ڪتاب جو نالو: عَني ۽ مَائُو
مصنف: انور ابڙو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ـــ سنڌ
ڪيٽيگري: ٻاراڻو ادب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 06 مئي 2018 ع
پڙهيو ويو: 617 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 184 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ انور ابڙو آھي. ٻالڪ ادب، انور ابڙي جي ڏات جو مُرڪندڙ حوالو آهي. سنڌ جي ٻارن لاءِ هُنَ مختلف حوالن سان اهم ڪَمُ ڪيو آهي. سندس هي ڪتابُ ”عني ۽ مائو“ پڻ انهيءَ ئي محبت ڀرئي ڪَمَ ۾ نئون اضافو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ڪهاڻيون

  • حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مهاڳ
  • مُنهنجي پاران
  • عَني ۽ مَائُو
  • مَنوءَ کي مار
  • ڪرم ڊَڊ
  • وَرو ٻَوڙو
  • ضَمير ڏندرو
  • ادو رفيق
  • ننڍو ڀاءُ
  • چَماٽَ
  • ٺٺولِين جي ٺَوڪَر
  • غُربتَ جي سَزا
  • مَارَ ناهي سَنوارَ
  • بابا ته بابا ٿيندو آ
  • انور ابڙي جو ٻارن جي لاءِ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪَمُ
  • اڻ ڇپيل ڪتاب
  • بئڪ ٽائيٽل پيج

  • حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 89
    عَني ۽ مَائُو
    (ٻارڙن جي لاءِ ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: انور ابڙو
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين ۽ اسڪيچز: ڪپتان ابڙو
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه:100 روپيه


    All Right Are Reserved

    ANEE AEN MAAOO
    (Anee and Maaoo)
    (Short stories in Sindhi for Children)

    By Anwar Abro

    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design & Sketches by Kaptan Abro
    Lay ‘out by Asif Nizamani
    Composing by Irfan Bhutto
    Printed by Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-


    ارپنا

    سنڌ جي اُنهن سمورن غريب ٻارڙن جي نانءِ
    جن جي نصيب ۾ اڃا تعليم ناهي،
    ۽ جيڪي تَتَل ڌرتيءَ تي،
    جاڳندڙ اکين سان رُڳو رُڃَ ڏِسن ٿا.

    ـــــ انور ابڙو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عَني ۽ مائو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ انور ابڙو آھي.
    ٻالڪ ادب، انور ابڙي جي ڏات جو مُرڪندڙ حوالو آهي. سنڌ جي ٻارن لاءِ هُنَ مختلف حوالن سان اهم ڪَمُ ڪيو آهي. سندس هي ڪتابُ ”عني ۽ مائو“ پڻ انهيءَ ئي محبت ڀرئي ڪَمَ ۾ نئون اضافو آهي.
    سنڌ جي ٻارن جي ذهني اؤسر ۾ هي ڪهاڻيون به اهم ڪردار ادا ڪنديون. دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪهاڻيون، ٻارن لاءِ ڏاهپَ جي ڏيئن جي روشني به کڻي اچن ٿيون ته انهن جي شعورَ کي مٿڀرو ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    ڪهاڻيون

    حق ۽ واسطا ليکڪَ وٽ محفوظ

    POPAT BOOK NO: 89
    عَني ۽ مَائُو
    (ٻارڙن جي لاءِ ڪهاڻيون)
    ڪهاڻيڪار: انور ابڙو
    ڇاپو پهريون: 2016ع
    تعداد: هڪ هزار
    ٽائيٽل ڊزائين ۽ اسڪيچز: ڪپتان ابڙو
    لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور ــ سنڌ.
    ملهه:100 روپيه


    All Right Are Reserved

    ANEE AEN MAAOO
    (Anee and Maaoo)
    (Short stories in Sindhi for Children)

    By Anwar Abro

    First Edition: 2016
    Quantity: 1000 Copies
    Title Design & Sketches by Kaptan Abro
    Lay ‘out by Asif Nizamani
    Composing by Irfan Bhutto
    Printed by Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by Popat Publishing House, Khairpur – Sindh.
    Price: Rs. 100/-


    ارپنا

    سنڌ جي اُنهن سمورن غريب ٻارڙن جي نانءِ
    جن جي نصيب ۾ اڃا تعليم ناهي،
    ۽ جيڪي تَتَل ڌرتيءَ تي،
    جاڳندڙ اکين سان رُڳو رُڃَ ڏِسن ٿا.

    ـــــ انور ابڙو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”عَني ۽ مائو“ اوهان اڳيان پيش آهي. ٻارن لاءِ لکيل ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو ليکڪ انور ابڙو آھي.
    ٻالڪ ادب، انور ابڙي جي ڏات جو مُرڪندڙ حوالو آهي. سنڌ جي ٻارن لاءِ هُنَ مختلف حوالن سان اهم ڪَمُ ڪيو آهي. سندس هي ڪتابُ ”عني ۽ مائو“ پڻ انهيءَ ئي محبت ڀرئي ڪَمَ ۾ نئون اضافو آهي.
    سنڌ جي ٻارن جي ذهني اؤسر ۾ هي ڪهاڻيون به اهم ڪردار ادا ڪنديون. دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪهاڻيون، ٻارن لاءِ ڏاهپَ جي ڏيئن جي روشني به کڻي اچن ٿيون ته انهن جي شعورَ کي مٿڀرو ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.

    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    اَنور ابڙو سِنڌُ جو سُڄاڻ ليکڪ آهي. سندس شُمارُ جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي اهم ڪهاڻيڪارن ۾ ٿئي ٿو. شاعري، ڊرامه نگاري، ڪالم نگاري، ادبي مخزنن جي ادارت، صحافت سندس زرخيز ذهن جا مختلف حوالا آهن، ٻالڪ ادب، انور ابڙي جي ڏات جو مُرڪندڙ حوالو آهي. سنڌ جي ٻارن لاءِ هُنَ مختلف حوالن سان اهم ڪَمُ ڪيو آهي اوهان جي هٿن ۾ موجود سندس هي ڪتابُ ”عني ۽ مائو“ پڻ انهيءَ ئي محبت ڀرئي ڪَمَ ۾ نئون اضافو آهي.
    سنڌ جي ٻارن جي ذهني اؤسر ۾ هي ڪهاڻيون به اهم ڪردار ادا ڪنديون. دلچسپ پيرائي ۾ لکيل هي ڪهاڻيون، ٻارن لاءِ ڏاهپَ جي ڏيئن جي روشني به کڻي اچن ٿيون ته انهن جي شعورَ کي مٿڀرو ڪرڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.
    اميد ته اڄوڪي سنڌ جا ٻالڪَ هِنَ خوبصورت ڪِتابَ جي آجيان ڪندا.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور


    مهاڳ

    ٻاراڻو ادب لکڻ، ڏکيو سائين... ڏکيو ڏکيو.
    جي ها! بلڪل ايترو ئي ڏکيو... جيترو ... اڇا! هتي پهرئين منهنجي امڙ جو هڪ گفتو... چوندي هئي: ”جي خبر هجي ها، ته سامائجڻ بعد هڪ ڏينهن ٻار به ڄڻڻا پوندا، ته اصل ئي وڏي نه ٿيان ها.“
    ته بس سمجهي وڃو... ٻالڪپڻ مان نڪري، پخته ڄمار ٿي وڃڻ بعد ڪنهن به ليکڪ لاءِ ٻار بڻجي لکڻ به ايترو ئي ڏکيو، جيترو عظيم مائرن لاءِ ٻار ڄڻڻ.
    اڙي بابا... مٿان وري هي اڄوڪي دنيا ۾، جيڪي هچائُن سمانُ ٻار ڄمن پيا، انهن جي ته ڳالهه ئي ڪهڙي ڪجي. جي ها! اُهي ته مراڳو هٿ ۾ موبائيل فون، چپن تي Chip ۽ مٿي ۾ ميگنيٽ ڪارڊ کنيو، دنيا ۾ تشريف آور ٿين پيا- ۽ اهي به اهڙا... جهڙا بابن جا بابا.
    اڙي بابا! يقين ڪريو، مون پنهنجي اکين سان، اڍائي ٽن سالن جي هڪڙي ٻار کي ڪمپيوٽر هلائيندي ۽ وڊيو گيم کيڏندي ڏٺو آهي.
    هاڻي ڪائنات اندر اهڙي پيدا ٿيندڙ نئين نسل لاءِ ڪهڙي شاعري ڪجي ۽ ڪهڙيون ويهي ڪهاڻيون لکجن؟ ۽ علاوه ان جي انهن ۾ ادب پڙهڻ جي هَيرَ وجهجي، ته اُها آخر ڀلا ڪيئن؟ ۽ انهن کي مطالعي ڏانهن آڻجي ته ڪهڙي طرح... بهرحال انهن ۾ اهڙو ذوق develop ڪرڻ لاءِ efforts به، اسان ئي ته وڏڙن کي وٺڻا آهن ۽ مقرر وٺڻا آهن.
    خير منهنجي مُرڪڻي ۽ محبوب يار ’انور ابڙي،‘ پُوري عزم سان... جي ها! ٻاراڻو ادب ۽ اهو به مسلسل لکڻ جي سلسلي ۾ هڪڙي هيءَ جيڪا اولمپڪ مشعل هٿ ۾ کنئي آهي- ۽ ميدان ۾ نڪري نروار ٿيو آهي، ته ان لاءِ هن کي سئو سئو نه... لکَ لکَ واڌايون.
    بهرڪيف اسان جي هن بهترين قلمڪار... انور جي به، لڳي ٿو مون ئي وانگر دلي خواهش آهي ته اڄ جي دؤر جو هي پيدائشي انجنيئر ٻار... ڪمپيوٽر ۽ ٻين ڪَلَ پُرزن سان... برابر ته ضرور کيڏي، وندرَي ۽ باخبر رهي... پر بابا! انهيءَ ۾ پڙهڻ... معنيٰ بوڪ ريڊنگ جي به ته عادت develop ٿيڻ گهرجي. ۽ sms ۽ نيٽ چيٽ واري انگلش رومن الفابيٽ سان گڏ پنهنجيءَ ٻولي جي صورتخطيءَ سان به ته ان جي حرف شناسي رهي ته ڪيڏو نه چڱو.
    اڇا! هتي اٿندي ئي ٿورڙي ڳالهه هنن ڪهاڻين جي ڪهاڻيڪار انور جي، پنهنجي به... جيڪو آئون ڀانئيان ته... همعصرن ۾ پخته، سنجيده، باوقار، آدرشي ۽ هر حالت ۾ بامقصد لکڻ ڏانهن مائل ۽ روشن خيال ليکڪ جو رتبو هاڻي ماڻي ئي چڪو آهي. ته بس اسان جي انهيءَ سنجيده ۽ سُلڇڻي انور ۾، ڪوئي ننڍڙو ٻار ڇَپ هنيو به ته ويٺو پيو ڀائنجي، جنهن هن جي هٿ ۾ قلم ڏيئي، کيس ننڍپڻ ۽ ماضيءَ جي مشاهدن کي لکڻ لاءِ پڪ سان ته آماده ڪيو ٿو ڏسجي ته، هو ٻاراڻو ادب لکندو رهي ۽ لکندو ئي رهي.
    هونئن هتي هڪڙي ٻي ڳالهه، هيءَ به... ته جيڪي ليکڪ ٻارن لاءِ لکڻ جِي پاڻ ۾ همٿ ڌاريندا آهن، اُهي اندران پاڻ به ته... ٻارن جهڙي ئي دل رکندڙ هوندا آهن: معصوم، پاڪ، قلزم جي قطري سمانُ، اڇي ۽ اُجري دل. ٽئين ڳالهه هتي هيءَ به، ته اهڙا ليکڪ پڪ سان، ننڍپڻ ۾، مائُن، نانيُن ۽ ڏاڏين سان هر حال ۾ گِهر گهلا ئي رهيل هوندا آهن... آءِ مِين ٽچ بٽڻ!
    آئون ڀانئيان ته ’عَني ۽ مائو‘ ٻالڪ ڪهاڻي ڪتاب جي هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪو نه ڪو هڪڙو ڪردار... اهڙو به ضرور آهي، جهڙوڪ ليکڪ انور پاڻ آهي... ڳوٺ جنگياڻي، تعلقه ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي وارو انور ابڙو.
    ۽ ياالله... هيءَ ڪهاڻي ’عني ۽ مائو‘ به ڇا ته مزيدار ڪهاڻي... جنهن ۾ ننڍڙو ذهين ٻارڙو عني، شين جا نالا ئي پنهنجا ٿو رکي، جيئن مثال طور ٻليءَ کي هُو نالو ڏئي ٿو ’مائو‘... ادا... کي ... ’دا‘ ۽ پاؤڊر کير کي ’بُو‘. اِجهو ان ئي ڪهاڻيءَ جو هي سين به ”ڪيا هي سين؟“
    - عني جڏهن ننڍڙو هو... صوفا سيٽ هيٺان ويٺل ٻليءَ جي ٻچن
    کي فرش تي ليٽي، جُهڪي جُهڪي ڏسندو رهندو هو. پوءِ ڪو ڪارو ٻلو، اِهي ٻچا کائي ويو، ته ننڍڙو عني ڪيترا ڪيترا ڏينهن صوفا سيٽ ڀرسان ليٽي ان جي هيٺان ٻليءَ جا اُهي ٻچا اُتي ڳوليندو رهندو هو.“
    الا..! انور ڇا ته ذهانت سان هيءَ ڪهاڻي لکي آهي، جنهن کي پڙهي هڪ پاسي جي منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا ته ٻئي پاسي چپن تي تري آيم مُرڪ.
    هونئن انور ۾ ننڍين ننڍين ڳالهين کي دلچسپ ڪهاڻي بنائي ڏيکارڻ جو به، ڇا ته ڏانءُ... مثال طور ڪهاڻي ... ”منوءَ کي مار“... ۽ هاءِ ويچارو منو؟ پر منو، اِها مار کائي ڇو ٿو؟ ان جو تفصيل ته وڃي ڪهاڻي ۾ پڙهجو... باقي منو سان گڏ جيڪي ٻيا شرارتي ٻار، انهن جا نالا هتي پڙهندا هلو: جي ها!.. هڪڙي جو نالو ’علي‘ ۽ ٻئي جو ’انور‘... ته ڇا اِهو انور... ڪٿي خود انور ابڙو پاڻ ته ناهي؟.
    اڇا! انور جي هنن اڪثر ڪهاڻين جو Locale گهڻو تڻو ته ڳوٺاڻو آهي ۽ ماحول وري سيڪنڊري اسڪول ٽائيپ. ان ڏس ۾ ’ڪرم ڊِڊِ‘ ڪهاڻي!. ۽ اها به ڇا ته مزيدار... پر ڪهاڻي پڙهندي پڙهندي منهنجو ڌيان پنهنجي اسڪول واري دؤر ۽ ڪلاس ڏانهن به ته هليو ويو، جتي جي، ڪنهن ٻار جو ’ڪُٻ‘ نڪتل، ته ان کي سڏيندا هئاسين ’ڪٻٽ.‘ ڪو ٻار سنهڙو ته اُهو کڳو، ڪو ساده صورت، ته اهو ’لُوپڙ‘... ته بس انور جي ڪهاڻي ’ڪرم ڊڊ‘... اهڙي ئي ته ساڳئي موضوع تي پڙهڻ جو ويٺس ته ڪيتري ڪيتري دير تائين پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪري کلندو ئي رهيس. يا وري ’ورُو ٻوڙو‘... ’ضمير ڏندرو‘... جنهن جا ڏند وڏا... ۽ ايڏا وڏا، جو بعد ۾ سندس نالو ئي پئجي ويو: ”ڏانداري.“
    ۽ اڙي هان!- هي ڇا؟ انور جي ڪهاڻي ’ادو رفيق‘ پڙهيم، ته ياد پئم، زندگيءَ ۾ جيڪي جيڪي رفيق مون کي ٽَڪريا، اُهي به انور واري ”ادي رفيق“ وانگر ئي، ڇا ته خوش مزاج ۽ ذهين! (۽ يارو! ائين الائي ڇو؟) ته خير مون چيو پئي، انور پنهنجي اسڪول لائيف ۽ هاڻوڪي مشاهدي جون جيڪي جيڪي به هي ڪهاڻيون هن پُستڪ ۾ لکيون آهن، سچ پڇو ته نهايت ئي سليقي سان لکيون آهن. هونئن پڪ ڄاڻو ته ٻڌائڻ لاءِ اهڙيون ڪهاڻيون هر عام ماڻهوءَ وٽ به عام جام هونديون آهن، پر اُهي سڀ انور وانگر ڪنهن کي لکڻ به ته اچن. خير بقول انور جي، صرف هي ئي نه، هُن وٽ ٻارن لاءِ ههڙيُن ڪهاڻين ۽ ناولن لکڻ لاءِ ٻيا به گهڻا ئي خيال ۽ موضوع ذهن ۾ موجود آهن... ان ڏس ۾ انور وڌيڪ هي به لکيو آهي ته، ”هُن جا پنهنجا ٻه ٻارڙا عنيق ۽ اريب جيستائين ننڍڙا آهن، هو انهن جي ٻاتين ٻولين مان اُتساهه ماڻي اول خير آئينده به لکندو رهندو؛ انشا الله!“
    ۽ اجهو اِن ڳالهه تي آئون وري کيس هتي دعائون ڏيندي هي پيو ٿو لکان ته: هي صرف عنيق ۽ اريب ئي ڇو! انهن جي شاخن مان ڦُٽي نڪرندڙ گلن کي به شال اسان جو هي انور ڏسي ۽ اُنهيءَ کان پوءِ انهن جي به نئين کان نئين ايندڙ نسل لاءِ، هو لکندو... لکندو... ۽ شال لکندو ئي رهي. (الاهي آمين.)

    نصير مرزا
     25 مئي 2015ع حيدر آباد


    مُنهنجي پاران

    اسان عمر ۾ ڀل ڪيڏا به وڏا ڇو نه ٿي وڃون، پر اسان کان اسان جو ٻاروتڻ ڪڏهن به ناهي وسري سگهندو. ننڍپڻ وارا اُهي چند سال، اهڙا ئي ڏينهن هوندا آهن، جن ۾، بعد ۾، اسان وڃي، پاڻ کي ٻار سمجهي، ٿڌي آهه ڀري، اُنهن ڏينهن جي کٽين مٺين يادگيرين ۾ گم ٿي ويندا آهيون. پنهنجو ڳوٺ، پنهنجي ڳوٺ جو ماحول، پنهنجي ڳوٺ جون سماجي ۽ ثقافتي سرگرميون، پنهنجي ڳوٺ جون موسمون، پنهنجي ڳوٺ جي ننڍن وڏن جون ڪهاڻيون، پنهنجا کيت، اُنهن ۾ ٿيندڙ فصل، اُنهن جي پوکائي، ڪٽائي، شاديون غميون، مِٽ مائٽ، آس پاس جا ڳوٺ، ميلا ملاکڙا، اسڪولن ۾ پڙهائي، گڏ پڙهندڙ دوست، مطلب ته هر ڳالهه ذهن تي اچي، دل ۾ لهي- ۽ پوءِ چهري ۽ اکين جي آئيني مان ڪڏهن اُداس، ته ڪڏهن خوشيءَ واري انداز ۾ ظاهر ٿي پوندي آهي.
    ٻارن جي لاءِ منهنجيون لکيل هي ڪهاڻيون منهنجي ننڍپڻ وارن اِنهن ڏينهن جو، ڪنهن حد تائين عڪس آهن، جڏهن ته ڪتاب ۾ شامل منهنجي ڪهاڻي ”عني ۽ مائو“ ۽ ”بابا ته بابا ٿيندو آهي“ اڄوڪي ٻار جي ڪهاڻي آهن، تنهن ڪري ڪهاڻين جو هيءُ ڪتاب ترتيب ڏيئي، ڄڻ مون پنهنجي زندگيءَ جي هڪ دور جي، هڪ معمولي جهلڪ محفوظ ڪئي آهي.
    مون 1980ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ ٻارن جي لاءِ اول شاعري ڪئي هئي، جيڪا هلال پاڪستان، ڪراچي، روزاني آفتاب حيدرآباد ۽ ٻين اخبارن جي ٻارڙن جي صفحن ۾ شايع ٿي هئي. مون ٻارن جي لاءِ پهرين ڪهاڻي 19 سالن جي عمر ۾ ”ٺٺولين جي ٺوڪر“ جي عنوان سان لکي هئي، جيڪا اربع، 25 اپريل 1984ع تي ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ اخبار ”ناظم“ جي ٻاراڻي صفحي ”سرهاڻ“ ۾ شايع ٿي هئي. اُها ڪهاڻي پڻ هِن ڪتاب ۾ ڏني وئي آهي. اُن کانپوءِ مون ڪجهه ٻيون به ٻاراڻيون ڪهاڻيون لکيون، جيڪي اُن وقت سنڌي ٻاراڻي ادب جي هڪ وڏي نانءَ- اڪبر جسڪاڻيءَ جي ادارت هيٺ، سنڌي ادبي بورڊ جي، ٻارن جي لاءِ شايع ٿيندڙ ماهوار رسالي ”گُل ڦُل“ ۾ شايع ٿيون هيون، جن ۾ هڪ ڪهاڻي ”غربت جي سزا“ (شايع ٿيل مارچ 1986ع) ۽ ٻي ”مار ناهي سنوار“ (ڊسمبر 1987ع) شامل هيون. اِهي ٻئي ڪهاڻيون پڻ هِن ڪتاب ۾ ڏنل آهن.
    مون وٽ اڄ به ٻارن جي ڪهاڻين ۽ ٻاراڻن ناولن جا ڪيترا ئي موضوع آهن، جن تي لکڻ جي لاءِ دل به ڏاڍو چوندي آهي، پر منهنجي مجبوري اِها آهي، جو مان گهڻو ڪري اڄ اُنهن ئي موضوعن تي لکان ٿو، جن سان منهنجي گهر جو چلهو ٻَري ٿو ۽ ٻارڙن جون اکيون ٺرن ٿيون، پر مون اِهو طئي ڪيو آهي ته ٻارن جي لاءِ به ڪجهه نه ڪجهه لکندو رهندس. هاڻي ته ٻارڙن جي لاءِ لکڻ واسطي منهنجي اتساهه جو ذريعو، منهنجا ٻه ننڍڙا ۽ معصوم گل به ته آهن: عنيق ۽ اريب. سو اِنهن جون ٻاتيون ڳالهيون ۽ معصوم حرڪتون مون کان ضرور ڪجهه نه ڪجهه لکرائينديون رهنديون.
    مان سنڌي ٻوليءَ جي بهترين شاعر ۽ ڪالمنگار سائين نصير مرزا جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي هِن ڪتاب جو دل سان، ٿورڙي وقت ۾ مهاڳ لکيو. ان سان گڏ مان پوپٽ پبلشنگ هائوس جي سربراهه ۽ پنهنجي دوست قربان منگي ۽ پنهنجي دوست ۽ نئين ٽهيءَ جي هڪ بهترين شاعر ۽ نثرنويس امر اقبال جو پڻ بيحد ٿورائتو آهيان، جن منهنجو هيءُ ڪتاب شايع ڪيو. هِنن دوستن سنڌي ٻاراڻي ادب جي ترقيءَ لاءِ جيڪي ڪوششون وٺڻ شروع ڪيون آهن، تن کي يقيناً سنڌ جا سنجيده حلقا مانُ ۽ مڃتا ڏيندا.

    انور ابڙو
     22 فيبروري 2016ع ڪراچي


    عَني ۽ مَائُو

    عَني اُڻويهه مهينن جو آهي، پر آهي ڏاڍو ذهين. سندس حرڪتون گهرڀاتين کي حيرت ۾ وجهي ڇڏينديون آهن. تڏهن ئي ته سندس امڙ روز سندس نظر ڪَٽيندي آهي. هِن ته پنهنجي ويجهو رهندڙ ماڻهن ۽ ٻين شين جا نالا ئي پنهنجا رکي ڇڏيا آهن. ڄڻ ته هِن ٻولي ئي پنهنجي تخليق ڪئي آهي. هيءُ پنهنجي مامي مرتضيٰ کي ”پُوئَا“ چوندو آهي، پنهنجي ماسي مهوشِ، جنهن کي گهر ۾ ”مِشي“ سڏيندا آهن، اُن کي ”چِي“ چوندو آهي، پنهنجي ماروٽ کي ”ادا“ بدران ”دا“ چوندو آهي ۽ پنهنجي ماساتِ شاهين کي”آئينِ“ چوندو آهي.
    اهڙي طرح هيءُ پائوڊر واري کير کي ”بُو“ چوندو آهي. کير گُهرڻ جو سندس طريقو به ڏاڍو وڻندڙ هوندو آهي. جنهن وقت کيس اِن کير جي ضرورت پوندي آهي ته، چوندو آهي، ”بُو..... دي....“ اهڙي طرح هُو پاڻيءَ کي ”مَائيين“ ۽ ٻليءَ کي ”مَائُو“ چوندو آهي. باقي پنهنجي بابا کي ”بابا“ ۽ ماءُ کي ”امان“ چوندو آهي.
    سو ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن سندس گهر ۾ ٻليءَ ٻچا ڏنا ته، رات جو اٺين وڳي ڌاران جيئن ئي سندس بابا گهر پهتو ته، هيءُ رڙ ڪري اُن کي چوڻ لڳو، ”بابا .....مَائُو......“ سندس والد جمال سمجهي نه سگهيو ته، هيءُ چوي ڇا ٿو؟ جمال سوچيو، ”شايد ٻليءَ کي ڪجهه ٿيو آهي، تڏهن ٿو هيءُ ائين چوي.“
    عَني وري کيس چوڻ لڳو،”مائُو.....“ اِن تي جمال آفيس بيگ صوفي تي رکندي پنهنجي گهرواريءَ کان پڇيو،”ڇا ٿيو آهي عَنيءَ جي ماَئوءَ کي؟“ اُن کِلي کيس ٻڌايو ته،”ٻليءَ ٻچا ڄڻيا آهن، سو هيءُ اُها ٿو اوهان کي ڳالهه ٻڌائي.“ جمال کِلي پيو. پوءِ هِن عَنيءَ جي پتڪڙي هٿ ۾ هٿ وجهي کانئس پڇيو،”عَني، ڪٿي آ تنهنجي مَائُو؟“
    اِن تي هُو ننڍڙو، هِن جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي آهستي آهستي گهر جي اسٽور روم ڏانهن هليو، جتي ٻِلي پنهنجن چئن ٻچن سان گڏ ويٺي هئي. اُن وقت عَنيءَ جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
    جمال کي ياد آيو ته لڳ ڀڳ اڍائي ٽي مهينا اڳ (چون ٿا ته ٻلي اڍائي اڍائي مهيني ٻچا ڏيندي آهي) جڏهن اِن ٻليءَ ٻه ٻچا ڏنا هئا ته، اُن وقت عَني اڃا ننڍو هو، ۽ هِن اڃا ڪنهن تي به نالا نه رکيا هئا. سو، اُن ٻليءَ کي عَنيءَ جي ماءُ هڪ ڪمري ۾ اُن جي ٻچن سميت لِڪائي ويهاريو هيو ته، متان ڪارو ٻلو هِن جا اِهي ٻچا کائي وڃي. اُن کانپوءِ اِن ٻليءَ هڪ ڏينهن پنهنجا ”ست گهر تبديل ڪرڻ“ واري عادت تحت اِهي ٻلونگڙا ڪمري مان کڻي اچي هِنن جي گهر جي ٽي وي لائونج جي صوفاسيٽ هيٺان ويهاريا هئا، جتي عَني جُهڪي اُنهن کي پيو ڏسندو هو. رات جو جڏهن جمال، سندس گهر واري ۽ عَني سمهي پيا ته ٻلي پنهنجا اِهي ٻچا صوفا سيٽ هيٺان کڻي صحن ۾ وڃي اُن جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهاريا.
    صبح جو عَنيءَ جي ماءُ اُٿي ڏسي ته، صوفا سيٽ هيٺان اِهي ٻلونگڙا آهن ئي ڪونه. هيءَ سمجهي ويئي ته اِهي ٻچا رات جيڪو ڪارو ٻلو ڦِريو ٿي، اُهو کائي ويو. عَنيءَ جي ماءُ کي اِن تي ڏاڍو افسوس ٿيو. ۽ جڏهن عَني ننڊ مان اُٿيو ته هِن به صوفي جي هيٺان نِوڙي اِهي ٻچا ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اُهي کيس نظر نه آيا. هيءُ وري ڪمري ۾ ويو، پر اُتي به اِهي کيس نظر نه آيا. هيءُ ڏاڍو پريشان ٿي ويو. جنهن تي سندس امڙ کيس پنهنجي هنج ۾ کڻي ورتو. اُن کانپوءِ به هُو ڪيترن ئي ڏينهن تائين اُن صوفا سيٽ هيٺان ٻليءَ جا ٻچا ڳوليندو رهيو هو.
    هاڻي جڏهن ٻليءَ ٻچا ڄڻيا ته عَني جهڙوڪر ٽِڙي پيو. هاڻي هيءُ ته اسٽور روم ۾ وڃي، ڪا ننڍڙي ڪاٺي کڻي، اُها ٻلونگڙن کي هڻي پيو خوش ٿيندو آهي. ڄڻ کيس گهر ۾ نوان دوست مِلي ويا هجن.
    پر هاڻي عَنيءَ جي ماءُ اِنهن ٻچن کي ڪاري ٻلي کان بچائڻ جي لاءِ رات جو عَنيءَ جي مَائوءَ کي اسٽور ۾ پنهنجن ٻچن سان گڏ ويهاري، اسٽور روم کي ڪُنڍي ڏيئي ڇڏيندي آهي ته متان هِن ڀيري وري ڪارو ٻلو هِنن سُهڻن، چِٽڪمرن ٻلونگڙن کي کائي وڃي، ۽ عَني هِن ئي عمر ۾ ڏکارو ٿي پوي.

    ڪاوش مڊويڪ مئگزين، 2 جولاءِ 2014ع


    مَنوءَ کي مار

    منير وڏو شرارتي هو. سندس شرارتن جي ڪري اسڪول جا سڀ شاگرد کيس ’مَنو‘ چوندا هئا. هيءُ ايترو ته شرارتي هو جو سندس ڪيل شرارتون ٻين جي ڳچيءَ ۾ پئجي وينديون هيون، ۽ هيءُ پاڻ هميشه بچي ويندو هيو. هڪ ڀيري هڪ ڊيسڪ تي علي، انور ۽ مَنو ويٺا هئا. مَنوءَ استاد جي پُٺيءَ تي چاڪ هنيو. استاد ڪاوڙ ۾ پٺتي ڏٺو ته هِن جي سِڌي نظر عليءَ تي وڃي پيئي. پوءِ استاد نه ڪئي هَمَ نه تَم، اچي عليءَ کي لڪڻ سان ڪُٽيائين.
    بيگناهه مار ملڻ تي عليءَ جڏهن رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪرڻ شروع ڪيا، تڏهن وڃي استاد کيس ڇڏيو. اُن کان پوءِ عليءَ، مَنو ۽ انور سان گڏ ڊيسڪ تي ويهڻ ڇڏي ڏنو.
    پر مَنوءَ جي اِها عادت پوءِ به ختم نه ٿي.
    ٻئي ڏينهن وزير، مَنو ۽ انور سان گڏ ساڳي ڊيسڪ تي اچي ويٺو. مَنوءَ وري وجهه ڏسي ساڳئي استاد گلاب کي چاڪ هڻي ڪڍيو. هِن ڀيري سڀني ڇوڪرن سمجهيو ته، اڄ مَنو نه بچيو. استاد جو اڄ وري شڪ انور تي ويو ۽ هُن انور کي چڱي مار ڪڍي. استاد گلاب، انور کي مَنوءَ کان جدا ٻي ڊيسڪ تي ويهاريو. اڄ به مَنو بچي ويو.
    ٽئين ڏينهن انور ۽ عليءَ پاڻ ۾ ويهي سوچيو ته، ’شرارت ڪري مَنو ۽ استاد جي مار کائون اسان.‘ هِنن فيصلو ڪيو ته، ’اڄ هُو مَنوءَ سان گڏ ساڳئي ڊيسڪ تي ويهندا ۽ جيئن ئي مَنو پنهنجي بيگ مان چاڪ ڪڍي استاد کي هڻڻ جي ڪندو، ته هي سندس هٿ کي پڪڙي استاد گلاب کي ٻڌائيندا. ‘
    ٿيو به ائين.
    استاد گلاب جيئن ئي ڪلاس ۾ آيو ته هِن اچڻ شرط شاگردن جي حاضري ورتي. پوءِ هُو جيئن ئي اٺين جماعت جي سنڌيءَ جي ڪتاب مان سبق بورڊ تي لکڻ لڳو ته مَنوءَ آهستي ڪري پنهنجي بيگ مان چاڪ ڪڍي اُهو استاد کي هڻڻ جي لاءِ اڃا پنهنجو هٿ مٿي ئي مَس ڪيو ته انور ۽ عليءَ کيس هٿ کان پڪڙي رڙ ڪئي: ”استاد چاڪ.“
    استاد جيئن ئي پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته مَنوءَ جي هٿ ۾ چاڪ هيو ۽ جنهن ۾ انور ۽ عليءَ جا هٿ پيل هئا. استاد ڪتاب ٽيبل تي رکي، مَنوءَ ڏي ڦِري آيو - ۽ هِن کي ڪَن کان، زور سان پڪڙي ڊيسڪ کان ٻاهر ڪڍندي چيائينسِ:”اڙي، مَنو تون؟ مان ته توکي چڱو ڇوڪرو سمجهندو هئس. تو پئي اِها حرڪت ڪئي؟“
    پوءِ استاد اچي کيس ٿَڦُن سان ورتو. استاد جيئن ئي کيس ٿَڦ پئي هنئي، تيئن هِن رڙيون پئي ڪيون:” سائين هي دفعو. ....سائين هي دفعو معاف ڪيو، اڳتي اهڙي حرڪت نه ڪندس..... سائين رڳو هي دفعو معاف ڪيو....“
    استاد سندس ڳچيءَ مان هٿ ڪڍندي کيس چيو: ”چڱو، هي دفعو معاف ٿو ڪيانءِ، پر اڳتي اهڙي حرڪت ڪنهن سان به نه ڪجانءِ. نه ته پوءِ هڏَگُڏَ ڀڃي ڇڏيندوسانءِ.“
    مَنو اکين مان ڳوڙها ۽ نڪ مان پاڻي وهائيندو ڪنڌ هيٺ ڪري اچي پنهنجي ڊيسڪ تي ويٺو. اُن ڏينهن کان پوءِ هِن وري ڪڏهن به ڪنهن سان ڪا شرارت نه ڪئي.


    ڪرم ڊَڊ

    ڪرم جو ڳوٺ وڏي واهڻي هيو، جيڪو ڏوڪري شهر کان لڳ ڀڳ ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي هو. اُن ڳوٺ جا ڪيترا ئي ٻار ڏوڪري هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ ايندا هئا، جن مان ڪرم به هڪ هو. هُو غريب هاريءَ جو پٽ هو. اُنهن ڏهاڙن ۾ هِن اسڪول ۾ اڃا يونيفارم پائڻ جو رواج نه پيو هُو، تنهن ڪري ٻارن کي سندن والدين جيڪي به ۽ جهڙي به رنگ جا ڪپڙا وٺي ڏيندا هيا، هُو اُهي ئي اسڪول پائي ايندا هيا. جيئن ته ڪرم غريب پيءُ جو پُٽ هو، تنهن ڪري هُن کي اڪثر هڪ ئي وڳو پاتل هوندو هيو، جيڪو هُو ٻئي ٽئين ڏينهن ڌوئاري پائي ايندو هو. هِن کي سدائين هڪ ٻِڪَهي چپل به پاتل هوندي هئي. سياري ۾ اجرڪ جي ٻُٽَ هڻي ايندو هو يا ٻَوڪي ٻَڌي ايندو هو.
    ڪرم پنهنجي طبيعت ۾ به سادو هيو. هِن جا دوست به ڪي گهڻا نه هئا. هُو رڳو پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن؛ ٻوڙي ۽ حنيف سان گڏ ڪلاس روم ۾ ڊيسڪ تي ويهندو هو ۽ اُنهن سان ئي گڏجي اسڪول ۾ گهمندو ڦِرندو هو.
    هڪ ڏينهن انگريزيءَ جي پيرڊ ۾ سندن ڪلاس ٽيچر، ماستر غلام عمر ، ڪرم کي چيو، ”تون سبق پڙهه.“ ڪرم جڏهن سبق پڙهڻ لڳو ته، هُو ڊِڊِ (Did) کي ڊَڊِ ڪري پڙهڻ لڳو، جنهن تي ماستر غلام عمر کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ به آئي ته، ڏاڍي کِل به آئي. ڪرم جي ڪلاس وارا به مٿس ڏاڍو کِليا. اُن ڏينهن کانپوءِ ڪرم جو نالو ”ڪرم ڊَڊِ“ پئجي ويو.
    اڄ ڪرم پنجاهه سالن جي عمر جو آهي، پر اڄ به جڏهن سندس هم ڪلاسي ساڻس ملندا آهن ته، اُهي کيس ”ڪرم ڊَڊِ“ ئي چوندا آهن- ۽ پوءِ جنهن تي سڀئي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کِلي پوندا آهن.


    وَرو ٻَوڙو

    سانول جو ڪلاس ڇهين جماعت کان وٺي هوشيارپ توڙي شرارتن ۾ پنهنجي اسڪول ۾ ڏاڍو مشهور هو. هِن وقت هو نائين ڪلاس ۾ پهچي چڪا هئا. هِن ئي ڪلاس جا ڇوڪرا تقريري مقابلن، اسڪائوٽس سرگرمين توڙي راندين ۾ ڏاڍا سرگرم هوندا هئا. اِهو ڪلاسُ پڙهائيءَ ۾ به سڀني کان وڌيڪ هيو. اِن ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪرو وريام هوندو هو، جيڪو ”ٻوڙي“ جي طور مشهور هو. ڪلاس ۾ جڏهن ڪو استاد هُن کان سوال پڇندو هو ته هُو ائين محسوس ڪرائيندو هو، ڄڻ هُن ڪجهه ٻُڌو ئي نه هجي.
    سانول کي سدائين اِهو شڪ هوندو هيو، ته وَرو، ٻوڙو ناهي، پر هُو ٻوڙي هُئڻ جو ڍونگ ٿو ڪري، ڇاڪاڻ جو سانول کي ڪجهه استادن جن ڳالهين تي مارَ ڪڍي هئي، اُهي ڳالهيون هِن رڳو وريام ٻوڙي جي موجودگيءَ ۾ ئي پنهنجي دوست وزير سان ڪيون هيون. هِنن ٽنهي کانسواءِ اُتي ٻيو ڪير به موجود نه هيو. وزير جيئن ته سانول جو تمام گهڻو گهرو دوست هو، تنهن ڪري سانول جو وزير ڏانهن شڪ وڃي ئي نه پئي سگهيو.
    هڪ ڏينهن سانول ۽ وزير اِهو طئي ڪيو ته، اڄ هُو ثابت ڪندا ته، ’ورو، ٻوڙو ناهي، پر هُو ٻوڙي هئڻ جو ڍونگ ٿو ڪري.‘
    هُو رسيسِ ۾اسڪول جي ڇٻراٺي تي، اُن جاءِ تي وڃي بيٺا، جتي ورو ٻوڙو ڇولا کائي رهيو هيو. سانول ۽ وزير ڄاڻي واڻي ورو ٻوڙي کي نظرانداز ڪري پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا. سانول وزير کي چيو،” سانول، اڄ سائين غلام عمر سان ڪلاس ۾ ڪهڙو ڀوڳ ڪيون؟“
    وزير وراڻيو:”اڄ سائين غلام عمر جي پيرڊ ۾ قادر سان گڏجي، قادر جي ڊيسڪ تي هلي ٿا ويهئون. سائين غلام عمر جيئن ئي ڪلاس ۾ ايندو ته سانول تون ڪُتي، ٻلي ۽ گڏهه جا آواز ڪڍجانءِ ۽ مان چوندس ته سائين، قادر پئي آواز ڪڍيا. ائين سائين، قادر کي مار ڏيندو.“
    ورو ٻوڙو ڪَن سَرلا ڪري سانول ۽ وزير جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌي رهيو هو.
    ورو ٻوڙي ڇا ڪيو جو هُن سانول ۽ وزير جي سڄي ڳالهه قادر کي وڃي ٻڌائي، پر قادر سندس ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو، ڇاڪاڻ جو سانول سان هُن جي دوستي هئي. هُن کي پڪ هئي ته سانول کيس مار نه کارائيندو.
    رِسيسِ ختم ٿيڻ کانپوءَ جيئن ئي پنجين پيرڊ جو گهنڊ وڳو ته سانول ۽ وزير تڪڙا تڪڙا وڃي اُن ڊيسڪ تي ويٺا، جنهن تي قادر ويهندو هيو. جڏهن قادر سان ڊيسڪ تي گڏ ويهندڙ گل حسن ۽ شريف آيا ته اُنهن سانول ۽ وزير کي پنهنجين سيٽن تي ويٺل ڏسي اعتراض ڪيو، جنهن تي سانول کين چيو ته، ”اسان کي رڳو پنجون پيرڊ هتي ويهڻ ڏيو، ٿورو ڪم رهيل آهي، اُهو قادر کان پڇي ڪري وٺئون. پوءِ ڇهين پيرڊ ۾ اوهان هتي اچي ويهجو. تيستائين اوهان اسانجي ڊيسڪ تي هلي ويهو.“ گل حسن ۽ شريف وڃي سانول ۽ وزير جي ڊيسڪ تي ويٺا.
    هاڻي ڊيسڪ تي وچ ۾ قادر ويٺو هيو، جڏهن ته هُن جي هڪ پاسي کان سانول ۽ ٻئي پاسي کان وزير ويٺا. ماستر غلام عمر جيئن ئي ڪلاس ۾ آيو ته سڀئي ڇوڪرا اُٿي بيٺا. هِن حاضري وٺي بورڊ تي شاه عبدالطيف ڀٽائيءَ جو بيت لکڻ شروع ڪيو. هُن بورڊ تي اڃا اِهو مَس لکيو ته، ”سائينم سدائين ...“ ته سانول آهستي جهرڪيءَ جو آواز ڪڍيو: ”چِين.....چِين.... ...“
    جهرڪيءَ جي آواز تي ماستر غلام عمر ڪنڌ پٺتي تي ورائي ڏٺو ۽ رڙ ڪري چيو، ”ڪهڙي جهرڪي ٿي چِين چِين ڪري؟ “ سڀ ڇوڪرا چپ ٿي ويا. سڀني ڏٺو به سهي ته آواز سانول ڪڍيو هيو، پر ڪُڇيو ڪير به نه. ماستر غلام عمر جو به شڪ ڪنهن تي نه ويو. هاڻي ماستر جو مُنهن بورڊ ڏي ۽ ڪَن ڇوڪرن ڏي هئا. هُو سمجهي ويو هيو ته اڄ ڇوڪرا ڪا حرڪت ضرور ڪندا. هُو وري بورڊ تي لکڻ لڳو: ”ڪَرين مٿي سنڌ سڪار،“ ته وري سانول ٻليءَ جو آواز ڪڍيو” ...ميائو، ميائو... “ماستر غلام عمر جي ڪاوڙ وڌڻ لڳي. هِن ڀيري هُن قادر واري ڊيسڪ ڏي ڏٺو. هُن کي شڪ پيو ته آواز اِن پاسي کان ٿو اچي.
    هُن وري چيو، ”اڙي، اِها ڪهڙي ٻلي ٿي ميائو ميائو ڪري؟“ سڀئي ڇوڪرا آهستي کِلن به پيا، پر هُو سانول جو نالو نه پيا کڻن.
    ماستر غلام عمر وري بورڊ تي لکڻ لڳو:”دوست مِٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين،“ ته سانول وري آواز ڪڍڻ لڳو: هِين ..هِين...“ ماستر يڪدم سمجهي ويو ته اِهو آواز قادر جي ڊيسڪ تان ٿو اچي. سانول ۽ وزير صفا سنجيده ٿيا بورڊ تي لکيل بيت ڪنڌ هيٺ ڪري پنهنجي ڪاپيءَ تي لکي رهيا هيا ته، ماستر غلام عمر ، قادر کي چيو: ”اڙي، قادر، اُٿي بيهه.“
    قادر ڊڄندي ڊڄندي اُٿي بيهي چيو، ”سائين، مان نه...“
    ”تون نه، ته پوءِ ٻيو ڪير؟...بيهه ته توکان جهرڪين، ٻِلن ۽ گڏهن جا اصلي آواز ٿو ڪڍرايان.“ ائين چئي ماستر لڪڻ کڻي هِن ڏانهن وڌيو ته وَرو ٻوڙي يڪدم اُٿي بيهي چيو،”سائين، مان ٿو ٻڌايانوَ ته اِهي آواز ڪنهن پئي ڪڍيا.“
    سڀئي ڇوڪرا حيرت ۾ پئجي ويا ته اڄ وَرو ٻوڙي ڪيئن اِهي آواز ٻڌا. ماستر غلام عمر کي به حيرت وٺي ويئي.
    ”چڱو، ٻڌاءِ ڪير آ، جيڪو گڏهه وانگر هينگي رهيو هو؟“ سائين غلام عمر پڇيو.
    ”سائين، سانول،“ وَرو ٻوڙي چيو.
    سانول يڪدم اُٿي بيهي چيو، ”سائين، وَرو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. هي ته ٻوڙو آ، هِن ڪيئن ٻڌو ته اِهو آواز مون ڪڍيو آهي... سائين ٻوڙو ڪوڙ ٿو ڳالهائي.“
    ”نه سائين، مان ڪوڙ نٿو ڳالهايان، توهان ٻين کان به پڇي ڏسو، ته هِن آواز ڪڍيو هيو يا ڪنهن ٻئي؟“
    ماستر غلام عمر سوچيو ته هُو ورو ٻوڙي کان جيڪو پڇي ٿو، اُهو هُو چڱي طرح ٻُڌي ان جو جواب ڏئي ٿو. تنهن تي ماستر غلام عمر سانول کي ڇڏي ورو ٻوڙي کي ٻه ٽي لڪڻ هڻندي چيو، ”اڙي ڪوڙا ٻوڙا، تون ته ٻُڌين ٿو، پوءِ تو هينئر تائين ٻوڙي هجڻ جو ڍونگ ڇو ڪيو هو؟ “ ائين چئي هُن وري کيس ٻه ٽي لڪڻ هڻي ڪڍيا.
    تنهن تي ٻوڙي چيو، ”سائين، توهان جي ان مار کان بچڻ جي لاءِ ئي ته ٻوڙو ٿيو هيم. اِهو به ڏسڻ پئي چاهيم ته هي ڇوڪرا استادن جي خلاف ڇا ٿا ڳالهائين.“ اڄ مون سانول ۽ وزير جي سازش ٻڌي ورتي هئي سائين. مون قادر کي به چيو هيو ته اڄ هُو توکي مار کارائيندا، پر هُن منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو، پر وري به مون کيس مار کان بچايو.“
    تنهن تي سانول چيو، ”سائين اسان اصل ۾ وَرو ءَ جي ٻوڙي هئڻ واري ڍونگ کي ظاهر ڪرڻ پئي چاهيو. ڇو ته هُو اسانجون ڳالهيون ٻڌي ٻين ڇوڪرن کي ٻڌائي اسان کي پاڻ ۾ ويڙهائيندو هيو، تنهن ڪري اسان اِهو طي ڪيو ته اسان ٻوڙي جي ڀرسان بيهي هِن جي سئوٽ قادر کي توهان کان مار کارائڻ جي ڳالهه ڪنداسين ته، جيڪڏهن ورو ٻوڙو نه هوندو ته قادر کي يا اوهان کي اچي ٻڌائيندو ته اسان ڇا سوچيو آهي. ائين هُو ظاهر ٿي پوندو، پر جي هُو واقعي ٻوڙو هوندو تڏهن به خبر پئجي ويندي. اسان انڪري اِها حرڪت ڪئي.“
    تنهن تي ماستر غلام عمر کِلندي ۽ وَرو ٻوڙي کي هلڪو لڪڻ هڻندي چيو: ”ٻوڙا، تون ته ڪو وڏو چالاڪ آهين.“
    اِن تي سڀئي ڇوڪرا کِلڻ لڳا ۽ سڀني کان وڌيڪ سانول ۽ وزير پئي کِليا، جڏهن ته وَرو ٻوڙو به ڦِڪي کِل کلڻ لڳو.


    ضَمير ڏندرو

    ضمير نائين ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. هُو اٺين جماعت تائين مهين جي دڙي جي مڊل اسڪول ۾ پڙهيو هو. هُن جا ڏند ڪجهه وڏا هئا، تنهنڪري سندس ڪلاسي کيس ”ضمير ڏندرو“چوندا هيا. هُن جا جيترا ڏندا وڏا هئا، اوترو هُو وڏو شرارتي هو. سندس شرارتن کان استاد توڙي شاگرد ؛ سڀئي تنگ هوندا هئا. هُو جيڪڏهن ڪنهن کان ڊڄندو هو، ته اُهو رڳو پنهنجي ڪلاس واري سارنگ کان. سارنگ جي عادت هئي ته هُو ڪنهن کي به مار ڪڍڻ ۾ دير نه ڪندو هو. هُو جنهن ڳوٺ سان واسطو رکندو هو، ماڻهو اُن ڳوٺ کي چوندا ئي ”جنگياڻي“ معنيٰ جنگجوئن جو ڳوٺ هئا.
    هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ضميرُ، شريف سان تِکو ڳالهائي رهيو هو ته، سارنگ پري کان رَڙ ڪندي چيو:”اڙي ڏندرا، ڇو ٿو غريب سان وڙهين. ڪلاس ۾ صحيح ٿي هل، نه ته اِهي ڏند ڀڃي ڇڏيندو سانءِ.“
    ضمير اُن وقت سارنگ کي چيو ته ڪجهه به نه، پر هُو پنهنجن چپن ۾ ڀُڻِ ڀُڻِ ڪرڻ لڳو. بعد ۾ ضمير ڪلاس ۾ پنهنجن ڪجهه دوستن کي چيو ته،”اڄ اسانکي هيڊ ماستر سان سارنگ جي شڪايت ڪرڻ گهرجي. هُن سڀني جو ساهه مُٺ ۾ بند ڪري ڇڏيو آهي. سڀني سان وڙهندو ٿو وتي.“
    ڪلاس جي شاگردن مان ڪنهن ۾ به اِها همت نه هئي ته ڪو هُو ضمير سان گڏجي وڃي هيڊ ماستر وٽ سارنگ جي شڪايت ڪن. نيٺ ڪَوڙَو ڪَن ڪَٽيو ۽ خيرو کانڀاڻي ضمير ڏندري سان گڏجي هيڊ ماستر قمبر عليءَ وٽ ويا ۽ کيس چيائون،”سائين، سارنگ کي اسڪول مان ڪڍو. هُو اسان سڀني شاگردن سان اجايو سجايو وڙهي ٿو.“
    هيڊ ماستر کين وراڻيو، ”سارنگ ته هوشيار ڇوڪرو آهي. هُن کي هروڀرو اوهان جي شڪايت تي ڇو اسڪول مان ڪڍيو وڃي؟“
    ”سائين، سارنگ جي رڳو اسان شڪايت نٿا ڪريون، پر ٻيا ڇوڪرا به هِن مان خوش ناهن.“
    ”پوءِ اُنهن کي به پاڻ سان ڇو وٺي نه آيئو؟“ هيڊ ماستر کين چيو.
    ”ٻيا سائين اِن ڪري نه آيا، جو اِهي سارنگ کان ڊڄن ٿا. هُو چون ٿا ته، جيڪڏهن سارنگ کي اِها خبر پئجي ويئي ته اسان هيڊ ماستر وٽ سندس شڪايت کڻي ويا آهيون ته، هُو اسان سان وڙهندو- ۽ استاد به هُن کي ڪجهه ناهن چوندا سائين،“ ضمير ڏندري تفصيل سان ڳالهايو.
    ”چڱو، مان سارنگ کي گهرائي کيس سمجهايان ٿو. هُو اڳتي اوهان سان نه وڙهندو،“هيڊ ماستر قمبر عليءَ ضمير ڏندري کي دلجاءِ ڏيندي چيو.
    بعد ۾ هيڊ ماستر سارنگ کي سڏائي ٿوري ڪاوڙ مان کيس چيو،”آخر تو سان مسئلو ڪهڙو آهي، جو وتين ٿو هرڪنهن سان وڙهندو؟“
    سارنگ معصوم ٿيندي وراڻيو:”سائين، مان ته ڪنهن سان هروڀرو ناهيان وڙهندو، باقي جيڪو اڳرائي ڪري مونسان وڙهندو آهي، پوءِ مان به اُن کي ٿورو سمجهائيندو آهيان، پر مان اڄوڪي ڏينهن ۾ ته ڪنهن سان به ناهيان وڙهيو.“
    ” سارنگ ڏِسُ، تون اسانجي اسڪول جو هوشيار ڇوڪرو آهين. تو ۾ ٻيون به تمام گهڻيون خوبيون آهن. تون سدائين پهريون نمبر کڻندو آهين. تون پنهنجو هوم ورڪ به وقت تي ڪري ايندو آهين. تون گوسڙو به ناهين، پر تو ۾ رڳو اِها خراب عادت آهي ته، تون ٻين ڇوڪرن سان هروڀرو وڙهين ٿو ۽ اُنهن سان ڀوڳ ڪري اُنهن کي تنگ به ڪرين ٿو. اِها عادت پاڻ مان ڪڍ. جيڪڏهن اڳتي تنهنجي ڪا شڪايت آئي ته پوءِ مان اسڪول مان تنهنجو نالو ڪڍي ڇڏيندس.“
    ”سائين، توهان منهنجي ڪلاس مان ڪنهن کان به پڇي ڏسو، مان ته اڄ ڪنهن سان به ناهيان وڙهيو،“ سارنگ هيڊ ماستر کي چيو.
    ”پوءِ، ضمير وارا ڇو تنهنجي شڪايت کڻي آيا هئا؟“ هيڊ ماستر کانئس پڇيو.
    ”سائين، اصل شرارتي ته ضمير آهي. هُو وڙهندو به پاڻ آهي ڇوڪرن سان ۽ وري شڪايت به پاڻ کڻي ايندو آهي. توهان کي پاڻ خبر آهي ته هُن جهڙو شرارتي ۽ سازشي ٻيو ڪير به ناهي اسانجي اسڪول ۾،“ سارنگ، ضمير ڏندري جي شڪايت جو ڪتاب کڻي کوليو.
    ”ٻين کي تون ڇڏ، تون پاڻ کي ٺيڪ ڪر،“ هيڊ ماستر کيس تنبيهه ڪندي چيو.
    سارنگ کي ضمير ڏندري تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي، پر هُو هيڊ ماستر کي ”جي سائين“ چئي ان جي آفيس مان نڪري اِهو سوچيندو پئي آيو ته، جيڪڏهن هاڻي هُو ضمير ڏندري سان وڙهي ٿو ته پوءِ ته هيڊ ماستر ضرور اسڪول مان سندس نالو ڪڍي ڇڏيندو. اڳ ۾ به اهڙين شڪايتن تي هِن جو ٻه دفعا نالو نڪري چڪو هيو ۽ جنهن تي پڻس چڱي خاصي مار به ڪڍي هئس. هِن کي پڪ هئي ته جيڪڏهن هِن ڀيري اسڪول مان سندس نالو ڪڍيو ويو ته پوءِ پڻس وري ڪڏهن به اسڪول ۾ کيس داخل نه ڪرائيندو ۽ کيس ڳوٺ جي ٻين ٻارن جيان مال چارڻو ۽ زمين تي ڪم ڪرڻو پوندو.
    سارنگ ڪنڌ هيٺ ڪيون سوچيندو ئي آيو پئي ته سامهون ضمير ڏندرو اچي ويس. هِن اول ته ڪوشش ڪئي ته هُو ضمير ڏندري کي ڪجهه به نه چوي، ۽ پاسو وٺي هليو وڃي، پر هي جيئن ئي ضمير ڏندري جي ويجهو پهتو ته ضمير ڏندرو هِن کي ڏسي، ڏند ڪڍي کِليو. ضمير جا ڏند اڳ ۾ ئي وڏا هيا، جيڪي جڏهن خاموش هوندو هيو، تڏهن به اُهي سندس چپن مان ٻاهر نڪري بيهندا هيا، ۽ جيڪي سارنگ کي اصل نه وڻندا هيا. هاڻي ته جيئن ئي ضمير کِليو ته سندس ڏند سارنگ کي اڃا به وڏا، خراب ۽ چيڙائيندڙ لڳا. سارنگ کي هڪ ته هيڊ ماستر جي ڌمڪيءَ سبب اڳ ۾ ئي هِن تي ڪاوڙ هئي، مٿان وري ضمير جا ڏند جو ٽِڙيل ڏٺائين، ته اصل تپي باهه ٿي ويو.
    هيءُ ضمير کي ڳچيءَ کان پڪڙي چوڻ لڳو: ”واءِ شُڊِ يو ڏنداري، هيڊ ماستر سان منهنجي شڪايت ڪيئي؟“ ائين چئي هِن ضمير کي ڪنڌ واريون اڃا ٻه مُڪون مَس هنيون ته ڪلاس جا ٻيا ڇوڪرا به اچي ويا، جن کين ڇڏائي ورتو. ضمير هَڪو ٻَڪو ٿي ويو.
    جڏهن هيڊ ماستر کي هِنن ٻنهي جي جهيڙي جي خبر پئي ته هُن هِنن ٻنهي جو نالو اسڪول مان ڪڍي ڇڏيو. هاڻي سارنگ ڳوٺ ۾ ٻڪريون چارڻ لڳو ته ضمير شهر ۾ ڇولا کپائڻ لڳو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سارنگ پنهنجي دوست ۽ هم ڪلاسي انور سان مليو ۽ کيس منٿ ڪيائين ته هُو ٻين شاگردن کي به پاڻ سان گڏ وٺي وڃي هيڊ ماستر کي راضي ڪري ته سارنگ اڳتي ڪنهن سان به نه وڙهندو. هُن کي بس آخري دفعو اسڪول ۾ داخلا ڏني وڃي. سارنگ، انور کي اِهو به چيو ته، هُو ضمير ڏندري جي داخلا جي لاءِ به هيڊ ماستر سان ڳالهائي.
    ”منهنجي ڪري هُن ويچاري ضمير ڏندري جي به پڙهائي ختم ٿي ويئي،“سارنگ کلندي انور کي چيو، ”جي اسڪول ۾ ضمير ڏندرو نه هوندو ته وري اسان کي به مزو نه ايندو،“ سارنگ ائين چئي انور کي ڏٺو ته هُو مُرڪيو پئي. تنهن تي سارنگ کانئس پڇيو،” ڇو ٿو مُرڪين؟ ڇا غلط ڳالهه ڪيم؟“
    ”نه، غلط ڳالهه ته نه ڪيئي.“
    ”ته پوءِ ڇو مُرڪئين؟“
    ”انڪري مُرڪيس پئي جو اسان ڪلاس وارا اڳ ۾ ئي هيڊ ماستر ڏي ويا هئاسين ۽ هُن کي اسان لکي ڏيئي آيا آهيون ته اڳتي سارنگ ڪنهن سان به نه وڙهندو. هُن کي هيءُ ڀيرو معاف ڪريو. هُو هوشيار ڇوڪرو آهي. ننڍڙي ڳالهه جي ڪري هُن جي زندگي تباهه ٿي ويندي.“
    ”پوءِ هيڊ ماستر ڇا چيو؟“ سارنگ ڇيلڙيءَ جي پُٺيءَ تي آهستي لڪڻ هڻندي اُتاولائيءَ مان پڇيو.
    ُهن چيو ته، ”جيڪڏهن اوهان اهڙي ضمانت ڏيو ٿا ته سارنگ اڳتي دل سان پڙهندو ۽ ڪنهن سان به نه وڙهندو ته پوءِ ڀلي وٺي اچوسِ.“
    ”۽ ضمير ڏندري لاءِ ڇا چيائين؟“ سارنگ پڇيو.
    ”هُن ضمير ڏندري جي لاءِ به چيو ته، اُن کي به چئو ته سڀاڻي اسڪول اچي.“
    اِهو ٻڌي سارنگ لڪڻ ڦِٽي ڪندي زور سان نعرو هنيو،”هو هو مست قلندر-“ ۽ پوءِ هُو خوشيءَ ۾ ٻڪريون گهر ڏانهن تيز تيز هَڪلڻ لڳو.
    ٻئي ڏينهن تي اسڪول ۾ سارنگ ۽ ضمير ڏندرو پاڻ ۾ ڀاڪر پائي ملي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي کِلڻ لڳا ته ضمير ڏندري سارنگ کي چيو،”هاڻي اوهان مون کي وري ڪڏهن به ’ضمير ڏندرو‘ نه چوندا.“
    تنهن تي سارنگ ٽهڪ ڏيئي چيس،”ها، هاڻي اسان توکي ڪڏهن به ’ضمير ڏندرو‘ نه چونداسين، پر توکي ’ڏنداري‘ چونداسين،“ تنهن تي آس پاس بيٺل شاگردن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ۽ سارنگ وري ضمير کي ڇڪي پنهنجي ڳلي سان لڳايو.


    ادو رفيق

    رفيق ۽ الهه وسايو ڇهين جماعت کان وٺي گڏ پڙهيا هئا. الهه وسايو شرارتي هئو ته رفيق وري ڀوڳائي هئو. رفيق پنهنجن چرچن جي ڪري سڄي اسڪول ۾ مشهور هو. استاد به هِن کي چاهيندا هئا. رسيسِ جي وقت ۾ الهه وسايو ۽ سندس ڪلاس جا لڳ ڀڳ پندرهن ويهه ڇوڪرا جڏهن اسڪول جي ڇٻر تي اچي ويهندا هئا ته، اُن ڪچهريءَ جو مور رفيق هوندو هو. چرچن ۾ هُن سان رڳو الهه وسايو ئي پُڄي سگهندو هو، تنهن ڪري هُو ڪوشش ڪري الهه وسائي سان چرچا نه ڪندو هو.
    رفيق جو ڪلاسي قربان، رفيق جو ڳوٺائي هو، تنهن ڪري هِنن ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي دوستي به هئي. قربان ڏسڻ ۾ چرياڻ لڳندو هو، جنهنڪري هِن سان سڀئي ڇوڪرا ڀوڳ ڪندا هيا.
    هڪ ڀيري ڊرائنگ جي پيرڊ ۾ هِنن جو ڪلاس ڊرائنگ هال ۾ ويو. ڊرائنگ هال ۾ وڃڻ شرط سڀني ڇوڪرن پنهنجي پسند واري ميز تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. هال ۾ وڏو گوڙ مَچي ويو. قربان اڳئين قطار ۾ پيل ٻن ميزن تي قبضو ڪيو. رفيق هال جي آخر ۾ پيل ميز تي وڃي بيٺو. ڊرائنگ جو استاد سائين پيرل هال ۾ اڃا نه پهتو هيو.
    هال ۾ وڏو ڌمچر مَتو پيو هجي. قربان پنهنجي ميز وٽان بيهي رڙيون ڪري رفيق کي سڏڻ لڳو:”او ادا رفيق، هيڏي اچ.....ادا رفيق....“ قربان جي ٻئي سڏ تي الهه وسايو ، سائين پيرل کي وٺي هال ۾ داخل ٿيو.
    سائين پيرل پنهنجي طبيعت ۾ درويش صفت هيو. هُو ڪوشش ڪري ڇوڪرن کي ماريندو نه هو، پر جي ڪڏهن ڪاوڙ اچي ويندي هئس ته پوءِ ڇوڪرن جو خير نه هوندو هو. اصل کين سَٽي لاهيندو هئو.
    قربان، رفيق کي ٻيهر سڏ ڪيو، ”اد رفيق....او ادا رفيق، هيڏي اچ.....“
    قربان جڏهن ٽيهر رفيق کي سڏڻ لڳو ته،” او ادا رفيق....“ ته سائين پيرل پنهنجي پير مان چَپل لاهي قربان کي مٿي تي هڻندي کيس ميز تي چڙهي بيهڻ جي لاءِ چوندو به رهيو ۽ کيس چَپل سان ڪُٽيندو به رهيو، ” ادا رفيق. ... ادا رفيق، چڙهه مٿي ميز تي.“ پوءِ سائين پيرل قربان چرياڻ کي تيستائين چَپل سان ڪُٽيندو رهيو، جيستائين قربان ميز تي چڙهي نه بيٺو. سموري هال ۾ ماٺ ڇانئجي ويئي. اُن ڏينهن کانپوءِ قربان وري ڪڏهن به رفيق کي ائين سڏَ نه ڪيا ته....”او ادا رفيق...“


    ننڍو ڀاءُ

    برڪت ۽ صفدر ٻه ڀائر هئا. هوُ ڳوٺ جنگياڻيءَ ۾ رهندا هئا، جيڪو هاءِ اسڪول ڏوڪريءَ کان لڳ ڀڳ ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موهن جو دڙو اسٽيشن ۽ رائس ڪئنال کان اولهه طرف هو. هِنن ٻنهي ڀائرن مان برڪت ننڍو ۽ صفدر وڏو هئو.
    هِنن ٻنهي کي سندن وڏي ڀاءُ ٻُڍل سائيڪل وٺي ڏني هئي، جنهن تي چڙهي هُو اسڪول ويندا هئا. صفدر کي سائيڪل هلائڻ نه ايندي هئي، تنهن ڪري برڪت ننڍي عمر جو هوندي به صفدر کي سائيڪل تي اسڪول کڻي ويندو هئو. جڏهن اهِا خبر ٻڍل کي پيئي ته هُن صفدر کي چيو ته، ”تون به هاڻي سائيڪل هلائڻ سِکُ. برڪت ڪيستائين توکي اسڪول کڻي هلندو ۽ واپس کڻي ايندو.“
    صفدر، ٻڍل سان واعدو ڪيو ته، ”هُو جلد سائيڪل هلائڻ سکندو.“
    ٻن مهينن کانپوءِ سياري جي هڪ رات جو گهر جي مکيه ڪمري ۾سڀ گهر ڀاتي ويٺا هئا، جن ۾ برڪت، صفدر، ٻڍل، سندن ٻيا ڀائر ڀينر ۽ ابو امان ويٺا هئا. اُتي ٻڍل، صفدر کان پڇيو، ”صفدر، ڏي خبر، تون هاڻي ته سائيڪل هلائڻ سکي ويو هوندين نه؟“
    جنهن تي صفدر ٺهه پهه وراڻيو، ”ها ادا، مان سائيڪل هلائڻ سکي ويو آهيان، هاڻي هٿ ۾ ڪاهي ٿو وڃان.“
    صفدر جي اِن جواب تي سڀئي گهر ڀاتي ڏاڍو کِليا. اُن کانپوءِ ٿورن ڏينهن ۾ ئي صفدر سچ پچ سائيڪل هلائڻ سکي ويو.


    چَماٽَ

    جمال ڪراچي شهر جي هڪ سرڪاري تعليمي اداري جي هڪ سيڪشن جو انچارج هو، جتي ڇهين کان اٺين جماعت تائين ۽ ٽيڪنيڪل گروپ جي نائين ۽ ڏهين جماعت جا لڳ ڀڳ ساڍا چار سئو ڇوڪرا پڙهندا هئا - ۽ جتي 30 استاد پنهنجون خدمتون سر انجام ڏيئي رهيا هئا.
    هڪ ڏينهن جمال اُن سيڪشن ۾، پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هو ته ڇهين جماعت جو هڪ ڇوڪرو بادل وٽس دانهين ٿي آيو،”سائين، سر ڪامران مون کي چماٽ هنئي آهي.“ هُن پنهنجو جملو اڃا پورو ئي مَس ڪيو ته سندس اکين مان ڳوڙها وهڻ شروع ٿي ويا. جمال ڏٺو ته بادل جي ساڄي اک سُڳل هئي ۽ اُن جي هيٺان هڪ ڪارو داغ پڻ پيل هيو. ڇوڪري جي اهڙي حالت هِن کي ڏُکارو ڪري وڌو.
    ”سائين، مان اِن مارَ بابت بابا کي نه ٻڌائيندس. نه ته ڳالهه وڌي ويندي. بابا ته اسان کي ڪڏهن به ناهي ماريو. هُن ته اسان سان ڪڏهن وڏي آواز ۾ به ناهي ڳالهايو. هُو منهنجي مارَ واري ڳالهه ٻڌي برداشت نه ڪري سگهندو،“ بادل ڏاڍي نماڻائيءَ وچان وضاحت ڪندي چيو.
    ”سائين، بس استاد کي سمجهائي ڇڏجو، ته جيئن هُو اڳتي ٻين ڇوڪرن کي ائين نه ماري،“ بادل جڏهن ائين چيو ته جمال جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو ۽ کيس اِهو يارهن سالن جو ٻارڙو پاڻ کان ۽ ڄاڻايل استاد کان تمام گهڻو وڌيڪ سُلجهيل ۽ باشعور لڳو.
    ”استاد اوهان کي ڇو چماٽ هنئي پُٽ؟“ جمال کانئس پڇيو.
    ”سر، سر ڪامران اسان کي ريڊنگ پئي ڪرائي. جڏهن مون ريڊنگ شروع ڪئي ته مون آهستي پئي ريڊنگ ڪئي، تنهن تي هُن مونکي چماٽ هنئي. ...منهنجو ڳَلو ويٺلُ هو سائين،“ بادل ٻڌايو.
    ”توهان جو بابا ڇا ڪندو آهي پٽ؟“ جمال ٻارڙي جي ايڏي بااخلاق هئڻ جو پسمنظر جاچڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ”بابا رٽايرڊ ٽيچر آهي سائين،“ بادل وراڻيو.
    “اوهان جي گهر ۾ ٻيو به ڪو پڙهيل آهي؟“ جمال، بادل کان هڪ ٻيو سوال ڪيو.
    ”جي سائين. منهنجي امڙ هڪ گرلس اسڪول جي هيڊ مسٽريس آهي. ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو آهي.“
    جمال هِن کان وڌيڪ ڪو ٻيو سوال نه ڪيو. هِن کيس رڳو ايترو چيو، ”بابا، توهان هاڻي وڃو، مان اوهان جي استاد ڪامران کي چئي ٿو ڇڏيان. هُو اڳتي ايتري معمولي ڳالهه تان اوهان کي نه ماريندو. اوهان ڏاڍا سٺا ٻار آهيو.“
    ڇوڪري ويندي ويندي وري نماڻائيءَ وچان چيو: ”مهرباني سائين، بس معاملي کي اِتي ئي ختم ٿا ڪريون....“
    جمال هُن جي اِن آخري جملي ۾ لِڪل معصوميت ۽ ڊگهي نظر بابت سوچي دنگ رهجي ويو. هُو ٻارڙو ته هليو ويو، پر هُن جون ڳالهيون جمال کان اڄ ڏينهن تائين ناهن وسريون.


    ٺٺولِين جي ٺَوڪَر

    رمون هڪَ غريب هاريءَ جو پٽ هو. اٺن سالن جي عمر ۾کيس هڪ عيب ٿي پيو هو. ٿيو ايئن هو جو هڪ ڏينهن اوڙي پاڙي جا ٻارڙا، جن ۾ وڏير ي جانڻ خان جو پٽ اعجاز به شامل هو، معمول مطابق ميدان تي راند روند ۾ رُڌل هئا ته، اتفاق سان اعجاز کي گوڏي وٽ رمونءَ جو معمولي ڌڪ لڳي ويو.
    جڏهن وڏيري کي پنهنجي پُٽَ جي، ڌڪ لڳڻ جي خبر پئي ته، هِن يڪدم پنهنجي ڪمدار نورل کي گهرايو ۽ گجندڙ ۽ رعبدار آواز ۾ چيائينسِ ته، ”اِن ڪَمِ ذات جي پٽ کي اهڙي سيکت ڏيو، جو سڄي عمر ياد ڪري. وڏيرن جي پٽ سان ٿو هٿ اٽڪائي.“ هيءُ هڪَ گارِ رمونءَ تي چاڙهي ته ٻي لاهي پيو. واڇن مان گِگَ مست اٺ جي گِڦَ وانگر ڦوهارا ڪري پئي وهيسِ. ڪمدار نورل ۽ سندس ٻه چمچا هڪدم وٺي ڀڳا. ڄڻ شڪاري ڪتن جي ڳچيءَ مان رسي نڪري وئي هجي.
    رمون اڃا ميدان تي ئي بيٺو هو ته هِن اِها لوڌ پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺي. هيءُ وائڙو ٿي ويو - ۽ سمجهي ويو ته،’اها مصيبت مٿس ئي ڪڙڪڻ واري آهي...‘ ڇو ته اعجاز پڻ اِنهن جي پويان اچي رهيو هو.
    هِنن پهچڻ شرط مٿس لتن، مُڪن، چنبن، ٺئونشن ۽ لٺين جا، سانوڻ جي مينهن وانگر وسڪارا لائي ڏنا. بس رمونءَ کي بي جان جسم، بي يارو مددگار ۽ نڌڻڪو ڪري ڪٽڻ لڳا....
    اٺن سالن جي معصوم ۽ ابهم رمونءَ جي رڙين، دانهن ۽ ڪوڪن تي وڏيرن جي هِنن پالتو ماڻهن کي ڪو به ترس نه آيو - ۽ نه وري ڪنهن ٻئي اچي هِن کي ڇڏايو. رمون دانهون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ويو .
    سندس سڄو جسم ڌڪن سان چُور چُور ٿي ويو.... سموري جسم جو هَڏُ هَڏُ ڏکي رهيو هئس. هڪ ٽنگ به ڀَڄي پيس.
    سندس غريب والدين اِن زيادتيءَ تي ڪُڇيا ڪونه. غربت آهر پنهنجي پُٽَ جو علاج ڪرايائون....پوءِ رمونءَ جي جسم جا باقي زخم ته ڇُٽي ويا، پر سندس ٽنگ ٺيڪ نه ٿي.
    رمونءَ جڏهن هاءِ اسڪول ۾ ڇهين جماعت ۾ داخلا ورتي ته اتفاق سان وڏيري جي پٽ اعجاز به اتي داخلا ورتي هئي. پوءِ وري ويچاري رمونءَ لاءِ قيامت برپا ٿي پئي..... ڪلاس، بازار، هوٽل، دڪان، هر هنڌ هُو اعجاز جي ٽَوڪَ جو نشانو بڻيل رهندو هو. رمون جيئن ئي اسڪول ۾ پهچندو هو ۽ اعجاز جي مٿس نظر پوندي هئي ته هُو وڏي آواز ۾ چوڻ لڳندو هو، ”رمون منڊو اچي ويو.... رمون منڊو اچي ويو.....“ پر رمون زهر جو ڍڪ پي ويندو هو، ڇاڪاڻ جو هيءُ اڳ ۾ به وڏيري جي چمچن جو ماريل هو، تنهن ڪري خاموش رهي، بس پنهنجي اندر ئي اندر ۾ بيوسيءَ تي افسوس جا ڍڪ پيو ڀريندو هو. ڀلا هيءُ غريب جو ٻار وڏيري کي ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ نه هن وٽ ڪا ملڪيت، نه راڄ ۽ نه آفيسرن وٽ لئه ۽ رعب.... هِن جي هر عمل مان غربت جي جهلڪ پئي ايندي هئي.... ليڙون ليڙون لٽا، ڇڳل چپل، ڪاون نڪتل ٽوپ ۽ چتيون لڳل اجرڪ، کيس چپن تي تالا لڳائي ڇڏيا هئا.
    هوڏانهن وڏيري جي پٽ اعجاز جي هر عمل مان اميري پئي ظاهر ٿيندي هئي. عمده ڪپڙا ۽ فئشني بوٽ پاتل هوندو هئس.... کيس روز صبح جو ڊرائيور موٽر ڪار تي اسڪول ڇڏي ويندو هو ۽ موڪل وقت کيس کڻي ويندو هو، جڏهن ته رمون پنڌِ اسڪول ايندو ويندو هو.
    اعجاز، غريب رمونءَ کي تنگ ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي هئي. هُو مٿس ٺَٺوليون ڪندو، ٽوڪون ڪندو، ۽ سندس غريبي جا پيو مهڻا ڏيندو هو. هُو اڪثر مُنهن چِٻو ڪري کيس چوندو هو ته: ”هي ته رڳو ٺٺينگَ آهن.... ٺيٺنگَ .... ماني ڪونهينِ جو پيٽ ڀري کائين، ڪپڙا ڪونهنِ، جو پنهنجو ڪوجهو بدن ڍڪينِ، بوٽ ڪونهينِ، جو پائينِ، گاڏي ڪونهينِ، جو ڪيڏانهن اچن وڃن......بس الله سائينءَ هِنن کي پيدا ڪري اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏيو آ.....“
    رمون اِهي جملا چپ چاپ پيو ٻڌندو هو، پر ڪنهن وقت ڏاڍي ڪاوڙ به ايندي هئس ۽ سوچڻ لڳندو هو ته،”هڪ ئي ڌڪ سان کيس اهڙو مزو چکايان جو وري ڪنهن جو نالو به نه وٺي،“ پر اُن ئي گهڙيءَ سوچيندو هو ته،”هي وڏيرا آهن. هنن وٽ هر شيءِ آهي: مال ملڪيت، پئسا ۽ رهزن ماڻهو...سڀ آهن، سو هي کيس مارائڻ ۾ به دير نه ڪندا.....هلو مون کي ته پنهنجي موت جو ڀئو ناهي، پر هي بابا ۽ امان جي به بيعزتي ڪندي دير نه ڪندا، تنهن ڪري بابا ۽ امان جي عزت جي ڪري هي گاريون مون کي سهڻ کپن....“
    اسڪول ۾ذهين ۽ هوشيار ته رمون هو، پر لئه وڏيري اعجاز جي هئي، ڇو ته رمون غريب هئڻ ڪري پنهنجن استادن کي ڪجهه به نه ڏئي سگهندو هو، پر اعجاز وڏيرو هو، سو هُو اڪثر استادن کي تحفا وغيره پيو ڏيندو هو، جنهن ڪري استاد به سندس سلامي هئا .مٿان وري استاد، سندس پيءُ وڏيري جانڻ خان جي ظلمن کان واقف هئا، سو هُو اُن ڪري به اعجاز جو خيال رکندا هئا.
    هڪ ڏينهن ڇا ٿيو جو جيئن ئي اعجاز موٽر ڪار تي ٺهيو ڦوڪيو اسڪول اچي رهيو هو ته، اسڪول کان ڪجهه پنڌ تي سندن ڪار تيز رفتاريءَ سان موڙُ مُڙندي اوچتو سامهون نِم جي بيٺل هڪ وڏي وڻ سان زوردار انداز ۾ وڃي ٽڪرائي ۽ ٻه ٽي قلابازيون کائي وڃي پري، اونڌي ٿي ڪِري. وڏي چوَٽ لڳڻ سبب اعجاز جي سڄي ٽنگَ صفا ڀڄي پئي ۽ سڄي اک ۾ به اچي ڪائو لڳس. هيءُ بيهوش ٿي ويو. ڊرائيور به ڌڪَ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ويو. اُن وقت اتفاق سان آس پاس ڪير به نه هو. هونئن به اِها واٽَ اڪثر ويران رهندي هئي.
    حادثي جي ڪجهه گهڙين کانپوءِ رمون جيئن ئي اُن موڙ کان پَڪي رستي تي اچي چڙهيو ته، سندس نظر وڏيري اعجاز جي اونڌي پيل ۽ چِٻي ٿيل ڪار ٿي پئي. ان سان گڏ هِن ڏٺو ته اعجاز ۽ سندس ڊرائيور بيهوش پيا هئا ۽ سندن جسمن مان رت وهي رهيو هو. هِن تڪڙ ۾ وڃي اعجاز کي ڌونڌاڙيو، پر هُو بيهوش هو. پوءِ هِن مدد جي لاءِ ماڻهن کي سڏ ڪرڻ شروع ڪيا.....ائين ڪافي ماڻهو گڏ ٿي ويا، جن اعجاز ۽ اُن جي ڊرائيور کي کڻي اسپتال پهچايو. رمون به هِنن سان گڏ اسپتال پهتو.....
    پوءِ رمون اعجاز جي صحت بابت احوال معلوم ڪرڻ لاءِ اسپتال ويو، جتي اعجاز ، رمونءَ کي پنهنجي مٿان بيٺل ڏسي، حيران ٿي، اُتي بيٺل پنهنجي پيءُ کان آهستي پڇيو: ” بابا هي ڇو؟“ .....اُن تي جڏهن سندس پيءُ کيس ٻڌايو ته، رمونءَ جي ئي ڪوششن سان واٽهڙو توکي اسپتال کڻي آيا هئا ته، اِهو ٻڌي هُو رمونءَ سان ڪيل بيواجبين تي ڏاڍو پيشمان ٿيو .

    25 اپريل 1984ع، صفحو “سرهاڻ،“ روزنامه ناظم، ڪراچي


    غُربتَ جي سَزا

    ”ابا سليم! پڙهڻ ٻڙهڻ کي هاڻي اتي ئي پورو ڪر. جيڪي ٻه اکر پڙهيئي سي لک ٿيا. ايترو به ڪو اسان جو ابو پڙهيو يا ڏاڏو. ٻيلي! ساري ڄمار پورهيو ڪري ڪري هاڻي ته سموري جسم جي کَل خالي ٿي، اُٺَ جي چپَ جيان لڙڪي پئي آهي... جان ۾ به سگهه ناهي رهي، جو ڪا ڪِرت ڪري توکي اڳتي پاڙهجي. تنهنجي پوڙهي امڙ جي عمر جو به فصل پچي چڪو آهي. ڪيترن ئي ڏينهن کان سندس نيڻن جو نُور غريب انسان جي ڀاڳ جيان رُسي ويو آهي. هاڻي اسان ٻئي زنده لاش بڻجي چڪا آهيون.... جڏهن جوش هيو جان ۾، طاقت هئي ٻانهن ۾، هٺُ هو ڄنگهن کي ۽ ذهن هو تازو ۽ صحتمند، تڏهن ته فرهاد جيان پهڻن کي به ٿي پرزا ڪيوسين..... پر هينئر ته ڪَکُ به ٻيڻو نٿو ٿئي. وڏڙا به ڪيڏو نه ابا سچ چئي ويا آهن ته، ’جهونا جهاج (جهاز ) سٽ نه جهلن سڙهه جي“... سو ابا پاڻ به هينئر جهونا ٿي چڪا آهيون، پر اوهان جي هينئر وهي آ، جوان مڙس ٿي ڪنهن ڪم ۾ جنبجي ويندئو ته توهان جي وَهي اُن ڪم کي ليکيندي به ڪونه. اسان کي پوڙهائپ ۾ هاڻي ڪُجهڙو آرام ڪرڻ ڏيو. اڃا به جيڪڏهن پورهيو ڪيوسين ته پوءِ ته ابا جوانيءَ ۾ رسيل گهاءُ اُکلي پوندا.... جان ته هاڻي جباب (جواب ) ڏيئي بيٺي آهي ....“
    پيءُ واتان اهڙا، نماڻائي ۽ درديلي آواز ۾ نڪتل لفظ بڙڇي بڻجي سليم جي ستل ضمير کي سجاڳ ڪرڻ لئه چُٽيندا رهيا. کيس پنهنجا سندر سپنا، جيڪي مستقبل ۾ تعبير ٿيڻا هئا، سي واريءَ جي گهرڙن جيان جهٽ پلڪ ۾ ڀُرندي نظر آيا.... سندس آئيندي ۾ ڊاڪٽر بڻجڻ وارا خيالَ وَر وَر ڪري سندس ذهن جي ڪينواس تي ائين ٺهندا ۽ ڊهندا رهيا، جيئن واريءَ تي ليڪا .
    اهي ئي خيالَ ۽ سندر سوچون ته:”آءٌ ڊاڪٽر بڻجي بي وقتائتي موت جو کاڄ بڻجندڙ پنهنجن ماڻهن کي وڌيڪ زندگي وٺي ڏيندس، اُنهن يتيم، مسڪين ۽ غريب ٻارڙن جو سهارو بڻجندس، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ئي خطرناڪ ۽ وچرندڙ بيمارين جي نٽهڻ اُس ۾ سڙي ۽ مستقبل جون حسين موجون ماڻڻ بغير مري، افق جي هُن پارِ هليا ٿا وڃن - ۽ ڊاڪٽر بڻجي انهن امڙين جي پرگهور لهندس، جيڪي غريب آهن ۽ انهن پورهيتن جو ڀرجهلو ۽ نئين حياتي ڏيندڙ مسيحا بڻجندس، جيڪي لُنڊيءَ تي لت اچڻ سبب، ڏائڻ موت جو بک بڻجي اسان کي دائمي وڇوڙي جا چهڪ ۽ ڏک ڏيو هليا ٿا وڃن،“ پر کيس پنهنجا اهي خيالَ رڳو خوابَ ئي لڳي رهيا هئا .
    سليم هينئر ڏهين جماعت ۾ هو. اڃا کيس ڊاڪٽر بڻجڻ ۾ پورن ستن ورهين جو عرصو پيو هو، ۽ سندس محدود مالي وسيلا ان ڊگهي عرصي کي گهٽائي نه پئي سگهيا. ان ڊگهي سفر تي ويچاريندي، سندس ڏيئي جيان ٽمڪندڙ تارن وٽان ٻه موتي، ڳوڙهن جي صورت ۾ اچي سندس جهوليءَ ۾ ڪِريا. هن پڪو پهه ڪيو ته، هيءُ انڌي منڊي نوڪري يا مزوري ڪري به پنهنجي والدين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ڊاڪٽر بڻجڻ واري خواب جي پورائي لاءِ ڪوشش جاري رکندو.
    ڀنڀرڪي مهل اُٿيو. ڪاٺ جهڙي سُڪل ماني، پاڻيءَ ۾ پُسائي، نرم ڪري، کائي، بک جي باهه کي ڪجهه ڇنڊا هڻي، روزگار جي ڳولا ۾ شهر جو رخ ڪيائين. ٻه ٽي ڏينهن شهر جي نرالي ۽ مصروف ماحول ۾، گهٽين ۾ گهمندو ۽ ٻارڙن ۽ وڏڙن کي ڏسندو رهيو.
    ان دوران سيٺ ۽ ڪاموري جو هڪ به گهر نه رهايائين، جتي هِن ٻيجل جو ٻيو روپ وٺي، ِسرَ بدران روزگار جي سئن نه هنئي. جڏهن مايوسيءَ جي ٻاٽ اوندهه ۾ کيس ڪٿي به اميد جو ڪو ڪرڻو نظر نه آيو، ته ٿڪل ٿڪل قدم، جيڪي مڻن جي وزن جهڙا ڳرا ٿي لڳا، کڻندو، هارايل جُواريءَ جيان پنهنجي گهر ڏانهن وڌڻ لڳو. واٽَ تي کيس اسڪول جو گهرو سنگتي رحيم ملي ويو ، جنهن ته پهريان سُڃاتسِ ئي ڪونه، ڇو ته لڳاتار ٻه ٽي ڏينهن بک ۽ اڃ تي شهر جو سڙيل دونهون کائي کائي، سرطان ۾ ورتل مريض جهڙو ٿي لڳو.
    ويجهو اچڻ کان پوءِ هي پاڻ ۾ مليا. سليم جي اهڙي رحم جوڳي حالت تي، ڪنهن کي به رحم اچڻ فطري ڳالهه هئي، پر رحيم ته سندس گهاٽو سنگتي هو ، سو اُهو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. ڪجهه پل ته سليم جي لُوساٽيل چهري طرف ڏسندو رهيو، پر پوءِ ڏکاري آواز ۾ کانئس پنهنجي اهڙي حالت ٺاهڻ جو ڪارڻ پڇيائين ۽ چيائين ته، ”آءٌ پاڻ تنهنجي ڳولا ۾ هئس. ڇو ته تون ڪافي ڏينهن کان بنا ٻڌائڻ جي، اسڪول نه آيو هئين. سو کُٽڪو هو. چڱو ٿيو جو ملي وئين، پر هاڻي تڪڙ ۾ ٻڌاءِ ته پنهنجي ههڙي حالت ڇو ڪئي اٿئي؟“
    سليم کيس ٻڌائڻ لڳو، ”بس يار! اسان جي دل جي درد جي اُڏوهي کاڌل ڪتاب جا ورق نه اٿلاءِ .... ائين نه ٿئي جو باقي سانڍيل ورق به ڀورا ڀورا ٿي ڇڻي پٽ پئجي وڃن. يار رحيم! ياد اٿئي، اسان کي نائين ڪلاس ۾ سائين غلام عمر ڀٽائي سائينءَ جو هڪ بيت ٻڌايو هو؟“
    ”ڪهڙو بيت؟“ رحيم پڇيس.
    اِهو ته، ”سرجيس ته سور، سامايس ته سُک ويا،
    اِهي ٻئي پورَ، مون نماڻيءَ نصيب ٿيا—
    اُن وانگر اسان ڄمندا ۽ جوان ٿيندا آهيون ته، اسان جا رهيل کُهيل سک به غربت جي ظالم طوفان جي زد ۾ اچي ڪکَ پنَ جيان اڏري هليا ويندا آهن .“
    رحيم کيس آٿت ڏيندي چيو ته، ”يار، اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي. همت ۽ حوصلي سان اڻ ٿيڻي ڳالهه به ٿي پوندي آهي. تدبير سان تقدير کي بدلائي سگهجي ٿو. تون حوصلو ڪر. هنن ڏکين ڏينهن ۾ پنهنجن دوستن کي به پرک ته، ڪهڙا تنهجا ڏُک ڀائي ٿيندا..... پر دوست، آءٌ توکي پڪ ٿو ڏيان ته، مان وک وک تي توسان ساٿ نڀائيندس.“
    رحيم جو والد هڪ وڏو آفيسر هو.
    اُن کان پوءِ سليم رحيم کي، حالتن، ماحول ۽ سماج طرفان رسيل دلي زخم کولي ڏيکاريا. رحيم دلجاءِ ڏيندي چيس ته،”سڀاڻي اچجانءِ. ڪهڙي به حالت ۾ تنهنجي روزگار جو ڪو بندوبست ڪنداسين.“ ان کان پوءِ گپ شپ ڪري، ٻئي ڏينهن تي ملڻ جو طئي ڪري، ڳل ڳراٺڙي پائي، هڪٻئي کان موڪلايائون.
    هاڻي سليم جي چهري تي خوشيءَ جون ريکائون، انڊلٺ جيان رنگ ڪڍڻ لڳيون. خوشيءَ جي حالت ۾ سندس پنڌ جهٽ پلڪ ۾ گذري ويو. گهر پهتو ته سندس پوڙهي امڙ، جيڪا جهوپڙيءَ جي ڪنڊ ۾ ڀڳل کٽ جي ڏوليءَ ۾ ليڙون ٿيل رليءَ ۾، ڪپڙن جي ڳنڍ جيان ويڙهي سيڙهي سُتي پيئي هئي، تنهن پنهنجي پٽ جي پيرن جو آواز ٻڌي، ڪوشش ڪري وڏي آواز ۾ کانئس پڇيو: ”ا.....با......س...ليم ......ڇا .....ٿيو ....رو.....جگار.....(روزگار) ....جو؟“
    ”امان، بس دعا ڪر. سڀاڻي پڪ سان ڪم ٿي ويندو. منهنجو دوست آهي نه رحيم، اُن پڪو دلاسو ڏيندي چيو آ ته، هُو مون کي سڀاڻي نوڪري وٺرائي ڏيندو.“
    ”ابا.....الله .....و ....ڏي ....ڄما.....ر...... ڏئيس.....“ ائين سندس امڙ جي واتان چچريل آواز نڪتو .
    ٻئي ڏينهن باک ڦٽيءَ مهل سليم سجاڳ ٿي، راتوڪي پاروٿي ماني کائي، شهر روانو ٿيو. سندس دل ۾ سوين تمنائن جو ارڏو ۽ هٺيلو سنڌو ڇوليون هڻي رهيو هو: ”ابي امڙ کي پڇاڙيءَ ۾ ڪو ڏک نه ڏيندس.... هاڻي سندن حياتي سکي گذرندي،“ هِن پاڻ سان ڳالهايو.
    رحيم جو گهر لطيف چوڪ جي ڀرسان هو. سليم جيئن ئي خوشيءَ ۾ خيالي محل جوڙيندو، ڊگهيون ڊگهيون ٻرانگهون ڀريندو، چوڪ وٽان ٽپڻ لڳو ته، اوچتو اُڀ ڦاڙ ٺڪاءُ ٿيو .... رڻ گجيو راڙو ٿيو....سليم ڪِريو...سندس جسم مان رت وَهڻ لڳو.... لطيف چوڪ لال ٿي ويو. لاغرض ۽ لاپرواهه ڪار وارو، نشي ۽ گيتن جي آواز تي جهومندو، هڪ مظلوم نوجوان جي مٿان پنهنجي ڪار جا ڦيٿا وهائيندو، سندس رت جو ڦهنگون اٿاريندو، ائين هليو ويو، ڄڻ انسان نه، پر ڪنهن بي زبان جانور کي ڪار جو ٽڪرَ هنيو هجيائين....
    نوجوان سليم جي بيرحم موت تي ماتم ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ مڙي آيا. اُن وقت رحيم به چوڪ وٽ پهتو هو. ماڻهن جو ميڙ ڏسي، هيءُ به اُن طرف وڌڻ لڳو.... پوءِ ماڻهن جي پيهه کي چيريندو جڏهن هيءُ ميت مٿان آيو ته، بجليءَ جو ڪرنٽ لڳيس. دل ڏاريندڙ دانهن ڪري وڃي پنهنجي مقتول دوست جي رت ۾ رڱيل جسم مٿان ڪِريو.
    پر سليم اڄ ڪٿي ٿو ساڻس ڳالهائي! هو ته روزگار نه وٺي ڏيڻ ڪري هميشه لاءِ کانئس رُسي هليو ويو هو - رحيم ائين محسوس ڪيو، ڄڻ سليم جي ريٽي رت جي سرهاڻ ۽ سڳنڌ سندس حواسن سان ٽڪرائجي، کيس چئي رهي هجي ته، ’مون کي هاڻي تنهنجي روزگار جي ڪا ضرورت ڪانهي.... مون کي اهڙو روزگار ملي ويو آهي، جنهن جو آءٌ گهرجاؤ هئس. اهو ئي روزگار ته، هِن ظلم، ڏاڍ ۽ اڻبرابريءَ واري سماج کان آجائپ ملي- ۽ هتي گهٽ ۾ گهٽ سڪون، امن ته آهي، ان ڪري منهنجي ان سماج کان دوري آ ..... دوري آ ..... دوري آ...‘

    ماهوار گُل ڦل، مارچ 1986ع


    مَارَ ناهي سَنوارَ

    ”ابا ڙي گهوڙا ڙي مري ويس ..... سائين مري ويس.... وري نه گسائيندس ...... منهنجي توبهه سائين ..... سائين منهنجي توبهه ...... وري سائين ....نه .....!!“
    ”اڙي ڏي خبر اڳتي گسائيندين؟... هان ...... گهڻا دفعا توکي سمجهايو آ ته بابا نه گساءِ .......نه گساءِ... پر تون مڙين نٿو. مٿو هڻي هڻي ٿڪو آهيان، پر تون اهڙو جو اهڙو.... اڄ تنهنجي کل لاهي پوءِ گهر موڪليندو سانءِ ته جيئن تنهنجي مالڪن کي به تنهنجي افعالن جي خبر پوي ۽ اوڙي پاڙي وارا به ڏسنئي...“
    سڏڪن ئي سڏڪن ۾ اڳتي نه گسائڻ ۽ ڪلاس جو ڪم پورو ڪري اچڻ جو استاد سان وعدو ڪري، کيس ايلاز ڪري، ڳاڙهن هٿن کي مهٽيندو، ڦوڪون ڏيندو ۽ هٿ جي ترين سان ڳوڙها اگهندو اچي هُو پنهنجي ڊيسڪ تي ويهندو هو. ڇوڪرن ڀرسان گذرڻ وقت سڀ کيس احساس ڀرين نگاهن سان ڏسي وري استاد جي مار جي ڀئه کان ڪتابن ۾ اکيون وجهي پڙهڻ ۾ لڳي ويندا هئا.
    رحمان جون اِهي رڙيون ۽ استاد جي مار لازم ملزوم ٿي ويا هئا .
    هيءُ سڄي اسڪول ۾ چڱيءَ طرح سڃاتو ويندو هو، هوشيارپ جي لحاظ کان نه، پر مار جي لحاظ کان.... مار کائي کائي اهڙو ته پڪو ۽ نٺر ٿي ويو هيو جو ٻيو ڪو به ڇوڪرو هِن سان اکيون ملائي نه سگهندو هو.
    ڪتابن سان هن جي مور نه پوندئي هئي. ڪِن ڪتابن جا پهريان سبق ڦاٽل، ته وري ڪِن جا وِچَ ۽ پڇاڙيون ڦاٽلَ. نوٽ بُڪن تي به سڌيون ڦڏيون ليڪون پاتل. اڌ مان پنا ڦاٽل فقير ۽ غريب جي ڪپڙن جيان. ڪتاب هن کي نانگن جا ٻِرَ لڳندا هئا، جن کي کولڻ سان ڄڻ نانگن جي ڏنگڻ جو خوف ورائي ويندو هجيسِ. سندس جيڪڏهن ڪي دلچسپيون ۽ مشغله هئا ته، اهي هڪ وي سي آر ڏسڻ ۽ ٻيو پاڻ جهڙن نڪمن ڇوڪرن سان دوستي رکڻ. جيڏو هيءُ وي سي آر جي پيرڊ جو پابند هيو، تيڏو شايد ڪنهن ٻئي جو هجي. ڪيڏا به ڏينهن هجن، منجهند جو به ماني کائيندو هيو الائي نه، پر ويٺو وي سي آر ڏسندو. هِن ۾ ڪنهن جو، جي ڪو ڪم به پوندو هيو، ته اُن کي به هيءُ بس وي سي آر تي ئي ويٺل ملندو هو.
    ڪا نئين فلم آئي ناهي، اُها رحمان جي نظر مان گذري ناهي. اهو ندورو ڏينهن هوندو، جڏهن هن وي سي آر تان گسايو هجي. اسڪول ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڀُلجي وڃڻ ٿيندو هوس ته، هميشه جڏن ۽ ڏُڏن ڇوڪرن لاءِ مخصوص ٿيل پوئين ڊيسڪ تي وڃي، پنهنجن هم خيال ڇوڪرن سان ويهندو هيو- اُتي به اک استاد ۾، باقي ڳالهائڻ جو رُخ ڀرسان ويٺل ڇوڪرن طرف هوندو هوس- ۽ ڳالهائڻ جو موضوعُ به ساڳيون فلمون ۽ انهن جا ڊائلاگ هوندا هئا .
    رحمان جي پيءُ جون اڳ ۾ ٻه شاديون ٿيل هيون. پهرئينءَ مان هڪ پُٽُ ۽ ٻيءَ مان ٽي پٽَ ۽ هڪ ڌيءَ هئس. انهن گهروارين جي هڪٻئي پٺيان هميشه لاءِ الوداع ڪري وڃڻ کان پوءِ هن کي پنهنجن ننڍڙن ٻارڙن جي سارسنڀال جي لاءِ ٽين زال جي ضرورت پيش آئي ۽ جيڪا گهڻي وقت کانپوءِ سندس زياده راضپي تحت ٿي. ٽين گهرواريءَ ۾ فطري چاهه هئڻ ڪري ان مان ڄاول ٻارن کي هيءُ زياده پيار ڏيڻ لڳو ۽ اڳين ۽ پوين ٻارڙن جي وڏي ٿيڻ ڪري انهن ۾ اڻبت پيدا ٿيڻ شروع ٿي. رحمان جي ماءُ به تڪرار جي انهيءَ لڳل کنڊَ ۾ لڙهڻ لڳي. سندس گهرواري ( رحمان جي ماءُ ) جو انهن سان گڏ رهڻ هاڻي عذاب کان گهٽ نه هو. مجبور ٿي رحمان جي پيءُ کي پنهنجو گهر ۽ زمينون اڳين پٽن ۾ ورهائي، ڳوٺ مان لڏڻو پيو. نيٺ هي لڏي شهر ۾ اچي ويٺا.
    رحمان انهيءَ آخري (پوئين) گهر واريءَ مان هئڻ ڪري ۽ ٻيو ته وڏو به هئڻ ڪري پنهنجي پيءُ کي ڏاڍو پيارو هو. رحمان جن ٻه سڳا ڀائر هئا. هڪ هن کان ننڍو هيو. رحمان جو پيءُ پنهنجي زال جي ڪري به، رحمان جي هر گُهر ۽ انگل بنا اعتراض جي پورو ڪندو هو. پيءُ تي رحمان جو ايترو ته جادو هيو (ماءُ جي اثر ڪري به) جو هُو پيءُ کي جيڪو ڪجهه چوندو هو، پڻس اُهو کيس ڦٽاڦٽ وٺي ڏيندو هو. ڄڻ ته سندس پيءُ هن لاءِ نهڪر سکيو ئي نه هو. هونئن ته هارين ۽ ڪم لاءِ ايندڙ ماڻهن کي سٺو رُلائيندو هو .
    پوءِ پراون گهرن ۾ وي سي آر ڏسي ڏسي رحمان جي دل نيٺ کٽي ٿي پئي- ۽ ٻيو ته دوستن به ٿورا ٽيڪا ڏيڻ شروع ڪيا هئس ته، ”هيڏي ساري ملڪيت هوندي به تو وٽ پنهنجي وي سي آر جو نه هجڻ تنهنجي بدناميءَ کان گهٽ نه آهي.“ ان تي وري ڪنهن چيو هئس، ”اِهو ائين آهي ڄڻ مانيءَ هوندي به بک پيو مرين.“
    پوءِ ته همراهه اچي گهر ۾ گهوڙا گهل ۽ ٻائيتال وڌو. گهرو سرڪار کان هيڏو سارو (اسان جي نظر ۾) مطالبو مڃائڻ لاءِ وقفن سان بک هڙتال ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. سندس گهر وارن پهرين ته ٿورو نٽايو، ناراضگي ڏيکاري، پر هار کائي ويا. پوءِ رحمان کي ايترن پئسن تي وي سي آر وٺي ڏنائون جو انهن پئسن مان ڪنهن غريب جو ڪو سٺو جُهڳو ٺهي پئي سگهيو. وي سي آر ملڻ کانپوءِ ته هن همراهه جا جاوا ٿي ويا .
    وي سي آر هلائڻ ڪري، هيءُ هاڻي ته شهر ۾ به مشهور ٿي ويو هيو، پر سڀ ماڻهو کيس عزت واري اک سان نه ڏسندا هئا. ماحول ۾هن بابت اٿندڙ مختلف ڳالهين جي طوفان هن جي ويجهي عزير عامر کي پنهنجي گهيري ۾ سوڙهو ڪري ورتو. عامر کان اهي افواهه غلط يا صحيح آوڙجي نٿي سگهيا ۽ هِن طئي ڪيو ته، ”هُو رحمان کي اهڙن رجحانن ۽ شوق مان ٻاهر ڪڍي ايندو.“ هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو ته،”جيڪڏهن هي (عامر) پنهنجي زندگيءَ جي کنيل اِن پهرئين ذميواري سان پورو نڀاءُ ڪري ويو ته، اڳتي پنهنجو پاڻ سان به انصاف ڪري ويندو.“
    هاڻي عامر جتي به هوندو هيو، اُتي صرف رحمان جي باري ۾ ئي پيو سوچيندو هو. سندس ذهن اڪثر سوچن ۾ گم، ڪٿي حل لاءِ ڊوڙون پائيندو رهندو هو. هن جي آڏو رحمان جي پوڙهي پيءُ جي به گهنجيل تصوير لُڏڻ لڳندي هئي، جنهن کانپوءِ هيءُ پنهنجي گهر جو اڪيلو وارث بڻجڻو هو، پر اهو فيصلو اڃا شڪ ۾ هيو جو رحمان جا ٻين مائرن مان ويڳا ڀائر به زندهه ويٺا هئا، ۽ جيڪي هن کان عمر ۾ به وڏا هئا. انهن سمورن مسئلن عامر جي ذهن ۾ سرنگهون وڇائي ڇڏيون، جن مان سندس سٺن خيالن کي صحيح سلامت پار پوڻو هيو .
    غلط خيال رکندڙ دوستن جي دوستيءَ رحمان کي ايترو ته نقصان رسايو هيو جو هُو نائين درجي جي امتحان ۾ پنجن پرچن مان صرف ٻن ۾ پاس ٿيو هيو - ۽ جن ۾ پاس ٿيو هيو، انهن تي به هيءُ پاڻ تعجب کائي رهيو هيو.
    .....
    رحمان کي صحيح دڳ تي آڻڻ جي لاءِ ورتل ڪوششن تي هاڻي عامر ڪنهن قدر پاڻ کي ڪامياب ٿيندي ڏسي، خوش ٿيڻ لڳو....هيءُ رحمان کي وڌيڪ سمجهاڻيون ڏيڻ لڳو. هن کي ٻارڙن جي ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ وٺي وڃي شرڪت به ڪرائيندو رهيو، جتي غريب، مفلس، ڏتڙيل ۽ بي سهارا ٻارڙا بي ڊپائي، خود اعتمادي ۽ هوشيارپ سان اهڙا ڪم ڪري رهيا هئا، جن بابت هرڪو تعريفي ٻول چوڻ کان رهي نٿي سگهيو. هاڻي رحمان کي، اسڪول ۾ اُنهن غريب ٻارڙن، جيڪي بتين ۽ چمنين تي پڙهي ايندا هئا، کي بجليءَ تي پڙهي ايندڙ شاگردن کان وڌيڪ هوشيار ڏسي تعجب ۽ پاڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو.
    رحمان کي جڏهن پنهنجي ”جڏي هئڻ“ جو احساس شدت سان ٿيڻ لڳو، تڏهن هيءُ پنهنجون صلاحيتون، جيڪي بيڪار مشغلن ۾ وڃائي رهيو هيو، پڙهائيءَ واري اهڙي طرف استعمال ڪرڻ لڳو، جتي ڪامياب ۽ امر ٿيڻ جا وڏا امڪان هوندا آهن، جتي ذرڙن مان گهرڙن جڙڻ جا وڏا امڪان هوندا آهن ۽ جتي ڌرتي هندورو ٿيڻ جا وڏا امڪان هوندا آهن، اهڙي طرف هن موٽ کاڌي.
    هاڻي اڳيون رحمان وجود وڃائي چڪو هيو، ان مان جيڪو نئون رحمان ڦُٽو هيو، ان ۾ فنا ٿيڻ وارا عنصر نه، پر جيئري رهڻ وارا عنصر هئا .
    هن جي جڏهن اهڙي سٺي خيال جي خبر سندس گهر وارن کي پئي، ته انهن کي ايتري ته خوشي ٿي، جيتري بي اولاد زال مڙس کي ٻار ڄمڻ تي ٿيندي آهي.... اڻکٽ خوشي - ها! بي انتها خوشي .

    ماهوار گُل ڦل، ڊسمبر 1987ع


    بابا ته بابا ٿيندو آ

    ڪاشي؛ موسيٰ جو ڀائٽيو آهي. هيءُ تمام گهڻو ذهين ۽ تمام گهڻو ڀوڳائي آهي. ڏهين ڪلاس ۾ پڙهندڙ هِن ٻار سان ٻارَ ملڻ کانپوءِ مَستين ۾ هوندا آهن. موسيٰ ڪراچي شهر ۾ هڪ سرڪاري اداري ۾ ملازم آهي. 5 فيبروري تي”ڪشمير جو ڏينهن هو،“ جنهن تي ملڪ ۾ عام موڪل هئي. اُن موڪل جو فائدو وٺي، موسيٰ پنهنجي گهرواري ۽ ٻن ٻارن سان گڏ ڪراچيءَ مان ڳوٺ هليو آيو. هِن کي جڏهن به موقعو ملندو آهي ته هُو پنهنجن ٻارن کي ڳوٺ وٺي ايندو آهي. موسيٰ جو چوڻ آهي ته ’اسان ڀل وڏن شهرن ۾ رهندا هجون ۽ اسان جا ٻار ڀل وڏن شهرن ۾ پيدا ٿيا هجن، پر اسان کي پنهنجي ٻارن کي پنهنجي ڳوٺ جي مِٽيءَ سان هر حال ۾ ملائڻ گهرجي، تڏهن ئي هُو جڏهن وڏا ٿيندا ته پنهنجي ڳوٺ جي رنگن کي سڃاڻيندا، پنهنجي ڳوٺ جي موسم کي سڃاڻيندا، پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي سڃاڻيندا ۽ پنهنجي مِٽيءَ سان سندن لاڳاپو اڃا وڌيڪ گهاٽو ٿيندو. ‘
    ڳوٺ پهچڻ جي ٻئي ڏينهن صبح جو موسيٰ ۽ سندس ساڍن ٽن سالن جو پٽ عنيق گهران اُٿي، ڀرسان قائم پنهنجي اوطاق ۾ آيا. جيئن ته ِاهي فيبروري مهيني جا شروعاتي ڏينهن هئا، تنهن ڪري هِنن جي ٻهراڙيءَ واري ننڍي شهر ۾ صبح جو اڃا به سيءُ پئجي رهيو هو. موسيٰ اوطاق جي هڪ ڪمري ۾ اچي، هيٺ وڇايل بستري تي ويهي، ڪمبل ويڙهي، هڪ نجي ٽي وي چينل تان سنڌو درياهه بابت نشر ٿيندڙ رپورٽ ڏسڻ لڳو.
    ڪاشي، عنيق ۽ عنيق جو سئوٽ مزمل اوطاق جي ٻاهرئين هال ۾ راند ڪرڻ لڳا. ان دوران اوچتو عنيق اوطاق جي اُن ڪمري جو دروازو کوليو، جنهن ۾ سندس والد موسيٰ ويٺو هو. عنيق کُليل دروازي وٽ بيٺي ئي پنهنجي پيءُ کي ڏاڍي معصوميت مان چيو: ”بابا، ڪاشي چوي ٿو، ’تنهنجي بابا جو نالو ڇاهي؟‘“
    ”پوءِ بابا، تو ڇا ٻڌايس،“ پڻس کانئس پڇيو.
    پيءُ جي اِن سوال تي عنيق هڪ لمحي جي لاءِ خاموش ٿي، وري به ڏاڍي معصوميت مان چوڻ لڳو،”پر ڪاشي چوي ٿو ته تنهنجي بابا جو نالو موسيٰ آهي. ....پر بابا ته بابا ٿيندو آهي نه....“
    ”اڙي واهه...عَني تون ته بلڪل صحيح آهين....واقعي بابا ته بابا ٿيندو آهي. اِن جو ڪو ٻيو نالو ٿوروئي ٿيندو آهي،“ ائين چئي موسيٰ اُٿي کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري، سندس پيشانيءَ تي چُمي ڏيئي، پنهنجي آڱر؛ پنهنجي زبان سان آلي ڪري، اُها سندس پيشانيءَ تي هنئي ته جيئن کيس ڪا نظر نه لڳي.


    انور ابڙي جو ٻارن جي لاءِ ڪيل علمي ۽ ادبي ڪَمُ

    ڀڳل رانديڪو
    (ناول ــــ ٻارن ۽ وڏن جي لاءِ ــــ ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن، سال 2008ع )

    معاون ليکڪ:
    ٻُڌو، پڙهو ۽ رنگ ڀريو – ٻارن جي لاءِ ابتدائي سنڌي قاعدو
    (ڇپائيندڙ اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2009ع)

    ترجمو:
    اوڪسفورڊ فوٽو ڊڪشنري- انگريزي – سنڌي (ڇپيل سال 2011ع)

    نظرثاني/ايڊيٽنگ:
    حسن علي آفندي
    (اردو ۾- ڇپائيندڙ اوڪسفورڊ يونيورسٽي پريس- سال 2016ع)


    اڻ ڇپيل ڪتاب

    نئون نصاب (مختلف شخصيتن جي زندگيءَ جا خاڪا)
    وارثَ (ٻارن جي لاءِ لکيل تقريرون ۽ خاڪا)


    بئڪ ٽائيٽل پيج


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 754
    ڪتابن جو مشاهدو: 1253694
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 385570
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ