهر ميرواهه واري ڪناري جي ڀر ۾ هوندا هئا.جيڪو 1960ع وارو دور هو، اسان جا مائٽ اسان کي واهه تي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ اهڙا ته ڊيڄاريندڙ ۽ نفسياتي دڙڪا ڏيندا هئا جيئن اسان واهه تي نه وڃون.ڪنهن به امڪاني نقصان کان بچڻ لاءِ چوندا هئا ته واهه ۾ واڳون، سيسر، ڪڇون يا ڪنهن به نقصانڪار بلا جو نالو وٺي ٻڌائيندا هئا ته ننڍن ٻارن کي کڻي وڃي کائي ڇڏن ٿا. محدود سمجهه جي ڪري اسان ڊپ وچان واهه تي نه ويندا هئا سون، صرف ڪڏهن ڪڏهن وڏن سان گڏجي وهندڙ واهه جو پاڻي ڏسندا هئا سون، پر اسان کي اها به خبر نه هوندي هئي ته واهه ڪٿان وهي اچي ٿو ۽ ڪيڏانهن وڃي ٿو، ۽ سندس وهڻ جو مقصد ڪهڙو آهي؟ جڏهن ڪنهن وقت واهه بند ٿي ويندو هو ۽ پاڻي سڪي وڃڻ ڪري عجيب لڳندو هو،واهه جي تري ۾ ڊڄي ڊڄي راند کيڏندا هئا سون متان اوچتو واهه وهي اچي ۽ اسان پاڻي ۾ ٻڏي وڃون.انهي دوران واهه جي پرين ڀر ٽارين جا وڻ،پڪو بند ۽ ان کان به اڳتي فصل ۽ گهر ڏسي عجب وچان نئين دنيا جو احساس ٿيندو هو ته اڃان اڳتي به ڪا دنيا آهي.
    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته واهه سڪل هو، وڏن ڀائرن سان گڏجي واهه ڪراس ڪري پرين ڀر حاجن شاهه جي ميلي تي گهمڻ ويا سون،ميلي ۾ گهمڻ دوران ڪنهن ڀوڳ ڪيو يا ڪوڙ هنيو ته واهه وهي آيو آهي،اسان جي ميلي گهمڻ جو مزو پريشاني ۾ تبديل ٿي ويو، ته هاڻي گهر ڪيئن پهچندا سون؟ اڃان ذهن پل يا ٻيڙي وسيلي پار ڪرڻ جي سمجهه جي لائق نه هو،ميلو ڇڏي وٺي ڀڳا سون ۽ واهه تي پهچي ڏٺو سون ته واهه سڪل آهي ڊپ وچان گهر پهتا سون،ٻئي ڏينهن تي وري ميلي ته نه ويا سون متان واهه وهي اچي. ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون هيون جن کي ذهن اڃان ڪجهه نه سمجندو هو.
    اسڪول دٻي ۾ پري کان استاد پڙهائڻ لاءِ ايندا هئا. عثمان رند يا سوڍڙن کان استادن کي واهه کان لهندي ۽ اسڪول ڏانهن ويندي صرف پري کان ڏسندا هئا سون ۽ انهن کي ايندو ڏسي پري ڀڄي ويندا هئا سون ته متان اسان کي مارين ڇو ته انهن کي اسان جو ذهن الڳ مخلوق سمجهندو هو صرف اهو ئي سمجھندا هئا سون ته اهي استاد ٻارن کي پڙهائڻ نه پر صرف ،مارڻ لاءِ ايندا آهن.ذهن اهو به نه مڃيندو هو ته اسان کي به اتي وڃڻو آهي.اسان صرف اهو سمجهندا هئا سون ته جيڪي ٻار اسڪول ويندا آهن صرف اهي ئي اسڪول ۾ ويندا ۽ اسان ڪڏهن به اسڪول نه ويندا سون.
    وقت ته تبديلي آڻيندو آهي. وڏن ڇوڪرن سان گڏجي ڪڏهن ڪڏهن ٻيرن کائڻ جي لالچ ۾ يا ڪنهن دڪان تان شيءَ وٺڻ جي بهاني اسڪول جي پسگردائي ۾ وڃڻ ٿيندو هو.پري کان اسڪول ڏسندا هئا سون ۽ ڊپ کان ويجهو نه ويندا هئا سون ته متان استاد مارين.موڪل واري ٽائيم جڏهن اسڪول بند هوندو هو،ان وقت اسڪول ۾ ويندا هئا سون، بورڊ، بنئچون ۽ استاد جي ميز ڪرسي ڏسي حيرت ٿيندي هئي.آهستي آهستي عمر جي لحاظ سان وڏن ڇوڪرن سان اسڪول ۾ اچڻ شروع ٿي ويا سون،پر جيڪڏهن اسان جي روبرو استاد ڪنهن شاگرد کي مار ڏيندا هئا ته ڊپ وچان وري هفتن جا هفتا اسڪول نه ويندا هئا سون. بحرحال اهو وقت اچي ويو جو اسان کي هر روز لازمي اسڪول اچڻو پوندو هو. سليٽون نه هيون ۽ زمين تي اکر لکندا هئا سون. اهڙي طرح سمجهه ۾ اضافو ٿيندو ويو ۽ مڪمل شاگرد جي حيثيت سان اسڪول ۾ باقاعدي پڙهڻ شروع ٿي ويا سون.
    پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران واري مرحلي جو ذڪر ڪندي آءُ مختصر تعليم بابت وضاحت ڪندو هلان ته وفاقي حڪومت طرفان 1962ع ۾ نئي تعليمي پاليسي جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌي فائنل يعنيٰ سنڌي ست درجا ختم ڪيا ويا. پرائمري تعليم جيڪا چئن درجن تائين مشتمل هئي، ان کي وڌائي پنج درجا ڪئي وئي. پرائمري جا سڀ ڪتاب حڪومت سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپرائي خوبصورت انداز ۾ ڏنا. انهن ڪتابن ۾ تمام گهڻا معياري ۽ معلوماتي سبق ۽ بيت هئا جيڪي هن وقت به مونکي چڱي طرح ياد آهن. پرائمري تعليم لازمي يعنيٰ زوري قرار ڏيئي نافذ ڪئي ويئي. ايتري قدر جو اسڪول ۾ ڪوبه داخل شاگرد اسڪول کان گسائيندو هو ته هيڊ ماسٽر کي مختيار ڪار صاحب وٽ رپورٽ ڪرڻي پوندي هئي. گسائيندڙ ٻار جي سنڀاليندڙ کي مختيار ڪار صاحب گهرائي ڏنڊ ۽ سزا وجهندو هو. ان وقت استاد توڙي آفيسرن جي وڏي عزت ۽ مرتبو هوندو هو.آفيسر صاحب مرضي موجب اهليت تي امتحان وٺي پاس ڪندو هو.سفارش هرگز قبول نه ڪئي ويندي هئي.
    پاليسي موجب ڇهين کان اٺين تائين مڊل ۽ نائين کان ڏهين تائين مئٽرڪ جو امتحان مقرر ڪيو ويو، مڊل جو اٺون ۽ هاءِ اسڪول جو نائون ۽ ڏهون ٻئي درجا بورڊ امتحان وٺندو هو. اسڪولن کي ٽن گريڊن ۾ ورهايو ويو.
    (1) پرائمري پنج درجا (2) مڊل اسڪول ڇهين کا اٺين ڪلاس (3) هاءِ اسڪول ڇهين کان ڏهين تائين.
    مون پرائمري جي تعليم پنجن سالن ۾ 1961ع کان 1965ع تائين واري عرصي ۾ حاصل ڪئي.لکڻ پڙهڻ ۾ هوشيار ۽ هر ڪلاس ۾ پهريون نمبر هوندو هوس الله سائين منهنجي نصيب ۾ لکڻ پڙهڻ نصيب ڪيو هو.
    پرائمري بعد اسان جي علائقي ۾ نه اسڪول هو نه رواج هو.صرف ٺري ۾ هاءِ اسڪول هو ۽ بوزدار وڏا ۾ مڊل اسڪول هو.اتي پهچڻ لاءِ ڪا به سهولت ڪانه هئي. مان ٻه ٽي بوڪ ۽ لکڻ واري اسٽيل وٺي ڳوٺ ۾ استاد مرحوم غوث بخش ملاح وٽ ABC لکڻ ۽ پڙهڻ سکندو هوس. سوبه شام جي وقت ڇو جو استاد صاحب صبح جو ڊيوٽي تي ويندو هو. وقت گذرندو ويو ۽ مون ڇهين ڪلاس جو امتحان جلالاڻي ۾ ڏنو. استاد مون کي ملير پاتو تعلقه ڪوٽ ڏجي ۾ داخل ڪرايو ۽ جلالاڻي ان جي برانچ هئي.ڇهين ستين بعد 1968ع ۾ اٺين ڪلاس جو امتحان هاءِ اسڪول گمبٽ ۾ ڏنم.ان وقت اٺين ڪلاس جو امتحان به بورڊ وٺندو هو. ضلعه خيرپور ۾ صرف ٻه سينٽر هئا هڪ گمبٽ ٻيو ناز هاءِ اسڪول خيرپور. اسڪول مان صرف 25 ڇوڪرا امتحان ڏيڻ لاءِ گمبٽ ويا سون، جن مان تقريبن چوڏهن ڇوڪرا پاس ٿي آيا سون، پر دلچسپ ڳالهه اها هئي ته انهن پاس ٿيل شاگردن ۾ آءٌ پهريون نمبر هوس، خوشي جي حد ئي نه رهي، اٺين پاس جو سرٽيفڪيٽ وٺي ٺري ۾ نائنٿ لاءِ داخلا ورتم.غربت سبب اسڪول پنڌ وڃڻو پوندو هو، سائيڪل وٺڻ جيترا پئسا ڪونه هئا. ڪجهه وقت هاسٽل ۾ به رهيس، ٻه سال محنت ڪري مئٽرڪ جو امتحان گمبٽ سينٽر مان پاس ڪيم،حقيقت ۾ آءٌ پنهنجي اسڪول دُٻي جي تاريخ ۾ پهريون شاگرد هوس جنهن کي سرڪاري ڊيوٽي ملي.
    مئٽرڪ بعد 1970ع ۾ ٽريننگ ڪاليگ خيرپور ۾ پي،ٽي،سي جي ٻن سالن واري ڪورس ۾ داخلا ورتم.وڏين تڪليفن بعد 1972ع ۾ پي،ٽي،سي پاس ڪيم جنهن ڪري هڪ مهيني بعد پرائمري استاد ڪري 150 روپيه پگهار تي مکڻ لاشاري ۾ رکيو ويو. اتي هڪ سال رهڻ بعد 1973ع ۾ پنهنجي اسڪول دٻي ۾ بدلي ڪرائي آيس جتي پرائمري جا سترنهن سال نوڪري ڪئي انهي دوران 1973ع ۾ انٽر پاس ڪيم. جڏهن ته 1975ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان B.A ۽ 1977ع ۾ ساڳي يونيورسٽي مان M.A جو امتحان پاس ڪيم.ان وقت بي.ايڊ ۾داخلا تمام ڏکي ملندي هئي. ٽن سالن تائين جدوجهد ڪرڻ بعد 1982ع ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ايجوڪيشن سکر ۾ بي.ايڊ لاءِ داخلا ورتم.نوڪري کان هڪ سال موڪل ڪري ريگيولر ڪاليج ۾ پڙهيس. هي سال معلوماتي توڙي ترقي جي لحاظ کان منهنجي زندگي جو رنگين سال رهيو. هن سال پهريون دفعو ڪاليج طرفان سنڌ کان ٻاهر پنجاب ۽ سرحد ٽوئر لاءِ وڃڻ ٿيو. ڪافي معلومات حاصل ٿي.هڪ سال جو ڪورس ڪرڻ بعد واپس اسڪول ۾ اچي ڊيوٽي ڪيم.ڇهن سالن بعد 1989ع ۾ ترقي ڏيئي هاءِ اسڪول ٽيچر ڪيو ويو.مڊل اسڪول دٻي ۾ ئي هيڊ ماسٽر ٿي رهيس. جتي 2004ع تائين مقرر رهيس.پنهنجي پٽ وحيد علي جي تعليم جاري رکڻ لاءِ 2004ع ۾ دٻي کان ناز هاءِ اسڪول خيرپور بدلي ڪرائي آيس جتي 10 سال ڊيوٽي ڪيم. ناز هاءِ اسڪول ۾ مون ڪافي ڪجهه حاصل ڪيو. ڪيترن ئي اعليٰ درجي جي ماڻهن سان تعلقات قائم ٿيا. وڏي تعداد ۾ دوست ٺاهيم. پلاٽ وٺي پنهنجو ذاتي گهر ٺهرائي مستقل رهائش اختيار ڪيم.وقت گذرندو رهيو،عمر به 60 سالن تائين پهچي وئي.28 فيبروري 2014ع تي ناز هاءِ اسڪول مان رٽائر ٿيس.اسڪول جي آڊيٽوريم حال ۾ الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ اسڪول جا ٽوٽل استاد، هيڊ ماسٽر صاحب، خصوصي مهمانن ۽ دوستن شرڪت ڪئي.200 کان 250 دوستن شرڪت ڪئي. ڪئميرا ۽ وڊيو کان علاوه کائڻ پيئڻ جو به شاندار انتظام ڪيو ويو. مونکي الوداعي تقريب ۾ گسٽا جي اڳواڻن، اسڪول جي هيڊ ماسٽر ۽ استادن طرفان منهنجي ڪيل خدمتن جي اعتراف ۾ تحائف ۽ خراج تحسين پيش ڪيا.آخر ۾ مون سندن شڪريو بجاءَ آڻڻ لاءِ هڪ مختصر تقرير ڪئي جيڪا ياد گار طور هتي اکر به اکر لکجي ٿي.
    ”جناب هيڊ ماسٽر صاحب،آيل سڀئي مهمان صاحبان ۽ منهنجا پيارا دوست استاد صاحبان اسلام عليڪم.
    شڪر الحمدالله اڄ منهنجي رٽائرمينٽ جو ڏينهن آهي.آءٌ ڏاڍو خوش آهيان. ايترو خوش آهيان جيترو اڄ کان 42 سال اڳ 1972ع ۾ نوڪري ملڻ وقت خوش ٿيو هوس. هن ڏينهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ مون 42 سال جدوجهد ڪئي ۽ سدائين الله تعاليٰ کان دعائون گهرندو هوس ته يا الله مونکي رٽائرمينٽ نصيب ڪجان. شڪرالحمدالله.
    هر انسان جي زندگي مختلف مرحلن تي مشتمل هوندي آهي.هڪ مرحلو پورو ٿيندو آهي ۽ ٻيو شروع ٿيندو آهي. جيئن ننڍپڻ، جواني، شادي جو ٿيڻ، اولاد ٿيڻ ۽ پوڙهائپ، يا وري ننڍپڻ، اسڪول ۽ ڪاليج جو مرحلو، نوڪري ۽ رٽائرمينٽ جو مرحلو.اهڙي طرح اڄ منهنجي زندگي جو به هڪ اهم مرحلو پورو ٿي رهيو آهي ۽ سڀاڻي کان ٻيو مرحلو شروع ٿي رهيو آهي.
    بحرحال هي مقام آهي سوچڻ جو، ته مون ڇا سيکاريو ۽ ڇا سکيو؟ ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو؟ ڪٿي ڪٿي ڪاميابي ملي ۽ ڪٿي ناڪامي؟ ان کان به وڌيڪ ماضي جون يادگيريون، حال تي عمل ۽ مستقبل جي سوچ ۽ اڃا به وڌيڪ ڪجهه.
    اڄ مونکي 60 سالن جي عمر جو احساس ٿيو آهي. ارڙهن سال معصوميت ۽ پڙهائي + 42 سال نوڪري ڪئي. جن مان 30 سال دُٻي ۾ رهيس ۽ 10 سال هتي تاريخي ناز هاءِ اسڪول ۾ رهيس.جنهن تي فخر اٿم.اڄ مان اهو محسوس ڪري رهيو آهيان ته پڙهڻ يا نوڪري دوران سڄي عمر مان پابند قانون واري پڃري ۾ قيد هوس،جنهن مان اڄ مونکي آزاد ڪيو وڃي ٿو. تمام گهڻا دوست ٺاهيم، هتان جو اسڪول، پڙهائي، استاد، شاگرد ۽ ٻيو سڀ گلن وارو ماحول ذهن ۾ SAVE ڪري ڇڏيو اٿم. باقي زندگي ۾ هميشه ياد ڪندو رهندس.۽ وقت اجازت ڏني ته انهن يادن کي ورقن ۾ به قيد ڪندس. هيڊ ماسٽر صاحب ۽ ٻيا سڀ دوست جن جو مون سان سٺو سُلوڪ رهيو آهي ۽ مون لاءِ به سڀ قابلِ احترام آهن. سندن جدائي کي جڏهن تمام گهَرائي سان محسوس ڪندو آهيان تڏهن سچ پچ دل ڀرجي ويندي آهي ۽ پنهنجو پاڻ کي ڄڻ بيوسي جي ڀاڪر ۾ جهليو بيٺو آهيان.مون کان ڪا غلطي يا گستاخي ٿي وئي هجي ته سڀ دوست معاف ڪرڻ فرمائين.آخر ۾ آءٌ اردو شعر پڙهي پڄاڻي ڪريان ٿو.
    تیری پلکوں پہ رکوں گا رات بھر کے لیے
    میں ایک خواب ہوں صبح کو چلا جائوں گا
    (خدا حافظ)


    امير ۽ غريب ۾ فرق

    7 جون 1991ع جو ڏينهن هو. تمام گهڻي گرمي هئي. مان پنهنجي هڪ دوست نثار حسين رند سان گڏ ڳوٺ کان لاڙڪاڻي باڊهه پنهنجي دوست قمرالدين ساريو سان ملڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، ان وقت خيرپور لاڙڪاڻو واري پُل ڪانه هئي. سکر کان ڦري وڃي رهيا هئا سون. رستي جا سڀئي مرحلا پار ڪري ٽاڪ منجهند جو هڪ بجه ويگن اسان کي باڊهه ۾ ڇڏيو. سائين قمرالدين جو گهر اڃان ٻه ڪلوميٽر پري اتر طرف هو. گرمي ايتري هئي جو تمام وڏي آبادي واري شهر باڊهه ۾ ڄڻ سانت لڳي پئي هئي. ماڻهو گهرن، دڪانن ۽ هوٽلن ۾ ڄڻ پناهه ورتيون ويٺا هئا. بازار خالي لڳي پئي هئي. اسان ڪنهن ٽانگي جي تلاش ڪئي پر ملي نه سگهيو. بس الله کي ياد ڪري مٿي تي ڪپڙو رکي اوڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيو سين. هڪ ڪلوميٽر پنڌ ڪيو سين ته پويان هڪ وڏي لينڊ ڪروزر گاڏي آئي ۽ اسان کي ڪراس ڪري هلي وئي. گاڏي اڳتي هلي رستي کان انهي ڳوٺ ڏانهن مڙي جيڏانهن اسان کي وڃڻو هو. اسان به پنڌ پورو ڪري دوست جي اوطاق ۾ ويا سون ته اها گاڏي به ان اوطاق ۾ اچي بيٺي هئي جتي اسان جي منزل هئي. گاڏي ۾ اسان جي دوست جو وڏو ڀاءُ قربان علي ساريو ڪراچي کان آيو هو. جيڪو اسپيشلي طور ڪراچي جي هڪ مهمان کي وٺي هت آيو هو. اسان سان ملندي چيائين رستي تي توهان کي ڏٺو سين پر سڃاڻي نه سگهيا سين نه ته کنيو اچون ها. اسان به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. گهڙي کن ويهڻ بعد اسان سان پنهنجو دوست مليو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. مختصر ڪچهري ۾ جيڪا معلومات ملي ان مطابق قربان صاحب جيڪو سيمينٽ فيڪٽري ٺٽي ۾ اعليٰ آفيسر هو، ساڻس گڏ دوست ڪراچي جو دولت مند ۽ ٽرانسپورٽ جو مالڪ هو. سندن هتي اچڻ جو خاص مقصد اِهو هو ته ان جو هڪ وڏو آئل ٽئنڪر جيڪو تيل کڻي ڪنهن شهر ڏانهن وڃي رهيو هو. لاڙڪاڻي ڀر سان ان جو موٽرسائيڪل سان حادثو ٿي پيو ۽ ان آئل ٽئنڪر کي پوليس لاڙڪاڻي آڻي چالان ڪري ڇڏيو هو. ان جي ضمانت ڪرائڻ لاءِ ان پٺاڻ قبيلي جي ٽرانسپورٽر ڪراچي مان ٺٽي اچي قربان علي ساريو صاحب کي ساڻ ڪري هتي آيو هو. بحرحال منجهند جو ٽائيم هو، مختصر کائڻ پيئڻ بعد اهي پنهنجي گاڏي ۾ لاڙڪاڻي هليا ويا. شام جو دير سان موٽي آيا. ڳوٺ جو چڱومڙس حاجي الهجڙيو جي به ان ڪراچي واري ماڻهو سان ڄاڻ سڃاڻ هئي. وقت جو فائدو وٺندي ان چڱي مڙس سندس خوشامد خاطر ٻئي ڏينهن تي پٺاڻ ٽرانسپورٽر جي شام جي ماني جي دعوت ڪئي. جيڪان هن قبول ڪئي. اسان کي پڻ ان دعوت ۾ شرڪت لاءِ چيو ويو. ٿوري دير کانپوءِ قربان صاحب ان ڪراچي واري سيٺ کي ڪنهن نامعلوم جاءِ تي رهائي ڇڏيو، اسان ان سان رات جو ڪچهري ڪرڻ پئي چاهي. پر اچي نه سگهيو. صبح جو حالتن ٻه رخ اختيار ڪيا، هڪ طرف سائين قمر الدين کي چيو ويو ته جلدي تيار ٿي ڍل جون رسيدون کڻي لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ ان آئل ٽئنڪر ۽ ڊرائيور جي ضمانت ڪرڻي آهي. سائين قمرالدين چيو منهنجا ٻه دوست دريا پار کان مون وٽ آيل آهن، مان انهن جي مهمان نوازي ڪيان يا لاڙڪاڻي هلان. سندس ڀاءُ چيو ته مهمانن کي لاڙڪاڻي وٺيون ٿا هلون. ٻئي طرف ڳوٺ جي نيڪ مرد دعوت جي تياري شروع ڪئي. ۽ ڪجهه ٻين دوستن کي به ان دعوت ۾ شرڪت جي دعوت ڏنائين ته جيئن شان ۾ واڌارو ٿئي. بحرحال اسان سڀ صبح جو ناشتو ڪري ان گاڏي ۾ لاڙڪاڻي ڏانهن روانا ٿيا سون. گرمي ايتري هئي جو ان گاڏي جي ايئر ڪنڊيشن پڻ گرمي آڏو مفلوج بڻيل هئي. لاڙڪاڻي پهچڻ بعد اسانکي هڪ عاليشان هوٽل ۾ ترسايو ويو، چانهه، ٿڌو ۽ ماني جو بهترين بندوبست هو. سڄو ڏينهن اسان هوٽل ۾ ترسيل هئا سون ۽ ٻين ضمانت ڪرائڻ ۾ سڄو ڏينهن گذاري ڇڏيو. ضمانت ٿي وئي گاڏي ۽ ڊرائيور کي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ڪيو ويو. اسان ساڳي لينڊ ڪروزر گاڏي ۾ لاڙڪاڻي کان باڊهه آيا سون. جيئن ئي اوطاق ۾ پهتا سون قربان صاحب ان ڪراچي واري مهمان کي وري ڪنهن نامعلوم هنڌ تي رهائي ڇڏيو. اسان پڇيو مهمان ڪٿي آهي؟ ساڻس اڄ رات ڪچهري ڪندا سون. قربان صاحب وراڻيو ته نه سائين ڪالهه کان وٺي هتي اهڙي گاڏي کي ماڻهن گهمندي ڦرندي ڏٺو آهي، بدامني جو علائقو آهي اگر ڪنهن رات جو مهمان کي اغوا ڪيو ته بي، بي، سي کان اورتي خبر نه هلندي ڇو ته ڪراچي جي چوٿين حصي جي ٽرانسپورٽ جو مالڪ آهي، تنهن ڪري آءٌ کيس هرگز ٻاهر نه آڻيندس. ايتري ۾ شام جو ڳوٺ جو نيڪ مرد اچي پهتو ته مهمان کي پنهنجي بنگلي تي وٺي وڃان. سندس بنگلو اسان واري اوطاق کان ٻن يا ٽن سون فوٽن جي مفاصلي تي هو. قربان صاحب ان نيڪ مرد کي چيو ته ماني ڪونه کائيندا سون بس اوهان کائي ڇڏيو. ان ماڻهو ماني تي چڱو ڀلوخرچ ڪيو هو. ٻڪر، مڇي کان وٺي دال، سبزي ستن قسمن جا کاڌا تيار ڪرايا هئا. سندس چوڻ موجب ته اگر توهان کي دعوت کائڻي نه هئي ته صبح جو دعوت قبول ڪري ايترو خرچ نه ڪرايو ها، ڪجهه بحث کانپوءِ فيصلو ٿيو ته بنگلي جي ٻاهران سرچ لائيٽون لڳايون وڃن چئو طرف سڪيورٽي گارڊ مقرر ڪريو ته مهمان کي ٻاهر وٺي ايندس آخر ائين ئي ٿيو سرچ لائيٽون آنديون ويون هٿيارن سان گارڊ مقرر ڪيا ويا، پوءِ به چيائون ته کاڌو ميز تي لڳايو وڃي ته پوءِ اچون. مان پنهنجي حساس طبع ڪري هر ڳالهه ذهن نشين ڪندو ويس. ماني لڳائن بعد ان مهمان کي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ ٻاهر آندو ويو ۽ چيو ويو ته جلدي ماني کائي وٺو ته هلون.
    ماني بعد ٿڌين بوتلن ۽ مشروبات جو انتظام ڪيل هو پر انهي لاءِ به نه پيا ترسن. سندن چوڻ موجب بوتلون ڪونه ٿا پيون، ليڪن کين بوتلون پياريون ويون ۽ جلدي جلدي اصل رهائش گاهه ڏانهن منتقل ٿي ويا. صبح جو سوير اٿندي ڪراچي ڏانهن روانا ٿي ويا. مونکي اوطاق ڏي ٻاهر ننڊ تمام گهٽ آئي ۽ رات جو دير کان ئي سوچيندو رهيس ته هي ڇا مسئلو آهي اسان به مهمان آهيون ليڪن اسان لاءِ ڪابه سڪيورٽي وغيره نه آهي. عجيب قسم جا خيال اڀرن ۽ لهن پيا. جيئن سانوڻ جي مند ۾ هڪ ڪڪر ٺهندا آهن ۽ ٻيا ڊهندا آهن منهنجي ذهن ۾ به ڪيترائي افسانا ٺهن ۽ ڊهن پيا. مون سوچيو ته هي سڀ ڪجهه ڇا آهي. غريب لاءِ ڪابه سڪيورٽي نه آهي ۽ امير لاءِ ايڏي وڏي سڪيورٽي آهي. غريب کي گهر نه هوندو آهي ته به کليل ميدان ۽ پڌر ۾ پڻ وقت گذاريندو آهي ڪکن ۽ ڪانن جو گهر ٺاهي مٿي تي ڇانءَ ڪري وقت گذاريندو آهي. کائڻ لاءِ هڪ ويلو کائيندو آهي ٻئي ويلي لاءِ جڏهن آڻي. رات ڏينهن محنت ڪندو مزدوري ڪري گذر ڪندو. بسترو نه هوندس ته پٽ تي پڻ سمهي پوندو. کٽ نه هوندس ته پڻ زمين تي ليٽي آرام ڪندو وهاڻو نه هوندس ته ٻانهن سراندي ڪري سمهي پوندو. پيرين توڙي مٿي اگهاڙي پيو وقت گذاريندو. ايتري هوندي به ڇهه مهينا ڪمائي جيڪو به قرض ۾ هليو ويندو، اگر ڪجهه داڻا بچندا ته گندي ۾ رکي ڇڏيندو، ان لاءِ به نه پهرو نه سڪيورٽي، بس الله تي ڀروسو ڪري رکي ڇڏيندو، رات، ڏينهن، تتي توڙي ٿڌي پيو محنت ڪندو رات جو ٻني ۾ پاڻي ڀرائڻ ويندو ته صرف ڪوڏر ۽ لٺ ساڻ هوندي، نه دشمن جو ڊپ نه بلا ڀتر جو فڪر سڀ ڪجهه الله تي توڪل.
    هوڏانهن امير جي گهمڻ لاءِ وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ گڏ ٽي چار هٿيارن سان پهريدار، بئنڪن ۾ لکين ۽ ڪروڙين رپين جا بئلنس هوندا آهن صرف هڪ بئنڪ ۾ نه پر ڪيترن ئي شهرن ۾ جدا جدا کاتا ۽ وڏا وڏا بئلنس هوندا، رهائش لاءِ وڏا وڏا عاليشان بنگلا جن کي وڏا وڏا ٻه ٻه مين گيٽ، جن تي پهريدار بيٺل هوندا، امير ماڻهو جڏهن ايندو ته دروازا خودبخود کلي ويندا ۽ اندر داخل ٿيڻ بعد دروازا خودبخود بند ٿي ويندا، هر جڳهه ڪئمرائون لڳل هونديون، جيڪي چوويهه ڪلاڪ پيون رڪارڊنگ ڪنديون، اندر ڇا ڇا هوندو؟ بنگلو ٽائيلس ۽ ماربل سان سجايل هوندو، آرامده ڪمرا ۽ وڏا وڏا هال هوندا جن ۾ ايئرڪنڊيشن لڳل اعليٰ قسم جا عاليشان صوفا ۽ بيڊ لڳل هوندا. جن ۾ ايترا ته آرامده فوم لڳل هوندا جن ۾ ويهڻ سان ماڻهو گم ٿي ويندا باقي پئي منڍي ڏسبي. عمدي قسم جا باٿ روم هوندا، صاحب جي ماني ڄڻ ڏهن ماڻهن جي ماني جي مقدار ۾ هوندي، صاحب ماني کائي اٿندو ته صرف هٿ ڌوئڻ لاءِ ايترو خرچ ٿيندو جو چار غريب ماني کائي وڃن، صابڻ، شمپو، ٽشو پيپر ۽ ٽوال حرڪت ۾ اچي ويندا، بعد ۾ عملي کي خبر ئي نه هوندي ته صاحب ڪيڏانهن ويندو ڊرائيور، نوڪر، گارڊ سڀ تيار هوندا، جيستائين صاحب نڪري ايستائين سڄو ماحول مصيبت ۾ هوندو. هزارين ايڪڙ زمينون، انهن جا ڪمدار ۽ هارين کي اهو وڏو ماڻهو سڃاڻي به نه سگهندو صرف وقت تي پيدائش ۽ مال پيو ملندو، سامان رکڻ لاءِ وڏا گودام ۽ ڪاروبار لاءِ ڪاخانا ۽ مختلف فيڪٽريون هونديون جيڪي بنا تڪليف جي پيون پئسا ڪمائي ڏينديون. سڀ ڪجهه ايترو هوندو جو غريب ماڻهو خواب يا تصور ۾ به نه ڏٺو هوندو، پر هڪ ڳالهه جيڪا ڪم ازڪم منهنجي ذهن ۾ آئي ته هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه امير لاءِ ٿيو آهي ۽ غريب لاءِ ڪجهه به نه ٿيو آهي ليڪن هڪ اهڙي شيءَ به آهي جيڪا غريب وٽ ته آهي، پر امير وٽ بلڪل نه آهي، اها شيءَ غريب کي ته مفت ۾ ملي ويندي آهي، پر امير کي ڪروڙن ۾ به نه ملندي آهي. اها آهي سڪون!
    امير سڄو ڏينهن عيش ڪري رات جو سمهندو ته کيس آرام جي ٽڪين کان سواءِ ننڊ نه ايندي پر غريب ماڻهو سڄي ڏينهن جي محنت کانپوءِ رات جو سمهندو ته کيس پَٽ تي ئي ننڊ اچي ويندي ۽ دنيا کان بي خبر ٿي پيو سڄي رات گوگهرا هڻندو. ڇا جو ٽڪيون، ڇا جو فڪر. اهو آهي امير ۽ غريب ۾ فرق.


    ٻهراڙيءَ ۾ تبديل ٿيندڙ ماحول

    ڪو دور هو جڏهن سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ماڻهو امن محبت ڀائپي ۾ پاڻ سان گڏ رهڻ کي اهميت ڏيندا هئا. اوطاقون آباد ۽ ويڙها باغ بهار هوندا هئا. وڏي عمر وارن جو ننڍا ۽ ننڍي عمر وارن جو وڏا خاص خيال رکندا هئا. سج جڏهن لهڻ جا سانباها ڪندو هو ته اوطاقن کي ٻهاري ڏيئي ڇنڪار ڪري صاف سٿرو بنائي کٽون رکي انهن تي وهاڻا رليون وڇائي هڪ ٻئي جي سامهون ويهي ٿڌڙي هوا جو مزو وٺندا هئا ۽ ڪچهريون ڪندا هئا. گهرن ۾ عورتن جو خاص ڪردار هوندو هو. مٿي تي رئي يا پوتي جو ڍڪ هوندو هو ۽ مهمانن لاءِ دلچسپي سان کاڌو تيار ڪنديون هيون. پر افسوس جو اڄ اهو سڀڪجهه تبديل ٿي ويو آهي. اوطاقون جيڪي نصيحت جون درسگاهون هيون سي اڄ اجڙيل ۽ ويران آهن.هاڻي انهن جي جاءِ هوٽلن والاري آهي جتي وي،سي،آر ٽي، وي ۽ ڊش ڪلچر ماحول کي خراب ڪري ڇڏيو آهي. چانهه ۽ سگريٽ بگاڙ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ويڙهه ۽ ڦرلٽ جي فلمن جي ڪري نوجوان نسل خراب ٿي ويو آهي. هر روز رڳو رستن تان ڦرلٽ، ڦڏن ۽ فسادن جون خبرون پيون ملنديون آهن. ٻهراڙي ۾ اڳ ۾ جيڪا ماءُ پنهنجن ٻارن کي الله هو الله هو جي مٺڙي لولي ڏيئي ننڊ ڪرائيندي هئي، هاڻي ان بدران برسٽن ۽ گولين جا ڪڙڪاٽ آهن ۽ ڪو نه ڪو نقصان ٿيڻ ته لازمي ٿي ويو آهي.
    سچ پچ مونکي جڏهن اهڙا واقعا ٻڌڻ ۾ ايندا آهن ته دل ۽ دماغ تي وڏو اثر ٿي ويندو آهي. منهنجو واسطو به سڄي ڄمار ٻهراڙي سان رهيو آهي ۽ تقريبن سڄو جيون اتي گذاريو اٿم. جڏهن اهو وقت ياد ايندو آهي، جڏهن روڊن رستن ۽ واهن تي خوبصورت وڻن جون قطارون امن جو پيغام ڏينديون هيون. هاڻي نه اهي قطارون آَهن ۽ نه امن رهيو آهي. ماحول تمام تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي. خبر نه آهي اڳتي اِهو ماحول ڪٿي دنگ ڪندو. مونکي ياد آهي اسان جڏهن اسڪول ۽ ڪاليج واري زندگي ۾ هئا سون بلڪل امن ۽ سڪون هو. پري پري تائين ماڻهو پيادل، بيل گاڏي يا سائيڪل تي سفر ڪري هفتن بعد به سلامتي سان گهر موٽي ايندو هو. اڄ ڪلهه صرف چند ڪلاڪن لاءِ ماڻهو ڪيڏانهن وڃي ٿو ته پويان ان جو وڏو انتظار ڪرڻو پوي ٿو ته شل سلامتي سان واپس اچي.
    جٿي ڪٿي محبت ۽ پيار بدران نفرت نظر اچي رهي آهي اڳ ۾ هڪ ويڙهي جو صرف هڪ وڏو دروازو هوندو هو ۽ سڀ ماڻهو قرب ۽ همدردي سان گڏ گذارڻ پسند ڪندا هئا. اڄ ڪلهه اهو ماحول الائي ڪيڏانهن هليو ويو آهي، جو هڪ ويڙهي ۾ جيترا گهر هوندا اوترا الڳ الڳ مختلف طرفن کان دروازا ۽ الڳ ڀتيون هونديون. سهپ بلڪل گهٽ ۽ نفرت تمام گهڻي ٿي وئي آهي. اخبارن ۽ ميڊيا تي رڳو جهيڙن، ڦرون ٿيڻ، تشدد ۽ خون ريزي جون خبرون آهن.
    اهو وقت مونکي چٽو ياد آهي، جڏهن اسان اڃا ٻار هئا سون. ٽريڪٽر يا ڪا ٻئي زرعي مشينري متعارف نه ٿي هئي هاري ويچارا اڌ رات جو اٿي ڏاندن کي هرن ۾ جوٽي رات جي پوئين پهر ۾ جريب يا ان کان مٿي زمين هر ڪاهي ڇڏيندا هئا. اسر ويل جيڏانهن ڪيڏانهن رڳو هارين جي هونگار ٻڌڻ ۾ ايندي هئي فصل به ڀلا ۽ برڪت وارا هوندا هئا. هن وقت مشينري دور آهي، ڪيتري به پيداوار گهڻي هجي پر برڪت کان خالي هوندي. رڳو پوري نه پوڻ جون دانهون هونديون.
    ٻهراڙين ۾ سياري جي راتين ۾ باهه جو وڏو مچ ٻاري گهر ڀاتي چوڌاري ڦري ويهي رهندا هئا ساڳي ريت اوطاقن ۾ انهي مچ تي اوڙي پاڙي جا ماڻهو ويهي شاعري، بيتن، ڳجهارتن ۽ پرولين سان گڏ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. پر وقت گذرڻ بعد هن وقت مچ ڪچهرين وارو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. ذهني ۽ روحاني نشو نما واري مشق هاڻي ختم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
    مونکي ياد آهي جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون، گهر جي اڱڻ مٿان رات جو آسمان تي تارا ٽانڊاڻن جيان ٽمڪندا هئا. انهي جهرمر دوران رات جو سمهڻ مهل بابا جي پاسي ۾ سمهي ان کان ڪهاڻيون ۽ قصا ٻڌندا هئا سون. ته هڪڙو هو بادشاهه، بادشاه ته خود خدا آهي پر زماني جو بادشاهه.... هڪ زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن جهنگ ۾ هڪ شينهن ۽ لومڙ رهندا هئا..... يا وري هڪ بادشاهه هو ۽ ٻي هئي ان جي راڻي....وغيره وغيره. اهڙا قصا هرروز ٻڌندا هئا سون. انهن کي قصو يا نقلي ڪهاڻي نه سمجهندا هئا سون. پر ان کي حقيقت سمجهي عجيب قسم جو تجسس ۽ سوچ پيدا ٿيندي هئي. ذهن الائي ڪٿي ڪٿي وڃي نڪرندو هو. ڪهاڻي خيالي صحيح پر ٻڌائيندڙ جي انداز کي ڏسي ايئن لڳندو هو ته اهو سڀ ڪجهه حقيقي دنيا جو حصو آهي. ڇو ته آکاڻي ۾ آيل ڪردار وڏي ڪمال جا بيان ڪيا ويندا هئا جن سان تجسس ۾ اضافو ٿيندو هو. مان به شايد اهي ڪهاڻيون نه ٻڌان ها ته هي ڪچيون ڦڪيون ڪهاڻيون لکي نه سگهان ها. هاڻي رات جو سمهڻ مهل اسان جي ٻارن وٽ ڪنهن به ڪهاڻي جو انتظار نه آهي. سندن والدين جا هٿ موبائيل سنڀالڻ ۾ پورا آهن. جيتوڻيڪ اهي قصا ۽ ڪهاڻيون اڄ به ڪتابن جي صورت ۾ موجود آهن پر ڪابه دلچسپي نه رهي آهي. جانورن، پکين، جنن، پرين، بادشاهن ۽ راڻين جي ڪردارن جون اهي آکاڻيون هاڻي اسان کان وسري ويون آهن. اسان وٽ ايترو وقت نه بچيو آهي جو پنهنجي ٻارن کي آکاڻيون ٻڌائي انهن ۾ تجسس ۽ سوچ پيدا ڪريون. هاڻي اسان اهڙي نسل جي تياري ۾ رڌل آهيون، جن کي آکاڻين بدران وڊيو گيم ۽ موبائيل ۾ مصروف ڪري ڇڏيو آهي.
    ڪو وقت هوندو هو جو ماڻهن ۾ برداشت جو مادو ايڏو هوندو هو جو ڪنهن چڱي يا وڏي عمر واري ماڻهو ڪو فيصلو يا ڳالهه ڪئي ته ڄڻ پٿر تي ليڪو هوندي هئي. سڀ ڪو خوشي مان مڃي ويندو هو.ماڻهن ۾ وڏي محبت ۽ اڪير جي تمنا هوندي هئي. ڪابه لالچ نه هوندي هئي. خوشيون ۽ محبتون هونديون هيون. شادين مرادين ۾ هر ڪنهن کي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ اهم سمجهيو ويندو هو. اگر اتفاق سان ڪو نه ايندو هو ته سڀ پريشان ٿي ويندا هئا ۽ چوندا هئا ته فلاڻي کي پرچائي وٺي اچو ته جيئن اسان جي خوشين ۾ شريڪ ٿئي. هاڻي ڏٺو وڃي ٿو ته اها ساڳي ڳالهه نه رهي آهي.برداشت، ناتا، رشتا، مٽي مائٽي، خوشيون ۽ رونقون ايئن موڪلائي ويون آَهن ڄڻ سماج ۾ سندن نالو نشان ئي نه هو.مغروري ماڻهن کي ان حد تي اچي بيهاريو آهي جو رشتا، ناتا، پيار ۽ محبت جي ڪا حيثيت ئي نه آهي. اهي ڳالهيون اسان جي مستقبل واري نسل لاءِ تمام گهڻو نقصان ڪار آهن. اسان وري خاموش تماشائي وانگر هي سڀڪجهه ڏسي رهيا آهيون.


    اسان جا وڏا ۽ اسان ننڍا

    هر انسان کي ذهن ۾ ڪيئي خيال ۽ تصورات يا گذريل واقعا ذهن ۾ پيا اڀرندا ۽ لهندا آهن. خاص ڪري اڪيلائي ۾ ته ويتر وڌيڪ خيال لهندا آهن ۽ چڙهندا آهن. جيئن ٽيليويزن جي پردي تي ڊرامي جي هڪ تصوير کان پوءِ يڪدم ٻي تصوير اچي ويندي آهي ۽ ڏسڻ وارو گذريل تصوير جو ذهن ۾ تصور ڊاهي نئين تصوير ڏانهن متوجه ٿي ويندو آهي. انسان ويچارو به پنهنجي گذريل زندگي يا هلندڙ ماحول جي هر معاملي تي خيالن کي ايئن ڊوڙايندو آهي جو ذهن ۾ الائي ڪٿان کان ڪٿي هليو ويندو آهي. سو اڄ آءٌ خيرپور واري جاءِ تي اڪيلو ترسيل آهيان جيڪي دوست رات جو گڏ هئا سي صبح جو پنهنجن پنهنجن ڪمن ڪارن لاءِ مون کان اهو چئي عارضي طور موڪلائي ويا ته اڄ شام وري گڏ هوندا سون في الحال روزي جي ڪڍ وڃون ٿا. مان اڪيلو ٿي ويس ۽ اڪيلائپ ۾ مون کي وري لکڻ مزو ڏيندو آهي، ڇو ته وقت به آساني سان گذرندو آهي. اوچتو جيڪي خيال ذهن ۾ عارضي طور نمودار ٿيندا آهن ۽ وري يڪدم گم ٿي ويندا آهن. وقت جو فائدو وٺي مان انهن کي وري ورقن ۾ قيد ڪري ڇڏيندو آهيان ڇو جو لکڻ لاءِ خيالن کي ڦاسائڻ دنيا ۾ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. خيال به پکي وانگر حساس هوندا آهن. ۽ ٿوري خلل تي پکي وانگر اڏامي هليا ويندا آهن.
    سو اڄ مون کي ذهن ۾ هڪ اهڙي عجيب و غريب ڪهاڻي اڀري آهي جيڪا ٿوري وقت بعد وري هميشه لاءِ گم ٿي وسري ويندي. سوچيم ته ڇو نه ذهن جي ڪهاڻي کي هميشه لاءِ پنن ۾ قيد ڪري ڇڏيان.
    اسان جڏهن ننڍا هوندا هئا سون ۽ ذهن به تمام ننڍو هوندو هو. ٻاراڻي فطرت موجب هر ڳالهه تي پيا روئندا هئا سون. اسان جا مائٽ وري اسان کي چپ ڪرائڻ لاءِ اهڙا نفسياتي دڙڪا ڏيندا هئا جو روئڻ ته مڪمل طور وسري ويندو هو پر مائٽن جي انهن نفسياتي دڙڪن تي سوچي سوچي يا ننڊ اچي ويندي هئي يا اهي خيال وسري ويندا هئا جن لاءِ روئندا هوندا هئا سين. مثال طور نه پر حقيقت ۾ مونکي ياد آهي جڏهن ننڍپڻ ۾ اسان روئندا هئا سون ته امان اسان کي چوندي هئي چُپ ڪر خير ٿي اچي جيڪا روئندڙ ٻار کي کڻي ويندي آهي. اسان تي نفسياتي اثر ٿي ويندو هو ۽ چپ ٿي ويندا هئا سون ۽ پڇندا هئا سون ته خير ڇا آهي؟ امان چوندي هئي خير رات جي آهي جيڪا روئندڙ ٻارن کي ڳولي ڳولي کڻي ويندي آهي، ان کان علاوه ٻيون ڳالهيون به ڪندا هئا. خير بخت ٿي اچي،روچي ٻورو ٿو اچي، راڪاس ٿو اچي. وغيره وغيره. اهي سڀ وقت وقت جون ڳالهيون آهن ۽ جڏهن وڏا ٿيا سون ته اصل خبر پئجي ويئي ته خير ڇا آهي، خير بخت ڇا آهي، روچي ٻورو يا راڪاس ڇا آهي؟ اُهي هيون اسان جي وڏن جون ڳالهيون. جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون ۽ هن وقت اسان خود وڏا ٿي ويا آهيون ۽ ننڍن لاءِ اسان جا ڪهڙا خيال آهن پر جيئن جو وقت تبديلي آڻيندو آهي اهو فرق ضرور آهي اسان جي وڏن وارو وقت ٻيو هو ۽ هاڻي اسان وڏا آهيون اهو وقت ٻيو آهي. پر وڏن ۽ ننڍن جو وجود ته هر زماني ۾ موجود آهي ۽ هلندو رهندو ڇو ته هر زماني ۾ ان وٿي کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي.
    جڏهن اسان ننڍا هوندا هئا سون ۽ جيڪي ڳالهيون وڏا ڪندا هئا سي هاڻي اسان سڀ ڪجهه سمجهي ويا آهيون ته حقيقت ڇا هئي وقتي لحاظ کان فرق ضرور معلوم ٿئي ٿو. جيئن مثال طور اسان ننڍا هوندا هئا سون ته اسان جي وڏن وٽ پئسو ڳوليو نه لڀندو هو ۽ اسان کي خرچي به نه ملندي هئي ۽ هاڻي اسان وڏا آهيون اسان وٽ پئسو به جام آهي ۽ اسان جي ننڍن لاءِ خرچي به جام ڏني ويندي آهي.
    مون کي ياد آهي پراڻي زماني ۾ حجم ڳوٺن ۾ سيرب ٺاهڻ لاءِ ايندا هئا، ڊکڻ ڪاٺ جو ڪم ڪري ويندا هئا يا ڪنڀر ٺڪر جا ٿانوَ گهر ويٺي ڏيئي ويندا هئا پر ان جو معاوضو فصل لهڻ وقت آهت جي نالي تي وٺي ويندا هئا. پر هن وقت ايئن ڪٿي به نه آهي هر شيءَ جنهن کي ضرورت پوي، پئسي سان وٺي اچي، مطلب ته اڳ ۾ زندگي سادي هئي ۽ هاڻي اوچي زندگي گذاري پئي وڃي. البت ان سڀڪجهه جي باوجود اسان جا وڏا ڪجهه اهڙيون ڳالهيون ڪندا هئا جيڪي سچ، حقيقت، خالص ۽ ملاوٽ کان پاڪ هيون، جيئن اسان جا وڏا پنهنجي زماني کي ياد ڪري پنهنجا تجربا ۽ مشاهدا اسان آڏو پيش ڪندا هئا ته اسان وڏا وڏا پهلوان هئا سون، وڏيون وڏيون وزني شيون کڻندا هئا سون، ڪوهن جا ڪوهه ڀڄندا هئا سون ته به ٿڪ ڪونه ٿيندو هو، اسان صحت مند هوندا هئا سون، سادي ماني کائيندا هئا سون پر خالص کير، مکڻ، ڏُڌ اسان جي غذا هئي هاڻي واري ملاوٽ واري دور سان پيا ڀيٽ ڪندا هئا.
    بحرحال اسان جا وڏا جيڪي پنهنجو وقت گذاري ويا ۽ اسان جيڪي انهن واري وقت ۾ ننڍا ۽ هاڻي وڏا ٿي ويا آهيون، اسان ۽ انهن وڏن جي وقت ماحول کائڻ پيئڻ، صحت، سنڀال، اٿڻي ويهڻي، آڻڻ نيئڻ، بلڪ هر شيءَ ۾ فرق آهي. اڄ جي اعليٰ قسمن جي کاڌن کان ان وقت جي سادن کاڌن ۾ وڌيڪ لذت هئي. اڄ جي ڪارين، موٽرسائيڪلن ۽ ريل جي سفر کان ان وقت جي پيادل پنڌ ۾ وڌيڪ صحت هئي. ان وقت جي نقلي قصن ۽ ڪهاڻين ۾ اڄ جي ڊرامن ۽ فلمن کان وڌيڪ دلچسپي هئي. بلڪ اڄ جي غير محفوظ زندگي کان جيڪا عياشي سان گذاري وڃي ٿي، ان وقت جي سادي زندگي بلڪل محفوظ ۽ بهتر هئي.


    رنگين يادون

    انسان ۾ ڪافي اهڙا لمحا ايندا آهن جيڪي ان وقت بظاهر ته ڪا معنيٰ نه رکندا آهن پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن اهي ياد ايندا آهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن روح ۾ ڪا بهار جي موسم اچي وئي هجي، مون کي خبر نه آهي ته بي، ايڊ ڪاليج سکر ۾ مون سان گڏ پڙهندڙ دوست هن وقت ڪٿي آهن؟ ڇا ڪري رهيا آهن؟ يا انهن مان ڪيترا خوش آهن يا ڪيترا ڪنهن بيماري جو شڪار آهن. يا انهن مان ڪهڙا حالِ حيات آهن ۽ ڪهڙا هي جهان ڇڏي ويا آهن.
    ا نهن سڀني جي باوجود ان دور جا حسين لمحا وسرن ڪون ٿا. جيستائين حياتي آهي ايسيتائين پيا ياد ڪندا سون. مون کي اها هاسٽل ڇڏي اڄ 33 سال گذري چڪا آهن. پر روزمره جي زندگي جي بيشمار مصروفيتن جي باوجود ماضي ڏانهن منهن ڪري ان دور ۽ ان دور جي ساٿين کي ياد ڪرڻ بنا رهجي نٿو سگهجي. سو ڇو نه ان وقت جي ڳالهين کي هتي بيان ڪريان.
    اڄ آءُ ڪافي وقت کانپوءِ پنهنجي حال ۽ ماضي جي تلخ ۽ خوشگوار يادن تي لکڻ جو سوچي رهيو آهيان. اڄ هن مضمون ذريعي 33 سال پوئتي گذريل وقت ۾ ويندس. اهي يادون نه صرف منهنجي زندگي جو حصو آهن بلڪ انهن يادن جي پويان وڏا وڏا احساس ۽ راز آهن. جيڪي بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهن. هن سڀ ڪجهه جو مقصد مونکي ان بابت لکڻو آهي، جيڪو وقت مون بي، ايڊ ڪاليج ۾ پڙهڻ دوران گذاريو. ڪاليج ۾ داخلا، پڙهائي، ماحول هاسٽل،معلومات ۽ ڪورس بابت ذڪر ڪندس.
    ان وقت بي، ايڊ ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ ايڏي ته ڏکئي هئي جيتري هاڻي 17 گريڊ جي نوڪري وٺڻ ڏکي آهي. ڇو جو درخواست حيدرآباد ۾ ڊائريڪٽر صاحب کي ڏيڻي پوندي هئي، جيڪو سنڌ ليول تي ڪوٽا موجب منظوري ڏيندو هو. ٻه سال ناڪام رهڻ بعد همت نه هاريم ۽ ٽئين سال ۾ درخواست منظور ٿي پر داخلا ۾ اڃا ٻيا مرحلا هوندا هئا، ڪاليج ۾ ٽيسٽ ۽ انٽرويو به وٺندا هئا. اگر سڀني مرحلن ۾ ڪاميابي ٿي ته بعد ۾ داخلا ملندي هئي ٻي صورت ۾ رهجي وڃبو هو.
    ضلع خيرپور ۾ داخلا لاءِ صرف 15 سيٽون هيون جن لاءِ 80 اميدوار ميدان ۾ اچي ويا سون ٽيسٽ ورتي وئي جيڪا عام معلومات تي هئي. جيڪي 80 مان 15 ماڻهو ميرٽ تي آيا انهن ۾ آءٌ ضلعي خيرپور ۾ پهرين نمبر تي آيس خوشي جي حد ئي نه رهي، اسان کي پنهنجي اداري طرفان هڪ سال لاءِ اسٽڊي ليوَ ڏيئي اڌ پگهار تي ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. گهر توڙي ڪاليج جو خرچ ان اڌ پگهار مان پورو ڪيو ويندو هو. مون سان تعلقي ميرواهه جا ٽي دوست گلمير انصاري، نثار حسين رند ۽ ولي محمد شر به سليڪٽ ٿي ويا. ڪاليج ۾ داخلا کان اڳ ۾ اسان کي زندگي ۾ سٺين ڳالهين ۽ سٺين عادتن جي اهميت بابت ٻڌايو ويو. داخلا کان پوءِ هاسٽل ۾ رهائش لاءِ موزون جڳهه ملي وئي. ونگ A جو ڪمرو نمبر 7 ۾ گلمير انصاري سان رهيس. ان وقت امن امان جو ڪو به مسئلو نه هو ٻاهر جا دوست ۽ مائٽ ايندا هئا ته هاسٽل ۾ گڏ رهندا هئا. هاسٽل ۾ کائڻ پيئڻ جو بهترين بندوبست هوسڄو ڪم ميس تي هلندو هو سٺو خرچ ڪري کاڌي جو معيار سٺو رکيو ويندو هو.
    بي،ايڊ جا ڪلاس مٿي واري حصي ۾ هلندا هئا جتي اسان کي B ڪلاس ۾ رکيو ويو. هاسٽل وارو ڪمرو به ڪلاس جي سامهون هوندو هو. هاسٽل جي هيٺ واري حصي ۾ فوج رهندي هئي تنهن ڪري سڪيورٽي تمام بهتر هئي. ڪاليج جي ڪئنٽين ويجهو هئي صرف اشاري سان چانهه گهرائي ويندي هئي.
    پڙهائڻ وارا استاد ڪڏهن سخت ڪڏهن نرم رويو رکندا هئا. پڙهائي ۾ تمام گهڻو ڪم ڏيئي مصروف رکيو ويندو هو. اسائينمينٽ جي مواد حاصل ڪرڻ لاءِ پري پري لئبررين جا چڪر ڏيڻا پوندا هئا. ڪاليج ۾ هڪ لاڙڪاڻي جو (قمرالدين ساريو) به اسان جو دوست ٿي ويو. جيڪو سدائين اسان سان گڏ هوندو هو. بهترين تعليم ۽ دلچسپ ماحول هو. بيمار ٿي پوڻ جي صورت ۾ هيٺ رهندڙ فوج جو ڊاڪٽر همدردي طور مفت ۾ دوا ڏيندو هو. ڪاليج ۾ مختلف وقتن تي ٿيندڙ فنڪشن ۽ گهمڻ لاءِ سال ۾ ٽي مختلف لوڪل ٽوئر ۽ هڪ لانگ ٽوئر ترتيب ڏنل هو. جمعو عام موڪل ۾ شامل هو. لانگ ٽوئر ۾ 6 اپريل 1983ع تي پنجاب ۽ صوبي سرحد ڏانهن 15 ڏينهن جي لاءِ ويا سون. پهريون دفعو سنڌ کان ٻاهر وڃڻ ٿيو. لاهور، اسلام آباد، مري ۽ سوات جا مختلف علائقا گهميا سون دلچسپ ماحول ۾ دلڪش علائقا، خوبصورت واديون، ساوڪ سان ڀريل ميدان، نديون ۽ ان مان وهندڙ چشما دل ۽ دماغ کي تازگي بخشين پيا ۽ عجيب قسم جي خوشي جو احساس ڏيارين پيا.
    ڪاليج جي مشغولين ۾ فنڪشن به ٿيندا هئا ۽ مقرر وقت تي ڪورس جون ٽيسٽون به ورتيون وينديون هيون سال جي آخر ۾ ڪاليج جي سئنيما هال ۾ ساليانو فنڪشن ڪرايو ويو. جيڪو سڄي رات جاري رهيو.
    بحرحال سال جي پڄاڻي تي امتحان وٺي اسان کي واپس پنهنجن پنهنجن ضلعن ڏانهن ڊيوٽي لاءِ موڪليو ويو. وقت گذري ويو پر اهي دوست، ماحول،ڪاليج، هاسٽل، استاد سيميسٽر سسٽم ۽ ٻيون مشغوليون بلڪل ياد آهن. جيستائين زندگي ساٿ ڏنو ايستائين پيا انهن يادن کي ياد ڪندا سين.


    نصيب

    هڪ ڏينهن منجهند جو آءٌ خيرپور واري جاءِ تي اڪيلو سمهيو آرام ڪري رهيو هئس. موسم سخت گرم هئي، بجلي جي اک ٻوٽ جاري هئي جنهن ڪري آرام ۾ خلل ٿي رهيو هو. گهر ۾ رکيل ميز تي فون ۾ رنگ وڳي فون کڻي ڏٺم ته دٻي کان ننڍڙو عاطف ”منهنجو ڏوهٽو“ فون تي ڪال ڪري رهيو هو. مون جيئن ئي فون اٽينڊ ڪئي ته روئي دانهن ڏنائين ته بابا مونکي بابا الطاف ماريو آهي. مون کيس دلاسو ڏيئي مطمئن ڪيو پر مان حيرت ۾ فڪرمند ٿي ويس ننڊ ڦٽي ويئي. سمهي صرف ڇت ڏانهن ڏسي الائي ڇاڇا سوچڻ لڳس ته کيس پيءُ ماريو آهي ۽ ڪيتري مفاصلي تي مونکي ياد ڪري احساس وچان دانهن ڏني اٿس سو به مونکي وري پيءُ سمجهي. هون به جڏهن اسان ڳوٺ ويندا آهيون اهي ڏهٽا پنهنجي اصلي ماءُ پيءُ کي ڀلائي اسان کي اصلي ماءُ پيءُ سمجهي چنبڙي ويندا آهن. مان خيالن جي سمنڊ ۾ ترندي ترندي تمام گهرائپ ۾ هليو ويس. سوچيم ته قسمت ۾ ڪنهن کي هڪ پيءُ ۽ هڪ ماءُ ۽ ڪنهن کي ٻه پيءُ ٻه مائرون، ڪنهن کي ته اڃا به وڌيڪ ۽ ڪنهن لاءِ ڪجهه به نه. منهنجو والد صاحب جڏهن ڄائو ته پيدائش سان سندس والد ۽ والده گذاري ويا هئا ۽ والدين جي شفقت کان محروم ٿي ويو. کيس سندس پڦي پالي وڏو ڪيو ان جو مطلب ته نه ماءُ نه پيءُ صرف سندس پڦي سڀ ڪجهه هئي. اسان جڏهن پيدا ٿيا سين ته اسان ڏاڏو ۽ ڏاڏي نه ڏٺا باقي نانو ۽ ناني ڏٺا سون، جيڪي اسان کي گهڻو نه چاهيندا هئا. تنهنڪري اهي اسان جي تصور ۾ ماءُ پيءُ نه بلڪ صرف نانو ۽ ناني هئا ۽ صرف اسان کي هڪ پيءُ هڪ ماءُ هئي. اسان جا ڏوهٽا وري اسان ناناڻن جا توڙي ڏاڏاڻن جا لاڏلا آهن کين سندن پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کانسواءِ اسان کي به ماءُ ۽ پيءُ سمجهن ۽ ڏاڏي کي بابا ۽ ڏاڏي کي امان چوندا آهن. تنهنڪري سندن کي ٽي مائرون ۽ ٽي پيءُ آهن. هي سڀ ڇا آهي؟ هي سڀ قسمت جو کيل آهي ڪنهن جو مقدر ڪهڙو ته ڪنهن جو ڪهڙو.
    هي سڀ نصيب جي ڳالهه آهي. نصيب جي معنيٰ آهي ”ڀاڳ“ جيڪو صرف الله جي طرفان مقدر ۾ لکيل هوندو آهي انکي ئي ملندو آهي. نصيب کي لکڻ وارن به وڏين وضاحتن سان لکيو ۽ ذڪر ڪيو آهي مثال طور نصيب، بدنصيب، خوشنصيبي، بدنصيبي، ڀاڳ، نڀاڳ وغيره. يا وري نصيب کلڻ جو مطلب بخت جو ورڻ آهي. نصيب جو ڦِٽڻ وري بدبخت يا نڀاڳ آهي. مطلب ته امير، غريب، پيار، نفرت، مرتبو گهٽ يا اعليٰ، عزت،ذلت سڀ ان نصيب جي زمري ۾ اچي وڃن ٿا.
    نصيب جا به ڪيترائي قسم ٿيندا آهن. هڪ مقدر هوندو آهي جيڪي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي مثال طور ڏک سک عزت ذلت يا ٻيو ڪجهه ملندوآهي ته ان کي به نصيب چوندا آهن. ٻيو کائڻ پيئڻ کي به نصيب چوندا آهن. ان بابت به عام روايتون آهن جيئن پاڻي پيئندي گلاس هٿ مان ڇڏائي وڃي ۽ پاڻي هارجي وڃي ته چيو ويندو آهي”نصيب نه هو“. نصيب جي ڳالهه آهي يا وري ڪنهن جي دعوت ڪئي وڃي ٿي، اعليٰ قسم جا کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا، ان ۾ ڪيترا ئي ٻيا ماڻهو کائي ويندا آهن ته ان لاءِ به عام چيو ويندو آهي ڪنهن جي ڪري ڪيترن جا نصيب هئا.
    کائڻ پيئڻ واري نصيب جي حوالي سان آءُ هڪ عجيب ۽ دلچسپ ڪهاڻي لکي رهيو آهيان، جيڪا 1987ع ۾ هڪ سچي ۽ مون سان وابسته هئي. ان وقت آءُ پنهنجي پٽ دامن علي جي علاج لاءِ هر مهيني ڪراچي ويندو هوس. اتي منهنجا ٻه دوست غلام سرور کوکر صاحب جيڪو پورٽ قاسم تي انسپيڪٽر هو ۽ ٻيو محمد موريل عباسي جناح اسپتال ۾ ملازم هو لياقت آباد جي هڪ فليٽ م رهندا هئا. آءٌ به انهن وٽ وڃي رهندو هوس. جڏهن سياري جي موسم ايندي هئي آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ڊنڍ جي پکين جو شڪار ڪري کنيون ويندو هوس ۽ اتي ڀاڄي ٺاهي گڏجي کائيندا هئا سون. هڪ دفعي آءٌ ڪراچي وڃڻ وقت ڪجهه پکي شڪار وارا وٺي ڇلي، کنڀ لاهي پني ۾ ويڙهيون ٿيلهي ۾ بند ڪري کنيون ويس. شام جو جڏهن اتي پهتس، ٻئي دوست موجود هئا. پکي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا پر ٿوري وقت کان پوءِ انهن ۾ اختلاف ٿي ويو. غلام سرور صاحب چيو پکي هڪ سوکڙي آهن جيڪي آءٌ پورٽ قاسم جي ڊائريڪٽر ڏانهن موڪليان جيڪوکائي ڏاڍو خوش ٿيندو. محمد موريل چيو ته پکي دُٻي کان آيا آهن جيڪي اسان پاڻ کائيندا سون ۽ ٻئي کي ڪونه ڏيندا سين. مان مهمان هيس تنهنڪري خاموش رهيس. بحرحال غلام سرور کوکر زوري اهي پکي هڪ نوڪر کي ڏيئي ڊائريڪٽر ڏانهن موڪلي ڇڏيا جيڪو گرو مندر جي ڀر ۾ هڪ بنگلي م رهندو هو. نوڪر پکي کڻي هوڏانهن هليو ويو. محمد موريل خاموش ٿي ويهي رهيو. هڪ ڪلاڪ کان پوءِ اهو نوڪر پکي کڻي واپس موٽي آيو ۽ غلام سرور کي چيائين ته مون وڃي دروازي جي اڳيان رنگ وڄائي ته صاحب پاڻ ٻاهر نڪري آيو کيس پکي ڏنم. پکي ڏسي مون کي چيانئين هي پکي الائي حرام آهن يا حلال آهن. اهو چئي مون کي چيائين پکي واپس کڻي وڃ ۽ مون کي ڪونه ٿا کپن. سو پکي کڻي واپس اچي ويو آهيان. موريل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائين اهي اسان جي نصيب ۾ هئا تڏهن واپس ٿي آيا آهن. اتي انهن جي ڀاڄي تيار ڪري کاڌي سون. نصيب ڪنهنجو به ڪيڏانهن نه ويندو آهي.اِهو سڀڪجهه الله جي طرفان لکيل هوندو آهي جيڪو پڻ نصيب جي حوالي سان آهي.
    نصيب جي حوالي سان هڪ ڳالهه ڪندو هلان ته آءٌ جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هوس ته استاد مرحوم غوث بخش ملاح ۽ استاد مرحوم محمد صادق جسڪاڻي هڪ ٻي سان ڳالهائيندي چيو ته اڇي ڏاڙهي جو ٿيڻ به وڏي خوشنصيبي آهي. مان انهن جي ڳالهه نه پيو سمجهان ۽ پڇيم ته سائين اهو وري ڪيئن؟ مون کي سمجهائيندي چيائون ته جڏهن ماڻهو زندگي جا سڀئي مرحلا ننڍپڻ، جواني، ٻڍاپڻ پورا ڪري ڊگهي ڄمار ماڻيندو آهي ته اڇي ڏاڙهي ٿي ويندي آهي اها خوشنصيبي آهي. بهشت ۾ داخل ٿيڻ به خوشنصيبي آهي.

    آيـا اڱـــڻ عجــيب، نصــيب ڀلا.
    اهي اڱــڻ چمان، يا عجيب چــمان.


    مختلف قسمن جا شوق

    خيرپور ۾ منهجي پاڙيسري دوست گلبهار ڪٽوهر وٽ وڃڻ ٿيو. سندس مامي جي آڱرين ۾ عجيب قسم جون منڊيون پيل هيون. سندس ٻڙا ايئن هجن ڄڻ جهرڪين جا آنا پيا آهن مان کانئس ان بابت وضاحت معلوم ڪئي. چيائين مان گهمڻ ڦرڻ جو شوقين آهيان. ڀٽائي، قلندر وغيره وغيره گهمندو آهيان ۽ اتان وٺي آڱرين ۾ وجهندو آهيان، بس شوق آهي. ڏاڍو کليا سون منهنجي دوست مونکي چيو شوق بابت مضمون لکو ۽ ڪتاب ۾ ڇپايو مونکي به ان مضمون لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. رات جو ذهن کي ڊوڙايم ۽ بلڪل زندگي ۾ پيش آيل سچن ڪهاڻين مان مضمون تيار ڪيم جيڪو هتي لکي رهيو آهيان.
    دنيا جي بگاڙ ۾ رڳو بيوقوفن جو ڪردار نه هوندو آهي پر ان ۾ سياڻن جو به ڪردار هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته شوق سياڻن ۽ بيوقوفن ۾ يڪسان موجود هوندو آهي. شوق هڪ عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ ”خواهش تمنا يا چسڪو“ آهي.
    هن جا ڪيترائي قسم ٿيندا آهن پر خاص ٻه قسم ٿيندا آهن هڪ سجايا شوق ٻيو اجايا شوق. پر شوق ته شوق هوندو آهي. چوندا آهن شوق جو ملهه ئي نه هوندو آهي. هڪ شيءَ اگر ٻن هزارن جي هوندي آهي ۽ شوق ڪلهي تي چڙهي ويو ته پنج هزار به ٿورا آهن. اگر شوق جي وڌيڪ وضاحت ڪندا سون ته ڪن کي ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ڏسڻ جو شوق، ڪنهن کي ڳائڻ ۽ نچڻ جو شوق ڪنهن کي فوٽو ڪڍرائڻ جو شوق، ڪنهن کي اجاين سجاين ڳالهين ڪرڻ جو شوق، ڪنهن کي ٻني ٻاري جو شوق، ڪنهن کي ڪوڙ هڻڻ جو شوق، ڪنهن کي چوري ڪرڻ، جهيڙا ڪرائي ٻن کي ويڙهائڻ جو شوق،ڪنهن کي پکين مارڻ ۽ ڌارڻ جو شوق، ڪنهن کي وڏا وڏا وار رکرائڻ جو شوق، ڪن جو تعليم سان شوق، ڪن جو موالي ٿيڻ جو شوق بحرحال هزارين قسمن جا شوق آهن مضمون لکبو ته ڳالهه الائي ڪٿي وڃي پهچندي، پر منهنجو هڪ دوست آهي جيڪو اڪثر مون سان ڪراچي گڏ هلندو هو. انکي وري ريل گاڏي تي دري واري سيٽ تي ويهڻ جو وڏو شوق هوندو هو جيستائين دري واري سيٽ خالي ٿئي ايسيتائين انتظار ڪندو هو. مون ان کان ان جو سبب پڇيو ته چيائين سائيڊ سان بهترين نظارا ڏسندو آهيان، اسٽيشن تي گاڏي بيهڻ مهل مسافرن جو لهڻ ۽ چڙهڻ جو مزو ۽ وڌيڪ مزيدار ڳالهه ته کائڻ پيئڻ جون شيون به آساني سان وٺندو آهيان. وڌيڪ به گهڻو ڪجهه ٻڌايائين. هڪ ڏينهن ريل گاڏي ڪوٽڙي اسٽيشن کان هلي، جبلن جو پنڌ، اونهاري جي موسم، وري سامونڊي ٿڌيون هوائون ۽ همراهه مزي سان نظارا ڏسي رهيو هو. هڪ اهڙي جاءِ آئي جتان ريل گاڏي اسپيڊ ورتي ۽ منهنجو دوست نظارن ڏسڻ ۾ مست هجي، اوچتو خبر ئي نه پئي سندس مٿي تي پاتل شوق مان ٺهرايل سنڌي ٽوپي سندس مٿي تان آساني سان پرواز ڪري ٻاهر جا نظارا ڏسڻ هلي وئي. همراهه گهڻو ئي هٿ ڊگهيريا پر ٽوپي چيو منهنجو پنهنجو شوق آهي. اهو به هڪ عجيب قسم جو شوق آهي. مون کيس چيو سائيڊ واري سيٽ تي ويهڻ به توهان جو پنهنجو شوق آهي.
    اسان جي علائقي جي هڪ ماڻهو کي وڻن تي چڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو، ماڻهن کي ڪرتب ڏيکارڻ لاءِ هڪ وڻ تان چڙهي لامن وسيلي ٻي وڻ تي چڙهي وري ٽئين وڻ تي چڙهي هيٺ لهي ايندو هو. ماڻهو کيس واهه واهه ڪري بيوقوف بنائيندا هئا. سندس اها ورزش جاري هئي، هڪ ڏينهن اتفاق سان هڪ وڻ تان ٻي وڻ ڏانهن ويندي لام مان هٿ نڪري ويس ۽ هيٺ اچي ڦهڪو ڪيائين. سندس ٻانهه به ڀڄي پئي ۽ ٻيا ڌڪ به لڳس. ڊاڪٽر ۽ حڪيمن کان ٻانهن ٻڌرائي مهينن جا مهينا ٻانهن ڳچي ۾ ٻڌيون پيو آسيرو پاسيرو گهمندو هو. هي به هڪ قسم جو شوق آهي.
    ذهن ۾ جڏهن شوق پيدا ٿيندو آهي ته نفعي ۽ نقصان جي ڪابه خبر نه پوندي آهي. اهڙي قسم جي هڪ پراڻي ڪهاڻي منهنجي ذهن ۾ اڃا تائين گردش ڪندي آهي. جنهن ۾ هڪ ماڻهو پنهنجي ذهني شوق پوري ڪرڻ لاءِ هڪ ڪنڀر جو وڏو نقصان ڪيو هو. 1972ع ۾ آءٌ جڏهن اسڪول مکڻ خان لاشاري ۾ نوڪري ڪندو هوس ۽ رهندو به اتي هوس. اتي ڪنڀر ٺڪر جا ٿانوَ ٺاهي، پچائي، وڪڻي گذر سفر ڪندا هئا. سٺي قسم جي نسل جون اسيل ڪڪڙيون به پاليندا هئا اٽڪل پنج ڇهه سوَ ڪچا دلا ۽ ٻيا ٿانوَ ٺاهي سڪائي رهيا هئا. ڪنڀر اهي ٿانوَ هڪ محفوظ جاءِ تي گڏ ڪري ٻن ڏينهن جي لاءِ پري ڳوٺ هليا ويا.هڪ ماڻهو جيڪو ذات جو جروار هو مون سان گڏ رهندو هو. ڪچن ٿانون جي اندر ڀت جي ڪنڊ ۾ هڪ ڪڪڙ آنن مٿان آري تي ويٺي هئي. مان صبح جو نماز پڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ تان لٿس ته ڏٺم هڪ نانگ ڪڪڙ کي ماري سندس آنن جي وچ ۾ ويٺو آهي. مون جروار کي نانگ بابت ٻڏائي نماز لاءِ هليو ويس . جروار لٺ ڳولي نانگ کي به ماريو ۽ ڪجهه دلا به ڀڳائين.مان نماز پڙهي موٽي آيس ۽ جروار کي چيم دلا ڇو ڀڳا اٿي؟ چيانئين هڪ ته نانگ مارڻ لاءِ جڳهه هموار ڪيم ۽ ٻيو ته ڪچن ٿانون ڀڃڻ ۾ايترو ته هٿ کي مزو پيو اچي جو ڪجهه هرو ڀرو به ڀڃي ڇڏيم. هاڻي به دل ۾ شوق ٿي پيو آهي ته اڃا به ڪجهه وڌيڪ دلا ڀڃان. صرف توهان اجازت ڏيو ڇو ته بهانو به آهي ته نانگ کي پئي ماريو سون. مان ان مٿان ناراض ٿي ويس ۽ سختي سان کيس منع ڪيم ته هاڻي متان اهڙو ڪم ڪرين ڇو ته پورهيت جو پورهيو ٿيل آهي. اڳ ۾ ئي ڪافي نقصان ٿي چڪو آهي. ان ماڻهو پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته موقعي جو فائدو وٺي شوق پورو ڪندس. مان جڏهن اسڪول هليو ويس ته ان ماڻهو پنهنجو شوق پورو ڪرڻ لاءِ لٺ سان پنجاهه کن دلا ڀڃي ڇڏيا. پوءِ وري ڊپ مان اسڪول م مون وٽ آيو ۽ منٿون ڪرڻ لڳو ته ڪنڀر کي ڳالهه نه ٻڌائجان. مان مٿس ڪاوڙجي ويس. مون کي چيائين توهان صرف هڪ دلو ڀڃي ڏسو هٿ کي ايترو مزو ايندو جو ٻين جي ڀڃڻ جو شوق پيدا ٿي ويندو. نه کڙڪو نه آواز، لٺ ڄڻ پاڻي ۾ ٿي هلي ليڪن مون کيس زيان تان ڏاڍيون ڇڙٻون ڏنيون ۽ هو هليو ويو. پوءِ ته جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو ليڪن هي به هڪ عجيب قسم جو شوق آهي.
    منهنجو هڪ دوست خادم حسين ڪٽوهر جيڪو مون سان خيرپور ۾ گڏ رهندو آهي انکي وري شرط رکڻ جو وڏو شوق هوندو آهي. ڪنهن وقت ڪنهن سان ۽ ڪنهن وقت ڪنهن سان پيو شرطون رکندو آهي. هڪ دفعي ٽانگي واري سان ٻه سوَ رپيا واري شرط تي ڪجهه پنڌ تائين ڊوڙ پائڻ واري شرط رکيائين ٽانگي واري گهوڙي کي ڀڄايو ۽ مون واري دوست پاڻ ڀڄڻ شروع ڪيو. پويان موٽرسائيڪلن تي گهڻا ماڻهو شرط ڏسڻ پيا اچن. آخر ۾ ڏهن يا پنڌرهن سيڪنڊن جي فرق سان مون وارو دوست بازي کڻي ويو پر بيهوش ٿي ڪِري پيو. کيس جلدي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو سندس ٻه ڏينهن علاج ٿيو ۽ ٻه ٽي هزار رپيا خرچ اچڻ بعد هوش ۾ آيو کيس شرط وارا ٻه سوَ رپيا به ملي نه سگهيا. هي به هڪ عجيب شوق جو قسم آهي.
    مالي فائدي لاءِ يا ذهني سڪون لاءِ ڪي شوق خاص عادت هئڻ سبب به ڪيا ويندا آهن. جيئن مثال طور ڪو ماڻهو هرو ڀرو ڪنهن مقصد کان سواءِ صرف عادت هئڻ سبب ٻين کي نقصان ڏيڻ يا ٻن کي ويڙهائڻ جو ڪردار ادا ڪندو آهي. هن شوق کي به عجيب شوق سمجهيو ويندو آهي.
    ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته پراڻي زماني ۾ روم ملڪ جي بادشاهه وڏي شوق مان پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ شهر کي باهه ڏياري. پاڻ جبل تي چڙهي ان جو نظارو ڏسندو رهيو ۽ لطف اندوز ٿيندو رهيو. کيس اهو شوق هو ته ڏسان شهر کي باهه ڪيئن ٿي ساڙي. هي وري بادشاهي قسم جو شوق هو.
    اڄ کان سٺ، ستر، سال پراڻي وقت جي هڪ شوق واري ڳالهه ڪندو هلان ته هڪ ماڻهو جيڪو اسان جي علائقي ۾ ۽ روهڙي ۾ به رهندو هو. ان کي پراون گهرن ساڙن جو وڏو شوق هو. هرو ڀرو بنان ڪنهن مقصد جي صرف اهو شوق ته گهرن کي باهه ڪيئن ساڙي ٿي. رات جو چوري باهه ڏيئي ڀڄي ويندو هو. جرم ڪري مڃيندو به نه هو. کيس باهه ڏيڻ جو ايڏو ته شوق هو جو هڪ دفعي دادو کان ريل ذريعي هڪ ساٿي سان لاڙڪاڻي وڃي رهيو هو، وچ تي راڌڻ اسٽيشن ڀرسان جوئر جي ڪڙٻ جا ٺهيل ٻه کرا ڏسي پنهنجي ساٿي کي چيائين انهن کرن کي باهه واه جو لڳندي. ائين چئي پنهنجي ساٿي کي چيائين تون ڀلي لاڙڪاڻي وڃ، آءٌ هتي ترسي پوان ٿو، اڄ رات اهي کرا ساڙي صبحاڻي لاڙڪاڻي ايندس. ائين چئي راڌڻ اسٽيشن تي لهي پيو. رات جو اهي کرا ساڙي شوق پورو ڪري صبح جو لاڙڪاڻي هليو ويو. ائين ته چوندا آهن شوق جو ڪو ملهه ئي ڪونهي.
    ۽ ها! پنهنجي ذاتي شوق بابت لکندو هلان ته مون سڄو جيون لکڻ،پڙهڻ ۽ پڙهائڻ کان علاوه گل، ٻوٽا ۽ وڻن پوکڻ ۾ گذاريو آهي. باغ پوکڻ ۽ باغ ۾ رهڻ تمام گهڻو پسند آهي انب جي وڻ سان بيحد دلچسپي رکندو آهيان. گل پوکڻ به مجبوري ۾ شامل آهي.


    سمجھڻ واري ڳالهه

    زندگي انسان کي گهڻا سبق ڏيندي آهي. زندگي ۾ هر روز اهڙا واقعا ۽ حادثا پيش ايندا آهن جن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. دنيا جي عظيم ليڊر نيلسن منڊيلا پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو ته آءٌ جڏهن ننڍو هوس ۽ اسان ننڍا ٻار راند ڪري رهيا هئا سون ته هڪ گڏهه مون کي تمام گهڻو سبق ڏنو. ٻارن شراررت ڪري گڏهه کي تنگ ڪيو، ۽ هن جي پٺي تي چڙهي جڏهن چڪر پيا ڏين ته مون به ان شرارت ۾ حصو ورتو ۽ گڏهه جي پٺي تي ويهي چڪر پيو ڏيان گڏهه وڏا وڏا ٽپ ڏنا ۽ مون کي وڃي هڪ اهڙي جاءِ تي ڪيرايو جتي ڪنڊا هئا منهنجي جسم تي ڪنڊا به لڳا ۽ منهن تي ڌڪ لڳڻ سبب اهڙو ته رهڙ جو نشان ٿي ويو جو سڄي زندگي ان کي ڏسي پڇتاءُ ڪندو هوس ته جيڪڏهن آءٌ گڏهه کي تنگ نه ڪريان ها ته مون کي ايتري تڪليف نه اچي ها ۽ شرمسار به نه ٿيڻو پوي ها. سوچڻ گهرجي ته هڪ عظيم ليڊر هڪ گڏهه مان ڪهڙو سبق ورتو.
    ان لحاظ سان هي دور جنهن کي جديد دور سڏيو وڃي ٿو، انسان ڪوبه سبق وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. انسان هڪ طرف چنڊ تي قدم رکيا آهن، ٻئي طرف ساڳيو انسان بگاڙ پيدا ڪري ٻن انسانن کي ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن دور جي زندگي جي مٿي تي گندگي، غلط فهمين ۽ شيطانيت جا اهڙا ڪارا ڌٻا لڳل آهن، جيڪي هرروز جسم ۾ نئين قسم جا زخم پيدا ڪري روح کي مرده ۽ من کي بيچين ڪري رهيا آهن. هن دور جي زندگي ايتري ته تڙپائيندڙ آهي جو هر انسان خوف مان راڪاس جي پاڇي ۾ پل پل ڇرڪ ڀري رهيو آهي، جڏهن ته سک، امن، انصاف ۽ سڪون صرف ماضي جا قصا ٿي ويا آهن. اڄ جي زندگي جو مطلب ڳوڙها وهائڻ ۽ سڏڪا ڀرڻ آهي هر طرف انسان افراتفري جو شڪار آهي ۽ ماضي جا قصا سنهري دور کي ياد ڪندي نظر اچي ٿو جتي زندگي ۾ سڪون ۽ انسان هڪٻئي سان محبت سان رهندا هئا. بحرحال انسان هن دور م جيترو ڪاهل، سست، مجبور، ۽ محتاج نظر اچي ٿو، اهڙو انسان تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ نه ٿو ملي وسيلن جي ڳولا ۽ استعمال جي مقابلي ۾ آبادي جو وڌڻ ۽ سائنسي ايجادون جهڙوڪ موبائيل وغيره جو غلط استعمال ماحول ۾ بگاڙ ۽ انسان کي اصليت تان ڀلائي ڇڏيو آهي.
    وقت ۽ حالتون هميشه تبديل ٿينديون رهنديون آهن. پراڻي وقت ۾ سڄو ڏينهن مٽي سان کيڏڻ جي باوجود جسم ۽ من ميرو نه ٿيندو هو ۽ هاڻي صابڻ ۽ سرف يا اجالن سان ڌوئڻ جي باوجود جسم ۽ من ميرو ٿي وڃي ٿو. وقت ۽ حالتون ماڻهو کي ڪيڏو نه بيگانو بڻائين ٿيون پنهنجي اندر جو آواز به ويراني جو آواز لڳي ٿو. پر جيڪڏهن ڪو ڳالهه سمجهي سگهي. ماڻهو با اختيار هوندي به ڪيترو نه بي اختيار آهي. هو جيئن چاهي ٿو تيئن نٿو ڪري سگهي. کلڻ کان وٺي روئڻ تائين پنهنجو پاڻ تي اختيار نه آهي.مجبوراً ٻهروپيائي اختيار ڪري ٻين کي ۽ آخر پاڻ کي ڌوڪو ڏئي ٿو.
    انهن سڀني ڳالهين کان متاثر ٿي مان سوچيندو آهيان ته مون ۾ جيڪي اميدن جون روشنيون ۽ رنگ هئا سي ويڳاڻجي ويا آهن. انڪري ته آءٌ پنهنجو اصلي آستانو ڇڏي صرف ۽ صرف سڪون خاطر پري وڃي سڪونيت اختيار ڪئي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي پاڻ تي به گمان ٿيندو آهي ته مان ڪير آهيان؟ ڇا ۽ ڇو آهيان؟ صرف اها هڪڙي ئي ڪيفيت آهي جيڪا مونکي پنهنجو پاڻ کان جدا ڪندي آهي. هن ذهني ڪيفيت ۾ ننڍيون ڳالهيون به تمام وڏيون لڳنديون آهن.
    مان هڪ لمحي لاءِ پوري انسانيت کي هڪ آئيني ۾ ڏسڻ چاهيو پر ڪجه به نظر نه آيو جيڪي ڏسڻ ۾ آيو سو منهنجي سمجهه کان ٻاهر هو، اهي ڳالهيون ته اسان گهڻي وقت کان ٻڌندا پيا اچون ته انسان جي صورت سٺي هئڻ سان گڏ سيرت جو سٺو هئڻ به ضروري آهي. اها چوڻي به مشهور آهي ته ٻاهر ٻولي هنجهه اندر ڪارو ڪانءُ، ان مان اها مراد آهي ته ڪي ماڻهو ظاهري طور ٻولي هنجهه جي ڳالهائيندا آهن ۽ اندر انهن جو ڪارو ئي رهندو آهي. ساڳي ريت ڪي ماڻهو هڪڙن جي سامهون هڪڙا هوندا آهن ۽ ٻين جي سامهون ٻيا نظر ايندا آهن. ڪي ماڻهو ته پنهنجي منهن کي خوبصورتي واري ڍڪ سان ڍڪي پنهنجي بدصورتي کي لڪائن جي ڪوشش ڪندا آهن پر حقيقت ۾ انهن ماڻهن جي اندر جي ڪاراڻ گهڻي دير تائين لڪي نه سگهندي آهي. وقت جو آئينو سڀڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي اهڙن ماڻهن کي ٻن روپن وارا ماڻهو چئبو آهي. هر ماڻهو پنهنجي ڪارڪردگي ۽ ڳالهائڻ وارن لفظن سان سڃاتو ويندو آهي. لفظ تير کان تکا، زهر کان ڪؤڙا ٿيندا آهن. ته وري ماکي کان مٺا به ٿيندا آهن. لفظ من کي چيري ٽڪرا ٽڪرا به ڪندا آهن ته وري اندر جي ناسور جهڙن زخمن جو علاج به ڪندا آهن. لفظ اکين ۾ لڙڪ به آڻيندا آهن ۽ چهري کي مسڪراهٽ به بخشيندا آهن. اهي لفظ ئي آهن جيڪي آٿت به ڏيندا آهن ته وري نااميدي واري واچوڙي ۾ به ڦاسائيندا آهن. تنهن ڪري لفظن کي سوچي سمجهي استعمال ڪرڻ گهرجي. هر هوشيار ۽ ذهين ماڻهو تڏهن بيوقوف ٿي ويندو آهن جڏهن هو سمجهندو آهي ته مان وڏو ذهين آهيان ۽ وري بيوقوف ماڻهو تڏهن ذهين بڻجي ويندو آهي جڏهن هو سمجهندو آهي ته آءٌ بيوقوف آهيان.
    تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائڻ سان خبر پوندي ته انسان جو هر دور حالات پٽاندڙ پي هليو آهي. جڏهن اسان ڪنهن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ان ۾ سندس عقل، علم، ادب، ڏاهپ ۽ برداشت مطابق هر ڳالهه ماپي ۽ توري سگهجي ٿي جنهن ۾ ان جي سوچ ۽ عمل جي مڪمل خبر پئجي وڃي ٿي. بحرحال اها هڪ تلخ کان تلخ ۽ نمايان حقيقت آهي ته ماڻهو کي سندس زبان سان ڳالهايل لفظن ۽ جسماني ڪردارن سان سڃاتو ويندو آهي.
    ٻي طرف زندگي جي سفر ۾ دوستن جو ساٿ بهار جي بي پرواهه موسم جي پهرين گل ٽڙڻ جهڙو محسوس ٿيندو آهي. جنهن جي خوشبوءَ سان ساهه کي سڌيري ملندي آهي. اهڙي طرح دوست ۽ ان جي دوستي ۾ پڻ قدرتي راز هوندا آهن ماهرن ان کي نازڪ نينهن يا ڪچي تند ڪري ڪوٺيو آهي. لوهه واري زنجير سان به مشابهت ڏني آهي. انهي ٻنهين جو مطلب ته دوستي ٻن قسمن جي هوندي آهي، هڪ موافقت واري زندگي جيڪا هر لحاظ سان پائيدار هوندي آهي، ۽ ٻي منافقت واري دوستي جيڪا پائيدار نه هوندي آهي ۽ ان جو نتيجو دوستي جو ختم ٿيڻ هوندو آهي.
    امام غزالي پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو ته ”پٽ دنيا ۾ ايمان کان پوءِ ڪا شيءَ ڳولجان ته سٺو ۽ سچو دوست. ڇو ته سچو دوست ان وڻ مثال آهي جو تون ويندين ته هو توکي ڇانوَ سان گڏ ميوو به ڏيندو“.
    اها به عام چوڻي آهي ته غريب اهو آهي جنهن کي مخلص دوست نه هجن ۽ اهو ماڻهو ڪڏهن غريب هوندي به غريب نه آهي جنهن وٽ مخلص دوست آهن. منهنجي ذاتي نظر ۾ سچو دوست اهو آهي جنهن وٽ ٻئيءَ دوست لاءِ سچي محبت، ٻيائي کان پاڪ انسان دوستي ۽ اعليٰ انساني قدرن ۽ ڀائيچاري وارا گڻ هجن. درد جا ڀائيوار سچا دوست ٿيندا آهن ۽ سچي دوست جي پرک ڏکئي وقت ۾ ٿيندي آهي، باقي مطلب پرست ماڻهو رڳو پنهنجي مقصد تائين تعلقات رکندا آهن. اهڙي رشتي کان اڪيلو وجود بهتر آهي.
    حضرت علي ڪرم الله وجهه جو فرمان آهي ته ”هميشه سچن دوستن سان دوستي رکو جيڪي سٺن ڏينهن ۾ سرمايو ۽ برن ڏينهن ۾ محافظ هوندا آهن“. پر اڄ ڪلهه لالچ ۽ ڪم ڪڍڻ واري دوستي آهي. جيئن عام چوڻي آهي ته ”ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو“. ڪوڙا دوست انسان جي پاڇي وانگر هوندا آهن. اهي روشني ۾ ته انسان سان گڏ هوندا آهن پر اونداهي اچڻ تي غائب ٿي ويندا آهن. دوستي رکڻ تمام سولي آهي پر ان کي صحيح سمجهڻ تمام ڏکيو آهي.
    سٺي صحبت جو به دوستي تي وڏو اثر ٿئي ٿو. سٺي صحبت سٺو ۽ خراب صحبت خراب ڪندي آهي. عام چوڻي آهي ته ڪارو ٻڌ ڪٻري سان رنگ نه مٽي ته عادت ضرور مٽي. ان کان سواءِ ڪافي اهڙا مثال سمجهڻ جهڙا دنيا ۾ موجود آهن جيئن پُل ۽ ديوار هڪ ئي مٽيريل مان تيار ڪيا ويندا آهن پر هر ڪنهن جو ڪم الڳ آهي، پُل ماڻهن کي هڪ ٻئي سان ملائيندي آهي پر ديوار وري الڳ ڪندي آهي. اها به هڪ حقيقت آهي ته شيشو ۽ رشتو اوچتو ٽٽي پوندا آهن. شيشو غلطي سان ۽ رشتو غلط فهميءَ سان پر خاص ڳالهه اها آهي جو اُهي جڙي ته ويندا آهن پر پهرين جيان مضبوط نه رهندا آهن.
    آخر ۾ شيخ اياز جون ٻه سٽون ياد اچن ٿيون.

    ماڻهو جيڪي منهنجي من کي وڌيڪ وڻيا،
    سي ئي سبب بڻــيا، مــنهنجي مايــوسين جـو.


    نصيحت ڀري ڪچهري

    هڪ دفعي علم، دولت ۽ عزت پاڻ ۾ ڪچهري پي ڪئي، ڪچهري بعد موڪلائڻ وقت علم چيو، چڱو آءٌ هلان ٿو مونکي ڳولڻو هجيوَ ته تعليمي ادارن ۾ اچي ڳولجو.
    دولت چيو چڱو آءٌ به هلان ٿي مونکي ڳولڻو هجيوَ ته اميرن جي بنگلن، سيٺن جي دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ اچي ملجو.
    ويندي مهل علم ۽ دولت عزت کان پڇيو ته ڀلا توسان ڪٿي اچي ملجي؟ ته عزت اداس لهجي ۾ جواب ڏنو، افسوس جو مان هڪ دفعو ويندي آهيان ته وري واپس ناهيان ايندي.

    (رسالو نئين زندگي آگسٽ 2002ع مان ورتل)


    وڻ، انسان ۽ پکيءَ جي زندگي

    جڏهن به آءٌ وڻن جي باري ۾ سوچيندو آهيان ته منهنجو ذهن اڇــل کائي ڳــوٺ جي انـهن وڻن کـي يـاد ڪرڻ لڳـــندو آهـــــي جــــيڪي مــــنهنجي نـــنڍپڻ ۾ مـون سـان گڏ وڏا ٿي رهيا هئــا. ائــــين لڳـــندو هـــو ته ڳـوٺ جـي هـر هڪ ماڻهو جو هڪ هڪ وڻ آهـي،جــيڪو انــهي جو ساٿي آهي ۽ اهو ان سان گڏ وڏو ٿـــي رهيو آهي.ائــين هر ماڻهو جو تـعلـق ان وڻ سان جڙيل هــونـدو هـو.گهـــر جي اڱـڻ کان وٺي ڳــوٺ جي اوطــاق ۽ ٻنـــي ٻاري ۽ واه جي ڪــپ تي بيٺل وڻن سان اسيــن ســڀ ڳـوٺـاڻـا انــهـــي رشــتي کي قائم رکيون ويٺا هئا ســون، پر وڻــن سان انسـانن جو رڳــو لاڳاپـو نه هـوندو آهي بلــڪه اهو ته هڪ وسيع دنيا پڻ آهي،جيـڪو جــيت جــڻين،جانــورن،پکي،پکڻ سڀـن جي ميراث هوندو آهي.وقت گذرندو ويو، اسين جوان ٿيندا ويا سون،وڻ به جـــوان ٿــيندا ويــا پــر پــوءِ هـــڪ ڏيـــنهن ڏٺــوســون ته اســان جي ڳوٺ جـــا ســـڀ وڻ قــتل ٿــي ويـــا. مــون کي ياد آهي ته اسان جي ڳوٺ ۾ هڪ ٻٻر جو وڏو وڻ هوندو هو. جيڪو واهه جي ڪپ تي خوبصورت انداز ۾ بيٺل هو.جنهن ۾ ڪيترن ئي پکين جا آکيرا به هوندا هئا. ان جا پلــڙا جانور کائيندا هئا. ان مان نڪرندڙ کئونر اسان جي حصي ۾ ايندو هو. انهي ٻٻر جي وڻ کي ڏسي ايئن لڳندو هو ڄڻ اها هڪ تمام وڏي قدرتي ڇٽي آهي جيڪا تيز اس کي روڪيندي هئي. ڪنڊي،نــم،انب،ٽــاري تـــوڙي تــوت جا وڻ ڳــوٺ جي سونهن هــوندا هــئا.پر انــسان جي هــوَس ۽ هٻڇ کـي ڪو لــغام ڏيــڻ وارو نه آهي.تــنهن ڪري ان کي هر وقت پـئـسي ڪمائڻ جي لالـچ رهي ٿي.ماڻهن کي واهــن ۽ ڳوٺن ۾ وڻ ان ڪـري پــسند نه آهن جو اهي مـيوو نه ٿا ڏيــن جـنـهن ڪـري ڪمائي گهــٽ ڏيـن ٿــا. ان ڪري اهي وڻــن کــي وڍرائي پئسو ڪمائن ٿا ائين اسان جي ڳوٺ جي وڻن سان به ٿيـو،ماڻهن ســـڀئـي وڻ وڍرائي ڇـڏيــا،بلــڪه انـهن پنهنجــا باغ به وڍرائي ڇڏيـا جيــڪي انــهن کـي هـر سال هزارن جي اپت ڏيندا هــئا. جيڪا ڪهاڙي وڻن کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ لڳي آهي اهــا اڄ تائــين وڻـن جي وجـــود کي مٽائي ڇڏيندي اسان جي ماحول کي دوزخ بڻائي رهي آهي. اسان جي ٻيلي کاتي جي ڪارڪردگي کي ڏسي ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هاڻي انهيءَ جو ڪم وڻن جي واڍي کي روڪڻ نه بلڪه واڍي ڪرڻ آهي.ڪنهن زماني ۾ واهن جي ڪپن تي وڻن جون قطارون هونديون هيون،پر هاڻي اتان وڻ غائب ٿي ويا آهن.وڻن جي تيزي سان ٿيندڙ واڍي جي ڪري ماحول ۾ گرمي پڻ وڌي رهي آهي۽ ٻيو برســاتن اچــڻ جو ســلسـلو به گهــٽ ٿـي ويـو آهي،ٻــوڏن کي روڪــڻ ۾ به وڻــن جو اهــم ڪردار آهي. مون کي بـاربــار لکڻو ٿــو پــوي ته آڳــاٽي زمـاني ۾ ڪـافي تعـداد ۾ وڻــڪار هئــي جتــي برســاتي موســم ۾ وڻ ٻــهڪي پوندا هئا، پکين ۽ جانورن جون موجون لڳيون پيون هونديون هيـون.وڻ نه فــقط ڌرتــي جــي ســونهــن هونــدا آهــن پر انهن ۾ جانــورن جي رهائــش ۽ پکين جا آشــيــانا به هــوندا آهن جتي وڻ موجــود نه آهــن اهـي علائقا ســڃا ۽ ڀـــڙڀــانــگ محسوس ٿين ٿا.اهڙين ماحولياتي تبديلين سان زلزلا به اچن ٿا ۽ زمين جو حسن خــتم ٿــيڻ سان گــڏ جهــنگلي جيــوت کــان پنهنجا واهِيــرا به کسجي وڃن ٿا. زمين به ريگستان ۾تبــديل ٿـي وڃي ٿي. مونکي اڄ به مڪمل طــور ياد آهي ڳوٺ جا اهي وڻ جن ۾ پکــين ۽ جانــورن جي دنـيا آبـاد هئي،اُن وقت وڻ وڍڻ نه بلڪه وڻ پوکــڻ جو رواج هــوندو هو،وڻ آڪــــسيجن جو بهترين ذريعو آهي بلڪه اُهي دل جي ســـسٽم کــي به بهــتر بڻائن ٿا.وڻ جيڪي اسان کي زنـدگي ڏيندا رهنـدا آهن، ان لاءِ اسـان جـو به فـرض آهـي ته اسين به انهن کي زندگي ڏيـون،يعنيٰ انسان وانگر جيئڻ ڏيون. وڻ پوکيون۽ انهن جو نسل ختم ڪرڻ بدران برقرار رکون.


    ڊائريءَ جو وسريل ورق

    مان شروع ۾ هر ڳالهه تي نه رڳو لکڻ پر گهڻو لکندو آهيان. مون کي ياد آهي 1969ع ۾ (نائنٿ دوران) پهريون مضمون ” انسان ويچارو“ تي لکيو هيم. جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وڃائجي ويو. ڪاش! اهو موجود هجي ها ته اڄ ڪتاب ۾ لکان ها. بحرحال 1978ع ۾ جڏهن جواني دوران سنڌ يونيورسٽي مان ايم، اي، جو امتحان ڏنو هيم. اخبار ۾ رزلٽ اچڻ سان خوشي ۾ هيٺيون مضمون لکجي ويو هو.جيڪو ڪجهه سالن کان هڪ بوڪ تي محفوظ ٿيل هو. ڪاغذ پراڻو ٿي ويل وارو احساس ٿيو ۽ ان مضمون کي اکر به اکر هيٺ لکي رهيو آهيان.
    اڄ منهنجي امتحان ايم، اي، (M.A) جو نتيجو آيو آهي. عبرت اخبار تاريخ 19 مئي 1978ع منهنجي اڳيان موجود آهي. منهنجو نتيجو سيڪنڊ ڪلاس ۾ آهي. جنهن ڪري ڏاڍي خوشي اٿم. ايم، اي، مون تاريخ جي مضمون ۾ ڪئي آهي. تاريخ جو سبجيڪٽ مون لاءِ هڪ دلچسپ سبجيڪٽ آهي. جنهن جا ڪتاب پڙهڻ خاص وندر اٿم. تاريخ گذريل وقت کي آئيني مثال اڳيان رکي ٿي. اڳ جا ڏک سک، ريتون رسمون، تهذيب ۽ تمدن ظاهر ڪري ٿي.
    تاريخ زماني جا ساز نهايت پُردرد آهن. تاريخ جي ڳوڙهن جو پاڻي خشڪ ٿيڻ وارو نه آهي.انسان پنهنجي ڪم فهمي ۽ غلطين جو خود شڪار ٿي هر زماني ۾ پنهنجي هم جنس انسان جي گردنين کي خوشي يا مجبوري مان اڏائيندو رهيو آهي. انساني تاريخ جا ورق موت جي پرسوز بربادين ۽ ڳوڙهن سان ڀريل آهن. ڪٿي ڪنهن جي شڪست جي آهه زاري تاريخ کي ماتم ڪندي بڻايو ته ڪٿي ڪنهن جي فتح جي شادمانين جي آوازن جا پڙلاءَ انساني ڪن ٻڌندا رهيا آهن. پر فتح ۽ شڪست ٻنهين ۾ انساني بربادين جو سامان موجود پي رهيو آهي. فاتحن به عظيم نقصان سهڻ کان پوءِ ٻين جي آزادي جا ٻرندڙ چراغ گل ڪيا. فاتح جي فتح به غم ته شڪست واري شڪست به غم. البت اهي زمانا جنهن ۾ محدود عمر واري انسان کي جنهن جا ڏينهن ڏک سان ڀريل آهن، صلح سان گذارڻ جو موقعو نصيب ٿيو غنيمت سمجهيا وڃن ٿا. تاريخ لکڻ وارن جي قلمن کي انهي وقت ڪيترو سخت درد محسوس ٿئي ٿو جڏهن اهي هڪڙن جي تباهي ۽ ٻين جي آبادي جا چٽ تاريخ جي ورقن تي ڪڍن ٿا.
    تايخ جي زماني جو ساز هاڻي گهڻو دلچسپ نه رهيو آهي، هاڻي ان جي سرن ۾ ڪو خاص سُرور ڪونهي ۽ باقي ڪشش رهي آهي. باريڪ مطالعي ۽ تجربن جيڪا پٽي اسان جي اکين تي هزارين سالن کان ٻڌل هئي تنهن کي کولي ڇڏيو آهي. پر زماني جا جاهل حاڪم اڃا تائين اونداهي جي غار ۾ ٿاڦوڙا پيا هڻن. کين اها خبر ڪانهي ته هاڻي تاريخ جي ورقن ۾ ڪهڙي قسم جا حروف لکيا ويندا. ڪهڙن قومن جي بدنصيبي ۾ اڃا رولڙا ۽ تبديليون لکيل آهن يا ڪنهن جي گردن تي ڪنهن جي تلوار جا سخت وار ٿيندا. ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ڌرتي تان مٽجي ويندا. ڪيترا نوان تمدن ۽ تهذيبون پيدا ٿينديون. اهو هڪ اهم مسئلو تاريخ جي ورقن لکڻ وقت قلم آڏو رهي ٿو. منهنجي دل ته چوي ٿي انساني دنيا جي تاريخ لکي هڪ دم پوري ڪري ڇڏيان پر ايئن ڪري نٿو سگهجي. اهو اسان جي وس کان بلڪل ٻاهر آهي.

    ـــ تاريخ 19 مئي 1978ع تي لکيو ويو


    سهڻا سخن

    (1) اکين وارو اهو آهي جيڪو پنهنجين خامين ۽ خرابين کي ڏسي.
    (ڪنفيوشس)

    (2) هڪ بهترين ڪتاب 100 دوستن جي برابر آهي ۽ هڪ بهترين دوست سڄي لائبريري جي برابر آهي.
    (شيڪسپيئر)

    (3) ماڻهو جي کَل تبديل ڪري سگهجي ٿي پر عادت تبديل نه ٿي ڪري سگهجي.
    (خليل جبران)

    (4) اولهه اولهه آهي اوڀر اوڀر آهي جيڪي پاڻ ۾ ملي نٿا سگهن.
    (نا معلوم)

    (5) بڇڙائي عارضي طور ڪامياب ته ٿي سگهي ٿي پر هميشه سوڀاري نٿي ٿي سگهي.
    (شيخ سعدي)

    (6) تڪبر، وڏائي ۽ مغروري جي مقابلي ۾ سادگيءَ رکندڙ ماڻهو ۾ اصلي انسانيت آهي.
    (حضرت علي ڪرم الله وجهه)

    (7) ننڍن ذهن ۾ هميشه خواهشون ۽ وڏن ذهنن ۾ مقصد هوندا آهن.
    (خليل جبران)
    (8) پکي ٽنگن ذريعي ۽ انسان زبان ذريعي ڦاسندو آهي.
    (خليل جبران)

    (9) بدگماني ۽ بدزباني ڪري انسان ڪمال کان زوال طرف ايندو آهي.
    (حضرت علي ڪرم الله وجهه)

    (10) منافق جي دل پٿر کان سخت، باهه کان گرم ۽ زهر کان وڌيڪ ڪوڙي ٿيندي آهي.
    (حضرت علي ڪرم الله وجهه)

    (11) خاموشي خود هڪ زبان آهي، جنهن ذريعي اهو ڪجهه به چئي سگهجي ٿو، جيڪو ڳالهائڻ سان نٿو چئي سگهجي.
    (خليل جبران)

    (12) بد علم کان بي علم ڏهه دفعا وڌيڪ بهتر آهي.
    (گليلو)


    عبادت و سعادت عمرو شريف

    الله سائين جا لک احسان، ڀلايون ۽ ڀال جو هي ڪتاب لکندي هن سال 2015ع جي شروعات ۾ عمري شريف ۽ عبادات حرمين شريف نصيب ڪيائين. مقدس ملڪ ڏانهن ويندڙ قافلي ۾ مون سان گڏ منهنجي گهر جا ڀاتي يعنيٰ منهنجي گهرواري، ٻه نياڻيون، هڪ وڏو ڀاءُ غلام حسين ۽ ٻه ويجها عزيز امداد علي ولد حاجي علي نواز ۽ مولوي محمد ابراهيم ولد غلام شبير، جملي ست ساٿي شامل هئا سون. يارهين جنوري 2015ع تي صبح جو ڪراچي کان جده ۽ وري اتان سڌو مڪي شريف ڪعبته الله شريف جي زيارت ڪري عمري جا فرض ادا ڪيا سون. ڪجهه ڏينهن مڪي شريف رهي عبادتن سان گڏ مقدس جاين جي زيارت ڪري مديني شريف آيا سون. حضور ڪريم صلّي الله عليه وسلّم جن جي روضي پاڪ تي حاضري ڀري مسجد نبوي ۾ نمازون ادا ڪيون سين. ٻاويهن ڏينهن جي هن سفر دوران آخري ٻه ڏينهن وري مڪي شريف آيا سون.
    ڪعبة الله شريف جو طواف ۽ عبادتون ڪري سفر جا سڀئي مرحلا طئي ڪري خير سان پهرين فبروري 2015ع تي واپس پنهنجي ڏيهه ڪراچي موٽي آيا سون. شڪرالحمدالله.


    ـــ مجاهد مهر : ڳوٺاڻا نظارا

    اسان کي اباڻا اڃا ياد آهن،
    سندم گهر ڪکاڻا اڃا ياد آهن.
    انگوڇو ڪلهي تي ۽ پٽڪو مٿي تي،
    سي چهرا نماڻا اڃا ياد آهن.
    وڏن جون ڪچهريون، پهاڪا ۽ چوڻيون،
    سخن عارفاڻا اڃا ياد آهن.
    وتايو، وسايو چنيسر ۽ دودو،
    سٻاجها سياڻا اڃا ياد آهن.
    جتي گڏجي ننڍپڻ ۾ رانديون ڪيون سين،
    اهي پڊ پراڻا اڃا ياد آهن.
    سوين گل گلابي ۽ پوپٽ رنگيلا،
    مٽي جا گهراڻا اڃا ياد آهن.
    پکي قيد کارن ۾ جيڪي ڪيا سين،
    پکي جي اڏاڻا اڃا ياد آهن.
    سداکيت ساوا اونهارا سيارا،
    پلي ساڳ ڌاڻا اڃا ياد آهن.
    مٽر ٻير ڦريون سڱريون ۽ پيرون،
    ۽ گدرا هنداڻا اڃا ياد آهن.
    ٿڌيون نم جون ڇانئون اتر جون هوائون،
    لون ساڻ لاڻا اڃا ياد آهن.
    ستارن جي جهرمر ۽ چانڊوڪيون راتيون،
    رليون هنڌ وهاڻا اڃا ياد آهن.
    مٺي موج مهراڻ واري ته ڇا پر،
    پلا ۽ مهاڻا اڃا ياد آهن.
    چڙن جون توانرون وڳر مال جا پڻ،
    سڀئي گهاٽ گهاڻا اڃا ياد آهن.
    ڪنڍيون ڪاريون ۽ ڪي ڀوريون ڀٽاريون،
    ۽ مومل جا ماڻا اڃا ياد آهن.
    لسي کير ماکي ۽ ٻاجهر جي ماني،
    مکڻ جا ته چاڻا اڃا ياد آهن.
    مڪائي ۽ جوئر ۽ ڌونئرو مهي پڻ،
    ٺڪر کير هاڻا اڃا ياد آهن.
    اٺن جون قطارون ۽ ڇيرن جي ڇم ڇم،
    جتن جا ٿڪاڻا اڃا ياد آهن.
    پلڻ ۽ رليون ٽڪ جون مهري اٺن تي،
    اوٺين جا هلاڻا اڃا ياد آهن.
    مجاهد گهٽيون ڳوٺ واهڻ ته ڇا پر،
    سڀئي روح راڻا اڃا ياد آهن.


    سنڌ جي ثقافت ـــ بلوچ صحبت علي

    هي لوا، هي لاڙيون، هي اڪ، هي اون،
    هي ڊڀ، هي ڪانڊيرا، هي کبڙ، هي کلير،
    هي ٻٻر، هي ٻير، هي برسيم، هي ڇٽالو،
    هي سرنهن، هي ساڳ، هي محبت، هي ماڳ،
    هي ڪانهن، هي دانهن، هي کيڙيون، هي ويڙهيون،
    هي ڪيڻيون، هي کاٽيون، هي ونگار، هي انبار،
    هي ڏاٽا، هي چنجور، هي پاهوڙيون، هي گهڙامنجيون،
    هي گنديون، هي گندڙا، هي آٿر، هي ڪجاوا،
    هي آهور، هي ڪلا، هي اکريون، هي مهريون،
    هي ڏانداريون، هي پاڃاريون، هي ديرا، هي ڳيرا،
    هي ڍنگر، هي پگهر، هي وارا، هي پارا،
    هي ٻيانگ، هي ٽيانگ، هي ٻيجا، رونبا،
    هي سانهر، هي گهوٻا، هي فرشو، هي سنيهون،
    هي ڀاڪر، هي ڀريون، هي ڪانڀو، هي وڍ،
    هي جاٽون، هي اوڙون، هي ناڙيون، هي ڇٽون،
    هي کانڀاڻيون، هي جهار، هي ڇيليون، هي ليليون،
    هي گهيٽا هي ڀيٽا، هي منهه، هي پيهيون،
    هي ٻوليون، هي لوليون،هي نار، هي ڌار،
    هي جهوليون، چوليون، هي لوڏ، هي ڪوڏ،
    هي بسريون، هي تانهريون، هي اجرڪ هي ٽوپيون،
    هي لسيون، هي ڪسيون، هي ٻنا، هي ٻارا،
    هي چنڊ، هي تارا، هي گليلا، هي گليليون،
    هي واڙيون، هي وٿاڻ، هي مور، هي ٽور،
    هي کرا، هي لوڙها، هي ڍنڍون، هي ڍورا،
    هي ٻهراڙيون، هي ٻيلا، هي پيرون، هي پلڙا،
    هي ٽويا، هي ٽڀا، هي تريون، هي ڪانگڙا،
    هي ڀوريون، هي ڪنڍيون، هي واور، هي چانور،
    هي ڪوڏر، هي لوهر، هي پلر، هي پالوٽ،
    هي نيرڳ، هي آڙيون، هي بهه، هي پلا،
    هي لوڙهه، هي ٻوڙ، هي ساريون، هي بٽئي،
    هي هاري، هي ناري، هي ڳانيون، هي جُهل،
    هي لُڙ، هي هُل، هي پيار، هي مار،
    هي ٻارا، هي ٻاريون،
    هي نار، هي ناريون، هي ڪڻڪ ۽ ساريون،
    سڀ منهنجي ڌرتي جي سونهن آهن


    شاديءَ کان اڳ ۾ ٿيلسميا جي چڪاس لازمي ڪرايو ـــ عبدالحفيظ لغاري

    ڪجهه ڏينهن اڳ اسان سڀني وٽ هڪ ميسيج سرڪيوليٽ ٿي رهيو هو. ”مون کي رانديڪا نه کپن. مون کي خرچي به نه کپي. مونکي شيءِ به نه وٺي ڏيو، جي ڏيڻو ئي آهي ته مونکي رت جو عطيو ڏيو. جنهن سان منهنجي زندگي بچي. آئون به جيئڻ چاهيان ٿو.“
    اها التجا ملڪاڻي ۾ موجود ”آزاد“ نالي ٿيلسيميا ميجر ٻار جي هُئي، جنهن جي عُمر هن وقت 3 سال آهي، پر ٿيلسيميا جهڙي موذي مرض سبب سندس جسم ۾ رت ٺاهڻ جي قوت ناهي رهي. هو سالن کان پرائي رت تي جي رهيو آهي ۽ اڃان به جيئندو رهندو، ٿيلسيميا هڪ موروثي بيماري آهي، جنهن جو شڪار ٿيڻ سان جسم ۾ ايبنارمل هيموگلوبن ٺهڻ لڳندي آهي، جنهن سان رت جي آڪسيجن جي رسد تي منفي اثر پون ٿا ۽ رت جا ڳاڙها جزا سڙڻ لڳن ٿا، جن لاءِ آڪسيجن جو هڪ مخصوص مقدار لازمي هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ٿيلسميا جي شڪار مريض جو جسم رت جي گهربل مقدار ٺاهڻ کان قاصر هوندو آهي،. ان جي نتيجي ۾ هڏن جي ڪمزور ٿيڻ، آئرن جو وڌڻ ۽ دل جي بيمارين جهڙا خطرناڪ نتيجا پڻ سامهون اچن ٿا.
    جيئن ته انسان جي جسم جا سڀ سرشتا ۽ جوڙجڪ ماءُ ۽ پيءُ جي جين مان جڙي عمل ۾ اچن ٿا، جنهن جي تي ئي جسم جا اندروني عمل توڙي ظاهري بناوتي انحصار ڪن ٿا. جيڪڏهن عورت يا مرد ٻنهي مان ڪنهن جي جسم ۾ معمولي قسم جو مسئلو آهي، جنهن سان سندن جسم ۾ رت جي ٿوري گهڻي کوٽ (Anemic) رهي ٿي ته ان کي ٿيلسيميا ڪيريئر يا مائنر چيو وڃي ٿو. اليڪٽرو فورسز ٽيسٽ سان اها خبر آساني سان پئجي وڃي ٿي ته ڪو ماڻهو مائنر ٿيليسميا جو شڪار آهي يا نه؟ جيڪڏهن زال يا مڙس ٻنهي مان ڪو مائنر آهي ته ان سان ڪو ايڏو مسئلو ناهي، پر جيڪڏهن ٻئي مائنر آهن ته پوءِ انهن جي ٻارن ۾ به هيموگلوبن ٺاهڻ واري جين جي منتقلي ٿي سگهي ٿي، جنهن سان رپئي مان چار آنا پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته سندن ٻار ٿيلسيميا ميجر جو شڪار هوندو. جنهن جي جسم ۾ رت ٺهڻ جي قوت نه هوندي ۽ سندس علاج بس ايترو ئي ته، هو پرائي رت تي جيئندو رهي، جيسين حياتي آهي.
    ڪنهن خاندان ۾ ٿيليسيميا ميجر ٻار جي پيدائش سندس چوٿين کان ڇهين پيڙهي ۾ ٿئي ٿي. ٻين لفظن ۾ ان جي پيدائش جو سبب ٿيڻ لاءِ انهي خاندان ۾ 80 کان 120 سال پهريائين صرف ڪنهن هڪ ٿيليسيميا جي ڪيئرر ماڻهوءَ جي موجودگي ئي ڪافي هجي ٿي. هن وقت سنڌ جي ڪُجهه فعال ترين ٿيليسميا ڪيئر سنيٽرز مان هڪ، ٿيليسميا ڪيئر سينٽر بدين ۾ ڪل 518 ٿيلسميا ميجر جا ٻار رجسٽرڊ آهن، انهن سڀني ٻارن جي خاندانن جي سروي دوران معلوم ٿيو ته انهن سان لاڳاپيل ويجهن رت جي رشتي وارن مائٽن جو ڪل تعداد 12500 آهي، جن مان 35 سيڪڙو يعني 4375 ماڻهو ٿيلسيميا ڪيريئر مائنر آهن. جيڪڏهن احتياط کان ڪم نه ورتو ويو ته ايندڙ 80 کان 120 سالن ۾ انهن خاندان ۾ ڪيترن ٿيليسميا ميجر ٻارن جي پيدائش جو خطرو موجود آهي. اهو تصور ئي ڀيانڪ آهي.
    ملڪاڻيءَ جي هڪ خاندان ۾ پڻ ٿيلسيميا مائنر جا انيڪ ڪيس موجود آهن، جن مان هڪ ميجر ڪيس به موجود آهي. ٿيليسميا ڪيئر سينٽر بدين پاران اهڙن خاندانن وٽ هلي وڃي اها آگاهي مُهم سالن کان هلائي پئي وڃي ته، اوهان نه رڳو اليڪٽرو فورسز ٽيسٽ ڪرايو، پر ٻن متاثر مائنرز جي پاڻ ۾ قطعي شادي نه ڪرايو، بيخبري ۾ اهڙا رشتا ٿي به ويا آهن. سي ٽوڙي ڇڏيو، پر اسان وٽ اها ئي روايتي سوچ ته، ”ٻي ذات يا ڌارين ۾ ته ڇا، پر پنهنجي ڳوٺ ۾ به پنهنجي ويجهي مٽ مائٽ کان پري رشتا نه ڪبا“ سبب به ڪو معقول نه، بس اهو ته، ”سڀاڻي ان رشتي جي ڪري هڪ ٻئي جي گهر اچ وڃ ٿيندي، جيڪا اسان کي پسند ناهي.“ اهڙن هٿ گهڙيل سماجي مسئلن جي ڪري اکيون پوري لڪي شادي ڪرايون وڃن ٿيون.
    هن جديد دور ۾ پاڻ ڄاڻ يا لاعلمي ۾ اهڙي جوڙي جي شادي جيڪڏهن ٿي به وڃي ٿي، ته ان جو هڪ ٻيو حل آهي. ان حل جي معلومات پهچائڻ لاءِ ٿيليسميا ڪيئر سينٽرز وارا ڳوٺن ۾ وڃي آگاهي مهم هلائي رهيا آهن. ڇو ته اهو هڪ بهتر حل آهي، جنهن سان ٿيلسيميا کي ايندڙ نسلن ۾ منتقل ٿيڻ کان روڪي سگهجي ٿو. حامله عورت لاءِ CVS نالي هڪ ٽيسٽ ٿيندي آهي، جيڪا هن مهل تائين ته سنڌ ۾ ڪراچي جي ڪجهه وڏين اسپتالن کان علاوه پنجاب جي وڏن شهرن ۾ ئي 15 هزار روپين کان 25 هزار روپين تائين ٿئي ٿي. پر تمام جلد بدين جي ٿيلسيميا ڪيئر سينٽر ۾ اها ٽيسٽ مفت ڪرائي ويندي. جنهن سان حمل جي پهرين ٽن مهينن دوران ٻار جا ٽشوز وٺي اها ٽيسٽ ڪئي ويندي ته هو ٿيليسميا ميجر جو شڪار ته ناهي. ڇو ته ماءُ ۽ پيءُ ٻئي ٿيلسميا مائنر جا آهن ته وڏو امڪان آهي ته سندن ٻار ٿيلسيميا ميجر هجي. جيڪڏهن اها ٽيسٽ پازيٽو اچي ته، فوري طور ايبارشن ڪرائي ڇڏجي. پر افسوس آهي ته اسان وٽ نه رڳو سڀ خبر هوندي به اهڙن جوڙن جون شاديون ڪيون وڃن ٿيون، پر حمل جي خبر لڪائي وڃي ٿي، ته جيئن وقت اوستائين ٽپي وڃي، جو ايبارشن ممڪن نه رهي.
    مطلب ته ضد ڪري اهو ڪم ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ان موذي مرض جي وڌڻ جا امڪان رهن ٿا. جڏهن اهڙن ادارن سان لاڳاپيل ماڻهو وٽن پهچن ٿا ۽ کين خطرن کان آگاهه ڪن ٿا ته، اهڙن خاندانن جي وڏڙن جا سمجهه ۾ نه ايندڙ هٿ گهڙيا دليل ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا، جيڪي لکڻ ۽ ٻڌائڻ کان گهڻا آهن. انهن تي بس افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جيتوڻيڪ اهو ضد ڪجي ته نه رڳو ٿيلسيميا جي وڌڻ يا اڳين نسلن ۾ منتقل ٿيڻ کي روڪي سگهجي ٿو پر موجوده مريضن لاءِ رت جو انتظام ڪرڻ به سولو ٿي سگهي ٿو، جنهن جي طلب ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي.
    اسان جنهن معاشري ۾ رهون ٿا، اُتي اهو عام تاثر آهي ته ضرورتون، خواهشون ۽ مسئلا رڳو مردن سان آهن، ڪو پنجاهه سٺ ورهين جو پوڙهو هوندو، جنهن جي زال گذاري وئي ته، چوندا، ”ڀلي ٻي شادي ڪري وٺي. شادي ڪرڻ جي ڪا عمر ٿوروئي آهي.“ پر جي ڪا پنجٽيهه چاليهه سالن جي صحتمند عورت بيوهه ٿئي ٿي ته هوءِ همت ئي نه ساريندي ته شادي جو چئي سگهي. هن ڪيس ۾ به ائين آهي خبر هوندي به ته خاندان ۾ ٿيلسيميا مائنر موجود آهي، کيس ٻڌايو به وڃي ٿو ته اوهان ٻئي مائنر آهيو، شادي ڪندئو ته اوهان جي گهر ٿيليسميا ميجر ٻار جي پيدائش ٿي سگهي ٿي، پوءِ به ضد ڪندي شادي ڪندا ۽ نتيجا ڀوڳڻ کان پوءِ مرد هڪ دفعو وري آزاد ته هو ڀلي ٻي شادي ڪري وٺي ۽ اڳئين گهرواري سان جيڪو ٿيو، اهو ان جو نصيب چئي ڳالهه ڪئي ويندي آهي.
    انهيءَ تناظر ۾ هڪ عورت کي نه رڳو انهيءَ کان باخبر ٿيڻو پوندو، پر پاڻ زور وٺي ٽيسٽ ڪرائي پنهنجي زندگيءَ جي فيصلي جو اختيار وٺڻو پوندو. هاڻ ته سرڪار به ان حوالي سان هڪ بل پاس ڪيو آهي، جيڪو قانوني شڪل ۾ اچڻ کانپوءِ جيڪڏهن اهڙي ڪا زبردستي شادي ڪرائي وڃي ته ان تي ڪيس به ٿي سگهي ٿو ۽ مائٽن کي سزا به اچي سگهي ٿي. عورتون چاهن ته اڳتي هلي ان جو فائدو (مٿن زور ڀريندڙن لاءِ تنبيهه جي حد تائين ئي سهي) وٺي سگهن ٿيون. يقيناً اسان وٽ مرد حاوي هئڻ واري هن معاشري ۾ هڪ عورت لاءِ اهو سڀ ڪرڻ ڏکيو آهي، پر ان کان قطعي ڏکيو ناهي ته، کيس هڪ اهڙي مرد سان پرڻايو وڃي. جنهن سان اڳتي هلي هن جان وٺندڙ بيماريءَ ۾ جڪڙيل ٻار جي پيدائش سان پنهنجي زندگي پريشان ڪجي ۽ ايندڙ نسلن ۾ به اهو مرض منتقل ڪجي. ڇو ته اها حقيقت آهي ته ٿيليسميا ميجر ٻار جو ڪارڻ مرد توڙي عورت ٻئي مائنر هئڻ آهي، پر اهڙي ڪيس ۾ وري به مرد هڪ ٻي نارمل (جيڪا ٿيليسميا ڪيريئر نه هجي) سان شادي ڪري سگهي ٿو. پر هن معاشري ۾ عورت لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته هوءَ ڪو اهڙو فيصلو ڪري سگهي. تنهن ڪري پڇتاءُ کان اڳ ۾ احتياط هميشه بهتر هوندو آهي.

    (مضمونَ جو ليکڪُ منهنجي پُٽَ وحيد علي جسڪاڻيءَ جو دوست آهي )


    پُڄاڻي

    الله سائين جا لک احسان ڪتاب پورو ڪري پڄاڻي لکي رهيو آهيان. اسان ڪيترا خوش نصيب آهيون جو هر قدرتي نعمتون، جيئن فطرت جا خوبصورت رنگ ۽ نظارا جيڪي روح کي راحت بخشين ٿا، لطف اندوز ٿي رهيا آهيون. تنهن هوندي به ڪيترا ته وري بدنصيب به آهيون جو اسان زندگي جي اصل مقصد کان شايد اڻ واقف آهيون. ڪاش! اسان کي پنهنجي زندگي جي اهميت جي خبر پئجي وڃي. دنيا جي عجيب طلسم نما ڏيک ۽ اردگرد وارا ماحول جيڪي توجهه طلب آهن پوري طرح ڌيان ڏيون. شايد درد جي صحرا جهڙو اسان جو جيون تمام سٺو گذري.
    انسان متعلق شيخ سعدي رحه فرمايو آهي ته ” انسان به عجيب شي آهي دولت ڪمائڻ لاءِ پنهنجي صحت وڃائي ٿو ۽ وري صحت واپس ڪرڻ لاءِ ساڳي ڪمايل دولت وڃائي ٿو.
    مستقبل سوچي پنهنجو حال ضايع ڪري ٿو وري مستقبل ۾ پنهنجو ماضي ياد ڪري روئي ٿو. زنده ايئن ٿو رهي ڄڻ کيس مرڻو نه آهي، ۽ مري ٿو ته پوءِ ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪڏهن زنده ئي نه هو“.
    آخر ۾ آءُ نشتر ناٿن شاهي جي هي واردات لکي ڪتاب کي خوبصورت بنائي رهيو آهيان.

    هر دانهن اسان جي دونهاٽيل، هر لات اسان جي لوساٽيل،
    جــا ٻـاڦ ڪــڍون ٿا ٻاهر، ســا ڄـــڻ ٻاڙي ٻاتي ٻــوسـاٽيــل،

    هر ڏينهن ڏکن جو ڏينهن مليو، هر رات ستم جي رات ملي،
    هــر شـام کسي ويو محــب مٺو، هر صبح ملي ٿي موڳــاٽيل،

    بي هوش هوائن هوش کسيو،پرواز تي پکڙيل ڄاريون هن،
    هـر فڪر تي پردا پئجي ويا، هـر ذوق رهي ٿو گــوماٽيــل،

    هــي شـــيشو اهـــڙو نڪتو جــو، هر حسن جــو ٻيڙو ٻــڏڻو آ،
    هت شڪل جو بدليل رنگ ڏٺم، هر صورت آهي ڪاراٽيل.


    عطا محمد جسڪاڻي ــ جيون خاڪو

    نالو: عطا محمد جسڪاڻي
    ولد: حاجي عبدالله عرف حاجي ميوو خان جسڪاڻي
    جنم: 1 مارچ 1954ع ــــ دُٻي تعلقو ميرواهه ـــ ضلع خيرپور
    تعليم: ايم اي (هسٽري) ۽ ايم. ايڊ
    تدريس: 1972ع کان 2014ع تائين هاءِ اسڪول ٽيچر جي حيثيت
    سان تدريسي خدمتون.
    لکڻَ جي شروعات: 1969ع
    ڇپيل ڪتاب: زندگيءَ جو ساٿُ (يادگيريون) 2012ع
    منهنجو ماڳ، منهنجون يادون (يادگيريون)2013ع
    رنگين بهارون (يادگيريون) 2016ع
    اولاد: هڪ پُٽ ” وحيد علي “ ۽ چار نياڻيون
    ايڊريس: وحيد هائوس، سٽي گارڊن اسٽريٽ مير علي بازار خيرپور
    رابطو: 0300-3115194 – 0306-3641367


    بئڪ ٽائيٽل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 696
    ڪتابن جو مشاهدو: 953526
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 322691
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ